ڪتاب جو نالو: يادِ جانان
مصنف: مولانا دين محمد وفائي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 09 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 406 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 180 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
انگريز سامراجيت خلاف مزاحمتي جنگ جي سرواڻ رئيس المھاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جي زندگي ۽ جدوجھد بابت ھن ڪتاب جو ليکڪ مولانا دين محمد وفائي آھي.
”هجرت تحريڪ“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي پھريون ڪتاب آهي، جنھن ۾ هجرت تحريڪ ۽ ان جي سرواڻ رئيس المھاجرين رئيس جان محمد جوڻيجو جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال ملي ٿو. هن تحريڪ ۾ عالمي تناظر ۾ سنڌي مجاهدن جيڪي گهر، ٻار ۽ جانيون قربان ڪيون، اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ باب آهي. اسان هن تحريڪ کي عالمي سامراج انگريزن خلاف سنڌين جي مزاحمتي تحريڪ سمجهون ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام ڪجن ٿا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • ولادت ۽ عام زندگي
  • لاڙڪاڻه خلافت تحريڪ
  • هجرت
  • هجرت لاءِ روانگي
  • ڪابل ۾ قيام
  • مھاجرن جو احوال ۽ موٽڻ
  • سفر هجرت جي ڪھاڻي!
  • مهاجرن جي پرده ۾ شرير ماڻھو
  • هندستان جو سفر
  • رئيس المهاجرين جو گورنمينٽ سنڌ کي جوابُ
  • ناگپور ڪانگريس
  • ڪابل ڏانھن روانگي ۽ پشاور ۾ بندش
  • تقرير جلسه پشاور
  • تقرير اوده خلافت ڪانفرنس
  • شيخ سعدي
  • تقرير اجمير خلافت ڪانفرنس
  • خواب مبارڪ
  • هجرت جو سفرنامو (منظوم سفرنامو)

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام ڪجن ٿا

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام ڪجن ٿا

    ڪتاب جو نالو : يادِ جانان
    ليکڪ : مولانا دين محمد وفائي
    موضوع : تاريخ
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيءَ جو سال : اپريل 2018ع
    پھريون ڇاپو : 1340ھ ۾ حڪيم محمد عبدالحق ڪتب فروش سکر
    ڇاپو ٻيو : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو

    مُلھه : 100 روپيه



    ڪتاب گهرائڻ ۽ رابطي لاءِ:
    زاهد علي جوڻيجو 03443865405
    عيسى ميمڻ 03337555986

    (هي ڪتاب عيسى ميمڻ
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڪراچيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو )


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”يادِ جانان “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. انگريز سامراجيت خلاف مزاحمتي جنگ جي سرواڻ رئيس المھاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جي زندگي ۽ جدوجھد بابت ھن ڪتاب جو ليکڪ مولانا دين محمد وفائي آھي.
    ”هجرت تحريڪ“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي پھريون ڪتاب آهي، جنھن ۾ هجرت تحريڪ ۽ ان جي سرواڻ رئيس المھاجرين رئيس جان محمد جوڻيجو جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال ملي ٿو. هن تحريڪ ۾ عالمي تناظر ۾ سنڌي مجاهدن جيڪي گهر، ٻار ۽ جانيون قربان ڪيون، اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ باب آهي. اسان هن تحريڪ کي عالمي سامراج انگريزن خلاف سنڌين جي مزاحمتي تحريڪ سمجهون ٿا.
    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1340 ھ ۾ ڇپايو ويو جڏھن تہ تازو نئين سر سرسوتي ساھت گھر ڏوڪري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مانواري عيسيٰ ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ڪوبه نقش يا رنگ ڪڏهن به بقا سان بيھڻ وارو نه آهي، هن دُنيا ۾ ڪيئي نامور انسان ٿي گذريا آهن جن جو هن وقت نالو نشان به ظاهر ڪونه آهي، مگر اسانجي پياري رئيس المھاجرين، دُنيا جي ورياسي يا ريتيلي صفحه تي اُهو نقش بيھاريو آهي جو ڪڏهن به زماني جي ظلمن جو هٿ ان کي مِٽائي ۽ تلف ڪري نه سگهندو.
    اگرچه هو مرحوم پنھنجي مشھور ڪارنامن ۽ اسلامي فدائيت جي ڪري ڪنھن به يادگار جو محتاج نه آهي تاهم خاص ڪري مڪرمي حڪيم محمد عبدالحق صاحب جي گهڻي اشتياق ڏيکارڻ ۽ فرمائش موجب هي رسالو ان مرحوم جي حياتيءَ جي مختصر حالات جي متعلق لکيو ويو آهي، جنھن جو پڙهڻ دردمند دلين جي دلچسپي ۽ وروهه جو باعث ٿيندو.

    دين محمد وفائي
    مقيم ٺلاهه شريف.


    اداري پاران

    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران هيءُ 35 هون ڪتاب آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ مولانا دين محمد وفائي جو لکيل آهي جيڪو 1340ھ ۾ ”يادِ جانان“ جي نالي سان شايع ٿيو. ”هجرت تحريڪ“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي پھريون ڪتاب آهي، جنھن ۾ هجرت تحريڪ ۽ ان جي سرواڻ رئيس المھاجرين رئيس جان محمد جوڻيجو جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال ملي ٿو. اسان وٽ ”هجرت تحريڪ“ جي متعلق تمام گهڻيون غلط فھميون ۽ غلط مفروضا مروج آهن جنھن ڪري اڄ اسان جا ساڃاهه وند ۽ تاريخدان هجرت تحريڪ کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هن تحريڪ ۾ عالمي تناظر ۾ سنڌي مجاهدن جيڪي گهر، ٻار ۽ جانيون قربان ڪيون، اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ باب آهي. اسان هن تحريڪ کي عالمي سامراج انگريزن خلاف سنڌين جي مزاحمتي تحريڪ سمجهون ٿا. ان ڪري هن تحريڪ سان نظرياتي نقطه نظر جو اختلاف رکندي به ”هجرت تحريڪ“ کي تاريخ جو روشن باب سمجهي، هن ڪتاب کي هڪ دفعو ٻيھر ان بنياد تي ڇپايو آهي ته جيئن هن تحريڪ کي آسانيءَ سان سمجهي ۽ ان تي پنھنجي راءِ قائم ڪري سگهجي. ٻيو ته هجرت تحريڪ متعلق جيڪي غلط فھميون آهن، اهي دور ڪري سگهجن. اسان اداري پاران قومي ڪارڪن زاهد علي جوڻيجو جا ٿورائتا آهيون، جنھن هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي.
    سائين بدر ڌامراهي جو به ٿورائتو آهيان، جنھن هي تاريخي ڪتاب اسان جي حوالي ڪيو، برجستي شاعر مھراڻ ڌامراهي جا به ٿورا جنھن جون محبتون ۽ محنتون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڪتاب متعلق اوهان جا رايا مثبت يا منفي جيڪي به مليا، انهن جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي درست ڪري هي فڪري سفر جاري رکيو ويندو.

    عيسى ميمڻ
    چيئرمين
    سرسوستي ساهت گهر ڏوڪري.
    تاريخ: 2018-03-31.


    مهاڳ

    برابر ته سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ آهي بي بھا املهه ماڻڪ پاڻ پتوڙيندڙ، ڏوريندڙ ۽ ووڙيندڙ انمول انسان نظر ۾ اچن ٿا پر مشڪل سان اهڙو مجاهد ملندو، جھڙو مردِ مجاهد، نيڪ مرد گهراڻي رئيس حاجي ڪريم بخش جوڻيجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. رئيس حاجي ڪريم بخش خان کي الله پاڪ ٻه پٽ هڪ نياڻي عطا ڪئي. وڏو پٽ جان محمد ۽ ٻيو پٽ پير بخش جنھن کي ”پيرن جوڙو“ به سڏيو ويندو هو. جان محمد جو نالو اسان وٽ هميشه امر رهندو. اهڙيون هستيون قومن جي تاريخ ۾ تمام وڏي عرصي کانپوءِ جنم وٺنديون آهن.
    ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسان پنھنجن رهبرن کي وساري ويٺا آهيون. پر جس هجي سائين ڊاڪٽر بدر ڌامراهو کي جنھن هن ڪتاب آڻڻ لاءِ زور ڀريو. ڀائو مھراڻ ڌامراهو ۽ جاکوڙيندڙ کاهوڙي ڪردار جنھن کي مان پيار مان،”سائين عيسى ميمڻ“ سڏيندو آهيان، ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آڻي پڙهندڙن جي ڄاڻ توڙي فھم ۾ قدر جوڳو اضافو ڪيو آهي.
    بئريسٽر جان محمد جوڻيجو جنھن کي ”رئيس المھاجرين“ ته ڪي وري ”رئيس المجاهدين“ به سڏيندا آهن. هو ان دؤر جو بئريسٽر مسلمان هيو جنھن دؤر ۾ اٺ درجا پڙهڻ به وڏي ڳالهه هئي، پر هي وچولي طبقي جو فرد اعلى درجي جي تعليم ولايت مان حاصل ڪري اچي، ان مان ئي ان گهراڻي جي تعليمي سوچ سمجهڻ وٽان آهي.
    بئريسٽر جان محمد جوڻيجو بئريسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن پنھنجي عظيم مقصد خاطر عملي جدوجھد جي شروعات ڪئي، هارين کي ڏنل قرض معاف ڪري ڇڏيائين. غريب نياڻين، پٽن کي ڏاج وغيره ڏئي اجتماعي شاديون ڪرايائين. غريبن جي پٽن جا اجتماعي طوهر سنت ڪرائي انهن کي گوڏيون، قميصون، چپلون ۽ مصري (يعني خرچون) پڻ ڏنائين. ڳوٺ اندر وبائي بيماري شروع ٿئي ته عارضي طور ڳوٺ خالي ٿي ويو. هي به لڏي لاڙڪاڻي هليا آيا پر هي مردِ مجاهد لاڙڪاڻي مان کارو مانين جو پچرائي ڳوٺ ۾ جيڪي پالتو جانورتوڙي ڪتا ۽ ٻلا وغيره رهجي ويا هئا، انهن لاءِ گهٽين جي چوراهن تي روزانو مانيون رکرائي ايندو هو. صبح جو سوير آفيس لاءِ گهران نڪري ٽانگي تي چڙهڻ وقت غريبن، مسڪينن ۽ فقيرن کي خير خيرات ڏئي پوءِ نڪرندو هيو. هڪ ڀيري صبح جو پنھنجي بٽونءَ ۾ ڏٺائين ته پئسه ڪونه آهن ۽ بٽون خالي آهي، هن پنھنجي ملازم کي چيو ته اڄ ته هي بٽون خالي آهي، ڳوٺان پئسه آيا ڪونهن ۽ ٻاهر فقير ضرور بيٺا هوندا، پوءِ ڪيئن ڪجي؟ ملازم چيس ته ”سائين ڪا ڳالهه نه آهي، فقيرن کي چئبو ته اڄ پئسه نه آهن وري سڀاڻي ڏينداسون.“ اهو ٻڌي بئريسٽر جان محمد خان ٻاهر نڪري ٽانگي تي چڙهي فقيرن کي پنھنجو خالي بٽون ڏيکاري چوڻ لڳو ته ”بابا اڄ پئسه نه آهن، هي خالي بٽون ڏسو، سڀاڻي گنج ڪنداسون.“ جيئن ئي بٽونءَ جو منهن هيٺ ڪيائين ته ان مان پئسه ڪرڻ شروع ٿي ويا، اهو لقاءُ سندس ملازم ڏسندي ئي ٽانگي تان بُلُ ڏنو ۽ ڪريل پئسه کڻڻ لاءِ هيٺ نوڙيو ته بئريسٽر جان محمد خان ملازم کي پئسن کڻڻ کان روڪيو ۽ چيائينس ته ”مون وٽ هڪ پئسو به نه هيو هي قدرت طرفان هنن فقيرن لاءِ آيا آهن ۽ سڀ جو سڀ فقيرن کي کڻڻ ڏي.“ ”هي هيو بئريسٽر جان محمد خان جو سماجي پھلو“.
    هي مردِ مجاهد پھريون مزاحمتي باغي هيو جنھن عملي طور 2 مئي 1920ع ۾ جيڪب آباد واري جلسي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت ۾ انگريز سرڪار سان ”قطع تعلقات“ جو اعلان ڪيو، حڪومت سان لاڳاپا ڪي اهڙا تھڙا معمولي ڪونه هئا مگر آفرين آهي، اهڙي مردِ مجاهد کي جنھن علي اعلان ڪيو ته ”مان سرداريءَ جي ٻي نمبرِ ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽ بئريسٽريءَ جي ڊگري سڀ ترڪ ڪريان ٿو ۽ ڍل آبياني ڏيڻ کان انڪار ڪندي سرڪار سان سڀ هر قسم جا لاڳاپا ۽ تعلقات ٽوڙيان ٿو.“
    ان اعلان کانپوءِ ستت ئي سنڌ جي چيف انجنيئر هن مردِ مجاهد جي زمينن کي پاڻي ڏيڻ جي بندش جو حڪم جاري ڪيو. پر جان محمد خان جوڻيجي ان حڪم کي حضرت امام حسين عليھ السلام ۽ يزيد جي پاڻي بند ڪرڻ واري واقعي کي ياد ڪندي وڌيڪ همٿ ۽ بھادريءَ سان پنھنجي تحريڪ تيز ڪئي.
    اهڙي سخت بغاوت واري قدم تي انگريز سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضريءَ جو نوٽيس موڪليو. هن مردِ مجاهد انگريز سرڪار جي ڏنل نوٽيس جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. الٽو 6 ڊسمبر 1920ع تي سنڌ جي جوڊيشل ڪمشنر آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
    ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”هجرت تحريڪ“ ۾ هن نوجوان برصغير سنڌ جي دلير، داناءَ، سوررهيه سرويچ پٽ بئريسٽر جان محمد خان جوڻيجي جيڪو ڪم ڪيو اهو تاريخ ۾ سونھري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. سندس شھادت کانپوءِ لاڙڪاڻي واري جڳھه تي سندس ننڍي ڀاءُ پير بخش سان (جنھن جي عمر 10-9 سال هئي. ٻيو ڪوبه وڏو ننڍو خاندان ۾ مرد نه هيو) تعزيت دعاءِ فاتح لاءِ ڏک ۾ برابر جي شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄي هندستان کان هندو ۽ مسلمان آيا. انهن ۾ جواهر لال نھرو، مھاتما گانڌي، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا تاج محمود امروٽي، خواجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه جي متولي وغيره جن پڻ شامل هئا.
    رئيس المھاجرين ”رئيس المجاهدين“ بئريسٽر جان محمد ان جو پيروڪار هيو جنھن چيو ”اها زندگي موت آهي جيڪا ظالم جي اطاعت ۾ گذري ۽ اهو موت زندگي آهي جيڪا ظالم سان وڙهندي نصيب ٿئي.“
    نوجوان بئريسٽر رئيس المھاجرين، رئيس المجاهدين جان محمّد خان جوڻيجو جنھن جرئت اتساهه ۽ سچائيءَ سان جدوجھد ڪئي. ان جو مثال سياسي ۽ مزاحمتي تحريڪن جي تاريخ ۾ ورلي ملندو.
    واهه جو هجرت جو سفرنامو سگهڙ شير محمد ”شيرل“ چنو ڳوٺ چنه موچي ڏوڪري تعلقي واري شعر جي صورت ۾ ان دؤر ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنھن جو هڪ بند هي آهي.
    جان محمد جوڻيجو سورهه ساماڻو،
    راضي تنھن تي رب ٿيو، تنھنکي واحد وڌايو،
    سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو،
    ڳالهه اها ڳايو، مرد تنھن ملوڪ جي.
    مردِ مجاهد جان محمد جوڻيجو واضع ڪيو ته جي مقصد تي پھچڻو آهي ته ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون سر تي سھڻيون آهن، نج جدوجھد بغير لالچ، بغير لوڀ جي سچائيءَ سان وفاداريءَ سان سفر يعني ڏک جدوجھد معنى تڪليف برداشت ڪندي به ڪنھن کي ميار ڪونه ڏنائين. پر پاڻ کي پنھجن ساٿين کي ثابت قدم رکڻ لاءِ همٿ ۽ حوصلو ڏياري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته:
    ”مون سين هلي سا، جا جيءَ مِٺو نه ڪري“
    پاڻ کي افغانستان ۾ موجود قافلي ڏانھن وڃڻ لاءِ بي چين، هر طرح جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته قافلي تائين پھچان ۽ انهن سان هر ڏک ۽ تڪليف ۾ ڀاڱي ڀائيوار گڏ هجان. آخرڪار انگريز سرڪار رستاروڪ ڪري بيھي رهي. پر مردِ مجاهد پوئتي موٽڻ مھڻو سمجهو ۽ آخرڪار هن تحريڪ لاءِ جدوجھد ڪندي 16-اپريل 1921ع تي اجمير شريف ۾ جام شھادت ماڻي سرخرو ٿيو.
    مان آخر ۾ ايترو ضرور چوندس:
    ”ڪوفين قھر ڪيو، جو ٿيا جماعتي يزيد جا“.
    آخري ڳالهه عرض ته هي ڪتاب مولانا دين محمد وفائي جو لکيل آهي جنھن ۾ هن هجرت تحريڪ جي مجاهد رئيس المھاجرين، رئيس جان محمد جوڻيجي جي زندگي ۽ هجرت تحريڪ جي ”پسمنظر“ ۽ ”پيش منظر“ جا تاريخي واقعا ۽ داستان قلم بند ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب سنڌ ۽ برصغير جي تاريخ جو هڪ سونھري باب جو دستاويز آهي، جيڪي يقينن تاريخ جي شاگردن ۽ نئين نسل لاءِ روشن باب کوليندو ۽ ”هجرت تحريڪ“ جھڙي تاريخي جدوجھد تي چڙهيل دز کي پڻ صاف ڪندو.

    زاهد علي جوڻيجو
    لاڙڪاڻو.


