ڪتاب جو نالو: ڪلا جي ڪائنات ۾
مصنف: اياز امر شيخ
ڇپائيندڙ: سليٽ اشاعتي شعبو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 460 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 291 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جو لکيل آهي..
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • ڌرتيءَ جيڏو تُنهنجو دامن...!
  • ’سليٽ‘ جون سِٽون
  • درد جي تاريخ...!
  • وقت جي ايش ٽري ۾...!!
  • ڪويءَ جي ڪٿا...
  • اڃا سرمد پيو سوچي...!!
  • وفا جا ڏيئا...
  • اڃا مياڻي سُتي نه آهي...!!
  • سارڌڙو مندر...
  • حادثن جي هٿن ۾...
  • مٽيءَ جي گهرن ۾...
  • مقتلن جي مٽي...
  • دارا تُنهنجو درد وسي ٿو...
  • درد جو طويل سفر...!
  • ڀڳل هڏ وانگي...
  • پاڻ ٻنهيءَ جا سڏ به ساڳيا...!؟
  • سنڌ جهڙا پرين...!!
  • گگن جي گگهي تي...
  • ڳاڙها ڳڀروءَ ڳٽ...
  • لاڙ تُنهنجي لڱن مان ٿو پائي ليئا
  • ڪلهه جي قتل ٿيل ڳالهه...!!
  • سڏ ڪڏهن ڀي سُمهندا ناهن...!!
  • منهنجو من مڪلي...
  • رولاڪ روح جي اُداسين ۾...
  • سُڃن جي سرد سانجهه ۾...!!
  • صدا جا سڏڪا اڃا سفر ۾!
  • سڳيءَ جو سڏ...
  • وقت ڪيڏو نه واهيات ٿي آ ويو...!!
  • ساٿ جا سڳا...
  • اُگهاڙو سج...
  • سنڌ اُهائي ساڳي آ...!!
  • اڃا نه غيرت گُلاب ٿي آ...!!
  • دل جو ڪعبو...
  • زندگيءَ جي آس
  • بارش ۾ ڀنل گُل جو بدن...
  • منهنجا سپنا سنڌ اٿئي...!
  • منهنجا سپنا سنڌ اٿئي...!
  • هر حُسن آ اڏيءَ تي...!!
  • ستارن جا سُڏڪا...
  • نه تقدير جاڳي...!!
  • ڪُٺل دل جي ڪليسا...
  • درياهه جي دؤر جا ماڻهو...!!
  • ٻانهن ۾ خاموشي آهي...!!
  • اُداسيءَ جو آسمان
  • سجاول کي ڀيٽا...
  • لُڙڪن جا لاش...!!
  • بهشت کان وڌ ڀاڪُر...!!
  • پڇاءَ جي ڊگهي پن ڇڻ...!
  • اُميد جي آوارگي...!!
  • لاوارث ڪَوِتا...
  • ڀنل دل جي دُنيا...!!
  • ٻُڌو آ سڄي حادثو ٿي وئي آ...!!
  • صدين کان ئي صليب تي...!!
  • انقلاب جو آواز...
  • هاءِ! بتيلن ڀاڳ اُجھاڻا...!!
  • روح اُڊڙيل رلي ... !!
  • درياهه، دهشت، ڳوٺ، ڳليون
  • وڃي دودي جي شهپرن کي ٻڌايو...!!
  • سنگيت ناٽڪ --- آزادي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اڻويهون ڪتاب ڪلا جي ڪائنات ۾ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جو لکيل آهي..

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سليٽ اشاعتي شعبو ٽنڊو قيصر پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    سنڌ جي البيلي شاعر
    ۽ سنڌي شاعريءَ جي حُسن
    حسن درس کي
    جنهنجي اوچتي وڇوڙي تي
    ڄڻ ته من کان سموريون خوشيون
    چڄي، ڇڻي، کسجي ويون آهن!
    آخر هن صديءَ جيڏي وڏي شاعر
    کي ڀيٽا ڏيئڻ لاءِ ڪهڙو لفظن کي
    تشبيهه جي تارازيءَ ۾ تورجي...


    ڪويءَ جي روپ ۾ ڪيو تراش تو ”اياز“ کي،
    غُلام سوچ کان جُدا ڪلا جي ڪائنات ۾.
    _________
    اياز امر شيخ


    ڌرتيءَ جيڏو تُنهنجو دامن...!

    تو ۾ هڪڙو سمنڊ سمايل
    جنهن مان لھرُن لڱ پسايا
    تُنهنجا نغما نينهن نگر جي
    هر ناريءَ ٿي نچندي ڳايا
    تُنهنجا نظم دلي جي ڌُن سان
    نڙ ڦوڪن مان نِکري نڪتا
    اورانگهي سڀ آر اکين جا
    دل درياهه مان اُ ڀري اُکتا
    تُنهنجا سڏ پڙاڏا سارا
    صدين جو سرمايو آهن
    تو ۾ ساري سنڌ سُتل آ
    جنهن جي سينڌ سنوارڻ لاءِ
    کهنبن جھڙا خيال لکيا تو
    تُنهنجا گيت گگن جو ن ڳالهيون
    جن جو ويساهه وقت ڏئي ٿو
    تهذيبن ۽ تاريخن جي
    مٽيءَ کي تو من سان ڳوهيو
    تو ۾ ڪينجهر نوريءَ بڻجي
    وکري پنهنجا وار وِڇايا
    کجين تاڙيون، مڌ جون ماٽيون
    گهريون گهاٽيون ولهه وهاٽيون
    پهر پهر ۾ پياس وڌائي
    پيالن تُنهنجا پنڌ پُڇايا
    تو ۾ عشق ازل کان اوتيل
    تو ۾ ٿوهر ٿڪ ڀڳو هو
    چاهه چنبيلين تو مان چُميا
    تو ۾ ننگر نيڻ ها کوليا
    ٻاٻيهن ڪئين ٻول ها ٻوليا
    طنبوري جي تارن جھڙو
    تو ۾ هو ڄڻ رقص رچيل
    تنهنجي ڪلا جي ڪعبي سامهون
    ڪَوِتا جو هو ڪنڌ جُهڪيل
    تو ۾ پيار پرينءَ جا پاڇا
    ٿر وچولا اُتر ڪاڇا
    تنهنجو مُلهه نه ماپي سگهيا
    وحشي ڪارا ورديءَ وارا
    تون ته اسانجي روح رليءَ تي
    ٽُڪ جيئان ئي ٽانڪيل آهين
    تو ۾ هڪڙو مست قلندر
    روز ڌمالن سان ٿي ڌڙڪيو
    توسان ويڙهيل وطن وفا جو
    جاڳ جي جوٽن تي پئي جرڪيو
    ها پر تُنهنجي رَت ۾ رڱجي
    لاڙ لُڇي ڏس ليڙون ٿيو آ
    جوڀن رُت جا راڳ رُئاڙي
    جلي سڄو جهمپير اُٿيو آ
    ڌرتيءَ جيڏو تُنهنجو دامن
    توکي ڪهڙي تشبيهه ڏيجي
    توکي ارپيا عشق سمورو
    مُحبت رس جو مُشڪ سمورو
    تو ۾ چوڏهين چنڊ اوجاڳيل!
    تو ۾ آهي سمنڊ سمايل...!!

    نوٽ: حسن درس جي وڇوڙي تي لکيل


    ’سليٽ‘ جون سِٽون

    سنڌي شاعريءَ جي آڪاس تي هر دؤر ۾ ڪيئي روشن چنڊ ستارا جڳ مڳ جڳ مڳ روشنيءَ پکيڙيندا رهيا آهن. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هر ٽهيءَ جي شاعرن پاڻ موکيو آهي. شاهه، سچل، ساميءَ کان وٺي شيخ، شاهه، شيام تائينءَ جھڙا سرموڙ، سدا سُهاڳڻ سنڌ ڌرتيءَ هر دؤر ۾ پيدا ڪندي رهي آهي.
    ان ڏِس ۾ بجا طور اُتر سنڌ اڳڀري رهي آهي، پر لاڙ پَٽ کي جيڪا انفراديت حاصل آهي، سا به ڪنهن کان ڳُجهي ناهي. حاجي احمد ملاح کان اياز امر شيخ تائين لاڙ کي پنهنجو حُسن آهي، پنهنجو اسلوبِ بيان آهي – پراڻي ٽهيءَ توڙي نئين ٽهيءَ جي تخليقڪارن ۾ نوجوان اياز امر شيخ کي جيڪا جداگانه حيثيت حاصل آهي، ان جو تعيُن ته منصفِ وقت ئي ڪندو، پر منهنجي خيال ۾ اڄ جو تيز ذهن قاريءَ ان جو فيصلو هاڻي ئي ڪري چڪو آهي- اياز واقع به امر آهي.
    مختصر عرصي ۾ اياز امر شيخ جو هيءُ چوٿون شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس ڏات ۽ ڏانءَ جو سنگم پُور-جوڀن تي نظر اچي ٿو. ان کان علاوه سنگيت ناٽڪ جي صنف تي اياز شيخ کانپوءِ اياز امر شيخ طبع آزمائي ڪري، بلاشڪ شعري دنيا ۾ امتيازي مرتبو ماڻيو آهي.
    ’سليٽ‘ جي پليٽ فارم تان پنهنجو نئون تخليقي پورهيو عام آڏو آڻڻ جي چونڊ ڪرڻ تي، ادارو سندس ٿورائتو آهي-هيءُ شعري مجموعو سنڌي شاعري، توڙي ’سليٽ‘ جي ڪتابن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي.

    -آسي زميني
    26 جون 2011ع
    ’سليٽ‘ دانش گاههِ منصوريه آشرم
    ٽنڊو قيصر


    درد جي تاريخ...!

    بي حسيءَ جي بازار ۾، عشق جي اکين جو اُداس ٿي وڃڻ ئي سڀ کان وڏو الميو آهي.
    پر پوءِ به معاشرا محبتن کي ڄڻڻ بجاءِ، نفرتن جي آبياريءَ ۾ ڪافي اڳتي نڪري چُڪا آهن، بُزدلين جا بار اسانجي سوچ ۾ گهر ڪري سڪون سان ويهي رهيا آهن.
    ڌرتيءَ جي درد جي ڳالهه تي ته ڪنهن جي اک مان ڳوڙهو ئي نٿو ڳڙي، ۽ اسان مذهبن جي مراقبي ۾ ايترو ته ويڙهجي ويا آهيون جو، وحشتون ۽ دهشتون اسانجي درن جا دورا ڪرڻ لڳيون آهن.
    هر صُبح سانگهڙ جي شهيدن جي سڙيل ساهه جيئان محسوس ٿيڻ لڳو آهي، ۽ وضاحتن جون اکيون عدالتن ۾ انصاف لاءِ نهاري، اوجاڳا ڪاٽي انڌيون ٿي ويون آهن؛ جن کي صرف ڊگهين تاريخن کان سواءِ ڪُجهه به حاصل ٿي نه سگهيو آهي.
    هاڻ ته غريبيءَ کان مانيءَ جو ملهه ڀي مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته الائي ڪيترين ئي اُگهاڙين اذيتن مان گذرڻو ٿو پوي، هر بُرائي نه چاهيندي به ڀاڪُرن ۾ ڀرجندي رهي ٿي! ڇو ته اسان پنهنجو پاڻ مان انسانيت جو احساس گهڻا ڏينهن اڳ وڃائي ويٺا آهيون، هر خرابيءَ جو کيسو ڄڻ ته اسانجي ئي سيني ۾ سبيل هُجي، جنهن جي معيار کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ سان کڻي هلڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا آهيون! هن سماج کي ساڙيندڙ ٺري جي موالين تي لکجي ته آخر ڇا لکجي!؟ جن جا ٻار بُک جي اکين جو ڀِنل درد بڻجي صدمن جي صليب تي سُڏڪندا ئي رهن ٿا.
    ان درد جي تاريخ کي آخر ڪهڙي دؤر جي دامن ۾ دفن ڪجي، جو اُجرائپون اکيون کولي سُجاڳيءَ ۽ سُٺائيءَ جا سلام ڏيئڻ لڳن، سچ پُڇو ته مون هميشه پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ڊگهي آوارگي رُلندي محسوس ڪئي آهي.جنهن ۾ سِڪ سسئيءَ جيئان صدائن جا سفر لتاڙيندي رهي ٿي، پر وفائون ڪنهن به واٽ تي وساميل ڏيئي جيئان به نظر ئي نٿيون اچن؛ دغائن جي دؤر ۾ دلبريون ڳولجن ته آخر ڪِٿي ڳولجن!؟ جتي ڪئين حُسن حوس جي هٿن ۾ ڇڻي بدصورتيءَ جي ڀيل جو نشانو بڻجي ويندا آهن- ۽ عياشيءَ جي کُليل اکين اڳيان ڪيتريون ئي ڪُنوارپون، ڪنڌ جُهڪائي قتل ٿينديون رهن ٿيون.
    اسان اُن مُلڪ ۾ جيئون ٿا، جنهن ۾ زندگيءَ سان سموريون وابسطه شئيون، ماڻهوءَ جي قد ۽ هٿ جي پُهچ کان ڀي مٿاهيون ۽ مهانگيون ٿي ويون آهن.
    - پر راتين کي رونقون بخشڻ لاءِ اُن ئي مُلڪ جي ماڻهن جا جسم سستا وڪاڻا ويندا آهن. اسانجي اندر مان اُجرائپ جا احساس حقيقتن جو حُسن وڃائي ويٺا آهن، هر برائيءَ جي بيماري اسانجي ذهنن کي ضعيف ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسانجا اسان کان وڃائجي ويل وجود، ڄڻ ته وطن جي ويڙهه کان اڳ ئي مارجي ويا هُجن. جن جي خوشين جا سمورا خيال به رڻ ۾ مري ويل اُن مُسافر جيئان نظر اچڻ لڳندا آهن، جنهن جو ماس بُکايل ڳجهون پٽي، سُڃاڻپ جي سُڌ کان ئي ڪڍي ڇڏينديون آهن، ۽ افسوس جي احساس سان چوڻو ٿو پوي ته-
    پوءِ به ڪا وارثي، اوجاڳن جي اک بڻجڻ لاءِ تيار ئي ناهي! آزاديءَِ جون آيتون فڪر جي هٿن کان ڦُرجي چُڪيون آهن، سنڌ جي سيني مان سچائيءَ جو سج الاءِ ڇو اُڀرڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري! سياستن جا سڀ صُبح وياجن تي وڪامجي رهيا آهن، ۽ رُسوائيون زندگيءَ جي رستن تي هڪ ڊگهي غُلاميءَ جو بار گھلي رهيون آهن، جنهن جو سُور هر صديءَ جي ساهه سان سبيل رهندو.
    منهنجو هيءُ چوٿون ادبي پورهيو ”ڪلا جي ڪائنات ۾“ سچ پڇو ته سنڌ جي سڏن ۽ سُڏڪن تي سوچيندي سوچيندي الاءِ ڪيئن لکجي ويو آهي! هر درد ۾ هڪ دانهن هوندي آهي، جنهن جي وضاحت وقت پاڻ ڪندو آهي. مون اها عشق جي احساس جي دانهن توهان دوستن اڳيان ڇڏي آ، ڏسون ته اُن ۾ ڪيترو اثر آهي.
    آخر ۾ آئون ’سليٽ‘ دانش گاهه ۽ محترم آسي زمينيءَ جو تمام گهڻو شُڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي، هڪ نئون پنهنجائپ جو پيار ارپيو آهي.
    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت

    - اياز امر شيخ
    C/O مارئي ميڊيڪل اسٽور
    مين بس اسٽاپ سجاول ضلعو ٺٽو سنڌ
    Cell# 0334-7091595


    وقت جي ايش ٽري ۾...!!

    سج سگريٽ وانگي دُکي آ پيو
    دُونهن بڻجي سنڌوءَ مان
    اُڏي ڌوڙ پئي
    وقت جي ايش ٽري ۾
    صدين کان وٺي
    گڏ اُميدن جي رک آهي ٿيندي رهي
    ڏاڍ جي تيز ڏاٺن آ ڏاڙهي ڇڏيو
    ست دل جي سڪُونن جي
    هر صُبح جو
    تازگيءَ جو تصور ڄمي ئي نٿو
    چاهتن کي ٻکي ڪو چُمي ئي نٿو
    هر قصو ڄڻ ڪا تازي
    قبر ٿو لڳي
    زخمي، چچريل، وڍيل ڪو
    اندر ٿو لڳي
    رَت پيو ٿو ٽمي ٽهڪ جي ٽار مان
    سوڳ سُڏڪيو اُٿن لڙڪن جي لار مان
    انتظاريون اکين ۾ اُجهاميو ٻرن
    سال گذريا صديون
    تڙپ جي تکّ ۾
    وحشتون دهشتون
    واٽ ۽ وکّ ۾
    هت قتل ٿو ٿئي آس ۽ آسرو
    ڀاڳ لُٽجو وڃي پيار کان بانورو
    سار جون سانجهڙيون
    سرد ٿينديون وڃن
    ظلم جي زهر ۾ زرد چهرا لُڇن
    چهڪ چيري اچي هانءَ ۾ ٿا کُپن
    ڄڻ خدائيءَ جو ڪوئي تصور نه آ
    قُرب جو سارو ڪعبو ڀي آهي ڊٺل
    ڪابه آباد آزاد نگري نه آ
    مُحبتن جي وئي مسجد ٿي ويران آ
    ڪٿ به پوڄا نه گوتم جو ئي گيان آ
    رهزني روح کي
    آ روئاڙيو گهڻو
    ذلتن جي ضعيفيءَ ۾ انسان آ
    نفرتن جا اڃا نيڻ جاڳن پيا
    ماٺ مڪليءَ جيئان ڇائجي آوئي
    عشق آوارگيءَ جي
    رُلن رُڃ ۾
    سونهن جا سلسلا
    پيا سڙن سُڃ ۾
    درد درياهه بڻجي ڇُلي ٿا پون
    سچ جي سنڌ ڏي ڪو
    لڙي ئي نٿو
    چنڊ ڪو ڀي گگن تي
    چڙهي ئي نٿو
    قهر جا کوڙ ڪارا رُلن، پيا ڪڪر
    سڀ ساڻا لڳن زندگيءَ جا پهر
    لاٽ هرڪا لُڇي ٿي وئي لاش آ
    بارشن ۾ ڀنل دل جو آڪاش آ
    رات تارن کي جڏهن رُئاڙيو پئي
    مون ته تولئه رڳو بس نهاريو پئي
    ساهه منهنجو سِڪي ۽
    ڏُکي آ پيو
    سج سگريٽ وانگي دُکي آ پيو..!!!


    ڪويءَ جي ڪٿا...

