ڪتاب جو نالو: بحر العميق
مصنف: سيد چيزل شاهه
ڇپائيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 18 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 1598 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 639 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • بحر العميق
  • توريت، انجيل، زبور لٿو، احمد تي فرقان سچو
  • سنڌ سلامت پاران
  • فهرست
  • نئين ڇاپي جو مهاڳ
  • پهرين ڇاپي جو مهاڳ
  • ٻين ڇاپي جو مهاڳ
  • محشر خيال
  • اتم ادب جو ڪارج
  • حالات زندگي

  • (الف) خاندان:
  • (ب) سڪونت آباءِ وجداد:
  • (ت) والادت باسعادت:
  • (ث) تعليم و تربيت ۽ شادي مبارڪ:
  • (ج) بيعت ۽ طريقت
  • مجاهدات
  • (خ) همه از اوست ، همه اوست
  • (و) وصال:
  • (هه) رهڻي ڪهڻي:
  • (ي) اولاد
  • تعارف ڪلام
  • فرمودات لاثاني

  • حضرت سائين چيزل شاهه ۽ هڪ مريد طالب جي درميان مڪالمه
  • مڪالمه: 2
  • مڪالمه: 3
  • مڪالمه : 4
  • مڪالمه : 5
  • مڪالمه نمبر : 6
  • علم
  • نبي الله ۽ ولي الله جي رتبن ۾ فرق
  • طالب جون منزلون
  • واقعات
  • ڪلام شريف

  • ڪلام شريف

  • بحر العميق

    بحر العميق
    (رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري
    درگاهه فتح پور شريف، ضلعو گندا واه، بلوچستان)



    مرتب ۽ شايع ڪندڙ
    فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا
    ايڊووڪيٽ سڀاش چند فتح چند ڪارڙا
    سنجئه ڪمار فتح چند ڪارڙا
    ڊاڪٽر اجيت ڪمار فتح چند ڪارڙا
    ڪرتار ڪارڙا فتح چند ڪارڙا


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    ڇپائيندڙ جا مڙئي حق محفوظ

    ڪتاب جو نالو : بحر العميق
    ليکڪ : سيد چيزل شاهه صوفي القادري
    ڇاپو پهريون : سال 2001ع
    ڇاپو پنجون : سال 2014ع
    تعداد : هڪ هزار
    ڇپيندڙ : آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي. فون 021- 32737290

    مُلھه : 300 روپيه


    ملڻ جو هنڌ:

    فتح چند ڪنيا لعل
    فتح ڪلاٿ هائوس
    ڪلاٿ مارڪيٽ، جيڪب آباد
    فون : 0722- 652455
    موبائيل : 0333 7338188


    توريت، انجيل، زبور لٿو، احمد تي فرقان سچو

    توريت، انجيل، زبور لٿو، احمد تي فرقان سچو
    تنهنجي بحر عميق جو انت نه ڪو، اهڙو احمد سان احسان ڪئي
    سمجهه رکيل سر ثابت سارو، اناالحق جو هڻ تون نعرو
    يار ڏنو ٿي وحدت وارو او پنهنجي دفتر جو ديوان ڪيئي










    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بحر العميق“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب صوفي شاعر سيد چيزل شاهه صوفي القادري جي سوانح حيات ۽ شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپايو ويو جڏهن ته پنجون ڇاپو فتح چند ڪنيا لعل پاران 2014ع ۾ آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم ڪنيا لعل جا جنهن پنهنجي هڙان وڙان رقم لڳائي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. ڪمپوز دوران ڪيل ڪنهن به قسم جي غلطي ڪمپوزر پاران سمجهي وڃي ۽ اوهان دوستن کي عرض ته درستگين لاءِ اسان جي رهنمائي ڪجو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    فهرست

    1. پهرين ڇاپي جو مهاڳ
    2. نئين ڇاپي جو مهاڳ
    3. محشر خيال : ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو
    4. اتم ادب جو ڪارج : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    5. حالات زندگي
    6. فرمودات لاثاني
    7. ڪلام شريف
    8. ڪلام جي تفيصيلي فهرست


    نئين ڇاپي جو مهاڳ

    محبوب سائين صادق علي شاهه صاحب صوفي القادري جن جا لک ٿورا ۽ احسان آهن جو شروع کان وٺي مرشد جو ڪلام ڇپرائڻ لاءِ اتساهيندا ۽ دعائون ڏيندا رهيا آهن.
    هن کان اڳ ۱۹۸۷ع ۾ بحرالعميق جو پهريون ڇاپو ۳۰۰۰ ڪاپيون ۽ ۲۰۰۱ع ۾ ٻيو ڇاپو هڪ هزار ڪاپيون مرشد کي عقيدت جا گل پيش ڪرڻ لاءِ ڇپرايا هئم. هاڻي هي ٽيون ڀيرو وري ڇپرائي رهيو آهيان اميد اٿم ته مرشد جي در تي هي ننڍڙي ڀيٽا قبول پوندي ۽ محبوب اڳيان آسوند آهيان مون کي سڄي حياتي پنهنجي خدمت جو موقعو عنايت ڪندا رهندا، جيئن هن ڌرتيءَ تي صوفين جي تصوف، شانتي، ڀائيچاري ۽ محبت ۽ رب جي بندگيءَ جو پيغام در در پهچي ۽ اڄ جي خودپرستي جي دور ۾ سورن ۾ ڦاٿل انسانيت صوفيت جي درس جي سُتي پي سجاڳ ٿئي.
    اميد اٿم ته هاڻ هن ڌرتيءَ جو هر ماڻهو انهن الله وارن صوفي درويشن جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو.


    فتح چند ڪارڙا
    ۱ جنوري ۲۰۰۴،


    پهرين ڇاپي جو مهاڳ

    وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو منهنجي سائين حضرت چيزل شاهه صوفي القادري جي سوانح حيات مع ڪلام شيرين سان آراسته پيراسته ٿي منظر عام تي اچي رهي آهي. ان عظيم هستيءَ ۽ خاندان معظمه سان بنده کي ۽ منهنجي خاندان خصوصا اسان جي ڏاڏي محترم دانو مل مرحوم کي عقيدت والهانه رهي آهي.
    صوفي مت ۽ روحانيت وارن کي چڱي ريت پروڙ آهي ته عاشق بالله جو هر نڪتل ڪلمو يا ڪلام شاه صاحب جي نظريه موجب:
    جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

    صوفيت عشق الاهي جو درس ڏئي ٿي، جنهن ۾ مذهبي متڀيد کان مٿانهون سائين چيزل شاهه جو ڪلام به عشق الاهي ۽ رمز حقيقي جو درس ڏئي ٿو.
    سائين جن جي ڪلام جي سهيڙ، ترتيب، حالات، زندگي جي مواد ۾ هيٺين فقيرن جي تعاون ۽ اشتراڪ جو ٿورائتو آهيان.
    (1) فقير حسين بخش صاحب، (۲) مرحوم ماستر نواب علي زيب سومرو، (۳) فقير محمد پريل صاحب ڀٽي ۽ (۴) غلام حسين ڏاهاڻي. جيڪڏهن ڪا خامي پريس جي هجي ته درست ڪرڻ لاءِ اطلاع ڏئي ٿورائتو ڪندا ته جيئن آئنده ڇاپي ۾ درستي ڪئي وڃي.

    نيازمند

    فتح چند ڪنيا لعل، ڪارڙا
    جيڪب آباد
    ۳ مارچ ۱۹۸۷ع


    ٻين ڇاپي جو مهاڳ

    جيئن ته هن کان اڳ بحرالعميق جو پهريون ڇاپو سجاده نشين مرشد سائين صادق علي شاهه علي شاهه صاحب جن جي حڪم سان ۱۹۸۷ع ۾ ڇپرايو هو. هاڻي هي ٻيو ڇاپو اوهان جي هٿن ۾ آهي، ڪوشش ڪري نواڻ آندي اٿم.
    هي سڀ ڪجهه فتح پور شريف جي مالڪن جي ڪرم نوازي آهي، جو مان ناچيز درگاهه لاءِ هي عقيدت جا گل چاڙهي رهيو آهيان. مون کي هي عقيدت پنهنجي پيءُ ڪنيا لعل ۽ ڏاڏي سائين محترم داني مل کان ورثي ۾ ملي.
    منهنجو ڏاڏو سائين جن جي صحبت ۾ رهي ويدانت ۽ تصوف جي پنڌن پيچرن کان چڱيءَ طرح ڄاڻو بڻجي چڪو هو. هن کي خبر هئي ته مرشد جي صحبت ۾ رهي ڪيئن معرفت جو مقام ماڻي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب هو جو هنن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو درگاهه فتح پور جي خدمت ۾ وقف ڪيو هو.
    مون کي ياد آهي ته هو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي منهنجي والد کان وڌيڪ منهنجي ذهني جلا لاءِ پتوڙيندو رهندو هو ۽ هميشه روحاني رمزون فقيرن درويشن جي حالات زندگي، انهن جو ڪلام ۽ ڪويتائون، ٻڌائي مننهنجي عشق ۾ اضافو ڪندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ مان سائين جن جي ڪلام ۽ فقر کي عام ڪرڻ لاءِ هي ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، منهنجي ڪوشش ۾ عقيدت ۽ محبت کان سواءِ ٻي ڪابه محنت يا ڪمال شامل ڪونه آهي. هن کان اڳ ۱۹۹۲ع ۾ روضي ڌڻي قبله سائين، رکيل شاه صوفي القادري جن جي ڪلام جو مجموعو، بحرالعشق عقيدت طور ڇپائي پڌرو ڪيو هئم، مقصد ڪو دنيوي لاڀ ڪونه آهي. فقط مرشد جي خوشنودي، مرشد جي محبت جي پرچار ۽ فڪر کي عام ڪرڻ آهي، انهي خدمت طور مرشد کي عقيدت جا گل چاڙهڻ آهي.
    هن مجموعي ۾ سائين جن جي حالات زندگيءَ کان سواءِ تصوف جي رمزن ۽ فرمودات سان گڏ سندس ڪلام کي پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪافيون، بيت سه حرفيون شامل ڪيون ويون آهن.
    ترتيب جي لحاظ کان سندس ڪافيون، سُرن مطابق پهريون لکيون ويون آهن. بعد ۾ بيت ۽ سه حرفيون ڏنيون ويون آهن.
    سائين جن جو ڪلام، هندي، سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ بلوچي زبانن ۾ آهي. اسان ڪوشش ڪري هن ڇاپي ۾ سائين جن جي سموري ڪلام کي سموهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته ڪجهه ڪلام پهرين ڇاپي ۾ رهجي ويا هئا، اهي هاڻ ٻي ڇاپي ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
    ڪتاب جي پروفنگ چيڪ ڪرڻ ۾ مون کي پنهنجي وڏي فرزند سڀاش چندر گهڻي مدد ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن عقيدت مند وٽ ڪو رهيل ڪلام هجي ته اسان کي ڏياري موڪليو، جيئن آئينده ڇاپن ۾ شامل ڪري سگهجي.

    فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا
    جيڪب آباد
    ۱ مارچ ۲۰۰۱ع


    محشر خيال

    اردوءَ جي هڪ مصرع: ”هي آدمي بجاءِ خود اڪ محشر خيال“ _ ۾ انسان جي خيالات جي دنيا جو اشارو آهي. ان موجب هن جي دل خيالات جي آباد دنيا آهي. جنهن ۾ مجازي ۽ روحاني زندگيءَ جا پوپٽ رنگ سمايل آهن. دنيا جي زندگي اعليٰ انسانن لاءِ هڪ قيد مثل آهي. هنن جي واڳ ڌڻيءَ وس آهي. هو بيوس آهن. جيئن سائين رکيل شاهه چيو:
    ”وس نهين چلدا، حجت نه هلدي،
    رت رووان هٿ ڌووان جند پئي جلدي.“
    سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ جي روايت گذريل ٽن سون سالن ۾ چٽا رنگ ڀريا آهن. شاهه ڪريم، شاه عبدالطيف، سچل، خواجه فريد، بيدل، بيڪس، خوش خير محمد، سائين رکيل شاهه ۽ پوءِ سندس فرزند سائين چيزل شاهه توڙي ٻين هن سلسي ۾ پاڻ مڃرايو آهي. سائين رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه ارادت جي سلسي سان ڳنڍيل آهن، سو ميران پور جهوڪ جي حضرت شاهه عنايت شهيد سان ملي ٿو: مٿي ويندي حضور صه سان تعلق آهي. صوفي درويشن انسان ذات کي خدا ڏانهن راغب ڪيو ۽ محبت جي هن تلقين ماڻهن ۾ انسان دوستي ۽ بي تعصبي پيدا ڪئي. شاهه عنايت جي مريدن ۽ سائين رکيل ۽ سائين چيزل جي مريدن ۾ هندن جو هجڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي. پنهنجي والد محترم وانگر سائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
    فرمائي ٿو ته:

    آڻي عشق آتش اندر ٻاري ڙي اديون
    جان جسم جند ڳاري، دردن ۾ ته آزاري. ڙي اديون
    هڪ آءُ سهڻل ڪنهن ڀيري،
    ٻيو ته چاڪ پون جگر جيري،
    ٽيون ڪري ڪيئن وري تاري ڙي اديون.