    ولادت ۽ عام زندگي

    مرحوم رئيس المھاجرين لاڙڪاڻي جي ويجهو هڪ ڳوٺ ڌامراهن ۾ سال 1304 هجري ۾ ڄائو. سندس والدُ بزرگ حاجي ڪريم بخش خان پنھنجي شھر جو معزز زميندار ۽ دولتمند ماڻهو هو ۽ قومي لياقت ڪري به هو، سنڌ جي قديم باشندن ۽ سابق الاسلام مُسلمانن جي خاندان مان هو. حاجي ڪريم بخش مرحوم پنھنجي جُوان بخت نونهال فرزند کي ابتدائي تعليم پنھنجي انهيءَ ڳوٺ ڌامراهن ۾ فارسي زبان جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قومي خانگي مدرسه ۾ ويهاريو، جڏهن فارسي جي مروج نصاب کي ختم ڪيائين ته وري انهيءَ شهر جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ ستت ئي هو لاڙڪاڻه مدرسة الاسلام ۾ انگريزي تعليم لاءِ وڃي داخل ٿيو. لاڙڪاڻه مدرسھ ۾ فقط 5 درجا انگريزي جا درس ۾ داخل هئا جي براءِ نام پڙهايا ويندا هئا، جن جي پڙهڻ مان عموماً شآگردن جي زندگي تلف ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نتيجو ڪونه نڪرندو هو، مگر اسان جي جوان بخت رئيس جي طبيعت عام شاگردن کان آراڌي هئي جنھن لاڙڪاڻه مدرسھ جي بيڪار تعليم ۾ پڻ ڪار جھڙي ڪاميابي حاصل ڪري، وڃي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ شامل ٿيو.
    هن جي شاگرديءَ واري زماني جي هردلعزيزي ۽ ملڻساري هن جي آينده ترقي ۽ غير معمولي شُھرت جو سچو شاهدُ ۽ پڪو دليل هئي، هو اسڪول جي زماني ۾ نھايت ساده مزاج ۽ صُلح ڪل هو. اگرچه ظاهري حالت ڪري هو چڱي دولتمند گهراڻي جو ٻار هو مگر قُدرت ان جي طبع کي اهڙو ته رلڻو ملڻو پيدا ڪيو هو جو جنھن ڪري هن ۾ زميندارن جي ٻارن واري ڪنھن وڏائي يا هٺ ۽ هوڏ جو نشان ئي ڪونه هو. سندس اهڙن پيارن لڇڻن مان سمجهدارن سمجهو ٿي ته هو اڳتي هلي دُنيا ۾ خاطر خواهه ناموري حاصل ڪندو.
    بالائی سرش زہو شمندی،
    می تافت ستارہ بلندی۔
    ڪراچيءَ ۾ ميٽريڪيوليشن جي امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ هُو پنھنجي خيال سان ڪليڪٽر کان پاس وٺي في الحال خرچ راهه ٻه هزار رُوپيا هٿ ڪري ولايت ڏانھن قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو جو تقريباً هو سال 1910ع ۾ انگلينڊ ڏانھن بئرسٽري جي امتحان لاءِ سنڌ مان روانو ٿي ويو. اُن کانپوءِ ولايت جي سفر ۽ اتي رهڻ ۽ تعليم جي خرچن جو سمورو بار سندس والد بزرگ جي ذمه هيو. جيئن ته برابر پنجن سالن جي طول طويل سفر ۽ وطن جي جُدائي کانپوءِ هو بئرسٽري جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي سال 1915ع جي شروعات ۾ پنھنجي وطن عزيز ڏانھن خيريت سان موٽي اچي احبابن ۽ عزيزن جي دلين کي پنھنجي ديدار فرحت آثار سان مفرح ۽ مسرور ڪيائين.
    ولايت جي مسافرت ۽ اُتي رهڻ وارن ڏينھنِ ۾ هن جوان بخت رئيس سان ڇا ٿي گذريو ۽ ڪھڙيءَ طرح ان عابد ڪش مـُلڪ ۾ گذاريائين، اُن جو هت بيان ڪرڻ نهايت فضول ۽ اجايو آهي، مگر جڏهن هو اُن زاهد فريب ۽ توبھ شڪن وطن مان واپس آيو ته اُن جي تمدني يا مذهبي زندگيءَ تي ايترو بورو اثر ڪونه پيل ڏسڻ ۾ آيو، جيترو عام انسان جي نوجوان لَنڊَني حاجين يعني بئرسٽرن تي پيل هُوندو آهي. هي بلڪل سچُ آهي ته لنڊن جھڙي شھر ۾ جتي اسلامي نقطه نظر سان حلال حرام جو ڪو فرق ڪونه آهي. شراب جھڙي امالخبائث (پليت شين جي ماءُ) کي اتي شير مادر وانگر واپرايو وڃي ٿو. عياشي ته عام زندگيءَ جو هڪ عزيز ترين جُزو آهي، پوءِ اهڙي شھر ۾ پاڪ بازُ ٿي گذارن بلڪل ڪٺن ڪم آهي مگر حد درجي انسانيت ۾ رهي اُتي زندگي گذارڻ اُن سفر کان پوءِ ماڻهوءَ جو ماڻهو سلامت موٽي اچڻ هڪ معجزو يا ڪرامت جھڙي ڳالهه آهي. اسان جي رئيس مرحوم جي اها ڪرامت هُئي يا سندس نيڪ بخت والد جي دُعا جو اثر هو جو جڏهن هو ولايت مان پنھنجي وطن ڏانھن واپس آيو ته ا نسان جو انسان بلڪه مسلمان انسان هو.
    پھريان ڪجهه وقت قانوني ڪم جي تجربي ۽ آزمودي وڌائڻ لاءِ ڪراچيءَ م رهيو ۽ ان کانپوءِ ستت ئي لاڙڪاڻي ۾ اچي مستقل طرح وڪالت جي پيشي کي جاري ڪيائين. لاڙڪاڻه ۾ رهڻ کانپوءِ ٿوري عرصه اندر سندس والد بُزرگ هن جھان فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنھنڪري زمينداري ۽ خانگي معاملات جو سمورو بار هن جي مٿي تي اچي ويو. ساري ئي اندروني ۽ بيروني ڪم ڪار جو سنڀاليندڙ اڪيلي سر پاڻ رهيو. پنھنجن ڪڙمين ۽ هارين نارين جي دل ۾ هن جي نھايت گهڻي عزت ۽ پيار هو. سندس والد جي حياتيءَ ۾ ئي جڏهن هو زمينات جي ڌنڌي کان فارغ هو ته به سندن کيتي ڪندڙ هن کي بلڪل پيار سان ڏسندا هئا، ڇو ته هن هڪ وقت ڪيترن نادار مسڪين هارين کي جي سندس والد جا مقروض هئا، قرض بخشي هنن کي پَـيۡٺِ جي مرض کان آزاد ڪري ڇڏيو هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ هن لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي رهڻ ۽ وڪالت جي آفيس لاءِ هڪ دُو منزله بنگله جو بنياد وجهرايو جو اهو بنگلو اڳتي هلي خلافت ڪميٽي ۽ هجرت ڪميٽيءَ جي دفترن لاءِ وقف ٿيو ۽ اڄ تائين اُن جي اُچي اُچي عمارت پنھنجي قابل حسرت وُجود سان هن شھيدِ ملت ۽ مخير مرد جي يادگيري کي تازو ڪري رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ وڪالت وارن ڏينھن ۾ هن وٽ روزانه سوين ماڻهو سندس آفيس ۾ موجود رهندا هئا ۽ رات ڏينھن هن جي دَر تي مخلوقات جو انبوهه لڳو پيو هوندو هو، عجب ته هي آهي جوا گرچه هو شھر ۾ ٿي رهيو ۽ اُن سان گڏ وري انگريزي دان به هو مگر اُن هوندي به هن جي مھمان نوازي عام هئي ۽ پنھنجي اصيلن ۽ ٻين مھمانن لاءِ هن جو دسترخوان عام طرح وڇايل هوندو هو.
    ہر کی چشمہ بود شیرین مردم و مرغ مورگرد آیند۔
    ڪثرت ڪم ڪار جي ڪري هن انهيءَ زمانه ۾ 2 مسلمان وڪيل پگهار تي ڀائيوار رکيا هئا جي اُن جي غير حاضري يا ٻين حالتن ۾ سندس هدايت موجب ڪيس هلائيندا هئا. خلافت جو سوال اڃان مُلڪ جي پيش ٿيل ڪونه هو، اُن وقت ۾ سرڪار جي خوشامد ۽ چاپلوسي يا هندو مسلم جي وچـ۾ ڏُڦيڙ وجهڻ مُسلمانن جي قومي خدمت سمجهي وئي ٿي، ان هُوندي به رئيس مرحوم چاپلوسانه زندگي ۽ قومي ۽ مُلڪي هندو مسلمانن ۾ تفرقھ اندازيءَ کان پرهيز ڪندو رهندو هو جنھن جي ثابتي هن مان ٿي سگهي ٿي ته سال 1917ع ۾ جڏهن مسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي تحريڪ سان مُسلم ليگ جي ڪراچيءَ ۾ شاخ کولي وئي ته ان قومي پوليٽيڪل جماعت جي ممبريءَ ۾ سنڌ مان جن چند زنده دل مسلمانن پنھنجا نالا ڏنا هئا اُنهن ۾ اسانجو نوجوان رئيس مرحوم به هو، حالانڪه اُن زماني ۾ مُسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا مقاصد ۽ مطلب بلڪل هڪجھڙا هئا، جنھن موجب هندو مسلم جو سوال قوميت يا هندستاني هجڻ جي حيثيت ڪري موجب بلڪل کنيل هو. مسلم ليگ جي ممبريءَ کان پوءِ رئيس مرحوم جي قومي زندگيءَ جو دور شروع ٿئي ٿو جنھن کانپوءِ آخر هُو تمام ٿورڙي عرصه ۾ فنا في القوم جي حد کي وڃي پھتو. مارچ سال 1918ع ۾ اسانجي دوست شيخ عبدالعزيز صاحب سنڌ ۾ هڪ عربي انگريزي اسڪول جي قيام لاءِ سکر ۾ تعليمي ڪانفرنس سڏائي جنھن ۾ پياري رئيس مرحوم نهايت فراخ دليءَ سان حصو ورتو ۽ ان تعليمي جلسه جي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوريءَ طرح ڪوشش ورتائين. انهيءَ موقعي تي سنڌ جي عُلمائن کي جمعية علماء سنڌ جي قائم ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي، جنھن جو وقتي صدر آقائي جناب پير سيّد حاجي امام الدين شاهه صاحب راشدي ٺلاهي چونڊيو ويو هو، اسانجي رئيس مرحوم خاص هن تقريب ۽ خوشيءَ ۾ ته اسان جي سنڌ جو هڪ پير صاحب عُلمائن جي جماعت جو صدر ٿيو آهي. رٿيل عربي انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ٻن شاگردن لاءِ اسڪالرشپ منظور فرمائي پنھنجي فراخ حوصلي جو ثبوت ڏنو، افسوس جو خلافت ۽ پنجاب جي حادثه جي سوال اٿڻ کانپوءِ اهي سڀ رٿون خواب جي قصه وانگر نظر اچڻ لڳيون.
    اي با آرزوئی کہ خاک شُدہ ۔
    انهيءَ ڪانفرنس کانپوءِ ستت ئي سنڌ م ڪن ڪامورن هڪ مُلان فيض الڪريم جي معرفت تُرڪي خلافت جي برخلاف هڪ مردود رسالو پڌرو ڪري اچي سنڌ ۾ فتنو اُٿاريو. ڪيترن علمائن ۽ پيرن کان زور زبردستي ڪري ۽ نيش نوش ڏيکاري اُن رسالڙي تي دستخط ورتا ويا، خاص ڪري ضلع لاڙڪاڻه ۾ ان ڪم جي متعلق قسم جا ظلم روا رکيائون،مولوي ويچارا عام طرح غافل هئا، هنن کي ان ڪارروائي جي بُنياد ۽ اصل جي ڪا خبر ڪانه هئي، جنھن ڪري هُو ڪن خوشامدڙين زميندارن جي دڙڪي ۽ سندسن نشانه حملن جو شڪار ٿي پيا، انهيءَ مخصوص رساله جو گوڙ اڃا مُلڪ ۾ هليو پئي ته ترڪي شرائط صلح جي ناجائز تجويز ۽ تُرڪي سلطنت جي ورهاڱي جو سوال اٿيو جنھن بابت شروعات م لکنئو ۾ هڪ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس سڏائي اُن جي متعلق صداء احتجاج بُلند ڪيو ويو ۽ اُتي ائين به پاس ٿيو ته ساري هندوستان جي ننڍن وڏن شھرن ۾ 17 آڪٽوبر 1919ع ترڪي جي بقاء سلطنت لاءِ دعا گُهري وڃي، جنھن کي پھريون يوم الخلافت سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ يوم الخلافت جو اعلان نهايت تنگ وقت ۾ ٿيو، سنڌ ۾ هن کان اڳ خلافت جي لاڳو ظاهر ظھور ڪم ڪونه ٿيو هو، ازانسواءِ اُن ردي رسالن جي ڪري جو ڪامورن ۽ سندن زميندارن ڇاڙتن ڳجها ۽ ظاهر ظُلم ڪيا ۽ ضلع لاڙڪاڻي جي عُلمائن ۽ پيرن کي تڪليفون پھچايون هيون، تنھنڪري ماڻهن جي دلين۾ هڪ قسم جو خوف ۽ هراس به ويٺل هو. اهڙين حالتن هوندي لاڙڪاڻه ۾ يوم الخلافت جو مَلهائڻ ڪو سڻائو ڪم ڪونه هو. مگر جيئن وقت ويجهو پوندو ويو تيئن اسان جو نوجوان رئيس حضرت پير تراب علي شاهه راشدي جي مدد سان يوم الخلافت جي ڪامياب بڻائڻ جو ڪم نهايت سرجوشي ۽ سرگرميءَ سان شروع ڪري ڏنو. شهر لاڙڪاڻه ۽ اُن جي آس پاس جا ماڻهو اُن ڏينھن جي ملهائڻ لاءِ تياري ڏيکارڻ ٿيا. شهر جي ڪن وطن فروش خوشامدين نوڪر شاهي عمله کي خوش ڪرڻ لاءِ منافقانه مخالفت ڪرڻ لڳا مگر هنن جي مخالفت وڌيڪ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجندي وئي. 17-آڪٽوبر واري ڏينھن رئيس مرحوم جي بنگله جي سامھُون عيد گاهه ۾ نهايت ڌامڌوم سان جلسه دُعا منعقد ٿيو. جنھن ۾ شھر کانسواءِ ضلع لاڙڪاڻي جا سوين ماڻهو اچي شريڪ ٿيا هئا، اُنهيءَ ڏينھن خوشامدڙين جي ڪن ڇاڙتن هڪ ڪوڙو هُل وٺي هُلايو جنھنڪري جلسه واريءَ جاءِ تي پوليس تحقيق لاءِ آئي ۽ رئيس مرحوم کي ڪليڪٽر گهرايو پر ڳالهه ۾ ته ڪجهه به نه هو، جلسه نھايت ڪاميابيءَ سان ٿي گذريو ۽ مخالفن کي حسرت جي ڳوڙهن کي ناڪاميابيءَ جي دامن سان اگهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل ٿيو.
    نومبر 1919ع تي دهلي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو پھريون اجلاس ترڪي شرائط صُلح تي اظھارِ خيالات لاءِ سڏايو ويو. جنھن ۾ اسان جي سنڌ ديس مان تمام گهڻي تعداد ۾ مسلمان هلي شامل ٿيا، جن مان مولانا تاج محمود صاحب امروٽي، پير سيد تراب علي شاهه صاحب ۽ رئيس مرحوم ۽ شيخ عبدالعزيز ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون قابل ذڪر آهن. رئيس مرحوم جي تحريڪ سان آل انڊيا خلافت ڪانفرنس دهليءَ جي خطبه صدارت ۾ سنڌ جي ظُلمن جو ذڪر درج ڪرايو ويو جي هڪ مُلا مجھول جي رساله جي متعلق ڪامورن ڪيا هئا ۽ اهڙي طرح اُنهن ظلمن جي متعلق هڪ تجويز به پاس ڪرائي وئي هئي اُنهيءَ ڪانفرنس جي موقعي تي هي به ٺھراءُ پاس ڪيو ويوته ايندڙ صُلح جشن ۾ جو ڊسمبر 1919ع جي 13 کان وٺي 16 تائين رٿيل هو ڪوبه مُسلمان بھرو ڪونه وٺي. اهڙيءَ طرح جمعية علماء هند به ان صلح جشن ۾ نه شريڪ ٿيڻ جي شرعي دليلن سان هڪ فتوى ڏني، جنھن جي تعميل لاءِ خاص سنڌ وارن اتي دهليءَ ۾ ئي جنھن مڪان ۾ هو ٽڪيل هئا مسٽر عبدالجبار وڪيل جي زير صدارت ان ڳالهه تي غور ۽ ويچار ڪرڻ لاءِ هڪ جلسو منعقد ڪيو جنھن ۾ هي خاڪسار هن ورقن جو گڏ ڪندڙ به شريڪ هو. انهيءَ ميٽنگ جي فيصله موجب سنڌ جا ضلعا اُنهن ضلعن جي نمائندن کي ورهائي ڏنا ويا ته هو صُلح جشن جي برخلاف وڃي ڪم ڪن. جيئن ته ضلع لاڙڪاڻه رئيس مرحوم جي ذمه ٿيو جو دهلي کان موٽي اچڻ بعد پنھنجي زندگي جي رفيق شفيق پير تراب علي شاهه ۽ يار غار پير سيد علي انور شاهه راشديءَ جي رفاقت سان صُلح جشن جي برخلاف ماتم جشن جون تياريون ڪرڻ لڳا، هزارن جي تعداد ۾ اشتھار تقسيم ڪيا ويا ۽ ماڻهن کي جلسه ڪري به سمجهايو ويو، آخر جشن واري ڏينھن ڪارن جهنڊن سان هڪ زبردست ماتامي سرگشت نڪتو ۽ لاڙڪاڻه ۾ اهڙي هڙتال ٿي وئي جو ڄڻ راڪاس گهمي ويو آهي.