    ڏس ته ڪويءَ جي ڪوملتا کي
    هاءِ غريبيءَ ڪيڏو گهايو
    مانيءَ جي هڪ ويلي ڪارڻ
    رُسوائين آ خوب رُلايو
    هُن جي احساسن جي اُڀ مان
    نظمن جھڙا نيڻ رُنا هن
    هُن جي ڀاڳن جي بستيءَ کان
    سُک جا سارا سيڻ ڇنا هن
    اڄ سو شهر جي چوراهي تي
    سودي سان گڏ ڏات جا ٻاريل
    گاڏي تي پيو گيت کپائي
    بُک جي آڏو بيوس بڻجي
    ٽيڙن جھڙا ٽهڪ وڃائي
    ويٺو هر هر واڪ لڳائي
    بيت نه پيٽ ڀري سگهيا هن
    خالي شُهرت ڪَرب بڻي آ
    لُڙڪن سان هر رات ڇڻي آ
    ڪالهه سچل جان سرمستيءَ ۾
    ڪيڏا سچ لکي ويو سٽ ۾
    جنهن جي غزلن جا گهاڙيٽا
    ڄڻ ته شهيدن جا رت ريٽا
    ڪو ڀي تن جو مُلهه نه ٿيو آ
    سوچن ۾ ڀي هُل نه ٿيو آ
    ها پر هُن جا هوڪا جاڳن
    ڪو نه ٿا رستا رُلندي ٿڪجن
    هُن جو هرهڪ سڏ ۽ وائي
    ڄڻ ته طنبوري ساڻ ڀٽائي
    پوءَ به ڏُکن جي ڏاڙهيل ڏيهه ۾
    لڱ اُنهيءَ جا غُربت لُڻيا
    هُن جا نغما سنڌ نه سُڻيا
    ۽ نه وري گهرجي ڇت بڻيا
    ڏينهن سڄو سو ڏُک ۾ ڏرجي
    پيڙائُن ۾ روز پگهرجي
    پورهيئي مان چند پئسا ميڙي
    گهر جي چُلهه اُجهاڻيل ڏي آ
    موٽيو مُرڪ چپن تي ٽيڙي
    ڪوتا جا سڀ خواب اُکيڙي!


    اڃا سرمد پيو سوچي...!!

    ٺٽي جي سُرخ سانجهيءَ تي،
    اڃا سرمد پيو سوچي...!!
    هزارين دار جا دڙڪا
    گلين ۾ گهر ڪري ويا هن
    اڀيچند جي اکين جھڙا
    صبُح اڄ ڀي سُتل آهن
    نه ڪنهن ڀي چاڳ جو چرچو
    چپن تي چنڊ ٿي اُڀريو
    نه ئي ڪنهن نينهن جو ناتو
    نزاڪت ساڻ آ نبريو
    رفاقت جي رواجن ۾
    سڙيل سونهن جي سماجن ۾
    بغاوت ڇو نه ڀڙڪي آ!؟
    پيئي جا رت پئي روح جو،
    اُنهيءَ مغلِ پرستيءَ کي
    نه ماري آ سَگهيو ڪو ڀي
    تڏهن هي تڙپ جي وک جو
    وهي پيو وهڪرو تک سان
    ظلم جي زرد خنجر مان
    خوشيءَ جو خون جاري آ
    مُحبت جي مزارن تي
    نه ڪنهن ڀي لاٽ ٻاري آ
    سڄو ماحول مڪليءَ جي
    مينارن جان ڊٺل آهي
    سمايل سوڳ ساهن ۾
    لڳي هر من مُئل آهي
    اڃا دارا جي دردن جو
    ستم سيني ۾ سُڏڪي ٿو
    اڃا ڪئين آس جون آهون
    اکين مان آب ٿيو اُڀرن
    اڃا تاريخ جي تن تي
    نئون هر زخم زندهه آ
    اڃا فتويٰ جي ڦنڌي مان
    نه ماڻي عشق آزادي
    اڃا مُلا قوي جھڙا
    ڪئين ڪردار پلجن پيا
    هوائُن ۾ هُڳائُن جو
    رهيو ساڳيو حُسن ناهي
    اڙي راڳي اُٿي ڪجهه ڳاءِ!
    کڻي سُرندو صداقت جو
    اُملهه آواز اوچي سان
    نئين ڪا جوت جاڳاءِ!
    سُڳنڌ سان سنڌ مهڪاءِ!
    دليون درياهه ٿي ڇُلڪن
    پتڻ تي پيار جا پيرا
    ملڻ جي مُند ٿي مهڪن
    نه مُرڪي موت مانجهيءَ تي
    ٺٽي جي سُرخ سانجهيءَ تي
    اڃا سرمد پيو سوچي.....!!


    وفا جا ڏيئا...

    اچو وفا جا ڏيئا ڪي ٻاريون
    لڪي ويا جي ليئا سي ساريون
    اُداس رُت جا عذاب ماري
    گليءَ گليءَ ۾ گُلاب هاري
    دڳن مٿان درد سڀ ٻُهاريون
    اچو وفا جا ڏيئا ڪي ٻاريون!

    جتي به هاريل ڪو تازو رت آ
    سڙيو سڪُونن جو سارو ست آ
    دُونهاٽيل هن دلين جا ديرا
    هينئين ۾ دُک جا چُڀن ٿا ڇيرا
    خيال خوشبوءِ بڻيا نه آهن
    لُڇن ٿا خنجر جي نوڪ تي ڪئين
    حقيقتن جا حساس چهرا
    جتي رڳو بس هُجن انڌيرا
    اُتي نوان چنڊ ڪي اُڀاريون
    اچو وفا جا ڏيئا ڪي ٻاريون!

    چپن کان ڪيڏيون چُميون ڇنيون هن
    رُڳو اکيون عشق جون ڀنيون هن
    نه ڪنهن به ڇاتيءَ ڇُهاءُ ماڻيو
    سُکن جي سانجهي سُڃي بڻي آ
    بدن بدن ڀيل ٿي ڀُريو آ
    نه ڪنهن به چڳ سان آ چاهه واڻيو
    رُڳو دغائُن دُکي آ تاڻيو
    اُتي نزاڪت جا نينهن تاريون
    اچو وفا جا ڏيئا ڪي ٻاريون!

    اڃا تضادن جي تلخين ۾
    بهار ڀوڳيو آ بي رُخين ۾
    اڃا ڪُهاڙين جي تاڙ ساڳي
    اُڀي آ جڳ ۾ اُجاڙ ساڳي
    اڃا ته جَرڳا جيئن پيا ٿا
    غلام سوچن جي غُربتن تي
    رهي آ روح تي لتاڙ ساڳي
    ٻُڏل لهوءَ ۾ آ لاڙ ساڳي
    اُٿو ته وحشت ڌڪي ڌڪاريون
    اچو وفا جا ڏيئا ڪي ٻاريون.


    اڃا مياڻي سُتي نه آهي...!!

    اڃا مياڻي سُتي نه آهي...!!
    ڏُکن ڪهاڻي کُٽي نه آهي
    ڀلي تون مڪليءَ جي ماٺ کان پُڇ
    هزارين ڪَتبا گواهي ڏيندا
    اُجاڙ ساڳي اڃا اُڀي آ
    گهٽي نه غم جي ذرو ڄڀي آ
    زمين ساري ٿي زرد وئي آ
    گُلاب ڪيڏا ڇڄي ڇڻيا هن
    سُکن جي موسم ٿي سرد وئي آ
    ذري ذري تي ذلالتن جا
    اڃا انڌيرا اُهي ئي ساڳيا
    اڃا ته ويرين جي وحشتن جا
    پٽن تي پيرا اُهي ئي ساڳيا
    رڳو تضادن آ تڙپ پوکي
    جڏهن به ڳڀرو اُڀا ٿيا هن
    اي ديس! توتان ڳڀا ٿيا هن
    گلي گلي ٿي وئي گهاٽ آهي
    اڃا اُهائي اُساٽ آهي
    دڳن تي ڪيڏو آ درد هاريل
    سڏن ۾ سُڏڪيل ٻوساٽ آهي
    ڪلي نه ڪاڀي ٽڙي ٽهڪ سان
    وڍيل وڻن تي ڄڻ ساٽ آهي
    اڃا ته گهوڙن جي ٽاپولين جي
    اُهائي اُڏري پئي ڌوڙ ساڳي
    اُميد جو آ ڏيئو اُجهاڻيل
    نه روح تي ٿيو ڪو رقص رمجهم
    کسي پيرن کان وئي آ پايل
    نه پيار جي ڪٿ پُڇاءَ ملي ٿي
    اڃا ته رَت جا اُهي ئي ريلا
    اُگهاڙ پڻ سان رُتن تي هاريل
    اڃا ته قاتل قصا قهر جا
    خيال ڪٿ هن کُٽا خنجر جا
    وفا جو ڀي آ وجود زخمي
    وصال وکري وڃائجي ويا
    رڳو حُسن جي لئه زهر جاڳيا
    حقيقتن جا هينئيان لتاڙي
    قيامتن جھڙا پهر جاڳيا
    اي سنڌ! تُنهنجي صداقتن جا
    صُبح ڪنوارا ڪُٺا ويا هن
    جڏهن به پنهنجا غدار بڻيا
    تڏهن ستم ڪئين سَٺا ويا هن.


    سارڌڙو مندر...

    هوءَ جا سارڌڙي مندر ۾
    سانولڙي ڏس سانجهيءَ ٽاڻي
    ديپ جلائڻ ايندي آهي
    گهنڊ وڄائي ويندي آهي

    پوڄا جھڙو پيار ورهائي
    هر من ۾ مانڌاڻ مچائي
    گُهورن سان ڪئين گيت پکيڙي
    وقت وفا ۾ سارو ويڙهي
    ماٺ جي منجهيل ماحولن ۾
    مُرڪ ملائي ويندي آهي
    ديپ جلائڻ ايندي آهي.

    هر روح جي رستي تي گهمي ٿي
    پايل اُن جا پير چُمي ٿي
    سُونهن، سڳي ڇا گج ۾ گهيريل!؟
    چنريءَ ۾ ڄڻ چنڊ آ ويڙهيل
    چاهت جي چانڊوڪي بڻجي
    رنگ رچائي ويندي آهي
    ديپ جلائڻ ايندي آهي.

    واٽون اُن مان واس وٺن ٿيون
    ڳوٺ ڳهر ۾، ڳليون رهن ٿيون
    روز ستارا اُڀ مان کڙن ٿا
    گلّ ڇڏي ڀونئرا ڀي مڙن ٿا
    هر ڪلا جي ڪنواريءَ ڪڇ تي
    نظم نچائي ويندي آهي
    ديپ جلائڻ ايندي آهي.

    ڀڳوانن جا ڀاڳ کُلن ٿا
    پهر پڪاريو پنڌ پُڇن ٿا
    ڪارونجهر جا لڱ لُڏن ٿا
    شهر ننگر جا نيڻ ٺرن ٿا
    گاؤُ مکيءَ جي گنگا مان جو
    پير پُسائي ويندي آهي
    ديپ جلائڻ ايندي آهي.


    حادثن جي هٿن ۾...

    صدين کان ئي زخمي وفائُن جي وڍيل، وجودن جا ساڻا حصا ڀي ڏسي وڃ،
    اسان سختين ۾ صليبن جا ساٿي، اها عشق جي انتها ڀي ڏسي وڃ!

    ٽُٽل ٽهڪ دل جي دڳن تي رکون ٿا، تتل آس جي انتظاريءَ ۾ تڙپي،
    نه سڏڪو نه ڳوڙهو ڳلن تان ڳڙي ٿو، مليل مُحبتن جي سزا ڀي ڏسي وڃ!

    اُداسين جي آرهڙ جي آوارگيءَ، ۾ سوين سڏ ّرولاڪ بڻجي رڙن ٿا،
    لٿو لاش لاوارثيءَ جو نه من تان، ڪُٺل درد جا ڪئين قصا ڀي ڏسي وڃ!

    سدا حادثن جي هٿن ۾ رهيو جو، خوشيون جنهن جون خانا بدوشي وئي کائي،
    وڍيو وقت جنهن کي ڏئي گهاءَ گهيري، اُنهيءَ شخص جي تون وفا ڀي ڏسي وڃ!

    شهيدن جا ڪَتبا هينئين ۾ چُڀن ٿا، اڃا وارثي ناهي وسري وطن جي،
    اسان سچّ سان هر صفحي تي لکي جا، سا تاريخ جي تون ثناءَ ڀي ڏسي وڃ!

    سوين ڪهڪشائون اکين ۾ رکون ٿا، اسان مقتلن ۾ آ مياڻيءَ کي ماپيو،
    سُڪو رت روح جي نه رستن مٿان آ، سڄي سُرخ آهي ڪَلا ڀي ڏسي وڃ!

    اچون پيا اچون پيا هوائُن کي چئجو، ڀنل ديس جي اُن صدائُن کي چئجو،
    اسان سرڪشيءَ سان ستارا لتاڙيون، وڙهون ويڙهه جيڪا اُها ڀي ڏسي وڃ!


    مٽيءَ جي گهرن ۾...

    جڏهن سانجهه تُنهنجي سڳيءَ جان سڏيو آ
    خوشيءَ ۾ سڄو روح سڪندي اُڏيو آ
    پرينءَ ڳوٺ جي دلبريءَ جي دڳن ڏي
    وڌيا پير چُمين جا آهن چپن ڏي
    شبابن جي لامن تي من ڄڻ لُڏيو آ
    جڏهن سانجهه تُنهنجي سڳيءَ جان سڏيو آ

    اڃا ڳهر ساڳي اُها ئي ڳلين ۾
    اکيون عشق بڻجي لٿيون هن دلين ۾
    مُساڳن جي تازي مهڪ جو قسم آ
    صفا سُونهن ۾ سنڌ جھڙو صنم آ
    گگن سان وڃي گيت منهنجو گڏيو آ
    جڏهن سانجهه تُنهنجي سڳيءَ جان سڏيو آ

    اُڃون قُرب جون هن ڪُنواريون ڪٿائون
    هينئين ۾ هُرن ٿيون حُسن جون ادائون
    ٽڙيا ٽهڪ جڏهن گجن جي ٽڪن تي
    نچيا نينهن نازن مان نئين سر نٿن تي
    ڪنگڻ ڀي ڪلائيءَ جي ڪڇ ۾ ڪُڏيو آ
    جڏهن سانجهه تُنهنجي سڳيءَ جان سڏيو آ

    مٽيءَ جي گهرن ۾ ڏيئي جھڙو آهين
    سڪايل اکين لئه ليئي جھڙو آهين
    وفائُن جا تو ۾ پهر پاڪ ٿيا هن
    اُميدن جا تو ۾ اچي ٿاڪ ٿيا هن
    وراڪن ڪٿي پل ڪو واندو ڇڏيو آ
    جڏهن سانجهه تنهنجي سڳيءَ جان سڏيو آ

    لتاڙي هلي آ حجابن جا سينا
    گُناهن سان گڏ سڀ ثوابن جا سينا
    مُحبت جو تون ڄڻ مدينو لڳين ٿو
    سڄو سڪ مان ڀريل ڪو سينو لڳين ٿو
    اسان آس جو گهر اوهان لئه اڏيو آ
    جڏهن سانجهه تنهنجي سڳيءَ جان سڏيو آ.


    مقتلن جي مٽي...

    شهيدن جي رت کي لڱن سان لڳائي
    اسان مقتلن جي مٽيءَ کي چُميو آ
    غلاميءَ جا پيرا هينئين تان هٽائي
    اسان غيرتن جي گهٽيءَ کي چُميو آ
    اڃا جاڳ جذبن مان ناهي گهٽي ڪا
    ستارن جيڏي سوچ پنهنجي رکون ٿا
    اُميدن جي اڻ کُٽ موسم ۾ مُرڪي
    سوين گيت سچ جي سفر تي لکون ٿا
    مڃون ٿا اوهانجي هٿن ۾ هزارين
    قلم ڪوڙ جا ڪارا ڪُڏندا رهن ٿا
    ۽ فتويٰ جا ڦندا به لُڏندا رهن ٿا
    سوين دارا، سرمد سمهاري ڇڏيو ٿا
    لڪي مذهبن جي ته محراب اندر
    ڪئين قُرب جا ڪعبه ڊاهي ڇڏيو ٿا
    اوهان منصفو ٿيا ڪفر جي قصي جا
    اسان سڀ لطيفي لهر جي حصي جا
    اوهانجي هٿن ۾ هي تسبيح جا داڻا
    وڌن ٿا رڳو آڱرين کي وڍڻ لئه
    وضيفن تي قُرآن وڪڻي ڇڏيو ٿا
    عبادت ۽ ايمان وڪڻي ڇڏيو ٿا
    اوهانجو نه انسانيت سان ڪو رشتو
    اسان ڪونه ڄاڻون کڻي اهڙو ڪشتو
    اسان ۾ اوهان ۾ فرق آ فڪر جو
    ڀٽائيءَ بلاشاهه، سچل جي ذڪر جو
    اوهان وٽ حديثون بمن ۾ ڀُرن ٿيون
    کڻي ماس ٽڪرا اُڀن ڏي اُڏن ٿيون
    خدا جي به گهر ۾ ٿي گوليون وسن ٿيون
    هوائُون به رت ساڻ رڱجي وڃن ٿيون
    اوهان آيتن سان قتل ڪئين ڪيو ٿا
    سڄي ماٺ ۾ سونهن ساڙي ڇڏيو ٿا
    اسان عشق آدم سان ئي بس ڪيو آ
    ڏيئو راهه اونداهه ۾ ٻاري رکيو آ
    اسان پنهنجي تحرير جي تبصرن ۾
    سدائين ڪئي وارثي آ وطن جي
    سبيل ڳالهه سا هن ۾ اجرڪ ڪفن جي
    اسان عاشقيءَ جي اکين جا مُسافر
    سوين مُحبتن جا ٿا معراج ماڻيون
    سنڀالي رکون ٿا سنجها جا سنيها
    پرهه جي پگهر مان ٿا خوشبوءَ کي ڇاڻيون
    اسان سرد احساس جي سختين سان
    ڪرڻ گنبزن ۾ گُناهه ڪون ڄاڻون
    ثوابن جي لاءِ نه سجدا وڇايون
    ڪليسا ۽ مسجد رکون هڪ ئي من ۾
    اسان مندرن ۾ خُدا کي ڏٺو آ
    اگهيل آس دل جي صدا کي ڏٺو آ
    اسانجي نه سرحد، اڀيچند اسانجو
    اسان مُرڪ ميران جي ماڻي ڏٺي آ
    اڃا سڪ ۾ سرجن ڪبيرا ٿا ڪيئي
    اسان ڪونه توريو آ پنهنجي وزن کي
    هندو يا ته مسلم جي تارازين ۾
    اسانجون اُڏارون ٿيون آڪاش بڻجن
    وفائن ۾ وهنجي ٿيون وشواس بڻجن
    اسان پنڌ پنهنجو پُڄايون پيا ٿا
    پتڻ، پاڻياريءَ مٽن کان پُڇي ڏس
    اڃا آر دل جو اُهو ئي اوجاڳيل
    ڀلي مڇ مانگر گهٽن کان پُڇي ڏس
    اسانجي بدن ۾ مهڪ آ مٽيءَ جي
    موهن جي دڙي جي ڀٽن کان پُڇي ڏس
    اڃا ساک جو آهي سينو سلامت
    اچي سنڌ جي هن پٽن کان پُڇي ڏس!


