ڪتاب جو نالو: اٽي اجھي لٽي جي ڳولا
مصنف: ممتاز مصطفيٰ ”دوست“
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 20 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 260 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 61 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ٻه اکر
  • ڪهاڻيون

  • مان ۽ منهنجو پرين
  • دما دم مست قلندر
  • اٽي ، اجهي، لٽي جي ڳولا
  • چونڊ خط
  • ستين بستي
  • ماءُ
  • ايئر اڏام کان ميٽرو تائين
  • ٽي عورتون ٽي ننڍيون ڪهاڻيون
  • ٻه رُخ
  • پنج منٽ پوئتي
  • سوا لک
  • مون تي غيرت چڙهي نه ٿي
  • گوءِ
  • فقير ويهي يا وڃي
  • الزام
  • خواهش
  • ڀاڙيا ڀاڙين جا يار
  • ماءُ جو پٽ
  • عشق
  • ڪسٽمر سروس
  • شور، هُل، هنگامي سان گڏ، ٺاٺا، گڊ گڊ گڊ جي ڀيانڪ آواز سوڍي کي پرهه ڦٽي جي مٺي ننڊ مان جاڳايو. هن اکيون مدري کان ٻاهر جهاتي پاتي. ”مارو اس مرغي ڪو، ڪتڳ ڪو..... “ ڪمان سنڀاليندڙ حڪم ڏنو. جي ٿري جا سڌا برسٽ هن تي وسايا ويا، مگر سوچي پاڻ کي، فرش تي سٽي، دشمن
  • گذريل چوويهه پهر
  • خوشي کي لڙڪن سان ڀيٽا
  • ويچارا
  • انجواءِ
  • ويچار ويچارن جا
  • هڪ سَو نوانوي
  • دل نگر جي اتر واري ڪنڊ
  • شاهو شيطان
  • بئڪ ٽائيٽل راءِ

  • حق ۽ واسطا

    BOOK NO: (182)

    • اٽي، اجهي، لٽي جي ڳولا • atte latte ajhe je gola
    (ڪهاڻيون) (Story`s)
    • ممتاز مصطفيٰ ’دوست‘ Mumtaz Mustafa Dost•
    ڇاپو پهريـون: فيبروري 2017ع FIRST EDITION 2017
    ڪمپوزنگ@ٽائيـٽل: ڪنول گروپ With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber

    ملهه: 200 روپيـا


    ڪـتـابـن مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    سمباره پبليڪيشن هائوس، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو حيدرآباد.
    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد. ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد
    ڪاٺيواڙ ڪتاب گهر، اردو بازار ، ڪراچي.
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو - مهراڻ ڪتاب گھر، سانگهڙ
    مدني بڪ شاپ، دادو - سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر
    ٿرڪتاب گهر، مٺي - تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس –
    سراج بڪ اسٽور، قنبر

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پنهنجي شفيق پيءَ حاجي احمد بخش کوسي جي نالي،
    جنهن جي پرورش پالنا سبب احساس، ڪوڙ نفرت کان حقارت، عيش و آرام کان انڪاري رهيو آهيان.

    سيد مظهر علي شاهه (مرحوم) اڳوڻي چيف سيڪريٽري بلوچستان
    جنهن سوين غريبن کي مفت ۾ نوڪريون ڏنيون. غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مددگار هو.


    پير مظهر الحق شاهنواز، نالي
    جنهن جي مهرباني سبب نوڪري لائق بڻيس. دادو ۾ علمي ادارا وڌائڻ لاء ڪوششون ڪيون.


    انهن ڪردارن جي نالي جنهن تائين منهنجي قلم جي رسائي نه ٿي سگهي آهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اٽي، اجهي، لٽي جي ڳولا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ممتاز مصطفيٰ ”دوست“ آھي. سعيد لکي ٿو:
    ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ممتاز مصطفيٰ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ¬¬¬¬¬ممتاز مصطفي ’’دوست ‘‘ ممتاز کوسو ولد حاجي احمد بخش کوسو ويٺل ڳوٺ ميوو کوسو لڳ الهه آباد (ڪاڻي) ضلع تعلقو دادو،پنجين آگسٽ 1966ع ۾ ڄائو. پرائمري ڳوٺ ۾ پڙهيو ۽ مئٽرڪ ڦلجي مان اي گريڊ ۾ پاس ٿيو. انٽر انجنيئرنگ ڊگري ڪاليج دادو ۽ ايم ايس سي آنرس اليڪٽرانڪس سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما، ويب ڊولپر ۽ اوريڪل جي تعليم ورتي. شروع کان وٺي ذهني لڳاءُ ادب ۾ هجڻ ڪري ڪتاب پڙهڻ پڙهائڻ شغل رهيو. ويجهڙ ۾ گڏيل شاعرن جي شاعري مجموعي ٽاري ٽاري گل ٽڙي پيا ۾ پڻ شاعري شايع ٿي. ادبي شوق ۾ ڪهاڻيون لکيون. سندس پهرين ڪهاڻي عوامي آواز اخبار ۾ شايع ٿي. وقت گذرڻ سان گڏ سندس ڪهاڻيون مختلف ميگزينن ۾ شايع پڻ ٿيون. جيڪي هاڻ ڪهاڻي جو مجموعو ’’اٽي، اجهي، لٽي جي ڳولا ‘‘ نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    سندس ڪهاڻين جا ڪيئي موضوع سنڌي نئين ڪهاڻيءَ لاءِ نهايت دلچسپ آهن. ويجهڙ ۾ شايع ٿيل سمورن ڪهاڻين ڪتابن ۾ ايتري گهرائي سان سماجي موضوعن تي ان انداز سان ڪهاڻيون ناهن آيون، جنهن ريت ممتاز مصطفيٰ دوست لکيون آهن. سندس بيان ڪرڻ جو انداز ۾ جيتري سادگي آهي، ايتري ئي سچائي آهي.
    ممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور انهن ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo. com


    ٻه اکر

    منهنجي ديس جي، مٽي مهان آهي. مان ان مٽيءَ جو جنمي آهيان. ان مهان مٽيءَ لاءِ، مهان مٽيءَ جي ماڻهن جي دانهن جهونگارڻ، جيئارڻ، مدد ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ، طلسمي لَقائن کي ظاهر ڪرڻ ۽ مصلح پسندين تي وڙهڻ منهنجو حق آهي.
    سچ پچ، پُڇو ته، اصل ڳالهه احساس جي آهي. مان جڏهن هن سماج جي پيڙائن ۾ پيسجندڙ مختلف ڪردارن جهڙوڪ ڪنواري کان پاڪ دامن، غريبن کان ماني، هاري، ناري ۽ پورهيت جي حقن جي حق تلافي، اوچ نيچ، گلا غيبت، ٺڳي بي ايماني ڏسندي ٻڌندي، لٽجندي ۽ ڦرجندي ڏسندو آهيان ته ڏٺي نه پڄندي اٿم. لوچيندو لڇندو آهيان، لوڙيندو آهيان، ساگر وانگر هوندي به نه هوندو آهيان. ڪڏهن آپي ۾، ڪڏهن آپي کان ٻاهر نڪري ويندو آهيان.
    پوءِ ذهن جنهن ڳالهه جي اجازت ڏني، ائين ڪري وٺندو آهيان، ڪڏهن پرائي فلم پنهنجي ڳچي ۾ پئجي ويندي آهي ۽ ان فلم ۾ هيرو جي رول وانگر نڀائيندي ڪنهن به ڳالهه جو پڇتاءُ نه ٿيندو آهي، نه ڪنهن جي پرواهه ئي ٿيندي آهي، ڪڏهن ٻين جي ڏکن جا، داستان ٻڌندي روئي ڏيندو آهيان. ته ڪڏهن زماني جي بدنام ڪردارن جي گلي مان وٺي ٻه ٺونشا هڻي، فرحت پائيندو آهيان. جڏهن ٻين جي ڪوجهائپ، مجبوري ۽ بي قصوري تي کل ڇٽندي آهي ته پاڻ تي ٻيٽ مان تازا چها پٽي، پٺي تي، دل تي، ذهن تي، ضمير تي وسائيندو آهيان. ڪچيون گاريون ڏيندو آهيان ته
    اُلا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.....!
    ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ ذڪر ڪيل ڪردار Original کڻان (اها ٻي ڳالهه آهي ته نالن ۾ مڙئي لنوايو اٿم، ڪنهن حد تائين) ڪي پلاٽ سفر ۾ ته ڪن لاءِ وئشا، رنڊي، طوائف، بازار حُسن، موالي، شرابي، مئه خاني سان گڏ هن ڌرتي جي هزارين ڪردارن جي تهه تائين پهچي، اصلي ڊائلاگن ۾ آڻي، انهن سان انصاف ڪرڻ لاءِ ڀوڳڻو پيو، ته به پرواهه ناهي ڪئي. پنهنجي، دل جي غريب خانن کي، سخاوت لاءِ آماده ڪندو آهيان ته جيڪو به جيترو به، مون مان ڪردارن کي ملي سگهي، ڏئي سگهان، هن ڌرتي تي ڪنهن کي به ڪا معمولي رهنڊ اچي ٿي ته شيخ اياز چواڻي ”ڏانڊي ڪپيئي ڏار مان، يا تو ڪپي ٻانهن.......... جهڙي دانهن نڪري وڃي ٿي.“
    هت، ڀٽائيرحه مخدوم بلاول شهيد جي ديس جي وڻن، گلن، پکين، جانورن ماڻهن سان پيار ۽ پاٻوهه آهي. ڏکويل ديس ۾ هڪ پــُراميد دل آهي. هزار غم آهن.
    شال! ديس ڌڻين ۽ ان کان ٻاهر وسندڙ دنيا جي ڏکويلن لاءِ ڪٿي پها، ڪٿي رحمتي ڪڻ ڪڻ، ڪٿي، سڄو هٿ ثابت ٿيان.
    اوهان مارُو، مارِويون، شاهد رهجو...... دعا ڪجو... آمين)

    ممتاز مصطفي ”دوست“


    ڪهاڻيون

    مان ۽ منهنجو پرين

    ڪافي ٽائيم کان، هُن جو پتو، نه پيو آهي، ڪاڏي ويو آهي، ڇا ٿيو آ هُن کي؟ چئي ويو هو جلدي ايندس، دير ڪيم ته فون تي رابطو ڪندس. هي هميشه انتظار ڪندو رهندو هو. پر اڄ گهڻي سڪ ڪري گهڙيال جي ڪانٽن کي تڪڻ لڳو. وڏو ڪانٽو ڇهن تي، ننڍو ڪانٽو ٽن تي، او هو، هي ته ذري گهٽ پرهه ڦٽي ٿي ويئي. هن ڪيئي پرهه ڦٽيون، تڪيندي جاڳندي، آڌر ڀاءُ ۽ الوداع ڪندي گذاريون هيون. پر اڄ صفا ٻارن وانگر ڪنهن گود ۾ ريجهڻ لاءِ، تڙپي رهيو هو. هن تصويرن ۾، پاڻ وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ڊائري جو پهريون پيج اٿلايو. هن جي نظر لکيل سٽن تي پئي.
    ”دوستي مرڻ دم تائين رهبي، دوستي ۾ ليکا نه ڪبا، ادب ڪبو، سڪ ۾ رهبو، بار بار قرباني ڏبي“
    سٽن هيٺان ٻنهي جي دستخط ٿيل هئي. هي سڀ ڊائلاگ آهن. پاڻ سان دوکو آهي، اڄ جو تجريدي مين، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته اهي به دوستي جا اسلوب آهن، نان سينس... ڪنفيوزنس. ... سوئر ڪنهن جاءِ جا. ... هي ماڊرن مين. ... ماڊرن ڪلچر. .. ڌوڙ پئي آ منهن ۾.
    ٺيڪ آهي ماڊرن... اولڊ، اولڊ..... ماڊرن، پر توازن هجي، هو چوي ٿو ته هي تنهنجي ٽرڙائپ آهي، بيوقوفي آهي، ارڏائي آهي، پاڻ هرتڙو ٿي ٻين کي مونجهاري ۾ وجهڻ جو اصل جڙ آهيان. ٻارن کان وڌ ٻار آهيان، نا بالغ آهيان، ڪورو ڄٽ آهيان. هو صحيح، مان غلط آهيان. هو حق تي، مان ناحق تي، ٺيڪ آهي، قبول آهي، نا بالغي، دل رانديڪو. ته ته، پوءِ دوستي، هي سچائي، محبت ۾ ادب، سڪ، پاڪائي کليل آهي، ڪشڪول آهي....... ڪيئن پرکيان؟ ائين ڇڏي ڏيان. پر پر هر ڪنهن کي هڪ دل آهي، ائين مونکي دل آهي، دل دلدار لاءِ ڏکي ٿي. هو خالي ڪمري ۾، ڀتين سان ڳالهائڻ لڳو. هن جا چپ، گلاب جي پتين جيان ٽڙيا، ڪومايا، بند ٿيا ۽ پوءِ ڇڻڻ لڳا. پاڻي ڏيو، کير ڏيو، ٻئي ناهن زهر ڏيو، امرت ڏيو امرت ٿيان“
    ”هان وٺ پاڻي، پي ڏوگها“
    ”ها پيتيم“
    ”ڪٿي پيتئي؟“
    ”ڪونه پيتم، پيان اڃ لهندي“
    ”ها ها“
    ”پوءِ ڏيو پيان، مران، جيئان“
    پاڻي جو گلاس، چپن تي رکيو. ڪجهه نڙي اندر لٿو، ڪجهه واڇن مان وهيو. گلاس خالي، هر شي خالي، هانءُ خالي، گلاس ڪري، ٽڪر ٿيو، سٺو ٿيو، نباهه ناهي ڊٿو، ٽٽو، سٺو ٿيو. هن مرض مان، هن بگاڙ مان، پاڙي جي پيار جي، پرين جي جند ڇٽي، سٺو ٿيو.
    هو نهور جي واڻيل کٽ تي ليٽيو. ننڊ نه آئي، زيرو بلب آن ڪيو. هن جي نظر چانئٺ تي اٽڪي، ٻڪ ڊيڪوريٽ پيس طور لڙڪي رهيو هو. نيازمندي، هيٺانهين، هٿ بندي بڪواس، ڏيکاءُ، دور بدلجي ويا آهن. ماڻهو اندر جا ڪانءُ، ظاهر هنجڙو، اڃا تون ساڳيو، غلط غلطان، ٻڪ سان ڄٺ. هن سٽ ڏئي پٽ تي ٽوڙيس، ٽڙ ٽڙ، ٽٽو سٺو ٿيو. هن ٻڌڻ مان، هن فريبي، هن ڪارب مان پيارن جي پرين جي جند ڇٽي سٺو ٿيو.
    کٽ جي پيراندي، جي کٻي پاسي تي کليل ڪٻٽ رکي هئي، هن ۾ ڪئي خانا هئا، خانن ۾ ترتيب سان ڪتاب پيل هئا. هن جي هڪ ئي لت سان، ڪٻٽ مان ڪتابن هيٺ ڦهڪو ڪيو، ڪتاب، پمفليٽ، اخبارن جا ڪالم، مضمون، ڪوٽيشن هيڏي هوڏي پکڙيا. وزني ڪتابن ڪرڻ ڪري نرڙ تي، مٿي ۾، دل پاسي کان ڌڪ رسيا. ڪتابن جي ڌوڙ سان بڀوت ٿيو. فٽيس، ڀريس سٺو ٿيو. ڦٽ ڇٽن نه ٿا وڌن ته سهي. گهٽ مان گهٽ مٽي، مٽي سان ته ملي. هون به مٽي کي آڪڙ ڇا جي.....؟
    در، هوا جي جهوٽي سان کليو ”اوهو، هي تو ڇا ڪيو؟ ڪڏهن ڪيو؟ ڇو ڪيو؟“ هي گونگو، هي خود ڪفيل، بي موسمي گل وانگر ڪومايل، ڇڻيل لڳو. هو ڀٽڪيل ڀونئر وانگر، هن تي ڪريو. هُن جي ڇهڻ سان، ڇهاءُ سان، لگن ۾، اکين ۾، بدن ۾ ساهه پيو. هي شڪاري کان بچيل هرڻي وانگي، اکين مان آب آڻي، هُن ڏانهن ڏٺو. چپن ڪم ڪيو ته لفظن روپ ورتو. ”ڪڏهن؟ ڪٿي؟ ۽ ڇو؟، واهه، ڏکائين، تڙپائين، جلائين ٿو پوءِ پڇين ٿو، ڏک ڪنهن ڏنو آهي؟ واهه.......؟
    ”مون کي پڪ هئي، اچڻ سان ائين چوندين؟“ ”مونکي پڪ هئي، ته پاڻ سان اهڙو لڪاءُ ڪندين“. هُن کيسي مان رومال ڪڍي هن جا ڀرون، اکيون، ڪن اگهيا. ڳل، زبان سان چٽيا. هٿن کي، قميص جي پلاند سان اگهيو ۽ پوءِ دل کي وات جو ڦوڪو ڏنو. هي کڙو ٿيو، ادب وچان چپ رهيو، بت ڪو سندر بت.
    ”ههڙي حالت ڪيسين ڪندين.....؟“
    ”جيسين ست، ڌڙڪن آهي ۽ تنهنجو بي رخو عمل آهي، جاري رکندس، مرڻ کانپوءِ ملنداسين، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، نه سڃاڻيندي، اها ٻي ڳالهه آهي“
    ”سوال توکان پڇان؟“
    ”پڇ........“
    ”هي روپ نکار ڪيسين ڪندين؟ ڪنهن کي دوستي ۾ ڦاسائي ۽ پوءِ ڪتڪائڻ اوهان کان سکجي. پر ڇا ڪندو؟ ڪيترا کٽائيندو؟ هي اڻکٽ سوز آهي. هن سفر ۾ اچڻ جا رستا کوڙ ۽ نڪرڻ جو ڪوبه ناهي“
    ”هي ڇا ٿو چوين؟ ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين؟ اڳي ته ائين ڪونه چوندو هُئين؟“
    ”مان ٿو چوان، مان ٿو ڳالهيون ڪريان، وقت ٿو چوي، ماڻهو ٿا چون، وقت ٿو بڪي“
    ”ڌوڙ پئي آ ماڻهن کي، انهن جي چئي نه لڳجان، اهي ڏات هوندي، ڏنڀڻ وارا آهن. بگاڙ نه هوندي، بگاڙن ٿا، ڀڃ ڊاهه هنن جو محور آهي. هي پاڻ نه پار پيا، نه ٻين کي پار ٿيڻ ڏين.......
    ....... ڏس مون وٽ تو جهڙي دل آهي، دل جي ٽڪ ٽڪ تو وٽ قيدي آهي، سڪ آهي، ادب آهي، پر ڪيئن وشواس ڏياريان سڀ گڻ Perfect آهن پر.......“
    ”پر ڇا؟“
    ”ها ها چئو، ڏوهه منهنجو آهي.“
    ”ڏوهه، ڪنهنجو آهي، ان کي ڇڏ، هل هلون ٻاهر“
    ”ڪاڏي ٻاهر؟ ڇا آهي ٻاهر؟ ها ها ٺيڪ آهي، توسان انڪار گناهه....... نه نه بي ادب نه آهيان.......“
    ”ها ته، ترس، پهرين توکي افعالن ۾ آڻيا.“
    هُن هن کي وهنجاري ڪپڙا پهرايا. هن جي وارن کي ڦڻي ڏني، پوري وچ تان سينڌ ڪڍي. کٻي اک تي ٻٽون پهري طور نصف ڪيو. جيئن نظر کان ڌپ کان بچي. اکين ۾، سرمي جي تکي ڌار اوتي، ڪئي رٺل غم سانوڻي جي ڪڪر جيان گنوائي ڇڏيا. ڀٽائي جي سرندي مان، مڙهيل ڌاڳو، ڳچي ٻڌي، ساٿ مرڻ ساٿ جيئڻ جو قسم ڏئي ڇڏيو. هن جو ويساهه وڌيو. هاڻ هر وقت بهار آهي، بهاري هوندي، بهار نه ويندو.....“
    ”هاڻ هلون“
    ”هي مرڪيو، هل“
    سڏ پنڌ تي پڪنڪ پوائنٽ جو نظارو پسيو. هي حسين جوڙ، جوڙيون، بگيون، ڪاريون تتريون، تتر. هي هن سان، هو ٻئي سان، هوءِ ٽئين سان، ٽيون ٻئي سان، وري ٻيو چوٿين سان، ڦڪيون چميون، ڦڪا ڀاڪر. هي ملٽي پل پيار، ٿو ٿا ٿو. هي پيار جي ٿئي ٿي بي ادبي، خودڪشي بي پاڪائي، هون....... او........ هون ڪو فرق نه پيو.
    هُن هڪ قدم کنيو، هو حسرتن سان بيٺو رهيو. هن هڪ قدم کنيو، هُو بيٺو رهيو، ائين ئي ادب ۾ رڌم ڇڙيا.
    ”هن ڳاڙهي ڳل گلاب کي چمان“
    ”چم“
    ”نه، چنڊ کي گرهڻ نه ڪبو“
    ”ڀلا، تراڇڙي بدن تي تران، ٽلان؟“
    ”نازڪ نفيس چيلهه چٻي نه ڪبي“ هن چئي بس ڪئي ته وري هُن چيو.
    ”هي انجير چپڙا ڇهان، پيان؟“
    ”پي“
    ”نه، مان پيئندس، نه ڍاپندس“ هُن جواب ڏنو.
    هنن آسمان تي نظر ڦيري.
    ”ڇا ٿو ڏسين؟“
    ”ڏسان ٿو، هي بادل ويچارا، ڇو ٿا ڀڄن؟، ڀڄن ٿا، ٿڪجن نه ٿا. هوائن جي زور تي ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي، ڪڏهن اوڀارا، ڪڏهن لهوارا، ڄڻ هنن جو ڪو وجود ئي ناهي، نه هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو ڪو دم آهي. ڇا هنن کي ڪو گهر آهي؟“
    ”...... توکي گهر آهي؟“
    ”گهر آهي“
    ”ڇت آهي؟“
    ذلف جي ڇانءُ ڪافي آهي“
    ”گهر ۾ ٻيو ڪجهه“
    ”هوندو آهين ته، سڀ ڪجهه، نه آهين ته ڪشڪول به ٿيان، ڏکارو گيت به ٿيان، راڻو به ٿيا.......“
    ”بس بس داستان نه ڇيڙ، پنڌ پٺيرو ڏور آهي، هلڻو ضرور آهي، سج پوين پساهن ۾ آهي“
    ”ته پوءِ اُٿ اُٿ دير نه ٿئي“
    ڳپل پنڌ ڪيو آ، پنڌ کٽي نه ٿو، ٿڪ ڇڏي نه ٿو. هي بڙ جي ڇانو مس ملي آهي، هيڏي پنڌ ۾ ڪٿي ڪو ڪانڊيرو به نظر نه آيو، هت هي ڪيئن آيو؟ خير، منهنجي خيال ۾ هت ويهي، ٿڪ ڀڃيون.
    “No Comments……..”
    او هت سبيل به آهي..... هُو پاڻي جو هڪ گلاس ڀري آيو. اڌ هُنَ، اڌ هِن پيتو. هي پوڙهن پڪن جي ويهڪ لڳي ٿي. هي ٻئي سُري ماڻهن جي وچ ۾ ويٺا. ڪچهري ۾ حال احوال، ڏس سور، ڏورون، سينگار پڙهيا پئي ويا. هڪ پوڙهي ويهي ڏور ڏني. ڪنهن نه ڀڳي، پوڙهي سڌي ڪري سڻائي ؛هت جتي ويٺا آهيون، ڪو وڻ نه هو، پنهنجي پيڙهي مان ڀٽڪيل احمد پنهنجي زندگي اجائي گذرندي محسوس ڪئي. لائين تي آيو ته هن هي ٻوٽو پوکيو، الحمدلله اڄ جوان آهي. هنن وڻ ڏانهن ڏٺو، ان ۾ ڪيئي ڏار هيا، هر ڏار ۾ اڻ کٽ پکين جا آکيرا، ڪي واهيري تي، ته ڪي، موٽيا ئي ڪونه هُئا.
    هنن ڏنو، تاراجي جي پڙن ۾، پاٽوڙا پيل هئا. هڪ ۾ ان ۽ ٻئي ۾ پاڻي هيو، تاراجي ڊگهي رسي سان، وڻ جي هڪ ٽار سان ٻڌل هئي. هنن اٿي چوءِطرف نظر ڊوڙائي. وڻ ڀرسان نار وهي رهيو هو. نار کي اٺ ڦيرايو پئي. نار جا لوٽا واري واري سان پاڻي موڪ ۾ هاريندي خالي ٿيندا پئي ويا. موڪ جي پاڻي تي ٻني آباد ٿئي پئي. ڪا پوک گلن تي بيٺي هئي، ڪا پوک پاڻي نه ملڻ ڪري ڪومائجي ويئي هئي.
    هن هُن کي چيو ”ڏسين ٿو“
    ”ها...... پر تون سمجهين ٿو“
    ”هون“
    ”ڪيئن؟“
    ”اهو ئي نار (دوستي) کي پنهنجو بڻ بڻياد آهي. هو واري سان، هر لوٽي کي، فرض اپنائڻ ڏئي ٿو. لوٽا فرض ۾ ڪوتاهي نٿا ڪن، تيئن تئين.....“
    ”ها چئه“
    ”هن ٻن دلين کي نه گڏايون، نه ريجهايون، هڪٻئي کي وقت نه ڏيون، فطرتي رنگ رکا هجن، ڦڪا هجن..... ڇا تون چاهين ٿو ته هنن تي زنگ چڙهي، هي ان پوک وانگر ڪومائجن“
    ”مڃان ٿو، اهي گڻ، بڻياد تي ئي ته پلجن ٿا، راس ٿين ٿا. پر بنياد نيت آڏو محتاج هوندا آهن، نيت بد روٽي رد“
    ”جواب ڪونه ڏنئي“
    ”آرسي اڳيان تصوير سڀ ڪجهه ٻڌائيندي آهي. لڪائيندي به نه لڪندو آهي. سچائي کي دليلن جي ضرورت ناهي هوندي“
    هو ماضي جي يادگيرن ۽ مشاهدن ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ Un Known ليکڪ جو سٽون ياد پيون.
    ”...... سچائي جي اولڙي ۾، جن فطرتي حسن کي نه ڇهيو. يا جن بي پاڪائي سان، فطرتي حسن کي ڇهيو، غلط استعمال ڪيو، سي وڏا ماڻهو سڏيا، ليکيا، پر انهن کي غلط عمل جي سزا ملي. ڪي بي علمي، ڪي علمي ڀنڊار پڙهڻ باوجود وڦليا، پاڳل ٿيا، چريا ٿيا. شڪليون بدليون، بد مذهب ٿيا، حيواني صفت بڻيا“ پوءِ توبه توبه ڪندو، هن ڀر آيو. ٻنهي اکيون اکين ۾ ملايون ۽ پوءِ آهستي آهستي نڪ، نراڙ، ڪن، اکيون، ڀرون، ڇاتي تي رنگ ڀريندا هو، جنڊ جي ٻن پڙن وانگي ملي ويا.
    اوچتو در هوا جي جهوٽي سان بند ٿيو. هي ڇرڪ مان اٿي کڙو ٿي، اکيون مهٽيون، وال ڪلاڪ جا لڳاتار پنج ٽون وڳا. ماءُ هن اڳيان اچي بيٺي ’’ابا، پٽ، ٻچا فجر جي نماز نه پڙهندي ڇا؟!؟!...‘‘


    دما دم مست قلندر

    تيرنهن مئي سورنهن
    اڄوڪي رات، چانڊوڪي جي چانڊاڻ ڪري، اوندهه کي ڀڄائي ڪڍيو آهي، تارن جو چنڊ کي، چئني طرفن کان ڪڙو آهي، چنڊ ستارن جي اڳيان پويان عاجزي ڏسي، پنهنجي حسن تي غرور ڪري رهيو آهي.
    مون کي به الائي ڇو ننڊ، ڇورو ڪري ڇڏي ويئي آهي؟ سوچي سوچي دماغ جي پردن کي خشڪ ڪري ڇڏيو اٿم. هڪ غربت، ٻيو سور، ٽيون وري پور، اهڙي هنڌ کڻي بيهاريو آهي جو جت نه، جي سگهان ٿو ۽ نه مرڻ ئي سولو آهي.
    آهيان ته ناچيز شئي، پر خوابن کي ڪير چئي، بس خواب ئي ته مون وٽ، آزاد آهن، جن کي رهنما سمجهي پويان ئي پويان لڳندو آهيان، نه هو ٿڪا آهن نه مون ئي چپ ڪئي آهي.
    بانسري جو مٺڙو آواز، رات جي گود مان ڏکارو بڻجي ڪوهين ڏور انصاف لاءِ ڀڄندو آهي. مان خالي ڪشڪول جهلي ٽڪڻ جو چوان ٿو، ماڻهو سنگيت ٻڌڻ لاءِ محفل طرف وڌي رهيا آهن، سگريٽ جو ڪش، هميشه مارن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي.
    ٻڌو اٿم ته بانسري جو هي مٺڙو ورلاپ، پنهنجي اصل شي کان جدا ٿيڻ ڪري دانهين آهي، ته مون کي اصليت کان جدا ڪيو آهي، هت هر ڪنهن کي بڻ آهي، مان ڇو بي بڻ آهيان؟ منهنجو بڻ ڪٿي آهي؟ مان ان وڻ کان ڇو جدا ٿي آهيان؟ مون کي جبري طور ڇنيو ويو آهي، منهنجي ايف آءِ آر ڪٽي وڃي. بانسري تي ڪلاڪار، مومل راڻي کي، وڏي درد مان، ڳائي رهيو آهي، ماڻهو مستي ۾ جهومر پائي نوٽ گهوري رهيا آهن. هو سڀني کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيو آهي.
    هونئن به هن ۾ ڪو جادو آهي، ڪا لهر آهي، جنهن جو دل تي جلدي اثر ٿئي ٿو. دل جا غم اٿلي پون ٿا اکيون هيڻي ٻولي روئي پون ٿيون.
    طبقن ۾ ورهايل ننڊ جو، پهريون سوپو پورو ٿيو. ماڻهن موٽڻ جي ڪئي آهي، ونيون ڀوتارن جي ڀاڪرن ۾، پڪڙجڻ لاءِ، کڙهن کي تڪي رهيون آهن، منهنجي بلڪل هن ڀر، ٻه سورنهن ساليون بستري تي اٿل پٿل ڪري رهيون آهن، چون وارا چون ٿا ته هي ٻارڙيون هيون. ته ڪن شاهينگن هٿان، کڄي هت پهتيون آهن. گهڻي محنت کانپوءِ رس ڀريون ٿيون آهن، انهن مان هڪڙي ته ملوڪ آهي، اصلي ڏکويل جنڊ ۾ اسريل چنڊ آهي. اهڙو منهن مبارڪ آهي جو بخمل جيان ٿو جرڪي، دل ٿي چوي ته پاءُ گلن جي وزن جيتري کي جهولي ۾ کڻي، کڻي اچان. مون ڊنگهريون اورانگي، پيرن جي تري تي، ٿڌڙا پاتا، ٿڌڙن هن ۾ ڪرنٽ لڳائي ڇڏيو، ها ها خاموش رات ۾ ڳجهن رازن جي گهٽ ذريعي رات رسڻي، رسي رهي آهي، چنڊ جي روشني تي حسد ڪري رهي آهي، چنڊ، تارن تي فريادي آهي ته هنن منهنجا گهٽ بند ڪيا آهن، چوءَ طرف ڪنڊن جو ڄار وڇايو آهي، هو ڪروڙين، سڀ غم مارا، مان هڪ، ڪنهن جي ٻڌي ڪنهن جي ٻڌان، ڪنهن کي ريجهائي ڪنهن کي ريجهايان، تارا چنڊ تي دانهين آهن، اوجاڳا اسان ڪيا آهن، بيهي بيهي جهري اسين ويا آهيون، منهنجو ميرانجهڙو من، چنڊ ۾، پرين جا اولڙا پسي رهيو آهي. مان، پنهنجي فقيراڻي گودڙي ۾، چنڊ جي چانڊاڻ، اڀرڻ وقت ڳاڙهسري ڳاڙهاڻ، پرين جي نکار لاءِ چوري ڪندي کيسڙي وجهي رهيو آهيان.
    هي منظر، هي سناٽو، قدرت جي نعمت سان سرشار آهي، هن ۾ ڪيڏي نه خدائي حڪمت رکيل آهي، هن ۾ زندگي جا سڀ ٿڪ لهڻ جا، رنگ سمايل ٿو ڀانيان، ڪيڏو نه مزو آهي، جاڳڻ جي جنبش ۾، سپنن ۾.
    مان ڪجهه آهيان. منهنجي هانءُ ۾ سٽون اڀري رهيون آهن، مان چنڊ جي وچ ۾ ، ان خوبصورت چهري کي پسي رهيو آهيان. جنهن کي ماريو ويو، ان بنياد تي هو ڪاري آهي، پهرين، ڪهاڙي جي هڪ وار سان، ڳچي ڪپي ويئي، پوءِ ڪاري ڪپڙي ۾ قبرستان ڏي کنئي ويئي، بلڪل لاوارث نموني، نه ڪفن، نه غسل ۽ مان هن کي بچائي نه سگهيس، نه پوءِ قبر تي ڏيئو ٻاري سگهيس.
    محبت ۾ آيل رڪاوٽون شيم شيم
    قاتل انسانيت جا هٿ قانون، مصلح پسنديون شيم شيم
    رات جو سينگار چنڊ بادلن جي لپيٽ ۾ وائڙو ٿي پيو. نار جو چيڪٽ بند ٿي ويو آهي، ڌنار، مينهن کي، بئراج مان، آڌي جو ڪڍي، گهرن ۾ پيکڙ هنيا آهن، مڇر به انسان جو رت چوسي ڍاپيا آهن. ڏيڏرن جي ٽران ٽران مس مس وڃي جهڪي ٿي آهي، ڪتي وري اڀري آئي آهي، اجهو اوٺارن اٺن کي روئاريو، بُههَ جي ٻورن ڀرڻ لاءِ.
    سورنهن سالين مان، من کٽي ويندڙ چهري، پاسو بدلايو، ڀر ۾ وڻ تي واهيري ويٺل پکين ٽاهه کاڌو، مون ۾ ٽاهه پيو، سوچيم تر جي گٿي سئو چوٽون کائي، متان ويل وري نه موٽي، هونءَ به ٻن دلين جي گڏجي ڌڙڪڻ، جي رڌم جو مزو ئي ٻيو آهي....!