    **


    لاڙڪاڻه خلافت تحريڪ

    4-جنوري 1920ع حيدرآباد ۾ ترڪي شرائط صُلح ۽ مظالم سنڌ جي واقعات تي غور ڪرڻ لاءِ صوبه سنڌ جو پھريون خلافت جلسو سڏايو ويو جنھن ۾ ساريءَ سنڌ جي مختلف ڀاڱن مان عيوضي اچي موجود ٿيا جن ۾سنڌ جي علمائن جو نهايت معقول تعداد هو، انهيءَ جلسه جي پوئين ڏينھن رئيس مرحوم لاڙڪاڻه ضلع جي ظُلمن جي متعلق هڪ اهڙي ولولھ انگيز تقرير ڪئي جنھن ڪري عام ماڻهو بلڪل متاثر ٿي پيا، انهيءَ اثر جو هي نتيجو نڪتو جو بروقت ئي اُتي جو اُتي سنڌ جي ڪامورن جي ظلمن جي برخلاف آواز بُلند ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻه ۾ پراونشل خلافت ڪانفرنس جي انعقاد جي تجويز پاس ٿي جنھن جي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ساريءَ سنڌ جا مُسلمان همدردي ڏيکاريندي لبيڪ چئي اُٿيا.
    لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ لاءِ فيبروري 1920ع جُون 6-7-8 تاريخون مقررٿيون، جنھن جي تياريءَ ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ نهايت اعلى پيماني تي سرسات شروع ٿي ويئي. خاڪسار هنن ورقن جي لکندڙ جناب مولانا پير تراب علي شاهه ۽ رئيس مرحوم جيت تـقاضا سان برابر هڪ مھينو اڳواٽ انهيءَ ڪانفرنس جي بندوبست ۽ ڪن خاص ڪمن لاءِ وڃي رهيو هوس- مون کي ياد آهي ته انهيءَ زماني ۾ جنھن مصروفيت ۽ تن دهيءَ سان رئيس مرحوم پنھنجي زندگيءَ جي ٻن مشھور رفيقن سميت ڪم ۾ غرق هو، ان جو اندازو فقط انهيءَ حالات جي رُوبرو ڏسڻ مان ٿي سگهندو، انهن جي فدائيت هن حد کي پھتل هئي جو پنھنجي سمورن امورن خانگي وغيره کي وساري واندا ئي ويٺا هئا ۽ رات ڏينھن ڪانفرنس جي سرانجام ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳل هئا. سندن خلوص ۽ صداقت جو اهو اثر هو جو ساريءَ سنڌ مان جيڪا انهيءَ ڪانفرنس کي مالي امداد ملي ۽ جنھن انداز ۾ ماڻهو ان ۾ اچي شريڪ ٿيا، اُن جو نظير صوبه سنڌ ۾ ملڻ بلڪل مُشڪل آهي. رئيس مرحوم کي اچي خيال ٿيو ته ڪنھن به صورت سنڌ جي زميندارن کي ان خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت جو موقعه ڏئي کين مسلمان بڻايو وڃي، انهيءَ ارادي سان هو ڪيترن سنڌ جي زميندارن کي جلسه جي شموليت لاءِ روبرو دعوت ڏيڻ ويو- جنھن ڪري ڪيترا زميندار خلافت ڪانفرنس ۾ اچي شامل ٿيا هئا. جلسه ان حد تائين ڪامياب ٿيو جو امام الھند حضرت ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبدالباري صاحب ۽ فخر هند شوڪت علي صاحب پنھنجي قدم هدايت لزوم سان جلسه خلافت کي رؤنق جو شرف بخشيو. انهيءَ جلسه ۾ تجويز ٿي ته هڪ سفارت سنڌ جي معزز ماڻهن جي بمبئي گورنر جو سنڌ جي ڪامورن جي ظُلمن ڏانهن روبرو وڃي ڌيان ڇڪائي جئن ته ڪانفرنس جي پُڄاڻي واري ڏينھن هڪ اهڙي سفارت بمبئي ڏانھن رواني ٿي ۽ ان سفارت جو لسان الوفد (جامعت جي پاران وڪيل) رئيس مرحوم کي چونڊيو ويو، ان سفارت ۾ سنڌ جي ٻين ڪيترن معزز مُسلمانن کانسواءِ جناب مستطاب حضرت پير سائين جهنڊه وارو به شريڪ هو، جڏهن سنڌ وارن جي سفارت بمبئي ۾ پھتي ته پھريان هن کي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي اجلاس دوم ۾ جو آنريبل غلام محمد ڀُرڳڙيءَ جي زير صدارت منعقد ٿيو هو، شرڪت جو موقعو مليو ان کانپوءِ برابر 26 ڏينھن رئيس مرحوم سفارت جي ڪيترن ميمبرن سميت جنھن ۾ هي خاڪسار به هو، بمبئي ۾ رهيل هئا مگر گورنر مُلاقات جو اصل موقعو ڪونه ڏنو. ڪجهه آڏو ٽيڏو جواب ڏئي وفد جي مُلاقات ڪرائڻ کان نٽائي ويو. سفارت مارچ 1920ع جي اوائل تاريخن ۾ سنڌ ۾ موٽي آئي، اپريل 1920ع ۾ سيوهاڻي مخدومن جي تحريڪ سان هڪ خلافت جلسو سڏايو ويو، جنھن جي سرانجامي ساڳي رئيس مرحوم ۽ سندس رفيقن جي مٿي تي هئي جنھن ڪري هو پيشگي بندوبست لاءِ سيوهڻ ويا ۽ وڃي ڪم جو انتظام رکيائون.


    هجرت

    جڏهن بمبئي مان سفارت سنڌ وارن جي نااُميد ٿي موٽي آئي ۽ ترڪي شرائط صلح جي ڦير ڦار يا ترميم جي ڪا اُميد ڪانه رهي ۽ سنڌ ۾ گذريل ظلمن جي ڪامورن هڪ مردود رساله جي متعلق روا رکيا هئا، درد دُکيو ٿي ته هنن کي پڪ ٿي ته ڪنھن به صورت موجوده نوڪرشاهي حڪومت مان ڪا ڀلائي يا دادرسي ٿيڻي ڪانه آهي، تنھنڪري نھايت تنگ اچي سيوهڻ خلافت ڪانفرنس جي موقعه تي جا مولانا عبدالڪريم درس جي زيرِ صدارت منعقد ٿي هُئي، هجرت جو هڪ ٺھراءُ پاس ڪيائون، جنھن تي اسانجي رئيس مرحوم ۽ حڪيم سيّد احمد اختر صاحب ۽ ٻين ڪِن صاحبن نھايت زوردار تقريرون ڪيون ۽ اهو ٺھراءُ بنا اختلاف ۽ چون چرا جي پاس ٿي ويو، جو اڳتي هلي هن جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس جي موقعه تي عملي صورت اختيار ڪئي. 2-3 مئي 1920ع تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي زير صدارت صوبه سنڌ خلافت جلسه منعقد ٿيو، انهيءَ زماني ۾ اڃان ”ترڪ موالات“ يا قطع تعلقات جو سوال هندستان ۾ متفق طرح پيش ڪونه ٿيو هو مگر جوش اسلامي انهيءَ جلسه ۾ اهڙو ته ماڻهن کي مجبور ڪيو جو ”قطع تعلقات“ جو ٺھراءُ کڻي پيش ڪيائون جنھن جو پيش ڪندڙ به اسانجو رئيس مرحوم هو، رئيس مرحوم ظاهر عزت ۽ حڪومت سان لاڳاپا ڪي اهڙا جھڙا معمولي ڪونه هئا مگر آفرين آهي اُن جي ڪوه شڪن حوصله ۽ عالي همتي تي جو ترڪ موالات تي تقرير ڪندي پڇاڙيءَ ۾ فرمايائين ته ”مان سرداري جي ٻي نمبر ڪُرسي- ميونسپل ڪمشنري، لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽ بئرسٽري جي ڊگري سڀ ترڪ ڪريان ٿو ۽ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪندي سرڪار سان سڀ ڪنھن قسم جا لاڳاپا ۽ تعلقات ٽوڙيان ٿو.“ سندس انهن لفظن جلسه جي ماڻهن کي اهڙو ته حيرت ۾ وڌو جو چؤطرف هن بُلند همت مرد جي ان دليريءَ ڪري ماٺ ئي ماٺ لڳي وئي.
    هاڻي به مون کي اهو واقعو ياد آهي ۽ ڄڻ ته رئيس مرحوم منھنجي سامھون جيڪب آباد جي عيد گاهه جي ممبر تي چڙهيو، پنھنجي مٺي زبان سان مٺن مٺن لفظن ۾ ترڪ موالات تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي ۽ بجليءَ بتيءَ جي روشنيءَ جا ڪرڻا سندس گندم گون پياري پياري صورت جي حسن کي زياده دلفريب ۽ دوبالا ڪري رهيا آهن، آه ثم آه- رئيس مرحوم اڃان تقرير ڪري لٿو ته اچي ماڻهن ۾ ترڪ موالات جو جوش پيدا ٿيو جو سندس پيروي ڪندي ڪيترن ماڻهن پنھنجي حيثيت آهر سرڪار سان لاڳاپن ٽوڙڻ جا اعلان ڪيا.
    جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس جي موقعه تي باقاعده هجرت ڪميٽيءَ جو انعقاد ٿيو جنھن جو صدر جناب پير تراب علي شاهه ۽ سيڪريٽري رئيس مرحوم چونڊيا ويا. جڏهن ڪانفرنس جي پوئين ڏينھن هجرت جو اعلان ٿيو ته هزارن ماڻهن سنڌ مان ڪابل ڏانھن هجرت ڪرڻ لاءِ نالا ڏنا، جن جا نالا باقاعده داخل دفتر ڪيا ويا ۽ لاڙڪاڻه ۾ رئيس مرحوم جي بنگله ۾ سنڌ هجرت ڪميٽيءَ جو دفتر رکيو ويو. اُن کانپوءِ ساڳي ئي مئي مھيني جي 24 تاريخ سنڌ هجرت ڪميٽيءَ جو ٻيو جلسو حيدرآباد سنڌ ۾ پير تراب علي شاهه صاحب زير صدارت منعقد ٿيو جتي گورنر بمبئي جي پوليٽيڪل سيڪريٽري کي رئيس مرحوم جي صحيح سان هيٺين تارَ موڪلي وئي.
    ”صوبه سنڌ جا 25 هزار مسلمان مذهبي اندازيءَ جي ڪري افغانستان ڏانھن هجرت ڪري وڃڻ لاءِ تيار آهن، جيڪڏهن ڪنھن قاعدي جي ڪا پابندي هجي ته تاري وسيلي اطلاع ڏيندا.“
    ان واقعات کان پوءِ ستت ئي سنڌ جي چيف انجنيئر رئيس مرحوم جي زمينن کي پاڻي ڏيڻ جي بندش جو حڪم جاري ڪيو، مگر رئيس مرحوم کي ان حڪم جو ڪجهه به اثر نه ٿيو، ان حڪم کي حسين عليھ السلام ۽ يزيد جي پاڻي بند ڪرڻ واري معامله تي قياس ڪري وڌيڪ همت سان پنھنجي هجرت جي تياريءَ ۾ مشغول رهيو.


    هجرت لاءِ روانگي

    مئي ۾ هجرت ڪميٽيءَ جو بنياد پيو ۽ جون جو پورو مھينو تياريءَ ۾ گذريو ۽ جولاءِ 1920ع مطابق 21 شوال 1338 هجري تي رئيس المھاجرين لاڙڪاڻه مان پنھنجي هزارين رفيقن مھاجرن سميت افغانستان ڏانھن روانو ٿيو.
    الوداع مھاجرين سنڌ جو اهو ڏينھن هڪ اهڙو تاريخي شاندار ڏينھن ٿي گذريو آهي جنھن جي سچي ڪيفيت ۽ اصلي حقيقت عبارت آرائي يا قلم جي معرفت بيان ڪرڻ سخت ترين مُشڪل آهي. لاڙڪاڻه جي سرزمين يقيناً اهڙو خوشي ۽ غم، شادي ۽ ماتم جو هڪ ٻئي سان گڏيل ڏينھن ڪونه ڏٺو هوندو. مھاجرن جي جُدائي ۾ جي هڪ طرف ماتم جي صف هئي ته ٻئي طرف مذهبي محبت ۽ اسلامي غيرت جي قربان گاهه ۾ صدقي ٿيڻ جي شادي به هئي. غم ۽ شاديءَ جو هڪ جاءِ هڪ وقت ۾اهڙو نظارو دُنيا جي سامھون تمام ٿورو ٿي گذريو هوندو. انهيءَ ڏينھن سنڌ جي سڀ ڪنھن ضلع ۽ هر گوشه مان هزارن جي تعداد ماڻهو عزيزانِ ملت مھاجرن جي موڪلائڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ آيل هئا، ساري شھر لاڙڪاڻه ۾ هڪ عظيم الشان ميلو لڳو پيو هو،جن جو اندازو 50 هزار کان به يقيناً زياده هو. مھاجر اگرچه سڀ ڪنھن ضلع مان آيل هئا پر بھرحال جيڪب آباد جي مظلوم مسلمانن جو شمار سڀني کان زياده هو، جو هو مذهبي مظلوميت کان تنگ اچي ڪُفرستان جي ظلمت ڪده کان آزاد ٿيڻ لاءِ پنھنجي اباڻي مُلڪ کي الوداع ڪري رهيا هئا. آخر 11 بجه رات لاڙڪاڻه جي سرزمين کي مھاجرين جي اسپيشل ٽرين ڇڏيو ۽ اڳتي پنھنجي منزل مقصود ڏانھن رواني ٿي، سنڌ جي رُڪ، سکر ۽ روهڙيءَ جي اسٽيشن تي ڪيترا مسلمان مھاجرن جي الوداع جي مھمانيءَ لاءِ طعام به کڻي اچي بيٺا هئا. مھاجرن جي اسپيشل ٽرين پنجاب مان لنگهڻ واري هئي تنھن ڪري پنجاب جي مشھور ليڊر مولانا ظفر علي خان اخبار زميندار جي مالڪ پنجاب جي مسلمانن کي سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ لک روپيه امداد ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنھن ڪري عام طرح چندو شروع ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح اسپيشل ٽرين جي پنجاب مان لنگهڻ جو پروگرام پڌرو ڪري عام ماڻهن کي درخواست ڪيائين ته هُو مھاجرن جي دل کولي مھماني جهلن. سنڌ جي وطن مان جڏهن مھاجرن جي ٽرين پنجاب ۾ پير رکيو ته پنجاب جي مختلف اسٽيشنن تي سنڌ جي مھاجرن جو جنھن نموني سان استقبال ٿيو ۽ مھمانيون ڏيڻ ۾ آيون ۽ اُهي پنجاب وارن جي مذهبي زندگي جي خصوصيات مان هن وري عام طرح ڪيترن اسٽيشن تي سنڌ جي مظالم ۽ هجرت جي فائدن تي رئيس المھاجرين ۽ ٻين مھاجرن جي تقريرن سان پنجاب جي رهاڪن ۾ هڪ روح ڦوڪي ڇڏيو. ڪئمپل پور جي اسٽيشن تي جو هزارها پنجاب جا ماڻهو موجود هئا، ان موقعه تي اسان جي شيرين آواز پير سيّد علي انور شاهه صاحب پنھنجي مٺي طرز ۽ دل وڻندڙ لھجي ۾ جڏهن نظم ؛
    اُٹھ باندھ کمر کیوں ڈرتا ہے،
    پھر دیکھ خُدا کیا کرتا ہے۔
    پڙهي ته روڄ ۽ واويلا جو ايڏو آواز اُٿيو جو اُهو خطه زمين عشره محرم بڻجي ويو، ريلوي اسٽيشن جي بجاءِ ڄڻ لکنئو جو ڪو امام واڙو نظر پئي آيو. پنجاب وارن جي دلين تي سنڌ جي مھاجرن جي خلوص سچي ارادي ايڏو اثر ڪيو جو اُن ساري مُلڪ ۾ هجرت جي هلچل نھايت زور سان پکڙجڻ لڳي ۽ هزارين ماڻهو پنجاب کي ڇڏڻ لاءِ آماده ٿي بيٺا. پشاور ۾ سنڌ جي مھاجرن جي جنھن نموني سان آجيان ٿي ان جو مثال هن کان اڳ هندستان ۾ بلڪل ڪونه گذريو هوندو. انهيءَ قافله ۾ رئيس المھاجرين مرحوم جي سرڪردگي ۾ ساڍا ست سئو سنڌ مان مھاجر روانا ٿيا جن مان ضلعه لاڙڪاڻه جي مختلف تعلقن مان عورتن ۽ ننڍن ٻارن کانسواءِ 288 مرد هئا. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد جي مظلوم ضلع مان 113 مرد ۽ ضلع سکر مان 68 مرد ۽ ٻيا ماڻهو ٻين ضلعن جا هئا. انهيءَ قافله ۾ قريب هڪ سئو جي لڳ ڀڳ عورتون هيون ۽ اهڙيءَ طرح گهڻا ئي نابالغ ٻار هئا. انهن سڀني مھاجرن ۾ 138 بلوچ ۽ 25 سيد بُزرگ ۽ 33 مختلف هنرن جا ڄاڻندڙ جن ۾ لوهر وغيره هئا. ترڪ وطن جو ڪيائون، چند علماء ۽ ڪيترا انگريزدان به انهيءَ قافله سان همرڪاب ٿيا هئا. اهو قافله جمعه جي ڏينھن 16 جولاءِ 1920ع تي پشاور مان نڪري سومر ڏينھن 19 جولاءِ تي جلال آباد ۾ پھتو. رستي ۾ سنڌي مھاجرن جي سرحدي ماڻهن به نهايت عزت سان آجيان ڪئي ۽ دعوتون کارايون ۽ مھمانيون جهليون. جڏهن رئيس المھاجرين ڪابل ۾ داخل ٿيو ته پاڻ پھريان مولانا عبيد الله سنڌي شيخ المھاجرين جي مڪان تي پنھنجي اهليه سميت وڃي لٿا، باقي ٻين عام مھاجرن کي ته جبل السراج ڏانھن وڃڻ جو حڪم هو ۽ ڪي وري جلال آباد ۾ رهجي ويا هئا. سنڌي مھاجرن کي شروعات ۾ راخير تائين ڪنھن به قسم جي تڪليف ڪانه هئي ۽ گورنمينٽ افغانستان جي انجامن موجب انهن جي زندگيءَ جي لوازمات کي جاري رکيو ويو، مگر پوءِ هنن مان گهڻا موٽي آيا اُن جو تفصيلوار بيان رئيس المھاجرين جي هڪ هيٺ ڏيکاريل تقرير مان پڌرو ٿيندو جا عنقريب اچي ٿي.