    دارا تُنهنجو درد وسي ٿو...

    روز دليءَ جي ديوارن مان
    دارا تنهنجو درد وسي ٿو
    ٽيپو ٽيپو رت ٽمي ٿو
    روح جي احساسن کي چيري
    روز گلين ۾ گهاءُ گُهمي ٿو
    ها پر تنهنجي ديس ۾ دارا
    اورنگزيب جي ارڏائين جا
    کوڙ اُگهاڙا عڪس رُلن ٿا
    سرمد لئه ٿي سُور پون ٿا
    سرمد جيڪو سچ لڳي ٿو
    رات مٿان ڄڻ مچ لڳي ٿو
    سانجهه به اُن جي ساک ڏئي ٿي
    گُل ٿي ڀيٽا باک ڏئي ٿي
    سو ته ربابن جي رُت جھڙو
    سُونهن سفر جو راهي آهي
    جنهن هر قاتل قهر قصي جي
    سازش ساري ڊاهي آهي
    ها پر وحشت وک وک ويڙهيل
    جنهن ۾ ڪيئي ڀالا ڀريل
    تيرن سان گڏ تاڙ ڪري ٿي
    رهزن بڻجي راڙڪري ٿي
    آس نگرئي اُجاڙ ڪري ٿي
    جنهن جي زخمن جي ضربن سان
    ڪلي ڪلي ٿي ويئي قتل آ
    حق جو گُهٽيل سارو هُل آ
    ظُلم جي زنجيرن سان جڪڙيل
    تهذيبن ۾ تڙپ متل آ
    عشق اڏين تي ڪُسجن ٿا ڪئين
    بڻجي اڀيچند شهر ننگر ۾
    روز انڌي انصاف جي گهر ۾
    فتوائُن جا ڦٿڪا آهن
    ساهن سانڍيا سُڏڪا آهن
    پوءِ ڀي ويري وار ڪري ٿو
    ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري ٿو
    جنهن ۾ آهي رُڃ رڻن جي
    ڇانوَ ڇڻي ڄڻ وئي آ وڻن جي
    تلوارن جي تجلن هيٺان
    وقت سڄوئي وڍجي ويو آ
    بخت بهار کان لُٽجي ويو آ
    ڪنهن نه سُڃاتو سچ جو سينو
    دارا جي دردن جو سفينو
    جنهن ۾ رُباعيون روز رڙن ٿيون
    ڇيرا ٿي ڇاتيءَ ۾ چُڀن ٿيون
    جن ۾ جاڳيل سڏ صديءَ جو
    سپنو بڻجي آهي سرجيو
    گهاٽ مٿان ٿي گيت آ گرجيو
    ۽ منهنجي ڀي من مقتل مان
    روز دليءَ جي دارا سان گڏ
    سرمد جھڙو سچ ڄمي ٿو
    ٽيپو ٽيپو رت ٽمي ٿو...


    درد جو طويل سفر...!

    طلاقيل عورتن تي وڏا تبصرا
    ڪندڙ هي سماج
    اڄ به پنهنجي اُگهاڙپ تي
    اکيون پوري ڇڏيندو آهي
    آسمان تي نظر رکندڙ ماڻهو
    پيرن هيٺان ڌرتي وڃائي ويٺو آهي
    سُڪل سنڌو نديءَ جي سيرون ٿيل سيني تي
    ڪو به اسيمبليءَ جو اجلاس
    اکيون کولڻ لاءِ تيار ئي ناهي
    بمن جي اضافي لاءِ
    اڄ به بجيٽ ۾ اربين روپين جو اعلان ڪيو ويو آهي
    ۽ غربت اروڙيءَ* تي اُڇلايل ماني ميڙيندي
    بک جي ڀنل اکين جي درد جو
    طويل سفر ٿي وئي آهي
    جنهن اڳيان ڪنهن به
    آٿت جو گهر اڏڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي
    ڀت تي لڳل ڀونڊي جي نشان ۾ ته
    هر ماڻهو ڏسي پنهنجي مُنهن مُرڪي
    تڪڙو هلڻ لڳي ٿو
    پر پوءِ به پنهنجي اندر ۾ لڪيل وحشتن سان
    حياءَ جي جسم تان زوري ڪپڙا لاهڻ جو
    ڪردار ڀي ادا ڪندو رهي ٿو
    ڇو ته!
    هن سور جھڙي سماج جي سَنڍِ ٿيل سياست کي
    صرف مُلڪ جي سرحدن جي ضرورت آهي
    ماڻهن جي نه !!

    * اروڙي / ڪن ڪچري جو ڍڳ


    ڀڳل هڏ وانگي...

    اهو عشق جيڪو اکين مان ٿو اُڀري
    پرينءَ تائين پُهچي سکين ۾ ٿو نبري

    انهيءَ ۾ سڳي سينڌ تائين سُونهين ٿي
    نظر ناز ماڻيو نکارن سان نکري

    ڀڳل هڏ وانگي هينئين ۾ هُري ٿو
    ڪٿي پيار تنهنجو ڪو پل ڀي ٿو وسري

    پُڇايو پتڻ روز دل جي درياهه جا
    اُڃي آرزو دُک دلي تان ٿي اُڪري

    اسان وقت جي هر وفا سان نڀايو
    تڏهن درد سيني مان خنجر ٿيو گُذري

    ڀنل آس جا ڳل سُڪا ئي ڪٿي هن!؟
    اڃا ساهه سڪ جو اوهان ڏي پيو سنبري.


    پاڻ ٻنهيءَ جا سڏ به ساڳيا...!؟

    پاڻ ٻنهيءَ جا سڏّ به ساڳيا
    چم ۾ چُهٽيل هڏّ به ساڳيا
    ها پر پنهنجي سوچ الڳ آ
    جذبو، جرئت، لوچ الڳ آ
    تو ۾ تون ئي ساهه کڻين ٿو
    مون ۾ سنڌ سڄي ٿي سهڪي
    شعلو شعلو باههِ ٿي ڀڙڪي
    مون ۾ کوڙ پڙاڏا گونجن
    جن جو رشتو آهي صدين سان
    ڇاڇر، ڇوليءَ، تک ندين سان
    جن مان ڪيئي راز ملن ٿا
    تاريخي آواز ملن ٿا
    ۽ مُنهنجي هن من ۾ هڪڙي
    مڪلي ڀي مدفون ٿيل آ
    جنهن جي هر ڪَتبي جي اڳيان
    روز وطن جا ڪلما پڙهان ٿو
    تهذيبن جي تن ۾ کُپيل
    تُرخانن جا تير ڪڍان ٿو
    ڀالن جھڙي هن بستيءَ ۾
    زخم زخم ٿي رت ڇڻان ٿو
    پوءِ ڀي ڌرتيءَ ڪاڻ جيئان ٿو
    ماضيءَ جو سينو به سبان ٿو
    هوءَ جا ڪالهه ٻُري هُئي ٻولي
    گهر گهر مان ٿي نڪتي گولي
    تنهن جو تو آواز ٻُڌو ڪو!؟
    طنبوري جي تند منجهاران
    نڪتا هاجي سُر سفر تي
    تن جي جاڳ اڃا پئي جاڳي
    هر ڪاراڻ جو منهن پئي راڳي
    تون ته سُمهي پئين ننڊاو نرڄا!
    توکي غلامي گار وڻي آ
    جيت نه توکي آهي جنميو
    تو ته هميشه هار ڄڻي آ
    مون ۾ جذبا جهرڻن وانگي
    روز ولوڙين رت ڦُڙا ٿا
    جن مان ڪيئي گيت ڦُٽن ٿا
    مياڻيءَ جو ٿي ماڳ ڪُسن ٿا
    پوءِ به دُٻي جي دل ۾ ڌڙڪن
    اهڙا سچ اسان ۾ سِرجن
    هامان ڄاڻان ٿو اوڪانئر....!
    پاڻ ٻنهيءَ جا ڏينهن ته ساڳيا
    پر جي آزاديءَ لئه اُڀرن
    اهڙا نيڻ ۽ نينهن نه ساڳيا
    گرجي گهاٽ مٿان جي برسن
    اهڙا ارڏا مينهن نه ساڳيا!


    سنڌ جهڙا پرين...!!

    سنڌ جھڙا پرين!
    ساهه جي سلسلن جو سفر
    ٿو لڳين!
    روح جي راڳ ۾
    راحتن جو مڌر ڪوئي سُر
    ٿو لڳين!
    عشق تُنهنجي اکين جو
    حسين خواب آ!
    مُرڪ تُنهنجي وفا جو
    کُليل باب آ!
    تون نئين نينهن جي
    ڪائناتن جو آن
    ڪو ڪنوارو قصو!
    هر وضاحت بڻي آهي
    تنهنجو حصو!
    تون شبِ زندگيءَ جو
    شهر ٿو لڳين!
    ۽ سُڃي سانجهه ۾
    ڄڻ ته گهر ٿو لڳين!
    هي اُڃون مُحبتن جون
    مُسافر اکيون!
    تنهنجي ئي پيار ڏي
    پنڌ آڻين پيون!
    حُسن تنهنجي اڳيان
    ڇا انڌيرا اُٿن!؟
    جِتّ سجدن ۾ جُهڪيل
    سويرا هُجن!
    سرمديءَ جو قسم!
    رهزني رات ۾ ڀي
    اُجالو لڳين!
    بانوري باک جو
    سونهن جي ساک جو،
    تون لکيل شاهه جو ڄڻ
    رسالو لڳين!
    تُنهنجي هرهڪ ادا جي
    اُفق مان اڃا
    دلبرين جا سوين چنڊ اُڀريو اچن
    مهڪندڙ موسمن جو لڳين ٿو بدن
    سوچ جون سرحدون
    ساريون توتي کُٽن
    جيءُ توکي چوان
    جند جھڙا پرين!
    سنڌ جھڙا پرين...!!


    گگن جي گگهي تي...

    گگن جي گگهي تي
    ستارا سبيل هن
    چُمي چنڊ پيو ڏس
    ته لهرن لڱن کي
    سفينن جا سينا
    اڃا ڀي سفر ۾
    جُڳن کان ئي جاري
    سُتا ننڊ ناهن
    دلي تي به ساڳي
    وڄي ڌُن پيئي
    مگر مَنّ پوءِ ڀي
    مُئل ئي مُئل آ
    طنبوري جي تارن
    جيئان ڄڻ ٽٽل آ
    اوجاڳيل اُميدون
    ونين جون ورن لئه
    اڃا گهر اڪيلا
    سِڪن پيا سُکن لئه
    ٺريل چُلهه مان رک
    اُڏامي پئي ٿي
    نه ئي سينڌ سُرهي
    نه پيرن ۾ پايل
    سڳي چيلهه تي سا
    نه آهي سجايل
    سُهاڳن جا سهرا
    دُکن جي دڳن تي
    وڃائجي ويا هن
    رڳو سرد سُڏڪا
    صدائون لُڇن ٿيون
    درن مان ليئا ٿي
    نگاهون لُڇن ٿيون
    وچن ۾ ڪي ويڙهيل
    وفائون لُڇن ٿيون
    پتڻ تي پُڇاءَ جا
    اڃا پنڌ پياسا
    پُڪارن جا پربت
    لتاڙين پيا ٿا
    اُهي ڳوٺ ڳالهين
    جا ٿي ويا ڳڀا هن
    ها جن ۾ جيئڻ جا
    ڪي جذبا ها جرڪيل
    شبابن جا رَس ها
    سرورن سان سُرڪيل
    اُنهن ڀاڪُرن جا
    ڀنل ڀاڳ هاڻي
    سُڃي سانجهه جھڙا
    سوين خواب ڇاڻي
    ميارن جي ماتم
    ۾ ويا ويڙهجي هن
    نئين رات جي هر
    سياهيءَ ۾ ٻُڏندي
    اُداسيءَ جا ڳوڙها
    ٿي ڳل تان ڳڙيا هن
    وڏي تانگهه تڙپي
    غمن ۾ گهڙيا هن
    ويا سڙهه ها جيڪي
    نه موٽيا سفر تان
    اُڀي آس تاڻيو
    نهارين ڪپر تان
    وياڪل اُهي اڄ
    به وڻجاريون ڏس!
    گهڙي گهاتئُن جان
    تڪون ڏئي تريون هن
    ملڻ لاءِ اڳتي
    نه پُٺتي وريون هن!


    ڳاڙها ڳڀروءَ ڳٽ...

    تنهنجيءَ چوليءَ چٽ وڻن ٿا،
    ڳاڙها ڳڀرو ڳٽ وڻن ٿا.

    مُحبت جي مئخاني مان اڄ،
    مَڌ جا پيئندي مَٽ وڻن ٿا.

    خوب خريديم پيار جا سودا،
    حُسناڪين جا هَٽ وڻن ٿا.

    چانڊوڪين ۾ چنڊ سان گڏجي،
    پنڌ ڪندي سي پَٽ وڻن ٿا.

    روح تي ڀرجيو ڀرت وڃن ٿا،
    سُهڻين هٿ جا سَٽ وڻن ٿا.

    ڦٿڪي جن ۾ ڦاسي پئجي،
    گهورن جا سي گهٽ وڻن ٿا.


    لاڙ تُنهنجي لڱن مان ٿو پائي ليئا

    چنڊ تُنهنجي چپن جي چُمي ٿو لڳي،
    رات تُنهنجي چڳن جو چٽو عڪس آ
    سانجهه تُنهنجي ڳلن جي ڪا ڳاڙهاڻ آ
    لاڙ تُنهنجي لڱن مان ٿو پائي ليئا
    قُرب جو سارو ڪاڇو آ تو ۾ سٿيل
    چاهتن جا سڀئي چاڳ تو ۾ چٽيل
    مُرڪ جي موهه جا مَڌ تو ۾ ڇُلن
    پيار پنگهٽ جو ڪوئي پتڻ ٿي لڳين
    بيخوديءَ ۾ سوين ڀؤنر ڀُلجو اچن
    تو ڪلين جي ڪُنوارپ کي آهي ڪُٺو
    تازگيءَ جو حسين تبصرو ٿي لڳين
    وقت واهوندي جان ڄڻ گُهلي ٿو پئي
    عشق جي اُڃ جو آسرو ٿي لڳين
    سُونهن جا سڀ ستارا جُهڪي ٿا پون
    تُنهنجي جلون ۽ جذبن جي جوڀن اڳيان
    نينهن جي نرتڪيءَ جا نظارا نچن
    آس جا ڪئين پکيئڙا اُڏاميو اچن
    تون وفائُن جي اجرڪ ۾ ويڙهيل پرين
    سنڌ جي سادگيءَ جو سڦل ٿي لڳين
    مُحبتن جي مُساڳن جي ئي مهڪ ۾
    ها اُميدن جي اک جو ڪجل ٿي لڳين
    گيت مُنهنجا سڀئي گونج بڻجو وڃن
    ڄڻ ته ڪيٽيءَ مٿان ڪونج بڻجو وڃن
    ڇا ته گهاڙيٽو تُنهنجو! غزل ٿي لڳين
    سڪ جا سڀ سڳا توڏي ڇڪجن پيا
    نظم ڪيئي نوان تو تي لکجن پيا
    روح جي تون رليءَ تي چٽيل چاهه سان
    ڀرت وانگي ڀريل، دل جو گهر ٿي لڳين
    حسرتن جا هينئيان توتي هرکيو پون
    ناز نکريو نگاهن مان اُڀريو اچن
    پيار ئي پيار جو بس پهر ٿي لڳين
    شُهرتن جو ڪو ماڻيل شهر ٿي لڳين.


    ڪلهه جي قتل ٿيل ڳالهه...!!

    ڊٺل پُراڻي قبر جي وساميل ڏيئي جو منظر
    اُداس اکين جي مرثيي جھڙو لڳي رهيو آهي
    جنهن جي لاءِ ڄڻ ته سالن کان وٺي
    دُعا جا هٿ ئي نه کڄيا آهن
    هر ثواب جو سفر
    گُناهن جي گهيري ۾ اچي ويو آهي
    مفادن جي جنگ ۾
    ماڻهو مُحبتون ۽ ماڻهپو
    وڃائي ويٺا آهن
    جن کي ڪنهن به تارازيءَ ۾ تورڻ جي
    ڪابه ضرورت ناهي
    درگاهن جي درن تي سوالين جون صدائون به
    مُجاورن جي منهن ۾ نهاري
    نماڻيون ٿي ويون آهن
    مهانگن تالن ۽ زنجيرن سان ٻڌل
    چندي جي قيمتي پيتيءَ کي
    پئسن سان ڀرڻ لاءِ خليفه هرهر زور سان
    ٺُڪائي رهيا آهن
    مطلب جي مُرڪ کي
    ڪوبه مارڻ لاءِ تيار ئي ناهي
    مندر ۾ رکيل ڀڳوان کي جاڳائڻ لاءِ
    پنڊت صدين کان وٺي
    گهنڊ وڄائيندو رهي ٿو
    جنهن جي آواز تي پاڙي وارن گهرن جون عورتون
    ننڊ مان اُٿي پنهنجن ٻارن لاءِ ناشتو تيار ڪرڻ لڳن ٿيون
    ۽ آئون....!
    هاڪر جي درتان اُڇلايل اخبار پڙهڻ لڳان ٿو
    جنهن مان ڪلهه جي قتل ٿيل
    ڪيترين ئي ڳالهين جو رت
    ٽمندي نظر اچي ٿو..!!


    سڏ ڪڏهن ڀي سُمهندا ناهن...!!

    سڏ ڪڏهن ڀي سُمهندا ناهن!
    اچ ته اُڏاريون گيت گگن ۾،
    پنڇيءَ وانگر پرڙا ساهي،
    آزاديءَ جا سهرا ڳائي،
    اُن مقتل کي مات ڏيون ڪا،
    جنهن جي ديوارن تي سچ جا،
    ريٽا ڪيئي رت رڱيل هن،
    تن تي هاڻي بارش بڻجي،
    باکُن جھڙي بوند وسايون،
    للڪارن جي لهرن سان گڏ،
    گاج جيئان گجگاٽ ڪري اڄ،
    ارڏا ڪئين احساس اُجاري،
    چوراهن تي چنڊ اُڀاريون،
    رُسوائين ڏي رولين ٿيون جي،
    سي سڀ رهزن راتيون رُئاڙيون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ تان قاتل رُت جا،
    ڪَرب قصا سڀ مُرڪي ماريون،
    سنڌوءَ جي هن سور سفر ۾،
    سُڏڪن جا جي سڏ ڀريل هن،
    بستي بستي بُک ڀاڪُر ۾،
    سُک جا سارا سٿ سڙيل هن،
    تن جا سهڪيل سڏّ ورائي،
    سينو سينو سنڌ بڻائي،
    چاهه چپن تي چاڳ اُڀاريون،
    برسي بن تي ڀاڳ اُڀاريون،
    او سنياسي ڌرتيءَ واسي!
    پاڻ ٻنهيءَ کي ڳٽ ڳچيءَ ۾،
    پائڻ لاءِ ڦٿڪي ڦاسي،
    پوءَ به اڃا لاشن جان لٽڪي،
    زخمن جي زندان ۾ گهُٽجي،
    روز مرون ۽ روز جيئون ٿا،
    زرد حياتيءَ زهر پيئون ٿا،
    اهڙي جيئڻ کان جاڳ ڀلي آ،
    اورانگهي هر آڳ هلي آ،
    تيز لُڪن ۾ تپيل تن جا،
    لڱ ڪڏهن ڀي لُڇندا ناهن!
    سڏّ ڪڏهن ڀي سُمهندا ناهن...!


