ڪتاب جو نالو: نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ
مصنف: علي حسن چانڊيو
ڇپائيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 10 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 641 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 380 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علي حسن چانڊئي جو هي ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ علي حسن چانڊئي، ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد آزادي، نيلسن منڊيلا جي سوانح ۽ قربانين واري تاريخي ڪردار کي قلمبند ڪري ان جي روشني ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ علي حسن چانڊئي جو قلم ڀرپور نموني، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ جدوجھد جو، ماضي ۽ هال بيان ڪرڻ سان گڏ آئيندي جو نقشو به پيش ڪري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • ڀاڱو پهريون

  • نيلسن منڊيلا
  • آزاديءَ جي سپاهيءَ جو جنم
  • بغاوت
  • ويڙهاڪ تنظيم جو قيام
  • نيلسن منڊيلا جي گرفتاري
  • رابن آئلينڊ ٻيٽ تي سختيون
  • ڳالهين جي شروعات
  • نيلسن منڊيلا جي آزادي
  • آفريقي غلام ڪئين ٿيا
  • ڀاڱو ٻيون

  • سنڌ جي قومي تحريڪ
  • ڌاري آبادڪاري
  • پنجابين جي قبضاگيري
  • ون يونٽ جو ٺهڻ
  • نسل پرستي
  • شناختي ڪارڊ
  • پاسپورٽ
  • گهرشماري
  • قومي تحريڪ جو رد عمل
  • سنڌ جي دانشورن جو ڪردار
  • سنڌ جي قومي تحريڪ ڪيئن هجڻ گهرجي
  • سنڌ کي اڳواڻ نه پر انقلابي پارٽي گهرجي
  • مدد گار ڪتاب

  • ارپنا

    سُکِ نَه سُتا ڪَڏهِين، کَرڪَڻان لاهي،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙِين اُنَ پَنڌَ جو
    (شاهه)

    انهن قومي ڪارڪنن جي نانءُ
    جيڪي پنهنجي پارٽين ۾ شخصيت پرستي،
    جھالت، هٺ ڌرمي، وڏيرڪي ڪلچر ۽
    غيرجھموري روين خلاف مسلسل جدوجھد
    ڪري رهيا آهن ته جيئن ساک رکندڙ قيادت ۽ تنظيم ٺاهي.
    سنڌ وطن کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگھجي.

    علي حسن چانڊيو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھن ڪتاب جو ليکڪ سياسي اڳواڻ علي حسن چانڊيو آھي.
    علي حسن چانڊئي جو هي ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ علي حسن چانڊئي، ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد آزادي، نيلسن منڊيلا جي سوانح ۽ قربانين واري تاريخي ڪردار کي قلمبند ڪري ان جي روشني ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ علي حسن چانڊئي جو قلم ڀرپور نموني، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ جدوجھد جو، ماضي ۽ هال بيان ڪرڻ سان گڏ آئيندي جو نقشو به پيش ڪري ٿو.
    ھي ڪتاب 2012ع ۾ آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون محترم مخدوم شمس جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    علي حسن چانڊيو پنج-ڇهه مهينا اڳ خالد چانڊئي سان گڏجي مون وٽ آيو هيو ته مون کيس بلڪل نه سڃاتو. پوءِ جڏهن تفصيل سان ٻڌايائين ته مونکي ياد آيو ته هي نوجوان ڊي ايس ايف جو مرڪزي صدر به رهيو آهي. ان دؤر ۾ علي حسن چانڊيو نهايت متحرڪ ۽ ڄاڻ وارو سياسي ڪارڪن ليکيو ويندو هيو. پر پوءِ علي حسن چانڊئي کي الائي ڇا ٿيو جو وڃي قادر مگسي سان مليو. اتي به ڪجھه ورهيه گذارڻ کانپوءِ علي حسن چانڊئي پنهنجي پارٽي ٺاهي نئين انداز ۾ ڪم جي شروعات ڪئي آهي. ان پارٽي جي پهرين ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت مون کي به ڏني هيائين ۽ گذريل ڊسمبر 2011ع ۾ مان ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيو هيس، جتي انتهائي منظم پروگرام/جلسو ٿيو هيو.
    علي حسن چانڊيو رڳو سياسي ڪارڪن/اڳواڻ نه بلڪه سٺو ليکڪ به آهي مختلف اخبارن ۾ سندس ڪالم منهنجي به مطالعي مان گذريا آهن. سندس ڪالمن جو ڪتاب ”سنڌ جو نئون سفر“ شهيد نظير عباسي بابت ڪتاب ۽ بلوچستان تي به هڪ ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪالمن جو ڪتاب ته سڀني سنڌي نوجوانن کي پڙهڻ گھرجي.
    علي حسن چانڊئي جو هي ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ به سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ علي حسن چانڊئي، ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد آزادي، نيلسن منڊيلا جي سوانح ۽ قربانين واري تاريخي ڪردار کي قلمبند ڪري ان جي روشني ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو ورتو آهي.
    هن ڪتاب ۾ علي حسن چانڊئي جو قلم ڀرپور نموني، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ جدوجھد جو، ماضي ۽ هال بيان ڪرڻ سان گڏ آئيندي جو نقشو به پيش ڪري ٿو. ڪتاب پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته علي حسن چنڊئي جي نظرياتي مامرن تي گرفت مضبوط آهي ۽ هو عالمي حالتن ۽ ملڪي صورتحال جو به چڱي نموني ادراڪ رکي ٿو ۽ مطالعو به ڪندو رهي ٿو.
    هن ڪتاب پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته علي حسن چانڊيو سنڌ جي قومي تحريڪ/جدوجھد ۾ انقلابي پارٽي جي کوٽ کي محسوس ڪندي، جاگيردارانه روين خلاف احتجاج ۽ ردعمل طور پنهنجي پارٽي ٺاهي جدوجھد جي شروعات ڪئي آهي. سندس تجزيو به مارڪسي ۽ جدلياتي آهي جيڪو يقينن بهتر نتيجا سامهون آڻيندو.
    هتي هڪ ننڍڙي ڳالهه ڪندو هلان ته هي ڪتاب سنڌ جي سياسي قيادتن تي هڪ چارج شيٽ به آهي ته جدوجھد جو منشور به آهي. جڏهن علي حسن چانڊيو، جاگيردارانه روين جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جو مطلب رڳو سياسي اڳواڻن تي تنقيد نه بلڪه سنڌي سماج جو مجموعي جائزو آهي. ڇو ته اڄ به اسان جي سماج ۽ سماجي ادارن تي گھڻي ڀاڱي جاگيردارانه رويا حاوي آهن ۽ انهن جو اثر رڳو سياسي اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين تي نه بلڪه مجموعي سماجي جوڙجڪ ۽ ادارن تي محسوس ٿئي ٿو.
    مان سمجھان ٿو ته ڏکڻ آفريڪا جي تحريڪ آزادي جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪتاب جيڪو ساڳئي وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جي جائزي تي به ٻڌل آهي. نون بحثن کي جنم ڏيندو ۽ سياسي ورڪرن جي تربيت ۾ مددگار به ثابت ٿيندو. مان اميد ٿو ڪريان ته هن ڪتاب جي معرفت نئون شعور جنم وٺندو ۽ قومي/طبقاتي جدوجھد ڏانهن کڄندڙ وکون تيز ۽ تڪڙيون ٿينديون.
    علي حسن چانڊئي کي گھرجي ته هن ڪتاب ۾ هُن جدوجھد لاءِ جيڪو خاڪو پيش ڪيو آهي، ان کي پنهنجي تنظيم تي لاڳو ڪري ۽ ڪارڪنن جي تربيت جو جوڳو انتظام ڪري، جنهن لاءِ نظرياتي ڪورس ٺاهي، باقائده ڪلاسن جي صورت ۾ تربيت ڪئي وڃي ته بهتر نتيجن جي اميد رکي سگھبي.

    سوڀو گيانچنداڻي
    2012-08-01


    پنهنجي پاران

    آءُ سنڌ جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو ننڍڙو سياسي ڪارڪن آهيان. دنيا ۾ هلندڙ قومي آزادي جي تحريڪن، قومي جھموري تحريڪن، انقلابي جدوجھدن کي نظر ۾ رکڻ انهن متعلق ڪتاب پڙهڻ، بحث مباحثن ذريعي معلومات وٺڻ تمام ضروري سمجھندو آهيان. ڇاڪاڻ جو هڪ انقلابي فڪر جو ماڻهو جاهل رهي ڪري آزادي جي تحريڪ نه هلائي سگھندو ۽ نه وري اُن ۾ ڪو اهم ۽ بهتر طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھندو. ان سلسلي ۾ 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ آزادي جي تحريڪ ذريعي آيل تبديلي مون تي گھرا اثر ڇڏيا.
    1998ع ۾ مان جڏهن نوجوانن جي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايسٽ برلن (جرمني) ويو هوس ته مونکي اُتي ڏکڻ آفريڪا جي اي اين سي جي نوجوانن جي وڏي انگ ۾ شرڪت نظر آئي. ان کانسواءِ هزارين تصويرن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته ڪيئن نه آزادي جي تحريڪ ۾ ڌرتي ڌڻين کي ماريو پيو وڃي. تشدد، چچريل لاش، ڦاسي ڏنل لاش ۽ گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون تصويرون هيون. مون ڪافي غور سان انهن تصويرن کي ڏٺو هو ڏکڻ آفريڪا جي مزاحمتي تحريڪ جي روح روان عظيم انقلابي ڪردار نيلسن منڊيلا ۽ سڄي ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد کان متاثر ٿيس. مون نيلسن منڊيلا جي ڪتاب Long walk to Freedom (آزاديءَ جو ڊگھو سفر) جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ پوءِ طئي ڪيو ته نيلسن منڊيلا سندس ساٿين جي تاريخي جدوجھد ۽ ڪردار کان سنڌ جي نوجوانن کي واقف ڪريان.
    قومي ڪارڪنن کي اهو پڻ محسوس ڪرائجي ته آفريڪا اندر رياستي ڏاڍ ۽ سنڌ اندر رياستي ڏاڍ ۽ نسل پرستي ۾ ڪو خاص فرق ناهي.
    آفريڪا جي قومي تحريڪ ڪيئن ڏاهپ ۽ بهادري سان ذلتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.
    سنڌ ۾ ايئن ڇو ناهي؟ سنڌ جي قومي تحريڪ آفريڪا جي آزادي جي تحريڪ کان ڇو نٿي سکي؟
    مان پڪ سان چوان ٿو ته سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن جو وڏو حصو ڏکڻ آفريڪا جي آزادي جي تحريڪ کان بنهه واقف ناهي انهن جو ڏوهه آهي يا اڳواڻن کين جاهل رکيو آهي.
    ان ڪري مون نيلسن منڊيلا جي ڪتاب ۽ ٻين ڪتابن ۽ رپورٽن مان گھري اڀياس ذريعي تحريڪ جا مُک نقطا ۽ جدوجھد ۽ ڪردارن کي ظاهر ڪيو آهي. ساڳي وقت سنڌ جي قومي تحريڪ جو به اُن تحريڪ سان تقابلي جائزو ورتو آهي.
    هڪ سال اڳ لکيل ڪتاب وسيلن جي کوٽ سبب دير سان شايع ٿي رهيو آهي.
    منهنجي سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌ سان محبت سبب هي پورهيو ٿيو آهي مان چاهيان ٿو ته سنڌ جي قومي تحريڪ هر حال ۾ نئين رنگ، ڍنگ سان نظر اچڻ گھرجي، قومي تحريڪ جي اڳواڻن، تنظيم ۽ ڪردار متعلق مثبت انداز ۾ تعين ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ جو آزادي جي تحريڪ اُها ڪامياب ٿي آهي جتي سٺي ساک رکندڙ قيادت، منظم تنظيم ۽ واضع مقصد هجي ٿو.
    ان دوران سنڌ ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل به ڏسڻ ۾ آئي آهي جو رياست سنڌي نوجوانن کي ساڙي مارڻ، مظفر ڀٽو کي تشدد ڪرڻ بشير خان قريشي کي زهر ڏئي شهيد ڪرڻ جھڙا واقعا به سامهون آيا آهن.
    چٽا امڪان آهن ته جڏهن جڏهن سنڌ ۾ بهادر، تنظيم ٺاهڻ جھڙا رُجحان رکندڙ قومي اڳواڻ يا ڪارڪن نظر آيا ته هو ماريا ويندا.
    آءُ چاهيندس ته منهنجي هن پورهئي تي هر سياسي ڪارڪن تنقيدي جائزو وٺي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪري، منهنجو بنيادي مقصد سنڌ کي آزاد ۽ خود مختيار رياست طور الڳ وطن جي روپ ۾ ڏسڻ آهي.
    هن ڪتاب لکڻ، اُن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ منهنجي ٻن دوستن سميع ڪنڌر ۽ مخدوم شمس جو بيحد ٿورائتو آهيان جن جي مدد کانسواءِ ڪتاب جو لکڻ ۽ ڇپجڻ ممڪن نه ٿئي ها.
    هن ڪتاب ۾ منهنجي گھر واري نازنين ۽ منهنجن پٽن جو پورهيو پڻ شامل آهي. سندن ٿورائتو آهيان.
    پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.

    علي حسن چانڊيو
    سچل ڳوٺ، ڪراچي
    6 نومبر 2012ع
    Email: alihasanchandio@gmail.com


    ڀاڱو پهريون

    نيلسن منڊيلا

    نيلسن منڊيلا 18 جولاءِ 1918ع تي ڏکڻ آفريقا جي صوبي ٽرانسڪي جي گاديءَ واري هنڌ امٽاٽا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”موويزو“ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هن جو نالو ”رولي هلاهلا“ رکيو، جنهن جي معنى وڻ جي شاخ کي ڇڪڻ آهي پر عام ڳالهه ٻولهه ۾ ان جو مطلب ”هلچل پيدا ڪرڻ وارو“ آهي. ٽرانسڪي ڪئپ ٽائون کان 800 ميل اوڀر ۽ جوهانسبرگ کان 550 ميل ڏکڻ طرف ڊريڪنز برگ جي پهاڙي سلسلي ۾ هندي وڏي سمنڊ جي نيري پاڻيءَ جي ڪنڌي تي آهي. هي علائقو خوبصورت، بلند پهاڙين، سر سبز ۽ شاداب ماٿرين ننڍن وڏن درياهن ۽ ندين جي سرزمين آهي. منڊيلا جو والد ” گيڊاميري وفاڪن يسوا“ جي قبيلي جو روايتي سردار هو. ٿمبو قبيلي جي تاريخ تمام ڊگهي آهي. آفريقا جا ڪيترائي قبيلا، زولو، سوازي ۽ ٿمبو وغيره زهوسا قوم سان واسطو رکن ٿا. زهوسا قوم جا ماڻهو ڏاڍا خوددار آهن هنن جو معاشرو اعتدال پسند آهي. سڀئي مرد توڙي عورتون پنهنجي ڪردار کان چڱي ريت واقف هوندا آهن. نيلسن منڊيلا ماديبا برادري جو فرد آهي ماديبا سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو جيڪو18 صدي عيسويءَ ۾ ٽرانسڪي تي حڪمراني ڪندو هو. نيلسن منڊيلا جي والد کي چار زالون هيون جنهن مان ”نوسي ڪيني فيني“ هن جي ماءُ هئي. هن جي ٻاروتڻ ۾ ئي ڪنهن جي چغليءَ سبب سندس پيءُ جي سرداري واري حيثيت کَسجي وئي سندس سموري زمين، ڌن ۽ دولت به ضبط ڪئي وئي. سندس پيءُ سرڪش هو ۽ ساڳئي سرڪشي منڊيلا کي پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ ملي. ان صورتحال کانپوءِ هن خاندان جو اُتي رهڻ مشڪل بڻجي ويو سندس امڙ موويزو کان پري هڪ وڏي وسندي ”قونو“ منتقل ٿي وئي جتي سندس مائٽن جو سهارو مليو. منڊيلا 5 سالن جي عمر ۾ ئي دراڙ بڻجي ويو. هن ننڍي عمر ۾ ئي لٺ ۽ خنجر جي ويڙهه وڙهڻ جا طريقا سکي ورتا جيڪي ڪنهن آفريقي ڳوٺاڻي لاءِ ضروري سمجهيا ويندا آهن. 7 سالن جي ڄمار ۾ هن جو اسڪول وڃڻ ٿيو، اسڪول وڃڻ لاءِ سندس سٺو لباس سندس والد جي پينٽ ڪٽي پارائي وئي، پينٽ کي هڪ رسيءَ سان ٻڌو ويو. جنهن اسڪول ۾ هن کي ويهاريو ويو اُتي انگريزي فڪر ۽ نظرئي، انگريزي ثقافت ۽ روايتن کي هر شيءَ تي برتري حاصل هئي. اُن اسڪول ۾ انگريزن طرفان آفريقين سان تعصب پرستي جي بنياد تي سندن نالا نه ورتا ويندا هئا جنهن سبب ”رولي هلا هلا“ کي اسڪول ۾ نيلسن جو نالو ڏنو ويو. جڏهن هي 9 سالن جو هو ته سندس پيءُ ڦڦڙن جي بيماري ۾ گذاري ويو. سندس پيءُ جي وفات کانپوءِ سندس امڙ کي سندس ڳوٺ ”قونو“ ڇڏي ”ٿمبو لينڊ“ جي گادي جي هنڌ ”مڪيڪزويني“ اچڻو پيو. ”ٿمبو لينڊ“ جي قائم مقام سردار ”ريجنٽ جوغن ٽابا“ هن جي پيءُ سان واعدو ڪيو هيو ته تنهنجي وفات کانپوءِ تنهنجي پٽ جي هو سرپرستي ڪندو. پوءِ 10 سالن تائين ريجنٽ نيلسن جو محسن بڻيو رهيو. نيلسن جي اميدن جو مرڪز سندس امڙ کيس نئين هنڌ ڇڏي واپس ”قونو“ هلي وئي. ان دوران هن جي تعليم ۽ تربيت ٿيندي رهي. هن اُتي انگريزي، زهوسا زبانن، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم جي شروعات ڪئي. هتي هي مذهب جي ڪافي ويجهو رهيو، هر آچر تي ريجنٽ ۽ سندس زال سان گڏ ”ديول“ ويندو هيو. ريجنٽ جي محل ۾ اڪثر قبيلائي اجلاس ٿيندا هئا جتي هر قسم جا مسئلا انگريزن جا ظلم ۽ ڏاڍ بحث هيٺ ايندا هئا. اُتي عام ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هئي، ماڻهو بحث مباحثو ڪندا هئا، اجلاس ۾ موجود هر ماڻهو هڪ جهڙي حيثيت رکندو هو جنهن مان اصولي جمهوريت نظر ايندي هئي. نيلسن انهن بحث مباحثن کي ڌيان سان ٻڌندو هو. جڏهن ريجنٽ تي سخت تنقيد ٿيندي هئي ته ريجنٽ خاموشي سان سڀ ڪجهه ٻڌندو هو ڪڏهن به جذباتي رويي جو اظهار نه ڪندو هو، ريجنٽ هر قسم جي تنقيد کي برداشت ڪندو هو ۽ آخر ۾ سڀني جي راءِ جو احترام ڪندي گڏيل فيصلو ڪيو ويندو هو، ڪوبه فيصلو مڙهيو نه ويندو هو. اڳتي هلي نيلسن منڊيلا پنهنجي سياسي جدوجهد دوران انهن سياسي ڪچهرين، روين ۽ جمهوري روايتن کي ئي اپنايو ۽ سدائين هڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ انهن اصولن جي پيروي ڪئي. هن محل ۾ قيام دوارن آفريقا جي سمورين قومن ۽ قبيلائي بادشاهن ۽ حڪمرانن جي داستانن کان به واقفيت حاصل ڪئي. ان ڄاڻ دوران هن کي ڪيترائي آفريقي هيروز ٻاهرين پرماريت جي خلاف جدوجهد ڪندي نظر آيا انهن بهادرن جي ياد سدائين هن پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ سانڍي رکي. هن سدائين ريجنٽ جي ان اصول کي ياد رکيو ته هڪ اڳواڻ جو مثال هڪ دراڙ جهڙو آهي هُو ڌڻ جي پٺيان پٺيان هلندو آهي اڳيان ويندڙن کي اهو احساس نه ٿيندو آهي ته سندن رهنمائي ته سڀني جي پويان رهندڙ ڪندو آهي. گورن جي اچڻ کان اڳ سڀ آفريقي ٿمبو، ڪونڊو، زهوسا، زولو سڀ هڪ پيءُ جو اولاد هئا امن ۽ سڪون سان گڏجي رهندا هئا، گورن هنن جي ڀائيچاري کي به تباهه ڪيو ۽ هنن جو سڀ ڪجهه کسي ورتو. هي آفريقي ماڻهو ”بنتو“ ڳالهائڻ وارن ماڻهن جي تاريخ، ڍنڍن، ميدانن ماٿرين جي هن کنڊ ۾ هزارين سال پراڻي آهي. نيلسن منڊيلا پنهنجي نئين رهائشگاهه ريجنٽ جي محل ۽ سندس اباڻو ڳوٺ جيڪو کيس ڪڏهن به نه وسرندو هو جتي هن جو سڀ ڪجهه هو ”قونو“ ڏانهن به ايندو ويندو هو. ننڍ پڻ ۾ علائقي جا ماڻهو هن کي ڄٽ ڳوٺاڻو چوندا هئا جڏهن هن ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ته سندس وڏي ڀيڻ نيلسن کي ڄٽ ڇوڪرو چيو ۽ کيس چيو ته هو پنهنجي سڄي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ ائين هن جا نيلسن سان لاڳاپا ختم ٿي ويا.
    ”زهوسا“ روايتن موجب آفريقي ماڻهو سترنهن سالن جي ڄمار ۾ طهرن جي رسم ادا ڪندا آهن ۽ ان کانپوءِ ئي هُو جوان ليکبو آهي. ان کانپوءِ پنهنجي پيءُ جي ملڪيت ۽ دولت جو وارث بڻجي سگهي ٿو، قبيلي جي ميڙن ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو، شادي ڪري سگهي ٿو. طهرن وقت نيلسن کي هڪ ٻيو نالو به ڏنو ويو” ڊالي ڀنگها“ ڀنگها ٽرانسڪي جي روايت حڪمران جماعت کي چوندا آهن ۽ هي ان جو بنيادي ميمبر هو. طهرن جي رسم جي خاتمي کانپوءِ هڪ خاص گڏجاڻي ڪئي ويندي آهي ان گڏجاڻي کي خطاب دوران سردار ”ميلي ڪلي“ انتهائي مختلف تقرير ڪري ويٺلن جا هوش اُڏائي ڇڏيا. هن چيو ته زهوسا قبيلي جي هن خوبصورت نوجوانن ۽ پٽن کي جيڪي اسان جي قوم جو انمول سرمايو آهن ڪجهه به ڏئي نه ٿا سگهون، اسين هنن جي جوان مردي جا خواب پورا ٿيندي ڏسي نه ٿا سگهون ڇاڪاڻ ته ”زهوسا“ قوم سميت ڏکڻ آفريقا جا سڀ ماڻهو مفتوح قوم آهيون، اسين پنهنجي ملڪ ۾ غلام آهيون، اسان کي پنهنجي وطن جي سرزمين تي ڪو به اختيار نه آهي. نيلسن منڊيلا ان تقرير کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته سردار جو خطاب بي معنى آهي، هُو سمجهي رهيو هو ته گورن جي ڪيل ترقي سردار کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، اسين نوجوان جيڪي انگريزي زبان سکي رهيا آهيون جنهن سان ترقي جا رستا نڪرندا اها به کيس سمجهه ۾ نه ٿي اچي. پر ڊگهي عرصي واري جدوجهد کانپوءِ نيلسن اهو سمجهي ورتو ته ان ڏينهن وارو مقرر اهو ڄٽ سردار نه پر ڄڻ هُو پاڻ هو. نيلسن کي وڌيڪ پڙهائي لاءِ ”ڪلارڪ بري“ جي انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ”انگ ڪوبو“ وڃڻو پيو. ”ڪلارڪ بري“ ٿمبو لينڊ ۾ آفريقن جو اعلى ترين تعليمي ادارو تصور ڪيو ويندو هو.
    ريجنٽ ۽ سندس زال هن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا، هن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکندا هئا. هن تعليمي اداري ۾ پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏنو، راند ۾ دلچسپي وٺندو هو، فٽبال ۽ ٽينس هن جون پسنديده رانديون هيون. سندس تعليمي قابليت وچٿري هئي. 1937ع ۾ هن ”فورٽ بيوفورٽ“ جي هيلڊ ٽائون مشنري اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي ريجنٽ جو پٽ جسٽس اڳي ئي موجود هو. اڻويهين صدي ۾ ”فورٽ بيو فورٽ“ هڪ انگريزي چوڪي هئي. گورن زهوسا ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جي زمينن تي قبضو ڪيو ان لڙاين دوران ”زهوسا“ ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن شهرت حاصل ڪئي. جهڙوڪ ”سنڊيلي“، ”مکانڊا“ ۽ ”موڪوما“. هنن کي برطانوي حڪمرانن رابن آئلينڊ ۾ جلاوطن ڪري ڇڏيو جتي هنن وفات ڪئي.
    ”فورٽ بيو فورٽ“ جتي اڳ صرف زهوسا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا هاڻي صرف گورن ماڻهن جي بستي هئي. هن ڪاليج ۾ هڪ ڏينهن عظيم زهوسا شاعر ”ڪرونو مڪا هوي“ آخري سال جي الوداعي پروگرام ۾ مهمان طور آيو هن جي تاريخي تقرير نيلسن منڊيلا کي شعور جي واٽ تي هلڻ لاءِ گس ڏسيو ۽ منڊيلا سوچيو ته آفريقي عوام گورن جي غلامي کان ضرور آجو ٿيندو. ان کانپوءِ نيلسن يونيورسٽي ڪاليج ”فورٽ هيري“ ۾ داخلا ورتي جنهن جو بنياد 1916ع ۾ اسڪاچ مشن وارن رکيو هو. جتي اڻويهه صدي ۾ انگريزن زهوسا قوم جي اڳواڻ ۽ ويڙهاڪ ”سنڊيلي“ کي شڪست ڏني. ان دوران نيلسن جي دماغ ۾ هڪ ڳالهه هي به هئي ته صرف پڙهيل لکيل انگريز ئي سندس ماڊل آهي انهن جو مقصد صرف ڪارو انگريز بڻجڻ آهي، اهو ئي کين سيکاريو ويندو هو. هي ان تي به يقين ڪندا هئا ته بهترين فڪر ۽ نظريو انگريز نظريو، بهترين حڪومت انگريز حڪومت ۽ بهترين انسان انگريز انسان ئي آهي. هن يونيورسٽي ۾ آفريقا جا ڪجهه عظيم استاد ۽ ڏاها موجود هئا، پروفيسر ذڪ ميٿيوز هڪ کاڻيون کوٽيندڙ جو پٽ ۽ مثالي اسڪالر هو، بنا ڪنهن ڊپ جي گوري حڪمراني خلاف ڳالهائيندو هو.
    پروفيسر ”جباوو“ شاگردن کي زهوسا زبان تاريخ ۽ لاطيني زبان پڙهائيندو هو، هُو آفريقي عوام جي حقن جو علمبردار هو، آل آفريقي ڪنوينشن جو باني هو، هن آفريقي عوام جي حقن جي ابتڙ ڪيترن ئي قانونن تي تنقيد ڪئي.
    ڏکڻ آفريقا جتي گورن جي ڊگهي غلامي هجي، ڌرتي ڌڻين کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو وڃي، ماڻهو خاموشيءَ سان ذلتون سهندا رهن، ان جبر جي باوجود استاد جو پيشو جيڪو چيو ويندو آهي ته اسان جو ڪم رڳو پڙهائڻ آهي اُتي هنن غلامي جي خلاف آفريقي عوام کي شعور ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻايو. سنڌ ۾ جيڪي به استاد، پروفيسر، قومي غلامي ۽ جبر جي خلاف کُلي نٿا ڳالهائين ۽ شاگرد کي عام رواجي تعليم کانسواءِ قومي شعور نٿا ڏين انهن کي ”فورٽ هيري“ جي انهن استادن جي جذبي کان سکڻ گهرجي. فورٽ هيري يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران نيلسن منڊيلا تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو هو ته آءُ برطانيا جي نائب وزير اعظم (Deputy Prime Minister) ”سموٽس“ جي هٿان ڊگري وصول ڪندس. هُو برطانيا جو زبردست حمايتي هو، هُو بي بي سي (BBC)تان پنهنجن دوستن سان گڏ جان ونسٽن چرچل جون پُرجوش تقريرون ٻڌي خوش ٿيندو هو پر سندس هڪ ڪلاس فيلو ”گوگيسا“ جو چوڻ هو ته ”سموٽس“ نسل پرست شخص آهي، ان ڪري مذمت لائق آهي.
    عجيب ڳالهه هي آهي ته اسين پاڻ کي ڪارو انگريز سمجهون ٿا پر گورا اسان تي ظلم ڪن ٿا ۽ اسان کي مهذب بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ”گوگيسا“ جي خيالن نيلسن کي ڇرڪائي وڌو هو. هڪ ڀيري سندس دوست ”پال“ سان گڏ ٽپال گهر وٽ بيٺو هو ته گوري مئجسٽريٽ ۽ پال جي تلخ ڪلامي ٿي، نيلسن پال جي جرئت ۽ بي باڪي کي احترام سان ڏٺو. هُو آفريقي عوام سان ٿيل ناانصافي بابت ڪجهه سمجهي رهيو هو پر کيس اڃا ايتري جرئت يا شعور جي پختگي نه هئي جو پهرين صف ۾ اچي وڃي. هاڻي هُو تعليمي اداري ۾ هاسٽل ۾ رهائش، کاڌي پيتي جو معيار ۽ شاگردن کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو حصو بڻجڻ لڳو. ان دوران ”ريجنٽ“ سندس شادي هڪ مقامي خاندان ۾ ڪرائڻ پئي چاهي پر هُو ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي گڏيل تعليمي ماحول ۾ رومانيت پسند نوجوان بڻجي چڪو هو جنهن ڪري پنهنجي شريڪ حيات جي چونڊ جو اختيار ”ريجنٽ“ کي ڏيڻ لاءِ راضي نه هو.
    جسٽس ۽ هن جوهانسبرگ لاءِ رٿا تيار ڪئي ۽ مختلف طريقن سان ڪاغذ پٽ ٺهرائي ”جوهانسبرگ“ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جوهانسبرگ جو بنياد 1886ع ۾ سون جي کاڻين جي دريافت ڪرڻ وقت رکيو ويو. نيلسن کي کاڻ جي هيڊمين ”پي ليسو“ وٽ پوليس مين طور نوڪري ملي وئي. کاڻين جا منتظم آفريقي سردارن جي وڏي عزت ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته کين سستي ليبر (مزدور) ملي ويندي هئي. ريجنٽ جي سردار هئڻ ڪري نيلسن کي به فائدو پهتو. کاڻين ۾ مختلف قبيلن جي ماڻهن کي الڳ الڳ رکيو ويندو هو جئين هُو متحد نه ٿي سگهن.
    نيلسن جي ڊيوٽي ۾ شامل هو ته هُو مٿي تي ٽوپلو پائي هڪ هٿ ۾ ٽارچ کڻي ٻئي هٿ ۾ ڏنڊو کڻي گيٽ تي بيهي سيٽي وڄائيندو رهي ۽ ان گيٽ تي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن تي لکيل هو ”خبردار مقامي ماڻهن جي داخلا تي بندش آهي“.
    نوڪري جي خاتمي کانپوءِ هُو هڪ معزز ”ڊاڪٽر زوما“ وٽ پهتو جيڪو ٽرانسڪي جو رهاڪو هو ۽ آفريقن نيشنل ڪانگريس جو صدر به هو.
    نيلسن پهريون ڀيرو پنهنجي پسٽل جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو جنهن تي ٿاڻيدار کيس ٻئي ڏينهن تي اچڻ جو چئي آزاد ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته هن اهو پسٽل ٺڳن ۽ ڦورن کان بچڻ لاءِ رکيو هو.
    نيلسن جوهانبسرگ 1941ع ۾ آيو هو. جوهانسبرگ ۾ پهچڻ سان هُو سخت پريشان هو نوڪري نه ملڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار هو پوءِ هُو پنهنجي سئوٽ سان گڏ رهڻ لڳو هن جي خواهش هئي ته هُو سٺو وڪيل ٿئي. ٻئي ڏينهن تي سندس سئوٽ هن کي هڪ اسٽيٽ ايجنسي جي آفيس ۾ وٺي ويو جتي هن ٽرانسڪي جي نوجوان ”والٽر سوسولو“ سان ملاقات ڪرائي. جيڪو آفريقي رهاڪن لاءِ جائيداد جي خريد و فروخت جو ڪم ڪندو هو. 1940ع ۾ جوهانسبرگ جي ڪجهه علائقن ۾ آفريقا جي رهاڪن کي جائيداد جي خريد و فروخت جا حق هئا جڏهن ته سٽي ڪائونسل جي گهرن ۾ فقط رهائش جا حق هئا. ”سوسولو“ آفريقي آبادي ۾ هڪ واپاري ۽ مقامي اڳواڻ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. هُو پنهنجن ماڻهن جي لاءِ هڪ سگهارو شخص ڄاتو ويندو هو. نيلسن پنهنجي تعليم متعلق تڪيلفن کان کيس آگاهه ڪيو ” سوسولو“ هن کي خاطري ڪرائي. سوسولو انتهائي ذهين ۽ انگريزي ڏاڍي مهارت سان ڳالهائيندو هو، حيراني جي ڳالهه اها هئي ته هُو فقط پنج درجا پڙهيل هو.
    آفريقا جي اڪثر اڳواڻن يونيورسٽي جو ڪڏهن منهن به نه ڏٺو. منڊيلا جوهانسبرگ ۾ هئڻ دوران مختلف هنڌن تي ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو، ڪافي پريشان رهندو هو پر هن ڪڏهن به همٿ نه هاري. والٽر سوسولو جي مدد سان ” لازا سائٽ اسڪاءِ“ فرم ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو هن وڪيل ٿيڻ لاءِ رات جي وقت يونيورسٽي ۾ خط وڪتابت ڪورس ۾ داخلا پڻ ورتي.
    اها فرم قانوني صلاحن کانسواءِ آفريقن لاءِ جائيداد جي ڏيڻ وٺڻ جو ڪاروبار به ڪندي هئي. والٽر ان لاءِ گراهڪ ڳولهيندو هو ۽ ڪميشن وٺندو هو. ڪمپني جو مالڪ ”لازار“ نيلسن کي سخت محنت جي تلقين ڪندو رهندو هو. هن جو چوڻ هوندو هو ته پڙهيل لکيل انسان کي دٻائي نه ٿو سگهجي ان وٽ غور فڪر جي سگهه هوندي آهي. هن نيلسن کي نصيحت ڪندي چيو ته هڪ سٺو قانوندان بڻجي ديس واسين جي بهترين خدمت ڪري سگهين ٿو، تو کي هڪ ڪامياب ۽ مثالي شخص بڻجڻ گهرجي.
    فرم جو ٻيو مالڪ ”سائيڊل سڪاءِ“ هو، هُو هن جو استاد رهيو معمولي کان معمولي ڪم بابت سمجهائيندو هو، قانون بابت سمجهائيندو هو، هُو نيلسن کي سياست کان پري رهڻ جي تلقين ڪندو هو، چوندو هو ته سياست تمام خراب شئي آهي، هُو والٽر سوسولو جي قابليت جو اعتراف ڪندو هو پر سندس سياست کان بيزار هو. آفيس ۾ ”گوراڊيبي“ اڪثر ”سائٽ اسڪاءِ“ سان الجهيل رهندو هو. اصل ۾ هُو آفريقي نيشنل ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو. هن ”گوراڊيبي“ سان گڏ رهي اهو سکيو ته فقط ڊگري قيادت جي ضمانت بڻجي نه ٿي سگهي. قيادت عوام جي خدمت ڪندي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ”گوراڊيبي“ نيلسن کي سينڊوچ ڏيندي چيو ته هن مان اڌ تون کاءُ، هن ائين ئي ڪيو، گوراڊيبي نيلسن کي چيو ته ڏس هي ئي ڪميونزم جو فلسفو آهي هُو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو ۽ هن نيلسن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر هن ”سڪاءِ“ جي هدايت تي عمل ڪيو ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي جي ميمبر ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
    نيلسن ڪيئي ڀيرا ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت به ڪندو رهيو پر صرف ڄاڻ جي لاءِ.
    هاڻي هُو پنهنجي وطن ۾ گورن جي ڏاڍ ۽ جبر جي تاريخ کان واقف ٿي چڪو هو، نيلسن ان کي نسل پرستي جو نتيجو سمجهندو هو. جوهانسبرگ ۾ ”اليگزينڊرا“ آفريقي ماڻهن جي لاءِ جنت جو نمونو هو هتي لُچ لوفرن، بدمعاشن ۽ پاٿاريدارن جو راڄ هئڻ جي باوجود ماڻهو خوش رهندا هئا. جتي آفريقين کي جائيداد ۽ ملڪيت جو حق حاصل هو، جتي گورن آفيسرن جي ڏاڍ کانسواءِ پنهنجي معاملن جا خود مالڪ هئا. اها بستي ڳوٺن مان نڪري شهري زندگي گذارڻ جو بهترين موقعو فراهم پئي ڪري. گوري حڪومت جي ڪوشش هوندي هئي ته هو ٻهراڙين ۾ هجن يا جيڪڏهن شهرن ۾ اچن ته کاڻين جا مزدور ٿي رهن. هن وسندي ۾ نيلسن زندگي جا ڪيترائي ورهيه گذاريا، کيس فرم طرفان هفتي ۾ ٻه پائونڊ پگهار ملندو هو. ان پگهار مان ڪمري جي مسواڙ، يونيورسٽي جي في، سفر ۽ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. هن شديد غربت جي حالت ۾ گذاريو، تيل وارو ليمپ خريد ڪرڻ هن جي وس ۾ نه هو. ڪڏهن ڪڏهن پئسا بچائڻ لاءِ ڪيترائي ميل پنڌ ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينهن ڪپڙا به نه مٽائي سگهندو هو.
    ”فلز ماسيڪو“ فورٽ هيري ڪاليج ۾ هن سان گڏ رهي چڪي هئي، اُن هن کي پنهنجو ڏس پتو ڏنو ۽ چيو هئائينس ته جڏهن به ضرورت پوي ته مون وٽ اچجانءِ. هڪ ڏينهن سخت بک لڳڻ ڪري هُو هن جي گهر ويو، جنهن هن کي سٺي ماني کارائي ۽ پوءِ اڪثر هو هن جي گهر ماني کائڻ ويندو رهندو هو. هي پنهجو گهڻو وقت تعليم جي حصول ۽ قانوني فرم ۾ نوڪري ڪندي گذاريندو هو.
    هڪ ڀيري ”باسوٽو لينڊ“ جي راڻي ”موشويش وي“ سان ملاقات دوران هن منڊيلا کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون هڪ اهڙو وڪيل ۽ اڳواڻ آهين جيڪو پنهنجي قوم جي زبان کان به واقف ناهي. نيلسن گهري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيو ته ڪيئن نه گوري سرڪار اسان آفريقي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مختلف ٻولين، گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جو اسان پنهنجي وطن ۾ هڪڙي رنگ، هڪڙي ثقافت، هڪڙي ٻولي هجڻ جي باوجود گڏ ناهيون. 1942ع ۾ سندس سنڀاليندڙ ” ريجنٽ“ گذاري ويو، هي اُتي پهتو پر ريجنٽ اڳ ئي دفن ٿي چڪو هو. ريجنٽ اهڙو ماڻهو هو جيڪو سڀني جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو هو، هر ڪنهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن ڪري علائقي جا سڀ ماڻهو سندس چاهيندڙ هئا.
    ”ريجنٽ ننڍڙي علائقي جو سردار هو پر هن جي عوام سان پنهنجائپ، مسئلن ڏانهن سنجيدگي، سٺي انسان وارين خوبين جي ڪري باوجود ان جي ته هو سردار هو ۽ قومي اڳواڻ نه هو پر سٺين خوبين ۽ ڪردار جي ڪري علائقي ۾ قومي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو هو.“
    نيلسن قانوني اداري ۾ ڪم ڪندي فڪري ۽ نظرياتي طور تي تبديل ٿي چڪو هو. هُو فرم جي مالڪ ”سڪاءِ“ جي تنبيهه جي باوجود گوراڊيبي جي گهڻو ويجهو رهيو جيڪو هن کي چوندو رهيو ته اسان جي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ تعليم بنيادي ۽ تمام ضروري آهي پر رڳو تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي آزادي نٿي ماڻي سگهجي ان لاءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو.
    جنهن ڪري هُو عمل کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو ۽ هُو آفريقن نيشنل ڪانگريس کي سياسي سگهه جي حاصلات لاءِ بهترين ذريعو
    سمجهندو هو.
    آفريقن نيشنل ڪانگريس جو قيام 1912ع ۾ عمل ۾ آيو. جنهن جي پويان جدوجهد جي ڊگهي تاريخ هئي، هن جو منشور نسل پرستي جو مخالف هو. هي جماعت ڏکڻ آفريقا ۾ ڌرتي ڌڻين کي هڪ مڪمل اختيار ڏيڻ جي حق ۾ هئي.
    ”گوراڊيبي“ نيلسن کي ليڪچر ڏيندو هو، پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندو هو، مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جو بندوبست ڪندو هو ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ وٺي ويندو هو. گوراڊيبي نيلسن کي تاريخ جو درس ڏيندو هو، آزادي جي جدوجهد کان واقف ڪندو هو. گوراڊيبي کي انقلاب ۽ آزادي کانسواءِ ٻي ڪنهن به شئي سان دلچسپي نه هئي ان ڳالهه نيلسن کي گهڻو متاثر ڪيو. گوراڊيبي جي ذاتي ۽ سياسي ڪردار نيلسن منڊيلا کي سياست ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ” هڪڙو سٺو سياسي ورڪر جيڪو پنهنجي فڪر ۽ نظرئي سان جڙيل هو، انقلابي ڪارڪن هجڻ جي رڳو دعوى ڪندڙ نه پر عملي طور تي به هُو نظرياتي ۽ انقلابي ڪارڪن ثابت ٿيو هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هُو پنهنجي عمل ۾ به بلڪل ائين ئي آهن جيئن هُو سوچين ٿا يا جيڪوڪجهه هُو ڳالهائين ٿا. گوراڊيبي جي ڪيل ان پورهئي هڪ اهڙي ماڻهو کي ذهني طور تيار ڪري پنهنجي فڪر ۽ نظرئي جي ويجهو آندو جيڪو اڳتي هلي آفريقي عوام جو قومي سرواڻ ٿي اڀريو.
    سنڌ جي قومي تحريڪ جو الميو اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ/ ڪارڪن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق رکن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ/ڪارڪن انتهائي سهل پسندي جو شڪار بڻجي short cut جي ڳولا ۾ مصروف آهن. عام طور تي هُو ڪنهن ڳوٺاڻي غريب پورهيت ماڻهو سان ٻه گهڙيون ويهي ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن، ان جو پهريون سبب يقينن سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي هجي ٿو جڏهن ته ٻيو مکيه سبب نظرياتي يا فڪري طور تي پختگي جو نه هجڻ آهي. جيڪڏهن ڪو اڳواڻ/ ڪارڪن پاڻ ئي نظرياتي ۽ فڪري لحاظ سان مضبوط ڄاڻ جو مالڪ نه هوندو ته اهو پنهنجي پارٽي پروگرام جي پرچار ڪهڙي ريت ڪري سگهندو اهڙي طرح وري جيڪو ڪارڪن پنهنجي عمل ۾ پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر مطابق نه هوندو ته ان جون ڳالهيون عوام تي ڪو مثبت اثر نه ڇڏي سگهنديون نتيجي طور سنڌ جي قومي تحريڪ کي اهڙا سنجيده ۽ انقلابي ڪارڪن ڪي ٿورا ئي ملي سگهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ مضبوط ۽ منظم تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ گورا ڊيبي پئدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن ڇاڪاڻ جو سندن هدف واضح ناهي ان ڪري هڪ ڳوٺاڻو پورهيت انقلابي بڻجي تاريخ جو اهم ڪردار بڻجي سگهي ٿو پر هتي ڇڙواڳ ۽ جاهل ماڻهن جي فوج تيار ڪئي پئي وڃي.“
    نيلسن هن مهل تائين ته گوراڊيبي جي ليڪچر، سياسي پرگرامن ۾ مبصر طور شرڪت ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ وقت گذاريندو هو پر اگسٽ 1943ع ۾ اليگزينڊرا ۾ بسن جي ڀاڙي وڌائڻ خلاف هزارين ماڻهن بائيڪاٽ ۽ مارچ ڪيو نيلسن به ان ۾ حصو ورتو ۽ گوراڊيبي ان جي اڳواڻي ڪئي. نون (9) ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ان ڏينهن کان نيلسن مبصر واري حيثيت ڇڏي عملي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، هن محسوس ڪيو ته پنهنجي قوم سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻ سان ڪيتري نه راحت ۽ روح کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. 1943ع ۾ هن يونيورسٽي آف سائوٿ آفريڪا مان خط و ڪتابت ذريعي امتحان پاس ڪيو.
    هن کي جسٽس ۽ ٻين دوستن ئي بار بار چيو ته جوهانسبرگ ڇڏي ۽ واپس ”امٽاٽا“ اچي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪري پر نيلسن مستقبل ۾ هڪ مخصوص قبيلي يا گروهه بدران سڄي آفريقي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ذهني طور فيصلو ڪري چڪو هو.
    زندگي جو تيز وهڪرو هن کي اوڏانهن ئي ڇڪي رهيو هو. فورٽ هيري مان ڊگري وٺڻ کانپوءِ هن فڪري طور تي پنهنجو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ طئه ڪيو ته گريجوئيشن (Graduation) ڪرڻ سان يا ٿمبو جي حڪمران قبيلي سان لاڳاپن ڪري عزت ۽ احترام ته حاصل ٿيندو پر وڏو عهدي يا سٺي پگهار جي خواهش سندس مقصد نه رهيو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان ڪجهه به نه سکيو هو ڇاڪاڻ ته اُتي نسلي مت ڀيد، ڪارن سان ٿيندڙ ڏاڍ نه پڙهايو ويندو هو. نسلي تعصب هن تعليم ذريعي نه پر عملي طور سماج ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. 1943ع ۾ هن جوهانسبرگ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”يونيورسٽي آف واٽرز رينٽ“ ۾ داخلا ورتي. هن اداري ۾ ”جوسولوو“ مستقبل جي شريڪ حيات ”روزفرسٽ“ ”جارج بزاس“ ۽ ”برام فشر“ سان سندس ملاقات ٿي، اهي سڀ انتهائي ذهين ماڻهو هئا ۽ سڄي زندگي هن جا ساٿاري رهيا. اُن دوران هن جي هندستاني شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسماعيل مير، جي.اين سنگهه ۽ احمد ڀولا شامل هئا جيڪي بعد ۾ هن جا پڪا دوست بڻجي ويا. اڳتي هلي اسماعيل مير جو فليٽ انهن سڀني دوستن لاءِ گڏجاڻي ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو مرڪز بڻجي ويو، ڄڻ ته نوجوان آزادي پسندن جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو. هڪ ڏينهن اسماعيل مير، جي . اين سنگهه ۽ نيلسن هڪ اهڙي ٽرام ۾ ويهي رهيا جنهن ۾ هندستاني ته سفر ڪري پئي سگهيا پر آفريقن جو ويهڻ منع هيو. ٿوري دير ۾ ڪنڊيڪٽر اچي هندستانين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”توهان جي هن ڪافر دوست کي هن ٽرام ۾ ويهڻ جي اجازت ناهي“ جنهن تي هندستاني دوست هن سان تکا مٺا ٿيا، ٽرام روڪرائي وئي ۽ پوليس گهرائي نيلسن کي گرفتار ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن برام فشر کيس عدالت مان آزاد ڪرايو. ”وٽز“ ۾ هن نئين دنيا جو دروازو ڳولهي لڌو جتي فڪر، نظريو، سياست، عقيدي ۽ مناظري جي دنيا هئي. هتي نيلسن کي سفيد فارم ۽ باشعور هندستاني نوجوانن سان گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. هتي کيس هم عمر نوجوان دوست مليا جيڪي آزادي جي جنگ سان گهري دلچسپي رکندا هئا. هتي ڪجهه نوجوان رعايت هجڻ باوجود به محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا.


