ڪتاب جو نالو: جيئن جيئن پرين پَسن
مصنف: نور احمد ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 22 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 536 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 120 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • سهيڙيندڙ پاران
  • قرآن جو عملي پروگرام ئي ان جو حقيقي اعجاز آهي : مولانا عبيداالله سنڌي
  • قرآن مجيد جي سمجهڻ ۾ سندس نازل ٿيڻ جي ترتيب جي اهميت : مولانا عبيداالله سنڌي 
  • ذاتي ۽ شخصي ملڪيت جي حقيقت : مولانا عبيداالله سنڌيؓ
  • عدل ۽ احسان : مولانا عبيداالله سنڌي ؓ
  • حضور اڪرم ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت : مولانا عبيداالله سنڌي ؓ
  • اسلام ۾ فڪر جي آزادي : خليفو عبدالحڪيم
  • اسلام جي حقيقت، اسوه ابراهيمي ۽ قرباني : مولانا ابوا الڪلام آزاد
  • اسوه نوحي (عليه الصلاة و السلام) : مولانا ابوالڪلام آزاد
  • زڪوات جو شرعي نظام : مولانا ابوالڪلام آزاد
  • ذاتي مفادن جي مٿان گڏيل مفاد جي ترجيح : مولانا محمد تقي اميني
  • اسلام ۽ معاشي برابري : علامه محمد غزالي رح
  • ايمان جو صحيح تصور ڇا آهي؟ : علامه محمد غزالي رحه
  • دنيا ۽ آخرت جو اسلامي نظريو : علامه محمد غزالي رح
  • فڪري قوت جي اهميت : مولانا سعيد احمد اڪبرآبادي 
  • مسلمانن جو عروج ۽ زوال : مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي
  • حديثون ۽ روايتون : پروفيسر مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي
  • دين ۽ دنيا جي ورهاست جو نظريو ۽ اسلام : مولانا سيد سليمان ندوي رحه
  • اجتماعي عدل : مولانا محمد طاسين رحه
  • اسلامي اقتصادي تعليم جا ٻارهن سنهري اصول : مولانا محمد طاسين رح
  • ڪڙمت ـ قرآن جي روشني ۾: مولانا محمد طاسين
  • ڪڙمت – هڪ مڪمل وياج تي مبني عمل : پروفيسر ڊاڪٽر فاروق عزيز
  • تقليد ۽ اجتهاد : مولانا وحيدالدين خان
  • دين جو روح- حقوق العباد جي ادائگي : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
  • بادشاهي نظام به شرڪ جي برابر آهي : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
  • سڌي واٽ جي تلاش : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
  • توحيدي معاشرو يا طبقاتي معاشرو : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
  • دعوت توحيد ۾ پيغمبرن جو ڪردار : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
  • خاتم الانبياء ﷺ جي دعوتي جدوجهد : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ
  • انساني تخليق جو مقصد : ڊاڪٽر الطاف جاويد
  • اسلامي انقلاب جو قومي ۽ ذاتي پسِ منظر : الطاف جاويد
  • نئين سيرت طيبه لکڻ جي ضرورت : الطاف جاويد
  • مڪي تعليم جو خلاصو : ڊاڪٽر الطاف جاويد
  • سرمائي پرست لاءِ قرآن جي للڪار : مولانا محمد انس راڄپر
  • سرمائي پرستيءَ بابت حديث ۽ فقهه جي راءِ : مولانا محمد انس راڄپر
  • نظرئي ۽ فڪر ۾ بقاءِ انفع جو اصول : مولانا محمد انس راڄپر
  • انسان چاڙهي چڙهي نه سگهيو : مولانا محمد انس راڄپر
  • مغضوب عليهم ۽ ضالين جو گروهه : مولانا محمد انس راڄپر
  • مسلمانن ۽ اهل ڪتاب جون هڪجهڙيون تمنائون : مولانا محمد انس راڄپر
  • انساني عملن ۾ انساني اختيار ۽ ارادو : محمد انس راڄپر
  • “ولـي” ڇـا آهـي : مولانا محمد انس راجپر
  • قوم بابت جديد نظريو ۽ قرآن : مولانا محمد انس راڄپر
  • مقصد بعثت نبي امي ﷺ: مولانا محمد انس راڄپر
  • الله جي دين جا دنياوي ۽ مادي نتيجا : مولانا محمد انس راڄپر
  • قومن جي تقدير : خواجه غلام الدين سيد
  • عادل معاشي نظام جي اهميت ۽ ضرورت : مولانا عبداللطيف نانگراج
  • اسلام ۽ ٻين مذهبن جي حقيقي تعليم کي فراموش ڪرڻ جا نتيجا : مولانا عبداللطيف نانگراج
  • آزاديءَ جو اڳواڻ ﷺ : مولانا عبداللطيف نانگراج
  • معيشت جو اجتماعي اخلاق تي اثر : مولانا عبداللطيف نانگراج
  • انفاق في سبيل الله : مولانا عبداللطيف نانگراج
  • آزاديءَ جو حقيقي مفهوم : مولانا عبداللطيف نانگراج
  • دين جي تجديد جي تحريڪ ۽ شاهه ولي الله  : مولانا اخلاق حسين قاسمي
  • قارون جو قصو ۽ مال ملڪيت بابت قرآن جو نظريو : ڊاڪٽر سيد رضوان علي ندوي
  • اسلام ڇا آهي؟ : احمد الدين شر بلوچ
  • دولت ۽ سرمائي بات قرآن جو قانون : احمد الدين شر
  • زرعي زمين جي شرعي حيثيت : ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال
  • سخاوت جو پيغمبرانه طريقو : مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو
  • گهر ڀاتين سان پاڻ سڳورنﷺ جو رويو : مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو
  • قرآن جو گھربل معاشرو : مولانا شعيب الرحمان کهڙو
  • اسلامي معاشري ۾ ڪمزورن جي حقن جو تحفظ : مولانا شعيب الرحمان کهڙو
  • انسانيت تي شاهد امت جو بنياد : مولانا شعيب الرحمان کهڙو
  • هارين جي مصيبتن جو حل قرآن جي روشني ۾ : مسٽر مسعود صاحب
  • مذهبي ٺيڪيدار ۽ اسلام جو اصل نصب العين : احمد دين راڄپر
  • انسانيت کي توحيد جي طرف وٺي اچڻ جي عملي صورت : نور احمد ميمڻ
  • انسان جون ٽي خاصيتون : نوراحمد ميمڻ
  • اسلام جو عبادتن وارو نظام : نور احمد ميمڻ
  • الله جي صفتن کي اپنايو : نور احمد ميمڻ
  • دعوت جو دائره ڪار : نور احمد ميمڻ
  • پيغمبر اسلام جي نبوت جا ٻه درجا : نوراحمد ميمڻ
  • اخلاق جي اهميت : نور احمد ميمڻ
  • قرآن جي ٻڌايل تقويٰ : نوراحمد ميمڻ
  • مال خرچ ڪرڻ بابت قرآن جا حڪم : نور احمد ميمڻ

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

    جيئن جيئن پرين پَسن

    (اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جون تحريرون)


    سهيڙيندڙ
    نور احمد ميمڻ


    ڪتاب نمبر
    412
    ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
    پهريون ڇاپو: 2017ع
    ڪتاب جو نالو: جيئن جيئن پرين پَسن
    سهيڙيندڙ: نور احمد ميمڻ
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 400/= رپيا
    ISBN # 978-969-9866-72-2
    “JEEAN JEEAN PIREEN PASAN”
    (Selected Articles on Islami Idiology)
    Compiled by: Noor Ahmed Memon
    Published by: Sindhica Academy,

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com

    ڊجيٽل ايڊيشن
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    2018ع


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيئن جيئن پرين پَسن“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
    ھي ڪتاب اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرن تي مشتمل آھي. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
    ھي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سهيڙيندڙ پاران

    سن 2000ع کان اسان سنڌيڪا جي پاران قرآن مجيد جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن جي اشاعت جو آغاز ڪيو. قرآن حڪيم جي ترجمن کي عام پڙهندڙن تائين پڄائڻ لاءِ اسان ابتدا ۾ ڪجهه بلڪل فري ۽ اڌو اڌ رقم جي سبسڊي سان پهچايا سي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير پهچڻ شروع ٿيا. اسان ان ڪم کي مشن ڪري کنيو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ان جي بيحد پذيرائي تي الله پاڪ جا شڪرانا بجا آنداسين.
    2008ع ۾ مون ڪراچيءَ ۾ ’حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو ۽ اتان قرآن حڪيم جي علمن جا چار فاصلاتي ڪورس بنا ڪنهن فيس جي انهيءَ لاءِ هلائڻ شروع ڪيا ته جيئن سنڌ ۾ سادي مذهبيت جي جاءِ تي قرآن حڪيم جي علوم جا عالماڻا ڪتاب ماڻهن تائين رسن ۽ اهي ان مان بهره ور ٿين. ننڍي کنڊ ۾ قرآني علوم تي لکيل شاهڪار ڪتابن کان علاوه اسان مصر ۽ ٻِي دنيا جي ٿيل عالماڻي ڪمن مان استفادو ڪري ڪورس مرتب ڪيا ۽ انهن کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به ڦهلايو. ان دوران 2010ع ۾ مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ لاءِ پنهنجون علمي خدمتون آڇيون ته اسان ان جي مشاورت سان سنڌي ۾ ’توحيد‘ رسالو ۽ اردوءَ ۾ ’الاقتصاد‘ مخزن جو اجراءَ ڪيو. توحيد رسالي جا 24 ڇاپا ڇپيا ۽ بعد ۾ اداري جي انتظامي ڪمن ۽ ٻين علمي ڪتابن جي تياريءَ جي ڪري رسالي کي جاري رکڻ ممڪن نه ٿي سگهيو.
    توحيد جي انهن 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. انهيءَ کان اڳ مون کي ’سنڌ فورم‘ ۽ ’الحماد‘ رسالن کي سهيڙڻ جو موقعو مليو هو ۽ انهن رسالن جي چونڊ مضمونن جا ٻه ڪتاب ’فڪري تحريرون‘ ۽ ’حڪمت اسلام‘ ڪتابن جي صورت ۾ پڌرا ٿيا ته انهن کي بيحد پسند ڪيو ويو ۽ اهي وري وري شايع ٿيا.
    هينئر هي ٽيون ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. توحيد جي 24 شمارن ۾ هڪ هڪ مضمون علم ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار هو جن مان ڪنهن کي به هن ڪتابي مجموعي ۾ شامل نه ڪرڻ بيحد ڏکيو پئي لڳو، پر ڪتاب جي صفحن جي مقرر تعداد جي ڪري اسان اڌو اڌ مضمون چونڊي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن.
    مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب حق ۽ سچ جي واٽ جي پانڌيئڙن ۽ بامقصد زندگيءَ جي چاهيندڙن لاءِ هڪ روشن مشعل بڻبو ۽ نوجوان خاص طور تي پنهنجي صالح سوچ جي لاءِ ان کي مايا محسوس ڪندا.

    نور احمد ميمڻ
    0313-2707097


    قرآن جو عملي پروگرام ئي ان جو حقيقي اعجاز آهي : مولانا عبيداالله سنڌي

    هن ڳالھ ۾ ته سڀ مسلمان متفق آهن ته قرآن معجزو آهي يعني ان جھڙوڪتاب ڪو به انسان پيش نٿو ڪري سگھي. پر ان جي اعجازي نڪتي جي باري ۾ مسلمانن ۾ گھڻو ئي اختلاف رهيو آهي. پهرئين دور جي ڪيترن ئي عربي اديبن ۽ مفسرن قرآن جي نظم کي معجزي طور پيش ڪيو ۽ پنهنجون توانائيون ان تي صرف ڪيائون، پر عجمي علماء ۽ فلسفي مزاج انسانن قرآن جي نظم جي اعجاز کي ڪا خاص اهميت نه ڏني. انهن جي هن نظريي جي باري ۾ هي توجيھه ڪري سگھجي ٿي ته جيئن ته عجمي قوم قرآن جي عربي نظم جي ادبي چاشني کي ڀليءَ ڀت سمجھڻ کان قاصر آهي، انهي ڪري قرآن جو اعجاز، نظم جي لحاظ کان نه بلڪ انهن کي ڪنهن ٻئي خيال کان تلاش ڪرڻو پيو. تنهن ڪري هن اختلاف کي ايڏي وڏي اهميت نه ڏيڻ کپي.
    هيءَ ڳالھ اڻٽر آهي ته قرآن جي اعجاز جا مختلف پهلو آهن. نظم عجيب آهي. معاني جي ترتيب حيران ڪندڙ آهي. گذريل تاريخي واقعات مختصر ۽ جامع انداز سان اهڙي طرح بيان ڪيا ويا آهن جو عبرت ۽ نصيحت ۽ بصيرت ڏانهن متوجھ ڪندي قومن جي عروج ۽ زوال جا قانون آسانيءَ سان سمجھيا وڃن ٿا. ايئن ته اعجازي سبب ڪيترائي آهن جن تي گذريل ڪتابن ۾ وڏو زور ڏنو ويو آهي، پر قرآن جو حقيقي اعجاز ان جو انسان دوست فڪر آهي. يعني اهڙوعملي پروگرام جنهن کي اپنائڻ سان پوري انسانيت جي ڀلائي نمودار ٿئي ٿي. مطلب ته قرآن پنهنجي فڪر ۽ ان تي مرتب ٿيندڙ عملي نظام جي لحاظ کان معجزو آهي.
    ان کي آسانيءَ سان اڃا هيئن چئجي ته قرآن ڪريم فطري اصولن تي قائم اهڙي نظام جو داعي آهي جنهن سان پوري انسانيت هڪ وحدت ٿي ڪري هڪ ٻئي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. ۽ اهو ئي وڏو چيلنج آهي دنيا جي سمورن فڪرن ۽ نظرين کي ته ”فاتو بسورة من مثلھ“ اهڙو نظام پيش ته ڪري ڏيکايو. اهڙي فڪري بلندي ۽ اهڙا قانون جڙيل ته ڏيکاريو. جيڪڏهن قرآن جي اعجاز جي هن پهلو کي ڏسبو ته پوءِ ئي هدي للناس ۽ شفاء للناس جي معني سمجھ ۾ ايندي. ڇو ته اعجاز جو هيءُ پهلو ڪنهن هڪ قوم سان نه، ڪنهن خاص حالت سان نه، ڪنهن مخصوص زبان وارن سان نه بلڪ ان مان هر دور جو انسان فائدو وٺي سگھي ٿو، ڇو ته هي فطرت الله التي فطرالناس عليها آهي ۽ فطرت کي هر انسان سمجھي سگھي ٿو. رڳو مصنوعي پردن کي هٽائي ضمير جي روشنيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
    اعجاز جي هن نموني کي عربي ، عجمي، فلسفي، عام انسان بلڪه هر هڪ سمجھي سگھي ٿو. باقي جيڪڏهن هن جي اعجاز کي عربي نظم ۾ بند ڪبو بلڪ محدود ڪبو ته ان کي چند عربي اديب ئي سمجھي سگھن ٿا باقي ٻيا ماڻهو ان جي اعجازي خوبين کان محروم رهندا. تنهن ڪري قرآن جي اعجاز جي عموميت لاء هيئن چئبو ته قرآن هڪ انقلابي تحريڪ جو نصب العين آهي. هي ڪتاب ڪنهن خاص قوم لاءِ نه بلڪ هي هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو پوري انسانيت، اڄ جي زبان ۾ بين الاقواميت جو تصور پيش ڪري ٿو ۽ جڏهن به ڪابه جماعت ان کي پنهنجي سوسائٽي ۾ نافذ ڪندي ته ان جا به اهي نتيجا نڪرندا جيڪي اسلام جي پهرئين دور ۾ دنيا ڏسي چڪي آهي. اهو قرآن جو اثر آهي.
    قرآن جي هن انقلابي فڪر ۽ انسان دوست نظريي کي دنيا جي عام نظرن کان اوجھل رکڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ٿيندا رهيا آهن.
    مسيحي دنيا جو سرمائيدار طبقو هن فڪر تي مسلسل پردا وجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جيئن مصر جو مشهور عيسائي مورخ جرجي زيدان اسلام جي پهرئين انقلاب کي چند مخصوص انسانن جي قوت ۽ همت ۾ بند ٿو ڪري. يعني اهو انقلاب قرآن جي تعليم جو اثر نه بلڪ اتفاق سان چند جانباز ۽ طاقت ور ۽ ديانتدار ماڻهن جو نتيجو هيو.
    اڄ جي دور ۾ ڪي وري حجازي انقلاب کي پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن جي شخصيت ۾ منحصر ڪن ٿا. يعني ان انقلاب جو بنياد قرآني فڪر نه بلڪ هڪ بهترين ۽ باڪمال شخصيت جي ڪري قائم ٿيو. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪڏهن به ڪا اهڙي باڪمال شخصيت پيدا ٿيندي ته ممڪن آهي ته اهو اثر ٻيهر وجود ۾ اچي. پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته حجازي انقلاب جو بنيادي ڪارڻ قرآن جو اهو عملي پروگرام آهي، جنهن ۾ پوري انسانذات لاءِ ڀلائي سمايل آهي. ۽ اهو فڪر اهڙي بنيادي بلڪ عالمگير اصولن تي مشتمل آهي جيڪي نه ڪڏهن بدليا آهن ۽ نه ئي وري بدلجي سگھن ٿا.
    يعني اهو انساني فطرت جو آواز آهي ۽ سمورن آسماني مذهبن ۽ حڪيمن جو اصل الاصول اهو ئي فڪر رهيو آهي. اهي اصول ازلي ۽ ابدي آهن. پيغمبرن جي بنيادي تعليم اهي ئي اصول رهيا آهن. قرآن ۾ ارشاد آهي:
    ترجمو: ”توهان جي لاءِ اهوئي دين مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو حڪم نوح (عليه السلام) کي ڏنو ويو ۽ اهو ئي ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ (عليهم السلام) ڏي موڪليو ۽ توتي به اهو ئي وحي ڪيو ويو آهي، اهو هي آهي ته هڪ خدا جا ٿي رهو ۽ پاڻ ۾ فرقا ٺاهي ڦوٽ نه وجھو.“ (الشوريٰ-13)
    قرآن جو هڪ ٻيو ارشاد آهي:.
    ترجمو: ”بيشڪ اوهان هڪ ئي امت آهيو ۽ آءٌ هڪ ئي توهان جو رب آهيان پوءِ انڪار ۽ بدعملي جي نتيجن کان ڊڄو. پر افسوس جو ماڻهو هڪ ٻئي کان ڇڄي جدا جدا ٿي ويا ۽ پنهنجا پنهنجا جدا فرقا ٺاهيائون. هاڻي جيڪو جنهن جي پلو ۾ آهي سو انهيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهي.“ (المومنون ـ 53)
    هڪ هنڌ هيئن ارشاد آهي:
    ترجمو: ”اوهان مان هر هڪ قوم لاءِ اسان هڪ شرع ۽ منهاج ٺهرايو (يعني هر هڪ قوم لاءِ مذهبي زندگي جو طريقو مقرر ڪيو).“ (المائده ـ 48)
    حضرت ابن عباس ؐ منهاج جي معني طريقو يا رستو ڪئي آهي. پڻ ارشاد آهي:
    ترجمو: ”هر هڪ امت لاءِ اسان هڪ طريقو مقرر ڪيو.“ (الحج ـ 67)
    شاھ ولي الله رح هنن آيتن کي سامهون رکي ڪري فرمائن ٿا ته اصل دين هڪ ئي آهي. ۽ سمورن پيغمبرن جي بنيادي تعليم اها هڪ ئي رهي آهي يعني توحيد: (خدا هڪ آهي) ان جي ئي عبادت ڪئي وڃي. ان جي ئي نظام جي پيروي ڪئي وڃي. هر مصيبت ۾ ان کان مدد گھري وڃي ۽ جيڪي شيون ان جي شان سان ڀيٽ نه کائن انهن جي نسبت کان پاسو ڪيو وڃي.
    آخرت جو تصور:
    هر شي وانگر عملن جا به نتيجا آهن. مرڻ کانپوءِ سٺن عملن جو سٺو نتيجو ۽ برن عملن جو برو نتيجو ملندو. ٻين لفظن ته موت زندگي جي انتها ۾ بلڪ هڪ نئين زندگي جي ابتدا آهي.
    اڳتي هلي شاھ صاحب لکن ٿا ته سڀ پيغمبر نيڪي ۽ بديءَ جي بنيادي اصولن ۾ به متفق آهن ۽ اهو ئي دين آهي. باقي انهن جي شڪل ۽ صورت حالات ، زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان تبديل ٿيندي رهي آهي. ان جو نالو شريعت ۽ منهاج آهي.
    تنهن ڪري عبادتن جي طريقي ۾ اختلاف، اهڙي طرح خانداني قانونن ۾ اختلاف يا معاشي ۽ معاشرتي قانونن ۾ اختلاف هجڻ جي باوجود انهن سڀني جو روح هڪ ئي هوندو آهي.
    پر تاريخ ۾ ٿيندو هيئن رهيو آهي ته هڪ قوم ڏانهن پيغمبر آيو، پوءِ ان قوم کي ان آسماني تعليم مطابق هلايو. پر زماني جي گذرڻ سان ان تعليم ۾ قومي رسمون داخل ٿي ويون. اڳتي هلي اها قوم پنهنجي قومي رسمن کي اصل دين قرار ڏئي ڪري انهن تي ٽڪ هڻي بيهي رهي. ان کي ئي آسماني دين سان تعبير ڪري پنهنجو پاڻ کي حق جي پرچارڪ سڏرائيندي ٻين کي گمراھ ۽ ڪافر چوندي آئي.
    جنهن ڪري هڪ خالص انسان دوست پروگرام هڪ قومي ۽ گروهي رسم بڻجي ٿي ويو. ائين ئي هر قوم پنهنجو پنهنجو دين ٺاهي ان کي مخصوص نالو ڏئي پنهنجي انانيت جي تسڪين ڪندي رهي، جنهن ڪري فرقا ۽ ٽولا ٺهي پيا. پوءِ الله پنهنجي حڪمت سان انهن لاءِ حق چٽو ڪرڻ لاءِ پيغمبر موڪليا جن انهن کي دين جي اصليت ۽ وحدت ڏانهن مائل ڪيو.
    ارشاد آهي: ”يعني هر پيغمبر جي تعليم سان اهو حشر ٿيو جو ان ۾ غلط رسمون مذهب جو حصو بڻجي ويون. نتيجي ۾ خالص پروگرام وهم پرستي بڻجي ويو پوءِ الله پنهنجي حڪمت سان خالص کي کوٽي کان الڳ ڪرڻ لاءِ نئون پيغمبر موڪليندو آهي ته جيئن نج ۽ اصل پروگرام محفوظ رهي ۽ وحدت انساني قائم ٿئي.“
    تنهن ڪري شاھ صاحب فرمائن ٿا ته مون وٽ اسلام جي تعليم جو لب لباب قرآن جي هيءَ آيت آهي:
    ”هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَىٰ وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ
    وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ“
    يعني قرآن جو اصلي مقصد هي آهي ته سمورن فرقيوارانه مذهبن کي ختم ڪري انسانيت جي ڀلائي جو نظريو پيش ڪرڻ ۽ ان کي عملي شڪل ڏئي دنيا جي لاءِ آئيڊيل بڻائڻ آهي.
    جيئن ته خالص ۽ بي داغ انسانيت جو قيام قرآن جو نصب العين آهي ۽ ان تي هو هڪ عملي نظام به قائم ڪري ڏيکاري چڪو آهي. تنهن ڪري قرآن انهن سڀني مصنوعي مذهبن کي يڪ قلم”ولاتتفرقوا“ سان ختم ڪري ڇڏيو ۽ ”واعتصموا بحبل الله جميعا“ جي تلقين ڪندي انهن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
    قرآن اهو نظريو پيش ڪيو ته خدا جو سچو دين هڪ آهي. اهو آهي پوري انسانذات جي ڀلائي. تنهن ڪري قرآن اڳين پيغمبرن جي تعليم کي غلط قرار نٿو ڏئي بلڪ انهن جي خالص ۽ بنيادي صداقتن کي تسليم ڪري ٿو ۽ ان جي پيروڪارن کي پاڻ سان گڏ هلڻ جي دعوت ڏئي ٿو. قرآن اڳين مذهبن جي عالمگير اصولن کي گڏ ڪري پوري دنيا کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته هي ئي اصل الاصول آهي. هي ئي هڪ بنيادي نڪتو آهي جنهن تي هڪ صحيح بين الاقوامي پروگرام جي تعمير ڪري سگھجي ٿي.
    قرآن هڪ ميزان (تارازي) آهي جنهن سان سڀني کي ماپي سگھجي ٿو ان ۾ يهودي، عيسائي، مسلمان وغيره سڀ برابر آهن. بس اصل دين هڪ ئي آهي باقي ٻيون اختلافي شيون شعائر ۽ رسوم آهن جيڪي مقصد کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا آهن ( انهن جي افاديت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي) پر جيڪڏهن روح کان خالي رڳو صورتن جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي يا انهن کي اصل جي حيثيت ڏني وڃي ته اها دين ۾ تحريف آهي. قرآن مجيد بي روح رسمن جي خلاف جهاد جي تلقين ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو يهودين جي ظاهري دينداري تي ان سڀ کان وڌيڪ ناڪاريو آهي.
    قرآن مجيد فطري تعليم جو ترجمان آهي. ان جو مطلب هيءُ آهي ته اهو اهڙو پروگرام پيش ڪري ٿو جيڪو انساني نوع جي نوعي تقاضا آهي ۽ ان ۾ پوري انسانذات لاءِ ڀلائي لڪل آهي. هن جو پروگرام خاص وقت ۽ جماعت سان ڳنڍيل نه آهي بلڪ هر دور ۾ ۽ هر سوسائٽي ان تي عمل ڪري ڪامياب ٿي سگھي ٿي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن قرآن کي هڪ مخصوص گروھ جو ڪتاب يا مخصوص وقت ۾ فائدو ڏيندڙ ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي ازلي ۽ ابدي پروگرام چوڻ بلڪل غلط ٿيندو. قرآن مجيد سموري انسانيت جو ڪتاب آهي.
    پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته هر زماني ۾ ان جي صورت هڪ ئي رهندي. بيشڪ هڪ زماني ۾ ان جي صورت هڪ خاص شڪل ۾ ظاهر ٿي پر ضروري ناهي ته بعينھ اهائي شڪل ٻئي زماني ۾ به قائم ٿئي. زمانو تبديل ٿيندو رهي ٿو ۽ هر نئون ڏينهن الله جو نئون شان کڻي نروار ٿئي ٿو. اهڙي طرح زندگي به ارتقائي سلسلي ۾ هلندڙ آهي. حالات، زمان، مڪان ۽ سوچن جي تبديلي قانون جي تبديلي جا متقاضي آهي. تنهن ڪري اڄ جي دور ۾ بعينھ خلافت راشده جھڙي صورت نٿي ٿي سگھي. جيڪي ائين سمجھن ٿا اهي قرآن جي حڪمت کان بي خبر آهن. بيشڪ خلافت راشده جي حڪومت قرآن جي فڪر جو عملي نمونو بلڪ اعليٰ عملي نمونو هئي، پر اهو نمونو هر دور ۾ هڪ جھڙو نه رهندو بلڪ ان جو روح ۽ اساس باقي رهڻو آهي.
    قرآن اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري سگھي ٿو. هن زماني ۾ قرآن جي بنياد تي صحيح حڪومت قائم ڪري سگھجي ٿي پر ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن کي عقل ۽ فهم سان سمجھيو وڃي. معروضي حالتن مطابق ان مان فائدو ورتو وڃي. ان جي ٻڌايل انساني نفعي وارن اصولن تي قانونسازي ڪئي وڃي. ان جي عالمگير اصولن کي سمجھي اڄ جي زبان ۾ ان جي ترجماني ڪئي وڃي. ٻين لفظن ۾ قرآني فڪر کي عوامي سوچ ۾ تبديل ڪري انقلاب لاءِ راھ هموار ڪئي وڃي.
    مطلب ته قرآن جو مقصد انسانذات جي تمدني ترقي سان گڏ ان جي اخلاقي تعمير ڪرڻ آهي. حقيقي تمدني ترقي صحيح اخلاقي اصولن سان ئي قائم ٿي سگھي ٿي. تنهن ڪري قرآن انسانن کي انهن بنيادي اخلاقي اصولن ڏانهن متوجھ ڪري ٿو.
    ان جو پيغام سڀني مصنوعي اختلافن کي ٽوڙي هڪ وحدت ۾ پوئي ٿو. اها وحدت توحيد آهي. يعني هڪ الله تي ايمان آڻيو، هڪ الله جا ٿي رهو، سڀ انسان الله جا پيدا ڪيل ۽ ان جا بندا آهن. يعني عبديت ۾ سڀ برابر آهن. اهو توحيد جي ذريعي انساني مساوات جو پيغام ڏئي ٿو. آقا ۽ غلام جي تصور کي ڪچلي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان دور جون ٻه وڏيون سلطنتون قيصر ۽ ڪسريٰ جيڪي طبقاتي نظام تي قائم هيون انهن کي ختم ڪري توحيد جي تصور تي انساني مساوات وارو نظام قائم ڪرڻ پيغمبر صه جي بنيادي مقصدن منجھان هڪ هيو.
    قرآن توحيد کي اعليٰ نصب العين طور پيش ڪري ٿو. خدمت ۽ حريت، انسانيت کي ان نصب العين کي عملي طور پيش ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏئي ٿو. يعني توحيد جي عقيدي جي عملي تصوير انسانذات جي خدمت ۽ آزادي آهي. ڇو ته توحيد جو تصور ئي سڀني اڪائين کي هڪ وحدت ۾ پروئي ٿو جنهن مان انساني مساوات جا گل ڦٽن ٿا. ان کي اڃا واضح ڪجي ته صحيح خدا شناسي جو لازمي نتيجو انسان دوستي آهي ۽ قرآن مجيد اهڙي ئي خدا شناسي جي تعليم ڏئي ٿو. پوءِ اهو چئي ٿو ته هن پروگرام کي عام سوسائٽي ۾ ”جادلهم بالتي هي احسن“ يعني نرمي سان سمجھايو ۽ جيڪڏهن ڪي انسانيت جا دشمن رڪاوٽون وجھڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن سان جنگ ڪيو ۽ درحقيقت اهوئي جهاد جو مفهوم آهي. ظلم ۽ استحصال خلاف جنگ ئي جهاد آهي. يعني حق لاءِ قربان ٿي وڃڻ ۽ مفاد عامه لاءِ جنگ ڪرڻ.اهڙي جدوجهد ۽ جنگ انسانيت جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. توهان پوري قرآن کي غور سان پڙهو، اهو ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله سان ڀريو پيو آهي. ايمان بالله عقيدو آهي ته وري جهاد في سبيل الله ان ايمان تي عمل آهي. هڪ نصب العين آهي ته ٻيو مسلڪ. ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. جيڪڏهن ڪو هڪ انهن مان ناقص آهي ته پڪ سمجهو ته ٻيو به ناقص هوندو. ان معنيٰ سان ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله هڪ اهڙي ڪسوٽي آهن جنهن سان هر فرد، هر جماعت ، هر قوم ۽ هر نظام ۽ قانون پرکي سگھجن ٿا. ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت جي ڪابه گنجائش نه آهي.
    هڪ زماني ۾ مسلمان انهن ٻنهي وصفن سان سرشار هئا. ان ڪري قرآن انهن کي امت وسطاً جي لقب سان نوازيو. ارشاد آهي:
    ”وَکَذٰلِکَ جَعَلْنٰكُمْ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَكُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ“
    بيشڪ مسلمانن جو هي (Balanced umma) وارو امتياز هن ڪري آهي جو اهي ايمان بالله ۽ جهاد في سبيل الله کي صحيح معني ۾ مڃن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا.

    (قرآن مجيد، انسانيتِ عامہ ڪا داعي؛ از: مولانا عبدالله سنڌي؛ ترتيب: محمد سرور ماهنامہ فڪر و نظر: 1968 تان ورتل، سنڌيڪار: ثناءُالله سومرو)


    قرآن مجيد جي سمجهڻ ۾ سندس نازل ٿيڻ جي ترتيب جي اهميت : مولانا عبيداالله سنڌي 

    حڪمت ولي الله جو شارح، امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي  جن لکن ٿا ته مسلمان قرآن حڪيم کي انسانيت لاءِ آخري رباني پيغام مڃي ٿو. آسان لفظن ۾ هيئن چوڻ گهرجي ته قرآن دنيا کي انٽرنيشنل انقلاب جو پروگرام ڏئي ٿو. ان طرح قرآن مجيد جو مطالعو ڪندڙ جي فڪري ضرورت جو خيال رکيو وڃي ته پوءِ سڀ کان پهريان ان تحريڪ جو نصب العين چٽي طرح سامهون هئڻ گهرجي جنهن کي اسين ”ھُوَ الَذِّی اَرْسَلَ رَسُوْلَھٗ بِالْھُدیٰ ۔ الخ“ ۾ پوشيده ڏسون ٿا. يعني انسانيت جي قافلي کي منظم طرح اڳتي وٺي هلڻ جي لاءِ دين اسلام کي انسانيت جو آخري منشور بڻائي ڏنو ويو.
    عظيم منشور سان گڏوگڏ پارٽي ڊسيپلن جي ضرورت پوندي جنهن کي قرآن جي ڪيترين سورتن ۾ ”حزب الله“ جي لاءِ تفصيلي حڪم ڏيئي مڪمل ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ هڪ مرڪزي ڪاميٽي جي تشڪيل ضروري هوندي جيڪا ان پروگرام کي هلائڻ جي ذميواري قبول ڪري ۽ کيس وقتي تقاضائن پٽاندر مناسب تبديلي جو پورو اختيار هجي. اسان جي نظر ۾ اسلامي انقلابي جي اها پهرين سينٽرل ڪاميٽي کي قرآن حڪيم جو ”اَلْسَّابِقُوْنَ اْلاْوَّلُوْنَ۔الخ“ ۾ ان ئي ڪاميٽيءَ جي وجود کي ثابت ڪرڻ مقصود آهي.
    جماعت جي اهل فڪر کي ٻي مرحلي ۾ هڪ اهڙي سوسائٽي اڏڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي جيڪا پوري انقلابي نظرين سان پنهنجو غلبو قائم ڪري. ان سوسائٽي جا ڪارڪن موقعو ملندي ئي انقلابي گورنمينٽ جوڙي وٺندا جيڪا اڳوڻي حڪومتن جي سسٽم کي ڊاهي، پنهنجي انقلابي پروگرام تي هڪ نئين رياست جوڙيندا. اسلامي عقيدن، اخلاقن ۽ اسلامي حڪومت ملڻ سان جيڪا انقلابي سوسائٽي وجود ۾ اچي ٿي، ان جي حڪمت ۽ نظرين کي قرآن حڪيم مان وٺڻ جي نااهليءَ سبب انسانيت کي وڏا نقصان پلئه پيا آهن. اسان جا فقيھ ويچارا گورنمينٽ جي احڪام ۽ انتظامي طريقن کي به عقيدن ۽ اخلاقن جيان ضبط ڪيو ڇڏين. جنهن ڪري هڪ قسم جو جمود پيدا ٿيو پوي. عالمن جي گهڻائي توڙي جو ان سڄي ڪائناتي هدايت مان رڳو ايترو ئي ياد رکي ٿي ته زاني کي رجم ڪرڻ ۽ چور جو هٿ ڪٽڻ ضروري آهي. سچي ڳالهه آهي ته شريعت جي تفصيلي حڪمن ۾ انهن جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. جزاهم الله خير. پر ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪو خدا جو ٻانهو ان انقلابي سوسائٽي جو انسانن جي ترقيءَ لاءِ ٻڌايل حڪم حڪم جيڪي گورنمينٽ لاءِ بنيادي سبب جي جاءِ تي آهن، الڳ ۽ چٽا ڪري ڏئي ها ته پوين مفڪرن جون سڀ مشڪلون حل ٿي وڃن ها. گورنمينٽ ۽ انقلابي سوسائٽيءَ جا اصولي حڪمن نکيڙ ڪرڻ لاءِ قرآن حڪيم جي مڪي ۽ مدني سورتن جو معين ڪرڻ ضروري آهي.
    رسول الله ﷺ جن مڪي زندگي ۾ اهوئي ڪم ڪيو جو عدم تشدد جي پابندي سان هڪ اهڙي عاليشان اجتماعي جماعت تيار ڪئي جنهن جو مٽ دنيا وري نه ڏيکاري سگهندي. جن ماڻهن کي ”المهاجرين“ جي لقب سان ڪوٺيو ويو آهي سي مڪي جا رهاڪو هئا، پر عجب جي ڳالهه آهي جو مديني جي انصارن جي جماعت پڻ مڪي دور ۾ ئي تيار ٿي، انهن ئي ٻن گروهن مان مستقل مرڪزي جماعت تيار ٿي جنهن مديني ۾ اسلامي حڪومت جوڙي.
    قرآن مجيد جي هر سورت جي متعلق مفسرن وٽ روايتون موجود آهن، ته اها سورت مڪي ۾ نازل ٿي يا مديني ۾، ان جو شان نزول ۽ ان جا مخاطب وغيره. پر ڪيترين سورتن لاءِ روايتون ايتري قدر مختلف آهن جو تن جي تطبيق يا ترجيح ڏيڻ آساني سان ممڪن نه آهي. ڪجهه حڪمن جي تاريخ انهن روايتن کي غلط قرار ڏئي ٿي. ڪي مفسر پنهنجن مڃيل نظرين جي سبب انهن روايتن کي صحيح نه ٿا سمجهن، ان ڪري اهو روايتي سلسلو اطمينان جوڳو نه رهيو آهي.
    هاڻي اسان جي نئين نسل جي اهل دانش کي، جيڪي فڪري ۽ عملي قوت ذريعي گهڻو ڪجهه پروڙي چڪا آهن، بي مقصد اجاين سجاين ڳالهين ۽ شعر شاعري جي بي نتيجه شغل کي ڇڏي، نصب العين جي حاصل ڪرڻ جي سوچ ۾ مصروف ٿي وڃڻ گهرجي. دانشمند انسان جي مقصد ۾ چٽائي هوندي آهي، الجهن ۽ انڌيرو نه هوندو آهي، قرآن مجيد جي نظرين ذريعي پنهنجي نصب العين کي چٽو ڪرڻو پوندو.


    ذاتي ۽ شخصي ملڪيت جي حقيقت : مولانا عبيداالله سنڌيؓ

    مولانا عبيدالله سنڌي ماسڪو ۾ نو مهينا کن رهيا. اتي ظفر حسن ايبڪ جيڪو عقيدي جي لحاظ کان پختو ۽ استقامت وارو کرو مسلمان هو، سو اتي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. ڪميونزم جو سبق پڙهي ان کي جيڪي شڪ ۽ شبها پيدا ٿيندا هئا اهي مولانا سنڌيءَ کان اچي ڪري پڇندو هيو ۽ مولانا انهن جا تسلي بخش جواب ڏئي ايبڪ صاحب کي اطمينان بخشيندو هو.
    ايبڪ صاحب لکن ٿا ته ڪميونسٽ چوندا هئا ته ”مذهب انسان لاءِ آفيم آهي.“ انهن جو مطلب انهيءَ جملي مان هي هو ته مذهبي عقيدا ماڻهو کي سُن ۽ جامد ڪري ٿا ڇڏين جو انسان پنهنجي حقن لاءِ مزاحمت به نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري ايتري جرائت ڪري ٿو جو غاصبن کان پنهنجو حق طلب ڪري سگهي.
    مذهب ذاتي ملڪيت کي صحيح ٿو مڃي ۽ ان جي رکڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ان جو مطلب ته (ڪارل مارڪس جي گمان مطابق) مذهب مالدارن جي حمايت ٿو ڪري. ۽ غريبن ۽ لاچارن جي حقن تي ڌاڙو ٿو هڻي ۽ انهن کي پنهنجي حقن جي حاصل ڪرڻ کان روڪي ٿو.
    ايبڪ صاحب لکن ٿا ته ”قبله مولانا سنڌي ان ظاهري طرح حيرت ۾ وجهندڙ پر حقيقت جي ابتڙ دعويٰ کي رد ڪندي ان اعتراض جو جواب هن طرح ڏنو ته اسلام ۾ وراثت جو قانوني نظام دولت کي گڏ ڪرڻ نٿو ڏئي. بلڪه ان ۾ گردش آڻي ڪري گهڻن ئي انسانن کي معاشي موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪري ٿو. اهڙي طرح زڪوات جو نظام مالدارن جي دولت ۾ غريب طبقي جو حق رکي ٿو. ان سان محتاجن ۽ ضرورت مندن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. جنهن سان دولت جي تقسيم اعتدال جي نقطي تي قائم رهي ٿي.“
    ايبڪ صاحب رح لکن ٿا ته ”هڪ ڏينهن يونيورسٽي ۾ پڙهايو ويو ته جيڪو به مذهب ذاتي ملڪيت کي جائز قرار ڏئي ٿو اهو رجائيت ۽ قدامت پسند مذهب آهي. اهو غريبن کي مالدارن جو غلام ٿو بڻائي. انهن جو استحصال (Exploitation) ٿو ڪري. انهيءَ ڪري هر اهڙي مذهب کي ڪچلي ڇڏجي.“
    ايبڪ صاحب لکن ٿا ته ان ليڪچر سان منهنجو هندو ساٿي بينرجي ڏاڍو خوش ٿيو. ڇو ته سبق کان پوءِ جڏهن ان مون کان پڇيو ته ”ڇا اسلام ذاتي ملڪيت جي اجازت ڏئي ٿو؟“ مان چيم ”ها ڏئي ٿو.“
    هن جهٽ ۾ وراڻيو ته ”اسان کي پوءِ هندستان مان هندو ازم سان گڏ اسلام جي به پاڙ پٽڻي پوندي.“ پر مان اتي ان جو ڪو خاص تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيم ۽ منهنجي دل ۾ به اسلام جي متعلق ڪجهه شبهو پيدا ٿي پيو. جڏهن شام جو معمول مطابق حضرت سنڌيءَ کي سڄي ڳالهه عرض ڪيم ۽ هندو ساٿي وارو واقعو به پيش ڪيم ته قبله سائين جن فرمايو:
    قرآن ۾ الله جل شانہ فرمايو آهي:
    ”اِنَّ اللہَ اشْتَرٰی مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمْ وَ اَمْوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَ ؕ“
    بيشڪ الله تعاليٰ مئومنن کان سندن جانيون ۽ مال ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن هن قيمت تي (خريد ڪيون اٿس) ته کين بهشت (جي دائمي زندگي) ملي ( توبھ-111)
    يعني جنت جي عوض مسلمانن پنهنجي جان ۽ مال جو سودو پنهنجي مالڪ حقيقي سان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهي پنهنجي جان ۽ مال جا مالڪ نه آهن. ان مان هي نتيجو نڪري ٿو ته جيڪڏهن ضرورت پوندي ته مسلمانن کي پنهنجي جان تان هٿ کڻي لازمي طرح محاذ تي وڃڻو پوندو ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت تان هٿ کڻي رياست ۽ عوام جي حق ۾ لازمي طرح دستبردار ٿيڻو پوندو.
    يعني ذاتي ملڪيت جو اصول ضرورت جي وقت ۾ ختم به ڪري سگهجي ٿو. ان مان معلوم ٿيو ته اسلام اهڙو مذهب نه آهي جنهن ۾ ذاتي ملڪيت جو اصول هميشھ قائم رهي ۽ ان ۾ تبديلي نه ڪري سگهجي. بلڪه جيڪڏهن معاشي حالتون صحيح نه آهن. ذاتي ملڪيت جي ڪري مسلمان پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي ايمان کي خطرو سمجهن ٿا ته انهن کي ان صورت ۾ پنهنجي پرائيوٽ ملڪيت کان هٿ کڻڻو پوندو. تنهن ڪري اسلام رجائيت پسند دين نه آهي ۽ نه ئي وري رجائي قوتن جو مددگار آهي جو مالدارن کي غريبن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت ڏئي يا اهڙا موقعا فراهم ڪري.“ حضرت سنڌي رح جي سمجهاڻي منهنجي ويساهه کي فولاد بڻائي ڇڏيو.
    ايبڪ صاحب لکن ٿا ته هڪ دفعو زمينن جي ذاتي ملڪيت جي مسئلي جي باري ۾ ڪميونسٽن جي وچ ۾ وڏي بحث مباحثي جي فضا گرم هئي. اهي چون پيا ته ڪو به مذهب ”مشترڪه ملڪيت واري زراعتي ڪوآپرٽيو“ جي اجازت نٿو ڏئي. هي سڀ مذهب قديم روايتون آهن جيڪي ڪيپيٽال جي تحفظ لاءِ جوڙيون ويون آهن.“
    ايبڪ صاحب لکن ٿا ته جڏهن مان حضرت سنڌيءَ کي عرض ڪيم ته ”ڇا اسلام ۾ به زمين کي ذاتي ملڪيت ۾ ڏيڻ جائز آهي.“؟ پاڻ فرمايائون : ”نه، ان جو ثبوت هي آهي ته جڏهن مسلمانن ايران فتح ڪيو ته عرب فاتحين مان ڪن جي راءِ هيءَ هئي ته هي زمين اسان پنهنجي همٿ، عمل، قوت ۽ جدوجهد سان فتح ڪئي آهي. تنهن ڪري اها جنگ ۾ شريڪ رهندڙن ۾ تقسيم ڪئي وڃي پر حضرت عمر ؐ ان جي اجازت نه ڏني ۽ سموري زمين حڪومت جي تحويل ۾ وٺي ڪري ان کي عوامي ڀلائي لاءِ بيت المال جو حصو قرار ڏنو. اها زمين اتان جي رهاڪن کي پوکي ڪرڻ لاءِ ڏني وئي. ۽ ان جي آمدني عوامي اسڪيمن کي صرف ڪئي ويندي هئي.“
    ايبڪ صاحب لکن ٿا ته مون حضرت عمر ؐ جو اهو فيصلو ۽ اسلامي قانون جا اقتصادي اصول جڏهن مان يونيورسٽيءَ ۾ ذڪر ڪيا ته ڪميونسٽ پروفيسر بيحد تعجب ۾ اچي ويو.

    سنڌيڪار ثناءُ الله سومرو


    عدل ۽ احسان : مولانا عبيداالله سنڌي ؓ

    مولانا عبيدالله سنڌي ؓ جن فرمايو:
    ”دين جا ٻه اهم ٿنڀ آهن (1) تهذيب اخلاق (پنهنجي شخصيت کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ) يعني عقائد جي تصحيح سان گڏ نيڪ ۽ صالح عملن جو التزام (انهن کي لازم ڪري وٺڻ) ان جو ٻيو نالو احسان آهي. (2) حقوقِ اجتماعيت، يعني پاڻ ملي جلي رهڻ جي ڪري جيڪي هڪ ٻئي تي حق لازم ٿين ٿا انهن کي ادا ڪرڻ.
    هيءَ اجتماعيت (گڏجي ڪري رهڻ) هڪ ڪٽنب ۽ خاندان کان شروع ٿي ڪري هڪ بين الاقوامي صورت اختيار ڪري ٿي هن ۾ تدبير منزل، (گهريلو يا خانداني زندگيءَ کي منظم ۽ مستحڪم ڪرڻ) اجتماعيت قريھ، (ڳوٺاڻي زندگي) اجتماعيت مدنيھ شهري زندگي ۽ اجتماعيت بين الاقوامي سڀئي شامل آهن. اجتماعيت مدينھ کي اڄ جي سياسي اصطلاح ۾ قومي اجتماعيت جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي.
    حقوق اجتماعيت جي تقاضا هيءَ آهي ته انسان پنهنجي معاشرتي زندگي ۾ تعاون ۽ امداد سان زندگي بسر ڪري (يعني ضرورت جي وقت ۾ هڪ ٻئي کان مدد وٺي ۽ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجي. مثال طور. جيئن والدين پنهنجن ٻارن جي تربيت ۽ پرورش ڪندا آهن، پر جڏهن اهي پوڙهائپ کي پهچن ته سندن جي اولاد تي فرض آهي ته انهن جي پرگهور لهي. انهن جي خدمت ڪري. گڏوگڏ اها مٽي مائٽي جي رشتي جي تقاضا ۽ حڪمت به آهي.
    ائين ئي هڪ اجتماعي يا قومي زندگيءَ ۾ سرنديءَ وارن جو فرض آهي ته اهي پنهنجن علائقن جي غريبن ۽ مسڪينن، ڪمزورن ۽ بيمارن جي خدمت ۽ مدد ڪن. ان ”عمل“ جو ٻيو نالو عدل آهي.
    عام طور تي چيو ويندو آهي ته عدل، قومي زندگيءَ ۾ ٻن شين کي لازم ٿو ڪري. هڪ ان قوم سان عداوت ۽ قطع تعلقات جيڪا هن قوم سان عداوت رکي ٿي. ٻيو ان قوم سان محبت ۽ دوستي ۽ سٺا تعلقات جيڪا هن سان ائين ڪري ٿي. عام ماڻهن جي زبان ۾ سياست هنن ٻنهي ڪيفيتن يعني عداوت ۽ دوستيءَ سان جڙي ٿي، پر اهل حڪمت ۽ دانش ڄاڻن ٿا ته سياست اجتماعي حقن جي ادائگيءَ جو نالو آهي ۽ سياست انهن وٽ ماڻهن جي بنيادي گهرجن پوري ڪرڻ سان عدل قائم ڪرڻ ۽ دشمن سان جنگ ڪرڻ جو نالو آهي.
    حڪيمن وٽ عدل ۽ احسان ٻئي سياست جا جز آهن. احسان ۽ عدل ۾ اهي تفريق نه ڪندا آهن. ڪنهن به آسماني مذهب ۾ انهن کي الڳ نه ڪيو ويو آهي، ڇو ته هي ٻئي شيون تقوي جي برابري جو درجو رکن ٿيون. پر جڏهن سوسائٽي جو نظام بڇڙو ٿي پوندو آهي ته اتي احسان ۽ تهذيب اخلاق کي دين جو نالو ڏنو ويندو آهي ۽ بڇڙائيءَ جون محرڪ طاقتون سياست کي الڳ ڪري پنهنجي نفساني خواهشن جي تابع ڪري ڇڏينديون آهن. ملڪ جو قانون دين جي ٻڌايل عدل واري لازمي تقاضا جي هيٺان نه هوندو آهي. آسماني تعليم جي مطابق اهو فساد آهي. ۽ اهو ئي فساد بني اسرائيل ۾ رائج ٿيو هو.
    اهو فساد دين ۾ تحريف جو سبب بڻجي وڃي ٿو. مان هنن ٻنهي ڳالهين جو يهودين ۾ تجربو ڪيو آهي. سندن مذهب هاڻي باطل پرستي ۽ وهم پرستي ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، حالانڪه هي هڪ وڏو مذهب هيو. اڄ انهن جي ڪتابن مان حق ۽ باطل جي نکيڙ ڪرڻ مشڪل ٿي پئي آهي. ڇو ته انهن ۾ احسان جي تجديد ڪرڻ وارا پيدا نه ٿي سگهيا آهن ۽ انهن پاڻ کي بطور مذهب جي به سياست کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.
    پر جيئن ته سياست کان ڪلي طور تي منهن موڙڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري هنن مختلف خواهشن جي هيٺ اچي ڪري پاڻ کي گروهن ۽ ٽولن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، پاڻ کي جنگ ۽ جدل جي باهه ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿن. تنهن ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جو انهن جي ڪتابن مان ايمان، اسلام ۽ احسان جي سلسلي ۾ حق ۽ باطل جي نکيڙ نٿي ڪري سگهجي. ائين ئي جيڪڏهن هندن جي ڪتابن کي ڏسبو ته انهن ۾ به حق پنهنجن سمورين صورتن ۽ شڪلن ۾ موجود آهي پر ان تي باطل پنهنجي پوشاڪ ويڙهي ڇڏي آهي. حق موجود ته آهي پر باطل سان گهليل مليل. اهڙي طرح اسان جي مسلمانن جي فرقن ۾ به حق ۽ باطل گهليل ۽ مليل آهي. ڇو ته هتي به عدل ۽ احسان ۾ فرق ڪيو ويو آهي. اسان هن مسئلي جي باريڪي ۽ ان جي نتيجن کي چڱي طرح ڄاڻون ٿا. (حضرت سنڌي جن فرمائن ٿا ته احسان کي عدل کان جدا نه ڪيو وڃي.)
    ”پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو احسان کي عدل کان الڳ رکي ٿو.“ يعني پنهنجن عقيدن ۽ اخلاقن کي ته سڌاري ٿو ليڪن شِهر، قوم ۽ ملڪ جي حقن جي ڪا به پرواهه نه ٿو رکي ۽ ملڪي سياست کان پري رهڻ کي پسند ڪري ٿو ته ان ماڻهوءَ ڄڻ ته الله جي دين جو انڪار ڪيو. سياست کي دين کان جدا ڪرڻ واري صورت ۾ جيڪو برو نتيجو مرتب ٿئي ٿو ان جو بيان هن آيت ۾ ڪيو ويو آهي: ”اولئک الذين اشتروا الحيوت الدنيا“ يعني اهي اُهي آهن جن آخرت جي بدران دنيا جي حياتي خريد ڪئي. پوءِ کانئن عذاب هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ نه ڪي کين مهلت ڏبي. (يعني اهي ماڻهو جيڪي احسان کي عدل کان جدا ٿا ڪن اهي پنهنجن نفساني خواهشن جا غلام بڻجي دنيا جا غير شعوري طلبگار بڻجن ٿا.)

    (الهام الرحمان، ص 137-138)


    حضور اڪرم ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت : مولانا عبيداالله سنڌي ؓ

    نبوت جا ٻه درجا
    حضور جن جي نبوت جا ٻه درجا آهن:
    پهريون درجو ته اهو آهي ته پاڻ نبين جي جماعت منجهان هڪ نبي آهن. پاڻ عرب جي صحرائي علائقي ۾ پيدا ٿيا ۽ عرب قوم کي سنئين دڳ سان لڳايائون.
    ٻيو درجو اهو آهي ته پاڻ سموري دنيا جي لاءِ نبي الانبياء، سيدالمرسلين ۽ خاتم النبيين آهن ۽ هڪ عالمگير انقلاب کي ڪامياب بنائڻ سندن فرضن ۾ داخل هو ۽ پاڻ سڳورن ۽ سندن خليفن هي انقلاب سڄي انسانيت جي لاءِ نموني جي طور ڪامياب ڪري به ڏيکاريو.
    غيرمسلمن جا اعتراض
    عام طور تي عالم سڳورا حضور جن جو ٻيو درجو غيرمسلم قومن ۾ پهريائين متعارف ڪرائيندا آهن. اهي قومون عام طور نبوت جو هڪڙو مفهوم پنهنجي ذهن ۾ رکنديون آهن، جيڪو انهن پنهنجي نبي کان ورتو هوندو آهي ۽ هو حضور ﷺ جن کي پڻ انهيءَ معيار تي جاچينديون آهن ۽ پوءِ اعتراضن جو هڪ طوفان کڙو ڪري ڏينديون آهن. مثال طور پاڻ سڳورا جيڪڏهن سڄي دنيا جي لاءِ نبي بڻجي آيا آهن ته پوءِ سندن زبان عربي ڇو آهي؟ جڏهن سندن تعليم عربي ٻوليءَ ۾ آهي ته ان کي عالمگير ڪيئن چئبو، اها خاص عربن لاءِ مخصوص سمجهڻ گهرجي؟ دشمن سان جنگ ۽ ويڙهه نبوت جي منصب ۾ ڪيئن داخل ٿي؟ پاڻ سڳورن جي تعليم منجهان دنيا کي فائدو به ٿيو پر گهڻن شاهي خاندانن ۽ مذهبي مرڪزن کي نقصان به پهتو، انهن عملن جو نبوت سان سڌوسنئون تعلق ڪيئن ٿو ثابت ڪري سگهجي؟
    اسان جو نئون علم ڪلام
    اهڙي قسم جي سوالن جو يورپ ۾ گهڻو رواج آهي ۽ پوئين صديءَ ۾ عالم سڳورا انهن اعتراض ڪندڙن جو وات بند ڪرڻ لاءِ جواب سوچيندا رهيا آهن. ايتري حدتائين جو اسان وٽ فقط انهيءَ هڪڙي مسئلي سمجهائڻ لاءِ علم ڪلام جو الاهي ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي.
    انهيءَ مسئلي جو اصل حل
    انهيءَ مونجهاري جو اسان جيڪو حل ٻڌايو آهي، ان گهڻن اعتراضن ۽ جهڳڙن کان جان آجي ڪرائي ڇڏي آهي. اسان سڀ کان پهريائين حضور اڪرم ﷺ جن جو عرب لاءِ نبي هجڻ پيش ڪيون ٿا. اڄ تائين اسان ڪنهن به دنيا جي عقلمند کي هي اعتراض ڪندي ناهي ٻڌو ته عرب ۾ نبي ڇو آيو. اهڙي طرح جيئن ٻين ملڪن ۾ نبي ظاهر ٿيا ۽ انهن پنهنجي پنهنجي قوم کي سڌو رستو ڏيکاريو. اهڙي طرح نبي ڪريم ﷺ جن عرب سرزمين ۾ پيدا ٿيا ۽ عربن کي هدايت جي تعليم ڏني. انهيءَ حيثيت ۾ پاڻ ٻين نبين جي جماعت منجهان هڪ نبي آهن ۽ کانئن انهن ڳالهين جي ئي توقع رکڻ گهرجي جهڙي ڪنهن قومي نبيءَ کان توقع رکبي آهي. جيئن مثال طور هر قوم جو نبي پنهنجي پنهنجي قومي زبان جو پابند هوندو آهي. حضرت محمد ﷺ جن به عرب قوم جو نبي هجڻ جي حيثيت ۾ عرب قوم جي معاشرت ۽ انهن جي ٻوليءَ جا پابند آهن، ان ڪري ڪنهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهو اعتراض ڪري ته سندن ڪتاب عربيءَ ۾ ڇو آهي. اهڙي طرح اهو اعتراض به کڄي ٿو وڃي ته پاڻ عربي معاشرت ڇو اختيار ڪئي. پاڻ پنهنجي قوم جي اعليٰ طبقي ۾ هڪ اعليٰ فرد جي حيثيت سان پهرئين ڏينهن کان هر ماڻهوءَ وٽ مڃيل هيا. سندن معاشرتي ڪريڪٽر تي ڪنهن به شخص کي ڪو اعتراض ڪونهي. عربن جو مرڪز قريش هئا ۽ قريش جي ذهنيت ۽ معاشرت ۾ رسول ڪريم ﷺ جن هڪ املهه ماڻڪ ماڻهوءَ طور مڃيل هئا. ٻين قومن کي ان جي معاشرت ۽ ذهنيت تي اعتراض ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي.
    حضورﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت
    الاهي حڪمت جو ٻيو اظهار هي آهي ته قريش جي ذريعي سڄي دنيا جي قومن جي سڌاري جو هڪ گڏيل نظام پيدا ڪيو ويو. قريش جي هڪ نئون عالمي نظام دنيا تائين پهتو. قريش جي حڪمراني جي ڪري انهن جي عربي زبان جو غلبو مڃڻو پوندو. جن قومن جو قريش سان مقابلو ٿيو انهن کي جيڪڏهن شڪست ٿي ۽ ڪجهه نقصان پلئه پيو ته مفتوح کي هميشه نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. حڪمت الاهيءَ جي تقاضا هئي ته قريش اڳتي وڌي ٻين قومن تي غلبو حاصل ڪري وٺن. انهيءَ عالمگير انقلاب جي پيش نظر نبي هجڻ جي حيثيت ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي مٿان هي فرض پئي لاڳو ٿيو ته پاڻ قريش کي اهڙي تعليم ڏين جو هو انهيءَ ڪم ۾ به خدا پرستيءَ جي عالمگير آفاقي اصولن کان نه هٽن. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سڳورن جهڙيءَ ريت پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، اهڙي ڪنهن به نبيءَ پنهنجي قوم جي رهنمائي نه ڪئي هوندي.
    حضرت موسيٰ عه ۽ حضرت عيسيٰ عه جون ڪوششون
    حضرت موسيٰ ڪوشش ڪئي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل ۾ بين الاقواميت جو منصب کانئس پورو ٿئي. ۽ حضرت عيسيٰ به اها ڪوشش ڪئي، پر حضرت موسيٰ جيڪا جماعت تيار ڪئي اها بين الاقوامي مزاج پيدا نه ڪري سگهي ۽ حضرت مسيح جا مددگار به ان سلسلي ۾ ڪارائتا نه ٿي سگهيا. پر حضرت محمد ﷺ انهيءَ ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پاڻ آرين ۽ سامين ٻنهين قومن ۾ تورات جا احڪام نافذ ڪري ڇڏيائون.
    نبي ڪريم ﷺ جن جي ڪاميابي
    هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته اسان جو ۽ پهرين قومن جو مثال ايئن آهي جيئن هڪ بادشاهه محل جوڙائڻ جو ارادو ڪيو. صبح جو سوير مزدور ڪم تي لڳايائين. ٻنپهرن اچڻ تي مزدورن ڪم کان جواب ڏئي ڇڏيو، بادشاهه انهن کي ڪم تان لاهي ڇڏيو وري ٻيا مزدور بيهاريائين. انهن ٽيپهريءَ جو جواب ڏئي ڇڏيو تنهن تي انهن کي پوري ڏينهن جي مزدوري ڏئي ڪم تان لاٿو ويو. ان کان پوءِ مزدورن جي ٽين جماعت ڪم تي لڳائي وئي، انهن شام تائين پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. انهيءَ بادشاهه چيو ته توهان مان مون ڪنهن جو حق ته ناهي کاڌو؟ چوڻ لڳا ته نه. بادشاه چيو ته هنن ماڻهن منهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، مون خوشيءَ وچان انهن کي ٻيڻي مزدوري ڏيئي ڇڏي. هن حديث ۾ اڳتي هلي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته پهرين جماعت مان مراد يهودي آهن ٻيءَ مان مراد نصارا ۽ ٽئين مان اسين مراد آهيون.
    (هن موقعي تي مولانا سنڌي فرمايو ته هي حديث بخاري مسلم ۾ آهي ۽ مؤطا ۾ به آهي. مفهوم اسين يادگيريءَ جي طور لکرائي رهيا آهيون، ڪو لفظ گهٽ وڌ هجي ته اصل ڪتاب تان درستگي ڪئي وڃي.)
    يهودين جي ناڪامي
    اسان ان مان سمجهون ٿا ته ٽئي قومون هڪڙو ئي محل اڏڻ تي متوجهه هيون يعني حضرت ابراهيم عليه السلام جي امامت کي ۽ ان جي توحيدي فڪر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ عملي طور تي قائم ڪرڻ. انهيءَ مقصد کي حضرت موسيٰ عليه السلام قائم ڪرڻ گهرن پيا پر ڪري ڪونه سگهيا، ان جي شاندار قيادت جي باوجود بني اسرائيل پنهنجي قوم کان ٻاهر جي ماڻهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ تي راضي نه ٿيا ۽ پاڻ به عالمگير فتحون حاصل نه ڪري سگهيا.
    جيتوڻيڪ حضرت مسيح جي قيادت ۾ ابراهيمي يعني حنيفي تعليم پري پري تائين پهچي وئي پر مسيح عليه السلام بني اسرائيل جي مرڪزي قوت کي انهيءَ ڳالهه تي راضي نه ڪري سگهيو ته هو پنهنجي اندر ٻين قومن کي برابر درجي تي قبول ڪري وٺن. حضرت مسيح انهن جي رويي کي سڌارڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي پر ان جي انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو بني اسرائيل حضرت مسيح کي پنهنجي برادريءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيو.
    بني اسماعيل جي ڪاميابي
    اهو ڪم بني اسماعيل ڪري ڏيکاري جو رسول اڪرم ﷺ جن بني اسماعيل مان قريش کي پنهنجو عملي مرڪز بنايو ۽ قرآن جي فڪر تي سڀني قومن کي انهن تي آڻي اچي بيهاريو ۽ انهن غيرملڪين کي پنهنجي ڀائرن وانگر قبول ڪري بين الاقواميت جي ضرورت پوري ڪئي.
    ان ڪري عربن جڏهن عراق فتح ڪيو ته سلمان فارسيءَ کي مدائن جو حڪمران بنايو ويو. اها ذهنيت سلطان محمود پڻ ظاهر ڪئي، جڏهن ان هندستان جو شهر هنڊ فتح ڪري راجا جئي پال جي پوٽي کي ان جو حاڪم بڻايو. مسلمانن ۾ نسلي برتري جي بنياد تي خلافت ۽ اڳواڻي جي پاڙ پٽي وئي ۽ اسان کي اسلامي تاريخ ۾ اهو جابجا ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته غلامن جون حڪومتون به مسلمانن ۾ نسل درنسل هلنديون آيون آهن ۽ قريش جا وڏي کان وڏا خانداني ماڻهو انهن جي سامهون ايئن اسلامي احڪامن جي اطاعت ڪندا هئا جيئن ڪنهن صحيح نسب واري اسماعيلي جي سامهون. اها هئي حضرت محمد ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت ۽ اها هئي حضور جن جي رحمت اللعالميني.

    هڪ نتيجو
    اڄڪلهه دنيا ۾ ”انقلاب“ کي سڀ کان وڏي قوت مڃيو وڃي ٿو ۽ انسانن جي انقلابي قوت کان ڪم وٺي يورپ ۾ ڪن ماڻهن تمام وڏا ڪم ڪيا آهن، جنهن ڪري يورپ اقتصادي نظرين جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پر جنهن پيغمبر سڀ کان پهريائين بين الاقوامي انقلاب برپا ڪيو ۽ جنهن انهن ماڻهن کي تيار ڪيو ۽ جن انهيءَ انقلاب کي چوڌاري جهان ۾ ڦهلايو اهو حضرت محمدﷺ هو. بعد جي انقلابن جا اصول ان جي آندل انقلاب جي اصولن کي ڏسي تيار ڪيا ويا. ان جي هڪ امتي حڪيم امام ولي الله دهلوي صحيح ۽ صالح بين الاقوامي انقلاب جو، جيڪو قرآن جي اصولن تي مبني هو، اهڙو دستور وضع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي پيش ڪري پاڻ چوي ٿو ته ڪوبه بين الاقوامي انقلاب ايستائين ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي جيستائين هو انهيءَ بين الاقواميت جي نقش قدم تي نه هلندو جيڪا حضرت ابوبڪر ؐ ۽ حضرت عمر ؐ جي زماني ۾ حضور صه جن جي ٻڌايل طريقن موجب متعين ٿي هئي.
    اسان يورپ جي هڪ لاديني انقلابيءَ جي عالمي تاريخ جا اهي حصا ٻڌا، جن ۾ هو حضرت ابوبڪر ؐ کي حضور جن کان بهتر ماڻهو پيو مڃي. انگريزيءَ جو ناليوارو اديب ۽ مصنف ايڇ جي ويلز به انهيءَ مغالطي ۾ ڦاٿل آهي. انهن کي سمجهڻ گهرجي ته حضرت ابوبڪر ؐ جي حضور اڪرم ﷺ جن سان ڪهڙي نسبت هئي. رسول اڪرم ﷺ جي نبوت جيڪڏهن انهيءَ ترتيب سان پيش ڪئي وڃي جنهن ترتيب سان اسان ٻڌايو آهي ته يورپي مصنفن جا سڀ اعتراض کڄي ويندا. رسول اڪرم ﷺ جن جي قومي نبوت ۽ بين الاقوامي نبوت کي مڃڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي ڪونه ٿو رهي.

    (الفرقان رسالي ربيع الاول 1360هه ۾ شايع ٿيل)


    اسلام ۾ فڪر جي آزادي : خليفو عبدالحڪيم

    اسلام، انسانن جي جهان ۾ ڪيترائي نظرياتي ۽ عملي انقلاب پيدا ڪيا، پر جيڪڏهن اسلام جي اڀار جي هم عصر تهذيبن، تمدن ۽ مذهبن جو جائزو وٺبو ته اها ڳالهه بنا ڪنهن ترديد جي خوف جي چٽي ٿي سامهون ٿي ايندي ته سڀ کان اهم ترين انقلابي ڳالهه، جيڪا اسلام ڪئي، اها آهي: ”ضمير جي آزاديءَ جي تلقين ۽ ان تي عمل!“ قرآن حڪيم ۾ انسان جي فطرت بابت هڪ بنيادي صفت اها بيان ڪئي وئي آهي ته انسان هڪ صاحبِ اختيار هستي آهي. آدم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جمادي- نباتي ۽ حيواني ڪائنات موجود هئي ۽ فرشتا به تخليق جي ابتدا کان ئي نظامِ ڪائنات ۾ خلقڻهار جا نمائندا ۽ ڪارندا هيا. پر ملائڪن سميت سمورين مخلوقن جي ڪيفيت اها هئي جو، هر مخلوق فطري طور تي خدا جي اطاعت ڪرڻ تي مجبور هئي. ان جبري اطاعت سان ڪا به مخلوق تنگي محسوس نه ڪندي هئي. هرشيءِ پنهنجي جوڙجڪ پٽاندڙ فطري تقاضا پوري ٿي ڪئي، ۽ پنهنجي فطري تقاضا پوري ڪرڻ ۾ جنهن قسم جو جبر ملندو آهي اهو خراب نه لڳندو آهي. آدم جي تخليق وقت خلقڻهار نئون تجربو ڪرڻ چاهيو ۽ اهو اِهو ته هڪ اهڙي مخلوق پيدا ڪجي جنهن کي راءِ جي آزاديءَ ۽ انتخاب جو حق ڏجي. ان کي نيڪي ۽ بديءَ جا سڀئي دڳ ڏيکارجن ۽ کيس اختيار ڏجي ته اها انهن ٻنهي رستن مان جيڪو چاهي، سو اپنائي. کيس وحي جي رستي اهو علم ڏجي ته انهن متضاد رستن تي هلڻ جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا پر ان جي ارادن تي ڪو به جبر نه هجي. ان ئي اصول هيٺ انسان جي تخليق ٿي. اها مخلوق، جنهن کي احسن تقويم هجڻ جي ناتي گناهه جو اختيار به ڏنو ويو آهي سا مجاز آهي ته پنهنجي مرضيءَ سان اهو دڳ اپنائي جيڪو مشيت الاهي جي مطابق آهي ته انهيءَ سان اها ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مانائتي ۽ شانائتي ٿي پوي. پر جيڪڏهن شعور ۽ علم جي باوجود اها غلط دڳ کي ترجيح ڏئي ته اها سمورين مخلوقن جي مقابلي ۾ ادنيٰ بڻجي اسفل سافلين بڻجيو وڃي. ڪنهن شاعر جي هڪ مشهور شعر جو مطلب آهي ته آدم زادو، فرشتي ۽ حيوانيت جو هڪ عجيب معجون مرڪب آهي، منجهس ٻئي عنصر ڏسجن ٿا. ملڪوتي کي ترقي ڏجي ته فرشتن کان به بالاتر ٿيو وڃي ۽ حيوانيت کي ترجيح ڏيو ته کاالانعام بل هم اضل بڻجي سمورن حيوانن جي ڀيٽ ۾ ذليل ۽ گمراهه ٿيو وڃي!
    انسان کي ملڪوتيت ۽ حيوانيت کان سواءِ هڪ ٽيون عنصر به عطا ڪيو ويو ، اهو آهي اختيار ! انسان جي عظمت ۽ ذلت جو معيار ان اختيار جي صحيح يا غلط استعمال تي آهي. آدم جي قصي ۾ ان حقيقت جو انڪشاف آهي ته هن اختيار جي جوهر جو منڍ ۾ ئي غلط استعمال ڪيو ۽ ان سان اهو ثبوت ڏنائين ته هو ٻين سمورين مخلوقن کان جيڪي مجبور ۽ مطيع آهن، ڪا ٻئي قسم جي مخلوق آهي. آزاديءَ جي اهڙي عملي ثبوت مهيا ٿيڻ سان انسانيت جي شروعات ٿئي ٿي، ڀلي ناتجربيڪار انسان، پهرين وک ۾ ئي لڏي لمي ڇو نه وڃي!
    خدا، ڏٺو ته مخلوقات جي جبري اطاعت ۾ اهو لطف ناهي جيڪو ان بندي جي اطاعت ۾ آهي جنهن کي نافرمانيءَ جو اختيار هيو پر ان جي باوجود هن پنهنجي مرضيءَ سان اطاعت ڪئي. صراط مستقيم کي نجات جي راهه سمجهيائين ۽ پنهنجي مرضيءَ کي خدا جي مرضيءَ سان هم آهنگ ڪري ڇڏيائين ۽ ان اتحاد جي ڪري کيس الوهيت جو اهو قرب حاصل ٿيو جيڪو جليل القدر ملائڪن کي به نصيب نه هيو. خدا چيو ته هاڻي اسين ڪائنات کي محض غلامن جي وسندي ڏسڻ نه ٿا چاهيون. خدا، خود آزاد آهي، هن چاهيو ته هاڻي هو پنهنجي هڪ هم آهنگ مخلوق پيدا ڪري جيڪا اختيار ۽ آزاديءَ سان پنهنجي خوديءَ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو پاڻ کي ”من تو شدم تومن شدي“ جي معراج تي پهچائي ڇڏي. آدم جي قصي ۾ لاهين چاڙهين جي داستان جي اندر اسلام جي سموري تعليم جو جوهر موجود آهي. پنهنجي مرضيءَ سان ٺوڪر کائي پاڻ سنڀاليندڙ انسان، آهستي آهستي نيابتِ الاهي ۽ ارضي خلافت جي رتبي تائين پهچي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ، سڀ کان وڌيڪ ضمير جي آزادي، فڪر جي آزادي ۽ عمل جي آزاديءَ کي مذهب ۽ تهذيب جو بنياد قرار ڏنو آهي. انسان صداقتن جا پيچرا ڳوليندڙ مخلوق آهي ۽ جيڪڏهن جستجوءَ ۾ آزادي نه هجي ۽ غلطي ڪرڻ جو امڪان نه هجي ته پوءِ انسان ۽ جمادات ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو ؟ دين، سڀ کان پهريان نيڪيءَ جو نالو آهي، پر جيڪا نيڪي جبر سان پيدا ڪئي وڃي اها اخلاقي طور تي نيڪي نه ليکبي. اهڙي جبري نيڪيءَ جي لاءِ ڀلا ڪير ڪنهن کي واکاڻ جوڳو ۽ اجر جو مستحق سمجهندو ؟ ڀلا اهڙي شخص جي دين جي ڪهڙي اهميت، جنهن کي تلوار جي زور تي يا تحقير ۽ تشهير جي خوف تحت ڪنهن عقيدي جي اقرار تي مجبور ڪيو ويو هجي ؟! ان جبر سان ان جي انسانيت جو جوهر ئي ميسارجي ويندو، جيتوڻيڪ دين جو ڪم ان جوهرکي اجاگر ڪرڻ آهي. هڪ مغربي مستشرق لکيو آهي ته قرآن جي تعليم ۾ سڀ کان وڌيڪ شاندار شيءِ لَا اِکرْاہُ فِی الدِیَنْ جو اعلان آهي ته دين جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو جبر روا ڪونهي. پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام جي مثالي جدوجهد ۾ هڪ به اهڙو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ پاڻ ڪنهن کي زوريءَ اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجائون. ڪافرن سان، جنگيون ان ڪري نه جوٽيون ويون جو کين مغلوب ڪري زوريءَ مسلمان ڪجي، بلڪه ساڻن جنگ جوٽڻ جو ڪارڻ اهو هيو ته هنن مسلمانن کي ضمير جي آزاديءَ جي انساني ۽ بنيادي حق کان محروم ڪرڻ ٿي چاهيو. انهن ، محض دين جي انتخاب ڪري مٿن زندگيءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هيا. قرآن جي روءِ سان جهاد ۽ قتال صرف ان گروهه جي خلاف جائز بلڪه فرض آهي جيڪي انسانيت کي ضمير جي آزاديءَ کان محروم ڪري انهن کي زور ۽ جبر سان پنهنجن عقيدن جي مطابق زندگي گهارڻ تي ضد ٻڌيون ڏنيون بيٺا هجن. قرآن حڪيم ان بابت نهايت وضاحت سان چيو آهي ته ”جيڪڏهن خدا اهڙين ظالم ۽ جابر قومن جي خلاف، آزاديءَ جي علمبردارن کي قتال ۽ جهاد جي لاءِ کڙو نه ڪري ها ته مڙهيون ۽ مندر، مسجدون ۽ ڪليسائون دنيا مان ميسارجي اڻ لڀ ٿي وڃن ها.“ ان آيت سڳوريءَ جي اندر جنهن وسعت سان سمورن مذهبن جي لاءِ آزاديءَ جو جيڪو اعلان آهي، ان تي غور ڪريو ته خدا هر اهڙي گروهه کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ جوڌن جوانن کي اٿاريندو آهي جيڪي صرف اسلام جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي بازي ناهن لڳائيندا، بلڪه سمورن مذهبن ۽ انساني ضمير جي آزاديءَ کي ڪچليندڙ قوتون جتي به اڀرن انهن کي هيسائڻ ، مغلوب ڪرڻ هو پنهنجو اولين فرض سمجهندا آهن. مٿئين آيت ۾ مسجدن جو ذڪر سمورن مذهبن جي عبادتگاهن جي حفاظت کان پوءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن مسلمان اهو نه سمجهن ته فقط پنهنجي مذهب جي معاملي ۾ ئي ضمير جي آزادي جي لاءِ جهاد فرض آهي ۽ بس!
    اهڙي تعليم جو عملي نتيجو اهو ٿيو جو جڏهن اسلامي گروهه ۽ مملڪت محفوظ ٿي وئي ته هر ملت کي ضمير جي آزادي ءَ جو چارٽر عطاڪيو ويو. عيسائين کي عطا ڪيل اهو چارٽ اڃا سوڌو پنهنجن لفظن سميت حضرت عمر فاروق ؐ جي فرمانن ۾ محفوظ آهي. ان جو عملي طريقو پاڻ سڳورن ﷺ جي مثال کان شروع ٿيو ته مديني ۾ پنهنجي آمد مبارڪ سان ئي اتان جي يهودين کي اهو چارٽر عطا ڪيو ويو ته ”جيڪڏهن توهين امن قائم ڪرڻ ۾ اسان سان سهڪار ڪندؤ ته اوهان کي پنهنجي مذهب ۽ زندگيءَ جي طريقي بابت سمورا اهي حق حاصل هوندا جيڪي مؤمنن جي جماعت کي حاصل آهن.“ ان کان پوءِ جڏهن مديني جي يهودين، اسلام ۽ مسلمانن جي پيرن ڪڍڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني ۽ اسلام جي ويرين سان ڳٺ جوڙ شروع ڪيائون ته انهن جي خلاف جنگ جوٽي کين تابعدار بنائڻو پيو، پر ڪنهن يهوديءَ کي زوريءَ مسلمان نه بڻايو ويو.
    سڀ سمنڊ ۽ انهن کان به وڌيڪ جيڪڏهن لکڻ لاءِ مس بڻجي وڃن ته اهي سڀ خشڪ ٿي وڃن، پوءِ به ان جي ڪلمات جو بيان ختم نه ٿيندو. عبادت جو صحيح مفهوم اهو آهي ته ”انسان جي سموري ڄمار ۽ ان جو هر لمحو انفس وآفاق جي آئين ۽ قانونن جي جستجوءَ ۾ صرف ٿيڻ گهرجي ، جيڪڏهن فڪر جي آزادي نه هجي ته عبادت ڪيئن ٿي ادا ٿي سگهي ؟ تفڪر جي ماهيت ۾ ئي آزاديءَ سان سوچڻ شامل آهي، فڪر جي آزاديءَ کان اسلام ان ڪري نه ٿو گهٻرائي ڇاڪاڻ ته کيس يقين ڪامل حاصل آهي ته فڪر جي آزادي هزار دفعا ڀٽڪڻ جي باوجود به انسان کي زندگيءَ جي صداقتن کان آشنا ڪندي آهي...“
    ظلم، سياست ۾ پيدا ٿئي يا دين ۾ ، اهو فڪر جي آزاديءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ عالمي تاريخ ۾ جابجا ائين ٿيو آهي ته سياسي ظلمن، مذهبي ظلمن سان گڏجي عوام کي غلام بڻايو آهي، جڏهن به ڪنهن قوم ۾، خود داري ۽ آزادي جو جذبو بيدار ٿيندو آهي ته ان ٻٽي مفاهمت جي خلاف جهاد ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي.
    عارف روميءَ ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته:
    خلق را از انبيا آزادي ست:
    يعني، نبي سڳورا دنيا ۾ ان لاءِ معبوث ٿيندا آهن ته اهي انسانن کي تقليد ۽ غلاميءَ جي زنجيرن مان نجات ڏيارين ۽ آزاد فضا ڏانهن وٺي اچن جتي ڀٽائيءَ چواڻي:
    نه ڪا جهل نه پل سڀ ڪا پسي پرين کي !
    پر افسوس جو هر مذهب پنهنجي زوال جي دؤر ۾ متعصب ٿي پوندو آهي ۽ دين جو بڻ بنياد سڙي خاڪ ٿي ويندو آهي.
    رواداري ۽ فڪر جي آزادي، زندگيءَ جي سمورن قدرن ۽ ترقين جي ضمانت آهن، جتي آزادي ناهي هوندي، اتي نه ڪوئي اخلاق باقي رهندو آهي ۽ نه ڪي وري دين ۽ نفس جي اصلاح جي صلاحيت باقي رهندي آهي، علوم ۽ فنون جي ترقي رڪجي ويندي آهي. تقليد ۽ جمود، زندگيءَ جي سمورن شعبن تي ڇائنجي ويندو آهي، تحقيق جا رستا بند ٿي ويندا آهن، ڪنهن به ملڪ يا قوم کي زنده ڪرڻ تيستائين ممڪن ئي ناهي جيستائين فڪر جي آزادي، رواداري ۽ تحقيق ملڪ ۽ قوم جو مجموعي وڙ نه بڻجي ، حقيقي اسلام اهو ئي هيو ۽ جنهن غير مسلم قوم جيڪا به ترقي ڪئي آهي اها دراصل اهڙي رواداري ۽ آزاديءَ جي ئي طفيل آهي !

