ڪتاب جو نالو: ترورو
مصنف: ثمينه ميمڻ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 08 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 335 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 92 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي ”مھراڻ“ کي سنڀاليندي اچي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • ڄام شورو، سنڌ ٻه اَکر
  • ڏورينديون ڏسن......
  • اڻ ڇپيل ڏُکن جو پڙلاءُ
  • پنهنجي پاران
  • مختلف شخصيتن جا رايا
  • ڪهاڻيون

  • آٿت
  • اندر روحَ رهيام
  • تِروِرو
  • چَهِڪَ
  • رُوح رڙيو جنهن لاءِ
  • لڳيس جنهن جي لامَ
  • ڏولي ڪير کڻي؟
  • جي سَڃئين ته سونُ ٿيان
  • ڏاهِيون ڏُک ڏِسَن
  • نِينهُن نه سُڃاڻن جي
  • وِرِهه وڇوڙا
  • وِسري وڃيئي شال!
  • سُکُ مون سِين ڪينَ
  • واهه واهه گهوٽ راجا!
  • ضَربَ

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 107
    ترورو
    (ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪاره: ثمينه ميمڻ
    ڇاپو پهريون: 2017
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي ۽ عرفان ڀٽو
    ڪمپوزنگ: دانش ٻٻر ڪمپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 250/- روپيه


    TIRVIRO
    (Stories)
    By: SAMINA MEMON
    First Edition: 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani & Irfan Bhutto
    Composing: Danish Babur Composers, Hyderabad.
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 250/-


    ارپنا

    پنهنجي مٺڙي ماءُ
    صاحب خاتون
    جي نانءُ
    جنهن جي ڇانوَ ۾
    سَوين سُکَ مليم.

    ـــــــــ ثمينه ميمڻ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ترورو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب محترمہ ثمينہ ميمڻ جي لکيل ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
    ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي ”مھراڻ“ کي سنڀاليندي اچي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
    ادارو ”پوپٽ“ سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪاره ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو هي ڪِتابُ ڇاپيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. اميد ته پڙهندڙن وٽ به هي ڪِتابُ مڃتا ۽ مانُ حاصل ڪندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور ـــ سِنڌُ


    مهاڳ

    1973ع وارو دؤر هئو جو سنڌي ادب جي گلستان جي آبياريءَ لاءِ ڪيتريون ئي خواتين اڳتي وڌيون ۽ ادب جي مختلف صنفن تي قلم کنيو، پر پوءِ ميڊيا جي، خاص طرح اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ باعث ڪاغذ قلم واري وهنوار ۾ ڪافي قدر گهٽتائي اچڻ لڳي ۽ هينئر به جيڪي ڳاڻ ڳڻيون عورتون جيڪي ادبي کيتر سان سلهاڙيل آهن، انهن جي اولين ترجيح Woman Activist بڻجي غير سرڪاري تنظيمن ذريعي روزي روٽي ڪمائڻي آهي ۽ انهيءَ جو به جيڪڏهن جائزو وٺبو ته خواتين ۽ نياڻين جو وڏو انگ نثري شاعري ڪندي نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ نه گهڻي وقت جي ضرورت پئي ٿي نه وري گهڻي محنت جي ”ٿورو چيو گهڻو سمجهجو“ جي مصداق لکڻي به لکي، نالو به ٿيو ۽ مقصد به پرايو.
    اهڙي ماحول ۾ جتي خواتين ليکڪائن جو تعداد محدود آهي اتي خواتين ڪهاڻيڪارائن جو انگ اڃا به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي ۽ انهن چند ۽ بااثر (لوڻ جيان) خواتين ۾ ثمينه ميمڻ جو نالو به ڳائجي ٿو.
    ثمينه جو جنم موري ۾ ٿيو ۽ پرورش ڪراچيءَ ۾ ۽ جواني ڄام شوري ۾. انهن ٽنهي شهرن جي ثقافت ۾ رچيل ثمينه جي ڪهاڻين جا موضوع ۽ مشاهدا به انهن ٽنهي شهرن جي نمائندگي ڪن ٿا. ثمينه جيئن ته عورت آهي ۽ عورت هجڻ جي ناتي هڪ طرف گهر سندس مشاهدي جو مرڪز آهي ٻئي طرف اندر جا احساس ۽ اُڌما به سندس دل جو آواز آهن، ڪهاڻين ۾ هڪ طرف جتي هن خارجي صورتحال ريتن رسمن ۽ ثقافتي قدرن جو ذڪر ڪيو آهي، اتي عورت جي داخلي ڪيفيتن کي به سهڻن لفظن ۽ انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ معاشرتي روين جو به ڀيٽاڻو اڀياس پيش ڪيو آهي، ڪلهه ۽ اڄ جي فرق کي بيان ڪيو آهي.
    ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ سندس خانداني پرورش ۽ مشاهدن جا به عڪس موجود آهن. ثمينه جو جنم موري جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ 6- مئي 1965ع ۾ ٿيو. جتان هي گهراڻو لڏي اچي ڪراچيءَ ويٺو ۽ ثمينه جي تعليم ۽ ننڍپڻ جا ڏينهن ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول اين.جي.وي ۾ گذريا. 1983ع کان لکڻ جي شروعات ماهوار ”ٻالڪ“رسالي کان ڪئي ۽ سندس پهرين تحرير هڪ انٽرويو هو، جيڪو هن ياسمين شيخ کان ورتو هو. 1984ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وومينس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران ڪاليج ۾ سندس ڪهاڻي شايع ٿي، جنهن تي کيس انعام پڻ مليو. ثمينه ميمڻ نه رڳو ڪهاڻيون لکيون پر سندس وابستگي مختلف اخبارن روزاني عوامي آواز، هلال پاڪستان، روزاني مهراڻ، روزاني ڪاوش، انگريزي اخبار ڊيلي نيوز سان به رهي، جنهن ۾ سندس ورتل انٽرويوز، شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ شايع ٿيا.
    12- نومبر 1992ع ۾ سندس شادي سنڌ جي مشهور سماج سڌارڪ ۽ عورت جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيت خان محمد پنهور جي ٻانهن ٻيلي ڀاءُ (سؤٽ) عبدالمجيد پنهور سان ٿي ۽ ملازمت به کيس سنڌ جي علمي ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملي ۽ اها تاريخ هئي 16- اپريل 1990ع ۽ انهيءَ ئي اداري ۾ 1997ع ۾ انچارج لائبررين بڻي. ملازمت دوران هن سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ رسالن ماهوار ”گل ڦل“ ۽ ”سرتيون“ ۾ بحيثيت انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر فرض سرانجام ڏنا.
    ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو تعداد لڳ ڀڳ ٽيهارو آهي، سندس ڪهاڻيون ماهوار پارس، ماهوار مومل، ماهوار سرتيون ۽ ٽِماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيون آهن.”تِرورو“ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. جيڪو پندرهن ڪهاڻين تي مشتمل آهي. ڪهاڻين لکڻ جي ڀيٽ ۾ جيڪو ڏکيو ڪم مون کي لڳندو آهي، اهو عنوان جي چونڊ جو هوندو آهي. عنوان خوبصورت ۽ دل کي ڇڪيندڙ به هجي ۽ موضوع سان ٺهڪندڙ به هجي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ثمينه جس لهڻي جنهن خوبصورت عنوانن جي چونڊ ڪئي آهي. جيئن ته ثمينه جو تعلق روشن خيال تعليم يافته وچولي گهراڻي سان آهي، جتي هڪ طرف ته عورتن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف عورت کي فيصله سازيءَ جو اختيار ڏنو ويندو آهي، ٽئين طرف عورت کي روايتي قدرن ۽ رواجن جي به پاسباني ڪرڻي پوندي آهي. انهيءَ حوالي سان سندس ڪهاڻين جا ڪردار به انهيءَ ماحول سان تعلق رکن ٿا ۽ انهيءَ ماحول جي نمائندگي ڪن ٿا. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ عورتن جي مختلف مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي.
    ”آٿت“ جو مرڪزي ڪردار اها عورت آهي جا غلط رواجن جي ور چڙهي وڏي عمر جي مڙد سان شادي ڪري ٿي ۽ پوءِ ان کان طلاق وٺي ٿي ۽ پوءِ وري مسئلن جو شڪار بڻجي ٿي. جيتوڻيڪ شادي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ادارو آهي. جنهن ۾ اعتماد آهي، اعتبار آهي، جذبو آهي، قرباني آهي ان کي محض جنسي آسودگيءَ سان لاڳاپڻ ۽ جنسي آسودگيءَ جو ذريعو سمجهڻ هن اهم بنيادي اداري جي توهين آهي، ڪس ۽ ڪسر وارو فارمولو هن اداري سان لاڳو هئڻ گهرجي، شايد اهوئي پيغام هن ڪهاڻي جي ذريعي پڙهندڙن تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
    ”وري به همت ڪري مڙس کي ڌونڌاڙڻ لڳي، هو جيڪو پنهنجي اگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو، سو هن جي اوچتو اُٿارڻ تي ڀڙڪي پيو.“
    هوءَ ڊڄندي پڇڻ لڳي ته ”م… م مظهر ڪونه آيو آهي؟ ڪيڏانهن ويو؟ ايڏي رات گذري وئي آ“. تنهن تي منهن پڇڙو ڪري چوڻ لڳو ”ان لاءِ اچي مٿو کاڌو اٿئي. مون کان ٻڌائڻ وسري ويو ته هو پنهنجي اصلي پيءُ ڏي هليو ويو، سندس دوست دڪان تي ٻڌائي ويو.“ . ”چڱو ٿيو ٽريو منهن جي اکين جي اڳيان.“ هو منهن ورائي سمهي رهيو.
    هن کي ائين لڳو ڄڻ هينئر سندس پيٽ ۾ ساهه پيو، سوچڻ لڳي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس سڳو پيءُ کيس کاڌي جا طعنا ته ڪونه ڏيندو. مان ته هن لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهيس، پر سڳو پيءُ ته کيس پيار ڏيندو!“
    ”اندر روح رهيام“ خوبصورت عنوان واري هيءَ ڪهاڻي اڄ جي سماج جو وڏو الميو آهي. اهڙا ڪردار نه رڳو ٻهراڙين پر شهري پاڙن ۽ ادارن ۾ عام جام آهن. ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ مصداق هڪ طرف امن پسند ۽ قانون پسند ماڻهن کي يرغمال بڻائي معاشري کي هيسائن ٿا ٻئي طرف ادارن کي هلڻ نٿا ڏين ۽ وري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ به رنڊا روڪ ڪن ٿا. ڀته خوري ۽ داداگيريءَ ذريعي سماج جي هر پهلوءَ ۾ مسئلا پيدا ڪن ٿا. ماسات حميد به اهڙي قسم جو ڪردار آهي ”منهنجي بابا مون کي وڌيڪ پڙهڻ جي اجازت ڏني مون ميٽرڪ پنهنجي ڳوٺ مان ڪئي. منهنجون ننڍيون ڀينر ۽ ڀائر به پڙهڻ لڳا. ماسات حميد کي اسان تي ڪاوڙ ته ڏاڍي ايندي هئي، پر هن جو زور سندس گهر تي هلندو هو، اسان تي نه. هُو جڏهن به گهر ايندو هو بابا کي برغلائيندو هو، اهو چئي ته ”ماسڙ، حُسنا کي پڙهائي ٺيڪ نه پيو ڪرين، سڀاڻي تون ئي ڪنڊا ڪڍندئين، جڏهن مڙس به توکي ڳولي ڏيندي.“ پر بابا ٿڌي دماغ وارو ماڻهو هو ۽ اهو ضرور چوندو هو ته ”ابا حميد! پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن، علم ڪڏهن به غلط رستو ناهي ڏيکاريندو پُٽن کي پڙهائجي ٿو باقي نياڻين ڏوهه ڪيو آهي ڇا؟“
    ”تِرورو“ هيءَ ڪهاڻي هڪ طرف سماج جي بدلجندڙ معيارن جي نشاندهي ڪري ٿي، ٻئي طرف تبديلي باعث ٻٽن معيارن جي مسئلن جو جائزو وٺي ٿي ”انيتا“ هڪ اهڙي ڪٽنب سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو بنياد ڳوٺ آهي، پر تعليم پرائڻ لاءِ هوءَ هاسٽل ۾ اچي ٿي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به هوءَ پنهنجو پاڻ کي قدامت پرستيءَ کان آجو ڪرائي نه ٿي سگهي. ”اهو منهنجي وس ۾ ڪونهي، اسين ڪيتريون به ايڊوانس ڇو نه هجون، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڦاڙها ماريون، پر اسان وٽ پنهنجي حق لاءِ زبان کولڻ کي بي حيائي جو لقب ڏنو ويندو، جيڪو مون کي قبول ڪونهي.“ انيتا ٿڌو ساهه کڻندي ڳالهه جاري رکندي چيو ”ڇا توهان ٽي.ويءَ تي سنڌي ڊراما نه ڏٺا آهن، خبر ناهي اسان جا ليکڪ ڇو پنهنجي مرده ڪلچر کي اڃا تائين فخر سان پيش ڪن ٿا. انهن کي هن دور ۾ به ڌاڙيل وڏيري ۽ حويليءَ کانسواءِ ڪجهه ڪونه ٿو ملي ۽ ان ڪري ئي اسان جا ڳوٺاڻا توڙي پڙهيل ڳڙهيل انهيءَ دقيانوسي خيالن مان جان ڇڏائي نه سگهيا آهن ۽ پوءِ اهوئي روئڻو ته اسان غيرتمند آهيون“ هوءَ ڄڻ اڀامي پئي هئي.
    ثمينه انهن حقيقت پسندانه سببن جو اظهار انيتا جي لفظن ۾ ظاهر ڪري ٿي ۽ تبديلي پسندن کي ڌيان ڇڪرائي ۽ مئسيج ڏئي ٿي ته تبديليءَ جي شروعات پنهنجن چئنلن جي ڊرامن کان ڪندو ته سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.
    ”روح رڙيو جنهن لاءِ“ هيءَ هڪ احساسن ۽ جذبن تي ٻڌل ڪهاڻي آهي هن ڪهاڻيءَ جي مک ڪردار ”پريت“ انهن ڇوڪرين مان هڪ آهي جيڪي آئيڊيل جي ڳولا ۾ زندگي گذارينديون آهن ۽ ٻئي طرف انهن ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت ناهي هوندي ۽ زندگيءَ ۾ هر آزادي هوندي به هُو ڪو فيصلو ڪري ناهن سگهنديون ۽ اهڙا ڪردار اسان جي سماج ۾ حقيقي طور موجود هوندا آهن.“ هڪ ڏينهن هن جي ڀاءُ هن کي ويهي سمجهايو ۽ پڇيو ته ”جيڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ ڪو ڇوڪرو آهي ته ٻڌاءِ تون ائين نه سمجهجانءِ ته تنهنجو ڀاءُ تنهنجي راضپي ۾ راضي نه هوندو.“ پر پريت ته هڪ لمحي، هڪ پل اڳيان گوڏا کوڙي ويٺي هئي ۽ اهو هڪ لمحو، هڪ پل جيڪو سندس هٿن منجهان نڪري چڪو هو.
    ”اوچتو اڄ ايتري عرصي کان پوءِ سُندر جو يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ. هوءَ اکيون ملائي نه سگهي هئي، پر اندر ۾ روئي پئي هئي ۽ لُڙڪن هاريون اکيون اُگهندي بس ۾ ويٺي ۽ هن سوچيو ۽ ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪا پل جي ڳالهه هئي جيڪا هن کان وسري نه سگهي هئي ۽ هاڻ زندگي ائين ئي بي رونقيءَ ۾ گذارڻ هن جي عادت بڻجي چڪي هئي.“
    ”ڏولي ڪير کڻي“ هيءَ ڪهاڻي ثقافت جي بدلجندڙ معيارن بابت آهي اڳ ڪهڙا طور طريقا ۽ رواج هئا اڄ ڪهڙا آهن. پئراميٽر طور گهر ۾ قضيي جو رواج کنيو ويو آهي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ ڀيٽاڻو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.
    ”وِرهه وڇوڙا“ هيءَ ڪهاڻي به زندگيءَ جي حقيقتن تي آڌار رکي ٿي خالد ۽ سپ زندگيءَ جي موڙ تي آڏو اچن ٿا. ملاقات، محبت ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ ڳالهه رشتي تي پهچي ٿي. پر جيئن ته خالد جو سؤٽ سان مڱڻو ٿيل آهي ان ڪري سندس مائٽ خالد جي شاديءَ ۾ به شرڪت نه ٿا ڪن ۽ کيس لادعويٰ ڪن ٿا. بهرحال ڪجهه وقت کان پوءِ کين ارم نالي ڌيءَ ڄمي ٿي. پر خالد ٿي پنهنجي ڪٽنب جو دٻاءُ جاري ساري آهي ۽ خالد جيڪو بنيادي طرح فلرٽ قسم جو جوان آهي اهو سڀ کان ٻي شاديءَ جي اجازت طلب ڪري ٿو. ٻنهي جي زندگي ٽڪرائن جي ور چڙهي ٿي ۽ پوءِ هن ڪهاڻي کي آءٌ ڪجهه اڳتي وڌائينديس ته خالد پنهنجي سؤٽ سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. پر ڳالهه اڃا به مڪمل نه ٿِي ٿي خالد هڪ ٽين عورت جي چڪر ۾ اچي ٿو ۽ ان سان شادي لاءِ سپ کي طلاق ڏئي ٿو ۽ کانئس سندس زندگيءَ جو جياپو ارم به کسي وٺي ٿو ۽ پوءِ هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪجهه هن ريت ٿئي ٿي، ته هڪ روڊ حادثي ۾ خالد ۽ سندس معصوم نياڻي ارم فوت ٿي وڃن ٿا ۽ پڇاڙيءَ ۾ تجزيو ته ثمينه عورتن جي مختلف مسئلن تي قلم کنيو آهي ۽ اهي ڪردار هوائي نه پر حقيقي آهن جيڪي سندس آسپاس آهن. اميد ته ثمينه پنهنجي ڏات کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي مشاهدي ذريعي، پنهنجي ماحول مان ٻيون ڪهاڻيون به لکندي ۽ ادب کي مالامال ڪندي. (آمين)


    ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو


    ڄام شورو، سنڌ ٻه اَکر

    ادب جو، خاص ڪري تخليقي ادب جو موضوع زندگي آهي. اُها زندگي جيڪا اسان جي چوڌاري پکڙي پئي آهي- پنهنجي تمام تر سونهن سان- اَسونهن سان. ساڳئي وقت اها زندگيءَ جي سونهن- اَسونهن- انسان جي اندر به آهي. ۽ هڪ تخليقڪار اُن زندگيءَ کي، اُن جي سونهن- اَسونهن کي پني تي لاهڻ مهل ڪهڙي سر خوشي ماڻي ٿو؟ ڪهڙو عذاب ڀوڳي ٿو؟ جذبن ۽ احساسن کي اظهارڻ لاءِ لفظ ڪٿان ٿو آڻي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب شايد هڪ تخليقڪار کان پڇڻ به نه گهرجن. ۽ هو انهن سوالن جا جواب ڏئي به سگهي- اهو ضروري به ناهي! پر اهڙن سوالن ڪرڻ کان سواءِ چارو به ڪونهي- ۽ اهڙا سوال تنقيد ڪري ٿي، جيڪا اسان وٽ ناهي!
    ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو ڪمپوز ٿيل اسڪرپٽ پڙهي، اهي ويچار منهنجي ذهن ۾ آيا. اهي ڪهاڻيون مختلف وقتن تي لکيون ويون ۽ مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جهڙوڪ پارس، مومل، سرتيون ۽ ٽِه- ماهي مهراڻ.
    ثمينه 1980 وري ڏهاڪي کان لکي رهي آهي ۽ سندس چوڻ موجب هن جي ڪهاڻين جو ڳچ تعداد آهي، پر هن مجموعي ”تِروِرو“ ۾ ڪُل 15 ڪهاڻيون آهن. انهن ڪهاڻين جا ڪردار، وقت/حالتن ۽ پنهنجي عمل جي ڪري ڏک سهن ٿا. پوءِ اُها ”تِروِرو“ ڪهاڻي جي انيتا هجي، يا ”آٿت“ ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار!
    ”آٿت“ ڪهاڻيءَ جون شروعاتي سِٽون هيءُ آهن:
    ”سڪينه مڙس جي ڀر ۾ ليٽي پئي هئي، پر ننڊ سندس اکين کان ڪوهين ڏور هئي.“
    ۽ ان ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي هنن سِٽن تي ٿئي ٿي:
    ”محسوس ڪيائين ڄڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ هوءَ اڄ سٺي ننڊ ڪري سگهندي…“
    انهيءَ شروعات ۽ پڄاڻيءَ جي وچ واري ڪٿا انهيءَ ڪردار جي ڀوڳنا آهي، جيڪا هُن جي ئي هڪ فيصلي/ضد/اڳ ڳڻتيءَ جي ڪري اُن کي ڀوڳڻي پئي ٿي. اها وچ واري ڪٿا هڪ ماءُ جي ڪٿا آهي، جنهن کي هڪ پُٽ آهي، اڳئين مڙس مان، جنهن کان هوءَ طلاق وٺي چڪي آهي ۽ اُن پُٽ جي سٺي آئيندي لاءِ وري به شاديءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهي ٿي ۽ پاڻ کان وڏي ۽ رنڙ مڙد جي چونڊ ڪري ٿي، جنهن کي اڳيئي ٻار آهن. اُهو مڙد، اڳتي هلي، هن کي پُٽ ۽ اڳئين مڙس جا مهڻا ٿو ڏئي ته هوءَ اندر ۾ ڀڄي ڀُري ٿي وڃي! ۽ اُن رات، جنهن تي ڪهاڻي پُڄي ٿي، جڏهن دير تائين پٽهنس گهر نه آيو آهي، تڏهن هوءَ کونگهرا هڻندڙ مڙس کي اُٿاري پڇيس ٿي ته مظهر (پُٽ) اڃا گهر نه آيو آهي ته هُو کيس ٻڌائي ٿو ته اُهو پنهنجي پيءُ ڏانهن هليو ويو آهي! ۽ هُن کي ڄڻ هڪ آٿت ملي ٿو وڃي!
    ”لڳيس جنهن جي لامَ“ ۾ زينيءَ جو هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي، جيڪو مڙس جي هر زيادتي برداشت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ٿو ڪري، اهو سوچي ته:
    ”هن کي خاموش رهڻو آهي هميشه لاءِ پنهنجي اولاد جي لاءِ، سندس سڀ گس اتيئي ختم ٿيڻا آهن.“
    اسان جي سماج ۾ عورت پهرين مائٽن جا ظلم سهي ٿي ۽ پوءِ زينيءَ وانگر پنهنجي مڙس جا، جيڪو هن جي پسند پڻ آهي، ظلم سهي ٿي ۽ پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ سڀڪجهه برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي.
    ڪهاڻي نه لکڻ/نه لکي سگهڻ، يا گهٽ لکڻ جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ۽ جواز به- مثلاً: سُٺن رسالن جو نه هئڻ، ڪهاڻيءَ مان ڪوبه مالي اپڙاسو نه هئڻ، تنقيد جو نه هئڻ وغيره. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ٻوليءَ، ساهت ۽ سماج ڏانهن جيڪي اسان جون ذميواريون آهن، انهن کي سنجيدگيءَ سان نه کڻڻ به ان جو ڪارڻ آهي. ”روح رڙيو جنهن لاءِ“ جي ڪردار کان به لکڻ ڇڏائجي ٿو وڃي:
    ”هن جي هٿن ۾ پين ڪيتري دير کان آهي، پنا اڳيان پيا اٿس، لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر الائي ڇو ائين ٿو محسوس ٿئيس، ڄڻ لفظ پوپٽن جيان پنهنجا پرڙا ڦڙڪائي ڪيڏانهن پري تائين هليا ويا آهن ۽ هوءَ بي وسيءَ سان انهن کي اُڏامندي ڏسندي ٿي رهي.“
    اهو ڪردار نه لکي سگهڻ واري ڪيفيت به لکت ۾ ٿو ٻڌائي ۽ ائين پوري ڪهاڻي ٻڌائي ٿو وڃي، ادب کي زندگيءَ/سماج جي آرسي چيو وڃي ٿو، اهڙي ئي زندگي/سماج جو اولڙو آهي ”اندر روح رهيام“، هڪ بيوس ۽ مجبور پيءُ، ماءُ ۽ ڌيءَ. ڌيءَ جنهن کي پنهنجي ڪاري ڪيل ماسات جي صلاحي ٿيڻ جي ڪوڙي تهمت جي ڪري، حسنا جو پيءُ کيس پري ڪنهن سڃاڻوءَ وٽ ڇڏي ٿو اچي، هميشه لاءِ، ته جيئن سندس زندگي بچي وڃي. وقت گذري ٿو وڃي ۽ هڪ ڏينهن جڏهن سندس پُٽ پنهنجي دوست جي شاديءَ جو ڪارڊ آڻي کيس ٿو ڏئي ته سندس ڇٽُل ڦٽ وري ڇڙي ٿا پون! شادي سندس ڳوٺ ۾ ٿي رهي آهي! هوءَ نه وڃڻ جو بهانو ٿو ڪري ۽ بصر وڍڻ ٿي لڳي ته جيئن اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جو جواز ملي سگهيس!
    منهنجي خيال ۾ هڪ ڪهاڻيڪار کي ڪهاڻيءَ کي لکندو رهڻ کپي. مستقل طور، ڇاڪاڻ ته مسلسل لکڻ سان هن کي تجرباتي مرحلن مان گذرڻو پئي ٿو- ائين هن جو diction وڌيڪ سڌري ٿو- ۽ ظاهر آهي ته لکيل ڪهاڻيءَ جو ڇپجڻ به ضروري آهي ۽ ڇپجڻ کان پوءِ اُن تي راين (تنقيد) جو اچڻ به لازمي آهي. پر جيسين ائين ٿئي، يعني ڇپجڻ ۽ تنقيد جو مرحلو اچي جيسين، تيسين ڪهاڻيڪار کي به ڪهاڻيءَ کي لکندو رهڻ گهرجي ۽ ثمينه کي انهيءَ پهرئين مرحلي کي ڪڏهن به هٿان نه وڃائڻ گهرجي- ٻيا سڀ مرحلا پوءِ جا آهن ۽ ائين ئي اسين، ثمينه سوڌا، سمورا ليکڪ پنهنجي ٻوليءَ ادب، سماج ۽ ماڻهن ڏانهن پنهنجون ذميواريون سنجيدگيءَ سان محسوس ڪري، انهن کي نڀائي سگهنداسين.

    امداد حسيني
    ڄام شورو، سنڌ


    ڏورينديون ڏسن......

    ثمينه ميمڻ کي آءٌ شخصي طور سڃاڻان ٿي، هوءَ نهايت ٻاجهاري، ذميدار، محنت ڪش، باوفا، سُگهڙ ۽ سُلڇڻي آهي.
    ٽماهي”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر واري سيٽ تي ويهڻ ڪو ڀوڳ ڪونهي، وچ ۾ مهراڻ اترمترٿي ويو هو. جنهن کي ثمينه جي اچڻ ڪري ترتيب ملي رهي آهي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر، شمشيرالحيدري نمبر، محمد عثمان ڏيپلائي نمبر ، محمد ابراهيم جويو نمبر ۽ مخدوم محمد امين فهيم نمبر وغيره هيڏا وڏا ضخيم نمبر آڻڻ وڏي جاکوڙ ۽ پتوڙ جو ڪم آهي.
    ثمينه ميمڻ هڪ ڪهاڻيڪار به آهي سندس ڪهاڻيون مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، جن کي سهيڙي هوءَ ڪتابي صورت ۾ آڻي رهي آهي، جنهن لاءِ ”ٻه اکر“ لکڻ جو مون کي به چيائين آهي.
    ثمينه ميمڻ سان منهنجا ست سڱ آهن، ادا خان محمد پنهور، ادا مجيد پنهور کان وٺي سندس جند تائين پنهنجائپ، ڀائپي، پيار، محبت وارا سونهارا سڱ آهن.
    لکڻ مون لاءِ ڪڏهن به ڏکيو نه رهيو آهي پر هتي اچي ٻاتاڙجي ويئي آهيان ته ”جيڏانهن تيڏانهن سپرين، ڪاڏي واريان ڪنڌ“
    يعني مون کي سڌي لڪير تي هلڻو آهي، هيڏي هوڏي پلڪ کڻي پوڇڻ سان نه نهارڻو آهي؟ (حيرت آهي).
    ڪهاڻي لکڻ سولو ڪم ناهي، وقت ڏيڻ سان گڏ ذهني پتوڙ، مشاهدو ۽ مطالعو وڏي اهميت رکن ٿا.
    ثمينه جون ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻيءَ جي انهيءَ تسلسل جو حصو آهن جيڪي هاڻي لکجي رهيون آهن.
    مجموعي جو نالو آهي ”تِرورو“ جيڪو سندس هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي.
    ”تِرورو“ هڪ سٺي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ اُداس ڇوڪريءَ جو اندر اوتيل آهي.
    تِرورو، ته ٿيندوئي ”تِرورو“ آهي جيڪو ڪهاڻيءَ جي ڪردار دانش جي روپ ۾ آهي جيڪو وري به تِرورو ئي رهجي ٿو وڃي مبهم ۽ اڌورو.
    مجموعي جي پهرين ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي ”آٿت“ جنهن ۾ هڪ جوان عورت کي پوڙهي پيءُ کان به وڏي عمر واري سان پرڻايو وڃي ٿو. جنهن ۾ هن جي ڪا مرضي شامل ناهي، شاديءَ کان پوءِ کيس پٽ جو اولاد ٿئي ٿو، جيڪو اڃا ڇهن مهينن جو آهي ته هوءَ مڙس جو گهر ڇڏي ڀاءُ جي گهر اچي ٿي. مڙس سان ڪهڙي شڪايت ۽ ڏک اٿس جو هُن ايڏو وڏو قدم کنيو آهي! ۽ وري پوءِ ٻي به پوڙهي سان شادي ڪري ٿي جيڪو زال ۽ ڇهن ٻارن جو پيءُ آهي!
    ڪهاڻيءَ جي هڪ پئراگراف ۽ مڪالمو،
    ”مائي، توکي جيڪڏهن اهڙو شوق آهي شادي ڪرڻ جو ته پوءِ ڪنهن جوان سان شادي ڪر، هيءُ پوڙهو توکي ڪهڙو سهارو ڏيندو پهرين ئي هو ڇهن ٻارن جو پيءُ آهي، تون به عورت آهين ٻي عورت جي گهر ڦٽائڻ مان توکي ڇا ورندو سرندو!“
    انهيءَ قدم کڻڻ ۽ پاڻ ئي اٿاريل سوالن جا جواب ۽ جواز واضح ٿيڻ گهرجن، پٽ جي تعليم، تربيت ۽ سنڀال ڪرڻ واري وضاحت ڪافي ناهي، ڇو جو هُو شادي شده ۽ ڇهن ٻارن جو پيءُ آهي، جيڪو پنهنجي سڳن پٽن کي به پڙهائي نٿو سگهي ۽ انهن کي دڪان تي ويهاري ٿو ته اهو اڳ ڄائي جي تعليم تربيت ۽ سنڀال ڪهڙي ڪري سگهندو؟
    وري ڇهن مهينن جي آندل پٽ کي جوانيءَ ۾ پيءُ ڏانهن ويندو ڏسي کيس ”آٿت“ ڪيئن ٿي ملي، ان پيءُ ڏانهن ويندي جنهن ڪڏهن ڪڏهن پٽ سان رابطو به نه ڪيو هجي! خير ثمينه ڪهاڻيءَ ۾ بيان سٺو ڪيو آهي.
    هونئن به اسان وٽ ايئن ئي ڪهاڻي لکجي رهي آهي، جڏهن ته ڪهاڻيءَ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ ”ڪهاڻي“ ضرور هجي.
    هاڻي ته هڪ يا اڌ صفحي ۾ اترمتر اکر ۽ سٽون لکي مٿان ”ڪهاڻي“ لکي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اها ڇپجي به ويندي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ردي ڪهاڻيون مجموعي جي صورت ۾ اڳيان اچي به وينديون آهن!
    ڀلي اهڙا هزارين ڪتاب ڇپجي ورهايا وڃن پر اهي ڪهاڻيءَ جي معتبر منچ تي نٿا ويهي سگهن.
    ڀلي مهورتون ڪري، اجرڪون اوڍائي، گنج مِنج ڪري وچ تي ورهايا وڃن پر اندر جي عزتن کان وانجهيل رهندا.
    ادي ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون انهن جي برعڪس معتبر آهن، هوءَ جيڪا ڳالهه چوڻ چاهي ٿي اها ڪري ۽ سمجهائي وڃي ٿي.
    باقي سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ تڏو وڇائي روڄ راڙو ڪرڻ هتي جائز ناهي، ڪيئي مقام، ڪيئي هنڌ آهن جتي ڀنڻ ۾ ويهبو!
    جيئن ته ثمينه هڪ ذميدار ۽ محنت ڪش آهي اها ضرور پنهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ هن کان به اڳري اڳيان ايندي.
    پهريون ڪتاب هر ليکڪ جو پهريون امتحان هوندو آهي يعني هر سچي ليکڪ جو. جنهن ۾ آيل اوڻايون ۽ ڪميون پاڻ ليکڪ وڌيڪ پرکي ويندو آهي پوءِ ڀلي ڪُڇي پُڇي نه پر پاڻ ۾ وڏيون تبديليون آڻيندو آهي جيڪي کيس پختگي عطا ڪري سگهارو بنائينديون آهن.
    ثمينه لائق آهي اها آٿت وري مون کي سندس شخصيت ڏني آهي، جيڪا ووڙي ٿي، جاکوڙي ٿي، پتوڙي ٿي ۽ اٽل آهي.
    پڇن سي پسن، جڏهن تڏهين پرينءَ کي،
    ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
    (شاهه)

    ج.ع.منگهاڻي


    اڻ ڇپيل ڏُکن جو پڙلاءُ

    ڪهاڻي ادب جي هڪ منفرد صنف آهي، ڪهاڻي، لوڪ ادب، قصا ڪهاڻيون، زندگيءَ جي وارتا، ارتقا جو سفر ۽ تبديلي جو حصو آهي، ڪهاڻيءَ کي سماجي ۽ معاشرتي دستاويز به چئي سگهجي ٿو، ايڊگر ايلن پو مطابق ”مختصر ڪهاڻي هڪ اهڙو اختصار جو فن آهي، جنهن جا سڀئي پهلو گڏجي هڪ ڀرپور ۽ واحد تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، ڪهاڻيءَ ۾ سماج جو عڪس واضح نظر اچي ٿو.
    ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون به سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون، سنڌي سماج مختلف دورن ۾ سماجي، سياسي و معاشي مسئلن جو شڪار رهيو آهي، اهي مسئلا سماجي سرشتي کي اندران کوکلو ڪندا رهيا آهن، اهي ڪهاڻيون هيٺين ۽ وچولي طبقن سان تعلق رکن ٿيون، اهي طبقا آبادي جو وڏو حصو آهن، انهن ماڻهن جي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، انهن ماڻهن جي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي سادي ۽ نِج آهي، انهن جون خوشيون به ساديون ۽ سچيون آهن. ائين ڏک به سٻاجها، خاموش ۽ اڻچيل محسوس ٿين ٿا، سندن خون ۾ ويڙهيل ڊنل احساس، کين رشتن جي سونهن کي محسوس ڪرڻ نه ٿو ڏيئي. اهي ڪردار، هڪٻئي سان کلي ڳالهائي نه ٿا سگهن، ساهه ۾ ڏک سانڍي جيءَ ۾ جُهرندا رهن ٿا، ثمينه جي ڪهاڻين ۾ جابجا اهڙا ڪردار ملن ٿا، سندس ڪهاڻيءَ جي خوبصورتي زندگيءَ جا سچا پچا ڪردار آهن، سندن ٻولي به سٻاجهي ۽ اثرائتي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ٻولي يا انداز بيان جي وڏي اهميت آهي، اها ٻولي، ڪهاڻيڪار جو انر ڊائيلاگ آهي ته هُو پنهنجي پاڻ سان ڪيئن ٿو ڳالهائي، هُو ساڳي فطري ٻولي ٿو لکي يا ان کي شعوري طور تي تبديل ٿو ڪري، توڙي جو ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار جي پنهنجي ٻولي جو فطري وهڪرو روڪي نه ٿو سگهجي، پر ٻولي ڪردارن جي مزاج ۽ ان ماحول مطابق هئڻ گهرجي، ثمينه جي ڪردارن جي ٻولي سندن ذات جي فطري پڻي مطابق آهي، اهي تمام ڪهاڻيون سندس مشاهدي جو نچوڙ آهن، جيڪڏهن ڪهاڻيڪار وٽ مشاهداتي سگهه آهي ته اُها ڪردارن، ماحول ۽ موضوع کي سگهارو بڻائي ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته ڪهاڻيڪار ڪيئن ماحول کي محسوس ڪري ٿو، سندس پرک جو پيمانو ڪيترو گهرو آهي، جيڪڏهن ڪهاڻيڪار جي ياداشت مضبوط آهي ته هُو ڪنهن به وقت ذهن ۾ محفوظ ٿيل معلومات مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، ٻولي جي وسعت به مشاهدي ۽ تجربي جي محتاج آهي، تشبيهون، محاورا ۽ استعارا ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائين ٿا، جيئن ڪهاڻي ترورو ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ”ڪي رشتا جيڪي بظاهر خوبصورت گلڙن وانگر پر اندران لڪل خوني ڪنڊن جيان ٿين جن کي ڇُهڻ سان هٿ زخمي ٿي پوندا آهن.“
    ثمينه جي سمورين ڪهاڻين ۾ سندس چوڌاري موجود حقيقي ماحول جا چِٽ چِٽيل آهن. ان ماحول ۾ معاشي مسئلا به آهن ته نفسياتي اُلجهن به محسوس ٿئي ٿي، جيئن ڪهاڻي آٿت جو ڪردار هڪ اهڙي عورت آهي، جيڪا پنهنجي پٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڇهن ٻارن جي پيءُ سان شادي ڪري ٿي، سنڌي سماج ۾ رهندڙ احساس محرومي جي شڪار هڪ اهڙي عورت آهي، جيڪا مرد جي سهاري کانسواءِ پاڻ کي مڪمل نه ٿي سمجهي، ان عمل کي سماج پنهنجي انداز سان ڏسي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته پيار ۽ سچي احساس کان محروم، ان ڊنل عورت کي جسماني ساٿ کان وڌيڪ، ذهني سهاري جي ضرورت رهي ٿي، پر جڏهن کيس ذهني ساٿ نه ٿو ملي ته هوءَ فقط پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي رهي ٿي، احساس محرومي ۽ نظراندازي خود ڪلامي کي جنم ڏيئي ٿي، هيءَ ڪهاڻي موضوع جي حوالي سان موجوده دور جي اهم مسئلي جي نشاندهي ڪري ٿي، اهڙا ڪيترا مسئلا چوڌاري موجود آهن.
    ڪهاڻيءَ ۾ موضوع جي پنهنجي الڳ اهميت آهي، موضوع وقتائتو ۽ دور جي حالتن جي نمائندگي ڪندڙ هجي، سنڌي ادب هجي يا پرڏيهي ڪي موضوع سدا بهار آهن، موضوع هرهنڌ ساڳيا آهن، پر انهن جي نمائندگيءَ جو طريقو الڳ آهي، جڳ مشهور ڪهاڻيڪار موپاسان جا موضوع ڇرڪائيندڙ ۽ جاندار آهن، اهي موضوع انساني نفسيات جي پيچيدگين جي صحيح ترجماني ڪن ٿا، برصغير جو مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر تي به موپاسان جو ڳوڙهو اثر نظر اچي ٿو، انهيءَ تسلسل ۾ انيس انصاريءَ جو نالو قابل ذڪر آهي، انيس جون ڪهانيون مختصر، اثرائتيون ۽ انهن جو اختتام موپاسان ۽ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جيان ڇرڪائيندڙ آهي، جمال ابڙو جي ”پيراڻي“، نسيم کرل جي ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ ۽ انيس انصاري جي ”سونل“ موضوع جي حوالي سان سگهاريون ڪهاڻيون آهن، ڪهاڻي لمحي جي به ٿي سگهي ٿي ته ان ۾ پوري زندگي کي به سموئي سگهجي ٿو، اٽليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار البرٽو موراويا عام ۽ روزمره جا ڪيترا موضوع مهارت سان ڪهاڻين ۾ پيش ڪيا آهن، اهي موضوع دلچسپ ۽ نوان آهن، سندس ڪهاڻين ۾ اختصار جو پهلو نمايان آهي، مختصر ڪهاڻي هڪ فن آهي، جيڪو محنت ۽ مهارت گهري ٿو، جنهن ۾ موضوع جو ڀرپور هئڻ انتهائي ضروري آهي، ان کان پوءِ ان موضوع جي نڀاءُ جو طريقو اچي وڃي ٿو، سنڌي ۾ پلاٽ ليس ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪردار نگاري ڀرپور ٿيل آهي، پر اهي ڪهاڻيون پڙهندڙ تي ڀرپور تاثر نه ڇڏي سگهيون آهن، سنڌي ڪهاڻيڪارن کي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جو ضرور مطالعو ڪرڻ گهرجي، سٺي تخليق سٺي مطالعي جو ثمر ٿئي ٿي.
    ثمينه جي ڪهاڻي ڏاهيون ڏک ڏسن ۾ سنڌي سماج جي حقيقت پسندانه عڪاسي ٿيل آهي، جيڪو توهم پرستي ۾ وڪوڙيل آهي، جتي ماڻهو مسئلن کي منطقي انداز سان حل ڪرڻ بجاءِ پيرن ۽ فقيرن جا چڪر لڳائڻ تي مجبور آهن، اها سوچ سندن زوال جو سبب بڻجي ٿي، هن ڪهاڻيءَ جو مقصد به سنڌي سماج جي اهم مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ آهي، ضعيف لاعتقادي به خود رحمي ۽ احساس ڪمتري جي پيداوار ٿئي ٿي.
    ثمينه پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي موضوع کنيا آهن، اُهي مونجهاري ۾ ورتل عورتن جا آهن، عورت جي مسئلن کي عورت تخليقڪار ئي بهتر طور تي سمجهي سگهي ٿي، هونئن به سنڌي سماج ۾ رهندڙ عورت، ڪيترن گهريلو ۽ معاشرتي تضادن کي هڪ وقت منهن ڏئي ٿي، هن وٽ هڪ ٻڏتر واري ڪيفيت مستقل طور تي موجود آهي، اهي اڻچيل ڏک مسلسل سندس ذهني سڪونَ کي متاثر ڪن ٿا پر اهي ڏک ۽ احساس محروميون هوءَ ڪنهن سان ونڊي نه ٿي سگهي، روين جا تضاد، احساس جي چهنڊڙين جي صورت، کين سدائين پريشان ڪندا رهن ٿا، ان صورتحال مان ٻاهر نڪرڻ جا ڪيترائي رستا آهن، پر اهڙا ڪردار تخليق ڪرڻ لاءِ ثمينه کي تصوير جو نئون رُخ پڻ ڏسڻو پوندو.