    انساني بوتو حقيقي محبوب جي رهڻ جو آستانو آهي. آدم جو ويس پائي محبوب اچي واسو ڪيو آهي آدم ۾ اظهار ڪيو اٿس.
    سائين چيزل فرمائين ٿا ته:

    ٿلهه: بيرنگ برقعو پائي پائي.
    آيو آدم هت اظهار ٿي.
    علم العين يقين تون ڄاڻي،
    احد ۽ احمد فرق نه آڻين
    وچون ميم وڃائي.
    آيو سڀن نبين جو سردار ٿي.

    آدم جو اولاد نه آهيون بلڪ آدم اسان جو ڄايو آهي. جيئن بُلا شاهه چيو تيئن ٻين به ڪيترن صوفين ۽ الله جي عاشقن به آلاپيو.
    چيزل سائين فرمائين ٿا ته:

    ڪون اسان نون لوڪ سمجهاوي؟
    اسين آدم دي اولاد نه ڄائي.
    ڪاڻ تماشي هتڙي آيم
    مٽ نه ڪنهن دا نه ڪوئي ڄايم
    سير سلطاني حقيقي پايم
    خيال ڳيا لنگهه سفر سجائي.
    عشق واليان نون هادي هدايت
    راهه رهبر سچ ڏسي هي وحدت
    ٻيا ڪونه ڪريسي سانون نصيحت
    چيزل نعرا نينهن وڄائي.

    شعر ۾ عارفن هڪ ته اعليٰ اڏام ڪندي اُهي خيال ظاهر ڪيا آهن، جن جي خبر به اهڙن عارفن کي ئي آهي. ٻيو ته زبان جو فرق به نه رکيو اٿن. ڇا سرائڪي ڇا سنڌي هندي ۽ اردو، هنن ته اُڏام ئي ڪئي آهي. بلند پرواز ۾ آهن. سائين چيزل شاهه وٽ به اُها بلدن پرواز آهي:

    تيري عجب اسرار ڪا، مجهه ڪو هئا ڪيسي خبر،
    هم هون هردم درد سي ديوان او در بدر.
    گلي گلي ۾ گول ڪرڪي
    يار آيوسي نظر،
    ديدار ميري دل ڪو لٽيا
    ڦر آوي ڪيوين صبر.
    بره ڪي بازار ۾
    سودا ڪيا هي سر بسر،
    العشق نار الله سي
    جل گيا جانون جگر.

    مطلب ته الله جي عاشقن جي زبان پنهنجي، انهن جو بيان پنهنجو. هن زبان ۽ بيان جو اثر به دل وارن تي ٿيو. دکي خلق ڏانهن رجوع ٿي ۽ سک جو ساهه کنيائون. رسالو بحر العشق (سائين رکيل) ۽ رسالو بحر العميق (سائين چيزل) درد درياءَ آهن. عشق جي عميق بحر جا واقف سڄي اسرار کي سمجهن ٿا. هڪ ڀيري وري بحرالعميق سڪ وارن لاءِ ميسر ٿيو.


    والسلام

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
    ۱۹۴ شهريار منزل،
    شاه لطيف روڊ
    بدين، سنڌ


    اتم ادب جو ڪارج

    ادب کي زندگيءَ کان ڪڏهن به ڌار ڪري نٿو سگهجي، ڇو ته ادب زندگيءَ جواهڙو سچو سينگار آهي. جنهن سان زندگيءَ جي اڻٽر ۽ اصولي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ آگهي حاصل ٿئي ٿي. جيڪو اڻ ٿيڻو آهي. سندر ناهي ۽ سک ۽ سلامتي جي ڄاڻ نٿو ڏي اهو ڪنهن به طرح ساهت ناهي، ڪلا ناهي. ڪلا ۽ ساهت اها سڦلي.چئبي جنهن ۾ قومي ۽ سماجي مسئلن کي اوليت ۽اهميت ڏنل هجي.
    انسان جي مهانتا ۽ وڏائي آتما (روح) سمايل آدمي مڙئي مهربانيون ۽ بخششون کيس قدرت کان مليل آهن. انسان جو فرض کوجنا ۽ ڪوشش ڪرڻ آهي، جڏهن ڪو منش انهيءَ مقصد کي حاصل ڪري ٿو اهو ئي زندگيءَ جي سڦلتا ماڻي ٿو.
    اسان جنهن منش جو وستار ڪري رهيا آهيون، اهو فطرت جي جوت جو هڪ ننڍڙو ترورو آهي. جنهن جو من سوچيندڙ آهي، جنهن ۾ قدرت جي ڳجهن پروڙڻ جي چاهنا آهي ۽ جيڪو پنهنجو آئيندو سٽي ۽ رٿي سگهي ٿو. اصل ڳالهه اها ته حياتيءَ جي ورقن تي ويچارڻ، پر ماتما جي سندرتا پکيڙڻ وارن گياني سنتن جي چاهت جو ٻوٽو سندس وشواس ۾ سمايل آهي. اها سٻاجهڙي شخصيت جيڪب آباد جي رهواسي فتح چند ڪنيالعل ڪارڙا جي آهي جنهن جي ويساه جي واڳ سندس روحاني مرشد (گرو) سيد رکيل شاهه ۽ سندس فرزند سيد چيزل شاه جي پوتر هٿن ۾ آهي. سندس نالي جو ڇيد ڪبو ته سڌو سنئون واسطو درگاهه فتح پور شريف سان نظر ايندو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو فتح چند سدائين فتح پور درگاهه سان واڳيل رهي ٿو.
    سندس ڏاڏوسرڳواسي دانومل انهي سچي درٻار جو چيلو هو. سائين جن جي صحبت ۾ رهي هن تصوف جي تعليم ورتي. فتح چند جي جي ٻالڪپڻي ۾ روحاني پرورش سندس ڏاڏي دانيمل ڪئي، هو سندس آتما ۽ ذهن جي پٽي تي هر هر اهي گفتا آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ”بابا ڪرمن جي گتي نياري آهي، هي جڳ جو چڪر پيو گهاڻي جيان ڦرندو، سنها ته پيا پيسجن پر سوايا بچيو وڃن ٿا، نيٺ هڪ ڏينهن سوايا ۽ تونگر به نيچو ڏسندا. سکڻا ڪنگر پيا ڀرجن ۽ ڀريل سکڻا ٿيو وڃن. ڪڏهن راجائون پيا پينو ٿين ته ڪڏهن بيکاري پيا بادشاهه بڻجن. ڪٿي سورن جو سنسار آهي ته ڪٿي سکن جون سيجون وڇايل آهن ڪڏهن ڏينهن آهي ته ڪڏهن رات انهي کي ڪرمن جو چڪر چئجي ٿو. انهي ڳوڙهي ڳجهارت کي سائين چيزل هيئن سلجهايو آهي پٽ“.

    ڳولا ڪرج ڳجهه ۾، رکج طلب تمام،
    ماري نفي نفس کي، ڇڏ وڃائج پاڻ،
    جاچي ڏس جيءَ اندر ۾، سارو ٿي سبحان،
    چيزل پوئي تون ڄاڻ، ته هر جاءِ حاضر هڪ ٿي.

    ڏاڏي داني مل جي انهي طريقي واري تعليم فتح چند جي جيءَ ۾ رچي ويئي آهي. ڪاروبار هجي يا سماجي ڪم ڪار، ڌرمي ڪم هجن يا ساهت ۽ صحافت هجي، هر هنڌ سندس سوچ ۾اٿاهه پيار، پهنجائپ، ڪهل ۽ ڪهڪاءُ رهي ٿو.
    اتم ادب جا رچيندڙ حق پرست ٿين ٿا ۽ هر هنڌ سچ کي ڦهلائي ڀلائيءَ جي پرچار ڪن ٿا. اسان جي صوفين ۽ سنتن سدائين سچ ۽ پيار جي پرچار پئي ڪئي آهي. سائين رکيل شاهه ۽ سائين چيزل شاهه به ساڳي ئي ڌارا جا ٻه وهڪرا آهن. انهن جي فڪر کي عام ڪرڻ اتساهت وارو ڪم آهي. فتح چند ڪارڙا ٻنهي صوفي بزگن جي ڪلام جي ڦهلاءَ لاءِ، عقيدي جو اظهار سندس ڪلام کي ڇپائي ڪيو آهي.
    فتح چند هڪ سچو پريمي ۽ شيواداري منش آهي. اسڪول ۾ اسڪائونٽنگ کان شروع ڪيل سماجي ڪم، ۱۹۸۳ع ۾ نوجوان سماج سنگت جي جوڙجڪ تائين پهتو. ان تنظيم جي سهڪار سان شيوا ڪلينڪ قائم ڪئي ويئي جيڪا اڄ سوڌو بنا ڀيد ڀاءُ جي هندو مسلم جي شيوا پئي ڪري. اخبار نويسي اختيار ڪري روزانه عوامي آواز ذريعي ضلعي جي عوام جا مسئلا سلجهائڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو.
    جيڪب آبد جي يونين آف جرنلٽس جو سال ۱۹۹۶ع ۱۹۹۷ع لاءِ ٻه دفعا صدر چونڊجي، پريس جي آزادي ۽ پريس نمائدن جي مسئلن کي هل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.
    اخباري پتر لکڻ سان گڏ سائين رکيل شاهه بادشاهه جي ڪلام کي بحر العشق جي نالي سان نئين سر سموهي، ڪجهه واڌارن سان پنهنجي هٿان ڇپرايو اٿس ۽ گڏوگڏ سائين چيزل شاهه جي ڪلامي مجمومي بحرالعميق کي هڪ دفعوسال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپرايو هيائين ۽ هينئر ٻيهر انهيءَ مجموعي کي ڪجهه ترتيبي تبديلين سان ڇاپي هيٺ آڻي رهيو آهي.
    اها سندس فڪري عقيدت، اڻ ڳڻيا گڻ ۽ شيوا جي سڳنڌ هر سنڌ واسي صوفي، توڙي صوفيانه شاعري سان انس رکندڙ انسان سدائين ماڻيندا رهندا.
    منهنجو ويساهه آهي ته چيزل سائين جي ڪلام جي بدولت فتح چند ڪنيا لعل وڌيڪ سوڀيا ماڻيندو ۽ مانُ پائيندو.

    ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    العابده، غريب آباد
    جيڪب آباد
    ۱.۳.۲۰۰۱ع


    حالات زندگي

    (الف) خاندان:

    مرشد ڪامل، سلطان العارفين مجدد امام سخي دوران حضرت سائين چيزل شاهه صوفي القادري رحمت الله عليه جو دود مان عاليه حسيني علوي هاشمي آهي، حضرت امام علي رضا عليه الصلواه و سلام سان سلسله ۽ نسب هجڻ سبب رضوي پڻ آهي.
    سلسله ۽ شجره بحر العشق جي حوالي مطابق هن ريت آهي:
    حضرت سائين چيزل شاه (عزيز شاه) بن سيد رکيل شاهه بن سيد نور محمد شاهه بن سيد رکيل شاهه بن سيد عزيز الله شاهه بن اول شاه، بن سيد ولي شاهه، بن سيد محمد بقا شاهه، بن سيد رستم شاه، بن سيد ولي شاه بن سيد رستم شاه، بن سيد عبدالنبي شاه بن سيد سليمان شاه، بن سيد لاشار شاه، بن سيد حامد شاه، بن سيد جان نثار شاه، بن سيد عبدالنبي شاه، بن سيد ننگر شاه، بن سيد عارب شاه، بن سيد طاهر شاہ، بن سيد ننگر شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد حيات شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد بائث شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد عبدالولي شاه، بن سيد عبدالحميد شاه، بن سيد فريد شاه، بن سيد عبدالله شاه، بن سيد جنيد شاه، بن نظام الدين شاه، بن سيد محمد شاه، بن سيد قاسم شاه، بن سيد عبدالحميد شاه، بن سيد علي شاه، بن سيد يونس شاه، بن سيد اسحاق شاه، بن سيد عالم شاه، بن سيد جعفر شاه، بن سيد عقيل شاه بن سيد موسيٰ شاه، بن سيد محمد تقي شاه، بن سيد علي نقي شاه، بن سيد امام علي رضا شاه، بن امام موسيٰ ڪاظم بن سيد امام جعفر صادق، بن امام محمد باقر، بن امام زين العابدين، بن حسين عليه السلام، بن يعسوب الدين امير المؤمنين علي ڪرم الله وجه ولي و وصي رسول الله صه.