    ڪابل ۾ قيام

    رئيس مرحوم جي افغاني گورنمينٽ نھايت گهڻي عزت ڪئي ۽ امير صاحب والي ڪابل خلد الله تعالى ملڪھ پنھنجي درٻار ۾ تقرب بخشيو ۽ ڪابل جي رهڻ وارن ڏينھن ۾ کيس امير صاحب جي طرفان وقت بوقت دربار ۾ اچڻ جو اذن عام هو ۽ هن کي برابر 6 ڪلاڪ امير صاحب سان ملاقات ڪرڻ جو اختيار هو، اعلى حضرت امير صاحب دام سلطنة هڪ سوني گهڙي پنھنجي جيب جي پنھنجي دست مبارڪ سان مرحمت فرمائي. جناب رئيس المھاجرين مرحوم جي بي انتھا عزت افزائي ڪرڻ فرمائي. هي ڪابل ۾ پھچڻ کانپوءِ لاڙڪاڻه جي ڪن د وستن ڏانھن هڪ خط موڪليو هوائين جو اخبار ”الوحيد“ جي مورخه 19 آگسٽ 1920ع واري پرچي ۾ پڌرو ٿيو هو، جنھن مان رئيس مرحوم قابل ۾ رهڻ واري حالت جو اندازو ڪري سگهبو، اهو هي آهي؛
    ”برادران سيٺ خدا داد ۽ عبدالرزاق ۽ محمد شاهه ۽ سيٺ احمد دين ! سلام عرض ته اسان خيريت سان ڪابل ۾ پھتا سين، هر طرح خيريت آهي، اوهان لاءِ منتظر آهيون اوهان جو احوال اڃان ڪونه پھتو آهي، شال اوهان ڏانھن هر طرح خيريت هوندي. اسان ته گويا دوزخ مان نڪري بھشت ۾ پيا آهيون، انشاءَ الله تعالى بھشت به جلد اکين اڳيان آهي، دعا ڪندا ته شال نصيب ٿئي، ٻيو قافلو ڪڏهن ٿو اچي- بگين کانسواءِ ٻي سواري نه ڪجو، بيل گاڏيءَ ۾ تڪليف آهي، واٽ ۾ جلال آباد تائين گرمي آهي. باقي خيريت، ڪم گهڻو اٿم تنھنڪري هئ مختصر اکر عرض آهن، سموري احوال جو تفصيلوار خط جلد لکندس. سلام سڀني کي عرض رکندا زياده خير. 21 ذوالقعد 1338ھ .“


    مھاجرن جو احوال ۽ موٽڻ

    سنڌي مھاجرن جي اسپيشل ٽرين پنجاب مان لنگهي وئي ۽ انهن جو قافلو صوبه سرحد کان پار اُڪرجي ويو ته اچي پنجابين ۽ سرحدي پٺاڻن ۾ هجرت جو جوش ۽ شوق جاڳيو، اگرچه پنجاب وارن باقاعده ان معامله ۾ قدم کنيو مگر صوبه سرحد ۾ اهڙو ته اچي طوفان اٿيو جو ڪيترا ماڻهو سوچ سمجهه کانسواءِ ئي پنھنجا گهر سامان ساڙي ٻاري وطن مال ۽ پوک کي ڇڏي وٺي نڪتا، آخر اهڙي حالت بڻي جو جلال آباد يا ڪابل ۾ انهن ماڻهن جي رهائڻ جو پوريءَ طرح انتظام رکڻ مشڪل ٿي پيو، ان حالت تي غور ڪري ڪابل ۾ مھاجرن جي امداد ۽ انهن جي سنڀال لاءِ هڪ انجمن ٺاهي وئي، جنھن جو صدر شيخ المھاجرين مولانا عبيد الله صاحب سنڌي هو اُن جماعت جو نالو ”انجمن مھاجرين هند“ رکيو ويو. ان انجمن جي طرفان هڪ اعلان پڌرو ٿيو. جنھن ۾ ڄاڻايل هو ته ”جنھن حالت ۾هندستاني مھاجر تمام گهڻي تعداد ۾ ڪنھن دستور العمل کانسواءِ مختلف رستن کان افغانستان ۾ وارد ٿيا آهن ۽ سياري جي موسم ويجهي آهي تنھنڪري ان موسم جي اچڻ کان اڳ انهن جي رهڻ لاءِ بندوبست رکڻو آهي ته هُو آرام ۽ سُک سان رهن، جيستائين مٿيون انتظام پورو نه ٿئي تيستائين مھاجرن کي گهرجي ته هو افغانستان ۾ اچڻ بند رکن ۽ ٻئي حُڪم تائين انتظار ڪن، ڇو ته جي ماڻهو آيا آهن پھريائين انهن جو انتظام رکڻ ۽ انهن لاءِ بندوبست رکڻ ضروري آهي وغيره وغيره...... .“ ان اعلان تي انجي رئيس المھاجرين کانسواءِ ٻين ڪيترن نامور سنڌ ۽ پنجاب جي مھاجر ماڻهن جا دستخط هئا ۽ اهو اعلان امير امان الله خان خلد الله مُلڪھ کان منظور ڪرائي اخبار (اتحاد مشرق) جلال آباد جي معرفت شايع ڪيو ويو هو مگر ماڻهن اهڙن اعلانن تي توجھ ڪونه ڪيو ۽ هو لکن جي تعداد ۾ وڃي ڪابل ۾ گڏ ٿيا، ”انجمن مھاجرين هند“ انهن جي رهائڻ لاءِ گهڻو ئي انتظام رکيو مگر جڏهن انهن کي ترڪستان يا جبل السراج ڏانھن وڃي رهڻ جو حُڪم ڪيو ويو ته بگڙي بيٺا ۽ موٽڻ لڳا جنھن جو بيان اڳتي رئيس مرحوم جي هڪ تقرير ۾ اچي ٿو. مگر جنھن صورت ۾ پوءِ به اڃان ڪيترا مھاجر افغانستان ۾ رهيا هئا ته انجمن مھاجرين فيصلو ڪيو ته هڪ وفد مھاجرن جي پاران هندوستان ڏانھن موڪليو وڃي جو هندوستان وارن کي هجرت جي متعلق سچي واقعات ٻڌائي ۽ مھاجرن جي امداد لاءِ اپيل به ڪري.
    ان وفد لاءِ انجمن پنھنجي طرفان رئيس المھاجرين مرحوم ۽ مير رحمت الله هُمايون لاهوري ۽ حڪيم سيد احمد اختر کي چونڊي هندستان ڏانھن روانو ڪيو ويو ۽ اُن وفد جو رئيس ۽ وڪيل ساڳيوئي اسانجو رئيس مرحوم مقرر ڪيو ويو. رئيس مرحوم جنھن حالت ۾ افغانستان کي پنھنجو وطن ڪري وڃي رهيو هو ته ان حالت ۾ نھايت ضروري اسباب سفر کانسواءِ ٻيو سمورو گهر جو سامان ڪابل ۾ ڇڏي پنھنجي اباڻي وطن جي سفر تي نڪتو. جڏهن هو سنڌ مان هجرت ڪري ويو هو ته هن سان سندس اهليه محترمه جا سرائي علي محمد خان لاهوري جي همشيره (خان بھادر امير علي خان جي پڳدار ڀاٽئي خان صاحب شاهه محمد جي بيوه) جنھن سان هن لاڙڪاڻي ڪانفرنس جي موقعي تي شادي جو عقد ڪيو هو) همراهه ۽ مونس زندگيءَ جي هئي، جنھن وقت هُو وفد وٺي هندستان ڏانھن روانو ٿيو ته انهن ڏينھن ۾ هو عصمت ماب حامله بلڪه قريب الولادت هئي. جنھن ڪري ولادت جي سھولت لاءِ پاڻ سان گڏ ورتيون آيو ۽ ٻيو سمورو سامان ڇڏي آيو.
    جڏهن هو ڪابل ڇڏي جلال آباد (افغانستان) ۾ پھتا ته اتي جي مشھور اخبار ”اتحاد مشرقي“ هيٺين لفظن ۾ هڪ اعلان پڌرو ڪيو ته ”انجمن مھاجرين هند“ جي طرفان ڪابل مان عالي جناب نواب جان محمد جوڻيجه بئرسٽر ايٽ لا جي سرگردگي ۾ مير رحمت الله همايون ۽ حڪيم سيد احمد اختر شاهه جلال آباد پھتا وري صبوح جو هندستان ڏانھن انهيءَ خيال سان روانا ٿيا ته نو وارد هندِي مھاجرن جي بيٺڪن ۽ نوآبادئ جي آباد ڪرائڻ لاءِ هندستان مان امداد وٺي انهن جي سھوليت پئدا ڪرائي وڃي.“ آخر رئيس مرحوم 30 سيپٽمبر 1920ع خميس جي رات خيريت سان لاڙڪاڻه ۾ وارد ٿيو ۽ 4- آڪٽوبر جي لاڙڪاڻه ۾ هندو مسلمانن جو هڪ گڏيل جلسه ٿيو. جنھن ۾ شھر کان سواءِ ڪيترا ٻيا معزز مھمان سنڌ جي مختلف طرف مان اچي شريڪ ٿيا هئا، ان ۾ جناب رئيس مرحوم هيٺين لفظن ۾ تحريڪ هجرت واري قصه تي تقرير ڪئي.

    **


    سفر هجرت جي ڪھاڻي!

    منھنجا پيارا ڀائرو! مونکي اهڙا الفاظ نٿا ملي سگهن جن سان اوهان سڀني جو شُڪريو ادا ڪريان، اوهان مون تي وقت بوقت مھربانيون ڪيون آهن ۽ اهڙي طرح اڄ به عمده انتظام ۽ مھمان نوازيءَ جو پورو بندوبست ڪري هن قومي جلسه ۾ عزت بخشي تقرير جو موقعو ڏنو ته جيئن مان پنھنجي ضمير ۽ سفر جو بيان ڪريان ۽ غلط فھميون جيڪي سنڌ ۾ پيدا ٿيون آهن انهن جي ترديد ڪريان.
    ڀائرو! مان اُهو ڏينھن نه وساريندس جنھن ڏينھن، اسپيشل ٽرين مھاجر کڻي ڪابل جي پاسي رواني ٿي. مسئله هجرت تي مذهبي حيثيت ڪري بحث نٿو ڪريان ڇو ته مان بحث مباحثي لاءِ نه آيو آهيان، مان اوهان کي فقط هيترو ٻُڌائيندس ته اسان هتان ڪھڙيءَ طرح وياسون ۽ ڇو واپس آيا آهيون ۽ ماڻهو ڇو موٽيا آهن ۽ ڪھڙي قسم جا ماڻهو واپس آيا آهن.
    ڀائرو! اسپيشل ٽرين ۾ گهڻو سڀ ماڻهو مـُفلس ۽ بي سرو سامان هئا، گهڻن کي ته پورا لٽا به بدن تي نه هئا، اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ٽڪيٽ نٿي ڏنوسُون ته سخت رنج ٿيا ٿي ۽ چيائون ٿي ته هجرت ڪا شاهوڪارن لاءِ آهي ڇا اسان خدا ڪارڻ نٿا هلون، اسان به سمجهو ته مذهبي جوش دلين ۾ اٿن، اُنهن کي روڪڻ مناسب نه آهي. خير گذشته را صلواة، اوهان کي معلوم آهي ته هجرت ڪميٽيءَ کي چنده جا پئسا ڪونه هئا، ٽڪٽ تمام ٿورن ماڻهن پنھنجن پئسن سان خريد ڪئي ۽ چنده مان ٽن هزارن کان گهٽ پئسا وصول ٿيا ساڍا ٽي هزار ڪميٽيءَ قرض ورتو، باقي اٽڪل ساڍا اٺ هزار مان پنھنجي جيب مان خرچ ڪيا، ڪُل اسپيشل ٽرين تي 14528 رُپيا خرچ ٿيا. آخر هتان روانا ٿياسون. واٽ تي مھاجرن جي اهڙي مرحبا ٿي جو ڪنھن بادشاهه جي به ڪانه ٿي هوندي. اسپيشل ٽرين جي هرهڪ ماڻهوءَ کير جا دلا، انبن ۽ ٻين ميون جا ٽوڪرا ۽ ٻوڙ پُلاءَ ۽ کائڻ پيئڻ جي ڪمي ڪانه هئي، پشاور تائين هرهڪ اسٽيشن تي گهڻو ڪري مھاجرن جي کاڌي پيتي جو انتظام رکيو ويو هو. اهي واقعات اخبارن ۾ شآيع ٿي چُڪا هوندا. قصو ڪوتاهه وڃي پشاور ۾ پھتاسون، اُتي جي ماڻهن مھاجرن جو اهڙو استقبال ڪيو جو ڪٿي ڪنھن بادشاهه جو به نه ٿيو هوندو، رستي ۾ اٽڪل اٺ هزار رُپيا مھاجرن جي امداد لاءِ مليا جي هن ريت خرچ ڪيا ويا. مھاجرن لاءِ 53 بيل گاڏيون هرهڪ جو ڪرايو 120 روپيه ڪُل ڪرايو 640 ڏنو ويو، انهن کانسواءِ ڏهه بگيون هرهڪ جو ڪرايو 150 رپيه ڪُل ڪرايو 1500 رُپيه جمله 6900 رپيه گاڏين ۽ ٽانگن کانسواءِ ٻيون شيون مھاجرن جي ضرورت لاءِ ورتيون ويُون واٽ ۾ پيادن لاءِ جيترا گڏهه ۽ خچر هٿ لڳا انهن جو خرچ ۽ رستي ۾ غريبن جي کاڌي جو بندوبست مون پنھنجي کيسي مان ڪيو جنھن جي لسٽ مان پيش ڪرڻ نٿو گهران ڇو ته اُن جو اجر اوهان کان ملڻو نه آهي ۽ مالڪ اجر ڏيندڙ سمجهي ٿو. پشاور کان اڳتي مھاجرن کي ڪجهه تڪليف ٿي ڇو جو گرمي هئي رستو واري ۽ جبل جو هو.
    افغانستان جي حد ۾ قافلي جي افغاني ماڻهن پنھنجي وسعت آهر چڱي خدمت ڪئي، هڪ منزل تي سرڪاري نوڪرن پئسن سان ماني ڏني پر انهيءَ لاءِ هنن جلد اچي معافي ورتي ۽ پئسا واپس ڏنائون جو مٿان آفيسرن جي سختي ٿين.ڪن هنڌن جتي سرڪاري بندوبست نه هو اتي افغانستان جي ماڻهن ضروري شيون پئسن سان موجود ڪري ڏنيون جنھن وقت جلال آباد پھتاسون ته اٽڪل پندرهن ڄڻا اُتان واپس ٿيڻ لڳا، بغير ڪنھن سبب جي! ۽ اٽڪل هڪ سو سنڌي مھاجر جلال آباد ۾ فوجي نوڪري ۾ بيٺل هئا جن کي ٻن مھينن جو اڳواٽ پگهارون حڪومت افغانستان ڏنيون پر گهڻا اُنهن مان ڀڄي آيا ۽ پگهارن وارا پئسا به کڻي آيا. جلال آباد کان ڪابل روانا ٿياسي رستي ۾ ڪي بگيون ۽ بيل گاڏيون ڀڄي پيون تن جا ماڻهو ٻين گاڏين گاڏين تي تقسيم ڪيا ويا. ڪِن کي گڏهه ۽ خچر سواريءَ لاءِ ڪرايه ڪري ڏنا ويا ۽ ڪن پيادن کي افغانستان سرڪار گهوڙا عطا ڪيا هئا. هتي اسان ٻُڌو آهي ته موٽي آيلن ظاهر ڪيو آهي ته واٽ ۾ ڪيترا ماڻهو مري ويا، ڪن کي درياء ۾ لوڙهيو ويو، ڪن کي باهه ۾ ساڙيو ويو، اهو سمورو ڪوڙ آهي. رستي ۾ ٻه پٺاڻ اسانجي قافلي ۾ فوت ٿيا هئا انهن کي ”ڍڪي“ جي شھر ۾ دفن ڪيو ويو. ڪابل تائين سنڌي قافلي مان هڪ عورت فوت ٿي هئي جا گاڏيءَ تان ڪري پئي هئي. جڏهن ڪابل پھتاسون تڏهن اسان جو خُوب دعوتون ٿيون. امير صاحب جي حُڪم مُوجب ڪابل ۾ مھاجرن کي هڪ ڏينھن کان وڌيڪ رهڻ جي موڪل ڪانه هئي، اعلان موجب سڀني کي ”جبل السراج“ وڃڻو هو پر اسان جي سنڌي مھاجرن ”جبل السراج“ وڃڻ کان انڪار ڪيو (جو اها سندن سراسر حماقت هئي) اتي گهڻا ماڻهو شرير نظر آيا جن جو خاص ڪم ماڻهن کي برغلائڻ ۽ امير صاحب جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ غرض هو، تن خوب ماڻهن کي برغلايو. اڃان اسان جو قافلو ڪابل۾ هو ته يڪدم ٻيا هزارين مھاجر اچي پھتا ۽ ان وقت اٽڪل هڪ لک ٽيھه هزار مھاجر افغانستان جي سرحد ۾ داخل ٿي چُڪا هئا. اهي ماڻهون گهڻو ڪري بي سرو سامان هئا ۽ هڪ هڪ قافله سندن ويهن ويهن ۽ ٽيهن هزارن جي انداز ۾ هو انهن جو انتظام رستي ۾ يا خود ڪابل ۾ پوريءَ طرح ٿي نه سگهيو تنھنڪري امير صاحب مھاجرن جي تقسيم جو خيال ڪيو، مگر جھڙيءَ طرح امير صاحب فرمايو اهڙيءَ ريت ماڻهن نه مڃيو. سنڌي مھاجرن چيو ته اسان قنڌار وينداسون سرحد وارن چيو ته اسان سرحد جي ويجهو رهنداسين. امير صاحب فرمايو ته قنڌار يا سرحد ۾ ايتري زمين سرڪاري ڪانه آهي جو مھاجرن جو بندوبست ٿي سگهي ۽ نه وري ايترن ماڻهن جي رهائڻ جو انتظام ٿي سگهندو. سڀني مھاجرن تُرڪستان وڃڻ کان انڪار ڪيو!! امير صاحب جي حُڪم موجب مھاجرن جي انتظام لاءِ هڪ انجمن مھاجرين مقرر ڪئي وئي. انهيءَ انجمن مھاجرن جي انتظام لاءِ ڪوشش ڪئي. ڪيترا قلعا ماڻهن جي رهڻ لاءِ خالي ڪرايا ويا، امير صاحب متفق فيصلو ڪيو ته سڀني مھاجرن جو بندوبست ترڪستان ۾ ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح انجمن مھاجرين اعلان ڪيو ته جي مھاجر سندس مھمان ٿي رهن ته اُهي ترڪستان وڃن، انهن جو هر طرح امداد ڪيو ويندو، جي مھاجر مھمان ٿي نه رهڻ گُهرن ۽ پنھنجي خرچ سان افغاني سرحد اندر رهن ته انهن کي اجازت آهي ته ڀلي رهن، مگر جي ماڻهو اهي ٻئي ڳالهيون منظور نه ڪن ۽ انهن جي مرضي هُجي موٽي وڃڻ يا ٻئي ڪنھن پاسي وڃڻ جي ته انهيءَ لاءِ به انهن کي اجازت آهي ته ڀلي وڃن.