    چوڏنهن مئي سورنهن
    اڄ رات وري ٻيهر ريچڪ رچايو آهي. مسجد پيش امام چار رڪعتون فرض جماعت کي پڙهائي رهيو آهي. مسجد ڀر ۾ خالي پلاٽ ڦٻائڻ لاءِ ڀوتارن علم پاڪ هڻي، ڏنڊي ڪونڊي سان دل وندرائي رهيا آهن. مولانا صاحب وڏي رڌم سان وتين وزيتون سورة پڙهي رهيو آهي. ميٺاج هوا ۾ هلندڙ پکڙجندو، گهٽ مان گهٽ مون جهڙي گنهگار جي دل کي مسجد ڏانهن ڇڪڻ لاءِ متوجهه ڪري ٿو.
    بلڪل ان سامهون وڏا ٽهڪ اچي رهيا آهن، ڇوڪرو جماعت جي ڀر ۾ اچي زيتون کاسين، زيتون کاسين چئي چيڙائي رهيو آهي. هو جلدي سلام ورائي. ان نينگر کي ڊڪائي رهيو آهي. ته جيئن خطمي جي ماني، فروٽ، برياني کائي ٺٺ ٿي پوان.
    منهنجي ماءُ ٻڍاپڻي باوجود ڪم ڪار ڪري ساڻي ٿي پئي آهي. هن ٽي پٽ پرڻايا آهن يا پرڻائي ڏنا آهن، پٽن جي ڪهول جي ماني ٽڪي کان ڪپڙي لٽي ڌوئڻ تائين نه گٿي آهي. نُنهون کٽن تي ويهي کلنديون آهن، پٽن جي مجال آ جو ڪا جونءِ چري. جڏهن رات ٿيندي آهي ته امان کي ننڊ جي پڙي اچي ويندي آهي.
    اڄ ڳوٺ ۾ سنسانيت آهي، اڃان گهُٽ، ماڻهن کي پگهر ۾ وندرائي پئي، ڪلر جي اُٻ، ٿڌين هوائن کي نارمل بڻايو ڇڏي. ماڻهن ۾ ڏينهن جي نفسا نفسي واري جهلڪ، اڃا به ذهن مان نه نڪتي آهي، نه ساعت آهي، نه مٺيون ڳالهيون، مالوند ماڻهو پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پٽاٽن جو ڪلو وٺيون، مهانگائي تي چرچا ڪندا گهرن ڏي وريا آهن.
    جماعت، هلڪي آواز ۾ ذڪر لااِللهَ اِلاللهُ) شروع ڪيو آهي. ذڪر دور دور تائين، هئي هئي سبحان الله جا ارلاپ کڻي وڌندو وڃي ٿو. ننڍڙا ٻارڙا ذڪر سڻندي سمهي پيا آهن، ڄڻ رٺائي ناهن، چنڊ ٽٻي مان ڌڪ کائي، ڳاڙهاڻ ڪري نڪتو آهي، صفا ٿڌيرو آهي، شرميلو آهي. وڏيري مرزا علي بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي، اوطاق جي اڱڻ تي رکرائي آهي. چنڊ، ان وڏي ٽه ماڙ ماڙي کان، ڄاڻ نڪرڻ تي آهي، آسمان تي ڪڪر، ٿڪل رڍن جهڙا وڳ جوڙي، هوائن تي ڀڄندا وتن ٿيا پيا. اتر کان کنوڻ، رکي رکي لائٽون هڻي رهي آهي. تارا ڪجهه ٻڏتر ۾ ڪجهه جلوي سان ٽمڪي رهيا آهن. واٺڙ ئي ٽي وي آن ڪئي. ناظرين غزل ۾ پاڻ ٻڏي وڃن ٿا.
    اگر تم، هم ڪلام هو جائيڻ، هم فقيروڻ ڪا ڪام هو جائڳ.
    چنڊ، ٻن ڪانن جيترو مٿي چڙهي آيو آهي، مان چنڊ ۾ جوهه وجهي، نور پسي رهيو آهيان، هو مون کان الرجڪ آهي، ته هن منهنجي سونهن کي نظر هنئي آهي. اڙي بابا هن سمجهايو، هن منهنجي ننڊ ڦٽائي آهي. نه هن کي ڏسان ها، نه دل هرکائي ويهان ها، نه هن کي ڪتڪتائيندي ڏسان ها، نه سيلاني ٿيان ها؟
    مون کي پرين ڏي ايندي، ميل پنڌ جا، ياد اچن ٿا. غريب هوندي، پنڌ، اوجاڳا ڪٽيم. سوکڙي ڏيڻ لاءِ ٻيو ته ڪجهه نه هو، بس مالهي جي باغ مان گل پٽيم. مالهي جا موچڙا، ته ليکي ۾ ئي ڪونهن. گل پرين کي ڏنم، ته هن روبرو ئي، پنهنجي پيرن سان لتاڙي هليو ويو. ان لت، ان ادا، پاڳل بڻائي ڇڏيو آهي.
    سندس اهڙي ادا، ٻي ڪا ٿيندي ڇا؟ عمر هن جي پال ڪئي، هن کي خبر ئي ڪانهي. اهڙي محبت جي سنگم ٻئي کي ملندي؟ يادون وسرڻ جون آهن ڇا؟ چنڊ، منهنجي چريائي جو ڳالهيون ٻڌي، ريجهائڻ بدران، ٺٺول ڪري رهيو آهي (ٺٺول ڪرڻ ته هونءُ به سولي آهي ۽ اڄ جي ماڻهن جي جيئڻ جو محور آهي)
    اڃا چنڊ، ٻن ڪانن کان ڪجهه مٿي چڙهيو آهي، ماحول ۾ ڪنهن قدر ساعت پيدا ٿي آهي. گهر ڀاتي هنڌن ۾ سمهڻ جا سانباها ڪن پيا، وڏڙين جي ڊگهي نظر، آخر ۾ ٽانڊن تي پاڻي به هارائي ٿي.
    ڳوٺ، جي بلڪل، ڀر واري ڪچي دڳ کان، ٽرالي ٽريڪٽر، گڙ گڙ ڪندو شهر طرف وڌي رهيو آهي. ٽرالي ۾ نون مهينن جي ڀِرئي پيٽ واري مائي، سور جون دانهون ڪري رهي آهي، ٻار اڌ اندر اڌ ٻاهر آهي. ڳوٺ جي حافظياڻي، ياسين جي تلاوت ڪندي رهي ٿي. هن ڀر کان اڱڻ تي ڪنڍيون مينهون، تازي گهوڙا ٻڌل آهن، وڏيري مرزا علي جي اوطاق جي ڳجهي قرب واري ڪوٺڙي ۾ هلڪڙا ٽهڪڙا جاري آهن. نوڪر پنجن سيرن واري ساڙهي کي تازي کير سان ڀري ٽمٽار ڪيو آهي، مهمانڙيون ۽ پاڻ پي، سانوڻي درياءُ جي موجن وانگر، اٿلي پيا آهن. يارڙين مان هرڪا، هن کي سڀ کان پهرين، پاڻ تي مارڪون چاڙهڻ لاءِ، ڊسڪ اڳيان جهلي آهي. کنوڻ سان گڏ هلڪي بوند، ماحول کي رونق بخشي ڇڏي آهي. رات هر ڪنهن کي، پنهنجي وت آهر، وجهه ڏئي، اڳتي وڌي رهي آهي، رات ماڪ سان وهنجي پئي. مان هيڪل آهيان، مون ۾ به ريس وڌي ٿي، ڪٿان به ڪو آواز نٿو اچي.
    مان انسان آهيان، مون ۾ به هڪ دل آهي. دل هن وٽ قيدي آهي. هُن سان گڏجي وڃي، ائين ملي وڃي، بت هن بت سان، ڪو ڇني ڇني نه سگهي، لتون هڻي ته به ڌار نه ٿيون. ها اهڙي خاموش فضا جي وفا ۾ مان هجان، پرين هجي، سنگيت پئي وڄي، پر مان ڪيئن جاڳايان...... ۽ ڪنهن کي جاڳايان؟
    هن کي..........!
    ها هن کي، جنهن ننڊ حرام ڪئي...... ڪمال آ، ٻين کي سُتي ڏئي، پاڻ وري گهور ننڊ ۾ ستل آهي، هي ٿڌاڻ، هي رم جهم، هي گرم ٿڌڙا بسترا، ٿڌيون مٺيون...... ادبي ڌارا، ڀٽائي کان نئين ٽهي تائين، هن مند کي پرين جو ميلاپ سان، منسوب ڪيو آهي، هي ملڻ جي ئي مند آهي، هن ۾ ته صرف جوڙ جڙندا آهن، ٻه دليون ڳنڍبيون آهن. هڪٻئي مٿان چڙهنديون لهنديون آهن. هن ۾ ته ٻه دليون اڄ جي جديد ايجاد اي، سي، جي کي به لاڪ ڪري ڇڏينديون آهن.
    ها! لاڪ لاڪ.........!
    هن ۾ ته هرڪو واهيري آهي، هرڪو هم بستري آهي، منهنجي اندر جي، پنجن خانن واري، غريب دل بغير معاوضي ۽ بغير شرط جي هن سان ملڻ گهري ٿي، ڪمال آهي، جو بتي تي، هن پويان پيرو کڻندڙ چون ٿا ته گابي گم ٿي ويئي آهي.
    انسان پهرن مان آزاد نه ٿيو آهي، خواهشن کي، سپنن کي، محبت جي سنگم کي، سرحدن ۾ بند ڪيو ويو آهي، هت ته ديوانن کي ڪو هٿ ڏئي اٿارڻ لاءِ به تيار نه آهي، سبب ڄاڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هت سڀني چرين جو حل آهي، انسان وڏي وٿ آهي، بيمار ذهن کي علاج جي، شفا جي، حسينن جي، ضرورت آهي، الله پاڻ به سونهن جو مظهر آهي، انسان ڪڏهن اناالحق آهي، ڪڏهن انت محبوبي، ڪڏهن هر حسن تي مفتون، ڪڏهن خود سم تن آهي.
    منهنجو من به معصوم ماري آهي، اصلي سوداين جو به سرواڻ آهي، ذهن شاهه ڪلياڻ تائين حجتي آهي، هاڻ وري ڀٽائي جا ٻول ٻولي، وري وري دل ٻولي ٿي. ساهڙ کپي، ساهڙ کپي، ساهڙ بنان ساهڙ ڇڙي نه ٿي. پراڻي ٿي ويئي ته به ڀُري نه ٿي، ڀڄي نٿي، جند ڇڏي نه ٿي. وري به مون تي لانگ رکيو ويٺي آهي، ته باءِ پاس آپريشن جو اڳواٽ ڪيل آهي. توکي ڦٿڪائي مارڻ منهنجي ڪرت آهي، چوي ٿي، تو مونکي ڪهڙو سک ڏنو، جو مان ڏيان..... پاڻ ئي اڇليئي پاڻي ۾، هاڻ ٿو لرزين ته پاڻي ڦهنگيون نه هڻجان..... مان به چڪان ٿي، تو به چڪ ويٺو.
    مان به قدردان آهيان بي بُڻو ٿورئي آهيان، هون به مان هن سان ئي جيئان ٿو، پوءِ هي آٽا مڃڻ ۾ ئي ته مزو آهي. هن جو ڏڍ پنهنجو ڏڍ آهي. هن جو مقصد محبوب ئي آهي، پر ملي سگهندس، ڪنهن کي آئيندي جي خبر آهي....؟!
    چانڊوڪي جي اٿل پٿل سان گڏ ڪڪرن جو رکي رکي وسڻ، ڌرتي کي قسمين رنگ ڏئي ڇڏيا آهن. جتن جي اٺن جا وڏا چڙا ۽ آسمان تي نظر ايندڙ ٽيڙو ٻڌائي رهيا آهن ته رات ڍري ويئي آهي. رات ماکي جهڙو ميٺاج رکي ٿي. هن ۾ ڪيئي رنگ جڙن، ڪي ذهن پرين جي ڀاڪرن ۾ سيني تي ليٽي ٿڪ لاهن ٿا ته ڪي گهر ٻهاري پرين جي ڪڍ آهن. مان هن کي پنهنجي سندرتا سمجهي هر وقت جيءَ جياريندو آهيان ۽ ذهن ان ڳالهه تي اڄ به ضد ٻڌي بيٺل آهي. هن جي هر پهلو ۾ ڪنواري جوڙي جي پهرين چمي جي جوٽ گوءِ کڻندي ڏٺي ويئي آهي. هن جي آرس ڀڃڻ سان سنگيتڪار کان ڪلاڪار تائين نوان موضوع نکيرن ٿا. هن ۾ جوان ڇوڪري جا سڀ سپنا نڪور ۽ پراميد آهن. نشا اڻ کٽ آهن. اهي منهنجي ٿر جهڙي ڊسڙ بدن تي ٿڌڙا پائي کسڪي رهيا آهن پر مان مايوس ناهيان.
    ها مان هيڪل آهيان، دل جي خاني سکن جي جاءِ رکي ئي نه آهي، پور ئي پور آهن. لڳي ٿو، مون سان گڏ ٻيو به ڪو ڀٽڪي ٿو. جيڪو رکي رکي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري پيو. مان ان ٽيڪ تي چست برجست آهيان ٿيو، منهنجي پاڳل ذهن نقش چٽيا آهن. دل ۾ پاڻمرادو من اٿل کاڌي آهي. مان ڪرم لڪا واري ڪلڪ کڻي ٿو ان کي جوڙيان، نڪ ڪنڍڙو، ڀرون ڀالا، وار واسينگ، اکيون ٻرندڙ ڏيئا، ڄاڙي سنڌڙي انب جي کيکڙي، ڳل ڳاڙها، امرتي ڍڪ ڀريا، ڏند ڏاڙهون ڪڻ، بت تراڇڻو، چيلهه چهو، پير پازيب، ٽنگون هرڻي نما آهن. رات به لڳاتار، ڪئميرا جي فليش هڻي، ناز نخرا ڪيچ ڪري ٿي. هو چپن مان رس پلٽي ڏئي، وار وڇائي، ڇانوري سان گڏ کير پياري پئي، مان مڌ ۾ مدهوش ٿي ويو آهيان. من جا سور، خوشين جو واس کڻي دور هليا ويا آهن. زندگي بي سري، بي چسي، مبارڪون ڏئي ٿي. مان وري ان رنگ ۾ ٻيهر موٽي آيو آهيان، جتان سلسلو شروع ٿيو هو. ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين. واري سٽ دل ۾ اڊکي پئي.
    مان يقينن، ماڪ ڀنل گلاب مکڙي ۾، من جو تصور تازي ٽاري ۾ لڏندي ڏسان ٿو. ها هو ننڍپڻ واري ڇوڪري ڪيڏي نه پياري هئي. جنهن ۾ انڊلٺي رنگ ڀريل ڏسندو هيس، ٻالڪپڻي واري ماحول ۾ بغير ڪنهن رٿا جي پاڪ پوتر ٿي کيڏياسين، مان اميراڻي ٻار وانگر ڪٽيون کڻي هن کي کارايون پئي. هو رف پنن مان ٻيڙيون ٺاهي مينهوڳي ۾ دل وندرائڻ لاءِ گهر کان سڏيندي هئي. گهر مٽي مان جوڙيندا آهيون. مان هن جي اکين ۾ پاڻ کي پابندي سورٺ بند جيان لڳان ٿو. ڪجهه پيئندو آهي ڪجهه پيئان ٿو، جڏي جيءُ مٿان ڪرندي آهي، ڪٿي مان ڪرندو آهيان، اکيون اُڀ ۾ ڪندي ڊوڙندي هلي ويندي آهي. مان ڪڍ آهيان. ڳوليندي به لڀي نه ٿي. هو ڇا هئي، بس ڦڙي به تور ۾ گهڻي آهي. جا مون اڃاري کي هميشه لاءِ پياس ڏئي ويئي. مان سپي سڏيانس ٿو، هو سپي جيتري به نه هئي. ماءُ جو نالو نجمل، ذات جي ڪڇي هئي، ڇا به آ پر ڪچي پٽ جي ڪا نازڪ تند آهي، ڇڪيان ته ڇڄي پوندي، ڳنڍيان ته ڳنڍيون ڳنڍيون ٿي پوندي. ڀوتارن کي، هن کي ڇهڻ لاءِ، ڪئي بهارون دڙها هڻڻا پوندا.
    نجمل مکڙي، ماڻهن کي اوجاڳن جي ستي ڏئي سگهي ٿي. هي غريب گهر ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي......؟ هن جي حفاظت لاءِ تخليقڪار ڇو چپ آهي.....؟ ڪوئل جي ڪو ڪو گهٽي وڃي ٿي. باغ پن ڇڻ ٿي وڃن ٿا. هي هيڪل ٿي، ڪڏهن هن بستري، ڪڏهن هن بستري، شراب شباب ٿئي ٿي. هو شهر ۾ لڪل پيٽ سان رُپيو، آڌي ۽ پاولي گهري ٿي. ماڻهو ٻلي جهڙين اکين سان ڏسن ٿا، جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن. رات هلي ويندي. ....؟ سڀ ڪجهه سهي ويندي....!! خير کان گهڻو ڪجهه ملندس...... سهڻ ۾ ڇاهي......!! ساڍا پنج کپنئي.....! هو حسرتن سان سڀ ڪجهه ٻڌي ٿي پئي.....؟؟؟ هي عشق ۾ ڪهڙو فلسفو آهي..... هي وحشيت واريون گڦون..... هي اسٽاڪ ايڪسچينج وارا واڪ ايندا رهندا. ٿيندا رهندا. مال سر، کپندا، ڀُرندا، اجڙندا رهندا. جيسين ڪو سمجهي ڪو ڄاڻي ٻئي جي ويڌن پنهنجي ويڌن سمجهي ٽارو نٿو ڪري. هي اڻ درج فرياد ٿيندا رهندا. هي دلين جي ڌڙ ڌڙان کس کسان. هي ڳنڍجڻ جا به ڪي رشتا آهن..... حيرت آهي.....! ذهن پاڳل آهي......!
    رات، قدر دان ٿي، منهنجي ڀٽڪيل روح جي ميزباني ڪري رهي آهي. تصور ۾ تصوير ڇڪجي آئي آهي. مون گهر به ڪا ڪنوار اچڻ لاءِ آتي آهي، چوطرف خاموشي ئي خاموشي آهي، جڳ کي ننڊ جي پڙي اچي ويئي آهي. تمام بسترا ڀاڪرن سان ڀريل آهي. گدڙ جي اوئان اوئان جاري آهي. رات ماڪ ميڙي منهنجي آس کي ڌوئي ٿي. مان به پاڳل پڻي ۾ ميري نفس کي ريجهائڻ خاطر، گرم بستر ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جت منهنجي زخمي دل اندر من مکڙو انتظاري آهي. ان سان رهاڻ اکين جون پلڪيون، ديدار کان پوءِ، بند ٿي وينديون آهن. مان آپي مان نڪري ويندو آهيان.
    مان پاڳلن ۾ ڀُوڪ سڏجان ٿو.
    پرين پرين ۾ ڀُوڪ سڏجي ٿو.

    پندرنهن مئي سورنهن
    ڏينهن رات کي ڊيوٽي ڏئي، ڀڄي ويو آهي، رات ننڍِڙي ڪڪي جيان ٻڏي ٻڏي پيرن تي کڙي ٿي، جيئن پوءِ تيئن آٽا ڪرڻ لڳي آهي. اصلي هاڻ ته نئين ڪنوار وانگر ونواهه کائڻ تي پهتي آهي. ڏکڻ جي هير مور جيان پر کنڊيڙي ٿڪلن کي ريجهائي پئي. کنوڻ پيرن ۾ گهُنگهرو پائي ناچ پئي ڪري، چنڊ کڙهه تي مٿان ٽڪ ٻڌي خالي هندوري کي لوڏي چوچڙيون ڏئي پيو. مان عاشق ڪک پن جو، ٻنهي هٿن سان پاڻ ڏي سڏيندي نوٽ گهورڻ لاءِ چوان ٿو. دل ۾ سوچان ٿو ڳل تي چهنڊي پائي ٿڪ ڀڃندس. اهو رس رساءُ اونداهي راتڙي ۾ نصيب ٿيندو الائي......!
    پر اڄ پاٺ ڪٿي ٿي ٿئي؟ مان ڏاڍو ٻڏل آهيان. شوڪارا ٿو ڀريان، ذلت رسوا ذهنن تي ماتم ٿو ڪريان، رات ۾ وهائو تاري کان اڳ ئي، تير ڀت ٽٽڻ تي حيران آهيان. هن جي ٽٽڻ سان ڪيئي مالوند ماڻهو پاڻي جي بي رحم وهڪري ۾ گوتا کائي کائي ساهه ڏين ٿا.
    الله سائين ماري به ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان، هونئن به هن کي پسند نه ٿي آئي ته ٺاهيس ئي نه ها، ٺاهي به ٿو، ڊاهي به ٿو. ويچاري بوزدار جون چارسو رڍون پاڻي ۾ لڙهي ويون. هن جي لاڏلي ملوڪان، لڙهندي لڙهندي ساڻي ٿي پئي، واسينگ وارن کي ڊنگهرن مان ڇڏائيندي، جان ڏئي ويٺي، پاڻي، ملوڪان جي حسن سان کيچلون ڪندو وڃي ٿائڪو ٿيو، پيءُ جي سموري ملڪيت مان جوڙيل سونيون ڪيوٽيون ملوڪان جي ڪنن کي ذيب بخشو پئي، هن کي پري کان ڀوتار ڏسي، ڀڻ ڀڻ ڪري ٿو، امان به چيو هو، ته توکي رڻ ۾ ڳاڙهي ڪنوار ملندي واهه جي اڄ سورج ديوي سان کيچل ٿيندي؟ پوءِ جڏهين ملوڪان کي مرده حالت ۾ اڻ ڍڪيل ڏٺو ته بغير ڪنهن رحم ڪرم جي پوري طاقت سان، ڪنن کي ڪپيون ويو ته سون ڪم اچي ويندو......!
    اڄ منهنجو ميرانجهڙو من جهريل اداس ۽ اکيون باهه جا اُلا ڇڏن ٿيون. رات سان رم جهم ڪيئن ڪيان؟ بکئي پيٽ کي ڍئو ڏيڻ لاءِ، پنيل ماني ٺوٺ کي پاڻي سان آلو ڪري نڙي ۾ لاٿو اٿم، ماڻهو به عجيب آهن، خدا کي خير ڏين ٿا سهائي سهائي سو به پاروٿو، بک ڪيڏي نه بڇڙي آهي، ٻه گرهه مليا ته ڏينهن به وڻي ٿو نه ته، ڦڪائي ڦڪائي.....
    ماني هر ڪنهن جي مجبوري آهي. هن پيٽ انسان کي بي حس بڻائي رکيو آهي. افسوس آهي جو مون جهڙن کوڙ پاڳلن لاءِ ورلڊ ليول تي ڏينهن ملهائجي پيو. مون جهڙن ٽٽل عاشقن کي جنهن هوٽل تان سڪي ڊڳڙي، خير ۾ ملندي آهي. سا هڙتال ڪري بند آهي، وزارت صحت، انساني حقوق وارا، تمام تر خرچ سيمينارن تي پورا ڪري ڇڏيا آهن. سڌارو، جيئن پوءِ تيئن ٻڙي آهي. هت بي ايمانن، بي مذهب انسانن جو انت ڏکيو آهي.....
    او مٺي رات مون ۽ منهنجي پرين وچ ۾ ملاقات رچائيندڙ رات، تون وڃ. هنن بي ايمانن کي چئو. هڪ فقيرڙو هوٽل ٻاهران گرهه هڪڙي لاءِ هن ملڪ، هن قوم ۽ هن وزارت تي ٿوڪارا هڻي رهيو آهي.
    اي نوي ڊِگري جيان مٿان بي ريسائيندڙ، چوڏهين چنڊ تون هنن بي رحمن بي گهرن تي، محلن تي احتجاج ڪندي روشني جا ڪرڻا به رساءِ، هنن جي هندوري ۾ ٽڪيل محبوبا کسڪائي کڻي آ. ڇو ته ان جا ماءُ پي ان جي زور جي ميندي تان نابري ڪندي ذهني توازن وڃائي پاڳل خاني پيا آهن کي ڦوٽارا هڻ ڦوٽارا هڻ.... جن ڪري اسين سڀ پنڻ تي مجبور ٿيا آهيون. ڌرتي هوندي حق کسيل آهن. هي ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي نموني سان اسان جي روح، جسم پرين تي قابض ٿيا آهن، لتر کي پڄي چڪر وانگر اڳ پوءِ دما دم مس قلندر ڪرڻي آهي. ننگن دنگن جي حفاظت ڪرڻي آهي. الاهو الاهو سر تال واري ڌرتي جا امين اسين رکوال اسين. اسين اهنسا، اسين عالم سڪار هي ڪير ٿيندا آهن کسڻ وارا.....!؟
    اي رات مون کي تون اڄ معاف ڪجان، مون پاڻ سان گڏ توکي به سورن جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿڪايو آهي، تون هي سانورو حسن کڻي موٽائي وڃ. اي چانڊاڻ تون منهنجي روح جي رچنا پوري ڪرڻ ۾ فيل ويو آهين. منهنجي فطرت سکڻن دلاسن سان ڀرجي نه سگهندي. الاهو سان او پوتيل ننڊ، تون چوين ٿي ته هلي وري ٻرون، بستر ٿيون. ڀلا جيڪو عڪس پسڻ چاهيان ٿو، سو ساڀيان ٿيندو......!؟
    او ننڊ نماڻي، مون مان بيزار نه ٿي، موٽي آ، جاڳڻ مان بيزار آهيان، جاڳ نه گهرجي، ڊاڪٽر مجاهد صديقي چوي ٿو ٻچا ننڊ ڪر، تون ننڊ جو بکايل آهين. تنهنجي ننڊ ڄائي ڄم کان کٽل آهي. اڄ مان نه عڪس جا اولڙا ۽ نه خواب ۾ من ٿو گهران، پر زنده دل ٿو گهران، مون کي پرين گهرجي، جنهن جي دلين ۾ عاشقن سان نرم رويئي لاءِ ڪا برسات وساءِ، اي ماڻهؤ منهنجو ساٿ ڏيو. منهنجي روح کي هٿي ڏيو. هڪ هٿ جي تاڙي نه وڄندي آهي.


    اٽي ، اجهي، لٽي جي ڳولا

    هن اسٽيشن تي عارضي آسائش ٺاهي هئي. پليٽ فارم پارڪ تي رات جو ڇنل تڏي مٿان ميري رلي وڇائي ستو هو. صبح جو ان هنڌ کي بيد مشڪ وڻ جي ٻڇانگ ۾ ڦاسائي گداگري تي هليوويو. گداگري تان پنج ڪلو اٽي جا مليا هئا. سج جي تپش ۾ ڌرتي ٽامڻي ٿي پئي هئي. هن کي پاتل نيرو وڳو پگهر ۾شل هو. پير ۾ چمپل جي کڙي گسي ٽڪجي چڪي هئي.هن ٽڪيٽ بورڊ جي ڀر ۾ گودڙي دڪي تي لاهي رکي، اتي سندس ئي رکيل پاچڪي جي ڳنڍ کولڻ لڳو. چار ڪلو پاچڪي ۾ وجهي ٻيهر ڳنڍ ڏئي ساڳئي جاءِ تي رکي ۽ هڪ ڪلو گودڙي ۾ ئي رکيو. گڏ ڪيل اٽي واري هڙ وهاڻي طور ٽيڪ ڏئي ٿڪ ڀڃڻ لڳو. بک بڇڙي هن جي پيٽ ۾ وٽ وڌا. هن کي صادق جي گهران ”واٽ الله جي ماني“ ياد پئي. صادق جو گھر هن جي آسائش جي بلڪل سامهون هو. هن تڪڙيون تڪڙيون وکون کنيون ۽ صادق جي گهر جو در کڙڪايو. صادق جي وني ذليخان فقير جي در کڙڪائڻ جو آواز سمجهي وئي. ذليخان ٻه مانيون ۽ سبزي پليٽ ۾ آنديون ۽ در کي کوليو. فقير ٽڳو ”ڪستو“ اڌ در اندر ڪيو. ذليخان ماني هٿ سان ٽڳي ۾ وڌي. فقير ذليخان کي دعا ڏيندو پنهنجي آسائش تي موٽيو. پيٽ نڀاڳي جي بک ٽارڻ کان پوءِ هن سمهڻ جي ڪئي.گودڙي سيراندي ۾، ٽڳو ڳچيءَ ۾، بيراڳڻ ( لوهي نوڪدار لٺ) وهاڻي واري ڳنڍ هيٺان ڏئي ستو. گرمي گهڻي هئي، پر ٿڪل هو، سمهي پيو. ننڊ دوران هن جي ڪيفيت لڇ پڇ واري هئي
    ”نه نه ساران هي نيرو وڳو نه لاهيندس...هن کي لڳل چتيون مون لڳايون آهن هوبهو ستارن جهڙيون “ هو ننڊ ۾ زال ساران سان مخاطب هو. هو ننڊ ۾ ڪتن کي ٻچڪرون ۽ ڪٿي بيراڳڻ (لٺ) سان تڙي رهيو هو. لڙي شام ڌاري جاڳي پيو اٽي جي ڳنڍ اتي ڇڏي پاڻ پليٽ فارم تي پلٿي هڻي اچي ويٺو. پکي واهيري ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. هي وري ساران سان مخاطب ٿيو.
    ”ها ها هن ڀيري اٽو جام آڻيندس ! پنهنجا ٻچا ماني ويلي لاءِ ڪنهن ٻئي در جي موٿاجي نه ڏسندا. مان به نه پنان هان پر بيماري اهڙي ٿي جو ڪم جهڙو نه رهيس “ هن اطمينان سان پليٽ فارم سامهون لڳل علم پاڪ تي ڏيئو ٻاريو. ڏيئو ٻاري پليٽ فارم تي ٻيهر ويٺو. ڪافي دير کانپوءِ سمهڻ جو سوچي پليٽ فارم پارڪ تي آيو. بيدمشڪ جي ٻڇانگ ۾ هن جو هنڌ ڪونه هيو. هن هيڏي هوڏي ڪنڌ ورائي هنڌ ڳولڻ جي ڪئي. پارڪ تي مچ ڪچهري جاري هئي. ڪجهه فاصلي تي ديڳ پلاءُ ديڳيون لٿل هيون. هن جي روح سٽ کاڌي. هن صادق جي گهران رات جي ”واٽ الله جي ماني “وٺڻ بجاءِ پلاءُ واري ديڳ تي پهتو. هن ٽڳي کي ٻنهي هٿن سان جهلي ماني وڌائيندڙ جي اڳيان جهليو. ماني ورهائيندڙ همراهه ٽڳي کي کٻي لت هنئي ۽ سڄي هٿ سان فقير کي ٿيلهو ڏنو. ٽڳو ٽن حصن ۾ ٽٽي پيو فقير پٽ تي ڪري پيو. سوڍل فقير مچ ڪچهري ۾ ”اياز“ ڳائي رهيو هو. ”توبن کاڄ نه اجهي، تون به ته مون سين کاءُ“


    چونڊ خط

    پرين وارو ول!
    توسان دل لائڻ کانپوءِ منهنجي زندگي پن ڇڻ ٿي پئي آهي. نه ماني وڻي ٿي نه هار سينگار تي دل چوي ٿي. ڏينهن جو بي چيني، ڪاسائي جي ڪات جيان سنڌ سنڌ ڪپي ڪوري ٿي، رات جو اوجاڳن ڇيهون ڇيهه ڪري وڌو اٿم.
    اهو ڪيڏو نه الميو آهي! ڀري بازار مٿان، مان پهرين منزل تي تون سامهون ٻئي بنگلي تي ڏهن فوٽن جي مفاصلي ڪيڏو نه ٻنهي جي دلين کي تڙپايو آهي.....
    پرين! منهنجي سورنهن سال جواني جي تکي ڌارا توبن ڏاڍي تڙپي آهي، گهر جا ڀاتي مونکي طعنن ۽ غليظ لفظن سان نوازن ٿا، تنهنجي ڪري اُهي لفظ ڪيڏا سندر ڀائيندي آهيان.
    منهنجي لاءِ هيٺيان دروازا هميشه لاءِ بند آهن. ان ڪٽهڙي جي ڳڙکي کي به بند ڪيو ويو آهي، جتان پرين جا اولڙا پسندي هُيس، ٻي منزل تي چڙهندي ئي مس آهيان ته پويان نوس نوس ڪندي ڪڍ لڳندا آهن.
    پرين! تنهنجي بنگلي جي ڀتين ۽ درين جا پاڇولا شام ٿيڻ سان منهنجي آڳر تي ڇانورو ڪن ٿا، مان پاڇولي سان، پٽ تي ويهي، سڪ پوري ڪريان ٿي ۽ سلام پڻ ڏيان ٿي.... ڇا توکي روز صبح جو پاڇولا موٽي اچي ڪجهه چوندا آهن....؟
    منهنجي مس، قلم ۽ پني تي تحريرن تي چوڪسي آهي، ٻي منزل جي ڇت تي چڙهي، لڪ ۾ ٻه سٽون، ته ڪڏهن ڏهه سٽون نظر رحم خاطر، تحرير ڪريان ٿي ته پويان ڦڙڦوٽ پئجي وڃي ٿي، تڙ تڪڙ ۾ خط کي ويڙهي چمي ڏئي، تنهنجي آڳر تي اڇليان ٿي، تيز هوا جي جهوٽي ۾ منهنجي اڳيان ته ڪڏهن بازار ۾ ڪري پوي ٿو. تيز هوا ائين ڇو لڳندي آهي؟ چڙهڻ وقت، تنهنجي بنگلي کي ڪڙو ڪلف لڳل ڏسي ڏاڍو من ۾ لڇندي آهيان.
    پرين مان قيد آهيان، مان عورت آهيان.... تون مرد آهين.... تون آزاد آهين.... منهنجي توسان چت لڙي آهي، مت ٿڙي آهي، چوندا ناهن ته لڳيءَ کي لک لعنت آهي.
    بس تون سڀاڻي منهنجو انتظار ڪجان. مان ڇت تي چڙهان ته خط جو جواب اڇلي ڏجان، پرين ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجان.

    تنهنجي پنهنجي
    مارياڻي
    مارياڻي!
    تنهنجو ۽ تنهنجي خط جو انتظار ڪندي ڪندي، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، پهر، ڏينهن ۽ پوءِ رات ويٺي ويٺي گذريو وڃي، ديد درشن به آ پهرين ماهه جي چنڊ وانگر..... تنهنجي خط پهچڻ کان اڳ مان استعاري، اوتاري ۽ اشاري جو منتظر ٿي ويهي چلا ڪٽيندو آهيان، خط پهچڻ کانپوءِ هر سٽ آيت بڻجي مونکي رهنمائي ڏيندي آهي، ڪٿي دل کي چين ته ڪٿي پگهاري وجهندي آهي.
    ڏس مارياڻي مان توسان محبت ڪريان ٿو، محبت وارن جو ملڻ يا نه ملڻ ڪو ضروري آهي!؟.... محبت نه ڇهڻ سان به ته زنده رهي ٿي....! مان تنهنجي قيد فراق جي آرسي اڳيان هر عورت کي ڀوڳيندي ڏٺو آهي، جيڏيون وڏيون محلاتون اوڏو وڏو ويل..... هونءَ به دنيا جي سڀني سماجي بيهڪن ۾ سنڌي سماج ڏاڍو پٺتي، ڳنڀير ۽ ناسور آهي. هن جي ڌٻڻ ۾ ذهني، معاشي، اخلاقي توانائي ضايع ٿي وڃي ٿي، نسلن جا نسل ڪارو ڪاري، دشمني، خودڪشي، پيري مريدي جي ور چڙهي دم سٽي ويهن ٿا، تون به انهن رسمن جو شڪار ٿي آهين پر مان توکي مرڻ نه ڏيندس. پر ذرا سوچ، شادي شده مرد کي ٻي شادي ۾ عورت ڦاسائي اڳئين عورت استحصال نه ڪري ٿي؟ محبت لاءِ بيچلر هجڻ به ضروري آهي....! محبت ڇهڻ بغير نه ٿيندي آهي؟
    مان تنهنجي خطن کي ڳولڻ لاءِ ڀتيون، روشندان، آڳر، ڇتون، لوگها ۽ ٽڙيل پکڙيل سرن جي وٿين ۾ هٿوراڙيون هڻي ڳولي پڙهندو آهيان، ڪنهن ٻئي گهر جي ڇت تي پيل ڏسي رات جو چورن وانگر ٽپي کڻي ايندو آهيان. تنهنجا خط بار بار پڙهندو آهيان.... دل نه ڀرجندي آهي. تنهنجي هر خط جي آخر ۾ اهي سٽون ته ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجان، ڪيڏيون نه من موهيندڙ لڳنديون آهن، ان ادا مون کي ڪپي ڪوري وڌو آهي......!
    مان تنهنجي سونهن، جوڀن، جذبن، خطن، احساسن ۽ امنگن جو آدرشي، آتشي آهيان، مان توکي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ توسان گڏ ويڙهاڪ مورچن تي گڏ آهيان. تنهنجي خوشين ۾ مان رقص ڪندي نچندي ڏٺو ويندس. مون ڏي خط لکڻ بند نه ڪجان، جيسين هي زندگي رهي باقي......!

    تنهنجو وارو ول


    ستين بستي

    بستي ۾ رهندڙ ماڻهن زندگي ۾ اڇا وار ، اجايا نه ڪيا ها. جيڏي عمر اوڏو اوکو پنڌ. اوکي خالي پلاٽ تي اڪيلي سر پهرين جهڳي ٺاهي. پوءِ “جي آياسي اگهيا” وانگر ڏسندي ڏسندي ست ڪلاهه ٽوپي نما جهڳيون جڙي ويون. جهڳي جوڙيندڙ ، رهندڙ آد جڳاد کان جهوپڙين ۾ ڄمندا، نپندا وڏا ٿيا. هي بستي سندن سانڀر جي ستين بستي هئي. سڀ سماج جا هرڻ هٺيلا، حراسيل، ڀٽڪيل چٿاريل هئا. پرسو، پرسيا، پرسرام، لونگ، اوکا، شنڪر ۽ ارجن هڪ هڪ ٿي ڇانءُ ڇپر جوڙڻ بعد هن بستي جي سڃاڻپ بڻيا. مارواڙي، گجراتي، اردو، سنڌي. گاڏڙ ساڏڙ ڳالهائي لکي پڙهي سگهندا ها. تن ۾ ڪي هندو، ڪي عيسائي ۽ هڪ اڌ مسلمان هو. سڀني کي ”آءُ “،”مان“، “مانکي” نه ايندي هئي. هر قصو جملو ”اسين“ سان اچاريندا ها. اوکو جاڳ ۾ آ ته به ننڊ ۾ آ. گول اکيون، رنگ سانورو، پنبڙيون ٻوٽل، سدائين داستان ڇيڙڻ جو راوي هو. رستي وارا هن کي چريو سمجهي هليا ويندا ها. هن جا قصا فضا ۾، لهرن سان ،ضميرن سان، جهڙيندا رهيا ۽ پنهنجو پاڻ سان به !!
    ”راجه رام کي اقتدار تان لاهيندڙ نئو ٻار هوندو“ بس پوء راجا لوهن هٿيارن جي زور تي هر نئي ڄمندڙ ٻار کي ڄمندي ماريو. ڪي ٻچن کي بچائيندي مارجي ويا ڪن ٻچا وٺي جهنگلن، برن جبلن جو رخ رکيو. اتي به خوف دهشت سبب ننڍڙيون جهوپڙيون ٺاهيون. اسين تهذيب يافته هئاسون ۽ آهيون. اسين پننهنجي رنگ ڍنگ لباس ۽ زيور پائڻ ۾ مالا مال هئاسون. اسان آدرشي قدرن ۾ اڄ به ڀرم شناس آهيون. هن قصيص جا بٽڻ کوليندي چيو ”اسين سچائي جا ڏيئا آهيون........ اسين سج جي ساڙيندڙ روشني توڙي ڌرتي ٽامڻي ۾ سڙيل، ڪاريل پر اميد آهيون، اسين فطرتي رنگن ۽ عڪسن کي سنڀاليندا اچون ٿا.هو ڏس ننڍڙو بانبڙا پائيندڙ ٻار لڇو ڪتي جي چيلهه تي پتڪڙا هٿ رکي بيٺو آهي. حيوان جي انسان سان فطرتي لڳاءُ جو عجب نمونو آهي. نانگ ننڍڙن ٻارن جا زيور رانديڪا آهن.
    اوکي هرايندڙ ويندڙ کي پاڻ ڏي متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڪو ٻڌي ڪو اڻ ٻڌي وڃي رهيو هو.هو سنهي آواز چوڻ لڳو ۾ ” اسين ٿڌو مزاج رکندڙ بااخلاق پرامن پرشناس آهيون. اسين محبت، شانتي ۽ آدرشن کي صدين کان سنڀاليندڙ رهيا آهيون. اسين فطرتي طور جيئن هئاسون ائين ئي آهيون. فطرت ۾ مالڪ جيئن پليا آهيون.
    اوکو هانء ڦاڙيندڙ دردن سان گڏ ٿڪجي پيو. ساهه پٽيو. فوٽ پاٿ ڀرسان جهڳين جي وچ ۾ مٽي جو گول چڪرو ٺهيل هو جتي رات جو ڪچهري ۽ صبح سويري ورد ڪندڙن جو انداز ئي الڳ هو. لونگ سورت رحمان سوز سروز سان پڙهي رهيو هو. پرسو انجيل مان ٻڌائي رهيو هو. اوکو اڻ پڙهيلن کي رگ ويد مان ته ڪيڏي محل ڪبير جو ڪو دوهو ٻڌائي رهيو هو. شنڪر يوگ توڳ جي مشق ڪري رهيو هو. آهستي آهستي سان سڀڪو پنهنجي پنهنجي جهڳي ۾ ڪتاب رکي، گول چڪري لڳ فٽ پاٿ تي ڪڙيون موڙها ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويا. هي سڀ هڪ ئي ڌنڌو ڪندا ها. چاندي ڪڙين ٺاهڻ ۾ زوران زور هوندي هئي. ٻار لڇو ماءُ سان پيو راند انگل ڪندو هو. ماڻهو ڪارن مان لهي بڙي مرغي چهوڻا انڊا مثل گهٽ بها ۾ وٺي ويندا ها. ڪي هنن کي حقارت ۽ گهور نظرن سان ڏسندا ها. هي شرمايل گهور ڏسندڙن اڳيان شرمائجي ويندا ها. سج لهڻ سان ئي تتر جي ٻچن وانگر اوکي جي ٻچڪرن تي اک ڇنڀ ۾ وري جهوپڙن ۾ واپس اچي ويا. عورتون جهوپڙين ۾ رڌ پچاءُ ۾ لڳي ويون. ٻار پٿرن سان راند کيڏڻ لڳا. مرد گول چڪري جي بيٺڪ تي احوالن ۽ درسن ۾ شروع ٿيا. لونگ جي غير حاضري اوکي پرسو، پرسيا، پرسن، ارجن، شنڪر لئه اڪنڊو آهون ٿي پيون. آهن تي لونگ جي روح کي پڻ سٽ آئي. هي ڀڄندو درس تي پهتو. چاندي ڏيئو ٻاري لڇوسان گڏ جهوپڙي ۾ موٽي وئي. اڄوڪي درس جو سبق شنڪر شروع ڪيو.
    ”جنهن ماڻهو ۾ انسانيت ڪونهي ان جو ڪو به مذهب ڪونهي. اهو ماڻهو مذهبي ڪتاب پڙهي يا مذهب ڊريس اوڍي ڪنهن ڪم جو ڪونهي. اهو ماڻهو نه هندو سٺو نه عيسائي سٺو ۽ نه ملسمان سٺو ٿيندو. برو آدمي برو آهي. سٺي انسان کي ڪنهن به مذهب جو قيدي نه هجڻ گهرجي.“
    سڀني واهه واهه ڪئي.. نيڻن جي ننڊ سڀني کي جهڳين ۾ سڏي رهي هئي. رات لڙي چڪي هئي. سڀ ٿڪ جا مارا آهستي آهستي تتر ڀتر ٿي جهوپڙين ۾ واري واري سان اٿندا ويا. رات انڌيري ۾ وڪوڙي جي وئي هئي. ڏيئي ۾ تيل ٿورو بچيو هو. اوکو ننڊ ۾ موڙهي تي ويٺل هو سندس اڇا شهپر مڇي جي پرن جيان هوا ۾ وکرجي رهيا ها. سندس فڪر جي اڏار درس ڏيندڙن کان به اڳتي وڌي وئي هئي. هو خاموش ماحول ۾ ذهن کي ڀٽڪائيندو رهيو. ڀٽڪندڙ ذهن پنهنجو پاڻ کان ئي سوال ڪندو رهيو
    ”آخر ڀٽڪڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي. .......ٻچن سميت دراوڙن کان وٺي هن محل تائين رلندا رهون ٿا..... عالم اقوام ڪڇي ٿي؟ نه رياست حل ڳولي ٿي... ...“
    خوشي رات انڌيري ۾ فٽ پاٿ ڪراس ڪندي هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو”ستين بستي ۾ اٺون گهر مون کي به اڏڻ ڏي!“. اوکي جو ذهن تحت الشعور مان شعور ڏي موٽيو. هن آرس ڀريو اکيون کوليون. هر طرف خاموشي هئي. موڙها خالي ها. پرسو، پرسيا پرسرام، ارجن شنڪر، لونگ جهوپڙي وڃي چڪا ها. ڏيئي جي وٽ وسامڻ واري هئي. هن دوست خوشي کي سڃاڻيندي چيو
    ”تون ميجر هيئن تو بستي تي بم نه ڪرايو، تو رٽائرمينٽ جا لوازمات نه ورتا “. خوشي به درد دل ماڻهو ٺهه پهه جواب ڏنو
    ”جو ڪرڳ گا وه ڀرڳ گا “
    اوکي خوشي جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏئي جهوپڙين طرف وڌيا. لڇو ماءُ جي هنج سان ستل هو. پرسو پٿر کي وهاڻو ڪري ستل هو. رات خاموشي ۾ ڏيڏر ۽ تڏن جي آواز سان کيڏي رهي هئي. ٻئي جهوپڙي ۾ داخل ٿي هڪ ٻئي جي اکين جا سر آسا پڙهندي روئندي، کلندي ڍلي پيا.