    (ب) سڪونت آباءِ وجداد:

    سائين چيزل شاه جا وڏا عربستان، عراق، ايران مان هجرت ڪري بلوچستان جهڙي گرم ۽ وارياسي علائقي ۾ آباد ٿيا. سندس رهائش جو هنڌ فتح پور آهي، سائين جن جي ڏاڏنگ مان سيد عبدالنبي ”سوا ڪيسري“ وارو ولي، صاحب ولايت هو ۽ بزرگ سلطان العارفين روضي ڌڻي رکيل شاه نوراني عشق، حقيقت سان رڱيل ۽ فيض رسان مشهور ۽ معروف آهن، وڌيڪ تفصلي احوالي بحرالعشق ۾ مرقوم آهي.


    (ت) والادت باسعادت:

    حضرت چيزل شاه صاحب جمعي جي رات ماهه جمادي الثاني 1332هجري سنه ۾ مرشد ڪامل سائين رکيل شاه جي گهر فتح پور شريف ۾ تولد ٿيا، يعني رب القدوس هن علائقي تي پنهنجو لطف و رحمت جي برسات جاري رکي.
    هڪڙي ڏينهن والده ماجده کيس وهنجاري سينگاري پينگهي ۾ سمهاري کيس لوڏڻ لڳي، اوچتو سائين چيزل شاه جي سر مبارڪ سان لڳ ڪارو نانگ ڏٺو، بي بي سانئڻ خوف کان روضي ڌڻي سائين رکيل شاه وٽ ويئي، سائين رکيل شاه عبادت الله ۾ مصروف هئا، بي بي صاحبه سڄي حقيقت ڪئي. ان تي سلطان العاشقين فرمايو ته، اهو نانگ نه بلڪ اهو عشق جو تاج آهي، ڪو به خوف نه ڪر، وڃي ٻيهر ڏس، بي بي سانئڻ حضرت چيزل شاه جا وار مبارڪ ڪاري نانگ وانگر دراز ڏٺا.
    هڪڙي ڏينهن سائين چيزل شاه ٻارن سان راند ڪري رهيو هو ته، کيس هڪ مجذوب ساوڻ فقير ڏسي فرمايو ته: بلند اختر شهزادو دنيا جي دوريشن جا امام ٿيندا ۽ ٻارن کي چيائين ته، هن سان نه وڙهجو. ان تي اتي بيٺل عام ماڻن چيو ته، چريا هي ٻار آهن. ڪڏهن وڙهندا، ته ڪڏهن کيڏندا، ان تي ساوڻ مجذوب چيو ته، هي شهزادو دنيا جي عاشقن جو امام مجدد آهي، ان سان ٻار ڇو وڙهن؟ سائين جن جو حليه مبارڪ هن ريت آهي:

    1. رنگ گندمي، ڪشاده پيشاني
    2. ڪارا ڊگها چمڪدار وار
    3. سياهه ابرو هلال وانگر
    4. ٻاجهاريون وڏيون چمڪدار ۽ تابدا چشم
    5. نڪ نوڪدار
    6. شهپر گهاٽا مگر سنت، نبوي موجب، موزون سونهاري ڏاڙهي مٺ برابر.
    7. پير، لڪ دار
    8. قد ۾ قداور ۽ موزون قامت.

    (نوٽ) محفل سماع دوران سائين مالڪن جي حليه مبارڪ لاءِ هي چوڻ لازمي ٿئي ٿو ته، هر گهڙي هر ساعت چهري مبارڪ جي ڪيفييت نياري نياري رهندي هئي.


    (ث) تعليم و تربيت ۽ شادي مبارڪ:

    فرمان آهي ته، و علمنا من الدني علمامون کان انهن کي علم عطا ٿيل آهي، روز ازل کان عاشقن کي معرفت علم لدني حاصل آهي، مگر دنيا جي ظاهري دستور مطابق حضرت چيزل شاه کي سائين رکيل شاه قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ لاءِ پير سيد رسول بخش شاه جن وٽ ويهاريو. جڏهن درس قرآن پاڪ جي ابتدا ٿي ته مرشد ڪامل راند روند ترڪ ڪري ڇڏي. درس قرآن پاڪ کان فارغ ٿي، سائين سلطان العارفين جي حضور ۾ پهچي، ات رهندا هئا، جتي کيس روحاني تعليم به ملندي رهي، پاڻ عربي، فارسي ۽ اردو جي ظاهري تعليم سان سينگارجي ويا. ديني دنيوي ۽ روحاني علم سان رڱجي ريٽا ٿي ويا.
    جڏهن سائين جن جي عمر چوڏنهن سال ٿي، ان وقت سنت نبوي موجب، بمطابق شريعت محمدي شادي مبارڪ ڪيائون. سندن شادي ڏاڏنگ مان ٿي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاري ساداتن مان ٿي، جنهن مان کين پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو.


    (ج) بيعت ۽ طريقت

    مرشد ڪامل سائين چيزل شاه ايڪويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد محترم جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي القادري مسلڪ ۾ شامل ٿيا.
    ظاهري دنيا وارن لاءِ مرشد جو هجڻ ضروري آهي. هڪ حديث آه ته: ”من لاشيخ له فاشيخ هو الشيطان“ جنهن کي مرشد نه آهي انهي جو مرشد شيطان آهي.
    اگرچه عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي، تاهم ظاهر راهه عشق لاءِ رهبر جي ضرورت آهي. جيئن اتباع، انڪسار، خضوع ۽ خشوع جي ذريعي منزل، حق ڏانهن راغب ٿئي، طالبن کي انهيءَ رمز مان گذرڻ ضروري آهي. مرشد ڪامل ئي پنهنجي مريد کي ورد وظائف ڏئي جي تڪميل لاءِ آماده ڪندو آهي. ان طرح طريقت جي ذريعي ئي معرفت کي پهچبو آهي.
    اهل تصوف وٽ پنج ڏاڪا هوندا آهن، جن جي ذريعي عاشق واصل بالله ٿين ٿا.

    1. شريعت: يعني اسلامي ارڪان ۽ عقائد جي پختگي
    2. طريقت: يعني مرشد حق جي اتباع
    3. معرفت: يعني رسول مقبول صه تائين رسائي ۽ خدا جي ساڃاهه ۽ ڪل ڄاڻ ملي.
    سائين چيزل شاه جي نظريه ۾ حقيقت تائين پهچڻ کان پوءِ معرفت حاصل ٿئي ٿي.
    4. حقيقت: يعني الله تبارڪ و تعالي جي ڄاڻ ۽ پاڻ ۾ پرتو پسڻ.
    5. بقا دوام: يعني خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ وحدت ٿيڻ.

    (نوٽ: چئن مقامن کان پوءِ حقيقت دوام آهي ڪثرت مان ڦري وحدت ۾ گم ٿي، واحد ٿيڻ آهي.)

    پهرين ڏاڪي جي صورت ۾ عبادات، تذڪير ۽ تهليل جون سڀ راهون سر ڪرڻيون آهين. هن ۾ امرو نواحي کي اهميت آهي. مثلا:

    (1) ومااناڪم الرسول فخذوه و مانهيٰ ڪم عنه فانتهو.
    (۽ جيڪو توهان کي رسول ڏئي، ان کي وٺو ۽ جنهن کان توهان کي روڪي ته پوءِ رڪجي وڃو.)
    (2) ومن يطع الرسول فقد اطاع الله
    (۽ جنهن رسول جي تابعداري ڪئي، تنهن الله جي تابعداري ڪئي.)
    (3) واطيعو الله واطيعو الرسول
    (۽ خدا جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعدري ڪريو.)
    (4) فلا و ربڪ الايو منون حتيٰ يحڪوڪ.
    (۽ پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو اهو تيسين مومن نه آهي جيسين توکي (حضور اڪرم) حاڪم نه مڃي.)
    ان وقت ئي طريقت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي ضرورت ٿئي ٿي، طريقت جي ذريعي ٽئين ڏاڪي تائين پهچي ٿو، ٽئين ڏاڪي کان پوءِ چوٿين ڏاڪي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

    معرفت جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته، هستي رسول مقبول ڇا آهي، مثلا:
    (1) لولاڪ لما خلقت الافلاڪ
    (۽ جيڪڏهن توکي (محمد صه) پيدا نه ڪريان ها ته دنيا کي پيدا نه ڪريان ها.)
    انا ارسلناڪ بالحق بشيرا و نذيرا
    (اسان توکي حق سان بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.)
    انا من نور الله و خلق ڪلهم من نوري
    (مان الله جي نور مان آهيان ۽ ڪل مخلوق منهنجي نور مان آهي.)
    اول مان خلق الله من نوري
    (پهرين الله تعالي منهنجو نور پيدا ڪيو.)


    مجاهدات

    حضرت سائين چيزل شاه پنهنجي مرشد نوراني جي حڪم سان مجاهدات ۽ رياضت ۾ همه تن مصروف رهندا هئا ڇو ته طريقت ۾ هي ڳالهيون گهڻي اهميت جون حامل آهن.
    فان مع العسريسرا ان مع العسريسرا
    (تحقيق سختي سان آساني، تحقيق آساني سان اَهنج آهي.)
    موتوا قبل ان تموتوا.
    (مرو مرڻ کان اڳ)
    يمشي علي الراس بدون القدم
    (پيرن جي بجاءِ مٿي ڀر هلڻو آهي.)
    انهيءَ کان سواءِ هيٺين ريت ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي:
    الحياه الدنيا الامتاع الغرور
    (دنيا جي زندگي تڪبر ۽ وڏائي جو سامان آهي.)
    توڪل علي الله ان الله يحب المتوڪلين
    (الله تي ڀروسو رکو، تحقيق الله تعالي توڪل ڪندڙن سان محبت ڪري ٿو.)

    هڪ دفعي سائين پاڻ مجاهده ۾ مستغرق ٿي ويا. ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا، امان سانئڻ کي خيال ٿي پيو، وڃي روضي ڌڻي کان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، روضي ڌڻي فقير فيض محمد کي چيو ته، شهزادي کي ڏس، صحبت ڪري چويس جو هو ڪاهي پيو آهي. مڇ ۾ عشق مولا جو باهه آهي، هڪ مچ مان لنگهي ٻئي ۾ ٽپي پيو، متان مچ کيس ساڙي ڇڏي عربي ۾ مقوله:
    العشق ناريحرق ڪلم شيءِ ما سوا الله
    عشق باهه آهي سڀ کي ساڙي ٿو، سواءِ الله جي.
    فقير فيض محمد سائين جن وٽ پهچي حَق موجود چئي ويهي رهيو. پر پاڻ استغراق ۾ مست ۽ محو رهيا. آخر فقير واپس ٿي روضي ڌڻي وٽ عشاءَ جي وقت حاضر ٿيو. جڏهن سماع جو رهاڻ شروع ٿيڻ واري هئي ته به پاڻ سائين جن روضي ڌڻي جي آڏو حاضر ٿيا. روضي ڌڻي فقير کان خبر معلوم ڪئي، جنهن جواباً عرض ڪيو ته، ”قبلا سائين جن جي فرمان موجب ات ويس، پر هتي عشق جو غلبو ۽ مستي حال آهن، ڪنهن صحبت جي ضرورت ڪونه آهي. مان ويهي ويهي موٽي آيس پاڻ واجهائي به نه ڏٺائون.“ روضي ڌڻي فرمايو ته، ”سڀاڻي مان پاڻ ويندس.“ ٻئي ڏينهن حضرت سائين نوراني جن پاڻ فقيري کاڌو کڻي وٽس ويا، جڏهن سائين چيزل شاه مرشد نوراني رکيل شاهه صاحب کي ايندو ڏٺو، هٿ ادب جا ٻڌي جهڪي بيهي رهيا، پاڻ سائين رکيل شاه ويٺو ته سائين چيزل شاه ادب کان گوڏا ڀڃي ويٺو. روضي ڌڻي هدايت ڪندا ۽ سمجهائيندا رهيا، سائين جن ڌيان سان ويٺي ٻڌو، ڪجهه وقت جي ڪچهري کان پوءِ سائين جن شهنشاهه نوراني سان گڏجي خير سان گهر روانا ٿيا.
    ان وقت همه اوست ۾ داخل ٿي نئون ٻول دهريائون:
    دور ہے یارو دیس ہمارا کہاں عجب سے آیا ہے
    واہ واہ سیراسی ہے جگ کا کس ںے آپ بںایا ہے
    ظاہر اپںا ںام دھرا کر عابد لوگ سڈایا ہے
    چیزل میری ذات ںہ کائی ںا تو کس کا جایا ہے

    بي بي سانئڻ شهنشاه کان خبر پڇڻ آئي ته کيس شهنشاهه فرمايو ته، ”تون چوين ٿي ته منهنجو پٽ آهي، مان دعويٰ ڪريان ٿو ته منهنجو پٽ، پر پاڻ چيزل شاهه چوي ٿو ته، مان ڪنهن جو ڄايو نه آهيان، پاڻ سائين چيزل شاهه ايتري ته رياضت ۽ مجاهده ڪيو. شهنشاهه راضي ٿي کيس هر راز اسرار غيبي خزانن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي.“
    رياضت ۽ مجاهدي دوران عجب عجب ڪرشما نمودار ٿيا، جو حقيقت، معرفت کان لنگهي وڃي بقا بالله کي رسيا.