    (سنڌيڪار: عبدالمومن ميمڻ)


    اسلام جي حقيقت، اسوه ابراهيمي ۽ قرباني : مولانا ابوا الڪلام آزاد

    سڀ کان پهريان هن ڳالهه تي غور ڪرڻ ضروري آهي ته اسلام جي اها ڪهڙي حقيقت هئي جيڪا حضرت ابراهيم عليه اسلام جي زندگيءَ تي طاري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ قرآن حڪيم ٻين قومن لاءِ حضرت ابراهيم کي پيشوا ۽ ان جي اسوهء کي اسوهء حسنه قرار ڏئي ڪري ٻين لاءِ نموني طور پيش ڪيو ۽ ان کي اپنائڻ جو ٻين قومن کي حڪم ڏنو.
    اسلام جو مادو ”سلم“ آهي، هن مادي جي لغت جي لحاظ کان بنيادي معنى آهي پاڻ کي ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏڻ. ٻئي کي سونپڻ، خود حوالگي يا مڪمل تسليم، ٻئي جي اڳيان سر جهڪائي ڇڏڻ يا ٻئي جي قانونن ۽ حڪمن جي اڳيان پاڻ کي فنا ڪري ڇڏڻ.تنهن ڪري اسلام جي حقيقت به اها ئي آهي ته انسان پاڻ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڻ وٽ جيڪو ڪجھه اٿس، اهو ان جي حوالي ڪري ڇڏي. هن جو سڀ قوتون، صلاحيتون، خواهشون، سندس جذبا ۽ سڀ محبوب ترين شيون مقصد ته مٿي جي وارن کان وٺي پيرن جي آڱرن تائين جيڪي ڪجھه هن وٽ آهي، اهو سڀ خدا جي حوالي ڪري ڇڏي. پنهنجن اندروني ۽ ٻاهرين قوتن ۽ صلاحيتن سان پاڻ کي مڪمل طور تي ان جي حوالي ڪري ڇڏي. سڀ رشتا ختم ڪري رڳو هڪ رشتو رکي.
    تنهن ڪري هڪ ”مسلم“ جي حقيقت هيءَ چئبي ته اهو پنهنجي جسم ۽ جان جا گھڻا خريدار نه بڻائي، بلڪ ”هڪ“ ئي خريدار سان پنهنجو نه ٽٽندڙ لاڳاپو قائم رکي. جيڪي پاڻ ان کان گھرندڙ آهن، انهن کان گھرڻ جي ويجهو به نه وڃي.
    قرآن حڪيم جي بيان جو هي عام اسلوب آهي ته اڳ ۾ هو هڪ خاص تعليم جو نڪتو يا اصول بيان ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ان جي صداقت لاءِ گذريل امتن ۽ گذريل پيغمبرن (عليهم الصلاة والسلام) جي حالتن ۽ واقعن مان تاريخي گواهي پيش ڪندو آهي. ته جيئن قرآن جي پڙهندڙ جي اڳيان تعليم (اصول) ۽ ان تي مرتب ٿيندڙ عملي نتيجا ٻئي اچي وڃن. تنهن ڪري توهان ڏسندؤ ته قرآن حڪيم ۾ هڪ وڏو حصو گذريل نبين ۽ رسولن جي قصن ۽ سندن عملن جي باري ۾ آيو آهي. پر پوري قرآن مجيد ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪامل بزرگ هستيءَ جي زندگيءَ کي نموني طور پيش ڪيو ويو آهي، ٻين کي ان جي نموني جي پيروي ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ته اهي صرف ٻه نمونا آهن: هڪ خود اسلامي شريعت جو داعي حضرت محمد ﷺ.
    لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَنْ كَانَ يَرْجُو اللَّهَ وَالْيَوْمَ الْآخِرَ
    وَذَكَرَ اللَّهَ كَثِيرًا ﴿الأحزاب: ٢١﴾
    ”(مسلمانو!) توهان جي لاءِ يعني انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ (يا دنيا ۾ ئي ايندڙ وقت جي ڪاميابي جون) اميدون رکن ٿا ۽ الله تعالى کي گھڻو ياد ڪن ٿا، تن جي لاءِ الله جي رسول ۾ سهڻي ۾ سهڻو ۽ چڱي ۾ چڱو نمونو (۽ مثال) موجود آهي“.
    ۽ ٻيو حنيفي ملت جي داعي ۽ اڳواڻ حضرت ابراهيم عليه الصلوات والسلام جي باري ۾ ارشاد آهي:
    قَدْ كَانَتْ لَكُمْ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِي إِبْرَاهِيمَ وَالَّذِينَ مَعَهُ ﴿الممتحنة: ٤﴾
    ”بيشڪ ابراهيم ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا، تن (جي طريقي) ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي.“
    قرآن ۾ ڪيترن ئي گذريل نبين جا واقعا ۽ عملي ڪردار ذڪر ڪيا ويا آهن، پر پوري زندگيءَ کي نموني جي طور ڪنهن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ته اهو حضرت ابراهيم عليه الصلاة والسلام آهي. ڳالهه حقيقت ۾ هي آهي ته قرآن ڪريم اسلام جي جنهن حقيقت کي دنيا ۾ پيش ڪرڻ چاهي پيو، ان لحاظ کان جيڪڏهن ڪو وجود يا هستي ٿي سگھيو پئي ته اهو حضرت ابراهيم عليه السلام ئي آهي. سندس زندگي اسلام جي حقيقت جو چٽو ڏيک ڏيندڙ هئي.
    اسلام هڪ صداقت آهي. تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته اسلام دنيا ۾ ان وقت کان موجود آهي جڏهن کان دنيا ۾ صداقت موجود آهي. پر ان چٽي صداقت کي الاهي شريعت جي صورت ۾ سڀ کان اڳ ۾ حضرت ابراهيم عه ئي پيش ڪيو. انهيءَ ڪري قرآن ڪريم حضرت ابراهيم عه کي حنيفي ملت جي پهرئين واعظ ۽ داعي جي حيثيت سان متعارف ڪرايو آهي ۽ سندن وڏي خصوصيت هيءَ ٻڌائي آهي:
    إِذْ قَالَ لَهُ رَبُّهُ أَسْلِمْ قَالَ أَسْلَمْتُ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ ﴿البقرة: ١٣١﴾
    ”۽ ڏسو جڏهن حضرت ابراهيم جي پروردگار کيس حڪم ڪيو ته منهنجي اڳيان سر جھڪائي پورو پورو فرمانبردار ٿي. تڏهن حضرت ابراهيم هڪدم چئي ڏنو ته مون سڀني جهانن جي پالڻهار اڳيان پنهنجو سر جھڪايو.“
    جيئن ته حضرت ابراهيم عه اسلام جو پهريون داعي هو تنهن ڪري سندن پوري زندگي خالص اسلام جو ڏيک ڏيندڙ هئي. سندن زندگيءَ جو هر عمل اسلام جي حقيقت جي ترجماني ڪندڙ هو. پاڻ اسلام جي تعليم ڏنائون، سندن زندگي پوري جي پوري ان مطابق هئي. ٻين لفظن ۾ پاڻ کي اسلام جي حقيقت ۾ فنا ڪري ڇڏيو هئائون. انهيءَ خود حوالگيءَ جو نتيجو آهي جو سندن نموني کي ”اسوه حسنه“ جي لقب سان نوازي ٻين سمورن کي سندن پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
    ان ئي اسلامي زندگيءَ جو نتيجو آهي جو خدا تعالى سندن زندگيءَ جا سڀ عمل ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زندھ ڪري ڇڏيا آهن. سندن ذڪر کي قيامت تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. 9 ذوالحج جي تاريخ تي دنيا جي سامهون ”اسوه ابراهيمي“ جو ڪهڙو نه اڻ مٽجندڙ منظر هوندو آهي، جڏهن تاريخ پاڻ کي هزارين سال پوئتي موٽائي اسلام جي واعظ اول جي ياد تازي ڪرائيندي آهي. جڏهن هر انسان پاڻ کي اسوه ابراهيمي جو پيڪر سمجھي اسلام جي حقيقت پنهنجي مٿان طاري ڪندو آهي ۽ مسلمانن جو پورو مجموعو اسلام جي حقيقت جو عملي نظارو پيش ڪري تاريخ کي دهرائيندو آهي. لکن جي تعداد ۾ انسان هڪ لباس ۽ هڪ صدا سان ”هڪ“ جي ئي لاءِ ديوانن ۽ مجنونن وانگي ڊوڙندا آهن.
    بي شڪ ابراهيم خليل پاڻ دنيا ۾ موجود ناهن پر پوءِ به ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ هميشه قيامت تائين زندھ رهندا:
    وَوَهَبْنَا لَهُمْ مِنْ رَحْمَتِنَا وَجَعَلْنَا لَهُمْ لِسَانَ صِدْقٍ عَلِيًّا (مريم:٥٠)
    ”۽ کين پنهنجي رحمت مان بخشش ڪيو سين ۽ پڻ انهن سڀني لاءِ سچائيءَ جون صدائون (آواز) بلند ڪيوسين (يعني سندن طريقو پيو ورجائجي.)“
    حقيقت ۾ حضرت ابراهيم عه جي هر ڳالهه اسلام هئي، پاڻ کي اسلام جي حقيقت ۾ اهڙي طرح فنا ڪري ڇڏيو هئائون جو سندن ذاتي وجود باقي نه رهيو هو.
    جڏهن ستارن جي عجيب ۽ غريب روشني، چنڊ جي دل لڀائيندڙ چمڪ ۽ سج پنهنجي آب ۽ تاب سان سندن اڳيان آيو ته اهو اسلام ئي هو جنهن اندران آواز ڏنو: ”اِنِّي لَا أُحِبُّ الْاٰفِلِينَ“ (مان فنا ٿيندڙ هستين کي دوست نٿو رکي سگھان) ان کانپوءِ يڪدم سندن زبان تي هيءَ صدا اڀري آئي:
    “إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ حَنِيفًا ۖ وَمَا أَنَا مِنَ الْمُشْرِكِينَ”
    ﴿الانعام: ۷۹﴾
    (مان ھر طرف کان پاڻ کي ڪٽي ڪري صرف ان هڪ ذات سان ئي لنؤ لاتو آهي جنهن زمين ۽ آسمان پيدا ڪيو آهي ۽ مان مشرڪ ناهيان)
    بت پرستي جي سماج ۾ اکيون کوليندڙ، اهڙي گھر ۾ رهندڙ جتي هر هڪ جي هٿ ۾ بتن ٺاهڻ جا اوزار آهن. جڏهن هو ڪالڊيا جي بازارن ۾ وڃي ته رڳو بت ئي بت آهن، جنهن انسان کي ڏسي، ان جو ڪنڌ بتن جي اڳيان جھڪيل آهي. هر طرف خدا فروشي جون صدائون هجن، پر اهو اسلام ئي هو جنهن هن کان چورايو:
    الَّذِي خَلَقَنِي فَهُوَ يَهْدِينِ () وَالَّذِي هُوَ يُطْعِمُنِي وَيَسْقِينِ () وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ ()
    ﴿الشعراء: ۷۸-۸۰﴾
    ”اهو (پروردگار ئي منهنجو سڄڻ آهي) جنهن مونکي خلقيو ۽ اهوئي آهي جو مونکي سڌي واٽ ٿو ڏيکاري. ۽ جو مون کي کارائي ٿو ۽ پياري ٿو. ۽ جڏهن مان بيمار ٿيان تڏهن مونکي شفا ڏئي ٿو ۽ جو مون کي ماريندو ۽ وري جيئاريندو.“
    حقيقت ۾ اِهائي اُها ”اسلامي حقيقت“ هئي، جنهن ان کي ايندڙ امتن لاءِ ”اسوه حسنه“ بنائي ڇڏيو.
    ۽ اهائي انساني فظرت آهي، جنهن کي هڪ هنڌ ”فطرة الله“ سان تعبير ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ ان کي وري ”قلب سليم“ سان موسوم ڪيو ويو آهي. يعني انسان جي دل جي اهڙي پاڪ ۽ صاف حالت يا ڪيفيت جيڪا ٻاهرين برن اثرن کان بلڪل محفوظ هجي. ٻين لفظن ۾ اصلي فطرت جو اهو ذاتي ذوق ۽ مزو جنهن جو ذائقو ڪنهن عارضي بيماري جي اثر جي ڪري تبديل نه ٿي وڃي. ڇو ته انسان جي اندر ۾ جيڪو ڪجھه آهي، اهو اسلام ئي آهي. ڪفر خارجي اثرن جو نتيجو هوندو آهي.
    ۽ سڀ کان آخر ۾ هي ته جڏهن اسلامي حقيقت جو آخري پر اصلي آزمائش جو وقت آيو ته اهو اسلام ئي هو جنهن حضرت ابراهيم جي هٿ ۾ ڪاتي ڏني ته جيئن پنهنجي فرزند عزيز کي خدا جي رستي ۾ ڏيئي ڪري خدا کانسواءِ باقي هر شيءِ جي محبت جي قرباني ڪري . اهو اسلام ئي هو جنهن حضرت اسمٰعيل جي ڪنڌ کي الله لاءِ جھڪائي ڇڏيو.
    اسلام جي صدا حضرت ابراهيم ؑ جي چپن تي هنن لفظن سان تري آئي:
    یٰبُنَیَّ اِنِّیۡۤ اَرٰی فِی الْمَنَامِ اَنِّیۡۤ اَذْبَحُکَ فَانۡظُرْ مَاذَا تَرٰی ؕ ﴿الصٰفٰت: ۱۰۲ ﴾
    ۽ وري حضرت اسماعيل جي زبان تي هي لفظ چورايا:
    یٰۤاَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ ۫ سَتَجِدُنِیۡۤ اِنۡ شَآءَ اللہُ مِنَ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿الصٰفٰت: ۱۰۲ ﴾
    ”اي منهنجا (پيارا) بابا! جيڪو توکي حڪم مليو آهي تنهن جي تعميل ڪري ڇڏ. تون ڏسندين ته انشاءَ الله مان صابر رهندس.“
    هي پيءُ پٽ جون نه، بلڪ اسلام جون صدائون آهن. اسلام اهڙي ئي قرباني گھري ٿو: لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنْفِقُوا مِمَّا تُحِبُّونَ هر شيءِ کي قربان ڪري خدا جي پناھ ۾ اچڻ جو نالو ئي قرباني آهي. پنهنجن خواهشن ۽ ذاتي غرضن کي ڇڏڻ جو نالو ئي قرباني آهي. پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي پياري ۾ پياري شيءِ کي قربان ڪرڻ جو نالو قرباني آهي. ۽ اها ئي قرباني اسلامي حقيقت جو ٻيو نالو آهي.
    توهان حضرت ابرهيم ۽ حضرت اسماعيل کي ڏسو! هڪ جذبن ۽ ارادن جي قرباني ڪري رهيو آهي ته ٻيو وري پنهنجي جان ۽ نفس جي.
    قرباني جي اهڙي ادا ۾ (جنهن ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏجي) بقا آهي ۽ اهڙي قرباني جو انعام خدا تعالى جي طرفان هي آهي:
    قَدْ صَدَّقْتَ الرُّؤْيَا إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ ﴿الصافات: ١٠٥﴾
    ”بيشڪ تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو. بيشڪ اسان انهيءَ طريقي (جي آزمائش) سان نيڪوڪارن سان ڀلايون ڪندا آهيون.“
    بس هيءَ آخري حالت ئي اها اصلي حالت آهي جنهن کي آءٌ اسلامي حقيقت جي لفظ سان تعبير ڪندو آيو آهيان.
    اهوئي اسلامي دعوت جو عملي نمونو آهي جيڪو حضرت ابراهيم جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيو. جيڪو دنيا جي ٻين سمورن انسانن لاءِ اسوه حسنه جي لقب سان نوازيو ويو. خدا اهڙي ئي قرباني گھري ٿو. حضرت ابراهيم عه ۽ محمد صلي الله عليه وسلم جي شريعت اهري ئي قربانيءَ جو نالو آهي. ابراهيمي (۽ محمدي) اسوه اهڙي ئي قرباني جا مظهر آهن. اسلام جا سڀ عقيدا، سندس سڀ عمل اهڙي قربانيءَ جي تعليم پيش ڪن ٿا. بلڪ عقيدن ۽ عملن جو حقيقي روح اها ئي قرباني آهي. ۽ اهڙي قرباني جي جذبي کي هميشه زندهه رکڻ لاءِ عيد الاضحي جو جشن مقرر ڪيو ويو آهي.


    اسوه نوحي (عليه الصلاة و السلام) : مولانا ابوالڪلام آزاد

    جڏهن کان انسان هن ڌرتي تي جنم ورتو آهي، صداقت ان سان تڏهن کان ئي گڏ رهندي آئي آهي، صداقت ايتري پراڻي آهي جيترو خود انسان. صداقت جي سڪي جا ٻه پاسا آهن:
    1. چڱي شيءِ اپنائڻ ۽ ان جو حڪم ڪرڻ ۽
    2. خراب کي ڇڏڻ ۽ ان کان روڪڻ، جنهن جو اصطلاحي نالو امر بالمعروف و نهي عن المنڪر آهي. ۽ اها ئي صراط مستقيم آهي. اڄ جي زبان ۾ توهان ان کي ”دعوت الي القرآن“ چئي سگھون ٿا. اها خدا جي شريعت اصل ۾ هڪ آهي، توڻي جو ان کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي.
    عباراتنا شتي و حسنک واحد
    و کل ذاک الجمال یشیر
    تنهن ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته صداقتن جو ظهور هميشه هڪ ئي رهيو آهي پوءِ ڀلي کڻي ڪهڙي به نالي سان هجي.
    حضرت ابراهيم ڪلدانين جي بت خاني کي ٽوڙي ڇڏيو. حضرت موسى بني اسرائيل کي فرعون جي غلامي ۽ ظلم جي زنجير کان ڇوٽڪارو ڏياريو، پر شيءِ هڪ آهي. اها آهي هر باطل کي مليا ميٽ ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا خدا جي تخليقي مشيت جي خلاف هوندي آهي. پوءِ ڀلي کڻي ان جو نالو توهان سياست، مذهب يا اخلاق جا اباطيل رکو! يا تمدني ترقي يا ضرورت جي نالي سان ان کي پڪاريو.
    پر تاريخ گواهه آهي ته خدا تعالى جي سنت هيءَ رهي آهي ته اونداهيءَ کانپوءِ روشني، گمراهيءَ جي رات کانپوءِ هدايت جو روشن صبح طلوع ٿيندو آهي، ۽ جڏهن شيطان جي مصنوعي خوشين کي ختم ڪري رحمان جو آواز بلند ٿئي ته پڪ سمجھو ته صداقت اچي وئي، جيڪا هميشه ايندي رهي آهي. هيءَ اها شيءِ آهي جنهن سخت کان سخت اونداهين ۾ به پنهنجي روشن چهري کي چمڪائي ڪري ظاهر رکيو. حقيقت ۾ هيءَ هڪ تلوار آهي، جنهن کي الله جي هٿ جي قوت ۽ طاقت هوندي آهي ته جيئن شيطان جي فوجن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي. هي هڪ حق جو آواز آهي، جنهن کي الله جا نه نظر ايندڙ هٿ مٿي ڪندا آهن ته جيئن شيطاني آبادين ۾ الله جي صدا جي ڏيئي کي روشن ڪري ۽ ان ئي صداقت (امر بالمعروف و نهي عن المنڪر) جو هڪ عظيم ڪردار حضرت نوح عليھ السلام آهي.
    ڪائنات ۾ پيدا ٿيندڙ واقعا، حادثا يا تبديليون خدا تعالى جي نظر کان ڳجھيون نه هونديون آهن، بلڪ هر شيءِ هڪ قانون جي هيٺ واقع ٿيندي آهي ۽ ان جو فنا ٿيڻ به هڪ قانون هيٺ هوندو آهي. دنيا ۾ ظلم ۽ زيادتي جي باهه ٻريل هوندي آهي، مسجدون ڪيرايون وينديون آهن، خدا جي يادگيري جا گھر ڊاهيا ويندا آهن، ڪمزور جماعتن کي ختم ڪيو ويندو آهي.
    خدا تعالى جي نظر انهن سڀني شين کي ڏسندي رهندي آهي، پنهنجي رحمت سان ڍر ڏيندو آهي ته لَعَلَّہُمْ یَرْشُدُوۡنَ (البقره:١٨٦) ”شايد پاڻ ئي صحيح رستي تي اچي وڃن.“ پر جڏهن سرڪش قوتون ان مان به فائدو نه وٺنديون آهن، بلڪ پنهنجي ظلم ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ڪنديون وينديون آهن ته پوءِ الله جو قانون حرڪت ۾ ايندو آهي: اِنَّ بَطْشَ رَبِّکَ لَشَدِیۡدٌ (البروج:١٢) (بيشڪ تنهنجي پالڻهار جي پڪڙ سخت آهي) جو وعيد عملي ڪردار ادا ڪندو آهي. جڏهن اهو قانون حرڪت ۾ ايندو آهي ته دنيا جنهن تي گھمنڊ ڪندڙ ان کي هميشه وارو سمجھندا هئا، طوفان جي هڪ لهر ۾ صرف ڪجھه منٽن يا سيڪنڊن ۾ هڪ تماشو يا رانديڪو بڻجي ويندي آهي.
    ان باري ۾ ڪيترائي ئي طوفان دنيا ڏسي چڪي آهي. حضرت نوح جي دور ۾ آيل طوفان به انهن مان هڪ آهي. تاريخ جو هي حادثو مسيح کان ٽي هزار ٽي سؤ اڻيتاليهه (3339) سال پهريان گذري چڪو آهي. هي واقعو قرآن ۾ مختلف جڳهن تي ذڪر ڪيو ويو آهي، پر ان جو تفصيلي ذڪر سورة هود ۾ آهي. ۽ ان سان گڏ تورات ۾ به ان جو ڪٿي تفصيلي ته ڪٿي اختصار سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
    هن واقعي ۾ جيڪي الاهي تعليم جا نڪتا ۽ ان جا خاص خاص رخ آهن، اهي هت ذڪر ڪجن ٿا:
    1. دنيا پرستيءَ جون شيون جڏهن انسانن کي خدا کان غافل ڪري ڇڏن ٿيون، جڏهن خدا تعالى جي حدن (قانونن) کي ٽوڙيو وڃي ٿو، ظلم، زيادتي ۽ ڇڙواڳي عام ٿي وڃي ٿي، علم کي غلط طريقي سان ۽ ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ترقيءَ ۽ تمدن جون شيون گمراهيءَ جا سبب بڻجي پون، خدا تعالى سان ايترو به لحاظ نه هجي، جو ان جي شعائر جي عزت ۽ عظمت ڪئي وئي. جڏهن سماج ۾ اهڙي اخلاقي آوارگي پکڙيل هجي ته صداقت جي پرچار (وَ اَمَرُوۡا بِالْمَعْرُوۡفِ وَ نَہَوْا عَنِ الْمُنۡکَرِ) ڪرڻ، حق جو آواز بلند ڪرڻ فرض آهي، پوءِ ڀلي کڻي ان فرض جي ادائگيءَ لاءِ ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ مشقتون سهڻيون پون، ڪيتريون ئي پابنديون وڌيون وڃن. داعي جي حق واري زبان کي سازشي مجرم جو نالو ڏئي ڪري قيد ڪيو وڃي، صداقت جي لکتن لاءِ تعزيري ايڪٽ مقرر ڪيو وڃي، پر پوءِ به خاموش ناهي رهڻو.حقيقت ۽ حقيقت جي انجام جو پيغام قوم کي ٻڌائڻو ئي آهي.
    2. حق جي داعي کي پنهنجي ذات، مفاد ۽ خواهشن جو فڪر ڪرڻو نه آهي، ته حڪومت يا صاحب اقتدار ماڻهن کان وڏا منصب ۽ عظيم لقب حاصل ڪري پاڻ کي ممتاز ۽ اعلى حيثيت وارو بنائي. هي گمراهيءَ جو رستو آهي، اهڙن منصبن جا خيال سراسر ڌوڪو هوندا آهن. حق جي پرچارڪ کي ظاهر ۾ طعنا ڏنا ويندا، ان تي ٺٺوليون ڪيون وينديون. سازشي قوتن جي چوڻ تي ماڻهو ان جو بائيڪاٽ ڪندا. ان تي ٽوڪون ڪندا، ان کي چريو چوندا، ان کي ڪوڙو چوندا، پر استقامت وارو اهو آهي جيڪو ثابت قدمي سان ان دعوت جي رستي تي اٽل رهي.
    3. حق جا پرچارڪ گھڻا نه هوندا، انهن وٽ وڏا هجوم نه هوندا، بلڪ ڪجھه عام ۽ سادا انسان هوندا، جيڪي دنيا جي نظرن ۾ خسيس ۽ گھٽ نظرن سان ڏٺا ويندا. پر هي ماڻهو اندر جا صاف ۽ اجرا هوندا آهن. سندن ارادا ايترا ته مضبوط هوندا آهن جو جيڪو ڪم اهي ڪرڻ چاهيندا آهن، اهو ڪري وٺندا آهن.
    4. حق جي دعوت ڏيندڙ لاءِ ضروري آهي ته سندس ڪلام صاف، گفتگو نرم ۽ شائستانه هجي، ان ۾ تيزي ۽ کهرائپ نه هجي. ۽ گڏوگڏ ڪنهن کي زبردستي مڃرائڻ تي مجبور به نه ڪيو ويندو. بلڪ جيڪو هدايت اختيار ڪري، پنهنجي شعور سان ۽ جيڪڏهن گمراهه ٿئي، اهو به پنهنجي مرضي سان.
    5. حق جي دعوت جو ڪوبه مادي اجر نه هوندو آهي. نه ئي ان جي اميد ڪجي. هن مقدس فريضي جو اجر الله تعالى جي طرفان ملندو آهي. تنهن ڪري ان جي طلب به ان کان ڪرڻ گھرجي.
    6. حق جي داعي سان گڏ جيڪي ماڻهو حق جي دعوت لاءِ ساڻس گڏجي جماعت جي صورت ۾ ڪم ڪندا هجن، انهن کان عليحدگي ۽ لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ ڀلي ڪيترو به دٻاءُ هجي، پر انهن ناتن نباهڻ تي سختي سان قائم رهجي.
    7. داعي الي الحق وٽ نه خزانا هوندا، نه اهو ڪو فرشتو هوندو، نه ئي وري ڪو غيب جو ڄاڻو. عام انسانن وانگي هوندو. ۽ ان ئي حالت ۾ سرڪش طاقتن سان مهاڏو اٽڪائيندو.
    8. حق جي پرچارڪ لاءِ موقعي ۽ محل جي تلاش ۽ جاکوڙ اجائي آهي. نه ئي وري مصلحت جو بهانو. هر حالت ۽ هر وقت ۾ ڪم ڪرڻو آهي. اهڙي شدت سان ته ڏسندڙ حيران ٿي وڃن، ٻُڌندڙ تنگ اچي وڃن ۽ سرڪش طاقتون مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃن.
    9. نتيجي جي پرواهه نه ڪرڻ کپي. اهو چاهي مرضي ۽ خواهش جي مطابق نڪري چاهي ان جي ابتڙ.
    10. مسلسل عمل جاري رهي ۽ جدوجهد جي رفتار ۾ تيزي اچي. ڀلي کڻي پروپيگنڊا جي ذريعي ان جدوجهد جي باري ۾ شڪ ۽ شبها پيدا ڪيا وڃن، پر ڪم ۾ سستي ۽ ڪوتاهي نه ٿئي.
    11. جڏهن دل ۽ دماغ تي سرڪشي ۽ تڪبر ۽ ظلم جو رنگ پختو ٿي ويندو آهي، ته پوءِ اهي حق جي قبول ڪرڻ جي صلاحيت کان ئي محروم رهجي ويندا آهن، تنهن ڪري اهڙن انسانن جي پرواهه نه ڪرڻ گھرجي. انهن کان الڳ رهجي. اهي ظالم آهن، سرڪش آهن، اهي سيلاب ۾ فنا ٿي ويندا. توهان صرف پنهنجي بچاءَ لاءِ ٻيڙيءَ جو بندوبست ڪريو. خدا تعالى جيڪا تعليم ۽ سمجھه عطا ڪئي آهي، ان جي مطابق عمل ڪريو.
    12. ڏاڍن، سرڪشن ۽ ظالمن سان بائيڪاٽ لاءِ، خدا جي ڪري انهن کان عليحدگي اختيار ڪرڻ ۾ رشتيداري ۽ قرابتداري جو لحاظ ۽ پاس رکڻ بلڪل ممنوع آهي، ڀلي کڻي ڪو ويجھو مائٽ يا پٽ ئي ڇو نه هجي. بس معيار رڳو صداقت آهي. حق جي دائري ۾ جيڪو اندر آهي، اهو محفوظ آهي. جيڪو ٻاهر نڪتو، تباهي ان جو مقدر آهي. تنهن ڪري اهڙن مائٽن جي پرواهه ڪرڻ غلط آهي، انهن جي باري ۾ دعا ۽ معافي جي طلب اجائي آهي. جي ٿي پوي، ته ان کان توبه ڪجي.
    13. هر هڪ شيءِ لاءِ هڪ وقت مقرر آهي. جڏهن هڪ شيءِ پنهنجي آخري انجام تي پهچي چڪي هجي ته ان لاءِ پوءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. ظالمن جو ظلم جڏهن آخري ڇيڙي تي پهچي ٿو ته پوءِ ان جو انجام هلاڪت ۽ تباهي آهي. پوءِ خدا جي حجت پوري ٿيندي. عاليشان جڳهون تباهه ٿي وينديون، عزت ۽ عظمت جا مصنوعي معيار، جزن تي گھمنڊ ڪندڙ انهن جي فنا جي نالي سان به واقف نه هئا، اهي مٽجي ويندا ۽ مظلوم طبقو اچي ڪري پنهنجي حقيقي جاءِ (تخت) حاصل ڪندو.
    14. باطل کانپوءِ حق ايندو، رات کانپوءِ صبح نڪرندو، اونداهي کانپوءِ روشني جو جلوو ظاهر ٿيندو. شيطاني جماعت کانپوءِ رحماني جماعت جو غلبو ٿيندو.
    بس هي ئي خدا تعالى جو قانون آهي. ان جي سنت آهي ته اَنَّ الْاَرْضَ یَرِثُہَا عِبَادِیَ الصّٰلِحُوۡنَ: (الانبياءَ:١٠٥) جيڪي ماڻهو پنهنجن صلاحيتن کي خدا جي مشيت مطابق استعمال ڪن ٿا، اهي ئي زمين تي قائم ۽ ان جا وارث رهندا.
    پوءِ جيڪڏهن خدا جي نالي سان منسوب جماعت جي افرادن ۾ به عزم ۽ استقلال ڪمزور ٿيندو ويندو ته سندن مقدر فنائيت آهي. تنهن ڪري ڪاميابي ۽ ان تي قائم رهڻ لاءِ صبر، عزم، ثابت قدمي، استقلال ۽ تقوى بنيادي شيون آهن. بس اهوئي اسوهء نوحي آهي ته ماڻهو پنهنجي مشن ۾ فنا هجي، صبر جو پيالو ڪنهن به وقت سندس هٿن مان نه نڪري ۽ تقوى جي رسي هر وقت ڳچيءَ ۾ پاتل هجي.


    زڪوات جو شرعي نظام : مولانا ابوالڪلام آزاد

    دنيا ۾ ڪوبه اهڙو دين نه آهي جنهن ۾ محتاجن ۽ غريب انسانن جي خدمت ۽ مدد جي تلقين نه ڪئي وئي هجي ۽ ان کي دين جو بنيادي جز قرار نه ڏنو ويو هجي. پر هي خصوصيت صرف اسلام جي آهي جنهن پنهنجي مڃيندڙن مان سرنديءَ وارن تي هڪ مقرر آمدني جو ٽيڪس هر سال لازم ڪري ڇڏيو آهي. وري ان عمل کي ايتري اهميت ڏني آهي جو نماز کانپوءِ متصل ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    قرآن مجيد ٻنهي عملن (نماز ۽ زڪوات) کي هر جڳهه تي گڏ ذڪر ڪري ٻڌايو آهي ته ڪنهن به جماعت جي اسلامي زندگي جي سڃاڻ هي ٻئي عمل آهن. ۽ اهو ئي سبب آهي جو صحابه رضوان الله عليهم اجمعين زڪوات جي منڪرن سان جنگ ڪئي.
    حضرت ابوبڪر رضي الله فرمايو: ”و الله لاقتلن من فرق بين الصلاة و الزکواة“ (متفق عليہ)
    هن باب ۾ ٻي خصوصيت اسلام جي زڪوات جي حڪمت جي باري ۾ آهي يعني علت (Cause). جيڪا صرف زڪوات جي ئي نه، بلڪ سڀني صدقن ۽ خيراتن جي آهي، ان سان معاملو بلڪل ٻي صورت اختيار ڪري ٿو ڇڏي. اها آهي:
    كَيْ لَا يَكُونَ دُولَةً بَيْنَ الْأَغْنِيَاءِ مِنْكُمْ ﴿الحشر:٧﴾
    ”تانجو ائين نه ٿئي جو دولت صرف ڪجھه هٿن ۾ بند رهجي وڃي“. يعني زڪوات جي فلاسافي هيءَ آهي ته دولت جو ڦهلاءُ ٿئي. معاشري جو هر هڪ فرد ماليات جي وهندڙ سمنڊ مان حصو ۽ فائدو حاصل ڪري. هڪ خاص گروھ جي اجاره داري قائم نه رهي.
    نبي ڪريم ﷺ جن جڏهن حضرت معاذ رضي الله کي يمن ڏانهن موڪلي رهيا هئا ته ان کي فرمايائون: ”(دولت) ان علائقي جي دولت مندن کان ورتي ويندي ۽ محتاجن ۽ غريبن تي خرچ ڪئي ويندي“. (رواه الجماعہ)
    انهن وضاحتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن جو اقتصادي روح احتڪار (بنيادي ضرورت جي شين کي روڪڻ)، اڪتناز (دولت کي گڏ ڪرڻ) ۽ اختصاص (دولت جو ڪجھه هٿن ۾ بند رهڻ) جي نفي ڪري ٿو، يعني دولت جي وهڪري مان هر هڪ فيض ياب ٿيڻ گهرجي. غور ڪيو وڃي ته اسلام ۾ وراثت ۽ خاص خاص حصن جي باري ۾ طئي ٿيل قانون جي به فلاسافي اهائي نظر ايندي. اهو ئي سبب آهي جو ان وياج کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ هي قاعدو ٻڌايو آهي ته:
    يَمْحَقُ اللَّهُ الرِّبَا وَيُرْبِي الصَّدَقَاتِ ﴿البقره :٢٧٦﴾
    ”الله وياج (مفاد پرستي) جو جذبو ختم ڪرڻ گھري ٿو ۽ صدقي (عام ڀلائي) جي جذبي کي وڌائڻ گھري ٿو“ ۽ وري سورة البقره ۾ انفاق جي حڪم کان پوءِ هي فرمايو ويو آهي:
    يُؤْتِي الْحِكْمَةَ مَنْ يَشَاءُ ۚ وَمَنْ يُؤْتَ الْحِكْمَةَ فَقَدْ أُوتِيَ خَيْرًا كَثِيرًا
    )يعني آمدني جو مخصوص حصو سوسائٽي جي غريب طبقي کي ڏيڻ، وڃائڻ نه آهي بلڪ حاصل ڪرڻ آهي. هيءَ وڏي حڪمت ۽ دانائيءَ جي ڳالهه آهي ۽ اها ڳالهه اهي ئي ماڻهو سمجھي سگھن ٿا جيڪي عقلمند ۽ حڪمت وارا هوندا. بيشڪ حڪمت جي دولت، تمام وڏي دولت آهي.) قرآن، سنت ۽ صحابه رضوان الله عليهم اجمعين جي عملي زندگي جي مطالعي مان مون کي هن ڳالهه تي پورو يقين ٿي ويو آهي ته اسلام جي اقتصادي نظام ۾ احتڪار ۽ اڪتناز لاءِ ڪا به جڳهه نه آهي. اڄ جيڪڏهن مسلمان ڪجھه به نه ڪن، رڳو زڪوات جو نظام ئي قرآن جي مطابق پنهنجي عملي تقاضائن ۽ سمورن لوازمات سان گڏ نافذ ڪن ته جيڪر سندن سڀ مصيبتون ۽ ڏکيائون پنهنجو پاڻ ختم ٿي وڃن. پر هتي وڏي مصيبت اها آهي ته، يا ته قرآن جي حڪمن تي عمل ئي نٿو ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن ڪيو به وڃي ٿو ته اهڙي طرح جو ڄڻ اهو به ”ترڪِ عمل“ جي ٻي صورت آهي.
    زڪوات جو نظام هڪ خاص نظم ۽ ضبط سان جڙيل آهي ۽ انهيءَ نظم ۽ ضبط تي ئي ان جون سڀ مصلحتون ۽ عملي مقصد موقوف آهن. زڪوات اڄڪلهه وانگر هڪ انڪم ٽيڪس آهي، تنهن ڪري ان جي ادائگيءَ جو انفرادي طريقو صحيح نه آهي بلڪ حڪومت جا ڪارڪن ان جي وصولي ڪندا ۽ پوءِ اها رقم بيت المال ۾ گڏ ڪئي ويندي. پوءِ اها جڳهه ۽ موقعي جي لحاظ کان ضرورت آهر استعمال ڪئي ويندي. ان پلاننگ سان بهترين ترتيب قائم ڪري اسلامي رياست پنهنجا گھربل هدف حاصل ڪري سگھي ٿي.
    زڪوات جي ادائگيءَ جي ڄاڻايل صورت خود قرآن ۾ (اشارة النص جي ذريعي) بيان ٿيل آهي. ڇو ته جيڪڏهن اها صورت نه هجي ها ته پوءِ زڪوات جي مستحقن ۾ ”العاملين عليها“ (حڪومت جي طرفان زڪوات وصول ڪندڙ عملو) کي ڇو شامل ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري مسلمانن کي اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي پنهنجي زڪوات حڪومت جي عملي کي ڏين، ائين نه هجي جو پنهنجو پاڻ انفرادي طور تي ادا ڪن. سعد بن وقاصؒ جي روايت ۾ صاف صاف موجود آهي: ادفعوا اليهم ما صلوا (جيستائين اهي نماز پڙهن ٿا، زڪوات جي ادائگي انهن جي ذريعي ڪيو.)
    (اسلام جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هڪ منظم سسٽم هيٺ ئي زڪوات جي ادائگي رهي آهي.)
    سنه ۷ هجري کانپوءِ واري زماني ۾ جڏهن تاتارين جي سيلاب اسلامي مملڪتن کي لوڙهي ڇڏيو ته زڪوات جو نظام به انفرادي ٿي ويو. هاڻي حشر هي آهي جو مسلمان زڪوات جي اصل نظام کان صفا غافل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ته زڪوات جي باري ۾ بنيادي تصور (Concept) ئي هي رهيو آهي ته اها انفرادي صوابديد هيٺ ئي ادا ڪري سگھجي ٿي، ان جي ڪابه جماعتي يا اداري واري شڪل نه ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ قرآن جنهن زڪوات جو حڪم ڏنو آهي اها اجتماعي زڪوات آهي. تنهن ڪري الڳ الڳ ۽ پنهنجي صوابديد جي مطابق زڪوات ڏيڻ وارو آخرت ۾ الله وٽ جوابده رهندو. (هتي هي مسئلو ياد رکڻ گھرجي ته زڪوات جو پنهنجو هڪ پورو نظام آهي، ان جو متبادل هي فلاحي انجمنون ۽ ٽرسٽون نٿيون ٿي سگھن) جيڪڏهن فلاحي ٽرسٽن(Social Trusties) ۽ ڪجھه دولت مندن جي فلاحي انجمنن سان قوم جو اقتصادي مسئلو حل ٿي سگھي ها ته پوءِ يورپ ۽ آمريڪا کان وڌيڪ ڪير انهن جو دلداده آهي. پر ان جي باوجود به ڪوبه قومي اقتصادي سسٽم غربت ۽ افلاس کي ختم نه ڪري سگھيو آهي ۽ هلاڪت ۽ نقصان جا ڪڪر هر وقت انهن تي ڇانيل رهن ٿا.
    حقيقت هيءَ آهي ته ماڻهن جي وقتي ۽ عارضي فياضي کڻي ڪيتري به وڌيڪ هجي، قوم جي اجتماعي زندگي جي قيام ۽ خوشحالي لاءِ ڪفيل نٿي بڻجي سگھي. ان صورتحال جو واحد علاج اهو آهي جيڪو اسلام تيرنهن سو سال اڳ ٻڌايو. يعني قانون سازيءَ ڪري هڪ منظم سسٽم هيٺ قوم جي پوري آمدني جو هڪ مقرر حصو ڪمزورن ۽ مسڪينن جي پرگھور لهڻ لاءِ مختص ڪيو وڃي. زڪوات پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان عام صدقن ۽ خيراتن کان عليحده حيثيت رکي ٿي. هي هڪ انڪم ٽيڪس آهي جيڪو اسلامي حڪومت هر ڪمائيندڙ کان وصول ڪري ٿي، بشرطيڪ سندس ڪمائي ضرورت کان وڌيڪ هجي.
    پر عام ٽيڪسن ۽ زڪوات ۾ ٻه وڏا فرق آهن: هڪ ته زڪوات ۾ وسعت آهي، اها صرف ڪاروباري شين تي لاڳو نه ٿي ٿئي بلڪ چوپايو مال، وڌندڙ ملڪيتون ۽ رکيل سون ۽ چاندي وغيره ان ۾ داخل آهن. ٻيو ته زڪوات جا مصارف (جنهن تي زڪوات خرچ ڪئي وڃي) مخصوص آهن. انهن کان علاوه ٻئي هنڌ زڪوات جو مال خرچ ڪرڻ جائز نه هوندو.


    ذاتي مفادن جي مٿان گڏيل مفاد جي ترجيح : مولانا محمد تقي اميني

    نبوي دؤر ۾ فتح ڪيل زمينن جو انتظام عام ڀلائي جي بنياد تي ڪيو ويو، جنهن ۾ ذاتي مفادن تي اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏني وئي هئي. ان کان سواءِ رسول الله ﷺ جن جي زماني ۾ جتي به فتح ٿيندي هئي، اتان جي زمينن جو انتظام پاڻ ﷺ جن عام ڀلائي کي نظر ۾ رکندي ڪندا هئا. انهيءَ لاءِ پاڻ ايراضيءَ جي تنظيم ۽ ورهاست اهڙي صورت ۾ ڪيائون جيڪا سڀ کان وڌيڪ عمدي ۽ سهڻي هئي. سندن سامهون ڪنهن خاص طبقي جو مفاد نه پر خلق خدا جي عام ڀلائي جو مفاد هيو. سندن نظر ۾ ملڪيت جي حيثيت رڳو استعمال ۽ فائدو وٺڻ واري حق کان وڌيڪ ڪجھه به نه هئي ۽ اها به ان وقت تائين ورهاست جوڳي هئي جيستائين عام ڀلائي جي معاملي ۾ اها ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ڪري، نه ڪنهن جي حق تلفيءَ جو سبب بنجي.
    پاڻ جيڪو نظام قائم ڪيائون ان ۾ نه ملڪيت جي اوٽ ۾ ظلم ۽ زيادتي جي گنجائش هئي ۽ نه وري جماعتي ڪوڙڪي ۾ انسانن کي اهڙو جڪڙيو ٿي ويو جو هو آزاديءَ سان پنهنجي صلاحيتن کي وڌائي پنهنجي ضمير جي پختگي کي به قائم نه رکي سگهن. هر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي ضرورت ۽ صلاحيت موجب ڪنهن خصوصيت ۽ ترجيح کان سواءِ فائدو وٺڻ جا ذريعا ۽ موقعا هڪجهڙا موجود هئا.
    پاڻ اهڙو ته ماحول ٺاهي ڇڏيائون جيڪو رحمت، ڀائپي، سماجي هڪجهڙائي (مساوات)، امانتداري، ايثار ۽ قرباني جو هڪ مڪمل ۽ عمدو نمونو هو. انهيءَ ڪري ئي سندن حڪمراني رڳو جسمن تي ئي نه پر دل ۽ دماغ تي به هئي. سندن حڪمرانيءَ جي پکيڙ دنيا جي ڪنهن خاص علائقي تائين محدود ڪانه هئي، پر دليون ۽ دماغ به انهِيءَ حڪمرانيءَ جي حلقي ۾ شامل هئا. دنيا مڃي يا نه، پر اها هڪ اڻٽر حقيقت آهي ته پاڻ ﷺ جن جو پيش ڪيل قانون اڄ به حاڪمن ۽ عدالتن تي حڪمراني ڪري رهيو آهي ۽ مذهب ۽ قومي فرق کان سواءِ عام ۽ خاص سڀني مٿان هڪ ئي طريقي سان جاري آهي. پاڻ ﷺ جن کان پوءِ دنيا ۾ جيتريون به اصلاحي ڪوششون ٿيون آهن، سي سڀ پاڻ ﷺ جن جي ڪوششن جي مقابلي ۾ ڪجھه به نه آهن.
    اڄ دنيا ”مقصد“ کي ڇڏي ملڪيت جي هجڻ ۽ نه هجڻ جي بحث ۾ ڦاٿل آهي. انفرادي، اجتماعي، عارضي ۽ دائمي جي ڳنڍين کي کولڻ ۾ نهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهي آهي. جڏهن ته اڄ کان سوين سال اڳ وادي ”غير ذي ذرع“ (برپٽ بيابان) مان پوري دنيا کي جيڪو پيغام ڏنو ويو هو، ان ۾ انهيءَ مسئلي کي تمام ئي عمدگيءَ سان سلجھايو ويو آهي ته هر شيءِ جو حقيقي مالڪ الله تعالى جي ذات برحق آهي ۽ پيداواري ذريعن تي به عام ڀلائي واري اصول تحت سڀني جو هڪجهڙو حق آهي، نه ڪه ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو. انسان جي حيثيت فقط هڪ ”امين“ جي آهي، جنهن ڪري کيس انهن پيداواري ذريعن کي صرف استعمال ڪرڻ ۽ فائدو وٺڻ جو حق ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مسيلمه ڪذاب رسول الله ﷺ جن کان اڌ دنيا تي پنهنجي حڪومت جي گھر ڪئي هئي تڏهن پاڻ ﷺ جن کيس جواب فرمايو هو:
    فان الارض لله يورثها من يشآء من عباده والعاقبة للمتقين
    ”زمين اصل ۾ الله تعالى جي آهي. تنهن لاءِ پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيندو آهي ته ان جو وارث ڪندو آهي ۽ سٺو انجام ۽ ڪاميابي رڳو الله کان ڊڄندڙن جي لاءِ آهي.“
    هڪ ٻئي موقعي تي پاڻ ﷺ جن فرمايو: ان الارض ارض الله والعباد عباد الله من احياء الارض الميتة فهي له ”زمين الله جي زمين آهي ۽ ٻانها الله جا ٻانها آهن. پوءِ جيڪو ماڻهو غير آباد زمين کي آباد ڪندو، سا ان جي هوندي.“
    شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ انهيءَ حقيقت کي هنن لفظن ۾ بيان فرمائي ٿو: والارض کلها في الحقيقة بمنزلة مسجد او رباط جعل وقفا على ابناء السبيل وهم شرکاء فيه فيقدح الاسبق فالاسبق وحق الملک في الاؤسي کونه احق
    بالانتفاع من غيره ”حقيقت هيءَ آهي ته سڀ جا سڀ زمين هڪ قسم جي مسجد يا مسافر خانو آهي، جيڪا مسافرن لاءِ وقف ٿيل هوندي آهي ۽ سڀئي ماڻهو ان ۾ هڪجهڙا شريڪ هوندا آهن. انهيءَ ڪري هر اڳ ۾ آيل کي بعد ۾ آيل تي ترجيح ڏني ويندي آهي. زمين تي ماڻهوءَ جي ملڪيت جي حق جو مطلب رڳو اهو آهي ته ان مان حاصل ٿيندڙ نفعي تي ٻين جي نسبت وڌيڪ حق ان جو آهي جيڪو ان جو کيڙيندڙ آهي.“
    رسول الله ﷺ جن کان پوءِ خلافت جون واڳون جڏهن خلفاءِ راشدين جي هٿ ۾ آيون ته انهن به زمين جو انتظام قرآني آيتن ۽ سيرت رسول ﷺ جي پيش نظر عام ڀلائي کي لحاظ ۾ رکندي ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو خلافت واري دؤر جي فتحن ۽ اتان جي انتظامن ۾ مذهب ۽ قوميت جي فرق کان سواءِ سڀني جي حقن ۾ هڪجهڙائي کي ڏسي هيءُ فيصلو ڪرڻ سؤلو ٿي وڃي ٿو ته اسلام ۾ ذاتي ۽ انفرادي مفاد تي عام ڀلائي کي ڪيئن ترجيح ڏني وئي آهي. هيٺ اسان ان کي ڪجھه تفصيل سان بيان ڪريون ٿا.
    عراق ۽ شام کي فتح ڪرڻ کان پوءِ زمين ۽ حاڪميت جي انتظامن بابت مشورو ٿيو. مجلس شورى ۾ عبدالرحمان بن عوف ؐ، حضرت بلال ؐ ۽ انهن جي هم خيال ماڻهن جي راءِ هئي ته هيءَ زمين فوجين ۾ ورهائي وڃي، جيئن پاڻ ﷺ جن خيبر جو ڪجھ حصو فوجين کي ورهائي ڏنو هو. امير المؤمنين حضرت عمرؐ جن جي راءِ انهن کان مختلف هئي. سندس مرضي اها هئي ته اها زمين خلافت جي انتظام هيٺ، اتان جي اصل رهاڪن وٽ ئي رهي. مجلس شورى جي ٻين ميمبرن، جن ۾ حضرت علي ؐ، حضرت ابن عمر ؐ، حضرت طلحه ؐ، حضرت معاذ بن جبل ؐ، حضرت عثمان ؐ وغيره جهڙا اڪابر صحابه شامل هئا، تن سڀني جي راءِ پڻ حضرت عمر جي راءِ سان موافقت ۾ هئي.
    آخر ڪار وڏي غور ۽ خوض کان پوءِ مجلس شورى ۾ اهو فيصلو ٿيو ته عام ڀلائي جي خيال کان اها زمين، خلافت جي نگراني هيٺ اصل رهاڪن وٽ ئي رهندي ۽ فوجين کي ورهائي نه ڏني ويندي.
    انهيءَ فيصلي کان پوءِ جنهن به علائقي جا رهواسي اسلامي رحمت کي قبول ڪري مسلمان ٿي ويندا هئا، تن جي زمين جي تنظيم ۽ ورهاست جي باري ۾ عام قانون هيءُ ٿي پيو ته اهي به فتح ڪيل زمينن وانگر الله تعالى جي ملڪيت قرار ڏنيون وينديون هيون ۽ خلافت جي نگراني هيٺ اتان جي رهاڪن وٽ ئي رهڻ ڏنيو وينديون هيون ۽ سرڪاري محصول کان سواءِ انهن کان ٻي ڪابه اوڳاڙي نه ڪئي ويندي هئي. عام قانون رسول الله ﷺ جن جي زبان ۾ هيءَ هو: ان قوم اذا اسلموا اهرزوا دماءهم و اموالهم ”جڏهن ڪير اسلام قبولي ٿو ته اهو پنهنجي جان ۽ مال کي محفوظ ڪري ٿو وٺي.“
    هيءُ قانون عرب توڙي عجم، سڀني جي زمينن لاءِ هڪجهڙو هو. ان ۾ منقوله ۽ غير منقوله سڀ قسم جي ملڪيت شامل هئي.
    قاضي ابو يوسف صاحب انهيءَ حقيقت کي واضح ڪندي چوي ٿو:
    فان دماء هم حرام وما اسلموا عليه من اموالهم و کذالک ارضوهم لهم وهي ارض عشر بمنزلة المدينة حيث اسلم اهلها مع رسول الله ﷺ و کانت اؐم ارض عشر و کذالک الطائف والبحران و کذالک اهل البادية اذا اسلموا على مياهم و بلادهم فلهم ما اسلموا عليه وهو في ايديهم وليس لاحد من اهل القبائل ان يبني في ذالک شيئا يستحق به منه شيئاً ولا يحفر فيه بيراً يستحق به شيئاً وليس لهم ان يمنعوا الکلاء ولا يمنعوا الدعاء ولا المواشي من الماء ولا حافراً و لٰا خفا في تلک البلدة و اؐم ارض عشره يخرجون عنها فيما بعد ويتوارثونها و يتبايعونها
    (الخراج، ص:63)
    ”جنهن زمين جا رهاڪو اسلام قبول ڪري وٺن، تن جو خون حرام آهي. اسلام قبولڻ وقت جيڪو مال انهن وٽ هوندو هو سو انهن وٽ ئي رهندو. اهڙي طرح زمينون به انهن جون ئي رهنديون ۽ اهي زمينون عشري هونديون جيئن مديني جي رهاڪن اسلام قبوليو ته اهي سڀئي شيون انهن وٽ ئي رهڻ ڏنيون ويون هيون ۽ جيئن طائف ۽ بحرين جي ماڻهن لاءِ به اهرو ئي فيصلو ڪيو ويو هئو. اهڙيءَ طرح بدوين مان به جن ماڻهن اسلام قبوليو هو تن کي سندن پنهنجا چشما ۽ علائقا انهن لاءِ ئي ڇڏيا ويا. قبيلي وارن مان ڪنهن کي به اجازت نه هئي ته هو انهن شين مان اهڙيءَ طرح تصرف ڪن جو هو انهن شين جا حقدار بنجي وڃن ۽ نه انهن مان ڪنهن کي اجازت کان سواءِ کوهه کوٽڻ جو اختيار هو جو ائين ڪري هو ڪجھه حصي جا حقدار بنجي وڃن. باقي انهن مان ڪنهن کي گاهه کان منع ڪرڻ جائز نه هو ۽ اهڙيءَ ئي طرح ڌنارن کي مال پاڻي پيئارڻ کان روڪڻ جائز نه آهي. انهن جون زمينون عشري هونديون. ان کان پوءِ به انهن کان واپس ورتي نه ويندي. ان ۾ وراثت جاري رهندي ۽ هو انهن کي خريد ۽ وڪرو ڪري سگھندا.“
    قاضي صاحب اڳتي هلي لکن ٿا: وکذلک کل بلاد اسلم عليها اهلها فهي لهم وما فيها (الخراج، ص:63) اهڙن ئي علائقن جا ماڻهو اسلام قبول ڪن ته انهن جون زمينون ۽ سڀئي شيون (اڳ وانگر) انهن جون ئي رهنديون.
    امام ابو عبيده ؓ چوي ٿو: ”جنهن زمين جا رهاڪو اسلام قبول ڪن ته سندن زمين سندن ئي ملڪيت ۾ رهندي ۽ کين عشر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏيڻو نه پوندو.“ (الاموال، ص:512)
    اڳتي هلي وري چوي ٿو: کل ارض اسلم عليها اهلها فهم مالکون لورقابها کالمدينة والطائف واليمين والبحرين (الاموال، ص:512) ”جنهن زمين جا رهاڪو اسلام قبول ڪري وٺن ته اهي پنهنجي زمين جا مالڪ هوندا. (ضبط نه ڪئي ويندي ۽ کين ان مان فائدو وٺڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو حق رهندو) جيئن مديني، طائف، يمن ۽ بحرين وغيره ۾ ائين ئي ڪيو ويو هو.“
    مطلب ته خلافت واري زماني ۾ زميني ملڪيت جي انتظام جي صورت اها ئي هئي پوءِ ڀلي اها غلبو ۽ فتح حاصل ڪرڻ وارن ملڪن جي رهاڪن جي هجي يا انهن ماڻهن جي هجي جن سان پهريان کان ئي ڪو ٺاهه ڪيو ويو هجي ۽ پوءِ بعد ۾ انهن اسلام جي حقانيت ۽ صداقت ڏسي اسلام قبوليو هجي.
    مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ جيئن ته ذميداري وڌي وڃي ٿي، انهيءَ ڪري اهي ماڻهو يا ته پاڻ ئي پنهنجون زمينون ڪڏهن خلافت جي حوالي ڪندا هئا ۽ ڪڏهن خلافت کان وٺندا به هئا. ان کان سواءِ مسلمانن جي زمين جي باري ۾ هڪ ٻي ڳالهه به تمام ئي ڌيان طلب آهي. اها هيءَ ته حقيقت ۾ اسلام جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي صالح جماعت تيار ڪرڻ آهي، جنهن جو نصب العين ٻين جي لاءِ رحمت جو ماحول پيدا ڪرڻ آهي، پوءِ انهيءَ لاءِ ڀلي کيس جان ۽ مال ئي ڇو نه قربان ڪرڻو پوي.
    ظاهر آهي ته اها ڳالهه ايستائين ناممڪن آهي جيستائين انهن جي دلين مان ذاتي نفعي ۽ عيش عشرت جو بوتو ڪڍي انهن ۾ قربانيءَ جو جذبو پيدا نه ڪيو وڃي. عام طرح ٿيندو ائين آهي ته جڏهن به ڪنهن اقتدار واري جماعت ۾ ڪو فرد داخل ٿيندو آهي ته ان کي هر قسم جو جائز ۽ ناجائز رعايتون ڏنيون وينديون آهن ۽ ان جي ڏاڍاين تي پردو وڌو ويندو آهي ۽ ان کي ايتري ته ڍر ڏنل هوندي آهي جو هو ٻين جا حق ماري عيش پيو ڪندو آهي. پر اسلامي جماعت ۾ داخل ٿيڻ واري کان الله تعالى جي رضا لاءِ هر شيءِ کي وقف ڪري ڇڏڻ جو عهد ورتو ويندو آهي ۽ کانئس پاڻ کي فنا ڪري ٻين لاءِ بقا جو سامان مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ئي هڪ مسلمان جي ملڪيت ۾ خلافت پنهنجا اختيار، ٻين ماڻهن جي نسبت وڌيڪ استعمال ڪري ٿي. ڪڏهن ترغيب جي صورت ۾ ته ڪڏهن قانون جي صورت ۾، جيئن اسلام جي تاريخ ۾ ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا ته ڪيئن مسلمانن پنهنجون ملڪيتون خلق خدا جي عام ڀلائيءَ لاءِ خلافت جي حوالي ڪري ڇڏيون يا وري خلافت انهن کان ضرورت جي وقت ۾ قانون جي ذريعي وٺندي هئي. ان جا ڪجھه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    1. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مديني جي مسلمان رهاڪن پنهنجون زمينون پاڻيءَ جي ڏکيائيءَ جي ڪري ۽ عام ڀلائيءَ جي خيال کان رسول الله ﷺ جن جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون ته جيئن پاڻ ڀلي جنهن لاءِ گھرن تنهن کي ڏئي ڇڏين.
    انهيءَ واقعي بابت حضرت عبد الله بن عباس ؐ چوي ٿو ته:
    ان رسول الله لما قدم المدينة جعلوا له کل ارض لا يبلغها الماء يصنع بها ما يشاء
    (الاموال، ص: 282)
    ”رسول الله ﷺ جن جڏهن مديني پهتا ته مديني وارن هر اها زمين، جنهن ۾ پاڻي جو پهچڻ ڏکيو هو، سندن حوالي ڪري ڇڏي ۽ سندن مرضيءَ تي ڇڏيو ته پاڻ ﷺ جن جيئن مناسب سمجھن تيئن ڪن.“
    زمين ملڻ کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ کي وڌ کان وڌ فائديمند بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ ابو عبيده ؐ جي راءِ موجب پاڻ انهيءَ زمين مان حضرت بلال بن حارث ؐ کي”قطيعه“ عطا فرمايو:
    2. خالص زمين جو ڪجھه ٽڪرو حضرت عمر ؐ قوم بجيله وارن کي ڏنو هئو. ٻن ٽن سالن تائين انهن ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو، پر جڏهن خلافت عام ڀلائي جي خيال کان ان کي واپس وٺڻ چاهيو، ته انهن ماڻهن بغير ڪنهن چون چران جي اها زمين خلافت جي حوالي ڪري ڇڏي. ان قصي جو تفصيل هن طرح آهي:
    قيس بن حازم چوي ٿو ته، جنگ قادسيه (جيڪا ايرانين سان ٿي هئي) جي ڏينهن اسلامي فوج ۾ بجيله قوم جا ماڻهو چوٿائي هئا. حضرت عمر ؐ کين سوار جو چوٿون حصو ڏئي ڇڏيو هئو. ٻن يا ٽن سالن تائين زمين سندن قبضي ۾ رهي. هڪ دفعي ڪنهن ضرورت پوڻ تي انهيءَ قبيلي جا ڪجھه ماڻهو حضرت عمر بن ياسر ؐ ۽ جزير وغيره سان گڏجي حضرت عمر ؐ وٽ آيا. اتي حضرت عمر ؐ کين چيو ته توهان ماڻهو انهيءَ زمين کي خلق خدا جي عام ڀلائي واسطي خلافت جي حوالي ڪريو. انهيءَ تي انهن ماڻهن فوراً حڪم جي تعميل ڪئي ۽ زمين خلافت جي حوالي ڪري ڇڏي. انهيءَ کان پوءِ حضرت عمر ؐ جزير کي سرڪاري خزاني مان اسي (80) دينار عطا فرمايا.
    جڏهن انهيءَ واقعي جي خبر بجيله قوم جي هڪڙي عورت ”ام ڪرز“ کي پئي ته ان پنهنجي حصي جي زمين ڏيڻ کان ڪجھه ڪيٻايو ۽ حضرت عمر ؐ وٽ اچي عرض ڪيائين:
    يا امير المؤمنين! ان ابي هلک وسهمه ثابت في السواد واني لم اسلم قفال لها يا ام ڪرز ان قومک قد صنعوا ما قد علمت فقالت ان کانوا قد صنعوا ما صنعوا فاني لست اسلم حتي تحملني علي ناقة ذلول عليها قطيفة حمواء و تملا کفي ذهبا قال ففعل عمر ذالک فکانت الدنيار نحوا من ثمانين دينارا
    (الاموال، ص:61،62)
    ”اي امير المؤمنين! منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو آهي. سواد جي زمين ۾ ان جو به حصو هئو. (جيڪو ميراث ۾ مونکي مليو آهي) مان اهو ڪڏهن به واپس نه ڪنديس. حضرت عمر ؐ چيس ته اي ام ڪرز! تنهنجي قوم ته بغير ڪنهن چون چران جي زمين واپس ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ ڳالهه جي توکي ته چڱيءَ طرح خبر به آهي (پوءِ تون ڇو ٿي انڪار ڪرين؟ تنهن تي) هن جواب ڏنو ته قوم وارن جيڪو ڪجھه ڪيو، منهنجو ان سان ڪو به واسطو نه آهي. مان ان وقت تائين (اها زمين) واپس نه ڪنديس جيستائين توهان مون کي هڪ فرمانبردار ڏاچي نه ڏيو، جنهن جي مٿان ڳاڙهي رنگ جي گرم چادر پيل هجي ۽ پئسي ڏوڪڙ سان منهنجون مُٺيون ڀري نه ڏئين. حضرت عمر ؐ ائين ئي ڪيو ۽ کيس جيڪي روڪ پئسا ڏنا ان جو تعداد به اسي دينار کي پهچي ويو.
    انهيءَ واقعي مان هيءَ حقيقت چٽي ٿي وڃي ٿي ته عام ڀلائي جي خيال سان خلافت جڏهن چاهي، مسلم رهاڪن کي بي دخل ڪري سندن زمينون وٺي سگھي ٿي. اهڙيءَ طرح هيءَ ڳالهه به نروار ٿي وڃي ٿي ته انهيءَ صورت ۾ هر ماڻهوءَ جي ذاتي مفاد جو خيال رکڻ به ضرور آهي ته جيئن اجتماعي مفادن سان گڏ ڪنهن جا ذاتي حق به نه لتاڙجي وڃن.
    انهيءَ واقعي مان هيءَ ڳالهه لازمي طرح ثابت نٿي ٿئي ته خلافت جي طرفان زمين جي مالڪ کي جيڪو ڪجھه ڏنو وڃي انهيءَ جي حيثيت معاوضي جي هجي يا نه. حضرت عمر ؐ جيڪو ڪجھه جزير ؐ ۽ ام ڪرز کي ڏنو هو، ان جي حيثيت معاوضي جي هئي، جنهن جي بنياد تي اهو چيو وڃي ته جڏهن عام ڀلائي جي خيال کان اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته خلافت کي معاوضي کان سواءِ زمين وٺڻ جو اختيار نه آهي. اهڙيءَ طرح اها حقيقت به چٽي نٿي ٿئي ته خلافت جي طرفان ان قسم جا جيڪي به قبضا ورتا وڃن، تن ۾ زمين جي مالڪ جي رضامندي ضروري آهي. جيئن هيٺ ڏنل تفصيل مان معلوم ٿئي ٿو:
    ابو عبيده ؓ چوي ٿو:
    ”ماڻهو فتح ڪيل زمين کي اصلي رهاڪن وٽ ئي رهڻ ۾ فوجين جي رضامندي کي ضروري سمجھندا آهن. (امام شافعي ؓ جو اهو خيال آهي) هيءُ واقعو انهن جي لاءِ ڪيئن ٿو دليل بنجي سگھي. جڏهن ته ان جهڙا واقعا عراق ۽ شام جي فتح ۾ اصل رهاڪن وٽ زمين کي رهڻ ڏنو وڃڻ جي باري ۾ حضرت بلالؐ وغيره جڏهن حضرت عمر ؐ جي مخالفت ڪئي ۽ زمين کي فوجين ۾ ورهائڻ لاءِ زور ڏنو تڏهن پاڻ انهن سڀني بابت فرمايو هئائون؛ ”اللهم اکفينهم“ (اي الله تون ئي هنن لاءِ ڪافي آهين) انهيءَ وقت ۾ ڪهڙي انهن ماڻهن جي رضامندي مطلوب هئي (جنهن جي بنياد تي چئي سگھجي ته هتي به حضرت عمرؐ ام ڪرز کي راضي ڪرڻ گھري پيو ۽ ان جي راضپي کان سواءِ ان کي بيدخل ڪرڻ جو کيس حق ئي ڪونه هو.)
    ابو بڪر جصاص بجيله قوم جو واقعو بيان ڪرڻ کان پوءِ چوي ٿو:
    ”انهي واقعي ۾ ان جي رضامندي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ڇو ته حضرت عمر ؐ هيءَ ڳالهه چٽيءَ طرح چئي ڇڏي هئي ته زمين کي واپس ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نه آهي ۽ انهيءَ ۾ عام ماڻهن جي ڀلائي جو سوال آهي. باقي رهيو ام ڪرز عورت جو معاملو، ته انهيءَ کي جيڪا رقم حضرت عمرؐ سرڪاري خزاني مان ڏني سا امداد جي طور تي ڏني. ڇو ته هونئن به خليفي کي اهو اختيار حاصل هو ته عورت جي قبضي ۾ آيل زمين کي واپس ڪرڻ کان سواءِ به ان کي سرڪاري خزاني مان امداد ڏئي.
    اڳتي هلي چوي ٿو:
    ”بجيله قوم جي هن واقعي ۾ ان ڳالهه جو ڪو به دليل نه آهي ته اهي ماڻهو انهيءَ زمين جا مالڪ هئا. ڇا ان ڳالهه جو امڪان نه آهي ته زمين بلڪل ورهائي ئي نه وئي هجي ۽ سڄي زمين اصلي رهاڪن وٽ ڇڏي وئي هجي ۽ ان جي بدران ڍل جي آمدنيءَ جو چوٿون حصو انهن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجي. ان کان پوءِ عمر فاروق ؐ جن اهو مناسب سمجھيو هجي ته انهيءَ چوٿين حصي واري قصي کي به ختم ڪري سڀ جو سڀ بخشش ڪيو وڃي ته جيئن اهي سڀئي ماڻهو برابر ٿي وڃن.
    جصاص ؓ جو اهو گمان اهڙو نه آهي، جنهن سان مسئلي جو رخ ئي ڦري وڃي. ڇو ته انهيءَ واقعي کي محققن تسليم ڪيو آهي ۽ ابو عبيده ته ان کي دليلن سان ثابت به ڪيو آهي. بهرحال عام ڀلائي جي خيال سان خلافت ان جي رضامندي ضروري آهي ۽ نه ان جو معاوضو ادا ڪرڻ لازمي آهي. ان سان گڏوگڏ ان جي ذاتي حقن جو خيال رکڻ به ضروري آهي ته ڪٿي اهڙي قبضي وٺڻ سان هن جي بنيادي حقن جي لتاڙ نه ٿئي.
    حضرت عمر ؐ پنهنجي دؤر خلافت ۾ مسلمانن کي زمين ۽ ملڪيت ذمينداريءَ هيٺ رکڻ ۽ ڪڙمت کان قانوني طرح منع ڪري ڇڏي هئي ۽ اهو اعلان ڪرايو هو ته جڏهن سڀني ماڻهن جي ٻارن ٻچن کي به سرڪاري خزاني مان وظيفو ملي پيو ته انهن وٽ ڪو به سبب نه آهي جو هي ماڻهو انسانيت جي خدمت لاءِ حاضر نه هجن ۽ ڍڳن جي پڇ سان لڙڪيا پيا هجن.
    علامه طنطاوي جوهري انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو ڪري ٿو:
    فلما کثرت الاموال في ايام عمرو وصنع الديوان فرض الرواتب للعمال والقضاة و منع اذ خارالمال و حرم علي السلمين اقتناع الضياع والزراعة او المزارعة. لان ارزاقهم و ارزاق عيالهم تدفع لهم من بيت المال (نظام العالم والامم، ج2، ص:183-184)
    حضرت عمر ؐ جي دؤر خلافت ۾ جڏهن مال تمام گھڻو وڌي ويو تڏهن باقاعدگيءَ سان رجسٽر تيار ڪيا ويا. ماڻهن جا وظيفا مقرر ڪيا ويا. عاملن ۽ قاضين جون پگھارون مقرر ڪيون ويون. سرمايو جمع ڪرڻ کان منع ڪئي وئي. ڪڙمت پاڻ ڪرڻ يا ٻئي ڪنهن کان ڪرائڻ کان منع ڪئي وئي. اهو سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري ڪيو ويو جو ماڻهن جو سندن ٻارن ٻچن سميت وظيفا مقرر ڪيا ويا هئا.
    ڪڙمت وغيره کان روڪڻ جي انهيءَ قانون ايتري حد تائين ترقي ڪري ورتي هئي جو جيڪڏهن ڪو غير مسلم اسلام قبول ڪندو هو ته انهيءَ جي سڄي غير منقوله ملڪيت ضبط ڪري علائقي جي غير مسلمانن ۾ ورهائي ويندي هئي ۽ انهن نئين مسلمان جي لاءِ سرڪاري خزاني مان وظيفو مقرر ڪيو ويندو هو.
    جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته فاروق اعظم ؐ جي انهيءَ فيصلي مان حڪومت الاهي جي خليفي جي ذميواريت ۽ مسلم جماعت جي طرز زندگيءَ جي خبر پوي ٿي.
    حقيقت ۾ انهيءَ روڪ جو قانون انهيءَ ڳالهه جي بنياد تي ٻڌل هئو ته خليفو سمجھي پيو ته جيڪڏهن هي ماڻهو (مسلمان) زمين ۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳي ويا ته انهيءَ سان فساد ۽ ظلم جا دروازا کلي ويندا. مخلوق خدا جي خدمت جي بدران، (جيڪو انهن جي زندگيءَ جو حقيقي مقصد آهي) ٻين حاڪمن وانگر، انهن کي به غريبن جو رت چوسڻ جو موقعو ملي ويندو. ان کان سواءِ عيش عشرت جي چڪر ۾ ڦاسي هي ماڻهو پنهنجي اصلي جوهر جهڙوڪ جوانمردي، بهادري، جفاڪشي، همت، عزم ۽ ارادي کي وڃائي ڇڏيندا، جنهن جو اڳتي هلي نتيجو هيءُ نڪرندو جو جيڪا جماعت رڳو خلق جي خدمت ۽ رحمت الاهي کي عام ڪرڻ لاءِ زنده آهي، تنهن کان زنده رهڻ جو حق کسجي ويندو. تاريخ شاهد آهي ته پوءِ وارا مسلمان جڏهن مال دولت ۽ ملڪيت ٺاهڻ جي چڪر ۾ ڦاسي پيا ته انهيءَ جماعت جي اعلى ڪردار ۽ پاڪيزه صفتن ۾ وڏو فرق اچي ويو ۽ ان جا اصلي جوهر، جنهن جي خمير مان هيءَ جماعت تيار ٿي هئي سي آهستي آهستي ختم ٿي ويا.
    سڀ کان پهريائين شام ملڪ ۾ جڏهن ملڪيت ميڙڻ جي هوس عام ٿيڻ جو بنياد پئجي رهيو هو تڏهن حضرت ابوذر غفاري ؐ (جيڪو هڪ جليل القدر صحابي ۽ اعلى درجي جو قناعت پسند ۽ زاهد انسان هو) ماڻهن کي حضرت عمر ؐ جو مٿي ذڪر ڪيل منع وارو قانون ياد ڏياريندو هو ۽ سختيءَ سان انهيءَ هوس جي مخالفت ڪندو هو. عام تقريرن ۽ بازارن ۾ چوندو وتندو هو:
    يا معشر الاغنياء و يا اسوء الفقراء والذين يکنرون الذهب والفضة ولا ينفقونها في سبيل الله فبشرهم بعذاب اليم (نظام العالم والامم)
    ”اي مالدارؤ! ۽ اي بدحال فقيرؤ! (الله جو هيءُ فرمان آهي) جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي پاڻ وٽ گڏ ڪري ڍير ٿا ڪن ۽ الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن ته اهڙن ماڻهن کي دردناڪ عذاب کان خبردار ڪري ڇڏ.“
    جڏهن ته اهوحضرت عثمان ؐ جي خلافت جو زمانو هو ۽ ان وقت حضرت معاويه ؐ شام جو گورنر هو. ان جي شروعات هن طرح ٿي جو حضرت امير معاويه حضرت عثمان کان پنهنجي خرچ پکي جي پورائي لاءِ زمين جي انهيءَ ايراضي وٺڻ جي اجازت گھري جنهن کي حضرت عمر ؐ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ بيت المال ۾ شامل ڪري رکيو هو ۽ ان جو انتظام سرڪاري طور تي سنڀاليو ويندو هو. حضرت معاويه ؐ کي ڏسندي ٻين آفيسرن ۽ اصحابن، جهڙوڪ طلحه، زبير، سعد يعلي رضي الله عنهم وغيره به پاڻ وٽ زمين رکڻ شروع ڪري ڏني.
    هيءَ ابتدائي صورت اهڙي نه هئي جنهن مان ڪنهن جي حق تلفي ٿيندي هجي يا عام ڀلائي ۽ مفاد عامه جي لتاڙ جو خطرو هجي. پر جيئن ته جنهن مقصد خاطر حضرت عمر ؐ منع جو قانون نافذ ڪيو هو، تنهن مقصد جي فوت ٿيڻ جو بنياد پئجي رهيو هو جيڪو اڄ نه ته سڀاڻ انهيءَ جماعت جي زندگيءَ جي بنيادن کي لوڏن ۾ وجھڻ وارو هو. انهيءَ ڪري ئي مؤرخ انهيءَ تبديليءَ کي وڏي اهميت جي نظر سان ڏسن ٿا.
    3. پوءِ جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز خليفو ٿيو ته هن حضرت عمر ؐ جي مٿي ذڪر ڪيل قانون کي ٻيهر نافذ ڪيو ۽ سندن نقش قدم تي ٻيهر هلڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ڪري ئي علامه طنطاوي ؓ چوي ٿو:
    اهو قانون هيءُ هو ته:
    1. و ايد هذه القاعدة عمر بن عبدالعزيز و کان يتحدي ابن الخطاب بکل خطواته (نظام العالم والامم)
    ”اعلان ڪرايو ته جيڪو ذمي (غير مسلم) اسلام قبول ڪري وٺي، ان جي جان ۽ منقوله ملڪيت محفوظ رهنديون، پر ان جي غير منقوله ملڪيت مسلمانن جي لاءِ الله جي ”في“ ٿي ويندي.“
    2. وايما قوم صالحوا علي جزية يعطونها فمن اسلم منهم کانت داره واؐ لبقيتهم
    ”۽ جن ماڻهن سان ڪو معاهدو ٿي چڪو آهي سي جيڪڏهن اسلام قبول ڪري وٺن ته غير منقوله مال ملڪيت انهيءَ قوم جي ٻين ماڻهن ۾ ورهايو ويندو.“
    اهي ڪجھه اهڙا مثال آهن جن مان هڪ پاسي مسلم جماعت جي طرز زندگيءَ جي خبر پئي ٿي ته ٻئي پاسي اها حقيقت چٽي ٿي وڃي ٿي ته اسلامي نظام حيات پنهنجي مڃيندڙن کان ڪيتري بلند اخلاق ۽ قرباني جو مطالبو ڪري ٿو ۽ نه مڃيندڙن سان ڪيترو انصاف ڀريو سلوڪ اختيار ڪري ٿو.
    اڄ به دنيا جي مهذب قومن اندر پنهنجي پارٽي وارن سان رعايت جائز سمجھي ويندي آهي ۽ پارٽي انهيءَ لاءِ ئي اقتدار حاصل ڪندي آهي ته جيئن اها ٻين جو رت چوسي پاڻ عيش ڪري سگھي. انهيءَ جي برخلاف اسلامي حڪومت ۾ مسلمان ٿي ڪري ڪنهن جو ناجائز طريقي سان مال کائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر الٽو ان جو سندو مال ۽ ملڪيت غير مسلمانن کي ورهائي ڏيڻ جو حڪم آهي.

    سنڌيڪار: احمدالدين شر


    اسلام ۽ معاشي برابري : علامه محمد غزالي رح

    بيشڪ اسلام هڪ اهڙو دين آهي جيڪو فرد تي ڪجهه شرط لاڳو ڪري کيس جائز طريقي سان ملڪيت رکڻ جو حق ڏئي ٿو. ارشاد باري تعالى آهي:
    أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مِمَّا عَمِلَتْ أَيْدِينَا أَنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مَالِكُونَ () وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوبُهُمْ وَمِنْهَا يَأْكُلُونَ () وَلَهُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ ()
    ﴿یٰس: ۷۳-۷۱﴾
    ”اهي نٿا ڏسن ڇا ته جيڪي جيڪي اسان جي هٿن بنايو آهي تنهن مان هڪڙي (نعمت) هيءَ آهي ته اسان هنن لاءِ ڍور ڍڳا خلقيا آهن، جن جا هو مالڪ بنيا ويٺا آهن؟ ۽ اسان انهن ڍورن کي سندن تابع ڪري ڏنو آهي، سو انهن مان ڪن تي سواري ڪن ٿا ۽ ڪن (جي گوشت وغيره) کي کائن ٿا. ۽ انهن مان هنن لاءِ ٻيا به فائدا آهن ۽ پڻ پيئڻ جون شيون (کير، لسي وغيره) پوءِ به هو شڪر نٿا ڪن.“
    ان سان گڏوگڏ اسلام آسودن کي اتساھ ڏئي ٿو ته اهي الله تعالى وٽان مليل نعمت ۾ ٻين حقدارن کي به ڀائيوار ڪن.
    وَآتُوهُمْ مِنْ مَالِ اللَّهِ الَّذِي آتَاكُمْ ۚ﴿النور: ۳۳﴾
    ”۽ جيڪو مال الله تعالى اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان انهن (مسڪينن حقدارن) کي به ڪجھه ڏيو.“
    اسلام هي به سمجھائي ٿو ته مال اهڙن بيوقوفن جي حوالي به نه ڪريو جيڪي ان کي بي جا استعمال ڪري اجايو وڃائي ڇڏين. فرمايو ويو:
    وَلَا تُؤْتُوا السُّفَهَاءَ أَمْوَالَكُمُ الَّتِي جَعَلَ اللَّهُ لَكُمْ قِيَامًا
    ”اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعالى اوهان جي گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجھه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو.“
    الله تعالى مؤمنن کي هيءُ به حڪم ڪري ٿو ته هو حرام روزي کان پاڻ کي بچائين ۽ ڦر مار نه ڪن ۽ پنهنجي ڏيتي ليتي هڪ ٻئي جي رضامندي سان ڪن؛
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَأْكُلُوا أَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ إِلَّا أَنْ تَكُونَ تِجَارَةً عَنْ تَرَاضٍ مِنْكُمْ وَلَا تَقْتُلُوا أَنْفُسَكُمْ إِنَّ اللَّهَ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا ﴿النساء: ٢٩﴾
    ”اي ايمان وارؤ! هڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائي کپائي ڇڏيو. پر جيڪڏهن گڏيل ڌنڌو واپار هجي ته پوءِ هڪ ٻئي جي رضامندي سان (مناسب طور) کائي سگھو ٿا.“
    اسلام ملڪيت جي محدود حقن ڏيڻ سان گڏوگڏ دولت جي بيجا استعمال کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ به ڪجھه پابنديون لاڳو ڪيون آهن. ان جي برخلاف ڪميونزم ذاتي ملڪيت کي مڙني معاشرتي ڏاڍاين جو ذميوار قرار ڏئي ٿو ۽ انهيءَ ئي بنياد تي الحاد (بي ديني) جو علمبردار آهي.
    هڪ مؤمن وحي الاهي جي انڪار کي رد ڪري ٿو. هو پوري طرح سان ذاتي ملڪيت جو احترام ڪري ٿو ۽ رشوت، ڦرمار ۽ ناجائز حق تلفي جي وسيلي حاصل ڪيل مال کان پاڻ بچائي ٿو. پر ان جي باوجود ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي اسلام جا وڏا دعويدار سڏائن ٿا . . . پوءِ الله ئي بهتر ٿو ڄاڻي ته سندن دلين ۾ ڇا لڪل آهي . . . ۽ الله تعالى طرفان امانت ڪيل مال کي بي ڊپائي سان رڙڪي وڃن ٿا. عام زندگيءَ جي ڪماين ۾ نه ڪو خيال ڪن ٿا ته ان کي ڪٿان ٿا حاصل ڪن ۽ نه وري ڪو لحاظ ڪن ٿا ته ڪيترن ڪمزورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ويٺا آهن. هوڏانهن وري گڏوگڏ اها به دعوى پيا ڪندا آهن ته پاڻ ڪميونزم جا مخالف آهن، ڇو جو اهو اسلام دشمن نظريو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اهڙن ماڻهن جو رويو ئي غريبن ۽ پورهيتن کي باغي بنائڻ ۽ معاشري کي ڪميونزم تائين پهچائڻ جو وسيلو هوندو آهي. اهي ماڻهو پاڻ کي جنهن دين جو علمبردار سڏائن ٿا، ان جو سندن ڪردار ۽ طرز عمل سان پري جو به واسطو نه آهي.
    قرآن مجيد ۾ صاف صاف فرمايو ويو آهي ته اسان ان ڳالهه کان انڪاري آهيون ته اسلام جو عظيم پيغام ٿورڙن عيش پرست ماڻهن جي جاگير ٿي پوي؛
    وَنُرِيدُ أَنْ نَمُنَّ عَلَى الَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا فِي الْأَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ أَئِمَّةً وَنَجْعَلَهُمُ الْوَارِثِينَ
    ﴿القصص: ٥﴾
    ”۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جو امام ڪيون ۽ کين وارث ڪيون. ۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون.“
    معيشيت کي سياست کان الڳ ڪرڻ هڪ ڏکي ڳالهه آهي. توهان جتي به سياسي ابتري ڏسندؤ، اتي ناجائز دولت، اقتدار جو بي انتها غلط استعمال، ڦر مار، حق تلفي ۽ پنهنجا نوازڻ جهڙيون بڇڙايون توهان کي نظر اينديون.
    نفعي جي پاڪائي، معاشري جي بهتري لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. جيڪا ملڪيت ٻين جا حق ڦٻائي ناجائز طريقي سان گڏ ڪئي وئي هجي، ان کي ضبط ڪري اصل مستحقن کي ڏئي ڪري انهن جي معيشيت بحال ڪرڻ سان ئي هڪ مضبوط ۽ متوازن معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو. ڦر مار، ٺڳي ۽ ذخيري اندوزي جي حرمت اسلام ۾ موجود آهي ۽ انهن طريقن سان ڪمايل مال باطل آهي جيڪو اسلامي رياست کي ضبط ڪرڻ گهرجي. ٿورڙن بڇڙن ماڻهن جي غلط ڪارين سان اسلام جو ڪو واسطو نه آهي.
    حلال طريقي سان ڪمايل مال ۾ به ڪيترائي حق لاڳو ٿين ٿا، جن مان سڀ کان اهم ۽ پهريون حق آهي زڪوات. ان جو مقصد غريبن جي مشڪلاتن کي مٽائڻ ۽ انهن کي مالي طور پاڻڀرو بنائڻ آهي. حديث ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن محتاج کي اهڙي ڏاچي ڏئي جنهن جي ٻن ويلن جو کير سندس گھرج کي پورو ڪري ته اهڙي ماڻهو جي لاءِ الله تعالى وٽ وڏو اجر آهي.
    زڪوات جي هيءَ صورت به غلط سمجھي وئي آهي ته ڪنهن ضرورتمند کي فقط ايترو ڏنو وڃي جو رڳو ان ڏينهن جي ئي سندس ضرورت پوري ٿئي ۽ اڳلي ڏينهن هو وري لاچاري جي حالت ۾ هجي. اسلام مال منجھان ”الله جو حق“ ڪڍڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي ۽ حڪومت کي پابند بنايو آهي ته اها هر هڪ ضرورتمند کي ڏيڻ جو جو پورو پورو بندوبست رکي. هر ماڻهوءَ کي زڪوات مان ڪيترو ڏنو وڃي، ان لاءِ امام غزالي رحه، مالڪي، حنبلي ۽ ڪجھه شافعي عالمن جي راءِ هيءَ آهي ته ضرورتمندن کي ايترو ڏنو وڃي جو پوري سال جو خرچ نڪري وڃي پوءِ ڀلي ڇونه نصاب کان وڌيڪ ئي ڏيڻو پوي. جڏهن ته امام شافعي پنهنجي ڪتاب ”الام“ ۾، ۽ اهڙي طرح سندس ٻين ڪيترن ئي ساٿين جي راءِ آهي ته محتاجن کي زڪوات مان ايترو حصو ڏنو وڃي جو هنن کي باقي سڄي ڄمار وري زڪوات وٺڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
    حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دور خلافت ۾ روزانو پڙهو ڏنو ويندو هو ته قرضدار ۽ شادي جو ارادو رکندڙ (جن وٽ مهر لاءِ پئسا نه آهن) ڪٿي آهن؟ پوءِ اهڙن ماڻهن جي بيت المال مان مدد ڪئي ويندي هئي.
    اسلام هڪ فطري دين آهي، جيڪو چوري کان روڪي ٿو پر گڏوگڏ ماڻهن جي ڪفالت جو به حڪم ڪري ٿو. زنا جي خلاف آهي ۽ ماڻهن جي شاديءَ لاءِ حوصله افزائي ڪري ٿو. ان جو مالي هدايتون اهڙيون ته بي مثال آهن جي سڀني معاشرتي خرابين کي دفن ڪري ڇڏين ٿيون.
    زڪوات جي حد ڀلي ڪيتري به ڦهليل هجي پر ان کان لنوائڻ ۽ ڪيٻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ۽ صحت مند ماڻهن کي گھرجي ته پنهنجي لاءِ محنت سان روزي ڪمائين. ڇو ته محنت ئي دولت ڪمائڻ جو بهترين وسيلو آهي. حڪومت کي گھرجي ته بي روزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري قوت استعمال ڪري ملڪ جي هر ماڻهوءَ کي روزي سان لڳائي.
    هتي قابل غور سوال هي آهي ته آخر ڇا سبب آهي جو مسلمانن جي مقابلي ۾ ٻيون قومون وڌيڪ محنت ڪندڙ ۽ مختلف هنرن ۾ مهارت رکن ٿيون؟ انجو سبب هيءُ ٿو معلوم ٿئي ته قدامت پرستي ۽ جاهليت جون ريتون رسمون اسلامي تعليمات ۽ مسلمانن جي رسم و رواج ۾ داخل ٿي ويون آهن، جنهن ڪري اسان جي اندروني قوت ۽ چرپر رڪجي وئي آهي ۽ ٻيون قومون تيزي سان ترقي ڪندي اسان کان اڳتي نڪري ويون آهن. دور جاهليت جي ماڻهن جو ته حال به هيءُ هو ته هو زراعت ۽ ڪنهن ڌنڌي ڪرڻ ۾ عار سمجھندا هئا. پنهنجي خانداني حسب نسب تي فخر ۽ وڏائي ڪرڻ هنن جو مَرڪ هو.
    هاڻي ضروت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ اهڙو جديد اسلامي معاشرو قائم ڪيو وڃي جنهن جو بنياد الله تعالى جا مقرر ڪيل قانون هجن؛
    اعْمَلُوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُمْ (التوبة: ١٠٥)
    ”عمل ڪندا رهو، الله (تعالى) ڏسندو ته اوهان جا عمل ڪهڙا آهن.“
    عياش ۽ نڪمو ٿي رهڻ وارن جي جاءِ جهنم ئي ٿي سگھي ٿي. اسلام ۾ ناجائز طريقي سان مال ڦٻائڻ ڦرمار ۽ مفت خوري کي روڪڻ لاءِ وياج کي حرام ڪيو ويو آهي ۽ ڀائيواري جي بنياد تي واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ همٿايو ويو آهي. اسان کي گھرجي ته ان ڳالهه کي سمجھون ته مال دولت اصل ۾ انسان جي خدمت لاءِ خلقي وئي آهي، نڪي انسان ان جي خدمت لاءِ.