    ماءُ

    يوراج يونيورسٽي مان موٽڻ تي عجيب ڪيفيت ۾ ورتل هو، مرگلا ڪار ذاتي ڊرائيور گلاب هلائي رهيو هو. پوئين سيٽ تي پاويل دوست سان گڏجي ويٺو هو. روزاني ڪلاس ختم ٿيڻ بعد دوستن سان گڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ اڄ چپ هو. هلندڙ اي سي ۾ پگهر هن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا. ڊرائيور يوراج جو پسنديده ٽريڪ هلايو، ڇڙٻون کاڌيون ۽ گانو بند ڪري ڇڏيو. ڪار ڄامشوري ڦاٽڪ ڪراچي بئراج کي ڪراس ڪندي المنظر هوٽل ڏي مڙي ته هن ٻيهر ڊرائيور کي ڇڙٻ ڏئي گهر هلڻ جو اشارو ڏنو. گلاب، پاويل اڄوڪي واقعي تي غمگين هيا، هنن يوراج سان ڳالهائڻ جي همت نه ڌاري، يوراج پاويل ڏي منهن موڙيو. پاويل اکين سان اکيون ملايون، يوراج ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
    ”ماريه کي ايڏي مڳي.............. يوراج وري ڌڪ ساهي، منٽ خاموشي بعد، پاويل سان ڳالهايو.
    گل لتاڙيندڙ کي ايڏي مڳي............ ڇا ڇا ڇا. ............ هن جي منڱڻي وقت وارن مٿان ڪنهنجا پير ته گهمندا هن جا لفظ چپن ۾ وچڙندا سوال ڪندا رهيا. هي ڏڪي رهيو هو. پاويل همت ڌاري هن کي آٿت ڏني، گهٻراءِ نه، ماريه مڃائي وٺبي.“
    ”يار پاويل ڳالهاءِ نه، سچ چئو نه، يار گل نه هو. ڪا دل هئي، دل پيرن هيٺيان لتاڙي وئي، يوراج گهر جي مکيه گيٽ تي پهچي گفتگو بند ڪئي. يوراج جا ٽهڪ مورن جي ٽاهه ۾ بند ٿيا. موراڻي يوراج ۾ ڄڻ وچڙي ويئي هئي، يوراج نه رهيو هو. ”ٽهڪ ڏي ته لهان“
    ”ٽهڪ ٽهه ٽهه ٽا ٽا. ......... ٽو ٽو........ پاويل يوراج کي آٿت ڏيڻ لئه بيدليو کليو، يوراج کوکلائپ ۾ کلڻ روئڻ لڳو، ٽهه ٽهه. .... ۽ اکين ۾ پاڻي آندو. پاويل دوست جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي رنو هڪٻئي کي ڏسي ٻئي روئي ويٺا. گلاب يوراج کي سهارو ڏيئي گهر وٽ ڇڏيو. پاويل گهڙي دير انتظار بعد پنهنجي گهر هليو ويو. هن جي اڻ تڻ گهر ويهڻ نه ڏنو. فون تي هر وقت “No Reply” جو جواب مليو. گهر ايندي ويندي ڪيئن ڏينهن ڪيئن پنڌ ڪيا. آخرڪار هڪ دفعي در کڙڪائڻ تي يوراج جي ماءُ گهر اندران آواز ڏنو ”پٽ ڪير“؟
    امان ”پاويل“
    ”يوراج“ ماءُ هر در کڙڪائيندڙ کي يوراج سمجهڻ لڳي ٿي.
    ”نه نه امان آءٌ پاويل آهيان“ يوراج جو پڇڻ آيو آهيان.
    ”يوراج جو دوست آهين ته منهنجو ٻچو آهين......... هونءَ به مونکي هڪ پٽ آهي“
    ائين چئي ماءُ اوچي محلات جي ڪوٽ جو مکيه دروازو کوليو.
    قدآور بردبار شاهي گهراڻي جي عورت اڳيان هلي، پاويل ادب مان پويان هلي رهيو هو، ڪوٽ اندر نوڪرن جا ڪوارٽر ۽ ڪاروان جيئن جو تيئن روان دوان ها. چڙيا گهر مان هرڻ هٺيلا عورت ڏانهن ڊڪي اچي هٿ سنگهڻ لڳا پارڪ جي ٻوٽن جا گل جهڪيل ها سونهن خوشبوءَ پکيڙي جسم اندر داخل ٿي رهيا هئا. ماءُ يوراج جي ذاتي بوتيڪ روم ۾ پاويل سان گڏ داخل ٿي. بوتيڪ جا سڀ ڪٻٽ اڳ ئي کليل هئا، دبئي برج ٽاور ڄڻ هت جڙيل هو. ڊريس روم جا سڀ ٿري پيس يوراج لئه آتا ”ٻچو روز ڊريس بدليندو هو ۽ هاڻي.... هاڻي.... ماءُ پاويل سان ڏکويل انداز ۾ ڳالهائيندي ڳوڙهن کي پوتي پلاند سان اگهندي اڳتي وڌي. بوتيڪ کان پوءِ ٻئي ساز ڪمري ۾ داخل ٿيا. ساز سوڳ ۾ سڀ بند ها، مٽي سازن کي ڍڪي رهي هئي، هڪ نوڪر صفائي ڪندي سازن کي سجائي رهيو هو. پاويل ماءُ کان پڇيو
    ”يوراج ڪٿي آهي“؟
    بوءِ علي، ڪڏهن ڀٽ، ڪڏهن قلندر ”ماءُ جواب ڏنو“
    ”اڪيلو اڪيلو!؟“ پاويل حيرت مان پڇيو.
    ”نه نه نوڪر گڏ، پئسن جي بيگ گڏ،............“ پاويل افسوس ۾ اندران پچندو، لڇندو رهيو، ماءُ وري اکين ۾ ڳوڙها پيندي چوندي رهي ”ڊرائيور کي منٿون، نوڪر کي منٿون. .... ٻچي جي پارت...... آخر ڪيستائين....... اڄ فون آئي اٿس ته اچي ويندس“ پاويل چپ رهيو ماءُ واتان دوست جي اچڻ جو ٻڌي خوش ٿيو. پاويل کي يوراج جو پراڻو سين ياد آيو هي سوچن ۾ هليو ويو. هي Contact Menu ۾ ماريه جو نمبر ڳولڻ لڳو.
    ”هاءِ ٽو يو“
    ”پاويل هان“
    ”ها ماريه هان“
    ”شادي مبارڪ، نوڪري مبارڪ...... صحت شعبي ۾ تيمانداري ڪرڻ مبارڪ“
    ”خير مبارڪ“
    ”ڏس ماريه يوراج پنهنجي ڪنٽرول ۾ ناهي، ماءُ کي اڪيلو پٽ آهي“
    ”اوهان اچجو“ SMS ڪجو پليز مان انتظار ڪنديس، چئي فون بند ڪيو، پاويل اتي ٿڌو ساهه ڀريو. يوراج جي ماءُ ٻڌي خوش ٿي ته ڪاش ٻچي جي تڪليف، تڪليف ڏيندڙ جي آٿت سان ختم ٿئي. پاويل يوراج جي ماءُ سان گڏجي المنظر وٽ يوراج جي آڌر ڀاءُ لاءِ پهتا، يوراج جي گاڏي تيز ترين رفتار سان المنظر جي اسپيڊ بريڪر تي جهڪي ٿي يوراج ماءُ ڏسي هيٺ لٿو.
    ماءُ جي پيرن تي ڪري پيو، پاويل ڏسي ٽهڪار ۾ پئجي ويو، ٽهڪ ٽهڪن سان ملي آسمان ۾ گونجندا رهيا. ماءُ ڦڪي مرڪ سان مرڪندي رهي، گلاب گاڏي مان بيگ، هنڌ، ڪولا ڪنگڻ، ڪستو، بيراگڻ کڻي ٻي گاڏي ۾ رکيا. پاويل گاڏي جي اسٽيرنگ تي ويٺو يوراج فرنٽ سيٽ تي ۽ ماءُ پوئين سيٽ تي ويٺل گلاب ٻي گاڏي جي ڊرائيو ڪرڻ لاءِ ويٺو ٽهڪار، ٻهڪار سگار سان گڏ گاڏي وڏين وڏين بلڊنگ ۽ اک ڇنڀ، ڪراس ڪندي وڌندي رهي، سپر هاءِ وي سهراب ڳوٺ، جيل چورنگي تان ٿي وڃي براڊ ڪاسٽنگ کان ٽرن ڪندي آغا اسپتال اندر مڙي.
    هي ته اسپتال آهي، ڪير بيمار آهي يوراج سڀني کان پڇيو، امان بيمار آهي، مان به جهريل آهيان، پاويل گاڏي کي دل وارڊ اڳيان بريڪ ڏيندي جواب ڏنو.
    ”وري ڇا ٿيو، ڇورا، ڪٿي دل لڳي ڇا“ يوراج پاويل تي ٽهڪ مچايو، ٽهڪ ۾ ٽهڪار، ”ڪونجن جي ورلاپ وانگي لڳا، پاويل فون تي SMS ڪري هيٺ لٿو، پاويل يوراج سان هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندي رهيو، ماءُ پويان هٿ دل تي رکي چپن ۾ ڪجهه پڙهندي رهي، يوراج مستي ۾ مگن هو، ڪنگڻ پريڊ جهڙو آواز ڪڍندا رهيا، مريض هنن کي گهوري رهيا هئا، دل وارڊ جي ٻئي نمبر ڪاري در جي ڀرسان يوراج سڄو پير رکيو، پاويل کٻو پير رکيو، ماءُ اگهاڙا پير رکيا، در خود کلي پيو، ماريه گل پيش ڪندي I Love You چيو، يوراج گل دستي ۾ هٿ وجهڻ بجاءِ پوئتي ڪيا، گلدستي سميت ڪري پيو، يوراج جي لت تي گل پيسجي ڪومائجي ويو. يوراج جي ٽهڪ تي مريضن ڇرڪ آندا ”وقت گذري ويو، بي وفا“ وقت گذري ويو. هون ڪنهنجاءِ جي. ... ڇا ٿي سمجهين..... يوراج انهن پيرن تي واپس ڀڄڻ لڳو. ڪاون جي درن کي ٺونٺون لتون هڻندو ڀڄندو رهيو. پاويل، ماءُ هن پويان ڊوڙندا رهيا، يوراج يوراج. ..... يوراج ڀڄندي ٽهندي، ٿڪندي Wait پارڪ تي نم جي ڇانءُ هيٺيان ڇٻر تي منهن ڀر ڪريو، مٿان پاويل سهڪي پهتو، ماءُ روئندي رڙندي اچي پهتي، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جي گهنٽي تي هنن کي پنهنجي تفشيش ۾ وٺي ڇڏيو.


    ايئر اڏام کان ميٽرو تائين

    هو ايئر هوسٽس جي مصنوئي مرڪ کان خفا، پنهنجن ڪپڙن کان ڪڪ. ڪوٽ جي کيسي مٿان، محبوبا طرفان لڳل، ڳاڙهي گل کان بيرزار هو. هي، صرف گهڙي ۾ جُوهه وجهيون، ڪانٽن کي تڪيندو رهيو. اوچتو ئي پائلٽ Inform ڪندي چيو Now we are landing at international Airport, Please tie belt with body” سڀئي مسافر هلڪي ڪچهري کي آف ڪندي تيارين ۾ لڳي ويا. تمام تر چهرا پرهه ڦٽي جي گل وانگر ٽري پيا هيا. ٻين هڪٻئي کان ڀاڪر پائي، کاڏي تي چمي ڏئي پئي موڪلايو. هي سفر ۾ به Off، هاڻي به ٺڪري لڳيس جو رت نڪريس، هي پري پري هوندي به Reception room وٽ پهرين پهتو. آجيان لاءِ آيل ذاتي نوڪر خانو، نوڙي پيرن تي هٿ رکندي، بريف ڪيس ورتي. ”ڪٿي آهي پاڻ واري لينڊ ڪروزر؟!“
    ”سر، اها ته بيٺي آهي“ خانو جواب ڏيندي گاڏي ڏي وڌيو. هن جي چهري تي بهار ڦٽي پيو. هي چست، تازو، توانو ٿيڻ لڳو ”بس! هاڻي پرواهه ناهي، صاحب آيو معنى پئسا ئي پئسا. ڇٽي ملندي ٻه ٽي پراڻا وڳا منلدا. اصل غريب جي عيد ٿي ويندي.“ هي پنهنجي منهن سوچيندو، مشڪندو، مرڪندو اچي گاڏي صاحب جي ڀر ۾ بيهاريائين. ”قبلا ڪاڏي هلون“
    ”قبلي جا پٽ، ڏند ڇو ٿو ڪڍين؟“ صاحب جو ائين چوڻ، خانو جي هانءُ کي ڪپي وڌو. هي اندر جي جذبن کي زهر جي ڍُڪ جيان پي، گاڏي شاهراهه تي هلائيندو رهيو. سڄي سفر ۾ هي چپ، هُو چپ. هي اندرئين ڪائي مان صاحب جي موٽ کي ڏسندو رهيو ۽ هو ڪنڌ ۾ ڪلي لائي بغير اک ڇنڀڻ جي وڏي بلڊنگ جا اولڙا پسندو رهيو. جنهن طرف ميٽرو وڏيون بلور اکيون تنهن طرف. هن کي ڪائنات جي ڪابه چسي، ڪوبه رنگ، ڪابه مخلوق فطرت تي نه ٿي لڳي.
    اوچتو هن شو ڪارو ڀريو. چپن مان لفظ ڪڍيا ”ها اها ميٽرو، منهنجي جان ميٽرو“. خانو ٿڌي شوڪاري کي الهام سمجهندي گاڏي جو ميٽرو طرف ٽرن ڪٽيو. ڳاڙهي ٽوپي مٿان ڪانهه جي ڊڍي جهيڙو نسريل سنگ پهريندي Security مين سلام ورائيندي لوهو گيٽ کوليو. گاڏي اندر ئي مس پهتي. صاحب پوئتين گيٽ کولي، ڪائونٽر روم ڏانهن ائين ڊوڙ پاتي. جيئن مرون شڪارين کان، شڪارين جي ڪتن کان خفا ٿي کڻي آ ڪندو آهي. هن جي اندر ۾ ڪا باهه هئي، ڪاڊوهه هئي، ڪي ڄورون هيون، جيڪي جسم کي پٽي رهيون هيون. خانو ڊوڙ پائي سهڪندو پهتو ”سر، بريف ڪيس“
    ”Oh Yes، مون کي سرڪاري ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻي آهي. گهر وارا پڇن ته ٻڌائجان ته.....“
    خانو انهن ئي پيرن تي ٻاهر نڪتو ”بس صرف ميڊم وٽ پهچڻ ڏي. هي چاٻي، هي گاڏي، الله الله خير سلهه چئي موڪلائيندس.
    صاحب هوٽل جي مئنيجر کي ڪمري جي بڪنگ جو چيو. ڪجهه ايڊوانس پئسا ٽيبل تي رکيا. مئنيجر Ring Bell وڄايو. ننڍي عمر وارو لسڙاٽ ڇوڪرو حاضر ٿيو.
    ”هي وٺ چاٻي، هن کي ستين ماڙ جو ستو نمبر ڪمرو کولي ڏنو وڃي“ مينيجر هدايتون ڏئي لکپڙهه ۾ لڳي ويو. ٻئي لفٽ ذريعي ستين ماڙ تي پهتا. ڪمرو لفٽ جي بلڪل ڀرسان هيو. هن ڪمري ۾ اندر گهڙڻ کانپوءِ هڪ اونهو ساهه کنيو. هن ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو. ڪمري جي هر چيز Suitable لڳي رهي هئي. ڪمرو موتئي گلاب، چنبيلي جي Mix Perfume سان ذهن کي تازگي ڏئي رهيو هو. اندريان فانوس هلڪي رنگ برنگي روشني سان ٻريا پئي، سڄي ڪنڊ تي ڪائي جي ٽيبل مٿان رنگين ٽي وي، وي سي آر، ڊش اينٽينا، رموٽ ڪنٽرول ۽ در تي انٽر ڪام، ڊجيٽل ڊائل سيٽ ڀت سان لڳل هئا. هن دري کان ٻاهر نظر ڊوڙائي. سڄو شهر ننڍيون ننڍيون کڏيون، ڪٿي ٿر جون ڊٿل جهوپڙين جهڙو منظر ڏئي رهيون هيون. آسمان تي ڇانيل بادل، هوا جي جهوٽي سان ئي هن اڳيان گذريا. هن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي ڀاڪر ۾ نه ڦاٿا. هي وڦلڻ لڳو ”ها ڀورا بادلڙا ڪيسين ڀڄندي؟ اڄ رات رچني ٿيندي“
    بيري در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. هن تپندي در کوليو. بيري جي هٿن ۾ ڊش هيو، جنهن مٿان ٻه ننڍيون سونهري پليٽون پيل هيون. هڪ پليٽ تي، بادام جي جوس سان ڀريل گلاس، ٻي پليٽ تي انفرميشن لسٽ. بيرو ڊش رکي واپس وريو. هن لسٽ تي سرسري نظر ڊوڙائي. پهرين پيج تي ڊرنڪ جا سڀ ائٽم، ٻئي پيج تي ڊنر. باقي پيجن تي Enjoyment ڇوڪرين جا فوٽوز، برٿ ڊيٽ، سيل ست کان ڳچي پيرن تائين تمام عضون جا گرافس، سامهون Rate لکيل هئا. هن کي صرف گهربل ائٽم سامهون ٽڪ ۽ ٽائم لکڻو هو بس. هن سگار دکائيندي وڏو ڪش ڀريو. پوءِ ڪمري جي چئني ڪنڊن جو طواف ڪرڻ لڳو ”آهن ته سڀ ڪوهه قاف جون پريون پر. .... پر. .....“ هي ڪجهه سوچڻ لڳو. هر شادي شده مرد جي ساڳي ذهني، نفسياتي ڪمزوري وانگر، هي به بيماري ۾ ورتل هو. اها هي ته، جا به اچي، سا سيتل هجي، سورنهن سالي هجي. سهڻي هجي، پهريون دفعو Use ٿئي. گهڻي الجهن بعد، صرف هڪ تصوير پسند آئي. هن قلم جي نب سان سامهون ٽڪ ڪئي. هن ٽائيم ڏٺو. رات جا ٻارنهن ٿيا هئا. هن سوا ٻارنهن لکي، انٽر ڪام تي، ون زيرو ون ملايو. صاحب لفظ ئي ٻه ڪڍيا بيرو سمجهي ويو “Yes Sir, I am right coming” چئي رسيور هيٺ رکيو. بيري انفرميشن لسٽ ۾ ڊرنگ ڪالم خالي ڏسي هن کي چيو
    “Sir what do you want to drink in cold with test?”
    “All things which can enjoy me” صاحب چيو.
    “OK” بيرو چئي ٻاهر نڪتو، صاحب هڪ هٿ کي ڀڪوڙي، پنهنجي ٻئي هٿ جي تري تي هنئين. بادام جي جوس مان ڍڪ ڀري، وڌيڪ قوت کي ڇيڙيائين. بيرو آخري دفعو داخل ٿيو. هن ڇرڪ ڀريو ”او اچي وئي.“ بيري، هن جي ڀڻ ڀڻ اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. هن جي هٿن ۾ ڊش هيو، جنهن تي شراب جا ٻه مختلف قسم، شيخ ڪباب ۽ ڇيلي جي پڪل ران، ٽيبل تي رکي ورڻ جي ڪئي. صاحب هن کي ٻانهن کان جهلي ايلاز ڪرڻ لڳو. ”تنهنجي منٿ اجائي آهي، هتي ٽائيم جو خيال، ماڻهن جي جذبن جو قدر، پروفيشن سان وفائي، سچي ڳالهه ٻڌڻ ٻڌائڻ جو رواج آهي، هتي هر شئي Sample جهڙي ملندي آهي. هتي خيانت نه ٿيندي آهي.“ بيرو هن کي سمجهائي، سيٽسفاءِ ڪري ٻاهر نڪتو. هي گجڻ لڳو، در جي چوڪاٺي کي شڪاري جيان تڪڻ لڳو. ڪُک جي سور وانگي هن جي ڇڙهي پئي لڳي. هر بات اندر، هر ٻاهر. درين ۾، ڀتين ۾ جُوه، شل نه ڪو پاڇولو ڏسي ”ها اِها آهي“. ڏهه منٽ ٽائيم مٿي ٿيو ته باهه ٿي ويو. چهري تي مرون واري ڪاوڙ، وات مان، واڇن مان گف وهڻ لڳس.
    ”پئسا ٿا ڀريون...... پوءِ به انتطار ٿا ڪريون..... ڪو مفت جو کيل آ ڇا؟“ هي ڀتين سان ڳالهائڻ لڳو. اچانڪ، وڄ جي چمڪي جهڙي تکي باهه، مسڪراهٽ سان گڏ، سامهون رسي. ڇڙهيل وارن، وسندڙ ڪڪرن جيان در تي ڪوهيڙو آڻي ڇڏيو. پازيب پيرن جي قدمن مان نڪرندڙ ارلاپن هلڪي سنگيت ڇيڙي وڌي.
    ”هلو ڊيئر، گڊ نائيٽ“
    ”گڊ نائيٽ“ هن پري سامهون ڏڪندي لفظ ڪڍيا. هي ٻئي صوفا سيٽ ڇڏي، پشم جهڙي ملائم ڪالين تي ويٺا.
    ”ڏاڍي دير ڪَيَوَ؟“ هن ڪنڌ لوڏي آزي ڀري “Sorry”
    ”الائي ڇو پٽ سان منهنجي گهڻي لڳندي آهي“
    پَري مُسڪرايو. مسڪرائڻ سان گڏ ٻيهر ڪنڌ جهڪايو. ڳچي ۾ موتين جا مڻيا هڪ ٻئي سان لڳندي آواز ڪڍيا“ ٽِن ٽُن ٽُن“ هن جي رڳن ۾ رت تيز ڊوڙڻ لڳو. هِن هُن جي تپش کي خوب ڄاتو پئي. سو ٽيبل تان ڊس. روموٽ ڪنٽرول آڻي ڀر ۾ رکيائين.
    ”ڇو کنَيَوَ، مان کڻان ها“
    “Oh. It is same thing”
    هي پيگ ٺاهڻ لڳي، ڄڻ اصل ساق هئي. هُو هن جي هرڻي نما اکين، چپڙن تي سجيل وڄ جهڙن رنگن، گڊوڙ نانگ جهڙن ڀورن وارن کي ڏسي گهائجڻ لڳو. پوءِ شوڪارو ڀريو ”ها اها ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي، ڪلها تراڇڻا، ڇاتي گنبذ ڀري، چيلهه بيد مشڪ جهڙي. ها هو بهو جوهي جي ميٽوڙي گگهي آهين....؟ ڪٿي آهين.....؟ اندر جي اڃ لاهينديءَ نه.... مون کي ٺاريندينءَ نه“ هِن هُن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ”هان وٺو پيگ“
    ”بس اکين جو پيگ کوڙ آهي“
    “But Even Then”
    پيگ، پيگ سان ٽڪرايو. سنهڙا ٽهڪ هلندا رهٿيا. سگار دکندو رهيو. هن ڦوڪ ڀري، هُن ڦوڪ ڀري. هو نه پيئندڙ هئي مگر هن جي Enjoy لاءِ پي رهي هئي. وڏا وڏا سوٽا هڻي اندر کي ڌوئي رهي هئي يا سڀ سور اندر ۾ گڏ ڪري رهي هئي. سا خبر هن کي به نه هئي. هو ڪير هئي؟ ائين ڇو پئي ڪري. پيگ خالي ٿيا، ٻئي درياهه جي سانوڻ موج جيان اٿلي پيا، ڇلي پيا. هي وڦلڻ لڳو ”درياهه کي چئو ڪنارن کي پائي، جلدي گهائي“. هو وڦلڻ لڳي ”ڪنارن کي چئو زور سان پائي، جلدي پائي، سوٽ، بريز، چڊا سڀ ٽٽي پيا. آخري پيگ هارجي پيو. پازيب پيرن جي نهي، رسيور کي لڳي. زي ٽي وي تان، ڪا ڳائي رهي هئي، جنهن جو مفهوم ڪجهه هن طرح هيو ”مان ماڻهن جي نظر ۾ خراب آهيان جو ظاهر آهيان. هو سٺا آهن جو لڪي فعل ڪن ٿا“. هلڪي ڊيمي روشني، ٻنهي جي بدن تي Reflect ٿيندي شرمائيندي رهي. هنن جي جسم جي گرمي جو پد، ٽهڪندڙ پاڻي کان وڌ گرم هيو. ٻنهي خوب اوتيو پوتيو، ڌوڻيو. رسيلي رنگ کسيو، ڀريو. اوچتو هن ڪومل بدن اندر ڪا ٽاٽ اڀري، ٻئي زلزلي جي جهٽڪي جيان لرزي پيا ”ڇو ڇا ٿيو؟“
    هو پاڻ کي ٽٽل ڦٽل ڊريس سان پهريندي اٿي. ته اولڙا آرسي تي پيا. هن ڏٺو ”ڪچا ڳل ٽڪيل هيا. وار نانگ جي ٽٻڻي جيان ڳتيل، اڻڀيل ۽ وڪوڙيل هيا. عطر، عمبير مشڪ اڏامي وئي هئي. ڳچي تي، جسم تي ڪارا داغ نمايان هيا. ڪچن ڏونگرن مان اڪ جهڙو اڇو کير ٽيپا ٽيپا ٿي وهي رهيو هو. هو ناسازي سبب ڪرندي رهي. ڊهندي رهي، هٿ ٻڌي معذرت گهرندي رهي.
    “Oh! Sorry, I am not well….. you didn’t enjoy well. It is your money……”
    هي ننڍڙي ٻار وانگر ڪُر ڪُر ڪندو رهيو. بدمذهبي دڙها هڻندو رهيو. پاڻ ڏي چڪندو رهيو. چوندو رهيو ”پليز اچو نه، مچي مچي نه...... ڀلا ڪجهه کڻو نه......!؟
    ”او نو نو...... گڊ نائيٽ.......!!!


    ٽي عورتون ٽي ننڍيون ڪهاڻيون

    مائي ماڇاڻي
    مائي ماڇاڻي قاسم آباد جي مختلف گهرن جا ڪم ڪرڻ لاءِ جتان جتان گذري ٿي، ماڻهن کي سوالن جا جواب ڏيندي وڃي ٿي. سندس پاڇولي جي سايي تي اڌڙوٽ پوڙها ٿڌا ساهه ڀرن ٿا. هو مهانڊي سان گڏ مذاقي آهي. PCO کان گذري ته برفاني ڏاڙهي ۽ سَرَ جي اڇي سنگ جهڙا شهپر رکندڙ پوڙهي جي دل به دُکي پئي.
    ”اي مائي.... شيدي ڇا ٿو چوئي.....“
    ”چئي ٿو مونکي وهنجار ته ڏهه روپيا ڏيانئين....“
    ”پوءِ ته ڀلو ٿئي.....“
    ”بس بس ڪر ڀاڙيا..... گڏهه تي چاڙهي ڪيائينَ بيعزتو.... بيعزتا.....“
    پوڙهي مذاقي وري مذاق ۾ چيو
    ”هي ڇورا ڇا ٿا چون تنهنجي نالي.....“
    ”ڇو پاڻ چ.......ت.......و آهن. چ ت ت ت........“
    مائي ماڇاڻي هاسا ڪندي گذري ويئي، پوڙهي توڙي ڇورن جا ٽهڪ، حيدرآباد جي شام سان گڏ، چڪلي جي گهٽين، گهرن کي ايلفي هڻڻ لاءِ ڀيڙو ٿيا.

    قاسم آباد جي دادلي حسينا
    ڊائري ڪڍڻ بنا حسينا، عاشقن جي رٽيل نمبرن مان هڪ نمبر ملائيندي ”ها ڀڙوا... سُڃا.... شوق ڇو ٿا ڪريو.... ايڏي دير.... ها پر. .... تو لاءِ ته ٻِڪَ آندي اٿم..... ها ها! ڏاڍي ٺاهوڪي آ....... نه نه ويٺي آ مون وٽ..... يڪو تو لاءِ ويٺي هوندي ڇا؟...... ان ٽائيم تي ٻئي سان انجامي آهي......“ حسينا فون رکي ڪائونٽر تي آئي.
    ”مائي اڄ ته تنهنجو ڏاڍو بل آيو آ.....“ ڪائونٽر اسڪرين پٽي تي پئسا ڏسي چيو.
    ”هي بل ڪجهه ئي ڪونهي.... اهڙا بل روز ڀريندي آهيان.


    ٻه رُخ

    جيئري:
    پي؛ پٽ خانو، تون هوبهو پنهنجي ڏاڏي تي ويو آهين، هو جتي ڪٿي ڏئي ايندو هو، تون جتان ڪٿان سڀ ڪجهه رهڙيون ٿو اچين. ڪيڏي ڪيڏي مهل گسين ٿو نه، ته مونکي بڇان ٿي لڳي.
    سڳي ماءُ؛ ادي نوران، منهنجي ٻچڙي کي ڪر هڪڙي پاسي، پاڙي جي ڇوڪرن کي ڪر ٻئي پاسي، ته به پٽ خانو جو مٽ ئي ڪونهي. هي جيڪا ڪڪڙ ٻچڙن سان ڏسين ٿي نه..... ها...... ها...... سا به ڪٿان هٿ آيس ته رهڙيون آيو. اصيل آهي اصيل پر وات جو مڙئي ڇر هڙيو آهي، ٻچڙي جي دل ۾ نه ڪجان.
    وڏو ڀاءُ: منهنجي ماءَ کي نوڪري پنهنجي طبيعت آهر ملي آهي، وڃ شهر ۾، واهڻ، مڙس جي ڳالهه پئي ٿي هلي. ڪيڏي مهل دل چوندي آهي ته ٻڌي موچڙن جو سٺو ڪٽڪو چاڙهي ڇڏجيس. پر هن ڀڙوي ۾ وري هڪڙي خاصيت سٺي آهي، جو ڏسندو ته ادي جو بُلٽ ڦرندو پيو وڃي ته پاسڙو وٺي خرچي ڪرائي ڇڏيندو آهي.
    هاري ڀاءُ اڙي يار، وڏو ڏاهو ٿي ويو آهي، تتري جا ٻچڙا ڪانگڙي مان، وٺي مان آيس! وڏڙا مون ڪيا. تو وري پئسن تي کپائي ڇڏيا. ڀلا رکت تي سومر کان سودو ته کڻائي ڏي.
    ننڍو ڀاءُ؛ چڱو چڱو هاڻ بس ڪر، نه ماڻهن جي نه ڇيڙن جي، جيڪو ٿو اچئي سو وهائي ٿو ڏئين، گهر جون ڳالهيون به ٻاهر ٿو ڪڍين. پر ٻيلي ٻڌ سُولي کي صنعت ٺهرائي ڏني هيم، پئسا نه ٿو ڏئي. ان کي ته ڪٽڪو چاڙهه، اڌ پئسا تنهنجا، اڌ منهنجا.... ٺيڪ.......
    آخري ننڍو ڀاءُ؛ بس ڀائو ڇا ڪجي، خانو سان گڏ آهيان. هن کانسواءِ سري نه ٿي. امان جيجل چيو ته خانو سان گڏ آهين. جاڏي ٿو چوي اکيون ٻوٽي نڪري ٿو پوان، نهڪر ئي ڪانهي. ادا جي هڪڙي ڳالهه اصل نه وڻندي آهي، هو پاڏن لاءِ پويون ڏينهن آهي. پاڏو ڄائو ناهي، سوتي وٺڻ شروع ٿي ناهي.....!“
    وڏي ڀيڻ: ها سانئڻ، سمجهيندي آهيان ته مان ۽ خانو ساڳي ڳالهه آهيون، ٻيا سڀ جا سڀ پيا هن کي لوڀيندا، ڇو جو کارائين نٿو، مزي جهڙي ڳالهه ته ستو پيو آ ته بس کيسن کي پيا ٿا هٿ هڻنس، پر ادا خانو به ابداڻي مان پئسا ٻاهر رکي ڇو ٿو؟
    ننڍي ڀيڻ: ادا سڀ کان پهرين منهنجي گهر اچي، ماني منهنجي هٿن جي کائي، ڀاڄي ڪچي ڀاڻجن جي گهر موڪلي، ڀانئين وري وڏي ڀيڻ جي پٽ مختيار کي، باقي منهنجا ٻچڙا ڄڻ ڪاري انجڻ ڄڻيا هُجن........
    زال: ها...... ها...... خانو! ڄڻ ٺهيو ئي مون لاءِ آهي. اديون سئي سڳي کان فرج، ٽي وي تائين گهر مال سان ڀري ڇڏيو اٿس. آنڌي مانجهي جو به نه، جي خيال آيس ته نور جي پڇ وانگر ڦيرا هوندس، ٿورو موڳو آهي..... ڪم سان گڏ ٽٽن جو ٽڙڪاٽ اٿس.
    وڏي ڀيڻ جو پٽ: ماما، هر واري مون لاءِ، رانديڪو آنريندو (آڻيندو) آهي. هي ٽن ڦيٿن واري سائيڪل به ماما آندي آهي. ماما شام جو مونکي ساخ (شاخ) تي وهنجاريندي آهي. ماما شي مون لاءِ وٺي اچي هت وري سڀ ٻار مريو (مڙيو) وڃن. جيڪا شئي سمجهندو آهيان ته تي (ٽي) ڏينهن هلندي سا گهري (گهڙي) جو ختم ٿي وڃي.
    پاڙي وارو: خانو پاڙي ۾ برابر، ويهڻ لائق آهي، البت چندي چاڙي ۾، مڙئي هر ڀيري ڪترايون ٿو وڃي.
    پاڙي واري جي زال: خانو به آهي پر سندس زال سهڻي، سيبتي ملوڪ آهي. نه ٻن ۾، نه ٽن ۾، نه ڪا جهيڙو ڪار آهي، پاڙي ۾ چڱي چوکي مهل ڏيندا آهيون ته ڏيندا به آهن. ڪڏهن کوٽي مهل ڪو ٻارڙو موڪليون ته چوندا به ائين، اصلي هاڻي هاڻي ته کائي ويٺا آهيون نه ته اوهان کان ڪو شئي مٺي ڪبي.
    سيڌي وارو دوڪاندار: خانو..... ها بلڪل رکت تي ڏيندو آهيان. جيڏو سامان وٺڻ جو ڪوڏيو آهي، اوترو اوڌر ڏيڻ ۾ به ڇوٽ آهي..... ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين ڀائو، ميهان. پگهار ملندس ته ٻاهران ئي ٻاهران ٻئي دوڪان تان سودو وٺيون، اهو ٿو وڃئي، ڪيئي پيا ڪنگ رڙنس..... رڳو مان آهيان. اوهان ٺيڪ چئو ٿا ته کنڌو بند ڪريانس پر اڳين موڙي کان پوءِ ملندو لام.....ن.....
    ٻيو دوڪاندار: ادا، خدا سان ڪم پوندو، مڙس ڀلوڙ آهي. ها..... ها..... ٿيو نئون گِراهڪ آهي. هر پهرين تي پورا پئسا ڏيندو آهي. هو مون وٽ پنهنجا پئسا به امانت طور رکندو آهي، پوءِ ان مان پيو آهستي آهستي کڻندو آهي. منهنجي پٽ ٽِلو کي ٿاڻي تان ڇڏرائڻ ۾ وسان نه گهٽايائين، في الله ته پئسا به پاڻ ڀريائين. اڙي...... چريا...... تنهنجي پٽ کي اک هڻي ٻڌرايائين پاڻ..... وري ڇڏرايائن پاڻ...... مڙئي لئه لست وڌائڻ لاءِ، ڏٺو اٿئين نه تو وارو ڇورو سهڻو، تڏهين........
    ڀاڄي وارو: خانو روز ڀاڄي وٺين ٿو. ”تازي، تواني ۽ سٺي به، توکي ڏيان، وري ڪُر ڪُر به مون سان.... ڀلا پئسا ڪڏهن ڏيندين؟
    ڌوٻي: خانو، روز نوان وڳا ٿو مٽائين، ساڳيا ڪپڙا ڪڏهن تون ٿو پائين، ڪڏهن ڀاڻين ننڍو. الحمدالله ڏاڍو پاڻ ۾ رس اٿو.
    پر ٻڌ، مون کي پئسا ياد بيهن ڪونه ٿا، لکڻ ڄاڻا ڪونه، استري جا پئسا ته ياد ڪندو وڃجان.
    دعا سلام وارو: سڀ سٺا ڀائر آهن. وڏو به ڀلو، ننڍا به ملوڪ آهن. خانو ته سڀني ۾ چيز آهي چيز. ڪيڏي هن ۾ خوش ڀڙ واري عادت آهي؟ هئي..... هئي. هون به هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.
    درزي: ڀائو خانو، جنهن ڪپڙن تي تون ماپ وٺرائين ٿو. معاف ڪجان، اهي مان چڱي طرح سڃاڻيان. ادي وڏي جي شادي لاءِ سبرايا هيم بوبي کان، اڳين رات پوليس راهه گناهه گهر ۾ گهڙي. هڪڙو پوليس وارو زوري چاٻي امان کان وٺي پيتي کولڻ لڳو. صبح جو ڏٺوسين ته پيتي ۾ نانگ، ڪٿي تون ته ڪونه هئين؟
    سيلون وارو: سائين توهان جا وار تمام ڀلا آهن، جهڙا توهان ڀلا آهيون..... ماشاءَ الله، هزارن مان ڪنهن ڪنهن جا اهڙا هوندا. سائين توهان کي ٻڪري ڪٽ ڏاڍي ٺهندي؟ نئين ڊزائين انٽروڊيوس ڪرائڻي آهي. پوءِ...... پئسا نه وٺندين.... چڱو جي بسم الله.
    هوٽل وارو: يار خانو، اخبار پڙهڻ کانپوءِ، هٿ ۾ ڏئي پوءِ ويندو ڪر. تنهنجي پڙهڻ کانپوءِ اخبار هوٽل مان گم. هٿ ٿا ٻڌون اڄ کانپوءِ اخبار چورائڻ بند ڪر، هت گراهڪ مٿو چٽي ٿا وڃن.
    ڌنار: چاچا....... مال چراڻي ڪونه ٿي ملي. کائيندين ته ڪونه، پر بابا جي پوئتي ڀڪ کٽي نه ٿي. چئي پيو ته اڄ پئسا وٺيون اچجان، ته ڪڪڙن جي ميل تي رکندس، پوءِ کٽ کٽائي شاهه.
    پري جو دوست: خانو، جي سر سان ليکا..... ڏاند خانو جي قرض ۾ ڪاهي ڏنم. ڀلو ڪارو تتر هن کي آڻي ڏنم ته صاحب هن کي اسپيشل ٽيم ۾ لڳرائي. اڃان پئسا کپنئي ته حڪم ڪر.
    ويجهو دوست: خانو کي مان ته سمجهائي سمجهائي ويٺو آهيان، ته سڌر. رائيٽ ليفٽ گول ڪرڻ ڇڏي ڏي، پر مڙي نٿو سچ ٿو چوان ته خالي مٽ به هڻندي دير نٿو ڪري. چوانس ٿو ته رکت تي سودو نه کڻ، جي کڻين ته ڏي ته به ساڳي ڪار، ٽينچر، ٺرو ته به ڏيلا، ڏيلا........... ليٽ پلٽ به پنهنجي ڳچي ۾.
    گهرو دوست: ڏي احوال خانو، تنهنجي چرچ تي وتان ٿو اُڙيا، سُڙيا، ٻڌرائيندو. درخواستون، ڦوڪون ته ليکي ۾ ئي ڪونهن. اهو به چوندي وات پچي پيو آ ته ان مصيبت مان خانو ڇڏرائي سگهي ٿو، هن جي وڏن ماڻهن وٽ وڏي عزت آهي. ڏي احوال ڀلا، اڳئين واري آيو مانئين ته ناس به ڪانه هنيئي، هن واري ته مال چٽرا، نه.......
    آفيسر: مسٽر خانو، ڊسپلين ڊسپلين هوندو آهي..... آفيس جي ڪم ۾ سُستي نه ڪرڻ گهرجي...... ۽ ها..... مٿي منٿلي به پهچائڻي آهي..... سڀني کان پئسا اوڳاڙي ڇڏجان. تون پنهنجي به چال سڌار...... ٻيا ته ٿيا تنهنجي گوڏن جو گاهه..... پر مون کي به هٿڙي هنيو ٿو وڃين.
    استاد: بابت خوش آهين. پڙهائي ڪٿي پهتي؟ ڏاڍو هوشيا هوندو هُئين، مون کان تنهنجي هوشياري ڪڏهن به نه وسرندي..... ها پر پٽ.... مون کي ٿو هڪ سئو چوئيتاليهه ۾ چالان ڪرين.....!
    پاڙي جو ڪائونسلر: يار خانو، شناختي ڪارڊ ڏي ته توکي جڳاڙ ڪرايان. مون کي ڪوٽا ۾ سلائي مشين، نلڪا مليا آهن. ڏسين ڇاٿو توکي ٺڳيندس؟
    ڊاڪٽر؛ خانو قدرت جي سسٽم تحت، هر ماڻهو اندر باڊيگارڊ موجود هوندا آهن. باڊيگارڊن کي مـُووَ ڪرڻ ۾ ان ماڻهو جي سوچ جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. هو ڊڄندو باڊيگارڊ ڊڄندا. هو چست ٿيندو ته باڊيگارڊ به چست ٿيندا.

