ڪتاب جو نالو: محبت به قيامت به
مصنف: ڪرشن چندر / بيدل مسرور بدوي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ،
پڙهيو ويو: 599 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 650 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “محبت به قيامت به” نامياري ليکڪ ڪرشن چندر جو ناول آهي جنهن جو سنڌي ترجمو محترم بيدل مسرور بدوي صاحب ڪيو آهي.
هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين بيدل مسرور جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • پنهنجي پاران:
  • محبت به قيامت به

  • انتساب

    ڪرشن چندر جي ناول محبت به قيامت به جو ترجمو ارپيان ٿو:

    سنڌي زبان جي سهڳڻي شخص:
    “امـر جـليل” کي،
    جنهن نه رڳو پنهنجي ڪهاڻين،
    ڊرامن،ناولن ۽ ڪالمن جي وسيلي،
    حياتيءَ جي حسين ۽ قبيح رخ کان
    واقف ڪيو آهي،
    پر ان جي لکڻين جي سحر
    اسان کي،
    اڙدوءَ جي فڪشن پڙهڻ کان
    سنڌيءَ جي طرف
    سئچ اوور ڪرايو (Switch over)


    بيدل مسرور بدوي


    پنهنجي پاران:

    شروع زماني ۾ ته گهڻو ڪري نسيم حجازي، ڪرشن چندر، دت ڀارتي يا ايم اسلم جا اڙدو ناول يا عصمت چغتائي، واجده تبسم، هاجره مسرور ۽ خديجه مستور جي افسانن جا مجموعا شايع ٿيندا هئا، ۽ تڏهن بنيادي جمهوريت کاتي وارين يونين ڪاميٽين جي لئبررين ۾ به رڳو اڙدو ڪتاب ڀريا پيا هوندا هئا، انڪري اسان جي پڙهڻ جي شروعات به اردو ڪتابن سان ٿي. اسان جو وچون مربي ڀاءُ لعل بخش مرحوم جيڪب آباد مان نوڪري ڪري، موڪل واري ڏينهن شڪارپور گهر ايندو هو ته شاهين بوڪ اسٽور جيڪب آباد تان ناول به خريد ڪري آڻيندو هو. پڙهڻ ان شوق ۾ جمعا خان جي مڏيءَ واري يونين ڪاميٽيءَ جي لئبرريءَ مان به فڪشن جا ڪتاب وٺي پڙهندا هئاسين.
    سنڌي ڪتاب به پڙهندا هئاسين، جن ۾ ناول تمام گهٽ شايع ٿيندا هئا، ڪجهه ته ورهاڱي کان اڳ جا شايع ٿيل هوندا هئا، ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ شايع پئي ڪيا، ته ڪجهه مختلف ادارن طرفان پئي شايع ٿيا. جن ۾ به گهڻو ڪري ترجما وڌيڪ هوندا هئا. ۽ جيڪي طبعزاد ناول مون پڙهيا، انهن جي موضوعن جو ڪئنواس ايترو وسيع ڪونه هو، جيترو اڙدوءَ جي ناولن جو هو، سنڌي ناول ۾ ڪردارن جي سماجي طور مايوسي ۽ رومانوي طور دل شڪستيءَ جو گهڻو اظهار هو، ان جي ڀيٽ ۾ اڙدو ناول ۾ طرح طرح جا موضوع پئي آيا:
    نسيم حجازيءَ جا تاريخي ناول: محمد بن قاسم، اور تلوار ٽوٽ گئي، شاهين، داستانِ مجاهد، يا ڪرشن چندر جا ناول ايڪ وائلن سمندر ڪناري، غدار، ان داتا، الٽا درخت، شڪست، تين غنڊي، ڇڙي اور گڌا، دل ڪي واديان سوگئين، جب کيت جاگي، طوفان ڪي گليان، آسمان روشن هئي، ڪاغذ ڪي ناوءُ، زندگي ڪي موڙ پر،طلسم خيال، چڙيون ڪي الف ليلا، هم وحشي هين، گرجن ڪي ايڪ شام، ايڪ عورت هزار ديواني، ٽوٽي هوئي تاري، انسان اور گدها. اي حميد: جهان برف گرتي هئي، بادبان کول دو، سمندر جاگتا هئي، بارش ۾ جدائي، جنگل روتي هين، جنگل ڪي آگ، صحرا ڪا بادل، جهيل اور ڪنول، ناريل ڪا درخت، خوشبو ڪا خواب.
    ان کان علاوه، پريم چند، سعادت حسن منٽو، اي حميد، ايم اسلم، دت ڀارتي به معاشري جي رڳن کي جهليو ويٺا هوندا هئا، جن ۾ مون کي ڪرشن چندر وڌيڪ معياري لڳندو هو، نصابي ڪتابن ۾ ته ڊپٽي نذير جو به وڏو ذڪر ٿيل هو پر اهو مون کي ڪڏهن نه وڻيو. بس انهن سڀني ۾ منهنجو فيوريٽ ڪرشن چندر ئي رهيو. سندس افسانن جي مجموعي “نيلام گهر” جي حوالي سان کيس اردو جو ٽالسٽاءِ به چوندا آهن، ۽ مان به هن جي لکڻين ۾ سماج جي ذري پرذي تي نگاهه رکڻ واري تخليقي ڏانءَ سبب “اردوءَ جو ٽالسٽاءِ” ئي چوندس.
    ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته عصمت چغتائي، واجده تبسم يا هاجره مسرور به انساني رهڻي ڪهڻيءَ جي انهن پهلوئن تي لکيو آهي، جن تي شايد ڪو مرد ليکڪ نه لکي سگهي، انهن جي بيباڪ لکڻين سان سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين کي به ڳڻائي سگهجي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته انهن سڀني کان مختلف ليکڪ ڪرشن چندر آهي، جنهن زندگيءَ جي تمام گهڻن پهلوئن تي قلم کنيو آهي.
    ڪرشن چندر جي تحريرن ۾ رومانيت ۽ حقيقت پسنديءَ جو نهايت عمدو رنگ موجود آهي، هن جي لکڻ جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو مختلف موضوعن تي لکڻ کان اڳ ۾ ان جي ڪردارن جي چونڊ ٿو ڪري، پوءِ انهن لاءِ اهڙي صورتحال جو بندوبست ٿو ڪري، جنهن ۾ خود ڪرشن چندر جو مشاهدو ۽ تخليقي عمل گڏجي حقيقت نگاريءَ جو ڪئنواس جوڙي ٿو وٺي. سماجي ساڃاه سبب هن کي موضوعن، ڪردارن ۽ واقعن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪابه دقت ڪانه ٿي ٿئي. وڏو ڪمال هن جو اهو آهي جو هو پنهنجي پڙهندڙن جي حلقي کان به پوريءَ طرح واقف آهي، ۽ انهن جي ذهني تروات سان گڏوگڏ انهن ۾ سماجي شعور کي اڀارڻ جو ڏانءُ به هو ڄاڻي ٿو، جنهن جو مثال هن ناول ۾ به جاءِ جاءِ تي ملي ٿو، پر خاص طورآخر ۾ ريل جي سفر دوران ٻن هپي مردن جي “لوطي ذوق” جي حقيقت متعلق لاجواب گفتگو آندي آهي:
    هن منهنجي ڳالهه وچ ۾ ڪاٽيندي چيو: “عورت ۽ مرد جي شاديءَ جي رسم هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي، هاڻي ان ۾ ڪو به مزو نه رهيو آهي، پر ٻن مردن جي شاديءَ جو خيال دل ۾ ڪتڪائي پيدا ڪندڙ آهي، ان جومزو ئي پنهنجو آهي، لڳي ٿو ڄڻ اسان زندگيءَ جي نت نون تجربن جي وادين ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، اصل ۾ اسان جو نسل نت نوان تجربا ڪرڻ ٿو چاهي.”
    “پر اخلاق؟”
    “اسان جي اخلاق جا ماڻا ۽ ماپا ٻيا آهن. اسان پراڻي يورپ جي سماج جا سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا آهن.”
    مون چيو: “اسان جي سماج جا ماڻا ۽ ماپا اوهان ٽوڙي سگهو ٿا، پر فطرت جي قانون کي ٽوڙڻ ناممڪن آهي. ان شاديءَ مان ٻار پيدا نه ٿا ٿي سگهن، گهر نه ٿو ٺهي سگهي، خاندان جو بنياد ن ٿو پئجي سگهي!”
    “گهر ڪير ٿو ٺاهڻ چاهي!” اهو نازڪ بدن هپي چوڻ لڳو،”ٻار ڪنهن کي گهرجن؟ هن جهان ۾اڳ ئي انساني آبادي وڌي وئي آهي. دوزخ ۾ پوي خاندان، اسان کي اسان جي جنسي آزادي گهرجي.”
    هڪ ٻي ڳالهه جا ڪرشن چندر جي ناولن جي سٺائيءَ جو سبب آهي، اها آهي هن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي دسترس:

     مون اسٽيشن جي ڀت تي لکيل هيڊي رنگ جي حرفن کي ڏسندي چيو! “هيءَ ڀنسارا جنڪشن آهي”!
     اسٽيشن جو نالو منگل کٽا هو. سنگ مرمر جون وڏيون وڏيون سرون ۽ تختا، ڪاٺيءَ جي شهتيرن جيان هڪ ٻئي مٿان اوساريل هئا.
     دور هماچل جي ڪنهن واهڻ ۾ يا ڪنهن جهنگل جي ڪناري، مان زمين خريد ڪري فارم ٺاهيندس.
     ڀوپال کان ويهن ميلن تي بابا گوري سهاڻي جي سماڌي آهي.
     مان نيپال جي جهنگلن ۾ ڏاڍو رليو آهيان.
     شپرا (شهپارا) جنڪشن، تمام پري کان شهپارا جو قلعو هو، مون شهپارا کان جيرآباد تائين واري بيابان کي اٺن تي پار ڪرڻ کان ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ بهتر سمجهيو.
     پار پيا ڳوٺ جو رهندڙ آهيان، اتان کان توکي ڪواڙيءَ جي قلعي جو رستو ٻڌائي ڇڏيندس.” سرڀنيءَ جي پهاڙن طرف اسٽيشن کان، ڌوليا کان ۽ اهو ننڍو ۽ سڌو رستو آهي.”
     ڌوليا نديءَ جو تيزيءَ سان وهندڙ پاڻي نظر اچي رهيو هو، ٻئي ڪناري تي ڌوليا بستي هئي.
    هن جي لکڻين تي بين الاقوامي سياست جو به وڏو اثر هو، ۽ ان ڪري هو انهن ماڳن، ڪردارن ۽ واقعن کي اهڙي انداز سان پيش ڪري ٿو، جو اهي هلندڙ زماني جي مسئلي جو حقيقي حل تلاش ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا:

    آڀا ٿورو اڳڀرو ٿيندي پنهنجي هٿ سان منهنجي هٿ کي پڪڙيندي چيو:”اسان هتي ڇو نه ٿا رهي سگهون؟ ستن سالن تائين، تون “ڪلڪته سن” جو ايڊيٽر رهيو آهين، پنجن سالن تائين مان ان جي ايڊيٽر رهي آهيان، ڇو نه اسان ٻئي گڏجي هڪڙو رسالو ڪڍون، گڏ رهون، گڏجي ڪم ڪريون!”
    “۽ گڏجي تباهه ٿيون!” مون هن کي چيو.
    “تون هر ڳالهه کي منفي رنگ ۾ ڇو وٺندو آهين؟” آڀا شڪايت واري لهجي ۾ مون کي چيو.
    “اڄڪلهه ڪلڪتي تي منفي رنگ ڇانيل آهي، ان ڪري مان به ان رنگ ۾ ڳالهايان ٿو، شخصي ڀڃ ڊاهه، بندوق جون ناليون، ٽئگور کان انڪار، انقلاب ته عوام جي مُنڊيءَ ۾ هيري جي ٻُڙي وانگر جڙيل هوندو آهي، اهو عوام کان ڏهه ميل پري ڀڄڻ سان ته حاصل نه ٿيندو آهي آڀا ڊارلنگ.”
    ڪرشن چندر پنهنجي ناولن ۾ پڙهندڙن لاءِ جستجو جو عنصر تمام گهڻو پيدا ڪندو آهي. خود هن ناول ۾ هن جي ڪهاڻي گهڙڻ، ان ۾ مختلف موڙ پيدا ڪرڻ، منظر نگاري، تشبيهون، واقعن جو سلسلو، ڪردار ۽ انهن جي گفتگو، پنهنجو هڪ نرالو رنگ رکن ٿا:
    ڪرشن چندر وٽ منظر نگاريءَ کي ڀرپور نموني پيش ڪرڻ جو سبب خاص اهو ئي آهي بقول شخصي: “هن جو ننڍپڻ ڪشمير ۾ گهڻو فطرت سان گذريو هو ۽ هو فطرت کي ئي پنهنجو دوست سمجهندو هو.

    منظر نگاري :

    ٻن پهرن تائين اسان ٻارنهن ڪوهه سفر طئي ڪيوسين، ٿورو آرام ڪرڻ لاءِ رستي ۾ هڪڙي ڳوٺ جي ڀرسان کوهه وٽ ٺهيل بانس جي لڪڙن واري جهوپڙي ۾ ليٽي پياسين. هتي انبن جا ڪجهه وڻ هئا، ڪي ڄمونءَ جا، ڪجهه وڻن مان املتاس جون ڦريون پئي لڙڪيون، انهن جي ڀرسان ئي نانگ جي ڦڻ جهڙا ٿوهر بيٺا هئا. بانس جي جهنڊ جي ويجهو نار جي ڪنجڙاٺ ۾ جوٽيل وهٽ ڦري رهيو هو جنهن کي هڪڙو هاري ڇوڪرو بانس جي ڇڙيءَ سان هڪلي رهيو هو. ۽ ٻنيءَ کي پاڻي ڏئي رهيو هو. صديون پراڻو منظر، نار جي رون رون جي باوجود گهري سانت…..سمهي پئهُ….ڪجهه به ناهي بدليو….سمهي پئهُ ڪجهه به ناهي بدليو…..ٿورو پريان وڻن جي جهڳٽن ۾ گهيريل هڪڙي ڳوٺ جون ڇتيون، ڪجهه ڪچا گهر، ڪي پڪا گهر، ڪٿي ڇٻر ته ڪٿي کِپريل…!
    ڪرشن جو چوڻ آهي ته:” فطرت ۾ تخليق به آهي ته تخريب به، وحشت آهي ته سڪون به، اندگيءَ جي اها مفاهمت جڳن کان هلندي ٿي اچي، ان حوالي سان سندس ڪردار نگاريءَ ۾ ان جي جهلڪ نمايان آهي:
    “ڪيڏي مرد مار عورت آهي. مگر اڳي ائين نه هئي، “رونق سنگهه مون کي ڌيمي انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو.” جيستائين ڀوڳلو حلوائي زندهه هيو، هوءَ ان جي وفادار زال ئي هئي، ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌيسون، پر حلوائيءَ جي مرڻ کانپوءِ جڏهن هن کي پنهنجي ننڍڙي پٽ کي پالڻو پيو ته هن هيءَ دڪان سنڀالي ورتو، تڏهن کان کيس ٻاهرين دنيا سان به واسطو پيو ته هوءَ به هن شڪاري دنيا سان گڏ شڪارڻ ٿي وئي. اسٽيشن تي سڀئي هن کان واقف آهن، سڀئي هن کان ڊڄندا آهن، پوليس وارن کي ته هن مٺ ۾ بند ڪري رکيو آهي، ۽ ڪيترن ڌاڙيلن سا به هن جو تعلق آهي، وڏي جهٽڪي واري عورت آهي.”
    ڪرشن چندر واقعي مان واقعو ٺاهڻ، هلندڙ صورتحال کي موڙ ڏيڻ جو به ماهر ڪاريگر آهي، ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ وٽس هر لمحي پڙهندڙ جي تصور ۽ نفسيات جي حوالي سان موڙ ڏيڻ جو فن آهي، ان ڪري پڙهندڙن ۾ به اهڙين تبديلن سبب جستجو وڌڻ لڳي ٿي:
    “مون کي شڪ ٿي پيو هو ته منهنجي ڏير منهنجي محبت ۾ جذباتي ٿي منهنجي مڙس کي قتل ڪيو آهي، پر مون ان ڳالهه جو به رڳو شڪ هو پر اهو پوءِ يقين ۾ بدلجي ويو، جڏهن…جڏهن…!”
    چوندي هوءَ هڪدم چپ ٿي وئي.
    “تڏهن ڇا ٿيو هو؟”
    “جڏهن منهنجي ڏير، منهنجي مڙس جي مرڻ کان اٽڪل ڇهن ستن مهينن کانپوءِ مون تي هٿ کنيو هو!”
    “هٿ کنيو هو يعني ماريو هو؟”
    “نه مون کي بي آبرو ڪيو هو، هڪ رات هڪ طوفاني رات جو هو منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيو ۽ هن انتها درجي جي بي حيائي ڪري منهنجا گل ڦل لاهي ورتا، ڀاڄائيءَ جي رشتي جي نافرماني ڪري هن منهنجي عزت ….”
    ڪرشن چندر وٽ سٺن ڪردارن جي سٺائي ۽ سونهن سان گڏ بد ڪردارن جي خباثت ۽ بڇڙائيءَ کي پيش ڪرڻ جو انداز به ايتري قدر نرالو آهي، جو هڪدم ان جو تصور اکين آڏو تري اچي ٿو:

     اها سهڻي عورت، اسان جي سامهون ويٺل سيٺ جي قدمن وٽ بيٺي هئي. بندرو قد، نراڙ تي جهومر، مٿي تي رئي جو پلوُ، شرم حياءَ جي تصوير، پر ڪيتري نه سهڻي، جنهن جي سونهن ڏسڻ سان، ڏسڻ جي بک اڃان به وڌندي محسوس پئي ٿي.
     هن جي سخت ۽ نفرت ڏياريندڙ چهري تي گهاٽيون ڀرون هيون، جن جي هيٺان ڳاڙهين ڏونرن واريون اکيون. سوڙهي پيشاني، ٿلها چپ ۽ مضبوط ۽ ويڪرو سينو. ڪنن جي هيٺان ڳلن تائين پکڙيل نوڙيءَ وانگر وٽيل گهاٽيون مڇون. هو پيرن کان نهن جي چوٽيءَ تائين پڪو پڪو ڌاڙيل نظر اچي رهيو هو.

    تشبيهون:

     هر شيءِ ۾ وات وجهڻ ۽ کائڻ جو شوق به مينهن وارو هوس،
     چمبيليءَ جهڙي، اڇي رنگ واري نازڪ مکڙيءَ جهڙي.
     سوسوڙيءَ جيان، سِي سِي جهڙي آواز جهڙا سندس ٽهڪ.
     سج ٻڏي ويو، ۽ نيري آسمان جو شيشو صاف ٿيندو ويو.
     مٽيءَ ۽ ڇيڻي جي بوءِ ۾ گل جيان مهڪندڙ ڪنهن جا ٽهڪ.
     هن جي نرم نازڪ هٿ جون ميڻ جهڙيون آڱريون، منهنجي من ۾ شمعن جيان ٻري رهيون هيون.
     هن جي بدن مان ڀنگ جي بوءِ اچي رهي هئي، شايد اها ڀنگ جي نه پر سندس بدن جي خاص بوءِ هئي.
    ڪرشن چندر جي هن ناول ۾ منظر نگاريءَ جو هڪ عجب طلسم اهو آهي، جو ان کي پڙهندي ان جا ڪيترا ئي منظر ڄڻ ڏٺل ڏٺل ٿا ٿي پون، پڙهندي پڙهندي اصل، سنڌ جي وسين واهڻن، ڍورن، نارن، واريءَ جي دڙن ۽ پهاڙي سلسلن جو تصور ۾ کوئجي ٿو وڃجي، خاص ڪري ڀنسارا جنڪشن پڙهندي منهنجي اکين اڳيان “حبيب ڪوٽ” واري جنڪشن اسٽيشن اچي وئي، ساڳيءَ ريت ٻين اسٽيشن متعلق تصور گوسڙجي اسٽيشن کان لهي واه جي ڪَڙَ سان باگڙجي ٿو وٺي هلي.

     “هماچل” جا واهڻ، ڄڻ سيوهڻ ۽ ڪاڇي جا واهڻ هجن، ۽ “واهڻ” ڄڻ “خانواهڻ” هجي، بخشاپور هجي، ۽ ڪنهن “جهنگل” جو تصور ۾ مان ته مرڻاس مرحوم سان ڄڻ گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلي جي پاسي پيو هلندو وڃان.
     ڀوپال کان ويهن ميلن تي بابا گوري سهاڻي جي سماڌي جو خيال انهيءَ ئي پل مون کي ادل سومري، اياز عالم سان گڏ اروڙ واري ڪالڪا جي مندر ڏانهن وٺي ويو.
     شهپارا کان جيرآباد تائين واري بيابان وري، ننڍپڻ ۾ ڪيل ڊيرا جمالي کان ڳڙهي خيري وارو بيابان ياد ڏياري ڇڏيو.
     “پار پيا” ڄڻ “پريالو” هجي، ۽ ڪواڙيءَ جي قلعي جو تصور ته سڌو سنئون”ڪوٽ ڏيجي” گهمائڻ ٿو لڳي، ۽ “سرڀنيءَ جي پهاڙن” ۽ ڌوليا وارو اهو رستو، ڄڻ آڱر جهلي سيوهڻ کان لاهوت وٺي ٿو هلي.

    انهن ۽ اهڙين ڪيترين ئي ٻين خوبين جي ڪري ڪرشن چندر اردوءَ ۾ منفرد مقام ته رکي ئي ٿو، پر هو پنهنجي منظرنگاري، معاشرتي عڪاسي، ڪردارن کي پيش ڪرڻ جي طريقي، وقت ۽ جاين جي مٽا سٽا، ڊرامائي انداز جي مڪالمن، ڪهاڻيءَ جي فني سٽاءُ جي ڪري سنڌي پڙهندڙن ۾ به اوترو ئي مقبول آهي، اهو سبب آهي جو هن جا ڪيترا ناول سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪيا ويا آهن.
    مون به شروع زماني ۾ ترجما ته اردوءَ تان ئي ڪيا، ۽ منهنجي انهن ترجمن کي ساراهيندي مرحوم شفيع محمد “اوج” علوي (شڪارپوري) چوندو هو ته ترجما ڪرڻ، طبعزاد لکڻ جي مشق سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت به آهي.”
    انهيءَ خدمت جي جذبي تحت مون اردوءَ ۽ انگريزيءَ تان ڪافي ترجما ڪيا آهن:

     هيري جي چوري (جاسوسي ڪهاڻي، اردو تان ترجمو) روزاني خادم وطن حيدرآباد 07. مارچ 1967ع.
     ٻار ۽ ڪوڙ (نفسياتي مضمون، اردو تان ترجمو) ماهنامه اديون ڪراچي سيپٽمبر 1970ع.
     سپنن جو سنسار (خوابن جي نفسيات: انگريزيءَ تان ترجمو) ٻه قسطون، ماهوار پروڙ ڪراچي نومبر، ڊسمبر 1989ع ۽ اپريل 1990ع.
     حقيقت ۽ آزادي، (فلسفو، اردو تان ترجمو) يارهن قسطون روزانو جاڳو ڪراچي، 23 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر 1995ع.
     عربي شاعري نئين دور ۾، (اردو تان ترجمو) ماهوار مومل ڪراچي، جولاءِ 1997ع.
     محبت به قيامت به، (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو قسطوار) ماهوار پرک ڪراچي، آڪٽوبر، نومبر 2004ع ۽ جنوري، فيبروري 2005ع،
     ڪرسمس جو بهشتي وڻ (دوستو وسڪي جي ڪهاڻي، انگريزيءَ تان ترجمو) ماهوار ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، جون، جولاءِ 2005ع.
     نجوميءَ جو ڏينهن (آر ڪي نارائڻ جي ڪهاڻي، انگريزيءَ تان ترجمو) ماهوار ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، آڪٽوبر 2005ع.
     محبت به قيامت به، (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو) ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، جون، جولاءِ 2005ع.
     قلوپطره (ناول، اردو تان ترجمو) ڪرزما ڊائجيسٽ ڪراچي، آگسٽ 2005ع.
     “سپنن جو سنسار (ايمل اِي گوٿائيل جي Hand Book of Dream Analysis جو ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ 2007ع.
     هن زماني جو هڪ ڏينهن، (گارشيا مارڪئيز جي ڪهاڻي، انگريزيءَ تان ترجمو) ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جولاءِ، ڊسمبر 2007ع.
     مون ته لڳائي سپني ول: نجيب محفوظ جا خواب، (اردو تان ترجمو؛ ٻه قسطون) ماهوار پرک ڪراچي، اپريل، مئي 2010ع.
     پبلو نرودا جي آتم ڪهاڻي (اردو تان ترجمو) ماهوار پرک ڪراچي، مئي2010ع.

    انگريزيءَ تان سڌو سنئون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ مون کي سائين امداد حسينيءَ سمجهائيندي چيو هو ته: “ انگريزيءَ تان اردو الٿو ٿيل کي وري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته ان ۾ ڪافي ڪميون رهجي وينديون، بهتر آهي ته ماڻهو انگريزيءَ تان ترجمو ڪري.”
    ان ڪري هاڻي مون ڪجهه انگريزي ڪتابن تان ئي ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي ڪجهه اڻ پورا ۽ اڻڇپيل به آهن، جن تي ڪم ڪري رهيو آهيان:

     سٺو دوست (ليو شائوچي جي ڪتاب How to be a Good Communist جو ترجمو، انگريزيءَ تان).
     پيهي جان پاڻ ۾ (پائلو ڪوهلو جي ناول الڪيمسٽ جو ترجمو، انگريزيءَ تان).
     تزڪ تيموري (زبيده ڊوسل جي انگريزي ڪتاب جو ترجمو).
     شخصيت جو انتظام (فرائيڊ جي ليڪچر جو ترجمو، انگريزيءَ تان).
     منهنجو داغستان (رسول همزاتوف جي ڪتاب جو ترجمو، انگريزيءَ تان)
     خوابن جي تشريح: سگمنڊ فرائيڊ جي ڪتابThe Interpretation of Dreams جو ترجمو(جيمس اسٽرئچي جي انگريزي ترجمي تان).

    ڪرشن چندر جي هن ناول جي ترجمي ڪرڻ ۾ مون سنڌي زبان جي تقدس کي قائم رکڻ جي ڪوشش ته وڏي ڪئي آهي، پر ان هوندي به ڪٿي ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي وئي هجي ته معذرت خواه آهيان. مان پنهنجي هن نوجوان دوست انعام عباسيءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ناول کي شايع ڪري، منهنجي همت افزائي ڪئي آهي.

    04. 11. 2012ع
    بيدل مسرور بدوي
    ڪراچي. سنڌ


    محبت به قيامت به

    گاڏي جڏهن ڀنسارا جنڪشن تي بيٺي ته، منهنجي سامهون واري برٿ تي اڌ ليٽيل شخص، مون کان پڇيو: “بابو هيءَ ڪهڙي اسٽيشن آهي؟”
    حالانڪ ٿورو اٿي، دريءَ واري طرف جهڪي، ٻاهر پليٽفارم جي هڪ ٿنڀي تي لڳل جنڪشن جو بورڊ هو پاڻ به پڙهي ٿي سگهيو ته ڪهڙي اسٽيشن آهي، پر هو شخص ايترو ته ٿلهو هو، ايترو ته ڦهليل، بڇڙو ۽ ڦيڦو هو جو کيس ٿورو به اٿڻ ۽ گردن ڦيرائي دريءَ طرف جهڪڻ ۾ ايتري ئي تڪليف ٿئي ها، جيتري ڪنهن تازي تواني ماڻهوءَ کي ٻن مڻن جو وزن کڻڻ ۾!
    انڪري هن مون کان پڇيو!
    سڄي سفر ۾ هو مون کان خدمت ڪرائيندو پئي آيو ۽ مان هن جي ڊيوٽي ڏيندو پئي آيس. حالانڪه نه مان کيس سڃاڻيندو هوس، نه ئي سندس نالي کان واقف هوس. مان ته هن جو ڪو مائٽ به ڪونه هوس.
    تڏهن به کيس آرام پهچائڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو هو، ڇاڪاڻ ته هو ايترو ته ٿلهو هو جو ڀانيم پئي ته هو ريل تائين به پاڻ هلي ڪونه آيو هوندو!
    هن جو رنگ مينهن جهڙو ڪارو هو ۽ ان جهڙو ئي بڇڙو به هو، آواز به اهڙو ئي هوس ته هر شيءِ ۾ وات وجهڻ ۽ کائڻ جو شوق به مينهن وارو هوس، ته اوڳر ڪڍي چٻاڙڻ جي به عادت به مينهن واري ئي هئس. کيس ڏسندي مون کي سخت ڪراهت به محسوس ٿيندي هئي، پر انهن ڳالهين جي باوجود مان رڳو هن جي مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ کي ڏسي، سندس خدمت ڪرڻ تي آماده ٿيو هوس. ٿورڙي چرپر تي، بلڪ هٿ وڌائي رڳو ٿرماس کڻي سگهڻ جيتري معمولي چرپر تي به هن کي اڀساهي وٺيو ٿي وئي، جنهن تي تڪليف وري مون کي پئي ٿي، ان ڪري مان سندس خدمت ائين پئي ڪئي، جيئن جانورن جو ڊاڪٽر ڪنهن زخمي جانور جي خدمت ڪندو آهي.
    مون اسٽيشن جي ڀت تي لکيل هيڊي رنگ جي حرفن کي ڏسندي چيو!
    “هيءَ ڀنسارا جنڪشن آهي”!
    اهو نالو ٻڌي ئي هن جي اکين ۾ روشني اچي وئي. سندس ڪُوئي جهڙيون ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون بجليءَ جي بلبن جيان چمڪڻ لڳيون!
    چوڻ لڳو: “هتان جا ڏهي ڀلا بيحد مزيدار هوندا آهن، بابو مهرباني ڪري مون لاءِ هڪ رپئي جا ڏهي ڀلا ته وٺجانءِ!”
    هن وڏي مشڪل سان کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ رپئي جو نوٽ ڪڍيو!
    مون چيو: “ٻن رپين جا ڇو نه وٺان، جو ٿوري دير ۾ وري گهرندين!”
    کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ هيلتائين مون کي هن جي هٻڇي ۽ پيٽوڙي هجڻ جو اندازو ٿي چڪو هو.
    مان هن جي شڪل جي ڪشمڪش پڙهڻ لڳس. منهنجي ڳالهه هن کي وڻي هئي پر کيسي مان ٻيو رپيو ڪڍڻ هن لاءِ ڏکيو هو ۽ انهيءَ ڏکيائيءَ کان بچڻ پئي چاهيو. ٻن رپين جي ڏهي ڀلن جي شوق ۽ کيسي مان ٻئي رپئي ڪڍڻ جي پريشانيءَ جا ٻئي احساس هن جي شڪل تي اُس ۽ ڇانوَ جيان نظر اچڻ لڳا.
    مون هن جي مشڪل آسان ڪندي چيو : “ٻيو رپيو پوءِ ڏجان، في الحال مان پنهنجي پئسن مان ٿو وٺي اچان.
    ٿلهي شخص جي شڪل تي اطمينان ۽ سڪون جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا، مگر منهنجي ڀرسان ويٺل فوجيءَ جي چهري تي ڪاوڙ جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳي. هن ٿلهي شخص کي چيو:
    “ٻين کان ڪم وٺندي توکي شرم نه ٿو اچي، جيڪڏهن پنهنجو ڪم پاڻ ڪرين ته ايترو ٿلهو به نه هجين.”
    “توکي ڇاهي؟” ٿلهو شخص ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو:”توکي ته ڪنهن ڪم لاءِ ڪونه ٿو چوان؟ جنهن کي چوان ٿو اهو جيڪڏهن خوشيءَ سان ڪري ٿو ته تنهنجو ڇا ٿو وڃي؟”
    “مون کي ڪو ڪم چئي ته ڏس!” فوجيءَ به پنهنجو غصو ڏيکاريندي چيو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي بندوق جي ڪنداخ تي هٿ ڦيريندي چيو:”تو جهڙن ڪم چورن ئي هن ديش جي حالتن کي بگاڙي ڇڏيو آهي، ڪم ڪندا ڪونه، بس ويهي کائيندا ۽ ٻين تي حڪم هلائيندا!”
    ٿلهي شخص پنهنجي منهن تي اخبار رکي ڇڏي.
    فوجي چوڻ لڳو:”اهڙي ئي خدمت ڪرائڻ جو شوق اٿئي ته ڪنهن نوڪر کي ساڻ کڻي نڪرين ها!”
    ٿلهي شخص اخبار منهن تان هٽائي چيو:”منهنجي زال ايندڙ اسٽيشن کان سوار ٿيندي!” ايترو چئي هن وري اخبار پنهنجي منهن تي رکي ڇڏي.
    مان ڪُوپي منجهان نڪري آيس، ڪاريڊار مان ٿيندي بوگيءَ مان ٻاهر اچي ڏهي ڀلي واري جي ريڙهي تائين وڏي مشڪل سان پهتس، ريڙهي تي تمام گهڻي رش لڳل هئي پر ٻن رپين جا ڏهي ڀلا ٻُڌي، ٻين سمورن گراهڪن کي ڇڏي ريڙهي واري مون کي هڪ دوني ۾ ڏهي ڀلا ڏئي ٻه رپيا وٺي ورتا. جڏهن ڏهي ڀلي واري وٽان هلڻ لڳس ته بيٺل ڪيترائي گراهڪ مون کي ڪاوڙيل نگاهن سان ڏسڻ لڳا، ايتري ۾ ريل جي سيٽي وڳي!
    گاڏي هلڻ لڳي ته ڊوڙندي، سهڪندي آخرڪار مان پنهنجي بوگيءَ ۾ سوار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، واپس ڪوپي ۾ پهتس ته فوجي جو نراڙ اڃا تائين چڙهيل هو، ڪاوڙ کان هن جي نراڙ جون لڪيرون به گهريون ٿي ويون هيون. مون دونو دريءَ جي هيٺان واري ٽيبل تي رکيو، ٿلهو شخص گهڻو زور ڏئي ۽ ڪنهن حد تائين منهنجي مدد سان اٿي سيٽ تي ٽيڪ لڳائي ويهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. چند منٽن تائين هو سهڪندو رهيو پر جيستائين سهڪندو رهيو، تيستائين سندس نظرون ڏهي ڀلن واري دوني ۾ کتل رهيون.
    جڏهن سندس سهڪو هلڪو ٿيو ته هن نگاهن جي اشاري سان مون کي ٻنهي برٿن جي وچ ۾ دريءَ هيٺان لڳل ميز تان دونو کڻي ڏيڻ لاءِ چيو.
    ڏهي ڀلن وارو دونو، ٿلهي شخص جي هٿ ۾ ڏئي مان فوجيءَ جي ڀرسان ويهي رهيس. اسان ٻئي ٿلهي شخص کي ڏهي ڀلا کائيندي ڏسڻ لڳاسين. هو وڏي شوق سان ڏهي ڀلا کائڻ ۾ مشغول هو، هاڻي نه هو منهنجي طرف ڏسي رهيو هيو نه ئي فوجيءَ جي طرف!
    فوجيءَ مون کان پڇيو:”هي تنهنجو ڪو مائٽ آهي؟”
    مون انڪار ۾ مٿو لوڏيو.
    “ڪو دوست؟”
    مون وري به انڪار ۾ مٿو لوڏيو.
    “ڄاڻ سڃاڻ وارو؟”
    مون مرڪندي فوجيءَ کي چيو:
    “هن ٽرين ۾ ئي هن سان ملاقات ٿي آهي.”
    “ته پوءِ ايڏي محبت سان هن جي خدمت ڇو ٿو ڪرين؟”
    “بس انسانيت جي ڪري.”
    فوجيءَ هڪدم ڀڙڪو کائيندي چيو:”ته انسانيت جي ڪري منهنجي بوٽن کي پالش به ڪري وٺ!”
    فوجيءَ پنهنجا پير منهنجي طرف ڪري ڇڏيا.
    مون هن جي پيرن کي زور سان ٿڏو ڏئي ڇڏيو.
    فوجيءَ جو هٿ هڪدم پنهنجي رائيفل تي پيو، ان کان اڳ ۾ جو هو اها رائيفل کڻي ها، ٿلهي شخص خالي دوني طرف ڏسندي وڏي حيرت مان چيو:
    “هي ته…..هي ته تمام گهٽ ٿي پيا.”
    مون کي بي اختيار کل اچي وئي، فوجي به بي اختيار کلي ويٺو، هن جو هٿ رائيفل تان هٽي، سمجهائڻ واري انداز ۾ ٿلهي شخص ڏانهن کڄي ويو:
    “ايترو نه کاءُ، نه کاءُ ايترو!”
    فوجيءَ جي آڱر ٿلهي شخص جي پيٽ طرف اشارو ڪرڻ لڳي،”پيٽ ڦاٽي پوندءِ … مري ويندين.”
    ٿلهو شخص چوڻ لڳو:”منهنجو جسم توهان ٻنهي کي ملائڻ کانپوءِ به توهان ٻنهي کان چئوڻون وڌيڪ ٿيندو، ان ڪري هن پيٽ کي ايتري ئي خوراڪ گهرجي.”
    “۽ ملڪ ۾ ڏڪر پيل آهي.” مون هن کي سمجهائيندي چيو.
    فوجي چوڻ لڳو:”۽ هن کي ڏسي، لڳي ٿوته اهو ڏڪر ڇو پيو آهي!”
    فوجيءَ مون کي چيو:”توهان جهڙن نيڪ ماڻهن ئي هنن سيٺين جون عادتون بگاڙي ڇڏيون آهن، هاڻي هن دنبي کي ئي ڏس، آڱرين ۾ قيمتي هيرن جون پوريون ٽي منڊيون پاتيون اٿائين، ڪا به منڊي چاليهن هزارن کان گهٽ نه هوندي، پر هڪڙو نوڪر ساڻ نه کنيو اٿائين!”
    سيٺ چوڻ لڳو:”ايندڙ اسٽيشن تي منهنجي زال ايندي.”
    فوجي چوڻ لڳو:”اها به تو کان گهٽ نه هوندي، ڏهن مڻن جو لاش هوندي!”
    غصي کان سيٺ جو چهرو تپڻ لڳو، ڪوئي جهڙيون چنجهيون چمڪندڙ اکيون، کنوڻ وانگر ٻرڻ لڳس ۽ چپ ڀيڪوڙجي ويس.
    فوجي کيس تنگ ڪرڻ جي ارادي سان چوڻ لڳو:”مون ڏٺو آهي ته ٿلهن ماڻهن جون زالون، پنهنجي مڙسن جيان گوبيءَ جو گل ٿي وينديون آهن.”
    سيٺ جا چپ ڏڪڻ لڳا، پر ڪجهه ڪڇي نه سگهيو جو فوجيءَ پنهنجو هٿ رائفل تي رکي ڇڏيو هو.
    مون فوجيءَ کي چيو:”ڪاوڙ ڇڏيو، ايندڙ اسٽيشن تي هن جي زال اچڻ واري آهي. اها هن کي سنڀالي وٺندي.”
    “پر تيستائين هي توکي ڪو به ڪم چوي، تون نه ڪر، هن کي پاڻ کي ڪرڻ ڏي.”
    “ٺيڪ آهي، هاڻي ايئن ئي ٿيندو.” مون فوجيءَ کي چيو ۽ پوءِ ٿوري دير بعد لهجو بدلائي، مون هن کان پڇيو:”ڪٿان پيا اچو؟”
    “ٻن مهينن جي موڪلن سبب گهر پيو وڃان.”
    “فوجيءَ جو چهرو، گهر جي خوشين جي خيال سبب چمڪڻ لڳو.
    پوءِ هن مون کان پڇيو:”تون ڪٿان پيو اچين؟”
    مون چيو:”مان ڪلڪتي کان پيو اچان هڪ اخبار ۾ ايڊيٽر هوس، پر اخبار بند ٿي وئي!”
    “ها اڄ ڪلهه ڪلڪتي ۾ وڏي گڙ ٻڙ آهي.” فوجي چوڻ لڳو.
    “ابا گڙٻڙ جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو،” ٿلهو شخص اسان جي گفتگو ۾ دلچسپي وٺندي چوڻ لڳو:”مان پاڻ ڪلڪتي مان ڀڄي نڪتو آهيان، نڪسلين نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو، مون خود ڪلڪتي وارو سارو ڪاوربار بند ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڀوپال ۾ نئين فيڪٽري هڻندس. ڪلڪتي ۾ ته جيئڻ جنجال آهي، اسان جا اٺ ڏهه ڀائيبند به ڪلڪتي مان اسان سان گڏ نڪتا، ڪو بمبئيءَ ويو ته ڪو مدراس، ڪو ٽرانڪور ته ڪو ڪانپور، مان ڀوپال پيو وڃان…..ٿورو ٿر ماس مان پاڻي ته ڏجانءِ.”
    ٿلهي شخص وڏي عاجزيءَ وچان مون ڏي نهاريندي چيو. مان اٿڻ وارو ئي هوس ته فوجيءَ هٿ جي اشاري سان مون کي روڪي ورتو. ٿلهي شخص، فوجيءَ جو اشارو سمجهندي مون کي ٻيهر ڪجهه به نه چيو. ٿوري دير هو خاموش ئي رهيو، پر پوءِ هن پنهنجي پوري طاقت گڏ ڪري ڀرسان واري ديوار تي لڙڪيل ٿرماس لاهي ورتو ۽ ان کي کولي ان مان پاڻي پيئڻ لڳو.
    ٿرماس اڌ خالي ڪري هن ان کي ٻيهر بند ڪيو ۽ ان خوف کان ته وري ٻيهر اڃ لڳي ان ڪري هن ٿرماس کي سيٽ تي پنهنجي ئي ڀرسان رکي ڇڏيو. ان سموري ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو جو هن جو ساهه ڀرجي آيو، سندس سينو ڌنوڻ جيان ڌنوڻ لڳو ۽ چهرو پگهر ۾ ٻڏي ويس. هن پنهنجي قميص جي ٻانهن سان منهن تي آيل پگهر اگهيو، پوءِ اخبار پڙهڻ ۾ لڳي ويو.
    ڪيتري دير تائين ڪوپي ۾ خاموشي ڇانيل هئي، گاڏي کٽاکٽ کٽاکٽ ڪندي هلي رهي هئي، ٿلهي شخص کي اخبار پڙهندي پڙهندي گهيرٽ اچڻ لڳا، فوجي کيس ڪاوڙ مان نهاريندو رهيو.
    ٿلهو شخص ننڊ سبب بيهوش ٿيندي چوڻ لڳو:”مون کي ننڊ پئي اچي. مونکي برٿ تي ليٽڻ ڏيو.”
    “ته ليٽي پؤ!” فوجيءَ چيو.
    “مان پاڻ نه ٿو ليٽي سگهان، هن بابوءَ کي چئه ته منهنجي مدد ڪري.”
    “نه هي تنهنجي ڪابه مدد نه ڪندو، تون ڪوشش ڪري پاڻ ئي پنهنجي برٿ تي ليٽي پئهُ.”
    ٿلهي شخص چو طرف پکڙيل پنهنجي جسم جي گوشت ڏانهن نهاريو، پوءِ ليٽڻ جي ڪوشش کي ناممڪن سمجهي هو ويٺي ويٺي ئي جهوٽا کائڻ لڳو.
    مون کي مٿس ترس پئي آيو پر فوجيءَ جو هٿ منهنجي ڪلهي تي مضبوطيءَ سان رکيل هو. مان ٿلهي شخص تان نگاهون هٽائي ڇڏيون ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳس.
    ڪا اسٽيشن ويجهي پئي آئي، آئوٽر سگنل به گذري ويو ته گاڏيءَ جي رفتار به گهٽجي وئي. گاڏي اسٽيشن جي وارڊ ۾ داخل ٿي رهي هئي، جنهن کانپوءِ اسٽيشن جو پهريون وارڊ نظرن مان گذري ويو.
    ان اسٽيشن جو نالو منگل کٽا هو. سنگ مرمر جون وڏيون وڏيون سرون ۽ تختا، ڪاٺيءَ جي شهتيرن جيان هڪ ٻئي مٿان اوساريل هئا.
    گاڏي بيهي رهي. شور، حرڪت، گهماگهمي ، هڪ ٻئي ۾ وچڙندڙ آواز، ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪڙو قولي سامان کنيو اسان جي ڪوپي جي سامهون بيهي رهيو، ان سان گڏ ڏهن ٻارهن سالن جو هڪڙو ٻار به هو.
    “اچو اچو، ڪمل،” اسان جي ڪوپي واري سيٺ کيس اشارو ڪندي چيو، “مان هتي آهيان هن ڪوپي ۾!”
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ هن ڪوپي ۾ افراتفري مچي وئي. ڪمل پنهنجي چاچي جا پير ڇهي رهيو هو ته قولي سامان رکي رهيو هو ۽ اسان حيرت وچان چمبيليءَ جهڙي، اڇي رنگ واري نازڪ مکڙيءَ جهڙي، وڏين وڏين اکين واري سائي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هڪ نوجوان عورت کي ڏسي رهيا هئاسين، جا سيٺ سان پيرين جي پاسي هٿ وڌائي ملي رهي هئي. هن جو نازڪ ڪلهو سيٺ جي ڳوري هٿ جي وزن سان لڏي لڏي ويو.
    “ٺيڪ ته آهين نه سڳنڌي؟” سيٺ خوشيءَ وچان ڀڻڪڻ لڳو.
    پتو ئي نه پيو ته قولي ڪهڙيءَ مهل ويا، ڪيڏيءَ مهل اهو ڏهن ٻارهن سالن وارو ڇوڪرو رخصت ٿيو، ڪهڙي وقت گاڏي هلي، بس ايترو محسوس ٿيو ته گاڏي گهڻي وقت کان اسٽيشن ڇڏي چڪي هئي، ۽ اها سهڻي عورت، اسان جي سامهون ويٺل سيٺ جي قدمن وٽ بيٺي هئي. بندرو قد، نراڙ تي جهومر، مٿي تي رئي جو پلوُ، شرم حياءَ جي تصوير، پر ڪيتري نه سهڻي، جنهن جي سونهن ڏسڻ سان، ڏسڻ جي بک اڃان به وڌندي محسوس پئي ٿي.
    مان ۽ اهو فوجي، ٻئي ان عورت کي مسلسل ڏسي رهيا هئاسين.
    ته اها هئي سيٺ جي زال!
    سيٺ پنهنجي پيرن ڏانهن اشارو ڪندي هن کي چيو:”ويهي رهه سڳنڌي!”
    سڳنڌيءَ سامان جو جائزو ورتو، ٿرماس کي سيلقي سان لڙڪائي ڇڏيو، مانيءَ وار ٽفن کي، ميز جي هيٺان هٿيي جي آسري لڙڪائي ڇڏيو. مٿين سيٽ ڏانهن مڙي مٿي رکيل سامان کي به سٺي طريقي سان ٺيڪ ڪرڻ لڳي ته نظر آيون، هن جي هٿن جون گلڙن جيان ٽڙندڙ آڱريون، هن جي چيلهه جو کٻ ۽ ڪلهن جي لچڪ، پوءِ هڪدم مُڙي، هن پنهنجي ساڙهي ٺيڪ ڪئي، ڄڻ هن کي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو هو ته ٻه ڌاريا مرد سندس حسن کان متاثر ٿيندي کيس مسلسل گهوري رهيا آهن.
    پوءِ هوءَ ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي مڙس جي پيرن ۾ ويهي رهي. سندور جو هڪ وڏو تلڪ هن جي نراڙ تي چمڪي رهيو هو.
    “سڳنڌي!” سيٺ ٿڪل لهجي ۾ پنهنجي زال کي سڏيو،”مون کي هن برٿ تي ليٽاءِ.”
    ان کان اڳ جو سڳنڌي پنهنجي جاءِ تان اٿي ها، منهنجا ۽ فوجيءَ جا هٿ سيٺ جي بغلن ۾ پئجي چڪا هئا ۽ اسان ڪوشش ڪندي سيٺ کي وڏي احتياط سان سندس برٿ تي سمهاري رهيا هئاسين.