    سنڌيڪار: احمدالدين شر بلوچ


    ايمان جو صحيح تصور ڇا آهي؟ : علامه محمد غزالي رحه

    ايمان ان عام سوچ کان گھڻو اتم ۽ اعلى آهي، جيڪا عوام ۾ مشهور آهي. ايمان ڪنهن ماڻهوءَ بابت راءِ ڏيڻ، ڪنهن مسئلي بابت فتوى جاري ڪرڻ، ڪنهن فلسفي کي مڃڻ يا ڪنهن نفسياتي رنگ ۾ رڱجڻ جو نالو نه آهي، پر هي ته هڪ گنڀير تعلق جو نالو آهي جيڪو انسان کي سندس ظاهر کان وٺي دل جي اونهائين تائين خالق ڪائنات سان ڳنڍي ٿو ڇڏي. ان مالڪ سان ناتو جوڙي ٿو جنهن کيس وجود عطا ڪيو ۽ ان جي پالنا ۽ پرگھور جو به هڪ مضبوط انتظام ڪري کيس اجايو بکن ۾ مري کَپي وڃڻ کان بچائي ورتو.
    جهڙيءَ طرح جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار سان لڳڻ کان پوءِ هڪ طرف پنهنجي وقت جو پورو پورو استعمال ڪندو آهي ۽ ٻئي طرف پنهنجي حال ۽ مستقبل کي به سنواريندو ۽ محفوظ ڪندو آهي؛ اهڙيءَ ئي طرح جڏهن انسان ايمان جي پِڙَ ۾ داخل ٿيندو آهي ته ڄڻ هو پنهنجي نئين ذميدارين ۾ داخل ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن کي ڪاميابي سان نڀائڻ جا وسيلا اختيار ڪري وٺندو آهي. قرآن مجيد چِٽيءَ طرح سمجھايو آهي ته خدائي دعوت جي سَڏَ کان پهريان ماڻهو جهڙوڪر مُردا هوندا آهن. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهن رسولن جي فرمانبرداري ڪن ٿا ۽ سندن نقشِ قدم تي هلن ٿا ته سندن دلين ۾ خدا رخي فڪر۽ نظريو جنم وٺي ٿو ۽ پوءِ هو اعلى اخلاق ۽ ڪردار جو نمونو بنجي پون ٿا ۽ هنن جي اندر هڪ اعلى زندگيءَ جو ڄڻ ته نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو.
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اسْتَجِيبُوا لِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ إِذَا دَعَاكُمْ لِمَا يُحْيِيكُمْ ﴿الأنفال: ٢٤﴾
    ”اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس رسول جو سڏ ورنائيو جڏهن هو اوهان کي (الله تعالى جي فرمانبرداري يعني انفاق في سبيل الله يا جهاد لاءِ) سڏي انهيءَ لاءِ ته اوهان کي (روحاني موت جي حالت مان ڪڍي) زندهه ڪري ڇڏي.“
    زندگي رڳو ماسَ ۽ رتُ ۾ واڌاري جو نالو نه آهي ۽ نه ئي وري جسم جي عضون ۾ چرپر جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح جي زندگي ته جانور به گذارين ٿا ۽ شايد انهن خاصيتن ۾ انسانن کان به وڌيڪ سگھارا آهن. حقيقت ۾ زندگي ته انسان جي انهيءَ ڳانڍاپي جو نالو آهي جيڪو الله تعالى کي سڃاڻڻ کان پوءِ ساڻس قائم ٿئي ٿو جنهن جو ظاهري اظهار زباني اقرار آهي ۽ اندروني اظهار سندس حڪمن جي اڳيان جهڪي وڃڻ آهي. اهڙن ماڻهن جو پنهنجي مالڪ جي اڳيان اظهار هي هوندو آهي ته:
    رَبَّنَا إِنَّنَا سَمِعْنَا مُنَادِيًا يُنَادِي لِلْإِيمَانِ أَنْ آمِنُوا بِرَبِّكُمْ فَآمَنَّا ﴿آل‌عمران: ١٩٣﴾
    ”اي اسان جا پروردگار! اسان سڏ ڪندڙ (رسول ﷺ) جو سڏ ٻڌو جو ايمان جي طرف سڏي رهيو هو. هو چئي رهيو هو ته (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو. پوءِ اسان (سندس سڏ ٻڌو ۽) ايمان آندو.“
    هائو، انهيءَ قول قرارکان پوءِ مؤمن ڄڻ ته هڪ نئين دنيا ۾ گهڙي پوي ٿو جتي هو صرف پنهنجي مالڪ الله تعالى جي اڳيان گوڏا کوڙي ٿو ۽ ان جي ئي مرضي مطابق حياتيءَ جا پهر پورا ڪري ٿو. پنهنجي ڏيتي ۽ ليتي، پيار ۽ ڌِڪار، سُڪار ۽ ڏُڪار، سُک ۽ ڏُک، صلح ۽ لڙائي؛ مطلب ته هر حال ۾ هو پنهنجي پالڻهار سان ويجھڙائپ جي ڳولا ۽ ان وٽان تڙجي وڃڻ جي خوف کان هو پوري جو پورو سندس فرمانبردار رهي ٿو. اهو ايمان انسان ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. پنهنجي خالق ۽ مالڪ حقيقي جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ ان کان غافل شخص جي وچ ۾ ايترو ئي سنڌو آهي جيترو روشن ڏينهن ۽ اونداهي رات ۾! پنهنجي پالڻهار کان بي خبر انسان مادي ساز و سامان جي لحاظ کان ڀلي کڻي ڪيترو ئي سگھارو ڇونه ٿي وڃي، پر ان جي حيثيت هڪ ڍور کان وڌيڪ نه آهي. ٿي سگھي ٿو ته هو ڪن ڳالهين ۾ هوشيار به هجي پر پنهنجي مالڪ حقيقي کان بي خبري هن کي اونداهين جي اونهائين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندي جيڪا کيس ناڪام ۽ نامراد بنائي ڇڏيندي. بيشڪ اهڙو ماڻهو زندهه لاش آهي!
    أَوَمَنْ كَانَ مَيْتًا فَأَحْيَيْنَاهُ وَجَعَلْنَا لَهُ نُورًا يَمْشِي بِهٖ فِي النَّاسِ كَمَنْ مَثَلُهُ فِي الظُّلُمَاتِ لَيْسَ بِخَارِجٍ مِنْهَا كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْكَافِرِينَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ﴿الأنعام: ١٢٢﴾
    ”پوءِ ڇا اهو ماڻهو جو مئل هئو ۽ اسان ان کي جيئرو ڪيو، ۽ اسان هن جي لاءِ نور ٺهرايو جنهن جي روشنيءَ سان ماڻهن ۾ گھمي ڦري، سو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو ٿي سگھي ٿو ڇا جو اونداهين ۾ غلطان آهي ۽ انهن مان ٻاهر نڪرڻ جي واهه ئي ڪانهيس؟ ائين ڪافرن جي نظر ۾ اهي ڳالهيون سهڻيون ۽ چڱيون لڳن ٿيون جيڪي هو ڪندا رهن ٿا.“
    ايمان واري زندگيءَ ۾ ڦٽندڙ روشني ضمير جي اها روشني هوندي آهي جيڪا انسان اندر نيڪي ۽ بدي، گناهه ۽ ثواب وغيره وچ ۾ سنڌو ۽ سڃاڻپ ڪرائيندي آهي. انهيءَ ئي سبب ڪري ايمان هڪ احترام لائق شيءِ آهي.
    صرف الله تعالى کان بي تعلق ماڻهو ئي دنيا جي رنگينين ۾ ڀنڀلجي وڃي ٿو ۽ موقعو ملندي ئي گناهن جي گندگي ۾ ٽپي پوي ٿو. جڏهن ته مالڪ حقيقيءَ سان ناتو نڀائيندڙ ماڻهو پنهنجي اندر عدل ۽ انصاف، طهارت ۽ پاڪيزگي کي اعلى درجي تي رسائڻ جي لاءِ هر وقت جاکوڙيندو رهندو آهي. پوري زمين تي برڪت ۽ معاشري ۾ سُک ۽ سلامتي انهيءَ ايمان جي ڇانوَ ۾ ئي اُبڙن ۽ وڌن ويجھن ٿا. نبي ڪريم ﷺ جن دلين اندر ايمان جي تاثير جي تشبيهه زمين تي پوندڙ پاڻيءَ جي اثر سان ڏني آهي:
    ”الله تعالى مونکي جيڪو علم ۽ هدايت ڏئي موڪليو آهي تنهن جو مثال زمين تي جھجھي مقدار ۾ پوندڙ وڏ ڦڙي مينهن وارو آهي، پوءِ جيڪا زمين ڀلي هوندي سا ئي پاڻي کي چوسي سائي ٿي پوندي.“
    کري ۽ کوٽي ايمان ۾ اهوئي فرق آهي ته کرو ايمان ڄڻ ماڻهوءَ ۾ نئون روح ڦوڪي ٿو ۽ هو هڪ مثالي زندگي بسر ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن ته کوٽو ايمان زندگيءَ تي ڪوبه اثر نٿو ڇڏي. کرو ايمان انسان کي پنهنجي مالڪ حقيقي جو فرمانبردار ۽ کوٽو ايمان کيس فقط پنهنجي نفس جو غلام بڻائي ڇڏي ٿو. حقيقت ته هيءَ آهي ته ايمان جي سار سنڀال سون ۽ چاندي جي ڍير کان به وڌيڪ سڦلائتي آهي.
    اڄ ڪلهه انسان جي دلين ۾ شخصيت پرستي ۽ راڄ پرستي گھر ڪري وئي آهي جيڪا هڪ قسم جي رياڪاري آهي؛ جنهن جي ڪري عمل چَٽُ ۽ دل مرده ٿي وڃي ٿي. ان جو هڪڙو ئي علاج آهي ۽ اهو هي آهي ته انسان پنهنجي سڀني عملن جو مرڪز الله تعالى جي خوشنودي کي بڻائي.
    حضرت جنيد بغدادي رح جو فرمان آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ حضرت آدمؑ واري ڪفايت شعاري، حضرت عيسى ؑ واري پرهيزگاري، حضرت ايوب ؑ وارو صبر، حضرت يحيى ؑ واري فرمانبرداري، حضرت ادريس ؑ وارو استقلال، حضرت ابراهيم ؑ واري محبت ۽ حضرت محمد ﷺ وارا اخلاق هجن ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن سندس دل ۾ غير الله جي لاءِ تِرَ جيتري به جڳهه آهي، ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جي اهڙين خصلتن جي الله تعالى کي ڪابه پرواهه نه آهي.“ انهيءَ ڪري ڏيکاءَ واري هر عبادت ايمان ۽ ثواب لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. ڇو ته مينهن جو پاڻي هميشھ ڀلي زمين کي ئي فائدو ڏيندو آهي. پر جيڪڏهن اهو ئي مينهن ڪنهن پٿر تي پوندو ته فقط ان جي سختي کي ئي وائکو ڪندو.
    زندگي کي سنواريندڙ ايمان جي خاص نشاني ئي اها آهي ته ان سان انسان جو پنهنجي پالڻهار سان سچائي ۽ محبت جو گهرو تعلق پيدا ٿي وڃي. ايمان انساني سوچ ۽ جذبن جو رخ موڙي ڇڏي ٿو ۽ فيصلي جي بي پناهه قوت پيدا ڪري ٿو.
    توحيد اها ناهي ته اسان فقط پٿرن جي تراشيل بتن کي نه مڃيو، باقي ڌن دولت، شان شوڪت، زال، اولاد ۽ حاڪمن کي پنهنجو معبود بنائي پنهنجي جزوي يا سڀني جذبن ۽ احساسن جو رخ انهن ڏانهن موڙي ڇڏيون. ظاهري ۽ ڳجھي طرح جا سڀئي جتن انهن کي ئي راضي ڪرڻ لاءِ هجن ۽ باقي ٿورڙين ڳالهين ۾ الله جا ٿي رهون. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گمان ۾ ته الله تعالى سان وڏو گهرو تعلق رکندڙ هوندا آهن، پر سندن رهڻي ڪهڻي ۾ ان جو ڪو خاص اثر محسوس ناهي ٿيندو. ٻيڙي ڪڏهن به سڪيءَ تي ناهي ترندي! صحيح ايمان ۽ توحيد جو اثر انسان جي دل جي ڌڙڪڻ، مقصد، انتظام، رهڻي ڪهڻي ۽ معاشي ڀڄ ڊُڪ تي اهڙيءَ طرح پوڻ گھرجي جو سڀني سرگرمين جو رخ الله تعالى جي فرمانبرداري ۽ سندس راضپو ڳولڻ ڏانهن مُڙي وڃي.
    غور ڪري ڏسبو ته اسلام جا سڀئي رڪن انهيءَ حقيقتن سان ئي تعلق رکن ٿا. مثال طور نماز ۽ روزو ايمان جا اهي رُڪنَ آهن، جيڪي انسان جي فقط پنهنجي ذات سان تعلق رکن ٿا؛ تنهن ڪري هر ماڻهو انهن جي ادائگي جي لاءِ فقط پنهنجي لاءِ جوابده آهي. انهن ارڪانن کي ادا ڪرڻ سان پاڪائي ۽ اخلاص ۾ واڌارو ٿئي ٿو. پر ان سان گڏ ان جو اثر معاشري تي به پوڻ گھرجي. وري ٻيو مثال وٺو؛ الله جي راهه ۾ جهاد ۽ ان جي حڪمن مطابق انصاف سان فيصلا نبيرڻ لاءِ فردن سان گڏوگڏ پورو معاشرو ذميدار آهي. ڇو ته انهن معاملن کي سڄو معاشرو ئي نبيري سگھي ٿو. اسلام جتي دل ۾ الله تعالى جي هيڪڙائيءَ ۽ سندس اڳيان پنهنجي سڀني عملن جي جوابدهي جو يقين پيدا ڪري انسان جي عمل ۽ ڪردار کي سنواري ٿو، اتي وسيلن جي باري ۾ به رهنمائي ڪري ٿو ته جيئن دولت کي معاشرو سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو ذريعو بنايو وڃي.
    حافظ بيهقي حلال روزي ڪمائڻ کي به ايمان جو هڪ شعبو ٻڌائي ٿو. ڇو ته حديث ۾ اچي ٿو: ”اي ماڻهؤ! الله تعالى پاڪ آهي ۽ صرف پاڪ شيون ئي قبول ڪري ٿو.“ اهو ئي سبب آهي جو الله تعالى ايمان وارن کي به اهو ساڳيو ئي حڪم ڏئي ٿو جيڪو حڪم پنهنجي رسولن کي ڏنائين:
    يَا أَيُّهَا الرُّسُلُ كُلُوا مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا إِنِّي بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ
    ﴿المؤمنون: ٥١﴾
    ”اي پيغمبرؤ! پاڪ شيون کائو ۽ چڱا عمل ڪيو، توهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي مون کان ڳجھا ناهن.“
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُلُوا مِنْ طَيِّبَاتِ مَا رَزَقْنَاكُمْ ﴿البقرة: ١٧٢﴾
    ”اي ايمان وارؤ! سڀ پاڪ شيون کائو جي الله تعالى توهان جي کائڻ لاءِ پيدا ڪيون آهن.“
    حلال روزي جي اهميت جو اندازو انهيءَ ڳالهه منجھان لڳائي سگھجي ٿو جو هڪ دفعي نبي ڪريم ﷺ جن هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو مثال ڏيندي فرمايو جيڪو هڪ ڊگھي سفر ۾ نڪتل هجي ۽ نهايت ئي حيراني ۽ پريشاني جي حال ۾ آسمان ڏانهن هٿڙا کڻي ”يا رب، يا رب!“ پڪاريندو هجي ۽ ان جي دعا قبول نه ڪئي وڃي ڇو ته ان جو کاڌو، پيتو، ۽ لباس حرام آهي ۽ پرورش به حرام آمدني تي ٿي آهي. (حديث ۾ اچي ٿو ته الله تعالى مسافر جي دعا کي رد ناهي ڪندو. پر هتي هڪ اهڙي مسافر جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جيڪو مسافر هجڻ سان گڏوگڏ پريشان حال به آهي پر پوءِ به سندس حرام ڪمائي ۽ پرورش جي سبب دعا قبول نٿي ڪئي وڃي – مترجم)
    مٿين آيتن ۽ حديثن ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ سبق آهي جن ڌن ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي پنهنجو مقصد بنائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ۽ حرام خوري جي ڪري الله تعالى جي رحمت کان محروم ٿي ويا آهن.
    ايمان اسان کان انهيءَ ڳالهه جو به مطالبو ڪري ٿو ته پنهنجن اخلاقن ۽ ڪردار کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ جو به الڪو رکون. ڇو ته هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته: ”توهان ۾ سڀني کان ڀلو اهو آهي جنهن جا اخلاق ڀلا آهن.“

    (علامه محمد غزالي رح جي ڪتاب ”اسلام ڪي باري مين 100 سوال“ تان ورتل)


    دنيا ۽ آخرت جو اسلامي نظريو : علامه محمد غزالي رح

    آخرت هڪ اهڙي حقيقت جو نالو آهي، جنهن کان ڪوبه عقلمند ماڻهو غافل نٿو رهي سگھي. پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته ماڻهو دنيا کان ئي بيگانو ٿي وڃي. هيءَ ڳالهه بلڪل ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي ايندڙ وقت لاءِ ڪو منصوبو جوڙي ۽ ان جي تياري اڄ کان ئي شروع ڪري ڇڏي. پر اهڙي ماڻهو کي بيوقوف سڏيو ويندو جيڪو پنهنجي ايندڙ وقت جي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ پنهنجي موجوده حالتن ۽ ضرورتن کان غافل ۽ بيگانو ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾ نه پنهنجو حال سڌاري سگھي ۽ نه ئي مستقبل.
    دعوت ۽ سکيا جي ميدان ۾ ڪي ماڻهو بيان ڪيل مٿئين حقيقت کي ذهن ۾ ناهن رکندا، جنهن ڪري سڌاري جي بدران بگاڙ پيدا ٿي ويندو آهي. ماڻهو اهو سمجھڻ لڳندا آهن ته دين، دنيا جو دشمن آهي ۽ هي به سمجهندا آهن ته تزڪيو ۽ قرب الاهي تيستائين حاصل ٿي نه ٿو سگھي جيستائين مفلسي ۽ سڃائي وڪوڙي نه وڃي. انهن ماڻهن جو وطيرو اهو هوندو آهي جو زندگي جي حقيقتن، مادي قانون ۽ ڪائنات جي اندر الله تعالى جي سنت کان بي خبر رهي ڪري صرف تقدير تي ڀاڙي زندگي کي ڪل حاصلات سمجھندا آهن. اهڙي سوچ جو نتيجو اهو نڪتو جو انساني شعور بگاڙ جو شڪار ٿي ويو ۽ مسلمانن جي اندر اهڙا نسل پيدا ٿي پيا جيڪي نه دين جي حقيقت کي سمجھي سگھيا ۽ نه دنيا ۾ ڪو فائدو حاصل ڪري سگھيا. اهڙي طرح مسلمانن جي تباهي ۽ بربادي ۾ ٻين ڪوتاهين سان گڏ دين ۽ دنيا متعلق سمجھه جي کوٽ به هڪ وڏو سبب رهيو آهي.
    بيشڪ دين ۾ آخرت، بهشت ۽ دوزخ بابت سڀئي ڳالهيون وضاحت سان موجود آهن، پر انهن سڀني ڳالهين جو مقصد انسان کي صحيح رستي تي هلائڻ، آخرت جي مقابلي ۾ دنيا کي اوليت ڏيڻ کان روڪڻ ۽ ان کي اڻ کٽ ۽ دائمي زندگيءَ جي تياري لاءِ هوشيار ڪرڻ آهي.
    دنيا کي سمجھڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ، دنيا ۾ لاچاري ۽ بيوسي واري زندگي گھارڻ، پنهنجي زندگيءَ جي مَهار ٻين جي هٿ ۾ ڏئي مجبوري ۽ محرومي واري زندگي گذاراڻ کي پاڪائي يا تقوى جو نالو نٿو ڏئي سگھجي. هن قسم جي سوچ ته بلڪل ٻاراڻي حرڪت چئبي جنهن سان دين ۽ ان جي بنيادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناقابل تلافي نقصان پهچي ٿو. سوال آهي ته آخر الله تعالى جي طرفان عطا ڪيل صلاحيتن کان ڪم نه وٺڻ ۽ بيوسي ۽ لاچاري واري زندگي اپنائڻ سان دين اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھجي ٿي؟
    عالمن جو چوڻ آهي ته ڪنهن عمل جي درستگي ۽ قبول پوڻ لاءِ سٺي سوچ ۽ ڀلائيءَ وارو طريقو اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ڀلائي وارو طريقو اختيار ڪرڻ جو هي مطلب آهي ته جيڪو عمل ڪيو وڃي سو روايت ۽ شعور جي مطابق هجي. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو کائڻ پيئڻ جي بدران ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان چُپ رهڻ جو روزو رکي يا رڪوع ۽ سجدي کان بغير نماز پڙهي ته سندس اهو عمل قبول نٿو ٿي سگھي ڇو ته اهو عمل شريعت جي خلاف آهي. اهڙيءَ طرح اڄوڪي دؤر ۾ ڪير ٽينڪ جو مقابلو لٺ سان يا هن ايٽمي دؤر ۾ گھوڙي تي ويهي جهاد ڪري ته سندس اهو عمل به قابل قبول ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو عمل شعور کان خالي آهي.
    مون هڪ نصيحت ڪندڙ کي ٻڌو جيڪو ماڻهن کي سورة التڪاثر جو تفسير ٻڌائيندي دنيا کان لا تعلقي جي لاءِ هدايت ڪري رهيو هو. مون کي خيال ٿيو ته اسان هن ڳالهه کي سمجھڻ ۾ ڪيڏي نه وڏي غلطي ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته هن سورة ۾ زندگيءَ جي هڪ خراب پاسي جو خبرداريءَ سان نقشو چٽيو ويو آهي. اڄوڪي دؤر ۾ مال ميڙڻ لاءِ هرڪو چرين وانگر پيو ڊوڙي ۽ ڊڪي، جنهن ڪري ماڻهو مال ملڪيت جي مناسب استعمال کان بي خبر ٿي ويا آهن ۽ يقيني طور تي هيءَ تمام ئي ڦٽڪار جوڳي ڳالهه آهي. ڇو ته مال دولت جي پوڄا ۾ لڳو رهڻ هڪ طرف انسان جي اخلاق ۽ ڪردار کي ڦٽائي ڇڏي ٿو ته ٻئي طرف کيس سندس ٻين ڪيترين ئي ذميدارين کان به غافل ڪري ٿو ڇڏي. مال دولت بابت وري الله تعالى قرآن پاڪ ۾ هن طرح به حڪم ڏئي ٿو:
    وَلَا تُؤْتُوا السُّفَهَاءَ أَمْوَالَكُمُ الَّتِي جَعَلَ اللّهُ لَكُمْ قِيَامًا وَارْزُقُوهُمْ فِيهَا وَاكْسُوهُمْ وَقُولُوا لَهُمْ قَوْلًا مَعْرُوفًا ﴿النساء: ٥﴾
    ”اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعالى اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي، سو بي سمجھه ماڻهن(يعني ننڍي عمرواران نادان ڇوڪرن) جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (جو متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) پر هيئن ڪريو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پياريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجھايو.“
    مطلب ته دنياوي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪوشش به ضروري آهي، ڇو ته مؤمن ٻانهو ان خوشحاليءَ جي ڪري پنهنجي ذميدارين کان بيگانو نٿو ٿئي پر اڃان به پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ان ملڪيت کان مدد حاصل ڪري ٿو. هن آيت جو مقصد به آخرت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي ۽ دنيا کان بيگانو ڪرڻ ناهي. مسڪيني، مفلسي ۽ لاچاري واري زندگي اپنائڻ سان نه اسلام جي ڪا خدمت ڪري سگھجي ٿي، نه ڪا ان کي طاقت ملي سگھي ٿي ۽ نه ئي وري ان جي سکيا يا تدريس ۾ ئي ڪا ترقي حاصل ٿي سگھي ٿي. اهو به ضروري آهي ته مال دولت جي گھڻائي جي ڪري بي ديني، نافرماني، آڪڙ يا وڏائي ۽ ڪنجوسيءَ واري واٽ هلڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پر اڃا به ڀلو ائين آهي ته اها مالي خوشحالي دين جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو خيال دل ۾ رکي جائز طريقن کي اپنائي ڪمائي وڃي.
    حاصل مطلب هي آهي ته دولت جو پوڄاري ٿي وڃڻ توڙي ڄاڻي ٻجھي تنگدست ۽ لاچار ٿي وڃڻ، اهي ٻئي ڦٽڪار جوڳا عمل آهن ۽ اهڙيءَ روش کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ڪي ماڻهو مالدار ٿي ڪري الله جا نافرمان ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي مفلس ٿي ڪري ذلت واري زندگي گھارڻ تي مجبور ٿين ٿا. پر هڪ مؤمن نه ته نافرمان ۽ نه ئي وري ذليل يا خوار ٿي سگھي. ڪيترا ئي مال ملڪيت وارا الله جا شڪرگذار ۽ ڪيترائي غريب عزت ۽ غيرت واري زندگي گذاريندڙ آهن!
    آخر هڪ مسلمان کي ان ڳالهه مان ڪهڙي هڙ حاصل جو هو دنيا کان لا تعلق ٿي وڃي ۽ ٻيو ڪو اچي ان تي ڏنڊو کوڙي ويهي رهي؟ اهڙي سوچ رهي ته پوءِ امت جي ترقيءَ جو قافلو ڪيئن اڳتي وڌي سگھندو؟ هي ڪيڏي نه ڀورڙائي ۽ بيوقوفي آهي جو ماڻهن کي سمجھايو وڃي ته حضرت عثمان ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوف رضي الله جهڙا مالدار، جن پنهنجو سڄو مال ملڪيت اسلام جي لاءِ بخشش (وقف) ڪري ڇڏيو، بهشت ۾ مفلس ۽ لاچار ماڻهن کان گھڻو پوءِ داخل ٿيندا؟
    ابن ڪثير پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ حيرت ۾ وجھندڙ اسرائيلي داستان بيان ڪيو آهي. قصو هن طرح آهي ته ٻن ماڻهن ڪنهن واپار ۾ ڀائيواري ڪئي، جن جي گڏيل موڙي اٺ هزار درهم هئي. انهن ۾ هڪڙو شريف ۽ نيڪ هئو ۽ ٻيو وري ڪمينو ۽ بد ڪردار ماڻهو هو. بد ڪار هڪ هنرمند جڏهن ته نيڪ ۽ شريف ماڻهو بي هنر هئو جنهن ڪري بد ڪار شخص بيزار ٿي ڀائيچارو ختم ڪري ڇڏيو. (اسان پڇون ٿا ته مؤمن ٻانهو آخر هنرمند ڇو نه ٿو ٿئي؟ هوڏانهن حديث ۾ اچي ٿو ته الله تعالى هنرمند مؤمن کي پسند ڪري ٿو.) خير، ٻئي ڄڻا پنهنجو پنهنجو حصو وٺي الڳ ٿي ويا.
    ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو جو بد ڪار ماڻهو پنهنجي حصي مان هڪ هزار دينار سان هڪ گھر خريد ڪيو ۽ نيڪ ماڻهوءَ وري هڪ هزار دينا صدقو ڪري ڇڏيا ته جيئن کيس بهشت ۾ گھر ملي. (اسان پڇون ٿا ته آخر هڪ نيڪ انسان کي هن دنيا ۾ پنهنجو گھر ڇو نه هجي؟) ٻئي هزار مان بدڪار ماڻهو شادي ڪئي ۽ نيڪ ماڻهو ٻيو هزار به صدقو ڪيو ته جيئن کيس بهشت ۾ حور ملي (اسان پڇون ٿا ته نيڪ ماڻهو دنيا ۾ شادي ڪري پاڻ کي ۽ هڪ عورت کي گناهه کان بچاءَ جو سامان ميسر ڪري ڏيڻ، ۽ پنهنجي زال تي خرچ ڪرڻ سان دنيا ۾ اڻ ڳڻيون نيڪيون ڇو نه ڪمائي؟) باقي رهيل ٻه هزار دينار مان بدڪار ماڻهو هڪ باغ خريد ڪيو (۽ هڪ پرآسائش زندگي گذارڻ لڳو) جڏهن ته نيڪو ڪار ماڻهو باقي ٻه هزار به صدقو ڪري ڇڏيا ۽ مفلسي ۽ لاچاري واري زندگي گذارڻ لڳو. اهڙي قسم جي خوش بياني ديني مقصدن ۽ زندگيءَ لاءِ تباهي آڻيندڙ آهي.
    مان رڳو اهو ٻڌائڻ ٿو گھران ته جهڙي طرح الله تعالى جي راهه ۾ مرڻ جو نالو جهاد آهي اهڙي طرح الله تعالى جي ٻڌايل سڌي واٽ تي زندگي گذارڻ به يقيناً جهاد ئي آهي. مال دولت جي ڪمائڻ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ دين جي مدد ڪرڻ ۾ به ناڪامي پلئه پوي ٿي. اها هڪ حقيقت آهي ته خرچ اهو ئي ڪري سگھندو جنهن وٽ ڪجھه هوندو. اهو ئي سبب آهي جو حديث ۾ اچي ٿو ته طاقتور مؤمن ڪمزور مؤمن کان ڀلو آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو:
    وَلَئِنْ أَذَقْنَا الْإِنْسَانَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَاهَا مِنْهُ إِنَّهُ لَيَئُوسٌ كَفُورٌ ﴿۹) وَلَئِنْ أَذَقْنَاهُ نَعْمَاءَ بَعْدَ ضَرَّاءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ السَّيِّئَاتُ عَنِّي إِنَّهُ لَفَرِحٌ فَخُورٌ (۱۰) إِلَّا الَّذِينَ صَبَرُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُولَٰئِكَ لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ (۱۱) ﴿هود﴾
    ”۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا ۽ پوءِ وري اها هٽائي ٿا ڇڏيون ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو، ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ته پوءِ چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون، حقيقت هيءَ آهي ته ان وقت انسان خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو. مگر جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جو اهو حال ناهي، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ تمام وڏو اجر به آهي.“
    مٿئين آيت مان چٽيءَ طرح خبر پوي ٿي ته جڏهن انسان جو حال اهو آهي جو آسودگيءَ وقت وڏائي ڪندڙ ۽ نافرمان، جڏهن ته سڃائيءَ جي وقت وري نا اميد ۽ دل شڪستو ٿي وڃي ٿو. هئڻ ته ائين گھرجي ته کيس ثابت قدم رهي پنهنجي ذميدارين کي وسارڻ نه گھرجي ۽ اها ئي روش هڪ مؤمن جو شان آهي. مؤمن جي سوچ اها ئي هوندي آهي ته الله تعالى جيڪا کيس آسودگي ڏني آهي سا رڳو هن اڪيلي جي لاءِ ناهي، پر ان ۾ انهن ماڻهن جو به حصو آهي جيڪي غريب، نادار ۽ پريشان حال آهن.
    فَأَمَّا الْإِنْسَانُ إِذَا مَا ابْتَلَاهُ رَبُّهُ فَأَكْرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَكْرَمَنِ (۱۵)وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ (۱۶)كَلَّا ۖ بَلْ لَا تُكْرِمُونَ الْيَتِيمَ (۱۷)
    وَلَا تَحَاضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ (۱۸)وَتَأْكُلُونَ التُّرَاثَ أَكْلًا لَمًّا (۱۹)
    وَتُحِبُّونَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا(۲۰) ﴿الفجر﴾
    ”انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني. ۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. ائين نه آهي پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي مسڪينن کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا. ۽ مئلن جو مال ميڙي سيڙي کائو ٿا. ۽ مال سان محبت رکو ٿا.“
    مطلب ته آسودگي ۽ مالداري به آزمائش ۽ غربت ۽ سڃائي به هڪ آزمائش آهي. هيءَ سوچ غلط آهي ته صرف آسودگي ۾ عزت ۽ آبرو ۽ سڃائي ۾ پريشاني ۽ ذلت آهي. ان ڳالهه جو دارو مدار ته نتيجي تي آهي. جيڪو ماڻهو سڃائي جي وقت پاڪائي ۽ قناعت اختيار ڪري ٿو سو الله تعالى وٽ ان ماڻهوءَ کان تمام گھڻو عزت ۽ مرتبي وارو آهي، جيڪو پنهنجي خوشحالي جي ڪري نافرمان آهي. وري جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي الله تعالى مال دولت ڏئي آسودو ڪيو آهي ۽ هو به پنهنجي گھر جا دروازا غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن لاءِ کولي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي پرگھور ۾ پنهنجي مال دولت خرچ ڪري ٿو يا جتي خرچ ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ته هو الله جي راهه ۾ اتي پٺتي نٿو هٽي ته اهڙو ماڻهو بيشڪ پنهنجي امتحان ۾ ڪامياب ۽ ڪاميابي جي ڊوڙ ۾ سوڀارو آهي. حديث جي اندر وٺڻ واري نه پر ڏيڻ واري هٿ کي ئي فضيلت ڀريو سڏيو ويو آهي.
    هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جنهن کي الله تعالى جھجھي مال ملڪيت سان نوازيو آهي، پوءِ هو ان (الله تعالى) جو حق ادا ڪرڻ وقت جنهن ماڻهوءَ کي ڏئي رهيو آهي، تنهن کي بي آبرو ۽ حقير سمجھي ٿو، ته اهو ماڻهو دين ۽ دنيا سان لاڳاپي بنسبت تمام ئي غلط سوچ ۾ ڦاٿل آهي. اهو هڪ اهڙي طرز فڪر آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مالدارن جي خلاف ڪدورت ۽ ڪيني جي باهه ڀڀڙ ڪري اٿي ٿي. ڪفر ۽ بي ديني جي رئي اڏامڻ لڳي ٿي ۽ پوءِ پوري انسانيت جو آئيندو داءَ تي لڳي وڃي ٿو. ڇا ڪميونزم به اهڙي ئي ماحول ۾ نه اسريو ۽ پکڙيو هو؟

    (علامه محمد غزالي جي ڪتاب: ”اسلام کے بارے میں 100 سوال“ تان ورتل)
    سنڌيڪار: احمدالدين شر


    فڪري قوت جي اهميت : مولانا سعيد احمد اڪبرآبادي 

    دنيا جي تاريخ ۾ اهو واقعو ڪيڏو نه حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عبرت جهڙو آهي ته ڪنهن زماني ۾ مسلمانن سوچ ۽ ويچار کان به مٿي ٽپي دنيا ۾ ايڏي وڏي ترقي ڪئي ۽ پنهنجن ڪارنامن جا نشان اهڙي طرح چٽيا جو دنيا جون قومون انهن جي عظمت ۽ بلندي جي سامهون جهڪي ويون ۽ مڃڻ لڳيون ته مسلمانن جي هن جماعت سان ملي وڃڻ ۾ اسان جي خوش قسمتي ليکي ويندي. پر اڄ صورتحال بدلجي وئي آهي، مسلمانن جي معاشرن ۾ غربت، بدحالي، جهالت ۽ غلامي جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن. سندن اتحاد ۽ يڪجهتي اختلاف ۽ انتشار جو شڪار آهي. انهن جي محفلن مان علم، شعور، غور ۽ ويچار موڪلائي ويو آهي، انهن مان ايجاد، تخليق، ٺاهڻ، آباد ڪرڻ ۽ سرسبز بڻائڻ جو سليقو ختم ٿي چڪو آهي ان بجاءِ، تقليد، غلامي آباء پرستي ۽ ماضي تي پڏڻ ۽ انهن هيروز جا ڪارناما ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ تائين پاڻ کي ڦاسايون ويٺا آهيون. جن تاريخ جي روشن دور جو آغاز ڪيو هو، اهي سياسي قوت ۽ قومن جي رهنمائي جي راز کان اڻ ڄاڻ مسلمان، هن وقت ڳاڻاٽي ۾ ته وڏو انگ بڻجي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جون واڳون سندن قبضي ۾ آهن پر علم، عمل، يقين، اخلاق، خوشحالي، آزادي ۽ خودمختاري کان پوري طرح محروم آهن بلڪ ان معاملي ۾ شديد بدنصيبيءَ جو شڪار آهن.
    تاريخ جو مطالعو ڪندڙ هڪ عام ماڻهو به ڄاڻي ٿو ته سرڪار رسالت مآب ﷺ جن جي وصال مبارڪ کان پوءِ جلد ئي مسلمان جزيرة العرب جي خطي کان ٻاهر نڪري دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڦهلجي ويا ۽ سخت مقابلن ۽ جنگين جي باوجود اهڙي طرح غالب ٿيندا ويا ۽ توحيد جا شمعدان، شرڪ جي انڌيرن کي پائمال ڪندا ويا. جو پهرين صدي هجري ۾ ئي مسلمانن اوڀر ۾ سنڌ ۽ ترڪستان تائين ۽ اولهه ۾ اندلس تائين اسلامي حڪومتون قائم ڪيون ۽ صدين کان غلامي ۾ ڦاٿل انسانن کي آزادي جي نعمت سان سرفراز ڪيو. نه فقط سياسي قوت ۽ طاقت جا مالڪ بڻيا پر اسلام جي فطري عادلانه ۽ اخلاقي تعليم جي بنياد تي انسانيت سازيءَ جو هڪ نئون ڪلچر وجود ۾ آيو ان کان پوءِ دنيا ۾ علم، فن، ايجاد، ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جو نئون رنگ انسانيت ڏٺو ۽ اهڙا عقل کي حيران ڪندڙ ڪارناما ظاهر ٿيندا ويا جو متعصب ۽ حسد رکندڙ تاريخدان به انهن واقعن کي مڃتا ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن. مگر... هاڻوڪي مسلمانن جي حالت ابتڙ ٿي چڪي آهي زندگي جي هر شعبي ۾ انهن تي بي بسي ۽ بي وسي ڇانيل آهي علم ۽ عمل جي هر ميدان ۾ هو پوئتي ٿيندا پيا وڃن. ڪٿي اڻڄاڻائپ ۽ ناداني آهي، ڪٿي دشمن قومن جي غلامي جو طوق پائڻ ۾ فخر محسوس ٿي رهيو آهي. پنهنجي شناخت ۽ سڃاڻپ ايتري قدر گم ٿي وئي آهي جو پهرين دور جي مسلمانن جو جانشين چوائڻ ۾ پنهنجو پاڻ تي کل پئي اچي.
    ايڏي وڏي تبديلي اچڻ کان پوءِ تاريخ جي فلسفي کي ڄاڻندڙ انسان يقيني طرح انهن سببن کي ڄاڻڻ جي تلاش ڪندو جنهن ڪري مسلمانن ۾ ايڏو وڏو ڦيرو اچي ويو. انهن سببن جي جاچڻ کان اڳ مختصر طرح انهن بنيادي ڪارڻن کي ڄاتو وڃي جن جي ڪري مسلمانن کي ايڏي وڏي عظيم الشان ترقي حاصل ٿي ۽ جنهن جي ڪري هو دنيا جي هڪ صالح ۽ فلاح واري امت بڻيا.
    ڄاڻو ماڻهو سمجهن ٿا ته انسان ۾ ٻه قوتون هونديون آهن هڪ سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي قوت، جنهن کي فڪري قوت چئبو آهي. اها قوت دنيا جي شين جي حقيقت ۽ ماهيت کي تلاش ڪندي آهي. اها قوت هر عمل ۾ تحقيق ۽ ريسرچ ڪندي آهي ۽ ان ۾ خير ۽ شر کي ڏسندي آهي ۽ پوءِ فيصلو ڪندي آهي ته ڪهڙو عمل بهتر آهي ۽ ان کي ورتو وڃي ۽ ڪهڙو عمل بڇڙو آهي ان کي ڇڏيو وڃي. فڪري قوت جي ان فيصلي کان پوءِ ٻي قوت عملي آهي اها قوت اڳين فيصلي جي مطابق ڪنهن ڪم جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪندي آهي. انهن ٻنهي قوتن جو تعلق انسان جي نفس سان آهي. هڪ قوت مبدء ادراڪ آهي (ڄاڻ جي شروعات) ۽ ٻي قوت مبدء تحريڪ (يعني چرپر جو عمل) وري انهن ٻن قوتن جي هيٺان مختلف قوتون آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي اثر جي دائري ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪم ڪن ٿيون. فلسفه اخلاق جو بنياد انهن ٻنهي قوتن جي چرپر، ترغيب ۽ تقاضائن تي قائم آهي. انهن قوتن جي بي اعتدالي سبب گهٽتائي ۽ واڌاري ۾ اچي اهي قوتون مبتلا ٿين ٿيون ۽ ذليل اخلاقن جو ظهور ٿئي ٿو ۽ جڏهن انهن قوتن ۾ اعتدال هوندو آهي ته بهتر اخلاق جو ظهور ٿئي ٿو.
    اخلاقيات ۾ جنهن کي حڪمت چئبو آهي اها شيءِ انهن ٻن قوتن جي تڪميل جو نالو آهي ۽ اها حڪمت انسان جي اشرف ۽ افضل هجڻ جي بنياد بڻجي ٿي. ان ڪري زندگي انفرادي هجي يا اجتماعي، ان جي ڪاميابي ۽ ترقي جو مدار ان ڳالهه تي آهي ته شخصي يا قومي ”قوت فڪري“ ۽ ”قوت عملي“ ٻئي صحتمد هجن. گهٽ وڌائي کان پري هجن، وچٿرائي تي قائم رهي ڪنهن شيءِ جي سٺي ۽ بڇڙي هئڻ کي ڪنهن عمل جي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ متعلق، اهو رويو اختيار ڪن جيڪو اعتدال تي مبني هجي.
    جيئن هڪ فرد ۾ قوت فڪري ۽ قوت عملي هوندي آهي ٺيڪ ان طرح ڪنهن قوم جو مزاج به ايئن آهي ان ۾ به هڪ قوت فڪري هوندي آهي جنهن جي آئيني ۾ هو جهان جي شين کي ڏسندي آهي انهن جي خوبين ۽ خرابين کي پرکيندي آهي ۽ ان طرح قوت عملي به ان ۾ گڏيل هوندي آهي جنهن سبب پوري قوم گڏجي هڪ متفق فيصلي کي عمل ۾ آڻيندي آهي. ان وقت پوري قوم جا عقيدا ۽ عمل هڪ هم آهنگي ۽ هڪ جهڙائپ ۾ گڏجي ويندا آهن سڀني جو مرڪز نگاهه هڪ ٿي ويندو آهي. پوءِ جڏهن ڪابه قوم ان مقصد، نصب العين هيٺ ڪنهن منزل کي مقرر ڪندي ته ان کي حاصل ڪري وٺندي ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان جي مقابلي ڪرڻ کان عاجز ٿي ويندي. اهوئي اهو بنيادي فلسفو آهي جيڪو پهرين دور جي مسلمانن ۾ پيدا ٿيو ۽ ان مطابق انهن حيرت انگيز ڪارناما تاريخ ۾ ثابت ڪيا.

    سنڌيڪار: مولانا عبدالسلام سومرو


    مسلمانن جو عروج ۽ زوال : مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي

    اسلام جي تعليم تي غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته سموري تعليم جو بنياد عقيدي ۽ عمل تي ٻڌل آهي. عقيدي جو تعلق فڪري قوت سان آهي ۽ عمل جو تعلق عملي قوت سان آهي. اسلام انهن ٻنهي قوتن کي مقرر ڪيل ضابطا ڏنا آهن ۽ ڪجهه ذميواريون مقرر ڪيون آهن. ان طرح هڪ مڪمل دستور عطا ڪيو آهي. جنهن جي روشني ۾ چٽي طرح ڄاڻ ملي ٿي ته فطري قوت ڪهڙي شيءِ کي سٺي هجڻ ۽ ڪهڙي شيءِ کي بُري هجڻ جو حڪم لڳائي ٿي. ان طرح عملي قوت کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته سندس عمل لاءِ چڱو ڪم ڪهڙو آهي ۽ بڇڙو ڪم ڪهڙو آهي. اسلام جو بنيادي دستور قرآن مجيد، هر شيءِ جي وضاحت ۽ چٽائي لاءِ حدن ۽ اندازن کي بيان ڪرڻ لاءِ موجود آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اسلام جو نصب العين انسان جي فڪري ۽ عملي قوت کي ڪامل ۽ معياري بڻائي ان کي بهترين حڪمت سان نوازڻ آهي ۽ کيس اشرف المخلوقات جو مقام ۽ مرتبو ڏيڻ آهي. ان سبب انسان کي پنهنجو نائب ۽ دنيا ۾ جانشين متعين ڪيو ويو. پيغمبرن جي اچڻ کي سعادت ۽ آخري رسول جي تشريف آوري کي احسان عظيم قرار ڏنو ويو. (لَقَدْ مَنَّ اللھُ عَلَی الْمُوءمِنِیْنَ) آخري پيغمبر جي آمد اهل ايمان تي الله تعاليٰ جو وڏو ٿورو آهي. اها حڪمت خدائي عطيو آهي جنهن کي ”خير ڪثير“ تمام وڏي ڀلائي ۽ وڏي نعمت چيو ويو آهي. (وَمَنْ یُوءتِیْ الْحِکِمَۃَ فَقَدْ اُوْتِیْ خَیْراً کَثِیْراً)
    حڪمت کي وڏي نعمت چوڻ مان مراد هي آهي ته حڪمت جو تعلق فقط علم سان نه آهي بلڪ عمل به ان سان شامل آهي. ڇو ته جيڪو علم، عمل کان سواءِ آهي، اهو ڀلائي ته ڇا پر مصيبت ۽ تباهي جو سبب آهي. جيئن هڪ حديث شريف ۾ آيل آهي ته ”جيڪو علم عمل کان سواءِ آهي اهو ان لاءِ مصيبت جو سبب بڻبو ۽ جيڪو عمل علم کان سواءِ آهي اهو گمراهي تائين پهچائيندو.“
    قرآن مجيد هڪ اهڙو عملي پروگرام آهي ۽ عقيدي ۽ عمل جو هڪ متوازن ۽ جامع دستور آهي جو جيڪڏهن ان روشني ۾ فڪري ۽ عملي قوتون متحرڪ ٿين ته انسان ۾ ”حڪمت“ پيدا ٿيڻ لازمي آهي. جيڪو شخص انهيءَ حڪمت تي زندگي گهاريندو ته اها زندگي نهايت ڪامياب هوندي. ان طرح جيڪا به قوم قرآن مجيد جي عقيدي ۽ عمل مطابق، معاشري جي صورت گري ڪندي ته اها دنيا جي صالح ۽ ڪامياب قوم بڻجي ويندي. ان کي اهو حق هوندو ته اها قوم دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪري ۽ بلند مرتبي تي قرار ڏني وڃي. اها اسان جي دعويٰ ڪنهن خوشفهمي تي ٻڌل ناهي. پر تاريخ جي تجربن ان کي درست ثابت ڪيو آهي. اسلامي عقيدن ۽ عملن جون ڪي بنيادي ڳالهيون اهڙيون آهن جن مسلمانن جي عروج ۽ زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
    توحيد:
    توحيد جو تعلق فڪري قوت سان آهي، اسلام جو بنيادي عقيدو توحيد آهي. ان عقيدي جو اثر هي آهي ته انسان الله سبحانه وتعاليٰ جي وجود ۽ صفتن ۾ ڪنهن به شيءِ کي، مخلوق جي ڪنهن به هستي کي شريڪ، ڀائيوار ۽ حصيدار نه سمجهي. هو دل جي گهراين سان يقين رکي ته نفعي ۽ نقصان جو مالڪ فقط خدا تعاليٰ آهي. اهوئي اسان جو پيدا ڪندڙ ۽ اسان ان جي مخلوق آهيون، اسان ان جا ٻانها ۽ هو اسان جو اڪيلو معبود برحق آهي. اسان جو رزق، زندگي، موت، عزت، ذلت، ڪاميابي، ناڪامي، دولت، غربت، سڀ ڪجهه ان جي حڪم سان ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه ٻيو مالڪ وارث ۽ مختيار ناهي. هرگز ناهي ۽ هرگز ٿي نٿو سگهي. ان ڪري انسان کي فقط ان ذات مقدس ۾ اميد ۽ ان کان ڊڄڻ گهرجي. پنهنجون سموريون ضرورتون ان کا ن گهريون وڃن ۽ محتاج فقط ان جو هجڻ گهرجي. اهو يقين رکيو وڃي ته سمورا انسان برابر ۽ هڪ جهڙا آهن.، ڪوبه ڪنهن جو حاڪم ۽ ڪوبه ڪنهن جو تابع ناهي، ڪنهن کي به ڪنهن تي ڏاڍ ڪرڻ ۽ ان کي غلام بڻائڻ جو حق حاصل نه آهي. ڪنهن کي به قانون بڻائڻ ۽ ان کي نافذ ڪرڻ ۽ ٻانهن کي پنهنجي مرضي تي هلائڻ جو اختيار نه آهي. البته دنيا جي نظام ۾ ڪمن جي تقسيم ۽ درجه بندي ضروري آهي، ڪي قاضي، ڪي جج، ڪي واپاري، ڪي منتظم، ڪي مزدور ۽ ڪي زمين سنڀاليندڙ ۽ اناج اپائيندڙ هوندا. پر معيشت ۾ سمورن جو حق برابر هوندو ۽ انسانيت جي زمري ۾ هڪ جهڙا هوندا، ڪنهن کي مٿاهون درجو نه هوندو فقط نيڪ عملن ۽ تقويٰ سبب عزت ۽ احترام جي بلندي هر هڪ کي ملي سگهي ٿي.
    سڀ ڀلايون، هر قسم جو فلاح ۽ اطمينان انهن خوش نصيبن لاءِ آهي جيڪي پنهنجي هستي کي وجود برحق جي آڏو گم ڪري، فنا ٿي، پنهنجن سڌن ۽ خواهشن کان هٿ کڻي وڃن ٿا، انهن جي محبت، دشمني، ڪشادگي، تنگي، ماڻهن کي ڏيڻ وٺڻ، انهن سان ڳنڍجڻ ۽ ڌار ٿيڻ اهي سمورا عمل فقط خدا تعاليٰ جي رضامندي هيٺ ظاهر ٿين ٿا. ته اهڙا ماڻهو ئي بارگاه ايزدي ۾ پيارا ٻانها قرار ڏنا وڃن ٿا. انهن کان سواءِ اهي ماڻهو جيڪي سرڪش، باغي بڻجي، دنيا ۾ فتنو ۽ فساد ڦهلائين ٿا، انسانن لاءِ نفعي آور بڻجڻ جي بجاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿين ٿا، فطرت جي قانون کي ٽوڙين ٿا. اهي بدبخت ۽ محروم شخص آهن، انهن جو دنيا ۾ وجود بدقسمتي ۽ بڇرائي جي علامت آهي.

    سنڌيڪار: مولانا عبدالسلام سومرو


    حديثون ۽ روايتون : پروفيسر مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي

    جيتوڻيڪ حضورﷺ جن چٽي طرح ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪو پاڻ ڄاڻي ٻجهي پاڻ ڪريمﷺ ڏانهن ڪا ڳالهه منسوب ڪندو ته ان جو ٽڪاڻو دوزخ هوندو. پر تڏهن به وضع حديث (حديث گهڙڻ) جو فتنو صحابه ڪرام جي دور ۾ ئي پيدا ٿي ويو هو. صحيح مسلم ۾ حضرت عبدالله بن عباس کان روايت آهي، فرمائي ٿو ته، جيستائين رسول اللهﷺ جن ڏانهن نسبت ڪري غلط بياني نه ڪئي ويندي هئي، اسين نبي ﷺ جي حديثن جي روايت ڪندا هئاسين، پر جڏهن ماڻهو ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، اسان حديث جي روايت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. حديث گهڙڻ واري فتني جا سبب هي هئا.
    (1 ) انسان جي فطرت آهي ته جڏهن پنهنجي ڪنهن خيال يا راءِ کي مضبوط طريقي تي ۽ طاقت سان ٻڌائڻ گهرندو آهي ته ڪن وڏن ماڻهن جي ڳالهين کي پنهنجي تائيد ۾ پيش ڪري انهن جو حوالو ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪو سچو قول موجود نه هوندو آهي ته پاڻ پنهنجي طرفان ڪا ڳالهه ٺاهي ڪنهن وڏي شخصيت ڏانهن ان کي منسوب ڪري ڇڏيندو آهي. ظاهر آهي ته صحابه جي دور ۾ ايمان ۽ عمل جي لحاظ سان سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه هئا، بلڪه هن زماني ۾ اهي ماڻهو به هئا جن لاءِ قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو.
    قَالَتِ الۡاَعۡرَابُ اٰمَنَّا ؕ قُلۡ لَّمۡ تُؤۡمِنُوۡا وَلٰکِنۡ قُوۡلُوۡۤا اَسۡلَمۡنَا وَ لَمَّا یَدۡخُلِ الۡاِیۡمَانُ
    فِیۡ قُلُوۡبِکُمۡ ؕ ﴿۱۷﴾
    ”عرب جا ڳوٺاڻا چون ٿا ته اسان ايمان آندو اوهان (اي نبي) انهن کي چئو ته اوهان ايمان نه آندو آهي البت ها، هي چئو ته اسان تابعداري قبول ڪئي آهي ۽ ايمان ته اڃا تائين اوهان جي دلين ۾ داخل به نه ٿيو آهي.“ (ق : ۱۴)
    بس جيڪي ماڻهو هن آيت جو مصداق هئا، اهي مسلمان ته ضرور هئا ۽ حضورﷺ سان ملاقات جي شرف جي ڪري اصحابن ۾ ليکيا به ويندا هئا ليڪن گهڻي تربيت ۽ ڊگهي صحبت وارن اصحابن جهڙو انهن ۾ نه ورع ۽ تقويٰ هو، نڪي پنهنجي قول ۽ عمل ۾ انهن وانگر مضبوط هئا. انهي ڪري (نيڪ نيتيءَ سان ئي) جڏهن انهن کي پنهنجي ڪنهن خيال يا راءِ کي مضبوط ڪرڻو هوندو هو ته (بنا کٽڪي) هڪ ڳالهه نبيﷺ ڏانهن منسوب ڪري ڇڏبي هئي. چاهي انهن هيءَ ڳالهه خود گهڙي هجي يا پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کان ٻڌي هجي.
    (2 ) منافقن جو طبقو، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ وري وري آيو آهي، نبوي عهد کانپوءِ ختم نه ٿيو بلڪه تاريخ جي هر دور ۾ مسلمان سماج جو لازمي جزو بنيو رهيو آهي. هي طبقو عهد صحابه ۽ تابعين ۾ هو ۽ هن مسلمانن ۾ خيالن جي انتشار ۽ سوچ ۽ فڪر ۾ خرابي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي. هن گندي مقصد جي ڪري هي ماڻهو گهڻي مقدار ۾ وضع حديث به ڪندا هئا. جيئن هن جماعت جو هڪ شخص عبدالڪريم بن ابي العوجاء الوضاع جڏهن گرفتار ڪيو ويو ۽ هن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته هن چيو ”مون حلال ۽ حرام جون چار هزار حديثون ٺاهي مسلمانن ۾ پکيڙي ڇڏيون آهن. هي شخص معني بن زائده جيڪو حضرت عمر ؐ جي خلافت جي دور ۾ ڪوڙا فرمان ٺاهيندو ۽ انهن جي ذريعي پئسا وٺندو هو. ڪوڙ ان جي عادت هئي ۽ مانويه فرقي سان تعلق رکندڙ هو.
    (3 ) هن کان علاوه مسلمانن ۾ هڪ طبقو قصاص (قصا ٻڌائيندڙ) ۽ واعظين جو به هو، جيڪو محفل کي گرمائڻ لاءِ ترغيب ۽ ترهيب لاءِ غلط سلط روايتون حضورﷺ جن جي نسبت سان ٻڌائي ڇڏيندو هو. تميم ذريءَ جو تعلق هن طبقي سان هو. جڏهن هن جمعه جمعه تي وعظ ڪرڻ جي موڪل حضرت عمر ؐ کان ورتي ته عهد خلافت جي شروعات ۾ پاڻ کيس اجازت نه ڏنائون ۽ پڇاڙيءَ ۾ اجازت ڏئي ڇڏيائونس، هن شرط سان ته جيستائين آئون مسجد ۾ هجان، تيستائين تون وعظ ڪري سگهين ٿو. حضرت عثمان ؐ جي خلافت جي دور ۾ سندن موڪل سان تميم ذري ؐ هفتي ۾ ٻه ڀيرا وعظ ڪرڻ شروع ڪيو هو. 
    قصاص ۽ واعظين جي اها ئي اها جماعت آهي جنهن لاءِ امام مسلم مشهور محدث ۽ حديث جي نقاد يحيٰ بن سعيد القطان جو قول ان جي فرزند محمد جي واسطي سان نقل ڪيو آهي ته، هڪ ڀيري يحيٰ بن سعيد فرمايو:
    لم تر الصالحین فی شی ءِ الکذب منھم فی الحدیث۔
    صالحين جيترو حديث ۾ ڪوڙ ڳالهائين ٿا ايترو اسان ڪنهن ٻئي معاملي ۾ کين ڪوڙ ڳالهائيندي نه ڏٺو.
    هي ان زماني جي خصوصيت هئي، هن قسم جي ماڻهن جو هميشه حال اهو ئي رهيو آهي. اڄ ته اهو حال آهي جو الله جي پناهه!
    هي ته سڀ ڪجهه هوئي، پر هن صورت حال ۾ واڌاري جو سبب هي ٿيو ته عهد فاروقي ۽ عهد عثمانيءَ ۾ سوڀن جي گهڻائي ۽ ڪشادگيءَ جي ڪري ڀانت ڀانت جون قومون عربن جي قومن ۽ قبيلن سان گڏجي سڏجي ويون. انهن جي تهذيب، روايتون، مذهب، لاڙا ۽ رجحان ۽ حياتي گذارڻ جا رستا ۽ طريقا جدا جدا هئا. جيتوڻيڪ انهن مان گهڻا مسلمان ٿي ويا هئا، ليڪن انهن جون قومي خصلتون ۽ خاصيتون يڪدم ختم نٿي ٿي سگهيون. انهيءَ ڪري قومي ۽ نسلي عجميت منهن ڪڍيو، پاڻ ۾ رنجشون ۽ دشمنيون ٿي پيون، هڪ فرقو ٻئي جو مخالف ٿي ويو، ائين هنن دشمنين جو ميدان تمام ڪشادو آهي ليڪن قبيلن جي عجميت ۾ بنو اميه ۽ بنو هاشم ۽ عقيده ۽ فڪر جي ميدان ۾ اهل سنت والجماعت ۽ شيعن جي اختلاف اهو رنگ ڏيکاريو جو اسلام جو پورو حياتيءَ جو نظام ئي ان جي ور چڙهي ويو. هن صورت حال وضع حديث جي رفتار کي تمام تيز ڪري ڇڏيو. هڪ جماعت ٻي جماعت جي مقابلي ۾ پنهنجي سنئين راهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ روايتن کي گهڙڻ ۽ ٺاهڻ ۾ ڪو کٽڪو نه ڪندا هئا. جيئن ابن الحديد تمام تفصيل سان ٻڌايو آهي ته شيعن امامن جي فضيلت ۾ تمام گهڻيون حديثون وضع ڪيون (ٺاهيون) آهن ۽ انهن جا مثال لکيا آهن (1). احمد امين ٻين فرقن جي وضع حديث جا مثال به لکيا آهن (2). وضع حديث جي تاريخ، ان جي وجود ۽ سببن جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ لاءِ علامه ابن جوزي ۽ ملا علي قاري جي ڪتابن تذڪره الموضوعات جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
    هاڻي سوچڻ گهرجي ته حديث جنهن جي شرعي ۽ ديني حيثيت نهايت اهم آهي ۽ جنهن ۾ ڪوڙي بيان ڪرڻ جي خلاف سخت وعيد حضورﷺ کان روايت ڪيل آهي. جنهن نفس جي خواهشن جي اثر هيٺ وضع ۽ ڪوڙ ۽ فريب جو هي حال آهي، ته تاريخي روايتن، جن جو واسطو اموين، عباسين، سنين، شيعن، ڪوفه وارن ۽ شام وارن وغيره جي پاڻ ۾ اختلافن ۽ جهيڙن سان آهي، ان ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ، وضع ۽ دجل جو ڪيترو ۽ ڪيئن ڪجهه دخل نه هوندو. جيتوڻيڪ حديث ۽ تاريخ ۾ ڪوڙ ۽ وضع جي وبا سان ڪنهن هڪ جماعت کي متعين طور تي محفوظ قرار نٿو ڏئي سگهجي، تنهن هوندي هن کان انڪار ممڪن ڪونهي ته هن ۾ جيترو گهڻو حصو حضرت عثمان جي مخالفت يعني حضرت علي ؐ جي حامين ۽ شيعن جو آهي ايترو ڪنهن جو ڪونهي. جيئن ابن الحديث جي حوالي سان گذري چڪو آهي. هنن ماڻهن هڪ پاسي پنهنجن امامن جي فضيلتن ۽ مناقب ۾ ته ٻئي پاسي حضرت ابوبڪر و عمر ۽ حضرت عثمان جي بي حرمتي ۽ انهن تي الزام مڙهڻ ۾ گهڻائيءَ سان حديثون ۽ تاريخي روايتون گهڙيون ۽ وضع ڪيون. جڏهن ته هنن ماڻهن جي پروپيگنڊا جي مشين گهڻي طاقتور هئي جنهن ڪري اموي خلافت ختم ٿي ۽ بنو عباس حڪمران ٿي ويا. تنهن ڪري هنن جون ٺاهيل ۽ موضوع حديثون ۽ روايتون ايتري قدر گهڻيون پکڙيون جو اسلامي تاريخ جو حصو ٿي ويون ۽ صحيح ۽ ضعيف جو ويڇو ڏکيو ٿي ويو. هن مان هي اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي ته پهرين ۽ ٻي صديءَ جا جيڪي تاريخدان بصره يا ڪوفه جا رهاڪو ۽ حضرت عثمان ؐ جي مخالف ٽولي سان متفق هئا، انهن جي ڪتابن يا رسالن ۾ حضرت عثمان ۽ سندس خلافت بابت ڪيتريون ڪجهه غلط ۽ ابتيون سبتيون روايتون نه هونديون.

    سنڌيڪار: مولانا محمد حسين شاهه سجاولي (ايڊيٽر: ماهوار الفاروق)


    دين ۽ دنيا جي ورهاست جو نظريو ۽ اسلام : مولانا سيد سليمان ندوي رحه

    جن تمام وڏين غلطين ۾ اڳوڻن مذهبن جا پيروڪار مبتلا هئا انهن مان هڪ هيءَ به هئي ته دين ۽ دنيا ٻه مختلف شيون آهن ۽ ٻنهي جو دائرو ڌار ڌار آهي. جيڪو ماڻهو دين اختيار ڪندو اهو دنيا کان جدا ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو دنيا ۽ اسباب دنيا تي نظر وجهندو آهي ته ان جي هٿن مان دين نڪري ويندو آهي. اُهو خيال جيتوڻيڪ ايران، هندستان چين ۽ ٻين اوڀارين ملڪن ۾ عملي طور رائج ٿيو هو. مذهبي عبادتگاهن جي راهبن ۽ بادشاهن جي زندگيءَ جون حدون ۽ عملي دائرن ۾ اهڙو خلا قائم ٿي چڪو هو جو ٻنهي جو گڏجڻ ۽ هڪ ٻئي سان سهڪار تقريباً ناممڪن بڻجي ويو هو. تنهن هوندي به ان سلسلي ۾ اُهي قومون ڳڻڻ جوڳيون هيون جيڪي پاڻ کي آسماني صحيفن جي پيروڪار ۽ نبين جون مخاطب سمجهنديون هيون. هندو، ٻڌ، ڪنفوشسي ۽ زرتشتي نقطه نظر جي حوالي سان مشهور غور جي قابل اهو تخيل هو جنهن ۾ انسانن جي اهڙي ورڇ ڪئي وئي هئي جو انهن مان ڪي دين جا ڪارڪن هئا ۽ ڪي دنيا جا. هندن ۾ برهمڻ دين لاءِ، راجپوت بادشاهيءَ لاءِ وئش واپار ۽ زمينداريءَ لاءِ ۽ شودر محنت ۽ مزدوريءَ لاءِ هئا. انهن جي عمرين ۾ به تقسيم ڪئي وئي هئي. ته ٽيهه ورهيه تعليم لاءِ، ٽيهه ورهيه ڪمائڻ لاءِ ۽ ٽيهه ورهيه عبادت لاءِ، ٻڌڌرم ۾ ٻوڌي ۽ ڀڪشو ڌار ڌار هئا. ڀڪشو رڳو ڌرم جي سيوا ڪندا هئا ۽ دنيادار الڳ هئا جيڪي دنيا جو ڪارونهوار هلائيندا هئا ۽ مٿن ڀڪشن جي سمورن خرچن جو بارهيو.
    يهودين ۾ لاوي دين جا ڪاهِن هئا، کين دنيا جي ڪمن کان ڌار ڪيو ويو هو ۽ خانداني ورثي کان پڻ محروم هئا. ڇاڪاڻ ته اُهي دنيا جون شيون هيون ۽ باقي دنيادار ماڻهو هئا. عيسائين ان فرق ۽ ويڇي جي ديوار کي اڃا وڌيڪ اُڀو ڪري ڇڏيو هو. انهن ته خدا ۽ قيصر پنهنجا ٻه حڪمران فرض ڪري ورتا هئا ۽ چيائون ته جيڪو (مال) خدا جو آهي اُهو خدا کي ڏيو ۽ جيڪو قيصر جو آهي اهو قيصر کي ڏيو.
    يهودين ۽ نصارن اُن غلط خيال پٽاندڙ هلڻ جي جئين ڪوشش ڪئي ان جي عملي شڪل ٻن متضاد طريقن سان ظاهر ٿي. يعني يهودين آخرت جو مقصد رڳو دنيا کي سمجهيو ۽ نصارن وري رڳو آخرت کي. يهودين جي حڪومت ۽ بادشاهت مال ۽ دولت ۽ وياجي ڪاروبار تي مشتمل هئي. ان جي ابتڙ نصارن دنياوي اسبابن کي مرڳو هٿ ئي نه لاٿو ۽ هر نعمت کي آسماني بادشاهت ۾ تلاش ڪندا رهيا. انهن زندگيءَ جو راهبانه طريقو ۽ زاهدانه طرز معيشت اختيار ڪري ڇڏيا.
    پر جڏهن حضرت محمدﷺ جي ذريعي اسلام آيو ته اُن دين ۽ دنيا جي ورهاست واري اُن قديم غلط فهميءَ کي دور ڪيو ۽ ٻڌايو ته اُهي ٻئي شيون ٻه، نه پر هڪ آهن. دين دنيا آهي ۽ دنيا دين آهي. دين ۾ جڏهن نفساني خواهشون شامل ٿين ته دنيا ٿي پوندي آهي ۽ دنيا ۾ خدائي حڪمن جي پيروي مقصد هجي ته دين بڻجي پوندو آهي. اهڙيءَ ريت جيڪا شيءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ سنڌو ۽ فرق ٺاهي ٿي اُهو انسان جو نقطه نظر (خيال) آهي، جيڪڏهن اهو صحيح هجي ته هيءَ حد به قائم رهندي آهي ۽ ٻئي شيون هڪ ٿي پونديون آهن. اُها ئي حڪومت ۽ بادشاهت جنهن کي دنيا چيو ٿو وڃي جيڪڏهن اها خدا جي مرضيءَ لاءِ ڪئي وڃي ته دين بڻجي پوندي آهي.
    پاڻ سڳورن ﷺ جن ان کي عملي شڪل ۾ هن ريت اسان کي ٻڌايو جو سندن نماز، روزو، حج، زڪوات، رات جي عبادت، قرآن جي تلاوت، تبليغ، غزوات ۽ فتحون سلطنت جا ڪم ڪار مطلب ته پاڻ سڳورنﷺ جي سيرت جو هڪ هڪ واقعو دين به هيو ته دنيا به. پاڻ سڳورنﷺ کان پوءِ خليفن ۽ صحابه رضوان الله عليهم پڻ ان نڪتي کي واضح ڪيو ۽ سندن سمورن ڪارنامن جي اندر اهوئي روح نظر آيو جيڪو دين ۽ دنيا جي ميلاپ سان پيدا ٿيو هو، جيڪو قرآن پاڪ جي مرضيءَ پٽاندڙ هيو. قرآن مجيد ڪيترن ئي آيتن ۾ انساني عملن جي بدلي کي دنيا ۽ آخرت ٻنهي سان لاڳاپيل فرمايو آهي.
    پر جڏهن کان اُن نقطه نظر ۾ تبديلي آئي آهي. مسلمانن جي ڪمن جو رنگ مٽجي ويو آهي ۽ منجهن اسلام بدران يهودين ۽ نصرانين جو رنگ ظاهر ٿيڻ لڳو. اڄ مسلمان قومون يا ته يهودي تخيل جو شڪار آهن يا عيسوي تخيل جو. محمدي دعوت گهڻو ڪري سندن نظرن کان اوجهل آهي. اڄ مسجد جو ممبر ۽ حڪومتي تخت ڌار ڌار آهي ۽ فوجي سپهه سالار ۽ نماز جو امام ٻه الڳ ٽولا آهن. جيتوڻيڪ اسان جو ممبر ۽ تخت هڪ هيو ۽ اسان جو سپهه سالار ئي اسان جي نماز جو امام هوندو هو اڄ مسلمان، حڪومت ۽ بادشاهت، واپار ۽ ڪمائي ۽ تعليم ۽ هنر کي دنيا جو ڪم ۽ فقط نماز روزي ۽ تسبيح ۽ وظيفي پڙهڻ کي دين جو ڪم سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ نيت صحيح هجي ته هر دنياوي جدوجهد، هر سياسي هلچل ۽ فڪر هر تعليمي عمل ۽ خدمت، هر واپاري ڪم ۽ ڪاروبار، صنعتي ترقي ۽ ايجاد ۽ دريافت سراسر دين آهي ۽ نيت صحيح نه هجي ته سڄي رات جي نماز ۽ سڄي ڏينهن جي عبادت بيڪار آهي.
    مسلمان محمد رسول الله صه جي ان تعليم کي هڪ عرصي کان فراموش ڪري ڇڏيو آهي، انهن به دين ۽ دنيا جون حدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن.

    سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو


    اجتماعي عدل : مولانا محمد طاسين رحه

    اجتماعي عدل، دراصل ان اجتماعي حالت جو نالو آهي جيڪا ان وقت ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن سماج جي هر فرد جا هر قسم جا حق صحيح طور محفوظ ٿي ويندا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن کان ظلم ۽ زيادتيءَ جي شڪايت نه رهندي آهي يا هيئن چئون ته، جڏهن ڪنهن سماج جا سڀئي فرد هڪ ٻئي جا حق صحيح ۽ پورا ادا ڪندا آهن ته ان جي نتيجي ۾ جيڪا صورتحال رونما ٿيندي آهي، ان جو نالو ”اجتماعي عدل“ يا سوشل جسٽس آهي.
    اجتماعي عدل جي خاصيت هيءَ آهي ته اهو جنهن سماج ۾ قائم ٿيندو آهي، ان جي اندر هر فرد کي جٽادار امن ۽ اطمينان جي زندگي نصيب ٿيندي آهي، جنهن جي هر انسان جي دل ۾ پيدائشي ۽ غير اختياري طور تي طلب ۽ خواهش هوندي آهي. ان ريت ان سماج ۾ هر فرد جي انهن صلاحيتن کي اڀرڻ ۽ ڪارائتو بڻجڻ جو موقعو ملندو آهي، جيڪي ڪائنات کي مسخر ڪرڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ جي مقصد سان هر انسان جي اندر رکيون ويون آهن.
    اجتماعي عدل جي ان خاصيت کي نظر ۾ رکندي سدائين ان جي ضرورت ۽ اهميت محسوس ڪئي وئي ۽ هر دين ۽ مذهب ۽ هر آئين ۽ قانون ان ڏانهن ڌيان ڏنو آهي. حڪومت جو ادارو اجتماعي عدل کي قائم ڪرڻ خاطر وجود ۾ آيو ۽ هر سماج پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان اجتماعي عدل قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ اڄ پڻ هر معاشري ۽ هر ملڪ ۾ ان جي ضرورت ۽ اهميت محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ ان لاءِ ڪوششن جو سلسلو جاري آهي.
    جيستائين قرآن حڪيم جو تعلق آهي، اهو اجتماعي عدل کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ سماج ۾ ان جي قيام کي انتهائي ضروري قرار ڏئي ٿو، بلڪه هيئن چوڻ گهرجي ته اجتماعي عدل اهو مرڪزي مقصد آهي، جنهن کي قرآن حڪيم پنهنجي سموري تعليم ۾ اهم مقصد طور تي آڏو رکيو آهي ۽ ان جو ثبوت قرآن حڪيم جي هن آيت مان ملي ٿو جيڪا سورت الحديد ۾ هن ريت بيان ٿيل آهي:
    ”لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ“
    (الحديد:٢٥)
    ”بيشڪ اسان پنهنجي رسولن کي پڌرن دليلن سان موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ تارازي (حڪمت ۽ دانائي) نازل ڪئي، ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي سڌا رهن.“
    قرآن حڪيم جي هن آيت مان ظاهر ٿئي ٿو ته، الله تعاليٰ انساني رشد ۽ هدايت لاءِ جيترا رسول موڪليا ۽ جيترا ڪتاب نازل ڪيا، انهن جو مقصد ليقوم الناس بالقسط هيو. يعني هيءُ ته انساني سماج ۾ قسط (انصاف) ۽ اجتماعي عدل قائم ٿئي ۽ هڪ اهڙو عادلانه معاشرو وجود ۾ اچي جنهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جا هر قسم جا حق پوريءَ طرح محفوظ هجن.
    ٻين لفظن ۾ هن آيت جو مطلب هيءُ آهي ته، الله تعاليٰ رسالت جي وحي جو جيڪو سلسلو قائم فرمايو، ان مان هڪ وڏو مقصد هيءُ هيو ته انسانيت کي انهن عقيدن ۽ فڪرن ۽ انهن اصولن ۽ تصورن ۽ عملي طور طريقن کان آگاهه ڪيو وڃي، جن کي اختيار ڪرڻ سان هر انسان جا هر قسم جا حق صحيح طور تي محفوظ ٿي ويندا آهن ۽ اجتماعي عدل ۽ انصاف وجود ۾ ايندو آهي. ۽ جيئن ته قرآن حڪيم ۽ رسالت محمديه وحيءَجي سلسلي جي آخري ڪڙي ۽ انتهائي طور تي ان جي مڪمل شڪل آهي، تنهن ڪري ان جو صاف مطلب اهو ٿيو ته قرآن ۽ اسلامي تعليمات جو پڻ هڪ مٿانهون ۽ مرڪزي مقصد هيءُ آهي ته، انساني سماج ۾ قسط (انصاف) ۽ اجتماعي عدل قائم ٿئي.
    قرآن حڪيم جي نظر ۾ اجتماعي عدل جي جيڪا اهميت آهي، ان جو اندازو ان مان پڻ ڀليءَ ڀت ٿي سگهي ٿو ته قرآن مجيد جي مختلف آيتن ۾ مختلف صيغن سان ٻاويهه جاين تي لفظ عدل ۽ ٽيويهن جاين تي قسط (انصاف) ۽ اقساط جو ذڪر آهي ۽ ان ۾ ترغيب ۽ تاڪيد آهي ته زندگيءَ جي هر معاملي ۽ هر حال ۾ عدل ۽ انصاف کي اختيار ڪرڻ ۽ ان تي هلڻ گهرجي. عدل ۽ قسط جو ضد ظلم آهي. قرآن حڪيم ۾ اهڙين آيتن جو ڳاڻاٽو ٻن سون کان وڌيڪ آهي، جن ۾ ظلم جي مذمت ۽ منع ڪيل آهي.
    قرآن حڪيم ۾ اجتماعي عدل سان لاڳاپيل جيڪو هدايت جو نظام آهي، ان جي تعارف جي سلسلي ۾ هيءَ عرض ڪرڻ ضروري آهي ته ڪنهن سماج ۾ اجتماعي عدل تڏهن ئي عملي طور تي قائم ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻه شيون موجود هجن: هڪ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو نظام جنهن مان فردن جا ذهن اجتماعي عدل لاءِ تيار ٿيندا آهن. يعني فردن جي اندر اجتماعي عدل جي ضرورت ۽ اهميت جو احساس ۽ ان جي افاديت جو شعور اڀري ۽ پوءِ لڳاتار زندهه ۽ سجاڳ رهندو هجي، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ اجتماعي عدل قائم ٿي ئي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان قائم ٿي به وڃي ته گهڻي دير تائين باقي ۽ برقرار نٿو رهي سگهي ۽ ٻي شيءِ حقن ۽ قانونن جو اهڙو ضابطو آهي، جيڪو انساني وحدت ۽ مساوات تي مشتمل ۽ انسان جي فطري گهرجن سان مڪمل هڪ جهڙائپ رکندو هجي، جنهن تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سماج جي سمورن فردن جا هر قسم جا حق مڪمل طور تي محفوظ ٿي ويندا آهن.
    غور سان ڏسجي ته قرآني هدايت جي نظام ۾ هي شيون سهڻي نموني ۽ مڪمل طور تي موجود آهن، يعني قرآن ۾ ايماني عقيدن ۽ اسلامي عبادتن تي ٻڌل تعليم ۽ تربيت جو هڪ اهڙو نظام ملي ٿو، جنهن مان ذهنن ۾ عدل ۽ انصاف جو اهڙو عالمگير احساس ۽ جذبو اڀرندو آهي، جيڪو هڪ انسان کي بغير ڪنهن تخصيص ۽ فرق جي سمورن ٻين انسانن جا حق صحيح طور تي ادا ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت تي آماده ڪندو آهي ۽ عدل جو اهو احساس ۽ جذبو خاص طور تي الله رب العالمين، رحمان ۽ رحيم ۽ مالڪ يوم الدين جي اعتقاد ۽ يقين مان پيدا ٿيندو ۽ اسلامي عبادتن جي ذريعي سدائين زنده ۽ سجاڳ رهندو آهي.
    ان سان گڏ قرآني هدايت واري نظام ۾ حقن ۽ قانونن جو هڪ مڪمل ضابطو پڻ موجود آهي، جيڪو انساني برابري ۽ مساوات تي ٻڌل ۽ انساني فطرت سان مڪمل مطابقت رکي ٿو ۽ جنهن تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سڀني فردن جا هر قسم جا حق صحيح طور تي محفوظ ٿي وڃن ٿا. اهي حق پڻ جيڪي هر انسان کي انسان جي حيثيت ۾ پيدائشي طور تي حاصل هوندا آهن، جن کي بنيادي ۽ فطري حق چيو ويندو آهي ۽ جيڪي اجتماعي عدل لاءِ بنياد ۽ پيڙهه جي حيثيت رکندا آهن ۽ اهي حق پڻ جيڪي فردن جي نسبت سان فردن کي حاصل هوندا آهن، جن کي نسبتي ۽ اضافي حق چيو ويندو آهي. جيئن پيءُ ماءُ ۽ اولاد جا حق، مڙس ۽ زال جا حق، مائٽن ۽ پاڙيسرين جا حق، استاد ۽ شاگرد جا حق، ڪم وٺندڙ ۽ ڪم ڪندڙ يعني مزدور جا حق، حاڪم ۽ رعيت جا حق.
    جيتوڻيڪ اجتماعي عدل قائم ڪرڻ لاءِ ان قسم جي حقن جو تحفظ ضروري ۽ اهم آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ فردن جا بنيادي حق محفوظ نه هجن ته رڳو ان ٻئي قسم جي حقن جي حفاظت سان اجتماعي عدل قائم نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته بنيادي انساني حقن جو مقصد ۽ فلسفو هيءُ آهي ته هر فرد کي پنهنجي طبعي ڄمار تائين امن ۽ اطمينان سان زندهه رهڻ ۽ پنهنجن صلاحيتن کي ڪم آڻڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، تنهن ڪري بنيادي حقن جي تحفظ سان وڏي حد تائين امن ۽ اطمينان جي فضا پيدا ٿي ويندي آهي.
    اسلام اجتماعي عدل جي سلسلي ۾ بنيادي انساني حقن جي حفاظت تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو، پر افسوس آهي ته اڄ ڪنهن به مسلمان ملڪ ۽ سماج ۾ نه رڳو هيءُ ته، عملي طور تي بنيادي انساني حقن کي مڪمل طور تي تحفظ حاصل ڪونهي، بلڪه نظري ۽ علمي طور تي پڻ بنيادي انساني حقن جو اهو تصور واضح نٿو ٿئي، جيڪو قرآن ۽ حديث ۾ پيش ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري ان ڳالهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته مسلمان معاشرا ان پاسي ڌيان ڏين ۽ اجتماعي عدل جي سماجي ۽ معاشرتي پهلوءَ کي خاص طور تي سمجهن ۽ پوءِ ان کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ڪنهن به سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سڌارو نٿو ٿي سگهي ۽ نه اهي گوناگون سماجي، معاشي، سياسي ۽ اخلاقي برايون ۽ بدعنوانيون ختم ٿي سگهن ٿيون، جن جي خاتمي جي اسان سڀ خواهش رکون ٿا.