    منهنجو من مڪلي...

    مُنهنجو من ڄڻ،
    مڪلي آهي!
    جنهن ۾ اُجڙيل احساسن جون
    اڏيل ڪيئي قبرون آهن
    جن جي هڪ ڀي
    ڪَتبي تي ڪو-
    نانءُ نه آهي نينهن لکيل!
    مونجهارن ۽
    مايوسين سان
    مُنهنجو آ هر ڏينهن ڏنگيل!
    روز لُڇن ٿا
    مون ۾ لاشا!
    تڙپيو تڙپي دل جي آشا،
    صدين کان
    ويران پيل ڪو!
    آءٌ پٿر جو شهر لڳان ٿو!
    پيڙاء جو هر پهر لڳان ٿو!!.


    رولاڪ روح جي اُداسين ۾...

    يتيم نيڻن جا خواب ٿي ويا، نه ساڀيان جو ڪو ڏس پتو آ،
    قضا جو من تي ڪفن آ ويڙهيل، نگاهه ۾ سوڳن جو سلسلو آ.

    پُڪار ۾ جا پُڇاءَ آ جاڳيل، اُڏار تن جي اُڀن جي اک ڏي،
    اُجاڙ رُت آ اڃا اوجاڳيل، نه پيار جو ڪٿ ڪو ڀرجهلو آ.

    ستم جو سيني ۾ سمنڊ ڇُلڪي، هزارين دُک ٿا اندر ۾ دڌڪن،
    اسان صبر جي ٿي سنڌ مُئاسين، سُکن جو ساڙيو ويو قافلو آ.

    اسانجي چاهت جا چيٽ سارا، ڪُفر جي ڪاهن ڇڏيا لتاڙي،
    زمين دل جي ڌُڏي وئي آ، انهيءَ کان وڌ ٻيو ڇا زلزلو آ!

    خُمار سارا ٿي خون ويا هن، چپن کي ساري چُميون روئن ٿيون،
    بدن بدن جي بهار ڀيليل، خطا خوشيءَ کان ٿيو حوصلو آ.

    اياز ڪيڏا انڌيرا آهن، رولاڪ روح جي اُداسين ۾،
    اُهائي گُهٽ آ غمن جي گهاٽي، اڃا ته ساڳيو ئي فاصلو آ.


    سُڃن جي سرد سانجهه ۾...!!

    اڃا ته پيا لتاڙ جن!
    وفا جا قافلا سوين،
    وڌن پيا چير چهڪ سان،
    فنا جا فاصلا سوين!
    اُداس عشق جون اکيون،
    لُڇن ٿيون لاش لاش ٿي،
    رڙيو آ روح رُڃ ۾،
    خوشي نه ڪا به راس ٿي،
    اڃا هينئين ۾ پيو هُري،
    زخم ڪو درد جو کُتل،
    اسانجي ڀاڳ جا سڀئي،
    صُبح ڪُنوارا ٿيا قتل!
    نه ڪنهن به چنڊ کي چُمڻ،
    جون حسرتون حلال هن،
    مڙهيل اسان تي موت جا،
    ذليل ڪئين زوال هن!
    سڙن پيا سُور سُور ٿي،
    نکار سڀ نڍال هن،
    اُميد ڇا اُڀار جي!؟
    ڪُٺا ويا ڪلال هن!
    اڃا ته رهزنيون اُهي،
    ئي راهه ۾ رُلن پيون،
    ڳليءَ ڳليءَ جي ڳاٽ تي،
    خنجر کڻي هلن پيون!
    اڃا ته باک جا ڪٿي!؟
    سُڪائي نيڻ هن پرين!؟
    گُلاب گهاوَ پيا سهن،
    ڪليءَ ڪليءَ جو ڪَرب جي،
    آ ٽياس تي ٽنگيل بدن!
    اسانجي آس جو اُڃون-
    ئي مارجي ويو آ من،
    اڃا ته جسم مان پيا،
    ٿا رت جا ڦُڙا ٽمن!
    تڏهن به ڀيل جو اهو،
    نه بند آ ٿيو ڀڄن،
    سُڃن جي سرد سانجهه ۾.....!!
    ڇڻون پيا زرد زرد ٿي،
    ڪري خزان سان ڪو وچن،
    اسانکي ويڙهي وقت ڏس-
    ويو آ ماٺ جو ڪفن!
    اسان مٽيءَ ۾ پورجڻ،
    کان ئي هُجون اڳي دفن،
    اسانجو ڄڻ نه ڪو وطن...!!


    صدا جا سڏڪا اڃا سفر ۾!

    رُتن ۾ رڙيون، رباب ناهن،
    اُگهاڙيون راتيون عذاب آهن
    ڪلي ڪلي ڪئي قتل وئي آ
    غمن ۾ سارا گُلاب آهن
    سُکن جا سينا سڙن پيا ٿا
    شهيد ٿيا ڪئين شباب آهن
    زماني جي هر ذليل حرڪت
    ڪُٺا حُسن جا ئي خواب آهن
    بهار جو ڀي بدن آ ڀيليل
    سماج سُورن جو آهي سٽيل
    خوشين جا چهرا خزان لتاڙيا
    سوين اُميدن جا گهر اُجاڙيا
    ضعيف سوچن جي سرحدن تي...!
    نه پيار جي ڪا پُڇاءَ ملي ٿي
    مُئل مزاجن جي مُحبتن ۾
    نه مُرڪ جي ڪا ادا کلي ٿي
    صدا جا سُڏڪا اڃا سفر ۾
    رُڃن جا راهي وڃن پيا بڻبا
    اڃا وفائُن جا لاش ڪيسين
    خفا ٿي خوفن مان روز کڻبا!؟
    سوال سُڃ جو کُٽوئي ناهي
    اُڀن ڏي آهون پيون اُڏامن
    زمين جي پئي زبان سهڪي
    بدن ٿو ڀالن ۾ روز اٽڪي
    غليظ ڪيڏا غُبار آهن
    دلين جي دڳ تي ڏُڪار آهن
    اکين جا آنچل اُهي ئي آلا
    نه نينهن بڻجي سگهيا نرالا
    سُکن لئه ڪيڏا صُبح سڪيا هن
    لُڪون لتاڙي ليئا لُڇيا هن
    لڄاري لوڏن جي لهر تي ڀي
    تضادي خنجر تکا ٿيا هن
    جلادي جاڳيل جنود* آهي
    وڍيل سمورو وجود آهي
    ڦُڙو ڦُڙو رت وهي رڳن مان
    زخم زخم پيو چڳي امن مان
    خيال خوني کُٽا نه آهن
    اُجاڙ سپنن جي سينڌ آهي
    اڃا انڌيرا ٽُٽا نه آهن
    ثواب گُل ٿي ڦُٽا نه آهن!

    * جنود = فوجي لشڪر


    سڳيءَ جو سڏ...

    سوچ جي سمنڊ ۾
    سار ٻيڙيءَ جيئان
    پيار جي هر پتڻ کي پُڪاري پئي!
    نيڻ نينڍون ڪيو
    ڏس نهاري پئي
    نينهن جو ناکئو
    لوچ لهرن سان ڪيڏو
    لُڇي آ لڙيو!
    وقت جي ويرسان
    واءُ بڻجي وڙهيو!
    سِڪ جي سمنڊ کي
    چاهه جي چنڊ کي
    سڏ تنهنجي سڳيءَ جو
    آ ويڙهي ويو!
    قُرب جي ڪاڪ ڏي
    روح ريڙهي ويو!
    من سارو سپيءَ وانگي سهڪي پيو
    عشق جي اُڃ اُجهائڻ لئه تڙپي پيو!
    پيار ٻيڙيءَ اندر
    اچ ته گڏجي هلون
    مُرڪ جي مڌ جا
    ٽهڪ ماڻي ٽلون!
    سور جي هن سفر کي سُمهاري پرين!
    موت جي هر نظر کي به ماري پرين!
    سار ٻيڙيءَ اندر اچ ته گڏجي هلون!
    پيار ٻيڙيءَ اندر اچ ته گڏجي هلون!


    وقت ڪيڏو نه واهيات ٿي آ ويو...!!

    وقت ڪيڏو نه واهيات ٿي آ ويو
    سُونهن ساڙي سڄي رات ٿي آ ويو

    ساک جي ڪابه سانجهي نه سُرهاڻ ٿي
    باک بارود ڪيڏي آ ڀيلي ڇڏي
    ساٿ جا سلسلا سرد ٿيندا وڃن
    دلبرين جا هينئيان درد ٿيندا وڃن
    عشق آوارگيءَ جو لڳي آسمان
    پيار جا پل سڀئي زرد ٿيندا وڃن

    دؤر ڄڻ ڪو دلاليءَ جو دستُور آ
    ساهه ۾ سهڪ سان جاڳي پيو سُور آ
    ڀيل جو هر جڳهه تي پيو گونجي ڀڄن
    مُرڪ جي ڀي چپن جو آ روڙهيل بدن
    حُسن کان ڀي حياءَ جي آ خوشبوءِ کسيل
    قُربتن کي آ جيئري ئي ويڙهيل ڪفن

    روز حوسن جي بازار ۾ ٿا ڪُسن
    چنڊ جھڙا جسم آهه بڻجو وڃن
    هر گليءَ گام ۾ آ غمن گهر اڏيو
    بيضميريءَ جي واڪن نه آهي لڏيو
    چاهتن جو چيهاڙيل آ چولو سڄو
    ڪَرب جي هر قضا آهي سنڀري سڏيو

    درد جلاد جي جاڳ جاري اڃا
    وحشتن ڀي نه عادت وساري اڃا
    تڙپ جي تکّ کي ڪونه ماري سگهيو
    نينهن جي ناوَ کي ڪونه تاري سگهيو
    سڀ صبح سوڳ جي رات ۾ ٿا رڙن
    ڏيهه ڏيئي جيئان ڪونه ٻاري سگهيو

    خواب دل جا ڪُهي ڪات ٿي آ وَيو
    وقت ڪيڏو نه واهيات ٿي آ وَيو!


    ساٿ جا سڳا...

    چنڊ، تارا لڪي بادلن ۾ مليا،
    ڄڻ اُڃارا اچي ساحلن ۾ مليا!

    ڀاڳ جي هر ڀنل تازگيءَ ۾ تري،
    ماڪ مُکڙيون چُمي ڳل ڳلن ۾ مليا!

    رات ڪيڏو اسان کي آ رولي وئي،
    ساٿ جا سڀ سڳا فاصلن ۾ مليا!

    دور ڪيڏو دُکي ۽ ڌڳي آ رهيو،
    درد دوريءَ جا ڪئين دلبرن ۾ مليا!

    ٿيڙ کائيندي اڄ سي ڏٺم راهه ۾،
    زاهدن جا ذڪر مئڪدن ۾ مليا!

    ڀروسن جا هينئيان ڀور ٿي هن پيا،
    دوستين جا سفر قاتلن ۾ مليا!

    ڪنهن به آزاد صُبح نه آرس ڀڳو
    سج سنڌ جا سڀئي دلدلن ۾ مليا!


    اُگهاڙو سج...

    نديءَ ۾ وهنجندڙ
    نينگريءَ جي جسم کي
    سج جي اُگهاڙي نظر
    کُليل اخبار جيئان پڙهي ورتو آهي
    ۽ پاڻ بي ڌيانيءَ جي اوٽ ڏنل اڪيلائيءَ ۾
    لڱن کي مُشڪ جيئان مهٽي رهي آهي!
    هوائن جا هٿ
    سندس سيني جي سنڌوءَ کي ڇُهي
    ڇُڙواڳين سان ڇُلي رهيا آهن.
    آسمان به بدن جي هر بناوٽ کي
    آيتن جھڙو عشق ارپي رهيو آهي
    ۽ هن بي سُڌ
    حُسن جي هُڳاءُ ۾ ويڙهيل نينگري
    اچانڪ ڇولين جي تيز ڇُلڪن تي
    ڇرڪ ڀريندي
    پاڻ کي سڄو پاڻيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو آهه
    اُگهاڙي سج جي عياش نظر کان بچڻ لاءِ...!!


    سنڌ اُهائي ساڳي آ...!!

    هيءَ سنڌ اُهائي ساڳي آ،
    ڪردار نوان ڪئين ٿي پيا هن،
    بي ظرف، ضميرن کي وڪڻي،
    غدار نوان ڪئين ٿي پيا هن!
    هر سانجهه ٽنگيل آ سوريءَ تي،
    ۽ من جي آهي مهڪ مُئل!
    هت پيار پهر ۽ پنهنجائپ،
    هر روز پئي ڌڪجي دوريءَ ڏي،
    ها ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
    ڇا دل جو ويهي حال ڪجي!؟
    آزاد اکين جي خوابن کي،
    ڀي ماريو ويو آ مقتل ۾،
    جنهن پار ڏسون سڀ ساڳيا هن،
    ڪو فرق نه آهي قاتل ۾،
    هن ڪوس نگر ۾ ڪات هٿان،
    ٿا ڪيئي ڪپيا ڪنڌ وڃن،
    هر جيجل جهريل جذبي تان،
    ٿا لڙڪن جا ڪئين لاش ڪرن،
    هن ڀاڳن جھڙي بستيءَ ۾،
    هيءَ ڪهڙي آهي ويل وري،
    پيو درد لتاڙي دلين کي،
    ڪا ساعت ناهي سُونهن ڀري،
    هر روز دلالن ديرن تي،
    ٿا ننگا ننگا ناچ ٿين،
    ۽ واڪ هلن ٿا واڪ وڏي!
    هت روز فحاشي فخر منجهان،
    پئي گاهڪ گاهڪ کي ته سڏي،
    هيءَ نگريءَ ڪهڙي نگري آ،
    جت عظمت جا آثار نه ڪي،
    جت مُحبت جا مينار نه ڪي،
    جت ساڙيا ٿا منشور وڃن،
    ۽ ڪُوڙ هٿان منصور ڪُسن،
    ٿا سهڪيو سيني سور پون،
    پر جاڳ نه ڪائي جاڳي آ!
    هيءَ سنڌ اُهائي ساڳي آ...!!!


    اڃا نه غيرت گُلاب ٿي آ...!!

    صديءَ جا سُڏڪا پُراڻا ڪَتبا
    نديءَ جي نيڻن ۾ کُوڙ اُڌما
    وساميل هن ڏيئا وفا جا
    اُڃارا چپ هن اڃا صدا جا
    حقيقتن جا هُڳاءُ سارا
    ڪٺورتا جي اُجاڙ اُس ۾
    ڏُڪار وانگي ڏُکن ڏنگيا هن
    عذاب جھڙين اُداسين مان
    سڪون دل جا لُڇي لنگهيا هن
    پُراڻي پٿرن جي ڇاتين تان
    ڊهي چترڪاري وئي آ چٽ جي
    وجود کان ويو وصال وڇڙي
    گُهلي اهڙي هت هوا آ لٽ جي
    رُڳو پئي رسوائي بس رُلي ٿي
    نه گيت گونجيا گهرن ۾ آهن
    حنا حُسن آ وڃائي ويٺي
    نه ساهه جاڳيا سُرن ۾ آهن
    نه پير ۾ ڇير جو آهي ڇمڪو
    نڪن ۾ ڦُلڙين جو ناهي چمڪو
    اُساٽ جي هن اڪيلتا ۾
    رهيو آ روح کي سدائين اُلڪو
    ڪٿي ڪُٺل آ خوشيءَ جي خوشبوءِ
    ڪٿي اُميدن جي اُڀّ مان ڀي
    چڪور چاهه جا چٿيا ويا هن
    ڪٿي ضميرن تي زنگ چڙهيل
    ڪٿي ڪي ڳڀرو لٽيا ويا هن
    دُعا لئه هٿ ڀي کڄي ٿڪي پيا
    ڳجهن هٿان من پٽيا ويا هن
    اڃا نه غيرت گُلاب ٿي آ...!
    ڳلا غمن سان گُهٽيا ويا هن
    منافقين کي نه موت آيو
    قدم قدم تي قضا اُڀي آ
    جُڳن کان جيءَ بس جلي جليو آ
    صداقتن تي سزا اُڀي آ
    هتي ته انصاف جي اکين مان
    اڃا اُونداهي کُٽي نه آهي
    لڄن کي جيڪي ويهن ٿا وڪڻي
    اُنهن ۾ سنڌ جي مٽي نه آهي.


    دل جو ڪعبو...

    دل جي ڪعبي مٿان
    پيار جون آيتون
    هر پهر ٿيون لهن
    من مسجد اندر
    نينهن نروار ٿي ٿا نمازون پڙهن
    سُونهن سجدي جو آهي
    سفر ٿي وئي
    مهڪ موتئي گُلابن جو
    گهر ٿي وئي
    عشق بڻيو عبادت جي آهي اذان
    هر گليءَ گهاٽ ۾
    شهر ۽ واٽ ۾
    ذڪر تُنهنجي ذيارت جو
    ناهي گهٽيو
    مُک تان جي ذرو ڀي آ
    پردو هٽيو
    چنڊ تارا ڪتيون
    لرزجيو ٿا لُڇن
    سوچ جي دُنڌ ۾ ٿا
    وساميو وڃن
    ٽيڙو حيرت منجهان
    ٽڪ ٻڌيو ڏسن
    حسرتن جي هُڳائُن سان ٿا هر کجن
    هر صبح تي آ تُنهنجي
    حُسن جو ڪرم
    سانجهڙيون سينڌ تُنهنجي سنڌوري لڳن
    قُرب تنهنجي ڪٿائُن جا
    ڪلما پڙهن
    توسان ملندي پهر پاڪ بڻجو وڃن
    ڀاڪُرن ۾ جڏهن ڀي ٿا ڀرجڻ لڳن
    بهشت جھڙا بدن
    دورين جي ڏنل دوزخن جا سوين
    درد گهٽجو پون
    مُحبتن جا هينئان
    حُسن بڻجو وڃن
    ڳالهڙيون ڳهرجي ٿيو ڳلن سان ملن
    دل جي تاريخ تي
    لفظ ڪيئي وفائُن سان لکجو وڃن
    روح جي رحل تي
    سُونهن جون صورتون ورق واريو کُلن
    دل جي ڪعبي مٿان
    پيار جون آيتون هر پهر ٿيون لهن...!!!