    آزاديءَ جي سپاهيءَ جو جنم

    ڏکڻ آفريقا ۾ آفريقي هئڻ جو مطلب هي هو ته هر شخص شعوري يا غيرشعوري طور تي پنهنجي پيدائش جي وقت کان سياسي رنگ ۾ رنڱجي پئي ويو. آفريقي ٻار جي پيدائش ”اسپتال فقط آفريقي عوام لاءِ“ ۾ ٿيندي هئي. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ” تعليم فقط آفريقي ٻارن لاءِ“ ۾ داخلا ملندي هئي. جوان ٿيڻ تي کين ”نوڪري فقط آفريقي عوام لاءِ“ ۾ نوڪري ڪرڻ جي اجازت مليل هئي. ”ٽائون شپ فقط آفريقي عوام لاءِ“ ۾ کين مسواڙ تي گهر ملندو هو، ”ٽرين فقط آفريقي عوام لاءِ“ ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت هئي. ڏينهن هجي يا رات آفريقي ماڻهو ڪٿي به روڪيو ويندو هو، گهمڻ ڦرڻ جو اجازت نامو (Permit) نه هئڻ ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويندو هو. هنن جي زندگي نسل پرستي وارن قانونن ۾ جڪڙيل هوندي هئي جيڪا سندن سماجي ۽ قومي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ هئي ۽ ڏکڻ آفريقا جي اصل حقيقت اها ئي هئي. هزارين نفرتن ۽ بي عزتيءَ وارن واقعن ۽ هزارين فراموش نه ٿيندڙ گهڙين جي هڪ لڳاتار انبار هنن جي اندر ۾ ڪاوڙ، گهري بغاوت، نظام جي خلاف جهاد جي جذبي کي جنم ڏنو. جنهن نظام آفريقي عوام کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو هو ان نظام کان آزاديءَ جي حاصلات لاءِ پنهنجو پاڻ کي پاڻمرادو مقصد لاءِ تيار ڏٺو ڇاڪاڻ ته هاڻ هُو آزادي جي جدوجهد کانسواءِ سوچي به نه پئي سگهيو. زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن هن کي متاثر ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ شخص ”والٽر سوسولو“ هو جنهن جي دانشمنداڻي سرپرستي هن جي مٿان هئي. ”والٽر سوسولو“ مخلص، عقلمند، عمليت پسند انسان هئو، ڪنهن به بحراني حالت ۾ هن جا حوصلا پست نه ٿيندا هئا، جڏهن ٻيا رڙيون ڪندا هئا ته هي خاموش هوندو هو. نيلسن کي ان تنظيم سان لاڳاپو پيدا ٿيڻ تي فخر محسوس ٿيندو هو جنهن جو اڳواڻ والٽر سوسولو هو. ANC (آفريقن نيشنل ڪانگريس) اهڙي ئي ڇپر ڇانو هئي جنهن جي هيٺان سڀ آفريقي پناهه وٺي پئي سگهيا. ”والٽر سوسولو“ جو گهر آزاديءَ جي مجاهدن جو قبلو هو، هر هڪ کي ڀليڪار چوڻ وارو گهر جتي سڀني مهمانن لاءِ سندس امڙ پاڻ ماني تيار ڪندي هئي. 1943ع جي رات مون ان گهر ۾ هڪ مقناطيسي شخص کي تقرير ڪندي ٻڌو، اُهو ”ليم بيدي“ هو، جنهن چيو ته ”آفريقا ڪارن انسانن جو کنڊ آهي، جنهن کي نئين سر پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي آهي ۽ پنهنجي حقن کي آجو ڪرائڻو پوندو، منهنجي چمڙي جو ڪارو رنگ مادر وطن جي ڪاري مٽي جيان سون آهي.“
    هن چيو ته احساس ڪمتري آزاديءَ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي سندس چوڻ هو ته جڏهن به جتي به موقعو مليو آهي ته آفريقي ماڻهو گوري ماڻهو کان وڌي چڙهي پنهنجي مهارت ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي. ”ليم بيدي، جو واسطو نٽال سان هئو، سندس پيءُ هڪ اڻ پڙهيل هاري هيو، هن آمريڪي تعليمي اداري ايڊمس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي، جتان هن ماسٽرس ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.
    ”ليم بيدي“ هڪ آفريقي رسالي ۾ قومپرستي جي تائيد ۾ زبردست مقالو لکيو جنهن جو تت هي آهي ته، ”بيٺڪي نظام جو سڀ کان اهم ٽوڙ قومپرستي آهي.“ ۽ اهو ئي سبب آهي جو جابر قوتون قومپرستن جون مخالف هونديون آهن، پنهنجي ڇاڙتن کي لالچ ڏئي قومپرستي جي مخالفت ۾ استعمال ڪنديون آهن. ليم بيدي جي خيالن نيلسن جي اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏي، ان کي خبر پئي ته پئسو، دولت، معزز طبقي جو رُڪن سمجهڻ خودفريبي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ان سڀني شين جو ٽوڙ انقلابي انداز جي آفريقي قومپرستي ٿي سگهي ٿي.
    ڊسمبر 1943ع ۾ ANC جي سالياني ڪانگريس ”بلوم فونٽيم“ ۾ ٿي، جتي نوجوانن جي هڪ عارضي ڪميٽي ٺاهي وئي، هڪ سال کانپوءِ ان جي باقائده جوڙ جڪ ڪئي وئي. جنهن ۾ آفريقي نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان اجلاس دوران ” ليم بيدي“ عالمي تاريخ جي قديم يونان کان وٺي جديد يورپي بيٺڪيت تائين ليڪچر ڏنا. هن آفريقن دورن جو به خاص خاص ذڪر ڪيو. هن گورن ماڻهن جي تصور کي به احمقاڻو قرار ڏنو ته هُو ڪو اعلى نسل سان لاڳاپو رکن ٿا. ان اجلاس ۾ ليم بيدي يوٿ ليگ جو صدر، اوليور ٽمبو سيڪريٽري ۽ والٽر سوسولو خزانچي چونڊيا ويا. ڪاروباري ڪميٽي ۾ نيلسن منڊيلا سميت ڪيترن ئي مزدورن ۽ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو. يوٿ ليگ ANC جي دستور کان مختلف نه هئي بلڪه ان جي ڪيترن ئي معاملن جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ جڙي هئي. هنن جي فڪر جو بنيادي نقطو آفريقي قومپرستي هو. مختلف قبيلن جي سهڪار سان هڪ متحد قوم تخليق ڪرڻ، سفيد فام غلبي جو خاتمو آڻڻ ۽ هڪ حقيقي جمهوريت جو قيام هنن جي منزل هئي. هنن جي منشور ۾ لکيل هو ته ”اسان دل جي گهراين سان سوچيون ٿا ته آفريقي رهاڪن جي قومي آزادي جو حصول خود سندن جدوجهد تي مدار رکي ٿو. هنن لينڊ ايڪٽ جي مخالفت ڪئي جنهن جي ڪري ڪارا ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ستاسي سيڪڙو (87%) زمين تان بي دخل ڪيا ويا. ”اربن ايريا ايڪٽ“ تحت مقامي آبادين جو وجود عمل ۾ آندو ويو جيڪي حقيقت ۾ اهڙا گندا اونداها پاڙا ثابت ٿيا جتي سفيد فام صنعت کي سستو شيدي ليبر (مزدرو) فراهم ٿيندو هو.
    ڪلربار ايڪٽ: جنهن جي ذريعي آفريقي ماڻهن کي مختلف ڪمن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو هو.
    بنتو ايڊمن ايڪٽ: جنهن جي ذريعي آفريقي قبيلائي سردارن جي جاءِ تي تاج برطانيا کي سڀني علائقن جو حاڪم اعلى قرار ڏنو ويو.
    مقامي پنچائتي ايڪٽ: جنهن جي آڌار تي آفريقي رهاڪن کي ووٽرن جي لسٽ مان خارج ڪيو ويو. اهڙي طرح گورن سندن مٿان قانون لاڳو ڪري جبري طور تي کين محدود ڪري سندن سمورا بنيادي، جمهوري، انساني حق کسي جبر ذريعي ڊگهي عرصي تائين غلام بڻائي رکيو ۽ گورا سندن قسمت جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا.
    يوٿ ليگ جو اصل مقصد ANC کي سياسي آزادي جي حصول لاءِ صحيح واٽ ڏيکارڻ هو.
    ”ليم بيدي“ آفريقن ازم جو حامي هو ان کي ڪيترائي سياسي اڳواڻ نسل پرستي وارو رويو چوندا هئا، ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته آفريقا جي نسل پرستي جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن گوري رنگ جا ماڻهو به ساٿ ڏين ته خراب ڳالهه نه آهي. ڇاڪاڻ صدين کان آباد گوري رنگ جا ماڻهو آفريقي مٽي ۾ ملي ويا هئا، ڪنهن حد تائين انهن ۾ به ڪارن جي غلامي، نسل پرستي ۽ غيرجمهوري روين جي خلاف سخت چڙ هئي. اهو ئي سبب هو جو آفريقن ڪميونسٽ پارٽي ۾ گوري رنگ جا ماڻهو ميمبر هئا. انهيءَ زماني ۾ نيلسن منڊيلا پڻ گورن ۽ اشتراڪين جو يوٿ ليگ ۾ شموليت جو سخت مخالف هو. والٽر سوسولو جي گهر ۾ ئي نيلسن جي ”ايوولين ميسي“ سان ملاقات ٿي جيڪا سندس پهرين زال بڻي. هوءَ سنجيده ۽ قبول صورت ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، 1942ع ۾ آفريقا ۾ اهڙا واقعا ٿيا جهڙوڪ 70 هزار کاڻ مزدورن جي هڙتال ۽ ٻين سببن نيلسن جي سياسي جدوجهد کي صحيح رُخ بخشيو. ياد رهي ته کاڻين ۾ 4 لک مزدور ڪم ڪندا هئا، کين هرروز صرف 2 شيلنگ مزدوري ملندي هئي. گوراڊيبي ۽ ٻين آفريقي مائنز ورڪرز جي يونين جو بنياد رکيو هو. يونين اڳواڻن مزدورن جي مطالبن لاءِ تحريڪ هلائي، حڪومتي انتقام وحشياڻو هو، سموري قيادت گرفتار ڪئي وئي، مزدورن جي جلوس کي طاقت جي زور تي منتشر ڪيو ويو جنهن دوران 12 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. ان سڄي صورتحال ۾ يونين قيادت جنهن تدبر ۽ تنظيمي قيادت جو مظاهرو ڪيو ان جا گهرا اثر نيلسن جي دل ۽ دماغ تي پيا. نيلسن جا اڪثر ڪميونسٽ اڳواڻن ۽ پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ بي مارڪس، بوزون ڪوٽاني ۽ يوسف دادو سان بحث مباحثا ٿيندا هئا جيڪي هن کي جذباتي قومپرست اڳواڻ سمجهندا هئا پر هيٺينءَ سطح جا ورڪر ۽ اڳواڻ قومپرست سياست کان سخت نفرت ڪندا هئا ۽ ساڳيءَ ريت آزادي پسند آفريقي قومپرست پڻ ڪميونسٽن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪميونسٽ پارٽي آفريقي عوام کي غلام بڻائڻ ۾ گورن سان شريڪ آهي.
    ان دوران بي مارڪس ۽ ڪوٽاني سميت 50 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري مٿن بغاوت جا ڪيس هلايا ويا. سموٽس جي حڪومت ”ايشياٽڪ لينڊ ايڪٽ“ منظور ڪيو جنهن جي آڌار هندستاني رهاڪن جي چرپر تي پابندي وڌي وئي، هنن جي ملڪيت ۽ خريد وفروخت تي پڻ پابندي وڌي وئي. ان کانپوءِ ڄڻ ته ڪارن هندستانين ۽ رنگ دار ماڻهن جي آزادي مڪمل طرح سان صلب ڪئي وئي ۽ نسلي مت ڀيد جو شڪار بڻايو ويو. ٽرانسوال انڊين ڪانگريس به انهن روين جي سخت مخالفت ڪئي ۽ آفريقي عوام جي بنيادي، انساني حقن جي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ عهد ڪيو ۽ حڪومتي قدمن جي خلاف هڪ زوردار تحريڪ شروع ڪئي. ڊاڪٽر دادو ۽ ڊاڪٽر نيڪر جي سرپرستي هيٺ هلندڙ تحريڪ ۾ عورتون، مذهبي ماڻهو، شاگرد، مزدور هڙئي ان مُهڙ واري دستي ۾ شامل هئا. 2 هزار سياسي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ڊاڪٽر دادو ۽ ڊاڪٽر نيڪر کي 6 مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. هندستاني ماڻهن جي ان جدوجهد ۾ يوٿ ليگ پڻ انهن جي مدد ڪندي رهي. ان تحريڪ دوران اسماعيل مير، جي. اين سنگهه، احمد ڪيٿراڊا پنهنجي جدوجهد اڌ ۾ ڇڏي جيل هليا ويا. نيلسن منڊيلا گهڻو ڪري هندستاني عورت ”مينا پهاٽ“ وٽ منجهند جي ماني کائيندو هو هڪ ڏينهن خبر پئي ته هوءَ به وڃي جيل پهتي. ان قسم جي همٿ ۽ هندستانين جي زبردست هلچل کان ANC اڃا گهڻو پوئتي هئي. ان سڄي تحريڪ نيلسن منڊيلا تي گهرا اثر ڇڏيا، هو هاڻي تيزيءَ سان سياسي جدوجهد جو حصو پئي ٿيو. هندستانين جي اها تحريڪ نئون ماڊل بڻجي سامهون آئي، ان تحريڪ عام ماڻهن ۾ بغاوت لاءِ روح ڦوڪي ڇڏيو. ان تحريڪ منڊيلا ۽ ان جي ساٿين کي اهو پيغام ڏنو ته فقط تقريرون، جلسا جلوس ڪري، قراردادون پاس ڪرڻ ۽ وفد ترتيب ڏيڻ سان آزاديءَ جي جنگ کٽي نه ٿي سگهجي پر ان لاءِ محتاط تنظيم، مجاهداڻو عوامي ڪردار ۽ جان جي قرباني ڏيڻ جو جذبو موجود هجي. هندستان جي ان تحريڪ 1913ع جي ان مزاحمتي تحريڪ جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي ۾ هندستانين جو هڪ وڏو جلوس نعرا هڻندو، قانوني پابندين جي باوجود نٽال جي سرحد اُڪري ٽرانسوال ۾ داخل ٿي ويو. 1946ع جي شروع ۾ نيلسن منڊيلا شادي ڪري پنهنجي گهرواري سان ”اوورينڊو ويسٽ“ واري علائقي ۾ ٻن ڪمرن واري گهر ۾ منتقل ٿي ويو، ڪچي آبادي جي هن گهر جي مسواڙ سترنهن (17) شيلنگ ماهوار هئي. نيلسن جو حقيقت ۾ هي پهريون گهر هو جتي هُو آزاديءَ سان رهي پئي سگهيو. ان کان اڳ نيلسن سدائين ٻين وٽ مهمان ٿي رهندو هو، ڏکڻ آفريقا جي سماج ۾ مهمان نوازي تمام گهڻي هئي ائين چئجي ته مهمان نوازي ڏکڻ آفريقا جي عام رسم هئي. نيلسن کي ”ايوولين“ مان هڪ پٽ ”ماديبا ٿمبي ڪانيلي“ هو. نيلسن منڊيلا پنهنجي پٽ سان راند ڪندو هو، کيس ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، ٻارن سان ويجهڙائي سندس محبوب مشغلو رهيو آهي. اڪثر واندڪائي ۾ خاموشيءَ سان مطالعو ڪندو رهندو هو. نيلسن جي نئين ڄاول ڌيءَ ”مڪازيو“ ڄمڻ سان ئي ڪمزور ۽ بيمار هئي جيڪا ٿوري عرصي ۾ ئي گذاري وئي.
    1947ع ۾ ”سائيڊل سڪاءِ فرم“ ۾ هن جو ٽن سالن جو لازمي تجربو مڪمل ٿيو ته هن قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪل وقتي شاگرد بڻجڻ جو ارادو ڪيو ان ڪري هن جي نوڪري وئي. قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ هن بنتو ويلفيئر ٽرسٽ کي قرض جي درخواست ڏني جيڪا منظور ٿي.
    1947ع ۾ هڪ اجلاس دوران يوٿ ليگ جو صدر ۽ نيلسن جو پيارو دوست ”ليم بيدي“ پيٽ ۾ سور پوڻ جي ڪري گش ٿي پيو، کيس اسپتال نيو ويو پر هُو بچي نه سگهيو. سندس عمر 33 سال هئي، هن جو موت تحريڪ آزاديءَ لاءِ انتهائي صدمي جو باعث هو. هُو انتهائي ذهين، فڪر ۽ عمل جو سرچشمو هو. ” پيٽر مداليم“ هن جو جانشين ٿيو، هُو پنهنجي سياسي بصيرت ۽ عملي تجربي جي ڪري جلد ئي يوٿ ليگ جو اڳواڻ بڻجي ويو. هُو اختلاف راءِ ڪشاده دليءَ سان برداشت ڪندو هو. ان وقت ANC وٽ هڪ به ڪل وقتي ڪارڪن نه هو. ”والٽر سوسولو“ واحد نوجوان هو جيڪو ڪانگريس جو ڪل وقتي ڪارڪن بڻيو. ”پروفيسر ميٿيوز“ جو ذهين پٽ، تيز سڀاءَ وارو دانشور ”سبڪ وي“ به ان ۾ شامل هو.
    نيلسن شروع ۾ ANC ۾ سفيد فام غلبي ۽ سهڪار سان تحريڪ هلائڻ جو سخت مخالف هو. نيلسن کي خوف هوندو هو ته ڪٿي ڪميونسٽ گڏيل جدوجهد جي نالي ۾ سندس تحريڪ تي قبضو نه ڪري وٺن، هن جي خيال ۾ نج آفريقي قومپرستي ئي آزادي ڏياري سگهي ٿي. هڪ مرحلي تي هڪ اجلاس ۾ اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته ANC مان انهن سڀني ماڻهن کي ڪڍيو وڃي جيڪي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر آهن. نيلسن کي اهو احساس هو ته هندستاني پنهنجي بهترين تعليمي معيار، ڊگهي سياسي تجربي ۽ تربيت جي آڌار تي ANC تي ڇائنجي ويندا. 1947ع ۾ منڊيلا کي ANC ٽرانسوال جي انتظامي ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو، اهڙي طرح هن عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ عملي حصو وٺڻ سبب گهر دير سان اچڻ ۽ صبح سوير نڪري وڃڻ ڪري سندس پٽ اڪثر ماءُ کان پڇندو هو ته ”اسان جو بابا ڪٿي رهندو آهي.؟“ نيلسن ”راموهنوئي“ کان گهڻو ڪجهه سکيو جيڪو پرجوش قومپرست ۽ ڪميونسٽن جو مخالف هو، پر ANC کي قومي پارٽي سمجهندي هڪڙي ئي مقصد آزاديءَ لاءِ گڏ ٿيندڙ مختلف فڪر ۽ فلسفي جي ماڻهن کي ڀليڪار ڪندو هو، ڇاڪاڻ جو هن جي دلچسپي پنهنجي مقصد سان هئي نه ڪي ڪنهن شخص سان.
    ”سنڌ جي سياست ۾ جيڪي به آزاديءَ جي تحريڪن جا علمبردار آهن جن جو مقصد سنڌ کي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ آهي اهي هڪڙو ئي نقطه نظر رکندڙ ڌريون به گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ٻئي فڪر ۽ فلسفي واري کي هضم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ پارٽين ۾ ڪجهه ڌرين جو جهنڊو، فڪري رهبر ۽ نظرياتي پروگرام به ساڳيو آهي پر ان جي باوجود سندن وچ ۾ نه ختم ٿيندڙ ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ اڻ ڳڻيا اختلاف ۽ فاصلا موجود آهن جو اهي سنڌ جي آزاديءَ واري نقطي تي ته سهمت آهن پر آزاديءَ جي حاصلات لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ سنڌ ۾ ڏاهپ ڀري، گهڻ پاسائي شخصيت جو نه هئڻ به ٿي سگهي ٿو.
    سنڌ جي قومي تحريڪ جو حصو سمجهيون ويندڙ سياسي پارٽيون مختلف وقتن تي سنڌ جي قومي مسئلن تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ مختلف اتحاد پڻ جوڙينديون رهيون آهن ۽ سنڌ جي عوام انهن اتحادن کي ڀرپور موٽ به ڏني آهي پر ان جي باوجود اهي اتحاد 6-12 مهينن کان وڌيڪ جٽاءُ نه ڪري سگهندا آهن پر جيڪڏهن اتحاد ڊگهو عرصو هلي به پيو ته عملي طور سان ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار هوندو. هر پارٽي جا ذميوار اڳواڻ پنهنجن ڪارڪنن کي ٻين اتحادين ڏانهن بهتر رويو رکڻ جي تلقين ڪرڻ بجاءِ کين نفرت سيکارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هوندا آهن جنهن ڪري قومي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ سهپ ۽ هم آهنگي نظر نه ايندي آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته قومي تحريڪ جو مضبوط ۽ منظم نه ٿيڻ جو ڪارڻ سنڌ جي سياسي پارٽين جي قيادت ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڏاهي ۽ مدبر قيادت عوام جي اهڙي موٽ يا وقتي اُڀار کي سگهاري، منظم ۽ مستقل تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڏانءُ رکندي آهي پر بدقسمتي سان سنڌ جي قومي قيادت وٽ ڏاهپ جي انهيءَ کوٽ جي ڪري سنڌ جو عوام بدترين غلامي ۽ معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي.“
    ANC جي صدر ڊاڪٽر زوما، ٽرانسوال انڊين ڪانگريس جي صدر ڊاڪٽر دادو ۽ نٽال انڊين ڪانگريس جي صدر ڊاڪٽر نيڪر گڏيل دشمن جي خلاف هڪ ٺاهه ڪيو. آفريقي نيشنل آرگنائيزيشن به ان اتحاد ۾ شامل ٿي وئي، اهو اتحاد ڊاڪٽرز پيڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو اهڙي طرح سڄي ڏکڻ آفريقا ۾ آفريقين ۽ هندستانين جي گڏيل تحريڪ شروع ٿي وئي. گورن جي هڪ پارٽي نيشنل پارٽي جيڪا هن مرحلي تي اقتدار کان ٻاهر هئي جنهن پنهنجي اليڪشن جو نعرو هنيو ته ” ڪارن کي پنهنجي اصلي جڳهه تي رکو“ ۽ ”قلين کي ٻاهر ڪڍو“ قلين مان مراد هندستاني هئا. هن جو چوڻ هو ته گورن ماڻهن کي لازمي طور تي مالڪ هئڻ گهرجي. نسلي مت ڀيد جي ان پاليسي کي ڊچ چرچ جي حمايت حاصل هئي. جن مذهبي طور تي اهو چيو هو ته آفريقن يعني يورپي نسل جا آفريقي گورا خدا تعالى طرفان چونديل ماڻهو آهن ۽ ڪارن جو واسطو هڪ گهٽ درجي جي نسل سان آهي. چونڊن ۾ نيشنل پارٽي جي کٽڻ کانپوءِ هي ڳالهه واضح ٿي وئي ته آفريقا جون حالتون خراب ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيون هيون ڇاڪاڻ ته هو اڳيئي طئه ڪري چڪا هئا ته ڪارا ماڻهو گهٽ درجي جا شهري آهن. هوڏانهن ANC پريشان ٿيڻ سان گڏوگڏ اهو محسوس ڪري رهي هئي ته هاڻي اسان جا دوست ۽ دشمن واضح ٿي بيهندا. ان دوران نيشنل پارٽي اعلان ڪيو، ”هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ آفريقا اسان جو بڻجي ويو آهي“. ٻئي طرف يوٿ ليگ پنهنجي پاليسي دستاويز جو اعلان ڪيو جنهن ۾ هنن چيو ته هڪ سگهاري قومپرست تحريڪ منظم ڪرڻي پوندي جنهن جي قيادت خود آفريقين جي هٿ ۾ هجي. انهن جي منشور ۾ انصاف جي بنياد تي زمين جي ٻيهر ورهاست، روزگار جي ذريعن ۾ ڌرتي ڌڻين سان امتيازي سلوڪ، رنگ ۽ نسل جي پابندين جو خاتمو ۽ مفت لازمي تعليم تي زور ڏنو ويو هو. انتها پسندي کان پاسو ڪندي اعتدال پسندي وارو رستو اختيار ڪيو ويو. نيشنل پارٽي 1949ع ۾ اهڙين شادين تي پابندي جو ايڪٽ لاڳو ڪيو جنهن ۾ سفيد فارم ۽ غير سفيد فارم شادي ڪري سگهن. گورن طرفان پاپوليشن ۽ رجسٽريشن ايڪٽ تحت نسلي بنيادن تي شهرن ۾ ڌار ڌار علائقا مخصوص ڪيا ويا. هن ايڪٽ کانپوءِ گورن زبردستي زمينن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ ANC غير معمولي تاريخي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڻ کي صحيح عوامي تنظيم ۾ بدلائڻ جو اعلان ڪيو. ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪومت سان عدم تعاون ۽ ٻين عوامي ردعملن جو فيصلو ڪيو. اها انقلابي تبديلي هئي، ان کان اڳ ANC هميشه قانون جي دائري ۾ رهي ڪري جدوجهد ڪندي هئي. ان پاليسي تي صدر زوما سخت اختلاف ڪيو ۽ چيو ته حڪومت تشدد ڪندي، سختي ڪندي ۽ جيل ۾ واڙيا وينداسي تنهنڪري وقت کان اڳ ائين نه ڪرڻ گهرجي. يوٿ ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪانگريس جي ٻين اڳواڻن جو ڊاڪٽر زوما تي سخت دٻاءُ هو ته وقت اچي ويو آهي ته مزاحمت ڪجي ۽ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيون، پر ڊاڪٽر زوما مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پنهنجي سٺي Doctor’s Practice ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. هن سمورن اڳواڻن کي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو.
    ”اڄ جڏهن اسين 2011ع ۾ آهيون ته اڄوڪين حالتن ۾ سنڌ جون اڪثر آزادي پسند ڌريون ڇا ان وقت واري ڊاڪٽر زوما جي پاليسي ۽ خيال سان هڪجھڙائي نه ٿيون رکن؟ جڏهن سنڌ جا سمورا وسيلا قبضاگير قوتن وٽ يرغمال آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ قديم سنڌي وسندين کي غير قانوني ۽ ڪچيون آباديون ڄاڻائي ڌرتيءَ ڌڻين کي سندن شهرن مان بي دخل ڪيو پيو وڃي، روزانو ڪيترائي سنڌي ماڻهو بي درديءَ سان قتل ڪيا ويندا هجن، نسل پرست ايڪٽ ۽ قانون جي آڙ ۾ اسان کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي اعلى تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن ئي شهرن ۾ روزگار جي ذريعن کان محروم ڪيو ويندو هجي، سنڌي ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور هجن، پنهنجن ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني نه کارائي سگهندڙ والدين پنهنجا ٻچا شهر جي چوڪن تي وڪڻڻ لاءِ مجبور هجن اهڙين حالتن ۾ قانون جي دائري ۾ رهڻ ۽ عدم تشدد واري پاليسي جي ڪوڙي حام هڻندي قومپرست اڳواڻ/ پارٽيون رڳو سيمينار، آل پارٽيز ڪانفرنسون، عوامي ميڙاڪا ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به وڏي مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جي ثابتي ان مان به ڏسي سگهجي ٿي ته ڪنهن به سياسي پارٽي جو هڪ به ڪارڪن سرڪاري قانون جي معمولي ڀڃڪڙي ۾ به جيل ۾ بند ناهي. قانون جي دائري ۾ رهڻ ۽ پاڻ کي عدم تشدد واري پاليسي جو پيروڪار سڏيندڙ انهن ڌرين جا اڪثر اڳواڻ ۽ ڪارڪن سماج اندر مختلف غير قانوني، غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث ڏٺا وڃن ٿا، سندن عدم تشدد جي پاليسي تي ان وقت اچرج ٿئي ٿو جڏهن تعليمي ادارن اندر سندن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي پيدا ٿيندڙ ٽڪرائن جي نتيجي ۾ پنهنجي ئي قوم جا نوجوان سندن گولين جو کاڄ بڻجن ٿا. سنڌ جي قومپرست اڳواڻن پاران تازو 2011ع ۾ ٿيندڙ گهر شماري کي بوگس قرار ڏيندي ان کي سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو نالو ڏنو ۽ پنهنجي طرفان رسمي طرح هاءِ گهوڙا ۽ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ٿوري ڪي گهڻي عوامي رابطا مهم به هلائي وئي پر زندگي ۽ موت برابر سنڌ جي ان مسئلي تي ڪو به غير معمولي ۽ اثرائتو احتجاج نه ڪيو. نتيجي طور هاڻ وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي قومپرستن طرفان سنڌ جي مختلف مسئلن تي ٿيندڙ احتجاج به پنهنجو اثر وڃائي ويٺا آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي نه رڳو پاليسي ڊاڪٽر زوما جي پاليسي جهڙي آهي پر پارٽي ڪارڪنن ڏانهن سندن رويو به ڊاڪٽر زوما کان مختلف نه آهي، سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ به پارٽين کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا ۽ اختلاف راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان تڙي خارج ڪري ڇڏين ٿا، کين ايجنسين جو دلال، دشمن/ مخالف پارٽين جو ڇاڙتو وغيره جهڙن لقبن سان نوازي سندن پاران ڪيل سڄي حياتيءَ جي قومي ۽ سياسي پورهئي جي تذليل ڪن ٿا.“
    ڪجهه عرصي کانپوءِ هڪ پڙهيل لکيل، احترام لائق شخصيت ڊاڪٽر جي. ايس موراڪا کي ڊاڪٽر زوما جي جاءِ تي صدر بڻايو ويو ۽ والٽر سوسولو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. يوٿ ليگ جا ميمبر انقلابي رستي تي وڌي رهيا هئا جڏهن ته پراڻا اڳواڻ ان ويڙهاند واري دور ۾ ٿڌا ٿيندا پئي ويا. نيلسن منڊيلا ڪميونسٽن ۽ هندستانين جي سرگرمين کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسندو هو، هن جي نظر ۾ هو آفريقي عوام جي حقيقي قومي آزادي جي تحريڪ کي يرغمال ڪرڻ چاهين ٿا. ”احمد ڪيٿراڊا“ جيڪو ان وقت صرف 22 سالن جو پرجوش نوجوان هو تنهن نيلسن کي چيڙائي وڌو ته تون اسان جي آزادي جي ڏينهن ملهائڻ جو مخالف آهين، آفريقا جا ڌرتي ڌڻي به اسان جا حامي آهن، تو ۾ همٿ آهي ۽ تون انهن ڪارن کي اسان جي ان ڏينهن ۾ شرڪت کان روڪي سگهين ٿو ته روڪي ڇڏ. حڪومت جي پابندين باوجود هي هڙتال ڪامياب رهي، پوليس وڏي جلوس تي فائرنگ ڪري ڏني، نيلسن ۽ والٽر نرسنگ هاسٽل ۾ پناهه ورتي، ان ڏينهن 18 آفريقي مارجي ويا. ان وقت کانپوءِ نيشنل پارٽي جي حڪومت ”ڪميونزم کي روڪڻ وارو ايڪٽ“ پاس ڪيو جنهن تحت ڪميونسٽ پارٽي کي آفريقا ۾ غيرقانوني قرار ڏنو ويو، جيڪو به ان جي ميمبر شپ حاصل ڪندو ان کي ڏهه سال سزا ڏني ويندي. حڪومت جي اهڙي عمل خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي جنهن ۾ نيلسن منڊيلا ۽ ٻين چيو ته هڪ سياسي گروپ جي خلاف حڪومتي جبر کي سڀني حريت پسند ماڻهن جي خلاف جبر سمجهڻ کپي. ان عمل خلاف 26 جون 1950ع واري ڏينهن کي 18 آفريقين جي قتل ۽ ڪميونزم جي روڪڻ واري ايڪٽ کي روڪڻ لاءِ، جذبي جي اظهار لاءِ قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي.
    ڪالهه تائين ڪميونسٽن ۽ هندستانين کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ وارو نيلسن ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکڻ بعد هندستانين ۽ اشتراڪين سان هٿ وڌائڻ جو حامي ٿي ويو.
    ”سنڌ ۾ به ڪيئي اهڙا موقعا/ مرحلا آيا آهن جڏهن قومپرست مختلف حڪمت عملين سان پنهنجي جدوجهد جي شروعات ڪري ڏيندا آهن ته ان وقت به اسان جي هڪ ٻئي ڏانهن روش سخت تعصب واري هجي ٿي، هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسون ٿا، قومي مسئلن تي گڏ ويهڻ ۽ گڏيل محاذ جوڙڻ وقت به انا، ذاتي پسند ناپسند جهڙا شخصي رويا سامهون اچن ٿا. نتيجي طور سنڌ جي سڄي قومي تحريڪ ۾ اهم مسئلن تي جدوجهد دوران معمولي قسم جي اختلافن تي زور ڏئي بيهڻ واري روش سبب سنڌ جي عوام جي ٻڌي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، سنڌي عوام جي اجتماعي قومي ٻڌي ۽ جدوجهد عدم ويساهه جي ور چڙهي وئي آهي، سنڌ جي قومپرست قيادت ۽ پڙهيل لکيل قومي ڪارڪنن کي نيلسن منڊيلا جي ڪردار کي مثال بڻائي سنڌ جي معروضي حالتن پٽاندڙ پنهنجي سياسي حڪمت عملين، پاليسين ۽ فطري طور سياسي اتحادين جو تعين ڪرڻ گهرجي ۽ يقينن سنڌ جي قومي آزادي وارو مقصد سندن ذاتي پسند ناپسند جهڙن سمورن شخصي روين کان مٿاهون هجڻ گهرجي. نيلسن منڊيلا جيڪو پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي تائين ڪميونسٽن، هندستانين ۽ ٻين رنگدارن جو سخت مخالف هو پر ڏکڻ آفريقا جي معروضي حالتن کيس پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ڇاڪاڻ ته سندس منزل ۽ مقصد آفريقي عوام کي غلامي کان آزادي ڏيارڻ هو جنهن ڪري هن پنهنجا شخصي اختلاف ۽ ذاتي راءِ کي پٺي پويان واري ڇڏيو، سهپ ۽ رواداري جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو ئي سبب هو جو آزاديءَ جي اجتماعي تحريڪ اُٿي ۽ آفريقي عوام غلامي کان آزاد ٿيو. دشمن جي خلاف ڪاميابي هميشه بهترين رٿابندي، گڏيل سهڪار ۽ ٻڌي سان ممڪن هجي ٿي.“
    بهرحال 26 جون واري هڙتال آفريقي ڪانگريس جي ملڪي سطح جي پهرين هڙتال هئي. هيءَ هڙتال ڪامياب رهي جنهن ڪري سندن حوصلا بلند ٿيا ۽ هاڻ 26 جون جو ڏينهن آزادي جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.
    ”سنڌ ۾ 2010ع واري مها ٻوڏ دوران هڪ ڪروڙ سنڌي ماڻهو جڏهن تباهيءَ جو شڪار ٿيا، دربدر ٿيا ته انهن مان صرف 5 لک ماڻهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو هو ته نسل پرست تنظيم متحده قومي موومينٽ سنڌي ماڻهن کي ڪراچي شهر ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ سخت ڌمڪيون ڏنيون ۽ سنڌ سرڪار کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ٻوڏ ستايل سنڌي ماڻهن کي ڪراچي ۾ رهايو ويو ته ٺيڪ نه ٿيندو، نتيجي طور ڌرتي ڌڻي مصيبت جي اُن گهڙيءَ ۾ شهر جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ پناهگيرن وانگر ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا. وطن جي وارثيءَ جي دعويدار ڪنهن به قومي اڳواڻ/ پارٽيءَ روايت موجب بيان بازيءَ کانسواءِ نسل پرستن طرفان ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ان ڏاڍ خلاف عملي مزاحمت نه ڪئي، بي يارو مددگار بڻيل پنهنجن ماڻهن جي وارثي نه ڪئي ۽ کين ڪراچي ۾ مستقل طور تي آباد نه ڪرائي سگهيا. هي فرق هجي ٿو هڪ سنجيده ۽ قرباني جو جذبو رکندڙ قيادت جو.“
    نيلسن منڊيلا کي ايوولين منجهان هڪ ٻيو پٽ ڄائو جنهن جو نالو ”ميڪ گاٿو“ رکيو ويو. ميڪ گاٿو 1917ع کان 1924ع تائين ANC جو صدر رهيو هو، جنهن پريٽوريا جي رستن تي آفريقين جي آمد تي لڳل پابندي واري حڪم جي خلاف وڏي جلوس جي قيادت ڪئي هئي، هن جي بهادري جي ڪري ئي نيلسن پنهنجي پٽ جو نالو ”ميڪ گاٿو“ رکيو هو.
    نيلسن منڊيلا اڳتي هلي اهو اعتراف ڪيو ته گهٽ علمي ڄاڻ هجڻ ڪري ئي هو ڪميونسٽن ۽ ٻين جو مخالف رهيو. هن هڪ مرحلي تي هندستانين ۽ ڪيمونسٽ اڳواڻن ۽ دانشورن سان ڊگهيون ڪچهريون ڪيون ۽ ساڳئي وقت ڪارل مارڪس، لينن، اسٽالن، مائوزيتنگ ۽ جدلياتي فلسفي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتابن جو اڀياس ڪيو، غير طبقاتي سماج جي نظرئي هن کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڄاڻ کانپوءِ سڄي علم کي آفريقي عوام خلاف ڏاڍ ۽ نسلي مت ڀيد جي لاءِ موزون سمجهيو، جنهن سبب هن پنهنجي فڪر کي ڪافي حد تائين بدلايو ۽ ANC ۾ مارڪسٽن جي شموليت کي قبوليو. ڪميونسٽن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو نه هو ته ڪو نيلسن به ڪميونسٽ ٿي ويو هو.
    ”دنيا ۾ انقلاب ۽ آزادي جي تحريڪن جي هي تاريخ آهي ته شعور ۽ تربيت انقلابي تنظيمن کي جنم ڏين ٿيون باشعور ماڻهو، باهمٿ بڻجي ٿو ۽ ڏاهپ ڀري انداز ۾ مستقل مزاجي سان قومي آجپي جي جنگ وڙهي ٿو ۽ منزل حاصل ڪجي ٿي. بدقسمتي سان سنڌ ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان شعوري طور سياسي ڪارڪنن کي تعليم ۽ تربيت کان پري رکيو ويو آهي، قيادت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري نه ٿي سمجهي، انڌن، گونگن، ٻوڙن ۽ ڇڙواڳ ڪارڪنن جي هڪ وڏي فوج تيار ڪئي پئي وڃي. ان جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيئن ڪارڪن قيادت جي غلط پاليسين ۽ سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جهڙن مسئلن تي قيادت پاران اختيار ڪيل مصلحت پسندي وارن روين جو پڇاڻو نه ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته نظرياتي ۽ فڪري ڄاڻ رکندڙ ڪارڪن نه صرف پارٽي جي نظرياتي پروگرام، پاليسين ۽ سياسي حڪمت عملين تي گهري نظر رکندڙ هوندا آهن پر هو صحيح ۽ غلط جو فيصلو ڪرڻ واري صلاحيت پڻ رکندا آهن ۽ سياسي تربيت، فڪري، علمي ڄاڻ منجهن سوال ڪرڻ يا اختلاف راءِ رکڻ واري سگهه پڻ پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. پر پڙهيل لکيل سياسي ڪارڪنن جون اهي سڀ خوبيون اسان جي انهن قومي اڳواڻن کي بلڪل پسند نه آهن جيڪي صرف ۽ صرف پنهنجي تعريف ۽ واهه واهه ٻڌڻ جا عادي بڻجي چڪا آهن يا وري پارٽين کي هڪ اداري ۽ نظرياتي پروگرام مطابق هلائڻ بدران پنهنجي مرضي ۽ خواهشن هيٺ هلائڻ چاهين ٿا. اسان جي قومي اڳواڻن ۽ پارٽين کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڇڙواڳ فوج تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، ۽ اسان جون پارٽيون/ اڳواڻ به ڪارڪنن کي تعليم ۽ تربيت کان پري رکي قومي آزادي جي منزل تي رسڻ وارو خواب ته ڏسي سگهن ٿا پر عملي طور پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي نٿي ماڻي سگهجي.“ جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته 5 ڏهاڪن کانپوءِ به اسان جا قومي اڳوڻ ڪا منظم ۽ سگهاري تنظيم جوڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.“
    مشن پارٽي جي حڪومت نسلي امتياز وڌائي ڇڏيا هٿ ٺوڪيل قانون تحت گورا ڪٿي به قبضو ڪري انهن علائقن کي گورن جي بستي قرار ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ اهڙي ريت ڪارن جا ڳوٺ ۽ بستيون ڊهڻ شروع ٿي ويون هر طريقي سان ڪارن کي ذلتن جو منهن ڏيڻو پئي پيو ۽ ANC جي قيادت ڏاڍي بردباري سان ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺي آفريقي عوام کي منظم ڪري رهي هئي. سياسي ڪارڪنن جي سٺي تربيت ڪئي وئي، ليڪچر ۽ ورڪشاپ منعقد ڪيا ويا. ANC جا دانشور مسلسل اهو ڪم هيٺين سطح تائين ڪندا رهيا ڇاڪاڻ ته ANC کي اهو اندازو ٿي ويو هو ته آزادي جي ويڙهه ڊگهي ٿيندي، باهمٿ ۽ عقلمند ڪارڪن ئي سڄي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري سگهندو، عدالتن ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪري سگهندو. تنهن ڪري سياسي جلسن جلوسن سان گڏ تربيت جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو.
    06 اپريل تي گورا ”جان بان ريبڪ“ جي آمد جو 100 ساله جشن ملهائيندا آهن هن ڏينهن تي هر سال گوري حڪومت جو بنياد پوڻ جو جشن مهايو ويندو آهي ۽ ڪارا ڌرتيءَ ڌڻي غلامي جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن. هاڻ آهستي آهستي سرڪار خلاف عدم تعاون ۽ مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ٿي رهي هئي. ANC جي هڪ گڏيل اجلاس ۾ مهاتما گانڌي جي پٽ ”مني لال شنڪر“ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مهاتما گانڌي جي اصولن جي پيروي ڪندي عدم تشدد وارو رستو اختيار ڪرڻ کپي. نيلسن منڊيلا جو خيال هو ته عدم تشدد اصل ۾ ڪو اهڙو عمل نه آهي، اهو سڀ ڪجهه رياست تي ڇڏيل هوندو آهي ته هو اوهان کي ڪهڙي رستي تي هلڻ تي مجبور ڪن ٿا اصل ۾ پرامن تحريڪ به مزاحمتي تحريڪ هوندي آهي. پهرين مرحلي ۾ ننڍن ننڍن جٿن تي مشتمل تربيت يافته رضاڪارن کي شهري علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين جي خلاف مخصوص قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻي هئي، هنن ٽولين پاران پوليس کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻو هو ته هُو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا مثال طور منع ڪيل پارڪ ۾ وڃڻ، منع ڪيل اسڪول ۾ وڃڻ، ،منع ڪيل گاڏي جي دٻي ۾ چڙهڻ، منع ڪيل Toilet ۾ وڃڻ وغيره. هي جٿا مقرر وقت تي منع ڪيل علائقن ۾ وڏي جوش جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان آزادي جا گيت ڳائي داخل ٿي رهيا هئا ۽ آفريقي عوام سندن زبردست آڌرڀاءُ ڪري رهيو هو، سوين ماڻهن جو هڪڙو ئي نعرو هو ”آفريقا اسان کي واپس ڪريو“ ۽ سمورا گرفتا ٿي ويندا هئا.
    آفريقا جي منع ڪيل علائقن ۾ پارٽي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مختلف رضاڪارن جي داخل ٿيڻ ۽ گرفتار ٿيڻ آفريقي عوام جي عوامي جدوجهد ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.
    ”سنڌ ۾ به ڪجهه ڏهاڪا اڳ جڏهن سنڌ تي ون يونٽ مڙهيو ويو يا ان کانپوءِ جابر حڪمران ضياءَ جي مارشل لا جي دور ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن صحافي تحريڪ ۾ اهو رنگ ڏيکاريو. يا ان کانپوءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ايم آر ڊي جي مزاحمتي تحريڪ دوران هزارين نوجوانن، ٻارن، ٻڍن، ۽ سنڌ جي نياڻين ڏکڻ آفريقا جي ان تحريڪ جي ياد تازي ڪري ڇڏي هئي. جڏهن هُو مارشل لا جي سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي فوجي راڄ جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نچندا ڪڏندا آزادي جا گيت ڳائيندا تشدد سهندي گرفتاريون پيش ڪري رهيا هئا. پر ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ سنڌ جي قومي قيادت تبديل ٿي وڃڻ سان مزاحمتي تحريڪ جي جيڪا گرمجوشي هئي اها آهستي آهستي دم ٽوڙي وئي. ياد رهي ته صحافي تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار سياسي ڪارڪنن کي ڳريون سزائون مليون ۽ اهي مارشل لا جي خاتمي تائين جيل جون اذيتون سهندا رهيا. “
    ان دوران نيلسن منڊيلا ۽ تحريڪ جا ٻيا مکيه اڳواڻ به گرفتار ڪيا ويا. نيلسن ان کان اڳ ڪيئي ڀيرا ٿوري ٿوري عرصي لاءِ جيل ويندو رهيو. ٿورن مهينن ۾ 8 هزار سياسي ڪارڪن جيل ۾ واڙيا ويا. اها تحريڪ ANC جي شهرت وڌائڻ ۾ اهم ثابت ٿي ۽ لکين ميمبرن جو اضافو ڪيو. آفريقي هندستاني اعتدال پسند ۽ انقلابين جي گڏيل متحده محاذ حڪومت کي چيڙائي ڇڏيو، ان دوران سرڪار مختلف طريقا استعمال ڪندي تحريڪ کي ٽوڙڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر کين ناڪامي ٿي. 30 جون 1952ع تي ڪميونزم روڪڻ واري ايڪٽ تحت نيلسن ۽ سندن ساٿين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. والٽر سوسولو، بي مارڪس، ڊاڪٽر دادو، يوسف ڪچاليه ۽ ڊاڪٽر احمد ڪيٿراڊا پڻ گرفتار اڳواڻن ۾ شامل هئا. ان دوران هڪ عجيب قصو ٿيو، ANC جي صدر ڊاڪٽر موروڪا الڳ ڪيس وڙهڻ جي درخواست ڪئي جنهن تحريڪ کي نقصان ڏنو، نيلسن جي چوڻ باوجود هن نه مڃيو. هن عدالت ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڏکڻ آفريقا ۾ ڪارن ۽ گورن ۾ برابري هئڻ ناممڪن آهي، هُو پنهنجي دولت کي خطري ۾ نه پئي وجهي سگهيو. هن عدالت نيلسن منڊيلا ۽ سندس ساٿين کي 9 مهينا ٽيپ جي سزا ڏني. ان تحريڪ ۾ کوڙ سارين غلطين جي باوجود آزادي جي تحريڪ لاءِ مضبوط بنياد پئجي ويا ۽ خاص ڳالهه اها ٿي ته 6 مهينن جي انهي تحريڪ دوران اتحادين پاران هڪ به تشدد جو واقعو نه ڪيو ويو. تربيت يافته رضاڪارن هن ويڙهه کي اڳواڻن جي ڏسيلdiscipline تحت ڪاميابي سان وڙهيو. اهو ئي مکيه سبب هو جڏهن پڙهيل لکيل سمجهدار قيادت هجي ۽ بهتر ڪارڪن هجي ته هر قسم جي ڏاڍ خلاف سندن حوصلا هماليه پهاڙ جيان اوچا ٿي بيهن ٿا، ڪنهن به قسم جو ڊپ سندن ويجهو نٿو اچي. ان تحريڪ دوران نيلسن کي تجربو ٿيو ته رڳو سول نافرماني جي تحريڪ سان گورن جي بربريت جو خاتمو نه ٿو ڪري سگهجي. نيلسن هاڻ آزادي جي مجاهد جي حيثيت ۾ بالغ ٿي چڪو هو، هُو ڊپ ۽ لالچ کان مٿاهون ٿي صرف آزادي جو مقصد کڻي جدوجهد جي ميدان ۾ لٿو.
    1952ع جي پڄاڻي تي ANC سالياني ڪانگريس ۾ نئين حالتن موجب پنهنجو نئون ۽ وڌيڪ متحرڪ صدر چونڊيو جيڪو قبيلائي سردار ” البرٽ لوٿولي“ هو، سندس پيءُ پادري هو ۽ سندس ايڊمس ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان تربيت حاصل ٿيل هئي. نيلسن، ڪانگريس جو پهريون ڊپٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو. چيف لوٿولي نسلي مت ڀيد جو سخت مخالف هو هن پنچائتي ڪائونسل جي ميمبرشپ ختم ڪئي، ڪانگريس ۾ سرگرم رهڻ جي ڪري حڪومت سندس سڀ رعايتون ختم ڪري ڇڏيون، جنهن تي هن بيان جاري ڪيو هو، ” آزادي جو رستو ڦاسي جي تختي تان ٿي گذري ٿو.“ نيلسن منڊيلا تي سرڪار ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، نيلسن جي سندس پٽ جي سالگرهه ۾ شرڪت به سياسي ڏوهه قرار ڏنو ويو. ANC سمجهي ورتو هو ته ڪانگريس کانپوءِ ANC ۽ آفريقا انڊين ڪانگريس تي پابندي هنئي ويندي ان ڪري اهڙو منصوبو ٺاهيو ويو جو زير زمين رهي ڪري به آزادي جي جدوجهد کي جاري رکي سگهجي. اهو منصوبو بعد ۾ ”منڊيلا پلان“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان سلسلي ۾ تفصيل طئه ڪرڻ لاءِ ته ڪيئن مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري سگهبو، نيلسن منڊيلا ڪيئي مهينا اهم اڳواڻن سان ڳجهي نموني صلاح مشورا ڪندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ بهترين تنظيمي ڍانچو ترتيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا. هيٺين سطح تي تنظيم ٺاهڻ ۽ انهن جو هر ماڻهو سان واسطو يا خبر رکڻ سان گڏوگڏ مٿين سطح تي اڳواڻن سان مستقل رابطو ضروري هو. نيلسن جي خيال ۾ هيٺين سطح جا سمورا اڳواڻ جيڪي تنظيم جي اڳواڻي ڪندا اهي مقامي سطح تي سٺي ساک رکندڙ هجن ۽ سڀئي ماڻهو مٿن ڀروسو ڪندا هجن، انهن اڳواڻن جو ڪم عوام جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ لاءِ سياسي ليڪچر ڪرڻ جو بندوبست به لازمي هو. ANC جي مٿين اداري نيشنل ايگزيڪٽو منڊيلا جي ان پلان کي قبول ڪري ورتو. ڪانگريس سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ڪارڪنن جي لاءِ ليڪچرن جا بندوبست ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هڪ نصاب ترتيب ڏنو جنهن موجب:
    1. دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا
    2. اسان تي حڪومت ڪيئن ڪئي پئي وڃي.
    3. انقلاب جي ضرورت آهي
    انهن ليڪچرن ۾ سياسي ۽ اقتصادي حالتن، ڪارن ۽ مقامي ماڻهن جي نسلي غلامي، انهن تي ڏاڍ ۽ جبر جهڙن موضوعن تي ڳالهايو ويندو هو. اهڙيءَ ريت سرڪار جي مختلف اڳواڻن تي پابندين جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جي سياسي ڪارڪنن جي زبردست تربيت ٿيندي وئي.
    ”1950ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آفريقي عوام بدترين غلامي ۾ ڦاٿل هو ان جي باوجود آفريقي آزاديءَ لاءِ مزاحمتي تحريڪ اهو ضروري سمجهيو هو ته هيٺينءَ سطح تي تنظيم ڪاري عوام سان سڌو رابطو انهن جي سياسي تربيت ۽ مقامي سطح جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي سٺي ساک ۽ ڀروسي جوڳو هجڻ ڪيڏو نه اهم هو.
    ڇاڪاڻ جو آزادي بي لوث جدوجهد جي ذريعي ۽ وڏي قرباني ڏيڻ سان ملندي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ پنجن ڏهاڪن کانپوءِ به ڏکڻ آفريقا جي آزادي واري تحريڪ ۾ نيلسن منڊيلا جي ڪردار ۽ جدوجهد يا دنيا جي ٻين قومي آزادي وارين ڪامياب تحريڪن مان ڪجهه به نه پِرايو آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ يا قومي تحريڪ جا اڳواڻ 5 ڏهاڪن جي جدوجهد کانپوءِ به سنڌ جي عوام جو ويساهه حاصل نه ڪري سگهيا آهن، ان جو بنيادي ڪارڻ هيٺين سطح تائين مضبوط تنظيم ۽ سنجيده اڳواڻن/ ڪارڪنن جو نه هجڻ آهي. سنڌ ۾ قومپرست سياست جي ڊگهي تاريخ باوجود اڄ به سنڌ جي قومپرست پارٽين ۾ يونٽ/ يو سي سطح جا اڳواڻ ته ٺهيو پر ضلعي سطح تي به توهان کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو اڳواڻي ڪندي نظر ايندا جيڪي پنهنجي پارٽي جي منشور يا پروگرام جي به چڱي ريت وضاحت نه ڪري سگهندا آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ جو ويجهڙائي کان جائزو وٺڻ سان خبر پوندي ته هيٺين سطح تي علائقي ۾ سٺي ساک رکندڙ سياسي ڪارڪنن بجاءِ پارٽي قيادت پاران هٿ وٺي نالي ماتر پڙهيل، ڇڙواڳ، ڏاڍا مڙس ۽ پنهنجي ئي عوام کي آزاريندڙ ماڻهن کي اڳواڻ بڻايو وڃي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ جو اڪثريتي عوام نه چاهيندي به سنڌ جي بدترين ڪردار جاگيردار ۽ وڏيري سان گڏ بيٺو آهي يا وري موجوده صورتحال ۾ سنڌ دشمن نسل پرست ٽولي تي اعتماد ڪرڻ لڳو آهي. سنڌ جي اڪثريتي عوام جي اهڙي روش جو هڪ سبب جيتوڻيڪ سندن ذاتي مفادن جو حصول آهي، پر سنڌ جون قومپرست پارٽيون پنهنجي اندر موجود انيڪ سماجي اوڻاين جي ڪري پڻ سنڌ جي عوام جي همدردي/ حمايت حاصل نه ڪري سگهيون آهن.
    مزاحمتي تحريڪ دوران نيلسن منڊيلا ٻن مختلف راهن تي هلندو ويو. هڪ طرف آزادي جي جدوجهد ۽ ٻئي پاسي پيٽ گذر، وڪالت جي ڌنڌي دوران ڪانگريس کي صرف ايترو وقت ڏيندو هو جيترو کيس وڪالت جي مصروفيت مان بچندو هو. نيلسن جي ماءُ ۽ ڀيڻ به ساڻس گڏ جوهانسبرگ ۾ اچي رهڻ لڳيون هيون، سڀني جي کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو بندوبست تمام ڏکيو ٿي رهيو هو. نيلسن وڪالت پاس ڪري هڪ ڪمپني ۾ وڪيل جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي نيلسن پنهنجي لا آفيس قائم ڪئي، هن انڊين ڪانگريس جي اڳواڻ قاسم پٽيل جي زال زبيده پٽيل سان گڏ ڪم شروع ڪيو جنهن سان سندس وڪالت هلي پئي ۽ چڱي موچاري ڪاميابي ملي پئي. اڳتي هلي ڪانگريس جي هڪ اهم اڳواڻ ”اوليور ٽيمبو“ ۽ منڊيلا گڏجي وڪالت شروع ڪئي. منڊيلا ۽ ٽيمبو جي نالي سان هنن کي زبردست پذيرائي ملي، هاڻ قانوني معاملن ۾ ڪارن ماڻهن جي پهرين ترجيح هي فرم هوندي هئي. نيلسن منڊيلا اڪثر هر هفتي ڳوٺاڻن جهونن سان ڪچهريون ڪندو هو، جيڪي کيس ٻڌائيندا هئا ته سندن ابا ڏاڏا ستن اٺن پيڙهين کان انهن پَٽن کي آباد ڪندا پئي آيا پر گورا زبردستي کين بي دخل ڪريو ڇڏين. آفريقي رهاڪو گوري سرڪار وٽان انصاف ملڻ بابت سخت مايوس هئا، ڪٿان به ڪا امداد نه پئي ملي. ”گورن لاءِ مخصوص دروازن مان لنگهڻ ڏوهه هو، گورن جي لاءِ مخصوص ڦوهاري مان پاڻي پيئڻ ڏوهه هو، رات جو يارنهن بجي کانپوءِ روڊن ۽ گهٽين ۾ ڪنهن آفريقي جو گهمڻ ڏوهه هو، اجازت نامي جو کيسي ۾ نه هجڻ ڏوهه هو.“ سندن سمورا بنيادي حق کسيا ويا هئا، ابن ڏاڏن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، ساڻن غلامن وارو رويو رکيو ويو، ان قسم جي رياستي ڏاڍ ۽ جبر آفريقي ماڻهن کي ذهني طور چيڙائي وڌو هو جنهن جي نتيجي ۾ آفريقي عوام تيزي سان آفريقا جي آزادي جي اڀرندڙ تحريڪ سان ويجهو ٿيندو ويو.
    منڊيلا، اوليور سان گڏجي وڪالت دوران پنهنجي وڪالت سٺي ڪري ورتي ۽ محسوس ڪيو ته سندس پاران ڌنڌي جي صحيح چونڊ ٿي آهي، وڪالت جي ڪري آفريقي عوام سان سندس ميل جول به وڌي وئي. نيلسن منڊيلا ڪيس تيار ڪندو هو، هو سڄو ڏينهن عدالتن ۾ قانوني ويڙهه۾ رڌل هوندا هئا، ڪٿي کين عزت ڏني ويندي هئي ته ڪٿي وري کين بي عزتو ٿيڻو پوندو هو. عدالتن ۾ اڪثر کين تعصب کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گورا شاهد ڪاري وڪيل جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. هڪر ڀيري نيلسن منڊيلا پنهنجي موءڪل جو ڪيس وڙهڻ لاءِ مئجسٽريٽ سامهون پيش ٿيو ته گوري مئجسٽريٽ کيس چيو ته تنهنجو اجازت نامو ڪٿي آهي؟ منڊيلا وراڻيو ته آءُ نيلسن منڊيلا وڪيل آهيان ۽ هي منهنجو موءڪل آهي، مئجسٽريٽ تعصب واري انداز ۾ کيس چيو ته آءُ تو کي نٿو سڃاڻان ۽ پوءِ هڪ اردلي کي سڏي نيلسن منڊيلا کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جوهانسبرگ ۾ آفريقي ماڻهن جي هڪ وڏي آبادي صوفيه ٽائون هئي جتي هر قسم جو آفريقي ماڻهو رهندو هو. وڏي آبادي هئڻ ڪري گورن ان کي ختم ڪري ڪيئي ميل پري آفريقين لاءِ نئين بستي اڏڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي ماڻهن ۾ تاءُ پکڙيو، ANC ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس مقامي ماڻهن جي مدد سان سگهاري عوامي تحريڪ هلائي، هر هفتي جلسا جلوس ٿيندا هئا. هڪ ڀيري نيلسن منڊيلا ان جلسي کي خطاب ڪندي چيو، ”زباني مقابلي ۽ مزاحمت جو دور ختم ٿي چڪو آهي، اهنسا هڪ بيڪار شيءَ آهي اها هن گوري حڪومت جو تختو اونڌو نه ٿي ڪري سگهي، اڄ کانپوءِ تشدد ئي اسان جو هٿيار هوندوجيڪو گوري حڪومت کي نيست ۽ نابود ڪندو. اسانکي ويجهڙائي ۾ اهو هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ کپي، ميڙ انتهائي پرجوش هو نيلسن تقرير کانپوءِ آزادي جو گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏنو.
    ”دشمن اسان جي سامهون آهي، اچو هٿيار کڻو ۽ مٿس حملو ڪريو“ ۽ پوءِ هن پوليس ڏانهن اشارا ڪري چيو نوجوانو! هو ڏسو اسان جو دشمن اسان جي سامهون بيٺو آهي.“ پر امن جدوجهد ان وقت تائين ڪارآمد هوندي آهي جيستائين اوهان جو مخالف به اهڙي ئي انداز ۾ اوهان سان منهن ڏيندو هجي پر جڏهن پر امن احتجاج جو جواب ظلم ۽ تشدد هجي ته پوءِ ان جي اهميت ۽ افاديت ختم ٿي وڃي ٿي. نيلسن جا اصل ۾ جذبا اهي هئا پر پارٽي جي مٿين اداري ۾ مٿس تنقيد به ٿي ۽ کيس تنبيهه به ڪئي وئي پر ڪجهه حلقي شاباس پڻ ڏني.
    ان دوران گورن ANC جي ڪجهه اڳواڻن کي صلاح مشوري لاءِ گهرايو جنهن ۾ چيف لوٿولي ۽ پروفيسر ميٿيوز به شامل هئا. پارٽي جي ڪميٽي مٿين اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته گورن سان ٿيل ڪچهري جو احوال ڏيو، هنن رپورٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو تنهن تي نيلسن منڊيلا چيو ته توهان ڪهڙا اڳواڻ آهيو جو گورن سان ته ڳالهايو ٿا پر پنهنجن ساٿين کي ان بابت واقف ڪرڻ نه ٿا چاهيو، اوهان سان مسئلو هي آهي ته اوهين گوري سرڪار کان ڊڄو ٿا. ان دوران ”سوسولو“ جيڪو نيلسن جو وڏو رازدار هو نوجوانن جي هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ ٻاهر وڃي رهيو هو، نيلسن کيس صلاح ڏني ته هو عوامي جمهوريه چين جو به ضرور دورو ڪري ۽ هٿياربند تحريڪ لاءِ چين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري. نيلسن هڪ اهڙو انقلابي بڻجي رهيو هو جيڪو ضابطي کان وڌيڪ عملي ڪردار جو قائل هو. والٽر جي ٻاهر وڃڻ جي ڪري پارٽي اندر وڏو گوڙ گهمسان ٿيو، والٽر تي ضابطي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو. والٽر چين ويو جتي سندس ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو ويو. چيني اڳواڻن آفريقا جي آزاديءَ جي ڀرپور حمايت ڪئي. نيلسن صبح جو سوير اٿڻ جو عادي هو، پرهه ڦٽي ۽ رات جو بدلجندڙ وقت هن کي بي حد پسند هو. ”ٽرانسوال“ ڪانفرنس ۾ هن هڪ تاريخي تقرير ڪئي ان وقت هن جي عمر پنجٽيهه سال هئي. اها تقرير ”آزادي ڪو سولو رستو ڪونهي“ جي عنوان سان مشهور ٿي، هن ان تقرير ۾ چيو ته هاڻي عوام کي سياسي جدوجهد جا طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، اخبارون ۽ رسالا اسان جون خبرون نه پيا ڇاپين، ڇاپا خانه اسان جا اشتهار نه ٿا ڇاپين، کين قيد وبند جو ڊپ آهي تنهنڪري هاڻي سياسي ميدان ۾ نوان طريقا استعمال ڪرڻ جو وقت آهي، ظالم ۽ مظلوم ۾ کليل مقابلو آهي، آزادي پسند ۽ آزادي مخالف قوتون آمهون سامهون آهن. زندگي جي آخري گهڙي تائين مزاحمت ڪئي وڃي. انسانيت اصولي طور تي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي اجازت ڏئي ٿي ۽ اها ئي آزادي پسندن جي دلي خواهش آهي. گورن جي لا سوسائٽي نيلسن منڊيلا کي وڪالت کان روڪڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ته هو سياسي سرگرمين ۾ شامل آهي کيس سياست کان روڪيو وڃي. هڪ گوري وڪيل ”والٽر ڪولاڪ“ ڪيس وڙهيو، سپريم ڪورٽ جي گوري جج لا سوسائٽي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، نيلسن کي انصاف مليو ۽ لا سوسائٽي کي هرجاڻي ڀرڻ جي هدايت ڪئي وئي. 1954ع کان 1955ع تائين صوفيه ٽائون کي خالي نه ڪرڻ جي تحريڪ لڳاتار جاري رهي، نيٺ 4 فيبروري تي هزارين پوليس اهلڪارن صوفيه ٽائون کي ڊاهڻ شروع ڪيو، نوجوانن جو وڏو انگ مزاحمت لاءِ تيار بيٺو هو پر آفريقي آزادي پسند تحريڪ اڃا ان سطح تائين نه پهتي هئي جو هو ڦريل ميدانن تي بنا هٿيارن جي، بنا رٿا بندي جي وڙهن ۽ ڪاميابي ماڻي سگهن. صوفيه ٽائون جي معاملي ۾ آزادي پسند پارٽين ڪيئي غلطيون ڪيون. مثال طور ان دوران اهو نعرو عام ڪيو ويو ته اسان جي لاشن تان گذري ڳوٺ ڊاٺو ويندو. اصل ۾ اهڙا نعرا پرجوش تحريڪ جو سبب بڻجن ٿا، اهي نعرا تنظيم ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي جو ڪم به ڏيندا آهن. ماڻهن جو ان تحريڪ ڏانهن ڌيان ڇڪبو آهي، نتيجي ۾ عوام يقين ڪري وٺندو آهي ته هر حالت ۾ تحريڪ هلائيندڙ آخري گهڙي تائين ان جي مزاحمت ڪندا. جڏهن ماڻهن جو ويساهه ٽٽي ويو ته عوام ”صوفيه ٽائون“ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. ”سياسي توڻي عوامي سگهه نه هجڻ ڪري جذباتي قسم جا نعرا ڏيڻ عارضي طور تي عوام جي ڪجهه حصي کي پاڻ سان گڏ بيهاري سگهجي ٿو پر ناڪامي جي صورت ۾ اهي ماڻهو نه رڳو مايوس ٿين ٿا پر انهن جو رستو به الڳ ٿي وڃي ٿو. ان ڪري حقيقت پسندي واري روش اختيار ڪرڻ تمام ضروري آهي ٻي صورت ۾ عوام جو تنظيم، انقلاب ۽ آزادي وارن مقصد تان ويساهه ختم ٿي ويندو. ڪراچي ۾ نسل پرست پناهگيرن توڻي افغانين جي والار ڌرتي ڌڻين جا ڳوٺ ڊاهڻ ۽ ان تي ڪجهه قومپرست ڌرين جي زبردست واويلا، مزاحمت ڪرڻ جا اعلان ۽ اهو چوڻ ته دشمنن کي اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو واري ٻٽاڪ بازي سنڌين کي وڏو نقصان ڏنو آهي. جي ايم نگر جو ڊهڻ ۽ گٽر باغيچه جو ٺهڻ ٻه وڏا مثال آهن، انهيءَ تي سنڌ جي قومي قيادت وڏيون دعوائون ڪيون پر عملي طور ڪجهه به نه ڪري سگهيا، نتيجي ۾ هزارين سنڌي ماڻهن جو قومي قيادت تان ويساهه کڄي ويو. سياسي جدوجهد ۾ غلطين جا امڪان تمام گهڻا هجن ٿا پر ان جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ غلطين کي قبول ڪرڻ ۽ ساڳين غلطين کي نه ورجائڻ سياسي قيادت جي ذميوارين ۾ اچي ٿو پر سنڌ جي قومي تحريڪ ان عمل کان اڃا ڪوهين ڏور آهي.“
    آفريقي عوام جي ٻارن لاءِ تعليم جي سهولتن جو هجڻ بنهه گهٽ هو، گورن جي ڀيٽ ۾ ڪارن شاگردن تي ڇهه ڀيرا گهٽ خرچ ڪيو ويندو هو. بنتو ايجوڪيشن ايڪٽ تحت ڪارن لاءِ تعليم لازمي نه هئي. ان قانون جي خلاف ANC ڊگهي عرصي تائين اسڪول وڃڻ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، اهو بائيڪاٽ غير موءثر ثابت ٿيو. حڪومت اعلان ڪيو ته جيڪو به شاگرد اسڪول نه ويندو ان کي هميشه لاءِ تعليم کان پري رکيو ويندو. نيلسن ۽ سندس ساٿين پرائيويٽ اسڪول هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سرڪار ان تي به بندش وجهي ڇڏي ۽ اهڙي طرح اها تحريڪ دم ٽوڙي وئي. تحريڪ جي ناڪامي ته ٿي پر اڳتي هلي سرڪار ”بنتو تعليمي ايڪٽ“ ۾ نرمي آندي. ان زماني ۾ پروفيسر ميٿيوز هڪ سال لاءِ آمريڪا ۾ رهيو. جتان هو نئين فڪر ۽ نئين نظريي سان موٽيو. هن واپس اچي ڪانگريس کي صلاح ڏني ته ڇا اهو ممڪن نه آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ رهندڙ سمورن نسلن ڪارن، گورن، رنگدارن ۽ هندستانين کي ملائي ڪو ڪنونشن گهرائجي، جتي مستقبل جي جمهوري ڏکڻ آفريقا جو منشور تيار ڪري سگهجي. هڪ نيشنل ايڪشن ڪائونسل ٺاهي وئي چئن تنظيمن تي مشتمل ڪجهه سوال ترتيب ڏنا ۽ سڄي ملڪ ۾ خطن جي ذريعي موڪليا ويا. جنهن ۾ ماڻهن کي دعوت ڏني وئي ته اچو سڀ پاڻ ۾ گڏجي آزادي جي عظيم منشور جي تياري ڪريون. اهم رٿ جيڪا سامهون آئي اها هي ته ”هڪ فرد هڪ ووٽ“ ڏکڻ آفريقا انهن سڀني جو وطن آهي جيڪي ان ۾ رهن ٿا. 25-26 جون 1955ع تي گهڻ نسلي ماڻهن جي بستي ”ڪئپ ٽائون“ ۾ ڪانگريس آف دي پيپل جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ٽي هزار نمائندن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اڪثريت ڪارن جي هئي. هندستانين، رنگدارن جو گهڻو تعداد به ان ۾ شامل هو. نوجوان زبردست نعري بازي ڪري رهيا هئا، آزادي اسان جي زندگي ۾ ملندي ۽ آزادي جي جنگ زنده باد جا بينر ٽنگيل هئا. ان ڪنونشن ۾ ٻي ڏينهن تي سرڪاري ايجنسين ۽ پوليس جي هٿيار بند دستن قبضو ڪري ورتو، سمورا دستاويز ضبط ڪيا ويا. سمورا ماڻهو آفريقا زنده باد جا نعره هڻي رهيا هئا. بحرحال ڪانگريس آف دي پيپل آزادي جو منشور فائنل ڪري ورتو جنهن موجب نسلي مت ڀيد کان مٿاهون جمهوري ڏکڻ آفريقا جوڙڻ هو. هي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف عوام جي خواهشن تي ٻڌل دستاويز هو. نيلسن منڊيلا ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، جتي هي پنهنجي امڙ سان پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ملاقاتون ڪندو رهيو. سرسبر ماٿريون، ٻنيون ٻارا گهمندو رهيو. کيس شديد احساس ٿي ويو هو ته شهري زندگي ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. ڳوٺاڻي زندگي ۾ امن، سڪون ۽ شانتي سمايل آهي. هن جي خيال ۾ سياسي ڪارڪن کي ڪنهن به ريت پنهنجي اصلي زندگي، ڳوٺاڻي ماحول کان پنهنجي پاڙن کان الڳ نه ٿيڻ گهرجي. اهو درست آهي ته آزادي جي تحريڪ ۾ ڪيئي لچ لوفر ۽ ڏوهاري ذهنن جا نوجوان به شامل ٿي ويندا آهن ڇو ته تحريڪ جا دروازا سمورن ماڻهن لاءِ کليل هوندا آهن پر تحريڪ جي قيادت اهڙن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ڪري کين پارٽي ۽ سماج لاءِ ڪارآمد بڻائي سگهي ٿي. ڪيترائي ڏوهاري ذهن جا ماڻهو نيلسن سان ملندا هئا. پارٽي ۽ سندس لا فرم انهن جي مدد ڪندي هئي، هي انهن کان نفرت ڪو نه ڪندا هئا، بلڪه انهن کي سڌارڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا هئا. ”سنڌ جي سماج ۾ به آفريقي سماج وانگر ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون هنيون، حڪمرانن جي طرفان عوام جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪرڻ، نسلي طور تي ٻي درجي جو شهري قرار ڏيڻ جي ڪري يقينن معاشري ۾ سماجي ڏوهه وڌن ٿا. سنڌ جي نوجوانن جو چڱو خاصو حصو روزگار نه ملڻ ڪري ڏوهن جي رستي تي هليو آهي. هڪ ته سنڌ جي قومي تحريڪ انهن ڏوهارين کي پنهنجن پارٽين ۾ وڏي پيماني تي جاءِ ڏيندي رهي پر ڪڏهن به انهن جي تربيت ڪري انهن کي سٺو انسان بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي بلڪه سنڌ جي عوام جا اهي الزام گهڻي حد تائين درست آهن ته ڪجهه قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڏوهن ۾ ملوث آهن. بلڪه افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه قومپرست پارٽين جي قيادت ۾ ڏوهاري عنصر موجود آهن.“
    1956ع کانپوءِ نيلسن اڳ جيان گوري سرڪار جي قانون مطابق چرپر ڪرڻ جو هاڻ مخالف ٿي رهيو هو، هاڻي هن ۾ شدت ايندي وئي ۽ پنهنجي مرضي سان نقطه نظر جوڙيندي سياسي جدوجهد ۽ قومي مسئلن ۾ شرڪت ڪرڻ جو اختيار دشمن کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي مرضي موجب ڪرڻ پئي چاهيو. نيلسن منڊيلا جوهانسبرگ ۾ هوندي هفتي ۾ چار ڏينهن باڪسنگ ڪلب ويندو هو سندس پٽ ”ٿيمبي“ کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. هن جي خيال ۾ ڪلب ۾ رياضت سان کين قيادت، پيش قدمي ۽ پاڻ ڀروسي جو سبق ملندو هو.


