ڪتاب جو نالو: معصوم گناھ
مصنف: عريشا بخاري
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 13 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 970 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 276 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
آتم ڪھاڻي Autobiography جي انداز ۾ لکيل ھن ناول جي ليکڪا عريشا بخاري آھي. ھوءَ لکي ٿي:
”جيڪڏهن بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ناول آٽوبايوگرافيڪل ناول آهي. جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي ڪٿا جا آڏا ۽ اڌورا اظهار آهن ته ٻي حصي ۾ منهنجي اڀياس ۽ تحريرن جا ٽڪرا آهن. مون ڪي ڪتاب ساهه سان سانڍي رکيا آهن ۽ هن ناول تي انهن ڪتابن جو اثر ضرور ٿيو هوندو. خاص طور مون زندگي، درد ۽ پيار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي. اهو سڌو سنئون ڪجهه ڪتابن جو نتيجو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  •   انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: معصوم گناھ

    موضوع: ناول
    ليکڪ: عريشا بخاري
    ڇاپو: پهريون 2015ع


    سنڌيا پبليڪيشن ڪراچي


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


      انتساب

    پنهنجي بابا ۽ امان جي نالي جن جي ڪافي ڳالهين سان اختلاف هوندي به ساڻن بيپناھ پيار آهي...



    عريشا بخاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”معصوم گناھ“ اوهان اڳيان پيش آهي. آتم ڪھاڻي Autobiography جي انداز ۾ لکيل ھن ناول جي ليکڪہ عريشا بخاري آھي. ھوءَ لکي ٿي:

    ”جيڪڏهن بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ناول آٽوبايوگرافيڪل ناول آهي. جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي ڪٿا جا آڏا ۽ اڌورا اظهار آهن ته ٻي حصي ۾ منهنجي اڀياس ۽ تحريرن جا ٽڪرا آهن. مون ڪي ڪتاب ساهه سان سانڍي رکيا آهن ۽ هن ناول تي انهن ڪتابن جو اثر ضرور ٿيو هوندو. خاص طور مون زندگي، درد ۽ پيار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي. اهو سڌو سنئون ڪجهه ڪتابن جو نتيجو آهي.“

    هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترمہ عريشا بخاريءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    پهريون پهريون لفظ
    خدا جوڪُن فيڪون
    شاعر، موسيقار، مصور
    سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون.
    (اياز)

    مون ڪڏهن لکڻ شروع ڪيو؟ ياد ئي نه اٿم، شايد جڏهن لکڻ آيو؛ تڏهن کان لکڻ شروع ڪيم. پڙهڻ، لکڻ ۽ مصوري مونسان گڏ گڏ هليا آهن. ڪڏهن لفظن کي تصويرن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ڪڏهن تصويرن کي لفظن جو روپ ڏيندي آهيان. بس لفظن ۽ رنگن سان ڄڻ ته ڪو پراڻو ناتو جڙيو آهي، ناتو به اهڙو جهڙو لفظ ۽ رنگ امان سُتي ۾ پياريا هجن.
    آئون اها دعويٰ ته نٿي ڪيان ته مون ڪو شهڪار ناول لکيو آهي. ها البته جيئن چيل آهي ته ناول معنيٰ ڪا نئين شئي. ته هيءَ تحرير نئين ضرور آهي. جيڪڏهن بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ناول آٽوبايوگرافيڪل ناول آهي. جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي ڪٿا جا آڏا ۽ اڌورا اظهار آهن ته ٻي حصي ۾ منهنجي اڀياس ۽ تحريرن جا ٽڪرا آهن. مون ڪي ڪتاب ساهه سان سانڍي رکيا آهن. ۽ هن ناول تي انهن ڪتابن جو اثر ضرور ٿيو هوندو. خاص طور مون زندگي، درد ۽ پيار بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي. اهو سڌو سنئون ڪجهه ڪتابن جو نتيجو آهي. رنگن سان ته تمام گهڻو پراڻو تعلق آهي پر قلم سان لکڻ جي حوالي سان منهنجو هيءُ پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ضرور مونکان ڪي ڪوتاهيون ۽ چڪون ٿيون هونديون. آئون پنهنجن سمورين امڪاني چڪن کي پنهنجي ڪم علمي جو نتيجو سمجهان ٿي.
    هن ناول لکڻ دوران ڪافي دوستن همٿايو. ۽ لکڻ لاءَ اتساهيو. آئون سندن ٿورائتي آهيان.
    ناول جي ڇپائي ۾ دلچسپي ڏيکارڻ لاءِ آئون سنڌيا پبليڪيشن جي سموري سٿ جي انتهائي شڪر گذار آهيان.

    عريشا بخاري
    ڊي ايڇ اي، ڪراچي


    ناول

    1

    مونکي اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهي ته آئون جڏهن ننڍڙي هوندي هيس هڪ ڀنڀوري صبح کان وٺي شام تائين منهنجي ارد گرد پئي اڏامندي هئي. هوءَ اڪثر منهنجي سنهري وارن تي اچي ويهي رهندي هئي. مونکي ان ڀنڀوري مان عجيب آسيس جو احساس ٿيندو هو. آئون به پهرن جا پهر ان ڀنڀوري کي ڏسندي رهندي هيس. منهنجي ننڍپڻ ۾ منهنجي ڪا به ساهيڙي ڪا نه هئي ساهيڙي جنهن کي درست معنيٰ ۾ آئون ساهيڙي چئي سگهان اها ته اڄ به منهنجي ڪا به ناهي. آئون پنهنجي ذات ۾ ئي شايد شروع کان ئي کٽل آهيان. اها منهنجي ذات جي کوٽ ڪڏهن ڪڏهن ڏنگيندي به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ذات جو اهو خاليپڻو مونکي وڻندو به آهي. آئون ۽ منهنجون اڪيلايون اڪثر موقعن تي هڪٻئي سان رٺل ۽ پرچيل رهيا آهيون. آئون پنهنجي تنهاين سان تڏهن تڏهن وڙهي آهيان جڏهن جڏهن منهنجا ساٿي مونسان گڏ هوندا آهن. منهنجا ساٿي ڪي ٻيا ناهن هوندا نه ئي ڪي شاهيڙيون منهنجون ساٿي هونديون آهن. منهنجي ساٿي ننڍڙي لاڪون هڪ اها ڀنڀوري هئي، ۽ ٻيو اڇي ڏاڙهي وارو اها پيرسن بابا جنهن کي آئون لاهوتي بابا چوندي هيس. هن جي مٿي تي پٽا پٽي ٽوپي پهريل هوندي هئي. هو هر جمعي جي رات مون وٽ ايندو هو. تڏهن شايد منهنجي عمر ڪي 8 يا 10 سال مس هوندي. آئون گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل نم جي قديم وڻ جي ٽارين تي چڙهي ويندي هيس. توڙي جو ڏاڏي مونکي ڏاڍو سمجهائيندي هئي ته،
    “سوني! نما شام جو وڻن ڏانهن نه ويندي ڪر.”
    پر آئون مڙڻ واري ڪاٿي هيس. مونکي شام جو نم ۽ سرينهن جي وڻن جي ٻور مان اٿندڙ خوشبوءِ جهڙوڪر پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي. ۽ آئون ڏاڏي امان کان لڪي نم جي وڏي وڻ جي مٿاهين وارين ٽارين تي وڃي ويهندي هيس. اتي ۾ پنهنجي ويهڻ جي لاءِ پکين جي آکيرن جهڙو هڪڙو پيهو به ٺاهيو هو. جنهن ڪنهن پکيءَ وانگر وڃي ويهي رهندي هيس. اهو لاهوتي بابا هر جمعي جي رات اتي ايندو هو. سائنس جي دنيا ان کي ڀلي رد ڪري پر آئون اڄ به ان لاهوتي بابا تي سوچيندي آهيان ته مونکي ائين لڳندو آهي اهو منهنجي وجود جيترو ئي سگهارو سچ هو. جيڪڏهن آئون آهيان ته اهو لاهوتي بابا پڻ هيو. جيڪڏهن آئون ناهيان ته پوءِ ممڪن آهي اهو لاهوتي بابا نه هجي. هو مونسان پهرن جا پهر ڪچهري ڪندو هو. پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. هو مونکي ڪو ڀٽڪيل روح لڳندو هو. اهو روح شايد منهنجي ڏاڏا جو هجي. يا منهنجو پنهنجو ئي روح هجي. آئون ٻاروتڻ ۾ ئي عمر جي الاهي وڏي ٿي وئي هيس. عمر جي لحاظ سان آئون ٻار ته هيس پر ٻاروتڻ شايد مون وٽ نه آيو هو. امان مونکي نه ڀائيندي هئي. ڪجهه مائٽن ٻڌايو هو ته امان مونکي ڄمڻ شرط مارڻ پئي گهريو. پر پوءِ مونکي ڏاڏي اتان کڻي وئي هئي. بابا مونکي ڀائيندو هو؛ اهو به گهڻو پوءِ ڄاتو هوم. پر بابا مونکي نه ڀائين هان ته شايد منهنجي لاء بهتر ٿئي ها. بابا وٽ جڏهن آئون وئي هيس تڏهن منهنجي عمر سورنهن سال هئي. سورنهن سال آئون پنهنجي ڏاڏي سان گڏ رهي هيس. هڪ ڏينهن ڏاڏي بابا کي گهرايو. منهنجو هٿ بابا جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هيائين،
    “سوني مونکي توکان وڌيڪ پياري آهي، منهنجي سوني جي پارت هجئي.”
    مون ڏٺو هو بابا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هيو، مونکي ڊپ لڳڻ لڳو هو. پر مون اکيون جهڪائي ڇڏيون هيون. ڏاڏي شايد ڪجهه بابا کي اکين جي اشارن سان چيو، بابا اٿي ڪري منهنجي مٿي تي چمي ڏني هئي. بابا جي هٿن جو ڇهاءُ ۽ سندس اها چمي اڄ به مونکي جيئڻ لاءِ ساهس ڏئي ڇڏيندا آهن. اها رات بابا، ڏاڏي ۽ آئون گهر جي اڱڻ ۾ ستا هئاسين، آئون بابا ۽ ڏاڏي الاهي دير تائين ڳالهيون ڪندا رهيا هئاسين. ڏاڏي بابا کي منهنجون ڳالهيون ۽ مونکي بابا جي ننڍپڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهي. مونکي الاهي حيرانگي ٿي رهي هئي ته بابا جو ۽ منهنجو ننڍپڻ گهڻو هڪ جهڙو هو. مون بابا کي ان رات تمام گهڻو پرسڪون ڏٺو هو. ان کان اڳ ۾ منهنجي لاءِ بابا جي شخصيت هڪ طلسماتي ماڻهوءَ جهڙي هئي. جيڪو ڪنهن به لمحي ڪجهه به ڪري پئي سگهيو، ڪجهه به چئي پئي سگهيو. مون بابا کان ڏاڏي جي سامهون هڪ سوال ڪيو هو،
    ”بابا توهان ۾ ايتري اونهائي ڇو آهي؟ ڇو آئون توهان کي مڪمل نه سمجهي سگهندي آهيان.؟
    بابا هڪ ٿڌو ساه ڀريو هو ۽ چيو هئائين،
    ”اصل ۾ امان شاهد آهي ته (بابا ڏاڏي ڏانهن ڏسندي چيو هو) آئون سموري عمر عجيب ڪيفيتن ۾ رهيو آهيان. امان کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به ماڻهو ناهي جنهن مونکي سمجهيو هجي. تنهنجي ماءُ به نه! تنهنجي ماءُ جي کهري طبيعت مون ۾ به هڪ بيچيني پئدا ڪري ڇڏي. توڙي جو آئون سموري عمر نرم لهجي ۾ ڳالهائيندي گذاري آهي پر تنهنجي ماءُ جي سخت لهجي مون ۾ اڃا وڌيڪ سنجيدگي ڀري ڇڏي آهي، ڪڏهن ڪڏهن آئون ان سنجيدگي تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته ماڻهو ان جو ڪو ٻيو مقصد وٺندا آهن. الائي ڇو مونکي لڳندو آهي ته آئون جيڪو لڳندو آهيان اصل ۾ آئون اهو ناهيان، ۽ آئون جيڪو آهيان اهو آئون لڳندو ناهيان...”
    آئون تقريبن سڄي رات بابا جي انهن لفظن تي سوچيندي رهي هيس ته،
    ”آئون جيڪو لڳندو آهيان اصل ۾ آئون اهو ناهيان، ۽ آئون جيڪو آهيان اهو آئون لڳندو ناهيان...”
    صبح جو سوير مان تيار ٿي بابا سان گڏجي گهر آئي هيس. امان جي خالي خالي نظرن ۽ سخت لهجي اسان جو استقبال ڪيو.
    ”ماڻهين مرڻ تي آهي ان ڪري پنهنجي لاڏلي اسان ڏي موڪلي اٿائين. مونکي خبر آهي ته هيءَ ڇاڙڪي جيتري ڇوري ڇا ڇا ڪندي آهي.“
    ”ڇا ڪندي آهي؟”
    بابا امان کان حيران ٿيندي پڇيو هو،
    ”سڄو ڏينهن ويندي نما شام تائين وڻن ۽ جهنگ ۾ پئي هوندي آهي، پنهنجي منهن الائي ڇا ڇا پئي بڪندي آهي، جهڙو مِرُن سان مٽي ڪئي هجائين.”
    ”هاڻي بس ڪيو، جهڙي به آهي پنهنجو رت آهي، پنهنجي ڌيءَ آهي.”
    بابا امان کي چيو هو،
    ”مونکي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته اهڙو عجيب رت منهنجو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن اسپتال ۾ هن ڇاڙڪيءَ (تڏهن منهنجو قد اڃا ننڍڙو هو) کي ڄڻيان ها ته پڪ سمجهان ها نرسن منهنجو ٻار مٽائي ڇڏيو آهي، پر بد قصمتي هيءَ ته ڄائي به گهر ۾ آهي.”
    آئون بابا جي پٺيءَ واري پاسي کان امان جو استقباليه خطبو ٻڌي رهي هيس. بابا مونکي سامهون واري ڪمري ڏانهن وڃڻ جو چيو آئون خاموشيءَ سان هلي ويس. امان اڃا تائين بابا کي ست سريون ٻڌائي رهي هئي. مون سوچيو پئي عورت جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي مردن جي حقن تي به سوچڻ گهرجي. ڪٿي ڪٿي مرد به مظلوم هوندا آهن.
    ****


    2

    ڪجهه ڏينهن ۾ خبر آئي ته ڏاڏي گذاري وئي، اسان سڀيئي گهر ڀاتي ڏاڏي جي گهر وياسين. آئون ڏاڍو رني هيس. مونکي ڏاڏي جي موت تي ائين لڳو هوڄڻ ته هيءَ دنيا رڻ ٿي وئي هجي ۽ آئون ان ۾ اڪيلي اڇلائي وئي هجي. منهنجي اکين ۾ ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئا. ڏاڏيءَ جي وڇڙڻ جو درد ڪنڊو بڻجي منهنجي نڙيء ۾ اٽڪي پيو هو. اکيون خالي خالي ٿي ويون هيون. ڪو به سڏڪو منهنجي نڙيءَ مان نٿي نڪتو. منهنجي ذهن تي ڏاڏيءَ جون ڳالهيون فلم وانگر هلي رهيون هيون، ڏاڏيءَ مونکي ٻڌايو هو ته آئون ننڍي هوندي ڏاڍي بيمار ٿي پئي هيس. ڊاڪٽرن لا علاج ڪري ڇڏيو هو، پوءِ ڏاڏو ۽ ڏاڏي مونکي مزارن تي وٺي ويا هئا ۽ ڀٽائيءَ جي مزار کان ويندي امام بري جي مزار تائين سڀني مزارن جي خاڪ منهنجي لڱن کي مهٽي هيائون. آئون چڱي ڀلي ٿي وئي هيس. پر منهنجو ڏاڏا اسان کي جلد ئي اڪيلو ڇڏي هليو ويو. شايد سندس سفر پورو ٿي چڪو هو. اڄ ڏاڏي پنهنجو سفر پورو ڪري چڪي هئي. درست چوندا آهن ته دنيا ٽرين آهي جنهن ۾ اسان سڀ سوار آهيون ۽ پنهنجي پنهنجي اسٽيشن اچڻ تي لهي ويندا آهيون. ٽرين هلندي رهندي آهي نوان مسافر ان ٽرين ۾ سوار ٿيندا آهن. سفر جاري رهندو آهي، مسافر تبديل ٿيندا رهندا آهن. منهنجي سوچ منهنجي درد جو ڪٿارسس ڪيو هو. آئون درد ۽ ڏک جي شديد ڪيفيت مان نڪتس ته اچي روئڻ ۾ ڇٽس، ڀانءِ ڪو ڳوڙهن جو سمنڊ هو جيڪو اٿلي پيو هو. نمڪين ڳوڙها. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندي آهيان ته جيئن هر شئي جو ذائقو هوندو آهي، ائين درد جو به هڪ ذائقو هوندو آهي. ۽ اهو ذائقو شايد نمڪين هوندو آهي. نه ته ڳوڙها نمڪين ڇو هجن ها. ڏاڏي جي ٽيجهي تي اسان واپسي جي تياري ڪئي پئي ته ڏاڏي جي خاص ٻانهي ماسي ڦاپي بند پيل ڪتابن جي کوکن ڏانهن اشارو ڪندي سڏڪندي چيو هو،
    “امان جيجان مونکي پارت ڪئي هئي ته اهي سڀ ڪتاب سونيءَ کي ڏجو.”
    بابا ڊرائيور کي ڪتاب گاڏي ۾ رکڻ لاءِ چيو، مون ڏٺو هو ته امان جي منهن جو پنو لهي ويو، مونکي لڳو ڄڻ ته هوءَ شايد چوندي هجي،
    “اهو ڪن به اسانجي گهر ۾ رهندو.”
    اسان موٽي آيا هئاسين. امان جي لهجي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي، آئون ڏاڏي واري شفقت بابا ۾ ڳولهيندي رهيس جنهن جا عڪس مونکي بابا جي چهري ۾ نظر ايندا هئا. بابا جي گهر ۾ وڻ ڪونه هئا. صرف ڪوٽ جي ٻاهرين پاسي اوطاق وٽ نمن ۽ سرينهن جا وڏا وڻ هئا. شام ڌاري انهن وڻن جي ٻور جي خوشبوءِ مونکي سڏيندي هئي. پر هتي مونکي اوطاق طرف وڃڻ جي اجازت نه هئي. ۽ بغاوت منهنجي بدن ۾ ڀرجندي وئي. حيراني جي حد تائين منهنجي جسامت تبديل ٿيندي وئي آئون جنهن کي ڪالهه تائين امان “ڇاڙڪي جيتري ڇوري” پئي سڏيو، اڄ امان مون کي تلقينون ڪندي نه پئي ٿڪي، هيئن اٿ، هيئن ويهه، هتي نه ويهه، هن سان نه ڳالهائين، هن ڏي نه نهار... بندشن ۾ پاڻ کي قيد ٿيندي محسوس ڪيم. هڪ رات آئون آڌيءَ ڌاري اوطاق جي صحن ۾ بيٺل وڏي وڻ تي چڙهي وئي هيس. شايد وزن وڌڻ جي ڪري مونکي نم جي وڻ تي چڙهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هئي. وڻ تي مونکي عجيب بي مانوسيت لڳي. ڄڻ ته هيءُ وڻ منهنجو وڻ نه هو جنهن تي منهنجو آکيرو ٺهيل هو. مايوس ٿي مون وڻ تان لهڻ جو سوچيو ۽ لهندي وقت جنهن انگهه تي منهنجو پير هو اها انگهه ڀڄي پئي ۽ آئون زپڙاڪ ڪري وڃي هيٺ ڪريس اوطاق ۾ ستل چوڪيدار چور چور ڪري وٺي ڀڳا آئون حويلي جي پويان واري پاسي کان تڪڙ ۾ گهندي ڏئي ڀڄي اچي پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ستيس. ڪيتري دير تائين ٻاهران غئو غا پئي ٿيا. بابا شايد منهنجو پير سڃاڻي ورتو هو ۽ انکي منهنجي پرڪارن جي به خبر هئي ان سڀني کي وڃي آرام ڪرڻ جو چيو. صبُح جو بابا منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ مسڪرائيندي مونکان پڇيو هو،
    “ڌڪ ته نه لڳو اٿيئي، مون شرمائيندي پنهنجي رهڙيل ٺونٺ بابا کي ڏيکاري، بابا منهنجي مٿي تي چمي ڏيندي چيو هو،
    “سوني پٽ ٻاهر نه ويندي ڪر، امان جي ۽ ماڻهين جي گهر ۾ فرق آهي.”
    مون اهو ڏينهن ڪيو آئون ڪڏهن به اوطاق تي نه ويس. شايد ان ڪري به ته اوطاق تي اهي وڻ نه هئا جيڪي مونکي سڏيندا هئا. اتي لاهوتي بابا به نه هوندو هو. ۽ ڪجهه بابا به منع ڪئي هئي.
    ****


    3

    هڪ رات عجيب واقعو ٿيو. مونکي ننڊ نه پئي آئي آئون اٿي گهر جي اڱڻ تي ائين ئي گهميس ته مونکي گهر جي پوئين پاسي ڏانهن وڏو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو. آئون گيلري طرف ويس ۽ اڳيان لڳل گرل جي ٻاهران مون ڏٺو ته ڪا عجيب مخلوق هئي جيڪا ماڻهوءَ کان شايد ٻيڻ تي قد ۾ وڏي هئي ۽ ان جي سموري جسم تي رڇ وانگر وار هئا. پر هو ٻن ٽنگن تي گهمي رهيو هو، تصورن ۾ ڏاڏي طرفان ٻڌايل آدم خور جو حليو منهنجي سامهون ڦري آيو. هن گرل ۾ هٿ وڌا ۽ مون ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو. مونکي اندازو ٿيو ته هو جيڪڏهن گرل ٽوڙڻ چاهي ها ته آرام سان ٽوڙي پئي سگهيو. پر هو خاموشيءَ سان مونکي ڏسندو رهيو. مون کان وڏي رڙ نڪري وئي. مون ڏٺو اهو آدم خور نما جانور هورڙيان هورڙيان ڪوٽ ٽپي هليو ويو. منهنجي دانهن تي امان بابا ۽ ڀائر سڀ اٿي آيا. آئون ڏڪي رهي هيس. مون بابا کي ٻڌايو ته ٻاهر آدم خور هو. بابا مونکي ڀاڪر پائي سهارو ڏنو. امان رهندو گارين ۾ اچي ڇٽي ۽ چيائين،
    “ آدم خور آدم خور! بڪواس ٿي ڪري، ڪٿان آيو آدم خور. ٻيو ته تون آڌيءَ رات جو گرل وٽ ڇا پئي ڪرين جو تو آدم خور ڏٺو؟ ڪراڙي پاڻ مري جزا اسان جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي، هاڻي اچي ڦاٿا آهيون. ننڊون حرام ڪري ڇڏيون اٿائين.؟
    بابا مونکي آٿٿ ڏيندي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي ويو، آئون ڏڪي رهي هيس. هڪڙي پاسي آدم خور جو ڀئو، ٻي پاسي امان جا دڙڪا. آئون صفا نٻل ٿي پئي هيس. ان رات الاهي دير تائين مون خودڪشي ڪرڻ جو پئي سوچيو هو. صبح جو جو سوير رئو ڇت واري پکي ۾ ٻڌي سرڪڻ ڦاهي ٺاهي ڳچي ۾ وجهي جيئن ئي پلنگ تان هيٺ ٽپ ڏنم ته پکي جي راڊ ٽٽي پئي ۽ آئون ڌڙام سان هيٺ وڃي ڪريس. شايد منهنجو وزن وڌيل هو ۽ پکي جي راڊ مضبوط نه هئي. مونکي ڪافي ڌڪ لڳا. گهر ۾ ڪنهن کي پتو ئي نه پيو ته ڇا ٿيو؟ مون بابا کي ٻڌايو ته پکو ڪري پيو آهي. بابا منهنجي اکين ۾ چتائي ڏٺو هو. آئون ڊڄي ويس. بابا صرف ايترو چيو،
    “جيسيتائين آئون آهيان ٻيهر ائين نه ڪجانءِ.”
    آئون بابا کي ڀاڪر پائي دير تائين روئندي رهيس. بابا مونکي آٿٿ ڏيندو رهيو. مون پڪو پهه ڪيو ته آئنده خودڪشي جو ڪڏهن به نه سوچينديس.
    بابا مون وٽ بيٺو ئي هو ته ننڍو ڀاءُ ٻاهران ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته،
    “بابا ٻاهر ٽي وي وارا ۽ پوليس وارا آيا آهن. چون ٿا توهان جي ڳوٺ ۾ آدم خور آهي. رات ٻه ٻارڙا کڻي ويو آهي. الاهي هارين رات آدم خور ڏٺو هو.”
    بابا مون ڏانهن ڏٺو ۽ امان کي چيو،
    “ٻڌ! تو ناحق منهنجي ڌيءَ کي ڳالهايو هو رات. هاڻي ماڻهو ڇا ٿا چون.”
    امان ٿورو لڄي ٿي ۽ بابا کي چيائين،
    “توهان جلدي وڃو پڇا ته ڪيو، ڇا هيو ڪاٿي هيو؟”
    بابا تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. امان مونسان نظرون نه ملائي سگهي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.
    ****