    *



    “ڪنهن کي سُڌ هُئي ته هن بڇڙي سيٺ جي زال ايتري خوبصورت هوندي!”
    فوجيءَ چيو. هن جو سڌو سنئون اشارو اسان جي ڪوپي ۾ ليٽيل سيٺ ۽ ان جي نوجوان زال ڏانهن هو مان ۽ فوجي ٻئي، پنهنجي ڪوپي مان ٻاهر اچي ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ سگريٽ ڇڪي رهيا هئاسين ۽ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. اسان سيٺ کي سندس برٿ تي ليٽائي ڇڏيو هو، ۽ فوجيءَ پنهنجي هيٺين برٿ سيٺياڻيءَ لاءِ خالي ڪري ڇڏي هئي ته جيئن رات جو ان سهڻي عورت کي بار بار هيٺ مٿي لهڻو چڙهڻو نه پوي. پاڻيءَ جا ٻه ٿرماس ڀرائي سيٺ جي ڀرسان رکرايا ويا هئا ۽ ٻنهي زال مڙسن لاءِ ڪينٽين مان گرم گرم کير گهرايو ويو هو ۽ ايئر ڪنڊيشن جي ڪلاس اٽينڊنٽ جي خوشامد ڪري سيٺ ۽ سيٺياڻيءَ لاءِ ٻه وهاڻا به گهرايا ويا هئا!
    ٻاهر ڏاڍي وڻندڙ چانڊوڪي هئي، جنهن جي هلڪي روشنيءَ ۾ وڻ، ٻنيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گهر مان ڏيئي جي روشني، ڪنهن اڻلَکي اميدن جي ڪرڻي جيان دل ۾ روشني ڪندي گذري ٿي وئي.
    اسان ڪيتري دير تائين گفتگو ڪندا رهياسين، فوجيءَ پنهنجو نالو رونق سنگهه ٻڌايو هو. هو سڀاڻي نوي وڳي صبح جو شهپارا نالي اسٽيشن تي لهي ويندو. هو شادي ڪرڻ ٿي ويو. ٻه مهينا پنهنجي زال سان رهندو. هن ٻڌو آهي ته سندس ٿيڻ واري زال ساوتري، ڏاڍي سهڻي آهي، هن سيٺياڻيءَ جهڙي ته سهڻي شايد نه هجي، ڇو ته هن عورت کي ته ڀڳوان پنهنجي هٿن سان ويهي ٺاهيو هو.
    “پر ٺاهي! ڪهڙي ته ردي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي،” مون چيو “هنجي بدقسمتي ته ڏسو!”
    “پر هن کي پنهنجي بدقسمتيءَ جو ڪو به احساس ڪونهي!” فوجيءَ چيو “اسان جون هندستاني عورتون اهڙيون هونديون آهن، شرم حياءَ جو پتليون، اهي مڙسن جو جسم نه ڏسنديون آهن، پر انهن جي نانءَ سان جيئنديون آهن، تو ڏٺو ڪونه ته هوءَ ڪيئن نه پنهنجي سيٺ تي نڇاور ٿي رهي هئي، ڪيئن نه هن جي خدمت، سچائيءَ ۽ لڳاءَ سان ڪري رهي هئي، اهڙيون هونديون آهن اسان جي ديش جون عورتون.”
    مون چيو:”هن وقت اهي ٻئي ڪوپي ۾ ڇا ڪري رهيا هوندا؟”
    رونق سنگهه کلي چوڻ لڳو:”ها اها هڪ وڏي مشڪل ڳالهه آهي، منهنجو خيال آهي ته سيٺ سمهي پيو هوندو، هو ته اسان جي سامهون ئي کونگهرا هڻي رهيو هو!”
    “۽ هوءَ ڪامڻي عورت؟” مون پڇيو.
    رونق سنگهه کان بي اختيار هڪ آهه نڪري وئي، هڪ دٻيل دٻيل آهه آهستگيءَ سان چوڻ لڳو،
    “شايد هوءَ به سمهي پئي هوندي!”
    “ڇا تنهنجي دل ڪانه ٿي چوي ته ……ته…ته،” مون هن ڏانهن ڏسندي جملي کي اڻپورو ڇڏي ڏنو، منهنجي اکين ۾ شرارت هئي.
    هو مرڪيو ۽ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چوڻ لڳو:”جيڪڏهن ڪو ٻيو زمانو هجي ها … جيڪڏهن منهنجي شادي ٿيڻ واري نه هجي ها ته مان تنهنجي سيٺ جي روبرو ان جي سيٺياڻي کي اغوا ڪري وڃان ها، مگر هاڻي ته مان پاڻ شادي ڪرڻ پيو وڃان. ڪنهن جي گهر ۾ ڍولڪ وڄي رهي هوندي، ڪنهن، منهنجي نانءَ جي ميندي لڳائي هوندي، نه ڄاڻ هوءَ ڪيئن لڳندي هوندي؟”
    رونق سنگهه ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ هو ان وقت ريل ۾ موجود ڪونه هو پر گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي، چانڊوڪيءَ ۾ وهنجندڙ ٻنين ۽ دڙن تان ٽپندي شايد ڪنهن ٻئي هنڌ، پنهنجي ساوتريءَ جي ڳوٺ ڏانهن نڪري ويو هو، رڳو هن جو جسم منهنجي سامهون بيٺل هو، پر سندس بيقرار روح ڪٿي دور هليو ويو هو.
    ۽ مون کي ڪلڪتي جي ميفيئر جي ڪافي بار ۾، پنهنجي ڪتريل وارن کي باربار جهٽڪا ڏيڻ واري آڀا مُڪرجي ياد اچي وئي جا مون وانگر اخبار “ڪلڪته سن” ۾ ملازم هئي، فرق صرف ايترو هو جو مان ايڊيٽر هوس ۽ هوءَ منهنجي اسسٽنٽ ايڊيٽر هئي. اها اسان جي آخري ملاقات هئي، ڇاڪاڻ ته ڪلڪته سن اخبار بند ٿي وئي هئي ۽ مان ڪلڪتو ڇڏي وڃي رهيو هوس.
    ميفيئر بار جي هلڪي اونداهيءَ ۾، آڀا جو چهرو ڏسي رهيو هوس، سانوري رنگ کان ٿورو کليل رنگ، ٿورو سوڙهو منهن ۽ چپ ٿورا ٿورا کليل، ڄڻ ڪنهن چميءَ لاءِ بيقرار، اکين ۾ حيراني حيراني، پر اوچتو دارونءَ سان ڀريل سوسوڙيءَ جيان، سِي سِي جهڙي آواز جهڙا سندس ٽهڪ جيڪي آسپاس ويٺل ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيندا هئا، جنهن تي ٻين ميزن تي ويٺل جوڙا به اسان ڏانهن ڏسڻ لڳندا هئا. وري خاموشي … ۽ هڪ اڻڄاتل خاموشي … ۽ هڪ اڻڄاتل گهري اداسي …، ڄڻ آڀا جي سيني ۾ گهري غم جو دٻاءُ آهستي آهستي وڌندو هجي، ۽ ڪافيءَ جي هڪ ڍُڪ کانپوءِ ڪاجوءَ جو هڪ داڻو، ڄڻ گهري ڍنڍ ۾ ڪو پهڻ ڦٽو ڪري. آڀا به ڪيتري دير کان پهڻ اڇلائي رهي هئي، ۽ مان هن جي چپڙن جي ڪنارن تي بيٺل غم کان متاثر هوس.
    “تون ڇو پيو وڃين؟” آڀا پنجون ڀيرو پڇيو.
    مون پنجون ڀيرو چيو:”ڇاڪاڻ ته جنهن ٽاريءَ تي آکيرو هو اها ٽٽي پئي! ڪلڪته سن اخبار بند ٿي وئي ته مان ڪلڪتي ۾ رهي ڇا ڪندس.”
    “ته ڇا ڪلڪتي ۾ “سن” کانسواءِ تنهنجي لاءِ ٻي ڪا به دلچسپي ڪانه آهي؟” آڀا اٿندي پڇيو.
    آڀا جو آواز سنهو ۽ چڀندڙ نه پر گهرو ۽ گداز هو، لڳندو هو، هن جي آواز جون آڱريون منهنجي منهن کي ڇهندي، مون ۾ پَٽَ جي ڇهاءَ وارو احساس پيدا ڪري رهيون هجن. آهستي آهستي ڪنهن جهرڻي جيان رهندڙ آواز، آڀا جو آواز مون کي پسند آهي، لڳندو آهي سوز ۽ ساز جا گهرا پَرتَ هن جي آواز ۾ کلندا هجن.
    “نه ائين ته نه آهي.” مون هن کي چيو: “ڪلڪتي ۾ هڪ ڇوڪري رهندي آهي، مون کي ان ۾ دلچسپي آهي ۽ شايد هن کي به هجي!”
    “پوءِ؟” آڀا جا چپ ٿورا وڌيڪ کليا.
    “مشڪل اِها آهي ته اها ڇوڪري مون سان شادي نه ڪندي!”
    آڀا پنهنجي وارن کي جهٽڪو ڏئي چيو:”اها ڇوڪري شاديءَ کي هڪ ڍونگ سمجهندي آهي!”
    “۽ گڏ رهڻ ۾ اها برائي آهي ته هڪ ڏينهن اها ڇوڪري مون کان بيزار ٿي ڀڄي ويندي!”
    “اهو به ته ٿي سگهي ته” آڀا چوڻ لڳي،”ته اهو مرد ان ڇوڪريءَ کان بيزار ٿي ڀڄي وڃي!”
    مون چيو :”هن کي ڀڄڻو هوندو ته شاديءَ کان اڳ ۾ ئي ڀڄي ويندو!”
    اسان جي آس پاس ميزن تان ٻه جوڙا اٿي هليا ويا، ٻاهريون دروازو ٿورو کليو، ٻنپهرن جي جهرمر ڪندڙ اس، چند گهڙين لاءِ اسان تائين به آئي….پوءِ اسان وٽان ترندي، هلڪي انڌيري ۽ ان جي ٿڌڙي فضا ۾ وڃائجي وئي.
    آڀا ٿورو اڳڀرو ٿيندي پنهنجي هٿ سان منهنجي هٿ کي پڪڙيندي چيو:”اسان هتي ڇو نه ٿا رهي سگهون؟ ستن سالن تائين، تون ڪلڪته سن جو ايڊيٽر رهيو آهين، پنجن سالن تائين مان ان جي ايڊيٽر رهي آهيان، ڇو نه اسان ٻئي گڏجي هڪڙو رسالو ڪڍون، گڏ رهون، گڏجي ڪم ڪريون!”
    “۽ گڏجي تباهه ٿيون!” مون هن کي چيو.
    “تون هر ڳالهه کي منفي رنگ ۾ ڇو وٺندو آهين؟” آڀا شڪايت واري لهجي ۾ مون کي چيو.
    “اڄڪلهه ڪلڪتي تي منفي رنگ ڇانيل آهي، ان ڪري مان به ان رنگ ۾ ڳالهايان ٿو، شخصي ڀڃ ڊاهه، بندوق جون ناليون، ٽئگور کان انڪار، انقلاب ته عوام جي مُنڊيءَ ۾ هيري جي ٻُڙي وانگر جڙيل هوندو آهي، اهو عوام کان ڏهه ميل پري ڀڄڻ سان ته حاصل نه ٿيندو آهي آڀا ڊارلنگ.”
    “پر اهي نوجوان ڪيترا نه سچا ۽ بهادر آهن، اهو ته مڃيندين نه؟”
    “مڃان ٿو.”
    “هنن جي دلين ۾ تبديليءَ جي آڳ ٻري رهي آهي ته ڇا هو خاموش ٿي ويهي رهن، نا انصافيءَ جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏين، طاقتور ماڻهن جي ڦرمار کي ڪنهن آري جيان پنهنجي سيني تي هلڻ ڏين؟ ظلم جي تلوار کي مياڻ مان نڪرندي ئي ڪلڪتي مان ڀڄي وڃن!”
    “تون مونکي غلط سمجهيو آهي آڀا، ڏيئو ٻاري ان کي پنهنجي ڇت جي ويجهو رکڻ سان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي گهر کي باهه به لڳي ويندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪا غلط تدبير به سچ جي سيني ۾ تلوار جي ڌار وانگر کپي ويندي آهي. ماڻهن کي گڏ کڻڻ کانسواءِ اڄ تائين ڪا به انقلابي ڪوشش ڪامياب ڪانه ٿي آهي.”
    “اهو غلط آهي، اسان ڪوشش ڪندا رهندا آهيون، ڪامياب ٿيون يا نه، ان جو فيصلو پنهنجي هٿ ۾ نه آهي پر ڪوشش ڪرڻ فرض آهي، جيڪڏهن 1915 جو انقلاب نه هجي ها ته 1950جو انقلاب ڪيئن اچي ها؟”
    “پر اهو انقلاب به ته هجي!”
    “تون ڊڄڻو ۽ ڀاڄوڪڙ آهين!”
    مان خاموش رهيس.
    “پوءِ تون ڪيئن پنهنجي گهر ۾ انقلابين کي پناهه ڏني، مهينن جا مهينا تو نڪسلين کي پنهنجي گهر ۾ لڪائي ويهاريو ۽ پوليس توتي ڪڏهن شڪ به نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته تو سدائين سن اخبار ۾ نڪسلين جي ڪوششن جو مذاق اڏايو. مان سمجهندي هئس ته تون دلي طور اسان سان گڏ آهين.”
    “مان دلي طور ئي توسان گڏ آهيان.” مان هن جي ويجهو جهڪي هن جي وارن سان کيڏڻ لڳس.
    هن وقت ميفيئر ۾ ڪوئي به ڪونه هو، ميز ۽ ڪرسيون خالي پيون هيون، ٻه ويٽر هڪ ڪنڊ ۾ گهيرٽ کائي رهيا هئا. ڪائونٽر تي ڪلارڪ پينسل جو هڪڙو سَرو وات ۾ وجهي بلن ۽ رسيد بوڪن تي جهڪيل هو.
    “پوءِ تون ڇو پيو وڃين؟” آڀا پنهنجي ڀرجي آيل نڙيءَ سان پڇيو.
    “مون کي هي شهر پسند نه آهي، مون کي ڪو به شهر پسند نه آهي، مان هتان وڃان پيو، مان اخبارن کان پري ڀڄڻ ٿو چاهيان، ايندڙ ڏهن سالن تائين مان ڪا به اخبار نه پڙهندس، سڀئي لفظ بيڪار ۽ سموريون خبرون پراڻيون آهن، مان ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي رهندس ۽ ٻني ٻارو ڪندس يا ڪنهن بن مانس وانگر غار ۾ وڃي رهندس ۽ ڪنهن ماکيءَ جهڙي مٺڙي ڳوٺاڻيءَ کي اغوا ڪري وٺندس، مون کي ميفيئر سان، ان ٿڌي ڪافيءَ جي گلاس سان، ايئر ڪنڊيشن جي هٿراڌو ٿڌڪار سان نفرت ٿي چڪي آهي. مان کليل آسمان جي هيٺان گهاٽن وڻن واري زندگيءَ ۾ رهڻ ٿو چاهيان، جتي اک کلي ته اصلي هوا ملي، پکي جي هوا نه هجي، زمين تي هلان ته ٻنين جي ڀُريل مٽي منهنجي پيرن جي ترين کي لڳي، غاليچن جو بخملي ڇهاءُ نه، ۽ جڏهن رات ٿئي ته اڱڻ واري چلهه ۾ ٻرندڙ ٽانڊن جي روشنيءَ ۾، ڪنهن جي جهڪيل چهري تي اندر جي سانڍيل محبت جو پَرتوَ ڏسان، مصنوعي محبت واري فلمي شاعري نه!”
    اوچتو هڪ زوردار چماٽ منهنجي ڳٽي تي پئي.
    ديوار سان ٽيڪ ڏئي، بيٺي بيٺي گهيرٽ کائيندڙ ويٽر به اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي پيا ۽ ڪائونٽر تي بيٺل ڪلارڪ به ڇرڪي اسان ڏي ڏسڻ لڳو، پوءِ وري پينسل پنهنجي وات ۾ وجهي ان کي چٻاڙڻ لڳو.
    آڀا ميز تي مٿو رکي روئڻ لڳي.
    هوءَ دير تائين سڏڪا ڀريندي رهي ۽ مان سندس وارن ۾ آڱريون ڦيريندو رهيس، دير تائين سندس ڪافيءَ جو گلاس ٿڌو ٿيندو رهيو، دير دير تائين مان سوچيندو رهيس ته هي ڪهڙي قسم جي محبت آهي، جذبا نه ٿا ملن، جسم نه ٿا ملن، فڪر نه ٿو ملي پوءِ به ڪشش جي هڪ ڏور آهي، جا هڪڙي جي روح کان ٻئي جي روح تائين ٻڌل آهي.
    آڀا اوچتو ميز تان اٿي باٿ روم ۾ هلي وئي، جڏهن واپس آئي ته سندس اکيون خشڪ هيون ۽ چهرو نئين ميڪ اپ سان تازو توانو ٿيل هوس. مون سوچيو ته عورتون پنهنجي ڪيترين اڻپورين خواهشن کي نئين ميڪ اپ ۾ لڪائي وٺنديون آهن، پر مردن کي هزارين ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن.
    واپس اچي هوءَ ميز جي ڀرسان بيهي رهي، ۽ وڏي رُکي لهجي ۾ مون کان پچيو:”ته تون مون سان نه رهندين؟”
    “جيڪڏهن شادي نه ڪندينءَ ته رهندس پر ڪلڪتي ۾ نه!”
    “شادي ممڪن ناهي، مون کي پنهنجي آزادي وڌيڪ پياري آهي ۽ ڪلڪتو به پسند آهي، توکي ڪلڪتي ۾ ئي رهڻو پوندو، توکي شهر ايتري قدر ناپسند ڇو آهن؟ انسان سڄي ترقي شهر وسائي ڪئي آهي، سائنس، ڪلچر، ادب، معاشيات، تهذيب، سماجيات، سڀني جو دامن شهرن سان ٻڌل آهي. مان مڃان ٿي ته قدرت جي حسن ۾ تمام وڏي دلفريبي آهي پر انسان جو حسن، قدرت جي حسن ۾ اضافو آهي، قدرت خوبصورت جهنگل بڻايو، ته انسان تاج محل تعمير ڪرايو، قدرت وهندڙ پاڻيءَ کي موسيقي ڏني، انسان تانسين جي راڳڻي، قدرت هوا ۾ ڇلانگ ڏيندڙ هرڻ، ته انسان جيٽ هوائي جهاز، قدرت ڀوڄ پتر ڏنو، انسان ان تي ڪاليڪداس ۽ شڪنتلا لکيو، شهر کان ڀڄي ڇا تون وري جهنگلي ٿيڻ ٿو چاهين؟”
    “ها!”
    “ڇو؟”
    “ان لاءِ ته مان شهرن جي ظلم ۽ ستم کان عاجز اچي چڪو آهيان، مون کي هاڻي ڪنوارن پهاڙن جي هوا گهرجي، ڪنهن جي نگاه جيان افق تي کلندڙ کنوڻ، تنهنجي وارن جيان گهنگهور گهٽائون، جڏهن دارجلنگ ۾ اسان ٻنهي جي سامهون بادل هٽي ويا هئا، آهستگيءَ سان اسٽيج جي پردن جيان سِرڪي ويا هئا ۽ انهن جي وچ مان سون جهڙو چهرو ائين اڀري آيو هو، ڄڻ ڪا نئين ڪنوار پنهنجي چهري تان گهونگهٽ سرڪائيندي هجي. اهو ته درست آهي ته شهرن، قدرت جي حسن ۾ اضافو ڪيو آهي، ليڪن حسين عور ت به ته پنهنجي ادائن جو هر انداز قدرت کان سکيو آهي!”
    “ته تون ڇا ٿو چاهين؟”
    مان پنهنجو چهرو هن جي وارن ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ نه رڳو هن جي وارن جي خوشبو پر هن جي جسم جي خوشبو به منهنجي اردگرد ڦهلجڻ لڳي. مگر مون پنهنجو هوش ۽ حواس گڏ ڪندي هن کي چيو:
    “مون کي وڃڻ ڏي، هن وقت وڃڻ ڏي، ممڪن آهي ته مان ڪڏهن موٽي اچان، پر هينئر مون کي وڃڻ ڏي.”
    هن جي اڌ کليل چپڙن ۾ سندس ڏند، جُوهيءَ جي غنچن جيان ٽڙي پيا ۽ انڌيري ۾ وهندڙ جهرڻي جيان هن جون پلڪون آليون ٿي ويون. هڪ دٻيل دٻيل آهه هن جي سيني مان نڪتي، اوچتو هن پنهنجو هٿ وڌائي بلائوز ۾ وڌو ۽ اتان هڪ ڪاغذ جو پرزو ڪڍيو ۽ منهنجي سامهون ميز تي اڇلائي هوءَ هلي وئي!
    مون ڪاغذ جو پرزو کوليو، اهو ڪو خط نه هو پر هن جو نئون انگريزي نظم هو.
    “جيڪو به قدم کڄي ٿو
    سمجهي ٿو ته هوا ۾ آهي
    وري ڌرتيءَ تي اچي ٿو
    اتي سڪون آهي
    مان ڌرتي آهيان
    ڪشش دامن
    مرڪز مدار.
    وري موٽي ايندين اڏرڻ وارا
    ڇاڪاڻ ته مان ڌرتي آهيان.”
    ميفيئر جو دروازو کليو ۽ بند ٿي ويو.
    مون ڇرڪ ڀري فوجيءَ ڏانهن ڏٺو، هو اڃا به ڪٿي ٻاهر هو، ڪنهن شهنائيءَ جي آواز تي ڊوڙندو ٿي ويو، ريل گاڏيءَ کان به تيز، پر مون پنهنجي سگريٽ ڏانهن نهاريو، هو منهنجي آشنائن جيان وسامي چڪو هو.
    مون سوچيو، فوجي شهنائيءَ جي آواز تي ڊوڙندو ٿو وڃي، ۽ مان ان آواز کان دور پيو وڃان، آباديءَ کان دور ڪنهن جهنگل جي ڳولها ۾، ماڻهو شهر کان ته بچي سگهي ٿو ليڪن ڇا عورت کان به بچي سگهي ٿو؟
    مان بيٺو سوچيندو ئي رهيس، ڪاريڊور جي شيشن تي آڀا جو چهرو اڀرندو رهيو ۽ گاڏيءَ جي رفتار تيز ٿيندي وئي.

    *



    اڌ رات جو وقت هوندو. سيٺ ڏاڍي گهري ننڊ ۾ ستل هو، مٿين سيٽ تي فوجيءَ جو ساهه آهستي آهستي ۽ آرام سان هلي رهيو هو لڳي پيو ته گهري ننڊ ۾ آهي، پر مون کي ننڊ ڪانه پئي آئي.
    مون ڏٺو ته اها سهڻي سيٺياڻي، آهستگيءَ سان پنهنجي سيٽ تان اٿي، دريءَ مان وسندڙ چانڊوڪيءَ ۾ سندس شفاف بدن، رات جي ڪپڙن مان ڇڻي رهيو هو.
    منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي.
    هوءَ هڪ لوٽو کڻي ٻاهر نڪري وئي.
    سڀئي ستا پيا هئا.
    من جاڳي رهيو هوس.
    ڏهه منٽ گذري ويا، پندرهن منٽ گذري ويا، اڌ ڪلاڪ گذري ويو، ايتري دير هوءَ ڪٿي رهجي وئي؟ ڇا ڪري رهي آهي؟
    جڏهن منو ڪلاڪ گذري ويو ته مان ساهه روڪيندي پنهنجي مٿين برٿ تان هيٺ لهي آيس ۽ پير ۾ پير پائي ٻاهر ڪاريڊار ۾ پهتس. ٻنهي طرفن نظر ڊوڙائي، ڪٿي به ڪو به موجود ڪونه هو. ڪاريڊار جي آخر ۾ ٻنهي طرفن کان باٿ روم هئا. هڪدم مون کي باٿ روم مان زور زور سان دروازي کڙڪائڻ جو آواز آيو!
    مان تيزيءَ سان هلندي باٿ روم تائين پهتس ٽائليٽ مان هڪ گهٻرايل عورت جو آواز اچي رهيو هو: “مون کي ٻاهر ڪڍو، مونکي ٻاهر ڪڍو.”
    مون چيو :”اندران واري ڪنڍي کولي ٻاهر اچي.”
    “نه ٿي کلي، اڌ ڪلاڪ کان ڪوشش پئي ڪريان.”
    “مون آواز سڃاتو، هوءَ اها ئي اپسرا هئي.
    مون ٽائليٽ جي دروازي کي غور سان ڏٺو، بلڪل وچ ۾ اليومينم جو مُٺيو هو، جيڪو کاٻي ساڄي مڙندو هو، کاٻي طرف ڦيرائڻ سان دروازو کلندو هو، ساڄي پاسي ڦيرائڻ سان دروازو بند ٿي ويندو هو.
    مون غور سان ڏٺو، مُٺيو ساڄي پاسي ٿورو ڦري، سُڪ ٿي ويو هو، ۽ سندس چڪري زنگجي وئي هئي، ان ڪري چُري ئي ڪانه پئي.
    مون چيو:”در کي کڙڪائڻ ڇڏ، ٿوري دير ۾ مان توکي ٻاهر ڪڍان ٿو!”
    هن اندران در کڙڪائڻ بند ڪري ڇڏيو.
    مون کيسي مان چاقو ڪڍيو، انهيءَ چڪريءَ کي صاف ڪيو، ان کان پوءِ جو چڪريءَ کي گهمايم ته دروازو کلي پيو.
    سيٺياڻي ٻاهر نڪرندي ئي منهنجي ٻانهن تي ڪري پئي ۽ بيهوشي ٿي وئي.
    هن جو سارو بدن پگهر ۾ ڀنل هو ۽ سنهڙي ساڙهي سندس بدن جي ڪيترن حصن تي چنبڙي پئي هئي. مان هن کي ٻانهن تي کڻي ٻئي ٽائليٽ ۾ ويس. پهرين ٽائليٽ ۾ ان ڊپ کان نه ويس ته وري جي دروازو بند ٿي ويو ته اسان ٻنهي جو حشر ڇا ٿيندو؟
    ٻئي ٽائليٽ ۾ اچي هن جي چهري تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي مون هن کي هوش ۾ آندو.
    اوچتو هن جون وڏيون وڏيون اکيون ائين کليون، جيئن پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڪنول ٽڙي پون.
    هوءَ نٻل آواز ۾ چوڻ لڳي:”مون ته سمجهيو هو اڄ ساري رات مان ٽائليٽ ۾ ئي بند پئي هونديس”
    مون چيو:”مون توکي ٽائليٽ ڏانهن ويندي ڏٺو هو، جڏهن موٽڻ ۾ دير ڪيئه ته مان ٻاهر ڪاريڊار ۾ هليو آيس.”
    “مان ته رڙي رڙي مري وڃان ها، ڪيتري دير کان دروازو کڙڪائي رهي هيس.”
    اوچتو هوءَ خاموش ٿي وئي، هن وري به پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ منهنجي ٻانهن جي گهيري مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    مان هن جي چهري تي جهڪي ويس ۽ منهنجا ٻرندڙ چپ، خشڪ چپ، هن جي آلن چپن سان ملي ويا، اهي چپ بلڪل نرم ملائيءَ جهڙا هئا، لکنئو جي لڏن جهڙا.
    هو دير تائين منهنجي چميءَ ۾ جڪڙيل رهي، هن جو سارو بدن ڏڪندي ڏڪندي، زور سان منهنجي بدن سان چنبڙي پيو، ڄڻ هوءَ صدين جي بکايل هجي.
    هن جي وارن جي هڪ چڳ ڀنل ڳل سان اچي لڳي ته مان ان سان کيڏندي چيو.
    “ڇا توکي خبر نه هئي ته تون ڪهڙي جانور سان شادي ڪري رهي آهين!”
    “مون کي خبر هئي.”
    “ته پوءِ ڇو؟”
    هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو، پوءِ هن پنهنجو چهرو مٿي کڻي منهنجي کاڏيءَ کي چمي ورتو.
    چوڻ لڳي:”پڇ نه، بس مون کي پيار ڪر.”
    مون چيو:”مان ته پڇندس!”
    هوءَ چوڻ لڳي:”اسان ست ڀائر ڀينر آهيون، پيءُ نابين آهي، ماءُ پوڙهي آهي، سڀ کان وڏو ڀاءُ انجنيئرنگ ڪري رهيو آهي، ان کان ننڍو ڊاڪٽريءَ جو ڪورس ڪري رهيو آهي، ان کان ننڍو ٽيليويزن جو ڪورس ڪري رهيو آهي، مون کان ننڍي ڀيڻ جي شادي ٿي وئي، ٻن ننڍين ڀينرن جي شادي ٿيڻ واري آهي، سمورو خرچ سيٺ ڏيندو آهي، هڪ هڪ پائي….!”
    مون سوچيو، هن عورت جي وفا ڪيتري نه نازڪ آهي، پر مضبوط ڌاڳن سان سيٺ جي ٿلهي بدن سان چهٽيل آهي.
    “توکي ڪراهت نه ايندي آهي؟”
    “ايندي آهي، پر منهنجو خاندان ڪير سنڀاليندو؟”
    “ڪو ٻار به اٿي؟”
    “نه سيٺ نا مرد آهي.”
    “ته پوءِ ٻار نه ٿيندو؟”
    “نه ٻار ته ٿيندو!”
    “اهو وري ڪيئن؟”
    “اسان ڀوپال پيا وڃون، نئون ڌنڌو کولڻ، ڀوپال کان ويهن ميلن تي بابا گوري سهاڻي جي سماڌي آهي، ٻڌو آهي ته اتي جو بابا رنگي رامداس ڏاڍو پهتل شخص رهندو آهي، ان جي دعا سان ٻار ٿي ويندو!”
    مون چيو:”ها ڪيترائي ساڌو ٻار پيدا ڪرائڻ جا ماهر ٿيندا آهن!”
    “هاڻي جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو،” خوبصورت سيٺياڻي چوڻ لڳي، “هن کي ٻار گهرجي، بس هن کي ٻار ملي ويندو.”
    “پر اهو سيٺ جو ٻار نه هوندو!”
    “سڏائيندو ته ان جو ئي.” هن ڪوڙي لهجي ۾ چيو.
    مون چيو:”هي تنهنجي بدن مان ڪهڙي نه وڻندڙ خوشبو پئي اچي، ڄڻ جُوهيءَ جي…..”
    چوڻ لڳي:” ها ڄمڻ سان ئي منهنجي بدن مان اها خوشبو آئي هئي، ان ڪري منهنجي پيءُ مون تي سڳنڌي نالو رکيو هو، ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڪڙي منهنجي بدن کي سنگهندو به آهي ۽ سنگهندي سنگهندي صفا چريو ٿي پوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ڀتين سان به ٽڪر هڻندو آهي.”
    منهنجي دل ۾ سيٺ جي لاءِ ٿورڙي جاءِ پيدا ٿي پئي، پوءِ اوڪارو اچڻ لڳو،
    نه نه! هن خوبصورت عورت کي ڇهڻ جو ان ٿلهي کي ڪو به حق ناهي!
    “سڳنڌي، ڇا تنهنجون ٻيون ڀينر به تو وانگر سهڻيون آهن؟”
    “نه! اهي بس شڪل صورت ۾ چڱيون آهن، ڀڳوان هڪ مون کي ئي سهڻو سندر ٺاهي بدقسمت بڻائي ڇڏيو آهي!” هن جي ڳلي ۾ ڪو سڏڪو هو جيڪو سندس ڳلي ۾ ئي ڦاٿل رهيو.
    مان هن جي ميڻ جهڙي ڳچيءَ تي چميون ڏيندو رهيس، هن جا سڏڪا وڌندا ويا، هن پنهنجو چهرو منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو.
    “سڳنڌي، مون سان هلندينءَ؟”
    “ڪٿي؟”
    “دور هماچل جي ڪنهن واهڻ ۾ يا ڪنهن جهنگل جي ڪناري، مان زمين خريد ڪري فارم ٺاهيندس. ٻني ٻارو ڪندس، تون منهنجي زال هججان، پوءِ اسان جا ٻار ٿيندا ۽ اهي ڏاڍا پيارا ٻار هوندا.”
    ائين ڳالهائيندو ويس ۽ هوءَ کلندي رهي، سپني مان سپنو جڙندو ويو، اميد مان اميد ٺهندي وئي ۽ زندگيءَ جي شطرنج جڙندي وئي، جيئن صبح جي اس ۾ ماڪ سان ڀنل ڀتين جي هيٺان ساوڪ تي سونهري شطرنجيون وکريل نظر اينديون آهن، مان هن جي حيران اکين مان اهي ساريون تصويرون ڏسي رهيو هوس، جيڪي مون کي ڪلڪتي کان جهنگل جي طرف ڇڪي رهيون هيون. اهي سپنا، جن مون کي آڀا کان ڇڏايو هو!
    ڄڻ هوا جي هڪ جهلڪي سان انهن حيران اکين ۾ نظر ايندڙ سموريون تصويرون، اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويون.
    چوڻ لڳي:”پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مان ته پرڻيل آهيان!”
    “نامرد کان طلاق جلدي ملي ويندي آهي، ايترو قانون ته مان به ڄاڻان ٿو، در اصل اها شادي ئي قانون جي نظرن ۾ ناجائز آهي.”
    هن جي چهري تي محبت جي اجالن جا ڪيئي رنگ تري آيا، پر هن ڏکويل لهجي ۾ چيو: “نه…..نه ٿو ٿي سگهي.”
    “ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟”
    “اهي منهنجا ٻئي ڀائر ڇا چوندا. انهن جي تعليم اڌ ۾ رهجي ويندي، ننڍو ڀاءُ جيڪو اسڪول ۾ پڙهي ٿو، ان جو ته خير آهي، پر انهن ٻن ڀينرن جو ڇا ٿيندو، جن جي شاديءَ جو سارو ڏاج ڏانوڻ منهنجو مڙس ڏيندو آهي. پر وري منهنجو انڌو پيءُ ۽ پوڙهي ماءُ ۽ مان پاڻ؟”
    “ها تون پاڻ؟” مون پڇيو.
    سيٺ مون کي هر طرح جو سک ڏنو آهي، هيرن جواهرن سان ڀري ڇڏيو اٿس، مان چاهيان ته روزانو هڪڙو زيور خريد ڪري سگهان ٿي.”
    “يعني هڪ آرام واري زندگي!”
    “ها نوڪر چاڪر، گهر گاڏي، دولت…مون کي ڇا ڇا نه ميسر آهي!”
    “سواءِ هڪ جي..” مون کيس معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي چيو.
    “جيڪو قسمت ۾ نه آهي، ان جو ڪهڙو ليکو، صبر ڪرڻو پوندو.”
    “تون ڪو عاشق ڇو نه ٿي ڳولهي وٺين؟”
    “يعني توکي؟”
    “مون کي نه…تنهنجا منهنجا سپنا پاڻ ۾ ڪونه ٿا ملن، پر تون پنهنجي جسم جي ضرورت لاءِ ته ڪو عاشق ڳولهي ٿي سگهين.”
    هن جو منهن لهي ويو، ڏکويل لهجي ۾ چوڻ لڳي:”تون سچ ٿو چوين، پر ڇا ڪريان مون تي وڏيون پابنديون آهن.”
    “پيڪن ۾ به؟….عام طور تي تو جهڙيون عورتون پنهنجي پيڪن ۾ وينديون آهن ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهنديون آهن، شايد ان ڪري اهي بار بار پيڪي به وينديون آهن.”
    “اهو حربو به آزمائي چڪي آهيان، سيٺ وڏو شڪي ماڻهو آهي، هن هڪڙي نوڪرياڻي به منهنجي چوڪسيءَ لاءِ رکي آهي، جيڪا هر وقت مون سان گڏ رهندي آهي، جتي مان ويندي آهيان، حد اها آهي جو غسلخاني جي در تائين به مون سان گڏ هلندي آهي، ڀلي ساهرا هجن يا پيڪا، مون لاءِ سمورا رستا بند آهن.”
    هوءَ وري سڏڪڻ لڳي.
    مون چيو :”پر اڄ جي رات ته توسان گڏ نه آهي.”
    چوڻ لڳي:”ڇاڪاڻ ته مان سيٺ سان گڏ آهيان ۽ هوءَ ٿرڊ ڪلاس ۾ ويٺي آهي.”
    “هن وقت تون سيٺ وٽ نه مون وٽ آهين!”
    هوءَ خاموش هئي، پر منهنجي کليل ڪُڙتي جي اندران هٿ وجهي، منهنجي سيني جي وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيريندي رهي، آهستي آهستي منهنجي بدن مان چڻگون نڪرڻ لڳيون ۽ مان چرين وانگر، هن جي گهگهيءَ جهڙي گردن جي ڊگهي وڪڙ کي بار بار چمي رهيو هوس.
    پوءِ ريشم ئي ريشم، ملائيءَ تي ملائي، پرتن تي پرت،
    ۽ ساري فضا جُوهيءَ جي خوشبو سان واسجي وئي.

    *



    ٻئي ڏينهن صبح کان ئي مون سيٺ کي ڳالهين ۾ لڳائي ڇڏيو، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن بابا گوري سهاڻي جي سماڌيءَ تي وڃڻ جو ذڪر ڪيو، ته مون چيو:
    “عجيب ڳالهه آهي!”
    “ڪهڙي عجيب ڳالهه آهي؟” هو منهنجي ڳالهه ٻڌي پنهنجي ڀيانڪ آواز ۾ پڇڻ لڳو.
    “عجيب ڳالهه هيءَ آهي سيٺ جي! ته ان معاملي ۾ مان تنهنجي وڏي مدد ڪري سگهان ٿو.”
    “ڪيئن؟”
    “مون وٽ هڪ سُڌي ٻوٽي آهي.”
    “ڪهڙي سُڌي ٻوٽي؟”
    “هڪڙي ساڌوءَ مهاتما، مون کي ڏني هئي، ان جي هڪڙي چپٽي کارائڻ ۽ هڪڙو منتر پڙهڻ سان، ٺيڪ پورن نون مهينن کان پوءِ ٻار پيدا ٿيندو آهي.”
    “توکي اها سُڌي ڪٿان ملي؟”
    “مان نيپال جي جهنگلن ۾ ڏاڍو رليو آهيان، ٻُڌ ساڌوئن ۽ مهاتمائن جي هميشه خدمت ڪندو آيو آهيان، اتي مون کي هڪ سوامي گورکناٿ نَراَنڪاريءَ جي درشن ڪرڻ جو موقعو مليو. ٻن سالن جي خدمت کانپوءِ ان مون کي اها سُڌي ٻوٽي ڏني، جنهن سان جنهن عورت کي چاهيو ان سان ٻار پيدا ڪري ٿا سگهو.”
    “تون ان سُڌيءَ جو ڇا وٺندو آهين؟” سيٺ شڪي نگاهن سان ڏسندي پڇيو،
    “ان جي لاءِ ڪجهه وٺڻ پاپ آهي.”
    “پوءِ به ؟”
    چيم ته سهي سيٺ جي! مون کي منهنجي گروءَ ٻڌايو هو ته جيڪڏهن تو سُڌي لاءِ ڪٿي به ڪو اگهه پار ڪيو ته اها سُڌي تنهنجي هٿن مان هلي ويندي.”
    “ته اُن جو مطلب اهو ٿيو ته تون پئسا نه ٻڌائيندين؟ پر جيڪڏهن اسان پنهنجي خوشيءَ سان توکي ڏيون ته اهو ته وٺندين نه؟،
    “نه مان ڪجهه به نه ٿو وٺي سگهان سيٺ جي! هڪڙو پئسو به نه، هڪڙي پائي به نه بلڪل مفت ۾ ٻار پيدا ڪندس.”
    “ڪيئن؟”
    مان ان لاءِ صبح کان ئي تيار هوس، جنهن لاءِ تيل جي هڪ ننڍي شيشيءَ کي صاف ڪري ان ۾ سگريٽ جي رک ڀري ڇڏي هئي،
    “تو وٽ ڪا مٺي شيءِ هوندي؟”
    “ها مائو آهي؟”
    “مائو به ٺيڪ آهي.” مون چيو.
    “چپٽي مون کي کارائيندين؟
    مون چيو:”هي اها سُڌي آهي، جنهن کي جيڪو کائيندو، ٻار به ان کي پيدا ٿيندو.”
    فوجي کلڻ لڳو، ساڳئي وقت سڳنڌيءَ جا به مرڪندڙ چپ چمڪڻ لڳا.
    “تون مذاق ٿو ڪرين؟”
    “مذاق نه ٿو ڪريان سيٺ جي، مان بلڪل سنجيدگيءَ سان چوان ٿو.”
    ائين چئي مان سوٽ ڪيس کولڻ لڳس، ان مان سگريٽ جي رک واري شيشي ڪڍيم ۽ سيٺ کي ڏيکاريندي چيم:”هن مان هڪڙي چپڙي کڻي مائي سان ملائي. تنهنجي سامهون تنهنجي سيٺياڻيءَ کي کارائي ٿو ڇڏيان، ڀڳوان چاهيو ته پورن نَوَن مهينن بعد ٻار پيدا ٿيندو، ڪنهن به ساڌوءَ جي سماڌيءَ تي وڃڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، هڪڙي پائي به خرچ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اڄ تائين ٻارهن بي مراد عورتن جون مرادون پڄائي چڪو آهيان، گرو گورکناٿ شري شري سوامي، نرانڪاري جڳت اڌاري بال برهمچاريءَ جي ڪرپا سان، تنهنجي سيٺياڻيءَ جي جهولي سائي ٿي ويندي.”
    سيٺ جو چهرو اميد جي اولڙن سان ٻهڪي پيو، چوڻ لڳو:
    “ته اسان جي سيٺياڻيءَ کي چپٽي کاراءِ نه!”
    سيٺياڻيءَ اسٽين ليس اسٽيل جي دٻلي مان مائي جو ٽڪرو ڪڍي منهنجي هٿ تي رکيو، مون تيل جي شيشيءَ مان سگريٽ جي رک مان چپٽي ڀري مائي ۾ ملائي ورتي ۽ هن جي هٿ تي رکي، ائين چوڻ شروع ڪيم:
    “اوم شري شري هڪ سو اٺ سوامي گورکناٿ نرانڪاري جڳت اڌاري، برهمچاري، مها پَر اُپڪاريءَ جي دَيا درشٽيءَ سان هي رک کارايان ٿو، ردي تي ردو چاڙهيان ٿو، جيڪا ناري هيءَ چٽڪي کائي، سوامي ناٿ جي اپار درشٽيءَ سان گرڀ وتي ٿئي. ڪارو کيرو، ماتا چيرو، ڊبل ڊيرا اوم هڙبونگ گونگ وسل وسل جهونگ!”
    مون هڪڙي اک جو هلڪو اشارو ڪري، آهستي آهستي سڳنڌيءَ کي مائو کارائي ڇڏيو.
    فوجيءَ جو کل کي روڪڻ سبب ڏاڍو برو حال هو. مان، فوجي ۽ سڳنڌي ٽئي پنهنجي کل روڪي ويٺا هئاسين، پر سيٺ بيحد سنجيدگيءَ سان پوري عمل کي ڏسي رهيو هو.
    رک جي چپٽي کائي سيٺياڻي،، وڏو گهونگهٽ ڇڪي سيٺ جي پيرن ۾ ويهي رهي، شايد هن کلڻ شروع ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن جو سارو جسم لڏي رهيو هو.
    “ته ٻار سچ پچ پيدا ٿي پوندو؟”
    “ٺيڪ پورن نَوَن مهينن کانپوءِ.”
    مون سيٺ کي چيو،”آزمايل نسخو آهي، يقين نه اچئي ته پنجن هزارن جي شرط ٿا لڳايون.”
    لڳو ته سيٺ کي يقين اچي ويو، چوڻ لڳو: “نه بابا اسان شرط ٻرط نه ٿا رکون پر هاڻي مون کي پڪ ٿي وئي آهي.”
    مون کيسي مان هڪڙو ڪارڊ ڪڍي هن کي ڏنو، “هن تي منهنجو ڏس ڇپيل آهي، جيڪڏهن ٺيڪ نَوَن مهينن کان پوءِ ٻار پيدا نه ٿئي ته مون کي نَوَ هزار گاريون لکي موڪلجانءِ!”
    سيٺ ڪارڊ وٺي، رکڻ لاءِ پنهنجي سيٺياڻيءَ کي ڏنو. سڳنڌيءَ پڙهي احتياط سان رکي ڇڏيو.
    سيٺ چوڻ لڳو: تو منهنجو ڀلو ڪيو آهي، ته هڪڙو ڀلو مان به ڪرڻ ٿو چاهيان.”
    مان هن جي منهن ۾ ڏسڻ لڳس.
    “جي….!” سيٺ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو،”تو هاڻي هاڻي ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو هو ته تون هماچل پرديش ۾ زمين خريد ڪرڻ پيو وڃين، جتي فارم کولڻ جو ارادو ٿو رکين!”
    مون هاڪار ۾ مٿو لوڏايو.
    “پر هماچل پرديش ۾ ته زمين ڏاڍي مهانگي آهي، ٽن چئن هزارن کان گهٽ ته هڪڙو ايڪڙ به نه ملندءِ، پر مان توکي ٽي سو رپيا في ايڪڙ زمين ڏياري ٿو سگهان.”
    مون چيو:”ته اها پوءِ بنجر ئي هوندي!”
    چوڻ لڳو:”بنجر ناهي، زرخيز آهي!”
    “پوءِ ايتري سستي ڪيئن ٿي ملي؟”
    “اصل ۾ اها هڪ سڃي ويران هنڌ تي آهي، ٽن طرفن کان جهنگ اٿس ۽ ٽڪريون آهن، وچ ۾ ٽيهن ايڪڙن جو ٽڪرو آهي، برسات اتي تمام گهڻي پوندي آهي، هڪڙو کوهه به آهي، جيڪو ٻارهن ئي مهينا پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي، ۽ ها هڪ ندي به آهي.”
    “ته ان جو مالڪ اهڙي زمين مون کي سستي ڪيئن ڏيندو؟”
    “تون پوري ڳالهه ته ٻڌين ڪونه ٿو!” سيٺ ٿورو ڪاوڙجي چوڻ لڳو،”اها زمين اصل ۾ هڪ رن زال جي آهي، ويجهو ڪو ڳوٺ واهڻ ڪونه اٿس، ڪا آبادي ڪانه اٿس، ٽيهه ڪوهه پيادل هلڻ کانپوءِ هڪڙي ريلوي اسٽيشن ٿي اچي، بس! اها عورت اڪيلي سر ان زمين جي سار سنڀالي لهي ڪانه ٿي سگهي ۽ آبادي نه هجڻ جي ڪري، ڪو به ان زمين کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿو ٿئي. ڪير ان جهنگ ۾ وڃي رهڻ پسند ڪندو؟”
    “اها بيوهه عورت ان زمين کي وڪڻي ڇا ڪندي؟”
    “هوءَ پنهنجي ڌيءَ جي ساهرن ڏانهن هلي ويندي، ان جي هڪڙي ئي ڌيءَ آهي ۽ ڪنهن دوردراز علائقي ۾ پرڻيل آهي، اها ڏهاڳڻ، اها زمين وڪڻي پنهنجي ڌيءَ ڏي هلي ويندي.”
    “ان سڄي قصي جي توکي ڪيئن خبر پئي؟” مون چيو.
    “ان جي ڇوڪريءَ جا ساهرا اسان جي ڳوٺ جي ويجهو رهندا آهن، مان ان ڇوڪريءَ جي گهر وارن کي سڃاڻيندو آهيان، اهي ئي ان زمين جي سودي جي ڳالهه ڪرڻ آيا هئا، معاملو ٽن سوَن رپين ايڪڙ تي بيٺل آهي، مان وڃي اها زمين ڏسي به آيو آهيان، پر ڀرسان ڪا آبادي نه ڏسي مون خريد ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو!”
    “پر مون کي ته اهڙو ئي هنڌ پسند آهي.”
    “پوءِ ته ائين سمجهه ته ڀڳوان اها زمين تنهنجي لاءِ ئي رکي آهي.”
    “پر هاڻي ته اها زمين وڪامي به وئي هوندي؟،
    “ٽي مهينا اڳ تائين ته ڪانه وڪامي هئي، هاڻي وري ڪنهن ورتي هوندي؟ ڪو تو جهڙو چريو ئي ان جهنگ ۾ وڃي رهندو.”
    مان خوشي کان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس، مون چيو:”مون کي ان جو ڏس پتو ته ڏجانءِ!”
    سيٺ چيو :”ٻه اسٽيشنون ڇڏي شپرا جنڪشن اچڻ واري آهي، اوڏانهن ڇوٽي لائين واري گاڏي به ويندي آهي، تون اتي لهي وڃ ۽ ڪنهن کان به ڌوليا واهڻ جو رستو پڇي وٺ، جڏهن ڌوليا واهڻ پهچي وڃين ته اتان وري ڪواڙي قلعي جي پڇا ڪجانءِ، هاڻي ته اهو قلعو کنڊر ٿي ويو آهي، پراڻو آهي، جهنگل ۾ آهي، اتي ڪوئي ويندو به ناهي، اهو ڌوليا واهڻ کان ٽيهن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي، ان قلعي جي اتر ۾ اڌ ميل کن جي چاڙهيءَ تي ان رن زال جو گهر آهي، جنهن جي چوڌاري اها زمين آهي، اٽڪل ٽيهه ايڪڙ ٿيندي، کوهه به اٿس، آهي ته جهنگ جو ماحول پر توکي پسند ايندو”
    “مان ته هاڻي کان ئي خواب ڏسڻ لڳو آهيان.” مون کلندي چيو،”پر ان رن زال جو نالو ڇا هي؟”
    “سروجا، هن جو نالو سروجا آهي، ڏاڍي سونهن ڀري عورت آهي.”
    فوجيءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو:”رستو توکي مان ٻڌائيندس.”
    “تون وري ڪيئن ٻڌائيندين؟ تون ان پاسي ڪڏهن ويو آهين ڇا؟”
    “اون هون! ويو ته نه آهيان، نه ئي مون کي ان ڏهاڳڻ جي گهر جو علم آهي، پر مان شهپارا اسٽيشن تي لهندس.”
    “شهپارا نه بابا شپرا،” سيٺ فوجيءَ کي سمجهائيندي چيو.
    “شپرا نه شهپارا آهي، “فوجي چوڻ لڳو،” ڄٽ ماڻهو ان کي شپرا چوندا آهن.”
    سيٺ جون ناسون ڦنڊي ويون، پر هو خاموش رهيو.
    فوجيءَ چيو:”تون مون سان گڏ شهپارا اسٽيشن تي لهي پئجانءِ، اتان اسان گڏجي هلنداسين، “پار پيا قصبي ڪور” جي، پار پيا ڳوٺ جو رهندڙ آهيان، اتان کان توکي ڪواڙيءَ جي قلعي جو رستو ٻڌائي ڇڏيندس.”
    “ٺيڪ آهي مان توسان ئي گڏجي هلندس پر شپرا اسٽيشن کان پار پيا ڳوٺ تائين.”
    “شپرا نه شهپارا،” فوجيءَ چيو.
    اوچتو سڳنڌيءَ پنهنجو مٿو جهلي ويهي رهي.
    سيٺ پڇيو:”ڇا ٿيو؟”
    سڳنڌي چوڻ لڳي:”منهنجي مٿي کي چڪر ٿا اچن.”
    مون خوش ٿي چيو:”سيٺ جي مٺائي کاراءِ، تنهنجي سيٺياڻي پيٽ سان ٿي وئي آهي،”
    سيٺ پهرين ته حيرت وچان منهنجي طرف نهاريو ڄڻ پڇندو هجي، ايترو جلد اهو چمتڪار ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
    پوءِ هن پنهنجا ٻئي هٿ ڇت طرف کڻي دعاعيه انداز ۾ چيو:”ڌنيه هجي ڀڳوان، تون ڌنيه آن.”
    سيٺياڻيءَ وري رئي جي پلئهءُ سان ٺهيل گهونگهٽ کي ائين ٺاهيو جو ان مان مون ڏانهن به نهارڻ لڳي، مان به اک ٽيٽ ڪري ڏانهس ڏسڻ لڳس. هن جي مُک تي هڪ دلربا مرڪ پکڙجي وئي هئي ڄڻ، ڪنهن ٻنيءَوانگر سيراب ٿي وئي هجي، ڄڻ ته مٿس برسات جون بوندو پئجي رهيون هجن ۽ هوءَ انهن مان مزو وٺندي هجي.
    *