    مُئي:
    مسجد جو پيش امام: الله قبر جي عذاب کان بچائيس. ڏاڍو چڱڙو هو. هڪ دفعي نماز پڙهڻ آيو ته کل بيهيس نه پئي. عرس مهيني ۾ ڀتڙو آيو ته چوڻ لڳو ٻڌايو نٿا ته گهر ۾ جهلي ڇڏيان، ته منهنجي ماني نه ڪن.
    هوٽل وارو: ڏاڍي يار سهپ هُيس، ڪيترا به چرچا ڪر، پيو کلندو هو. هڪڙي مهيني پئسا اوڌر جا ڪونه ڏنائين، ته چانهه بند ڪيم، پوءِ به ويچارو ساڳي جاءِ تي گهڙي کن لاءِ ضرور اچي ويهندو هو، عادت پوري ڪرڻ لاءِ.... پر يار اخبار چورائڻ جو هُيو وڏو قابل.
    موچي: جڏهن به جوتي کي پالش ڪرائڻ ايندو هو ته هڪ روپئي ۾ ڪرائيندو هو. مان به ڀڳل اڱارن مان برش ٻوڙي، کڻي آلو ڪري ڏيندو هيومانس، مجال جو ڪڇي.
    ميڊيڪل اسٽور وارو: ڪيڏو نه موڳڙو هو، هڪ روپئي واري ٽڪي ٻن ۾ هڻي ويندو هومانس.
    آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندڙ هڪ شخص ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا اٿس جو وتوس ٿا مولوي گهرائيندا. سٺو مولوي.... ڪاري..... ٽنگيوس ڪنهن ٽاور ۾، کائنس ڳجهيون، ماس، وري وصيعت ڪري ويو آ، ته قبر جي وچ ۾ موتيا گلاب پوکرائجو. ڀر ۾ ويٺل ڇنڊ پٽيس تڏهن بس ڪيائين.
    جنازي نماز پڙهائيندڙ ملو: مونکي پهرين پنج هزار ڏيو ته هلان. هن جي جنازي نماز ۾ ڪير شريڪ ٿيندو ئي ڪونه ته ڌوڙ مان ٿيندا پئسا......
    سوشل تنظيم وارا: جنرل ميٽنگ فيصلو ڪيو آهي ته هلندڙ مهيني جي ستين تاريخ تي، مرحوم کي خراج تحسين ڏيڻ لاءِ ميڙاڪي جو پروگرام رکيو ويو آهي. في الوقت خانو جي نالي سان نئي ديري ۽ ڪچي ڳوٺ لڳ سبيل کوليون ٿا.
    هڪ پرستار: ڏاڍو ڀلو هو. مون لاءِ سڀ ڪجهه ڪيائين. مون کي ڪهڙي خبر ته اڄ ڪا آخري ملاقات ٿيڻي هئي. چوي پيو ته يار لڳي ٿو ته سڀاڻي نه ملون، خطائون معاف ڪجان. هن جي هڪ عادت ڏاڍي ڀلي هئي ته ويٺو ڳالهائيس مجال جو ڪا رُخي ورندي ڏئي.
    سهرو: منهنجي ڇوڪري کي ڏکيو ڏينهن ڏسڻ ڪونه ڏنائين. جماڻو مان ڪندس. هن جي ملڪيت ۾ ڪنهن کي ڪو پڇڻ ڏيندس؟ رک الله تي......
    آفيس جو چوڪيدار: موت تي ڪهڙو ڀروسو..... آ..... دم...... ماڻهو چڱو هو. البت شل نه سگريٽ دکايان ته مٿان ٺڳي اچي بيهي رهي، جيسين ڦوڪ ڀرايانس، تڏهن وڃي پچر ڇڏي ميان!
    بگي وارو: چڱو هو، خدا سان ڪم پوندو، مڙس جي ڳالهه مڃبي. هڪ دفعي گهوڙي گهه ڪيو هو ته مڙس ٿي مون سان نڀايائين. ٻنهي اچي گهوڙي کي ورتو، جڏهن آئي مڃيائين تڏهن وڃي هٿ ڪڍياسونس.
    صحافي: هن جي نيوز هلائڻ لاءِ ڇا جو فيڪس ڪريان. هجي ڪامورو ته پوين کي بليڪ ميلنگ ڪرڻ سولي ٿئي..... ٻيو نه ته به واهه واهه ته ٿيندو، واهه ڙي غوث تنهنجي رپورٽ.........
    پيالي ڀائي: خانو گڻنگ موالي هو. هڪ دفعي ايترو پيتائين جو سڪي ۾ کڻي ٽپو ڏنائين. پڇومانس ته ٻڌايائين ته پيرن ۾ بلا پئي وچڙي سوچيم ته ساهواري شئي آهي، بچايانس......


    پنج منٽ پوئتي

    ”رات جو تنهنجي گهر اڳيان گذرندڙ روڊ تي، روزانو ساڳي ٽائيم تي، مهڳل ٿو مچي؟ ڪي ٽهڪن ۾، ڪي لڙڪن ۾، ڪي ديدار درشن بغير موٽيا هليا وڃن ٿا، تون ته اڃان ساماڻي ئي ناهين، هينئر ئي ڇوري.....“ چئي ٽيليفون بند ڪري ڇڏيائن. گهٽ مان گهٽ مون کي به وضاحت جو ٽائيم ڏئي ها. هڪ طرف موقف پيش ڪري رحم ڪرم جي مالڪياڻي ٿي ويٺي هوندي، مان ته نارمل آهيان، هُيس ۽ رهنديس، مون ڪنهن کي بگاڙيو ته نه آهي. مون کي خدا جي حسن ڏنو آهي ته مون غرور ته نه ڪيو آهي ۽ نه سري بازار واڪ ڏنا آهن، مون هن حسن کي غلط استعمال ته نه ڪيو آهي، نه دعوى ڪئي آهي ته مس بيوٽي آف ورلڊ آهيان ۽ نه عادي آهيان. ڀلا جي ڪي، پنهنجي پاڇولي جهرندا وتن ته ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪهڙو؟ مون کي خدا حسن ڏنو ڇو؟ پر مان حسين ته نه آهيان، مان غريب گهر ۾ پيدا ڇو ٿيس؟ غيرت صرف غريب گهرن ۾ پلجندي آهي...! بي غيرتي جا ٺپا رڳو غريب نارين جي پلي آهن......!
    ان سڄي معامري ۾ منهنجو ذري جو به قصور نه آهي. مون کي پنهنجي ماءُ ڄڻيو. مون کان پوءِ هڪ ڀيڻ ٻي به آئي، منهنجي پيءُ کي چاچن اڻ پڙهيل، درويش سمجهي گهر مان لوڌي ڪڍيائون، بابا شهر جي روڊن، رستن تي مزدوري عيوض هي مسواڙ تي گهر ورتو. سو به خدا جي داداگيري سان کسجي وڃي مٽي جي ڌڻڪي ٿيو. اسان اٿاريون ئي نه ويون سين ته بابا فوت ٿي ويو. هڪ ڀاءُ لُل چريو، مست ڇهين مهيني حاضري ڀرڻ آيو ته وڏو ڇيهه، نه ته وتندو هت هُت ٿاٻا کائيندو.
    اسان جي روزي به هوائي روزي ٿي ويئي، ملي ته ٻل نه ته طعنا، در در جا ڌڪ، پاڙي جون نظرون، ماڻهن جون نظرون، چٻرن وانگر تڪن ٿيون. هن اپارٽمينٽس ۾ جيترا به گهر آهن، سي ڄڻ ته خون کار ٻلن جا گهر آهن. دل چوي ٿي انهن ننڍڙن گهرن تي ڪتن جي بڇ ڪرايان يا ته گهر ڇڏي وڃون، باعزت باملاحزا........ ڪنهن کي مجال ٿي جو پٿر هڻي، منهنجي گهر جي شيشي لڳل دري ٽوڙي وڌائون، مون ڪاوڙ مان ٻاهر نهاريو، هڪ ڄڻو مون تي عاشق آهي، ان مجنون جي اپارٽمينٽ وارن، سين ڀري پئي، ڪي ڏک غم ۾ شريڪدار ٿين ٿا، ٽيپ جي ڊيڪن کي ٻاهر ڪڍي وڏي آواز ۾ ڀريل، مجنون جي آواز کي آن ڪن ٿا.
    ديوانڳ هيڻ....... پروانڳ هيڻ...... اس ڪو لڳ جائڳيڻ گڳ.......
    مجنون روڊ تي بيهي ئي مس ته اپارٽمينٽ جون زالون مردن کي، ٻآرن کي، اٿاري چون ته بغير پئسي ڀرڻ جي انڊين فلم هلي پئي توهان نه ڏسندؤ ڇا؟ ماڻهن جي بي حيائي تي باهه ته ڏاڍي آئي پر جي ڪُڇ ته چونديون هينئن هُيون هونئن هُيون.... نه چؤ ته هي حالت آهي.
    هڪ ڏينهن نيٺ احساسن جي ور چڙهي ويس، ننڍي ادي کي سڏي چيم “ادي جنهن ماڻهو کي ماڻهو پٿر هڻن ٿا، منهنجي ڪري، تنهن سان پيار ڪندس، بغير شرطن شروطن جي، ڪير آ؟ ڪيئن آ؟ ڪهڙي ماڻهپي ۾ آ؟ ڇا اٿس؟ ڇا ڏيندو؟ گهر اٿس، تڙ اٿس، پئسا اٿس نه اٿس، سڀني شين جي بي خبري باوجود قدر نه ڪيانس ته حيف هجيم“ دم وڪوڙيل ماءُ اڳيان هام ڀريم، ”امان هو ويچارو مون لاءِ ٿو تڙپي، مان هن اڳيان شرط رکان. هن حسن جو غلط فائدو وٺان، هو حسين آهي، لوڪ سڄو حسين آهي، مان ڪجهه به ته ناهيان. ”امان جيجل کي لک شابسون جنهن منهنجي قدرداني ڪندي اجازت ڏني، نه رڳو اجازت پر رسمن جي ٻنڌڻ ٻنڌڻي ۾ اڳيان ئي اڳيان هئي. هونءَ به مان لپ اسٽڪ ڪجل جي ڌار يا سورنهن سينگارن مان ڄاڻيان ئي ڪونه، پر صاف سٿرا غريباڻا ڪپڙا تن تي گهرجن. سي بغير استري جي پائيندي آهيان. مون پنهنجي اڳئين مجنون ۽ هاڻوڪي مڙس کي ڇا نه ڏنو؟ چاهت ڏني، ڇا تي جي پينگهي تي لولي ڏني، چهري جي آرسي کي ٽڙڪائي ڇڏيم، سواءِ ڪنهن ضرورت جي روپيو نه گهريم، بغير ضرورت جي روپيو خرچ نه ڪيم، زندگي جي ٻنڌڻ ۾ صرف هڪ غلطي ڪري، لوڌي ڪڍيائين ته نياڻي ڇو ڄڻيم؟ نياڻي يا نينگر ڄڻڻ بنو انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي ڇا؟ حيف هجئي مرد ڏاڍو بي وفا نڪتين. مطلب پرست نڪتين، پر تنهنجي ڪري زندگي داغ تي نه لڳائينديس؟ ڇو روئان؟ ڇو ڊپريشن ۾ جيئان؟ تنهنجي مرضي آهي ته ڳوڙها پيئان، زنده رهڻ مان خفا ٿيان. هل، بزدل، گيدي ۽ ڊڄڻا، توڏي ايندي پويان ماءُ ويچاري لاعلاج ٿي هڪ بستري پئي، شابسن جي ڀري ته ادي ننڍي کي ڏجي جو وڃي ڪو يار ته ڪيائين. گهٽ مان گهٽ امان جيجل جي علاج جو خرچ، گهر جي مسواڙ ڀرڻ مان جان ته ڇٽي پئي، مون کان ته اها بهتر ٿي، جنهن شادي به نه ڪئي، لزت به ورتي ۽ گهر به ٺاهيائين، باقي شيطاني غفلت عيوض تندرستي لاءِ ٽڪيون کائڻ ڪفر ڪونهي، جس هجي منهنجي ڀيڻ کي جنهن موٽي اچڻ تي رستي روڪ نه ڪئي نه ته مان به وتان ها ڇوڪرڙي چيلهه تي کنيو پنندي. مان ان نياڻي کي ساهه جي تڪليف ۾ ڏسي جهٽ پٽ ڊاڪٽر وٽ وٺي آيس. ان وقت مون باٿ روم ۾ ڪپڙا پئي ڌوتا، پاچا پاڻي ۾ آلا هيا ۽ ڪجهه چولو پڻ، باقي مان هونءَ مٿي تي شرافتي رئو رکڻ بجاءِ ڳچي ۾ لڙڪائيندي آهيان. ڊاڪٽر ويچاري جي تسلي تي بود ۾ آيس. ڊاڪٽر مون کان ائين ڇو پڇيو ته امان ڪيئن اٿو؟ ادي به اوهان جي بلڊ پريشر ڏيکاري ويئي هئي. تون به بلڊ پريشر ڏيکارڻ آئي آهين. ڇا ڳالهه آهي سڀني سان.....؟ مون ڊاڪٽر صاحب کي ورندي ۾ ائين ڇو چيو ته مون لاءِ هر مرد چٻرو، ٻلو ۽ ماس پٽر بد تهذيب جانور آهي ۽ اسان سڀ پنج منٽ پوئتي آهيون......؟ ها پر سچ ته چوان ٿي......


    سوا لک

    ڇن جي اوطاق ٻاهر اندر باهه ٻريل هئي، آيل ڄاڃين هٿ سيڪي، سيءُ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي بس جي ڇت تي قلفي ٿي ويا هئا، چرچن..... ڀوڳن..... ڀاڪرن..... ٽهڪن ۽ خوش ڀڙ ۾ محسوس ئي نه پئي ٿيو ته نئين مٽي مائٽي ٿي آهي، يا سالن کان اڳ سڃاڻپ ٿي هئي، اوڀر واري ٻانهين جي وچ واري کٽ تي گهوٽ موڙ مٿي ڪري ويٺو. سبحان الله معنوعي جواني جا سڀ رنگ ڍنگ پهريل هيس. سڄي ٻانهن جي ڪرائي ۾ ڳاڙهو ڳانو.... ساڳئي هٿ ۾ ابي امان جي لانئين لهڻ واري سانڍيل ڇري آندي هئي. گهوٽ جي ڀر ۾ وري ڪنوار جو پيءُ..... جهپ ڪاري ڏاڙهي.... وار ڪنڍن مٿان اڇن هيرن مان جڙيل ٽوپ سچ پچ بجلي ۽ باهه تي ست رنگن وانگر تجلي پيو. گهوٽ سامهون کٽ تي معزز قيصر خان توڙي پڙهيل انجنيئر ويٺل هيا. بچيل کٽن تي راڄ ڀاڳ جا لسڙاٽ.... ڪانڀو..... اڌڙوٽ، ٽوپن.... پٽڪن..... بزرگن سان ويٺل هئا. ڪنوار جا ٻه ڀاءُ، چاچا پاڻي چانهه پياريندا رهيا. تن به اچي زري سان مڙهيل اڇن هيرن وارا ٽوپ ٻڌي ڪري پاتا هئا.
    ڪنواريتن طرفان آندل ميندي، چاچس ئي ٿالهي جهلي، گهوٽ اڳيان بيٺو، گهوٽ چيچ ساڄي ميندي ۾ ٻوڙي سئو جو ڳاڙهو نوٽ ٿالهي تي رکي رسمن جي شروعات ڪئي. ٻنهي ڌرين ٽي ٽي ڄڻا ڪنوار کان پڇا لاءِ موڪليا، جن ۾ مان به شامل هيس، اڱڻ رنگ برنگي چولن..... گجن..... سون جي ڪوڪن، چوڙين سان ٻري پيو ٻري..... مان ڪنڌ هيٺ ڪندي به تر ۾ لٿل پکي کي اکين مان گسائي نه سگهيس.... وات پاڻي ٿيندي ان ڪوٺي ڀڳس جتي ٻآرنهن سالن جي ڪچڙي عمر ۾ حسينا نکٽ نکيڙيا ها. هو در جي پٺيري ويٺي هئي. ماڻس اڳئين دور جو پراڻو سون پايون ڌي کي اسان جي سڌ ڏئي پئي. قيصر خان شرع شرعيت موجب رٽيل جملو ٽي دفعا ورجائيندي، حسينا جي مٿي کي هٿ جي زور ڏئي هيٺ ڪيو.
    ”چپن سان ها.... نيٺ ڇوڪري نه ڪئي“ انجنيئر قيصر سان چرچو ڪيو.
    ”ڌي ڪنهنجي آهي.... ان کان وڌيڪ ها، ڪيئن ٿيندي“ قيصر پاڻ پڏائيندي جواب ڏنو.
    اوطاق تي شاهدن ساهه ئي نه پٽيو ته مُلي فيضو نڪاح پڙهڻ جي اجازت گهري. ”ائين ڪيئن ٿيندو، ملو اسان به ڪوهن کان گهرايو آهي“ قيصر اکيون هڻندي چوڻ لڳو، ڪنواريتن جي ملي کي تڏهن وڃي ساهه پيو ته ٻيلي ڪو ڌڻڪو آهيان. ملن جي ويڙهه تي ڄاڃي کلي کيرا ٿي پيا ئي مس ته گهوٽ جي ننڍي ڀاءُ ڳالهايو ”نڪاح اسان جو ملو پڙهي.... پئسا ٻنهي کي هڪجيترا ڏينداسين“ سڀني جي واهه واهه تي ملي فيضو نڪاح پڙهي پورو ڪيو، چو طرف کان گهوٽ کي مبارڪون..... چميون.... ڀاڪرن جي وٺ وٺان ٿي...... ڪنوار جي پي کي پڻ ساڳي پٽ ٿي. ڄاڃين جي وات ۾ پتاشا پيا ته ڏند ٽڙي پين، ڪي کل ۾ کيرا، ڪي مووي ڀرائڻ لاءِ منٿن ۾ پورا.
    گهوٽ سميت گهوٽ جا ماڻهو ڪنوار جي در تي پهتا..... در بند ديد بند. نيرن نوٽن آڌار تي، گهوٽ کي نکيٽڻ وٽ ڇڏي سڀئي پڙ ڇڏي وياسون، دير دير آخر، عورتن ريسارين، واڄٽ سهرا ڳائي گهوٽ ڪنوار کي سينگاريل ڪار ۾ ويهاري، بسن، ٽيڪسين ۾ منزل طرف روانگي ڪئي.
    مان بس ۾ سوچويندو رهيس، هيرن پاتل ڪانڀو خانن جي چڳ مڳاهٽ غيرت ڇو نه ڇڙي، جينز بت رهيا بت..... عورتون پاڻ پکي کي اڏاري تماشي ٿيون.... ڪنهن جي اک آلي نه ٿي.... شايد حسينا جي معاوضي جي ونڊ ورڇ سڀني کي اڳڙيون ڪري ويئي، دل چوندي هوندن نياڻين ڄڻڻ ۾ مزو ئي مزو آهي.... پئسو ئي پئسو......


    مون تي غيرت چڙهي نه ٿي

    ”هلو هلو. ... مان، نورين آغا ٿي ڳالهايان..... ڊاڪٽر صاحب آهي؟“
    ”ڳالهايان پيو“
    ”ادا اچو، پليز..... جلدي، آغا، جي طبيعت خراب آهي، پليز“
    ”ها ها! پهتس“
    ڊاڪٽر، صرف ڊاڪٽر نه پر مهربان دوست پڻ هيس، هونءَ به ٻنهي جي رهائش وچان صرف نيشنل هاءِ وي ئي ته هيو. ڊاڪٽر اڳ وانگر هاڻ به First Aid Box کڻي آغا جي گهر پهتو. آغا جي زال، آغا جا ٻار، سڀ پريشان حال ۾، در جي چائٺ کي تڪي رهيا هئا. ڊاڪٽر تي نظر پوڻ سان ئي، غم ۽ خوشي ۾ آجيان ڪئي. ”ادا اچو اچو.....“ ڊاڪٽر ڪنڌ سان سلام ورائيندي، آغا جي بستري وٽ پهتو، آغا اوڪارا، آت ڏيئي رهيو آهي، پگهر ۾ شل آهي، جوڻس گلاس کنيو مٿان اچي بيهي ٿي. ڊاڪٽر طبيعت کي خوب چڪاسيو Thermometer زبان هيٺان ڏنو Sphygmomanometer ذريعي بلڊ سرڪيوليشن نوٽ ڪئي.
    ”سڀ نارمل آهن، ڇا ٿيو آ چريا، آُٿ، ڪجهه به ڪونهي“
    ”بس يار، طبيعت اچانڪ بگڙي ويئي آهي، پهرين پاڻ ٽڪيون، ڦوٽا واپرائي کاڌم..... فرق نه پيو. هينئر ته بس مران ٿو......“ آغا، اکيون پٽي، ڊاڪٽر کي تڪڻ لڳو. ڄڻ ڪجهه اکيون اکين ۾ ڏئي ايلاز ڪري رهيو هوس. نوري وچ ۾ ڦاٽ کاڌو ”ادا هن کي، جڏهن کان پروموشن ڏئي اها نڀاڳي ٽيبل ڏني اٿن. ان ڏينهن کان......“
    مون کي خبر آهي Ass: Cont: Examination ٿيو آهي، ماڻهو باسون، ڦارون، پئسا رشوت طور ڏئي ان جاءِ تي اچن ٿا. هي ته Lucky آهي..... هونءَ به آغا گاڙدي آهي. هن کي ان جي پرواهه نه ٿيندي. هونءَ به ٻار آ ڇا؟“ ڊاڪٽر آغا ڏي منهن ڪري سمجهائڻ لڳو.
    ”باهه ڏي اهڙي Key Post کي Administration اندر ۽ ٻاهر وڏي لوڦر بازي آهي. لوسي ماحول آهي. University اسٽوڊنٽ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. آفيس جي عملي جي هڪ هٽي آهي. يونين بازي آهي. روزانه سوين ڊگريون، سرٽيفڪيٽ ڏيڻا پون ٿا، هٿ ايڏي ته حرامپائي آهي، ايڏو گهپلو آهي.... هٿ ليجرن اندر پنا ڦاٽل آهن..... پنن جون ڪنڊون ڦاٽل آهن. غلط صحيح منهنجي ڳچي ۾ آهن......“
    ”سولي ڳالهه آهي.... جنهن جو رڪارڊ گم آهي..... جت سمجهين ٿو گهپلو آهي..... پنا گم آهن..... سڀ تفصيل، وي. سي کي لک بس......“
    ”مون کان پهرين ئي لکت ٿي چڪي آهي“
    ”بس پوءِ اجايو ڀاڙيو ٿيو آهين“
    ”....... پر مون سڄي زندگي، شرافت سان گذاري آهي، حلال جي روزي کاڌي آهي.... ڪنهن اڄ تائين، اڙي نه ڪئي آهي.... ڪنهن گار نه ڏني آهي..... اڄ ڪو لوڦر اچي، گهٽ وڌ ڳالهائي..... غلط ڪم ٿئي.... مان غلط ڪم ڪريان..... ڦاسان، ائين نه...... تنهنجي اها مرضي آهي..... مر..... ضي......“
    ”ڇو ڦاسائيندا؟ ڏاهو ٿي، ٿڌي دماغ سان سوچ...... وڏي عقل کان ڪم وٺ...... ڪو نڌڻڪو آهين ڇا؟ هيترا سارا دوست ويٺا آهيون..... ٺاهوڪا وڪيل پنهنجا يار آهن، ليگي جياليا مهربان آهن...... هون به تون غلط ڪم ته ڪونه ٿو ڪرين..... پوءِ ڊڄ ڇا جو......“
    ”...... پر مون کي زوري، ان ٽيبل تي آڻڻ پٺيان لڪل هٿ آهن...... اها وڏي چال آهي، مون کي سُرڪڻ ڏيڻ جي..... مون کي بيعزتو ڪرڻ جي....... ٽنگائڻ جي........“
    ڊاڪٽر دل ئي دل ۾، هن تي، ماحول تي سوچڻ لڳو. ڪيڏي ڪرپشن آهي...... ڪيڏي نه هن خلاف لفظن جي سرد جنگ ڇڏي اٿن...... هن پياري ديس ۾ ڪنهن کي ڪجهه ٿيو آ ڇا.....؟ ڊاڪٽر خاموشي ٽوڙيندي، سگريٽ دکايو. پوءِ ٻيهر سمجهائڻ لڳو ”سڄي دفتر ۾ تون لائق آهين..... تون ايماندار آهين. تنهنجو Character توکي اتي وٺي آيو آهي.... ڪيڏي نه خوش آئينده ڳالهه ٿيندي جو تنهنجي هوندي، دور دور کان ڪهي آيل ڇوڪرن، ڇوڪرين، والدينن، عزيزن کي پئسا نه ڏيڻا پوندا.... هن جو ٽائيم بچندو.... هن جو ڪم ٿي ويندو.... سالن جي حرامپائي ختم ٿيندي، هو توکي دعائون ڪندا..... دعائن جي دنيا ڪيڏي نه فرحت بخش آهي.....!
    نورين کان تڏهن چپ رهڻ نه پڳو ”ڊاڪٽر صاحب اوهان ڪو سمجهايوس، من اوهان جو ڪو چوڻ ڪري. اڳ ڪڏهن به اهڙو حال نه ٿيو اٿس، ان کان به ڏُکيون نوڪريون ڪيون اٿس پر. .... هاڻ ته، توکان ٿورو اڳ، پاڻ کي گهٽا ڏيئي پئي ماريائين...... رڙيون ڪري مون کي سڏيائين...... وصيعت پئي ڪيائين ته منهنجن ٻچڙن جي پارت هجئي. مان مري ويندس“ نورين جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. آغا، ڊاڪٽر جي ڪيفيت ۽ نصيحيت کي ڏسي ٻڌي، زال جي ڳوڙهن کي، خوب ڄاتو پئي پر هن ته ڀئو، ڪو اهڙو چڙهي ويٺو جو ڊاڪٽر کي چيائين ”تون مون کي ڪيتريون به ٽيڪون ڏين، دلاسا ڏين، ڏٽا ڏين.... پر مون تي غيرت چڙهي نه ٿي....... مان ڇا ڪريان...... مان ڇا ڪريان.........؟


    گوءِ

    مامي همن جي هوٽل، ڊاڙي، ٻٽاڪي ماڻهن سان هر وقت ڀريل هوندي آهي. هتي هر قسم جا ماڻهو ايندا آهن، جن مان اڪثر ڊش اينٽينا ڏسڻ جا عادي آهن. ساڳئي وقت گهر کان واندا پڻ. هوٽل ۾ ڏاندن جي شوقينن لاءِ مخصوص بينچون رکيل آهن، جيڪي چانهه جو هڪ ڪوپ پي، سڄوڏينهن، خبرون ڪٽڻ جا ماهر آهن. اهڙين خبرن ڪٽڻ ۾ راهو کي سڀني کان وڌيڪ ڏانءُ آهي. هي اندر جو به ڪارو ۽ ٻاهران جو به ڪارو آهي. هي نڙي تي زور ڏئي، ڏاڍيان ڳالهائي سڀني کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. اڄ به جيئن ئي راهو هوٽل ۾ داخل ٿيو ته خفتين ۾ عجيب سُسُ پُس شروع ٿي. هي بينچ تي ويٺو ئي مس ته پويان گڏيل آواز ۾ کيڪر ٿي.
    ”اي راهب خان، جڳ جا چڱا ڀلي ڪري آئين“
    ”مان پياري، قربو، رٻي سميت گوگهٽ جو به نوڪر“ راهو ڪنڌ پوئتي ڪري سلام جو جواب ڏنو. ٻه منٽ ئي ڪونه گذريا ته راهو سيٺ کي گاني جي فرمائش ڪئي. گاني جا ٻول ڪجهه هن ريت هيا ”چوڏهين صدي هلي ٿي، گرم هوا گهُلي ٿي..... نباهه“ راهو، سگريٽ جي ڪش مان نڪتل دونهين کي، نڪ جي سلينڊر مان ڪڍندي، شوڪارا ڀريا. سيٺ کي داد ڏيندي چيائين ”تون جنهن وقت گاني جا اهي ٻول، رڪارڊ تي آڻين ٿو. تڏهن منهنجي دل جو زخميل پکي، انهن ڀٽن ۾ ڊوڙندي، انهن دوستن تي ماتم ڪري ٿو، جيڪي زمان سان مٽجي وڃن ٿا“.
    ”مار جوڻ سان“ پويان ڪنهن رڙ ڪئي.
    ”اهي وري ڪنهن کي ڳاڙها مرچ لڳا“.
    جواب ڪير ڏئي، جي ڏئي ته ان کي ڪير ٽيڪ ڏئي. ڇو ته راهو ڳالهائڻ سان هر ڪنهن تي چڙهي ويندو هو. راهو سڀني کي خوب سڃاڻي پيو. سو نه ڪيائين هم نه ڪيائن تم، قربو کي ڇنڀي وڌائين.
    ”آهي قربو شوق، بابي تيوڻي کان به ڊگهي اٺ فٽي نينهن گهر ۾ لڳائي اٿئي، ڪر شوق ته ٽٽ ته راڄ ٻڌنئي“
    ”ڪيئن“ قربو سُرڪي هن جي ڀر ۾ ويٺو. ٻيا شوقين وات پٽيو ٻنهي کي ٻڌڻ لڳا.
    ”تنهنجو ٽيڊي (ڏاند جو نالو) مُني، پياري جو ٻڪري (ڏاند جو نالو مُني، ڏاند ملڪ کليل، پنڌ نو ويهون، شرط پنج پنج هزار“
    ”لڳي“
    ”لڳي“
    ٻنهي ڌرين جي واٺڙين پنج پنج سئو بياني طور ملايا. تاريخ سنڌي مهيني جي ستين مقرر ٿي، چارا ”ماڻڪٽارو“ ڦٽل تاريخي ماڳ) وارا ٻنهي ڌرين قبول ڪيا.
    بس تاريخ مقرر ٿي، ڄڻ راهو ۽ پيارو جنڊ جي ٻن پڙن وانگر پاڻ ۾ ملڻ لاءِ آتيل هُيا. ائين ٻئي راز ڀائي ٿيا، ڄڻ ته وڇڙيل ڀاءُ مليا هجن. هڪ ماءُ جي ٻنڊ پيتي هئي، هڪ ٻنڌڻ ٻڌيا هئا. راهو رُنڊ هليو، نه رن نه رلي. جتي پڪي اُتي کاڌي. پياري جي ميل ٻڌي، راهو پنهنجيون آڱريون سچي گيهه ۾ وڌيون هيون. وڻيس ته گولڊ ليف پئي، وڻيس ته ڏهي پئي.
    پيارو پاڙي واري رئيس ڳهڻي خان جي زمين جي ڪمداري ڪندو هو. هن جو گذر سفر ڪمداري مان آيل ان تي هيو. هن کي ٻه زالون، پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. هن جي طبيعت به عجيب و غريب هئي. هن کي جنهن ٽوڪيو تنهن ڄڻ ته نانگ تي پير وڌو، جنهن ٽيڪر ڏنس تنهن تي اول گهول ويندو هو. هن کي رکي رکي بلڊ پريشر چڙهندو هو. ته چوندو به ائين هيو ”هن چڪلائي مان واهه جو اڙيو آهيان“ ۽ پوءِ ڪچهري ۾ ويٺلن کي مخاطب ٿي چوندو هو ”هي واقعي بلڊ پريشر حرامي شي آهي. پر مان ان جو پي آهيان. جيڏي محل تنگ ڪري نه، اصل ئي بيراج ۾ ٻوڙي ٻوڙي هڻندو آهيان. پاڻهئي ٺيڪ ٿي ويندو آهي“ هن جي انهي ڳالهه تي ڪچهري ۾ ويٺلن کي خوب مزو آيو.
    هن جي طبيعت جي رُکي مزاج کي راهو ئي خوب سمجهي پيو، جيئن تاريخ سوڙهي ٿي تيئن پياري کي سر جي لڳي.
    ”ماڱي لئي ڏاند ڌاڙيل وٺندس“ پيارو راهو کي مخاطب ٿيو.
    ”بيشڪ وٺنداسين، ڌاڙيل ڇا ڌاڙيل جي پي بُچي کان به وٺنداسين“
    ”جيڪا به في گهريائين نه، ڀري ڏيندس“
    ”ڀري ڏينداسين“
    راهو پياري سان سُر ۾ سر ائين ملائيندو رهيو، جيئن موسيقار فنڪار سان ملائيندو آهي. اڙي يار راهو ڏس نه، هي عزت ۽ غيرت جو معاملو آهي. غيرت هر شئي کان اُتم آهي. ڌن وڃي، دولت وڃي، گهر جا ڳهه ٽپڙ وڃن. ڀلي وڃن پر قربو نه چڙهي. قربو چڙهيو ته هر شئي وئي“ راهو سان پيارو ڪن ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ”رک الله تي، هيڻي نه ٻول باقي قربو......“ راهو دلداري ڏني.
    ”هيترا سارا پئسا ڪٿان آڻيندس؟، ڪنهن کان اوڌر تي وٺان؟ ڪنهن کان وياج تي ملندا؟ پيارو رستي سان خيال ويڙهائيندو لڙي رات گهر پهتو. هن جا ننڍا ٻار ننڊ ۾ هئا. ننڍي گهر واري نئي ڄاول ٻار کي ببو پئي ڏنو. وڏي گهر واري سياڻي هن جي انتظار ۾، در تي اک اٽڪايو ويٺي هئي. سياڻي جي هن سان بي انتها محبت هئي. ٻنهي هڪٻئي سان ڪڏهن به بينش نه ڪيو هو. اهو ئي سبب هو، جو شادي کانپوءِ، ڪيئي سالن تائين اولاد نه ٿيڻ جا باوجود به، هڪ ٻئي کي وظو پڙهي جي ول وانگر هڪٻئي کان جدا ئي موت سمجهندا هئا. سياڻي جون پياري سڀ ڳالهيون مڃيون مگر هن ڪڌي ڪم کان بلڪل انڪاري ٿي بيٺو، جيڪو غم سياڻي کي اڄ به دل ۾ آهي. سياڻي جي چوڻ تي هن ٻي شادي ڪئي. پر ٻي شادي به هنن جي پاٻوهه ۾ ڪمي نه آندي. پيارو اڄ به لڙي رات گهر پهتو ته سياڻي منهن ۾ گهنج آڻڻ بجاءِ پٽڙو ڀت، کير سان کڻي آئي. پيٽ جي ٻوڄا بعد، ڪجهه چوڻ بغير وڇايل هنڌ تي ليٽي پيو. ننڊ هن جي اکين مان موڪلائي ويئي. هن وهاڻي کي ٻيڻو ڪري ڪنڌ هيٺان ڏئي، آسمان جي ٻرندڙ تارن کي تڪڻ لڳو. هن جي اکين جا تارا، گهر جي اڱڻ تي، ٻڌل مال کي نور ٻلي جيان تڪڻ لڳا. تڏهن سياڻي کي جاڳ ٿي.
    ”سمهين ڇو نه ٿو؟“
    ”ننڊ نه ٿي اچي“
    ”طبي ٺيڪ اٿئي؟“
    ”ها ٺيڪ آهيان“
    ”ته پوءِ ڪهڙي بلا تي پير پيو اٿئي، ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“ سياڻي پريشاني مان پڇيو.
    ”بس، سڀاڻي ٻڪري جي ميل آهي.... پئسا کپن“
    ”پئسا،پئسا ڪري ڏنا ٿئي. انهن خراب ڪمن ۾ گهرجي ڀينگ ڪري ڇڏي اٿئ، اڃا نٿو مڙين. سانوڻي جي ڇتي مينهن غريباڻو گهر ڊاهي پٽ ڪيو. ٻچڙا ڪکائين گهر ۾ مال سان گڏ رهن پيا“ سياڻي تپي باهه ٿي وئي. سياڻي جي وڏي پڙلاءُ ڪري پکين ۾ ٽاهه پيا. سياڻي پاڻ ڪنٽرول ۾ رکندي آهستي آواز ۾ چوڻ لڳي ”..... ۽ اوهان جهڙن مردن جي جونءُ به نٿي چري“
    ”ها ها، چُري ٿي، تو کان وڌيڪ سوچ اٿم. پر هي غيرت جو مسئلو آهي. بيانو کارائيندس ته گلا ٿيندي“
    ”غيرت..... غيرت..... اوهان مرد غيرت ڪنهن کي ٿا سڏيو؟ توهان مرد ٽيڪر پسند ٿي ويا آهيو. بس هُش ۾ خوش، واهه ڙي پيارا خان واهه.....“ پيارو، لٺ هٿ ۾ ڪري سياڻي کي مار خاطر اڳتي وڌيو.
    ”او، هاڻي تنهنجا هٿ مار ڏي به وڌيا...... سچ ڪيڏو نه ڪڙو آهي“. ايتري ۾ ڪڪڙن پهريون دس هنيو. سياڻي گهر کي ٻهارو ڏيڻ ۾ لڳي ويئي.
    ”اي پيارا خان آهين“ ٻاهران سڏ ٿيو.
    ”هائو هائو آيو“ پياري سڏ جو جواب ڏئي، منهن ڀيلو ڪري ٻاهر نڪتو. واپاري سان راهو به گڏ هيو. پيارو خوش ڀڙ ڪري گهر موٽيو. اڱڻ اڳيان ٻڌل نئي سُئا مينهن ڇوڙڻ لڳو، جنهن کي ويامي هڪ ڏينهن مس ٿيو هيو. سياڻي ڦريو ڦٽي ڪري، هن جي پيرن تي رئو رکندي، منٿ ڪرڻ لڳي ”پيارا پيار جي صدقي، ننڍن ٻچن جي صدقي، مينهن مان هٿ ڪڍ“ پياري سياڻي جي هڪ به نه ٻڌي. ٻنهي جا هٿ رسي ۾. هو ڇڪي اڳتي، سياڻي ڇڪي پوئتي. نيٺ سياڻي سالن کان ميڙيل پئسا جيڪي هن ٽُڪ جي رلين، نهور جي کٽن ۽ برٿ مان ڪمايا. سي ميڙي سيڙي هن وٽ کڻي آئي. تڏهن پياري جي غيرت کي ٻنجو آيو.....! ۽ هن مينهن مان هٿ ڪڍيا.
    پيارو پئسن ملڻ کانپوءِ، مينهن وانگر ويامي پيو. تڙ تڪڙ ۾ وهنجي، برٿ تي اڇو پهراڻ پهري، نرڙ، ڀرون ۽ شهپرن کي پاءُ کن تيل جو هڻي، مٿي تي ڳاڙهي ٽوپي رکي کڻي ٻاهر نڪتو. ”واپاري پريل تنهنجي مهرباني، پئسن جو ڪم ٿي ويو، وري ضرورت پئي ته پري نه آهين. پياري واپاري کي جواب ڏئي واپس موڪليو.
    هاڻي، راهو ۽ پيارو ڊاڙون ٻٽاڪون هڻندا اڳتي وڌيا. پياري راهو کي پئسا ڏئي ماڱي ڏاند لئه روانو ڪيو. پياري هوٽل تي ساهه ئي مس پٽيو ته راهو ڪار مان لهي السلام عليڪم ڪئي. اڄوڪي ميل ڪري، راهو به پني سني، عجيب ڪپڙا پهريا هئا. بدن تي ويڪري قميص، ڪلهي تي اجرڪ ٻه پڙو ۽ مٿي تي سونهري ڪلا باز ۾ پوتيل ڪوڏين وارو ٽوپ رکيل هيو هن Red & White جي سگريٽ کي Gold Leaf جي پاڪيٽ ۾ وجهي، اڳئين کيسي مان اڌ اندر ۽ اڌ ٻاهر ڪري رکيو هو. هوٽل ۾ اچڻ شرط سگريٽ دکايو. سگريٽ جو وڏو سوٽو قربو ڏانهن ڦوڪيندي کهنڪر ڪئي ”قربو گهٽ نه ٿيندئي، تو ڪڻڪ جون ٻوريون، وياج تي وٺي، سستي اگهه تي کپائي سمجهين ٿو ته ٻيڻا پئسا ڪمائيندس. ائين سمجهه ته ڪاڇي جي آيل ٻوڏ ۾، سڀ ڪجهه لڙهي ويو. هاڻي مائي کپائي پوري ڪجان“
    ”اڙي هائو هائو، تون به خوش نه ٿي. بس ائين سمجهه ته لوسڻ جي گاهه پياري جي مينهن ڦاڙي وڌي“ قربو ڌنڪي جواب ڏنو. تڏهن هوٽل ۾ وڏو ٽهڪڙو مچي ويو.
    جيئن شام لڙندي وئي، تيئن هوٽلون ماڻهن سان ٻُري پيون. هوٽلن تي ويهڻ جي جاءِ ڪانه هئي. چارن تي ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، شهدادڪوٽ، قمبر، لاڙڪاڻه، ميهڙ، نصير آباد، سيتا پياري، ڦلجي ۽ دادو جا جواري ويگنون، ڪارون، ٽريڪٽر، بسون ڪرائي تي ڪري پهتا. ماڻهن جي رش وڏي سياسي جلسي جي ڀيٽ جهڙي لڳي. ڏاندن جا مالڪ، وڏي ناز نخري سان، ڏاند ٽرالين ۽ پڪ اپ ۾ کڻائي پهتا. ان وقت مالڪن جي حيثيت ڏسڻ وٽان هئي. ڪئي واٺا هنن جي ڪڍ هئا ۽ هر ڪو خوش خيرافيت ڪرڻ ۾ لڳل هو. ننڍن ٻارن جي هٿن ۾ ٺڪائڻون ۽ سرن جا ٽڪرا هيا، وڏن وٽ بندوقون هيون. پوليس وارا وردي ۾ احتياطن آيل هيا. ڏاندن پهچڻ کان اڳ ئي جوارين، پنجن ۽ هزارن سون جون دستيون ميرن هٿن ۾ جهلي واڪ ڏيندا رهيا. ڪٿي ڌاڙيل سٺ تي سو پئي ڏنو ته ڪٿي برسات (ڏاند جو نالو) ڏني پئي. جوارين جي لٺ سردار غلام کوسو، ته پٽ تي ويهي سگريٽ جي ڪلي تي شرطون لکندو ويو. هو لکن ۾ کيڏيو. سڀني جوارين کي ميري گوڏ، قميص، بلڪل پير اگهاڙا ۽ هٿن ۾ هزارن جون ڪڙڪ دستيون ڏسي دماغ گهڙي پل چڪرائجي ويو. ڄڻ State Bank هن جي پيءَ جون تجارتون آهن.
    سج اندر ٻاهر ٿيو. ته ڪاڪو الهداد پنهنجن وڏين ٻرانگهن سان، نو ويهون جو پوري ٿيڻ تي، امانتي ليڪو ڪڍرايو. مالڪن جي رضامندي سان، گاجو کي هيٺين امانت جو بار وڌو. بس رڳو امانتي جي ويهڻ جي دير هئي. هاڻي ڏاند مٿي وڃڻ لڳا. واٺڙين، مالڪن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ، کڻي لٺيون کنيون. ”هلو ڪنڌي ڏي ڇڏيو چارا“ گوگهٽ چوندو مٿي ويو. راهو ته باقائدي سان ڪچيون گاريون پئي ڏنيون ”هٽو هٽو ته ڪيانو نه بڇڙو..... ڪ......نـ........ڃـ........ ر. .......“ ماڻهو، ڪنڌي ڏانهن ڪي ويا، ته ڪي اتي رهيا. گوگهٽ برسات واري پاسي کان ۽ راهو ڌاڙيل واري پاسي کان دستگير جو ليڪو ڪڍندي، ماڻهن کي قسم وڌا تڏهن وڃي ڪنڌي پري بيٺي، ٺڪائڻن وارن ڇوڪرين کي هوشيار ڪري ويهاريو ويو.
    ماڻهن، کان وڌيڪ ڏاندن کي سرجي هئي. ڌاڙيل بيهي ته برسات کڻي پاڻ کي، زمين تي سٽي. ٻڪري ٺهي ته ٽيڊي پولهه ڪڍي وڃي. ڏاند ٺهي بيهن ته مٺڙيا ڏاند کاري وڃن. هر ڪو ڏاندن کي الله توهار وٺڻ لاءِ هوشيار ڪري رهيو هو. اچانڪ الله توهار ٿي وئي. ڪنڌي تي بيٺل واٺن جون ماڻهن کي ٿيلها، مُڪون، گاريون، متان لٿا آهيو. بيهي مزو ڏسو. ڏاند جتان جتان لنگهيا. بندوقون ۽ ٺڪائن جا منهن کوليا ويا. ڪٿي ڌاريل اڳتي ته ڪٿي برسات اڳتي هيو. آخري پنجن وکن ۾ پوليس واري جيئن ئي G-3 جا لاڳيتا فائر ڪيا، ته برسات کي پويان پئيندڙ باهه، اک ڇنڀ ۾ کڻي ٽڪ کان، ڪکن تي اڳ ٽپايو. ڪو چوي، ڌاڙيل ماري ويو. ڪو چوي برسات، جيترا وات اوترون ڳالهيون هيون. هيڏي ساري خلق اماني کي ڦري وئي. اماني برسات جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ڪي کل خوشي ۾، ڪي ٽپهري جهڙو منهن ڪري موٽيا. گدڙ جي ڳالهه وانگيان، راهو اتان ئي کڻي پيرن تي زور رکيو، ته گهو گهٽ منهن پئجي ويس. گهو گهٽ راهو کي بيهڻ جو چيو. راهو گهو گهٽ کي هلندي جواب ڏنو ”گولي دل تي لڳل آهي، بچڻ مشڪل آهي، پر جي بچيس ته گهٽ نه ٿيندئي“. پيارو ٻين جي ٽيڪن تي لڏندو چگهندو، جهرندو، ڪرندو، گهر پهتو. قربو کي اماني، مٺڙيا، ڏاند (ماڱي جو) مالڪ پئسن لاءِ ورائي ويو. قربو ڪنهن جي پوري ڪري ڪنهن جي پوري ڪري....... قربو کي گار جي رئي پئي پئي. گهڻن جي قربو کي ها ها ٿي ته جيڪر سڃا آهيو، غريب آهيو. پورا نه ٿا پئو ته گوءِ ڇو ٿا رکو. گويون ڪرڻ سوليون آهن ڇا؟ پئسن جي پوري ڪريو..... نيٺ قربو گهر جا پئسا ڏئي جان ڇڏائي.