    بغاوت

    5 ڊسمبر 1956ع تي صبح سوير گوري پوليس جا سپاهي سندس گهر گهڙي آيا، سڄي گهر جي تلاشي ورتي وئي، ان دوران معصوم ٻار به اُٿي ويهي رهيا جيڪي ڊپ واري ڪيفيت ۾ هئا. نيلسن کي حڪم نامو ڏيکاريو ويو جنهن ۾ بغاوت جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويو. ٿوري دير کانپوءِ کيس جوهانسبرگ جيل موڪليو ويو جتي اڳ به مزاحمتي تحريڪ دوران رهي چڪو هو. ڪيترائي ساٿي اڳ ۾ ئي اُتي موجود هئا. خبر پئي ته ان ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ ANC ۽ اتحادين جي اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا. ڪانگريس الائنس جي مڙني اڳواڻن کي بغاوت ۽ تختو اونڌو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. اٽڪل 144 اڳواڻن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي جنهن ۾ چيف لوٿولي به شامل هو. هڪ هفتي کانپوءِ والٽر سوسولو ۽ ڪجهه ٻين اڳواڻن جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي اهڙي طرح گرفتار اڳواڻن جو انگ 156 تائين وڃي پهتو هو.
    نيلسن سميت سمورن اڳواڻن کي ٻئي جيل منتقل ڪيو ويو، اُتي جيل جي اڱڻ تي سمورن اڳواڻن کي مڪمل ڪپڙا لاهي اگهاڙو ڪري ڀت سان ٽيڪ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، کين هڪ ڪلاڪ تائين ائين ئي بيهاريو ويو. تمام گهڻي ٿڌ ڪري سخت پريشاني ۾ هئا. پروفيسر، ڊاڪٽر، وڪيل، واپاري وچين ۽ وڏي عمر جا ماڻهو جيڪي عام زندگي ۾ تمام محترم سمجهيا ويندا هئا سي سمورا هن قلعي نما جيل ۾ ٻن هفتن تائين قيد رهيا، جيل جي سختين ۾ سندن حوصلا بلند رهيا. هنن جي گرفتارين تي سڄي ملڪ ۾ زبردست مظاهرا ٿيا. سرڪار جي رويي جي مذمت ڪئي وئي، ساڳئي طرح سڄي دنيا ۾ پڻ نيلسن ۽ سندس ساٿين جي گرفتارين جي شديد مذمت ڪئي وئي. جيل دوران سينئر ساٿي اڳواڻ نوجوانن کي ليڪچر ڏيندا هئا. قيد خاني ۾ پروگرام مطابق ورزش، عام ڪچهري ۽ تربيتي ڪلاس هلائيندا هئا. ان قيد ۾ هن جو هڪ ساٿي ” ووزائل ميني“ آزادي جا گيت ڳائيندو هو ۽ ٻيا سمورا سندس آواز سان آواز ملائي، ”شيدي اچي ويا آهن، شيدين کان ڊڄو“ گيت ڳائيندا هئا. ”ووزائل ميني“ کي بعد ۾ سياسي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏني وئي.
    حڪومت 156 ڄڻن تي بغاوت جي سازش جو الزام هنيو هو، ان بغاوت جو عرصو 1952ع کان وٺي 1956ع تائين پکڙيل هو. ان ۾ مزاحمتي تحريڪ ۽ صوفيه ٽائون جي منتقلي خلاف جدوجهد سميت سمورين ڪارواين کي شامل ڪيو ويو. هنن قيدين کي روزانو مقامي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ آندو ويندو هو. کين سيخن واري بينچ تي ويهاريو ويندو هو، ڪيئي هٿياربند گارڊ سندن رکوالي ڪندا هئا. سندن ڪيس جي پيروي لاءِ وڪيلن جي سگهاري ٽيم جو بندوبست ڪيو ويو. هڪڙي پاسي سرڪاري وڪيل آزادي پسند قيدين تي جرح ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي هن 1800 صفحن تي ٻڌل الزام لڳائڻ شروع ڪيا ته ٻاهر هزارين نوجوان نعرا ۽ آزادي جا گيت چئي رهيا هئا. ان دوران ٻاهر گولي هلڻ جو آواز آيو، وڌيڪ پرجوش نعربازي ٿي، عدالت ملتوي ڪئي وئي. ان دوران عدالت ٻاهران ويهه ماڻهو زخمي ٿي پيا. چئن ڏينهن کانپوءِ سمورن ملزمن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. اهو ڪيس هلندو رهيو ۽ پيشين جو سلسلو جاري رهيو. نيلسن منڊيلا جا پهرين گهر واري ”ايوولين“ سان معاملا ڳنڀير ٿي ويا، سندس زال جو خيال هو ته نيلسن سياست ڇڏي مذهبي ماڻهو ٿي وڃي ۽ گهر کي وڌيڪ ٽائيم ڏئي ۽ واپس پنهنجي ڳوٺ ٽرانسڪي هلي. نيلسن منڊيلا زال کي سندس زندگي ۽ مستقبل جي باري ۾ سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ته سياست سندس لاءِ وندر جو سبب نه آهي پر سندس زندگي جو تمام ضروري ۽ بنيادي عنصر آهي، سندس زال نه مڃيو ۽ سندن وچ ۾ علحدگي ٿي وئي. نيلسن کي ذهني طور وڏو صدمو رسيو پر ڪنهن به صورت ۾ هو پنهنجي آزادي جي تحريڪ ۽ عوام جي ڏکن ۽ سورن کي پنهنجي ذاتي زندگي لاءِ قربان نه پئي ڪري سگهيو.
    هڪ ڏينهن رستي ويندي بس اسٽاپ تي بيٺل هڪ خوبصورت ۽ دلڪش نوجوان عورت تي نظر پئي سندس دل ڇڪ کاڌي پر اڳتي نڪري وڃڻ ڪري واپس مڙي نه سگهيو. ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ عجيب اتفاق ٿيو جو جيئن هو اوليور جي آفيس ۾ سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو ته اها ساڳئي عورت پنهنجي ڀاءُ سان ويٺي هئي. اوليور سندس تعارف ڪرايو ته هي” وني“ آهي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي قانوني صلاح وٺڻ آئي آهي. هوءَ ”يوگوناٿ“ اسپتال ۾ سوشل ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهئي هئي. وني جو تعلق به نيلسن جي علائقي ٽرانسڪي جي ويجهو ” ڪونڊو لينڊ“ سان هو سندس پڙ ڏاڏو نٽال جي هڪ طاقتور قبيلي جو سردار هو. نيلسن بهانو ڪري بغاوت ڪيس جي بچاءَ جي سلسلي ۾ ”وني“ کي فون ڪئي ۽ کيس ماني جو دعوت ڏني، ”وني“ اها دعوت قبول ڪري ورتي. پهرين ملاقات ۾ ٻنهي کُلي ڳالهايو، نيلسن آئندي بابت تفصيل ٻڌايا ۽ هن ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. ان کانپوءِ بغاوت ڪيس جي هر ٻڌڻي تي هو ”ڊرل هال“ ايندي هئي. نيلسن جي آفيس ۽ جِم ۾ به هن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. وني سياسي معاملن ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، نيٺ نيلسن ۽ وني شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. بغاوت جي ڪيس دوران منڊيلا جي معاشي حالت خراب ٿي چڪي هئي، سندس قانوني فرم جو ڌنڌو تباهه ٿي چڪو هو. نيلسن وني کي انهن حالتن کان پوري طرح خبردار ڪيو هو. کيس گهڻو وقت ”وني“ جي پگهار تي گذارو ڪرڻو پيو. وني هر طرح جو خطرو کڻڻ ۽ پنهنجي قسمت نيلسن سان جوڙڻ لاءِ تيار هئي. اصل ۾ آزادي جي تحريڪ ۾ مصروف ڪنهن سياسي اڳواڻ جي زال هڪ بيوهه جيان زندگي گذاريندي آهي، پوءِ ڀلي سندس مڙس ريل ۾ هجي يا جيل ۾. بغاوت جي ڪيس دوران ۽ سياسي جدوجهد دوران وني هميشه نيلسن کي پر اميد ۽ پُرجوش رکندي هئي. 1958ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ صرف 30 لک گورن کي ووٽ وجهڻ جو حق هو جڏهن ته هڪ ڪروڙ ٽيهه لک آفريقين کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو. ANC ۽ اتحادين انهن چونڊن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي عام هڙتال جو اعلان ڪيو. سياسي ڌرين زبردست سرگرمي ڪئي، ڀرپور تياري جي باوجود هڙتال جو پهريون ڏينهن بري طرح ناڪام ٿيو. سياسي ڌرين گڏجي هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا خود هڪ ناڪامي هئي پرهڙتال جي فيصلي تي هوڏ ڪري بيهڻ به وڏي شڪست هئي. سخت مزاج رکندڙ سياسي اڳواڻن جو مشورو هو ته جيڪڏهن تشدد واريون ڪاروايون ڪجن ها ته هڙتال ڪامياب ٿئي ها پر نيلسن هميشه عوام جي مرضي سان سندن شرڪت جي حق ۾ هوندو هو.
    ANC وومين ليگ جو بنياد وڌو جنهن سڄي آفريقا ۾ عورتن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو عورتن جي ننڍين وڏين تحريڪن ۽ عورتن جي پنهنجي حقن لاءِ هلايل تحريڪ کانپوءِ ”چيف لوٿولي“ چيو ته؛ ”جڏهن تحريڪ ۾ عورتون عملي طور تي شامل ٿي وڃن ته هاڻ دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي آزاد ٿيڻ کان روڪي نه ٿي سگهي.“ وني به عورتن جي ان سڄي تحريڪ ۾ شامل ٿي وئي. نتيجي طور نيلسن منڊيلا خوشي سان گڏ سندس زال کي محتاط رهڻ جو به چيو ته مستقبل ۾ کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.
    ”سنڌ ۾ عورتن جو انگ 52 سيڪڙو آهي يعني سنڌ جي اڌ آبادي کان به وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي پر سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ عورتن جي شموليت نه هئڻ برابر آهي. ان جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي اڪثر قومپرست پارٽين جو سياست ڏانهن غير سنجيده ۽ مبهم رويو، سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد، سندن ڪٽنب جو تحريڪ کان پاسيرو رهڻ ، سنڌ جي عورتن جو مجموعي طور تي مرداڻي سماج تي ويساهه نه هئڻ آهي. ڪنهن زماني ۾ اختر بلوچ جي مزاحمت ، سندس جيل ۾ وڃڻ جا سنڌ جي سياست تي سٺا اثر پيا ۽ اڄ به انهيءَ فڪر سان تعلق رکندڙ ڌڙي ۾ عورتن جو چڱو تعداد شامل آهي پر جيسين عورتن کي سياست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنجيده رويو اختيار نه ڪيو ويندو، عورتن کي مڪمل ڀروسو نه ٿيندو تيسين سماج جو اڌ حصو عورتون آزادي جي تحريڪ کان بنهه الڳ هونديون ۽ هي طئه آهي ته جيسين عورتن جي ذهني هم آهنگي ۽ سياست ۾ عملي ڪردار نه ٿيندو ته اسين پنهنجي منزل ۽ مقصد کي ويجها نه ٿي سگهنداسين. افسوس هي به آهي ته قومي تحريڪ جا سربراهه پنهنجن زالن کي عورتن جي تحريڪ جي اڳواڻي ته پري پر سرگرم ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن پر عورتن جي تنظيم جي حق ۾ زبردست دليل بازي ڪندا رهندا آهن. حيرانگي جي ڳالهه هي آهي ته سنڌ ۾ شعور جي فقدان جي ڪري جاگيرداري ۽ قبيلائي نظام هئڻ ڪري عورتن سان جيڪا نا انصافي ٿئي ٿي انهن جي تعليم ۾ جيڪا رڪاوٽ آهي، ڪاري ڪري کين ماريو وڃي ٿو، سندن بنيادي انساني حق صلب ٿيل آهن پر سنڌ جي قومي تحريڪ انهن سڀني معاملن تي بيان کان اڳتي ناهي وڌي! جڏهن ته نيپال، هندستان، سريلنڪا ۾ عورتون انقلابي، مزاحمتي تحريڪ ۾ گوريلا تحريڪ جو اهم حصو رهيون آهن.“
    بغاوت جي ڪيس ۾ ٻين سمورن ملزمن کي آزاد ڪيو ويو ۽ صرف 30 تي ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    6 اپريل 1959ع تي ANC جي مقابلي ۾ هڪ نئين سياسي تنظيم ۽ نج قومپرست جماعت ”پان آفريقنسٽ ڪانگريس“ PAC جوبنياد رکيو ويو، جنهن ANC جي گهڻ نسلي نظرين کي رد ڪري ڇڏيو. ان جماعت جي نئين صدر ”سبڪ وي“ پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ” آفريقين جي حڪومت آفريقين جي ذريعي آفريقين جي لاءِ“ جو نعرو بلند ڪيو. ياد رهي ته هي انتها پسند قومپرست پهرين ANC ۾ هئا ۽ اُتي پنهنجو موقف پيش ڪندا رهيا، جنهن تي ڪيترن ئي اڳواڻن کي ANC مان خارج ڪيو ويو. اصل ۾ ANC طرفان فريڊم چارٽر ۽ ڪانگريس الائنس جي قيادت ۾ عورتن ۽ هندستانين جي موجودگي PAC جو سبب بڻي. PAC وارا هندستانين، رنگ دارن ۽ گورن کي ڌاريا سمجهندا هئا. PAC اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته هو 1963ع جي پڄاڻي تي آزادي حاصل ڪري وٺندا. جيتوڻيڪ ان اڳڪٿي مايوس آفريقين ۾ جذبو پيدا ڪيو پر ڪنهن به تنظيم طرفان اهڙا وعدا ڪرڻ جنهن کي هو پورو نه ڪري سگهي انتهائي خطرناڪ هوندو آهي.
    ”سنڌ جي قومي سياست ۾ به ماضي ۾ اهڙا تجربا ٿيا آهن. ڪن ڌرين دعوى ڪئي هئي ته هو ڪجهه سالن ۾ آزادي حاصل ڪري وٺندا، ڪن وري ڪجهه سالن ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي دعوى ڪئي. سنڌ جي ماڻهن کي نه آزادي نصيب ٿي نه وري اهڙي ڪنهن قومي پارٽي جي حڪومت جڙي سگهي. اصل ۾ جذباتي نعرا ڏئي نوجوان نسل کي متحرڪ ڪرڻ ۽ هيسيل ۽ پيڙهيل ماڻهن جي اکين ۾ عارضي طور روشني جا ڏيئا ٻارڻ لاءِ ته ڪافي هو پر جيڪي نتيجا نڪتا، ماڻهن جو قومي تحريڪ سان لاڳاپيل گهڻو تعداد اونداهين ۾ هليو ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جو ويساهه ٽٽي پيو. سچ اهو آهي ته صحيح معنى ۾ آزادي پسند ۽ انقلابي اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو معروضي حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پارٽي جي سگهه ۽ عوام جي طاقت کي نظر ۾ رکندي ڪو درست فيصلو ڪري. اجايا ڪوڙا دلاسا ڏيئي پارٽي ڪارڪنن ۽ قوم کي گمراهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيوڪجهه به ناهي هوندو.
    PAC پنهنجي ڪميونسٽ مخالف نظرئي جي بنياد تي جلد ئي مغربي پريس ۽ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي محبوب بڻجي وئي. نيلسن منڊيلا PAC جو جائزو وٺندو رهيو، سندس صدر ”سبڪ وي“ سان ملي منشور ۽ آئين ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ اهو مواد منڊيلا جي حوالي ڪيو ويو.
    نيلسن جي خيال ۾ ضرور هڪ ڏينهن آزادي جي تحريڪ ANC۽ PAC گڏجي وڙهنديون.
    هڪ مرحلي تي نسلي مت ڀيد وارن قانونن تي آفريقي سردار به ساٿ ڏيندا هئا، جنهن ۾ نيلسن منڊيلا جو ڀائٽيو ”متزلي ڊولي ووگا“ به حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيو هو، هن جي گهڻي سمجهائڻ باوجود به هو نه مڙيو. PAC زبردست تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، گوري سرڪار PAC جي صدر ”سبڪ وي“ کي 3 سال سخت پورهئي سان ٽيپ جو حڪم ڏنو. ان دوران سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ واقعو جوهانسبرگ کان 35 ميل پري سندس ئي علائقي جي صنعتي مرڪز ” شارڪ ويلي“ ۾ پيش آيو، جتي هزارين ماڻهن تي ٻڌل هٿياربندن جي ميڙ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو، پوليس ڊپ ۾ ان عوامي ميڙ تي گوليون هلائي ڇڏيون، 78 آفريقي ماڻهو ماريا ويا. ٻئي ڏينهن سڄي دنيا جي اخبارن ۾ ان بربريت ۽ ظلم جون تصويرون ڇپيل هيون.
    ان واقعي هڪ طرف سڄي ملڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي ٻئي طرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پهريون ڀيرو ڏکڻ آفريقي معاملن ۾ مداخلت ڪندي حڪومت کي انهن معاملن جو ذميوار قرار ڏنو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي اچي وئي، سرمايو تيزي سان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لڳو، ڏکڻ آفريقا جي گورن ڊپ ۾ ملڪ ڇڏڻ جي رٿا بندي ڪري ورتي. PAC هڪڙي ڏينهن جي تحريڪ ۾ ئي ملڪي توڻي عالمي سطح تي آزادي جي تحريڪ ۾ پهرين صف ۾ اچي بيٺي. هوڏانهن ANC پاران چيف لوٿولي ”شارڪ ويلي“ واري واقعي تي PAC سان يڪجهتي طور قومي سطح تي ماتم جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. 28 مارچ تي لکين ماڻهن چيف لوٿولي جي اپيل کي زبردست موٽ ڏني. ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ فساد ڀڙڪي پيا. هاڻ ڏکڻ آفريقا مڪمل طور فوجي قبضي ۾ هو. نيلسن منڊيلا کي ايمرجنسي ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. نيلسن منڊيلا ان سڄي جدوجهد ۾ ڪيئي ڀيرا گرفتار ٿيندو رهيو، کيس ٿاڻن ۽ جيلن ۾ رکي کيس وري آزاد ڪيو ويندو هو. رات جو دير سان پوليس جا سندس گهر تي ڇاپا روز جو معمول بڻجي ويا. سندس گهر ڀاتي ڪافي پريشان رهڻ لڳا. نيلسن هاڻ هڪ ميچوئر ۽ پاپولر اڳواڻ ٿيڻ لڳو هو. هر پاسي سنجيده بحث، پنهنجي ساٿين سان گڏجي ANC کي سگهارو بڻائڻ سندس ڪرت ۾ شامل هو. ”شارڪ ويلي“ کانپوءِ هنگامي حالتن وارو سڄو وقت نيلسن ۽ سندن ساٿين پريٽوريا جيل ۾ گذاريو جتي کين ڏاڍي سختيءَ سان منهن ڏيڻو پيو، 24 ڪلاڪن مان کين هڪ ڪلاڪ لاءِ کولين مان پسار لاءِ ڪڍيو ويندو هو. ”جيئن جئين سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيل ۾ بند ٿيندا هئا، تشدد کي منهن ڏيندا هئا تيئن تيئن سندن حوصلا وڌندا هئا، همت ۽ بهادري سان گوري سرڪار جو مقابلو ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا هئا. جڏهن ڪو ماڻهو طئه ڪري وٺي ته سندس مقصد عظيم آهي ته هو ذاتي زندگي کي بي معنى سمجهي وٺندو آهي. عظيم مقصد کانسواءِ وٽن ٻيو ڪو مقصد ناهي هوندو ۽ آزادي جي ان عظيم مقصد لاءِ هو پنهنجي زندگي ارپي ڇڏيندا آهن. تاريخ ۾ اهڙين قربانين ۽ ڪردارن ذريعي ئي انقلاب ۽ آزادي ممڪن ٿي سگهي آهي، جڏهن ته ذاتي لالچ هئڻ ڪري انسان معمولي کان معمولي مقصد ماڻي نه ٿو سگهي.“
    هنگامي حالتن جي خاتمي کانپوءِ ANC جي قومي مرڪزي ڪميٽيءَ هڪ ڳجهي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته آئينده هو پنهنجون سرگرميون ڳجهي نموني ڪندا، ڇاڪاڻ ته سرڪار کانئن سياست ڪرڻ جو حق کسي ورتو هو. منڊيلا ڪافي سرگرم هو، سندس لا فرم ”منڊيلا اينڊ ٿمبو ڪو“ بند ٿي چڪي هئي، معاشي مشڪلاتون اچي چڪيون هيون، پر ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هو پنهنجو گذر سفر جاري رکيو پئي آيو، سياسي ڪارڪنن سان لهه وچڙ ۾ ايندو هو، پريٽوريا ۾ هلندڙ ڪيس کي به منهن ڏيندو هو. نيلسن هي طئه ڪري ورتو هو ته جيڪڏهن بغاوت جي ڪيس مان کيس آجو ڪيو ويندو ته هو انڊر گرائونڊ ٿي ويندو ۽ عوام کي وڌيڪ متحرڪ ڪندو. منڊيلا وني کي هڪ ٿيلهو تيار ڪرڻ جو چيو، هن وني کي هڪ ڏکئي سفر تي روانو ٿيڻ جي ڄاڻ ڏني، وني کي دلداري ڏني ۽ کيس چيو ته منهنجي غيرموجودگي ۾ مٽ مائٽ ۽ دوست يار هن جي سار سنڀال ڪندا رهندا. هي وني کان موڪلائي روانو ٿيو. اهڙي طرح منڊيلا کي هن ڪيس مان آجو ڪيو ويو ۽ هو روپوش ٿي ويو، اهو ڪيس لڳاتار چار سال هليو.


    ويڙهاڪ تنظيم جو قيام

    نيلسن کي والٽر سوسولو الوداع ڪيو ۽ هن طئه ٿيل فيصلي موجب زيرزمين تنطيم ٺاهڻ لاءِ مختلف علائقن ۾ ڳجهي نموني دوستن سان صلاح مشورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. هو پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کانسواءِ صحافي دوستن، اديبن ۽ هم خيال ماڻهن سان پڻ مشورا ڪندو رهيو. ان دوران هي بحث عام هو ته جڏهن PAC گوري سرڪار کي کُلي عام چئلينج ڪري رهي آهي ته ANC کي پنهنجي جدوجهد ۾ وڌيڪ ويڙهو انداز اختيار ڪرڻو پوندو. نيلسن ان دوران سڄو ڏينهن ڪٿي نه ڪٿي لڪيو پيو هوندو هو ۽ رات جو نڪري پنهنجي ڪم سان لڳي ويندو هو. ڪچهرين جو ڪوڏيو هاڻي اڪيلائي ۾ رهندي مستقبل جي رٿا بندي تي غور ڪندو رهيو. هو پنهنجي ٻارڙن جي جدائي شدت سان محسوس ڪندو هو. ڪنهن انسان لاءِ انڊرگرائونڊ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هجي ٿو ۽ خاص ڪري ان ماڻهو لاءِ جيڪو رياست لاءِ خطرناڪ هجي. صرف سنجيده، ذميوار ۽ مستقل مزاج ماڻهو ئي ڊگهي عرصي تائين انڊر گرائونڊ رهي سگهي ٿو.
    نيلسن جي انڊرگرائونڊ هئڻ دوران سرڪار به چرپر ۾ هئي ۽ نيلسن کي ڳولهڻ لاءِ سرڪاري ايجنٽ نوس نوس ڪندا وتندا هئا. هڪ ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيلسن پنهنجي ساٿين آڏو اظهار ڪيو ته هاڻ آفريقي عوام پاڻ مرادو هٿيار کڻڻ تي مجبور آهي ڇو نه ان کي منظم انداز ۾ هٿياربند جدوجهد جي شڪل ڏجي؟ سڄي رات جي بحث کانپوءِ چيف لوٿولي سميت سمورن ساٿين ان جي حمايت ڪئي. هاڻ فوجي انداز جي جدوجهد آفريقي عوام لاءِ اڻٽر ٿي وئي آهي. هي طئه ٿيو ته نئين هٿياربند تنظيم ۽ ANC ٻن الڳ الڳ ڌارائن ۾ ڪم ڪنديون، تشدد واري جدوجهد سان گڏوگڏ عوامي جدوجهد کي به جاري رکيو ويندو. ”نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريقا جي آزادي جي تحريڪ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو معروضي حالتن موجب هٿياربند جدوجهد کي اهميت ڏئي آزادي جي جنگ کٽڻ پئي چاهي. جنهن وطن ۾ ڌارين جو قبضو هجي، جمهوري جدوجهد جا سمورا رستا بند ڪيا وڃن، قومي جبر ۽ نسلي بنيادن تي ڌرتي ڌڻين کي غلام بڻايو وڃي، عوام وڙهڻ لاءِ تيار هجي ته پوءِ عوامي جدوجهد ۽ هٿياربند جدوجهد ذريعي غلامي کان نجات ممڪن ٿي سگهي ٿي.
    27 ڊسمبر 2007ع ۾ جڏهن هڪ آمر جنرل مشرف جي سازش سان دهشتگردن هٿان ملڪ جي عوامي اڳواڻ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ملڪ جي وڏي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اڪثر جمهوريت پسند پارٽين ان قتل جي مذمت ڪئي، عوام روڊن ۽ رستن تي نڪري آيو، صرف عوامي سطح ۽ ماڻهن جي ذاتي ملڪيتن کي وڏو نقصان رسايو ويو. ان غير منظم تحريڪ رياستي ادارن کي ڪو به نقصان نه ڏنو. جڏهن ته ٻئي طرف 26 اگسٽ 2006ع تي بلوچستان جي سردار نواب اڪبر بگٽي کي مزاحمت ڪندي ماريو ويو ته بلوچستان جي قومي تحريڪ جيڪا ان وقت تائين جمهوري پارلياماني سرشتي جو حصو هئي ان کي سرڪار جي دهشت ۽ سندن لاءِ جمهوري رستا بند ڪرڻ واري عمل چيڙائي وڌو، انهن منظم ٿي هٿياربند جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو ۽ ان واقعي کي 5 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به 2011ع تائين بلوچن جي مزاحمتي هٿياربند جدوجهد ۾ گهٽتائي نه آئي آهي، بالاچ مري، غلام محمد بلوچ، حبيب جالب سميت مکيه اڳواڻن جي مارجي وڃڻ باوجود بلوچن جي هٿياربند جدوجهد اڳ کان اڳڀري آهي. روزانو بلوچن کي سندن نوجوانن جاچچريل لاش ملي رهيا آهن، انساني حقن جي تنظيم HRCP مطابق 140 گم ٿيل بلوچ سياسي ڪارڪن تشدد ڪري ماريا ويا آهن. هڪ طرف بلوچن خلاف رياستي ڏاڍ جاري آهي ته ٻئي طرف بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ به شدت آئي آهي.
    ان ڪري قومي جمهوري تحريڪ دوران ان جو ضروري ڌيان رکڻو پوندو آهي ته معروضي حالتون ڪهڙيون آهن، عوام جو ان هٿيار بند جدوجهد ۽ سندس عوامي جمهوري جدوجهد سان ڪيترو ساٿ آهي. عوام جي پذيرائي کانسواءِ هٿياربند جدوجهد ۽ نه وري عوامي جدوجهد ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي. نيلسن منڊيلا جي هٿيار بند جدوجهد جي تجويز وقتائتي هئي، آفريقي عوام غلاميءَ جي ڳٽ ۾ ڦاٿل هو، سندن سمورا بنيادي، انساني حق صلب ٿيل هئا، عوام مزاحمت لاءِ تيار هو ۽ اڳتي هلي اهو ثابت ٿيو. تحريڪ جي ان تسلسل جي سبب ڪري ئي عوام کي آزادي نصيب ٿي.“
    نيلسن منڊيلا ڪڏهن به سپاهي نه رهيو هو ۽ نه ئي هن ڪڏهن جنگ ۾ حصو ورتو هو، هن دشمن تي ڪڏهن هڪڙي گولي به نه هلائي هئي. فوج کي منظم ڪرڻ جو فرض کيس سونپيو ويو. هن (امخونٽري سزوي) قوم جو نيزو يا بڻڇي نالي سان هڪ نئين تنظيم جو بنياد رکيو، جنهن کي مختصر MK چيو ويو. نيزي جو نشان ان لاءِ چونڊيو ويو جو هن ساڌي هٿيار سان آفريقين صدين تائين گورن جي يلغار جو مقابلو ڪيو هو. نيلسن منڊيلا پنهنجي چيئرمين شپ ۾ والٽر سوسولو، جوسولوو تي مشتمل هاءِ ڪمانڊ قائم ڪئي ۽ هنن طئه ڪيو ته حڪومت خلاف پرتشدد ڪارروائين جو هڪ سلسلو شروع ڪريون جنهن ۾ سرڪار جو وڌ ۾ وڌ نقصان ٿئي. ڪم جي شروعات، نيلسن منڊيلا ماهرن جا رايا وٺڻ ۽ هٿياربند انقلاب جي بنيادي لٽريچر پڙهڻ سان ڪئي. نيلسن ان متعلق ڪافي محنت ڪئي ته گوريلا تنظيم ڪيئن ٺاهجي، ان کي ڪيئن منظم ڪجي. هن ڪيوبا جي گوريلا تحريڪ جو جائزو ورتو، هن اينگلو بوئر جنگ جي دوران گوريلن جي غير روايتي جنگي چالن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي. هن چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ۽ مائوزيتنگ جي لکڻين کي پڙهيو. هن ”بنهام بيگن“ جي ڪتاب(The Revolt) جو پڻ مطالعو ڪيو، جنهن هن کي سگهه بخشي جنهن سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ گوريلا ويڙهه وڙهي وئي جتي پهاڙ آهن نه ٻيلا. هن ڏکڻ آفريقا جي ماضي کي به پڙهيو ۽ گورن جي اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ کي به مطالعي هيٺ آندو. هن ملڪ جي اهم صنعتي علائقن، مواصلاتي نظام، چرپر جي نظام جو به مطالعو ڪيو ۽ تفصيلي نقشا پڻ گڏ ڪيا. ”نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريقا جي سڀني اخبارن جي نالي هڪ خط روانو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته منهنجي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ پوليس منهنجي ڳولا ۾ آهي، پارٽي مون لاءِ روپوش رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڻ کي حڪومت جي قبضي ۾ نه ڏيندس جنهن کي آءُ قانوني طور تي مڃان ئي ڪونه ٿو. مون پنهنجي لاءِ جيڪا واٽ چونڊي آهي اها قيد ۾ ويهي رهڻ کان وڌيڪ ڏکي، خطرن واري ۽ تڪليف واري آهي. مون کي پنهنجن ٻارن، زال، امڙ ۽ ڀينرن کان پري ۽ وطن ۾ ئي جلاوطن ٿي رهڻو پوندو، مونکي پنهنجو ڪاروبار ۽ پيشو ڇڏڻو پوندو. آءُ واهان سان گڏ وک وک ۽ ميل ميل تي سوڀ جي حصول لاءِ رڌل رهندس. سوال هي آهي ته اوهين ڇا سوچي رهيا آهيو ۽ ڇا اوهان اسان جو ساٿ ڏيندا يا هن حڪومت جو؟ جيڪا حڪومت اسان جي عوام جي ڳوڙهن ۽ اڌمن جو ڳلو گهٽڻ تي ضد ٻڌي بيٺي آهي. ڇا اوهين قومي موت ۽ زندگيءَ جي هن گهڙي ۾ خاموش اڻ ڌريا ويٺا رهندئو؟ مون پنهنجي باري ۾ هڪ پڪو فيصلو ڪري ورتو آهي ته نه ڪڏهن ڏکڻ آفريقا ڇڏي ويندس ۽ نه ڪڏهن ڪنڌ جهڪائيندس. قومي آزادي فقط سختيون سهڻ ۽ مجاهدانه ڪردار ادا ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. عملي جدوجهد منهنجي زندگي آهي ۽ آءُ پنهنجي زندگي جي آخري پساهن تائين وڙهندو رهندس.“
    عملي جدوجهد ۾ ”ولفي ڪوديش“ سان گڏ هڪ ڪمري واري فليٽ ۾ گڏ رهيو، هُو نيوايج ۾ صحافي هو. ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران اتر آفريقا ۽ اٽلي ۾ جنگي خدمتون انجام ڏئي چڪو هو. سندس معلومات ۽ هن جي چوڻ تي “On War” ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ سان، نيلسن گوريلا جنگ وڙهڻ بابت کوڙ ساري معلومات حاصل ڪئي. نيلسن ٻن مهينن تائين هن جي گهر ۾ ئي رهيو. هو ڏينهن جو مطالعو ۽ جنگي حڪمت عملين بابت رٿابندي ڪندو هو ۽ رات جو ڪنهن نه ڪنهن گڏجاڻي ۾ حاضر ٿي ويندو هو.
    MK ڳجهي تنظيم ڌماڪا ڪرڻ جون مشقون شروع ڪري ڇڏيون. هڪ ڏينهن شڪ جي ڪري هي اهو فليٽ ڇڏي ويو. نيلسن ڏاڍين مشڪل حالتن ۾ ڪڏهن ڪنهن جي گهر ته ڪڏهن وري ڪنهن جي گهر رهندو هو پر پنهنجي ڪم کي وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري رکيو پئي آيو ۽ هر حال ۾ خوش رهڻ، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي ڪم کي مستقل مزاجيءَ سان منهن ڏيڻ، پنهنجي مقصد سان بيهڻ هن جي خوبي هئي جيڪا هن کي سندس منزل ڏانهن پنهنجي چيچ مان وٺي اڳتي وڌي رهي هئي. هڪ ڀيري هڪ ڳوٺ ۾ زرعي ماهر طور ڪم ڪندو رهيو، اوچتو ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ هلي ويو، ان سان حال احوال اوريائين، ان چڱي مڙس نيلسن کي وراڻيو نوجوان اسان تو کي هن ڳوٺ ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا پر اهو ٻڌاءِ ته چيف لوٿولي ڇا ٿو چاهي؟ جنهن تي هي ڇرڪي پيو ۽ هڪ دم پاڻ سنڀالي وراڻيائين ته چيف لوٿولي چاهي ٿو ته اسان جون زمينون اسان کي واپس ڪيون وڃن، اسين مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندڙ هجون ۽ پنهنجي مرضي موجب جيئن وڻي تيئن ئي زندگي گهاريون. پوءِ پوڙهي چيو اهو سڀ ڪيئن ٿو ڪري سگهي، جڏهن وٽس ڪا به فوج نه آهي. هن دل ۾ سوچيو ڪاش ان صورتحال ۾ هجان ها ۽ مان ٻڌائي سگهان ها ته آءُ اها فوج تيار ڪري رهيو آهيان، پر روپوشي جي تقاضا ڪري هو خاموش رهيو. اڪثر نيلسن منڊيلا ان روپوشي دوران پنهنجو نالو مٽائيندو رهندو هو. هو شيدي گهريلو نوڪرن وارو ڪوٽ پائيندو هو. ليويز فارم انڊرگرائونڊ ڪارڪنن جي لاءِ جوڙيو ويو جتي سڄو ڏينهن ڪارا مزدور ڪم ڪندا هئا ۽ نيلسن ويٽر طور اُتي رهيو پيو هوندو هو. هن کي ننڍن وڏن ڪم ڪارين جي سلسلي ۾ هيڏانهن هوڏانهن موڪليندا هئا. فرش صاف ڪرڻ ۽ گند ڪچرو صاف ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هئا. ”ڏکڻ آفريقا جي آزادي جي تحريڪ جو انتهائي بهادر، سمجهدار اڳواڻ جيڪو مستقبل جي هٿياربند فوج ٺاهڻ جي تياري ۾ رڌل هو، اهو ڪم ڪو حوصلي ۽ همت وارو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. هيڏو وڏو اڳواڻ هوندي به جنهن ذميواري سان هو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو بغير ڪنهن ڏيکاءَ جي مشڪلاتون ۽ ذلتون سهڻ لاءِ تيار هو. پنهنجي مقصد سان سچائي جي حد تائين commitment هئڻ ڪري ڪٿي به اڻ لاڳاپيل ماڻهو جي سامهون هن اظهار نه ڪيو ته هو ڪو نيلسن منڊيلا آهي ۽ MK جو چيف آهي.
    ”سنڌ جي قومپرست سياست جو هي به الميو آهي جو سندن ڦونڊ ۽ هلڪڙائپ جي ڪري سنڌ جي ماڻهن جو مٿن ويساهه نه ٿو رهي معمولي قسم جي مزاحمتي تحريڪ جي سرگرمين دوران وقت کان اڳ ٻڌائي ڇڏڻ، هر ماڻهو آڏو پاڻ کي وائکو ڪرڻ، ڊگهو عرصو انڊر گرائونڊ نه رهي سگهڻ، روپوشي دوران به وڏيرڪي انداز ۾ عياشين ۾ رڌل هجڻ، اهي بنيادي سبب آهن جو کين مقصد ۽ منزل جي ويجهو اچڻ بجاءِ سڄي قومي تحريڪ کي هڪ ڇڙواڳ، وڏيرڪي ۽ شوبازي واري ڪلچر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نيلسن منڊيلا روپوشي ۾ جيئن زندگي گهاري، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۾ هڪ به اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو ان لائق سمجهيو وڃي.“
    هن فارم مان ويهي اڪثر رٿا بندي ڪئي ويندي هئي ۽ اڪثر ڪارڪنن کي تربيت لاءِ چين موڪليندا هئا. آهستي آهستي ان فارم ۾ گوريلا ويڙهه جا اهم اڳواڻ ايندا ويا. هنن اهو طئه ڪيو ته خاص فوجي، بجلي، ٽيليفون ۽ مواصلاتي نظام کي نقصان پهچايو وڃي ته جيئن حڪومت کي نقصان ٿئي ۽ گوري سرڪار ڊڄي وڃي ۽ پرڏيهي سرمايو اچڻ رڪجي وڃي. MK جي ميمبرن کي سختي سان پابند ڪيو ويو ته اهڙين ڪارروائين سان ڪنهن به انساني جان کي ڪو به نقصان نه پهچايو وڃي.
    ANC جي عالمي سطح تي مشهوري سبب ANC جي مرڪزي صدر سردار لوٿولي کي اوسلو جي تقريب ۾ امن جو نوبل انعام مليو. ڊگهي جدوجهد ۽ عقملندي سان وڙهڻ سبب اوڀر جي دنيا آفريقي عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ لڳي هئي ته ٻئي طرف ان انعام گوري سرڪار کي پشيمان ڪري وڌو هو ۽ سياسي طرح تنهائي جو شڪار ٿي رهيا هئا. MK جيئن ئي پنهنجي ڪاروائي شروع ڪئي پهرين ڏينهن جي عمل ۾ سندن هڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويو کين افسوس ته ٿيو پر آزادي جي جنگ ۾ قرباني ڏيڻي پئي ٿي، ڪارڪنن کي اڳواٽ ئي اهڙو شعور ڏنو ويو هو ته هو ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا. قومن جي تاريخ ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن جڏهن کين فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ڪنڌ جهڪايو وڃي يا ڪنڌ ڪپائي به قوم جي عزت ۽ وقار کي اوچو ڪري آزادي واري منزل ڏانهن وک وڌائجي. MK پنهنجي هٿياربند جدوجهد جي شروعات 16 ڊسمبر کان ڪئي هئي جڏهن ڏکڻ آفريقا جا گورا 1838ع واري ”بنڊريو“ جي جنگ ۾ عظيم زولو اڳواڻ ”ڊگي“ جي شڪست جي خوشي ملهائيندا هئا. ڌماڪن جي گوري سرڪار مذمت ڪئي ۽ ان کي بيوقوفاڻو ۽ ٽرڙن ماڻهن جو عمل قرار ڏنو ويو. اهو سلسلو جاري رهيو، هاڻ ANC ۽ MK وڌيڪ متحرڪ شڪل ۾ سامهون آيون. ANC کي ٻين آزادي پسند پارٽين ”اديس ابابا“ ۾ ٿيندڙ آزادي پسندن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڪانگريس جي مرڪزي ڪميٽي نيلسن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي. نيلسن اهو طئه ڪيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪندو پر پنهنجي فوجي تنظيم جي لاءِ فوجي ۽ اقتصادي مدد حاصل ڪرڻ، فوجي سکيا جو بندوبست ڪرڻ، ANC کي متعارف ڪرائڻ جي به خواهش هئي. نيلسن پنهنجي دوستن جي مدد سان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پويان والٽر گرفتار ٿي ويو. نيلسن زميني رستي، جهازن جي رستي سفر ڪندو ”روڊيشا“ پهتو.
    نيلسن آفريقا جي انهن هنڌن تي پهتو جتي ڪاري چمڙي وارا ماڻهو حڪمران هئا ۽ پنهنجي ڌرتي جا مالڪ هئا. هي جتي به ويو انهن ملڪن جي صدرن ۽ پارٽين PAC جي وڏي ساراهه پئي ڪئي ۽ ANC کي ڪا پذيرائي نه ملي. هن هر هنڌ ANC جو موقف رکيو ۽ مقصد واضح ڪيو. ”اوليورٽيمبو“ جيڪو اڳي ئي ملڪ کان ٻاهر نڪري چڪو هو ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ سوڊان ۾ هنن جي ملاقات ٿي، اوليور انهن ٻن سالن ۾ گھانا، انگلينڊ، مصر، تنزانيه ۾ ANC جون آفيسون کولي چڪو هو. اوليور سفارتڪارن ۽ سياستدانن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا. هو پرڏيهي ملڪن ۾ ڏکڻ آفريقي عوام ۽ ANC لاءِ زبردست طريقي سان ڪم ڪري رهيو هو. اهو زمانو هو جڏهن آزاد آفريقي رياست ۾ غلام آفريقا جي رياست جا نمائندا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽ پنهنجي آزادي جي تحريڪ لاءِ سياسي ۽ مالي مدد وٺندا هئا ۽ تربيت جا هنڌ ٺاهيندا هئا.
    ”ڪنهن به وطن جي آزادي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد گهڻ رخي هجي ٿي. پهريون مرحلو تنظيم ذريعي عوام کي گڏ ڪرڻ هجي ٿو جيڪڏهن جمهوري جدوجهد جا جمهوري طريقي سان حق حاصل ڪرڻ جا سمورا رستا بند ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ اُتان هٿياربند جدوجهد جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ انهن لاءِ، آزادي جي حاصلات لاءِ عالمي مدد ضروري ٿيو پوي، جنهن لاءِ دنيا ۾ هم خيال ڳولڻا پون ٿا.“
    نيلسن منڊيلا آزاد آفريقي ملڪن جي حڪمرانن سان ۽ ڪانفرنسن ۾ آفريقي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کان کين باخبر ڪيو، مدد جي اپيل ڪئي. گهڻين مشڪلاتن جي باوجود کيس ڪجهه پئسا، تربيت جي هنڌن جو طئه ڪرڻ ۽ هٿيارن جي مدد جو آسرو مليو. جيستائين اوليور ٽيمبو ۽ منڊيلا آفريقي ملڪن ۾ نه ويا هئا تيسين ANC جي جدوجهد کي ”زهوسا“ قوم جي جدوجهد سمجهيو ويندو هو.
    ”سنڌ به هڪ اهڙو بدقمست وطن آهي، دنيا ۾ ڌرتي ڌڻين جو موقف نه ٿو ٻڌو وڃي پر 1947ع ۾ آيل پناهگيرن کي سنڌ جو نمائندو سمجهيو وڃي ٿو. ان جا ڪارڻ هي آهن ته هو سنڌ جي شهري علائقن ۾ منظم تنظيم رکن ٿا، دهشت جي زور تي کين عوام جي حمايت حاصل آهي. ايوانن ۾ هڪ وڏي گروپ طور سڃاتا وڃن ٿا. سندن اڳواڻ يورپ، آمريڪا، آفريقا ۽ عرب دنيا ۾ سٺن سفيرن طور ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ان جي ابتڙ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جا وارث نه پنهنجي وطن ۾ منظم آهن ۽ نه وري ٻاهرين دنيا ۾ ڪا سنجيده سياسي چرپر آهي. حيرت جي ڳالهه هي آهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي پنج ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر عالمي سطح تي دنيا ۾ ڪٿي به قومپرست پارٽين جو هڪ به يونٽ قائم ڪونهي. جيڪي ماڻهو هتان روپوش ٿي يورپ ۽ آمريڪا ويا تن به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو پر ويتر ٻاهرين ملڪن ۾ رهي پنهنجو قومي مقصد وساري ويٺا. جنيوا يا يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ سنڌ جي نمائندي طور ڌرتي ڌڻي نه پر نسل پرست قبضي گيرن کي نمائندگي ملي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ ذميوار اسان جي قومي تحريڪ آهي جيڪا ڇڙواڳ ۽ شوبازي جي ور چڙهيل آهي. پري پري تائين امڪان نظر نه ٿو اچي ته ڪو سنجيدگي سان ٻاهرين دنيا ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪا به سگهاري ڪوشش ڪئي ويندي.“ نيلسن منڊيلا الجزائر ۾ احمد بن بيلا سان به ملاقات ڪئي جيڪو تازو فرانس جي قيد مان آزاد ٿيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ آزاد الجزائر جو وزيراعظم ٿيڻ وارو هو. ياد رهي ته احمد بن بيلا جي اڳواڻي ۾ هٿياربند جدوجهد ذريعي الجزائر فرانس کان آزادي حاصل ڪئي هئي. نيلسن منڊيلا آفريقا جي اڪثر ملڪن کانپوءِ انگلينڊ به ويو، هتي هن کي ”يوسف دادو“ به ملي ويو جيڪو ANC جي نمائندگي ڪري رهيو هو. لنڊن ۾ مشهور اخبار ”آبزرور“ وارا ANC کي قديم شيءَ سمجهندا هئا جڏهن ته PAC جي وڏي پروپيگنڊه ڪئي ويندي هئي. اوليور، نيلسن جي آبزرور جي ايڊيٽر سان ملاقات ڪرائي ۽ کين تفصيل سان آگاهه ڪيو ۽ ڪجهه برطانوي سياستدانن سان پڻ ملاقات ڪرائي جتان هڪ راهه هموار ٿي. اهو ياد رهي ته نيلسن منڊيلا کي هر هنڌ آفريقا توڻي يورپ ۾ PAC جي پروپيگنده جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو ته هو گورن جي شرڪت ۽ ڪميونسٽن جي حمايت ڪري گهاٽي ۾ ويندا. پر نيلسن منڊيلا ڏاهپ سان انهن معاملن جو دفاع ڪندو هو، ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه ايندو هو بلڪه سنجيدگي سان کين سهمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نيلسن 6 مهينن جي فوجي سکيا لاءِ ”اديس ابابا“ پهچي ويو جتي هن فوجي تربيت حاصل ڪئي. جتي هن حڪومتي فوج ۽ گوريلا فوج جو فرق پڻ سمجهيو. فرق هي هو ته گوريلا جنگ ۾ جڏهن جنگ جي ميدان ۾ هجي ته سندس اٿارٽي محسوس ڪرائي ۽ جڏهن واندڪائي هجي ته گوريلا ساٿين سان گڏ ويهي رهي ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياري. هڪ آفيسر جي بدران هڪ عام دوست رهي، هر ڳالهه ۾ برابري جو عمل ٿيڻ گهرجي. 6 مهينن جي مقرر ٿيل سکيا دوران ٻن هفتن ۾ سندس پارٽي ملڪ واپس اچڻ جي هدايت ڪئي. نيٺ هُو مختلف رستن کان ٿيندو واپس پنهنجي وطن پهتو. نيلسن ليويز فارم تي پهچي پنهنجن ساٿين سان سمورا احوال اوريا، مليل ڏوڪڙ ۽ ٻيو مواد سندن حوالي ڪيو، آفريقي حڪمرانن جي ANC بابت نقطه نظر کان کين واقف ڪيو. دوستن ساٿين کيس سڄي صورتحال کان واقف ڪرڻ لاءِ چيف لوٿولي سان ملڻ جي صلاح ڏني. چيف لوٿولي نيلسن جون سموريون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو رهيو ۽ نيٺ چيائين ته ANC جي معاملن ۾ غير ملڪي سياستدانن کان هدايتون وٺڻ تصور جوڳو ڪونهي. ملاقاتن کانپوءِ ڊربن کان هڪ شوفر جا ڪپڙا پائي ساٿي سان گڏ جوهانسبرگ واپس روانو ٿيو.