    فوجي مون کي آهستي آهستي ٻڌائڻ لڳو:”سرڀنيءَ جون پهاڙيون، اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان آهن ۽ ڪواڙيءَ جو قلعو ته صرف ڏهن ڪوهن تي آهي. مان توکي اوستائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏي موڪليندس، پر هڪڙو شرط آهي، ته پهرين توکي منهنجي ڳوٺ هلڻو پوندو ۽ مهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو.”
    “الائي ڪڏهن آهي تنهنجي شادي؟” مون پڇيو.
    “ابا سڀاڻي ٿيندي منهنجي شادي.” رونق سنگهه خوشيءَ کان ٽڙندي چيو، ۽ پوءِ پنهنجي رانن کي کنهڻ لڳو.
    “ٻيو به هڪڙو رستو اوڏانهن ويندو آهي، سرڀنيءَ جي پهاڙن طرف اسٽيشن کان، ڌوليا کان ۽ اهو ننڍو ۽ سڌو رستو آهي.” سيٺ چوڻ لڳو، هڪڙو ٽپ ٻيو..”
    “اهي پنهنجا ٽَپَ پاڻ وٽ رک سيٺ،” رونق سنگهه هڪدم چيو،”مان هن کي پنهنجي شاديءَ ۾ ضرور وٺي ويندس!”
    هڪ ته هو فوجي هو، ٻيو ته ساڻ رائفل به هئس، ٽين ڳالهه اها جاءِ مون لاءِ بلڪل نئين هئي، الائي ته اهي سرڀنيءَ جون پهاڙيون ڪٿي هيون! اهو ڪواڙيءَ جو قلعو ڪٿي هو؟ اها سروجا ڏهاڳڻ ڪٿي رهندي آهي؟ ضرور مون کي ان فوجيءَ سان گڏ وڃڻو پوندو.
    “ڇا نالو آهي تنهنجي قصبي جو؟” سيٺ فوجيءَ کان پڇيو.
    “پارپيا….”
    سيٺ شڪ واري انداز ۾ مٿو ڌوڻيو، ڄڻ چوندو هجي، ڪڏهن نالو ناهي ٻڌو ان ڳوٺ جو، پر فوجيءَ جو چهرو ڏسي خاموش ٿي ويو.
    جڏهن شهپارا جي اسٽيشن آئي ته ڏٺم ته سڳنڌي اڃا ستل هئي، گهري ۽ پياري ننڊ، ائين ٿي لڳو ڄڻ سائي ساڙهيءَ جي سنهڙي گهونگهٽ ۾ ماهتاب ستل هجي، مون وڏي حسرت ۽ ارمان وچان هن جي خماريل حسن تي هڪ نظر وڌي، پوءِ سيٺ سان هٿ ملايم ۽ ان چئن برٿن واري ڪوپي مان ٻاهر نڪري آيس، پويان رونق سنگهه به اچڻ لڳو.مون پنهنجو سامان اسٽيشن جي لگيج آفيس ۾ رکرايو ۽ پاڻ سان رڳو هڪڙي هينڊ بئگ کنيم، رونق سنگهه وٽ ٻه ٽرنڪون هيون، هڪ هينڊ بئگ، هڪ رائيفل ۽ هن جو ڳوٺ هتان کان ويهه ڪوهه دور هو.
    “مان ايترو سامان پاڻ کڻي ته ڪونه هلي سگهندس، ڪو مزدور ڪرڻو پوندو.”
    “مزدور ڪٿان ملندو؟” مون پڇيو.
    چوڻ لڳو:”سمري انتظام ڪري ڏيندي.”
    “اها سمري وري ڪير آهي؟”
    چوڻ لڳو:”هڪڙي حلوائڻ آهي، ٻه سال ٿيا ته هن جو گهر وارو گذاري ويو آهي، هڪڙو اٺن سالن جو ٻار اٿس، ٻئي گڏجي دڪان هلائيندا آهن.”
    “پر اسان کي هن جي دڪان تان ڇا وٺڻو آهي؟”
    “بابو! ويهن ڪوهن جو سفر آهي، ڪا ڀاڄي ٻاڄي کائي پيٽ ڀري پوءِ هلنداسين! نه ته رستي ۾ هڏ به جواب ڏئي ڇڏيندءِ.”
    سمري هڪ ڪاري رنگ واري شيدياڻي هئي، وڏين وڏين اکين ۾ ڳاڙهيون ڳاڙهيون ڏوريون، ڀريل مضبوط جسم، سندس جسم مان بجليءَ جا شعاع پئي نڪتا، ڄڻ سندس جسم جي چئني پاسن کان چقمقن جي لهر ڊوڙندي هجي. اهڙين ته گهوريندڙ نگاهن سان گراهڪن کي پئي ڏٺائين، جو لڳو ٿي ته چنبو هڻي انهن کي دسي ڇڏيندي. مون تي نگاهه وجهي، اکيون ڦيرائي ڇڏيائين ته مون دل ۾ چيو، شڪر آهي جو مون کي ڇڏي ڏنائين، ڄڻ چوندي هجي، هي شهري ماڻهو نزاڪتن جو ڪوڏيو جسم منهنجي ڪهڙي ڪم جو؟ پوءِ هن جون نظرون رونق سنگهه جي وَهُڙي جهڙي جسم تي ڄمي ويون. هوءَ زور سان کلڻ لڳي، بلڪل چرين وانگر، هن جو آواز ويٺل هو، جيڪو گهڻو مردن وانگر ٿي لڳو.
    “اچي وئين سنگهه صاحب، شادي ڪرڻ.”
    “ها سمري، هاڻي جلدي ڪر گرم گرم پوري ۽ ڀاڄي کاراءِ، ۽ ها هڪڙي مزدور جو بندوبست به ڪري ڏي، پنهنجي ڳوٺ وڃڻو آهي.”
    “مزدور جو بندوبست به ٿي ويندو، پر ايتري به تڪڙ ڇاجي آهي! هن مَٽَ مان پاڻي ڀري هٿ منهن ته ڌوئي وٺ، پوءِ ڪجهه کائي پي هن پپل جي ڇانوَ ۾ گهڙي سوا آرام ڪر، پوءِ وڃجانءِ هليو.”
    “نه سمري، هاڻي هٿ منهن وڃي گهر ڌوئبو. ويهن ڪوهن جو سفر آهي، پپل جي هيٺان کٽ وجهي ستس ته گهر ڪيڏيءَ مهل پهچندس.”
    “جيئن تنهنجي مرضي.” سمري ڪجهه اداس ٿيندي چيو. پوءِ هن پنهنجي پٽ کي چيو،”او پٽ ڊوڙ پائي گهمري کي ته سڏي آءُ، چئجانس، ويهن ڪوهن تي پارپيا وڃڻو آهي، سٺي مزدوري ملندءِ، صوبيدار رونق سنگهه شادي ڪرڻ پنهنجي گهر پيو وڃي.”
    ائين چئي هوءَ وري کلڻ لڳي، هن جي ٿڌي برف جي ٽڪرن جيان ٽڙڪاٽ ڪندڙ، وکرندڙ کل، منهنجي بدن ۾ ڪنبڻي پيدا ڪري رهي هئي.
    “ڪيڏي مرد مار عورت آهي. مگر اڳي ائين نه هئي، “رونق سنگهه مون کي ڌيمي انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو.” جيستائين ڀوڳلو حلوائي زندهه هيو، هوءَ ان جي وفادار زال ئي هئي، ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌيسون، پر حلوائيءَ جي مرڻ کانپوءِ جڏهن هن کي پنهنجي ننڍڙي پٽ کي پالڻو پيو ته هن هيءَ دڪان سنڀالي ورتو، تڏهن کان کيس ٻاهرين دنيا سان به واسطو پيو ته هوءَ به هن شڪاري دنيا سان گڏ شڪارڻ ٿي وئي. اسٽيشن تي سڀئي هن کان واقف آهن، سڀئي هن کان ڊڄندا آهن، پوليس وارن کي ته هن مٺ ۾ بند ڪري رکيو آهي، ۽ ڪيترن ڌاڙيلن سا به هن جو تعلق آهي، وڏي جهٽڪي واري عورت آهي.”
    “جهٽڪي واريءَ سان تنهنجي ڇا مراد آهي؟”
    رونق سنگهه مون ڏانهن نهاري ٿوري دير جي لاءِ خاموش رهيو، پوءِ هڪ شرارت واري مرڪ سندس اکين مان اٿل کائي ٻاهر آئي. اها مرڪ هن جي اکين کان هلندي چپن تائين اچي پهتي پر پوءِ به هو خاموش رهيو. ڪجهه چوڻ جي ضرورت هئي به ڪانه، ڇاڪاڻ ته مان سمجهي ويو هوس.
    “شايد ان ڪري توکي ٻن پهرن تائين ترسائڻ پئي چاهي؟” مون به ڌيمي آواز سان رونق سنگهه کان پڇيو.
    رونق سنگهه پنهنجي کل روڪي نه سگهيو، جنهن ڪري وات ۾ جيڪو گراهه هوس سو نڙيءَ ۾ ڦاسڻ سبب ٻاهر اچي ويس.
    سمريءَ دڙڪو ڏيندي چيس:” ڪنهن جي گلا ڪندين ته ائين ئي ٿيندءِ!”
    ۽ جڏهن اسان پئسا ڏئي وڃڻ لڳاسين ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر رونق سنگهه کي گهوري نهاريو،”ڪاڏي ويندي رونق سنگهه، ٻن مهينن کان پوءِ ته ضرور ان ئي اسٽيشن تي موٽندين، پوءِ توکي پڪڙي ويهاريندس. “ائين چئي رونق سنگهه جو هٿ پڪڙي ورتائين، ۽ ايترو ته قابو ڪري جهليائينس جو هٿ ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيس. پوءِ سندس هٿ ڇڏي سمري ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي. اسان جي وڃڻ کانپوءِ به هن جا اهي ٽهڪ اسان جو پيڇو ڪندا رهيا. دير دير تائين رونق سنگهه جو منهن به ڳاڙهو لال لڳو پيو هو، ۽ مون سان اکيون به ڪونه پئي ملايائين.
    ٻن پهرن تائين اسان ٻارنهن ڪوهه سفر طئي ڪيوسين، ٿورو آرام ڪرڻ لاءِ رستي ۾ هڪڙي ڳوٺ جي ڀرسان کوهه وٽ ٺهيل بانس جي لڪڙن واري جهوپڙي ۾ ليٽي پياسين. هتي انبن جا ڪجهه وڻ هئا، ڪي ڄمونءَ جا، ڪجهه وڻن مان املتاس جون ڦريون پئي لڙڪيون، انهن جي ڀرسان ئي نانگ جي ڦڻ جهڙا ٿوهر بيٺا هئا. بانس جي جهنڊ جي ويجهو نار جي ڪنجڙاٺ ۾ جوٽيل وهٽ ڦري رهيو هو جنهن کي هڪڙو هاري ڇوڪرو بانس جي ڇڙيءَ سان هڪلي رهيو هو. ۽ ٻنيءَ کي پاڻي ڏئي رهيو هو. صديون پراڻو منظر، نار جي رون رون جي باوجود گهري سانت…..سمهي پئهُ….ڪجهه به ناهي بدليو….سمهي پئهُ ڪجهه به ناهي بدليو…..ٿورو پريان وڻن جي جهڳٽن ۾ گهيريل هڪڙي ڳوٺ جون ڇتيون، ڪجهه ڪچا گهر، ڪي پڪا گهر، ڪٿي ڇٻر ته ڪٿي کِپريل…!
    “او هُو آخري ڇيڙي تي گهر ڏسين پيو؟” اوچتو رونق سنگهه مون کان پڇيو.
    “او هُو پٿرن وارو ؟”
    “ها، اهو ساوتريءَ جو گهر آهي!”
    مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس.
    “ته تو ساوتريءَ کي ڏٺو آهي؟” مون پڇيو.
    “ها، شهپارا جي ميلي ۾.”
    “ڪيئن آهي؟”
    “تنهنجي شهري ايڪٽرياڻيءَ جهڙي، بلڪل فلمي ايڪٽرياڻي، جوان، خوبصورت ڳوٺاڻا ڪپڙا پائي ته جيڪر ڪيئن لڳي؟”
    مون پنهنجي تصور ۾ هڪ ٻن ايڪٽرياڻين کي اهي ڪپڙا پارائي ڏٺا، “ها سمجهان ٿو ته ڪيئن لڳندي!”
    “بس ائين ئي آهي منهنجي ساوتري..”
    “ڪا ڳالهه ٻولهه به ٿيهءِ ان ميلي ۾ يا ؟” مون پڇيو.
    “بس اهي ٻه ٽي جهلڪيون ياد آهن ميلي جون، هن سرمو پئي ورتو، ڪنگڙيون پئي پاتيون، هوءَ پينگهه تي چڙهي هئي، هوءَ کلي پئي، هن جو لينگو پَڙو هوا ۾ پئي اڏريو. بس اهي ئي ڪجهه تصويرون آهن مون وٽ ۽ انهن چند تصويرن ئي من کي موهي ڇڏيو آهي.”
    “تو ساڻس ڪا ته ڳالهه ٻولهه ڪئي هوندي؟”
    “ڪيئن ڪريان ها. پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ جو ساڻ هيس.”
    “ميلي کان پوءِ ڪٿي ملڻ جي ڪوشش ڪيهءِ؟”
    “نه ماءُ پيءُ جي مٿس پابندي آهي، وڏي نگراني ڪندا اٿس. ٻه ٽي ڀيرا هتي آيس به، لڪي لڪي هن کي ڏسڻ جي ڪوشش به ڪيم پر هن جي شڪل ڏسڻ جو موقعو نه مليو. وڏو سخت ماڻهو آهي هن جو پيءُ، بس هن جي گهر جا ڪُنگرا ڏسي ئي موٽي ويس.”
    “خير ڪا ڳالهه ناهي، هاڻي ته سڄي زندگي ويٺو ڏسجانس.”
    سُتي سُتي هو دير تائين خاموش رهيو، ڄڻ ايندڙ زندگيءَ جو لطف پئي ورتائين. پوءِ اٿي ويهي رهيو. کيسي ۾ هٿ وجهي هن پنهنجو ٻَٽون ڪڍيو، ٻَٽونءَ مان هڪڙي تصوير ڪڍي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. اها هڪ ڳوٺاڻي ڪنواري ڇوڪريءَ جي تصوير هئي، واقعي نهايت سهڻي من موهڻي، تصوير ۾ مرڪي رهي هئي، صورت تي ڪجهه شرم، ڪجهه بيباڪي، ڪجهه گهٻراهٽ ۽ ڪجهه دلبري رلمل هئس. هن جي چنچل اکين مان نظر ايندڙ مرڪ دل کي ڏاڍو وڻي پئي.
    مون پڇيو:”هيءَ ساوتري آهي نه؟”
    هن پنهنجو مٿو لوڏي هائو ڪئي. “هيءَ تصوير توکي ڪٿان ملي؟”
    “ان ميلي مان فوٽو گرافر کان، پورا ٽيهه رپيا ورتائين، ڏاڍي مشڪل سان اها تصوير ڏنائين، چئن سالن کان سيني سان لڳائي پيو هلان.”
    مون پڇيو:”آخر اها شادي طئي ڪيئن ٿي؟”
    “ڪا ڏکيائي ڪانه ٿي، هڪڙي حجامڻ جي وسيلي رشتو طئي ٿيو، اهي به پنهنجي ڳوٺ جا امير ماڻهو آهن، اسان به پنهنجي قصبي جي ذات برادريءَ وارا آهيون، انڪري ڪا مشڪل ڪانه ٿي.”
    مون تصوير هن کي واپس ڏني، هن تصوير وٺندي پڇيو:”ڪيئن؟ لڳي ٿي نه فلمي ايڪٽرياڻي؟”
    “بلڪل.”
    “ڪنهن سان ٿي ملي؟”
    مون ٻن چئن ايڪٽرياڻين جا نالا ورتا.
    هن انڪار ۾ مٿو لوڏيو،”نه ساوتري انهن سڀني کان وڌيڪ خوبصورت آهي.”
    رونق سنگهه گاهه جو هڪڙو سَلو ڏندن ۾ دٻايو ۽ آسمان جي وسعتن ۾ تصوراتي تصويرون جوڙڻ لڳو. گهر جو اڱڻ، باغيچو، ٻار، گل، ساوتري، گل ئي گل!
    مون چيو:”چڱو هاڻي ڀلا هلون، تون ته لڳي ٿو هن زمين ۾ گپجي ويو آهين، هاڻي ائين به ڇا، آخر ڄڃ ته هتي ئي وٺي ايندين!”
    رونق سنگهه اٿي ويٺو ته مون کلي چيو:”اڄ ٻنهي گهرن ۾ ڇا ته ڌماچوڪڙي هوندي، ڪيئن نه زور زور سان دهل وڄندا هوندا! هل ته جلدي هلي پڄون.”
    “اڃان ته اٺ ڪوهه پري آهي صاحب، رات ٿي ويندي، پهچندي پهچندي….!”
    مون چيو:”پر گهمرو ته سامان کڻي اڳتي نڪري ويو آهي، اهو ٻڌائي ڇڏيندو.”
    رستي ۾ مون هن کان پڇيو:”تون ڪڏهن ڪواڙي قلعي تائين ويو آهين؟”
    “ها ويو آهيان، پر ان کان اڳتي سرڀني جي جهنگ ۾ ڪڏهن نه ويو آهيان، ڏاڍو سنسان علائقو آهي، پر توکي اتي فارم بنائڻ جو خيال ڪيئن ٿيو آهي؟”
    مون سندس ڳالهه جو ڪو به جواب نه ڏنو. بس هلندا رهياسين. پوءِ مون هن کان پڇيو:”ڪواڙيءَ جي قلعي ۾ اڄڪلهه ڪير ٿو رهي؟”
    “ڪو ئي به نه!….اڙي اهو ته کنڊر آهي کنڊر، سو سال پراڻو…”
    پوءِ سج ٻڏي ويو، ۽ نيري آسمان جو شيشو صاف ٿيندو ويو ۽ نم، شيشم ۽ املتاس جي وڻن جون پاڻ ۾ ڳنڍيل سنڍيل شاخون، ان شفاف شيشي جي پس منظر ۾ ڪارين ڪارين ڄارين جيان نظر اچڻ لڳيون، پوءِ رات گهري ٿيندي وئي، ۽ رستي جي دز به نظرن کان گم ٿيندي وئي، اونداهيءَ سبب ڪاراڻ مائل وڻن مان ايندڙ خوشبوءِ سان سارو رستو سڳنڌجي ويو هو. پوءِ آهستي آهستي رونق سنگهه جهونگارڻ شروع ڪيو، ائين اسان ڪيترو ئي مفاصلو خاموشيءَ سان طئي ڪري ورتو، اهڙي خاموشي، جا ڪجهه ڳالهائيندي نه آهي پر دلين ۾ جذبات جو سون پگهاريندي هلندي آهي.
    پوءِ بڙ جو هڪ وڏو گهاٽو وڻ نظر آيو، جتان ٻه رستا پئي نڪتا، هتي پهچندي ئي رونق سنگهه بيهي رهيو، پنهنجي ٽوپي لاهي مٿي جي خال خال وارن کي کنهڻ لڳو، ۽ پوءِ رومال سان منهن صاف ڪري چوڻ لڳو:”هتان ئي اهي ٻه رستا الڳ ٿين ٿا، هڪڙو تنهنجي ڪواڙي قلعي ڏانهن ٿو وڃي ته ٻيو منهنجي ڳوٺ ڏانهن.”هن جي آواز ۾ خوشيءَ جي لهر به هئي.
    مون چيو:”اڄ تنهنجي گهر تي سڀئي تنهنجو وڏي بي چينيءَ سان انتظار ڪندا هوندا!”
    “ها!” چوڻ لڳو.”منهنجي ماءُ بابو ۽ ننڍو ڀاءُ، ۽ منهنجي پندرهن سالن جي ڀيڻ ڪُنتل!”
    هن جي اکين آڏو ڄڻ سڀني گهر ڀاتين جا چهرا اچي ويا،”آءُ ته هلون!” هن خاموشي مان هڪڙو وڏو ساهه کڻندي چيو ۽ هلندي سندس قدم تيز تيز ٿيندا ويا.
    فوجيءَ جي ڳوٺ جي دنگ واري ديوار نظر آئي، ڇپرن جي ٻاهران باهه جون ڄڀيون ۽ ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ۽ ٻارن جي روئڻ جا آواز، ڪو دروازو کلندي ته ڪو بند ٿيندي، مال وارين جاين مان اٿندڙ دونهون، ڪنهن وڻ سان ٻڌل مينهن جي رنڀڻ جو آواز، ۽ ڪو شخص اونداهيءَ ۾ گم ٿيندي نظر آيو. گهٽيون سوڙهيون ۽ مٽيءَ ۽ ڇيڻي جي بوءِ ۾ گل جيان مهڪندڙ ڪنهن جا ٽهڪ، وري خاموشي، رڳو اسان ٻنهي جي پيرن جو آواز، پوءِ ڪنهن دروازي جي اوٽ مان پڇيو:
    “ڪير آ؟”
    رونق سنگهه آواز سڃاتو.”مان آهيان اڪبر چاچا.”
    پر اڪبر چاچي کيس کيڪر ئي ڪانه ڪئي. دروازو آهستگيءَ سان بند ٿي ويو، اسان اڳتي وڌي وياسين. اڳيان هلي اها سوڙهي گهٽي ٿوري ويڪري ٿي وئي، اوچتو سامهون ڊگهي ماڙيءَ جون دريون نظر آيون، جن مان هلڪي وڻندڙ روشنيءَ ٻاهر اچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
    “گهر اچي ويو.” رونق سنگهه سامهون اشارو ڪندي چيو، سندس آواز جذبات سبب ڏڪڻ لڳو. هن آهستي چيو، “اڄ ڇوڪرين کي ساري رات ڳائڻو آهي، زور زور سان ڍولڪ وڄندي هوندي، شايد اندر ڪنهن ڪمري ۾ وڄندي هوندي!”
    اها ماڙي هر قدم سان اسان جي ويجهو ٿيندي پئي وئي، ٿوري دير ۾ ئي اسان ان جي سامهون هئاسين، دروازو بلڪل بند نه هو پر ٿورو کليل هو، رونق سنگهه در نه کڙڪايو، چپ چاپ اندر هليو ويو، مان به هن جي پويان پويان.
    اڱڻ ۾ خاموشي هئي ۽ اونداهي هئي، صرف چرخي جي ڀرسان هڪڙو ڏيئو ٻري رهيوهو، اندر هڪڙي محراب واري ورانڊي ۾ هڪڙي ٿنڀي وٽ پندرهن سالن جي هڪ ڇوڪري بيٺي هئي جا، “ادا” چئي اچي رونق سنگهه کي چنبڙي، سندس آواز ۾ سڏڪو هو. عورتون خوش هجن پوءِ به رئنديون آهن، غم هجي ته به.
    رونق سنگهه، ڪُنتل جي مٿي تي هٿ ڦيريندي پاڻ کان جدا ڪيو، پڇيو:
    “امان ڪٿي آ؟”
    “بابا وٽ.”
    “۽ بابا ڪٿي آ؟”
    “اندر بيٺڪ ۾.”
    اسان اندر بيٺڪ ۾ وياسين. هڪڙي تختي تي اڌڙوٽ پر ڀريل جسم وارو شخص جهڪيل هو، ڪي ڪاغذ پئي جاچيائين. ڀر ۾ هڪ عورت مٿي تي ساڙهيءَ جو پلُو رکيو، هٿ ۾ گلاس جهليو بيٺي هئي.
    “وٺ پي وٺ!” هن چيو.
    اڌڙوٽ عمر واري شخص ڪاغذن تان نظرون هٽائڻ کانسواءِ ئي چيو “مون کي نه گهرجي!،
    رونق سنگهه اڳتي وڌيو، هن جي پيرن جو آواز ٻڌي اڌڙوٽ عمر واري شخص ڪنڌ کنيو ته رونق سنگهه ڇرڪي ويو. هو پنهنجي پيءُ ماءُ سان پيرين پئي مليو، ماڻس جلدي جلدي سندس مٿي تي هٿ ڦيري چپ چاپ هلي وئي. بيٺڪ ۾ بلڪل خاموشي هئي. ديوار وٽ بيٺل ڪنتل به چپ چاپ اسان ڏانهن نهاري رهي هئي.
    “گهر ۾ اهڙي خاموشي ڇو آ؟”
    “اهڙي ته ڪا ڳالهه نه آهي”
    اڌڙوٽ عمر وارو شخص کنگهندي چوڻ لڳو.
    “ڍولڪ به ڪانه ٿي وڄي. بتيون به ڪونه ٿيون ٻرن!”
    “اهو…….اهو…..!” هن کنگهڻ جي انداز سان نڙي صاف ڪئي، نڙي صاف ڪرڻ جو اهو انداز بلڪل نرالو هو. رونق سنگهه پيءُ ڏانهن نهارڻ لڳو، پر سندس پيءُ خاموش هو.
    “گهر ۾ اونداهي ڇو آ؟ ڇا ڳالهه آهي؟ ڪو مائٽ مري ويو آهي ڇا؟”
    “نه…” اڌڙوٽ عمر جي شخص مٿو لوڏيندي چيو.
    ڪو حادثو ٿيو آهي؟ ڇا ڳالهه آهي؟ مونکي ٻڌايو ڇو نه ٿا بابا سائين! اڄ ته گهر ۾ خوشيون هجڻ گهرجن ها! سڄي رات قصبي جون ڇوڪريون….” هن پنهنجي ڀيڻ ڏانهن ڏٺو،”نه ڪُنتل؟”
    ڪنتل به کيس ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ منهن موڙي ڪمري مان نڪري وئي.
    رونق سنگهه حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ اچي پنهنجي پيءُ جي ڀر ۾ ويٺو ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳو. سندس پيءُ مٿي تان پڳ لاهي تخت تي رکي، ڀر ۾ رکيل انگوشي سان منهن تي آيل پگهر اگهيائين. هن جا چپ ڏڪي رهيا هئا ۽ اکيون آليون هيون، هن پنهنجو مضبوط هٿ پٽ جي ڪلهي تي رکي چيو:”پنهنجي دل تي پٿر رکي ڇڏ رونق!”
    رونق سنگهه چپ چپ پنهنجي پيءُ ڏانهن ڏسندو رهيو.
    “ساوتريءَ سان تنهنجي شادي ڪانه ٿي سگهندي!”
    رونق هڪو ٻڪو ٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريندو رهيو.
    “ساوتري، ڪالهه رات..پنهنجي يار سان….گهر کان ڀڄي وئي، شاديءَ جا سمورا زيور به کڻي وئي!”
    ٻڌندي ئي رونق سنگهه جون ڄاڙيون پاڻ ۾ ڀچي ويون، گردن آڪڙجي ويس، هن جون آڱريون ڏاڍي مضبوطيءَ سان تخت جي ڪنڊ تي ڄمي ويون، هن جو ساهه تيز تيز هلڻ لڳو، پر هن ڪجهه ڳالهايو ڪونه.
    ڪافي دير تائين ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ خاموشي هئي. پوءِ رونق سنگهه پڇيو:”گهمرو سامان کڻي آيو”
    “ان کي ته ڪلاڪ کن ٿي ويو آهي.” پڻس جواب ڏنو.
    بيٺڪ جي ٻاهران بيٺل ڪنتل کي آواز ڏئي. سڏي رونق سنگهه انتهائي سختيءَ سان چيو:
    “گهمري کي چهءُ ته منهنجو سامان کڻي هيڏانهن بيٺڪ ۾ اچي.”
    رونق سنگهه جو سامان جڏهن اندر چي ويو ته هن کيسي مان چاٻين جو ڇلو ڪڍي ٽرنڪ کولي. ايتري ۾ سندس ماءُ ۽ ڀيڻ بيٺڪ ۾ گهڙي آيون، ۽ آهستي آهستي هن ڏانهن وڌنديون ٿي آيون. ٽرنڪ کولي، ان مان هڪ هڪ شيءِ الڳ ڪري ڳڻائيندي چوڻ لڳو:
    “هي ساڙهيون…..هي غرارا…..هي بيل باٽم……هي ڪنگڻ…هي ڪنگڻيون…..هي جهومڪ، هي ڳلابند، هي جهومر…..!”
    صوبيدار رونق سنگهه پنهنجي ٿيڻ واري زال جي لاءِ گهڻو ڪجهه وٺي آيو هو. سموريون شيون تمام سٺي طريقي سان ماءُ کي ڏيکاري، هن ٽرنڪ بند ڪئي ۽ چاٻيون ماءُ جي تريءَ تي رکي چيو:
    “امان هي سڀئي شيون سنڀالي رک، ڪنتل جي وهانءَ ۾ ڪم اينديون.”
    “پر…” ماڻس ڳالهائڻ چاهيو پر پٽ جو منهن ڏسي چپ ٿي وئي.
    رونق سنگهه ڀت جي ٽيڪ ڏئي رکيل رائفل کنئي، جهڪي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيائين ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    ماڻس رڙ ڪري کيس روڪيو:”پٽ ڪاڏي پيو وڃي؟”
    رونق سنگهه ٿورو ترسيو، ٿورو مڙي آهستگيءَ سان چوڻ لڳو:
    “موڪل ملتوي ڪرائي، واپس فوج ۾ وڃي رهيو آهيان.”
    “پٽ…” ماڻس چوندي اڳتي وڌي، پرپڻس روڪي ورتس، جنهن تي رونق سنگهه پويان ڏسڻ کانسواءِ ئي پنهنجي مضبوط قدمن سان ٻاهر نڪري ويو.
    پوءِ سندس پيءُ پڳ کڻي پنهنجي مٿي تي رکي، اکين مان ڳوڙها اگهيا ۽ وري به ڪاغذن ڏسڻ ۾ محو ٿي ويو.
    *

    اها رات ته مون جيئن تيئن ڪري رونق سنگهه جي گهر ۾ ئي گذاري ورتي. مون به رونق سنگهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. هن جو غم، غصو ۽ حسرتن جو خون ٿيندي ڏسي، سندس وڦلڻ جو اندازو ڪندي مون هن کي روڪڻ مناسب نه سمجهيو. ٻيو ته جڏهن سندس گهر وارن ئي کيس وڃڻ کان نه جهليو ته مان کيس روڪڻ وارو ڪير ٿيندو هوس، ۽ کيس آٿت به آخر ڪيئن ڏيان ها!
    پرهه ڦٽيءَ جو ڪنهن ٻئي جي جاڳڻ کان اڳ ۾ مان پنهنجو هينڊ بئگ کڻي چپ چاپ ۽ ڏکويل دل سان گهر مان نڪري آيس. ڳوٺاڻن کان ڪواڙيءَ جي قلعي جو ڏس پڇي ڳوٺ جي دنگ واري ديوار کان ٻاهر اچي ويس.
    ڪواڙي قلعي ڏانهن ويندڙ رستو اصل ۾ ڪو رستو ڪونه هو، بس ڌنارن جي هلڻ وارو گس هو، جيڪو ڪڏهن وڻن جي جهڳٽن ۾ گم ٿي پئي ويو ته ڪڏهن وارياسي ميدان ۾ تبديل ٿي پئي ويو. مان به اندازو ڪندي، ڀُلندي ڀٽڪندي بهرحال هلندو پئي ويس، ڇاڪاڻ ته پري پري تائين ڪنهن آباديءَ جو نانءُ نشان ئي ڪونه هو. هڪ ٻن جاين تي ڌنار پنهنجي ڌڻ سان گذريندي گڏيا، جن کان رستو ته پڇيم پر جيڪو رستو انهن ٻڌايو انهيءَ به ميلن جا ميل رلائي ٿڪائي ڇڏيو. رونق سنگهه ته ٻڌايو هو ته پارپيا ڳوٺ کان ڪواڙيءَ جو قلعو ڏهن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي، پر هتي ته رستو کٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي، مون کي پڪ ٿي وئي ته مان رستو وڃائي ويٺو آهيان.
    هاڻي ٽيون پهر به ويجهو اچي ويو ۽ بک به گهڻو بي حال ڪري ڇڏيوهو. آخرڪار رستي ۾ هڪڙو شوالو نظر اچي ويو. هڪ اونچي ٺل تي ۽ چئني پاسن کان ساون ساون وڻن جي گهيري ۾ ميلن تائين پکڙيل سڪل سڙيل وڻن کانپوءِ جو اها ساوڪ ڏٺم ته اکيون ئي ٺري پيون ۽ مان بي اختيار ان شوالي جي طرف وڌڻ لڳس.
    ڪٿي بانس جي لڪڙن جو جهنڊ ته ڪٿي انبن جا وڻ، ڪٿي ڄمون ته ڪٿي گهاٽي ڇانوَ ڪندڙ نم جا وڻ، پوءِ دڙي جي هڪ پاسي کان پهاڙن ۾ هڪڙو جهرڻو نظر آيو، ٿڌو ٿڌو اوجل پاڻي. مان هر هر پنهنجي اکين تي ڇنڊا پئي هنيا ۽ هٿ منهن پئي ڌوتو. پاڻي مٺو ۽ مزيدار هو، دل کولي پيتم پر اڃ اساٽ، بک جو بدل نه ٿي سگهي، جا ان پاڻي پيئڻ سان لڳڻ شروع ٿي وئي، غلطي ڪيم، ڳوٺ مان نيرن ڪري نڪران ها، يا چار مانيون ئي سفر لاءِ ٻڌرائي کڻان ها!
    “گهڻو پري کان آيو آن؟”
    اوچتو هڪڙو آواز منهنجي مٿي وٽان ٻڌڻ ۾ آيو. مان پنهنجي ڀنل منهن سان اٿي ڏسڻ لڳس. منهنجي مٿان شوالي جو پوڄاري بيٺو هو، ڊگهو، گوري چٽي رنگ وارو پوڄاري، ڪُوڙيل ٽڪڻ، ويڪري پيشاني، ڊگهيون جهڪيل غلافي اکيون، ويڪرو سينو، چيلهه ۾ هڪڙي اڇي ڌوتي ۽ پيرن ۾ ڪاٺيءَ جي چاکڙي.
    مون پوڄاريءَ کي ڏسي هٿ جوڙي چيو:
    “ها تمام گهڻو پري کان آيو آهيان، ڪلڪتي کان.”
    “ڪيڏانهن ويندين؟”
    “ڪواڙي قلعي کان اڳتي، سرڀني جي علائقي ۾.”
    “پوءِ ته تون رستو ڀلجي ويو آهين.”
    “ڪيئن؟”
    “پوڄاريءَ مون کي رستو ٻڌائيندي چيو:”جنهن رستي سان تون آيو آهين، ان ئي رستي سان واپس وڃ، ڏيڍ ٻن ميلن تي توکي هڪڙو سڪل واههُ ملندو.”
    “هاها مليو ته هو.”
    “ان واهه جي ڪَڙَ وٺيو اوڀر طرف هليو وڃ، شام ٿيندي ٿيندي تون ڪواڙي جي قلعي تائين پهچي ويندين.”
    “پر! مون کي ته سخت بک لڳي آهي.”
    “ته تڙ ڪري، ڀڳوان جو درشن ڪري وٺ ته توکي ڀوڄن به ملي ويندو.”
    ڀڳوان جي درشن کانپوءِ کائڻ لاءِ دال ۽ ڀت مليو. پَتري دال ۽ لُٻيل پاروٿا چانور، پر بک ايتري لڳل هئي جو پتل جي ٿالهيءَ کي به چٽڻ لڳس. پوڄاري بيٺو کلي رهيو هو، مان جڏهن سندس شڪريو ادا ڪري هلڻ لڳس ته هن پڇيو:
    “ڇا رستي ۾ توکي مرهٽا گڏيا هئا؟”
    “مرهٽا!” مون حيرت وچان پڇيو،”ڪهڙا مرهٽا؟”
    هن منهنجي سوال جو جواب ڪونه ڏنو. پنهنجي خماريل اکين سان آسمان طرف ڏسي چيو: مرهٽا اچن پيا.” وري ٿورو ترسي چوڻ لڳو،”تون سرڀني ٿو وڃين نه؟ اتي جي ٺڳن کان هوشيار رهجانءِ.”
    “پر ٺڳ ته عرصو ٿيو ختم ٿي ويا آهن!”
    “ختم نه ٿيا آهن.” ڏک کان مٿو ڌوڻيندي چوڻ لڳو، “هن علائقي ۾ اڃا آهن، بس سرڀنيءَ جي جهنگ کان هوشيار رهجانءِ.”
    هو عجيب خوابناڪ اکين سان مون ڏانهن نهارڻ لڳو، مون کي ڪجهه چريو ٿي لڳو، ان ڪري مان تڙتڪڙ ۾ کانئس موڪلائي شوالي کان ٻاهر هليو آيس ۽ پنهنجو رستو وٺي وڃڻ لڳس.
    ڏيڍ ميل کن پويان هلڻ کانپوءِ مون کي جڏهن اهو سڪل واهه نظر آيو ته ان جو ڪناري ڏئي مان اوڀر طرف هلڻ لڳس. آهستي آهستي زمين مٿانهين ٿيندي وئي ۽ سڪل ٻُوڙن جي جاءِ تي ساوا ساوا ٻُوڙا ۽ انهن جي وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي وڏا شاهي وڻ نظر اچڻ لڳا.
    ان سڪل واهه ۾ ڪٿي ڪٿي پهاڙن تان ڪرندڙ پاڻي، ننڍن ننڍن دٻن جي شڪل ۾ بيٺو هو. واهه ويڪرو ٿيندو ويو ۽ گڏوگڏ سندس ڪنارو به مٿانهينءَ تي ٿيندو ويو، ڀرسان هڪڙو پهاڙي سلسلو به شروع ٿي ويو. مان ڪَڙَ ڇڏي واهه جي وچ مان، پٿرن تان هلندي رستو طئي ڪرڻ لڳس.
    وري واهه جا ڪنارا سوڙها ٿيندا ويا ۽ چاڙهي شروع ٿي وئي، منهنجي سامهون واهه جو موڙ اچي ويو، ڏاڍو خطرناڪ ۽ پٿريلو هو. ٻنهي پاسن کان ايترا ته گهاٽا وڻ هئا جو موڙ جو اڳيون حصو به نظر ڪونه پئي آيو.
    موڙ طئي ڪري جيئن ئي اڳيان وڌيم ته هڪ دم ڊڄي بيهي رهيس، پهريائين ته ڪنن تي ڪنهن جهرڻي جو آواز آيو، پر جڏهن اڳتي وڌيس ته پهاڙي ڪنهن ديوار وانگر منهنجي سامهون آئي، جنهن جي وچ واري ڦاٽ مان پاڻي نڪري رهيو هو، جيڪو هيٺ وهندي، جهرڻي جي صورت ۾ بدلجي ٿي ويو. پاڻي اوڀر کان ڏکڻ طرف وهي رهيو هو، شايد انڪري واهه جو اولهه کان اوڀر وارو پاسو سڪل هو.
    ان پهاڙيءَ جي ڀت جي بلڪل مٿان سڀ کان مٿانهين چوٽي تي ڪواڙي قلعي جي ٽٽل ديوار، ٽٽل ڦٽل ڪنگرا ۽ برجيون نظر اچي رهيون هيون.
    مون سوچيو، ڪو ٻيو رستو به هوندو، جيڪو ڪواڙي قلعي جي طرف ويندو هوندو. مان شايد ان قلعي جي پوئين پاسي کان آيو هوس. ان پاسي پهاڙي ڪافي سڌي هئي، ساڄي پاسي مون کي هڪڙو چارو نظر آيو، چڱو خطرناڪ هو، پر وچ ۾ جاءِ جاءِ تي ننڍا ننڍا ٻُوڙا ۽ وليون ڦٽل هيون، جن کي جهلي، مان مٿي وڃي ٿي سگهيس.
    ڀت تي رينگڻ واري چچيءَ جيان مان آهستي آهستي ڪوشش ڪري مٿي چڙهندو ويس، من ۾ طرح طرح جا خيال پئي آيا ويا. عجيب چريو ماڻهو آهيان مان به جو ڪلڪتو ڇڏي، هن سنسان علائقي ۾ هليو آيوآهيان، سو به هڪ بيوقوف سيٺ جي چوڻ تي.
    زندگيءَ جي ڏکئي امتحان کان بچڻ لاءِ جهنگ سان هن قسم جي محبت هڪ حساب سان فرار نه آهي؟ پر تون بچي نه سگهندين! جتي ويندين زندگي تنهنجو پيڇو ڪندي رهندي ۽ پنهنجو ڏن وصول ڪندي رهندي مسٽر!
    سوچڻ سبب منهنجو پير ٿڙي ويو، جنهن ٻُوڙي ۾ هٿ پيل هو ان جي ٽاري ٽٽي پئي ۽ مان ٻه ٽي فوٽ هيٺ کسڪي ويس، پير ڦٻائڻ جي جاءِ ملي وئي ۽ پپل جي هڪ ٽاري هٿ لڳي وئي جيڪو پهاڙ جي ديوار کي ڦاڙي نڪتو هو. زندگي ائين پهاڙ کي ڦاڙي پيدا ٿيندي آهي، ان کان ڪيترو ڀڄندين!؟
    گوڏا ڇلجي پيا، هٿ زخمجي پيا، پر مٿي کسڪندي، لڙڪندي، ٿڙندي ٿاٻڙجندي بهرحال ڪنهن طريقي سان قلعي جي ان ٽٽل ديوار تائين پهچي ويس، جتي اهو پيچرو ختم ٿي رهيو هو.
    آبشار جو آواز گهٽجي ويو هو ۽ منهنجي سامهون ڪو منظر ئي ٻيو هو، نگاهن ۾ هڪ کليل واديءَ جو منظر ڀرجي ويو، جنهن جي پرئين پاسي سائي جهنگ سان گڏ پهاڙي سلسلو هو، پريان پهاڙي سلسلي مان ڪرندڙ ندي، هن مٿانهين واديءَ جي دامن ۾ ڦهلجندي ٿي وئي ۽ ان واديءَ جي اتر ۾ مٽيءَ جي چوني سان لپيل هڪڙو اڇو گهر نظر اچي رهيو هو، جنهن جي هڪ پاسي جهنگ ۽ ٽن طرفن کان ٻني ئي ٻني،
    سيٺ صحيح چيو هو!
    واقعي بيحد حسين جاءِ آهي!
    فطرت جي جهوليءَ ۾ جتي ساري زندگي گذاري سگهجي ٿي!
    مان دير دير تائين دل کي وڻندڙ ان واديءَ کي ڏسي رهيوهوس، آسپاس قلعي جي کنڊرن کان بلڪل بي پرواهه.
    اوچتو منهنجي ڀرسان ڪنهن جي کلڻ جو آواز آيو!
    مون ڇرڪي ان طرف نهاريو.
    منهنجي کاٻي پاسي قلعي جو هڪ ٽٽل محراب سان ويڙهيل ٻير جي ٽاري مٿي ٿيندي نظر اچي رهي هئي، جنهن جي هڪ شاخ کي جهلي هڪ ڇوڪري بيٺل نظر آئي. ٻير کائيندي مون ڏانهن ڏسي کلي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي:
    “ٻير ڏاڍا مٺا آهن، کائيندين؟”
    ائين چئي هن ٻه چار ٻير مون ڏانهن به اڇلايا. هڪڙو ته اچي منهنجي نڪ تي لڳو، ٻيو ڳلن تي ته ٻه چار منهنجي نراڙ تي لڳي زمين تي ڪري پيا.
    اهائي ڇوڪري هئي! ساوتري، پر تصوير کان ڏهوڻي حسين!
    *
    ٿوري دير ته مان خاموش نگاهن سان هڪ ٽڪ کيس ڏسندو رهيس، هوا ٻير جي پنن سان ٽڪرائجي سر سر ڪندي رهي ۽ ساوتريءَ جي کليل وارن کي سندس ڪلهن تي نچائيندي رهي، ۽ هوءَ منهنجي سامهون بيٺي هئي، هٿن ۾ ٻير جهلي، وڏين وڏين اکين ۾ شوخيءَ جي چمڪ. ڀر مان ئي ڪو ڳيرو ڀڙڪو ڏئي اڏريو ته ڄڻ منهنجي مٿان طاري ٿيل خاموشي به ٽٽي وئي.
    مون کانئس پڇيو:”تون ساوتري آن نه؟”
    “ساوتري!! ڪير ساوتري؟”
    “لنواءِ نه،” مون ٿورو غصي مان چيو،”تون ساوتري آهين، مون تنهنجي تصوير ڏٺي آهي، تنهنجي شادي پارپيا جي رونق سنگهه صوبيدار سان ٿيڻ واري هئي، پر شاديءَ کان ٻه ڏينهن اڳ تون پنهنجي چگهه سان ڀڄي آئي آهين.”
    هن جي چهري جو سون جهڙو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو، اکين ۾ جتي پهريائين حيرت هئس اتي هڪ وڻندڙ چمڪ اڀري آيس، هن جهڪي هڪڙو پٿر کنيو، چوڻ لڳي:
    “تون ڪير ٿيندو آهين جو مون تي اهڙا ڪوڙا الزام ٿو ڌرين، نه مان ڪنهن جي گهر مان ڀڳي آهيان ۽ نه ئي مان رونق سنگهه کي سڃاڻان ٿي.”
    “ته تون ساوتري ناهين؟” ڇوڪريءَ جي ڳالهائڻ ۾ ڪافي سختي هئي انڪري مونکي سندس ڳالهه تي يقين اچڻ لڳو.
    “مان ته ريکا آهيان، ۽ منهنجي شادي پنج سال پهرين جيرآباد ضلعي ۾ ٿي چڪي آهي ۽ مون کي هڪڙو ٻار به آهي، مان هتي پنهنجي ماءُ وٽ آئي آهيان.”
    “هتي ڪنهن وٽ؟”
    ڇوڪريءَ جو هلڪو قد ٿورو پاسيرو ٿي ويو، هن آڱر سان واديءَ ۾ ٺهيل گهر طرف اشارو ڪندي چيو:
    “او هُو گهر ڏسين ٿو، اهو اسان جو آهي، اهو ٻن منزلن وارو.” ائين چئي هوءَ منهنجي طرف ڦري بيٺي، هن جي ان ريت مڙي بيهڻ سان سندس ڇاتيون پاڻيءَ سان ڀريل ڦوڪڻي وانگر ڇلڪي ويون ته منهنجي دل به ڇلڪڻ لڳي.
    “ته تون سرڀني واديءَ جي مالڪياڻي آهين؟”
    “مالڪياڻي ته منهنجي ماءُ آهي.”
    “سُرجي امان؟”
    هن جا سنهڙا ڳاڙها چپ ٿورا کليا جن ۾ چمبيليءَ جا گل نظر آيا، هوءَ حيرت وچان پڇڻ لڳي:”توکي منهنجي ماءُ جي نالي جي خبر ڪيئن پئي؟ توکي ته هن علائقي ۾ مون اڄ تائين ڪونه ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ماءُ جو نالو سُرجي نه سروجا ديوي آهي.”
    “مان به هن کان اڳ هن علائقي ۾ نه آيو آهيان. هڪڙي سيٺ مون کي تنهنجي ماءُ جو نالو ٻڌايو هو ۽ اهو به ٻڌايو هئائين ته اها هڪ بيوهه آهي، پنهنجي زمين وڪڻي پنهنجي ڌيءَ جي ساهرن ۾ وڃي رهندي.”
    اهو ته سچ آهي،” ڇوڪريءَ مٿو ڌوڻي چيو. هن جي نظرن ۾ منهنجي لاءِ جيڪو شڪ شبهو هو، اهو هاڻي دور ٿيندي نظر آيو،”ته ڇا تون زمين ڳنهڻ آيو آهين؟”
    “زمين ڳنهڻ نه پر زمين ڏسڻ آيو آهيان، جيڪڏهن پسند آئي ۽ اگهه ٺيڪ ٿيو ته ڳنهي به وٺندس، پر هاڻي توکي ڏسي دل چوي ٿي ته مان به جيرآباد ۾ وڃي رهان.”
    “هل هل.” هن معمولي ڪاوڙ ڪندي چيو،
    سندس چهري تي ڪاوڙ ۽ غصو ٿوري وقت لاءِ هو. هر عورت پنهنجي تعريف ٻڌي خوش ٿيندي آهي، ڀلي اها شادي شدهه ڇو نه هجي.
    “منهنجو مڙس ڏاڍو ظالم آهي. جيرآباد ۾ تو جَي مون سان اهڙي تهڙي ڳالهه ڪئي ته تنهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندو.”
    “گهڻا ئي ڏٺا آهن ساهه ڪڍڻ وارا.” مان هن جي ويجهو وڃڻ لڳس. هن هٿ ۾ جهليل پٿر مون ڏانهن اولاريو ته مان بيهي رهيس.
    “مونکي ته هاڻي به اعتبار ڪونه ٿو اچي ته تون ساوتري ناهين؟ سود پود اهائي صورت، ڇا هڪ جهڙيون ٻه ڇوڪريون ٿي سگهن ٿيون؟ ايتري گهري مشابهت! ڪٿي تون مون سان الين ته نه ٿي؟”
    “تون اسان جي گهر ته هلين ٿو نه، هلي امان سان ڳالهائيندين نه ته ان کان پڇي وٺجانءِ ته مان ڪير آهيان.”
    سج ٻڏڻ لڳو، پاڇا ڊگها ٿيڻ لڳا ۽ قلعي جي ڪنگرن ۽ برجين تي لهندڙ سج جي روشني پوڻ لڳي. هوا ۾ خنڪي به وڌڻ لڳي ته سرڀني جي جهنگ مان هڪ عجيب مهڪ به اچڻ لڳي.
    هوءَ مون سان گڏ هلڻ لڳي.
    هوءَ اربيلائيءَ سان مون سان گڏ هلڻ لڳي، گلابي رئي جي هيٺان ڇڪي ٻڌل هيڊي رنگ جي انگي، ۽ ان جي هيٺان ڳاڙهو ڳاڙهو گهاگهرو پڙو، جنهن تي انبن جي پنن وارو ڀرت، جنهن ۾ آرسيءَ جون ٽڪون سبيل، جيڪي لهندڙ سج جي روشنيءَ تي اولڙا ڪري رهيون هيون. چهري تي سون جهڙي چمڪ. هوءَ مناسب بدن ۽ ننڍي قد واري ڇوڪري هئي، پر ڪنهن به ريت هڪڙي ٻار جي ماءُ ڪانه پئي لڳي، ڪٿان به پنجن سالن جي پرڻيل ڪانه پئي لڳي. عمر ۾ به هوءَ سورهن سترهن سالن کان وڏي ڪانه پئي لڳي. هلندي هلندي هن جو گهاگهرو منهنجي پيرن ۾ ٿي آيو يا سندس رئو ڪنهن ڪنڊن واري ٽاريءَ سان اٽڪي ٿي پيو ته مون آهستي سان الڳ ٿي ڪيو ته منهنجو شڪريو ادا ڪرڻ کانسواءِ ئي رئو سنڀالي هلڻ پئي لڳي.
    عجب دلڪش ۽ بي اختيار لوڏ هئي هن جي. مان ته سارو رستو هن کي ڏسندو پئي هليس. مون کي خبر ئي ڪانه پئي ته سج ڪيڏيءَ مهل لهي ويو، ڪڏهن شفق جي لالاڻ، نيري نڀ جي شفاف شيشي تي اڀري آئي ۽ ڪڏهن اهو نيرو گهرو آسمان، سرمائي رنگ ۾ بدلجي ويو، ڪيڏيءَ مهل اس جو ڦهليل ڄار، واديءَ مان اڏري افق جي هن پار گم ٿي ويو، ڪڏهن شام جي پاڇن اونداهيءَ جو پهراڻ پاتو. بس مون کي رڳو ايترو معلوم ٿيو ته جڏهن هن جي گهاگهري پڙي جي ڳاڙهاڻ، ڪاراڻ ۾ بدلجي وئي ۽ ان اونداهيءَ ۾ هن جي پڙي ۾ پويل آرسيءَ جي ٽڪن مان نه ڄاڻ ڪٿان ڪائي روشني جهرمر ڪرڻ لڳي، تڏهن مون ڄاتو ته رات ٿي وئي.
    هلندي هلندي هن، ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل گهرو ساهه به پئي کنيو. جنهن مان ڪنهن ڏکويل من جو احساس ظاهر پئي ٿيو. مان هن جي چهري ڏانهن به ڏٺو پئي پر اونداهيءَ سبب ڪجهه معلوم ڪونه پئي ٿيو.
    مون هن کان پڇيو:”تون ايترو پري قلعي جي کنڊرن ۾ ڇو آئي آهين؟”
    “ٻير کائڻ آئي هئس.”
    “ٻير ته تنهنجي واديءَ ۾ به ملندا هوندا؟”
    “ملندا آهن پر اهي ايترا مٺا نه هوندا آهن.”
    مان خاموش ٿي ويس، ٿوري دير کانپوءِ کيس چيم:”منهنجو خيال آهي ته ڪا ٻي ڳالهه آهي!”
    ڊگهو ساهه کڻي چوڻ لڳي:”نه اها ڳالهه نه آهي، مان قلعي جي ٻاهران کنڊر ڏانهن ان ڪري ويندي آهيان جو ويراني ۾ وڏو سڪون ملندو آهي!”
    “ڇا تون به مون وانگر ويراني کي پسند ڪندي آهين.” مان سندس جواب ٻڌي حيران ٿيندي چيو.
    هن ڪو به جواب نه ڏنو، چپ چاپ هلندي رهي.
    ٿوري دير کانپوءِ اسان لاهيءَ تي لهڻ لڳاسين، هوءَ اڳيان اڳيان، مان پويان پويان. ٿوري دير کانپوءِ پاڻيءَ جو شور ٻڌڻ ۾ آيو. هڪڙي جاءِ تي هوءَ بيهي رهي، اتي اونداهي ڪجهه وڌيڪ هئي.
    چوڻ لڳي:”اچي منهنجو هٿ جهل.”
    “ڇو؟”
    “هتان پاڻيءَ جو وهڪرو تيز آهي، اسان وڻ ڪيرائي پل ته ٺاهي آهي پر لڏندي ڏاڍي آهي، مان ته اکيون بند ڪري ٽپي ويندي آهيان، پر تنهنجو ٿورو به پير ٿاٻڙيو ته ڌو وڃي پاڻيءَ ۾ ڪرندين، پاسراٽيون ئي ڀڄي پوندءِ.”
    مون پڇيو:”توکي هن اونداهيءَ ۾ ڊپ ڪونه ٿو ٿئي؟”
    “نه ته….!”
    هوءَ هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي:”اونداهي ته مون کي ڏاڍي پسند آهي، اونداهي ته منهنجي تقدير آهي.”
    مان چپ ٿي ويس. سوچڻ لڳس. هي ڇوڪري ڏاڍي پيار ڪندڙ ٿي لڳي، ان عمر جون ڇوڪريون گهڻو ڪري رومانٽڪ ٿينديون آهن، ۽ مڙس، ٻارن ۽ گهر گهاٽ هوندي به محبت جي تلاش ۾ آهون ڀرينديون رهنديون آهن.
    مون پنهنجو هٿ سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو، هوءَ منهنجو هٿ جهلي هلڻ لڳي. اسان جا پير هاڻي ڇلي صاف ڪيل وڻن واري پل تي هيا. هيٺان واهه جي پاڻيءَ جو شور وڌي ويو هو. پاڻيءَ ۾ جيڪا اڇي اڇي گج ٺهي پئي، اونداهيءَ جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن اها نظر پئي آئي. ڇوڪري مضبوط قدمن سان هلي رهي هئي، هن جي نرم نازڪ هٿ جون ميڻ جهڙيون آڱريون، منهنجي من ۾ شمعن جيان ٻري رهيون هيون. پوءِ اسان پل پار ڪئي ۽ هڪ چاڙهي چڙهڻ لڳاسين. پاڻيءَ جو گوڙ گهٽ ٿي ويو. وڻن مان ايندڙ آواز بدستور ايندو رهيو. اسان هڪ سڌي سطح تي اچي وياسين، هتان وادي پکڙجي هڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي. اسان ٻئي وڻن جي جهڳٽن ۾ بيٺا هئاسين ته سامهون اٽڪل ٻه سو والن تي اهو ٻه ماڙ گهر نظر آيو، جنهن جي اندر روشني جهلمل ڪري رهي هئي.
    ريکا منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو، چوڻ لڳي:”مان وڃان ٿي!”
    “ڪيڏانهن؟”
    “پنهنجي گهر.”
    “۽ مان؟”
    “تون بعد ۾ اچجانءِ.”
    “ڇو؟”
    “منهنجا گهر وارا مون کي ڪنهن ڌاريي سان گڏ ڏسندا ته ڇا چوندا! ان ڪري تون اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اچجانءِ…نه نه ڪلاڪ کان پوءِ اچجانءِ.”
    “ايندين نه؟” هن عجب دردمنديءَ وچان پڇيو،”پڪ سان ايندين نه؟”
    هن جي دل جو اهو ڏک منهنجي دل کي ڇهي ويو، مون آهستي چيو:”ايندس ڇو نه، هن اونداهين رات ۾ ٻيو ڪيڏانهن ويندس.”
    هو اونداهيءَ ۾ گم ٿي وئي، چند قدمن تان ئي ڄڻ اونداهيءَ ۾ جذب ٿي وئي. مان هڪ پٿر تي ويهي رهيس. هينڊ بئگ مان هڪڙو ننڍو ٽوال ڪڍي پنهنجو چهرو صاف ڪيم، پنهنجي ريڊيم واچ ۾ وقت ڏٺم، اڃان ته ست پئي ٿيا، ها پر پهاڙن تي رات جلدي اچي ويندي آهي، ويٺي ويٺي مون آڀا جي باري ۾ سوچيو. هن کي شايد ٻيو مرد ملي ويو هوندو. ايتري تيز رفتار دنيا آهي، اڄ ڪلهه ڪو به ڪنهن جي انتظار ۾ ڪونه ويٺو آهي. محبت کي به جيٽ جهاز جا پر ملي ويا آهن. اڄ ڪلهه محبت به ڪنهن ايئر هوسٽيس وانگر ٿي وئي آهي، جيڪا هر ايندڙ ويندڙ مسافر کي مرڪ پيش ڪندي آهي، چند گهڙيون هر مسافر سان گڏ هلندي آهي. جنهن جو سمورو سفر زندگيءَ جيان آهي. اها هڪ زال جيان چانهن به ٺاهي پياري ٿي، مانجهاندو به ڪرائي ٿي، لٻيل ٿانءَ به کڻي ٿي، اوهان جي ڪنڌ جي هيٺان وهاڻو به رکي ٿي، جيڪو گهڻو ڪري زالون نه رکنديون آهن. پوءِ سفر ختم ٿيڻ وقت هوءَ ائين هٿ لوڏائي ٿي جيئن اوهان روزانو گهر کان دفتر ويندا آهيو. حالانڪه، شايد اوهان کي ٻيهر ملڻ جو موقعو نه ملي ته به ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي، ڪا ٻي ايئر هوسٽيس….يا وري اهائي هوسٽيس…..مگر مرد ڪو ٻيو. هوائي جهاز جي سفر ۾ هڪڙي ڪشش اها به آهي. هر مسافر کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پنهنجي پسند جي زال ملي ويندي آهي، خوبصورت، خدمتگار، گهٽ ڳالهائڻي ۽ سدائين مرڪندڙ.
    فالتو پيار کان مون ڪڏهن به نه گهٻرايو آهي، پر دل جي اندر، دل جي بلڪل اندر پهچي، ڪٿي ٿڪجي پوڻ جو احساس به لڪل ملندو آهي. نه ڄاڻ ڇو؟ حالانڪ اها مرد جي فطرت نه آهي. پر اڄ ڪلهه ته عورت جي فطرت به بدلجندي ٿي وڃي. سوچيان ٿو ته مرد ۽ عورت کي هڪ جيترا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ٻنهي جي فطرت هڪ جهڙي ٿي ويندي!
    ان ۾ آڀا جو ڪهڙو ڏوهه؟ شايد هوءَ مون کان وڌيڪ سچي ۽ حقيقت پسند آهي، پوءِ سچ ۽ ويراني جي ڳولها جي لاءِ جهنگل ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اڄ ڪلهه جي شهري زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جي وچ واري تارڪٿي ٽٽي پئي آهي، شايد ان کي ڳولهڻ لاءِ وڻن جي ويجهو وڃڻ ضروري آهي.
    سوچيندي سوچيندي، پورو ڪلاڪ ائين گذري ويو جو خبر ئي ڪانه پئي. خيال جي روانيءَ ۾ اهائي ته سونهن آهي جو ماڻهو ٿڪبو ئي نه آهي، مگر مان صبح کان سفر ڪندي ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس ۽ سامهون گهر جون روشنيون مون کي سڏي رهيون هيون.
    *