    فقير ويهي يا وڃي

    ٽاڪ منجهند جو هڪ جهور پوڙهو، لٺ آڌار تي، بگل ۾ ڇٻي وجهيون منهنجي گهر جي کڙهه ڏانهن اچي رهيو آهي. دل ۾ سوچيم ته هيڏي ساري ميري ڏاڙهي سان، بدبودار ڪپڙا پهريندڙ شخص، ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جسم نازڪ نفيس، ساهه اڌارو، کڻڻ وارو گهر ۾ نٿو ويهي؟ دل ۾ خيال آيو پڇانس ته صحيح......
    مان نم جي ڇانءُ کان ٻه قدم کڻي هن طرف وڌيس.ڍ
    ”پوڙها ڪير مڙس آهين؟“ منهنجي پڇڻ سان پوڙهي تي فرق ئي نه پيو. هو کڙهه جي وچ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺو. دل ۾ باهيون ته ڏاڍيون ٿي آيون، پر اسي مت کسي ڏسي ٻيهر پڇيم، ”پوڙها ٻڌين نه ٿو، هيڏا سڏ، ڪوڪرون....“
    ”آهه الله، ڪو ملندو، ڊوڍو“ پوڙهي وري ٽئين ٻڌائي، مان هن کي حيرت سان ڏسندو رهيس، هن جي عجيب طبيعت ۽ تلسمي ڏٺي نه پڳي تڏهن مون چيو،
    ”هيڏي ڏاڙهي، پيرسني عمر ۽ پِن. عجيب فقير آهين“ پوڙهو پنهنجي مستي ۾ مگن رهيو، ڄڻ سمجهيائين ڪجهه نه ٿي.
    ”الائي خير ملندو يا چوندا معاف ڪر.......“ پوڙهو پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيو. منهنجي مٿان پڇ پڇان واري ريهسل بند نه ٿي، پڇڻ سان ڀريل اکيون مون ڏي کڻندي نه ڪيائين هم نه تم ”تنهنجي پڇڻ جو جواز؟“ هاڻ مون سمجهيو ته ٻيلي هن منهنجا سوال ٻڌا آهن مگر..... پوءِ مون به دير نه ڪئي ”ها ها مان هر عمر وارن کان، عمر جي حساب سان پڇندو آهيان. سوچيم بزرگ آهين، من ڪا چڱي ڳالهه ملي وڃي“
    پر اڄ جا ڇوڪرا ته پوڙهن مان بيزار آهن.... ها هو به صحيح آهن. هُجين لالڻ ته لال به ميڙن“ هو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ کانپوءِ اونهي سوچ ۾ هليو ويو، شآيد جواني جي ڪا ياد اچي ويئي هُيس.
    ”هونءَ به، گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، واندي ويٺي. خدا جي ڏني مان ڪجهه ٻڌاءُ ته ڪهاڻي لکان“ مان مخاطب ٿيس، تڏهن پوڙهي چيو ”ڪنهن تي“
    ”تو تي.....“
    ”مون تي“
    ”ها ها“
    ”ڇا ملندئي؟“
    ملي نه ملي، ڪردار ته آهين!“
    ”ها ابا ڇا چيئي؟“ پوڙهي نه سمجهيو ته ٺهه پهه پڇيائين، مون ڪردار جي وضاحت نه ڪئي ته وري چيائين ”ڪهاڻي لکڻ کانپوءِ سُڪو، پارو ٿو ٽڪر ڏيندين......“
    ”ڏيندس“ مون ها مس ڪئي تڏهن مشڪي چيائين.
    ”..... اڳي در تي آيل فقير خالي نه موٽندا هئا. هاڻ نه گهر جي نياڻين ۾ ئي ذرو آهي ۽ نه مردن وٽ خيال ته. .......... گهڻن درن کان گهرڻ بعد، وڃي ڪو ٿو خير ڏئي. ها ابا سا به بسم الله هن بکئي پيٽ ڪارڻ“ چئي، وڏو شوڪارو ڀريو. هي اهو چوڻ کانپوءِ ڊڄي ۽ رڦي رهيو هو، ته متان سچ چوڻ بدلي، ڪو هن ڪمزور هڏن تي، لٺيون وسائي يا ڇڙٻي وٺي، مون سڄي ڪلهي تي هٿ رکي هن کي آٿت ڏني ”ڊڄ نه چپ، سڀ ڪجهه ملندئي، مان انهن مان نه آهيان، مان اديب آهيان، هن سماج تي، هر ڪردار تي گهري نظر اٿم ضرورت پوڻ تي ان ريتن رسمن خلاف تحريرون لکندو آهيان“ پوڙهي مون کي ڪو وڏو ڀرجهلو سمجهي ٻئي هٿ مٿي کنيا ”ها رب راضي ٿئي...... دير ئي ناهي“
    پوڙهو شخص سڪل چُتڙن کي زمين تي رکي ويٺو. ڪلهي مان ڇٻو ڪڍي پنهنجي اڳيان رکيائين، جنهن ۾ منهنجو خيال هو ته ڪا ماني ساني رکي هوندي، لٺ ٻنهي ٽنگن وچان ڏئي سيني سان لائي ويٺو رهيو. مان هن کي ڏسندو رهيس. هو مونکي گهوري ڏسندو رهيو. هن جي دل تي ڪو اهڙو اوتارو آيو، جنهن ڌنڌلين اکين مان گرم ڳوڙها ڪيرايس. آنسو ڳريل ڳٽن تان گس ٺاهيندي، ميري ڏاڙهي کي ڌوئيندي، پئي پٽ تي ڪريا. مون هن جي دل جي، بند ٿيل باب کي ڇو کوليو؟ جو هو روئي پيو، مون اندر جي ان جذبن سان بغاوت ڪئي جن ائين ڪرڻ کان به نه روڪيو. مون پاڻ تي قابو پائيندي پوڙهي کي آٿت ڏني. هن جو اٿيل سمنڊ بيهي رهيو. هو چپ رهيو. مان چپ رهيس. ٻن منٽن جي معنى خيز خاموشي کانپوءِ، هن جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو. اکين وسڻ کانپوءِ پڇڻ جو ويس پهريون، هي ٻڏندڙ آواز ۾ مخاطب ٿيو ”مان ڪردار آهيان، ڪهاڻي لکندين؟“
    ”ها“
    ”چڱو لک داستان“
    ”جي“
    ”پٽ مان تو وانگر، پي کي، هڪڙو پٽ هيس، پيءُ سان ارهه زورايون، ڪٿي ڇڙٻڻ ۽ ڪٿي بي ادبي به ڪري وٺندو هيس. بابا وصال کان پهرين لڏائو قبيلي جي هڪ عورت سان شادي ڪرائي، مائي کي پهرين مڙس مان ٻه پٽڙا هيا، پر ان جي اتفاقي موت بعد، ان قبيلي جي وارثن، اها عورت موٽرائي، ته جيئن ٻيا پئسا ڪمائي وٺون. مائي کي اڳين ٻارن کي جبري ڇنيو ويو. مان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به جواني جي باهه ٺارڻ لاءِ، اکيون پوري ويٺس، اهي معصوم ڇوڪرا، سڀني کان لڪي، ماءُ کي سڪ مان ملڻ ايندا هئا. مون آئنده گهر واري کي ٻارن سان ملڻ کان روڪيو، ٻئي دفعي ٻار ملڻ آيا ته مون ڇوڪرن اڳيان، رکيل ماني کسي ورتي. ماءُ تي لٺيون وسايون، ٻارن کي مار ڪڍي. ماءُ ڏاڍي رني. ڇوڪرا روئيندي اڻ ڄاتل منزل ڏانهن روانا ٿيا. مون کي گهر واري مان هڪ پٽ ڄائو، سو به للُ چريو ۽ مست، زندگي جي گاڏي گهلبي رٽائرمينٽ تي اچي رسي، پينشن جي پئسن مان ٻه ٽي جريب زمين جا ورتم، ته ڪجهه پئسا، پٽ کي ڏنم، پئسا کٽا ته پٽ زمين کپائڻ جي ڪئي، جهليم ته ماءُ پيءُ ٻنهي کي لوڌيائين. هاڻ نه گهر آهي نه تڙ، نه اڳيان ڇوڪرا ٿا ڳولئي ملن، ته پنهنجي ڪيئي جي معافي وٺان. مان هن غمگين اسٽوري ۾کوئجي ويس، پر اهو به سوچيم، ته هن اڃا داستان ڇيڙيا، ته پوءِ ڪهاڻي وڏي ٿي ويندي، رسالي ڇپرائڻ وارا حضرات ڇاپڻ کان نابري واري ويهندا.
    ”هيڻي اڳئي پلڻ ولاڻي“ ڪار ڪندي پوڙهي کي کڻي بس ڪرايم، مان خير ڏئي جان ڇڏائڻ لاءِ، کڙهه ٽپي، اندر وڃڻ لڳس، پوڙهي پويان چيو ”نه تڙ آهي نه ڇانورو ۽ نه عملي جستجو ته پوءِ اهڙي ادا، لکڻ جي ضرورت......“ مان ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، پويان ٻي رڙ ٿي ”فقير ويهي يا وڃي“.


    الزام

    ملوڪان صبح جو سويري، کڙهه جي ڀرسان رکيل اروڙي مان، سڪا ڇيڻا ميڙيا، لوڙهي مان رڌ پچاءُ لاءِ ڊنگهريون پٽي، پاڻ سان آندل کاري ۾ وڌيون. تيز هوا جي جهوٽي ۾ هن جي مٿي تي پيل رئو، لوڙهي جي ڊنگهرين ۾ ڦاسي پيو. هن رئي کي ته ڇڏايو پر رئي جي ڪنڊ ڦاٽڻ جو ڏک هڪ طرف، ماءُ پي جي ڇڙٻن جو ڀئو ٻي طرف سندس آفتاب چهري کي ڪومائي ڇڏيو. هن رئو مٿي تي ۽ کاري چيلهه تي رکي، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي گهر ڏانهن وڌي. هو اڳ ئي شرم جي ماري هئي. ويتر رئي جي پلاند، کيس شرمائي ڇڏيو هو. هو سوچڻ لڳي، ابي امان جي پڇيو ته ڇا ٻڌائينديس؟ ڀلا جي سچ ٻڌايان به کڻي نياڻي جي ٻار تي ويساهه ڪندا؟، جهڙا وسوسا دل ۾ ويچاريندي رهي، چپ چاپ ۾ کاري رڌڻي ۾ رکي، ڪم ڪار ۾ لڳي ويئي. چلهه تان سموري خاڪ ميڙي ڍير تي اڇليائين. موٽي اچي چلهه ڀرسان، گهڙا منجي تي رکيل ڪوري دلي مان پاڻي اوتي، اٽي ڳوهڻ جي تياري ۾ لڳي ويئي، ماڻس سندس ڪم جي طريقي ڪار ۽ چهري تي منحوس ڇاپ ڏسي دير ئي نه ڪئي، کير جي پچر ڦٽي ڪري، هن جي ڀر ۾ اچي بيٺي، ”امان ڇا ڳالهه آهي؟“. ”نه امان نه“ جهڙا لفظ ملوڪان وات مان ڪڍيا. پر هو ماءُ جي ممتا اڳيان ٿڙڪي رهي هئي، ڏڪي رهي هئي. هن رئي جو ڦاٽل پلئو پنهنجي جهول ۾ وجهي ڇڏيو. ماڻس کاڏي تي پنهنجا شفيق هٿ رکي راز وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. تڏهن ملوڪان به زبان چوري، اڌو گابري ئي سهي پر حقيقت ته ٻڌائي، ماڻس مرڪي چيو ”ڪا ڳالهه ڪانهي؟“ ماڻس پنهنجو سڄو هٿ ڌي جي مٿي تي رکي چيو ”ڀلا صالح اولاد جي پرک، ماءُ پي کي نه هوندي ته ٻيو ڪنهن کي هوندي. منهنجي ڌي تون وڃي ڪم ڪر“ ائين چئي ماڻس وري وڃي کير ولوڙڻ ۾ لڳي ويئي. ملوڪان کي ماءُ جي انهن لفظن وڏي سگهه ۽ همت ڏئي ڇڏي. هن جي آفتاب چهري تي هڪ دفعو ٻيهر ڳاڙهاڻ موٽي آئي. سندس ڳل تي امرتي رتوبت وري ڀرجي آئي.
    ملوڪان رڳو نالي ۾ ملوڪان نه هئي. مگر خدا هن کي پاڻ ويهي ٺاهيو هيو. تڏهن ته سندس ساهيڙيون ڪڏهن هن کي ته ڪڏهن وري خدا کي قصور وار ڪنديون هيون. ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته خدا اسان جي مٽي مان ڪجهه زياده حصو کنيو. ڪجهه اسان جي ٺاهڻ واري ٽائيم مان زياده ٽائيم، ملوڪان کي ڏئي ٺاهيو. تڏهن سڀني ساهيڙين ۾ ٽهڪڙو مچي ويندو هو. ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي، وينگسي وار، پهرين ماهه جي چنڊ جهڙا ڪماني ڀرون، هرڻي وانگر وڏيون غزالي اکيون، سنهو ڊگهو نڪ، گدري جي ڦاڪ جهڙآ چپ، ويڪري اڀريل ڇاتي، ڇاتي مٿان ٻه ترندڙ ۽ جواني ۾ ٽمٽار گنبذ، ڇاتي کان هيٺ وري ٻيٽ جي چهي جهڙي نازڪ نفيس چيلهه، چپن تي نه مرندڙ مرڪ ۽ چهرو چوڏهين جي چنڊ جيان باهه سندس سونهن ۾ چار چنڊ هڻي ڇڏيا هيا. هن جو بدن ٽريٽران پهرڻ سان لڪي نه ٿي سگهيو. هن جي نڙي مان، هيٺ لهندڙ گرهه، نس نس مان پيو ظاهر ٿيندو هو. دستوري طرح اڄ به ڀنڀرڪي ڌاري، لوڙهي مان ڊنگهريون، اروڙي تان سڪا ڇيڻا، ميڙي کاري ۾ وڌائين. هي مٿي اٿي ته پکي واهيري مان ٽاهه کائي اڏاڻا. هن کاري کي چيلهه تي، هڪ هٿ جي ٻل تي مضبوطي سان جهليو، ٻي ٻانهن کي زور سان ڇنڊي هلڻ لڳي، تڏهن ٻانهن ۾ پيل چوڙين جي ڇڻ ڇڻ، ائين آواز ڪڍيو پئي، جيئن قيدي سنگهرون وڄائيندا هجن. تيز هوا جي جهوٽي ۾ پنهنجو پاڻ کي جهلڻ هن لاءِ مشڪل ٿي پيو. هن ڪيئي ٿيڙ کاڌا. هن جي چيلهه نانگ وانگر ست وڪڙ کاڌا، مگر چيلهه تان کاري هيٺ نه ڪري. رئو اڳئين وانگر، وري به مٿي تان لهي، اچي ڳچي ۾ پيو. هن ڳچي مان ڇڏائڻ جي ڪئي ته وري ساڳي ڪنڊ هيٺ اچي ڦاٿي. هن رئي کي باهه مان کڻي سٽ ڏني، ڇو ته اڳئين واقعي مان ئي مس مس جند ڇٽي هيس، رئي کي ته ڇڏائي نه سگهي مگر پاڻ وڃي هيٺ ڦهڪو ڪيائين. سندس انگ انگ لرزجي ويو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته رئو ڊنگهرن ۾ ڦاسڻ بجاءِ ڪنهن ڪسائي جي هٿ ۾ هيو. هو ڄاتل سڃاتل ۽ نامي گرامي، پاڙي جو ئي رهاڪو هيو. جيڪو نه رڳو، جنسي حوس جو شوقين، پر سندس ان ڪڌي ڪاروبار ۽ ڪريل حرڪت ۾ حد جو عملدار، ڳوٺ جو رئيس به رل مل هيا. ملوڪان پهرين پنهنجون غزالي اکيون روئڻ هارڪيون ڪري ڪاسائي ڏانهن ڏٺو ۽ اکيون اکين ۾ ملائي چوندي رهيس ”مريم جي تقدس جي صدقي ٽري وڃ، انسانيت جي ناتي قدر ڪر“ ڪاسائي نه مڙيو، ته پوءِ هن پاڙي جا واسطا، پيرن مرشدن جا قسم، وجهڻ سان گڏ، هُن جي پيرن تي ڪري پئي. ملوڪان جي اڀريل ڇاتي ڌرتي جي ممتا کي ڇهيو ۽ هٿن ڪاسائي جي پيرن کي مگر، هڪ به نه هلي. تڏهن ملوڪان پنهنجن جان ۾ همت ڌاري اٿي ۽ ڪاسائي کي ڀري چماٽ هنيائين ”ذليل او بي غيرت“ ملوڪان چماٽ ته هنئي پر ڪاسائي ڳت مان وٺي کڻي کڻي هيٺ سٽيو ملوڪان کان چيخ نڪري ويئي. ڪاسائي پاسيري کيسي مان رومال ڪڍي هن کي سنگهايو، ته متان رڙيون ڪري، ملوڪان جي جان ميڻ وانگر پگهرجڻ لڳي. سارو بدن ڪنوار ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويو. آفتاب چهري تي هيڊاڻ تري آئي. بدن ۾ ڪا لڇ پڇ ئي نه رهي. ڪاسائي، هن کي کانڀاڻي وانگر ڦيرائي پٺي تي رکيو. هن جون ٻانهون پنهنجي ڳچي ۾ وجهي اڳتي وڌيو. ملوڪان جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها. ڳلن تان لڙي هيٺ ٿي ڪريا. ڪجهه ماڻهن ٻني تي هر وهندي، ڪجهه وري پاڻي جو وارو وهندي اهو لڪاءُ ڏٺو. هو پاڻ کي تيس مار سڏائيندا هيا. وڏا شهپر (رکرائيندي) وڏا ڪپڙا پهريندي نه ماپندا هيا. پر اهو لڪاءُ ڏسندي چپ رهيا، سندن خيال هيو ته......؟؟
    ملوڪان جي ڊگهن وارن ٻنهي جي منهن کي ڍڪي ڇڏيو هيو، پر جڏهن ڪانو جي مٿن نظر پئي، ته هُن پنهنجو ٻچو سمجهي ڪان ڪان ڪئي، ڪانءُ جي هُل تي ڪيئي ڪانُ مڙيا پر ڪاسائي تيز تيز وکون کڻي، جوءِ مان غائب ٿي ويو. پويان سڄي شهر ۾ هُل متو، ٻيگهي متي، ته هو ڪاري هئي.....؟ بدڪار هئي....؟ پنهنجي آشنا سان ڀڄي ويئي.......؟!


    خواهش

    اڄوڪي صبح، هر ڪنهن کي مجبور ڪري رهي هئي، ته دُنوي معاملن، حرص حواسن کان هٽي ڪري، ڪو اهڙو گڏيل عمل ڪيو وڃي جنهن سان زندگي جي روزنامي ۾ ڪا تبديلي نظر اچي. اها ئي وجهه هئي. جو ڌنار پنهوار، مال متاع جي پيٽ ڀراءُ لاءِ گاهه پٺي تي ويا هيا، ته ڪي ڀريون مٿي تي کنيو موٽيا پئي. نوجوانن اوطاق جي اڱڻ کي ٻهاري ڏئي کٽون آڻي رکيون هيون، ڳوٺ جي اڪيلي کوهه تي نوجوان، ٻڍا ٻار وهنجي تڙ تڪڙ ۾ تياري ڪري رهيا هئا. هونءَ به ماحول ۾ ايندڙ، لمحن، تبديلين ۽ ڀلارن ڏينهن جو دل کولي آجيان ڪرڻ ۾ احمد مشڪل سان گسندو هيو. هو حساس دل هيو، تنهن ڪري وڌيڪ دردمند هيو. سج جي ڪرڻن نڪرڻ کان اڳ ئي هن پلڻ ولاڻيا. هو سويري ئي اگر بتين جي ڦارين، ماچيس، دل ۾ خدا جو خوف ۽ ذهن ۾ قرآن مجيد جي حافظي جو ڀنڊار کڻي بئراج طرف وڌيو. بئراج ۽ ڳوٺ ۾ مفاصلو سڏ پنڌ جو مس ٿئي ها. ڳوٺ جي بلڪل اوڀر ۾، رستي جي کٻي هٿ کان هڪ وڏو مقام هيو، جتي ورلي سان ايڪڙ ٻيڪڙ کبڙين، لاڻين جا جهڳٽا نظر آيا پئي. باقي پٽ ئي پٽ هو. هت وڏو جهنگ هو پر ڳوٺاڻن ڪاٺ ڪپي، کپائي ۽ ڪجهه ٻاري مقام سان خاص عنايت ڪئي هئي. هت ڪي ننڍيون، ڪي وڏيون ڪي گپ گاري سان لنبيل، ڪي بٺيون رنگين پترن سان مڙهيل هيون، ڪي مينهن جي گس جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري، زمين جي سطح سان اچي لڳيون هيون. ڪي قبرن جي وچ مان، ته ڪٿي پاسن سان، ڪانڊيرا، ڊڀ ڦٽل هئا، جيڪي بيوسي محسوس ڪرائي رهيون هيون. ته پونئيرن مان، ڪنهن ڪيتري، هنن مرده عزيزن جي سار لڌي آهي....!
    احمد ترتيبوار پيءُ، چاچا، ڀيڻ جي بٺين تي پوءِ عزيز، رفيقن کان ٿيندي نامعلوم قبرن تي هڪ هڪ اگر بتي ٻاريندو. چار قل بخشيندو اڳتي وڌندو رهيو. ان وچ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو عزيزن تي ابتا سبتا قل پڙهندي، تڙ تڪڙ ۾ واپس ٿي وريا. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ مئلن تي احسان ڪرڻ آيا هئا. قبرون اڻ کٽ هيون. هي هيڪل هيو، قبرن ۾ دفن ٿيل روحن جي پڪار اڻ کٽ هئي ۽ هن کي صرف هڪ دل هئي. پنهنجي وت وس آهر قبرن تي ڦٽل ڪانڊيرن، لاڻين ۽ ڊڀن کي هٿن سان پٽيندو، قبرون ميساريندو رهيو. هن جي هٿن کي جهير آيا، لڦون پيون پر پوءِ به ڪا پرواهه نه ڪئي.
    هي اڳيان هڪ ننڍڙي بٺي آ.مگر اوچائي ۾ سڄي مقام کان اوچي هئي. احمد بٺي جي سڄي ڪنڊ کان جهڪي لئي، لاڻي پٽي پوءِ اُتي ئي ويهي اگر بتي ٻارڻ لاءِ کوکو کوليو، کوکو خالي هو. ”او. ..... هو“ هن اجنبي رڙ ڪئي. رڙ ۾ ڪو درد هو. جنهن زلزلي جي جهٽڪي جيان، بٺي کي ڀاڪر پاتل نيگرن کي جاڳايو هي ڪيڏي محل کان ستل هئا؟ سا خبر نه هئي. پر هو ڏاڍا ٽڪل، نٻل، رُٺل لڳي رهيا هئا. ائين لڳو پئي ڄڻ ڪائنات جي ڪا گود هنن کي ننڊ، پيار نه ڏئي سگهي هئي. ٻارن جي معصوم اکين مان ڪرندڙ سمورا ڳوڙها ڊسڙ بٺي ۾ گم ٿي ويا هئا. بٺي جي مٽي بلڪه آلي هئي. هنن جي پاڪ ڇا تي بلڪل پگهر ۾ شل هئي. ڳل ڀرون ڌوڙ ۽ مٿي ۾ لين جو ٻور. احمد جي اونهي ساهه کڻڻ تي نيگرن ڇرڪ ڀريو، احمد انهن کي ڏسي وڌيڪ ڇرڪ ڀريو.
    ”توهان هتي ڪيئن؟“
    “تون هتي ڪيئن“
    ”مان هتي پنهنجن جي، عزيزن جي سار لهڻ آيو آهيان“
    ”سار“
    ”ها جيڪا وڃڻ وارا پوئيرن کي ڪري ويندا آهن. هن جواني ۾ خوب عيش آرام، شباب ڪباب، ڌن دولت گڏ ڪئي. مسڪينن کي، نه خير، نه تن تي ڪپڙو ڏئي سگهيا. فضيلت جا ليڪچر هنن کي گار مثل لڳندا هئا. پر موت وقت صرف پارت. .... پارت“ احمد خيالن ۾ گم ٿي ويو.
    ”...... پر ادي ظلم نه ڪيو، نه دولت ڪٺي ڪئي نه بڇڙن ڪمن عيوض وصعيت ڪئي. پوءِ........ پوءِ خدا ڇو کسيو؟ جي بڇڙا ڪم ٿا ڪن، تن لاءِ خدا چپ آ، ڄڻ ڀت آ، باقي باقي.....“ پهراڻ پهريل نينگر ڳالهايو. هن ڳالهائي بس ڪئي ته ڀر ۾ بيٺل ٻن نينگرين گڏيل التجا ڪئي ”چاچا هڪڙي اگر بتي ٻاريون هن ننڍڙي مٿان“ ”ها ها ٻچڙا هڪ ڇو؟ جيڪي وڻي، سو ٻاريو“ احمد ائين چئي کوکو نينگرين حوالي ڪيو. هڪڙي کوکي ۾ ٻنهي نينگرين جا هٿ. هڪ چوي مان ٻاريان، ٻي چوي مان ٻاريان پر پهراڻ ۾ ملبوس نينگر اهو چئي جهيڙي کي ٽاريو ”ٻئي ڇڏيو مان ٿي ٻاريان“
    ”ٺيڪ آهي تون ئي ٻار، پر کوکي مان ڪڍون ته سهي“
    ”او هو. ..... هي کوکو ته خالي آ هي“ ٻارن رڙ ڪئي.
    ”هان بابڙا پيڪٽ خالي آهي، نه نه ڪجهه هوندس“ احمد خبر وار هوندي به، پڪائي ڪئي.
    ”نه چاچا هي خالي آهي، ڇا هر شي خالي آهي؟ پوءِ ته دل به خالي هوندي. اوهان وٽ وڏين قبرن تي، رنگ برنگي چٽسالي سنگمرمر بٺين تي، گلاب جي گل سان مهڪندڙ وچ پيٽ وارين قبرن تي، اگر بتيون ٻارڻ لاءِ هيون. هن ڊسڙ معصوم بٺي تي آيو ته پيڪٽ خالي، دُعا به ڪانهي ۽ دل به خالي. پوءِ سار ڇاجي؟ ٻارڙا معصوميت مان جو ڪجهه چون پيا. تن جي خبر هنن کي به نه هئي، بس درد سڀ ڪجهه چوائي پيو.
    احمد اڳ ئي ڏکارو هيو. ٻارن واتان لفظي ڇنڀ جهڙا حرف ٻڌي ويتر ڏکارو ٿيو. هي پاڻ تي پشيمان ٿيو، پوءِ پاڻ کان پڇيو ”هڪ به تو وٽ نه بچي جو هن بٺتي تي ٻارين ها“ ۽ پوءِ پاڻ ئي سوال جو جواب ڏنو ”ڪا هڪ هجي خالي، ته ان جي روح کي تسڪين ڏيان. هت ڪير ڪنهنجو ڪونهي. مئي کانپوءِ ڪير ڪنهنجو ڄڻيو ئي ناهي“ هن آهستي آهستي پاڻ کي Depression مان، احساسيت جي آزاريندڙ لمحن کان ڪڍي، ٻارن تي شفيق پيءَ جيان، هٿ ڦيريو، قرب ڏنو ۽ پوءِ پڇيو
    ”توهان ٻچڙا هت ڪيئن؟“
    ”سار“
    ”ڇاجي سار؟“
    ”ادي جي“
    ”ادي جي“
    ”ها هي ادا جي بٺي آهي. اسان گڏجي ادا کي وٺڻ آيون آهيون. صبح کان سڏي سڏي ٿڪجي پيون آهيون سڻي ئي نه ٿو. سڏڪي سڏڪي ساڻيون اچي ٿيون آهيون، ريجهي ئي نٿو. اڄ عيد آهي، سڀ ٻار پنهنجن ڀائرن سان گڏ نوان ڪپڙا پهرن ٿا. اسان ڪنهن کي پهريون، هو هڪٻئي سان کيڏن ٿا اسان ڪنهن سان کيڏون؟“ وڏي نينگر سڏ ڪندي جواب ڏنو.
    ”اوهو بابڙا هي جو توکي پهراڻ پهريل آهي. هي ڪنڊڙن تي ڪانچ سُٺي سُٺي“. پهراڻ پهريل ٻار، آڱر وات ۾ وجهي، هن کي ٻڌو پئي، تڏهن ٻن ٻارن اڌورا لفظ ڪڍيا.
    ”ادي جا ڪپڙا هن پهريا، ادو ته نه ٿيو، ٻيا عيد گاهه ويا. اسان کي امي خرچي ڏني. اسان به عيد گاهه وڃڻ بجاءِ سدوري جي دوڪان تان ٽافيون، کٽ مٺڙا، رسيلي سپاريون، جولي وٺي هت پهتيوسين، جيئن ادا به کائي اسان به کائون پر پر...... ادا کائي نه ٿو. ڀلا چاچا ادي جي ڪاوڙ ٺهي ٿي؟ هان چاچا، ادا ڪڏهن ايندو؟ اسان هر سال انتظار ڪيون، هر سال وٺڻ اچون، نه اچي ٿو. نه پرچي ٿو..... امان چوي ٿي، بابو چوي ٿو ادي کي الله پالي ٿو..... وڏو ٿيندو الله کان موٽي ايندو...... هان چاچا الله ڪٿي ملندو.....؟ ڪيئن هوندو آهي..... چاچا چپ ڇو آهين؟ ڪڇين ڇو نٿو؟.....“ نينگرين جي يڪساهي سوالن جي هن تي پرمار ٿي. هڪ ڳالهائي بس ڪري، ٻي ڳالهائي، هو بس ڪري ته ٽين ڳالهائي، نيٺ احمد ٻارن جي ڳلن تي، وارن تي هٿڙا ڦيرائيندو سمجهائيندو رهيو ”الله وڏو آهي، ادا الله ڏيندو، ادا رُسيو ٿوري آهي، هو هن سال اچي ويندو“ احمد جي دلاسي تي ٻار ريجهي ويا. احمد اڳيان ٻار پويان. هڪ بٺي آئي وڏي نينگر بيهي رهي. ننڍن ٻارڙن رڙ ڪئي ”چاچا ادي هُن بٺي وٽ بيهي رهي آهي“ احمد پوئتي ڪنڌ ورايو ”دادلي، ڏاهي اچ اچ، ڇو بيٺي آهين؟“
    ”چاچا....... چاچا“
    ”ها چئه“
    ”هت امان هڪ دفعو وٺي آئي هئي. هي ڏاڏي جي قبر آهي، ڏاڏي بابا کي پٽيو هو“
    ”ڇا تان؟“
    ”بابا ننڍي کان شرارتي هيو. هن وٽ ڪبوتر، پاريهر، سها ڌاريل هيا، جڏهن ٻلو ڪو ڪتو، پاريهر يا سهو کائي، ته بابا انهن کي پڪڙي ماريندو هو. ڳوٺ جي ڪتن کان بڇ ڪرائيندو هو. ڏاڏي بابا کي جهليندي هئي ته بابا چڙ مان ان کي به ماريندو هو. هاڻ ڪو ادو بچي نٿو، ڪو ادو اچي نٿو، ڪو ڪو ڪو.......“
    ”توکي ڪنهن ٻڌايو“ احمد پڇيو.
    ”امان“
    ”امان ڪوڙ ٿي ڳالهائي“ احمد نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ها پر چاچا، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ بابا جي سزا اسان کي ٿي ملي، بابا ڄاڻي ڏاڏي ڄاڻي اسان کي ته ادو گهرجي“
    ”ها بابا وٺنداسين، الله کان به پڇنداسين؟ ڏاڏي کي بد دعا واپس وٺڻ جو چونداسين“ ايتري ۾ مسجد جي لائوڊ تان پڙهيو آيو. صالح جون نينگريون گم ٿي ويون آهن، جنهن کي به خبر هجي يا هٿ اچن ته گهر پهچائن، گهر وارا سخت پريشان آهن.