    زندگيءَ جي آس

    چنڊ ۾ زندگي ڳوليندڙ شخص
    ستارن جو ساٿ وڃائي ويٺو آ
    ۽ آئون اڄ به
    موهن دڙي جي ڀُرندڙ ڀٽن ۾
    اُن ناچڻيءَ جي گُهنگرن جي دٻجي ويل
    گيتن جي گونج کي ماڻڻ لاءِ
    موهن ڀڳت جھڙا آواز آلاپيندو رهندو آهيان
    اُداسيون تنهائين جي تاريخ بڻجي
    هر روز هڪ نئون ورق لکڻ لاءِ واجهائي رهيون آهن
    سماج جي سيني مان خوبصورتيءَ جي خوشبوءِ
    پرواز ڪري پري هلي وئي آهي
    روڊ تي پنندڙ ننگي نينگر کي
    لاڙ جھڙي لاوارثي نصيب ٿي وئي آهي
    صديءَ جيڏو سڏڪو
    اکين مان ڳوڙهن جي ڳالهه بڻجي ڳلن تان ڳڙي پيو آهي
    نفرتن جا نيڻ سمهڻ لاءِ ته سوچين ئي نٿا
    پر چنڊ ۾ زندگيءَ ڳوليندڙ شخص کي
    آخر ڪهڙي خبر ته...
    چنڊ نديءَ جي نيڻن سان نينهن جو ناتو
    ازل کان وٺي جوڙي ڇڏيو آهي
    جيڪو هر رات پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس ڀڄائي
    لهرن سان پيو لڱ گسائيندو رهندو آهي
    زندگيءَ جي آس کي اڪيلائپ جي اونداهيءَ کان بچائڻ جي لاءِ!!


    بارش ۾ ڀنل گُل جو بدن...

    ڪنهن ڪُنواري پيار جو پهريون وچن،
    ڄڻ ته بارش ۾ ڀنل گُل جو بدن.

    عشق جي احساس جون سڀ آڱريون،
    ويڙهجو وڇڙيل وفائُن سان ملن.

    روح تي ريشم جيئان ڪئين راحتون،
    ڀاڪُرن ۾ ڀاڳُ ٿيو ڀرجو وڃن.

    مُحبتن جي هن مُسافر رات ۾،
    سُونهن جا ڪيئي صُبح اُڀريو اچن.

    ساهه ۾ جاڳي ڏسڻ سان تشنگي!
    اڄ چپن تان ڇو نه چُميون سُرڪجن..!؟

    هر ڊگهي ديوار کي ڊاهي پرين!
    اچ ته ماڻيون چاهتون چنبڙي ٻکن.


    منهنجا سپنا سنڌ اٿئي...!

    تون ڇا مونکي ماري سگهندين!؟
    مُنهنجا سپنا سنڌ اٿئي،
    گَھلي گهاٽ مٿي جي آندئي،
    سي سڀ مُنهنجا ڪنڌ اٿئي!

    ڇا ته ٽنگيندين ٽياسن تي تون!؟
    ڌرتيءَ جي هن آڪاسن کي،
    سُور به جن کان سُڏڪيو سهڪن،
    تن ارڏن جي ايمانن کي-

    زنجيرن سان زرد ڪندين ڇا!؟
    گهاڻن ۾ ڀل گهيرائي ڏس،
    مخدومن جان مُرڪي ملبو،
    پيرن کان ئي پيڙائي ڏس!

    تحريُرن ۾ تڙپ اُٿي آ،
    گُهوڙن جي ٽاپولين وانگي،
    مُنهنجا نغما نعرا بڻجي،
    ڇال هڻن ٿا ڇولين وانگي.

    تُنهنجي وس ۾ رَت جا ريلا،
    روز وهائين ٿو رستن تي،
    مُنهنجون سوچون سنڌوءَ ڌارا،
    ڪونه ٿيون رُڪجن ڪنهن ڀي ڪُن تي.

    آزاديءَ جي جهنڊي کي ڏس!
    روز هوائُون چُمنديون آهن،
    ويساهه جا ڪئين ورد وڇائي،
    خوب وفائُون جُهڪنديون آهن.

    هوءَ جا جهيڻي لاٽ ٻري پئي،
    روز جهڳيءَ مان جهاتيون پائي،
    رهڻي هت ڪا، رات نه آهي،
    گيت اُجالن جا پئي ڳائي.


    منهنجا سپنا سنڌ اٿئي...!

    تون ڇا مونکي ماري سگهندين!؟
    مُنهنجا سپنا سنڌ اٿئي،
    گَھلي گهاٽ مٿي جي آندئي،
    سي سڀ مُنهنجا ڪنڌ اٿئي!

    ڇا ته ٽنگيندين ٽياسن تي تون!؟
    ڌرتيءَ جي هن آڪاسن کي،
    سُور به جن کان سُڏڪيو سهڪن،
    تن ارڏن جي ايمانن کي-

    زنجيرن سان زرد ڪندين ڇا!؟
    گهاڻن ۾ ڀل گهيرائي ڏس،
    مخدومن جان مُرڪي ملبو،
    پيرن کان ئي پيڙائي ڏس!

    تحريُرن ۾ تڙپ اُٿي آ،
    گُهوڙن جي ٽاپولين وانگي،
    مُنهنجا نغما نعرا بڻجي،
    ڇال هڻن ٿا ڇولين وانگي.

    تُنهنجي وس ۾ رَت جا ريلا،
    روز وهائين ٿو رستن تي،
    مُنهنجون سوچون سنڌوءَ ڌارا،
    ڪونه ٿيون رُڪجن ڪنهن ڀي ڪُن تي.

    آزاديءَ جي جهنڊي کي ڏس!
    روز هوائُون چُمنديون آهن،
    ويساهه جا ڪئين ورد وڇائي،
    خوب وفائُون جُهڪنديون آهن.

    هوءَ جا جهيڻي لاٽ ٻري پئي،
    روز جهڳيءَ مان جهاتيون پائي،
    رهڻي هت ڪا، رات نه آهي،
    گيت اُجالن جا پئي ڳائي.


    هر حُسن آ اڏيءَ تي...!!

    آزاد تون هوا سان
    او سُونهن جا سنيها
    آخر ڪڏهن ته ايندين!؟
    سنڌ جا اُداس سپنا
    بي موت ٿي مرن پيا
    هر باک جي اکين ۾
    لُڙڪن جي لهر آهي
    چاهت اندر چُڀيون هن
    خاموشيون خنجر ٿي
    خوشبوءِ کٿوري ڇاڻي
    هر گل جي پنکڙيءَ تي
    زخمن جي زرد موسم
    غم ساڻ گهر اڏيو آ
    ۽ تڙپ جو تسلسل
    تاريخ نئين لکي پيو
    ڏس درد سان دڳن تي
    اڄ رَت ڪو ڇَٽي پيو
    سيني مان سُور جو ڄڻ
    سُنبو سِڌو مَٽي پيو
    هر حُسن آ اڏيءَ تي
    قاتل پيو ماس ڪوري
    سچ پيو سڙي هڏيءَ تي
    هت پيار جا پيغمبر
    فتويٰ هٿان پيا ڦُرجن
    مذهب جي آڙ ۾ ڏس
    انسان پيا ٿا ڪُسجن
    تهذيب پئي ٿي تڙپي
    پوءِ ڀي ثقافتن لئه
    جاڳيا ثواب ناهن
    بندش جي بيرخين سان
    وڌيا نقاب آهن
    ڪٿ ڀي سلامتيءَ جو
    سهرو نه سِر تي آهي
    ٿوهر اُهو اُڃارو
    بارش نه ٿر تي آهي
    اُڃ ۾ ڪنڊي سُڪل آ
    ڳيرن جي ڳالهڙين ۾
    گيتن جي گونج ناهي
    ساڳي سا ٻاٻيهن جي
    ٻولين ۾ ٻهڪ ناهي
    ڪونڀٽ ڀٽن کي ڀاڪُر
    پائي روئُن روزانو
    ديبل جي دؤر جھڙا
    منظر مري ويا هن
    هر رات روپا ماڙي
    ويرانين جي وندر
    بڻجي ڀُري رهي آ
    مڪليءَ جان ماٺ آهي
    ڪٿ ڀي پڙاڏو ناهي
    سُنسان سانجهيون سڀ
    ويري پيو وار ٺاهي
    هت چاهه ۽ چپن جي
    چانڊاڻ جي بدن کي
    بي خوف ذلتن جي
    نظرن ڇڏيو آ گهائي
    ساري امن جون اکيون
    رَت ساڻ ئي رڱيل هن
    معصوم مُحبتن کي
    ملندو رهيو ڪفن آ
    هر ديس دلبريءَ جو
    ٿيندو رهيو دفن آ
    هت ظلم جي زهر سان
    هر ساهه سرد ٿيو آ
    جوڀن جي جنتن جو
    چهرو ٿي زرد ويو آ
    اي سُونهن جي صبا تون...
    هاڻي هلي هلي آ!
    اچ ڏس اُداسين ۾
    سنڌ جي گلي گلي آ!


    ستارن جا سُڏڪا...

    ستارن جا سُڏ ڪا نه سمجهي سگهياسين!
    ڀنل رات جي بي رُخيءَ ۾ اڪيلا
    تڳي تڙپ جي تلخين ۾ مُئاسين
    ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين.!

    وڻن جي بدن تان ڇڻيل ٻُور وانگي
    سُکئي ساهه ۾ ڄڻ سبيل سُور وانگي
    ڪڏهن قُرب جي ڪاڪ مُرڪي نه ماڻي
    رُڃن ۾ رڙيو روح بي نُور وانگي
    دُکي درد سگريٽ وانگي سڙياسين
    ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!

    ڦڳُڻ جي ڦُلن جان ٽڙيا ڪونه آهيون
    خوشين کيت بڻجي کڙيا ڪونه آهيون
    پراڻين مزارن جي ڪَتبن جيئان بس
    ٽٽل ٽهڪ دل جا، جُڙيا ڪونه آهيون
    وڇوڙن جي واٽن تي وکري وياسين
    ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!

    رهيون ڀاڪرن ۾ ڀَريل بيقراريون
    اکين ۾ اُڀيون هن اڃا انتظاريون
    چُڀيون کوڙ چٿرون ڏئي چهڪ تازا
    اسان وقت جون کوڙ طنزون وساريون
    تنهائين جي تاريخ بڻجي لُڇياسين
    ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!

    وفائُن جا لاشا ويا بي ڪفن ٿي
    انڌيرن جي بازار ۾ بي وطن ٿي
    سوين راحتن جا ڀي رشتا رُنا هن
    نه پرچي سگهيا پيار جو ڪو وچن ٿي
    ڳلن تان ڳڙيل لُڙڪ وانگي لڙياسين
    ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!

    نه من ۾ ڪي مُحبت جا نغما نچيا هن
    مُئل حسرتن جا هينئيان تڙپيا هن
    قتل عشق جا سارا احساس ٿيا هن
    لڱن ۾ ڪنڊا ٻاٻري ڄڻ ٽنبيا هن
    اُداسين جي ئي المين ۾ ڊٺاسين
    ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!


    نه تقدير جاڳي...!!

    ٻري ديپ دل جا وسامي ويا هن،
    هينئيان حسرتن جا به کامي ويا هن!

    پهر پيار جي تازگيءَ جا به تڙپي،
    سُڪي پّن - ڇڻ جان اُڏامي ويا هن!

    نه تقدير جاڳي نه جاڳيا سي ماڻهو،
    صدين کان قبولي غلامي ويا هن!

    رُڳو ترس جن تي اسانکي ئي آيو،
    وڏا هاڻ ٿي سي حرامي ويا هن!

    اُميدن جي آڪاس جا سڀ ستارا،
    جُهڪي سُونهن کي ڏئي سلامي ويا هن!

    وڏا ڀروسا قوم جن تي ڪيا ها،
    اُهي واڪ سستي وڪامي ويا هن!


    ڪُٺل دل جي ڪليسا...

    ڳلن جي ڳوٺ تي ڳوڙها ڪُهاڙي ڳاٽ اوچي سان،
    چُڀن چڻنگون اکين ۾ ٿيون اُماڙي ڳاٽ اوچي سان.

    ڪُٺل دل جي ڪليسا جا قصا ڪهڙا وهي لکجن،
    رڳو سُڏڪا پيا ٻُڌجن نه تاڙي ڳاٽ اوچي سان.

    سوين هن آس جي اُڀ مان ستارا ساٿ جا وکريا،
    اُڃي ارمان جي ارٿي وئي ساڙي ڳاٽ اوچي سان.

    نه ساڳي ڊوڙ ڊيلن ۾ نه مورن ۾ اُها مستي،
    رُڳو ماري پيو مُرڪي نه آڙي ڳاٽ اوچي سان.

    شهادت جا شرف ماڻي سُتا جي سنڌ ڌرتيءَ تي،
    اُهي سچ جا پيغمبر ٿيا اڳاڙي ڳاٽ اوچي سان.

    ڇلرَ ڇٽ ۾ مُهاڻيءَ من نه واسيو آ ورهيه گُذريا
    نه ساڳيو دور درياهه جو نه لاڙي ڳاٽ اوچي سان.


    درياهه جي دؤر جا ماڻهو...!!

    درياهه جي دؤر جا ماڻهو
    هينئين جي هور جا ماڻهو

    فنا فاقا ڪشيءَ ۾ ٿي
    بُکن جا برّ ٿي ويا هن
    سُڪل سنڌوءَ جي سيني جان
    غمن جا گهّر ٿي ويا هن

    پتڻ ناهي چُميو پاڻي
    اُڏن واريءَ دڙا دُک جا
    نه موريو ڪانهه ڪنڌيءَ تي ڪو
    سفينا ويا سڙي سُک جا

    چپن تي چنگ ها چُريا
    وڏا ميلا متا ها جِت
    ۽ جذبن ۾ جنت جھڙا
    حسين جوڀن رتا ها جِت

    ڪنگڻ ڪيئي ڪلائين ۾
    چڙهيا ها چاهتون ميڙي
    کُليل ڪئين چاڳ مان چوٽا
    وفائُون ها سُتا ويڙهي

    اُهي احساس آگم ٿي
    رڇن کي ٿا روئن ساريو
    ڳڀي جي ڳالهه ۾ ڳڀجي
    سوين سُڏڪا ويهن هاريو

    ڇڻي وئي ڇانوَ آ نم جي
    نه ميندي ڪا ڦُلاري آ
    چڳن ۾ چيڙهه آ چُهٽيل
    مُساڳن مهڪ ماري آ

    نه ڪا ڀي سينڌ آ سُرهي
    نه ڪو ويلو جلي جوتي
    چتيون چولن لڳيون ڪيئي
    نه ڌيءَ جي سِر مٿي پوتي

    سُکن جون ساعتون ساري
    سيارا ٿي ويا آهن
    ڇُهيو جن کي نه ڇولين سي
    ڪنارا ٿي ويا آهن

    تکن جي طور جا ماڻهو
    درياهه جي دؤر جا ماڻهو...!!


    ٻانهن ۾ خاموشي آهي...!!

    ديس سڄو ٿي درد ويو آ،
    شهرن ۾ خاموشي آهي.
    ڳوٺ ڳلين کان ڳهر اُڏاڻي،
    چهرن ۾ خاموشي آهي.
    سانجهه کي ساڙي رات رڙهي آ،
    پهرن ۾ خاموشي آهي.
    وقت ڏيئي جان آهه وساميل،
    ڏهرن ۾ خاموشي آهي .
    ڪابه طنبوري تار نه جاڳي،
    سُرن ۾ خاموشي آهي.
    گُهنگرو بڻجي گيت نه سگهيا،
    رقصن ۾ خاموشي آهي.
    پکين جو ڀي پنڌ مُئل آ،
    نهرن ۾ خاموشي آهي.
    آزادي ڪيئن اُڀري آخر!؟
    قومن ۾ خاموشي آهي.
    رُسوائين جو روڳ بڻيا هن،
    سجدن ۾ خاموشي آهي.
    ڪهڙي ڳالهه تان ڳوڙهو اُگهجي؟
    رشتن ۾ خاموشي آهي!
    سج جا نيڻ سُتل هن اڄ ڀي،
    راهُن ۾ خاموشي آهي.
    ڪونه چڳن جا چاڳ چُمياسين،
    ٻانهُن ۾ خاموشي آهي.
    سينن ۾ ڪئين سُور سٿيل هن،
    سا هن ۾ خاموشي آهي.
    تيزابن جان تڙپيل تن جي،
    آهُن ۾ خاموشي آهي.
    مُحبت من ۾ مهڪ نه مُرڪي،
    هر گُل ۾ خاموشي آهي.
    ڪونه حياءَ جي حُسن ۾ رڱيو،
    آنچل ۾ خاموشي آهي.
    زيارت جي ڪا ناهي ذري ٿي،
    پل پل ۾ خاموشي آهي.
    عشق اُداسيءَ جو اُڀ بڻيو،
    هر دل ۾ خاموشي آهي.
    نيڻن ڪيڏا نير وهايا،
    ڳل ڳل ۾ خاموشي آهي.
    روز رُتن مان رت ٽمي ٿو،
    هر پل ۾ خاموشي آهي.
    هر ڪو يل جي ڪوڪ ڪُٺل آ،
    وڻ وڻ ۾ خاموشي آهي.
    چيلهه نه گهاگهر ساڻ گڏي آ،
    چُڻ ڀُڻ ۾ خاموشي آهي.
    نينهن نه نکريا نينڍون بڻجي،
    نبرڻ ۾ خاموشي آهي.
    اُڃ جي آس اُجاڙيو اهڙو،
    روح رڻ ۾ خاموشي آهي.
    سُڏڪن جا ڪئين سوڳ اسان وٽ،
    خوابن ۾ خاموشي آهي.
    خيالن ۾ خاموشي آهي!
    خنجر سان پيو گهاءَ رسائي،
    ٽُڪرن ۾ پيو ٽهڪ ورهائي!
    قاتل ۾ خاموشي ناهي-
    عادل ۾ خاموشي آهي...!


    اُداسيءَ جو آسمان

    چپن جي ڌرتيءَ کان
    چُمين جا گُلاب کسجي رهيا آهن
    جوڀن، عياشيءَ جي اکين جو
    اُگهاڙو خواب ٿي ويو آهي!
    حياءَ جي جسم تان لباس
    پاڻ ئي لهڻ شروع ٿي ويا آهن!
    وقت پنهنجو هر قدم
    واحياتپڻي ڏي وڌائي رهيو آ
    آخر ڪهڙي وفا جي وجود کي ڳولجي!
    بيوفائيءَ جي بدبوءِ
    هر گهٽيءَ کي گهيري ڇڏيو آ!
    رات جي سيني ۾ کُتل
    خاموشيءَ جي خنجر
    هر صُبح جي چهري تي رَت جو راڳو ڏئي
    بهارن جي بدن کي بارود سان ڀيلي ڇڏيو آهي
    پر پوءِ به الائي ڇو:
    اقوامِ متحده جي امن پرست اک مان
    ڪوبه ڳوڙهو ڳڙي،
    سوڳ جو سفر طئي ڪندي نظر ئي نٿو اچي!
    ۽ ويتر وحشتون نئين پاليسيءَ سان
    نوان برقعا پائي پکڙجي رهيون آهن
    جن جي منزل به فقط ماڻهوءَ
    کي ئي مارڻ تائين کُٽي ٿي!
    ۽ پيار ۾ پناهه وٺندڙ هر انسان
    اُداسيءَ جو آسمان بڻجي
    اڪيلو ئي رهجي ويو آهي
    هر صُبح جي اکين ۾
    امن جو احساس ڳوليندي ڳوليندي
    ۽ هن دؤر جي دردن کان
    دلين کي پري ڪندي ڪندي...!!