    حاويليءَ جو دروازو کليو ۽ ڪنهن لالٽين مٿي ڪري منهنجي چهري تي روشني وڌي.
    “ڪير آن تون؟” ڪنهن پوڙهي عورت جو آواز هو.
    “مسافر آهيان، راهه وڃائي ويٺو آهيان، رات گذارڻ لاءِ پناهه گهرجي.”
    “ڪاٿون پيو اچين؟”
    “پارپيا ڳوٺ کان.”
    “هتي ڪهڙو ڪم اٿئي؟” پوڙهي عورت لالٽين هيٺ ڪر ي ڇڏيو، جنهن ڪري مان ان عورت جو ميٽوڙي رنگ وارو چهرو ڏسي پئي سگهيس. سندس منهن جي کل ۾ ڪٿي ڪٿي سائي رنگ جون جُهريون پيل هيون، ائين پئي لڳي، ڄڻ تازو ڪنهن ڪفن مان ڪڍيو هجيس.
    “او هو. ويچارو ٻاهر سرديءَ ۾ ڏڪي پيو.” نوجوان ڇوڪريءَ اندران ئي آواز ڏنو.” ويچاري کي اندر ته اچڻ ڏي داهلي بوئا.”
    مون آواز سڃاتو، ريکا هئي.
    پوءِ ريکا جي پويان ڪنهن ٻي عورت جو آواز آيو،”ريکا ڌيءَ ڪير آهي؟”
    “امان ڪو مسافر آهي، رات رهڻ ٿو چاهي!”
    “ان کي اندر وٺي آ.” ان عورت فيصلو ڪندي چيو. ۽ منهنجي سامهون بيٺل پوڙهي عورت مون کي اندر اچڻ لاءِ رستو ڏنو، پر هن جي پاسيري ٿي بيهڻ مان اندازو لڳايو ته هوءَ راضي نه هئي. منهن ئي منهن ۾ ڀڻ ڀڻ پئي ڪيائين ۽ مون کي شڪي نظرن سان پئي نهاريائين.
    اڳيان اڳيان ريکا، ان جي پويان لالٽين کڻي هلڻ واري پوڙهي، جنهن جي پويان مان. هي مختصر قافلو هڪ کليل اڱڻ مان گذريو. اڱڻ پار ڪري هڪ سوڙهي ۽ اونداهي هال ۾ پهتو، چند والن جي مفاصلي تي روشني نظر آئي. هال جو وڏو دروازو ٽپي اندر آياسين.
    هيءَ هڪ وڏي ۽ وسيع بيٺڪ هئي، پراڻي فرنيچر سان ڀريل، جيڪو اٽڪل سو سال پراڻو ٿي لڳو. جاءِ جاءِ تي تخت ۽ طول وهاڻا ۽ هڪڙي پراڻي ڇپر کٽ ۽ زريءَ جي ڀرت وارا پردا، ديوارن تي پراڻيون بندوقون، ڦاڙهن ۽ سانبرن جون منڍيون، بزرگن جون تصويرون ۽ ڇت ۾ ٽنگيل بلور جا ٻه وڏا شمعدان، اندر هال ۾ خوشبوءِ به پراڻي زماني جي هئي. راجپوتي زرهه ۽ تلوارن جي جهنڪار ۽ گونج. ان وسيع هال ۾ رکيل سامان کي ڏسندي، لڳو ٿي ته هن گهر ڏاڍا سٺا ڏينهن به ڏٺا آهن ۽ ڪڏهن اهڙا خوفناڪ به جيڪي ظلم ۽ تشدد جي خون سان ڀريل هوندا.
    مان نهايت حساس ماڻهو آهيان ۽ ان وسيع بيٺڪ ۾ رکيل پراڻي سامان کي ڏسندي، منهنجي نظرن اڳيان ماضيءَ جا پاڇا چٽا چٽا ڦرڻ لڳا هئا، پر مون پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو، ڇاڪاڻ ته منهنجي سامهون ڪاري ڪناري واري سفيد ساڙهي پاتل ڪروڙوڍ عورت تخت تي ويٺي، کليل پادان مان سوپاريون ڪڍي ڪتري رهي هئي ۽ مون ڏانهن نهاري رهي هئي. هن جي مهانڊي ۽ سونهري رنگ ۽ بدن جي مشابهت مان، مون اندازو لڳايو ته هوءَ ريکا جي ماءُ هوندي، اڄ به خوبصورت هئي ڪڏهن ته بيحد خوبصورت هوندي.
    چوڻ لڳي:”هتي ته ڪوئي ايندو ويندو ناهي، تون ڪيئن ڀُلجي پيو آهين.”
    هن جون گهوريندڙ نگاهون منهنجي جسم ۾ چڀڻ لڳيون.
    مون چيو:”سچ ته اهو آهي ته مان دڳ ڀُجي نه پر هن پاسي اچڻ جي ارادي سان آيو هوس. هڪڙي سيٺ مون کي اوهان جي گهر جو ڏس ڏنو هو، زمين خريدڻ جو خيال آهي، جيڪڏهن اگهه ۾ پڄاءُ پيو ته….”
    ريکا جي ماءُ غور سان مونکي ڏسندي رهي، اوسيئڙو ڪرائيندڙ هڪ وڏي وقفي کان پوءِ سهڻن مهانڊن واري ان عورت جي واتان نڪتو:”ماڻهو شريف ٿو لڳين، توسان سودو ٿي ويندو.” ائين چئي مڙي هن، ان پوڙهي عورت کي چيو،”هن کي مهمان خانو کولي ڏي، وهنجڻ لاءِ پاڻي به رکي ڏيس ۽ ريکا تون مون سان اچ، لڳي ٿو ته مهمان پاڻ سان بسترو به ڪونه آندو آهي، مان اندران رلهيون وهاڻا آڻي ٿي ڏيانءِ.”
    ريکا پنهنجي وڏين وڏين اکين سان مون ڏانهن نهاريو، هن جي ان پراسرار نهار ۾ ڪا خاص ڪشش هئي، پوءِ هوءَ مڙي پنهنجي ماءُ سان هلي وئي.
    وسيع بيٺڪ مان ئي ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڏاڪڻ مٿي وڃي رهي هئي. داهلي بوئا لالٽين کڻي اڳيان اڳيان هلڻ لڳي. اسان ٻنهي جي قدمن جو کڙڪو، ان وسيع هال ۾ گونجڻ لڳو، لڳو پئي ته ڪاٺيءَ جي ان ڏاڪڻ تي ڪنهن زماني ۾ قالين يا غاليچو وڇايل ڳهوندو، جنهن سان هلڻ واري جي قدمن جو آواز به پيدا ڪونه ٿيندو هوندو، پر هاڻي ته ان ڪاٺيءَ جي ڏاڪڻ جي سموري سونهن ۽ چمڪ دمڪ غائب ٿي چڪي هئي. هلندي هلندي هاڻي ته ڏاڪڻ به چيڪاٽ ڪري رهي هئي.
    ڏاڪڻ چڙهي اسان ساڄي پاسي مڙياسين، وري کاٻي پاسي، پوءِ هڪ ڊگهي بيٺڪ، جنهن جي ڪنڊ تي پهچي داهلي بوئا پنهنجي گهاگهري ۾ لڙڪندڙ چاٻين جي هڪ وڏي ڇلي مان هڪڙي چاٻيءَ سان دروازو کوليو ۽ لالٽين کڻي اندر وئي. لالٽين جي روشنيءَ ۾ مون کي ائين لڳو، ڄڻ مان ڪنهن باغيچي ۾ اچي ويو آهيان، ڀتين تي ساون ساون گهاٽن وڻن، ولين سان جهنجهيل نقش نگار ٺهيل هئا، ڇت به اهڙن ئي گلن ٻوٽن سان نقش ٿيل هئي. هڪڙو دروازو، گڏ ئي پراڻي وضع جو هڪڙو غسل خانو. ڪمري ۾ هڪڙي جاءِ تي ڇپر کٽ پئي هئي. ٻئي طرف به تخت ۽ ٻه ميزون رکيل هيون. هڪ ڪُنڊ ۾، نيري رنگ وارو چينيءَ جو قيمتي، گهگهي جهڙو گلدان رکيو هو.
    مان اڃان ڪمري جو معائنو ئي ڪري رهيو هوس ته سروجا ديوي، ڇپر کٽ تي وڇائڻ لاءِ چادرون ۽ وهاڻا آڻي داهلي بوئا کي ڏئي وئي. داهلي بوئا جا چپ اڃان تائين ڪاوڙ سبب ڀيڪوڙيل هئا ۽ ڀرون چڙهيل، هن پنهنجي ڪاوڙ، بستري وڇائڻ ۽ چادرن کي ٺيڪ ڪرڻ مان پئي ڪڍي.
    پوءِ ڌوتي ٻڌل هڪڙو ڊگهي چوٽيءَ وارو نوڪر، هٿن ۾ پاڻيءَ جون ٻه بالٽيون کڻي اندر آيو، هڪڙيءَ مان ٻاڦ پئي نڪتي، ٻي بالٽيءَ ۾ شايد ٿڌو پاڻي هو. مون کيس چيو:”مون کي ٿڌي پاڻيءَ جي هڪڙي ٻي بالٽي به گهرجي.”
    داهلي بوئا جون ناسون ڦنڊي ويون، چپن ئي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. نوڪر جواب ۾ چيو:”جي حاضر صاحب.” هو هليو ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ پاڻيءَ جي هڪڙي ٻي بالٽي به کڻي غسل خاني ۾ رکي ويو. داهلي بوئا ٽپائيءَ تي رکيل شمعدان ٻاريو، پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳي:”جڏهن ماني تيار ٿي وئي ته اچي سڏي وينديسانءِ.”
    مون ڪجهه نه ڪڇيو، هينڊ بئگ مان هڪڙو جوڙو ڪڍي غسل خاني ۾ گهڙي ويس ۽ پوءِ چڱي ريت تڙ ڪيم.
    ٿڪل هوس، تڙ ڪرڻ کانپوءِ ننڊ اچڻ لڳي، ٿوري دير آرام ڪرڻ جي خيال کان ليٽي پيس پر خبر ئي ڪانه پئي جو ننڊ اچي وئي، بس اوچتو ڪنهن اچي ٻه ٽي ڌوڏا ڏنا ته اک کلي وئي. ڏٺم ته رات گهڻي گذري چڪي هئي ۽ ريکا منهنجي مٿان بيهي مون کي جاڳائي رهي هئي.
    “ڪڏهن کان ستو آهين، اٿ ماني به ٿڌي ٿي وئي آهي، سڀئي کائي سمهي پيا آهن،”
    “مون کي به جاڳايو ها!” مون چيو.
    “امان جهليو، چوي پئي ته ٿڪل هوندو ڀلي ٻه گهڙيون سمهي آرام ڪري وٺي.”
    مان اٿي هن جي پويان پويان هلڻ لڳس. ٻن ٽن دروازن مان گذري اسان هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ داخل ٿياسين. اهو هڪ ننڍڙو رنڌڻو هو، ماني پچائڻ لاءِ نه پر ماني گرم ڪرڻ لاءِ هو. کاڌي جو سمورو سامان ڍڪيل ٿانون ۾ رکيل هو، چلهه ۾ هلڪي باهه تي هڪڙو ننڍڙو ديڳڙو به رکيل هو، جنهن جي ويجهو بادامي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس ريکا جي ماءُ ڦلڪا پچائي رهي هئي.
    “اوهان ڏاڍي تڪليف ڪئي مون کي اڳ ۾ ئي جاڳائي ڇڏيو ها!”
    ريکا جي ماءُ هڪ ٿالهيءَ ۾ رکيل ڪٽورين مان ٻوڙ ڪڍيو ۽ گرم گرم ڦلڪو لاهي ٿالهي منهنجي ويجهو ڪري ڇڏي. ٻي ٿالهي هن ريکا کي ڏني، جيڪا منهنجي پويان ساڄي پاسي ائين ويٺي هئي جو مان وارن جي گهيري ۾ آيل سندس منهن ڏسي پئي سگهيس.
    کاڌو نهايت خاموشيءَ سان کاڌوسين. گهڻي بک سبب مان ته ماني کائڻ ۾ جنبجي ويس پر رکي رکي ريکا کي به ماني کائيندي ڏسي رهيو هوس. هن جي اکين ۾ گهرا سپنا هئا، مون کي ته اهو سمورو منظر ئي ڪنهن سپني جهڙو پئي لڳو. کاڌو کائيندي ڪڏهن ننڊ کان اکيون ٻوٽجي ٿي ويون ۽ کن پل جي لاءِ اونداهي ڇانئجي پئي وئي. وري اکيون کلن پيون ته ريکا جي ماءُ جي مک تي چلهه واري باهه جا پاڇا پئي نظر آيا، ۽ هڪڙو روشني جو ڪرڻو ڪڏهن ڪڏهن ريکا جي وارن ۽ منهن تي به پئي پيو. ريکا جون ميڻ جهڙيون آڱريون پئي ڏٺم، جن سان هن ڏاڍي سليقي سان، چپ کولي گراهه کڻي وات ۾ پئي وڌو. هڪ دفعي ته هن جي ٿالهي منهنجي ٿالهيءَ سان ٽڪرائجي وئي، مون کي ائين لڳو ڄڻ هن پنهنجو گراهه ڀڃي منهنجي ٿالهيءَ ۾ وڌو هجي ۽ مون اهو کڻي پيٽ ۾ نه پر پنهنجي دل جي اٿاهه گهرائين ۾ ڪٿي لڪائي ڇڏيو. ان غنودگيءَ جي حالت ۾ مون کي ڪجهه ياد نه آهي ته وڌيڪ ڇا ٿيو. وڏي قرب واري خاموشيءَ ۾ هن جون ڦڙڪندڙ پلڪون ۽ انهن جي پاڇي ۾ سندس اکيون ۽ گراهه کڻي چپن وٽ ترسي پوڻ واريون آڱريون ۽ سندس ساهه، اهڙو مڌم ۽ گداز ڄڻ اڌ رات جو رات جي راڻيءَ جا گل پيا ٽڙن. ڪڏهن ته ڏهن ڏهن سالن ۾ ڪجهه ڪونه ٿيندو آهي، ڪڏهن ته هڪڙي لمحي جي اڏار ۾ سموري زندگي روشن ٿي ويندي آهي.
    ماني کائڻ کانپوءِ ريکا منهنجا هٿ ڌئاريا، پوءِ سروجا ديويءَ هڪڙو شمعدان کنيو، اڳيان اڳيان ماءُ هلي، پويان پويان ڌيءَ، جنهن جي پويان مان. ان بندري قد واري ڇوڪريءَ جي چال ۾ ڪافي لوڏ هئي، ننڊ واري خماريل چال، وڏا ٿڌا ٿڌا گهاوَ، ڏاڍا خطرناڪ جسماني زخم، ڪيترائي ڀيرا منهنجي دل چاهيو ته هن کي پنهنجي ٻانهن جي ڀيڪڙ ۾ ڀري وٺان. مون کي ڪجهه ائين محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ ڪنهن گڏيءَ وانگر منهنجي ٻانهن ۾ سمائجي ويندي، پر مون پاڻ کي سنڀالي ورتو. حالانڪ ننڊ هئي، ننڊ جا خمار هئا ۽ گهري قرب واري خاموشي هئي. ڪنهن به ڪجهه به نه پئي ڳالهايو پر لڳو ائين پئي ڄڻ بدن بدن کي سڏي رهيو هجي.
    ڪمري جي ويجهو اچي ٻئي ماءُ ڌيءُ بيهي رهيون. ماءُ چيو:
    “آرام سان سمهي پهءُ، صبح جو ٻه گهوڙا تيار هوندا ۽ ريکا توکي زمين ڏيکاري وٺندي.”
    ريکا جون نظرون مون ڏانهن کڄيون، هڪ لمحي لاءِ ڄڻ کنوڻ جو چمڪو ٿيو، پوءِ هن جون اکيون جهڪي ويون ۽ ڪجهه چوڻ کان سواءِ ئي ماءُ سان گڏجي هلي وئي. جيستائين اکين کان اوجهل نه ٿي، مان اُتي ئي بيٺو کيس ڏسندو رهيس.
    پوءِ مان پنهنجي ڪمري ۾ آيس. دروازو اندران بند ڪيم، شمعدان کي وسايم ۽ ٻئي دريون کولي ڇڏيم. پري کان ايندڙ جهنگل جي هوائن جو شوڪاٽ ڪندڙ آواز ٻڌندي مان سمهي پيس.
    الائي ته ڪيتري دير تائين ستو پيو هوس ته اوچتو مون محسوس ڪيو ته منهنجو ساهه گهٽجي رهيو آهي ۽ ڪو شخص گهوگهو ڏئي منهنجو ساهه ٻوساٽي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان ئي وقت منهنجو هٿ گردن ڏانهن هليو ويو، ان ئي وقت ان جو هٿ به نوڙ جي ان ڦاهي ۾ ڦاسڻ لڳو هو. مون پنهنجي ويجهو ڪنهن جي ساهن جو آواز به ٻڌو پئي ۽ ڪوئي هيو جيڪو ان ڦاهي کي زور سان منهنجي ڳچيءَ ۾ جڪڙي رهيو هو.
    منهنجي خوشقسمتي هئي جو ستل حالت ۾ ئي منهنجو هٿ منهنجي گردن تائين پهچي ويو هو، پوءِ مان ان هٿ کي جهلڻ چاهيو، جيڪو ڦاهي ۾ ڦاٿل هو، حالانڪ ڦاهو ڏيڻ واري پڪڙيو به ڏاڍي مضبوطيءَ سان هو پر مان پنهنجي طاقت سان هن جو هٿ گردن کان ٿورو مٿي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، پوءِ مان هڪڙو جهٽڪو ڏنو جنهن سان جڪڙيل ڦاهي مان آزاد ٿي ويس.
    ڪمري ۾ مڪمل طور تي اونداهي هئي، ڪجهه به نظر ڪونه ٿي آيو، ٻئي لمحي ڦاهو ڏيندڙ شخص مون سان چنبڙي پيو، ۽ مون کي قابو جهلي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اسان ٻئي وڙهندي، ڇپر کٽ کان هيٺ ڪمري جي فرش تي ڪري پياسين ۽ هڪٻئي سان وڙهندي فرش تي ئي چڪر ڪاٽيندا رهياسين.
    هن شخص جو سارو بدن اگهاڙو هو ۽ سندس بدن مان ڀنگ جي بوءِ اچي رهي هئي، وڙهڻ دوران مون محسوس ڪيو ته هو ڪو هٽوڪٽو شخص هو ۽ قد ۾ ڍينڊو هو پر ڏاڍو طاقتور هو. هن کي ملهه واري ڏانءَ سان ڪيرائڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو، پر مون ڪلڪتي ۾ جوڊو ڪراٽي جو فن سکيو هو. سو ٻه چار ڀيرا ڌڪ کائڻ کانپوءِ اونداهيءَ ۾ اندازو ڪري مون سندس پاسراٽين ۾ ڪراٽي جو هڪڙو ئي هٿ هنيو ته هو ڦيراٽي کائي ڪري پيو. ڪرندي هن جي وات مان ايذاءَ کان دٻيل رڙ به نڪري وئي. پر هو بيحد مضبوط هڏ ڪاٺ وارو شخص پئي معلوم ٿيو، جو ڪرندي ئي هڪدم اٿي مون سان ٻکجي ويو ۽ مون کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر مان ڪرندي ڪرندي به هن جي ٻک مان پاڻ ڇڏائي ويس. بس ان مهل جوڊو وارو داءُ هنيو مانس ۽ ساڻ ساڻ سندس گردن تي هڪڙو اهڙو وار ڪيم جو هو منهنجو وار نه بچائي ها ته هن جي گردن ٽٽل هجي ها، پر پوءِ به سندس ڪلهي تي منهنجو ٻيو وار به ايترو ته سخت پيو جو هو ٿاٻڙندو پري وڃي ڪريو، پر ساڳئي وقت هو نوريئڙي وانگر ڊوڙ پائي دريءَ مان ٽپو ڏئي، ڪنهن جن وانگر غائب ٿي ويو.
    ٿوري دير تائين ته مان به ٿڪل هجڻ سبب سهڪي رهيو هوس. پر پوءِ جڏهن ساهه پنهنجي جاءِ تي آيو ته مان تيلي ٻاري. شيشي جو شمعدان روشن ڪيو ۽ دروازو کولي ٻاهر بيٺڪ ۾ هليو آيس، پر اتي ڪوئي به ڪونه هو. جيڪڏهن ڪوئي هيو به ته اهو هليو ئي ويو هو.
    مان واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيس. دروازو چڱيءَ طرح بند ڪيم، ٻئي کليل دريون بند ڪيم ۽ سگريٽ دکائي بستري تي اچي ويٺس، سگريٽ جا سوٽا هڻندي مان سوچڻ لڳس ته اهو اوچتو حملو ڪنهن ڪيو هوندو؟ ڀلا ڇو ڪيو هوندو؟
    جڏهن ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته چادر تاڻي سمهي پيس، پر ننڊ گهڻي دير تائين ڪانه آئي. پوءِ به سوچيندي سوچيندي الائي ته ڪيڏيءَ مهل ننڊ اچي وئي. اٿيس ته سج جا ڪرڻا ڪمري ۾ گهڙي آيا هئا ۽ ڪوئي زور زور سان دروازو کڙڪائي رهيو هو.
    اٿي دروازو کوليم ته ڏٺم ته داهلي بوئا چانهن جو ڪوپ جهليو بيٺي هئي.
    *

    کائڻ واري ڪمري ۾ نيرن جو سامان رکيل هو، اڏوهيءَ کاڌل پراڻي ميز، جنهن تي شايد مهمان جي اعزاز ۾ اڇي چادر وڇائي ويئي هئي، ميز نيرن جي شين سان سجيل هئي. نيرن سبزيءَ مان ٺهيل هئي، تريل مٽر، پٽاٽن جي ڀاڄي، مرچن وارو ڪدوءَ جو ٻوڙ، تازو مکڻ، گرم گرم اڦراٽا.
    ريکا جي ماءُ چوڻ لڳي:”ناشتو چڱيءَ طرح ڪجانءِ، اڄ توکي زمين ڏسڻ لاءِ وڃڻو آهي، شام جو موٽندين.”
    “ته ڇا سارو ڏينهن ماني نه ملندي؟” مون مرڪندي پڇيو ۽ غور سان سروجا ديويءَ ڏانهن ڏٺو. سروجا ديوي وهنجي آئي هئي ۽ بنارسي سلڪ جي سفيد ساڙهي پائي ويٺي هئي. سندس ڳاڙهسري چهري جو پڪو پختو حسن عجب دلڪش پئي لڳو. مون سوچيو، هن عمر ۾ ئي هيءَ عورت ايتري خطرناڪ حد تائين حسين آهي ته جوانيءَ ۾ سندس ادائون ڪيتريون نه دل کسيندڙ هونديون.
    سروجا ديوي چوڻ لڳي:”نه! مان ڪرپا رام جي هٿان ٻن پهرن جو کاڌو موڪلي ڏينديس.”
    ريکا پڇيو:”پر هو اسان کي گڏبو ڪٿي؟”
    سروجا ديوي چيو:”هو ماني کڻي توهان کي شڪار گهر تي اچي ملندو.”
    “اهو شڪار گهر ڪٿي آهي؟” مون ريکا کان پڇيو.
    “جتي اسان جي زمين ختم ٿئي ٿي ۽ جهنگل شروع ٿئي ٿو، اتي هلي، مان توکي ڏيکاري ڇڏينديس.” ريکا چيو.
    منجهنجي سامهون ڀت تي ٻه تصويرون ٽنگيل هيون، ويڪري چهري وڏين مڇن، ۽ کاڏيءَ تي ٻنهي طرفن کان ڇڪيل راجپوت وضع جي ڏاڙهي، گهريون چمڪيليون ۽ پروقار اکيون، مٿي تي ڪلف لڳل ڪپڙي واري پڳ، هڪڙي جي عمر وڌيڪ پئي لڳي، ٻئي جي گهٽ، پر ٻنهي جي شڪلن ۾ تمام گهڻي مشابهت هئي، جيئن مون ساتري ۽ ريکا جي چهرين ۾ ڏٺي هئي.
    مون ٻنهي تصويرن جي باري ۾ ريکا جي ماءُ کان پڇيو.
    سروجا ديويءَ جو چهرو مرجهائجي ويو، هن هڪ لمحي لاءِ ٻنهي تصويرن ڏانهن نهاري، نظرون ڦيرائي ڇڏيون، آهستي چوڻ لڳي:”وڏي عمر وارو منهنجو مڙس آهي، ٻيو جيڪو ننڍي عمر جو ٿو لڳي، اها تصوير منهنجي ڏير جي آهي!”
    “ٻئي ڪٿي آهن؟”
    سروجا ديوي ڪجهه به نه ڳالهايو، اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا.
    ريکا چوڻ لڳي:” ٻئي گذاري ويا آهن.”
    سروجا ديوي چوڻ لڳي:”جيستائين ٻئي ڀائر جيئرا هئا، هيءَ وادي سرسبز هئي ۽ زندگيءَ جيان جيئري جاڳندي هئي، پورن ٽن سون ايڪڙن ۾ پوک ٿيندي هئي، پنجاهه کان ته مٿي اسان جا هاري هونداهئا، هن حاويليءَ جو شان ئي نرالو هوندو هو. انهن جي گذاري وڃڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه اجڙي ويو….مان عورت ذات، ڪيستائين هيءَ زمين سنڀالي سگهنديس، ڇوڪريءَ جي شادي ٿي وئي آهي، صرف ست هاري بچيا آهن، اهي به سدائين ڀڄڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، ان ڪري مون سوچيو آهي ته زمين وڪڻي مان به وڃي ڌيءَ وٽ رهان….پر جيڪڏهن اتي دل نه لڳي ته هردوار هلي وينديس، هاڻي هن ويراني ۾ منهنجي دل ڪانه ٿي لڳي.”
    “پر منهنجي دل شايد لڳي وڃي.”
    چوڻ لڳي:”ڏسي وٺ جڳهه پسند اچئي ته سودي ۾ به ٺهي پونداسين.”
    مون پڇيو:”ڇا مون کي سڀ ڪجهه خريدڻو پوندو.”
    “نه.” هوءَ چوڻ لڳي، “هي گهرمان نه ڏينديس، هيءَ حاويلي اسان جي وڏن جي آخري نشاني آهي، هن سان گڏ پنهنجي ۽ ريکا جي لاءِ پنجاهه ايڪڙ زمين به پاڻ وٽ رکنديس، توکي ڪو اعتراض ته ناهي؟”
    “نه نه،” مون چيو،”مون کي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان هتي رهندا، هڪ کان ٻه وڌيڪ ڀلا ٿيندا آهن، ٻيو ته مان به ايتري ساري زمين وٺي ڇا ڪندس، شايد مون وٽ ايترا پئسا به ڪونه آهن!”
    سروجا ديوي کاڌي جي ميز تان اٿندي چيو:”نيرن ڪري سوير ئي نڪري وڃو ته سٺو، حاويليءَ جي ٻاهران گهوڙا تيار هوندا.”
    ريکا جي ماءُ جي وڃڻ کانپوءِ مان سوچي رهيو هوس ته رات واري حملي جي ڳالهه ريکا کي ٻڌائي ڇڏيان، ته ايتري ۾ ريکا پڇيو:”هن ڀڙڀانگ علائقي ۾ ڇو ٿو رهڻ چاهين؟ ڇا ڪنهن جي محبت ۾ هارَ کائي آيو آهين؟”
    مان ٿوري وقفي کان پوءِ چوڻ لڳس:” نه ته، مان ان کي هارَ نه چوندس ڇاڪاڻ ته مون اهڙي محبت ئي ڪانه ڪئي آهي جو….پرمان ڪنهن کان هارڻ ضرور ٿو چاهيان!”
    “ڇو؟”
    “انڪري ته زندگيءَ ۾ صرف گل نه آهن، زخمن سان به زندگي گذاري ٿي سگهجي، شايد زخم ۽ حسرتون گهڻي دير تائين ياد رهنديون آهن، انهن جو درد، ڪنهن جهرڻي وانگر پيو وهندو آهي.”
    “پر هتي توکي محبت ڪرڻ لاءِ ڪهڙي عورت ملندي؟ مان به ٻن ڏينهن کانپوءِ ساهري گهر موٽي وينديس. منهنجي ماءُ به، جيڪڏهن تو زمين خريد ڪري ورتي ته اها به هتان لڏي هلي مون سان رهندي، تون هن ويراني ۾ ڪنهن سان محبت ڪندين؟”
    “مان شايد ڪنهن هرڻيءَ سان محبت ڪندس، دل ۾ پيار هجي ته پٿر به نرم گداز ٿي ويندو آهي. هن حاويليءَ جي وسيع بيٺڪ مان، مون کي ڪنهن جي ڇيرين جي ڇڻ ڇڻ ٻڌڻ ۾ ايندي، محبت لاءِ ڪنهن جو تصور به ڪافي آهي.”
    “عجيب چريو ماڻهو آهين!”
    “چريو هجان ها ته انسانن جي آبادي ڇڏي هن سنسان علائقي ۾ ڇو اچان ها.”
    ريکا ڊگهو ساهه کنيو ۽ کاڌي جي ميز تان اٿي کڙي ٿي، چوڻ لڳي:”تون ٻاهر هل، مان ڪپڙا بدلائي اچان ٿي.”
    ريکا جڏهن ڪپڙا بدلائي حاويليءَ کان ٻاهر آئي ته هن کي هلڪي ڳاڙهسري ۽ سرمائي رنگ وارو چولو پاتل هو، جنهن تي سونا بٽڻ ٽاڪيل هئا ۽ هلڪي ڳاڙهسري ۽ سرمائي رنگ وارو چوڙيدار پاجامو، جنهن مان هن جي ڀريل ڀريل ٽنگن جي دل ۾ پيهي ويندڙ سونهن، عجب بهار جو احساس پيدا ڪري رهي هئي. وار، هڪ ڊگهي ۽ لهرائيندڙ چوٽيءَ ۾ ٻڌل هئس پر هڪڙي چڳ نڪري آئي هئس يا پاڻ ڇڏي ڏني هئائين، جيڪا سندس ڳٽي تي لهرائي رهي هئي. حسن قدرت به آهي ته ڪاريگري به، مون سوچيو. ريکا پنهنجو رئو پنهنجي ڳچيءَ جي چوگرد ڦيرائي ڇڏيو هو ۽ ڪنهن هوشيار گهوڙيسوار جيان گهڙي جي پٺيءَ تي چڙهيل هئي، مان ٿوري اٽڪل سان چڙهيم ڇاڪاڻ ته مون ته رڳو دارجلنگ ۾ گرمين واري موسم ۾ گهوڙن تي سير ڪيو هو.
    اسان جي گهوڙن جي ڀرسان ٽي چار ڪڙمي ادب سان بيٺا هئا. انهن مان هڪڙي ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪجي ويو. وڏي کاڏي، گهاٽيون مڇون ۽ گهاٽا ڀرون، چنجهيون اکيون. ڇڪي ٻڌل پڳڙيءَ سبب سندس سوڙهي پيشاني اڃان به ننڍڙي پئي لڳي. هو پڻ مون کي چڀندڙ نگاهن سان گهوري رهيو هو.
    ٿورو اڳتي وڃڻ کانپوءِ مون جڏهن ان شخص جي باري ۾ ريکا کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته :
    “اهو راوت آهي، ڪڙمين جي مٿان مئنيجر آهي، پر طبيعت جو ڏاڍو ظالم ماڻهو آهي.”
    “ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي ڇو رکيو اٿوَ”
    “سڄو ڪم اهو ڪندو آهي، اسان جي بابا جي وقت کان اهو ئي شخص زمينون سنڀاليندو آيو آهي، سخت ماڻهو ضرور آهي پر ڪڙمي اهڙن ماڻهن سان ئي ٺيڪ هلندا آهن. شهر وڃي ڍَلَ ٻَلَ به اهو ئي ڀري ايندو آهي، ڪورٽ ڪچهريءَ جا ڪاغذ به اهوئي ڏسندو ڪندو آهي، اهو نه هجي ته منهنجي ماءُ ويچاري ڇا ڪري سگهندي، تون پاڻ سوچ. ان جي آسري ته هن جهنگل ۾ رهي پئي آهي، هاڻي تون اچي ويندين ته جيئن وڻئي تيئن ڪجانءِ.”
    زمين هيٺ مٿانهين هئي، ڪٿي پيچرا اچي پئي ويا، ڪٿي ميداني علائقو ته ڪٿي کيڙيل زمين هئي، پر گهڻي زمين کيڙيل ڪانه هئي، جنهن ۾ گاهه، ٻوٽا، وليون ۽ ٻوڙا ڦٽي آيا هئا، ٻني، زمين جي سطح کان ٿورو مٿڀري هئي، ٽن سون ايڪڙن جي ايراضي ۾ ٽنهي پاسن کان ننڍي دائري واري صورت ۾ سرڀنيءَ جو پهاڙي سلسلو هو، وچ ۾ هڪ ندي هئي جا ٻنيءَ جي هيٺان گذري ڪواڙي قلعي جي طرف پئي هلي وئي. زمين ڪاري رنگ جي پر زرخيز هئي. مون سوچيو….! نديءَ ۾ پاڻي به موجود هو، انڪري هڪ سٺو فارم ٺهي پئي سگهيو.
    اسان جا گهوڙا هڪ پهاڙي پيچري تان جهنگل جي طرف هلي رهيا هئا. آسمان تي کير جهڙا اڇا اڇا ڪڪر هئا ۽ مان ريکا جي لهرائيندڙ چوٽيءَ کي ڏسي رهيو هوس. هن جو رئو به ڪڏهن چوٽي سان اٽڪي ٿي پيو ته ڪڏهن هوا ۾ ڦيريون پائيندو ٿي رهيو.
    “اونهه” ڪري ريکا آخرڪار پنهنجو رئو گهوڙي جي هَني سان ٻڌي ڇڏيو ۽ مان هن جي سنهڙي ڊگهي ڳچيءَ جي وڪڙ ڏانهن ڏسي رهيو هوس، هوءَ وڏي ڪاريگريءَ سان گهوڙو ڊوڙائي رهي هئي، مون کي ساڻس ساٿ ڏيڻ ۾ ڪافي تڪليف پئي محسوس ٿي، انڪري به جو مان رستي تي ڏسڻ بجاءِ هن کي هن جي گهوڙي جي ٽوهه تي پئي هليس. عورتون پنهنجي چهري تي پوندڙ نظرون هڪدم محسوس ڪري وٺنديون آهن، پوءِ انهن جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، اکيون جهڪي وينديون آهن ۽ سموري جسم ۾ سرسراهٽ ڦهلجڻ لڳندي آهي. ڳالهيون ڪندي ڪندي ريکا ڪيتري دير تائين چپ هئي، يعني جڏهن مان سندس چهري جي حسن ۾ کوئجي ويو هوس، تڏهن کان چپ هئي!
    آخر هوءَ اُن ڊگهي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چوڻ لڳي:
    “ڪجهه ته ڳالهاءِ!”
    “ڇا ڳالهايان؟”
    منهنجي سوال ٻڌڻ کانپوءِ هو وري خاموش ٿي وئي.
    شڪار گهر تائين اسان سڄو مفاصلو اسان چپ چاپ طئي ڪيوسين.

    *



    پٿر جو ٺهيل شڪار گهر ڏاڍي ڦٽل حالت ۾ موجود هو. ڪڏهن نهايت عمدي حالت ۾ ضرور هوندو، وڏا وڏا مضبوط دروازا، ڊگھن محرابن واريون دريون، جيڪي جهنگل جي طرف پئي کليون. ڀرسان ئي ندي پئي وهي، شيشي جيان شفاف صاف سٿرو ۽ مٺو پاڻي، شڪارگهر جي چئني پاسن کان بانس جي لڪڙن سان ٺهيل لوڙهو هو ۽ هڪڙو باغيچو، جيڪو وڻن ۽ جهنگلي ولين سان ڀريل هو، ولين مٿان جاءِ جاءِ تي ڪرني جا گل پئي لڙڪيا!
    گل ڇني جهومڪن جيان ريکا پنهنجي ڪنن ۾ پاتا.
    مون پڇيو:”هن زمين ۾ ڪهڙي پيداوار ٿيندي آهي.؟
    چوڻ لڳي:”جيستائين بابا زندهه هو ته گهڻو ڪجهه پوکبو هو، نديءَ جي ڪناري چانور ٿيندا هئا، پهاڙ واري پاسي جوئر ۽ مڪئي ٿيندي هئي. ميداني حصي ۾ ڪڻڪ، ريتيلي زمين ۾ ٻاجهر، جوار، داليون وغيره، حاويلي جي ويجهن باغن ۾ هر قسم جون سبزيون هيون، هاڻي ته جهنگ ئي جهنگ آهي. پوءِ به گهر جي لاءِ گهڻوڪجهه اچي ٿو.”
    مون چيو:”جيڪڏهن ڪو محنت ڪندو ته هي ته هڪ ننڍڙي جنت آهي.”
    چوڻ لڳي:”جنت نه دوزخ آهي، دوزخ.”
    “دوزخ ڇو؟”
    ريکا ٿوري دير خاموش ٿي وئي، پوءِ چوڻ لڳي: “اڄ کان پنج سال پهرين هن ئي شڪار گهر ۾ ڪنهن منهنجي بابا کي گولي هڻي ماري ڇڏيو هو.”
    “هن شڪار گهر ۾!؟” مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    “ها هن ئي ڪمري ۾ جتي اسان ويٺا آهيون، ان ئي ڪمري مان هن جو لاش مليو هو.”
    “قاتل جو ڪو پتو پيو؟”
    “نه، مان ٻئي ڪمري ۾ هئَس، گولي ڇٽڻ جو آواز ٻڌي مان…ڊوڙندي آيس ته بابا کي فرش تي خون ۾ رتورت ڏٺم. مون هن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏٺم ته هو اڃان جيئرو هو، پر اهي هن جا آخري پساهه هئا. هن جي اکين ۾ هڪڙو سوال هو، ڄڻ ڪجهه چوڻ چاهيندو هجي، تمام گهڻي ڪوشش ڪري هن چيو: “مون کي..”
    بس ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ هن جي گردن لڙڪي پئي آخري ساهه به نڪري ويس.
    ڏک کان ريکا جو آواز ڀرجي آيو ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس.
    ٿوري دير ته مان به خاموش ٿي ويس، بعد ۾ پڇيو مانس:”قاتل جو ڪو پتو پيو؟”
    “اون هون، هارين، ڪڙمين سارو جهنگل ڳولهيو، ڪيترائي مهينا پوليس به جانچ ڪندي رهي پر قاتل پڪڙجي نه سگهيو، پر بابا جي قتل کان ٺيڪ سال پوءِ اسان جي چاچي. جنهن جي تصوير تو حاويليءَ ۾ ڏٺي هئي، ان کي به هن شڪار گاهه جي ڏاڪڻين تي گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.”
    “اڙي!” حيرت وچان منهنجي واتان نڪري ويو.
    “اسان جو چاچو جهنگل مان شڪار ڪري موٽيو پئي ۽ شڪار گهر جي ڏاڪن تي چڙهيو پئي ته پويان ڪنهن گولي هنيس، بس ويچارو اتي ئي ڪري پيو.”
    مون تي سڪتو طاري ٿي ويو،
    ريکا پنهنجا ڳوڙها اگهي چوڻ لڳي:”پوليس ته مهينن جا مهينا جانچ ڪندي رهي، ڪيترائي ڪڙمي به ڦاسايائون، پر آخر ۾ سڀئي ڇٽي ويا، قاتل ڪڏهن پڪڙجي ئي نه سگهيو آهي!”
    “پوليس جو ڪهڙو خيال آهي؟”
    “پوليس بس ايترو ئي ثابت ڪري سگهي آهي ته ٻنهي ڀائرن کي هڪڙي ئي بندوق جي گوليءَ سان ماريو ويو آهي. انهن جو خيال آهي ته ٻنهي ڀائرن کي مارڻ وارو به هڪڙو ئي آهي، پر اهو ڪير هو؟ ان جي به خبر ڪانه پئجي سگهي آهي! جنهن بندوق سان يا جنهن قسم جي گوليءَ سان انهن کي قتل ڪيو ويو آهي، اهي به چون ٿا ته حاويليءَ جي اصلحي خاني ۾ موجود هيون. انهن ٻنهي حادثن کانپوءِ هن سموري واديءَ جي سموري رونق ختم ٿي وئي آهي. هيءَ وادي صفا اجڙي وئي آهي. ڪڙمي به هڪ هڪ ڪري ڀڄي ويا آهن، ڪو چوي ٿو ته هن واديءَ تي غيبائت جو پاڇو آهي، ڪو چوي ٿو ته هن واديءَ ۾ جن ڀوت ٿا رهن ۽ ڪنهن به انسان کي هت رهڻ ڪونه ٿا ڏين. ڪنهن جاءِ جي متعلق جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه مشهور ٿي وڃي ته پوءِ اتي ڪير رهندو؟ انهن چئن سالن دوران هوريان هوريان ڪري سڀئي هليا ويا آهن، بس هڪڙو راوت اسان وٽ آهي ۽ ڪجهه ڪڙمي، اهي به راوت جا ماڻهو آهن ۽ ان ئي اڄ تائين انهن کي روڪي رکيو آهي!”
    “انڪري تنهنجي ماءُ هيءَ زمين وڪڻڻ چاهي ٿي؟”
    “جي ها! ۽ تون واقعي وٺندين ڇا؟”
    “ها، مان خريد ڪندس، مان جنن ڀوتن کي نه مڃيندو آهيان، هجي نه هجي انهن ٻنهي حادثن ۾ تنهنجي ئي خانداني دشمن جو هٿ آهي.”
    “انهن ٻنهي ڀائرن کانسواءِ اسان جي خاندان جو ڪو به ڀاتي جيئرو نه آهي!”
    “اڇا! تنهنجي پيءُ ۽ چاچي جي مرڻ کانپوءِ ڇا هيءَ زمين توکي ملڻي آهي؟ منهنجو مطلب آهي تنهنجي مڙس کي؟”
    “منهنجو مڙس وڏو امير ماڻهو آهي، پنهنجي علائقي جو سڀني کان وڏو رئيس آهي ۽ ٻني به سڀني کان وڌيڪ اٿس. راجپوت ذات ۾ به اسان کان مٿي آهي!”
    “لالچ بري بلا آهي!” مون چيو.
    “جن ڏينهن ۾ منهنجي بابا جو قتل ٿيو هو، ان وقت تائين ته منهنجي شادي به ڪانه ٿي هئي! پوءِ هن جي ڇا جي لالچ هئي؟” ريکا مون کان پڇيو.
    ’هي عمارت به ڊهندي !‘، دل ۾ عجيب خيالن ۽ وسوسن ۾ ڦاٿل هئي، ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيو.
    “عجيب پر اسرار معاملو آهي!”
    ريکا ڳالهه جو رخ بدلائيندي چيو:”هاڻي ڇڏ انهن درد ڀرين ڳالهين کي، ڇا رکيو آهي انهن ۾، اچ ته مان توکي پنهنجي انبن جو باغ ڏيکاريان.”
    اسان پهاڙي سلسلي کان منهن ڦيري، اولهه جي طرف هلڻ لڳاسين. جنهن پاسي زمين جو مٿاڇرو ڪافي هموار هو، هيٺ مٿانهين گهٽ هئي. اسان گهوڙن کي تيز ڊوڙائيندي اولهه جي پاسي هليا وياسين ۽ هڪ پڪي ديوار جي ڀرسان پهچي اسان رڪجي وياسين.
    ديوار جي وچ ۾ بانس جو هڪڙو دروازو هو، جيڪو کولي اسان اندر وياسين. باغ جي حالت نهايت خراب هئي، انب ڄمون ۽ ليمي جي وڻن کان علاوه رڳو ٻُوڙن جو جهنگل هو. جيڪو باغ جي چوديواريءَ ۾ به ڦٽي پيو هو، بلڪ ڪيترين جاين تي ته زمين جي دنگ واري ديوار به انهن ٻوڙن ۽ ان جي لامن سان ڀريل هئي.
    مون چيو:”هن باغ ۾ ڏسڻ لاءِ ڇا رکيو آهي!”
    ريکا هڪ ٿڌو ساهه کنيو، چوڻ لڳي:”ڪڏهن ته هي باغ به ڏسڻ وٽان هو، جڏهن منهنجو بابا جيئرو هو، مان هن باغ ۾ پينگهه وجهي لوڏا کائيندي هئس، باغ جي ڀر ۾ هڪڙي کوهه ۾ ڏاڪڻيون لڳل هونديون هيون، ان کوهه جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو هو.”
    باغ کان پوءِ اسان ان کوهه کي ڏسڻ وياسين جيڪو باغ جي ٻاهران، ٻن ڊگهين ٽڪرين جي وچ ۾ هو، پر سڄو سڪل هو، پاڻيءَ جو هڪڙو به ڦڙو ڪونه هئس.
    ريکا افسوس واري لهجي ۾ چيو:”هن کوهه مان سموري باغ کي پاڻي ملندو هو!”
    مون چيو:”هاڻي به نديءَ جي پاڻيءَ سان هي باغ سرسبز ڪري سگهجي ٿو، پر تو هن باغ جي ڇا ته بري حالت بنائي ڇڏي آهي،”
    “ڪير ڏسي؟ مان سال ۾ هڪڙو ڀيرو پيڪن ۾ ايندي آهيان، امان اڪيلي سر ڇاڇا ڪري، ڇا ٿي ڪري سگهي؟ ڪنهن ڪنهن تي حڪم هلائي!”
    مون پڇيو:”تون مون کي هي کٿل ڦٿل باغ ڇو ڏيکارڻ آئي آهين؟”
    “چوڻ لڳي: “مان اصل ۾ توکي باغ ڏيکارڻ نه آئي هيس، اچ ته پهاڙ تي چڙهي ڏسون! مٿان کان منظر ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي.” ريکا چيو.
    اسان ٻئي ان اونچي پهاڙ تي چڙهڻ لڳاسين، هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندي، هڪ ٻئي جو هٿ وٺي. هڪ ڀيري ته مون ٻنهي هٿن سان هن جي چيلهه کي پڪڙي کيس ڪِرڻ کان بچائي ورتو.
    پهاڙ تي چڙهي اسان ٻئي بيهي رهياسين ۽ اولهه طرف ڏسڻ لڳاسين. پهاڙ جو هي حصو هڪدم هيٺاهينءَ ڏانهن ٿي ويو. ان هيٺاهينءَ کانپوءِ دور دور تائين رڳو ميداني علائقو هو، ميلن تائين وارياسو يا جهنگ ئي جهنگ. ڪٿي ڪٿي ڇپر ۽ جهوپا هئا، تمام پري کان شهپارا جو قلعو هو، جنهن جي ننڍن ٽڪرين مان ندي لهي ميدانن ۾ هلي ٿي وئي. مان واقعي غلط رستي سان آيو هوس. جيڪڏهن ڪواڙي قلعي جي پاسي ڏکڻ بجاءِ اولهه کان اچان ها. جيڪڏهن شهپارا کان هن پهاڙي طرف سڌو رستو نظر اچي ها ته جلدي پهچي وڃان ها.
    سج بادلن ۾ لڪي پيو هو، ڪڪر به گڏ ٿيندا ٿي ويا ۽ هوا ۾ به ٿڌڪار ٿي وئي هئي.
    ريکا هوا کي سنگهندي چيو:”جلدي واپس هل، برسات ٿيڻ واري آهي.”
    اسان گهوڙا ته ڏاڍا تيز ڊوڙايا، پر شڪار گاهه تائين پهچندي پهچندي برسات اچي مٿان ڪڙڪي. هڪدم طوفان ۽ برسات سان سڄو نظارو ئي بدلجي ويو. هوا جي طوفان آوازن سان ڄڻ سڄو جهنگل لڏڻ لڳو هو. کنوڻ ۽ گجگوڙ ائين وڌي ويا ڄڻ جهنگل ۾ هاٿي رڙي رهيا هئا. شڪار گهر تائين پهچندي پهچندي اسان ٻئي ڀڄي آلا ٿي ويا هئاسين. گهوڙن جو صحتمند جسم ائين پئي ڇمڪيو ڄڻ ڪنهن انهن جي جسم تي تيل سان مالش ڪئي هجي. ريکا جا سمورا ڪپڙا سندس جسم سان چهٽي پيا هئا. هن جي ڀنل بدن جي سونهن، سندس جسم جو انگ انگ منهنجي اکين ۾ انڊلٺ جي رنگن جيان روشني ڪري رهيو هو. وڏي مشڪل سان مون پنهنجون نگاهون هن جي جسم تان ڦيرائي ڇڏيون.
    “حسين ڇوڪرين کي برسات ۾ گهوڙي تي سفر ڪرڻ نه گهرجي صاحب ورنه اسان ذميدار نه آهيون.” ڪنهن چيو؟ مون کي ڪو ماڻهو ته نظر ڪونه آيو، شايد منهنجي پنهنجي اندر جو آواز هو.
    ڪمري ۾ اچي مون ۽ ريکا وڏي مشڪل سان آتشدان ٻاريو، جنهن جي باهه جي تپش سان، واري واري سان اسان پنهنجا آلا ڪپڙا پئي سڪايا ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. جڏهن ريکا پنهنجا ڪپڙا پئي سڪايا ته مان شڪار گاهه جي ورانڊي ۾ بيهي هن جي جسم جو تصور ڪري ٻري رهيو هوس. پري کان ڪو مور ٽهوڪي رهيو هو، وڻن جي پنن تان پاڻيءَ جي ڳڙڻ جو آواز اچي رهيو هو ۽ اڃايل زمين مان مٽيءَ جي مهڪار اٿي رهي هئي، ڄڻ زمين جا جذبا جاڳي رهيا هجن. مان پيرن کان نهن جي چوٽيءَ تائين ڏڪي ويس، مرد هجڻ به ڪيڏو نه خطرناڪ آهي، خاص ڪري جڏهن اڪيلائيءَ ۾ عورت قريب هجي، مرد هٿ وڌائي تهذيب جو سهارو وٺڻ چاهيندو آهي، پر تهذيب ڪنهن نازڪ ٽاريءَ وانگر هڪدم ٽٽي پوندي آهي. مون ڏند ڀيڪوڙي، اکيون بند ڪري پاڻ کي لعنت ملامت ڪرڻ لڳس، پر ٻئي لمحي جڏهن اکيون کوليم ته ريکا پنهنجي سامهون ورانڊي ۾ ڏٺم.
    چوڻ لڳي:”وڃ وڃي پنهنجا ڪپڙا سڪاءِ ، مان هتي بيهان ٿي، الائي ڇو ڪرپارام اڃا تائين ماني کڻي ڪونه آيو آهي.”
    مون چيو:”هن تيز برسات ۽ طوفان ۾ ويچارو ڪيئن اچي سگهندو.”
    پوءِ مان هن جي ڀر مان گذريس ته ريکا پاڻ بچائڻ لاءِ ٿورو پاسيرو ٿي وئي. مان اندر ڪمري ۾ هليو ويس ۽ دروازو اندران بند ڪري ڇڏيم.
    اٽڪل هڪ ڪلاڪ کانپوءِ مون دروازو کوليو.
    ريکا اندر آئي.
    هن جي پويان ڪرپا رام به ڪڍ ڪڍ اندر آيو، پنهنجي ڀڳل ڪپڙن مان پاڻي ڳاڙيندي اندر اچي هن کاڌي جو سامان ميز تي رکيو.
    مان ٽفن کي هٿ لائي هڪدم ڇرڪ ڀري هٽائي ڇڏيو ۽ حيرت وچان چيم:”ڪمال آ ڀاڄيءَ وارو ڪٽورو اڃا تائين گرم آهي.”
    ريکا کلي چوڻ لڳي:”ڪرپا رام، رسوئي گهر ۾ وڃي، باهه ٻاري ٻيهر گرم ڪري آيو آهي.”
    مون چيو:”شڪار گهر ۾ مون ته رسوئي ڪانه ڏٺي!”
    “او هوڏانهن، شڪار گهر جي ٻاهران وڻن جي وچ ۾ رسوئي گهر آهي ۽ اتي ٽي ٻيا ڪمرا به آهن، نوڪرن لاءِ، برسات بند ٿئي ته ڏيکارينديسانءِ.”
    “ڏسي ڇا ڪندس.”
    “ڇو، جڏهن تون هيءَ زمين خريد ڪرڻ وارو آهين ته بهتر آهي ته سڀ ڪجهه ڏسي وٺ نه!”
    “في الحال ته بک لڳي آهي، ماني ته کائون پوءِ ڏٺو ويندو.”
    ريکا، ڪرپارام کي چيو،جيڪو سرديءَ سبب ڏڪي رهيو هو:”وڃ تون رسوئي گهر ۾ وڃي ڪپڙا سڪاءِ.”
    جڏهن ڪرپارام وڃڻ لڳو ته ريکا پڇيس:”چانهن جو سامان آندو اٿئي؟”
    “جي بيبي جي! آندو آهي.”
    “ٿوري جهٽ رکي پوءِ چانهن آڻجانءِ.”
    ڪرپارام جي وڃڻ کانپوءِ مون گرم گرم اڦراٽو کنيو، انبن جو آچار، ڀڳل ڪڪڙ، پٽاٽا مٽر ۽ مٺا مٺا پيهون.
    مون مذاق ڪندي ريکا کان پڇيو:”هي پيهون ڪير کائيندو آهي؟”
    چوڻ لڳي:”مان کائيندي آهيان. مونکي ڏاڍا پسند آهن.”
    مون ڪڪڙ جي ٽنگ کڻي مانيءَ تي رکي ريکا کي چيو:”ڀلي ڀلي کاءُ پٽاٽا مٽر ۽ پينهون.”