    شبنم گل


    پنهنجي پاران

    منهنجي خيال ۾ پنهنجي ذات کي اظهارڻ لاءِ قلم جو سهارو ورتو وڃي ٿو. شايد مون به لکڻ لاءِ ائين ئي ڪوشش ڪئي هوندي.
    مون کي ياد آهي اڃا ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي هئس ته اسان جي امڙ اسان ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي موڪل واري ڏينهنِ ۾ آکاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ اسان انهن آکاڻين ۾ ڪيئن گُم ٿي ويندا هئاسين. وري جڏهن آءٌ پنجين ڪلاس ۾ پهتس ته به امان ائين ئي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي، پر مان سوچڻ لڳندي هئس امان اهي آکاڻيون ڪيئن ٿي ٻڌائي. امڙ کان مون هڪ دفعي پڇيو. ته امڙ مون کي گهر جي هڪ ننڍڙي صفحي ۾ وٺي هلي ۽ اتي رکيل هڪ لوهه جي پيتي کوليائين جيڪا سڄي ڪتابن سان ڀَري پئي هئي ۽ اُهي آکاڻيون انهن ڪتابن ۾ هيون. ڪتابن جا نالا ته ياد ڪونه بيٺا، پر سمجهه ۾ ڳالهه اچي وئي. ائين ئي اُهي ڪتاب ڪڏهن ڪڏهن مان کڻي پاڻ به پڙهندي هئس.ڪهاڻيون پڙهي پڙهي ياد به ٿينديون ويون ۽ اُهي آکاڻيون پنهنجي ٻارن راول ۽ روحل (خان محمد پنهور) کي ننڍپڻ ۾ ٻڌايون.
    امڙ جي انهيءَ صحبت ۽ تربيت ڪري اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو. ادا قمر الزمان ميمڻ (قمر مورائي) جي نالي سان شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو. ادا سڪندر الزمان ميمڻ اسان جي موري شهر ۾ سياسي، سماجي ۽ نظرياتي طور تي تمام گهڻو سرگرم رهيو. ادا شمس الزمان ميمڻ، امداد ميمڻ ۽ ارشاد ميمڻ پڻ ادبي دنيا سان لاڳاپيل رهيا. ڀينرن ۾ ادي نسيم ميمڻ، ادي زرينه ميمڻ ۽ حسينه ميمڻ جون لکڻيون پڻ ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. حسينه ميمڻ هاڻي حسينه آزاد جتوئي جي نالي سان ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”مومل ” اخبار جي چيف ايڊيٽر آهي.
    مون کي ياد آهي جڏهن اسين 1977ع ۾ پنهنجي موري شهر مان ادا سڪندر الزمان ۽ ادا قمر الزمان جي ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ جي ڪري شفٽ ٿيا هئاسين تڏهن ادا خان محمد پنهور (ڀيڻيوو) ٻارڙن جو مئگزين ’ٻالڪ‘ شايع ڪندوهو، جنهن ۾ مون پهريون انٽرويو ياسمين شيخ کان ورتو هو.
    ادا خان محمد منهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ جي دلچسپيءَ کي ڏسندي جڏهن به حيدرآباد کان ڪراچيءَ ايندو هو ته مون لاءِ ڪهاڻين جا، شاعريءَ جا ۽ ناولن جا ڪتاب کڻي ايندو هو.
    ان کان پوءِ 1984ع ۾ ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران وومينس ڪاليج ڪراچيءَ مان ادبي ميگزين نڪتو هو ته اُن ۾ مون پهرين ڪوشش ڪئي هئي ڪهاڻي لکڻ جي. اُها ننڍڙي ڪهاڻي هئي جيڪا منهنجي شايع ٿي، ۽ انعام به مليو هو، ۽ شايد انعام ملڻ جي خوشي ۾ مون وڌيڪ لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو، ان کان پوءِ جڏهن 1985ع ۾ ڄام شورو ۾ آيس اُتي ته سڄو ادبي ماحول هو، ادا خان محمد پنهور جو گهر سڄو ڪتابن سان ڀريل هو، منهنجي ڄڻ عيد ٿي وئي، هر وقت پئي ڪتاب پڙهندي هئس، ۽ ائين لکندي به رهندي هئس، پر ڇپرائڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته هتي ڪوبه ادبي پليٽ فارم ڪونه هو، جتي ڪو تنقيدي يا اصلاحي بحث ٿئي، مان ڪهاڻيون ۽ شاعري لکندي رهندي هئس ۽ ائين سوين پنا منهنجي ڪمري ۾ بنا ترتيب جي اڏامندا رهندا هئا، پر ڇپرائڻ لاءِ ڪٿي به نه موڪليندي هئس. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ادي نسيم ٿيٻو جي گهر ۾ تانيه ٿيٻو، انيتا ٿيٻو، نجمه پنهور، سلميٰ پنهور، مارِئي عطار ۽ مون گڏجي اسٽڊي سرڪل جوڙيو. ڪنهن به هڪ ڪتاب جي چونڊ ڪري، گهران پڙهي ان تي راءِ لکي اچبي هئي. پوءِ انهيءَ تي بحث ڪبو هو.
    هڪ ڀيري انهن ڏينهنِ ۾ ادي نسيم ٿيٻو اسان جي گهر ملڻ لاءِ آئي. مون کي خبر هئي ادي نسيم سٺي ڪهاڻيڪاره آهي ۽ مون به پنهنجي ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو ته ان مهل ئي چيائين ’مون کي پنهنجي ڪابه ڪهاڻي ڏيکار‘ پهرين ته ڊپ ٿيو الائي منهنجي ڪهاڻي ادي نسيم کي وڻندي به الائي نه، پر همت ڪري هڪ ڪهاڻي فيئر ڪري ادي نسيم کي ڏيکاريم، جڏهن پڙهي بس ڪيائين مان ڊپ ۾ نهاري به نه پئي سگهيس، پر جڏهن ادي نسيم منهنجي ڪلهي تي داد جي ٿڦڪِي ڏني ته ڏاڍي خوش ٿيس ۽ اها خوشي اڄ به محسوس ڪري ٿي سگهان، ۽ انهيءَ ايڪسپريشن مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ همت ڪري اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري موڪلڻ لڳس، ۽ جڏهن عوامي آواز، هلال پاڪستان، روزاني مهراڻ اخبار ۾ ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون شايع ٿيون ته ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي مختلف رسالن ۾ منهنجي شاعري ۽ ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون.
    1990ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ملي ته خوشيءَ جي انتها ئي نه رهي ۽ انهن ڏينهنِ ۾ ئي ماهوار ”سرتيون“ رسالي جو اجراء ٿيو ۽ گل بدن جاويد مرزا رسالي جي ايڊيٽر هئي. منهنجون ڪهاڻيون ان رسالي ۾ وڌيڪ شايع ٿيون. وڌيڪ خوشي تڏهن ٿي ۽ منهنجي لکڻ کي حقيقي معنيٰ تڏهن ملي، جڏهن سائين امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جا سيڪريٽري ٿي آيا، انهن ڏينهنِ ۾ سائين امداد کي پنهنجون ڪهاڻيون ڏيکاريندي هئس ته سائين امداد ڪهاڻيءَ ۾ جملي، ٻولي يا گرامر جي غلطي هوندي هئي ته ڪهاڻي درست ڪري ڏيندا هئا ۽ هميشه ڪهاڻي درست ڪرڻ کان پوءِ اهوئي چوندا هئا ته ’تون سٺو ٿي لکين، ائين لکندي رهه ۽ وڌيڪ پڙهندي به رهه.‘ انهيءَ اُتساهيندڙ جملي وڌيڪ هميشه مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ تي آماده ڪيو، ۽ ائين منهنجي شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ ٽماهي ”مهراڻ“، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين، ماهوار پارس، ماهوار مومل رسالي ۾ شايع ٿينديون رهيون.
    منهنجون ٽيهارو کن ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن مجموعي ۾ ٽوٽل ڪهاڻين جو تعداد پندرهن آهي، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن ۽ ڪجهه اڻڇپيل به آهن.
    مان ٿورائتي آهيان ادا شوڪت حسين شورو جي جنهن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي تي پنهنجا قيمتي ٻه اکر بيڪ ٽائيٽل تي لکيا. خاص ٿورائتي آهيان سائين امداد حسينيءَ ۽ شبنم گل جي، جن منهنجي مسودي کي پڙهيو ، نظر مان ڪڍيو ۽ ٻه اکر مسودي تي لکيا.
    مان ٿورائتي آهيان ادي تنوير جوڻيجو جي جن مهاڳ لکيو، ۽ ڀيڻ ج.ع. منگهاڻي، ادا اڪبر سومري، ادا فهيم نوناري، حسينه آزاد جتوئي، ادا دين محمد ڪلهوڙي ، ۽ ادي نسيم خان پنهور جن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي تي ٻه اکر لکيا آهن ۽ وڌيڪ ٿورائتي آهيان عبدالمجيد پنهور (گهر واري) جي جنهن پڻ مون کي هميشه ايپريشئيٽ ڪيو آهي ۽ مجموعي ڇپرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي. پنهنجي ٻنهي پٽن راول پنهور ۽ روحل (خان محمد پنهور) جي جيڪي هميشه چوندا آهن ته ”هاڻي امان اوهان جي ڪهاڻين جو مجموعو ضرور اچڻ کپي.“ آخر ۾ ٿورائتي آهيان، ادا سعيد منگيءَ جي جنهن خوبصورت ٽائيٽل ٺاهيو ۽ ادا قربان منگيءَ جي جن ٿورڙي وقت ۾ هيءُ مجموعو ڇپرائي اسان سڀني جي هٿن ۾ ڏنو آهي.

    ثمينه ميمڻ


    مختلف شخصيتن جا رايا

    تِرورو ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ثمينه ميمڻ جو. سندس هنن ڪهاڻين جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي جو مشاهدو ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. ڪهاڻيڪار ٿيڻ به ڏاڍو ڏکيو فن آهي، جيستائين خود ڪهاڻيڪار ان پيڙا کي محسوس نٿو ڪري، ڪهاڻي سِرجڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. ڪهاڻي لکڻ لاءِ، جذبن جي اظهار لاءِ ادبي ٻوليءَ تي عبور هجڻ سان گڏ اهڙي سولي لفظن جي چونڊ ڪرڻ به ضروري آهي ته جيئن هر پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ ۾ ڇِڪ محسوس ٿئي.
    ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون روزمره جي زندگيءَ جو اڀياس آهن، ڏک، واقعا، احساس ۽ جذبا شامل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ اسان جي سماج ۾ جيئرا جاڳندا گهمندڙ ڦرندڙ، روزاني وهنوار ۾ مشغول ڪردار آهن جن کي هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ شامل ڪيو آهي. ، اسان جي سماج جي ڪنهن نه ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڪَر کڻندڙ مسئلي تي هن ڪهاڻي لکي آهي، سندس ڪهاڻين ۾ گهڻو وڌاءُ ڪونهي. تمام سادي ۽ سولي ٻولي جيئن ڪهاڻي شروع ٿي هن ڪهاڻي لکي ۽ جتي ڪهاڻيءَ جو انت ٿيو اتي هن ڪهاڻيءَ کي بند ڪيو آهي.
    سندس ڪهاڻين جو مرڪز عورت آهي ۽ هن ڪوشش ڪري عورت کي معاشري ۾ اوچو ڳاٽ رکڻ جو سعيو ڪيو آهي، پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هن گهر کي به اوترو ئي اهم رکيو آهي جيترو ٻچن کي اهم رکيو آهي، نوڪري به سهڻي نموني ڪري ٿي، هڪ باصلاحيت ۽ تمام گهڻي ذهين خاتونآهي، جنهن کي خداداد صلاحيتون مليل آهن، هوءَ شاڪر،۽ صبر ڪندڙ، انتهائي سُلڇڻي منهنجي همسفر آهي. جنهن اسان جي زندگي جي گاڏيءَ کي انتهائي آسان ڪيو آهي، صحافت ۾ ماسٽرس جي ڊگري اٿس، صحافت سان اسان جو پلئه ڀائو خان محمد (ڊاڪٽرخان محمد پنهور) جي تعلق سان پيل آهي، اسان ٻئي ماس ڪميونيڪيشن ۾ گريجوئيٽ آهي ۽ هاڻي منهنجو ڀائٽيو بلاول ماس ڪميونيڪيشن ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي. سندس پياري ڀائٽئي (ڀائو سڪندر الزمان) ميمڻ جي پٽ وڪيل سُميرالزمان ميمڻ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منهنجي گهر واري ثمينه سميت پنهنجي پُڦين نسيم خان محمد پنهور، زرينه صالح ميمڻ ۽ حسينه آزاد جتوئيءَ لاءِ ڪيڏو نه سٺو لکيو جنهن ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته هيءُ چارئي ڀينرون ۽ سندن پنج ئي ڀائر پنهنجي والده جي ڪري پڙهڻ لکڻ سان شعور رکن ٿا.
    هوءَ هاڻي پنهنجي بي پناهه صلاحيتن سان سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر آهي، سندس ادارت ۾ مهراڻ رسالي جي شيڊول وارن پرچن کان علاوه ”مهراڻ“ جا خاص نمبر: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر، شمشيرالحيدري نمبر، محمد عثمان ڏيپلائي نمبر، محمد ابراهيم جويو نمبر ۽ مخدوم محمد امين فهيم نمبر ڪڍڻ جو هن کي ڪريڊٽ وڃي ٿو. هن کي لکڻ جو وڏو ڏانءُ آهي، جنهن وقت لکڻ ويهندي آهي ته ڪهاڻي، شاعري يا مضمون لکي وٺندي آهي، لکڻ لاءِ هوءَ موڊ جي محتاج ڪونهي، هڪ دفعو لکڻ ويٺي ته اها لکي ويندي.
    ڪهاڻيءَ جو موضوع ۽ پلاٽ سندس ذهن ۾ جڏهن پچي راس ٿيندو آهي تڏهن ئي هوءَ لکڻ ويهندي آهي، هيءُ ڪجهه ڪهاڻيون آهن جيڪي هن سڀني مصروفيتن جي باوجود لکي ورتيون آهن، سندس ڪهاڻين کي سائين شوڪت حسين شوري، امداد حسيني، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو ۽ ج.ع. منگهاڻي ۽ شبنم گل ساراهيو آهي. ان مان منهنجي ڪهاڻي لکڻ ۽ پڙهڻ جي راءِ کي ثمينه ميمڻ جون بهترين ڪهاڻيون هجڻ واري راءِ کي تقويت ملي ٿي، ڪهاڻين کي شايع ڪرڻ ڪتابي صورت ۾ اهڙو خواب آهي جيڪو سالن کان رهجي ويل هو، جنهن لاءِ جَس آهي قربان منگي ۽ پوپٽ پبليڪيشن کي جنهن ان خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو.

    عبدالمجيد پنهور
    ڄامشورو

    *******

    هڪ وڏو قَدم

    ڪهاڻيءَ جي دنيا جا ٻه وڏا امام موپاسان ۽ چيخوف مڃيا ويا، موپاسان فرانس ۾ (42 سال) ۽ چيخوف 19 صديءَ جي روس ۾ پيدا ٿيو، ٻئي ڪهاڻيڪار 19 صديءَ ۾ پيدا ٿيا ۽ ٻئي 42 ۽ 44 سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويا پر ادب جي دنيا کي شاهڪار ڪهاڻيون ڏيئي ويا.
    وارڊ نمبر ڇهه چيخوف جي ڪهاڻي پڙهندي لينن لکيو: ڪلهه شام جڏهن مون هيءَ ڪهاڻي پڙهي ته منهنجو ساهه منجهڻ لڳو ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ وڌيڪ دير ترسي نه سگهيس، هڪدم اٿيس ۽ ٻاهر نڪري ويس، مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ مان پاڻ وارڊ نمبر ڇهين ۾ بند ڪيو ويو آهيان.
    ادب جي دنيا جا عظيم نالا پڙهڻ بعد محسوس ٿئي ٿو ته سُٺي ادب لاءِ جيستائين يوڳين جي مشق ۽ رياضت جهڙا ڇلا نٿا ڪڍجن، سٺو ادب به تخليق نٿو ڪري سگهجي.
    اچون ٿا سنڌي ادب تي بلڪ ڪهاڻيءَ تي:
    سنڌي ڪهاڻيءَ جو ڊوڙندڙ گهوڙو ڊگهي منزل نه هڻي سگهيو ۽ هاڻ ان جي ڄنگهن کي بادبان جو مرض وڪوڙي ويو آهي!
    ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول عروج تي پهچي دنيا ۽ ادب ۾ پنهنجي حيثيت نه مڃائي سگهيو آهي؟ ان ۾ 1947ع جو ورهاڱو ۽ ان بعد سنڌي سماج ۾ Polarization جو موجود هجڻ آهي، جيئن سنڌي سماج ٽٽي ٽڪرا ٿي Polarization ۾ جڪڙجي ويو آهي تيئن ادبي جمود اسان کي نقصان پهچايو آهي.
    ته مون ڳالهه ٻئي ڪئي ته اهڙي جمود واري دؤر ۾ بلڪ
    قحط الرجال سٺو لکندڙ ن جي کوٽ واري دؤر ۾ جيڪڏهن اسان جي ادي ثمينه ڪهاڻين لکڻ جو سعيو ڪيو آهي ته هڪڙو وڏو قدم کنيو اٿائين.
    فِڪشن اسان هٿ سان (Manually) لکندڙ اديبن لاءِ بلڪ هٿ سان لکندڙ سنڌي اديبن لاءِ مسئلو انڪري به آهي ته نه اسان وٽ ٽائيپ رائيٽر، نه پرسنل سيڪريٽري نه رائلٽي ۽ نه سهوليتون. نيون به پاڻ، فيئر به پاڻ ڪريون ۽ پوءِ ڇپائڻ لاءِ پبلشرن کي منٿون به پاڻ ڪريون بلڪ اڪثر انهن کي رائلٽي به ادا ڪريون اڪثر حالتن ۾ وڪڻون به پاڻ.
    ڀيڻ ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون معصوم سنڌي معاشري ۾ عورت سان ٿيندڙ زيادتين لاءِ هڪڙو وڏو آواز ’Cry‘ آهي.
    سنڌ جي مظلوم عورت جا مسئلا جيڪي هنن ڪهاڻين ۾ بيان ڪيا ويا آهن، سچا ٿا لڳن. انهن ۾ موجود جيڪو گُر سمايل آهي تنهن لاءِ ايترو چوڻ ضروري ٿو ٿي پوي ته هي ڪهاڻيون پوئتي پيل سنڌي معاشري ۾ عورت جي درد تي هڪ مانائتي ۽ بهترين ڪوشش آهن. جنهن لاءِ ڀيڻ ثمينه جس لهڻي. مون کي اميد آهي ته ثمينه جون اهي ڪهاڻيون اسان جي سنڌي سماج جي مرد کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون.

    اڪبر سومرو

    *******

    سچو ادب

    جڳ مشهور ناول ”جنگ ۽ امن“ جي خالق ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي ته جنگ هميشه امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي، ڪائنات اندر ابليسي ۽ ناڪاري قوتون جڏهن بدي، بدامني، انتشار ۽ تشدد مختلف شڪلين ۾ سماج اندر ڦهلائينديون آهن ته انساني معاشري جا مثبت ڪردار بدامني ۽ انتشار جي واچوڙن کي جَهڪو ڪرڻ لاءِ تقرير، تحرير ۽ ٻين وسيلن ذريعي ختم ڪرڻ جا جتن ڪندا آهن، ليڪن انهي جنگ ۾ امن و انصاف قائم ڪرڻ لاءِ ’ادب‘ طاقتور ترين وسيلو آهي، جتي ٻيا هٿيار ۽ بڪتربند گاڏيون ڪم نه ڪري سگهنديون آهن، اُتي شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول اوچن اوچن بُرجن تي امن ۽ پيار جا جهنڊا جهولائيندا آهن. ادب ۾ ڪهاڻي نهايت طاقتور ترين اسلوب رهيو آهي، اوائلي دور ۾ وڏڙا ۽ مائرون ٻارڙن کي زباني ڪلامي آکاڻيون ٻڌائي معاشري کي دڳ رسائينديون هيون، پوءِ ڪهاڻي لکت ۾ آئي، افسانو ۽ ناول ان جي توسيعي شڪل آهي. اسان جي ڀيڻ ثمينه نهايت شاندار ڪهاڻيون چِٽيون آهن، جيڪي معاشرتي ناسور جي نشاندهي ڪن ٿيون. سنڌي ادب ۾ نورالهديٰ شاهه، ماهتاب محبوب، شبنم گل، خيرالنساء جعفري، ج.ع منگهاڻي، زيب نظاماڻي، ثميره زرين ۽ ٻين عورت ڀينرن، ليکڪائن جيان ثمينه جو پيغام پنهنجي ڪهاڻين ۾ چِٽو آهي.
    صحيح ۽ سچو ادب، صحيح ڳالهه، زمان ۽ مڪان جي پائبندين کان آزاد وڏي کان وڏي قربانيءَ کي به پنهنجي عظيم مقصد (Goal) جي ڀيٽ ۾ ڪجهه نٿو سمجهي.
    ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهون جو،
    سڪ ٻڌائين سندرو، جانب لاءِ جڙي،
    لانچي لڪ لطيف چئي، منڌ جهيڙي ۽ جهڙي،
    پڻي تان نه پڙي، جي عمر سڀ ائين ڪري.
    (شاهه)
    ماڻهوءَ جَر تي ڦوٽي مثل آهي، ڪڏهن تولو ته ڪڏهن ماسو، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، اهڙا عجيب و غريب خيال ۽ تصور انساني ذهن تي سدا سوار هوندا آهن، ويتر ماڻهو ٿورڙو سرس ۽ ڏاهو آهي ته زندگي ٿورڙو وڌيڪ ڏکائتي آهي، جنهن لاءِ يونان جي ڏاهي سوفوڪليس (Sophocles) چيو ته: "To be wise is to Suffer" جنهن کي ڪئين صديون پوءِ شاهه لطيف ورجايو ته:
    الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن گهڻا.
    اديب ۽ سنوپرو انسان ٿورڙو وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، جيڪو شين، مسئلن ۽ زندگيءَ جي لقائن کي وڌيڪ گهرائي سان ڏسي، جانچي، پرکي ۽ پروڙي ٿو، تنهنڪري هن جو رشتو ڏک ۽ خوشيءَ جي وجداني ڪيفيتن ساڻ رهي ٿو، انهن ڪيفيتن ۽ حالتن منجهه ڏک ساڻ سرس تعلق رهي ٿو. هونئن به ڏک جو رشتو ازلي، ابدي ۽ دائمي آهي، سُک ته هوا جو جهوٽو آهي. ڏک دائمي آهي، سدا دکندو رهي ٿو، جيڪو ڏک جو رشتو راهه نجات به آهي ته منزلن تي به ڏک رسائي (پهچائي) ٿو. دنيا جا عظيم انقلاب ۽ ڌرتي ڌو ڏيندڙ تبديليون ڏک ۽ درد سان تعلق رکندڙ انسانن ٻڌيءَ جي طاقت ذريعي آنديون آهن. دنيا جي عظيم شاعري ۽ ادب جو مرڪز ڏک رهيو آهي. يونان جي هومر جو Oddysy، مئڪسم گورڪي جو ماءُ ۽ ٻيا انيڪ ڪتاب جهڙوڪ: ڳاڙهو لالٽين، پهاڙن جي ڌيءَ ۽ مرڻ مون سين آءُ جهڙن ۽ ٻين اڻ ڳڻين ڪتابن جا مرڪزي خيال ۽ ڪردار ڏک سان تعلق رکن ٿا.
    ڏکن پٺيان سک، سگها ٿيندئي سسئي،
    ڏورج پاسي ڏک ته ٻاجهه پوي ٻروچ کي.
    (شاهه)
    لطيف جي شاعريءَ جو مرڪز به ڏک آهي ته قديم يونان جي شاعر هومر جي شاعريءَ جو مرڪزي نڪتو به ڏک آهي، ڏک ماڻهوءَ کي رڳو ڊاهي نٿو، پر سينگاري ۽ سنواري ٿو.
    ڏيکاريس، ڏکن گوندر گس.
    (شاهه)
    هن ڪتاب جي خالق، ڀيڻ ثمينه جيڪي زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪهاڻيون چِٽيون آهن، اهي رڳو تصوراتي ۽ خيالي ڪونه آهن، بلڪ زندگيءَ سان لاڳاپيل حقيقي ڪردار آهن، جيڪي اسان ساڻ ڳالهائين ٿا، اسان کي (Direction) رُخ زندگي فراهم ڪن ٿا. اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، اسان کي محسوس ٿين ٿا ته اهي سڀ ڪردار اسان جي اردگرد موجود آهن، جن ڪردارن سان روز اسان کي ملڻو پوي ٿو، ڀوڳڻو پوي ٿو، ماڻهو رولاڪين ۾ ڀٽڪيل رستو نٿو ڳولي سگهي، ليڪن ڀيڻ ثمينه ميمڻ پنهنجن ڪهاڻين ۾ پڙهندڙ کي ڪو رستو (Indicator) اشارو ڏَسي ٿي.
    جڳ مشهور روسي جنرل جوزف اسٽالن چيو آهي، ته اديب روحاني انجنيئر آهن، جيڪي انساني مشينري جا پرزا جوڙي انهن جو روحاني حل ڳولي ڪڍن ٿا. اسان جي اديبه ڀيڻ ثمينه به ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ حل ڳولي ڪڍي ٿي، پنهنجي ڪهاڻي ”تِرورو“ ۾ انيتا جي پيڙهجندڙ ڏک کي ڪمالِ خطاب سان بيان ڪري ٿي ته ان وقت پڙهندڙ انيتا جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهي ٿو. اهڙا ڪردار گهڻو تڻو هر گهر ۾ موجود رهن ٿا. والدين جي گذاري وڃڻ بعد ڀائرن جا رويا، ڀاڄائين جا عمل جيڪي گهڻن مڙسن کي جهوري وجهندا آهن، سي ڀينرن کان هڪ حد تائين لاتعلق ٿي ويندا آهن، سو انهن سڀني ڪردارن کي ثمينه ڏاڍي خوبصورتي سان بيان ڪندي ڪهاڻي جيڪا شروعات ۾ اداس ۽ خوف ۾ ورتل ماحول سان ڪوماڻيل گلاب جي پنکڙيءَ جيان بند آهي ته ان ڪهاڻيءَ جو ڊراپ سين، پڄاڻي مرڪندڙ گلاب جيان ٿئي ٿي. انيتا جڏهن دانش جي ڳالهين تي سوچي ٿي ته: ڏسو! ڪهڙي ڪمال هنر سان ليکڪه ڪردار کي بيان ڪري ٿي. ”انيتا جون پنبڻيون آليون ٿي وڃن ٿيون ۽ سندس اکين مان ڪو گرم ڳوڙهو ڳل تي وهي اچي ٿو. اوچتو دريءَ جا پردا تيز هوا جي ڪري اُڏامڻ ٿا لڳن، ٻاهران مينهن جون بوندون سندس چهري تي اچي ٿيون پون. ۽ هوءَ نه چاهيندي به چاهي ٿي ته اڄ ڪجهه وڏا ٽهڪ ڏيئي کِلجي.“
    اهو ڪهاڻيڪاره جو ڪمال آهي ته ڪهاڻيءَ جي شروعات ۽ وچ ڏک ۾ ٻڏل آهي ته Climax انتها خوشي ۽ نتيجا ڏيندڙ آهي، اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته اسان جي ڪهاڻيڪاره لکڻ جي فن کان پوري ريت واقف آهي. ادي ثمينه گذريل ويهن سالن کان ادب جي کيتر ۾ لکي رهي آهي. شاعري، مضمون نويسيءَ کان سواءِ ڪهاڻيءَ ۾ هن کي ڪمال فن حاصل آهي، هونئن ته مهراڻ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هن کي سکڻ ۽ سيکارڻ جو سونهري موقعو مليو آهي، جو اڻ ڳڻيون ڪهاڻيون مضمون ۽ شاعري هن جي نظرن مان گذرن ٿيون ۽ کين شاعرن ۽ اديبن سان ميل ميلاپ رهي ٿو، جيڪي مشاهدا ۽ تجربا هن جي سوچ ۽ روح ۾ سمايل آهن ۽ سندس سوچ ۾ پختگي (Maturaity) اچي ٿي.
    ”تِرورو“ ڪهاڻيءَ ۾ ٻه ٻيا پهلو به ڇرڪائيندڙ آهن، جيڪي اسان جي سماج ڏانهن واضح ۽ نصيحت آميز پيغام آهن هڪ ته اسان جي مردن کي پنهنجي رويي، هلت چلت (Behavior) کي ڀينرن ڏانهن وڌيڪ سولو، سلوڻو، همدردانه ۽ مددگار هئڻ گهرجي، جيئن نياڻيون آزاد ماحول ۾ تعليم پرائي سگهن، جيتوڻيڪ ڪهاڻيڪاره ثمينه انهي ٿيندڙ ظلم ۾ عورت کي ڀائرن جي زالن هٿان بنا اجازت هڪ انچ به چُري نه سگهندا آهن. شريڪ ڏيکاريو آهي. اهڙيءَ ريت عورت توڙي مرد کي آئينو ڏيکاريو اٿس.
    ٻي ڏاڍي شاندار ڳالهه ”تِرورو“ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار پرهه هٿان چورائي اٿس، چئي ٿي: ”سچ منهنجي ته دل چوي ٿي ته هر ڳوٺ ۾ يونيورسٽي کُلي وڃي ۽ ڪوبه پنهنجي مائٽن کان پري نه ٿئي.“ ڪيڏي نه وڏي، شاندار علمي ۽ روشن خيالي جنت بيان ڪئي اٿس، ڄڻ خوشبو، روشني ۽ آزاديءَ جا پيچرا بيان ڪيا اٿس. جيڪو اسان سڀني جو خواب آهي، سڄي سنڌ جو خواب آهي، جوان، جوانڙين، پڪن پوڙهن جي اندر جو اُڌمو آهي ته گهر گهر يونيورسٽي هجي جيئن سڄي سنڌ روشن خيال بڻجي، ڪا ڀيڻ، ڀاءُ جي محتاج نه هجي، ڪا نياڻي شڪ جي بنياد تي ڪهاڙي جو کاڄ نه بڻجي، ڪنهن جو ٻچڙو علم جي روشنيءَ کان محروم نه بڻجي. جيئن: يونان، روم، لنڊن، روس، واشنگٽن، لبنان ۽ سوئيزرلينڊ جا رهواسي دنيا جي نعمتن سان مالامال آهن، ائين مادرِ وطن سنڌ ۽ ان جا رهواسي خوشحال هجن، اهوئي ڀيڻ ثمينه جو ڪهاڻين ۾ پيغام آهي. اهوئي ڪهاڻيڪاره جو خواب آهي، اهوئي سنڌ جاپڙهندڙ خواب هر لمحي پسن ٿا، شال سنڌ سدا شاد آباد ۽ خوشحال هجي.
    مارو پاڻ امير، مليرون مرڪڻو!
    ڪمال فن سان اسان جي برجستي ڪهاڻيڪاره ”سُک مُون سِين ڪينَ“ ڪهاڻيءَ ۾ بي درد معاشري ۾ ٿيندڙ دوکي تان پردو کڻي ٿي. ”سليم جو مڱڻو ماسات سان ٿيل هو ۽ هن رابيل کي ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو هو ته ائين سليم جي شادي ٿي وئي. سليم هن کي (رابيل) کي وڏو دوکو ڏنو....“ ڪهاڻيءَ جو مرڪزي نڪتو، پلاٽ ۽ ڪردار اهڙيءَ ريت جڙيل آهن جو پڙهندڙ آسانيءَ سان پيغام سمجهي سگهي ٿو. جيڪو لکندڙ جو مقصد آهي، هونئن به جديد دور ۾ اها ڳالهه اهم سمجهي وڃي ٿي ته پيغام موڪليو ويو ۽ مليو هڪ ڪهاڻيءَ جو مقصد به اهو ئي ٿئي ٿو مقصد واضح هجي. سليم جو رابيل سان دوکو اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي معاشري ۾ نياڻين کي خبرداريءَ سان راهه رسم ۽ تعلق رکڻ گهرجي نه ته سليم جهڙا اوپرا ۽ دوکيباز ڪردار وک وک تي موجود آهن، جيڪي نياڻين کي بليڪ ميل ڪري خودڪشين تي مجبور ڪن ٿا.
    ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ ۾ ليکڪه نهايت دانشمنديءَ سان معاشري جي ڪوڙين ۽ ڪُڌن رسمن جا ڇوڏا لاهي ٿي، صدين کان مرداڻي معاشري جي گندين رسمن جهڙوڪ: اولاد نه ٿئي ته ٻي شادي ڪرڻ واري ڊرامي کي پڌرو ڪري ٿي، تعويذن جي آڙ ۾ نذيران سان ٿيندڙ ظلم جا بخيا اُڊيڙي سچ کي نروار ڪري ٿي، اهائي ڪامياب ڪهاڻيڪاره جي نشاني آهي.
    ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ڳالهائي ٿو: ”بس اها ڳالهه آهي ته هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهي، ڪو اولاد جو وڌيڪ گهُرجائو ته ڪو وري هن سماج کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سوچي، اهو سڄو چڪر صرف انسان جي پنهنجي اندر جو پيدا ڪيل آهي، اسان جي جاگيرداڻي معاشري ۾ ڪوڙيون رسمون، ڀوپا، جن، تعويذ، مڪر، وهم، وسوسا ۽ جنن ڀوتن جا تصور جاگيردار ۽ ان جي ڦورو جوڙيوالن زباني ڪلامي ۽ لکت ۾ لکين ڪروڙين دفعا دهرايا آهن جو عام انسان انهن کي عظيم سچ سمجهي ٿو، ليڪن ڀيڻ ثمينه نهايت چابڪدستي سان انهن گندين رسمن خلاف ڪهاڻي ۽ قلم ذريعي جهاد ڪيو آهي، شال هن جو اهو پورهيو ثاب ٿئي، ماڻهو پڙهين ۽ هنئين سان هنڊائين. آخر ۾ ادي ثمينه کي ڪهاڻين جي ڪتاب لکڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، اميد ڪريان ٿو اهو ڪتابن ۽ ڪهاڻين تحفي ڏيڻ وارو سلسلو جاري ۽ ساري رهندو ۽ هُوءَ وڌيڪ ڪتاب لکندي ۽ مهراڻ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سنڌ جي عورتن جي سونهون (Guide) ٿي انهن عورتن جي زندگي ۾ جيڪي هماليه جبل جيڏا ڏک وک وک تي هنن جا سلامي ٿيا آهن، انهن جون عملي ڪهاڻيون لکرائي مهراڻ ۾ شايع ڪندي، سنڌ جي عام عورت جي زندگي ڏاڍي ڏکائتي رهي آهي، جنهن تي مرهم رکڻ ۽ ان جو سدباب ڪرڻ سنڌ جي هر باشعور فرد جي ذميواري آهي.

    نيازمند

    فهيم نوناري
    نواب ڪامل خان نوناري لائبريري
    ڄام شورو، سنڌ
    *******

    ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو، سنڌي ادب جي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ اضافو آهي جنهن سان اها اميد پڻ پيدا ٿي آهي ته ڪهاڻي لکجي به ٿي ۽ پڙهي به وڃي ٿي. ضروري نه آهي ته صرف وڏن ڪهاڻيڪارن جون ئي ڪهاڻيون مڃتا ماڻين، پر نون ڪهاڻي لکندڙن جي محنت ۽ ڪاوشن کي به مڃتا ملڻ گهرجي. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جي مجموعي جو عنوان ترورو به هڪ نئون موضوع آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيڪاره معاشري ۾ مايوسي بجاء اميد پيدا ڪري ٿي. سندس ڪهاڻيون نون ۽ پراڻن موضوعن تي مبني آهن، پر سندس لکڻ ۾ رواني ۽ نون لفظن جو استعمال ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ بهترين اضافو آهي. اسان جي هر پيڙهيءَ ۾ عورت انيڪ مسئلن جي ور چڙهندي رهي آهي ۽ هر پيڙهيءَ ۾ ڪهاڻيڪار يا ڪهاڻيڪاره انهن مسئلن کي شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جو موضوع بڻايو آهي. اسين اڄ گلوبل وليج جي ڳالھ ته ڪريون ٿا، پر سنڌي سماج خاص طور سنڌي عورت اڄ به انهن ئي دقيانوسي مسئلن جي ور چڙهيل آهي. هونئن ته اهي موضوع جيڪي ثمينه ميمڻ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ ذريعي بحث هيٺ آندا آهن ته هر عورت سان لاڳاپيل پوءِ اهو معاشرو ڪيترو به اڳيان هجي يا ترقي يافته، پر اسان کي پنهنجي سماج ۾ اهي مسئلا وڌيڪ نظر اچن ٿا. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا پلاٽ ڪيترائي نوان شامل آهن جنهن مان اها اميد پڻ آهي ته هر ٽهيءَ ۾ڪهاڻيڪارن وقت جي موضوعن تي قلم کنيو آهي. مان ته ايئن چوندس عورتن کي ضرور لکڻ ڱهرجي. لکڻ ۽ پڙهڻ نه رڳو هڪ وندر آهي، پر معاشري جي اصلاح ڪرڻ ۽ معاشري ۾ سڌارو آڻڻ ليکڪ جي ذميواري ۾ شامل آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجي ڀيڻ ثمينه ميمڻ جنهن نموني مهراڻ رسالي ۾ پاڻ ملهايو آهي اهڙي نموني ادب جي ڏکي صنف ڪهاڻي لکڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سندس هيءُ مجموعو لکڻ جي صلاحيتن کي اتساهيندو ۽ کيس اڃان وڌيڪ لکڻ تي آماده ڪندو. سندس ڪهاڻين جي موضوعن جي چونڊ ڏاڍي سٺي آهي ۽ هر ٽهي ۽ هر عام پڙهندڙلاءِ ڇِڪ پيدا ڪندي ۽ اها ئي ثمينه جي ڪهاڻين ۾ نواڻ آهي جيڪا پڙهندڙن کي مائل ڪرڻ سان ڱڏ ڪهاڻي صنف کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. منهنجي خواهش آهي ته هر ٽهي ايتروئي سٺو لکي ۽ پنهنجي لکڻ ذريعي مڃتا ماڻي اها خواھش به آهي ۽ اها دعا به آهي.

    حسينه آزاد جتوئي
    ڪراچي
    *******


    ثمينه ميمڻ زندگيءَ کي ويجھو ڏسي ٿي

    ڪهاڻي، افسانوي ادب جي هڪ پائدار صنف آهي. ان جو هڪ اهم سبب هيءُ به آهي ته هيءَ صنف، انساني زندگيءَ جي سمورن پهلوئن کي اُجاگر ڪري ٿي. ڪهاڻيڪار، ڪنهن به سماج جو فوٽوگرافر هوندو آهي. هو سماج جي تصوير ڪشي اهڙي ئي ڪري ٿو، جهڙيءَ طرح هن کي سماج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. البته ڪهاڻيڪار جنهن فن سان، سماجي پوشيده ۽ پيچيده مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو، اها انفراديت ئي هن صنف کي دوام بخشي ٿي.
    ثمينه ميمڻ، پنهنجي لکيل ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي انيڪ مسئلن کي نهايت ئي آسان فهم ۽ سادگيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪهاڻين ۾ استعمال ڪيل ٻولي پُرڪشش، سادي ۽ ماحول سان ٺهڪندڙ آهي. ڪهاڻين جا ڪردار به سنڌي سماج مان کنيا ويا آهن. ڪردارن جي واتان جيڪي مڪالمه چورايا ويا آهن، اهي به مختصر پر جامع معنيٰ رکندڙ آهن. مختصر مڪالمه مختصر ڪهاڻيءَ جا لازمي جز ۽ جان هوندا آهن. ڊگها ڊائلاگ يا مڪالمه ڪهاڻيءَ جي مقصديت ۽ تاثراتي وحدت قائم ڪرڻ ۾ مونجهارو پيدا ڪندا آهن.
    ثمينه ميمڻ جي هنن ڪهاڻين ۾ مختلف موضوعن تي، جنهن نموني قلم آرائي ڪئي وئي آهي، اهو نمونو لاجواب آهي، ڪهاڻيءَ ۾ مبالغه آرائي نه هوندي آهي، سڌي، سنئين ۽ سنواٽي ڳالهه ڪبي آهي، پر ان جي لاءِ ڪهاڻيڪار جي طرز ادائگيءَ ۾ نواڻ هجي، اُسلوب پنهنجو هجي. موضوع ۽ مسئلا ته ساڳيا آهن، پر انهن کي ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن پيش ڪجي، اهو انداز ڪهاڻيڪار کي اچي ٿو ته اهو ڪامياب آهي.
    ادب، فن آهي ۽ فن، ادب کي دوام بخشي ٿو. جيڪڏهن ادب مان فن ڪڍي ڇڏجي، ته ادب، ادب ئي نه رهندو. جيڪڏهن مسئلا، ڪنهن توجهه طلب ٽيڪنڪ ۽ فنائتي انداز ۾ پيش نه ڪبا، ته اها لکڻي، عام لکڻي چئبي، ان کي ادب نه چئبو. ثمينه ميمڻ جي هنن ڪهاڻين ۾ پنهنجي هڪ خاص طرزِ ادا آهي، جنهن سان هن سماج جي باريڪ بينين کي کولي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس لکيل ڪهاڻين مان تِروِرو، ڏاهيون ڏک ڏسن، وِرهه وڇوڙا ۽ اندر روح رهيام منهنجي نظر ۾ سٺيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ثمينه ميمڻ، زندگيءَ کي تمام ويجهو وڃي ڏٺو آهي.

    دين محمد ڪلهوڙو

    *******

    اڄ جڏهن ثمينه منهنجي گهر آئي ته سندس هٿ ۾ سندس ئي لکيل ڪهاڻين جو اڻ ڇپيل مسودو هو، سچ ته مون کي ڏاڍي خوشي پئي ٿي، چيومانس ته ڀيڻ ڏي ته ڏسان، پوءِ ڪجهه ڪهاڻيون پڙهي ورتيون.
    ثمينه ننڍي هوندي کان وٺي تمام گهڻي حساس هوندي هئي، ۽ پڙهڻ جو شوق هوندو هئس ۽ لکڻ جو ڏانءُ به. سندس شاعري، مضمون، ڪهاڻيون، سڀ سچ تي لکيل آهن، ڇو ته ثمينه هميشه جيڪو سامهون ڏسندي آهي اهوئي لکندي آهي، اڄ ثمينه لاءِ ٻه اکر لکندي خوشي پئي محسوس ڪريان.
    مان جيڪا ڳالهه ثمينه لاءِ وڏي ڀيڻ جي حيثيت ۾ چوندس ته هوءَ هڪ بهادر، اصول پرست، حساس ۽ سڀن سان پيار ڪرڻ واري آهي، جتي به ڪنهن به عورت سان يا ٻار سان زيادتي ڏسندي آهي ته روئي پوندي آهي ۽ اندر ۾ ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندي آهي، پوءِ اهي ڳوڙها قلم ذريعي ڪاڳر تي اوتيندي آهي.
    لکندي دير دير سان آهي پر تمام سٺو ۽ سچ لکندي آهي، ڇو ته سچ لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ثمينه ۾ اهي سڀ خوبيون آهن جيڪي هڪ سٺي ۽ وڏي اديبا ۾ هجڻ کپن.
    الله پاڪ ثمينه کي سدائين پنهنجي ٻچڙن سان خوش رکي (آمين). منهنجون دعائون هميشه هن سان گڏ آهن.