    (خ) همه از اوست ، همه اوست

    فرهنگ: وحدت مان ڪثرت ۽ ڪثرت ئي وحدت:
    مجاهدات جي دوران عجيب و غريب عجائبات ڏسڻ ۾ اچن ٿا، حال ۾ مستي ۽ خودي اجاگر ٿئي ٿي. اهڙي ريت سائين چيزل شاهه جن عجائب ۽ مظاهر، قدرت ۾ وحدت ڏٺي، يعني ڪثرت مان وحدت مان ڪثرت جتي دوئي جا پردا چاڪ ٿي ويا.
    پاڻ فرمائن ٿا ته:
    اپني مهر مولا سي معراج ڪيا....
    مطلب ته خدا خود اسم جو اولو بشري پهري اثبات ۾ آيو ۽ معراج ڪري، ارتقا جو مقصد سمجهايو. (عملي طريقي سان)
    در دروںی جسم کی هين بادشاهی مين کیا؟
    بادشاهی کچھ نهين، هم خود خدائی مين کيا؟
    مطلب ته سائين چيزل شاه چوي ٿو ته، مان پنهنجي جسم اندر راز پاتم، ظاهري بادشاهي ڪجهه به نه آهي. بلڪه مان جو ڪجهه ڪيو، اهو خدا بڻجي ڪيو، ڇو ته مان خود خدا آهيان. انهي کان سواءِ وحدت ڪل جا گهڻا راز مختلف ڪلامن ۾ واضح فرمايا آهن:


    (و) وصال:

    حديث: الا ان اولياءَ الله لايمونتون بل ينقلبون من الدار الي الدار:
    اولياءَ الله مرن نه ٿا، بلڪ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ٿي وڃن ٿا.
    16 مئي 1984ع اربع ڏينهن شام جو 8 وڳي بمطابق سنه 1404هجري بروز اربع، تاريخ 15 ماهه شعبان تي هن جهان مان برقعو مٽايو ۽ دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا. (قالوانا لله و انا اليه راجعون رضينا بقضا الله) پاڻ سائين جن ڪل ٻاهتر ورهيه اولي بشري ۾ رهي درس حقيقت ڏنو ۽ طالبن جي تاس اجهائي، راهه محبت ۾ شهيد ٿي شهادت جو سبق پنهنجي طالبن کي سيکارڻ ۾ وقت گذاريائون. بمصداق، من مات في حب الله فقد مات شهيد يعني جو شخص محبت اللهي ۾ مري ويو اهو فوتي شهيد آهي.


    (هه) رهڻي ڪهڻي:

    حضرت چيزل شاهه سادي زندگي بسر ڪندا هئا، ننڍن ۽ وڏن سان عزت ڪندا هئا. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندا هئا، ڪوبه ماڻهو وٽس ايندو ته ان کي بامراد ڪندا هئا. انهن ماڻهن جي عيب ۽ ثواب ڏي ڪونه نهاريندا هئا. پاڻ قرآن پاڪ جي فرمان ”فامالسائل فلا تنهر“ پوءِ سوالي کي ڇڙب نه ڏيو. جي مجسم تصوير هئا.
    پاڻ فرمائيندا هئا ته، اهڙن طالبن کي ڏسڻ سان ٺرندا آهيون، جيڪي سوالي کي نٿا جهڻڪن.
    سائين جن روزانه ٽي دفعا ڪچهري ڪندا هئا.
    (1) صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ انهن سان عام ڪچهري.
    (2) شام جو عام ماڻهن سان ڪچهري، مختصر فيصلن جا تصفيه ڪرڻ ۽ ڪچهري.
    (3) رات جو ماني کائڻ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندا هئا.
    محفل سماع ٿيند هئي، ان ۾ ويهي حقيقت جي رازن کي کولي سمجهائيندا هئا.

    سندس مقولات هيٺين ريت آهي:
    (1) ”الشيخ في القوم کانبي في الامت“ جيئن نبي امت ۾ هوندو آهي، ان طرف مرشد پنهنجي قوم (مريدن) ۾ هوندو آهي. (ٻئي هدايت لاءِ هوندا آهن.)
    (2) ڏاڍو شوق شريعت سان رک.
    ٻڌي توڪل طريقت تون سک
    هل حقيقت ساڻ معرفت مطلب قلزم ڪاڻ
    نانهه جو نڪتو سڃاڻ
    (3) فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ نبي جو ڪم آهي، انهن سان گڏ ويهڻ پرهيزگارن جو ڪم آهي.
    (4) غريب الله جو عيال آهي، انهن سان خنده پيشاني سان ملو ۽ عيب ۽ ثواب ڏي نه نهاريو.
    پوشاڪ هن ريت هوندي هئن:
    ڊگهي پهراڻ مٿان گيڙو رنگ جو دستار مبارڪ، ڪڏهن سائي ۽ نيري دستار پائيندا هئا. اونهاري جي موسم ۾ ڀرت ڀريل ٽوپي پهريندا هئا. هٿ مبارڪ ۾ عصا (لٺ) رومال به جهليندا هئا، چيچ ۾ منڊي پائيندا هئا، پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پهريندا هئا، ڪڏهن بوٽ به پائيندا، اونهاري جا ٻه مهينا جون ۽ جولاءِ ڪڏهن آگسٽ ۾ پنهنجي عيال عزيز ۽ فقراءَ سميت ڪوئٽه ۾ گزاريندا هئا. گهڻو عرصو درگاهه فتح پور ۾ رهندا هئا. طالبن جي عرض موجب انهن جي ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پير گهمائي خوشيون ۽ روشنيون بخشيندا هئا. خاص موقعن تي پنهنجي مرشد ڪامل پاران عطا ٿيل تاج پهريندا هئا. هر سال حضرت شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي ميلي تي حاضري ضروري ڀريندا هئا.


    (ي) اولاد

    سائين چيزل شاه کي الله تعالي ٽن فرزندن سان نوازيو:
    (1) سائين صادق علي شاه، جيڪي هن وقت سجاده نشين آهن، فقيرن کي هدايت ۽ رشد عطا ڪري رهيا آهن، ننگر بٺي سان مسڪينن فقيرن ۽ مسافرن کي ڍؤ ڪرائن ٿا. حضرت سائين جن وانگر معمول مطابق ڪچهريون ۽ ٻيا مقرره اصول اختيار ڪندا رهن ٿا.
    (2) سائين نياز حسين شاه عرف علي حيدر شاه.
    (3) سائين رکيل شاه عرف علي اڪبر شاه.
    ٽيئي فرزند پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڇا حسن جمال ۾، قرب ڪمال ۾، سخا و عطا ۾ مروت ۽ محبت ۾، قال خواهه حال ۾ ڪنهن لفظي تعريف جا محتاج نه آهن.

    خانواده سلاسل، طريقت
    (1) جناب سرور ڪائنات، فخر موجودات حضرت محمد صه.
    (2) حيدر ڪرار وصي رسول الله حضرت علي ڪرم الله وجه عليه السلام.
    (3) شهيد ڪربلا، امام الشهداءِ حضرت امام حسين عليه السلام.
    (4) سيد الصابرين و امام العاشقين حضرت زين العابدين عيله السلام.
    (5) امام پنجم، انوار پيهم امام حق حضرت محمد باقر عليه السلام.
    (6) روشن ضمير حضرت امام جعفر صادق عليه السلام (مدينه)
    (7) حضرت موسيٰ ڪاظم ڪاظمين شريف عراق
    (8) حضرت امام علي رضا مشهد مقدس ملڪ ايران.
    (9) شيخ المشائخ حضرت معروف ڪرخي رح ڪرخ، ترڪستان.
    (10) سردار السالڪين حضرت سري سقطي رحه اصفهان، ايران.
    (11) حضرت خواجه جنيد بغدادري رحه، بغداد، عراق.
    (12) خواجه شبلي ابوبڪر رحه مڪه معظمه، عربستان.
    (13) مخدوم ابوالفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز رحه، شهر يمن، ملڪ يمن.
    (14) حضرت ابوالفرح عبدالله طرطوسي طرطوس، مصر.
    (15) ابوالحسن علي بن محمد يوسف هنڪاري رحه، هنڪاري ترڪستان.
    (16) مخدوم ابي سعيد بن علي مبارڪ مخزومي رحه، مخزوم، مصر.
    (17) حضرت پيران پير محي الدين عبدالقادر رحه جيلاني، گيلان، عراق. (هتان قادري طريقو شروع ٿئي ٿو.)
    (18) حضرت سيد عبدالرزاق شاهه رحه، بغداد عراق.
    (19) اڪمل اولاوليا حضرت شهاب الدين-ملڪ روم.
    (20) حضرت محمد شاهه بن احمد شاهه رحه-مڪه معظمه عربستان.
    (21) حضرت حسن شاهه بغدادي-بغداد، عراق.
    (22) حضرت محمد شاه بغدادي-بغداد، عراق.
    (23) حضرت سيد علي شاه-شهر مدائن، ايران.
    (24) حضرت سيد موسيٰ شاهه-تهران، ايران.
    (25) حضرت سيد مير حسن شاهه-سرحد، شام.
    (26) سيد ابوالعباس احمد شاه بن مير حسن شاه سرحد، شام ۽ يمن.
    (27) حضرت خواجه بهاؤالدين ابراهيم-شهر بخارا، ترڪستان.
    (28) ابوالفتح شمس الدين عرف شيخ شاهي – ملتان، پاڪستان.
    (29) حضرت سيد عبدالمالڪ شاهه- بيجاپور، ڏکڻ هندستان.
    (30) حضرت عنايت الله شاه، شاه عنايت شهيد جهوڪ سنڌ، ميران پور.
    (31) مخدوم سيد اسماعيل شاه ٺٽو، سنڌ پاڪستان.
    (32) مخدوم ابراهيم شاه ڊٻ وارو جهوڪ، ميرانپور.
    (33) مخدوم محمد زاهد شاه جهوڪ ميرانپور سنڌ.
    (34) حضرت فضل الله شاه قلندر، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
    (35) حضرت خواجه ابراهيم شاه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
    (36) حضرت خواجه محمد شاهه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
    (37) حضرت نوراني عبدالستار شاه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ.
    (38) حضرت پير رکيل شاه، فتح پور، بلوچستان پاڪستان.
    (39) حضرت پير روشن ضمير مجدد و امام سيد چيزل شاه صاحب، فتح پور، بلوچستان.
    (40) صوفي القادري سيد صادق علي شاه صاحب سجاده نشين درگاهه فتح پور بلوچستان.


    تعارف ڪلام

    هڪ بي بصير، هڪ صاحب بصيرت ۽ اهل نظر جي ڪلام تي تبصرو ڪري ته انهيءَ صاحب بصيرت جي اوصاف حميده، ڪلام جميله جي مدحت جي ڪماحقه تعريف نه ٿي سگهي ٿي، تاهم ڪجهه نه ڪجهه نڪات جي وضاحت ڪرڻ سان وڌيڪ رازن کلڻ جو رستو هموار ٿي وڃي ٿو. ان استواريت لاءِ بنده سعي ڪري ٿو، اميد ته حسب نيت ڪم جي تڪميل لاءِ اجر دارين سان مملو ٿيندو. آمين ثم آمين.
    سائين چيزل شاه جي ڪلام شيرين ۾ ڪافي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. جن مان همه اوست هم ازاوست سر – فهرست آهن، عجز و نياز ۽ طلب حق لاءِ واضح اشارا ۽ حڪم ملن ٿا، جيڪي متلاشي حق لاءِ رهنما ثابت ٿين ٿا.

    (الف) صنائع و بدائع
    حضرت سائين چيزل شاه جو ڪلام اگرچه ڇند وديا تي آهي، تنهن هوندي به صنائع ۽ بدائع جون خوبيون موجود آهن.

    1- سلاست: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد آسان نموني سان سلجهائڻ آهي، مثلا:
    1. چشمن سان تير هڻڻ، نيڻ کڻن.
    2. دکن درد هزار، مليا ساٿ سورن جا.

    2- بلاغت: سائين جن جي ڪلام ۾ عام مفهوم وارن لفظن ۾ بلند خيالات جا آثار ملن ٿا.
    1. آيا سر تي سور عاشق
    راتيان ڏينها روڄ ۾ رڙ
    2. عاشق الف سان اکڙيون اڙايون
    بي جو ڀولو لاهيو تن.