    *



    هاڻي اسان ماني مان واندا ٿي. آتشدان جي ويجهو، آرام ڪرسيون رکي باهه سيڪڻ لڳاسين، سڄي بدن ۾ هلڪي هلڪي غنودگي پيدا ٿي رهي هئي، برسات وري تيز ٿي وئي هئي، اونداهي وري وڌي وئي هئي، کليل دريءَ مان جهنگل جي ڦهليل اونداهي به اندر هلي آئي هئي ۽ آتشدان جي روشنيءَ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي هئي.
    مون ريکا ڏانهن معنيٰ خيز نظرن سان نهاري چيو:”هاڻي اسان ڇا ڪنداسين؟”
    ريکا انتهائي معصوميت سان چوڻ لڳي:”مونکي ته ننڊ پئي اچي، مان ته وڃي ٻئي ڪمري ۾ ٿي سمهان، تون به ٿوري دير آرام ڪر، ٽن پهرن جو چانهن پي، پوءِ..” چوندي هڪدم چپ ٿي وئي، هڪ زوردار کڙڪو ٿيو ته آتشدان تي رکيل چينيءَ جو گلدان، دريءَ کان ايندڙ گوليءَ جي لڳڻ سبب چڪنا چور ٿي ويو.
    مون جلد ئي ريکا کي ڇڪي پاڻ سان گڏ فرش تي ليٽائي ڇڏيو، ان دوران هڪ ٻي گولي منهنجي ڪلهي وٽان زوزاٽ ڪندي گذري وئي. پوءِ وري سناٽو ڇانئجي ويو.
    برسات جي باوجود هڪ عجيب قسم جو خوف ڏياريندڙ خاموشي ۽ اونداهي. اسان ٻئي فرش تي اونڌا ليٽيل هئاسين ۽ وڏا وڏا ساهه کڻي رهيا هئاسين.

    *






    پوءِ ريکا جي بدن ۾ ٿوري چرپر پيدا ٿي. هن اٿڻ پئي چاهيو، پر منهنجو هٿ هن جي پٺيءَ تي رکيل هو، مون ان ئي هٿ سان کيس دٻائيندي ائين ئي چپ چاپ سمهيل رهڻ لاءِ چيو.
    ڪنهن وڏي مصيبت ۾ ماڻهوءَ جو دماغ به بجليءَ جيان تيز ڊوڙڻ شروع ڪندو آهي. مون سوچيو، جنهن به گولي هلائي آهي، اهو هن ڪمري ۾ اهو معلوم ڪرڻ ضروري ايندو ته اسان مئاسين يا اڃا جيئرا آهيون، اهو ڪير به آهي! پر هن کي اها به خبر آهي ته اسان ٻئي هٿين خالي آهيون، ساڳي وقت هن وٽ بندوق به آهي! انڪري هن کي هت اچڻ ۾ ڪو به خطرو نه آهي.
    اسان ٻئي گڏ گڏ ستل هئاسين، مان آهستي آهستي ريکا جي قريب سُري ويس ۽ بلڪل سسپس واري انداز ۾ کيس چيم:”ائين ئي ليٽي پئي هج، پنهنجو پاڻ کي مئل ظاهر ڪر، هو جيڪو به آهي ٿوريءَ دير ۾ اندر به ايندو، چُرجانءِ پرجانءِ بلڪل به نه….اسان ٻنهي جي جان خطري ۾ آهي.”
    ريکا منهنجي ڳالهه سمجهي وئي ۽ پنهنجون اکيون کولي مون ڏانهن نهاري وري بند ڪري ڇڏيائين.
    مان آهستي آهستي هن کان پري کسڪندي اڳتي وڃڻ لڳس. اک ٽيٽ ڪري مون ڏٺو ته ٻئي دريون کليل هيون، ۽ دروازو ٻيڪڙيل هو. مون ڏٺو ته دروازي جي کاٻي پاسي کان هڪڙو ڪٻاٽ رکيو آهي، جنهن جي اوٽ ۾ لڪي بيهي سگهجي ٿو. مون اندازو لڳائي ڏٺو ته اهو ڪٻاٽ مونکان اٽڪل ٽن والن جي مفاصلي تي رکيل هو، مان بلڪل آهستي ۽ آواز ڪرڻ کانسواءِ ئي ان ڪٻاٽ جي طرف کسڪڻ لڳس، هڪڙو ڀيرو ڪنڌ کڻي مون کي ريکا ڏٺو ته مون کيس چرپر ڪرڻ کان روڪيو. آهستي آهستي ۽ انتهائي احتياط ڪندي مان ان ڪٻاٽ جي پاسي کسڪندو ويس. ليٽيل حالت ۾ کسڪندي مون انهن ٽن والن جو مفصلو شايد ٽن صدين ۾ طئي ڪيو هوندو. حالانڪه مان اهو سڀ ڪجهه ڏاڍي تيزيءَ سان ڪرڻ ٿي چاهيو. ان ڪٻاٽ جي اوٽ ۾ پهچي وڃڻ جو وڏو مقصد اهو هو ته اسان ٻنهي جي جان بچي وڃي.
    آخرڪار آهستگيءَ سان ۽ بنا آواز ڪرڻ جي مان، ڪٻاٽ تائين پهچي ويس. ڪجهه لمحا ته مان دم بند ڪري ليٽيل ئي رهيس، پوءِ ڪنهن چيتي وانگر گهات وجهي اٿي ويٺس، منهنجي هڪ پاسي ڪٻاٽ هو، ٻئي پاسي آرام ڪرڻ وارو تخت، وچ ۾ تمام ٿوري جاءِ هئي، جنهن ۾ مان پلنگ جي ڪنهن اسپرنگ وانگر ڦاٿل هوس، ساهه البت روڪيل هو.
    برسات گهٽجي چڪي هئي، طوفان به هلڪو ٿي چڪو هو. برسات جي مسلسل وسڻ ۽ هوا جي شور کانسواءِ ٻيو ڪو به آواز ڪونه هو. ريکا بدستور آتشدان جي ويجهو ساهه منجهايو اونڌي ليٽيل هئي، بلڪل بي جان مڙدي جيان.
    اوچتو منهنجي ڪنن تي ٻاهران، ڪاٺين جي ورانڊي ۾ ڪاٺي جي ڪنهن تختي جي هلڪي چيڪاٽ جو آواز آيو، آواز بلڪل هلڪو هو، ڄڻ ڪو پير پير ۾ پائي اچي رهيو هو، مان به هوشيار ٿي ويٺس.
    پوءِ دروازي جي کلڻ جو آواز ٿيو.
    ۽ ڪوئي شخص پير پير ۾ پائي نهايت آهستگيءَ سان اندر آيو!
    هن جي اندر اچڻ کان اڳ ۾ بندوق جي نالي اندر آئي، پوءِ ان بندوق جي جهلڻ وارا ٻه هٿ نظر آيا، پوءِ ان شخص جو جسم اندر آيو، هو جُهڪي هلي رهيو هو، غور سان ريکا جي جسم ڏانهن نهاريندي ٿي ويو، پوءِ هن جي پٺ منهنجي پاسي ٿي وئي.
    مون پنهنجي بدن جي پوري طاقت گڏ ڪري هن جي مٿان ڇلانگ ڏنو. شايد اچڻ واري کي به خطري جو احساس ٿي ويو هو، پر هو منهنجي پاسي مڙڻ وارو ئي هو ته منهنجي بدن جو سمورو بار هن جي مٿان اچي پيو ۽ منهنجي هٿ جي هڪڙي ئي جهٽڪي سان هن جي هٿن مان بندوق ڪري پئي ۽ هو به منهنجي هيٺان اچي ويو. بندوق ريکا جي بلڪل ويجهو وڃي ڪري هئي، مون رڙ ڪري ريکا کي چيو:”ريکا! بندوق کڻي وٺ.”
    پر خوف کان ريکا جا عضوا بلڪل ڍرا ٿي ويا هئا، هوءَ اٿي بيهي رهي، پوءِ ديوار کي ٽيڪ ڏئي، ڊنل نگاهن سان اسان ٻنهي ڏانهن ڏسڻ لڳي!
    ڪريل شخص اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، هو واقعي انتهائي تيز ۽ ڦڙت ماڻهو هو، وٽيل سٽيل بدن وارو، منهنجي هزار ڪوششن جي باوجود هو مون کان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ مون سان ٻکجي ويو. اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ويڙهجي وياسين، ان ئي لمحي مون ڏٺو ته اهو راوت هو.
    هن جي بدن مان ڀنگ جي بوءِ اچي رهي هئي، شايد اها ڀنگ جي نه پر سندس بدن جي خاص بوءِ هئي. ان ئي وقت مون کي رات جو حملو ڪندڙ ياد اچي ويو، جنهن جي بدن مان اها خاص بوءِ اچي رهي هئي. هاڻي مون کي پورو يقين اچي ويو ته رات به مون تي حملي ڪرڻ وارو راوت کانسواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.
    وڙهندي هن جو هٿ وري بندوق ڏانهن وڌڻ لڳو ته ريکا هڪدم وڌي بندوق کڻي دريءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏي. عين ان وقت مون ڪراٽي جو هڪ اهڙو ته زوردار هٿ هن جي ڪنڌ تي وهائي ڪڍيو جو سور کان هن جي رڙ نڪري وئي. مون تي به ڪو جن سوار ٿي ويو لڳو ٿي ته ڄڻ مون ۾ سَو ماڻهن جي طاقت اچي وئي هئي، اصل لتن ۽ مڪن سان کيس بي حال ڪري ڇڏيم، مٿان جوڊو جون ڦڙڪيون الڳ، ايستائين جو ڪراٽي جي ڪجهه زوردار هٿن سان سندن ٻانهن جي هڏي به ڀڃي ڇڏيم.
    هو بلڪل بيهوش ٿي ويو ۽ سندس ٻئي هٿ پکڙجي ويا، هو بلڪل بي سڌ ٿي ويو. مون سهڪندي ريکا کي چيو:
    “هوش ۾ اچڻ کان اڳ ۾ هن کي ٻڌڻ گهرجي، ڪٿان ڪا رسي ملي ويندي؟”
    ريکا ڄڻ وري هوش ۾ اچي وئي، هوءَ ڊوڙندي ٻئي ڪمري ۾ وئي ۽ بستري جون چادرون کڻي آئي. مون چادرون ڦاڙي، انهن سان راوت کي تمام گهڻي مضبوطيءَ سان ٻڌي، فرش تي ئي ڦٽو ڪيو. پوءِ کيس چڱيءَ طرح هڪ وڏي ڳوري تخت جي پائي سان ٻڌي ڇڏيو، تڏهن وڃي جان ۾ ساهه پيو.
    مان تخت جي ويجهو ٻڌل راوت کي ڏسي رهيو هوس ته ريکا هڪدم مون ڏانهن ڊوڙندي اچي مون کي چنبڙي پئي ۽ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.
    مان هن کي دلداري ڏيڻ لڳس:”رو نه ريکا، بس سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي، هاڻي ڪو خوف نه ڪر.”
    پوءِ پنهنجي رومال سان پنهنجي چپن مان وهندڙ رت اگهڻ لڳس. مان ڪنهن به صورت ۾ ويڙهاڪ يا بهادر ماڻهو نه آهيان ۽ هاڻي جڏهن سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو. خطرو ٽري ويو هو ته منهنجو جسم ڏڪي رهيو هو. سوچيم پئي ته مون ۾ ايتري طاقت ڪٿان اچي وئي هئي. مان ته هڪ امن پسند ۽ ڊڄڻو ماڻهو آهيان ۽ لڙائي جهڳڙي کان سوين ميل دور رهندو آهيان، ان ڪري ئي مان ته ڪلڪتي کان به ڀڄي هت آيو هوس، ۽ هن بدبخت راوت مون کي مڪون هڻي منهنجو هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيو هو. اها ته منهنجي خوشقسمتي هئي جو مون کي جوڊو ڪراٽي جو فن آيو پئي، نه ته منهنجو ڪهڙو حال هجي ها ۽ ويچاري ريکا جي حالت ڇا هجي ها!
    ريکا منهنجي سيني تي مٿو رکي سڏڪا ڀري رهي هئي، مون کي اهو لمحو وصال وارو لمحو لڳي رهيو هو، ميلاپ جي وقت به عورت ائين آهستي آهستي سڏڪا ڀريندي آهي، پر جلد ئي اهو ماکيءَ کان به مٺو لمحو، وقت جي ڌارا تي وهندي، ڦوٽي وانگر ڦسي پيو. ٻاهر ورانڊي مان ڪنهن جي ڳورن قدمن جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو ته مون ريکا کي مضبوطيءَ سان ڀاڪر ۾ جهلي ورتو. مون هن کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي ورتو. ٻئي لمحي مون هن کي پاڻ کان جدا ڪري پنهنجي پويان لڪائي ورتو.
    هي ڪير پيو اچي؟
    مان مقابلي جي لاءِ تيار ٿي ويس!
    چانئٺ تي چانهن جي ڪوپن جو کڙڪو ٿيو، منهنجي جسم تي تاڻ ٿوري گهٽ ٿي وئي. اهو ڪرپارام هو، جيڪو چانهن کڻي اندر پئي آيو.
    مون ريکا ڏانهن نهاريو، هوءَ زور زور سان کلڻ لڳي، پوءِ مان به کلڻ لڳس، ائين سڄو ماحول بدلجي ويو.
    پر ڪرپارام جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو. هو راوت کي ائين بيهوش ۽ ٻڌل ڏسي، چڪرائجي ويو. پهرين ته هن کي همٿ ئي ڪانه ٿي جو مون کان ڪجهه پڇي سگهي. پر پوءِ جڏهن هن چانهن ميز تي رکي ۽ اسان کي اطمينان سان چانهن پيئندي ڏٺو ته اڃا به وڌيڪ حيران ٿي ويو. گردن لوڏائي، راوت جي طرف اشارو ڪري چوڻ لڳو:
    “هي…..هي…راوت آهي نه؟”
    “ها آهي ته اهو ئي!” ريکا کيس چيو.
    ڪرپارام ڏڪندي پڇيو:”هن کي ڪنهن ٻَڌو آهي؟”
    “اسان.”
    ڪرپارام سبب معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو، مگر سوال هن جي چپن تي ئي رهجي ويو. ريکا جو سنجيدو ۽ باوقار چهرو ڏسي هو ڪجهه به چئي نه سگهيو. پوءِ هن جي چهري تي خوشيءَ جي لهر ڊوڙجي وئي. چوڻ لڳو:
    “چڱو ڪيو….؟ سالو اسان سڀني تي رعب ڄمائيندو هو.”
    اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.
    جڏهن چانهه پي ورتيسين ته ڪرپارام سامان کڻي وڃڻ لڳو ته مون کيس هٿ جي اشاري سان روڪيندي چيو:
    “في الحال تون هتي ئي ترس، مان ٻن منٽن ۾ واپس ٿو اچان.”
    ريکان مون کي سواليه نگاهن سان نهارڻ لڳي.
    مون هن ڏانهن وڌيڪ ڌيان نه ڏنو پر ڪرپارام کي چيو:”ڏس جيڪڏهن راوت ٿورو به چُري پُري ته هيءَ ڪرسي وهائي ڪڍجانس، ٿورو به خيال نه ڪجانس، سمجههءِ.”
    “ها صاحب سمجهيم.” هن ڪجهه نه سمجهندي چيو.
    مون ريکا کي چيو:”مان ٻن منٽن ۾ واپس ٿو اچان.”
    مينهن لڳڀڳ هلڪو ٿي ويو هو. مان ڪمري جي دريءَ مان ٽپو ڏئي ٻاهر آيس. ٿوري دير تائين ان بندوق کي ڳولهيندو رهيس جيڪا ڊپ کان ريکا ٻاهر اڇلائي ڇڏي هئي. اچانڪ اها بندوق هڪ ٻُوڙي جي پاسي ۾ پيل ملي وئي. مان اها بندوق ڪمري ۾ کڻي آيس ۽ اندر اچي ڪرپارام کي چيم:
    “هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.”
    ڪرپارام وڃڻ لڳو ته ريکا چيس:
    “ڪرپارام! سامان ٻڌي وٺ، ٿوريءَ دير ۾ اسان به واپس هلنداسين، لڳي ٿو ته ڪلاڪ ٻن ۾ برسات صفا بند ٿي ويندي. بس برسات جيئن ئي بند ٿيندي اسان هتان هلنداسين.”
    ڪرپارام باسڻ کڻي ڪنڌ جهڪائي ٻاهر هليو ويو.
    جڏهن ڪرپارام هليو ويو ته ريکا راوت ڏانهن اشارو ڪندي چيو:”هن جو ڇا ڪريون؟”
    “ٻڌايانءِ ٿو، ٿورو هوش ۾ آڻيونس.”
    ائين چئي مون بندوق سان هن جي ڪلهي کي ٿيلهو ڏنو. هڪ ٻه ڀيرا ٿيلها کائڻ کانپوءِ هن جي جسم ۾ ٿوري چُرپُر ٿي، آهستي آهستي هوش ۾ اچڻ لڳو، پوءِ جڏهن مڪمل طور تي هوش ۾ اچي ويو ته مون کي ڪچو ڄٻاڙي ڇڏڻ وارين نظرن سان نهارڻ لڳو. ٻه چار ڀيرا هن ڪوشش ڪري هڪ ٻه پٽيون ڇنائي به ورتون پر پاڻ ڇڏائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو.
    مون هن کي چيو:”مضبوطيءَ سان ٻڌل آن ٻچا!” هو خاموش رهيو، بس ڏاڍي ڪاوڙ مان مون ڏانهن نهاريندو رهيو. مان هن جي پاسراٽيءَ تي لت هڻندي چيو:
    “ڪلهه رات به تو مون تي حملو ڪيو هو! …..نه؟”
    هو تمام گهڻي نفرت سان چوڻ لڳو:”مان نه ٿو چاهيان ته اسان جي زمين ڪنهن ڌاريي وٽ وڃي.”
    “هي تنهنجي زمين ڪڏهن کان ٿي وئي. زمين ته مالڪياڻيءَ جي آهي.”
    هو خاموش رهيو، مو ن کيس ٻه چار ٻيون لتون وهائي ڪڍيون ۽ پڇيو:
    “ٻڌاءِ ٺاڪر صاحب جو قتل به تو ڪيو هو؟”
    هن زور سان ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو، پر مون کي هن جي اکين ۾ لڪل وحشت مان معلوم پئي ٿيو ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. مون بندوق تاڻي سندس سيني تي رکي ۽ ڏاڍي خار مان چيم:
    “سچ سچ ٻڌاءِ نه ته هيءَ گولي تنهنجو سينو ڇلي ڇڏيندي.”
    هو منهنجي طرف گهوري ڏسندو رهيو، پوءِ جڏهن هن کي اها پڪ ٿي وئي ته مان جيڪا به ڳالهه ڪندو آهيان، ان تي عمل ڪرڻ جو ارادو به رکندو آهيان، تڏهن هن جي نگاهن جي گهور گهٽجي وئي، هن جون اکيون جهڪي ويون، ۽ وڏو گهرو ساهه کڻي چوڻ لڳو:
    “ها!”
    “ڇو؟”
    هن ڪجهه نه ڳالهايو.
    ٿوري وقفي کانپوءِ مون هن کي چيو:”مان ته چوان ٿو ته نه رڳو تو وڏي ٺاڪر کي قتل ڪيو آهي پر ان جي ننڍي ڀاءُ کي به توئي ماريو آهي.”
    “نه نه” هو زور سان چوڻ لڳو.
    “ها ها توئي انهن ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.”
    “نه …..نه….” هن جي اکين جون ماڻڪيون تيزيءَ سان هلڻ لڳيون. مون بندوق کولي ڏٺي ته ان ۾ مون کي گولي ڀريل نظر ڪانه آئي تڏهن مون هن جي ڪلهن تي ڪنداخ جا ٻه ڌڪ وهائي ڪڍيا ته هو زور زورسان چوڻ لڳو:
    “ٻڌايان ٿو ٻڌايان ٿو، مون کي ماريو نه، مان سڀ ڪجهه ٿو ٻڌايان.”
    مان هٿ کي روڪي ورتو ۽ غصي وچان چوڻ لڳس:”جيڪڏهن نه ٻڌائيندين ته ڏسين ٿو بندوق جا رڳا ٻه ڪنداخ ڏيندوسانءِ مٿي ۾.”
    راوت جون نظرون ريکا جي طرف مڙي ويون، جنهن جي اکين ۾ ان وقت رت اٻري رهيو هو، پوءِ هن مون ڏانهن نهاريو، ته منهنجي اکين ۾ ڪاوڙ ڏسي هو مايوس ٿي ويو.
    گهٻرائيندي گهٻرائيندي آخرڪار چئي ويٺو:”ها صاحب ننڍي ٺاڪر جو خون به مون ئي ڪيو هو.”
    ائين چئي هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته هن کي پورو يقين هو ته هاڻي پڪ ئي پڪ سندس کوپڙي ٽٽڻ واري آهي. لڳو پئي ته ڄڻ هن جي تن بدن مان ساهه نڪري ويو هجي.
    “پر ڇو؟” مون کانئس پڇيو”تو انهن ٻنهي کي ڇو قتل ڪيو؟”
    هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو بس چپ چاپ ليٽيو ئي پيو هو. جنهن تي مون هن کي مارڻ شروع ڪيو، پر هن هڪڙو لفظ نه ٻاڦيو، بس رڳو ايترو چيائين ته:
    “ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندين ته به ڪونه ٻڌائيندس.”
    پر مان کيس ماريندو رهيس، نيٺ ريکا منهنجي هٿ کي جهليو:
    “تون ڇڏينس، شهپارا چوڪيءَ وارا سپاهي هن کان سڀ چورائي وٺندا.”
    مون پڇيو:”نه هن کي هتي ڇڏي هلون؟ ٻڌل ئي! پوءِ ڪڙمين کي سڏائي هن کي کڻائي هلون.”
    چوڻ لڳي:”نه ائين ڪرڻ درست نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سڀئي ڪڙمي هن جا ماڻهو آهن.”
    “ته پو؟”
    “هتي رکڻ به ٺيڪ ناهي!….ممڪن آهي هن جو ڪو ساٿي جهنگل ۾ موجود هجي ۽ اسان جي وڃڻ کانپوءِ هن کي کولي وٺي وڃي!”
    مون چيو:”شايد ائين نه هجي، جيڪڏهن هن جو ڪو ساٿي هجي ها ته هن مهل تائين اسان تي حملو ٿي چڪو هجي ها!…پر تون به ٺيڪ ٿي چوين، منهنجو خيال آهي ته هن کي گهوڙي جي پٺيءَ سان ٻڌي ٿا هلون.”

    *





    هاڻي اسان جو قافلو واپس موٽي رهيو هو.
    ريکا پنهنجي گهوڙي تي سوار هئي، ٻئي گهوڙي تي راوت ٻڌل هو. جنهن جون واڳون مان جهلي هلي رهيو هوس. ٻنهي گهوڙن جي پويان ڪرپارام کاڌي جا ٿانوَ کنيو پئي هليو.
    ريکا ڪنهن گهري سوچ ۾ مبتلا هئي.
    “ڇا پئي سوچين؟” مون هن کان پڇيو.
    “تو مون کي رات واري حملي جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌايو!”
    “وقت ئي ڪٿي مليو، هاڻي ٻڌايانءِ ٿو.” ائين چئي مون رات وارو سڄو قصو کيس ٻڌائي ڇڏيو.
    “پر تون ڪيئن ٿو سمجهين ته اهو راوت ئي هو؟”
    “هن پاڻ به مڃيو آهي.”
    “ممڪن آهي هن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ائين چيو هجي.”
    “نه هڪڙو ٻيو ثبوت به آهي.”
    “اهو وري ڪهڙو؟”
    “ان رات جنهن مون تي حملو ڪيو هو ۽ جڏهن مان ساڻس وڙهي رهيو هوس ته مونکي هن جي بدن مان ڀنگ جي بوءِ پئي آئي.”
    ريکا هڪدم پنهنجو گهوڙو بيهاري چيو:”ترس ته مون کي لهڻ ته ڏي!”
    هوءَ گهوڙي تان لٿي. ٻئي گهوڙي جي ڀرسان وڃي، هن ٻه ٽي ڀيرا راوت جو بدن سنگهيو، پوءِ سوچيندي … پر يقين سان چوڻ لڳي:
    “هاڻي مونکي پڪ ٿي وئي آهي ته هن ئي منهنجي پيءُ جو قتل ڪيو آهي.”
    “اهو وري ڪيئن؟”
    گولي لڳڻ کانپوءِ مان جڏهن ڊوڙندي شڪار گهر جي ورانڊي ۾ پهتي هئس ته ان وقت مون کي به ڀنگ جي تيز تيز بوءِ آئي هئي، پر ان وقت مون ان ڳالهه جو خيال نه ڪيوهو.”
    *
    رات جي جهرمر ڪندڙ روشنين ۾ اسان ٽئي ڄڻا، حاويليءَ جي وڏي ۽ وسيع بيٺڪ ۾ موجود هئاسين. مان،ريکا ۽ ريکا جي ماءُ سروجا ديوي. سڄو قصو ٻڌي به هن ڪجهه نه ڳالهايو، ٻه ٽي دفعا زور زور سان ساهه ڇڪي کنيائين، پوءِ اهائي خاموشي. مون کي ائين محسوس ٿيو ته هن جي پراسرار نيڻن ۾ سمايل درد ويتر وڌي ويو آهي. رات جي اوندهه وڌيڪ گهري ٿي وئي آهي، هن جي صورت جو پنو چمڪڻ لڳو هو، ڪاري ساڙهيءَ جي پلوَ مان هن جو چنڊ جهڙو چهرو…ريکا سندس ڀر ۾ ويٺل هئي. هوءَ ريکا جي ماءُ نه پر ڀيڻ ڀاسي رهي هئي.
    پوءِ هن خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو:”ريکا! تون وڃ، وڃي پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪر، مان هن سان تنهائيءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيان ٿي!”
    ريکا ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي ٻاهر هلي وئي.
    ريکا جي وڃڻ کانپوءِ به ڪافي دير تائين هن ڪجهه به نه ڳالهايو، رڳو پنهنجي ڪاري ساڙهيءَ جي پلوَ کي آڱرين ۾ موڙيندي رهي.
    آخر مون ڳالهايو:”مونکي ائين ٿو لڳي ته ان راز جي ڪنجي توهان وٽ آهي؟”
    “ڪهڙي راز جي؟” هن آهستگيءَ سان پڇيو.
    “گذريل ڇهن سالن کان، هن مهل تائين جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، وڏي ٺاڪر جو قتل، ننڍي ٺاڪر جو خون، راوت جو مون تي فائر ڪرڻ، ريکا تي گولي هلائڻ!، مون کي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون ٿيون معلوم ٿين، جنهن جي ڪنجي اوهان وٽ آهي!”
    پوءِ ڄڻ هن دل ۾ ڪو فيصلو ڪري ورتو. ساڙهيءَ جو پلوَ مان هٿ ڪڍي هوءَ ٺهي ويٺي ۽ نهايت اعتماد سان چوڻ لڳي:
    “تو منهنجي ڌيءَ جي جان بچائي آهي، ان لاءِ توکي سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ جو حق آهي، پڇ…..ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟ مان سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏينديس….جيڪو به مون کي معلوم آهي اهو ٻڌائي ڇڏينديس. اڄ رات….ممڪن آهي، اڄ کانپوءِ وري اهڙي رات نه اچي!”
    مون هن جو آخري جملو نه سمجهيو، اصل ۾ مون ان تي پورو ڌيان به ڪونه ڏنو. ٻيا ئي ڪيترا اهڙا مونجهارا هئا، جن کي سلجهائڻ مون لاءِ ضروري هو، انڪري مون ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    “ڇا اوهان کي معلوم هو ته وڏي ٺاڪر جو قتل ڪنهن ڪيو؟”
    هو وڏي شدت سان چوڻ لڳي: “جيڪڏهن مونکي معلوم هجي ها ته مان راوت جي پٽ کي جيئرو ڇڏي ڏيان ها؟”
    “ته اوهان کي راوت تي ڪڏهن شڪ ٿيو؟”
    “اڄ کان پهرين ڪڏهن به نه! بس اجهو توکان ئي خبر پئي اٿم.”
    مون غور سان سندس اکين ۾ نهاري چيو:”سچ ٿا چئو؟”
    “ها!”
    هن، ها ته ڪئي پر مونکي ائين لڳو ڄڻ ان هاڪار جي پويان ڪا ڳالهه ضرور آهي، جيڪا هوءَ ٻڌائڻ نه ٿي چاهي.
    “۽ جڏهن ننڍي ٺاڪرجو قتل ٿيو ۽ ان ئي شڪار گاهه ۾، ته به اوهان کي ڪنهن تي شڪ نه ٿيو؟”
    “ان وقت شڪ نه پر پڪ ٿي وئي هئي”
    “ڪنهن جي متعلق؟”
    “مون کي راوت تي ئي شڪ ٿيو هو..”
    “اوهان کي معلوم هيو ته ننڍي ٺاڪر جو خون راوت ڪيو آهي؟”
    “ها!”
    “۽ اهو معلوم هوندي به اوهان پوليس کي ڪونه ٻڌايو؟”
    “نه..!”
    “ڇو؟”
    ڇاڪاڻ ته راوت کي مون ئي مجبور ڪيو هو ته ننڍي ٺاڪر کي گولي هڻي ماري ڇڏي!”
    مان هن جي ڳالهه ٻڌي چڪرائجي ويس. ڪيتري دير ته مان سڪتي ۾ اچي ويس.
    رات جي وڳڙي جو ساهه گهٽجندي محسوس ٿي رهيو هو ۽ شمعدان جا شعلا مڌم ٿيڻ لڳا هئا. مان هن جي چهري ڏانهن نهاري رهيو هوس. اهو چهرو جيڪو هر قسم جي جذبات کان خالي هو، خاموش ۽ پرسڪون چهرو!
    “ائين ڇو ڪيو اوهان؟”
    “ڇاڪاڻ ته ان وقت مون سمجهيو پئي ته ننڍي ٺاڪر يعني منهنجي ڏير ئي منهنجي ڪانڌ جو قتل ڪيو آهي.”
    “جيڪڏهن اوهان کي ننڍي ٺاڪر يعني پنهنجي ڏير تي به شڪ هو ته به پوليس کي چئي ٿي سگهيا؟”
    “ڪيئن چوان ها! مون وٽ ڪو ثبوت به ته ڪونه هو.”
    “ان وقت اوهان پنهنجي مڙس جو قاتل پنهنجي ڏير کي ئي ڇو سمجهيو! ڇا ڪو جائداد متعلق معاملو هو؟”
    “نه جائداد ۾ هو ٻئي هڪ جيترا حصيدار هئا. ظاهر آهي ته وڏي ٺاڪر جي مرڻ کانپوءِ ان جي جائداد منهنجي ۽ ريکا جي حصي ۾ اچڻي هئي، مون کي ننڍي ٺاڪر تي ان ڪري شڪ نه ٿيو هو!”
    “ته پوءِ ڪهڙو سبب هو؟”
    هو چپ ٿي وئي، وري به ساڙهيءَ جي پلوَ کي مروڙيندي رهي، آخرڪار ٿڌو ساهه کڻي هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳي:
    “ننڍو ٺاڪر مون سان پيار ڪندو هو.”
    مان ڇرڪي ويس، ٿوري دير خاموشيءَ کانپوءِ پڇيم:”اوهان به ان سان پيار ڪندا هئا؟”
    “نه مان نه، رڳو هو…..وڏي ٺاڪر جي جيئري ئي، مان هن کي سمجهائيندي هئس، پر هو نه سمجهندو هو، مڃيندو ئي ڪونه هو، پوءِ به مان هن کي سمجهائيندي هئس . ٺاڪر صاحب کي ڪجهه به نه ٻڌايم، جيڪڏهن مان وڏي ٺاڪر کي ٻڌايان ها ته هو ان کي ماري ڇڏي ها، ان ڊپ کان چپ رهيس، اهو سوچي به ته نادان آهي، آهستي آهستي سمجهي ويندو.”
    مون پڇيو:”جيڪڏهن ننڍو ٺاڪر اوهان سان پيار ڪندو هو ته اوهان هن کان پري پري رهو ها هن کي مارائي ڇو ڇڏيوَ؟”
    “چئي ته ويٺي آهيان ته مون کي شڪ ٿي پيو هو ته منهنجي ڏير منهنجي محبت ۾ جذباتي ٿي منهنجي مڙس کي قتل ڪيو آهي، پر مون ان ڳالهه جو به رڳو شڪ هو پر اهو پوءِ يقين ۾ بدلجي ويو، جڏهن…جڏهن…!”
    چوندي هوءَ هڪدم چپ ٿي وئي.
    “تڏهن ڇا ٿيو هو؟”
    “جڏهن منهنجي ڏير، منهنجي مڙس جي مرڻ کانپوءِ اٽڪل ڇهن ستن مهينن کانپوءِ مون تي هٿ کنيو هو!”
    “هٿ کنيو هو يعني ماريو هو؟”
    “نه مون کي بي آبرو ڪيو هو، هڪ رات هڪ طوفاني رات جو هو منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيو ۽ هن انتها درجي جي بي حيائي ڪري منهنجا گل ڦل لاهي ورتا، ڀاڄائيءَ جي رشتي جي نافرماني ڪري هن منهنجي عزت….مان رڙيون ڪندي رهيس پر ان طوفان جي شور ۽ گاج جي آوازن سبب ڪنهن کي به پتو ڪونه پيو، ڪو به منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ نه پهتو…..۽ مان پنهنجي نظرن ۾ بي آبرو ٿي ويس…..”
    ضبط ڪرڻ جي باوجود ٻه ڳوڙها هن جي اکين مان ڳڙي ڳلن تي اچي بيهي رهيا. هڪ گهرو ساهه کڻي چوڻ لڳي:”ان رات مون فيصلو ڪيو ته مان آپگهات ڪري پنهنجي جان ڏئي ڇڏينديس پر منهنجي سامهون منهنجي ننڍڙي ڌيءَ ريکا هئي، مون هن لاءِ زنده رهڻ ٿي چاهيو، تڏهن مون فيصلو ڪيو ته ننڍي ٺاڪر کي قتل ڪرڻ گهرجي، يا هو زندهه رهندو يا مان….” ائين چئي هوءَ وري چپ ٿي وئي.
    “ته ائين ننڍو ٺاڪر جان وڃائي ويٺو!” مون آهستي چيو پوءِ هن کان پڇيو:”ته ڇا اوهان ان قتل تي اڃان به پشيمان آهيو؟”
    “نه….بلڪل به نه…” هن وڏي رعب سان چيو،”مان پوءِ به ائين ئي ڪريان ها، جيئن مون ڪيو، اڄ به جيڪڏهن مون سان ائين ٿئي ها، جيئن ان ڏينهن ٿيو، ته اڄ به مان ائين ئي ڪريان ها!”
    مان پنهنجي جاءِ تان اٿي، بيٺڪ جي خالي حصي ۾ هلڻ لڳس. ڳجهارت ڀڄي پئي هئي. ان معاملي ۾ وڌيڪ ڦورا ڦولڻ جي ضرورت ڪانه هئي پر پوءِ به مون سوال ڪيو:
    “ننڍي ٺاڪر جي موت کان پوءِ ڇا ٿيو؟”
    “آهستي آهستي راهڪ ۽ ڪڙمي به کسڪڻ لڳا، جڏهن پوليس به قتل جو سرو هٿ ڪري نه سگهي ۽ ٻئي قتل هڪ پر اسرار معمو بڻجي ويا ته هارين نارين مشهوري ڪري ڇڏيو ته واديءَ تي جنن ڀوتن جو پاڇو آهي ۽ ڪنهن جن ٻنهي ٺاڪرن کي ماريو اهي. بس ائين ڪم وارا سڀئي هاري، ڪم ڇڏي هليا ويا، هاڻي اهي ست اٺ نوڪر ۽ ڪڙمي بچيا آهن، جيڪي راوت جي تحويل ۾ آهن، زمين جا ٽي حصا ته غيرآباد ٿي ويا آهن، تون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهين، اهي ست اٺ ماڻهو به انهيءَ راوت جي ڪري بيٺا آهن. راوت شروع کان اڄ تائين وڏي دل سان نوڪري ڪئي آهي، اهو ئي اسان جو پراڻو ملازم آهي.”
    “سو اوهان کي ان تي پورو ڀروسو آهي؟”
    “هيو!، مان ئي نه وڏو ٺاڪر به هن تي پورو اعتماد ڪندو هو، اڄ کان پهرين ڪو به هن تي شڪ ڪري ڪونه پيو سگهي.”
    “اوهان سان هن جو وهنوار ڪيئن آهي؟” ائين چئي مان سروجا ديويءَ جي ويجهو ٿي، سندس اکين ۾ نهارڻ لڳس.
    پوءِ هوءَ وري پنهنجي ساڙهيءَ جي پلوَ کي نوڙيءَ وانگر وٽڻ لڳي.
    مون چيو:”سچ چئجو، اڄ اوهان جي امتحان جو ڏينهن آهي، سامهون ديوارن تي لڳل تصويرون اوهان کان زندگيءَ ۽ موت جو حساب وٺڻ ٿيون چاهين!”
    هوءَ چوڻ لڳي:”ڏير جي موت کانپوءِ اٽڪل ڏهه مهينا ته ڏاڍي سڪون سان گذريا، پوءِ جڏهن ڪڙمي ڪاسبي ڀڄڻ لڳا ته آهستي آهستي راوت به چالاڪيون ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنيون، ۽ ائين ڪندي، هن زمين جا اختيار پنهنجي هٿ ۾ ڪري ڇڏيا. مان اڪيلي هئس ۽ ٻيا سمورا ڪڙمي وغيره سڀ هن جا پنهنجا هئا، منهنجي ڌيءَ جي به شادي ٿي چڪي هئي. ظاهر ۾ ته هو منهنجي عزت ڪندو هو پر ڪندو اهو ئي هو جيڪو هو چاهيندو هو. ائين ته منهنجو حڪم به ٽاري ڇڏيندو هو ۽ پنهنجي مرضي هلائڻ لڳندو هو، آهستي آهستي هو اهو ظاهر ڪرڻ لڳو، ڄڻ زمينن متعلق فيصلي ڪرڻ وارو اصل مالڪ هو ئي هجي، مان ته نالي ۾ مالڪياڻي رهجي ويس، انڪري جڏهن هن ٻڌو ته تون اها زمين وٺڻ آيو آهين ته هن توکي به رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي!”
    “رڳو مونکي نه پر هن ريکا تي به گولي هلائي هئي، هن ان تي ڇو هلائي؟”
    “هن ريکا تي گولي الائي ڇو هلائي؟”
    “اوهان ڄاڻو ٿا ته هن ريکا تي…!”
    “نه مون کي خبر ناهي!”
    “ٻڌو!” مون هن کي چيو،”هي قصو اڄ کان ئي شروع نه ٿيو آهي، پر اڄ کان گهڻو اڳ ۾ شروع ٿي چڪو آهي، بهرحال مان صرف ايترو ٿو پڇڻ چاهيان ته هن وڏي ٺاڪر جو خون ڇو ڪيو؟ ڪٿي ائين ته نه آهي ته هن انهن ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو اڳواٽ ئي ٺاهي ڇڏيو هجي ته جيئن زمينن تي هن جو ئي اختيار هجي!”
    “پر اهي زمينون هن جون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ جڏهن ته وڏي ٺاڪر کانپوءِ ننڍو ٺاڪر يا مان ئي ته ان جا وارث آهيون، يا جيئن مون کان پوءِ منهنجي ڌيءَ وارث ٿيندي، منهنجي ڌيءَ کان پوءِ منهنجي ڌيءَ جو مڙس ان جو وارث هجي ها، يا ان کانپوءِ ان جو ٻار….ڇا هن اهو سڀ ڪجهه ڪونه ٿي ڄاتو؟” هن ڪجهه وڏي آواز سان ۽ رعبدار انداز ۾ چيو.
    “معاملو اڃا ان کان به مختلف آهي!” مون چيو، هن اهو سڀ ڪجهه سمجهيو پئي ته پوءِ هن اهو سڀ ڪجهه آخر ڇو ڪيو؟….ڇا ان ڪري نه ته هن انهن زمينن جو واحد مالڪ ٿيڻ ٿي چاهيو؟ مالڪ کڻي ڪير به هجي، پر اها ڳالهه جا وڏي ٺاڪر جي موجودگيءَ ۾ پوري ڪانه پئي ٿي سگهي، پر اوهان جڏهن ننڍي ٺاڪر کي مارڻ جو منصوبو هن جي اڳيان رکيو ته جيئن ته ننڍي ٺاڪر کي ماري ڇڏڻ سان هن جو رستو صاف پئي ٿيو ته هن خوشيءَ سان ان جو قتل ڪري ڇڏيو، ڇوڪريءَ جي شادي ٿي وئي، هاڻي اوهان بيواهه، بنا ڪنهن آسري جي اڪيلا رهجي ويا…..هن جيڪو چاهيو ٿي اهو پورو ٿي ويو، يعني جيڪڏهن مان نه اچان ها ته …..اوهان جو ڪهڙو خيال آهي ان باري ۾؟
    چوڻ لڳي:”هاڻي ته جيئن تون ٿو ٻڌائين، مونکي ته تنهنجي ئي ڳالهه درست ٿي لڳي.”
    “نه منهنجي ڳالهه به درست ناهي!” مون سروجا ديويءَ کي ذري گهٽ دڙڪو ڏيندي چيو.”منهنجو اندازو اڃان ئي ڪو ٻيو آهي!”
    “تنهنجو اندازو ڪهڙو آهي؟” هن مونکان ڊڄندي ۽ ڌيمي آواز ۾ پڇيو.
    “منهنجو خيال آهي ته هو توهان سان محبت ٿو ڪري.”
    هن ڪجهه به نه ڪڇيو، بس ساڙهيءَ جي پلوَ کي ويڙهيندي رهي، پوءِ آهستي آهستي سڏڪڻ لڳي، پوءِ هوءَ جنهن تخت تي ويٺي هئي ان تي ڪري پئي، هن ٻنهي هٿن سان پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيو ۽ هن جو سڄو بدن سڏڪن سبب ڌڏي رهيو هو.
    مون هن کي وڌيڪ ڪجهه به نه چيو، مان اٿي ان بيٺڪ ۾ ٽهلڻ لڳس، ٿوري دير کانپوءِ مان بيٺڪ مان ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيس. منهنجو اندازو غلط نه هو، سروجا ديويءَ زبان سان ڪجهه به نه چيو پر هن جا سڏڪا هن جي دل جي سموري وارتا بيان ڪري رهيا هئا.
    اٽڪل اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جڏهن مون ڀانيو ته هن جا ڳوڙها سڪي ويا هوندا ته مان وري اندر بيٺڪ ۾ گهڙي آيس، هوءَ تخت تي خاموش ويٺي هئي، هن پنهنجا ڳوڙها اگهي ڇڏيا هئا ۽ پنهنجي اندر جي ڪيفيت کي وس ۾ ڪري ورتوهو.
    مان جڏهن اندر آيس ته هن مون ڏانهن شرمسار نگاهن سان نهاريندي چيو:
    “تنهنجو اندازو بلڪل صحيح آهي پر مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اڄ تائين مان هن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي، هو وڏو هوشيار ۽ چالاڪ هو، جيستائين ريکا جي شادي ڪانه ٿي هئي ته هن مون کي ڪجهه به نه چيو، پر جيئن ئي ڇوڪريءَ جي شادي ٿي وئي ،هن آهستي آهستي مون تي پنهنجي دلي مراد ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڏني. مون چاهيو ته هن کي ڪڍي ڇڏيان پر هن کي ڪڍي ڇڏيان ها ته زمين جي سنڀال ڪير ڪري ها، سڀني ڪڙمين تي ته هن جو ئي رعب هلندو هو ۽ اهي به هن جو ئي حڪم مڃيندا هئا، مان هن کي ڪڍي به ڇڏيان ها ته به ته مان هن جهنگ ۾ اڪيلي رهجي وڃان ها! انڪري مان هن کي ٽاريندي رهيس ۽ هو به آسري ۾ ويٺو رهيو. پوءِ جيڪو زمين وٺڻ ايندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني ان جي دل کڻائي ڇڏيندو هو. اڄ مان اهو ڄاڻي ورتو آهي. پر سچ پڇين ته ان کان اڳ نه! هاڻي مان اندازو ڪري سگهان ٿي ته هو مون کي ڪيترو ٿو چاهي، هن منهنجي ڪري وڏي ٺاڪر جو قتل ڪيو، پوءِ ننڍي ٺاڪر جو، جنهن جي لاءِ کيس مان نه به چوان ها ته به هو ان کي قتل ڪري ڇڏي ها! شايد هو اهو ئي چاهي پيو ته هو هجي ۽ مان، بس. مٿان مٿان مان مالڪ هجان، پر اندوني طور تي هو ئي مالڪ بڻجي ويهي ها! منهنجو به ته زمين جو به.”
    “ته ڇا اهو اوهان کي قبول نه هجي ها؟”
    “شروع ۾ ته مان هن سان سخت نفرت ڪندي هئس، مان ته هن تي لعنت ملامت به ڪندي هئس، گاريون به ڏيندي هئس. شرم ڏياريندي هئس پر هن تي ڪنهن به ڳالهه جو ٿورو به اثر ڪونه ٿيندو هو. هو ڏاڍو سخت دل جو مالڪ آهي، هن مون کي اڄ تائين ڪڏهن هٿ نه لڳايو آهي، حالانڪ هو لڳائي پئي سگهيو، پر شايد هو ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، جا گهڙي پاڻ ئي ڪنهن پڪي ڦل جيان سندس جهوليءَ ۾ ڪري پوي ها! هن انتظار ڪيو، هو انتظار ڪندو رهيو ۽ واقعي مان هن جي برداشت ۽ همت جي قائل ٿي وئي هئس. هاڻي جيڪڏهن تون نه اچين ها ۽ مون کي پنهنجي ٺاڪر جي قاتل جي خبر نه پوي ها ته اهو ٿي پئي سگهيو….مان هن جي جهوليءَ ۾ واقعي ڪري پوان ها! مان توسان ڪوڙ نه ٿي ڳالهائڻ چاهيان! دل جي ڪابه ڳالهه هاڻي توکان نه لڪائينديس. اهو سچ آهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان مون کي هن تي ترس اچڻ لڳو هو.”
    “۽ هاڻي؟ هاڻي ڇا ڪرڻو پوندو؟ سروجا ديوي….؟ پوليس ۾ ته وڃي ڪونه ٿا سگهون!”
    هوءَ آهستي چوڻ لڳي:”هاڻي هي معاملو پوليس وٽ نه ويندو! هاڻي اهو هن جو ۽ منهنجو معاملو آهي.”
    “ته اوهان ڇا ڪندؤ؟”
    اوچتو هن پنهنجي پاسي مان خنجر ڪڍيو، چوڻ لڳي:
    “هاڻي هن خنجر سان مان هن کي پورو ڪري ڇڏينديس، هن مون کان منهنجو سهاڳ کسيو، مان هن جو خون ڪري ڇڏينديس، بس ان کان پهرين توکي، منهنجي ڌيءَ کي هتان وٺي وڃڻو پوندو. هونئن ئي ٻن ڏينهن کانپوءِ هن کي ساهري گهر وڃڻو هو، پر هاڻي هن کي ڪنهن نوڪر جي حوالي ڪري ڪانه ٿي سگهان، تون هن کي شهپارا تائين حفاظت سان وٺي وڃ. اڳيان هوءَ پاڻ ئي هلي ويندي. سڀاڻي صبح جو ئي تون هن کي هتان وٺي وڃ….مان نه ٿي چاهيان ته منهنجي ڌيءَ يا توکي ڪا ڏکيائي ڏسڻي پوي. ڪا پڇاڳاڇا ٿئي، منهنجي ڌيءَ پنهنجي ساهري گهر پهچي ويندي ته مان هن موذيءَ کي ماري چڪي هونديس.
    “پوليس جي متعلق ڇا خيال آهي اوهان جو؟”
    “پوليس وٽ هن کي پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ پاڻ وڃي پوليس جي اڳيان پيش پونديس، مان ائين ڪري سگهان ٿي، مون کي پنهنجي جان جي ڪابه پرواهه نه آهي، پر معاملي جي پوليس ۾ وڃڻ سان ٺاڪر خاندان جي جيڪا بيعزتي ٿيندي يا منهنجي ڌيءَ سان جيڪا حالت ٿيندي، ان کانپوءِ ته هن جو مڙس به هن کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ نه ڏيندو، نه هي معاملو پوليس جو نه آهي. هي صرف ۽ صرف منهنجي ۽ هن جي وچ جو معاملو آهي، پر تون منهنجي ڌيءَ کي هڪدم هتان وٺي وڃ، بس سڀاڻي ئي، مان توکي قسم ٿي وجهان نه ته مان الائي ڇا ڪري ويهنديس!”
    “قسم ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.” مون کيس نرميءَ سان پر وڏي ڏک واري انداز ۾ چيو، ڇاڪاڻ ته مون کي هن جو جواز مناسب پئي لڳو.
    “مان اوهان جي ڌيءَ کي سڀاڻي ئي هتان وٺي ويندس ۽ جيڪڏهن هوءَ چاهيندي ته کيس ساهري گهر تائين به رسائي ايندس، پر پوءِ هنن زمينن جو ڇا ٿيندو؟ مان ته اها خريد ڪرڻ آيو هوس؟”
    “نه هاڻي هي زمين توکي نه ڏينديس، هاڻي هن زمين تي منهنجو ڪو به حق نه آهي، هاڻي شايد ڪنهن جو به حق هن زمين تي نه آهي. پر تون هاڻي هن خون ۽ نحوست ۾ ٻڏل زمين کي خريد ڪري ڇا ڪندين؟ هتي ڪو به رهي، خوش رهي ڪونه سگهندو! جنهن سڪون تلاش ۾ تون هتي آيو آهين، اهو سڪون توکي هتي ڪڏهن به نه ملي سگهندو. هاڻي هي زمين سدائين لاءِ سنڍ هجي، ويران سنسان هجي، بي واهي هجي ته وڌيڪ بهتر آهي.
    هن جي دليلن ۾ ڪافي وزن هو، مان ڪنڌ جهڪائي هن جي ان وسيع بيٺڪ مان ٻاهر نڪري آيس.
    *



    ٻئي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ منهن انڌاري ۾ اسان ٻئي ان گهر مان موڪلائي هلياسين. سروجا ديويءَ نه پئي چاهيو ته ڪنهن کي به اسان جي وڃڻ جي خبر پوي، هن ته اسان کي گهوڙن تي چڙهي وڃڻ کان به منع ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان سان گهوڙا هلن ها ته انهن سان ٻن ڪم وارن کي به گڏ هلڻو پوي ها! ۽ جيڪڏهن انهن کي اسان جي وڃڻ جي کڙڪ پئجي وڃي ها ته اسان لاءِ خطرو به وڌي وڃي ها! حالانڪ راوت جي باري ۾ رات کان ئي سسپس شروع ٿي وئي هئي، پر مالڪياڻيءَ اهو مشهور ڪري ڇڏيو هو ته ڪنهن پهاڙ تان ڪري پوڻ سبب هو ڏاڍو زخمي ٿي پيو آهي ۽ مالڪياڻي پاڻ سندس تيماداري ڪري رهي آهي. انڪري ڪنهن به ڪمي ڪڙميءَ کي ڏسڻ جي اجازت ڪانه هئي. ان ڳالهه مان ڪمي ڪڙمي مطمئن ته ڪونه ٿيا هئا پر چپ ضرور ٿي ويا هئا.
    وڃڻ وقت داهلي بوئا، مانيءَ جو سامان ڏئي ڇڏيو. ٻاهرين دروازي جي چانئٺ تي بيهي ريکا چيو:
    “امان اوهان کي هاڻي هتي وڌيڪ رهڻ نه گهرجي، جلدي زمين وڪڻي مون وٽ هلي اچي رهو.”
    “ائين ئي ڪنديس.” ماڻس جواب ڏنو.
    “امان تون اهي زمينون هن کي ڇو نه ٿي ڏئي ڇڏين؟” ريکا منهنجي طرف اشارو ڪندي ماءُ کي چيو.
    “مون هن کي چئي ڇڏيو آهي، توکي ڇڏي ستن اٺن ڏينهن کانپوءِ اچي، جيستائين مان به چڱي ريت سوچي وٺان.”
    “هاڻي سوچڻ جو وقت گذري ويو آهي امان!” ريکا ماءُ جو هٿ جهلي چيو.
    ريکا جي ماءُ جي پلڪن مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ٻئي ماءُ ڌيءَ هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليون ۽ سڏڪندي هڪ ٻئي کان جدا ٿيون، ڄڻ سندن اها آخري ملاقات هجي.