    سجاول کي ڀيٽا...

    جڏهن سُونهن تُنهنجي
    سجاول ڏسان ٿو
    ٺٽي جي ڳلين جي وڃي ڳهر گُم ٿيو
    دفن دائرا ڪئين
    ٿين سوچ جا ٿا
    سڄي سنڌ جي اپسرائُن کان اڳتي
    لهر لوڏ تُنهنجيءَ ۾
    جرڪي ٿو جوڀن
    لُڇي لوچ بڻجي
    ليئا پائي تن من
    سوين ساهه ڏسندي سُڪائي ڇڏين ٿو
    نظر سان نظر جي ملائي ڇڏين ٿو
    پيو عشق تُنهنجي
    ادائُن مان اُڀري
    جُهڪي سَرّ توکي
    سلامي ڏين ٿا
    دليون دلبرين جي دُڪانن تي وڪڻي
    وفائون ٿي در جي
    غُلامي ڏين ٿا
    جڏهن سينڌ تُنهنجي ٻُڏي سانجهه ۾ ٿي
    گلين جي سفر تي
    حُسن هارجن ٿا
    ڪجل، واس واٽن کي
    واسي ڇڏين ٿا
    جڏهن پدمڻيون پير سوري هلن ٿيون
    مَڌر ساز آواز ڇيرون وڄن ٿيون
    نڪن جي ڦُلين مان
    اُٿن تيز تجلا
    ڪنگڻ ڀي ڪلائين سان
    ڪُنوارا لڳن ٿا
    نچن چيلهه تي ناچ چوٽين جا نکري
    اڇا چنڊ ڪيئي چُميءَ ڀيٽ جھڙا
    کلڻ ۾ کٿوري، سرنهن چيٽ جھڙا
    ڪئين قُرب جون
    ميڙيو نڪرن ڪٿائُون
    ڇُهن جسم ڀورا
    اُڃايل هوائون
    سڀئي ناز انداز ريشم حوالا
    نزاڪت نديءَ مان سي وهنتل نرالا
    ڏسڻ ساڻ جن تي
    هينئيان هرکجن ٿا
    سرورن جا رَس
    ساهه ۾ سُرڪجن ٿا
    اُهي آيتن جي اکين جھڙا اُجرا
    گُلابن جھڙا گيت ويٺا لکائي
    ڏيڻ ڀيٽا لئه بيت ڇڏيم وڇائي
    مُساڳن جھڙيون مُحبتون تو ۾ مهڪن
    شبابن جا ڀريل
    شهر تو ۾ جاڳن
    پرينءَ پيار جھڙا
    پهر تو ۾ جاڳن
    سجاول! مان تُنهنجي اکين ۾ رهان ٿو
    سوين سُونهن جا خواب مُرڪي چُمان ٿو...!


    لُڙڪن جا لاش...!!

    لُڙڪن جا لاش بڻجي، سپنا مري رهيا هن،
    تڙپي اُداسين ۾، جذبا مري رهيا هن.

    هن ديس جي دڳن، تي ڪيڏا ته درد آهن،
    ڀاڪُر نه ڀاڳ بڻيا، چرچا مري رهيا هن.

    رستن جي ڌوڙ ميڙي، رولاڪين جي رک ٿي،
    ڏس آس جا اُڃايل، اُلڪا مري رهيا هن.

    مسجد جي ممبرن تي، واعظ حراس ۾ هن،
    بم سان نماز ۾ ڪئين، سجدا مري رهيا هن.

    ڪو ڀي دُعا جو ڏيئو، ناهي گُلاب بڻيو،
    قبرون اُجاڙ ٿيون هن، ڪَتبا مري رهيا هن.

    بيخوف دل جي ڌڙڪن، هر ويل آ قتل ٿي،
    محبوب جي ڳلين ۾، سُڏڪا مري رهيا هن.


    بهشت کان وڌ ڀاڪُر...!!

    عشق نه ايئن اُجاڙي ڇڏبو،
    درد جي اُڀ کي ڦاڙي ڇڏبو.

    گُلڙن کي جا گهاءَ رسائي،
    اُن پن - ڇڻ کي ساڙي ڇڏبو.

    تحريرُن ۾ تُنهنجي سُونهن کي،
    چٽساليءَ جيئن چاڙهي ڇڏبو.

    بهشت کان وڌ ڀاڪُر تُنهنجا،
    سِر قدمن ۾ لاڙي ڇڏبو.

    سِڪ جي سُرهي سانجهيءَ کي پڻ،
    ساهن منجهه سلهاڙي ڇڏبو.

    چنڊ تي چٿرون جو به ڪري تنهن،
    تاري کي ئي اُکاڙي ڇڏبو.

    وحشت کي نه وڌائي جيئن ڪو،
    وقت سڄو ئي واڙي ڇڏبو.


    پڇاءَ جي ڊگهي پن ڇڻ...!

    آئون توکي ماڻڻ جو فن ڄاڻان ٿو
    پر پيار کي پئسن جي پاند ۾ ٻڌڻ نٿو چاهيان
    ڪُجهه لمحن جي لاءِ
    حوس جي بستري تي حُسن جي هُڳاءَ کي ڇاڻي
    هميشه لاءِ
    توهين جي تارازيءَ ۾ تُرڻ نٿو چاهيان
    مُنهنجا احساس
    اڄ به عشق جي اوجاڳيل اکين جيئان
    وفا جا وعدا نڀائي رهيا آهن
    پر تو وٽ الئه ڇو!؟
    مُنهنجي مُحبت جو معيار
    بي مُلهه ٿي مري رهيو آهي
    آئون پوءِ به اُنهيءَ سڪ جي سڳي کي ڇنڻ نٿو چاهيان
    جنهن کي هر عورت نڪ جي ٽوپجڻ کان وٺي
    کُهنبي ويس ۾ ويڙهجڻ جا طريقا
    تلاش ڪندي رهندي آهي
    مون توکي هميشه پيار جي اک سان پڙهيو آهي
    پر تو هر وار مُنهنجي آس جي ڪتاب کي
    فنا جي هٿن سان ڦاڙي
    وفا جي ورق ورق کي
    وڇوڙي جي واٽن تي وکيري ڇڏيو آهي
    هڪ پُڇاءَ جي ڊگهي پن ڇڻ ڏيئي...!!


    اُميد جي آوارگي...!!

    سڪ صديءَ جو سڏ بڻجي آ وئي
    ڄڻ ڀڳل ڪو هڏ بڻجي آ وئي
    مان لڳان ٿو قُرب جي تازي قبر
    مون مٿان هوءَ اڏ بڻجي آ وئي
    سڪ صديءَ جو سڏ بڻجي آ وئي

    وقت پاتو آ وڇوڙي جو وڳو
    دورين جي ڌوڙ ۾ دل پئي لُڇي
    سار جي ڳل تان سُڪو ڳوڙهو نه آ
    زهر سان ڀريل زخم روح ۾ لڳو
    وقت پاتو آ وڇوڙي جو وڳو

    درد ڏيئي چهڪ من ۾ ٿو چُڀي
    روز ڏاٽن جھڙي هن ڏيهه ۾ پرين
    ڀروسن جي ڀيل آ ٿيندي رهي
    هر خوشيءَ جو خواب لوڀي پيو لُبي
    درد ڏيئي چهڪ من ۾ ٿو چُڀي

    نينهن کان وسري وئي ڄڻ نينڍ آ
    ڪا سڳي ناهي سُڳنڌ جي سحر ۾
    چاهه جون چانڊوڪيون چُپ چاپ هن
    پيار پوٺن کان رُسي وئي سينڍ آ
    نينهن کان وسري وئي ڄڻ نينڍ آ

    سانجهه جي سُونهن جو سفر بي ستّ آ
    ڳوٺ ڳالهين جا رُسي ويا رات ٿي
    ۽ اُداسي پئي رُلي هر پهر ۾
    واٽ تي هاريل وفا جو رَتّ آ
    سانجهه جي سُونهن جو سفر بي ستّ آ

    حسرتن جا هانءَ ٿڪجي هن پيا
    بي رُخين جي بور لاشن کي کڻي
    تڙپ جا تن ۾ طنبورا ٿا وڄن
    سُر ڪوهياريءَ جان قصا سُڏڪي اُٿيا
    حسرتن جا هانءَ ٿڪجي هن پيا

    تو بنا ڪو مان صليبن جو سفر
    ساهه جا ڇڪجو سڳا ٽٽيو پون
    روز ٽُڪرن ۾ ورهائجي ٿو وڃان
    ڪير ميڙي ناهي مُنهنجو ڪوبه گهر!
    تو بنا ڪو مان صليبن جو سفر

    مان اُميدن جي اُڃي آوارگيءَ
    روز ڳوليندو رهان ٿو پاڻ کي
    ڄڻ وڃائجي آ وطن مونکان ويو
    سُڃ ۾ سڙندي رهي ٿي زندگي
    مان اُميدن جي اُڃي آواراگي.


    لاوارث ڪَوِتا...

    هيءَ لاوارث ڪنهنجي ڪَوِتا
    جنهن جي جسم تي ڪپڙا ناهن
    جيڪا ننگو ناچ ڪري پئي
    شهر سڄي جي بازارن ۾
    روز اُگهاڙن آوازن سان
    فنڪارن جي وات مان نڪري
    گهر گهٽيءَ ۾ ڪاهي پئي آ
    سارا ڪپڙا لاهي پئي آ
    سا ماحول کي ڏاري پئي ٿي
    ڏس ته فحاشيءَ جي ڦنڌي ۾
    معصوميت کي ماري پئي ٿي
    کُليل وئشيا ڪردارن جان
    پنهنجو گهيرو ٺاهي پئي ٿي
    حُسن حوس جي هٿ ۾ ڏيئي
    روز حياءَ کي ڊاهي پئي ٿي
    جنهن جي سِرّ تي پوتي ناهي
    جاڳيل جيءَ ۾ جوتي ناهي
    بيشرمائيءَ جي ڀاڪُر ۾
    هُن جا لڱ اُگهاڙا آهن
    ڇرڪي ڪُتا اُن تي باهين
    پوءَ ڀي اُن تي جهل ئي ناهي
    شرم ڇڏي ڄڻ نڪتي آهي
    آخر ڪيسين تائين هلندي
    هيءَ لاوارث ننگي ڪَوِتا
    جنهن آ ماري سُونهن جي سيتا!
    ________________
    نوٽ: اُگهاڙي ولگر شاعريءَ تي لکيل.


    ڀنل دل جي دُنيا...!!

    اڙي وقت تُنهنجي وکن کي ڏٺوسين
    درياهه جي به دڌڪن تکن کي ڏٺوسين
    نه هاڻي سا لُڙ ۾ ڪا لرزش رهي آ
    رُتن ۾ رُڳو سوڪ سازش رهي آ
    گُلن تي اڃا گهاءَ ساڳيا صدين کان
    ڀٽن جي بدن تي نه بارش پئي آ
    گُناهن ۾ سارو گگن ويو ٻُڏي آ
    ڌماڪن سان دل جو وطن ويو لُڏي آ
    رهيو مذهبن ۾ نه ساڳيو مزو آ
    ڪُٺا گنبزن ۾ ڪبُوتر ويا هن
    لُڇي درد بڻجي ته اندر پيا هن
    مينارن سان هاڻي نه ڪويل ڪُڏي ٿي
    سنجها جا ستارا سڄي رات روُئندي
    پکين جي پرن ۾ وڃائجي ويا هن
    صُبح جي سفر تي اُٿيو سج ناهي
    سُڪل هن مٽيءَ مان ڦُٽو ٻج ناهي
    تسلسُل جي تاريخ ماري وئي آ
    سڄي ساک سچ جي اُجاڙي وئي آ
    رُلن روز رستن تي سُڏڪن جا پيرا
    پيل جهول ۾ ڪي وڍيل جسم ٻيرا
    زخم زندگيءَ کي ضعيفي ڏني آ
    نه ماڻي سگهيا منزلن کي نبيرا
    اڃا ڪورٽن جي ڪٽهڙي ۾ قاتل
    رهائيءَ جي راهُن جا پيو راڳ ڳائي
    وڪيلن وياجن تي وڪڻي ڇڏيو آ
    ها! قانون جي هر قلم جي قصي کي
    رڳو ماٺ مظلوم جي مُفلسيءَ تي
    نه انصاف مليو ڪو حق جي حصي کي
    ڀنل دل جي دنيا ڏي جانچي جي ڏسندين
    سڄو سُونهن جو سينو ئي ساڙيو ويو آ
    اُميدن جي گهر کي اُکاڙيو ويو آ
    پئي ڇڪجي پيرن هيٺان روز ڌرتي
    وسيلن کي وک وک تي واڙيو ويو آ
    تضادن جي جڏهن اچي تڙپ ماريو
    اسان دوستن جي اکين ڏي نهاريو
    مگر حوصلن جي هٺيلي هوا کي
    غُلاميءَ گسن تي نه گِسڪڻ ڏنوسين
    نه ئي ڪنهن دغا جي ڌُٻڻ ۾ دٻياسين
    سدا سچّ جي سرحدن ڏي وڌياسين
    وفائن جا جهنڊا هٿن ۾ کنياسين
    وطن لاءِ ڏنڊا هٿن ۾ کنياسين
    اُٿي جرئتن سان جمالا چياسين
    ڀٽائي، سچل جا رسالا چُمياسين
    گجي انقلابن سان نعرا هنياسين
    تڏهن سنڌ بڻجي سفر ۾ مُئاسين...


    ٻُڌو آ سڄي حادثو ٿي وئي آ...!!

    پرهه جي پکين جي اُڏارن کي چئجو!
    وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو
    اسان نينهن جي ناوَ تاري اچون پيا
    لهر جان لڱن کي اُڀاري اچون پيا
    پرينءَ جي پُڇاءَ ۽ پُڪارن کي چئجو!
    وڃون ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!

    ٻُڌو آ سڄي رات سُڏڪا ڀري ٿي
    اوجاڳن جي اک ۾ ڏيئو ٿي ٻري ٿي
    چڳن جي وراڪن ۾ ويڙهي وفا کي
    سُمهڻ ڪو نه پل ڪو آ ڏيندي دُعا کي
    درن جي وٿين مان ليئا ويٺي پائي
    ڏوراپا ڏئي هر صُبح کي ستائي
    ٻُڌو آ ته ماندي ملڻ لئه مري ٿي
    اُنهيءَ عشق جي انتظارن کي چئجو!
    وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!

    ٻُڌو آ اسُر جو اُداسيءَ جي ولهه ۾
    ڀنل ماڪ جھڙا اٿس لُڙڪ هُل ۾
    سڄي ڳوٺ جي ڳالهين ۾ رهي ٿي
    ستم جا سوين سمنڊ ڇُلڪي سهي ٿي
    پتڻ تي به پيرا پُڄائي ٿڪي آ
    وجهي منهن چُنيءَ ۾ ويڳاڻي لڪي آ
    ٻُڌو آ نه خوشبوءِ اٿس ساڳي کل ۾
    اُنهيءَ بيقراريءَ جي سارن کي چئجو!
    وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!

    ٻُڌو آ درياهه کي سُکائون ڏئي ٿي
    سوين سڪ جا ڳوڙها اندر ۾ پئي ٿي
    اُڀي آس ساڳي اڃا ٿس اکين ۾
    اڪيلي اڪيلي آ لڳندي سکين ۾
    نه ئي وار ڳُنڌيل، سجايل سڳي آ
    ڏکن ۾ ڏري تڙپ بڻجي تڳي آ
    ٻُڌو آ رُڳو بس ڏسڻ لئه جيئي ٿي
    اُنهيءَ ساهه جھڙن سهارن کي چئجو!
    وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!

    ٻُڌو آ سڄي حادثو ٿي وئي آ
    غمن جي گهٽيءَ جو حصو ٿي وئي آ
    هوائُن کي ڏيندي سنيها رهي ٿي
    پراڻين مزارن جيئان پئي ڊهي ٿي
    ٻُڌو آ ته جوڀن ۾ ٿي زرد آهي
    ڊسمبر جيئان ٿي وئي سرد آهي
    مئل مُرڪ جو سلسلو ٿي وئي آ
    اُنهيءَ مُحبتن جي مينارن کي چئجو!
    وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!


    صدين کان ئي صليب تي...!!

    مٽيءَ جي مهڪ جو قسم
    سُڪو نه دل جو آ زخم
    اڃا گُلاب پيا ڪُسن
    اکين جي آسمان جا
    هزارين خواب پيا ڪُسن
    لُڇي رڙين جي رات ۾
    رُڳو شباب پيا ڪُسن
    وفا جي ورق ورق جا
    ڪئين ڪتاب پيا ڪُسن
    غمن جي گهاٽ تي چڙهي
    سوين ثواب پيا ڪُسن
    تڏهن به جاڳ جو وطن
    اُٿيو نه آهي عشق ٿي
    سڪون سُرخ سنڌ جا
    کُليل فضا ۾ ٿا کجن
    اسانجي هن نصيب جو
    سدائين ماس آ پٽيو
    قهر جي ڪارين ڳجهن
    صدين کان ئي صليب تي
    ٽنگيل اسانجو آ بدن
    اسان اُداس ديس جي
    دُعا جو درد ٿا لڳون
    وبا جي وقت کان اڳي
    ضعيف زرد ٿا لڳون
    سدائين پنهنجو پاڻ ۾
    هُجون ئي ڄڻ ٿيل دفن
    اسانجي همتن اندر
    نه غيرتن آ گهر اڏيو
    تڏهن ته مُحبتن ڌڪي
    اسانکي پاڻ مان ڇڏيو
    اسان وڍيل وجود جي
    نه پيار جا حصا چُميا
    نه ئي نٿن جي نينهن جا
    ڪُنوارا ڪي قصا چُميا
    اسانجون رهبريون سڀئي
    رُڃن جا راز ٿي ويون
    صُبح جي سڏّ کان اڳي
    ٽُٽل ڪو ساز ٿي ويون
    نه جنهن ۾ ڪو ڀي چاهه آ
    نه سُرّ آ، نه ساهه آ
    اسانجي ڀاڳ تان لٿي
    نه رات ڪا سياهه آ
    اسان نه ماڻي مُرڪ سان
    ڪا زندگيءَ جي لاٽ آ
    چَون پيا پري گهڻي
    اڃا خوشيءَ جي واٽ آ!


    انقلاب جو آواز...