    نيلسن منڊيلا جي گرفتاري

    ”پيٽرميرزبرگ“ جي اڳيان گورن جي گاڏين کين گهيري ۾ آڻي ورتو. ان دوران هڪ لمحي لاءِ نيلسن کي ڀڄڻ جو خيال آيو پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته ڀڄڻ جي ڪري هو گولين جو نشانو بڻجي وڃي ها. هڪ گوري آفيسر کيس تعارف ڪرائڻ جو چيو ته نيلسن سندس نالو ڪو ٻيو ٻڌايو جنهن تي آفيسر واراڻيو ٺيڪ آهي، تون نيلسن منڊيلا آهين ۽ کيس وارنٽ ڏيکاري گرفتار ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح نيلسن منڊيلا جي 17 مهينن جي روپوشي ختم ٿي ۽ قيد جي هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهڻ جي شروعات ٿي.
    کيس گرفتار ڪري جوهانسبرگ پهچايو ويو سندس ساٿين کي هن جي گرفتاري جي خبر پئجي چڪي هئي، نيلسن جي گرفتاريءَ جي ردعمل ۾ سڄي ملڪ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون، مظاهرا ۽ احتجاج ڪيا ويا. جنهن جيل جي کولي ۾ هن کي بند ڪيو ويو ان جي ڀر واري کولي ۾ والٽر سوسولو به بند هو. نيلسن کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو، هن پنهنجو ڪيس پاڻ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هن ”وني“ سان ملاقات ڪري کيس حوصلو ڏنو ۽ سندس مدد لاءِ ڪيترن ئي دوستن جا نالا ٻڌايا. هن وني کي اهو پڻ چيو ته هُوءَ ٻارن جو گهڻو خيال ڪري ۽ منهنجي گرفتاري بابت کين صحيح صورتحال کان واقف ڪري.
    هن چيو ته خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس پهريون گهراڻو ناهي پر کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي خراب حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. وني ۽ نيلسن جي هي ملاقات ڏاڍي خلاصي هئي پر کين خبر نه هئي ته ان کانپوءِ هڪ ڊگهي عرصي جي جدائي جو سلسلو شروع ٿيندو. ان دوران هڪ طرف گوري سرڪار نيلسن کي هڪ قلعي نما جيل ۾ سخت پهري هيٺ رکيو ته ٻئي طرف سندس تنظيم کيس ڇڏائڻ جو ڪوششون ڪري رهي هئي. منڊيلا جي گرفتاري بابت مختلف پروپيگنڊا هلي رهيون هيون، هڪ پاسي ڊربن ۾ سندس ميزبان تي الزام هنيا پئي ويا ته ان مخبري ڪئي آهي ۽ ٻئي پاسي ڪميونسٽن ۽ هندستانين تي شڪ ڏيکاريو پئي ويو. ٽئين طرف آمريڪي ڪائونسل ۾ CIA آفيسر تي الزام پئي لڳو. اصل ۾ اهي سڀ مفروضا هئا، منڊيلا آخري ڏينهن ۾ غير محتاط ٿي ويو هوجنهن جي ڪري ئي سندس گرفتاري عمل ۾ آئي.
    سندس ساٿين نياپو ڪيو هو ته هُو کيس جيل مان ڀڄائڻ چاهين ٿا، نيلسن سوچيو ته ان جا فائدا ٿي سگهن ٿا، هڪ ته کيس رهائي ملندي، ٻيو گوري سرڪار تي نفسياتي دٻاءُ وڌندو ۽ ٽيون تنظيم کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي ٿو. پر هن جي خيال ۾ MK اڃا ايتري طاقتور نه ٿي آهي جو کيس سخت پهري مان ڀڄائي سگهن. ٻيو ته هن کي اڃا سزا ڪونه لڳي هئي ان ڪري هن اهو فيصلو ملتوي ڪيو ۽ پنهنجن ساٿين کي آگاهه ڪيو. ان دوران تنظيم، منڊيلا رهائي ڪميٽي تشڪيل ڏني جيڪا سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪري رهي هئي. کيس ان جيل مان پريٽوريا منتقل ڪيو ويو. هو پهرين ٻڌڻيءَ تي زهوسا قبيلي جو روايتي لباس پهري آيو هو، جنهن مان هن اهو محسوس ڪرائڻ پئي چاهيو ته هڪ آفريقي اڳواڻ گورن جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سندس سوين چاهيندڙ، مداح ۽ ڪارڪن عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچي چڪا هئا. هن عدالت جي گئلري ۾ ٻڌايو ته کيس چڱي طرح احساس آهي ته هو ڪارو آهي جيڪو هڪ گوري جج جي عدالت ۾ بيٺو آهي ائين نه ٿيڻ کپي. هن تي عدالت ۾ الزام هنيو ويو ته غيرقانوني طرح ملڪ کان ٻاهر ويو هو. آفريقي عوام کي ٽن ڏينهن جي هڙتال ڪرڻ لاءِ اُڪسايو هو. غير نسلي بنيادن تي نئون آئين ٺاهڻ جي لاءِ قومي ڪنونشن گهرائڻ جي گهر ڪئي. ان دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پهريون دفعو ڏکڻ آفريقا جي خلاف پابندين جي سفارش ڪئي. ٻئي ڏينهن عدالت ۾ نيلسن منڊيلا کي جج چيو ته توهان کي ڪجهه چوڻو آهي، هن زوردار تقرير ڪئي، سزا ۾ معافي بجاءِ آفريقي سماج جي بيهڪ تي تفصيلي خطاب ڪيو ته گورن جي اچڻ کان اڳ هو مڪمل آزاد هئا، ذلتون سندن نصيب ۾ نه هيون، کين ٻئي درجي جو شهري نه سمجهيو ويندو هو، حقن تي ڌاڙا، آفريقي عوام جي غلامي ۽ نسلي مت ڀيد کيس سياست ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو، هو آزادي چاهي ٿو هر قسم جي نسلي مت ڀيد جو خاتمو چاهي ٿو، جيڪي منهنجا ڏوهه ٻڌايا ويا آهن انهن کي قبول ڪيان ٿو ۽ موقعو مليو ته وري ڪندس، ذلتن ۾ گُهٽجي گُهٽجي مرڻ کان بهتر آهي ته سوليءَ تي چڙهي وڃجي. نيلسن جي تقرير کانپوءِ جج کيس پنج سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. نيلسن مڙي ميڙ طرف ڏٺو ۽ ٽي دفعا آزادي جو نعرو هنيائين. هجوم خوبصورت قومي گيت ڳائي رهيو هو.
    هي پهريون اڳواڻ هو جنهن کي ايتري سزا ملي هئي. ٻاهر ماڻهن جا حوصلا بلند هئا، اهي اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، عورتون روئي رهيون هيون پر سندس زال ”وني“ پر اعتماد بيٺي هئي. نيلسن کي قيدين واري گاڏي ۾ جيل نيو پئي ويو ۽ پويان آفريقا زنده باد جا نعرا پئي لڳا. جيل پهچندي ئي سندس سمورا ڪپڙا لهرايا ويا ۽ کيس قيدين وارا ڪپڙا پهرايا ويا، ان دوران نيلسن ڪارن قيدين لاءِ مخصوص چڍي پائڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي جيلر کيس چيو ته کيس پتلون ملندي پر هن کي قيد تنهائي ۾ رهڻو پوندو. هن اهو قبول ڪيو ۽ ڪيترائي هفتا اڪيلائي ۾ گذاريا. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن جي قيد تنهائي ختم ڪئي وئي. هن کي جيل ۾ ”سبڪ وي“ ، ”اسٽيفن ٽيغو“ به مليو. هي اڳواڻ جيل ۾ ڪم دوران ڪچهري به ڪندا هئا ۽ صلاح مشورا پڻ ڪندا هئا. نيلسن ان دوران سبڪ وي کي ياد ڏياريو ته سندس چئن سالن ۾ آزادي وارو نعرو پورو نه ٿي سگهيو ان ڪري قومي اڳواڻن کي اهڙا نعرا نه ڏيڻ گهرجن جنهن سان عوام جو اميدون ٽٽي وڃن.
    1962ع جي ANC پنهنجي ڪانگريس ۾ ويڙهاڪ تنظيم MK کي پاڻ ۾ ضم ڪري ان کي فوجي ونگ جو نالو ڏئي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جي واقعن ۾ واڌاري سان گڏ مزاحمت ۾ اضافو ٿي ويو. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گوري سرڪار ٽن مهينن جي نظر بنديءَ جو قانون لاڳو ڪيو جنهن هيٺ ڪنهن به شخص کي شڪ جي بنياد تي بنا وارنٽ جي جيل اماڻيو پئي ويو، کين ڪا به قانوني رعايت نه هوندي هئي ۽ انهن ٽن مهينن ۾ واڌارو به ٿيو پئي. سڄو ملڪ پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو هو، سياسي قيدين تي تشدد، بجلي جا جهٽڪا ڏيڻ عام ٿي ويو هو، غير قانوني تنظيم جي نالي ۾ بيشمار گرفتاريون ڪيون ويون، کين ڪميونسٽ قرار ڏيندي پنجن سالن جي سزا کان وٺي ڦاهي جي سزا به ڏني پئي وئي. ڪيئي اخبارون خاص ڪري ”نيو ايج“ کي بند ڪيو ويو. هڪ رات نيلسن منڊيلا، تيفو ۽ ٻين کي پنهنجو سامان ٻڌڻ لاءِ چيو ويو. کين هٿڪڙيون هڻي هڪ بنا دري جي وين ۾ سوار ڪيو ويو، سڄي رات جي سفر کان پوءِ کين ڪيپ ٽائون پهچايو ويو، اُتان کين هڪ ٻيڙي ذريعي هنن کي رابن آئلينڊ (ٻيٽ) پهچايو ويو جيڪو ڏسڻ ۾ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو، قيد خاني کان وڌيڪ تفريح گاهه لڳي رهيو هو. اهو ٻيٽ ڪنڌي کان 18 ميل پري هو. زهوسا ماڻهو ان کان چڱي طرح واقف آهن. نيلسن ننڍي هوندي هن ٻيٽ جو نالو ٻڌو هو.
    1819ع ۾ ڏهه هزار زهوسا فوج پنهنجي سردار ”ماڪنا“ جي اڳواڻي ۾ برطانوي ڪمانڊر گراهمز ٽائون جي خلاف چوٿين زهوسا جنگ ۾ حصو ورتو پر شڪست کاڌائين. ماڪنا کي رابن آئلينڊ جلاوطن ڪيو ويو جتان هو ٻيڙي ذريعي ڀڄي نڪتو پر بد قسمتي سان ڪنڌي جي ويجهو ٻڏي ويو. ان سور ۾ سردار جي ياد ٻه صديون گذرڻ جي باوجود عوام جي دلين ۾ تازي آهي، سندس داستان مشهور آهن. ”ماڪنا“ کان اڳ 1658ع ۾ هڪ آفريقي سردار ”آتشو مائوڪو“ کوٽي قبيلي ۽ ڊچ فوج جي وچ ۾ هڪ جنگ جي نتيجي ۾ کيس رابن آئلينڊ طرف ديس نيڪالي ڏني وئي جيڪو ان ٻيٽ مان هڪ ٻيڙي وسيلي ڀڄي نڪتو ۽ خير سان آفريقي ساحل تي اچي پهتو. ٻيٽ تي لهندي ئي قيدين جو واسطو ٿلن متارن گورن هٿيار بند محافظن سان پيو جيڪي ڍورن جيان رنڀون ڪري رهيا هئا ۽ آفريقي زبان ۾ چئي رهيا هئا ته هي ٻيٽ آهي ۽ اوهان کي هتي ئي مرڻو پوندو. آفيسر زور سان رڙيون ڪري کين چيو ته ٻه ٻه ٿي هلو ۽ آفريقي ٻولي ۾ چوندو رهيو ”ماس ماس“ معنى تڪڙا هلو. نيلسن تيفو کي چيو ته اسان کي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ کپي نه ته آئينده هي اسان کي دٻائي هلندا، اسان سياسي ڪارڪن آهيون، تيفو نيلسن جي خيال سان سهمت ٿيو. هنن اهڙو عمل ڪري جيل انتظاميا کي اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته هُو عام قيدي نه پر سياسي قيدي آهن ۽ کين پنهنجي نظرين جي بنياد تي ديس نيڪالي ڏني وئي آهي. نيلسن ۽ تيفو آهستي هلڻ لڳا پوليس عملدار رڙيون ڪري کين تکو هلڻ لاءِ چوندا رهيا، آخرڪار هڪ آفيسر بيهي هنن کي سمجهائڻ لڳو ته هي جوهانسبرگ نه آهي اسان توهان کي ماري ڦٽو ڪري ڇڏينداسي پر نيلسن منڊيلا ۽ تيفو انهن جي هڪ نه ٻڌي. نيلسن جيل آفيسر کي چيو ته تون پنهنجو فرض پورو ڪري رهيو آهين ۽ اسين پنهنجو ۽ هاڻ اسين گهڻي ذلت برداشت نه ڪنداسين. سندن ڪپڙا لاهي پاڻي ۾ اڇلايا ويا ۽ وري کين چيو ويو ته اهي پسيل ڪپڙا پائي ڇڏيو.
    قيد جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي کين سخت دٻاءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر نيلسن منڊيلا ۽ سندس ساٿين انتهائي بهادري سان انهن سختين کي منهن پئي ڏنو. ڪنهن به گهڙي تي هي آزادي جا متوالا جهڪڻ لاءِ تيار نه هئا بلڪه هي واسطيدار عملدارن کي اهو محسوس ڪرائيندا هئا ته اسين پنهنجي عوام جي حقن لاءِ سزائون ڀوڳي رهيا آهيون، ڏوهاري اسين نه پر توهين آهيو جن سڄي قوم کي غلام بڻائي ذلتن ۾ جڪڙي رکيو آهي.
    ”سنڌ جي قومي آزادي واري تحريڪ پڻ همٿ وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن ڪافي ذلتن کي منهن پئي ڏنو آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت جيل ۽ نظربندي ۾ گذاريو، هن مهل تائين هزارين قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سالن جا سال جيل ۾ گذاريا آهن پر آءُ ذميواري سان چوان ٿو ته تمام گهٽ سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن همٿ ۽ حوصلي سان جيلن ۾ نيلسن منڊيلا ۽ ان جي ساٿين وانگر مزاحمت ڪندي يا سخت پورهيو ڪندي گذاريو هوندو. اڪثر قومي اڳواڻن کي جيلن ۾ زبردست رعايتون ملنديون رهيون، سندن مستقل ملاقاتون ٿينديون رهيون کين نوڪر چاڪرن جون سهولتون هيون ايستائين جو جڏهن موبائل فون جي سهولت ٿي ته اها به هنن استعمال ڪئي. آزادي جي تحريڪن ۾ سڀ کان ڪمزور ترين اڳواڻن جو وڏو حصو سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن جو رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب هجي ٿو جو جڏهن اوهين جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿا هجو ۽ خوف ۾ ورتل هجو ٿا ته پوءِ قيادت رعايتون وٺي ٿي ۽ مزاحمت واري جذبي تان هٿ کڻي وڃي ٿي.“
    پهرين رات ئي هڪ رنگدار وارڊن دري مان نيلسن کي آواز ڏيندي چيو ته تنهنجي زال ۽ پارٽي کي رابن آئلينڊ منتقل ڪرڻ جي خبر ملي آهي جيڪو اخبارن ۾ ڇپيو آهي، هو اسان کي سينڊوچ ۽ سگريٽ ڏيندو رهيو جيڪو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو. ٻئي ڏينهن کان هنن کان مٽي جو ڪم ڪرايو ويو. هڪ ڀيري رابن آئلينڊ جيل جي معاملن جو انچارج نيلسن ۽ سندس ساٿين سان ملڻ آيو ۽ سندن شڪايتون ٻڌيون، آفيسر وراڻيو ته آءُ انهن تي ويچاريندس، واپس ويندي هن ”تيفو“ ڏانهن نهاريو جنهن جو پيٽ وڌيل هو ۽ کيس آفريقي ۾ چوڻ لڳو ” تنهنجو هي وڌيل پيٽ هن جيل ۾ رهي جلد گم ٿي ويندو“ تيفو پنهنجي تذليل برداشت نه ڪري سگهيو ۽ جيل آفيسر کي جواب ڏنو ته تون منهنجو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهين آءُ دنيا جي سڀ کا وڏي انقلابي تحريڪ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر آهيان. اسين سڄي دنيا ۾ عوامي خدمت لاءِ مشهور آهيون، تون ۽ تنهنجي نيشنل پارٽي جلد ئي تاريخ جي ڌوڙ ۾ لٽجي ويندي. آءُ تنهنجي ڏڏ صدر کان وڌيڪ عالمي سطح تي ڄاتل سڃاتل شخص آهيان، تون وري ڪير آهين معمولي قسم جو ٽڪي جو نوڪر آهين.
    ٿورن ڏينهن ۾ ٻيا سياسي قيدي به هتي آندا ويا PAC جي ڪجهه ميمبرن کي نيلسن منڊيلا جي کولي جي سامهون رهايو ويو. هڪ رات نيلسن سيخن پٺيان بيهي انهن نوجوانن سان ڳالهايو ته خبر پئي ته سندس ڀائٽيو ”نڪا بيٽي“ به موجود آهي. سندس ڀائٽي هڪ ڀيري نيلسن کان پڇيو ته چاچا اوهان جو ڪهڙي تنظيم سان واسطو آهي ۽ نيلسن واراڻيو ته ANC سان اهو ٻڌي جيڪي قيدي هن سان بيٺا هئا ناراضگي مان هٽي ويا، هنن جي خيال ۾ نيلسن PAC ۾ شامل ٿي ويو هوندو. هڪ ڏينهن اوچتو نيلسن کي رابن آئلينڊ کان پريٽوريا پهچايو ويو ۽ جيل کاتي هڪ بيان شايع ڪيو ته رابن آئلينڊ تي نيلسن کي PAC جي قيدين مان خطرو آهي تنهن ڪري کيس بدلي ڪيو ويو. ”پريٽوريا“ ۾ هن کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن کي خبرون چارون ملنديون رهيون ۽ کيس خبر پئي ته MK جا ڪيترائي ڪارڪن هن جيل ۾ موجود آهن. هڪ ڏينهن کيس جيل جي آفيس ۾ آندو ويو اُتي هن جي ملاقات والٽر، احمد ڪيٿراڊا، بوب هيل ۽ ٻين سان ٿي. هنن سڀني تي ڀڃ ڊاهه جو الزام هو. انهن ساٿين کي ليويز فارم ۾ پوليس ريڊ ڪري گرفتار ڪيو هو. پوليس کي اُتان گوريلا جنگ شروع ڪرڻ جي پروگرام متعلق دستاويز هٿ آيا. هاڻي MK جي سڄي هاءِ ڪمانڊ پوليس جي قبضي ۾ هئي. ٻئي ڏينهن سڀني کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سندن وڪيل ”برم فشر“ کين ٻڌايو ته عدالت توهان کي سخت ۾ سخت سزاءِ موت ٻڌائي سگهي ٿي. تنهن ڪري ڏينهن رات هي ساٿي ڦاهي جو انتظار ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن هڪ وارڊن نيلسن کي اچي ٻڌايو ته نيلسن تون ننڊ جو فڪر نه ڪر تون جلد ئي ڊگهي ننڊ جا مزا ماڻيندين.
    9 آڪٽوبر 1963ع تي پوليس جي زبردست پهري هيٺ ايوان عدل نيو ويو. اڄ ان اهم ڪيس جي شروعات ٿيڻي هئي جيڪو پوءِ اڳتي هلي نيلسن منڊيلا بنام رياست جي نالي سان مشهور ٿيو. ايوان عدل جي ڀرسان ئي جمهوريه ”ٽرانسوال“ جي هڪ اڳوڻي صدر پال پروگر جو مجسمو کتل آهي، جنهن 19 صدي ۾ انگريزن خلاف جنگ وڙهي هئي. ان مجسمي جي هيٺان مشهور ”ولندنري“ نسل جي هيري تي هڪ تقرير جا اقتباس اڪريل آهن ” اسين مڪمل اعتماد سان پنهنجو معاملو سڄي دنيا جي سامهون پيش ڪري رهيا آهيون، اسين ڪامياب ٿيون يا موت سان همڪنار، آزادي آفريقا ۾ اهڙي شان ۽ شوڪت سان ايندي جيئن سج صبح جو سوير ڪڪرن جي اوٽ مان نڪرندو آهي.“
    ”1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو، سنڌ مان جيڪا به مزاحمت ٿي ان کي دٻايو ويو هو، ان آزادي جي تحريڪ دوران هيمون ڪالاڻي به هڪ نوجوان هو جيڪو مزاحمت دوران سکر مان گرفتار ٿيو کيس موت جي سزا ملي، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڦاهي جو قيدي هو جنهن جو ڦاهي وقت ست پائونڊ وزن وڌي ويو. کيس ڪيئي ڀيرا معافي گهرڻ عيوض جان جي امان جي پيشڪش ٿي هئي پر هن هر دفعي اها رد ڪري ڇڏي. ڦاهي وقت کائنس آخري خواهش پڇي وئي ته هن وراڻيو ” منهنجي آخري خواهش هي آهي ته آءُ پنهنجي کوليءَ کان ڦاهي گهاٽ تائين نعرا هڻندس ۽ اوهان ڦاهي ڏيندڙ انهن نعرن جو جواب ڏيندا“ ۽ پوءِ هن آزادي زنده باد ۽ انگريزو سنڌ خالي ڪيو جا پرجوش نعرا هڻي وڏي شان ۽ شوڪت سان ڦاهي چڙهي ويو.“
    عدالت دوران سڄي علائقي کي پوليس جو ڪڙو چڙهيل هو ۽ ٻاهر هزارن جي تعداد ۾ نوجوان آزادي جا گيت ڳائي رهيا هئا. اخبارن ۾ هن ڪيس کي ملڪي ۽ عالمي تاريخ جو وڏو ڪيس ڪري پيش ڪيو ويو. هنن تي سختي جو مطلب اهو هو ڪيئي آزادي پسند قيدي جيلن مان ڀڄي نڪتا هئا ۽ سرڪار پريشان هئي. ان دوران منڊيلا جي گهر واري ”وني“ پنهنجي گهر ۾ نظر بند ڪئي وئي. والٽر سوسولو جي گهر واري نظر بند ڪئي وئي، قيدين کي ٽن هفتن تائين صلاح مشورو ڪري ڪيس وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي. عدالت ۾ جسٽس ڊي ويٽ جوابدار نمبر پهرين منڊيلا کان پڇيو ته ڇا تون پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪرين ٿو؟ منڊيلا جواب ڏنو ته ڏوهاري مان نه پر توهان آهيو ۽ هن ڪٽهڙي ۾ توهان کي بيهڻ گهرجي. والٽر سوسولو به ساڳيو جواب ڏنو.
    قيدين تي فرد جرم عائد ڪئي وئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ANC گوريلا جنگ جي رٿا بندي ڪئي آهي جنهن لاءِ هنن هزارين ڪارڪن تيار ڪيا آهن، پرڏيهي فوجي طاقت جي ذريعي ڏکڻ آفريقا تي قبضو ڪري عارضي حڪومت جي قيام جو اعلان ڪرڻو هو.
    ان لاءِ ”امخنوي سوزي“ MK مڪمل تياري ڪري ورتي هئي. ٽن مهينن تائين فريادي 173 شاهد هزارين مسوده، تصويرون، گوريلا جنگ جي باري ۾ لکڻيون، مارڪسزم تي لکيل ڪتاب ۽ نقشا وغيره عدالت ۾ پيش ڪيا. ڦاسي جي تختي تائين پهچائڻ واري ان فيصلي جي باوجود خوش رهندا هئا، پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندا هئا. انهن سمورن قيدين جا هڪ جهڙا ڏوهه نه هئا، ڪنهن تي سخت ڪيس مڙهيو ويو هو ڪي وري بلڪل بي ڏوهي واڙيا ويا هئا. بحرحال ڇهن قيدين اهو طئه ڪيو هو ته هُو اعتراف ڪندا کين سزا جي گهٽ وڌائي ۾ ڪا دلچسپي نه هئي، کين صرف پنهنجي نظريي جي پرچار کي بنياد بڻائڻو هو پر انهن ڳالهين تي ڪجهه ساٿين کي اختلاف به هو. نيلسن منڊيلا عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته هو ڀڃ ڊاهه ۽ گوريلا تنظيم ٺاهڻ وارن معاملن جا ذميوار آهن پر ڪنهن به ماڻهو کي نه اسان ماريو آهي ۽ نه اسان جي ذهن ۾ اهڙو ڪو خيال هو.
    ANC سدائين ڏکڻ آفريقا ۾ غير نسلي حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي، گذريل 50 سال ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته ANCعدم تشدد جي قائل رهي آهي جڏهن ته گوري سرڪار بدترين تشدد ڪندي رهي آهي.
    نيلسن چيو ته اسان جي سموري جدوجهد ۽ گهڻ رخي ويڙهه صرف ۽ صرف گورن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. نيلسن منڊيلا گوريلا جنگ جي تياري ۽ سندس پرڏيهه وڃڻ وارن معاملن کي قبوليو. هن چيو ته ڪانگريس جو نظرياتي عقيدو سدائين آفريقي قومپرستي رهيو آهي پر گورن کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ واري سوچ ڪڏهن به ناهي رهي. ڪانگريس جو سڀ کان اهم دستاويز پنهنجي وطن جي آزادي آهي. هن چيو ته اسان تي الزام مڙهيو وڃي ٿو ته اسان ڪميونسٽ آهيون ۽ ان جي اثر هيٺ آهيون پر آءُ ٻڌائيندو هلان ته مان ڪميونسٽ نه پر هڪ محب وطن آفريقي آهيان. ڏکڻ آفريقا جي ڪميونسٽ پارٽي جنهن ۾ گورن جو به هڪ وڏو تعداد آهي، جيڪي ڌرتي ڌڻين کي انسان سمجهن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو آفريقي عوام ڪميونسٽن کان نفرت نٿو ڪري، هو آفريقا ۾ گوري سرڪار جي نسل پرستي خلاف، آزاد ڏکڻ آفريقا ۽ غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، اهي اسان جا اتحادي آهن ۽ اسان انهن کان الڳ نٿا ٿي سگهون. هن چيو ته آفريقي پنهنجن جائز حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، تحفظ ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهن، هو هڪ جهڙن سياسي حقن جو مطالبو ڪن ٿا، گورا انهن مطالبن کي انقلاب جو درجو ڏين ٿا ڇاڪاڻ جو کين خبر آهي ته ڪارا اڪثريتي قوم آهي ۽ ان ڪري گورا جمهوريت کان ڊڄن ٿا. هن چيو بس! اها سڄي آفريقي عوام جي نج قومي جنگ آهي اها جيئري رهڻ جي حق جي جنگ آهي. آخر ۾ نيلسن چيو ته مون پنهنجي زندگي آزادي لاءِ ارپي ڇڏي آهي، مان گوري غلبي ۽ ڪاري غلبي خلاف وڙهي رهيو آهيان، جمهوري معاشري جو گهرجائو آهيان، مان انهيءَ مقصد خاطر جيئرو آهيان، مونکي انهيءَ جي حاصل ٿيڻ جو پورو ڀروسو آهي، جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته موت کي به ڀليڪار چوندس ۽ هن پنهنجو خطاب پورو ڪيو. هن پنهنجي بيان ۾ تقريباَ چار ڪلاڪ لڳايا. نيلسن جي اها تقرير پابندي جي باوجود ڏيهه توڻي پرڏيهه جي اخبارن ۾ جيئن جو تيئن شايع ٿي. ٻين قيدين پڻ لڳ ڀڳ هڪ جهڙا بيان ڏنا، ان کانپوءِ عدالت جي ڪارروائي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي.
    هي ڪيس عالمي سطح تي مشهوري ماڻي ويو هو، هنن لاءِ سينٽ پال ڪيٿراڊ ۾ خاص دعا گهري وئي، لنڊن يونيورسٽي جي شاگرد يونين نيلسن کي پنهنجو صدر چونڊيو. گڏيل قومن ۾ ماهرن جي هڪ گروپ ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ اهڙي گڏيل ڪنونشن جي گُهر ڪئي جيڪو صحيح معنى ۾ پارليامينٽ جو روپ وٺي سگهي. سلامتي ڪائونسل ڏکڻ آفريقي سرڪار تي زور ڀريو ته ڪيس ختم ڪري سمورن سياسي قيدين کي فوري آزاد ڪيو وڃي.
    11 جون جي ڏينهن سمورا قيدي عدل جي ايوان ۾ فيصلو ٻڌڻ لاءِ گڏ
    ٿيا، جسٽس ڊي ويٽ هڪدم ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي، جوابدار نمبر 1 سڀني الزامن ۾ ڏوهي پاتو ويو آهي اهڙي طرح تڪڙ تڪڙ ۾ جوابدارن جا نالا کڻندو ۽ الزامن بابت ٻڌائيندو ويو ۽ چيائين اڄ آءُ سزا جي باري ۾ اعلان نه ڪندس، سڀاڻي وڌيڪ دليل ٻُڌا ويندا. نيلسن ۽ والٽر سوسولو طئه ڪري ورتو هو ته ڀلي موت جي سزا ڇو نه ملي پر فيصلي جي خلاف اپيل ڪو نه ڪبي ڇاڪاڻ جو معافي جو مطلب نظرين جي اخلاقي شڪست هوندي. هنن جي خيال ۾ ته هنن جيڪو به هن مهل تائين ڪيو آهي تنهن تي کين فخر آهي ۽ سندن موت جي سزا جي صورت ۾ عوامي جدوجهد ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو. هنن جو پيغام هي هو ته قومي آزادي لاءِ سڀ کان وڏي قرباني به ڪا حقيقت ڪا نه ٿي رکي. نيلسن ۽ سندس ساٿي ڦاسي جو ڦندو چمي اکين تي رکڻ لاءِ تيار هئا، کين شيڪسپيئر جو اهو قول ياد هو ته ”موت جي باري ۾ بي پرواهه ٿي وڃو زندگي يا موت مان هڪ ئي شيءَ مٺي يا عزيز ٿي سگهي ٿي.“
    12 جون آخري ڀيرو هي سياسي قيدي عدالت جي ڪمري ۾ گهڙيا، ڪيس کي هلندي لڳ ڀڳ سال گذري چڪو هو، عدالت سخت پهري هيٺ هئي ان جي باوجود لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو عدالت جي ڪمري سامهون بينر کڻي بيٺا هئا جن تي لکيل هو ” اسين پنهنجي اڳواڻن سان گڏ آهيون.“
    نيلسن جي ماءُ ۽ وني به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هيون، سندس ماءُ پنهنجي پٽ جي موت جو اعلان ٻڌڻ آئي هئي پر ٻئي حوصلي سان ويٺيون رهيون. آخري لمحي ۾ هنن قيدين جي وڪيل دليل ڏنا، هن چيو ته جذبا ۽ احساس ڪونه ڪو گهٽ گهيڙ ڪڍي وٺندا آهن، پنهنجي اصول ۽ مقصدن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونهي. هن چيو ته گهربل جوابدارن جي سامهون فقط ٻه رستا هئا، ڪنڌ جهڪائي ڇڏڻ يا بهادري سان ظلم جو مقابلو ڪرڻ، هنن سان نرمي وارو ورتاءُ ڪيو وڃي نه ته ڏکڻ آفريقا جو آئيندو ويران ٿي ويندو.
    جج پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار سازش جي ڏوهه جا ڏوهاري آهن ۽ اهو ڏوهه عام طور تي بغاوت تي دنگ ڪندو آهي بحرحال مون حڪومت جي نقطه نظر جي ابتڙ پوري غور ۽ ويچار کانپوءِ جوابدارن کي نرم سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جوابدارن کي جنم ٽيپ ڏجي ٿي. سياسي قيدين هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪڻ لڳا، پوليس ماڻهن کي ڌڪا ڏيندي قيدين کي وين ڏانهن وٺي وئي، منڊيلا فتح جو نشان ٺاهي ماڻهن طرف هٿ کنيو. اصل ۾ اهو فيصلو سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ احتجاجن، مزدور يونين جي ڪم ڇڏ هڙتالن سڄي دنيا جي گودين تي آفريقي سامان کي هٿ نه لائڻ عالمي سطح تي دٻاءَ سبب گوري سرڪار موت جي فيصلي کان ڊڄي وئي ۽ سزا ۾ نرمي ڪئي.
    بحرحال گوري جج گوري قوم جو حصو هوندي انهن جي جذبن تحت ئي اهو فيصلو ٻڌايو ”پريٽوريا“ جيل ۾ پهرين رات جيل جي مختلف حصن مان آزادي جا زور زور سان نعرا ۽ گيت گونجڻ لڳا جن منڊيلا ۽ ساٿين کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ تڪليفن جي سامهون فولادي قوت بڻجي جيئرو رهڻ جو جذبو عطا ڪيو. اڳتي هلي جيل ۾ رهڻ دوران سياسي قيدي دوستن، جيل کان ٻاهر مٽن مائٽن، پارٽي قيادت تائين جيل جي داروغن ذريعي خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ڪيو ويو. جيل اندر ڪنهن به ساٿي سان ملڻ جو بهترين طريقو بيماري جو بهانو هوندو هو ڇاڪاڻ ته سڄي جيل ۾ اسپتال صرف هڪڙي هوندي هئي، اهڙي طرح ڪنهن به طريقي سان ٻاهرين حال احوال کان هڪ ٻئي کي باخبر رکندا هئا.