    4

    مون سڀ ڪتاب کولي ڏٺا هئا. ڪتابن جي ڪافي هنڌن تي نيشان ٿيل هئا جيڪي شايد ڏاڏي ڪيا هئا. هن کي ڪتاب ۾ جيڪا ڳالهه وڌيڪ وڻندي هئي اها ٽڪ ڪري ڇڏيندي هئي.
    آئون ڏاڏي سان گهڻو اٽيچ هئڻ سبب ڪتابن جي تمام گهڻو ويجهي رهي هيس.
    ڪتابن سان منهنجي چاهت ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. جڏهن جڏهن به مونکي ڏاڏي جي ياد ايندي هئي آئون ڪتاب کولي پڙهندي هيس. تمام ٿوري وقت ۾ مون تمام گهڻا ڪتاب پڙهي ورتا هئا. بابا کي منهنجي اها عادت وڻندي هئي. امان کي به ڪتاب سٺا لڳندا هئا. پر صرف انگريزي ۽ اردو. امان کي سنڌي ڪتابن ۽ سنڌي اديبن کان چڙ هئي. مونکي بابا ٻڌايو هو ته شروع ۾ امان کي سنڌي ڪتاب وڻندا هئا. هوءَ مختلف ادبي پروگرامن ۾ به ويندي هئي ۽ ڪافي اديبن سان سندس ويجهڙائي به هئي. پوءَ خبر ناهي ته اچانڪ ڇا ٿيو. امان کي سنڌي ڪتابن ۽ سنڌي اديبن کان نفرت ٿيندي هئي ۽ سنڌي ڪتابن توڙي اديبن جي ذڪر تي به چڙ لڳندي هئي.
    مونکي لڳندو هو ڪتابن سان منهنجي چاهت تمام پراڻي آهي شايد منهنجي ان چاهت جو داستان صدين تي محيط هجي. مونکي ائين لڳندو هو ته ڄڻ ته آئون هن ڌرتيءَ تي سوين سالن کان موجود رهي آهيان. مون سوين سال پيرين پنڌ سفر ڪيو آهي. ڏاڏي جي گذاري وڃڻ کانپوءِ مون جهڙوڪر ڪتابن سان عشق شروع ڪيو هو. جيڪي ڪتاب مونکي گهڻا وڻيا هئا انهن ۾ ابن انشا جا ڪتاب پڻ شامل هئا. پڙهندي پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ابن انشا منهنجي تمام گهڻو ويجهڙو اچي ويو آهي آئون ساڻس ننڊ توڙي جاڳ ۾ ڪچهريون ڪندي هيس. اها منهنجي عادت يا ڪمزوري هئي يا آهي ته اڄ به جڏهن ڪو ڪتاب پڙهندي آهيان ان ڪتاب جا لفظ ۽ ورق مونسان ننڊ توڙي جاڳ ۾ گڏ هوندا آهن. ابن انشا جي “ٻي دفعي جي ڳالهه” مونکي ڏاڍي وڻندي هئي. آئون پيٽ تي هٿ رکي کلي هيس جڏهن مون پڙهيو ته ته ٻي دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ اڃاري ڪانو کي مٽ جي تري ۾ ڪجهه پاڻي نظر آيو ۽ هن ان ۾ پٿريون وجهي وجهي پاڻي مٿي آڻڻ لاءِ جتن ڪيا. پر جڏهن ڪانو ڏٺو ته سڀ پاڻي ته پٿريون چوسي ويون هيون ۽ مٽ پٿرين سان ڀريو پيو هو ته ان سياڻي ڪانو مٽ سان مٿو هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي... منهنجي اندر جي بي چيني ۽ وحشت مونکي پروين شاڪر جي شاعريءَ جي ويجهو آندو. آئون پروين شاڪر کي جهڙو ڪر پنهنجي ساهيڙي سمجهڻ لڳي هيس. ڪيڏو پيارو لڳو هو پروين جو اهو شعر ته،
    “گناھ جي لذت خاطر جنهن آدم کي جنت مان تڙيو ويو، مون ۾ به ته ان جو ئي رت شامل آهي.”
    آئون مسلسل ٽٽندي جڙندي رهي آهيان. بي ڪيف زندگي، بي ڪيف حالتون، بيچيني، بي سڪوني ۽ وحشتون منهنجي ذات جو جهڙو ڪر حصو ٿي ويون هجن. ڏاڏيءَ جي ڪتابن ۾مونکي “اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا” الطاف شيخ جو سفر نامو به ملي ويو. هو. آئون ساڻس گڏ رلڻ لڳس. سموري سفر نامي ۾ آئون ڄڻ ته ساڻس همسفر ٿي وئي هجان. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي پٿر ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڪتابن جا پنا ٿيندي محسوس ڪندي هيس. سفرنامي ۾ موجود هر ڪراڙي عورت مونکي منهنجي ڳوٺ جي پيرسن عورتن جهڙي لڳندي هئي. مون آخر اهو سفر نامو ويڙهي کڻي ڪٻٽ ۾ رکيو. هڪ دفعو ٻيهر آئون اڪيلي ٿي ويس. . ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪتاب بيزار ڪرڻ لڳا. ائين ئي هڪ ڏينهن بيزاري ۾ ڪتاب اٿلائيندي منٽو جا افسانا مليا. منٽو بابت ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته هو عاشق مزاج هو ۽ عصمت چغتائي ڪٿي لکيو هو ته هو “بلا جو گاريال” به هو. منٽو جي اهڙي عادت بابت ٻڌڻ تي مونکي ڪيترائي سنڌي اديب ياد اچي ويا. جن مان گهڻن لاء امان چوندي هئي ته اهي “بد اخلاق ۽ بد ڪردار آهن” پر سنڌي اديبن جي ڀيٽ ۾ مون منٽو کي الاهي معصوم ڏٺو اهڙو معصوم جيڪو تازو ڪو گناھ ڪري اچي پوءِ به سندس منهن تي ڪو گناھ نه ٺهڪي بيهي. ڏينهن رات منٽو جا ڪردارا مونسان گڏ پئي هليا، جهڙوڪر آئون پاڻ سندس ڪو ڪردار ٿي وئي هجان. “کول دو”، “شڪاري عورتين”، “ڪالي شلوار”، “ٺنڊا گوشت”، “نيا قانون” ۽ ٻيا الائي ڪيترا افسانا مونکي برزباني ياد ٿي ويا هئا. عصمت چغتائي چيو هو منٽو جا پير ڏاڍا سهڻا ۽ نفيس هئا. ها واقعي مونکي ج ع منگهاڻي جي ناول “رڃ” واري جان بيبي جا پير ياد اچي ويا جنهن لاءِ چيو ويو هو ته هن جا پير ‘سفيد ڪبوترن’ جهڙا هئا. پهريون ماڻهو هو جنهن جا پيرن جي تعريف ٻڌي هئم. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون منٽو کي پڙهڻ ڇڏي ڏنو. يا شايد مون سندس سڀيئي افسانا پڙهي ورتا هئا.
    مونکي پنهنجن ڪتابن ۾ امر جليل جي ڪهاڻين جا به ڪافي ڪتاب مليا. مون “ٽيون وجود” ۽ “نيٺ گونگي ڳالهايو” سميت سندس ڪافي ڪتاب پڙهيا. امر جليل جون ڪجهه ڪهاڻيون ۽ سندس ناول مونکي شروع ۾ متاثر ڪيو. پر ‘ري ريڊنگ’ وقت امر جليل مونکي ‘بيڊلي بور’ ڪيو. ساڳيا ڪردار، ساڳي صورتحال، ساڳيون ڪيفيتون، ساڳي نفسيات. مونکي لڳو امر جليل وٽ جو ڪجهه هيو اهو وٽنس کپي ويو هو. هاڻي صرف ڳالهيون. ڳالهيون به اهي جن ۾ زندگي نه هئي، بس مئل ۽ نٻل. جيڪڏهن ڪنهن سنڌي ڪهاڻيڪار جا ڪردار مونکي جيئرا ۽ جاندار لڳا هئا ته انهن ۾ هڪ هو جمال ابڙو ٻيو هو نسيم کرل. واقعي به سندن ڪردار خوبصورت ۽ زندگي سان ڀرپور هئا.
    انکان اڳ آئون نورالهديٰ شاھ، ماڻڪ، خير النساء جعفري، عبدالقادر جوڻيجي ۽ نسيم کرل سان وڙهي چڪي هيس. نسيم کرل سان منهنجو جهِڙو رڳو انڪري ٿيو جو هن چڱي ڀلي مذهبي ڇوڪري کان ڪمري جا “چارئي بلب” ٻاريا ۽ “پهرين مراد” ۾ شريف ڇوڪري کان چوري ڪرايائين. ڀلا ائين به ٿيندو آهي ڇا؟ ها انڪل جمال ابڙي سان به منهنجو جهِيڙو ٿيو هو. خبر اٿو ڇا تي. هن سٺ رپين ۾ پيراڻي جو سڱ کپارايو هو ان تي. بس پوءِ سنڌي ڪهاڻيڪارن تان ارواح کڄي ويو. ها ان وچ ۾ طارق اشرف اشراف ماڻهو ٿي مليو ۽ ٻيو هو “رهجي ويل منظر” وارو چاچُو ڇا نالو هئس؟ ها ياد آيو طارق عالم ابڙو. ان سان به منهنجي ڪٽي ٿي وئي. ڀلا سنجها کي هڪڙي لور کان ڌار ڪري مڪينڪ سان ڇو پرڻايائين... ها ته مون وٽ عبدالله حسين آيو. آئون کيس پاڻ سان گڏ ڪاليج وٺي ويس. مون وٽ وقت ئي ڪو نه هوندو هو، پر پوءِ به عبدالله حسين مونسا گڏ. “ نادار لوگ”، “فريب” پڙهي مونکي لڳو ته اهڙي سازش ۽ سياست ته منهنجي ڪاليج ۾ به ٿيندي آهي. پر هڪڙي ڳالهه هئي مونکي هن محبت جا لازوال سبق ياد ڪرايا. هن مونکي ٻڌايو هو ته محبت جو رنگ نسل ته ڪونهي ڪو نه پر محبت جيئن چوندا آهن ته انڌي ٿيندي آهي، ائين ناهي. شيخ اياز به چيو هو نه ته “محبت کي نو لک نيڻ ٿيندا آهن”. محبتن جو نئون درس اڃا مس پاريو هئم ته منهنجا سدا ملوڪ محبوب “ڀٽائي” پاڻ پهريان خواب ۾ آيو. پوءِ مونکي ڀٽ شاھ تي گهرايائين، ڀٽائي جي پيرانديءَ کان ويهندي مون پنهنجي صدين جي سفر جو ٿڪ به ڀڳو هو ته صدين جي سفر ۾ پيش آيل مشڪلاتن جي دانهن به ڏني هئي. ڀٽائي مونکي ڳراٽڙي پائي چيو هو، تان ڪي ساڻن اور جان آهن اوطاقن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾ پاڻ مٿائين گهور ويا جي هنگلور، ته ڪر م ملندئي ڪاپڙي... الا! ڀٽائي منهنجي وجود تي هڪ ڇانو جيان ڇائنجي ويو. منهنجو سمورو وجود خوشبو خوشبوءِ ٿي ويو. عقيدت ڇا آهي؟ عشق ڇا آهي؟ بي لوث محبت ڇا آهي؟ مودت ڇا آهي؟ تڙپ ڇا آهي؟ بيچيني ڇا آهي؟ بي ڪيفي ڇا آهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب ڀٽائيء مونکي پاڻ مرادو ڏئي ڇڏيا
    ... وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛ جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛ پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.
    *****


    5

    مون کي ڀٽائيءَ جي سورمين مان سورٺ گهڻو وڻندي هئي. شاهه جي رسالي ۾ پنج سر سسئي جي نالي ٿيل آهن، باقي هر سورمي جي نالي هڪ هڪ سر آهي. انهن ۾ مارئي، مومل، سهڻي، نوري، ليلا ۽ سورٺ شامل آهن. سسئي سميت هر سر ۾ مرڪزي حيثيت سورمي کي حاصل آهي پر سُر سورٺ شاھ جي رسالي جو اهو واحد سُر آهي، جنهن ۾ سورٺ جو ڪردارراءِ ڏياچ جي مقابلي ۾ گهٽ آيو آهي. هن سر ۾ مکيه يا مرڪزي ڪردار راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جو آهي. ڪنهن سچ لکيو آهي ته “جيتوڻيڪ سورٺ جو ڏک سسئي، سهڻي، يا مومل کان گهٽ ڪونه هو. بلڪه سندس ڀوڳنا پاڻ ٻين سورمين کان وڌيڪ هئي جو انهن جي پيڙا پنهنجن محبوبن سان جدائيءَ جي باوجود ملڻ جي آس سان ڳنڍيل هئي. جڏهن ته سورٺ جي اکين اڳيان هن جي سهاڳ سر ڏنو. هميشه جو وڇوڙو پلئه پيس ۽ پاڻ بيوس ڏسندي رهي ۽ ڪجهه به ڪري ڪانه سگهي. ڇا ته اندر ۾ وڍ پيا هوندس. ڪهڙو نه من ۾ مانڌاڻ متو هوندس. ڪيئن نه اکين آب هاريو هوندو!” مختصر طور تي اسان هتي سورٺ جو قصو بيان ڪيون ٿا ته،“ راءَ کنگهار جهونا ڳڙهه جو بادشاهه هو. سندس ماءُ خاتون راڻي وڏي نظر واري دانا عورت هئي. راءَ کنگهار جي گهر ۾ سورٺ نالي هڪ سهڻي وني هئي جنهن جو راءِ کنگهار سان بيحد پيار هو. راءِ کنگهار وڏو سخي ۽ دان ڏيندڙ هو. انهيءَ ڪري عام طرح سان هو راءِ ڏياچ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ٻيجل نالي چارڻ هڪ وڏو ڳائيندڙ گن گويو هو. وٽس هڪ ساز هو جنهن کي مختلف روايتن موجب چنگ، سرندو ۽ ڪينرو سڏيو ويو آهي. انهي جو ميٺاج اهڙو هو جو ٻڌندڙ موهجي ويندا هئا. انيراءِ نالي ڪو ٻيو راجا هو. جنهن ٻيجل کي ريجهائي موڪليو ته ڪنهن طرح وڃي راءِ کنگهار کي راڳ تي راضي ڪري کانئس سر جي گهر ڪري ۽ سندس سر وڍي کڻي اچي. راءِ کنگهار منگتي جي ساز جون پر سوز صدائون ٻڌيون سو خوش ٿي حڪم ڏنائين ته منگتي کي دل گهريا دان ڏيو ته راضي ٿئي تڏهن چيائين ته ”مال جو منگتو ناهيان، آءُ تنهنجي سر جو گهورو آهيان. ۽ سر ڌاران موٽڻ مون لاءِ مهڻو آهي. منهنجو سوال پورو نه ڪيئي ته اڄ کان پوءِ سخا جو نالو ئي نه رهندو.“ ڏياچ چيس ته ”منگتا جو گهريندين سو اوس ملندي.“ اها ڳالهه هلي ويئي ته چارڻ راءِ کنگهار کان سر گهريو آهي ۽ هن کيس ڏيڻو ڪيو آهي بس جونا ڳڙهه ۾ روڄ راڙو مچي ويو. سورٺ پنهنجي ور کي بچائڻ لاءِ ٻيجل کي منٿون آزيون ڪيون پر هن پنهنجي ڳالهه نه ڇڏي. راءِ کنگهار جي ماءُ خاتون راڻي کي سڌ پئي سا سرهي ٿي ۽ پٽ کي چيائين ته پٽ متان منگتي کي سکڻو موٽايو اٿئي.“ کنگهار ٻيجل کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيائينس ته ”چارڻ چنگ وڄاءِ، تند هڻ ته هيءُ سر سينگاري توکي ڏيان.“ چارڻ ساز وڃايو، ڏياچ مست ٿي ڪنڌ ڪپي ڏنو. ڏياچ سر ڏنو ڄڻ گرنار جو گل ڇنو. سورٺ جهڙين سوين سهڻين ڏياچ لاءِ رنو.“ ان کان پوءِ سورٺ ڏياج جي چتا سان ستي ٿيڻ لاءِ باهه جي مچ ۾ گهڙي ته ان مهل ٻيجل به پهتو ۽ باهه ۾ ٽپ ڏنائين. جو ضمير سک وهڻ نه ٿي ڏنس.” ڪيترن محققن جو خيال آهي ته هن قصي ۾ مرڪزي حيثيت راء ڏياچ کي آهي، اها ڳالهه درست آهي ته سورٺ جي قصي ۾ شاھ سائين سورٺ تي گهٽ لکيو يا چيو آهي ۽ نتيجي طور اسان جا فاضل محقق جهڙوڪر شاھ سائين سان شڪوا ٿا ڪن ته، “شاهه صاحب سندس پيڙا ۽ ڀوڳنا بابت تمام ٿورو ذڪر ڪو آهي هن گهڻو ذڪر ڪيو آهي ته راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ تند، ڪٽاري ۽ ڪنڌ جي تعلق جو. ڇا ان جو اهو مطلب وٺجي ته سورٺ جو ڏک ڪونه محسوس ڪيائين يا ان کي اهميت ڪانه ڏني اٿس؟ وٽس ڏياچ جي سنگيت تي سر ڏيڻ جي وڌيڪ اهميت ٿي ڏسجي، ان ڪري سورٺ جهڙوڪر پسمنظر تي هلي وئي آهي، سورٺ سان شاهه انصاف ڪونه ڪيو ائين آهي ته جيتوڻيڪ آکاڻيءَ جا مکيه اداڪار ٻيجل، ۽ راءِ ڏياچ آهن ته به سر کيس سڏيائين سورٺ جي نالي سان. تنهن هوندي به سورٺ ان اهڙي محبت نه ڪئي اٿس جا ڪرڻ گهربي هئس. راءِ ڏياچ جو ڪمال چئبو جو راڳ جي رس تي سر وڍي ڏنائين پر شاباس سورٺ کي به آهي جنهن اکين سان اهو خوفناڪ واقعو ڏٺو. ويچاريءَ بي وسي جي حالت ۾ سينو چيريندڙ ورلاپ ڪيا هوندا.” پر حقيقت ائين ناهي، اهو اسان جي محققن جو پنهنجو ذاتي رايو ٿي سگهي ٿو. پر ڏٺو وڃي ته سر سورٺ ۾ سورٺ جو گهٽ ذڪر هوندي به جهڙوڪر وڌ ذڪر آهي. سورٺ هن سُر جي مالڪياڻي ۽ مکيو ڪردار آهي. محققن لکيو آهي ته، “شاهه صاحب کي پاڻ سنگيت ۽ سماع سان جيڪا محبت ۾ لڳاءُ هو. شايد ان جو پرتوو ڏياچ جي ساز لاءِ سر ڏيڻ ۾ ڏٺائين. انهيءَ سماع جي ڪري خود پاڻ به وقت جي ملن ۽ قاضين جي تنقيد جو نشانو بنيو هو. پر اهي ان مهل تائين نه ڇڏيائين جيستائين ساهه ۾ ساهه هئس. پڇاڙيءَ ۾ پساهه به سماع جي محفل هلندي پورا ٿيا هئس. تنهن ڪري چئي سگهي ٿو ته پاڻ جڏهن سير سفر ڪندي گرنار، جونا ڳڙهه پاسي ويو هوندو، تڏهن اهو داستان ٻڌو هوندائين ۽ ان ۾ موسيقيءَ جي محبت جي حوالي سان ڏياچ جي ڪردار کان گهڻو متاثر ٿيو هوندو. انڪري مکيه ڪردار جي حيثيت ۾ راءِ ڏياچ کي ڳائي سورمو بنايائين. يعني راءِ ڏياج جو ٻيجل جي چوڻ تي سر ڏيئي سرخرو ٿيڻ ۽ سندس مرڻ کان پوءِ سورٺ جو روئڻ، پٽڻ، هن داستان جو دلچسپ پهلو آهي ٻيجل جو ڪردار به شاهه صاحب وٽ گهٽ ڪونهي. راڳيندڙ يا سنگيت ڪار جو وٽس جيڪو مان هو سو ٻيجل کي سندس ڪردار جي ڪچائيءَ جي باوجود ڏنو اٿس. اهو فنڪار جنهن کي سماج گهٽ نظر سان ڏسي ٿو، گهٽ ذات سمجهي ٿو ۽ مگڻو چوي ٿو، انهيءَ ۽ ڏاتار جي وچ ۾ وسيلو ڪونه آهي. چارڻ جو چت ۽ تندن جي تار ٻئي هڪ آهن. ٻنهي جو رابطو سڌو سنئون آهي. اهو فنڪار جڏهن ساز ٿو سوري، جڏهن مگڻو مال بدران سر جي ٿو صدا هڻي ته جونا ڳڙهه جهري ٿو پيون ۽ شاهي جهروڪن ۾ جهانءِ پئجيو وڃي. اهو منگتو، مڱڻهار، پينو، پينار، مال، دولت، سون، رپي ۽ هاٿين کي ٺڪرائي ٿو، هو نه ڪو ضررتمند آهي نه ڪو لالچي آهي.” محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو، سِر جي صدا سُر ۾ گهور هڻي گهرندو، مٿي ري ملوڪ جي چارڻ نه چرندو، جهوناڳڙهه جهرندو، پوندي جهان جهوڪ ۾. پر آئون ذاتي طور تي ان راءِ جي آهيان ته بيشڪ ڀٽائي سر سورٺ ۾ سورٺ جو ذڪر گهٽ ڪيو آهي پر سورٺ پوءِ به هن قصي جي مکيه حيثيت ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته قصي موجب اهو سمورو معاملوٿيو ئي سورٺ جي ڪري ۽ جڏهن سورٺ مري ٿي وڃي ته پوءِ ته قصو ئي ختم ٿي وڃي ٿو. ٿورو غور سان ڏسجي ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هيءُ قصو جنهن جي لاءِ اسانجي فاضل ليکڪن جو خيال آهي ته راء ڏياچ جي گرد گهمي ٿو. پر اصل ۾ ائين ناهي. ان قصي جو مرڪز ۽ محور سورٺ آهي. ان ڳالهه جو فيصلو ڀٽائي پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو آهي، سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَه ڪو راڳُ نَه رُوپَ ڪو، نَه ڪا تَندُ تَنوارَ، تِهان پوءِ مَڱڻهارَ، ڏنو سِرُ ڏِياچُ کي. ثابت ٿيو ته هيءُ قصو ۽ ڀٽائيءَ جو سُر سورٺ سورٺ جي ڪردار جي گرد گهمن ٿا. هوء جڏهن مري ٿي ته قصو ئي ختم ٿي وڃي ٿو.
    ******