    مهاجرن جي پرده ۾ شرير ماڻھو

    آءٌ هن جاءِ تي عرض ڪندس ته مھاجرن جي پرده ۾ جيڪا خلق افغانستان ۾ گڏ ٿي هئي سا چئن قسمن جي هئي هڪڙو ٽولو خاص شرير ۽ شيطان ماڻهن جو هو، ٻيو ٽولو انهن ماڻهن جو هو جن کي تماشبين چئجي، ڪابل ۾ نڪي بد پيشه عورتون هيون، نڪو هيو ڪو ناٽڪ ۽ ٻيو تماشو جنھن سان اهڙن ماڻهن جي رِهاڻ ٿئي. انهن کي افغانستان ۾هڪ ويراني نظر آئي، ٽيون ٽولو اُنهن آدمين جو هو جن کي ”ضعيف الايمان“ چئجي يعني ته جن کي ڪا ٿوري تڪليف آئي ته برداشت ڪري نه سگهيا، انهن ٽنهين قسمن جا ماڻهو واپس ٿيڻ لڳا. چوٿون ٽولو اهڙو به هو جن جو ايمان ڪامل هو، اهو اڃان سوڌو افغانستان ۾ موجود آهي.
    هت ٻڌڻ ۾ آيو ته واپس آيلن ماڻهن گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن ته پٺاڻ ڪيترن مھاجرن جون زالون کڻي ويا آهن ۽ پاڻي به بھا (پئسن) سان ٿي مليو. مگر اهي سڀ ڪُوڙ آهن پاڻي ته اُتي تمام گهڻو آهي جو خريد ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي،هزارين مھاجر اتي آهن، جن سان اهڙي هلت ٿئي ها ته جيڪر سڀئي موٽي اچن ها. امير صاحب جيڪو اعلان ڪيو هو ته هرهڪ مھاجر کي زمين، جاءِ ۽ کاڌي لاءِ اٽو ڏنو ويندو، سو مھاجرن کي برابر پئي مليو. اسان جا سنڌي گهڻا جبل السراج ڏي ۽ ڪي ترڪستان ڏانھن ويا ۽ ڪابل ۾ به رهن ٿا جن لاءِ هر طرح جي بندوبست آهي. اهو سچ آهي ته افغانستان شاهوڪار ملڪ نه آهي اتي ايتري تعليم نه آهي، اتي ايترو سامان عيش راحت جو نه آهي، هو هڪ جابلو ملڪ آهي، اتي ماڻهو فقط ٻه ڳالهيون ڄاڻن هڪ جنگ ڪري ڄاڻن ٻيو تڪليف برداشت ڪري سگهن. اتي شرعي حُڪم جاري آهي. چورن جون ٻانهون ڪپي ڇڏيندا آهن. زانيءَ کي سنگسار ڪندا آهن. نماز جي پابندي چڱي طرح آهي. آب هوا هندستان کان بلڪل مختلف آهي، جي اهي ڳالهيون اهڙين مٿين ماڻهن کي بلڪل پسند نه آيون. ازانسواءِ انهن ماڻهن نوڪري قبول نه ڪئي، نه وري زمين آباد ڪرڻ قبول ڪئي. موٽي آيلن ماڻهن مان گهڻا اگرچه امير صاحب ۽ افغانستان گورنمينٽ جي شان ۾ ظاهر ظھور بدلفظ ڳالهائڻ لڳا ته به افغان گورنمينٽ ۽ افغانن انهن کي تنبيھه به ڪانه ڪئي، ڇاڪاڻ ته امير صاحب جو حُڪم هو ته مھاجرن سان ڪنھن به قسم جي سختي نه ڪرڻ گهرجي،جنھن صورت ۾ اڃا هزارها مھاجر افغانستان ۾ موجود آهن ۽ افغانستان سندن سڀ ضروريات پنھنجي وعدي کان مٿي پوريون نٿو ڪري سگهي، تنھن لاءِ انجمن مھاجرين فيصلو ڪيو ته هڪ وفد هندستان موڪليو وڃي جو ماڻهن کي سچي سچي واقعات مھاجرن به نسبت ۽ افغانستان جي حالت ته هو مھاجرن جي ڪيتري قدر خدمت ڪري سگهيو، سو ٻڌائي. مھاجرن لاءِ جيترو ٿي سگهي ته چنده گڏ ڪري انهيءَ وفد جا ميمبر اسان 2 ڄڻان هت حاضر آهيون، ۽ اسان جو مقصد آهي ته جيترو ٿي سگهي اوترو جلدي چندو ڪريون ۽ اوهان کي عرض ڪريون ته جيستائين انهن مھاجرن جو بندوبست ٿئي تيستائين اوهان کي گُهرجي ته ٻيا به خرچ مھاجر افغانستان ڏانھن نه موڪليو ۽ جيڪڏهن اوهان هندستان جا مُسلمان انهن مھاجرن لاءِ بندوبست ڪري نٿا سگهو ته مجبوراً ٻين مسلمانن کي مھاجرن جي امداد لاءِ اپيل ڪنداسون. افسوس آهي ته جيڪي ماڻهون واپس آيا آهن انهن بلڪل غلط فهميون پيدا ڪيون آهن ۽ اوهان سان غلط واقعات بيان ڪيا آهن، مگر فرض ڪريو ته ايتري تڪليف آهي، پر مھاجر جي اوڏانهين ويا هئا اهي تڪليفون سر تي سهي انهن جي برداشت ڪرڻ لاءِ سنبري ويا هئا. ايئن نه آهي ته هو مزا ماڻڻ يا تخت تي ويهڻ ويا هئا، ڪو سفر اهڙو نه آهي جنھن ۾ سختي نه آهي، جي موٽي آيا آهن تن اهو فرض ادا نه ڪيو ۽ نه وري اسان انهن کي مھاجر ڪوٺي سگهنداسين. تنھنڪري انهن جي واهيات ڳالهين تي اوهان ڪو خيال نه ڪندا بلڪه جن ماڻهن اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اسلام جي خاطر هو هر طرح تڪيلف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن انهن جي امداد اوهان تي فرض آهي ته هتي المقدور ڪوشش ڪري سندن ضروريات پوريون ڪريو (الله اڪبر) رئيس المھاجرين مرحوم جي تقرير کان پوءِ جناب حڪيم سيد احمد اختر صاحب فرمايو ته،”جيڪي رئيس المھاجرين نواب جان محمد فرمايو آهي اهو بلڪل صحيح ۽ سچ آهي. جيڪي ماڻهو اجائي گلا ڪن ٿا، اچي اسان سان بحث ڪن ته اسان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
    ان کانپوءِ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي جو انهيءَ جلسه جو صدر هو، انهيءَ ساري قصي جي تصديق ڪندي فرمايو ته ”جيڪي ماڻهو ڪوڙا افواهه ڦھلائين ٿا سي رڳو شرارت ۽ حسد سببان ايئن ڪن ٿا جن سان خدا تعالى پاڻ پنھنجو فيصلو ڪندو“، جلسه دُعا تي ختم ٿيو.


    هندستان جو سفر

    آڪٽوبر 1920ع جي وچين تاريخن ۾ رئيس مرحوم پنھنجي وفد جي مقاصدن جي سرانجام ڪرڻ جي ارادي سان مولانا محمد علي صاحب جي مُلاقات لاءِ لاڙڪاڻه کان روانو ٿي ويو ۽ مولانا محمد علي صاحب پنھنجي ساٿين سميت انهن ڏينھن عليڳڙهه ڪاليج جي شاگردن ۾ ترڪ موالات جي تحريڪ جي اشاعت ڪري رهيا هئا. آخر هو انهيءَ تحريڪ ۾ ڪامياب ٿيا. 29-آڪٽوبر جڏهن خاص نج قومي ۽ اسلامي دارالعلوم جو عليڳڙهه ۾ مولانا شيخ الھندي محمود الحسنرح جي زير صدارت هڪ جلسو ڪري سنگ بُنياد رکيو ويو ته اسانجو ريئس مرحوم به اُن موقعه تي ان جلسه ۾ رونق افروز هو. عليڳڙهه جي معامله کان پوءِ هو صاحب مولانا محمد علي صاحب جي سنگت ۾ هندستان جي ڪيترن شھرن ۾ پنھنجي انجمن جي مقاصدن جي تبليغ ڪندو رهيو. نومبر جي آخري تاريخن ۾ الھه آباد ۾ ڪانگريس جو اجلاس خصوصي ٿيڻو هو اُن جي شرڪت کانپوءِ رئيس مرحوم وري لاڙڪاڻه موٽي آيو.


    رئيس المهاجرين جو گورنمينٽ سنڌ کي جوابُ

    لاڙڪاڻه ۾ واپس اچڻ کان پوءِ هن کي سنڌ جي جُڊيشل ڪمشنر جو هڪ نوٽيس مليو جنھن ۾ ڏيکاريل هو ته جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي جيڪي تو تقريرون ڪيون آهن انهن جي متعلق 6-ڊسمبر 1920ع ڪراچي ۾ حاضر ٿي اچي جواب ڏئي، اُن حڪم سان گڏ انهن سندس تقريرن جو اختيار به رئيس مرحوم ڏانھن موڪليو هو، جي شايد خفيه پوليس جي ايماندار عملي جي معرفت جُڊيشل ڪمشنر تائين وڃي پھتيون هونديون.
    رئيس مرحوم جنھن صورت ۾ افغاني رعيت جو هڪ فرد هو ته هن اُن نوٽيس جي تعميل ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ ڏانھن وڃڻ جُڊيشنل ڪمشنر سامھون ٿيڻ جي بجاءِ هڪ لکيل جواب ڏنائين جنھن ۾ ڏيکاريائين ته”جيڪب آباد واريون تقريرون اخبارن ۾ اڳ ئي ڇپجي ويون آهن، جن جو اختصار مون ڏانھن موڪليل اختصار سان نٿو ٺھڪي اچي، مون هن باري ۾ سيشن جج لاڙڪاڻي جي معرفت اڳي سبب ڏياري موڪليو هو. جو بروقت مون کان پڇيو ويو هو،جيڪي تقريرون اخبارن ۾ بروقت ڇپجي ويون هيون سي برابر سچيون آهن مان روبرو حاضر نه ٿي سگهان ٿو، ڇو ته مان افغان رعيت آهيان، روبرو حاضر ٿيڻ لاءِ جيڪڏهن مون ڏانھن سينٽرل خلافت ڪميٽي بمبئي يا مھاجرن جي انجمن آهي اُن جي معرفت حڪم ايندو ته پوءِ اچي سگهان ٿو نه ته نه.“


    ناگپور ڪانگريس

    ڊسمبر مھيني 1920ع ۾ جُڊيشل ڪمشنر وٽ حاضر ٿيڻ جي بجاءِ هو ناگپور آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ۽ آل آنڊيا ڪانگريس جي شرڪت لاءِ هندوستان ڏانھن روانو ٿي ويو، خاڪسار هن ورقن جو لکندڙ به انهيءَ ڪانگريس جي شموليت لاءِ پنھنجي احبابن سان ناگپور ويل هو. رئيس مرحوم اسان کان اڳ سنڌين جي ڪئمپ ۾ ٽڪيل هو مگر ڪثرت سردي يا ٻين ڪن سبب ڪري سندس طبيعت ناخوش هئي، جو آخر سنڌين جي ڪئمپ مان نڪري صدر ناگپور ۾ جي مولانا محمد علي صاحب ۽ ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري رهيل هئا، اُتي وڃي رهيو ۽ ڊاڪٽر صاحب سندس علاج ڪري رهيو هو. سندس طبيعت ڪا اهڙي سخت عليل نه هئي تنھنڪري هو آخري وقت تائين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۽ خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو رهيو،جڏهن ناگپور ۾ قومي هفته ختم ٿيو ته هو بمبئي ڏانھن مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ جي ڪارڪنان سان ملاقات ڪرڻ ۽ مھاجرن جي امداد وٺڻ لاءِ آيو، بمبئي خلافت ڪميٽي وفد مھاجرين جي امداد لاءِ هڪ لک روپيه منظور فرمايو هو. جنھن مان پھرين قسط 50 هزار روپيه رئيس المھاجرين مرحوم جي معرفت هڪ نھايت معتبر ذريعه سان بروقت ئي ڪابل ڏانھن رواني ڪئي وئي جڏهن رئيس مرحوم امداد موڪلڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو ته هُو بمبئي مان سڌو لاڙڪاڻه ۾ آيو ۽ ڪابل ڏانھن واپس وڃڻ جي تياريءَ ۾ اچي مشغول ٿيو.


    ڪابل ڏانھن روانگي ۽ پشاور ۾ بندش

    آخر 15 جنوري 1921ع تي لاڙڪاڻه مان ڪابل جي ارادي سان پشاور روانو ٿيو، 17 جنوريءَ تي وڃي پشاور ۾ پھتو. اڳتي وڌڻ لاءِ هن صوبه سرحد جي چيف ڪمشنر سان لکپڙهه ڪئي مگر اڏا ٽيڏا جواب ملندا رهيا. آخر جڏهن سرحد جي ڪمشنر کي روبرو وڃي ڏٺائين ته هن جواب ڏنو ته تون خلافت جو ميمبر آهين تنھنڪري توکي ڪابل وڃڻ جي اجازت ڪانه ڏني ويندي. گفتگو ۽ رد ڪدا ۾ رئيس المھاجرين کي برابر 20 ڏينھن گذري ويا، جڏهن هن کي بي قاعدي پشاور کان اڳتي وڃڻ کان روڪيو ويو ته اُن تي پشاور جي رهاڪن ۾ اچي جوش پيدا ٿيو. انهيءَ بي قاعدي حالت تي احتجاج بلند ڪرڻ لاءِ 8 فيبروري 1921ع پشاور ۾ هڪ زبردست جلسو ٿيو، جنھن ۾ اسان جي رئيس المھاجرين مرحوم هيٺ ڏيکاريل فارسي زبان ۾ هڪ تقرير ڪئي جنھن جو ترجمو حڪيم عبدالجليل ندوي عام ماڻهن کي اردو ۾ ٻڌايو، اها تقرير هيءَ آهي.


    تقرير جلسه پشاور

    اصل فارسي تقرير

    صدر جلسہ و حاضرین جلسہ چونکہ زبان افغانستان فارسی است وما باشندگان افغانستان ہستیم و عموماََ مردان ایں صوبہ زبان فارسی نمی دانند ماہم چند کلمات بشما عرض کردن میخواہم درزبان فارسی ادامی کنم۔
    صاحبان- ما غریب مہاجر ہستیم و رعایا ے انگریز نیستم ازین سبب بہ سیاست تعلق نداریم- و لیکن فوائد ہندوستان فوائد ماست و مقصد ہندوستان مقصد افغانستان ہست ما مہاجرین ہر روز و شب دائما از درگاہ باری تعالیٰ این دُعا میخواہم کہ اللہ تعالیٰ ہندوستان رارفردی آزادگی کلی کلی عطا عطا بفرماید۔
    حضرات! شمارا معلوم ہست کہ از باعث مظالم حکومت ہندو علی الخصوص ناجائز دست اندازی حکومت انگریزی مذہب اسلامی با مہاجرین ہندوستان دا شتیم اوراخیرباد گفتم ہجرت بکابل کردیم الحمدللہ کہ المال آنجاسکونت مکینیم و خوشحال ہستم تقریباََ چہارم ماہ شدہ کہ از طرف انجمن مہاجرین کابل و فد مہاجرین ہندی میم افغانستان بزیر سرکردگی این خادم در ہندوستان بود آمدہ دراین جا چندہ اندازاََ پنجاہ ہزار روپیہ ضرب انگریزی کہ مرکزی خلافت کمیٹی عطا شدہ بخدمت انجمن مہاجرین کابل ارسال نمودیم والحال غرم دفتن واپسی کابل می گشتیم ولے کارپردازان حکومت ہذا اجازت عبور کردن سرحد بمانمی و ہندومی گویند کی حکومت ہذا اجازت نمی دہد مابڈٹپی کمشنر سوال کردیم کہ چہ باعث ست کہ اجازت بما نمی باشد-گفت کہ ما ممبران خلافت ہستیم گفتش کہ تمامی مُسلمانان روئے زمین ممبران خلافت ہستند- جواب دارند و گفتند کہ ما رعایا انگریز ہستیم گفتش غلط ہست و وقتیکہ ہجرت کردیم ہندوستان را گذاشتیم و غلامی انگریز واپس بہ انگریزدادیم و ہمین باعث است کہ وفد انگریز انتظار صلح نامہ مادر کابل می کنند۔ الحال وطن ما افغانستان است و ما رعایا امیر افغانستان مدظلہ تعالے ہستیم و حالا در ہندستان مستقل طور سکونت کردن خلاف اسلام و مطلقاً حرام می دانیم و ہمیں طور بار بار اعلان ہم اینجا کردہ ایم۔ حضرات! ممبری خلافت در نظر ایں حکومت جرم عظیم است و بر اے ما فخر اعظم و ایں است جرم کہ ماکردایم و لے ایں جرم نیست و ایں خاص مداخلت این در مذہب ما است لہذا این بندش ناجائز است یکے خلاف ایمان، ست دوم خلا ف آزادگی ماست وسوم خلاف انسانیت چہارَم خلاف اسلام و پنجم خلاف قرارداد است کہ مابین حکومت ہند و حکومت افغانستان می باشد- اندرین صورت بشما استدعا میکنم کہ شما بذریعہ جلسہ حکومت ہند را مطلع فرمائید کہ بندش ناجائز و خلاف اسلام و خلاف نوع انسانیت است۔ حکومت ہذارا باید کہ این بندش از ما دور بکند ورنہ نتیجہ اش بسیار خراب برائے او پیدا شود و یقین بہت این طور می شود وباہم یقین داریم کہ حکومت افغانستان چونکہ مہاجرین رعایاے اعلیحضرت غازی شہر یار افغانستان ہستیم برودی برائے ما مناسب بندوبست ، خواہد فرمودو ہم عرض بخدمت اعلیحضرت امیر افعانستان می گذاریم کہ تا وقتیکہ حکومت ہند وفد مہاجرین اجازت عبور کردن سرحد ہندوستان را نمی دہد- حکومت افغانستان را باید کہ ہم وفد انگریزی را کہ در کابل ست اجازت عبور کردن سرحد افعانستان نخواہد داد و این نعم البدل میثود و مخفی مباد کہ حیثیت وفد مہاجرین اگر زیادہ نیست تاہم کم از حیثیت وفد انگریزی نیست چرا کہ یکی پہلوی دینی و دیگر پہلوی دنیوی دارد۔“