    3- فصاحت: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد چٽي طرح سمجهايل آهي.
    1. دم ويسارو دل کان ناهي
    ياد هميشه يار ميان!
    2. اسم اعظم دا باب، اهو ئي
    پير مغان ته پڙهايا هئه

    4- صنعت تلميح: سائين جن جي ڪلام ۾ تاريخي ۽ داستاني واقعات جي ذريعي معرفت حقيقي جا درست ڏنل آهين.
    1. دارا سڪندر در تنهنجي
    نانگا گهمن ٿا نرالا
    2. سک منصوري مام سڃاڻي
    سر سوريءَ تي نيزي چاڙهي
    دارا ايران جو شهزادو هو. سڪندر، دنيا جو فاتح هو، اهي به گداگر آهن مالڪ وٽ. اهڙي طرح هر دينوي لحاظ وارا امير خواه غريب مرشد وٽ گداگر آهن.
    منصور حلاج هڪ همه صفت بزرگ هو، جنهن همه اوست ۽ همه ازوست جو نعرو هڻي عوام کي باخبر ڪيو.

    5- صنعت، تجاهل، عارفانه: اهڙي ڳالهه جيڪا ڄاتل سڃاتل هجي پر اڻ ڄاڻ بڻجي پڇجي ته ڇا آهي.
    1. اربع عناصر نام سڏائين،
    ڪاڏهن آئين ڪاٿي ڄائين.
    جيتوڻيڪ صاحب ڪمال ماڻهوءَ کي سڃاڻي ٿو، اهو ڪٿان آيو ۽ ڪٿي ڄائو، پر سمجهاڻي خاطر سوال پڇي مقصد کي واضح ڪرڻ گهري ٿو.
    2. ڪيئن مسافر ڪاڏهن آئين،
    ڪاٿي آ تنهنجي اصلي جاءِ.
    هن ۾ آمد جي جاءِ بابت ڳالهه پڇيل آهي، مگر ڪلام ۾ اڳتي هلي اصلي مڪان جي وضاحت ڪيل آهي.

    6- صنعت حرفي تجنيس: اهڙا لفظ جيڪي ساڳئي هڪ آواز سان شروع ٿين.
    1. جيرا جوش جلايا
    ”ج“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.
    2. نازين نال نويا
    ”ن“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.

    7- استخاره: سائين جي ڪلام ۾ عام ڳالهين کي مخصوص راز ڏانهن ڀيٽي مقصد سمجهايل آهي.
    1. ڏسي باهه مچ تون،
    پتنگ وانگي پچ تون.
    باهه مچ جو مقصد عشق الاهي آهي، پتنگ مان مراد عاشق حقيقي آهي، مگر استعاري طور مچ ۾ پتنگ ڪم آيل آهي.
    2. لهر ۾ لڙهندا ڪنڌي نه ڪائي،
    توڪل ترهي تاريو آ.
    لهر گردش دنيا جي، ڪنڌي آرام جي جاءِ، ترهو ڪاٺي جو تختو ۽ سهارو، اهي سڀ شيون سمنڊ سان لاڳاپو رکن ٿيون، مگر عاشق انهن کي دنيا جي صفتن سان ڀيٽي پنهنجي حبيب کي ٻڌائي ٿو ته، توڪل ۽ تنهنجي محبت جي باعث عاشق حقيقت کي پهچي ويو آهي.

    8- ڪنايه: اهڙي لفظي معنيٰ جيڪا هوبهو نه هجي، مگر ڪنهن خوبيءَ سبب استعمال ڪري ٻئي شيءِ سان ڀيٽجي.
    1. مشرگان مارن تير تفنگ،
    ابرو نين اڙاون جنگ.
    مشرگان ظاهري طور ڪمان ناهن، مگر ڪنايه طور ڪمان جي مفهوم ۾ لکيل آهن.
    ابرو ۽ نيڻ جنگجو نه آهين، مگرل تمثيل طور جنگجو ڄاڻايل آهن.

    9- صنعت تضاد يا مطابقت: اهڙو ڪلام جنهن ۾ متضاد لفظ به هجن ته پاڻ ۾ مطابقت به رکن.
    1. ڪل پوندي ڪين مون،
    ٿي نفي مان اثبات.
    نفي جو ضد اثبات، پر ٻئي هڪ ٻي سان نسبت رکن ٿا.
    2. ٿي شتاب شمع تي،
    پتنگ جان پچاوين،
    شمع ۽ پتنگ هڪ ٻئي جا ضد آهن، مگر پاڻ ۾ محبت جي ڪري نسبت رکن ٿا.

    10- اصطلاح: اهڙا لفظن جا ميڙ جيڪي ڪن واقعن جي حقيقت سان تعلق رکي ٻئي معني ۾ ٻڌائين.
    1. سچو سنڌرو ٻڌم ساهي،
    راضي آهيان تنهنجي راز تي.
    سنڌرو ٻڌڻ تيار ٿي ڪم شروع ڪرڻ (اصطلاح)
    2. سور سڀيئي پاتم جهولي،
    ماءُ ڏکان دي ڏتڙم لولي.
    سور جهولي جهلڻ ڏکن جي لولي اصطلاح آهن.

    11- ملمع: ڪلام ۾ ثابتيءَ لاءِ قرآن پاڪ مان حوالا درج ڪيل آهن.
    قم باذني قول ڪها ڪر
    ”قم باذني“ منهنجي اجازت سان اٿ عربي فرمان آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام ڏانهن منسوب آهي. ”فاذڪ روني اذڪرڪم“ پري ناهين توکان وار ميان. ”فاذڪروني اذڪرو ڪم“ تون مون کي ياد ڪر، مان توکي ياد ڪريان، هر هڪ مومن کي امر ڪيل آهي.

    12- صنعت تضمين: ڪلام يقيني بنائڻ لاءِ قرآن پاڪ کان ضامن آيت پيش ڪري ٿو.
    1. وهي يتوڪل صلي الله فهو حسبه.
    2. هذا ايحبونهم في الظلمات.
    3. من ذالذي يشفع عنده الا باذنه.
    4. ان الذين آمنو
    سائين جن جي ڪلام ۾ ٻيون به گهڻيون صنعتون موجود اهن، مگر طوالت سبب اختتام ڪجي ٿو.

    (ب) صوفيانه رنگ
    سائين جن جي ڪلام ۾ عجز و نياز به آهي، ته سرمستي به موجود آهي. سائين چيزل شاه جن جنهن ماحول ۾ پلي جوان ٿيا، اهو ماحول ئي روحاني هو، يعني ڄمندي ڄام هئا. سندن ڪلام ۾ روح ۽ رب جي وچ ۾ يڪرنگي جو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ڪثرت ۽ وحدت ۽ وحدت مان ڪثرت جي مام ملي ٿي.
    1. بيرنگ برقعو پائي
    آيو آدم هت اظهار ٿي.
    2. بيرنگ برقعو بشريٰ پاتم،
    سڀ چيزل سينگار.
    3. قلندر لعل اپني سي، جلالي هون جلالي هون،
    نشا وحدت خمر پيئا، موالي هون موالي هون.

    سائين جن جي ڪلام ۾ سچل سرمست واري سرمستي آهي ته وري شاهه ڀٽائي واري عجز و انڪساري به ڪثرت سان ملي ٿي.

    (الف) سرمستيءَ وارو ڪلام ۽ سائين چيزل شاهه

    سچل سرمست
    1- صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
    2- سچل آءُ تان ناهيان، پوءِ ساري سڌ پيام ٿو پاڻ ٻاروچو ٻول.

    سائين چيزل شاهه:
    1- چيزل عين الله جو آهي، ڪونهي ڪوڙ خلاف
    2- شغل شهانا، پائي ڳل ڳچي ڳانا.
    ڪري ڪير معنيٰ، چيزل ڳالهايو.
    3- فيئون فثمه الله، وجه حق تجلا
    هر جاءِ نور الله، نظر سان نياز.

    شاهه ڀٽائي:
    1- پنهون هيس پاڻ، سسئي تان سور هئا
    2- سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله
    سو پرين جو پساهه، سو ويري سو واهرو.

    سامي صاحب جو سلوڪ:
    کوجن لڌو کوج، پرچي پريم نگر جو،
    ٻڌئين ٻانڀڻ چوي، تنهن ۾ سهج سروج،
    هردئي منجهه هر وج، درسن ڪري دوست جو.

    سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ طلب ۽ تات جاري رکڻ لاءِ هيٺيان ڪلام ملن ٿا:
    1- آڌوتي الف کان واندا ڪين وهن
    2- ماري نفي نفس کي ڇڏ وڃائج پاڻ
    3- راتيان ڏينهان رڙي، وڃي هادي سان هو رسيا

    ڪبير ڀڳت چوي ٿو:
    1- بن پيا جئا ترسي
    ڪالي بدريا مورا جئا ڊلائي
    2- ميرا پيارا پيا پرديس
    اب تو نه رهيو جاءِ نه ديس

    مولانا رومي:
    هر ڪجا تو با مني من خوشدلم
    ور بود درقعر گوري منزلم

    1- من ۾ يار جي جلوي بابت رومي جو ڪلام سائين شاه جي ڪلام جي تشريح آهي.
    2- تو مڪاني اصل در لامڪان،
    اين دڪان بربند و بکشان آ دڪان.

    سائين چيزل شاه
    جاچي ڏس جيءَ اندر۾ سارو ٿي سبحان،
    چيزل سمجهه پوئي تون ڄاڻ هرجاءِ حاضر هڪ ٿي.

    سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ رندي، سرمستي:
    سيرت نگاري، فطرت نگاري، طلب حق لاءِ قرباني، محبت لاءِ سر جي بازي، درس انساينت جا گهڻا آثار ملن ٿا.
    سندس ڪلام عجز ۽ نياز بابت پاڻ کي ڪڏهن سسئي سان، ڪڏهن هير سان ۽ ڪڏهن مارئي سان ڀيٽي ٿو. ڪڏهن طمع تياڳڻ، نفس کي مارڻ لاءِ آڌوتي، سامي، جوڳي ۽ فقيرن سان ڀيٽي محنت جاري رکڻ جو درس ڏئي ٿو.
    سندس ڪلام ۾ دوئي، غيرت کي مذمت ڪيل آهي، هميشه وحدت وارو پيالو آهي، جنهن ۾ محبت، عشق پيار آهي، ان جو آسائتو آهي.
    سائين چيزل شاه ڪٿي وري منصور، سرمد، شاه عنايت، سچل فقير، روحل فقير، سائين رکيل شاه وانگر دم هڻي ٿو، ته ڪٿي شاه ڀٽائي، ڪبيرڀڳت، گرونانڪ، سامي وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي رومي، جامي ۽ سعدي وانگر طالب ٿي زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو، ڪٿي حضرت جنيد، بايزيد بسطامي، امام معروف ڪرخي وانگر رياضت الاهي ۾ مصروف رهڻ لاءِ درس ڏئي ٿو. ڪٿي ساڌن فقيرن ۽ تارڪ الدنيا فقيرن وانگر حرص ۽ هوا کي ترڪ ڪرڻ لاءِ اصرار ڪن ٿا.
    مطلب ته ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي، جيڪي اکين وارا آهن، اهي ڏسي سگهن ٿا، حق تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. اڻ ڄاڻن لاءِ مامه هجي جيڪا پوءِ انهن جي دلين تان دوئي جا پردا چاڪ ڪري.


    فرمودات لاثاني

    حضرت سائين چيزل شاهه ۽ هڪ مريد طالب جي درميان مڪالمه

    طالب: قبلا! نفس ڇا کي چئجي؟
    هادي ڪامل: نفس1 حرص هوس کي چوندا آهن.
    طالب: قبلا روح مولا جي ذات آهي؟
    هادي ڪامل: جڏهن نفس مڪمل مري وڃي2 ته رڳو (روح)3 ذات مولا مان انسان الله بڻجي وڃي ٿو.
    طالب: قبلا! انسان کي الله ڇو نه ٿو چئجي؟
    هادي ڪامل: جڏهن نفس مري وڃي ۽ بقا بالله ٿئي ته پوءِ چئجي، اڳ چوڻ ڪفر آهي.
    طالب: قبلا! نفس ڪيئن ۽ ڪٿي مري ٿو؟
    مرشد: من عرف نفسه فقد عرف ريه
    پهريون حصو: فقد عرف نفسه في الفنا4
    ٻيو حصو: فقد عرف ربه في البقا 5
    طالب: قبلا! نفس کي ڪيئن فنا ڪجي؟
    مرشد: نفس کي ذڪر، فڪر ۽ اوجاڳن سان فنا ڪجي؟
    طالب: قبلا! ڏک ڪٿي ڪاٽجن.
    مرشد: ڏک، بک ۽ گوشه تنهائيءَ6 ۾ ڪاٽجن، جيئن نفس مري وڃي.
    طالب؛ اوجاڳا ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني ڪجن؟
    مرشد: ترتيب هن ريت آهي:
    (الف) اسم ذات 7 ڪمائڻ (ب) اڌ رات جو جاڳڻ 8
    (ت) صفا اڪيلو رهڻ (ث) اٺين پهر ماني کائڻ.
    (ي) هر هڪ دم 9 سان دم دم ياد ڪرڻ
    طالب: قبلا! اهي ڪشالا ڪيئن ڪڍجن؟
    مرشد: موتو قبل ان تموتو (مر اڳ مرڻ کان) موت کان پهريان مرڻ سان.
    طالب : اڳ مرڻ جي ترتيب ڪيئن آهي؟
    مرشد: ترتيب هن ريت آهي.
    (الف) جهان جي خواهشات ترڪ ڪرڻ. (ب) اڪيلي ڪوٺي ۾ ويهڻ (ت) اسم ذات ڪمائڻ
    (ث) جهان جون لذتون ڇڏي، فاقي ۾ رهجي ان کي مرڻ کان اڳ مرڻ چئجي، ان ريت چؤته اڳ مري ويو.
    طالب: قبلا نفس ذڪر سان ٿو مري يا فاقئي سان؟
    مرشد: ذڪر به هجي، فڪر به هجي ۽ تنهائي بک فاقيه به هجن، پر ذڪر قلب صاف ڪري ٿو.
    طالب: قلب 10 ڪٿي ٿو صاف ٿئي؟
    مرشد: قلب ذڪر ذاتي سان، جيئن الله فرمايو آي. فاذڪروني اذڪرڪم (پوءِ ياد ڪر مون کي مان ياد ڪريان ٿو توکي) سان ظلمات جا پردا چاڪ ٿي وڃن ٿا.