    6

    ڀٽائيءَ جي سورمين تي سوچيندي آئون جهڙو ڪر فيمينسٽ ٿي وئي هئس. عام طور تي اهو مڃيو ويندو آهي ته فيمينزم جي شروعات افلاطون جي فلسفي سان ٿي، جنهن سڀ کان اول عورت ۽ مرد جي حق جي برابري جي ڳالهه ڪئي. جنهن کانپوءِ ترتيبوار ڪجهه ڏاها دانشور صنفي بنيادن تي امتياز کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندا رهيا ۽ پاڻ کي فيمينسٽ سڏرايائون. جن ۾ لورا ڪريٽا، بلرام داس(پهريون ڀارتي فيمينسٽ)، مصري اديب قاسم امين، ايراني اديبه بيبي خانم استر آبادي، للي ٽيلر(ٽين لهر جي داعي)، هيلين سوارن(جسم فروشي جي سخت مخالف فيمينسٽ ليکڪه)، سائمن ڊي بوائر، جوليا ڪرسٽيوا، ورجينا وولف، بنگالي ليکڪه تسليمه نسرين ۽ ٻيا اديب ۽ اديبائون شامل هئا. شروعاتي يا قديم ڏاهن کي “پروٽوفيمينسٽ”۽ پوءِ وارن ڏاهن کي “پوسٽ فيمينسٽ” سڏيو ويو. پر اهو پڻ عام رايو رهيو ته جيئن ته عورتازاد تحريڪ دنيا جي مختلف خطن ۾ مختلف نوع ۾ هلي آهي ان ڪري پروٽو فيمينسٽ يا پوسٽ فيمينسٽ جهڙا اصطلاح ڪتب نه آڻڻ گهرجن. تاريخ جي لاهن چاڙهن عورتن مليل قديم دور وارا حق کسيا ويا. ايسيتائين جو يورپ جهڙي سڌريل سماج ۾ به عورتن کي 20 هين صدي ڌاري ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو. نٽ شيل ۾ تقريبن سڀئي ڏاها فيمنزم واري تحريڪ کي لهرن يعني WAVES) ( ۾ ورهائين ٿا. ۽ تاريخوار ان ترتيب کي هن طرح بيان ڪن ٿا.
    پهرين لهرFIRST WAVE
    ٻي لهر SECOND WAVE
    ٽين لهر THIRD WAVE
    چوٿين لهر FOURTH WAVE
    پهرين لهر 19هين صدي جي پڇاڙڪن سالن ۽ 20هين صدي جي شروعاتي سالن ۾ شروع ٿيل هن عورتازاد تحريڪ جي پهرين لهر جو مقصد عورت کي موروثي غلامي مان آجپو ڏياري جنسي بنيادن تي عورت ۽ مرد جي فرق کي ختم ڪرڻ هو. ٻي لهر SECOND WAVE ٻي لهر 1960 کان 1980 ڌاري تائين هلي ۽ ان جو مقصد عورت جي تاريخي توڙي ثقافتي حيثيت تسليم ڪرائي ان کي باوقار طريقي سان سماجي رتبا ڏيارڻ هو. ٽين لهر THIRD WAVE ٽين لهر 1980 کان 2000 تائين هلي توڙي جو هيءَ ٽين لهر ٻي لهر جو تسلسل هئي پر ان ۾ عورتازاد حامي دانشورن جن ۾ عورتون توڙي مرد دانشور شامل هئا جو زور هو ته عورت کي موروثي ملڪيت ۾ برابر جو شريڪ سمجهيو وڃي ۽ کيس هر طرح جي چونڊ جو حق حاصل هجي. چوٿين لهر FOURTH WAVE هر تحريڪ هر نظريو جنهن جو بنياد ڪيترو به مثبت هجي پر ان ۾ ڪي نه ڪي اهڙا اليمينٽ اچي ويندا آهن جو ماڻهو ان مان بيزار ٿي ويندا آهن. فيمينزم جي تحريڪ سان پڻ ائين ئي ٿيو. ڇاڪاڻ ته فيمينزم جي چوٿين لهر ڏاڍي خوفناڪ ٿي سامهون آئي آهي. هن لهر هيٺ عالمي سطح تي عورتن جا مطالبا ڏاڍا ڳرا آهن ۽ شايد قبوليت جوڳا ناهن. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي اهو مطالبو آهي ته هر ملڪ جي هيڊ عورت هجي ۽ هر ملٽي نيشنل ڪمپني جي ٽاپ مئنيجمينٽ پڻ عورتن حوالي هجي. ان کان علاوه به ڪيترائي مطالبا آهن. جن جي مڃتا لاءِ عالمي سطح تي عورت تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. فيمينزم جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون منهنجي ذهن۾ اچي رهيون آهن، جيڪي هتي شيئر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿي. فيمينز جي حوالي سان ڪجهه ڪتاب اهڙا آيا جن دنيا ۾ پاڻ مڃايو، انهن ۾ سائمن ڊي بوائر جو “سيڪنڊ سيڪس” جنهن جو اردو ترجمو ڪشور ناهيد “عورت ڪيا هئه” جي نالي سان ڪيو. ۽ٻيو ڪتاب هو ميري وولسٽون ڪرافٽ جو A VINDICATION OF THE RIGHTS OF WOMAN . “هڪ سئو عظيم ڪتاب” جي ليکڪ لکيو آهي ته، اهو جڏهن 1792ع ۾ شايع ٿيو ته اهو نالو خطرناڪ حد تائين عجيب غريب پئي ٻڌڻ ۾ آيو. پر ميري وولسٽون ڪرافٽ هڪ نظرين ۽ خيالن واري عورت هئي ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ ۾ به کيس ذري برابر ڊپ نه ٿيندو هو. هوءَ ڪا ڪمزور، سهارا وٺندڙ ۽ محبت سان هيٺاهين وٺندڙ قسم جي عورت نه هئي. هو پنهنجي سموري زندگي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ جي عادي هئي. هن ورهين تائين پنهنجن والدين ۽ ڀينرن ڀائرن جي سهائتا ڪئي هئي ۽ ادبي دنيا ۾ پير ڄمائڻ کان اڳ گورنيس ٿي بيعزتيون سٺيون هيون ۽ ماسترياڻي ٿي غلامن وانگر ڪم ڪيو هو. هو هڪ دوست پبلشر جي رهنمائي هيٺ لنڊن آئي جتي رسالن لاءِ ليک لکي ۽ ترجمن جو ڪم ڪري پنهنجو ضروري خرچ پکو ڪڍندي رهي. اهو ڪم هن کان اڳ ڳاڻ ڳڻين عورتن ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اڪثر ماڻهو انهي کي غير مناسب سمجهندا هئا. هن جڏهن پنهنجي گندي ۽ شهر جي ٻاهرئين علائقي ۾ واقع جاءِ ۾ پنهنجو ڪتاب لکڻ شروع ڪيو ته سندس عمر ٽيهن کان ڪجھ ورهيه مٿي هئي ۽ تڏهن به چڱي خوش شڪل هئي جو اوپي (OPIE) پاران ٺاهيل سندس پورٽريٽ ۾ ڏاڍي دلڪش نظر اچي ٿي. ڪتاب جا هي لفظ اڄ به ماڻهن جا تاڪ کولي ٿا ڇڏين ته “ڪاش مرد اسان جون زنجيرون ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين ۽ غلاماڻي تابعداري بجاءِ عقل ۽ شعور واري دوستي تي راضي رهن ته اهي اسان کي مذهبي معاملن ۾ وڌيڪ فرض شناس ڌيئرن، وڌيڪ پيار ڪندڙ ڀينرن ۽ وڌيڪ وفادار زالن، وڌيڪ باشعور مائرن ۽ مختصر طور چئجي ته وڌيڪ بهتر شهرين جي روپ ۾ ڏسندا.” عورتن جي حوالي سان منسوب انهن ڏينهن ۾ ڪجهه لفظ سيفو جي لاءِ لکڻ تي دل ٿي چوي، دنيا جي پهرين فيمينسٽ عورت يونان جي شاعره سيفو هئي جنهن پنهنجي ساهيڙين جو الڳ گروهه تشڪيل ڏنو هو جنهن ۾ مردن جي داخلا ممنوع هئي. سندس اهڙين حرڪتن جي ڪري کيس گهر نيڪالي ڏني وئي جنهن کي هن خوشيءَ سان قبول ڪيو. جنسي بنيادن تي اها ڪنهن به عورت جي کنيل پهرين وک هئي. سندس شاعري پڻ تمام گهڻي خوبصورت آهي. سندس شاعريءَ کان مشهور شاعرائون ايمي لوئل، ميري ماجدلين، پيري لوئيس، مشل فيلڊ ۽ ٻيا شاعر ۽ شاعرائون ڏاڍا متاثر ٿيا ۽ هنن سيفو جي ساراه جا گيت ڳايا آهن. سندس ڪجهه سٽون آهن، مون وٽ هن جا لاءِ ٻيا لفظ ناهن، پر آئون صرف ايترو چونديس ته هوءَ مون وٽ نه رهي هئي ته مونکي مرڻ گهرجي ها... جيڪڏهن تو مونکي وساري ڇڏيو ته آئون تنهنجا سڀ تحفا ايفروڊائيٽ کي ڏئي ڇڏينديس... مون چيو وڃ ۽ خوش ٿي، پر ياد رکجانءِ جنهن کي تون ڇڏين ٿي اها مري ويندي... سيفو جي سڄي شاعري عورتن جي لاءِ آهي، هن وٽ محبوب به عورت آهي ته محب پڻ عورت آهي.
    ******


    7

    مون ڀٽائيءَ کانسواء به سنڌي شاعري پڙهي. ڪجهه شاعر منهنجي اندر ۾ پيهي ويا هئا. مون پڙهيو ته شيخ اياز پنهنجي هڪ مضمون، “سنڌي شاعريءَ جو مزاج” ۾ لکيو آهي ته سنڌ جي جديد شاعريءَ جڏهن اک کولي، تڏهن ان جي چوڌاري اوندهه نظر آئي. زندگيءَ جا قدر بدلجي چڪا هئا. فاشزم جا ڪوڙا پيغمبر چوٽيءَ جا شاعر ٿي سمجهيا ويا. انصاف، امن، انسان دوستيءَ جي سج کي انهن جي شاعري گرهڻ جيئن ويڙهي چڪي هئي. اسان ڏٺو ته اسان جا شاعر تصوف وارو انساني برادريءَ جو پيغام وساري چڪا آهن. تخليقي قوت کي تعصب جي ڌٻڻ ڳڙڪائي چڪي آهي، شاعري فقط لفاظي آهي، نقالي آهي، ادبي شعبده گري آهي ۽ ان ۾ پيغمبريءَ جي بوءِ به نه آهي. اسان ڏٺو ته اسان جي ثقافت جي جڙ ڪٽجي چڪي آهي، ۽ جا ثقافت اڳ واڙيءَ ڦل جيئن وڌي هئي، اها بي پاڙيءَ ول جيئن ڦهلجي رهي آهي، جا اسان جون ساريون صلاحيتون سڪائي ڇڏيندي. اسان ڏٺو ته ڀولڙا تاريخ جي مداريءَ جي هٿ ۾ نچي رهيا هئا ۽ شينهن پنجوڙ ڏسي پاسي ٿي ويا هئا. ان وقت اسان سوچيو ته اسان جي نجات ان ۾ آهي ته ڀٽائيءَ سان پنهنجو سلسلو جوڙيون ته اهي روحاني قدر، جي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي جان ها، تن کي جديد شاعريءَ جو سنگ بنياد ڪيون، ته هن ڪوڙ جي سڙاند ۾ وري اها سچ جي سڳنڌ ڦهلايون، جنهن کان هن ڌرتيءَ جي ڪن ڪڙڇ وانجهي ٿي چڪي آهي. مومل به نئين مينڌرا به نوان، پر ڪلڪ پراڻي هئي. اسان ان تي پنهنجا رنگ رتول اڏيا، ۽ مستقبل فيصلو ڪندو ته اسان جي جديد شاعريءَ تي به ڪي صديون ڀونر ڀنڀوليا ايندا يا نه!...اياز جي ڳالهين ۾ سندس وسيع مطالو ۽ الڳ “ ويو پوائنٽ” صاف نظر اچي ٿو. جنهن کي جيئن جو تيئن کڻي نه به قبول ڪيون پر پوءِ به انتهائي سندس ڳالهيون انتهائي اهم آهن.” امداد حسينيء جون سٽون آهن، تون ئي تون موجود! تون ئي تون موجود، ميان، آءٌ عدم موجود! سِڪَ سبق ٿو پڙهيو پڙهان مان، ورهه ورونهن وِرُود ميان، آءٌ عدم موجود ميان تون ئي تون موجود! دلبر توئي دان ڏنو هي، دل کي درد درود ميان آءٌ عدم موجود ميان تون ئي تون موجود! ٻيجل،راءِ ڏياچ به تون ئي، تون ئي ساز سرود ميان آءٌ عدم موجود ميان تون ئي تون موجود! جنهن گس جي ڳالهه شيخ اياز ڪئي آهي، ان گس تي امداد حسيني هليو آهي، “آءٌ عدم موجود ميان” واري سٽ پنهنجي پر ۾ هڪ تمام وڏي ڪائنات سمائي ٿي. پنهنجي وجود جي نفي ۽ ڪنهن آفاقي وجود جي اثبات هجڻ ئي ته ڀٽائي جي پيروي آهي جيڪا امداد حسيني ڀلي طرح ڪئي آهي. جيئن ڀٽائي چيو هو، نَفِيءَ سَندي ناهِ سين، پُڇِي پُڇِيائُون، ڀِڙا جي ڀائڻ جا، ڀيري ڀَڳائُون، اَسِين ۽ آئُون، آتَڻِ هُئي نه اُن جي. اصل ۾ اهو، “اَسِين ۽ آئُون، آتَڻِ هُئي نه اُن جي” وارو رستو ئي امداد حسيني وٺي ڀٽائي وٽ پهتو آهي. امداد جي شاعريءَ جا گهڻا پيرا ڀٽ ڏانهن وڃن ٿا. پر اسلوب جو فرق آهي. امداد صاحب جهڙوڪر ڀٽائي جي فڪر کي نئون ڪري پيش ڪيو آهي. هو چوي ٿو، هِي جو نِيرُ نينهن جو، چنگن جي چُونگارَ، جهُونجهڪڙي جي جيءَ ۾، جهيڻي جنهن جُهڻڪارَ، ڪاري رات ڪراڙ تي، ڪُونجن ڪِي ڪُڻڪارَ، لُوئا لُوئا ٿي لُڇي، لونءَ لونءَ منجهه لغارَ، ٻاٻاڻن تي ٻولِيو، ٻاٻيهي ٻيهارَ، ايڏو اوري ٿي ٻُڌان، ٽلين جي ٽِڻڪارَ، بوندون برسيون بُٺَ تي، ڇِڻ ڇِڻ ڇِڻ ڇڻڪارَ، ڊاهي وئي ديوار کي، تاڙي جي ته تنوارَ، اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪِي ڳُٽڪارَ، نِڱيا هڪل هُونگَ سان، ڪاهي ڌَڻَ ڌڻارَ، منهنجي ملڪ ملير تي، اُٺا ميگهه ملهارَ، واڄا ٽاڄا وِڄڙِيون، کنوڻين جا کِلڪارَ، گوڙيون ۽ گجگوڙِيون، دُهلن جا ڌڌڪارَ، سارنگيون سارنگ جون، ٻُرن پارَ اَپارَ، کيانتل آندي کير جي، کاسي کبر چارَ، واڄو وڄي وجود ۾، جيئن چڙي جي لارَ، هِيرَ ڪري وئي هيج مان، ڀيڄ ڀنيءَ ڀُڻڪارَ، سُرت سَري ساڻيهه کي، لٿا عمر آزارَ، ڏاڏاڻن جي ڏيهه تان، ٽرئا ڏرت ڏڪارَ، ڀِٽَ ڌڻيءَ ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جي تارَ: “سائين سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪارَ، دوست مٺا دلدارَ، عالم، سڀ آباد ڪرين!” هن نظم ۾ امداد صاحب ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڀٽائي کي طرح طور قبول ڪندي کيس خراج پيش ڪيو آهي. اهڙو خوبصورت مثال شايد ئي سنڌي شاعري ۾ ملي.
    امداد صاحب جي شاعري جو اڀياس ڪندي منهنجي ذهن ۾ هي نڪتا نروار ٿي تري آيا ته امداد حسيني جديد سنڌي شاعري کي ڪلاسيڪي شاعري جي آڌار بيهاريو آهي، هن سنڌي شاعري کي پنهنجي بنياد سان منسلڪ ڪيو آهي، امداد حسيني جديد سنڌي شاعري کي “اياز ازم” جي مضبوط قلعي مان ڪڍيو آهي، سندس شاعريءَ تي ڀٽائي جو اثر نمايان آهي، پر سندس شاعري تي شيخ اياز جو اثر بنهه ناهي. هو پنهنجي پر ۾ الڳ گهاڙيٽي ۽ فن سبب شاعريءَ جي الڳ رخ جو رهنما آهي، سندس شاعري بنيادي طور سنڌ جي جديد آواز جو عڪس آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ سان بيپناهه جڙيل آهي. امداد صاحب جي شاعري قديم ۽ جديد جو حسين سنگم آهي. جو به هن دَور جو انسان آهي، صرف حيران پريشان آهي. شاهه آهي کڻي سلطان آهي، تنهنجي در جو اُهو دربان آهي. دينُ آهي نڪو ايمان آهي، پوءِ به چي ٿو ته مسلمان آهي. مان ڀڀڙ جيئن پِيو ٿو ڀڙڪان، مٿان طوفان به طوفان آهي. سُور ڏين ٿي ته سهڻ جهڙو ڏي، آخر ”امداد“ به انسان آهي. امداد صاحب جي شاعري پڙهڻ کان پوءَ مجموعي طور تي اسان چئي سگهون ٿا ته امداد صاحب ڀٽائي کان رستو وٺي “نيو رومانٽڪ ازم” جهڙو ڪر اصطلاح پيدا ڪري سنڌي جديد شاعريءَ کي الڳ مقام تي رسايو آهي. جنهن جي هڪ منزل پڻ آهي. امداد حسيني کي پنهنجي صلاحيتن تي ناز به آهي، ڇاڪاڻ ته فني توڙي فڪري لحاظ کان هن پنهنجي شاعري ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا آهن. سندس ڪتاب “ ڪرڻي جهڙو پل” جيڪو امداد صاحب جي آٽو گراف سان گڏ مون وٽ موجود آهي. اهو ڪتاب امداد صاحب جي طويل شعري مشق جو ثمر آهي. سندس شاعري پڙهندي ائين لڳندو آهي ڄڻ ته لفط ۽ شعري اصطلاح سندس مضبوط فني گرفت جي ڪڙي ۾ موجود آهن. هو جڏهن به ڪجهه لکڻ چاهي ٿو تڏهن لفظ جهڙوڪر ڊڪون ڊوڙيون پائي کيس پنهنجي قلم مان ڪڍڻ لاءَ چوندا هجن. اهي ئي خوبيون ڪنهن کي “ڀٽائي” ته ڪنهن کي “اياز” ته ڪنهن کي “امداد حسيني” بڻائيندو آهيان. امداد صاحب لاءِ ڊاڪٽر سحر امداد لکيو هو ته بحيثيت شاعر امداد جو فڪري سفر مسلسل جاري آهي- هو ڪنهن ميل- پٿر جيان هڪ هنڌ بيٺل نه آهي- ان ڪري سندس شاعري جمود جو شڪار ناهي ٿي- سندس شاعري سدا ڇُلندر/ لُڇندڙ اونهي سمونڊ جيان آهي. سدا بيقرار ۽ بيڪران، اڻهئي اٿاهه ۽ اننت. هو شاهه لطيف جو فڪري پوئلڳ آهي ۽ سندس مسيحائي اعجاز کي مڃيندڙ آهي. سندس يقين آهي ته: “هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون!” ۽ “هُت” پهچڻ لاءِ هن جو سفر جاري آهي: قلم ٿي ويون آڱريون جي ته ڇا ٿيو مُڇيل آڱرين سان به ليکڪ لکن ٿا... امداد صاحب جي شاعريءَ مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. جنهن ڪري سندس شاعريءَ جو هيءَ مختصر اڀياس لکيو آهي. ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ تي منهنجو هيءُ پهريون رِويو آهي. اهو لکڻ جو مقصد به صرف ۽ صرف امداد صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي...
    ******


    8

    هڪ ڏينهن طبيعت اچانڪ خراب ٿي پئي، بابا مونکي ڳوٺ جي ويجهي واري ٽائون ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ وٺي ويو. واٽ ويندي مون ڏٺو ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ڪاليجي لباس ۾ وڃي رهيون هيون. مون بابا کان پڇيو،
    ”بابا هتي ڪاليج به آهي ڇا؟”
    ”ها پٽ ڪاليج آهي.”
    ”مان به ڪاليج ۾ پڙهنديس”
    ”پٽ ٿورو ترس مٿئين سال سرمد به ڪاليج ۾ داخلا وٺندو پوءِ توهان ٻئي ڀاءَ ڀيڻ ڪاليج وڃجو.”
    آئون ڏاڍي خوش ٿيس، جهڙوڪر مونکان منهنجي بيماري ئي وسري وئي.
    سرمد جي امتحانن جا نتيجا اچي چڪا هئا. ڪو خاص رزلٽ نه آيو. بابا کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. ۽ امان کي چيائين ته هتي پڙهائي ناهي اسان کي ڪراچي هلڻو پوندو. ٻارڙن جي مستقبل جو سوال آهي. امان مڃڻ واري ڪاٿي هئي. امان چيو آئون هرگز ڪراچي نه هلنديس نه ئي توهان کي وڃڻ ڏينديس. بابا به هار مڃڻ وارو ڪو نه هو. ۽ امان کي وڏي آواز ۾ چئائين،
    ”صفيه بيگم! جيڪڏهن تون ڪراچي نه هلئين تڏهن به آئون پنهنجي ٻارن کي وٺي هليو ويندس ۽ اتي ٻي شادي ڪندس. مونکي دنيا جي هرشئي کان وڌيڪ پنهنجي ٻارن جو مستقبل آهي. ٻن مهينن کانپوءِ اسان ڪراچي هلنداسين.“
    بابا ڪاوڙ ۾ گهران ٻاهر نڪري ويو.
    سرمد ۽ آئون ته امان بابا جي جهيڙي ۾ ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهياسين. آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهي هيس. خيالن خيالن ۾ پاڻ کي ڪاليج جي يونيفارم ۾ محسوس ڪري رهي هيس.
    امان جيڪا ڳوٺ ۾ وڏيري مشهور هئي ۽ سندس اڳيان ڪو به ڳالهائي نه سگهندو هو. بابا جي اهڙي غير متوقع رويي تي حيران به هئي ته پريشان به هئي. ان ئي شام جو خاله جن اسانجي گهر آيا. خاله سان گڏ سندس وڏو پٽ ريحان به آيو هو. امان ۽ خاله ڊرائنگ روم ۾ هورڙيان هورڙيان ڳالهائي رهيون هيون. شايد امان خاله کي بابا جي ان فيصلي بابت ٻڌائي رهي هئي. آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي ڪو ڪتاب پڙهي رهي هيس ته اوچتو ريحان ڪمري ۾ آيو ۽ منهنجي هٿان مان ڪتاب کسي ورتائين ۽ چيائين.
    ”اسان هيترن ڏينهن کانپوءِ آيا آهيون توهان سنئين منهن ڳالهايو به نٿا.“
    آئون سندس اهڙي روش تي گهٻرائجي ويس ۽ رڳو ايترو چئي سگهيس ته،
    ”نه اهڙي ڳالهه ناهي.“
    ”ڳالهه اهڙي ئي ته آهي، آئون ڪيتري دير سان توسان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. تون مون ڏانهن ڏسين به نٿي.“
    مون پهريون ڀيرو ريحان ڏانهن اکيون کڻي نهاريو. الائي ڇو مونکي سندس سمورو وجود هڪ شرارت لڳي رهيو هو. سندس هڪ دم ”توهان“ مان ”تون“ ڪري ڳالهائڻ به مونکان نه اڪلي سگهيوهو.
    ”ڏسان ته پئي توهان ڏانهن.“
    ”توهان ڇو؟ تون ڪري ڳالهائي نه. وي آر ڪزنس يار“
    مونکي سندس فري ٿيڻ بلڪل نه وڻيو.
    ”دين واٽ اف وي آر ڪزنس.”
    هو منهنجي جواب تي ششدر ۾ اچي ويو ۽ هڪ دم رنگ مٽائيندي چيائين.
    ”آءَ مين، وي مي بي گڊ فرينڊس ٽو...“
    ريحان مسڪرائيندي مونکي ڪتڪتايون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيائين،
    ”ايتري به سنجيدگي چڱي ناهي، ڪجهه کل ته سهي...”
    آئون ساڻس وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيس. پر سندس ان طرح مونکي ٽچ ڪرڻ مونکي بلڪل نه وڻيو هو.
    ٿوري دير ۾ خاله آئي ۽ هو ان سان گڏ هليو ويو.
    *****