    سنڌي ترجمو:
    ”جناب صدر ۽ حاضرين جلسه !
    جنھن صورت ۾ افغانستان جي ٻولي فارسي آهي ۽ اسان به اتي جا رهاڪو آهيون ۽ گهڻو ڪري هن پرڳڻي جا ماڻهو فارسي ڄاڻندا آهن، تنھنڪري اسان ٻه ٽي ڳالهيون جيڪي اوهان کي عرض ڪرڻ گُهران ٿو اُهي فارسيءَ ۾ هونديون.
    صاحبان! اسان مھاجر مسافر آهيون، انگريزي رعيت نه آهيون، جنھنڪري اسان جو پوليٽيڪل ڳالهين سان ڪو واسطو ڪونه آهي مگر هندستان جا فائدا اسانجا فائدا آهن، ڇو ته هندستان ۽ افغانستان جو مقصد مڙئي هڪ آهي. اسان مھاجر ته رات ڏينھن خدا تعالى جي درگاهه ۾ دعا گهري رهيا آهيون ته الله تعالى جلد کان جلد هندوستان کي پوري آزادي عطا فرمائي.
    حضرات! اوهان کي معلوم آهي ته حڪومت هند جي بي انصافين ۽ خاص ڪري مذهبي دست اندازيءَ کان اسان مھاجرن هندستان کي ۽ ان ۾ جو ڪجهه اسان جو مال اسباب هو سڀ کي ڦٽي ڪري ڪابل ڏانھن هجرت ڪري وياسون. خدا جو شڪر آهي ته اتي اسان نھايت خوشحاليءَ سان گذاريون ٿا، اٽڪل چار مھينا ٿيندا ڪابل مان انجمن مھاجرين هند جي طرفان هڪ وفد منھنجي سرڪردگيءَ ۾ مھاجرن جي مدد وٺڻ لاءِ هندستان ۾ آيل هو.جيئن هن مُلڪ مان مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ پنجاهه هزار روپيه عطا ڪيو جو انجمن مھاجرين ڪابل ڏانھن روانو ڪيو ويو آهي. هاڻي اسان کي ڪابل ڏانھن موٽي وڃڻ جو ارادو آهي مگر افسوس جو گورنمينٽ هند اهڙي اجازت نٿي ڏئي. اسان جڏهن ڊپٽي ڪمشنر کان سوال ڪيو ته اسان تي بندش جو سبب ڪھڙو آهي؟ جواب ڏنائين ته اوهين خلافت جا ميمبر آهيو. تڏهن مان چيو ته اسان فقط نه، پر ساري روءِ زمين جا مسلمان خلافت جا ميمبر آهن! ان جو جواب نه ڏنائين (ڀلا ان جو جواب ڏئي ڪھڙو سگهندو) وري اسان کي چيائين ته اوهين انگريزي رعيت آهيو- مان چيس ته اها پڌري غلطي آهي. اسان جڏهن هجرت ڪري هندستان کي ڇڏي وياسون ته اُن وقت انگريزن جي غلاميءَ کي سندن حوالي ڪري ويا هئاسون، اهو ئي سبب آهي جو انگريزي وفد جو صلح لاءِ ڪابل ۾ ويل آهي. اسان جي اچڻ جو انتظار ڪري ٿو.هن وقت اسان جو وطن افغانستان آهي ۽ اسان رعيت به امير صاحب جي آهيون. هاڻي هندستان ۾ هميشه لاءِ رهڻ اسلام جي برخلاف ۽ حرام ڄاڻون ٿا ۽ اهڙيءَ طرح ڪيترا دفعه هن مُلڪ ۾ اعلان به ڪيو اٿؤن.
    حضرات خلافت جو ميمبر ٿيڻ هن حڪومت جي نظر ۾ هڪ وڏو گناهه آهي، مگر اسان لاءِ وڏو فخر آهي. اسان ته فقط اهو ئي گناهه ڪيو آهي (جنھنڪري سرحد پار ٿيڻ کان روڪيو وڃي ٿو) حقيقت ۾ اها مذهب ۾ دست اندازي آهي، تنھنڪري هي بندش ڪيتري سببن ڪري ناجائز آهي. (1) اسان جي ايمان جي برخلاف آهي. (2) آزادگيءَ جي برخلاف (3)انسانيت جي برخلاف (4) اسلام جي برخلاف آهي جو حڪومت هند ۽ افغانستان جي وچ ۾ آهي. ان حالت ۾ اوهان کي عرض ٿو ڪريان ته اوهين هن جلسه جي معرفت گورنمينٽ هند کي سُڌ ڏيو ته هي بندش اسلام ۽ انسانيت جي سراسر اُبتڙ آهي. حڪومت هند کي گهرجي ته اها بندش اسان تان لاهي ڇڏي نه ته ان جو نتيجو نھايت بُرو ظاهر ٿيندو ۽ يقين آهي ته ضرور ائين ٿيندو.
    اسان کي هي به پڪ آهي ته اسان مھاجر افغانستان جي رعيت آهيون ته ضرور اسان لاءِ ستت ڪو جوڳو بندوبست ڪندي، اسان اعلى حضرت امير صاحب جي وفد کي هندستان جي سرحد مان لنگهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي تيستائين گورنمينٽ افغانستان کي به گهرجي ته انگريزي وفد کي جو ڪابل ۾ رهيل آهي افغانستان جي سرحد ٽپڻ نه ٿئي ۽ اهو نھايت سھڻو عرض ٿيندو. مخفي نه رهي ته مھاجرن جي وفد جي حيثيت جيڪڏهن وڌيڪ نه آهي ته انگريزي وفد کان ڪنھن حالت ۾ گهٽ به نه آهي، ڇو ته وفد مھاجرن جو مقصد ديني آهي ۽ انهن جو دُنيائي .....!“
    ان کانپوءِ به اڃان رئيس مرحوم انهيءَ ئي ڪوشش ۾ هوته من ڪو ڳٿو ٿي پئي جنھن ڪري سرحد هندستان مان ٽپي افغانستان ۾ ٿجي. هو انهيءَ انتظار ۾ پشاور ۾ رهيل هو ته ڊپٽي ڪمشنر صوبه سرحد جي رئيس مرحوم جي نالي هڪ نوٽيس سرحد جي بچاءَ ايڪٽ جي ماتحت جاري ڪري کيس هڪدم پشاور ۽ سرحد جي ٻين شھرن مان نڪري وڃڻ جو حُڪم ڏنو، اُن جي تعميل ڪندي هو پشاور مان لاهور آيو ۽ فيبروريءَ جي آخر تاريخن تائين هو لاهور ۾ انهيءَ انتظار ۾ هو ته انهن جي بندش جو ڪھڙو نتيجو نڪري ٿو.
    مارچ 1921ع جي اوائل تاريخن ۾ لکنؤ ۾ اوده خلافت ڪانفرنس جو هڪ عظيم الشان اجلاس ٿيڻو هو، رئيس مرحوم ان موقعه کي پنھنجي خيالات کي ظاهر ڪرڻ لاءِ غنيمت سمجهي لکنؤ وڃي خلافت ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو، انهيءَ موقعي تي جيڪا زبردست ۽ پُر جرئت فارسي زبان ۾ تقرير ڪئي اٿس اها بلڪل غور ڪرڻ جي لائق آهي، انهيءَ تقرير مان مرحوم جي ايماني همت ۽ سندس استقلالي قوت تي پوريءَ طرح روشني پوي ٿي.


    تقرير اوده خلافت ڪانفرنس

    بمقام لکنؤ

    چونکه یکی از باشندگان افغانستان ہستم و زبان افغانستان فارسی است و زبان اردو ندانم ازیں باعث چند کلمات در فرسی عرض می کنم قبل ازیں می خواہم کہ شُکریہ آن صاحبان ادا بکنم کہ مرا اجازات اظہار کردن در دل خودمرحت فرمودہ ست چونکہ کارنامہ کارداران این حکومت و اعمال نامہ مہکمہ خفیہ پولیس شما خوب می دانید ترسم کہ مبادا این طور بشود کہ من گویم دانیان بنولیفد دیگرے بہذا چند کلمات کہ قلمبند کردیم میخوانم و میخواہم کہ ہرچہ بگویم تمامی او در اخبارات درج میثود و از نظرہانیان حکومت ہند و اہالیاں حکومت افغانستان بگذرد و علی الخوس بحضور اعلیٰ حضرت شہر یار غازی امیر افغانستان مدطلہ تعالیٰ پیش بشود چراکہ ما مہاجرین تعلق با افغانستان و ما زیادہ توجہ اعلیٰ حضرت مبذول کردن میخواہم حضرات شمار معلوم است کہ از باعث جور و جفا دستم ناروا این حکومت و ازمداخلت در مذہب اسلام ہزارہا ئے مردان ہندوستان علیٰ لخصوص مسلمانان برائے خوشنودی اعظم و رضامندی رسول کریم صلی اللہ علیه وسلم و و خدمت دین و ملت را مد نظر ساختہ قطع تعلقات بہ این حکومت کردہ ہندوستان راخیر باد گفتند و افغانستان را کہف الامان پنداشتہ او را وطن خویش اختیار ساختند و کمترین یکی ازاونان ہست اے زبردست زیر دست آزار گرم تا کے بماند این بازار بچہ کار آیدت جہان داری مردنت بہ کہ مردم آزاری تقریباََ پنج ماہ شدہ کہ از طرف انجمن مہاجرین کابل وفد ے براے فراہمی چندہ اعانت مہاجرین ہندی مقیم افغانستان بزیر سرکردگی این کمترین بہندوستان آمدہ بُود اینجا چندہ بہ انداز پنجاہ ہزار روپیہ از مرکزی خلافت کمیٹی بمبئی عطا شد وصول کردہ بخدمت انجمن مہاجرین کابل روانہ کردیم والحال عزم رفتن بوطن خویش اسکنی کابل (افغانستان) میداریم ویک ماہر سرگردانُ پریشان می باشم و لیکن اپن حکومت اجازت عبور کردن سرحد بمانمی دہد بسبب اینکہ ممبران خلافت ہستیم دستم برستم اینکہ این حکومت مرا از صوبہ سرحدی ہم اخراج کردہ ست بہ ایں سبب کہ ماندن مادر صوبہ مذکور باعث بدامنی و عوام الناس صوبہ و بال خواہدشد۔

    قطعه
    زورت از پيش ميرود باما
    باخداوند عيب داں نرود
    زورمندی مکن بر اہل زمیں
    تا دعائی بآسماں نرود۔

    حضرات تمام مسلمانان روئی زمین ممبران خلافت ہستند و فی الحال من کہ ممبر خلافت نیست مسلمان ہم نیست دارن وقعیکہ ہجرت کردیم ممبران خلافت بودیم والحمدللہ الحال ہم ممبران خلافت ہستیم این بندش خاص مداخلت اسلام است و ماکہ خادمان و جان نثاران خلافت ہستیم درچشم این حکومت مثل خار میباشیم- این حکومت میخواہد خلافت رابگذاریم و لیکن این جنون اوست بخدا اگرانیان تمام انگلستان و یورپ بما مید ہند ماگاہی غلامی خلافت را ترک نمی کنیم غلامی خلافت برائے مایان سعادت دارین بست بادشاہی روئی زمین بہتر و عزیز تر ست-
    شعر
    یا محمدؐ تیرا در چھوڑ کر کہاں جاوے غریب،
    بادشاہی سے تو بہترہے گدائی تیری۔
    حضرات! دارن و قت کہ مسلمانان از ہندوستان ہجرت می کروند براے دا کامیابی این مقدس تحریک ایں حکومت چقدر کوشش و چہ روش اختیار کرد ...... افغانستان ............. ناپاک در وجود آمد، دواپسی چند مہاجرین کہ شدہ جوابدہ کیست از شما مخفی نیست! و درین وقت ہم این حکومت این کوشش می کند کہ کسی ہجرت نہ کنند۔ (انشاء الله تعالیٰ ہجرت باز شروع خواہدشُد) و بندش ماہم از باعث این است کہ ماہم لاچار شُدہ خدمت اسلام را ترک بکنیم اگرچہ ازین بندش صدمہ کہ بمار سیاست زبان طاقت گفتن آن ندا دوریش دل تازہ و جگر و نیم است کاش دیروز در افغانستان آزاد و خوش حال لوڈیم و امروز در اینجا در قید فرنگ از فرای یار چوں مارمی پچیم۔
    قطعہ
    حذرکن زدوے رور دل ہار ریش
    کہ ریش درون عاقبت سرکند
    بہم بریکن تاتوانی دلے
    کہ آ ہے جہانے ابہم برکند۔
    حضرات! آزاد شُدہ پناہ در دارالامان افغانستان یافتیم الحال وطن ما افغانستان است وما رعای اے نیر امیر صاحب ہستیم لہذا ایں بندش کردن ناجائز و خلاف قرارداد است کہ مابین حکومت افغانستان حکومت الہند ...................... می کنم ایمدوارم کہ آل انڈیا کانگریس کمیٹی- آل انڈیا خلافت کمیٹی برائی ماصداء ناراضی بلند بکنند و ہم بہ حاضرین جلسہ استدعا می کنم کہ بذریعہ این جلسہ حکومت ہند را آگاہہ فرمایند کہ این مداخلت دارالسلام و ہم وعدہ شکنی است بافغانستان و یقیناََ اہالیان افغانستان و حکومت افغانستان ہم این بندہ بہ بغض و حقارت می بنیند چونکہ این صریحاََ وعدہ شکنی است۔
    افغانستان راہرگزبر وعدہ ایں حکومت اعتبار کردن نشاید اے زیردست ایں ظلم کہ برما غریب مہاجرین کردہ ومارا از وطن خویش دور ساختندیقین داں کہ این ظلم برخودکردہء چراکہ ایں عقوبت مفارقت برما چند روز بسر آید و گناہ آن برتو جاوید بماند۔
    قطعہ
    دوران بقا چو باد صحرا بگذشت
    تلخی و خوشی از رشت و زیبا گذشت
    پنداشت ستمگر کہ جفا برما کرد
    برگردن او بماند و برما بگذشت۔
    لہذا بذریعہ ایں جلسہ توجہ حکومت افغانستان بہ این واقعہ مبذول کردن می خواہم کہ این بدش صریحاََ خلاف قرارداد وعدہ شکنی ایں حکومت بہ افغانستان است و این ہم ظاہر است کہ ایں حکومت ہیح خیال دوستی و مروت بہ افغانستان ندارد لہذا تادقتیکہ اس حکومت روش خودرادرست نمی سازد دو فدمہاجرین را اجازت عبور کردن سرحد نمی دہد حکومت افغانستان رالازم است کہ گفت و شنید متعلق صلحنامہ بہ وفد انگریزی کہ در کابل است معطل بفرماید و چونکہ ما رعایا اعلحضرت و باشندگان افغانستان ہستیم و اگرچہ بہ سیاست افغانستان مداخلت کردن نمی توانم گرانچہ درین باب بر ائ ملت افغانستان بہتر باشند فرض ماست کہ بحضور اعلحضرت عرض متعلق او بگذاریم۔
    گر قبول اُفتد زہی عز و شرف عرض ہمیں ست کہ دریں وقت مسئلہ مرگ و زیست برائ افغانستان ست و زندگی اسلام ................. روئے زمین موقوف بر رویش افغانستان است با یرکہ اعلحضرت این مسئلہ را بہ نہایت فہم و قیاس و تدبرو اور لک حل فرماید و قبل ازین برچند سوالات غور کردن لازمی است (1)
    آیا درین و قت شیوہ دوستی اختیار کردن بہ حکومت برطانیہ عین مصلحت است ؟ (2) آیا بر ائ ملت افغانستان و آزادگی اقوام دنیا مفید است ؟ و پولیسی برطانیہ اظہر من الشمس است و از اعلحضڑت مخفی نیست و بر و عدش اعتماد کردن خلاف عقل است و روش او خلاف ازادگی دنیا و اذیتش این طور جاری است کہ خلق از مکائد اور ہجرت کروند از سختیش راہ غُربت اختیار کروند امرز از دو رول درد مندان آہ بہ آسمان می رود۔
    آتش سوزان نکھند پاسپند آنچہ کند دور دل دردمند خدایا این طور نہ شود کہ برطانیہ بحیل و فریب طوق غلامی مگردن افغانستان ہم بیندازو و مخفی مباد کہ درین زمان دوستی داشتن بہ برطانیہ بدترین غلامی کردن است و شرعا ناجائز زیرانکہ درین دقت در ہندوستان تحریک عدم تعاون بہ نہایت سرگرمی جاریست و در آئرلنڈن دات برپا و در مصر و عراق عرب در چینی موجود و شمشیر ترکان ہم در نیام نیستو جہان از وعدہا ئ انیان بغان آمدہ است۔ بخدامی ترسد کہ اگر افغانستان و قبائل سرحدی خلاف آوردنڈسی فساد برپا می شود ایناین باعث کہ وفد حکومت برطانیہ کلاہ منافقی برسر نہادہ دم دوستی افعانستان می زند و انتظار می کشند کہ بچند حیلہ و افسون افغانستان در دام تزویر خود آوردہ کارش تمام بکنم۔ و لیکن من درچہ خیالیم فلک در چہ خیال کاریکہ خداکند فلاک را پتہ مجال انشاء اللہ تعالے فتح اسلام عنقریب ہست و تباہی اعداء اسلام نزدیک خداوند جل و علے محافظ اسلام و محمد مصطفےٰ صلی اللہ علیه وسلم معان اوست۔