    طالب: قبلا! ڪٿي يا ڪٿان ياد ڪجي؟
    مرشد: وفي انفسڪم افلا تبصرون يعني دمن سان ياد ڪجي.
    طالب: دمن سان ياد ته ڪجي ته الله ستين آسمان تي آهي ڪٿي ياد ڪجي؟
    مرشد: ونحن اقرب اليه من حبل الوريد (ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ نزديد آهي) الله تعالي حاضر و ناظر آهي. جڏهن نفس مري ته پوءِ خبر پوندي ته برابر اها شئي آهيان.
    طالب : سائين روح ڇا کي چون ٿا ۽ ذات ڇاکي چون ٿا؟
    مرشد: انسان ۾ ٻه شيون آهن: 1. روح 2. نفس.
    طالب: سائين ذات ٽين شئي آهي ڇا؟
    مرشد: ذات ۽ روح هڪ شئي آهي. باقي نفس ٻيو آهي. انسان جي ساڄي پاسي روح (ذات) رهندو آهي ۽ کاٻي پاسي نفس رڳو صحبت جو اثر آهي.
    طالب: قبلا! صحبت ڪنهن سان ڪجي؟
    مرشد: روح جڏهن صحبت ذڪر مولا سان ڪري ته ذات مولا جي بڻجي وڃي ٿي. نفس جڏهن دنيا شهوت ۽ خوشي سان صحبت ڪري ته ماڻهو رڳو نفس بنجي ٿو.
    طالب : قبلا! انسان ٻه شيون 11 آهي؟
    مرشد: انسان هڪ شئي آهي مگر ٻيا ئي سبب ٻه آهي. نفس مري ته پوءِ انسان هڪ شئي آهي.
    طالب: قبلا! ذڪر سان ڪٿي صحبت ڪجي؟
    مرشد: ذڪر دم دم ۾ ياد ڪجي، هڪ دم به ويسارو نه ڪجي، اثر وٺي گهمندي ياد ٿي ويو ته هر جاءِ الله نظر ايندو. ”فاينما تولوا فثم وجه الله“ هر جاءِ تي مولا نظر ايندو.

    طالب: قبلا! دم دم سان ڪاهڻ ڏکيو آهي. ڪٿي ڪمائجي؟
    مرشد: پهريان سخت ۽ ڏکيو لڳندو پر جڏهن ياد پچي ويو ته پوءِ تمام لذيذ ٿي ويندو. بمصداق حضرت ڀٽائي رحه:
    جيئن ڏٺو مون آرياڻي، اوهان ڇا ڏٺو!
    مکڻ ماکي، مصري کان منهنجو محبت مٺو
    بمصداق سائين جن خود:
    احوال سارو حضرت عشق جو جڳ کي ٻڌايان هيئن چئي المقصد، دنيا ۾ سڀ لذت کان زنا ۾ لذت آهي. خراب ڪم ۽ حرام شئي ۾ ڪيتري لذت آهي، جڏهن اصل شئي آهي نام الله جو ۽ ان جو ذڪر وتهليل ۾ ڪيڏي نه لذت هوندي جڏهن نام الله جو پچي وڃي (ياد ٿي وڃي.)
    طالب: قبلا! ڪٿي لذت رهندي آهي؟
    مرشد: جڏهن دم عروج نزول 12 ٿيندو آهي ته لذت ايندي آهي.
    طالب: قبلاٰ ڪٿي عروج نزول ٿيندو آهي؟
    مرشد: دم ستين آسمان کان مٿي ويو ته عروج ۽ اتان ئي نزول ٿيندو آهي.




    طالب: قبلا! ڪٿي دم ستين آسمان کان مٿي وڃي؟
    مرشد: ستين آسمان ۽ ستين ڌرتين کان به پري وڃي ٿو.
    طالب: قبلا! بس ڪٿي به وڃي خبر نه ٿي پوي؟
    مرشد: جڏهن ولايت حاصل ٿئي ته پوءِ دل ۾ ظاهر ٿيندي.
    طالب: ولايت ڪٿي حاصل ٿيندي؟
    مرشد: ولايت لاحد ۽ لامڪان 13 تي حاصل ٿيندي ان کي ئي ولايت چوندا آهن.
    طالب: لا حد ۽ لامڪان ڇا کي چوندا آهن؟
    مرشد: لاحد ۾ چار شيون آهن.
    1- شريعت، 2- طريقت 3- حقيقت 4- معرفت
    چار شيون فڪر جون آهن.
    1- ناسوت، 2- جبروت 3- ملڪوت 4- لاهوت
    طالب: لاحد جي چئن فڪرن جي معني ڇا آهي؟
    مرشد: 1- ناسوت هي جهان آهي. 2- جبروت: محنت ۽ مشقت جو عالم آهي. 3- ملڪوت: فنا في الله جو درجو آهي، جنهن ۾ سالڪ کي تپسيا ڪرڻي آهي، ملائڪن وانگر کاڌي کان پري رهڻ ۽ گناهه کان دور رهڻ. 4- لاهوت: هن جي حد نه آهي. وڏي عظيم منزل آهي. هن مڪان ۽ منزل تي الله تعالي کي لاحد ڏسي ۽ هر جاءِ تي موجود ڏسي پر ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪري واحد ڪري ڄاڻي.
    1- شريعت رستو آهي جنهن ۾ هيٺيان اسباب هوندا اهن. نماز، روزو ۽ ٻيا احڪام جيڪي سفر ۾ هٿيار آهن.
    2- طريقت ۾ دنيا کي ترڪ ڪري هڪ جاءِ تي ويهڻ آهي.
    3- حقيقت جي ڪري الله کي هڪ ڪري سمجهڻ، ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ آهي.
    4- معرفت ۾ سڀ شئي ۾ الله جو مظهر ڏسڻ آهي مظهر ۾ مولا ڏسڻ آهي. فڪر سان الاالله جو مقام پسجي ٿو.

    طالب: قبلا! الله کي ڪٿي هڪ ڏسجي؟
    مرشد: فنا ٿيڻ کانپوءِ خبر پوندي.
    طالب: فنا ڪئين ٿجي؟
    مرشد: فنا جو مفهوم پاڻ کي نه ڄاڻڻ، سڀ ڪم الله جي حوالي ڪرڻ پوءِ بقا بالله ٿي ويندو.
    طالب قبلا! بقا بالله ڪٿي ٿيندو؟
    مرشد: بقا بالله ۾ پاڻ الله بڻجي وڃي.
    طالب: قبلا! ڪئين پاڻ الله بڻجي وڃي؟
    مرشد: انسان کي روح ۽ نفس آهي، جڏهن نفس مري وڃي ته روح الله آهي.
    طالب: ڪٿي ٿئي ٿو روح پاڪ ٿئي ٿو؟
    مرشد: اٿي، ويٺي، گهمندي، سمهندي ذڪر پچي ويو ته دم پاڪ ٿيو ۽ روح پاڪ ٿيو.
    طالب: ذڪر ۽ فڪر جا ڏاڪا (منزلون) ڪيئن حاصل ٿين ٿيون؟
    مرشد: شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت ذڪر جون ناسوت، جبروت، ملڪوت ۽ لاهوت فڪر جا ڏاڪا (پئڙيون) آهن. جيڪي هن ذريعن سان نصيب ٿين ٿيون.
    1- علم اليقين 2- حلم اليقين 3- عين اليقين 4- حق اليقين




    __________
    1- نفس: خواهشات جي معني ۾ استعمال ٿئي ٿو. انسان مٽي جي پتلي جي هجڻ سبب خواهشات جو مرڪز رهي ٿو. ان ڪري نفس کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
    (الف) نفس امارو: هي نفس مادياتي شين ڏانهن لاڙو رکي ٿو. فقير، ولين اهڙي نفس کي مارڻ لاءِ تلقين ڪئي آهي.
    (ب) نفس مطمئنه: هي نفس روحاني تعلقات کي اڀارڻ جي خواهش رکي ٿو.
    2- نفس جو مرڻ: نفس اماره کي ختم ڪري لذائذ ماديات ۽ آرائش جسماني غرور، تڪبر، ڪاوڙ ۽ هوڏ کي ختم ڪرڻ جي معني نفس کي مارڻ آهي.
    1. روح: قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
    يسئلونڪ عن الروح قل هو الروح من امرو ربي
    روح امر ربي آهي – لازوال آهي.
    سائين چيزل شاه جي فڪر، رسا موجب روح لازوال آهي خود خدا آهي. روح کي ذات مولا سمجهي ٿو. ان جو قائل آهي.
    4- فقد عرف نفسه في الفنا: هن مان مراد نفس اماره کي فنا ڪري، نفس مطمئنه کي اڀارڻ آهي.
    5 فقد عرف نفسه في البقا: هن مان مراد نفس المطمئنه جي فروغ سان روح جي ماهيت پر کي الله جي بقائيت کي ڄاڻڻ آهي ۽ ان ۾ استغراق ڪلي آهي.
    6 – بک ۽ گوشه تنهاي: جسمائي لذائذ جي ذريعي نفس اماره طاقتور ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري تپسيا جي ذريعي اهڙن خواهشن کي بک جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، روحاني منزلن کي پهتلن کي معلوم آهي ته روح جي خوراڪ ذڪر مولا جو آهي. جيڪڏهن ذڪر ۽ فڪر ۾ اضافو ايندو آهي. ذڪر ۽ فڪر سان ذهن ۽ دل ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي آهي.


    7 – اسم ذاتي ڪمائڻ: هن مان مراد الله جي تذڪير ۽ تهليل آهي. ذات واحد ۾ گم ڪرڻ جو ذريعو آهي.
    8 – اڌ رات جاڳڻ: فارسي ۾ مقوله آهي ته ”آه نيم شب“
    حضرت علي ڪرمه الله وجهه جو چوڻ آهي ته اڌ رات جو مٺي ننڊ ڦٽائي، ذڪر مولا جو ڪرڻ افضل ترين عبادت آهي. سڄي دنيا ننڊ ۾ هوندي آهي، اڌ رات جو آسمان ۾ قدرتي چاندي جهڙي سفيد ۽ وڻندڙ روشني ذڪر ۽ فڪر وارن کي نصيب ٿيندي آهي.
    9 – دم سان دم: هن مان مراد هر ساهه کڻڻ وقت خدا جو نالو وٺي. ڇو ته خود خدا فرمايو آهي: وفي انفسڪم افلاتبصرون
    انفس مان مراد ساهه آهي هر ساهه ۾ خدا هجي پوءِ اهڙي ساهه کي خدا جي نالي سان ظاهري طور اجارجي ته جيئن ذات ڪبريا جا رنگ ۽ مظهر نمايان ٿيندا.

    10 – قلب ۽ تنقبح: عام طرح قلب مان مراد دل آهي. پر دماغ ۽ دل جي ارتباط کي قلب چئجي. غدود سري جيڪو دل غدود روحي جيڪو دماغ ۾ رهي ٿو انهن جي سنگم سان دل ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن غدود ڪسري ۽ غدود نفسي جو سنگم ٿيو ته قلب ۾ فتور چئجي ٿو. ماڻهو کي روحاني دنيا کان هٽائي مادياتي دنيا ڏانهن رغبت پيد ڪري ٿو. غدود سري ۽ غدود جي افزائش سان قلب جي صفائي ٿيندي آهي نقشو هن ريت آهي؛



    غدود نفسي ---- غدود ڪسري
    هن ۾ قلبي رجحان شيطنت ۽ ماديات ڏانهن ٿي وڃي ٿو. شهوت، عناد، فتنه وفساد جي جڙ آهن.
    غدود روحي --- غدود سري
    هن ۾ قلبي رحجان روحانيت ڏانهن راغب ٿئي ٿو.
    1- غدود نفسي: هن ۾ خواهشات اڀري ٿي، راجع ماديات آهي.
    2- غدود ڪسري: هن ۾ ڪسرت ۽ ڪسري حقائق ۾ اضافه ٿئي، لا الله جو مرڪز آهي.
    3- غدود روحي: هن ۾ هو جو مرڪز آهي. راجع الي الله آهي.
    4- غدود سري: هي الا الله جو مرڪز آهي، دل ۾ ارفع غشا تي رهندڙ آهي، روح سان ربط پيدا ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي.