    9

    مونکي ڳوٺ آئي ڪي گهڻا ڏينهن به ڪو نه ٿيا هئا پر ان دوران منهنجون ڪيتريون ئي ساهيڙيون ٿيون، ڪزنس منهنجي ويجهو آيا. ڪي ڪهڙي نيت سان ڪي ڪهڙي نيت سان. مان سڀني سان گڏ هوندي به ڌار رهي هيس. هو سڀيئي مون وٽ ايندا هئا پنهنجون ڳالهيون ٻڌائي دل جو بار هلڪو ڪندا هئا. هنن جي نظر ۾ آئون سندن ڳالهين ۽ سيڪريٽس جي امين هيس. هنن جي دنيا ۾ هنن سان گڏ هوندي به منهنجي اندر جي دنيا الڳ ٿلڳ هئي. توڙي جو اڪثر ڪزنس هڪٻئي جو گلائون ڪندا هئا پر آئون مسڪرائي سندن ڳالهيون ٻڌيون اڻٻڌيون ڪري ڇڏيندي هيس.
    انهن ڏينهن ۾ مونا منهنجي تمام گهڻو ويجهو آئي. لڳ ڀڳ منهنجي عمر جي مونا ڏسڻ ۾ سهڻي ۽ معصوم هئي. هن جو افيئر ڪنهن وڏي عمر جي شادي شده پري جي مائٽ سان هو. هوءَ مونکي ٻڌائيندي هئي ته سندس دوست کائنس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو آهي، ۽ سندس ڌيئر هن جي عمر جون هيون، پر پوءِ به هوءَ مٿس فدا هئي. ايتري تائين جو کيس چيو هئائين ته جيڪڏهن خاندانن ۾ ڪو ٽسل نه ٿئي ته هوءَ ساڻس نڪرڻ لاءِ تيار هئي. مون کيس سمجهايو ته
    ”چري نه ٿي مونا، تنهنجو ان طرح ڪنهن سان نڪري وڃڻ تي وڏو خانداني تڪرار ٿيندو.“
    مونا چيو،
    ”مونکي خاندان جي پرواھ ناهي. مونکي خاندان ڇا ڏنو آهي، جو آئون ان جي پرواھ ڪيان.”
    مون چيس،
    ”توکي تنهنجي خاندان عزت ڏني آهي، ان جو ته خيال ڪر”
    هڪدم بغاوت اکين ۾ آڻيندي چيائين،
    ”اسان آخر ڪيسيتائين عزتن جو ٻليدان ڏينديون رهنديونسين. ڪيسيتائين مردار عقيدن ۽ ڀرمن جي ور چڙهنديوسين، مون کان قرباني ڪا نه پڄندي.”
    هن جي اکين ۾ عجيب روشني ۽ اعتماد هو، مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي،
    ”تون پاڻ سوچ هو توکان عمر ۾ الاهي وڏو آهي، تون هن جي ٻارن جيتري آهين، پوءِ به تنهنجي ضد ان شخص سان شادي ڪرڻ جي.!”
    هن چيو،
    “توکي ناهي خبر يار، هي از ويري لونگ اينڊ ڪئرنگ، باقي ٻيو اسان کي ڇا ٿو گهرجي؟ زندگي گهڻا سال آهي، 30، 40 50، 60 سال بس نه ! اڳي پوءِ مري وڃڻو آهي نه! جي مرڻو خدا جي مرضي سان آهي ته، پنهنجي مرضي سان جيئڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟”
    آئون سندس اهڙين ڳالهين تي گهٻرائجي لاجواب ٿيندي پئي ويس، پر وري به چيومانس،
    “آخر تو ان ماڻهو ۾ ڇا ڏٺو آهي؟ جو ان جي پويان زندگي پئي برباد ڪرين، منهنجي مڃين ته ڇڏي ڏينس، مڃيندينءَ؟”
    هوءَ مون تي تپي باھ ٿي وئي،
    “يار ان ماڻهو ان وقت منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي جڏهن سڀ مونکي بيوقوف سمجهندا هئا، جڏهن گهر ۾ مونکي ‘واڌو ڀاتي’ سمجهيو ويندو هو ان وقت ان ماڻهو مونکي امپارٽنس ڏني. ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ڳالهيون ڪندو هو، توڙي جو هو بابا جو پري جو ڪزن آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ايندو هو، پر جڏهن به ايندو هو منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو هو، هن منهنجي لاءِ ايتريون شيون آنديون آهن جيتريون بابا به مونکي نه وٺي ڏنيون هونديون. هو طبيعت جو تمام سٺو آهي. مونکي ڏاڍو وڻندو آهي، باقي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙي ماڻهو جي ضرورت پوي ٿي، ڇا تون چاهين ٿي ته ڪنهن اميچوئر ڪزن سان وهانءُ ڪري زندگي عذاب ۾ وجهان ۽ پاڻ سان گڏ ان کي به پاليان ۽ سنڀاليان. يار آئون پاڻ اميچوئر آهيان، زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن ميچوئر سهاري جي ضرورت آهي ۽ اهڙو سهارو منهنجو صرف ۽ صرف اهو شخص آهي، جنهن کي تون انڪل ڪر سڏين ٿي.”
    آئون مونا جي اڳيان هارائجي چڪي هيس، کيس چيم ته ڪو فيصلو جلدي نه ڪر ٻه ٽي ڏينهن سوچ، پوءِ وري ڳالهائينداسين، هوءَ هلي وئي ۽ وري نه موٽي.
    گهڻن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته مونا ان شخص سان نڪري وئي خاندان ۾ مسئلا ٿيا، پر هوءَ ڪورٽ ۾ پنهنجي وهانء جو اقرار ڪري آئي، ماڻهن جا منهن بند ۽ هٿيارن جا منهن کلي پيا هئا. ڪيترائي ماڻهو ٻنهي پاسن کان گولين جو کاڄ بڻيا. ڳوٺ ڳوٺ نه بلڪه هٿيارن جي ڪالوني لڳڻ لڳو هو.
    آئون اڪثر مونا تي سوچيندي هيس، هن جون ڳالهيون ياد ڪندي هيس، مونکي حيرت ٿيندي هئي ته هڪ معصوم ڇوڪري ۾ ايتري همت ڪٿان آئي جو خانداني روايتن کان بغاوت جو اعلان ڪري ويٺي. شايد اها پيار جي قوت هئي؟ آئون پيار جي فلسفي تي سوچي لاچار ٿي پوندي هيس. آخر مونا پاڻ کان عمر ۾ ايڏي وڏي آدمي سان ڪيئن پيار ڪيو؟ وري مونکي سندس لفظ ياد ايندا هئا، “يار ان ماڻهو ان وقت منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي جڏهن سڀ مونکي بيوقوف سمجهندا هئا، جڏهن گهر ۾ مونکي ‘واڌو ڀاتي’ سمجهيو ويندو هو ان وقت ان ماڻهو مونکي امپارٽنس ڏني. ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ڳالهيون ڪندو هو، توڙي جو هو بابا جو پري جو ڪزن آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ايندو هو، پر جڏهن به ايندو هو منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندو هو، هن منهنجي لاءِ ايتريون شيون آنديون آهن جيتريون بابا به مونکي نه وٺي ڏنيون هونديون. هو طبيعت جو تمام سٺو آهي. مونکي ڏاڍو وڻندو آهي، باقي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙي ماڻهو جي ضرورت پوي ٿي.”
    منهنجي سوالن جا جواب مونا جي لفظن ۾ موجود هئا، آئون آخر مڃڻ تي مجبور ٿيس ته هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي غور سان ٻڌي ٿو، اهميت ڏئي ٿو، ڪيئر ڪري ٿو، سندس راءِ جو احترام ڪري ٿو ته يقينن پيار اهو ئي آهي. باقي پيار ڪنهن الهام جي صورت ۾ ته اچڻو نه هو. توڙي جو مونا جي اندر ضد ۽ انا ڀرجي چڪي هئي پر هوءَ تمام سٺي ڇوڪري هئي. مونکي سندس گهڻيون عادتون ڏاڍيون وڻنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن سندس مرضي جي خلاف ڪو ڪم ٿيندو هو ته هوءَ ڪو اڌم نه مچائيندي هئي. گهر ۾ سڀني سان کلي ملي ويندي ويندي هئي. ننڍن سان ننڍي وڏن سان ويهندي ته ڄڻ هيءَ اها مونا آهي ئي ڪانه. وڏن سان انتهائي ننڍي ۽ نماڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي. جتي يا جنهن معاملي ۾ گهر جي وڏن جي دخل اندازي ٿيندي هئي اتي سندس شرارتن جي جهڙوڪر سرحد اچي ويندي هئي. اها مونا جيڪا پنهنجي تي ايندي هئي ته سڀني ڪزنس کي نڪ ۾ دم ڪري ڏيندي هئي، اها جڏهن وڏن جي سامهون ويهندي هئي ته شرافت ۽ عقيدت جو مجسمو لڳندي هئي. مون کي ياد آهي هڪڙو ڀيرو مونا ۽ آئون ڪنهن ڪزن جي گهر وياسين. اتي مونا ضد ڪئي ته چانهه هوءَ پاڻ ٺاهيندي وڏي اهتمام سان سڀني هم عمر ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ چانهن ٺاهيائين. ان وقت گهر ۾ ڪو به وڏو موجود نه هو. مونا کي الائي ڪهڙي شرارت سجهي، هن چانهن ۾ کنڊ بدران لوڻ ۽ ٻيو الئي ڇا وجهي ڇڏيو. لوڻ به ڪو لوڻ جهڙو لوڻ ۾ چانهن وڌائين، هڪ هڪ ڍڪ مس ڀريو هوندو سڀني ٿوري ئي دير ۾ سڀ باٿ روم جي جي ٻاهران واري جي انتظار ۾ بيهجي ويا. سڀني جي حالت غير ٿي وئي. مون سندس اهڙي شرارت تي کيس ٽوڪيو هو. هوءَ ڳراٽڙي پائي ملي ۽ اک ڀڃندي چيائين، “چلتا هئي يار سب”. هڪ دفعو مون مونا کي چيو ته يار ريحان مونکي تنگ ٿو ڪري اصل منهنجي پويان پئجي ويو آهي. فضول ۾ ڦري ٿئي ٿو، وڏن وارن کي لمڪا ڏئي هيرو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ڪري ٿو. مونا چيو، “اڄ ئي ان کي سبق ٿي سيکاريان.”
    ٻي ڏينهن تي مونا آئي کلي کلي کيري پئي ٿئي. مون پڇيس،
    “ڪميني هاڻي ڳالهه به ڪر رڳو کلين ٿي.”
    چيائين،
    “تو وارو مجنون گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا توڏي نه ايندو”
    مون چيس،
    “ ڇو؟ هو ته صبح شام پيو وارن کي لمڪا ڏيندو آهي. اجهو آيو هتي.”
    مونا چيو،
    “جن وارن تي ريحان کي ناز هو اهي وار ويا”
    مون حيران ٿيندي پڇيو،
    “ڪيئن، ڪاڏي ويا هن جا وار؟”
    مونا چيو،
    “يار ڪالهه توکان اٿي پنهنجي گهران ٿي آئون هنن جي گهر ويس، معتبر ستو پيو هو، مون وجهه وٺي باٿ روم ۾ هن جي شيمپو ۾ هيئر رموول وجهي ڇڏيو، آئون ته ٿوري دير ويهي اتان نڪري آيس، شام جو ثانيه (ريحان جي ننڍي ڀيڻ) ٻڌايو ته ريحان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، هن جي مٿي جا سڀ وار ڇڻي ويا.”
    پوء ته اسان ٻئي ڄڻيون کلي کلي کيريون ٿيوسين. واقعي ڪيئي ڏينهن ريحان اسان جي گهر نه آيو، پر آئون جڏهن خاله وارن جي گهر ويندي هيس ته هو لڪي ويندو هو.
    اها شرارتي مونا هاڻي پاڻ کان ٻيڻ تي وڏي عمر جي ماڻهو سان لانئون لهي وڃي گهر جي ٿي هئي.
    ****