    (سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو)


    اسلامي اقتصادي تعليم جا ٻارهن سنهري اصول : مولانا محمد طاسين رح

    (1) سوسائٽي جي صلاحيت رکندڙ ۽ لياقت رکندڙ فردن تي لازم آهي ته اهي معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺن ۽ محنت، مشقت سان معاش (کاڌو خوراڪ ۽ ٻيون شيون) حاصل ڪري پنهنجي ۽ پوري سوسائٽي جي خدمت انجام ڏين.
    (2) سوسائٽي جي فردن لاءِ جيڪي معاشي جدوجهد ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ چاهن ٿا يا وٺي سگهن ٿا انهن لاءِ مناسب ماحول جو هجڻ لازمي آهي ۽ ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته معاشي موقعا سڀني لاءِ برابر هجن.
    (3) اجرت ۽ معاوضي جو تعين محنت ۽ مشقت جي اعتبار سان ٿيڻ کپي، جنهن ۾ محنت جو مقدار ڪيفيت ۽ مفيد نتيجن جي لحاظ کان معاوضو مقرر ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ايتري هجي جنهن سان زندگي جي بنيادي ضرورتن جي ڪفالت ڪري سگهجي.
    (4) جڏهن ڪو انسان ڪنهن قدرتي مادي ۾ محنت ۽ مشقت ڪري ان ۾ هڪ نئي افاديت پيدا ڪري ٿو، يعني ان کي هڪ حالت مان ڪڍي ٻي حالت ۾ تبديل ڪري ٿو ته اها شئي ان شخص لاءِ فائدو وٺڻ ۽ فائدو حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان مخصوص ٿي وڃي ٿي. يعني ٻين جي مقابلي ۾ ان کي فائدي وٺڻ جو حق وڌيڪ حاصل هوندو، جنهن جو ٻيو نالو شخصي ۽ انفرادي ملڪيت آهي.
    (5) ملڪيت يا ته قدرتي مادي ۾ ڪوشش، محنت ۽ مشقت ڪري ان جي هيئت تبديل ڪري ان ۾ هڪ نئين افاديت (فائدو) پيدا ڪرڻ سان ٿابت ٿيندي، يا ته ڪنهن ٻئي جي ملڪيت ۾ هجڻ واري شئي ان جي حقيقي رضامندي سان گڏ بدلو (مادي يا روحاني) ڏئي ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    (6) ڏيڻ وٺڻ جا اهڙا معاملا جيڪا استحصال ۽ استبداد (جبر ۽ ڏاڍ) کي قائم ڪن اهي حرام آهن. اهڙي طرح غرر ۽ ضرر (دوکي ۽ نقصان) جو باعث بڻجندڙ شيون ناجائز هونديون ۽ اهڙا ڪمائڻ جا ذريعا جن ۾ محنت ۽ مشقت کان سواءِ فائدو ورتو وڃي انهن کي روڪيو ويندو.
    (7) مال جائز طريقن سان حاصل ڪرڻ سان گڏ اهو صحيح جڳهه ۽ ٺيڪ مقدار ۾ صرف ڪيو وڃي. ان ۾ نه حد کان وڌيڪ خرچ هجي ۽ نه ڪنجوسي بلڪ وچٿرائي هجي.
    (8) دولت جي اظهار ۽ معيار زندگي ۾ سوسائٽي جي عمومي حالت جو خيال ڪيو ويندو. (جنهن کي شاهه ولي الله رفاهيت متوسطه سان تعبير ڪيو آهي.) يعني نه پرتڪلف ۽ عياشانه طرز زندگي اختيار ڪئي وڃي جيڪا سماج ۾ چند ماڻهو ئي ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي وري غيرمهذب، جهنگلي ۽ بربريت واري زندگي جيڪا فطري قانون جي خلاف هجڻ سان گڏ معاشري لاءِ تباهه ڪن به آهي.
    (9) جيڪي افراد طبعي ڪمزوري جي ڪري يا موقعن جي نه ملڻ سبب معاشي جدوجهد کان محروم آهن ته انهن جي معاشي ڪفالت سوسائٽي جي ٻين فردن تي لازم هوندي ان لاءِ مناسب موقعا مهيا ڪيا ويندا. ۽ اجتماعي ضرورت هيٺ مالدارن تي زڪوات، فطره کان عليحده به ٽيڪس لڳايا ويندا ته جيئن توازن قائم رکي سگهجي.
    (10) جيڪي فلاحي ۽ اجتماعي اسڪيمون آهن، مثلاً زڪوات، صدقه ۽ فطرو وغيره انهن کي منظم ڪيو ويندو.
    (11) جيڪي انفرادي ۽ شخصي نوعيت جا احڪام آهن، مثلاً وراثت، وصيت وغيره انهن جي خرچ لاءِ صحيح ادارا قائم ڪيا ويندا.
    (12) حقن جي حفاظت لاءِ انصاف تي ٻڌل ادارا جوڙيا ويندا جن ۾ انسانن جا هڪ ٻئي تي جيڪي مالي حق ٿين ٿا (جيئن والدين جو نفعو اولاد تي، يا ننڍي اولاد جو پيءُ تي يا زال جو مڙس تي وغيره) انهن کي حقيقي مستحقن تائين پهچايو ويندو.
    مختصر تفصيل ۽ جائزو
    مٿين ذڪر ڪيل اسلامي اقتصادي تعليمات جي باري ۾ ٻارهن اصولن جو ڪجهه تفصيل هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو ته:
    پهرئين ۽ ٻي تعليم تي عمل ڪرڻ سان هي لازمي طور تي نتيجو نڪرندو ته سوسائٽي جا سڀ ماڻهو (جيڪي صلاحيت ۽ استعداد رکن ٿا) پنهنجو ديني ۽ اخلاقي ۽ قومي فريضو سمجهي ڪري معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺندا، جنهن سان ملڪي ۽ قومي دولت ۾ بي پناهه اضافي سان گڏ سوسائٽي ۾ معاشي خوشحالي جنم وٺندي ۽ معاشرو ڪيترين ئي اخلاقي براين ۽ بڇڙين عادتن کان محفوظ رهندو جيڪي بيڪار، مفت خوري ۽ آرام پسندي سان پيدا ٿينديون آهن.
    ٽين تعليم تي عمل ڪرڻ سان معاشري ۾ سڀني فردن جون معاشي ضرورتون ۽ بنيادي حاجتون آساني سان پوريون ٿي وينديون.
    چوٿين ۽ پنجين تعليم (جيڪا ابتداء ملڪيت ۽ انتقال ملڪيت جي باري ۾ آهي) تي عمل ڪرڻ سان معاشري جي فردن جي معاشي حقن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو ۽ ان سان گڏ معاشرو جهيڙن، جهٽن کان محفوظ رهندي عدل ۽ انصاف سان قائم رهندو. ڇهين تعليم تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ معاشري ۾ حلال رزق جي ڪمائڻ جا ذريعا پکڙبا، جنهن سان هر هڪ جي حق جو تحفظ ٿيندو. معاشري ۾ استحصال ۽ استبداد جي باهه نه ڀڙڪي سگهندي، (جنهن جي ڪري بقول شاهه ولي الله اجتماعي اخلاقيات خراب ٿي وڃي ٿي.) ڇهين نمبر تعليم تي جيڪڏهن صحيح طريقي سان عمل ڪيو وڃي ته ان سان سرمايي ۽ محنت ۾ بهترين توازن پيدا ڪري معاشري کي ترقي ڏانهن وٺي سگهجي ٿو. هن سان انهن سڀني طريقن جي، جيڪي دولت کي چند هٿن جو قيدي بڻائي ان کي سماج ۾ ڦهلجڻ نٿا ڏين، پاڙ پٽجي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي پيداوار جي وسيلن ۽ دولت تي ڪنهن مخصوص گروهه جي اجاره داري به قائم نه ٿي سگهندي.
    ستين تعليم تي عمل ڪرڻ سان مال اجايو خرچ نه ٿيندو، بلڪ ان کي محفوظ ڪيو ويندو، جنهن سان انساني فلاح ۽ بهبود جا رستا کوليا ويندا. اٺين تعليم تي عمل ڪرڻ سان هڪ بهترين اخلاقي معاشرو وجود ۾ ايندو. پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڊوڙ ختم ٿي ويندي جيڪا حقيقت ۾ ناجائز ۽ حرام ذريعن سان مال حاصل ڪرڻ جي جڙ آهي. معيار زندگي ۾ يڪسانيت سان ذهني بيچيني پيدا نه ٿي سگهندي (ڇو ته بخل ۽ حرص جا جراثيم ختم ٿي وڃن ٿا.)
    نائين تعليم جو هي اثر ٿيندو ته معاشري جي سڀني فردن جون بنيادي ضرورتون آساني سان پوريون ٿي وينديون ۽ گڏ ڏهين ۽ يارهين تعليم کي منظم ڪرڻ سان اها ذميواري (يعني ڪمزرون، معذورن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ) بهترين طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي ٿي. ان سان هڪ بهترين سماج تشڪيل ٿيندو.، بقول شاهه ولي الله جي ته معاشري جي ڀلائي ۽ ترقي ان ۾ آهي ته ان ۾ ڪوبه انسان بنيادي ضرورتن کان محروم نه هجي.) ۽ ٻاهرين تعليم تي عمل ڪرڻ سان دولت گڏ نه ٿي سگهندي، بلڪ فردن ۾ تقسيم ٿيڻ سان گهڻن انسانن کي ان مان فائدو وٺڻ جو موقعو ملندو.
    مٿي ذڪر ڪيل اسلامي اقتصادي تعليم جي ٻارهن نقطن جي باري ۾ هيءَ ڳالله بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي چئي سگهجي ٿي ته، جيڪڏهن انهن کي پنهنجي لوازمات سان گڏ صحيح طريقي سان انهن تي عمل ڪيو وڃي ته يقيني طورتي هڪ بهترين معتدل ۽ متوازن معاشي ڍانچو وجود ۾ ايندو، جنهن ۾ هر هڪ انسان جون بنيادي ضرورتون آساني سان پوريون ٿيڻ سان گڏ شخصيت جي تعمير، ۽ بقا ۽ واڌارو به بهترين انداز سان پروان چڙهندو. جنهن جي نتيجي ۾ معاشري جو گلدستو بهترين گلن سان مهڪجي پوندو. ۽ ان سان انسان جي جان، مال، عزت ۽ نسل جو تحفظ ٿي پوندو جيڪو هر انسان جو طبعي جذبو ۽ فطري خواهش هوندي آهي. غور طلب ڳالهه اها آهي ته معاشي مصيبتن ۾ جڪڙيل هجڻ جي بدران جڏهن انسان جون معاشي حالتون صحيح رهن ٿيون ته پوءِ اهو انسان الله جي معفرت ۽ ان جي شعور ڏانهن وکون وڌائي ترقي ڪندو وڃي پنهنجي منزل مقصود تائين پهچندو.

    سنڌيڪار: مولانا عبداللطيف نانگراج


    ڪڙمت ـ قرآن جي روشني ۾: مولانا محمد طاسين

    جيئن ته اسلامي شريعت ۽ فقه جو سرچشمو ۽ حقيقي ماخذ قرآن مجيد آهي، تنهن ڪري ڏسڻو هي آهي ته ڪڙمت جي معاملي ۾ انهيءَ جي اندر ڪهڙي هدايت ۽ رهنمائي موجود آهي.
    هتي هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ڪنهن به معاملي جي حرمت يا حلت بابت قرآن مجيد جو اسلوب ۽ طريقو هي آهي ته جڏهن اِهو هڪ ئي قسم جي ڪيترن ئي مسئلن بابت ڪو هڪڙو بنيادي حڪم ڏيڻ گھرندو آهي ته هو انهن سڀني مسئلن منجھان ڪنهن هڪ اهڙي مسئلي جي باري ۾ حڪم پيش ڪندو آهي جيڪو عام طور تي مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڄڻ ته هو اهو فرمائيندو ۽ هدايت ڏيندو آهي ته منهنجي اڳيان انهيءَ خاص مسئلي بابت، جنهن جي شڪل ۽ حقيقت کي توهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو حڪم موجود آهي، اهو ئي حڪم هر انهيءَ مسئلي تي به لاڳو ٿيندو جنهن جي شڪل ۽ صورت ۽ حقيقت، پنهنجي روح ۽ پنهنجي اثر ۽ نتيجي جي لحاظ کان، انهي خاص مسئلي سان ملندڙ جلندڙ ۽ هڪجهڙائي رکندڙ آهي. اهڙيءَ طرح هڪ بنيادي مسئلي جي پٺيان هڪ مستقل قانون ٻڌايل هوندو آهي. استدلال جي انهيءَ طريقي جو منطق جي اندر نالو ”تمثيل“ ۽ اصول فقھ ۾ ”قياس“ آهي.
    معاشي معاملن جي جواز ۽ عدم جواز جي باري ۾ قرآن حڪيم جو جيڪو بنيادي قانون ۽ عام حڪم آهي سو به انهيءَ ئي اسلوب تحت بيان ڪيو ويو آهي، يعني ٻن بنيادي معاملن جي باري ۾ ٻه مختلف حڪم بيان ڪيا ويا آهن. سورة البقره ۾ فرمان باري تعالى آهي:
    وَاَحَلَّ اللہُ الْبَيْعَ وَحَرَّمَ الرِّبٰوا ﴿البقرة: ٢٧٥﴾
    ”۽ الله واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي.“
    قرآن حڪيم جي هن آيت مان ظاهري طور تي ٻن بنيادي ۽ مخصوص معاشي معاملن بابت ٻه مختلف حڪم آهن. واپار جي باري ۾ هيءُ حڪم ٻڌايو ته هي حلال ۽ جائز آهي ۽ وياج جي باري ۾ ٻڌايو ته هي حرام ۽ ناجائز آهي. پر هي ٻئي حڪم رڳو انهن ٻنهي مسئلن سان خاص طرح لاڳو نه آهن، پر انهيءَ جهڙن ٻين سڀني معاملن سان به لاڳو آهن. ڄڻ ته هنن ٻنهي آيتن ۾ اهو فرمايو ويو آهي ته اهڙو هر معاشي معاملو جيڪو پنهنجي شڪل صورت، حقيقت، بناوت، روح، اثر ۽ نتيجي جي لحاظ کان واپار سان هڪجهڙائي رکي ٿو ته اهو حلال ۽ جائز آهي ۽ هر اهو معاملو جيڪو پنهنجي شڪل صورت، حقيقت، بناوت، روح، اثر ۽ نتيجي جي لحاظ کان وياج سان هڪجهڙائي رکندڙ ۽ ملندڙ جلندڙ هوندو ته اهو حرام ۽ ناجائز آهي. اهڙيءَ طرح هن آيت ۾ ڄڻ ته ٻه قاعدا ۽ اصول بيان ڪيا ويا آهن جن جي روشني ۾ اڻ ڳڻين معاشي معاملن جي باري ۾ قرآني حڪم معلوم ڪري سگھجي ٿو. يعني انهيءَ منجھان هي به معلوم ڪري سگھجي ٿو ته ڪهڙا معاملا مشتبھ ۽ مڪروهه آهن. پهرين قسم جي معاملن ۾ اهي سڀ معاملا اچي وڃن ٿا جيڪي واپار سان هڪجهڙائي رکن ٿا. ٻئي قسم جي معاملن ۾ اهي سڀئي معاملا اچي وڃن ٿا جيڪي وياج سان مڪمل طور هڪجهڙائي رکن ٿا ۽ ٽئين قسم جي معاملن ۾ اهي سڀئي معاملا اچي وڃن ٿا جيڪي ڪن ڳالهين ۾ واپار سان ته ڪن ڳالهين ۾ وري وياج سان مشابهت يا هڪجهڙائي رکن ٿا.
    هاڻي اسان پنهنجي اصل موضوع يعني ”ڪڙمت“ يا ”هارپي“ ڏانهن اچون ٿا. قرآن مجيد ۾ انهيءَ باري ۾ نه ته ان جو وضاحت سان ذڪر ٿيل آهي ۽ نه وري خاص طرح سان اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو عمل حلال ۽ جائز آهي يا حرام ۽ ناجائز. باقي قرآن مجيد جي مٿي ذڪر ڪيل بنيادي اصول جي روشني ۾ انهيءَ معاملي جي باري ۾ قرآن جو بنيادي حڪم ضرور معلوم ڪري سگھجي ٿو. هاڻي ڏسڻو هي آهي ته جيڪڏهن هي معاملو واپار سان مشابهت يا هڪجهڙائي رکي ٿو ته قرآني تعليمات موجب حلال ۽ جائز آهي ۽ جيڪڏهن وياج سان هڪجهڙائي رکي ٿو ته پوءِ پڪ سان حرام ۽ باطل آهي.
    انهيءَ اصول کي سامهون رکندي جڏهن اسان غور سان ڏسون ٿا ۽ ان معاملي جو گھرائيءَ سان تجزيو ڪريون ٿا ته هيءَ ڳالهه سامهون اچي ٿي ته هي واپار سان نه پر وياج سان هڪجهڙائي رکندي نظر اچي ٿو. اهو هئين ته، جهڙيءَ طرح وياج جي معاملي ۾ وياج خور جي مُوڙي محفوظ رهي ٿي ۽ معاملو ختم ٿيڻ تي کيس ڪنهن به گھٽتائي کانسواءِ واپس ملي وڃي ٿي، اهڙيءَ ئي طرح ڪڙمت جي معاملي ۾ به مالڪ جي لاءِ زمين جيئن جو تيئن محفوظ رهي ٿي ۽ معاملو ختم ٿيڻ کان پوءِ بغير ڪنهن گھٽتائي جي کيس واپس ملي وڃي ٿي. فصل لهڻ کان پوءِ ائين ڪونه ٿيندو آهي ته زمين جي قيمت ۾ گھٽتائي اچي ويندي هجي. يعني ائين نه ٿيندو آهي ته فصل پوکڻ کان پهريان ته ان جي قيمت هڪ لک روپيه في ايڪڙ هجي ۽ فصل لهڻ کان پوءِ ان جي قيمت گھٽجي نوي هزار ٿي وڃي. اڃا به ان جي برخلاف ڪڏهن ڪڏهن ائين ضرور ٿيندو آهي ته جڏهن هڪ غير آباد يا ڪلراٺي زمين کي هاري وڏي محنت سان ٺاهيندو آهي ۽ ڀاڻ ۽ پاڻي وغيره صيحيح طرح سان ڏيندو آهي ته اهڙيءَ طرح پوکيءَ کان پوءِ ان زمين جي قيمت وڌي ويندي آهي. ان کانسواءِ جهڙي طرح وياج ۾ واڌو مال (وياج) جي بدلي ۾ وياج خور جي طرفان ڪابه پيداواري محنت ڪانه ٿي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري هو واڌو مال جو حقدار ٿي سگھي؛ اهڙيءَ ئي طرح ڪڙمت جي معاملي ۾ به زمين جو مالڪ ڪڙميءَ کان جيڪو فصل جي پيداوار مان حصو وٺي ٿو انهيءَ جي بدلي ۾ مالڪ جي طرفان ڪا به محنت نه ڪئي ويندي آهي جيڪا کيس پيداوار ۾ حصيداري جو حقدار بڻائي سگھي. تنهن ڪري جهڙيءَ طرح وياج خور ٻئي جو مال ناحق سان وٺندو آهي انهيءَ ئي طرح ڪڙمت جي معاملي ۾ به زمين جو مالڪ ڪڙميءَ جو مال ناحق سان وٺندو آهي ۽ پوءِ جهڙيءَ طرح وياج ۾ هڪ ڌر رضا خوشيءَ سان نه پر مجبوريءَ سان انهيءَ معاملي ۾ شريڪ ٿيندي آهي جو ان وٽ ضرورت موجب مال موجود نه هوندو آهي، اهڙيءَ ئي طرح ڪڙمت جي معاملي ۾ به هڪ ڌر يعني ڪڙمي رضا خوشيءَ سان نه پر انهيءَ مجبوريءَ جي ڪري ڀائيوار ٿيندو آهي جو وٽس ضروت جي آڌار پنهنجي زمين نه هوندي آهي. انهيءَ جي ثابتي هيءَ آهي ته جنهن به ماڻهو وٽ ضرورتن جي پورائي لاءِ پنهنجي زمين موجود هوندي ته هو ڪڏهن به ڪڙمت تي ٻئي جي زمين نه ڪاهيندو.
    بهرحال غور سان ويچار ڪري ڏٺو وڃي ته ڪڙمت جو معاملو پنهنجي حقيقت، بناوت، اڳ پوءِ، نتيجي ۽ اثرن جي لحاظ کان وياج سان هڪجهڙائي رکندي نظر اچي ٿو. تنهن ڪري قرآن پاڪ جي روشني ۾ جيڪو حڪم وياج جو آهي سو ئي انهيءَ معاملي سان به لاڳو ٿيندو.
    انهيءَ معاملي سان تعلق رکندڙ هيءَ حديث نبوي ﷺ جنهن کي امام حاڪم پنهنجي حديث جي ڪتاب المستدرڪ ۾ بيان ڪيو آهي، پڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪڙمت وياج وانگر آهي. اها حديث هن طرح آهي:
    عن ابي الزبير عن جابر رضي الله عنه بن عبدالله قال لما نزلت اَلَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ الرِّبٰوا لَايَقُوْمُوْنَ اِلَّا كَـمَا يَقُوْمُ الَّذِيْ يَتَخَبَّطُہُ الشَّيْطٰنُ مِنَ الْمَسِّالايه قال رسول الله ﷺ
    من لم يذرالخابرة فليوذن بحرب من الله و رسوله هذا حديث صحيح علىٰ شرط المسلم ص ۲۸۶ ج ۲۔
    ”ابو الزبير حضرت جابر ؐ کان روايت ڪندي چيو ته جڏهن وياج جي حرمت بات قرآن مجيد جي هيءَ آيت نازل ٿي: اَلَّذِیۡنَ یَاۡكُلُوۡنَ الرِّبٰوا لَا یَقُوۡمُوۡنَ اِلَّا کَمَا یَقُوۡمُ الَّذِیۡ یَتَخَبَّطُہُ الشَّیۡطٰنُ مِنَ الْمَسِّ ؕ الخ ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: جيڪو مخابرت کي نه ڇڏي انهيءَ لاءِ الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي طرف کان اعلان جنگ آهي. يا هي ته هو الله ۽ ان جي رسول ﷺ سان جنگ جوٽي ٿو.“
    هتي اهو ذهن ۾ هجي ته هن حديث ۾ جنهن مخابره جو ذڪر آهي سا اصل ۾ ڪڙمت ئي آهي. ڇو ته حضرت زيدؐ کان جڏهن پڇيو ويو ته مخابره ڇا آهي؟ ته پاڻ جواب ڏنائون ته: ”تنهنجو زمين کي پوکيءَ لاءِ ڏيڻ تي پيداوار مان اڌ يا ٽيون يا چوٿون حصو وٺڻ.
    ذڪر ڪيل حديث جنهن کي امام حاڪم مسلم جي شرط تي صحيح ٻڌايو آهي، انهيءَ ڳالهه تي دلالت ڪري ٿي ته مخابرت يا ڪڙمت جو معاملو وياج جي معاملي وانگر آهي؛ هڪ انهيءَ جي ڪري جو هيءَ حديث ان وقت فرمائي وئي جڏهن سورة بقره ۾ وياج جي حرمت جون آيتون نازل ٿيون ۽ ٻيو ان ڪري جو ان ۾ مخابره نه ڇڏڻ وارن لاءِ به اهي ئي ڌمڪيءَ وارا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي وياج نه ڇڏڻ وارن جي لاءِ فرمايا ويا آهن، يعني:
    فَاِنْ لَّمْ تَفْعَلُوْا فَاْذَنُوْا بِحَرْبٍ مِّنَ اللہِ وَرَسُوْلِہ ۚ
    ان کان سواءِ ٻيون ٻه اهڙيون حديثون به ملن ٿيون جن ۾ انهيءَ معاملي کي چٽيءَ طرح وياج سڏيو ويو آهي. هڪ سنن ابي داؤد ۽ معاني الآثار طحاوي جي هيءَ حديث: عن ابن ابي نعم قال حدثني رافع رضي الله عنه بن خديج انه زرع رضا فمربه النبي ﷺ وهو يسقيها فسئاله عن الزرع ولمن الارض، فقال زرعي ببذري و عملي، لي الشطر ولبني فلان الشطر فقال ﷺ اربيتما فرد الارض على اهلها وخذ نفقتک
    ”ابن ابي نعم روايت ڪندي چيو ته مونکي رافعؐ بن خديج ٻڌايو ته پاڻ هڪ زمين جي پوکي ڪيائين. جڏهن پاڻ ان (فصل) کي پاڻي ڏئي رهيو ته نبي ڪريم ﷺ جن اتان گذريا. پاڻ ﷺ جن کائنس پڇيو ته فصل ڪنهن جو آهي ۽ زمين ڪنهنجي آهي؟ مون عرض ڪيو ته فصل منهنجي ٻج ۽ محنت سان ٿيو آهي، اڌ اپت منهنجي ۽ اڌ فلاڻي ماڻهو جي ٿيندي. انهيءَ تي پاڻ ﷺ جن فرمايو ته تون وياج ۾ مبتلا آهين، زمين مالڪن کي موٽائي ڏي ۽ پنهنجو خرچ واپس وٺي ڇڏ.“
    ٻي حديث وري هيءَ آهي جنهن کي طبراني ”معجم الاوسط“ ۾ بيان ڪيو آهي:
    عن مسور رضي الله عنه بن مخرمة قال مر رسول الله ﷺ بارض لعبد الرحمٰن بن عوف فيها زرع فقال يا ابا عبدالرحمٰن لا تاکل الربوا ولا تطعمه ولا تزرع الافي الارض ترثها او تورثها او تمخها. (مجمع الزوائد ج۴ ص ۱۲)
    ”حضرت مسورؐ بن مخرمه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن عبدالرحمٰن بن عوفؐ سان گڏ هڪ زمين وٽان گذريا جنهن ۾ فصل پوکيل هو. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته اي ابو عبدالرحمٰن، نه وياج کاءُ نه کاراءِ، ۽ ڪنهن زمين جي پوکي نه ڪر سواءِ اهڙي زمين جي جنهن جو تون وارث هجين يا فرمايو ته وارث ڪيو ويو هجين يا توکي مفت ۾ ڏني وئي هجي.“
    پهرين حديث ۾ ”اربيت“ يا ”اربيتما“ جا لفظَ ۽ ٻي حديث ۾ ”لا تاکل الربوٰ“ جا لفظ چٽيءَ طرح سان ٻڌائين ٿا ته ڪڙمت يا مخابرت جو هي معاملو، وياج جي معاملي وانگر آهي ۽ جهڙيءَ طرح وياج حرام ۽ ناجائز آهي اهڙيءَ ئي طرح هي معاملو به حرام ۽ ناجائز آهي. اهو ئي سبب آهي جو رسول الله ﷺ جن رافع بن خديجؐ کي وقت کان اڳي ان معاملي کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ حضرت عبدالرحمٰن بن عوف کي به انهيءَ کان منع فرمايو:
    مفسرين منجھان علامه ابن ڪثير سورة البقره جي وياج جي حرمت واري آيت جي تفسير ۾ مخابرت جي باري ۾ حضرت جابر ؐ جي مٿي ذڪر ڪيل حديث نقل ڪرڻ کان پوءِ جيڪو لکيو آهي سو هي آهي:
    انما حرمت المخابرة وهي المزارعة ببعض ما يخرج من الارض، والمزابنة وهي اشتراء الرطب في روؤس النخل بالتمر عليٰ وجه الارض والمحاقلة وهي اشتراء الحب في سنبله في الحقل بالحب علي وجه الارض، انما حرمت هٰذه الاشياء وما شاکلها حما لمادت الربوٰ. (تفسير ابن ڪثير: ج۱ ص ۳۲۷)
    ”اهو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجھه نه آهي ته حرام ڪيو ويو آهي ”مخابره“ کي جيڪو پيداوار جي هڪ حصي تي زمين کي پوکيءَ لاءِ ڏيڻ جو نالو آهي، ۽ ”مزابنه“ کي جيڪو وڻ ۾ لڳل تازين کارڪن کي زمين تي پيل خشڪ ڇوهارن جي عيوض خريد ڪرڻ آهي ۽ ”محاقله“ کي جيڪو بيٺل فصل جي سنگن ۾ موجود اَنَ کي خشڪ اَنَ جي بدلي ۾ خريد ڪرڻ آهي، اهو ۽ ان قسم جا ٻئي معاشي معاملا رڳو انهيءَ ڪري ئي حرام ڪيا ويا آهن ته جيئن وياج جي مڪمل طرح سان پاڙ پٽي وڃي.“
    انهيءَ عبارت ۾ علامه ابن ڪثير ؓ مخابره، مزابنه ۽ محاقله ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ معاشي معاملن کي حرام هجڻ جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته اهي سڀ وياج تي مبني معاملا آهن ۽ هي ته انهن کي حرام قرار ڏيڻ جو مقصد، وياج جو مڪمل طرح سان خاتمو ڪرڻ ۽ ان جون پاڙون پٽڻ آهي. انهيءَ عبارت ۾ هي به وضاحت آهي ته مخابره، ڪڙمت جو ٻيو نالو آهي.
    ٻيو هڪ عظيم مفسر علامه القرطبي، پنهنجي جليل القدر تفسير ”الجامع الاحکام القرآن“ ۾ وياج جي حرمت بابت آيل آيتن مان هن آيت: فَاِنْ لَّمْ تَفْعَلُوْا فَاْذَنُوْا بِحَرْبٍ مِّنَ اللہِ وَرَسُوْلِہٖ جي تفسير ۾ لکي ٿو:
    هٰذا الوعيد الذي وعد الله به في الربوٰ من المخاربة قدورد عن النبي ﷺ مثله في المخابرة عن جابر بن عبدالله قال سمعت رسول الله ﷺ يقول: من لم يذر المخابرة فليوذن بحرب من الله و رسوله و هذا دليل علي منع المخابرة وهي اخذ الارض بنصف او ثلث او ربع و يسميٰ المزاعة و اجمع اصحاب مالک کلهم و الشافعي و ابو حنيفه واتباعهم و داؤد عليٰ انه لا يجوز دفع الارض على الثلث و الربع ولا علي جزو ربما يخرج من الارض (ج۳، ص۳۶۷)
    ”الله ۽ ان جي رسول ﷺ سان جنگ جي هيءَ وعيد ۽ ڌمڪي وياج نه ڇڏڻ وارن جي لاءِ الله تعالى هن آيت ۾ بيان فرمائي آهي. بلڪل انهيءَ ئي طرح جي وعيد رسول الله ﷺ جن مخابره نه ڇڏڻ وارن جي لاءِ به فرمائي آهي. حضرت جابر ؐ بن عبدالله راوي آهي ته مون رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو، پاڻ فرمايائون: ”جيڪو ماڻهو مخابره نه ڇڏي انهيءَ لاءِ الله ۽ ان جي رسول جي طرف کان اعلان جنگ آهي“ هيءَ حديث مخابره جي منع هجڻ جو دليل آهي ۽ مخابره زمين کي اڌ، ٽئين پتي يا چوٿين پتي (جي حصيداري جي بنياد) تي پوکي لاءِ ڏيڻ کي چوندا آهن، جنهن جو ٻيو نالو ڪڙمت آهي. سڀئي مالڪي عالم، امام شافعيؓ، امام ابو حنيفه ؓ ۽ انهن جي ڪجھه پوئلڳن ۽ داؤد ۽ ظاهري جو انهيءَ ڳالهه تي اجماع آهي ته زمين کي پيداوار جي ٽئين، چوٿين يا ڪنهن به حصي پتي تي ڏيڻ جائز نه آهي.“
    علامه القرطبي جي ذڪر ڪيل عبارت هڪ ته انهيءَ ڳالهه جي چٽائي آهي ته مخابره وياج جهڙو ئي معاملو آهي. ٻيو ان ڳالهه جي به چٽائي آهي ته مخابره ۽ ڪڙمت هڪڙي ئي معاملي جا ٻه نالا آهن جنهن جي حقيقت هيءَ آهي ته زمين کي ان جي پيداوار جي هڪ حصي يا پتي تي پوکي لاءِ ڏيڻ وٺڻ، ۽ ٽيون ان ڳالهه جي چٽائي ته انهيءَ معاملي جي عدم جواز تي امام مالڪؓ ۽ ان کي مڃڻ وارا سڀئي علماء، امام ابو حنيفهؓ ۽ امام شافعيؓ ۽ انهن جا ڪجھه پيروڪار، ان کان سواءِ فقه ظاهري جو امام داؤد، سڀئي متفق آهن. بهرحال منهنجي اها دعوى ته ڪڙمت جو معاملو وياج جي معاملي سان هڪجهڙائي رکي ٿو، سو علامه ابن ڪثير ۽ علامه القرطبي جي ذڪر ڪيل بيانن مان چڱيءَ طرح سان ثابت ٿئي ٿو. ائين کڻي چوان ته جيڪا ڳالهه مان چئي رهيو آهيان اها ئي ڳالهه ڪجھه چوٽيءَ جا مفسرينِ قرآن به پنهنجي تفسيرن ۾ لکي چڪا آهن.
    جيستائين منهنجي علم ۽ مطالعي جو تعلق آهي، ته ڪڙمت جي موضوع تي باقاعدي لکڻ وارن عالمن سڳورن پنهنجي بحث ۽ تحقيق جو دائرو صرف حديث ۽ فقه تائين محدود رکيو آهي؛ ڪنهن به قرآن جي حوالي سان انهيءَ تي بحث ناهي ڪيو. جڏهن ته عالمن جو عقيدو ۽ دعوى هميشه کان هيءَ رهي آهي ته قرآن مجيد ۾ انساني زندگيءَ سان تعلق رکندڙ هر مسئلي بابت تفصيلي يا اجمالي طور تي هدايت ۽ رهنمائي پڪ سان موجود آهي. مون انهيءَ دعوى مطابق ڪوشش ڪئي آهي ته سڀ کان پهريان ڪڙمت جي مسئلي سان تعلق رکندڙ قرآني هدايت کي ڄاتو وڃي. سو انهيءَ باري ۾ پنهنجي علمي ۽ فڪري حيثيت ۽ طالب علمي جستجو موجب جيڪو ڪجھه قرآن ڪريم مان سمجھي سگھيو آهيان تنهن کي مٿي ذڪر ڪيل سٽن ۾ پيش ڪري ڇڏيو اٿم، جيڪو صحيح آهي يا غلط يا ڪيتري حد تائين صحيح آهي ۽ ڪيتري حد تائين غلط؟ انهيءَ جو فيصلو کليل ذهن وارا منصف مزاج عالم سڳورا ئي ڪري سگھن ٿا. تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي موقف سان اتفاق نه هجي ۽ اهو منهنجي نتيجي ۽ فڪر کي صحيح نه سمجھندو هجي ۽ گڏوگڏ ان جي اها دعوى به هجي ته ڪڙمت هڪ جائز ۽ حلال معاملو آهي ته انهيءَ لاء لازم آهي ته قرآن مجيد مان ٻيو ڪو اصولي ۽ بنيادي تصور پيش ڪري، جنهن مان ڪڙمت جو جواز نڪري سگهندو هجي. هتي رڳو ائين چئي ڇڏڻ صحيح ۽ ڪافي نه ٿيندو ته جيئن ته عالمن ۽ پوءِ وارن فقيهن انهيءَ مسئلي جي باري ۾ قرآن مجيد مان استدلال ضروري نه سمجھيو آهي تنهن ڪري اڄ اسان کي به انهيءَ جي ضرورت نه آهي. ان جو جواب هي آهي ته جيئن ته اڳين عالمن جي سامهون هيءُ مسئلو اهڙيءَ طرح نه هو جهڙيءَ طرح اڄ اسان جي سامهون موجود آهي؛ اهڙيءَ طرح انهن جي زماني ۾ نه عام طرح اها دعوى هئي ته قرآن مجيد اصولن جي لحاظ کان هڪ اهڙو جامع ۽ ڪامل ڪتاب آهي جنهن ۾ انساني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هر مسئلي بابت گھٽ ۾ گھٽ اصولي ۽ بنيادي هدايت ضرور موجود آهي ۽ نه انهن کان هيءُ مطالبو ڪيو ويندو هو ته ڪڙمت جي مسئلي بابت هو حديث سان گڏ قرآن مجيد مان به رهنمائي ۽ روشني پيش ڪن؛ ۽ جيئن ته اڄ هيءَ دعوى به عام آهي ۽ هيءُ مطالبو به آهي، تنهنڪري اسان جي لاءِ هيءُ ضروري ٿي پوي ٿو ته اسان ڪڙمت جهڙي اهم مسئلي بابت حديث نبوي سان گڏوگڏ قرآن مجيد مان به گھٽ ۾ گھٽ اصولي هدايت ضرور پيش ڪريون. اها ڳالهه انهيءَ لاءِ به ضروري آهي ته اڄ جو قانوني ذهن ڪنهن جزوي قانون جي صحت ۽ عدم صحت ۽ انهيءَ جي نظري حيثيت جو تعين انهيءَ اصولي تصور سان ڪري ٿو جنهن تي اهو جزوي قانون ٻڌل هوندو آهي. ان کان سواءِ ڪنهن خاص مسئلي بابت جڏهن حديثن ۽ روايتن ۾ اختلاف ڏٺو ويندو هجي، يعني ڪن مان ان جي جواز ۽ ڪن مان ان جي عدم جواز جو مفهوم نڪرندو هجي ته اهڙي صورت ۾ انهيءَ اختلاف کي سلجھائڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان ڀلو ۽ صحيح معيار قرآن مجيد ئي ٿي سگھي ٿو. تنهن ڪري جيڪي حديثون ۽ روايتون قرآن مجيد جي اصولي هدايت سان مطابقت رکندڙ هجن انهن کي بنا ڪنهن ڪنجھڻ ڪرڪڻ جي پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪي ان سان مطابقت ۾ نه هجن انهن کي مناسب ضاحت ۽ سمجھاڻيءَ سان ڇڏي ڏيڻ گھرجي.

    سنڌيڪار: احمد الدين شر بلوچ


    ڪڙمت – هڪ مڪمل وياج تي مبني عمل : پروفيسر ڊاڪٽر فاروق عزيز

    اسلامي نقطه نگاهه کان ڪڙمت يا هارپي تي زمين ڏيڻ هڪ مڪمل وياج تي مبني ڌنڌو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو شروع کان وٺي آخر تائين وياج سان هڪجهڙائي رکي ٿو جنهن جو تفصيل هن طرح آهي:
    1. جهڙيءَ طرح وياج جي ڏيتي ليتي ۾ وياج خور پنهنجي رقم قرضدار کي خاص عرصي تائين استعمال لاءِ ڏيندو آهي بلڪل ائين ئي زمين جو رڳو نالي ۾ مالڪ به ”پنهنجي زمين“ ٻين کي استعمال / پوکي لاءِ ڏئي ٿو.
    2. جهڙي طرح وياج ۾ مدت جو تعين لازمي هوندو آهي اهڙيءَ ئي طرح ڪڙمت جي معاملي ۾ به مدت جو تعين ضروري هوندو آهي.
    3. وياج خور هڪ خاص عرصي کان پوءِ پهريان کان ئي طئي ٿيل واڌو رقم ۽ موڙي گڏي سڏي وصول ڪندو آهي. ائين ئي زمين جو مالڪ به پنهنجي زمين اصلي حالت ۾ ۽ ان مان حاصل ٿيل پيداوار وياج جي صورت ۾ وصول ڪندو آهي جڏهن ته ڍل جي صورت ۾ هو بلڪل قرض ڏيندڙ وانگر روڪ اضافي رقم وصول ڪندو آهي.
    4. زمين جو مالڪ ۽ وياج خور، ٻنهي مان ڪو به محنت ناهي ڪندو.
    5. جهڙي طرح وياج ۾ سرمائي جو مالڪ ناحق اضافي رقم وصول ڪندو آهي، اهڙيءَ ئي طرح زمين جو رڳو نالي ۾ مالڪ به زمين جي پيداوار ۾ ناحق حصيدار ٿيندو آهي.
    6. جهڙي طرح قرض وٺندڙ مجبوريءَ کان ئي وياج تي قرض وٺندو آهي، اهڙيءَ ئي طرح ڪڙمت جي ڪم ۾ به هاري ويچارو مجبور ٿي انهيءَ ڪم ۾ شامل ٿيندو آهي.
    7. واپار جو معاملو (بيع)، جنهن کي قرآن حلال سڏيو آهي، ان جو ڪو هڪ به اهڙو شرط نه آهي جيڪو وياج جي ڪاروبار يا ڪڙمت ۾ پورو ٿيندو هجي.
    انهيءَ ڪري رڳو عام فهم (Commonsense) جي بنياد تي ئي اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته ڪڙمت مڪمل طرح هڪ وياج تي مبني عمل آهي.
    قرآن جي نظر ۾ زمين جي پيداوار جو مالڪ اهو ئي آهي جيڪو ان تي محنت ڪري ٿو. قرآن پاڪ ۾ ڪڙمت جي عمل جي واضح طرح نفي ڪئي وئي آهي. ارشاد باري تعالى آهي:
    وَہُوَالَّذِيْٓ اَنْشَاَ جَنّٰتٍ مَّعْرُوْشٰتٍ وَّغَيْرَ مَعْرُوْشٰتٍ وَّالنَّخْلَ وَالزَّرْعَ مُخْتَلِفًا اُكُلُہٗ وَالزَّيْتُوْنَ وَالرُّمَّانَ مُتَشَابِہًا وَّغَيْرَ مُتَشَابِہٍ۝۰ۭ كُلُوْا مِنْ ثَمَرِہٖٓ اِذَآ اَثْمَرَ وَاٰتُوْا حَقَّہٗ يَوْمَ حَصَادِہٖ۝۰ۡۖ وَلَا تُسْرِفُوْا۝۰ۭ اِنَّہٗ لَا يُحِبُّ الْمُسْرِفِيْنَ۝۱۴۱ۙ ﴿الأنعام: ١٤١﴾
    ”۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڇپرن وارا ۽ بنا ڇپرن وارا باغ ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ڦر قسم قسم ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ جھڙا ۽ جُدا جُدا قسم جا پيدا ڪيا، جڏھن ڦرن تڏھن سندن ڦر مان کائو ۽ سندن لاباري وقت الله جو حق (سندن زڪوٰة) ڏيو، ۽ اجايو نه وڃايو، ڇو ته الله اجايو وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.“
    هن آيت ۾ الله تعالى جتي پنهنجي نشانين جو ڪجھه ذڪر ڪيو آهي اتي گڏوگڏ جنهن عظيم الشان حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي سا هيءَ آهي ته جڏهن زرعي پيداوار حاصل ٿئي ته ان مان ان جو حق ادا ڪريو يعني ضرورتمندن کي به انهيءَ مان ڏيو. اتي غور ڪرڻ جوڳي ڳالهه هيءَ آهي ته لاباري واري ڏينهن انفاق جو حڪم ڪنهن کي ڏنو پيو وڃي؟ قرآن جي لفظن تي غور ڪريو؛ ”وَاٰتُوْا حَقَّہٗ يَوْمَ حَصَادِہٖ“ (۽ لاباري واري ڏينهن ان جو حق ادا ڪريو)، هيءُ حڪم لاباري ڪندڙ کي ڏنو پيو وڃي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هن آيت ۾ لابارو ڪندڙ کي زرعي پيداوار جو مالڪ سمجھيو ويو آهي انهيءَ ڪري ئي ان کي انفاق جو حڪم ڏنو پيو وڃي. هتي هيءَ ڳالهه به توجهه گھري ٿي ته انفاق جو حڪم ”لابارو ڪرائيندڙ“ کي نٿو پيو ڏنو وڃي. ڇو ته ڪڙمت جي صورت ۾ زمين جو نالي ۾ هڪ مالڪ هوندو آهي ۽ ڪڙمي ان جي ميوي يا فصل ۾ لابارو وجھندو آهي، جنهن جو هن آيت ۾ ڪو به ذڪر نٿو ملي. زمين تي محنت ڪرڻ واري کي سندس محنت جو ڦل زرعي پيداوار جي صورت ۾ ملڻ تي ان جي ”اصل مالڪ“ کي انفاق جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته قرآن ڪريم صرف محنت ڪرڻ واري کي ئي زمين جي پيداوار جو مالڪ تسليم ڪري ٿو ۽ انفاق جو حڪم به ظاهر آهي ته مالڪ کي ئي ڏنو پيو وڃي ڪڙمي يا غلام کي نه، ڇو جو هو ته پيداوار جو مالڪ ئي ناهي هوندو.
    انهيءَ ڪري اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته قرآن جي نظر ۾ زمين جي پيداوار تي صرف ان تي محنت ڪندڙ جو ئي حق آهي ۽ هيءُ عمل پنهنجو پاڻ ڪڙمت جي کليل ترديد آهي، جنهن ۾ زمين جي پيداوار محنت ڪندڙ نه پر زمين جي نالي ۾ مالڪ جي ليکي ويندي آهي.
    انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ تصديق سورة القلم جي هيٺ ڏنل آيت مان به ٿئي ٿي:
    اَنِ اغْدُوْا عَلٰي حَرْثِكُمْ اِنْ كُنْتُمْ صٰرِمِيْنَ۝۲۲ ﴿القلم: ٢٢﴾
    ”جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پنھنجي پوک تي سويرو ھلو“
    قرآن مجيد جي هيءَ آيت به انهيءَ ڳالهه تي دلالت ڪري ٿي ته لابارو ڪندڙ ئي پيداوار جو مالڪ آهي. هتي هيءَ ڳالهه به غور لائق آهي ته لاباري جي وقت لابارو ڪندڙ لاءِ ان جي ”پنهنجي پوک“ حرثکم (پنهنجو فصل) جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي ان ڳالهه جو کليل دليل آهن ته رڳو نالي ۾ زمين جو مالڪ فصل جو مالڪ نه هوندو آهي پر لابارو ڪندڙ ئي ان جو مالڪ هوندو آهي.
    انهيءَ دليل جي بنياد تي ڪير هيءُ اعتراض ڪري سگھي ٿو ته هي ڪو الله تعالى جو حڪم نه آهي. پر سورة القلم ۾ ٻن ماڻهن جو قصو بيان ڪيو ويو آهي جن کي الله تعالى فصلن سان نوازيو هو، انهن لاباري لاءِ صبح جو سوير وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ وڃڻ کان پهريان هڪ ٻئي کي سڏ ڪيا؛ مٿي ذڪر ڪيل لفظ انهن سڏن جي ترجماني ڪن ٿا، تنهن ڪري انهيءَ بنياد تي هيءُ نتيجو ڪڍڻ صحيح نه آهي ته زمين جي پيداور تي صرف انهيءَ جي ئي حقداري آهي جيڪو ان تي محنت ڪري.
    هن قسم جو اعتراض انهيءَ ڪري مڃڻ جوڳو نه آهي جو:
    1. قرآن مجيد انهن جي هن مؤقف جي ڪٿي به تصديق ناهي ڪئي. الٽو هيءُ مؤقف قرآن مجيد جي بنيادي تعيلم سان مطابقت ئي نٿو رکي ٿو. انهيءَ ڳالهه جي چٽائي اڳ ۾ بيان ڪيل سورة الانعام جي آيت نمبر 141 ۾ به ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ چٽيءَ طرح زمين جي پيدوار تي صرف محنت ڪرڻ واري جو حق تسليم ڪيو ويو آهي.
    2. هي ڪو الڳ مثال نه آهي. ربا (وياج) جي حرمت جهڙو بنيادي حڪم به قران پاڪ ۾ سڌو سنئون ڪونه ڏنو ويو آهي. اهو به وياج جي حرمت تي اعتراض ڪندڙن جي قول جي هڪ حصي جي جواب ۾ آيو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:
    يٰٓاَيُّہَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللہَ وَذَرُوْا مَا بَقِيَ مِنَ الرِّبٰٓوا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ۝۲۷۸
    ﴿البقرة: ٢٧٨﴾
    ”اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.“
    مٿي ذڪر ڪيل آيت ۾ وياج جي حرمت جو بنيادي حڪم ”وَاَحَلَّ اللہُ الْبَيْعَ وَحَرَّمَ الرِّبٰوا“ (الله تعالى واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ وياج کي حرام) هن حڪم تي اعتراض ڪرڻ وارن جي قول جي جواب ۾ ڏنل حڪم جو هڪ ٽڪرو آهي. انهن لفظن کي اعتراض ڪرڻ وارن جي قول کان هٽائي ڇڏيو ته اعتراض ڪندڙن جي قول جي ڪابه حيثيت نٿي رهي. تنهن ڪري هيءُ جملو اعتراض ڪندڙن جي قول جي جواب جو ئي هڪ ٽڪرو آهي، پر ڇا ان مان وياج جي حرمت واري حڪم تي ڪو اثر پوي ٿو؟ پڪ سان نه؛ ته پوءِ مٿي ذڪر ڪيل آيت (القلم: 22) تي به ان قسم جو اعتراض نٿو ٺهي.
    قران جو هيءُ حڪم انهن سڀني آيتن جي تسلسل ۾ آهي جنهن موجب معاوضو رڳو محنت جو ئي تسليم ڪيو ويو آهي. اهي آيتون (267/2)، (32/4)، (141/7) ۽ (39/53) جي تسلسل ۾ آهن. ان کانسواءِ ان جو ربط انهيءَ بنيادي تصور سان به آهي، جنهن موجب زمين جي نجي ملڪيت ممڪن ئي ناهي. زمين مان انسان پنهنجي محنت سان جيڪو ڪجھه حاصل ڪري اهو ئي ان جو آهي. باقي زمين صرف الله تعالى جي آهي:
    اِنَّ الْاَرْضَ لِلہِ۝۰ۣۙ﴿الأعراف: ١٢٨﴾
    ”ساري زمين الله جي آھي“
    مٿي ڏنل دليلن سان قرآن مجيد مان ڪڙمت يا هارپي جي حرمت ثابت ڪئي وئي آهي، پر پوءِ به ڪجھه ٻين دليلن جي مدد سان به ان جو باطل هجڻ ثابت آهي.
    هتي هڪ سادو سوال ڪري سگھجي ٿو ته ڇا ڪڙمت کي قرآن پاڪ مان ثابت ڪري سگھجي ٿو؟ يا ان جي حق ۾ ڪو قرآني دليل پيش ڪري سگھجي ٿو؟
    ان جو جواب پڪ سان نفي جي صورت ۾ آهي. قرآن مجيد مان ڪڙمت جي ڪنهن به شڪل کي جائز ثابت نٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي اهڙو حڪم ڪو سڌو يا اڻ سڌو پيش ڪري سگھجي ٿو. اڃا به، جيئن مٿي ڏنل دليلن سان ثابت ڪيو ويو آهي، قرآن انهيءَ عمل جي وڏي واڪ ترديد ڪري ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته ڪڙمت جو تصور قرآن ڪريم جي سموري تعليم سان مڪمل ٽڪراءَ ۾ آهي. انهيءَ ڪري ان جو قرآن مجيد مان جائز ثابت ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي.
    هتي رڳو ائين چوڻ صحيح ۽ ڪافي نه ٿيندو ته ”جيئن ته علماء سلف ۽ فقيهن ۽ متقدمين انهيءَ باري ۾ قرآن مجيد مان استدلال ضروري نه سمجھيو تنهن ڪري اڄ اسان کي به انهيءَ جي ضرورت نه آهي“، ڇو ته علماءِ سلف جي سامهون اهو مسئلو انهيءَ شڪل ۾ نه هو جنهن شڪل ۾ اڄ اسان جي سامهون آهي. اهڙيءَ طرح انهيءَ زماني ۾ نه عام طور اها دعوى هئي ته قرآن مجيد اصولن جي لحاظ کان هڪ جامع ۽ ڪامل ضابطه حيات تي ٻڌل ڪتاب آهي، جنهن ۾ انساني زندگيءَ سان تعلق رکندڙ هر مسئلي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اصولي ۽ بنيادي هدايت موجود آهي. انهن کان اهو مطالبو به نه هو ته زراعت جي مسئلي تي اهي حديث سان گڏ قران مجيد مان به رهنمائي ۽ روشني پيش ڪن؛ پوءِ جيئن ته اڄ اها دعوى به عام آهي ۽ هي مطالبو به آهي، تنهن ڪري اسان لاءِ ضروري ٿي پوي ٿو ته اسان ڪڙمت جهڙي اهم مسئلي تي حديث نبويﷺ سان گڏ قران مجيد مان به گھٽ ۾ گھٽ اصولي هدايت ضرور پيش ڪريون. اهو سڀ ڪجھه انهيءَ لاءِ به ضروري آهي جو اڄ جو قانوني ذهن ڪنهن جزوي قانون جي صحت ۽ عدم صحت ۽ ان جي نظري حيثيت جو تعين انهيءَ اصولي تصور سان ڪندو آهي جنهن تي اهو جزوي قانون ٻڌل هوندو آهي“.•
    ڪڙمت جي ترديد ۾ سڀني وٽ مڃيل هڪ شرعي قائدو به موجود آهي، جيڪو هيءُ آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي غير آباد زمين جاگير جي طور تي ڏني وئي هجي ۽ اهو ماڻهو ان کي ٽن سالن تائين آباد نه ڪري سگھي ته حڪومت کي اهو اختيار حاصل آهي ته اهڙي ماڻهوءَ کان اها زمين واپس وٺي.“ هيءَ ڳالهه ته غير آباد زمين جو جاگيردار جيڪڏهن ٽن سالن تائين ان کي آباد نه ڪري سگھي ته ان کان پوءِ اهڙي زمين تان سندس حق ختم ٿي وڃي ٿو، ڪيترين ئي حديثن ۽ آثارن مان به ثابت آهي.
    انهيءَ حوالي سان مولانا محمد طاسين لکي ٿو: ”احتجار و تجحير جو مطلب آهي ته ڪنهن غير آباد زمين جي چئني پاسن کان پٿر وغيره کوڙي حدبندي ڪرڻ ۽ اهو ٻڌائڻ ته زمين جو هيءُ ٽڪرو منهنجي آباد ڪرڻ لاءِ آهي، ٻيو ڪو ان کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. مطلب ته انهيءَ تجحير و احتجار سان ڪو به ماڻهو جيتوڻيڪ ان غير آباد زمين جو مستقل مالڪ ڪونه ٿو ٿئي پر پوءِ به ايترو ضرور آهي ته ٽن سالن تائين کيس اها زمين آباد ڪرڻ جو حق حاصل رهي ٿو ۽ ٽن سالن تائين ٻيو ڪو به ان کي آباد نه ٿو ڪري سگھي. آباد نه ڪري سگھڻ جي صورت ۾ ٽن سالن کان پوءِ سندس پوک ڪرڻ جو حق ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هاڻي ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو جيڪو ان کي آباد ڪري ان جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو.“ 
    ڪنهن به غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ بابت هن سڀني وٽ مڃيل اصول کي اهي ماڻهو به مڃين ٿا جيڪي زمين جي ذاتي ملڪيت جا حامي آهن. اهو اصول به پنهنجو پاڻ ئي ڪڙمت جي کليل طرح مخالفت ڪري ٿو، جو ڪڙمت واري عمل جي موجودگيءَ ۾ اهو اصول بلڪل ئي بي معنى ٿي وڃي ٿو. ڇو ته جيڪڏهن ڪڙمت جو ڪو وجود هجي ها ته ڪو به ماڻهو وڏي کان وڏي زمين کي آباد ڪرائي سگھي ها ۽ ان صورت ۾ ٽن سالن جي پابندي هڪ بي معنى ڳالهه ٿي وڃي ٿي. تنهن ڪري شريعت جو اهو اصول کليل طرح ڪڙمت جي ترديد ڪري ٿو.
    انهيءَ جي لاءِ وڌيڪ ثبوت حضرت عمر ؐ جا اهي فيصلا آهن جن موجب پاڻ انهن زمينن کي سندن مالڪن کان واپس ورتيون جن تجحير جي ذريعي اهي زمينون پاڻ وٽ رکيون هيون. انهيءَ فيصلي جي اڳيان حضرت بلال بن حارث ؐ جي اها جاگير به اچي وئي جيڪا نبي ڪريمﷺ جن کيس عطا ڪئي هئي ۽ هو ان کي رضا خوشيءَ سان واپس ڏيڻ لاءِ راضي ڪونه هو. پر ان جي باوجود به حضرت عمر ؐ کانئس اها زمين زبردستي وٺي ٻين کي ورهائي ڏني. ”انهيءَ روايت مان ان معاملي بابت هيءُ نتيجو به ملي ٿو ته ان وقت مسلمانن مان ڪڙمت جو رواج ختم ٿي چڪو هو نه ته حضرت بلال بن حارث پنهنجي انهيءَ واڌو زمين کي هارپي تي ڏئي سگھي پيو ۽ حضرت عمر ؐ فرمائي سگھي پيو ته واڌو زمين ڪڙمت تي ڏئي ڇڏ. ائين ڪرڻ سان زمين به آباد ٿي وڃي ها ۽ ان جي ملڪيت به قائم رهي ها.“•
    ڪڙمت جي معاملي تي چئني وڏن فقيهن مان امام ابو حنيفه ؓ ۽ امام مالڪ ؓ جي راءِ ته ڪڙمت جي بلڪل ئي خلاف آهي. حضرت امام شافعيؓ وٽ به ڪڙمت هڪ باطل ۽ ناجائز معاملو آهي، پر هو باغ جي تيار فصل کي ٺيڪي تي ڏيڻ کي جائز سمجھي ٿو. امام احمد بن حنبلؓ جي راءِ موجب ڪڙمت جي صرف هڪ شڪل جائز آهي، جنهن ۾ ٻج به مالڪ جي طرفان هجي. پر جيڪڏهن ٻج به هاريءَ جي طرفان هجي ته پوءِ ڪڙمت جي هيءَ صورت ان وٽ به ناجائز آهي. ائين کڻي چئجي ته چئني امامن مان ٽن امامن، امام ابو حنيفه ؓ، امام مالڪ ؓ ۽ امام شافعي ؓ جو ڪڙمت جي باري ۾ آخري ۽ طئي ٿيل راءِ اها آهي ته ڪڙمت هڪ فاسد، باطل، مڪروهه ۽ حرام معاملو آهي. 
    اهو ئي سبب آهي جو ڪجھه آفريقي ملڪن ۾ جتي شافعي ۽ مالڪين جي گھڻائي آهي، اتي ڪڙمت جو نالو نشان به ڪونهي. ظلم ته اهو آهي جو امام ابو حنيفه ؓ جا پوئلڳ پنهنجي امام جي انهيءَ راءِ کي ڪابه اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.
    امام ابو حنيفه ؓ ڪڙمت جي باطل هئڻ بابت هڪ دليل هيءُ به ڏئي ٿو ته ڪڙمت جي معاملي ۾ آجر جنهن ماڻهوءَ کي اجير بڻائي ٿو تنهن جي اجرت ڳجھي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري فصل يا باغ مان ڪجھه حاصل نه ٿي سگھيو ته اجير جو سمورو ڪم بنا ڪنهن اجرت جي رهجي ويندو. جڏهن ته ڪجھه حديثن ۾ واضح هدايت موجود آهي ته آجر کي اجرت تي لڳائڻ کان پهريان ڪم جي نوعيت جي حساب سان اجر جو تعين ڪيو وڃي. نبي ڪريم ﷺ جن جي انهن واضح حڪمن جي روشنيءَ ۾ به ڪڙمت هڪ باطل عمل ثابت ٿي وڃي ٿو.
    قياسي نوعيت جو هڪ دليل هيءُ به آهي ته حضور ﷺ جن جي هڪ حديث ۾ اجير کي ان جي پيدا ڪيل شيءِ مان اجرت ڏيڻ کان منع ڪئي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪا شيءِ مزدور جي محنت سان وجود ۾ اچي انهيءَ ئي شيءِ جي صورت ۾ مزدور کي اجرت نه ڏني وڃي پر ان کان اڳ ٻي ڪا شيءِ اجرت طور ڏني وڃي. ڪڙمت جي اندر نبي ڪريم ﷺ جن جي انهيءَ حڪم جي کليل طرح خلاف ورزي آهي. ڇو ته ڪڙمت جي صورت ۾ هاريءَ کي معاوضو ان جي ئي پيدا ڪيل شيءِ مان ڏنو ويندو آهي.
    مٿي ڏنل دليلن جي بنياد تي آساني سان هن نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو ته ڪڙمت هڪ مڪمل طور تي باطل عمل آهي جيڪو قرآني حڪمن جي کليل طرح خلاف ورزي آهي ۽ مڪمل طرح وياج سان مشابهت رکندڙ آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به طرح سان انهيءَ فعل کي اسلامي قرار نٿو ڏئي سگھجي.

    سنڌيڪار: احمد الدين بلوچ


    تقليد ۽ اجتهاد : مولانا وحيدالدين خان

    انساني ذهن جا ٻه قسم آهي؛ تقليدي ۽ اجتهادي. تقليدي ذهن ۽ اجتهادي ذهن جي فرق کي سادي نموني هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته تقليدي ذهن مان مراد بند ذهن آهي ۽ اجتهادي ذهن مان مراد کليل ذهن. تقليدي انسان جو ذهني سفر هڪ حد تي پهچي رڪجي ويندو آهي. ان جي ابتڙ اجتهادي انسان جو ذهني سفر لڳاتار اڳتي وڌندو رهندو آهي. اهو موت کان اڳ ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو. ان فرق کي هن مثال مان سمجھو:
    شيڪسپيئر انگريزي ٻوليءَ جو تمام وڏو اديب آهي. سندس وفات ١٦١٦ع ۾ ٿي. ٻيو ان کان پوءِ جي زماني جو اديب جارج برنارڊ شا آهي، جنهن جي پئدائش ١٨٥٦ع ۾ ٿي. عملي زماني جي لحاظ کان ٻنهي جي وچ م تقريبا ٽن سئو سالن جو فاصلو آهي. برنارڊ شا جو مقام انگريزي ادب جي تاريخ ۾ شيڪسپيئر کان گھٽ آهي. برنارڊ شا ان جو ذڪر ڪندي چيو ته: ”منهنجو قد جيتوڻيڪ شيڪسپيئر کان ننڍو آهي پر مان شيڪسپيئر جي ڪلهن تي بيٺل آهيان.“
    هيءُ جملو مجتهدانه طرزِ فڪر جو هڪ مثال آهي. ان طرز فڪر مان سوچ جي بلندي، حوصلو ۽ همت پئدا ٿيندي آهي. جنهن معاشري جي ماڻهن ۾ اهو مزاج هجي تنهن جي ذهني ارتقا جو سفر بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندو. هر نئين ٽهي پوئين ماڻهن جي عملي سرمايي ۾ واڌارو آڻيندي ۽ ان کي وڌيڪ ترقي وٺرائي ايندڙ نسل تائين پهچائيندي رهندي.

    موجوده مسلم معاشرو
    هينئر مسلم معاشري کي وٺو. هاڻوڪي دؤر ۾ مسلمانن اندر ذهني ارتقا جو عمل تقريباً بيهجي ويو آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته انهن جي اندر مقلدانه طرز فڪر جو رواج پئجي ويو آهي ۽ مجتهدانه طرز فڪر جو ائين خاتمو ٿي چڪو آهي، ڄڻ اها ڪا برائي هجي ۽ جنهن کي ڇڏڻ ئي بهتر هجي. عام طور تي ماڻهن جو ذهن اهو ٺهي ويو آهي ته علم ۽ تحقيق جو سمورو ڪم علماءِ سلف ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري هينئر اسان جي ڪرڻ جو ڪم فقط هيءُ آهي ته اسان سندن ڪتابن کي پڙهون ۽ انهن جي پيروي ڪريون. پر ان قسم جي سوچ، فڪري ترقيءَ لاءِ هڪ مستقل رڪاوٽ آهي. ان معاملي ۾ مسلمانن لاءِ طرز فڪر جون ٻه صورتون ٿي سگھن ٿيون. اهي ٻئي صورتون هيٺيون آهن:
    • منهنجو قد اسلاف کان ننڍو آهي، پر مان اسلاف جي ڪلهن تي بيٺو آهيان.
    • منهنجو قد اسلاف کان ننڍو آهي، تنهن ڪري اسلاف جي پيرن ۾ پيو آهيان.
    ان ورڇ مطابق پهريون طرز فڪر مجتهدانه آهي. اهو مسلمانن جي عملي ۽ ذهني سفر کي لڳاتار ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهي. جنهن گروهه اندر اها فڪري روايت هجي، ان جو هر ايندڙ نسل پنهنجي پوئين نسل جو مڪمل احترام ڪندي ان جي ترقيءَ کي ڏاڪي جي طور استعمال ڪندو. اهڙيءَ ريت هر ايندڙ نسل پنهنجي پونئين نسل مان فائدو وٺندي اڳتي وڌندو رهندو.
    ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو طرز فڪر مقلدانه آهي. اهو مسلمانن جي ذهني سفر کي هڪ حد تائين روڪي ڇڏيندڙ آهي. ان طرز فڪر جا هڪ ئي وقت ٻه نقصان ٿيندا. هڪ هي ته اهڙا ماڻهو اسلام جي اعلى فڪري درجن کان محروم ٿي ويندا. هو وڌندڙ معرفت ۽ اؤسر کان واقف ٿي نه سگھندا. ان جو ٻيو نقصان هيءُ ٿيندو ته هو عملي ۽ فڪري ميدان ۾ ٻين قومن کان پوئتي رهجي ويندا. انسانيت جي روان دوان قافلي ۾ هو راهه جي دز بڻجي رهجي ويندا.
    اهو تقليدي طرز فڪر بلڪل اهوئي آهي، جنهن کي جاهلي واري دؤر جي مشهور شاعر عنتده بن اشداد العسبي (وفات ٤١٥ هه) پنهنجي شعر ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
    هل غادر الشعراء من متردم
    ان جو مطلب هيءُ آهي ته گذريل شاعرن ڇا ڪا جاءِ پيوند لڳائڻ لاءِ ڇڏي آهي؟ يعني هو سڀ ڪجھه چئي ويا آهن، هينئر ڪنهن شاعر لاءِ ڪا به شيءِ باقي نه رهي آهي جو هو ان ۾ ڪجھه واڌارو ڪري سگھي.
    ادب جي دنيا جو هيءُ طرز فڪر جڏهن مذهب ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي تقليدي فڪر چيو ويندو آهي ۽ ان قسم جو تقليدي فڪر ذهني ترقيءَ لاءِ زهرِ قاتل جي حيثيت رکي ٿو. اهو ماڻهن کي ذهني جمود ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ذهني جمود کان وڌيڪ هاڃيڪار ٻي ڪابه شيءِ ڪنهن فرد يا گروهه لاءِ ناهي.
    اجتهادي عمل جي اهميت
    اجتهاد رڳو ڪو ذهني مشغلو ڪونهي پر اجتهاد مسلمانن جي هڪ اهم ترين ضرورت آهي. اجتهادي عمل جي ذريعي اهل اسلام هر دؤر ۾ پنهنجي ديني حيثيت کي نئين سر قائم ڪندا رهندا آهن. هو بدلجندڙ حالتن ۾ اسلام کي ٻيهر موافق بڻائي هيءُ ثابت ڪندا آهن ته اسلام هڪ ابدي مذهب آهي. اهو هر ايندڙ زماني ۾ ايترو ئي مناسب(Relevent) آهي، جيترو قديم زماني ۾. ڄڻ ته اجتهاد جو عمل اسلامي فڪر کي مسلسل طور تي وقت پٽاندر (Update) بنائڻ جو هڪ ذريعو آهي.

    اجتهاد ڇا آهي؟
    اجتهاد مان مراد آزادانه راءِ قائم ڪرڻ نه آهي. اجتهاد مان مراد هيءَ آهي ته قرآن ۽ سنت کي اسلام جا اصل سر چشما (Sources) سمجهي، انهن تي غور ڪري قياسي يا استنباطي طور تي شريعت جا نوان احڪام معلوم ڪرڻ. حقيقت هيءَ آهي ته اجتهاد به تقليد جو ئي هڪ قسم آهي. عام مقلد فقيهن جي تقليد ڪندو آهي ۽ مجتهد اهو آهي، جيڪو خدا ۽ رسول جي تقليد ڪري ۽ قرآن ۽ حديث جي نصن تي غور ڪري سڌو سنئون احڪام جو استنباط ڪري.
    اجتهاد مان مراد اهو ئي فڪري عمل آهي، جنهن کي قرآن ۾ استنباط (النساءِ: ٨٣) چيو ويو آهي. فقيهن جي اصطلاح ۾ انهيءَ جو نالو ”قياس“ آهي. ٻين لفظن ۾ ان ڳالهه کي هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته اجتهاد مان مراد اڻ سڌيءَ طرح احڪام حاصل ڪرڻ آهي، جڏهن سڌيءَ طرح احڪامن حاصل ڪرڻ جي صورت بظاهر موجود نه هجي.
    استنباط جو لفظ ”نبط“ مان ورتل آهي. نبط جي لفظي معنى آهي زمين جي اندران پاڻي جو ڪڍڻ. ”استنباط الفقيهه“ يعني فقيهه جو قرآن ۽ حديث ۾ غور ڪري ان جي لڪل معنى کي ڪڍڻ. مفسر القرطبي لکيو آهي: ”الاستنباط في اللغة، الاستخراج وهو يدل علي الاجتهاد اذا عدم النص والاجماع“ (الجامع الاحکام القرآن ٥/٢٩٢) يعني استنباط جي معنى استخراج جي آهي. ان جو مطلب آهي نص ۽ اجماع جي غير موجودگيءَ ۾ اجتهاد ڪري شريعت جو حڪم معلوم ڪرڻ.
    اسلام جي فقيهن ٻي صدي هجريءَ ۾ اجتهاد جو اهو ئي ڪم ڪيو. عباسي خلافت جي زماني ۾ ڪثرت سان نوان مسئلا پيدا ٿيا. انهن مسئلن جو سڌو سنئون يا منصوص جواب بظاهر قرآن ۽ سنت ۾ موجود نه هيو. ان وقت فقيهن اجتهاد جي ذريعي ان مسئلي کي حل ڪيو. انهن قرآن ۽ سنت جي نصن مان قياس يا استنباط جي ذريعي نئين حالتن ۾ پنهنجي لاءِ شرعي رهنمائي ماڻي ورتي. تاريخ ۾ ان جو سفر ڪنهن رڪاوٽ کان سواءِ لڳاتار جاري رهيو.
    پر ٻين ۽ ٽين صدي هجريءَ کان پوءِ مسلمانن ۾ ڪن سببن ڪري هڪ غلط تصور قائم ٿي ويو، اهو هيءُ هو ته قرآن ۽ سنت مان سڌي سنئين طور تي جيڪو اجتهاد يا استنباط ڪرڻو هو اهو ان ابتدائي دؤر جي فقيهن تڪميلي طور تي انجام ڏئي ڇڏيوآهي. هينئر لاءِ سڌو سنئون نصن مان احڪام حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. بعد جي مسلمانن لاءِ ڪرڻ جو جيڪو ڪم رهيو، اهو هيءُ هئو ته هو انهن فقيهن جي ڪتابن کي پڙهن ۽ انهن تي غور ڪري بعد جي زمانن لاءِ شرعي احڪام معلوم ڪندا رهن. اهڙيءَ طرح اسلام جي عملي تاريخ ۾ عباسي دؤر جي فقيهن کي مجتهد مطلق جو درجو ملي ويو ۽ بعد جي دؤر جي فقيهن کي فقط مجتهد مقيد جو. پهرئين دور جي فقيهن جو اجتهاد قرآن ۽ سنت تي مبني هوندو هو، پر بعد جي علماءِ لاءِ اجتهاد جو مطلب فقط هيءُ وڃي رهيو ته هو پهرئين دؤر جي فقيهن جي دائري ۾ محدود رهندي پنهنجي لاءِ شرعي احڪامن جو تعين ڪن.

    فڪري الميو
    اهوئي اهو مقام آهي، جتان مسلمانن لاءِ فڪري الميي جي شروعات ٿئي ٿي. ان فڪري مؤقف مسلمانن کي هڪ بيٺل قافلو بڻائي ڇڏيو. امير شڪيب ارسلان (وفات ١٩٤٦ع) پنهنجي ڪتاب ”لماذا تاخر المسلمون و تقدم غيرهم“ ۾ جيڪو بحث ڇيڙيو هو، ان جو اصل جواب هيءُ آهي ته نئين زماني ۾ مسلمانن جي پسپائيءَ جو واحد سبب اهو هو ته منجھن اجتهاد جو عمل بيهجي ويو هو.
    اجتهاد ڪو اختياري عمل ڪونهي. اهو هڪ اڻٽر فطري عمل آهي. ائين ڪونهي ته اجتهاد توڙي ڪيو وڃي يا نه ڪيو وڃي مڙئي خير آهي. حقيقت هيءُ آهي ته اجتهاد جي عمل کي روڪڻ ڄڻ فطرت جي عمل کي روڪڻ آهي ۽ فطرت جي عمل کي روڪڻ فقط ان قيمت تي ٿيندو آهي ته خود روڪيندڙ پنهنجي ترقيءَ جي سفر کي ختم ڪري ڇڏي.
    درياءَ جي زندگي ان جي روانيءَ ۾ آهي. درياءَ جي وهندڙ پاڻيءَ کي جيڪڏهن روڪي ڇڏجي ته ان کانپوءِ اهو درياءُ نه رهندو بلڪ اهو هڪ ڌپيل تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويندو. اهڙي طرح ڪو گروهه جيڪڏهن پنهنجي اندر اجتهاد جو عمل روڪي ڇڏيندو ته منجھس اهڙو جمود پيدا ٿيندو جيڪو سندس لاءِ هر قسم جي، مذهبي توڙي روحاني ترقيءَ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيندو.
    فقه جي تدوين اقتداري دؤر ۾
    هن حادثي جي پاڙ هيءَ آهي ته اسان جو هاڻوڪو فقھ عباسي خلافت جي دؤر ۾ سِهيڙيو ويو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن مسلمانن کي عالمي دٻدٻو حاصل هو. کين دنيا ۾ سڀ کان وڏي سياسي طاقت جي حيثيت حاصل ٿي وئي هئي. ان صورتحال کي هڪ شاعر پنهنجن هنن لفظن ۾ نظم ڪيو آهي:
    ہمیں چھائے ہوئے شرق سے تا غرب دنیا میں
    نہ تھا پلہّ کسی ملت کا دنیا میں گراں ہم سے

    موجوده فقھ انهيءَ حاڪمانه دؤر ۾ سهيڙيو ويو. ان جو قدرتي نتيجو هيءُ نڪتو ته ان دؤر جو مزاج ان ۾ داخل ٿي ويو. هيءُ سهيڙيل فقھ هڪ قسم جو حاڪمانه فقھ بڻجي ويو.

    موجوده فقه ڪافي ناهي
    ٻين ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ جيڪو فقھ سهيڙيو ويو، ان بابت بعد ۾ مسلمانن جو عام عقيدو هيءُ ٿي ويو ته هيءُ هڪ مڪمل فقھ آهي ۽ انساني زندگيءَ بابت قرآن ۽ حديث جي سموري تعليمات مفصل ۽ مڪمل طور تي ان ۾ شامل آهي. هيءُ عقيدو ان نظريي کي حق پاسائتو ثابت ڪندو هو ته فقھ جي تدوين کان پوءِ هينئر اجتهاد جو دروازو بند ٿي چڪو آهي. هينئر فقط مقيد اجتهاد يا مقلدانه اجتهاد جو دروازو مسلمانن لاءِ کليل آهي.
    اهو عقيدو قديم دؤر ۾ بظاهر درست هيو، پر جڏهن حالتون بدليون، خاص طور تي جڏهن روايتي دؤر ختم ٿيو ۽ جديد سائنسي دؤر آيو ته هيءُ عقيدو مسلمانن لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ٿيو. مسلمان پنهنجي تصور مطابق فقھ کي مڪمل قانوني نظام سمجھي ويٺا هئا. سندن خيال هو ته کين پنهنجن مسئلن لاءِ سهيڙيل فقھ کان ٻاهر ڏسڻ جي ضرورت ناهي. تنهن ڪري جديد دؤر جا مسلمان تمام گھڻين قيمتي هدايتن کان محروم ٿي ويا جيڪو قرآن ۽ سنت ۾ ته موجود هيون، پر فقھ ۾ ان کي جڳهه نه ملي هئي. ڪجھه مثالن مان ان معاملي جي وضاحت ٿئي ٿي.
    موجوده دؤر ۾ جيڪو سياسي انقلاب آيو، ان جي نتيجي ۾ هڪ نئون سياسي نظام پيدا ٿيو جنهن کي جمهوريت (Democracy) چئجي ٿو. اسان جو موجوده فقھ ان کان اڳ بادشاهت جي دؤر ۾ ٺهيو هو، تنهن ڪري ان ۾ جديد جمهوريت جو ڪو به تصور شامل نه هيو، جنهن ڪري فقھ جي ڍانچي ۾ سوچيندڙ ان جي اهميت کي نه سمجھي سگھيا. ڪنهن ان کي لاديني نظام قرار ڏيئي حرام ٻڌايو، ڪنهن ان کي فقط ”مٿي ڳڻپ“ سمجھيو، پر اصل حقيقت هيءَ آهي ته جمهوريت مسلمانن لاءِ هڪ سياسي نعمت جي حيثيت رکندي هئي. قديم بادشاهت جي ابتڙ جمهوريت ”اقتدار ۾ شرڪت“ (Power Sharing) جي اصول تي مبني آهي. جمهوري نظام مسلمانن کي هيءُ موقعو ڏئي ٿو ته سهڻي تدبير سان هر ملڪ ۾ سياسي نفوذ حاصل ڪري سگھن، پر مسلمان اجتهادي طرز فڪر کان محروميءَ ڪري ائين ڪري نه سگھيا. سندن مقلدانه ذهن هيءُ ته سوچيو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ خلافت قائم ڪرڻ جي تحريڪ هلائين، ۽ ڪيلي فورنيا کي خيلي فورنيا ۾ تبديل ڪرڻ جو کل جوڳو خواب ڏسن، پر سندن سمجھه ۾ هيءَ ڳالهه نه اچي سگھي ته هو اقتدار ۾ شرڪت جي جديد اصول کي استعمال ڪري آمريڪا ۾ پنهنجي سياسي جڳهه حاصل ڪن.
    موجوده زماني ۾ مسلم فڪر جي پسماندگيءَ جو سبب هيءُ هيو ته انهن مجتهدانه طرز فڪر، ٻين لفظن ۾ مدون فقھ کان ٻاهر اچي سڌو سنئون قرآن ۽ حديث مان رهنمائي وٺڻ جو دروازو پنهنجي مٿان بند ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اهو فڪري حادثو پيش نه اچي ها ۽ هو کليل ذهن سان قرآن ۾ تدبر ڪن ها ته کين معلوم ٿئي ها ته قرآن ان معاملي ۾ کين واضح رهنمائي ڏيئي رهيو آهي.
    هيءَ رهنمائي قرآن جي سورة نمبر ١٢ ۾ موجود آهي. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله جي پيغمبر حضرت يوسف ؑ جي زماني ۾ مصر ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ڪنهن سبب هو ان لاءِ راضي ٿي ويو ته حضرت يوسف کي پنهنجي سياسي نظام ۾ هڪ با اختيار شريڪ جي حيثيت سان شامل ڪري. حضرت يوسف ؑ پنهنجي هم عصر بادشاهه جي ان پيشڪش تي راضي ٿي ويو ۽ سندس سياسي نظام ۾ هڪ حڪومتي عهدو قبول ڪري ورتائين. هيءُ عهدو بظاهر بادشاهه جي ماتحت وزيرِ خوراڪ ۽ زراعت جو هو، پر عملي طرح اهو نائب سلطنت جو عهدو رهيو. ڇاڪاڻ ته قديم رزاعتي دؤر ۾ ڪنهن ملڪ جون سموريون اقتصادي ۽ غير اقتصادي سرگرميون زراعت تي مبني هونديون هيون. ان لحاظ کان حضرت يوسف ؑ کي جيڪو عهدو مليو، اهو ڄڻ ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪليدي عهدي جي حيثيت رکندو هو.
    جديد دؤر جا مسلمان جيڪڏهن فقهي تقليد مان نڪري سڌو سئون قرآن تي مجتهدانه غور فڪر ڪن ها ته ڄاڻي وٺن ها ته قرآن ۾ حضرت يوسف جو ڄاڻايل واقعو سندن لاءِ هڪ عظيم پيغمبرانه مثال هيو. اهو کين هيءَ رهنمائي ڏئي ٿو ته هو جمهوريت جي نئين دؤر ۾، اقتدار ۾ شرڪت جي اصول کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن ۽ هيءُ يقين رکن ته ان جو ائين ڪرڻ پيغمبرانه اسوه جي عين مطابق آهي.