    11-- روح، نفس ۽ جسم: اصل شئي روح آهي، جسم جاءِ يا مقام آهي، نفس ٻنهي جي باهمي نسبت اهي. جڏهن خواب ڏسبو آهي ان وقت روح محو پرواز هوندو آهي. مگر جسم سان تار جي ذريعي ربط برقرار رکندو آهي. نفس محو خواب هوندو آهي.
    هر هڪ انسان کي نسبت جي ذريعي زندگي بسر ڪرڻي پوي ٿي. نسبت جا ٻه پهلو آهن. جيڪڏهن اماره جو پهلو دنيوي ۽ مادياتي مقاصد حاصل ٿين ٿا جيڪڏهن مطمئنه جو پهلو ته روحاني راز حاصل ٿين ٿا ٽنهي جا ارتباط سان هڪ فرد جو وجود ظاهر ٿئي ٿو. روح نه هجي ته جسم بي جان ۽ بيڪار آهي، جيڪڏهن نفس نه هجي ته صفات بشريٰ کان عاري آهي. جيڪڏهن جسم نه هجي ته ڪو اسم بشر وجود ۾ ئي ڪونه اچي.


    12--- عروج ۽ نزول: عروج مان مراد هر هڪ دم کي ”هو“ جي ذڪر سان بلندي تي پهچائڻ، نزول مان مراد تجلي – نور کي قلب ۾ جلوه گر ڪرڻ آهي. حرڪت عروج دم سان ٿئي ٿو. حرڪت نزول تجلي، نور سان ٿئي ٿو. هن حقيقت دوران فاذڪروني اذڪرڪم جا مظهر کلن ٿا.


    ________

    1- لاحد ۽ لامڪان: لاحد مان مراد ڪنهن به حد اندر خدا جي ذات کي محدود نه ڏسڻ مگر هر جڳهه تجلي ۽ مظهر الاهي کي ڏسڻ لا مڪان مان مراد ڪنهن مخصوص جڳهه نه مگر هر هنڌ حاضر و ناظر ڏسڻ. روحانيت ۾ وقت ۽ مڪان نه هوندو آهي. اتي حال ئي آهي. هر مڪان لامڪان نه يعني فاصله جو ذڪر ڏسڻ ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي.

    لاحد جا عالم:

    1- عالم شريعت: احڪام شريعت، عقائد، تعميل تشڪيل ۽ تڪميل جا مرحلا اچي وڃن ٿا.
    2- عالم طريقت: هن ۾ اتباع، مرشد و سالڪ ۽ حڪم ڪل ڄاڻڻ جا اسباب اچي وڃن ٿا.
    3- عالم حقيقت: ذات ڪبريا کي هڪ سمجهڻ ۽ ڏسڻ وارو عالم آهي.
    4- عالم معرفت: هن ۾ ماهيت ڪبريا، ماهميت ذات ۽ ارتباط روح جي خبر پوي ٿي.

    تصوف جا عالم:

    1- عالم ناسوت: هي مادياتي دنيا جنهن ۾ انسان کي عمل ڪرڻ لاءِ الله تعالي موڪليو.
    2- عالم جبروت: راز الاهي کي پروڙڻ ۽ حقيقت ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي.
    3- عالم ملڪوت: صفات ملائڪه سان منسوب ٿيڻ وارو عالم آهي.
    4- عالم لاهوت: انوار و تجلي الاهي وارو عالم جنهن ۾ وحدت ئي وحدت آهي.

    بشريٰ عالم:

    1- عالم تمثال: هن ۾ انسان پنهنجي وجود سان ظاهر ٿئي ٿو، پاڻ جهڙن انسانن جي مثال سٽا ۽ بيهڪ ۾ يڪسان رهي ٿو.
    2- عالم برزخ يا اعراف: هن ۾ انسان صفات بشري کان الڳ ٿي پهچي ٿو.
    3- عالم محشر: هي حساب و ڪتاب جو عالم آهي. هر هڪ بشر لاءِ لازم آهي.


    4- عالم جنت و دوزخ: هي ٻئي عالم عمل جي گهٽ وڌائي سبب مختلف عملن وارا ڏسندا.
    علم اليقين، حلم اليقن، عين اليقين، حق اليقين
    علم اليقين: انسان حالت يا ڪيفيت، جنهن ۾ وارادات، محسوسات، فڪر انساني ۾ مرڪزيت پيدا ڪري ته اهو علم اليقين آهي.
    حلم اليقين: اها مرڪزيت جنهن ۾ سوچ ۽ فڪر ۽ اعتدال پيدا ٿئي، جستجو لاءِ آمادگي پيدا ٿئي، اتباع جي خوبي اڀري.
    عين اليقين: اها مرڪزيت جتي يقين پختو ٿئي يقين ۾ عين عيان ٿئي.
    حق اليقين: هن مرڪزيت ۾ چار مظهر عيان.
    1- نظر 2- نظاره 3- ناظر 4- منظور
    1- شهود 2- مشاهده 3- شاهد 4- مشهود
    1- طلب 2- مطالبه 3- طالب 4- مطلوب
    1- حب 2- محبت 3- محب 4- محبوب
    1- علم اليقين 2- حلم اليقين 3- عين اليقين 4- حق اليقين.







    مڪالمه: 2

    نفي ۽ اثبات

    طالب: قبلا! فرعون، نمرود پاڻ کي خدا سڏايو ته ان کي ڪافر چئجي پر مسلمان ولي پاڻ کي خدا سڏائي ته ان کي ولي الله چئجي ٿو.
    مرشد: فرعون ۽ نمرود عالم ناسوت ۾ نفي جي حالت ۾ پاڻ کي الله سڏايو، ان ڪري ڪافر سڏجن ٿا. پر اولياءَ ڪرام مثلا منصور، سرمد، سچل سرمست وغيره هم عالم، لاهوت ۾ رهي اثبات جي ڪيفيت ۾ الله سڏايو. هي شهود، مشاهده، شاهد، مشهود جي مشترڪه منزل آهي. ڪفر نه مگر عين عشق الاهي آهي.


    مڪالمه: 3

    مرشد ۾ خوبي ۽ خصوصيت

    طالب: قبلا مرشد جي رسائي ڪيسين ٿئي ٿي؟
    مرشد: مرشد پنهنجي طالب جي صحيح طلب ۽ ان جي رهنمائيءَ لاءِ ستين آسمان تان به ڪري ٿو، ان جي مشڪل ڪشائي ڪري ته، اها مرشد جي خوبي ۽ خصوصيت آهي. کين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين رسائي حاصل آهي.


    مڪالمه : 4

    قديم ڪشالن جي دؤر۽ هاڻوڪي جديد دور ۾ طالب جي رهنمائي ۾ فرق، وقت جي قرب و بعد

    طالب: قبلاٰ پراڻي دور ۾ طالبن کي سالن جا سال ڪشالا ڪاٽڻا پوندا هئا. تڏهن ولايت تي پهچندو هو پر هن وقت ٿوري تڪليف ۾ ولايت نصيب ٿئي ٿي. ائين ڇو آهي. وقت به ٿورو صرف ٿئي ٿو؟
    مرشد: پراڻي دور ۾ دنيا جي آرائش ۽ آسائش موجود ڪونه هئي، ماڻهو تڪليفن ۽ ڪشالن جا عادي هئا، انهن کي دير سان ولايت ان ڪري ملندي هئي جو انهن جو تڪليفون وڌن، جسم تڪليفن جو هيراڪ ٿئي.
    اڄوڪي دور ۾ آرائش و آسائش جا سڀ اسباب موجود آهي، ماڻهن کي ان آرام ۽ آسائش ترڪ ڪرڻ سان اوتري تڪليف ۽ مشڪل سهڻي پوندي، جيئن پراڻي زماني جي بادشاهه کي ترڪ تعلقات ڪرڻ سان پهچي.
    اهو ئي سبب آهي ته آسائش جي فراهمي هوندي ترڪ _ تعلق ڪرڻ هڪ عظيم جهاد ۽ تپسيا آهي. الله تبارڪ و تعالي فطرت جي تقاضا موجب اڄوڪي ماڻهوءَ کي منهن ڦيرائي ڏسڻ سان ئي ولايت عطا ڪري ٿو ۽ سامان آسائش کي ترڪ ڪري، هڪ مولا ڏانهن راجع ٿيڻ، موجوده دور ۾ تمام مشڪل آهي. الله خبير، بصير آهي.اڳئين دور جي ماڻهو جي بنسبت اڄوڪي دور جو ماڻهو وڌيڪ حق رسائي ٿي سگهي ٿو ڇو جو دنيا جي آرام ۽ آسائش کان منهن موڙڻ، بادشاهي ڇڏڻ جي برابر آهي.


    مڪالمه : 5

    لاحد جي عالم موجب فقيرانه اسرار ۽ مسائل ”جا حل“

    طالب: قبلا! لاحد جي اصولن جي وضاحت ۽ حدود ۽ حل بابت وضاحت فرمايو.

    مرشد: فقيرن ۽ ولين جي عملي ڪارڪردگيءَ جي تمثيل هن ريت آهي ته:
    هڪ ويٺل ماڻهوءَ کي ڪو راهگير ماڻهو ڪنهن ڏنڊي ياتڪليف ڏيندڙ اوزار سان تڪليف پهچائي ٿو ته:
    1- شريعت موجب تڪليف ڏيندڙ کي القصاص بالقصاس موجب سزا ملندي، ڇو ته شريعت ظاهر اسباب موجب فيصلو ڏيندي.
    2- طريقت موجب تڪليف ڏيندڙ کي ڪجهه به نه چئبو، ڏک ۽ تڪليف سهڻو پوندو قسمت تي قانع ٿي خاموش رهڻو پوندو.
    3- حقيقت موجب تڪليف ڏيندڙ کي ڪجهه به چوڻو نه پوندو. پنهنجي حالت ۽ ڪيفيت جو جائزو وٺي، پاڻ کي قصوروار سمجهڻو پوندو، ٿي سگهي ٿو ته قدرت ڪنهن ڏوه جي قصاص ۾ تڪليف پهچرائي هجي.
    4- معرفت موجب تڪليف ڏيندڙ جي دلجوئي ڪجي ڇو ته ان ڪننهن مجبوري ۽ اڻ ڄاڻائي سبب تڪليف ڏني هجي، ان جي تڪليف ڏنڊي کان به وڌيڪ سخت هجي يا ڏنڊي هڻڻ سببب ڪو جاني نقصان ٿيو هجي. تڪليف ڏيندڙ جي دل جوئي ۽ تاليف قلوب لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجي.
    1. شريعت: القصاص بالقصاص
    2. طريقت: تقدير تي راضي
    3. حقيقت: تجزيه خود ۽ گناهه خود تي نگاهه
    4. معرفت: مڪلف جي دل جوئي ۽ تاليف قلوب


    مڪالمه نمبر : 6

    هي مڪالمه ڪوئيٽا جي سفر دوران، سائين چيزل شاهه جي شيرين دهني کان صادر ٿيو.

    مرشد جي در تي حاضري ۽ مرشد جي ياد

    سائين چيزل شاه: هڪ طالب کي ! اڄ دير سان آيو آهين خير ته هيو؟
    طالب: قبلا! نفس جي غلامي ۾ هيس جڏهن واندڪائي ملي ته حاضر ٿيس.
    سائين چيزل شاه: ادا! ڪجهه وقت اسان کي پاڻ وٽ رکو. تجربي سان اوهان کي لطف ايندو ناسوت ۾ رهي مرشد سان گڏ هجڻ طالب جو فرض آهي. ٻنهي مڪانن جي پروڙ رکڻ گهرجي، ناسوت جي زندگي ۾ سجاڳ رهڻ گهرجي. شريعت ناسوت نه آهي، ڪثرت ڪا شريعت ناهي اگر طالب اهڙي نگاه کان ڪثرت وارو ناسوت ڏسي ته ان مان عبرت حاصل ڪري، پنهنجي پير مغان سان هجي پوءِ اهڙي ڪثرت به وحدت آهي. پير مغان سان گڏ هجڻ سبب ناسوت ۾ ڪا به تڪليف ٿيندي ڪثرت جي ڏکيائي ختم ٿي ويندي عالم ناسوت کي نفس کي چئن پهلوئن سان ختم ڪري. 1. ٿورو کائي، 2. ٿورو ڳالهائي، 3. ٿوري ننڊ ڪري، 4. ذڪر مولا جي ڪري انهن دوران تصور هميشه مرشد جو هجي، مرشد جي بارگاه ۾ رهڻ سان ناسوت، نفس 7 ڪثرت فنا ٿي ويندا.