    ڀاڙيا ڀاڙين جا يار

    بادل کانڌي جا پراڻا ڪپڙا پائي آفيس پهتو. هر ملازم هن کي ڏسي، ٺٺولي مبارڪون ڏيڻ لڳو. هي مبارڪون وڏي اطمينان سان وٺندو رهيو. هي زندگي مان ڪڏهن به نااميد نه ٿيو هو. سندس چوڻ هو ته زندگي کي ظاهر لباسن ۽ لباسڙن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪجي. هونءُ به هن کي بغير استري جي ڪپڙا پائڻ ۾ مزو ڏيندا هيا. اڄوڪي ڏينهن تي، هر ملازم، سٺي مان سٺي ڊريس پائي اچي پهتو هو، بادل کي به ماءُ زوري استري ٿيل ڪپڙا پارايا هئا. هفتي جو پهريون ڏينهن صبح سان چٽ پٽين خبرن سان متل هو. مٿان وري گهڻي گرمي، گهٽ، مس مس آسمان تي ڪڪر ميڙايا هيا. هلڪي بوند، ته ويتر هر ڪنهن جي چهري تي، نکار آڻي ڇڏيو هو.
    بادل حاضري هنئي، هن کي سالن کان پوءِ گهڙي کن جي مليل موسمي خوشي به پيرن مان کسجي ويئي. چپن کان کسي ويئي. هن ڏٺو ته اڳئين ڏينهن جي Initial مٿان گول دائرو لڳل هو. هي بغير ڪجهه ڪڇڻ جي ڪينٽين ڏي ويو. ڪينٽين آفيس ڀرسان هئي. ات اڳ ئي کاٽو پٽ، کوٽا سڪا ويٺا هئا. هن کي ڏسڻ سان ئي سڀني ٿڌو شوڪارو ڀريو پوءِ گڏيل آواز ڪڍيا ”بادل چانهه پي“
    ”مهرباني“
    ”يا سڀني کي پيار“
    ”ها پيارڻ سان ڪو کٽي ويندس؟“
    ”ها سائين بادل جي پوري پوري لئي آ“
    ”آفيس ۾ به بادل، صاحب وٽ به بادل، صاحب به جيڪا هن جي ٻڌي ٿو نه، اصل ئي پٿر تي ليڪو.....“ هو سڀئي واري واري سان ائين بادل کي کڻندا رهيا. جيئن ملهه پنهنجي مقابل ملهه کي سندري وقت اڳيان پويان، اکر ويڙهائي ڪيرائيندو آهي.
    هنن کي بادل ورندي نه ڏني، ٻڌي اڻ ٻُڌي ڪندي سوچڻ ۾ محو رهيو ”مون سان ائين ڇو ٿا ڪن، ڪنهن کي دانهن ڏيان؟ مون سڀني کي پيار ڏنو آهي، سڀني سان ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ آهي، ڊيوٽي جو پابند آهيان.... پر فطرت ۾ سچ سمايل آهي..... ها اهوئي مون ۾ نقص آهي، ٺيڪ آهي چنڊ به اڻ ٿڪل مسافر آهي، هو ٿڪو آهي جو مان ٿڪجان“. بادل دل کي ارادن جا بند ٻڌندو. آسرا ڏيندو، جياريندو رهيو. ٽيبل تي چانهه رکئي ڪافي دير ٿي. هي اڻ پيتي جي نشن ۾ گم رهيو.
    ”اي چانهه پي......“
    ”ٺاري پي نه، تنهنجي مرضي ڇا.....؟“
    ٺارڻ ۾ مزو واهه جو اٿئي!“
    هو نمبروار ڊائلاگ ڳالهائيندي آفيس طرف وڌيا. بادل ڪاريهر جيان وروڪڙ کائيندي دل ۾ گجندو رهيو ”ڇو نه جلايان هنن کي، ڇو نه ٺونشا منهن تي برسايان، ايترو ماريان جو هي ڦٿڪن رڙن، هڏڪيون ڏيندا رهن ۽ مان ٽهڪ ڏيندو رهان. اهو سلسلو تيسين جاري رکان، جيسين گهڻي پئسي ڪري تڪبر ۾ وڪوڙيل ذهن موٽي اچن، هنن کان سڀ خوشيون، جسماني سونهن کسي وٺان، ڇني وٺان، تاڪه هنن کي خبر پوي چٿر ڇا ٿيندي آهي؟ انسان کي ستائڻ جو وهنوار برو هوندو آهي؟ مگر هي خدا جي خدائي تي چپ رهيو. اندر جي جذبن کي ٽانڊن تي پاڻي جيان وسائيندو رهيو.
    هن چانهه پيئڻ شروع ڪئي. ذهني نشونما کي ڪجهه گهڙي ساعت ملي، بکي پيٽ جي ڪنهن قدر بک ٽري. هن جي ذهن ۾ وري سوچ اڳتي وڌڻ لڳي ”آفيس جي معاملن تي به صاحب ئي پڇا ڪئي هئي. پوءِ جي مون ڳالهايو ته ڇا ٿيو؟ ڀلا ان ۾ ڪوڙ ته ڪونهي ڪو. هت اڪثر ڪرپٽ آهن. هر شئي تي پئسا وٺن ٿا، ڪميشن کائن ٿا، ناقص مٽيريل استعمال ڪن ٿا. Even خالي پاٺا به تور تي کپائن ٿا. ڀلي کائن، ڀلي کپائن. ٺيڪ آ سڀ ڪو پنهنجي کڏ ۾ ڪرندو پر هي ايڏا ڪريل آهن جو Labour کان نٿا مڙن، ٽرڪون لوڊ ۽ ان لوڊ تي سرڪاري في ڇهه سو رپيا ڏيکارين ٿا. مسڪينن کي ٻه سئو ڏين ٿا. اهڙي طرح ستن مزدورن ۾ في مزدور ساڍا اٺاويهه رپيا کڻي وڃي ٿو. هنن جي هوائي روزي آهي. ان روزي تي ٻچا پلجن ٿا. هي استحصال آهي. ظلم آهي. ظلم خلاف نه ڳالهائيندڙ به ساڳيو سزا وار آهي. گهٽ ۾ گهٽ مان ان ظلم ۾ حصيدار نه بڻجندس. بادل سوچي سوچي، پنهنجي منهن ڀڻڪندي جولان ۾ اچي ويو. هي پگهر ۾ شل ٿي ويو. هن جي نرڙ مان هن جي نس نس مان باهه پئي نڪتي، ايتري ۾ هن جي مٿان Helper اچي بيٺو.
    ”بادل“
    ”هون“
    ”صاحب سڏي پيو“
    هي تڪڙا تڪڙآ قدم کڻندي آفيس ۾ داخل ٿيو. صاحب ريوالونگ ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي، فائل ڏسندو رهيو. اڳيان ڪائي جي پنج باءِ چار ٽيبل تي سعودي جي تسبي پئي هئي، بادل کي صاحب سڃاڻيندي به پڪائي ڪئي ”اوهان جو نالو“
    ”بادل“
    ”ته اوهين آهيو بادل.......... اوهان شيخ ۽ جاويد جي Misbehave ڪئي آهي.
    ”نه سر مون نه، پر هنن بي واجبي ڪئي آهي“
    ”وري الٽو انهن تي الزام“
    ”الزام نه پر حقيقت آهي، مون سائينجن سان جنهن ڏينهن کان گفتگو ڪئي آهي ان کان پوءِ هي. ......“
    ”بس بس.....“ صاحب اڌ ۾ ڇنڀندي کڻي چپ ڪرائي. بادل چپ رهيو. صاحب سگريٽ دکائيندي وري پڇيو ”غريب آهين“
    ”آهيان“
    ”غريب ۽ عزت“ هي پنهنجي منهن لفظ ڪڍندي کائي ويو.
    ”نوڪري سر، سرڪار جي ڪيون ٿا، عزت ذلت رب جي هٿ ۾ آهي. عزت عزت هوندي آهي، عزت ۽ غيرت جو غريب سان، هونءَ به گهرو رشتو آهي“. بادل صاحب کي جواب ڏيندي ٻاهر نڪتو. صاحب تپي باهه ٿي ويو. هن پوري طاقت سان بيل تي آڱر رکي. ٽر...... ٽر...... ٽر...... جو آواز چؤ طرف پکڙجي ويو.
    هيلپر حاضر ٿيو ”جي سر جي سر“
    ”آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪو بلاؤ“ چئي صاحب ڪچي ڊرافٽنگ لکڻ ۾ لڳي ويو.ٿوري دير کان پوءِ هڪ ليٽر بادل کي مليو، جنهن ۾ لکيل هيو:
    As you are irregular, unpunctual and disobedient you have misbehaved to bass. So you are being suspended ie 07-08-96 up to an other decision.
    This copy is for your information.


    ماءُ جو پٽ

    مان، انٽر جو امتحان ڏيئي ڳوٺ اچي ترسيس، ڳوٺ ۾ وڏي اوطاق هوندي هئي، جنهن ۾ ٽالهي جو وڻن، پنهنجي ڇانو سان، اوطاق جي اڱڻ کي ڍڪي ڇڏيو هو. اوطاق جي ڀر کان هلڪو واٽر وهندو هو. واٽر تي ڳوٺاڻن جون زمينون آباد ٿينديون هيون، روز مره وانگر مون به واهه مان، پاڻي جا ڏول ڀري، اوطاق جي اڱڻ کي وهنجاري ڇڏيو هو. گهر مان کٽ ۽ ريڊيو کڻي اچي ليٽي پيس، ٽالهي جون ٽاريون هوا جي لڳڻ سان سنگيت ڇيڙي ويٺيون. ڳوٺ جا اڪثر ڇوڪرا توڙي هاري ناري اچي ٿڪ ڀڃندا هئا. ڪچهريون به ٿينديون هيون، ڪچهريون مختلف موضوعن تي ٿينديون هيون، اڄ مون وٽ صرف جانڻ ويٺل هو، هي سٺي دوست سان گڏ سوٽ پڻ ٿئي. جانڻ کي گهران سٺي ڇنڊ آيل هئي، هن جو چهرو لٿل ڏوراپيل پئي لڳو. هي سدائين کلندو ايندو هو. پر اڄ جي ڇنڊ، هن کان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو. هي سمورا ڏک مون وٽ اورڻ لڳو، اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيائين ”بابا جو، گهر وارن سان اڍنگو رويو ڏسي ڏسي، تنگ ٿي پيو آهيان، ٿوري گهڻي ڳالهه تي شوم ٿي ويندو آهي، جهيڙي جي وچ ۾ اچي ماءُ کي ڇڏايم، ته مون کي کپي ويو. خرچ لاءِ پئسا گهريم ته وير وهايم“ جانڻ مون کي اٽلندو سوال ڪيو ”تون ٻڌاءِ پنهنجي وني هوندي ٻئي ڪنهن سان روح ريجهائڻ، تن من ڌن ان تان گهورڻ، ڪهڙي انسانيت آهي؟ مون هن جا لڙڪ اگهڻ ۽ آٿت ڏيڻ ۾ وسان نه گهٽايو. گهڻي دير بعد هو ٿڌو ٿيو. مون هن کي هوش مان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪندي کٽ تي ويهاريو. مون دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته جانڻ جي هر ممڪن مدد ڪندس. پر مدد، مسئلي کي سمجهڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ بغير اڌوري رهندي، جهڙا خيال ذهن ۾ اُسرڻ لڳا. نيٺ دل ٻڌي حقيقت پڇيم ته جانڻ جواب ڏنو ”اهو گهر جنهن ۾ کبڙ آهي نه“
    ”ها ها“
    ”ان گهر جي رنوٽي جيندو بابا کي لٽي ڇڏيو آهي“
    ”جيندو جي تنهنجي پيءَ سان ڪيئن لڳي؟“
    ”بس هڪ بڇڙو عشق، ٻيو مذهبي ڌٻڻ ۽ ٽيون غلط رسمون بنيادي ڪارڻ آهن“
    ”مثلاً“
    بهراڙي جون عورتون توڙي مرد، گهٽ علم ڪري ڪافي مسئلن ۾ جڪڙيل آهن، ڪا عورت، ڪنهن بيماري مان، نه ٿي ڇٽي يا عورت کي اولاد نٿو ٿئي ته هو سٺي ڊاڪٽر وٽ وڃي علاج ڪرائڻ بجاءِ پئسي خرچ ڪرڻ بجاءِ وڃي پيرن، ولين تي باسون باسينديون، ڪنهن مڪار کان تعويذ ڪرائينديون، بابا جهڙي ڪوري ڄٽ، جنهن کي وضو ڪرڻ جي به خبر نه آهي، تنهن کان وتنديون ڦيڻا پڙهائينديون، ڪي نوجوان ڇوڪريون شوقيا طور ۽ ڪي بيماري ۾ ڦاٿل ڦاسيو وڃن. هر مهيني ڌاڳو وٺن، ٻارهين مهيني ڪنڌ هڻن، چلي طور ڇيلا ڏين، پوءِ تون پاڻ سمجهين ٿو.....!؟“
    “Oh! My God…….!”
    مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، سچ پچ ته ان اونهي گار ۾ هليو ويس، جتي ڪنهن ڪنواري جي اسرندڙ ممتا، نازڪ نفيس بدن ۽ پيرن جي پازيب زندگي جا پر رونق ڏينهڙا، رنگ برنگي سيجون وحشي چنبن ۾ ڦاٿل، انهن علم جي تخليقڪارن تي ڀونڊا هڻي رهيون هيون، جن مصنف جي حيثيت ۾ ڪتاب لکيا، پينٽر جي حيثيت ۾ رنگ ڀريا، پر ڪو هڪ ڪيس به، علمي طرح کٽي نه سگهيا، ماڻهن جون دماغ واش ڪري نه سگهيا......!
    منهنجي وجود کي جانڻ، اتي موجود نه سمجهندي ڪن جي پاپڙي کان، زوردار چهنڊي هنئي، تڏهن منهنجا حواس زندگي جي عام واهپي ڏانهن موٽي آيا.
    ”ڪٿي آ تنهنجو دماغ؟ تو کي به ڪا عشق جي باهه ياد آئي ڇا؟“
    ”ڪجهه نه، ڪجهه به نه، مان ته اتي آهيان، جانڻ تو وٽ آهيان“
    ”تون، منهنجي مدد ڪندين؟“
    ”ڪهڙي“
    ”ان رنوٽي مان بابي جي جند ڇڏائڻ جو گس ملئي ته دير نه ڪجان، منهنجي صدقي، دوستي صدقي“ جانڻ اهي لفظ چئي هلي ويو. مان، ريڊيو جي سئي کي حيدرآباد اسٽيشن تي سيٽ ڪري ٿورو آواز ڏئي، سمهي پيس، ڇو ته فرمائشي گانا اچڻ ۾ ٻه ٽي منٽ باقي هيا. سانوڻي جي موسم ڪري سڄي آسمان تي بادل ڇانيل هئا. هوائن جي زور تي، ڪي بادل هيڏي ته ڪي هوڏي ڀڄندا ٿي ويا. تيز هوا جي ڪري ٽالهي جي وڻن جون ٽاريون لڏن لمحن پيون. آسمان ۾ گوڙ ڪري ريڊيو جي Transmission ۾ خلل ۽ ٽڙ ٽڙ بند نه ٿي. نيٺ مجبور ٿي Volume بند ڪري سمهي پيس. رات جو مڇرن جي چڪن ۽ گهُٽ گرمي سبب اوجاڳيل هئڻ ڪري، ننڊ منٽ ۾ ئي پاڻ ڏانهن گهلي ويئي. اوچتو مونکي ننڍڙي ڇوڪري زيبو ننڊ مان اٿاريو. ڪچي ننڊ مان جاڳڻ ڪري باهه ڏاڍي ورتو، پر سامهون ڇوڪري زيبو ڏسي ڪاوڙ جهڪي ڪيم. زيبو پهرين ڊني، پر پوءِ منهنجي چپ رهڻ تي هوريان بلڪل هوريان چوڻ لڳي ”چاچا جيندو آهي نه جيندو“. ”ها ها ڳالهه ڪر“. ”اها انهي ڪمند واري ٻني ۾ گهڙي ويئي آهي“. چاچا جيندو ڇو وئي آهي؟“ زيبو ناسمجهي مان مونکي سوال ڪيو. مون سوال ڏيڻ بجاءِ زيبو کان پڇيو ”تون منجهند جو پيرين اگهاڙي گپ ۾ ڪاڏي نڪتي آهين“. زيبو ورندي ڏيڻ بغير سڄي ٻانهن مٿي ڪئي هٿ ۾ آچار هُيو. ”چڱو هل گهر هل“ تڏهن زيبو گهر ڏانهن تيز ڊوڙندي ويئي.
    مان ذهن کي ڊوڙائڻ لڳس ”جيندو. .... ڪهڙي جيندو؟“
    پوءِ هڪدم ذهن تي ياد اچي ويئي. ها هي اها ئي جيندو آهي، جنهن جو مون سان جانڻ ذڪر ڪيو هو. مان ڊڄندو ڊپندو، پهرين تيز تيز ۽ پوءِ آهستي ٻلي پير هلندو اڳتي وڌندو ويس. ڪنن کي وڌيڪ سرلو ڪيم ته ڪٿان ڪو ڳالهاءِ، ڪو گوگاءَ ڪا ڀڻ ڀڻ من ڪني پوي. مينهن جا ڦڙا ڪمند جي پنن ۾ ڦاٿل هئا سي منهنجي لنگهڻ سان، مٿي کان ٿي، ڳلن تي ڪريا. ته ڪن ڪپڙا ڪافي آلا ڪيا، ڪن منهن ۾ جهير ڪيا. سوچيم ته ماڻهو هيڏن مڇرن کي منهن ڏئي گاهه ڪيئن ٿا ڪن؟ عشق ڪيئن ٿا ڪن، پر عشق لاءِ ٻي اهڙي آسان آماجگاهه ملندي ڇا؟ خير سڀ ڪجهه سهندي اڳتي وڌيس، سامهون غزالي اکيون، ڪنهن جي انتظار ۾ پنهنجي ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي سان، هيڏي هوڏي ڪر کڻي نهاري رهي هئي. هن جو رئو، مٿي تان ڪري، سندس ئي چيلهه کي، ڪمند جي لڙهه ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. هن جو اڌ جسم ڍڪيل ۽ اڌ اوگهڙ هو. هن جا ڊگها، سنها، وڏا وار ڪلهن تي گسائي پيرن ۾ ٿي پيا، ڄڻ ته ڪو ٻوڙو هو، جنهن ۾ هن، سمورو پاڻ کي ڪائنات کان لڪل عشق، بي خوف ٿي لڪائي رکيو هو. انتظار ۾ آيل پياس پي چڪي هئي يا ڇُهڻ تي هئي يا وٺي چڪي هئي، پر مون ته نظر پوڻ سان، سانءُ پکي وانگر جهُڪي، پوري توانائي سان ڇلانگ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻئي انگ ڪمند جي تراڇري گرين مٿان ترڻ لڳا. مون ان گهاٽي ٻوڙي ۾ هٿ وڌو. هو ”آهه“ ڪري شيش محل بدن سميت پيرن تي جهُڪي پئي، منهنجي نس نس ۽ ذهن جهومڻ لڳو. هي اهڙي ڪشش هئي، جتي هر سوچ مٽجي ٿي ويئي پئي، تڏهن ته پٿر دل ماڻهو به پگهرجي ويندا آهن. مان به اڃايل آهيان، پيئڻ ۾ ڇا آهي؟ مان به خدا جي هن آرٽ کي ڇهي ته وٺان، جيڪا خدا صرف انسان لاءِ جوڙي آهي، جنهن تي خدا، سڀ کان وڌيڪ ذهن، توانائي خرچ ڪئي آهي، ڪٿي هن سان ناانصافي ڪندي، ڪفارو ادا نٿو ڪريان؟ جهڙا سوال دل ۾ ذهن کي ڇيڙڻ لڳا پر سڀ شيون ڪفاري ۾ رکندي سوال ڪيم ”هت شوق خاطر آئين آن يا مجبوري خاطر“
    ”شوق ۾ سڀ مجبوريون لڪل آهن“
    ”ڪيئن سمجهاءِ؟“
    ”منهنجي شادي ٿيندي ڏهه سال ٿيا آهن، اولاد نه ٿيو، دوا ٿي درمان نه ٿيو، مڙس جي محبت ملي پر گل نه ٿيو، آخر هن گهر ۾ گل گهرجن، ڇا تون گلن جو انڪاري آهين؟
    ”نه مان گلن جو انڪاري آهيان ۽ نه خدا، پر گلن پيدا ڪرڻ لاءِ هن غلطان جو ڪٽر آهيان“
    ”ڪٽر“
    ”جي ها“
    ”ڪٽر ته ڪٽڙو ملان آهن، هو هڪ طرف ڪٽر، ته ٻئي طرف غلط نڪاح پڙهائڻ جا ڏوهاري پڻ، پر افسوس آهي جو اڄ معاشري جا چڱا چوکا به هو ليکيا وڃن ٿا“
    ”ان جو مطلب ته تنهنجو نڪاح غلط ٿيو؟ توکي مڙس بي مڙسي مليو؟“
    ”ٿي سگهي ٿو، هو مون کان گهڻي عمر جو هيو، منهنجي ماءُ پيءُ زوري شادي ڪرائي، ته جيئن مان انهن جي مائٽن ۾ وڃان، ٿي سگهي ٿو ته ذهني هم آهنگي نه هجي؟“
    ”توهان ڊاڪٽر وٽ پيشاب ٽيسٽ ڪرايو، وڏي ڊاڪٽرياڻي کي ڏيکاريو؟“
    ”ڪهڙا ڊاڪٽر“ هت ته جيڪي آهن ٻهراڙي ۾. تن کي ڏيکاريم، مڙس منهنجو نمازي هو. چوي ته سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي بس، باقي ڪٿان آيا ايترا پئسا، جو شهر وڃي وڏن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريون؟“
    جيندو جو جسم منهنجي پيرن تي جهڪيل رهيو. مون هن کي وڌيڪ ايذاءُ کان بچائڻ لاءِ مٿي ڪيو. هن کي لٿل چولو پارايو، پوتي مٿي تي رکڻ کان پهرين ۽ آخري سوال ڪيو ”توکي ڪارو ڪاري جي خبر آهي“. ”ها خبر اٿم، رڳو مان ڪاري آهيان! ته هو به ڪارا آهن. سزا مون سان گڏ، هنن کي به ملڻ گهرجي ۽ توکي به“
    ”مون کي ڇو“
    ”ها تون به هن جلوي ۽ خدا جي سڀ کان وڌي چٽيل جڙيل آرٽ ۾ رنگ نه ڀري، ڪٿي فطرت کي رسايو نه آهي. تون مذهبي ڀنڊار ۾ رهندي، متان مون تي ڪريو آهين؟ عشق مذهب کان مٿي آهي ميان! ائين چئي هو اکين کان غائب ٿي ويئي. مون هٿ هن جي وارن ۾ وڌو هو، سو هٿ ات ئي سڪي ويو. مس مس رڳن کي مهٽي سهٽي نيم ۾ آندم، رزلٽ اچڻ کان بعد چٽا ڀيٽي ذريعي داخلا آغا يونيورسٽي ۾ ٿي. مان ڊاڪٽر جو ڪورس پوري ذوق سان پڙهيو. آغا ۾ امتحان ۽ پڙهائي جي شيڊول خوب متاثر ڪيو. ائين وقت مصروف رهيو، جو محسوس ڪيم ته ڪنهن مغربي دنيا ۾ پهتو آهيان، جتي شاگرد وٽ اسٽرائيڪ، هڙتال، يونين بازي ڄڻ گار هيون.
    ڊگري وٺڻ کانپوءِ ڳوٺ وريس ته ان ئي ٻني جي ڊڀراٽي ٽڪري تي، مينهن جي ٻن ڍورن پويان، ڪا لٺ کنيو بيٺي هئي. هن جا وار چڳون چڳون ٿيل، ڪي اڇا ڪي ڪارا سينهون وانگر وٽيل هيا، سُٿڻ جا پاچا کُٿل. هڪ هيٺ هڪ مٿي، پير گپ سان ڀريل هيا. مون هن جي پاسي کان جڏهن پيلي ٽيڪسي سان ڪراس ڪيو ته چيائين ”پٽ ڀلي آئين“ مان هٿ لوڏيندو هن کي اجنبي وانگر ڏسندو اڳتي وڌي ويس. هن جا چپ گولاڙي جي ول ۾ ميسيل ڳاڙهن ڦارن وانگر لڳا. هن جا ڳل نٽهڻ اس ۾ ڪنهن مينهن جي ڳچي ۾ پيل ڪاري ٽلي وانگر لڳا. گهر ۾ پير رکڻ شرط امان کان ان عورت پڇيو، امان ٻڌايو ته جيندو آهي جيندو. هن جي مڙس کي ڊائريا ٿي. ان ۾ لوڙي لوڙي مري ويو ”امان ڀلا پٽ جو اولاد ٿيس“ مون امان کان سوال ڪيو.
    ”ها پٽ، پٽ جو اولاد ٿيس نه ٿي ويچاري......“ امان جي ان چوڻ سان مان خيالن ۾ دور هليو ويس. منهنجي ذهن جي کوپري مان ڪيئي سوال اڀريا، جان ميڻ جيان پگهرجڻ لڳي، ايتري ۾ پيلي ٽيڪسي کي سموري شهر جا ٻار ڦري ويا هئا. شور ٿيو. مان، ڇوڪرن کي تڙي چاڙهڻ لاءِ گهر مان ٻاهر نڪتس، سڀ ڇوڪرا هڪ سهڻي سيبتي ڇوڪري کي چيڙائي رهيا هئا ”ماءُ جو پٽ، ماءُ جو پٽ“ مون کي ڏسڻ سان، سواءِ هڪ ڇوڪري جي سڀ جا سڀ ڀڄي ويا. ڇوڪري جي بت تي ڦاٽل قميص پهريل هئي، چهرو گلاب جيئن ٻهڪي رهيو هو، ته ڪيڏي محل روئي رهيو هو. ڀڄي ويل ڇوڪرن مان، هڪڙي جي ٻانهن ۾، منهنجو هٿ پئجي ويو ”ڇو ٿا چيڙايو هن ٻار کي“
    ”سائين سائين هي ماءُ جو پٽ آهي، حقي پيءُ مان ٿوڙئي ٿيو آهي“ مان ڇوڪري کي سمجهائي موڪليان ٿو. ته ائين نه چئو، ائين چوڻ سان خدا ناراض ٿي ويندو. جيندو جو پٽ، اکين جا لڙڪ ٺوٺ سان اگهڻ لڳو. مون پيار مان ڳل تي چمي ۽ ڏهه رپيا ڏنا، ٻار ٺينگ ٽپا ڏيئي جيندو طرف ڀڄڻ لڳو.


    عشق

    مولوي مسجد مان، لائوڊ تي، عصر واري بانگ ڏني. پاڙي جي ننڊ ڦٽي پئي، اڪثر مولوي کي پٽڻ ۽ نندڻ لڳا. باقي ٿورائي ڪي هيا، جيڪي بانگ جي آواز ٻڌڻ سان ئي، مسجد ڏانهن وٺي ڀڳا، سڀاڳيون عورتون عصر سان ئي قرآن شريف جي دور ۾ رڌل هيون، ڪي دور ڪري، پنهنجي گهرو ڪم ۾ مصروف هيون، وَروُ پنهنجي کٽ تي، جاڳيو ته پئي، پر ڪچي ننڊ کيس اٿڻ جي زهمت نه ٿي ڏني، سندس ڀيڻ دور ڪرڻ بعد، سست ئي لوڙهي مان ڊنگهريون پٽي، آڻي رڌڻي ۾ رکيون. پاٽ اٽي جي گندڙي مان ڪڍي ڳوهڻ ۾ شروع ٿي ويئي. ماڻس رڌڻي جي ٺلهه ڀرسان کير ولوڙي رهي هئي. سندس تيز ڦيرن کير کي بوڻين جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. پکي پکڻ، داڻي پاڻي لاءِ چُون چُون، ٽيون ٽيون ڪندا سندس گهر مٿان وڃي رهيا هئا. پاڙي وارن جو مال جهنگ ڏانهن روانو ٿي چڪو هيو ۽ ڪجهه نڪرڻ تي هيو. ورو به جلدي ۾، چادر منهن تان هٽائي رڌڻي ۾ پيل گهڙا منجي تان، دلي مان پاڻي ٻڪ تي پلٽي کڻي ٿي منهن کي هنيائين. هيڏي هوڏي نظر ڦيرايائين، ته ڏاند قلعي تي موجود ڪونه هيا، سمجهي ويو ته بابا ٻني تي ڪاهي ويو آهي. هاڻ هو چلهه تي ويٺل ڀيڻ وٽ پهتو، جيڪا ماني پچائي رهي هئي. ماني اڃا تئي تان لٿي ئي ڪا نه، ته ٻيا به ننڍڙا ڀاءُ اچي، چلهه چوڌاري ڦري ويٺا، ٻار چون ته پهرين ماني اسان کي ملي. هو چوي ته پهرين ماني مونکي ملي. ڇو جو مال ڇوڙڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي. ماني لٿي ئي مس ته سڀني جا هٿ ماني ۾. پر هي سڀني کان وڏي هئڻ ڪري زور زبردستي سان، ماني جا ٽڪر کسي ويو. ٻارن پٽ تي ليٿڙيون هڻڻ شروع ڪيون. ڀيڻس کان به رهيئي نه ٿيو. ڀاءُ کان ٽڪر کسي، وڃي ٻارن کي ريجهايائين. وري هي روئڻ شروع ٿي ويو. ماڻس ڀڄندي آئي، پٽ کي پٽ تان مٿي ڪيائين. ڳلن تي هٿ، پيشاني تي چمي ڏئي اچي کٽ تي ويهاريائين، ڀيڻس هن کي ههڙن حالت ۾ ڏسي کلڻ لڳي. ماڻس کيس مخاطب ٿيندي چيو ””ننڍي ڀاءُ جو خيال ڪندي ڪر. ڀيڻ آهين يا......!“
    ڀيڻس، گرم ماني آڻي اڳيان رکي. ماڻس ته ججهي انداز ۾ تازي ڦٽي، گرم اوڦراٽن تي رکي ڏنائينس. هن ماني جا ٻه گرهه، ڄاڙي جي سڄي پاسي، ٻه گرهه ڄاڙي جي کٻي پاسي، اڌ ڍؤ، اڌ بک ۾ ئي کڻي بس ڪيائين. امان ”مال جا پيکڙ ڪڍ“ هن آواز ڪڍيو. ماڻس مال ڇوڙڻ لڳي. هن پنهنجو سامان کڻڻ لاءِ ڪوٺي ۾ ڀڳو، سامان لڀي ته لڀي، ڪوٺي اندران رڙ ڪيائين ”امان منهنجو سامان ڪٿي آهي؟ پڪ ادي لڪايو آهي، ادي الائي ڇو مون سان وير وڌو آهي“ ماڻس مال ڇوڙي ٿلهي تي پهتي، ڀيڻس پنهنجي منهن کلڻ لڳي. ماڻس سمجهي ويئي ڌي کي چوڻ لڳي ”ڇوڪري آهين يا ڏچو، سامان ڏي ڀاءُ کي ته وڃي مال ڏي، مال پوي نه ڪنهن جي پوک ۾ ته وري“ ڀيڻ ڪوٺي اندران گهڙي، ٻئي در مان نڪري منجي ڀرسان رکيل سامان کڻي آئي، رڳو سامان کڻي نه آئي پر هن پنهنجي هٿن سان، کلي کي پاڻي سان ڀري سندس ڪلهي ۾ وڌي. انگوڇو مٿي تي، لٺ هٿ ۾ ۽ گليل ڳچي ۾ وڌائينس ۽ پيار مان سندس ڳلن کي به ڇهيائين. نه رڳو ڳلن کي ڇهيائين پر خوب چوڻ لڳس ”پريت اٿم توسان تڏهن مذاق ڪرڻ کانسواءِ سري نه ٿي“. ورو مرڪڻ لڳو، ڀيڻس چپ چوريا.
    ”ادا هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
    ”پڇ“
    ”لٺ مينهون هڪلڻ لاءِ، انگوڇو، مٿي تي رکي مومن سڏائڻ لاءِ، باقي گليل ۽ پاڻي جي کلي، ڇا لاءِ کنئي اٿئي؟“
    ورو، ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ چوڻ لڳو ”پاڻي جي کلي گهڻي ڪم ايندي آهي، ڪو زخمي پاڻي پاڻي ڪندي، تڙپندو آهي ته ڍڪ پائي وڃي پياريندو آهيان. مال چاريندڙ ڌنار، سدائين جهنگن ۾ هوندا آهن، انهن کي پاڻي گهرجي....... واهڙ ۾ ڪڏهن پاڻي ملي ته ڪڏهن ملي به ڪونه، پر ڀيڻ هن ڀيري ته درياهه ئي سڪي ويو آهي، ٽٽيهر به درياهه مان پنڌ ٿو ٽپي اچي......!
    ”ڀلا گليل، ڪهڙي مرض جي دوا آهي جو کنئي ٿئي؟
    ”ها! نشاني لاءِ ڪم ايندي آهي“
    ”نشانا ته ماڻهو تي به ٿيندا آهن.“
    ”ها ڇو نه؟ پر اڃا تائين ته مون انهي ماري کي چُٽيو آهي، جيڪي بکايو پکين کي چڳڻ وقت، واهيري ورندڙ جوڙن کي ويهڻ وقت ۽ چهنب چهنب ۾ ڏئي، پيار ونڊيندڙن کي نشان بڻائيندا آهن، انهن کي ماريندي، مون کي، منهنجي گليل کي ذري جو به قياس نه ٿيندو آهي، ٻيو انهي مندر، مسجد، گرجا جي پادري، پنڊت ۽ مولوي جي ويهندڙ جاءِ (هجري) تي هڻندو آهيان. جيڪي وڏي عصر جو، لائوڊن تي اوچون بانگون ۽ گهنڊن جا بيل وڄائيندا آهن، ڀيڻ کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چويس ٿي ”جاڳائڻ گناهه جو ته ڪم ناهي، جو تون ايڏو انهن کان خفا ٿيو آهين“
    ”ها ڀيڻ، برابر جاڳائڻ گناهه جو ڪم ناهي، ثواب به ناهي..... جاڳائي ٻئي طريقي سان به سگهجي ٿو. پر انهي جاڳائڻ سان ٻڌاءِ گهڻا خدا جي گهرن ۾ ويا هوندا؟!“
    ”ڪجهه ته ويا هوندا“ ڀيڻس جواب ڏنو.
    ”۽ هيترا سارا جيڪي ننڊ مان جاڳي پيا هوندا، ڪن جي پيار ۾ رخنو ته ڪن جي سپنن جا، آدرشي ميل ٽٽا هوندا، هن چوويهه ڪلاڪن ۾ ههڙي نفسا نفسي، وٺان وٺان ۽ مهانگي دور ۾، سڪون سان ڪير سمهي ئي ڪونه. وري جي وڃي، ڪا گهڙي اک لڳي، ته اوچا آواز.....! بانگون.....“
    ”پاڻ ڏي اشارو ڪندي، رڳو مان اٿيس؟ مون جهڙا کوڙ اٿيا هوندا، پکي پکڻ واهيري مان ڀڙڪو کائي، داڻي پاڻي لاءِ ڀٽڪيا هوندا، هُنن کي ڇا هي؟ هو پيٽ ڀريو، پن جا ٽڪر کايو، لٺ لڳا وتن ٿا. سڳن، ڌاڳن، تعويزن جي بهاني کوڙ پئسا ڪمائن ٿا ۽ تون مان......“ ڳالهه اڳتي وڌائيندي ٿڌو ساهه ڀريندي چوي ٿو ”توکي خبر آهي، مان موٽي ايندس، پکي چڳي موٽي ايندا ۽ پوءِ اکين مان معصوميت جا ورلاپ ڏيندي چوڻ لڳو ”ڪي ڪسي ويندا، ڪي ماري جي ڄار ۾ ڦاسي ويندا، ڪي عشق ۾ اڙجي ويندا“
    ”ادا خبرون ٿو ڪرين الجهڻ ۾ وجهڻ واريون، پر گليل تترين تي استعمال نه ڪجان“ ڀيڻ جا اهي لفظ ٻڌي هي چپ چاپ ۾ هٿ لوڏيندي، وٺي مال ڏانهن ڀڳو. مال ڪنهن جي پوک ۾ لهڻ بجاءِ سڌو کڏ تان پاڻي پيئڻ لاءِ پهتو. انهي کڏ تان سڄي شهر جو مال، پاڻي پيئندو هو، جيڪا ڪچي جي علائقي ۾ هئي ۽ درياهه جي ٻوڏ تي گذريل سال ڀرجي ويئي هئي. هي به مال جي ڪڍ لڳو آيو. مال کي پاڻي پياري کڻي، ساون ڊڀن پاسي رخ رکرايائين ۽ پاڻ ڪنهن ڪنڊي جي جهڳٽي هيٺيان، ڇانو جو پاسو وٺي وڃي ويٺو، سنس پاسي کان، سڏ پنڌ تي ڳوٺاڻن کوهي کوٽي هئي، جتي صبح شام، ڳوٺن جو تتريون، پاڻي ڀرڻ اينديون هيون، تترن جي نظر جيئن ئي هن تي پئي ته پنهنجي پازيب پيرن تي زور ڏئي اڳتي نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. تترين جي ٽهڻ تي هُن جي مينهُن به ٽاهه کاڌو. هن ڪر مٿي کنيو، هن جي نظر به تترين تي پئي. هن سڃاتيون اهي ته سندس ڳوٺاڻيون هيون، جن ۾ نوري، ماروي، ليلا ۽ ڪونج هيون. سڀني جي ٻآنهن ۾ چوڙيون سيني تي گج ڀريل چولو ۽ مٿي تي ٻٽا دلا، چيلهه تي گاگهر رکي هين، سڀني جي اڳيان ئي اڳيان ڪونج، ڪونج سنهي ڊگهي، نازڪ ۽ نفيس ڳچي مان، شريانيون به نظر آيس پئي، ٻين سڀني جا هٿ دلن ۾ پر هي دلن ۾ هٿ وجهي ڇا؟ پوءِ به دلا ڪرن ڇا؟ گاگهر سندس چيلهه کي چٻو ڪري وڌو هيو، پر سندس جوڀن کيس محسوس ڪرڻ به نه ٿي ڏنو. هي واسينگ وارا ور وڪڙ کائي، اڳيان ئي اڳيان وڃي رهي هئي. هن جي چيلهه تي ٻيٽ جي چهن ريس ڪئي هئي. ڇاتي تي گج ڀريل چولي مان انب ليئا پائي رهيا هئا. ڊگها وار ويڙهيل سيڙهيل (جيڪي ڳت ۾ ظاهري، ته ڦيڙ جو ڪم ڏئي رهيا هيس) ائين پئي محسوس ٿيا ته ڄڻ واسينگ کي کڻي ٽٻڻي ۾ بند ڪيو هئائين، سرخي چپن تي ٻن ٽن ڏينهن جي پراڻي لڳل هيس. پر اڄ به گلابي گلن جي رنگت کي شرمايائين پئي. مال ته ٽاهه کائي اُتي ئي بيهي رهيو پر ورو کي مليل ٽاهه اڃا نه ٽريو هيو، ڪونج اڳيان هئي ۽ هي پويان ڊڪندو پئي ويو، ڪونج بيهي رهي، هي بيهي رهيو. هي سمجهي ويو ته هُو چاهي ٿي! مگر ريتن، رسمن، ساهيڙين جي ڊپن کان ڪجهه ٻولي نه ٿي سگهي. ورو پوئتي مال ڏانهن رخ رکيو، ڪنڌ ورائي هُن کي ڏسندو به رهيو ۽ اڳتي وڌندو رهيو. پر هينئر اها مئي هن ۾ نه رهي، ڪونج جي هر ادائن کيس جهوري وڌو هو. سنس وار وار ڪانڊرجي ويس ٿي ته، ڪيڏي مهل پگهر ۾ شل، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃيس ٿي، جهرندو، ڊهندو، ڪنڊي جي جهڳٽي وٽ ساڳي جاءِ تي وڃي ويهي ٿو. سوچي ٿو ته ادي چيو هو ته ادا گليل تترين تي استعمال نه ڪجان پر مون ته استعمال ئي ڪانه ڪئي. پوءِ به هو دل کي چُٽي وئي. هو جيءَ جهوري وئي. هي پنهنجي وسوسن ۾ ئي ڦاٿل هيو ته ڌنارن مٿان اسلام عليڪم ڪئي. هن ٻيهر ٽاهه کاڌو. ڌنارن ٽهڪ ڏنا ۽ پوءِ گڏيل لفظ واتان ڪڍيائون ”ڪڏهن ڏسي ٻهڪندو هئين، پاڻي پنهنجي هٿن سان پياريندو هئين، ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائيندو هئين ۽ اڄ. .....! هي اٿيو ڌنارن کي پاڻي، پياريائين، ڌنار پنهنجي ماڳ ڏانهن وريا، هي ساڳي جاءِ تي ويٺو رهيو.
    سج پنهنجي محور ۾، وقت جي حساب سان وڌندو رهيو پر هن سج لهڻ جو به انتظار نه ٿي ڪيو. مال اتي ئي ڇڏي وڃي گهر پهتو. ماڻس ڪپڙا پئي ڌوتا. هن کي ڏسي ماڻس، ڪپڙن کي اڌ ۾ ڇڏي هن وٽ پهتي، هن جا حال ماڻس کان ڏٺي نه پڳا، ڳل، ڀرون، اکيون، وار نس نس مان ٿي پگهر ٽميو. دل جي ڌڙڪن هڪ سيڪنڊ ۾ الائي ڪيترا ڀيرا پئي ڌڙڪيس. ماڻس کي ساهه جي لڳي ”ابا پٽ توسان هي ڪنهن حال ڪيو آهي؟“ ماڻس ڌي کي سڏ ڪيو ”اها آئي امان“ ”پکو کنيو آ، ماني ڀاءُ لاءِ کنيو آ“ ”ها امان ها!“ ڀيڻس ماني اڳيان رکي، ماڻس پکو هڻڻ شروع ڪيو، ”ابا پٽ، کاءُ ماني کا“ هن ورندي ڏني ”نه امان نه، ماني لاءِ اڄ کانپوءِ، ادي کي تنگ نه ڪندس، هاڻ اهڙي بک ۽ اڃ جي کي جهوريو آهي، جنهن جي بک ماني سان ۽ اڃ پاڻي سان نه وسامندي“ ماڻس ڳلن تي هٿ رکندي چويس ٿي ”پوءِ آئين ڇو؟“
    هو اندر جي تپشن کي، اڌمن کي، لفظن جو روپ ڏئي پنهنجي زباني ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو لفظ زبان تي اچن ٿا وري گهٽجي وڃن ٿا ”پر نيٺ ابا ٻڌاءِ ته سهي“ ماڻس جي ٽيڪن کيس ڪڇڻ تي مجبور ڪيو ”امان امان“ ”ها پٽ چئو“ امان ڪونج امان ڪونج؟.....؟“ ان وقت سندس اکيون ٿڪل ٽٽل، لعل بڻيل ڪنهن واهيري ۾ پناهه ڏيڻ جو ڏس ڏئي رهيون هيون. ٽمڪي رهيون هيون. هو وڌيڪ ڪجهه نه ڪڇيو. ماڻس سمجهي ويئي ”ڀلا دلين جي ڀيد ماءُ نه ڄاڻندي، ته ٻيو ڪير“ ماڻس سمجهائڻ لڳي. ”پٽ ٻيا به سنڱ کوڙ آهن، پٽ لاءِ سنڱ کٽا آهن ڇا؟، باقي ڪونج جو ملڻ مشڪل آهي، انهي ڇوري جو پيءَ مري چڪو آهي، ماڻس مرڻ ڪنڌي تي آهي، باقي وڏور ڀاءُ وڏو لالچي، جواري، نشائي، شرابي آهي، انهي ڇوڪري جو سنڱ ستر هزار تي دلال متاري خان کي ڏنو اٿن. متارو، وري هن جو به پيءُ آهي، اهو وڌيڪ جواري، شرابي آهي، پئسن تي ورتل ڇوڪرين کي، ڇير پير ۾ ٻڌرائي، نچائيندو آهي، محفلون گرمائيندو آهي ۽ ٻيڻ تي پئسا ڪمائيندو آهي، تولئه مال کپايان، گهر کپايان پر پوءِ به پورت ڪانه ٿيندي“ ماڻس واتان، اهي لفظ ٻڌي هن جي پيرن هيٺيان ڌرتي نڪري ويئي. هن جي دل جي آخري آس به نراس ٿي ويئي. دل، دماغ، هوش حواس، عقل فهم سڀ پنهنجا اختيار وڃائي ويٺس، هي گهر مان ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتو، پهريون دفعو احساس ٿيس، ته هت عزت، غيرت، قربت، انسانيت پئسن تي خريدي وڃي ٿي. ڪنهن جي دل جي ڪونڊي تي آخري مرڪ به مرجهائي وڃي ٿي. ٺيڪ آهي ڪونج نه ملي ڇا ٿي پيو، هت سڀ ڪونجون آهن ۽ مون وانگر اهڙا کوڙ ديوانا آهن. جيڪي ڀٽڪندا رهن ٿا، پر عشق مان مراد، رڳو ڇهڻ به ته نه آهي، ملڻ به ته نه آهي.....!!
    اهڙيون، چرين جهڙيون خبرون، هن جي واتان ٻڌي ماڻهو حيران ٿي وڃن ٿا. وڏن شهپرن، پٽڪن، ٽوپن، هڏ ڪاٺ ۾ ڀريل بتن کي ڏسي چوي ٿو ”چڱا مڙس، پڙهيل لکيل، معتبر، رئيس امير سڏرائيندڙو، سڀ منهنجا، هن سماج ۾ هر ڀٽڪندڙ انهي فرد جا ڏوهاري آيو، جيڪي چريا، لنگڙا، معزور ٿي ويا آهن ۽ اوهان تماشي بڻجي ڏسندا رهو ٿا. هو ڀٽڪندا رهن ٿا، اوهان کلندا رهو ٿا.
    هن جا ڳل گلابي، پيلا، وار وکيريل، ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي وڃن ٿا، شام ٿئي ٿي، هن گهر بجاءِ جهر جهنگ رلندو، ڀٽڪندو وتي ٿو، مال ٻيا ڌنار گهر پهچائن ٿا. ماءُ ڀيڻ پاڙي جي ڌنارن کان پڇن ٿيون، پر ڪٿان به ڪا کڙڪ نه ٿي ملي. هو مايوس ٿي موٽي اچن ٿيون. هن جي اکين مان، ڳوڙها وهي، ڳل تي، پٽا ٺاهي وجهن ٿا. آسمان ۾ ڪڪر مڙي اچن ٿا، ڪڪر ڀڄن ٿا. هي انهن پٺيان ڀڄي ٿو، کنوڻ کنوي ٿي، برسات وسي ٿي، ڀڄي ڀور ٿئي ٿو، مگر ڪابه پرواهه ڪانه، مورڳو طوفان تي، هوا تي، برسات تي کلي ٿو، پر جڏهن ڪونج نالو دل تي تري اچيس ته پٿر دل روئي ڏئيس ٿي.
    هاڻ هن جو جاڏي ڪنڌ، تاڏي پنڌ آهي، ڪنڊن، کڙٻن جي ڪابه پرواهه نٿو ڪري.
    هن کي ڪيئي راتيون، ڏينهن، سانجهون، شامون پنڌ ۾ گذرن ٿيون. هڪ دفعي تترين جي ٽهڳي اڳيان لنگهائو ٿيو. تتريون ٽاهه کائي تيز هلڻ لڳيون. هي گهوري ڏسين ٿو ۽ پارت ڪرين ٿو ”آهستي هلو آهستي، او ڪونجون، تڪڙيون نه هلو، متان پير مڙي پويوَ، متان گهڙا ڀڄي پونَو، چيلهه ٽٽي پويوَ ۽ الزام لڳنوَ ته.....!
    تترن جي ٽهڳي اڳيان ڌنار مليس، جيڪي آخري ڀيرو پاڻي پيئڻ لاءِ کوهي تي آيا هيا. ورو، جا چپ سڪي پاٺ ٿي ويا. ورو پاڻي گهريو، پر پنهوارن پاڻي پيارن جي به زحمت نه ڪئي، هن سمجهيو ته سج اولهه ڏي وڌي ٿو. ته اولهه جو رخ رکيو. هن جي مٿان ڪونجون ڪر ڪنديون وڃن ٿيون. هي به ريس تي ڪرڪي ٿو. ايتري ۾ ڦٽيل ۽ ٿڪيل ڪونج هن اڳيان اچي ڪري ٿي. هن ڦاٽل ڪپڙن مان ليڙ ڦاڙي سندس زخم اگهيا، جسم کي گرم ڦوڪا ڏنا. مٿان ڪونجون هنجي ڦرڻ لڳيون. هن ڪونج کي هوا ۾ ڇڏيو. هو ڪرڪا ڪندي وڳر سان ملي، ماڳ ڏانهن رواني ٿي. مينهون ٽلنديون وٿاڻن وريون. پر هي ڪٿي وري؟ ڪاڏي وري؟ ڪنهن ڏي وري؟ بس شهر هن جي سڏ پنڌ تي باقي هيو، هن جو جسم، اڌ اگهاڙو اڌ ڍڪيل، پيرن ۾ لڦون، اوجاڳن، پنڌن جهوري ڇڏيو هو. ورو ڪجهه گهڙي ساهي پٽي، وري پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو، شهر ٻاهران، ٻار راند روند کيڏڻ ۾ مگن هيا، ورو کي ڏسڻ سان ئي، ٻارن وٺي هوڪرا، رڙيون، واڪا ڪيا ته ڪن ٺڪر، ڀتر ۽ ڀينڊ هنيان، ورو کليو، رنو ۽ پوءِ ڀُڻ ڀُڻ ڪيائين ”ته ڪوبه اهڙو نه آهي جو مون کي آٿت ڏئي، مون کي هٿن سان پَهَيَ، من هيڪل ضرور آهي. پر پوءِ به انسان آهيان، دل آهي، دل ۾ ڪا چاهت آهي، ڪو چين نٿو ڏئي ته گهٽ مان گهٽ پٿر ته نه هڻن“
    ٻار مڙي ڪري بيهي رهيا. هي اڳتي وڌيو. ملان مسجد مان سج لٿي جي بانگ ڏني. هي ڀر ۾ بيهي پٽڻ لڳو، ”ٻانگون بند ڪريون، اهي ننڊون ڦٽائن ٿيون. پکي، انسان سڀ مشڪل سان ٻيهر ٿاڪ تي پهچن ٿا، ڪي داڻي جي ڳولا ۾، ڪي عشق جي ڳولا ۾ شڪار ٿي وڃن ٿا.....!!“
    هي سنهي گهٽي مان ٿي مندر ۾ گهڙيو، مندر جا رکوالا هن کي روڪن ٿا. هو جلالي سان سڀ رڪاوٽون هٽائي مورتين وٽ پهچي ٿو. ورو ماڻهن جي نقل ڪرڻ شروع ڪئي. هن هٿ ٻڌا نمستي چيو. ته مورتين ۾ ساهه پيو، ڪي پيرن ۾ ڪريون ته ڪي ڀڄي ڀري پيون. اوچتو هن جي ڪننن تي ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. ورو ٻاهر ڀڳو. ان ئي گهٽي ۾ گندي ڍير تي نئين ڄاول ٻار کي کنيائين، ٻار، ڪنواري عيب لڪائڻ لاءِ، ڦٽو ڪري ويئي هئي.
    ورو پنهنجي اڌ اگهاڙي جسم تان به ڪپڙو لاهي ٻار کي ڍڪيو، سيني سان لڳائي، ڪنن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪيائين ”توسان عشق ۾، هيڏو مذاق ڪيو ويو آهي، تنهنجا ڄڻيندڙ، وري انجواءِ لاءِ، سمنڊ جي ڇولين، وڏن پارڪن ۾، هٿ هٿ ۾ ڏئي، عشق جا داستان ڳائيندا هوندا ۽ تون.....!!“
    ان ئي گهٽي جي سڄي ڪنڊ، وڏي ڪارنر پلاٽ تي، رنگ برنگي محفل جا مرچ ٻرندي وسندي ڏٺائين. اندر جيئن ئي محفل ۾ پڳو ته سنسان لڳي پئي هئي، وچ تي ٻرندڙ مچ آخري پساهن ۾ هيو، نوٽ سڄي پٽ تي وکريا پيا هيا، ڇوڪري، جي پازيت پيرن جي ڇم ڇم، ساري محفل جي حضرات کي، گهور ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو هو. ويندي سازيندڙن تائين، پر هو اڃا به ڳائي پئي، روئي پئي، ورو اچي اُن ڇوڪري جي ڀر ٿيو، ڀڻ ڀڻ ڪيائين ”ڏي مٽ مان ڀري چُڪي، توڙي زهر آ سمورو“ وار ٻنهي جا ڪانڊارجي ويا، ٻئي پگهر ۾ شل ٿي ويا، ورو چپ چوريا ”تون ڪونج آهين“
    ”ها“
    ”۽ تون منهنجو ساڳيو ڌنار آهين“ ورو گود پنهنجي مان قرب جون پنکڙيون ڪونج مٿان نڇاور ڪيون، ٻئي ٻکئين پئجي ويا، اندر جي اڃ، بک ٽارڻ لاءِ، هميشه هميشه جي لاءِ........“