    ڊسمبر جي ڊوڙ
    جنوريءَ کي جوان ڪري ڇڏيو آهي
    ثقافتي لباس جون لهرون
    لولين ۽ ٻولين سان ٻُري رهيو آهن
    ٽوپيءَ ۾ ٽاڪيل ٽڪن جا تجلا
    جون جي سج جي نيشن جيئان
    سامراجي اکين سان اٽڪي جُرئت جي جنگ
    وڙهي رهيا آهن
    هر اک مان اجرڪ جھڙو عشق
    سچائيءَ جو سينو تاڻي ظاهر ٿي رهيو آهي
    ايئن پيو لڳي،
    ڄڻ ته هي سڀ ماڻهو هوشوءَ جي ڪا هانوَ
    ڏاريندڙ هڪل ٿا لڳن
    يا روپلي جي تلوار جو ڪو تيز تجلو
    جنهن کي هر رُڪاوٽ روڪڻ کان اڳ ئي
    رات ٿي ويندي آهي
    يا اُن دودي جو دليراڻو دليل لڳي رهيا آهن
    جنهن اڳيان ڪوبه سامراجي سڏ
    خِلجين جي خيال ۾ ويڙهجي
    اچڻ جي اُميد ئي نه رکندو هُجي
    ها! اڄ اهڙين ارڏائين سان
    احساسن جي اوچائين کي چمندڙ
    انقلاب جا آواز
    سنڌ جو قومي ترانو بڻجي
    گلين ۾ غيرتن جي گيتن سان گُونجي رهيا آهن
    تهذيبن جي وارثيءَ جا واعظ ڪندي
    ۽ هر غلاميءَ کي غليظ گار سمجهي
    هن ڊسمبر جي ڊوڙ سان گڏ
    جنوريءَ جي جوان جذبن ۾
    آزاديءَ جي صُبح جي اکين کي چُمڻ لاءِ
    ڪيڏا نه چاڳ
    ۽ جاڳ سان جهومي رهيا آهن
    ثقافت جي سنڌ بڻجي
    سُجاڳيءَ جون سرحدون سنڀاليندي....!


    هاءِ! بتيلن ڀاڳ اُجھاڻا...!!

    سج سُتو ۽ سانجهه لڪي وئي
    سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي

    ڪٿ ڀي ڇوليءَ ڇُلڪو ناهي
    ڌوڙ اُڏامي روز درياهه مان
    هاءِ! بتيلن ڀاڳ اُجهاڻا
    کيت خوشين جا ساڻا ساڻا
    ڪالهه جواني جر تي جهومي
    اڄ سا سهندي سُور جُهڪي وئي
    سنڌؤَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي

    دهشت ڀريا جنهن جا ڌڌڪا
    لُڙ جون لهرون ڪُن جا ڪڙڪا
    ڌارائن سان دل ٿي ڌڙڪي
    من مُهاڻن ڇلر ڇٽيا ٿي
    اڄ ته پلو ڇا، پاڻي ناهي
    سوڪ ڪنارن تي آ ٽڪي وئي
    سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي

    ڏس ته ڪنڌيءَ تان سُڪل ڪنڊيءَ مان
    ڪيڏو درد ڇڻيو آ اُڃ جو
    واريءَ تي واچوڙا وکرن
    ساٿ مليو آ اهڙو سُڃ جو
    سالن کان ڪا سَٽيل سازش
    بُک جي بر ڏي نيٺ ڌڪي وئي
    سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي

    تُرخانن جا تِير سَٺا تو
    خِلجين تُنهنجو خون وهايو
    تاتارين جي تلخ رُتن مان
    ترندي سُونهن کي ساهه ڏنو تو
    اڄ تون اکڙين کان ڇو اوجهل!؟
    ويساهه - گهاتين ساڻ وڪي وئي
    سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي

    حال سنڌوءَ جا سُڏڪا ٻُڌندي
    ٽيڙن روئندي ٽهڪ وڃايا
    چانڊوڪيون ۽ چيٽ مري ويا
    کلندي کلندي کيٽ مري ويا
    پوءِ ڀي اُڀ ۾ آگم ناهي
    لُڇندي پُڇندي رات ڪَتي وئي
    سنڌوءَ سان گڏ سنڌ سُڪي وئي!


    روح اُڊڙيل رلي ... !!

    ڇا ته ڇوليون هڻي ڇاتڙي پئي ڇُلي
    عشق جي آڳ ۾ جهاتڙي پئي جلي

    گُل جوڀن ٽڙيو ڳاٽ ويا ڳهرجي
    ڳيچ سان ڳوٺ ۾ ڳالهڙي پئي هُلي

    چنڊ لئه چاهتن جا کڻي خواب ڪئين
    رول رستن مٿي راتڙي پئي رُلي

    روح اُڊڙيل رليءَ وانگي ٿي آ پيو
    پيار سيبو ٿي اچ آسڙي پئي اُلهي

    ويل اهڙو وهائي ڇڏيو وقت آ
    هر قلم قيد آ ڪاتڙي پئي کلي

    گيت گجرا نه وارن ۾ ويڙهي سگهيا
    مُرڪ کي هر هنڌان ماتڙي پئي ملي!


    درياهه، دهشت، ڳوٺ، ڳليون

    اڙي ڳوٺ تُنهنجي ڳلين کي ڇڏيوسين
    سبيل سنڌ جھڙين رلين کي ڇڏيوسين
    جڏهن ڀاڳ جا ڀيل ڀؤنرا ٿيا ڪئين
    نه گُل ٿي سگهيون تن ڪلين کي ڇڏيوسين
    رُتن جا رهيا روح رُئندا رڻن ۾
    دُکن جي دڳن تي دلين کي ڇڏيوسين
    اڙي ڳوٺ تُنهنجي ڳهر جو قسم آ
    جڏهن لهر تُنهنجي لڱن کي هو لوڏيو
    ۽ درياهه به دڌڪي اُٿيو دهشتن سان
    سڄو وقت وڍجڻ لڳو وحشتن سان
    سڪي سانجهه سُڏڪي اُداسيءَ جي اک ۾
    لڙي زندگيءَ جي ڳلن تان پيو ڳوڙهو
    سڙي سارين جي سُڳنڌ جا سويرا
    ٻنين جي ٻکن کان وڃائجي ويا هن
    نه ئي لوڏ لاهيارين جي لڱن جي
    پگهر ۾ پُسي پيار پوکي سگهي آ
    مٽيءَ جي گهرن ۾ نه مُرڪون ٿيون مهڪن
    ڌنارن جي ڌُن ۾ نه سينڍون ٿيون سِرجن
    چڙا چاڳ چنگ ڀي ٿيا چُور آهن
    اُميدون عذابن جي آوارگيءَ ۾
    صدين جي صدائُن جو ٿيون سور آهن
    نگاهُون نگاهن کان ٿيون دور آهن
    پهر پُلصراطن جي رولاڪين ۾
    لُڇي تڙپ جي تلخين ۾ تڳيا ها
    نه جاڳيو خُدائيءَ جو ڪو خيال من ۾
    ڀُرڻ مذهبن جا ڪئين بُت لڳاها
    اذانن جا آواز گُم ٿي ويا ها
    سفر سارا سجدن جا وکري ويا ها
    لڳا گهنڊ وڄڻ هاگُمانن جي گهر ۾
    فرق ڪونه ڪٿ ڀي هو مسجد مندر ۾
    سڄو ديس بُک جي بدن ۾ ڀنل هو
    خوشيءَ جو وطن وک وک تي ڪُٺل هو
    ڪڪوريل ڪٿائون ويون ڪرب بڻجي
    اٿيا سج سياست جا ڪئين رب بڻجي
    مفادن جي منزل کي ماڻڻ جي لاءِ
    وري ماس ماڻهن جو کائڻ جي لاءِ
    مگر ماٺ جي موسمن کان پري ٿي
    اسان مفلسيءَ جي اکين ۾ ڏٺو هو
    تڳيل طلب ۾ بس اجهو ۽ اٽو هو
    جنين سُور سيني ۾ سهڪي سٺو هو
    اُنهن جي سُکن جي سُڃين ساعتن جو
    هينئين جي حُسن جي ڊٺل حالتن جو
    نه ڪنهن ڀي ازالو ڪيو آٿتن سان
    زخم زهر بڻجي چڳيو نفرتن سان
    ڏٺاسين ايمانن جا لاشا لکن ۾
    نه انسانيت ۾ ڪو احساس جاڳيو
    اُهو بيضميريءَ جو بنواس ساڳيو
    جيئڻ جي جھانن ۾ جهاڳي رهيو هو
    وسامي چڪو چاهتن جو ڏيئو هو
    اسان بيوسيءَ جي برن مان ڏٺو هو
    سوين دوستيءَ جا ستارا لڪيل ها
    سُڃاڻپ جي سُڌ کان ڪئين ڪنڌ جُهڪيل ها
    ڇڄي ساٿ سُڏڪي اُٿيا سلسلن جا
    وڏا گهاوءَ غم سان مليا فاصلن جا
    مُئل مُحبتن جي مزاجن جا مرثيا
    اسان گونج سان گڏ گگن ۾ ڇڏيا هن
    سُتل سرڪشيءَ جي مزارن تي مُرڪي
    اسان بُزدلين تي بُجا ڀي رکيا هن
    مگر پوءِ به ساڳي روش رهزنيءَ جي
    رواجن جي رُت ۾ رهي ئي رهي آ
    اسان لُڙڪ بڻجي وڃائي وهي آ
    اوجاڳن جي جاڳي اڱڻ تي اڪيلا
    اُٿي ڳوٺ تُنهنجي ڳلين کي ٿا ساريون
    سوين کيت من ۾ کٿوريءَ جا پوکي
    ڀريو نينهن نيڻن ۾ توڏي نهاريون
    اچن ياد ٿيون عشق جون ڪئين ادائون
    سنڌوءَ سينڌ سان جت لڌيون لاڙ لائون
    اڙي ڳوٺ تُنهنجي اُها سانجهه ساڳي
    پرينءَ جي سڳيءَ جان رکي ساهه ۾ آ
    اڃا چنڊ بڻجي رهي چاهه ۾ آ...!!
    ____________
    نوٽ: 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ تي لکيل نظم


    وڃي دودي جي شهپرن کي ٻڌايو...!!

    گلين کي ٻُڌايو دلين کي ٻُڌايو
    هوائُن سان گڏجي ڪلين کي ٻُڌايو
    قتل سُونهن جي سينڌ ٿيندي رهي آ
    چڳُن کي چُمي ۽ سڳين کي ٻُڌايو
    هتي درد ۾ ڪئين دفن دلبريون ٿيون
    اُٿي عاشقيءَ جي اکين کي ٻُڌايو
    رواجن جي رُت ۾ ڀريل رهزني آ
    وفائُن جي وک ٿي سکين کي ٻُڌايو
    اسُر جون هتي انتظاريون مُئل هن
    ڪئين قُرب جون ڪائناتون ڪُٺل هن
    پرهه جا پهر رات بڻجي ويا هن
    قهر جو اُڀو ڪات بڻجي ويا هن
    دلاسن جي دنيا جو زنگيل زمانو
    اڃا دوزخن جي دڳن تي پيل آ
    بڻيل سچ آ سختين جو نشانو
    سوين سادگيون روز سڙنديون رهن ٿيون
    پُسيل پيار جي پنکڙين کان پُڇي ڏس
    ڳلن تان ڪي ڳالهيون به ڳڙنديون رهن ٿيون
    اُداسين جي احساس کي ڀي اچي ڏس
    هتي خواهشن جي هينئين ۾ هميشه
    انائُن جا اڻکٽ خنجر ئي کُپن ٿا
    عذابن جي اونداهين ۾ ته اڪثر
    سوين ساهه سُڏڪي لڱن ۾ لُڇن ٿا
    ڌڻن کي ٻُڌايو رڻن کي ٻُڌايو
    پکين تائين پُهچي وڻن کي ٻُڌايو
    گُمانن ۾ هاڻي رهڻ رُڃ ٿيندو
    وڏا سڏ بڻجي گهڻن کي ٻُڌايو
    وهي وقت پيو تڙپ جي تک سان ئي
    ڪلا ڪوٽ جا سڀ قصا ڀي چون ٿا
    اڃا دؤر ديبل تي ساڳيو سُتل آ
    نه پاڻيءَ جي پنڌ ۾ سي ٻيڙيءَ جون ٻانهون
    نه اجرڪ ۾ ويڙهيل سي سنڌ جون نگاهون
    اڃا شاهبندر جي شامن مٿان ڏس
    لٿو سُرخ موسم جو ماتم نه آهي
    سڄي تن جي تاريخ رَت سان رڱيل آ
    مگر وارثيءَ جو وساميل وطن آ
    ريٻارين جون راتيون ڏُکن جي ڏهر ۾
    لُڪن ڏس ته ڪيڏيون لُوساٽي ڇڏيون هن
    چون ٿا ته دنيا وڏي ترقي ڪئي آ...!!
    مگر ڪولهين جي جُهريل ڏس جُهڳين مان
    اڃا بُک پائي ليئا ويٺي هر هر
    رُلن روز رستن سان رشتا نڀايو
    ننگا ٻار ڪيئي مُئل مفلسيءَ جا
    رهيا روح رولاڪين جي ئي رڻ ۾
    لُٽيا خواب ويا هن سڀئي زندگيءَ جا
    هتي کوڙ اُجڙيل ڪٿائُن جا ڪَتبا
    حياتيءَ جي بُت ساڻ چُهٽيل رهن ٿا
    حُسن جي حدن مان لنگهيل حادثا سڀ
    بهارن جي ڀيليل بدن جان لڳن ٿا
    اُٿي ظلم جي هر زندان کي ٻُڌايو
    وري حوصلن جي هٿن کي چُميون ڏئي
    سُجاڳيءَ جو نئون سج اُڀرڻ لڳو آ
    وڌي وحشتن ڏي وڏي ويڙهه آهي
    طنبورن سان گڏجي سُرن کي ٻُڌايو
    هلي آس ۽ آسرن کي ٻُڌايو
    اسان سرد لاشن جي للڪار آهيون
    گلي مان جهلي بي گُرن کي ٻُڌايو
    اسان گونج سان هر گگن کي ٿا گهايون
    دلالن جي کُليل درن کي ٻُڌايو
    غلاميءَ جي ساري نسل کي نپوڙي
    جمالا ٿي جاڳي ترن کي ٻُڌايو
    وري سنڌ تلوار ۾ ٿي تکي آ!!
    وڃي دودي جي شهپرن کي ٻُڌايو....!!!


    سنگيت ناٽڪ --- آزادي

    ڪردار:
    (1) شاعر
    (2) آزادي
    (3) ڌرتي
    (4) ڀٽائي


    آزادي

    پردو کڄي ٿو- آڪاس ۾ چنڊ پنهنجي مست جوڀن سان چانڊوڪيءَ جو نُور وڻن، وستين ۽ ڌرتيءَ تي وسائي رهيو آهي، ۽ شاعر رات جي رولاڪ رستن تي رُلندي، ڌرتيءَ جي ڏُکن ۽ اُن جي هيسيل هارين تي غُربت جي غُم جا پهاڙ ڪرندا ڏسي، آزاديءَ کي ايلاز ڪندي لُڇندي، پنهنجي آزاد پُر جوش جذبن جي آواز سان پُڪارڻ ٿو لڳي!
    (شاعر، چؤطرف نظر ڊوڙائي ۽ آزاد چنڊ ڏي نهاري چوڻ ٿو لڳي)


    شاعر:

    اي آزادي! تون آهين ڪٿي؟
    مان روز رُلان ٿو راهُن ۾،
    تون ڇو نه اچين ٿي ٻانُهن ۾!؟
    هت روز سويرا سُڏڪن ٿا،
    ۽ خوشين ڪارڻ تڙپن ٿا-
    تون ڪهڙي پار هلي وئي آن!؟

    مان باغي بڻجي بستي بستي،
    توکي ڳوليان پيو هر وستي.
    شامن جي تون رنگن جھڙا،
    روپ نکاري هاڻ هلي آ!
    ويسارن جا ويڇا ماري،
    موج ۾ ٿي مهراڻ هلي آ!
    تولئه سنڌ جو ساهه سِڪي ٿو،
    ليئا پائي روز لُڇي ٿو-
    تو سان ڪيئي آشائون هن،
    جن جو ڪوئي ڇيد نه آهي!
    (شاعر ٿڌو ساهه ڀري آزاديءَ سان نينهن ۽ نڀاءُ جو رشتو بيان ڪرڻ ٿو لڳي)

    شاعر:

    آزادي! مون تُنهنجا نغما،
    گليءَ گليءَ ۾ ڳاتا آهن.
    هر ڳڀروءَ جي ڳالهين سان مون،
    تُنهنجا جوڙيا ناتا آهن.
    تُنهنجا پير چُمڻ جي لاءِ،
    ٿي پيا جذبا آتا آهن.
    ايڏي دوري! ڇو ته اسان کان؟
    هاڻ هلي آ! هاڻ هلي آ!
    زرد غلاميءَ زنجيرن جا،
    طوق ڳچيءَ مان ڀاري لاهي،
    سنڌوءَ لهرن جيئن لهرائي،
    گيت اسان سان گڏجي ڳاءِ!
    نينهن اچي تون توڙ نڀاءِ!!
    (آزادي پنهنجي جذباتي آواز ۽ انڪاري لهجي ۾، مايوسين ۽ رُسوائين جا ڏوراپا ڏيندي، آگمي احساسن ذريعي شاعر سان مُخاطب ٿئي ٿي)


    آزادي:

    ڪالهه به مونکي ماريو ويو هو،
    چوراهن تي رُوئاڙيو ويو هو!
    مُفتين جا ڪئين ميڙ ويهاري،
    فتوائن جا فائل کولي،
    گهاڻن ۾ پيڙايو ويو هو!
    رُسوائين جي راتين اندر،
    ڦاهين تي ڦٿڪايو ويو هو!
    ڪالهه به مُنهنجا هوشو، هيمون،
    دودا، درياهه خان ڪُٺا ها!
    ڪالهه به منهنجن سينن ڪيئي،
    سنگينن جا سُور سَٺا ها!
    ڪالهه به مُنهنجي نياڻين جا هِت،
    چولا لِيڙون لِيڙون ٿيا ها!
    ڪالهه به تنهنجيءَ نگريءَ ۾-
    تُرخان هُئا، غدار هُئا!
    جن ويل وهايو وحشت سان-
    ۽ زوري ٿيا سردار هُئا!
    تن تاتارين جا تُخم اڃا،
    پيا روز وهائين رَت نديون!
    ان ظُلم سِتم، زنجيرن ۾-
    ٿي گُذريون ڪيئي قيد صديون!
    جت انصافن جي اکين ۾،
    ٿا ڀالا ڀالا تير چُڀن!
    جت انسانيت جي عظمت جا،
    احساس لُڇي ٿا لاش ٿين!
    جت معصوميت جي مُرڪن تي،
    ٿا سازش ڀريل بم ڪرن!
    جت تارا تارا تڙپي پن-
    ۽ چنڊ نه ڪيئي چاڳ هُجن!
    جت نفرت جي ئي نيزن سان،
    ٿا ڀيليا دل جا ڀاڳ وڃن!
    جنهن نگريءَ جي ئي نيڻن ۾،
    بس مايوسين جا ميڙ هُجن!
    جِت نعرو نعرو نينهن نه آ-
    ۽ برسيو مُحبت مينهن نه آ!
    جِت پيار نه ڪو پرچاءُ هُجي،
    بس گهاوَ مٿان ٻيو گهاءُ هُجي،
    جِت موت کان اڳ ئي مرڻو آ-
    اُت مُور نه مونکي اچڻو آ.
    ڪنهن پُور نه مونکي اچڻو آ...!
    (شاعر، همٿ هارڻ بجاءِ آزاديءَ اڳيان پنهنجو نئين سر موقف رکي ٿو! ۽ نئين نسل جي باري ۾ ٻُڌائڻ لڳي ٿو، ته مون هنن نوجوانن جي ذهنن ۾ تُنهنجي لاءِ اهڙو ته عشق اُڀاريو آهي، جيڪي هاڻ توکي ماڻڻ کان سواءِ هڪ پل به ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهن)



    شاعر:

    اي آزادي! من جي وادي!
    مان ڄاڻان ٿو مايوسين جا-
    تو منظر آهن خوب ڏٺا!
    پر مُنهنجي ديس جي دلين جا،
    تو مرندي ڪِٿ محبوب ڏٺا!؟
    اڄ جوڀن چڙهيل جُوان ته ڏس!
    جي چونڊي تو لئه آندا هن،
    سي بيباڪيءَ اعلان ته ٻُڌ!
    جي موت قبولڻ لاءِ ماندا!
    سي واهڻ واهڻ وستيءَ ۾،
    ها منصورن جان مستيءَ ۾-
    پيا تُنهنجا ئي بس گيت چون...!
    للڪارن سان، تلوارن سان،
    پيا روز وڙهن غدارن سان.
    هر ڪافر، قاتل ڪنڌ مٿان،
    ٿا بڻجي ڪيئي ڪات ڪرن...
    تن ڳڀرن جا ڳاٽ ته ڏس!
    -۽ چاهه ڀريل چمڪاٽ ته ڏس!
    جي انڌيرن کي مارين پيا،
    هر واٽ تي ڏيئا ٻارين پيا...!