    *



    اهو صبح ڪڪرن سان ڀريل هو. واديءَ مان وڃڻ وارو رستو به رات جي چادر ويڙهي ستل هو. اسان جي بي آواز قدمن جي هيٺاهن ڪڏهن ڪڏهن ڪا سڪل ٽاري يا ڪي سڪل پن اچي پئي ويا ته انهن جي چٿجڻ سبب انهن مان چرچر جو آواز پئي آيو. ڪڏهن پپر جي وڻن مان ڪا جهرڪي پرن کي ڦڙڪائي وري پنهنجي چنهب پرن ۾ وجهي سمهي ٿي پئي. اسان جا قدم واديءَ جي بلنديءَ کان هيٺانهينءَ طرف وڌي رهيا هئا. جاءِ جاءِ تي ماڪ ۾ ڀنل وڻ ۽ ٻوٽا، رات جي خمارن ۾ خاموش بيٺل نظر پئي آهي.
    اڳيان اڳيان ريکا هلي رهي هئي، مان هن جي پويان پويان. رستي ۾ ايتريون پهاڙي لاهيون هيون، جن تان لهڻ نه رڳو مشڪل هو پر خطرناڪ به هو، پر ريکا ڪنهن ٻڪريءَ وانگر ٽپ ڏيندي پئي هلي.
    مون چيو:”مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تو جهڙي نازڪ بدن اهڙي مشڪل رستن تي پيدل ڪيئن ٿي هلي سگهي.”
    “واه واه ڇو؟؟” ريکا ٻهڪندي چيو.”هي سارا چارا منهنجا ڀيٽيل آهن، شاديءَ کان اڳ ۾ مان ڪنهن رولو ٻڪريءَ وانگر هنن رستن تي اڪيلي سر گهمندي وتندي هئس.”
    مون پڇيو:”هي ته سڄو رستو ڏکيو آهي، اسان ڪواڙي قلعي کان ڇونه هلياسين، اهو آسان به هو؟”
    “اهو رستو آسان ضرورآهي پر الاهي ڊگهو آهي، جنهن رستي تي مان ٿي وٺي هلان، ان رستي سان اسان ٻن پهرن تائين شهپارا ڳوٺ تائين جي ويجهو پڄي وينداسين.” ريکا چيو.
    *
    رات هڪڙو آخري ساهه کڻي واديءَ مان ڪر موڙي اٿي ۽ ڪارن ڪڪرن سان ڀريل آسمان جي اڳيان پويان سوجهري جي شفاف لهر نمودار ٿيڻ لڳي ۽ پکين جو ولر هيٺ ميدان جي پاسي اڏامندي نظر اچڻ لڳو. صبح جي ڌنڌلڪن ۾ مون ڏٺو ته واديءَ ۾ هيٺ ميلن تائين پکڙيل ميدان ۾ جاءِ جاءِ تي وڻن جي جهڳٽن ۾ ٺهيل مَنهن ۽ ڇپرن ۽ دڙن تي اڏيل ڪکاون جهوپڙن مان هلڪو هلڪو دونهون نڪري رهيو هو. صبح جو بدن ڪجل ڀرين اکڙين کي مليندي، آرس ڀڃي اٿي رهيو هو ۽ رات جي مڌماتين کي جاڳائڻ جي دعوت ڏئي رهيو هو، رات مان بدلجي صبح ٿيڻ تائين ۽ شفق کان شام ٿيڻ تائين جي عمل ۾ ايتري جنسي ڪش ڇو هوندي آهي؟ شايد ان ڪري جو ٻه وقت پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ ڳِري لڳي هڪ ٻئي سان پيار ڪندا آهن، مگر ريکا ته منهنجي اڳيان اڳيان هلندي پئي وئي. شايد ريکا کي وقت جي وصال جو اندازو نه آهي، يا سندس ذهن ۾ هن سمي پنهنجي مڙس جو چهرو اڀري رهيو آهي.
    ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ذهن ۾ هن جا ڊوڙندڙ پير نظر اچي رهيا هجن، جن کي مان پنهنجي دل ۾ سانڍڻ جي ڪوشش به ڪندو هجان، ته ٿي سگهي ٿو هن جي دل ۾ ڪنهن ٻئي جي تصوير اڀرندي هجي! ۽ هن کي محسوس به نه ٿيندو هجي ته مون پنهنجي دل ۾ ڇا سانڍيو آهي! جيستائين تصويرون نه ٿيون ملن تيستائين احساس به ڪونه ٿا ملن. امنگون ۽ ارمان نه ٿا ملن ته محبت به نه ٿي ملي، صرف ٻن جسمن جي ملڻ سان هڙ حاصل ڪجهه به نه آهي!
    هلندي هلندي ريکا بيهي، مڙي پورب پاسي نهاريو، جتان سرڀني پهاڙن جو سلسلو گهاٽن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن کنوڻ به کجڪا ڪري رهي هئي، جيئن ته صبح ٿي ويو هو پر سج اڃان ڪونه اڀريو هو، يا شايد پهاڙن جي پويان اڀريو هجي ۽ ڪڪرن جي گهونگهٽ ۾ هجي.
    ريکا هوا جي خوشبوءِ کي سڃاهي چوڻ لڳي:”سرڀنيءَ جي پهاڙن ۾ بارش پئي ٿئي.”
    مون چيو:”مون کي هيءَ صبح جي خنڪي سٺي ٿي لڳي، سفر سهاڻو ڪٽجي ويندو.”
    اوچتو ريکا ڇرڪ ڀريو ۽ ڏڪڻ لڳي.
    مون پڇيو :”ڇا ٿيو؟”
    هوءَ ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي: “الائي ڪهڙي ڳالهه آهي، الائي ڇو امان جي جدائيءَ جو ڏک ڏنگي رهيو آهي.”
    مون چيو: “گهٻراءِ نه، هوءَ پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ ڄاڻيندي آهي.”
    “اهو ته مان به ڄاڻان ٿي!”
    ريکا ڪي قدر مطمئن ٿي اڳتي قدم وڌايو.
    هاڻي ته رستو صفا مشڪل ٿي ويو هو. مٿانهين پهاڙين تان هلڻو ٿي پيو، جن ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگلي ٻُوڙا بيٺل هئا، ڪٿي ڪٿي ننڍيون ننڍيون چُرون هيون. ريکا مون کي چيو:”بس هي رستو گذري ويندو پوءِ اڌ ميل جي آخري لاهي آهي، جنهن کانپوءِ ڌوليا ندي، جنهن جي ٻئي پاسي ڌوليا بستي ۽ پوءِ ميداني علائقو آهي. ندي پار ڪرڻ کانپوءِ شهپارا ڳوٺ تائين پهچڻ ۾ صرف ٽي ڪلاڪ لڳندا.”
    مون چيو:”شڪر آهي اڄ سج ڪڪرن جي اوٽ ۾ آهي، نه ته گرميءَ سبب هن سفر ۾ منهنجو حال ڏاڍو خراب هجي ها!”
    ريکا هڪدم بيهي، مڙي منهنجي چپن تي آڱر رکي، ۽ آهستي سسپس واري انداز ۾ چوڻ لڳي:
    “چپ ڪر!”
    مان حيرت وچان بيهي رهيس. هوءَ ڄڻ هوا ۾ گهلندڙ آوازن کي ڪنائڻ لڳي.
    گهوڙن جي دُڙڪڻ جو آواز پويان اچي رهيو هو.
    ريکا ڪجهه چوندي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو:”هيڏانهن اچ!”
    هوءَ تيزيءَ وچان هڪڙي موڙ وٽان مڙي، مون کي هڪ چُر ۾ گهلي وئي. اسان ٻئي دم ٻوساٽيو هڪ ٻئي جي ويجهو، بيٺي بيٺي انتظار ڪري رهيا هئاسين، ان وقت تائين مون کي ڪنهن به خطري جو احساس ڪونه هو، بس رڳو هن جي بدن جي قريب هجڻ جو احساس هو ۽ تڪڙن تڪڙن ساهن سبب هن جي ڇاتين جو هيٺ مٿي ٿيڻ.
    اچانڪ اسان جي ڀر مان، اصل بلڪل ڀرمان، ٻن اڀين پهاڙين جي وچ مان گهوڙي سوار گذريا. اهي عقاب وارين نگاهن سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا ٿي ويا. ٻنهي جي ڪلهن تي بندوقون هيون ۽ گهوڙن جي پٺي پگهر ۾ ٻڏل هئي، لڳو ٿي ته هو واديءَ کان هيستائين جو مفاصلو ڏاڍي جلدي طئي ڪري آيا آهن.
    مون انهن کي ڪونه سڃاتو، پر ريکا کين سڃاتو.
    “هي ته اسان جا راهڪ هئا!”
    جڏهن اهي گهڻو اڳتي نڪري ويا ته ريکا مونکي چيو…”ٻگهپلو ۽ پرسو، پر هي هتي ڇا ڪري رهيا آهن؟”
    هن جي جملي پوري ٿيڻ سان ئي مون کي خطري جو احساس ٿيو ته منهنجي لونءَ ڪانڊارجي وئي.
    “ٿي سگهي ٿو هي اسان جي ڳولها ۾ نڪتا هجن!” مون ريکا کي چيو.
    “پر ڇو؟”
    “ٿي سگهي ٿو انهن کي راوت جي معاملي جي سُڌ پئجي وئي هجي!”
    “نا ممڪن! اِهو ممڪن نه آهي! منهنجي ماءُ ڪجهه ٻڌائي نه ٿي سگهي!”
    “پر اهو به ته ممڪن آهي ته هنن کي شڪ پئجي ويو هجي، ڇاڪاڻ ته راوت ته اسان جي پٺيان شڪار گهر آيو هو!”
    ريکا چپ ٿي وئي.
    مون چيو:”ائين به ٿي سگهي ٿو انهن راوت کي آزاد ڪرائي ورتو هجي ۽ هن ئي انهن کي اسان جي ڪڍ موڪليو هجي!”
    ريکا سوچي چوڻ لڳي:”ڪجهه به هجي، مون کي انهن ٻنهي ماڻهن جي نيتَ ٺيڪ ڪانه پئي لڳي!”
    “هاڻي ڇا ڪريون؟” مون ريکا کان پڇيو.
    ريکا ڪجهه سوچي چوڻ لڳي:
    “هاڻي ته گهڻو اڳتي نڪري ويا هوندا، اچ ته پهرين انهن کي ڏسون ته هو ڇا پيا ڪن!”
    چُر مان نڪري، ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ جڏهن پهاڙ واري لاهي ختم ٿي ته اسان هڪڙي اوچي دڙي جي اوٽ ۾ اچي بيٺاسين.
    هتان اسان دور دور تائين ڏسي پئي سگهياسين، لاهيءَ کانپوءِ ڌوليا نديءَ جو تيزيءَ سان وهندڙ پاڻي نظر اچي رهيو هو، ٻئي ڪناري تي ڌوليا بستي هئي، ان جي اڳيان کجين جا جهڳٽا هئا، پوءِ پري پري تائين وارياسو ميدان. نگاهن جي آخري حد تي شهپارا ڳوٺ!
    اسان انهن ٻنهي راهڪن کي ان تيز پاڻيءَ ۾ پنهنجا گهوڙا وجهندي ڏٺو. هو ٻئي ڪناري ڏانهن پئي ويا. اهي ڌوليا ڳوٺ جي دنگ کي پار ڪري ريگستاني دڙن تان تيزيءَ سان گهوڙا ڊوڙائيندا ٿي ويا. رستي ۾ ٿورو ترسي هيڏانهن هو ڏانهن واجهائي به رهيا هئا، ڄڻ ڪنهن جي ڳولها ڪري رهيا هجن.
    ريکا چيو:”اهي پڪ سان اسان کي پيا ڳولهين! پر ڇو……؟”
    اصل ۾ مان ته ساري معاملي کان واقف هوس، ۽ سروجا ديويءَ ريکا کي ڪجهه به ٻڌائڻ کان مون کي منع ڪئي هئي. صحيح به هو ڇاڪاڻ ته ريکا کي ڪجهه به ٻڌائڻ سان خود ريکا جي زندگي زهر ٿي وڃي ها.
    “پر ڇو؟”
    ريکا مون کان ٻيهر پڇيو، هن کي ڄڻ ڪا ڳڻتي ويڙهڻ لڳي هئي.
    مون چيو:”مان ڇا ٿو چئي سگهان! راهڪ تنهنجا آهن!”
    چوڻ لڳي:”مون کي ٻاهر موڪلڻ کانپوءِ امان سان تنهنجون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون؟”
    مون ڳالهه کي ٺاهيندي چيو:
    “مون هن کي چيو، راوت کي پوليس ۾ ڏيڻ گهرجي، هوءَ چوڻ لڳي، جيستائين تون منهنجي ڌيءَ کي ساهري گهر تائين ڇڏي، موٽ تي شهپارا جي پوليس کي نه آڻيندين تيستائين مان ڪجهه به نه ڪنديس.”
    ريکا چيو:”صحيح ئي ته چيو پئي امان.”
    پوءِ هو ٿورو منهنجي ويجهو اچي چوڻ لڳي.
    “۽ ٻيو ڇا چيو هن؟”
    “۽ زمين جي باري ۾ ڳالهيون ٿيون، ٻنيءَ جي اگهه پار متعلق.” وري مون ڪوڙ ڳالهائيندي چيو.
    لڳو ته ريکا کي منهنجي ان ڳالهه ۾ ڪا دلچسپي ڪانه هئي، هوءَ ريگستاني ميدان مان گذرندڙ انهن ٻنهي گهوڙي سوارن ڏانهن ڏسي رهي هئي.
    چوڻ لڳي: “اهي سڌو شهپارا ئي پيا وڃن، ڏاڍي تيزيءَ سان گهوڙا ڊوڙائيندا پيا وڃن! انهن جو ارادو ڪجهه ائين ٿو لڳي ته هو اسان کي شهپارا پهچڻ کان اڳ ئي پڪڙي وٺندا.”
    وري پڇڻ لڳي:”تنهنجو ڇا خيال آهي؟ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي چوڻ لڳي:
    “منهنجو خيال آهي ته سڀ کان اڳ ۾ نيرن ڪرڻ گهرجي، پوءِ ندي پار ڪري آهستي آهستي پنهنجي سفر تي هلجي ۽ منهنجو خيال آهي ته ٿورا چڪر ڪاٽيندا، ڪنهن ٻئي رستي سان هلون، ڀلي ته ٻن پهرن بجاءِ رات جو شهپارا پهچون، تنهنجي ڇا صلاح آهي؟”
    “نيڪ صلاح آهي، خاص ڪري نيرن جي باري ۾ ته تنهنجي صلاح ته ڏاڍي نيڪ آهي. هن وقت مون کي ايتري بک لڳي آهي جو مان نيرن سان گڏ توکي به کائي سگهان ٿو.”
    “ته سارو رستو ڇا ڪندو آيو آهين؟” ريکا ڪنهن گل جيان ٽڙندي چيو، “منهنجي پويان پويان هلندي تنهنجون نظرون يڪو ئي ته مون کي کائينديون رهيون آهن.”
    “ڪيئن ڀلا؟”
    “منهنجي پٺيءَ ۾ مسلسل سيون پئي چڀيون.” هن تنگ ڪرڻ وارين نگاهن سان مون ڏانهن نهاريو.
    مون چيو:”مان ڇا ڪريان تنهنجو هلڻ ئي ڏاڍو پيارو آهي. هڪ خوبصورت عورت جي انتهائي وڻندڙ لوڏ، ايتري عمدي هلڻي مون گهٽ ڏٺي آهي. گهڻو ڪري ته عورتون بدڪ وانگر هلنديون آهن.”
    چوڻ لڳي:” ۽ گهڻا مرد وري ڪتي وانگر سهڪندي هلندا آهن.”
    مون هٿ مٿي ڪري چيو”منهنجي توبهن.”
    اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.
    پوءِ نيرن جو سامان کولي نيرن ڪرڻ لڳاسين. هڪ ئي ٿانوَ مان گڏجي کائڻ سبب ڪڏهن اسان جون آڱريون ٿي هڪ ٻئي ۾ اٽڪي پيون ته ڪڏهن مانيءَ جو اڌ گراهه منهنجي هٿ ۾ پئي آيو ته اڌ هن جي هٿ ۾. ٻوڙ، ماني، احساس، جذبات، نگاهون، ڇهاءُ، ذائقو، سڀ هڪ ٻئي سان رلمل ٿي رهيا هئا. وقت هڪ نيرن جي ڪٽوري وانگر اسان جي وچ ۾ هو ۽ ان جو ذائقو لذيذ هو. پوءِ جڏهن اسان پنهنجو ن آڱريون چٽيندا، مسرور نگاهن سان هڪٻئي ڏانهن ڏٺوسين ته انهن نهارن ۾ چُمين جو مزو ۽ سواد محسوس ٿي رهيو هو ۽ منهنجي ذهن تي اها خوابناڪ رات تري آئي، جڏهن هن رسوئي گهر ۾ مون سان گڏ ماني پئي کاڌي، خبر نه آهي ته اهو لمحو حقيقت هو يا هي لمحو خواب هو؟
    اوچتو ريکا پنهنجي ننڍڙي زبان سان آڱريون چٽڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي:
    “هاڻي ته نديءَ تي هلي پاڻي پيئنداسين.”
    “۽ هي ڪٽورو؟”
    ريکا ڪٽورو کڻي، ان کي هوا ۾ گهمائي پري ڦٽو ڪيو. ڪٽورو پهاڙي لاهي تان رڙهندو، ٿڙندو ٿاٻڙجندو، زخمي ٿيندو، روئندو رڙندو ڪنهن کڏ ۾ وڃي ڪريو ۽ چپ ٿي ويو. ان ئي وقت منهنجي ۽ ريکا جي وچ وارو پيارو لمحو به ڄڻ مري ئي ويو.
    هاڻي هوءَ ريکا، مون کان الڳ هڪ ريکا هئي، مان هن کان الڳ …..نه ٿي ڄاتم ته اڳتي هلي، زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي اسان وري هڪ ٻئي سان ملي سگهنداسين!
    ريکا اٿي بيٺي، هن بيهي پنهنجي ڳاڙهي ۽ ڀوري پَڙي تان مٽي ڇنڊي، انڊلٺ جي رنگن جيان هڪڙو آرس ڀڳو ۽ پنهنجي چوٽي کي لوڏيندي چوڻ لڳي:
    “هلو سائين! اسان جي خانداني زمينن جا ٿيڻ وارا مالڪ، هاڻي اڳتي هلو.”
    مون چيو: “زمينن جي مالڪ ٿي وڃڻ سان ڇا ٿو ٿئي! پر جيڪڏهن مان توهان جي خاندان ۾ شامل نه ٿيس ته؟”
    ريکا پنهنجي سنهڙي زبان ڪڍي، مون کي چٻرا ڏيندي اڳتي وڌي وئي. لڏندي جهومندي ۽ ڪجهه وڌيڪ ئي جهومندي. لڳو پئي ته منهنجي تعريف جي ڪري هاڻي هن جي ٽور ڪجهه وڌيڪ ٿي وئي هئي. ائين ئي ته مور نچندو آهي. ڪبوتر ڳٽڪڻ لڳندو آهي ۽ عورت پنهنجي بدن کي بچائيندي هلندي آهي. حسن ڪنهن ٻئي جي نگاهه کانسواءِ نا مڪمل آهي. رُکو آهي، اڻڀو آهي، عورت جي بدن جا سارا ور وڪڙ، مرد جي نظرن ۾ جاڳيل هوندا آهن.
    اوچتو آخري موڙ مڙياسين ته ندي اسان جي سامهون اچي وئي، پر هن جي تارون تار پاڻيءَ کي ڏسي، ريکا هڪدم مٿي کي هٿ ڏئي ڪناري تي ئي ويهي رهي.
    *
    اوڀر پاسي جيڪو مينهن وسيو هو ۽ اڃان به وسي رهيو هو ان جي ڪري ڌوليا ندي ڏاڍي گوڙ شور سان ۽ وڏي ڇوهه ۾ پئي وُڙهي. پهاڙن تان مينهن جي پاڻيءَ سان گڏ مٽيءَ جي رڙهي اچڻ سان نديءَ جو پاڻي ڏاڍو گدلو گدلو ٿي ويو هو. اهڙي گدلي پاڻيءَ سان اڃ اجهائڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه پئي ٿيو، پر جنهن تک تار وچان وُڙهي پئي، ان مان تري پار وڃڻ جو به سوال ئي پيدا ڪونه پئي ٿيو!
    ريکا مايوس ٿيندي چوڻ لڳي:
    “هاڻي ڇاڪريون؟”
    مان خاموش رهيس.
    ريکا ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ وري پڇيو:”ٻڌاءِ نه!….هاڻي ڇا ڪريون؟”
    مون چيو:”هاڻي ته ڪواڙيءَ جي قلعي واري رستي سان به نه ٿو هلي سگهجي! اول ته ميلن جا ميل پنڌ ڪري واپس هلڻو پوندو، پوءِ به ممڪن آهي ته ڪواڙيءَ جي قلعي واري ندي به هن وانگر تارون تار هجي، ۽ اهو رستو به ڏاڍو ڊگهو آهي، اڄ ته ڪنهن به حالت ۾ شهپارا پڄي نه سگهنداسين.”
    ريکا چيو:”هڪڙي صورت آهي….هتي نديءَ جي ڪناري ويهي ٿا آرام ڪريون، جڏهن پاڻي لهي ويندو ته هلنداسين.”
    ڀر ۾ کجين جي وڻن جا جهڳٽا بيٺل هئا، اسان اوڏانهن هليا وياسين. اتي هڪڙي جهنگلي ول تي گل ٽڙيا هئا، ريکا ان مان گل ڇني ننڍڙو گلدستو ٺاهي پنهنجي وارن ۾ اٽڪايو ۽ مون ڏانهن عجيب نگاهن سان ڏسڻ لڳي.
    مان سندس ويجهو وڃي چيو:”جڏهن جذبن جي ندي چڙهيل هجي ته ماڻهو کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
    “هوءَ کلڻ لڳي:
    “ان وقت جو انتظار ڪرڻ گهرجي، جيستائين ندي لهي نه وڃي.” ائين چئي هوءَ منهنجي ڀر مان پاڻ بچائي پري وڃي هڪ ننڍڙي دڙي تي ويهي رهي، ۽ ٿوري دير کانپوءِ جهونگارڻ لڳي. شايد ڪو لوڪ گيت هو، جنهن جا ٻول مان سمجهي نه سگهيس، ها البت ان جو سوز منهنجي دل کي ڏاڍو پئي وڻيو. جڏهن هڪڙو گيت ختم ٿيو ته هن ٻيو ڳائڻ شروع ڪيو، ٻئي کانپوءِ ٽيون، اهڙيءَ ريت هن پنهنجي سريلي آواز ۾ چار پنج گيت ڳائي ورتا. بهرحال مون اهو ته ڪونه پئي ڄاتو ته هوءَ اهي گيت مون کي ٻڌائي رهي هئي يا پنهنجو پاڻ کي. شايد ڪا به عورت ڪنهن ٻئي کي گيت نه ٻڌائيندي آهي. پنهنجي اندر جي احساس کي زبان ڏيڻ لاءِ ڳائيندي آهي.
    ڳائيندي ڳائيندي هن جڏهن به نظرون کڻي مون ڏانهن ٿي نهاريو ته سندس اکيون بڙڇين وانگر چنهبياريون پئي ٿي ويون، ڄڻ سپنن جا ٽٽل ڪنارا هجن، ۽ سندس نيڻن ۾ ڪا چڻ ڀڻ ڏسي مون کي لڳو ته شايد مان سندس سپنن جي انهن ڪنارن کي ڇهندي ئي، پنهنجون آڱريون زخمي ڪري وجهندس جن مان خوف نڪري ڳڙڻ لڳندو. ڪيتريون شڪايتون هيون هن جي نيڻن ۾….منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به ڪونه ٿي آيو ته ريکا ڪنهن سان ڪنهن جي شڪايت ڪري رهي هئي؟ ان وقت ريکا هڪڙي گهايل پکيءَ جيان لڳي رهي هئي.
    اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ وري نديءَ جو حال معلوم ڪيوسين، نديءَ جي تار پاڻي گهڻو لهي ويو هو، پر منهنجي خيال ۾ سندس تک جهڪي ڪانه ٿي هئي، جنهن مان تري پار وڃڻ ڏکيو ٿي لڳو. ريکا ندي پار ڪري هلڻ لاءِ ڏاڍي اتاولي هئي.
    چوڻ لڳي:”پاڻي گهڻو لهي ويو آهي، تري پار اڪري وينداسين.”
    مون ٿورو گهٻرائيندي چيو:
    “منهنجي خيال ۾ ته اڃان به تري پار اڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ خطري کان خالي نه آهي، ٿورو انتظار وڌيڪ ڪري ٿا وٺون.”
    ريکا منهنجي ڪانئرتا ڏسي ڪاوڙ وچان چيو:”توکي ترڻ نه ٿو اچي ڇا؟”
    مون چيو:”سچ ته اهو آهي ته مون اڄ تائين ڪنهن درياهه يا ندي کي تري پار نه ڪيو آهي. البت تلاءَ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ وهنتو ضرور آهيان، ٿوري ٿوري مشق به ڪئي هئم پر اها ٻي ڳالهه هئي.”
    ريکا چوڻ لڳي:”ڪا ڳالهه ناهي، مان سهارو ڏئي توکي پار پڄائي ڇڏينديس.”
    مون پڇيو:”تون ترڻ ڄاڻين ٿي؟”
    چوڻ لڳي:”بدڪ وانگر…..۽ هيءَ ندي ته مان ننڍي لاڪر سوين ڀيرا پار ڪري چڪي آهيان. هتان پاڻي گهڻو اونهو نه آهي ، تيز ضرور آهي، زياده دير ڪنداسين ته ممڪن آهي ته رات هتي ئي پئجي وڃي يا وري پهاڙن تي ايتري برسات پئجي وڃي جو ندي ٻيڻي ٿي وڃي.”
    ريکا جي ڳالهه ۾ وزن هو. مون ڪپڙا لاهي مٿي تي ٻڌي ورتا، رڳو هڪڙو ڪڇو ڇڏي ڏنو. ريکا پنهنجي ڪپڙا ته ڪونه لاٿا پر پنهنجي پَڙي کي لنگوٽ وانگر مٿي ڪري ٻڌو ۽ ساڻ آندل ڪپڙن جي هڙ مٿي سان ٻڌي ورتي. مان هن جي اڇين، گول ۽ ڀريل ٽنگن جي تعريف ڪرڻ لڳس پر ريکا پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ان کانپوءِ مان به ٽپي پيس، حالانڪ دل ۾ ڏاڍو پئي ڊنس.
    پاڻيءَ جو وهڪرو ڏاڍو تيز هو ۽ اسان جي ڪوشش جي باوجود اسان کي پنهنجي تک سان ڇڪيندو پئي ويو.
    ريکا ٻئي ڪناري تائين رسڻ جي وڏي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر شايد اسان پاڻيءَ جي تيزيءَ جو اندازو ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي هئي. پاڻيءَ جي گوڙ ڪندڙ تک ريکا کي ٻه چار اهڙيون ٿڦڙون وهائي ڪڍيون جو هن لاءِ ترڻ اوکو ٿي پيو ۽ ندي کيس پاڻ سان گڏ اڳتي گهلي وئي، پاڻيءَ جي رحم ڪرم تي ترندي هن ٻه چار گوتا به کاڌا.
    مون ڪناري تي وڃڻ جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ تيزيءَ سان هٿ پير هڻندي ريکا جي ويجهو وڃڻ لڳس. هاڻي اسان وچ سير ۾ هئاسين. اوچتو پاڻيءَ جي هڪ ريلي مون کي ڌڪي ريکا جي ويجهو ڪري ڇڏيو. مون هن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ڪوشش ۾ هن جي چوليءَ جي ڪنڊ منهنجي هٿ ۾ اچي وئي ۽ ٻئي لمحي سندس چولي چرچر ڪري ڦاٽي پئي.
    مان وڏي ڪوشش ڪندي، ترندي هن جي پويان ويس، وڏي مشڪل سان مون وڃي هن کي جهليو، ان وچ ۾ هوءَ ٻه چار گوتا ٻيا به کائي چڪي هئي ۽ مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو آهي.
    جيڪڏهن ريکا کي بچائڻ جي سمور ي شاباشي مان کڻان ته به غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي ته هن کي بچائڻ ۾ ٿورو منهنجو دخل به هجي، پر حقيقت اها آهي ته اسان ٻنهي کي بهرحال قدرت ئي بچائي ورتو، ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جو هڪڙو وڏو ريلو، سِير کي چيريندو آيو ۽ ٻئي ڪناري ڏانهن وهي ويو ۽ اسان ان جي سهاري ٻئي ڪناري تائين لڙهندا وياسين. وري ڪنارن تي بيٺل ڊڀن ۽ ٻُوڙن کي جهلي اسان ٻئي ڪناري تي نڪري آياسين.
    پهريائين مان نڪتس، پوءِ مان ٻنهي هٿن سان ريکا کي جهلي ٻاهر ڪڍيو.
    ان وٺ پڪڙ ۾ هن جي چولي جاءِ جاءِ تان ڦاٽي وئي هئي، خاص طور سندس پُٺيءَ واري پاسي کان. مٿي ڪناري تي ڪڍي مون هن کي ڇڏي ڏنو. هوءَ نستي ۽ نٻل حالت ۾ اونڌي ليٽي پئي ۽ ڇٻر ۾ منهن وجهيو اوڪارا ڏئي رهي هئي ۽ هن جي چولي پويان ليڙون ليڙون ٿي وئي هئي.
    اوچتو مون ڏٺو ته ريکا جي پُٺيءَ تي نيل پيل هئا، ڄڻ ڪنهن چهبڪ سان کيس ماريو هجي، يا نهن سان رانڀوٽا ڏنا هجن، پر شايد ڪٿان گذرندي کيس ڪي رهڙون آيون هجن. زخم ڀريل هئس پر ڪٿي ڪٿي ڊٻڙ ٿيل هئس، جن ۾ رت جي ڳاڙهاڻ به نظر پئي آئي.
    سندس نيل ڏسي مان ته صفا ڏڪي ويس، پر مون ان وقت کانئس ڪجهه به نه پڇيو. هوءَ پاڻ ئي نڙيءَ ۾ آڱر وجهي پيٽ ۾ ڀرجي ويل پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پوءِ جڏهن سندس ساهه منجهڻ لڳو ته بي سُڌ ٿي سمهي پئي.
    ايتري ۾ سج وري نڪري آيو، بادل به ٽڙي پکڙي ويا.
    اسان ڪيتري دير تائين سج جي تڙڪي ۾ هيڻا ٿيو ڪريا پياهئاسين ۽ سج ۽ هوا اسان جي بدن تي پيل آلن ڪپڙن کي سڪائيندا رهيا. پوءِ جڏهن سج جا ساڙيندڙ ڪرڻا اسان جي جسمن ۾ چڀڻ لڳا ته اسان نديءَ جي ڪناري تان اٿي، ٿورا قدم اڳتي وڻن جي جهڳٽي ۾ اچي ويٺاسين. ريکا پنهنجو رئو سڪائڻ لاءِ ڦهلائي رکيو ۽ پنهنجو پَڙو به. هن جي جسم تي صرف پنهنجي ڦاٽل چولي ۽ پيٽي ڪوٽ بچيو ۽ اڃان تائين ڏڪي رهي هئي. نهايت معصوم ۽ بيوس لڳي رهي هئي. هن کي ائين ڏڪندي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک پئي ٿيو.
    اسان ٻئي هڪڙي وڻ جي هيٺان ٽيڪ ڏيو ويٺا هئاسين، هن پنهنجون نظرون منهنجي پاسي کان ڦيرائي ڇڏيون هيون، ڄڻ انهن ڦيريل نظرن کي هن پنهنجي اوگهڙ لاءِ اوٽ بڻائي ڇڏيو هو.
    مون هن کان پڇيو:”تنهنجي پُٺيءَ تي اهي نيل ڇا جا آهن؟ ڄڻ ڪنهن چهبڪن سان توکي ڪُٽيو هجي.”
    هڪدم سندس هٿ پويان هليو ويو، جتان چولي پويان جاءِ جاءِ تان ڦاٽل محسوس ڪري هن اکيون جهڪائي ڇڏيون، ۽ ٻئي هٿ منهن تي رکي روئڻ لڳي.
    مون کي مٿس ترس اچي ويو، مون اڳتي وڌي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ سيني سان لڳائي ڇڏيو. منهنجي سيني سان لڳندي ئي هوءَ سڏڪڻ لڳي.
    “ٻڌاءِ نه ريکا، ڇا ڳالهه آهي، هي زخمن جا نشان ڇا جا آهن؟”
    هن پنهنجا سڏڪا روڪي، اکيون اگهيون ۽ ڀريل ڳلي سان چوڻ لڳو:
    “هو مونکي ماريندا آهن؟”
    “اهي ڪير؟ ڇا تنهنجو مڙس؟” مون پڇيو.
    هن هاڪار ۾ مٿو لوڏيو.
    “تنهنجو مڙس توکي ماريندو آهي؟ هن گل جهڙي بدن تي چهبڪ وهائيندو آهي؟” مان حيرت ۾ پئجي ويس.
    “ها!” هن جون اکيون وري ڳوڙهن سان ڀرجي ويون.
    “ڇو ڀلا؟”
    هن ڪجهه به نه چيو، ويتر پاڻ کي ويڙهوٽو ڪري پنهنجو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ سڏڪڻ لڳي.
    “ڇو ريکا؟ هو ائين ڇو ڪندو آهي؟”
    روئندي چوڻ لڳي:”جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ته مون سان سمهي ئي نه سگهي.”
    مان سڪتي ۾ اچي ويس، پهرين سٽ ۾ ته مون کي يقين ئي نه آيو ته هوءَ ڇا چئي رهي آهي.
    “يعني، يعني، ته ……” مان پنهنجو شڪ دور ڪرڻ لاءِ هن کان ٻيهر پڇيو،”هو توکي چهبڪ سان ماريندو آهي؟”
    “ها!” هوءَ چوڻ لڳي، “ڪڏهن ڪڏهن ته ماري ماري منهنجي پٺي ڇلي ڇڏيندو آهي ۽ جيترو ماريندو آهي اوترو ئي هن ۾ جوش پيدا ٿيندو آهي.”
    هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي.
    “وڏو ڪو بي رحم انسان آهي.” مون چيو.
    هوءَ روئندي رهي.
    “۽ تون ان کي برداشت ڪندي آهين؟”
    هوءَ روئندي رهي.
    “اهڙي ظالم انسان کي ته گولي هڻي ماري ڇڏجي!”
    هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي.
    مون به کيس زور زور سان ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙيو،
    “توکي اهڙي غليظ ڪميني، بيمار ۽ ظالم شخص وٽ هڪڙو منٽ به رهڻ نه گهرجي!…مان توکي تنهنجي ساهري گهر نه وٺي ويندس، تون مون سان هلندينءَ! “مون سندس کاڏيءَ کي جهلي مٿي ڪندي چيو ۽ هن جي ڳٽن تي وهندڙ ڳوڙهن کي اگهيو، پوءِ منهنجا چپ هن جي نازڪ گلابي چپن جي طرف وڌڻ لڳا.
    ريکا جو بدن ڪنبي رهيو هو، هن هڪدم پنهنجو چهرو جهڪائي منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ دٻيل دٻيل لهجي ۾ چيو:
    “بابو مون تي ٽِڪو نه لائجانءِ”
    اوچتو مون پاڻ کي جهلي ورتو. مون هن جي بدن تان پنهنجي ٻانهن جو گهيرو ڍرو ڪري ڇڏيو. مان هن جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريندو رهيس. آخرڪار هن جا ٻار جهڙا سڏڪا بند ٿي ويا ۽ ڳوڙها به رڪجي ويا. پوءِ مون هن کي پنهنجي ٻانهن جي گهيري مان آزاد ڪري ڇڏيو، هوءَ گهڻي دير تائين وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيو، پنهنجو منهن ڦيري وڏا وڏا ساهه کڻندي رهي. پوءِ هن اڌ سڪل اڌ آلو رئو کڻي پنهنجي ڦاٽل چوليءَ مٿان ويڙهي ڇڏي، ڄڻ منهنجي پنهنجي درميان هڪ ٻي ديوار کڙي ڪري ڇڏي هجي. پر مون ڪجهه ائين محسوس ڪيو ۽ پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ڄڻ اها ڪا مضبوط ديوار نه هئي، شايد جذبات جي هڪڙي ئي وهڪري ۾ وهي وڃي ها.
    هاڻي هاڻي هڪڙي اجهل ندي اسان جي جسمن سان ٽڪرائي هئي، وهندي پاڻيءَ ۾ اسان جون دليون ڪجهه گهڙين لاءِ هڪ ٿي ويون هيون ۽ ڪنهن اڻ سونهين اڌمي جو اجالو اسان جي روحن ۾ جڙ لائي ويو هو ۽ جڏهن هوءَ منهنجي سيني سان لڳي هئي ته هن جي ساهن ۾ ڪيڏي نه پنهنجائپ هئي. مون کان دور رهي به شايد هوءَ مون کي وساري نه سگهندي. ڪنهن مهر ڀري جذبي واري ڪنهن گهاٽي وڻ اسان ٻنهي کي پنهنجي ڇانوَ ۾ ويهاريو هو. پنهنجائپ جو هي احساس ڏاڍي مشڪل سان پيدا ٿيندو آهي ۽ جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته ويندو به وڏي مشڪل سان آهي.
    هاڻي تون ڪيڏو به ڏور هلي وڃين ريکا! هي لمحو تنهنجو به پيڇو ڪندو..منهنجو به پيڇو ڪندو رهندو ريکا! ۽ دل ۾ ڪنهن گهنڊ جيان پيو وڄندو رهندو.
    ايندڙ اڍائي ڪلاڪن تائين اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي. مان پنهنجا ڪپڙا اس ۾ سڪائيندو رهيس. هوءَ به پنهنجي ڪپڙن جي هڙَ کولي، ان مان ٻه جوڙا جيڪي ان ۾ ٻڌل هئا، انهن جو اڳ پوءِ ورائي ورائي، سڪائي رهي هئي.
    پوءِ هڪ ٽاريءَ جي پويان وڃي مون کي چوڻ لڳي:
    “هيڏانهن نه ڏسجانءِ مان ڪپڙا ٿي مٽايان.”
    ٿوري دير ۾ هن پنهنجا ڪپڙا بدلائي ورتا. ڦاٽل چوليءَ جي جاءِ تي هن نئين قميص ۽ پَڙي جي جاءِ تي چوڙيدار پاجامو ۽ ان رئي جي جاءِ تي نئين چادر. پوءِ مون سان اکيون ملائي چوڻ لڳي:
    “هل ته هاڻي هلون، نه ته رستي ۾ ئي رات پئجي ويندي.”
    اسان ٻنهي پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. اڳيان هلي اسان ڌوليا ڳوٺ ۾ اندر وڃڻ بجاءِ پاسو ڪري ۽ ٻئي پاسي کان گهمي اڳتي وڌي وياسين، ڇاڪاڻ ته ريکا چيو هو ته رستي ۾ جيترا گهٽ ماڻهو ٽڪرائجن اوترو چڱو آهي، ۽ اسان جي ٽوهه اڳيان ويندڙ گهوڙي سوارن جي ڪري مون به ائين ئي مناسب سمجهيو.
    اتان هڪڙو وارياسو علائقو پئي شروع ٿيو….ريتيلو ۽ غيرآباد.هلندي هلندي ڏينهن جو ٽيون پهر به ختم ٿي ويو. سج اولهه جي ڪک ۾ لهڻ لڳو.
    هن وقت تائين رستي ۾ ڪٿي به پيئڻ جو پاڻي نه مليو هو، سو جڏهن هڪڙو کوهه نظر آيو ته اسان ٻنهي ڄڻن سک جو ساهه کنيو. اڃ کان نڙيءَ ۾ ڪنڊا ٿي چڀيا. خوش قسمتيءَ سان کوهه جي ڪنجڙاٺ ۾ ٻڏل ڏاند وهي رهيو هو. کوهه جي ڀر ۾ ويهي اسان ساهه پٽيوسين ۽ دل ڀري پاڻي پيتوسين.
    ريکا کوهه هلائڻ واري ڇوڪري کان پڇيو:
    “تو ڪي گهوڙي سوار هتان لنگهندي ڏٺا؟”
    “ها ڪجهه ڪلاڪ ٿيا، هتان لنگهيا هئا.”
    “ڇا پيا پڇن؟”
    ڇوڪرو پهرين ته، خاموش رهيو، غور سان اسان ٻنهي کي ڏسڻ لڳو، پوءِ چوڻ لڳو:
    “شايد توهان ٻنهي جي لاءِ پئي پڇيائون، چون پيا ته ڪو نوجوان مرد ۽ ڇوڪري ته هتان نه لنگهيا؟ مون ته نهڪر ڪئي ڇو جو توهان ته هاڻي آيا آهيو.”
    ريکا مون ڏانهن، مون ريکا ڏانهن غور سان نهاريو، ڄڻ ٻنهي جي دل ۾ هڪڙو ئي خيال آيو هجي. پوءِ ريکا چوڻ لڳي:
    “ڏس جيڪڏهن اهي ٻيهر تو وٽ موٽي اچن ته انهن کي اسان جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌائجانءِ.”
    مون ڇوڪري کي هڪ رپيو ڏنو، چوڻ لڳو:
    “ٺيڪ آهي نه ٻڌائيندس.”
    هلندي هلندي اسان ڏاڍو ٿڪجي پيا هئاسين، انڪري کوهه جي پاسي ۾ وڻن جي ڇانءَ ۾ ڪي گهڙيون آرام ڪرڻ ضروري ڄاتوسين. مان ته چيلهه سڌي ڪري زمين تي ئي سمهي پيس. هوءَ به منهنجي ڀر ۾ ٻئي پاسي منهن ڪري سمهي پئي.
    مان هن جي مڙس جي باري ۾ سوچڻ لڳس. انهيءَ نفسياتي حالت جي باري ۾ ته اڪثر مون ڪتابن ۾ پڙهيو هو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Masochism چوندا آهن، هن نفسياتي بيماريءَ سبب ماڻهو جسماني غلط ڪاريءَ مان لطف اندوز ٿيندو آهي، ۽ جسماني يا جذباتي اذيت مان مزو وٺي جنسي بيداري پيدا ڪندو آهي ۽ هن حالت جي باري ۾ اهو به ٻڌو هو ته ڪنهن ٻئي کي تڪليف ۽ اذيت ڏئي به ماڻهو پنهنجا جذبا اڀاريندا آهن، هي به Sadism يعني ٻين کي جسماني يا ذهني اذيت ڏئي جنسي تسڪين ماڻڻ جو قسم آهي ۽ جنسي بڇڙائيءَ جو انتهائي مثال آهي، پر پڙهڻ، لکڻ يا ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. ريکا جي پُٺي تي نيرا نيرا نشان الائي ڪيتري دير تائين منهنجي پُٺيءَ تي چهبڪن جيان وسي رهيا هيا، گهٻرائجي مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
    “ڇا ٿيو؟”
    ريکا منهنجي شڪل ۾ غور سان ڏسندي چيو.
    “ڪيئن تون هن وقت تائين برداشت ڪندي رهي آهين؟”
    “ته ٻيو ڇا ڪريان ها؟” هوءَ ڪاوڙجي چوڻ لڳي.
    “هن کي گولي هڻي ماري ڇڏين ها!”
    “اهو ڇو ٿو وسارين ته مون کي هن مان هڪ ٻار به آهي. مان پنهنجي ٻار جي پيءُ جي قاتل ڪيئن ٿي ٿي سگهان!”
    “اها هڪ غير انساني حرڪت آهي، توکي هڪدم هن کان جدا ٿي وڃڻ کپي.”
    “الڳ ٿي ڪٿي وڃان؟”
    “ڇا تنهنجي ماءُ کي معلوم آهي؟”
    “نه، مون ان کي ڪجه به نه ٻڌايو آهي، توکي به نه ٻڌايان ها! جيڪڏهن…جيڪڏهن…” هوءَ چپ ٿي وئي.
    “ڇا پهرين ڏينهن کان ئي ائين ٿيو هو؟”
    “ها! پهرين ڏينهن کان ئي.” چوڻ لڳي،” مان سمجهندي هئس ته شايد سڀئي مرد ائين ڪندا هوندا! آهستي آهستي جڏهن جيرآباد جي ٻين ساهيڙين سان ڳالهيون ٻولهيون ٿيون تڏهن مون کي معلوم ٿيو ته مان ئي ان معاملي ۾ بدقسمت آهيان، ورنه ٻين ڇوڪرين جا مڙس ته انهن کي پيار ڪندا هئا.”
    ڏک کان هن جو آواز ڀرجي ويو ۽ هوءَ چپ ٿي وئي.
    وري چوڻ لڳي:
    “پهرين ته مون کي سڄي دنيا جي مردن سان نفرت ٿي وئي هئي، پوءِ جڏهن مون پنهنجي ٻين ساهيڙين کي پنهنجي بدقسمتيءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ کانسواءِ ئي احتياط سان پڇا ڳاڇا ڪئي ته معلوم ٿيو ته سڀئي مرد اهڙا نه ٿيندا آهن، بس ڪو ڪو اهڙو ٿيندو آهي.”
    مون چيو:”اهڙي ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏجانءِ، اهڙي مرد کي ڇڏي ڏيڻ دنيا ڌرم توڙي قانون جي نظرن ۾ به گناهه نه آهي. توکي اهڙي انسان سان هڪڙو پل به گڏ رهڻ نه گهرجي، هي گل جهڙو بدن، گل جيان ٽڙڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، چهبڪ کائڻ لاءِ نه!”
    هوءَ آهستگيءَ سان چوڻ لڳي:
    “ڪهڙي خبر تون به اهڙو ئي نڪرين!”
    مان ڇرڪي ويس. هن جو جملو انتهائي گهَرو هو، عورت جي دل جيان اٿاهه گهَرو ۽ هزارين تهن ۾ لڪل. ’نه ڄاڻ تون ڇا چئي وئينءَ ريکا ان جملي جون ته الائي ڪيتريون ئي معنائون آهن، الائي ڪيترا ئي رنگ آهن. منهنجي اڳيان انڊلٺ جي رنگن جيان کلندا ٿا وڃن.‘ مون شرير نگاهن سان هن ڏانهن تڪڻ شروع ڪيو:
    “ڇا سچ پچ مون کي به تون ائين ٿي سمجهين؟”
    هن جو هٿ آهستي آهستي منهنجي هٿ ڏانهن سرڪي آيو، منهنجي هٿن جون آڱريون هن جي هٿن جي آڱرين سان کيڏڻ لڳيون. ڏاڍو مٺڙو ۽ من موهڻو لمحو هو اهو. مان هن جي هٿ جي ريکائن کي ڳولهڻ لڳس ته شايد انهن ۾ ڪٿي منهنجي جيون ريکا هجي.
    مان آهستي آهستي هن جي ويجهو وڃڻ لڳس.
    هن هڪدم پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ڇڏائي ورتو. ڏکويل لهجي ۾ چوڻ لڳي:
    “مون کي ٽِڪو نه لائجانءِ! بابو.”
    مان پنهنجي جاءِ تي ڄمي ويس.
    اهو لمحو هڪ سڏڪو بڻجي فضا ۾ ڦهلجي ويو.
    *