    علم

    سائين چيزل شاهه: هڪ طالب کي ڪهڙن ڪهڙن علمن کان واقف آهين؟
    طالب: قبلا! تنهنجي ڏسڻ سان سڀ علم وسري ويا اٿم، هاڻ اڳئين زندگي مطابق ڪجهه به ياد نه اٿم.
    مرشد: برحق: علم جا هيٺيان خاص قسم آهين.
    1. علم لدني، 2. علم وحدانيت، 3. علم ڪشف القبور، 4. علم ڪشف القلوب، 5. علم ظاهريات. 6. علم نفسيات، 7. علم ادارڪ.
    علم لدني ۽ علم وحدانيت باقي ۽ لازوال آهن. باقي ٻيا علم فاني ۽ بي بقا آهن. علم لدني ۽ علم وحدانيت روحانيت کي فروغ ڏين ٿا انهن جو ذڪر ذاتي سان تعلق آهي.
    طالب فدا حسن شاهه: قبلا! طالب لاءِ ڇا ظاهري علم پرائڻ ضروري آهي؟
    مرشد: برحق: علم ظاهري ذريعي به علم باطن حاصل ٿئي ٿو.
    طالب: قبلا! ڪي اولياءَ ۽ عارف علم ظاهري کان وقتي طور واقف نه هئا، انهن کي شروع کان ئي علم لدني ۽ وحدانيت عطا ٿيل هو.
    مرشد ڪامل: ادا اهي ڄمندي ئي ڄام هئا، مگر عام طالبن کي ظاهري علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته اهو ئي علم حقيقي جي ڏاڪڻ ثابت ٿئي ٿو.
    طالب: قبلاٰ اهڙو ڄمندي ڄام هجڻ جو رتبو ڪيئن مليو؟
    مرشد برحق: اهو رتبو مولا جي خاص عنايت سان حاصل ٿئي ٿو.
    مثلا: حضرت ابراهيم عليه السلام کي حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق جي بشارت ملي، اها عنايت اهڙين هستين تي ٿئي ٿي. جيڪي مولا کان دم به غافل نٿا رهن.
    ”جو دم غافل، اهو دم ڪافر“


    نبي الله ۽ ولي الله جي رتبن ۾ فرق

    طالب قبلا! نبي ۽ ولي الله جي رتبن ۾ تفاوت؟
    مرشد برحق: اهي رتبا مالڪ طرفان آهن. ٻئي ڪڏهن هڪ رتبي وارا آهن. پر ڪنهن حد ولي الله کي نبي الله کان ڪجهه قدر وڌيڪ علم تفويض ٿئي ٿو. مثلا حضرت خضر عليه السلام غيبت ۾ آهي. ولي الله آهي، حضرت موسيٰ نبي الله آهي. پندرهين سورهين پاره جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو حضرت خضر حضرت موسيٰ عليه السلام کان وڌيڪ آهي، جنهن جي تصديد ”لن تستطيع معي صبرا“ ملي ٿي. حضرت خضر عليه السلام کان عملي استفاده حاصل ڪيو. ٻنهي جو ڪم راهه، هدايت ڏيکارڻ آهي.
    نبي الله کي تبليغ هدايت لاءِ موڪليو وڃي ٿو. پر ولي الله پنهنجي عشق سبب خدا کان راغب ٿي فاذڪروني اذڪر ڪم جي رسم تي ڪار بند رهي ٿو ۽ عشق نبوت ۾ به آهي. مگر ولايت وارو عشق جلڻ ۽ پڄرڻ آهي. جنهن ڪري حڪم الاهي آهي. ”ان اوليا الله لاخوف عليهم والهم يحزنون“ عشق سان پاڻ کي پچائڻو آهي. جيڪو منهن سان ڪرڻو پوي ٿو مگر نبوت ۾ خدا جو امر شامل آهي. نبي الله پاڻ کي نه جلائي ٿو ۽ نه وري پهچڻ لاءِ وليءَ جيتري ڪوشش ڪري ٿو. الله تعالي راضي ٿي ولي الله کي اهڙو علم عطا ڪري ٿو جيڪو نبوت کان مختلف ٿئي ٿو.


    طالب جون منزلون

    طالب: قبلا طالب جون منزلون ڪهڙيون آهن؟
    هادي برحق: طالب لاءِ هيٺيون منزلون آهن:
    1. فنا في الشيخ، 2. فنا في الرسول 3. فنا في الله، 4. بقا با الله.

    رزق حلال:
    طالب: قبلا طالب لاءِ رزق حلال ڪيتري لاءِ صحيح ۽ ڪيتري قدر نقصانڪار آهي؟
    مرشد ڪامل: مرڪندي فرمايو ته رزق ٻن قسمن جو ٿئي ٿو.
    1- روحاني غذا واسطي، 2- جسماني غذا واسطي.
    روحاني غذا جيڪا مرشد کان طالب کي ملي هر هڪ دم ذڪر مولا سان شاغل رهي ان مان کيس روحاني سڪون ۽ طمانيت قلب حاصل ٿئي ٿو. روحاني غذا لاءِ رزق حلال هي آهن.
    1- مرشد جو ڪلام، 2- درويش جو ڪلام، 3- درويشن جي صحبت.
    اهي فاذڪروني اذڪرڪم مان ملن ٿيون.
    جسماني غذا واسطي رزق حلال اهو آهي ته جيڪو محنت مزدوري ڪري محنت سچائي ۽ نيڪ نيتي سان ڪجي. ان جي ابتڙ بي ايماني، کوٽ ڪري حاصل ڪيل رزق، رزق حرام آهي. رزق جي متعلق روز حشر تي پڇا ٿيندي، رزق حلال راهموار ڪندو مگر رزق حرام عذاب جو سبب بڻجندو.
    هڪ دفعي سائين جن ڪچهريءَ ۾ هڪ درويش جو واقعو ٻڌايو ته هڪ درويش اڏامندو ڪنهن ٻئي درويش وٽ آيو گفتگو ڪرڻ کانپوءِ هليو ويو. ويٺل درويش کان پڇا ڪئي وئي.
    طالب: هي اڏامڻ وارو وڏي ولايت وارو هوندو؟
    مرشد برحق: انهيءَ ولايت وڃائي آهي.
    طالب: اها حقيقت معلوم ڪرڻ جي اجازت ملي.
    مرشد برحق: فقير کي منهنجا سلام ڏئي حقيقت پڇي آءُ.
    طالب چيو ان حقيقت کي معلوم ڪرڻ لاءِ فقير وٽ پهتس.
    طالب: فقير صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان اسان جي مرشد وٽ آيا هئا. سائين جن چيو ته اڏامڻ جي باوجود توهان کان ولايت کسجي چڪي آهي” ائين ڇو؟
    فقير صاحب: هڪ ڏينهن ڪنهن رڻ پٽ ۾ وڃڻ ٿيو اتي مولا کان دعا گهريم ته مولا هن علائقي ۾ برسات وسائي ميدان کي گل و گلزار ڪر. الله برسات ته وسائي مگر منهنجي ولايت کسي ورتائين. ڇو ته رضا الاهي جي بر خلاف رضا انسان هئي. فقير جو ڪم رضا الاهي تي راضي رهڻ آهي.


    واقعات

    1. صحبت جو اثر:
    سائين چيزل شاه بادشاه هڪ تمثيل ڏيئي صحبت جي اثر متعلق فرمايو:
    هڪ ننڍڙو شينهن ٻڪرين سان گڏجي جهنگ ۾ گهمندو ڦرندو هو، ڇو ته ننڍي هوندي کان ئي ٻڪرين جي کير تي پلي جوان ٿيو هو. هڪڙو پالتو شير بنجي ٻڪريءَ وانگر بزدل ٿي ويو هو. هڪڙي ڏينهن اوچتو انهن ٻڪرين ۾ هڪ جهنگلي شير جي آمد سبب ڀاڄ پئجي وئي، پالتو شينهن به ٻڪرين سان گڏ ڀڄڻ لڳ.
    جهنگلي شير تکو ڊوڙي پالتو شير کي پڪڙيو، کانئس پڇيو ته ٻڪريون ته ڀڄي ويون تون شينهن ڇو ڀڳين؟ پالتو شير جواب ڏنو ته مان ٻڪري آهيان، جهنگلي شير کيس هڪ پاڻي جي چشمي تي وٺي ويو ان ۾ پنهنجو پاڇو ۽ پالتو شير جو پاڇو ڏيکاريائين ۽ هڪ ٻئي جي بيهڪ ۽ هڪجهڙائي محسوس ڪرايائين ۽ کيس پڇ جي ذريعي ٺڪاءَ ڪڍريائينس پالتو شينهن پاڻ کي شينهن سمجهي حقيقت کان واقف ٿيو.
    هن تمثيل مان معلوم ٿيو ته جاهل ۽ نا معقول جي صحبت ۾ انسان نامعقول بنجي وڃي ٿو. پر ولين ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهي پنهنجي اصليت کي پرکي حقيقت ڏانهن راغب ٿئي ٿو.

    2. جهڙي صحبت تهڙو اثر:
    هڪڙي لوهار جي تمثيل ڏيندي پاڻ فرمايائون ته جڏهن لوهه جي ٽڪر کي باهه جي مچ ۾ وجهي تپائي ڳاڙهو ڪجي ته ان لوهه ۾ باهه جو پورو تاثير ۽ صلاحيت باهه واري پيدا ٿي وڃي ٿي. ان ريت جيڪي انسان اسم ذات جي تهليل ڪن ٿا ان ۾ ذاتي اسم سبب ذاتيات جون ڪل خصوصيتون سمائجي وڃن ٿيون. اگرچه لوهه وانگر لوهه جي ذات الڳ ۽ باهه جي ذات الڳ آهي ته انسان جي ذات خدا جي ذات کان ائين الڳ آهي، مگر خصوصيت ساڳ رهي ٿي. هن تمثيل مان ٻيو مقصد به نڪري ٿو ته ”وکان عرشه علي الماءَ الله تبارڪ و تعالي“ انسان کي پنهنجي صفت مان پيدا ڪيو اسم ذات جي ڪري خود ذاتيات بنجي ويو. مثلا:
    سمجهي پاڻ کي ڏس تون ڇاهين
    ڪونهي ڪو تنهنجي ثاني الا
    چيزل تون به اهو ئي آهين
    آدم اعليٰ ثاني الا

    3. مولا جي رهائش گاهه
    دوران گفتگو هڪ طالب مالڪن کان پڇيو: قبلا! الله تبارڪ و تعالي جي رهڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
    مرشد ڪامل: دل ۾ ٻه خانا ٿين ٿا جن جي وچ ۾ هڪ پردو ٿئي ٿو. کاٻي پاسي ۾ گرمائش نفساني خواهشات جو باعث شيطاني مرڪز بنجي ٿو مگر ساڄي تي الا الله جو مرڪز آهي. جنهن ۾ خدا جي ذات رهي ٿي. خدا جي ذات کي دل ۾ اجاگر ڪرڻ ڏکيو به آهي ته سولو به آهي فرمان آهي ته:
    ”الانسان سري وانا سره“




    1. آسمان جي تعداد متعلق وضاحت
    طالب: سائين آسمانن جي متعلق ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ست آهن. ان باري ۾ وضاحت فرمايو.
    مرشد ڪامل: آسمان ست آهن پر اٺون عرشي اعليٰ ۽ نائون ڪرسي آهي. آسمانن جي بناوت سون، چاندي، زمرد، ياقوت ۽ زبرجد جا ٺهيل آهن.
    طالب: آسمان جا دروازه ڪڏهن کلندا آهن؟
    مرشد ڪامل: سڀنن آسمانن جو دروازو هڪ وقت اسر وقت کلندو آهي. جيڪي انسان ذڪر مولا جو ڪندا آهن انهن تي نور تجليات جي بارش ٿيندي آهي.
    فقير سرائي رسول بخش: اها تجليات جي بارش هر وقت يا ڪڏهن ڏسڻ ۾ ايندي آهي؟
    مرشد ڪامل جڏهن دل مٿان 360 ظلمات جا پڙدا هٽي وڃن ٿا ۽ ذڪر الاهي سان جلي وڃن ٿا ته تجليات جو مظاهرو ٿئي ٿو.
    سرائي رسول بخش: قبلا انهن دروازن کان سواءِ ڪي ٻيا به آهن؟
    مرشد ڪامل: ٻه خاص دروازا ٻيا به آهن هڪڙو دروازو جتان ذاڪر جي عروج ۽ نزول جي رسد جاري رهندي آهي. ٻيو دروازو جتان درويش جي ضمير خيرات جي رسد جاري رهندي آهي. درويش جي برقعي مٽائڻ کانپوءِ اهي ٻئي دروازا روئيندا آهن.


    ڪلام شريف

    ڪلام شريف

    ڪلام شريف لاءِ پي ڊي ايف ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1366009
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 404790
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