    (شاعر، آزاديءَ کي هيڻائيءَ ۽ حيرت مان التجا ڪرڻ ٿو لڳي)



    شاعر:

    اي آزدي! تون آءُ هلي!
    پئي گُهٽيل ساهه ۾ هير گُهلي.
    ڪلهه ٽوڙهيءَ تي جي مور مُئا،
    پيا تن جا اڄ ڀي چُڀن سُئا!
    هر ڪَتبو ڪَتبو سنڌ مٿان،
    آ گهوري پنهنجو ڪنڌ سُتو-
    پر مُور نه اُن جو پنڌ سُتو!
    هر صورت ساڻي شاهد آ!
    جت رَت وهيو هو ريلا ٿي،
    سا مڪلي مياڻي شاهد آ!
    جِت ڳائي وائي شاهه چئي-
    ۽ ڪونج وڏي ڪُرلاءَ ڪئي!
    جت سچل ويهي سچ لکيو،
    هَر مُنڪر لاءِ مچ لکيو.
    سا باهه اڃا ڀي ڀڙڪي پئي،
    ٿي گولي گولي ڪڙڪي پئي!
    هر سينو سينو سنڌ اٿئي،
    هت هاڻ نه جهُڪڻو ڪنڌ اٿئي!
    هن جوڌن جي جولانن ۾،
    هن بارودي اعلانن ۾-
    جي نعرا بڻجي نڪرن ٿا،
    ڦڙڦوٽ پَون ايوانن ۾!
    هي شهرن ۽ چوراهن لئه-
    ۽ سنڌو درياهه، واهن لئه،
    ٿي ڌرڻا ڌرڻا نڪتا هن.
    هر لهر لتاڙي سازش جي،
    ڪي سڏ ورائي اُکتا هن.
    جي ساک بچائي ساٿ ڏين،
    جي تارئون تار نه لاٿ ڏين-
    سي زندانن کي ٽوڙيندا!
    نئون ديس امن جو جوڙيندا!
    هر وچن سي توسان پاڙيندا!
    هر منزل تي هر مقتل کان،
    هڪ پير نه پُٺتي واريندا!
    تون تن کي ايڏي مات نه ڏي!
    ها! ڪاري ڪاري رات نه ڏي!
    اڄ برسي آ گهنگهور گهٽا-
    ۽ گاج به پئي گجگاٽ ڪري.
    ڏس اُڀ ۾! کنوڻ به کينچل سان،
    پئي لهرون لهرون لاٽ ڪري!
    تون آءُ هلي! هر واٽ ڪري-
    ۽ اوچو اوچو ڳاٽ ڪري...!

    (رات جي سانت جو سينو چيري، تيز هوا جي سرڙاٽ سان آزاديءَ جو آواز اچڻ لڳي ٿو، ۽ شاعر کان پنهنجي موقف تان نه ڦرڻ ۽ نه وڪامجڻ لئه وفا ۽ وچن نڀائڻ جا وعدا وٺڻ لڳي ٿي.)



    آزادي:

    تون مونسان هڪڙو وچن نڀاءِ!
    ها! جيئري پنهنجو ڪفن سباءِ!
    تو جھڙا شاعر کوڙ هُئا،
    ٿيا آزاديءَ لئه موڙ هُئا،
    سي واڪ وڏي تي وڪجي ويا!
    -۽ منزل کان اڳ ٿڪجي پيا!
    جن گيت لکيا پئي بم گولا،
    پر مونکي ڏيئي ويا رولا!
    تون تن جي پاڙي جو آهين،
    يا ٻي ڪنهن لاڙي جو آهين؟
    جنهن قوم ۾ ڪوئي سَتَّ نه آ،
    بس مونجهارو، پر مَتّ نه آ!
    تنهن قوم تي ڇا احسان ڪجي!؟
    ها! جنهن وٽ ڪوئي مان نه آ-
    ۽ انساني ايمان نه آ...!
    (آزاديءَ ويساهه گهاتيءَ جي ويس ۾ ويڙهيل چهرن کي، بي نقاب ڪرڻ لڳي ٿي)



    آزادي:

    هو جي ويڪو ليڊر آهن،
    سرڪس جي سيڙهيءَ تي ويٺل،
    ڀولا ڀالا بندر آهن!
    تن بس پنهنجا پيٽ ڀريا هن،
    منشورن جا مقصد وڪڻي،
    خالي کيسن ليٽ ڀريا هن!
    ايسِيَنِ ۾ بس ويٺا آهن،
    ٺاهه ٺڳيءَ جا ويٺا ٺاهن!
    ورڪر هٿ ۾ ڪستو ڏيئي،
    کيل پيا ڏسندا آهن ويهي!
    جيڪو مال گهڻون ٿو آڻي،
    سو ئي اوچو عُهدو ماڻي!
    اهڙا ليڊر ماري ڇڏ تون!
    بار وطن تان ٽاري ڇڏ تون!!
    (آزاديءَ، شاعر کي فلسطينين جي جدوجھد ۽ آزاد نظريي جا حوالا ڏيڻ ٿي لڳي)



    آزادي:

    هو ڏس! اڄ به فلسطينين ۾،
    جذبا ۽ جولان اُهي ئي!
    روز مرن ٿا پر نه مُڙن ٿا،
    آزاديءَ اعلان اُهي ئي!
    بندوقن جي سامهون آهن،
    ٽينڪن سان خود کي ٽڪرائن!
    سي جرنيل ۽ جوڌا آهن،
    دل جا بلڪُل دودا آهن.
    ڪنهن ڀي ڪوڙي قاصد سان ڪٿ،
    ڪونه ڪندا ڪي سودا آهن.
    ويڙهه وڏي سي روز وڙهن پيا،
    سُور سهن پيا، پر نه هٽن پيا!
    هو ڏس! گوريلن جون مزارون،
    ڪاميابيءَ جون آهن قطارون،
    اهڙي منزل ماڻڻ ڪارڻ،
    توکي جوان ۽ جذبا گُهرجن!
    هر سازش جو ساهه گُهٽين جي،
    اهڙا سوڍا ساٿي گهُرجن!
    ڪنهن ڦوروءَ کان مُور نه ڦُرجن.
    (آزاديءَ جي اکين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آگم تري ٿو اچي، ۽ پاڻ پنهنجي محبوب ليڊر کي ساري ٿڌو ساهه ڀري، شاعر سان مُخاطب ٿئي ٿي)



    آزادي:

    سيّد جي بس ننڊ سُمهڻ سان،
    آيا ڪُرسيءَ طلب کڻي، سڀ!
    هر ڪو ويٺو پاڻ پڏائي،
    قربانيون پيو ڪيش ڪرائي!
    ٿاڻي ٿاڻي تي مون گهاريو،
    ماس هڏن جو آهي ڳاريو.
    ٽوليون ٺاهيو ويٺا آهن،
    سياسي ٺيڪيدارن وانگي-
    مُلهه وڌايو ويٺا آهن!
    پنهنجا ورڪر مارائين ٿا،
    ريٽ وڏي تي ڳالهائين ٿا!
    رهبر قوم جياريندا هن،
    ڀاڪُر پائي ڀائيندا هن-
    اڄ جا رهبر راشي آهن،
    وسڪيءَ عادي، تاشي آهن!
    تن کي ڇا احساس وطن جو؟
    ڏينهن سُمهن ۽ راتيون جاڳن!
    ڌرتيءَ لئه ڀل ڪاتيون جاڳن-
    ڪو ڀي اُن تي غور نه آهي!
    سالن کان ڪو شور نه آهي!!
    روز پين ٿا مَڌ جون ماٽيون،
    عيش عياشيون مستيون گهاٽيون-
    تن سان ڪهڙو درد ونڊيندين؟
    ملندي پنهنجو پاڻ ڇنڊيندين!
    اڄ جا رهبر خوني خنجر-
    مور نه مُرڪن تن جا اندر...!
    (شاعر، آزاديءَ جي احساسن کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به، پنهنجي پُرجوش جذبن کي جهيڻو ڪري، جُهڪائڻ لاءِ تيار ئي ناهي؛ ۽ ويتر مضبوط دليل ڏيڻ لڳي ٿو)




    شاعر:

    مان ڄاڻان ٿو، هر ماڻهوءَ جي-
    من ۾ مسجد مندر ناهي.
    احساسن جي آڪاسن جو،
    وهنتل اُجرو اندر ناهي-
    پاڪائيءَ جو پار ڏَسي جو،
    اهڙو ڪو ڀي پنگهٽ ناهي!
    ها جي پنهنجو پاڻ ٿا جرڪن،
    اهڙن هيرن جو هٽ ناهي!
    ها پر مون وٽ مُلهه مهانگا،
    آزاديءَ لئه سڀ کان سهانگا-
    دودا جوڌا جُرئت ڀريا،
    غيرت جي هن رت سان ٻَريا-
    ڇا ته ڪپينديون تن کي ڪاتيون،
    جن جا سينا کُليل ڇاتيون!
    چونڊي چونڊي آندا آهن،
    تُنهنجي لاءِ ماندا آهن.
    قربانيءَ جو جام پيئڻ لئه،
    تاريخُن جو نام ٿيڻ لئه...
    (شاعر بُلند حوصلي سان، آزاديءَ کي ماضي ۽ حال جا احوال ٻُڌائڻ ٿو لڳي)




    شاعر:

    ڪلهه جي ڀينر بيوس مائي،
    اڄ آ ٿي پئي ٻاگُهل ٻائي.
    سندرا سندرا چيلهه ٻڌل هن،
    ارادا احساس اٽل هن.
    ڪلهه جي ٻار، ها ٻالا ڀولا،
    ڪريو گهُمن اڄ ٽوليون ٽولا!
    ڪلهه جا هاري هيسيل هيڻا،
    اڄ ٻلوانن جان هن ٻيڻا!
    ويا هن ليکا چوکا سمجهي،
    دربارن جا دوکا سمجهي.
    هٿ ۾ ڪاتر ڪولهيءَ ڏاٽو،
    ڪنڌ ڪپڻ لئه ڪَر کڻي پيو-
    جت آ ڪانئر قاتل گهاٽو!
    ڪلهه جي ريٻارين جون رڙيون،
    روپا ماڙيءَ تي پئي چڙهيون-
    اڄ سي توڏي آهن لڙيون،
    بڻجي سُرندا، چنگ ۽ چڙيون.
    ڪلهه جي ڪاڪ منڊل ۾ جيڪا،
    سازش مومل ساڙي آهي-
    اڄ ڏس ٿر ۽ بر مان تولئه،
    مومل، مومل مينڍا ويڙهيا،
    پاتي سورمين ساڙهي آهي!
    هت جي سانجهه سڏي پئي توکي،
    باکُن کوليا ڀاڪُر آهن-
    اوجاڳيل هن اکڙين جا ڀي،
    آتا تولئه آڳُر آهن!
    روز پيا ڦڙڪن ٻارن هٿ ۾،
    ڳاڙها ڳاڙها جهنڊا آهن!
    گولين سامهون کڻيو بيٺا،
    لٺيون، ڪُهاڙيون ڏنڊا آهن!
    ڪونه ٻُڌن ٿا ڪنهن جي ڀاشا،
    تُنهنجي کڻي نڪتا هن آشا..!
    (شاعر، هڪ دفعو ٻيهر آزاديءَ کي آٿتي احساسن سان سمجهائڻ لڳي ٿو)




    شاعر:

    مان ڄاڻان ٿو، اي آزادي!
    تو سچ چيو آ سين هڻي.
    هي رهبر ڪوڙا ڪوٽ لڳن،
    ٿا نيلاميءَ جا نوٽ لڳن-
    پر مُنهنجا جوڌا جُنگ سڀئي،
    ۽ راهون رستا لنگهه سڀئي،
    تن سان مُور نه ملڻا آهن.
    طوفانن جي سامهون نڪتل،
    پير نه پُٺتي هٽڻا آهن.
    بستيءَ بستيءَ اُڃ اُجهائي،
    سوڪهڙو ۽ سُڃ اُجهائي.
    سوڪ نه سهڻا ساگر آهن،
    ڪوڙهه نه تن کي ڪوڙ جو ڪٿ ڀي،
    سچا سڀ قلندر آهن!
    سرمد جھڙيون سوچون تن جون،
    لهرن وانگي لوچون تن جون.
    ساهڙ ساهڙ سڏ سنڀاري،
    سُهڻيءَ جو ٿي پيار پُڄن ٿا،
    دارن دڙڪا ڪونه مڃن ٿا!
    پر جي توکي ويساهه ناهي،
    ڌرتي توکي ضامن ڏيان ٿو!
    لاڙ، اُتر ۽ ڪاڇي، ٿر جو،
    کولي توکي دامن ڏيان ٿو.
    تن جي شاهه گواهي ڏيندو!
    ڀيٽا لئه هر وائي ڏيندو!
    ان کان وڌ ٻيو مون وٽ ناهي!
    ڌرتيءَ سان وٺ پاڻ ڳالهائي!
    (ڌرتي، جيڪا صدين کان وٺي سُڃ ۽ اُڃ ۾ سڙي ساڻي ٿي پئي آهي، سا اڄ آزاديءَ کي پنهنجي سُورن جو داستان ٻُڌائڻ ٿي لڳي)




    ڌرتي:

    ڇا تو مُنهنجا سُڏڪن ڀريا،
    ڪونه ڪٿي ڀي سڏ ٻُڌا هن؟
    ماس خوشين جو سارو روڙي،
    قهرين ڪوري هڏ ڇڏيا هن!
    هرهر تو لئه جهاتيون پاتم،
    پر نه اُميدون ڪڏهن لاٿم.
    روز پُڪاري تو لئه رڙندي،
    ساڻي ٿي، بس سڪ ۾ سڙندي،
    تيل ڪڙاهين ۾ ڀي ڪڙهندي،
    تنهائين ۽ تاريڪن سان-
    ويڙهه صدين کان ئي ڪا وڙهندي،
    زخمي ٿي پئي ساري آهيان!
    ڪهڙا توکي درد ٻُڌايان!؟
    مُنهنجو سنڌوءَ سوڪ بڻيو آ،
    بُک جو ويلو لوڪ بڻيو آ!
    سُونهن ڪنارن ڇاڻي آهي،
    سُڪي وئي هر لاڻي آهي.
    موجون سارين روز بتيلا،
    هاڻ ڪنڌيءَ تي اُڃ ۾ اڪيلا!
    اُڏري پيئي رُڃ ۽ واري،
    ڏک ۾ ويڙهيل آ هر ناري...
    ڪانه آ ڪٿ مهندي ڪا ڦُلاري!
    رَت جي روز هلي ٿي هولي،
    سينو سينو چيري گولي!
    ڀاري ڪيئي بَم ڪرن ٿا،
    ٽُڪرا ٽُڪرا جسم ٿين ٿا!
    رڙيون ڪوڪون ماتم آهي،
    غم جو گهرو عالم آهي!
    موهن کي ميسارڻ لاءِ،
    تهذيبن کي مارڻ لاءِ،
    صدين کان ئي نڪتل آهن-
    ويجها ٿي ويا قاتل آهن!
    جاڳيو ڪو ڀي وارث ناهي!
    هُن جي هٿ ۾ خنجر آهي.
    زخمي ڪيٽي بندر آهي!
    مڪليءَ جي مينارن سان گڏ،
    لُٽجي ويو هر مندر آهي!
    ڪارونجهر ڏي ڪاهي پيو ٿو،
    ڪڙو ڏئي ويو ڪينجهر آهي!
    نوريءَ نوريءَ ننڊ مُئل آ،
    ڄام نه ڪوئي ڄارو آهي!
    سارو ديس ڏُکارو آهي-
    تيز هوا سان بارش بڻجي،
    قوم لئه هاڻ نوازش بڻجي-
    دربارن کي اچ ڪيراءِ!
    قاتل قاتل ڪنڌ تي ڪڙڪي-
    تلوارون ۽ تِير هلاءِ!
    ڪاميابيءَ جي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي،
    ظُلمن هاڻي سُور صديءَ تي،
    سونهري سج جي ڪرڻن سان-
    آزادي! جهنڊو ڦڙڪاءِ...!
    ڪاري ڪاري رات ڀڄاءِ...!
    (باک ڦُٽيءَ جو وقت ٿئي ٿو پکي مٺڙيون لاتيون لنوي رهيا آهن، ڀٽائي ڌرتيءَ جو درد ٻُڌي قوم ۽ آزاديءَ سان پنهنجي آواز ۾ مُخاطب ٿيڻ لڳي ٿو)




    ڀٽائي:

    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!
    (شاعر، آزادي ۽ ڌرتي، ڀٽائيءَ جو پيغام ٻُڌي، غور سان ڀٽائيءَ جي اکين ۾ گُهوريندا رهجي ٿا وڃن- پردو ڪري ٿو...)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394490
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159441
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