    رابن آئلينڊ ٻيٽ تي سختيون

    اڌ رات جو ستن ئي قيدين کي ننڊ مان جاڳايو ويو کين هٿ ڪڙيون هڻي بند وين ۾ نئين سفر ڏانهن روانو ڪيو ويو. هي وين ۾ پلٿي هڻي ويهي آزادي جا گيت ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. ليفٽيننٽ وارن به هنن سان گڏ هو جنهن هنن کي چيو ته نوجوانو توهان پنهنجي قسمت سنواري ڇڏي، توهان جي جدوجهد ضرور سوڀاري ٿيندي، توهان جلد ئي سال ٻن ۾ آزاد ٿي ويندا. قيدي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيا هئا ۽ ان سال ٻن واري آزادي ۾ ٽي ڏهاڪا لڳي ويا. جيل ۾ پهچندي ئي کين قيدين وارا ڪپڙا ڏنا ويا، کين ننڍين کولين ۾ بند ڪيو ويو. نيلسن منڊيلا جي ان وقت عمر 46 سال هئي. جيل ۾ قيدين جو تعداد هڪ هزار هو، سياسي قيدي هئڻ ڪري کين خطرناڪ سمجهيو ويندو هو ان ڪري ٻين قيدين کان الڳ رکيا ويندا هئا. هن جيل ۾ ڪيئي رنگدار، هندستاني، گورا، آفريقي ڪارا، سياسي ڪارڪن، اديب، دانشور، شاعر ۽ پروفيسر موجود هئا. ٽرانسڪي مان ڪيئي پوڙها هاري به وزيراعلى جي قتل ۾ جيل ۾ بند ڪيا ويا هئا. هر روز وڏا وڏا پٿر اڱڻ جي وڏي دروازي تي ڪٺا ڪيا ويندا هئا ۽ هنن کي پٿر ڪٽڻ جي ڪم سان لڳايو ويندو هو. ڪم دوران جيل جا سپاهي مٿن نظر رکندا هئا. هنن کي کاڌو بدبودار ۽ بيڪار قسم جو ڏنو ويندو هو، ڪن قيدين کان ته پٿر جون ٽراليون به ڇڪيون نه پئي ٿيون، جيل جا عملدار هنن کان سندن سگهه کان وڌيڪ ڪم وٺندا هئا. جيل جو انتظام اتنهائي سخت هو، اُتي ئي سندن دوستن، مٽن مائٽن ۽ ساٿين سان هر قسم جو رابطو ڪٽجي ويو. سندن وڪيل بريم فشر ۽ جوئل ٻن هفتن کان پوءِ جيل تي ملڻ آيا ۽ کين اپيل بابت چيو هنن ساٿين بنهه جواب ڏنو ته اسان سزا جي خلاف اپيل ڪونه ڪنداسي. هنن قيدين کي ڇهن مهينن ۾ فقط هڪ ڀيرو پنج سئو لفظن تي مشتمل هڪ خط پنهنجن عزيزن ڏانهن موڪلڻ جو حق حاصل هو. جيل ۾ سمورا ساٿي هڪ هنڌ رهڻ ڪري پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئا هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي آٿت ڏيندا هئا، گڏ هئڻ ڪري سندن حوصلا برقرار رهيا.
    دنيا جون ڪيتريون ئي اهم جنگيون انهيءَ ڪري مشهور ٿيون جو انهن جا فاتح نالي وارا ماڻهو هئا. جيل جي باري م به ساڳي ڳالهه چئبي ته اوهان کي اهو اطمينان هجي ته اوهين پنهنجي مقصد سان مخلص ۽ بي لوث آهيو. منڊيلا ۽ ساٿين جيل جي ميدان کي ساڳي جنگ سمجهيو پئي جيڪا هنن ٻاهر پئي ڪئي فرق صرف اهو هو ته هتي ويڙهه جو ميدان ننڍو ۽ مختصر هو. جيل ۽ ان جا عملدار هميشه قيدي جو عزت نفس کسي وٺن ٿا پر نيلسن منڊيلا هر گهڙي پنهنجي ساٿين جي تذليل جي مسئلي تي مهاڏو اٽڪائيندو هو، هُو ڪڏهن به عزت نفس جي معاملي ۾ نه جهڪيو. هُو ذهني طور تي بلڪل صاف هو ته سندس مزاحمتي تحريڪ هڪ نه هڪ ڏينهن ڪامياب ٿيندي ۽ اسين جيل کان ٻاهر هونداسين پر جيڪڏهن سندن زندگي ۾ آزادي نصيب نه به ٿي تڏهن به هو سمجهوتو ڪرڻ کانسواءِ عزت ۽ وقار سان آزادي جا سپاهي ٿي سڄي ڄمار جيل ۾ گهارڻ لاءِ تيار رهندا. نيلسن منڊيلا هميشه اميد پرست انسان رهيو آهي، اميد پرستي جو مطلب هي هوندو آهي ته انسان جو ڪنڌ سدائين آسمان طرف رهي ۽ پير چرپر ۾ رهن، نااميدي هميشه شڪست ۽ موت جو سبب بڻجي ٿي. کين روزانو جيل ۾ صبح پنجين وڳي جاڳايو ويندو هو، کين ٻه ڪلاڪ حاجت لاءِ ڏنا ويندا هئا. ڪاڪوس لاءِ کين بالٽي ڏني ويندي هئي، حاجت کانپوءِ سندن ڪاڪوس کي صاف به پاڻ ئي ڪرڻو پوندو هو. ڪيترن ئي مهينن تائين کين مڪئي يا جَوَن جي ڏاري جو ناشتو ملندو هو. اڪثر کين معمولي ڳالهه تان يا جيل جا قانون ٽوڙڻ تي ماني کان محرومي يا بند وارڊ گذارڻو پوندو هو. سڄو ڏينهن کين پٿر ڪٽرايا ويندا هئا سختين جي باوجود، سردي جي شدت جي باوجود هي انقلابي قيدي اوچي آواز ۾ آزادي جا گيت ڳائي گرمائش جو احساس پيدا ڪندا هئا. ٻاهرين دنيا م اخبارون لڳاتار قيدين سان جيل ۾ ٿيندڙ خراب سلوڪ بابت خبرون شايع ڪنديون رهنديون هيون. عام طور تي جيل انتظاميا مختلف نمائندن کي جيل ياترا ڪرائيندي هئي، هنن جي قيدين سان ملاقات ڪرائي ويندي هئي، منڊيلا سڀني جي نمائندگي ڪندي کين جيل جي صورتحال کان آگاهه ڪندو هو پر اهي سموريون خبرون هضم ڪيون وينديون هيون ڇاڪاڻ ته جيل ياترا ڪندڙ نمائندا گوري سرڪار جي چوڻ تي ايندا هئا ۽ انهن جي چوڻ تي ئي رپورٽون شايع ڪندا هئا.
    وٽن جيڪي به ٻاهريان خط ايندا هئا انهن کي سينسر ڪري پوءِ پهچايا ويندا هئا. ڪافي مهينن کانپوءِ منڊيلا ۽ والٽر سوسولو جون زالون ملاقات لاءِ آيون، ملاقات واري ڪمري ۾ ڪا به دري نه هئي ڀت ۾ هڪ ٿلهو شيشو لڳائي سوراخ ڪيا ويا، جنهن ڪري آواز ملاقاتي تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو هو، هُو صرف هڪ ٻئي کي ڏسي سگهندا هئا. پوءِ اڳتي هلي شيشي جي سامهون مائڪروفون رکيو ويندو هو.
    ملاقات دوران ٻه عملدار ”وني“ جي مٿان بيٺا هوندا هئا ۽ ٻه منڊيلا جي مٿان، کين کُلي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم نه ٿيندو هو کانئن پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ جو حق به کسيو ويو هو صرف انگريزي يا ولنديزي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ڏنو ويندو هو. ان دوران ”وني“ کي نوڪري مان به ڪڍيو ويو جنهن ڪري نيلسن منڊيلا وني ۽ ٻارن متعلق پريشاني ۾ وڪوڙجي ويندو هو. هڪ ڏينهن جيل کان ٻاهر چن جي کاڻين تي ڪڍيو ويو ۽ کين چيو ويو ته هتي اوهان کي ڇهن مهينن تائين ڪم ڪرڻو آهي پوءِ اوهان کي هلڪي ڪم تي لڳايو ويندو ۽ اهي 6 مهينا 13 سالن تائين ڊگها ٿي ويا. سخت پورهئي سان لڳاتار چن جي کاڻين تي ڪم ڪندا رهيا. سخت گير ڪم ڪندي نيلسن منڊيلا ۽ سندن ساٿين کي سخت تڪليف مان گذرڻو پيو. دنيا جهان جي خبرن کان بي خبر هئا. اصل ۾ گوري سرڪار جيل عملي ذريعي سختيون ڪري بي حال ۽ بي همت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. سندن هٿن مان رت وهندو هو پر هنن جي حوصلي ۽ همت ۾ ڪمي نه آئي. ان دوران اڪثر عام قيدي لڪي لڪي هنن اڳواڻن کي ANC جي انداز ۾ سليوٽ ڪندا هئا. هنن کي جيل ۾ اس جون عينڪون، ڊگها پاجاما پائڻ جي آزادي ۽ سڀني لاءِ هڪ جهڙي کاڌي جهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي هئي، هنن جيل جي اندر به انساني حقن ۽ انصاف خاطر جنگ جوٽي ورتي هئي. هڪ مرحلي تي مشهور ڏوهاري قيدين کي به هت آندو ويو جيڪي سياسي قيدين جي معاملن ۾ الجهڻ لڳا ۽ ڄاڻي واڻي اچي انهن جي ڪچهرين ۾ ويهندا هئا ۽ انهن سياسي قيدين کي چيڙائڻ لاءِ هڪ گيت ٺاهيو هو ته ”اوهان ريوونا ۾ ڇا ڪيو اوهين سمجهو ٿا اوهين حڪومت ڪندا“ ان جي مقابلي م سياسي قيدين به مزاحمتي گيت ڳائڻ شروع ڪيا. نيلسن منڊيلا ڏاڍي عقلمندي سان انهن ڏوهاري قيدين سان ٽڪر ۾ اچڻ بجاءِ انهن جي ويجهو ٿيو ۽ انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. جڏهن جڏهن به ڪو ٻاهريون وفد جيل ۾ ايندو هو ته کين چـڱا ڪپڙا، سٺي کاڌي ۽ ڪم جي رعايت ڏني ويندي هئي پر ٻئي ڏينهن کان سندن ساڳئي ڪرت سان لڳايو ويندو هو ۽ کين ساڳيا ڪپڙا ۽ ساڳيو کاڌو ڏنو ويندو هو. سياسي قيدي جيل ۾ رهي وڌيڪ امتحان ڏيڻ لاءِ درخواستون ڏيندا رهيا، ٻاهرين دٻاءَ سبب کين اهو حق مليو، ان ذريعي هو ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا گهرائي سگهندا هئا. هڪ ڏينهن نيلسن منڊيلا کي ڪا اخبار هٿ آئي اها هن لڪائي کڻي اچي پنهنجي کولي ۾ پڙهڻ شروع ڪئي ته کيس جيل عملدارن ڏسي ورتو ۽ پڪڙي ورتو ڇاڪاڻ ته اخبار تي سخت پابندي هئي. ان سزا ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين بند وارڊ ڪيو ويو پر هن ٻڌائڻ کان ٺپ انڪار ڪيو ته کيس اخبار ڪنهن ڏني آهي.
    قيد تنهائي انسان جي سخت آزمائش جو سبب بڻجي ٿي کيس خوراڪ گهٽ هجڻ جي ڪري بکيو رهڻو پوي ٿو. ان دوران ماڻهن جي ذهن ۾ ڪيئي ابتا سبتا خيال ايندا آهن. صرف عظيم مقصد وارا ماڻهو ئي حوصلي سان قيد تنهائي جا ڏينهن گهاري سگهي ٿو. هن جيل ۾ ڪيئي ڀيرا منڊيلا ۽ سندن ساٿين کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويندو هو.
    ننڍن وڏن مسئلن تي جيل اندر منڊيلا ۽ ساٿين بک هڙتالون به ڪيون جيڪي ڪامياب بک هڙتالون ثابت ٿيون. هوڏانهن ٻاهر سندس زال ”وني“ سخت دٻاءَ هيٺ رهي، معاشي تنگي سندس سياسي چرپر تي بندش ۽ پوءِ اڳتي هلي هڪ سال جي ٽيپ به سندس مصيبتن ۾ شامل هئي. جيل اندر سياسي قيدي اڪثر واندڪائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي، ANC تي ڊگها بحث ڪندا هئا، بحثن جي نتيجي ۾ جوڙيل رايا ڪانگريس جي جلاوطن آفيس”ڊوساڪا“ زيمبيا ۾ ڪم ڪري هئي ۾ موڪليا ويندا هئا. هو اڪثر اڳواڻن جي باري ۾ بحث ڪندا هئا هنن جي خيال ۾ ورڪنگ ڪلاس مان به ماڻهو اڀرڻ گهرجن جيڪي ڪانگريس جي قيادت ڪن.
    1966ع ۾ کين جيل ۾ سُڌ ملي ته وزيراعظم ”وور ورڊ“ مارجي ويو آهي، جنهن کي سندس گوري ملازم چاقو هڻي قتل ڪيو. هي نسلي مت ڀيد جو باني هو. جيل ۾ ٻاهرين حالتن جي روشني ۾ ڪڏهن نرمي ته ڪڏهن وري سختي ڪئي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن بنا جواز جي به سياسي قيدين کي هيسائڻ لاءِ بند وارڊ ڪيو ويندو هو. هڪ حد تائين سياسي قيدي پنهنجي دفاع لاءِ جيل انتظاميا سان پيا جهيڙيندا رهندا هئا. جيل جي ٻاهر جي صورتحال هي هئي ته ڪانگريس ۽ MK جي سموري قيادت گرفتار هئي يا وري ملڪ کان ٻاهر جلاوطن. ٻاهر مالي مشڪلاتون، ويڙهه لاءِ وسيلا گهٽجي ويا هئا، گوري حڪومت ڏاڍي خوش هئي. برطانيا ۽ آفريقا حالتون ڏسي خوش هئا، هاڻي سڄو بار جلاوطن قيادت تي هو جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ گذارو به ڪري رهيا هئا، وسيلا به گڏ ڪري رهيا هئا ۽ سياسي چرپر به جاري رکيون پئي آيا. آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هٿياربند ڪاروائين جي شروعات ٿي چڪي هئي. نميبيا، موزمبيق ۽ انگولا ۾ گوريلا تحريڪ زور وٺي رهي هئي.
    زمبابوي ۾ آزاديءَ جي جدوجهد ۽ ANC جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل هم آهنگي هئي. MK فوجين جو هڪ جٿو، تنزانيه زيمبيا ۾ سکيا حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيئن ئي روڊيشيا ۾ گهڙي پنهنجي وطن ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو ته کين روڊيشيا جي فوج منهن پئجي وئي جنهن ۾ ڪيئي گوريلا مارجي ويا، ڪيئي فرار ٿي ويا. هي باضابطه طور تي پهريون جٿو هو جيڪو تربيت حاصل ڪري اچي رهيو هو. اهي سڀ خبرون شروع ۾ افواهه جي طور تي ۽ پوءِ وري سندن گرفتار ٿيل ساٿي جڏهن جيل پهچندا هئا ته پنهنجن ساٿين کي ڏيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ ANC جو صدر چيف لوٿولي لاڏاڻو ڪري ويو. چيف لوٿولي عادت موجب پنهنجي فارم جي ويجهو پسار ڪري رهيو هو، ته مٿانئس ٽرين چڙهي وئي. چيف لوٿولي انتهائي بردبار ۽ سمجهدار اڳواڻ هو، کيس امن جي نوبل انعام سان پڻ نوازيو ويو هو.
    ”اوليور ٽامبو“ کي سياسي وارث طور نامزد ڪيو ويو. جيل اندر نيلسن منڊيلا PAC جي سياسي قيدين جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ، امن ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر سندن روين ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. هُو ANC جا سخت مخالف هئا، بلڪه هنن جي خواهش هئي ته ANC اڳواڻن کي ڦاهي تي ڇو نه چاڙهيو ويو. PAC جي قيدين کي صرف ANC جي قيدين سان اختلاف، ڪاوڙ ۽ حسد هوندو هو جنهن ڪري جيل اندر قيدين جي مفادن وٽان ڪڏهن به ڪنهن سرگرمي ۾ حصو نه وٺندا هئا، هنن ويچارن کي ٻاهرين دنيا جي ڪا به ڄاڻ ڪونه هئي. انهيءَ زماني ۾ جڏهن نيلسن منڊيلا جيل جون عقوبتون سهي رهيو هو ته ٽيليگرام ذريعي کيس اطلاع ڏنو ويو ته سندس امڙ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. نيلسن کي پنهنجي امڙ جي وفات تي گهرو صدمو پهتو ۽ ڪافي عرصي تائين ان متعلق سوچيندو رهيو. منڊيلا جي امڙ گذاري وڃڻ کانپوءِ هڪ صدمو هي به پهتو ته ”وني“ کي گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو. وري ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس وڏو پٽ ”مديبا ٿيمبا“ هڪ ڪار حادثي ۾ گذاري ويو. هڪ ئي وقت ٽن ڏکوئيندڙ خبرن منڊيلا کي لوڏي وڌو. هن سڄي رات جاڳي گذاري، ڊنر نه ڪيو ۽ بي حال ٿيو ليٽيو رهيو.
    امڙ ۽ پٽ جي وفات تي درخواست ڏيڻ باوجود کيس آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي.
    بندي خانه هميشه انسان جي اخلاق ۽ ڪردار کي جاچڻ جو بهترين موقعو هوندو آهي ۽ هتي هر ماڻهو جي ڪردار جي چڱي ريت پروڙ پئجي ويندي آهي. مستقل مزاج ماڻهو ئي ڊگهي عرصي تائين تڪليفن جي باوجود پاڻ کي صاف سٿرو رکي سگهي ٿو.
    ”سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي جيل وڃڻ جي به هڪ ڊگهي تاريخ آهي. ڪي ته همت ۽ حوصلي سان هر مشڪل گهڙي کي منهن ڏيندا هئا ته ڪي وري هلڪڙائپ جو مظهر هوندا هئا. سنڌ جي جيلن ۾ هر سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي اها ڪوشش رهندي آئي آهي ته هن کي اي ڪلاس ۾ رهايو وڃي، سٺو کاڌو ڏنو وڃي، روزانو خاص ملاقات جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. اهو چئي سگهجي ٿو ته نظرياتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪنهن حد تائين بردباري ۽ سهپ سان جيل ڪاٽيا. ڏوهاري ماڻهن به سياست جو نالو استعمال ڪندي ۽ سياسي پارٽين جا ڪارڪن بڻجي سهولتون وٺندا رهيا آهن. 70-1980ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي به سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيلن ۾ بند ٿيندا هئا، هُو پڙهندا هئا، بحث مباحثا ڪندا هئا، عام قيدين جي به سياسي ۽ سماجي تربيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن MRD جي تحريڪ هلي هئي ان دوران هزارين سياسي ڪارڪن گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙيا ويا هئا، اُتي صرف کاٻي ڌر جي سياسي ڌرين جا ڪارڪن تعليم ۽ تربيت سان واسطو رکندا هئا باقي قومي تحريڪ ۽ MRD سان لاڳاپيل سياسي ورڪر سڄو ڏينهن غير ضروري سرگرمين ۾ مشغول هوندا هئا. هڪ ڀيري سينٽرل جيل ڪراچي ۾ کاٻي ڌر جي هڪ ڪارڪن شبير شر هلندڙ تحريڪ تي ”باهيون بيراڳين جون“ جي عنوان هيٺ ڊرامو ڪيو هو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي هئي. ڪارڪنن اُتان وڏو اُتساهه حاصل ڪيو، جيل ۾ هوندي به مارشل لا جي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف کين حوصلو ۽ همت حاصل ٿي. انهيءَ دوران اسٽڊي سرڪل، ادبي گڏجاڻين ۾ به سنجيده سياسي ڪارڪنن جي شرڪت هوندي هئي. جڏهن به ڪو سياسي ڪارڪن آزاد ٿيندو هو ته انقلابي ڪارڪن کيس الوداع ڪرڻ لاءِ گيت ڳائيندا هئا؛ ”پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو، اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي اهڙو ڏينهن به ايندو.“
    جيل ۾ ڪافي وقت ملي ٿو جتي اوهان سوچي سگهو ٿا، لکي پڙهي سگهو ٿا پر افسوس ٽن چئن ڏهاڪن ۾ هزارين سياسي ڪارڪن گرفتار ٿي جيل پهتا، انهن اُتي ڪافي وقت گذاريو، انهن مان اڪثر نه پنهنجي ڪردار ۾ پختا ٿي ٻاهر نڪتا نه سٺا سياسي ڪارڪن بڻجي ٻاهر نڪتا نه وري سندن لکڻ پڙهڻ سان واسطو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ جو تمام گهڻو حصو غير مستقل مزاج ۽ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان معاشري ۾ سٺي نگاهه سان نه ٿو ڏٺو وڃي.“
    72-1971ع دوران وڌيڪ تعداد ۾ MK ڪارڪن ٻيٽ تي آندا ويا جن اچي پنهنجن ساٿين کي ٻڌايو ته ٻاهر MK منظم طريقي سان وڙهي رهي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ ٻاهران تربيت وٺي ايندڙ ويڙهاڪ ڏکڻ آفريقا ۾ داخل ٿي رهيا آهن. MK جا نوان آيل قيدي زبردست مزاحمتڪار هئا جيڪي ننڍي وڏي ڳالهه تي مزاحمت ڪندا هئا. رابن آئلينڊ تي هزارين سياسي ڪارڪنن جي هجڻ ڪري هڪ يونيورسٽي جو ماحول لڳندو هو. جتي زبردست قسم جو مطالعو ڪيو ويندو هو ۽ ڪيئي نوجوان ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ جيل ۾ ويهي امتحان ڏيندا هئا. جيڪي سياسي ڪارڪن ٻاهر ANC جي تاريخ يا قومي آزادي جي تحريڪ ۽ انقلاب کان اڻ واقف هئا انهن جي مڪمل تربيت ڪئي ويندي هئي. انهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو ويندو هو ۽ اهڙي ريت هو سٺا سياسي ڪارڪن بڻجڻ لڳا.
    ”سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي اڪثريت جيئن ڄٽ بڻجي جيلن ۾ ويا ساڳيائي واپس نڪتا، ڇاڪاڻ سنڌ جي قومي تحريڪ تعليم ۽ تربيت واري مرحلي کان ڏينهون ڏينهن ڏور ٿيندي پئي وڃي. سڀ کان وڏو الميو سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهو به رهيو ته قومي تحريڪ جي نالي تي پنهنجي ڏوهاري سرگرمين تي پردو وجهڻ لاءِ قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيل ڏوهاري طبقي جيلن ۾ پهچي اُتي پڙهيل لکيل ڪلچر متعارف ڪرائڻ بدران اڳ ئي جيلن ۾ واڙيل بدنام ڏوهارين سان واسطا وڌائي ٻاهر نڪري پنهنجي ڏوهاري سرگرمين ۾ وڌارو آڻيندا رهيا ۽ سڄي ساري قومي تحريڪ ۾ اهڙن کوڙ سارن جي اڻ ڳڻي فهرست پڻ شامل آهي.“
    جيل ۾ جيڪي به قومي اڳواڻ جنهن ۾ والٽر، احمد ڪيٿي ۽ ميڪ ANC جي تاريخ، هندستاني جدوجهد جي تاريخ ۽ مارڪسزم تي مهارت رکندا هئا، هي نصاب ترتيب ڏئي نوجوانن کي ليڪچر ڏيندا هئا. منڊيلا پاڻ ڪيترن ئي سالن تائين سياسي اقتصاديات پڙهائيندو هو جنهن لاءِ هن قبائلي دور کان وٺي جاگيرداري دور، سرمائيداري ۽ اشتراڪيت تائين اقتصاديات جو مطالعو ڪيو هو. نيلسن هميشه اشتراڪي نه هجڻ جي باوجود سوشلزم جي پاسداري ڪندو هو. نيلسن منڊيلا کي جيل ۾ اهو ٻڌي ڏاڍي تڪليف پهتي ته سندس جيل جو ساٿي ”بريم فشر“ جيل مان نڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو. جيل ۾ ساڻس تمام خراب سلوڪ ڪيو ويندو هو ۽ ظلم جي حد اها ٿي جو سندس لاش ساڙڻ کانپوءِ سندس رک سرڪار پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي.
    جيل دوران هتي ساٿي جيل مان ڀڄڻ لاءِ سوچيندا رهندا هئا پر وڏو سمنڊ هنن جي آڏو ديوار هو ان ڪري سوچيندا ته رهيا پر ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي. نيلسن منڊيلا جيل اندر پنهنجون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون جيڪي هن ڏينهن رات ڪري چئن مهينن ۾ پوريون ڪيون، ان وقت اهي يادگيريون صرف رابن آئلينڊ (ٻيٽ) تائين هيون. 1976ع ۾ جڏهن ميڪ مهاراج آزاد ٿيو ته مسودو پاڻ سان کڻي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هاڻ جيل ۾ نئين هوا گهلڻ لڳي گوري سرڪار پنهنجن نمائندن ذريعي منڊيلا ڏانهن نياپو ڪيو ته جيڪڏهن هو چاهي ته پنهنجي ڳوٺ ٽرانسڪي وڃي سگهي ٿو. منڊيلا چيو ته آءُ جوهانسبرگ ۾ رهندو آهيان ۽ اوڏانهن وڃڻ پسند ڪندس.
    16 جون 1976ع تي ”سوويٽو“ ۾ ولنديزي گاڏڙ انگريزي زبان کي لازمي تعليم جو حصو ڪرڻ خلاف هزارين اسڪولي شاگرد احتجاج لاءِ گڏ ٿيا. ڌرتي جا وارث ڌارين جي ٻولي پڙهڻ لاءِ تيار نه هئا، گوري سرڪار مڇرجي احتجاج تي فائرنگ ۽ تشدد ڪيو نتيجي ۾ ڪيئي شاگرد مارجي ويا. ردعمل ۾ گوري پوليس جا ٻه سپاهي به موقعي تي مارجي ويا. سڄي ڏکڻ آفريقا ۾ آزادي جي تحريڪ جو نئون سلسلو شروع ٿي پيو. ANC تعليم جي ان جبري issue ۽ نوجوانن جي لاشن کي بنيادي نقطو بڻائي تحريڪ ۾ جان وجهي ڇڏي. نوجوانن ۾ زبردست بغاوت جو جوش ۽ جذبو اُڀري آيو، جيل ڀرجي ويا. ان نئين ولولي ۽ آزادي جي تحريڪ ٻه ڏهاڪا اڳ گرفتار ٿيل نيلسن منڊيلا ۽ ساٿين ۾ همٿ ۽ حوصلو پيدا ڪري ڇڏيو ۽ هي مطمعين ٿي ويا ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ آزادي جي تحريڪ واري ٻاريل چڻنگ اڄ شعلا بڻجي انتهائي سگهاري position ۾ اچي وئي آهي. جيل ۾ قيدي هميشه تنهائي جو شڪار رهندو آهي، هر مرحلي تي مايوسي جا ڪڪر مٿس ڇانيل رهندا آهن پر مقصد وارا ماڻهو ڪڏهن به مايوسي کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندا آهن، ذلتن ۽ عذابن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن نظريو ويساهه بڻجي ڏڍ ۽ طاقت جي شڪل اختيار ڪندو آهي. بنيادي طرح سان جڏهن ماڻهو کي پنهنجي نظريي ۽ عوام جي طاقت تي ويساهه هجي ٿو ته پوءِ هُو ڏکن جا وڏا پهاڙ به اُڪري وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو نظريي ۽ عوام جي طاقت تي ويساهه نه ٿا رکن اهي روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا، انهن جو مستقبل اونداهو هجي ٿو.“
    هڪ ڀيري جيل ۾PAC, ANC ۽ ڪارن جي جاڳرتا جا ڪارڪن پاڻ ۾ اٽڪي پيا، جنهن دوران ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. ان دوران منڊيلا مڪمل اڻ ڌريو رهيو هن جو خيال هو ته هو قومي اڳواڻ آهي ۽ ٽنهي جو مقصد ڪارن کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي ان ڪري قومي اڳواڻ جي حيثيت ۾ کيس ڌر ٿيڻ بجاءِ سمورن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
    رابن آئلينڊ جيل تي تمام گهڻن سياسي قيدين جي اچڻ ۽ ڊگهي جدوجهد جو نتيجو انگولا ۽ موزمبيق ۾ آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ڏکڻ آفريقا ۾ تحريڪ جي شدت ڪري سياسي قيدين کي تمام گهڻيون سهولتون ملڻ لڳيون.
    1980ع واري ڏهاڪي ۾ اوليور ٽامبو جي ڪوشش سان اخبارن ۾ اپيلون شايع ٿيون ته نيلسن منڊيلا ۽ سندس ساٿين لاءِ ڏيهه توڻي پرڏيهه ۾ مهم هلائي وڃي، جنهن ۾ لکين ماڻهن حصو ورتو. اوليور ٽامبو جلاوطن هوندي پنهنجي ذهانت سان آفريقا جي آزادي جي تحريڪ کي ڪافي اڳتي وٺي ويو. جيل ۾ ساٿين جي سار لهڻ، ڏکڻ آفريقا ۾ ANC ۽ هٿياربند جدوجهد جي رهنمائي ڪرڻ ۽ عالمي دنيا ۾ سفارتڪاري مهم هلائي آفريقي ملڪن، يورپ، آمريڪا ۽ اقوام متحده ۾ زبردست حمايت حاصل ڪئي. هوڏانهن هندستان ۾ جواهر لال نهرو نيلسن منڊيلا کي انساني حقن جو تمغو ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪو اوليور وصول ڪيو. هوڏانهن لنڊن يونيورسٽي جي شاگردن چانسلر جي لاءِ منڊيلا جو نالو تجويز ڪيو.
    نيلسن منڊيلا جي مقابلي ۾ شهزادي اين هئي، منڊيلا 7 هزار ووٽ کڻي هارائي ويو. تحريڪ جي عالمي پذيرائي سبب جيل ۾ واڙيل سمورن قيدين ۾ نئين اميد پيدا ڪري ڇڏي. ذلتن مان گذرندڙ انقلابي ڪارڪنن جي اکين ۾ آزادي جي روشني چمڪڻ لڳي.


    ڳالهين جي شروعات

    1982ع ۾ نيلسن منڊيلا، والٽر ۽ ٻين سينئر قيدين کي رابن آئلينڊ جيل مان منتقل ڪيو ويو. کين ڪيپ ٽائون ۾ رکيو ويو. جيل ۾ هوادار ڪمرا، صاف سٿرا هنڌ، غسلخانه وغيره موجود هئا. 18 سالن تائين تڏو وڇائي پٽ تي سمهڻ وارا ڪيئي سال گهڻن قيدين سان گڏ رهندڙ اڳواڻن کي سهولتن جي باوجود تنهائي محسوس ٿي رهي هئي. پولز مور جيل ۾ کين اخبارون، رسالا، ريڊيو به فراهم ڪيا ويا. هتي سندن مٽن مائٽن کي ملاقات ڪرڻ لاءِ به سولائي ٿي رهي هئي. جڏهن ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ نيلسن کي پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان خلاصي ملاقات ڪرائي وئي، وچ ۾ ڪو به شيشو ۽ ميگا فون ڪونه هو، ڪو به جيل جو عملدار مٿن مٿان بيٺل ڪو نه هو. اصل ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ تحريڪ ۾ شدت هئي، MK سرڪار جي ٺڪاڻن تي زبردست حملا ڪري رهي هئي، ان دوران ڪميونسٽ اڳواڻ ”جو سولوو“ جي زال ”روٿ فرسٽ“ کي حڪومت قتل ڪرائي ڇڏيو. هُوءَ نسل پرستي جي مخالف ۽ سورهيه عورت هئي. هُوءَ آزادي جي جدوجهد سان سلهاڙيل هئي ۽ ڊگهو عرصو قيد به ڪاٽي چڪي هئي. جواب ۾ MK هوائي ۽ ملٽري انٽيليجنس جي آفيس ۾ ڪار بم جو حملو ڪيو جنهن ۾ 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. ANC جي صدر اوليور جو چوڻ هو ته هٿياربند جدوجهد نسل پرست سرڪار اسان تي زوري مڙهي آهي. سڄي ملڪ ۾ ANC جي حمايت ۾ گڏيل فرنٽ کُلي رهيا هئا، بندشن باوجود عوامي پذيرائي ۾ اضافو ٿي رهيو هو. 85-1984ع ۾ يورپي پارليامينٽ جو هڪڙو وفد منڊيلا سان مليو جن هٿياربند جدوجهد تشدد جي ڪاروائين، ANC جي پروگرام متعلق ساڻس تفصيلي ڳالهيون ڪيون. منڊيلا ان وفد کي غير نسلي بنيادن تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ته هڪ فرد هڪ ووٽ جي ذريعي مضبوط پارلياماني نظام جوڙي هميشه لاءِ نسلي مت ڀيد جو خاتمو آندو وڃي. آهستي آهستي برف ڳرڻ لڳي 1985ع ۾ ملڪ جي سربراهه ”بي. ڊبليو ڀوٿا“ پارليامينٽ ۾ نيلسن منڊيلا کي مشروط آزادي جي آڇ ڪئي، جنهن ۾ شرط رکيو ويو ته هٿياربند جدوجهد ختم ڪئي وڃي. هاڻي اهو فيصلو منڊيلا وارن کي وٺڻو هو.
    منڊيلا پرڏيهي وزير کي خط لکي مشروط آزادي جي آڇ کي رد ڪيو ۽ چيو ته مونکي پنهنجي عوام سان سڌو رابطو ڪري صلاح مشورو ڪرڻ ڏنو وڃي. اصل ۾ نيلسن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي پر نيلسن جو خيال هو ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. هن وني کي لکت ۾ نياپو ڏنو جيڪو هڪ وڏي عوامي ميڙ ۾ پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته مونکي پنهنجي آزادي مٺي آهي پر آءُ گوري سرڪار کان مطالبو ٿو ڪيان ته سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن، جلاوطن ٿيل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وطن واپس اچڻ ڏنو وڃي، سمورا نسلي قانون ختم ڪيا وڃن، سياسي طور ANC سميت سمورين سياسي پارٽين کي عوام تائين پهچڻ جو رستو فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ڳالهيون ٻولهيون فقط هڪ آزاد ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. قيدين سان معاهدا ڪونه ڪيا ويندا آهن. ان صورتحال کانپوءِ منڊيلا کي ٻيهر پنهنجي ساٿين کان الڳ رکيو ويو. آهستي آهستي دنيا جي مختلف علائقن کان وفد ايندا رهيا ۽ نيلسن منڊيلا سان انهن جون ملاقاتون ٿينديون رهيون. ان دوران منڊيلا کُلي اظهار ڪيو ته صدر هُو نه پر ”اوليور ٽامبو“ آهي ان سان به ڳالهين جو دور شروع ڪيو وڃي. ابتدا ۾ منڊيلا اهو اظهار ڪيو ته اهي سمورا خيال سندس ذاتي آهن. هن وفد کي ٻڌايو ته آءُ قومپرست آهيان ڪميونسٽ ناهيان، سرڪار غير ضروري پروپيگنڊا ڪري رهي آهي. آءُ غير نسلي معاشري تي ايمان رکان ٿو ۽ اسان جو آزاديءَ جو منشور، سوشلزم جو مسودو ڪونهي. ڪيترن ئي مشڪلاتن جي ڪري حڪومت مزاحمتي تحريڪ جي وچ ۾ ڳالهين ٻولهين جي کوٽ آهي هاڻ ڳالهين جو وقت اچي چڪو آهي. هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته ڳالهين ذريعي معاملا حل ٿيڻ وارا آهن پر حڪومت اوچتو بورڊ سوانه، زيمبيا ۽ زمبابوي ۾ ANC جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ۽ ڳالهين جي عمل تي پاڻي ڦيرجي ويو. مزاحمتي تحريڪ ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي. بهرحال هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪار کي خط لکي ڳالهين جا دروازا کوليا. هن جنرل وليم سان ملاقات ڪئي ان کانپوءِ انصاف واري وزير ”ڪوبي“ سان پڻ ملاقات ڪئي. هنن جي وچ ۾ آفريقا جي مستقبل جي باري ۾ ڪافي تفصلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گوري اقليتن جي باري ۾ پڻ ڪچهري ٿي. هاڻ ڳالهين کانپوءِ گوري سرڪار به پنهنجي روش ۾ تبديلي آندي هئي. نيلسن کي ڪافي سهولتون ڏنيو ويون ان حد تائين جو کيس شهر جا سير به ڪرايا ويندا هئا. سرڪار اعلى سطحي وفد جوڙيو جنهن نيلسن منڊيلا سان ڳالهين جي شروعات ڪئي هئي. نيلسن قيد ۾ پنهنجن ساٿين سان صلاح مشورا ڪيا ۽ انهن کان رهنمائي ورتي. سمورن ساٿين ٿورن گهڻن اختلافن سان نيلسن سان اتفاق ڪيو ته ڀلي اهي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ان دوران اوليور جو کيس نياپو پهتو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي، کيس ڪوشش ڪري قومي مفادن جو ڪنهن به ريت سودو نه ڪري. جنهن تي منڊيلا، اوليور کي جواب ڏنو ۽ پڪ ڏياري ته حڪومت سان منهنجي ڳالهين جو مقصد آهي ته ANC مرڪزي ڪميٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو بندوبست ڪرڻ. هن سرڪار لاءِ هڪ ياداشت نامو تيار ڪيو جيڪو پهريائين پارٽي صدر ۽ مرڪزي ڪميٽي ڏسي وٺندي ۽ سمورا خدشا دور ٿي ويندا ته ڪو آءُ اصل راهه تان هٽي ويو آهيان. 1988ع ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل ڪميٽي سان ڳالهين جي باضابطا پهرين ملاقات ”پولرزمور“ جيل ۾ ٿي. هي ڪميٽي ڪافي تحمل واري هئي پر کين ANC بابت اهائي ڄاڻ هئي جيڪا ANC متعلق ايجنسين جي هئي. نيلسن هنن کي ANC جي تاريخ ۽ مستقبل جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ ڏني. ڪميٽي جي پهرين گڏجاڻي ۾ اهو شرط هو ته صدر بوٿا سان ملاقات کان اڳ هٿياربند جدوجهد ختم ڪئي وڃي. نيلسن جي خيال ۾ جڏهن حڪومت پر امن طريقو اختيار ڪري ته ANC به ان جو آڌرڀاءُ ڪندي. ٻيو شرط هي به هو ته ANC ڪميونسٽ پارٽي سان اتحاد ختم ڪري، هنن کين وراڻيو ته آزادي جي ڪا به خوددار تحريڪ ان قسم جا حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿي نه ٿي سگهي. هن وضاحت ڪئي ته ANC ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٻه الڳ پارٽيون آهن سندن هڪ گڏيل نقطي تي اتحاد آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي مت ڀيد جو خاتمو ۽ هڪ جمهوري نظام تي ٻڌل حڪومت.
    ڪيئي مهينن تائين اهي ڳالهيون جاري رهيون. هو اقليتن جي معاملي تي به فڪرمند هئا ته مستقبل ۾ گوري اقليتن جو ڇا ٿيندو؟ نيلسن ورجايو ته آفريقا انهن سڀني ماڻهن جو وطن آهي جيڪي منجهس رهن ٿا پوءِ اهي ڪارا هجن يا گورا. گورا رهاڪو مڪمل طور تي آفريقي آهن کين ڪنهن به صورت ۾ سمنڊ حوالي نه ڪيو ويندو. انهن ڳالهين کانپوءِ نيلسن کي ٻڌايو ويو ته صدر ”بوٿا“ ساڻس ملڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي چڪيون هيون، پرڏيهي دٻاءُ وڌي چڪو هو، ڪيتريون ئي عالمي ڪمپنيون پنهنجو ڪاروبار ختم ڪري واپس وڃي چڪيون هيون ۽ آمريڪي ڪانگريس پڻ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. ساڳئي وقت ANC پنهنجي 75 سالگرهه جي موقعي تي تنزانيه ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ اوليور خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي مت ڀيد جا قانون ختم نه ٿا ٿين تيسيتائين اسين پنهنجي هٿيار بند جدوجهد تان هٿ نه کڻنداسين.
    حڪومتي ٽيم منڊيلا کي اهو بانور ڪرائيندي رهي ته کيس اهڙو گس ڪڍي ڏجي جو هو آزاد ٿي وڃي پر هن صاف انڪار ڪيو.
    1988ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منڊيلا کي وڪٽرورسٽر جيل پهچايو ويو، اهو جيل ڪيپ ٽائون ۾ هو جتي کيس ڪافي سهولتون ڏنيو ويون. حيرت جي ڳالهه هئي ته سخت رويي، سخت پورهيو ڪرائڻ ۽ دهشتگرد قرار ڏيڻ واري هڪ قيدي کي هاڻ سهولتون ۽ تحفا ملي رهيا هئا. سرڪار جو رويو نرم ٿي رهيو هو ۽ لڳي رهيو هو ته منڊيلا هن گهرنما جيل مان جلد آزاد ٿي پنهنجي عوام جي وچ ۾ پهچندو.
    سرڪاري ڪميٽي سان ملاقاتون ته جاري رهيون پر ٻه مکيه سببن 1. هٿيار بند تحريڪ 2. ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپن جي ڪري اهي ڪڏهن تعتل جو شڪار ته ڪڏهن وري اڳتي نه پئي وڌيون.
    جنوري 1989ع ۾ پولرز مور جيل مان سندس چار ساٿي، منڊيلا وٽ آندا ويا جتي هنن ويهي صدر بوٿا کي ياداشت نامو موڪلڻ جون تياريون ڪيون. جنهن ۾ بوٿا کي ٻڌايو ويو ته هو تشدد پسند نه پر اعتدال پسند ماڻهو آهن، هو ڏکڻ آفريقا ۾ ٻن ڌار ڌار ۽ سخت گير گروهن جا سخت مخالف آهن. ڪارا هڪ طرف ۽ گورا ٻئي طرف آهن. انهيءَ تعصب اوري ورهاست کي ڳالهين ٻولهين ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. هن لکيو ته حڪومت اڃا سوڌو ڪارن سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ڪميونسٽ پارٽي جي باري ۾ چيو ته ڪو به عزت ڀريو شخص پنهنجي سڄي عمر جي حامين کي ڪنهن به ريت الڳ نه ٿو ڪري سگهي. پر اوچتو صدر بوٿا صدرات تان استعفى ڏئي ڇڏي، ان باوجود آفريقي سرڪار تي آزادي جو دٻاءُ وڌندو رهيو، سمورن سياسي قيدين بک هڙتالن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. عوامي مزاحمت جي تحريڪ ۾ شدت اچي وئي. اوليور عالمي سطح تي ڪافي متحريڪ ڪردار ادا ڪري رهيو هو، آمريڪا، آفريقا ۾ حالتن جي بهتري لاءِ ANC کي جز طور مڃي ورتو ۽ اقتصادي پابنديون جاري رکيون.
    بوٿا جي استعفى کانپوءِ ”ڊي ڪلارڪ“ کي آفريقا جو صدر بڻايو ويو. جنهن اچڻ سان ڪجهه نرمي ڪئي ۽ پر امن مظاهرن جي اجازت ڏني وئي.
    10 آڪٽوبر 1989ع تي صدر ڊي ڪلارڪ اعلان ڪيو ته والٽر سوسولو، ريمانڊ ملحب، احمد ڪيٿراڊا، اينڊريو، الياس، چيف ميسي مولا بلٽن ۽ آسڪر کي آزاد ڪيو پيو وڃي. پنجن ڏينهن کانپوءِ جوهانسبرگ جا قيدي به آزاد ڪيا ويا. ڪافي پابنديون کنيون ويون هيون ۽ ڊي ڪلارڪ جي ان رويي جي سڄي ملڪ ۾ ساراهه ٿي رهي هئي. ڊي ڪلارڪ جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي عمل ڪري رهيو هو. هن ڏکڻ آفريقا جي ساحلي تفريح گاهن کي سڀني لاءِ کولي ڇڏيو جيڪي اڳ صرف گورن لاءِ هيون. هن 1953ع ۾ ڪيل ننڍا ننڍا نسلي فرق ختم ڪري ڇڏيا جن موجب تفريح گاهون، بسون، ٽرينون، اسڪول، ڪاڪوس خانه نسلي بنيادن تي ورهايل هئا. نيلسن منڊيلا جي ڊي ڪلارڪ سان ملاقات جو طئه ٿيو ته منڊيلا پنهنجن سمورن ساٿين سان صلاح مشورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڳالهين جي نتيجي ۾ منڊيلا هڪ خط ڊي ڪلارڪ لاءِ روانو ڪيو ۽ کيس ڳالهين لاءِ چيو ويو ۽ ڏکڻ آفريقا کي تشدد کان آجو، نسلي مت ڀيد کان آجو ۽ معاشري کي خوشحال ڪرڻ لاءِ تجويزون شامل هيون.
    نيلسن منڊيلا جي ڊي ڪلارڪ سان ملاقات ٿي منڊيلا جيڪو کيس چوندو رهيو، هُو غور سان کيس ٻڌندو رهيو ۽ واقعي هو سنجيدگي سان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارو هو ڄڻ ته هو به هڪ نئين تاريخ لکڻ وارو هو. نيلسن منڊيلا آخر ۾ پنهنجي آزادي جو مسئلو اُٿاريو، سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي گهر ڪئي، جلاوطن اڳواڻن کي وطن ورڻ جي گهر ڪئي ۽ ANC سميت سمورن سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڊي ڪلارڪ غور ڪرڻ جو چيو.
    2 فيبروري 1990ع تي ايف. ڊبليو ڊي ڪلارڪ پارليامينٽ ۾ اعلان ڪيو جنهن مطابق ANC سميت سياسي پارٽين ۽ گروپن تان پابندي ختم ڪئي وئي. تشدد کانسواءِ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو، موت جي سزا ختم ڪئي وئي. هنگامي حالتن تحت مختلف پابندين جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.
    هن چيو پاڻ ۾ ڳالهين ٻولهين جو وقت اچي ويو آهي. ڊي ڪلارڪ جي بيان کانپوءِ يڪسر حالتون تبديل ٿي ويون. ANC سميت سمورين سياسي پارٽين جي حيثيت قانوني ٿي وئي، کين جهنڊي کڻڻ ۽ نعري هڻڻ تي گرفتار نه ٿي ڪيو ويو. ڊگهي عرصي جي جدوجهد، جانين جي قربانين، جيل جي تڪليفن، اڳواڻن جي ڏاهپ ۽ دليري سبب ئي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو.


    نيلسن منڊيلا جي آزادي

    اوچتو ڊي ڪلارڪ نيلسن منڊيلا سان ملاقات ڪري کيس آزاد ڪرڻ جون مبارڪون ڏنيون ۽ کيس چيو ته سڀاڻي تو کي آزاد ڪيو ويندو، منڊيلا صدر کي چيو ته مونکي صرف ستن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ته جيئن پارٽيون استقبال جون تياريون ڪري سگهن. 27 سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ 7 ڏينهن رهڻ منهنجي لاءِ مسئلو ناهي.
    12 فيبروري 1990ع ڏکڻ آفريقا جي انتهائي خوشگوار موسم، صاف ۽ روشن ڏينهن هو. صبح سان ئي والٽر، وني، ڪيپ ٽائون جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ سندس قيد واري رهائشگاهه تي پهتا، استقبالي ڪميٽي سندس استقبال جون مڪمل تياريون ڪري چڪي هئي. نيلسن منڊيلا قيد ۾ خدمت ڪندڙ سمورن ماڻهن ۽ اهلڪارن کان موڪلايو. شام جو چئين وڳي منڊيلا گاڏين جي قافلي ۾ ٻاهر نڪتو، ٿورو اڳتي هلي وني ۽ منڊيلا پيدل هلڻ لڳا جتي سون جي تعداد ۾ صحافي، ٽي وي رپورٽر ۽ هزارين ڪارڪن وڏي ميڙ جي شڪل ۾ موجود هئا. نيلسن منڊيلا جيئن ئي ماڻهن جي هجوم ۾ داخل ٿيو ته هن پنهنجي کاٻي مڪ بلند ڪئي، چوءطرف پرجوش نعرا لڳي رهيا هئا. 27 سالن جي ڊگهي قيد کانپوءِ نيلسن منڊيلا کي ههڙي منظر ڪافي پرجوش ۽ جذباتي ڪري وڌو. 71 سالن جي ڄمار ۾ هو آزاد ٿيو هو ۽ پورا ڏهه هزار ڏينهن هن جيل ۾ گذاريا هئا.
    نيلسن منڊيلا ڪئپ ٽائون مان روانو ٿيو ۽ جتان به گذريو پئي ته ڪارن توڻي گورن ڀرپور استقبال پئي ڪيو ۽ کاٻي مڪ بلند ڪري هوا ۾ ٿي لهرائي جيڪا ANC جو اهڃاڻ ٿي وئي هئي. سندس لاءِ شهر جي گرينڊ پريڊ ۾ جلسي جو بندوبست ڪيو ويو جتي کيس خطاب ڪرڻو هو. سمنڊ جيان ڇوليون هڻندڙ جلسي کي نيلسن منڊيلا خطاب ڪيو. ماڻهن جي هٿن ۾ ننڍيون ننڍيون جهنڊيون هيون، پرجوش نعرا هڻي رهيا هئا ۽ پوءِ نيلسن منڊيلا به گهڻي دير تائين پرجوش انداز ۾ نعرا هڻندو رهيو.
    ”نيلسن خطاب ڪندي چيو ته دوستو ساٿيو آءُ اوهان سڀني کي امن ۽ سلامتي، جمهوريت ۽ آزادي جي نانءَ تي ڀليڪار چوان ٿو. آءُ ڪو پيغمبر نه پر اوهان جو خادم آهيان، آءُ آزادي کانپوءِ به عوام جي وچ ۾ رهندس ۽ خدمت جاري رکندس. منڊيلا چيو ته آءُ ڪو مسيحا ڪو نه آهيان پر هڪ عام ماڻهو آهيان جيڪو غير معمولي حالتن جي ڪري هڪ سياسي اڳواڻ بڻجي ويو. هن پنهنجي آزادي تي ڏکڻ آفريقا ۽ سڄي دنيا جي عوام جو ٿورو مڃيو. هن اوليور ٽامبو ۽ ڏکڻ آفريقا جي سمورن سياسي پارٽين جو نالو وٺي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خاص طور تي عورتن واري تنظيم ”بليڪ سائر“ جو به ٿورو مڃيو. هن چيو ته نسلي فرق جو دور ختم ٿي چڪو آهي پر اڃا اسان جي جدوجهد جي پڄاڻي ناهي ٿي پر هٿياربند جدوجهد جي شايد ضرورت نه پوي. هن چيو ته آءُ مڪمل طور تي آفريقن نيشنل ڪانگريس جو فرمانبردار ڪارڪن آهيان. تقرير کانپوءِ هو ”آرچ بشپ ٽوٽو“ جي گهر پهتو جيڪو سڄي اونداهي واري دور ۾ مزاحمتي تحريڪ جو حصو رهيو ۽ ذلتن جي خلاف عوام جا جذبا تازا ڪندو رهيو ۽ عظيم انسان، زبردست متحرڪ ڪردار ٿي رهيو. اوچتو اوليور ٽامبو جو فون آيو جنهن نيلسن منڊيلا کي مبارڪون ڏنيون. اوليور ٽامبو ان دوران سوئيڊن ۾ علاج هيٺ هو. نيلسن منڊيلا کي سڄي دنيا مان مبارڪن جا پيغام پهتا، ڪيترن ئي ملڪن جي صدر ۽ وزيراعظم پڻ کيس مبارڪون ڏنيون.
    ٻئي ڏينهن هن پريس ڪانفرنس ڪندي وري ورجايو ته آءُ ANC جو
    ڪارڪن آهيان، پارٽي منهنجي لاءِ جيڪو به ڪردار طئه ڪندي آءُ اهو نڀائيندس. گورا اسان جا هم وطن آهن، گورا ۽ ڪارا هاڻي نسلي فرق کانسواءِ آفريقا ۾ خوشحالي، امن ۽ سلامتي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪندا. ان کانپوءِ جوهانسبرگ ۾ لڳ ڀڳ سوا لک ماڻهن سندس استقبال ڪيو.
    آزاديءَ جي ٻن هفتن کانپوءِ منڊيلا ”لوساڪا“ ويو جتي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو هو. هو ٽن ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجن ساٿين سان ملي رهيو هو. هن جي اُتي زمبابوي جي صدر رابرٽ ملوگابي، زيمبيا جي صدر ڪينٽ ڪوانڊا کانسواءِ موزمبيق، انگولا، يوگنڊا جي صدرن سان پڻ ملاقات ٿي. اجلاس ۾ نيلسن پنهنجي ساٿين کي حڪومتي ٽيم متعلق تفصيلي حال احوال ڏنا، هن کي اندازو هو ته سندس کان اڳ آزاد ٿيل ڪجهه ساٿي مرڪزي اڳواڻن جا ڪن ڀريندا رهيا ته منڊيلا اهو ساڳيو ناهي رهيو. هو اندران نرم ٿي چڪو آهي. سرڪار کان رعايتون وٺي رهيو آهي. ان کانپوءِ لڳاتار ڇهن مهينن تائين آفريقي ملڪن جو دورو ڪندو رهيو، هن تنزانيه ۾ 5 لک ماڻهن جي جلسي کي پڻ خطاب ڪيو. هن اسٽاڪ هوم ۾ اوليور سان پڻ ملاقات ڪئي جيڪي پراڻا ساٿي ۽ لا پارٽنر به هئا، جنهن ٻاهرين دنيا ۾ آزادي جي تحريڪ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي هئي جنهن جو نتيجو اڄ سامهون اچي رهيو هو.
    1990ع ۾ نيلسن لنڊن پهتو جتي سندس زبردست آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ان دوران انڪاٿا فريڊم پارٽي جيڪا ANC جي سخت مخالف هئي کي مڃائڻ لاءِ ANC ڪوشش ڪئي پر ابتدائي ڏينهن ۾ اها ناڪام ٿي. مارچ 1990ع ڌاري نٽال ۾ 120 ANC ڪارڪن قتل ڪيا ويا. چيف ڀوٿوليزي“ انڪاٿا فريڊم پارٽي جو صدر هو. ٻئي طرف جتي ڪٿي سرڪار ۽ ANC جي ڪارڪنن ۾ تشدد جون ڪاروايون جاري هيون ۽ پوءِ ANC ڪجهه عرصي لاءِ ڳالهين جو بائيڪاٽ ڪيو. اصل ۾ سرڪاري پارٽي کي به ڪا خاص جلدي ڪا نه هئي ۽ ڏسي رهيا هئا ته منڊيلا آزادي کانپوءِ ڇا ان اهل آهي ته عوام کي متحرڪ رکي سگهي. انهن جي خيال ۾ اهي جذبا جلد ئي ٿڌا ٿي ويندا ۽ ساڳئي وقت هُو انڪاٿا فريڊم پارٽي کي ANC جي مخالفت ۾ اُڀاري رهيا هئا ۽ رنگدار رهاڪن کي پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهڻ جي ترغيب ڏئي رهيا هئا. بحرحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي شروعات ٿي ۽ حيرت جهڙي ڳالهه هي هئي ته ڪالهه جا قيدي ۽ باغي اڄ ڳالهين جي ميز تي حڪمرانن سان اکيون اکين ۾ ملائي پنهنجي قوم جي آزادي جي لاءِ فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿيا هئا.
    عظيم قومن جا عظيم اڳواڻ ئي اهو ڪري سگهندا آهن. چي گويرا جي چوڻي موجب ”آزادي جي جنگ ۾ مري وڃو يا سوڀارا ٿيو.“ نيلسن منڊيلا، والٽر سوسولو، جوسولوو ۽ احمد ڪيٿراڊا ڳالهين ۾ شامل هئا. ان دوران نيلسن منڊيلا سرڪار سان ڳالهين جا دور به هلائيندو رهيو، جيل اندر بقايا سياسي قيدين کي به مطمعين ڪندو رهيو ۽ سفارتي لاڳاپن لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جا دورا پڻ ڪندو رهيو. هن صدر بش، مارگريٽ ٿيچر ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.
    6 اگسٽ تي پريٽروريا ۾ حڪومت ۽ ANC وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ ANC هٿياربند جدوجهد کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کانپوءِ سيڪيورٽي فورس ۽ پوليس اهلڪارن تشدد جي ڪاروائين ۾ اضافو ڪيو، ماڻهن کان کسيل هٿيار فريڊم پارٽي جي حوالي پئي ڪيا جن تشدد جي ڪاروائين ۾ اضافو پئي ڪيو. حڪومت فريڊم پارٽي جي مدد ڪري رهي هئي، هو ماڻهن جو قتل عام ڪري رهيا هئا پر ڪو به انهن کي روڪڻ وارو ڪو نه هو. سرڪار جو چوڻ هو ته اهو آفريقي قبيلن جي اندروني ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي. ڊسمبر 1990ع ۾ اوليور ٽامبو 30 سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڏيهه وريو، هي اهو شخص هو جنهن مايوس ڪندڙ حالتن ۾ به ANCکي عالمي سڃاڻپ بخشي. حقيقت ۾ هو هڪ سپاهي، دانشور ۽ سفارتڪار هو.
    1991ع ۾ 30 سالن کانپوءِ ANC جي سالياني ڪانفرنس پنهنجي ئي ڌرتي تي ٿي جنهن ۾ نيلسن منڊيلا کي ANC جو صدر چونڊيو ويو. 13 اپريل تي نيلسن پنهنجن دوستن ۽ والٽر، اوليور جي موجودگي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي زال وني کان عليحدگي جو اعلان ڪيو. هي عليحدگي ANC، نيلسن جي گهراڻي ۽ وني جي مفاد ۾ هئي. هن چيو ته وني ۽ مون ويهن سالن تائين گڏجي آزادي جي تحريڪ جو ساٿ ڏنو آهي، منهنجي جيل ۾ هجڻ سبب وني ٻارن جو خيال رکيو، تڪليفون سٺيون، قيد ڪاٽيو ۽ ذلتن کي منهن ڏيندي رهي. اهو ئي سبب هو جو اسان جي محبت ۽ احترام ۾ واڌارو ٿيندو رهيو پر ڪجهه مهينن ۾ ڪجهه مسئلن تي اختلافن سبب جيڪا باهمي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان عليحدگي اختيار ڪيون. نيلسن منڊيلا ذاتي قسم جي سخت تنقيد بجاءِ هڪ سٺي انسان وانگر ۽ احترام واري انداز ۾ ”وني“ کان عليحدگي جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف سرڪار ۽ سياسي ڌرين ۾ نئين آئين ساز اسيمبلي، چونڊن ۽ عارضي حڪومت بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون. اصل ۾ گوري سرڪار اڪثريت ۽ اقليت جي چڪر ۾ ڦاٿل هئي، هنن جي خيال ۾ اڪثريت تي ڪي پابنديون وڌيون وڃن يا گورن کي ويٽو جو اختيار ڏنو وڃي جيڪو سراسر جمهوريت جي نفي هو، انهيءَ معاملي تي ڊيڊلاڪ هلندو رهيو.
    ANC ان رويي خلاف سڄي ملڪ ۾ هڙتال، مظاهرن ۽ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. هنن جي خيال ۾ ڏکڻ آفريقا جا رهاڪو پنهنجي آزادي جي لاءِ قيامت تائين اوسيئڙو نه ٿا ڪري سگهن ۽ نيلسن منڊيلا اعلان ڪيو ته فريڊم پارٽي پاران مسلسل قتل عام، سرڪار جو ڳالهين کان ڀڄڻ ۽ قتل عام تي خاموش رهڻ اسان کي اونداهين ڏانهن واپس موڪلڻ جون تياريون آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي سطح تي مزاحمت ڪنداسين ۽ ان جو پهريون رضاڪار آءُ پاڻ هوندس. جلوس نڪتا جنهن ۾ جيڪي بينر هئا انهن تي لکيل هو ”منڊيلا اسان کي بندوقون ڏي“ ، ”فتح ڳالهين بدران جنگ جي وسيلي“.
    نوجوانن ۾ زبردست تاءُ هو عوامي ردعمل ۽ هڙتالن دوران 40 لکن کان وڌيڪ پورهيت ڪم تي نه ويا. اها ڏکڻ آفريقا جي سياسي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي هڙتال هئي. ڳالهين ٻولهين جي دورن باوجود فيصلاڪن مرحلي تي پهچڻ کان اڳ تائين مزاحمت به جاري رهي، گرفتاريون ۽ تشدد به ٿيندو رهيو ۽ سياسي ڪارڪن به قتل ٿيندا رهيا. نيٺ حتمي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ طئه ٿيو ته هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي چونڊون ٿينديون، قومي ٻڌي، حڪومت جي قيام تي اتفاق ٿيو. انهن سمورين پارٽين کي نمائندگي ڏني ويندي جنهن گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هوندا. حڪومت 5 سالن لاءِ هوندي. 1993ع جا آخري ڏينهن عام چونڊن لاءِ طئه ڪيا ويا.
    ان دوران سازش ذريعي هڪ واقعو پيش آيو، MK جو چيف ”ڪرس حاني“ کي سندس گهر آڏو قتل ڪيو ويو، هي انتهائي بهادر، مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ هو. هُو انتهائي پوئتي پيل غريب خاندان منجهان هو، سندس قاتل گرفتار ڪيو ويو. نيلسن منڊيلا ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ نسلي فسادن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويا. اصل ۾ ”ڪرس حاني“ جو قتل انتها پسند گورن جي شرارت هئي، هر حالت ۾ ڌرتي ڌڻين جي اڪثريت کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش هئي. ان کان جلد ئي پوءِ هڪ ٻيو حادثو ٿيو، ANC جو روح روان ۽ اڳوڻو صدر آزادي جي تحريڪ جو عظيم ڪردار اوليور ٽامبو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. آزادي ملڻ کان اڳ ئي اوليور کي سرڪاري اعزاز سان دفنائڻ جو رٿيو ويو. ”سوويٽو“ اسٽيڊيم ۾ ڪيتريون ئي ملڪي توڻي عالمي شخصيتون موجود هيون. MK جا فوجي دستا موجود هئا ۽ کيس 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي.
    1993ع ۾ نيلسن منڊيلا ۽ ڊي ڪلارڪ کي گڏيل طور نسلي مت ڀيد خلاف گڏجي وڙهڻ تي نوبل انعام سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو. چونڊن جي مهم شروع ٿي ANC هر هنڌ پنهنجي آزاديءَ جي تحريڪ کي موضوع بڻائي عوام کي ٻڌايو ته هنن ئي غلامي جو ڳٽ سندن ڳچي مان لاٿو آهي ۽ هنن اهو به عوام کي ٻڌايو ته مستقبل ۾ شاندار معاشرو اڏڻ به اسان جي فرض ۾ شامل آهي. ANC ڏيڍ سئو صفحن تي ٻڌل هڪ منشور تيار ڪيو جنهن کي ”سڀني لاءِ سٺي زندگي“ جو نالو ڏنو ويو. نيلسن منڊيلا چونڊ مهم دوران عوام کي لالچ ڏيڻ بجاءِ حقيقت تي ٻڌل موء قف رکيو. هن چيو ته اسان جي فتح کانپوءِ اهو ممڪن ناهي ته رات پيٽ ۾ توهان جي زندگي تبديل ٿي ويندي پر اهو ضروري آهي جو اسان جي کٽڻ کانپوءِ اوهان هڪ آزاد وطن ۾ آزادي شهري جي حيثيت سان رهي رهيا هوندئو. چونڊن دوران انڪاٿا فريڊم پارٽي مزاحمت ڪري رهي هئي ۽ ڪجهه گورن جون تنظيمون پنهنجي لاءِ الڳ وطن جي گهر ڪري رهيون هيون. چونڊن دوران نٽال ۾ انڪاٿا وارن ANC جي ڪارڪنن کي پوسٽر هڻندي ۽ مرڪزي آفيس تي حملو ڪري 70 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن کي قتل ڪري ڇڏيو، هُو چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هئا. نيٺ عالمي دٻاءَ جي نتيجي ۾ انڪاٿا وارن چونڊن ۾ حصو ورتو. 27 اپريل 1993ع تي چونڊون ٿيون نيلسن منڊيلا ڊربن جي اتر ۾ خوبصورت ۽ پهاڙي علائقي ”اناند“ جي هاءِ اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ وڌو. هي اهو هنڌ هو جتي ANC جو پهريون صدر ”جان ڊوبي“ دفن هو. هن عظيم اڳواڻ 1912ع ۾ ANC جو بنياد رکيو. نيلسن منڊيلا ووٽ وجهڻ وقت پنهنجي انهن سمورن ساٿين کي ياد ڪري رهيو جن جي قربانين سبب کين آزادي ملي رهي هئي. اوليور ٽامبو، ڪرس هاني، سردار لوٿولي، برم فشر، ايم نيڪر، يوسف دادو ۽ ٻيا کيس ياد اچي رهيا هئا ڄڻ ته هُو انهن سمورن عظيم ڪردارن سان گڏ ووٽ وجهي آفريقا کي آزاد ڪرائي رهيو هجي.
    اڌ صديءَ تائين وڙهندي هي شخص ڪيڏو نه خوش نصيب هو جنهن زندگي ۾ سمورن طوفانن کي منهن ڏئي مقصد ماڻيو. چونڊن ۾ ANC کي 66.6 سيڪڙو ووٽ حاصل ٿيا، قومي اسيمبلي جي 400 سيٽن مان 252 سيٽون ANC کٽي ورتيون. 10 مئي 1993ع تي هڪ روشن ڏينهن جڏهن نيلسن منڊيلا صدر، ٿامبو موبيڪي نائب صدر ۽ ڊي ڪلارڪ ڊپٽي نائب صدر جو قسم کنيو. 300 سالن جي اقليتي قبضي جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا ۽ اڪثريتي عوام پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏئي منزل ماڻي ورتي.
    نيشنل پارٽي جيڪا پهرين چونڊن ۾ ٻئي نمبر تي پارٽي ٿي اُڀري پر چونڊن جي لڳاتار جمهوري سرشتي کيس 2004ع ۾ صرف 7 سيٽن تي اچي بيهاريو ۽ ائين اڳتي هلي ڊگهي عرصي تائين ڪارن مٿان پابنديون مڙهڻ، نسل پرستي کي سگهارو ڪري ڌرتي ڌڻين کي غلام بڻائيندڙ نيشنل پارٽي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
    نيلسن منڊيلا پنهنجي مدي جا پنج سال صدر رهڻ کانپوءِ ريٽائر ٿيو ۽ ٻارن لاءِ Charity پروگرام شروع ڪيو آهي.
    نيلسن منڊيلا جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ کيس 250 ايوارڊ مليا، اهي ايوارڊ هُن لاءِ وڏا اعزاز آهن.
    نيلسن منڊيلا ذاتي زندگي ۾ ايماندار رهيو آهي ۽ هُن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو، وفادار ۽ هميشه انساني حقن جو عملبردار رهيو، هُو پنهنجي ساٿين سان همدردي رکندڙ، سندن ڏک سک جو ساٿي، ٺڳي ۽ ڌوکيبازي هن جي منشور ۾ نه هئي.
    هن جي حياتي ۾ ئي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سندس مجسما لڳايا ويا آهن.
    آفريقا جي تعليمي ادارن ، روڊن، اسپتالن ۽ اهم ادارن کي هن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي.
    هُو پارٽي اندر جمهوريت جي پاسداريءَ جو حامي هو ۽ ڪڏهن به آمراڻن روين جي ويجهو نه ويو.