    سنڌي ترجمو
    جنھن صورت آءٌ افغانستان جو رهاڪو آهيان ۽ اسان افغانستان جي رهاڪن جي ٻولي فارسي آهي ۽ ازانسواءِ مان اردو به نٿو ڄاڻا تنھن صورت ۾ ٻه ٽي اکر فارسي ۾ عرض ڪريان ٿو. دل ٿي گُهري ته پھريان اوهان صاحبن جو شڪريو ادا ڪريان جو مون کي درد دل جي ظاهر ڪرڻ جي اجازت فرمائي آهي. اوهان هن نوڪر شاهي سرشتي ۽ جاسوس پوليس جي ڪرتوتن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا، مون کي خيال ٿي پيو آهي ته هتان هن ريت ٿئي جو مان چوان هڪ ۽ هي خفيه پوليس لکن ٻيو، تنھنڪري هي تقريرلکيل پڙهان ٿو، ان کانسواءِ ارادو اٿم ته جيڪي چوان اهو سمورو اردو اخبارن ۾ پڌرو ٿي هندستان ۽ افغانستان وارن جي نظر مان لنگهي خاص ڪري (منھنجو ته ارادو آهي ته) اعلى حضرت بادشاهه غازي امير افغانستان مد ظله تعالى جي خدمت ۾ پيش ٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان مھاجرن جو ڳانڍاپو افغانستان سان آهي ۽ اسان سڀ کان زياده اعلى حضرت امير صاحب جو ڌيان ڇڪائڻ گهرون ٿا.
    حضرات! اوهان کي معلوم آهي ته هن نوڪر شاهي حڪومت جي ناروا مذهبي دست اندازي کان هزارين مسلمان هندستان مان پنھنجي پياري پيغمبر صلي الله عليھ وسلم جي رضامنديءَ لاءِ دين ۽ ملت جي خدمت کي مد نظر رکي هِن حڪومت سان قطع تعلقات ڪري هندستان مان هجرت ڪري افغانستان دارالامان کي پنھنجي وطن بڻائي وڃي ويٺا، جن مان هڪ مان پڻ آهيان. (شيخ سعدي هڪ شعر چيو آهي جنھن جو مطلب آهي ته) ”اي زبردست هيڻن کي رنجائڻ جو ڪم ڪيستائين هلائي سگهندي- توکي اهڙن انسانن کي ڏکوئيندڙ حڪومت ڪرڻ کان مرڻ ڪيئي درجه چڱو آهي.“ اٽڪل پنج مھينا ٿيندا جو انجمن مھاجرين ڪابل جي طرفان مھاجرين هندستان جي امداد لاءِ چنده گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وفد منھنجي سرڪردگيءَ ۾ هندستان ۾ آيو آهي. هتان پنجاهه هزار روپيه مرڪزي خلافت ڪميٽي بمبئي جي طرفان امداد طور عطا ٿيو آهي، جو وصول ڪري انجمن مھاجرين ڪابل ڏانھن روانو ڪيو ويو آهي. هاڻي اسان کي پنھنجي وطن ڪابل ڏانھن موٽي وڃڻ جو ارادو آهي ۽ برابر هڪ مھينو ٿيندو جو پريشان آهيون. مگر هي حڪومت اسان کي سرحد پار لنگهڻ جي موڪل نٿي ڏئي، هن ڪري جو اسان خلافت جا ميمبر آهيون. وڌيڪ ناحق هي آهي جو مونکي سرحد صوبه مان هن حڪومت نيڪالي ڏني آهي، هن ڪري جو منھنجي رهڻ ڪري انهيءَ صوبه جي عام ماڻهن ۾ بدامني پکيڙجڻ جو امڪان آهي. شيخ سعيدرح فرمايو آهي ”اي ڏاڍا تنھنجو زور اسان تائين هلي سگهي ٿو پر خدا تعالى سان پڄي نه سگهندين تنھنڪري زمين جي رهاڪن تي ناحق نه ڪري، ڇو ته انهن جي بد دعا متان آسمان ڏانھن وڃي ڪو ڀـَڀـَڙُ ٻاري.
    حضرات! ساريءَ روءِ زمين جا مسلمان خلافت جا ميمبر آهن ۽ منھنجي خيال ۾ ته جو مُسلمان خلافت ميمبر نه آهي ته اهو مسلمان ئي نه آهي. اسان هجرت ڪرڻ واري زماني ۾ خلافت جا ميمبر هئاسون ۽ الحمدلله جو هاڻي به خلافت جا ميمبر آهيون. اسانکي خلافت ميمبر هجڻ واري ڏوهه ۾ روڪڻ اسلام ۾ مداخلت ڪرڻ آهي. اسان خلافت جا خادم نوڪر شاهي حڪومت جي اکين ۾ پيا چُڀون. هنن جو خيال آهي ته اسان خلافت کي ڇڏي ڏيون، مگر اهو چريائي جو خيال آهي، خدا تعالى جو قسم ته جيڪڏهن اهي اسان کي سارو انگلستان ۽ يورپ حوالي ڪري ڏين ته به اسان خلافت جي غلامي ڇڏي نٿا سگهون. خلافت جي خدمت ٻنھين جھانن جي سعادت ۽ روءِ زمين جي بادشاهي کان بھتر ۽ عزيز آهي.
    یا محمدؐ تیرا در چھوڑ کر کہاں جاوے غریب،
    بادشاہی سے تو بہترہے گدائی تیری۔
    حضرات! جنھن وقت مسلمان هندستان ۾ ويهي انگريزن خلاف جدوجھد ڪري رهيا هئا، انهن کي ناڪامياب بڻائڻ لاءِ هنن نهايت گهڻي ڪوشش ورتي هئي. جي مھاجر موٽي آيا هئا، انهن جي موٽڻ جو جوابدار ڪير آهي، اها ڳالهه اوهان کان ڳُجهي نه آهي. هن وقت ۾ به هنن جي ڪوشش آهي ته ڪو هجرت ڪونه ڪري (خدا گُهريو آهي ته هجرت وري جاري ٿيندي) اسان کي به انهيءَ لاءِ روڪيو آهي ته لاچار ٿي کـڻي هجرت جي اراد تان هٿ کڻون. اسان کي ان روڪجڻ کان جو دلي صدمو پھتو آهي، پاڻ کي اُن جي بيان جي طاقت نه آهي، دل ڦٽيل ۽ جگر ڏريل آهي افسوس! ڪالهه افغانستان ۾ آزاد ۽ خوشحال هواسُون ۽ اڄ هت قيد فرنگ ۾ دوستن جي جُدائي ۾ اڌ مئل نانگ وانگر ور وڪڙ کائي رهيا آهيون.
    شيخ سعدي ”(اي ڏاڍا) ڦٽيل دلين جي دانھن کان پڇُ ڇاڪاڻ ته اهو اندر جو ڦٽ آخر وڃي مٿو ڪندو.“ جيستائين ٿي سگهي ته ڪنھن به دل کي نه ايذاءُ ڇو ته هڪ دانھن ڪڏهن جھان کي ويران ڪري وجهندي آهي.
    حضرات! اسان انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ٿي امن جي جاءِ افغانستان ۾ وڃي پناهه ورتي سون. هن وقت اسان جو وطن افغانستان آهي ۽ اسان رعيتي پڻ امير صاحب جا آهيون. ان ڪري اسان تي بندش رکڻ حڪومت هند ۽ حڪومت افغانستان جي ٺھراءَ جي برخلاف آهي. ان صورت ۾ استدعا ڪريون ٿا ۽ اُميدوار آهيون ته آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي ۽ ال انڊيا خلافت ڪميٽي اسان جي لاءِ ناراضگي جو آواز بلند ڪندا، اهڙي طرح اسين هن جلسه جي حاضرين کي به استدعا ڪريون ٿا ته هو هن جلسه جي معرفت حڪومت هند کي واقف فرمائين ته اسانجي بندش اسلامي مداخلت ڪرڻ ۽ پڻ افغانستان سان وعده شڪني آهي.
    اي زبردست! هي ناحق جو اسان مسافر مھاجرن تي ڪيو اٿئي ۽ اسان کي پنھنجي وطن کان بند رکيو اٿئي- يقين ڄاڻ ته اهو سڀ ڪجُهه پاڻ سان ڪيو اٿئي ڇو ته جُدائي وطن جو عذاب اسان تان نيٺ لهي ويندو مگر اُن جو گناهه هميشه تنھنجي سِرَ تي رهندو. (شيخ سعدي)
    دُنيا جو بقاء ۽ نيڪي بدي، مٺاڻ ۽ ڪوڙائي سڀ ڪجهه برپٽ جي واءُ وانگر لنگهيندڙ آهن. ظاهر سمجهجي ٿو ته ان اسان تي ظُلم ڪيو آهي مگر اها ان جي غلطي آهي ڇوته ظلم اسان تان جهٽ لنگهيو وڃي ٿو ۽ ان جو گناهه سندس گردن تي قيامت تائين رهي ٿو. ان کانسواءِ ان جلسه جي معرفت گورنمينٽ افغانستان جو هن واقعات ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ گُهران ٿو جو هي بندش ظاهر ظھور وعده شڪني آهي ۽ هي به ظاهر آهي ته هي حڪومت افغانستان سان دوستي ۽ مروت جو ڪوبه خيال ڪونه رکي ٿي. تنھنڪري جيستائين هي حڪومت پنھنجي روش ٺيڪ نه ڪري ۽ مھاجرن جي وفد کي سرحد تان پار ٿيڻ جي اجازت نه ڏئي تيستائين حڪومت افغانستان کي لازم آهي ته صلحنامي متعلق گفتگو ۽ انگريزن جي وفد سان جا ڪابل ۾ رهيل آهي بند فرمائي جنھن حالت ۾ اسين اعلى حضرت امير صاحب جي رعيت ۽ افغانستان جا رهاڪو آهيون، اگرچه اسانکي افغانستان جي پوليٽيڪل ڳالهين ۾ دخل نه ڏيڻ گُهرجي مگر ان حالت ۾ به اسان جو فرض آهي ته جنھن ۾ افغاني قوم جي ڀلائي هجي اُن جي متعلق اعلى حضرت امير صاحب جي حضور ۾ عرض ڪريون جيڪڏهن قبول پوي ته اسان لاءِ نھايت عزت جھڙي ڳالهه آهي.
    عرض هي آهي ته هن وقت افغانستان جي موت ۽ حياتيءَ جو سوال درپيش آهي، اهڙيءَ طرح اسلام جي زندگي پڻ خطري ۾ آهي ۽ مسلمانن روءِ زمين جي آزادي پڻ افغانستان جي روش تي موقوف آهي تنھنڪري گهرجي ته اعلى حضرت انهيءَ سوال کي نھايت سمجهه ۽ سوچ سان کولڻ فرمائي. سڀ کان اول هيٺين ٻن ٽن سوالن تي غور ڪرڻ ضروري آهي؟
    (1). هن وقت ۾ حڪومت برطانيه سان دوستيءَ جو رستو رکڻ مصلحت آهي ڇا؟
    (2). اها دوستي افعاني قوم ۽دُنيا جي قومن جي آزادگيءَ لاءِ مفيد آهي ڇا؟
    برطانيه جي پاليسي سج کان وڌيڪ روشن آهي جيئن ته اعلى حضرت امير صاحب کان پڻ مخفي نه آهي اُن جي وعدن تي ڀروسو ڪرڻ عقل جي مخالف آهي ۽ اهڙي روش پڻ دين جي ارادي جي برخلاف آهي. هن جو معاملو ته هن طرح هلي ٿو جو ماڻهن هن جي مڪرن ۽ ٺڳين کان مُلڪ ڇڏي مسافرت اختيار ڪيائون. اڄ دردمندن جي دلين جو دونهون آسمان تي پھچي رهيو آهي.


    شيخ سعدي

    باهه به هرمل کي ايترو جلد ئي ساڙي نه ٿي سگهي جيترو جلدئ ۾ دردمند جي دل جو اثر ٿئي ٿو. اي منھنجا ڌڻي! شل ائين نه ٿئي جو افغانستان به ڪنھن فريب ۾ اچي غلام ٿي پوي. هن وقت۾ برطانيه سان دوستي رکڻ بدترين غلامي آهي ۽ شريعت موجب ناجائز آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت هندستان ۾ ترڪ موالات جي هلچل نھايت سرگرميءَ سان جاري آهي ۽ اهڙيءَ طرح آئرلينڊ ۾ فساد کڙوٿيل آهي ۽ مصر ۽ عراق عرب۾ پڻ بي آرامي آهي. قومي ڌر وارا ترڪ ڪو ماٺ ڪونه ڪيون ويٺا آهن ۽ انگريز وزيرن جي ڪوڙن وعدن کان جھان ۾ ڏاڍو لڙ آهي. خدا جو قسم آهي ته هي ڊڄن ٿا ڇوته جيڪڏهن افغانستان ۽ سرحدي قبيلا مخالفت ڪن ته گهڻو گوڙ ٿي پيو. اهو ئي سبب آهي جو برطانيه جو وفد ظاهرداري سان دوستي جو دم هڻي تاڙ ۾ آهي ته افغانستان کي ڪنھن ڍنگ ۾ آڻي پنھنجو ڪري ڇڏيون. مگر انشاءَ الله تعالى اسلام جي فتح ويجهي آهي ۽ اسلام جي دُشمن جي تباهي نزديڪ. الله تعالى اسلام جو محافظ ۽ حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وسلم مُعاون ان جو آهي.
    چہ غم دیوار امت راکہ باید چوں توپُشتیبان،
    چہ باک از موج سحرآنرا کہ باشد نوح کشتیبان۔
    چونکہ درین وقت مسئلہ خلافت درپیش است تاوقتیکہ اوبمطابق شرع فیصل شدہ است۔ برئ ہر مسلمان فرض است کہ اولاخدمت اسلام بکند و افغانستان بارتیعالے سلطنت اسلامی است و اعلحضرت شہریار افغانستان فدائی اسلام یقین داریم کہ افغانستان ہم درادائ فرض خود کوتاہی نخواہد کرد اگر در خدمت اسلام تباہی تخت و بخت وفا و جان باشد ہم پروا او نباد کرد چراکہ عطا کنندہ این چیز ہائی خداوند کریم است و نزد اسلام از ہمہ چیز ہا بہتر و عزیز است۔ جہاں اے بر اور نماند بکس دل اندر جہاں آفریں بندوبس مکن تکیہ بر ملک دنیا و پُشت مکن تکیہ برملک دنیا و پشت کہ او چونتو سجایہ پروردہ کشت۔
    حضرات! براے مسلمانان روز امروز ست کہ خدمت اسلام بکنیم ممکن است کہ روز فرد ائ برائ مانیا یدوبجُز روئ سیاہی درہجرہردو عالم بما ہیچ میسر نہ شود لہذا عزیزان من و خادمان خلافت بشنوید و اطاعت خدا و رسول و خدمت ملک بکنید۔ وقت آزمائش است پرواہ جان و مال مکنید وقت کارکردن ہمیں است بخدا این موقعہ را دست خود ندہید۔ کارے کن اے فلان و غنیمت شمار عمر ذان بیشتر کہ بانگ برآمد فلان نماند قارون ہلاک شد کہ چہل خانہ گنج داشت نوشیروان نمرد کہ نام نکو گُذاشت۔

    سنڌي ترجمو
    جنھن صورت م هن وقت مسئله خلافت درپيش آهي،جيستائين اهو شريعت جي مطابق فيصلو نه ٿيو آهي تنھن صورت ۾ هر مسلمان جو فرض آهي ته پھريائين اسلام جي خدمت ڪري، خدا تعالى جي فضل سان افغانستان اسلامي بادشاهت آهي ۽ امير صاحب اسلام جو جان نثار دوست آهي. اسان کي يقين آهي ته افغانستان پنھنجي فرض جي ادا ڪرڻ ۾ ڪنھن قسم جي ڪوتاهي نه ڪندو. جيڪڏهن اسلامي خدمت ڪندي تخت تاج تباهه ٿي وڃي ته پرواهه نه آهي ڇو ته انهن شين جو ڏيندڙ خدا تعالى آهي مگر خدا تعالى وٽ اسلام سڀني شين کان بھتر ۽ پيارو آهي.
    شيخ سعدي
    هي جھان ڪنھن سان به وفا ڪرڻ وارو نه آهي تنھنڪري خدا تعالى سان ئي محبت رک ۽ بس بادشاهت ۽ دولت ۽ مددگارن تي ڀروسو نه ڪر ڇو ته دنيا ۾ تو جھڙا ڪيئي ڄاوا ۽ مُئا آهن، جن جو پتو ئي ڪونه آهي.
    حضرات مسلمانن لاءِ ڏينھن فقط اڄوڪو ئي ڏينھن آهي ته هو اسلام جي خدمت ڪن ڇو ته ممڪن آهي ته اسان لاءِ ٻيو ڏينھن ڪو ٿئي ئي ڪونه، پوءِ ٻنهين جھانن جي منھن ڪارائي کانسواءِ ڪُجهه حاصل نه ٿئي تنھنڪري منھنجا پيارا خلافت جا خادم ٿي خدا ۽ رسول جي اطاعت ۽ مُلڪ جي خدمت ڪريو. هي امتحان جو وقت آهي، مال جان نه ڪري ۽ ڪم ڪرڻ جو اهو ئي وقت آهي، ان کي هٿ مان نه ڇڏيو.
    هن تقرير مان رئيس المھاجرين مرحوم جي ثابت قدمي ۽ نھايت مردانگي جو پورو پتو ملي ٿو. هو اگرچه هندستاني هو مگرهن جي دل بلڪل سچي مسلمان جھڙي مستقل ۽ آزاديءَ سان هن هندستان مان نڪري ڪابل کي وڃي پنھنجو وطن بڻايو ۽ ان حالت کي گهڻا سال به ڪونه گذريا ويا هئا مگر جڏهن هن کي سندس زاد بوم هندستان ۾ بند ڪيو وڃي ٿو ته هو پنھنجي وطن اقامت ڪابل لاءِ بيقرار ٿئي ٿو ۽ ان جو نالو جڏهن سندس زبان تي اچي ٿو ته نھايت ادب سان وٺي اُن مان لذت ۽ لطف حاصل ڪري ٿو. نه فقط ايترو پر ان کي پنھنجي وطن هجرت يعني افغانستان جي نفع ۽ نقصان جو لحاظ ۽ انتظار به رهي ٿو، هو پنھنجي تقرير جي معرفت لکنئو مان بيهي اعلى حضرت امير صاحب کي اهڙي نموني ۾ نفيس ۽ قيمتي مشوره ڏئي ٿو جو ڄڻ ته هو سندس درٻار ۾ راءِ طلبي وقت جواب واجهي رهيو آهي. هو هندستان جي وحشت آباد ۾ پاڻ کي مظلوم ۽ مسافر سمجهي ٿو ۽ هن جي دل دارالامان افغانستان کانسواءِ ڪنھن به هندستان جي شئ سان نه ٿي ريجهي. آخر هو مظلومن وانگر پنھنجي وطن جي ياد ۾ دردمند دل مان آهه ڀري چوي ٿو ته:
    آتش سوزاں نکند باسبند - آنچہ کند دود دل مستمند
    هن تقرير جي ذريعي هو هڪ حد تائين گورنمينٽ افغانستان جو پنھنجي بندش ۽ مظلوميت ڏانھن توجھ ڇڪائي چُڪو هو ۽ هن کي يقين هو ته ضرور ڪونه ڪو خاطر خواهه نتيجو ظاهر ٿيندو. هن اُن وچ ۾ لاڙڪاڻه ڏانھن موٽڻ جي وائي ڪانه ڪئي،بلڪه لکنئو جي خلافت ڪانفرنس کان پوءِ هو مولانا محمد علي صاحب جي سنگت ۾ اجمير شريف جلسه خلافت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هليو ويو جو اهو جلسه مارچ 1921ع جي پوئين تاريخن ۾ منعقد ٿيڻ وارو هو. اجمير شريف پھچڻ کانپوءِ هن کي هلڪو بخار ٿي پيو، جنھن ڪري خلافت جلسه جي پنڊال ۾ اچي نه سگهيو ۽ پنھنجي هڪ لکيل تقرير فارسي زبان ۾ پڙهڻ لاءِ ڏياري موڪليائين جا هيٺ ڏجي ٿي.