    تقليدي نظر ۽ اجتهادي نظر جو فرق
    مولانا سيد حسين احمد مدني (وفات ١٩٥٧ع) لکيو هو ته: ”تاريخ ٻڌائي ٿي ته هند ۾ جڏهن مسلمان آيا ته عام طور تي هتان جا رهواسي ٻڌ مذهب رکندا هئا ۽ ڇوت ڇات ته پري رهي، وهانءَ شادي به خوشيءَ سان هڪٻئي سان ڪندا هئا. ان جو نتيجو هيءُ نڪتو ته ميل ميلاپ نهايت سگھارو اثر ڇڏيو. خاندانن جا خاندان مسلمان ٿي ويا. ان کان پوءِ جڏهن محمود غزنوي جو زمانو آيو ته هندن ۾ مختلف سببن ڪري اشتعال پيدا ٿئي ٿو ۽ شنڪر آچاريه ماڻهن کي ٻڌ مذهب مان ڪڍي، برهمڻي مذهب کي اختيار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ پوءِ برهمڻي مذهب سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندو آهي. برهمڻ ڇاڪاڻ ته ڏسي رهيا هئا ته اسلام جوسيلاب ميل ميلاپ سبب سندن مذهب کي مٽائي رهيو آهي، تنهن ڪري انهن عوام ۾ نفرت جي پروپيگنڊا پکيڙيندي مسلمانن کي ”مليڇ“ چيو. اڪبر ان تفريقي خيال ۽ عقيدي کي پاڙئون پٽڻ گھريو. جيڪڏهن اڪبر جي جاري ڪيل پاليسي جاري رهي ها ته ضرور برهمڻن جي هيءَ چال دفن ٿي وڃي ها ۽ اسلام جا متوالا اڄ هندستان ۾ اڪثريت ۾ هجن ها. اڪبر عام هندو ذهنيت ۽ نفرت کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو هو. اڪبر (پنهنجي حڪمت عمليءَ سبب) نفس دين اسلامي روايتن سان لاڳاپيل ڪجھه غلطيون پڻ ڪيون جنهن ڪري مسلمان طبقي ۾ ان جي خلاف بدظني پکڙجي وئي. جيتوڻيڪ گھڻا بدظني ڦهلائيندڙ غافل ۽ گھٽ سمجھه رکندڙ هئا. جيئن معلوم آهي ته صلح حديبيه ئي مڪي جي فتح ۽ عرب جي فتح جو پيش خيمو آهي. جنهن ڏينهن صلح حديبيه پوري ٿي، انهيءَ ڏينهن ”انا فتحنا لک فتحا مبينا“جي آيت نازل ٿي. پاڻ ۾ ميل ميلاپ، نفرت ۾ ڪمي اچڻ، مسلمانن جي اخلاق ۽ سندن تعليمات جو معائنو ڪرڻ، دلين مان هٺ ۽ ضد ختم ٿيڻ وغيره، اهي ئي ڳالهيون هيون، جن قريش کي ڇڪي ڇڪي صلح حديبيه کان پوءِ مسلمان بڻائيندي مڪي کان مديني پهچايو. مطلب ته ميل ميلاپ نفرت جي خاتمي جو سبب آهي ۽ اهو قومن کي اسلام ڏانهن آڻڻ وارو آهي ۽ نفرت ضد جو سبب ۽ عدم اطلاع علي المحاسن آهي ۽ اهو اسلامي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته اسلام تبليغي مذهب آهي، تنهن ڪري ان جو فرض آهي ته جيتريقدر ٿي سگھي، ڌارئي کي پاڻ ۾ شامل ڪري؛ نڪي ان کي دور ڪري. تنهن ڪري جيڪڏهن پاڙيسري اسان سان نفرت ڪن ته اسان کي ساڻن نفرت ڪرڻ نه گھرجي. جيڪڏهن هو اسان کي ناپاڪ ۽ مليڇ چون ته اسان کي کين ائين نه چوڻ گھرجي. هو اسان سان ظالمانه ورتاءُ ڪن ته اسان کي ساڻن ظالمانه ۽ غير منصفانه ورتاءُ نه ڪرڻ گھرجي.“ (مڪتوبات شيخ الاسلام، حصو پهريون، مڪتوب نمبر٦٣، ڇاپو مڪبته دينيه ديوبند. ص – ١٤١ – ١٤٦)
    مولانا حسين احمد مدنيءَ جي هن بيان تي غور ڪيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مقلدانه نظر ڪيئن شين کي فقط سندن ظاهر (Face Value) تي وٺندي آهي ۽ مجتهدانه نظر ڪيئن لڪل حقيقتن تائين پهچي ويندي آهي. مغل بادشاهه اڪبر جيتوڻيڪ گھڻو تعليم يافته نه هيو، پر هو بي حد ذهين هو. هُن هِن راز کي سمجھي ورتو ته اسلام پنهنجي فطري ڪشش سبب هر انسان کي اپيل ڪندو آهي. شرط فقط هيءُ آهي ته ماڻهن جي وچ ۾ ضد ۽ نفرت جي فضا نه هجي. هن وڌيڪ ان حقيقت کي سمجھيو ته برهمڻن، هندن ۽ مسلمانن ۾ دوري پئدا ڪري اسلام جي پرچار کي مصنوعي طور تي روڪي ڇڏيو آهي. ان دريافت سبب اڪبر هيءُ ڪيو ته ڪجھه بي ضرر هندو رسمن کي پنهنجي درٻار ۾ رائج ڪري ڇڏيو. اڪبرجي هيءَ روش هندو مذهب کي اپنائڻ لاءِ نه هئي، پر اها فقط دل وٺڻ لاءِ هئي. ان جو اصل مقصد اسلام جي پرچار ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ هيو.
    پر اڪبر جا همعصر عالم ان راز کي سمجھي نه سگھيا. سندن نظر فقط اڪبر جي گيڙوءَ ڪپڙي کي ڏسي سگھي. اڪبر جنهن گھري پاليسيءَ تحت وقتي طور تي گيڙوءَ ڪپڙي کي اختيار ڪيو هو، ان حڪمت کي سمجھڻ کان هو قاصر رهيا. انهن هن جي خلاف ايترو طوفان مچايو، جو سندس منصوبو پنهنجي تڪميل تي پچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويو. ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو هندستاني تاريخ جو سفر اسلام جي موافقت ۾ جاري ٿيڻ بدران اسلام جي خلاف جاري ٿي ويو. مولانا سيد حسين احمد مدني ان معاملي تي جيڪو تبصرو ڪيو آهي، اهو مجتهدانه نظر جو هڪ واضح مثال آهي. هو پنهنجي مجتهدانه بصيرت سبب هن راز کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته معتدل حالتن ۾ مسلمانن ۽ غير مسلمانن جي وچ ۾ ميل ميلاپ هميشه اسلام جي اشاعت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو . ڇري ۽ گدري جي وچ ۾ جيڪڏهن ٽڪراءُ هجي ته فتح هميشه ڇريءَ کي ئي ٿيندي. پوءِ ڇريءَ کي گدري مٿان رکيو وڃي يا گدري جي هيٺان، ايستائين جو ان وقت به گدري کي ئي نقصان رسندو آهي، جڏهن ڇريءَ بظاهر پنهنجو پاڻ کي گدري جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو هجي.

    صحيح معيار ۽ غلط معيار
    مقلدانه فڪر جا تمام گھڻا نقصان آهن. انهن ۾ شايد سڀ کان وڏو نقصان هيءُ آهي ته اهڙا ماڻهو حق کي خود حق سان نٿا سڃاڻن، پر هو ان کي ماڻهن جي نسبت سان سڃاڻن ٿا. اهڙن ماڻهن جو سڀ کان وڏو مرجع سندن مفروضه بزرگ بڻجي ويندا آهن. هي مفروضه بزرگ جنهن شيءِ کي حق ٻڌائين ان کي هو حق مڃين ٿا. ڪو به شخص جيڪو سندن مفروضه بزرگن جي فهرست ۾ شامل نه هجي، اهي جيتوڻيڪ ڪيترن ۽ گھڻن دليلن سان ڪنهن ڳالهه کي ڇو نه پيش ڪري، هو ان کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي اندر هيءَ صلاحيت ئي نه هوندي آهي ته هو دليل جي ذريعي ڪنهن شيءِ کي سڃاڻن ۽ ان کي اختيار ڪن.
    اهو ئي واحد سڀ کان وڏو سبب آهي، جنهن ڪري هر دؤر ۾ پيغمبرن جو انڪار ڪيو ويو. پيغمبر پنهنجن همعصرن کي هڪ نئون شخص ڏسڻ ۾ ايندو هو، جيڪو سندن مفروضه بزرگن جي فهرست کان ٻاهر هو. تنهن ڪري هو پيغمبر کي سندس زندگيءَ ۾ لحاظ جوڳي شخص جو درجو نه ڏيئي سگھيا. وڌيڪ هي ته پيغمبر جڏهن سندن محبوب شخصيتن تي تنقيد ڪندو هو ته هو ان سان ويتر وڌيڪ ڀڙڪي پوندا هئا ۽ ان جي پيغام تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا.
    مقلدانه ذهن ۽ مجتهدانه ذهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم فرق هيءُ آهي ته مقلدانه ذهن رکندڙ ماڻهو، حق کي فقط پنهنجين شخصيتن جي حوالن سان سڃاڻن ٿا. ان جي ابتڙ مجتهدانه ذهن رکندڙ ماڻهن ۾ هيءُ صفت هوندي آهي ته هو حق کي خالص دليل جي زور تي سڃاڻن ۽ ان کي پوري آمادگيءَ سان اختيار ڪري سگھن.
    انهيءَ فرق جو هي نتيجو آهي ته مقلدانه ذهن رکندڙ ماڻهو عين انهيءَ شيءِ کان محروم ٿي ويندا آهن، جنهن کي دين ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم حيثيت حاصل آهي. يعني ”معرفت وارو ايمان“. معرفت واري ايمان جو سرچشمو ذاتي دريافت (Self Discovery) آهي. مقلدانه ذهن رکندڙ ماڻهو خود پنهنجي ذهن کي آزادانه طور تي استعمال ئي نه ڪندا آهن. تنهن ڪري هو معرفت واري اسلام کان واقف نه ٿيندا آهن.
    مجتهدانه ذهن رکندڙن جو معاملو ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اهڙن ماڻهن جي ذهن جون دريون هر وقت کليل رهنديون آهن. هو سدائين آزادانه طور تي غور فڪر لاءِ تيار رهندا آهن. اهي هيءَ صلاحيت رکندا آهن، ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جو حق هجڻ ظاهر ٿئي. ته هو فورا ان کي سڃاڻي وٺن ۽ ڪنهن جھجھڪ کان سواءِ ان کي مڃي وٺن.
    موجوده دنيا ۾ ڪنهن انسان لاءِ سڀ کان وڏي شيءِ هيءَ آهي ته هو حق کي دريافت ڪري. اهو احساس ته مون سچائيءَ کي ماڻي ورتو آهي، بيشڪ هن دنيا جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پراها عظيم ترين نعمت فقط انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي مجتهدانه فڪر رکندڙ هجن. جيڪي مقلدانه فڪر جي اونداهين ۾ گم هوندا، اهي ڪڏهن به معرفت جي سچائيءَ جو تجربو نٿا ڪري سگھن.


    دين جو روح- حقوق العباد جي ادائگي : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

    دنيا ۾ جيڪو به خدا تعاليٰ جو پيغمبر آيو، ان انسانن کي اهو پيغام ڏنو ته، اي انسانو! خدا پرست بڻجو، خدا جي مخلوق جي خدمت ڪريو، انهن جي ڏکن ۽ اهنجن کي هٽايو، انهن سان همدردي ۽ شفقت وارو رشتو قائم ڪريو. اها ڳالهه سڀني مذهبن ۽ مصلحين جي گڏيل ڳالهه رهي آهي. پر اُمتون ٽولا ٽولا ٿي جدا ٿي ويون. انهن ڀلائي جي ڳالهه کي مڃڻ ۽ ان تي هلڻ جي بجاءِ انهن نبين سڳورن جا بت ٺاهي انهن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. ۽ مذهبن جي بنياد تي جنگيون ۽ لڙايون ڪندا رهيا. پيغمبرن کي مڃيائون پر ان جي تعليم کان انڪار ڪيائون. حضرت عيسيٰ دنيا جو بادشاه نه بڻيو هو جو ان سان غريب ۽ امير جي ورهاست ٿي وڃي ٿي. هو ته بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪندي هن دنيا مان رخصت ڪري ويو پر مسيح جي نالي تي ماڻهو اٿيا ۽ انهن ڪمزور ماڻهن کي ڦاسين تي لٽڪايو. گوتم ٻڌ، غريبن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تاج ۽ تخت ڇڏيو. امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏنو، خدمت خلق کي ڇوٽڪاري جو ذريعو ٻڌايو. مگر سندس پيروڪار لاڳيتو انسانيت آزاري ۾ رڌل رهن ٿا. ڪرشن محبت جي بانسري وڄائيندو رهيو، غريبن سان گڏ کائيندو رهندو هو مگر دنيا وارن غريبن جي پرگهور نه لڌي. حضرت آدم عليه السلام فرمايو ته اي اولاد آدم! اي منهنجي نسل مان پيدا ٿيندڙ انسانو! مان مساوات انساني تي رشتو قائم ڪيو مگر توهان نسل ۽ خون جي فرق تي جدائيون قائم ڪري ورتيون ۽ بادشاهي جا تاج مٿي تي رکيا. پاڙي وارو بک مرندو رهيو ۽ پاڻ ڀڀ ڀريندا رهيا. اوهان هر مصلح جي مخالفت ڪندا رهيا مگر قيامت ڏينهن شفاعت جي اميد به انهن مان رکندا ٿا اچو. اها ڪيڏي منافقت ۽ ڪيترو پاڻ سان دوکو آ. ڪائنات جي پيدا ڪندڙ جو قسم ته جيڪو شخص ٻانهن تي رحم نٿو ڪري، مخلوق سان ناانصافي ڪري ٿو ان تي فيصلي واري ڏينهن هرگز رحم نه ڪيو ويندو، جيڪو دنيا ۾ مخلوق جا حق ادا نٿو ڪري ان کي ڪوبه بدلو نه ڏنو ويندو. هيءَ تقويٰ ڇا آهي فقط ماڻهن جي خدمت ۽ خدا سان سرڪشي ۽ بغاوت کان رڪجي وڃڻ. قرآن چيو: انسانو! انصاف ۽ رحم ڪرڻ سکو، اهو انصاف نه آهي ته توهان دسترخوان تي پيٽ ڀريو ۽ غريب هڪ گرهه لاءِ سڪندو وتي ۽ اُس ۾ سڙندو رهي ۽ سردي ۾ ڏڪندو رهي. امير قيمتي لباس ڍڪي، سواري تي چڙهي اڏرندو وڃي ۽ غريب حيرت ۽ عجب سان ڏسي پنهنجي غربت جو ماتم ڪندو رهي. دولتمند جڏهن ڪنهن محتاج کي ڪجهه ڏئي ٿو ته وڏائي سان ڦونڊجي وڃي ٿو ته هن ڪا وڏي نيڪي ڪئي آهي. حالانڪ هن جو عمل ان لٽيري جهڙو آهي جنهن پهريائين رن زال ۽ يتيم کي لٽيو هجي پوءِ ان لٽ ڦر مان هڪ سيڪڙو واپس ڪري آڪڙجي وڃي ته مان نيڪ انسان آهيان ۽ نيڪي ڪئي اٿم. ڪجهه ماڻهو جيڪي وڏا دولتمند ٿي ويندا آهن انهن گهڻن جي وسيلن جي لٽ ڦر ڪري قبضو ڪيو آهي، هي دنيا جي زمين سموري مخلوق لاءِ برابر جي ملڪيت آهي. ان ۾ هوشيار، چالاڪ ۽ عيار ماڻهو پنهنجي حق کان وڌيڪ حصو حاصل ڪري ڦٻايون ويٺا آهن. اهي فريبي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان هنر سان ڪمايو آهي ائين ناهي هنن ڏاڍ ۽ ظلم سان غريبن جي ملڪيت ۽ انهن جي جائز حقن تي ڌاڙا هنيا آهن. انهن کي ان لٽ ڦر جي سزا سخت عذاب جي شڪل ۾ ملندي. سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي پڇتاءَ ڪري پنهنجي ملڪيت کي فلاح انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏين، ۽ غريبن جي مفاد لاءِ دولت کي ورهائي ڇڏين. انهن جي شايد نجات ٿي وڃي.
    انسانو! سمجهي ڇڏيو ته دين جو روح، خدمت خلق، انسانن سان رحم، شفقت، نرم رويو ۽ خالص خداپرستي آهي. فقط نمازن ۽ وظيفن تي زور ۽ رياڪاري واريون رسمون ادا ڪرڻ سان الله تعاليٰ راضي نٿو ٿي سگهي. حقوق العباد کي اڳرائي ڏيو. انسانن، حيوانن، جانورن ۽ ساهه واري مخلوق تي رحم ڪرڻ سان شايد جنت جا وڌيڪ حقدار ٿي ويندؤ، انهن عبادتن کان جيڪي رياڪاري سان ادا ڪيون وڃن.
    فَوَیۡلٌ لِّلْمُصَلِّیۡنَ ۙ﴿۴﴾ الَّذِیۡنَ ہُمْ عَنۡ صَلَاتِہِمْ سَاہُوۡنَ ۙ﴿۵﴾ الَّذِیۡنَ ہُمْ یُرَآءُوۡنَ ۙ﴿۶﴾
    (سوره الماعون-٤-٦)
    نمازون ۽ روزا انسان سازي لاءِ سينگار آهن، تربيت جو ذريعو آهن ۽ بارگاه ايزدي ۾ قرب جو وسيلو آهن. مگر اها نماز جيڪا ابوبڪر صديق ؐ پڙهي ۽ پوءِ پورو مال خدا جي راهه ۾ لٽائي ڇڏيو ۽ خلافت جي دور ۾ جيڪو وظيفو ورتائين اهو سمورو بيت المال ۾ جمع ڪرائي ڇڏيائين. پوري زندگي بک ۽ ڏک ۾ گذارڻ کي ترجيح ڏنائين. عمر فاروق ؐ، جنهن نماز پڙهي، پٺي تي اناج کڻي بي سهارا ماڻهن جي پرگهور لڌي. سندس گهريلو زندگي خوراڪ ۽ لباس رعيت جي عام ماڻهن کان به هيٺين سطح تي هوندو هيو، حضرت علي ؐ جيڪو نماز پڙهي، پوءِ مزدوري ڪري گهر آڻڻ جي بجاءِ مسڪينن ۾ ورهائيندو هو. عثمان ذي النورين ؐ جنهن تجارت جو سمورو اناج مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ تبوڪ جي موقعي تي سمورو مال لٽائي ڇڏيائين. انهن پاڪباز انسانن جون نمازون ۽ روزا ۽ عبادتون، انفاق في سبيل الله ۽ انسانن جي خدمت ۾ رڪاوٽ نه وجهنديون هيون.
    انسان جي تقويٰ اها آهي ته دولت خوب ڪمائي پر پنهنجي گهر ۾ هڪ عام غريب کان وڌيڪ خرچ نه ڪري ۽ سمورو مال مخلوق تي لٽائيندو رهي، سمورا پيغمبر ۽ اولياءَ الله نه دولتمند هئا نه ئي زڪواة ڏيندڙ، بلڪ دولت کي ورهائيندڙ هئا.
    ”الَّذِیْ جَمَعَ مَالاً وَعَدَّدَھْ“
    وارو شخص عذاب الاهي کان بچي نٿو سگهي.


    بادشاهي نظام به شرڪ جي برابر آهي : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

    الله سبحانه و تعاليٰ جي وجود کي مڃڻ ايمان آهي. ان ذات کي پنهنجن صفتن ۽ وصفن ۾ اڪيلو سمجهڻ توحيد آهي، جڏهن ته مخلوق مان ڪنهن به شيءِ جاندار يا غير جاندار، زنده يا مرده، ڪنهن کي به ڪنهن صفت ۾ شريڪ تصور ڪرڻ، ان سان ڀائيوار ڄاڻڻ شرڪ آهي. قرآن مجيد ۾ خاص طرح الله تعاليٰ لاءِ ٽن صفتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ربّ- مَلِڪ- اِلــَٰـھ – يعني رَبّ الناسِ. مَلک النّاس – اِلٰهِ النّاس.
    سموري ڪائنات جو رب، پاليندڙ، سنڀاليندڙ، نپائيندڙ، ربوبيت جو نظام ٺاهيندڙ. ڪائنات جي هر شيءِ لاءِ خوراڪ ۽ ڪفالت جو انتظام ڪندڙ، وسيلا بڻائيندڙ ۽ انهن کي مهيا ڪندڙ، انهن جي سکيا ڏيندڙ، انهن سڀني ڪمن ۾ هو اڪيلو منتظم ۽ عطا ڪندڙ آهي. انهن ڪمن مان ڪنهن به شيءِ ۾ ڪنهن به مخلوق جو ذري برابر به دخل ناهي، نه وري انهن کي ڪو اختيار آهي، نه وري اهڙي حيثيت حاصل آهي. ساري مخلوق پاڻ پنهنجي ذات لاءِ به رب تعاليٰ جي مڪمل طرح محتاج آهي. ٻي مخلوق جي ذميواري ته پري جي ڳالهه آهي. مخلوق مان هرشيءِ فاني هئي. عدم جي دور ۾ هئي پوءِ رب تعاليٰ جڏهن چاهيو ته ان مان هر هڪ کي هڪ وجود مليو. مگر اهو وجود به باقي نه رهندو. وري ان تي فنا ايندي.
    وَكُنۡتُمْ اَمْوَاتًا فَاَحْیَاكُمْ ۚ ثُمَّ یُمِیۡتُكُمْ ثُمَّ یُحْیِیۡكُمْ (البقره-28)
    توهان فنا جي حالت ۾ هيؤ پوءِ اوهان کي زندگي ڏني وئي. پوءِ وري اوهان تي موت طاري ٿيندو. وري پوءِ قيامت جي ڏينهن زندگي ڏيئي اٿاريا ويندؤ ۽ ان ڏانهن سڀني جي موٽ ٿيندي.
    ڇا فاني مخلوق مان ڪنهن جي حيثيت آهي، ڪنهن کي قدرت آهي، ڪنهن کي مجال آهي ته هو سموري مخلوق جو رَبُّ ٿي سگهي. هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته ربوبيت ۾ ڪو به الله تعاليٰ سان شريڪ ناهي. چاهي اهو نبي هجي يا امام، ولي هجي يا بزرگ، فرشتو هجي يا جن يا جيڪو اوهان ذهنن ۾ ٺاهيو ۽ گهڙيو آهي، انهن مان ڪو به رب ناهي. ڪنهن کي به رب سمجهڻ يا رب وارو معاملو ڪرڻ خالص شرڪ ۽ ڪفر آهي.
    ٺيڪ ان طرح ”مَلِڪ النّاس“ به الله تعاليٰ جي ذات مقدس آهي. يعني اهو ئي حاڪم، بادشاهه- حڪم ڏيندڙ ۽ حاڪميت جي مقام تي فائز آهي. ساري مخلوق عبديت جي درجي ۾ آهي. علي الاطلاق فقط الله تعاليٰ جي اطاعت لازم آهي. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو ته ”الا لھ الخلق والامرط“ مخلوق فقط ان جي آهي ۽ ان تي حڪم به ان جو ئي لاڳو ٿيندو. حڪم لاءِ ضروري آهي ته ان جي ملڪيت هجي. مخلوق جو مالڪ خدا آهي. ان ئي ساري مخلوق کي پيدا ڪيو آهي ۽ فقط ان کي جڳائي ٿو ته مخلوق کي پنهنجي حڪم هيٺ هلائي. انسانن لاءِ اطاعت جو نظام ٺاهڻ ۽ انهن کي طبعي ۽ فطري قانونن تي هلائڻ، پنهنجي مشيّت هيٺ ڪائنات جي چرخي کي ضابطي ۾ آڻڻ اها وصف خداوندي آهي، ان ۾ ٻي ڪنهن جو به دخل ناهي. ڪنهن کي به حق ناهي نه وري اختيار آهي ته هو ذري جيتري به مرضي هلائي سگهي. جيڪي ماڻهو اختيار ۽ اقتدار جو پاڻ کي مختار سمجهن ٿا. انسانن کي غلام بڻائي پاڻ کي بادشاهه ۽ حاڪميت جو مجاز تصور ڪن ٿا. اهي خالص شرڪ ۽ ڪفر ۾ ڦاٿل آهن. انهن حاڪميت الاهي تي ڌاڙو هنيو آهي. اهي خيانت ڪار ڏوهاري آهن.
    ان طرح دنيا ۾ جيڪي ڊڪٽيٽر، آمر، فوجي جنرل، بادشاهه ۽ عوام کي غلام بڻائيندڙ حڪمران موجود آهن، انهن سڀني کي باغي، ڊاڪو ۽ خائن سمجهڻ گهرجي. انهن سڀني تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ سمجهيو ۽ عوام سان دوکيبازي ۽ فريب ڪاري ڪئي. ان ڪري هو جلد ئي دنيا ۾ به عبرت جو نشان بڻجي ويا ۽ هولناڪ انجام تي پهتا ۽ آخرت ۾ به کين اصل چهرو ڏيکاريو ويندو. جڏهن چيو ويندو ته ”اين الملوڪ، اين الجبارون؟“
    دنيا ۾ بادشاهي جا نعرا هڻڻ وارا ڪٿي آهن سامهون اچن، ڏاڍ ۽ ظلم سان حڪومت ڪرڻ وارا ڪٿي آهن. ماڻهن جي سامهون اچن. ان طرح قرآن مجيد ۾ الله سبحانه و تعاليٰ کي ”الھ الناس“ يعني سمورن انسانن جو معبود برحق قرار ڏنو ويو آهي. الھٰ فقط الله تعاليٰ جي ذات آهي. مخلوق مان ٻي ڪا به هستي نه الـهٰ آهي نه وري الـهٰ ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ايمان آڻڻ لاءِ اهو اقرار ڪرڻ لازمي آهي ته الله تعاليٰ ئي الـهٰ آهي ٻيو ڪو به الـهٰ ڪونهي ”لاالـهٰ الاّ الله“
    حمد ۽ ثنا، رڪوع ۽ سجدو، دعا ۽ سوال. عبوديت جون سموريون رسمون، انسان جو احتياج ۽ مجبوري جون سموريون صورتون فقط الله سبحانھ و تعاليٰ لاءِ مخصوص آهن. ڪنهن به نبي مرسل، ڪنهن به ولي بزرگ ۽ ڪنهن به محترم شخصيت يا مخلوق مان ڪنهن به قوت ۽ طاقت جي ظاهري حيثيت رکندڙ يا وهم گمان ۾ ايندڙ ڪنهن به شيءِ آڏو احتياج جا هٿ ڊگهيرڻ خالص شرڪ آهي.
    توحيد جي مڃڻ لاءِ تمام وصفون الله تعاليٰ لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن. خاص طرح ربوبيت، حاڪميت ۽ الوهيت ۾ ڪنهن به طرح جو شرڪ ناقابل برداشت آهي. معاشري ۾ خدا تعاليٰ جي حاڪميت ۾ شرڪ ڪرڻ سان وڏو فساد برپا ٿئي ٿو. هر دور ۾ انسانن جو هڪ گروهه مستڪبرين جي شڪل ۾ رونما ٿئي ٿو ۽ هو خدائي اختيارات سنڀالڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو. عوام کي غلامي جا طوق پارائي ٿو. انهن کي ضعيف ۽ ڪمزور بڻائي پنهنجو ٻانهون بڻائڻ تي مجبور ڪري ٿو.
    توحيد آزادي جو پروانو آهي ان عقيدي سان انسان آزادي واري زندگي گذاري سگهن ٿا. جڏهن ته شرڪ ذلت ۽ غلامي جي نشاني آهي. جنهن سان شرفِ انسانيت مجروح ٿئي ٿو. انسان اسفل السافلين تائين پهچي وڃي ٿو. مشرڪ دنيا ۾ به دربدر ٺوڪرون کائيندو رهي ٿو ۽ آخرت ۾ به ان جو ڪو والي وارث نه هوندو. ڇو ته هُن دنيا ۾ خدا جي ولايت کان منهن موڙيو ۽ جن کي وارث ۽ موليٰ قرار ڏنائين ته اهي قيامت ڏينهن هن کان بيزار ٿي ويندا. مشرڪ جو انجام ”خَسر الدنيا ولآخِره – ذَالک هوُ الخُسران المبين“ هوندو آهي.


    سڌي واٽ جي تلاش : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

    دنيا ۾ هر هڪ ماڻهو، صحيح ۽ غلط جي متعلق هڪ خيال رکي ٿو. ان ڪري انهن ٻنهي شين جا هر ماڻهو وٽ الڳ الڳ ماپا آهن. انهن ماپن جو هڪ ٻي سان ٽڪراءُ پڻ موجود رهي ٿو. اهي اختلافي سوچون معاشري ۾ تعصب، ڇڪتاڻ ۽ انتقامي روڳ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. ڪنهن شخص کي ڪنهن شخصيت پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي، ڪنهن کي وري ڪنهن ڪتاب مان رهنمائي ملي آهي. ڪنهن کي ڪنهن سياستدان ۽ حڪمران جي گڻ قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. ڪو وري ڪنهن مرشد جي ڪرامتن ۾ ڦاٿل نظر پيو ايندو. ڪي ته اهڙا تقليدي ذهن به اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندا جو ”چلو تم ادهر کو هوا هو جدهر کي“ جو پيمانو ٺاهي ڪڍ لڳڻ، ئي سندن مشغلو هوندو آهي.
    سڌي واٽ جي تلاش ۾ انسان جو ڀٽڪندو رهڻ سندس پراڻي ڪمزوري رهي آهي. انسان کي اها سوچ گهٽ ئي نصيب ٿئي ٿي ته هو هلاڪت ۽ بربادي کان بچڻ لاءِ پنهنجي پالڻهار ۽ پيدا ڪندڙ سان رابطي ۾ اچي. رحم ۽ ڪرم جي چادر ڍڪائيندڙ، ٻاجهاري مهربان جي سچن ۽ مخلص نمائندن (پيغمبرن ۽ رسولن) جي پيغام ڏانهن ڀرپور توجهه ڪري. انهن آسماني ڪتابن ۽ صحيفن مان هدايت حاصل ڪري جيڪي رهنمائي لاءِ موڪليا ويا آهن. اسلام ۽ قرآن کي پنهنجي زندگي لاءِ اڳواڻ قرار ڏي جيڪي هن جي لاءِ خاص طرح نازل ڪيا ويا آهن. آخرت واري حياتي کي پنهنجو ابدي گهر سمجهي، جنت کي حاصل ڪرڻ ۽ دوزخ جي عذاب کان بچڻ پنهنجي منزل قرار ڏئي ڇڏي. انسان جڏهن هدايت جو رستو انهي جڳهه تان تلاش ڪندو ته يقيني طرح هو هدايت تي پهچي ويندو ۽ پوءِ هو انهن سڀني رستن کان بيزار ٿي ويندو جن جي ذريعي هو فريب مڪر تباهي، بربادي ۽ دنيا آخرت جي عذاب جي آڙاهن ۾ گرفتار ٿي سگهي ٿو. فقط اهي انسان سڌي واٽ تي پهچي سگهن ٿا جن قرآن مجيد کي پنهنجو رهنما بڻايو آهي. انهن ماڻهن کي ئي دنيا ۾ راحت ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي ۽ جنت ۾ رهڻ جا حقدار قرار ڏنا ويندا.
    سڌي واٽ تي هلڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها آهي ته انسان جو ايمان مضبوط هجي. جيڪو ماڻهو سچي دل سان يقين رکي ته هن جو پيدا ڪندڙ، پاليندڙ، آسمانن ۽ زمين جو ٺاهيندڙ، مخلوق جو هلائيندڙ چلائيندڙ، انسانن کي حياتي ڏيئي پوءِ انهن کي ماريندڙ ۽ ٻيهر جياريندڙ، قيامت جي ڏينهن جو مالڪ ۽ فيصلا ڪندڙ اڪيلو معبود برحق ذات خداوند قدوس الله رب العالمين آهي ۽ مخلوق جي پيدا ڪرڻ جو مقصد سندس عبادت، فرمانبرداري ۽ ان جي حاڪميت کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي عملي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ئي ايمان جي تقاضا ۽ نيڪ بختي آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اهڙو انسان هدايت جي سڌي واٽ تي پهچي ويو ۽ هو صراط مستقيم تي هلي رهيو آهي. ان وٽ تي هلڻ وارو انسان خدا، قرآن ۽ قيامت تي اهڙو پڪو ويساهه رکندو آهي جو ان کي ڪڏهن به حياتي جي ڪنهن لمحي ۾ شڪ نه پيدا ٿيندو آهي. شڪ جي اچڻ سان نفاق پيدا ٿيندو آهي. ۽ پوءِ ان جي سرحد ڪفر جي ويجهو ٿي ويندي آهي.
    اسان جي معاشري ۾ ڪيترا انسان موجود آهن، جيڪي پاڻ کي ”اهل ايمان“ ۾ ڳڻن ٿا پر انهن جي دلين ۾ انهن بنيادي عقيدن جي متعلق شڪ ۽ وهم موجود رهن ٿا. جڏهن اهڙا ماڻهو حق جي انڪاري وڏائي خورن ۽ دولت مندن جي ڪچهرين ۾ ويهندا آهن ته اتي خدا ۽ اسلام تي چٿرون ڪيون وينديون آهن ۽ انهن جو مذاق اڏايو ويندو آهي ته هي ماڻهو خاموشي سان ٻڌندا آهن ۽ پوءِ انهن جي اثر هيٺ اچي ايمان کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ آهستي آهستي خدا ۽ اسلام جا دشمن بڻجي ويندا آهن. حق کان محرومي وڏي بدبختي آهي ۽ جڏهن ته حق جي واٽ تي هلڻ وڏي خوش قسمتي آهي. قرآن مجيد ٻڌائي ٿو ته:
    وَّ لِیَعۡلَمَ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡعِلۡمَ اَنَّہُ الۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکَ فَیُؤۡمِنُوۡا بِہٖ فَتُخۡبِتَ لَہٗ قُلُوۡبُہُمۡ ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَہَادِ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ (سورت الحج 54)
    ”ڄاڻ رکندڙ ماڻهو ان نتيجي تي پهچي ويندا آهن ته اهي ڳالهيون پالڻهار جي طرفان حق سچ آهن پوءِ هو ان تي يقين رکندا آهن ۽ انهن جون دليون ان حق لاءِ جهڪي وينديون آهن. يقيني طرح الله تعاليٰ يقين رکندڙن کي سڌي واٽ جي طرف رهنمائي فرمائيندو آهي. “
    جيڪي انسان فرمانبرداري جي مڪمل جذبي سان الله تعاليٰ سان ڳنڍجي ويندا آهن. انهن جي اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هو سڌي واٽ (صرات مستقيم) تي قائم آهن. ڇو ته جيڪو شخص الله تعاليٰ تي يقين رکي ٿو ۽ قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب واري لمحي کان خوف رکي ٿو ته ان کي دنيا جي رنگينين ڏانهن هرگز رغبت نٿي ٿي سگهي. هو ته هر وقت خدا تعاليٰ جي خوشنودي جو طالبو هوندو ۽ جنت جي حقيقي نعمتن ڏانهن متوجهه رهندو. هتان جون ٿوري وقت جون خوشيون هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهنديون.
    خدا تعاليٰ جو رضامندو، جڏهن زندگي جو اڪيلو مقصد بڻجي وڃي ته پوءِ مومن سمورا ڪم خدا جي مرضيءَ مطابق ڪندو اهي ۽ هر ڪم ڪرڻ کان اڳ اهو پيو سوچيندو ته منهنجو پيارو سائين ان ڪم ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو يا ناراض ٿيندو. پوءِ خوشي وارا ڪم پورا ڪندو ۽ ناراضي وارن ڪمن کان ڪوهين ڀڄي ويندو.
    قرآن مجيد ٻنهي ڪردارن تي روشني وجهي ٿو:
    وَ کَیۡفَ تَکۡفُرُوۡنَ وَ اَنۡتُمۡ تُتۡلٰی عَلَیۡکُمۡ اٰیٰتُ اللّٰہِ وَ فِیۡکُمۡ رَسُوۡلُہٗ ؕ وَ مَنۡ یَّعۡتَصِمۡ بِاللّٰہِ فَقَدۡ ہُدِیَ اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ (سورت آل عمران 101)
    ”توهان لاءِ انڪار ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه رهي آهي. اوهان تي الله تعاليٰ جون آيتون پڙهيون ويون آهن. اوهان ۾ الله جو رسول موجود آهي (جيڪو چٽي طرح توهان کي سمجهائي رهيو آهي) پر ان جي مقابلي ۾ جيڪي شخص الله تعاليٰ سان ڳنڍجي وڃن ٿا پوءِ انهن کي الله تعاليٰ سڌي واٽ جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو“
    قرآن مجيد وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته:
    کَبُرَ عَلَی الۡمُشۡرِکِیۡنَ مَا تَدۡعُوۡہُمۡ اِلَیۡہِ ؕ اَللّٰہُ یَجۡتَبِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یَّشَآءُ وَ یَہۡدِیۡۤ
    اِلَیۡہِ مَنۡ یُّنِیۡبُ (سورت الشوريٰ 13)
    ”مشرڪن کي ايمان ۽ يقين جي ڪيفيتن ڏانهن جيڪا دعوت ڏيئي رهيا آهيو اها انهن لاءِ ڳري پٿر جي ٻوجهه وانگر مٿن ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ جن لاءِ چاهيندو آهي انهن کي سعادت لاءِ چونڊيندو آهي ۽ هو انهن لاءِ هدايت جو انتظام ڪندو آهي جيڪي ان ڏانهن پهريائين متوجهه ٿيندا آهن“
    جيڪي انسان ايمان جي ڪيفيت سان پاڻ کي گناهن کان پاڪ رکندا آهن ۽ پنهنجي اخلاقي سکيا لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهن ته الله تعاليٰ انهن کي وڌيڪ توفيق بخشيندو آهي. خدا انهن کي مقبول ٻانهن ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي. مگر اهڙي اطاعت ۽ فرمانبرداري لاءِ انسان ۾ عجز ۽ انڪساري جو هئڻ پهريون شرط آهي. نرم دل رکندڙ، معاف ڪندڙ ۽ همدرد انسان ئي ”تقويٰ“ ڏانهن وڌي سگهي ٿو. تقويٰ دل جي هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. تقويٰ جو پوري جو پورو تعلق دل سان ڳنڍيل آهي. ايثار، قرباني، انفاق، همدردي، نرم دلي، حُسن اخلاق، خدا خوفي ۽ هر ڪم ۾ مڪمل عبديت جو اظهار تقويٰ جون علامتون ۽ نشانيون آهن. جيڪو شخص انهن وصفن کان محروم آهي اهو تقويٰ کان پوري طرح محروم آهي. تقويٰ جي صفتن کان محرومي ايمان جي محرومي تائين پهچي وڃي ٿي. الله تعاليٰ وٽ اهڙو ايمان معتبر آهي. جيڪو تقويٰ سان سينگاريل هجي. قرآن مجيد ايمان ۽ تقويٰ کي هڪ ٻئي لاءِ لازمي تصور ڪري ٿو.
    وَ لَوۡ اَنَّ اَہۡلَ الۡقُرٰۤی اٰمَنُوۡا وَ اتَّقَوۡا لَفَتَحۡنَا عَلَیۡہِمۡ بَرَکٰتٍ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الۡاَرۡضِ وَلٰکِنۡ کَذَّبُوۡا فَاَخَذۡنٰہُمۡ بِمَا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ (الاعراف 96)
    ”جيڪڏهن ڳوٺن وارا ماڻهو ايمان ۽ تقويٰ سان سينگاريل هجن ها ته انهن جي مٿان آسمان ۽ زمين مان برڪتون ۽ رزق جي ڪشاگي جا دروازا کولي ڇڏيون ها. پر انهن توحيد جي دعوت کي ڪوڙو سمجهو ۽ انڪار ڪيو ته پوءِ سندسن عملن سبب انهن کي عذاب ۾ گرفتار ڪيوسون.“
    انسان جي اندر هڪ فيصلي واري قوت رکي وئي آهي جيڪا گناهه جي متعلق چٽو شعور رکي ٿي ۽ گناهه کان بچڻ جي رستن کان به ڄاڻ رکي ٿي. انسان کي بد ڪرداري ۽ آلودگين ۾ ڦاسائڻ ۾ سندس نفس جو اهم حصو آهي. نفس جي ان داخلي ڪيفيتن متعلق آگاهه ڪيو ويو ته:
    وَ نَفۡسٍ وَّ مَا سَوّٰىہَا ۪ۙ﴿۷﴾ فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا ۪ۙ﴿۸﴾ قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾ وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾
    (سورت الشمس 7-8-9-10)
    ”نفس کي سنواريوسون پوءِ ان ۾ نيڪي بڇڙائي جي سمجهه وڌي سون. ڪامياب آهي اهو شخص جنهن نفس کي پاڪ ڪيو ۽ نامراد آهي اهو شخص جنهن نفس کي آلودگين ۾ ڦاسايو“
    نفس انسان لاءِ هڪ وڏي آزمائش آهي. انسان کي بڇڙن ڪمن ۽ نافرمانين ڏانهن ڇڪيندو رهندو آهي. ان اعتبار سان انسان جو وڏو دشمن آهي هي انانيت پسند، حريص، لالچي ۽ خود غرض هوندو آهي. پنهنجن خواهشن کي پوري ڪرڻ جون راهون تلاش ڪندو رهندو آهي. کيس پنهنجن ذاتي مفادن جو اونو هوندو اٿس. جيئن ته اهي سموريون شيون جائز ذريعن سان پوريون نه ٿينديون آهن ان ڪري نفس، انسان سمورا هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندو رهندو آهي.
    حضرت يوسف عليه السلام جي ذريعي نفس جي ان ڪيفيت کي هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.
    وَ مَاۤ اُبَرِّیُٔ نَفۡسِیۡ ۚ اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ اِلَّا مَا رَحِمَ رَبِّیۡ ؕ اِنَّ رَبِّیۡ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ
    (سورت يوسف 53)
    ”مان پنهنجي نفس جي پاڪدامني نٿو ڪريان ڇو ته نفس انسان کي بڇڙي ڪم تي ڀڙڪائيندو رهندو آهي. سواءِ ان شخص جي جنهن تي پالڻهار رحم ڪري، منهن جو پالڻهار بخشيندڙ ۽ مهربان آهي“
    ان راز تان پردو کڻڻ ۽ اهل ايمان کي واقف ڪرڻ ته نفس هر وقت انهن کي نافرمانين ڏانهن ڇڪيندو رهي ٿو، وڏي اهميت جي ڳالهه آهي. انسان کي سمجهڻ گهرجي ته سڌي واٽ کان هٽائڻ لاءِ نفس جون رٿائون ڪيتري قدر هلاڪت واريون ٿي سگهن ٿيون. هو هر وقت انسان کي پٽڙيءَ تان لاهڻ لاءِ شرارتون گهڙيندو رهندو آهي. ۽ هو ڪڏهن به وقفو نٿو ڪري. هر لمحي تاڙ ۾ رهندو آهي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي نموني انسان کي ڪنهن کڏ ۾ ڪيرائي هميشه لاءِ برباد ڪري ڇڏي.
    نفس جي اصلاح ۽ سکيا لاءِ ضروري آهي ته نفس جي خواهشن کي ٺڪرائي ضمير جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. نفس جن لذتن ۽ دنيا پيروري ڏانهن ترغيب ڏئي ته ان جي مخالفت ڪري ايثار، قرباني، انفاق، همدردي، ٻانهن جي حقن ۽ خدا جي اطاعت وارن عملن ۾ جنبي وڃڻ گهرجي. ان طرح سان سڌي واٽ تي قائم رهڻ آسان ٿي ويندو ۽ شيطاني راهن کان بچڻ سولو ٿي پوندو.


    توحيدي معاشرو يا طبقاتي معاشرو : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

    دنيا جي سمورن نبين ۽ پيغمبرن، پنهنجي دور ۾ زمين جي مختلف حصن ۾ جيڪي معاشرا وجود ۾ آندا يا جيڪا هنن نيڪ ٻانهن تعليم ڏني ۽ ماڻهن کي هڪ نظريي تي گڏ ڪيو، اهو هي هيو ته سمورا انسان توحيد جي فڪر تي ڪٺو ٿي مساوات ۽ برابريءَ سان خدا جا ٻانهان بڻجي رهن. انسانن جو رب، حاڪم ۽ معبود هڪ آهي ۽ هڪ ئي هئڻ گھرجي. ڪوبه شخص ڪنهن کان برتر ۽ بلند ناهي، جيئن ٻانهپ ۾ سڀ هڪ جهڙا آهن اهڙي طرح قانون به سڀني تي هڪ جھڙو لاڳو ٿيندو ۽ رزق جي وسيلن ۽ پيداواري ذريعن ۾ به هو سڀ برابري جي بنياد تي شريڪ آهن. سڀني جي ڪفالت ٿيڻ لازمي آهي. رزق جي بنياد تي طبقن جي پيدا ٿيڻ کي شرڪ قرار ڏنو ويو. عبادت، قانون ۽ رزق ۾ برابري ۽ ڪفالت، سمورن انسانن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ايمان جو لازمي حصو قرار ڏنو ويو. اهڙي توحيدي معاشري کي وجود ۾ آڻڻ، نبين جي بعثت جو اصل مقصد مقرر ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾ دولت جي تفاوت، دولت تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ، انسانن جي گھڻائي کي ڪفالت کان محروم ڪرڻ، انهن کي غلام بڻائي، انهن جي محنت جو استحصال ڪرڻ ۽ انهن کي ڍورن ڍڳن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪرڻ کي مشرڪانه معاشرو قرار ڏنو ويو. اهي چند ماڻهو جيڪي دولت تي قبضو ڪري پاڻ کي ”الٰہ– ملڪ ۽ رب“ سمجھڻ لڳا، انهن کي پيغمبرن طاغوت قرار ڏنو ۽ انهن کي مٽائڻ، نيست و نابود ڪرڻ ۽ انهن جي عهدن، اختيارن ۽ دولت کي پائمال ڪرڻ اصل ايمان ۽ توحيد جو مرڪزي نڪتو تصور ڪيو ويو. ان ڪري قرآن مجيد ۾ پڻ چٽائي سان اها ڳالهه چئي وئي ته ”طبقاتي نظام“ جنهن ۾ دولت کي، حڪومت کي، انسان جي بغاوت کي ۽ ان جي ذاتي مفاد، سڌن ۽ خواهشن کي ”الٰہ“ جو درجو ڏنو وڃي ٿو اهو هڪ طاغوتي ۽ مشرڪانه نظام آهي، جنهن کي ميٽائڻ، ان سان بغاوت ڪرڻ ۽ ان جي خلاف مزاحمت ڪرڻ توحيد ۽ ايمان جي تقاضا آهي.
    أَفَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَٰهَهُ هَوَاهُ ﴿الجاثية: ٢٣﴾
    ”انهيءَ سرڪش انسان جي اوهان کي خبر آهي جنهن پنهنجي خواهشن، سڌن، عهدن، اختيارن ۽ دولت جي آڪڙ کي پنهنجو خدا قرار ڏنو آهي ۽ هو انهن جي پوڄا ڪري ٿو.“
    ”سرمايه داري ۽ طبقاتي نظام سنئون سڌو ڪفر ۽ شرڪ جو نظام آهي. ان نظام جي موجودگي ۾ ايمان ۽ توحيد جو خاتمو ٿي وڃي ٿو.
    قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ النَّاسِ () مَلِكِ النَّاسِ () إِلٰهِ النَّاسِ () ﴿الناس: ۱ - ۳﴾
    ”انسانن جو رب، انسانن جو حاڪم ۽ انسانن جومعبود هڪ آهي.“
    ۽ سڀ انسان به ”عبديت“ ۾ برابر آهن. ان ڪري ربوبيت، حاڪميت ۽ معبوديت ۾ سڀني کي هڪ صف ۾ ڳڻيو ويندو. هي ڪيڏو وڏو ظلم ۽ شرڪ عظيم آهي ته جيڪي ماڻهو عبادت ۾ سمورا هڪ جهڙا آهن، نماز جي صفن ۾ وڏو ۽ ننڍو سڀ برابر آهن پر وسيلن جي ورهاست ۽ قانون جي نفاذ ۾ تفاوت ڪيو ٿو وڃي ته هن تي قانون لڳندو ۽ هن ڏوهه به ڪيو آهي ته قانون لاڳو نه ٿيندو ۽ دولت جا وسيلا هن وٽ گڏ ٿيندا وڃن، هن وٽ فيڪٽريون، ملون، ڪاروبار، جايون ۽ محلات، اختيار ۽ عهدا سڀ ڪجھه موجود هجن پر انسانن جي گھڻائي بک، بيماري، علاج، اٽي لٽي ۽ اجهي کان محروم، ڏکن، دردن ۽ اهنجن ۾ مبتلا ۽ سموري عمر تڙپندي تڙپندي زندگي گذاري مري وڃي پر کيس رياست ڪفالت کان به محروم رکي. ڇا اهو مشرڪانه ۽ طاغوتي معاشرو ناهي؟ ڇا ربوبيت جي نظام جو قيام خدا جي مشيت ناهي؟ توحيد جي تقاضا ناهي؟ ايمان جي عملي تصور ۾ شامل ناهي؟ پيغمبرن (عليهم السلام) طبقاتي معاشرن کي ٽوڙي توحيد تي مبني معاشرن کي قائم ڪيو جيڪي اجتماعي عدل جا ضامن هئا.
    سيدنا موسى عليه السلام کي الله تعالى حڪم فرمايو ته:
    اذْهَبْ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَىٰ ﴿طه: ٢٤﴾
    ”اي موسى! فرعون ڏانهن پيغام کڻي وڃ! اهو هڪ سرڪش انسان بڻجي ويو آهي.“
    وَجَعَلَ أَهْلَهَا شِيَعًا ﴿القصص: ٤﴾
    ”فرعون پوري قوم کي طبقن ۽ ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.“
    هن ڪن ماڻهن کي ضعيف ڪمزور بڻائي، دولت جي وسيلن کان محروم ڪري غلام ڪري رکيو آهي ۽ ڪن خوشامندين کي طاقتور ڪري رکيو آهي. ان ڪري اهڙي باغي انسان کي نيست و نابود ڪرڻ اسان جي مشيت ۾ آهي.
    وَنُرِيدُ أَنْ نَمُنَّ عَلَى الَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا فِي الْأَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ أَئِمَّةً وَنَجْعَلَهُمُ الْوَارِثِينَ
    ﴿القصص: ٥﴾
    ”اسان گھرون ٿا ته جن شخصن کي ڪمزور، محتاج ۽ محروم ڪيو ويو آهي ۽ جن کي بکن ڏکن ۾ گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، انهن کي قومن جو رهنما بڻايون ۽ انهن کي زمين جي خزانن جو وارث ڪيون ۽ ظالمن ۽ سرڪشن کي پائمال ڪري عبرت جو نشان بڻايون.“
    حضرت سيدنا خاتم الانبياءِ والمرسلين ﷺ جن ته هڪ مڪمل انقلابي نظريي سان دنيا ۾ ان وقت تشريف فرما ٿيا جڏهن هيءَ دنيا طبقاتي معاشري ۾ ورهايل هئي. انسان منڊين ۾ ڍورن وانگر وڪامندا هئا. نخوت ۽ ڪبر سبب ڇوڪرين کي جيئرو قبرن ۾ پوريندا هئا. عورت ٻانهي هئي جيڪا عياشي ۾ استعمال ٿيندي هئي ۽ جنهن جي عصمت فروشي دولت جو ذريعو هئي. اهڙي اوندهه انڌوڪار جي دور ۾ پيغمبر اسلام ظالمن، سرڪشن ۽ مستڪبرن کي للڪاريو ۽ اهڙي طبقاتي مشرڪانه معاشري کي ميٽائڻ خاطر اڪيلي سر ميدان ۾ نڪري آيا. انساني تاريخ جي اها هڪ وڏي ڪشمڪش هئي، هڪ وڏي مزاحمت هئي، هڪ وڏو ٽڪراءُ هيو جيڪو ۰ ۱ ۶ ع ۾ مڪي جي سر زمين ۾ ظاهر ٿيو. مڪي جي مقدس زمين ان وقت غلامن سان ڀريل هئي. آزادي جي هن پيغام ٻانهن ۾ ڦرڦوٽ پيدا ڪئي. هو پنهنجن آقائن جي خلاف نڪري نروار ٿيا ۽ سيدنا محمد ﷺ جي چوڌاري ڪٺو ٿيندا ويا. پوءِ ظلم، ستم ۽ جبر جي چڪي ڦرندي وئي پر بلال، صهيب، عمار، ياسر، سميه، خبيب، فهيره ۽ مڪي جي با اثر ماڻهن، ابوبڪر، عثمان تائين به توحيد جي معاشري قائم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کين شديد ايذاء پهچايا ويا. انهن کي پنهنجي وطن کان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. پر نيٺ اها ڪشمڪش پنهنجي منزل تائين پهتي. ظالم، جابر ۽ مستڪبر نابود ٿي ويا. ڪي جهنم رسيد ٿيا، ڪن هٿيار ڦٽا ڪيا، ڪن اطاعت قبول ڪئي ۽ جزيرة العرب ۾ توحيد جو معاشرو قائم ٿي ويو. دنيا جا خزانا انهن جي پيرن ۾ پوندا رهيا.
    ان توحيدي معاشري جي هڪ جھلڪ ملاحظه فرمايو:
    سيدنا عمر فاروق رضي الله جي خلافت جو دور آهي. يمن جو علائقو جيڪو سر سبز ۽ خوشحال ليکيو ويندو هو. ان علائقي تي حضرت معاذ بن جبل ؐ کي گورنر مقرر ڪيو ويو. ان علائقي مان جيڪي زڪوات ۽ صدقات جمع ٿيا انهن جو ٽيون حصو بيت المال مدينه طيبه ڏانهن موڪلي ڏنو ويو. حضرت عمر ؐ مبارڪباد بجاءِ کيس تنبيهه نامو ڏياري موڪليو ته هي ايترو مال مديني ڇو موڪليو اٿيئي؟ اسان توکي ان ڪري گورنر نه ڪيو هيو سون ته مال حاصل ڪري اسان ڏانهن موڪلي ڏي. اتان جو مال اتي حاصل ڪري اتان جي غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏ. حضرت معاذ ؐ جواب موڪليو ته هن علائقي جا ماڻهو ايترا خوشحال ۽ مالدار آهن جو ڪو هڪ ماڻهو به مال وٺڻ لاءِ تيار ناهي. سڀ ڏيڻ لاءِ ئي آتا آهن. هاڻي دولت کي مان ڪهڙي تصرف ۾ آڻيان؟
    عبدالحميد بن عبدالرحمان، عراق جو گورنر هو. هن رعيت ۾ سمورا وظيفا ورهائڻ کان پوءِ مرڪز کي لکيو ته ڪافي رقم موجود آهي، ان کي ڪهڙي استعمال ۾ آڻيان؟ حڪم مليو ته جن ماڻهن تي قرض موجود آهن، انهن جا قرض ادا ڪرڻ لاءِ رقم استعمال ڪريو. جڏهن قرض ادا ٿي ويا ته چيو ويو ته اڃان ڪافي رقم موجود آهي. حڪم ڏنو ويو ته جن شخصن جون شاديون نه ڪيل آهن، انهن جي شادي ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو. انهن جي مهر ادا ڪرڻ ۾ رقم استعمال ڪيو. جڏهن شاديون ٿي ويون ته چيو ويو ته اڃان به رقم موجود آهي. حڪم ڏنو ويو ته غير مسلمن کي زراعت وڌائڻ ۽ انهن جي زرعي اخراجات ۾ رقم کي استعمال ڪريو.
    سيده عائشه صديقه $ کي ٻارنهن هزار درهم سالانه وظيفو رياست طرفان ملندو هو. ان کان سواءِ به ڪيترا اصحاب ڪرام کيس هديا، تحفا ۽ صدقات عطا ڪندا رهندا هئا. مگر سيده صديقه سموري مال کي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندي هئي ۽ گھر ۾ ڪوبه مال يا دولت ذخيرو ڪري نه رکندي هئي. هڪ دفعي حضرت عبد الله بن زبير کيس حجت ڪندي چيو ته عائشه! سڀ مال خرچ ڪرين ٿي ڪجھه ته پاڻ وٽ رکندي ڪر. متان ڪڏهن تڪليف ۾ اچين وڃين. ان ڳالهه تي سيده کي سخت ڪاوڙ اچي وئي ۽ چوڻ لڳي ته تون مونکي دولت جمع ڪرڻ جو مشورو ٿو ڏئين ۽ سڃائپ جو خطرو ٿو ڏيارين. بس هاڻي مون سان نه ڳالهائيندو ڪر نه ايندو ڪر، نه ويندو ڪر. توسان قطع ڪلامي آهي. حضرت ابن زبير ؐ سخت پريشان ٿيو. معافيون وٺڻ لڳو پر سيده گھڻو عرصو ان ڳالهه تي ناراض رهي. فقط ان نڪتي تي ته تون مونکي مال جمع ڪرڻ جو مشورو ڇو ڏنو؟ نيٺ حضرت عبد الله بن زبير ؐ اڪابر اصحابِ رسول ﷺ کي منٿون ڪري سيده صديقه ؐ جي خدمت ۾ سفارش ۽ معاف ڪرڻ لاءِ آندو جن جي درخواست تي سيده صديقه معافي ڏني ۽ کائونس عهد ورتو ته وري ڪڏهن به مال دولت متعلق مونکي خرچ ڪرڻ کان اشاري ۾ به ڳالهه نه ڪندين.
    هي آهي سنتِ رسول ﷺ جي پيروي ۾ اصحاب رسول ﷺ جو قائم ڪيل ”توحيدي معاشرو“. جنهن ۾ مال دولت جمع ڪرڻ، سرمايه داري نظام کي وجود ۾ آڻڻ، مسڪينن کي گھرجن کان محروم ڪرڻ کان شديد نفرت هوندي هئي ۽ خلافت سمورن انسانن جي ڪفالت لاءِ ضامن هوندي هئي. خلافت جي عادلانه ۽ منصفانه معاشري جي ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن ملوڪيت ۽ بادشاهي سسٽم شروع ٿيو ته پهرين بدعت اها سامهون آئي ته مال ۽ دولت کي چند هٿن جي قبضي ۾ رکيو ويو ۽ هڪ خاص طبقي لاءِ آهستي آهستي زمين جي ملڪيت کي جائز بڻائي ان کي غير محدود ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ان طرح جاگيرداري ۽ سرمايه داري جو رواج پيدا ٿي ويو. قرآن مجيد ۾ سون چاندي جي خزانن کي جمع ڪرڻ کان روڪيو ويو هو ۽ ان لاءِ عذاب جي تنبيهه ڪئي وئي مگر چند ماڻهن دولت جا انبار جمع ڪرڻ شروع ڪيا. فقط اڍائي في صد رقم ڏيئي پنهنجي دولت کي پاڪ سمجھڻ لڳا. اهڙي طرح هزارين ايڪڙ زمين تي قابض ٿي هارين جو هڪ طبقو يعني پراڻي غلامي کي ٻيهر وجود ۾ آندو ويو. مذهبي پيشوائيت به جاگيرداري ۽ سرمايه داري يعني ٻين لفظن ۾ طبقاتي مشرڪانه نظام جون پاڙون پختيون ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ”من احيا الارض فهي لہ“ جنهن زمين پاڻ آباد ڪئي اهائي ان جي آهي، جنهن ٽي سال لاڳيتو پاڻ زمين غير آباد رکي ته ان جي ملڪيت نه رهندي، اهڙي واضح ارشاد رسول ﷺ کي ٺڪرايو ويو. ”مَاذَا يُنْفِقُونَ ؟ قُلِ الْعَفْوَ“ ضرورت کان وڌيڪ دولت گھرج وارن کي ڏيئي ڇڏيو.) قرآن ۽ ارشاد رسول ﷺ جي خلاف فتوائون جوڙڻ ۽ سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جي حق ۾ اجتهاد ڪرڻ ۽ ربوبيت جي توحيدي نظام کي نابود ڪرڻ، ڇا اهو يهودين ۽ عيسائين جي احبار ۽ رهبان وارو ڪاروبار ناهي. ڇا امت مسلمه انهن مشرڪانه تصورن جي موجودگي ۾ ڪو انقلاب، ڪا نئين تعمير يا نشاة ثانيه ڪري سگھي ٿي؟


    دعوت توحيد ۾ پيغمبرن جو ڪردار : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

    قرآن مجيد بنيادي طرح هڪ ”دعوتي ڪتاب“ آهي. اهو انسانن کي زندگي گذارڻ جا اصول ۽ ضابطا عطا ڪري ٿو تان ته هو دنيا ۾ هڪ صاف سٿري ۽ پاڪيزه زندگي گذاري سگھن. انسانن تائين هدايت پهچائڻ لاءِ، الله تعالى جو اهو دستور رهيو آهي ته هو انسانن مان ڪن انسانن کي ان مقصد لاءِ چونڊيندو آهي. پوءِ انهن ڏانهن پنهنجي هڪ فرشتي روح القدس (حضرت جبريل ؑ) ذريعي وحي نازل ڪندو آهي. اهو وحي ڪتاب يا صحيفي جي صورت اختيار ڪندو آهي. ڪڏهن الله تعالى سڌو سنئون پيغمبر جي دل تي وحي نازل ڪندو آهي. يا وري پردي جي پٺيان پاڻ هم ڪلام به ٿيندو آهي ۽ سوال ۽ جواب به ڪندو آهي. مگر اهو سمورو رابطو فقط پيغمبر سان ٿيندو آهي. پيغمبرن کان سواءِ ڪنهن غير پيغمبر سان به جيڪڏهن رب العالمين چاهي ته ڪنهن فرشتي ذريعي همڪلام ٿي سگھي ٿو. جيئن سيده مريم بنت عمران سان قرآن مجيد ۾ جبرئيل امين ؑ ذريعي پيغام پهچائڻ جو ذڪر موجود آهي. قرآن مجيد ۾ پيغمبرن سان رابطي جون صورتون هن طرح بيان ڪيون ويون آهن.
    وَمَا كَانَ لِبَشَرٍ اَنْ يُّكَلِّمَہُ اللہُ اِلَّا وَحْيًا اَوْ مِنْ وَّرَاۗئِ حِجَابٍ اَوْ يُرْسِلَ رَسُوْلًا فَيُوْحِيَ بِـاِذْنِہٖ مَا يَشَاۗءُ اِنَّہٗ عَلِيٌّ حَكِيْمٌ ﴿الشورى: ٥١﴾
    ”ڪنهن به انسان لاءِ اها ڳالهه ممڪن ناهي ته الله تعالى هن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سواءِ ان جي جو ان جي دل تي وحي نازل ڪري، يا پردي جي پويان ڳالهائي يا ان ڏانهن ڪو به فرشتو موڪلي جيڪو خدا جي اجازت سان جيڪو خدا گھري ته اهو وحي نازل ڪري. هو بلند ۽ حڪمت وارو آهي.“
    الله تعالى پيغمبرن ڏانهن جيڪو وحي نازل فرمايو آهي يا جيڪو پيغام سڀني نبين ڏانهن هڪ بنيادي دعوت جي طريقي سان موڪليو ويو آهي. اهو پيغام آهي ”ايمان بالله“ اختيار ڪرڻ.
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو:
    وَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا نُوْحِيْٓ اِلَيْہِ اَنَّہٗ لَآ اِلٰہَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدُوْنِ
    ﴿الأنبياء: ٢٥﴾
    ”اي پيغمبر! توکان اڳ هن دنيا ۾ جيڪو به رسول موڪليو ويو آهي ته انهن سڀني رسولن ڏانهن هڪ گڏيل ڳالهه جيڪا وحي ڪئي وئي آهي، اها هيءَ آهي ته هن ڪائنات ۾ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود، رب ۽ حاڪم ناهي، جنهن جي عبادت – بندگي ۽ اطاعت ڪئي وڃي.“
    ان مان معلوم ٿيو ته سمورا نبي ۽ رسول، داعي الي الله، توحيد جا پرچارڪ، معلم انسانيت، مربي، منڪي، هادي ۽ مهدي هئا. اهي سمورا هڪ برادري جا فرد هئا. يعني نبوت ۽ پيغمبري جي رشتي ۾ پاڻ ۾ مربوط ۽ گڏيل هئا. اهو ئي سبب آهي ته انهن سمورن ”هاديان برحق“ تي ايمان آڻڻ، انهن جي نبوت ۽ رسالت کي تسليم ڪرڻ، انهن تي نازل ٿيل ڪتابن ۽ صحيفن کي برحق ڄاڻڻ، ايمان جو بنيادي حصو آهي. ڪنهن به هڪ نبي يا پيغمبر کان منهن موڙڻ يا ان کي نه مڃڻ، سموري سلسلي نبوت جو انڪار ڪرڻ آهي:
    اٰمَنَ الرَّسُوۡلُ بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِ مِنۡ رَّبِّہٖ وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ؕ کُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ ۟ لَا نُفَرِّقُ بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡ رُّسُلِہٖ ۟ ﴿البقرة: ٢٨٥﴾
    ”ايمان آندو رسول، ان ڳالهه تي جيڪا ان جي طرف نازل ڪئي وئي سندس رب جي طرفان، ۽ سمورن مؤمنن به ان تي ايمان آندو. رسول ۽ اهل ايمان الله تي ايمان آڻين ٿا ان جي ملائڪن تي، ان جي نازل ڪيل ڪتابن تي ۽ سمورن رسولن ۽ نبين تي ۽ هو چون ٿا ته ايمان آڻڻ ۾ اسان ڪنهن به رسول ۾ فرق نٿاڪيون، بلڪ سڀني تي هڪ جهڙو ايمان آهي.“
    هن دنيا ۾ زمين تي قدم رکندڙ پهريون انسان پهريون پيغمبر ۽ پهريون معلم انسانيت سيدنا آدم ؑ هو. کيس مڪمل هدايت ۽ تعليم سان سرفراز ڪري زمين ۾ خدا جو خليفو مقرر ڪيو ويو. پوءِ سندس اولاد مان کوڙ ساترا نبي ۽ پيغمبر پيدا ڪيا ويا. انسانيت کي زندگي گذارڻ جي ديني ۽ دنوي تعليم پيغمبرن ذريعي ملي. کاڌي خوراڪ جا آداب، رهڻي ڪهڻي، گھر جوڙڻ، گھر جو سامان، برتن ٿانو، لٽي ڪپڙي جو هنر، مطلب ته زندگي جي سڀني وهنوارن جي ڄاڻ ۽ سکيا پيغمبرن ذريعي انسانيت کي ملندي وئي. ان طرح مهذب انسانن سان معاشري کي سنواريو ۽ سينگاريو ويو. اهو عمل ارتقائي مرحلن مان گذرندو رهيو.
    حضرت نوح عليه السلام جي تاريخي جدوجهد
    ڳچ عرصي کان پوءِ انسانن ۾ شرڪ جي شروعات ٿي وئي. اها هن طرح ٿي ته قوم ۾ جيڪي بزرگ ۽ با ڪمال شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون، تن جي وفات کان پوءِ انهن جي عقيدت ۽ يادگيري لاءِ انهن جا مجسما ٺاهي رکيا ويا ۽ انهن جون روزانه زيارتون ڪندا رهيا. اهو دور به گذريو. پوءِ ٻيو نسل پيدا ٿيو ته انهن زيارتن کان اڳتي وڌي انهن جي محبت ۾ گرفتار ٿي بندگي جون رسمون ادا ڪرڻ لڳا، سجدا ۽ دعائون پنڻ کان پوءِ سڌو سنئون انهن کي خدا تعالى جي اختيارن ۾ شريڪ ڪري معبود چوڻ لڳا. ان دؤر ۾ الله تعالى توحيد جو پهريون مبلغ ۽ داعي حضرت سيدنا نوح ؑ کي پيغمبر بڻائي ان قوم ڏانهن موڪليو، جنهن زندگي جو تمام وڏو عرصو قوم کي توحيد جي دعوت ڏني. قرآن مجيد ٻڌائي ٿو ته:
    وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَلَبِثَ فِیۡہِمۡ اَلۡفَ سَنَۃٍ اِلَّا خَمۡسِیۡنَ عَامًا ؕ فَاَخَذَہُمُ الطُّوۡفَانُ وَ ہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ ﴿العنكبوت: ١٤﴾
    ”اسان نوح ؑ کي سندس قوم ڏانهن رسول ڪري موڪليو. هُن ان قوم ۾ دعوت ڏيندي 950 سال گذاريا. پر جڏهن ايتري عرصي تائين ماڻهن توحيد کي قبول نه ڪيو ته انهن تي پاڻي جو عذاب آڻي ٻوڙي ڇڏيو سون. هو واقعي ظالم هئا.
    حضرت نوح ؑ جي دعوت جو بيان هن طرح ڪيو ويو آهي:
    اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖۤ اَنۡ اَنۡذِرۡ قَوۡمَکَ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَہُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ. ﴿نوح: ١﴾
    ”اسان نوح ؑ کي قوم ڏانهن رسول ڪري موڪليو سون ۽ کيس هدايت ڪئي سون ته هو پنهنجي قوم کي ايندڙ وڏي عذاب کان خبردار ڪري.
    وڏي عذاب کان بچڻ لاءِ خدا پاڪ جو اهو دستور آهي ته اهڙي قوم کي اڳ ۾ خبردار ڪيو وڃي ڪنهن نذير جي حجت پوري ڪرڻ کان اڳ عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ سنت الله جي خلاف آهي. حضرت نوح ؑ پنهنجي تبليغ جو طريقو هن طرح بيان ڪري ٿو:
    قَالَ رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ﴿۵﴾ فَلَمۡ یَزِدۡہُمۡ دُعَآءِیۡۤ اِلَّا فِرَارًا ﴿۶﴾ وَ اِنِّیۡ کُلَّمَا دَعَوۡتُہُمۡ لِتَغۡفِرَ لَہُمۡ جَعَلُوۡۤا اَصَابِعَہُمۡ فِیۡۤ اٰذَانِہِمۡ وَ اسۡتَغۡشَوۡا ثِیَابَہُمۡ وَ اَصَرُّوۡا وَ اسۡتَکۡبَرُوا اسۡتِکۡبَارًا ۚ﴿۷﴾ ثُمَّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُہُمۡ جِہَارًا ۙ﴿۸﴾ ثُمَّ اِنِّیۡۤ اَعۡلَنۡتُ لَہُمۡ وَ اَسۡرَرۡتُ لَہُمۡ اِسۡرَارًا ۙ﴿۹﴾ ﴿نوح: ٥-۹﴾
    ”حضرت نوح ؑ پنهنجي پالڻهار کي دعوت جي رپورٽ ڏيندي) چوي ٿو ته اي منهنجا رب سائين! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي توحيد جي دعوت رات جو به ڏنم ته ڏينهن جو به ڏنم (دعوت جو ڪوبه ٽائيم ٽيبل مقرر نه هو. هر وقت صبح شام، رات ڏينهن، هڪ کي ۽ سڀني کي، هوريان ۽ ڏاڍيان جيئن مصلحت ۽ حڪمت جي تقاضا سامهون ٿي آئي ته مان توحيد جي پيغام ۾ مصروف رهيس) پر عجب ڳالهه اها سامهون آئي ته جيئن جيئن انهن کي دعوت پيو ڏيان ته هو مون کان پري ڀڄڻ ۾ ۽ مون کان نفرت ڪرڻ ۾ روز بروز اڳ اڳرا هئا. يعني انهن جون دليون ذري جيترو به نرم نه پيون ٿين. مان انهن ماڻهن کي جيئن توحيد ڏانهن پيو سڏيان تان ته هو تنهنجي رحمت جا حقدار ٿين ۽ تون هنن کي معاف ڪرين ته هو دعوت کي ٻڌڻ کان ئي ٽهي پيا وڃن ۽ پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون پيا وجھن تان ته ڪو به آواز هنن جي ڪنن جي ذريعي دل تائين نه پهچي سگهي. پاڻ کي ڪپڙن ۾ ويڙهي اهڙو بند ٿي پيا وڃن جو هو مونکي نه ڏسن ۽ نه ٻڌي سگهن. ۽ اها روش انهن جي هميشه قائم رهندي پئي اچي يعني ضد ۽ ساڙ جي. ان کان سواءِ وڏائي ۽ غرور جي انتها تي پهتل هئا.“
    حضرت نوح ؑ وڌيڪ خداوند قدوس کي ٻڌائي ٿو ته:
    قَالَ نُوْحٌ رَّبِّ اِنَّہُمْ عَصَوْنِيْ وَاتَّبَعُوْا مَنْ لَّمْ يَزِدْہُ مَالُہٗ وَوَلَدُہٗٓ اِلَّا خَسَارًا۝۲۱ۚ
    وَمَكَرُوْا مَكْرًا كُبَّارًا۝۲۲ۚ ﴿نوح: ۲۱-۲۲﴾
    ”نوح چيو ته اي پالڻهار! اهي منهنجي ته هر ڳالهه جي مخالفت ڪن ٿا، مگر اهڙن بدڪارن جي هر ڳالهه مڃين ٿا جيڪي وڌيڪ دولت مند ۽ صاحب اولاد آهن، جن هنن کي فقط نقصان پهچايو آهي. هي رات ڏينهن مڪر ۽ فريب جا ڪوڙا داستان گھڙي، ان ۾ بدمست رهن ٿا.“
    ان مان معلوم ٿيو ته بدڪار ۽ بيهوده ماڻهو هر دور ۾ صالح انسانن جي مخالفت ڪندا آهن. انهن جي اصلاح جي دعوت کي قبول نه ڪندا آهن. پر ان جي مقابلي ۾ سرمايه دارن ۽ دولت مند بدڪردارن جي ڪڍ لڳي انهن کي پنهنجو ليڊر مڃيندا آهن. ان سبب دنيا ۾ به انقلاب جي گھڙي اچڻ تي نيست و نابود ٿي ويندا آهن ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ به دردناڪ عذاب تيار ٿيل آهي جهن ۾ هي ليڊرن سميت داخل ڪيا ويندا.
    حضرت نوح ؑ ۽ قوم جو ان مسئلي تي جهڳڙو هيو ته قوم جي گذريل دور ۾ جن بزرگن جا مجسما قوم ٺاهي انهن جي عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هئا ۽ انهن کي خدائي اختيار به سونپي ڇڏيا هئائون. قوم انهن جي عبادت ڪرڻ کان نه پئي رڪجي جڏهن ته حضرت نوح ؑ ان شرڪ کي خدا جي بغاوت سمجھندي قوم کي ان کان نجات ڏيارڻ جي دعوت ڏيئي رهيو هو.
    ان موقعي تي قوم حضرت نوح ؑ کي چٽيءَ طرح ٻڌايو ته اسين انهن بزرگن جي عبادت کان هرگز نه مڙنداسون. قرآن مجيد ۾ قوم جي هٺ ڌرمي جو ذڪر ڪيو ويو آهي:
    وَقَالُوْا لَا تَذَرُنَّ اٰلِہَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَّلَا سُوَاعًا۝۰ۥۙ وَّلَا يَغُوْثَ وَيَعُوْقَ وَنَسْرًا۝۲۳ۚ
    ﴿نوح: ٢٣﴾
    ”قوم اتفاق راءِ سان اهو موقف ٻڌايو ته هرگز نه ڇڏجو پنهنجن خدائن کي، ۽ نه ڇڏجو ود ۽ سواع کي، نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي.“
    ڪي اڻ پڙهيل علماء سو، چوندا آهن ته اهي پٿر جا بت گھڙيل هئا جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. انهن ۾ بزرگن جو ذڪر ڇو؟اهڙن اڻڄاڻن کي اسان حضرت خاتم الانبياء سيدنا محمد مصطفى ﷺ جن جو هي ارشاد گرامي ٻڌائينداسون. حضور ڪريم ﷺ انهيءَ آيت پاڪ جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا ته حضرت نوح ؑ جي قوم جا اهي معبود جن جي عبادت کان هو نه پيا رڪجن اهي ڪير هئا؟ فرمايائون ته: ”اسماء رجال صالحين من قوم نوح“ (بخاري شريف)
    اهي ود، سواع ۽ ٻيون شخصيتون حضرت نوح ؑ جي قوم جون صالح ۽ بزرگ شخصيتون هيون جن جي وفات کان پوءِ قوم وارن انهن جا مجسما ٺاهيا ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لڳا. معلوم ٿيو ته اهي رڳا پٿر جا بت نه هئا بلڪ بزرگ شخصيتن جون شڪليون ٺاهي، انهن کي معبود قرار ڏيئي، انهن کي خدا تسليم ڪندا هئا.
    حضرت نوح ؑ ۽ سندس قوم جو معاملو جڏهن آخري حد تائين پهتو، قوم تي حجت قائم ٿي وئي. عذاب جو مرحلو ويجھو ٿي چڪو ته الله تعالى حضرت نوح ؑ کي حڪم فرمايو ته اسان جي هدايتن هيٺ هڪ ٻيڙي تيار ڪر جنهن ۾ اهل ايمان سوار ٿيندا ۽ انهن کي ئي عذاب کان بچايو ويندو ۽ باقي سڀني مشرڪن کي هڪ وڏي پاڻي جي سيلاب ۾ ٻوڙيو ويندو.
    قرآن مجيد ۾ ان جو ذڪر هن طرح ڪيو ويو آهي:
    وَاصْنَعِ الْفُلْكَ بِاَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا وَلَا تُخَاطِبْنِيْ فِي الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا۝۰ۚ اِنَّہُمْ مُّغْرَقُوْنَ۝۳۷ وَيَصْنَعُ الْفُلْكَ۝۰ۣ وَكُلَّمَا مَرَّ عَلَيْہِ مَلَاٌ مِّنْ قَوْمِہٖ سَخِرُوْا مِنْہُ۝۰ۭ قَالَ اِنْ تَسْخَرُوْا مِنَّا فَاِنَّا نَسْخَرُ مِنْكُمْ كَـمَا تَسْخَرُوْنَ۝۳۸ۭ ﴿هود: ۳۷-۳۸﴾
    ”اي نوح ٻيڙي کي ٺاهڻ شروع ڪر. اسان جي هدايت سان ۽ اسان جي سامهون. اي نوح هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ ته ظالمن ۽ مشرڪن متعلق اسان سان ڪابه گفتگو نه ڪجانءِ يعني انهن جي ڪابه سفارش نه ٿيڻ گھرجي ڇو ته انهن جو مقدر هلاڪ ٿيڻ آهي. پوءِ جيئن جيئن حضرت نوح ؑ ٻيڙي ٺاهيندو پيو وڃي ته قوم جا اوباش ماڻهو هن تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا پيا وڃن. نوح ؑ هنن کي جواب ڏنو ته اڄ اوهين ڀلي ٽوڪون ڪريو پر هاڻي جلد اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي ته اسين به اوهان تي، اوهان جي هلاڪ ٿيڻ تي چٿرون ڪنداسون.“
    اهو وقت پري ناهي جڏهن توهان اکين سان ڏسندؤ ته ڪنهن تي ذليل ڪندڙ اهو لمحو اچي رهيو آهي ۽ ڪير آهي جيڪو دائمي عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندو.
    ٿوري ئي وقت ۾ اسان جو حڪم اچي ويو. تنور اڀري پيو. ان وقت اسان نوح کي حڪم ڪيو سون ته ٻيڙي ۾ هر جنس مان ٻه (نر ۽ مادي) ويهار. پنهنجي خاندان کي پر جن تي خدائي حڪم هلاڪ ٿيڻ جو آهي، انهن کي نه ويهار جيڪي مؤمن آهن انهن کي سوار ڪر. مؤمن هئا ئي ٿورا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا.
    ”هاڻي چڙهو ٻيڙي ۾، الله جي نالي سان اها هلندي ۽ ان جي نالي تي بيهندي“
    اها ٻيڙي مؤمنن کي کڻي هلي. لهرن ۾ لهرون اهڙيون جهڙا پهاڙ. نوح ؑ جي پٽ تي نظر پئجي وئي. چوڻ لڳو اي پٽڙا! ٻيڙي ۾ سوار ٿي، ڪافرن سان سنگت ڇڏي ڏي. هٺيلو پٽ، پيءُ جي چوڻ ۾ نه آيو. چوڻ لڳو ته مان ڪنهن وڏي پهاڙ جي چوٽي تي چڙهي ويندس ۽ اها چوٽي مونکي پاڻي کان بچائي ڇڏيندي. حضرت نوح ؑ فرمايو ته اڄ هن عذاب کان خدا پاڪ جي حڪم کان سواءِ ٻيو ڪو به بچي نٿو سگھي. ائين ئي پيءُ ۽ پٽ ڳالهائيندا رهيا ته پاڻي جي هڪ لهر آئي ۽ حضرت نوح ؑ جو پٽ پاڻي ۾ غرق ٿي ويو. سموري مشرڪ قوم جڏهن پاڻي ۾ هلاڪ ٿي وئي ته الله تعالى جي حڪم سان ٻيڙي جودي پهاڙ تي سڌي طرح بيهجي وئي.
    الله تعالى حڪم فرمايو ته اي زمين پاڻي کي چهي وڃ، اي آسمان پاڻي کي بند ڪر. پاڻي سڪي ويو ۽ خدا جو حڪم پورو ٿي ويو ۽ چيو ويو ته ظالم قوم لاءِ فقط تباهي ۽ بربادي آهي. جڏهن معاملو ختم ٿيو ته حضرت نوح ؑ کي پٽ جي يادگيري آئي. چوڻ لڳو ته ”پالڻهار!، پٽ ته منهنجي خاندان مان هو. ان کي بچڻ گھربو هو.“ خداوند قدوس پنهنجي ڪبريائي ظاهر ڪندي ارشاد فرمايو ته ”اي نوح ؑ اهو مشرڪ پٽ تنهنجي خاندان ۾ شامل نٿو ٿي سگھي. ان مشرڪ کي غرق ٿيڻو هو. ”اِنَّہٗ عَمَلٌ غَيْرُ صَالِحٍ“ اهو عمل جي اعتبار سان بدڪار انسان هو. ان متعلق مون سان آئينده لاءِ ڪا به حجت نه ڪجانءِ متان جاهلن ۾ ڳڻيو وڃين.“
    حضرت نوح ؑ جلد ئي خبردار ٿي ويو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا الله مون کي اهڙي سوال ڪرڻ ۽ سفارش ڪرڻ کان پنهنجي پناهه ۾ رک، جنهن جو مونکي پورو علم ناهي. مون کي معاف فرماءِ ۽ مون تي رحم فرماءِ. “ الله تعالى حضرت نوح ؑ جي لغزش کي معاف فرمائي مٿس رحمتن ۽ برڪتن جي پالوٽ ڪئي.
    هي قرآن مجيد ۾ حضرت نوح ۽ سندس قوم جي ڪشمڪش جو مختصر احوال ٻڌايو ويو آهي. دعوت توحيد جي سلسلي ۾ ڪيڏي وڏي جدوجهد ڪئي وئي. صدين تي مشتمل جاکوڙ هڪ پيغمبر جي حوالي سان انساني تاريخ ۾ موجود آهي. ان مان سبق ملي ٿو ته هر دور ۾ مؤمنين، صالحين، دعوت توحيد کي پنهنجو نصب العين بڻائي، اهڙي ڀرپور جدوجهد ۾ مشغول رهن. اهو ئي قرآن مجيد جو پيغام آهي.