    10

    مونا جي پيار ڪهاڻي مونکي لوڏي ڇڏيو هو، آئون سقراط جو طويل مقالو سمپوزيم پڙهي رهي هيس، جنهن ۾ لکيل هو ته
    مان جڏھن اگيٿون جي گھر وٽ پھتس ته ڏٺم ته دروازا کليا پيا ھئا. مون سان ھڪ چرچي جھڙي ڳالھ ٿي جو اوچتو ھڪ نوڪر ٻاھر آيو، مون سان مليو ۽ مون کي ھڪدم مھمان خاني ڏانھن بھ وٺي ويو. جتي سمورا مھمان ٺھيا ٺڪيا ويٺا ھئا. جو دعوت بس شروع ٿيڻ واري ھئي.
    “ارسٽوفينز! ڀلي ائين، جي آئين”، اگيٿون ڏسڻ شرط ئي مون کي کيڪاريو “تون مھل تي پڳو آھين ته اسان سان گڏ رات جي ماني کائي سگھين. پر جي ڪنھن ٻئي ڪم سانگي آيو آھين ته مھرباني ڪري ان کي ھاڻي پاسيرو رک ۽ اسان سان رلي ملي وڃ. ڇو تھ ڪالھھ مون تولاءِ ڏاڍو واجھايو. پر تون نه ملين جو توکي کڻي ٻڌايان – پر تون سقراط کي پاڻ سان گڏ ڇو نھ آندو آ؟“
    مون ڪنڌ ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، پر سقراط ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو ۽ مون کي اھا وضاحت ڪرڻي پئي ته ھو ڪي گھڙيون اڳ مون سان گڏ ھيو ۽ اھو ته مان سندس ئي ڪوٺ تي ھتي رات جي ماني تي آيو آھيان.
    “چڱو ٿيو جو آئين” اگيٿون وراڻيو “پر ھو پاڻ ڪاٿي آ؟”
    “جڏھن مان ھتي گھر ۾ داخل پئي ٿيس ته ھو منھنجي پٺيان ئي پئي آيو. مون چيو، پر مون کي پاڻ کي سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ھو ويو ڪاڏي؟
    .اڙي ڇوڪر وڃ، اگيٿون ھڪ نوڪر کي حڪم ڪري چيو ۽ مون ڏانھن منھن ڦيري چيائين ارسٽوفينز! تون تيستائين اريڪسيميڪس جي ڀرسان ويھ ان کان اڳ جو مان ويھان، ھڪ نوڪر منھنجي ھٿن ڌوئڻ لاءِ پاڻي کڻي آيو. ڪجھ گھڙين ۾ ھو پھريون نوڪر پڻ موٽي آيو ۽ اچي ٻڌايائين تھ اسان وارو يار سقراط پاڙي جي ھڪ گھر جي ڏيڍي وٽ سوچ ۾ گم، چپ چاپ بيٺو آھي. ھن کي ڄڻ ڪنھن پنڊ پاھڻ ڪري ڇڏيو آ، نوڪر ٻڌايو. سڏ به ڪيامانس پر چري ئي نه ٿو.
    ڪيڏي عجيب ڳالھ چئبي! اگيٿون چيو، چڱو تو وري وڃي کيس سڏ ڪر ۽ ائين سڏيندو رھيس. مان جواب ۾ نه جو لفظ ٻڌڻ نھ ٿو چاھيان.
    ”کيس اڪيلو ڇڏي ڏيو. مون چيوھن کي بس ائين ھندي ھلندي ڪئي بھ بيھي رھڻ ۽ سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ“ جي عادت آھي. مون کي پڪ آ تھ ھو سگھو ئي ايندو، سو کيس تنگ نھ ڪيو، ڇڏي ڏيوس.
    ”چڱو جي تون ائين ئي بھتر ٿو سمجھين تھ پوءِ ٺيڪ آ اگيٿون وراڻيو، ۽ پوءِ نوڪرن ڏي منھن ڪري چيائين. اسان کي ھن جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ماني کائڻ گھرجي، جيڪو اوھان کي وڻي سو اسان کي کارايو پيئاريو. سدائين مان اوھان کي حڪم جاري ڪندو رھيو آھيان پر اڄ ڪير بھ اوھان کي حڪم ڪرڻ ۽ چوڻ آکڻ وارو ڪونھي. اڄوڪي موقعي تي ائين کڻي سمجھو تھ توھان اسان جا ميزبان آھيو ۽ مان پاڻ به ۽ ھيءَ سڄي سنگت اوھان جا مھمان آھيون، جي اسان جي سٺي خدمت چاڪري ڪيو تھ توھان جي ساراھ ڪندي نھ ٿڪنداسين.
    ان کان پوءِ ماني شروع ٿي، پر سقراط ٺھي نھ جڙي. مانيءَ دوران اگيٿون ڪيترائي ڀيرا سقراط ڏي ماڻھو موڪلڻ جي خواھش ڏيکاري، پر مان کيس روڪيندو رھيس. آخرڪار جڏھن دعوت اڌ کان مٿي گذري چڪي ھئي تھ سقراط اچي پھتو. ڇو تھ عام طور تي اھا بيخوديءَ جي حالت ايڏو گھڻو وقت نھ ھلندي ھيس. اگيٿون جيڪو صوفي تي ھڪ ڇيڙي ڏانھن اڪيلو ئي ويٺو هو تنھن رڙ ڪري چيو تھ، سقراط ھيڏانھن اچ! منھنجي ڀرسان اچي ويھ ته جيئن مان توکي ڇھي سگھان ۽ ائين ان ڏاھپ مان فيض وٺان، جيڪا تنھنجي دل ۾ آئي ۽ ھينئر تون وٽ سوگھي آھي. ڇو ته مون کي پڪ آ تھ تون اوستائين ھيڏانھن نھ آيو ھوندين، جيستائين اھا ڳالھ نه لڌي ھوندئي، جنھن جي ڳولا ۾ ھئين.
    سقراط، اگيٿون جي خواھش مطابق سندس ڀرسان ويھندي چيو: ”اگيٿون، اھا ڪيڏي نھ نعمت چئبي جو ڏاھپ ڇھڻ سان اوتجي سگھجي، ڀريل انسان منجھان ان انسان ۾ جيڪو خالي ھجي. ائين جيئن ڀريل ڪوپ مان پاڻي پشم جي ڌاڳي وسيلي گذري، خالي ڪوپ کي ڀري ڇڏيندو آھي جي واقعي ڏاھپ به ائين ھجي ته پوءِ مان تنھنجي ڀر ۾ ويھڻ کي املھ پائيندس! ڇو تھ تون پنھنجي خوبصورت، جھجھي ۽ جالاري ڏاھپ جي وھڪري سان مون کي صفا سيراب ڪري ڇڏيندين. منھنجي ڏاھپ تھ خسيس ۽ اعتراض جوڳي قسم جي آھي ۽ ان جي حقيقت تھ بس ھڪ خواب کان وڌيڪ نھ آھي. پر تنھنجي ڏاھپ اؤجل ۽ ڪاميابين جي اميدن سان پر آھي. ڏس نھ، اھا تو منجھان ڪيئن تھ تجلا ڏئي نڪتي ۽ ٽيون ڏينھن، ٽيھن ھزارن کان وڌيڪ يونانين کي پنھنجو جلوو پسايو، جڏھن تھ تون اڃا نوجوانڙو آھين!“
    ”بس سقراط، بس – ھاڻي گھڻيون ٽوڪون ڪيئي.“ اگيٿون چيو، ”ڪي گھڙيون ترس تو ۽ مون ۾ اھو طئھ ٿي ويندو تھ اسان ٻنھي منجھان ڪير ڏاھپ جو ڀنڊار آھي – شراب جو ديوتا ڊيوليسس اسان جو جج ھوندو. پر ھينئر بھتر ائين ٿيندو تھ مانيءَ جا ٻھ گرھھ ھڻي وٺجن.“
    سقراط صوفي تي پنھنجي جڳھ ورتي. سڀني سان گڏجي ماني کاڌائين، تنھن کانپوءِ ديوتائن کي شڙاب جي ڀيٽا ڏني وئي سندن شان ۾ ڀڄن ڳايو ويو، ۽ جڏھن ٻيون رواجي رسمون پوريون ٿي چڪيون ۽ شراب پيئڻ وارا ئي ھئاسين ته پاسنياس چيو، ”منھنجا دوستو! ترسو – پھريون اھو طئي ڪريون ته اڄ اسان پيئڻ جو ڪھڙو گھٽ ۾ گھٽ سخت قائدو مقرر ڪريون. ڇو تھ مان اوھان کي يقين سان ٿو چوان ته مون تي اڃا تائين ڪالھوڪي پيتل مڌ جا خمار آھن ۽ وري پاڻ سنڀالڻ لاءِ اڃا ڪي وقت گھرجيم ۽ مون کي لڳي ٿو ته اوھان مان بھ گھڻن جي ئي ساڳي بري حالت آھي، ڇو تھ ڪالھوڪي دعوت ۽ اوھان بھ ھيؤ. سو ھاڻي صلاح ڪري ھلڪي پيئڻ جي ڪا ترڪيب ڳولي ڪڍجي تھ چڱو.“
    ”مان بلڪل راضي آھيان“ ارسٽوفينز چيو، ”اسان کي ڪنھن بھ نموني اڻ مئي مڌ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ مان پاڻ بھ انھن منجھان ھڪڙو آھيان، جيڪي ڪالھھ مئي منجھان پاڻ پسائي نڪتا ھئا.“
    ”منھنجي خيال ۾ تون ٺيڪ پيو چوين“ اڪيومنيس جي پٽ اريڪسيميڪس چيو، ”پر اڃا ھڪڙو ھمراھھ آھي، مان جنھن جي واتان اھا ڳالھھ ٻڌڻ چاھيندس، اگيٿون تون پاڻ ۾ ڪيتري سگھھ ٿو سمجھين؟“
    ”نھ بابا- منھنجي ڀيڻي ناھي. مون ۾ اھڙو ست ڪونھي.“ اگيٿون وراڻيو،
    ”تھ پوءِ“ اريڪسيميڪس چيو، ”ارسٽوڊيمز، فيڊرس ۽ ٻيا مون جھڙا نٻل سرير جيڪي مئي جي سٽ نٿا سھي سگھن، تن جي ڄڻ جند ڇٽي ۽ ڀاڳ ڀلا چئبا جو اڄ وڏا گڙنگ پياڪ مس مس دستبردار ٿيا آھن – مان سقراط کي نٿو ڳڻيان، جيڪو اڻ ميو پي بھ ڄاڻي ۽ بلڪل پرھيز ڪري بھ ڄاڻي، ۽ ھو دل ۾ نھ ڪندو جي اسان ڪھڙو به فيصلو ڪيون. تھ پوءِ جڏھن سنگت منجھان ڪو بھ جھجھي پيئڻ جي خيال ۾ نھ آھي تھ پوءِ مون کي معاف ڪيو وڃي جي مان اوھان کي پيئڻ جي اٿرن بابت سچ ٻڌايان. مان اوھان کي ھڪ طبيب جي ھيثيت ۾ پنھنجي تجربي مطابق اھا حقيقت ٻڌائڻ چاھيندس تھ اڻ ميو پيئڻ انسان لاءِ نقصانڪار آھي ۽ اھا عادت وس پڄندي مون پاڻ ۾ بھ ڪڏھن نھ وڌي آھي ۽ پڪ ڄاڻو تھ نھ ئي ڪنھن ٻئي کي اھڙو مشورو يا ھدايت ڏيندس. خاص ڪري انھن کي جن تان ڪالھوڪي پيتل مڌ جا خمار اڃا لٿائي نه آھن.“
    ”مان تھ سدائين تنھنجي مشوري تي عمل ڪيو آھي. خاص ڪري صحت ۽ بيماري بڙي جي معاملي جڏھن تون طبيب جي حيثيت ۾ ڪو نسخو ڏيندو آھين.“ مائرينس جي فيڊرس وچ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”۽ ٻي سنگت بھ جي سياڻي آھي ۽ کين عقل ۽ سرت آھي تھ پوءِ اھي بھ ائين ئي ڪندا.“
    آخر سڀ ان تي راضي ٿيا تھ اڄوڪي محفل ۾ مدھوشي جي حد تائين مڌ نھ پيتو وڃي پر جنھن کان جيترو اڪلي سگھي ۽ وڻي، اوترو پيئي.
    پوءِ اريڪسيميڪس چيو، ”جيئن تھ توھان سڀ ان تي متفق آھيو تھ ھرڪو پنھنجي راز مطابق پيئندو ۽ اھو بھ تھ ڪھن تي ڪا زور زبردستي نھ ھوندي تھ پوءِ ھينئر مان ھڪ ٻي تجويز ڏيندس تھ بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري، جيڪا اجھو اجھو آئي آھي تنھن کي چيو وڃي تھ ھوءَ ھلي ُڃي ۽ ڀلي وڃي پنھنجي منھن سان وڄائي يا جي ھوءَ چاھي تھ پوءِ اندر زناني ۾ وڃي وڄائي . ان جي بدران اڄ پاڻ ۾ ڪچھري ٿا ڪريون ۽ جي توھان ان ڳالھھ تي راضي ٿي اھڙي اجازت ڏيو ٿا ۽ ائين پڇو ٿا تھ گفتگو ڪھڙي موضوع تي ٿيڻ گھرجي تھ مون وٽ ان لاءِ بھ ھڪ تجويز آھي.
    سندس اھا تجويز قبول ڪري کيس اجازت ڏني وئي ۽ پوءِ اريڪيسميڪس چيو، ”مان يورپيڊس جي ميلانپي وانگر ڳالھائيندي شروعات ائين ڪندس ته ”اھا منھنجي رٿ نھ آھي، جيڪا مان ٻڌائڻ وارو آھيان. اھا ڳالھ فيڊرس جي آھي. ھو اڪثر فرياد واري انداز ۾ مون کي چوندو آھي. اريڪيسميڪس اھا ڪيڏي نه عجيب ۽ شرم جھڙي ڳالھھ آھي تھ ٻين ديوتائن جي شان ۾ تھ بيت، ڀڃن ۽ قصيدا ٺھيل آھن. پر آڳاٽي عظيم ۽ سھگاري ديوتا پيار جو، ھيترن سارن شاعرن، جيڪي بھ ٿي گذريا آھن تن منجھان ڪو به واکاڻيندڙ ۽ مداح ڪونھي. جنھن ھڪڙو گيت ئي سندس ساراھ ۾ لکيو ھجي. ڪافي لائق سافسٽ / استاد به آھن. مثال طور تمام سٺو پراڊيڪس آھي. ھنن پنھنجي لکيل ساراھھ واري نثر ۾ ھيراڪلس ۽ ٻين ڪيترن سورمن جي گڻن جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو آھي. پر ھڪ ٻي عجيب ڳالھ ٻڌ تھ مون کي ڪنھن ڏاھي جو لکيل ھڪ ليک ھٿ لڳو جنھن ۾ لوڻ کي ان جي فائدن جي ڪري، تعريف ۾ آسمان تي پھچايو ويو آ! ۽ اھڙين ئي ٻين ڪيترين سارن شين کي سندن مان مطبق مرتبو ۽ مڃتا ڏني وئي آھي ۽ سوچ ته – لوڻ ۽ ٻين موضوعن تي ڇا تھ بکيڙو ۽ مٿاماري ڪئي وئي آھي. پر اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بھ اھا جرئت نھ ڪئي آھي تھ پيار جي شان مطابق ڪو شبد چئي! ۽ ائين ھن سگھاري ۽ عظيم ديوتا کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي.“
    منھنجي خيال ۾ فيڊرس بلڪل درست پيو چوي، سو مان سندس مدد ڪرڻ چاھيندس. ٻي ڳالھ تھ مان پڻ اھو ئي سوچيان ٿو تھ اسين جيڪي ھن وقت ھتي اچي گڏ ٿيا آھيون. ان کان بھتر ٻيو ڪجھ نھ ٿا ڪري سگھون تھ پيار ديوتا کي مڃتا ڏيون. سو جي توھان مون سان ان ڳالھ تي متفق آھيو تھ پوءِ پڪ ڄاڻو تھ تقريرن جي ڪمي نھ ھوندي. ڇو تھ پوءِ منھنجي رٿ اھا آھي تھ اسان مان ھر ھڪ، کاٻي کان ساڄي پاسي ڏانھن، پير جي شان ۾ تقرير ڪندو وڃي. ھر ھڪ وٽ ڏات جي ڏيھھ مان جيڪو ڪجھ بھ آھي سو سڀ ٻڌائي ۽ فيڊرس جيئن تھ منھنجي کاٻي پاسي ڏانھن پھريون پھريون ويٺل آھي ۽ جيئن تھ ان موضوع جو ابو بھ اھو ئي آھي. سو منھنجي خيال ۾ شروعات کيس ئي ڪرڻ گھرجي.“
    ”اريڪيسمڪس، تنھنجي رٿ خلاف ڪو بھ ووٽ نھ پوندو“ سقراط چيو، ”جيتري قدر منھنجي ڳالھ آھي تھ مان آخر ڪيئن تنھنجي رٿ جي مخالفت ڪنس، مان جيڪو اھو باسيان ٿو تھ مان، ھڪ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڄاڻان ئي نھ ٿو. نھ ئي مان سمجڪھان ٿو تھ ڪو اگيٿون يا پاسينياس ان موضوع جي مخالف ڪندا. ارسٽوفينز جي باري ۾ تھ شڪ ڪرڻ ئي اجايو آ، ڇو ته سندس واسطو ئي ڊايونيسس ۽ ايفروڊائيٽ سان آھي ۽ مون کي چوڌاري ويٺلن ۾ به اھڙو ڪو نظر ڪو نھ ٿو اچي، جيڪو نااتفاقي ڏيکاري. جيتوڻيڪ مان ان ڳالھ کان باخبر آھيان تھ اھا رٿ اسان بارن لاءِ ڪجھ ڏکي پوندي ۽ اسان سان انصاف نھ ڪندي جو اسان جو وارو آخر ۾ آھي. بھرحال پوءِ بھ پاڻ ان تي راضي آھيون ۽ دل ۾ نھ ڪنداسين. جيڪڏھن اسان کان اڳ وارا ھمراھ پنھنجين سيبتين تقريرن سان موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ باقي ڪجھ بچائين ئي نھ، چڱو تھ پوءِ فيڊرس کي پيار جي واکاڻ شروع ڪرڻ گھرجي، اسان جون نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آھن.
    سڄي سنگت ھائوڪار ڪئي ۽ خواھش ڏيکاري تھ فيڊرس، سقراط جي چوڻ مطابق، شروعات ڪري، اسٽوڊيمز کي اھو سمورو ياد نھ ھيو، جيڪو ڪجھھ ڳالھايو ويو ۽ نھ ئي وري مون کي اھو سمورو ياد آھي، جيڪو ھن مون کي ٻڌايو. سو انھن تقريرن منجھان جيڪو ڪجھ مون کي ياد آ، ۽ جيڪو مون ياد ڪرڻ لاءِ اھم سمجھيو، سو توکي ٻڌايان ٿو.
    جيئن چيم تھ ارسٽوڊيمز مون کي ٻڌايو تھ فيڊرس ھتان شروعات ڪئي تھ ”پيار ھڪ وڏو طاقتور ديوتا آھي ۽ ڌرتي توڙي آسمان تي سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندڙ خاص ڪري پنھنجي ڄم جي لحاظ کان ھن جو وڏو شان آ، جو ھو سڀني ديوتائن کان آڳاٽو آھي. ان جي ثابتي اھا آھي ته پيار جو ڪو پيءُ ماءُ ڪونھي، نھ ئي ڪنھن شاعر يا نثرنگار ڪڏھن ائين لکيو يا چيو آھي تھ کيس والدين ھئا، جيتوڻيڪ ھيسئائڊ چوي ٿو:
    پھريون آيو / ڄايو انڌ ڌنڌ ۽ پوءِ ڄائي ڌرتي.
    موڪري ڇاتي واري،
    جيڪو سڀ ڪجھ آھي تنھن لاءِ،
    ھميشه جي لاءِ رھڻ واري،
    ۽ ان سان گڏ پيار.
    ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انڌ ڌنڌ کان پوءِ ھي ٻئي، يعني ڌرتي ۽ پيار، وجود ۾ آيا. پير مينڍس پڻ ڄم بابت ھينئن ٻڌائي ٿو.
    ديوتائن جي سلسلي ۾.
    پھريائين پھريائين.
    پيار کي جوڙيائين.
    ۽ اڪيو سيلاس بھ ھيسئائڊ سان متفق آھي ۽ ائين گھڻا ان ڳالھ تي متفق آھن تھ پيار ڀني ديوتائن کان آڳاٽو آھي ۽ نه صرف اھو تھ ھو آڳاٽو ۽ مربي ديوتا آھي، پر اسان لاءِ تمام گھڻين سٺاين جو سبب ۽ وسيلو پڻ آھي. مان نٿو ڄاڻان ته ڪنھن به نوجوان لاءِ ان کان وڌيڪ سٺائي ڪا ٻي ٿي سگھي ٿي تھ ھن کي پنھنجي نوجواني کان وٺي ئي ھڪ نيڪ ۽ سٺو پيار ڪندڙ ملي. يا ھڪ پيار ڪندڙ کي پنھنجي پيار لاءِ ھڪ لائق، نوجوان محبوب ھٿ اچي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ مانائتي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪو اصول ۽ رھنمائي ھجڻ گھرجي. ان رھنمائي لاءِ مان چوان ٿو تھ نھ ئي مٽ مائٽ، نھ ئي رتبو، نھ دولت ۽ نھ ئي ڪا ٻي شيءِ اثرائتي ۽ ڪارگر ٿي سگھي ٿي، پر رڳو پيار ئي ٿي سگھي ٿو ۽ منھنجو ان مان ڇا مطلب آ؟ منھنجو مطلب آھي اھو احساس جيڪو خواري جي ڳالھ مھل شرم ڏياري ۽ اتم ۽ اعليٰ آدرش لاءِ اتاھ ڏئي. ھا ان احساس کانسواءِ نھ ئي رياستون ۽ نھ ئي ڪو فرد سٺا، سھڻا ۽ عظيم ڪم ڪري سگھي ٿو. تڏھن مان چوان ٿو تھ ھڪ عاشق جڏھن ڪو خواري جھڙو ڪم ڪندي پڪڙجي پوي ٿو يا جڏھن ڪو سندس بيعزتي ڪري ۽ ھو بزدلي ڏيکاري. پنھنجو بچاءُ نه ڪري ۽ پوءِ ان ويرم ۾ جي سندس محبوب کيس ڏسي ورتو تھ ھن کي وڌيڪ پيڙا ۽ پشيماني ٿيندي. جڏھن تھ سندس پيءُ، يا ڪنھن سنگتي يا ڪھڙي به ٻئي ماڻھوءَ جي ڏسي وٺڻ تي ھن کي اڏي پشيماني ۽ اڻ تڻ نه ٿيندي. وري معشوق کي بھ پنھنجي باري ۾ ساڳيو ئي احساس ٿيندو. جي ھن کي به سندس عاشق ڪنھن اھڙي خواري جھڙي صورتحال ۾ ڏسي ورتو.
    ۽ جيڪڏھن اسان ڪا اھڙي ترڪيب يا طريقو ڳولي ڪڍون جو ڪا رياست يا ڪا فوج عاشقن ۽ معشوقن تي مشتمل ھجي تھ پوءِ ھو پنھنجي شھر / رياست جا بھترين حڪمران ثابت ٿيندا جو ھو بڇڙائي ۽ بدڪاري کان پاسو ڪندا ۽ ھڪٻئي کي عزت، مان ۽ مڃتا ڏيڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ريس ڪندا ۽ ٻي صورت ۾ جي ھو ھڪ ٻئي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ڏئي جنگ ڪندا تھ ڀلي کڻي ٿورا مٺ جيترائي ھجن، پر ھو سڄي دنيا کي فتح ڪري وٺندا. ڇو تھ عاشق ائين ئي چاھيندو تھ پنھنجي سونپيل جڳھھ ڇڏيندي يا پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪرڻ مھل، ڀلي کيس سڄو جڳ تھ ڏسي، پر سندس معشوق کيس نه ڏسي وٺي. ھو ھزار ڀيرا مرڻ لاءِ تيار ھوندو، پر ھن جو ائين ڏسي وٺڻ سھي نھ سگھندو. يا ڪير پنھنجي معشوق کي اڪيلو ڇڏي ڀاج کائيندو يا ان کي درپيش خطري جي گھڙيءَ ۾ گسي پوندو؟ اھڙي گھڙيءَ ۾ تھ ڀاڙي ۾ ڀاڙي به ھڪ بھادر، جوشيلو جوان ۽ پھلوان بڻجي پوندو. جو پيار منجھس اھڙو اتساھھ ڀريندو ۽ جيئن ھومر چوي ٿو تھ خا ڪن سورمن ۾ ”جوش ڦوڪي ٿو“، سو پيار به پاڻ منجھان اھڙي قوت عاشقن ۾ اوتي ٿو.
    پيار ئي انسان ۾ - پوءِ اھو مرد ھجي يا عورت – پنھنجي محبوب جي لاءِ موت قبولڻ جي جرئت بھ پيدا ڪري ٿو – ھا، صرف پيار ئي اوھان يونانين جي سامھون ڳالھائيندي، مان پيلياس جي ڌيءُ الڪيسٽس جي مثال کان وڌيڪ ڪو ٻيو مثال، انھيءَ ڳالھھ جي ٻوت طور پيش ڪري نھ ٿو سگھان، اوھان کي خبر آھي تھ ھوءَ پنھنجي مڙس پاران پنھنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ھئي. جڏھن تھ ٻيو ڪو بھ موت قبولڻ لاءِ تيار نھ پئي ٿيو. توڙي جو سندس مڙس جا پيءُ ۽ ماءُ بھ موجود ھئا، پر سندس ڪومل پيار گوءِ کڻي. ھن جي پيءُ ۽ ماءُ کي بھ اھڙو اجنبي ثابت ڪري ڏيکاريو جن جو پنھنجي پٽ سان ڄن رت جو نه پر رڳو نالي ۾ ڪو رشتو ھيو. ۽ ھن جو اھو عمل صرف انسانن کي ئي نه، پر ديوتائن کي بھ ايڏو اتم لڳو. جو اھڙن گھڻن انسانن منجھان جن سٺا ۽ نيڪ عمل ڪيا آھن. ھن جو شمار انھن چند انسانن منجھ ٿئي ٿو، جن کي ديوتائن طرفان سندن اتم عملن جي مڃتا ملي ٿي. سو ديوتائن سندس روح کي ھيڊس. منجھان آزاد ڪري کيس ڌرتي ڏانھن واپس زندھ موٽڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. ڏسو تھ پيار ۾ اھڙي دليري، ھمٿ ۽ سچائي کي ديوتا ڪيڏو نه مان ۽ مرتبو بخشين ٿا پر ائيگرس جي پٽ ارفيس کي ديوتائن، ھيڊس منجھان خالي ھٿين ئي موٽائي ڇڏيو ۽ کيس پنھنجي زال، جنھن جي ڳولا ۽ طلب ھن کي ھئي، اھا خود کيس نه ڏنائون پر ان جو رڳو عڪس ئي ڏيکاريائونس. ڇو تھ ھو بس ھڪ نازڪ سرندي نواز ئي رھيو ۽ ڪا ھمٿ ۽ دليري ڪو نھ ڏيکاري. ھو الڪيسٽس وانگر پنھنجي پيار جي لاءِ مرڻ جي جرئت تھ نھ ڪري سگھيو. رھندو حرفت ھلائي ھيڊس ۾ زندھ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، وڌيڪ اھو تھ ديوتائن کيس انھيءَ ڀاڙيائپ جي سزا بھ کيس اھا ڏني جو سندس موت بھ ھڪ عورت جي ھٿان ئي ٿيو.
    وري اڪائيلس کي سندس عاشق پئٽر وڪلس سان ھن جي سڄي پيار جو اجر بلڪل مختلف مليو – اھو خيال تھ پئٽروڪلس عاشق نھ پر معشوق ھيو. ھڪ بيوقوفي واري ڀل آھي. جنھن جو ايسڪائيلس شڪار ٿيو آھي. ڇو تھ اڪائيلس نھ رڳو پئٽروڪلس کان وڌيڪ حسين ھيو پر ٻين سمورن سورمن کان به سھڻو ھو ۽ جيئن ھومر اسان کي ٻڌائي ٿو، اڪائيلس کي اڃا ڏاڙھي بھ نھ لٿي ھئي ۽ پئٽروڪلس کان عمر ۾ گھڻو ننڍو ھيو. سو پئٽروڪلس ساڻس پيار ڪندڙ ھيو نھ ڪي سندس پيار – ھاڻي اڪائيلس کي ته بلڪل خبر ھئي، ڇو تھ ھن کي پنھنجي ماءُ ٻڌايو ھيو ته ھو موت کان بچي سگھيو پئي ۽ گھر موٽي وڏي ڄمار تائين زندھ رھي سگھيو پئي جيڪڏھن ھو ھيڪٽر کي قتل نھ ڪري، پر ھن سورمن جھڙو ڪم ڪندي پنھنجي دوست جي مدد ڪرڻ ۽ ھن جي مري وڃن کان پوءِ ھن جو بدلو وٺڻ لاءِ پنھنجي جان جي قرباني ڏني ۽ مرڻ جي جرئت ڪئي، جنھن ڪري ئي ديوتائن کيس الڪيسٽس کان بھ مٿاھين عزت بخشي ۽ کيس بليسٽ جي ٻيٽن ڏانھن اماڻي ڇڏيو. حقيقت اھا آھي تھ جيتوڻيڪ ديوتا، عاشقن جي جرئت ۽ ھمت کي وڏو مان ۽ شان بخشين ٿا. پر ڪنھن محبوب جو پنھنجي عاشق لاءِ پيار جا، ھو اڃا وڌيڪ مداح بھ آھن ۽ ان جو وڏو قدر ڪري اجر ڏين ٿا، ڇو تھ عاشقن کي اھڙو اتساھھ ۽ ھمٿ تھ اڳ ۾ ئي ديوتا طرفان ڏنل ھوندي آھي.
    مون وٽ اھي ئي دليل آھن ان ڳالھ جا تھ پيار ٻين سڀني ديوتائن کان آڳاٽو، اتم ۽ سگھارو ديوتا آھي. اھو ئي انسانن لاءِ خصلت، گڻن ۽ خوشين جو مالڪ ۽ ڏيندڙ آھي. زندگيءَ ۾ بھ ۽ موت کان پوءِ بھ.“
    ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ اھا اھڙي ئي قسم جي تقرير ھئي، جيڪا فيڊرس ڪئي. سندس چواڻي ته ڪي بيون تقريرون به ٿيون، جيڪي کيس ٺيڪ طرح ياد نھ رھيون. ھن پوءِ ھڪ ٻي تقرير ٻڌائي جيڪا پاسينياس جي ھئي.
    ھن چيو، ”فيڊرس، منھنجي خيال ۾ تھ بحث کي اسان جي سامھون چٽو ڪري نه رکيو ويو آھي. اسان ائين ڪيئن بلڪل سادي سودي نموني بنا ڪنھن فرق سمجھڻ جي، بس پيار جي واکاڻ ۾ تقرير ڪرڻ شروع ٿي وڃون. جيڪڏھن پيار صرف ھڪڙو ئي ھجي ھا ته پوءِ تون جيڪو ڪجھھ چيو سو بلڪل ٺيڪ آھي. پر جيئن ته ھڪ کان وڌيڪ پيار موجود آھن، سو تون اڳ ۾ ئي اھو واضح ڪري ڇڏين ھا تھ اسان جي مداح جو موضوع ڪھڙو پيار آھي. سو مان پھريائين ان علطي جي تصحيح ڪندس تھ ڪھڙو پيار واکاڻ جو مستحق آھي ۽ پوءِ ان واکاڻ جي مستحق پيار جي، ان جي شان مطابق واکاڻ ڪندس، جنھن جو اھو لائق آھي، جيئن ته اسان سڀني کي خبر آھي تھ پيار، ايفروڊائيٽ ديوي کان ڌار نھ ٿو ڪري سگھجي. سو جيڪڏھن ايفروڊائيٽ بھ رڳو ھڪڙي ھجي ھا تھ پيار بھ ھڪڙو ھجي ھا. پر جيئن تھ ديويون بھ آھن ان ڪري پيار بھ لازما ٻھ ھجڻ گھرجن، ڇا مان غلط ٿو چوان تھ ديويون ٻھ آھن؟ ھڪ وڏي جيڪا يورينس جي ڌيءُ آھي ۽ جنھن کي ڪا ماءُ ڪونھي. ان کي آسماني ايفروڊائيٽ چيو وڃي ٿو ۽ بي ننڍي، جيڪا زيوس ۽ ڊايوٽي جي ڌيءُ آھي ان کي اسان عام ايفروڊائيٽ سڏيندا آھيون. ۽ پيار جيڪو سانس لاڳاپيل آھي، تنھن کي عام پيار ۽ ٻئي کي آسماني پيار سڏيو وڃي ٿو.
    ساراھھ سڀني ديوتائن جي ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي فطرت ۾ فرق ظآھر ڪرڻ کان سواءِ ئي نه ڪرڻ گھرجي. تنھنڪري مون کي بھ ٻنھي پيارن جي فطرت ۾ فرق، ضرور ظاھر ڪرڻو پوندو. حقيقت ۾ ھر عمل پنھنجو پاڻ ۾ نھ سٺو آ نھ خراب. عمل، سندن بجاآوري جي طريقي ۽ ڍنگ جي ڪري ئي مختلف ٿين ٿا. مثال اھو ئي کڻي وٺو، جيڪو اسان ھينئر ڪري رھيا آھيون – مڌ پيئون، ڳايون ۽ ڳالھايون پيا – اھي عمل پنھنجي سر سٺا آھن، نھ برا، پر انھن جي سٺي ۽ بري ھجڻ جو دارومدار ان تي آھي تھ انھن جو استعمال ڪھڙي حساب ۾ ڪھڙي خيال کان ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن اھي عمل درست نموني ۽ سھڻي انداز ۾، احسن طريقي سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا تھ اھي سٺا آھن ۽ غلط حساب ۾، احسن طريقي سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا تھ اھي سٺا آھن ۽ غلط حساب ۾، پري خيال کان ڪيا وڃن تھ اھي بُرا آھن. ساڳيو ئي قصو پيار جو آھي. ھر قسم جو پيار نھ، پر رڳو اھو پيار جنھن جي آڏو اتم مقصد موجود آھي، سوئي اعليٰ ۽ ساراھھ جي لائق آھي. پوءِ اھو پيار جيڪو عام ايفروڊائيٽ جو اولاد آھي. سو لازما عام رواجي قسم جو ٿئي ٿو ۽ اھو ڪنھن بھ قسم جي تفاوت يا فرق ڪرڻ کان وانجھيل آھي. اھو اھو پيار آھي جيڪو نيچ قسم جا ماڻھو ڪندا آھن ۽ ان جون نشانيون ھي آھن:
    پھرين ڳالھ ته اھو عورت سان به ٿي سگھي ٿو ۽ ڇوڪرن سان بھ. ٻي ڳالھھ تھ مٿين ٻنھي صورتن ۾ اھو روح سان نھ پر جسم سان ڪيو ويندو آھي ۽ نئين ڳالھ تھ اھڙو ماڻھو ائين چاھيندو آھي تھ ھو جنھن سان پيار ڪري ٿو، اھو جيترو گھٽ سمجھو ۽ اڻڄاڻ ھجي تھ اوترو چڱو، ڇو تھ ان پيار جي پڄاڻي رڳو پنھنجي غرض پوري ڪرڻ تائين ھوندي آھي ۽ اھو ڪڏھن به پنھنجي پڄاڻي مانائتي نموني ۽ شان شوڪت سان نھ چاھيندو آھي. سو ان ڪري اھڙو پيار رڳو اتفاقي ھوندو آھي ۽ جيترو خراب، اوترو سٺو بھ ٿي سگھي ٿو. ان جو اھرو سڀاءَ ۽ فطرت سندس ماءُ، ان عام ديوي جي ڪري ئي آھي، جيڪا ٻيءَ کان گھڻو ننڍي بھ آھي ۽ جيڪا نر ۽ ماديءَ جي ميلاپ منجھان ڄائي آھي. پر آسماني ايفروڊائيٽ جنھن سان ٻئي پيار جو تعلق آھي ۽ جنھن جي ڄم ۾ عورت جو ڪو حصو پتي ڪونھي – ھوءَ رڳو نر منجھان آھي. ۽ جيئن ته اھا وڏي بھ آھي. سو مستي، البيلائپ ۽ ڏاڍائي منجھس ڪانھي. تنھن ڪري اھي جن ۾ ھن قسم جي پيار جو جوش ڦوڪيل ھوندو آھي، سي نرن ڏانھن مائل ھوندا آھن ۽ اھڙن ۾ دلچسپي وٺندا آھن، جيڪي بھادر ۽ ذھين ھوندا آھن ۽ وري اھڙن ھم جنسن سان پيار ڪندڙن ۾ بھ، ڪير بھ انھن کي سندن چال چلت ۽ لڇڻن مان سڃاڻي سگھي ٿو، جيڪي ھن پوئين ٻئي قسم – آسماني ايفروڊائيٽ وارو صاف ۽ پوتر پيار ڪندڙ ھوندا آھن، ڇو تھ اھي ننڍڙن ڇوڪرن سان پيار نھ ڪندا آھن، پر ان عمر وارن سان جن ۾ عقل، ڏاھپ ۽ ذھانت ظاھر ٿيڻ لڳندي آھي. يعني ائين کڻي چئجي تھ عمر جي ان حصي ۾ جڏھن کين ڏاڙھي ٺھڻ شروع ٿيندي آھي ۽ پنھنجي پيار سان عمر جي ان حصي ۾ عشق جي شروعات ڪندي ۽ ائين نوجوان کي پنھنجو سنگتي بڻائيندي سندن منشا ۽ مراد ساڻن وفادار رھڻ ۽ انھن سان سڄي عمر جو ساٿ نڀائڻ جي سڌ ھوندي آھي. ھن قسم جا عاشق انھن منجھان نھ ھوندا آھن، جيڪي نوجوان ڇوڪرن جي ننڍي عمر جي ڪري، گھٽ عقل، اڻڄاڻائي ۽ ناتجربيڪاري جو فائدو وٺي، کين بيوقوف بڻائي، ساڻن دغا ڪندا آھن ۽ ڌوڪو ڏيندا آھن ۽ ھڪ کي ڇڏي وري ڪنھن ٻئي نئين سان ياري رکندا آھن سو ماڻھن تي ننڍي عمر جي ڇوڪري سان عشق ڪرڻ تي قانوني پابندي لڳائي وڃي. ڇو تھ انھن جو مستقبل تھ مبھم ھجي ئي ٿو ۽ ان جو ڪھڙو يقين تھ ھو وڏي عمر جا ٿي روحاني يا جسماني طور خراب ٿين يا سٺا. ان معاملي ۾ سٺا ماڻھو ڄڻ تھ پنھنجي لاءِ پاڻ ئي قانون آھن. پر بھتر ائين ٿيندو تھ اھڙن نيچ ۽ بي ادب عاشقن تي بھ اھڙي ڪا پابندي لاڳو ڪئي وڃي. جھڙي اسان وٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي. عورتن سان زوري پيار ۽ تعلقات مڙھڻ جي منع ڪيل آھي. اھي ئي ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي بي عقلي ۽ پاڻ تي ضابطي نھ ھئڻ ڪري، پيار جي نالي کي بدنام ڪن ٿا. پوءِ اھڙن ڪجھھ ڄڻن کي انھي محبت ڪرڻ کان قانوني طور روڪيو وڃي. ڇو تھ اھڙا پيار ڪندڙ، پيا جي نالي ۾ ناجائزي ۽ برائي جي منشا رکندا آھن ۽ اھڙن ئي ڏسي ڪري ئي ڪجھھ ماڻھو ائين بھ چوڻ لڳندا آھن تھ پاڻ کي عاشق جي حوالي ڪري ڇڏڻ خواري جھڙو ڪم آھي. جڏھن تھ ڪو بھ ڪم جيڪو شانائتي، قانوني ۽ واجبي نموني ڪيو وڃي، تنھن تي نھ پابندي وجھي سگھجي ٿي ۽ نھ ئي ان کي ڪو ننديندو.
    ھاڻي ھتي اسان وٽ ۽ ليڪيڊيمن ۾ پيار بابت ٺھيل قانون منجھائيندڙ آھن. پر ٻين ڪيترن ئي شھرن م سادا ۽ سولائي سان سمجھھ ۾ ايندڙ آھن. ايلس، بوئيوٽا، اسپارٽا ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي ماڻھن ۾ اھو فصاحت ۽ بلاغت جو ڏانءٌ ۽ رواج ڪونھي. اتي اھي قانون بلڪل سنوان سڌا آھن، بس قانون فقط اھڙن لاڳاپن جي حق ۾ موجود آھي ۽ ڪو بھ جوان يا ٻڍو انھن کي خراب نھ سمجھندو آھي. منھنجي خيال ۾ اھو ان ڪري آھي جو ان پاسي ماڻھو ڇتي ڪوري واري ڊيگھھ ڪرڻ نھ ڄاڻندا آھن. سو عاشق اکرن جي استعمال، لفظن جي جڙاءَ، ۽ تقريرن جي تڪرار سان نوجوانن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ جي تڪيف ڪو نھ ڪندا آھن. ان جي ابتڙ، ايونيا جي ڪيترن حصن ۾ ۽ اتي جتي جتي پارسي حاڪميت آھي ۽ عام طور انھن ملڪن ۾ جتي جابر حاڪمن جي حڪمراني آھي. اتي پيار جي رواج کي غلط نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. نوجوانن سان پيار کي اتي بھ انھيءَ بدنامي ۽ خواري ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجڻو ٿو پوي، جيڪا اتي راندين /جمناسٽڪ ۽ فلسفي کي نصيب آھي. ڇو تھ اھي سڀ شيون ان ظلم ۽ انڌير جي نگريءَ لاءِ نقصانڪار بڻجن ٿيون. ڇو تھ حڪمرانن جو فائدو انھيءَ ۾ آھي تھ سندن رعيت بي ھمٿ ۽ بي وس ھجي ۽ منجھن سماجي، شعوري، يا دوستيءَ جو ڪو بھ مضبوط ٻنڌڻ موجود نھ ھجي ۽ اھو پيار ئي تھ آھي، جيڪو ٻين سڀني سببن کان وڌيڪ، ڪنھن بھ ٻنڌڻ جي مضبوطيءَ جو ضامن آھي، جيئن اسان جي اٿينس جي آمر حڪمران پنھنجي تجربي مان پرايو، ڇو تھ ارسٽوگيٽن جي پيار ۽ ھرموديس جي دوستي ئي اھا قوت بڻي، جنھن سندس حاڪميت کي ڊاھي ڇڏيو.
    تنھن ڪري ئي اھڙين محبتن کي جيڪا بدنامي ملي ٿي، سا لاڳاپيل آھي، انھن جي برن عملن سان، جيڪي ان کي بدنام ئي ڪندا آھن. ائين کڻي چئجي تھ حڪمرانن جي خود غرضي ۽ پنھنجي مفادن جي پورائي ڪري ۽ رعايا جي ڀاڙيائپ ۽ بي ھمٿيءَ ڪري، ٻئي طرف وري ڪجھھ ملڪن ۾ جتي محبتن کي ائين بنا فرق ڪرڻ جي مان ۽ شان ڏنو وڃي ٿو. سو اتان جي قانون ڍاھيندڙن جي ذھني پسماندگي جي ڪري ٿي آھي. اسان جي ديس ۾ ڪافي بھتر اصول موجود آھن پر جيئن مون چيو پئي تھ اھي البت منجھائيندڙ آھن. ڇو تھ اوھان ڏسندؤ تھ نروار پيار، ڳجھن پيارن کان وڌيڪ مانائتا ليکيا وڃن ٿا، ۽ اھو تھ اھڙن سان پيار ڪرڻ کي، جيڪي وڏ گھراڻن ۾ ڄمن ٿا، توڙي جو مھانڊن جا بھ مڙئي موچارا ۽ پورا سارا ھجن ٿا، تڏھن بھ اھڙي پيار کي خاص مان، شان ۽ عزت جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي ٿو. اھو بھ غور ڪيو تھ عاشق کي سڀ ڪيڏو نھ ھمٿائين ٿا ۽ ائين نھ ٿو سمجھيو وڃي تھ ھو ڪو غير مانائتو ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ جڏھن ھو ڪامياب ٿئي ٿو تھ سندس واکاڻ ٿئي ٿي ۽ جي ھو ناڪام ٿئي ٿو تھ ھن تي الام اچي ٿو. ۽ ھو پنھنجي پيار کي ھاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ ڳولا ۾ اسان جي سماج جو قانون سندس ڪيتريون ئي عجيب شيون نھ صرف درگذر ڪري ٿو، پر کيس انھن جي ڪرڻ جي اجازت بھ ڏئي ٿو، جنمھن قسم جي چال چلت کي ھونئن تھ جيڪر سخت نموني ننديو وڃي، جي اھي ڌنڌا ٻئي ڪنھن مطلب لاءِ يا پئسي پنجڙ ھٿ ڪرڻ جي حرص ۾ ڪيا وڃن ۽ ماڻھو ائين ڪري جيئن عاشق پنھنجي معشوق لاءِ ڪندو وتندو آھي – دعائون گھري، وينتيون وجھي ليلائي ۽ پلو پائي، قسم کڻي، در آڏو تڏو وڇائي سمھي ۽ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڪنھن غلام کان بھ بدتر غلامي ۾ گھارڻ قبول ڪري- ھونئن تھ ٻئي ڪنھن بھ معاملي ۾ دوست ۽ دشمن ٻئي کيس اھڙن عملن ۽ ڪارگذارين کان بلڪل روڪن ھا. پر ھينئر ڪو بھ دوست سندس اھڙن ڪمن ڪري نھ تھ شرمسار ٿيندو ۽ نھ ئي کيس تنبيھھ ڪندو ۽ نھ ئي ڪو دشمن مٿانئس ڪميڻائي يا چاپلوسي جو الزام ھڻندو. پر عاشق جا اھي سڀ عمل رھندو کيس زيب ڏين ٿا ۽ ھن جو شرف وڌائين ٿا. ۽ اسان جي ريتن رسمن ۽ قانونن موجب اھي نھايت ساراھھ جوڳا آھن ۽ اھو تھ اھي ڪي عيب وارا لڇڻ نھ آھن ۽ سڀ کان عجيب ڳالھھ اھا تھ ماڻھو چون ٿا تھ عاشق ئي - ۽ بيو ڪير بھ نھ پر رڳو عاشق ئي – ساک کڻي، وري ڄاڻي ٻجھي ان ساک ۽ قسم تان ڦري سگھي ٿو ۽ وري ديوتا بھ عاشق جي اھڙي خطا کي معاف ڪري ڇڏين ٿا. ڇو تھ ھڪ عاشق جو قسم، ماڻھن چواڻي، قسم ليکبو ئي ناھي. سو اسان جي پاسي وري ھن دنيا ۾ موجود ريتن رسمن ۽ قانونن موجب اھري آادگي، ديوتائن ۽ انسانن عاشقن کي ڏئي ڇڏي آھي. انھن ڳالھين جي بنياد تي ڪو ماڻھو اھو واجبي دليل بيشڪ ڏئي سگھي ٿو تھ اٿينس ۾ عاشق ٿيڻ يا معشوق ھجڻ وڏي مانائتي ڳالھھ ليکي وڃي ٿي پر وري جڏھن والدين پنھنجي پٽن کي سندن عاشقن سان ڳالھائڻ کان روڪين ٿا ۽ کين خانگي استادن جي سکيا ۽ تربيت ھيٺ رکن ٿا. جيڪو سندن عشق وارن معاملن تي بھ نظرباني ڪري ٿو. پوءِ اھو ڇوڪرو جيڪو عشق ۾ اڙيل آھي. ان کي جڏھن سندس سنگتي ۽ ھڪ جيڏا مھڻا ۽ معيارو ڏين ٿا ۽ اھو تھ سندن وڏا، کين طعنا ڏيندڙن کي خاموش ڪرائڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏين ٿا. ھاڻي جيڪڏھن ڪير بھ انھن سمورن معاملن تي ويچار ڪندو تھ ھڪ مختلف نتيجي تي پھچي ائين سمجھي سگھي ٿو تھ اسان اھڙن معاملن کي خواري جھڙو سمجھون ٿا.
    پر جيئن مان پھرين چئي چڪو آھيان تھ منھنجي خيال ۾ اھو سوال ڪو ايڏو سادو ڪونھي تھ بس آھي عمل مانائتا آھن يا خواري جھڙا؟ پر حقيقت ھيءَ آھي تھ ھر عمل جو دارومدار حالتن تي آھي. ڪو بھ عمل پنھنجو پاڻ نھ سٺوآھي نھ خراب. اھي عمل ان ماڻھو لاءِ معتبر ۽ مانوارا آھن، جيڪو سندن پيروي ۽ بجاآوري، عزت، آبرو سان ۽ واجبي نموني ۾ ڪري ٿو. ۽ اھي عمل ان لاءِ غير مانائتا ۽ خواري جھڙا آھن، جيڪو انھن جي پويان پيمانو ٿي پوي ٿو. پڇڙي ماڻھو آڏو يا بڇڙي نموني آڻ مڃڻ ۾ بي عزتي آھي. پر سٺي ماڻھوءَ آڏو يا سڍي نموني مات کائڻ ۾ مان آھي. بُرو آھي اھو نيچ عاشق، جيڪو روح نھ پر جسم سان پيار ڪري ٿو ۽ ھو مستقل مزاج نھ ھوندو آھي. ڇو تھ ھو جنھن شيءِ سان پيار ڪري ٿو. اھا پڻ پائيدار ۽ مستقل نھ آھي. سو جواني جي جوڀن جو گل، جنھن جو ھو گھرجائو آھي، جڏھن ڪومائجي وڃي ٿو تھ پوءِ ھو بھ باوجود پنھنجي سمورن وچنن ۽ وعدن جي پرساھي ٿو ۽ اامي ٿو وڃي. جڏھن تھ اعليٰ اخلاق وارو عاشق سجي عمر وفادار رھي ٿو. ڇو تھ ھن پاڻ کي جوڙيو بھ ھڪ امر شيءِ سان آھي. سو اسان جي ديس جون ريتون رسمون ائين عشق ڪندڙن کي ھڪ قسم جي امتحان مان گذرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اھي عاشق کي پيار ڪرڻ لاءِ ھمٿائن ٿيون ۽ معشوق کي پاڻ بچائڻ ۽ نٽائڻ لاءِ تھ جيئن سچي عاشق آڏو ان جي جاکوڙن ۽ پرک کانپوءِ آڻ مڃجي ۽ غلط قسم جي عاشق کان گسائي، ٽارو ڪري وڃجي، سو عاشق ۽ معشوق ٻئي ھڪ قسم جي امتحان منجھان لنگھن ٿا. جيستائين انھن جي پرک ٿئي ۽ پڌرا ٿين تھ اھي ٻئي، ترتيب وار، ٻنھي قسمن جي عشق مان ڪھڙي قسم سان لاڳاپيل آھن.
    ۽ اسان جي انھيءَ عام سوچ پٺيان اصل محرڪ بھ اھو ئي آھي. ٻھ ڳالھيون مناسب ۽ واجبي نھ آھن. پھرين ڳالھھ تھ اٻھرو عشق بھ مانائتو نھ چئبو، ڇو تھ وقت، جيئن ٻين معاملن ۾ تيئن ھن معاملي ۾ بھ، ان جي سڄي ھجڻ جي اصلي پرک آھي. بي ڳالھھ تھ اھا بھ غير مانائتي ڳالھھڪوٺبي جي پئسن، ڏوڪڙن يا سياسي قوت کي ڏي ڪري پيار ڪجي:- ٻن سببن ڪري، يا تھ ماڻھو ڊڄي ٿو ۽ انھن تڪليفن ۽ مصيبتن کي برداشت نھ ٿو ڪري سگھي، جيڪي مٿانس مڙھيون وڃن ٿيون يا ھو پئسي ڏوڪڙ ۽ انھن رعايتن ۽ سياسي فائدن تي ھرکجي پوي ٿو، جيڪي کيس آڇيون وڃن ٿيون. جڏھن تھ انھن مان ڪا بھ شيءِ دائمي يا جٽاءُ ڪندڙ ڪونھي ۽ انھن مان ڪا خالص ۽ سٺي دوستي جنم وٺي، سا تھ ممڪن ئي ناھي. پوءِ اسان جي قانونن مطابق باقي ھڪڙو ئي طريقو وڃي بچي ٿو جيڪڏھن معشوق، عاشق کي سھڻي طريقي سان راضي رکڻ چاھي. ڇو تھ اسان وٽ قانون اھو ئي آھي تھ ڪا بھ خدمت جيڪا عاشق پنھنجي مرضيءَ سان معشوق لاءِ ڪري ٿو، سا عاشق جي بي عزتي يا خوشامد نھ ٿي ليکي سگھجي. ساڳي ريت محبوب لاءِ بھ رڳو ھڪ ئي طريقو – رضاڪارانھ خدمت – جو رھي ٿو، جنھن ۾ ڪا خواري يا گھٽتائي ڪونھي - ۽ اھو آھي گڻن جي حصول جي ڳولا ۾ رھڻ.
    ڇاڪاڻ تھ اسان وٽ ھڪ رواج آھي تھ جي ڪو بھ ھمراھھ ڪنھن ٻئي جي خدمت ان سوچ ھيٺ ڪري ٿو تھ اھو کيس ڏاھپ يا ڪنھن ٻئي خصلت ۾ سڌاريندو ۽ تربيت ڪندو تھ پوءِ اھڙي پاڻمرادي خدمت ۾ ڪا بي عزتي يا گھٽتائي نھ ٿي سمجھجي ۽ ان تي خوشامد جو الزام بھ نھ ٿو لڳي سگھي ۽ اھي ٻئي رواج، ھڪ نوجوان سان پيار ۽ ٻيو جنھن جو واسطو فلسفي ۽ گڻن سان آھي. سي ٻئي جڏھن ھڪ وقت گڏ ھجن تھ پوءِ محبوب کي عاشق ڏانھن مھربان ھجڻ ۾ سٺائي آھي. ڇو تھ ائين پنھنجن اصولن مطابق، جيڪي ساڻن ٺھڪن ٿا. جڏھن عاشق ۽ سندس محبوب گڏجن ٿا يعني اعشق اھو سوچيندي تھ ھو پنھنجي مھربان محبوب جي ڪا بھ خدمت ڪرڻ ۾ جيڪا سندس وسئون پڄي سگھي، حق بجانب آھي ۽ محبوب وري ائين سوچي تھ ھو بھ ان ۾ صحيح آھي تھ ھو ان سان جيڪو کيس ڏاھپ ۽ سٺائي سيکاري ٿو. تنھن سان ھر ڀلائي ڪري جيڪا کانئس پڄي سگھي. ھڪڙو ڏاھپ، گڻن ۽ خصلتن کي ٻئي تائين پھچائڻ جو لائق ھجي ٿو تھ ٻيو وري انھن جي حصول جو منتظر تھ جيئن انھن جي ڪري سندس تعليم تربيت ٿئي ۽ سندس ڏاھپ ۾ واڌارو اچي. جڏھن پيار جا اھي ٻئي اصول پاڙجن ٿا، پورا ٿين ٿا ۽ ھڪ ھنڌ گجن ٿا تھ پوءِ - ھا رڳو پوءِ ئي، محبوب جو عاشق کي خوش رکڻ ۽ ان ڏانھن مھربان ھجڻ سٺي ڳالھھ آھي. جڏھن پيار اھڙي بي غرض قسم جو آھي تھ پوءِ پرواھھ ناھي، جي ڌوڪو بھ مليو. پر ٻئي ھر قسم جي پيار ۾ اوتري ئي بي عزتي ليکبي. ڀلي جي ڌوڪو ملي بھ يا نھ بھ ملي. ڇو تھ جڏھن ڪو معشوق، پنھنجي عاشق ڏانھن ان سوچ تحت مھربان آھي تھ اھو شاھوڪار آھي. پر پوءِ پئسي پنجڙ ملڻ واري سندس مراد پوري نھ ٿي سگھي جو عاشق ڪنگلو نڪري پوي ٿو تھ پوءِ ٺيڪ ان ۾ خواري ۽ بدنامي آھي. ڇو تھ جيتريقدر ھن جي ڳالھھ آھي تھ معشوق جي تھ اھا ئي ڪوشش ھئي تھ ھو پئسي ڏوڪڙ خاطر پاڻ کي ڪنھن جي ۽ ھر ھڪ جي آڏو، ڪھڙي بھ ۽ ھر استعمال لاءِ حوالي ڪري ڇڏيندو. پر اھا ڳالھھ شانائتي نھ ليکبي ۽ ساڳئي حوالي سان جي ڪو معشوق ڪنھن عاشق ڏانھن مھربان آھي. ان بنياد تي تھ اھو ھڪ سٺو انسان آھي ۽ ان اميد سان تھ سندس سنگت ۾ پاڻ سڌري پوندو ۽ بھتر بڻبو. پوءِ ڀلي جي سندس عاشق برو نڪري پوي ۽ ڪو بھ گڻ نھ ھيس ۽ ائين جي محبوب کي ڌوڪو بھ مليو تھ بھ ڄڻ تھ ھن ھڪ اتم غلطي ڪئي. ڇو تھ ھن تھ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تھ ھو سچائيءَ سان پنھنجي سر گڻن ۽ نيڪي جي حصول ۽ پنھنجي سڌاري خاطر، ڪنھن بھ ماڻھوءَ لاءِ ھر شيءِ ڪرڻ لاءِ تيار آھي ۽ اھا ئي تھ خوبصورت ترين ڳالھھ آھي. ھر صورت ۾ گڻن ۽ خصلتن خاطر ڪنھن ٻئي جي قبوليت ۽ مڃتا، اعليٰ ۽ اتم ڳالھھ آھي. ھي اھو پيار آھي جيڪو آسماني ديوي جو پيار آھي، پيار جيڪو آسماني بھ آھي ۽ رياستن ۽ انسانن لاءِ وڏو قيمتي بھ، جنھن پيار ۾ عاشق ۽ معشوق پنھنجي سڌاري لاءِ سڀ ڪجھھ ڪرڻ تي ھڪجھڙا ۽ ھڪجيترا خواھان ۽ سرگرم ٿين ٿا. جڏھن تھ ٻي سمورا پيار ھن ٻي ديوي جو اولاد آھن، جيڪا عام رواجي ديوي آھي، منھنجا پيارا فيڊرس! مون وٽ تنھنجي لاءِ پيار جي واکاڻ ۾ اھو ڪجھھ ئي ھيو، جيڪو مون وڌ کان وڌ بھتر انداز ۾، اتي جو اتي، بنا تياري جي چئي ڏنو....
    ******