    نسيم خان محمد پنهور
    ڄام شورو، سنڌ


    ڪهاڻيون

    آٿت

    سڪينه مُڙس جي ڀر ۾ ليٽي پئي هئي، پر ننڊ سندس اکين کان ڪوهين ڏور هئي. اڄ هن کي ڪهڙن احساسن اچي ورايو هو جو لڳس ٿي ته سندس ڀر ۾ سُتل مڙس نه پر پيءُ هجي.
    اهو احساس اڄ ڇو ٿي رهيو هئس. پهرين ڇو ڪونه خيال آيو هئس. سوچڻ لڳي مون ته پنهنجي پُٽ جي ۽ پنهنجي تحفظ لاءِ هڪ مرد جو سهارو ڳوليو هو. پوءِ ان مهل اهو ته ڪونه سوچيو هو ته هُو عمر ۾ ڪيترو وڏو آهي.
    هن کي پاڙي پتيءَ وارن ڪيترن سمجهايو هو ته ”شادي نه ڪر، تون پاڻ هٿين سڄي آهين پنهنجي پٽ کي کارائي ٿي سگهين پٽ اجھو ئي جوان ٿي سڀ ڏک دور ڪندئي“، پر پاڻ جهڙوڪر ضد تي اچي بيٺي هئي. جنهن ٿي پڇيس ته اهو جواب ٿي ڏنائين ته ”پهرين شادي مائٽن ڪهڙي منهنجي مرضي سان ڪرائي هئي. هڪ پوڙهي پيءُ جيڏي سان ته ڪرائي هئائون، تڏهن ته ڪير به ڪونه ڪڇيو هو. باقي هاڻي جڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان شادي ٿي ڪيان ته توهان آيون آهيو مون کي سمجهائڻ“، ڪيڏو نه تيز ڳالهائي ويئي هئي.
    پاڙي وارين ماين کي به لڳي چڙ سو اُهي به اٿي کڙيون ٿيون، ”مائي توکي جيڪڏهن اهڙو شوق آهي شادي ڪرڻ جو ته پوءِ ڪنهن جوان سان ته شادي ڪر، هيءُ پوڙهو توکي ڪهڙو سهارو ڏيندو پهرئين ئي هو ڇهن ٻارن جو پيءُ آهي. تون به عورت آهين، ٻي عورت جي گهر ڦٽائڻ مان توکي ڇا ورندو سرندو!“ هڪڙيءَ تيل هاريو.
    ”بس مائي توکي اسان جو سمجھائڻ ته ڄڻ آئڙي ئي ڪونه ٿو، توکي ته وقت ئي سمجھائيندو....“ ٻيءَ مائيءَ تيلي ڏيکاري ڇڏي.
    باهه لڳي وئي هئس اندر ۾، وس پڄيس ها ته چوٽيءَ کان وٺي مائيءَ کي گهر مان ڪڍي ها، پر شڪر ٿيو جو مايون پاڻهي هليون ويون.
    سڪينه کي ته ننڍي ڀاءُ به هڪ دفعو ويهاري ٿڌي دماغ سان سمجھايو هو ته ”ادي تنهنجي پهرين به زندگي خراب ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ اسان جي وڏي ڀاءُ پنهنجي خوشيءَ خاطر توکي بدي تي ڏئي ڇڏيو. اهو به نه سوچيائين ته اسان جي ڀيڻ ڪيتري ننڍي آهي! پر پاڻ ته انڌ جي گهوڙي تي چڙهي پنهنجون خوشيون خريد ڪيون هئائين. ادي يقين ڪر جيڪر آئون اتي ڳوٺ ۾ هجان ها ته شايد ائين ڪڏهن نه ڪرڻ ڏيان ها! پر هاڻ جڏهن تون هن پوڙهي مڙس سان گذارو نٿي ڪري سگهين ته توکي هن کان آزاد به مان ئي ڪرائيندس.“
    پوءِ سندس ڀاءُ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي هن کي آزاد ڪرايو هو. ۽ پٽ به سندس حوالي ٿيو هو. ان ڏينهن هن کي ائين لڳو ڄڻ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سک جو ساهه کنيو هو. ۽ پاڻ کي ڪيڏو نه آزاد ڀانيو هئائين.
    پر جڏهن وقت گذرندو ويو ته هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ڀاءُ جي گهر ۾ هوءَ بار آهي. عجيب سوچون هن جي دماغ تي حاوي ٿي وينديون هيون. آخر هوءَ ڪيستائين ڀاءُ جي در تي بار بڻي رهندي. يا شايد ان مهل هوڏ ۾ اچي فيصلو ڪيو هئائين يا اهو سوچيو هئائين ته هوءَ ڀاءُ جي در تي ۽ ڀاڄائيءَ جي اڳيان ويچاري ٿي ڪيستائين ويهي رهندي کيس پنهنجي پٽ جا خيال ايندا هئا ته ان جو ڇا ٿيندو؟ هن ته پنهنجي پر ۾ صحيح فيصلو ڪيو هو. ڀاءُ جو چوڻ به هن کي ان مهل خراب لڳو هو، پر ان جو پڇتاءُ اڄ ٿي رهيو هوس. هن کان ته اڳلو مڙس چڱو هو جيڪو پٽ کي ته پاڻ وٽ رهائي ها. اهي مهڻا ته ڪونه ڏئي ها. هزارين وسوسا سندس من اندر پلجي رهيا هئا.
    خبر ئي نه پيس ته ڪيترو وقت ٿي ويو آهي سڄو گهر ننڊ ۾ ستو پيو هو. دل چيس کٽ تان اٿي پٽ تي سمهي رهي. اُٿي ۽ چڙ مان وهاڻو کڻي پٽ تي رِلي وڇائي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ننڊ جو نالو ئي ڪونه هو اکين ۾. ڀرسان ٻن کٽن تي ٻار اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. اڄ ته ٻارن کان به وحشت ٿيڻ لڳس. دل چاهيس ته انهن ٻارن کي ڪنهن درياءَ ۾ ڦٽو ڪري پاڻ به لهرن جي حوالي ٿي وڃي. ڇا مليو هئس؟ ڪهڙو سک پاتو هئائين ايترن ٻارن کي پيدا ڪري؟ پاڻ ته ٻارن ڄڻڻ جي مشين ٿي پئي هئي.
    اڄ جڏهن وڏي پٽ سندس آڏو اچي سوال ڪيو ”ٻڌاءِ، امان آئون ڪنهن جو پٽ آهيان؟“ ته ٿوري دير لاءِ ڊڄي وئي هئي. اهو ئي پٽ سندس آڏو شينهن ٿي بيٺو هو جيڪو ڇهن مهينن جو هو ته پاڻ پنهنجي مڙس کي ڇڏي وڃي ڀاءُ جي در تي ويٺي هئي. اڄ هوءَ پٽ آڏو ڪمزور ٿي پئي هئي. ڇا ٻڌائي ته تون ڪنهن جو پٽ آهين! تنهنجو پيءُ ڪير آهي! ۽ اهو جيئرو به آهي. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هوءَ سچ ٻڌائيندي ته اهوئي پٽ کانئس باغي ٿي ويندو، جنهن کي نپائي تاتي وڏو ڪيو هئائين ڪجهه به نه ڪُڇي سگهي هئي. مظهر ڪاوڙ مان گهر مان هليو ويو هو. هن ته ڪڏهن به نه سوچيو هو ته مظهر وڏو ٿي هن جي سامهون پيءُ جي باري ۾ پڇندو. جنهن جي لاءِ پاڻ ڪمزور ٿي هئي. سڄو ڏينهن اندر ۾ ٽٽندي رهي.
    سڪينه کي اعتبار ئي نه پيو اچي ته مڙس ئي هن کي مهڻا ڏيندو ان پٽ لاءِ جنهن جي ڪري هن پنهنجي مٽن مائٽن کي ڇڏي، ان سان شادي ڪئي هئي، اڄ جي ئي ڳالهه ذهن تي هٿوڙا هڻي رهي هئس، جڏهن منجھند جو مڙسهنس ماني کائڻ آيو. ائين لڳس ته ڄڻ هن جو چهرو کوري وانگر تپي باهه ٿي ويو هو، ڪيئن نه هوءَ ڊڄي ويئي هئي!
    سندس مڙس ڪمري ۾ گهڙندي ئي هن تي تپي ويو هو، ”ڏٺئي ڇوري جا ڪم اڄ ته دڪان تي به وڙهي آيو آهي. چوي پيو، مان ڪونه ويهندس تنهنجي دڪان تي، منهنجي مرضي آهي ته مان ڇا به ڪيان، تون ڪير ٿيندو آهين مون تي رعب ڪرڻ وارو.
    ”ڇوري جو ته دماغ خراب ٿيو آهي. توکي به ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ ته پنهنجي سڪيلڌي کي سمجهائي ڇڏ. جيڪڏهن هو دڪان تي نٿو ويهي سگهي ته پوءِ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هليو وڃي.“
    ساهي کڻي وري چوڻ لڳو: ”مون وٽ ايڏا ٽڪا ڪونهن جو هن کي ويهي کارايان.“ ”منهنجا پٽ به ته ڪمائين ٿا پوءِ هيءُ وري آسمان تان لهي آيو آهي ڇا!“ ”وڃي پنهنجي پيءُ ڏي ته ڏسان ته ڪيترا ڏينهن ٿو کارائيس“.
    ڪجهه به نه ڪڇي هئي. پاڻ ته ڪٿي جي به نه رهي هئي، پٽ لاءِ پيءُ جو پيار ڳوليو هئائين، پر هيءُ ڇا ٿي رهيو هو. اڄ ته ائين لڳو هئس ڄڻ هُو به چئي رهيو هجي ته توسان شادي ڪري مان پڇتائي رهيو آهيان صرف انهن لفظن چوڻ جي ضرورت ڪانه هئي سمجھڻ لاءِ ته هُو سڀ ڪجهه چئي ويو هو.
    سڪينه دل ۾ سوچڻ لڳي، ننڍي هوندي ئي مظهر کي پنهنجي پيءُ وٽ ڇڏي اچي ها ته هيءُ ڏينهن ته نه ڏسڻو پويس ها!
    ياد ٿي آيس ته هڪ دفعي پاڙي ۾ ڪنهن شاديءَ تي ويئي هئي ته ٻن ٽن ماين هن جي گهڙندي ئي سُرٻاٽ ڪڍڻ شروع ڪيا.
    ”مائي سک سان ويٺي هئي پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾. ڀاڄائيءَ به گهٽ ڪونه پئي گهُريس. هر ڳالهه جو سک ڏنو هئائينس، جهڙو پاڻ ٿي پاتائين تهڙو هن کي ۽ ننڍڙي کي ٿي پارايائين، پر بهانو شاديءُ جو اهو ڪيائين ته سندس پٽ کي ڀاءُ جا ٻار سهن ڪونه ٿا. مائي ڏسو ته هن جا ڪم، جيڪڏهن رهبو ته سهبو به يا پنهنجي بادشاهي ڪبي.“
    هڪڙو هُنن جي گهر ۾ رهي به، ٻيو وري ارڏايون ته ڏسوس. هيءَ چوي ته سڄي گهر تي راڄ منهنجو هجي. ٻي مائي وري ڳالهه تي گُل چِٽَ رکڻ لڳي.
    ”ڀلا ائين ڪٿان ٿيون ڀاڄايون سهن. وري به ڀاڄائس کي شابس آهي جو کيس ۽ سندس پُٽ کي رهائي ويٺي هئي، پر مائي اها ته صرف کيڏ هئي. الائي اندر ۾ ڪهڙي باهه هئس جو مڙس کان سواءِ رهي نٿي سگهي. بهانو ته اولاد جو، پر اندر جون خواهشون ڪير پوريون ڪريس. پوءِ پوڙهو سوڙهو مرد ته کپيس.“ ٻي مائي وري سر ملائڻ لڳي. ”جڏهن پاڻ نٿي رهي سگهي ڀاءُ جي گهر ۾ ته ڀاءُ به ته اهو سمجھايو هئس ته جيڪڏهن تون نٿي رهي سگهين اسان وٽ ته تنهنجي شادي آئون ڪرائيندس، پر اهڙي هنڌ جتي تون خوش رهي سگهين وري توسان اهو ساڳيو ورجاءُ ڪونه ٿيڻ ڏبو. پر مائي هُن جي مغز ۾ ڪا ڳالهه ويهي ته سمجھي نه. بس اصل لاهي پاهي بيهي رهي!“ ڳالهيون ٻڌي چڙ مان اٿي هلي وئي.
    ڇا واقعي هن کي مرد جي خواهش هئي. هاڻ ته کيس ائين ئي لڳي رهيو هو ته پاڻ ڏوهارڻ آهي پنهنجي پٽ جي، کيس هڪ سهاري جي ضروت نه هئي، پر هن کي مرد لاءِ بُک هئي، جيڪا هاڻ ختم ٿي رهي هئي. نه نه مون کي ته پنهنجي پُٽ جو ۽ مرد جو تحفظ ٿي کپيو.
    پاڻ ڀلا ڀاءُ جي گهر ڪيسين ويچاري ٿي ويهي رهي ها. سڄو ڏينهن گهر ۾ ڪم ڪندي ڪهڙي حالت ٿي ويندي هئس. ڪڏهن ڪڏهن ته اها ڪاوڙ پنهنجي ٻار مان ڪڍندي هئي. سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سڄو ڏينهن ته گهر کان ٻاهر رهندا هئا. پوءِ سڄو گهر ۽ انهن جا ٻار پئي سنڀاليندي هئي. باهه لڳندي هئس جڏهن ڀاڄائي ۽ ڀاءُ سڄو ڏينهن ٻاهر رهڻ کان پوءِ گهر ۾ گهڙندا هئا ته اهو به ڪونه پڇندا هئس ته تو اڄ سڄو ڏينهن ڪيئن گهاريو. اسان جا ٻار ڪيئن آهن يا مظهر ڪيئن آهي؟
    ڪڏهن ڀلجي به گهمڻ لاءِ نه چوندا هئس ته تون به انسان آهين توکي به ساهه آهي تون به اسان سان گهمڻ هل!
    کيس ته ٺهيو، پر سندس پٽ کي ڪيئن نه ڀاءُ جا ٻار مهڻا ڏيندا هئا، ڪا به شيءِ هٿ ۾ کڻندو هو ته اهو چئي کسيندا هئا ته هي اسان جو گهر آهي تون اسان جي شين ۾ هٿ نه وجھندو ڪر. ۽ هُو ضد ۾ اچي روئندو اچي هن کي دانهن ڏيندو هو، پر هوءَ ڪنهن کي دانهن ورنائي مورڳو ئي اندر جي باهه پنهنجي پُٽ مان ڪڍندي هئي. ڇا اڃا به ڀاڄائيءَ جي اڳيان هوءَ غلامي ڪندي رهي! پاڻ ڪهڙوڏوهه ڪيو هئائين جنهن جي سزا ڀوڳي رهي هئي. هڪ ته پهرين سزا ۽ هاڻ هيءَ ٻي سزا! ڳالهيون سهي سهي پوءِ ئي فيصلو ڪيو هئائين شادي ڪرڻ جو. ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايو هئائين ته مان شادي ٿي ڪيان. سندس پري جي دوست هئي ان جو چاچو جنهن جي شادي به ٿيل هئي ۽ ڇهن ٻارن جو پيءُ به هو. ضد ۾ اچي فيصلو ڪري ويٺي. جڏهن پاڻ راضي هئي پوءِ هو ته هڪ مرد هو، هڪ نوجوان ڇوڪري جيڪا پاڻ ئي راضي ٿئي ٻيو هن کي ڇا کپي. مکڻ کائيندي ڏند ٿورئي ڏکندس!
    پر پاڻ جڏهن گهر ۾ شاديءَ جي ڳالهه ڪئي هئائين ته سندس ڀاءُ کي حيرت سان گڏ ڪاوڙ به لڳي هئي، پر پاڻ هڪ تي ٿي بيٺي ته مون کي ڪرڻي آهي ته ان سان نه ته بس. ڀاءُ به ته اهو ئي سمجھايس، ”ڀيڻ تون جيڪڏهن اسان جي گهر ۾ پاڻ کي بار ٿي سمجھين ته پوءِ تنهنجي لاءِ تو جهڙو ئي ور ڳولي لهندس، جيڪو تنهنجو جوڙ هجي ۽ تنهنجو هم خيال هجي، پر هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو. ۽ هوڏ ۾ اچي شادي ڪري ويٺي هئي.
    هن کي شروع واريون ڳالهيون ور ور ڪري وڪوڙي رهيون هيون. يا خدا هيءُ ڪهڙو انصاف آهي؟ مون ته پنهنجي پٽ جي ڪري هيءُ ڦاهو کاڌو هو، منهنجو مڙس ئي مون کان ڦِري ويو آهي. شروع ۾ ڪيئن نه مظهر کي ڀائيندو هو. اسٽاپ تائين بس ۾ اسڪول چاڙهي ايندو هوس.
    سندس گهر واري نٿي رهي سگهي مون سان ته هڪ گهر الڳ وٺي ڏنائين. ڪيڏو نه سک پاتو هئم پنهنجي گهر ۾. بس مون کي پنهنجي پٽ جو مستقبل ٺاهڻو هو، ان کي پڙهائڻو هو. سندس ٻار نه پڙهندا هئا، پر مظهر ته هونئن ئي سندس ڀاءُ جي گهر ۾ به اسڪول ويندو هو، پر مئٽرڪ کان پوءِ مظهر کي به اسڪول کان ويهاري ڇڏيائين اهو چئي ته ڪهڙو هيءَ وري نوڪري ڪندو، هلي منهنجي دڪان تي منهنجي همراهي ڪرائي.
    ڪجهه به نه ڪُڇي هئي، مظهر کي جڏهن خبر پئي هئي ته سندس پيءُ پڙهڻ نه ٿو ڏئي ته سمجهه ۾ نه آيو هئس ته سندس پيءُ هن کي پڙهائيءَ کان ڇو پيو روڪي پر ماءُ اهوئي چيس ته ”پٽ تنهنجا ڀائر به ته تنهنجي پيءُ جي همراهي ٿا ڪرائين تون به پيءُ جو چوڻ ڪري دڪان تي ويهه“ ماءُ جو چوڻ ڪري پڙهڻ ڇڏي دڪان تي ويهڻ لڳو هو.
    پاڻ ڪڏهن به هُن کي محسوس ڪرڻ نه ڏنو هئائين ته تنهنجو پيءُ اهو نه آهي، پر جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو هو تيئن تيئن سندس دل ۾ عجيب وسوسا پيدا ٿيندا ويا ۽ سوچيندي هئي ته جيڪڏهن مظهر کي خبر پئجي وئي ته سندس پيءُ ٻيو آهي ۽ جيئرو آهي- ته پوءِ.....
    پر ماڻهو ته ٺهيو اڄ ته سندس مڙس ئي هن کي طعنا ڏيندي چئي ڇڏيو ته ”وڃي پنهنجي پيءُ ڏي ته چڱيءَ طرح هِن کي کارائي.“ ڪيڏو نه ڏک ٿيو هوس. اهوئي مڙس جنهن کي سڀڪجهه سمجھي هن ڏي وڌي هئي پنهنجي پٽ جو سهارو ڳوليو هئائين اهوئي هن کي منهن تي چئي ويو. هوءَ ڪنهن کي دانهن ڏئي؟ ڪنهن سان سور سَلي!
    مائٽن جي رضامندي سان شادي نه ڪري ڪيڏو ڀوڳي رهي هئي دل ئي دل ۾، ان کان ڀاءُ جي در تي ويچاري ٿي ويهڻ صحيح هو. پنهنجو پورهيو ڪيان ها، پنهنجي پٽ کي پڙهايان ته ها، پر ويل وقت هوءَ ڪٿان ٿي ورائي سگهي.
    ڪيڏي نه رات گذري ويئي هئي. هن کي ائين لڳو ته ڄڻ هوءَ پاڻ سان ڳالهائي ساڻي ٿي پئي آهي. اُڃ لڳس ته پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي، سندس نظر مڙس تي پئي جيڪو سڪون سان سمهي کونگهرا هڻي رهيو هو.
    ڪيڏي نه وحشت ٿيڻ لڳس هِن کان. سوچڻ لڳي، سڳو پيءُ هجيس ها ته ڪونه پريشان ٿئي ها، پر هن کي ته ڪابه ڳڻتي ڪونهي، ته مظهر هن مهل تائين گهر ۾، ڇو ڪونه آيو آهي.
    الائي ماني به کاڌي هوندائين الائي نه! الائي ڪٿي، هوندو! ڪٿي ڳوٺ ته نه هليو ويو؟! هزارين سوچون من ۾ اينديون رهيس، اهوئي مڙس هئس جيڪو اول گهول ويندو هو مون تان ۽ منهنجي پٽ تان اهوئي هينئر ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.
    وري به همت ڪري مڙس کي ڌونڌاڙڻ لڳي، هُو جيڪو پنهنجي اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، سو اوچتو هِن جي اٿارڻ سان باهه وانگر ڄڻ ڀڙڪي پيو.
    ”ڇو ڇاٿيو اٿئي جو اچي ننڊ خراب ڪئي اٿئي“
    هوءَ ڊڄندي پڇڻ لڳي، ته ”م م.... مظهر ڪونه آيو آهي. ڪيڏانهن ويو. ايڏي رات گذري وئي آ.“
    تنهن تي مُنهن بڇڙو ڪري چوڻ لڳو ”ان ڳالهه لاءِ اچي مٿو کاڌو اٿئي، مون کي ٻڌائڻ وسري ويو ته هُو پنهنجي اصلي پيءُ ڏي هليو ويو. سندس دوست دڪان تي ٻڌائي ويو هو. چڱو ٿيو ٽريو منهنجي اکين کان.“ هُو الائي ڇاڇا ڳالهائيندو منهن ورائي سمهي رهيو.
    هن کي، به ائين لڳو ڄڻ هينئر سندس پيٽ ۾ ساهه پيو آهي، سوچڻ لڳي، گهٽ ۾ گهٽ پيءُ هن کي کائڻ جا طعنا ته ڪونه هڻندو. مان ته هن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، پر سندس پيءُ ته هن کي پيار ڏيندو. سوچڻ لڳي، ان کان پهرئين ئي فيصلو ڪري پُٽ کي موڪلي ڇڏي ها ته شايد هيءُ ڏينهن ڏسڻا نه پونس ها. مون پنهنجي زندگي ته داءَ تي هڻي ڇڏي، پر ان جي سزا منهنجي پٽ کي ته نه ملي، هُو مون کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ وٽ خوش هوندو. ۽ هُو سندس پيءُ آهي، هن کي ضرور اڳتي پڙهائيندو لکائيندو جيڪو منهنجو مقصد هو سو ضرور پورو ٿيندو، پوءِ هُو مون کان پري ئي ڇو نه هجي!
    سڄي رات اوجاڳي ڪرڻ کان پوءِ به ائين محسوس ٿي رهيو هئس ڄڻ اوجاڳي جو ٿڪ ٿيو ئي نه هجيس. محسوس ڪيائين ڄڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ هوءَ اڄ سٺي ننڊ ڪري سگهندي....


    اندر روحَ رهيام

    ”امان…امان…او امان…توهين ڪٿي آهيو!“ علي، ماءُ کي ڳوليندو رڌڻي ڏانهن ويو.
    ”جيءُ پٽ… ڇا ٿيو؟“ حُسنا، عليءَ کي خوش ڏسندي چيو. ”امان! هيءَ ڪارڊ ڏسو، منهنجي دوست جي شاديءَ جو آهي…۽ توهان کي به ضرور هلڻو آهي.“
    حُسنا جڏهن ڪارڊ ڏٺو ته ڳوٺ جو نالو پڙهي هٿ ڏڪڻ لڳس. مُنهن سڄو ڪاراٽجي ويس.
    ”امان! توهان کي ڇا ٿيو؟“ علي، ماءُ جي چهري کي ڏسندي چيو.
    ”ڪجهه نه پُٽ! سوچيم پئي ته ڳوٺ ڪيترو نه پري آهي. ايڏو پري ڪيئن هلبو!“ حُسنا ڳالهه ٺاهيندي چيو.
    امان! هڪڙوئي دوست آهي منهنجو، هن جو ڳوٺ به ساڳيو آهي ۽ شادي به پنهنجي سؤٽ سان ڪري رهيو آهي. مٽ مائٽ، راڄ ڀاڳ به اتي ئي اٿس ته پوءِ شادي به اُتي ٿيندي.
    ”هونئن به مون کي ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شادين ڏسڻ جو شوق آهي.“ علي خوش ٿيندي چيو.
    ”چڱو پُٽ! ٺيڪ آ، تون ئي وڃجانءِ، باقي مان نه هلي سگهندم. ايڏو سفر ڪرڻ مون کان نه ٿيندو. توکي ته خبر آهي ته منهنجي طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي.“ حُسنا عليءَ کي سمجهائيندي چيو.
    ”ٺيڪ آ امان، مان ئي دوستن سان گڏ هليو ويندس.“
    علي اهو چئي ڪمري ڏانهن ويو. علي ته هليو ويو، پر حُسنا جي هٿ ۾ اڃا اهو ڪارڊ هو. هـِن کي ڪارڊ مان ڄڻ پنهنجي ڳوٺ جي خوشبو اچڻ لڳي ۽ ڳوٺ لاءِ جيڪا سالن جي سـِڪ هن جي من ۾ سانڍيل هئي اُها ڄڻ هٿن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. ۽ هن کي ائين لڳو هو ته ڄڻ اڄ ئي هن سڀڪجهه وڃايو آهي. ڇا ڇا نه وڃايو هئائين! ڪهڙي ڪهڙي سڱ سياڪي تان هٿ کڻڻو پيو هئس. هڪ اهڙي ڏوهه جي سزا جيڪو هن ڪيو به نه هو، اڄ تائين ڀوڳڻو پيو هئس. پڙهيل هوندي به هوءَ اڄ تائين پنهنجي سڃاڻپ ڪنهن کي نه ڏئي سگهي هئي. هوءَ اندر ۾ ڀڄندي ڀُرندي رهي هئي. هر وقت خوف هن جي مٿان طاري رهندو هو. حُسنا ته پنهنجي مُڙس کي واپس وطن ورڻ کان به جهليو هو، پر اُن جو ڪارڻ به ته نه ڏئي سگهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي. هاڻ ته الاهي بيمار به رهڻ لڳي هئي ۽ عمر کان وڏي لڳندي هئي. مڙس ته گهڻو خيال رکندو هئس. سٺو ڪاروبار هئس. پيسي ڏوڪڙ جي ڪابه تنگي نه هوندي هئس. پر جيءَ ۾ مائٽن جو جهوراڻو هئس ۽ اندر ۾ ڦوڙائي جو ڦٽ ڪڏهن نه ڇٽيس ۽ وقت کان اڳ هوءَ پوڙهي ٿي چڪي هئي. اڄ ورهين پڄاڻان ڪارڊ کي ڏسندي هن جو روح رڙيو هو مائٽن لاءِ، پر هن جا رستا ته ختم ٿي چڪا هئا. هن جو وجود ئي پنهنجو نه رهيو هو. حُسنا جي هٿ ۾ شادي ڪارڊ هو. هوءَ هر هر اُن کي ڏسندي ٿي رهي- ۽ حال جي تيز هوا ماضيءَ جي ڪتاب جا ورق ورائيندي پئي وئي!
    * * * *
    رات پوئين پهر ۾ هئي. اوچتو در کڙڪڻ جو آواز ٿيو، حُسنا ۽ سندس ماءُ جي اک کلي.
    ”سؤٽَ در تي ڏس ڪير آهي؟“ امان در کڙڪڻ جي آواز تي بابا کي چيو.
    بابا در ڏانهن ويو. ماسات حميد بيٺو هو.
    ”ابا خير ته آهي، هن مهل!“ بابا چيو.
    ”ها خير آهي…!“ هو لُوهه پائي اندر گهڙيو.
    کٽن تي سڀني کي سُتل ڏٺائين.
    ”ڇو ابا، ڇا پيو ڳولين؟“ بابا پريشان ٿيندي پڇيو.
    ”ماسڙ، ٿورو هيڏانهن اچ.“ حميد بابا کي ڏيڍيءَ ڏانهن وٺي ويو.
    مان ۽ امان آوازن تي اُٿي ويٺاسين.
    ”ماسڙ هڪڙي ڳالهه پڇڻي هئي توکان؟“
    ”ها پڇ! ڇا ڳالهه آهي؟“ بابا اُلڪي مان چيو.
    ”ماسڙ! اڄ ماسي ۽ ماسات حُسنا وڏيرن جي لاڏن تي ويون هيون ڪي نه؟
    ”نه ابا! اڄ لاڏن جو سَڏُ ته هو، پر ماسهين جي طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي، سو پوءِ حُسنا به نه وئي. ڇو ڇا ڳالهه آهي“، بابا حميد کان پڇيو.
    ”ته پوءِ ماسڙ، هوءَ چادريءَ ۾ ڪهڙي عورت هئي، جيڪا وڏيري جي اوطاق مان نڪتي ۽ وري هن ئي گهر ۾ وئي!“ حميد اچرج مان چيو.
    ”چوين ڇا پيو؟“ بابا اهو ٻڌي الاهي جذباتي ٿي ويو.
    جڏهن امان ۽ مون اها ڳالهه ٻڌي ته امان کٽ تان اُٿي ڏيڍيءَ ڏانهن وئي.
    ”ابا حميد، حُسنا جي چادري ته تنهنجي ڀيڻ زيبو پائي وئي هئي. پنهنجي هـِت ڇڏي وئي هئي. اهو چئي ته پراڻي آهي، پوءِ واپسيءَ تي وري پنهنجي چادري پائي به وئي. هڪ ساهيڙي به گڏ هئس.“ امان حميد کي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي.
    منهنجو ساهه هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. يا خدا…هيءُ ڇا آهي…زيبو…نه نه…ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان سوچڻ لڳس. حميد جو مُنهن تپي باهه ٿي ويو ۽ هن کي ڄڻ يقين ئي نه آيو، پر پنهنجي گهر ڏانهن ويندي مهل چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن زيبو هئي ته ضرور حُسنا به اُن ڳالهه ۾ ٻڌل هوندي، مان ٻنهي کي نه ڇڏيندس.“
    ”گهڻو نه ڳالهاءِ، منهنجي ڌيءَ تي وري الزام ٿو هڻين، جڏهن ته منهنجي ڌيءُ گهر مان نڪتي ئي نه آهي. ۽ مون کي پنهنجي ڌيءُ تي ڀروسو آهي، منهنجي ڌيءُ اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري نه ٿي سگهي.“ بابا الاهي جذباتي ٿيندي حميد کي چيو، ۽ ماسات حميد چـِڙ ۾ اتان هليو ويو ۽ اُن ئي رات هن زيبوءَ کي ڪهاڙيءَ سان ماري ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن ڀڄي ويو، ۽ چڱي عرصي تائين غائب رهيو. سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو. منهنجي ننڍپڻ جي ماسات زيبو، جنهن سان گڏ مون رانديون ڪيون ۽ گڏ ننڍيون ٿي وڏيون ٿيوسين، پرائمري گڏ پڙهيوسين، پر ماسات حميد زيبوءَ کي وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنو، ۽ ٿوري ئي وڏي ٿي ته گهر ۾ اندر ويهاري ڇڏيائين. جنهن جو ڏک زيبوءَ کي به ٿيو، پر مون کي وڌيڪ ٿيو. ڇو ته مان اڪيلي ٿي ويس، پر منهنجي بابا مون کي وڌيڪ پڙهڻ جي اجازت ڏني. مون مئٽرڪ پنهنجي ڳوٺ مان ڪئي. منهنجيون ننڍيون ڀينر ۽ ڀائر به پڙهڻ لڳا. ماسات حميد کي ڪاوڙ ته ڏاڍي هئي اسان تي، پر هن جو زور پنهنجي گهر تي هليو ۽ بابا هُن جي ڳالهين ۾ نه آيو.
    پر هُو جڏهن به گهر ايندو هو ته بابا کي برغلائيندو هو، اِهو چئي ته ”ماسڙ حُسنا کي پڙهائي ٺيڪ نه پيو ڪرين. سڀاڻي تون ئي ڪنڊا ڪڍندين، جڏهن مُڙس به آخر ۾ توکي ڳولي ڏيندي.“ بابا کي چڙ ته ڏاڍي وٺندي هئي، پر بابا ٿڌي دماغ وارو ۽ سمجهه وارو هو پر، اهو ضرور چوندو هئس ته ”ابا حميد! پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. علم ڪڏهن به غلط رستو نه ڏيکاريندو آهي. پُٽن کي پڙهائجي ٿو. باقي نياڻين ڏوهه ڪيو آهي ڇا؟“
    بابا جون ڳالهيون ماسات حميد تي ڪو اثر نه ڪنديون هيون. چڙ ۾ اُٿي بيهي رهندو هو ۽ مان ڪمري ۾ سڀڪجهه ٻڌندي پنهنجي بابا تي دل ئي دل ۾ فخر ڪرڻ لڳندي هئس. ۽ مون به اهوئي سوچي ڇڏيو هو ته بابا جيترو اعتماد مون تي ڪيو آ، مون کي اُن کان وڌيڪ اعتماد ڏيڻو به آهي.
    منهنجا انٽر جا امتحان جڏهن ٿيا ته سينٽر ٻئي شهر ۾ لڳو هو ته بابا مون کي روز پنهنجي ڊيوٽي سمجهي اوڏانهن وٺي ويندو هو. بابا کي ڏسندي هئس ته خوشيءَ مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا ۽ وري جڏهن ماسات زيبوءَ جي باري ۾ سوچيندي هئس ته هوءَ ڪيڏي نه مجبور هئي پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان. ماسڙ ته هن دنيا ۾ نه هو، سڄي گهر تي حڪمراني حميد جي هوندي هئي. پاڻ به گهٽ پڙهيو هو، سڄو ڏينهن ويٺو هوٽلن تي شرطون رکندو هو. زيبو چاهيندي به تعليم نه پرائي سگهي، ائين مون انٽر به ڪري ڇڏي ۽ نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ به ڪيو ۽ منهنجي خوشنصيبي هئي جو مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ماستري ملي وئي. مون پنهنجي ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن کي انهيءَ شوق سان پڙهائڻ شروع ڪيو. ائين وقت گذرندو رهيو ته اوچتو اڄ زيبوءَ واري واقعي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن ته ڳوٺ ۾ هراس ڇانيل هو ۽ مون کي ته زيبو ڪڏهن به نه ٿي وسري سگهي. پر هڪ رات ۾ جيئن زيبوءَ جي زندگيءَ جو فيصلو ڪيو ويو ته منهنجي به زندگيءَ جو شايد اُنهيءَ رات ئي فيصلو ٿي چڪو هو! هن جي ته زندگي ختم ٿي چڪي هئي، پر مون کي جيئري ئي زندگيءَ تان هٿ کڻايو ويو. ڏوهه جيڪو مون ڪيو به نه هو، ان جي سزا مون کي ڏني وئي. ان زندگيءَ منهنجي سڃاڻپ ئي کسي ورتي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اوچتو رات جو بابا، امان کي اُٿاريو. اهو چئي ته ”امان حُسنا کي اُٿار، حميد ڪنهن جي هٿان چواريو آهي ته هو حُسنا کي به نه ڇڏيندو. ”بس حُسنا جي ماءُ هن کي اڄ ئي رات ڪيڏنهن وٺي وڃڻو آهي. هُو وڏو ظالم آهي“ بابا پريشانيءَ مان امان کي چيو. امان جي ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. مون جڏهن ٻڌو ته اُٿي بابا کي چيو: ”مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ماسات حميد اچي مون کي ماريندو! اڃا مون ۾ همت آهي. اچي ته ڏسان ڪيئن ٿو مون کي ماري.“ مان الاهي جذباتي ٿي ويس ”بابا مان ڪيڏانهن به نه وينديس.“
    ”پٽ! مون کي خبر آهي تنهنجو ڪو ڏوهه نه آهي.“ بابا چيو ”پر هُو وڏو قهاري آهي، هُن پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ کي ئي ماري ڇڏيو ته پوءِ توکي ڪيئن بخش ڪندو!“
    ”بابا زيبوءَ جو ڏوهه هو يا نه، پر منهنجو ته ڪو به ڏوهه نه آهي!“
    ”ها پُٽ! مان سمجهان ٿو. بس توکي اڄ ئي رات مون سان هلڻو آ. منهنجي مجبوري ڏس. مان نٿو چاهيان ته منهنجي بي ڏوهي ڌيءَ ماري وڃي.“
    ”پوءِ بابا، توهان مون کي ڇو ٿا ڪيڏانهن موڪليو؟“ اُها زندگي ڪهڙي هوندي، جتي سڄي عمر جيئري ئي مري وڃان! انهيءَ کان ته مون کي موت قبول آهي.“
    ”پُٽ، تون مون کي ڏس ۽ ماءُ کي ڏس!“ سندن نماڻن نيڻن جي ڪُٺل نهار مون کي به ري ڪاتيءَ ڪهي وئي. ڇو ته منهنجو زنده رهڻ ئي هُنن لاءِ غنيمت هو. ۽ اُها رات منهنجي زندگيءَ جي آخري رات هئي. جنهن مون کان منهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀائر کسي ورتا. ۽ اُن ئي رات اڻڄاتل سفر ڏانهن منهنجي مقدر جو فيصلو به ٿي چڪو هو. اُهي بابا جا پري جا ڄاڻ سڃاڻ وارا هئا، جن وٽ بابا مون کي ڇڏي ويو ۽ موٽي وري سارَ نه لڌائين يا شايد هنن منهنجي حياتيءَ جو سودو ائين قبول ڪيو هو.
    ان ڪٽنب ۾ بس زال مڙس هئا، جن کي اولاد به نه هو. بابا کين سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هُنن به بابا کي الاهي ڏَڍُ ڏنو، ته هيءَ اسان جي ڌيءَ آهي تون ڪوبه اُلڪو نه ڪر. هنن کي اولاد ته هو ڪو نه سو مون کي ڏسي ڄڻ جي پيا. بابا في الحال ته مطمئن ٿيو هو، پر اندر ۾ هو به اڌ ٿي چڪو هو! هن جي بيوسيءَ جي آخري نهار منهنجي اندر کي به ڪوري ڇڏيو هو، پر ڪجهه نه ڪُڇي سگهيس. بُت بڻجي ڏسندي رهيس پاڻ کي تسلي ڏيندي رهيس، اِهو سوچي ته ماءُ پيءُ جو اولاد سان رشتو ڪيڏو نه اڻٽٽ ٿئي ٿو، جنهن ۾ اولاد جي زندگي ئي ڪيڏي نه وڏي وَٿ آهي، مائٽ لاءِ.
    پهرين ته مان رڳو روئيندي رهندي هئس. سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڇا ٿيندو؟ وري ڪڏهن پنهنجن مائٽن سان ملنديس يا نه…!پڙهيل ڳڙهيل هوندي به اُنهن رسمن جي ور چڙهي وئي هئس مان! سوچيم ته نوڪري ڪريان، پر وري ماسات حميد جو خيال ايندو هو ۽ بابا جي بيوسي. بس چپ ڪري گهر ويهي رهيس ۽ سال گذرندا ويا. ۽ ائين هيءَ فيملي ٻاهرين ملڪ شفٽ ٿي. مون کي به اُنهن سان گڏ وڃڻو پيو ۽ منهنجي پنهنجي سڃاڻپ سالن پڄاڻان ائين ختم ٿيندي وئي. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند رهندي دماغ ئي ڪم نه ڪندو هو. هنن جي به ذميواري هئي. جڏهن بابا وري سارَ نه لڌي ته هنن مناسب جاءِ تي منهنجو رشتو مون کان پڇي طيءِ ڪيو. ڇو ته هاڻ ڪو اوهي واهي نه رهيو هو منهنجو! منهنجا سڀڪجهه اُهي ئي ته هئا ۽ اُنهن اُتي سڀن کي اهوئي ٻڌايو ته ڌيءَ آهي اسان جي. مان به انڪاري نه هئس ان رشتي کان ڇو ته هو هاڻ منهنجا سڀڪجهه هئا.
    ائين زندگي گذرندي رهي. مائٽن جي سارَ ته هڪ ڏينهن نه وسرندي هئي. هر وقت ماءُ، پيءُ، ڀائر ۽ ڀيڻون اکين اڳيان اچي ويندا هئا، پر عليءَ جي ڄمڻ کان پوءِ خوشيءَ جي احساس وري مون کي نئين زندگي ڏني، جنهن ۾ ڪجهه ڦٽ ميٽجڻ لڳا هئا ۽ اُن خوشيءَ ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيم.
    حُسنا جي هٿ ۾ ڪارڊ اڃا تائين هو، جيڪو سڄو پگهر ۾ آلو ٿي چڪو هو. هن پاڻ کي خيالن کان آجو تڏهن ڪيو، جڏهن علي بُک جون رڙيون ڪندو رڌڻي ڏانهن آيو. حُسنا جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، جيڪي ڪارڊ کي پُسائيندا رهيا.
    حُسنا ڪارڊ کي پاسي ڪري رکيو ۽ بصر وڍڻ لڳي.