    آفريقي غلام ڪئين ٿيا

    17هين صديءَ جي شروع ۾ 1609ع جي لڳ ڀڳ انڊين ايسٽ ڪمپني وانگر ڊچ نسل جي ماڻهن جن جو تعداد 90 هو، واپار سانگي ڏکڻ آفريقا ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هنن پنهنجو تعداد به وڌايو ته وري آفريقي عوام جي وسيلن تي قبضي جي رٿا ڪئي.
    هنن اُتي ڪئنال کوٽيا، هنن جي نظر آفريقي کاڻين تي هئي جتان سون ۽ هيرن تي قبضو ڪرڻو هو. ڊچ ان کان اڳ انڊونيشيا ۽ ٻين ملڪن تي قبضو ڪري چڪا هئا.
    ڊچ قبضي گيرن خلاف پهرين ويڙهه زهوسا قبيلي وارن ڪئي جن سمجهيو ته اڇي چمڙي وارا اسان جي ڌرتي تي قابض ٿي اسان کي غلام بڻائي ڇڏيندا پر کين ڪاميابي ان ڪري نه ملي جو زهوسا متحد ۽ منظم نه هئا مختلف گروهن ۾ ورهايل هجڻ هنن جي ناڪامي جو سبب بڻيو.
    ائين ئي جيئن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته مير حڪمران اڪيلا ٿي بيٺا. ڪيئي غدار سندن حڪومت وڃائڻ جو سبب بڻيا ۽ سنڌي قوم متحد ٿي نه وڙهي سگهي، سنڌ جو وڏيرو طبقو ۽ موقعي پرست ماڻهو انگريز سرڪار سان وڃي مليا، نتيجي ۾ ٻڌي نه هئڻ ڪري ٿورڙن انگريزن هڪ وڏي قوم کي غلام بڻائي ڇڏيو، جيڪا غلامي هڪ صدي تائين هلي.
    17هين صدي جي آخر ۾ هالينڊ يعني ڊچ جا هٿ ڪمزور ٿي رهيا هئا ۽ برطانيا سگهاري پوزيشن ۾ اچي سڄي دنيا ۾ قبضا گيري جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. 1806ع ۾ انگريز سرڪار ڏکڻ آفريقا ۾ پنهنجا پير رکڻ شروع ڪيا. ان جو سبب ڊچ ڪمزور ٿي رهيا هئا کين مزاحمت کي منهن ڏيڻو ٿي پيو. انگريزن اچڻ شرط هتي واپار وڌايو ۽ صنعتون قائم ڪيون.
    بهرحال 17 هين صدي کان تقريبا 3 سئو سالن تائين سامراجي ملڪن دنيا جي وسيلن تائين رسائي ۽ قبضا گيري لاءِ واپار جي بهاني ۽ ڏاڍ مڙسي سان آفريقا، وچ اوڀر، ايشيا جي ملڪن تي قبضا ڪيا. ڊچ، فرانس، جرمني ۽ انگريزن آفريقا تي هلائون ڪيون، زولو بادشاهه جو تختو اونڌو ڪيو ويو، ڊچ بوئر جنگ تي زهوسا قبيلي ۽ بنتو ڳالهائيندڙن مزاحمتون ڪيون.
    هنن سمورن جي قبضا گيري جو مطلب انهن وطنن مان وسيلن جي ڦر لٽ ۽ ساڳئي وقت سستو مزدور پڻ هو.
    20هين صديءَ جي شروع ۾ باضابطا طور تي آفريقي عوام مزاحمت لاءِ تياري ڪئي. قوم کي منظم ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين جو وجود پيو. 1912ع ۾ آفريقن نيشنل ڪانگريس (ANC) 1921ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف سائوٿ آفريقا جڙيون، جن هوريان ڏاڍيان پنهنجن ماڻهن کي غلامي ۽ ڦرلٽ خلاف شعور ڏنو، منظم ڪيو، ننڍيون ننڍيون مزاحمتون شروع ڪيون. ابتدا ۾ کين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر مستقل مزاجي، گهڻ طرفي جدوجهد، تعليم ۽ تربيت، سٺي قيادت ۽ ڪردار جي پختگي نيٺ هڪ مضبوط تحريڪ کي جنم ڏنو، جنهن ٽي سئو سالن جي ڌاري غلامي خلاف جنگ وڙهي آخرڪار آزادي ماڻي ورتي ۽ پنهنجي ڌرتي جي وسيلن جا مالڪ بڻيا، ڪارن کي شناخت ملي، پنهنجي آزاد وطن ۾ آزاد شهري ٿي پنهنجي معاشري جي سڌاري ۽ ترقي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.
    هڪ سوال بحرحال اڄ به موجود آهي ته آفريقي عوام قومي غلامي مان آزاد ٿي ويو پر سماجي اڻ برابري اڃا موجود آهي.
    نيلسن منڊيلا آفريقا جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ چيو هو ته ” شايد منزل اڃا
    اڳڀري آهي.“
    ان ڪري ضروري هجي ٿو ته قوم کي آزاد ڪرائيندڙ کي واضح نظرياتي ۽ اقتصادي موقف رکڻ گهرجي ته آزادي کانپوءِ ڪهڙو اقتصادي نظام لاڳو ڪندا. ANC آفريقا ۾ برطانوي پارلياماني نظام واري طرز تي هلي رهي هئي، جيڪا هنن حاصل ڪئي.
    آزادي کانپوءِ سوال موجود آهن جن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي ته هڪ سائنسي پورهيت انقلاب جي نظريي جي ڪيتري اهميت آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف سائوٿ آفريقا جو اهو مقصد هو پر فوري طور تي نسلي مت ڀيد وڏو سوال هو جنهن لاءِ ڪميونسٽ پارٽي ٻين آزادي پسند پارٽين سان گڏجي پُر امن، جمهوري ۽ هٿياربند جدوجهد وسيلي گورن جي غلامي کان ۽ نسل پرستي جي خاتمي لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ سرها ٿيا.
    سنڌ ۾ به آفريقي معروضي حالتن کان بنهه ڪا مختلف صورتحال ناهي رهي. انگريزن جي غلامي جي خاتمي کانپوءِ سنڌ پنجاب جي غلامي ۾ ڦاسي پيو، پاڪستان جيڪو گهڻ قومي ملڪ آهي، چالاڪيءَ سان اڪثريت کي اقليت تي مڙهيو ويو آهي.
    اُن اڪثريت آئين جوڙي هٿ ٺوڪيا قانون ٺاهي قومن کي غلام بڻايو، سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن سمنڊ، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻين معدني وسيلن تي قبضي لاءِ غلام بڻايو ويو آهي.
    پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي CPP ان غلامي کي سنڌ ۾ ڌارين جي مسلسل آبادي کي قبولڻ ۽ ان خلاف مزاحمت نه ڪرڻ، حقيقت پسندي ۽ معروضي حالتن جو صحيح ادراڪ نه ڪرڻ سبب CPP مڪمل طرح سان فنا ٿي وئي. جڏهن ته آفريقا ۾ پوري صدي تائين وڙهندڙ مزاحمتي تحريڪ کي ڪميونسٽ پارٽي جي سازش سمجهيو پئي ويو ته ڪميونسٽ، ANC، ڪارن، ۽ رنگدارن جي مزاحمتي تحريڪ کي ملائي رهي آهي.
    اُتان جي ڪميونسٽن سڄي مزاحمتي تحريڪ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو، قربانيون ڏنيون، شهادتون ماڻيون، جيل جو اذيتون برداشت ڪيون ۽ آخر ۾ گڏجي آزادي جو جشن ملهايو.
    هتي ڪميونسٽن جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري مناسب ٿيو جو هُو قومي آزادي جي تحريڪ کي لساني تحريڪ سمجهندا رهيا آهن. آفريقي قومي آزادي جي تحريڪ ثابت ڪيو ته غلام قومن جو اهم ۽ فوري تضاد قومي آزادي هجي ٿو پر طبقاتي جدوجهد کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.


    ڀاڱو ٻيون

    سنڌ جي قومي تحريڪ

    سنڌ تاريخي پس منظر رکندڙ وطن ۽ قوم آهي، سنڌو جي نالي پٺيان سنڌ وطن جو وجود پيو. موهن جو دڙو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته تقريباَ اڍائي هزار سال قبل مسيح واري دور ۾ به سنڌي قوم سڌريل ۽ تهذيب يافته قوم هئي.
    سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌو درياهه جي هئڻ ڪري پرڏيهين ڪيئي ڀيرا ڪاهون ڪري سنڌ کي غلام بڻايو آهي، سنڌ جي بهادر پٽن غاصب قوتن خلاف مزاحمت ڪندي وطن کي بچائڻ جا جتن به ڪيا ۽ پنهنجا سر قربان ڪيا. شاهه عنايت، مخدوم بلاول، درياخان، هوش محمد شيدي، صبغت الله شاهه راشدي، هيمون ڪالاڻي ۽ ٻين سورهين سر جو ٻليدان ڏئي سنڌ کي تاريخ ۾ سُرخرو ڪيو آهي.
    ايسٽ انڊيا ڪمپني ذريعي واپار سانگي آيل انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، 1843ع ۾ ڪيل اهو قبضو 1947ع ڌاري وڃي ختم ٿيو.
    انگريزن جي غلاميءَ خلاف سنڌ توڙي هند ۾ وطن جا حلالي پٽ ڪڏهن منظم طريقي سان ته وري ڪڏهن ڇڙواڳ انداز ۾ مزاحمت ڪندا رهيا. انگريز دنيا جي وڏي حصي تي قابض هئا، ٻي عالمي جنگ جي خاتمي سان گڏ قومي آزادي جي تحريڪن به شدت اختيار ڪئي، ڪيئي قومون باهمي رضامنديءَ سان ته ڪن وري مزاحمت سان آزادي حاصل ڪئي.
    بهرحال ذلتن خلاف قومي آجپي جي جنگ جاري رهي جڏهن انگريز برِصغير مان واپس ٿي ويا ته هتان جي قبضو ڪيل ڌرتين کي آجو ڪرڻ
    بدران نئين ٺڳيءَ سان نئين غلاميءَ ۾ جڪڙيو ويو. سنڌ پاڪستان جي شڪل ۾ انگريزن جي غلامي نه ڪئي هئي پر سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست هئي جنهن تي جبري قبضو ڪيو ويو. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته انگريزن جي واپسي سان سنڌ کي ساڳي شڪل ۾ يعني آزاد وطن جي طور آزاد ڪيو وڃي ها پر مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي ملي ڀڳت سان مذهب جي بنياد تي ٻه الڳ الڳ ملڪ جوڙيا ويا. مسلمانن جي اڪثريتي علائقن تي ٻڌل الڳ ملڪ ”پاڪستان“ جو اعلان ڪيو ويو.
    ياد رهي ته 1843ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بڻايو ويو، 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ذريعي سنڌ جي جدا حيثيت کي تسليم ڪيو ويو. 3 مارچ 1943ع تي پاڪستان جي حمايت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي جيڪا اُن وقت مسلم ليگ سنڌ جي صدر جي ايم سيد پيش ڪئي.
    ان کان اڳ 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل طرفان منظور ڪيل قراداد مطابق سنڌ نئين ٺهندڙ ملڪ پاڪستان م شامل ٿي هئي، جنهن ۾ طئه ڪيو ويو هو ته شامل ٿيندڙ سموريون قومون آزاد، خودمختيار رياستن وانگر رهنديون. ان واعدي جي ابتڙ آزادي ۽ خودمختياري ملڻ بجاءِ نئين غلاميءَ ۾ جڪڙيو ويو.
    55 سيڪڙو اڪثريت رکندڙ پنجابي قوم کي حاڪميت وارو حق ڏنو ويو، ۽ هڪ اهڙو وفاقي نظام ترتيب ڏنو ويو جنهن کي مضبوط مرڪز سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي. جنهن سبب ملڪ جي ٻين رياستن ۾ سنڌين، بلوچن، پختونن ۽ بنگالين ۾ قومي جذبي اُڀار کاڌو.
    پنجاب هڪ بالادست قوم وانگر ٻين قومن تي حڪم هلائڻ شروع ڪيا، مضبوط مرڪز جي نالي ۾ قومن جا سمورا وسيلا هڙپ ڪيا ويا. جيڪي دستور جوڙيا ويا تن ۾ به جابر ۽ محڪوم قومن ۾ واضح فرق نظر آيو. قومن کي دٻايو ويو، قومن ۾ پنجاب جي بالادستي خلاف نفرت ۾ اضافوٿيو، رضاڪارانه طور تي شامل ٿيندڙ قومن قومي، جمهوري حقن لاءِ آواز اُٿارڻ شروع ڪيو. مضبوط مرڪز ۽ قومن سان ڏاڍائي سبب بنگال مزاحمت ڪري پنهنجو پاڻ کي جبري رياست مان آزاد ڪرائي ورتو جنهن لاءَ بنگالين کي وڏي قرباني ڏيڻي پئي. بنگالين جي ان تحريڪ دوران ثابت ٿيو ته بنگالين تي تشدد، انهن جي جمهوري حق کي تسليم نه ڪرڻ جا ذميوار صرف فوجي جنرل نه هئا پر سول حڪمران پڻ انهيءَ ڏاڍ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث هئا.
    پنجاب جي بالادستي جو اثر هي ٿيو جو 55 سيڪڙو آبادي وارو پنجاب مرڪزي پول ۾ صرف 26 سيڪڙو روينيو جمع ڪرائي ٿو جڏهن ته 23 سيڪڙو آبادي واري سنڌ 67 سيڪڙو روينيو جمع ڪرائي ٿي ۽ موٽ ۾ صرف ڀڳڙن جون کلون يعني لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو ملي ٿو.
    پنجاب سنڌ جو تيل ۽ گئس 100 سيڪڙو خرچ ڪري ٿو جڏهن ته سنڌ کي صرف 12 سيڪڙو رائلٽي ملي ٿي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ گئس جي ڪل پيدوار جو 73 سيڪڙو ۽ تيل جي ڪل پيدوار جو 56 سيڪڙو سنڌ مان ملي ٿو.
    وفاقي نظام هيٺ هلندڙ ملڪن، آمريڪا، آسٽريليا ۾ ائين ناهي ٿيندو، انهن ملڪن ۾ رياستون پنهنجن وسيلن مان پنهنجي پورائي ڪرڻ کانپوءِ باقي حصو مرڪز حوالي ڪنديون آهن جنهن ڪري اُتي قومي سوال اهميت نه ٿو رکي.
    سنڌ پنهنجن وسيلن ۾ امير هئڻ باوجود غربت جي هيٺينءَ لڪير تي بيٺي آهي، سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ 55 سيڪڙو غربت آهي، جتي تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ روزگار بنهه ناهي، سنڌ جو اڪثريتي عوام بک، بدحالي ۽ ذلتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
    تاريخ ۾ سنڌ جڏهن آزاد ۽ خودمختيار هئي ته خوشحالي ڪارڻ ئي سنڌ مٿان حملا ٿيندا هئا، ڪو به ماڻهو بک وگهي نه مرندو هو پر هاڻ ڌرتي ڌڻي مالا مال هجڻ باوجود بک ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ اچي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. معاشي صورتحال بد تر هجڻ ڪري سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪا تعليم جي فقدان ۽ غربت جي نشاني هجي ٿي.
    اهڙي ريت بنگال کانپوءِ بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجن وسيلن جي مالڪي ۽ پنهنجن وطنن تي حق حاڪميت لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.
    لياقت علي خان جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ پناهگيرن ۽ پنجابين جي هڪ هٽي قائم ٿي وئي.
    هڪ سروي موجب پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ توڙي وفاق ۾ 70 سيڪڙو آفيسر شاهي يوپي ۽ سي پيءَ سان تعلق رکندڙن جي هئي، جن سنڌ مان لڏپلاڻ ڪندڙ سنڌين جي گهرن، ڪاروبارن ۽ زمينن تي قبضا ڪري برِصغير جي ورهاست کانپوءِ هندستان مان آيل ڌارين حوالي ڪيا. اهڙي ريت سنڌ جو پڙهيل لکيل ۽ ڪاروباري طبقو اڻ لڀ ٿي ويو. ڌارين جي ان يلغار سنڌ کي ثقافتي طرح سان به غلام بڻائي ڇڏيو. اردو کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياري سنڌي ٻولي جي قومي ٻوليءَ واري حيثيت ختم ڪرائڻ وغيره ان جا چٽا مثال آهن.
    سنڌ مان برطانيا پاران ٽپڙ ويڙهڻ کانپوءِ نئين پاڪستاني رياست آمريڪا سان پنهنجا رشتا مضبوط ڪيا، جيڪو ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سپر پاور ٿي اُڀريو.
    برطانيا جي سڌي غلاميءَ کانپوءِ New Colonial System (جديد بيٺڪي نظام) وجود ۾ آيو. عالمي مالياتي ادارن ذريعي ملڪ جي حڪمرانن ۽ اسٽبلشمينٽ پنهنجي عوام کي غلام بڻائي رکيو آهي. برطانيا سرڪار پنهنجي فوجي طاقت ۽ واپار ذريعي قومن کي غلام بڻايو هو پر هاڻ آمريڪي سامراج نئين بيٺڪي نظام تحت قومن کي معاشي طرح غلام بڻائي رکيو آهي. هن خطي ۾ يا وري هيئن چئجي ته انقلابي فڪر رکندڙ نظرياتي پارٽيون سامراجي غلامي خلاف پنهنجن ورڪرن جي سياسي تربيت ۽ عوام کي ترغيب ڏني ويندي هئي ته هو سامراج جي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪن پر اڄ آمريڪي سامراج جي غلاميءَ خلاف سنڌ جي قومي، جمهوري تحريڪ، قومي آزادي جي تحريڪ بنهه ناواقف، مُنجهيل ۽ سامراج مخالف جدوجهد ڪرڻ بجاءِ اهڙا رستا ڳولڻ ۾ پورا آهن جتان آمريڪين سان ويجهڙائي ٿي سگهي. کين اها سُڌ ناهي ته هُو ڪيئن نه پاڪستان ۾ فوجي آمرن جي حڪومتن جي مدد ڪندا رهيا آهن، جن ملڪ جي محڪوم عوام ۽ محڪوم قومن جي آزاديءَ جي ويڙهه کي ڏاڍ جي زور تي روڪيو. پاڪستان جي 64 سالن جي تاريخ ۾ 32 سالن تائين فوجي راڄ ذريعي عوام کي غلام بڻايو ويو ۽ اهو سڀ آمريڪي سامراج جي پشت پناهي کانسواءِ ممڪن نه هو.
    آمريڪي پشت پناهي ذريعي ئي افغان انقلاب خلاف جهاد ڪرايو ويو، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اسلامي جهاد جي نالي ۾ مذهبي بنياد پرستي کي هٿي ڏني وئي، جنهن سبب وچ اوڀر، آفريقا ۽ ايشيا جا سمورا مذهبي جنونيت پسند هن خطي ۾ گڏ ٿي، جمهوريت، امن، انصاف، سيڪيولرازم ۽ قومي آزادي جي تحريڪن ۾ رڪاوٽ بڻيا آهن. پُر امن صوفين جي ڌرتي سنڌ جي مندرن، مسجدن، امام بارگاهن ۾ رتوڇاڻ ٿي رهي آهي. هُو ايترا ته سگهارا بڻجي ويا آهن جو سنڌ جي انقلابي ۽ آزادي پسند قوتن جي وس ۾ ناهي جو هُو کُلي ڪري دهشت پسند مذهبي جنونيت پسندن خلاف ڳالهائي سگهن يا انهن خلاف عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واري مواد جو بندوبست ڪري سگهن جنهن سان عوام جي سيڪيولر بنيادن تي تربيت ٿي سگهي. بهرحال آمريڪي غلاميءَ مان پاڪستان جو آجو ٿيڻ هاڻ هڪ وڏو سوال آهي.
    اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن قومي آزادي جي تحريڪ ۽ انقلابي تحريڪ سامراج مخالف ناهي ته سمجهبو ته اُها تحريڪ عوام دوست، سنڌ دوست بدران عوام مخالف تحريڪ آهي. وچ اوڀر جي عوام جي هلچل، آفريقي ملڪ لبيا جي باغين جي مزاحمت آمريڪي پشت پناهي سبب ئي ممڪن ٿي سگهي آهي. ڏهاڪن کان ويٺل سامراجي دلالن جي شهنشاهيت کي ختم ڪري Controld جمهوريت آندي پئي وڃي تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪو ٻيو بادشاهه انهن جي جاءِ والاري. حقيقي انقلابي ۽ جمهوري تحريڪ پنهنجن پيرن تي بيٺل، سامراج مخالف ۽ فڪري طرح سان واضح هوندي آهي.


    ڌاري آبادڪاري

    برِصغير جي ورهاڱي کانپوءِ پهريان تقريباَ 55 لک پناهگير پنجاب ۾ داخل ٿيا. اُتي اهو سوال اُٿاريو ويو ته ايترن ڌارين کي پنجاب ۾ کپائي تڏهن سگهبو جڏهن جاگيرداريءَ ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن زمينن جي ذريعي پناهگيرن کي روزگار ڏئي سگهجي. حڪمرانن ايمرجنسي لڳائي ڇڏي ۽ پناهگيرن جي لوڌ سنڌ ڏانهن اچڻ لڳي. ياد رهي ته سنڌ ۾ واپاري هندو هئا جيڪي ملڪ ڇڏي ويا جڏهن ته زمينداري طبقي ۽ هارپي سان تعلق رکندڙ مسلمان هئا.
    1947ع ۾ ڪراچي جي مقامي ماڻهن جي آبادي چار لک ڇٽيهه هزار (000،436) هئي جيڪا پوءِ ڌارين جي اچڻ ۽ سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري 1954ع تائين سنڌي اقليت ۾ اچي ويا ۽ ڌاريا پناهگير اڪثريت ۾ اچي ويا. ڪراچي سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ لکن جي تعداد ۾ پناهگيرن ديرو ڄمايو، کين انعام ۽ نيلام ۾زمينون، گهر ۽ ڪاروبار مليو. سنڌي معاشي طرح سان ڪنگال ٿي ويا. افسر شاهي ۾ به پناهگيرن جي اڪثريت قابض ٿي وئي.
    محمد علي جناح جي پاڪستان جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ ڪٿي به ڪنهن ماڻهوءَ جي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ٿيل نه هو ۽ ان جي ابتڙ مهاتما گانڌيءَ پاران سنڌي هندن کي لڏ پلاڻ واري اپيل جي مخالفت ڪندي مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه محمودالحسن ۽ مولانا تاج محمد امروٽيءَ گانڌيءَ کي اهڙو اعلان واپس وٺڻ جو زور ڀريو هو.
    1954ع جي آخر ۾ پاڪستان جي سمورين وحدتن جي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو.
    بمبئي کان سنڌ جي آزاديءَ کي 19 سال مس گذريا هئا جو وري سنڌ کي پنجاب جي غلاميءَ ڏانهن ڌِڪيو ويو.
    بمبئي کان سنڌ جي علحدگي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي جاگيردار ايوب کهڙي ون يونٽ جي حمايت ڪئي.
    سنڌ جي سورن جي شروعات ٿي ون يونٽ جي خلاف سنڌ ۾ شاگردن، اديبن، سياسي اڳواڻن، ساڃاهه وند ماڻهن احتجاج ڪيا ۽ جدوجهد هلائي.


    پنجابين جي قبضاگيري

    1899ع م جڏهن جمڙائو واهه ٺهيو ته سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر جون لکين ايڪڙ سٺيون زمينون پنجابين کي ڏنيون ويون جنهن سبب هڪ ته سنڌ زمين کان محروم ٿي ۽ ٻيو ته سنڌي هاري بي دخل ٿيو.
    1932ع ۾ جڏهن سکر بئراج جوڙيو ويو، جنهن مان ڪيئي ڪئنال، واهه ۽ شاخون نڪتيون ۽ لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي ته وڏي انگ ۾ پنجابين کي آڻي آباد ڪيو ويو.
    گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج کانپوءِ ڌارين جون يلغارون اچڻ لڳيون، ريٽائرڊ فوجي، ڊيوٽي ڏيندڙ فوجي ۽ سول افسر شاهي کي رعايتن ڏيڻ عيوض انهن بئراجن تي زمينون ڏنيون ويون جيڪي انتهائي سستي مُلهه ۽ انعام طور عطا ڪيون ويون.
    مرڪزي حڪومت سنڌ جي اعتراضن جيڪي بنهه ڪمزور هئا تي ڌيان نه ڌريو ۽ اهڙي ريت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين ڌارين جي حوالي ٿي ۽ ڌارين جو سنڌ ۾ انگ به وڌڻ لڳو.
    صرف ون يونٽ جي دوران يعني 1954ع کان 1958ع تائين تقريباَ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين غير سنڌين کي الاٽ ڪئي وئي جڏهن ته سنڌين کي به ايتري ئي ڏني وئي.
    1958ع ۾ ايوب جي مارشل لا کانپوءِ سنڌ جي زمينن تي راتاهو لڳو جنهن دوران سنڌ جي زمينن جي ورهاست ۾ 75 سيڪڙو ڌارين کي جڏهن ته صرف 25 سيڪڙو سنڌ جي ماڻهن کي زمينون مليون.
    1947ع ۾ جڏهن ملڪ الڳ ٿيو ته مکي ڍنڍ سانگهڙ جي تقريباَ ٻه لک ايڪڙ زمين فوجين حوالي ڪئي وئي، جيڪا تقريباَ مفت ڏني وئي. هي اُهي فوجي هئا جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن جي اشاري تي جنگ ۾ شامل هئا.
    جڏهن ته انگريزن خلاف وڙهندڙ آزادي جي جنگ ۾ حُرن کي زمينون ڏيڻ بجاءِ ڌارين حوالي ڪيون ويون.
    در اصل فوج ۾ گهڻائي پنجاب جي آهي ۽ ساڳي وقت افسر شاهيءَ ۾ به پنجاب اڪثريت ۾ آهي. حڪومت جي سگهه حاصل ڪندڙ به پنجاب آهي، ان ڪري سنڌ جون زمينون به انهن کي مليون ۽ سنڌين کي پنهنجن زمينن کان محروم ڪيو ويو.
    پاڪستان ٺهڻ جا سنڌ کي اهي فائدا ٿيا جو هڪ طرف لکين ڌاريا هندستان، بنگال، برما، افغانستان ۽ پنجاب مان اچي هتي آباد ٿيا، سنڌين کي وڏن شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو، سموري معاشي سگهه تي قبضو ڪيو ويو، سرڪاري نوڪريون، وڏن شهرن ۾ صنعتي ادارن ۾ نوڪريون، پرائيويٽ ڪمپنين م نوڪرين تي ڌاريو قابض ٿي ويو. 1950ع ۾ جڏهن ڪوٽڙي بئراج جُڙي راس ٿيو ته 16 لک جي لڳ ڀڳ زمين آبادي لائق ٿي. ان زمين جي ورهاست لاءِ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي سا سموري ڌارين تي ٻڌل هئي، جن سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن بجاءِ فوجي جنرلن کي زمينون عطا ڪيون. 11 لک ايڪڙن جي ورهاست ۾ ساڍا پنج لک مقامي ماڻهن کي جڏهن ته ساڍا پنج لک ايڪڙ فوجي جنرلن، ڪرنل، ميجر، ڪئپٽن کي ڏني وئي.
    ڇا اهو ممڪن ٿيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان پنجاب جي زرعي ايراضي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي زمين جي ورهاست ۾ ڪو ايڪڙ به ڏنو ويو هجي!؟
    گڊو بئراج 1962ع ڌاري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪب آباد، شڪارپور جون زمينون آباد ٿيڻ لائق بڻيون. ست لک )000،700( ايڪڙ زمين جي ورهاست مطابق هڪ لک ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن کي جڏهن ته باقي زمين منگلا ڊيم، اسلام آباد جي متاثرن، فوجي، نوڪر شاهي، ريٽائرڊ آفيسرن ۾ ورهائي وئي. مطلب ته زمين جو وڏو حصو ڌارين حوالي ڪيو ويو.
    اهڙي ريت بئراجن جي ٺهڻ سان پاڻي جي جديد نظام ڪري لکين ايڪڙ غير آباد زمينون آباد ٿيڻ لڳيون ۽ ڌاري آبادڪاري ان جو ڀرپور فائدو ورتو. لياقت علي خان جي سرڪار يوپي، سي پي جي نوڪر شاهي، هندستاني پناهگيرن کي ڪوڙن ڪليمن ۾ زمينون عطا ڪيون جڏهن ته پنجابين کي پنجاب جي حاڪميت جي ڪري فوجين، نوڪرشاهي کي زمينون الاٽ ٿيون. اهڙي ريت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ٿي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجن تاريخي وسيلن کان محروم ٿيا.
    نوڪرين جي معاملن ۾ به ائين ئي ٿيو، سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن جي اڪثريت هئڻ باوجود کين تعليمي ميدان ۾ پوئتي رکيو ويو هو. بمبئي ۽ دهلي پڙهڻ لاءِ غريب سنڌين وٽ وسيلا اڻ لڀ هئا، ان ڪري تعليمي ميدان ۾ پوئتي هئڻ فطري ڳالهه هئي. 1887ع ۾ سنڌي هندن ۽ انگريزن جي ڪوشش سان پهريون سنڌ ڪاليج ٺهيو.
    1935ع کان ئي سنڌ جي پوليس کاتي ۾ پنجابي ۽ پشتون آفيسر کنيا ويا، چيو وڃي ٿو ته حُرن جي تحريڪ کي ڪچلڻ وقت به پنجابي ۽ پشتون پوليس حصو ورتو هو. ان زماني ۾ الوحيد اخبار ۾ ڇپيل هڪ خبر موجب هيڊ ڪوارٽر ۾ پنج هزار پوليس مان مقامي سنڌي صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا.
    1946ع ۾ پير علي محمد راشدي پنهنجن لکڻين وسيلي سنڌ ۾ ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ جي خلاف آواز اٿاريو.
    جيئن ئي پاڪستان ٺهيو ته هنڌو جيڪي سنڌ جي نوڪرين ۾ اڪثريت ۾ هئا، سي لڏ پلاڻ ڪري هندستان هليا ويا ۽ پوءِ پنجابين جي وڏي انگ انهن نوڪرين تي قبضو ڪري ورتو. فوج ۽ نوڪر شاهي ۾ واضح اڪثريت پنجابين جي ٿي وئي، سنڌي انهن ٻنهي ادارن کان ٻاهر هئا.
    1980ع جي سرڪاري رپورٽ موجب وفاق جي نوڪرين ۾ سنڌ جي 20 سيڪڙو شهري توڙي ٻهراڙي واري ڪوٽا ۾ ٽيهه هزار نوڪريون هئڻ گهرجن ها پر سنڌ جي ٻهراڙي کي صرف اڍائي هزار نوڪريون مليون.
    حڪمران ٽولو پاڪستاني هڪ قوم ۽ مسلمان ڀائر هجڻ جو بهانو بڻائي سنڌ جي وسيلن کي لُٽي رهيا هئا.
    سنڌ پاڪستان ٺهڻ سان ئي انهن ٻنهي مفروضن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ قومي تحريڪ جا اشارا ملڻ لڳا. سنڌ جا دانشور، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين سنڌ سان زمين ۽ نوڪرين جي معاملن ۾ ٻه اکيائي ۽ ٺڳيءَ کي سنڌ تي قبضي جي سازش قرار ڏنو.
    مطلب ته سنڌ جي اعلى نوڪرين تي پنجابي، پناهگير قابض ٿي ويا. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سمورين قومن کي برابري جي حصي طور نوڪريون ملن ها پر ائين نه ٿيو ۽ پنجابي، پناهگيرن گڏجي سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا.
    ون يونٽ جي دوران ته ريلوي، روينيو بورڊ، پوليس، سيڪريٽري سطح جي آفيسرن ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هئا.
    حيرت جي ڳالهه اها آهي جو نه رڳو مارشل لا، ون يونٽ، پنجابي ۽ پناهگيرن جي حڪومتي دور ۾ پر سنڌين جي اڪثريتي پارٽي پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ به ائين ئي ٿيو. بلڪه پيپلز پارٽي اڃا به ٻه وکون اڳتي وڌندي سينيٽ ۾ سنڌ جي سيٽن تي پنجاب سان لاڳاپيل ماڻهن کي سينيٽر پڻ چونڊرايو آهي.
    ميرٽ ۽ ڪوٽا کي نظر انداز ڪيو ويو، سنڌ جي ٻهراڙي کي هيٺين سطح جون نوڪريون مليون ۽ سنڌي مڪمل طرح سان نظرانداز ٿيا. سنڌ جي ڪوٽا تي شهري اردو ڳالهائيندڙن کي نوڪريون مليون، ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جي سمورن سرڪاري، نيم سرڪاري، خانڳي ادارن ۽ ڪارخانن ۾ به اڪثريت ڌارين جي ڀرتي ٿي، انهن ادارن ۾ به اڄ سوڌو مقامي ماڻهن (ڌرتي ڌڻين) کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي.
    هڪ سروي موجب 1980ع تائين پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين ڌارين جو ٻه لک تعداد هر سال سنڌ ۾ ۾ اچي رهيو هو پر هاڻ اهو انگ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ ڪڏهن ته سنڌي اڪثريت ۾ هئا پر هاڻ پنهنجي وطن جي وڏي شهر ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. پاڪستان جي 1973ع واري آئين پاڪستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي چُر پُر جو اختيار ڏنو آهي، هُو ڪٿي به وڃن، ملڪيت خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو کين مڪمل اختيار آهي انهيءَ سبب جي ڪري سنڌ جي شهرن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ ڌارين جي چُرپُر آهي. ڪراچي جي 18 ٽائون مان صرف چار ٽائون جا ناظم سنڌي ٿي سگهن ٿا، باقي پناهگير، بهاري، بنگالي، پنجابي ۽ پٺاڻ وغيره آهن.
    ڪراچي مان نه رڳو پناهگير پر پٺاڻ ۽ پنجابي به ايم پي اي، ايم اين اي ٿي رهيا آهن. جنهن تيزيءَ سان نوڪرين ۽ ٻئي روزگار لاءِ ڌارين جو ڪراچي ڏانهن رُخ آهي ته اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ڌرتي ڌڻي هڪ
    به ايم پي اي جي سيٽ نه کٽي سگهندا. 2011ع جي انگن اکرن موجب نادرا پاران روزانو 300 غير قانوني پناهگيرن جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ٿا، ان لحاظ سان ساليانو هڪ لک ڌاريا ڪراچي ۾ اچي آباد ٿي رهيا آهن جنهن ۾ هندستاني، بنگالي، برمي، بهاري پناهگير ۽ افغاني شامل آهن.
    سائين جي ايم سيد ”سنڌو جي ساڃاهه“ ۾ لکيو آهي ته ”پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي آبادي 50 لک هئي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڌارين جون لوڌون اچڻ ڪري سنڌ جو توازن بگڙي ويو. سرڪار منظم رٿا بنديءَ سان ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري رهي آهي، جنهن سان آبادي جو توازن تبديل ٿي معاشي طرح سان تباهي جو ڊپ آهي. ڌارين جي اچڻ ڪري بئنڪون، تجارت ۽ ڪارخانا ڌارين حوالي ٿي ويا آهن. ڪراچي شهر ۾ بندرگاهه آهي ٻاهران پناهگيرن کي گهرائي واڳ انهن جي حوالي ڪئي وئي آهي.“ (صفحو 19-20)
    ”قائداعظم محمد علي جناح 1940ع جي مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ته بلڪل آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي ڳالهه ڪئي هئي پر هن لالچ خاطر قرارداد کي ڦيرائي مٿئين اصول تان ڦري پاڪستان کي هڪ ملڪ ۽ قوم بڻائي سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار وحدت کان انڪار ڪيو هو ۽ سنڌ جي جداگانا حيثيت کان انڪار ڪيو هو ۽ اردو زبان کي ملڪ جي قومي ٻولي مڃرائي سنڌ سان ويڌن ڪيو هو.“ (سنڌو جي ساڃاهه صفحو 26)
    لياقت علي خان اصل ۾ يو پي جو رهاڪو هو، مهاجرن جي مفادن جو زبردست رکوالو هو، سنڌين کي حقارت جي نظر سان ڏسندو هو. جڏهن سنڌين جو هڪ وفد وٽس ويو ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو ”سنڌين جو ڪهڙو ڪلچر هو، هُو ته اُٺن ڪاهڻ ۽ گڏهه هڪلڻ وارا ماڻهو رهيا آهن.“ اهڙي طرح سنڌين جي تهذيب کي حقارت جي نگاهه سان ڏسندو هو.
    اهڙي ريت پنجابي، پناهگيرن مستقل مفادن هيٺ سنڌ کي غلام بڻائي رکيو. سنڌ جي وسيلن، سنڌين جي ثقافت ۽ ٻوليءَ تي راتاها هنيا ويا.
    جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ نئين ٺهندڙ ملڪ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد ان جذبي هيٺ پاس ڪرائي ته قائداعظم يقينن سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار رياست قبول ڪندو، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ لڳاتار سنڌين سان ٿيل ڪلور جي ايم سيد سميت سنڌ جي محب وطن ماڻهن کي ڪاوڙائي وڌو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جا بنياد پيا.
    سنڌ جي قومي مسئلن، زمينن، روزگار، ٻولي ۽ ون يونٽ مڙهڻ جهڙڻ مسئلن تي سنڌ مان زبردست آواز اُٿيو، سنڌي پنجاب ۽ پناهگيرن جي ڏاڍاين جي خلاف جدوجهد ڪرڻ لڳا.
    سائين جي ايم سيد، حقيقي طرح سان سنڌ جي قومي تحريڪ جا بنياد وجهڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي هُن جي نظرياتي ۽ تنطيمي معاملن سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر سنڌ جي آزادي ۽ مذهبي جنونيت خلاف سندس لکڻين، جدوجهد ۽ قربانيءَ سبب سنڌ جي قومي شعور ۾ اضافو ٿيو آهي. سندس قومي تحريڪ جي سرواڻ جي حيثيت کيس ئي ملڻ گهرجي.


    ون يونٽ جو ٺهڻ

    اوڀر پاڪستان جي اڪثريت کي ٽوڙڻ لاءِ حڪمران ٽولي اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي سازش سِٽي. لياقت علي خان جي قتل کانپوءِ چوڌري محمد علي جي دور ۾ ايوب خان کي جونيئر حيثيت مان اڳتي آندو ويو. آڪٽوبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ سنڌ ۽ سرحد جي اسيمبلين مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا ويا.
    سنڌ جي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي کي هٽائي ايوب کهڙي کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو جنهن مضبوط مرڪز لاءِ ون يونٽ جي حمايت ڪئي، سنڌ مان پير علي محمد راشدي به ساڻس گڏ هو.
    14 آڪٽوبر 1955ع ۾ باضابطا طور اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو. اڳتي هلي بنگال (اوڀر پاڪستان) ون يونٽ جي خاتمي لاءِ اسيمبلي ۾ قراداد پاس ڪئي ته ايوب خان ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مارشل لا لڳائي ڇڏيو. ون يونٽ ذريعي پاڪستان جي تاريخي قومي وحدتن جي حيثيت ختم ڪئي وئي. ٻوليءَ تي بندش پئي. ون يونٽ مڙهڻ ۽ ان کانپوءِ ايوبي مارشل لا خلاف سنڌ جي عوام ۾ قومي جذبي ۾ اضافو ٿيو ۽ قومي تحريڪ شدت اختيار ڪئي.
    ون يونٽ جي خاتمي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ مان لکين پوسٽ ڪارڊ ايوان صدر موڪليا ويا ۽ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو ويو.
    سنڌ ۾ احتجاج ٿيا، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، يوسف لغاري، ڪامريڊ ڄام ساقي، ابراهيم جويو ۽ حيدربخش جتوئي سياسي تحريڪ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، امداد حسيني ۽ گدائي پنهنجي قومي ۽ انقلابي شاعري ذريعي قوم کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مزاحمتي ادب ذريعي ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ تي مڙهيل غلاميءَ جو مقابلو ڪيو.
    مٿيان اڳواڻ مختلف وقتن تي گرفتار ۽ نظربند ٿيندا رهيا، ملڪ ۾ ون يونٽ جي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ شدت اچڻ ڪري پهرين جولاءِ 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.
    جئين اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ نئين غلاميءَ ذريعي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ پهرين مرحلي ۾ شهرن اندر سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئين مرحلي ۾ پ پ جي حڪومتي دور ۾ اپريل 2011ع دوران ٿيل گهر شماري جي انگن اکرن موجب پڻ سنڌين جي ڳڻپ درست نه ٿي آهي، ڌاندليءَ ذريعي نسل پرستن شهرن ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ڄاڻايو آهي ۽ پنهنجي هٿرادو اڪثريت ثابت ڪئي آهي.
    ڌاريا منظم طريقي سان سنڌ ۾ داخل ٿيا آهن، شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائي مستقل سنڌ جا شهري بڻجي ويا آهن، جن کي هاڻ خريد و فروخت جا اختيار ملي ويا، سنڌ ۾ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين جا حق ملي ويا. ووٽ جو حق ملڻ ڪري کين ڪائونسلر کان وٺي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ جو حق ملي ويو ۽ هُو پارلياماني طاقت بڻجي عالمي سطح تي هڪ جمهوري ڌر تصور ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته سندن ڪردار دهشتگرد ۽ نسل پرستي وارو آهي.
    سنڌي معاشي طرح سان ڪنگال بڻجي ويا، سمورن ڪارخانن ۽ خانڳي ادارن جا مالڪ ڌاريا بڻجي ويا، ڪراچي جي بندرگاهه تي سندن قبضو ٿي ويو، ڪراچي جي زمينن تي سندن قبضو ٿي ويو ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ريڊ انڊين وانگر نظر اچي رهيا آهن. ڌاريا پناهگير ۽ پٺاڻ ڪراچي تي قبضي لاءِ وڙهي رهيا آهن.
    سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ قومي جمهوري تحريڪ ۽ سنڌ وطن تي سنڌين جي حاڪميت جي ڳالهه ڪندڙ ڪٿي آهن؟
    1980 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) جڙيو جنهن ۾ قومپرستن سان گڏ ڪميونسٽ
    پارٽي به شامل هئي.
    سنڌ قومي اتحاد بهارين جي آمد خلاف زبردست تحرڪ ورتو ۽ اسٽار گيٽ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهري جو سڏ ڏنو ويو ته ان موقعي ته حيرت جي ڳالهه هي ٿي جو ڪميونسٽ پارٽي ان مظاهري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايس اين اي مظلوم عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف ايس اين اي جي شاندار مظاهري ۽ لڳاتار واويلا جي ڪري قانوني طريقي سان بهارين جي آبادڪاري روڪڻ ۾ ڪاميابي ملي.
    سنڌ ۾ ڌاريا مسلسل اچي رهيا آهن، انهن پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي، بنگالي، بهاري ۽ هندستان مان ايندڙ ڌاريا خاموشيءَ سان نسل پرست تنظيم ايم ڪيو ايم سان اچي جُڙن ٿا جڏهن ته وانا وزيرستان ۽ افغانستان کان ايندڙ ڌاريا عوامي نيشنل پارٽي جي جهنڊي هيٺ منظم ٿين ٿا.
    سنڌ جي قومي تحريڪ ڌارين جي آبادڪاري جي مسئلي تي بيان بازي يا ڪڏهن ڪڏهن احتجاج، بک هڙتال کانسواءِ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي. قومي تحريڪ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي خبر ئي ناهي ته روزانو ڪيتري تعداد ۾ ڌاريا سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. 80ع واري ڏهاڪي ۾ قومي تحريڪ سگهاري نه هئڻ باوجود مستقل مزاجي سان هلندڙ تحريڪ ذريعي بهارين کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ملي. جڏهن ته هن وقت افرادي قوت جي لحاظ سان قومي تحريڪ وڌيڪ سگهاري پوزيشن ۾ آهي پر سنجيده ڪوشش نه هئڻ ڪري ۽ مزاحمتي تحريڪ ۾ شدت گهٽجڻ ڪري ڌارين جي آمد تي ڪا اثرائتي جدوجهد نه ٿي سگهي آهي.
    بيانن ذريعي عارضي طور جذبن کي گرمائڻ ۽ پوءِ ماٺا ٿي ويهي رهڻ قومي تحريڪ جي عادت ٿي وئي آهي. ٻين مسئلن وانگر هن اهم مسئلي تي به لاتعلقي ظاهر ڪئي پئي وڃي.
    ٺيڪ ائين جيئن يهودين اسرائيل کي جنم ڏنو، فلسطينن شروع ۾ خاموشي اختيار ڪئي ۽ هاڻ سندن وس ۾ ناهي ته هُو يهودين جي رياست کي چئلينج ڪري سگهن.
    اسين ان غلط فهمي ۾ آهيون ته سنڌي اڪثريتي قوم آهي ۽ ڌاريا اقليت ۾ آهن ڇا ٿيندو؟ وڙهي سنڌ آزاد ڪرائي وٺبي. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڏکڻ آفريقا ۾ گورن جي اقليت اڪثريتي ڪارن جي سڄي ڏيهه تي قبضو ڪري کين ٽي سئو سالن تائين غلام بڻائي رکيو.
    سنڌ ۾ ڌاريا آفريقي گورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، کين رياستي حمايت حاصل آهي، عالمي قوتون به سندن پٺڀرائي ڪري رهيون آهن. مقابلي ۾ سنڌ جون آزادي پسند ڌريون (اڪثر) ڪارڪنن کي تعليم ۽ تربيت کان پري رکيو اچن، ۽ اڳواڻ کين پنهنجي شخصيت جي چوڌاري گڏ ڪيو بيٺا آهن. ڌارين جي غلاميءَ مان آجو ٿيڻ لاءِ ته باشعور قومي تحريڪون ئي مزاحمت پيدا ڪنديون آهن. سهل پسندي ۽ عياشين جا عادي اڳواڻ انقلابي تحريڪن ۾ ڪيئن شدت آڻيندا.
    نتيجي ۾ ٻن ڏهاڪن اندر ڌاري آبادڪاري ۽ سندن قوت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ قومي تحريڪ جي ويڙهه واري انداز ۾ ٿڌائي آئي آهي.
    موجوده صورتحال اهو واضح ٿي ڪري ته، مستقبل ۾ سنڌي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا يا وري ڌاريا الڳ رياست جي گُهر ڪندا.
    سنڌ جي قومي سياسي ڪارڪنن ۾ ساڃاهه جي کوٽ ڪري همت ۽ حوصلي جي کوٽ پيدا ٿي آهي. اسان جي پاڙيسري بلوچ قوم جي قومپرست اڳواڻ عطاءُالله مينگل 21 صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ڪڪري گرائونڊ لياري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته اسان سنڌين وانگر بيوقوف ۽ اڻ ڄاڻ ناهيون جو گودار پورٽ ٺاهڻ ڏيون ۽ پوءِ سنڌين وانگر ڪراچي ۾ ريڊ انڊين بڻجي وڃون. اسين پنهنجي وطن ۾ بي وطن بڻجي وڃون. بلوچن جي قومي تحريڪ رياستي فيصلي کي چئلينج طور ورتو ۽ اڄ ڪوئيٽا شهر کانسواءِ بلوچستان جي علائقي ۾ هڪ به ڌاريو نه آهي. گوادر پورٽ جيڪڏهن مڪمل ٿيو به ته بلوچن جي مرضي سان ٿيندو. حب جي صنعتي علائقي ۾ به بلوچن جي اڪثريت نوڪريون ڪري رهي آهي.
    مزاحمت جي شاندار مثال جي ڪري ۽ لازوال قربانين سبب بلوچ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي ويا آهن.
    جڏهن پرامن حالتون هجن ٿيون، قومن کي ڪو خاص خطرو نٿو هجي ته تحريڪ جا انداز مختلف هوندا آهن، اُتي پر امن جمهوري تحريڪ جي اهميت هجي ٿي پر جڏهن اوهين غير معمولي حالتن ۾ هجو اوهان جي قوم اقليت ۾ تبديل ٿي رهي هجي ته پوءِ هنن تحريڪن جو طريقي ڪار مختلف هجي ٿو. اوهان جيڪڏهن قومي تحريڪ ۾ شدت نه آندي ته اوهين سڀ ڪجهه وڃائي ويهي رهندا.
    سنڌ سان به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڌاريا قابض ٿي ويا پر اوهين پرامن احتجاج، سيمينارن کان ٻاهر ناهيو نڪتا. منهنجو هرگز اهو مطلب ناهي ته هٿياربند جدوجهد هلائجي پر آفريقا جي ڪمزور قومي تحريڪ وانگر ته ڪري سگهون ٿا ته ڪارن جي لاءِ لڳايل غيرقانوني پابندين کي ٽوڙڻ لاءِ قيادت ۽ باشعور ڪارڪن گرفتاريون پيش ڪن، جتي ڪُتي کي مارڻ جي سزا ٽي سال هجي ۽ ڪاري ڌرتي ڌڻي کي مارڻ جي سزا 40 پائونڊ هجي اُتي ته همت، حوصلو، غيرت، ڏاهپ ۽ قرباني درڪار هجي ٿي.
    ڪڏهن سنڌ جي قومي تحريڪ شناختي ڪارڊ آفيسن، پاسپورٽ آفيسن جو گهيراءُ ڪيو آهي ته ڌارين کي قانوني حيثيت ڇو ٿي ڏني وڃي؟ ڪڏهن روينيو جي آفيسن جو گهيراءُ ٿيو ته سنڌين جي ابن ڏاڏن جون زمينون، پنجابين، پشتونن، پناهگيرن ۽ بنگالين جي نالي تي ستون فارم ۽ ٽو فارم ڇو ٺاهيو ويو آهي. وڏن شهرن ۾ قائم ڪڏهن ڪنهن خانڳي اسڪول جو گهيراءُ ڪيو ويو آهي ته سندن ادارن ۾ سنڌي ڇونٿي پڙهائي وڃي؟
    عملي طرح سان ننڍيون جنگيون وڏين جنگين کي جنم ڏين ٿيون. سنڌ جي قومي تحريڪ کي ٻٽاڪ بازي مان نڪري ذلتن خلاف ۽ ڌارين جي آمد جي سلسلي کي روڪڻ ۽ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ سنجيده، مستقل مزاجي سان تحريڪ هلائڻي پوندي. سنڌ جي باشعور قومي ڪارڪنن، ساڃاهه وند ماڻهن، اديبن، دانشورن جي ذميواري آهي ته هُو سنڌ کي ڌارين جي غلاميءَ مان ڇوٽڪاري لاءِ اڳتي اچن. قومپرست قيادت تي دٻاءُ وجهن ته هُو قربانيءَ لاءِ تيار ٿين ۽ تاريخي وطن سنڌ جي خودمختياري ۽ حق حاڪميت حاصل ڪن.