    ڪسٽمر سروس

    شام جي موسم آهي، ٿڌڙي هوا جا جهونڪا رکي رکي گرم بدن کي ٿڌاڻ پهچائي رهيا آهن. مصطفى جي مون سان تلخ لهجي واري گفتگو بند نه ٿي آهي. هو ان ڳالهه تي ضد ٻڌيون بيٺو آهي ته اسان ٻنهي مان هڪ کي راتو رات نڪري وڃڻو آهي ۽ صبح جو سويري موٽي به اچڻو آهي. مان هن کي ٿڌي ڪرڻ ۾ رڌل آهيان ته ٽيليفون تي ڪوشش ڪريون ٿا. ملي وڃي ته بهتر نه ته پوءِ.... ائين ٻئي. هڪٻئي تي گرم ٿيندي. قاسم آباد جي ڪسٽمر سروس سينٽر اندر داخل ٿيون ٿا.
    ڪسٽرم سروس اي. سي جي ٿڌاڻ سان گڏ تمام سهوليتن سان سرشار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇت ۾ لڙڪندڙ اٺ باءِ اسي انچ جي بليو پٽن واري پليٽ تي سهوليتن جا نمبر وار تفصيل درج ٿيل آهن، ٻه باءِ ٻٽيهه فوٽ سنگ مرمر جي سليب اندر، ٽي آپريٽر، تمام گهڻو مصروف آهن. سليب مٿان سائي رنگ جو ڊجيٽل ٽيليفون سيٽ پيل آهي. ته وري ٻي ڪنڊ تي ساڳي سائي ڪلر ۾ لوڪل ڪال سيٽ پيل آهي. ڀت ڀرسان ٽيبل تي Fax مشين پڻ.
    رش تمام گهڻي آهي. ٻاهر شيراڊ ڪار، پيجارو، يئلو ڪيپ ٽيڪسي ۽ موٽر سائيڪلون بيٺل آهن. مان پرچي لکي آپريٽر کي ڏيان ٿو. مون کان اڳ ۾ ئي ٻه ڄڻا هڪٻئي پويان، ڳالهائڻ جي انتظار ۾ بيٺل آهن. ٽيون مان شامل ٿيس. پهريون شخص اڇي ڪاٽن قلف سان، مٿو ڪجهه اڇو، ڪجهه ميندي جهڙي رنگ سان سُرجهيل، شهپر هٽلر ٽائيپ ڪئنچي سان ڪتر ٿيل، هٿ ۾ ٽيليفون ڊائري پاڪيٽ سائيز سليب تي رکي ٿو. هن پويان ٻيو شخص، ڪپڙن ۽ مهانڊن مان پٺاڻ ٿي محسوس ٿيو.
    آپريٽر نمبر لڳائيندي ”سيون ايٽ فور ٿري فاءِ ڊبل زيرو اوهان جو آهي، ڳالهايو“ اڇن ڪپڙن واري رسيور کنيو.
    ”هلو..... مان مختيارڪار لاشاري ٿو ڳالهايان“
    ”ٻڌ..... منهنجي بدلي ٿي آهي.... سائين جن اٿن. ته کين ياد ڏيارجان...... ها هي P.C.O آهي، هت ايتري ڊيگهه نه ڪري سگهندس...... ها هي ٻه نمبر لک فور ون سيون سڪ نائين ۽ فور ٿري ٽو ون زيرو...... پهرين نمبر تي مان ستين کان اٺين تائين ۽ ٻئي نمبر تي نائين کان ڏهين تائين انتظار ڪندس..... ٺيڪ..... O.K. ....... مڙئي ڪم جي پارٿ هجئي......“ رسيور رکڻ کانپوءِ آپريٽر سان ڳالهائي ٿو ”سي. ايم هائوس وٺي ڏي نه......“
    ”اوهان جي روبرو ٽراءِ ڪيم، نٿو ملي Engage پيو وڃي.......!“
    اڇن ڪپڙي ۾ ملبوس لاشاري، بغير پڇڻ جي هڪ سئو رپيا ڏئي ٻاهر نڪري ٿو.
    مان انتظار ۾ ڇت کي ماڻهن کي ته ڪيڏي مهل گهڙيال جي ڪانٽن کي تڪيان ٿو، رکي رکي اکين ۾ معصوميت ۽ جان ۾ بيقراري آڻيندي، آپريٽر کي محسوسيت جي هوا ڏيان ٿو. لوڪل ڪال تي، جيئن پوءِ تيئن رش وڌي وڃي ٿي. هڪ لسڙاٽ، برگر ٽائيپ، گاڏي جي چاٻي، هٿ جي آڱرين سان گول ڦيرائيندي مون کان وڌيڪ بي قرار ڏسجي ٿو. هڪ سڄي هٿ جي اشهد آڱر سان نمبر ملائي ٿو فور ون ايٽ ٿري نائين، برگر ٽائيپ هيڏي هوڏي نظر ڦيرائي ٿو. رسيور جي اڳيان، هٿ جو شيڊ ڏئي، تمام آهستي شائستگي، ميٺاج واري گفتگو ڪري ٿو. پر پنهنجن سَرلن ڪنن کان ڪٿي ٿو بچي.
    ”سيمي آهي..... مان پيو ٿو ڳالهيان.... گهر ۾ ٻيو ڪير آهي؟..... ته پوءِ اچ نه...... Enjoy ڪريون..... موسم ڏاڍي سٺي آهي ۽ سندر پڻ...... ها پر. ...... پر. ...... مان نه ٻڌندس...... اڄ فاران هوٽل جو ڊنر..... رابعا ڪمپليڪس جي خريداري مون تي...... ڀلا ان ڏينهن جي چاهت ڪئين لڳي؟....... مالٽ ۽ بيئر Mix ته مزو ڏئي ڇڏيو..... تنهنجي نانگڻ جسم جي ڏنگڻ دنگ ڪيو...... ٻيهر ڏنگ، ته اڳئين ڏنگ جو زهر گهٽجي.....“
    سڀ جا سڀ هن کي گهوري ڏسن ٿا...... ڪنهن ڪئي، يار جلدي ڪريو، دير ٿئي پي، برگر شوخ نگاهن سان سڀني ڏي ڏسندي اڌوري گفتگو اهو چئي پوري ڪئي : ”ٺيڪ ساڍي اٺي بجي فاران تي....... O.K“
    منهنجي اڳيان، بيٺل پٺاڻ جي ڪال لڳي ويئي، پٺاڻ رسيور ڪن تي رکيو.
    ”سنگا جوڙ..... منگا دل تا روزي ڪمالا گليو...... سنڌ جنت هي...... دبئي تا ذُوذِ نشتا..... دلتا مزدور دي ڪال دا..... دلتا ڪا سخت هي...... دلستا راشا روزگار، مزدوري، ڪور، سنڌ روز ملاچي..... دلتا ذميوار هين مان..... چورانوي ڪه وذو لاگلي مان دا ستانوي..... التا معشوم پيدائش دي يا نه دي......؟ هان معشوم پيدائش گل......! ماشاءَ الله..... ذو ذو به آزم.......“
    پٺاڻ، کيسي ۾ هٿ هڻي روپئي جا پراڻا سٺ نوٽ، ٻه ٻه دفعا ڳڻي، آپريٽر کي ڏيندي، ڀڻ ڀڻ ڪندي ٻاهر نڪري ٿو؛ ”دو مهنگا دي ڪال......“
    لوڪل ڪال، برگر جي گفتگو کانپوءِ ٻئي جي واري جو انتظار ڪري ٿي. هي نمبر لڳائي ٿو.
    ”مان لطيف جمال عرض پيو ڪريان..... خاڪي صاحب آهي..... سائين کي يادداشت ڏيڻ لاءِ ٻيهر بلڪ ٽيهر عرض پيو ڪريان...... ايل ايم سي واري پروگرام ۾ ضرور اچجو..... وسارجو نه......“ هي اڃا رسيور رکي ئي ڪونه ٿو ته ٻيو ٿو ٽراءِ ڪري.... نازڪ نفيس، منهن سنهڙو، ميرانجهڙو، سانورو، ٽي. بي ۾ ورتل جوان پئي لڳو، ڳالهائي ته اکيون ٻاهر نڪريو اچنس، آءُ سڃاڻياس پيو، ڌوٻي جو پٽ آهي شوق پورو ڪرڻ آيو آهي، دل ته غريب کي به آهي نه، مان سوچيان ٿو. بلڪل برگر وانگر ساڳي اسٽائل ۾ رسيور اڳيان هٿ ڏئي آهستي ڳالهائي ٿو.
    ”تون ڪونه آئينءَ..... مان ساڳي جاءِ تي، ساڳئي ٽائيم، سُڪس پئي..... پوءِ اڄ ٽيوشن تي اچجو..... مان اوهان لاءِ Poison ورتي آهي..... بس بس، سڀ فرامائشون پوريون ڪيون، اسان جي هڪ فرمائش نٿي اگهامجي..... چري آن ڇا..... گهر مان ڪڍرائيندينءَ ڇا..... چڱو ساڳي ٽائيم تي درشن کانپوءِ ”سنڌ باد“ هوٽل تي، ڪولڊ ڊرنڪ پيئنداسين. هلڪن ٽهڪن جي ردم سان بلڪل هندوري جي لڏندڙ چيڪٽ وانگر......“
    ايتري ۾ منهنجي بيچيني پوري ٿئي ٿي. نمبر سيٽ تي لڳڻ سان ئي، ليڊ ذريعي سيٽو جي ڪنڊ تي پيل، ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي، پڙهي وٺان ٿو، آپريٽر کان سٽ ڏئي رسيور کسيان ٿو.
    ”ڪير...... مصطفى...... مرتضى آهي..... مان ممتاز عرض پيو ڪريان..... ٻڌ، تون هڪڙو ڪم ڪر، ته مهرباني ٿيندي..... حنيف جي ڳوٺ وڃ...... ان کي چئو ته راتو رات حيدرآباد پهچي صبح جو Relieve ٿيڻيو آهي.... ڇا جي بارش، طوفان..... مان ڪجهه نه ٻڌندس..... دوست آهين وڃڻو پوندءِ....... آرڊر کي کوڙ ڏينهن ٿيا آهن..... پهرين، گهپلي مان مس، جان ڇٽي آهي..... پليز ائين نه ڪر..... نه نه ڏسان ٻسان.... اگر مگر ڇڏ...... پڪ....... پڪ...... O.K“ اسان ٻئي ٿري هوٽل تي اطمينان سان چانهه پيئون ٿا ۽ چئون ٿا: ڪاش ٽيليفون سسٽم پنهنجي ڳوٺ ۾ اچي وڃي نه، ته بهاري ٿي وڃي...... ڀاڙئي کي منٿ ڪرڻ مان جان ڇٽي پوي........


    شور، هُل، هنگامي سان گڏ، ٺاٺا، گڊ گڊ گڊ جي ڀيانڪ آواز سوڍي کي پرهه ڦٽي جي مٺي ننڊ مان جاڳايو. هن اکيون مدري کان ٻاهر جهاتي پاتي. ”مارو اس مرغي ڪو، ڪتڳ ڪو..... “ ڪمان سنڀاليندڙ حڪم ڏنو. جي ٿري جا سڌا برسٽ هن تي وسايا ويا، مگر سوچي پاڻ کي، فرش تي سٽي، دشمن

    خوشي کي لڙڪن سان ڀيٽا


    گذريل چوويهه پهر

    شور، هُل، هنگامي سان گڏ، ٺاٺا، گڊ گڊ گڊ جي ڀيانڪ آواز سوڍي کي پرهه ڦٽي جي مٺي ننڊ مان جاڳايو. هن اکيون مدري کان ٻاهر جهاتي پاتي. ”مارو اس مرغي ڪو، ڪتڳ ڪو..... “ ڪمان سنڀاليندڙ حڪم ڏنو. جي ٿري جا سڌا برسٽ هن تي وسايا ويا، مگر سوچي پاڻ کي، فرش تي سٽي، دشمن جي پهرئين وار کي مات ڏني. گوليون، ڪائي جي درين کي، پار ڪندي ڇت سان لڳيون. ننڍڙن ٻارن سان گڏ سندس زال بختاور ۽ پٽ ڪيهر جاڳي پيو.
    ”ڇا آهي ٻاهر؟ ٻڌائين ڇو نٿو؟ وري بختاور جو سوڍي تي زور. ”خدا خير ڪري، صبح سان ئي......“ سوڍو گهر جي ڀاتين کي، پريشان ڪرڻ کان نٽائي ويو. ”دروازا کولو ورنه سارڳ آگ ميڻ جل جائيڻ گڳ“ پاڙي واري مسجد جي لائوڊ تان پڙهو آيو.
    ”بابا هي پنهنجي پيش امام جو آواز آهي، جنهن وٽ اسان قرآن پڙهڻ ويندا آهيون“ ڪيهر پيءَ کي ٻڌايو. سوڍو پٽ جون خبرون ٻڌي دور ماضي ڏي ڪا ساعت هليو ويو. هي سوچڻ لڳو هي ڌرتي ڪيڏي نه ڪشادي ۽ فراخ دل آهي. جنهن هنن کي تهذيب ڏني. اهنسا جي تعليم تربيت ڏني. هتان جي ماڻهن، وڏي چاهه سان، مسلماني جي ناتي ۾، اجها ڏنا، گهر ڏنا، پيار ڏنو. اڄ اهي ئي ٿا هي ڌرتي ڏنگن ۽ پوءِ پاڻ کان ئي سوال ڪندي پڇيو ”هنن کي، ڪو اهڙو ڏاهو ڏات ڌڻي نه مليو، جو سنئين دڳ لائي؟“ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    ”آپ ڪو ڪڇ نهيڻ ڪهيڻ گڳ، ورنه بچوڻ سميت مر جاؤ گڳ“ گهر جي چؤطرف ڦهليل دهشتگردن مان، ٻن ڄڻن وڏي ردم سان رڙيون ڪيون ”هي آواز ته، امجد جي ٻنهي پٽن جو آهي، جن سان کائڻ پيئڻ، مرڻ جيئڻ، ڀائي بندي آهي“ بختاور سوڍي سان مخاطب ٿي. ”ها“ سوڍو ڪنڌ لوڏيندي، مٽي جي تهه چڙهيل ڊوسل رائيفل کنئي.
    ”بختاور“
    ”جي“
    ”ٻارن کي وٺي، رڌڻي ۾ ويهو“
    ”۽ تون“، ”مان ڌرتي، ڌرتي جي دنگن ۽ ٻچن خاطر ماريو ويندس، مري ويندس“
    ”ها ائين الله ڪري“ بختاور کي خوشي وچان اکين مان لڙڪ وهيا.
    ”او چري رک الله تي، هي ڇا ڪندا ڀاڙيا؟“ سوڍو هلڪي مرڪ سان، لڳاتار مشڪندو رهيو.
    ”بختاور، ٻارن سميت رڌڻي ۾ ويٺي. هن کي مزو نه آيو ته قرآن کڻي رڌڻي ۾ دور ڪرڻ لڳي. سوڍو ۽ ڪيهر، ڏاڪڻ واري گيٽ ڀرسان سڄي طرف، سيٽو جي آڙ وٺي، باقائدي دهشتگردن کي مٿي چڙهڻ کان، روڪڻ ۾ سٺي حڪمت عملي اختيار ڪئي.
    ”دروازا کولو“ چوندي دهشتگردن لاڳيتا برسٽ هلائي لوهو در پروڻ ڪري ڇڏيو. سوڍي جي، فائر ڪرڻ تي سڀ ڪافي پري ڀڄي ويا. پوءِ ڪنهن ٻيهر اچڻ جي همت نه ٿي. پري کان بيهي، گهر تي باهه وارا بم اڇليا. ڌماڪي وارن بمن جي پڻ برسات وسائي مگر قرآن جي تلاوت سڀني کي ناڪاره ڪري ڇڏيو. صرف هڪ اسٽور، ڪمري جي شاٽ سرڪٽ ٽٽڻ ڪري باهه لڳي، ڪافي سامان سڙي خاڪ ٿيو، باهه جا شعلا پري پري تائين ڦهلجي ويا. ڪمرن جا لوها گيٽ، ڀتيون، ڇت تئي جيان تپي باهه ٿي ويون.
    بختاور، پاڻي جي ٽانڪي مان، ٻه سوڙون ڀڄايون. هڪ پاڻ وٽ، اسٽور ۾، فرش تي رکي، ٻارن کي ويهاريو. ٻي سوڍي ڏي اڇلي. بختاور، رب سائين جي در، دعا گهرندي رهي ۽ چوندي رهي ”شڪر آهي جو باهه کان پهرين ئي سوڙون کڻي آيس، جو ڪم آيون، ورنه هن تپش ۾ ته، ٻچڙن جي کل ئي سڙي وڃي ها“ سوڍو ۽ ڪيهر سوڙ کي مورچي بند فرش تي وڇائي، ليٽيا رهيا. ٻاهريان اطمينان سان، پنهنجي ڪارروائي تي خوش ٿيندا رهيا، تاڙي ملائيندا رهيا، هوائي فائرنگ ڪندي چوندا رهيا ”اب اس محلڳ ميڻ ڪوئي اور تو نهيڻ رها، علائقا صاف هو گيا“ ڪجهه وقفي کانپوءِ، گهر لٽڻ ۽ بنو انسان جي لاش جي، وڊيو ڀرڻ لاءِ ٻيهر آيا؛ تاڪه اعلى حڪام گڊ سرٽيفڪيٽ وٺي سگهن مگر پوءِ به ڪنهن کي، اڪيلي سر همت نه ٿي، ته اندر گهڙن، تڏهن سڀني علي علي رضي الله تعالى عنه ۽ ناري تڪبير جا نعرا هڻي فاتحن وانگر اندر گهڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا. سوڍي فائر ڪيو. سڀني گدڙن جيان وٺي ڀاڄ ڪئي. فرش جي تپش، پي پٽ جي جسم تي داغ ڪري ڇڏيا هئا. هنن وٽ صرف، ٻه گوليون بچيون، هنن وٽ ڪا بچڻ جي واهه ئي نه هئي. پيءُ پٽ، ته ڪيڏي محل پٽ پي کي چمي ڏئي روئي رهيو هو، ڪيڏي محل، هنن جي ڀاڙيائپ تي کلي رهيا هئا.
    سرڪاري هٿياربند دستن کي، گاڏين ۾ پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، دهشتگردن گهرن ۾ وڃي لڪا. دستن پهرين پوزيشن ورتي. پوءِ هڪ سپاهي وڏن شهپرن سان هو، رڙ ڪئي ”هم فوج هيڻ، نيچڳ آؤ“
    ”ڪوڙ ٿا ڳالهايو، دهشتگرد به ائين ٿا چون“ سوچي جواب ڏنو
    ”هم فوج هيڻ، نيچڳ آؤ، ورنه“ سپاهي روبدار آواز سان ڳالهايو.
    سوڍي ڌاريو آواز سمجهندي در کوليو، ڇو ته دهشتگرد سڀ، هن جي علائقي جا هيا، جيڪي ڪهڙو به فريبي آواز ڪڍن، پر هي سڃاڻي وڃي پيو. ڪمانڊر پهرين هن تي ڪڙدي ڪئي، هٿيار هٿ مان کسيو، پر پوءِ هنن جي ڪوئلي جهڙي حالت ڏسي ٿڌو ٿيو.
    ”بس ڀائي شڪر ڪرو بچ گئڳ، ورنه اس علائقڳ ميڻ ڪوئي ڀي نهيڻ بچا“
    ”بس سائين شڪر آهي“ هن هٿ مٿي کڻي آسمان ڏي نهاريو.
    ”همارڳ پاس ٽايم ڪم هڳ، جلدي ڪرو“ڪمانڊر سوڍي ڏي نهاريندي چيو.
    ”پر سائين هي ظلم ٿيو آهي، چوويهه پهرن کان......“
    ”بس بس يه همارڳ بس ڪي بات نهيڻ، يه همارا ڪام نهيڻ“سوڍي کي باهه ڏاڍي آئي، ته چوان ته، بهراڙي ۾ هڪ ڊاڪو عيوض، ڪيئن نه گهرن کي ساڙڻ، گهرن مان ٻار ٻچا ان عيوض ڪڍڻ، بي عزتو ڪرڻ سولو آهي. باقي هتي...... پر هي زهر جو ڍڪ پي ويو.
    ”ته سائين، هي گهر، هي مال سڀ هنن کي ڏيون هلون“ سوڍي ڪمانڊر کي حيراني مان چيو.
    ”آپ ڪو تين منٽ ديتڳ هڳڻ، همارڳ پاس نا تو ٽائيم هڳ اور نا گاڙي ميڻ جگه“ تڙ تڪڙ ۾ هي صرف V.C.R، ٽي وي کڻي سگهيا. بختاور قرآن مجيد کنيو، هنن کي گاڏي ۾ ٻڪرين جيان واڙيو ويو. ننڍن ٻارن جا چهرا هيسيل بکايل هيا، شڪل صورت، باهه جي تئو ۾ ڪاري ٿي ويئي هئي، ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ لاکڙا جي ڪوئلي جي کاڻ مان، مزدوري ڪري نڪتا هجن.
    ”تڳ سانو ڪدهر ڇوڙ ڪڳ آويڻ؟“ هن جي ڀر ۾ ويٺل ملتاني سرائيڪي ۾ ڳالهايو.
    ”هي اسانجو گهر آهي، تڙ آهي، هت ئي رهنداسين، ڌرتي پنهنجي ڪنهن ڇڏي آهي؟ هن اکين ۾ انتقام جي باهه آڻيندي دستن کي جواب ڏنو.
    گاڏيون چوراهي کان مڙندي اڳتي وڌيون، سوڍو اهو ڏسي ويتر حيران ٿي ويو ته اڇي ڏاڙهي سان، پنج وقت نماز جا پابند مرد، علائقي جا معزز، انهن جون عورتون پوڙهيون پڪيون، سڀ نعرا هڻي رهيا هئا، پاڪ فوج ڪو سلام....... پوءِ شور، هل، هنگامو برپا ڪيو ”يڳ سنڌ ڪڳ ڊاڪو هيڻ، ان ڪو ڦانسي پر لٽڪاؤ، انهوڻ نڳ همارا جينا حرام ڪر ديا هڳ“ فوج وڏي بي کٽڪي، وڏي عدم اطمينان ۽ چين تي مسڪراهٽ آڻيندي، اڳتي وڌي رهي هئي........!!!!


    خوشي کي لڙڪن سان ڀيٽا

    سرفو: امان،
    ماءُ: جي چوان،
    سرفو: بابا وڏن ادن کي پرڻائي....“
    ماءُ ذهن تي زور ڏيندي چيس: پرڻائي ڏيندو، اڄ سڀان....“
    سرفو: اهو وري امان ڇا ٿي چوين؟
    ماءُ تشريح کي ڇڏي چوي ٿي: پٽ
    سرفو: جي امان چئو.
    ”اوهان گهڻا ڀائر آهيو....؟“
    ”امان ڄڻيا تو، پڇين مون کان ٿي..... “پوءِ ورندي ڏيندي ”اٺ.....“
    ”..... ٻه ڪٽ.....“
    ”ڇهه.....“
    سرفو: ڇهه ڇو.....
    ماءُ ٿڌو شوڪارو ڀريو، پٽ منهنجي جاءِ تي سس.... پڻهين بدران سهرو..... ۽ ڀائرن بدران سالا پيارا لڳندن پيارا..... ائين ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا.