    تِروِرو

    پنهنجي مرضيءَ سان ماڻهو کِلي سگهي ٿو. روئي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جي پنهنجي زندگي آهي. هوءَ چپن ۾ ڀُڻڪي ۽ ڪالهه وارا جملا ورجائي ٿي.
    اداس ۽ خوف ۾ ورتل ذهن، ڪنهن ڪومايل پنکڙي جيان ٽڙڻ کان اڳ، ايندڙ هوا جي جهوٽي جي خوف ۾ ورتل هجي ۽ جنهن کي سڀاڻي جي ڪل نه هجي. زندگي جي ٻه- واٽي تي، آس ۽ نراس جي وچ ۾ بيٺل ڀڙڀانگ زندگي، جتي وک وک تي منافقيون، مايوسيون، ڏک ۽ درد ڪر کڻيو ڏنگڻ لاءِ آتا هجن. اتي پنهنجي مرضي هلائڻ جو ڪو سوال پيدا ٿئي ٿو ڇا؟
    انيتا جڏهن اداس ٿيندي آهي تڏهن خاموش ڪمري جي هِن ڪنڊ ۾ ته ڪڏهن هُن ڪُنڊ ۾ پاڻ کي ڳولڻ ۽ جهنجوڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
    ها اڄ به هوءَ ڏاڍي اداس هئي. هن جي ذهن ۾ ڪوريئڙي جي ڄار وانگر خانا ٺهندا پيا وڃن. جنهن جي هر خاني ۾ آس ۽ نراس ٽنگيل نظر ٿي اچيس.
    اڄ سڄي هاسٽل خالي ٿي رهي هئي. هرڪا ڇوڪري پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ رات کان تياري ڪري رهي هئي. سندس روميٽ پرهه جيڪا کانئس جونيئر هئي ۽ تازو يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئائين، پنهنجو ٿيلهو ٺاهي هن کان پڇڻ لڳي:
    ”انيتا، تون ڪنهن مهل ويندينءَ؟“
    ”مان......... مان به هاڻي ٿوري دير ۾ تياري ڪري هلي وينديس.“ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هوءَ ڇا چوي.
    ”امان پرهه، توهان جو ڀاءُ گيٽ تي آيو آهي. توهان کي سڏي پيو.“ ماسي پرهه کي سڏڻ آئي.
    ”ها ماسي مان تيار آهيان.“ هوءَ ٿيلهو کڻي انيتا کان موڪلائڻ لڳي.
    ”چڱو انيتا، مان هلان ٿي. وري عيد کان پوءِ ملبو.“
    هُن جي دل چيو......... هاڻي صفا بي ايمان ٿي پئي. پر پرهه کي ڪيئن روڪي پئي سگهي. هوءَ اندر ۾ روئي پئي. اکين مان ڳوڙها وهڻ تي هئا، جو پاڻ تي قابو ڪري ظاهري مُرڪي پئي، چڱو پرهه خدا حافظ.
    پرهه وئي هلي. هن کي اڪيلائيءَ ۾ ڪمرو کائڻ ٿي آيو. پاڻ ڪيڏانهن وڃي؟ ڪير هو هن جو!؟ ڪير به ته نه، پر هوءَ ننڍي هوندي کان اڪيلي آهي. هن کي ڪنهن ڪڏهن ڪجهه سمجهيو ئي ناهي. رشتن ناتن هوندي به هن پاڻ کي اڪيلو ئي محسوس ڪيو هو.
    ان جا ڪيترائي سبب هئا. پاڻ ظاهري ڪنهن کي به محسوس ڪرڻ ڪونه ڏيندي هئي. آخر ڪيستائين، هوءَ هاڻ ٿڪجي پئي هئي، هوءَ ڪنهن سان شڪايت ڪري، ڪنهن ڪنهن کي چوي. هاڻ ته پنهنجي طبيعت مان ئي بيزاري ٿي محسوس ڪري.
    آخر هيءَ سڄي دنيا ڇو منافق آهي؟ هر ماڻهو، اڪيلو ٿو ڀٽڪي! ڪير ڪنهن سان گڏ ڇو ڪونهي!
    ڪڏهن گڏ هوندي به ڪير گڏ ناهي هوندو. چاهيندي ۽ سمجهندي به ڪڏهن سمجهي ناهي سگهبو.
    هن جي دل چاهيندي هئي ته هر ڪنهن جو چهرو نُور سان ڀريل هجي، ۽ ڪابه منافقي ڪابه ٻيائي ڪنهن من اندر گهر نه ڪري.
    وري هن جي ذهن ۾ سوال ٿو اُڀري.
    ڇا! رشتا ڪمزور هوندا آهن يا رشتن جا به قسم ٿيندا آهن؟ يا ڪي رشتا چاهيندي به ڳنڍجي نه سگهندا آهن؟
    نه، نه سڀ بڪواس آهي. هوءَ ڏند ڀيڪوڙي لُڇي پئي.
    ڪير به ڪنهن جو ناهي، هيءُ سڀ وقتي سهارا آهن، جيڪي ملڻ کان پوءِ اهميت وڃائي ڇڏيندا آهن. هوءَ ڇو اڄ پاڻ کان سوال ڪري رهي آهي، شايد ان لاءِ ته دانش هن کي جذبن جي رشتن جي باري ۾ محسوس ڪرايو هو.
    ڪمري ۾ گُهٽ محسوس ڪندي، دريءَ وٽ وڃي بيهي رهي ٿي. پويان زيتون جي وڻ ۾ ويٺل ڪوئل پئي ٻولي. هن کي لڳو ته هن جيان هوءَ به اڪيلي آهي. هوءَ دري بند ڪري ڪمپيوٽر سائنس جو ڪتاب ٽيبل تان کڻي اچي پلنگ تي ويهي ٿي رهي. ڪتاب کولي ٿي، پر سندس اکيون ٿڪل آهن.
    هن کي رات پرهه تي رشڪ ٿي آيو، ڪيئن نه سڄي رات خوشيءَ ۾ ننڊ نه ڪئي هئائين. هوءَ ڪنهن مهل ڪپڙا ٿيلهي ۾ رکي رهي هئي ته ڪنهن مهل ٽيپ ٻڌي رهي هئي. هيءَ پاڻ به ته جاڳي رهي هئي، پر سندس جاڳ ۾ خوشي نه پر ڪنهن اڪيلائيءَ جو خوف هو. سندس اکين مان ننڊ ڄڻ موڪلائي وئي هئي.
    انيتا کي پاسا ورائيندي ڏسي پرهه سمجهي وئي ته هوءَ به جاڳي پئي، سو چوڻ لڳي. ”انيتا، منهنجي جڏهن کان ايڊميشن ٿي آهي ته ڳوٺ نه وئي آهيان. لڳي ٿو ڄڻ سال گذري ويا هجن. سچ مون کي ڀائر ۽ ڀيڻون ڏاڍا ياد ٿا اچن.“ پوءِ اوچتو سوال ڪيائين:
    ”تون ٻڌاءِ، توکي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو ڳوٺ نه وئي آهين؟“
    هوءَ پنهنجن خيالن ۾ گُم هئي ڪجهه به نه سمجهندي پرهه جي سوال تي ڄڻ ڇرڪجي پئي.
    پرهه، جواب نه ٻڌندي، چوڻ لڳي، ”مان توسان پئي ڳالهايان ڪنهن سان! تون آهين جو ڪو جواب ئي نه پئي ڏين، ڇو ننڊ پئي اچئي ڇا!“ حُجائتي لهجي ۾ انيتا کي چوڻ لڳي.
    وري جواب نه ٻڌي پاڻ ئي ڳالهائڻ لڳي. ”توکي واقعي شابس آهي. سچ مون کي ته اڄ ننڊ نه ايندي. مان ته انتظار ۾ آهيان ته صبح ڪنهن مهل ٿو ٿئي.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي وري اداس ٿي وئي، ۽ چوڻ لڳي، موڪل وري ڪهڙي آهي. ٽي ڏينهن ته عيد جي موڪل ملي آهي، سچ دل ته چوي ٿي مهينو موڪل ملي ته وڃي ڳوٺان سڪ لاهي اچان، پر ڪٿي ٿي موڪل ملي.“ پرهه مسلسل پنهنجي مُنهن ڳالهائڻ لڳي: ”سچ منهنجي ته دل چوي ٿي ته هر ڳوٺ ۾ يونيورسٽي کُلي وڃي ۽ ڪوبه پنهنجن مائٽن کان پري نه ٿئي.“
    ڪنهن به ڳالهه جو جواب نه ملندي چوڻ لڳي، ”يار تون ته الائي ڪهڙي مٽيءَ جي ٺهيل آهين نه ڪجهه ڳالهائين ٿي ۽ نه ڪنهن ڳالهه جو جواب ٿي ڏين؟“
    ڪو جواب نه مليس ته سمجهئين ته پڪ انيتا سمهي پئي آهي، ۽ پرهه چپ ٿي وئي.
    پر.......... پر هوءَ ڪيئن ٿي ننڊ ڪري سگهي. هن جا نيڻ ته تڏهن کان کُليا پيا هئا جڏهن کان هن جو رشتن تان اعتماد کڄيو هو. چاهيندي به هوءَ پرهه کي نه ٿي ٻڌائي سگهي ته هن جي سوچ سندس سوچ کان ڪيڏي مختلف آهي. هن جي دل چاهيندي آهي موڪلون ڪڏهن به نه ٿين ۽ هوءَ هميشه هاسٽل ۾ رهي پئي هجي ۽ پرهه کي اهو به ٻڌائي ته ”اهي ڇوڪريون جيڪي ماءُ پيءُ کان پوءِ پنهنجن ڀائرن جي رحم ڪرم تي هونديون آهن، ۽ اهي ڀائر وري زالن جي اجازت بنا هڪ انچ به چُري نه سگهندا آهن. ڇو ته اهي زالون پنهنجو حق سمجهي ائين ڪرڻ تي فخر محسوس ڪنديون آهن. اهي هاسٽلون اسان جهڙين ڇوڪرين لاءِ ئي ٺهيل آهن، جيڪي پنهنجي گهر جي اوڙاهه مان نڪري هت رهڻ تي مجبور هونديون آهن، پر هوءَ اڄ تائين پرهه کي ڪجهه به نه ٻڌائي سگهي هئي. ڇو ته هن لاءِ ڪنهن به رشتي تي اعتماد ڪرڻ ڄڻ هن جي اندر جي سودي ڪرڻ جي برابر هو.
    هن کي ياد ٿي آيو، جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو هو. ماءُ ته هن جي ننڍي هوندي ئي دنيا ڇڏي ويئي هئي. پيءُ جي ٽيجهي تي سندس ڀاءُ کي پڳ ٻڌرائي وئي هئي. وڏو ڀاءُ گهر ڀاتين کي ڀاڪر پائي ڪيڏو نه رُنو هو. پاڻ سڀني ڀائرن ڀيڻن ۾ ننڍي هئي. کيس اها به خبر ڪانه هئي ته سندس ڀاءُ کي پڳ ڇو ٻڌرائي وئي. پاڻ ڪجهه به نه سمجهي سگهي هئي، پر جڏهن سندس ڀاءُ هُن کي ڀاڪر ۾ ڀري اهو جملو چيو هو: ”امان انيتا، هاڻ مان ئي تنهنجو ابو آهيان.“ ان مهل هن اندر ۾ پاڻ کي ڇِڄندي محسوس ڪيو هو.
    سندس ڀاءُ جا اهي جملا سندس ذهن ۾ گهر ڪري ويا هئا ۽ ننڍپڻ جي نازڪ سوچ وڏي ڀاءُ کي پيءُ جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو.
    پر خبر تڏهن پئي هئس جڏهن سمجهه ڀري ٿي هئي، ۽ اهي سڀ وقتي ڳالهيون لڳيون هئس. تڏهن کان ئي هن جو رشتن تان اعتماد کڄيو هو. هوءَ ڪنهن تي به يقين نه ڪري سگهندي هئي. هوءَ پنهنجي دنيا ۾ گم رهڻ ڪري صرف پنهنجي ذات جي خول ۾ بند رهجي ويئي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ هرڪو هُن کي مغرور سمجهندو هو.
    هوءَ جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ته سندس وڏو ڀاءُ توڙي ڀاڄايون سندس پڙهائيءَ جي مخالفت ڪندي چونديون هيون ”هن جي پڙهڻ سان ڪهڙا خاندان تي ڇَٽ جهُلندا!“ ۽ اهڙا جملا هوءَ موڪلن ۾ ڳوٺ وڃڻ تي گهر ۾ ٻڌندي رهندي هئي، پر هوءَ ڪو به جواب نه ڏيندي هئي. هوءَ ڪنهن کي ٻڌائي ته هوءَ اڪيلي آهي، ڪير به هن جو نه آهي.
    جيڪڏهن هيون به ته ٻه ڀيڻون. جيڪي سندس ننڍپڻ ۾ ئي پرڻجي ويون هيون، پر اهي پنهنجن ٻارن ۾ ايتريون ته مصروف ٿي ويون هيون جو هنن ڪڏهن به انيتا کان ڀلجي به نه پڇيو ته هوءَ ڪيئن آهي.
    ننڍا ڀائر ته وري ڪنن جا ايترا ڪچا هئا جو پنهنجن زالن جون ٻڌل ڳالهيون پنهنجي ڀيڻ تي مڙهيندي چوندا هئا ته ”ڪاليج جي پڙهائي ختم ڪري اچي گهر ويهي رهه. وڌيڪ پڙهڻ يا پڙهائڻ اسان افورڊ نٿا ڪري سگهون. هونءَ به وڌيڪ پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو.“
    اهي جملا هن جي ڀائرن ڪونه ڳالهايا هئا. هن جي ننڍي ڀاڄائيءَ ڳالهايا هئا، جنهن جي ڀاءُ سان سندس ننڍي هوندي جو مڱڻو ٿيو هو ۽ جيڪا خود احساس ڪمتري ۾ ورتل هئي ته متان اسان جي خاندان ۾ وڌيڪ پڙهي نه وڃي، يا سندس انٽر پاس ڀاءُ کي اهو نه ٻڌائڻو پوي ته هن جي زال هن کان وڌيڪ پڙهيل آهي.
    پر انٽر ڪرڻ کان پوءِ هن ڀائرن کي منٿ ڪئي هئي ته کيس يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ۾ B.Sc ڪرڻ ڏين. پهرين ته سندس ڀائر باهه ٿي ويا پر پوءِ وڏو ڀاءُ الائي ڪيئن راضي ٿيو هو.
    هن کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن سندس وڏو ڀاءُ هن جي يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو ته ان وقت سندس ڀاڄاين جي چهرن جو پنو ئي لهي ويو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس جاهلاڻي ذهن ۾ نانگن جي ڏنگ واري نئين زهر جنم ورتو هجي. سندس وڏي ڀاڄائي، نڪ کي مُوڙو ڏيئي اتان هلي وئي هئي. وري اڄ تائين هن سان سنئين منهن نه ڳالهايو هئائين. ڄڻ هن ڪا وڏي غلطي ڪري وڌي هئي.
    هن کي ياد ٿي آيو ته ڪيئن گذريل ٻن سيمسٽرن کان هن کي خرچ ڏيڻ سان گڏ محسوس ڪرايو ويو ته سندس ڪيتري اهميت آهي ۽ اهو به ته ”پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو. بهرحال، B.Sc ڪري گهر ۾ ويهڻ لاءِ سوچي ڇڏ.“ ڇو ته هو سندس نوڪري ڪرڻ جي حق ۾ نه هئا. شادي ئي ته ڪرائڻي هئن ۽ سندس ماسات گهڻي ملڪيت وارو هو. هنن جي نظر ۾ پئسو ئي سڀڪجهه هو، نه ڪي نوڪري يا ڪا تعليم.
    مائٽن جي وقت به وقت انهن مهڻن سبب هن جي اعتماد کي ڇيهو رسيو هو. جنهن سبب هميشه سندس ذهن ڪشمڪش ۾ رهندو هو. هن پاڻ کي يونيورسٽي ۽ هاسٽل تائين محدود ڪري ڇڏيو هو، ڀائرن ۽ ڀاڄاين جا زهر ڀريل جملا ذهن تي تري ٿي آيس. اهو ئي سبب هو جو هوءَ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀاڄاين جي رويي تي سخت دُکي هئي.
    ۽ اڄ چاهيو هئائين ته جيڪر هوءَ عيد تي به نه وڃي، ڇو ته وري اهي ساڳيا جملا هن کي ٻڌڻ لاءِ ملندا، پر هاسٽل ته سڄي خالي ٿي رهي هئي. هوءَ اڪيلي ڪيئن ٿي رهي سگهي.
    هوءَ چاهيندي هئي ڪڇڻ پنهنجي ڀائرن اڳيان. هن کي خبر هئي ته هوءَ هن رشتي جو نباهه ڪري نه سگهندي ڇو ته هن جي اندر ۾ ڪنهن لاءِ به اها جڳهه ٺهي نه ٿي سگهي. هوءَ ڪنهن تي به اعتماد نه ٿي ڪري سگهي. هن کي خبر هئي هي هڪ اهڙو نازڪ رشتو هو، جيڪو ٿوري به جهٽڪي سان پنهنجي اهميت وڃائي ٿي سگهيو. پوءِ ڇو هوءَ ڀائرن جي فيصلي کي پنهنجو فيصلو سمجهي؟ هن چاهيو هو وڏي ڀاءُ اڳيان ڪُڇڻ، پر وري چپ ٿي وئي هئي. ڇو ته انڪار جو ڪوبه سبب هن وٽ ته نه هو.
    پر اوچتو دانش سندس ذات ۾ دخل ڏنو هو، جيڪو سندس ڪلاس فيلو هو، پر هن کي اها خبر نه هئي ته هو هن ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. ڀلا خبر رکڻ سان ڪهڙو فرق پوي ها هن جي ذات تي. ڇو ته هوءَ ڪنهن تي به اهو اعتماد نٿي ڪري سگهي. سندس جيڪڏهن مڱڻو ٿيل هو ته به هوءَ خاموش هئي.
    انڪري هوءَ ڪجهه به نه سوچيندي هئي زندگيءَ جي باري ۾. اعتماد ڪرڻ ته ٻي ڳالهه هئي. ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهي هئي ته هوءَ ڪهڙي کُوري ۾ پنهنجو پاڻ ٻاري چڪي آهي.
    هوءَ سوچي به نه ٿي سگهي ته دانش هن جي زندگيءَ ۾ ائين دخل ڏيندو.
    پر، هن همٿ ڪري انيتا کان پڇا ڪئي هئي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو هو ته آخر هُو سندس مڱڻيءَ ۾ ايڏي دلچسپي ڇو پيو وٺي.
    جڏهن دانش ٻڌايو هئس ته سمجهي نه سگهي هئي. ۽ ائين سمجهيو هئائين ته هيءَ به سڀ بڪواس آهي. جڏهن دانش هن کان پڇيو هو ته ”ڇا توهان به پنهنجي ماسات کي پسند ڪريو ٿيون؟“
    انيتا جي خاموشيءَ دانش کي ٻڌائي ڇڏيو هو.
    ”پوءِ هيءُ رشتو ڇو پيو ٿئي. جڏهن ته توهان جي مرضي ڪانهي.“ دانش جذباتي ٿيندي چيو.
    ”منهنجي مرضي ته ڪٿي به ڪانهي.“ هن اندر جي اوٻر کي ڪڍيو هو.
    ”پر زندگيءَ جو فيصلو ته توهان پاڻ ئي ڪري سگهو ٿيون ٻئي ڪنهن کي ڪهڙو دخل.“
    ”پوءِ توهان ٻڌايو ته توهان ڪهڙي رشتي سان دخل ڏئي رهيا آهيو.“
    هُو چپ ٿي ويو هو، پر اڄ هن کي ٻڌائڻو پوندو ته هو هُن کي اندر جي سمورين چاهتن سان پنهنجو ڪرڻ چاهي ٿو. هو الاهي جذبات ۾ اچي ويو. ۽ هُن پنهنجي دل جي ڳالهه انيتا تائين پهچائي هئي.
    ”هڪ هٿ جي تاڙي ڪڏهن به نه وڄندي آهي.“ هن دانش کي سجهائيندي چيو.
    ”پوءِ ته توهان پاڻ سان به دوکو ڪري رهيون آهيو. ڇو ته توهان ئي ٻڌايو ته هڪ هٿ جي تاڙي نه وڄندي آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ته توهان هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان سڄي زندگيءَ جو ساٿ ڪيئن ٿيون نڀائي سگهو. جنهن ۾ توهان جي ڪا به مرضي شامل نه هجي.“ هن کي ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ دليل ملي ويا هئا.
    ”ڪهڙو ٿو فرق پوي. جيڪڏهن مان پاڻ نه چاهيان.“
    ”انيتا......... انيتا، هن دور ۾ رهي به توهان اهڙي سوچ ڪيئن ٿيون رکو. جڏهن ته هن دور ۾ هر ڇوڪري پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ٿي. هيءُ ڪمپيوٽر جو دور آهي ۽ ايڪويهين صدي. هيءُ ڪو پٿر جو دور ڪونهي جنهن ۾ عورت جي ڪا اهميت نه هجي.“
    ”پر اسان ڪڏهن ڪمپيوٽر دور کي رسيا آهيون، اسان وٽ ته هيءُ صرف دٻا آهن ۽ انهن تي هڪ اسڪرين آهي. اسان ايڪويهين صديءَ ۾ وڃڻ لاءِ تصور به نٿا ڪري سگهون. اسان جا مسئلا، خيال ۽ عمل اڃا پندرهين صديءَ جا آهن. جهٽ ترسي چيائين:
    ”ڇا! توهان ٽي.ويءَ تي سنڌي ڊراما نه ڏٺا آهن، اردو ڊراما نٿا ڏسو. خبر نه آهي اسان جا ليکڪ ڇو پنهنجي انهيءَ مرده ڪلچر کي اڃا تائين فخر سان پيش ٿا ڪن. انهن کي ڌاڙيل- وڏيري ۽ حويليءَ کان سواءِ ڪجهه ملي ئي ڪونه ٿو، ۽ انڪري ئي اسان جا ڳوٺاڻا توڙي پڙهيل ذهن انهن دقيانوسي خيالن مان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن- پوءِ اهوئي روئڻو ته اسان غيرتمند آهيون.“ هوءَ ڄڻ اڀامي پئي هئي.
    ”پر، عورت کي ڇا گهرجي؟ اڄ جي ڇوڪري ڳوٺ کان نڪري يونيورسٽي ۾ پڙهي پئي. ڇا اهي ايڪويهين صدي ۽ ڪمپيوٽر ايج جا آثار ڪونهن.“ دانش وراڻيو:
    ”بهرحال.......... انيتا، هڪ ڳالهه مان توهان کان ضرور پڇندس ته آخر ڇو توهان پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ٻين جي هٿن ۾ ڏيڻ تي مجبور آهيو؟“
    ”ڪنهن توهان کي ٻڌايو ته مان مجبور آهيان.“
    ”پوءِ آخر ڪهڙا سبب آهن جنهن جي ڪري توهان ائين ڪري رهيون آهيون.“
    ”مان ڇا ڪري رهي آهيان، ڇا مطلب آهي توهان جو.“
    ”منهنجو مطلب صرف اهو آهي ته اگر توهان پنهنجي مڱيندي مان خوش نه آهيو ته مائٽن کي ڇو نٿيون چئي سگهو.“ دانش وري انيتا کان پڇڻ لڳو.
    ”اهو منهنجي وس ۾ ڪونهي. اسين ڪيتريون به ايڊوانس هجون، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ ڦاڙها ماريون، پر اسان وٽ پنهنجي حق لاءِ زبان کولڻ کي بي حيائي جو لقب ڏنو ويندو جيڪو مون کي قبول ڪونهي.“ انيتا ٿڌو ساهه کڻندي ڳالهه جاري رکندي چيو. ”مون وٽ هاڻ ته رشتن تي به اعتبار ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي. پيءُ سمان ڀاءُ ۽ ماءُ سمان ڀاڄايون منافقي ڪن ۽ مڱيندو منهنجي تعليم تي اندر ۾ ڪڙهندو هجي ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي انهن رشتن تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ.“
    ”انيتا ڪي رشتا اهڙا به هوندا آهن جيڪي رت جي رشتن کان به وڌيڪ اهميت رکندا آهن، ۽ انهن رشتن ۾ ڪابه کوٽ، ڪا به لالچ، ڪا به ٻيائي نه هوندي آهي.“ هُو انيتا کي سمجهائڻ لڳو.
    زندگي جي ٻاويهين بهار ۾ اڄ انيتا سوچي رهي هئي ته ’ڇا واقعي، رشتا اهڙا به آهن جن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو يا سڀ رشتا، ڪاغذ جا ٺهيل نازڪ پنکڙين وانگر ٿين، جيڪي ٿوري زور تي ٽُٽيو، ڀُريو ۽ چيڀاٽجيو پون. يا ڪي رشتا جيڪي بظاهر خوبصورت گلڙن وانگر، پر اندران لڪل خوني ڪنڊن جيان ٿين جن کي ڇهڻ سان هٿ زخمي ٿي پوندا آهن!‘
    هوءَ اهو سوچي پاڻ ئي هلڪو ٽهڪ ڏيئي کِلي پئي ته اڄ هن ڪيئن پهريون دفعو دانش جي روپ ۾ ڪنهن ڇوڪري سان ايڏو ڊگهو بحث ڪيو هو.
    ’پر دانش کي ڪهڙي ڪاڻ آهي منهنجي، جو هُو منهنجو احساس پيو ڪري؟‘ هن جي اندر ۾ ڪو سوال اُڀري ۽ مٽجي ٿو وڃي.
    دانش- پر دانش به ته انسان آهي ڇا هو به ڪو رشتو آهي، هوءَ سوچيندي پاڻ ئي جواب ٿي ڳولي، ها ڪلاس ميٽ جو رشتو- دوست جو رشتو، اڳتي هوءَ نه سوچي سگهي.
    در جي کڙڪي تي هوءَ کليل اکين واري جاڳ جي سپني مان جاڳي ٿي پئي.
    سامهون در تي ماسي بيٺي هئي ”اما ڇا تون ڳوٺ نه ويندينءَ“ انيتا ڳوٺ جي نالي تي ڄڻ ڇرڪي پئي ۽ هن ٻڏل آواز ۾ وراڻيو. ”ها ماسي مان شام واري گاڏيءَ تي ڳوٺ وينديس.“
    هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، گهڙي کن ننڊ ڪرڻ جو ٿي سوچي، پر وري اکيون کلي ٿيون وڃنس ڄڻ ننڊ ڪرڻ تي سندس اکيون ۽ پنبڻيون احتجاج ڪنديون هجن.
    هن کي وري دانش جو خيال ٿو اچي ۽ ڪالهه موڪلائڻ مهل هن کي لڳو دانش هن کان وڌيڪ اداس هو. هوءَ گُهٽ ٻُوسٽ ٿي محسوس ڪري ۽ اٿي ڪمري جون دريون ٿي کولي. سوير ٻاهر چڱي اُس نڪتل هئي پر هاڻ ته ڪافي جهڙ ٿي ويو هو.
    هوءَ پلنگ تي ويهندي وري دانش متعلق ٿي سوچي ۽ دانش جا چيل جملا سندس ذهن تي تري ٿا اچن.
    ”انيتا، زندگي ائين ڪانهي جيئن ڏسڻ ۾ ٿي اچي. زندگي هڪ خواب مثل وڏو ٿڪائيندڙ سفر آهي ۽ اهو سفر اڪيلو ڪٽڻ ڪڏهن عذاب ته ڪڏهن ڏاڍو سڦلو به هوندو آهي. هي رشتا ۽ ناتا به زندگيءَ سان آهن. ڏس زندگي خواب آهي.
    ”جيئن ڪڏهن ڪڏهن خواب پنهنجي مرضيءَ سان به ته ڏسبا آهن، پوءِ اهي سؤ سيڪڙو ئي نه سهي پنهنجي مرضيءَ سان ڏسجن، پر ڏسڻ جو حق ته آهي نه هر ڪنهن کي.
    ”ائين زندگي پنهنجي مرضيءَ سان به گهاري سگهجي ٿي. خواهشن مطابق پوءِ اها سؤ سيڪڙو ائين نه هجي جيئن ڪو چاهي.“
    اَلا هنن جملن جي گهرائيءَ تي سوچيندي انيتا جون پنبڻيون آليون ٿي ٿيون وڃن، ۽ سندس اکين مان، ڪو شرير ڳوڙهو سندس ڳل تي وهي ٿو اچي.
    اوچتو دريءَ جا پردا تيز هوا جي ڪري اڏامن ٿا. ٻاهران مينهن جون بوندون سندس چهري تي اچي ٿيون پون.
    هوءَ نه چاهيندي به چاهي ٿي ته ڇو نه اڄ مُرڪجي يا ڪو وڏو ٽهڪ ڏيئي کِلي پوي پوءِ پنهنجي مرضيءَ تي نه سهي!!!.


    چَهِڪَ

    اڄ مهر ڪاليج نه وئي، هُن کي ڪنهن سماجي اداري پاران ٻارڙن جي هڪ اسڪول ۾ فنڪشن ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. پروگرام صبح جو ڏهه وڳي شروع ٿيڻو هو.
    مهر تڪڙ ۾ تيار ٿي ڊرائيور سان گڏ اسڪول پهتي. هوءَ جيئن ئي اسڪول جي گيٽ کان اندر پهتي ته ميدان ۾ وڏو ۽ خوبصورت پنڊال لڳل هو، جتي استاد ۽ شاگرد سَون جي تعداد ۾ موجود هئا. جن ٻارڙن پروگرام ۾ حصو ورتو هو، اُهي رنگبرنگي ڪپڙن ۾ سُهڻا سُهڻا ويس پائي پنڊال جي ٻاهران گهُمي رهيا هئا. آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اسڪول جون ٻارڙيون پنڊال وٽ بيٺيون هيون، مهر کي ڏسندي انهن ٻارڙين آجيان ڪئي ۽ پنڊال اندر اچي ويهاريو.
    اسڪول جو ماحول ڏسي هوءَ دل ۾ خوش ٿي. پروگرام اڃا شروع نه ٿيو هو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اسٽيج تي اچي ڪمپيئر مائيڪ کي ٽيسٽ ڪري اچي پروگرام جي شروعات ڪندي پروگرام جا مول متا ٻڌائڻ شروع ڪيا ۽ پروگرام جو تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ هن اسڪول جي پرنسپل کي اسٽيج تي سڏيو، جنهن پڻ هن سماجي اداري جي باري ۾ ٻڌايو. هن پروگرام ڪرائڻ جي مقصد تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته هيءُ پروگرام ان سماجي اداري جي ٻارڙن لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪو يتيم ٻارڙن لاءِ کوليو ويو آهي، هن اداري جون ڪافي برانچون آهن، جيڪي تمام سهڻي نموني يتيم ٻارڙن جي پالنا ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن اداري طرفان يتيم ٻارڙن جي تربيت پڻ سهڻي نموني ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن کي سٺن اسڪولن ۾ پڻ تعليم ڏني ڏني پئي وڃي. اڄ اهي ئي ٻارڙا اسان جي پروگرام ۾ حصو وٺي رهيا آهن، اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ ته نه ٿا رهن، پر هن اداري ۾ هنن کي گهر جهڙو ماحول ميسر آهي کين ڀرپور پيار ملي ٿو، جنهنڪري هُنن ۾ اعتماد آهي. اوهان سڀن کي گذارش ڪجي ٿي ته انهن ٻارڙن کي داد ڏيڻ لاءِ ڀرپور آجيان ڪندا. سڄي پنڊال ۾ تاڙيون وڄڻ شروع ٿي ويون.
    مهرکي خوشي به ٿي رهي هئي، پر ڏک به اوتروئي محسوس پئي ٿيو ته هڪڙا ٻارڙا جن کي پنهنجي گهر جي، پنهنجي پيءُ ماءُ جي محبت ۽ پيار جي ضرورت آهي، اُهي ئي ٻارڙا ڪن مجبورين سبب اهڙن ادارن ۾ پناهه وٺن ٿا. هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، نڙيءَ ۾ ڄڻ هڪ سڏڪو اٽڪي پيس، پر هُن جي دل کي اطمينان آيو ته اهڙا ادارا به آهن جيڪي معصوم ٻارڙن جي بهتريءَ لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
    شروعات ۾ ٻارڙن هڪ ٽيبلو پيش ڪيو. ٽيبلي پيش ڪرڻ مهل انهن ٻارڙن سان گڏ ان اداري ۾ رهندڙ ٻه (مدرس) مائرون جيڪي اتي انهن گهرن ۾ ٻارڙن سان گڏ رهن ٿيون اُهي ٻارڙن سان گڏ اسٽيج تي آيون ۽ ٻارڙن کي اسٽيج تي ڇڏي پاڻ پنهنجي جڳهن تي وڃي ويٺيون.
    مهر جڏهن انهن ٻنهي مائرن کي ڏٺو ته اُنهن مان هڪ سڃاتل لڳي، ۽ مهر هُن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ٻارڙا اسٽيج تي پرفارم ڪري رهيا هئا، پر هُن جي نظر انهيءَ (مدر) ماءُ ۾ اٽڪي پئي هئي ۽ هن کي لڳو ته مون هن کي ڪٿي ڏٺو آهي. هُن جي دماغ جي سوئي ڄڻ هڪ هنڌ ئي اٽڪي پئي. پروگرام شام تائين هليو. آخر ۾ انهيءَ اداري جي ڊائريڪٽر کي پڻ اسٽيج تي سڏايو ويو. اهڙي شاندار پروگرام ڪرائڻ تي هن اسڪول جا ٿورا مڃيا. پروگرام جي آخر ۾ انهيءَ اسڪول جي ٻارڙن ۽ اداري جي ٻارڙن گڏجي ”هو جمالو“ تي ڊانس ڪئي.
    جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته مهر سوچيو هُن (مدر) سان وڃي ملي، پر جيئن پٺيان نظر ڊوڙايائين ته هوءَ ڪٿي به نظر نه آئي، ۽ آخر تائين هن سان ملاقات نه ٿي سگهيس. پر مهرکي اها خبر ضرور هئي ته هُن سان انهيءَ اداري ۾ وڃي ملاقات ڪري سگهجي ٿي.
    ٻئي ڏينهن موڪل جو ڏينهن هو، مهر اداري جي مئڊم سان فون تي ملڻ جو وقت ورتو. هوءَ پهرئين به ٻه سال اڳ هن اداري جو وزٽ ڪري چڪي هئي، پر هيءَ ماءُ (مدر) شايد نئين آئي هئي. مئڊم آفيس ۾ نه هئي موڪل جو ڏينهن هو، پر مئڊم اُتي جي چوڪيدار کي مهر جي اچڻ جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو، انڪري چوڪيدار هُن کي انهن ٻارڙن جي گهرن ڏانهن وٺي هليو.
    مهر کي اها خبر به نه هئي ته هن عورت جو نالو ڇا آهي، بس هن مئڊم کي اهو ٻڌايو هو ته ”مون کي ٻارڙن جي مدرس (مائرن) کان انٽرويو ڪرڻو آهي“.
    هن اداري ۾ ٻارڙن جي رهائش لاءِ هڪ هڪ ماءُ (مدر) تي مشتمل پندرنهن گهر ٺهيل هئا. اداري جي عمارت تمام خوبصورت هئي. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ننڍڙا ننڍڙا گهر هڪٻئي کان ٿوري ٿوري فاصلي تي اڏيل هئا. اتي ٻه ٽي آفيسون ۽ وزٽنگ روم، ڪامن رومس، ميٽنگ هال، لئبرري ۽ هڪ مسجد پڻ ٺهيل هئي.
    مهر اڃا ٻارڙن لاءِ ٺهيل گهرن ۾وڃڻ لڳي ته اُهائي ساڳي عورت پنهنجي گهر ۾ رهندڙ هڪ ٻارڙيءَ کي در جي ٻاهران سڏي رهي هئي. هن جو ڪم آسان ٿي ويو، ۽ هوءَ انهيءَ ئي گهر وٽ آئي. هوءَ ماءُ (مدر) ان مهل ٻارڙيءَ کي اندر وٺي وڃي رهي هئي.
    مهر کي ڏسندي هوءَ ٿورڙي دير لاءِ پريشان به ٿي ۽ حيران به. هوءَ به مهر کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لـڳي، ۽ جڏهن مهر هن کي ٻڌايو ته ”مان توهان سان ملڻ آئي آهيان“. هن مهر جي آواز کي سڃاڻي ورتو ۽ پڇڻ لڳي: ”توهان ادي مهر ته نه آهيو، ادي زبيده جي دوست“. هن جي سڃاڻڻ تي مهر جو دماغ پڻ چڪرائجي ويو. مهر به هن جي آواز کي ۽ زبيده جي نالي کڻڻ تي سڃاڻي وئي، ۽ پڇي ويٺي ته ”اوهان حُور ته نه آهيو؟“
    ”ها ها“ مان ئي حُور آهيان. حور ڪمزور آواز ۾ مهر ڏي هٿ وڌائيندي چوڻ لڳي.
    ڏهه سال اڳ واري حُور جيڪا نالي جيان حُور هئي. مهر آڏو ڪمزور جسم واري پر هڪ مڪمل عورت جنهن جو آواز ته ساڳيو هو پر چهرو ڪاراٽيل ۽ گُهنجهيل. هوءَ عمر کان به وڏي لڳي رهي هئي. مهر ته ڄڻ سڪتي ۾ اچي وئي، مهر وڌي هن کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ حور جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ هن جي سڏڪن تي مهر پاڻ اندر ئي اندر ۾ڏک ۾ وٺجي وئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا.
    پنجن منٽن لاءِ ته هُو هڪٻئي کي ڏسنديون رهيون. هنن جي اکين مان پاڻي لارون ڪري وهي رهيو هو. حُور ته اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي ۽ مهر کي ائين لڳو ڄڻ سالن کان هن جي دل ۾ بند ٿيل درد پيڙا کي پنهنجي وارتا لاءِ سهارو ملي ويو هجي. حُور ڪا دير پنهنجو مٿو مهر جي ڪنڌ تي رکي بيٺي رهي. مهر هن جي لڙڪن جو اثر اندر ۾ محسوس ڪري ٿي سگهي. مهر جو اندر پڻ اڌ ٿي پيو، ۽ هوءَ ويهن سالن واري خوبصورت ۽ سُگهڙ حُور جي خيالن ۾ گُم ٿي وئي.
    مهر سوچي ٿي، جڏهن زبيده سندس دوست هن سان گڏ پڙهندي هئي جنهن جي گهر ويندي هئس ته، حُور جو گهر به هن جي ڀرسان هوندو هو. حُور تڏهن مئٽرڪ ۾ پڙهندي هئي. سندس پيءُ کي دڪان هو، هن کي ٻه ڀائر هئا، جيڪي هِن کان ننڍا هئا، هوءَ سڀني ۾ وڏي هئي. سندس پيءُ جو ننڍو دڪان هو جنهن مان مڙئي گذارو ٿيندو هئن. حُور جي ماءُ اوڙي پاڙي جون رِليون ٺاهيندي هئي، حُور به ماءُ جيان ڀرت ڀرڻ جي سُگهڙ هئي. هوءَ الاهي سُٺا سٺا ڀرت ڀريندي هئي. زبيده جڏهن مهر سان حُور جي ڳالهه ڪئي هئي ته هن کي به شوق ٿيو هو ڀرت ڀرائڻ جو ۽ هوءَ به حُور جي گهر ڀرت ڀرائڻ لاءِ کوڙ ڀيرا وڃي چڪي هئي. حُور وڌيڪ پڙهي نه سگهي ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ سندس پيءُ هن جي شادي به ڪري ڇڏي. حُور جو وَرُ هڪ اسڪول ۾ استاد هو. هاڻي مهر جو به حُور جي گهر وڃڻ نه ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن زبيده کان حُور بابت حال احوال ملي ويندو هو. حُور کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ به ڄائي هئي.
    حُور جو مڙس ساجد ڪجهه وقت ته حُور تي اول گهول ويندو هو، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هُو ڪنهن ٻيءَ عورت جي چڪر ۾ اچي ويو. گهر کي وقت گهٽ ڏيڻ لڳو. هاڻي ته هُو خرچ به گهٽ ڏيڻ لڳو. حُور پريشان ٿي وئي جڏهن هن هڪ دفعو ساجد کي چيو ته هُو بخيل ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”مون وٽ وڌيڪ خرچ نه آهي جيڪو آهي اهوئي آهي“. حُور وڌيڪ پريشان ٿي ويئي، ڇو ته ساجد جيڪو ڪمائيندو هو اُهو هُن عورت تي خرچ ڪندو هو. گهر تي گهٽ توجهه ڏيڻ، ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي گهٽ وڌ ڳالهائڻ تي حُور مڙس جي ان ورتاءَ تي پريشان ٿيڻ لڳي.
    حُور ڪنهن کي ٻڌائي ته هن جو مڙس ايڏي وڏي زيادتي ٿو ڪري. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن ساجد انهيءَ عورت کي گهر به وٺي ايندو هو. تنهن تي حُور ٻه ٽي دفعا ڪاوڙجي مائٽن ۾ هلي آئي. پر گهڻا ڏينهن هوءَ پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ رهي ٿي سگهي. حُور جا ماءُ پيءُ به گذاري ويا هئا، انڪري هن کي پنهنجي ٻارڙن جي ڪري واپس اچڻو پيو. هوءَ پاڻ هٿي سڄي هئي، هن وري نئين سنئينءَ ٽوپو ٽنگو ڏيڻ ۽ ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو. انهيءَ سان گهر ۽ ٻارن جو خرچ ڪرڻ لڳي. هاڻ ته هو حُور کي مارڻ به لڳو هو. اها ڳالهه هن زبيده کي به ٻڌائي هئي، پر زبيده ڪجهه به نٿي ڪري سگهي.
    هڪ دفعي جڏهن ساجد انهيءَ عورت کي رات جو گهر وٺي آيو ۽ حُور انهيءَ عورت سان وڙهڻ لڳي ته ساجد جذبات ۾ اچي حُور کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ چماٽ وهائي ڪڍي ۽ جڏهن حُور به رڙيون ڪري روئڻ لڳي ته وڌيڪ ماريندو رهيو. ٻارڙن جڏهن ماءُ جون رڙيون ٻڌيون ته ننڊ مان اُٿي هنن پيءُ کي ماءُ کان پري ڪيو، تنهن تي وري هُو ٻارڙن کي به مارڻ لڳو ۽ هن حُور کي وارن کان پڪڙي آڌي رات جو در کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    هوءَ سڄي رات در جي ٻاهران روئندي رهي، درکڙڪائيندي رهي، پر ساجد در نه کوليو، ۽ حُور پنهنجي ٻارڙن جون اندران رڙيون ٻڌندي ٻڌندي دروازي تي ئي بيهوش ٿي ويئي.
    فجر مهل مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ زبيده جو پيءُ اُتان لنگهيو ته حُور کي هن حالت ۾ ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ گهر وڃي پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي ٻڌايو. ان مهل ئي زبيده ۽ هُن جي ماءُ حُور کي پنهنجي گهر وٺي آيون ۽ جڏهن صبح ٿيو هنن ساجد جو در کڙڪايو. ساجد ٻاهر نڪتو ته سڄو نشي ۾ ڌُت هو، ٻارڙا روئندا ٻاهر نڪري آيا ۽ ماءُ کي ڳولڻ لڳا. زبيده ٻارڙن کي ڀاڪر ۾ ڀريو. هنن کي ساجد سان ڳالهائڻ فضول لڳو ۽ هُو ٻارڙا وٺي پنهنجي گهر آيا. حُور ٻارڙن کي ڏسي انهن سان چنبڙي پئي ۽ ٻارڙا پڻ ماءُ جو اهو حال ڏسي روئندا رهيا.
    زبيده، جڏهن سندس کي حُور جو قصو ٻڌايو هو ته هوءَ پڻ روئي پئي هئي ۽ هنن گڏجي سوچيو هو ته ڪو حل ڳولجي، پر ڇا ڪجي، اڄ ته ٻار به پريشان هئا. هُو به پنهنجي پيءُ کان نفرت ڪري رهيا هئا، هنن به نه ٿي چاهيو ته هنن جي ماءُ کي ڪنهن به مهل هنن جو پيءُ ماري ڇڏي.
    ڪجهه ڏينهنِ کان پوءِ وري ائين ٿيو ۽ ساجد، حُور کي ڏاڍو ماريو ۽ گهر مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني. ٻارڙن جڏهن اهو ٻڌو ته ان ئي وقت زبيده وٽ آيا هئا، انهن ان مهل ئي فيصلو ڪيو ۽ زبيده کي چيو ته: ”آنٽي اسان جي ماءُ کي اسان جي ظالم پيءُ مان جان ڇڏايو“. اهو جملو حُور جي وڏي پٽ ڳالهايو هو، جيڪو ان مهل چوٿين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو. زبيده هن جملي تي حيران ۽ پريشان به ٿي ويئي ته آخر ڇا ڪجي؟ ۽ پوءِ زبيده اها ڳالهه مهر سان ڪئي هئي. هنن ٻنهي کي اها واٽ سُجهي بنان ڪنهن کي ٻڌائڻ جي حُور کي پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ جيڪا اڃا ڇهن مهينن جي هئي، سان گڏ دارالامان موڪلي ڇڏيو. اها خبر هنن جي ٻنهي ٻارڙن کي هئي. ٻئي ٻارڙا تمام گهڻو هراسيل ۽ ڊنل هئا، پر مطمئن هئا ته گهٽ ۾ گهٽ هنن جي ماءُ کي جيئدان ته ملندو.
    جڏهن ساجد حُور جي پڇا ڪئي ته ٻنهي ٻارڙن ڪجهه به نه ٻڌايس ۽ جڏهن ساجد، زبيده جي پيءُ کان پڇا ڪئي ته هن به ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ساجد کي به هاڻي ڪا پرواهه نه هئي، ڇو ته هُو پاڻ به خوش هو ته حُور مان سندس جان ڇُٽي ۽ پوءِ هُو انهيءَ عورت کي مرضيءَ مطابق گهر ۾ وٺي ايندو هو، پر ننڍڙا ٻارڙا چُپُ هوندا هئا خوف ۾ ڪجهه ڪُڇي نه سگهندا هئا.
    ڪجهه وقت ته هُو به نشي ۾ ڌُتُ هو، ۽ هوش ۾ تڏهن آيو ته جڏهن اُها عورت ساجد کي ڇڏي ٻئي ڪنهن سان هلي وئي. هن جون ان مهل اکيون کليون، پر دير ٿي چڪي هئي. هُو هاڻ پشيمان به هو، پر ڪري ڪجهه نه ٿي سگهيو، پنهنجي منهن ڳولا به ڪندو رهيو، پر هن کي خبر ئي نه پئجي سگهي. هُو ٻنهي پٽن لاءِ پريشان هو ته انهن جي سارسنڀال ڪير لهي؟ آخر هن فيصلو ڪيو ته ٻنهي ٻارڙن کي بورڊنگ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ۽ پوءِ اهي ٻئي ٻارڙا بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳا، ۽ ساجد اسڪول کا پوءِ پنهنجي ٻارڙن لاءِ مختلف ٻارڙن کي شام جو ٽيوشن پڻ ڏيندو هو، ائين وقت گذرندو رهيو هو. هُو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ته زبيده سان به ملڻ لاءِ ايندا هئا، ۽ پنهنجي ماءُ جو پڻ پڇندا هئا. زبيده ٻه ٽي دفعا لِڪَ ۾ ٻارڙن کي سندن ماءُ سان ملائڻ لاءِ وٺي وئي هئي.
    ٻارڙا ننڍڙي عمر ۾ ئي ذهني طور مضبوط ٿي چڪا هئا ۽ انهن کي من ۾ ايندو هو ته ٿورو پڙهي پئون ته پنهنجي ماءُ کي هتان دارالامان مان وٺي وينداسين ۽ ائين وقت گذرندو رهيو هو. زبيده، سان مهر جڏهن به ملندي هئي ته کائنس حُور جي ٻارڙن جو ضرور پڇندي هئي.
    ”امان امان اوهان اچو نه اسان کي ڪهاڻي ٻڌايو“. مهر ۽ حُور ننڍڙن ٻارڙن جي آواز تي ڄڻ ڇرڪجي پيون ۽ مهر پنهنجي خيالن مان موٽي آئي. حُور هن کي ڏسي ڄڻ جِي پئي هئي. حُور هن کي اندر ڪمري ۾ ويهاري مهر لاءِ چانهه ٺاهي کڻي آئي. ٿوري دير حال احوال وٺڻ کان پوءِ مهر کي خبر پئي ته حُور دارالامان مان هتي ڪيئن پهتي.
    جڏهن مهر، حُورکان پڇيو ته ”ڇا تون هاڻي چاهيندينءَ ته وري واپس پنهنجي گهر موٽي وڃين، ڇو ته زبيده ٻڌايو هو ته تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه سالن ۾ جڏهن عورت ساجد کي ڇڏي وئي هئي ته هن پڇتايو هو ۽ توکي ڳولڻ جي ڪوشش به ڪئي هئائين“.
    مهر جي ائين چوڻ تي هوءَ ڄڻ اندر ۾ ڇِڄي پئي. مهر سوچيو ته هن کي حُور کان اهو سوال نه ڪرڻ کپندو هو، پر حُور پنهنجين اکين جا ڳوڙها اگهندي پوري اعتماد سان چيو ته ”مان اهڙي مرد کان هاڻ نفرت ٿي ڪيان جنهن مون کي ٻيِءَ عورت جي ڪري گهر مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو، مون کي پنهنجي ٻچن کان پري ڪري ڇڏيو. مون هڪ هڪ رات پنهنجن ٻچن کان پري رهي ڪيئن گذاريو آهي. حُور ڏک ۽ پيڙا ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چوڻ لڳي ته جڏهن منهنجي ٻچن کي منهنجي ضرورت هئي ان وقت هن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو، اهو پل پل جو عذاب مون ڪيئن ڀوڳيو هوندو، ان جو حساب آهي ڪنهن وٽ. منهنجي اندر جي ڏنل چهڪن تي ڪير پها رکندو. حُور جي آواز ۾ هاڻي اعتماد هو ۽ چوڻ لڳي مون هر پل جِي ۽ مري ڏٺو آهي مان وري هُن مرد کي ٻيهر آزمائڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي داءُ تي نه ٿي لڳائي سگهان. ٻار اڄ به منهنجا آهن، هُو مون سان گڏ آهن، مون وقت جو انتظار ڪيو آهي“. حُور جو اندر ڄڻ ڀڙڪا ڏئي ٻاهر نڪتو ۽ حُور لاءِ مهر جي ان ڏک ڀري زندگيءَ لاءِ ڏک سان گڏ عزت وڌي وئي.
    ان مهل هڪ ننڍڙي ڇوڪري جيڪا لڳ ڀڳ يارهن سالن جي هوبهو حُور جي شڪل جهڙي اچي حُور جي پاسي ۾ بيٺي مهر کي ياد اچي ويو ته هيءَ ته حُور جي ڌيءَ آهي، بلڪل حُور جهڙي.
    مهر حُور ڏانهن ڏٺو ته هن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا، پر سندس چپن تي خوبصورت مرڪ هئي. ان ننڍڙيءَ جهڙي ۽ اهي لڙڪ هن جي خوشيءَ جا هئا.
    مهر حُور کان موڪلايو. سندس ٻنهي ڳلن کي هٿن ۾ جهلي پيشانيءَ کي چُميو. دل سندس همت کي دادُ ڏنو. دل ئي دل ۾ حُور جي سک ۽ سلامتيءَ جي لاءِ ان وقت رب کي ٻاڏائي حُور جي حق ۾ دعا گهري. ۽ سوچڻ لڳي هڪ ماءُ جيڪا پنهنجي اولاد کان ته پري آهي، پر هت هوءَ ڪيترن ٻارن جي ماءُ آهي.
    مهر پنهنجي ڳوڙهن کي اکين ۾ آڻڻ کان روڪيو ۽ حُور کان موڪلائي وڍيل اندر کي پاڻ سان کڻي سوچڻ لڳي ته اهڙين معصوم عورتن لاءِ جتي اهڙا پاپي مرد آهن اتي هيءُ ادارا وري اهڙين ڏکي عورتن لاءِ پناهه گاهه، جتي گهٽ ۾ گهٽ انهن کي پنهنجي حياتي مرضيءَ سان گذارڻ جو حق نه سهي، پر مرضيءَ سان ساهه کڻڻ جو حق ته آهي.