    تقرير اجمير خلافت ڪانفرنس

    صدر جلسه حاضرین جلسہ تعریف این کمترین کہ شنیدہ آید از مبالغہ خالی نیست چراکہ من آنم کہ من میدانم۔
    تصم کشیم عالیان خوب منظرست
    و ازخبث باطنم سر فحلت نہادہ پیش
    طاؤس راکہ نقش نگاری کہت خلق
    تحسین کنند اوخجل ازاپارشت خویس۔
    بیشتر ازین کہ چند کلمات عرض بکنم میخواہم ک از طرف انجمن مہارین کابہ بہ نہایت خلوص دل شکریہ آن صاحب ادابکنم۔ دعا میخواہم کہ خداون جل و علیٰ اسلام را فتح نصرت دہد و ہندوستان رایزودی آزادگی کُلی عطا فرماید۔ آمین
    حضرات! بندہ سرگروہ وفد مہاجرین ست کہ از ظرف مہاجرین کابل برائ فراہمی چندہ اعانت مہاجرین ہندی مقیم افغانستان بہندوستان آمدہ بود۔ الحال و فد غرم رفتن واپسی بوطن خویش اعنی افغانستان میدارد و ازدوماہ حیران پریشان میباشم و لیکن ایں حکومت اجازت عبورکردن سرحد بما نمی دہد۔ وہم بندہ را از صبہ سرحد اخراج کردہ است بہ سبب اینکہ ماتدن مان در صوبہ مذکور باعث بدامنی درعوام الناس کہ صوبہ بالاخواہڈ شُد۔
    حضرات- چقدر تکلیف بمار سیدہ ست وچہ فسم ظلم ایں ست کہ بیان کردن او لازم نمیدانم و ہم شکایت ایں حکومت پسند نمی کنم چو اکہ الفاظ شکایت مناسب اور کا دستیاب نمی شود نادش اینقدر شہرہ آفاق است کہ گند نامش نعوذ باللہ مردار بآفتاب مرداد پین بے انصافی کہ در دست ہم نا علاج .............
    لہذا فقط خواب خودراکہ دیدہ ام بشما گذارش کردن میخواہم۔ و چونکہ خواب سعید است استدعا می کنم کہ مرحمت فرمودہ برائے منت بصبر و سکون اورا گوش گذار خوانہد فرمود،
    بلبلا مژدہعہ بہار بیار،
    خبر بد ببوم شوم گذار۔
    خواب مبارک
    شبی این فکرمی کردم کہ بحکومت برطانیہ قطع تعلقات کردہ ہندوستان راخیرباد گفتہ افغانستان را وطن خویش ساختیم سبب اینکہ افغانستان اسلامی سلطنت و خلاف اعداء اسلام۔
    امروز کہ وفدانگیزی در کابل انتظار صلحنامہ افغانستان می کشد و حکومت ہند علیٰ الاعلان بغایت تسلی بار بار اظہار می نماید کہ افغانستان با و صلحنامہ ضرور خواہد کرد پرس اگر این صحیح است و صلحنامہ مابین افغانستان و حکومت برطانیہ می شود خدایا، ہال ما مہاجرین چہ طور می سود۔ آی دران وقت ما مہاجرین از افغانستان ہم ہجرت بملک میکنم چراکہ براے مہاجرین حکومت برطانیہ و حکومت افغانستان ہردویکان می شودپس بکی خواہم رفت۔ بایں خیال بودم کہ خوابم برد و دیدم کہ حامیت خوب آرامہ ذمرش بگستردو و بدو طرفش کو ہست بلند پراز عساکر و الات حرب مہیا ساختہ وبد و طرفش میدانی است وسیع از مخلوص منتظرنشستہ واز ہر دوکوہ اشخاص در لباس فاخرہ آمدن وجائیکہ آراستہ بود و در گفتگو ئی بایکدیگر مشغول گشتند گاہی صلح گاہی، جدل ہمیکروند معلومات کہ نمایندگان برطانیہ و افغانستان می باشند، آخرالامر بر چیزی ہمہ متفق شدند و اظہار مسرت می کروند کہ ناگاہ جوانی درآنجا رسید و ہمگی باستقبال او دویدندو من ہم نزدیک رفتم دیدم کہ اوبادشاہ ما شہریار غازی امیر افغانستان مد ظلہ تعالیٰ بُود امیر صاحب دریافت کرد کہ معاملہ بچہ منزل رسیدہ است یکی ٰ- اونان کہ غالبا نمایندہ افغانستان بود دست بستہ عرض گذاشت کہ تخت رفت اعلحضرت برقرارد دُشمنانت خوارباد بسیار زحمت کشیدیم ولیاقتی کہ در علم سیاسی دارم دفنون عجیب و غریب کہ دانم ہمہ مصروف کردیم آخر الامر بعد محنت و خیرو مشقت کثیر و اعلحضرت فتح عظیم برکف حاصل کردم و چونکہ پروردہ اعلحضرت ہستم کاریکہ بما سپردہ بود بفضل باریتعالی بہ نہایت فہم و فراست و حسب بہتری دین و ملت و سگ ناموس افغانستان طی کردم۔
    امیر صاحب- آفرین! آفرین!! برہمت شُما میدانم کہ شماخیرخواہ دین و ملت ہستید و جزائ این خدمت خدائی عز و جل بشما خواہد داد حالابگوئید چہ طورطی شدہ نمایندہ افغانستان - فدایت شوم حکومت برطانیہ ہمسایہ افغانستان ست و از زمان قدیم تعلق دوستی اتحاد بہ افغانستان دارد و ایں حال ہم آن دوستی را مدنظر داشتہ ہرچہ از میخواہم او میدہد۔
    امیر صاحب متحیر فرمودہ! چہ میخواہید؟ و چہ مید ہد نمایندہ افغانستان۔ قربان شوم لکھ کہائی روپیہ ضرت انگریزی فی الفور مید ہد و باقی زیادہ انجام میکند کہ ور عرصہ عنقریب تمامی صوبجات سرحد و خیرہ متعلقہ آن بطور تحفہ و نذرانہ اعلحضرت خواہد داد امیر صاحب بہ حقارت ، انجام برطانیہ! درین اثنا کہ من نزدیک بودم بے اختیار فریاد کہ دم کہ ای بادشاہ غازی ما بہ متعلق انجام کارکنان برطانیہ از جہاں و از من سپرس امیر صاحب بمن اشارہ دست مبارک کردہ فرمود کہ معلوم است! معلوم است!! ماخوب می شناسم پیران پارسارا۔ این ہمہ فریب است اگر درست ہم باشد، صوبجات مذکور را بتصرف خود۔

    سنڌي ترجمو
    صدر صاحب ۽ معزز حاضرين هن ڪمترين جي واکاڻ جا اوهان ٻُڌي آهي اُها واڌاري کان خالي نه آهي، ڇو ته مُنھنجي خبر ته مونکي ئي آهي.
    (سعديرح)
    ڏسڻ ۾ ته مون چڱو ئي نظر اچان ٿو، مگر اندروني حالت ڪري ڏاڍو شرمندو آهيان. مور پکيءَ جي ظاهري نقش نگار ڪري ماڻهو تعريف ڪندا، مگر هو پنھنجي بدشڪل پير ڪري شرمندو رهي ٿو.
    تقرير کان اڳ ۾ آءٌ انجمن مھاجرين ڪابل جي طرفان اوهانجو خلوص دل سان شڪريه ادا ڪريان ٿو ۽ دعا ٿو گُهران ته الله تعالى اسلام کي فتح نصرت ڏئي ۽ هندستان کي ستت آزادي عطا فرمائي آمين.
    حضرات! هي بنده وفد مھاجرين جو سرگروه آهي جو ڪابل جي مھاجرن پاران افغانستان جي رهاڪو مھاجرن جي امداد لاءِ چندي گڏ ڪرڻ لاءِ آيو آهي. هن وقت اسان جي وفد جو ارادو آهي ته هو پنھنجي وطن افغانستان ڏانھن موٽي وڃي مگر ٻن مھينن کان حيران پريشان آهيون ۽ هي حڪومت اسان کي سرحد پار ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي ۽ مون کي ته سرحد ئي مان خاص هن جرم ۾ نيڪالي ڏني وئي آهي ته منھنجي رهڻ ڪري انهيءَ صوبه جي عام ماڻهن۾ بدامني جي پکڙجڻ جو امڪان آهي.
    حضرات اسان کي ڪيڏي نه تڪليف پھتي آهي ۽ ڪيتريقدر ناحق ٿيو آهي جو ان جو بيان ڪرڻ لازم نٿو ڄاڻان. شڪايت هن ڪري نٿو ڪريان جو اهڙا لفظ ڪونه ملن ٿا جنھن سان شڪايت ڪئي وڃي. هن ڪري مان فقط هڪ خواب جو بيان ڪرڻ گهران ٿو جو ڏٺو اٿم جنھن حالت ۾ هي نيڪ سپنو آهي، تنھن حالت ۾ اوهان کي التجا ڪريان ٿو ته مھرباني فرمائي ٻه ٽي منٽ ماٺ ڪري ان کي ٻُڌڻ فرمائيندا.
    بلبلا مژدہعہ بہار بیار،
    خبر بد ببوم شوم گذار۔


    خواب مبارڪ

    هڪ رات هن ڳڻتيءَ ۾ هوس ته اسان برطانيه گورنمينٽ سان لاڳاپا ٽوڙي هندستان کي ڇڏي افغانستان کي هن ڪري پنھنجو وطن بڻائي اچي ويٺا آهيون جو هڪ اسلامي بادشاهت ۽ اسلام جي دشمنن جي برخلاف آهي، هن انگريزن جو وفد ڪابل ۾ صلح جو انتظار ڪڍي رهيو آهي ۽ حڪومت هند وري وري پڌروٿي ڪري ته افغانستان جو صلح ضرور ٿي ويندو پوءِ جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ صلحنامو ٿي ويو ته پوءِ ان وقت اسان جي الائي ڪھڙي حالت ٿيندي ڇو ته ان حالت ۾ اسان لاءِ ته جھڙو افغانستان تھڙي گورنمينٽ برطانيه پوءِ وڃون سو وڃن ڪھڙي طرف؟
    ائين ئي خيال ڪندي مون کي ننڊ جو جهوٽو اچي ويو ڇا ٿو ڏسان ته هڪ خوب سينگاريل جاءِ آهي جنھن ۾ فرش وغيره وڇايل آهن ۽ اُن جي ٻنهين پاسن کان هڪ وڏو پھاڙ آهي، جو لشڪر ۽ جنگي هٿيارن سان ڀريل آهي، اُتي هڪ ميدان ۾ تمام گهڻان منتظر ويٺل هئا، اڃان ڏسان ته عمدي پوشاڪن ۾ پھاڙ جي ٻنهي طرفن کان هڪڙا ماڻهو آيا ۽ هڪ مقرر ڪيل سينگاريل جاءِ ۾ وڃي ڳالهه ٻول ڪرڻ لڳا. گفتگو نرم گرم ڪيائون ٿي. آخر معلوم ٿيو ته اهي ماڻهو برطانيه ۽ افغانستان جا عيوضي آهن نيٺ ڪنھن ڳالهه تي متفق ٿيا ته ايتري ۾ اوچتو هڪ نوجوان اچي نڪتو ۽ سڀ ماڻهو ان جي آجيان تي اٿي ڀڳا. مان به ويجهو وڃي ڏٺم ته اهو اسان جو بادشاهه غازي امير افغانستان هو. امير صاحب پڇيو ته معاملو ڪھڙي حد کي پھتو آهي؟ انهن مان هڪ افغاني نمائندي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته گهڻي تڪليف ۽ محنت کان پوءِ حضور جن جي برڪت سان ڪافرن تي فتح حاصل ڪئي سون، جنھن صورت ۾ حضور جن جا نمڪ خور آهيون تنھن صورت ۾ جو ڪم اسان جي حوالي ڪيو ويو هو ان کي خدا جي فضل سان نھايت سوچ ۽ سمجهه ۽ دين ملت جي بھتري موجب طئه ڪيوسون. امير صاحب فرمايو ته، اوهان جي همت تي آفرين- آفرين- مان ڄاڻان ٿو ته اوهين دين ۽ ملت جاخيرخواهه آهيو. ان خدمت جو عوض خدا وڏو اوهان کي ڏيندو. هاڻي ٻڌايو ته ڪئن معاملو پورو ٿيو؟
    افغاني عيوضي چيو ته”قربان ٿيان گورنمينٽ برطانيه افغانستان جي پاڙچي آهي، انهيءَ مد نظر تي اسان جيڪي اُن کان گهرون ٿا، هو قبول ڪري ٿي.“
    امير صاحب حيرت ۾ پئجي فرمايو ته ”اوهان ڇا گُهريو ۽ هنن ڇا ڏنو؟
    افغاني عيوض چيوته، في الحال لکين رپيا ڏين ٿا ۽ ٻين جو وڌيڪ انجام ڪن ٿا، ستت سرحدي علائـقا نذرانه طرح اعلى حضرت کي ڏيندا.
    امير صاحب حقارت سان فرمايو، برطانيه ۽ انجام!
    انهيءَ وقت جو آءٌ ويجهو بيٺو هوس بي اختيار دانھن ڪيم ته اي بادشاهه غازي برطانيه ۽ ان جي نوڪرن جي انجام بابت مون کان ۽ ٻي ساري جھان کان پڇ؟ امير صاحب هٿ مبارڪ سان اشارو ڪري فرمايو ته، ”معلوم آهي، معلوم آهي (من خوب مي شناسم پيران پار سارا).
    کڻي سچ هجي مگر اهو سمورو فريب آهي، اسان کي سرحدي صوبن جي ڪھڙي گُهرج آهي ۽ نه اسان کي ڪو اهڙو خيال ئي آهي. خاص ڪري هن زمانه ۾ جو مسئله خلافت ۽ آزادگي هندستان ۽ مسلمانن جي زندگيءَ جو سوال درپيش آهي. اسين هنن شرطن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسون. شيدان وارن منتظر ماڻهن ڏانھن اشارو ڪري فرمايائين ته، ”ڏسون ٿا ته جھان اسان جي فيصله جو منتظر آهي يقين رکو ته زمين آسمان به صبر ۽ آرام سان آهن.“


    هجرت جو سفرنامو (منظوم سفرنامو)

    شير محمد ”شيرل“

    هيءَ شاعري شير محمد شيرل جي آهي. شير محمد ولد نور محمد چنو، ڳوٺ چنه موچي، تعلقي لاڙڪاڻي (هاڻوڪو تعلقو ڏوڪري) جو ويٺل هو. سن 1894ع ڌاري سندس جنم ٿيو ۽ 1951ع ۾ وفات ڪيائين. خلافت تحريڪ ماتحت، سنڌ جي مسلمانن افغانستان ڏانھن جيڪا هجرت ڪئي هيءُ ان ۾ شريڪ ٿيو. هجرت جي ناڪاميءَ سبب جڏهن وطن واپس وريو، ته سنڌي بيتن ۾ هجرت جو سفرنامو لکيائين، جيڪو هت ڏٺو پيو وڃي.


    هجرت جو سفرنامو

    جان محمد جوڻيجو سورهيه سامايو،
    راضي تنھن تي رب ٿيو، تنھن کي واحد وڌايو،
    سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو،
    ڳالهه اها ڳايو، مرد تنھن ملوڪ جي.

    مرد تنھن ملوڪ کي، ڏاتر ڏنا ڏاڻ،
    عھدو وڪالت بئريسٽري جو، ورتائين همت ساڻ،
    علم پڙهي عالم ٿيو، هيس انگريزي اهڃاڻ،
    هاڻ ڪيان روح رهاڻ، ساراه سپرين جي.

    ٻڌو ساراهه سپرين جي، جنھن کي مولى ڏنو مان،
    هٿ هوس حاڪمن جو، شاهي جنھن جو شان،
    ڪامل ٿي ڪورٽون ڪيون، ٻڌي بات بيان،
    جي اندر آهن جولان، سڪ تنھنجي ساهه کي.

    سڪ تنھنجي ساهه کي، اندر نه آهي آرام،
    کائڻ نه آهي خوشيءَ جو، چش نه ڏئي طعام،
    هجرت تي سنڀري هليو، ڪري اهو انجام،
    اڳ ۾ ٿي امام، قافلو ڪيائين ڪيترو.

    قافلو ڪيائين ڪيترو، لکين خرچ کڻي،
    جيڪا رضا رب جي، واهه تنھن کي وڻي،
    مھاجرن جي محبت ۾ پاڻ ڪيائين پڻي،
    لاڙڪاڻي جو لقب هڻي، ريل تي چڙهي رڪن ڏي هليا.

    ريل تي چڙهي رڪن کئون، ٿيا سکر روانا،
    عرض ڪيائون الله کي، اسين آهيون تنھنجا ٻانها،
    داڻي پاڻي نصيب جي، آهي انهيءَ ۾ معنى،
    پوءِ اچي ملتانا، ڏپھرو ڪيائين ڏينھن جو.

    ڏپهرو ڪيائين ڏينھن جو، هليا چڙهي لاهور،
    اتي عزت ملي امير کي، سر ڪيائون گهور،
    کائن آندائون خوشيءَ مئون، ڏنائون زور،
    اهڙي ئي دستور، راولپنڊي رڙهي هليا.

    راولپنڊي رڙهي هليا، ڪانوپور ڪاهي،
    واڳ وس نه پنھنجي، ڏور وڌي ڏاهي،
    گاڏي ڇٽي ڇوهه مئون، ڏس ڇا منجهئون ڇاهي،
    پشاور مان لاهي، ڏينھن ڇڏيائون ڪيترا.

    ملڪ ڇڏي مسافر ٿيو سھڻي، گهڻي تڪليف،
    اکيون ڪڪوريون ڪيف، مانجهي تنھن ملوڪ جون.

    اتي ڏينھن رهي ڪيترا، هليا پيادا ڪلي پنڌ،
    رفيق ٿياسون راه مئون، راهي مٿي رند،
    رکيائون سڪ سرير ۾، خود ڪيائون بند،
    اچي ٿياسون هڪ هنڌ، ”بيني ڪوٽ“ جنھن کي چون.

    ”بيني ڪوٽ“ جنھن کي چون، رکيائون جلال آباد جوش،
    عقل ڇڏي ويو ڪو نه اڳ ۾، ڪو نه رهيو هوش،
    مڙني ڪئي خاموش، محبت رکي من ۾.

    محبت رکي من ۾، ڪابل ڪيائون ڪاه،
    دونهان درد دکائيا، عشق اندر آڙاه،
    پنڌ اڙانگو پٽيون، رهي آيا راه،
    اهڙو ئي الله، امير صاحب ڏٺائون اکين سان.

    امير صاحب عزت ڏني، مولوي عبيد الله سڏائي،
    دعوت کاڌائون دل سان، راتيون رهائي،
    سنڌين چيو سڪ مان، آيا آهيون سرڙا لھرائي،
    توڻي وجهن ڪھائي، جان محمد چيو جوش مان.

    امير کي ائين نه گهربو هو، ڏنائين مھاجرن کي موڪل،
    سيءُ رکيائين سرير ۾، نه ڪيائين توڪل،
    ڳجهه اندر جون ڳالهيون، تون جوش اندر ۾ جل،
    راهي ٿي رلمل، موٽي پنھنجي ملڪ تي.

    موٽي پنھنجي ملڪ تي، آيو جان محمد جائي،
    راتيان ڏيهان روح ۾، هيس وات اها وائي،
    دانهون ڪيائين درد مئون، ڪونهي حال ڀائي،
    نصيب داڻو پاڻي کائي، هيل آيا هندستان ۾.

    هندستان ڏي روانا ٿيا، خواجه اجمير شريف،
    سڪ رکيائون ساهه ۾، ڪھڙي ڪريان تعريف،
    مانجهي تنھن ملوڪ جي هئي، عمر ٽيهه ورهه پوري،
    رضا تي راضي رهيو، ڪيائين صبوري،
    مرڻ جي مھل تي، موت ريکائين منصوري،
    آيا ملائڪ حضوري، سڪرات ڏٺائين ڪانه ڪا.

    سڪرات ڏٺائين ڪا نه ڪا، ساهه ڏنائين سنھنجو،
    ”شيرل“ چوي شھيد ٿيو، وطن ڇڏي پنھنجو،
    مولا ڪريان توکي، ڪر نه ڪاڻيارو ڪنھن جو،
    هٿ آ هي منھنجو، دامن دستگير جي.

    جان محمد جوءِ مان، ويو ڪسٽ منجهان ڪاهي،
    مال مڏيون ڦٽيون ڪري، ويو لاڳاپا لاهي،
    جنھن کي سڪ سرير ۾، ڏور وڌي ڏاهي،
    اجمير ۾ آهي، مقبرو ملوڪ جو.

    مقبرو ملوڪ جو، جودئون جوڙيائون،
    جهنڊا تنھن جوان جا، خوب کوڙيائون،
    ماتم ڪيائون من ۾، ڳل ڳوڙها ڳاڙيائون،
    پريت پاڙيائون، جو صوبو سنڌ جو.

    صوبو هو سنڌ جو، ملڪن جو مير،
    صاحب ٿي صاحبي ڪئي، جو بادشاهي وزير،
    شھيد ٿيو شوق مان، نيڻن وهايا نير،
    اتر وارا پير، پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي.

    پناهه ڏيندين پرديسي کي، جنھن صدقو ڪيو ساهه،
    ميڙي محمد ڄام جي، توکي آڻيندو الله،
    حضرت ٿيندو حامي، ڪندءِ سنئين راهه،
    باري آهي بي پرواهه، آهيان سام اوهان جي سيدا.

    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 953533
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 322691
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