    نسل پرستي

    ورهاڱي وقت سرحد جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جي لڏپلاڻ وارو معاملو ايجنڊا تي نه هو، اهڙي لڏپلاڻ گهري سازش جو حصو هئي پاڪستان ۽ هندستان جي وجود ۾ اچڻ ساڻ ئي انهيءَ سازش تي عمل شروع ٿيو. سنڌ جو پڙهيو لکيو ۽ ڪاروباري طبقو (سنڌي هندو) هندستان لڏڻ تي مجبور ٿيو ۽ هندستان جي يوپي، سي پي، ۽ ٻين علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهن پاڪستان جو رُخ ڪيو جنهن جو وڏو حصو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اچي آباد ٿيو.
    1951ع ۾ لياقت-نهرو پئڪٽ موجب ته هاڻي ڪوبه غير قانوني طريقي سان چُرپُر ڪري نه سگهندو ان معاهدي هيٺ هندستان جا مسلمان هندستان ۾ ۽ پاڪستان جا هندو پاڪستان ۾ ئي رهندا. پر لياقت علي خان جو سازشون ان معاهدي بعد به جاري رهيون.
    مسلم ليگ جي اڳواڻ شوڪت حيات خان پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”لياقت علي خان چونڊن کان لنوائڻ لاءِ آئين جي تڪميل ۾ دير ڪئي، ڇاڪاڻ جو هن جو پاڪستان ۾ ڪو به چونڊ تڪ نه هو جنهن ڪري هُو چونڊون کٽي نٿي سگهيو. هن گڏيل صوبن جي آفيسرن جي مشوري سان لياقت-نهرو پئڪٽ ٽوڙيو (جنهن معاهدي لڏپلاڻ جي نفي ٿي ڪئي) جنهن سبب يوپي ۽ راجهستان مان ماڻهن کي کوکرو پار رستي سنڌ ۾ اچڻ لاءِ راهه هموار ڪئي. ان غير قانوني طريقي سان لياقت علي خان جي پراڻي صوبي يوپي مان وڏي انگ ۾ ماڻهو لڏائي آندا ته جيئن ڪراچي ۾ پنهنجي لاءِ سيٽ پيدا ڪري سگهي.“
    جڏهن هندستان مان آيل ڌاريا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ ۾ آيا ته انهن حڪومت جي مدد سان شهرن ۾ هندن تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ۽ سندن ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا.
    ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ 97 سيڪڙو آبادي جي ٻولي سنڌي هئي. ناجائز قدمن ذريعي مهاجرن کي سنڌ ۾ سگهارو ڪيو ويو مٿان وري اردو ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ قومن جي ٻولي اردو ناهي رهي.
    پناهگيرن اچڻ سان ئي پاڻ کي تهذيب يافته ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اُٺن ۽ گڏهن هڪلڻ وارن جي ٻولي قرار ڏنو ۽ سنڌين کي تهذيب سيکارڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. شهرن ۾ سنڌي اسڪول بند ڪري اردو ۾ تعليم ڏيڻ لڳا، جنهن سبب سنڌين جا ٻار به اردو پڙهڻ تي مجبور ٿيا.
    جڏهن جڏهن به سنڌي قوم پنهنجي ماتر ڀومي جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو ته هي ان جا مخالف رهيا. ون يونٽ جي تحريڪ دوران هي گهرن کان ٻاهر نه نڪتا، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ وقت به هي ماڻهو خاموش رهيا. پر جڏهن 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان بڻائڻ جي قرارداد پاس ٿي ته پناهگيرن وڏو گوڙ ڪيو ۽ اردو شاعر/ دانشور رئيس امروهوي چيو هو ته ” اردو کا جنازہ ہے ذرا دہوم سے نکلے“.
    ورهاڱي جي سڄي عمل دوران سنڌ جي عوام هندستانين کي وڏي عزت ڏني سنڌي ماڻهن اسٽيشنن تي وڃي انهن کي ڀليڪار ڪيو، پر موٽ ۾ جيئن جيئن هُو سياسي، سماجي ۽ معاشي طرح سان سگهارا ٿيندا ويا ته هنن پنهنجو رنگ بدلائڻ شروع ڪيو ۽ سنڌين کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون. مهاجر نفسيات لياقت علي خان کان وٺي نواب مظفر، آفاق شاهد ۽ ٻين اسلامي ڀائيچاري، پاڪستاني قوم ۽ مهاجرن جي حقن لاءِ لڳاتار جدوجهد پئي ڪئي آهي. هنن ماڻهن ابتدائي ڏهاڪن ۾ مهاجرن کي سنڌي قوم جي تهذيب ۽ ٻوليءَ سان سلهاڙڻ لاءِ رڪاوٽون وڌيون،آفاق شاهد 80ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ لالوکيت ڪراچي ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪري مطالبو ڪيو ته بنگال ۾ ترسيل بهارين کي سنڌ گهرايو وڃي ۽ بهارين لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ شدت آندي وئي، ان عمل ۾ مذهبي جماعتن پڻ سندس تائيد ڪئي. ياد رهي ته بعد ۾ آفاق شاهد پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي به ٿيو هو.
    ”سنڌ ۾ ٻاهران آيل ماڻهن کي حڪومت طرفان منظم طريقي سان وسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن ڪري تجارت، بئنڪون، ۽ ڪارخانا سندن حوالي ٿي ويا آهن ۽ ائين هُو اقتصادي ميدان ۾ سرڪاري سرپرستي ۽ سرمائيدار طبقي جي مدد سان ملڪ تي حاوي ٿي ويا آهن.“ (جي ايم سيد، سنڌو جي ساڃاهه، صفحو 19).
    ”سنڌ مان هندن لاءِ ڇڏيل 30 لک ايڪڙ زمين مهاجرن کي ڪليم ۾ ڏني وئي آهي نئين حڪومت جون واڳون انگريزن مهاجر ۽ پنجابي سياستدانن جي هٿن ۾ ڏنيون هُيون جن سرڪاري طرح سان دعوت ڏئي ٻاهرين ماڻهن کي ڪالونائيز ڪرايو.“ (جي ايم سيد، سنڌو جي ساڃاهه، صفحو 19).
    لياقت علي خان جي باري ۾ جي ايم سيد وڌيڪ لکي ٿو ته ”لياقت علي خان مهاجر مفادن جو مکيه رڪن هو، سنڌين کي حقارت جي نظر سان ڏسندو هو، هن سنڌي تهذيب لاءِ نفرت جو اظهار پڻ ڪيو هو ۽ منظم طريقي سان هندستان مان مهاجرن کي لڏائي آندو ۽ سنڌ ۾ پنهنجن ماڻهن هٿان هندن تي حملا ڪرائي فساد برپا ڪري انهن جي مال، ملڪيت تي قبضو ڪرايو.
    اهڙي طرح ٻاهران آيل مهاجرن سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي توازن کي ٽوڙيو ۽ شهرن ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل ۾ تيزي آندي.
    پناهگيرن جي سنڌ ۾ وڌندڙ اثر رسوخ کي مذهبي جماعتن جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان شاهه احمد نوراني گروپ پنهنجي اثر ۾ ورتو هو پر 1983ع ۾ ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق جي خلاف جمهوري تحريڪ جي شدت ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ سنڌي عوام جي زبردست عوامي تحريڪ اسٽبلشمنٽ کي چيڙائي وڌو ۽ انهن مهاجرن جي قوت کي منظم شڪل ڏيڻ لاءِ الطاف حسين جي چونڊ ڪئي، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) منظر تي آئي. ملڪ جي ساڃاهه وند ماڻهن ۽ حلقن جو طئي ٿيل نقطي نظر آهي ته ايم ڪيو ايم معروضي حالتن جي پيداوار نه پر پنجابي اسٽبلشمنٽ سنڌين کي سيکت ڏيارڻ لاءِ ٺاهي هئي، جيڪا اڄ تائين اسٽبلشمنٽ جي ساٿاري جماعت آهي ۽ سنڌين لاءِ سنڌ ۾ دشمن وارو وير رکيو پئي اچي.
    ايم ڪيو ايم مهاجرن کي چٽو موقف ڏنو ته هُو سندن حقن جي ترجمان آهي، هُو هڪ قوم آهن ۽ کين مڪمل طرح سان هڪ الڳ وطن هئڻ گهرجي.
    1992ع جي آپريشن دوران برگيڊيئر آصف هارون لکيو آهي ته کيس جنرل لهراسب گهرائي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ آفيس مان مليل نقشا ڏيکاريا جيڪي جناح پور جا هئا. برگيڊيئر آصف هارون وڌيڪ لکي ٿو ته آپريشن جي خاتمي کانپوءِ جنرل لهراسب کان وٺي سمورا فوجي ان ڳالهه تان ڦري ويا ته ڪو ايم ڪيو ايم الڳ صوبي يا جناح پور جي ڳالهه ٿي ڪري بلڪه حيراني هن ڳالهه جي به ٿي ته ٽارچر سيل جيڪي ميڊيا کي ڏيکاريا ويا تن کان به انڪار ڪيو ويو هن جي خيال ۾ ايم ڪيو ايم سانڊي وانگر پنهنجو رنگ مٽائيندي فوج کي راضي ڪري ورتو. (وجيه الدين احمد، روزاني اُمت).
    ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود سان وچين طبقي جي نمائندگي جي ڳالهه ڪئي ته هيٺين باشعور طبقي جا ماڻهو آهن ۽ جاگيردار، سرمائيدار ۽ اسٽبلشمنٽ (فوجي توڙي سول) جا مخالف آهن انڪري سنڌ جو اڪثريتي غريب عوام ساڻس گڏ ٿئي.
    جڳ مشهور دانشور محمد ابراهيم جويو لکيو آهي ته ” تاريخ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته عوام دشمن، انسانيت مخالف ۽ استعمال ڪندڙ قوتون وڏن نظرين، آدرشن ۾ پناهه وٺنديون آهن ۽ انهن جي آڙ ۾ ڦر لٽ ۽ بربريت جاري رکنديون آهن. ان لاءِ جرمني جي آمر هٽلر جي نازي ازم ۽ اٽلي جي آمر مسوليني جي فاشزم جا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.“
    ساڳي طرح سان ايم ڪيو ايم به وچين طبقي جو تصور ڏئي سنڌي ماڻهن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءَ دهشتگردي جي فاشسٽ شڪل اختيار ڪئي آهي.
    وچين طبقي جي دعوى ڪندڙ دهشت ۽ خوف جي علامت آهن، اها ئي سندن سڃاڻپ آهي جيڪا سندن ڪردار مان ظاهر ٿئي ٿي.
    ”سنڌي سماج ۾ جمهوري طرز جي جدوجهد هلي رهي هئي جڏهن ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي آئي ته پر امن جمهوري جدوجهد ختم ٿي وئي سڄي تحريڪ جو رُخ ئي مٽجي ويو.“ ( جامي چانڊيو، ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ سنڌ).
    ايم ڪيو ايم جي سياست جي سبب ئي سنڌي مهاجر تضاد اُڀري آيو. جن اردو ڳالهائيندڙن کي ورهاڱي وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون ويون ، ته ڪي به تضاد نه اُڀريا. اردو ڳالهائيندڙ پنهنجي سنجيده روش سان سنڌ جي پر امن جمهوري تحريڪ جو حصو ٿي سگهيا ٿي پر پنجابي اسٽبلشمنٽ جي پٺڀرائي سبب اهو ممڪن نه ٿي سگهيو.
    ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي قوم جي تهذيب ۾ ضم ٿيڻ کان زبردستي روڪيو ۽ ساڳي وقت پنهنجي دهشت ذريعي قابو ڪيو. فاشزم جي ان روپ اردو ڳالهائيندڙن جي سموري آزادي صلب ڪري ورتي، هُو پنهنجي مرضي سان ووٽ نٿا ڏئي سگهن، هُو پنهنجي مرضي سان راءِ جو اظهار نٿا ڪري سگهن، کين مڪمل طرح سان يرغمال بڻايو ويو آهي.
    وچين ڪلاس جي پارٽي روشن خيال هوندي آهي، هُو ڀتاخور ۽ دهشتگرد مافيا ناهي هوندي پر ضياءالحق جي پيدا ڪيل هي جماعت انتهاپسند فاشزم جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي ۽ سندس سمورو ڪردار غير جمهوري، عوام دشمن ۽ نسل پرستي تي ٻڌل آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم پنهنجي سڄي تاريخ ۾ جمهوري تحريڪن، قومي تحريڪن جي مخالف ۽ آمرن جي حامي رهي آهي. مثال طور جنرل مشرف جي سڄي دور ۾ ايم ڪيو ايم نه صرف مشرف حڪومت جي اتحادي رهي پر واضح طور تي اسٽبلشمنٽ جي اتحادي جي روپ ۾ هر عوام دوست تحريڪ جي آڏو رڪاوٽ بڻيا. مثال طور چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي واري تحريڪ دوران 12 مئي 2007ع تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان چيف جسٽس جي ريلي کي روڪڻ لاءِ وڏي رتو ڇاڻ ڪئي جنهن ۾ 55 سياسي ڪارڪن قتل ٿيا ۽ وڏي انگ ۾ زخمي ٿيا. جنرل مشرف ساڳي ڏينهن اسلام آباد ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي اهڙي ڪاروائي کي پنهنجي طاقت جو اظهار قرار ڏنو هو.
    ايم ڪيو ايم اسٽبلشمنٽ سان گڏ بيهڻ جي عيوض رعايتون پڻ ورتيون. پهريون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ وقت وفاقي توڙي سنڌ جي افسر شاهي مهاجرن جي قبضي ۾ هئي ٻيو ڀيرو مشرف جي دور ۾ کين وڌ کان وڌ سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون.
    1988ع وارين عام چونڊن دوران ايم ڪيو ايم شهري علائقن (ڪراچي ۽ حيدرآباد) مان اڪثر سيٽون کٽي ورتيون. چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس ايم ڪيو ايم جي مرڪز 90 تي ٿيو، ان اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين جي 3-3 ميمبرن شريڪ هئا، اوچتو ان گڏجاڻي ۾ الطاف حسين به اچي ويو، هن پيپلز پارٽي جي هڪ ميمبر پي ڪي شاهاڻي (سنڌي هندو) تي اعتراض واريو جڏهن ته ٻن اردو ڳالهائيندڙ ميمبرن تي اتفاق ڪيو. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي سيڪيولرازم ۽ جمهوريت پسندي واري دعوى جي قلي کُلي پئي. اُن اجلاس کانپوءِ اهو طئي ٿيو ته جيڪڏهن وزير اعلى سنڌي ٿيندو ته گورنر اردو ڳالهائيندڙ هوندو ۽ جيڪڏهن ڪو وزير سنڌي هوندو ته اُن کاتي جو سيڪريٽري اردو ڳالهائيندڙ ٿيندو، اهڙي ريت هنن جي قبضاگيري ۽ نسل پرستي پروان چڙهندي رهي ۽ جاگيردار سياست جي نمائندگي ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ به ان جا مضبوط بنياد رکي ڇڏيا. ان طريقي سان شهري سرڪار جو Power ڌارين ڏانهن منتقل ٿيو. مشرف جي ئي زماني ۾ نئين نظام هيٺ 1979ع جو روينيو ۽ لوڪل باڊيز ايڪٽ ختم ڪري ناظمي نظام 2001ع ۾ شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ شهري حڪومت جوڙي سمورا اختيار ناظمن حوالي ڪيا ويا. ان دوران جيڪي سنڌين سان ناانصافيون ٿيون، سنڌين خلاف قانون پاس ٿيا، سٽي ڪائونسل ذريعي قراردادون پاس ڪري سنڌين کي ڀت سان لڳايو ويو.
    مشرف جي ان نئين نظام سان سنڌ جي عوام اختلاف رکيو سنڌ جي قومي تحريڪ ان موقعي تي ورهايل نظر آئي، ڪجهه ڌرين حمايت ته ڪن وري نالي ماتر مخالفت ڪئي. ابتدا ۾ روايتي پريس ڪانفرنسون، سيمينار، بک هڙتالون، مظاهرا ۽ پوءِ بس... جڏهن اوهين هڪ نظام کي نٿا مڃون ۽ اهو ايڪٽ سنڌ جي خلاف آهي ته پوءِ اوهان کي ان جي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪرڻ گهرجي، پر حيرت وري تڏهن ٿي جڏهن قومي تحريڪ طرفان مزاحمت ڪرڻ بجاءِ ڪجهه ڌريون ان نظام جو حصو بڻجي ويون. اصل ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ مزاحمت جو ذڪر هاڻ مذاق بڻجي ويو آهي.
    ڏکڻ آفريقا جي سوويٽو واري علائقي ۾ 1976ع ڌاري گوري سرڪار آفريقي زبان بجاءِ ولنديزي ٻوليءَ کي اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ڪارن شاگردن ڌاري ٻولي پڙهڻ کان انڪار ڪيو، احتجاج ٿيو، مزاحمت ٿي، ڪيئي نوجوان شاگرد مارجي ويا، گوري سرڪار جا ٻه سپاهي به قتل ٿيا، سڄي ملڪ ۾ مزاحمتي تحريڪ شروع ٿي، نتيجي ۾گوري سرڪار کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو. اها هوندي آهي مزاحمت ۽ پنهنجي ٻولي، قوم ۽ وطن ڏانهن سنجيده روش.
    جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو ته مشرف جي سڄي دور ۾ ايم ڪيو ايم مزا ماڻيندي رهي آهي، ناجائز طريقي سان آمريت جو ساٿ ڏيندي رهي، هي طئي آهي ته دهشتگرد ڪاروايون ڪندڙ گروهن جي سلامتي ئي تڏهن ممڪن هجي ٿي جڏهن هُو اسٽبلشمنٽ جو ساٿ ڏين، جڏهن جڏهن هُو انهن جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته ماريا ويندا ۽ کين تڪليفن مان گذرڻو پوندو. ان ڪري ايم ڪيو ايم جنهن دهشت ۽ وحشت جو مظاهرو ڪيو آهي، اسٽبلشمنٽ جو اتحادي هجڻ کانسواءِ سندس حيات ممڪن نه هئي ۽ عملي طرح سان ان جو اظهار پڻ ٿيندو رهي ٿو.
    مثال طور شائسته عالماڻي ۽ ڊاڪٽر شازيا خالد جي مسئلي تي آواز اُٿاريو ۽ بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني پر عملي طور ڪجهه به نه ڪيو. نواب اڪبر بگٽي جي شهادت تي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني پر هنن سرڪار کان عملي طور علحدگي اختيار نه ڪئي. ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هلندڙ پر امن تحريڪ جو ساٿ نه ڏنو ۽ اين ايف سي ايوارڊ واري اشو تي ايم ڪيو ايم خاموش رهي.
    2002ع وارين چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي اڪثريتي پارٽي هئڻ باوجود ايم ڪيو ايم اسٽبلشمنٽ جي چوڻ تي سنڌ جي ويڪائو وڏيرن جي ساٿ سان جمهوري طرز عمل خلاف غير جمهوري انداز جي حڪومتي تشڪيل جي حمايت ڪئي ۽ ان سان سنڌ جي حقيقي حڪمران جماعت ايم ڪيو ايم بڻجي وئي. جمهوريت جي دعويدار ايم ڪيو ايم ان دور ۾ پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن جي غير موجودگيءَ ۾ اسيمبلي ۾ ڪيئي سنڌ دشمن بل ۽ قراردادون پاس ڪرايون.
    ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد سميت گهڻن ئي قومپرست سياست ڪندڙ ڌرين جو خيال هو ته شايد مهاجر هاڻ پنجاب جي بالادستي خلاف سنڌ جي قومي تحريڪ سان گڏ بيهندا. قومپرستن سان گڏجاڻيون، جلسن ۾ شرڪت ان جو مثال هئا. ايم ڪيو ايم جي پنجابين ۽ پٺاڻن سان ويڙهاند کانپوءِ اسٽبلشمنٽ هنن کي ڌرتي ڌڻين سان ويڙهائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ جو هُو انهن جي ڇپر ڇانو ۾ پلجي رهيا هئا ۽ انهن جي چوڻ تي ئي سنڌين خلاف حرڪتون شروع ڪيون. هتي اهو سوال به اهم آهي ته اُن وقت سنڌ جي قومپرست سياست ڪندڙ ڌرين مهاجر قومي موومينٽ کي تسليم ڪيئن ڪيو؟ جڏهن ته سندن تنظيم جي نالي مان ئي ظاهر هو ته هُو مهاجرن کي الڳ قوم تصور ڪن ٿا.
    دنيا ۾ جنگين ۽ ٻين حالتن پٽاندڙ قومون ۽ گروهه لڏپلاڻ ڪندا آهن. سنڌي قوم جي اڪثريت صدين کان مختلف علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندي رهي آهي ۽ نسلي بنيادن تي پنهنجي الڳ حيثيت مڃائڻ بجاءِ ڌرتي ڌڻين جي تهذيب جو حصو ٿي ويا. ورهاڱي وقت لڏپلاڻ ڪري ويندڙ هندو سنڌين ڪڏهن به هندستان جي سرڪار سان الڳ سڃاڻپ يا نسلي بنيادن تي ڪو الڳ صوبو بڻائڻ جي گُهر ناهي ڪئي بلڪه هو انهن جي جمهوري نظام جو حصو ٿي ويا. کين بنيادي انساني حق ملي رهيا آهن. پر سنڌ ۾ آيل اردو ڳالهائيندڙ پنهنجي نفسياتي برتري، سازشن سبب سنڌ ۾ تنظيمون ٺاهي اردو ڳالهائيندڙن کي دهشت جي زور تي پاڻ سان گڏ بيهاري قوم جو تصور ڏئي الڳ صوبي لاءِ وڙهي رهيا آهن. سندن دعوى آهي ته اسين پاڪستان ٺهڻ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
    ايم ڪيو ايم حتمي طرح سان سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي رٿا مڪمل ڪري چڪي آهي صرف ان تي عملدرآمد جي موقع جي تلاش ۾ آهي.
    1988ع دوران ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام جي جهيڙي دوران مهاجرن جي نفسيات سامهون اچي وئي، جهڙي ريت سنڌي ماڻهن جو ڪوس ڪيو ويو، ان سان اسرائيلين جي ياد تاز ٿي وئي.
    20 سال گذرڻ بعد سنڌ جي قومي تحريڪ جو هڪ حصو چٽائي رکي ٿو ته عام اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جي تقسيم نٿو چاهي، ان ڪري انهن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. بدقسمتي سان قومي تحريڪ شهرن ۾ پنهنجي قوم کي منظم ناهي ڪري سگهي ته هُو ڌارين کي ڪيئن پاڻ ڏانهن مائل ڪري پنهنجي ويجهو آڻيندي.
    ايم ڪيو ايم مڪمل طرح سان نسلي بنيادن ۽ دهشت جي ذريعي پناهگيرن کي منظم ڪري بيٺي آهي، اُهي يرغمال بڻيل آهن اهڙي صورت ۾ ته منظم پارٽي ئي دهشتگردي ۽ نسلي سياست جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.
    اُن جي ابتڙ ايم ڪيو ايم لالچ جي بنيادن تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ڏوهاري ماڻهن، ويڪائو وڏيرن تي پنهنجا اثر ڇڏي رهي آهي، ڪجهه قومپرست ته وري 90 جا چڪر ڪاٽڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهن. هُو نسلي تضاد کي سمجهي ناهن سگهيا جو هُو ڄاڻيندي به اڻ ڄاڻ آهن ته ايم ڪيو ايم ڪيئن سنڌين کي ڀت سان لڳائي پنهنجي دهشت ذريعي سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهي آهي. ڪيئن نه هُنن شهري حڪومت ذريعي قراردادون پاس ڪرائي سنڌين کي ويڳاڻو بڻائي ڇڏيو آهي. نام نهاد سنڌي دانشور، اديب ۽ سياسي ڪارڪن موقعي پرستي ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ ۾ پورا آهن.
    1988ع جي تضادن کان پوءِ ڪراچي شهر مان وڏي انگ ۾ سنڌي بيدخل ڪيا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ انهن جي ڪاروبار ۽ گهرن تي قبضا ڪيا ويا. ڪجهه عرصي کانپوءِ پاڻ مُرادو ۽ ڪنهن حد تائين سياسي پارٽين جي ڪوششن سان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌين شهرن جو رُخ ڪيو آهي. منظم طريقي سان ڳوٺ ٻڌا ويا آهن. لکن جي تعداد ۾ سنڌي ڪراچي ۾ موجود آهن. لکن جي انگ ۾ حيدرآباد جي پسگردائي ۾ سنڌي هڪ سگهاري قوت ۾ موجود آهن.
    ايم ڪيو ايم نئين انداز ۾ ڪراچي شهر اندر سنڌين کي هيسائي رکيو آهي کين ڪاروبار ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، انهن جي خواهش موجب ته سنڌي ڀلي شهر کان ٻاهر رهن پر ڪنهن به ريت شهر ۾ سگهه حاصل نه ڪري سگهن.
    ڏکڻ آفريقا ۾ صوفيا ڳوٺ ڊاهڻ ۽ ڪارن کي ٻاهر ڪڍڻ به نسل پرستي جي ساڳي شڪل هئي، آفريقي عوام ۽ قومي تحريڪ اُن جي خلاف مزاحمت ڪئي هئي، هُو ان ۾ ناڪام ٿيا هئا پر اڳتي هلي عوامي پذيرائي جي ڪري قومي تحريڪ سگهه حاصل ڪئي.
    2010ع ۾ ٻوڏ جا ستايل سنڌي ماڻهو جيئن ڪراچي پهتا ته هي نسل پرست مڇرجي پيا ۽ چوڻ لڳا ته انهن کي پنهنجن علائقن تائين محدود رکو يا ڪراچي کان ٻاهر ڪئمپن تائين محدود هجن. جڏهن ته 2005ع ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلي کانپوءِ ايم ڪيو ايم سڄي ڪراچي ۾ ڪئمپون قائم ڪري زلزلي متاثرن جي مدد ڪئي پر سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ ايم ڪيو ايم طرفان هڪ به ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي.
    سنڌ سرڪار اعلان ڪيا ته ٻوڏ متاثرن سنڌين کي ڪراچي جي پسگردائي ۾ رهايو ويندو پر ايم ڪيو ايم سرڪار تي دٻاءُ وجهي سنڌ سرڪار کي اهڙن اعلان تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. وڏي بدقسمتي ته هي ٿي جو قومي تحريڪ ان مسئلي تي ڪو به عملي ۽ مثبت ڪردار ادا نه ڪيو. ڪجهه ڌرين طرفان ٿوريون گهڻيون ڪئمپون قائم ڪري ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ڪرڻ جي ڪوشش ته ضرور ڪئي وئي پر بهتر اهو ٿئي ها جو قومي تحريڪ اثرائتي نموني سان احتجاج ڪري، مزاحمت ڪري انهن کي ڪراچي ۾ رهائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ها. ٻوڏ متاثرن پاڻ مرادو مزاحمتون ڪيون، تشدد سَٺو، پر قومي تحريڪ روايتي احتجاج ۽ بيان بازي کان اڳتي نه وڌي.
    1913ع ۾ ڏکڻ آفريقا جي شهر ٽرنسوال ۾ هندستانين جي داخلا تي پابندي وڌي وئي ته عوام ان خلاف مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي ۾ نٽال کان هڪ ريلي ڪڍي زبردستي ٽرنسوال ۾ داخل ٿيا ۽ اهڙي ريت ننڍين ننڍين عملي مزاحمتي تحريڪن سان قومي تحريڪ ۾ جان پئي ۽ هو نيٺ ڪامياب ٿيا.
    مزاحمت جو مطلب آهي ته پنهنجي مخالف خلاف زبردستي ڪو عمل ڪرڻ چاهيو ٿا، يقينن ان ۾ گرفتاريون، تشدد ۽ موت به ٿي سگهي ٿو.
    سنڌي قومي تحريڪ انهن سمورين شين کان ٿورو گهٻرائڻ شروع ڪيو آهي ان ڪري دٻاءُ وجهڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو رڳو هڪ طريقو آهي ته بيان ڏيو، پُرامن مظاهرا ڪيو، چتاءُ ڏيو ۽ پوءِ خاموش ٿي وڃو.
    اصل ۾ قومي تحريڪ جي قيادت ڪارڪنن کي آفريقي آزاديءَ جي تحريڪ وانگر تربيت يافته ۽ باشعور نه بڻايو آهي. عوام کي منظم ڪرڻ، انهن کي مزاحمت لاءِ تيار ڪرڻ، ذاتي مفادن کي اوليت نه ڏيڻ، قومي مفاد کي ترجيح ڏيڻ سياسي ڪارڪنن جي بنيادي تربيت ۾ شامل ٿئي ٿو. سنڌين جي نصيب ۾ ذلتون به ان ڪري ئي لکيل آهن جو اسين منظم ۽ باشعور ناهيون، هونئن به ڏاهن چيو آهي ته لالچ ۽ خوف ماڻهو کي آزاديءَ جي اڻانگي سفر کان پري ڪريو ڇڏي. دنيا ۾ برپا ٿيل انقلاب ۽ آزاديءَ جي رهبرن صرف قربانيون ڏنيون، ڊپ ۽ لالچ ڪڏهن به سندن ويجهو ڪونه آئي.
    ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن جي حقن جي نمائندگي ڪري ٿي جڏهن ته مان اڳ ذڪر ڪري آيو آهيان ته ورهاڱي مهل آيل اردو ڳالهائيندڙن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن بلڪه ڌرتي ڌڻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. حقن جي آڙ ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم اڳتي وڌي علحدگي جي ڳالهه ڪري ته پوءِ سنڌي ماڻهن جو رد عمل فطري آهي، ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ کان اڄ تائين جيڪا به وطن جي ماڻهن پنهنجي دفاع ۾ مزاحمت ڪئي آهي اُها جائز آهي.
    قومي تحريڪ جا ڪجهه حلقا ايم ڪيو ايم کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود کان اڄ تائين سنڌ مخالف ڌارا جو حصو رهي آهي، بلڪه سنڌين کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.
    هنن قومپرستن لاءِ هڪ ئي دليل ڪافي آهي ته جڏهن پنجابي، بلوچ، پشتون ۽ سنڌيءَ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته مهاجرن لاءِ اڪيلو رستو بچي ٿو ته هُو مهاجر قوميت جي ڳالهه ڪن. ( ڪتاب الطاف جا عزم ۽ ارادا، صفحو 58) هي لکت ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو ڊاڪيومينٽ آهي.
    آپريشن دوران هٿ آيل نقشا، سنڌين جو قتل عام، ماضيءَ ۾ ۽ تازو 11 جولاءِ 2011ع تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀتين تي الڳ مهاجر صوبي جي لاءِ ٿيل چاڪنگ، سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي فيصل سبزواري جو بيان، جنهن ۾ هن چيو ته ”اسان کي ڀت سان لڳائڻ واروء ڀتين تي لکيل پڙهو“ ڪافي آهي ته ايم ڪيو ايم هر حال ۾ سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿي ۽ نام نهاد قومپرست ۽ دانشور ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪندي نٿا ٿڪجن.
    13جولاءِ 2011ع تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سينئر وزير ذوالفقار مرزا جو ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف کي دهشتگرد ۽ بدمعاش قرار ڏيڻ تي ايم ڪيو هڪ رات ۾ 15 سنڌي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا سنڌين جي ملڪيتن کي ساڙيو ويو ۽ اُن کانپوءِ جولاءِ ۽ اگسٽ ۾ پريس ڪانفرنس ۽ بيانن ذريعي چيو ويو ته اسان مهاجرن جو قتل عام ٿي رهيو آهي ۽ عالمي دنيا مهاجرن جي تشخص کي تسليم ڪري ۽ سندن مدد ڪري.
    هتي هي واضح ڪندا هلون ته اردو ڳالهائيندڙ ۽ نسل پرست تنظيم ايم ڪيو ايم ٻه الڳ شيون آهن، اهو درست آهي ته 20 سال اڳ ڪجهه قومپرست ان ڳالهه کي نه سمجهي سگهيا هئا بهرحال دير آيد درست آيد.
    سنڌ جي باشعور حلقي جو نقطي نظر بلڪل واضح آهي ته ورهاڱي کانپوءِ آيل مهاجر هاڻ واپس نٿا وڃي سگهن ۽ نه وري کين سمنڊ حوالي ڪري سگهجي ٿو. مثال طور ڏکڻ آفريقا ۾ گورا ڪميونسٽ پارٽي ۽ نسلي متڀيد خلاف اي اين سي جا ميمبر، ۽ حمايتي ساڻن تحريڪ ۾ گڏ هئا. ان ڪري صرف نسل پرست سوچ جي مزاحمت ڪبي جيڪا سوچ اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي بڻجڻ کان روڪي بيٺي آهي، جنهن سوچ سنڌ کي هڪ نئين ويڙهه ۾ الجهائي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ پنجاب جي غلام آهي، سنڌ جي سمورن وسيلن تي پنجاب جو قبضو آهي، اسٽبلشمنٽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي قومي، جمهوري تحريڪ جي ويڙهه جو رُخ مٽائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم اُن سازش جو حصو بڻي.
    ايم ڪيو ايم پنهنجي جوهر ۾ نسل پرست، پنجاب جي دلال ۽ اسٽبلشمنٽ جي پيرول تي ڪم ڪندڙ تنظيم آهي، هُو ڪڏهن به جمهوريت پسند ناهي رهي. ضياءالحق جي دور ۾ پيدا ٿي، مشرف جي دور ۾ سگهاري ٿي ۽ جڏهن سول حڪومتون اچن ٿيون ته اسٽبلشمنٽ جي چوڻ تي هُو جمهوريت آڏو رڪاوٽون وجهي ٿي.
    مثال طور 2011ع ۾ الطاف حسين محب وطن جنرلن کي مداخلت جي اپيل ڪئي ته هُو اقتدار تي قبضو ڪري 98 سيڪڙو عوام جي خواهش تي پورو لهن. جڏهن ته مشرف جي دور ۾ هنن ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي ۽ آمر سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا.
    سنڌ توڙي پاڪستان جي عوام مارشلائن جي زماني ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڪيترن ئي ماڻهن ڦٽڪا کاڌا آهن، ڦاسين تي چڙهيا آهن، قيد ۽ اذيتون سَٺيون آهن ته جيئن فوجي راڄ جو خاتمو ٿئي ۽ عوام جي حڪمراني قائم ٿي سگهي. اڄ جي دور ۾ ڪو به ذي شعور ماڻهو فوج کي دعوت نٿو ڏئي سگهي.
    ان ڪري فوج جي پيداوار تنظيم عوام دشمن، جمهوريت مخالف ۽ فاشسٽ خيالن جي ترجمان آهي.
    ڪئنڊا جي هڪ عدالت 12 مئي جي واقعن کانپوءِ ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ۽ ڪئنڊا ۾ سندن چُرپُر تي مڪمل پابندي وجهي ڇڏي، سندس دفتر بند ڪيا ويا ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪاشف عمر کي ملڪ نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو.
    آمريڪا سنڌ جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي طاقتور پوزيشن سبب سندن حمايت ڪندي رهي آهي. وڪي ليڪس پاران ڪيل انڪشاف تحت آمريڪين جا 35 هزار ويڙهاڪ دوست ڪراچي ۾ موجود آهن.
    تازو وفاقي سرڪار به انڪشاف ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ويڙهاڪن کان (ڪوزي) خطرناڪ اسرائيلي هٿيار هٿ آيو آهي جنهن جو مشهور صحافي نجم سيٺي جيو ٽي وي جي پروگرام ” آپس کی بات“ ۾ ذڪر پڻ ڪيو ۽ چيو ته يورپ ۾ هٿيارن جي کُلي مارڪيٽ آهي، وٺڻ مسئلو ناهي ۽ ڪراچي جو بندر ته اوهان جو پنهنجو آهي. هن جو اشارو ايم ڪيو ايم جي وزير بابر غوري ڏانهن هو، جيڪو مشرف جي دور کان پيپلزپارٽي جي حڪومت تائين ڊگهي عرصي لاءِ پورٽس ۽ شپنگ جو وزير رهيو آهي.
    ايم ڪيو ايم جي دهشتگرداڻن ۽ نسل پرستاڻن روين جي ڪري آمريڪا ڪنهن حد تائين هنن کان منهن موڙيو آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هونئن ايم ڪيو ايم آمريڪا مخالف سرگرمين کان پري رهي آهي پر اوچتو ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ مظاهرو ڪيو ۽ ان کانسواءِ الطاف حسين 2011ع دوران پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته حڪمران آمريڪا جي چوڻ تي فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي خلاف پروپيگنڊه ڪري رهيا آهن.
    ان مان ثابت ٿيو ته جڏهن سندن آقا فوج ۽ ايجنسين خلاف آمريڪا پڪيون شاهديون ڏنيون ته هُو جنوني طالبان تحريڪ سان ڳجهه ڳوهه ۾ مليل آهن ته الطاف پنهنجن دوستن سان بيهي رهيو.
    نسل پرستي بنيادي طرح سان ڪو نسلي گروهه يا ثقافتي اقليت پناهگير شڪل ۾ اچي ڌرتي ڌڻين جي خلاف محاذ جوڙڻ سان ئي نظر ايندي آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت هڪ ننڍي اقليت سازشن ۽ رٿا بندين هيٺ حڪمرانن جي مدد سان شهرن جي وڏي اڪثريت ۾ تبديل ٿي آهي. کين جيئن جيئن سگهه ملي آهي ته هو سنڌين خلاف ڪارا قانون کڻي آيا آهن. نسل پرست سياست جيئن ئي اقتدار حاصل ڪيو ته هو ان پوزيشن ۾ اچي ويا.
    1. 10 مئي 2005ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ڪنور نويد پاران پيش ڪيل هڪ قرارداد پاس ڪرائي ، ”جنهن مطابق سنڌ حڪومت معرفت اها ذميواري هنئين وڃي ته ڪراچي ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشن ۽ ٻين ڪمرشل ادارن ۾ صرف ان ماڻهو کي ملازمت ڏني وڃي جنهن وٽ مقامي( ڪراچي جو) ڊوميسائل ۽ پي آر سي هجي.“
    2. 17 اگسٽ 2004ع ۾ جماعت اسلامي جي ايم پي اي حميدالله خان هڪ قرارداد پيش ڪئي جيڪا اڪثريت سان پاس ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم هن نسلي متڀيد واري قانون ۾ ساڻن گڏ هئي. ان قرارداد مطابق ” ڪراچي جي علائقن اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ رهيل ٻاهران آيل ماڻهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن.“ اهڙي ريت لکين غيرقانوني آيل ڌارين کي نادرا شناختي ڪارڊ ملي ويا ۽ سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿيا.
    3. 2005ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي قرارداد پيش ڪئي ته جن شاگردن وٽ مقامي ڊوميسائل ناهي ته اهو ڪراچي جي پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ داخلا نٿو وٺي سگهي، جنهن جو مطلب ته سنڌي شاگرد ڪراچي جهڙي اهم شهر ۽ سٺن تعليمي ادارن ۾ داخلا کان محروم ٿي وڃن. ”جڏهن به سنڌي شاگرد ڪراچي مان ڊوميسائل ٺهرائڻ وڃي ٿو ته کيس ڏاڏي جو سرٽيفڪيٽ کڻي اچڻ جو چيو وڃي ٿو جڏهن ته قانون موجب جيڪو مقامي ماڻهو ٽن سالن کان ڪراچي ۾ رهندڙ هجي ته هُو ڊوميسائل ٺهرائي سگهي ٿو.“
    ان قرارداد جي خلاف 21 آڪٽوبر 2009ع تي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سڪندر مينڌرو هڪ قرارداد ذريعي مٿين قرارداد رد ڪرائي ڇڏي ۽ سنڌ حڪومت کي گذارش ڪئي ته سنڌ جي سمورن شاگردن کي ڪراچي ۾ تعليمي سهولتون ملڻ گهرجن.“ ايم ڪيو ايم ان تي گوڙ ڪيو پر سنڌي ميمبرن جي اڪثريت هئڻ ڪري اها قرارداد پاس ٿي وئي.
    4. جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن 2005ع ۾ ايم ڪيو ايم شهري حڪومت حاصل ڪئي ته هنن سٽي ڪائونسل جتي هنن کي اڪثريت هئي، 2006ع دوران هڪ قرارداد پاس ڪرائي جنهن مطابق، ”آئين ۽ قانون کان مٿاهون ٿي ڪراچي ۾ سٽي پوليس جو بنياد رکيو ويو، پهرين مرحلي ۾ 7500 ملازم ڀرتي ڪيا ويا جيڪي سمورا ايم ڪيو ايم جا حلف يافته ميمبر هئا ۽ کين سموريون سهولتون حاصل هيون ۽ سندن لاءِ سنڌ سرڪار کان هڪ ارب روپين جي مخصوص گرانٽ به منظور ڪرائي وئي جيڪا اڄ سوڌو کين ملي رهي آهي. اها سِٽي پوليس 20 جولاءِ 2011ع جي رات تي وردين ۽ بنا وردين جي چڪرا ڳوٺ ڪراچي ۾ سنڌين تي حملي ۾ ملوث ٿي جتي 2 سنڌي ماريا ويا. سنڌين جا دڪان، گاڏيون ۽ گهرن کي ساڙيو ويو. اهو عمل ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه پڻ ان جي تصديق ڪئي.
    عوام جي دٻاءَ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران ان جي نالو تبديل ڪري سٽي وارڊن رکيو ويو آهي. ياد رهي ته هڪ مرحلي تي پيپلزپارٽي سرڪار ان کي غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر نام نهاد افهام تفهيم جي سياست ۽ ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي اهو فيصلو واپس ورتو ويو.
    5. سٽي ڪائونسل مان قرارداد ذيعي فيصلو ڪرائي ڪراچي شهر ۾ ”ايمنٽي پلاٽن“ کي رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ڪيو ويو. ان طريقي سان هزارين ايڪڙ عوام جي خدمت لاءِ پيل پلاٽ شهداء ڪالونين ۾ تبديل ٿي ويا ۽ سستي اگهه تي پنهنجن ڪارڪنن کي ڏنا ويا. ان ئي منصوبي هيٺ محمودآباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ رکيل 10 ايڪڙن جو پلاٽ پڻ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن حوالي ٿيو. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود موجوده سرڪار انهن فيصلن کي ختم ناهي ڪري سگهي، حالانڪ ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو پراڻي نظام جي خاتمي سان ماضيءَ جا سنڌ دشمن فيصلا فوري طور واپس ورتا وڃن ها پر ائين نه ٿي سگهيو.
    6. سٽي ڪائونسل مان قرارداد ذريعي سٽي حڪومت ۾ 84000 (چوراسي هزار) ملازم ڀرتي ڪيا ويا جيڪي سئو سيڪڙو غير سنڌي هئا. ياد رهي ته 2002ع کان اڳ ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي جا ڪل ملازم 14000 (چوڏنهن هزار) هئا.
    7. ايم ڪيو ايم جي سٽي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ 7500 پارٽي ڪارڪنن کي نوڪريون ڏنيون ويون ۽ سنڌي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو، جيڪي بعد ۾ وڏي جدوجهد کانپوءِ واپس رکيا ويا.
    8. ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل پورٽس ۽ شپنگ جي وفاقي وزير بابر غوري پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ست سئو ڌارين کي ملازمتون ڏنيون جنهن ۾ سندس ڀائر، ڀائيٽيا ۽ پارٽي ڪارڪن پڻ شامل هئا.
    ياد رهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي جي فيصلي موجب نوڪريون ميرٽ تي ۽ جڏهن به ڏنيون وينديون ته ترجيح مقامي سنڌي ماڻهن کي ڏني ويندي، ڇاڪاڻ جو اهو ادارو سنڌين جا ڳوٺ ڊاهي ٺاهيو ويو هو. ايم ڪيو ايم جي ان فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه مستقل مزاجي سان ان خلاف عدالتن ۽ عوامي محاذن تي ويڙهه ڪري رهيو آهي پر اڃا سوڌو خاطرخواهه نتيجا نه ملي سگهيا آهن.
    9. پاڪستان جي آئين مطابق مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليمي بورڊن جو سربراهه صوبي جو وڏو وزير هوندو پر سنڌ ۾ گورنر کي تعليمي بورڊن جو سربراهه بڻايو ويو.
    جولاءِ 2011ع ڌاري پيپلز پارٽي جي سرڪار ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جي رد عمل ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت سان ان کي 10 جولاءِ
    2011ع تي رد ڪرائي ڇڏيو.


    شناختي ڪارڊ

    ايم ڪيو ايم ۽ ٻيا نسل پرست گروهه مسلسل سنڌ مخالف ڪوششن ۾ رُڌل آهن، نادرا ذريعي ڪراچي جي پنجن ضلعن مان روزانو 3000 شناختي ڪارڊ ٺهي رهيا آهن، جنهن مان روزانو 10 سيڪڙو غير قانوني شناختي ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن. نسل پرست دهشتگردن جي دٻاءَ هيٺ ملير، اولهه، اورنگي ۽ لانڍي وارا علائقا ان معاملي ۾ اڳتي آهن.
    روزانو 10 سيڪڙو جو مطلب روزانو 300 غير قانوني شناختي ڪارڊ ٺهي رهيا آهن، ان حساب سان سال ۾ هڪ لک غير قانوني طور آيل ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ اهو انگ لاڳيتو جاري آهي جنهن ڪري نسل پرستن جي ثقافتي اقليت ۾ غير فطري واڌ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ سندن سياسي سگهه ۾ واڌ اچي رهي آهي.


    پاسپورٽ

    ڪراچي جي پنجن ضلعن مان روزانو 1500 پاسپورٽ ٺهي رهيا آهن جنهن مان 200 پاسپورٽ غير قانوني طور آيل ڌارين جا ٺهن ٿا. ايم ڪيو ايم جي مرڪز 90 جي ليٽر هيڊ ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوار سڪندر نالي شخص ذريعي اهو ڪم ڪرايو وڃي ٿو، ان غير قانوني عمل ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽرَ پاسپورٽ به ملوث آهن جيڪي 10 کان 15 هزار روپيا وٺي غير قانوني پاسپورٽ ٺاهن ٿا.
    ٻئي طرف افغانين ۽ پٺاڻن جا پاسپورٽ پڻ ساڳي طريقي سان ٺاهيا وڃن ٿا جنهن ۾ اي اين پي جو باري ڪاڪڙ پڻ ملوث آهي.
    نسل پرست دهشتگردن طرفان آفيسرن کي ڌمڪائي، پنهنجي دهشت پکيڙي بنگالين، بهارين، هندستانين ۽ افغانين جا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائي رهيا آهن.
    ياد رهي ته علي انور جوڻيجو لطيف آباد حيدرآباد ۾ غيرقانوني پاسپورٽ نه ٺاهڻ سبب سندس ئي آفيس ۾ نسل پرستن هٿان قتل ڪيو ويو.
    ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن ۽ پاسپورٽ واجد علي شاهه بخاري پيپلز پارٽي جي سرڪار ٺهڻ کانپوءِ ان عهدي تي فائز آهي، ملتان سان تعلق هئڻ ڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ غير قانوني ڪمن جي ڄاڻ هئڻ باوجود هي صاحب خاموش آهي.