    رُوح رڙيو جنهن لاءِ

    هُن جي هٿن ۾ پين ڪيڏي دير کان آهي، پنا اڳيان پيا اٿس. لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر الائي ڇو ائين ٿو محسوس ٿئيس، ڄڻ لفظ پوپٽن جيان پنهنجا پرڙا ڦڙڪائي ڪيڏانهن پري تائين هليا ويا آهن، ۽ هوءَ بي وسيءَ مان انهن کي اُڏامندي ڏسندي ٿي رهي.
    ياد ٿو اچيس ته ڪيئن نه سڄي رات ويهي ڪهاڻيون لکندي هئي. شايد جيئن گهڻو لکبو ۽ پڙهبو آهي، تيئن لفظ به ذهن ۾ جڙندا ويندا آهن. هوءَ سوچي ٿي، پر هن ته هاڻ ڪڏهن کان لکڻ ڇڏيو هو ۽ پڙهڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. ڪيترائي دفعا چاهيندي به هوءَ لکي نه سگهندي هئي. هن جي هٿن ۾ پين رهجي ويندي هئي ۽ پنا خالي ٽيبل تان اُڏامندا ڪمري جي ترتيب کي ڊاهيندا رهندا هئا.
    اڄ پريت جيئن ئي يونيورسٽيءَ ۾ پهتي ته سامهون سُندر کي ڏٺائين، پندرهن سالن کان پوءِ هُن سُندر کي ڏٺو هو، اکين ۾ لڙڪ لڙي آيس، پر نهاري نه سگهي هئي. اکيون اُگهي هوءَ بس ۾ ويهي رهي ۽ گهر آئي ته ڪنهن ڪم ۾ دل نه لڳس. ڪمرو بند ڪري ويهي رهي. هُن پاڻ کي ڪرسي تي ڇڏي ڏنو.
    ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو سوچيندي به سٺو لڳندو آ، خواب ڏسڻ ته هن ڪڏهن کان ڇڏي ڏنا آهن ۽ جاڳندي خواب ڏسڻ هن جي عادت رهي آهي.
    خواهشون! هن لحاظ کان هُن هميشه پنهنجو پاڻ کي ٽٽل تاري جيان ئي ڀانيو آهي. جنهن جي ڪا منزل ئي نه هوندي، جيڪو ٿوري دير لاءِ روشنيءَ جي لڪير ٺاهي وري تاريڪيءَ ۾ گُم ٿي ويندو آ، هاڻ پريت کي به ائين لڳندو آهي ته هن جون خواهشون به هن تاري جيان آهن ۽ بي مقصد روشنيءَ جون لڪيرون ئي هن جون نصيب آهن ۽ اوندهه هن جو هٿ پڪڙي ورتو آهي. پٺيان سڀ ڏيئا وسائيندي آئي آهيان. هاڻ ته عمر جي جنهن حصي ۾ آهيان. اُتي ته اڇا وار به اهو ٿا ياد ڏيارين ته اوندهه ئي منهنجو مقدر آهي، پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي، جيڪا هميشه ڏيئا ٻاريندي رهي، اها ئي روشنيءَ لاءِ سِڪي ڪيڏو نه الميو آهي. يادون به عذاب آهن، جيستائين انسان جيئرو آ، تيسيتائين انهن کان ڇوٽڪارو نٿو حاصل ڪري سگهي. انهن جي ڀوڳنا ڏاڍي ڏکي آهي سهڻ. هوءَ سوچي ٿي. پر وري ڪڏهن يادن کي سوچيندي به دل کي راحت ملندي آهي.
    هن شعر وانگر:
    راحت ملي ٿي درد ۾،
    هن پيار تان صدقي، دلدار تان صدقي!
    هن پنهنجي خيالن کان پاڻ کي تڏهن آجو ڪيو جڏهن هُن جي ڀائٽي اريج هن جي ڪمري ۾ آئي.
    ”پُڦي، توهان هلو نه مون سان، مون کي ڏيئا ٻاري ڏيو.“
    هڪدم ڇرڪجي پئي. ”تون ڇو ٿي ڏيئا ٻارين؟“
    ”اسان جا پاڙي وارا جو ٻارين ٿا.“ اريج چيو.
    هوءَ ڪجهه به جواب نه ڏيئي سگهي ۽ پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳي. ڪيئن ٻڌائي ته هوءَ ڏيئا ٻاري نه سگهندي. هن جو اندر روئي پيو، پر هن کي محسوس ڪرڻ نه ڏنائين ۽ اِهو چيائين ته ”تون هل آءٌ اچان ٿي.“
    هُن کي ياد ٿي آيو، ڪيئن نه هر عيد رات تي هوءَ ڏيئا ٻاريندي هئي. هن کي ڏيئا ٻارڻ سٺا لڳندا هئا. هنن جي ڀر ۾ اهو ئي عاملن جو گهر هوندو هو. هُو پنهنجي ڀتين تي ڏيئا ٻاريندا هئا ته هن جي دل به چاهيندي هئي ته هوءَ به ڏيئا ٻاري. پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي گهر جي ڀت تي چاڙهيندي هئي ۽ سڄي رات ٻاهرين ڀت تي ڏيئا رکرائيندي هئي ۽ گهر جون بتيون بند ڪري، انهن جي چمڪندڙ ۽ هوا تي لهرائيندڙ رنگين روشنيءَ کي ڏسندي، خوش ٿيندي هئي. پر هاڻ هوءَ ڪڏهن به شب برات تي ڏيئا ٻاري نه سگهندي هئي، بلڪ روشنين کان پري ڀڄندي هئي ۽ هميشه ڪمري ۾ اوندهه ڪري ويهي رهندي هئي. ڪيڏانهن به نه نڪرندي هئي، ڄڻ يونيورسٽي ۽ گهر ۾ هوءَ قيد ٿي وئي هئي.
    هن کي اڄ ماضي ورَ ورَ ٿي ياد آيو ته هوءَ ادب جي ميدان ۾ ڪيئن آئي، پاڻ تي ئي کل ٿي آيس. ڪيئن ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج مان ڪو ميگزين نڪتو هو. اُن ۾ ٽي سيڪشن سنڌي، اردو ۽ انگريزي هئا، جيئن ته هن جي ڪاليج ۾ سنڌي ڇوڪرين جو صرف ستن ڄڻين جو گروپ هو. انهن مان ڪنهن کي به لکڻ نه ٿي آيو ۽ هن کي پڻ ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هو، پر پريت جي دل چاهيو هو ته ميگزين ۾ هِن جو نالو ڇپجي. پريت اها ڳالهه اچي پنهنجي ڀاءُ سان ڪئي. سندس ڀاءُ پڻ سٺو ليکڪ هو. سندن گهر ۾ ڪتابن جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا، پر هوءَ صرف ڪاليج جي ڪتابن کي اهميت ڏيندي هئي.
    هُن جڏهن پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهه ڪئي ته هُو کلي پيو.
    ”توکي جڏهن ڪجهه لکڻ ئي نٿو اچي ته پوءِ ڇا لکي نالو ڇپرائيندينءَ.“ هن جي ڀاءُ چيو.
    ”بس منهنجي دل چوي ٿي ته منهنجو نالو ڇپجي.“
    ”اها ته سڌي سنئين چريائپ آهي. لکي هڪڙو ۽ نالو وري ٻئي جو ڇپجي!“ هن جو ڀاءُ کلڻ لڳو.
    پريت جو موڊ آف ٿي ويو.
    ”اڙي بابا تون وري ڪاوڙجي وئينءَ، پر آءٌ توکي اها ڳالهه سمجهايان ٿو، ته اها غلط ڳالهه آهي، پر تنهنجو شوق آهي ته مان توکي ڪجهه لکي ڏيان ٿو. پر هڪ شرط منهنجو هوندو.“ ”ڪهڙو شرط“ هوءَ پريشان ٿي وئي.
    ”شرط اهڙو ڪو خاص ڪونهي، پر توکي وعدو ڪرڻو پوندو ته آئينده تون باقاعده ڪتاب پڙهندينءَ پوءِ وري لکندينءَ به.“ شرط منظور آ.“ هن جي ڀاءُ چيو:
    پريت کي پهرئين ته شرط ڏکيو لڳو. هڪ ته ڪتاب پڙهجن ۽ وري لکجي به اهو ته هن لاءِ ناممڪن هو، پر هِن اُن وقت چئلينج سمجهي قبول ڪيو. ۽ جڏهن ميگزين ۾ هن جي نالي سان ڪهاڻي ڇپي هئي ته هن جي خوشيءَ جي انتها نه رهي هئي. پريت ان ڏينهن پنهنجي ساهيڙين اڳيان پاڻ کي مٿڀرو سمجهڻ لڳي هئي، ۽ گهر جڏهن پنهنجي ڀاءُ کي ميگزين ڏيکاريائين ته هن جو ڀاءُ هن جي خوشيءَ کي ڏسي پاڻ به خوش ٿيو هو.
    اُن ڏينهن کان پوءِ پريت شرط کي چيئلنج سمجهي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. سڄو سڄو ڏينهن ڪتاب پئي پڙهندي هئي، جيڪي به نوان ايندا هئا، اُنهن کي هڪ ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪندي هئي.
    هاڻ ته ڪتابن سان ڄڻ عشق ٿي پيس، هڪ ڀيري لکڻ جي به ڪوشش ڪيائين ۽ چڱي شيءِ ٺهندي به ويس. وري وري پڙهڻ لڳي، هڪڙا پنا ڦاڙي ٻيا لکندي وئي. آخر هڪ ڪهاڻي جي صورت وڃي بيٺي، پر عنوان سمجهه ۾ نه آيس سوچيائين ڇو نه هوءَ ڀاءُ کان پُڇي. پريت پهرين ته گهٻرائجي وئي ته الائي صحيح به آهي يا نه، پر همت ڪري ڀاءُ کي چيائين ”ادا هيءَ ڪهاڻي مون لکي آهي، توهان پڙهو ۽ عنوان به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. مون هي ٻه ٽي عنوان لکيا آهن، اهو به سوچي ٻڌايو ته عنوان ڪهڙو لکجي.“
    هِن جو ڀاءُ حيران ٿي ويو، جڏهن ڪهاڻي پڙهڻ لڳو.
    ”اڙي واهه، اسان جي ڀيڻ ته واقعي ڪهاڻيڪار ٿي وئي آهي. ايتري سٺي ڪهاڻي تو ڪيئن لکي؟ پريت کي ڏسي چوڻ لڳو.
    ”آءٌ روز مختلف ڪتاب کڻي پڙهندي آهيان ۽ لکڻ جي به ڪوشش ڪندي آهيان. بس هڪ ڪهاڻي اندر ۾ سِرجي ۽ مون لکڻ شروع ڪيو.“
    سندس ڀاءُ ڏاڍو خوش ٿيو. هِن ته مذاق ڪيو هو شرط جو، پر هوءَ ته ڪتاب به پڙهڻ لڳي هئي ۽ لکڻ به لڳي هئي. هو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.
    سندس ڀاءُ عنوان پڙهيا، اُنهن مان هڪ جي چونڊ ڪري پريت کي ڏنائين. ائين هن جي ڪهاڻين جو سلسلو وڌيو. هن جون مختلف رسالن ۾ ڪهاڻيون ڇپجنديون ويون. هاڻ ته هڪ ٻن رسالن ۾ سندس انٽرويو به ڇپيا. هن ته هڪ رسالي ۾ انٽرويو ۾ به اِها ڳالهه ٻڌائي هئي ته هن ڪهاڻيون ڪيئن لکڻ شروع ڪيون.
    هڪ دفعي ڪو ادبي پروگرام هو. سندس ساهيڙيءَ مُرڪ هن کي ٻڌايو ته ”پريت هيءُ ڇوڪرو جيڪو اسان جي پٺيان ويٺو آهي، اُهو خبر اٿئي ڪير آهي؟
    ”ڪير آ؟“ هِن بي دليو پڇيو:
    ”اهو جنهن جا ڪالم،، مضمون، تون ڏاڍي شوق سان پڙهندي چوندي آهين ته هن جي خيالن ۾ ڪيڏي نه وسعت ۽ ڪيڏي نه گهرائي آهي ۽ هن جي ٻوليءَ ۾ ڪيڏو نه سنڌ جو درد سمايل آهي!“ هوءَ ڄڻ ڊائيلاگ ٻڌائي رهي هئي.
    هن سمجهي ورتو هو ته اهو سُندر آهي. پر هن کي پٺيان نهارڻ سٺو نه لڳو هو. پر سُندر اِها ڳالهه ٻڌي ورتي هئي ۽ هُو پريت کي چڱي ريت سڃاڻي به رهيو هو.
    جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته هڪ سينيئر اديب ۽ سُندر هن جي اڳيان وڌيو ته هن کي سلام ڪرڻو پيو.
    ”وعليڪم سلام!“ ”بابا ڪيئن آهيو توهان.“ ائين چئي، هن سُندر سان پڻ تعارف ڪرايو، ۽ سُندر کي ٻڌائي رهيو هو ته هيءَ پريت آهي ۽ تمام سٺي رائيٽر آهي ۽ هن جي لکڻ جو ڏانءُ ڏاڍو بهترين آهي ۽ هن جي ڪهاڻين ۾ ڏاڍي گهرائي هوندي آهي، پر هن جو ڪڏهن ڪڏهن لکڻ ٺيڪ نه آهي، هن کي اڃا وڌيڪ لکڻ کپي. سُندر هن ڏي نهاري رهيو ته هن سرسري نظر سان سُندر کي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ساهيڙيءَ سان ٻاهر نڪري آئي.
    هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن سُندر هن جي گهر ڪنهن فنڪشن جو ڪارڊ کڻي آيو. سندس ڀاءُ ٻڌايس، پر هوءَ انهيءَ فنڪشن ۾ نه وئي هئي. پريت اهڙن ادبي فنڪشنن مان بيزار ٿي پوندي هئي. پڙهائي پڻ ڊسٽرپ ٿيندي هئس. هاڻ هن جي داخلا يونيورسٽيءَ ۾ ٿي هئي. وقت تمام گهٽ ملندو هئس لکڻ پڙهڻ لاءِ، ڪهاڻيون به ايڪڙ ٻيڪڙ لکي وٺندي هئي.
    هڪ ڏينهن هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ هئي ته سُندر هن لاءِ ڪارڊ کڻي آيو. ڪو ادبي فورم هو، جنهن ۾ ڪنهن اديب سان شام پئي ملهائي ويئي.
    ”توهان ضرور اچجو، هن فنڪشن ۾ توهان کي ايوارڊ ڏنو ويندو.“
    ”ايوارڊ“ هوءَ پهرئين ته حيران ٿي وئي.
    ”ٺيڪ آ، مان ڪوشش ڪنديس.“
    هن پهرئين سوچيو ته هوءَ وڃي ئي نه. هن کي ايوارڊ ڇو ٿي مليو. ڪٿي ٻيون ليکڪائون ڪونه آهن، جو مون کي ايوارڊ ٿو ملي. هوءَ سمجهي وئي هئي، پڪ سُندر ئي هن فورم جو ڪرتو ڌرتو آهي ۽ اُهو ئي ايوارڊ ڏياري رهيو آهي. هن کي ٿوري دير چڙ آئي. سفارشي ايوارڊ هن کي قبول نه هو. هن الائي ڇو دل ۾ اها ڳالهه ويهاري ۽ هوءَ فنڪشن ۾ نه وئي.
    ٻئي ڏينهن سُندر اِهو ايوارڊ گهر هن جي ڀاءُ کي ڏئي ويو.
    هوءَ ڪمري ۾ ويٺي هئي، هن جو ڀاءُ اهو ايوارڊ کڻي آيو. ”پريت پُٽ هيءُ ڪلهه فنڪشن هو، جنهن ۾ توکي ايوارڊ ملڻو هو، تون پاڻ به نه وئينءَ ۽ نه ئي اسان کي ٻڌايئي.“
    ”ادا مون کان ڳالهه وسري وئي.“ هن بهانو ٺاهي ڀاءُ کي ٻڌايو.
    ”چڱو هيءُ وٺ ايوارڊ ۽ مون طرفان مبارڪون قبول ڪر.“
    هِن بي دليو ايوارڊ ڀاءُ کان ورتو.
    هن عمل جي ڪري اڄ هن جي ذهن ۾ سُندر لاءِ جيڪا عزت هئي، اها الائي ڇو ختم ٿي وئي.
    ڪجهه وقت پريت لکڻ ڇڏي ڏنو. يونيورسٽيءَ ۾ هن جو آخري سال هو. سڄو وقت ڪتابن کي کڻي پڙهندي هئي. مَن پهرين پوزيشن اچي ته جيئن يونيورسٽي ۾ ئي نوڪري ملي پئي. پريت کي ليڪچرر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو.
    امتحان ڏئي فارغ ٿي ته وري هن لکڻ جو سلسلو جاري رکيو. ڪجهه وقت کان پوءِ رزلٽ ۾ پهرين پوزيشن ڏسي هوءَ خوش به ڏاڍي ٿي ۽ پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرشپ لاءِ اپلاءِ به ڪيائين.
    ۽ وري ڪجهه ڏمهينن کان پوءِ پوسٽ مين يونيورسٽيءَ ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچررشپ اپوائٽ مينٽ ليٽر کڻي آيو ته خوشيءَ جي انتها نه رهيس.
    سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهي هئي. بس صبح جو انتظار سڄي رات ويهي ڪيائين. پهرئين ڏينهن هوءَ خوشي خوشي يونيورسٽي وئي. انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ سڀني هُن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هن پهرئين ڏينهن ئي ڪلاس ورتو.
    پهرئين ته ٿورو گهٻرائجي وئي ته ايترن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هوءَ ڪيئن پڙهائيندي، هُو سامهون نهاريندا ته هوءَ ڳالهائي به سگهندي الائي نه.
    پهريون ڏينهن هن جو تعارف ڪرائڻ ۾ گذريو، ان سان مڙئي اعتماد بحال ٿيس. گهڻن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ته هن کي سڃاتو ۽ ٻڌايو ته توهان ته ڪهاڻيڪار آهيو؟“ ”توهان جي لکڻين ۾ ڏاڍي گهرائي هوندي آهي.“ هڪ ٻيءَ ڇوڪريءَ چيس ته هوءَ اندر ۾ خوش ٿي.
    ”اڄڪلهه توهان ڪهاڻي نه پيا لکو، ڇو؟“
    وري ٻئي ڪنهن ڇوڪريءَ چيس.
    انهن سڀني جي سوالن جا جواب ڏيندي وئي ۽ هن دل ۾ شڪر ڪيو ته سٺو ٿيو، ڪنهن ڳالهه جي ڪري سڃاڻپ ته ٿي ۽ انهيءَ سان هوءَ ڪلاس ۾ رِلي مِلي وئي.
    پوءِ روز جي معمول ۾ هوءَ ڪلاس وٺندي هئي، ۽ هاڻ هن لاءِ ڪلاس وٺڻ مسئلو نه رهيو هو.
    هڪ ڏينهن هوءَ ڪلاس وٺي ڏاڪڻن تان هيٺ ٿي لٿي ته سُندر هن جي سامهون نظر آيو.
    سُندر هن کي ڏسي حيران ٿيو.
    ”توهان هتي“ هن پڇيو.
    ۽ ”توهان.“
    ”مون کي هتي ڪجهه ڏينهن اڳ ليڪچررشپ ملي آهي.“
    ”عجيب اتفاق آهي، مون کي به I.T ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر شپ ملي آهي.“ سُندر چيو.
    هوءَ سُندر کي ڏسندي ڏاڪڻيون لهي آئي. سُندر اُتي ئي بيٺو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته آخر ڇو پريت هن سان ڳالهائڻ نه ٿي چاهي. شايد هن جي طبيعت ئي اهڙي آ...... هُو سوچڻ لڳو.
    هاڻ ٻنهي جو ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ روز ڏسڻ ٿيندو هو، پر پريت جي طبيعت جي ڪري سُندر هن سان حجائتو نه ٿيندو هو. بس اڳيان لنگهندي سلام ڪري وٺندو هو، پر پريت جي خاموش طبيعت هن کي وڻڻ به لڳي هئي. هوءَ سٺي طبيعت جي مالڪ هئي هروڀرو ڪنهن سان نه ڳالهائيندي هئي. هن نوٽ ڪيو هو. هن کي به اهڙيون ڇوڪريون وڻنديون هيون. سُندر هاڻي پريت جي باري ۾ الاهي سيريس ٿي ويو هو.
    هڪ ڏينهن سُندر سوچيو ته هُو پريت کي جيڪي هن جي ذهن ۽ دل ۾ آهي، اهو سڀڪجهه ٻڌائيندو، پر ڪيئن........ هُن کي ڳالهائڻ جي همٿ ته ڪونه ٿيندي، پوءِ ڀلا هُو ٻه ٽي اکر لکي هن کي ڪنهن ڪارڊ بهاني ڏئي. هن سوچيو.
    اڄ هُو صبح کان ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، ته ڪنهن مهل ڪارڊ ڏئيس، هن پنهنجا ڪلاس وٺي ڇڏيا، ته هُو هن جي ڊپارٽمينٽ اڳيان لنگهيو، پريت بس جي انتظار ۾ بيٺي هئي. سُندر هن کي ڏسي سلام ڪيو ۽ پريت جواب ڏنو.
    ”هيءُ ڪارڊ مان توهان لاءِ کڻي آيو هئس!
    پريت ڪارڊ ورتو ۽ بس ۾ چڙهي ويهي رهي. هن جڏهن ڪارڊ گهر اچي کوليو ته اُن مان خط پڻ نڪتو. هوءَ حيران ٿي ويئي، ته آخر سُندر، کي همت ڪيئن ٿي خط لکڻ جي. هوءَ ڪا اهڙي ڇوڪري آهي جو هن جي ڳالهين ۾ اچي ويندي. هيءُ ڇوڪرو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو. هن کي سڀ ڳالهيون وَرَ وَرَ ياد اچڻ لڳيون، ڪارڊ پهچائڻ، ايوارڊ ڏيارڻ هي سڀ مون کي........
    هيءُ ڇوڪرو ايتري قدر ڪِري سگهي ٿو، هن سوچيو به نه هو. هن جي اندر ۾ سُندر لاءِ نفرت پيدا ٿي.
    سڄي رات هوءَ ننڊ نه ڪري سگهي ۽ صبح جي انتظار ۾ هئي ته يونيورسٽي وڃي ۽ سُندر کي اهڙي سيکت ڏئي، جو هُو ڪڏهن وري ٻيءَ ڇوڪريءَ سان همت نه ڪري.
    هوءَ صبح سان ئي سُندر جي ڊپارٽمينٽ ۾ آئي، سُندر هن جي مُنهن کي ڏسي ڊڄي ويو. ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو.
    ”توهان ڇا سمجهي مون کي خط لکيو. مان ڪا اهڙي بيوقوف ڇوڪري آهيان، جو توهان جهڙن ڇوڪرن جي ڳالهين ۾ اچي ويندس. مون کي توهان جهڙا ڇوڪرا بنهه وائڙا لڳندا آهن، جيڪي ٿوري عرصي ۾ ڪنهن کي منزل سمجهڻ لڳندا آهن. توهان ڇوڪرن جو ڪم ئي اهو آهي، توهان سڀ هڪجهڙا آهيو، پر توهان ته سٺا ليکڪ آهيو ۽ پوءِ هن قسم جي حرڪت. مون کي توهان جهڙن ڇوڪرن کان ئي نفرت آهي. هوءَ نهايت جذباتي ٿي ويئي.
    سُندر جيڪو سويل کان خاموش هو. نهايت گرم ٿي ويو.
    ”توهان هڪ ته مون کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. ٻيو ته مان انهن ڇوڪرن مان نه آهيان، جيڪي ڇوڪرين جي پُٺيان پوندا آهن ۽ کين بيوقوف بڻائيندا آهن. باقي توهان مون کي سٺا لڳا، پر شايد مون کان غلطي ٿي، توهان کي سمجهڻ ۾. توهان جي سوچ ۽ منهنجي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. منهنجي ئي غلطي آهي، مون کي معاف ڪيو.“ سُندر جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ تڪڙو تڪڙو اڳيان هليو ويو.
    پريت جون ڄڻ اکيون کُلي ويون. هيءُ مون ڇا ڪيو؟ مون هن کي ڇو ايترو ڳالهايو، ڇا سمجهي ڳالهايو. شايد انڪري ته هن جي ساهيڙيءَ کي ڪنهن دوکو ڏنو هو. هن جي ذهن ۾ هميشه اِهو ئي رهيو آهي، ته سڀ مرد هڪجهڙا هوندا آهن.
    ٻئي ڏينهن پريت سوچيو ته هوءَ سُندر کان معافي وٺندي، پر يونيورسٽي ۾ سُندر هن کي نظر نه آيو.
    اڄ پهريون ڀيرو، هن جي دل ۾ سُندر لاءِ عزت وڌي.
    هن سڄي رات سوچيندي گذاري. صبح جو پهرين ئي سُندر جي ڊپارٽمينٽ پهتي ته خبر پيس ته سُندر، پندرهن ڏينهن جي موڪل تي ويل آهي، هوءَ وڌيڪ پريشان ٿي وئي. گهر آئي، ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نه ٿي لڳس.
    پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳي، هيءُ مون ڇا ڪيو؟ هڪ سٺي انسان کي سمجهڻ ۾ مون ايڏي غلطي ڪيئن ڪئي. ڪلهه تائين اِهو سُندر هن کي هڪ معمولي ماڻهو لڳو هو ۽ اڄ هُن لاءِ ايڏو اهم ٿي پيو هو. هن جي اندر جي ندامت هن کي بي چين ڪري ڇڏيو هو. هن پندرهن ڏينهن اوسيئڙو ڪندي گذاريا، ته سُندر يونيورسٽيءَ ۾ جيئن ئي ايندو، هوءَ ان کان معافي وٺندي ۽ ٻڌائيندي ته هوءَ پاڻ شرمسار آهي، پر شايد قدرت کي ائين ڪرڻو هو هن جي زندگيءَ جو فيصلو. هڪ پل جي ندامت سڄي زندگي جو پڇتاءُ بڻجندو هن ڪڏهن به نه سوچيو هو، ته اِهو ئي سُندر هن جي زندگيءَ جو اهم حصو ٿي ويندو ۽ هميشه.........
    پندرهن ڏينهنِ کان پوءِ سُندر جيئن ئي يونيورسٽي ۾ آيو ته هن کي خبر پئي ته هُو شادي ڪري آيو آهي انهيءَ گهڙيءَ ئي پريت جي اندر کي ٽوڙي وڌو. هوءَ ته معافي به نه ٿي وٺي سگهي. جيڪڏهن وٺندي ته به سُندر يقين ڪندو به الائي نه، بس هن اِهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هن جي زندگي ۾ ڪير هوا جي هلڪي جُهوٽي سان ايندو ۽ وري ٻئي پل جي تيز جُهوٽي تي هليو به ويندو. هاڻ هن جي زندگي اُن هڪ لمحي ۾ قيد ٿي وئي هئي.
    ڪجهه ڏينهن کان هُن کي خبر پئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٽرانسفر ڪرائي هليو ويو آهي.
    هن کان پوءِ پريت لاءِ ڪيترا رشتا آيا پر هميشه هن طرفان انڪار ئي مليو. پريت جو ڀاءُ پڻ پريشان ٿي پيو. آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڪنهن به رشتي تي هيءَ راضي ناهي.
    هڪ ڏينهن هن جي ڀاءُ هن کي ويهي سمجهايو ۽ پڇيو ته جيڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ ڪو ڇوڪرو آهي ته ٻڌاءِ. تون ائين نه سمجهجانءِ، ته تنهنجو ڀاءُ تنهنجي راضپي ۾ راضي نه هوندو.
    پريت ڪيئن ٻڌائي ته هن جي اندر هڪ اهڙي انسان کي قبولي ورتو آهي، جيڪو، ڪڏهن، هن جو ٿيڻو ناهي، اندر ۾ ٽُٽي پئي هئي، پر ڀاءُ کي مطمئن ڪري ڇڏيائين. ۽ چيو: ”مون کي پريشان نه ڪريو، منهنجي دل جڏهن چيو، تڏهن ٻڌائينديس.“
    هن جي ڀاءُ هن جي رضا سمجهي، خاموشي اختيار ڪئي، پر اها خاموشي پريت جي اندر هميشه لاءِ قبول ڪري ورتي هئي ۽ ڪنهن به انسان کي اڄ تائين قبول نه ڪري سگهي هئي، ۽ هڪ پَل کي خريد ڪري ڇڏيو هو. هن ڪجهه عرصو لکڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪنهن به فنڪشن ۾ وڃي نه سگهندي هُئي. هن پاڻ کي گهر ۽ يونيورسٽيءَ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو.
    اوچتو اڄ ايتري عرصي کان پوءِ سُندر جو يونيورسٽي ۾ اچڻ، هوءَ اکيون ملائي نه سگهي هئي، پر اندر ۾ روئي پئي هئي ۽ لڙڪن هاريون اکيون اُگهندي بس ۾ ويهي رهي ۽ هن سوچيو ۽ ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڪا پل جي ڳالهه هئي جيڪا هن کان وسري سگهي هئي ۽ نه ان جي تلافي ڪا اهميت رکي ٿي، پر هن کي هاڻ زندگي ائين ئي بي رونقيءَ ۾ گذارڻ جي عادت پئجي چڪي هئي. ٿڌي هوا ۾ هن اکيون بند ڪري گاڏين جي آوازن ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيو.


    لڳيس جنهن جي لامَ

    هوءَ پنهنجي خيالن کان تڏهن آجي ٿي جڏهن اياز هن جي ڀر ۾ اچي بيٺو.
    ”ڇو! ٻڌين ڪونه پئي ڇا؟ مان آهيان جو سڏي سڏي ٿڪجي پيو آهيان ۽ هڪ تون آهين جو مزي سان چانهن پئي پين!“
    زينيءَ ڪجهه نه ڪڇندي فقط ٿڪل نيڻ کڻي اياز کي ڏٺو ۽ چانهن جا هلڪا سِپَ ڀرڻ لڳي.
    ”توکي آهيان، ڪنهن کي آهيان، جو ٻُڌين نه ٿي.“ اياز جواب نه ڏيندو ڏسي زينيءَ تي گرم ٿي ويو.
    ”ها ٻڌايو ڪهڙو ڪم آهي؟“ زينيءَ ٽيبل تي ڪوپ رکندي چيو.
    ”توکي خبر ناهي اڄ مون کي ميٽنگ تي وڃڻو آهي. ڪپڙا ڪٿي آهن منهنجا؟“
    زينيءَ کي هونئن ئي چڙ هئي سو خار مان اُٿي وارڊ روب مان ڪپڙا کڻي استري ڪرڻ لڳي.
    ”انهيءَ جي معنيٰ ڪپڙا اڃا هاڻي استري ٿيندا.“ اياز هاڻ وڌيڪ تپي ويو.
    ”ڀلا مان به ڇا ڇا ڪيان هڪ ته ڪم واري مائي نه آئي آهي. صبح کان سڄو گهر ٽڙيو پکڙيو پيو هو. انهيءَ کي به ته ڏسڻو پيو.“ زينيءَ کي نه چاهيندي به جواب ڏيڻو پيو.
    ”اڃا ماين کي مٿي تي چاڙهيو، توهان عورتون نه سڌرنديون، توهان کي پٽ تان کڻي عرش تي پهچائجي تڏهن به اهي ئي رهنديون. توهان ڇا ڄاڻو ته ماين کان ڪم ڪيئن وٺبو آهي.“ اياز ٽوڪ هڻندي باٿ روم ۾ گهڙي ويو.
    زينيءَ جي دل به سوچيو ته جواب ڏيئي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي پر...... رات واري جهيڙي کان پوءِ ته هوءَ وڌيڪ پريشان ٿي پئي هئي، ڇا ڪري هوءَ، ڪنهن کي ٻڌائي پنهنجي اندر جي وارتا ته هوءَ ايڏين خوشين هوندي به خوش ناهي، ڪنهن کي ٻڌائي ته سڄي رات هوءَ ننڊ نه ڪري سگهي آهي.
    هاڻ ته هيءُ روز جو معمول بڻجي ويو هو. آخر ڇو هوءَ مجبور ٿي پئي آهي، ڇو نه ٿي ڇڏي ڏئي اياز کي، جيڪو هاڻ هُن جو رهيو ئي ناهي. سندس ڪهڙي حيثيت آهي هن گهر ۾، ڇا! صرف هوءَ هاڻ گهر ۾ فارمل آهي؟ رات وارا اياز جا لفظ ياد اچڻ لڳس. انهيءَ اياز جي ڪري جنهن جي ڪري مائٽن جي سامهون ٿي هئي. ڪيڏو نه سرتين سمجهايو هئس، ته اياز اُهو ناهي جهڙو تون هُن لاءِ ماندي آهين.
    ڀلا ڪيئن نه سمجهي اياز جي سچاين کي جڏهن سندس رشتو پنهنجي سوٽ سان ٿئي ٿيو. اياز ڪيڏو نه اتاولو ٿيو هو. هن کي انڪار لاءِ چيو هئائين. ڀلا اڃا ڪهڙي سچائي کپي هُن کي اياز جي. پاڻ به ته چاهيو هئائين اياز کي. پوءِ ڇو نه مائٽن کي راضي ڪري اياز لاءِ.
    هوءَ ڪهڙن خيالن ۾ گم ٿيندي وئي. اياز ته الائي ڪيڏي مهل هليو ويو هو، سڄو گهر ته ٽڙيو پکڙيو پيو هئو، پر ڪنهن به ڪم ۾ دل نه لڳيس.
    هن کي ياد پئي آيو. اهوئي اياز جيڪو کيس ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هو. آفيس وڃڻ کان اڳ ۾ هدايتون جاري ڪري ويندو هو مان اچان ته ائين نه ٿئي جو تون هيڏن نوڪرن هوندين ميرا ڪپڙا پائي منهنجو آڌرڀاءُ ڪرين. مون کي اهڙيون مايون نه وڻنديون آهن. جن جي جسم مان هر وقت رڌ پچاءَ جي ڌپ اچڻ لڳي. مان صرف توکي تيار ٿيل روپ ۾ ڏسان.
    سوچڻ لڳندي هئي چئي ڏئي اياز کي ته هر مرد چاهيندو هوندو ته سندس زال هر وقت سهي سنڀري پئي هجي، پر هر عورت ائين ڪري ته نه ٿي سگهي. سندن مڙس چاهيندي به پنهنجي زالن کي ايڏو خوش ته نه ٿا رکي سگهن. پوءِ ڀلا ڇا اُنهن مردن کي زالون نه وڻنديون هونديون. جيڪي پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ گهر گهر ۾ ڪم ڪن ٿيون ڇا اُهي پنهنجي مردن کي نه وڻنديون هونديون؟ مرد جي سچائي اها ئي ته آهي عورت جي عزت ڪري ۽ هر روپ ۾ چاهي، پر ڪجهه نه چئي سگهي هئي اياز کي. صرف انهيءَ کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين ۽ اياز جي اڳيان مورتي بڻيل رهي هميشه.
    ڀلا پاڻ به ڇو نه خوش ٿئي، ايڏيون آسائشون جو هئس. هاڻ ته ڪم به وسري ويو هئس. رڳو اياز جي ڪري هُن کي ائين ڪرڻو پيو هو پر اهو ڇا ٿيندو ويو. اياز هُن کان پرتي ڇو ٿيندو ويو. اُهوئي اياز جيڪو سندس ڀر ۾ ويهڻ چاهيندو هئو. اهوئي هاڻ ائين بدليو هو. پاڻ جڏهن به شڪايت ڪرڻ لڳي هئي اياز سان ته اياز هن کي خاموش ڪري ڇڏيندو پنهنجي اسٽيٽس جو رعب وجهي. ڇا ٿي ڪري سگهي. ڪجهه به ته نه. ڀلا هن وٽ ڇاجي ڪمي هئي. هر آسائش ته موجود هئي پوءِ ڇاجي ٿي ڪيائين شڪايت، پر اياز جڏهن گهڻو وقت ٻاهر رهڻ لڳو تڏهن ڪاوڙي هئي اياز سان، پر اياز اهو چئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هئس ته هيڏي اسٽيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ته لوڙڻو پوندو، گهر ويٺي ته ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو.
    سوچيندي هئي چئي ڏئي اياز کي، ته مون توکي تنهنجي اسٽيٽس جي ڪري ڪونه قبوليو هو صرف تنهنجي پسند جي ڪري توڏانهن وڌي هئس. مون کي ڪنهن به اسٽيٽس جي ضرورت ڪونهي. صرف تنهنجي گهرج آهي مون کي، پر ڪڏهن چئي نه سگهي هئي.
    هاڻ ته عيني ۽ سرواڻ جي ذميداري به وڌي هئس. انهن کي به پيءُ جي پيار جي ضرورت هئي. پر اياز ڪڏهن به عيني ۽ سرواڻ کي پيءُ جو پيار نه ڏنو. ڪڏهن ساڻن کلي نه ڳالهايو هئائين. گهر ۾ گهڙندو هو ته ايڏي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي ڄڻ ڪو راڪاس گهڙي آيو هجي. هاڻ ته ٻار به اياز کان ڊڄڻ لڳا هئا. ڪيڏو نه اندر وڍجڻ لڳندو هئس. جڏهن ٻار ڪمرن ۾ لڪي ويندا هئا. ڪنهن کي ٻڌائي! ڪنهن سان شڪايت ڪري! ڪنهن پاسي جي به نه رهي هئي. انهيءَ اياز جي ڪري هر ڪنهن اڳيان ڏٺي ٿي هئي. اهو ئي اياز هُن لاءِ اجنبي ٿي پيو هو. جيڪو هن کي سڀن کان وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو. يونيورسٽيءَ ۾ سندس سونهن ۽ ذهين هجڻ جي دعويٰ ڪندو وتندو هو. ڇا اهو سڀڪجهه دوکو هو. ڍونگ هو کيس حاصل ڪرڻ جو! آخر ڇو اياز بدليو هو هن کان. ڇا نه ڏنو هئائين اياز کي. سوچڻ لڳي ته ڪن مردن کي ته اهو بهانو هوندو آهي ٻي شادي ڪرڻ جو ته کيس اولاد ڪونهي. پر هن ته ٻه ٻار ڏنا هئا اياز جي جهوليءَ ۾. پوءِ به هو ٻين عورتن جي جستجو ۾ هو. آخر ڇا جي ضرورت آهي اياز کي.
    هاڻ ته هُو ڏينهنِ جا ڏينهن گم رهڻ لڳو. ڀلا ڇو نه چوي اياز کي آخر هوءَ سندس زال هئي. هاڻ ته ڇوڪريون به سندس گهر اچڻ لڳيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن شڪايت ڪرڻ چاهيندي به نه ڪري سگهندي هئي ڇو ته پاڻ پڙهيل هئي، جيڪڏهن ڪجهه به چوي ٿي اياز کي ته هُو ته ڪاوڙجي پوڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ هن کي شڪي مزاج عورت کان سواءِ ڪجهه نه چوندو. ان لاءِ هميشه خاموش رهندي آئي هئي.
    پر ڪيستائين اڃا به نه چوي اياز کي جڏهن موڪل واري ڏينهن به فون جي اوسيئڙي ۾ ڪن اُڀا ڪري ويٺو هجي ۽ جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ويهي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪري. اهو اياز جنهن وٽ هڪ منٽ به سندس لاءِ نه هو. ڇا اياز جي منهن جي تاثرن مان سمجهڻ سندس لاءِ ڪافي نه هو ته هُو ڪيڏو نه خوش لڳندو هو.
    ڇا! اڃا هوءَ شڪ پئي ڪري. ڇا اياز کي ڇڏي ڏئي جيئن هُو ڪري؟ ڇا هوءَ پنهنجي مڙس جي نئين عشق جو روڳ پنهنجن اکين سان ڏسندي رهي؟ ڇا شادي ان لاءِ ڪبي آهي ته مرد جڏهن چاهي ٻي عورت کي پنهنجي گهر ۾ آڻي اکين سان ڏيکاريندو رهي سندس زال تڏهن به نه ڪڇي. ڇا پڙهيل عورتن سان به ائين ٿي سگهي ٿو. هوءَ سوچڻ لڳي هئي. هاڻ هن کي ڇا ڪرڻو آهي. ڪجهه گهڙين لاءِ من ۾ سوچ وراڪا ٿي ورائي ويس. ها پاڻ ڇڏي به ته سگهي ٿي اياز کي، پاڻ به ته پڙهيل هئي. پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻچن کي پالي ٿي سگهي. ڇو اياز جي در تي ويچاري ٿي ويهي رهي ۽ جيڪو هُن جي ڪا پرواهه به نه ڪري.
    پر ڇا هوءَ ائين ڪري سگهي ٿي هوءَ ان مرد کي ڪري ڏيکاري سگهي ٿي، ڪنهن کي ٻڌائي سگهي ٿي ته هن سان ڪيڏي ويساهه گهاتي ٿي آهي. پڙهيل هوندي به مرد اڳيان ڪمزور ٿي پئي آهي. هيڏين آسائشن هوندي پاڻ کي هيڪلو پئي ڀانئين.
    نه نه هوءَ ڀڻڪي پئي، مون کي ڪجهه ناهي ڪرڻو، ڇو ته جيڪڏهن هوءَ ڪُڇي هئي رات گهڻن ڏينهن کان پوءِ ته لفظ جيڪي اياز هُن کي چيا هئا ”تون هاڻ منهنجي لاءِ صرف هڪ عام عورت آهين. منهنجي مرضي آهي، جنهن سان وڃان جنهن کي آڻيان جنهن مهل اچان توکي ڪو به اعتراض ناهي ڪرڻو. توکان ته اهي ڇوڪريون سُٺيون جن کي هيڏيون آسائشون ڏنيو وڃن ته اهي هميشه لاءِ خوش ٿي وڃن.“
    دل چيس چئي ڏئي اياز کي ته توهان مرد اسان جهڙن پڙهيل عورتن کي هيءُ آسائشون ڏئي خريد نٿا ڪري سگهو، پر نه چئي سگهي هئي. هن کي خاموش رهڻو آهي هميشه لاءِ پنهنجي اولاد جي لاءِ. سندس سڀ گس اتي ئي ختم ٿيڻا آهن هن کي ڪيڏانهن ناهي وڃڻو. هنن بهارن هوندي به هُن کي خزان جو هيراڪ بڻجڻو آهي ها......هميشه لاءِ.


    ڏولي ڪير کڻي؟

    صاحبان گهر ۾ جيئن گهڙي ته توبهن، توبهن ڪرڻ لڳي.
    ”مائي زمانو ته ڪهڙو بڇڙو اچي ٿيو آهي، مرڻ ته نه هئو ڄڻ ڪاڄ هو.“ هوءَ پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳي.
    ”ڇو! ڇا ٿيو؟“ زيبو، ماءُ جو آواز ٻڌي ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي.
    ”اَڙِي امڙ، تو واقعي سچ چيو ته ڪپڙا سُٺا پائي وڃ، پر مون ته وڃي ڄڻ پڇتايو. ائين پئي لڳو ڄڻ مان ئي سڀني ۾ گهٽ هئس، سڀ مايون ائين تيار ٿي آيون، ڄڻ شادي تي آيون هيون، پر امان ڪوته خدا جو خوف ڪن، کين ته ڄڻ هلڻو ئي ڪونهي.“ امان يڪساهيءَ ۾ ڳالهائيندي اچي کٽ تي ويٺي.
    ”اڄڪلهه زمانو ترقي ڪري ويو آ، هيءُ رسمون وري ڇو پٺيان رهن. انهن ۾ به ڪا تبديلي اچڻ کپي نه.“ مون امان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو.
    واقعي امڙ زيبو. ڏس ته زماني جا رنگ. اڳ ۾ وڏي ڪا پوڙهي گذاري ويندي هئي، ته ڌوتل پوتل ڪپڙا به لاهي پراڻا کڻي پائينديون هيونسين ته مائي قضيو ٿيو آ، پر هاڻ ته توبهن ٿي وئي آهي. نه روئڻ نه پٽڻ ۽ نه وري ڪلمو ۽ تسبيح پڙهڻ.
    اڳ ۾ مرڻ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌبو هو ۽ جوانن جو موت ته ٻڌبو ئي ڪونه هو، پر امان هاڻ ته ماڻهن جو مرڻ به ايترو سستو ٿي ويو آ، جو روز الائي ڪيترن جون حياتيون وقت کان اڳ ختم ٿيو وڃن. روز روڊ ايڪسيڊنٽ، روز عورتن جو بيدرديءَ سان قتل، اخبارون ته رت سان ريٽيون پيون آهن، پوءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏجي!“ مان امان کي سمجهائڻ ويٺس.
    ”امڙ اهو ته صحيح آ مرڻ ته ڪو مهڻو ڪونهي. هلڻو ته سڀ ڪنهن کي آ، پر هتي ته حالت ئي اُبتي لڳي پئي آ، وڃ کڻي ته سعيو ڪري قالين وڇايا پيا وڃن، وهاڻا ٽيڪن لاءِ رکيا پيا آهن. جيڪو اچي انهن کي بوتلون پياريون پيون وڃن. ميت اُتي پيو آ، هتي اهتمام اهڙا لڳا پيا آهن ڄڻ هر ڪو شادي جي دعوت تي آيو آ. ڪپڙا ته ٺهيو، پر ميڪ اپ سڄو منهن تي ٿڦيو پيو آ، لپ اسٽڪ لڳي پئي آ، ميچنگ تي سينڊل، ڪلپيون، وارن جو مختلف اسٽائيل، ٻانهُنِ ۾ سونيون چوڙيون ۽ ڪنگڻ، ائين ٿي لڳو ڄڻ هاڻ هاڻ بيوٽي پالر تان ٿي آيون آهن.“
    ”امان، تون به ڪا صفا سادي آهين، اڄڪلهه ته اها مهل به شامل ٿي وئي آ پاڻ کي ڏيکارڻ جي. رڳو ٻڌڻ جي دير آ. خبر رڳو پئي ته فلاڻي هنڌ ڪير گذاري ويو آ. ڏک ڪرڻ جي بجاءِ وينديون ڪمري ۾، بيگ ۾ جيڪو سڀن کان نئون وڳو هوندو اهو ڪڍنديون ميچنگ ڏسنديون ته ڪهڙي ڪهڙي ٿئي ٿي. سينڊل ڪڍنديون وارن جا مختلف اسٽائيل ڪري ڏسنديون ته ڪهڙا ٿا ٺهن.“
    ”مائي نُنهون ته ٺهيو، پر پنهنجون ڌيئون جيڪي رت آهن، جگر آهن. اهي به ڪونه پيون روئن، ٺهيو جڙيو سڀن جي اڳيان ويٺيون آهن. مايون به ڪنهن سان افسوس ڪن. گهرواريون ئي چپ ڪيو تيار ٿيو ڪنڊ ۾ ويٺيون آهن. پوءِ ٻين ماين کي ڇا آهي. اهي ته رونشي ڪوڏيون، اهي به زور زور سان ڪچهريون لڳائي ويٺيون هيون. هوءَ ڌيءَ جنهن جي هاڻ شادي ڪرائي اٿن اها ته روئڻ بجاءِ گرمي گرمي ڪرڻ لڳي ۽ وئي وهنجڻ ۽ وڳو سهڻو پائي اچي ماين جي وچ ۾ ويٺي.“ امان حيران ٿيندي ٻڌائڻ لڳي.
    امان جون ڳالهيون ٻُڌي مون کي به کل ٿي آئي، چوي ته سچ پئي. اڄڪلهه زماني ۾ فيشن ٿي پيو آ، مون کي پڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڳالهه ياد اچي وئي، جڏهن اسان جي پاڙي ۾ ڪير گذاري ويو هو ته اسين به ڀينرون رونشي ۾ امان وارن جي پٺيان لڳيون هيونسين. جڏهن اتي پهتيونسين ته اتان جي ڪنهن مائيءَ چيو ته: ”ائي ڇوڪريون توهان وري ڌوتل استري ٿيل ڪپڙا پائي آيون آهيو، وڃو وڃو اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پراڻا پائي اچو. ڇا چوندا ماڻهو ته پاڙي واريون ڪهڙيون اٿن جو تيار ٿي آيون آهن.“
    اسان کي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو هو، پر ڊپ ٿي پيو هو ته الائي ڇا ٿيندو ۽ ڊوڙ پائي گهر وياسين ۽ ويٺيونسين پراڻن ڪپڙن کي ڳولڻ، جڏهن مليا ته اهي ڪپڙا لاهي وري پراڻا پاتاسين پوءِ وري پاڙي ۾ ويونسين.
    ڪمري ۾ گهڙڻ لڳس ته ڀاءُ سڏ ڪيو ۽ ڪپڙن جو پڇڻ لڳو.
    ”ڇوڪرا هينئر ڇا ٿو ڪرين ڪپڙن کي، تون وڃ پاڙي جي ڳالهه آهي. ميت اجهو ٿا کڻن. وڃي شريڪ ٿيءُ.“ امان ارسلان کي چوڻ لڳي.
    ”امان مان اتان ٿي آيو آهيان، پر جيستائين مائٽ مِٽَ گڏ ٿين ته پوءِ ئي ميت کڻندا، تيستائين آئون وهنجي تيار ٿي وٺان.“
    ”اڙي ڇوڪري کي هوش آهي يا نه ! جيڪي ڪپڙا پاتا پيا اٿئي اهي صحيح اٿئي. پاڙي وارا ڇا چوندا ته ڇوڪرو تيار ٿي آيو آهي. پاڙي جو لحاظ ئي ڪونه آهين!“
    ”امان توهان هاڻي ته ڏسي آيا آهيو، ماين جا رنگ، وري به ارسلان کي پيا جهليو.“
    ”ڏس ته ادي ٻاهر ته ڄڻ عيد جو سمان لڳو پيو آ، ڇا ته ڊيڪوريشن ٿي آهي. ڇا ته قالين وڇايا آهن! ڇا ته چوڌاري پرفيوم جي خوشبو آهي! ڇا ته ڪپڙا پائي آيا آهن! اڃا ٿي امان چوي ته ڪپڙا سٺا نه پائي وڃ، ڀلا جن جي گهر ۾ قضيو ٿيو آهي اهي ته خاص تياريون ڪيو پيا گهمن، تياريون ڇا هُتي ته فوٽو پيا نڪرن!“
    ”اڙي ابا توبهن ڪر اهو ڇا پيو چوين.“
    ”امان مان ڄڻ ڪوڙ پيو ڳالهايان. فوٽو ته هونئن ئي نڪرن پيا، پر هُتي هينئر مُووي به ڀربي.“ ارسلان امان کي وڌيڪ چيڙائڻ لڳو.
    امان ته حيران ٿيندي ڪمري ۾ وڃي مٿو ٻڌي سمهي رهي.
    ”ڇو امان وري ڪونه ويندينءَ ڇا!“
    ”ائي امان هاڻ ته وڃڻ تي دل ئي ڪونه ٿي چوي. جن مائٽن کي ذرو به ڏک ڪونهي پوءِ ڇا وڃي ڪجي. جڏهن ميت کي کڻندا ته وڃي ٿي ايندس. ادي بصران اسان سان ته ڏاڍو سٺي هلي، پوءِ اسين به ته پنهنجو فرض پورو ڪيون.“
    ”ادي او ادي پرفيوم ته ڏجانءِ.“ ارسلان زيبوءَ کي ڳوليندو ڪمري ۾ آيو.
    ”ها ها ڏيانءِ ٿي.“ مون به ارسلان کي پرفيوم ڪڍي ڏني ۽ هُو لڳائي ٻاهر ويو ته ان مهل خبر پئي ته ميت کڻن پيا. ارسلان به تڪڙو تڪڙو ويو، مان به ٿورو در جي چيرَ مان ڏسڻ بيٺس.
    ڇا ته منظر لڳو پيو هو! چوڌاري ماڻهو قالينن تي وهاڻن جون ٽيڪون ڏيو ويٺا هئا. بوتلون هٿن ۾ هيون نه روئڻ نه پٽڻ.
    ارسلان صحيح ته چوي پيو، واقعي فوٽو پيا نڪرن.
    آئون به ٻاهر جو منظر ڏسي اچي ڪم کي لڳس، ماني به پاڙي ۾ موُڪلڻي هئي.
    مريم اسڪول مان آئي ۽ حيران ٿيندي پڇڻ لڳي:
    ”ادي ڪنهن جي شادي پئي ٿئي؟!“
    ”راڻي، شادي ڪونهي، هوءَ جيڪا گڊوءَ وارن جي ڏاڏي هئي، اها اڄ صبح گذاري وئي آهي.“
    هوءَ به حيران ٿي، پر ڪجهه به پڇي ڪونه سگهي.
    ”مريم تون اسڪول جا ڪپڙا مٽاءِ ۽ پوءِ گڊوءَ وارن جي گهر ماني ڏئي آ“
    ”ڇو ادي انهن ڪونه ٺاهي آهي ڇا!“
    ”نه راڻي جنهن جي گهر ۾ ڪير گذاري ويندو آهي ته، اهي ڪجهه به ڪونه رڌيندا پچائيندا آهن، پاڙي وارن مان هرڪو ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو آهي. وڏا ته کائين يا نه کائين، پر ننڍڙن معصوم ٻارن کي ته بک لڳي هوندي، تون جلدي ماني کڻي وڃ.“ مون کي خبر هئي ته ماني موڪلڻ جي ضرورت نه هئي، پر سُمهڻ کان اڳ امان تاڪيد ڪري سُتي هئي.
    ”ها ادي آئون ڪپڙا مَٽايان ته ڏئي ٿي اچان.“
    ان مهل خبر پئي ته ميت کي مقام ڏانهن کڻي پيا وڃن. آئون به امان کي اٿارڻ ويس ته جيئن هوءَ به وڃي سگهي.
    امان به منهن ڌوئي پاڙي ۾ وئي.
    جنهن مهل ميت کڻي رهيا هئا ته ڪو گهر مان روئڻ جو آواز نه پئي ٻڌڻ ۾ آيو، سچ مون کي ته الاهي ڏک ٿئي ٿيو، ماسي ويچاري ڪيڏي نه سٺي هئي. پوءِ هُن جي مرڻ تي ڪنهن کي به ڏک ڪونهي. هوءَ نُنهن سان به ڪيئن هلندي هئي، پر هت ته ڳالهه ئي ٻي هئي.
    امان به اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي وئي، ڀلا ويهي به ڇا ڪري هرڪو ته هليو ويو هو.
    مون به منجهند جو ننڊ ڪئي ته شام جو ارسلان به سهڪندو گهر پهتو.
    ”ڇو توکي ڇا ٿيو! ايڏو پيو سهڪين.“
    ”ادي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، ماڻهو مرن هڪڙن جا ۽ ڏوليون وري کڻي مسجدن ۾ اسين پهچايون.“
    ”ڇو ٻيا ڪيڏانهن ويا هئا.“
    ”ادي آئون به گڊوءَ جي ڪري ويس، ان جي ڏاڏي هئي. ڪم ڪار به ڪرايوسين، پر آخر ۾ جڏهن ڏاڏيءَ کي پوري واري ڇڏيئون ته ڏولي ڪير به کڻڻ لاءِ تيار ڪونه هو، اها اُتي ئي پئي هئي ۽ سڀ پنهنجين پنهنجين گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿيا.“ هن سهڪندي چيو.
    ”ٻيا ته ڇڏيو، پر گڊو جيڪو اسان جو دوست آهي، اهو به گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو. ان مهل اسان کي ئي ڪونه ڏٺئين ته هُو ويا ڪيڏانهن!“
    ”پوءِ توکي وري لاچار هو ڇا ڏوليءَ کڻڻ جو، پئي هجين ها.“
    ”بس اسان ٻه ٽي دوست بچياسين ته ڏٺوسين ته ڏولي اتي ئي پئي آ ته اسان پنهنجي دوستيءَ جو فرض سمجهي پنڌ ڪري اچي مسجد ۾ ڏوليءَ کي رکيوسين.“
    امان جيڪا صبح کان اهڙيون ڳالهيون ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي پئي هئي سو اها ڳالهه ٻڌندي چوڻ لڳي.
    ”الائي مائي مرڻ کان پوءِ اسان جو حشر ڇا ٿيندو!“