    امام انسانيت حضرت سيدنا ابراهيم خليل الله ؑ
    عراق جي سر زمين تي، شرڪ ۽ بت پرستي جي ڪاري انڌيري ۾ هڪ شخصيت جنم ورتو. رياست جو سربراه نمرود خدا هجڻ جو دعويدار هيو. سندس پيءُ رياست جي مذهبي منصب تي فائز هيو. نمرود جي خدائي ۽ بتن جي پوڄا جي حفاظت سندس منصب جي تقاضا هئي. پوري قوم بت پرستي ۾ ٻڏل هئي. هوش ۽ عقل کان ڪوهين ڏور هئا.
    اهڙي ماحول ۾ سيدنا ابراهيم ؑ فطرت جي سڏ کي قبول ڪندي، مظاهر پرستي کان بيزار ٿي توحيد تي قائم رهڻ جو اعلان ڪيو. رات جو تاري جي روشني کي ڏسندي چوي ٿو: ”ڇا هي منهنجو رب آهي؟“
    فَلَمَّآ اَفَلَ قَالَ لَآ اُحِبُّ الْاٰفِلِيْنَ﴿الأنعام: ٧٦﴾
    ”جڏهن تارو گم ٿي ويو ته چيائين ته گم ٿيندڙ منهنجو رب ناهي.“
    وري جڏهن چنڊ کي ڏٺائين ته چيائين ته ڇا هي منهنجو رب آهي؟ جڏهن لهي ويو ته چيائين جيڪڏهن الله هدايت نه ڪري ها ته مان گمراهه ٿي وڃان ها.
    جڏهن سج کي ڏٺائين ته چيائين ته هي ته ڪو وڏو رب آهي! پر جڏهن اهو به لهي ويو ته چوڻ لڳو ته مان اهڙن معبودن کان بيزار آهيان. مان پنهنجي رب پاڪ ڏانهن توجھ ڪريان ٿو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو. مان ڪڏهن به شرڪ ڪندڙن مان نه ٿيندس.
    ان تي سندس قوم هن سان جھڳڙو ڪرڻ شروع ڪيو. هن قوم کي دليلن سان سمجھايو ته جن معبودن کي ٺاهي پوڄا ڪريو ٿا اهي ته ڪجھه به نٿا ڪري سگھن. جن کان توهين ڊڄو ٿا، مون کي ته انهن جي ڪا به پرواهه ڪانهي. اهي فطري دليل اسان ابراهيم کي سمجھايا سون ۽ اها اسان جي هدايت هئي جيڪا هن کي عطا ڪئي سون.
    حضرت ابراهيم ؑ رياست جي بادشاهه کي توحيد جو پيغام ڏنو ته ان الله جي عبادت ڪر جيڪو ماري ۽ جياري ٿو ته هن بيوقوف چيو ته مارڻ ۽ جيارڻ ته منهنجي هٿ ۾ به آهي! ڪنهن کي ڦاسي تي لٽڪايان ۽ ڪنهن کي ڇڏي ڏيان. حضرت ابراهيم چيو ته الله تعالى سج کي اوڀر کان اڀاري ٿو. تون خدا آهين ته اولهه کان سج اڀار. ان تي مشرڪ مبهوت ٿي ويو. ڪو به جواب ڏيئي نه سگھيو. حضرت ابراهيم ؑ پنهنجي پيءُ کي به سمجھايو ته اي منهنجا بابا سائين! اهڙن معبودن جي عبادت ڇو ٿو ڪرين جيڪي نه ٻڌن ٿا نه ڪي ڏسن ٿا. نه ڪي ڪو توکي نفعو پهچائي سگھن ٿا.
    مگر آزر هڪ مذهبي منصب تي فائز ٿي دنوي مفادن ۾ کيڏي رهيو هو. هو بت پرستي کي ڪيئن ٿي ڇڏي سگھيو! آزر پنهنجي پٽ کي خبردار ڪيو ته بتن جي مخالفت کي ڇڏ. ورنه مون کان جدا ٿي وڃ.
    قَالَ اَرَاغِبٌ اَنْتَ عَنْ اٰلِــہَـتِيْ يٰٓــاِبْرٰہِيْمُ۝۰ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَہِ لَاَرْجُمَنَّكَ وَاہْجُرْنِيْ مَلِيًّا۝۴۶
    ﴿مريم: ٤٦﴾
    پيءُ آزر پنهنجي پٽ ابراهيم کي چوي ٿو ته تون منهنجي معبودن کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن تون ان ڳالهه کان نه مڙندين ته مان توکي پٿرن سان سنگسار ڪري ڇڏيندس ۽ هاڻي مون کان ٽري وڃ. سيدنا ابراهيم ؑ پنهنجي پيءُ ۽ پوري قوم کي آخري نصيحت ڪندي چوي ٿو ته:
    اِذْ قَالَ لِاَبِيْہِ وَقَوْمِہٖ مَا ہٰذِہِ التَّـمَاثِيْلُ الَّتِيْٓ اَنْتُمْ لَہَا عٰكِفُوْنَ۝۵۲ قَالُوْا وَجَدْنَآ اٰبَاۗءَنَا لَہَا عٰبِدِيْنَ۝۵۳ ﴿الأنبياء: ۵۲-۵۳﴾
    ”ابراهيم جڏهن پنهنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته هي ڪهڙيون مورتيون اوهان بڻايون آهن جن کي خدا ڪوٺيو ٿا ۽ جن جي آڏو اوهان اونڌا ڪريا پيا آهيو؟ چوڻ لڳا ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو آهي تنهن ڪري اسين به اها رسم ادا ڪري رهيا آهيون.“
    مشرڪ عقل ۽ شعور سان نه سوچيندو آهي. هو خدا جي تلاش دليل سان نه ڪندو آهي بلڪ هو آباء پرستي ۽ سلف پرستي ۾ انڌي تقليد کي معيار بڻائي شرڪ ۽ ڪفر کي اختيار ڪندو آهي. حضرت ابراهيم ؑ قوم تي حجت پوري ڪرڻ بعد پڪو پهه ڪيو ته هنن ڪوڙن خدائن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هڪ ڏينهن اهڙو موقعو آيو. پوري قوم قومي ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجا گھر ڇڏي رواني ٿي. حضرت ابراهيم ؑ ان موقعي تي بت خاني ۾ وڃي پهتو. هڪ ڪهاڙي سان سڀني بتن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين. فقط هڪ لٺ سردار کي ڇڏي ڏنائين تان ته پڄاري ان کان اچي حال احوال وٺن:
    فَجَــعَلَہُمْ جُذٰذًا اِلَّا كَبِيْرًا لَّہُمْ لَعَلَّہُمْ اِلَيْہِ يَرْجِعُوْنَ۝۵۸ ﴿الأنبياء: ٥٨﴾
    ميلي کان موٽ کائيندي بتن جا پوڄاري سڌو بت خاني ۾ اچي پهتا. ڏسن ته سمورا سندن معبود اونڌا سونڌا ٿيا هيٺ ڪريو پيا آهن. پهرين دانهن ۾ اهي لفظ اچاريائون ته:
    مَنْ فَعَلَ ھٰذَا بِاٰلِـہَتِنَآ اِنَّہٗ لَمِنَ الظّٰلِــمِيْنَ۝۵۹ ﴿الأنبياء: ٥٩﴾
    ”اسان جي معبودن جو هي حال ڪنهن ڪيو؟ اهو ته ڪو وڏو ظالم آهي.“
    قَالُوْا سَمِعْنَا فَـتًى يَّذْكُرُہُمْ يُقَالُ لَہٗٓ اِبْرٰہِيْمُ۝۶۰ۭ ﴿الأنبياء: ٦٠﴾
    ”ڪن همراهن چيو ته اسان جي شهر ۾ هڪ نوجوان آهي جيڪو انهن معبودن جي خلاف ڳالهائيندو رهندو آهي. ان کي ابراهيم چوندا آهن.“
    سيدنا ابراهيم ؑ کي قومي درٻار ۾ آندو ويو. بادشاه، وزير، سندس پيءُ ۽ درٻاري اچي گڏ ٿيا. پهريون سوال هي ڪيو ويو ته:
    قَالُوْٓا ءَ اَنْتَ فَعَلْتَ ھٰذَا بِاٰلِہَتِنَا يٰٓـاِبْرٰہِيْمُ۝۶۲ۭ ﴿الأنبياء: ٦٢﴾
    ”اي ابراهيم هي حالت اسان جي معبودن سان تو ڪئي آهي؟“
    ابراهيم جواب ڏنو. بتن جو سردار چڱو مڙس ٿيو ويٺو آهي. ان جي موجودگي ۾ اهو واقعو پيش آيو آهي. ان کان پڇو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو؟ سڀني مشرڪن جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا. ڪنڌ هيٺ ڪيون ذلت ۽ خواري سان چوڻ لڳا ته:
    لَــقَدْ عَلِمْتَ مَا ہٰٓـؤُلَاۗءِ يَنْطِقُوْنَ۝۶۵ ﴿الأنبياء: ٦٥﴾
    ابراهيم اسان کي ذليل نه ڪر. توکي ته خبر آهي ته اهي اسان جا معبود ڳالهائيندا ناهن! سيدنا ابراهيم ؑ پنهنجي استدلال سان جنگ کٽي ورتي ۽ هنن کي پوري قوم جي آڏو ذليل ٿيڻو پيو. ان وقت سيدنا ابراهيم ؑ پوري وقار ۽ نظريه توحيد جي برتري جي احساس سان قوم کي چئي ڏنو ته:
    اَفَتَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللہِ مَا لَا يَنْفَعُكُمْ شَـيْــــًٔا وَّلَا يَضُرُّكُمْ۝۶۶ۭ ﴿الأنبياء: ٦٦﴾
    ”ڇا پوءِ توهان الله کي ڇڏي اهڙن معبودن جي عبادت ڪندا آهيو جيڪي ذري جيترو به توهان کي نفعو نه ٿا پهچائي سگھن ۽ نه وري ذري جيترو ڪو نقصان ٿا رسائين!“
    مشرڪ قوم ذليل ۽ خوار ٿي وئي. دليل جي ميدان ۾ شڪست کائي وئي. پر هٺ ڌرمي ۽ آباء پرستي کين مجبور ڪيو ته هو سچ کي قبول نه ڪن ۽ ڪوڙ تي سندرو ٻڌي ابراهيم ؑ کي ڪا تاريخي سزا ڏين. سڀ متفق ٿي چوڻ لڳا:
    حَرِّقُـوْہُ وَانْصُرُوْٓا اٰلِہَتَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ۝۶۸ ﴿الأنبياء: ۶۸﴾
    ابراهيم ؑ کي باهه ۾ ساڙيو ۽ پنهنجن معبودن جي مدد ڪريو جيڪڏهن ڪو بدلو وٺڻ گھرو ٿا.
    مهينن تائين ڪاٺيون گڏ ڪيون ويون. وڏو آڙاهه تيار ٿيو. پوءِ ان ۾ ابراهيم کي وڌو ويو. مگر سندن سازشون ناڪام ٿيون. خدا سڌو سنئون حڪم جاري فرمايو:
    قُلْنَا يٰنَارُ كُـوْنِيْ بَرْدًا وَّسَلٰمًا عَلٰٓي اِبْرٰہِيْمَ۝۶۹ۙ ﴿الأنبياء: ٦٩﴾
    ”اي باهه ٿڌي ٿي وڃ! مڪمل سلامتيءَ واري ٿي پؤ، ابراهيم ؑ تي.“
    ايڏو عظيم الشان معجزو ڏسڻ کان پوءِ به قوم کي هدايت نصيب نه ٿي ۽ هو ان شرڪ تي قائم رهيا. جن معبودن جو حال هنن پاڻ اکين سان ڏٺو هو. توحيد ۽ شرڪ جي اها انساني تاريخ هزارن سالن کان هلندي پئي اچي.
    خدا جي پيغمبر ۽ امتن جا صالح انسان هر دور ۾ توحيد جي سمجھاڻي به ڏيندا پيا اچن. قرآن مجيد ۾ پيغمبرن جي جدوجهد جو احوال وڏي تفصيل سان بيان ٿيل آهي. سيدنا موسى ؑ جي فرعون خلاف مثالي مزاحمت، فلسطين ۽ القدس جي سرزمين تي سوين پيغمبرن جي جدوجهد، بني اسرائيل جي آخري رسول سيدنا مسيح عليه السلام جون ڀرپور ڪاوشون، دعوت توحيد جون بي مثال ڪڙيون آهن.
    هاڻي امت مسلمه جنهن کي ملت ابراهيم جو وارث بڻايو ويو آهي، ان تي ذميواري لڳائي وئي آهي ته قيامت تائين ايندڙ انسانيت کي توحيد جي شفاف تعليم ڏئي. قرآن مجيد جي ذريعي انسانيت تي خدا جي حجت قائم ڪري. حجت قائم ٿيڻ کان پوءِ داعي ۽ مدعوين جي مسئوليت ختم ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن دعوت توحيد ۽ قرآن مجيد جو چٽو پيغام، قومن جي ٻولين ۾ انهن تائين نه پهتو ته اهل اسلام کان به قيامت ڏينهن مسئلوليت ٿيندي ۽ جن قومن تي حجت قائم نه ٿي ۽ قرآن جي پيغام کان ناواقف رهجي ويا ته اهي خدا پاڪ کي چئي سگهن ٿا ته اسان تائين حق جي روشني نه پهتي ته پوءِ اسان تي عذاب ڇو ٿيڻ گھرجي؟


    خاتم الانبياء ﷺ جي دعوتي جدوجهد : مولانا محمد سليمان طاهر انڍڙ

    زمين تي انسانن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ کين سڌي واٽ ڏيکارڻ لاءِ الله تعالى پنهنجا خاص نمائندا هن دنيا ۾ موڪلڻ شروع ڪيا، جن کي پيغمبر، رسول، نبي ۽ هادي جو نالو ڏنو ويو. حضرت آدمؑ ۽ ابليس کي حڪم مليو ته اوهان زمين ۾ آباد ٿيو ۽ هڪ مقرر وقت تائين اوهان کي اتي رهڻو آهي. سيدنا آدم عليه السلام کي نبوت سان فائز ڪري هدايت سان نوازيو ويو. مگر ابليس کي اولاد آدم لاءِ ابتلا ۽ آزمائش طور تي اختيار ڏنا ويا. اهڙي طرح گذريل هزارن سالن کان اهو دور شروع ٿيو ۽ اڃا تائين هلي رهيو آهي. هاديان برحق جو جيڪو سلسلو سيدنا آدم کان شروع ٿيو هو، ان جي پڄاڻي خاتم الانبياء والمرسلين سيدنا محمد مصطفى ﷺ جن تي ڪئي وئي. انهن سمورن پيغمبرن انسانيت کي حق جي راهه ڏيکاري ۽ حق تي هلڻ لاءِ انهن جي رهنمائي ڪئي. انهن تي اها ذميواري به وڌي وئي ته هو دنيا ۾ الله تعالى جي حاڪميت قائم ڪن. هر نبي ۽ پيغمبر جو دور پنهنجن مخصوص قومي ۽ زماني حالتن مطابق گذريو. عام طرح ”لِكُلِّ قَوْمٍ ہَادٍ“ هر قوم ۾ انهيءَ قوم مان هڪ فرد جو انتخاب ڪري هدايت پهچائڻ جي ذميواري ڏني وئي. ”وَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِہٖ “هر رسول کي سندس قوم جي ٻوليءَ ۾ ڪتاب يا صحيفو الاهي ڏنو ويو تان ته اها قوم پنهنجي قومي ٻولي ۾ خدا جو پيغام پڙهي، سمجھي ۽ ان تي عمل ڪري. هر پيغمبر سان عام طرح قومن جيڪو رويو اختيار ڪيو، اهو نهايت ظالمانه ۽ درد ناڪ هيو. نبين کي شديد اذيتون ڏنيون ويون. مٿن مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا ۽ ڪيترن ڀلارن کي قتل ته ڪيو ويو. ”وَيَقْتُلُوْنَ النَّـبِيّٖنَ بِغَيْرِ حَقٍّ“.
    ڪيئي هزار سال اڳ عراق ۾ ستارا پرست ۽ بت پرست هڪ قوم ۾ هڪ هادي برحق موڪليو ويو. توحيد جي ان مبلغ جو نالو هيو ”سيدنا ابراهيم خليل الله ؑ“. ان عظيم شخصيت مشرڪانه ماحول ۾ توحيد جي دعوت عام ڪئي. بت پرست بادشاهه، بت فروش خاندان، ۽ بتن جي پوڄاري قوم کي دليل جي ميدان ۾ لاجواب ڪري ڇڏيو. هن مقدس انسان عراق کان مصر جي طرف هجرت ڪئي ۽ پوءِ فلسطين ۾ اچي آباد ٿيو. کيس حڪم ٿيو ته مڪة المڪرمه ۾ ڪعبت الله جي تعمير ڪري. ان کان اڳ هن پنهنجي پٽ ۽ گھرواري کي انهيءَ ”وادي غير ذي زرع“ ۾ اچي آباد ڪيو هئائين. اهي سمورا انتظام، خاتم الانبياء ﷺ جي آمد لاءِ ٿي رهيا هئا. سندس اولاد مان هڪ نسل وڌيو ۽ ويجھيو. عرب علائقي ۾ رهڻ ڪري اهو نسل عرب خاندان ۾ تبديل ٿي ويو. قريش قبيلي جي هاشمي خاندان مان هڪ پاڪباز شخصيت پيدا ٿي، جنهن تي ختم نبوت جا تاج رکيو ويو. ڪتاب مقدس عطا ڪري هدايت جي منصب تي کين فائز ڪيو ويو. دعاء ابراهيم ۽ بشارت عيسى ؑ جو ظهور دنيا جي سامهون آيو.
    دنيا جي آخري پيغمبر جي بعثت جا ٻه دور هئا. پهريون دور هو قوم قريش جي هدايت ۽ انهن کي عالمي قيادت لاءِ تيار ڪرڻ. ان ۾ فرمايو ويو:
    ”لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَہَا “.
    ”بنيادي ڳوٺ ۽ ان چوڌاري واري خطي ۾ انذار“
    ”لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُہُمْ “
    ”اهڙي قوم کي خبردار ڪرڻ جن جي وڏن تائين پيغام نه پهتو هو“
    ”ہُوَالَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْہُمْ “
    ”الرَّسُوْلُ النَّبِيِّ الْاُمِّيِّ ﷺ“ کي اميين ۾ هادي ڪري موڪليو ويو.
    بعثت جو ٻيو مرحلو هيو:
    ”وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا كَاۗفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا “
    ”اسان توهان کي سموري دنيا جي انسانن جي هدايت لاءِ بشير ۽ نذير ڪري موڪليو آهي.“
    ”وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِيْنَ “
    ”اسان توهان کي دنيا جي سمورين قومن ڏانهن رحمت جو پيغام ڏيئي موڪليو آهي تان ته انهن جي ڪتاب ذريعي نجات ٿئي.“
    پيغمبر ؑ توحيد جي دعوت جو آغاز مڪي جي بت پرست معاشري ۾ شروع ڪيو. نبوت جو پهريون آواز ”غار حرا“ ۾ روح القدس فرشتي جي ذريعي ڪنن ۾ گونجيو. هڪ ڪتاب سندن سامهون آڻي چيو ويو ته پڙهه – پڙهه – پڙهه – پوءِ پڙهندا ويا. گھر ۾ اهڙي حالت ۾ پهتا جو مٿن هڪ خاص قسم جي ڪيفيت طاري هئي. عظيم ۽ ڏاهي عورت سيده خديجة الڪبرى ؒ کين تسلي ڏيندي چيو ته ”اوهان ته غريبن جا همدرد هوندا آهيو، مسڪينن کي کاڌو کارائيندا آهيو، اگهاڙن کي ڍڪيندا آهيو، مسافرن جي پرگھور لهندا آهيو، مظلوم جو ساٿ ڏيندڙ آهيو. اهڙي ڀلاري ۽ برگزيده شخصيت سان خدا تعالى جو ڪو سٺو رويو ئي ٿي سگھي ٿو.“ پوءِ کين ورقه بن نوفل وٽ وٺي وئي جنهن دين فطرت قبول ڪيو هو ۽ بت پرستي کان بيزار هو. هن پوڙهي شخص ڳالهه ٻڌندي ئي چيو ته غار حرا ۾ اها شخصيت جبريل امين جي هئي جيڪو پاڪ فرشتو سيدنا موسى ۽ سيدنا مسيح ؑ تي نازل ٿيندو هيو. اوهان کي نبوت تي فائز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاش مان جيئرو هجان ها ته توهان جي مدد ڪريان ها جڏهن توهان کي مڪي مان نيڪالي ڏني ويندي. پاڻ ڪريم ﷺ جن تعجب سان پڇيو ته ڇا مونکي پنهنجي شهر وارا هن شهر مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪندا.
    ورقه ٻڌايو ته هي پيغام ئي اهڙو آهي جو جنهن به ان پيغام کي پهچايو آهي ان کي شديد ايذاء ڏنا ويا آهن. سيده خديجه ۽ ورقه بن نوفل نبوت جي تصديق ڪئي. پوءِ سيدنا علي جيڪو ان گھر ۾ پنهنجي سوٽ سان گڏ رهندو هو ۽ زيد بن حارثه جنهن کي پٽ بڻايو ويو هو، انهن تصديق ڪئي ۽ گھر جي دنيا کان ٻاهر جنهن آزاد شخصيت تصديق ڪئي اهو هيو ابو بڪر صديق ؐ.
    غار حرا ۾ ”اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ“ کان پوءِ جيڪو پيغام آيو ان ۾ چيو ويو ”يٰٓاَيُّہَا الْمُدَّثِّرُ قُـمْ فَاَنْذِرْ وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ “ اي ڪپڙا ڍڪيندڙ! (سمهڻ جو وقت ختم ٿي ويو) هاڻي اٿ ۽ انذار ڪر ۽ رب جي تڪبير بلند ڪر. منصب نبوت تي فائز ٿيڻ کان پوءِ ٽي سال مخفي طرح تبليغ ڪئي وئي ”دار ارقم“ ۾ هڪ تبليغي ۽ تربيتي مرڪز قائم ٿيو. ان عرصي ۾ چاليهه کن موحدين جي جماعت منظم ٿي وئي.
    اقام رسول الله ﷺ بمکة ثلاث سنين من اول نبوة مستخفيا فاعلن في الرابعه
    پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي ۾ ٽي سال مخفي طرح توحيد جو پيغام پهچايو پوءِ چوٿين سال ظاهري اعلان ڪري پيغام کي نروار ڪيائون. چوٿين سال هي وحي الاهي نازل ٿيو:
    فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَاَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِيْنَ۝۹۴
    کولي کولي توحيد جو پيغام پهچايو ۽ مشرڪن کان جدا ٿي وڃو!
    پاڻ ڪريم ﷺ جن صفا جي پهاڙي تي دستور مطابق چڙهي قبيلن جا نالا وٺي انذاز ڪيو. فرمايائون: يايها الناس قولوا لا الٰه الا الله تفلحوا – وتملکوا ايها العرب وتدين لکم بها العجم فاذا آمنتم کنتم ملوکا في الجنة (زاد المعاد) ”اي انسانو! الله کان سواءِ ٻين ٺاهيل معبودن جي عبادت کان بيزار ٿي وڃو ته اوهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. ان پيغام کي کڻي اٿو ته عرب جا حڪمران بڻجي ويندؤ ۽ سمورا عجمي ان نظام تي هلي پوندا. جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ته بهشت جا حقدار ٿي ويندؤ.“
    ان موقعي تي ابو لهب سامهون آيو. پٿر هڻندي چوندو رهيو ته: ”تبالک يا محمد الهذا جمعتنا“ (نعوذ بالله) اي محمد تون هلاڪ ٿي وڃين ڇا تون ان ڳالهه لاءِ اسان کي هت دعوت ڏني هئي؟
    دعوت عشيره جي موقعي تي به جڏهن خاندان جي ماڻهن جي دعوت ڪندي سڀني تائين پيغام پهچايو ته ابو لهب ان ۾ به رڪاوٽ وجھي ناڪام بڻايو. موسم حج ۾ مڪي کان ٻاهران آيل قافلا جڏهن منى ۾ قيام ڪندا هئا يا واپار سانگي قافلا عڪاظ، مجنه، ذي المجاز خيمن ۾ قيام ڪندا هئا ته اتي وڃي هادي برحق ﷺ جن توحيد جو پيغام پهچائيندا هئا.
    و ابولهب ورائه يقول لا تطيعوه فانه صابيءٌ کذاب، فيردون على رسول الله اقبح الرد و يقولون اسرتک و عشيرتک اعلم بک حيث لم يتبعوک. (زاد المعاد)
    ”جٿي جٿي حضور ڪريم ﷺ جن توحيد جوپيغام ٻڌائڻ لاءِ پهچن پيا ته پٺيان ابولهب به اتي پڄي ويندو ۽ چوندو رهندو هو ته هن جي پٺيان نه لڳجو، هي بي دين ۽ ڪوڙو شخص آهي. ان تي قافلي وارا ذلت وارو رويو اختيار ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي تنهن جي خاندان جا ماڻهو توکي وڌيڪ سڃاڻين ٿا جڏهن هي توکي نٿا مڃين ته پوءِ تون ڪهڙو سچو هوندين؟“
    قريشي قوم جي مشرڪن جي عناد ۽ عداوت جو اهو مرحلو به سامهون آيو ته قريش جا سمورا قبيلا گڏجي هاشمي خاندان جو معاشي بائيڪاٽ ڪيائون. ڇو ته هنن ابو طالب کي آگاهه ڪيو هو ته يا ته محمد جي سرپرستي تان هٿ کڻي وڃ يا وري محمد اسان جي حوالي ڪر. ٻي صورت ۾ محمد جي سرپرستي ڪرڻ سبب سموري هاشمي خاندان کي ڏيڻ وٺڻ، ڀت برادري ختم ٿي ويندي. پوءِ ٽي سال اهڙا آيا جو حضور ڪريم ﷺ جن هاشمي خاندان سان گڏجي شعب ابي طالب ۾ محصور ٿي ويا. هاشمي خاندان مان فقط هڪ نڀاڳو شخص ابو لهب اهڙو بدبخت بڻيو جو خانداني رشتي کي به ٺڪرائي شعب ابي طالب ۾ ساٿ نه ڏنو. ٽي سال بکن ، ڏکن ۽ تڪليفن مان نيٺ وڃي پار پيا. اهڙي اذيت ناڪ ڪيفيت مان گذرڻ کان پوءِ جلد ئي اسلام تي فدا ٿيندڙ خاتون سيده ام المؤمنين خديجة الڪبرى ؒ وصال ڪري وئي ۽ پوءِ جلد ئي خواجه ابو طالب جيڪو پيغبمر اسلام جو وڏو ڀرجهلو هيو اهو به انتقال ڪري ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن کي انهن ٻن عظيم شخصيتن جي وڇوڙي هيڻو ڪري ڇڏيو. ان ڪري ان سال کي ”عام الحزن“ قرار ڏنائون يعني ڏک وارو سال. فقط پيغمبر اسلام ﷺ کي ئي تڪليفون نه ڏنيون ويون، پر سندن جان نثار ساٿين، خاص طرح اهل توحيد جي بي سهارا ۽ پرديسي غلامن تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا، انهن کي تتل ٽانڊن تي ليٽايو ويو، پٿرن سان چٽيو ويو، جسمن تي ڏنڀ ڏنا ويا، ڪن کي ته قتل ڪيو ويو. انهيءَ صورتحال کي ڏسندي اهڙن بي سهارا ۽ بعض اهم شخصيتن کي اجازت ڏني وئي ته هو حبش ملڪ ڏانهن هجرت ڪري وڃن. انهن ۾ عثمان بن عفان ؐ ۽ جعفر بن ابي طالب ؐ به شامل هئا.
    شعب ابو طالب جي دردناڪ حادثي کان پوءِ حضور ڪريم ﷺ جن دين اسلام جي لاءِ ڪنهن مرڪز جي تلاش ۾ طائف جو سفر اختيار ڪيو، پر اهو شهر اڃا هدايت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. حضور ڪريم ﷺ کي اهڙي اذيت واري صورت سامهون آئي جو عرش عظيم به هڪ دفعي ڏڪي ويو. سندن دعوت توحيد کي ڪنهن به سنجيدگي سان نه ٻڌو. ويتر مٿن سنگباري ڪئي وئي. رستي تي بي هوش ٿي ڪري پيا. زيد بن حارثه ؐ اڪيلو ساٿي گڏ هو. هڪ باغ ۾ پناهه حاصل ڪيائون. فرشتا پيغام کڻي پهتا ته طائف وارن کي سندن ڪئي جي ٻن جبلن جي وچ ۾ قيمون ڪري ڇڏيون. ليڪن رحمت عالم جا چپ مبارڪ هنن لفظن سان چريا ۽ مٿي نظر کڻندي فرمايائون ته: ”يا الله منهنجي قوم کي هدايت نصيب ڪر. هي مونکي نٿا سڃاڻين.“
    ان طرح مڪي واپسي ٿي، طائف کان ناڪام موٽندي ويتر مشرڪين جا ظلم ۽ ايذاء وڌي ويا. قريشين کي موقعو مليو ته کين سرپرستي ڪندڙ ابو طالب به هاڻي نه رهيو آهي، ان ڪري جيڪو وڻي سو ڪري وٺون. الندوه ۾ سڀني قبيلن جي سردارن جي گڏجاڻي ٿي، ان ۾ ابليس به يمن جي هڪ سردار جي روپ ۾ شريڪ ٿيو. ان جي مشوري سان پيغمبر اسلام جي قتل جو منصوبو ان طرح ٺهيو ته سڀ گڏجي ان تي حملو ڪندا تان ته هاشمي خاندان ڪنهن کان بدلو نه وٺي سگھي. ابو جهل جي سرڪردگي ۾ حملي لاءِ پيغمبر جي گھر جي ٻاهران رات جو اچي گڏ ٿيا ته جيئن ٻاهر نڪري ته تلوارن جو وار ڪيو وڃي. اڌ رات گذرڻ کان پوءِ هادي برحق گھر کان ٻاهر نڪتا. سڀني تي اونگھه طاري ٿي چڪي هئي. پاڻ نهايت اطمينان سان انهن جي وچ مان گذرندي سڌو ابو بڪر صديق جي گھر پهتا. ان کي ساڻ ڪري منى واري رستي ڏانهن ويندي ”غار ثور“ ۾ وڃي مڪين ٿيا. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون اتي قيام ڪرڻ کان پوءِ اٺ گھرائي انهن تي سوار ٿي جده واري سامونڊي رستي تان ٿيندي مدينه طيبه ۾ منزل اندوز ٿيا.
    هجرت کان پوءِ تحريڪ ٻي دور ۾ پهچي وئي. هي دور پهرين دور کان به وڌيڪ سخت دور ثابت ٿيو. بدر جي لڙائي”يوم الفرقان“ هئي. بي سهارا ماڻهو، وسيلن کان خالي ميدان ۾ آيا مگر سندن جذبن ۽ حوصلن کين فتح ڏياري. احد جي جنگ ۾ قريشي وڏي تياري سان آيا. تياري جو عملي مظاهرو به ڪري ڏيکاريائون. جماعت جو سربراهه شديد زخمي ٿي پيو ۽ لشڪر ۾ انتشار اچي ويو. مگر انصارن جي بهادري جنگ جو مثبت نتيجو سامهون آندو. سيدنا حمزه جي شهادت پيغمبر کي ڏکايل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ جنگ خندق جنهن کي جنگ احزاب ”سمورن ٽولن جي گڏيل جنگ“ چيو ويو آهي، هڪ خوفناڪ جنگ هئي، جنهن ۾ بنو قريظه جي يهودين به ميثاق مدينه جي بد عهدي ڪري قريشين جي ساٿ ڏنو. ان جنگ ۾ به مسلمان سوڀارا ٿيا. پوءِ صلح حديبيه ٿيو جنهن معاهدي تحريڪ کي عالمي تحريڪ بڻائي ڇڏيو. ان معاهدي کان پوءِ مڪي جي فتح جو دروازو کلي ويو. خيبر مان يهودين جي نيڪالي ٿي. دنيا جي سمورين عالمي قوتن کي اسلام جي دعوت پهچائڻ لاءِ خط روانا ڪيا ويا. تحريڪ طاغوتي قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پاڻ کي ميدان ۾ لاٿو. 8 هجري ۾ وڏي دانائي ۽ ڏاهپ سان بنا ڪنهن ويڙه جي مڪو فتح ٿي ويو. الله جي گھر کي شرڪ کان پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو. طائف رضاڪارانه طور اسلام ۾ داخل ٿيو. بنو سعد – بنو اسلم قبيلا فتح ڪيا ويا. پهريون مرحلو تڪميل سان همڪنار ٿيو. ”ام القرى ومن حولها“ ۽ ”جزيرة العرب“ ۾ اسلام سياسي قوت سان اقتدار حاصل ڪيو. خدا جي حاڪميت قائم ٿي وئي. ڪفر، شرڪ ۽ طاغوتي نظام شڪست کائي ويو. ڏهين هجري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ موحدين جي جماعت پنهنجي محبوب رهبر ﷺ جي اڳواڻي ۾ ”حجة الوداع“ ادا ڪيو. ان موقعي تي پيغمبر اسلام ﷺ جن دنيا جي سمورن انسانن کي عالمي منشور هدايت عطا ڪيو جنهن ذريعي دنيا جي انسانن کي زندگي جا بنيادي اصول پهچايا ويا ۽ سندن دنيا جي ڪاميابي ۽ اخروي نجات لاءِ هڪ دائمي لائحه عمل ڏنو ويو. جنهن شخصيت غار حرا مان هدايت جي سفر جو آغاز تعليم جي پيغام سان ڪيو هيو، جنهن پاڪباز انسان صفا جي پهاڙي تان نهايت درد ڀريو خطبو ڏنو هو، جنهن مجاهد شخصيت شعب ابو طالب ۾ مصيبتن ۽ بکن کي برداشت ڪيو هو، جنهن رحمدل شخصيت طائف وارن کي سندن ڪريل روش هوندي به معافي جو اعلان ۽ هدايت جي دعا ڪئي هئي، جنهن رحمتِ عالم مڪي جي گھر ۾ حمله آورن کي ۽ غار ثور ۾ سندس قتل تي هڪ سو اٺن جي انعام رکندڙ سنگدل انسانن کي ”لا تثريب عليکم“ جي بشارت ڏني هئي سو اڄ حجة الوداع جي موقعي تي شرڪ ۽ بت پرستي جي تحريڪ کي پنهنجن قدمن سان مٽائي رهيو هو ۽ پنهنجي خاندان جي خون جي بدلي جي خاتمي جو اعلان ڪري رهيو هو. اڄ هو قصوى تي سوار ٿي پنهنجو ڪنڌ رب السمٰوات والارض جي حضور ۾ نوائي رهيو هو ۽ فرمائي رهيو هو ته اڄ جي ڪاميابي منهنجي ڪاميابي ناهي بلڪ رب ذي الجلال جي فضل ۽ ڪرم سان اسلام جي فتح ۽ ڪامراني جو ڏينهن آهي.
    فرمايائين ته : ”نصر عبده و هزم الاحزاب وحده“ ”جنهن ذات مقدس پنهنجي ٻانهي (محمدﷺ) جي مدد ڪئي ۽ سمورن طاغوتي لشڪرن کي اڪيلي طور شڪست ڏني“
    ان عظيم الشان جشن ”فتح اسلام“ جي موقعي تي الله تعالى امت مسلمه کي هڪ بي بها ۽ بي بدل تحفو عنايت فرمايو. اهو هي هيو ته:
    اَلْيَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا۝۰ۭ
    اڄ جي هن يادگار ڏينهن تي توهان جو دين، ضابطه حيات توهان لاءِ ڪامل ۽ مڪمل ڪري ڇڏيم. اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوهان لاءِ قيامت تائين اسلام کي دين جي حيثيت سان پسند ڪري ڇڏيم.
    ڪتاب الله جي حفاظت سان هميشه لاءِ دين اسلام محفوظ ٿي ويو ۽ اسلام جي احياء لاءِ هڪ خير امت جو قيام عمل ۾ اچي ويو جيڪي شهداء علي الناس جو فريضو قيامت تائين اخلاص ۽ استقامت سان ادا ڪندا رهندا. اهڙي جدوجهد ڪندڙ پاڪباز گروهه جي ملاء اعلى طرفان مدد ۽ نصرت جاري رهندي. ”اللهم صل على سيدنا محمد و على آل سيدنا محمد و بارک وسلم“


    انساني تخليق جو مقصد : ڊاڪٽر الطاف جاويد

    الله تعاليٰ انسانن ۽ جنن جي تخليق جو مقصد پنهنجي ”عبادت“ قرار ڏنو آهي
    وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنۡسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوۡنِ (الذاريات. ٥٦)
    ”۽ مون جنن ۽ انسانن کي هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.“
    سمورن نبين ۽ رسولن عليهم السلام جي بعثت جو مقصد اها ئي دعوت هئي، ڇاڪاڻ ته الله جي عبادت ئي انسان جو حقيقي مقصد آهي.
    جڏهن الله جي عبادت ئي زندگيءَ جو حقيقي مقصد آهي ته ان جي مفهوم جو صحيح تعين ۽ ان جي معنيٰ ۽ مطلب جي صحيح سمجهاڻيءَ کي پهرين ترجيح ملڻ گهرجي. هيءُ اصطلاح هڪ اهڙي نئين تعبير جي تقاضا ڪري ٿو، جيڪا جديد دور ۾ عقيدن، عبادتن، اخلاق، رياستي معاملن ۽ حڪومتي، معاشرتي، معاشي، سياسي، تهذيبي ۽ تمدني مسئلن ۾ الله جي ذات کي مرڪز ثابت ڪري.
    ان لحاظ کان تربيتي عبادتون (نماز، روزو، حج ۽ زڪوات) هن وسيع ۽ گهڻ پهلوئي عبادت جو جز آهن. حڪم، حڪومت ۽ رياست جي سمورن مسئلن ۾ الله جي ٻڌايل ضابطن جي پابندي به الله جي عبادت آهي. معاشرت، معيشت ۽ سياست جي سمورن معاملن الله جي حڪمن جي پابندي ۽ لحاظ به الله جي عبديت جو اظهار آهي. انفرادي، اجتماعي، قومي ۽ بين الاقوامي تعلقات ۽ رابطن جي سمورن اصولن ۽ قاعدن کي توحيد جي بنياد تي بيهارڻ الله جي عبادت جا مختلف پهلو آهن.
    اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوۡۤا اِلَّا اِیَّاہُ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الْقَیِّمُ وَلٰکِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ
    لَا یَعْلَمُوۡنَ“ (يوسف-٤٠)
    الله کان سوءِ ڪنهن جي حاڪميت ڪانهي، اُن حڪم ڏنو آهي ته ان کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو. اهو ئي مضبوط رستو دين آهي. پر گهڻا ماڻهو اها حقيقت ان انداز سان نه ٿا ڄاڻن.“
    پوري معاشي ۽ معاشرتي نظام کي بدلائي ان کي توحيد جي اصولن تي نئين سر قائم ڪرڻ صلوات جو عملي نتيجو آهي. ان تي شعيب ؑ کان سندس قوم تعجب وچان پڇيو هو:
    قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتْرُکَ مَا یَعْبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوْ اَنۡ نَّفْعَلَ فِیۡۤ
    اَمْوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ (هود:٨٧)
    ”انهن چيو ته شعيب! ڇا تنهنجي نماز اهو سيکاري ٿي ته جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، اسين انهن کي ڇڏي ڏيون، يا پنهنجي مال ۾ جيڪو تصرف ڪرڻ چاهيون، نه ڪريون.“
    ڪائنات جي تسخير، انسانيت جا سمورا معاملا- خالق، مخلوق ۽ ڪائنات جي تعلق جا فطري اصول پروڙڻ ۽ انهن جي مطابق انفرادي ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ، الله جي عبادت آهي. توحيد، عبادت ۽ نماز جي هن مفهوم ۽ معنيٰ کي عملي جامو پهرائڻ، يعني ان کي سماجي عمل ۾ بدلائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گورايه لکي ٿو ته: ”الله جي عبادت جي هن وسيع ۽ گهڻ پهلوئي تصور کي عملي جامو پهرائڻ جو فطري ۽ سائنسي ذريعو اها هدايت آهي، جيڪا قرآن ۾ محفوظ آهي“
    هلندڙ دور ۾ قرآن جي دعوت جو مقصد فطري ۽ سائنسي طريقي جي دريافت ۽ ڪائنات ۽ زندگيءَ جي سمورن معاملن کي ان تي بيهارڻ لاءِ عملي پروگرام ترتيب ڏيڻ آهي، جنهن جا ڪجهه اصول هي آهن:
    1- جديد سائنسي، ٽيڪنيڪي، حياتياتي، نفسياتي، معاشي ۽ جمهوري نظرين ۽ تصورن جي عظمت کي مڃيندي ان جي اصولن ۽ بنيادن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڏسڻ ته اهي ڪيتري حد تائين الله جي عبادت جي قرآني تصور سان مطابقت رکن ٿا ۽ ڪيتري حد تائين ان سان ٽڪراءُ ۾ آهن.
    2- فرد، خاندان، قبيلي، قوم جي تعلقات ۽ رياستي مسئلن، حڪومتي معاملن، معاشرتي لاڳاپن کي الاهيات جي عقيدن مان جاري ٿيندڙ دين جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن تي بيهارڻ، ته جيئن فرد ۽ معاشري جا لاڳاپا ۽ فرد، معاشري ۽ رياست جا رابطا الله جي عبادت جي عقيدي سان سلهاڙجي وڃن.
    3- عقيدن، عبادتن ۽ ڪار ونهوار جي اهڙي نئين تعبير ڪرڻ جنهن ۾ اهي هڪ ٻئي جا مددگار، سهڪاري ۽ هڪٻئي سان جڙيل بڻجن ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نه هجن. حقوق الله ۽ حقوق العباد ۾ ان توازن ۽ مناسبت کي اجاگر ڪرڻ، جنهن کي قرآن ”فطرة الله“ چيو آهي:
    فِطْرَتَ اللہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبْدِیۡلَ لِخَلْقِ اللہِ ؕ (الروم. ٣٠)
    ”الله جي فطرت کي جنهن تي انسان کي پيدا ڪيو اٿس (اپنايو)، الله جي ٺاهيل فطرت ۾ تبديلي نٿي ٿي سگهي.“
    4- گذريل دور جي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي نظام کي هوبهو موٽائڻ ۽ ان جي نشات ثانيه بدران اسلام جي فطري، ابدي، سرمدي ۽ آفاقي اصولن کي چٽي ۽ کليل انداز ۾ پيش ڪرڻ، ته جيئن انهن جي بنياد تي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي نظام وجود ۾ آڻي سگهجي، ڇاڪاڻ ته نظام فطرت ارتقا پذير آهي.
    جنهن نسبت سان فطرت ۽ معاشرت ارتقا ڪن ٿا، انهيءَ نسبت سان قرآني قدرن جي بنياد تي نئون نظام پڻ گهربل آهي.
    5- قرآني تعليم کي پيش ڪرڻ وقت هن اصول کي سامهون رکڻ ته قرآني تعليم جي هڪ تعبير هر دور جي تقاضائن مطابق ممڪن آهي ۽ جن تعليمات جي تعبير ماضيءَ ۾ خارجي تقاضائن جي فقدان سببان اڃا تائين نه ٿي آهي، انهن جي پهرين تعبير کي ڀليڪار چوڻ ۽ ان جي حوصله شڪنيءَ بدران حوصله افزائي ڪرڻ دعوت الي القرآن آهي. قرآن هر زماني جي تقاضائن لاءِ هدايت رکي ٿو. هن زماني جي ماڻهن جو فرض هي آهي ته هو پنهنجي زماني جي ماڻهن لاءِ محفوظ هدايت جي تلاش ڪن. گذريل دورن جي رهنمائن پنهنجي پنهنجي دور جي تقاضائن لاءِ هدايت تلاش ڪئي هئي، هاڻوڪو دؤر يا مستقبل جون حالتون ۽ تقاضائون انهن جي آڏو نه هئا، هو انهن تي سوچڻ جو اظهار ڪيئن ڪن ها؟
    قرآن جي تعليم نه بدلجندڙ آهي پر مختلف دورن ۽ علائقن ۾ ان جون تعبيرون بدلجندڙ آهن. شريعت خدا جي عطا ڪيل آهي، اها اڻ بدلجندڙ آهي. شريعت جي تعبير انساني بناوٽ آهي، اها بدلجندڙ آهي. هي به قرآن ڏانهن دعوت آهي ته ابدي، حتمي، قطعي، اٽل ۽ اڻ بدلجندڙ کي وقتي، عارضي، بدلجندڙ ۽ ڦرندڙ کان الڳ ڪجي ۽ ڪنهن ڏوراپي ڏيندڙ جي ڏوراپي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ شريعت کي شريعت ۽ شريعت جي تعبير کي، شريعت جي تعبير چئجي.
    منهنجي نظر ۾ مٿيان پنج اصول قرآن ڏانهن دعوت جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري سگهن ٿا.

    (سنڌيڪار: عبدالمؤمن ميمڻ)


    اسلامي انقلاب جو قومي ۽ ذاتي پسِ منظر : الطاف جاويد

    مڪي جي بين الاقوامي حيثيت جي ڪري اتي هر سال هڪ واپاري پڙي لڳندي هئي جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چيو ويندو هو. اها پِڙي طائف کان مڪي تائين ڏهن ملين جي علائي تي پکڙيل هوندي هئي. انهيءَ م هندوستان، چين، ايران، حبشه، مصر، سمرقند، بخارا، مطلب ته ڏورانهن ملڪن جا واپاري پنهنجو مال کپائڻ جي لاءِ آڻيندا هئا ۽ گڏوگڏ پنهنجي مذهبن، فڪرن، فلسفن ۽ ٻين علمن کي به آڻيندا هئا. انهيءَ ڪري ئي مڪي ۾ سڀني مذهبن جي بنيادي تعليم ۽ فڪرَ ۽ نظريا پکڙيل هئا. انهيءَ صورتحال کي ڏسي ڪري اها ڳالهه پڪي طرح چئي سگھجي ٿي ته اسلام رڳو عرب ۽ حجاز جي مقامي حالتن جي پيداوار نه هو، پر انهيءَ جي نظرياتي جوڙجڪ ۾ دنيا جي سڀني مذهبن جي فڪرن ۽ رسمن ۽ مختلف فلسفن جي مڪتبن به حصو ورتو هو. انهيءَ باري ۾ مولانا سنڌي فرمائي ٿو ته:
    ”قرآن حنيفيت ۽ صابيّت، ٻنهي قومن جي فڪرن جو بلڪل وچ آهي. صابي ذهنيت به انهيءَ نور مان فائدو ماڻي سگھي ٿي ۽ حنيفيت به. حضرت ابن عباس رضي الله عنهما جي هڪ حديث ۾ روايت ٿيل آهي ته ”کل ارض مثل آدمکم و نوح مثل نوحکم“. فرمايائون ته هتي ارض جو مطلب قوم آهي ۽ دنيا کي ستن وڏين قومن، تهذيبن يا جهانن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. تورات، انجيل ۽ قرآن رڳو اهڙي طرح جي هڪ قوم جي تاريخ آهي. انهيءَ قسم جا واقعا لڳ ڀڳ سمورين قومن تي گذري چڪا آهن“.
    مولانا صاحب فرمايو: اهو سمجھڻ ته الله تعالى جا پيغمبر ۽ خلق خدا کي سڌي واٽ ڏيکارڻ وارا رڳو دجله ۽ فرات جي ماٿرين ۽ شام ۽ حجاز ۾ ئي آيا، ڪنهن به طرح مڃڻ جوڳو نه آهي.
    مولانا صاحب وڌيڪ فرمايو: شاهه صاحب (شاهه وليُّ اللهؒ) جي انهيءَ فڪر مان ئي مون اهو سمجھيو ته قرآن مجيد قومن کي گڏ ڪندڙ آهي ۽ اهو رڳو هڪ گروهه يا قوم جي تاريخ جي بيان تائين محدود نه آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ان ۾ گھڻو تڻو ذڪر بني اسرائيل جي نبين جو ڪيو ويو آهي، پر اهو به هڪ مصلحت ۽ وقت جي گھرجن موجب هو. پڪ سان فڪر به انسانيت وانگر لامحدود هوندو آهي، پر جڏهن اهو ٻين کي ٻڌائڻ جي لاءِ خاص لفظن ۽ حرفن ۾ بيان ڪرڻو هجي ته مخاطبن کي ڌيان ۾ رکندي ان کي هڪ خاص وقت ۽ علائقي سان مخصوص ڪرڻو پوندو آهي. قرآن جي بيان واري انداز جي حدبندي به انهيءَ سبب جي ڪري ئي آهي. پر انهيءَ جي باوجود، هر هنڌ ان جي آيتن ۾ سمايل مفهوم جي عالمگيريت ۽ جامعيت بلڪل چِٽي آهي. جيڪڏهن ماڻهو قرآن جي مطالعي ۾ غور ۽ فڪر کان ڪم وٺي ته ان تي اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته سموري انسانذات قرآن پاڪ ۾ پنهنجو مطلب ۽ مقصد حاصل ڪري سگھي ٿي. (افڪار و حالات: صفحه86)
    انهيءَ ڪري اسلام حضرت ابراهيم ؑ جي تحريڪ کي، سامي قومن جي دائري مان ڪڍي، آريائي ۽ زرد قومن (صابئين) تائين پکيڙي ڇڏيو ۽ يهوديت ۽ نصرانيت کان سواءِ غير سامي قومن جي ڏاهن جي فڪرن ۽ نظرين مان به استفادو ڪيو. انهيءَ کانسواءِ يهوديت ۽ مسيحيت جي فڪري ۽ عملي غلطين جي خلاف جدوجهد، اسلام جي نظرياتي ۽ سماجي ماحول جي تياري ۾ تمام گھڻو حصو ورتو.
    ذاتي پس منظر:
    پاڻ ڪريم ﷺ جن، نبوت کان اڳ وارن پنهنجي واپاري سفرن ۾، مختلف قومن جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي مطالعي ۽ مشاهدي مان نتيجا اخذ ڪيا. مظلوم ۽ محروم فردن جي عملي سهائتا جي لاءِ پاڻ هڪ عوام دوست ۽ انساني همدردي واري مجلس حلف الفضول جو بنياد وڌائون. ڇو ته اهڙي نموني جي هڪ تحريڪ بني اسرائيل جي نبين ۾ به قائم رهي چڪي هئي جنهن کي ايسينية (Essenies) چيو ويندو هو. حضرت عيسى ؑ به انهيءَ فرقي يا تحريڪ جو هڪ رڪن هو. اهو فرقو حضرت عيسى ؑ کان پوءِ عيسائيت ۾ ضم ٿي ويو هو. ويجھڙائيءَ ۾ ئي انهيءَ فرقي جا آثار بحيره مردار کان اٺ ميل پري هڪ ڀِڙي جي کوٽائيءَ مان لڌا ويا آهن، جيڪا انهيءَ فرقي جي هڪ وسندي هئي.
    ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻڪرين چارڻ جي محنت ۽ تڪيلف جي احوالن کان واقفيت ۽ پنهنجي اعلى اخلاقن جي ڪري عوام جي اندر صادق ۽ امين جي حيثيت ۾ شهرت ماڻڻ، حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي لڳائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڏاهپ سان عرب قبيلن ۾ هڪ خونخوار جنگ کي روڪڻ واري تدبير سان سندن امن دوستي ۽ جنگ ۽ فساد کان نفرت جو اظهار ۽ سوق عڪاظ جي ڪري مڪي ۾ پکڙيل مذهبن ۾ موجود فڪري غلطين ۽ انهن مذهبن جو انساني زندگي جي عملي مسئلن سان لاتعلقي ۽ بي عملي تي غار حرا جي خاموش اڪيلائين ۾ ويچارڻ، اهي سڀئي ڳالهيون پاڻ سڳورن ﷺ جي فڪري طريقيڪار جو ڏس ڏين ٿيون.
    غار حرا ۾ ڳوڙهي سوچ ويچار کانپوءِ پاڻ ﷺ جن سمجھي ڇڏيو هو ته، تاريخ جي شروعاتي دورن کان ئي ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، آقا ۽ غلام جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ جي ڪيفيت هلندي پئي رهي آهي. اهڙي طرح مختلف قومن ۽ ملڪن ۽ معاشي طبقن ۾ اندروني ڇڪتاڻ ۽ خونخوار فسادن جي نوعيت ۽ انهن جي سببن جي کين واقفيت ٿي چڪي هئي. ايراني ۽ رومي سامراجي حڪومتن جي وچ ۾ هلندڙ جنگ ۾ ٻنهي طرفن کان غلامن تي ٻڌل فوجون حصو وٺنديون هيون ۽ انهن ڊگھي عرصي تائين هلندڙ جنگين، جن جو اصل سبب طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ هو، تنهن عربن جي واپار ۽ انهن جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جن تي قريش ۽ ٻين عرب قبيلن جا واپاري قافلا ايندا ويندا هئا.
    آخرڪار انهيءَ ڳڻتي، سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جي بابرڪت رات جي آخري حصي ۾، جنهن کي قرآن ڪريم ”ليلة القدر“ چيو آهي، جڏهن پاڻ ﷺ جي عمر مبارڪ چاليهن سالن جي ٿي چڪي هئي، وحي الاهيءَ جي روشني ۾ سورت علق جي پهرين پنجن آيتن ۾ زندگيءَ کي ٻيهر سان سکيو ستابو ۽ جاري ساري رکڻ، انسانن وچ ۾ نسل، قوميت، رنگ، مذهب ۽ ٻوليءَ ۾ فرق جي بنياد تي پيدا ٿيڻ وارن ويڇن ۽ تصورن کي ٻاهر ڪري ڇڏڻ، فطرت جي مظهرن جي پوڄا جي جاءِ تي انهن جي مطالعي ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ وارن قانونن کي سمجھڻ ۽ انهن کي انسان جي تعميري مقصدن ۽ ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ تخليق جي مسئلي کي صحيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو بنيادي تصورَ مهيا ڪري ڇڏيا، پر عملي اُپائن جو دڳ به سمجھائي ڇڏيو ويو.
    تنهن ڪري اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ جي انهن ذاتي، قومي ۽ بين الاقوامي حالتن ۽ وحي الاهيءَ جي روشنيءَ ۾ وجود جي اصليت (Ontology) ۽ علم (Epistemology) جي بنيادي مسئلن جو حل ڏيڻ سان نبوت جي خاتمي جا سبب مهيا ڪري ڇڏيا، جنهن جو مطلب اهو هو ته وحي جي ذريعي انسانيت جو ڪامل منشور ملڻ کان پوءِ اچڻ وارن زمانن ۾ انسان کي وري وري نبوت جي رهنمائي جي ضرورت نه رهندي، پر هو پنهنجي علم ۽ تجربي ۽ وحي الاهي جي انساني زندگيءَ جي سڀني رخن تي، ان جي بنيادي جزن جي روشنيءَ ۽ مدد سان، پنهنجي مقصد حيات يعني عالمگير روحاني، غير طبقاتي معاشري جي منزلن تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هڪ فرد پنهنجو پاڻ کان بيگانو ٿي وڃڻ واري ڪُن مان ڇوٽڪارو ماڻي وٺندو ۽ انسانيت پنهنجي وڃايل وحدت ۽ جنت کي ٻيهر حاصل ڪري وٺندي.

    سنڌيڪار: عبدالسلام سومرو


    نئين سيرت طيبه لکڻ جي ضرورت : الطاف جاويد

    سيرت طيبه تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، پر انهن مان ڪنهن به انهيءَ سماجي انقلاب جي واضح نشاندهي نه ڪئي آهي، جيڪو مديني جي معاشري ۾ ظاهر ٿيو هو. سڀني ليکڪن رڳو واقعن کي ورجايو آهي، پر انهيءَ انقلابي تبديليءَ تي روشني نه وڌي آهي جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم مديني جي رياست کي ”گڏيل جمهوريت“ چيو آهي. انهيءَ جو بنيادي سبب هي آهي ته لکڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جو بنيادي ڪارنامو طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو. نبين جي بعثت جي شروعات ئي انهيءَ وقت ٿي، جڏهن زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. منڍ کان ئي مالڪ ۽ ٻانهي جا ٻه طبقا وجود ۾ اچي ويا هئا. ٿورڙن هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهن معاشري تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پيدواري ذريعن تي، جيڪو ان وقت ”زمين“ هئي (ڇاڪاڻ ته مشينون ان وقت ايجاد ڪونه ٿيون هيون)، پنهنجي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. انهن ماڻهن غلامن جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جي زور تي رياست قائم ڪري ورتي. قبيلي جي چڱي مڙس آهستي آهستي بادشاهه جي حيثيت اختيار ڪري ورتي ۽ جنگين جي ذريعي غلامن، جيڪي حقيقت ۾ قيدي هئا، جي تعداد ۾ واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو. رياست جا جزا جهڙوڪ، فوج، پوليس، عدالتون ۽ قانون وغيره وجود ۾ اچڻ لڳا جن جو بنيادي ڪم مالدار طبقن جي دولت ۽ اقتدار جي حفاظت ڪرڻ هو.
    غلام پنهنجي انساني حيثيت وڃائي هڪ وکر بڻجي ويو هو، جنهن کي قتل توڙي وڪرو ڪري سگھجي پيو، ان کان سخت پورهيو وٺي سگھجي پيو، ۽ ان کي ناقابل برداشت سزا ڏئي سگھجي پئي. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو. غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ، اڃا به ان ۾ واڌاري جي لاءِ جنگ ۽ فساد عام ٿيندو ويو. بابلي، سميري، ڪلداني، آشوري، ايراني، مصري ۽ روما جهڙي شروعاتي تهذيبن تي ٻڌل سلطنتن انسانن تي جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ جي ورقن ۾ لکت جي شڪل ۾ موجود آهن. دولت ۽ اقتدار جي جھجھائي جنسي ڪميڻائپ کي جنم ڏنو. پيداواري ذريعن تي ٻڌل تهذيب بابت موجوده زماني ۾ اقبالؒ چيو آهي ته:
    خواجه نان بندهء مزدور برد
    آبروءِ دختر مزدور برد

    انهيءَ مان اندازو ٿي سگھي ٿو ته ڇڙواڳ بادشاهن ۽ حاڪمن جي دور ۾ انسانيت جو ڪهڙو حال هوندو. قرآن نبوت جي بعثت جو هڪ سبب ”بعضکم لبعض عدو“ جي صورتحال کي سڏيو آهي. يعني جڏهن انسان مالڪ ۽ ٻانهي جي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ ٻنهي طبقن جا مفاد ھڪٻئي جي تمام ئي مخالف ٿي ويا. معاشري جي ارتقا سان گڏ مالڪ ۽ ٻانهي، جاگيردار ۽ هاري، مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ ڪارخانيدار ۽ مزدور پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا.
    عام تاريخدانن تاريخ ۽ ان جي واقعن کي بادشاهه ۽ اميرن جي واقعن سان واڳيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي طرح تاريخ عوام جي بدران بادشاهن ۽ حاڪمن جي اڳيان پويان ڦيرا پائڻ لڳي. عوام جون حالتون ڇا هيون، انهن جي محنت ڇا ڇا پيدا ڪيو ۽ ڪهڙيون شڪليون اختيار ڪيون، انهن جي محنت جو ڪهڙن ڪهڙن حيلن سان استحصال ڪيو ويو، غلام تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا ويا، انهن سڀني ڳالهين کي مؤرخ نظر انداز ڪندو رهيو. غلامن جي پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ۽ بغاوتن جو ذڪر نه ڪيو ويندو هو، پر جيڪڏهن ائين ٿيو به، ته اهو به بادشاهن جي مفادن جي حوالي سان ٿيو آهي.
    انهيءَ تاريخي پس منظر سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته، نبوت ۽ نبين جي بعثت جو اصل مقصد حقيقت ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشري جي انهيءَ ڍانچي کي بدلائڻو هو. يعني توحيد الاهي جي نظريي کي سماجي طور حاڪم بڻائي غلاميءَ ۽ جبر کي ختم ڪرڻو هو ته جيئن ماڻهو آزاديءَ سان پنهنجي لاءِ سک ۽ سلامتيءَ جو دين اختيار ڪري سگهن، ان سان هڪ طرف انهن جي بادشاهن جي دين تي رهڻ وارو جبر ۽ ٻيو پورهيي جي استحصال جو جبر، ٻئي عذاب ختم ٿين. اهڙي طرح اهڙو توحيدي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ هو، جيڪو خوف يعني جنگ، فساد ۽ بغاوتن ۽ ڏک يعني غربت، بک، مسڪيني، جهالت ۽ غلاميءَ کان پاڪ معاشرو هجي، ته جيئن پيداواري ذريعن (جهڙوڪ، زمين، ٻيلا،کاڻيون، سمونڊ ۽ پوءِ مشينون ۽ ڪارخانا جن ۾ محنت اجتماعي شڪل ۾ موجود آهي) کي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت جي قبضي مان ڪڍي ڪري، عوام جي (جيڪو نوي سيڪڙو هو) قبضي ۾ ڏنو وڃي. الله تعاليٰ اهي سڀئي ذريعا ”الخلق عيال الله“ جي حوالي سان سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا هئا جيئن ته قرآن چيو آهي:
    ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ(البقره:۲۹)
    ”اهو (الله) ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي (سو) توهان (سڀني) جي لاءِ پيدا ڪيو“.
    قرآن جي مطابق نبين جي بعثت سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي هر ڳوٺ ۾ ٿي هئي. انهن سڀني نبين جي بعثت جو مقصد توحيد الاهي جي تصور واري معاشري جي برخلاف جڙيل معاشري کي غير طبقاتي يا توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو، ته جيئن نوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي مادي، جسماني، تهذيبي ۽ علمي ضرورتن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري عبادت ۽ خدا جي ياد جي ذريعي خدا سان ويجھڙائي ماڻي سگھن. پر ٿيو ائين جو مذهبي پيشوائن نبين جي انهيءَ سماجي نصب العين يعني معاشري جي نيئن سر جوڙجڪ جي تصور کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ، عوام جي نظرن کان پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ اها ڳالهه ديني نطقه نظر کان انهن جي ذهن ۾ ويهاري وئي ته دولت جي ورهاست الله تعالى ڪندو آهي؛ مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو نه آهي، پر اها الله جي جوڙيل تقدير آهي.
    هر مذهب، ويندي اسلام جي مذهبي پيشوائن به انهيءَ مسئلي کي نظر انداز ڪيو ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کي ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي تعمير ۽ سينگار ۽ صبر ۽ شڪر سان واڳي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه واعظن ۽ خطبن ۾ وري وري چئي ويندي آهي ته خدا جي طرفان امير ۽ غريب جي قائم ڪيل طبقن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش حقيقت ۾ خدائي حڪمن جي خلاف بغاوت آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي. امير جيڪڏهن عبادتون ڪن ۽ پنهنجي دولت سان خيراتون ۽ صدقا ڏيندا رهن ته اهي محنت جي استحصال واري ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي باوجود به جنت ۾ داخل ٿيندا.
    هي هو اهو تاريخي پس منظر، جنهن کي سيرت نگار نظر انداز ڪندو رهيو آهي. هو اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشري ۾ زنا ۽ شراب يا قتل ۽ خون خرابي جا قصا ته بيان ڪندو رهيو آهي، پر هُن اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان وٺي اٺ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تي ٻڌل تاريخ کي، جنهن جي شروعات زرعي دور جي شروعات سان ٿي هئي، محمد عربي ﷺ جي بعثت ۽ اسلام کي الڳ ڪري ڇڏيو. ان کي غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جا ڍير نظر ڪونه آيا، جن تي جاگيردار ۽ مالڪ جي آسائشن جو دارومدار هو.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشرو دنيا جي ٻين معاشرن جو حصو هو، جن ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشي طبقا موجود هئا ۽ غلام جي محنت جي استحصال سان، عظيم الشان سلطنتون قائم ٿينديون هيون. قرآن ڪريم اسلام کان اڳ وارن معاشرن جي جوڙجڪ تي روشني وجھندي، نموني جي طور تي حڪمران طبقي (فرعون)، مالدار طبقي (قارون) ۽ انهن طبقن کي مذهبي جواز عطا ڪرڻ وارا مذهبي پيشوائيت (بلعم باعور ۽ هامان) جي نشاندهي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن ۾، انهن معاشرن جي بچي ويل آثارن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ انهن جو مطالعو ڪيو هو. پاڻ غار حرا جي اڪيلائين ۾ انهن جي تباهه ڪندڙ نتيجن ۽ انهن جي ازالي جي طريقن تي غور ڪيو هو. حقيقت ۾ غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين وحي جو، جيڪا سورت علق جي شروعاتي پنجن آيتن تي مشتمل هئي، تاريخي پس منظر محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ ان جي ڪثرت کان خوف ۽ ڳڻتي تي ٻڌل حالتن تي مشتمل هو. ايتري تائين جو حبشه ڏانهن هجرت واري وقت تائين نازل ٿيڻ وارين آيتن ۽ سورتن جا مخاطب اميرن جو طبقو آهي ۽ قرآن جو لهجو انهن جي خلاف تمام ئي سخت ۽ طوفاني آهي.
    قرآن انساني معاشري جي جوڙجڪ، جنهن جي شروعات آدم جي زمين تي لاهڻ واري وقت کان ٿئي ٿي، ڏاڍائي ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ هيڻن ۽ نئڙت سان هلڻ وارن ٻن مخالف طبقن تي مشتمل قرار ڏنو آهي. پر سيرت نگار ۽ قرآن جو تفسير لکڻ واري مفسر، انهن طبقن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي منطقي نتيجن کي بنيادي طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو. انهن زنا ۽ شراب وغيره جي قصن کي ته وري وري ورجايو آهي، پر غلام جي محنت جي استحصال مان گڏ ڪيل دولت، جيڪا حقيقت ۾ انهن بڇڙن ڪرتوتن جو بنيادي سبب آهي، جو ذڪر ئي نه ڪيو.
    قرآن جڏهن اهو چوي ٿو ته قومن جي تباهي جو سبب (بني اسرائيل) ۽ نبين کي ايذائڻ وارو طبقو (السباء) ڏاڍ ڪندڙ (مالدار) آهي ته انهيءَ جي معنى ئي اها آهي ته دولت جي گھڻائي جو بنيادي سبب محنت جو استحصال آهي. پر اسان جو تاريخدان ۽ مفسر دولت جي جھجھائي مان پيدا ٿيندڙ بڇڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ واري منطقي نتيجي جو ذڪر ته ڪري ٿو، پر ان جي بنيادي سبب، محنت جي استحصال جو ذڪر نٿو ڪري. هو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو ڏئي ته هڪڙو تمام ئي ننڍڙو طبقو، جيڪو ڏهه سيڪڙو انسانن تي ٻڌل آهي، تنهن وٽ دولت جي جھجھائي اچي ڪٿان ٿي؟ جڏهن ته نوي سيڪڙو انهيءَ کان محروم آهن. نتيجو اهو آهي ته سڀني تفسيرن ۽ سيرت طيبه جو مطالعو، مسلم معاشري ۾ ڪابه انقلابي تبديلي نه آڻي سگھيو ۽ مسلم معاشرو اڃا تائين غربت، جهالت ۽ بد امني جو شڪار نظر اچي ٿو.
    اِهو آهي اُهو تاريخي پس منظر، جنهن کي نظر انداز ڪندي، سيرت طيبه لکڻ وارو ذهن، اسلام کي معاشري جي طبقاتي ورڇ کي ختم ڪري غير طبقاتي يا توحيدي معاشرو جوڙڻ واري انقلابي تحريڪ جي بدران هڪ اصلاح پسند مذهب سڏي ٿو، جنهن جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ واعظ ۽ خطبي جي ذريعي اخلاق کي پنهنجائڻ جي تلقين ڪرڻ آهي يا وري رڳو مسجدن جي تعمير ۽ سينگار ڪرڻ ئي عبادت قرار ڏنو ويندو آهي. هو انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو ته فرد جي تربيت ۽ پرگھور خلا ۾ نه ٿيندي آهي پر معاشري ۾ ٿيندي آهي ۽ معاشرتي قوتون ان جي اخلاقي ۽ ذهني تربيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿيون. جيڪڏهن معاشرو طبقن تي مشتمل هوندو ته فرد يا ته ڏاڍائي ڪرڻ وارن جي طبقي مان هوندو جيڪو محنت جي استحصال کي قدرت جو قانون سمجھندي پنهنجي دولت ۾ واڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ انهيءَ دولت جي جھجھائي سان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي اعلى ماحول ۾ علمي ۽ تهذيبي تربيت ڪندو ۽ معاشري ۾ اعلى مقام حاصل ڪندو؛ يا وري اهو فرد مزدور ۽ ڏتڙيل طبقي ۾ اک کوليندو جتي محرومي، غربت، بک، جهالت ۽ پوئتي رهجي وڃڻ ان جي تقدير ٿيندي.
    ڇا اسلام انهن طبقن کي قائم رکڻ جي لاءِ آيو هو؟ يا انهن طبقن کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم ڪرڻ گھري ٿو؟ اسان جو تاريخدان ۽ مفسر انهيءَ سوال جو جواب اڄ تائين نه ڏئي سگھيو، اڃا به هو انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺو آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ خدائي تقدير آهي جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي.
    پر جڏهن سيرت طيبه جو قرآن پاڪ جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته، تاريخي پس منظر ۾ صاف نظر اچي ٿو ته نه رڳو اسلام پر دنيا جا سڀئي مذهب، پوءِ ڀلي اهي سامي، آريائي يا زرد قومن سان واسطو رکندڙ ئي ڇونه هجن، معاشري جي طبقاتي ورڇ کي تبديل ڪرڻ، پنهنجي ظهور جو بنيادي سبب ٻڌائن ٿا. ٿيو ائين جو هزارين سالن جي عرصي ۾ مذهبي پيشوائن نبين يا مذهبن جي مقدس بانيڪارن جي انقلابي تعليم کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن ۾ بدلائي ڇڏيو. اڄ حالت اها آهي ته نه رڳو ٻين مذهبَن، پر اسلام جي نقلابي تعليم کي به بدلايو ويو آهي، ايتري تائين جو لفظ انقلاب کي دين جو دشمن سڏيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۽ ٻين مذهبن جو اصل منصب رڳو دعوت ڏيڻ ۽ مسئلا ٻڌائڻ آهي، نه ڪه انقلاب! ٻين لفظن ۾، مذهب اصلاح جي لاءِ آيا آهن نه ڪه انقلاب جي لاءِ!!
    پر سيرت طيبه کي جڏهن انهيءَ تاريخي پس منظر ۽ قرآن جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته نتيجا سيرت جي روايتي تاريخدان جي اخذ ڪيل نتيجن کان مختلف، اڃا به مخالف نڪرن ٿا. جنت، جنهن مان نڪرڻ کان پوءِ انساني نسل شڪار ڪري پيٽ پاليندو هو، تنهن جو شڪار دريائن مان مڇي ۽ ٻئي جانور پڪڙي ۽ ٻيلن مان ميون ۽ جانورن جي گوشت مان حاصل ڪرڻ هوندو هو. انسان قبيلن جي شڪل ۾ رهندا هئا ۽ قبيلن کي جتي کاڌ خوراڪ ملندي هئي اتي رهائش اختيار ڪري وٺندا هئا. دريائن ۽ ٻيلن تي ڪنهن قبيلي يا ماڻهو جو ذاتي قبضو نه هوندو هو. ٻين لفظن ۾ اڃا روزيءَ جي وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت قائم نه ٿي هئي. قرآن انهن حالتن کي ”وکلا منها رغداً حيث شئتما“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. پر زراعت واري دؤر ۾ فصل تي فردن جو ذاتي قبضو ٿي ويو ۽ انهيءَ آزاد زندگي جو، جنهن کي جنت چيو ويو آهي خاتمو ٿي ويو. زراعت سان زمين تي ذاتي ملڪيت جي شروعات هڪٻئي سان جھيڙي جھٽي ۽ فساد جي شڪل اختيار ڪري ورتي. قرآن انهيءَ حالت کي استعاري طور آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي قصي جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ قابيل زبردستي هابيل کي قتل ڪري ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو. هابيل شڪار واري زماني جي علامت آهي، ڇو ته هو قربان گاهه ۾ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور وٺي آيو هو ۽ قابيل اَنَ جا داڻا کڻي آيو هو جيڪو زراعت واري دؤر جي نشاني آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي هئي. هابيل جي قتل يعني شڪار واري دؤر جي خاتمي کان پوءِ قابيل وارو دؤر شروع ٿيو جيڪو پيداواري ذريعن تي ذاتي ملڪيت تي مشتمل هو ۽ اڄ تائين جاري آهي. هن دؤر ۾ قابيلي فطرت يعني ڦر مار ۽ ٻين جي دولت تي ڏاڍ سان قبضو، جنسي ڇڙواڳي، هڪ طبقي ۾ دولت جي ڪثرت ۽ گھڻن ئي انسانن جو محروم ۽ لاچار ٿيڻ، شراب نوشي، جوا بازي جهڙين بڇڙين عادتن معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. قرآن جو هي چيو هو ته توهان وٽ نبي ايندا رهندا، پوءِ جيڪو معاشرو انهن جي تعليم تي عمل ڪندڙ ٿيندو سو خوف ۽ ڳڻتي يعني مخالف طبقن جي ويڙهه جهيڙن کان بچيل رهندو ته اها حالت نبين جي وفات سان گڏ ئي ختم ٿي ويندي رهي، ايتري تائين جو اسلام ۾ به اها حالت رڳو ٽيهن سالن تائين ئي رهي. ان کان پوءِ ملوڪيت ۽ ان جي منطقي مخالفت جو دؤر شروع ٿي ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اشتراڪي انقلاب جنتي معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مذهب کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏڻ جي ڪري اشتراڪي معاشرو انهن اخلاقن ۽ عادتن کي حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو جيڪو هڪ غيرطبقاتي معاشرو جوڙڻ جي لاءِ اڻٽر هوندو آهي.
    ٻئي پاسي مذهبي پيشوائن پنهنجن ڪجھه ذاتي مفادن خاطر مراعات يافته طبقي جي مفادن جي تائيد ڪري، ديني نطقه نظر کان جنتي معاشري جي جڙڻ کي تقريباً نا ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. آدم جو زمين تي موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي انسان زميني زندگي ۾ جنت جي جوڙجڪ ڪري. پر جيستائين مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم آهي، جنت جي جوڙجڪ ناممڪن نظر اچي ٿي ۽ هي ادارو انهيءَ وقت تائين ختم ڪونه ٿيندو جيستائين پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم نٿي ٿئي ۽ پاڪ ڪتابن جو مطالعو مذهبي پيشوائن جي بدران عالمن جي ذريعي نٿو ڪيو وڃي. انهن ٻنهي تبديلين سان ئي انساني وحدت ۽ خلافتِ آدم جو قيام ۽ وحدت دين جو تصور عملي جامو پهري سگھندو ۽ انسان مِلٽن جي لفظن ۾ ٻيهر پنهنجي گم ٿيل جنت کي حاصل ڪري وٺندو.

    سنڌيڪار: مولانا سليم الله چوهاڻ


    مڪي تعليم جو خلاصو : ڊاڪٽر الطاف جاويد

    قرآن پاڪ جي ذريعي نبي ڪريمﷺ جن جيڪا مڪي ۾ تعليم ڏني هئي، ان جو خلاصو هي آهي ته ان سڄي تعليم ۾ انقلابي نظرئي جا حصا ڏنا ويا آهن. مديني ۾ ان نظرئي تي معاشري جو نئون خاڪو جوڙيو ويو آهي:
    رحمت وارو خدا: الله آهي سندس امر کانسواءِ ڪير به سفارش نٿو ڪري سگھي. سندس قدرت ۾ ڪير به شريڪ نه آهي، اهو ظالمن کي سزا ۽ نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن آخري فيصلو ڪندو، پر هو اڪرم آهي ان ڪري سندس انصاف ۾ رحمت به داخل آهي ۽ ان پنهنجي لاءِ به رحمت جو قانون جوڙيو آهي. ان ڪري فقط عدل ڪرڻ تي مجبور نه آهي، بلڪ رحم ڪرڻ جو پابند آهي، هواڪرم آقا آهي. هو سڀ ڪجھ ڪري سگھي پر ظلم نه ڪندوآهي. (وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ) اهو رحيم آهي، هو هڪ ماڻهوءَ جي ڏوھ تي ٻئي ماڻهوءَ کي سزا نه ڏيندوآهي. ان ڪري شفاعت ۽ ڪفارو بي معنيٰ آهي. اُهو خدا سڀني قومن جو خدا آهي، سندس ڪا خاص چونڊيل قوم نه آهي. سندس نشانيون هر هنڌ پکڙيل آهن، معجزن جي ضرورت نه آهي.
    مرڻ کان پوءِ ٻيهرجيئرو ٿيڻ ۽ نا اميدي: ظلم ۽ زيادتيءَ کان توبه ڪريو. دنيا جون ڪيتريون قومون ظلم ڪرڻ جي ڪر ي تباھ ٿيون آهن ۽ ائين نه سمجھو ته ظلم جي سزا کان بچي ويندؤ. هي يقين ڄاڻو ته جيڪو ڪندؤ سوئي لوڙيند‍ؤ، اها الله تعاليٰ جي سنت آهي. جيڪڏهن دنيا مان بچي ويؤ ته آخرت ۾ ضرور سزا ملندوَ. مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ يقيني آهي، پر جيڪي ماڻهو ظالم آهن، اهي نا اميديءَ جي حالت ۾ آهن ۽ ٻيهر جيئرو ٿيڻ جا انهيءَ ڪري منڪر آهن، انڪار ڪرڻ سان نااميدي پيدا ٿيندي آهي.
    مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ ۽ اميد: نيڪوڪاريءَ (عدل سان گڏ رحم) جو نتيجو هن دنيا ۾ خوشحالي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به جنت آهي. ان ڪري محبت ۽ رحمت جي فضا قائم ڪريو ۽ نااميديءَ کي ڪفر سمجھو. خدا پرستيءَ جو لازمي نتيجو مسرت، فراغت ۽ زندگي ۽ اميد آهي. گناھ ڪرڻ کان پوءِ توبه ڪريو الله تعاليٰ ٻاجھارو معاف ڪري ڇڏيندو، ڪنهن جي شفارش جي ضرورت نه آهي.
    فڪر جي آزادي: اهائي تعليم سڀني نبين سڳورن ۽ هدايت ڪندڙن جي تعليم رهي آهي. اهائي تعليم قرآن پاڪ جي پڻ آهي. منڪرن لاءِ نه فقط قرآن پاڪ بلڪ سڀئي احڪام ۽ الاهي ڪتاب رڳو معجزاتي آهن. ڇوته هو نه الله تعاليٰ کي مڃين ٿا ۽ نه وري مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئري ٿيڻ کي مڃين ٿا. هو پنهنجي عقل کي پروهتن ۽ ڪاهنن (موجوده زماني ۾ نيچري ۽ مذهبي اڳواڻن) جي هٿان وڪڻي چڪا آهن. ان ڪري الاهي ڪتابن کي مڃيو، جنهن جو لازمي نتيجو فڪر جي آزادي آهي. ان سان طبقاتي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي آهي ، محبت ۽ رحمت جي ڪري ضمير جو سچو آواز الله تعاليٰ جو آواز بڻجي ويندوآهي.
    محنت ڪرڻ سان دولت حاصل ڪرڻ ۽ نبين سڳورن جي دشمني: مڪي پاڪ ۾ نازل ٿيندڙ قرآن پاڪ ۾ مالدارن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ معاشي طبقي جي حيثيت سان ان نبين سڳورن جو دشمن چيو ويو آهي. سورت سبا ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته نبين سڳورن کي تڪليفون ڏيندڙ اهوئي مالدار طبقو آهي. بلڪ هي به چيو ويو ته سڀني بداخلاقين جو منبع اهو ئي مالدار طبقو آهي. سوال هي آهي ته هي دولت ڪٿان اچي ٿي.
    زراعت جي زماني کان وٺي اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين هي دولت غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان آئي هئي. آقا ۽ جاگيردار ۽ ان دولت جا مالڪ هئا. اسلام کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ سائنسي منهاج تحقيق کي عروج مليو ته مشينون ايجاد ٿيون ۽ پهريون ڀيرو هڪ ڪارخاني جي ڇت جي هيٺان هزارن مزدورن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته محنت جي استحصال ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ دولت جي ڪم تي ڄاڻ ملي. ۽ ان ريت خبر پئي ته دولت نه آسمان مان لٿي آهي ۽ نه ئي زمين کان نڪري ٿي، بلڪ هي محنت ڪندڙن جي محنت جو نتيجو آهي پر ان محنت سان حاصل ٿيل پيداوار جي هڪ وڏي حصي تي مفت خور ماڻهو ڪارخاني جي مالڪ جي حيثيت قبضو ڪري ٿو. غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جو استحصال ائين ٿيندو رهيو آهي، جيئن اڄ مزدور جو استحصال ٿي رهيو آهي. آقا، جاگيردار ۽ ڪارخاني جي مالڪ سرمائيدار جي سڄي دولت انهيءَ محنت جي استحصال جو نتيجو آهي.
    قرآن پاڪ ۽ ٻين مقدس ڪتابن جي تفسير ۽ تشريح ڪندي مذهبي اڳواڻن انهن ڪتابن کي ان جي تاريخي پس منظر کان جدا ڪري مطالعو ڪيو، جنهن جو گھڻو فائدو غلام بڻائيندڙ آقا، جاگيردار ۽ ڪارخاني وارن کي ٿيو آهي. قرآن پاڪ ڪتيرن ئي هنڌن هي ٻڌايو آهي ته الله تعاليٰ رزق جا سڀ ذريعا پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪيا آهن. هابيل کان اڳ ۽ حضرت آدمؑ جي اولاد کان پوءِ جيڪو معاشي نظام قائم ٿيوان ۾ ڏھ سيڪڙو جي قريب ماڻهن جي پيدا وار جي ذريعن تي قبضو ٿي ويو ۽ نوي سيڪڙو گھڻائي ان جي فائدي کان محروم رهجي وئي.
    انسان پنهنجي عملن ۾ خود مختار آهي، هي سندس فرض هو ته هو اهڙو معيشت جو نظام جوڙي ته پيداوار جا ذريعا عوام جي فائدي لاءِ کليل رهندا، پر ائين نه ٿيو قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب ۾ مڪي ۽ مدني سورتن کي هڪ ٻئي سان ملايو ويو آهي ان سان مڪي دور ۾ نازل ٿيندڙ قرآن پاڪ ۾ مالدارن تي جيڪا سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، اها نظرن کان اوجھل ٿي وئي آهي، ۽ ان سبب جي ڪري قرآن پاڪ معاشري ۾ ڪابه بنيادي تبديلي آڻڻ ۾ مدد نه ڏئي سگھيو، بلڪ روايتن جي زور سان غلاميءَ جو ادارو دائمي بڻايو ويو. سياسي نظام ۾ ملوڪيت قائم ڪئي وئي. عوام ۽ ان جي مفادن کي حڪومت، قانون سازي ۽ معاشي نظام ٺاهڻ کان محروم ڪيو ويو.
    جيستائين قرآن پاڪ جي تعليم موجب پيداوار ذريعن کي ڪجھ ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي محنت ڪندڙ عوام جي جي ملڪيت ۾ نه ڏنو ويندو ته اها ساڳي صورتحال جيئن جو تيئن رهندي.
    آئون پنهنجي ڪتاب ”انقلاب مکہ “ ۽ ”فہم قرآن کےجدید منھاج“ ۾ امام ابن تيميه جي فتويٰ آندي آهي، جنهن ۾ امام موصوف چيو آهي ته: ”موجوده قرآن پاڪ جي ترتيب پڙهڻ جي لاءِ آهي، پر تحقيق جي لاءِ ڪنهن به ترتيب مان ڪم وٺي سگھي ٿو. ان ڪري هي ضروري آهي ته تحقيق جي لاءِ مڪي ۽ مدني دور۾ نازل ٿيندڙ قرآن پاڪ کي جدا مطلعو ڪيو وڃي“.
    اسلام جي معاشي نظام بابت هي ڳالھ سمجھڻ گھرجي ته مديني ۾ نبي ڪريمﷺ ڪڙمت کي وياجي ڪاروبار چيو هو. پر بغداد جي خلافت جي دٻاءُ جي ڪري فقيهن مجتهد جي شاگردن ڪڙمت کي ڪجھ شرطن سان جائز ڪري ڇڏيو. حالانڪ حضرت ابوبڪرؒ مالِ غنيمت جي برابري تقسيم کي لازمي ڪيو ۽ حضرت عمرؒ مصر، شام ۽ عراق مان حاصل ٿيل زمينن کي بيت المال ۾ وقف ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي عمل خيبر جي فتح کان پوءِ نبيﷺ جن به اختيار ڪيو هو ته زمينون ۽ باغ رياست جي ملڪيت جي لاءِ آهن ۽ يهودي هارين کان ڍل وٺڻ شروع ڪئي.
    جيئن ته ڪڙمت کي جائز ڪيو ويو هو، ان ڪري مشينن ايجاد ٿيڻ کان پوءِ ڪارخاني کي به انهيءَ اصول هيٺ مالڪ ۽ مزدور جي شڪل ڏني وئي. فقھ جيئن جاگيرداريءَ کي جائز ڪيو هو ائين ئي ڪارخاني داريءَ کي به جائز ڪيو. هاري جي محنت جو استحصال وانگر مزدور جي محنت جو استحصال به فقهي نقطي نظر سان جائز ڪيوويو. جيستائين اها صورتحال رهندي دولت هڪ ننڍڙي امير طبقي جي ملڪيت ۾ گڏ ٿيندي رهندي .
    قرآن پاڪ چيو آهي ته ڪمزور ۽ لاچار طبقي جو فرض آهي ته هو پنهنجي شعور کي بيدار ڪري ۽ پنهنجي تنظيم ٺاهي موجوده جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کي ختم ڪري ڇڏي. هن زماني جي انسان جي معاشي مونجھارن ۽ مشڪلاتن مان نجات قرآن جي ٻڌايل اشتراڪي معيشت اختيار ڪرڻ ۾ آهي ۽ حقيقي مذهب يعني توحيد الاهي جي نظريي هيٺ اخلاقي ۽ روحاني قدراپنائڻ يا نه اپنائڻ جي سزا ۽ جزا جي لاءِ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئري ٿيڻ تي ايمان آڻڻ بيحد ضروري آهي. جيستائين به هي حصا جدا جدا رهندا انساني معاشرو تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هوندو. حقيقي مذهب ۾ جنهن کي مقدس مذهبن جي بانين رواج ڏنو هو هي ٻئي حصا گڏ ڪيا ويا آهن پر مذهبي اڳوڻن ان کي جدا ڪري ڇڏيوآهي.
    ان ڪري قرآن پاڪ ۽ سيرت پاڪ جو جيستائين طبقاتي نقطئه نظر ۽ نازل ٿيڻ جي ترتيب جي روشنيءَ ۾ مطالعو نه ڪيو ويندو تيستائين قرآن پاڪ ۽ سيرت معاشري ۾ ڪا به تبديلي نٿا آڻي سگهن.