    ويچارا

    رات جي اونداهي، هر شئي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. هو پکي پکڻ پنهنجن پنهنجن جوڙن سان پيار ونڊي سمهي پيا ها، ته ڪي ساٿي جي جدائي ۾ ويڳاڻا لڳا پئي. وهائو تاري اڀرڻ جو هر ڪنهن کي انتظار هو. جيئن وهائو اڀريو ته سانوڻ گهوڙو گاڏي جوٽي شهر ڏانهن نڪتو. سانوڻ جي زال سڀاڳي جا، هونئن ئي هٿ سونا هئا. هو گهر ۾ برٿ جو ڪم ڪري خوب پئسا ڪمائي چڪي هئي. زال جي فرمائش تي سانوڻ سونهري فارم جي احاطي مان ڀلوڙ سُئا مينهن وٺي آيو هو، ته جيئن ٻچن کي کير پياري سگهجي. سانوڻ جي نڪري وڃڻ کانپوءِ، سڀاڳي سڄو ڏينهن مينهن ۽ ٻچن کي ڏئي ڇڏيو هو. شام ٿيڻ سان، سڀاڳي آڳر کي ڇڻڪار ڏئي، مينهن کي قلعي سان اچي ٻڌو. آڳر تي ٻه کٽون اتر کان بجلي وارو اسٽينڊ پکو کڻي اچي رکيائين. کٽ جي سيرون واري پاسي کان آلي واري تي ڄميل کير واري چاڏي ۽ کير واري چؤنري رکي. مٿان کارو ڏئي ڇڏيو.
    سانوڻ غريب هو. هن جي غريبي آڻڻ ۽ چاڙهڻ واري اصول تي روان دوان هئي. پاڻ بکيا رهند اهئا پر مينهن کي کڙ ۽ چوني کان نه سڪايو هئائون. هنن جو چوڻ هو ته جيترو مينهن کي کاڌو ڏبو اوترو ئي کير زياده ڏهبو. هي انهن ماڻهن کان وئون ويندا هئا، جيڪي کير ۾ ملاوت ڪري کپائيندا هئا.
    سج لهي وڃڻ کانپوءِ به سانوڻ نه وريو ته سڀاڳي جي دل وڌيڪ تيز ڌڙڪڻ لڳي. هو در کان ٻاهر جهاتي پائي، سانوڻ کي ائين ڏسڻ لڳي، جيئن ڀٽائي جا فقير جهر جهنگ مان ڀٽ ڌڻي جي سوني نيل تان لهندڙ سج کي تڪيندا آهن، فرق اهو هو ته فقير ڀٽ تي اچي رياضت ڪندا هئا ۽ هو ٻئي ٽيهن ئي سُرن کي گهر ۾ ڳائيندا هئا.
    ٻنهي جي محبت ماکي کان وڌيڪ مٺي، تيڏي گاهٽِ هئي، سانوڻ جي گهر ۾ گهڙڻ سان، سڀاڳي چپ چوريا، چپن سنگيت جو روپ وٺي پڙاڏو ڪيو ”پرهه ڦٽي کان سانجهي تائين، ڇڏي وڃي ٿو، پويان جي ڪا سار لهين ٿو. سڄو ڏينهن خدا جو، تنهنجي لاءِ تڙپان ٿي، جنڊ ۾ پيل داڻي وانگر پيسجان ٿي!!“ سانوڻ بغير ورندي جي گهوڙي کان گاڏي الڳ ڪئي، سڀاڳي گهوڙي تان سنج لاهي پنهنجي رئي سان ڇنڊڻ لڳي. سانوڻ گهوڙي کي اڱڻ جي ڪجهه پرڀرو ٻڌي سڀاڳي کي چيو ”مون ته ٻڌو آهي ته جدا ٿيڻ سان سڪ وڌندي آهي. دل ته منهنجي به چوي ٿي ته تون وهندڙ پاڻي وانگر، هنن ڪچڙن ڪنارن کي کائيندي رهين، پر مار پوي هن پيٽ بکئي کي......“
    سانوڻ نانگ وانگر وروڪڙ کائي پياسي بدن کي ٺارڻ لاءِ ٻانهون کنڊيڙيون ته سڀاڳي مرڪندي اهو چئي هلي وئي ”هاڻ ٺهيو ٺهيو، رات کٽي آهي ڇا؟
    سانوڻ ڇهه سالن جي ڌي بختاور کي چمي، ننڍي ڇوڪر جي ڳلن تي، شفيق هٿ گهمائي، کٽ تي اچي ويٺو، سڀائي ڀت سان کير جو وٽو آڻي ڏنو. ٻئي ڀت کائڻ لڳا، سانوڻ کير جو ڍڪ ڀري ته وري سڀاڳي ڍڪ ڀري، ماني سان گڏ سانوڻ جون ڳالهيون، سڀاڳي ٻڌندي رهي. ”سڀاڳي شل نه پيار ۾ ڪنهن جي ڪل ٿڙي؟“
    ”اهو وري ڪيئن؟“ سڀاڳي سوال ڪيو.
    ”ها ٻڌ! هڪڙو ويچارو ڪاري ڏاڙهي، وڏن وارن سان منهن پيو، هن جو بدن اڌ ڍڪيل اڌ اگهاڙو هيو، هن کي مستاني چونڪ وٽ رونشي ڪوڏن چيڙايو پئي، خبر پئي ته هن ويچاري جي عشق ۾ ڪل ٿڙي آهي، خبر ٿئي! ته انهن چيڙائڻ وارن ۾ هڪ معشوق به شامل هيو“
    ”پوءِ تو ڪجهه نه ڪيو؟“ سڀاڳي سوال ڪيو.
    ”هان مون رونشي بازن کي سمجايو، انسان آهيو انسان ٿيو، انسان جو قدر ڪريو، پيار جو قدر ڪريو؟
    ”پوءِ ڇا ٿيو“
    ”سڀاڳي ڪجهه نه، ماڻهو هليا ويا، مان گهوڙي گاڏي تان لهي هُن جي دل تي هٿ رکيم، ائين لڳو ته ڪائنات جي سڀني عاشقن جي باهه هن جي بٺي مان پئي نڪتي، هن کان ڪجهه پڇڻ گهريم، ته وري گهٽي ۾ ڀڄي ويو. ماڻهو هن پويان ڊڪيا، ڪتا هن پويان ڀونڪيا.....“
    ڳالهيون گهڻيون هيون، رات ٿوري هئي، ٻئي چاهت جي بکين سان هڪٻئي کي سبڻ لاءِ آتا هئا. ٻئي ماني کائڻ کانپوءِ، رب جا شڪرانا ادا ڪري، جنڊ جي ٻن پُڙن وانگر، هڪٻئي مٿان پئجي ويا. سانوڻ سڀاڳي کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي ويو. گهڻي پيار مان تنگ ڪونه ٿيا، البت ڏينهن جي ٿڪ کين گهري ننڊ ڏئي ڇڏي. بجلي تي هلندڙ پکي چوماسي هوائن مان پرهه ڦٽي واري سموري ماڪ ميڙي، ٻنهي جي ڳلن تي هاري ڇڏي هئي.
    رات جي پوئين پهر، سانوڻ جي گهر جي اتر واري ٻانهي کان، ڪوٽ کي کاٽ لڳو. ڪوٽ جي ڪچي هئڻ ڪري چور ستت ئي گهر اندر داخل ٿيا، هڪ چور بگي ڪهاڙي، ڪاري ڳن سان، زال مڙس مٿان اُلاري بيٺو، ٻئي چور مينهن کي قلعي مان ڇوڙيو، ٻنهي جا هيٺيان ڌڙ هڪٻئي ۾ کپيل هوندي به، هندوري جيان ٿورو ئي مس چريا ته مٿان بيٺل چور ڪهاڙي ڪنڌ تي ڀري آندي، ڌڙ پنهنجو پاڻ رڪجي ويا، چور ڪهاڙي ڪنڌ تان هٽائي. رات قدردان ٿي جنهن ٻنهي کي ننڊ ۾ نهوڙي رکيو هو نه ته.......!!؟
    سڀاڳي جي ڊگهن وارن، سانوڻ جي بدن کي، نوڙ وانگر وٽي ڇڏيو هو. سڀاڳي جو سڄو انب بدن جي هيٺان اچڻ ڪري ڪومائجي ويو هو. کٻو انب، سانوڻ جي سڄي ڪک مٿان کنڀي وانگر نسريو بيٺو هو. سڀاڳي جي کنڊڙيل وارن مان هڪ چڳ انب جي ٻنڊ سان ويڙهجي ويئي هئي. ڇهن سالن جي بختاور پاڻي گهريو، سانوڻ جي ڇرڪ ڀرڻ سان ٻنڊ کي سٽ آئي، کٻي انب جا گوها، سڄي انب تي پيا، گهٽيل انب حجر اسود ٿي پيو. سانوڻ هٿ ادب جا رکي چمڻ لڳو، ”سڀاڳي توکي سٽ آئي، منهنجي دل دکي، تون معاف ڪنديئه نه!؟ سانوڻ اکيون مهٽيندي چيو، ٻئي ڄڻا، مينهن کي قلعي تي نه ڏسي، خوب روئڻ لڳا. ٻنهي مٿي تي هٿ هڻي، رات نندوري کي پٽيو ”رات تون قهاري آهين. وري پاڻ سنڀاليندي، نه نه رات تون پياري آهين.....!! اي رات تون ڀلي آئينءَ غريب اڱڻ تي.... پر پاڻ سان، غريبن جو تحفظ به وٺيون آ“
    سڀاڳي کاڪ مٿان ٺهيل پيري کي، کاري سان ڍڪيو. سڀاڳي چرين وانگر هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڀڄڻ لڳي. سانوڻ سوچن ۾ گم ٿي ويو، هو سوچڻ لڳو ڪنهن ڏي وڃان؟ ٿاڻي تي وڃان ته رڳو رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ئي خوب پئسا ڏيان. پر ايف آءِ آر ۾ ڪنهن جا نالا ڏيان؟ ڪنهن تي شڪ ڪريان؟ هن هيڏي ساري وسندڙ شهر ۾ لڙڪ لاڙڻ سان ملندو ڇا؟ هت وڏي ماڻهو کي زڪام ٿئي ٿو ته ماڻهن جي اچ وڃ کٽي نه ٿي، مون غريب جي چوري ٿي آهي، ڪو پڇي به نٿو. سانوڻ وسوسا پچائيندو ڪالوني ۾ رهندڙ ڪمدرا وٽ پهتو. ڪمدار سمجهدار هو، سياستدانن جي آڳا پڇي ڪري خوب گُر سکي ويو هو. سانوڻ کي ڏسندي ئي چُپ رهڻ نه پڳس.
    ”ڪر خبر ڪيئن اچڻ ٿيو آهي، سچ پچ وڙ ڪيا اٿو“ سانوڻ پيرائتي ڳالهه ٻڌائي بس ڪئي. ڪمدار شهپرن جي چوٽين کي وٽيندي چيو ”اها ڳالهه آ.... يا........ وري. ..... آهي......ڪو...... ٻيو چڪر“
    ”نه سائين نه“ سانوڻ سُتت جواب ڏنو. ڪمدار، سانوڻ کي اهو چئي واپس ڪيو ته رک الله تي سڻائي ڪندو. سانوڻ ۽ سڀاڳي لاءِ، اهو سڄو ڏينهن نه کاڌو نه پيتو، نه مرڪيائي ئي سهي، شام ٿي ته مسجد مان پڙهو آيو، جنهن ۾ ڪالوني جي رهواسين کي سج لٿي جو، ڪمدار جي اوطاق تي، صلاح ثواب لاءِ گهرايو ويو آهي.
    اوطاق جي اڱڻ تي، چوطرف کان، کٽون رکيون ويون. پاسي کان نم جي وڻ جون ٽاريون، هوا ۾ لڏي رهيون هيون. وڻ هيٺان ڪبوترن جي کڏي هئي. ڪي ڪبوتر کڏي ۾، ڪي ٻاهر کيڏيا پئي. سج لٿو ته سڀ اچي حاضر ٿيا. ڪمدار روبدار آواز ۾ ڳالهايو، ”هت سڀ مهانڊا، معتبر، پڙهيل ۽ سمجهدار ڪٺي ٿيا آهيو، اوهان ٻڌايو..... ڳوليو..... پيرا ڀيٽيون..... ڪيئن به ڪيو پر مينهن کپي مينهن“ ڪمدار جي لفظن جو سڀني تي اهڙو ته اثر ٿيو جو ڪوئي ڪُڇي ئي نه، آخر متارو همت ڌاري چوڻ لڳو ”ٻين کي چوڻ کان پهرين، پنهنجا گهر صاف ڪجن، پهرين پيري واڍي پيرا ته ڀيٽي اچي، جي چور هت ئي ملي وڃي ته ٻين تي شڪ ڇاجو؟ “ متارو جي ڳالهه سڀني کي وڻي وئي، گلڻ پيري واڍي ڪمدار جي شوخ طبيعت کان خوب واقف هو. گلڻ دل جا راز دل ۾ رکندي چيو ”قبلا! هتان جو چور ئي نه آهن“ سڀ ويتر خاموش ٿي ويا. ڪمدار ٻيهر مخاطب ٿيو ”ڀلا ڪنهن کي ڪنهن تي شڪ، ڇو ته ڪنا ڪوجها هر گهر ۾ هوندا آهن“
    سانوڻ چُپ رهيو. ڪالوني جا رهواسي نه ڪڇيا، متاري کي مڙني ماڻهن تي ڏاڍي باهه آئي. متارو حق سچ چوڻ جو ڪوڏيو هو. هن کي اهڙن ڪمن ڪري ڪمدار ٿاڻي تان خوب ڪٽرايو به هو، پر ٻڪر جي اُهائي ٻي. متارو اڪيلي سر اُٿي چوڻ لڳو ”منهنجو ڪالو تي شڪ آهي، ڪالو ڏينهن جو گهٽين ۾ ۽ رات جو گهرن ۾ گهڙي ٿو“. هن چئي بس ڪئي ته مٿان ڪمدار اٿيو ”ويهه ويهه، شڪ ڏيکاري ته مالڪ ڏيکاري“
    ”هن سوسائٽي کي سڌارڻ لاءِ هر چور، لوڦر، بدمعاش جي نشاندهي ڪرڻ منهنجو نه، پر هر فرد جو فرض آهي“ متارو جي انهي جملي، ڪمدار جي هانءُ کي ٺپي ڇڏيو. ڪمدار، تپي باهه ٿي ويو ”پر سوسائٽي جي فرد جا پٽ! ڪالو کي قسم ڏيون. هو نشائي آهي، هن کي ڪهڙي خبر ته ڏوهه ثواب ڇا آهي؟ ڪالو کان بهتر ته ڪالو جي پيءِ کي قسم ڏجي“ ڪمدار عقل کان ڪم وٺندي اها ڳالهه چئي، ڇو ته کيس علم هيو ته غربت اها بي انصاف ترازو آهي، جيڪا معاشي بدحالي جي عيوض، هر ڪڌا ڪم ڪرائيندي آهي. ڪمدار، جي انهي فيصلي تي وري سڀني وٺي واهه واهه ڪئي، ڪمدار جي حڪم تي پاڙي واري مسجد مان قرآن شريف کڻي اچي ڪمدار جي اڳيان ٽيبل تي رکيو ويو. ماڻو سڀ ادب مان اٿي بيٺا، ڪالو جو پيءَ ڪالو کي پنهنجي منهن وٺي ويو. رونشئي ڪوڏيا ماڻهو پي، پٽ کي ڏسڻ لڳا. ٻئي وضوع ڪري موٽيا، ڪالو ماڻهن ميڙ ۾ بيهي رهيو، ڪالو جو پيءَ قرآن مجيد ڀرسان اچي بيٺو، هن جا عضوا ڏڪڻ لڳا. هو قسم کڻڻ وارو مس هيو ته ڪالو سڀني ماڻهن کي لتاڙيندي پيءَ کي ٻانهن کان وٺي اهڙي سٽ ڏني، جو پڻس گوڏن ڀر ويهي ويو. ڪالو جي اندر جو انسان ٻيهر جاڳي پيو هو. هو قرآن مجيد تي هٿ رکي بيان ڪرڻ لڳو ”ڪمدار جي چرچ تي اسان سانوڻ جي مينهن چورائي“ رڳو سانوڻ جي نه پر گهڻن ئي گهرن جون چوريون ڪيونسين، اهي سڀ ڪم ڪمدار جي بڇ تي ڪندا هئاسون، ته جيئن ڪمدار جو دٻدٻو هر ماڻهو تي رهي. ڪمدار، بيحيائي ڪندي هڪ دفعي سانوڻ جي گهر ۾ گهڙيو هو. سانوڻ، جي گهر واري خوب ڇنڊ پٽي هُيس.“
    ماڻهن ۾ چئو پچئو شروع ٿي وئي. ڪمدار تتل تئي وانگر باهه ٿي ويو، متاري رڙ ڪئي، ”خاموش! ڪالو کي ٻڌڻ ڏيو“ ڪالو اندر جي باهه ٺارڻ لاءِ پاڻي گهريو، متارو جوهي واري ميٽوڙي گگهي کي مٿي ڪري، هڪ طرف کان جهڪايو، ڪالو ٻڪ جهلي پاڻي پيتو. آخري ٻڪ پاڻي سان ڀري، هانءُ تي هارڻ لڳو سڀئي ماڻهو حيراني مان کيس ڏسڻ لڳا. ڪالو جي اندر جي ضمير سالن کانپوءِ ڀٽڪي ڀٽڪي انسانيت جو روپ ڌاريو. تنهن کيس ٻيهر ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ”مونکي نشي آور ۽ ڪم کان بيڪار ڪرڻ ۾ ڪمدار مکيه ڪردار ادا ڪيو. منهنجي گهر ۾ معاشي بدحالي آئي، اوهان لکيل پڙهيل، معزز، معتبر هوندي به گيدي آهيو، بزدل آهيو، اوهان هر ڳالهه ۾، اهو چئي ٽاري ٿا ڇڏيو ته ”اسان جو ڇا؟“ نتيجي ۾ لوڦر عزت وارو ۽ عزت وارو بيعزتو ٿيندو رهيو، ٻڌايو گهڻا ڪفارا ادا ڪيو؟.....؟“
    ڪنهن کي ڪڇڻ جي مجال نه ٿي، ڪالو کي جوشي ۽ ڪمزوري بيهڻ نه ڏنو. هي ڏڪندي وڃي ٽيبل ڀر ڪريو. ڪالو جو پيءَ پٽ کي چنبڙي ويو، متارو قرآن مجيد کڻي مسجد طرف وڌيو، ڪمدار پنهنجي واٺن سميت ڪالو طرف وڌيو. ڪالو پٽ تي ڪريل رهيو. ڪالو کي چيلهه کان، ڄنگهن کان ويندي لوندڙي تائين ٺونشا، مڪون ۽ لتون لڳنديو رهيون، ڪالو جو نرڙ کان رت بوڙيا ڪري زمين تي هارجڻ لڳو. ڪالو رت ٻڏل، هٿ ٻڌي ڪمدار کان، معافي گهرڻ لڳو، گڏ ٿيل ماڻهو آهستي آهستي گيدين وانگر پنهنجي گهر وڃڻ لڳا. ڪبوتر، کڏين مان ٽاهه کائي، ڪالو جي رت ۾ پنهنجو پاڻ ٻوڙي، اڻ راهه منزل ڏانهن اڏامڻ لڳا. نم جي ٽارين ۾، رات ڀر ويٺل چٻرن، انسان جي بي حسي ۽ حيائي تي، خوب ويچارا ڪيا......


    انجواءِ

    ٻن ڪمرن ۽ هڪ ورانڊي تي جڙيل محل ۾، ٻن ڀائرن جي شادي ٿي آهي، گهر جا ننڍڙا، وڏڙا هر گهوٽ ڪنوار کي الڳ الڳ ڪمري ۾ ڇڏي، ورانڊي ۾ پهريدار ٿي، کٽن تي مورچا سنڀالي سمهي پيا آهن، اهڙا مزا ڪي ٻيا ٿيندا......“


    ويچار ويچارن جا

    سونهن هئي ته ماڻهو مست هئا، چوندا به ائين هئا ڪيڏو نه اخلاق اٿس..... سڀ اٿس ماڻهو تي.... سائٿ اٿس پئسي تي.... سونهن وئي وکري ته ساڳيو ماڻهو ڪري ٿو گلا..... چوي ٿو نڀاڳو آ..... بداخلاق آ..... رول آ...... اي خدا! هي ڪهڙا ماڻهو خلقيا اٿئي!!!


    هڪ سَو نوانوي

    ”آئيڻ سر آئيڻ“ هو ڀر واري ڪمري مان نڪري ڊرائينگ روم ۾ اڃان داخل ئي نه ٿيو هو ته سندس دوستن جي چپن مان گڏيل ٻول نڪتو.... هن کي صرف گوڏ ٻڌل هئي، بُت پگهر ۾ شل هيس. هو اڌ مزي ۽ اڌ ۾ ڇٽڻ جي باهه سگريٽ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. گولڊ ليف پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي هر هڪ کي ڏنائين.... پاڻ دُکائي وڏو ڪش هنيائين. سگريٽ جو دونهون نڪ مان ڪڍندي: ”آج لائيٽ نڳ بهت تنگ ڪيا...... مهمان ملتڳ نهيڻ..... آتڳ نهيڻ..... آتي هيڻ تو لائيٽ چلي جاتي هڳ......“
    ”هاڻ سر يڳ بهت زيادتي هڳ.....“ ويٺلن مان ڪنهن جواب ڏنو ته سڀني همراهن ۾ شرابي ٽهڪڙو مچي ويو.
    کل خواري...... پيٽ ڀرائي جهڙي اڃان جاري هئي ته سندر سانوري به ساڳئي ڪمري مان نڪري باٿ روم ڏانهن وئي، ويٺلن جي ٽهڪن ۾ اوچتي بريڪ لڳي هو، پاڻ کي باٿ جي آر سي ۾، ڪجهه نه ڪجهه سنواري، موٽي آئي.....
    ”آئيڳ..... آئيڳ.....“ سڀني پنهنجي پنهنجي گوڏي ڀر ۾ ويهارڻ جي لاءِ ڳُئي گيس ڪئي. هو ويٺي مس ته ڪنهن منهن کي، ڪنهن چيلهه کي، ڪنهن گهنجيل ڪپڙڻ ۾ وري رنگجڻ جا عڪس اوتيا.
    ”هي آهي جمن جتي...... ڊي ڊي آي ۾ آفيسر، اسان جو دوست.... هن جي پارت....“
    هُن سانوري کي گهر جي مالڪ جي پارت ڪئي.
    نرتڪي هٿ ٻڌندي”ميڻ سب ڪي خادم هوڻ“
    ”اسان به نوڪر آهيون“ گهر مالڪ به ساڳي ٺُمري هنئين.
    هن جمن جتي کي اک هنئي ”مهمان اچن ته برسات پوي تاڪه تڪڙ نه ڪن.... پر بجلي هلي وڃي.... مزو اڌورو رهي.... ته ڇا سمجهجي؟“
    ”برسات پوي.... يا لائيٽ وڃي.... مهمان ترس کائي ترسي پوي“ جمن جتي جواب ۾ چيو. نرتڪي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي هُن سان ڪن ۾ سُسُ پُس ڪئي. ٻنهي ڪچهري کان موڪليو، سانوري جي جاءِ پسيل هئي، ڪچهري ۾ ويٺل بابو، ڀڳل چگهه کي، لوسي ڪُتي وانگر سنگهڻ لڳو، جمن جتي مونکي ٻڌائڻ لڳو ”.... دوست آ..... ستر سال جو آ..... پٽ جوان اٿس...... طاقت جو ڪيپسول اٺن سون جو کائي هڪ نه ٻئي ڏينهن رهاڻ مچائي ٿو..... هڪ ڊوز ٽي ڪلاڪ هلي ٿو...... “ مون کيس جڏهن اڌ ۾ ٽوڪيو ته چيائين ”رشوت جو پئسو ڪاڏي ڪجي؟ هونءَ به هڪ ڏينهن هٿين خالي هليا وينداسون......“


    دل نگر جي اتر واري ڪنڊ

    منان جي دل نگر جا چارئي سيل چئني ڪنڊن جي اجهامڻ کان اڳ اجهامي ويا ها. پاڻ به نه جيئندي جي ء رهيو هو.بي عمل لٻاڙين جي وستي ۾ پنهنجي جيئڻ جي پوک پوکڻ جي اڻ تڻ هئي.منان ڪنهن کي نه ٻڌائيندي کڻي اتر جي ڪنڊ طرف رخ رکيو.اها ڪنڊ سڏ ڪوهه پري هئي.ان ڪنڊ تائين پهچڻ لاء دادو ڪئنال جو سهارو ورتو.ڪئنال جو وهڪرو اتر کان ڏکڻ هيو. هوا جي ڇولين جو چاڙهه اتر هو.هن سهڻي جي ڇولين ۾ فطرتي رنگ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي. رنگن جي رونقن ۾ وات سان پاڻي مان بوڙيا جوڙي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. بوڙيا گهڙي ساعت کان پوء پنهنجو وجود وڃائي وسمندا رهيا.اها راند ڪنارن جي گهٽ گهيڙن سان کيڏندو لهندو چڙهندو وڃي ان تار پهتو جتان جي ميڻا وستي جوڪڏهن ڪو عجب جهان هو. هن وستي جي اوطاق جو نظارو ڏسڻ جهڙو هو.هت ڪيئي مسافر مانجهاندو ڪندا ها.رات جي گود ۾ فقير مسافر کائي پيء موجن سان سمهي پوندا ها.ڪينسر فقير مهماني جو انداز ڏسي پنهنجن کي وساري ويٺو هو.ڪارا ڪپڙا ڪارا ڪولابا ڪارا ڊگها ڪيس ڪنڌ تائين ڌڻ ڪتن سان گڏ پيو تڳندو هو.پاڻ پني پاڻ کائي باقي ڪتن کي کارائي ڪتن سان گڏ سمهي پوندو هو.ڪيئي زمانن گذرڻ بعد منان ساڳي اوطاق پهتو.هڪ ڇڳل کٽ پيل هئي.ماڻهن جي پيهه الائي ڪاڏي هلي وئي هئي.ڪينسر جا ڪتا ته ڇا پر ڪتن جي ڪا ڀونڪ به ٻڌڻ ۾ نه آئي.هي دلي مان پاڻي ڊڪ پيئڻ لاء اٿيو.دلي ۾ پاڻي ڦوٽو نه هو.دلي ۾ پنهنجو عڪس پري جي ڳالهه هئي.منان کي ڪنهن سڃاتو ڪنهن سڃاتو ئي ڪونه.ٻار چرين وانگي هن کي ڦري ويا ها. مرد ٻارن کي درويش فقير جي سفارش ڪري رهيا ها.
    منان موقعي جو فائدو وٺي ڏهن فوٽن تي جڙيل قادن اسڪول تي نظر ڊوڙائي.اسڪول جو در ٻيڪڙيل هو.دري جو هڪ تاق کليل هو.ٻن ڪمرن تي مشتمل اسڪول ۾ ٻارن بجاء هڪ ڪمري ۾ ٻه لاسي گڏهه ٻڌل ها.بئي ڪمري ۾ وڏي منهن وارو رڇ بڇ وارو ڪتو سونهري زنجير ۾ سونهري پٽي سان ٻڌل هو.اسڪول جي در اڳيان ايراني گهوڙو بگي ۾ جوٽيل هو.بگي ۾ ويٺل ڳوٺاڻو سونهري ٽوپ نراڙ تي رکي شهپرن کي وٽ ڏئي هڪ نظر ۾ پنهنجي ڪتي کي ڏسي رهيو هو ته وري اتي ئي ٻي نظر انبوهه تي ڦيرائي رهيو هو.هن جي تيز نظرن سان اکيون ڪير ملائي.ٻار ڪتي جا اڳئي کاڌل هئا.مرد سڀ ماريل ها.هي ڳوٺ جو ڪو چگو لڳي رهيو هو.منان اوطاق مان اٿيو ته سڀ هن جي ڪڊ لڳا.جيئن هن تڪڙيون وکون کنيون ته ٻارن هيڙو هيڙو ڪيو.هن اوطاق جو ڦريو کنيو. گهوڙي گاڏي کي ڪراس ڪندي اڳتي وڌيو..اسڪول جي در ٻيڪڙيل کي لت وهائي ڪڊي.در ڪتي طرف ڪريو. سونهري ٽوپ پاتل همراه وڙهڻ لاء هيٺ لٿونه ويندي چرئي جا پٽ،ڄٽ جا پٽ......
    .منان جا ڦرئي ۾ هٿ ۽ وڌيري جا هن جي ڳچي ۾ هٿ.
    تون ڪتي کي ٿو مارين.
    ڪتي کي نه پر تن ضميرن کي ٿو ٻهاريان جن وٽ ٻار جو مستقبل ڪتي کان مٿي ناهي.منان وڏيري کي جواب ڏنو.وڏيرو منان جي اکين کي گهورڻ لڳو.هٿ ڊرا ڪيا.
    لاشڪ تون منان آهين.
    ۽ تون ساڳو نبو آهين. منان ائين چئي ڪمرو ٻهارڻ لڳو.نبو کي زمانو ياد آيو.منان جون چگايون ياد آيون. منان ء۽ نبو ڦريو ڏيڻ لڳا.نبو ڪتي جو زنجير سونهري پٽي کان ڇوڙيو.ڪتو ٻارڙن جا پير ،مردن جي پيرن سنگهڻ بجاء منان جي پيرن کي دير تائين سنگهڻ لڳو.ٻئي مرد لاسي گڏه ڇوڙيا.لاسي گڏه ٻئي گڏهه کي پستي وهائي ڪڊي.ٻار کل ۾ ڏند ڪڊي رهيا ها.ڏسندي ڏسندي گهڙي کن ۾ اسڪول جرڪي پيو. گهوڙي گاڏي جو مالڪ شرم وچان اسڪول ۾ داخل ٿيو.ٻارڙا سائين سائين ڪري هن سان مليا.هن ڪاري بورڊ تي بيهي پڙهائڻ شروع ڪيو.
    الف اک به بدڪ
    ٻارڙن پڙهڻ شروع ڪيو الف اک به بدڪ.
    والدينن جي اکين ۾ خوشي وچان ڳوڙها تري آيا.منان خالي گهڙو کڻي اک ڇنڀ ۾ دادو ڪئنال جي مست ڇولين ۾ دل نگر جي ٻي ڪنڊ تائين ٽٻي هڻي ويو.ماڻهو ٻار نبو هن کي گهڻي دير تائين ڏسندا رهيا.


    شاهو شيطان

    ”شاهوکان ڪم ڪونه پڄندو“ وارو ڊائلاگ سندس ئي ايجاد هو. زال ساران کان سواءِ ڇهن پٽن مان يا ٽن ڌيئرن مان ڪنهن کي همت نه هئي کيس ڪم چونس. وڏي ڌي ڦاپل، هڪ دفعي ڪم جو چئي، وڏيون ڇڙٻون کائي ويٺي هئي. شهر مان سودو وکر وٺي اچي ڏيڻ به گهر ڀاتين تي وڏو ڳَت سمجهندو هو.
    شاهو کان شهر وڃڻ نه پڳو ته کٽ تي سمهڻ به حرام سمجهيائين، ذهن ۾ ڪو نه ڪو ٽيکڙ ٺاهي، لونگ مسڪين وٽ اچي ٺڪاءُ ڪيائين. هونءَ به لونگ جو گهر هن جي گهر کان ڏهن وکن تي ئي ته هيو. لونگ شاهو کي ڏٺو ته ساڻين رڳن ۾ ساهه پئجي ويس. خوش ڀڙ کان ٿيندا وڃي ڳجهڙين ڳالهين تي پهتا. لونگ ٻارن کي پنهنجي اڻ وس ڇپري ڏانهن نه اچڻ جو چيو.
    ”لونگ مون ٻڌو آهي ته. ......“
    ”ها ها چئه......“
    ”جوسو. ..... سنڱ. ..... وڏي پٽ کي ڏيڻ تان. ....... “ شاهو هٻڪي هٻڪي ڳالهايو ته متان ” ڏس نه ادا...... زمان کي الائي ڪهڙو واءُ لڳو آ..... اڳي ڳالهه ٿيندي هئي..... ڄڻ مـُـنڊي تي ٽڪ...... جوسو ڪير مان ڪير..... هڪڙو ڏاڏنگ..... هڪڙو رت...... لونگ جواب ڏنو.
    شاهو دل ۾ گدگد ٿيندي ڪا گهڙي سوچيندي..... موقعي جو فائدو وٺندوي چيو ”جوسو کي ڏائين آيل اٿئي سپڙ جي..... سپڙ کي آهي پنهنجي ڀاءُ لاءِ پيٽ ۾ سور...... ”بس ادا غريب هن دنيا ۾ ڄائو چڱو ناهي...... برادري وارا به اٿئي سائي جا...... سڃو مري ته گهر ۾ مائٽ پٽنس......“ لونگ روئڻهارڪو ٿي چيو.
    ”نه نه. ..... رک الله تي..... توکي اڪيلو ڪو ڇڏبو......! اٿ مڙسي ڪر.......“ لونگ کي شاهو ڪن ۾ ڪا سُسُ پُس ڪئي ته لونگ ڪنڌ لوڏيندي چيو ”ڀلو آن.... سچو آن.....“ لونگ شاهو ڪٺي ٿي لالو لانباڻ جي گهر پهتا. لالو جي گهر ۾ ته شاهو جي ڀيڻ هئي، شاهو جي ڀيڻ کي ڦوڪ ئي ڪافي هئي. پرئين ويڙهي ڏي ٽپندي شاهو ۽ لونگ تي واحد جي ڪاري ڪتي رومڙ ڪئي، ٻئي ڪتي مان جان ڇڏائڻ ۾ ئي لڳل هئا ته واحد ڪتي کي ٻچڪر ڏئي ماٺو ڪيو. واحد سان ڳالهه ۾ ٻٽ ٿي نورل ڏي وڌيا. شاهو لونگ کي ايڏانهن نه هلڻ جو چيو مگر پنهنجو سمجهي شاهو کي مطمئن ڪيو. نورل کان ٿي وڏل وٽ ئي مس پهتا ته لالو، واحد به اچي ٺڪا ڪيو. رنن کان ڳالهه ڳجهه ۾ رکندي، وڃي قرآن شريف تي هٿ رکي واعدو ڪيائون ته جوسي سان ڪير به اسان مان نه کائيندو......... اهو ڏينهن پورو ٿيو، رات ٿي. شاهو کي ننڊ نه آئي، سڀاڻي جو سڏايل برادري ميڙ هن لاءِ امتحان هو. چار سال اڳ شاهو کي برادري سڏ ڀت مان ڪڍي ڇڏيو هو، شاهو جي پٽ اڪو گامڻ کي گهران سڏي، درياهه جي ڪنڌي تي ماري، لوڙهي ڦٽي ڪيو هئائين، گامڻ گڏي کي پنهنجي بدچال عورت کي جهلڻ تان سزا ملي. شاهو ان فيصلي کانپوءِ پنهنجن پٽن جون شاديون ته وڏي خرچ سان ڪرايون پر مٽن مائٽن کانسواءِ سانج سڀ نپٽا ٿي ڀانيا. ان ڪري برادري فيصلي ۾ ڀائرن جي حمايت ٻن جي به ٻارنهن ڀانئڻ لاءِ فڪرمند ٿيڻوپيس.
    پٽن جي پيڙا پي پئي ڀوڳي، شاهو ڪيڏي مهل کٽ جي کٻي ٻانهين ته ڪٿي وري سڄي پاسي پئي وٽ ڏنا. ننڊ نه آيس ته اکيون پوريل پٽيائين، ساران کٽ ڀرسان ويٺس ته هروڀرو پاڻ وڻائيندي پڇيائين ”گوڪي واري زمين ريج ٿي......“
    ”ٻج“
    ”ٻج رونبي لاءِ پٽيل آهي“
    ”رونبو مڙس ماڻهو ٿي ڪجو..... متان مرهيون پاڻي ۾ ترن..... ها سچي. .... گهاٽو ڪجو.....“
    جوڻس هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي. ساران ڪجهه نرم ٿي ته ٻانهن مان هٿ وٺي، ويهاريندي چوڻ لڳس ”مون کان ڪجهه نه پڇندينءَ ڇا..... سڄو ڏينهن وتان ٿو هن هن جا. ..... مهٽيندو.....“
    ”ڪهڙو حج پڙهي آيو هوندين.......“ ساران رکي ورندي ڏنس.
    ”ها ها..... چڱو..... صبح جو ويس لونگ جي گهر......“
    ”پوءِ.....“
    ”بس. .... ٻيڙا پار...... مڙئي هئي چڻنگ ڇڏڻي.... ڏسجان بنڀٽ..... ها سچي پوءِ آيس لالو جي گهر.....“
    ڇو ڀيڻين شبي جي شهمت، لالو تي اثر نه ٿي ڪري ڇا.....؟“
    ”وچ ۾ نه ڳالهاءِ..... ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي..... هڻائين نه ٿڦڙ.....“ شاهو منهن خراب ڪري زال کي چيو.....“
    ”آخر ڳالهه ڪٿي پهتي.....“ ساران تنگ ٿيندي چيو.
    ”سڀاڻي خبر پوندي..... پوءِ ته ٺاريندينءَ نه..... مڃندينءَ ڪٿي....؟“ شاهو اکيون اکين ۾ ملائيندي چيو.
    ”ها. ..... پر. ...... وري ڦري ويندا.............. ڪتي جوپڇ.............“ زال ڌنڪي سان ڳالهايو.
    ”نه. ... نه. ..... نه...... قرآن تي هٿ رکي ڳالهه ڪئي اٿن.... ڪيئن نه قابو ڪيا اٿم چري، مڃي نه مڃي.....“
    شاهو ائين ئي مطمئن ٿي سمهي پيو، جوڻس به گهڙي پلڪ ڀرسان سمهي پئي، جوڻس هٿڙا ڦيرائيندي، پيار پلٽيندي وڃي کٽ تي پئي، ساران جي کٽ شاهو ڀرسان ئي رکيل هئي.
    ٻئي ڏينهن شام تائين، سپڙ جي اوطاق، برادري جي ماڻهن سان ڀريل نظر آئي.
    سپڙ روايتي وڏيرن کان بنهه مختلف هو. هن جي سوچ پڙهيلن وانگر هئي، عام سان عام، ننڍي سان ننڍو ته وڏي سان وڏو لڳندو هو. گڏ ٿيل برادري جا سڀ ماڻهو اچي چڪا هئا، سواءِ شاهو جي، ڇو ته هو راڄ ڀاڳ مان به نڪتل هو، ماڻهن موقعي جو فائدو وٺندي هڪٻئي سان خوب چرچا ڪيا. سپڙ ڳالهايو ته سڀ خاموش ٿي ٻڌڻ لڳس. سپڙ ڪڙڪندڙ آواز ۾ چيو ”ادا واحد، نورل، لالو، ولڻ، لونگ، جانڻ، ڍولڻ، ڪنهن ڪنهن جا نالا وٺان. ...... سڀ ڀلي ڀلي ڪري آيو....“ برادري مان جوابي کيڪار ٿي... ڪنهن ڏاڍي ته ڪنهن آهستي ڪئي.
    ”مون توهان ڀائرن کي ٻيهر تڪليف ڏني آهي، هر سال ڏهين محرم تي ننگر نياز ڪندا آهيون.... نياز تي اڪيلي سر به ڪري ٿي سگهيس پر گڏيل نياز جو مزو ٻيو آهي. محبت ۾ رحمت آهي.....“ سپڙ وات سان گڏ هٿن جا اشارا به ڪتب آندا.
    ”بروبر (برابر)“ هيٺين هڪ آواز ٿي چيو.
    سپڙ ڳالهه جاري رکندي چيو ”ڳوٺ ۾ چوري جي آزار سبب مسڪينن جي ننڊ حرام آهي، جانڻ جا ڏاند چورائجي ويا..... جانڻ اڪ تي سڌا ڪري آيو آهي..... اڪ اڳ ۾ ئي گامڻ گڏي کي ناحقي ماري ڇڏيو..... منهنجي دل ۾ ته الائي ڇا ڇا ٿي باهه ٻري.... پر ڀائپي صرف شاهو کي مرڻي پرڻي مان ڪڍيو.... اڪ جهڙو جيل ويو تهڙو نه ويو.....“ سپڙ ڳالهه جاري پئي رکي ته نورل برادري جي بيزاري محسوس ڪندي اڌ ۾ ڳالهايو ”صرف نياز جي ڳالهه ڪريو........“ نورل جي اڌ ۾ ڳالهائڻ جو موقعو لونگ به نه وڃائيندي چيو ”شاهو ته ڌي جي سنڱ، ڏنڊ چٽيون، معافيون آزيون وٺي ٿو ٻيو ڇا ڪري؟“
    سپڙ، لونگ ۽ نورل کي ويهڻ جو چيو گڏي جو پيءُ مخاطب ٿيو ”جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا، شاهو هجي يا شاهو جي ڌيءَ..... توهان جي مرضي آهي ته شاهو جي ڌي وٺي وري ٻيو ڪو ممڻ مچي....“
    سپڙ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي شارٽ ڪٽ ڪئي.. ... ماضي نه ورجايو.... اڄ مڙڻ جو حل ڪڍو.....“ لالو ڊگهي کي پوئتي زال جا سوٽا، سجهيا پئي، سو اچي واحد کي اک هنيائين واحد لونگ کي ٺوٺ هنئي جيڪو هن ڀرسان ئي ويٺو هو. لونگ سپڙ ۽ برادري اڳيان جذبات ۾ ڏڪندي ڀڻ ڀڻ ڪئي ”.... جوسو، منهنجي پٽ کي سنڱ نه ٿو ڏئي، اهو فيصلو حر حال ۾ اڄ ٿئي.....“ لونگ جي ڳالهائڻ، لالو ۽ واحد تي دل تي پاڻي جا ڇنڊا هنيا.
    جوسي وضاحت ڪئي ”زور جي ميندي نه لڳندي. ڏي وٺ ته ڪانهي.... ننڍي هوندي نياڻي ٻين جي حوالي ڪرڻ به ڪا چڱ مڙسي آهي.... ماين جون ڳالهيون ماين تائين.....“
    واحد، لونگ، لالو جي ڦيٽاري کي سپڙ به سلجهائي نه سگهيو، ٽئي نڪرندي چوندا ويا ”لونگ جو فيصلو نه ٿيندو..... نه نياز کائنداسون.... نه خيرات....“ سپڙ ۽ ٻيا ماڻهو اوچتي اڍنگي رويئي تي پريشاني مان ئي نه نڪتا ها ته نورل سپڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ”اهي سڀ ڪم اٿو شاهڙو جا....“ شاهو اٿو شيطان..... ٻيلي ان جو بلو ڪريو نه ته. ..... محبت ويندي لڏي......“ سپڙ نورل جون ڳالهيون ٻڌي ڪرٽون سٽيندو رهيو.... برادري پنهنجن گهرن ڏانهن رواني ٿي.


    بئڪ ٽائيٽل راءِ

    لکڻ وارن جي دنيا ۾ هيءَ ڳالهه سولي ٿي پئي آهي ته ٿوري ڳالهه کي وڏو ڪري بيان ڪيو. ان سان لکندڙ ته مزو وٺندو آهي پر پڙهندڙ خوب ڏچي ۾ اچي ويندو آهي. ته وري ٻئي پاسي وڏي ڳالهه کي ٿورن لفطن ۾ بيان ڪريو. ان سان وري پڙهندڙ ته خوب مزو وٺندو پر لکندڙ ڏچي ۾ اچي ويندو آهي. ڪنهن به ڪهاڻي ۾ Diction، Fiction ۽ Auto biographic notes ئي ان جي جان هوندا آهن. ممتاز مصطفي دوست جي لکڻين ۾ ان قسم جو فن آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو لکندڙ جي نه پر پڙهندڙ جي مجبوري آهي.

    عبدالقادر جوڻيجو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 906609
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 306619
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