    گهرشماري

    سنڌ ۾ وفاقي سرڪار پاران ڇهين گهر شماري ڪرائي وئي جنهن جو مُدو 5 اپريل 2011ع کان 19 اپريل 2011ع تائين مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي قومپرستن ۽ ساڃاهه وندن طرفان خدشا ظاهر ڪيا ويا ته هي گهر شماري آزاداڻي ۽ منصفاڻي طريقي سان نه ٿي رهي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر ۾ گهر شماري جو عمل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کان مڪمل ڪرايو ويو، جن جانبداري جو مظاهرو ڪندي سنڌي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن جي علائقن ۾ گهر شماري سئو سيڪڙو وڌائي ڏيکاري وئي. نتيجي ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين گهر شماري جي ڪوڙن ۽ غير حقيقي نتيجن کي قبولڻ کان انڪار ڪندي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو پر هن ڀيري به قومي تحريڪ روايتي بيان بازي، ڪانفرنسن، ميڊيا تي مذاڪرن ۽ هڪڙي هڙتال کانسواءِ ڪا وڏي سرگرمي نه ڏيکاري سگهي. بلڪه ائين چئجي ته سنڌ جي ان اهم مسئلي تي سنڌ جي قومي تحريڪ کي جنهن شدت سان پنهنجو عملي ڪرادر ادا ڪرڻ گهربو هو اهو نه ٿي سگهيو، ايستائين جو گهر شماري جي عمل دوران قومي تحريڪ پنهنجي ڪارڪنن کي به مڪمل طور سرگرم نه ڪري سگهي جڏهن ته نسل پرست اجاين بحث مباحثن کان پاڻ بچائي ڏينهن رات خاموشيءَ سان سنڌ دشمن ڪم ۾ رُڌل رهيا.
    ايم ڪيو ايم شهري حڪومت ملڻ کانپوءِ اربين رپين جي بجيٽ صرف شهر جي مرڪز يعني جتي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي اڪثريت آهي انهن علائقن تي خرچ ڪئي وئي. شهر جون ٻهراڙيون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جا علائقا ترقياتي ڪمن کان مڪمل طرح سان محروم رهيا، کين پاڻي، روڊ، بجلي، اسڪول، اسپتال، پارڪ ۽ راندين جا ميدان نه ڏنا ويا.
    هڪ سنڌي آفيسر جڏهن شهري حڪومت کي سندن ترقياتي ڪمن جي آڊٽ لاءِ لکيو ۽ چار ڀيرا لاڳيتو لکڻ کانپوءِ به کيس جواب نه مليو. هڪ ڀيري هُو پاڻ شهري حڪومت جي آفيس هليو ويو ته کيس چيو ويو ته هي پئسا آمريڪا پلين، انڊر پاسن ۽ سندن ئي سهولتن لاءِ ڏنا آهن، تون شريف ماڻهو آهين نتيجن کان واقف آهين ان ڪري خاموشيءَ سان هليو وڃ. ان سنڌي آفيسر بعد ۾ خوف وچان پنهنجي بدلي اسلام آباد ڪرائي ڇڏي.
    جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت واري عرصي ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جي ساراهه ڪندي نه ٿا ٿڪجن ۽ سندن ايمانداريءَ جا قسم کڻن ٿا انهن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم جون شهري حڪومتون سرڪاري سطح تي آڊٽ ڪرائڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟


    قومي تحريڪ جو رد عمل

    نسل پرستي جي شڪل اوهان آڏو پيش ڪئي وئي ته ڪيئن نه هنن پاڻ کي سنڌين ۾ ضم ڪرڻ بجاءِ الڳ شناخت جوڙي هزارين سالن جي وطن جي مالڪن کان مالڪي جو حق کسي ورتو آهي، تعليم، روزگار، شهرن جي مالڪي کسي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، ٻوليءَ تي راتاها هنيا ويا، سنڌين کي ٻئي درجي جو غير مهذب شهري سمجهيو ويو، سندن هٿ سنڌين جي رت ۾ رڱيل آهن.
    ڌار صوبي مهاجر ديش يا جناح پور جهڙيون سازشون ڪرڻ، 11 جولاءِ 2011ع تي ڪراچي جي هر ڀت تي ”ھمیں مہاجر صوبہ چاہئے“جهڙا مطالبا لکرائڻ مان مڪمل طرح سان ثابت ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم جمهوريت پسند ۽ سنڌ دوست پارٽي نه پر اسٽبلشمنٽ جي دلال، سنڌ کي ورهائڻ واري نسل پرست دهشتگرد ۽ فاشسٽ تنظيم آهي، جيڪا وقت اچڻ تي سائين جي ايم سيد چواڻي ” پنجابي-پناهگير مستقل مفاد هيٺ عمل ڪري رهي آهي.
    ڏکڻ آفريقا جي ڌرتيءَ ڌڻين پنهنجي خلاف سمورن قانونن کي رد ڪري انهن خلاف مُڙسي سان مُهاڏو اٽڪايو، مزاحمت ڪئي ۽ شاندار جدوجهد ۽ قربانين ذريعي فتح حاصل ڪئي. پر سنڌ جي قومي تحريڪ جو الميو هي آهي ته سنڌ کان سڀ ڪجهه کسيو ويو آهي، اسين ڀرپور مزاحمت ڪرڻ بجاءِ روايتي طريقن سان جدوجهد ڪرڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون. مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته آفريقي قوم جي خلاف نسلي قانونن جي خاتمي لاءِ فوري تحرڪ ورتو ويندو هو جڏهن ته اُتي سياست جو نالو وٺڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 5 سال سزا ملندي هئي.
    سنڌ ۾ نسل پرست وڏا قانون پاس ڪرائي ويا، اسين بيان ۽ ڪانفرنس کان اڳتي نه وڌي سگهياسين، ڪا مزاحمتي تحريڪ شروع نه ٿي سگهي، ڪو سياسي ڪارڪن غير قانوني طرح پاس ٿيل قرارداد يا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي جيل نه ويو بلڪه مختلف وقتن تي نسل پرستي خلاف وقتي طور آواز اُٿاري ۽ پوءِ خاموش ٿي ويهي رهڻ اسان جو وتيرو بڻجي ويو.
    جڏهن به قومي تحريڪ سنجيده رويو اختيار ڪيو آهي ۽ عوام سان گڏ بيٺي آهي ته ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، مثال طور:

    1. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪا به سرڪار ڊيم ٺاهڻ جي همت ناهي ساري سگهي.
    2. سنڌ ۾ بهارين کي قانوني طرح گهرائڻ جي خلاف سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري اسٽار گيٽ ڪراچي واري مظاهري سبب سرڪار فيصلو واپس ورتو.
    3. ٽنڊو بهاول ڪيس ۾ قاتل ميجر ارشد کي ڦاهي ملڻ. هتي هي واضح ڪندو هلان ته مُکيه جدوجهد مائي جندو جي هئي پر قومي، جمهوري تحريڪ ۽ ساڃاهه وند ماڻهو ساڻس گڏ بيٺا هئا.

    سنڌ جي قومي تحريڪ کي روايتي طريقن کان ٻاهر اچڻ گهرجي، جدوجهد جا نوان گس ۽ مستقل مزاجي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڄمي بيهي جدوجهد هلائڻ گهرجي.
    مختلف وقتن تي جيڪي مطالبا سامهون رکي لانگ مارچَ ڪري ڪارڪنن جا پير پٿون ٿي وڃن ٿا ڇا لانگ مارچن جي پڄاڻيءَ کانپوءِ انهن مطالبن جي مڃتا لاءِ سنجيده طريقي سان ڪا پوئيواري ڪئي وئي؟ جواب
    آهي نه. ائين لڳندو آهي ته قومپرست پريشر گروپ بڻجي وقتي طور اُڀريل سوالن تي پنهنجو ردعمل ڏيکارين ٿا ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ سندن ذميوارين ۾ شامل ئي ناهي. هڪ مسئلو کڻبو ته رياست وري ڪو نئون مسئلو سامهون آڻيندي ۽ اسين پهريون مسئلو اڌ ۾ ڇڏي وري نون اُڀاريل سوالن جي پويان پئجي ويندا آهيون.
    ان ڪري قومي تحريڪ کي پنهنجو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، نسل پرست تنظيم ايم ڪيو ايم جي روين، چالاڪين، پنجاب جي بالادستي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ سازشن کي نظر ۾ رکي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي.

    1. 1988ع ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نسل پرستن هٿان قتل ٿيل سحرش سميت سمورن سنڌين جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    2. سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    3. نسلي بنيادن تي سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل ٺهرائن جي فوري خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    4. 2005ع کان 2010ع تائين شهري حڪومت طرفان پاس ڪرايل سنڌ مخالف ٺهراءَ روڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    5. ڪراچي، حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ قائم خانڳي اسڪولن مان سنڌي نصاب جي خاتمي خلاف جدوجهد ڪرڻ.
    6. ڪراچي جي سنڌي ماڻهن جي 30 ۽ 90 سالا کڻت وارين زمينن تي قبضي جي خلاف جدوجهد ڪرڻ.
    7. 1954ع کانپوءِ سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي آيل پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    8. غير قانوني طور آباد ٿيل ڌارين کي جاري ٿيل شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    9. سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ ڏاڍ جي بنياد تي ڌارين کي مليل نوڪرين جي خاتمي ۽ سنڌي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.

    مان هتي قومي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي صلاح ڏيندس ته هُو نسلي متڀيد تي ٻڌل ڏکڻ آفريقي حڪومت جو جائزو وٺن ۽ آفريقي عوام جي آزاديءَ جي جنگ، نسل پرستي خلاف ويڙهه جو جائزو وٺن ته ان مان کين گهڻي رهنمائي ملندي.
    آءُ اڳ مثال ڏئي آيو آهيان ته سوويٽو ۾ ڌرتيءَ ڌڻين کي ٻي ٻولي پڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته شاگردن تحريڪ هلائي، قومي تحريڪ ان جي پٺيان بيٺي ۽ جانين جي قربانين کانپوءِ کين ڪاميابي ملي.
    سنڌ جي قومي تحريڪ کي جدوجهد جا غير روايتي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن خانڳي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي ته اڳواڻ ۽ ڪارڪن انهن ادارن جو گهيراءُ ڪري مٿن دٻاءُ وجهن ته هُو ڌرتي ڌڻين جي ٻولي لازمي طور پڙهائين، اها ئي اصل مزاحمت هوندي آهي.
    مثال طور سنڌ جي ڪارخانن ۾ سنڌين کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، گهڻا ڀيرا قومي اڳواڻن پنهنجي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ عوام سان گڏجي اهڙن ڪارخانن جو گهيراءُ ڪيو جو کين ڪاميابي ملي؟
    جڏهن ڏکڻ آفريقا ۾ گورن لاءِ مخصوص ڪيل اسڪول، پارڪ، مارڪيٽن، ٽرينن ۾ آفريقي ڌرتيءَ ڌڻين جي داخلا تي بندش پئي ته ڪمزور قومي تحريڪ جي باوجود انهن پنهنجي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ پوليس کي اطلاع ڏئي انهن نسلي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي. نتيجي ۾ گرفتاريون، تشدد ۽ سزائون به ڀوڳڻيون پيون پر هنن سنجيده، غير روايتي، قومي جذبي سان سرشار ۽ عملي جدوجهد جي نتيجي ۾ سڄي دنيا جي جمهوريت پسندن آفريقي عوام جي تحريڪ جي حمايت ڪئي.
    اهڙي ريت سنڌ ۾ نسل پرستن پاران سنڌين تي لڳايل پابندين خلاف عملي جدوجهد جي ضرورت آهي. ننڍڙيون تحريڪون وڏين تحريڪن کي جنم ڏينديون آهن ۽ ان صورت ۾ ئي سنڌ جو قومي، جمهوري حقن وارو ڪيس عالمي سطح تي مڃيو ويندو.
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڌرتي ڌڻين بجاءِ پناهگير بڻجي آيل ماڻهو جنيوا ۾ سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.
    آفريقي عوام سان نسلي بنيادن تي ٿيل ناانصافين ۽ ايم ڪيو ايم پاران سنڌين سان ٿيل ڏاڍ ۾ مون کي ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي. ان ڪري سنڌ ۾ نسل پرست تنظيم جي خلاف ويڙهه به اُن پائي جي ٿيڻ گهرجي جهڙي آفريقن نيشنل ڪانگريس گورن جي ڏاڍ خلاف ڪئي هئي.
    اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن سنڌ جي قومي تحريڪ جا اُهي جُز جيڪي نسل پرست سياست خلاف متفق آهن انهن کي گڏيل ۽ منظم جدوجهد کي تيز ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي هڪ ANC (آفريقن نيشنل ڪانگريس) جهڙي گهڻ رُخي، منظم، بهادر ۽ ايماندار قيادت جي ضرورت آهي.


    سنڌ جي دانشورن جو ڪردار

    نسل پرست سياست پنجابي اسٽبلشمنٽ جي سهاري سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي. سنڌ جي باشعور طبقي، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو ڪردار گهڻي ڀاڱي مشڪوڪ ۽ ڀاڙيائپ وارو رهيو آهي. سماج جي ان پڙهيل لکيل حصي کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو نه ڪري سگهيا آهن. بلڪه انهن جو وڏو حصوجيڪو ڪالهه تائين قومي تحريڪ جو حصو هو، اُن لاءِ قومي شاعري ۽ ڌرتيءَ جا گيت ڳائيندا هئا، وطن تي سر ڏيڻ لاءِ اڳرا هوندا هئا سي معمولي رعايتن عيوض نسل پرست سياست جو حصو بڻجي ويا.
    ايم ڪيو ايم جنهن ڪنهن به ريت، ڪنهن به مرحلي تي سنڌ دوست ڪردار ادا ناهي ڪيو، اهڙي صورتحال ۾ ان جي وڪالت ڪرڻ، انهن جي صفن ۾ بيهي سنڌ جي قومي، جمهوري تحريڪ جي مخالفت ڪرڻ، موقعي پرستي کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
    ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته نسل پرستن هٿان معصوم سحرش جي قتل کان وٺي سوين سنڌين جي قتل عام تي مرثيه ۽ انقلابي شاعري لکي سنڌي نوجوانن کي ماضي قريب جي دهشت پسندي واري تاريخ کان واقف ڪن ها. جئين اڌ صدي گذرڻ باوجود اسرائيلي يهودين جي فلسطين تي قبضي ۽ نسل پرستي ذريعي فلسطينن جي قتل عام خلاف هر فلسطيني اديب ۽ شاعر محمود درويش بڻجي قومي ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج ٿيو ۽ پنهنجي قوم سان گڏ بيٺو.
    قومي تحريڪ جي ڪمزورين ۽ ساڻن ڪنهن حد تائين ٿيل ويساهه گهاتين جو پلئه سڄي سنڌي قوم کان نه وٺڻ گهرجي. هڪ جاهل هٽلر جي پوئلڳ، نفسياتي بيمار، سنڌ دشمن، عوام دشمن شخص جو پوئلڳ ٿيڻ آدرشي انسان لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام ٿي سگهي ٿو جيڪي ڪالهه وطن جي غلامي ۽ ذلتن خلاف مُهڙ وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا هجن.
    مونکي ياد آهي ته اُهي اديب ۽ ڏاها نه رڳو پنهنجي مزاحمتي ادب ذريعي قومي جاڳرتا جو حصو بڻيا پر ٽوڙي ڦاٽڪ تي ٿيل قتل عام، مائي جندو جي اولاد جي بي رحماڻي قتل عام، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران موري، ميهڙ ۽ دادو ۾ ٿيل ڪلورن تي احتجاجي ۽ مزاحمتي تحريڪن ۾ اڳواڻي جو ڪردار ڪري رهيا هئا.
    سنڌ جي هڏ ڏوکي ۽ باشعور نوجوان نسل کي اهڙي لوڀي، نائومل جي پيروڪارن، ڪوڙن ۽ فريبي دانشورن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، انهن کي اڪيلو ڪري ڇڏجي ۽ غيرت مند ليکارين کي نسلي ۽ دهشت پسند سياست کان آجو ٿي وري قومي، جمهوري ۽ وطن دوست تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي.


    سنڌ جي قومي تحريڪ ڪيئن هجڻ گهرجي

    سنڌ جي قومي حقن جي تحريڪ جڏهن اعلى پائي جي ڪردارن سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن اڳواڻن جي قيادت ۾ هئي ته هنن انتهائي سنجيدگي، ڏاهپ ۽ مستقل مزاجيءَ سان جدوجهد ڪئي ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. اهي سمورا اڳواڻ ۽ اديب دانشور ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز جهڙا مفڪر به پنهنجن لکڻين ۽ عملي طور تحريڪن ۾ شامل ٿي قوم کي سڌي دڳ سان لڳائڻ ۽ منزل تي رسائي لاءِ جاکوڙيندا رهيا.
    سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ ۾ لڳاتار اڻٿڪ جدوجهد ذريعي سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
    1969ع دوران سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ لاءِ شروع ڪيل هلچل ۾ به سياسي اڳواڻن ان وقت جي قومي قيادت، نوجوان قيادت لالا قادر، يوسف ٽالپر، ڪامريڊ ڄام ساقي، نذير عباسي ۽ ٻيا هلچل دوران گرفتار ٿيا، اذيتون برداشت ڪيون. مستقل مزاجيءَ سان هلايل اها تحريڪ پڻ ڪامياب ٿي.
    نوجوان دانشور جامي چانڊيو پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌ جي سياسي تحريڪ کي ڪيڏانهن وٺي هلجي“ ۾ لکيو آهي ته ”90ع وارو ڏهاڪو سياسي طور ڏکيو رهيو، گهوٽالي جو دور هو. فڪري وائڙائپ، سياسي تنظيمن جو ٽٽڻ، ڪمزور ٿيڻ، عوام جو سياسي جدوجهد مان ويساهه گهٽجڻ، بي يقيني، بدنظمي، بي اعتباري واري ڪيفيت رهي.“
    سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ واري جدوجهد ۾ هڪ لالا قادر جڏهن حيدرآباد ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بُک هڙتال ڪئي ته ڏسندي ڏسندي سنڌ جي
    تمام گهڻن شهرن ۾ بُک هڙتالون ۽ تحريڪ اُٿلي پئي.
    قاضي فيض محمد جهڙو ڏاهو ۽ عوامي ليگ جو نائب صدر، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو به هن تحريڪ جي پويان بيهي رهيا. هڪ اعتماد هو، قومي جذبو هو جنهن هن تحريڪ کي سگهه بخشي ۽ مستقل مزاجيءَ واري جدوجهد منزل تي رسي. سنڌ ۾ هڪ قومپرست اڳواڻ سنڌ جي مسئلن تي مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪئي ڇا سبب هو جو کيس پذيرائي نه ملي سندس ورڪرن جي احتجاجن کانسواءِ ڪنهن به ڏاهي، سياسي طرح سان قداور شخصيت جي کيس مدد نه ملي نتيجي ۾ هڪڙي عام وزير سان ڪوڙن واعدن تي مرڻ گهڙيءَ واري بک هڙتال ٽوڙي ۽ پوءِ اُن ڏينهن کان قوم جو ويساهه گهٽجڻ لڳو.
    سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي قومپرستن پاران لانگ مارچ ڪيا ويا. پنهنجن ڪارڪنن ۽ عوام کي ٻڌايو ويو ته قومي حقن لاءِ هلندڙ هي مارچ ختم ٿيڻ کانپوءِ عملي طرح سان ان تي رد عمل ڪيو ويندو. مثال طور 1. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ 2. سنڌي ۾ اشتهار شايع ڪرڻ 3. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نصاب پڙهائڻ 4. 1954ع کانپوءِ آيل ڌارين کي ڏيهه نيڪالي ڏيارڻ وغيره. پر ڇا لانگ مارچ ختم ٿيڻ کانپوءِ رد عمل نظر آيو؟ جواب آهي نه. سنڌ جي شهري علائقن ۾ صنعتن، سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ نوڪرين لاءِ سنڌي ماڻهن لاءِ دروازا بند آهن ۽ سڄي دنيا جا پناهگير انهن ادارن تي قابض آهن قومي تحريڪ اُن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
    هڪ تجزيي موجب ڪراچي ۾ 25 سيڪڙو پٺاڻن جي موجودگي آهي جيڪي پاڪستان ٺهڻ وقت نه هئڻ برابر هئا. انهن کي روڪڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙي پيش رفت ٿي آهي. ڌارين جي آمد سان هڪ طرف قومي سطح تي ٿورائي ۾ تبديل ٿيون ٿا، پارليامنٽ ۾ سنڌي نمائندن جون سيٽون گهٽجن ٿيون، معاشي ناڪابندي ڪئي وڃي ٿي نتيجي ۾ ڌرتيءَ ڌڻي بُکن ۽ ڏکن جي گهيري هيٺ آهن ۽ ڌاريا اسان جي وطن ۾ محل ماڙين ۽ سمورن وسيلن جا مالڪ بڻيل آهن. نسل پرستي ۽ دهشتگرديءَ جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪرڻ وارو جذبو قومي تحريڪ ۾ Corruption سبب گهٽيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ انقلابي ۽ آزادي پسند تحريڪن جا سرواڻ مرڻ کانپوءِ صرف پنهنجو نالو ڇڏي ويا آهن سندن کاتي ۾ نه زمينون، نه محل ماڙيون نه نوڪر چاڪر ۽ نه ئي بئنڪ بيلنس هئا. سنڌ ۾ به جڏهن قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سُکيا ستابا نه هئا پيرين پنڌ هلندا هئا، بس جي پٺيءَ تي چڙهي ٻوريون سياسي ۽ تنظيمي مواد جون کڻي جهر جهنگ هلندا وتندا هئا، انقلاب ۽ آزاديءَ جو وکر ورهائڻ جا هوڪا ڏيندا هئا. بکون ڪاٽيندا هئا، ڦاٽل ڪپڙن کي چَتيون لڳائي هلندا هئا، احساس ڪمتري سندن ويجهو نه هئي تڏهن شاهي قلعا، ٽارچر سيل، جيل جون اوچيون ديوارون، سندن حوصلا نه ٽوڙي سگهنديون هُيون، سنگينن آڏو بيهي رياستي جبر کي للڪاريندا هئا. ننڍي کان ننڍي قومي حق لاءِ بک هڙتال، مظاهرا، احتجاج ۽ گرفتاري معمول هئي، ڊپ جي ڪيفيت کين ڇُهي به نه سگهندي هئي.
    مهاتما گانڌيءَ چيو آهي ته ”جيڪي دنيا کي بدلائڻ جو خواب ڏسن ٿا سي پهريان پاڻ کي تبديل ڪن.“
    سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ ۾ ڪالهه ويساهه هو، حقيقي بنيادن تي جدوجهد هئي، وڏيراشاهي، پنجاب جي هڪ هٽي خلاف ڏاهپ سان مهم هلائي ويندي هئي. سنڌ جو قومي شعور ماضيءَ جي ڏاهن ۽ قومي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي سهپ ۽ جدوجهد جو ڪارنامو آهي. حيدربخش جتوئي وڏيرن جي خلاف وڙهندي، اذيتون برداشت ڪري ٿو ته
    ساڳي وقت قومي شاعري ۽ لکڻين ذريعي قوم کي باشعور به بڻائي ٿو.
    جي ايم سيد قومي جاڳرتا جي مهم ۾ جيل، نظربندين کي منهن ڏئي ٿو ته ساڳي وقت لڳ ڀڳ 60 ڪتاب لکي پنهنجي آدرش کي عوام ڏانهن منتقل ڪري ٿو. ابراهيم جويو عملي طرح سان ون يونٽ جو حصو ٿيڻ سان گڏ، بنياد پرستي، وفاق جي جبر ۽ قومي جاڳرتا لاءِ پنهنجو قلم کڻي ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو ۽ دنيا جا شاهڪار ڪتاب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري قوم کي شعوري طرح سجاڳ ڪرڻ ۾ ڪَسَر نه ٿو ڇڏي.
    ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان قومي قيادت سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟ سنڌ جي قومي تحريڪ جي Popular قيادت لکڻ ته رهيو پر ڪتابن پڙهڻ کان به پري آهي، سندن گهرن توڙي آفيسن ۾ لائبرري ناهي، ڪارڪنن جي تربيت نٿي ڪئي وڃي، عالمي معيار جي شاهڪار ڪتابن جي ته کين سُڌ ئي ناهي، دنيا جنهن تيزيءَ سان تبديل پئي ٿئي ان بابت آيل مواد متعلق کين ڄاڻ ئي ناهي.
    ڄاڻي واڻي پاڻ توڙي ڪارڪن ۽ عوام کي جاهل رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو جاهل ماڻهو سوال نه ڪري سگهندو، اُهو چُپ چاپ لڪير جو فقير ٿي پيو سندس پٺيان هلندو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو ٽن ڏهاڪن جي وڏي عرصي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ حاصل ڪرڻ بجاءِ وڃايو آهي ان ڪري رياستي ادارا به کانئن خوش آهن، ڇو ته قومي تحريڪ وٽ نه سٺي تنظيم آهي، نه جمهوري ڪلچر آهي ۽ نه وري رياست کي سندن طرفان ڪو چئلنج آهي.
    آزادي ۽ انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهو ته جيلن ۾ واڙيا ويندا آهن. بلوچستان جي تحريڪ اسان جي سامهون آهي، کين روزانو چچريل لاش ملن ٿا، پاڻ سُک ۾ ناهن ته رياست به پريشان آهي.
    سنڌي قوم ذلتن مان گذري پئي اگسٽ 2011ع رمضان جي مهيني ۾ عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽو شهر ۾ ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجن ٻارن جا عضوا وڪڻڻ جا هوڪا ڏئي رهيا هئا. اگسٽ جي ئي مهيني ۾ 80 لک کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو بدين، ٽنڊو محمدخان، ميرپور خاص، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏئي رهيا هئا. اُن وقت ڪٿي هئا قومپرست جيڪي جلسن ۾ ته وڏيون ٻٽاڪون هڻندا آهن ته هارين ۽ پورهيتن جي پٽن ۽ نياڻين کي اسيمبلي ۾ پهچائبو، پر ڏکي وقت ۾ سندن واهر نه ڪئي؟ هي قومي تحريڪ جو وڏو الميو آهي جو قيادت جي قول ۽ فعل ۾ ايترو وڏو تضاد آهي.
    اهو به هڪ وڏو سوال آهي ته اسان جا قومپرست اڳواڻ هارين ۽ پورهيتن جي پٽن ۽ نياڻين کي اسيمبلين ۾ پهچائڻ جا اعلان ته ڪندا آهن پر ڇا هُو ٻڌائي سگهندا ته سندن طرفان هارين ۽ پورهيتن جي اهڙن ڪيترن پٽن ۽ نياڻين جي اُن پائي جي تعليم ۽ تربيت ڪئي وئي آهي جو هُو سڀاڻي اسيمبلي ۾ پهچي آئيني، قانوني ۽ رياستي معامرا نبيريندا يا اسيمبلين ۾ ويهي پنهنجي اٻوجهه ماڻهن جي حقن جي ويڙهه وڙهندا؟ قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي اهڙن اعلانن کي نظر ۾ رکي سندن تنظيمن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته سندن پاران اهڙو ڪو به تربيتي پروگرام نه رٿيو ويو آهي جنهن سان هُو پنهنجن اهڙن اعلانن کي عملي شڪل ڏئي سگهن ۽ ان مان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا قومپرست اڳواڻ رڳو ڪُوڙن دلاسن ۽ لٻاڙ بازيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري رهيا آهن.
    هڪ طرف پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهي پارلياماني سياست ذريعي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏيکاريندڙ قومپرست اڳواڻن وٽ معاشي ترقي، تعليم، صحت، روزگار، ڌاري آبادڪاري، دهشتگردي ۽ ملڪ ۾ موجود توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به جامع پروگرام موجود نه آهي ۽
    جي آهي به ته اُهو عوام جي آڏو ڇو نه آندو ويو آهي؟ ٻئي طرف وري ڪجهه اهڙيون ڌريون به آهن جيڪي پاڪستان کان ڌار ٿي آزاد وطن جي قيام واري جدوجهد جون دعويدار آهن پر آزاد وطن جي نعري کانسواءِ هنن ڌرين ۽ پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين ۾ ڪو خاص فرق نه آهي بلڪه آزاد وطن جي ڳالهه ڪندڙ ڌريون ٻين ڌرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خام خيالي ۾ مبتلا آهن جو اڃا تائين آزاديءَ جي منزل تي رسڻ واري راهه جو تعين به نه ڪري سگهيون آهن، هڪ پاسي هُو پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ جي خلاف آهن ته ٻئي پاسي وري هٿياربند مزاحمت کان به انڪار ڪندي عدم تشدد واري پاليسي جو پرچار ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هٿياربند توڻي پارلياماني مورچو خالي ڇڏي ڏجي ته پوءِ هي همراهه آزاديءَ واري منزل تي ڪيئن رسندا؟ اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم سوال آهي.
    قومي تحريڪ جي اهڙي غيرسنجيده روش جي ڪري ئي سنڌ جي عوام جي بک، بدحالي ۽ غلاميءَ وارو سفر ڊگهو ٿيندو پيو وڃي، سندن مٿان ذلتن جا انبار وڌي رهيا آهن، حڪمران ۽ رياست قومي جمهوري معاملا نبيرڻ لاءِ تيار ناهي. قومي قيادت طرفان عملي بنيادن ۽ مستقل مزاجيءَ سان تحريڪ جي اڳواڻي نه ڪرڻ ۽ مختلف معامرن بابت ننڍين ننڍين تحريڪن کي توڙ تائين نه پهچائڻ واري روش تي قومي ڪارڪنن جو ردعمل به سامهون نٿو اچي وڏين وڏين دعوائن ۽ اعلانن کي عملي شڪل ڏيڻ بابت قيادت کان پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو ٽن ڏهاڪن کان قومي تحريڪ جي اڳواڻي اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي جيڪي ڪارڪنن ۽ عوام کي پنهنجي شخصيت جي چوڌاري گڏ ڪرڻ ۾ پورا آهن، شعور ڏيڻ وارو ڪم ته رُڪجي ويو آهي، جيڪڏهن ڪي قومي ڪارڪن پاڻمرادو مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي شعور حاصل ڪري وٺن ٿا ته انهن وٽ قيادت جي خلاف بغاوت کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، ڇاڪاڻ ته قومي تحريڪ جي قيادت طرفان اختلاف راءِ کي پسند نٿو ڪيو وڃي.
    ڪارڪنن کي نعريبازي، ٻٽاڪ بازي، غير سياسي روين ۾ الجهايو ويو آهي. جاگيرداري ڪلچر صرف سنڌ جي وڏيرن وٽ ناهي پر سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ به ساڳيو ئي ڪلچر گهڙي آيو آهي، سنڌ جي وڏيري ۽ قومي قيادت جي روش ۾ ڪو خاص فرق ناهي رهيو. ان ڪري عوام پاڻمرادو ننڍين وڏين سماجي براين ۽ مسئلن خلاف جدوجهد ڪندو رهي ٿو.
    سنڌ جون معروضي حالتون مڪمل طرح سان انقلاب لاءِ موزون آهن پر موضوعي صورتحال يعني انقلاب لاءِ سگهاري تنطيم نه هجڻ ڪري اهو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ۽ عوام ڀوڳي رهيو آهي.
    ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته خود قومپرست قيادت قومي تحريڪ ۽ ان جي انقلابي ڳر کي منظم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ۾ ڊپ، لالچ، ۽ Dictation جوعمل دخل آهي. لئه لذت، عيش آرام آزادي ۽ انقلاب ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. ڪارڪنن کي جاهل رکي پارٽين جي منشور ۽ آئين ۾ تبديليون ڪري حقيقي قومي، جمهوري آزاديءَ جي مقصد کان فراريت اختيار ڪئي وئي آهي. اڄ پاڪستان جي جمهوريت پسند سياسي ڌرين ۽ آزادي پسند قوتن جي منشورن ۽ آئين جو جائزو وٺبو ته ڪو خاص فرق نظر نه ايندو. سمورا اختيار اڳواڻ پاڻ وٽ رکي سڄي تحريڪ کي پنهنجي پسند مطابق هلائڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن قومي ڪارڪن تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ اهڙين ٻين پارٽين جي آئين کي پڙهي وٺن ته سندن اکيون کُلي وينديون ته سندن انقلابي اڳواڻ به انهن وانگر
    سمورن اختيارن جا مالڪ بڻجي ويا آهن ۽ پارٽين اندر جمهوريت، جمهوري مرڪزيت نالي ماتر به ناهي رهي.
    ڏکڻ آفريقا جي قومي تحريڪ جي فطري رجحانن، فردن جي قومي ڪردارن، پارٽين جي عوام دوست جمهوري تحريڪن جو غور سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ پوءِ سنڌ جو تقابلي جائزو وٺبو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟
    آفريقي قومي تحريڪ غلطيون ڪري سڌارا آندا، وک وک تي پنهنجو جائزو ورتو ۽ دشمن جي خلاف حڪمت عملين، گڏيل اڳواڻي، بهادري ۽ قربانيءَ واري جذبي هيٺ اڳتي وڌندا رهيا.
    سنڌ جي قومي تحريڪ نه پنهنجو جائزو وٺي ٿي، نه دشمن جي طاقت جو کين اندازو آهي. ڇڙواڳ طريقي سان سياسي رٿا بندي ۽ روايتي نعريبازي کان ٻاهر ناهن نڪري سگهيا. منهجن دولهه دريا خان جهڙي دليري ناهي، هيمون جهڙي قرباني جو جذبو ناهي رهيو، وقت پاس ڪرڻ کانسواءِ سندن وٽ ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو.
    سنڌ جي قومي تحريڪ کي روايتي طريقن مان ڪڍي جدوجهد جي غير روايتي طريقن سان ئي سوڀارو ڪري سگهجي ٿو.
    سنڌ جي هڪ هڪ مسئلي تي جدوجهد ڪرڻ ۽ ان ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ رٿا تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون اڳ به لکيو آهي ته جيسين قومي تحريڪ پنهنجي vision ۾ واضح نه هوندي تيسين ممڪن ئي ناهي ته هُو سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري سگهن. ڇاڪاڻ جو سوڀارو ٿيڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو مطلب آهي ته هر قسم جي قربانيءَ لاءِ تيار رهڻ.


    سنڌ کي اڳواڻ نه پر انقلابي پارٽي گهرجي

    آفريقا ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڻ اُن نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ انقلابي تحريڪ ۾ کوڙساريون ۽ بنيادي ڪمزوريون موجود آهن.
    اڳواڻي جو فقدان، سٺي تنظيم جو نه هجڻ وارو بحران، سياسي ڪيڊر جو نه هئڻ جو ڪارڻ، Corruption، ٻٽاڪ بازي، ڇڙواڳي ۽ قومي، طبقاتي ۽ جمهوري Issues سائنسي ۽ فڪري انداز ۾ ادراڪ نه هئڻ ڪري ڪيئي ڏهاڪا گذرڻ باوجود عوام تائين رسائي نه ٿي سگهي آهي، بهتر تنظيم ناهي جُڙي سگهي. مضبوط تنظيم بنا آزادي ۽ انقلاب جي دعوى ڪرڻ ٻٻرن مان ٻير لاهڻ برابر آهي ۽ ساڳي وقت نالي ماتر تنظيم جو وجود هجي ۽ ڪم وڏيرڪي انداز وارا هجن ته پوءِ به کانئن آزادي ۽ انقلاب جي اميد رکڻ ڌوڪي ۽ خودفريبي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.
    تاريخ ۾ Popular قيادت صرف پاڻ کي ٺاهيو آهي، عارضي طرح سان عوام کي معمولي رليف ڏياري سگهيو هوندو پر قوم ۽ عوام جي ڏکن ڏوجهرن جو خاتمو ڪري سگهيو هجي اهو نا ممڪن آهي.
    اسين اڪثر بحث ڪندا آهيون ته ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽي کي انقلابي انداز ۾ نه جوڙي سگهيو عوام کي پنهنجي چوڌاري گڏ ڪيائين پوءِ اوهان ڏٺو ته ملڪ جي وڏي پارٽي جنهن ۾ قربانيءَ جو جذبو به موجود هو پر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي کان نه بچائي سگهي، بينظير ڀٽو جي قاتلن کي ڦاهي نه ڏياري سگهي.
    اڄ وري ڪي قومپرست پاڻ کي ڀٽو بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهن، هُو ساڳي غلطي ورجائي رهيا آهن، لکين انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا ڪارڪن ۽ عوام گڏ ڪري پاڻ لاءِ تاڙيون، نعرا ۽ جمهريون هڻائي رهيا آهن. تاريخ ۾ سندن حشر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙو به نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اها مٿين ٻنهي اڳواڻن جي خوش قسمتي هئي جو کين شهادت نصيب ٿي، سندن دليري ڪم اچي وئي ۽ تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ کين شاندار عزت ۽ وقار نصيب ٿيو. پر Corrupt ، غير جمهوري ڪردارن جو مستقبل ڇا ٿيندو اهو به تاريخ ورجائيندي ۽ ايندڙ نسل انهن تي پنهنجي راءِ ڏيندو.
    سنڌ ۾ قومي تحريڪ جا بنياد وجهندڙ اڳواڻ گهڻي حد تائين جمهوري ڪلچر، تنظيم سازي، ڪمٽمنٽ، ڪرپشن کان پاڪ ۽ عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪندڙ هئا. پر موجوده قيادت پاڻ متعلق سماج ۾ ڪيئي سوال ۽ منفي خاڪا ڇڏيا آهن. هر قسم جي سماجي برائي موجوده اڳواڻن جي کاتي ۾ اچي ٿي ۽ پنهنجو پلئه انهن الزامن مان آجو نه ڪرائي سگهيا آهن. ڪنهن پڇيو ته چري ڪيئن آهين، جواب مليو ته ويران ويران وڌ. جڏهن پنهنجو جائزو نه وٺبو ۽ هر ڀيري اهڙا عمل ڪيا ويندا جنهن سان سنڌ کي نقصان پيو ٿئي ته پوءِ ضرور شعور رهنمائي ٿو ڪري ته سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ٿي رهيو آهي.
    سندن اهڙي ڪردار مان رياست به خوش آهي جنهن جو اظهار هن طرح سان ٿئي ٿو جو ملڪ ٽوڙڻ ۽ آزاد وطن جي لاءِ جاکوڙيندڙ موجوده تنظيمون بنا روڪ ٽوڪ جي آزاديءَ سان پنهنجي جدوجهد ۾ مصروف آهن کين ڪجهه نٿو چيو وڃي. ڇاڪاڻ جو انهن اڳواڻن توڙي تنظيمن جي ڪردار ۽ جدوجهد مان رياست ڪوبه خطرو محسوس ئي نٿي ڪري.
    سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ سوچڻ جو وقت آهي ۽ کين دنيا جي آزاديءَ جي تحريڪن ۽ انقلابن جي سرواڻن ۽ انقلابي تنظيمن جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي ۽ پوءِ ان مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي پنهنجي قيادت ۽ قومي تحريڪن بابت سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي.
    قومي ڪارڪن، مائوزيتنگ، لينن، هوچي منهه، چي گويرا، ڪم اِل سنگهه ۽ فيدل ڪاسترو جي جدوجهد ۽ سندن عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي پڙهن ۽ پوءِ پنهنجي قيادت ۽ پارٽين جو جائزو وٺن ته فرق واضح نظر ايندو.
    ڏکڻ آفريقا جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن نيلسن منڊيلا، اوليور ٽمبو، احمد ڪيٿراڊا، نانا سيٿا، سبڪ وي، چيف لوٿولي جهڙن اڳواڻن جي قرباني ڏاهپ، سندن جستجو سبب آفريقي عوام ذلتن مان آجو ٿي ٻاهر نڪتو.
    مٿين اڳواڻن جدوجهد دوران پنهنجا سمورا اثاثا وڃائي ڇڏيا، پئسي لاءِ محتاج هئا پر سندن حوصلي ۽ وطن سان وفاداريءَ سبب پنهنجو مال، پنهنجي جان، پنهنجا ٻار ٻچا آزاديءَ جي عظيم مقصد لاءِ ارپي ڇڏيا. ڪيئي ڏهاڪن تائين گرفتارين، روپوشين ۽ سوليءَ جو سينگار بڻجڻ کانپوءِ کين آزادي نصيب ٿي.
    ان ڪري پاڻ جيڪو هتي بحث ڪري رهيا آهيون ته ڇا سبب آهي جو سنڌ ۾ اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪاميابيءَ جي ويجهو ناهيون پهچي سگهيا؟
    دنيا جي انقلابي تحريڪن جي ڄاڻ کانپوءِ سادو جواب ملي ٿو ته ڳالهه ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ فرق هجي ٿو. ڪاميابي ماڻيندڙ اڳواڻن ۽ پارٽين ڏاهپ، ويساهه ۽ عمل ذريعي منزل حاصل ڪئي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڏاهپ جي کوٽ، عمل نه هئڻ، قرباني کان پري ڀڄڻ ۽ پارٽين اندر ڪارڪنن منجهه ۽ عوام وٽ ويساهه وڃائڻ مُکيه سبب آهن.
    سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سنجيده ۽ باشعور قومي ڪارڪن هميشه تنقيد ڪندا رهيا آهن ته ويٽنام، روس، چين، ڪيوبا، ڏکڻ آفريقا ۽ انگولا جهڙي قيادت ۽ پارٽيون ٺاهيو پر جاهل، بي عمل ۽ روايتي قيادت اهڙن ڪارڪنن جي ڳالهين تي ڪن ڌرڻ بجاءِ کين تڙي ڪڍيو ڇڏي ۽ جاهلن جي فوج جا جاهل سپهه سالار بڻجي ويهي رهن ٿا.
    چون ٿا ته سڪندر مقدوني 325 (ق.م) جڏهن دنيا کي فتح ڪرڻ چاهيو هو ته ساڻس گڏ وڏو انگ ڏاهن ماڻهن جو هو. جيسين هُن انهن جي راءِ ۽ رهنمائي پئي ورتي ته هُو ڪامياب ٿيندو رهيو پر جڏهن هُن انهن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني ته هُو ناڪام ٿيو. ساڳي طرح سان جيڪڏهن قومي، جمهوري انقلابي تحريڪن ۾ سوچ سمجهڻ رهنمائي ڪندڙ Think tank نه هوندي ته سمجهو دڳ ملڻ محال آهي.
    جڏهن به ڪاميابيون حاصل نه ٿين ته ٿيڻ ائين گهرجي جو پنهنجي حڪمت عملين ۽ جدوجهد جو گڏجي ويهي جائزو وٺجي پر هتي قصو ئي اُبتو آهي.
    سنڌ جي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جيسين ڏاهي قيادت، بهادر سپاهي هجن ٿا ته حاصلات ٿيڻ ممڪن هجي ٿي پر ويجهي ماضي جي تاريخ ۾ قيادت سنڌ کي مايوس ڪيو آهي. کانئن سخت پورهيو ڇڏائجي ويو آهي، وڏيرڪي ڪلچر جو حصو بڻجي ويا آهن. تنقيد برداشت ڪرڻ توڙي پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ سندن مزاج ۾ ناهي، پنهنجا وسيلا قربان ڪرڻ ته ٺهيو پر پارٽيءَ جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ وسيلا به سندن ذاتي ڪتب ۾ اچن ٿا. پارٽين کي جمهوري ۽ ڪارڪنن کي تربيت يافته بڻائڻ بجاءِ ذاتي ڌنڌن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻن وانگر قرباني ڏيڻ جو جذبو ناهي رهي، Compromise کي حڪمت عملي جو نالو ڏئي تحريڪ کي وڌائڻ بجاءِ بند ٻڌي ڇڏين ٿا.
    ڪارڪن سان ذلتن ڀريو سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو، ڄڻ پارٽي ڪارڪن پارٽي، سنڌ ۽ انقلاب لاءِ نه پر سندن ذاتي نوڪر هجي. ڪارڪنن سان نذير عباسي شهيد واري شفقت نه پر هٽلر واري مزاج ۽ اسٽالن جي طريقي کي اپنايو پيو وڃي. قيادت کي مڪمل سُڌ آهي ته سندن ڪيڊر اڻ پڙهيل، جاهل آهي هُو پارٽي لاءِ ڪارائتو ثابت نه پيو ٿئي بلڪه سندن اڪثر عمل پارٽي ۽ قيادت جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن پوءِ به اهڙن ڪارڪنن جو احتساب ڪرڻ بجاءِ کين اڳتي آڻي اڳواڻ بڻائي رکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو جاهل اڳواڻ پارٽي قيادت پاران اختيار ڪيل مصلحت پسنديءَ وارين حڪمت عملين، بي عملي ۽ لٻاڙ بازي واريءَ سياست لاءِ مسئلا پيدا نه ڪندو.
    اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي اڄ ۽ سڀاڻي جي تاريخ لاءِ اڳواڻ نه پر سٺي انقلابي پارٽي گهرجي جيڪا گڏيل اڳواڻي ۾، جمهوري ڪلچر سان، تنقيد ۽ خود تنقيد سان، عمل ۽ قرباني سان، پائي پائي جو حساب ڏيڻ سان، ڪارڪنن ۽ خاص ڪري غريب ساٿين جي ڏک سک ۾ انهن جي اهنجن کي ختم ڪرڻ سان سنڌ ۾ انقلاب ۽ آزادي برپا ٿي سگهي ٿي.
    آءُ واري به قومي ڪارڪنن کي گذارش ڪندس ته هُو دنيا جي آزادي ۽ انقلابي اڳواڻن جون يادگيريون پڙهن، انهن پارٽين ۽ تحريڪن کي پڙهن ۽ پوءِ سنجيده ٿي گهڙيءَ لاءِ سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ اُن جي قيادت جو جائزو وٺن ته کين فرق سمجهه ۾ اچي ويندو.
    سنڌ ۾ نسل پرستي جي ذريعي پناهگير ۽ افغاني جيڪي ڪلور ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي وجود لاءِ خطرو پيدا ٿي پيو آهي، اسان جي قومي تحريڪ جي قيادت اُن بابت جدوجهد جو ڪهڙو پروگرام رٿيو آهي؟ چڪرا ڳوٺ ۾ نسل پرست دهشتگردن هٿان سنڌين کي يرغمال ڪرڻ، کين مارڻ، سندن ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ڇا ڏکڻ آفريقا جي نسل پرستي کان مختلف آهي؟ جي نه ته پوءِ اسان کي ضرور سمجهڻ گهرجي ته آفريقي قيادت ۽ پارٽين ڪيئن انهيءَ جارحيت ۽ دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو.
    هتي چڪرا ڳوٺ ۾ روايتي طريقي سان ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه قومي اڳواڻ اُتي وڃي خطاب ڪري آيا ۽ واعدا ڪيائون ته دشمن سان مقابلو ڪبو، اوهان کي اڪيلو نه ڇڏبو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چڪرا ڳوٺ جي عوام طرفان هڪ بيان روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيو ته ”قومي اڳواڻن جي مهرباني هُو آيا، همدردي ڪيائون پر مدد ۽ واهر نه ٿي.“
    اُن کانپوءِ اڄ تائين مختلف ڳوٺن ۾ نسل پرست دهشتگرد حملا پيا ڪن، سنڌين کي تڙڻ جي ڳالهه پئي ٿئي، سنڌ کي ورهائڻ وارين سازشن جو ذڪر پيو هلي، اهڙي صورتحال ۾ ڪٿي آهي قومي قيادت؟
    اُن ڪري سائنس جو سادو اصول آهي ته چُرپُر واري شيءَ نظر ايندي، 30 لک سنڌي ماڻهو ڪراچي ۾ رهن ٿا. 30 لک نيپالين آمريڪا، فرانس، جاگيردارن، حڪمرانن کي شڪست ڏئي آزادي ماڻي پر اسين ڇا پيا ڪريون؟ اصل ۾ قرباني، مستقل مزاجي ۽ اُصولي سياست جو فقدان اچي ويو آهي. دڪانداري هلڻ گهرجي، اُن ڪري معمولي چُرپُر، ٻٽاڪي سياست ذريعي ماڻهن جي هڪ گروهه کي پاڻ سان گڏ رکڻ ضروري آهي. سنڌ جون معروضي حالتون ته انقلاب جون گهرجائو آهن ته پوءِ تبديلي ڇو نه پئي اچي؟ سنجيدگي سان غور ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته اهو سڀ ڪجهه قيادت جي مبهم ڪردار ۽ سٺي جمهوري طرز جي سائنسي نقطي نظر مطابق انقلابي پارٽي نه هئڻ ڪري ٿي رهيو آهي. لفاظي کان ڪم وٺندي نسل پرست تنظيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي پنهنجي سگهه کي ته ٻيڻو ڪيو آهي پر نسل پرستي ذريعي قومي جبر، قومي استحصال، تهذيب جي تباهي ۽ شهري زندگيءَ ۾ غلاماڻي روش جي خلاف ڪڏهن به منظم طريقي سان جدوجهد ناهي ڪئي وئي. جو اڄ نسل پرست تنطيم سنڌ کي ورهائڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. 30 سالن جي تاريخ ۾ نسل پرست منظم ٿيا. وسيلا گڏ ڪيائون، هٿياربند قوت پيدا ڪيائون پر ڌرتيءَ ڌڻين جون وطن دوست پارتيون لٻاڙ بازيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيون.
    ڇا ٻٽاڪ بازي ۽ نعريبازي سنڌ کي تقسيم ٿيڻ کان بچائي سگهندي؟ ڇا ڇڙواڳ فوج قوم کي ذلتن مان آجو ڪرائي سگهندي؟ ڇا بد عنوان قيادت قوم جي سرواڻي ڪري وطن کي آزاد، خودمختيار 7 خوشحال رياست بڻائي سگهندي؟ جواب آهي نه!
    ماضيءَ ۾ قومي اڳواڻ ڪارڪنن جي تربيت جو بندوبست ڪندا هئا، اسٽڊي سرڪل ٿيندا هئا، ڳوٺن ۾ عوامي ڪچهريون ٿينديون هُيون، ننڍڙا ڪتابچا لکي ڪارڪنن ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪيو ويندو هو، ساڃاهه وند اديبن ۽ شاعرن جي ادب ۽ شاعري ۽ سياسي لکڻين کي ڪارڪنن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو، هر هنڌ نظرياتي ۽ سياسي بحث مباحثا ٿيندا هئا. مطلب ته سنڌ جي سياسي ميدان ۾ قومي تحريڪ ۽ ترقي پسند تحريڪ جي وچ ۾ زبردست بحث ٿيندا هئا ۽ انهيءَ سبب جي ڪري اڄ سنڌ ۾ جيڪا به سنجيده قيادت يا ڪارڪن آهن اُهي سڀ اُن دور جي پيداوار آهن. موجوده قيادت کان پڇيو وڃي ته ڪارڪنن جي تربيت نه ڪرڻ سان ڪنهن جو نقصان ۽ ڪنهن جو فائدو ٿو ٿئي؟
    سڄي بحث جو نچوڙ هي آهي ته سنڌ جي موجوده حالتن ۾ قومي قيادت ناڪام ٿي آهي، هُو سٺي ۽ عوامي اڳواڻ ٿيڻ بجاءِ متنازع شخصيت
    طور ڄاتا وڃن ٿا. قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، وچولي طبقي ۽ عام جي اڪثريت وٽ سندن قيادت ۽ ڪردار بابت ويساهه ختم ٿي چڪو آهي ان ڪري هاڻ سنڌ کي اهڙي شخصي اڳواڻي بجاءِ قومي سطح تي قومي جمهوري، انقلابي بنيادن تي منظم پارٽي جي گهرج آهي، جنهن جا تنظيمي ادارا مضبوط هجن، اُن پارٽيءَ جا نه فقط ڪارڪن پر اڳواڻ به پارٽي ضابطن جا پابند هجن، هڪ شخص کي سگهارو بڻائڻ بدران پارٽي جي تنظيم کي مضبوط بڻايو وڃي، اُن پارٽي تي عوام جو اعتبار ۽ اعتماد هجي. ڇاڪاڻ جو فرد Corrupt ٿي سگهي ٿو، فرد ڪردار جي لحاظ کان ڪمزور ٿي سگهي ٿو، فرد وڪامجي سگهي ٿو، فرد ڀاڙيو ۽ بي همت ٿي سگهي ٿو. فرد پنهنجي ذاتي مفادن يا ڀاڙيائپ جي ڪري سڄي تحريڪ کي وڪڻي سگهي ٿو پر پارٽي جي گڏيل قيادت ۽ عوام سان مضبوط هيٺين سطح تائين جا رشتا ڪڏهن به قومي جمهوري تحريڪ کي کاٽ نٿا هڻي سگهن.
    سنڌ جي جاگيرداري سماج جي ڪري فردن جي ڪردار کي اهم بڻائي اُن جي پذيرائي ٿي ۽ پوءِ اُهي حقيقي وڏيرن کان وڌيڪ وڏيرا ثابت ٿيا.
    تاريخ ۾ فرد جي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر فرد جيڪو ڏاهو، معياري فڪر ۽ چِٽي موقف رکڻ سان گڏ قرباني ڏيندڙ آهي ۽ تنظيم جي اُصولن سان گڏ قرباني ڏيندڙ آهي ۽ تنظيم جي اُصولن ۽ ان جي رهنمائي ۾ هلي ٿو ته ڪامياب ڪردار طور اُڀري سامهون آيو آهي.
    نيلسن منڊيلا جڏهن به سياسي جدوجهد ڪئي، هٿيار بند جدوجهد هلائي، روپوش ٿي عوام کي منظم ڪيو، ٻاهرين دنيا ۾ وڃي پنهنجا اتحادي ڳوليا ته اهو سڀ ڪجهه هُن تنظيم جي ماتحت ۽ رهنمائي ۾ ڪيو. ۽ جڏهن وري جيل مان رياست سان ڳالهيون شروع ڪيون ته ڏکين حالتن باوجود هن تنظيم کي اعتماد ۾ ورتو. وک وک تي اڳواڻي ڪندي، تنظيم، عوام ۽ جيل جي ساٿين کي ويساهه ۾ وٺي هلڻ سندس ڪارنامو هو. انهيءَ ڪِرت کيس آفريقا ۽ دنيا جو عظيم انقلابي اڳواڻ طور روشناس ڪرايو.
    فرد پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ثابت ڪندو آهي ته هُو اڳواڻي جو حقدار آهي. سياست سائنس ۽ فن آهي. جڏهن ٽن ڏهاڪن کان ڪي فرد سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻي جا فرض پيا نڀائين ته ناڪامي کانسواءِ انهن ڪجهه نه ڏنو آهي پر اڳواڻي تان هٿ کڻڻ لاءِ هرگز تيار ناهن. ڏکڻ آفريقا ۾ چئن ڏهاڪن کان اڳواڻي ڪندڙ قيادت جڏهن حاصلات نه ڏئي سگهي ته انهن منجو ڇڏيو، نئين قيادت نئين ولولي ۽ سائنسي ۽ آرٽ جي ذريعي ٽن ڏهاڪن ۾ آزاديءَ واري منزل ماڻي ورتي.
    ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام ۽ قومي ڪارڪن قومي تحريڪ جي انهن اڳواڻن کان پڇاڻو ڪن جيڪي قوم جي عزت، وقار ۽ آزاديءَ جي فڪر کي اڳتي آڻڻ بجاءِ پنهنجي موجودگيءَ جو فڪر کڻي پيا هلندا آهن.
    سنڌ تبديلي چاهي ٿي، ڇڙواڳ، جاهل، غير اهم، ٻٽاڪي اڳواڻن کان نجات چاهي ٿي، سنڌ واجهائي رهي آهي هڪ سٺي جمهوري انقلابي طرز جي پارٽي لاءِ جيڪا سنڌ کي غلامي ۽ ڏاڍ مان آجو ڪرائي سگهي ته جيئن سنڌي قوم کي وقار سان جيئڻ، پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجو اختيار هجڻ ۽ پورهيت طبقي جي حڪمراني وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي.


    مدد گار ڪتاب

    مدد گار ڪتاب

    1. آزاديءَ جو ڊگهو سفر (Long walk to freedom) : نيلسن منڊيلا
    2. سنڌ جي ساڃاهه : جي ايم سيد
    3. سنڌ ڳالهائي ٿي : جي ايم سيد
    4. ادب، سياست ۽ سنڌي سماج : جامي چانڊيو
    5. سنڌ ڪيس سيريز 2 : جامي چانڊيو
    6. Through the Crisis : ايس. ايم. ظفر
    7. سنڌ جي بمبئي کان آزادي : جي ايم سيد
    8. اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ آف سائوٿ آفريقا ؛ ويب سائيٽ
    9. جل مشعل جل : امداد اوڍو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 729
    ڪتابن جو مشاهدو: 1080713
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 355559
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