    (سنڌيڪار: چوهاڻ سليم الله سنڌي حڪمت قرآن)


    سرمائي پرست لاءِ قرآن جي للڪار : مولانا محمد انس راڄپر

    انساني زندگيءَ لاءِ هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڪوبه پروگرام ايستائين لاڀائتو ٿي نٿو سگهي جيستائين انساني زندگيءَ جي مڙني جهتن ۽ پهلوئن لاءِ مڪمل رهنمائي جو ان ۾ جوڳو بندوبست نه ڪيو وڃي. اسلام به انسانيءَ زندگي کي سوڀارو ۽ بهتر بنائڻ جو هڪ پروگرام آهي. پاڻ اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻون ٿا ته هيءُ پروگرام انساني زندگيءَ جي سڀني پهلوئن بابت رهنمائي ڪندڙ پروگرام آهي. پر اڪثر طور پاڻ، اسلام جي آمد کي هن رخ ۾ ڏسندا آهيون ته اسلام کان اڳ مذهبي رسمون، جهڙوڪ بتن جي پوڄا، نذرو نياز، قبرن تي پڙ چاڙهڻ وغيره جيڪي هئاسي ختم ڪري، ان جي جڳهه تي الله جي عبادت ۽ خاص الله لاءِ نذر و نياز ۽ قربانيءَ جو نظام جوڙيو ۽ مروج ڪيو ويو. شرڪ ۽ ڪفر جو تعبير به اسان وٽ ان ئي معنيٰ جي پس منظر مطابق هلندو اچي ته اسلام کان اڳ واريون بت پرستيءَ، نذر نياز ۽ چڙهاون واريون رسمون شرڪ ۽ ڪفر آهن ۽ پوءِ واريون الله جي سجدي ۽ عبادت وغيره واريون رسمون اسلام آهن. حالانڪه انساني زندگيءَ لاءِ اسلامي پروگرام جو هيءُ صرف هڪ پهلو آهي، جنهن کي اسان ڪل اسلام ۽ ڪل دين سمجهي ويٺا آهيون.
    هن ئي تصور تحت عبادت ڪندڙ ۽ عبادت جي لوازمات جو خيال رکندڙ ماڻهو نيڪ، صالح، متقي، پرهيزگار ۽ فرمانبردار ٻانهو سڏيو ويندو آهي. اهڙي عبادت ۽ ان جي لوازمات کان پري ٿيل بدڪار، غيرصالح، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ کان پري ۽ نافرمان تصور ٿيندو آهي. هن تصور تحت جيڪڏهن آمريڪي سامراجيت جو چيمپئن صدر اوباما ٻين سڀني سامراجي استحصالي علامتن رکڻ باوجود جيڪڏهن صرف ڪلمو پڙهي ته مسلمان ۽ نماز روزو رکي ته نيڪ صالح ۽ نمازي سڏجڻ ۾ ايندو. جيئن پاڪستان جو ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياء ڪن ڌرين وٽ ”شهيد صدر“ ۽ ”اسلام جو چيمپئن“ سڏجڻ ۾ آيو. اهڙيءَ طرح هڪ وڏو صنعتڪار ۽ سرمائيدار نماز روزي، حج ۽ زڪوات جو پابند ۽ وضع قطع ۾ پرهيزگارن وانگر ٿيڻ سان پرهيزگار، متقي ۽ الله وارو ٿي ويندو. ٻئي پاسي کان صورتحال هي آهي ته اهو جنهن سرمائي، صنعت ۽ مل جو مالڪ آهي اهو سڀ مروج سرمائيدارانه نظام جي پيداوار آهي، جيڪو پورهئي جي استحصال واري ظلم ۽ ناانصافيءَ تي بيٺل آهي. ڇا هنن ديني اصطلاحن جهڙوڪ تقويٰ پرهيزگاري، الله جي فرمانبرداري ۽ اطاعت جو تعلق زندگيءَ جي ٻين شعبن سان ڪونهي؟ مخلوق جيڪا الله جو عيال آهي انهن سا ن عدل ۽ احسان جي واٽ هلڻ، اخلاقيات ۽ معاملات کي الله جي حڪمن مطابق نڀاهڻ آخر تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جو بنياد ڇو نه آهن؟ ظاهر آهي ته الله جا حڪم زندگيءَ جي ٻين شعبن لاءِ به آهن، ته اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو تعلق انهن شعبن سان به ٿيندو. ان صورت ۾ ٻين شعبن بابت حڪمن کي نظرانداز ڪري اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ ۽ تقويٰ جي تصورن کي مڪمل ڪيئن ٿو بنائي سگهجي.
    اسلام بابت هيءَ ڳالهه اڪثر ذهنن کي سولائيءَ سان مڃڻ ۾ نه ٿي اچي ته ان جون معيشت ۽ اقتصاديات بابت به ڪي رهنمايون آهن. پر جڏهن اسان قرآن شريف جو بغور مطالعو ڪريون ٿا ۽ قرآن کي روايتي مذهبيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل پنهنجي ذهني فوبيائن کان آزاد ٿي ڏسون ٿا ته يقين ڪرڻو پوي ٿو ته اسلام معيشت جي نظام کي پنهنجي ديني نظام ۾ بنيادي اهميت جو موضوع قرار ڏنو آهي. ان ڪري اطاعت ۽ فرمانبرداري، تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا تصور به معيشت جي نظام جي صحيح بنيادن تي قيام ۽ عدل ۽ انصاف، ظلم ۽ استحصال کان پاڪ ٿيڻ کان سواءِ مڪمل نه ٿا ٿي سگهن.
    تقويٰ:
    تقويٰ جي لفظ جي اسان معنيٰ ڪندا آهيون پرهيزگاري. ان جي معنيٰ جي وڌيڪ تفصيل کي ڇڏي ساديءَ طرح ان جي مطلب ۽ معنيٰ مطابق مفهوم آهي الله جي نافرمانيءَ کان بچڻ ۽ ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ. پر اها تقويٰ ۽ پرهيزگاري زندگيءَ جي اقتصادي حڪمن تي عمل سان به اهڙو ئي تعلق رکي ٿي. جيئن ان جو تعلق ٻين مختلف عملن سان پڻ آهي. ان جو قرآن شريف جي چند هدايتن جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪنداسين ته ڳالهه واضح ٿيندي.
    سورة ”الليل“ ۾ الله جو فرمان آهي.
    وَ الَّیۡلِ اِذَا یَغْشٰی ۙ﴿۱﴾ وَ النَّہَارِ اِذَا تَجَلّٰی ۙ﴿۲﴾ وَ مَا خَلَقَ الذَّکَرَ وَ الْاُنۡثٰۤی ۙ﴿۳﴾ (آيت 1 کان 3 )
    رات جو قسم جڏهن اها ڍڪي ٿي، ڏينهن جو قسم جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو ۽ جيڪو نر ۽ مادي پيدا ڪيو اٿس ان جو قسم.
    رات ۽ ڏينهن جي فرق ۽ مذڪر ۽ مؤنث جي فرق جيان الله سائين فرمائي ٿو. اِنَّ سَعْیَكُمْ لَشَتّٰی ؕ﴿۴﴾ ”اوهان جون ڪوششون به مختلف (قسمن) جون آهن.“
    انهن مختلف قسمن ۽ الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ڪوششن منجهان هڪ ڪوشش انهن ماڻهن جي آهي، جن جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو:فَاَمَّا مَنۡ اَعْطٰی وَ اتَّقٰی ۙ﴿۵﴾ وَ صَدَّقَ بِالْحُسْنٰی ۙ﴿۶﴾ فَسَنُیَسِّرُہٗ لِلْیُسْرٰی ؕ﴿۷﴾ ”پوءِ جنهن شخص ڏنو ۽ تقويٰ اختيار ڪئي ۽ (خلقڻهار جي هن) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيائين ته ان لاءِ (زندگي) آساني ڪنداسين.“
    ۽ ٻي ڪوشس انهن ماڻهن جي آهي جن باري ۾ فرمان آهي.وَ اَمَّا مَنۡۢ بَخِلَ وَ اسْتَغْنٰی ۙ﴿۸﴾ وَ کَذَّبَ بِالْحُسْنٰی ۙ﴿۹﴾ فَسَنُیَسِّرُہٗ لِلْعُسْرٰی ﴿ؕ۱۰﴾ ”۽ جنهن شخص بخل ڪيو ۽ بيپرواهي ڪئي ۽ (خلقڻهار جي هن) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو ته ان (جي زندگيءَ) کي تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسين.“
    هنن ٻن مختلف قسمن جو بيان ڪندڙ هيءُ آيتون اهو واضح ٿيون ڪن ته هڪ روش ڏيڻ جي آهي. جنهن کي آيت ۾ ”لفظ اعطيٰ“ اسان بيان ڪيو ويو آهي. ان کي الله تعاليٰ ساراهيو به آهي ته گڏوگڏ ان کي تقويٰ اختيار ڪرڻ سان تعبير به ڪيو آهي جيئن سورت جي ايندڙ آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: وَ سَیُجَنَّبُہَا الْاَتْقَی ﴿ۙ۱۷﴾ الَّذِیۡ یُؤْتِیۡ مَالَہٗ یَتَزَکّٰی ﴿ۚ۱۸﴾ ”ان (باهه کان) پرهيزگار کي بچايو ويندو جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو ۽ پاڪ ٿئي ٿو.“
    ٻي روش بخل جي آهي، نه ڏيڻ جي آهي، ان جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي بي پرواهيءَ سان تعبير به ڪيو ويو آهي. حاصل مفهوم اهو ٿيو ته هڪ عمل ڏيڻ جو آهي، جيڪو جابجا قرآن ۾ يقيمون الصلواة جي حڪم سان گڏ ومما رزقناهم ينفقون جي لفظن سان تعبير ٿيندو رهيو آهي. هن آيت ۾ الله تعاليٰ ان کي تقويٰ سڏيو آهي. هن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جيڪو الله جي رستي ۾ مال خرچ نه ٿو ڪري، ۽ ڏيڻ جي واٽ تي نٿو هلي اهو متقي ناهي. بلڪ الله جي رستي ۾ خرچ ڪرڻ ۽ ڏيڻ سان ئي تقويٰ جو تعلق آهي.
    ان جي مقابلي ۾ ٻيو عمل بخل جو آهي، يعني الله جي رستي ۾ خرچ نه ڪرڻ جو. جيڪو تقويٰ جي بلڪل منافي ۽ ان جو ضد آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته بخل ڪرڻ وارو ۽ الله جي رستي ۾ نه ڏيڻ وارو متقي نٿو ٿي سگهي.
    هتي هڪ خاص ڳالهه سمجهڻ جي آهي ته ماڻهو بخل ڇو ٿو ڪري، الله جي رستي ۾ ڇو نٿو ڏئي. بخل ۽ نه ڏيڻ جا مختلف سبب ٿين ٿا. هڪ ماڻهوءَ وٽ ڪجهه به ڪونهي، اهو به ڪونه ڏيندو. هڪ ماڻهوءَ وٽ صرف هڪ ڏينهن يا هڪ مهيني يا هڪ سال جو قوت گذر آهي. اهو ان خوف کان نه ڏيندو ته ڏئي ڇڏيندس ته سڀاڻي ڪٿان کائيندس. پگهار کان اڳ ڪٿان پوري ڪندس. فصل لهڻ کان اڳ اناج کٽي پيو ته ڪٿان پوري ڪندس. هن قسم جي ماڻهوءَ لاءِ ئي حڪم آهي ته:
    وَلَا تَجْعَلْ یَدَکَ مَغْلُوۡلَۃً اِلٰی عُنُقِکَ وَ لَا تَبْسُطْہَا كُلَّ الْبَسْطِ فَتَقْعُدَ مَلُوۡمًا مَّحْسُوۡرًا﴿۲۹﴾ (بني اسرائيل-٢٩)
    ”پنهنجو هٿ ڪنڌ سان ٻڌل به نه رک يعني هرحال ۾ بخيليءَ جي واٽ نه وٺ ۽ هٿ کي بلڪل کولي به نه ڇڏ جو وري پاڻ ملول ٿيڻو پوي.“
    انهن ٻنهي صورتن جي مقابلي ۾ هڪ ماڻهو بچايو رکيو ويٺو آهي پر ڏئي نه ٿو. اهو ڇو نه ٿو ڏئي؟ جواب ظاهر آهي ته اهو ان ڪري نٿو ڏئي ته ڏيڻ سان سندس گهڻي مال گڏ ڪرڻ سرمايو ميڙڻ، شاهوڪار ۽ سرمائيدار ٿيڻ جي خواهش پوري ٿيڻ کي خطرو لاحق ٿئي ٿو. الله تعاليٰ هن پوئين صورت واري بخل کي تقويٰ جو ضد سڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ الله تعاليٰ سرمائيداريءَ جي طلب ناڻي جي ميڙ ميڙان کي تقويٰ جي خلاف سڏي ٿو. هاڻي اوهان آيت جي لفظن ۾ گهرائيءَ سان نظر ڪيو ته جيڪو ”اعطيٰ“ ڏئي ٿو ته اهو ”واتقيٰ“ تقويٰ ٿو ماڻي. ۽ جيڪو ”بخيل“ بخل ٿو ڪري اهو ”استغنيٰ“ شاهوڪاري ٿو طلبي، سرمائيداري ٿو طلبي.
    ترجمي ۾ استغنيٰ جي معنيٰ بيپرواهي ڪيل آهي، جيڪا لفظ جي اصل معنيٰ آهي، پر جڏهن اها بيپرواهي معاش جي نسبت سان هجي ته ان مان شاهوڪاري جي طلب مراد ٿيندي آهي. جيئن لفظ ”غني“ الله جو صفاتي نالو آهي معنيٰ اٿس ”بي پرواهه“ پر ساڳئي وقت ان جي معنيٰ ”شاهوڪار“ به آهي.
    ان طرح ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ، جيڪو تقويٰ جو عمل سڏجي ٿو، سادو ۽ مٿاڇرو عمل ناهي، بلڪ هيءُ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو متقي انسان جي زندگيءَ جي هڪ مسلسل معاشي روش جي نشاندهي ڪري ٿو. جنهن مطابق متقي انسان جي زندگيءَ جو محور، ڏيڻ آهي. ان جون سموريون محنتون ۽ ڪاوشون ڏيڻ لاءِ آهن. پوءِ اهو ماڻهو جيترو حاصل ڪري ٿو، هڪ خاص ترتيب سان پنهنجي ضرورتن جي پورائي کان پوءِ، ٻين جي ضرورتن لاءِ ڏئي ٿو ڇڏي.
    اهڙيءَ طرح بخل جي قسم وارو عمل به سادو ۽ مٿاڇرو ناهي، جيئن اسان ماڻهو اڪثر قناعت ۽ ڪفايت شعاريءَ کي به بخل سڏي وٺندا آهيون. فلاڻو بخيل آهي، سنگت ۾ خرچ ئي نٿو ڪري. هتي اهو بخل ناهي. هن بخل مان مراد هڪ اهڙو باضابطه عمل آهي، جنهن سان ماڻهو سرمائيداري ۽ شاهوڪاريءَ جي طلب جي راهه ۾ هلي ٿو، سندس زندگيءَ جو محور آهي گهڻي کان گهڻو سرمايو گڏ ڪرڻ.
    هن ئي قسم جي روش رکندڙن سرمائي پرستن کي الله تعاليٰ ساڳي سورة جي اڳين آيتن ۾ للڪاري ٿو.
    وَ اِنَّ لَنَا لَلْاٰخِرَۃَ وَ الْاُوۡلٰی ﴿۱۳﴾ فَاَنۡذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰی ﴿ۚ۱۴﴾ لَا یَصْلٰىہَاۤ اِلَّا الْاَشْقَی ۙ﴿۱۵﴾ الَّذِیۡ کَذَّبَ وَ تَوَلّٰی ﴿ؕ۱۶﴾
    ”۽ اسان لاءِ آهي آخرت ۽ دنيا (اڄ به سڀاڻ به) پوءِ ڊيڄاريان ٿو اوهان کي ڄڀين واري، ڀڙڪندڙ، شعله انگيز باهه کان جنهن ۾ اهڙي بدبخت کان سواءِ ٻيو نه وڌو ويندو، جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو (مراد سرمائي پرست بخيل آهي جنهن بخل ڪيو، شاهوڪاري طلبي ۽ خلقڻهار جي هن تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو.)“
    اهڙيءَ طرح هيءَ للڪار به دل ڏڪائيندڙ آهي، جيڪا قرآن جي پهرين وحي جي لفظن سان گڏ آيل آهي، جيتوڻيڪ پهرين وحي ناهي پر ابتدائي وحين مان هڪ ضرور آهي، ساڳئي ئي سرمائي پرست کي للڪار آهي. کَلَّاۤ اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَیَطْغٰۤی ۙ﴿۶﴾ ”(العلق-٦) خبردار انسان حدون لتاڙي وڌيون آهن، (”ليطغيٰ“ هن لفظ تي الڳ بحث اڳتي ڪبو.) هو پاڻ کي سرمائي پرست ڏسڻ ٿو گهري. (استغنيٰ وارو ساڳيو لفظ آهي جيڪو مٿين آيتن ۾ ذڪر ٿيو.)
    تفسيرن هن انسان مان ابوجهل مراد ورتو آهي پر مقصد هر سرمائي پرست آهي. عام طور ابوجهل کي هڪ بت پرست جي وصفن سان موصوف شخص سمجهيو ويندو آهي، پر لفظ استغنيٰ سان ان جي بت پرست شخص هئڻ سان گڏ هڪ سرمائي پرست شخص طور سڃاڻپ ٿئي ٿي، اهو سرمائي پرست ۽ بت پرست انسان: اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یَنْہٰی ۙ﴿۹﴾ عَبْدًا اِذَا صَلّٰی ﴿ؕ۱۰﴾ (العلق-٩،١٠) ”تو ڏٺو! جيڪو روڪي ٿو ٻانهي کي جڏهن اهو نماز ٿو پڙهي.“
    اَرَءَیۡتَ اِنۡ کَانَ عَلَی الْہُدٰۤی ﴿ۙ۱۱﴾ اَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰی ﴿ؕ۱۲﴾ (العلق-١١،١٢)
    ”تو ڏٺو! ته اهو هدايت تي آهي ۽ تقويٰ جو حڪم ٿو ڪري.“
    نماز پڙهندڙ بندي مان مراد نبي ﷺ جن آهن، جن کي اهو بت پرست ۽ سرمائي پرست شخص نماز پڙهائڻ ۽ تقويٰ جي حڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو.
    هتي هڪ لمحي لاءِ سوچيو! جيڪڏهن سرڪش انسان کي سرمائي پرست انسان جي تناظر ۾ ڏسڻ بجاءِ صرف بت پرستي جي تناظر ۾ ڏسجي ته پوءِ اهو بت پرست الله جي صرف پرستش کان روڪيندڙ محسوس ٿيندو ۽ جنهن نماز کان روڪي ٿو اها به صرف پرستش جو عمل سمجهه ۾ ايندي. پر جيڪڏهن سرڪشيءَ کي لفظ ”استغنيٰ“ جي مٿي ذڪر ٿيل سرمائي ۽ شاهوڪاريءَ جي طلب واري روش جي تناظر ۾ ڏسبو ۽ تقويٰ کي ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ واري روش جي تناظر ۾ ڏسبو ته سرڪش انسان (ابوجهل) هڪ بت پرست هئڻ سان گڏ سرمائي پرست شخص ۽ نبي ﷺ پرستش جي موحدانه روايتن جي امين هئڻ سان گڏ هڪ سرمائي شڪن، تقويٰ واري ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ واري روش جو ڏس ڏيندڙ الله جو ٻانهو سمجهه ۾ ايندو. جنهن جي نماز حضرت شعيب عليه السلام جي نماز وانگر صرف بت شڪنيءَ جو درس نه پر سرمائي شڪنيءَ جو درس ڏيندڙ به آهي. جيئن قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي:
    قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتْرُکَ مَا یَعْبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوْ اَنۡ نَّفْعَلَ فِیۡۤ اَمْوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ اِنَّکَ لَاَنۡتَ الْحَلِیۡمُ الرَّشِیۡدُ ﴿۸۷﴾(هود آيت 87)
    ”اي شعيب ڇا تنهنجي نماز توکي حڪم ٿي ڪري ته اهو ڇڏي ڏيون جنهن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا يا اسان پنهنجي مالن ۾ جيڪو (واڌارو) ڪرڻ گهرون ٿا اهو ڇڏي ڏيون.“
    هيءُ ڏسو ۽ سمجهو ته سرڪش ابوجهل هڪ سرمائي پرست جي حيثيت سان الله جي بندي محمد ﷺ کي نماز کان ڇو ٿو روڪي. ڇا هيءَ نماز ان جي صرف بتن جي مخالف هئي يا هيءَ نماز سرمائي جي واڌاري ڪرڻ کان به روڪيندڙ آهي. اهو سڀ سمجهڻ کانپوءِ هاڻي اچو انهن آيتن تي جيڪي سرمائي پرست انسان لاءِ للڪار آهن.
    کَلَّا لَئِنۡ لَّمْ یَنۡتَہِ ۬ۙ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِیَۃِ ﴿ۙ۱۵﴾ نَاصِیَۃٍ کَاذِبَۃٍ خَاطِئَۃٍ ﴿ۚ۱۶﴾ فَلْیَدْعُ نَادِیَہٗ ﴿ۙ۱۷﴾ سَنَدْعُ الزَّبَانِیَۃَ ﴿ۙ۱۸﴾ (العلق-١٥،١٨)
    ”خبردار جيڪڏهن اهو (پنهنجي اهڙي روش کان) نه مڙيو ته ضرور ان کي چوٽيءَ کان جهلي گهلينداسين، جيڪا چوٽي ڪوڙي گنهگار آهي پوءِ ڀل ته پنهنجي ڪچهريءَ وارن کي سڏي (جن جي آسري تي ڪڏندو هو) اسين به پنهنجي سپاهين کي سڏينداسين.“
    سورة علق جي آيتن ۾ ”اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَیَطْغٰۤی“ آيو آهي ان ۾ يطغي لفظ جنهن مادي ۽ معنيٰ وارو آهي اها معنيٰ ۽ ان مادي جا ٻيا لفظ به قرآن ۾ استعمال ٿيا آهن. ان جي معنيٰ صاف ۽ ظاهر آهي سرڪشي ۽ حد لنگهي وڃڻ. سورة علق جي آيتن ۾ ابوجهل جي سرڪشيءَ جو ذڪر آهي ان جي سرڪشيءَ ۾ بنيادي سرڪشي سرمائي پرستي، سرمائي وڌائڻ ۽ شاهوڪاريءَ جي طلب واري روش آهي. اهڙيءَ طرح قرآن ۾ جتي به سرڪشي جو ذڪر اچي اتي ان مان سرڪشيءَ جو هيءُ پهلو به ضرور نظر ۾ رکڻو پوندو. جيئن
    ”اِذْہَبْ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی﴿٪۲۴﴾ “ (طٰہٰ-۲۴)
    اهڙيءَ سرڪشي ڪندڙن لاءِ ئي قرآن ۾ ”طاغوت“ جو لفظ آيل آهي جنهن مان سرمائيدار جيئن نمرود ۽ والار پسند ظالم حڪمران جيئن فرعون ۽ اهڙا ٻيا مراد آهن.
    هدايت ۽ گمر اهي ٻن متضاد سوچن جي طور اسان وٽ سڃاتل رهيون آهن، مٿي جن ٻن روشن جو ذڪر ٿيو هڪ تقويٰ ۽ خرچ ڪرڻ واري ۽ ٻي سرمائي پرستيءَ ۽ مال ۾ واڌاري ڪرڻ واري، انهن ٻن روشن کي به هدايت ۽ گمراهيءَ جي روش سمجهڻ گهرجي. جيئن قرآن شريف جي سورة فاتحه ۾ هدايت جو سڌو رستو طلب ڪرڻ ۽ گمراهن جي رستي کان بچڻ جي دعا آيل آهي. هدايت ۽ گمراهيءَ جي ٻن رستن کي مٿي ذڪر ڪيل ٻن روشن جي تناظر ۾ الله تعاليٰ هن طرح بيان فرمايو آهي.
    وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجْدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾ فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَۃَ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَ مَاۤ اَدْرٰىکَ مَا الْعَقَبَۃُ ﴿ؕ۱۲﴾ فَكُّ رَقَبَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ اَوْ اِطْعَامٌ فِیۡ یَوْمٍ ذِیۡ مَسْغَبَۃٍ ﴿ۙ۱۴﴾ یَّتِیۡمًا ذَا مَقْرَبَۃٍ ﴿ۙ۱۵﴾ اَوْ مِسْکِیۡنًا ذَا مَتْرَبَۃٍ ﴿ؕ۱۶﴾ (البلد-١٠، ١٦)
    ”۽ اسان ان کي (هدايت ۽ گمراهي جا) ٻه شاهي رستا ڏيکاريا آهن. پر هو لڪ لنگهي نه سگهيو. توکي ڪهڙي خبر لڪ ڇا آهي اهو غلام آزاد ڪرڻ آهي. يا بک جي ڏينهن ۾ کاڌو کارائڻ آهي، مٽي مائٽيءَ واري يتيم کي يا مٽيءَ هاڻي مسڪين کي.“
    هي هدايت جي روش آهي. صاف ظاهر آهي ته گمراهيءَ جي روش ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ بجاءِ سرمائي ۾ واڌاري ڪرڻ واري روش آهي. ڏسو انهيءَ روش جي مذمت سان گڏ سورة مدثر جي هنن آيتن ۾ الله اهڙي روش وارن کي ڪيئن للڪاريو آهي.
    ذَرْنِیۡ وَ مَنْ خَلَقْتُ وَحِیۡدًا ﴿ۙ۱۱﴾ وَّ جَعَلْتُ لَہٗ مَالًا مَّمْدُوۡدًا ﴿ۙ۱۲﴾ وَّ بَنِیۡنَ شُہُوۡدًا ﴿ۙ۱۳﴾ وَّ مَہَّدۡتُّ لَہٗ تَمْہِیۡدًا ﴿ۙ۱۴﴾ ثُمَّ یَطْمَعُ اَنْ اَزِیۡدَ ﴿٭ۙ۱۵﴾(سورة مدثر، آيت ۱۱- ۱۵)
    ”مون کي ۽ جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي ڇڏي ڏي، جنهن کي مون وڏو مال ڏنو آهي ۽ حاضر پٽ به ڏنا اٿم. ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم، پر پوءِ به هو (خرچ ڪرڻ بجاءِ) طمع ٿو رکي ته ان کي وڌيڪ ڏيان.
    اهڙيءَ طرح وڌيڪ حاصل ڪرڻ مال وڌائڻ سرمائي پرستيءَ جي سورة تکاثر ۾ به مذمت ڪئي وئي آهي، سورة همزه ۾ مال جمع ڪندڙ ۽ ان کي ڳڻيندڙ جي مذمت ڪئي وئي آهي، اهي سڀ لامحدود سرمائي جي حصول کي رد ڪندڙ قرآني هدايتون آهن ۽ تقويٰ جو بنياد آهن.
    لامحدود سرمائي جي حصول جي روش هڪ اهڙي خطرناڪ روش آهي جيڪا انيڪ گناهن ۽ نافرمانين جو سبب بڻبي آهي، ۽ اها روش زمين تي گوناگون فسادن ۽ خرابين جي موجب ٿيندي آهي. مثال طور هي روش ئي ماپ تور ۾ يعني حقدار کي پورو حق ڏيڻ ۾ کوٽ ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ ماڻهن جي حقن ۾ ۽ انهن جي پورهئي جي معاوضي ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ نتيجي ۾ زمين فساد جو مرڪز بڻبي آهي. الله تعاليٰ ان ڳالهه کي هن طرح بيان ڪيو آهي.
    وَ یٰقَوْمِ اَوْفُوا الْمِكْیَالَ وَالْمِیۡزَانَ بِالْقِسْطِ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ اَشْیَآءَہُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِی الۡاَرْضِ مُفْسِدِیۡنَ ﴿۸۵﴾(سورة هود آيت 85)
    ”ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪريو، ماڻهن کي سندس شيون کٽائي نه ڏيو. ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو.“
    اها سرمائي پرستي آهي جيڪو مزدور جي محنت آڌار مزدوري ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. مزدور جي اجرت گهٽ ڏيڻ سان ئي سرمائي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح سرمائي پرستي شين جي قيمتن مقرر ڪرڻ ۾ انصاف کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته بي تحاشا منافعو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن هو ماڻهن جي ضرورتن ۽ مجبوريءَ مان ناجائز فائدا وٺندا. ڇا هڪ سرمائيدار جيڪو مزدورن کي انصاف ڀري اجرت نه ڏئي ۽ انهن جي بي روزگاري واري مجبوريءَ جو فائدو وٺي معاوضو مقرر ڪري ۽ انهن جي بنيادي ضرورتن جو لحاظ رکي معاوضو مقرر نه ڪري، اهڙي طرح ڪروڙين رپيا ناجائز طرح منافعو ڪمائي يا شين جي ناجائز قيمتن مان ڪروڙن جو منافعو ڪمائي ڇا اهو صرف زڪوات جا چند هزار يا چند لک ڏئي پنهنجو مال حلال ڪري سگهي ٿو؟ اها ئي سرمائيداريت هڪ ازم بڻجي ويندي آهي ۽ الله جي مشيت هوندي آهي ته اهو نظام نابود ٿئي. ان صورت ۾ الله جي مڃيندڙن جي مٿان فرض بيهندو آهي ته اهي اهڙي نظام جي برباديءَ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش جا ساٿاري ٿين.


    سرمائي پرستيءَ بابت حديث ۽ فقهه جي راءِ : مولانا محمد انس راڄپر

    مون پنهنجي گذريل مضمون ۾ سرمائي پرستي، گھڻي کان گھڻي سرمائي جي حصول جي ڪوشش، سرمائي طلبي وغيره جي حوالي سان چند گذارشون قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ عرض رکيون هيون.
    قرآن شريف سرمائي طلبيءَ جي روش کي ”استغناء“ ۽ ”تڪاثر“ جي اصطلاحن سان تعبير ڪيو آهي. لفظ ”تڪاثر“ مفاعلة جي باب مان آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: ”هڪ ٻئي کان گھڻي دولت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ“. ان عمل جي سورة ”تڪاثر“ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
    اڄ ڪلهه ”تڪاثر“ جي جڳهه تي ”مسابقت“ جو اصطلاح ڪتب اچي ٿو. مسابقت يا گوءِ پڄائڻ، سرمائيدارانه نظام جو بنياد ۽ ان جو روح آهي. مسابقت جيڪڏنهن سرمائيدارانه نظام مان نڪري وڃي ته اهو پاڻ ئي اچي پٽ تي ڪرندو. ان ڪري قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ مسابقت (هڪ ٻئي کان معاشي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ) جي عمل جي ”تڪاثر“ جي اصطلاح سان مذمت ڪئي آهي.
    مسابقت جا انساني نفس جي اندر سرچشما آهن. حرص، حسد، غرور ۽ تڪبر، ماڻهوءَ ۾ مسابقت جي روش انهن سرچشمن مان ڦٽندي آهي. قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ آءٌ ان تي پوئين دفعي چند گذارشون عرض ڪري چڪو آهيان. منهنجي خواهش هئي ته حديث ۽ فقهه مان به ڪجھه ان بابت معلومات هٿ ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي. خوشقسمتيءَ سان اها مونکي هڪ هنڌ جائتي ٿيل هٿ چڙهي وئي، مون کي اها مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي رسالي ”حسن الفهم والتعقل في جمع الکسب والتوڪل“ ۾ ملي وئي، ان جو اختصار عرض ڪجي ٿو.
    مخدوم عبدالواحد فقهه حنفي جي ماخذن: الملتقي، هاوي الفتاوي، سراجي ۽ تحفة الفقھ جي حوالن سان ڪمائڻ جا چار قسم ذڪر ڪيا آهن. (1) فرض (2) مستحب (3) مباح (4) حرام.

    (1) فرض:
    پنهنجي ذات ۽ اهل عيال جي ڪفايت ۽ قرض ادا ڪرڻ جيترو مقدار ڪمائڻ فرض آهي. جيڪو پنهنجي ذات ۽ اهل عيال لاءِ محنت ڪري ۽ پورهيو ڪري حلال رزق ڪمائڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري سو فرض جو تارڪ آهي. مخدوم صاحب ان تي وڌيڪ به بحث ڪيو آهي ۽ قرآن مان ”فضل“ جي طلب بابت جيڪي آيتون آهن، سي دليل طور پيش ڪري انهن تي اقوال مفسرين جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو آهي.

    (2) مستحب:
    پنهنجي ضرورتن ۽ ڪفايت کان وڌيڪ، فقير ۽ محتاج جي مدد لاءِ ڪمائڻ مستحب آهي. لکي ٿو ته ادنيٰ ڪفايت کان وڌيڪ فقير ۽ محتاج جي مدد لاءِ ڪمائڻ نفلي عبادت کان افضل آهي.

    (3) مباح ۽ جائز:
    ضرورت جون شيون وڌيڪ بهتر طور حاصل ڪرڻ لاءِ ڪمائڻ جائز آهي. مثال ڪفايت جيترو سٺو کاڌو، سٺو لباس ۽ سٺي رهائش لاءِ ڪمائڻ. اهو جائز آهي. ان جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي.

    (4) حرام:
    هڪ ٻئي کان پاڻ کي وڌيڪ فخر وارو، گھڻائي وارو ڏيکارڻ ۽ آڪڙ، تڪبر ۽ غرور لاءِ ڪمائڻ ۽ گڏ ڪرڻ حرام آهي. ڪمائڻ جو هيءُ قسم زرپرستي، سرمائي پرستي، تڪاثر ۽ مسابقت آهي. اهوئي قسم سرمائيداريءَ جو بنياد آهي جنهن کي قرآن جي هدايتن ۽ حنفي فقيهن حرام قرار ڏنو آهي.
    مخدوم عبدالواحد ڪمائڻ جا مٿيان چار قسم بيان ڪري هيٺين حديثن کي حنفي مسلڪ جي انهيءَ تقسيم جي دليل طور ذڪر ڪيو آهي.
    1_ ابو هريره رضي الله کان مروي آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”جنهن حلال دنيا طلب ڪئي (هن مقصد لاءِ) ته پاڻ کي مسئلن کان بچائي ۽ پنهنجي اهل لاءِ ڀلو ڪري ۽ پاڙي واري تي مهربان ٿئي، سو جڏهن قيامت جي ڏينهن الله سان ملندو ته ان جو چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر ٻهڪندڙ هوندو. پر جنهن حلال دنيا گھڻي لاءِ، فخر لاءِ ۽ ڏيکاء لاءِ طلب ڪئي ته اهو قيامت جي ڏينهن جڏهن الله سان ملندو ته الله مٿس ڏمريل هوندو.“ (بيهقي_ ابو نعيم)
    2_ ڪعب بن عجره رضي الله کان مروي آهي ته نبيﷺ جن هڪ ڏينهن اصحابن سڳورن سان ويٺل هئا. سندن نظر هڪ نوجوان تي پئي. جيڪو تازي کل وارو ۽ طاقتور هو، محنت ڪري رهيو هو. ماڻهن چيو: هن لاءِ بربادي هجي. ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن سندس کل الله جي رستي ۾ ڪم اچي ها!“ اهو ٻڌي رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ان کي نه چئو، اهو جيتوڻيڪ پنهنجي نفس لاءِ محنت ڪري رهيو آهي ته پاڻ کي مسئلن کان بچائي، پاڻ کي ماڻهن کان بي پرواهه ڪري ته اهو به الله جي رستي ۾ آهي. جيڪڏهن اهو پنهنجي والدين لاءِ محنت ٿو ڪري ته جيئن انهن کي پريشانين کان بچائي، ته اهو به الله جي رستي ۾ آهي. پر جيڪڏهن فخر، آڪڙ ۽ گھڻي خاطر ٿو محنت ڪري ته پوءِ اهو شيطان جي رستي ۾ آهي.“ (طبراني)
    هنن ٻن حديثن ۽ فقهه حنفيءَ جي ڪمائڻ جي قسمن ۾ سرمائي پرستي زرطلبي، تڪاثر ۽ مسابقت جي خلاف قرآن جي مذمت ۽ ڌڪار جو پورو پورو عڪس چٽائيءَ سان ڏسي سگھجي ٿو. حديثن ۾ فخر، آڪڙ ۽ گھڻي جي طلب جي لفظن سان ان روش جي مذمت ڪئي وئي آهي.
    اسان جي بدقسمتي آهي ته قرآن جي ان قسم جي تعليم کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ان کي جيڪا اهميت ڏيڻ گھرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اجتماعيت ۽ معاشرت جا جيئن بنياد رکڻ گھرجن، سي نه رکيا ويا آهن.
    ڪاش اسان جا باصلاحيت ماڻهو، جيڪي پنهنجي علم، مهارت ۽ هنر جي ذريعي گھڻي کان گھڻي پيداوار ۽ سرمايو حاصل ڪري سگھن ٿا، سي پنهنجون اهڙيون صلاحيتون زرپرستيءَ بجاءِ معاشري ۾ غريب طبقن جي بهبود لاءِ استعمال ڪن ته هوند عبادت الاهيءَ جي عظيم عمل جي ثواب جا حامل ٿي پون.


    نظرئي ۽ فڪر ۾ بقاءِ انفع جو اصول : مولانا محمد انس راڄپر

    نظريه ارتقا جي باني ڊارون جو چوڻ آهي ته ”جاندارن ۾ زندهه رهڻ لاءِ شديد ڪشمڪش ٿيندي رهي ٿي. ان ڪشمڪش مان بچي سلامت اهي رهن ٿا جيڪي ماحول سان وڌيڪ مطابقت ڪري سگهن ٿا ۽ وڌيڪ باصلاحيت (Fittest) آهن. فلسفي ۾ ان خيال ترقي ڪري جيڪا اڳين منزل اختيار ڪئي سا نتيجيت (Pragmatism) جي منزل آهي، هيءَ فلسفيانه تحريڪ آمريڪا ۾ پيدا ٿي، جنهن حياتيات کان اڳتي وڌي ان خيال کي فڪر ۽ نظرئي تي اطلاق ڪيو: ۽ چيو ته ”هر اهو نظريو ۽ عمل صحيح آهي جنهن جو نتيجو سٺو هجي“ يا جيڪو انسانيت لاءِ وڌيڪ فائديمند هجي. ان ۾ معروضي نتيجيت وغيره جو نظريو به هليو، جنهن بابت وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندي اسان اهو ڏسڻ گهرون ٿا ته حياتياتي بقا ۽ فڪري بقا لاءِ قرآن شريف جو تصور ڪهڙو آهي. حياتياتي بقا بابت ڊارون جي تصور جي تائيد ۾ هيءَ آيت پيش ڪئي ويندي آهي.
    الَّذِیۡ خَلَقَ الۡمَوۡتَ وَ الۡحَیٰوۃَ لِیَبۡلُوَکُمۡ اَیُّکُمۡ اَحۡسَنُ عَمَلًا ؕ(الملڪ- ٢)
    ”موت ۽ حياتي پيدا ڪيائين ته اوهان کي آزمائي ڏسي ته اوهان مان ڪير وڌيڪ سٺن عملن وارو آهي.“
    پر اسان حياتياتي بقا جي سلسلي ۾ وڌيڪ بحث ۾ نه ٿا پوڻ گهرون، اسان سڌو فڪر ۽ نظريي جي بقا ۽ غلبي بابت قرآن شريف جو جيڪو تصور آهي ان تي بحث ڪرڻ طرف اچون ٿا. قرآن جنهن فڪر ۽ نظرئي جو حامل ۽ علمبردار آهي، تنهن کي ان ”دين حق“ سان تعبير ڪيو آهي. ٻين باطل دينن سان هن دين جو ٽڪر کائڻ ۽ ان ڪشمڪش مان سوڀارو ٿي غالب ٿيڻ جو عمل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟ ان جو هت تجزيو ڪبو. قرآن شريف ۾ الله تعالى نبيﷺجي بعثت جو مقصد بيان ڪندي فرمايو آهي:
    ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرْسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالْہُدٰی وَ دِیۡنِ الْحَقِّ لِیُظْہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ كُلِّہٖ ۙ
    وَلَوْ کَرِہَ الْمُشْرِكُوۡنَ ﴿۳۳﴾ (التوبه- ٣٣)
    ”هو اها ذات آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ دين حق سان گڏي ان لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪن کي ناپسند هجي.“
    سڀني دينن تي دين حق جو غلبو رسول الله صلي الله عليه و سلم جن جي اچڻ جو مقصد آهي. جيڪو مقصد دين حق جي سڀني پيروڪارن جو به آهي. هن آيت ۽ اهڙين کوڙ ٻين آيتن مان دين حق جي غلبي ۽ بقا جي اجزاءَ ترڪيبيءَ مان هڪ جزو اهڙي انساني ڪوشش آهي، جيڪا دين حق جي غلبي لاءِ ڪم اچي.
    ڇا ڪنهن حق واري دين جي غلبي لاءِ انساني ڪوشش ئي ڪافي آهي يا ان ۾ ان جي ضرورت به آهي ته ان دين ۾ خود غالب ٿيڻ جي سگهه به هئڻ گهرجي؟ شايد اها ضرورت ظاهر ڪرڻ لاءِ ئي الله تعالى هن آيت ۾ صرف ”دين“ جو لفط استعمال نه ڪيو؛ پر ”دين حق“ جو لفظ استعمال ڪيو: يعني دين جي غلبي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو دين ”حق“ به هئڻ گهرجي. يعني اهو پنهنجي جوهر ۾ غالب ٿيڻ جي سگهه به رکندو هجي. نه ته ڀل ڪيتريون به انساني ڪوششون ڪم آنديون وڃن، اهڙو دين ڪڏهن به غالب نه ٿي سگهندو جيڪو حق نه هجي. قرآن ۾ الله تعالى فرمايو:
    وَ قُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَہَقَ الْبَاطِلُ ؕ اِنَّ الْبَاطِلَ کَانَ زَہُوۡقًا ﴿۸۱﴾ (بني اسرائيل- ٨١)
    ”چئو! حق آيو ۽ باطل مٽجي ويو ڇاڪاڻ ته باطل مٽجڻو ئي آهي.“
    جيئن روشني ٿيندي ئي اونده ختم ٿي ويندي آهي، ائين حق جي ايندي ئي باطل ڀڄي ويندو آهي. اها حق جي پنهنجي قوت ۽ جوهر آهي، جنهن ڪري باطل ان آڏو نه ٽڪندو آهي.
    ڪنهن دين جي غالب ٿيڻ جي سگهه جو مدار ڪهڙي ڳالهه جي مٿان آهي؟ يا هڪ کي حق سڏجي ۽ ٻئي کي باطل قرار ڏجي ان جو ڪهڙو معيار آهي؟ ڇا منهنجو دين، منهنجي ابن ڏاڏن جو دين، ڇاڪاڻ ته منهنجو ۽ منهنجي ابن ڏاڏان جو آهي، ان ڪري حق آهي؟ جيڪو منهنجو ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جو ناهي سو باطل آهي؟ يا جنهن دين جي حق هئڻ جي اسان دعوا ڪيون، اهو حق آهي، جنهن کي باطل قرار ڏيون اهو باطل آهي؟ يا ان جو ڪو معيار آهي؟ الله تعالى فرمائي ٿو ائين ناهي، بلڪ اسان وٽ دين جي حق هئڻ جو هڪ معيار آهي. جيڪو دين ان معيار تي پورو لهندو سو حق آهي. جيڪو ان معيار تي پورو نه لهندو سو باطل آهي. الله تعالى ان معيار کي سمجهائڻ لاءِ چند مثالن جو سهارو ورتو آهي. فرمائي ٿو:
    اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتْ اَوْدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا فَاحْتَمَلَ السَّیۡلُ زَبَدًا رَّابِیًا ؕ وَمِمَّا یُوۡقِدُوۡنَ عَلَیۡہِ فِی النَّارِ ابْتِغَآءَ حِلْیَۃٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُہٗ ؕ کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذْہَبُ جُفَآءً ۚ وَاَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الۡاَمْثَالَ ﴿ؕ۱۷﴾ (الرعد:17)
    (1) ”آسمانن مان اسان پاڻي وسايو آهي، جنهن کان پوءِ نهرون پنهنجي پيمانن مطابق وهي هليون آهن. پوءِ وهڪرن پنهنجي مٿان گجي کنئي.
    (2) ۽ جيڪي شيون اوهان باهه ۾ پگهرائيندا آهيو، اسلحه ۽ سامان ٺاهڻ لاءِ، انهن تي به اهڙي گجي ٿيندي آهي. ان طرح الله تعالى حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪري ٿو. سو گجي اڏري ختم ٿي ويندي البته جيڪا شئ انسان کي نفعو ڏئي ٿي، سا زمين تي ٽڪي سگهي ٿي. “
    هن آيت ۾ الله تعالى حق ۽ باطل جو هڪ مثال اهو ڏنو آهي ته هڪ آهي پاڻي جيڪو نهرن ۾ تيزوهڪرن جي صروت ۾ وهي ٿو ۽ ٻي آهي ان تي ٺهندڙ جهاڳ ۽ گجي. پاڻي باقي رهي ٿو جهاڳ ۽ گجي اڏري، سڪي ختم ٿي ٿي وڃي، حق ۽ باطل به ائين ئي آهن. حق انسان کي نفعو ڏئي ٿو ان ڪري اهو قائم ۽ باقي رهي ٿو. باطل انسان کي فائدو نه ٿو ڏئي ان ڪري اهو ختم ٿي ٿو وڃي.
    ان جو ٻيو مثال هن آيت ۾ لوهه، پتل يا سون وغيره جهڙن ڌاتن جو آهي انهن کي به جڏهن پگهرائبو آهي ته انهن تي به جهاڳ ۽ گجي ٿيندي آهي. جهاڳ ۽ گجي ڪڍي ڦٽي ڪبي آهي ڇاڪاڻ ته انسان جي فائدي جي ڪانهي. لوهه، پتل يا سون وغيره ڇاڪاڻ ته انسان جي نفعي وارا آهن ان ڪري اهي قائم رهن ٿا.
    نباتات ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گاهه ٻوٽا ۽ ڏٿ ٿيندا هئا، جيڪي انسان روز جهنگن مان چونڊي گهرکڻي ايندو هو ۽ پنهنجو قوت گذر ڪندو هو. اهڙن ڪيترن ئي قسمن جي گاهن، ٻوٽن ۽ ڏٿن مان جيڪي انسان پنهنجي فائدي ۾ ڏٺا تن کي پنهنجي محنت سان اهڙي زندگي بخشي جو زمين تان لکين ٻوٽا ناپيد ٿي ويا پر ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري ۽ سرنهن وغيره جهڙا انساني فائدي وارا ڏٿ اڄ به زنده سلامت ۽ آباد آهن.
    بلڪل اهڙيءَ طرح نظريا ۽ فڪر به جيڪي انسانيت کي فائدو ڏين ٿا. انسان جي ڏک، درد، پيڙا، ظلم ۽ اذيت ۾ ان جو سهارو بنجن ٿا انسان پنهنجي جانين ۽ سرن جا نذرانا ڏئي انهن کي جياري ۽ زمين تان کڻي آسمان تي پهچائي ڇڏي ٿو. پر جيڪڏهن فڪر ۽ نظريي ۾ انسان پنهنجي درد جو درمان ۽ مسئلن جو قانوني تحفظ نه ٿو ڏسي ته پوءِ ان فڪر جي سربلندي، غلبو ۽ احياء، ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي. دين اسلام جو جڏهن ظهور ٿيو ته ان ۾ انسانيت جي ڪمزور ۽ ضعيف طبقن پنهنجو جياپو ڏٺو، پنهنجي دردن جو درمان ڏٺو، عرب کان ويندي روم ۽ فارس تائين جي پيڙهيل طبقن اسلام ۾ پنهنجي زندگي، جياپو ۽ آزادي ڏٺي تڏهن ئي انهن طبقن جي ماڻهن پنهنجو گهر ٻار ۽ سر ساهه صدقو ڪري دين اسلام کي سربلند ڪيو ۽ باطل نظامن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.
    اڄ جڏهن اسان دين اسلام جي غلبي، احياءَ ۽ سربلنديءَ جو فڪر ڪيون ٿا ته اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته قرآن جي هنن ارشادن ۾ اسان لاءِ اها رهنمائي ۽ سبق آهي ته انساني افاديت کان خالي فڪر ۽ نظرئي جي سربلندي، غلبو ۽ احياءُ خام خياليءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ان ڪري ضروري آهي ته اڄ جي دور جي انسان جو جيڪو درد ۽ پيڙا آهي ۽ ان جا جيڪي مسئلا آهن، انهن جو اسان تجزيو ڪيون. اسلام ۽ قرآن جي بنيادي اصولن جي روشنيءَ ۾ انهن مسئلن دردن ۽ پيڙائن جو درمان ۽ قانون بنائي دين اسلام کي پيڙهيل طبقن آڏو پيش ڪيون. تڏهن اسان دين اسلام کي ٻيهر غالب ۽ سربلند ڏسي سگهون ٿا. دين جي قربان گاه ۾ انسانيت جي قربان ٿيڻ جي قيمت تي دين جو احياءُ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيون. يعني انسانيت جي موت جي قيمت تي دين جي حياتي نه گهرون بلڪه دنيا کي پيغام ڏيون ته هي دين انسانيت لاءِ زندگيءَ جو پيغام کڻي آيو آهي. جيئن قرآن جو فرمان آهي:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اسْتَجِیۡبُوۡا لِلہِ وَلِلرَّسُوۡلِ اِذَا دَعَاكُمۡ لِمَا یُحْیِیۡكُمْ ۚ(الانفال:۲۴)
    ”اي ايمان وارو الله ۽ رسول جو سڏ ورنايو جڏهن توهان کي ان (دين) ڏانهن سڏين جيڪو اوهان کي جياپو ڏئي ٿو.“
    اسلام کي اهڙي ڍنگ سان کڻي اچو جو هڪ اهڙي قوم جيڪا زندگيءَ جون سڀ توانايون وڃائي ٺري مرده ٿي چڪي آهي، سا هن دين جي ذريعي آرس ڀڃي اٿي پئي ۽ هڪ متحرڪ ۽ ناقابل شڪست قوت بنجي اٿي، پوءِ ڏسو ته ان قوم جا جوڌا ڪيئن ٿا اسلام کي سربلندين تي پهڇائن. اسلام شروع واري دور ۾ اهو ئي ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، جنهن جو ذڪر سورت قريش ۾ الله تعالي هنن لفظن ۾ فرمايو:
    لِاِیۡلٰفِ قُرَیۡشٍ ۙ﴿۱﴾ اٖلٰفِہِمْ رِحْلَۃَ الشِّتَآءِ وَ الصَّیۡفِ ۚ﴿۲﴾ فَلْیَعْبُدُوۡا رَبَّ ہٰذَا الْبَیۡتِ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیۡۤ اَطْعَمَہُمۡ مِّنۡ جُوۡعٍ ۬ۙ وَّ اٰمَنَہُمۡ مِّنْ خَوْفٍ ٪﴿۴﴾
    الله جي فضل سان قريش هڪ اهڙي سرگرم معاشي قوت بنجي اٿيا جو سياري اونهاري جي تجارتي سفرن جي نتيجي ۾ نه رڳو سکيو کائڻ لڳا پر امن وارا به ٿي پيا. ان طرح قرآن ۽ اسلام کي مرده قومن جي سُکي حياتي ۽ زندگيءَ جو ذريعو بنائڻ ۾ اسان ڪامياب ٿياسين ته اسان اسلام کي سربلند ۽ غالب بنائڻ ۾ ڪامياب به ٿينداسين. پر جيڪڏهن زندگيءَ کان مايوس طبقن جي ماڻهن کي زندگيءَ جي جوت بخشڻ بجاءِ انهن کي قرآن جي ڦيڻن ۽ تعويذن جو آفيم کارائي سڪون جي ننڊ ڪرائيندا رهياسين ته پوءِ اسلام جو غلبو خام خياليءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونه رهندو.


    انسان چاڙهي چڙهي نه سگهيو : مولانا محمد انس راڄپر

    دنيا ۾ ته ڏينهون ڏينهن ترقي، تحقيق ۽ غور فڪر ٿيندو رهي ٿو. نيئن سر نوان نظريا، فڪر ۽ سوچون گلاب جي گلن جي مکڙي وانگر انسان آڏو ٽڙن ٿيون ۽ انساني زندگيءَ کي تازگي ۽ فرحت بخشين ٿيون؛ پر اسان وٽ سدائين پاڻي پيو ولوڙجي، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ساڳيا پنڌ ۽ پيچرا، ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، نه رات کٽي نه بات کٽي. مٿان وري مصيبت اها ته ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍڻي، پنڌ به ناهن جاچڻا، تجزيو به ناهي ڪرڻو، ڇا پاتو ڇا وڃايو؟ اهو به ناهي ڏسڻو. جتان ڪالهه پنڌ شروع ڪيوسين، اڄ به اتي ئي ڇو بيٺا آهيون؟ اڳتي ته ڇا پر اڃا به ٻه وکون پوئتي ڇو آهيون؟ نبيﷺجن فرمايو:
    ”من استواه يومان فهو مغبون“
    (جنهن جا ٻه ڏينهن برابر رهيا سو ٺڳيل آهي).
    پر اسان کي احساس ئي ڪونهي ته ڪو اسان ٺڳجي رهيا آهيون. االله تعالى قرآن شريف ۾ فرمايو:
    ”وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجۡدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾ فَلَا اقۡتَحَمَ الۡعَقَبَۃَ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَ مَاۤ اَدۡرٰىکَ مَا الۡعَقَبَۃُ ﴿ؕ۱۲﴾ فَکُّ رَقَبَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ اَوۡ اِطۡعٰمٌ فِیۡ یَوۡمٍ ذِیۡ مَسۡغَبَۃٍ ﴿ۙ۱۴﴾ “
    ”اسان انسان کي ٻه واٽون ڏيکاريون پر اهو چاڙهي چڙهي نه سگهيو (بلند واٽ وٺي نه سگهيو) توکي خبر آهي ته اُها چاڙهي ڇا هي؟ (اها آهي) غلام آزاد ڪرڻ، مسڪينن کي غربت جي ڏينهن ۾ کارائڻ، مائٽ يتيمن کي يا مٽيءَ هاڻن مسڪينن کي.“
    اسان ڇو چاڙهي چڙهي نه سگهيا آهيون. ڇو غلامي اڄ به انسان جو مقدر آهي. مسڪين اڄ به انگ اگهاڙو پيٽ بکيو ڇو آهي. يتيم اڄ به ڌڪارجي ڇو ٿو.
    فلسفي ۾ سوال جي اهميت آهي. جواب به ايترو اهم ناهي هوندو، جيترو فلسفي ۾ سوال اهم هوندو آهي. جڏهن سوال اٿندو آهي، تڏهن ئي ماڻهو آرس ڀڃي، ڇرڪ ڀري اٿندو آهي؛ پر اسان وٽ سوال ڪرڻ منع آهي.
    اسان مسلمان جتي اڪثريت ۾ آهيون، غلامي، ذلت، بک، بدحالي ۽ ابتري اتي ديرو ڄمايو ويٺي آهي. اسان وٽ اسلام آهي، قرآن آهي، اسان حاملين قرآن وسنت آهيون؛ پر ڏينهون ڏينهن ابتريءَ جو شڪار آهيون. اسان کي ابن ڏاڏن کان موروثي طور اهو خيال مليو آهي، جيڪو اسان طوطي وانگر ياد ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام حق آهي، قرآن حق آهي ۽ اسان دين حق جا پيروڪار ۽ حامل آهيون. ان ڪري دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ اسان جو مقدر آهي. نسلن کان اهو خيال سينن ۾ سانڍيون پيا اچون؛ پر دنيا تي غلبي وارو اسان جو مقدر اسان کي ڏٺو نه ٿو لڀي. اسان کي ان بابت سوال ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان کي ان جو صحيح جواب ملي ويندو ته اسان کي ان ڀنورَ مان نڪرڻ جو صحيح رستو به ملي ويندو.
    جنهن دين اسلام جا اسين حامل آهيون، سو اهوئي ساڳيو دين آهي، جيڪو يهودين، نصارن ۽ ٻين اڳين امتن کي مليو.
    ”شَرَعَ لَکُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَ مَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی.“
    ”اوهان لاءِ اهوئي دين مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن جي اسان نوح کي وصيت ڪئي ۽ جيڪو اسان توڏانهن وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جي اسان ابراهيم، موسى ۽ عيسى کي وصيت ڪئي هئي.“
    هن مان ثابت ٿيو ته سڀ اڳيون امتون ساڳئي دين حق جون ۽ الهامي ڪتابن جون حامل هيون. پر هڪ عرصي گذرڻ کان پوءِ اهي امتون دين حق جي بار کڻڻ ۽ ذميواري جي حيثيت کان ڪري پيون. جيئن الله تعالى يهودين بابت فرمايو:
    ”مَثَلُ الَّذِیۡنَ حُمِّلُوا التَّوۡرٰىۃَ ثُمَّ لَمۡ یَحۡمِلُوۡہَا کَمَثَلِ الۡحِمَارِ یَحۡمِلُ اَسۡفَارًا.“
    ”جنهن کي الله تعالى تورات جو حامل بنايو، پوءِ اهي ان جا حامل نه ٿي سگهيا، تن جو مثال گڏهه جهڙو آهي، جنهن تي ڪتاب لڏيا ويا هجن.“
    ڇا اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته اسلام ۽ قرآن جا حامل دين اسلام جي تحمل ۽ ذميواري جي حيثيت کان ڪري پيا آهن؟ ان جو جواب اسان کي نبيﷺجن جي هن فرمان مان ملي ٿو، جنهن ۾ پاڻ هڪ انصاري صحابيءَ کي فرمائن ٿا ته:
    ”جلد قرآن امت جي هٿن مان نڪري ويندو.“ انصاري صحابي چوڻ لڳو يا رسول الله! اهو ڪيئن ٿيندو حلانڪه اسان قرآن پڙهون ٿا، اسان وري پنهنجي اولاد کي پڙهائينداسين، اهو پنهنجي اولاد کي پڙهائيندو؟ پاڻ فرمايائون اي سعد! آءُ توکي سڀني انصارن مان سياڻو سمجهندو هوس! ڇا نه ٿو ڏسين ته اهل ڪتاب تورات ۽ انجيل پڙهن ٿا!
    معنى جيئن يهودي ۽ نصارا موجود آهن، تورات ۽ انجيل پڙهن ٿا، تيئن مسلمان به اڪثريت ۾ هوندا، قرآن پڙهندا؛ پر انهن جو اهو پڙهڻ ائين هوندو جيئن (نبيﷺجي زماني ۾) يهودين ۽ نصارن جو تورات ۽ انجيل پڙهڻ هو. انهن ۾ قرآن هوندو پر حالت وڃي يهودين ۽ نصارن جهڙي رهندي، دين حق ۽ قرآن جي هوندي به هو ان جا صحيح حامل نه هوندا.
    مسلمانن جي اڄ جي حالت رسول اللهﷺجن جي هن فرمان مبارڪ جي حقيقي عڪاسي ڪندڙ آهي. جيڪي مسلمان سمجهن ٿا ته قرآن اڄ به اسان ۾ ائين موجود آهي، جيئن اڳي هو، مٿئين حضورﷺ جن جي ارشاد وارا ڏينهن اڃا ناهن آيا، سي ڀليل آهن. اسان مان قرآن پر ڪري اڏامي هليو ويو آهي. اڄ قرآن کي پوتين ۾ ويڙهي گهر ۾ برڪت لاءِ رکيو ويو آهي. ثواب ڪمائڻ لاءِ ختما ڪري پڙهيو ٿو وڃي، مدرسن ۽ مسجدن ۾ اهڙن ئي مقصدن لاءِ قرآن جون مجلسون زنده ۽ جاويد آهن، پوءِ جي اهڙا مدرسا ۽ مسجدون لکن جي تعداد ۾ شاندار عمارتن سان آباد آهن، تڏهن به انهن جو تعلق وري به زندگيءَ جي اهڙن ئي حصن سان آهي. انهن مدرسن ۽ مسجدن جي وڏن کان وڏن عالمن ۽ اڪابرن جو معاشري ۾ وڏي ۾ وڏو مقام اهو آهي ته کانئن دعا وٺجي، تعويذ وٺجي، سندن واعظ مان ايمان جي تازگي (ذهني تسڪين/ ذهني عياشي) حاصل ڪجي. مالي پريشانيون ٿين، نوڪريءَ جا مسئلا ٿين، گهر ۾ بي برڪتي ٿئي، ذهني سڪون حاصل نه هجي ته اهڙن روحانيت وارن اڪابرن وٽ ماڻهو اچيو ڳاهٽ ٿين ته، اسان خوش ته اسلام زنده آهي. ملا جو ڪاروبار جاري آهي ته پاڻ سمجهيو ته اسلام ۽ قرآن زنده آهي. ختمن جي ماني ۽ صدقن جا ٻڪرا کائي مڇ کي وٽ ڏئي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري مون پارو مولوي چئي ته هيءَ قرآن جي برڪت آهي ته اهو سراسر دوکو آهي.
    انساني زندگيءَ جا سرگرم ۽ مؤثر حصا اڄ قرآن ۽ دين حق جي هدايتن کان خالي آهن. زندگيءَ جا سياسي، سماجي ۽ معاشي حصا اڄ به قرآن کان خالي آهن. مسلمانن جي زندگيءَ جي سرگرم حصن ۾ قرآن موجود نه ٿيو ته ڪيئن قبول ڪجي ته قرآن مسلمانن ۾ زنده آهي.
    اڄ به انساني اڪثريت غلاميءَ جي زندگي گذاري ٿي. مسلمان اميرن جا خزانا سرمائي سان ڀريل آهن، پر ڪروڙين غريب مسلمان موجود آهن جيڪي پيٽ جي باهه اجهائڻ ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ گڏهن ۽ ڍڳن جيترو ڀوڳين ٿا. نه غذائي ضروتون ميسر آهن، نه صحت حاصل آهي، نه علم حاصل ڪرڻ جا موقعا آهن. محنت ڪشن ۽ پورهيتن تي تمام وڏا ٽيڪس هڻي انهن جي ڪئي ڪمائي ميڙي چونڊي اميرن ۽ مقتدر طبقن جي بي پناهه عياشين جي نظر ڪئي ٿي وڃي. اڳي ته رڳو هڪ خطي جي عوام جي پگهر پورهئي جو استحصال ساڳئي علائقي جي اميرن ۽ مقتدر طبقن جي عياشين لاءِ ڪيو ويندو هو. پر هاڻي ايم پي اي ايم اين ايز ڇا يوسي ناظم جي حڪمرانن کان وٺي صوبي جي حاڪمن، وري وفاق جي حاڪمن کان ويندي عالمي سامراج تائين وري هيڏانهن تجارتي زندگيءَ ۾ هڪ عام دڪاندار کان وٺي عالمي سرمائيدارن تائين محنت جي استحصال جو هڪ نظام جڙيل آهي، جنهن پورهيت طبقي ۽ محنت ڪشن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ايئن زندگي جا ڪيئي شعبا آهن جتي غريب کي ڦرڻ ۽ ان جي رت جو آخري ڦڙو به نپوڙي ڪڍڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي.
    ڇا پوءِ اهو قبول نه ڪجي ته زمانو صدين کان موٽي ان هنڌ پهتو آهي جنهن لاءِ الله تعالى قرآن ۾ فرمايو ته: (انسان) چاڙهي چڙهي نه سگهيو“
    نبيﷺجن پنهنجي انقلاب مڪمل ڪرڻ واري موقعي تي فرمايو هو: اڄ زمانو ڦري ان هيئت تي آيو آهي. جنهن تي پيدا ٿيو هو.“ يعني پنهنجي قدرتي حالت تي، جنهن ۾ ڪوبه ظلم فساد ۽ استحصال نه هو. پر ان کان پوءِ زمانو گهڻو گذري چڪو آهي. هاڻي مسلمان ان حالت کان ڦري ۽ دنيا ان حالت مان ڪڏهوڪو نڪري وري اچي ان هنڌ بيٺي آهي جنهن لاءِ قرآن چيو: ”انسان چاڙهي چڙهي نه سگهيو“. اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته جتي اڳيون قومون هيون اسان اتي پهتل آهيون ۽ هيءَ اسان جي حالت تحمل دين ۽ تحمل قرآن جي رتبي کان ڪرڻ جي ڪري آهي. ان ڪري آهي ته قرآن اسان جي زندگين منجهان نڪري چڪو آهي.
    اسان دين حق ۽ قرآن جا صحيح حامل تڏهن ٿي سگهنداسين، جڏهن اسان قرآن ۽ دين حق جي ذريعي زندگيءَ جي سرگرم حصن سياست، معيشت ۽ معاشرت ۾ پورهيت ۽ محنت ڪش جي استحصال ۽ انساني غلامين جي خاتمي جو سبب بڻجندا سين ۽ دين حق کي زندگيءَ جي سرگرم ۽ مؤثر حصن ۾ انساني فائدي جي قابل بنائينداسين.


    مغضوب عليهم ۽ ضالين جو گروهه : مولانا محمد انس راڄپر

    قرآن مجيد ۾ الله تعالى قرآن شريف جي مقدمي (افتتاحي) يعني صورت فاتحه ۾ هڪ دعا سيکاري آهي، جيڪا اسان مسلمان هر نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهيون. دعا جا لفظ هي آهن:
    اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ ۙ﴿۵﴾ صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ ۬ۙ۬ غَیۡرِ الۡمَغۡضُوۡبِ عَلَیۡہِمْ
    وَلَا الضَّآ لِّیۡنَ ٪﴿۷﴾
    ”(اي الله) اسان کي سڌو رستو ڏيکار. انهن جو جن تي تو انعام ڪيو آهي. انهن جو نه جن تي تو غضب نازل ڪيو آهي ۽ نه گمراهن جو.“
    مفسرن لکيو آهي ته غضب ڪيلن مان يهودي ۽ گمراهن مان نصارا مراد آهن. الله تعالى يهودين لاءِ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي:
    وَضُرِبَتْ عَلَیۡہِمُ الذِّلَّۃُ وَالْمَسْکَنَۃُ ٭ وَبَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللہِ (سورة بقره: ٦١)
    ”مٿن ذلت ۽ مسڪيني مسلط ڪئي وئي آهي ۽ انهن الله جو عضب خريد ڪري ورتو آهي.“
    هتي اسان ٻن ڳالهين تي بحث ڪنداسين: هڪ ته غضب ڪيل ۽ گمراهه صرف يهودي ۽ نصارا آهن. ٻيو ڪو يا اسان مسلمان غضب ڪيل ۽ گمراهه ٿي سگهون ٿا يا نه؟ ٻيو ته الله جي غضب جي نتيجي ۾ غضب ڪيل ماڻهو صرف قبر ۽ قيامت ۾ خراب ٿيندو يا ان جا ڪي ٻيا به اثر آهن؟
    اسان کي جڏهن الله تعالى بار بار صورت فاتحه ۾ دعا سيکاري آهي ته، اسان کي غضب ڪيلن ۽ گمراهن جو رستو نه ڏيکار، تنهن مان به ظاهر آهي ته اسان مسلمان ڪنهن به وقت اهڙي رستي تي هلي سگهون ٿا، جيڪو غضب ڪيلن ۽ گمراهن جو آهي، ان ڪري اهڙي صورتحال کان بچڻ جي دعا هر وقت زبان تي جاري رکائي وئي آهي.
    ان کان سواءِ قرآن ۾ ڪيترين جاين تي مسلمانن کي اهل ڪتاب وانگر نه ٿيڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي. جيئن الله تعالي فرمايو آهي:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَكُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ اٰذَوْا مُوۡسٰی ؕ(الاحزاب-٦٩)
    ”اي ايمان وارؤ انهن وانگر نه ٿيو جن موسى کي ايذايو.“
    ٻئي هنڌ آهي:
    وَمِنَ الَّذِیۡنَ قَالُوۡۤا اِنَّا نَصٰرٰۤی (انهن وانگر نه ٿيو) جن چيو: اسان نصارا آهيون.
    سردست مون کي اهي آيتون ملي سگهيون آهن، نه ته اهڙيون کوڙ آيتون آهن. جن مان ثابت ٿيو ته مسلمان به يهودين ۽ نصارن جهڙو ڪم ڪري انهن وانگر گمراهي جي رستي تي هلي سگهن ٿا.
    باقي رهيو سوال ته غضب ڪيل ۽ گمراهه ڪيئن ٿيندا آهن. انهن کي ڪي سڱ ٿيندا آهن يا ڪي ٻيون انهن جون نشانيون ٿينديون آهن جن سان اهي سڃاپجي سگهندا آهن؟
    الله جي غضب جي معنى آهي: ”الله جو پنهنجي بندن کي گناهن جي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪرڻ.“ گناهن جي سزا جو اسان وٽ تصور انفرادي به آهي ته قبر ۽ قيامت سان به اهو جوڙيو ويو آهي. يعني صرف قبر ۽ قيامت ۾ سزا ملندي. دنيا جي هن زندگيءَ ۾ سزا جو اسان پنهنجي دلين مان خوف ئي ڪڍي ڇڏيو آهي.
    جڏهن ته غضب ڪيلن ۽ گمراهن مان مراد هڪ جماعت، امت ۽ قوم آهي. يعني هڪ امت جهڙوڪ يهودي ۽ نصارا غضب ڪيل ۽ گمراهه آهن. مسلمانن کي انهن وانگر نه ٿيڻ جو تاڪيد به امت جي حيثيت ۾ آهي. قرآن مجيد ۾ يهودين ۽ نصارن تي الله جي غضب جو اظهار قبر ۽ قيامت ۾ انهن کي عذاب ڪرڻ سان نه ڪيو ويو آهي. بلڪه هن دنيا ۾ انهن کي ذلت، خواري ۽ مسڪنت ملڻ جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي. جيئن هن مضمون ۾ ذڪر ڪيل پهرين آيت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان سان گڏ سورت اعراف ۾ جيڪو الله تعالى فرمايو آهي، سو ڏسو:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوا الْعِجْلَ سَیَنَالُہُمْ غَضَبٌ مِّنۡ رَّبِّہِمْ وَ ذِلَّۃٌ فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا
    (اعراف: 152)
    ”جن گابي کي (خدا ڪري) ورتو جلد انهن کي سندن رب طرفان غضب ۽ دنيا جي حياتي ۾ ذلت پهچندي.“
    سورة بني اسرائيل ۾ الله تعالى انهن تي پنهنجي غضب جي هڪ صورت بُخت نصر هٿان انهن جي مغلوب ٿيڻ جي بيان فرمائي وئي آهي:
    وَقَضَیۡنَاۤ اِلٰی بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ فِی الْکِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِی الۡاَرْضِ مَرَّتَیۡنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۴﴾
    (بني اسرائيل: 5 کان 8)
    ”ڪتاب ۾ بني اسرائيل بابت فيصلو ڪيو سين ته، اوهان زمين ۾ ٻه دفعا فساد ڪندؤ ۽ تمام وڏي سرڪشي ڪندؤ.
    جڏهن ٻنهي ڀيرن مان پهريون (فساد) جو انجام ايندو ته اسان انهن تي پنهنجي سخت طاقت وارا ٻانها اٿارينداسين جيڪي شهرن ۾ گهڙي پوندا ۽ انجام پورو ٿيڻو آهي.
    وري اوهان کي هڪ ڀيرو موٽائينداسين. مال ۽ اولاد جي اوهان کي مدد ڏينداسين ۽ اوهان کي گهڻي نفري وارو ڪنداسين.
    جيڪڏهن چڱو ڪندؤ ته پنهنجي لاءِ چڱو ڪندؤ. برو ڪندؤ ته پنهنجي لاءِ. ۽ جڏهن پويون واعدو ايندو ته جيئن اوهان جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي، تڏهن اهي ائين مسجد (بيت المقدس) ۾ گهڙندا جئين پهرئين ڀيري گهڙيا هئا. ۽ جنهن تي غالب ٿيندا تنهن کي چڱيان اجاڙيندا.
    ٿي سگهي اوهان جو رب اوهان تي رحم ڪري، پر جيڪڏهن اوهان موٽندو ته اسان به موٽنداسين.( يعني ٻيهر اوهان کي سزا ڏينداسين.“
    ڇهه سال قبل مسيح ۾ بابل جي بادشاه بُخت نصر يهودين تي حملو ڪيو. کين ذليل ڪيائين. هزارين يهودين کي غلام بنايائين. هيڪل کي برباد ڪيائين. مٿين آيتن ۾ ”پهرئين انجام“ مان ان ڏانهن اشارو آهي. آيت ۾ ٻئي انجام مان مراد رومي آهن، جن بيت المقدس کي بلڪل تباه ڪري ڇڏيو. بني اسرائيلن کي ماري ڪُٽي سٽي فلسطين مان ڪڍي ڇڏيو. آخري آيت ۾ يهودين کي ڌمڪي آهي ته جيڪڏهن وري به نه سڌريؤ ته مسلمانن جي اوهان مٿان غلبي جي صورت ۾ اوهان تي ٻيهر ذلت، مسڪنت ۽ خواري مسلط ڪئي ويندي. مطلب ته غضب ڪيل قوم کي الله تعالى دنيا ۾ ان طرح ذليل ۽ خوار ٿو ڪري ته قومون مٿن حملي آور ٿين ٿيون، ذلت ۽ مسڪيني سندن مقدر ٿئي ٿي.
    مسلمان جڏهن مشرڪن جي مقابلي ۾ ضعيف ۽ ڪمزور هئا ۽ پوءِ مضبوط ٿيا ۽ مشرڪن کي شڪست ڏنائون ته الله تعالى سندن ان حالت بابت فرمايو:
    وَلَقَدْ نَصَرَكُمُ اللہُ بِبَدْرٍ وَّاَنۡتُمْ اَذِلَّۃٌ ۚ فَاتَّقُوا اللہَ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوۡنَ ﴿۱۲۳﴾ (آل عمران-١٢٣)
    ”الله تعالى اوهان جي بدر ۾ مدد ڪئي حالانڪه اوهان ڪمزور ۽ ذليل هيو.“
    مسلمانن جي غلبي واري حالت ۾ نه هئڻ واري زندگيءَ بابت چيو ويو ته اوهان ”اذلھ“ هيا، جڏنهن الله اوهان جي مدد ڪئي، اوهان غالب ٿيا، مان ۽ عزت حاصل ڪئي.
    مديني جي منافقن جي سردار پنهنجي سرداريءَ جي گهمنڊ ۾ اچي مهاجر ۽ انصار صحابه ۾ هڪ فتنو کڙو ڪري، ان جو فائدو وٺي، چيو: ليخرجن الاعز منها الاذل ”مديني مان عزت وارا (شان شوڪت ۽ اقتدار جا مالڪ) ذلت وارن کي ڪڍي ڇڏيندا.“ الله تعالى فرمايو، منافق ڀليل آهن، ته ڪو عزت ۽ اقتدار اڃا به وٽن آهي. الله تعالي فرمايو:
    وَ لِلہِ الْعِزَّۃُ وَ لِرَسُوۡلِہٖ وَ لِلْمُؤْمِنِیۡنَ وَ لٰکِنَّ الْمُنٰفِقِیۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ ٪﴿۸﴾ ( المنافقون-٨) .
    ”عزت ۽ غلبو الله، سندس رسول ۽ مؤمنن کي حاصل آهي. پر منافق نه ٿا ڄاڻن.“
    پر جڏهن قومون لڇڻ ۾ نه رهنديون آهن، ته عزت، غلبو ۽ وقار به وڃائي ويهنديون آهن. انهن کي الله دنيا ۾ ئي قومي برباديءَ جي صورت ۾ عذاب ڪندو آهي، پوءِ اهي مسلمان ڇو نه هجن. جيئن هڪ هنڌ الله تعالى مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمايو آهي:
    اِلَّا تَنۡفِرُوۡا یُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِیۡمًا ۬ۙ وَّ یَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَیۡرَكُمْ ؕ(التوبه-٣٩)
    ”جيڪڏهن جهاد نه ڪندؤ ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڪندو ۽ اوهان جي جڳهه تي ٻي قوم بدلائي آڻيندو.“
    هيءُ مسلمانن کي تنبيہ ۽ ڌمڪي آهي. ڇا مسلمانن ۾ اڃا اهو وقت ڪونه آيو آهي! ته الله کين عذاب ڪري ۽ ٻين قومن کي مٿن غالب ڪري؟
    يهودين تي الله تعالى ڪيئي دفعا ۽ خاص طور تي ٻه دفعا اهڙو عذاب ڪيو: هڪ بخت نصر بادشاه جي ذريعي ٻيو رومين جي ذريعي ۽ ان سان گڏ مسلمانن جي ذريعي به. ان طرح مڪي جي مشرڪن تي الله مسلمانن جي ذريعي عذاب ڪيو، جڏهن فرمايائين:
    قَاتِلُوۡہُمْ یُعَذِّبْہُمُ اللہُ بِاَیۡدِیۡكُمْ (التوبه-١٤)
    ”انهن کي قتل ڪيو، الله کين اوهان جي هٿان عذاب ڪرڻ ٿو گهري.“
    ڇا مسلمانن تي الله اهڙو عذاب نازل ڪونه ڪيو آهي؟ هڪ دفعو نه، ٻه دفعا نه، ڪئي دفعا مسلمان الله جي اهڙي عذاب کي سهي چڪا آهن. بغداد تي تاتارين جي حملي کان وٺي، عثماني خلافت جي تخت ۽ تاج جي تاراج ٿيڻ کان وٺي، ڪيترن ئي مسلمانن جي فرنگي غلاميءَ کان ويندي اڄ ڪلهه عالمي، آمريڪي سامراج ۽ انهن جي اتحادين هٿان مسلمان قومن جي روز روز تذليل، ڇا ان الاهي عذاب کان گهٽ آهي جيڪو الله يهودين ۽ نصارن تي ڪيو. صديون گذري چڪيون آهن جو مسلمان دنيا ۾ الله جي عذاب ۾ مبتلا آهن! ڪيترين ئي غالب قومن هٿان لتاڙجي چيڀاٽجي ذليل ۽ خوار ٿي چڪا آهن. پر پوءِ به امت کي خوش رکيو ٿو وڃي ته هيءَ ڀلي امت آهي جلدئي ڪونه ڪو ڪرشمو ٿيندو، ڪو ظاهر ٿيندو جيڪو سڄي ڪايا پلٽي ڇڏيندو. الله هن امت تي شڪليون بدلائڻ جو عذاب نه ڪندو، وغيره پر جيڪو عذاب اسان تي مسلط آهي، جيڪو ڀوڳي رهيا آهيون، تنهن جي سجاڳي ڪوبه ڏيڻ وارو ڪونهي. مسلمانن جي هيءَ ذلت ۾ ورتل امت ڪڏهن به غلبو حاصل نه ڪري سگهندي. ڇاڪاڻ ته هيءَ عذاب ۾ مبتلا آهي. هيءَ ان مقام تي پهچي چڪي آهي، جتي يهودي ۽ نصارا پهچڻ کان پوءِ صرف عذاب جا ئي مستحق ٿيا هئا. شاه ولي الله دهلوي چواڻي قرآن ۾ يهودين ۽ نصارن کي مليل تنبيهن ۽ دڙڪن وارين آيتن ۾ جيڪڏهن مسلمانن جو نالو شامل ڪجي ته يهودين ۽ نصارن جي خرابين جو سمورو قرآن جو تجزيو مسلمانن تي پورو نظر ايندو.
    اڄ اسان کي خوش فهمين مان نڪري اچڻ گهرجي. پنهنجي چاڪ گريبانن ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. مٿي ۾ پيل ڌوڙ ڇنڊي، اکيون پٽي، پاڻ سنڀالڻ گهرجي. پنهنجي سوچن، فڪر ۽ عمل جي نئين سر آبياري ڪرڻ گهرجي. پنهنجو جائزو وٺي پاڻ کي بدلائڻ گهرجي. مولانا سنڌي ان ئي حالت مان ڪڍڻ لاءِ فرمايو هو: ”بدلجو نه ته زمانو اوهان جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندو!“.


    مسلمانن ۽ اهل ڪتاب جون هڪجهڙيون تمنائون : مولانا محمد انس راڄپر

    قرآن شريف ۾ الله تعالى يهودين جي ذڪر ۾ ارشاد فرمايو آهي:
    وَمِنْہُمْ اُمِّیُّوۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ الْکِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ (البقره 78)
    ”انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ڪتاب مان سواءِ ”اماني“ جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿا ڄاڻن.“
    هن آيت ۾ لفظ ’اماني‘ جيڪو ذڪر ٿيو آهي، سو جمع آهي. ان جو واحد آهي ’امنية‘. واحد جي صورت ۾ هيءُ لفظ قرآن شريف ۾ نبيءَ جي ’دل جي خواهش‘ جي معنى ۾ آيو آهي.(الحج: 52) نبي سٺيون خواهشون ۽ تمنائون ڪندا آهن. البته ان هڪ آيت کان سواءِ قرآن ۾ هي لفظ پنهنجي جمع ’اماني‘ جي صورت ۾ آيو آهي، ”معجم الفاظ القرآن الکريم“ ۾ ’امنية‘ جي معنى هن طرح بيان ڪئي وئي آهي.
    الامنية: مايرغب فيه المرء ويشتهاه. واڪثر مايڪون ذالک الآمال الباطلة کطول البقاء وعدم البعث. (’الامنية‘ جي معنى آهي: ’جنهن ۾ ماڻهو شوق رغبت ۽ خواهش رکي‘، اڪثر اهو باطل اميدن جي باري ۾ استعمال ٿيندو آهي، جهڙوڪه: ڊگهي بقاء ۽ عدم بعث. امنية جو جمع اماني ايندو آهي.)
    بيروت جو ڇپيل هڪ عربي مختصر تفسير، جيڪو شيخ حسنين محمد خلوف جو لکيل آهي ۽ ان جي حاشيه تي اسباب نزول تي سيوطيءَ جو ڪتاب ’لباب النقول‘ به ڏنل آهي، تنهن ۾ لکيل آهي، ته ’اماني‘ اڪاذيب تلقوها عن احبارهم“ (ڪوڙ، جيڪي پنهنجي يهودي عالمن کان سکيا اٿن.)
    معجم الفاظ القرآن الڪريم واري مٿي ذڪر ڪيل آيت جي هيٺان لکيو آهي ته: و امانيهم انهم لايعذبون ولايحاسبون.(انهن جون اميدون) تمنائون ۽ خوش فهميون) هي آهن ته کين عذاب نه ٿيندو ۽ نه سندن حساب ٿيندو.) خود قرآن شريف ”اماني“ جي وضاحت ۽ تفسير هن طرح فرمايو آهي.
    وَقَالُوۡا لَنۡ یَّدْخُلَ الْجَنَّۃَ اِلَّا مَنۡ کَانَ ہُوۡدًا اَوْ نَصٰرٰی ؕ تِلْکَ اَمَانِیُّہُمْ (البقره: 111)
    ”چيائون جنت ۾ يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ٻيو ڪو به داخل نه ٿيندو. اهي انهن جون تمنائون (سڌون ۽ خواهشون) آهن.“
    سڄي بحث جو خلاصو اهو ته يهودين جا امي، ڄٽ ۽ جاهل قسم جا ماڻهو صرف اهو ڄاڻيندا هئا ته ’جنت ۾ يهودين ۽ نصارن کان سواءِ ڪوبه نه ويندو‘ يا سندن ڄاڻ صرف اها هئي ته: جهنم ۾ اهي چند ڏينهن کان وڌيڪ عرصو نه رهندا‘. قرآن ۾ انهن جي ان سڌ ۽ خواهش جو الله تعالى هنن لفظن سان ذڪر فرمايو آهي.
    وَقَالُوۡا لَنۡ تَمَسَّنَا النَّارُ اِلَّاۤ اَیَّامًا مَّعْدُوۡدَۃً ؕ (البقره:80)
    ”۽ چيائون: ته اسان کي باهه نه ڇهندي سواءِ ٿورڙن ڏينهن جي“
    معنى يهودي امين (ڄٽن) جي سڄي ڄاڻ ان محور ۾ ڦري ٿي. قرآن انهن جي اهڙي هڪ ٻي سڌ ۽ تمنا يا خوش فهميءَ جوبه ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن چيو آهي: نحن ابناء الله واحبائھ (اسان الله جا پٽ ۽ سندس دوست آهيون) سيوطيءَ ’لباب النقول‘ ۾ ابن عباس جي روايت نقل ڪئي آهي ته:
    جڏهن رسول اللهﷺمديني آيا ته يهودي چوندا هئا، دنيا جي مدت ستر هزار سال آهي. ماڻهن کي دنيا جي هڪ هزار سال جي عيوض هڪ ڏينهن عذاب ڪيو ويندو. ان طرح اهي صرف ست ڏينهن عذاب ۾ رهندا پوءِ عذاب ختم ٿي ويندو“
    ابن عباس جي هڪ ٻي روايت آهي ته:
    ”اسان صرف چاليهه ڏينهن جهنم ۾ داخل ٿينداسين. جيڪي چاليهه ڏينهن گابي جي پوڄا ڪئي سين.“
    يهودين جي انهن خوش فهمين ۽ تمنائن جو جتي به الله تعالى قرآن ۾ ذڪر ڪيو آهي اتي ئي انهن جو جواب به ڏنو آهي مثلن انهن جي هن چوڻ ته: ”جنت ۾ صرف يهودي ۽ نصارا داخل ٿيندا“ جو جواب الله تعالي هنن لفظن سان ڏنو:
    وَقَالُوۡا لَنۡ یَّدْخُلَ الْجَنَّۃَ اِلَّا مَنۡ کَانَ ہُوۡدًا اَوْ نَصٰرٰی ؕ تِلْکَ اَمَانِیُّہُمْ ؕ قُلْ ہَاتُوۡا بُرْہَانَكُمْ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۱۱۱﴾ بَلٰی ٭ مَنْ اَسْلَمَ وَجْہَہٗ لِلہِ وَہُوَ مُحْسِنٌ فَلَہٗۤ اَجْرُہٗ عِنۡدَ رَبِّہٖ ۪ وَلَا خَوْفٌ عَلَیۡہِمْ وَلَا ہُمْ یَحْزَنُوۡنَ ﴿۱۱۲﴾٪. (البقره: 111_112)
    ”اهي انهن جون تمنائون (خوش فهميون) آهن. چئو ته جيڪڏهن ان ۾ سچا آهيون ته پنهنجو دليل آڻيو. ها جنهن پاڻ الله جي حوالي ڪيو ۽ اهو نيڪوڪار آهي ته ان لاءِ سندس رب وٽ اجر آهي ان کي نه خوف هوندو نه ڳڻتي.“
    هن آيت ۾ ٻڌايو ويو ته ان خوشفهميءَ لاءِ وٽن ڪوبه دليل ڪونهي. ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته جنت ۾ دخول جو شرط پاڻ ارپڻ ۽ صالح عمل آهي. ان کان سواءِ ڪنهن به خوش فهميءَ ۾ رهڻ نه گهرجي.
    يهودين جي ٻي خوشفهمي ته: ’کين باهه ۾ صرف چند ڏينهن وڌو ويندو‘. جو جواب هن طرح ڏنو ويو:
    وَقَالُوۡا لَنۡ تَمَسَّنَا النَّارُ اِلَّاۤ اَیَّامًا مَّعْدُوۡدَۃً ؕ قُلْ اَتَّخَذْتُمْ عِنۡدَ اللہِ عَہۡدًا فَلَنۡ یُّخْلِفَ اللہُ عَہۡدَہٗۤ اَمْ تَقُوۡلُوۡنَ عَلَی اللہِ مَا لَا تَعْلَمُوۡنَ ﴿۸۰﴾ بَلٰی مَنۡ کَسَبَ سَیِّئَۃً وَّاَحَاطَتْ بِہٖ خَطِیۡٓـئَتُہٗ فَاُولٰٓئِکَ اَصْحٰبُ النَّارِ ۚ ہُمْ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۸۱﴾ (البقره: 80_81)
    ”چئو ته ڇا توهان الله کان ڪو اهڙو عهد ورتو آهي؟ جنهن جي اهو مخالفت نه ڪندو! يا الله مٿان اهڙي ڳالهه ٿا چئو، جنهن کي اوهان ڄاڻو ئي نه ٿا؟ ها جنهن به گناهه ڪيو ۽ کيس سندس گناهن گهيرو ڪري ورتو ته، اهي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشه رهندا.“
    سندن ٻي خوش فهميءَ ته: ’اسان الله جا پٽ ۽ دوست آهيون‘ جو جواب هن طرح ڏنو ويو آهي:
    فَلِمَ یُعَذِّبُكُمۡ بِذُنُوۡبِكُمۡ ؕ بَلْ اَنۡتُمۡ بَشَرٌ مِّمَّنْ خَلَقَ ؕ (المائده-18)
    ”ڇو اوهان کي اوهان جي گناهن جي ڪري عذاب ڪندو؟ بلڪه اوهان الله جي مخلوق انسان آهيو.“
    يهودين جي مذهب جي سڄي وايو منڊل جو بنياد انهن چند خوشفهمين تي ٻڌل هو جن کي هڪ هڪ ڪري قرآن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کين چيو ويو ته اهي خوش فهميون آهن. انهن جي ڪابه اهميت ڪانهي. اهميت انسان جي ايمان ۽ عمل جي آهي، ڪنهن نسل يا فرقي تي ڪاميابيءَ جو دارو مدار ڪونهي.