    پوياڙيءَ جا پاڇا ڊگها ٿيندا پئي ويا ۽ اسان تڪڙا تڪڙا قدم کڻي شهپارا طرف وڃي رهيا هئاسين.
    اوچتو اسان سامهون دز اڏامندي ڏٺي، گمان ائين ٿيو ڄڻ ڪو ريڍار پنهنجو ڌڻ ڪاهيندو پئي آيو، يا ڪي ماڻهو گهوڙن تي سوار هيڏانهن اچي رهيا هئا. اسان هڪدم وڻن جي آڙ ۾ لڪي پياسين. ٿوري دير ۾ ئي ٻه گهوڙي سوار اسان جي ڀرسان گذريا.
    مون ۽ ريکا انهن ٻنهي کي سڃاتو، اِها اهي ئي راهڪ هئا، راوت جا ماڻهو، جيڪي شايد اسان جو ڏس پتو نه ملڻ سبب مايوس ٿي واپس وڃي رهيا هئا.
    جڏهن هو گهڻو پري نڪري ويا ته اسان ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو.
    پوءِ ريکا اطمينان وارو ساهه کڻي چوڻ لڳي:
    “چڱو ٿيو اهي واپس موٽي ويا، هاڻي شهپارا ۾ اسان جي لاءِ ڪو خطرو نه آهي.”
    هاڻي ڪٿي ڪٿي روشنيون نظر اچڻ لڳيون، شهپارا جو ڳوٺ ويجهو اچي رهيو هو.
    *
    شهپارا تائين پهچندي پهچندي ريکا ڏاڍو ٿڪجي پئي هئي، چوڻ لڳي:
    “اڄ رات هتي، شهپارا ڳوٺ جي سراءِ ۾ آرام ڪنداسين. صبح جو ٻه اٺ ڪري جيرآباد هلنداسين.
    جيرآباد تائين ڇا اٺن جو رستو آهي؟”
    “ها!” ريکا چيو،”مان ته سدائين اٺن تي چڙهي ويندي آهيان، اهو رستو هتان کان ويجهو آهي.”
    پر منهنجو خيال هو ته ممڪن آهي شهپارا جنڪشن کان جيرآباد تائين گاڏي ويندي هجي. ريکا کي سراءِ ۾ ويهاري، مان اسٽيشن تي ويس. معلوم ٿيو ته ڪلاڪ کن ۾ ڇوٽي لائين تي هڪڙي گاڏي ايندي، جيڪا سڀاڻي صبح جو جيرآباد جي اسٽيشن تائين پهچي ويندي.
    رستو ته ريل گاڏيءَ جي لحاظ کان ڊگهو ڪونه هو، پر ڇوٽي لائين واري گاڏي، اٺن جي رفتار کان به آهستي هلندي آهي. پوءِ به مون شهپارا کان جيرآباد تائين واري بيابان کي اٺن تي پار ڪرڻ کان ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ بهتر سمجهيو، ان ڪري جيرآباد جون ٻه ٽڪيٽون وٺي واپس سراءِ هليو آيس.
    ٿڪ سبب ريکا کي ننڊ اچي وئي هئي. مون هن کي آهستگيءَ سان جاڳايو، سراءِ جي تنور تي مانيون پچائڻ واري نانوائيءَ کان کاڌو تيار ڪرائي کاڌوسين ۽ گاڏيءَ ۾ صرف ڏهه منٽ بچيا هئا جو اسان اچي گاڏيءَ تي چڙهياسين.
    ريکا ته ننڊ جي خمارن ۾ هئي، سراءِ کان اسٽيشن تائين جو سمورو رستو منهنجو هٿ پڪڙي هلي رهي هئي. هن کي ته شايد اهو به پوريءَ ريت معلوم ڪونه ٿيو ته هوءَ ڪيڏيءَ مهل ريلوي اسٽيشن تي پهتي.
    هوءَ ڇوٽي لائين جي ريل ۾ ويٺي. ڪڏهن گاڏي هلي! هوءَ ته بس، فرسٽ ڪلاس جي دٻي ۾ ايندي ئي برٿ تي پير پساري سمهي پئي!
    هي ڇهن برٿن وارو ڊٻو هو، ٽي هيٺ ٽي مٿي. چار ماڻهو اسان کان اڳ ۾ ئي هن ڊٻي ۾ موجود هئا، هڪ برٿ تي ته ٻه ٻيءَ برٿ تي.
    هڪڙي برٿ تي ٻه هپي ويٺا هئا، هڪڙو انهن مان تڪڙو توانو هو پر ٻيو ڪمزور ۽ نازڪ بدن وارو. هن جا وار گهڻا وڌيل هئا، جنهن مان هن عورتن وانگر چوٽو ڪري ڇڏيو هو. ممڪن هو ته مان کيس عورت سمجهان هان، جيڪڏهن هن جي منهن تي سنهڙي ڏاڙهي نه هجي ها. شڪل ٿوري ڊگهي هئس، پلڪون گهاٽيون هئس، هٿن جون آڱريون به ڊگهيون هئس ۽ آواز به سنهڙو هئس. مون کي ڪجهه ائين لڳو، ڄڻ قدرت هن کي عورت بنائيندي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هجي.
    ٻئي هپيءَ جي ويڪري شڪل تي گول گهاٽي ۽ ڀوري رنگ جي ڏاڙهي هئي ۽ هو ٻين هپين جي مقابلي ۾ گهڻو هٽو ڪٽو هو. هن کي ڀوري سائي ۽ پيلي ڌارين واري لنگي پاتل هئي ۽ هڪ گيڙو رنگ جو ميرو ڪرتو، جنهن جي سيني وارا ٽئي بٽڻ کليل هئا، جنهن مان سندس ويڪري سيني جا ڀورا وار نظر اچي رهيا هئا. هو وڏي چوڄ وچان پنهنجي سنهڙي ساٿيءَ سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ٻانهن هن جي چيلهه ۾ ورائي ٿي ورتائين.
    سنهڙي هپيءَ هڪڙو رومال کوليو جنهن مان ڊبل روٽي ڪڍي ان جا حصا ڪرڻ لڳو ۽ چاقوءَ سان ٽماٽن ۽ کيري جا ڳترا ڳترا ٺاهي، ڊبل روٽيءَ تي مکڻ لڳائي، انهن کي سينڊوچ ٺاهي، ان دنبي هپيءَ کي ڏيڻ لڳو.ٻئي هپي آهستي آهستي ڳالهيون به ڪري رهيا هئا ته سينڊوچ به کائي رهيا هئا.
    ٻيءَ برٿ تي هڪ اڌڙوٽ عمر جو شخص ويٺو هو، جيڪو ڳچيءَ ۾ پاندان لڙڪايو، کاڌيءَ جو ڪرتو پاجامو پايو، هندي زبان جي ڪا اخبار پڙهڻ ۾ مشغول هو. ڪڏهن ڪڏهن دري کولي وات ۾ گڏ ٿيل پان جي ٿڪ اڇلائي ٿي ڇڏيائين. ان جي سامهون واري برٿ جي ٻئي ڇيڙي تي شيرواڻي ۽ علڳڙهه جو پاجامو پاتل، ڏاڙهي مڇ چٽ، ڏياوان اکين وارو شخص نيرن ڪري رهيو هو. ورق وارا اڦراٽا، شامي ڪباب، ڀڳل قيمو، مٽرن ۽ گوگڙن جو آچار کائڻ کانپوءِ هن چانديءَ جي هڪڙي دٻي ڪڍي، جنهن مان اعليٰ نسل جي مَگهئي پان جي هڪ جوڙي ڪڍي وات ۾ وڌي. ٿوري دير کانپوءِ برٿ جي هيٺان رکيل نقش نگار وارو ٿوڪدان کنيو ۽ وڏي نفاست سان ان کي ٿڪ اڇلڻ لاءِ استعمال ڪيو، پوءِ اهو فرش تي رکي، شيرواڻيءَ جي کيسي مان هڪڙو رومال ڪڍيائين، جنهن سان واڇون اگهيائين، پوءِ برٿ تان هڪڙو رسالو کڻي پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
    ٻئي هپي ڪنهن غير ملڪي زبان ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مون دنبي هپيءَ کان پڇيو:
    “اوهان ڪهڙي ملڪ کان آيا آهيو؟”
    هن نهايت شائستگيءَ سان چيو:
    “آسٽريا کان.”
    مون پڇيو:”ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟”
    چوڻ لڳو:”ڪلو آپور جو پراڻو قلعو ڏسڻ.”
    مون سنهڙي هپيءَ طرف اشارو ڪندي پڇيو:”هي اوهان جو دوست آهي.”
    اهو دنبو هپي کلي ويٺو، چوڻ لڳو:”هيءَ منهنجي زال آهي.”
    “زال!” مان حيرت وچان ڏانهنس ڏسڻ لڳس،”هي ته مرد آهي!”
    “ها مرد ئي ته آهي، پر اڄڪلهه جي ترقي يافته ملڪن ۾ ٻه مرد به شادي ڪري سگهن ٿا.”
    مون کي ان وقت آمريڪي اخبارن ۾ شايع ٿيل اهڙا ڪجهه مثال ياد اچي ويا. اخبارن ۾ اهڙن جوڙن جون تصويرن به ڇپيون هيون. مان خاموش ٿي ويس. اڄ ڪلهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ “لوطي ذوق” رکندڙ هم جنس پرستيءَ جو رجحان وڌندو ٿو وڃي، پر ڇا چئجي! مشرق ۾ ته اها وبا ڏاڍي آڳاٽي آهي.
    مون ٿوري دير کان پوءِ پڇيو:”ڇا اوهان شادي کان اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيندا آهيو ته ڪير مرد ٿيندو ڪير زال بڻبو، ڇاڪاڻ ته توهان ته ٻئي مرد آهيو.”
    چوڻ لڳو:”عام طور تي مان ئي هن جو مڙس هوندو آهيان ۽ هي زال، پر ڪڏهن ڪڏهن هي مڙس هوندو آهي ۽ مان هن جي زال، ظاهر آهي اها ته گڏيل رضامندي جي ڳالهه آهي.”
    مون چيو:”پر اوهان ٻئي جوان آهيو، ڏسڻ ۾ به ٺيڪ ٺاڪ آهيو، گهر کان دنيا جو سئر ڪرڻ نڪتا آهيو، ضرور چڱي مالدار خاندان جا فرد به هوندؤ، مان سمجهان ٿو ته توهان ٻئي ڏاڍي آسانيءَ سان ڪن به ٻن عورتن سان شادي ڪري ٿي سگهيا.”
    هن منهنجي ڳالهه وچ ۾ ڪاٽيندي چيو:”عورت ۽ مرد جي شاديءَ جي رسم هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي، هاڻي ان ۾ ڪو به مزو نه رهيو آهي، پر ٻن مردن جي شاديءَ جو خيال دل ۾ ڪتڪائي پيدا ڪندڙ آهي، ان جومزو ئي پنهنجو آهي، لڳي ٿو ڄڻ اسان زندگيءَ جي نت نون تجربن جي وادين ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، اصل ۾ اسان جو نسل نت نوان تجربا ڪرڻ ٿو چاهي.”
    “پر اخلاق؟”
    “اسان جي اخلاق جا ماڻا ۽ ماپا ٻيا آهن. اسان پراڻي يورپ جي سماج جا سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا آهن، نه ته اسان پنهنجي گهرن کان سوين ڪوهه پري ههڙين کٽارا گاڏين ۾ ڀلا ڇو ويٺا هجون ها!”
    مون چيو: “اسان جي سماج جا ماڻا ۽ ماپا اوهان ٽوڙي سگهو ٿا، پر فطرت جي قانون کي ٽوڙڻ ناممڪن آهي. ان شاديءَ مان ٻار پيدا نه ٿا ٿي سگهن، گهر نه ٿو ٺهي سگهي، خاندان جو بنياد ن ٿو پئجي سگهي!”
    “گهر ڪير ٿو ٺاهڻ چاهي!” اهو نازڪ بدن هپي چوڻ لڳو،”ٻار ڪنهن کي گهرجن؟ هن جهان ۾اڳ ئي انساني آبادي وڌي وئي آهي. دوزخ ۾ پوي خاندان، اسان کي اسان جي جنسي آزادي گهرجي.”
    دنبو هپي چوڻ لڳو:”گهرجي چوديواري ماڻهوءَ کي معذور ڪري ڇڏيندي آهي، هو هڪ زنجير سان ٻڌجي ويندو آهي، هڪ اهڙي ڏوريءَ سان جيڪا نظر نه ايندي آهي، گهر جي چوديواريءَ ۾ رهڻ وارو شخص، جيل جي چئن ديوارن اندر رهڻ واري کان ڪنهن به حالت ۾ بهتر نه هوندو آهي، اڃا به خراب حالت ۾ هوندو آهي. فرق رڳو ايترو هوندو آهي ته هو پنهنجي پيرن ۾ پيل پير ڪڙين کي ڏسي نه سگهندو آهي، سوچيندو آهي ته هو آزاد آهي، حالانڪ هن جي پيرن ۾ هڪ مضبوط رسي ٻڌل آهي، جيڪا کيس گهر کان بازار، دفتر، ڪارخاني يا ٻنيءَ ڏانهن گهلي ويندي آهي ۽ شام ٿيندي ئي گهر ڏانهن ڇڪي ايندي آهي. اهو ماڻهو، ماڻهو ڪٿي رهيو! اهو ته هڪ وهٽ ٿيو، هڪ مزدوريءَ ۾ ڪم ايندڙ جانور، اسان وهٽ ٿيڻ نه ٿا چاهيون، اسان گهر ٺاهڻ نه ٿا چاهيون! اسان ان نظر نه ايندڙ رسيءَ کي ڇني ڇڏيو آهي، اسان زال مڙس جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. اڄ مان هن جو مڙس آهيان ۽ هيءَ منهنجي زال آهي ته سڀاڻي هي منهنجو مڙس هوندو ۽ مان هن جي زال هوندس. اڄ اسان هتي آهيون ته سڀاڻي ڪٿي. ٻئي هنڌ. اسان ڪنهن گهر جي آڳر ۾، ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾، ڪنهن نديءَ جي ڪناري سمهي پوندا آهيون ۽ ٻئي ڏينهن وري اڳتي هلڻ لڳندا آهيون. اسان گهٽين، سڙڪن، عمارتن، لفٽن ۽ دروازن وارن گهرن جي گهٽيل ماحول کان مڪتي حاصل ڪئي آهي ۽ رڇ يا چيتي جهڙي آزادي حاصل ڪري ورتي آهي.”
    مون چيو:”رڇ جي به هڪ چُر هوندي آهي، اهو به سارو ڏينهن ڪم ڪندو آهي، سارو ڏينهن کاڌي جي ڳولها ڪندو آهي، ماڻهو به اهو ئي ڪم ڪندو آهي پر شايد ٿوري ڏکيائيءَ سان. شهر جي ٻوساٽيل زندگيءَ کان ته مان به بيزار ٿي پيو آهيان، پر ڪم ڪرڻ کان ڪيٻائڻ نه ٿو چاهيان. هر شخص کي صبح کان شام تائين ضرور ڪم ڪرڻ گهرجي.”
    “ڇو؟” ڪمزور هپي ٿوري ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو، “سڀئي ڪم بيڪار ۽ فضول آهن، مون ته ڏٺو آهي ته هر ڪم ۾ ٻئي جو ئي فائدو ٿيندو آهي، ماڻهوءَ جو پنهنجو ڀلو ته گهٽ ئي هوندو آهي. جيڪڏهن توهان ڏينهن ۾ ڏهه ڪم ڪريو ٿا ته توهان جي حصي ۾ هڪڙي ڪم جو فائدو ٿو اچي، اها نا انصافي آهي، ان بيهودي وياج خوريءَ مان اسان بيزار ٿي پيا آهيون، ان ڪري اسان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.”
    “پوءِ روٽي پاڻي توهان کي ڪير ڏيندو آهي؟”
    “اسان جا والدين اسان جي مدد ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن مهيني ماسي اسان کي اتان مدد نه ملندي آهي ته اسان پني پورت ڪري وٺندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪم به ڪري وٺندا آهيون پر انتهائي مجبوريءَ جي حالت ۾.”
    “ٻين لفظن ۾ توهان ٻين جي محنت تي زندهه رهڻ ٿا چاهيو!”
    “اسان جي خواهشون تمام ٿوريون آهن، صرف هڪ يونٽ، باقي نَوَ يونٽ اوهان کڻي وٺو پر اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، ڇا اوهان اسان کي هڪ يونٽ به نه ڏئي سگهندا؟ اسان جون خواهشون تمام محدود آهن، اسان رڳو اهو ٿا چاهيون ته اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو وڃي.”
    دنبي هپيءَ، ٻانهن وڌائي، ڪمزور هپيءَ جي چيلهه ۾ ڦيرائي ورتي. دنبي هپيءَ جي چولي جي هڪڙي ٻانهن ڦاٽل هئي، جنهن مان سندس ڀورن وارن واري مضبوط ٻانهن نظر اچي رهي هئي. ڪمزور هپي ان جي انهيءَ اگهاڙي جاءِ تي پنهنجي کاڏي رکي پنهنجي سنهڙي ڏاڙهي کنهڻ لڳو.
    سامهون واري برٿ تي ليٽيل همراهه جيڪو هندي اخبار پڙهي رهيو هو، اٿي ويٺو، ۽ ڀر ۾ ويٺل شخص کان پڇڻ لڳو:
    “جناب هيءَ غريبي آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ هي غربت هٽايو نعرو ته بلڪل ئي فراڊ آهي.”
    شيرواڻي واري شخص چيو:”هڪ ٻن سالن ۾ ته هيءَ غربت ختم ڪانه ٿيندي جناب، آخر صدين کان هلندي پئي اچي، اها غربت به!”
    هندي اخبار کي ويڙهي، پنهنجي آڱر ۾ پيل سوني منڊيءَ کي ڦيرائيندي هن جُلههَ ڪندي چيو:”ڇو ڀلا! جيڪڏهن غربت هڪ ٻن سالن ۾ ختم ڪانه ٿي ٿي سگهي ته اندرا گانڌيءَ اهو نعرو ڇو هنيو هو؟”
    شيرواڻيءَ واري چيو:”اهو نعرو نه آهي، هڪ نظريي جو اعلان آهي. مان اندرا گانڌيءَ جي هر ڳالهه سان سهمت نه آهيان، نه ئي انهن جي حمايت ٿو ڪريان پر ايترو ضرور ٿو سمجهان ته نعرو اندرا گانڌي نه هڻي ها ته ڪو ٻيو هڻي ها! پر جيڪڏهن سڀاڻي اندرا گانڌي حڪومتي گاديءَ تان لهي ٿي وڃي ته به اهو نعرو ڪنهن نه ڪنهن کي ته هڻڻو پوندو، ان ڪري ته اهو نعرو ان ڳالهه جي نشاندهي ٿو ڪري ته اسان جي ملڪ ۾ غربت ڪيتري قدر آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، غربت جي دائري کي سوڙهو ڪرڻو آهي ۽ اهو ڪم آهستي آهستي ئي ٿيڻو آهي. يورپ کي پنهنجي غربت جي خاتمي ۾ چار سو سال لڳا هئا. آمريڪا کي هڪ سو سال، سويت يونين پوران پنجاهه سال ورتا. جيئن ته هاڻي سائنس ترقي ڪري چڪي آهي، ان حوالي سان هندوستان جهڙي وڏي آباديءَ واري ملڪ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه چاليهه سال ته لڳندا ئي، پوءِ به جيڪڏهن سائنسي طريقن سان ڪم ڪيو وڃي، جيئن پنج ساله منصوبابندي ڪبي آهي.”
    سوني منڊيءَ واري جُلههَ ڪندي چيو:”ابا سمورا پنج ساله منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن، پيداوار جي شرح ٽي فيصد يا چار فيصد کان به وڌي نه سگهي آهي، ان شرح جي حوالي سان هر سال انساني آبادي وڌندي ٿي وڃي، نتيجو ٻُڙي……ها جيڪڏهن شرح پيداوار ڇهن کان نوَ فيصد وڌي وڃي ته….!”
    مون چيو:”جپان ۾شرح پيداوار ڏهه فيصد آهي، ان ڪري وڌندڙ انساني آباديءَ جي باوجود اهو امير ملڪ بڻجي ويو آهي، اسان کي ان حساب سان ترقي ڪرڻي پوندي.”
    “اهي سڀئي، رڳو ڳالهيون آهن جناب، اسان ماڻهو ڪم چو رآهيون، ڪنهن کي به ديش جي ڳڻتي ڪانه آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي گهر ڀرڻ کان واندڪائي ملي ته ڪو ئي ديش جو ڀلو به سوچي نه! بيڪاري، مهانگائي، اقرباپروري، رشوتخوري اسان جي سماج جي بنيادن کي ئي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ته هن ديش جو ڀڳوان ئي رکوالوآهي.”
    شيرواڻيءَ وارو شخص کلي چوڻ لڳو:”جناب! ائين سوچڻ سان ته ڪجهه به نه ورندو! ايتري مايوسي به ٺيڪ نه آهي، ها البت سندرو ٻڌي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آخر پوين پنجويهن ورهين ۾ اسان ڪو هٿ تي هٿ رکي ته نه ويٺاهئاسين، اسان پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجو هڪ صنعتي بنياد وڌو آهي، فولاد، تيل، موٽر، ڀاڻ، ڪيميڪل، دوائون، بجلي، اليڪٽرانڪس ۽ مشينن ٺاهڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا آهن. اهو ته سوچيو ته انگريز جي وقت ۾ هن ملڪ ۾ هڪڙي سئي به تيار ڪانه ٿيندي هئي، هاڻي ته هڪڙو تمام وڏو انڊسٽريل بيس تيار ٿي چڪو آهي، ان کي به ذهن ۾ رکو ۽ همٿ سان اڳتي وڌڻ جو سليقو پيدا ڪريو.”
    پر منڊيءَ واري شخص کي ڳالهه ڪانه وڻي، هو منهن چٻو ڪندي منڊي گهمائيندو رهيو، اوچتو چوڻ لڳو:”اوهان اهو ڪهڙو رسالو پيا پڙهو؟”
    “هي اڙدو رسالو آهي،”
    “پر جناب اڙدو ته پاڪستان جي زبان آهي، ان جو هن ديش سان ڪهڙو واسطو؟”
    شيرواڻي واري جو چهرو ونَ ونَ ڪرڻ لڳو، وات سان چاٻا ڏيندي هن چانديءَ جي دٻي کولي ان مان مگهئي پان ڪڍي وات ۾ وڌو ۽ وڏي وقار وچان چيو:”جناب اعليٰ اڙدو ته هن ديش ۾ پيدا ٿي، هتي وڌي ويجهي، هن جي تاريخ ٽي سو سال پراڻي آهي، جڏهن پاڪستان جو وجود ئي ڪونه هو، هن زبان وڏا وڏا شاعر ۽ نثرنگار پيدا ڪيا آهن، هيءَ زبان اسان جي سورنهن قومي زبانن مان هڪ ۽ انتهائي سٺي ۽ وڏي زبان آهي.”
    “پر اوهان ڇا هن ڳالهه کان انڪار ڪري سگهندؤ ته پاڪستان ان کي قومي زبان جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان ۾ تمام گهڻي حد تائين اها ٻولي ڳالهائي ٿي وڃي؟”
    “پاڪستان ان کي قومي زبان قرار ڏنو آهي ان سان ته اڙدوءَ جي طاقت ۽ خوبصورتيءَ جو ثبوت ملي ٿو. سري لنڪا جي هڪ حصي جي زبان تامل آهي ته اها ڳالهه تامل جي خلاف ڪئين ٿي؟ هن دنيا ۾ ماڻهن، نسلن، قومن، قبيلن ۽ مذهبن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو ٿو رهي، انهيءَ ڳالهه سان ڪهڙو فرق ٿو پوي! اسان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته اسان جي ملڪ جي زبان پنهنجي ملڪ کان ٻاهر به ايتري قدر پسند ڪئي ٿي وڃي.”
    “جناب اوهان بلڪل غلط ٿا چئو!” سوني منڊيءَ وارو چوڻ لڳو،”اها پاڪستان جي زبان آهي، مسلمانن جي زبان آهي، جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ان زبان کي به ديش مان هڪالي ڪڍڻ گهرجي.”
    شيرواڻيءَ واري ڪاوڙ مان پنهنجي شيرواڻيءَ جا ٽي بٽڻ کوليا، چانديءَ جي دٻيءَ کي بند ڪري کيسي ۾ رکيو، ٿوڪدان کڻي ان ۾ ٿڪ اڇلائي، انهن سمورن ڪمن ۾ دير ٿي وڃڻ سبب هن جو غصو به ٿورو گهٽجي ويو. پر اهو ته ظاهر هو ته سامهون وارو شخص جهيڙي ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هو. ساڳيءَ ريت شيرواڻيءَ واري به جواب ڏيڻ کان مڙڻ نه ٿي چاهيو، ۽ پنهنجي ڳالهه تان ڦرڻ به ڪونه ٿي چاهيو، هن نهايت سنجيدگيءَ وچان کيس مخاطب ڪيو:
    “جناب اعليٰ تازي مردم شماريءَ جي اعتبار سان هن ملڪ ۾ ڇهه ڪروڙ مسلمان آهن، جن مان صرف اڍائي ڪروڙ ماڻهو اڙدو ڳالهائيندا آهن، ان ڪري اها سڀني مسلمانن جي زبان نه آهي. تازي مردم شماري تحت اڙدو ڳالهائيندڙن جو تعداد ٽي ڪروڙ آهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اڍائي ڪروڙ مسلمانن کان علاوه اڌ ڪروڙ جي ويجهو هندو، سک ۽ عيسائي به اها زبان ڳالهائيندا آهن، ان لحاظ کان به هيءَ زبان صرف مسلمانن جي زبان قرار نه ٿي ڏئي سگهجي، هن کي سڀني جي سفر جي ساٿي زبان سمجهڻ گهرجي. اصل حقيقت اها آهي ته زبان جو ڪو به مذهب نه ٿيندو آهي، هندي، گجراتي، تامل، اڙيا، آسامي، بنگالي انهن سمورين زبانن جي ڳالهائڻ وارن ۾ هر فرقي ۽ هر مذهب وارا ماڻهو هوندا آهن. دنيا جي ڪنهن به زبان کي ڪنهن به هڪ مذهب سان وابستا نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري هن زبان کي ديش نيڪالي نه ٿي ڏئي سگهجي.جيئن ته هيءَ زبان پاڪستان مان هتي نه آئي آهي پر پاڪستان وارن هن کي پاڻ هتان در آمد ڪيو آهي. هندوستان جا ٽي ڪروڙ ماڻهو هن کي پنهنجي مادر زبان سمجهندا آهن.”
    “انهن ٽن ڪروڙ ماڻهن ۾ جاهل ۽ اڻپڙهيل جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟”
    منڊيءَ واري ٽوڪ واري انداز ۾ مشڪندي چيو.
    “جي! جي تمام گهڻي تعداد ۾ جاهل ۽ اڻپڙهيل هوندا پر انهن کي رڳو اڙدو تائين محدود ڇو سمجهون، هندوستان ۾ اڻپڙهيل ماڻهن يا گهٽ پڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي، پر انهن کي صرف اڙدو واري حساب ۾ ئي ڇو ڳڻيون، ائين ته هر زبان ۾ اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد به تمام گهڻو آهي ۽ جيڪڏهن ائين سوچجي ته پڙهيل لکيل ماڻهن جو عدد هر زبان ۾ هڪ جيترو ئي ملندو، يعني جيڪڏهن ٽي ڪروڙ اڙدو ڳالهائيندڙن ۾ رڳو ٽي لک پڙهيل لکيل هوندا ته ائين پندرهن ڪروڙ هندي ڳالهائيندڙن ۾ پندرهن يا ويهه لک اعليٰ تعليم يافته به هوندا، اهو ئي حال ٻين زبانن جو هوندو. ان لحاظ کان تعداد جي برابري ته اهائي نڪرندي ۽ اوهان جو دليل غلط ثابت ٿي ويندو.”
    “منهنجو دليل غلط نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن زبان جو رسم الخط به امپورٽيڊ آهي، هن جو خط فارسي آهي، اوهان جيڪڏهن زبان بدلائي نه ٿا سگهو ته ان جو رسم الخط ته بدلائي ڇڏيو!، هي ته غير هندوستاني رسم الخط آهي صاحب.”
    “بيشڪ اسان هن جو رسم الخط فارسيءَ جو کنيو آهي، پر اسان پنهنجي هندوستاني ضرورت آهر ان ۾ ڪيتريون تبديليون به ڪيون آهن، ان ۾ ڀ، ڦ، ٿ، ٺ، جهه، ڊ، ڍ، ک، ۽ گهه جا مختلف آواز ۽ انهن سان مطابقت رکندڙ حرف ٺاهيا آهن، جيڪي فارسي زبان ۾ موجود نه آهن، ان ڪري هاڻي هن کي فارسي رسم الخط نه ٿو چئي سگهجي، هن کي اڙدوءَ جو رسم الخط سڏڻ گهرجي. هاڻي ڪشميري زبان جو رسم الخط به اهوئي آهي ۽ سنڌي زبان جو رسم الخط به ان جهڙو ئي آهي. ان کان علاوه اسان وٽ گرمکيءَ جو رسم الخط به آهي، جيڪو ديوناگريءَ کان گهڻو مختلف آهي، بنگاليءَ جو به ڪافي مختلف آهي، ڏکڻ هند جي زبانن جو رسم الخط آهي، يا تامل مليالمي ، ڪنٽري يا تيلگو زبان جو رسم الخط ديوناگريءَ کان مختلف آهي، ان ڪري مان رسم الخط جي تبديليءَ تي ضد نه ٿو ڪرڻ چاهيان، اهو ته ملڪ جي ڪلچر ۽ مزاج جي رنگيني آهي، جتي گهڻيون قومون، گهڻا ئي نسل، ڪيتريون ئي زبانون، ڪيترائي مذهب ۽ تهذيبون آباد آهن اتي هڪ کان وڌيڪ رسم الخط به آهن ۽ مان ته هاڻي انهن سڀني کي هندوستاني رسم الخط چوندس.”
    منڊيءَ وارو حضرت چوڻ لڳو: “منهنجي خيال ۾ توهان مسلمان آهيو تڏهن ٿا اهڙيون ڳالهيون ڪريو.”
    شيرواڻيءَ واري صاحب مرڪي منڊيءَ واري شخص ڏانهن نهاريو، چوڻ لڳو:
    “جناب منهنجو نالو شيام ڪشن نگم آهي ۽ خاڪسار دهليءَ جو رهواسي آهي.” ٿوري وقفي کانپوءِ وري چوڻ لڳو،”اوهان جي تعريف؟”
    منڊيءَ وارو صاحب ٽهڪ ڏئي کلي پيو ۽ دير تائين کلندو رهيو، جنهن تي نگم صاحب ٿورو شڪجڻ لڳو:
    “مون ڪو اهڙو سوال ته ڪونه ڪيو جو اوهان کي ايتري قدر کل پئي اچي؟”
    منڊيءَ واري صاحب وڏي مشڪل سان پنهنجي کل روڪي چيو:”معاف ڪجو صاحب مون اوهان کي مسلمان سمجهيو هو ان ڪري اڙدوءَ جي مسئلي تي اوهان کي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪري هن بي مزي سفر ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ پئي چاهي، پر اوهان جي سنجيدگيءَ ۽ بردباريءَ سان پيش ڪيل دليلن سبب منهنجي اسڪيم ناڪام ٿي وئي.” ائين چئي هو وري کلڻ لڳو.
    نگم صاحب چيو :”پر اوهان ته اڃان تائين پنهنجو نالو ڪونه ٻڌايو؟”
    منڊيءَ وارو صاحب چوڻ لڳو:”خاڪسار کي ضياءُالدين برني چوندا آهن.”
    هن جو نالو ٻڌي نگم صاحب برني صاحب گڏجي ٽهڪ ڏئي کلي ويٺا.
    مان ويٺو ته انهن کان پري هوس پر انهن جو بحث غور سان ٻڌي رهيو هوس، سو مان به کل روڪي نه سگهيس.
    نگم صاحب پنهنجي کيسي مان چانديءَ جي دٻي ڪڍي، کولي برني صاحب جي سامهون جهلي چيو:
    “اچي پان وٺو.”
    “شڪريه،” چئي برني صاحب سموسي وانگر تهه ٿيل پان کڻي وات ۾ وڌو.
    اوچتو گاڏي هڪڙي جهٽڪي سان بيهي رهي.
    اسان سڀئي ٻاهر ڏسڻ لڳاسين ته ماجرا ڇاهي؟
    پر ٻاهر ايتري ته اونداهي ڇانئجي وئي هئي جو ڪجهه به نظر ڪونه ٿي آيو. چند منٽن کانپوءِ گولي ڇٽڻ جو آواز آيو، پوءِ خاڪي لباس ۾ ٻه ڌاڙيل رائيفلن سميت اسان جي دٻي ۾ گهڙي آيا.
    فائر جو آواز ٻڌي ريکا به ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. ڌاڙيلن اندر اچي غور سان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو.
    هڪڙو ڌاڙيل پڇڻ لڳو:”ٺاڪر چَرن سنگهه جي زال ريکا ڪير آهي؟”
    ريکا پنهنجو نالو ٻڌي هڪدم چيو:”مان آهيان.”
    “هيٺ لهي اچ!” ٻيو ڌاڙيل چوڻ لڳو.
    ساري ڊٻي کي ماٺ ويڙهي وئي.
    مون ڌاڙيلن کي چيو:”هوءَ جيرآباد پنهنجي ساهري گهر ڏانهن پئي وڃي هتي ڇو لهي؟”
    “تون ڪير آهي؟”
    مون چيو:”مان هن کي پهچائڻ لاءِ جيراآباد پيو وڃان.”
    هڪڙي ڌاڙيل مون کي رائيفل جو ڌڪ هنيو.
    سڀني ساهه سڪي ويو، ڪنهن ڪونه ٿي ڳالهايو.
    سموري ڊٻي ۾ خاموش هئي
    “لهي اچ هيٺ!” هڪڙي ڌاڙيل ريکا کي ٻانهن کان پڪڙي برٿ تان لاهي ورتو.
    ريکا جهٽڪو ڏئي کانئس ٻانهن ڇڏائيندي چيو:”ڇڏ مونکي، مان پاڻ ئي ٿي هلان.”
    اڳيان اڳيان ريکا هلڻ لڳي پويان پويان مان، اسان جي پويان اهي ٻئي ڌاڙيل به گاڏيءَ مان لهي آيا.
    پوءِ اسان چارئي ريل جون پٽڙيون پار ڪري ٻنيءَ جي ويجهو گذرندڙ هڪ اونداهين پيچري تي پهتاسين ۽ ڌاڙيلن جي ٻڌايل رستي تي هلڻ لڳاسين. ٿوري دير کانپوءِ ريل جي هلڻ جو آواز به آيو، هلندي هلندي هوءَ به اسان کان دور ٿي وئي. جنهن کانپوءِ چپ چاپ ٿي وئي.
    *
    اونداهي ايتري هئي جو هٿ نه ڏسي هٿ کي. اسان به چپ چاپ هلندا پئي رهياسين. آهستي آهستي ميداني رستو ختم ٿيڻ لڳو ۽ ننڍيون ننڍيون ڊٻون ۽ انهن جي پويان ننڍيون ننڍيون ٽڪريون نظر اچڻ لڳيون، جن جون چنهنبياريون چوٽيون، ڪنهن آريءَ جي ڏندن جيان افق جي سيني ۾ کپيل هيون ۽ ڪٿي ڪٿي ڪنهن وڻ جو خاڪو، ڪنهن خاموشي ۽ با ادب چوڪيدار جيان بيٺل نظر پئي آيو. رستو سوڙهن پيچرن جي شڪل ۾ هو، ڪڏهن واديءَ جي دڙن، ڪڏهن پهاڙن، ڪڏهن ڪنڊن وارن ٻوڙن جي وچ مان نانگ جيان ور وڪڙ.
    هلندي هلندي مون ريکا جي هٿ کي جهليو، هن جو بدن ڏڪي رهيو هو، آهستي آهستي هن جي ڏڪڻي بند ٿي وئي ۽ منهنجي هٿ جي گرميءَ سبب هن جو هٿ به نرم ملائم ٿيندو ويو تان جو ڪنهن جذبي تحت بلڪل ميڻ جيان پگهرجي ويو. مون کي ائين لڳو ڄڻ هن جي ۽ منهنجي هٿ ۾ صديون پراڻي جذبي جو سنگم هجي، جيڪو هر دور ۾ نئون تازو ٿي ويندو آهي.
    ٻه ڌاڙيل اٽڪل ويهن قدمن تي اسان جي اڳيان پئي هليا ۽ ٻه ڌاڙيل اسان جي پويان اٽڪل پنجاهه والن تي هئا. اڳيان ۽ پويان، اونداهيءَ سبب ٻنهي پاسن کان، اهي ٻئي ڪنهن ڊيڄاريندڙ پاڇولن جيان نظر اچي رهيا هئا.
    هلندي هلندي مون ريکا جي ڪن ۾ سسپس ڪندي چيو:”اڳيان هلي جتي مان مناسب سمجهندس، تنهنجي هٿ کي زور سان دٻائيندس، تون هڪدم مون سان هلي پئجانءِ.”
    ريکا به هلڪي آواز ۾ چيو:”هي اسان جي اڳيان پويان ٻنهي پاسن کان پيا اچن.”
    مون چيو:”هي ڌاڙيل اڳيان پويان ضرور آهن، ساڄي کاٻي نه آهن ۽ رستو به جابلو ٿيندو پيو وڃي، ان ڪري ڪنهن موڙ وٽ اهي اسان کي ڏسي نه سگهندا، بس اهو ئي موقعو آهي.”
    ريکا خاموش ٿي وئي. اسان ٻئي چپ چاپ هلندا رهياسين. اٽڪل اڌ ڪلاڪ کانپوءِ باقاعدي جابلو رستو شروع ٿي ويو ۽ جهنگل گهاٽو ٿيندو ويو. منهنجون اکيون آهستي آهستي اونداهيءَ جون عادي ٿي ويون هيون ۽ مان هر لمحي، موقعي جي تلاش ۾ هوس. پر پهاڙي رستو شروع ٿيندي ئي چئني ڌاڙيلن پنهنجو مفاصلو وڌائي ڇڏيو ۽ نظرون به اسان ۾ ئي کپائي هلڻ لڳا، ڪجهه ته شايد اسان جي هن رستي کان اڻواقفيت جي ڪري اسان کان پري پري ٿي هليا يا شايد اهي پاڻ ان علائقي کي پنهنجو علائقو سمجهي وڏي اعتماد سان پئي هليا.
    آخرڪار انهن جي اهائي ضرورت کان وڌيڪ خود اعتمادي اسان جي ڪم اچي وئي. اسان جي اڳيان هڪ اهڙو موڙ آيو جو اڳيان پويان وارا چارئي ڌاڙيل نظر ڪونه ٿي آيا، پر اهو صرف چند گهڙين لاءِ هو ۽ انهن چند گهڙين ۾ ئي مون کي فيصلو ڪرڻو هو. موڙ کانپوءِ مٿانهين هئي ۽ ان کي هڪدم طئي ڪري نه پيو سگهجي، هيٺ وري بلڪل لاهي هئي، ممڪن آهي ڪا اونهي کڏ هجي! ڪيتري اونهي، ان جو اندازو رات جي ان اونداهيءَ ۾ ڪرڻ مشڪل هو. مون هڪدم ريکا جو هٿ دٻايو. ريکا هڪدم چوڪس ٿي وئي. اسان ٻئي ساڄي پاسي واري ڪنڊ کان هيٺ کڏ ۾ ٽپي پياسين.
    پهرين چند لمحن ۾ ته اسان ائين سمجهيو ڄڻ اسان هوا ۾ لڙڪي پيا آهيون. پر پوءِ خوش قسمتيءَ سان ٻئي زمين تي وڇايل هڪ نرم ۽ گهاٽي ول تي وڃي ڪرياسين. هڪڙو سيهڙ جيڪو اتي لڪل هو، سو گهٻرائجي جهنگل جي پاسي هليو ويو.
    اسان جي پويان پويان آواز اچڻ لڳا، گوڙ وڌندو ويو. اسان ان گوڙ کان پري ٿيڻ پئي چاهيوسين، ان ڪري لڳڀڳ ڊوڙندا ٿي وياسين. پوءِ پويان روشني نظر اچڻ لڳي، جا وڻن ۽ انهن جي پنن تي پوڻ لڳي.
    ايتري ۾ شايد ڌاڙيلن کي خبر پئجي وئي هئي ته اسان موڙ جي مٿين حصي تان نه ڀڳا آهيون پر هيٺ لاهيءَ ۾ ٽپي ويا آهيون. هنن به اسان کي ڳولهڻ جو اهو ئي رستو اختيار ڪيو پر پوءِ به هنن ۽ اسان جي وچ ۾ هڪ ڏيڍ منٽ جيترو مفاصلو ته هيو ئي.
    پوءِ به مون اندازولڳايو ته اسان جي لاءِ هي جهنگ نئون آهي ۽ هنن لاءِ سالن کان ڏٺل. هو جلد ئي اسان کي جهلي وٺندا. ڇا ڪرڻ گهرجي؟ دماغ ڏاڍو تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. اڳيان پويان ڏسي آخرڪار مون وڻن جي جهڳٽي کي ڏسي ورتو ته مون ريکا کي چيو:
    “تون وڻ تي چڙهي سگهين ٿي؟”
    ريکا آهستگيءَ سان چيو:”ها!”
    “ته هن وڻ تي چڙهي وڃ.”
    مون هڪ گهاٽي وڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    هوءَ ڪنهن ٻليءَ وانگر وڻ تي چڙهي وئي ۽ مٿي گهاٽين شاخن ۾ گم ٿي وئي.
    مان به ان وڻ تي چڙهڻ لڳس. ٻانهون به ڇلجي ويون ته ٽنگون به ڇاڪاڻ ته مان وڻن تي چڙهڻ جو عادي ڪونه هوس. پوءِ به ڪوشش ڪري وڻ تي چڙهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ ريکا جي ويجهو هڪ ٽاريءَ تي وڃي ويٺس. دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي ۽ ساهه به چڙهي ويو هو.
    بس ائين سمجهو ته مشڪل سان اڌ ڪلاڪ مس گذريو هوندو جو ڌاڙيل وڻن جي انهيءَ جهڳٽي جي آسپاس روشني ڪندي گذري ويا، پر وڻن جو اهو جهڳٽو ايترو ته گهاٽو ۽ پنن سان جهنجهيل هو جو انهن جي روشني اسان تي پئجي نه سگهي. ٿوري دير هو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا رهيا پوءِ اڳتي وڌي ويا. چند گهڙين کان پوءِ جهنگل ۾ سناٽو ڇانئجي ويو ۽ هنن جي روشنيءَ کانپوءِ ته ڄڻ تاريڪي وڌيڪ گهري ٿي وئي.
    “بچي وياسين.” ريکا اطمينان جو ساهه کنيو.
    “بچي ته وياسين، پر هن انڌيري ۾ وينداسين ڪيڏانهن؟ رستو ته معلوم ئي نه آهي!”
    ريکا چوڻ لڳي: “جنهن رستي سان آيا هئاسين، ان ئي رستي سان واپس هلنداسين.”
    مون چيو:”ڌاڙيل ايترا چريا نه آهن! انهن هڪڙي ساٿيءَ کي ضرور پويان موڪليو هوندو.”
    ريکا چيو:”ته رات هن وڻ تي ئي ٿا گذاري وٺون، صبح ٿيندي ئي هيٺ رستو ڳولهي وٺنداسين.”
    مون چيو:”صبح جو، اسان کي ڳولهڻ جي هنن کي به آساني ٿيندي.”
    ريکا خاموش ٿي وئي، ٿوري وقفي کانپوءِ چوڻ لڳي:”ته تون ڇا ٿو چاهين؟”
    اسان ٻئي وڻ تي ويٺي آهستي آهستي گفتگو ڪري رهيا هئاسين، هن جو سوال ٻڌي مان سوچي چوڻ لڳس:”هاڻي ته مان اهو سوچي رهيو آهيان ته هنن ڌاڙيلن کي ڪيئن خبر پئي ته اسان ٻئي هن گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون؟ هنن کي ٻڌائڻ وارو ڪير ٿو ٿي سگهي؟”
    ريکا چيو:”هجي نه هجي، اها سڄي ڪارستاني انهن ٻنهي راهڪن جي آهي. ممڪن آهي انهن جو ڪو جاسوس شهپارا واري سراءِ ۾ موجود هجي، جنهن اسان کي ڏسي ورتو هجي ۽ اسان جو پيڇو ڪيو هجي ۽ ممڪن آهي ته ڌاڙيلن کي به ان ئي ٻڌايو هجي، نه ته ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟”
    “پر هن ائين ڇو ڪيو؟”
    “ٿي سگهي ٿو راوت آزاد ٿي ويو هجي، ٿي سگهي ٿو راوت جي چوڻ تي ائين ٿيو هجي! يا ٿي سگهي ٿو راوت اڃا قيد هجي پر هن جي نظربندي انهن کي بري لڳي هجي ۽ انهن انتقام وٺڻ لاءِ ائين ڪيو هجي!”
    مان سوچيندو رهيس. ريکا جي دليل ۾ وزن هو. ان کانسواءِ مونکي ٻيو ڪو معقول سبب نظر ڪونه آيو، پر جيئن به هجي معاملو انتهائي پيچيدو هو. پويان سرڀني جي واديءَ ۾ ڇا ٿي رهيو هو؟ منهنجي دل ۾ عجيب وسوسا پيدا ٿي رهيا هئا. اسان کي ايترو جلدي اتان نڪرڻ نه کپي ها! لڳو پئي ته سروجا ديوي خطري ۾ آهي؟
    مون جڏهن پنهنجي وسوسن جو اظهار ريکا سان ڪيو ته هوءَ اداس ٿي وئي، چوڻ لڳي:”تون چاهين ها ته اتي ترسي پيو سگهين! پر منهنجي لاءِ وڌيڪ ترسڻ ممڪن نه هو، تون منهنجي خاوند کي نه ٿو سڃاڻين ان مون کي موٽڻ جي جا تاريخ ڏني هئي، ان تي مون لاءِ پهچڻ ضروري هو ورنه هو منهنجي کل لاهي ڇڏي ها!”
    “ته ڇا ٿيو تنهنجي کل ئي ته لاهي ها نه! ٻيو ڇا ڪري ها؟”
    هڪڙو کڙڪو ٿيو، هيٺ هڪڙو جهنگلي جانور ڊوڙندي گذريو، پوءِ وري خاموشي ڇانئجي وئي. پر وري ان خاموشيءَ دوران ڪنهن آکيري مان ڪنهن پکيءَ جي پرن ڦڙڪائڻ جو آواز آيو ۽ ان ئي وقت ڪٿي ڪنهن گدڙ اوناڙ ڪئي، ساڻ ساڻ ڪنهن ٻئي هنڌان، ڪجهه ٻين گدڙن به اوناڙون ڪيون، پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي. ان سناٽي ۾ ٻوڙن ۾ لڪل ڏيڏرن جو آواز تيز ٿي ويو، پر انهن جي ٽرٽر خاموشيءَ جو هڪ حصو پئي لڳي، ڄڻ خاموشي انهن جي آواز تي آهستي آهستي ساهه کڻي رهي هئي.
    سوچي مون ريکا کي چيو:”سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي اسانکي موٽي شهپارا پهچي وڃڻ گهرجي، هي علائقو ڌاڙيلن جو آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ نڪرڻ بدران رات جي اونداهي اسان جي لاءِ زياده محفوظ رهندي، ان ڪري اسان کي جيترو به سفر ڪرڻو آهي، اهو رات جي انڌيري ۾ ڪرڻو پوندو نه ته ڏينهن جي سوجهري ۾ اسان جهلجي پونداسين.”
    ريکا چوڻ لڳي:”جيڪر توکي جيرآباد جي رستي جي سُڌ هجي ها! اٺن جو رستو ته مون کي به معلوم آهي، پر هن وقت اسان ڪٿي آهيون! ڪا به خبر ڪانه ٿي پوي.”
    “ته پوءِ ته اهو ئي بهتر آهي ته واپس شهپارا موٽي هلون، آهستي آهستي، سنڀالي سنڀالي، نڪري هلنداسين ريکا.”
    “جيئن تنهنجي مرضي!”
    “ته پوءِ هيٺ لهه ته واپس هلڻ جو ڪو رستو ڳولهي ٿا وٺون.”
    ريکا احتياط سان وڻ تان هيٺ لٿي، هيٺ ڌم جو آواز ٿيو، جنهن کان پوءِ مان به وڻ تان لهي آيس.
    هيٺ لهندي ڇا ڏسان ته هڪڙو ڌاڙيل ريکا جي منهن تي هٿ رکيو سندس ٻنهي ٻانهن کي جهلي جڪڙي بيٺو آهي ۽ ريکا پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
    مان لٿس ته ٻئي ڌاڙيل منهنجي سيني تي پنهنجي رائيفل تاڻي ورتي.
    *
    هن جي سخت ۽ نفرت ڏياريندڙ چهري تي گهاٽيون ڀرون هيون، جن جي هيٺان ڳاڙهين ڏونرن واريون اکيون. سوڙهي پيشاني، ٿلها چپ ۽ مضبوط ۽ ويڪرو سينو. ڪنن جي هيٺان ڳلن تائين پکڙيل نوڙيءَ وانگر وٽيل گهاٽيون مڇون. هو پيرن کان نهن جي چوٽيءَ تائين پڪو پڪو ڌاڙيل نظر اچي رهيو هو. سندس جسم کي ڏسي لڳو پئي ته ان اڪيلي شخص ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجن ماڻهن جي طاقت هوندي. هن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻه باڊي گارڊ بيٺا هئا، جيڪي هن کان وڌيڪ ظالم ۽ تيز مزاج پئي لڳا.
    هن مون کي چيو:”مون کي توسان نه دلچسپي آهي نه ئي منهنجو توسان ڪو جهيڙو جهڳڙو، تون وڃي سگهين ٿو.”
    مون چيو:”مان هن ڇوڪريءَ کي اڪيلو ڇڏي نه ويندس.”
    هو چوڻ لڳو:” هيءَ ڇوڪري پرڻيل آهي، جيرآباد جي ٺاڪر شِوچرن سنگهه سان پرڻيل آهي، ٺاڪر هن کي ڇڏائي سگهي ٿو، تون هن وٽ منهنجو نياپو کڻي وڃي سگهين ٿو.”
    “ڪهڙو نياپو؟” مون پڇيو.
    “مون کي پنجويهه هزار رپيا گهرجن، انهن رپين جي عيوض مان هن کي آزاد ڪندس، تون منهنجو نياپو کڻي وڃي سگهين ٿو.”
    مون چيو:”مون کي جيرآباد جي رستي جي خبر نه آهي.”
    چوڻ لڳو:”منهنجو ماڻهو توسان گڏ هلندو.”
    مون چيو:”ٿي سگهي ٿو ٺاڪر منهنجي ڳالهه تي يقين نه ڪري.”
    چوڻ لڳو:”هن کي يقين ڪرڻو پوندو، هو توسان بنا هٿيار جي هتي اچي سگهي ٿو ۽ پنجويهه هزار ڏئي پنهنجي زال کي ڇڏائي وڃي سگهي ٿو، انهن ٻنهي کي جيرآباد تائين بنا ڪنهن تڪليف جي وڃڻ ڏنو ويندو پر جيڪڏهن تون چاهين ته اڄ ئي واپس وڃي سگهين ٿو، ٺاڪر کي مان پاڻ به اطلاع ڪري ڇڏيندس.”
    مون ريکا ڏانهن نهاريو، هن جي اکين ۾ هڪ پل لاءِ کنوڻ جو چمڪو ٿيو، پوءِ هن اکيون جهڪائي ڇڏيون پر هن جو ساهه ڀرجي آيو هو، هوءَ وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي، لڳو ٿي ڄڻ ڪجهه چوڻ چاهيندي هجي.
    مون هن کي چيو:”مان اڪيلائيءَ ۾ ريکا سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو.”
    “چڱو.” هن نرميءَ سان چيو،”مان اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ايندس.”
    ائين چئي هو ته غار مان ٻاهر نڪري ويو، پر مون کي معلوم هو ته اتان اسان جي فرار ٿيڻ جي هر ڪوشش بيڪار هوندي. غار جي ٻاهران به پهرو هو ۽ اسان جي ڀڄي وڃڻ جي پهرين ڪوشش کانپوءِ انهن جو اسان تي ٿورو به ڀروسو نه رهيو هو.
    جڏهن اهي ٽئي ڌاڙيل ٻاهر هليا ويا ته مون ريکا کان پڇڻ چاهيو پر منهنجي پڇڻ کان اڳ ۾ ئي هوءَ مٿو لوڏي سختيءَ وچان چوڻ لڳي:
    “تنهنجو وڃڻ بيڪار آهي، منهنجو مڙس منهنجي لاءِ هڪڙي پائي به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.”
    “ڇو نه ڪندو؟”
    هوءَ دير تائين خاموش رهي، پوءِ هٻڪندي چوڻ لڳي:”هڪ ٻي عورت آهي.”
    “اها به چهبڪ کائيندي هوندي.”
    “الائي چهبڪ کائيندي هوندي يا هن کي هڻندي هوندي، پر آهي هڪ خونخوار نٽڻي ۽ منهنجو مڙس ان جي چنبي ۾ آهي، انا نٽڻي هن موقعي کي غنيمت ڄاڻي هن کي روڪي ڇڏيندي.”
    “ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي.”
    “ڪوشش بيڪار آهي.” ريکا افسوس وچان چوڻ لڳي،”هو مون تي هڪڙي پائي به خرچ نه ڪندو، اٽلو توتي شڪ ڪندو، مان هن کان واقف آهيان نه!”
    “پوءِ به هن سان ٿي رهين؟”
    “مجبوري آهي! پر هن وقت انهن جي ذڪر ڪرڻ مان ڪهڙو هڙ حاصل! هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.” ائين چئي هوءَ روئڻ لڳي.
    “ڪجهه به ختم نه ٿيو آهي ريکا،”
    مون هن کي دلجاءِ ڏيندي چيو،”مان تنهنجي ماءُ وٽ وڃي سگهان ٿو.”
    چوڻ لڳي:”منهنجي ماءُ وٽ هاڻي ڇا رکيو آهي! هڪڙي پراڻي حاويلي ۽ زمين، ٿورا زيور، گهر ۾ مشڪل سان ٻه چار رپيا موجود هوندا هن وٽ….پنجويهه هزار ڪٿان ايندا؟….نه نه هاڻي ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي.” هوءَ هٿ مليندي چوڻ لڳي.
    مون چيو: حاويلي وڪڻي سگهجي ٿي، زيور وڪڻي سگهجن ٿا، زمينون وڪڻي سگهجن ٿيون، ڇا ماءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ ايترو به نه ڪندي؟”
    چوڻ لڳي:”زيور بيشڪ وڪڻي سگهجن ٿا، انهن کي شهپارا جو ڪو شاهوڪار به خريد ڪري وٺندو پر اهي به مشڪل سان ٽن چئن هزارن جا ٿيندا. باقي بچي حاويلي ته جهنگ ۾ ٺهيل حاويلي ڪير وٺندو، ظاهر آهي اهو خريد ڪندو جيڪو زمين وٺڻ چاهيندو، پر ان جو گراهڪ؟” هوءَ هڪدم چپ ٿي وئي.
    مون چيو:”جيڪڏهن تنهنجو مڙس اها رقم نه ڀريندو ۽ تنهنجي ماءُ به نه ڏئي سگهندي ته اها رقم مان پاڻ ڀريندس.”
    “تون ڪٿان ڀريندين؟”
    “منهنجو سوٽ ڪيس شهپارا اسٽيشن تي پيل آهي، جنهن ۾ ٽيهه هزار رپيا موجود آهن، ان ئي رقم سان مان فارم خريد ڪرڻ لاءِ آيو هوس، اها رقم کڻي هتي ڀري ڇڏيندس.”
    “تون ائين ڪري سگهندين؟”
    ريکا روئڻهارڪي لهجي ۾ چوڻ لڳي.
    “ها ڇو نه!”
    جهيڻي آواز ۾ چوڻ لڳي:”تون واقعي ائين ڪري سگهندين؟” چوندي هن جون اکيون ڀرجي آيون.
    مون حسرت وارين نظرن سان هن ڏانهن نهاريو، هن به مون کي انهن نماڻين اکين سان نهاريو ان کانپوءِ هن جا ڳوڙها پلڪن مان ڳڙي ڳلن تائين وهي آيا.
    پوءِ گهڻي دير تائين اسان ٻنهي مان ڪنهن به نه ڳالهايو.
    ريکا مون ڏانهن ڏسڻ کانسواءِ ئي، زمين تي نظرون کپائيندي ۽ پنهنجي آڱوٺي سان زمين کي کيڙيندي چيو:
    “پر مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهان!”
    “مان ڄاڻان ٿو.”
    مون اعتماد سان چيو.
    “پوءِ به تون…..؟ هن دٻيل آواز ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو پر سندس زبان رڪجي وئي.
    “ها، پوءِ به مان اهوئي ڪندس جيڪو توکي چئي چڪو آهيان.”
    هن هڪ لمحي لاءِ مون ڏانهن نهاريو، پوءِ دير تائين پير جي آڱوٺي سان زمين جي مٽي کوٽيندي رهي، ڄڻ ڪنهن اڻڄاڻ جذبي جي ڍڳ مان ڪنهن سوجهرو ڪندڙ چڻنگ کي ڳوليندي هجي، پر وات سان ڪجهه به چئي نه سگهندي هجي.
    ٿوري دير کانپوءِ اهي ٽئي ڄڻا اندر غار ۾ آيا.
    وڏي ڌاڙيل سواليه نظرن سان مون ڏانهن نهاريو.
    مون چيو:”مون سان گڏ ڪنهن به شخص کي هلڻ جي ضرورت نه آهي، مان اڪيلو ئي ڪافي آهيان، رستو مون هن ڇوڪريءَ کان پڇي ورتو آهي، مان هن جي مڙس کان پنجويهه هزار وٺي ٿو اچان.”
    “ٺيڪ آهي.” وڏي ڌاڙيل مٿو لوڏي چوڻ لڳو،”تون چاهين ته هاڻي ئي وڃي ٿو سگهين. مان ستن ڏينهن تائين تنهنجو انتظار ڪندس، تيستائين هيءَ ڇوڪري اسان وٽ رهندي.”
    “پر ان ڳالهه جو ڪهڙو ڀروسو ته هن جي عزت محفوظ رهندي!” مون بي ڌڙڪ چئي ڏنو.
    “اها ڳالهه ڌاڙيلن جي شان وٽان بلڪل به نه آهي، اهو تو سان شان سنگهه جو وچن آهي.” وڏي ڌاڙيل سيني تي هٿ هڻندي چيو،”هن جي جان ڀلي محفوظ نه هجي، پر هن جي عزت هر صورت ۾ محفوظ آهي.”
    “ڇا مطلب؟” مان پريشان ٿي چوڻ لڳس،”جان محفوظ نه هجڻ جو ڇا مطلب؟”
    “مطلب اهو ته….” ڌاڙيل شان سنگهه مون کي سمجهائيندي چيو،”جيڪڏهن تون ستن ڏينهن جي اندر اندر رقم کڻي نه آئين ته مان ته ستين ڏينهن تائين تنهنجو اوسيئڙو ڪري وٺندس. ستن ڏينهن کانپوءِ ته ظاهر آهي مان هن ڇوڪريءَ کي گولي هڻي ماري ڇڏيندس.”
    “نه نه تون ائين نه ٿو ڪري سگهين!” مون گهٻرائجي چيو.
    شان سنگهه کلي چوڻ لڳو:”مان جيڪڏهن اسان ائين نه ڪريون ته اسان کي ڪو هڪڙو آڌيلو به نه ڏئي، اسان کي پنهنجي ڌنڌي ۾ ڪن اصولن تي پابند رهڻو پوندو آهي.”
    مان ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو جو اوچتو هڪڙو شخص اندر گهڙي آيو، جنهن کي ڏسي مان ڇرڪي ويس.
    هي اهو فوجي رونق سنگهه هو!
    ڏاڙهي وڌيل، ڌاڙيلن وارو خاڪي ڪپڙا، ر ميرا ۽ گهنجيل، شڪل انتهائي پريشان ۽ ڄڻ ته ڳڻتيءَ ۾ ڳريل. هن منهنجي طرف نه ڏٺو. هو ايتري قدر ته پاڻ ۾ منجهيل هو جو لڳو ٿي ته هو هن دنيا ۾ ئي موجود نه آهي.
    “ڪيئن؟” شان سنگهه هن کان پڇيو،”تنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ڇا نتيجو نڪتو؟”
    “ڇوڪري ته مڃي ورتو آهي پر ساوتري ڪانه ٿي مڃي!”
    “ته پوءِ؟”
    “ته پوءِ جيئن تون چوين؟” رونق سنگهه چيو.
    “مان ڇا چوان.” شان سنگهه چوڻ لڳو،”تو مون کان مدد گهري، مون انهن کي ڳولهي تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو، هاڻي تنهنجي مرضي جيئن وڻئي تيئن ڪر، انهن جي زندگيءَ جو مالڪ ته هاڻي تون آهين.”
    “ٻئي پنهنجي جان گنوائيندا.” هڪدم ڪاوڙ مان چيائين.
    پوءِ هن جي نگاهه مون تي پئي، پوءِ هن ريکا ڏانهن نهاريو ۽ هڪدم حيران ٿي ويو، هن جي وات مان نڪتو:
    “اڙي….!”
    مون چيو “دلجاءِ ڪر، هيءَ تنهنجي ساوتري نه آهي، ريکا آهي.”
    رونق سنگهه چوڻ لڳو:”جيڪڏهن مان هن وقت ساوتريءَ سان ملي نه اچان ها ته مون کي پورو يقين اچي وڃي ها ته هيءَ ڇوڪري ئي ساوتري آهي.”
    “ها!” مون چيو،”پهرين لمحي ۾ ته مان به شڪجي ويو هوس.”
    “پر انهن ٻنهي جون شڪليون ڪيتريون نه ملن ٿيون پاڻ ۾!”
    “پر اها مشابهت سطحي آهي.” مون چيو.
    شان سنگهه رونق سنگهه کان پڇيو:”تو ڪهڙو فيصلو ڪيو؟”
    رونق سنگهه چوڻ لڳو:”ڇوڪرکي مون ٻاهر وڻ سان ٻڌي ڇڏيو آهي، هن کي ساوتريءَ جي سامهون گولي هڻي ماري ڇڏيندس.”
    “هلو ڏسون ٿا.” پوءِ شان سنگهه مون کي مخاطب ٿيندي چيو،”تون به هل ته جيئن توکي به پڪ ٿي وڃي ته جيڪو اسان چوندا آهيون اهو هر صورت ۾ ڪندا آهيون.”
    غار جي ڏکڻ ۾ ٿورو هموار علائقو هو، وڻ به ڪي خال خال هئا، جن مان هڪ وڻ سان هڪڙو نوجوان ٻڌل هو. ڊگهي اُڀي ڳچي، وڏي ويڪري پيشانيءَ وارو چهرو، ڳاڙهسرو رنگ، وارن ۾ سونهري رنگ جي جهلڪ، هٿ پير صاف سٿرا، پر شهري ڪنهن به صورت ۾ ڪونه ٿي لڳو، شڪل تي اهائي ڳوٺاڻي معصوميت هئس ۽ اکين ۾ محبت واري وڏائي.
    رونق سنگهه چيو:”ساوتريءَ کي سڏيو.”
    ڪنهن جي وڃڻ کان اڳ ۾ ئي ٻه ڌاڙيل ساوتريءَ کي جهلي اچي رهيا هئا، هن جو چهرو لٿل هو، اکين اڳيان اونداهي ڇانئجي وئي هئس، نظرون ڪنهن هڪ جاءِ تي نه پئي ٽڪيس.
    وڻ سان ٻڌل نوجوان جي اکين تي پٽي ٻڌل هئي.
    رونق سنگهه رائيفل سڌي ڪندي چيو:”درشن سنگهه پنهنجي ڀڳوان کي ياد ڪري وٺ.”
    درشن سنگهه چوڻ لڳو:”تون گولي هلاءِ، وڌيڪ نه ڳالهاءِ.”
    رونق سنگهه چيو:”جيڪڏهن تون ساوتريءَ تان هٿ کڻي ٿو ته مان تنهنجي جان بخشي ڇڏيندس.”
    درشن سنگهه چوڻ لڳو:”مان ساوتريءَ تان هٿ کڻي به ڇڏيان پر هن جي محبت تان نه، هوءَ ته آخري پساهن تائين منهنجي من ۾ رهندي.”
    رونق سنگهه ڏند ڪرٽيندي رائيفل سڌي ڪندي چيو:”ته پوءِ پٽ! مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ.”
    اوچتو ساوتري هڪ ڌاڙيل کان پاڻ ڇڏائي ڀڄندي اچي ان نوجوان جي سيني سان چنبڙي پئي ۽ هيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي.
    رونق سنگهه گاج وانگر گجندي چيو:”ساوتري سامهون کان هٽي وڃ.”
    رونق سنگهه جو دڙڪو ٻڌي هوءَ ويتر ان نوجوان کي چهٽي پئي، هن مڙي رونق سنگهه ڏانهن ڏٺو، هن جي نگاهن مان چڻنگون پئي نڪتيون، چوڻ لڳي:
    “مارڻو اٿئي ته اسان ٻنهي کي گڏ ماري ڇڏ، هلاءِ گولي.”
    رونق سنگهه چست ٻڌي.
    ڪيترائي لمحا گذري ويا.
    “هلاءِ گولي ڏسين ڇا ٿو؟”
    ساوتريءَ رڙ ڪندي چيو.
    رونق سنگهه نهايت ٿڌائيءَ سان چيو:”جيڪڏهن توهان ٻئي هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏيو ته مان توهان ٻنهي جي جان بخشي ڇڏيندس.”
    “اهڙي جيئڻ کان موت ڀلو آهي، تون گولي هلاءِ.” ساوتري جي لهجي ۾ نفرت ۽ حقارت هئي.
    “آخري ڀيرو ٿو توهان کان پڇان ته ڇا تون هن ڇوڪري کي ڇڏي مون سان شادي ڪندينءَ؟”
    “ڪڏهن به نه! ڪڏهن به نه.” ساوتري وڏي شدت وچان چيو.
    اسان ٻئي ساهه روڪي اهو تماشو ڏسي رهيا هئاسين. رونق سنگهه جي چهري تي پگهر اچي ويا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي اندر ۾ ڪا لڙائي ٿيندي هجي. پوءِ اوچتو هن جا چپ ڀيڪوڙجي ويا، ۽ ڏند ڀيڪوڙيندي ٿورو ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳو:
    “ته ٺيڪ آهي، ٻئي تيار ٿي وڃو مرڻ لاءِ.”
    “بس مرڻ کان اڳ ۾ مون تي هڪڙي ڀلائي ڪر.” نوجوان چيو.
    “ڇاهي؟”
    “منهنجي اکين تان لٽو لاهي ڇڏ.”
    “ڪپڙي هٽائن سان تنهنجو ڪهڙو ڀلو ٿيندو؟” رونق سنگهه کانئس پڇيو.
    “ساوتريءَ کي آخري دم تائين ڏسي سگهندس.”
    “مان چوان ٿو چپ ٿي وڃ.” رونق سنگهه رڙ ڪندي چيو.
    آهستي آهستي هن رائيفل سڌي ڪئي، ساوتري درشن سنگهه جي سيني تي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي.
    شان سنگهه چيو:”اڄ تنهنجو امتحان آهي رونق سنگهه، اهڙو نشانو ٻڌ جو گولي، ڇوڪريءَ کي توڙي ڇوڪري جي سيني مان ٻسٽ پار ٿي وڃي، ٻنهي جي جان لاءِ بس هڪ ئي گولي ڪافي آهي.”
    رونق سنگهه رائيفل کي ڇوڪريءَ جي سيني تائين مٿي ڪيو. هن جو سڄو چهرو پگهرجي پاڻي ٿي ويو هو، چپ به ڏڪڻ لڳا هئس.
    شان سنگهه چوڻ لڳو:
    “هڪ……
    ٻه…….
    ٽي…..
    چار….
    پر گولي وري به نه هلي. آهستي آهستي رائيفل هيٺ ٿيڻ لڳي، ايستائين جو سندس پيرن تي ڪري پئي، رونق سنگهه ڏک کان ٻيڻو ٿيندي چيو:
    “شان سنگهه هنن ٻنهي کي ڇڏي ڏي.”
    اوچتو رونق سنگهه رائيفل کنئي ۽ ان کي ڳلي سان لڳائيندي روئڻ لڳو، اصل ڍنڍڪارون ڏئي روئڻ لڳو، ڄڻ سموري دنيا ۾ ان رائيفل کانسواءِ هن جو ڪو ٻيو ڪو به مٽ مائٽ، ڪو به ساٿي، سنگتي نه هجي!
    *