    جي سَڃئين ته سونُ ٿيان

    ڏهه سال پراڻو لکيل خط هن کي تڏهن مليو جڏهن هن پنهنجي زندگيءَ جون سڀ بهارون پاڻ کي ارپي ڇڏيون هيون.
    سڳنڌ جون اکيون هن خط تي ڄمي وڃن ٿيون. پني کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳي ٿي. نالو پڙهندي هن جا هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا. هوءَ ڪجهه به نه سمجهڻ چاهي پئي ڄڻ هُن اهو پنو پڙهيو ئي نه هجي. ڪرسي تي آهلي پوي ٿي.
    پر پوءِ نه چاهيندي به ننڍڙي پرزي کي پنهنجي زندگيءَ جو سمر سمجهي هٿ ۾ ائين ڀڪوڙي ڇڏي ٿي ڄڻ زندگي جي هارايل پلن کي قيد ڪندي هجي.
    سڳنڌ اڄ چاهي پئي ته وِيل ويرَ کي واپس ورائي، پر ڪيئن ممڪن هو! ڇو ته زندگيءَ جي جنهن حصي ۾ هئي. اتي ڪير به پنهنجي مرضيءَ سان سهارو نه ٿي ڏئي سگهيو. ها........ هن حصي ۾ ته صرف مجبورين سان ئي سمجهوتو ڪيو ويندو آهي. جيڪو هن کي الائي ڪڏهن کان قبول نه هو، پر جڏهن زندگي جا سڀ رنگ هن جا هئا. ان ويل هن نه ڄاتو هو ته انهن رنگن جي معنيٰ هن لاءِ ڪهڙي هئي.
    جڏهن سُڳنڌ پاڻ کي گهر جي ڀاتين ۾ ڀيٽڻ لڳندي هئي، ته لڳندو هئس صفا ننڍڙي ٻار ٿي وئي هجي، پر پنهنجي آيل سوچ کي جهٽڪو ڏيئي سوچيندي هئي ته اهڙا احساس هن کي ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن به محسوس نه ٿيا هئا.
    پر جڏهن کان ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن جي روز ماراماريءَ کان پوءِ سندس پيءُ شهر ۾ اچي ڪنهن اسڪول ۾ ماستر ٿيو هو ته شهر جي زندگي هن کي خواب لڳي هئي. جتي هن کي پنهنجو پاڻ مان ساهه نڪرندي محسوس ٿيندو هو.
    ڪڏهن ڪڏهن رات جو جڏهن سڀ سمهي پوندا هئا ته هوءَ گرميءَ جو بهانو ڪري آڳنڌ ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي پوري طرح جاچڻ لڳندي هئي، ۽ اکيون بند ڪري وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳندي هئي. ائين لڳندو هئس ڄڻ هوءَ گهُٽ ۽ ٻُوسٽ مان هاڻ نڪتي هجي.
    ان ويل سندس جي احساسن کي جذبن جو روپ ملي ويندو هو، احساسن کي هڪ نئين اميد ملي ويندي هئي. پر… سڳنڌ ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ لڳندي هئي ته هن جي احساسن ته ڪڏهن به شڪايت ڪانه ڪئي هئي، هوءَ مشين جو اهو پرزو هئي جنهن جو هر ڪانٽو ٻين جي مرضيءَ سان هلڻ جو عادي ٿي ويو هو. پوءِ هوءَ ڇو بيچين ٿي پئي هئي، هن جي احساسن ڇو ڪَرُ کنيو هو. پاڻ کي ڌونڌاڙڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
    ها.......... هن کي جواب ملي ويو هئو، ان احساسن هن جي اندر کي ڪوري وڌو هو ته هوءَ پڙهيل ناهي، پر هوءَ هاڻ ڇو پئي سوچي! شايد ان لاءِ ته هوءَ شهر جي زندگي ۽ گهر ڀاتين ۾ پاڻ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ ناممڪل سمجهي پئي. پاڻ تي جکَ اچڻ لڳندا هئس.
    وڏي ڌيءَ هئڻ ڪري هوءَ ڇو پئي ڀوڳي! ڪڏهن ڪڏهن هوءَ قسمت سان شڪايت ڪرڻ چاهيندي هئي ته آخر هن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي هئي، معذور ماءُ جيڪا اڌ رنگي جي مرض ۾ ورتل هڪ کٽ تي، ڪڏهن کان موت جو اوسيئڙو ڪندي سڄيون راتيون جاڳي گذاريندي هئي ته هن جا احساس ازخود ماٺا ٿي ويندا هئا.
    سُڳنڌ اڃا سانڀر ۾ آئي ته هن کي سڄي گهر جو بار سنڀالڻو پيو، ننڍن ڀائر ڀينرن کي ماءُ وانگر پالي وڏو ڪيو. هن کي چار پنج درجا پڙهائي گهر ۾ ويهاريو ويو، ڇو ته هوءَ ئي سڀني مان وڏي هئي.
    پر........ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هئي ته ان کان ڄمان ئي نه ها ته چڱو هو! پر ڄمان ڇو نه ها کڻي پهريون نمبر نه هجان ها، پوءِ پڙهان ته ها. هوءَ سوچيندي هئي. هوءَ پنهنجي هٿن کي ڏسڻ لڳندي هئي، جيڪي گهر جو سڄو ڪم ڪندي جهيرون جهيرون پيل نظر ايندا هئس. تڏهن لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. دل چوندي هئس ته اهي هٿ ڪپي ڇڏي، سندس ساهيڙيءَ مارئيءَ جا هٿ ڪيڏا نه نازڪ نفيس هوندا هئا، هوءَ جڏهن هن جي هٿن کي لڪي جاچيندي هئي ته سندس هٿ ازخود رئي ۾ لڪي ويندا هئا.
    هوءَ پنهنجي ڀائرن ڀيڻن کان پاڻ کي صفا ننڍڙو سمجهندي هئي، جڏهن هُو ڪنهن موضوع تي پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا ته هوءَ ان ويل رڌڻي ۾ وڃي هروڀرو به ڪو ڪم ڪار ڪڍي ڪم ڪرڻ ويهندي هئي ۽ اندر ۾ ڀُرڻ لڳندي هئي.
    پر هڪ احساس هن جي اندر کي جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هن جهٽڪو ڏئي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته هن کي خبر هئي ته اهو احساس هن جي اندر ۾ هميشه لاءِ ڪڏهن به جاءِ وٺي نٿي سگهيو.
    اهو احساس سُڳنڌ کي تڏهن ٿيو هو جڏهن هوءَ گهر کان ٻاهر نڪتي هئي. هن کي زندگي هڪ بيٺل پاڻي نه پر وهندڙ درياءَ وانگر لڳي هئي. هن جي سوچ کي هڪ نئون موڙ مليو هو، پر..... ان موڙ کي ڪو به نالو ڏيڻ نه چاهيو هو. هن جي اندر جو سمهاريل احساس، چاهڻ جي باوجود سگهه ساري نه سگهيو هو.
    هوءَ جڏهن پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي اسڪول ڇڏڻ ويندي هئي ته ٻه اکيون هن کي پاڻ ڏانهن نهاريل ملنديون هيون، پر پاڻ جڏهن ويجهو لنگهندي هئي ته نهاري نه سگهندي هئي، ساهه بند ٿيڻ لڳندو هوس، ۽ گهر اچي وڏا ساهه کڻڻ لڳندي هئي.
    خبر پئي هئس ته اهو ڇوڪرو سندس پاڙي واري گهر مان نڪرندو هو نالو دانش هئس ۽ يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ صبح جو بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺل هوندو هو.
    پر هيءَ ته هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه هئي، روز معمول ٿي پيو هو. هوءَ چاهيندي هئي ته جيڪر ڀيڻ کي اسڪول ڇڏڻ نه وڃي، پر وري نه چاهيندي به هن جي اندر ائين ڪرڻ ٿي گهُريو.
    هن کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هوءَ ائين ڇو ٿي چاهي؟ هن جي اندر ائين ڇو پئي ڪيو، شايد هن جي اندر ۾ هُن لاءِ......... نه نه ائين نٿو ٿي سگهي. پر هِن به هُن سان ڪڏهن ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پوءِ هُو ڪيئن سمجهي ته هُو هِن کي ڇو ٿو ڏسي. ان لاءِ هن پنهنجي احساسن کي وقت اچڻ کان اڳ سمهاري ڇڏيو هو.
    ڏينهن گذرندي هن کي تڏهن احساس ٿيو جڏهن هُو هتان هليو ويو هو. ڇو هليو ويو هو هن کي ڪا خبر نه هئي، پر ڄاڻيندي به هن جون اکيون هن کي ڳولڻ لڳنديون هيون، پر......... اهي پل هن کي وري ملي نه سگهيا.
    ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ لڳندي هئي ته هوءَ ان ماڻهوءَ کي ڇو پئي ياد ڪري، جنهن ڪڏهن به هن کي ڪجهه سمجهيو ئي نه هو، جنهن سندس دل جي ڪڏهن ڳالهه سمجهي نه هئي، ڀلا نهارڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.
    نهاري ته ڪير به سگهي ٿو، پوءِ هن نهاريو ته ڇا ٿيو. هوءَ پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳندي هئي، پر جواب هن کي ڪڏهن به نه مليو هو، پر....... هن جي غير موجودگيءَ هن جي احساس کي هڪ نئون موڙ ڏنو هو، هن جي دل ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو، هُن ماءُ پيءُ کان اجازت گهري هئي جيڪا هُنن ڏني هئي، ڇو ته شهر ۾ رهندي هن جي ماءُ پيءُ وقت جي گهُرج سمجهي هئي. جڏهن سندس ننڍڙا ڀائر ڀينر رات جو ڪاليج جو ڪم ڪرڻ لڳندا هئا ۽ هن کي ڪوبه ڪم نه هوندو هو، پر پوءِ به چاهيندي هئي ته ڪو ڪم ڪرڻ ويهي ته جيئن ڪير محسوس نه ڪري، پر سندس ماءُ پيءُ اها ڳالهه هاڻي ڄاڻي ورتي هئي، پڇتاءَ جو ڪو ازالو ٿي سگهيو ٿي ته صرف ان صورت ۾ ته هن کي پڙهائجي سندس پيءُ اهو سوچي ڇڏيو هو ته سڳنڌ اسان جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي، انهن مڙني احساسن کي جڏهن ڪا معنيٰ ڏيڻي هئي ته سڳنڌ کي پڙهائڻو هو. پاڻ وڌيڪ پڙهڻ لڳي هئي، پرائيويٽ امتحان پاس ڪري هاڻي يونيورسٽيءَ پهتي هئي. سڀني پڇتائن جو حل ان ۾ ئي ٿي ڄاتو. هوءَ خوشيءَ ۾ نه ماپي هئي، ۽ وقت هن کي ايڏو اڳيان آڻي ڇڏيو هن ۾ هڪ نئون اعتماد پيدا ٿيو هو. هن زندگيءَ کي هڪ نئون نالو ڏنو هو.
    ڪڏهن ڪڏهن هوءَ رات جو دانش جي باري ۾ سوچيندي هئي ته ڏاڍو سٺو لڳندو هئس ۽ دل ئي دل ۾ سَرهي ٿيڻ لڳندي هئي، پر وري نراسائي اکين ۾ لهي ايندي هئس، اهو سوچي ته هاڻ ته وقت الاهي پٺتي رهجي ويو هو. هاڻ هوءَ زندگيءَ جي ان حصي ۾ هئي جتي صرف سهارا مجبور ٿي اڳيان ريڙهيون پائيندا نظر ايندا هئا. هن کي ڪنهن به اهڙي سهاري جي ضرورت نه هئي ۽ هاڻي هن جي زندگيءَ جو مشن صرف ٻار پڙهائڻ ئي ٿي ويو هو. ۽ اندر ۾ هڪ اهڙي ماڻهو لاءِ عقيدت پيدا ٿي وئي هئس جيڪو هن جي دل جو هميشه لاءِ ديوتا هو. هن کي ته اها به خبر نه هئي ته جيڪڏهن هوءَ پاڻ چاهي پئي ته ڇا! دانش کيس کي چاهيو هو؟ ان سان ڪهڙو پيو فرق پوي، پر هن جي دل ۾ ته دانش لاءِ پهرين کان وڌيڪ احساس وڌندو ويو هو، جنهن جو ڪو نالو نه هو، پر هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اوچتو........ هيءُ جذبو پنهنجو نالو پاڻ ڳولي لهندو.
    اڄ جڏهن هوءَ پنهنجي ڪمري جي الماري ٺاهي رهي هئي ته اتان ڊائري هيٺ پٽ تي اچي ڪري جنهن مان هيٺ پنو ڪري هن جي پيرن ۾ اچي پيو. هوءَ سوچڻ لڳي ته هيءَ ڊائري ته مون کي رابيل ڏني هئي، جيڪا دانش جي ننڍي ڀيڻ هئي، جيڪا اڳ ۾ ٽيوشن پڙهڻ ايندي هئي.
    سڳنڌ ڊائريءَ ۾ رکيل خط کي پڙهڻ لڳي هئي. هن جي اکين کي اعتبار نٿي آيو، هوءَ اتي ئي نظرون کُپائي ان ننڍڙي خط جي پرزي کي ڏسڻ لڳي، جيڪو هن کي اڄ مليو ۽ اهي سڀ رنگ هن اڳيان چِٽا ٿيندا ويا جيڪي هن الائي ڪڏهن محسوس ڪيا هئا.
    ته ڇا دانش کي خبر هئي ته هوءَ پڙهيل نه هئي. پوءِ به.... پوءِ به هن مون کي پنهنجو ڪرڻ چاهيو هو ۽ مان چري ان احساس ۾ ته مون اڻ پڙهيل سان هُو شادي ڪيئن ڪندو. هن ٿڌو ساهه ڀريو.
    هوءَ هڪ ٽِڪ سان خط ۾ لکيل هن جملي کي پڙهڻ لڳي ته ”ڪاش اهو تون ڄاڻين ها ته مون توکي چاهيو آهي اندر جي سمورين چاهتن سان.“
    هوءَ پنهنجي خيالن مان موٽي آئي ته هن جي اکين مان لڙڪ لڙي پَٽ تي ڪِرندا رهيا ۽ هوءَ پني کي پنهنجي اکين اڳيان آڻي هڪ نظر وري ٿي ڏسي ۽ اڄ وري هڪ دفعو نه حاصل ٿيندڙ محبت جي احساس هن کي جهوري ڇڏيو هو.


    ڏاهِيون ڏُک ڏِسَن

    ڪوهياري صبح جو اسڪول لاءِ تيار پئي ٿي ته سارنگ رڙ ڪئي!
    ”ڪوهياري خبر اٿئي، اسان جي سامهون واري گهر ۾ نوان ماڻهو پيا اچن.؟“
    ”ڇا واقعي!؟؟“ ڪوهياريءَ کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي.
    ”ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪير ته اچڻو هو.“ سارنگ وراڻيو.
    ”سائين حيران ان لاءِ آهيان جو ذري گهٽ ڇهه مهينا ته گذري ويا آهن، پاڙي ۾ جهڙي سُڃ لڳي پئي هئي.“ ڪوهياريءَ هن جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو.
    ”ها سائين، اها ڳالهه به آهي ته ڇهه مهينا به جهڙوڪر سالن برابر ٿيو پون.“ سارنگ ٽوڪ هڻندي چيو.
    تنهن تي ڪوهياريءَ کي ڪاوڙ لڳي، ”ها ڀلا آهن. پوءِ!“
    ”ان جي معنيٰ ته سڪ لڳي اٿئي ها نه!“
    ”ها ڀلا لڳي آ سڪ، توکي ڇا ٿو ٿئي.“ ڪوهياريءَ کيس ورندي ڏني.
    سارنگ وڌيڪ چيڙائيندي چوڻ لڳو: ”آخر دوست جو وڇوڙو آ، هن ۾ ته هڪ ڏينهن به.....“ ڪوهياريءَ سارنگ جو جملو ڪٽيندي چڙ ۾ چيو، ”سائين جن جي اطلاع لاءِ اهو عرض آهي ته، اسين ٻئي خطن ذريعي حال احوال وٺندا رهندا آهيون، پر توهان پنهنجي باري ۾ ڇا ٿا فرمايو، ڪٿي.... نه لڳي آهي“!؟
    ”مونکي ڇو لڳندي سڪ! دوست تنهنجي، سڪ وري مون کي لڳندي.“ سارنگ شڪي ٿيندي چئي ڏنو.
    ڪوهياريءَ هن جي منهن ۾ نهاريو، ”اڙي مون ته ائين پئي چيو پر!! تون ڇو ڳاڙهو ٿي ويو آهين؟“
    ”سارنگ پاڻ کي سنڀاليندي چوڻ لڳو، اهڙي خاص ڳالهه به ڪونهي پر.... تنهنجي دوست هئي لاجواب.“ اهو چوندي کلندو ٻاهر نڪري ويو.
    ڪوهياريءَ ته سارنگ کي ائين ئي چيو، ڇا.... دل ۾ کلڻ لڳي. ان جو مطلب ته سارنگ، مارُل ۾ Interested هو، پر سارنگ ڪڏهن ظاهر به ته ڪونه ٿيڻ ڏنو هو. ان جي معنيٰ ته اهو ڪم هاڻ مونکي ڪرڻو پوندو.
    امان جيڪا رڌڻي ۾ نيرن تيار ڪري رهي هئي، سڏڻ لڳي. ”ڌيءَ ڪوهياري ۽ سارنگ اچو جلدي ماني کائو. پوءِ چوندو اسان کي دير ٿي وئي.“
    ”ها امان اچان پئي، باقي سارنگ ته ڪاليج هليو ويو.“ ڪوهياريءَ ڪمري مان ئي ورندي ڏني.
    امان جيڪا سارنگ جو نه ٻڌي، ڪمري ڏانهن وڌي آئي ۽ حيرانيءَ مان پڇڻ لڳي: ”ڇو! سارنگ وري ڪيڏانهن ويو.“
    ”صبح ساڻ اجايو جهڳي هڻندو ته ڪاليج کي دير ته ٿيندس.“ ڪوهياري ماءُ کي دليل ڏيندي ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي.
    اڃا رڌڻي ۾ مس گهڙي ته ڊرائيور هارن ڏنو. ڪوهياري پرس سنڀاليندي در ڏانهن وئي.
    ”ڪوهياري هڪ ٻه گرهه ته کائي وڃ.“
    ”نه امان نه، ڊرائيور ايڏو ته بخيل آهي پوءِ شڪايت ڪندو ته مان دير ٿي ڪيان.“ اهو چوندي ڪوهياري ٻاهر نڪري دروازي تي بيهي ماءُ کي خدا حافظ چوڻ لڳي.
    اسڪول ۾ به سِپَ کي ڪوهياريءَ ٻڌايو ، مارُل وارن جي گهر ۾ نوان ماڻهو پيا اچن. سِپَ حيران ٿيندي پڇيو: ”ڇا واقعي!“
    ”ها سچي پئي چوان.“
    ”ڀلا مارُل کي ياد ڪندي آهين يا مونسان دوستي رکڻ کانپوءِ هن کي صفا وساري ويٺي آهين.؟“ سِپَ ڪوهياريءَ کان پڇڻ لڳي.
    ”اڄ صبح کان ئي گهر ۾ به ذڪر هئو. ڏاڍي ياد ٿي اچيم. سِپَ تون ئي ٻڌاءِ، مارُل کي ڪيئن ٿي وساري سگهان. منهنجو ۽ مارُل جو ننڍپڻ کان ساٿ رهيو آهي، اسڪول کان ڪاليج تائين هاڻي ڪيئن وساريندس مارُل کي. بس اها ڳالهه آهي اوچتو مارُل جي بابا جو ٽرانسفر ٿي ويو ۽ اسين هڪٻئي کان جدا ٿي وياسين، پر اها ڳالهه آهي ته اسان خط لکي هڪٻئي جي حال احوالن کان باخبر ٿي ويندا آهيون.“ ڪوهياري هڪ ئي ساهه ۾ سڄو جملو ڳالهائي وئي.
    ”ها ڪوهياري خبر اٿئي، پنهنجا امتحان مٿئين هفتي کان شروع آهن.“ سپ چيو.
    ”ايترو جلدي؟“ ڪوهياريءَ حيران ٿيندي چيو.
    ”جلدي وري ڪٿي ٿا ٿين، سال ته ٿي ويو آ، پهريون سال ڏنو هئوسين“. سِپَ ياد ڏياريندي وڌيڪ چوڻ لڳي. ”سڄو سال نه پڙهنداسين ائين ته لڳندو.“
    ”ها چوين ته سچ پئي. پر اسانجو به ڪهڙو ڏوهه. اسڪول ۾ پڙهايون، گهر جو ڪم ڪيون، يا وري پاڻ پڙهون. بس پرائيويٽ وارن جو اِهوئي حال آهي. “
    ”ڪتاب به امتحانن وارن ڏينهن ۾ وٺبا ۽ پوءِ ڪاپي ئي ڪاپي.“ ڪوهياريءَ جواب ڏيندي چيو.
    ”ڀلا ڪاپي ڪرڻ جو ڏني ٿي وڃي، پوءِ اسان ڇو نه فائدو وٺون.“
    ”ريگيولر واريون ئي ڪاپي ٿيون ڪن، پوءِ اسان تي وري ڪهڙي معيار؟“ سِپَ مطمئن ٿي وراڻيو.
    ڪوهياري شام جو ننڊ مان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي ته سارنگ چوڻ لڳس: ”ڀلا اڃا تنهنجي ننڊ پوري نه ٿي آهي ڇا!؟ ايڏو وقت ٿي ويو آهي. هاڻي هلي چانهه ته ڪاڙهي ڏي.“
    ”امان ڪٿي آهي؟“ ڪوهياري سارنگ کان پڇڻ لڳي.
    ”امان پاڙي ۾ وئي آهي.“ سارنگ وراڻيو.
    ”ڇا چيئي!! پاڙي ۾ وئي آهي“؟ڪوهياريءَ حيران ٿيندي پڇيو .
    ”ڇو پاڙي ۾ وڃڻ گناهه آهي!؟ اڙي ياد آيو، تون شايد نون پاڙي وارن جو سمجهي ويٺي آهين. نه نه! تون ڪو الڪو نه ڪر، جڏهن امان ويندي ته توکي ضرور وٺي ويندي.“ سارنگ جهڙوڪر ٽوڪ ۾ چيو.
    ”چڱو چڱو تون گهٽ سفارش ڪر، ۽ وڃي پاڻ چانهه ڪاڙهه. آئون ڪونه ڪاڙهي ڏينديسانءِ.“ ڪوهياريءَ به چيڙائيندي چيس.
    ”مان پاڻ به ڪاڙهي سگهان ٿو، پر منهنجا دوست ٻاهر لان ۾ ويٺا آهن، توکي تڏهن پيو منٿ ڪيان. پنهنجي ڀيري جڏهن بس نڪري ويندي اٿئي ته ڪيئن ڀِلڙو مُنهن ڪري چوندي آهين، ڀاءُ اسڪول ته ڇڏي اچ. هاڻي جي توکي مان اسڪول ڇڏي اچان ته مونکي سارنگ چئجانءِ.“ سارنگ ائين چوندو چڙ ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃڻ لڳو ته ڪوهياريءَ کي کِل اچي وئي.
    ”اَڙي منهنجو ڀاءُ ڪاوڙجي ويو، آءٌ ته مڙئي مذاق پئي ڪيان. تون وڃ آءٌ چانهه پنجن منٽن ۾ ڪاڙهي ٿي وٺان.“
    سارنگ ٻاهر هليو ويو ۽ ڪوهياري رڌڻي ۾ چانهه ڪاڙهڻ وئي.
    ڪوهياريءَ جي ماءُ به اچي وئي، چادري لاهيندي پاڙي وارن جون خبرون ٻڌائڻ لڳي، پر، ڪوهياريءَ جو ڌيان چانهن ڪاڙهيندي به امتحان ۾ لڳو پيو هو. الائي ڪيئن پيپر ٿيندا، ڇا ٿيندو، ڪٿي فيل...!
    سارنگ چانهه کڻڻ آيو ته ٻاهران ئي رڙ ڪيائين!
    ”ڪوهياري، خبر اٿئي تنهنجا امتحان مٿئين هفتي کان شروع آهن.“
    ”ها خبر آهي، اسڪول ۾ سِپَ ٻڌايو هو.“
    ”ڀاءُ اسان کي ڪاليج مان ٽائيم ٽيبل ته وٺي آڻي ڏي.“
    ”هاڻي ته ڀاءُ به ٿي ويس، ڏاهو به ٿي ويندس. ڇو ته ڪم جو ٿيو. ڪيئن ٺيڪ ٿو چوان نه؟“ سارنگ ٽوڪيندي چيو.
    ”ڀلا ڪير ڪم ڪندو منهنجو. تون ئي ته آهين.“ ڪوهياريءَ ڏکاري لهجي ۾ چيو:
    ”اڙي مون سچي مذاق پئي ڪيو، وٺي آڻي ڏيندوسانءِ. چڱو هاڻي ته موڊ ٺيڪ ڪر، منهنجي پياري اڪيلي ڀيڻ.“
    سارنگ ڪوهياريءَ ڏي نهاري چيو ته هُن کان، کِل نڪري وئي.
    ائين مهينو، ڏيڍ گذري ويو. امتحانن ۾ ايترو مصروف رهڻ ڪري ڪوهياريءَ جو نون پاڙي وارن جو خيال ئي لهي ويو هئو ۽ اڄ اسڪول ۾ سِپَ ڪوهياريءَ کي به ٻڌايو ته شام جو آءٌ امان سان گڏ پاڙي وارن وٽ ضرور ويندس.
    ڪوهياري شام جو ڪمري مان جيئن نڪتي ته اڱڻ ۾ ماسي جنت، جيڪا هِنن جي ڀر واري گهر ۾ رهندي هئي، ڪوهياريءَ جي ماءُ سان هوريان هوريان پئي ڳالهايو. هُن کي يقين نه پئي آيو ته، ماسي جنت ۽ هوريان ڳالهائي. وڌي وڃي ڪوهياريءَ ماسيءَ کي کيڪاريو. امان ڪوهياريءَ کي ڏسندي چوڻ لڳي، ”ڌيءَ چانهن ته ڪاڙهي وٺ.“
    ”ها امان.“
    ڪوهياري منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن گهڙي ته، ماسي جنت کي ڪوهياريءَ جي ماءُ چوڻ لڳي: ”پوءِ ادي ڇا ٿيو!؟“
    ”ٿيندو وري ڇا! هاڻي ڏئيس ٿو طلاق.“
    ”ڪنهن کي طلاق ماسي!؟“ ڪوهياريءَ رڌڻي مان حيرت مان ماسيءَ کان پڇيو.
    ”امان ڪوهياري هيءُ جيڪي نوان پاڙي وارا آيا آهن. انهن جي پئي ڳالهه ڪري. حد ٿي وئي، اهڙيون به مايون!“ حيرانيءَ مان ڪوهياريءَ جي ماءُ جواب ڏيندي چيو.
    ”ڇو! ڇا ٿيو....؟“ ڪوهياري چانهه جو پاڻي چاڙهي ماسيءَ ۽ پنهنجي ماءُ وٽ اچي ويٺي.
    ”امان ڇا ٻڌايانءِ هنن نون پاڙي وارن جي ڳالهه، اڃا مهينو ڏيڍ آئي مس ٿيو آهين، سڄي پاڙي جو نڪ ئي وڍائي ڇڏيو اٿن.خوار اچي ٿيا آهن.“
    ”وري به ماسي ٻڌاءِ ته سهي“، ڪوهياريءَ بيزار ٿيندي چيو.
    ماسي پنهنجي ڳالهه بنا بريڪ جي ٻڌائڻ لڳي ته نئين گهر ۾ ٻه ساهيڙيون نالا به چڱا اٿن ها، نذيران ۽ صفوران. مائي ڪم ته ڏسو نذيران جا، مڙس هوندي ڪهڙا پئي ڪم ڪري. “
    ”ڇو!! ڇا ڪيائين؟“ ڪوهياري حيران ٿيندي پڇڻ لڳي.
    ”امان اِهو پڇ ته ڇا نه ڪيائين. زال ذات جو اهو وَڙُ ته نه آهي جو، پنهنجي وَرَ هوندي اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري. پر، شڪر ٿيو پنهنجي مُڙس پاڻ ڏٺس. “
    ڪوهياري سوال ڪرڻ لڳس. ”مڙس ڇا ڏٺس؟؟“
    ”ڇا وري ڇا ڏسندو، هڪ ڌارئي مرد سان گڏ هئي. جيڪي عورتون روز گهر کان نڪرنديون پوءِ ائين ته ڪنديون.“
    ”ڇو! ماسي گهر کان نڪرڻ خراب ڳالهه آهي ڇا؟ مان به اسڪول ۾ نوڪري ٿي ڪريان، پوءِ مان به خراب ليکبس.“ ڪوهياريءَ کي هاڻي چڙ اچڻ لڳي ڇو ته ماسي ڳالهه صحيح ڪري ئي نه پئي.
    ”امان تون ڇو خراب ليکبينءَ، هوءَ ڪهڙي نوڪري ٿي ڪري هروڀرو روز رستن جا ڌڪا ٿي جهلي. ڪلهه ته پنهنجي مڙس، ٻئي مرد سان ڏسي ورتس. پوءِ ته گهر ۾ مار ڏاڍي کاڌي اٿئين. ڀلا مار به ڇو نه کائي، اهڙا ڪم ڪنديون ته کائينديون ته ضرور. “ ماسيءَ يڪساهيءَ ڳالهه پوري ڪئي.
    ”ماسي توکي ڪنهن ٻڌايو ته مار کاڌي اٿئين؟“ ڪوهياريءَ ماسيءَ کي چيو
    ”امان ڪير ٻڌائيندو، ڪالهه صفوران آئي هئي، اُن ڳالهه ڪئي.“ ماسي اهو چئي امان کان موڪلائڻ لڳي.
    ”ادي ويهه چانهه ته پي وڃ.“ ڪوهياريءَ جي ماءُ ماسي جنت کي چوڻ لڳي.
    ”نه نه، چانهه ڪونه ٿي پيان، دير ٿي وئي آ. چڱو مان هلان ٿي.“
    ڪوهياريءَ جي ماءُ جيڪا ماسيءَ کي در تي ڇڏي اچڻ کان پوءِ چوڻ لڳي، ”مائي ڏسو ڪم ماين جا، ڇا پيون ڪن.!“
    ڪوهياري اڃا به ماسي جنت جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه ڪيو، يقين نه پيو اچيس ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ڪوهياري پنهنجي ماءُ کي ته ڪجهه نه چئي سگهي، پر دل ۾ فيصلو ڪيائين ته آءٌ حقيقت ڄاڻي رهنديس. رڌڻي ڏانهن وڃي چانهه ڪاڙهي ڪمري ڏانهن پنهنجي ۽ ڀاءُ لاءِ چانهه کڻي آئي.
    اڄ ڪوهياري اسڪول ۾ به پريشان رهي. سِپَ محسوس ڪندي پڇيو، ”ڇو! اڄ وري توکي ڇا ٿيو!؟ ”هونئن بنا چوڻ جي پئي پنهنجي مُنهن گيت غزل ڳائيندي آهين اڄ وري ايڏي خاموش! ڪٿي مڱيندو ته ياد ڪونه پيو اچئي.“
    تنهن تي ڪوهياريءَ کِلي چيو، ”اڙي ياد ته انهن کي ڪبو آهي جيڪي وسري وڃن. هُو ته منهنجي مَنَ ۾ هميشه وسيل آ.“
    ”بلڪل ائين جيئن سِپَ ۾ موتي.“ سِپَ جملي کي پورو ڪندي، وڌيڪ چيڙائيندي چيس.
    ”اڄ ادا ساهڙ کي ياد ڪيو اٿئي. ضرور هڏڪي ٿي هوندس. بس اجهو ٿو بس جي ٽڪيٽ وٺي پهچي.“
    ”چڱو چڱو تون پنهنجون اڳڪٿيون بند ڪر. هُو تو وانگي واندو ڪونهي جو اچي رسي.“ ڪوهياري اڳي ئي پريشان هئي وري هن جون ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌي تنگ ٿي پئي.
    ”ڀلا مذاق بند هاڻ ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.“ سِپَ ڪوهياريءَ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي.
    ”تون چُپ ڪرين ته مان سائين جن جي خدمت ۾ ڪجهه عرض ڪري سگهان نه!“ ڪوهياريءَ چڙ جي انداز ۾ چيو.
    ”ها ها هاڻي ٻڌاءِ سچي آئون سيريس آهيان.“
    ڪوهياريءَ سِپَ کي ڪلهه واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. انهيءَ به يقين نه ڪيو ۽ چوڻ لڳي: ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ هوءَ به جهڙوڪر حيران ٿي وئي.
    ڪوهياري گهر آئي پنهنجي ماءُ کي چيائين ته اڄ پاڻ ادي نذيران جي گهر هلنداسين.
    ”نه امان الائي ڪهڙا ماڻهو آهن. ٻيو ايڏيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پوءِ هلنداسين ته ماڻهو ڇا چوندا.“ ماسي جنت ئي سڀني کي ٻڌائيندي ته مون ڳالهه به ڪئي پوءِ به انهن وٽ ويون آهن.
    ”امان، مان به اهوئي ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته، ماسي جنت جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن آهي. پاڻ به ڪونه ڏٺو هئائين. پوءِ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه تي لڳي هڪ عورت ٻي عورت کي اهڙا لفظ ڳالهائي، اِهو عورت کي سونهي ته نٿو. اها به هڪ عورت جي ئي توهين آهي.“
    ڪوهياري جي ماءُ ڏٺو، هوءَ دليلن کان ڪونه مڙندي ته ڳالهه سان اتفاق ڪري هاڪار ڪيائين. ڪوهياريءَ ان ويل ٿڌو ساهه ڀريو.
    اڄ شام جو پهريون ڀيرو ڪوهياري ۽ ان جي ماءُ نون پاڙي وارن وٽ ويون. خبر نه هئن ته ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي. پر، اها ڳالهه ضرور هئي، ماسيءَ جنت نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا.
    جڏهن گهر اندر داخل ٿيون ته هڪ عورت، جنهن هنن کي ايندي ڏٺو، در ڏانهن وڌي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪمري ڏانهن وٺي آئي. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ خبر پئي ته سندس ئي نالو نذيران هو ۽ چوڻ لڳي ته توهان به پنهنجو تعارف ڪرايو. تنهن تي ڪوهياريءَ جي ماءُ ٻڌايو ته، اسين توهان جي سامهون ئي رهندا آهيون.
    تنهن تي شڪايت ڪندي چوڻ لڳي، ”ايڏا ڏينهن ٿي ويا آهن اسان کي آئي، اڄ ملڻ آيا آهيو.“
    ”هونءَ اچون ها، پروگرام به ٺاهيو هئوسين پر، اوچتو ڪوهياريءَ جا امتحان ٿي پيا انڪري رهجي وياسين.“ ڪوهياريءَ جي ماءُ هن جي شڪايت کي دور ڪندي چيو.
    ادي نذيران حال احوال وٺي ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته ڪوهياري ماءُ کي چيو، ”ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ته سٺي پئي لڳي.“ تنهن تي هن جي ماءُ چيو ته ”امان ڪنهن جي اندر جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر!“
    ”ها اها ته ڳالهه آهي.“ ڪوهياريءَ جواب ڏنو.
    ٿوري دير کان پوءِ ٻي مائي ڪمري ۾ گهڙندي کيڪاري هلي وئي. نه نالو ٻڌايائين، نه صحيح نموني ڳالهايائين. سمجهه ۾ نه آيو ائين ڇو ڪيائين.
    ادي نذيران آئي ته ڪجهه شيون کائڻ لاءِ کڻي آئي. پوءِ ويهي حال احوال پڇڻ لڳي. ڪوهياريءَ ٻڌايس توهان کان اڳ هتي جيڪي رهندا هئا، انهن وٽ اسانجو اچڻ وڃڻ ڏاڍو هئو. منهنجي دوست جيڪا ننڍپڻ کان منهنجي ساٿياڻي هئي، پر اوچتو هنن جي بابا جو ٽرانسفر ٿي ويو ۽ اها هلي وئي. ڳالهه ٻڌائيندي وئي ته وڌيڪ مارُل ياد اچڻ لڳس.
    پوءِ پاڻ به ٻڌائڻ لڳي، اسان نوابشاهه مان هت آيا آهيون. اسين ٻئي ساهيڙيون گڏ رهنديون آهيون. منهنجي ساهيڙيءَ کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي.
    ”توهان کي گهڻو اولاد آهي؟“ امان پڇڻ لڳس.
    ”مون کي ته اولاد ڪونهي پر، مون هنن ٻارن کي پاليو آهي. اُهي به مونکي پنهنجي اولاد وانگي آهن.“
    ”امان نذيران، ڀلا ٻنهي ساهيڙين ۾ رَسُ قرب آهي يا....!!“ امان شروعات ڪئي.
    تنهن تي ادي نذيران چوڻ لڳي، ”اڄڪلهه ته ڀيڻون ئي ڪونه ٿيون ٺهن. هر گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو ته آهي ئي . پوءِ اسان ته ساهيڙيون آهيون مڙئي ڪڏهن ڪڏهن.....“
    ڪوهياريءَ کي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻي هئي سو نذيران کي هٻڪندي چيائين: ”ادي توهان کان هڪ ڳالهه پڇان؟“
    اِتي ڪوهياريءَ جي ماءُ هُن ڏي نهاريو. پر، ڪوهياري به مڙڻ وارن مان نه هئي.
    ”ها ادي چئو.“ نذيران وراڻيو.
    ڪوهياريءَ به جيئن ڳالهه ٻڌي هئي، سو ڪري ٻڌائي. تنهن تي روئڻهارڪي ٿي وئي ۽ پڇڻ لڳي: ”توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي؟“
    هُن جي ماءُ جيڪا پري کان اشارو ڪري رهي هئي ته نالو متان کڻين، پر ڪوهياريءَ نالو ماسي جنت جو کڻي ڇڏيو.
    تنهن تي ادي نذيران وڌيڪ جذباتي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي، جنهن تي اعتبار ڪيم ان ئي مون کي خوار ڪيو.
    ڪوهياري سمجهي نه سگهي. ”ڇو! ماسيءَ جنت ڇا ڪيو؟“ ڪوهياريءَ ادي نذيران کان سوال ڪيو.
    ادي نذيران جيڪا ڀَري پئي هئي سو کُلڻ لڳي ۽ ٻڌائڻ لڳي ته ماسي جنت مون کي پير سائينءَ وٽ تعويذ لکرائڻ لاءِ وٺي هلندي هئي ۽ چوندي هئي ته پير سائين اهڙا تعويذ ٿو لکي جو هڪ ٽِڪُ.
    ”پوءِ توهان به هن جي چوڻ ۾ اچي ويون.“ ڪوهياريءَ نذيران جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
    ”ادي ڀلا ڇا ڪيان. هڪ ته اولاد نه ٿيو، ٻيو پنهنجو مڙس به هٿن مان ٿي ويو. هُو هاڻ مون کي ليکي ئي نه پيو. سڄو ڏينهن ويٺي روئندي هئس. جڏهن ماسي جنت کي ٻڌايم ته هن پير سائينءَ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. ”انڌي کي لٺ جو سهارو ڏبو خوش ته ٿيندو.“ سو مان به ماسيءَ جنت جي چوڻ ۾ اچي تعويذ لکرائي پنهنجي مڙس کي پيارڻ لڳس ته مَنَ مون سان دل ٿئيس.“
    ”ماسي توهان سان ٻڌل هئي پوءِ الزام ڇو هنيائين؟“ ڪوهياري حيرانيءَ واري حالت ۾ جهڙوڪر انڪوائري ڪرڻ لڳي.
    ”اهائي ته ڳالهه آهي جڏهن، ماسي پاڻ مون کي وٺي ويندي هئي ته ڪميشن وٺندي هئي، پوءِ جڏهن ڏٺم، هوءَ مونکي گهڻو ڦري چڪي آهي ته پاڻ ئي پير سائينءَ کان تعويذ وٺڻ لڳس. تنهن تي هوءَ ڪاوڙجي پئي ۽ چوڻ لڳي: ”واٽ توکي مون ڏيکاري ۽ هاڻ وري اهڙي ٿي وئي آهين جو پاڻهي ٿي وڃين ۽ مون کي پڇين به ڪونه ٿي.“
    ”توهان ئي ٻڌايو ته ايترا پئسا ڪٿان آڻيان. هڪ ڪنگڻ به ماسيءَ وڪڻائي ڇڏيو. جنهن جي خبر به پاڻ ئي صفوران کي ٻڌايائين ۽ ٻيو به غلط سلط هن جي ڪَن تي وجهي وئي. صفوران ته ڄڻ وجهه ۾ هئي، سو ٺڪ وڃي مڙس کي ٻڌايائين.
    ”ماسي جنت چوي پئي توهان جي مڙس، توهان کي ڪنهن سان ڏٺو هو! ڇا اهو صحيح آهي؟“
    ”اهو نسورو ڪوڙ ٿي هڻي. منهنجي ساهيڙيءَ کي وري ائين ڀريائين ته مون ڏٺو اٿمانس.“ ”خدا پُڄندس ماسيءَ کي جنهن منهنجو گهر ڦٽايو آهي.“ هوءَ روئڻ لڳي.
    ”توهان جي مڙس ڪيئن يقين ڪيو؟“ ڪوهياري پڇيس.
    ”هونئن يقين نه ڪري ها، مان تعويذن واري ڳالهه ڊپ ۾ نه ڪري سگهيس. مان ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيس. منهنجي ماٺ مان سمجهي ويو ته مان ڏوهارڻ آهيان. انهيءَ ڪري وڌيڪ مارڻ لڳو.
    ”تنهن جو مطلب ته ڳالهه ۾ ڪجهه به ڪونهي. تُنهنجي مڙس به توکي ڪونه ڏٺو آهي. صرف صفوران ۽ ادي جنت جي ڪري ائين ٿيو آهي. ڪوهياريءَ جي ماءُ جيڪا سويل کان هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، چوڻ لڳي.
    ادي نذيران جي اکين مان ڳوڙها جهڙوڪر بيهن ئي ڪونه پيا. ”توهان پريشان نه ٿيو، توهان جو ڪو ڏوهه به ڪونهي ۽ توهان جو مڙس لکيل پڙهيل آهي. توهان ڪوبه اُلڪو نه ڪريو.“ ڪوهياريءَ دلداري ڏيندي چيس. ان کان پوءِ ڪوهياري ۽ ان جي ماءُ موڪلائڻ لڳيون ته ادي نذيران پنهنجا ڳوڙها اگهندي چوڻ لڳي، ”ڳالهين ۾ توهان ڪجهه کاڌو به ڪونه.“
    ”نه امان ساڳي ڳالهه آهي، وري اچبو ته پيو کائبو . دير به ٿي وئي آهي.“ ڪوهياريءَ جي ماءُ چادري پائيندي چوڻ لڳي.
    ”امان ڏٺئي ماسي جنت جا ڪم. ڪيئن ٿيون گهر ڦٽائين. ڪي ويچاريون غريب اٻوجهه مايون، پنهنجي گهر کي ٺاهڻ لاءِ مڙئي ڪٿان نه ڪٿان ڪو وسيلو چاهين ته، اهڙيون ئي ٺڳيندڙ مايون، سندن کي چنبي ۾ ڪري سندن ئي گهر کي برباد ڪندي دير نه ٿيون ڪن، ۽ اهو به نه سوچين ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو گهر جو سڪون تباهه ٿي سگهي ٿو. پر اهڙين ماين کي ته پنهنجي مطلب سان ڪم هوندو آهي.“ ڪوهياري جذباتي ٿيندي ماءُ کي چيو.
    ”برابر ڌيءَ توبهه ڪجي اهڙين ماين کان.“
    ڪوهياري ادي نذيران کي چئي آئي هئي ته، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پر پاڻ کان ئي پڇڻ لڳي، ته آخر ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي. ڪم ڪار لاهي واندي ٿي سوچيائين ته سارنگ سان صلاح ڪجي.
    ”ڀاءُ هيڏانهن ته اچجانءِ.“ سارنگ کي سڏيندي چيائين .
    ”ها هينئر وري ڪهڙو ڪم آ؟ منهنجي خيال ۾ هينئر اسڪول جو ته ٽائيم ڪونهي، جو ڇڏڻ جو چوندينءِ. سارنگ، ڪوهياريءَ ڏي نهاريندي چيو.
    ”ڇو هونئن نه ٿي سڏي سگهان ڇا؟“ ڪوهياريءَ ڏکاري ٿيندي چيو:
    ”منهنجو مطلب آ ته ڀاءُ جو لفظ استعمال ڪيو اٿئي. اهو مڙئي ڪڏهن ڪڏهن...“ کلندي چوڻ لڳو: ”چڱو ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.“ ڪوهياريءَ سارنگ کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
    ”نوپرابلم اها ڪا وڏي ڳالهه آهي؟“ هن جهڙوڪر مطمئن ٿي چيو.
    ”ها ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڪرڻ کپي. “
    ”بس ڪرڻو ڇا آهي، پاڻ ٻئي ٿا سندس مڙس سان هلي ڳالهه ڪريون. پڙهيل لکيل آهي. سمجهڻ ته کپيس. جيڪڏهن پاڻ ڪجهه نه ڏٺو اٿئين ته ضرور اسان جي ڳالهه سان اتفاق ڪندو. باقي رهي ڪنگڻ واري ڳالهه سا ته ڪرڻي پوندي. ڪيئن ٺيڪ آ نه.“
    ڪوهياريءَ سندس سڄي ڳالهه ٻڌي ته، مذاق ۾ ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي شاباس ڏيندي چيائينس: ”ڀاءُ هجن ته تو جهڙا.“
    ”هاڻي مشڪري ڇڏ. آخر اسانجو دماغ آ. تو جهڙا ٿورئي آهيون.“ سارنگ، ڪوهياريءَ ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
    ”ها سائين دماغ ته توهانجا، ٻيو مڙئي خير.“ ڪوهياري کلي پئي.
    ”شڪر آ مڃئي ته سهي.“ سارنگ اهو چئي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    ڪوهياريءَ ڪجهه پاڻ کي مطمئن ڀانئيو. پر، سوچڻ لڳي جڏهن مرد ۽ عورت جو مقدس ٻنڌڻ آ، جنهن کي شاديءَ جو روپ به ڏجي ٿو، پوءِ اگر اولاد نه ٿيو، ٻي شادي ته هر حال ۾ ڪرڻي پوندي. آخر عورت ڇا ڪري، جيڪڏهن اجازت نه به ڏيندي ته وري ڪهڙو مرد هن جي چوڻ ۾ اچي چپ ڪري ويهندو. پر وري عورت پنهنجي دل تي ايڏو جبر سهي اجازت ڏيندي، ڇو ته هوءَ مرد جي نفسيات کي چڱي نموني سڃاڻي ٿي. هُو جيڪو چاهيندو سو ضرور ڪري ڏيکاريندو، پر مرد انهيءَ عورت لاءِ ڇا ڪيو! هن جي حيثيت صرف شوپيس ۾ رکيل هڪ بي جان رانديڪي وانگر هوندي جيڪو سندس ئي اشاري تي پيو هلندو. پوءِ جڏهن اُهي ئي عورتون پنهنجي پيار کي شيئر ڪري نه سگهنديون، ته تعويذ جهڙي سهاري کي به علاج سمجهنديون ته ضرور ڪا شفا ٿيندي، پر اهو نه سوچينديون ته اهو رڳو هڪ ڍونگ آهي. ائين ڪرڻ سان شفا ته ڪونه ٿيندي، ماڳهين سندن گهر برباد ٿيندو، پر اُهي به ڇا ڪن، ڪو ته وسيلو چاهينديون، پر جيڪڏهن مرد هن سان سمجهوتو ڪري ته جيڪر ائين نه ٿئي. اولاد ته الله جي هٿ ۾ آهي. ان ۾ عورت جو ڪهڙو ڏوهه ، هوءَ ڇو پئي سزا ڀوڳي؟ آخر ڇا ٿيندو!؟ ڪيستائين اسانجي عورت ٻٽي ظلم جو شڪار ٿيندي؟“ ڇا هميشه!!!؟
    ڪوهياري پاڻ سان ئي جنگ ڪرڻ لڳي. وري پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳي ته ”ڇا سڀ مرد هڪجهڙا آهن؟ ڇا ائين هميشه ٿيندو رهندو. نه نه ائين ته ڪونهي، مرد ته منهنجو پيءُ به آ، ڀاءُ به آهي. پوءِ... نه نه ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ڇو ته هڪ اِهو به ته مرد منهنجي سامهون آهي جيڪو مون سان گڏجي هڪ عورت جي زندگي برباد ٿيڻ کان پيو بچائي.
    مرد سڀ هڪجهڙا ته ناهين. پاڻ کي ئي جواب ڏيڻ لڳي. بس اها ڳالهه آهي ته هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهي. ڪو اولاد جو وڌيڪ گهُرجائو ته ڪو وري هن سماج کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ٿو سوچي. اهو سڄو چڪر صرف انسان جي پنهنجي اندر جو پيدا ڪيل آهي.
    انسان آخر ڇا ٿو چاهي . هن کي ڇا گهُرجي.!؟ اولاد، شهرت، دولت، زمين ۽ الائي ڇا ڇا.... ”پر ان لاءِ هن کي ڇا ڇا ٿو ڀوڳڻو پوي!؟“