    11

    جيڪو عرصو آئون ڳوٺ ۾ رهيس ان دوران ڪيترائي واقعا ٿيا. جن ۾ ڳوٺاڻن جي سادگي به شامل هئي ته اڻڄاڻائي به هئي، هونئن به لاڙ جو ماڻهو اڌ چريو ته ٿيندو ئي آهي، ان کي ڦرڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ ڏکيو بنهه ناهي.
    هڪ دفعو بابا ڳوٺ ۾ ڪونه هو ڪنهن چيو ته ٻاهران ڪنهن ڪمپني جو ماڻهو آيو آهي چوي ٿو هتي نئون روڊ منظور ٿيو آهي، سرن جو روڊ پٽبو ۽ پٿرن ۽ ڏامر جو نئون روڊ ٺهندو. اسان جي ڳوٺ کان ٻه ڪلو ميٽر پري کان وڏو روڊ گذري ٿو، يعني ٻه ڪلو ميٽر سرن جو روڊ هو. هن ماڻهو سڄي ڳوٺ مان مزدور ڪيا ۽ چيوته سرن جو روڊ اڄ ئي پٽڻو آهي. هن ماڻهو معمول کان وڌيڪ مزدوري جي آڇ ڪئي ويچارا لاڙي غريب رپنهنجي ئي ڳوٺ جو روڊ پٽڻ ۾ لڳي ويا. هن ماڻهوءَ مزدورن کي ٿوري ٿوري فاصلي تي روڊ پٽڻ تي لڳايو ۽ پاڻ انهن جي مٿان بيٺو رهيو. ٿوري دير کانپوءِ هن ماڻهو آخري ڇيڙي وٽ روڊ پٽيندڙ مزدور کان موبائيل فون اهو چئي ورتي ته هن جي موبائيل بند ٿي وئي آهي، هو سم مٽائي رورو ضروري ڳالهائي کيس موبائيل موٽائي ڏئي ٿو. اهڙن بهانن سان هن جن وٽ موبائيل هئا انهن سڀني مزدورن کان موبائيل فون ورتا. ۽ ڳوٺ ۾ وڃي اهو اعلان ڪيائين ته جيڪڏهن توهان مان سرون ڪنهن کي کپن ٿيون ته اڌ رقم تي کڻو. اڌ رقم جي لالچ ۾ ڳوٺ جي هڪڙي همراھ سرن جا پئيسا ان شخص کي ڏنا. هو سڀني جا موبائيل فون ۽ سرن جا پئسا کڻي پنهنجي گاڏي ڪڍي هليو ويو، مزدورن پنهنجي ئي ڳوٺ جو سڄو روڊ پٽي ڇڏيو، جنهن سرن جا پئسا ڏنا هئا ان سرون کڻائڻ لاءِ ماڻهو آندا ته سڀني چيو هو ڪو ٺڳ هو جيڪو ڳوٺاڻن کي ڦري هليو ويو. ڳوٺاڻا ويچارا منهن مٿو پٽيندا رهيا. پر ان وقت ڪجهه به نه پئي ٿي سگهيو. ڌوڪو ڏيندڙ همراه اتان نڪري الائي ڪٿي وڃي پهتو هو.
    ان طرح جا ٻيا به ڪيترائي واقعا ٿيا، جن مان ڳوٺاڻ جي معصوميت پئي بکي.
    ****


    12

    ڪجه ڏينهن کان عجيب حالت محسوس ڪري رهي هيس. ڪنهن کي به تڪليف ۾ ڏسان ته پاڻ کي تڪليف پئي ٿئي، ڪالهه ماسي وسائي اسان جي گهر آئي ۽ ايندي سٽ چيائين امان مٿي ۾ ڏاڍو سور آهي. ماسي وسائي جو ائين چوڻ مون رڳو هڪ لمحو ماسي وسائي کي چتائي ڏٺو مونکي مٿي ۾ سور پئجي ويو. سور به ڪو اهڙوتهڙو ڀانء ته اکيون ٿي نڪتيون. مٿي تي هٿ رکي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيس ته ڏٺم ته امان جي ڪمري جو دروازو کليل هو ۽ هوءَ گهري ننڊ ۾ هئي. ماسي وسائي کي چيم،
    “امان آرامي آهي، توهان شام جو اچجو”
    ماسي وئي هلي. امان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ستل ڏٺم، ڄڻ ته ننڊ منهنجي اکين ڏانهن منقل ٿي آئي آئون هڪ دم سمهي رهيس. گهور ننڊ. رات بابا چيو،
    “ڌيءَ منهنجي اک ۾ سور آهي، ڊراپس ته وجهه”
    بابا جي اکين ۾ ڊراپس ڇا وڌا منهنجي اکين ۾ ايترو اچي سور پيو جو چوان اجهو اکيون نڪري ٻاهر آيون. صحن ۾ اچي امان کي ڏٺم جيڪا ان وقت ڪائي سبزي ڪٽي رهي هئي ۽ گهري سوچ ۾ گم هئي. امان جي پاسي سان اچي ويٺيس اکين ۾ ڄڻ سور تو ڏٺو نه مون.
    اڄ صبح جو گهر تي ڪنهن فقير صدا ڏني امان ڌيو،
    “فقير کي خير ڏئي آءُ”
    آئون ويس ڏسان ته فقير جي هڪ ٻانهن هئي ئي ڪانه، مونکي لڳو ڄڻ ته منهنجي ٻانهن ڪٽجي وئي آهي. وري پنهنجي ٻانهن کي هٿ لاءِ دلجاءِ ڪيم ته منهنجون ته ٻئي ٻانهون سلامت آهن.
    بابا کي گهر ۾ ڪجهه ڪم ڪرائڻو هو. هن مزدور آندا. هڪڙو پيرسن مزدور جيڪو ڪافي دير کان سرون ڍوئي ڍوئي پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو مون جڏهن ان کي ڏٺو، مونکي لڳو آئون ٿڪجي پئي آهيان ۽ پگهر ۾ شل ٿي وئي آهيان. پر ڏٺم ته منهنجو جسم پگهريل ڪو نه هو. آئون پنهنجي پاڻ تي سوچي پريشان ٿي ويندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ڄڻ ته منهنجو وجود آهي ئي ڪونه، آئون هن دنيا ۾ ناهيان. ڪوئي پاڇو آهي جيڪو مون وانگر هلي رهيو آهي. يا آئون پاڇي ۾ تبديل ٿي وئي آهيان. سموري دنيا پاڇن ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڪنڪريٽ ڪجهه به ناهي سڀ پاڇا آهن.
    اهڙي عجيب حالت تي آئون پريشان ٿي ويس. پر ٿورو سوچڻ به شروع ڪيم ته ڪنهن جو درد ته مون ۾ منتقل ٿي ٿو وڃي. پر ڪنهن جو جيڪڏهن ڪو عضوو ڪٽيل آهي اهو به مونکي ائين ئي محسوس ته ٿئي ٿو پر حقيقت ۾ منهنجو عضوو ڪٽجي نٿو. معنيٰ ته درد به مونکي ڪو نه پوندو هو. پنهنجي ان حالت جي سيلف ڪنسلٽيشن شروع ڪيم. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته ائين ڊپريشن ۾ ٿيندو آهي، ۽ ڊپريشن ۾ ٻن طرحن جا اثر ٿين ٿا. هڪڙا اهڙا اثر جن جو واسطو حقيقت سان نه بلڪه صرف خيالن سان هوندو آهي. ماڻهو جيئن محسوس ڪندو آهي ائين هوندو ناهي. ٻي طريقي تحت ڪي بيڪٽيريا هوندا آهن. جيڪي واقعي به ماڻهو کي نقصان ڏيندا آهن. اهڙي طرح ماڻهو ۾ ڪا ڪيميائي ڀڃ ڊانهن ٿيندي آهي، يا ماڻهو اوور ويٽ ٿي ويندو آهي، يا وري ايڪسٽرا سلم. مونسان ائين نه هو بس مونسا ڪجهه اهڙو ٿي رهيو هو. جيڪو ڪنڪريٽ نه هو ۽ نظر ۾ نه پئي آيو.
    پنهنجي ان حالت کان تنگ اچي نيٺ هڪ ڏينهن بابا سان ڳالهه ڪيم،
    “بابا مونسان عجيب حالت آهي، جنهن کي به ڪنهن تڪليف ۾ ٿي ڏسان اها تڪليف مونکي پئي ٿئي. ڪنهن جو عضوو ٽٽل ٿي ڏسان ته مونکي ٿو لڳي ڄڻ منهنجو عضوو ٽٽي پيو آهي.”
    بابا ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو، ڊاڪٽر ڪجهه ڳالهيو پڇيون ۽ چيائين،
    “فضول سوچن کي ذهن ۾ نه ويهاريو. جيڪو ٿيڻو هوندو اهو هونئن به ٿي ويندو توهان پاڻ کي پريشان ڇو ٿا ڪيو. آرام ڪندا ڪيو ۽ پاڻ کي لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف رکو.”
    ڊاڪٽر جي هڪ اڌ ڳالهه ته ٺيڪ لڳي باقي سندس اهو چوڻ ته “جيڪو ٿيڻو هوندو اهو هونئن به ٿي ويندو توهان پاڻ کي پريشان ڇو ٿا ڪيو.” عجيب لڳو. معنيٰ پوءِ اسان ڇو جيون. اسان خوشين تي خوش ڇو ٿيون. درد تي ڇو دانهون ڪيون؟ جڏهن سڀ ڪجهه اڳ ئي فيصلي ڪيل مقدر تحت ٿيڻو آهي. ته پوءِ ته زندگي ئي بي معنيٰ آهي. مون گهر اچي سڀ دوائون اڇلي ڇڏيون.
    ****