    “تو انهن کي ماريو ڇو نه؟”
    “رونق سنگهه ۽ مان، ڌاڙيلن جي علائقي مان نڪري ريل جي بند جو پاسو وٺيو، شهپارا جي پاسي وڃي رهيا هئاسين.
    رونق سنگهه دير دير تائين خاموش هو، نيٺ ڳالهائيندي چوڻ لڳو:
    “ڪنهن تصوير منجهان هٿ جهلي ورتا هئا!”
    “ڪهڙي تصوير؟”
    “وڏين وڏين اکين ۾ ڪجل لڳل هوس. ميلي جي هڪڙي اسٽال تي ڪنهن جا سهڻا هٿ، ڪنگڻيون پاتل، هوا ۾ اڏامندڙ اهو آئينن جي ٽڪن وارو ڳاڙهو لينگو پڙو ۽ ڪنهن بيباڪ پکيءَ جيان کلندي ٽهڪ ڏيندي، هوا سان ڳالهيون ڪندي پئي وئي، عجيب تصوير هئي. جڏهن به مون نشانو پئي ورتو، اها تصوير منهنجي سامهون پئي اچي وئي، ان تصوير مون کي مات ڏئي ڇڏي.”
    رونق سنگهه رائيفل سان رستي جي هڪ پٿر کي ڌڪو ڏنو ۽ خاموش ٿي ويو.
    “پر تون شان سنگهه وٽ ڪيئن پهتين؟”
    “شان سنگهه منهنجو ننڍي هوندي جو دوست آهي، اسان ٻنهي اٺ جماعتون گڏ پڙهيون آهن، پوءِ مان فوج ۾ هليو ويس، شان سنگهه ڌاڙيل ٿي ويو. مان ڪاوڙ ۾ ته اڳي ئي هوس، سو جڏهن ڳوٺ کان نڪتس ته سڌو پنهنجي دوست شان سنگهه وٽ هليو ويس ۽ کيس چيم:
    “مان به ڊاڪو ٿيڻ ٿو چاهيان” پڇڻ لڳو:”ڇو؟ مون کيس پوري ڳالهه ٻڌائي.” چوڻ لڳو:”اسان وٽ جيڪو به ڪو گينگ ۾ شامل ٿيندو آهي، ان کي هڪڙو خون هرحالت ۾ ڪرڻو پوندو آهي. مون چيو:”مان هڪ نه پر ٻه خون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان!”
    شان سنگهه پڇيو:”ٻه خون ڪيئن؟”
    مون چيو:”ساوتري جنهن ڇوڪري درشن سنگهه سان ڀڳي آهي، جيڪڏهن تون انهن ٻنهي کي ڳولهي ڏيندي ته مان انهن ٻنهي کي قتل ڪري تنهنجي گينگ ۾ شامل ٿي ويندس.”
    هن ويچاري ڏينهن رات ڪري درشن ۽ ساوتريءَ کي ڳولهي ورتو، پر مون ساوتريءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي، هن جي انهيءَ بي وفائيءَ جي باوجود مان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار هوس، پر هو ٻئي ڪنهن به صورت ۾ هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. آخرڪار مون پنهنجي رائيفل کنئي، پر انهن تصويرن کان هارجي ويس، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تمام ننڍين ننڍين شين کان شڪست کائي ويهندوآهي.”
    “پر تون ته سپاهي آهين ۽ سپاهيءَ لاءِ بندوق هلائڻ مشڪل ته نه آهي!”
    “سپاهي صرف دشمن تي گولي هلائي ٿو سگهي ۽ اهي ٻئي منهنجا دشمن نه هئا، اهي ٻئي هڪ ٻئي جي محبت ۾ ايترو ته ٻڏل هئا جو انهن جي اڳيان ڪو به ٽيون ماڻهو ڪونه هو، نه دوست نه دشمن، مان پاڻ هن جي نظرن ۾ هڪ ڌاريو هوس، اجنبي هوس، ڪنهن ويران سنسان هنڌ تي ڦٽل اڪيلو ۽ اجنبي وڻ، خبر نه آهي مان ڇا ڳالهائي رهيو آهيان.”
    “تون جيڪو به ڪجهه ڳالهائي رهيو آهين، اهو مان سمجهي رهيو آهيان.”
    “ٻڌ؟” هو هڪدم چئي چپ ٿي ويو. ۽ منهنجي ٻانهن کي جهلي بيهاري ڇڏيائين:
    “ٻڌ.” هن رڙ ڪندي چيو،”هڪ سپاهي ڪنهن اجنبيءَ تي گولي ڪيئن ٿو هلائي سگهي؟ شان سنگهه مون تي کلي رهيو هو، مان هن کي گوليءَ سان اڏائي به سگهيس پئي، پر هو منهنجو ننڍي هوندي جو دوست آهي، پر تو ڏٺو هن ڪيڏي نه حقارت واري انداز ۾ چيو ته تون ڌاڙيل ٿيڻ جي قابل نه آهين….پر مان ڄاڻان ٿو ته مان بزدل نه آهيان، ڪانئر نه آهيان، پر ها بدقسمت ضرور آهيان.”
    مون پڇيو:”هاڻي تون ڇا ڪندين؟”
    چوڻ لڳو:”سپاهي آهيان واپس پنهنجي رجمينٽ ۾ هليو ويندس، ايندڙ لڙائيءَ جي خبر ۾ تون به ڪڏهن پڙهي وٺندين ته صوبيدار ميجر رونق سنگهه فرنٽ تي وڏي بهادريءَ سان لڙندي مارجي ويو.”
    هو نهايت ڏکاري انداز سان مرڪيو، مرڪڻ دوران هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، پر مون هن جي دل رکڻ لاءِ ڳالهه جو رخ ڦيرائيندي چيو:
    “تون زندهه رهندين رونق سنگهه ۽ وري محبت ڪندين.”
    چوڻ لڳو:”محبت ته بس هڪڙو ڀيرو ئي ٿيندي آهي، باقي ته سمجهوتا هوندا آهن!”
    باقي رستو اسان خاموشيءَ سان طئي ڪيو. هوشايد منهنجي ڀرسان هلندي به پنهنجي خيالن ۾ ايترو پري هليو ويو هو جو لڳو پئي ته هو مون سان گڏ ڪونه پئي هليو، هو اتي موجود ئي نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو موجود هوندي به موجود نه هوندو آهي ۽ هلندي به ڄڻ هڪ هنڌ بيٺل هوندو آهي. ساهه جي کڄڻ جي باوجود زندگيءَ کان اڳتي نڪري ويندو آهي. مون هن سان وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائڻ نه چاهيو ڇاڪاڻ ته هو اتي موجود ئي ڪونه هو.
    *

    شهپارا اسٽيشن تي پهچي مون لگيج آفيس مان سوٽ ڪيس ڪڍرائي، کوليو. ڪپڙن جي تهن ۾ دٻائي رکيل. هڪڙو ڀوري رنگ جو لفافو رکيو هو، جنهن ۾ ٽيهه هزار رپيا هئا. اهو لفافو کڻي مَوڙي مروڙي مون کيسي ۾ وڌو، سوٽ ڪيس بند ڪيو، لگيج آفيس جي ڪلارڪ کي پنج رپيا خرچي ڏئي، هدايت ڪيم ته ممڪن آهي مون کي اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي وڃن، سو منهنجي سوٽ ڪيس کي سنڀالي رکجانءِ. هن احتياط سان رکڻ جو وعدو ڪيو، مون ڏٺو ته هن جي شڪل تي پنجن رپين واري مرڪ به هئي.
    پوءِ مان پوئتي موٽيس. رونق سنگهه جي مهربانيءَ سان واپسيءَ جو رستو ته مونکي معلوم ٿي ئي چڪو هو. گذريل ڀيري وارو هڪڙو ڏينهن، شهپارا ۾ رهڻ سبب مون کي اهو ته اندازو ٿي ويو هو ته ڪو شخص منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي. مون ڪنهن کي ڏٺو ته ڪونه پر ڪنهن پاڇي وانگر، ڪنهن جن وانگر مون کي ان جو هر وقت احساس ٿي رهيو هو.
    جهنگ ۾ پهچڻ کانپوءِ اٽڪل ڪري مان هڪڙي طرف هلڻ لڳس، مشڪل سان ڪو سَو وال به نه هليو هوندس ته ڪنهن جي پيرن جو کڙڪو محسوس ڪيم، مڙي جو ڏسان ته هڪڙو ڌاڙيل، مشين گن هٿ ۾ کنيون مون سان گڏ گڏ هلي رهيو آهي. شڪ يقين ۾ بدلجي ويو ته ضرور ڪنهن منهنجو پيڇو ڪيو آهي.
    اهو ڌاڙيل مون سان گڏ گڏ هلڻ لڳو، ڪٿي رستو ڀُلي ٿي ويس ته اڳيان اچي منهنجي رهنمائي به ڪيائين پئي. ٿورو اڳڀرو هلڻ کانپوءِ هن مونکي چيو:
    “هاڻي هتان کانپوءِ تنهنجي اکين تي پٽي ٻڌبي.”
    مون اکين تي پٽي ٻڌرائڻ کان کيس منع ڪئي ته هن منهنجا هٿ پڪڙي منهنجي اکين تي ڪپڙي واري مضبوط پٽي ٻڌي ڇڏي. باقي بچيل رستو اسان ائين ئي طئي ڪيو، بس ايترو ياد آهي ته جڏهن پٽي کلي ته مان شان سنگهه جي سامهون هوس.
    “رقم آندءِ؟”
    مون هن کي پنجويهه هزارن جا نوٽ ڳڻي ڏنا، جڏهن هن کي اطمينان ٿي ويو ته هن مون سان گڏ آيل ڌاڙيل کي چيو:
    “ريکا کي آزاد ڪري هن جي حوالي ڪريو ۽ ها هنن کي احتياط ۽ حفاظت سان جهنگل جي آخري حد تائين ڇڏي اچو.”
    *

    ڌاڙيل موٽي ويا هئا ۽ هاڻي اسان ٻئي هڪڙي پيچري تي پنڌ ڪندي وڃي رهيا هئاسين. ان وچ ۾ سڄو رستو، ريکا مون سان ڪجهه ڪونه ڳالهايو. جڏهن ڳچ پنڌ ڪري اڳتي نڪري آياسين ته مون ريکا جو هٿ جهليو. هن ڪجهه به نه ڳالهايو، بس چپ چاپ مون سان گڏگڏ هلندي رهي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن گهري سوچ ويچار ۾ محو هئي. هن جي هٿ جي ڇهاءَ مان به اهو محسوس پئي ٿيو ته هن کي ڪنهن به ڳالهه تي ڳالهائڻ جي ضرورت ڪانه هئي، ڄڻ هن جا سمورا جذبا پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا، بس هڪڙو بي جان هٿ هو جيڪو منهنجي هٿ ۾ هو.
    هڪ سنهڙي ندي، ننڍن ننڍن پهڻن تي وهندڙ سست رفتار نديءَ مان پار اُڪري، اسان ويهي ماني کاڌي، پاڻي پيتو. هوءَ دير دير تائين نديءَ جي پاڻيءَ سان منهن ڌوئيندي رهي ۽ اکين تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻندي رهي، ڄڻ اکين جي آڏو ڪو ڌنڌ ڇانئجي ويو هجيس، ڄڻ اکين تي پاڻي هاري ان کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪند ي هجي.
    مون به هن کي ڪجهه ڪونه چيو. نديءَ جي ڀر ۾ هڪڙو املتاس جو وڻ بيٺو هو سو مان وڃي ان جي هيٺان ليٽي پيس.
    ٿوري دير کانپوءِ هوءَ به آئي ۽ منهنجي ڀر ۾ اچي ويهي رهي، پوءِ هن پنهنجو مٿو منهنجي سيني تي رکيو.
    مان هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳس.
    ٿوري دير کانپوءِ هن گهٽيل آواز ۾ چيو:”مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ لڪائي وٺ.”
    *




    پهاڙي سلسلو ختم ٿي ويو هو ۽ جهنگل به. هاڻي اسان وڏن وڏن دڙن واري واديءَ ۾ پهچي ويا هئاسين جا خشڪ ٻوڙن ۽ ڪانڊيرن سان ڀريل هئي. ڪٿي ڪٿي ننڍا ننڍا واريءَ جا دڙا به هئا جن تي اٺن جي پيرن جا نشان به پيل هئا.
    ريکا چوڻ لڳي:”اٺن جو رستو اچي ويو آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪو اوٺي نظر آيو ته مان ان تي چرهي گهر هلي وينديس.”
    “ته ڇا هي رستو جيراآباد ڏانهن ٿو وڃي؟”
    هن آڱر جو اشارو ڪندي چيو:
    “جيراآباد ته اڃا پري آهي، هن وارياسي علائقي کي پار ڪنداسين ته اوهُو! ننڍين ننڍين پهاڙين وارو جهنگل ايندو، ڏسين ٿو نه؟”
    “ها؟”
    “ان کي پار ڪرڻ کانپوءِ ٻئي طرف جيراآباد آهي، پر مان توکي اوستائين نه وٺي هلنديس، ڪنهن اوٺيءَ سان هلي وينديس، ڪو اٺ وارو نه مليو ته مان اڪيلي هلي وينديس، پهاڙن جي هن پاسي واري وادي ته منهنجي پنهنجي وادي آهي، اتي ڪو به خطرو نه آهي، اتان ته خير گهر به ويجهو آهي، خطري جي ڪا به ڳالهه نه آهي.”
    “نه! مان توکي ڳوٺ جي دنگ تائين ڇڏڻ هلندس.”
    “نه نه.” هوءَ گهٻرائجي چوڻ لڳي،”ممڪن آهي هو ٻاهر ٻنين تائين آيو هجي، وڏو ظالم آهي، هن سڄي علائقي جا ماڻهو کانئس ڊڄندا آهن.”
    “نه مان توسان ساڻ هلندس.” مون سختيءَ سان چيو.
    هوءَ روئڻهارڪي ٿي چوڻ لڳي:”ڏس هي منهنجي عزت جو سوال آهي.”
    مونکي ياد آيو، ٻه ڪلاڪ اڳ هن پاڻ مون کي منهنجي ٻانهن ۾ لڪائڻ لاءِ چيو هو ته مون هن کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي، پنهنجا ڳل هن جي ڳلن تي رکي ڇڏيا هئا، پوءِ منهنجا چپ هن جي چپن سان ملي ويا هئا ۽ جڏهن بيقرار هٿ هن جي سيني کي ڇهڻ لڳا هئا ۽ هن جي چولي جا بٽڻ کولڻ لڳو هوس ته هڪدم منهنجي هٿ کي پري ڪري، سڏڪندي چيو هو:
    “بابو، مون تي ٽِڪو نه لائجانءِ.”
    ۽ مون هن کي ڇڏي ڏنو هو ڇاڪاڻ ته مون هن جي اندر جي ڪشمڪش کي محسوس ڪري ورتو هو ۽ مون چاهيو پئي ته هوءَ پاڻ ئي منهنجي ٻانهن جي گهيري مان پاڻ ڇڏائي ڪو فيصلو ڪري. پوءِ به مون هن کي چيو هو:
    “ڇا تون محبت کي ڪو بدنما داغ ٿي سمجهين؟”
    هن جي چولي جو هڪڙو بٽڻ کلي ويو هو ۽ هن جي سيني جا اڀار ڪنهن ڦاٽل پکيءَ وانگر چولي ۾ ئي ڦٿڪي رهيا هئا. منهنجي نگاهن جو رخ ڏسي هن هڪدم پنهنجي رئي کي سيني تي ورائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي:
    “هلون دير پئي ٿئي.”
    سڄو رستو بيچينيءَ سان گذريو، اڌ ۾ ڇڏيل ڳالهيون، اڻ چيل ڳالهيون، اڌ ۾ رهجي ويل نغما، اڻپورو سنگم، ٽٽل تصويرون، پرزا پرزا جذبا، نه ڄاڻ زندگي الائي ڪهڙي خطرناڪ موڙ تي اچي رسي آهي، اڳواٽ ڪجهه به معلوم نه ٿو ٿي سگهي، هي سفر ڪيڏانهن وٺي ويندو؟ هيءَ ڇوڪري ڇا ٿي چاهي؟ هن جي زندگيءَ جو وهڪرو ڪهڙي پاسي وهڻ ٿو چاهي! ڇا مان ان وهڪري منجهان پار اڪري ويندس؟ يا وچ سير ۾ لڙهي ويندس! ريکا هاڻي منهنجي زندگيءَ جي ريکا بڻجي چڪي هئي.
    وروڪڙ وارياسن پيچرن تان هلندي هلندي آخر تائين ڪو اٺ وارو ڪونه مليو، نوريئڙا،نانگ،جهنگلي سيهڙ ۽ ڪوئا ته مليا پر ڪو اوٺي نه مليو ۽ اسان تپيل رستي تي سفر ڪندا رهياسين، وري پهاڙي سلسلو شروع ٿي ويو ۽ وڻن جي پاڇن ۾ گرميءَ کان ٿورو بچي به وياسين. اٽڪل هڪ ڪلاڪ سفر ڪرڻ کانپوءِ هڪڙو ٻه واٽو آيو. هڪڙي واٽ ته اندرين علائقي طرف پئي وئي، جتي پري کان ئي ڇوٽي لائين وارو بند نظر پئي آيو. پر ٻي واٽ هڪڙي اوچي پهاڙ تان مٿان ٿيندي پئي ويئي.
    اتي پهچي ريکا بيهي رهي، چوڻ لڳي:
    “هاڻي هتان ئي مان اڪيلي ويندس.”
    “ڇو؟”
    “هتان گهر ويجهو آهي.”
    “اهو ڪيئن؟”
    “او هُو موڙ مڙي مان پهاڙيءَ جي مٿان ويندس، ٻئي پاسي کليل وادي آهي ۽ جيراآباد…..بس تون هيستائين ئي اچي سگهين ٿو، هن کان اڳتي نه. تنهنجو رستو هي ميداني علائقي وارو رستو آهي جيڪو سڌو شهپارا ٿو وڃي. مان پنهنجي رستي سان وينديس، تون پنهنجي رستي سان ويندين…وعدو ڪر.”
    هن مون سان ڀاڪر پائيندي چيو.
    “وعدو ته ڪريان ٿو پر منهنجو ڇا ٿيندو؟”
    چوڻ لڳي:”تون شهپارا کان سڌو منهنجي ماءُ جي گهر هليو وڃجانءِ، مان به ٽن ڏينهن کانپوءِ موٽي اينديس، پوءِ تون جتي چوندين مان توسان اوڏانهن هلي هلنديس.”
    منهنجي من ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي آئي جا منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي.
    “سچ ٿي چوين؟”
    “ها.” هن سهڪندي چيو.
    مون هن کي ڳلي لڳايو، دير دير تائين اسان هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ ئي رهياسين، هڪ ٻئي جي چپڙن تي ترسي پياسين، نيٺ ڪنهن مجبوريءَ تحت هوءَ مون کان جدا ٿي چوڻ لڳي:
    “چڱو هاڻي تون وڃ…..بس وڃ هليو.”
    “پهرين تون وڃ.”
    هن پنهنجو محبت وارو هٿ وڏي مشڪل سان ڇڏايو ۽ پنهنجي رستي تي وڃڻ لڳي. بلڪل ائين لڏندي وڃڻ لڳي جيئن سرڀنيءَ جي پهاڙن ۾ پئي هلي، مان هن جي پويان ڊوڙيس ۽ وڃي هن کي ٻانهن ۾ کڻي ورتو ۽….
    هن گهٽيل آواز ۾ چيو:”هاڻي تون مو ن کي ماري ڇڏيندين ڇا، ساهه ڪڍي ڇڏيندين ڇا؟”
    مون پاڻ کي ڍرو ڪري ڇڏيو، هن کي پاڻ کان جدا ڪندي من ۾ ڪو ڪنڊو چڀي رهيو هو، مان هن کان جدا ٿي ويس ۽ منهن ڦيري ورتو:
    “توکي ڏسندس ته وري توکي اچي کڻي وٺندس، ان ڪري منهن ڦيري ٿو بيهان، تون بس مهرباني ڪر جلدي جلدي هلي وڃ.”
    “چڱو.” هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
    هن جو اهو ٿڌو ساهه پهاڙن، جهنگلن، ريتيءَ جي دڙن، ندين ۾، ساري ڪائنات ۾ ڦهلجي ويو. ٿورڙيءَ دير ۾ ئي جڏهن مون منهن ڦيرائي پوئتي نهاريو ته ڏٺم ته ريکا وڃي چڪي هئي، رڳو هن جو ٿڌو ساهه منهنجي چئني طرفن کان ڦيريون پائي مونکي ڀاڪر ۾ ڀري رهيو هو، ڄڻ هوءَ ڪائنات جي ذري ذري ۾ سمائجي ٿڌا ساهه ڀريندي هجي.
    “ريکا….” مون هڪ وڏي رڙ ڪئي، مايوسيءَ وچان مان هن جي پويان ڊوڙڻ لڳس، پري پري تائين ڊوڙندو ويس، پر هوءَ مون کي ڪٿي به نظر نه ائي. ڊوڙندي ڊوڙندي پهاڙ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويس، پوءِ به هوءَ مون کي ڪٿي نظر نه آئي. ٻئي طرف وادي گهاٽي جهنگ ۽ اوچن اوچن دڙن سان ڀريل هئي، پر مون کي نه ريکا نظر آئي، نه جيراآباد جو ڳوٺ. شايد هوءَ ڪنهن سوڙهي پيچري تان گذري اڳتي نڪري وئي هجي، يا شايد جيراآباد جو ڳوٺ هن جهنگل جي پويان هجي.
    مان مايوس ٿي واپس موٽيس. واپس ٻه واٽي تي اچي مون لاهيءَ وارو رستو اختيار ڪيو، هلندي هلندي رستي ۾ مون کي هڪڙو اوٺي مليو، ان سان شهپارا تائين هلڻ جو ڪرايو طئي ڪري اٺ تي چڙهي ويٺس. اٺ جي هلڻ کانپوءِ محسوس ڪيم ته جيڪر ڪو واريءَ جو دڙو هلڻ لڳي ته بلڪل اٺ وانگر ئي ٽلندو هوندو. منهنجي اڳيان اٺ جو ڪونٽُ هو، جنهن کي ڏسي ائين پئي لڳو ڄڻ انسان جي سموري حياتي هڪڙو ڪُونٽُ هجي، اڀکڙ، ٽيڏو ڦڏو،
    محبت کان ڀڳو هوس، محبت ۾ گرفتار ٿي ويو هوس. زندگي …….او زندگي…..الائي ته تنهنجي ڪهڙي ڪَل سڌي آهي؟
    *

    شهپارا پهچي ٻه ڏينهن ته مان سراءِ ۾ ئي ٽڪيو پيو هوس. سوچيم ريکا ته ٽن ڏينهن کانپوءِ ايندي، مان ٻه ڏينهن اڳ ۾ وڃي ڇا ڪندس؟ هن واديءَ ۾ وڃي هڪ عجب قسم جي گهٻراهٽ، اداسي ۽ بيچينيءَ جو احساس ٿيندو هو. ٺيڪ آهي، جنهن ڏينهن ريکا ايندي، ان ئي ڏينهن ويندس.
    ٻن ڏينهن سراءِ ۾ ترسيو پيو هوس، صبح شام سئر ڪرڻ لاءِ پري پري تائين هليو ويندو هوس، شهپارا ۾ ٻي ته ڪا جاءِ ڏسڻ وٽان ڪانه هئي، گندگيءَ سان ڀريل پوئتي پيل ڳوٺ هو، سوين سال پراڻين حالتن ۾ ڦاٿل، ڪچين ڀتين تي ڇيڻو ٿڦيل، اگهاڙا ٻار ۽ مٽيءَ۾ ليٽ پيٽ ڪندڙ گڏهه.
    ٽئين ڏينهن، اڃان پرهه ڪانه ڦٽي هئي، رات جو ٽيون پهر هوندو جو مان سرڀنيءَ جي طرف روانو ٿي ويس. رات جي ان ٿڌي پهر ۾ سفر ڪرڻ سٺو ۽ آسان هوندو آهي، خاص ڪري جڏهن پنڌ پنڌ سفر ڪرڻو هجي. رستو وڻ، مَنهن ڇپر، لوڙها توڙي دڙا سڀئي ماڪ ۾ ڀنل ۽ ڌنڌڪار ۾، ڀوتن جيان نظر ايندڙ ساهه روڪي بيٺل وڻ.
    هلندي هلندي مان رستو ڀُلي ويس. رات جي اونداهيءَ ۾ رستو صحيح طور تي ياد ئي نه رهيو، اها به خبر ڪانه پئجي سگهي ته ڌوليا بستي رستي ۾ ڪيڏي مهل پوندي آهي ۽ ڪهڙو پاسو آهي؟ ڌوليا بستي ڪنهن پاسي کان نظر به ڪونه پئي آئي، نه اها ندي جا ان ڏينهن ڪنهن مست جذبن جيان چڙهيل هئي.
    پوءِ جڏهن پرهه ڦٽي ۽ سج اڀريو ته مون ڏٺو ته سرڀني جي حدن ۾ آهيان، چئني پاسي ٻوڙا ۽ ڪانڊيرا پکڙيل هئا، ڪٿي ڪٿي وڻن جا جهڳٽا ۽ دنگ جي پريان سرڀني جو پهاڙي سلسلو، آهستي آهستي سڀ ڪجهه ياد اچڻ لڳو ۽ رستو ڄاتل سڃاتل لڳو. مان اندازي سان ان پاسي هلڻ لڳس، جنهن پاسي گهاٽن وڻن جي جهڳٽي ۾ سروجا ديويءَ جي حاويلي هئي.
    ڪلاڪ کن جي سفر کان پوءِ مون وڻن جي ان گهاٽي جهڳٽي کي سڃاڻي ورتو، جيڪو هاڻي منهنجي نگاهن ۾ افق جيان سامهون هو، جنهن جي ٻئي طرف حاويلي هئي. اتي سروجا ديوي هوندي، خبر نه آهي هن راوت سان ڪهڙي حالت ڪئي هوندي، الائي ته راوت ڪهڙي کيڏ کيڏي هوندي. مون کي سروجا ديويءَ جي سونهن ياد اچڻ لڳي.
    ڪجهه به هجي اڄ ريکا هن واديءَ ۾ ضرور ايندي! هن واديءَ ۾ ايندي ڄڻ منهنجي دل ۾ ايندي، مان اڄ ئي هن کي ساڻ ڪري واديءَ مان نڪري ويندس.
    ريکا جو خيال ايندي ئي منهنجي من ۾ خوشيءَ کان هلچل محسوس ٿيڻ لڳي ۽ منهنجا قدم تيز کان تيز تر ٿيندا ويا.
    ٿوريءَ دير ۾ ئي مان وڻن جي ان جهڳٽي وٽ پهچي ويس، وڻن جو اهو جهڳٽو پار ڪري جڏهن مان ٻئي پاسي آيس ته مان چند ساعتن لاءِ سڪتي ۾ اچي ويس.
    اتي ڪا به حاويلي ڪانه هئي.
    *
    اکيون مهٽي مهٽي ڏٺم، جنهن جيئري جاڳندي ۽ ثابت قسم جي حاويليءَ کي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڏسي ويو هوس اتي سواءِ کنڊر جي ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. ڪي ورهيه پراڻو کنڊر جُهريل ڏريل ڀتيون. ڪي سڙيل حصا ته ڪي ڪريل حصا، جن ۾ ڪي جهنگلي ٻوڙا ڦٽي پيا هئا. هڪڙي ديوار جي وچ مان ڦاٽ کائي هڪڙو ڊگهو ۽ ويڪرو پپل جو وڻ به ڦٽل هو، ظاهر آهي انهن چئن پنجن ڏينهن دوران ته اتي پپل جو ٿلهو ٿڙ پيدا ڪونه ٿي پيو هوندو.
    ڇا مان ڪنهن ٻئي هنڌ ته نه اچي ويو آهيان، نه….پر هي ته انهن ئي وڻن جو جهڳٽو آهي! اهائي جاءِ آهي، آسپاس جا دڙا، لاهيون به اهي ئي آهن جيڪي چند ڏينهن پهرين، پنهنجي اکين سان ڏسي ويو هوس. وري به دلجاءِ ڪرڻ لاءِ مان هيڏانهن هوڏانهن ڦري ڏسڻ لڳس. ڪيتري دير تائين ان ٻه ماڙ حاويليءَ کي ڳولهيندو رهيس، سرڀنيءَ جي حدن ۾ وهندڙ ندي ته ملي وئي، پر اها حاويلي ڪيڏانهن هلي وئي، اها ٻني ڪيڏانهن هلي وئي. لڳو پئي ته ورهين کان هن علائقي ۾ ڪو به ٻني ٻارو ڪونه ٿيو آهي.
    گهمي ڦري وري به مان ان سڙيل کنڊر طرف اچي ويس. دير دير تائين مان مٿي کي هٿ ڏيو ويٺو رهيس، پر منجهيل معاملي جو سرو ڳولهي نه سگهيس. پوءِ مان اتان اٿي شڪار گهر ڏانهن هليو ويس، پر جتي شڪار گاهه هجڻ گهرجي ها! اتي ڪو به شڪار گهر موجود ڪونه هو! ڪو به باغ يا باغيچو ڪونه هو، آسمان تي ڪو ڪڪر به ڪونه هو! بس چئني پاسي ويرانو، جهنگلي ٻوڙا، وليون ۽ جهنگل ئي جهنگل. منهنجي جسم جون رڳون تاڻجي ويون. هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟ دل ۾ هڪ عجيب دهشت پيدا ٿيڻ لڳي.
    مان واپس کنڊر ۾ گهڙي ويس ۽ اتان کان طرف جو اندازو ڪري ڪواڙيءَ جي قلعي جي طرف وڃڻ لڳس. هلندي هلندي نيٺ ڪواڙيءَ جي قلعي تائين رسي ويس. قلعي کي سڃاڻي ٿورو سڪون محسوس ڪيم. ها ته مان هتي ئي ته آيو هوس، اهو ئي ته قلعو هو، اهي ئي ته ان جا کنڊر آهن، جهڙا مون پهرين ڀيري ڏٺا هئا. هيءَ اها ئي ته جاءِ هئي جتي مون پهريون ڀيرو ريکا کي ڏٺو هو…..پر اتي ٻير جو ڪو به وڻ ڪونه هو، نه ئي ان جو ڪو ٿڙ ئي موجود هو. بس ڪي سڪل ٽاريون ۽ پن وکريل هئا.
    بي اختيار مون هڪ رڙ ڪئي:
    “ريکا…..”
    ريکا…….
    ريکا…….
    منهنجو آواز قلعي جي ٽٽل ديوارن سان ٽڪرائجي پڙاڏو بڻجي موٽي آيو، منهنجو من ڀرجي آيو، پوءِ هڪ گهري سناٽي ۾ ڄڻ ڪوئي مون کي چئي رهيو هو:
    “هتان هليو وڃ…..”
    هليو وڃ…..
    هتي ڪوئي به ڪونهي…..
    ڪو به نه آهي هتي…….
    بدن مان سيسراٽ نڪري ويا ۽ مون کڙيءَ تي زور رکي ڀڄڻ شروع ڪيو. ڀڄندو ويس، دور دور تائين، خبر به ڪانه ٿي پئي ته ڪيڏانهن پئي ڀڄندو ويس! منهنجي منزل ڪهڙي آهي، ڪٿي ترسڻو آهي؟ ڪيترو ڀڄڻو آهي؟ ساهه مٺ ۾ هو ۽ مان ٿڙندي ٿاٻڙندي بس ڊوڙندو ٿي ويس. منهنجا گوڏا ڇلجي ويا، ڪنڊيرا منهنجي پيرن جي ترن ۾ چڀندا ويا، سڄو بدن پگهر ۾ شامل ٿي ويو……پر مان ڊوڙندو ٿي ويس.
    شام جو ٽپهريءَ مهل مان سرڀني پهاڙن جي سرحدن کي ڇڏي، دنگ جي لاهي لهي، ان نديءَ جي ڪناري اچي پهتس، جيڪا مون ۽ ريکا هڪ خطرناڪ حالتن ۾ گڏجي پار ڪئي هئي، پر هيءَ ندي ته لڳ ڀڳ سڪل هئي، ڪٿي ڪٿي پٿرن جي وچ مان پاڻيءَ جي ڌار، سنهڙي لڪير وانگر وهي رهي هئي.
    ندي اڪري کجور جي ان جهڳٽي کان پوءِ ٻئي پاسي ڌوليا بستي هئي، پر ڪٿي هئي اها ڌوليا بستي!
    هتي ته ڪو به دنگ ڪونه هو، ڪوئي ڳوٺ ڪونه هو، ڪا به ٻني ڪانه هئي. اتي ته رڳو هڪڙو پوڙهو ڌنار، رڍون ٻڪريون چاري رهيو هو. اڇي چٽي ڏاڙهي، گهريون اداس اکيون، جنهن زندگيءَ جون سڀئي لاهيون چاڙهيون ڏٺيون هجن، مون پوڙهي ڌار کي پرڻام ڪيو:
    “رام رام بابا.”
    “رام رام.” هن جڳن کان اوجاڳيل لهجي ۾ چيو، سندس آواز ۾ وڏو سڪون هو، ابدي توانائي. هو پنهنجي اڇي ڏاڙهيءَ ۽ هٿ ۾ لٺ سان ڌنار گهٽ فرشتو وڌيڪ پئي لڳو.
    “بابا،” مون پڇيو،”هتي سرڀنيءَ ۾ هڪڙي ٻه ماڙ حاويلي هئي، سروجا ديويءَ جي اها ڪاڏي وئي؟”
    “ڪڏهن جي ڳالهه ٿو ڪرين؟” هن منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو.
    “بس ڪي ٿورا ڏينهن ٿيندا، مان اتي ترسيو به هوس.
    “چريو ته نه ٿيو آهين. اها حاويلي ته ….ستر اسي سال ٿيا! هڪڙي رات جو ان کي باهه لڳي هئي. ان ۾ رهڻ وارا سڀئي ڀاتي سڙي خاڪ ٿي ويا هئا، هڪڙو به نه بچيو هو، اها اٽڪل ستر اسي سال اڳ جي ڳالهه آهي. جڏهن مان ٻالڪ هوس.”
    بيٺي بيٺي منهنجون ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون، مان مٿو جهلي زمين تي ويهي رهيس. منهنجي اکين اڳيان زمين گهمڻ لڳي. پوءِ جڏهن ساهه سامت ۾ آيو ته سج اولهه جي طرف الهي رهيو هو ۽ ڌنار پنهنجي ڌڻ کي هڪلي وڃي رهيو هو.
    مون کيس منٿ ميڙ ڪندي چيو:
    “بابا توکي ڪجهه ياد آهي ته ان سروجا ديويءَ کي هڪڙي ڌيءَ به هئي؟”
    “ها…!” هن چيو،”ان جو نالو ريکا هو، او هتي، تنهنجي پويان، ان جي سماڌي آهي.”
    “سماڌي؟” مون هڪدم مڙي ڏٺو.
    پوڙهو ڌنار مون سان گڏ ان سماڌيءَ تائين هليو. سماڌي ڏاڍي پراڻي هئي. ٽٽل ۽ سينواريل، ٿوري مفاصلي تي بڙ جو وڻ هو، ان سماڌيءَ جي ويجهو ڪو به وڻ ڪونه هو، دور دور تائين رڳو واري پئي اڏامي.
    “سماڌي….؟” لفظ ڄڻ منهنجي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو.
    “ها پٽ…” پوڙهو ڏک کان اکيون بند ڪري چوڻ لڳو:
    “ڏاڍي خوبصورت هئي، پر جوانيءَ ۾ ئي سَتي ٿي وئي.”
    “سَتي….؟
    “ها…..زبردستيءَ کيس سَتي ڪري ساڙيو ويو. اصل ۾ هن جي خاوند کي هن تي شڪ ٿي پيو هو ته هوءَ پاڻ تي ڪارنهن جو داغ لڳرائي آئي آهي، پاپ ڪري آئي آهي. ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي آئي هئي، جنهن هن کي آزاد ڪرايو هو، اهو ڪو اجنبي هو، جنهن ڌاڙيلن کي پنجويهه هزار رپيا ڏئي هن کي ڇڏايو هو، ان ڪري هن تي ڪارنهن جو الزام لڳايو ويو هو.
    پوڙهو چپ ٿي ويو.
    “پوءِ ڇا ٿيو؟”
    “هڪڙي رات هوءَ پنهنجي مڙس جي گهران ڀڄي نڪتي، پنهنجي پيڪين ڏانهن وڃي رهي هئي، هن جو مڙس سندس پيڇو ڪري رهيو هو ۽ هن کي ان جاءِ تي اچي جهليائين ۽ ان ئي جاءِ تي هن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائين!
    “اهو ڪڏهن جو واقعو آهي؟،
    “ٿيندا هوندا اٽڪل ستر اسي ورهيه، تڏهن مان ڇوڪرو هوندو هوس.”
    “ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟” منهنجو مٿو ڦيراٽيون کائڻ لڳو.
    ڇا اهو سڀ ڪجهه منهنجي اڳيان نه ٿيو هو؟
    ڇا مون اهو تماشو غيبي نگاهن سان ڏٺو هو؟
    ڇا وقت ابتو به هلي سگهي ٿو؟
    علم نجوم ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص راڪيٽ ۾ ويهي، روشنيءَ جي رفتار سان اڏامي ۽ زمين کان ٻه هزار نوري سالن جي مفاصلي تي هليو وڃي ته اڄ کان ٻه هزار سال اڳ جا واقعا ڏسي سگهي ٿو. هو ڏسي سگهي ٿو مسيح کي صليب تي چڙهندي، وڪرماجيت کي پنهنجي نوَ رتنن سان درٻار لڳائيندي، ڪاليداس کي شڪنتلا لکندي. ڇا اهو سڀ مون سان به ته نه ٿيو هو! پر مان ڪهڙي راڪيٽ تي چڙهي ! ڪيڏانهن ويو هوس؟ مان ته هن ئي زمين تي موجود هوس!
    ته شايد هي سڀ ڪجهه خواب جي حالت ۾ ٿيو آهي، شايد مان هلندي هلندي ٿڪجي ڪواڙي قلعي جي ديوار کي ٽيڪ ڏئي سمهي پيو هوس ۽ غيب جي نگاهن مون کي اهي نظارا ڏيکاريا. شايد انساني دماغ ۾ ڪجهه اهڙا خليا موجود آهن، جيڪي نه صرف ايندڙ وقت جي واڳ جهلي سگهن ٿا، بلڪه گذريل وقت ۾ ٿيل واقعن جي به ذهني تصوير ڇڪي سگهن ٿا. شايد جيڪي ڪجهه ٿي گذري ٿو اهو ختم نه ٿو ٿئي، ڌنڌلڪن ۾ نظر ايندڙ تصويرن جيان، خواب جهڙي وڻندڙ حالت جيان، اسان جي آسپاس موجود رهي ٿو. اهي واقعا هاڻي به خلا ۾ گهمي رهيا آهن، اهي تصويرون اڃان به ڪٿي هلي رهيون آهن. اهي آواز هاڻي به فضا ۾ وکريل آهن ۽ گهمي رهيا آهن، ڦري رهيا آهن. جيئن ٽي وي اينٽينا تي پوندڙ لهرين کي ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ڏيکارجي ٿو تيئن ڪو ڇهين حس رکڻ وارو حساس دماغ انسان پنهنجي ذهن تي پوندڙ لهرن کي ڏسي سگهي ٿو.
    هاءِ هاءِ….پر مان ڪيئن مڃان، ڪيئن اعتبار ڪريان، اڃان تائين ته منهنجي ٻانهن ۾ هن جي بيچين بدن جي بي قراري، لوڇ، منهنجي ساهن ۾ هن جي ساهن جي گرمي ۽ منهنجي چپن تي هن جي مٺڙن مٺڙن چپن جي ماکي…اڃان به تازي آهي.
    مان چرين وانگر هن جي سماڌيءَ وٽ ويهي رهيس ۽ زور زور سان رڙيون ڪري هن کي سڏڻ لڳس:
    “ريکا ……ريکا…….ريکا……!”
    ڳوڙها منهنجي اکين مان مينهن جي جهڙيءَ جيان وهڻ لڳا ۽ مون پنهنجا ٻئي هٿ کڻي هن جي سماڌيءَ تي رکيا.
    پوڙهي ڌنار شفقت وچان منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو:
    “پٽ، هاڻي اٿ، رات جي وڳڙي ۾ هت ڪو به نه ٽڪندو آهي.”
    مان ڳوڙها اگهي اٿيس، سج افق جي آخري حد تائين رسي ويو هو، اوچتو شفق جي ڳاڙهن ڪرڻن سان سماڌي ڳاڙهي لال ٿي وئي ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ ريکا جو جسم وري باهه ۾ سڙي رهيو آهي. پوءِ سج الهي ويو ۽ هوا جو هڪڙو جهوٽو آيو ۽ سماڌيءَ تي واري ئي واري وکري وئي.
    “هلو هاڻي هتان هلو، رات ٿيڻ واري آهي، رات جو هتي ڪو به رهي نه سگهندو آهي.”
    مون آخري ڀيرو حسرت وچان ريکا جي سماڌيءَ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ پوڙهي ٻڪرار سان هلڻ لڳس. ويندي ويندي به بار بار مڙي ٿي ڏٺم، ايستائين جو اڳيان هڪڙي موڙ کانپوءِ سماڌي به منهنجي نظرن کان گم ٿي وئي.
    *
    شايد غيب جي اکين مون کي اها ڏيکاري ڏئي سمجهايو هو ته شهرن کان جهنگلن جي پاسي ڀڄي وڃڻ سان زندگيءَ جا مسئلا حل ڪونه ٿيندا آهن. جهنگلن جي ننڍين ننڍين آبادين ۾ به زندگيءَ جا مسئلا ساڳيا آهن، اهي ئي سازشون، خون، قتل، ڌاڙا، چوريون، ڦرلٽ، دولت ۽ زمين جي لالچ، محبت ۽ نفرت….زندگي ته سمورين ڏسائن ۾ رهي ٿي ۽ ان کان فرار ممڪن آهي ئي نه!
    اهو ممڪن آهي ته جهنگل ۾ ڪو به ماڻهو نه ملي، پر هڪڙو رڇ ته ملندو ئي…جنهن جي به هڪڙي زندگي هوندي آهي، اتي جي زندگيءَ کي سمجهڻ کانسواءِ به ته ان جو جهنگل ۾ رهڻ مشڪل آهي….زندگي ته هر ايندڙ پل ۾ تنهنجو پيڇو ڪندي……زندگيءَ کان ڀڄي ڪٿي به وڃي نه ٿو سگهين!
    *

    ان ڪري مون شهپارا جنڪشن پهچي ڪلڪتي جي ٽڪيٽ ورتي ۽ آڀا سان ملڻ لاءِ روانو ٿي ويس.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566317
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215655
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