    نِينهُن نه سُڃاڻن جي

    سنڌوءَ اڃا موبائيل تي ڳالهايو پئي ته در تي ڪال بيل وڳي. ”چڱو ٺيڪ آ مان وري پوءِ توهان سان ڳالهائينديس“ شايد مما پپا آهن. سنڌوءَ تڪڙ ۾ موبائيل فون بند ڪئي ۽ ڊوڙندي در تي آئي.
    ”ڪير آ“. هُن پڇيو.
    ”مان آهيان.“ آصف جواب ڏنو.
    ”ڇو دروازو نه پئي کولين“ آصف تڪڙ ۾ پڇيو.
    مون کي ننڊ اچي وئي هئي. سنڌوءَ ننڊاکڙيون اکيون ڪري ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو ۽ اچي ڪمري ۾ ٻارن سان سُمهي پئي، آصف به ڪمري ۾ اچي سمهي پيو ۽ سنڌو به اکيون بند ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر هُن جي اکين مان ننڊ ڄڻ موڪلائي وئي آهي. بس مُنهن ٻئي پاسي ڪري اکيون بند ڪري روز جيان آصف جي مُنهن کي ڏسندي سوچڻ لڳي ته اِهوئي آصف آ جنهن جي ڪري هوءَ مائٽن جي سامهون ٿي هئي. پنهنجي ماسات سان مڱڻو ٿيل هُئس، پر مائٽن سندس خوشيءَ کي ڏسندي آصف سان شادي ڪرائي هئي ۽ اهوئي آصف ڪيڏو نه جلدي بدليو هو. هُن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ آصف تي وري هڪ نِهار وڌائين. هُو بي سُڌ سُتو پيو هو، پر هن جون اکيون ٿڪل ته هيون، پر ننڊ نه ٿي ڪري سگهي.
    سنڌو اُٿي گيلريءَ ۾ اچي بيٺي ۽ آسمان ۾ نهاري ڄڻ خدا کان پُڇي رهي هُئي ته يا خدا مون کان ڪهڙي خطا ٿي، جنهن جي سزا هن صورت ۾ ملي آهي. هن ته آصف جي هر خوشيءَ جو خيال ڪيو، پوءِ هُو ڇو بدليو آ. هُن جي نِڙيءَ ۾ ڳوڙها ڄڻ اٽڪي پيا هئا. دل چيس ته اڄ دل کولي روئي. هوءَ آصف جي محبت پائڻ لاءِ سنڌوءَ مان ڪيئن سلميٰ ٿي آهي. هوءَ ائين ڇو ڪري رهي آهي، پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي. هُو ته هاڻ ساڻس پيار ڀريون موبائيل تي ڳالهيون ڪونه ٿو ڪري. هُو ته سلميٰ سان ٿو ڳالهائي. جنهن جي آواز هن کي مدهوش ڪري ڇڏيو آهي.
    جڏهن سنڌوءَ کي خبر پئي هئي ته آصف ڪنهن ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ آهي ته ڪيڏو نه ڏک ٿيو هئس، ۽ ڪيترا دفعا هوءَ آصف سان اِن ڳالهه تي وڙهي به هئي پر آصف اِهوئي چيو هئس ته توکي غلط فهمي ٿي آهي. پر موبائيل تي هن کوڙ دفعا مختلف ڇوڪرين جا ميسيج پڙهيا ته پوءِ هوءَ ڪيئن نه يقين ڪري.
    ٻه ٽي دفعا هوءَ گهر ڇڏي پنهنجي دوست جي گهر هلي وئي هئي. مائٽن ڏي هوءَ ڪهڙي منهن سان وڃي، پر وري ٻارن جي ڪري هوءَ گهر موٽي آئي هئي. هوءَ آصف کان نفرت به نه ٿئي ڪري سگهي. ڇو ته هُن پيار ڪيو هو. پيار ته آصف به ڪيو هو، پر هن جي پيار ۾ هُن جي پيار ۾ ڪيڏو نه فرق هو. هوءَ چاهيندي به نفرت نه ٿي ڪري سگهي. هُن جي دل محبت لاءِ تڙپي پوندي هئي.
    هن پوءِ سلميٰ ٿي آصف سان ڳالهائڻ شروع ڪيو هو ۽ اِهوئي آصف هن کي ڏسڻ لاءِ وس ڪندو هو، پر هوءَ ته صرف فون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي هئي. ۽ هُن کي موبائيل فون تي ئي ڳالهائڻو هو. آصف پنهنجي سونهن مان ناجائز فائدو وٺي رهيو هو. هن کي ته انهن ڇوڪرين تي جکَ ايندا هئا، پر شايد ڇوڪريون به اڄڪلهه ٽائيم پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. هُو هر ڪنهن سان موبائيل تي ڪچهريون ڪن ٿيون، ڪمپني ڪن ٿيون. ڇوڪرن کي بيوقوف بڻائين ٿيون ۽ آصف جهڙا مرد به ٽائيم پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ گهر- ٻار وساري ٿا ويهن. هوءَ سوچڻ لڳي هئي، ۽ پوءِ هِن کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي هِن جو نتيجو ڇا نڪرندو، بس سنڌوءَ کي اهوئي سمجهه ۾ آيو هو آصف کي بيوقوف ڪري هُن سان ڳالهائڻ. جيڪو هن جو هاڻ رهيوئي نه هو. ۽ اهوئي آصف سلميٰ سان هر وقت ڳالهائڻ لاءِ تيار هو.
    ”آصف اڄ شام جو به اهوئي چئي رهيو هئس ته سلميٰ، تنهنجو آواز ڪيڏو نه سٺو آ.“
    هن سلميٰ کي اهو به ڪوڙ هڻي ٻڌايو هو ته منهنجي شادي ته ٿيل آ، پر زال منهنجي پسند جي نه آهي. منهنجا ٻار به آهن. جيڪي مون کي ڏاڍا پيارا آهن. باقي زال جي باري ۾ مون کان ڪجهه به نه پڇو ته بهتر آ.
    هن کي ڪيڏو نه ڏک ٿيو، پر ڇا ٿئي ڪري سگهي. پر هن به اهوئي فيصلو ڪيو هو ته آصف کي هوءَ چڱيءَ ريت بيوقوف بڻائيندي. ۽ هن مجبور ٿي اهو موبائيل جو سلسلو جاري رکيو هو.
    جيئن اڄ آصف، سنڌوءَ کي چيو ته ”توهان جو آواز سٺو آ ته توهان به ڪيڏا نه خوبصورت هوندؤ.“
    ”ڇا آواز سان گڏ سهڻو هجڻ ضُروري آ.“ سنڌوءَ چيو هُئس.
    ”ها مان ائين سمجهان ٿو.“ آصف کيس چيو هو.
    هن کي دل ۾ کِل ته ڏاڍي آئي هئي.
    ”پوءِ جيڪڏهن سهڻي نه هوندم ته ڇا توهان ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندؤ مون سان“؟
    ”نه نه. مون ته ائين ئي چيو. توهان ته الاهي سيريس ٿي ويو.“ آصف ڦڪِائيءَ مان چيو.
    ”هڪ ڳالهه مان به توهان کي ٻڌايان ته سونهن سڀ ڪجهه نه هوندي آ. اصل سيرت هوندي آ.“ هن کي ڄڻ دليل ڏئي رهي هئي.
    هوءَ هاڻ اهو ڊرامو ڪري ٿڪجي به پئي هئي، پر هن کي ثابت ڪرڻو هو. ڇو ته هِن جڏهن پنهنجي سَسُ، سُهري ۽ ڏيرن کي آصف جي باري ۾ شڪايت ڪئي هئي ته ڪنهن به ته نه مڃيو هو. سڀني اهوئي چيو هُئس ”نه نه آصف اهڙو آهي ئي ڪونه. تون هروڀرو ٿي شڪ ڪرين. تون جذباتي آهين. تون پاڻ گهر ٻه دفعا ڇڏي ٻار ڇڏي هلي وئي آهين.“ ۽ ڏيرياڻيون به اهوئي چونس ته تون ٿوري ڳالهه تي هروڀرو ٿي شڪ ڪرين.“
    ڏير، ڏيرياڻين جون ڳالهيون ٻڌندي رهندي هئي پر هاڻ هن پاڻ اهو ڊرامو چاهيو ٿي ته ختم ئي نه ٿئي، ڀلا هونءَ پيار جا ٻه ٻول نٿو ڳالهائي ته سلميٰ سمجهي ڳالهائي ته ٿو. هن کي پاڻ تي ڪيڏو ناز آهي ته مان سُهڻو آهيان. ۽ هُن کي چيو هئائين ته: ”ڪڏهن توهان مون سان ملنديون. ڀلا موبائيل تي پنهنجي تصوير ته ڏياري موڪليو!“ پر هن ڪو نه ڪو بهانو ڪري هميشه انڪار ڪيو هو. ۽ هن اهو پڪوپهه ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي ساهرن کي ثابت ڪري ڏيکاريندي ته اهو اٿوَ آصف، جنهن جي شرافت جا ڍڪ ٿا پيئو. بس ائين سلسلو هن موبائيل تي وڌائي ڇڏيو هو. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن دل ئي دل ۾ انهيءَ مرد کي بيوقوف سمجهي کِلي پوندي هئي ته ڪڏهن وري هُوءَ پاڻ کي بيوقوف سمجهندي هئي. هُو سنڌوءَ سان ته ڪونه ٿو ڳالهائي، هُو ته سلميٰ سمجهي ٿو ڳالهائي. هُوءَ ڇو ٿي خوش ٿئي. وري پاڻ کي مطمئن ڪندي هئي ته ڀلا مون سان ئي ٿو ڳالهائي ٻي ڪنهن عورت سان ته نه ٿو ڳالهائي. هاڻ ته هن کي سڄي خبر هوندي هئي ته هُو ڪنهن مهل ڪٿي آهي.
    ڪجهه ڏينهنِ لاءِ هُو ڳوٺ ويو هو، مائٽن ۾ ڪا شادي هئس. سنڌوءَ کي به چيو هئائين ته توکي به هلڻو آهي، پر هوءَ آصف سان ڳالهائي ڪيئن سگهندي ۽ وري هن به سنڌوءَ کي ايڏي منٿ ڪانه ڪئي ڇو ته ان کي واندڪائيءَ ۾ سلميٰ سان ڪچهري ڪرڻي هئي. ۽ جڏهن آصف هن کان موڪلائي بس ۾ چڙهيو هو ته سلميٰ سان ڳالهائي ٻڌايو هو ته آءٌ ڳوٺ پيو وڃان. توهان سان رات جو اُتي ڳالهائيندس.
    ”ته ڇا پنهنجي زال کي توهان نه پيا وٺي وڃو.“ سلميٰ پڇيو هو.
    ”نه اها مون سان گڏ نه آئي آهي.“ آصف چيو.
    ”توهان اهو ته صحيح نه ڪيو پنهنجي عزيزن جي شاديءَ ۾ هن کي وٺي نه پيا وڃو.“
    هُو جواب ڪهڙو ڏئي بس اهوئي چيو ته: ”پوءِ توهان سان ڪچهري ڪيئن ڪري سگهجي ها. توهان سان اُتان رات جو ڳالهائيندس.“
    سلميٰ به چيو ته: ”ٺيڪ آ، پر اهو توهان صحيح نه ڪيو آ. ڳالهائي ته ڪنهن مهل به سگهجي پيو. توهان منهنجي ڪري پنهنجي زال کي ۽ ٻارن کي پاڻ کان پري ڪري رهيا آهيو. انهن جو حق آهي توهان تي. توهان ڳوٺ پهچو مان توهان سان موبائيل تي پوءِ ڳالهايان ٿي“.
    ”پر! توهان ته مورڳوئي ناراض ٿي ويا. ٺيڪ آ، آئينده ائين ڪونه ڪندس. مهرباني ڪري اڄ مون سان توهان موبائيل تي ڳالهائجو، توهان کي خبر آ مان ڏينهن ۾ توهان سان نه ڳالهايان ته اُهو ڏينهن منهنجو الائي ڪيئن ٿو گذري. توهان جو ايڏو مِٺو آواز آهي.“ آصف وڌيڪ ڊائلاگ هڻڻ لڳو.
    سلميٰ کي پهرئين ته ڏاڍي ڪاوڙ به آئي پر چيائين: ”ٺيڪ آ توهان هاڻ پنهنجي گهرواريءَ سان ڪڏهن به منهنجي ڪري ائين نه ڪجو. ائين چئي هن خدا حافظ چيو.
    سنڌوءَ فون بند ڪئي ۽ ٻارن کي تڪڙ ۾ ماني کارائي سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ڇو ته هُو ڪلاڪ ۾ ڳوٺ پُڄڻ وارو هو ۽ وري آصف سان ڳالهائڻو هئس. دل ۾ سوچڻ لڳي هيءُ اهوئي آصف آهي جيڪو اچي ٿڪجڻ جو چئي سمهي رهندو هو ۽ هينئر رات جو ٿو سلميٰ سان ڪچهري ڪري. هوءَ دل ئي دل ۾ آصف کي بيوقوف ڪرڻ تي کلڻ لڳي، پر ڪنهن مهل پاڻ تي ٿئي رحم آيس ته هوءَ سنڌو آهي. آصف ته سلميٰ سمجهي ٿو ڳالهائي مان ته هن کي وَڻان ئي نه ٿي. مان جيڪي ڳالهيون چوانس انهن تي عمل ئي ڪونه ڪري. گهر ۾ نه خرچ صحيح طرح سان ڏئي ۽ نه ئي ٻارن کي ڪيڏانهن گهمائڻ ڦيرائڻ وٺي وڃي. سڄو ڏينهن ٿڪجي پوان ٿي، پر هن کي پرواهه ئي ناهي. جڏهن ڳالهه ڪندي آهيانس ته اهوئي چوندو آ ته: ”ڀلا گهر جو ڪم عورت نه ڪندي ته پوءِ ڪير ڪندو، مان توهان لاءِ ڪمايان ٿو ۽ توکي گهر سنڀالڻو آهي.“
    ها ڇو نه سنڀالڻو آهي، پر احساس ته ڪري، ڪڏهن پيار مان ٻه لفظ ئي ڳالهائي ته ها واقعي تون ٿڪجي پئي هوندينءَ ته منهنجو ٿڪ به انهن ٻن لفظن ۾ ئي لهي وڃي پر آصف چوي ڇو ٿو.
    پوءِ اُها رات سڄي هن آصف سان ڳالهايو ۽ ان ڏينهن زال ۽ ٻارن لاءِ احساس ڏياريس. اِهو به چيائين ته جيڪڏهن هُو هنن جو خيال نه ڪندو ته هوءَ ڪڏهن به هُن سان نه ڳالهائيندي. انهيءَ ڳالهه تي هو ڪوڙ به نه ڳالهائيندو.
    هُو جيئن ڳوٺان آيو ته صفا بدليل هو. گهر ۾ هر شيءِ اچڻ لڳي. فرج سڄي فروٽ سان ڀرجي وئي. گهر جو سامان جهجو اچي ويو. آخر ۾ آفيس ويندي مهل پيسا به ڏئي ويو. واهه ڙي منهنجي قسمت. هوءَ دل ئي دل ۾ کلڻ لڳي. رات جو آصف آيو ته چوڻ لڳو ”ماني کڻي آ ڏاڍي بک لڳي آ.“
    ”هان، ماني“ هوءَ حيرانيءَ مان تڪڻ لڳي.
    مان احساس ڏياري ڏياري ڪيترا دفعا چيو هوندم ته مون کي ماني ائين تو بنا ڪونه ٿي وڻي ته هڪ ٻه دفعا دڙڪا ڏئي چيو هئائين ته: ”توکي خبر آ ته آفيس ۾ اوور ٽائم ڪيان ٿو، اتي دير ٿي وڃي ٿي. ۽ مون کي بک به لڳي ٿي ۽ تون به کائي ڇڏيندي ڪر.“
    ڪجهه ڏينهن ته هوءَ بنا کائڻ جي سمهي رهندي هئي، پر آخر ڪيستائين! پوءِ هن به پاڻ کي پڪو ڪري ڇڏيو هو. ۽ هوءَ ماني ٻارن سان کائي سمهي پوندي هئي، پر سلميٰ جي چوڻ سان ايڏو بدلجي ويو. صرف هن جي نه ڳالهائڻ ڪري هُو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آ. هوءَ دل ئي دل ۾ کلڻ لڳي ۽ ماني کائڻ لڳي.
    ”سنڌو سڀاڻي موڪل آهي. توهان سڀ تيار رهجو پاڻ گهمڻ هلنداسين. ٻارن کي به الاهي ڏينهن ٿيا آهن گهُمايو ناهي“.
    ”هان.“ هوءَ ڄڻ ڇرڪي پئي.
    ”سنڌو مان توسان آهيان.“
    ”ها ها مان ٻڌان پئي. تو ماني کائي ڇڏي آهي ڇا؟“
    ”ها مون ٻارن سان ماني کائي ڇڏي آ.“
    هوءَ ٿانوَ کڻي رڌڻي ۾ آئي. ٿوري دير لاءِ کل ٿي آيس. پر وري اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ته هُو صرف سلميٰ جي چوڻ ڪري، سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. مون سان هن جي محبت ته ڪانهي صرف هن جي آواز تي هُو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي.
    هن جي اندر ۾ سنڌوءَ لاءِ اها محبت ته ڪانهي، وري به هوءَ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لڳي ته ڇا ٿيو ڀلا مان ئي ته سلميٰ آهيان. منهنجو بدلايل آواز ئي ته آهي، جنهن لاءِ هُو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    سڄي رات هوءَ ننڊ نه ڪري سگهي. ڪنهن مهل پاڻ کي سنڌو پيئي سمجهي ڪنهن مهل سلميٰ.
    ”سنڌو پاڻ رات جي ماني ٻاهر کائينداسين ٺيڪ آ نه.“ هوءَ هيٺ ڪنڌ ڪري کلڻ لڳي ۽ رڌڻي ۾ آئي. ان مهل ئي هن کي خبر هئي ته اها خبر ضرور آصف سلميٰ کي ٻڌائيندو ۽ هُن پنهنجي موبائيل مان سمِ بدلائي ٻي لڳائي ۽ هُو به ڪمري مان اُٿي گهر کان ٻاهر نڪري آيو. کيس سلميٰ سان ڳالهائڻو هو.
    ”اڄ توهان کي ياد آهي نه، توهان ٻار ۽ پنهنجي زال وٺي ايندا. ۽ مان توهان جي زال ۽ ٻار ڏسڻ چاهيان ٿي.“
    ”توهان اتي مون کي ڪيئن سڃاڻيندا.“ آصف پڇيو.
    ”توهان پنهنجي ٻارن جون تصويرون موبائيل ۾ موڪليو. مان توهان کي پري کان ڏسي وٺنديس.“
    ”مان پنهنجي پپا مما سان گڏ اينديس. توهان سان ٻار گڏ هوندا، مان سڃاڻي وٺنديس. ۽ توهان ناسي ڪلر جا ڪپڙا پائجو.
    ”چڱو ٺيڪ آ، پر مان به ته توهان کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“
    ”اُن مهل توهان کي ڪال ڪري ٻڌائينديس ته مان ڪٿي ويٺل آهيان.“
    ”اهو به صحيح آ.“ سنڌوءَ موبائيل بند ڪئي.
    اڄ ته هن کي پاڻ تي چِڙ ٿي آئي ته آخر هوءَ ڪيستائين سلميٰ ٿي آصف کي بيوقوف بڻائيندي ۽ پاڻ به سلميٰ ٿي آصف جو پيار پئي گهُرندي.
    اڄ منجهند کان آصف ڏاڍو خوش هو. ۽ شام جو بي صبريءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو. هوءَ آصف کي ڏسي خوش ٿي رهي هئي ۽ ائين ئي شام جو تيار ٿي انهيءَ هوٽل تي پهتا جتي سلميٰ هن کي چيو هو ۽ گهڙندي ئي ڪرسين کي ڏسڻ لڳو ته سلميٰ اچي ته نه وئي آهي.
    هوءَ آصف جي حال کي ڏسي ڪنهن مهل رحم پئي کائي ته ڪيڏو نه اتاولو آهي سلميٰ جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ، آصف سنڌوءَ ۽ ٻارن جي پسند جي ماني گهرائي.
    سنڌو ماني کائي هُتان واش روم جو بهانو ڪري اُٿي وئي. انهيءَ مهل ئي فون آيو، هُو پريشان ٿي ويو. ڏٺائين ته سلميٰ جو فون آهي.
    ”هيلو سلميٰ توهان ڪٿي آهيو؟ هتي ته سڀ ڪُرسيون ڀريون پيون آهن، پر توهان الائي ڪٿي آهيو؟ “
    ”مون توهان کي اهوئي ٻڌائڻ لاءِ ته فون ڪيو آهي ته مان اڄ نه اچي سگهنديس. منهنجي گهر ۾ اوچتو مهمان اچي ويا آهن. مما ۽ پپا گهر ۾ آهن ئي ڪونه.“
    ”ڀلا اهو ته ٻڌايو ته ڇا توهان پنهنجا ٻار وٺي آيا آهيو؟“
    ”ها ها مان ٻار وٺي آيو آهيان.“
    ”پوءِ توهان ضرور انجواءِ ڪندا هوندا.“
    ”ها ها آءٌ ٻارن سان گڏ واقعي انجواءِ ڪري رهيو آهيان، پر توهان جو انتظار به ڪري رهيو هئس.“
    ”ٺيڪ آ وري ڪنهن ٻئي دفعي ضرور ملاقات ڪبي.“ هن تڪڙ ۾ موبائيل بند ڪئي.
    آصف جا ته تاڪ ئي لڳي ويا. هُو سوچڻ لڳو، سڄو ڏينهن ڪيئن نه انتظار ڪيو هئم ته اڄ درشن ڪبو. مان به ڏسان ته جنهن جو آواز ايڏو سٺو آهي، اُها ڪهڙي آهي. ها ضرور سهڻي هوندي.
    وري پاڻ کان ئي پڇڻ لڳو ته جيڪڏهن سُهڻي نه به هوندي ته ڀلا آواز ته هن جو سٺو آهي.
    آصف، موبائيل تي ڳالهائي بس ڪيو. سنڌو اڃا موٽي نه هئي. هو پاڻ کي ٻارن سان بهلائي رهيو هو. ٿوري دير ۾ سنڌو به اچي ويٺي.
    ”هاڻ هلڻ گهرجي“ سنڌوءَ، آصف کي چيو.
    ”ها بس هلون ٿا.“
    آصف ڏاڍو مُنجهيل هو. ۽ سنڌو هن جي مُنهن کي تڪي اندر ئي اندر ۾ کِلي رهي هئي.
    انهيءَ بهاني هُو هوٽل تي ٻارن کي وٺي ته آيو. هاڻ جيئن سلميٰ چوندي تيئن آصف ڪندو ۽ ائين سلسلو هلندو رهيو ۽ هوءَ هاڻ سلميٰ ئي پاڻ کي سمجهڻ لڳي ڪڏهن ته پاڻ تي رحم ايندو هئس ته هوءَ ڇا ڪري رهي آهي. سلميٰ ٿي ڪري هوءَ آصف کان زبردستي پيار گهري رهي آهي. زبردستي همدرديون حاصل ڪري رهي آهي، پر آصف سنڌوءَ سان ته پيار ئي نٿو ڪري. هوءَ عادي ٿي ويئي هئي سلميٰ جو ڪردار ڪري ۽ هِن چاهيو هو اِهو سلسلو هاڻ هلندو ئي رهي.
    پر اڄ هوءَ جيئن ننڊ مان اُٿي ته آصف کي پريشان ڏٺائين. هوءَ پاڻ به پريشان ٿي وئي ته ڪٿي موبائيل جي سِم آصف جي هٿ ته نه چڙهي آهي، ائين نه هوندو. هوءَ تڪڙ ۾ ڪمري ۾ آئي ۽ در اندران بند ڪري. موبائيل جي سِم ڳولڻ لڳي.
    اُها ته واقعي ڪونه هئي. هن سڄي الماري ڳولي، پر سِم نظر ڪونه آيس. ڪٿي آصف ته موبائيل جي سِم نه کنئي آهي. ۽ هن کي سڄي خبر ته نه پئي آهي!
    هوءَ ڏاڍي پريشان ٿي ڪمرو کولي ٻاهر نڪتي ته آصف کي سامهون بيٺل ڏٺائين، هوءَ آصف جي اکين ۾ نهاري نٿي سگهي. هن کي پڪ ٿي ته آصف ئي سِم کڻي ورتي آهي.
    هاڻ هُو الائي ڇا ڪندو. ڪٿي مون کي گهر مان ته نه ڪڍي ڇڏيندو اهڙي حرڪت ڪرڻ تي ۽ پوءِ ضرور مون کان نفرت ڪندو، ڀلا ڇو نفرت ڪندو، مون به ته هن سان ئي ڳالهايو آهي. هن جي پيار کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون ڪو ڏوهه ته نه ڪيو؟ هوءَ اندر ئي اندر ۾ سوال جواب سوچڻ لڳي.
    جڏهن هوءَ آڳر ۾ آئي ته آصف هن جي موبائيل ۾ اُها سِم لڳائي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي نمبر تان رنگ ڏني. هن اڻڄاڻائيءَ مان هميشه جيان موبائيل کڻي ڪن تي رکيو. ۽ هيلو ڪيو ۽ ڊپ مان ڪمري ۾ آئي. انهيءَ مهل آصف ڪمري ۾ آيو. سنڌو سمجهي وئي ته آصف کي سڄي خبر پئجي چڪي آهي. هوءَ ٻڏتر ۾ هئي، هُوءَ آصف جي منهن ۾ نهاري نه ٿي سگهي ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي، پر آصف هن کي در تي ئي روڪي ورتو ۽ هٿن کي مضبوطيءَ سان پڪڙي بيهي رهيو. انهيءَ وقت سنڌوءَ ڊپ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. اندر جي ڪيفيت عجيب ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳي هاڻ آصف الائي ڇا ڪندو، پر جڏهن هن ڪنڌ مٿي کڻي آصف جي اکين ۾ ڏٺو ته هوءَ حيران ٿي وئي. آصف جي اکين ۾ ندامت جا ڳوڙها هئا جيڪي هن جي هٿن کي پُسائيندا رهيا. آصف اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون هيون. ان وقت سنڌوءَ جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا هئا.


    وِرِهه وڇوڙا

    هوءَ سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهي هئي، ڀر ۾ مڙسهنس خالد سُتو پيو هئس، هن گهڙيال تي نظر وڌي ته اٺ ٿي چڪا هئا. اِرم کي ڏٺائين، جيڪا پنهنجي ننڍڙي پلنگ تي بي سُڌ سُتي پئي هئي. اڄ ته هن جو اسڪول به ويو. هوءَ سوچڻ لڳي. خالد کي به آفيس لاءِ دير ٿي وئي هئي. هن چاهيو ته هوءَ هن کي اٿاري پر الائي ڇو! اڄ هن جي همت جواب ڏئي وئي هئي. هُن کي خالد اڄ ڄڻ پنهنجو نه لڳو. هن جي دل چاهيو ته هوءَ رات ئي هن گهر مان هلي وڃي. هيءُ شخص جيڪو هن لاءِ سڀڪجهه هو، هڪ رات ۾ هن کي پنهنجو نه ٿي لڳو. هن خالد کي ڏٺو، ڪيئن نه اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو.
    هيءُ سالن جون محبتون هڪ لحظي ۾ ختم ٿي ويون. هن جي مُنهن ۾ ڏسندي دل ۾ وڌيڪ ڌِڪار محسوس ٿيس. هوءَ انهيءَ ڪمري مان ئي ٻاهر نڪري آئي. دل چيس ته هوءَ پاڻ هينئر ڪو نه ڪو فيصلو ڪري. ڇا رهيو آهي هن جو گهر ۾. هيءُ سڄو گهر هن ڪيئن ٺاهيو هو. ذري ذري سان محبت هئس. هر شيءِ کي هُن دل سان ٺاهيو هو. هو شخص ئي هن جو پنهنجو نه رهيو ته پوءِ هي گهر ڇا آهي!؟ خوشي ڇا آهي!؟
    پر هاڻ مان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهان؟ ڪيڏانهن وينديس، انهن مائٽن وٽ جن منهنجي خوشي سمجهي اِهو رشتو قبول ڪيو هو. ڪهڙي منهن سان وڃان انهن وٽ.
    ٻي شاديءَ جي اجازت نه ڏيڻ سان مٿس ڪهڙو اثر ٿي سگهي ٿو. هن سوچيو. هن کي خبر هئي ته هو هن جو رهيو ئي نه آهي. هوءَ ڪيڏو نه فخر ڪرڻ لڳندي هئي سرتين جي وچ ۾ وڏي واڪي چوندي هئي ته خالد عام مرد نه آهي. هو منهنجي باري ۾ الاهي جذباتي آهي ۽ هو مون سان الاهي پيار ڪري ٿو، پر، هُن جي سرتين کي ته پهرئين ئي خبر هئي ته اسٽوڊنٽ لائيف ۾ ڇوڪرين کي فلرٽ ڪيئن ڪندو هو. جڏهن سِپَ پنهنجي جيڏين سرتين کي اهو ٻڌايو هو ته ”خالد مون کي پرپوز ڪيو آهي ۽ هو مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي“ ته هن جي سرتين حيران ٿي سِپَ کي ڏٺو هو پر اهو ضرور چيو هئي ته ”هيءُ ماڻهو توسان سچو نه آهي.“ پر هن کي خالد جون ڳالهيون ايتريون ته فيڊ ٿيل هيون جو هن جي سرتين جي ڪا به ڳالهه هن اڳيان ڪا معنيٰ نه ٿي رَکي. سِپَ جي مائٽن کان جڏهن هُن رشتو گهُريو هو ته هُن جي مائٽن به سِپَ جو راضپو ڏسي رشتو منظور ڪيو هو. ڇو ته هن جا مائٽ لبرل هئا. هو انهيءَ ڳالهه ۾ ئي خوش هئا ته سِپَ خوش هئي. هن جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي هئي. خالد جا مائٽ شاديءَ ۾ نه آيا هئا ۽ خالد اِهو ئي ٻڌايو هو ته هُن جو مڱڻو سندس سؤٽ سان ٿيل آهي، پر هو ڪرڻ نه ٿو چاهي. هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان هو شادي ڪيئن ڪندو. جڏهن خالد جي مائٽن کي هن رشتي جي خبر پئي هئي ته هُنن خالد سان بائيڪاٽ ڪيو ۽ اهو ئي چيو ته ”تون جيڪڏهن شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته وڃي ڪر. پر اسان مان ڪير به تنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿيندو.“
    خالد اها سڄي ڳالهه سِپَ جي مائٽن کي ٻڌائي هئي ۽ اهو ئي چيو هو ته هُو ڪڏهن به پنهنجي سؤٽ سان شادي نه ڪندو ۽ سِپَ جي مائٽن به هن جي خوشيءَ کي قبول ڪندي رشتو منظور ڪيو ۽ خالد ڪجهه دوست وٺي سِپَ سان شادي ڪئي. سِپَ جي مائٽن وٽ پئسو هو. فليٽ به ڌيءَ کي ڏنو. جنهن ۾ هو ٻئي رهڻ لڳا هئا ۽ نوڪري به وٺي ڏني هئائون.
    هوءَ ڪيڏي نه خوش هئي، پنهنجي زندگيءَ مان. هن کي لڳندو هو ته ڄڻ هوءَ ئي آهي، جيڪا ايڏي خوش آهي پنهنجي زندگيءَ ۾. ڀلا هوءَ خوش به ڇو نه هجي، هُن چاهيو هُو خالد کي، ۽ خالد به هن کي چاهيو هو.
    هُن جون سرتيون جڏهن به ڪا ڳالهه پنهنجي مڙسن جي ڪنديون هيون ته هوءَ وڏي فخر سان چوندي هئي ته منهنجو خالد ته ائين نه ٿو ڪري. هُو ته منهنجو الاهي خيال ٿو ڪري. گهر کي وقت ڏئي ٿو، شام جو ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن گهمائڻ ڦيرائڻ، شاپنگ ڪرائڻ وٺي وڃي ٿو. هن جون سرتيون ٻڌنديون هيون، پر وري جڏهن پاڻ ۾ ملنديون هيون ته اهو ضرور هڪٻئي کي چونديون هيون ته ”سِپَ جيترو انڌو اعتماد خالد ٿي ڪري ٿي، الله ڪري خالد به هُن جو اعتماد برقرار رکي. نه ته....“
    ٻن سالن کان پوءِ سِپَ کي ڌيءَ ڄائي، هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿي هئي. ڇٺي به ڀري ڪئي هئائين. هُن مِٽن مائٽن، سرتين کي سڏايو هو. پر ساهرا هن جا نه آيا هئا. هُن کوڙ دفعا خالد کي به چيو هو ته ”هُو هِن کي پنهنجي ساهرين وٺي هلي ۽ هلي معافي وٺي.“ پر خالد اهو چئي انڪار ڪندو رهيو ”ته ڪو به ضرور ڪونهي، جن مائٽن منهنجي پرواهه نه ڪئي، مان وري ڇو ڪريان.“ دل ئي دل ۾ هوءَ سوچيندي هئي ته اهو ٺيڪ ته ناهي ڇو ته هُن کي پنهنجا مائٽ ڪيڏا نه پيارا هئا، ڇا خالد کي مائٽ پيارا نه هوندا. پر خالد هميشه هن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو. ننڍڙي ارم کي خالد ڪيترو نه پيار ڪندو هو. آفيس مان به فون ڪري پڇندو هو ته ”منهنجي مٺي ڌيءَ ارم ڪيئن آهي، مون سان ڳالهرائينس“
    هوءَ خوشيءَ ۾ ارم کي رسيور ڏيندي هئي ته پپا سان ڳالهاءِ. پوءِ هوءَ پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ جڏهن لفظ اُچاريندي هئي ته هن جو من خوشيءَ مان جهومي پوندو هو. ان ويلي هوءَ پاڻ کي هن دنيا جي خوشنصيب عورت سمجهڻ لڳندي هئي. پر ... پر شايد هوءَ نظرجي وئي هئي يا خالد وائکو ٿيڻ لڳو هو. هوءَ سمجهي نه سگهي هئي ته اِهو ئي خالد آهي جيڪو هن تان اول گهول ويندو هو. هاڻ اهو ئي ٿوري عرصي ۾ پاسيرو ٿي ويو هو.
    هوءَ ڪڏهن شڪايت به ڪندي هئي پر اِهو چئي ماٺ ڪرائيندو هئس ته تون هروڀرو ٿي سوچين. هوءَ چُپ ٿي ويندي هئي، گهر ۾ ارم هن لاءِ رانديڪو هئي، سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۽ ارم کي سنڀاليندي گذري ويندو هوس.
    خالد هاڻي گهر کان پري ٿيندو ويو. آخر هڪ ڀيري سِپَ پڇيس ته ڇا ڳالهه آهي، تون اڄڪلهه پريشان آهين. تنهن تي خالد ٻڌايو هئس ”ته بابا وارا چاهين ٿا ته هن شرط تي توسان راضي ٿينداسين ته آءٌ پنهنجي مَڱ سان نڪاح ڪريان!“
    ”ته پوءِ تو ڇا چيو؟“ هن جذباتي ٿيندي تڪڙ ۾ پڇيو.
    ”مون ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟“
    ”ڇا وري ڇا ڪجي، تون جواب موڪلين ته مون کي شادي ڪرڻي هجي ها ته مان پهرئين ڪيان ها.“
    ”ها ائين ئي ڪرڻو پوندو.“ ان ويلَ هن ڄاتو هو ته خالد ڪڏهن نه چاهيندو ته هُو وري پنهنجي مڱ سان شادي ڪندو، پر آهستي آهستي خالد هن کان پري ٿيندو ويو .
    آخر هڪ ڏينهن اِهو ٻڌايائينس ته ”مان پنهنجي سؤٽ سان نڪاح ڪريان ٿو. تون اجازت ڏي.“ ان مهل سِپَ جي پيرن ۾ ڄڻ سَو مڻن جا پٿر ڪنهن ٻڌي ڇڏيا هئا.
    ”تون مون کان اجازت ٿو گهُرين!!؟ مان توکي ڪڏهن به اجازت نه ڏينديس. توکي خبر آهي ته مان پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن سان به شيئر نه ٿي ڪري سگهان. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته مان توکي اجازت ڏيان. ڇا مان توکي ان ڳالهه جي اجازت ڏيئي سگهان ٿي!؟“ سِپَ نهايت جذباتي ٿي وئي.
    ”ته پوءِ مون وٽ به ڪو حل ڪونهي. مون کي پنهنجي سؤٽ سان شادي ڪرڻي پوندي. آخر منهنجا ماءُ پيءُ آهن، مان ڪيستائين انهن کان پري رهندس. هي رشتا ٽُٽَڻ جا ته ناهن.“ خالد، سپ کي چيو.
    ”ته پوءِ ڇا هيءُ رشتو ٽُٽَڻَ جو آهي!“ سپ جذبات ۾ چيو. ”مان به اهو ئي چوان ٿو ته هيءُ رشتو به ٽُٽَڻ جو نه آهي. ڀلا آءٌ مائٽن جو اڪيلو وارث آهيان، ڌَنُ دولت هيءَ ڪنهن جي آهي. جيڪڏهن شادي نه ڪندس ته پوءِ هيءُ پئسو مون کي ڪيئن هٿ ايندو!“
    سِپَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.
    ”معنيٰ ته تون مائٽن سان ٺاهه صرف انهيءَ صورت ۾ ٿو ڪرين ته توکي دولت ملندي. دولت جي ڪري تون مون کي ٿو ڇڏين. ڇا دولت پيار کان وڌيڪ طاقت ٿي رکي، هان ٻڌاءِ نه، دولت توکي مون کان وڌيڪ آهي؟؟“ سپ انتهائي جذباتي ٿي وئي.
    ”ها ها، دولت مون کي وڌيڪ آهي.“ خالد جي وات مان آخر سچ نڪري ويو هو.


    وِسري وڃيئي شال!