    13

    منهنجي طبيعت ۾ ڏينهون ڏينهن عجيب بيچيني پيدا ٿي رهي هئي. ڪجهه به سٺو نه پئي لڳو. زندگي عجيب موڙ تي اچي بيٺي. ڏينهن رات ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم پئي رهيس. انهن ئي ڏينهن ۾ بابا جو هڪ ڪزن ڪجهه ڏينهن لاءِ اسان جي گهر اچي ٽڪيو هو. هو عمر ۾ بابا کان به ٽي چار سال وڏو هو. ان سان اڪثر ڳالهيون ٿينديون هيون. توڙي جو شروع ۾ آئون کائنس لنوائيندي هيس. ۽ “ها” يا “نه” کانسواءِ کيس ڪو به جواب نه ڏيندي هيس. پر آهستي آهستي سندس جهيڻي لهجي ۽ ڌيمي گفتگو جي آئون گرويده ٿيندي ويس. آئون پنهنجي ڪمري ۾ ڪو ڪتاب پڙهي رهي هيس ته هو منهنجي ڪمري ۾ آيو. هو هميشه مونکي “ڪونج” جي نالي سان سڏيندو هو. ايندي ئي چيائين،
    “اسانجي ڪونج ڇا ٿي ڪري.”
    “انڪل توهان مونکي ڪونج ڇو سڏيندا آهي؟
    (آئون کيس “انڪل” ڪري سڏيندي هيس.)
    “انجي ڪري جو تنهنجي ڳچي ڪونج جهڙي خوبصورت آهي. ها ته ڇا پئي ٿيو؟”
    آئون سندس غير متوقع سوال ئي جواب تي شرمائجي ويس. بس ايترو چئي سگهيس،
    “انڪل ڪجهه نه بس هيءُ ڪتاب پئي پڙهيم.”
    هن ڪتاب منهنجي هٿ مان ورتو.
    “هيءُ ڪتاب! هن حيرت سان چيو. ڊيل ڪارنيگي جو ٽڪي وارو ڪتاب. هيءُ اسان کي ٻڌائيندو ته زندگي ۾ ڪيئن خوش گذارجي؟ ڊيل ڪارنيگي کي خبر آهي ته ڪونج جي ڳوٺ جون حالتون ڪهڙيون آهن؟ هتي ڇا پيو ٿئي؟ کيس اها خبر آهي ته هتي ڌياڻپو ڌڻ پڙهي به نٿو سگهي، هتي عورت پنهنجي راءِ جو اظهار نٿي ڪري سگهي. هن کي خبر آهي ته ٻارڙا اڄ به هتي بک تي گذارين ٿا؟ جي کيس خبر آهي ته پوءِ ته ٺيڪ آهي جي نه ته پوءِ هو ڪير ٿيندو آهي اسان کي خوشي جڳ رستو ڏسڻ وارو؟”
    آئون حيرانيءَ سان کيس ٻڌندي رهيس. هن وڌيڪ چيو،
    “ڪونج ٻڌ! جيڪڏهن تو کي اڃا به اها خبر ناهي ته زندگي ڪيئن گذارجي؟ يا خوشي ڪيئن ملندي؟ يا ٻين کي ڪيئن خوش رکجي؟ يا ڪاميابي جو رستو ڪهڙو آهي ته پوءِ تون هتان جي ليکڪن جا ڪتاب پڙه، هو ڪير آهي؟ ها شايد ڊاڪٽر محبت ان پنهنجي ڪتاب ،“شعور” ۾ چيو آهي ته،
    “اسين ڪيئن چئون ته ڪو ماڻهو هڪ وڏو فلاسافر، مفڪر، اديب، دانشور، شاعر، ڏاهو، سياڻو يا سائنسدان آهي؟ سمجهو ته هڪ ماڻهو هڪ وڏي گهر ۾ رهي ٿو. سندس گهر ۾ سوين هزارين قسمن جا ڪتاب رکيا آهن پر هو ماٺ آهي، ڳالهائي نه ٿو، هن لکيو ناهي ــــــــــ ڇا پوءِ به چئي سگهنداسون ته هو وڏو عالم آهي؟ جڏهن ماڻهوءَ کي اها سُڌ ئي ڪانهي ته هن جا خيال ڪهڙا آهن، سندس سوچ ڪيئن آهي، هو دنيا، فطرت، ڪائنات بابت ڇا ٿو سوچي، هن جو نڪتي نظر ڪهڙو آهي، سچ ۽ ڪوڙ بابت سندس نظريو ڪهڙو آهي، ڪهڙو فلسفو ڇو، ڪيئن کيس پسند آهي، هو ڪهڙي سوچ رکي حياتي گذاري ٿو وغيره، ته پوءِ نيٺ ماڻهو اهو ڇو سوچين ته هو ڪو سياڻو، سيبتو، پڙهيل ڪڙهيل، سمجهه رکندڙ ماڻهو آهي؟ ڪيئن سمجهون ته هن اهي ڪتاب پڙهيا، سمجهيا، ڄاتا، سڃاتا، پروڙيا ۽ پڙهيا آهن؟ ڪيئن سمجهجي ته هن ڪجهه پرکيو ۽ کوجيو آهي، هن به ڪو علم پِرايو آهي؟
    ڪنهن به خيال، تصور، سوچ، سمجهه جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر رڳو ٻوليءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو....ماڻهوءَ ڪائنات (جڳ، جهان) تي کوجنا ڪئي آهي، لکين روشني-سالن تي ڏسي سگهي ٿو، سج، چنڊ، تارن، گرهن، سيارن وغيره تي تحقيق ڪئي آهي. هو گهر ويٺي مريخ تي اهڙي مشين موڪلي سگهي ٿو جيڪا نه رڳو اتان فوٽو ۽ آواز موڪليندي رهي پر پنهنجي سِر اتي تجربا ڪري سگهي، موسمي حال ٻڌائي سگهي، وغيره. ماڻهو ئي آهي جنهن چنڊ تي پير گهمايا ۽ اتي وڃي، ويهي، رهي.اڀياس ۽ پرک ڪئي. ماڻهوءَ بيمارين خلاف ويڙهه ڪئي آهي، دوائون ٺاهيون آهن، آپريشنون ڪري ٿو، اکيون، ڪن، دليون، بُڪيون. آنڊا وغيره بدلائي سگهي ٿو. ماڻهو ئي آهي جنهن فطرت جي پيدا ڪيل وڏي ماتا جهڙي بيماريءَ (اُن جي جيوڙن) کي فنا ڪري ڌرتيءَ تان مٽائي ڇڏيو. ماڻهو ئي آهي جنهن مادي جي شين ۽ لقائن کي سمجهيو، انهن جي ڪيميائي ۽ طبعي گڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، جنهن ايٽمي توانائيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو، جنهن کربين ڏيئا ٻاري راتيون روشن ڪري ڇڏيون. ماڻهو ئي آهي جنهن حياتيءَ جي جوهر جو اڀياس ڪيو ۽ سڀني ساهوارن جي تخليق تي کوجنا ڪئي. ماڻهو ئي آهي جنهن ڳوٺ وسايا، شهر جوڙيا، اسڪول ۽ ڪاليج کوليا، يونيورسٽيون ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون. ماڻهو ئي آهي جيڪو لکي سگهي ٿو، ڇاپي سگهي ٿو، ڪتاب ٺاهي سگهي ٿو ۽ انهن کي ڪتاب گهرن ۾ محفوظ ڪري ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو تصوير ڪڍي ٿو، سنگتراشي ڪري ٿو، فوٽو ڇڪي ٿو، فلم ٺاهي (فلم ٺاهڻ کان پوءِ) مري ويل ماڻهن جي ڳالهه ٻول ٻڌائي ۽ انهن جي چرپر ڏيکاري سگهي ٿو. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي جيڪو سماج ٺاهي سگهي، تاريخ جوڙي، ٻولي خلقي، ثقافتي رنگارنگيون پکيڙي. ماڻهوءَ سڄي فطرت، فطرت جي هر لقاءَ، هر شيءِ، سماج، حياتيءَ وغيره جو جوهر، انهن جا قاعدا قانون ڳولي هٿ ڪري ٿو، انهن کي ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي دماغ کي سمجهي ٿو. ناهي ڪو ٻيو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو ايئن ڪري سگهي.
    اڳوڻو ماڻهو پٿر جيتري مضبوط مُٺ ۽ ڏنڊي جيتري ڊگهي ٻانهن ٺاهي سگهيو، پوءِ هن تير ڪمان ۽ ڀالي وسيلي پنهنجيءَ ٻانهن کي وڌيڪ ڊگهو ڪيو ۽ مترڪي وسيلي پنهنجيءَ مٺ کي اڃا به مضبوط. خالي هٿ سان ڪچي مٽيءَ جي لپ ڀري سگهيو پئي پر ڪوڏر وسيلي وڏو لپو هڻي سگهيو ٿي. سڏ پنڌ تائين ٻڌي سگهيو پئي، چڱو پري تائين ڏسي سگهيو پئي، ٻه چار ميل ڊوڙي سگهيو ٿي ۽ ڪوهن جا ڪوهه پنڌ هڻي پئي ويو. بُنڊ پئي کنيائين، ڇِپون پئي ڍوئيائين، ڇِپ جيڏا جانور پئي ماريائين. اهو ماڻهو به وهه واهه، واکاڻ لائق آهي اهو ماڻهو جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو، پر اڄوڪي ماڻهوءَ:
    - پنهنجي چنبي کي فولادي بنائي، ڪرين جو روپ ڏئي، ايڏو سگهارو بنايو آهي جو هڪ سٽ ۾ ويهه ويهه ٽن کڻي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ رکي ٿو،
    - پنهنجيءَ لپ کي فولادي ڪوڏر ۾ بدلائي، ايڏو ويڪرو ڪيو آهي جو ان جو هڪ لپو مڻن جا مڻ مٽي، بجري، واري يا پٿر پٽي سگهي ٿو،
    - پنهنجن ڪنن کي ايڏو سرلو ڪري ورتو آهي جو دنيا جي هڪ ڪُنڊ جو آواز ريڊيي، فون وسيلي ٻي ڪنڊ تي ٻڌي سگهي ٿو،
    - پنهنجين اکين کي اها ويڪري ديد ڏني آهي جو ڪائنات ۾ لکين روشني-سالن جي پنڌ تي، تارن، سيارن ۽ گرهن تي، ڌرتيءَ جي هڪ پاسي کان ٻي پاسي تي، انتهائي اڻ لکن ذرڙن (اليڪٽرانن يا ايٽمن) تي، ڏِسڻيُن (ڏ؛سڻ جي اوزارن) وسيلي نظر وجهي سگهي ٿو،
    - پکين جي اڏام فولادي کنڀن (هوائي جهاز ۽ راڪيٽ) وسيلي ماڻي سگهيو آهي ۽ نه رڳو فضا ۾، پر پولار ۾ به پيهي وڃي ٿو،
    - مڇين جي ترڻ-مهارت به ماڻي ورتي ۽ نه رڳو ندين، اُپسمنڊن ۽ سمنڊن مٿان تري سگهي ٿو پر پاتار ۾ پيهي وڃي ٿو.
    ناهي ڪو ٻيو ساهوارو سواءِ ماڻهوءَ جي، جيڪو اهو سڀ ڪجهه ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چَکي يا ڇُهي، ان کي جاچي، پرکي، پرجهي ۽ پروڙي سگهي جيڪو ڪجهه سندس چؤطرف وهي واپري، هلي چلي، ٿئي ڪَري پيو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجي چوڌاري ۽ پاڻ اندر ٿيندڙ معاملن جي پرک ۽ ڄاڻ ماڻي سگهي. ماڻهو ڄاڻي ٿو فطرت کي، سماج کي ۽ ذهن کي، ڄاڻي ٿو ته هو پاڻ ڇا آهي، سندس هستي ڇا آهي، سج ڇا آهي، ڪائنات ڇا آهي. ٻين ساهوارن جيان ماڻهو رڳو جيئڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل ناهي، پر ان سان گڏ هو سوچي ٿو ته ڌرتي ڇا آهي، حياتيءَ جو مقصد ڇا آهي، ڇا هئڻ گهرجي.”
    منهنجا ڪپاٽ کلي ويا. ڪيتري دير تائين آئون انڪل جي لفظن تي سوچيندي رهيس، جنهن ڄڻ ته منهنجي شعور کي بيدار ڪري ڇڏيو.

    *****


    14

    بابا ڳوٺان ڪراچي شفٽ ٿيڻ جو پڪو پروگرام ٺاهي چڪو هو. امان نوڪرن جي ٽيم کي پاڻ سان گڏ ڪراچي کڻي هلڻ لاءِ تيار ڪيو ته بابا کيس چيو ته، ڪراچي ۾ تنهنجي ڏاڏڻڪي حويلي ڪانهي جنهن ۾ ايترا نوڪر رکي سگهين؟ هڪڙي ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو تيار ڪر، اهي به پاڻ سان گڏ هلندا. باقي ٻين کي يا موڪل ڏي يا هن گهر ۾ رکين.
    امان لاچار ڪراچي هلي. پر امان جي دل ڪراچي جي گهر ۾ نه پئي لڳي.
    ٿورڙو اسانکي به شهر جي اجگر شور پريشان ڪيو پر پوء اسان هري وياسين.
    بابا مونکي ۽ ننڍي ڀاءَ کي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. اسان کي ڪاليج جو ماحول ۽ پڙهائي ڏاڍي وڻي. نوان دوست نوان ڪتاب اسان جي لاءِ نئون شهر جهڙو ڪر هڪ نئين دنيا ٿي ويو هو. مون دل لڳائي پئي پڙهائي ڪئي. مڊ ٽرم ۾ ٽاپ ڪيم بابا ان خوشيءَ ۾ سڀني گهر وارن کي ٽريٽ ڏني ۽ دو درياهي تي الحبيب هوٽل ۾ ماني کارائي آئون ڏاڍي خوش هيس. بابا مونکي نئون ليپ ٽاپ ۽ نئون موبائيل فون به وٺي ڏنو. امان ٿوري ٿوري مون تي چڙيل رهندي هئي جوهوءَ مون کي ئي شهر ۾ اچڻ جو ذميوار سمجهندي هئي. مون امان جي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. بابا مونکي تمام گهڻو همٿاهيندو هو. منهنجا سمورا ماڻ، سموري قوت جهڙو ڪر منهنجو بابا هو، هو مونکي چوندو هو، دنيا سمنڊ آهي جنهن ۾ توهان کي خبر ناهي پوندي ته ڪير توهان جو پنهنجو آهي ڪير دشمن آهي. تيسيتائين سڀئي ماڻهو سٺا هوندا آهن. جيسيتائين منجهن ڪو ڪم نه ٿو پوي.، “ڪم پوي ته ڪل پوي”.
    آئون بابا جي ڳالهين تي پهرن تائين سوچيندي رهندي هيس. منهنجو سڀئي منزلون پنهنجي بابا وٽ هيون. دير تائين پڙهندي هيس ته بابا اڪثر رات جو دير سان منهنجي ڪمري ۾ ايندو هو. ۽ منهنجي ڪيل پڙهائي ۽ هوم ورڪ کي ڏسندو هيو. هو انتهائي اڻلکي طريقي سان منهنجي هر حرڪت نوٽ ڪندو هو. مونکي پتو ئي نه پوندو هو ته ڪنهن مهل منهنجي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون جي آڊٽ ٿي ويندي هئي.
    پر منهنجي فون توڙي موبائيل به مون وانگر ئي آئيني جهڙا هئا جن ۾ ڪجهه به لڪل نه هوندو هو. مون ڪڏهن به پنهنجي فون ۽ ليپ ٽاپ تي پاس ورڊ تائين نه لڳايو هو. ائين به ناهي ته مونکي ڪو وڻيو ڪو نه هو. پر مون بابا جي اعتماد کي ڇيهو رسائڻ نٿي گهريو، ان ڪري ڪنهن به ڪلاس فيلو کي پنهنجي قريب اچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو هو. ڪڏهن ڪڏهن انڪل جو فون ايندو هو. ان ۾ به مونکي بابا جي شفقت ۽ پيار نظر ايندو هو. هن جو مونکي ڪونج سڏڻ مونکي وڻندو هو.
    ڪڏهن ڪڏهن آئون بابا ۽ انڪل جي پيار جي وچ ۾ موجود وٿي کي محسوس نه ڪري سگهندي هيس.
    آئون ڏاڍي خوش هيس. پر قدرت کي شايد منهنجي خوشي ايڏي عزيز نه هئي. هڪ رات بابا کي اوچتو اٽيڪ ٿيو. اسان جلدي اسپتال پهتاسين. بابا کي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو. طبيعت ڪجهه سڌرڻ واري هئي ته روم ۾ شفٽ ڪيائونس. بابا کي ڊاڪٽرن مڪمل آرام ڪرڻ جو چيو ۽ ٻه ٽي ڏينهن اڃا اسپتال ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ هو ته اٽيڪ ڏاڍو سخت هو. آئون رات جو بابا وٽ رهي پيس ٻيا گهر ڀاتي گهر هليا ويا. بابا مونکي چيو،
    “پٽ منهنجو خواب هيو ته تون ڪنهن اهڙي عهدي تي پهچين جتي پنهنجي غريب ڳوٺاڻن جي ڪنهن ڪم اچي سگهين. مونکي ميرڙا ڪوجهڙا ڳوٺاڻا ڏاڍي پيارا اٿئي.”
    “بابا آئون توهان جو خواب پورو ڪنديس“
    “مونکي تو مان اهائي اميد آهي، پر آئون ان خواب جي تعبير نه ڏسي سگهندس”
    “ڇو بابا؟”
    بابا مسڪرائي ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪيون ته منهنجو جهڙو ڪر هنيانءُ ڦسي پيو هو. زور سان چيم
    “بابا”
    بابا اکيون کوليون ۽ منهنجي اکين ۾ اوچتو آيل ڳوڙهن جي ٻوڏ ڏسي مونکي ويجهو ڪيو ۽ منهنجي اکين تي چمي ڏني.
    ان چميءَ جو ڇهاءُ اڄ به مونکي ياد آهي. اڄ به جڏهن بابا جي ڏنل اها آخري چمي ياد ايندي آهي ته منهنجون اکيون پورجي وينديون آهن.
    بابا ٻيهر اکيون بند ڪيون ۽ ڪڏهن به نه کوليون. منهنجي اکين جي اڳيان اونڌار اچي ويو. پيرين اگهاڙي هٿوراڙيون هڻندي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر کي سڏيم. جنهن بابا جي نبض ڏسي چيو،
    “آءِ ايم سوري”
    مونکان منهنجو مدار ائين کسجي ويو ڄڻ ڌرتيءَ کان ان جو سج. ۽ ڌرتي اربين ميلن جي اتاهين ۽ لاهين تان بولاٽيون کائيندي ڀرندي، ٽٽندي پئي وئي.منهنجو مدار منهنجو بابا سائين هو جنهن کان سواءِ آئون بلڪل اڪيلي ٿي ويس.
    ******


    15

    گهڻن ڏينهن کانپوءِ انڪل جو خط آيو.
    ڪونج!
    تنهنجي بابا جي وڇوڙي مونکي به اڌو اڌ ڪري ڇڏيو آهي. آئون سندس ڏاڍو ويجهو دوست هيس. هو تنهنجون ڳالهيون پهرن جا پهر مونسان ڪندو هو. ان ڪري ئي ته مون کي توسان پيار ٿيو هو. تون اسان ٻنهي جو آئيڊيل هئين. خبر اٿئي مونکي تنهنجي بابا تنهنجي پارت ڪئي هئي. پر آئون اها پارت نڀائڻ جي لائق ناهيان. اهو انڪري به ته منهنجو تعلق توهانجي گهر سان رڳو تنهنجي بابا جي ڪري هو. تنهنجي امان ۽ ان جي گهر وارن سان اسان جو پراڻو تڪرار آهي. ان تڪرار ۾ به تنهنجي بابا جي ڪري گهٽتائي آئي هئي. سان شايد هاڻي وري اها باھ ڀڙڪو کائيندي. تون پنهنجي بابا جي ڏٺل سپني کي سچ ڪجانءِ.
    هڪ ٻي ڳالهه ته آئون توسان بيپناھ پيار ڪيان ٿو. اهو پيار شايد تنهنجي بابا جي پيار کان مختلف هجي. پر اهو پيار ضرور هوندو.

    تنهنجو پنهنجو...
    خط جي متن مونکي ڏڪائي ڇڏيو هو. مونکي ياد آيو. بابا هڪ دفعو انڪل جي سامهون منهنجي پيشاني تي چمي ڏني هئي. مون ڏيڍي اک سان ڏٺو هو انڪل منهنجي چپن کي گهوري رهيو هو.
    آئون بلڪل ڀورا ڀورا ٿي چڪي هيس. پر ڪتابن ۾ پاڻ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هيس. ڪجهه ڪتاب پڙهيا. ڪجهه لکڻ لاءِ سوچيو. منهنجي پڙهائي بلڪل ختم ٿي وئي ڪاليج کان پڙهائي ختم ڪري مونکي يونيورسٽي وڃڻو هو. پر بابا جي وڇوڙي مونکي ٽوڙي ڇڏيو هو. توڙي جو امان به گهڻو سنجيده ٿي وئي هئي ۽ ننڍي ڀاءَ جي داخلا وقت مونکان پڇيو هيائين ته جي پڙهڻ چاهين ته ڀلي پڙه. پر آئون نه پرهي سگهيس.
    مون اکيون بند ڪري بابا ۽ انڪل جي پيار جي وچ ۾ موجود وٿي تي پئي سوچيو ته لائونج ۾ رکيل ٽي وي تي پنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌي اٿي آيس. ٽي وي تي هڪ چرين جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري هلي رهي هئي. وڌيل وارن ميرن ڪپڙن ۾ ملبوس ڀڀوت شخص ٽي وي اسڪرين تي آيو. هڪ ٻيو جهٽڪو مونکي لڳو. رپورٽر چئي رهيو هو،
    “هيءَ شخص تمام گهڻو پڙهيل لکيل آهي ڊبل ايم اي کانسواء ٻيا به ڪورس ڪيل اٿس. ڪنهن صدمي سبب ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي. روز ڳوٺ جي چوسول وٽ اچي ڊگهي تقرير ڪندو آهي. سندس تقريرون چريائپ باوجود وڏيون فهم واريون هونديون آه....”
    اهو چريو ڪو ٻيو نه بلڪه مونکي ڪونج سڏيندڙ انڪل ئي هو. سندس ويڪرو سينو جيڪو مونکي ڪارونجهر وانگر ويڪرو لڳندو هو اهو سنڌوءِ وانگر سوڙهو ٿي چڪو هو. مون پاڻ کي بابا جي وڇوڙي کانپوءِ جنهن سيني ۾ پاڻ لڪائڻ چاهيو هو. اهو اڄ نه رهيو هو...
    *****


    16

    منهنجي سهارا هڪ هڪ ٿيندا موڪلائيندا پئي ويا. آخري سهارو ڪتابن کي بڻائي انهن سان لنو لڳايم. مون پنهنجي پيار، زندگي ۽ درد تي تمام گهڻو سوچيو انهن بابت تمام گهڻو پڙهيو. جيڪو پڙهيو آهي انهن مان ڪجهه شيون لکڻ تي دل چئي رهي آهي. منهنجي زندگي عجيب حالتن جي ور چڙهي وئي هئي. جتي درد ۽ خوشيون پنهنجي وچ واري وٿي وڃائي چڪا هئا. مون درد کي درد ۽ خوشي کي خوشي سمجهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي.

    پيار
    پيار تي ڇا لکان؟ ڪنهن سچ لکيو آهي ته اڄ تائين پيار جي ڪا هڪڙي وصف مقرر ئي نه ٿي سگهي آهي. مون پنهنجي طرفان پيار لاءِ ڪٿي چيو هو، هيءَ اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا جڏهن ڪنهن تي سوار ٿئي ٿي ته ماڻهو موڳو ٿي وڃي ٿو ۽ سواءِ ان شخص جي جنهن سان هو پيار ڪري ٿو کيس ڪجهه به نظر نٿو اچي. پيار جو موضوع نفسياتي به آهي، فلسفياڻو به آهي ته سماجي به آهي. انهيءَ ڪري هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ۽ پيار جي وصف ٻڌائي ٿو. ڪي چوندا آهن پيار ٿي ويندو آهي ۽ هڪ دفعو ٿيندو آهي. ڪي پيار کي پاڪ ۽ پويتر چوندا آهن. ڪن عالمن جو خيال آهي ته پيار صرف خدا سان ٿيندو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته پيار جو تعلق جنسي جذبي سان آهي. ڪي پيار کي دوکو سمجهندا آهن ۽ گهڻن جو خيال آهي ته پيار مرد ۽ عورت وچ ۾ ٿيندو آهي پر پيار ڇا آهي؟ انهيءَ تي ڪا متفق راءِ ناهي. هڪ عام مشرقي جاگيرداراڻي قدرن وارو پرين پرائي وس آهي. سندس پنهنجو وس نٿو هلي. جيتوڻيڪ عشق به ٻه طرفو آهي. پيار جو جذبو به بي لوث وابستگيءَ وارو آهي. پر پاڻ پرائي وس هئڻ سبب ملي نٿو سگهجي، پر جي ملي سگهي ها ته ڇا ڪري ها؟ ڇپر ۽ ڇاتي ساڻ ملي ها. توهان سوچيو ته اکين جي ڇپرن ساڻ، اکين جو اکين سان ملڻ ۽ ڀاڪرن ۾ ڀرجي وڃڻ وارو تصور آهي. پر پوءِ جڏهن عاشق خواهشون پوريون نٿو ڪري سگهي ته اهي خواهشون خوابن ۾ تسڪين حاصل ڪن ٿيون. پرين خواب ۾ اچي وڃي ٿو. خواب ۾ پرين ڏسڻ کانپوءِ هڪ خوشگوار تاثر پيدا ٿئي ٿو.
    پيار روح ۽ جسم جو ميلاپ آهي. پيار جي معاملي ۾ روح کي جسم کان عليحده نٿو ڪري سگهجي. جڏهن من سان من جو ميل ٿئي ٿو ته اهو جسم جي ميلاپ کان سواءِ اڌورو رهجي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري شاهه وٽ جسم جي اڃ به موجود آهي. پرينءَ کي حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ انهيءَ جي وصال جي خواهش وٽس موجود آهي. ڇو ته پيار ۾ جمالياتي حس سگهاري ٿيندي آهي ۽ محبوب خوبصورت لڳندو آهي. پر ڪنهن سچ چيو آهي ته وقت بادشاهه آهي، سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏي ٿو. جنهن کي شدت سان پيار ڪجي ٿو. جنهن کان سواءِ پل به گذرڻ جو تصور نٿو ڪري سگهجي. اهو سڀ ڪجهه وقت گذرڻ سان ختم ٿيو وڃي. پرين ملندو رهي ۽ وقت گذرندو رهي، پوءِ اندر جو خال ڪر کڻيو اٿي. وري اڃ، وري تشنگي تار، وري ڳولا پيار جي، پر هن ڀيري محبوب اڻ ڏٺل هوندو آهي ۽ دل چوندي آهي ته اڻ ڏٺو ئي رهي ۽ ملاقات ئي نه ٿئي.
    زندگي مادي صورت ۾ ۽ جنس جي موهه ۾ سڀني کي وڻي ٿي. انگ اگهاڙي پيٽ بکئي کي به زندگي ۾ موهه نظر اچي ٿو ته امير کي به زندگي مان جلا ملي ٿي. انهيءَ ڪري لطيف پيار جي دنيا واري تصور کان انڪار نٿو ڪري ۽ تياڳ پسند ناهي. آئون بعضي بعضي ڀٽائي وٽ پناھ وٺندي آهيان. بعضي انهن ماڻهن وٽ جن ڀٽائي وٽ پناھ ورتي آهي.
    غربت، سيارو ۽ اڪيلائي آهي، ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ڪندي، ٻين جا ور ڏسي وجود مان جنسي نوعيت جا آواز ۽ ٿڌا شوڪارا اڀريو پون. هونئن به اخلاقي دستور ۽ فطرتي تقاضا مختلف آهن. انهيءَ ڪري اسان زياده دير اخلاقي مطالبا نٿا ڪري سگهون. هر دور۾ قدرن کي ٽوڙڻ ۽ بغاوت ڪرڻ غير اخلاقي حرڪتون سمجهيون ويون آهن. قتل و غارت ٿيندي رهي آهي، پر پوءِ به هر دور ۾ پيار ٿيندو رهيو آهي.
    سڄي ڪائنات محبوب جو ديدار آهي، هر طرف پريم جا اشارا، ڍنگ ۽ روپ آهن. پريم جو ڪو هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ سامهون اچي ٿو ته پيار آفاقي ۽ امربڻجي وڃي ٿو. هر ماڻهو پهرين آهي. هر ماڻهو محبوب آهي. محبوب اندر ۾ به آهي محبوب ٻاهر به آهي ۽ ان کانپوءِ وجود هڪ ٿي وڃي ٿو، پر ان کان اڳ توهان ڏٺو درد ۽ وڇوڙو ئي هو. يعني خدا کان وڇڙيل روح ۽ زندگي _ ڪثرت ۾، فاصلن ۾، وحدت کان وڇڙيل زندگي _ ڪو درد ۽ ڏک هئي. هاڻي ڇا آفاقيت جي پيار واري تصور ۾زندگيءَ جو درد ۽ روح جي تڙپ ختم ٿئي ٿي ۽ محبوب اندر ۾ جاري و ساري رهي ٿو. جواب آهي نه! روح جي تڙپ ٿانيڪي نٿي ٿئي.ڇو ته ان منزل تي شعور زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانگهي ٿو ۽ جسم ۾ فنايت سرايت ڪري وڃي ٿي. جتان هڪ جينئس (genius) جو درد شروع ٿئي ٿو، ڪيئن روح کي ٿانيڪو ڪجي؟ پاڻ کي ڪيئن پرچائجي!! ڀٽائي موسيقي ۾ پناهه ورتي ڇو ته سڀ ڪجهه مٺ مان واريءَ وانگر نڪريو ٿي ويو، ڪنهن کي بقا نه هئي. روح جو ساٿ جڏهن جسم ڏنو ٿي تڏهن روح اڻ ڄاڻ هو، مايا جي پويان ڀٽڪي رهيو هو ۽ اندر جي اڌمي کي ٿانيڪو ڪري رهيو هو. پر جڏهن روح Mature ٿيو تڏهن وري جسم ساٿ نباهي نه سگهيو. مايا به آهي، موهه به آهي پر روح اڪيلو ٿي ويو ۽ جسم جدائيءَ ۾ آخر رک ٿي ويو. پوئتي ورائي ڏٺو ته سڀ ڪجهه جک هئي، ڪجهه به ته نه هو! بس اهو ئي روح جو الميو آهي. ڪنهن چيو هو پيار جا هزارين روپ آهن، پيار زندگي سان وابسته آهي، زندگي پيار کان بغير اڌوري آهي، پيار ئي انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿو. پيار، جسم جي خوبصورت ادائن ۽ مايا جي ول ڇل ۾ آهي، پيار محبوب جي انگ آڇڻ ۾ آهي. پيار وڇوڙي ۾ به آهي ته وصل ۾ به آهي. پيار ٻار جي معصوم مرڪ ۾ به آهي ته پيار ماءُ جي هنج ۾ به آهي. پيار پيار آهي نه ڪوڙو آهي، نه سچو آهي، بس تلاش ۽ جستجو جو محرڪ ۽ جيئڻ جو لاثاني سهارو آهي. ۽ اهو ئي پيار آهي جنهن کي آئون پنهنجن لفظن ۾ معصوم گناھ جي نالي سان سڏيندي آهيان. جيڪو گناھ مون ڪيو آهي. آئون ان گناھ جو اعتراف ڪيان ٿي.
    *****