    صدف جڏهن کان يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺي ڳوٺ موٽي هئي. بيحد منجهيل منجهيل رهڻ لڳي هئي. الائي ڇو؟! هن ڪيترا ڀيرا پاڻ کي انهن سوچن جي ڀاڪرن مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وري به وڪوڙي ٿي ويس. اهي سوچن جا ڊگها سلسلا ۽ هاڻي هوءَ پاڻ کي بيحد ڪمزور لڳي هئي، چاهيندي به انهن سوچن کان پاڻ کي ڌار نٿي ڪري سگهي.
    ماڻس جو کيس ڪجهه ڏينهن کان ائين مُنجهيل، چپ چپ ۽ گُم سُم ڏٺو پئي، وڌي آئي ۽ پڇيائينس ته ڌيءَ تون ايڏي پريشان ڇو آهين!
    کيس ڌيءَ جي کل ڀوڳ واري طبيعت جي ڄاڻ هئي. هوءَ جڏهن به يونيورسٽيءَ کان ڳوٺ موٽندي هئي ته سڄي گهر کي آسمان تي کڻي ڇڏيندي هئي، سندس ٽهڪ سڄي گهر ۾ پکڙجي ويندا هئا. سندس ساهيڙيون کيس وڪوڙي وينديون هيون، ۽ پوءِ راز نياز جون ڳالهيون ٿينديون هيون ننڍپڻ جون چلولايون هڪ هڪ ٿي ياد اينديون وينديون هيون ۽ پوءِ ٽهڪ مٿان ٽهڪ هوندا هئا.
    پر هن ڀيري هوءَ جيئن ئي شهر کان موٽي هئي، سندس اهي ارڏيون الائي ڪاڏي گم ٿي ويون هيون. سندس ٽهڪ به سڏڪي جيان ٿي ڀاسيا. سندس ساهيڙين به سندس انهي چپ کان بيزار ٿي اچڻ گهٽائي ڇڏيو هو.
    ماڻس جي سوال تي صدف ڇرڪي پئي هئي. ڄڻ ڪنهن کيس چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙي ورتو هو.
    پاڻ سنڀاليندي چيائين: ”ڪابه ڳالهه ڪانهي.“ امان! بس مون کي پنهنجي يونيورسٽيءَ جون ساهيڙيون ياد ٿيون اچن ۽ ها هوءَ فرزانه آهي نه جيڪا اڳئين ڀيري مون سان ڳوٺ آئي هئي، ٿُلهي چشمي واري، اها ڏاڍي بيمار هئي هاڻي الائي ڪيئن هوندي.
    هن ڪوڙ ڳالهايو. ماڻس ويچاري ٻهراڙي جي عورت تنهن سندس ڳالهه تي اعتبار ڪري ورتو.
    هن کي لڳو ڄڻ هوءَ ماءُ جي عدالت مان باعزت بَري ٿي وئي آهي. هن هڪ وڏو ساهه کنيو.
    ”امان صدف ماسي زليخان آهي نه اُها بيمار آهي ان کي ڏسڻ لاءِ ٿي وڃان.“ سندس ماءُ چادري پائيندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي امان.“
    صدف جي ماءُ وئي ته هوءَ ڪمري ۾ آئي. ذهن تي يونيورسٽيءَ جون يادون ڪنهن ٽي- وي پلي جيان هلي رهيون هئس، صدف ڊائري ڪڍي ملهار جي خط کي ٻيهر پڙهڻ لڳي. جنهن کي هن گذريل ڪجهه ڏينهنِ اندر ڪيترا ڀيرا پڙهيو هو ۽ هاڻي ته هن کي ملهار جو خط سڄو ڄڻ ياد ٿي ويو هو.
    کيس خط پڙهڻ ويل يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينهن ياد آيو، جڏهن نوٽس ڏيڻ جي بهاني ڪاپيءَ ۾ ملهار هيءُ خط وجهي ورتو هو، ۽ هُن ڏسي ورتو هو، هوءَ ڏڪي ويئي هئي ۽ سخت سيءَ ۾ به کيس لڳو ته ڄڻ سندس نرڙ تي پگهر جا ڦڙا تري آيا هجن. هن جو ڳلو ڄڻ ڀرجي آيو هو ۽ هوءَ هڪ اکر به ڳالهائي نه سگهي هئي ۽ هاسٽل جي ڪمري ۾ اچي هن خط کولي پڙهيو هو:
    ”صدف اڄ اسان جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينهن آهي ۽ سڀاڻي جي ڪهڙي خبر ته ڪير ڪٿي هجي، دل گهڻو چاهيو ته آخري ڏينهن توسان ويهي پنهنجي پيار جو اعتراف ڪيان جنهن کي مان تو آڏو اڃا بيان نه ڪري سگهيو آهيان، پر وري به همت ساري نه ٿو سگهان ۽ قلم جو سهارو وٺڻو پيو اٿم.
    تون ڄاڻين به ٿي ته مان توکي چاهيان ٿو. صدف پيار اظهار جو محتاج نه هوندو آهي، اکين ۾ ئي اظهار ڪبو آ ۽ منهنجن اکين کي تنهنجن نيڻن مان پنهنجي پيار جي موٽ ملي آهي ۽ اڄ جڏهن اسان يونيورسٽيءَ مان وڃي رهيا آهيون ته منهنجو اندر به اڌ ٿي پيو آهي ۽ مان توکي ٻڌايان صدف ته مون کي پنهنجي بابا پسند جي شادي جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، پر مان ايڏو بزدل جو پسند جو اظهار به نه ڪري سگهيو آهيان بابا سان، ۽ وري توکان سواءِ ڪنهن به ڇوڪريءَ جو تصور مون لاءِ پاپ آهي. هاڻ جڏهن اسان موڪلايون پيا ته تون ئي ٻڌاءِ صدف مان ڇا ڪريان. تنهنجي خط جو انتظار رهندو. ملهار.
    اڄ ته وري صدف خط پڙهي هڪ ڀيرو وري سڪتي ۾ اچي وئي هئي ماڻس به پاڙي مان موٽي آئي هئي، پر هوءَ اڃا پنهنجي خيالن کي نه موٽائي سگهي هئي.
    رات جا ٻه ٿي چڪا هئا، پر هن جي ذهن تي ڄڻ ڪو هٿوڙا هڻي رهيو هو، ننڊ اکين کان ڪوهين ڏور هئس ۽ هن ان مهل ئي فيصلو ڪيو ته جيسين هوءَ ملهار کي هر ڳالهه کان آگاهه نه ڪندي، تيسين هُن جي اندر جي آنڌ مانڌ نه هٽندي. پاڻ به ته ملهار کي چاهيو هئائين. هن ڪاغذ قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو:
    ” ملهار تنهنجي خط پڙهڻ کان پوءِ مان پاڻ الائي ڪهڙي جهان ۾ پهچي وئي آهيان، ان خط لکڻ ۾ توسان گڏ مان ذميوار آهيان ڇو ته اسان هڪ ٻئي کي ڏسندا ئي ائين هئاسين، پر نه تون اظهار ڪري سگهئين ۽ نه مان. مون به توکي چاهيو آهي پنهنجي دل جي سچائين سان، پر ملهار منهنجي اظهار نه ڪرڻ جو سبب توکان بنهه جدا آهي، تون نٿو ڄاڻين ته اسان جي خاندان ۾ ڌارين ۾ ڇوڪريون ناهن ڏيندا. منهنجي ڀيڻ جيڪا مون کان ٻه سال وڏي آهي ان به ڪنهن کي چاهيو هو، جنهن تي بابا وارا سڀ ناراض ٿيا، پر منهنجي ڀيڻ ضد جي پڪي نڪتي ۽ هن چوريءَ وڃي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي.
    ان ڏينهن کان پوءِ ته بابا ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهيو ۽ نه ڪو اسان سان ملڻ گوارا ڪندو هو. مٽ مائٽ منهنجي پڙهائيءَ تان به ناراض هئا، پر بابا وري به مون کي پڙهايو آهي ۽ هاڻي آئون سندس اعتماد کي ڇيهو نه ٿي رسائي سگهان. مان پنهنجي پيار کي ته قربان ڪري سگهان ٿي، پر پنهنجي پيءُ جي اعتماد کي نه، ۽ هاڻي ملهار تو ڄاڻي ورتو هوندو ته مان توسان ڪڏهن اظهار ڇو نه ڪيو. بس مون کي صرف هڪ عرض ڪرڻو آهي ته تون شادي ضرور ڪجانءِ منهنجو چوڻ ڪري. اميد ته منهنجي دل جو بار هلڪو ڪندين.
    صرف صدف
    هن خط لکي بس ڪيو ۽ ملهار جي خط ۾ ڄاڻايل ائڊريس نوٽ ڪري پنهنجي خط کي لفافي ۾ بند ڪيائين، کيس لڳو ته ڄڻ سندس اکيون آليون ٿي ويون هجن. هن اکين کي ڇُهيو ته ڇپرن ۾ اٽڪيل لڙڪ سندس ڳلن کي ڇُهندا ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ويا.


    سُکُ مون سِين ڪينَ

    مان، اڃا گهر ۾ داخل ئي مَس ٿيس ته گهرڀاتين جا چهرا وساميل ڏٺم، ڊڄي ويس ته الائي ڇا ٿيو آهي؟ آخر ڊڄي ڊڄي همت ڪري امان کان پڇڻ لڳس:
    ”امان ڇا ٿيو آهي؟“
    امان پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي ۽ هن جا لُڙڪ ڳلن تائين وڃي پهتا ۽ امان روئيندي منهنجي ويجهو اچي دٻيل دٻيل لفظن ۾ چيو: ”ڌيءُ سورٺ، تنهنجي دوست رابيل خودڪشي ڪري ڇڏي، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ فون آيو هو. “
    ”هان“ مون کان وڏي رڙ نڪري وئي.
    نه نه ائين نه ٿو ٿي سگهي.
    امان منهنجي اِها حالت ڏٺي ته وڌيڪ پريشان ٿي وئي ۽ مون کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ مان ويتر اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس، امان پڻ روئيندي رهي.
    ٿوري دير کان پوءِ مان ڪمري ڏانهن آيس، پلنگ تي پاڻ کي ڇڏي ڏنم سمجهه ۾ ڪجهه به نه پيو اچي ته هاڻ ڇا ٿيندو. مون کي رابيل جي امڙ جو خيال آيو ته هُن جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي. هوءَ وري هاڻ رابيل جو ڏک برداشت ڪيئن ڪري سگهندي.
    الله سان شڪايت ڪرڻ لڳس ته آخر هن گهر تي ايڏي تنهنجي آزمائش ڇو آهي، سورٺ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي.
    سورٺ جا سُڏڪا ويتر وڌندا ويا، هُوءَ ڊائري ڪڍي رابيل جو آخري لکيل خط کڻي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ خط کي وري وري ڏسڻ لڳي، پر اکين اڳيان تِروِرا اچي ويس ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين ۽ ائين ئي هوءَ ننڍپڻ جي يادن ۾ گُم ٿيندي ويئي.
    جڏهن سورٺ جي سڄي فئملي ڳوٺ کان سندس ڀائرن جي ٽرانسفر جي ڪري ڪراچيءَ شفٽ ٿي هئي. هُن نئين اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي ته پهرين ڏينهن ڪلاس ۾ ڪنهن به ڇوڪريءَ سورٺ کي بئنچ تي ويهڻ نه ڏنو هو، پر رابيل هن کي سڏي پاڻ سان ويهاريو هو. هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿي هئي. ان ڏينهن کان پوءِ هُو ٻئي سُٺيون دوست ٿي ويون هيون ۽ ائين ننڍيون ٿي وڏيون ٿيون هيون.
    رابيل جو گهر اسڪول جي اندر ئي هو، ڇو ته رابيل جو پيءُ انهيءَ اسڪول ۾ ماستر هو، پر رابيل اڃا ننڍڙي ئي هئي ته هُن جو پيءُ گذاري ويو هو. هُن جي ڀيڻ هن کان ٻه سال وڏي هئي ۽ ڀائر پڻ هن کان وڏا هئا.
    پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ رابيل جي ماءُ ڪنهن گارمينٽس فئڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ لڳي هئي، هوءَ صبح جو ويندي هئي ته رات جو موٽندي هئي. گهر ۾ توجهه نه ملڻ سبب وقت کان رابيل جا ٻئي ڀائر غلط صحبت ۾ اچي نشو واپرائڻ لڳا هئا ۽ نشي واپرائڻ جي ڪري ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويا. اهو صدمو رابيل جي ماءُ لاءِ وڏو هو، پوءِ ته هوءَ هڪ خاموش بُت جيان هئي، بس نوڪري پئي ڪندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن سورٺ موڪل واري ڏينهن رابيل جي گهر ويندي هئي ته سندس ماءُ هر وقت هنن سان ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي پئي وڙهندي هئي، بس هوءَ ايڏا وڏا صدما سهي سهي ائين ٿي وئي هئي. سورٺ به ڊڄي ويندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن رابيل به پنهنجي گهر جي ماحول کان بيزار ٿي پوندي هئي، ۽ سورٺ کي چوندي هئي ته ”امان جي هيءَ حالت مون کان ڏٺي نه ٿي ٿئي.“
    هوءَ روز جون ڳالهيون اسڪول ۾ رسيس مهل ٻڌائيندي هئي ۽ سورٺ رابيل کي آٿت ڏيندي هئي ۽ ائين هُو هاڻ ڪاليج تائين پهتيون هيون.
    هڪ ڀيري اوچتو رابيل سورٺ کي سليم جي باري ۾ ٻڌايو ته هُو هن ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي، جيڪو هن جي پاڙي ۾ رهندو هو، پهرين ته سورٺ کي ڪاوڙ لڳي هئي، پر هوءَ الاهي حساس هئي. هن کي گهر ۾ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ ماءُ طرفان پيار مليوئي نه هو، بس سليم هن کي مٺن ٻولن ۾ پنهنجو ڪري ورتو هو ۽ هوءَ سليم تي انڌو اعتماد ڪرڻ لڳي.
    هڪ دفعي ته سليم موٽر سائيڪل تي ڪاليج مان رابيل کي وٺڻ آيو. سورٺ کي خبر پئي هئي ته الاهي سمجهايو هئس ته تون جيڪو ڪري رهي آهين، اهو غلط آهي. پر هوءَ سليم جي مِٺن ٻولن ۾ هُن جي ويجهو ٿيندي وئي ۽ هاڻ ته سليم هن کي روز ڪاليج مان وٺڻ ايندو هو.
    سورٺ کي ڪڏهن ڪڏهن چڙ لڳندي هئي ۽ ائين کوڙ دفعا رابيل سان ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو هئائين، پر سليم جي انڌي پيار ڪري ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پرواهه به نه ڪندي هئي، پر سورٺ چِڙ ۾ اهو ضرور چوندي هئس، ته رابيل جيڪڏهن هُو توسان سچو آهي ته تنهنجي ماءُ کان سَڱُ گهري باقي هيءُ روزاني جو گهمڻ ڦرڻ صحيح نه آهي. اها ڳالهه رابيل سمجهي هئي ۽ سليم کي چيو به هئائين ۽ هُن يقين ڏياريو هئس ته هُو ضرور پنهنجي ماءُ کي گهر موڪليندو ۽ هوءَ ان ڏينهن خوش ٿي ويئي هئي، سورٺ به دل ئي دل ۾ خوش ٿي هئي ڀلا سليم ته هِن سان سچو آهي.
    هوءَ انهن ڏينهنِ ۾ الاهي خوش هوندي هئي، پر اهي خوشيون به عارضي هيون، سليم جو مڱڻو سندس ماسات سان ٿيل هئو ۽ هن رابيل کي ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو هو ۽ ائين سليم جي به شادي ٿي وئي، سليم هن کي وڏو دوکو ڏنو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت رابيل ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنو هو، بس پنهنجي ڪمري ۾ سوچن ۾ گُم هوندي هئي، ۽ رابيل جي ماءُ کي به کڙڪ پئجي چڪي هئي ۽ انهيءَ ڳالهه کان پوءِ ته هُن جي ماءُ هُن کي ڪاليج کان به ويهاري ڇڏيو، جنهن جو ڏک سورٺ کي ڏاڍو ٿيو هو، هاڻ ته ڪير به هن جو نه هئو، سورٺ ڪڏهن ڪڏهن هُن جي گهر ويندي هئي ته روئي چوندي هئس ته ”سورٺ آخر، مون ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، سليم به مون سان دوکو ڪيو ۽ امان ۽ ڀيڻ به مون سان ڌارين وارو سلوڪ ٿيون ڪن، آخر هيءُ آزمائشون مون لاءِ ڇو آهن؟ ننڍي هوندي کان هر رشتي لاءِ ترسندي رهي آهيان، ڪير به منهنجو ڪونهي.“
    سورٺ هُن کي سمجهائيندي هئي ته مان جو تنهنجي دوست آهيان ڇا! مان تنهنجي ناهيان بس ڀاڪر پائي روئي پوندي هئي.
    پر… سورٺ جو ساٿ به شايد ايستائين هو. جڏهن رابيل کي سورٺ جي ضرورت هئي ته اوچتو سورٺ جي وڏي ڀاءُ جو ٽرانسفر حيدرآباد ۾ ٿيو. جڏهن رابيل کي خبر پئي هئي ته ڪيڏو رُني هئي، پر چئي ڪجهه به سگهي هئي. سورٺ به رُنو هو، گهرڀاتين کان لڪي رابيل جي قسمت تي پهريون دفعو. هن الله کان شڪايت ڪئي هئي ته آخر هن سان ئي ڇو ٿو ٿئي، جيڪو به هن جي ويجهو اچي ٿو، هوءَ ان جي پيار کان محروم ٿي وڃي ٿي.
    حيدرآباد اچڻ کان پوءِ سورٺ کي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي ويئي، پر رابيل کان سواءِ بلڪل مزو ڪونه پئي آيس، پر آهستي آهستي پاڻ کي سيٽ ڪري وئي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن سورٺ رابيل کي خط لکندي هئي. پاڻ ته مهيني ۾ ٻه- ٽي دفعا لکندي هئس، ۽ ائين هڪٻئي سان خطن جو سلسلو جاري رهندو هو. پر…
    هيءُ اوچتو ڇا ٿي ويو، سورٺ جهٽ ۾ اکيون کوليون، ڄڻ ڪنهن سپني مان جاڳي پئي.
    نه نه ائين نه ٿو سگهي، رابيل منهنجي دوست مون کان وڇڙي نه ٿي سگهي ۽ هُن جي هٿن ۾ ڀڪوڙيل خط هو، جنهن کي وري پڙهڻ لڳي جيڪو اڳئين هفتي لکيو هئائين.
    ”سورٺ تون ڏاڍو ياد ٿي اچين، دل ٿي چوي ته هڪ دفعو توسان ملان، پوءِ تون ڪڏهن ٿي اچين، مون سان ملڻ. مون کي تنهنجو انتظار رهندو.“
    رابيل جي درد ڀرئي خط سورٺ کي وڌيڪ تڙپائي ڇڏيو ۽ هن جي مٿان ڄڻ وڏو پهاڙ ٽُٽو هو هُن جا هٿ ازخود اٿن ٿا آسمان طرف ۽ زبان تي اچيس ٿي دعا ياخدا! منهنجي معصوم دوست رابيل تي تون رحم ڪجانءِ، هتي ته هُن کي لُڙڪن کان سواءِ ڪجهه نه مليو، تون ته خوشي ۽ سڪون به ڏيئي سگهين ٿو .
    رابيل جي دکدائڪ موت تي سورٺ جا لُڙڪ هئا، سڏڪا هئا جيڪي ڪمري ۾ پڙاڏو بڻجي ٽڪرائيندا رهيا.


    واهه واهه گهوٽ راجا!

    صابل جي زندگيءَ ۾ پهرين سڀ کان وڏي خوشي تڏهن آئي هئي، جڏهن شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ هوءَ پُٽ جي ماءُ بڻي هئي، ايڏي عرصي کان پوءِ اولاد ٿيڻ جي خوشي هينئر کيس نصيب ٿي هئي، ۽ ان بعد هوءَ وري ڪڏهن به ماءُ نه بڻي. صابل ۽ سندس مڙس پنهونءَ لاءِ سندن پٽ سرمد ئي ڪُل ڪائنات هو.
    چئن سالن کان پوءِ هوءَ ايتري ئي خوش ٿي، جڏهن سندس ڀيڻ ڦاپل کي ستن پٽن کان پوءِ ڌيءَ ڄائي ۽ پاڻ ئي ڇٺيءَ تي ان جو نالو ”مومل“ رکيائين ۽ ان موقعي تي بي ساخته چيو هئائين ته: ”هيءَ مومل منهنجي پُٽَ جي ڀاڳ ۾ آئي آهي، منهنجي سرمد جي آهي.“
    پهرئين ته سڀ ان جملي تي اهو سوچي حيران ٿيا هئا ته هن دؤر ۾ صابل ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪري، پر پوءِ سندس ڀيڻ ڦاپل ئي صابل جي هٿ تي هٿ رکي چيو هو ته، ”ها ها مومل اڄ کان تنهنجي آهي، ڀلا سرمد کان وڌيڪ ڪير آهي اسان جو.“ اهو ٻڌي سڀني جي مُنهن تي خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي هئي. ”پاڻ ۾ ماسات ۽ سؤٽ آهن، اسان کي ٻيو ڇا کپي.“ پنهونءَ جي ڀاءُ خميسي خوشيءَ مان چيو.
    بس پوءِ ته مومل هنن جي گهر جو خواب بڻجي ويئي، پاڻ روز شام جو پنهنجي ڀيڻ جي گهر مومل کي ڏسڻ ويندي هئي ۽ پنهنجي مڙس کان شهر مان مومل لاءِ رانديڪا، ڪپڙا ۽ شيون گهرائيندي هئي ۽ پنهنجي ڀيڻ ڦاپل کي پئي پارت ڪندي هئي ته: ”مومل منهنجي اٿئي، متان ڪنهن هن جي نالو به کنيو آهي.“ بس اهي هيون ننڍپڻ جون ٿيل ڳالهيون.
    سرمد ۽ مومل اڄ ننڍا، سڀاڻ وڏا، جڏهن هنن کي به ان ڳالهه جي خبر پئي هئي، تڏهن هُو به ان فيصلي تي ارها نه هئا. ڇو ته هُو به هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳا هئا. پوءِ ته ٻنهي گهرن جون خوشيون ئي ٻيڻيون ٿي ويون، بس انتظار هو ته سرمد ۽ مومل يونيورسٽيءَ جي تعليم مڪمل ڪري وٺن.
    سرمد جيئن ئي گريجوئيشن ڪئي ته کيس ٽن سالن لاءِ آمريڪا ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ ملي ويئي ۽ هو آمريڪا وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.
    صابل کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هُوءَ پريشان ٿي ويئي ۽ ڊپَ اچي ورايس ته ڪٿي سرمد ٻاهر وڃي ڪنهن انگريزياڻيءَ سان نه شادي ڪري وٺي، انڪري صابل، پنهنجي مڙس پنهونءَ سان صلاح ڪئي ته، سرمد جي آمريڪا وڃڻ کان اڳ ڇو نه سرمد ۽ مومل جو نڪاح وجهرائي ڇڏين. ان تي سرمد پهرئين ته پريشان ٿيو، پر هن کي اعتراض به نه هو، ۽ مومل به خوش هئي.
    صابل ته اڄ خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپي، دل چيس ته، ”جيڪر هينئر ئي پنهنجي مومل کي گهر وٺي وڃي، پر سرمد جي آمريڪا وڃڻ سبب سندس ڀيڻ به اهوئي چيو هئس ته جيئن سرمد واپس اچي نوڪري ڪندو ته مومل سرمد کي پرڻائي ڏيندس.“
    اڄ مومل ۽ سرمد به ڪيڏو نه خوش هئا. اسٽيج تي ويٺل سڀني جي اکين جو مرڪز هئا، سرمد، سُرٻاٽن ۾ پنهنجي ويجهو ويٺل مومل کي چيو: ”هاڻي ته انتظار ئي نه ٿو ٿئي“، ان تي مومل شرمايو، پر جنهن ڏينهن سرمد آمريڪا روانو ٿيڻو هو، ان ڏينهن هوءَ ڏاڍي اُداس ٿي ويئي ۽ سرمد پڻ ملول هو، پر ٽن سالن جو عرصو ايترو وڏو به نه هئو، ٿوري وقت جي جدائي هنن قبول ڪئي، ۽ سرمد جي وڃڻ مهل هُو ٻئي هڪٻئي جي اکين ۾ ڏسي نه سگهيا هئا.
    ائين ٽي سال کن پل ۾ گذري ويا، ان وچ ۾ مومل به گريجوئيشن ڪري ورتي هئي، سرمد به آمريڪا مان واپس وريو ته ڇهن مهينن اندر کيس نوڪري ملي ويئي. بس پوءِ هنن ٻنهي جي شادي جون تياريون شروع ٿي ويون، سڄي ڳوٺ ۾ اڳواٽ ئي دهل شرنائيون وڄائڻ شروع ڪرايون ويون. شاديءَ کان هڪ هفتو اڳ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ نياڻين سياڻين کي سڏ ڏئي گهرايو ويو، روز گهر ۾ رات جو دهل تي سڄي پاڙي جون عورتون ڳيچ ڳائينديون هيون. صابل جي خوشين جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو هئو، هوءَ تمام گهڻي خوش هئي.
    صابل جي خوشيءَ تي سندس مائٽياڻيون به خوش ٿينديون هيون، پر اهي وري کيس جهلينديون به هيون ته، ”تون ايترو خوش ته آهين، پر خوشيءَ جو اهڙو اظهار نه ڪر، ڪٿي نظرجي نه پوين.“ اِن تي هيءَ ڪاوڙجي پوندي هئي، کين چوندي هئي ته، ”مان دلئون خوش آهيان ڇو نه خوش ٿيان، منهنجي زندگيءَ جو ثمر ئي سرمد آهي.“ اهو ٻڌي سڀ چپ ٿي وينديون هيون.
    جڏهن شاديءَ جو ڏينهن آيو ته سڄي ڳوٺ ۾ گهٽين ۾ روشنيون ڪيون ويون هيون ۽ سڄي ڳوٺ کي وهانوَ جو سڏ ڏنو ويو، صابل جي مڙس پنهنجي پٽ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن کان پهت نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو، بس هنن سڀني کي پنهنجي خوشيءَ جو حصو بڻائڻ جي لاءِ وهانوَ جو سڏ ڏنو هو. اهڙو ڪاڄ اڳ ڪڏهن به هن ڳوٺ ۾نه ٿيو هو.
    نيٺ اها گهڙي آئي، جڏهن مومل ۽ سرمد جي شادي ٿي ۽ مومل پرڻجي سرمد جي گهر جي اُن ماڙي ۾ آئي، جيڪا هنن سندس لاءِ خاص ٺهرائي هئي. گهر جا سڀ ڀاتي ڏاڍا خوش هئا.
    سرمد ته پنهنجي ماءُ کي ڏسي وڌيڪ خوش ٿيو هو، ڇو ته هنن جي شادي سندس ماءُ جو خواب ۽ سندس ماءُ جي گهريل مُراد هئي. جيڪا اڄ پوري ٿي هئي.
    شاديءَ جي تمام گهڻن ڪمن جي باوجود صابل کي خوشيءَ سبب ٿڪ ئي نه ٿيو هو، پر صابل جي خوشين کي ان وقت ڄڻ ڪنهن جي نظر لڳي ويئي، جڏهن شاديءَ جي هڪ مهيني کان پوءِ مومل وڃي پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ويٺي.
    پهرئين ته کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو ته اِهو ڇا ٿي ويو؟ پر پوءِ هن سوچيو ته: ”مومل، ڦاپل جي، ستن پٽن ۾ هڪ ئي لاڏلي ڌيءُ آهي، سو ڀلي وڃي ڪجهه ڏينهن اُتي رهي، سندس شاديءَ کي وقت به ڪهڙو ٿيو آهي؟“ هُوءَ پاڻ کي پئي ڏڍ ڏيندي هئي.
    جڏهن مومل کي پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ پندرهنِ ڏينهنِ کان مٿي ڏينهن گذري ويا ته صابل ۽ پنهون پريشان ٿي ويا. صابل پنهنجي ڀيڻ ڦاپل کان به مومل جي واپس نه اچڻ جو پڇيو، پر هوءَ ته صابل کان وڌيڪ پريشان هئي. ڇو ته هن کي سڄي ماجرا معلوم هئي، ۽ جيڪا اها هئي ته مومل پنهنجي پڙهائيءَ دوران يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ڇوڪري کي پسند ڪرڻ لڳي هئي، پر هيءَ ڊپ وچان ان جو پنهنجي ماءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به اظهار نه پئي ڪري سگهي، نه وري سرمد کي ڪنهن اشاري سان اهو ٻڌايو هئائين ته هاڻ اهوکيس پسند ناهي. سندس ماڻس ته کيس ڌڙڪا ڏيئي چپ ڪرائي ڇڏيو هو ته، تنهنجو نڪاح ٿيل آهي، ”متان اها ڳالهه ڪڏهن پنهنجي زبان تي آندي اٿئي نه ته اسان ٻئي ڀيڻون ۽ ٻئي ڀائر هڪٻئي کان پري ٿي وينداسين.“ تنهنڪري مومل به خاموش ٿي وئي هئي.
    ………
    اڄ ته صابل پنهنجي پٽ سرمد سان وڙهِي پَئِي ته تو مومل کي ڪاوڙايو آهي، تڏهن هوءَ نه ٿي اچي. پر سرمد کي ته پاڻ سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پاڻ پنهنجي امڙ کي ڇا ٻڌائي، جنهن هن جي ننڍپڻ کان مومل سان سندس شاديءَ جو خواب ڏٺو هو اها مومل هاڻي هِن جي نه رهي هئي، هوءَ ته ڪنهن ٻئي جي ٿي چڪي هئي.
    مومل شاديءَ رات ئي سرمد کي ٻڌايو هو ته، ”مون يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ٻئي کي چاهيو هو… متان بعد ۾ توکي اها ڪٿان خبر پوي، انڪري مان پاڻ ئي ٻڌائي ٿي ڇڏيان.“ اهو ٻڌي سرمد پنڊپهڻ ٿي ويو هو…
    سرمد هاڻي پنهنجي اُن ماءُ کي به نه پيو ٻڌائي سگهي ته، مومل هاڻي هن جي ٺهرايل نئين ماڙيءَ ۾ وري ڪڏهن نه موٽي ايندي.
    جڏهن مومل جي نه موٽڻ کي هڪ مهيني کان مٿي وقت گذري ويو ته صابل جي تمام گهڻي اصرار تي سندس ڀيڻ ڦاپل کيس ٻڌايو ته، ”مومل سرمد کان الڳ ٿي وئي آهي.“ تڏهن اهو ٻڌي هن جا هوش خطا ٿي ويا… ان کان پوءِ هيءَ چرين جيان رڙيون ڪري، ڪڏهن ماڙيءَ تي ٿي چڙهي، ته ڪڏهن مومل مومل ڪندي پٽ تي ڪِري هيءُ گيت ڳائيندي ڳائيندي بيهوش ٿي ٿِي وڃي:
    واهه واهه گهوٽ راجا
    توکي مان پرڻايان
    مومل سان ملايان
    الله ڪندئي اولادي گهوٽ راجا
    تنهنجي اڱڻ تي دهل وڄن ٿا
    ناچو نچن ٿا
    واهه واهه گهوٽ راجا.


    ضَربَ

    اڄ سونل جي ننڍي ڀيڻ فاطمھ جي شادي ٿي رهي هئي، ڪجهه ڏينهنِ کان شاديءَ تي آيل سندن چاچيون، سوٽيون، ماسيون ۽ ماساتيون ٽڪيل هيون.
    اڄ صبح کان گهر ۾ هُل هنگامو متل هو، هرڪو شاديءَ جي تيارين ۾ لڳو پيو هو، پر سونل جي ماءُ اُداس هئي ڇو ته اها مِٽي سونل لاءِ آئي هئي، پر سونل شاديءَ کان انڪار ڪيو هو، ۽ ائين نه چاهيندي به سندس ماءُ کي فاطمھ جي شادي ڪرائڻي پئي.
    هيءُ پهريون ڀيرو نه هو، ائين کوڙ مِٽيون سونل لاءِ آيون، پر هُن ماءُ کي اهو چئي چپ ڪرايو هو ته هُن کي في الحال نوڪري ڪرڻي آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن سونل چاهيندي هئي پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ زهر کي اوڳاڇي ٻاهر ڪڍي، ڇو هن جي اندر ۾ مرد لاءِ نفرت ڀريل آهي؟ ڇو هوءَ ڪنهن تي اعتبار نه ٿي ڪري سگهي؟ هزارين سوال هن جي اندر ۾ پلبا رهبا هئا، پر جواب هن کي ڪڏهن به نه ٿي مليو.
    جڏهن کان هوءَ يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري وٺي موٽي هئي تڏهن کان اڌ رات جو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي پوندي هئي، ۽ پوءِ ڊپ ۾ اکيون بند به ڪري نه سگهندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي هئي ته هوءَ ماءُ سان ڳالهه شيئر ڪري پنهنجي اندر جي درد کي گهٽائي، پر چاهيندي به پنهنجي وڍيل اندر کي پاڻ سان کڻي ٿي هَلِي.
    اڄ سڀ گهر جا ڀاتي اداس هئا، فاطمھ هنن جي گهر مان وڃي رهي هئي، فاطمھ منجهند جو ئي سونل سان گڏ پارلر تي تيار ٿيڻ وئي ته ان مهل ئي سڄي گهر ۾ اُداسي ڇانئجي ويئي، فاطمھ جو اڄ هن گهر ۾ آخري ڏينهن هو. هوءَ به پنهنجي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي. ٿوري دير کان پوءِ هرڪو رات جي شاديءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. ۽ ائين هال ۾ وڃڻ جو وقت به ٿي ويو. سونل جي ماءُ ۽ اُن جي وڏي ڀيڻ سڀاڳي به اڳ ۾ ئي تيار ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ هال ۾ ويون ۽ ائين ٿوري دير ۾ مهمان به اچڻ شروع ٿيندا ويا.
    سونل به فاطمھ کي پارلر تان وٺي هال جي ٻاهران گاڏيءَ مان سندس ساهيڙين ۽ ماساتين جي سٿ ۾ هال ۾ اندر داخل ٿي ته مووي ۽ ڪئميرائون آن ٿيون ۽ ائين سڀني جون نظرون ڪنوار تي کڄي ويون ۽ هوءَ سڀني سَٿ ۾ اسٽيج تي اچي ويٺي. ٿوري دير کان پوءِ گهوٽ به پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان گڏ دهل شرناين جي استقبال ۾ ڳائڻ کان پوءِ اچي اسٽيج تي ڪنوار سان گڏ ويٺو.
    اُتي هال ۾ ان مهل موقعو وٺي هڪ پاڙيسرڻ وڌي اچي سونل جي ماءُ کي ٽوڪيندي چيو: ”ڇو ڀلا تون وڏيءَ ڌيءُ کي ويهاري ننڍي ڌيءُ جي شادي پئي ڪرائين، سونل جي ته عمر به آهي، مومل ته ننڍي آ. اڃا ته هوءَ پڙهي پئي.“
    سونل جي ماءُ وٽ ته ڪو جواب نه هو، ڳالهه ٻڌندي ئي وسامجڻ لڳي، پر ڀر ۾ سندس ڀيڻ هُن جي ماٺ کي ڏسندي مائيءَ کي وراڻي ڏيندي چيو ته: ”ادي اهي ته نصيبن جون ڳالهيون آهن، ٻيو ته اڳيون دور نه آهي جو هروڀرو پهرين ڌيءَ جي شادي ڪرائڻي آهي، جيڪڏهن ننڍين نياڻين جون به مِٽيون جُڙي ٿيون اچن ته ڇو نه ڪري ڇڏجن.“ مائي جواب ٻڌي لاجواب ٿي وئي ۽ اتان وڃڻ ئي غنيمت سمجهائين.
    سونل جي ماءُ هونئن ئي اداس هئي ويتر اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس ۽ پاڻ کي ويچارِي سمجهڻ لڳي. اها حالت ڏسندي هُن جي وڏي ڀيڻ زاهده سندس ڪلهي تي هٿ جو هلڪو آٿت ڏنو ته هُن پنهنجي اکين کي رئي جي پلاند سان اُگهيو ۽ ايندڙ مهمانن سان ملڻ ۾ لڳي وئي ۽ ائين نڪاح جو به وقت ٿيو ۽ نڪاح جون هرڪو هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳو، پوءِ مانيءَ کائڻ جو وقت ٿيو. ڪجهه مهمان اسٽيج تي وڃي ڪنوار ۽ گهوٽ سان ملڻ ۾، ۽ ڪي فوٽو ڪڍرائڻ ۾، ڪي مووي ڀرائڻ ۾ لڳي ويا. ائين اڌ رات گذري وئي. پري پري جا مهمان سڀ روانا ٿي ويا، باقي پنهنجا مِٽ مائٽ لانئن جي رسمن تائين ۽ ڪنوار گهوٽ جي موڪلاڻيءَ تائين ويٺل هئا ۽ ائين رسمون صبح جو وڃي ختم ٿيون.
    فاطمھ جي وڃڻ جي گهڙي آئي ته سڀ گهر جا ڀاتي اداس ٿي ويا. فاطمھ موڪلائڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا پاڻ سڀني سان موڪلائڻ مهل روئِي پئي. سڄو ماحول ڏک ۾ وٺجي ويو، پر گهوٽيتن موڪلاڻيءَ مهل هال جي گيٽ تي دهل شرنايون شروع ڪرايون ۽ نچڻ ڳائڻ شروع ڪيو ته ماحول ٿورو بهتر ٿيو ۽ ائين فاطمھ پنهنجي گهوٽ سان گاڏيءَ ۾ رواني ٿي وئي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي گهر روانو ٿيو.
    جڏهن هيءُ سڀ گهر جا ڀاتي گهر آيا ته ڄڻ هنن کي گهر خالي خالي لڳو، سونل جي ماءُ ته ڄڻ اندر ۾ ڀُري پئي هئي، پر ڪنهن کي ٻڌائي. ڪجهه ڏينهن ڪاوڙ ۾ هُن سونل سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. جيڪو سونل به محسوس ڪيو، پر هوءَ ڇا ٻڌائي ته هوءَ پاڻ اندر ۾ ڪيتري ڀُريل، ڪيتري ڊنل آهي.
    فاطمھ جي شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سونل پنهنجي نوڪريءَ لاءِ مختلف جاين تي پنهنجا ڪاغذ موڪليا هئا ۽ انٽرويو به ڏئي آئي هئي، ۽ اڄ جڏهن هن کي هڪ پرائيويٽ اسڪول طرفان نوڪريءَ جي آڇ جو ليٽر ٽي.سي.ايس ۾ مليو، هوءَ اڄ ڏاڍي خوش هئي ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي اِهو ليٽر ڏيکاريو. سونل جو پيءُ ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مٿي تي هٿ رکي مبارڪون به ڏنيون، پر هُن جي ماءُ کي ڪا خوشي نه ٿي. هوءَ ماءُ جي منهن ۾ نهاري نه سگهي، ۽ پاڻ کي قصوروار به سمجهڻ لڳي، پر هن کي نوڪري ڪرڻي هئي ۽ ائين هُن اسڪول ۾ نوڪري جوائن ڪئي ۽ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو.
    ڪجهه ڏينهنِ کان سونل کي فاطمھ ٿي ياد آئي. ڪمرو به خالي خالي ٿي لڳس ۽ هاڻي ته ننڊ به ڦِٽي ويندي هئس. خواب به عجيب عجيب ڏسندي هئي ۽ جهٽ ۾ اکيون کولڻ چاهيندي هئي، پر اکيون کولي نه سگهندي هئي، اڄ هن چاهيو ته ماءُ کي پنهنجي ڪمري ۾ سُمهاري، پر همت نه ڪري سگهي. پهرين ئي سندس ماءُ هن سان ٿورو ڪاوڙيل به هئي.
    سڄي رات گذرڻ تي هئي، پر هِن جو دماغ سجاڳ هو، هن ٿوري دير اکيون بند ڪيون ۽ هِن جي اک لڳي ته ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين. ”پليز مون کي ڇڏيو، پليز مون کي ڇڏيو“. ائين چوندي چوندي هن جون اکيون کُليون ته هوءَ پگهر ۾ سڄي شل ٿي وئي هئي، هوءَ بيڊ تي اُٿي ويٺي ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي، ۽ سائيڊ ٽيبل تان پاڻي کڻڻ لاءِ گلاس کنيائين. اوندهه جي ڪري، گلاس پٽ تي ڪِري پيس ۽ گلاس ٽٽڻ جو آواز ٿيو. ڀرسان ڪمري ۾ سندس ماءُ جڏهن گلاس ٽٽڻ جو آواز ٻڌو ته سندس ڪمري ڏانهن ڊوڙندي آئي، ڪمري جي لائيٽ ٻاريائين. جڏهن سونل کي هن حالت ۾ ڏٺائين ته پريشان ٿي ويئي. سونل سڄي ڏڪي رهي هئي ۽ وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. سندس ماءُ تڪڙ ۾ رڌڻي ڏانهن وئي ۽ گلاس کڻي آئي ۽ جڳ مان پاڻي ڀري هُن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي پيارڻ لڳي. ڪجهه دير تائين سونل ماءُ کي ننڍڙن ٻارڙن جيان چنبڙي پئي ۽ گوڏي تي ننڍڙن ٻارڙن جيان ليٽي پيئي. ٿوري دير سامت ۾ اچڻ کان پوءِ ماءُ جي گوڏي تان اُٿي پاڻ سنڀالڻ لڳي. سندس ماءُ هن کي ڏسي پريشان ٿي وئي ۽ هُن کان پڇڻ لڳي، ”ڌيءَ توکي ڇا ٿيو تون ٺيڪ ته آهين نه، لڳي ٿو تو ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو آهي.“
    هوءَ پنهنجي ماءُ جي ڳالهائڻ تي ڄڻ ڇرڪجي پئي، پر همت ڪري جواب ڏنائين، ”ها امان لڳي ٿو مون ڪو خواب ئي ڏٺو آهي، هاڻي مان ٺيڪ آهيان، اوهان ڀلي وڃي آرام ڪيو، مان به ٿوري دير سمهان ٿي.“
    سندس ماءُ ته هلي وئي، پر هوءَ اکيون بند ڪري نه پئي سگهي، سندس کي لڳو ته جيئن پاڻ اکيون بند ڪندي ته خواب وري هن کي پريشان ڪندو. ان لاءِ سڄي رات اکيون کولي ويهي رهي ۽ ائين صبح ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن شام جو سونل جي ساهيڙيءٌ مهوش جي ننڍي ڀيڻ سپيءَ جي سالگره هئي، پنهنجي ماءُ کان اجازت وٺي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مهوش جي گهر وئي. شام جو ئي هُن جي ماءُ، ڪپڙا الماريءَ ۾ رکڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ وئي، ان وقت سڄي الماريءَ جا ڪپڙا هيٺ مٿي لڳا پيا هئا.
    ’هِن ڇوڪريءَ کي ته هوش ئي نه آهي، جڏهن کان اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي آهي ته هن کان ته سڀ شيون ڇڏائجي ويون آهن، الماريءَ جي حالت ڇا ڪئي اٿس. هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي. الماريءَ مان سڀ ڪپڙا کڻي بيڊ تي رکندي وئي. ڪپڙا جيئن بيڊ تي رکڻ لڳي ته ڪجهه ڊائريون اچي پَٽ تي ڪِريون ۽ ان مان ٻه ٽي فوٽو به پٽ تي ڪِريا، ۽ ٻن ٽن اخبارن جون ڪٽنگس پڻ ان ڊائرين مان هيٺ ڪِريون. سندس ماءُ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جون ڪٽنگس پٽ تان کنيون، ۽ بيڊ تي ويهي رهي.
    هيءُ فوٽو ته اُهي هئا جن ۾ سونل ۽ مُرڪ کي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ملي هئي، ۽ انهيءَ تصوير ۾ سونل ۽ مُرڪ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر کان ڊگري وصول ڪري رهيون هيون ۽ ڀر ۾ هڪ فل سوٽ پاتل شخص بيٺل هو، ان جي ئي تصوير سڀني تصويرن ۾ ڦاٽل هئي ۽ وري اخبارن جي ڪٽنگس ۾ به ان جي ئي تصوير قئنچي سان ڪٽيل هئي. هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ دل ۾ عجيب وهم وسوسا وڪوڙجندا ويس، سوچڻ لڳي ته ڪٿي…… نه نه… ائين نه ٿو ٿي سگهي.
    تصويرون ۽ اخبارن جون ڪٽنگس بيڊ تي رکيون، ۽ وري ڊائرين کي کولي پڙهڻ لڳي ته من ڪنهن ڊائريءَ ۾ سونل جي ڪا لکڻي لکيل هجي، جنهن مان ڪا حقيقت ظاهر ٿئي. ڇو ته هُن کي خبر هئي ته سونل کي روزاني ڊائري لکڻ جي عادت آهي.
    هوءَ ٻن سالن کان اڳ واري ڊائري کڻي هڪ هڪ پني پني کي اڳيان پٺيان ورائڻ لڳي. ڏڪي به رهي هئي ۽ آهستي آهستي پنا ورائيندي ٿي وئي ۽ ڊائري ۾ آخري پنا پڙهڻ شروع ڪيا، اُتي هڪ صفحو ’ڪاري رات‘ نالي لکيل هو.
    منهنجي دوست مُرڪ کي سندس ڊپارٽمينٽ جي استاد آفيس ۾ سڏايو، مُرڪ مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلي ۽ انهيءَ استاد، مُرڪ کي ۽ مون کي به مبارڪون ڏنيون، ۽ ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي هُو ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ مُرڪ جي ويجهو اچي هُن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. مُرڪ سڄي پگهر ۾ شل ٿيندي وئي، هوءَ ڪجهه ڪُڇي نه سگهي ۽ ڊپ ۾ وٺجي وئي، پر مون کي الائي ڪهڙي همت اچي وئي، اُن استاد کي چماٽ وهائي ڪڍي. انهيءَ وقت استاد پنهنجي بيعزتي محسوس ڪئي ۽ ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو، پر هن آخر ۾ اهو چيو ته: ”اوهان کي ان جو جواب ضرور ملندو.“
    ”ها ها اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اُهو ڪيو مان ڊڄڻ وارن مان نه آهيان، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اسان ڇوڪريون ڪمزور آهيون ۽ اها اوهان جي ڀُل آهي. آءٌ چاهيان ته اوهان تي حريسمينٽ جو ڪيس ڪرائي ٿي سگهان.“ مان جذباتي ٿيندي ويس ۽ مُرڪ منهنجو هٿ جهليندي مون کي ٻاهر وٺي وئي.
    مُرڪ ته ڏاڍي ڊنل هئي ۽ ڪجهه ڏينهن مون کي جڏهن به اهو منظر ياد ايندو هو، ته دل چوندي هئي ته هُن استاد کي ڪا سيکت ڏجي، پر مُرڪ جي منع ڪرڻ تي آءٌ خاموش رهيس، پر اها خبر نه هئي ته اها خاموشي مون کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيندي، مان جيڪا ايڏي بولڊ هوندي، ڊپ کان ڪنهن سان به ڳالهه شيئر نه ڪري سگهيس، بس دل ئي دل ۾ لُڇندي ۽ ڦٿڪندي رهيس.
    سندس ماءُ جڏهن ڊائري پڙهي بس ڪئي ته هن جي اکين ۾ ڄڻ تِرورا ايندا ويا، سڄي پگهر ۾ شل ٿي وئي هئي ۽ هن جا حواس ئي جواب ڏئي ويا. هوءَ ڏڪي رهي هئي. هُن کي ڪيتري دير کان هوش نه هو، ۽ هوءَ پنڊپهڻ ٿي اُن ڊائريءَ جي هڪ هڪ لفظ کي دل اندر ۾ وڏي ڪَرب مان لاهيندي ٿي وئي ۽ ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويس.
    هُن کي چار سال اڳ سونل جو يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ۾ سليڪشن وقت خوشيءَ جو منظر اکين اڳيان اچي ويو. ڪيئن نه سڀني کي ڀاڪر پائي فخر مان ٻڌائي رهي هئي ۽ اها ٻچڙي........ منهنجي .............. ايتري وقت کان..............هوءَ اندر ۾ ڇڄي پئي.
    ڪجهه دير تائين پاڻ ڪمري ۾ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جي ڪٽنگس کي هٿ ۾ رکي ويٺي، هن کي خبر ئي نه پئي ته سونل به هن جي مٿان اچي بيٺي ۽ جڏهن سونل، ماءُ جي هٿن ۾ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جون ڪٽنگس ڏٺيون ته گهٻرائجي وئي. هوءَ ماءُ ڏانهن به نهاري نه سگهي، پلنگ تي پرس رکي هوءَ ماءُ جي ڀر ۾ خاموشيءَ سان ويهي رهي.
    ان وقت ٻنهي جي اکين ۾ لڳاتار ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ ٻنهي اندر جي درد کي اورڻ لاءِ هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀريو.

    * * *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 953528
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 322691
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