    17

    درد
    منهنجو وجود سراپا درد جي تصوير بڻجي ويو آهي، ان درد جي ڪٿارسس لاءِ مون ڪي ڪتاب پڙهي جيئڻ لاءِ جتن ڪيا آهن. هيءُ آئون جيڪي ڪجهه لکي رهي آهيان ان جو وڏو حصو منهنجي زندگيءَ جو مشاهدو ۽ ڪجهه حصو منهنجي ڪتابن مان ورتل آهي. درد ڇا آهي؟ اهو مون پل پل محسوس ڪيو آهي، زخم ڇا آهي اهو مون ڄاڻي ورتو آهي. ڪنهن درست لکيو هو ته جهڙي طرح سان ڪائنات جا رنگ روپ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، هر شيءِ ٻن ابتڙن جو ميلاپ آهي. اهڙي طرح ڏک ۽ سک به زندگي جا ٻه ڍنگ، ٻه رويا آهن. ڏک آهي ڇا؟ اسان ٿورن لفظن ۾ چونداسين ته ڏک اها ڪيفيت آهي، جيڪا جيوت سگهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي ۽ وجودي واردات سان همڪنار ڪري ٿي. ڏک هڪ فطرت جو چئلينج آهي. جنهن کي انسان قبول ڪري سک لاءِ جستجو ڪري ٿو. انسان ۾ جبلي طور ٻه رويا هوندا آهن. هڪ جبلت جيوت (جيئڻ جي جبلت) ۽ ٻي جبلت مرگ (مرڻ جي جبلت) جڏهن انسان ۾ جيوت جي جبلت وڌيڪ هوندي آهي، هو مثبت سوچ رکندو آهي ۽ ڏکن کي سهڻ جي منجهس طاقت هوندي آهي. پر جڏهن منجهس جبلت، مرگ يا مرڻ جي جبلت اڀريندي آهي. هو مايوس ٿي ويندو آهي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ڏک ۾ لڙهي ويندو آهي ۽ ڏکندو انسان ۾ جڏهن وجودي وارداتون اڀاريندو آهي ته ان وقت انسان ٻن لاڙن جو شڪار ٿيندو آهي. هڪ ڊپريشن، ذهني دٻاءُ ۾ هليو وڃي ۽ آپگهات جي ڪوشش يا تمنا ڪري ۽ هر رويي ۾ مايوس ٿي جدوجهد ڪرڻ ڇڏي ڏي يا وري ٻئي لاڙي ڏانهن وڌي يعني وجودي وارداتن جي شڪار ٿيڻ کانپوءِ سوچ، ويچار ۽ فڪري گهرائيءَ جو مٿس وجدان ٿئي ۽ ڪائنات جي مابعد الطبيعاتي رازن ۽ اسرارن کي پرورڻ جي ڪوشش ڪري ۽ پنهنجي رويي ۾ صوفي بڻجي وڃي ۽ انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته درد ۽ صوفي مت جو پاڻ ۾ وڏو تعلق آهي. بلڪه اسان ائين چئي سگهون ٿا ته درد کان سواءِ صوفي ٿيڻ ناممڪن آهي.
    درد جي تاريخ زندگي جي شروع ٿيڻ سان ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي پراڻي فڪر ۽ مذهبن ۾ ڏک جو باقاعدا ذڪر اچي ٿو. هندو فڪر ۾ اها ڳالهه عام آهي ته زندگي جنم جنم جو عذاب آهي. ڏک تيستائين رهندو جيستائين اسان جنم جنم جي چڪر مان مڪتي حاصل نه ٿا ڪريون. يعني پيدا ٿيڻ ئي ڏک جو سبب آهي. ٻي معنيٰ ۾ چئجي ته زندگي ڏک جو سبب آهي يا زندگي آهي ئي ڏک.
    ۽ ٻڌ به اها ڳالهه ڪئي ته ”سروم دکم دکم“ پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏک ئي ڏک آهي. ڏک انهي ڪري آهي ته زندگي مادي خواهشن سان وابسته آهي. جيستائين خواهش رهندي، تيستائين ڏک آهي. تنهن ڪري مادي خواهشن کان نجات حاصل ڪري دنيا سان دل نه لڳائجي، ٻي معنيٰ ۾ زندگي جي مادي پهلوءَ کان هار کائي الڳ ٿي وڃجي. ڏک کانپوءِ به نجات نه ملندي ڇو ته موت به هڪ ڏک آهي. مطلب ته ساهه هڪ ڏک آهي. انهي جي ردعمل طور يورپ جي فلسفي، اپيڪيورس ۽ هندستان جي چارواڪ لذت جو فلسفو ڏنو. هنن جو مطلب هو ته ڏک خلاف وڙهجي، سماجي طور پابندين ۽ رسمن کي ٽوڙي مادي لذتون حاصل ڪجن ۽ زندگيءَ جي معنيٰ آهي لذت حاصل ڪرڻ. پر ٻڌ جو خيال هو ته لذت به هڪ ڏک آهي. مطلب ته لذت به ڏک جو هڪ روپ آهي ڇو ته اها ڪيفيت ئي آهي جنهن جي پيٽ مان ڏک جي ڌارا ڦٽي نڪري ٿي ٻيو ته لذت جا لمحا هٿ اچڻ جا ناهن. لمحا گذري ويندا آهن ڇائنجي ويندو آهي هڪ ابدي ڏک.
    ڇا ڏک آخري ڪيفيت آهي ۽ ڏک خلاف وڙهي نٿو سگهجي يا ڏک کان نجات ممڪن آهي.
    سارتر چيو هو، No Exit يعني ڪو ڇوٽڪارو ناهي، اهڙي ئي ڳالهه هائيڊگر ڪئي ته موت جي خوف ۽ وحشت کان انسان آجو ٿي نٿو سگهي، ايتري قدر جو موت کان ڀڄندو ڀڄندو وري موت ۾ ئي پناهه وٺندو آهي.
    هي سڄو سفر هيءَ سڄي لوڙ ۽ ڳولا ساڃهه کان پوءِ جي آهي. پر انهي درد ۽ سور جي خبر هجي ته ماڻهو ڏاهو ئي نه ٿئي پر ڏاهي ٿيڻ کانپوءِ ڇا آهي؟ پوءِ پنهنجي وجود جي ڪثرتي جز جو احساس آهي. وڇوڙي جو احساس آهي ۽ محبوب سان ملڻ لاءِ سور جو هجڻ لازمي آهي. ڇو ته عشق جي راهه ۾ وصال جي خواهش سور ۽ درد کان سواءِ اڌوري آهي.
    ڏک جي گهرائي ڇا آهي؟ لطيف ان کي ڪيئن ٿو محسوس ڪري هن شعر کي ڏسو:
    اڏ تراڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏارون،
    هينئڙو هيرڻ پن جيئن، ڦٽي ٿيو ڦارون،
    ڪنهن کي ڏيکاريون ڪونهي سوداگر سور جو.
    انهيءَ لاءِ فرائيد جواب ڏنو هو ته ”اذيت پسندي زندگي جو جبلي ۽ لازمي حصو آهي، جيڪو جنسي عمل ۾ به ظاهر ٿيندو آهي.“ محبوب ۾ ضم ٿي وڃڻ پنهنجي ذات کي ارپي ڇڏڻ يا سرينڊر ڪرڻ پنهنجو پاڻ کي ڪين چوڻ ۽ خوديءَ کي، وجود کي مٽائڻ اذيت پسندي جو هڪ حصو آهي پر اها اذيت پسندي ارسطو وٽ هڪ ڪيٿارسزم جو عمل آهي. جنهن ۾ ڏک ڏکن کي ختم ڪن ٿا ۽ ماڻهو هلڪو آرام ده (Relax) ٿي وڃي ٿو پر لطيف وٽ اذيت پسندي ڪا الڳ ٿلڳ ۽ وجود ڪائنات کان ڪٽيل ناهي نه وري اها سماجي آهي بلڪه اهي سڀ شيون هڪڙي وحدت جو حصو آهن ۽ وحدت ماڻڻ لاءِ ڏک ته ڇا پر جان به ڪا معنيٰ نٿي رکي.
    هاڻي ڳالهه چٽي ٿي وڃي ته ڏک، سور اذيت محبوب جي عشق اڳيان ڪا معنيٰ نٿا رکن، بلڪه ڏک هڪ راهه آهي جيڪا آگهي کانپوءِ ملي ٿي. جنهن تي هلي محبوب جووصال ٿئي ٿو. مسئلو اهو آهي ته آخر ساڃاهه آگهي، علم ڏک و سبب ڇو ٿي بڻجي، انهي جي باري ۾ مختلف عالمن جا مختلف رايا آهن.
    سائنسي طور تي جيڪڏهن اسان ڏسنداسين ته مادو ۽ شعور ٻه الڳ شيون آهن. ٻئي تبديل ٿيندڙ شيون آهن پر ٻنهي جي رفتار ساڳي ناهي. مادو هڪ خاص حد ۾ سفر ڪري سگهي ٿو انهي کانپوءِ انرجي يا سگهه ۾ تبديل ٿي ويندو، پر انرجي لا محدود يعني گهٽ ۾ گهٽ 186000 هزار ميل في سيڪنڊ سفر ڪري سگهي ٿي ۽ انسان جو شعور به ائين لامحدود وسعتن ۾ جسم جو پابند آهي. تنهن ڪري جيئن جيئن شعور جي رفتار وڌندي آهي تيئن جسم ۽ شعور جو مسئلو به وڌندو آهي، ڇو ته جسم زمان و مڪان، حواسن جو پابند آهي پر شعور انهن پابندين کان آزاد آهي. شعور جي ڪا به حد ناهي، ڪيترن ئي زمانن کان اڳتي نڪري سگهي ٿو، يعني جيترو شعور متحرڪ هوندو اوترو ٽرئجڊي وڌيڪ ٿيندي. ايتري قدر جو هڪ ڏينهن جسم ساٿ نه ڏيندو معذور ٿيندو ويندو پر شعور وڌيڪ جوان ۽ متحرڪ ٿيندو ويندو. نتيجو اهو نڪرندو جو ماڻهو بي وسي ۽ اذيت محسوس ڪندو. انهي ڪري صوفي چون ٿا ته روح کي مادي سهولتن سان نه پر روح سان ئي سڃاڻو، ٻيو ته مايا سان دل نه لڳايو، مايا اچڻي وڃڻي شي آهي. پر درد کان پوءِ به بچي نه ٿو سگهجي. ساڃهه وند شعور ۽ آگهي وارو ماڻهو هن مابعد الطبعياتي پراسرار ڪائنات ۾ هڪ راز ۽ ڳجهه بڻجي رهجي وڃي ٿو. سندس علم انهي حيراني واري سطح تي پهچي وڃي ٿو. جتان اڳتي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
    واٽون ويهه ٿيون ڪوهه ڄاڻان ڪيئي ويا
    انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته انسان آزاد ناهي، بلڪه جبريت جو شڪار آهي. سندس آزادي هڪ خاص حد تائين آهي. انهي کانپوءِ پابندي ۽ آزادي جي ڪشمڪش هڪ درد کي جنم ڏئي ٿي.
    ڪنهن چيو هو ڏک جون ٽي منزلون آهن. پهرين منزل اها آهي ته ڏک کان بغير زندگي بي معنيٰ آهي يعني ڏک زندگي لاءِ ضروري آهي ڇو ته ڏک راهه ڏيکاري ٿو. جاڳائي ٿو، جستجو ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿو. ڏک جي ٻي منزل انهي ڪثرتي جز جي ساڃاهه آهي جيڪو وحدت ۾ ضم ٿيڻ لاءِ تڙپي ٿو. انهي ڏک سان ڪائنات جي پراسرار رازن جو وجدان ٿئي ٿو ۽ ٽين منزل آهي ڏکن مان بيزاري، ڇو ته ڏک اڏوهي وانگر جندڙي کائي ٿا وڃن. ڏکن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ وري هن مادي دنيا ۾ موٽ کائڻي پوي ٿي، پر اها ڪيستائين ممڪن آهي، انهي لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڇو ته ڏک ٻڌڻ يا محسوس ڪرڻ سان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڏک ڀوڳڻ جو آهي جن ڀوڳيو آهي انهن کي خبر هوندي. مون پل پل ڏک ڀوڳيو آهي، ڏاڏي امان جي وڇوڙي جو ڏک، بابا جي انتقال جو ڏک ۽ جنهن دل ۾ چاهت جي چڻنگ جاڳائي ان جي چرئي ٿي وڃڻ جو ڏک. آئون سوچيان ٿي ڏک هڪ سمنڊ آهي جنهن ۾ آئون لڳاتار غوتا کائي رهي آهيان.
    ****


    18

    زندگي
    مون ڪٿي پڙهيو هو گوتم ٻڌ کان سندس ڀڪشوءَ پڇيو ته ”سائين زندگي ڇا آهي؟“ ٻڌ خاموش رهيو، ڀڪشوءَ وري پڇيو ”زندگي ڇا آهي؟”. ٻڌ وري به خاموش رهيو. جنهن تي ڀڪشوءَ کيس ڌونڌاڙي پڇيو،”سائين مان پڇي رهيو آهيان ته زندگي ڇا آهي؟”
    ٻڌ کيس جواب ڏنو مان جواب ڏئي ته رهيو آهيان پر تون سمجهين ئي ڪو نه ٿو: يعني ”خاموشي”.جين مت وارا واڳونءَ جي پوڄا ڪندا آهن ته ڇو ته واڳون خاموش رهندو آهي. رڙيون نه ڪندو آهي انهي ڪري کيس پوڄيندا آهن. ويدن ۾ لکيل آهي ته جڏهن وستار ڪو نه هو، مايا جا رنگ روپ ڪو نه هئا، روشني نه هئي، گوڙ گهمسان ڪو نه هو ته خاموشي هئي ۽ اها ئي حقيقت هئي، اها ئي سڀ ڪجهه هئي. صوفي مراقبو ڪڍندا آهن جنهن جو مطلب آهي خاموشيءَ ۾ حقيقت جو وجدان حاصل ڪرڻ. ڪنهن صوفيءَ جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو اسان جي خاموشيءَ کي نٿا سمجهي سگهن اهي اسان جا لفظ ڇا سمجهندا؟ خاموشي آهي ڇا؟ مايا جو ابتڙ رنگ، ڪجهه به نه، نيستي، هڪ خال، اڻ کٽ مڪان، صوفي چون ٿا ته اها حقيقت مطلق آهي هي مايا جو وستار ته هڪ ڄار آهي، نه ته اصل ۾ ڪجهه به ناهي ۽ انهي ۾ ئي اصل معنيٰ لڪيل آهي. سائنسي طور زمان ۽ مڪان مان نڪرڻ يا مايا جي ڄار مان نڪرڻ موت برابر آهي، نه وري ساڌو بڻجي رلڻ ۾ ڪا حقيقت هٿ اچي ٿي. حقيقت آهي ڇا؟
    ڪنهن لکيو هو، حقيقت جو چڪر پيچيده ۽ غير يقيني آهي، ڇو ته هر پل هر لمحو پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ۽ جي نه ته حقيقت ڪجهه ناهي. ڇو ته سڀ ڪجهه گذري وڃڻو آهي هٿ ۾ ڪجهه به نٿو رهي ۽ انهي ”ڪجهه به ناهي“ انسان کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جو هڪ پهلو ته اهو آهي ته هن اڻ کٽ ڪائنات ۾ زندگي هڪ سواليه نشان آهي. مايا کي تياڳي فنا في الله جو رستجو وٺجي جيڪو صحيح آهي يا نه انهيءَ جو فيصلو اسان نٿا ڪري سگهون. ٻڌ مت، جين مت، ويدن ۽ صوفي مت ۾ اهي پهلو زياده اڀريل آهن، پر ڇا زندگي اها آهي؟ فنا، نيستي؟
    ڪبير جو شعر:
    جانت ڪو دک هئي اجانت کو سکراج
    مورک بيچارا کيا جاني، جنين پيٽ ڀرڻ سون کاج.
    ذهن ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا جينئس هئڻ ڪا نفسياتي بيماري آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جا لڪل راز عيان ٿيو پون ۽ گوتم ٻڌ واري ڳالهه ته سروم دکم دکم شروع ٿيو وڃي. جيڪڏهن اهڙي جينئس نيس آهي ته پوءِ ڇو ٿجي ڏاهو ۽ علم وارو ماڻهو، جاهل رهڻ ئي بهتر آهي، پر نه ماڻهوءَ جي وس جي اها ڳالهه ناهي، ڏاهپ جي ڏک جو ڪو مزو ئي ٻيو آهي، انهي ڏک ۾ ڏاڍي ڪشش آهي. ڪنهن لکيو هو، زندگيءَ جا هزارين روپ آهن جيڪي ڦهليل ڌارا ۾ ظاهر ٿين ٿا اصل ڳالهه آهي پاڻ کي وچٿرو رکڻ جي، پاڻ کي ٿانيڪو ۽ شانت رکڻ جي، نه ته جيڪڏهن زندگيءَ کي سزا سمجهيو وڃي ته هزارين جهنم گڏجي به اهڙي سزا نه ڏئي سگهندا. جيڪڏهن زندگي گناهه آهي ته پوءِ عظيم گناهه آهي ۽ جيڪڏهن لذت افروز آهي ته بهشت جو تصور به ڌنڌلو آهي. اهڙي ئي زندگي آهي جنهن کي توهان چيچ کان وٺي اڳتي هلو يا وري زندگي توهان کي گهلي کڻي ويندي. آئون اهڙي زندگي جيئندي ۽ مرندي رهي آهيان. جهڙي ڪنهن ڏاهي ڏسي آهي...
    *****


    19

    پنهنجي تاريخ کي اٿلائيندي مون کي ٻه ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون، هڪ ڳالهه علي بابا پنهنجي ڪهاڻي، ”ڪارونجهر جو قيدي” ۾ لکي آهي، ٻي ڪتاب ”سنڌ جو سفر” ۾ درج آهي.
    ڪارونجهر جو قيدي ۾ علي بابا لکيو آهي ته ڪارونجھر ۾ ڪڪر ڄڻ ڦاسي پيا ھئا. ساندھ پنجن ڏينھن کان، آگم اوھيرا ڪندا رھيا. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ڪڙڪاٽ ڪيو زوم سان وھنديون رھيون. راتين جو رکي رکي ھڪ طرف کان ڪارونجھر ۾ ڪڪرن گجگوڙون ٿي ڪيون ته ٻئي طرف کان انگريزن جي توفن جا منھن کلي ٿي ويا. ڇو ته راڻن اڃا ھار نه مڃي ھئي. ڪارونجھر جي ڳجھن ڦاڙن ۽ پورن ۾ اڃان ھزارين ڪولھي، ڀيل، راٺوڙ، سما ۽ کوسا تکيون ترارون ۽ اونچيون بندوقون کنيو پئي ڦريا. راتين جو رکي رکي، اوچتو ڪارونجھر جي ڳجھن ڦاڙن مان انگريزن جي چوڪين مٿان نھار واري رومڙ ٿي ڪيائون ۽ انگريزن جا سپاھي ماري، وري ڪارونجھر جي اونھن پورن ۾ گم ٿيو ٿي ويا. ڪارونجھر ۾ ٺڪاون مٿان ٺڪاو ھئا. ڀانءِ ته ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ، يا ڪي توفن جا منھن کليا آھن. ڪٿي وڄ ڪري آ ڪي ڪنھن ڪولھيءَ بند ڇوڙي آ. م ڀانءِ تھ ڪارونجھر جي ڪور مٿان مور رڙيو آ، ڪي چوٽين مٿان ڪو جھونجھار جوڌو ڪارونجھر جي چوٽين مٿان ريهه ڪري، ھيٺ گوڙڌرو جي ڦاڙ ۾ ڪريو آ. ائين ڪولھياڻين، رٻارڻين ۽ سوڍين جا من واساما کائيندا ڏرندا رھيا. راتاھا ھڻندڙ ڪولھين، انگريز فوج جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي ھئي. خبر ڪانھ ٿي پئي تھ اڄ ڪارونجھر جي ڪھڙي ڦاڙ مان حملو ڪندا؟ اڃا رات پئي ناھي، ڪولھين جي ٻيگھي مچي ويندي ھئي. انگريزن جي چوڪين مٿان اوچتو اچي ڪڙڪندا ھئا ۽ وسندڙ برسات ۾ گولين جا مينھن وسائيندا، وري ڪارونجھر جي اونداھن پورن ۾ گم ٿي ويندا ھئا. رات ھجي ڪي ڏينھن، ڪارونجھر ۾ اندر ڪير گھڙي. انگريزن کي سڄي ھندستان ۾ اھڙي بغاوت ۾ ڪارونجھر پھار جھڙي ڏکي جنگ ڪٿي به لڙڻي نه پئي ھئي. ڪيپٽن ٽروٽ تي جڏھن سر چارلس نيپئر جو دٻنامو آيو، تڏھن جواب ۾ رڳو ايترو لکي موڪليائين: ”مون کي افسوس آھي، اسين ھتي ماڻھن سان نه بلڪه ھڪ خوفناڪ ٻرندڙ آتش فشان پھاڙ سان لڙي رھيا آھيون.“
    وري ڪتاب “سنڌ جو سفر” جي مصنف لکيو آهي ته مان فتح محمد جهڙي ٻڍڙي ماڻهوءَ جي جذبات کي ڏکوئڻ نٿي چاهيو، جو سندس پوٽو به عمر ۾ مون کان وڏو پئي لڳو. مون کيس يقين ڏياريو ته مون کي سندس فوج جي مردانگي ۽ طاقت ۾ پورو ايمان هو. آءُ پنهنجي گستاخانه خوش مزاجي لاءِ به کانئس معافي طلب ٿيس، جنهن جو کيس ٻڌايم ته انگريزن جي صحبت ۾ گهڻو وقت گذارڻ سبب مون کي عادت ٿي وئي هئي. ان بعد اسين دوستن وانگر هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي تي پاڻ ۾ گڏجڻ جو وعدو ڪري جدا ٿياسون. جنهن ڏينهن تي هو ڪئپٽن ايسٽوڪ سان ملڻ لاءِ اچڻ وارو هو.
    23 تاريخ، هو ڪئپٽن ايسٽوڪ سان مليو، ۽ پهرينءَ ملاقات ۾ ئي هن تي چڱو اثر وهاريائين.
    فوج جي اناج جا شاهي ڍڳ جيڪي درياءَ جي ڪناري تي پيل هئا، سي درياءَ ۾ اوچتي چاڙهه جي ڪري لڙهي ويا هئا. روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ ٻيڙين جي جيڪا پل ٺاهي وئي هئي. اها به پاڻيءَ جي ان چاڙهه جي ڪري ٽٽي پئي هئي. ڪئپٽن ايسٽوڪ هي مسئلو فتح محمد سان ڇيڙيندي چيو ته ”درياءَ کي به ڏسجي ٿو ته بلوچ ڌاڙيلن واريون عادتون آهن، جو رات جو بي انداز اناج چورائي (لوڙهي) ويو آهي!“

    يعني انگريزن مڃيو هو ته هن ڌرتي جي ماڻهن سان گڏ هن ڌرتي جا پهاڙ ۽ درياھ به ساڻن وڙهيا آهن.
    ****


    20

    مون زندگي سان پيار ڪيو آهي، شايد اهو منهنجو گناھ آهي، مون درد سان پيار ڪيو آهي شايد اهو به ڏوھ آهي، مون ڌرتي سان نينهن لاتو آهي، لڳي ٿو ته اهو به گناھ آهي.
    آئون پنهنجي گناهن ثوابن تي سوچيندي عجيب منزل تي اچي پهتي آهيان، جتي ڪجهه به ناهي!
    منهنجو وجود ڪجهه به ناهي سواءِ هڪ معصوم گناھ جي...
    ******


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 714
    ڪتابن جو مشاهدو: 1003162
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 335986
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