    مسلمانن جي حالت:
    مٿي ذڪر ڪيل حالت ته يهودين ۽ نصارن جي هئي، جن کي قرآن ’مغضوب عليهم‘ (غضب ڪيل) ’ضالين‘ (گمراهه) سڏيو آهي ۽ قرآن جي ’افتتاحيه‘ (سورة فاتحه) ۾ اسان صراط مستقيم جي دعا ۾ انهن جي رستي کان بچڻ جي دعا گهري چڪا آهيون. پر اهو ڄاڻو ئي ڪونه ٿا ته جنهن ڌٻڻ مان نڪرڻ جي دعا پيا گهرون ان ڌٻڻ ۾ ته پاڻ ڦاٿا پيا آهيون. نه اها خبر ٿا رکون ته اسان کي ڪهڙي ڌٻڻ مان نڪرڻو آهي نه اها خبر آهي ته ڪهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون. حقيقت اها آهي ته، اڄ جو مسلمان بنهه ساڳين حالتن جو شڪار آهي ۽ ساڳين ’سڌن‘، ’تمنائن‘ ۽ خوشفهمين ۾ ورتل آهي. جن ۾ يهودي ۽ نصارا ورتل هئا. اڄ جي مسلمان ۽ ان دؤر جي يهودي ۽ نصاري ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. نبيﷺجي فرمان: ”جيئن جتيءَ جو هڪ پادر ٻئي پادر جي مطابق هوندو آهي، تيئن توهان اڳين امتين جي پيروي ڪندؤ.“ جي مطابق مسلمان بنهه ساڳين بيمارين ۽ مصيبتن جو شڪار اچي ٿيو آهي. جن جو شڪار يهودي ۽ نصارا ٿيا هئا. شاه ولي الله صاحب جن فرمائين ٿا ته: ”ان زماني جي مصيبتن مان ڪابه مصيبت اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ هن زماني جي ڪا جماعت ورتل نه هجي.“
    مسلمانن جي هڪ فرقي مرجئيه جو عقيدو آهي: ته الله گنهگارن کي ثواب ڏيندو. ايمان جي هوندي معصيت ڪوبه نقصان نه ڏيندي، جيئن ڪفر جي هوندي ڪابه چڳائي ۽ اطاعت فائدو ڪانه ڏيندي آهي.“ مرجئي فرقي جي اڳواڻ مقاتل بن سليمان جو چوڻ آهي ته: قيامت جي ڏينهن الله دوزخ جي مٿان هڪ رستو ٺاهيندو ۽ مؤمن گنهگارن کي ان تان گذرڻ جو حڪم ڏيندو. پوءِ انهن کي دوزخ جو سيڪ ۽ حرارت گناه جي مقدار جيتري پهچندي ۽ ان درد ۾ ان جو عذاب پورو ڪيو ويندو.“
    هن مان اندازو لڳايو ته يهودين ۽ عيسائين جي مٿي ذڪر ڪيل عقيدن ۽ مسلمانن جي هنن عقيدن ۾ ڪو فرق نظر اچي ٿو؟ ڇا مسلمانن جي عام ذهن ۽ عام مبلغن جي ڪل معلومات جو ذخيرو اهڙي قسم جي اعتقادن جي ويجهو ويجهو نه ٿو ڦري؟ جيڪڏهن ڪنهن کان اها جرئت پڄي ۽ شيعا، سني، بريلوي، ديوبندي مبلغن جي واعظن ۾ اهڙي قسم جي اميدن، تمنائن، سڌن ۽ خوشفهمين جو مواد جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هوند يهودين ۽ نصارن جي تمنائن ۽ سڌن جو انهن آڏو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي. ان جو تفصيل هتي بيان نه ٿو ڪري سگهجي ڇا ڪاڻ ته اهو تفصيل ڀنڀور کي ڀاه ڏيڻ جي برابر آهي. حقيقت ۾ قرآن جي هيءَ آيت، جيڪا شروع ۾ ذڪر به ٿي، سؤ فيصد اڄ جي مسلمان مبلغن ۽ عام ذهنيت تي سچي ٿي اچي ته:
    وَمِنْہُمْ اُمِّیُّوۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ الْکِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ
    ”انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ڪتاب مان سواءِ ”اماني“ (تمنائن ۽ سڌن) جي ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿا ڄاڻن.“
    جڏهن ته علم ڪلام جي مسلڪ اهل سنت جي امام ابو الحسن اشعري جو عقيدو ان جي ابتڙ هي آهي ته: خير ۽ شر الله جي مشيت سان آهي، تنهن باوجود مسلمان پنهنجي جرم جي پاداش ۾ جهنم جي عذاب جا مستحق ٿيندا.“ رڳو اهو ئي نه پر يهودين ۽ نصارن جي سڌن جي جواب ۾ قرآن ۾ ذڪر ڪيل آيتن کي جيڪڏهن ڏسجي ۽ انهن ۾ غور فڪر ڪري وٺجي ته به اهڙي قسم جي غلط اميدن ۽ خوشفهمين کان مسلمانن جو پلؤ آجو ٿي وڃي پر مسلمانن جي مجموعي فڪر جي زوال مسلمانن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن کي مڏو ڪري ڇڏيو آهي.
    قرآن ۾ ’اماني‘ جو لفظ يهودين ۽ نصارن ڏانهن اشاري طور ”هم“ جي اضافت سان آيو آهي. هڪ هنڌ ’کم‘ جي اضافت سان به آيو آهي، جنهن ۾ مسلمانن کي مخاطب ڪيو ويو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته باطل سڌون ۽ خوشفهميون رڳو اهل ڪتاب کي ناهن. باطل سڌون ۽ خوشفهميون قرآن جي مخاطبين (مسلمانن) ۾ به ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري الله تعالى فرمايو:
    لَیۡسَ بِاَمَانِیِّكُمْ وَلَاۤ اَمَانِیِّ اَہۡلِ الْکِتٰبِ ؕ مَنۡ یَّعْمَلْ سُوۡٓءًا یُّجْزَ بِہٖ ۙ ﴿۱۲۳﴾ (نساء:123)
    ”نه اوهان (مسلمانن) جي سڌن ۽ خوشفهمين تي آهي نه اهل ڪتاب جي خوشفهمين تي آهي. جيڪو به برو عمل ڪندو تنهن کي ان جو بدلو ڌنو ويندو.“
    هن آيت ۽ مٿي اهل ڪتاب کي سندن خوش فهمين تي جواب جي طور الله جي فرمانن ۾ ڏسو ته اهل ڪتاب جي خوشفهمين جي ترديد سان گڏ لفظ ’بلى من اسلم‘ ۽ ’بلى من کسب‘ کان پوءِ جي لفظن ۾ ايمان ۽ مطلق عملن کي جنت ۽ جهنم جو دارو مدار قرار ڏنو ويو آهي ان ۾ ڪنهن به نسل، گروهه ۽ فرقي کي جنت ۽ جهنم جو دارو مدار قرار نه ڏنو ويو آهي. پوءِ ڇونه يهودي هجن يا نصارا ۽ هن آخري آيت ۾ اهو به چيو ويو ته، ڇو نه مسلمان هجن، جنت ۽ جهنم جو دارو مدار عملن تي آهي.
    ان سلسلي ۾ شاه ولي الله صاحب جن جو بيان قرآن جي صحيح تصور کي بيان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پاڻ لکن ٿا:
    ”الله تعالى هر دين ۾ نبين ۽ انهن جي پيروڪارن کي پنهنجي پياري هئڻ يا پنهنجي ويجهي هئڻ جي يقين سان نوازيو آهي ۽ دين جي منڪرن جي مذمت ڪندي انهن کي ڪاوڙ وارين صفتن سان موصوف ڪيو آهي، ان لاءِ هر قوم ۾ جيڪي جيڪي لفظ استعمال ۾ ايندا هئا اهي لفظ استعمال ڪيا ويا. ان قاعدي تحت يهودين ۾ خدا جي پياري يا محبوب جي جڳهه تي پٽ جي لفظ آڻڻ ۾ ڪو حرج نه سمجهيو ويو، ته ان مان يهودين هي مطلب ورتو ته، اهو اسان جو مخصوص شرف آهي. جيڪو صرف يهودين، عبرين ۽ اسرائيلين لاءِ مخصوص آهي. انهن اهو نه سمجهيو ته اهو شرف صرف الله جي طرفان نبين جي بعثت جي ذريعي، جنهن رستي تي هلڻ جو چيل هو، ان تي هلڻ، قائم رهڻ ۽ عاجزي اختيار ڪرڻ سان مخصوص آهي. ۽ ان کان سواءِ ان جو ڪوبه مطلب ڪونهي. ان قسم جون ٻيون به کوڙ قسم جون سوچون انهن جي ذهنن ۾ پيدا ٿي چڪيون هيون. قرآن شريف انهن سڀني غلط سوچن کي بهتر طريقي سان رد ڪيو آهي.“
    شاه ولي الله جي هن بيان مان سندس مقصد صاف نظر اچي رهيو آهي ته، الله جي پياري ۽ ويجهي هئڻ جي وصفن جو تعلق نبين جي عملي زندگيءَ واري رستي تي هلڻ، جهد ۽ نيڪوڪاريءَ تي قائم رهڻ ۽ عاجزي اختيار ڪرڻ سان آهي.


    انساني عملن ۾ انساني اختيار ۽ ارادو : محمد انس راڄپر

    قرآن شريف ۾ ڪيترين ئي آيتن مان ائين معلوم ٿيندو آهي، ته انسان جا ڪم جهڙوڪ: هدايت، گمراهي، نيڪي ۽ بدي انسان جي پنهنجي وس ۾ ڪانهي، الله جي وس ۾ آهي. ان جي مرضي جنهن کي هدايت ڪري، جنهن کي گمراه ڪري، جنهن کي نيڪيءَ جي توفيق ڏئي، جنهن کي برائيءَ جي.
    ٻئي پاسي قرآن ۾ اهو ٿو ڏسجي ته الله تعالى ڪيترن ئي عملن جي ڪرڻ جي انسان کان گهر ڪئي آهي، جيئن فرمان آهي:
    ”اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ“ (الله تي ايمان آڻيو) يا جيئن:
    ”وَ اَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ“ (نماز قائم ڪريو)،
    ”وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ“ (زڪوات ادا ڪيو)
    ساڳئي وقت الله تعالى انسان کي ايمان ۽ هدايت قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ عذاب جو مستحق به قرار ڏنو آهي. جيئن فرمان آهي:
    وَّ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌؒ۰۰۷ (انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي) وغيره.
    جيڪڏهن هدايت ۽ گمراهي، نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ انسان جو ڪوبه اختيار ۽ وس ڪونه ٿو هلي ته پوءِ انسان کان انهن جي الله گهر ڇو ڪئي آهي ۽ ڇو انهن کي هدايت قبول نه ڪرڻ ۽ صالح عمل نه ڪرڻ تي عذاب جو مستحق قرار ڏنو آهي.
    هن مسئلي تي علم ڪلام جي نقطه نظر کان به بحث ڪري سگهجي ٿو. پر هتي اسان مسئلي تي لغت ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان بحث ڪريون ٿا. جنهن کان پوءِ هن موضوع سان تعلق رکندڙ قرآن جون آيتون سمجهڻ به آسان ٿي پونديون. ۽ مسئلي جي نوعيت به سمجهه ۾ اچي ويندي. عربي لغت ۽ ٻوليءَ جي امام، امام راغب اصفهاني لکيو آهي ته: انسان جيڪي ڪم ڪري ٿو ان جا ٻه پهلو آهن، هڪ پهلو هيءُ آهي ته اهو ڪم ڪرڻ وارو ڪير آهي. ان لحاظ کان چئبو آهي ته فلاڻي هيءُ ڪم ڪيو، فلاڻي نه ڪيو. ٻيو پهلو هوندو آهي ته اهو ڪم ڪنهن جي طرفان ساڃهه، توفيق ۽ سگهه ملڻ سان ٿيو ۽ اهو ڪم انسان لاءِ ڪنهن آسان ڪيو؟. هن لحاظ کان هر ڪم جو پهريون سبب الله آهي، ان ڪري چئبو ته ان جو ڪرڻ وارو الله آهي. يعني جيڪڏهن ڪو هدايت يافته ٿيو ته اهو به چئي سگهجي ٿو ته: ”فلاڻو هدايت وارو ٿيو آهي“ ائين به چئي سگهجي ٿو ته: ”فلاڻي کي الله هدايت ڏني آهي“.
    مثال زيد ڪنهن کي ڪجهه ڏنو ته اهو به چوڻ صحيح آهي ته: ”زيد ڏنو“. اهو چوڻ به صحيح آهي ته: ”الله ڏنو“. هيءُ ته ديني نقطه نظر کان آهي پر امام راغب فرمائي ٿو ته، هونءَ به انساني ڪمن جا ڪيترائي سبب ٿيندا آهن. ۽ انساني ڪم ٻوليءَ ۽ عام محاوري ۾ انهن سڀني سببن ڏانهن منسوب ٿيندا رهندا آهن. امام راغب ان جا ڪيترائي مثال ڏنا آهن، اسان صرف هڪ مثال پيش ڪريون ٿا.
    هڪ پکيءَ جي پرن مان ڪنهن ڪاريگر شاعر لاءِ بهترين نيزو ٺاهيو شاعر ان جي ساراه ڪندي چيو:
    ڪست رايشها مضرحيھ
    شڪاري پکيءَ کيس پنهنجا پر پهرايا آهن.
    زرهه پاتي ته شاعر پاڻ هوندي پر ان جو هڪ سبب اهو پکي بڻيو، جنهن جي پرن سان زرهه ٺاهي وئي، ان جو سبب ڪاريگر به هو پر شعر ۾ لطف ڀرڻ لاءِ ان جي نسبت پکيءَ ڏانهن ڪئي وئي.
    ان طرح هدايت، گمراهي، برو يا ڀلو عمل انساني ڪم آهي، جيڪي انسان پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان ڪندو آهي پر ان لاءِ الله تعاليٰ جا قانون جڙيل آهي ته هن روش ۽ هن ڪم ۽ هن تلاش ۽ تڙپ جي نتيجي ۾ هيءَ هدايت ماڻهوءَ کي پلئه پوندي. اهڙي طرح هن روش، هن ڪم ۽ هن بي رخيءَ ۽ بي گوندرائي جي سبب ماڻهوءَ کي گمراهي ۽ ضلالت پلئه پوندي. اهي قانون ڇاڪاڻ ته الله جا جوڙيل آهن، انهيءَ ڪري انهن قانونن جي نتيجي طور مليل هدايت يا گمراهي جي نسبت الله ڏانهن چوڻ ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهن قانونن جي توفيق ۽ ساڃهه الله وٽان ملندي آهي ان ڪري قرآن شريف ۾ ڪڏهن انهن انساني ڪمن جي الله طرف نسبت ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن انسان ڏانهن ڪئي ويندي آهي. الله ڏانهن نسبت جو مطلب اهو نه وٺڻ گهرجي ته انسان کي ڪو پنهنجي ڪمن ڪرڻ جو ڪو اختيار ئي ڪونهي. بلڪه انسان جي هر ڪم جو انسان کي پورو پورو اختيار آهي، ان ڪري پنهنجي هر عمل جو انسان پاڻ ذميوار آهي. انسان پنهنجي ڪم جي ارادي، چونڊ ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ تي پورو وس رکي ٿو، ان ڪري ان جو پاڻ ذميوار به آهي. جيئن الله فرمايو آهي.
    بَلٰى مَنْ كَسَبَ سَيِّئَةً وَّ اَحَاطَتْ بِهٖ خَطِيْٓـَٔتُهٗ
    ”ها جنهن برائي ڪمائي ۽ سندس گناهن کيس گهيري ورتو.“
    ٻئي هنڌ آهي:
    وَ مَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَ سَعٰى لَهَا سَعْيَهَا
    ”جنهن آخرت جو ارادو ڪيو ۽ ان لاءِ ان پنهنجون ڪوششون ڪيون“
    ان ۾ صاف نظر پيو اچي ته بري يا ڀلي ٻنهي جو ارادو ۽ ڪسب انسان جي اختيار ۾ آهي ۽ ان جو ذميوار به هو پاڻ آهي. ارادو ۽ ڪسب انسان پاڻ ڪندو آهي ان جي تڪميل جي سگهه ۽ قوت انسان کي الله عطا ڪندو آهي. انسان جي مرضي آهي جهڙو به ارادو ڪري، الله ان کي هر ارادي ۽ ان جي ڪوشش ۾ تڪميل جي سگهه عطا ڪندو آهي، برو ارادو ڪري يا چڱو. جيئن الله فرمائي ٿو:
    كُلًّا نُّمِدُّ هٰۤؤُلَآءِ وَ هٰۤؤُلَآءِ مِنْ عَطَآءِ رَبِّكَ١ؕ وَ مَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا۰۰۲۰
    ”هر ڪنهن جي اسان مدد ڪندا آهيون. اها تنهنجي رب جي عطا آهي ۽ تنهنجي رب جي عطا ڪنهن کان به جهليل ڪانهي.“
    قرآن ۾ الله بندن جي گمراه ڪرڻ جي به پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي. جيئن: فَیُضِلُّ اللہُ مَنۡ یَّشَآءُ“ (الله گمراه ڪندو آهي، جنهن کي گهرندو آهي.) اهو سمجهائيندي معجم الفاظ القرآن الکريم واري لکيو آهي ته: ”اضله“ جون ٻه معنائون آهن:
    1. جعلہ ضالا (کيس گمراهه ڪيائين)
    2. وجده ضالا (کيس گمراهه لڌائين)
    عربي محاوري مان ان جو مثال بيان ڪندي لکيو اٿس:
    ”يقال: احمدته وابخلته، اي وجدته محمودا وبخيلا
    (چيو ويندو آهي ”احمدته وابخلته“ يعني کيس ساراهيل ۽ بخيل ڏٺم)
    وڌيڪ لکي ٿو ته: ”انهن ٻن معنائن ذريعي قرآن ۾ گمراهن جي گمراهيءَ جي الله ڏانهن نسبت جو تفسير ڪرڻ ممڪن ٿي پيو آهي جيئن: فيضل الله من يشاءُ ۽ ’ومن يضلل الله فما لہ من هاد‘جيڪڏهن ’اضلال الله‘ جي معنى ’جعل‘ (گمراهه ڪرڻ) وٺجي ته ان جو مطلب ٿيندو ته: الله انسان جي جبلت ان طرح ٺاهي آهي ته جڏهن اهو سٺي يا خراب رستي جي رعايت رکندو ته الله ان سان سندس الفت وڌائيندو ۽ ان سان کيس لازم بنائي ڇڏيندو ۽ ان کان ان جو ڦرڻ يا ڦيرائڻ ناممڪن ٿي ويندو. اهو ان جي طبيعت ٿي ويندو. ان طرح گمراهه ڪرڻ جي نسبت الله ڏانهن ڪرڻ صحيح ٿي پوندي، جنهن انسان جي جبلت ان طرح ٺاهي آهي.“
    هن بيان جي لحاظ کان گمراهه ڪرڻ جي الله ڏانهن نسبت ڪافر ۽ فاسق جي باري ۾ قرآن ۾ آئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي گمراهيءَ سان محبت ڪن ٿا، انهن کي هدايت جي تڙپ ئي ڪونهي. اهو خدا جو قانون آهي ته تڙپ ۽ تلاش نه هوندي ته هدايت به نه هوندي. مومن جي باري ۾ گمراهيءَ جي ڳالهه نه آئي آهي، بلڪه الله مؤمن کي گمراهه ڪرڻ جي پاڻ ڏانهن نسبت کان انڪار ڪيو آهي.. جيئن فرمان آهي:
    وَمَا کَانَ اللہُ لِیُضِلَّ قَوْمًۢا بَعْدَ اِذْ ہَدٰىہُمْ
    ”الله کي نه ٿو جڳائي ته ڪنهن قوم کي انهن جي هدايت واري ٿيڻ کان پوءِ گمراهه ڪري“
    الله جو ڪنهن جي دلين کي ڦيرائڻ، دلين تي مهر هڻڻ، دل جي بيماري کي وڌائڻ به ان طرح آهي، ته الله تعالى ڪافر ۽ فاسق جي گمراهيءَ سان محبت جي ڪري ان جي دلين کي گمراهي ڏانهن ڦيرائي ٿو ڇڏي يا ايمان قبول ڪرڻ کان انهن جي دلين تي تالا هڻي ٿو ڇڏي يا انهن جي دل جي بيماري وڌائي ٿو ڇڏي.
    ان اصول تي الله تعالى جي قرآن ۾ هن فرمان کي سمجهڻ گهرجي. فرمان آهي:
    خَتَمَ اللہُ عَلٰی قُلُوبِہِمْ وَعَلٰی سَمْعِہِمۡ ؕ وَعَلٰۤی اَبْصَارِہِمْ غِشَاوَۃٌ ۫
    وَّلَہُمۡ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ٪﴿۷﴾
    ”الله انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مهر هڻي ڇڏي آهي. ۽ انهن جي اکين تي پردا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.“
    ان جو مطلب به اهو آهي ته جيڪي ماڻهو هٺ، ضد ۽ دشمني ۾ اچي ويندا آهن ته الله انسان جي جبلت ٺاهي آهي ته هٺ ۽ ضد جي ڪري اهي صحيح ۽ حق ڳالهه سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کان ئي محروم ٿي ويندا آهن. ان قانون تحت انهن جي دلين تي مهر لڳڻ جي نسبت انسان جي جبلت ٺاهڻ واري الله ڏانهن ڪري سگهجي ٿي پر ان جو اهو مطلب نه وٺبو ته اهو ڪو الله پنهنجي مرضي سان ڪيو آهي بلڪه ان جو سبب خود انسان پاڻ آهي. اها ڳالهه هن آيت مان وڌيڪ چٽي ٿئي ٿي جنهن ۾ آهي ته ڪافرن چيو: قلوبنا غلف“ (اسان جون دليون تالي لڳل آهن) ته الله تعالى کين جواب ۾ چيو: بل طبع الله عليها بکفرهم“ (بلڪه الله انهن تي انهن جي ڪفر جي ڪري مهر هڻي ڇڏي آهي) هن آيت ۾ مهر هڻڻ جي الله پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي، پر ان جو سبب ٻڌايو آهي ته انهن جي ڪفر جي ڪري الله انهن تي مهر هنئين آهي. جنهن مان ثابت ٿيو ته ان جو اصل سڀ خود انسان جو پنهنجو فعل آهي.
    ڳالهه جو آخري نتيجو اهو ته هدايت توڙي گمراهي انسان جي پنهنجي ارادي ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي. الله فرمائي ٿو:
    وَالَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمْ سُبُلَنَا۔
    ”جيڪو اسان ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي اسان پنهنجا رستا کولي ڏيکارينداسين.“
    اهڙيءَ طرح گمراهي به انسان جي پنهنجي ارادي ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي جيڪي گمراهيءَ ڏانهن رغبت رکندا آهن، تن جي گمراهيءَ کي الله تهائين وڌائي ڇڏيندو آهي.


    “ولـي” ڇـا آهـي : مولانا محمد انس راجپر

    الله جي طرفان دنيا ۾ ڪو عهدو ۽ رتبو، جيڪڏهن ڪنهن انسان کي ڏنو ويو آهي، ته اهو صرف رسول ۽ نبي جو عهدو ۽ رتبو آهي. جنہن انسان کي الله رسالت ۽ نبوت لاءِ منتخب ڪندو آهي، تنهن کي رسول ۽ نبي چئبو آهي. اهل تشيع ڀائر نبوت کان سواءِ ولايت کي به هڪ اهڙو عهدو ۽ رتبو سمجهندا آهن، جيڪو سندن نظر ۾ رسالت ۽ نبوت وانگر خدا جي طرفان وهبي طور ملندو آهي. ان تصور تحت انهن جي ڪلمي ۾ نبوت جي اقرار سان گڏ ولايت جو اقرار به شامل آهي.
    اهل سنت جي هڪ طبقي وٽ پڻ ”ولايت“ هڪ عهدو ۽ رتبو آهي. جيڪو الله تعالى پنهنجي خاص بندن کي عطا ڪندو آهي. ولايت بابت اهل سنت جي هن طبقي ۽ اهل تشيع ۾ فرق اهو آهي ته اهي ولايت کي ”ڪسبي“ تصور ڪندا آهن. معنى اهو عهدو محنت ڪري هرڪو حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اهل تشيع ۾ اهو وهبي آهي. تصوف جي سلسلن ۾ ولايت سان گڏ ان جهڙا ٻيا به رتبا ۽ عهدا آهن، جن جي درجي بندي به ٿيل آهي. ان تناظر ۾ ولايت تي بحث ڪبو ته اهو تمام ڊگهو ٿي ويندو. هتي اسان اهو بحث ڪنداسين ته قرآن شريف ۾ ولايت ڪو اهڙو عهدو يا رتبو آهي يا نه؟ قرآن ۾ لفظ ولي به آيو آهي. ان جو جمع اولياء به آيو آهي. الله ڏانهن اضافت سان اولياء الله به آيو آهي.
    هن جو اصل مادو آهي و ل ي. وليه يليه وليا جي معنى آهي، جاءِ نسب وغيره ۾ ويجهو ٿيڻ. ولي يلي ولاية جي معنى آهي، مدد ڪرڻ. انهن ٻن صيغن جي هڪ صورت ۾ معنى ٿيندي دوست ۽ مائٽ. ٻي معنى ٿيندي مددگار ۽ حامي. قرآن شريف ۾ مدد جي معنى ۾ هي لفظ هن آيت ۾ استعمال ٿيو آهي:
    ہُنَالِکَ الْوَلَایَۃُ لِلہِ الْحَقِّ ؕ ہُوَ خَیۡرٌ ثَوَابًا وَّ خَیۡرٌ عُقْبًا (الڪهف: 44)
    ”اتي ولايت (مدد ڪرڻ) سچي الله جي اختيار ۾ آهي، ان جو ثواب سڀ کان سٺو ۽ ان جو ڏنل بدلو سڀ کان ڀلو آهي.“
    ساڳيو ولايت جو لفظ هڪ ٻئي جي مدد، ڀائپيءَ (مواخات) ۽ دوستيءَ جي معني ۾ به استعمال ٿيو آهي. جيئن شروع هجرت جي زماني ۾ مهاجر ۽ انصار صحابه ۾ مواخات ۽ ولايت قائم ڪئي وئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ الله تعالى فرمايو ته، اهي هڪ ٻئي جا اولياءَ (دوست) آهن. فرمان آهي:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَہَاجَرُوۡا وَ جٰہَدُوۡا بِاَمْوَالِہِمْ وَاَنۡفُسِہِمْ فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ وَالَّذِیۡنَ اٰوَوۡا وَّنَصَرُوۡۤا اُولٰٓئِکَ بَعْضُہُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ ؕ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَلَمْ یُہَاجِرُوۡا مَا لَكُمۡ مِّنۡ وَّلَایَتِہِمۡ مِّنۡ شَیۡءٍ حَتّٰی یُہَاجِرُوۡا ۚ( الانفال ٧٢)
    ”بيشڪ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جان ۽ مال سان الله جي رستي ۾ جهاد ڪيو، ۽ جن (انهن کي) پنهنجي گهرن ۾ ٽڪايو ۽ (انهن جي) مدد ڪيائون، سي هڪ ٻئي جا اولياء (دوست) آهن. جن ايمان آندو (پر) هجرت نه ڪيائون انهن جي ولايت (دوستي) سان اوهان جو ڪوبه ڪم ناهي، جيستائين اهي هجرت ڪن.“
    ساڳيو لفظ ڪافرن ۽ ظالمن جي هڪ ٻئي جي دوست هئڻ جي معنى ۾ به استعمال ٿيو آهي. جيئن:
    وَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا بَعْضُہُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ ؕ(الانفال: ٧٣)
    ”جن ڪفر ڪيو آهي، سي هڪ ٻئي جا اوليا (دوست) آهن.“
    وَ اِنَّ الظّٰلِمِیۡنَ بَعْضُہُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍ ۚ (الجاثيه: ١٩)
    ”۽ بيشڪ ظالم هڪ ٻئي جا اولياء ( دوست) آهن.“
    هنن آيتن جي روشنيءَ ۾ اولياء ۽ ولي مؤمن به ٿي سگهن ٿا، ته ڪافر به ٿي سگهن ٿا، پر مؤمن مؤمن، جو ولي ٿيندو، ڪافر، ڪافر جو ولي. يعني مؤمن، مومن جو دوست ۽ ڪافر، ڪافر جو دوست ٿيندو. مومن کي اجازت ناهي ته اهو ڪافر کي پنهنجو ولي (دوست) بنائي. جيئن الله تعالى فرمائي ٿو:
    لَا یَتَّخِذِ الْمُؤْمِنُوۡنَ الْکٰفِرِیۡنَ اَوْلِیَآءَ مِنۡ دُوْنِ الْمُؤْمِنِیۡنَ ۚ.(آل عمران: ٢٨)
    ”مؤمن ڪافرن کي پنهنجا اولياء (دوست) ڪري نه وٺن، مؤمنن کان سواءِ.“
    قرآن شريف ۾ جتي مومن کي مومن جو ولي (دوست) قرار ڏنو ويو آهي، اتي الله تعالي پاڻ کي به مومنن ۽ متقين جو ولي (دوست) قرار ڏنو آهي. جيئن سندس فرمان آهي: ”وَ اللہُ وَلِیُّ الْمُتَّقِیۡنَ“ (الجاثيه: ١٩) ”الله متقين جو ولي (دوست) آهي.“ ٻئي هنڌ وڌيڪ تفصيل سان الله تعالي پاڻ کي مومنن جو ولي (دوست) ۽ شيطاني ۽ باطل قوتن کي ڪافرن جو ولي (دوست) سڏيو آهي. فرمان آهي:
    اَللہُ وَلِیُّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ۙ یُخْرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوُرِ۬ؕ وَالَّذِیۡنَ کَفَرُوۡۤا اَوۡلِیٰٓئُہُمُ الطَّاغُوۡتُ ۙ یُخْرِجُوۡنَہُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَی الظُّلُمٰتِ ؕ (البقره: ٢٥٧)
    ”الله مومنن جو ولي (دوست) آهي انهن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن ٿو آڻي ۽ جن ڪفر ڪيو آهي، انهن جا اولياءَ طاغوت آهن، جيڪي کين روشنيءَ مان ڪڍي اونداهين ڏانهن آڻين ٿا.“
    هنن آيتن جي روشنيءَ ۾ هر مؤمن ٻئي مؤمن جو دوست ۽ مددگار آهي. مؤمن جي اهڙي قسم جي دوستي، محبت، ولايت ۽ معاونت دين جو اصل مقصد آهي. اهو ئي سبب آهي جو نبيﷺجن مديني شريف ۾ جڏهن اسلامي رياست جو بنياد وڌو ته ھي حڪم جاري ڪيائون ته مؤمن پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا اولياء، دوست ۽ مددگار آهن. ۽ اها مؤمنن جي مؤمنن لاءِ ولايت- ايمان، جهاد ۽ هجرت جي شرطن سان مشروط آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ايمان ۾ ڪوتاهي ٿي، جهاد ۽ هجرت جي عمل ۾ ڪوتاهيءَ جو ڪنهن ارتڪاب ڪيو ته ان سان ولايت، محبت ۽ دوستي جو تعلق به ختم ٿي ويندو. جيئن مٿي ذڪر ڪيل سورت انفال جي آيت نمبر ٧٢ ۾ اهڙي هدايت ڏسي چڪاسين. ان کان علاوه نيڪيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد جو قرآن حڪم به ڪيو آهي. جيئن فرمان آهي:”وَتَعَاوَنُوۡا عَلَی الْبِرِّ وَالتَّقْوٰی“ (المائده:٢) ”نيڪيءَ ۽ تقوى ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪيو.“ حقيقت ۾ مؤمنن جو پاڻ ۾ محبت، مودت، مواخات ۽ موالات جو شروع اسلام ۾ مهاجر ۽ انصار صحابه جي مواخات جهڙو نمونو اڄ به جيڪڏهن زنده ٿي پئي ته هوند اسان جو معاشرو جنت نظير بنجي پوي. ۽ ان مواخات ۽ موالات جو تعلق معاشري ۽ سماج جي مڙني زندگيءَ جي شعبن سان هو. الله هر مؤمن کي ٻئي مومن جو اهڙو ولي ۽ دوست ڏسڻ ٿو چاهي، جيڪوٻئي مؤمن جو مددگار، ڀرجهلو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي زندگي گذاري.
    باقي اهڙو ”ولي“ جيڪو عام مؤمنن ۽ مسلمان ٻانهن کان الڳ ٿلڳ ڪنهن خاص مقام جو صاحب هجي. انساني زندگيءَ ۾ ڀلايون، مواخات ۽ اشتراڪي زندگيءَ کان ڪٽيل هجي. ٻيا مؤمن رڳو ان جي آڏو ٻانهون ٻڌي مدد ۽ واهر لاءِ دعائون گهرندا ۽ گهرائيندا هجن، اهڙي ڪنهن ولي جو تصور قرآن ۾ موجود ڪونهي.
    اصل ۾ هيءُ تصورات مسلمانن ۾ ان وقت کان پنهنجي لاءِ گنجائش ٺاهڻ لڳا جڏهن کان مسلمانن ۾ اسلام جو اجتماعي نظام زندگي نه رهيو. باهمي مواخات ۽ موالات نه رهي، نه ايمان رهيو نه عمل رهيو، نه جهاد رهيو نه هجرت ۽ ان اجتماعي ديني نظام لاءِ نه ڪوششون رهيون، تڏهن نالي ۾ مسلمان چوائيندڙ خلق اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته ديني نظام- اخلاق، عمل ۽ ڪردار اسان پارن عام ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. اهو ڪم اهي ڪري سگهندا جيڪي پهتل هجن، جيڪي عام انساني فطرت کان ڪنهن مٿاهين فطرت جا مالڪ هجن. ان لاءِ عام ماڻهن پنهنجي جندُ ديني نظام مان ڇڏائڻ لاءِ اهڙا خيالي شخص پيدا ڪيا جيڪي سندن خيال ۾ دين جا صاحب آهن، الله وٽ پهتل آهن، انهن جي سڌي الله سان ڏيٺ ويٺ آهي. اسان ماڻهو انهن کي نذرونياز ڏئي، انهن جا هٿ پير چمي پنهنجي ڪا سولي ڪرائي سگهون ٿا، نه ته ”چه نسبت خاک را به عالم پاک“ جي چوڻ مطابق اسان جي ڪهڙي جاءِ جو پاڪيزه عملن جا صاحب بنجي سگهون!. نتيجو ان جو اهو نڪتو جو عام مسلمان ايمان ۽ عمل جي اهڙي رتبي کان پري ٿي بيهي رهيا ۽ عام فطرت کان مٿاهين قسم جا ماڻهو ٿيا وڃي الله جا ولي. حالانڪه قرآن شريف ۾ ڪٿي به ڪنهن اهڙي ولي جو ذڪر ڪونهي، جيڪو مومنن جي صفن کان مٿاهون مومنن جي مدد ڪرڻ وارو هجي، جنهن کي ولايت جي عهدي يا رتبي جو صاحب چئجي. قرآن جي نظر ۾ هر مؤمن جيڪو ديني نظام جو حامل، ايمان، جهاد ۽ هجرت جو صاحب آهي، اهڙو هر مؤمن ٻئي مؤمن جو ولي ۽ دوست آهي ۽ الله اهڙن سڀني مومنن جو ولي ۽ دوست آهي ۽ جيڪو اهڙو مومن ناهي، تنهن جي ولايت ۽ دوستيءَ سان نه مسلمانن جو ڪجهه وڃي، نه ئي الله انهن جو ولي ۽ مددگار ٿيندو. نه صرف ايترو پر جيئن الله مومنن کي جهليو آهي ته ڪافرن کي پنهنجو ولي ۽ دوست ڪري نه وٺن، تيئن پنهنجي صفن کان ٻاهر ڪنهن مٿاهين هستيءَ کي پنهنجو ولي ۽ دوست بنائڻ کان منع ڪئي آهي. مومنن لاءِ اهڙي ڪا مٿاهين هستي جنهن کي هو پنهنجو ولي ۽ دوست قبول ڪن، سا صرف الله جي هستي آهي. هڪ نه پر تمام گهڻيون اهڙيون آيتون قرآن ۾ موجود آهن، جن ۾ هيءُ مضمون بيان ٿيو آهي. الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پنهنجو مددگار ۽ ولي بنائڻ کي ڪمزور سهارو ۽ تمام ڪمزور حفاظت قرار ڏيندي الله فرمائي ٿو:
    مَثَلُ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا مِنۡ دُوۡنِ اللہِ اَوْلِیَآءَ کَمَثَلِ الْعَنۡکَبُوۡتِ ۖۚ اِتَّخَذَتْ بَیۡتًا ؕ وَ اِنَّ اَوْہَنَ الْبُیُوۡتِ لَبَیۡتُ الْعَنۡکَبُوۡتِ ۘ لَوْ کَانُوۡا یَعْلَمُوۡنَ (العنڪبوت: ٤١)
    ”الله کان سواءِ جن کي انهن پنهنجا اولياء (مددگار) بنايو آهي، تن جو مثال ائين آهي جيئن ڪوريئڙو هجي جنهن پنهنجي حفاظت لاءِ گهر ٺاهيو. حالانڪه جيڪڏهن ڄاڻن ته ڪوريئڙي جو گهر گهرن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمزور هوندو آهي.“
    نبيﷺجن کي چيو ويو ته تون به چئو!
    اِنَّ وَلِیَِّۧ اللہُ الَّذِیۡ نَزَّلَ الْکِتٰبَ ۫ۖ وَہُوَ یَتَوَلَّی الصّٰلِحِیۡنَ (الاعراف: ١٩٦)
    ”بيشڪ منهنجو ولي الله آهي جنهن ڪتاب نازل ڪيو ۽ اهو صالحن کي دوست ۽ ولي بنائيندو آهي“
    ٻئي هنڌ کين الله فرمايو:
    قُلْ اَغَیۡرَ اللہِ اَتَّخِذُ وَ لِیًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرْضِ وَ ہُوَ یُطْعِمُ وَ لَا یُطْعَمُ ؕ(الانعام: ١٤)
    ”چئو! ڇا الله کي ڇڏي ٻين کي آءٌ پنهنجو ولي بنايان؟ حالانڪه الله ۽ آسمان زمين پيدا ڪندڙ آهي، کارائڻ وارو آهي، کيس ڪير ڪونه ٿو کارائي.“
    هن مان ثابت ٿيو ته ولايت يا ولي مومن جي صفت آهي، عهدو ناهي، هيءَ صفت اسلام جي معاشرتي ۽ معاشي نظام جو الڳ نه ٿي سگهندڙ جزو آهي. بلڪه هيئن چوڻ اڃا وڌيڪ صحيح ٿيندو ته ڪنهن جڳهه تي جيڪڏهن اسلام جو عملي نظام قائم ٿيو ته انسانن ۾ لازمي نتيجي جي طور اها ولايت ۽ اخوت شروع زماني جي مهاجر ۽ انصار صحابه جي مواخات (ڀائپي) ۽ موالات (دوستي) وانگر هڪ خوبصورت ٻوٽي وانگر ڦٽي، نکري ۽ نروار ٿي بيهندي. مواخات ۽ موالات جي ان وصف جي نتيجي ۾ هر مومن حق جي ۽ هڪ ٻئي سان مرحمت ۽ ٻاجهه جي تلقين ڪندو رهندو. جيئن قرآن شريف ۾ الله تعالي فرمايو آهي:
    ”ثُمَّ کَانَ مِنَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَ تَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَۃِ “
    (پوءِ جن ايمان آندو آهي، سي حق ۽ مرحمت جي تلقين ڪندا رهن ٿا.) صحابه به موالات جي نتيجي ۾ رحماءُ بينهم جي وصف جا صاحب ٿيا، جن جي اهڙي هڪ ٻئي سان محبت ڀري معاشرت جي ثمر بار وڻ ۽ ٻوٽي کي هن مثال سان الله تعالي تورات، انجيل ۽ قرآن ۾ بيان فرمايو آهي:
    کَزَرْعٍ اَخْرَجَ شَطْـَٔہٗ فَاٰزَرَہٗ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوٰی عَلٰی سُوۡقِہٖ یُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیۡظَ
    بِہِمُ الْكُفَّارَ(الفتح: ۲۹)
    ”اهڙي پوک وانگر آهن، جنهن پنهنجا سلا ڪڍيا، پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلهي ٿي، پوءِ پنهنجي ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي، پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي، تان ته ڪافرن جي جيءَ کي ساڙي.“


    قوم بابت جديد نظريو ۽ قرآن : مولانا محمد انس راڄپر

    پاڪستان جي ٺهڻ جو بنياد ٻه قومي نظريي کي بنايو ويو. جن ڌرين اهو ملڪ ٺاهڻ پئي گهريو، انهن پاران تصور اهو ڏنو ويو ته دنيا ۾ قومون صرف ٻه آهن: مؤمن ۽ ڪافر. برصغير جي هڪ نهايت قليل مذهبي گروهه ان تصور کي اهڙو ته اڀاريو جو لڳو پئي ته جهڙوڪ نبي صلي الله عليه وسلم جي بعثت ۽ قرآن جو نزول دنيا مان قومن ۽ قبيلن کي ختم ڪري دنيا کي ٻن قومن ۾ ورهائڻ لاءِ ٿيو.
    جيڪڏهن ائين چئجي ته دنيا مان اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ نبي ﷺ جي بعثت ۽ قرآن جو نزول ٿيو ته اهو چوڻ بلڪل صحيح ٿيندو، جيتوڻيڪ قومن ۽ قبيلن ۾ باهمي مفادن جي ٽڪراءَ جي ڪري اختلاف پيدا ٿيندو رهيو آهي ته به اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو ته اسلام قومن ۽ قبيلن کي ختم ڪرڻ گھري ٿو. ڇاڪاڻ ته اختلاف جو سبب قوم ۽ قبيلو نه هوندو آهي؛ مفادن جو ٽڪراءُ اختلافن جو سبب ٿيندو آهي. مفادن جي ٽڪراء کي حل ڪرڻ لاءِ اسلام نظام عدل ڏنو آهي؛ قومن جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام اهڙو ڪوبه فارمولو نه ڏنو آهي. بلڪه قومن ۽ قبيلن ۾ ماڻهن کي ورهائڻ جي عمل جي الله پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي، جيڪا ڳالهه ان جو دليل آهي ته الله تعاليٰ ان ورهاست کي رد نه پر قبول ڪري ٿو. بلڪ اهو ٿو ثابت ٿئي ته اهو عمل فطري آهي. الله جو فرمان آهي: وجعلناکم شعوبا وقبائل لتعارفو ”اسان اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو آهي، ته جيئن اوهان جو پاڻ ۾ تعارف ٿي سگھي“.
    بني اسرائيلن جي قبيلن ۾ تقسيم کي الله پاڻ ڏانهن منسوب ڪندي فرمايو آهي: قطعناهم اثني عشر اسباطا امما. نه صرف اهو پر ماڻهن جي مختلف ميڙن ۽ گروهن کي جيڪي علامتون قوم ۽ قبيلي جي سڃاڻ ڏينديون آهن، تن کي نه رڳو الله پيدا ڪيو آهي، پر انهن کي الله پنهنجي نشانين مان هڪ نشاني قرار ڏنو آهي. اهي نشانيون آهن رنگ ۽ زبان. جيئن فرمان آهي:
    وَ مِنْ اٰیٰتِہٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَ اخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَ اَلْوَانِكُمْ ؕ (الروم:٢٢)
    ”الله جي نشانين مان آهي آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو اختلاف“
    ٻئي هنڌ الله تعالي فرمايو آهي:
    وَ مِنَ النَّاسِ وَ الدَّوَآبِّ وَ الْاَنْعَامِ مُخْتَلِفٌ اَلْوَانُہٗ کَذٰلِکَ ؕ (فاطر:۲۸)
    ”۽ ماڻهن، جانورن ۽ چوپاين جا به ان طرح مختلف رنگ آهن“.
    الله زمين جي مٿاڇري تي موسمون به مختلف رکيون آهن، نشيب ۽ فراز، هيٺاهيون ۽ مٿاهيون پيدا ڪيون آهن. ڪٿي ريتيلي زمين آهي، ته ڪٿي پٿريلي ۽ ڪٿي ميداني. پيداواري ذريعا، جيڪي انسان لاءِ رزق ۽ روزگار جو ذريعو آهن، سي مختلف جڳهن تي مختلف آهن. اهي سڀ لقاءَ آهن جيڪي الله پيدا ڪيا آهن ۽ اهي سڀ انسان جي مزاج، رنگ، رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي، لباس، ڪاروبار، زبان وغيره کي جدا جدا ۽ مختلف بنائن ٿا. انهن کي نه ماڻهو پيدا ٿو ڪري سگھي نه تبديل ٿو ڪري سگھي، ان ڪري قومن جي فرق کي به انسان ختم نه ٿو ڪري سگھي. الله تعاليٰ ان ئي سبب جي ڪري قومن ۽ قبيلن کي ٺاهڻ جي نه صرف پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي، پر اهي عوامل ۽ لقاءَ جيڪي ماڻهن جي رنگ، زبان ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ فرق جو سبب بنجن ٿا، انهن کي به الله پنهنجي نشانين مان ڳڻايو آهي.
    تنهن جي ڪري اهو چوڻ بنهه غلط ٿيندو ته الله پنهنجي دين اسلام جي ذريعي قومن کي ختم ڪرڻ ٿو گھري. نه رڳو اهو ته دين اسلام قومن کي ختم ڪرڻ نه ٿو گھري پر دين اسلام پنهنجي مڃيندڙن جي الڳ قوم بنائڻ به نه ٿو گھري. نه ئي اسلام پنهنجي مڃيندڙن کي قوم بنائڻ جي ڪا تعليم ڏني آهي.
    لغوي لحاظ کان ”قوم“ جو اصل مادو ”ق. و. م“ آهي. عربيءَ ۾ اهو مادو جن مختلف صيغن ۾ استعمال ٿيو آهي، اتي ان جي معنيٰ ۾ جاءِ ۽ زمين کي وڏو دخل آهي. جيئن ان جي هڪ صورت آهي ’قام‘: بيهڻ. هن معنيٰ لاءِ ضروري آهي ته ڪا جاءِ هجي جتي بيهڻ جو عمل ٿئي. ’قيام‘: رهڻ ۽ ڪنهن هنڌ کي وطن بنائڻ جي معنيٰ ڏيندو آهي. ’المقام‘: رهڻ جي جاءِ، ’مقيم‘: رهائشي، ’القائم والقيم‘: ثابت ۽ سڌو، جنهن ۾ ٽيڙائي ڦڏائي نه هجي،’اقامته‘رهائش اختيار ڪرڻ. ’تقويم‘ مصدر آهي، چئبو آهي: ’قوم الشي‘ بمعنيٰ ’عدلھ‘ (ٺيڪ بنايائين، ان ۾ جيڪي ٽيڙايون ۽ ڦڏايون هيون، سي ڪڍي ڇڏيائين.) قوم: ماڻهن جي اهڙي جٿي کي چئبو آهي،جيڪي ڪنهن هڪ جاءِ تي گڏ ٿيا هجن ۽ اهي هڪ ٻئي کي قوت فراهم ڪندڙ، ۽ گڏجي هڪ ٻئي کي سگھ فراهم ڪندڙ هجن. معجم الفاظ القرآن الڪريم ۾ آهي: ”ماڻهوءَ جي قوم ان جي قريبن کي چئبو آهي، جيڪي ان جا تابع، ۽ ان سان گڏ رهندڙ هجن. ’نبي جي قوم‘ ان جو ڪٽنب آهي. ۽ اهي جيڪي ساڻس وطني يا اهڙا ٻيا اجتماعي رابطا ۽ تعلق رکندڙ هجن، قرآن ۾ قوم نوح، قوم هود، قوم ابراهيم، قوم لوط، قوم موسيٰ، قوم تبع ۽ قوم صالح جي اضافت سان قوم جو ذڪر ٿيو آهي. هر جڳهه تي مراد اها آهي جيڪا مٿي ٻڌائي وئي. پوءِ نبيءَ جا اهي هم قوم مؤمن هجن يا ڪافر سندس قوم چئبا. جيئن قرآن ۾ قارون لاءِ چيو ويو آهي:
    اِنَّ قَارُوۡنَ کَانَ مِنۡ قَوْمِ مُوۡسٰی فَبَغٰی عَلَیۡہِمْ ۪ (قصص: 76)
    ”قارون موسي عليه السلام جي قوم مان هو، پوءَ پنهنجي قوم تي ظلم ڪيائين“
    نوح ؑ جي ڪافر سردارن کي الله سندس قوم سڏيو آهي، جيئن سندس فرمان آهي
    فَقَالَ الْمَلَؤُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قَوْمِہٖ (مؤمنون:24)
    ”نوح جي قوم جي جن سردارن ڪفر ڪيو، انهن چيو.“
    اهڙيءَ طرح نبي جي مٿان ايمان آڻيندڙ جي، مومن ۽ مسلمان هئڻ باوجود قوم اها سڏبي جنهن سان ان جو وطني تعلق آهي، جيئن قرآن جي هن آيت مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو:
    فَاِنۡ کَانَ مِنۡ قَوْمٍ عَدُوٍّ لَّكُمْ وَہُوَ مُؤْمِنٌ فَتَحْرِیۡرُ رَقَبَۃٍ مُّؤْمِنَۃٍ ؕ (النساء:۹۲)
    ”جيڪڏهن اهو مقتول اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ مومن آهي ته مومن ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي.“
    قوم جي جديد تعريف ۾ ٻي جيڪا شيءِ ڪم ايندي آهي، سا آهي زبان، ان کي الله تعالي قوم ڏانهن منسوب ڪري بيان ڪيو آهي. جيئن سندس هن فرمان ۾ نظر اچي ٿو:
    وَمَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِہٖ (الابراھيم:٤)
    ”اسان رسول هميشه ان جي قوم جي زبان وارو موڪليندا آهيون“
    بني اسرائيل هڪ قوم آهن، انهن کي الله تعالي فرعون جي غلاميءَ مان نجات ڏني ۽ انهن تي قوم جي حيثيت ۾ وڏا انعام ڪيائين ۽ انهن کي اهي احسان ياد ڏياريندي فرمايائين:
    یٰبَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ اذْكُرُوۡا نِعْمَتِیَ الَّتِیۡۤ اَنْعَمْتُ عَلَیۡكُمْ وَاَنِّیۡ فَضَّلْتُكُمْ عَلَی الْعٰلَمِیۡنَ
    (البقره:٤٠)
    ”اي بني اسرائيلو! منهنجي انهن نعمتن کي ياد ڪيو جيڪي مون اوهان تي ڪيون ۽ مون اوهان کي دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي.“
    هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن قوم جي عزت، آجپو، اقتدار، سڌارو ۽ سربلندي حاصل ڪرڻ، ان قوم جو اهڙو حق آهي، جيڪو الله تعالي قومن کي عطا فرمائي ٿو ۽ اهو ان جو انعام آهي. ان ڪري قوم کي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ، قوم جي عزت ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گناه ڪونهي، نيڪي آهي. اهڙي نيڪي جنهن لاءِ الله تعالي حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون عليهما السلام جي بعثت فرمائي.
    ڪا قوم جيڪڏهن ڪمزور پست ۽ محڪوم بنائي وڃي ته ان کي ڪمزور حالت مان ڪڍي غلبو، اقتدار، آجپو ۽ عزت ڏيارڻ، ان کي ظلم، پستيءَ ۽ مصيبتن مان ڪڍڻ غلط نه پر الله جي ارادي ۽ مشيت جي تڪميل ڪرڻ برابر آهي. الله تعالي بني اسرائيلن جي فرعون جي غلاميءَ مان نجات لاءِ حضرت موسي عليه السلام جي بعثت جي ذڪر جي موقعي تي فرمايو آهي:
    وَنُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسْتُضْعِفُوۡا فِی الْاَرْضِ وَ نَجْعَلَہُمْ اَئِمَّۃً وَّ نَجْعَلَہُمُ الْوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمْ فِی الْاَرْضِ وَ نُرِیَ فِرْعَوْنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنْہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحْذَرُوۡنَ (القصص:٥)
    ”اسان ارادو ڪيو آهي ته جن (بني اسرائيلن) کي زمين ۾ ڪمزور بنايو ويو آهي، تن کي امام بنايون ۽ زمين جو وارث بنايون، انهن کي زمين تي حاڪميت عطا ڪري فرعون هامان ۽ سندس لشڪر کي اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان اهي ڊڄندا هئا.“
    البته پنهنجي قوم جي ظلم تي مدد ڪرڻ، ان جي ٻي قوم تي ناجائز غلبي، قبضي ۽ ظلم ۾ ان جو ساٿ ڏيڻ، قوم جي استعماري ۽ سامراجي عزائم ۾ ان جي ساٿاري بنجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ان عمل کي نبي ﷺ جن عصبيت قرار ڏنو آهي. جيئن جاهليت جي زماني ۾ ڏاڍا قبيلا هيڻن تي هلائون ڪندا هئا ۽ هم قبيلا ماڻهو پنهنجي قبيلي جي هر حال ۾ مدد ڪندا هئا. چاهي اهو حق تي هجي چاهي ناحق تي، انجي نبي ﷺ جن مذمت فرمائي ۽ ان کي عصبيت قرار ڏيندي فرمايو: ’من مات علي العصبيت فليس منا‘( جيڪو عصبيت تي مري ويو، اهو اسان مان ناهي) ’عصبيت‘ جو مادو ’عصب‘ آهي، بدن جي پٺن ۽ نسن کي، ناناڻي ڏاڏاڻي مائٽيءَ جا ٻئي طرف جنهن پشت ۾ ملن ان کي ۽ علم ميراث ۾ ذوي الفروض کي ’عصبة‘ چئبو آهي. ان لحاظ کان ’نسلي تعلق جي بنياد تي، جائز ناجائز جو لحاظ ڪرڻ بنا، لڙائي ڪرڻ کي ’عصبيت‘ چئبو آهي.
    قرآن جو نقطه نظر ته اهو آهي ته مومنن جون ٻه جماعتون جيڪڏهن پاڻ ۾ وڙهن ، مومن جو فرض اهو ناهي ته اهو ان لڙائيءَ جو حصو بنجي. بلڪ مومن جو فرض اهو آهي ته ٻنهي مومن جماعتن ۾ صلح ڪرائي، پر جڏهن ڏسجي ته مومنن جي ٻنهي جماعتن مان هڪ جماعت ٻيءَ تي ظلم ٿي ڪري ته ان صورت ۾ ويهي صلاتون ڪونه پڙهبيون، پر مومن جي مٿان الله جي طرفان فرض عين آهي ته ظلم ڪندڙ جماعت سان ايستائين لڙائي ڪندو رهي جيستائين ظلم جو فيصلو ٿي وڃي.قرآن ۾ الله تعالي فرمائي ٿو:
    وَ اِنۡ طَآئِفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اقْتَتَلُوۡا فَاَصْلِحُوۡا بَیۡنَہُمَا ۚ فَاِنۡۢ بَغَتْ اِحْدٰىہُمَا عَلَی الْاُخْرٰی فَقَاتِلُوا الَّتِیۡ تَبْغِیۡ حَتّٰی تَفِیۡٓءَ اِلٰۤی اَمْرِ اللہِ ۚ (الحجرات:٩)
    ”جيڪڏنهن مومنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ لڙائي ڪن ته انهن ۾ صلح ڪيو، پر جيڪڏنهن هڪڙا ٻين تي ظلم ڪن ته انهن سان جنگ ڪيو، جيڪي ظلم ڪن ٿا، ايستائين جيستائين معاملو الله جي حوالي ٿي وڃي.“
    ان ڪري مظلوم قومن جي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد عصبيت ناهي. بلڪه جيڪي قومون ظالم آهن، انهن جا استعماري ۽ قبضي گيريءَ وارا جيڪي عزائم آهن، اهي عصبيت آهن. مذهبي بارگاه منجهان يا مفتيءَ جي قلم منجهان مظلوم قومن جي جدوجهد لاءِ عصبيت جون فتوائون جاري ٿين ۽ ظالم قوم جي استعماري ۽ ظالمانه منصوبن کي ’قومي مفادن‘ جا تمغا ڏنا وڃن، ته انهن جي اهڙي ڪردار کي موسويت نه پر هامانيت چئبو. اهڙو ڪردار ادا ڪندڙ مذهبي ڀوتار قرآن ۽ اسلام جا نه فرعونيت جا نمائندا آهن.


    مقصد بعثت نبي امي ﷺ: مولانا محمد انس راڄپر

    قرآن ۾ الله تعاليٰ نبي ﷺ جي نبوت جي ذميوارين، مقصدن ۽ ڪمن جو بار بار ڪٿي اختصار سان ته ڪٿي وري تفصيل سان ذڪر فرمايو آهي. ان مضمون جي حوالي سان قرآن مجيد جون ٻه آيتون خاص طور مقصد نبوت کي واضح ڪرڻ واريون آهن. پهرين آيت الله تعاليٰ انهن آيتن جي تسلسل ۾ بيان فرمائي آهي جن ۾ حضرت موسيٰ طورسينا جبل تي قوم جي ستر ماڻهن سان گڏ، زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪري، جيڪا دعا گھري، ان جو ذڪر آهي. دعا ۾ حضرت موسيٰ الله تعالى کان دنيا جي ۽ آخرت جي بهتري گھري آهي. ۽ الله جواب ۾ چيو آهي: ”اسان جنهن کي گھرنداسين، تنهن کي منهنجو عذاب پهچندو ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ تي وسيع آهي“ ان کانپوءِ نزول قرآن واري وقت، جن لاءِ الله تعالى دنيا ۽ آخرت جي بهتري لکي آهي تن جو ذڪر ڪيو آهي. فرمايو ويو:
    فَسَاَكْتُبُہَا لِلَّذِيْنَ يَتَّقُوْنَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوۃَ وَالَّذِيْنَ ہُمْ بِاٰيٰتِنَا يُؤْمِنُوْنَ۝۱۵۶ۚ
    (الاعراف)
    ”(پنهنجي وسيع رحمت) اسان انهن لاءِ لکي ڇڏي آهي جيڪي تقويٰ اختيار ڪن ٿا زڪواة ادا ڪن ٿا، اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا. ۽ امي نبيءَ جو اتباع ڪن ٿا.“
    يعني جيڪا دنيا ۽ آخرت جي بهتري حضرت موسيٰ ۽ ٻين انبياء بني اسرائيل جي نتيجي ۾ بني اسرائيلن کي ملي، جيئن الله تعالي هڪ هنڌ کين پنهنجي نعمت ياد ڏياريندي فرمايو: ”الله جي ان نعمت کي ياد ڪيو، جڏهن الله اوهان ۾ نبي پيدا ڪيا، اوهان جون بادشاهتون بنايائين، اوهان کي اهو ڏنائين جيڪو جهان ۾ ڪنهن کي نه ڏنائين.“ اهڙي نعمت هاڻي انهن کي ملندي جيڪي هن ڪتاب قرآن تي ايمان آڻيندا، تقويٰ اختيار ڪندا ۽ زڪوات ادا ڪندا. ۽ ان سان گڏ اهي امي نبي تي ايمان آڻيندا. تڏهن کين دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي(دنيا ۾ اقتدار ۽ اختيار ۽ آخرت ۾ جنت) ملندي. ان کان پوءِ ان آيت جو ذڪر آهي جيڪا نبوت جو مقصد بيان ڪرڻ واري آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي.
    يَاْمُرُہُمْ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْہٰىہُمْ عَنِ الْمُنْكَرِ وَيُحِلُّ لَہُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْہِمُ الْخَـبٰۗىِٕثَ وَيَضَعُ عَنْہُمْ اِصْرَہُمْ وَالْاَغْلٰلَ الَّتِيْ كَانَتْ عَلَيْہِمْ۝۰ۭ فَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِہٖ وَعَزَّرُوْہُ وَنَصَرُوْہُ وَاتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ مَعَہٗٓ۝۰ۙ اُولٰۗىِٕكَ ہُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۝۱۵۷ۧ
    (الاعراف)
    ”نبي امي کين چڱاين جو حڪم ٿو ڪري ۽ برائين کان روڪي ٿو. انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ٿو ڪري ۽ ناپاڪ شيون حرام ٿو ڪري. انهن جا بار ۽ انهن جي ڳچيءِ ۾ پيل ڳٽ لاهي ڦٽا ٿو ڪري. جيڪي مٿس ايمان آڻن ٿا، سندس حمايت ۽ مدد ڪن ٿا ۽ وٽس جيڪو نور نازل ٿيو آهي ان جي پيروي ڪن ٿا اهي ئي ڪامياب آهن.“
    هن آيت ۾ نبي ﷺ جا ڪم جيڪي ٻڌايا ويا آهن اهي هي آهن؛ چڱائين جو حڪم، برائين کان روڪڻ، پاڪ شيون حلال ۽ ناپاڪ شيون حرام ڪرڻ، ذهنن تان بار ۽ ڳچين مان ڳٽ لاهي ڦٽا ڪرڻ.
    ٻي آيت جيڪا نبي ﷺ جي بعثت جي مقصدن جي وضاحت ڪندڙ آهي، سا آهي:
    ہُوَالَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْہُمْ يَتْلُوْا عَلَيْہِمْ اٰيٰتِہٖ وَيُزَكِّيْہِمْ وَيُعَلِّمُہُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ۝۰ۤ ۝۲ۙ
    ”الله اهو آهي جنهن اميين ۾ انهن منجھان هڪ رسول موڪليو آهي، جيڪو انهن تي الله جون آيتون تلاوت ٿو ڪري، انهن جو تزڪيو ٿو ڪري ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ٿو ڏئي.“ (جمعه)
    هن آيت جو مضمون قرآن ۾ ڪيترين ئي جاين تي آيو آهي، جنهن ۾ نبي ﷺ جي بعثت جو مقصد هيٺ بيان ڪيل ڪمن کي ٻڌايو ويو آهي.
    امت جي ماڻهن کي آيتن جي تلاوت ڪري ٻڌائڻ، انهن جو تزڪيو ڪرڻ ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيڻ.
    نبوت جي جن ڪمن جو هنن ٻن آيتن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، تن ۾ منهنجي ناقص عقل جي غور فڪر مطابق تزڪيو، سڀني ڪمن مان اهم ڪم آهي. ٻيا ڪم جهڙوڪ تزڪيي جي حصول جو ذريعو آهن. مثال چڱائن جو حڪم ۽ برائين کان روڪڻ جو ڪم تزڪيي جو ذريعو آهي. پاڪ شيون حلال ۽ ناپاڪ شيون حرام ڪرڻ به تزڪيي جو ذريعو آهن. ذهنن تان بار لاهڻ ذهني تزڪيي جو ذريعو آهي. ماڻهن جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جا ڳٽ لاهي ڦٽا ڪرڻ به تزڪيي جوذريعو آهي. البته غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڪهڙي طرح تزڪيي جو ذريعو آهي، اهو تزڪيي جي معني سمجهڻ کان پوءِ ئي صحيح طرح سمجهه ۾ ايندو. اهڙيءَ طرح الله جي آيتن جي تلاوت ۽ ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم به تزڪيي جو ذريعو آهن.

    تزڪيو:
    تزڪيو الهامي دعوت جو اهم مقصد آهي، حضرت موسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ فرعون ڏانهن موڪليو ته کيس چئو.
    فَقُلْ ہَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى۝۱۸ۙ (النازعات)
    ”ڇا تنهنجو تزڪيي (اصلاح) جي طرف اچڻ جو ارادو آهي.“
    سورة عبس ۾ نابين صحابي ابن ام مڪتوم جو ذڪر آهي. نبي ﷺ جن مڪي جي وڏن سردارن سان محو گفتگو هئا، جو هي نبي ﷺ جن کان ڪجھ معلوم ڪرڻ لڳو. پاڻ ﷺ جن سندن اهڙي مداخلت کي پسند نه ڪيو، الله ان جو ذڪر ڪندي رسول الله ﷺ جن کي فرمايو: ”تو نابين جي اچڻ تي منهن ڦيريو، ڪهڙي خبر شايد اهو تزڪيو اختيار ڪري ....... ۽ تون ان ڏانهن توجھ ڪري رهيو هئين جيڪو بي پرواهي ڪري رهيو آهي حالانڪه توتي ان جي ذميواري ڪانهي ته اهو تزڪيو اختيار ڪري.“ سورة عبس: 10-7
    تزڪيو ڇاهي؟ ان جي معنيٰ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان تزڪيه گهڻو ڪري نفس جي اصطلاح ٻڌي آهي. ان جي معنيٰ نفس جي صفائي ۽ پاڪائي ڪجي ته به صحيح آهي: پر ان جي صحيح ۽ جامع معنيٰ نفس جي اصلاح آهي. اصحاب ڪهف پنهنجي ساٿين مان ڪن کي جڏهن کاڌو وٺڻ لاءِ روانو ڪيو ته لفظ آهن:
    ”فَلْيَنظُرْ أَيُّهَا أَزْكَى طَعَامًا“(الکهف: 19)
    ”ڏسڻ گھرجي ته بهتر، صاف ۽ غذا جي صلاحيت رکندڙ کاڌو ڪٿي ٿو ملي.“
    الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي ته جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ۽ پوءِ سندس عدت پوري ٿي وڃي ته ان کي نڪاح کان منع نه ڪرڻ گھرجي. پوءِ فرمان آهي:
    ”ذٰلِكُمْ اَزْكٰى لَكُمْ وَاَطْہَرُ۝۰ۭ“ (البقره: 232).
    ”اهو اوهان لاءِ وڌيڪ سٺو ۽ پاڪ آهي.“
    هن ۾ به تزڪيه مان مراد معاشري ۽ گھر جي اصلاح آهي. گھر ۽ معاشرو سڌريل رکڻ گھرو ٿا ته طلاق ڏنل عورت کي نڪاح ڪرڻ کان منع نه ڪيو.
    معجم معاني الفاظ القرآن واري لکيو آهي:
    ”زکا يزکو زکاه اي نما و زاد“
    يعني هن مادي جي معنيٰ آهي نشوونما، واڌ ويجھ، ترقي، ڊولپمنٽ. فرد، معاشري ۽ سماج جي، جسماني، روحاني ۽ اخلاقي طرح ڊولپمنٽ ۽ سڌارو. معجم واري آيت:
    ”يَتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِنَا وَيُزَكِّيْكُمْ“ (البقره:151)
    ۾ ’يزکيکم‘ جي معنيٰ ’يطهرکم ويصلحکم‘ لکي آهي. معنيٰ اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان جي اصلاح ڪري، تطهير ۽ گندگيءَ کان صفائي به اصلاح جو عمل آهي.
    يعني نبي ﷺ جي بعثت جو بنيادي مقصد اصلاح آهي. امت جي هر هڪ فرد جي اصلاح، معاشري، سماج ۽ سوسائٽي جي اصلاح ۽ ڊولپمينٽ، بلڪه پوري ڪائنات ۽ پوري انسانذات جي اصلاح ۽ ڊولپمنٽ نبي ﷺ جي بعثت جو مقصد آهي. هن کان پوءِ سوال آهي ته نبي ﷺ ڪهڙي قسم جي اصلاح ڪرڻ ٿي گھري؟ اسان جي آڏو جڏهن الله ۽ رسول جو نالو ايندو آهي ته اسان جي ذهنن ۾ هڪ طرفو تصور قائم ٿيل آهي ۽ فقط ان ڏانهن ئي نظر ويندي آهي. جنهن مطابق چند مذهبي رسمن کي نبوت ۽ الله رسول جو ڪم سمجھي وٺندا آهيون. باقي زندگيءَ جي سموري وهنوار سان الله رسول جو ڪهڙو ڪم!، جو پاڻ کي انهن ڪمن لاءِ الله جي آڏو جوابدار سمجھون. نماز پڙهي، روزو رکيو، حج ڪيو، نذرونياز ڪيو، الله رسول جو ڪم پورو ٿيو. باقي زندگي ۾ اسان جيئن به ڪيون، ان سان تزڪيه نفس يا ديني ذميوارين جو ڪهڙو تعلق!!
    قرآن ۾ غور فڪر ڪجي ٿو ۽ نبي ﷺ جن جي زندگيءَ کي ڏسجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته تزڪيي ۽ اصلاح جو تعلق صرف چند رسمن سان ناهي، بلڪه انسان جي پوري زندگيءَ سان آهي. غور و فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته نبي ﷺ جن وٽ زندگي ديني ۽ دنياوي حصن ۾ ورهايل ناهي. بلڪ هڪ وحدت آهي جنهن جي پوريءَ طرح اصلاح ئي نبوت جو مقصد آهي.
    مٿي حضرت موسيٰ جي فرعون ڏانهن دعوت جو ذڪر ٿيو. الله فرمايو: ”اذهب الي فرعون انه طغيٰ“ (اي موسيٰ فرعون ڏانهن وڃ ان سرڪشي اختيار ڪئي آهي) قرآن ۾ پاڻ فرعون بابت مطالعو ڪنداسين ته ان جي سرڪشيءَ جو تفصيل معلوم ٿي ويندو، ته اها ڪهڙي قسم جي سرڪشي هئي جيڪا ختم ڪرڻ لاءِ موسي عليه السلام مبعوث ٿيو. فرمان آهي:
    ”اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَہْلَہَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَۃً مِّنْہُمْ يُذَبِّحُ اَبْنَاۗءَہُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَہُمْ۝۰ۭ“
    ”فرعون زمين ۾ سرڪشي اختيار ڪئي آهي. زمين وارن کي ٽولن ۾ تقسيم ڪيو اٿس. انهن مان هڪ ٽولي کي ڪمزور ڪيو اٿس. انهن جي پٽن کي ذبح ٿو ڪري ۽ زالن کي زنده ٿو رکي.“
    بني اسرائيل سان ان جي ظلمن جو تفصيل قرآن ۾ ٻين جاين تي به آهي. مختصر طور هن هڪ آيت مان فرعون جي سرڪشي واضح آهي، جيڪا خالص سياسي سرڪشي، سياسي، معاشي ۽ قومي استحصال تي مبني هئي. حضرت موسيٰ ان سرڪش فرعون طرف موڪليو ويو ۽ الله کيس فرمايو:
    ”فَقُلْ ہَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى“
    ”اي موسي! کيس چئو: ڇا تنهنجو اصلاح جي طرف اچڻ جو ارادو آهي؟“ هيءَ نظام سلطنت جي اصلاح جي دعوت هئي، جنهن جي ذريعي حضرت موسيٰ بني اسرائيلن جي سياسي، معاشي ۽ قومي استحصال جو خاتمو ڪرڻ گهريو ٿي.
    حضرت شعيب عليه السلام پنهنجي قوم جي اصلاح لاءِ آيو. قرآن ۾ آهي:
    وَيٰقَوْمِ اَوْفُوا الْمِكْيَالَ وَالْمِيْزَانَ بِالْقِسْطِ وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ اَشْـيَاۗءَہُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْاَرْضِ مُفْسِدِيْنَ۝۸۵ (هود)
    ”اي قوم ماپ ۽ تور انصاف سان پوري ڪيو، ماڻهن کي انهن جون شيون کٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد ڦهلائڻ وارا نه ٿيو“
    هن ۾ ڏسو، حضرت شعيب جي اصلاح ڪهڙي آهي؟. قرآن ۾ ماپ تور جي کوٽ جي عمل کي ڪيئن فساد ڦهلائڻ سان تعبير ڪيو ويو آهي. شعيب جي قوم کيس چيو:
    قَالُوْا يٰشُعَيْبُ اَصَلٰوتُكَ تَاْمُرُكَ اَنْ نَّتْرُكَ مَا يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَآ اَوْ اَنْ نَّفْعَلَ فِيْٓ اَمْوَالِنَا مَا نَشٰۗؤُا۝۰ۭ اِنَّكَ لَاَنْتَ الْحَلِيْمُ الرَّشِيْدُ۝۸۷ ﴿هود﴾
    ”اي شعيب! ڇا تنهنجي نماز توکي اهو ٿي حڪم ڪري ته انهن کي ڇڏيون جن جي اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا. ۽ پنهنجي مالن ۾ جيئن چاهيون ائين به نه ڪيون؟“
    اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جن به پنهنجي دور جي اهڙن سردارن کي چيلينج ڪيو. سوره مدثر جون پهريون ست آيتون پهرين وحي کان پوءِ نازل ٿيون. انهن ستن آيتن کان پوءِ واريون آيتون جن ۾ الله تعاليٰ مڪي جي سردارن جي مذمت ڪئي آهي، سي چند مهينن کان پوءِ نازل ٿيون. يعني شروعاتي وحي جون آيتون آهن. انهن آيتن ۾ ڏسو، ڪيئن الله تعاليٰ انهن جي سرمائي پرستيءَ جي مذمت ٿو ڪري. فرمان آهي.
    فَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ۝۸ۙ فَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ۝۹ۙ عَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ۝۱۰ ذَرۡنِیۡ وَ مَنۡ خَلَقۡتُ وَحِیۡدًا )۱۱ (وَّ جَعَلۡتُ لَہٗ مَالًا مَّمۡدُوۡدًا ) ۱۲ ( وَّ بَنِیۡنَ شُہُوۡدًا )۱۳ (
    (المدثر)
    ”جڏهن صور ڦوڪيو ويندو، اهو ڏينهن ڏاڍو ڏکيو هوندو. ڪافرن لاءِ سولو نه هوندو. مون کي ۽ ان شخص کي ڇڏي ڏي جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي، کيس کوڙ مال ڏنو آهي، حاضر رهندڙ پٽ ڏنا آهن. مون سندس اقتدار جي راهه هموار ڪئي آهي. پوءِ به طمع ٿو رکي، ته مان کيس اڃا به وڌيڪ ڏيان! هر گز نه!! اهو اسان جي آيتن جو دشمن آهي.“
    هنن آيتن مان ظاهر ٿيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي دعوت صرف ڪلمي پڙهائڻ لاءِ نه هئي، بلڪه مالدارن، سرمائيدارن ۽ سردارن جي اصلاح لاءِ به هئي. سندن پروگرام ۾ اها ڳالهه لازمي جز هئي ته مالدار ماڻهو، پنهنجي دولت ۾، غريبن ۽ مسڪينن جو حق تسليم ڪن. الله تعالى فرمايو:
    ”وَفِيْٓ اَمْوَالِہِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ۝۱۹“ (الزاريات: 19)
    ”انهن جي دولت ۾ محروم ۽ محتاج ماڻهن جو حق آهي.“
    الله تعاليٰ نبي ﷺ جن کي قرآن شريف ۾ هدايت فرمائي آهي:
    ”خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَـۃً تُطَہِّرُھُمْ وَتُزَكِّيْہِمْ“ (التوبه: 103)
    ”انهن جي دولت مان انهن کان زڪوات وصول ڪر. انهن کي پاڪ ڪر ۽ انهن جي اصلاح ڪر“ يعني انهن کان زڪوات وصول ڪري ان جي ذريعي انهن جي سياسي، سماجي، اخلاقي، معاشي ۽ معاشرتي اصلاح ۽ ڊولپمينٽ ڪر.
    هي سڀ ڳالهيون اهو ثابت ٿيون ڪن ته نبي ﷺ به زندگيءَ جي گونا گون پهلوئن جي اصلاح لاءِ مبعوث ٿيا. عورتن جا مسئلا هجن، مرد ۽ عورت جي تعلق، ماءُ پيءُ، يتيمن مسڪينن يا بيواهن جا مسئلا هجن؛ نبي ﷺ جن سڀني مسئلن جي اصلاح ڪئي. ٻين تفصيلن جو هتي احاطو نه ٿو ڪري سگھجي. اجمالي طور آءٌ عرض ڪيان ته نبي ﷺ جن پنهنجي پيروڪارن جي ذهني، اخلاقي، سماجي، سياسي ۽ معاشرتي طرح اصلاح ڪري انهن کي اقتدار، اختيار ۽ حڪومت جون واڳون سونپڻ جو مقصد به پنهنجي نبوي مقصدن ۾ شامل رکيو. جيئن اهو انهن آيتن مان به واضح آهي، جن جو شروع مضمون ۾ ذڪر ٿيو، جن ۾ بني اسرائيلن تي الله جي نعمت ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهتري عطا ڪرڻ جو ذڪر آهي ۽ جيئن الله تعاليٰ جي هن فرمان مان به ظاهر آهي:
    وَعَدَ اللہُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّہُمْ فِي الْاَرْضِ كَـمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِہِمْ۝۰۠ وَلَيُمَكِّنَنَّ لَہُمْ دِيْنَہُمُ الَّذِي ارْتَضٰى لَہُمْ وَلَيُبَدِّلَنَّہُمْ مِّنْۢ بَعْدِ خَوْفِہِمْ اَمْنًا۝۰ۭ (النور: 55)
    ”جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، انهن سان الله واعدو ڪيو آهي ته انهن کي زمين ۾ حڪومت عطا ڪندو. جيئن انهن کان اڳين (بني اسرائيل ۽ ٻين) کي عطا ڪئي هئي. انهن لاءِ، انهن جي دين، جنهن کي الله انهن لاءِ پسند ڪيو آهي، تنهن کي تمڪن ۽ غلبو عطا ڪنداسين. انهن کي خوف جي حالت کان امن جي حالت ۾ تبديل ڪنداسين.“
    هن آيت ۾ اقتدار ۽ غلبي سان گڏ امن جي به بشارت ڏنل آهي. رسول الله ﷺ جن جي ابتدائي دعوت ۾ ئي قريش کي الله جي دين جي آغوش ۾ اچڻ جو فائدو ياد ڏياريندي چيو ويو:
    ”فَلْيَعْبُدُوْا رَبَّ ہٰذَا الْبَيْتِ۝۳ۙ الَّذِيْٓ اَطْعَمَہُمْ مِّنْ جُوْعٍ۝۰ۥۙ وَّاٰمَنَہُمْ مِّنْ خَوْفٍ۝۴ۧ“
    ”قريش کي گھرجي ته هن گھر جي رب جي عبادت ڪن، جنهن کين بک کان کارايو ۽ خوف کان امن ڏنو آهي.“
    هتي عربن کي ٻڌايو ٿي ويو ته هن گھر جي رب تي ايمان پوري عرب جي خوشحالي ۽ امن جو موجب ٿيندو.
    بخاري ”باب علامات النبوة“ ۾ روايت آندي آهي ته: پاڻ سڳورا ﷺ ماڻهن کي بشارت ڏيندا هئا ته هڪ زمانو ايندو جڏهن صنعا کان هڪ عورت اڪيلي سفر ڪندي ۽ خدا کان سواءِ ان کي ڪنهن شيءِ جو خوف نه هوندو، ته ماڻهو ان تي تعجب ڪندا هئا“.
    بخاري شريف ۾ ئي هيءَ روايت به آئي آهي ته: سنه 9 هجريءَ ۾ هڪ شخص شڪايت ڪئي ته منهنجو مال ڌاڙيل ڦري ويا آهن. پاڻ فرمايائون: جلد اهو زمانو ايندو جڏنهن مڪي ڏانهن قافلا بنا ڪنهن نگهبان جي ويندا.
    اسلام اچڻ کان اڳ سڄو عرب جدا جدا قبيلن ۾ ورهايل هو. هر قبيلي جا رئيس به الڳ ته خدا به الڳ الڳ هئا. انهن وچ ۾ قبيلائي جھيڙا هلندڙ هئا. بڪر ۽ تغلب قبيلن وچ ۾ چاليهه سال جنگ هلي. حضرموت ۽ ڪندي جا قبيلا به پاڻ ۾ وڙهي مئا. اوس ۽ خزرج وچ ۾ به لڙائي هلندڙ هئي. خاص حرم ۾ بنو قيس ۽ قريش ۾ حرب فجار جو سلسلو جاري هو. پهاڙن ۽ صحرائن ۾ خودمختار ڏوهاري قبيلا آباد هئا. انهن قبيلن جي معاش جو ذريعو ڪمزور قبيلن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ هو. حج جا ٽي مهينا لاڳيتو حرم جي ڪري جنگ نه ڪرڻ کانئن سٺو نه ٿيندو هو. ان ڪري حرم جا مهينا به ڪڏهن گھٽائيندا هئا ته ڪڏهن وڌائيندا هئا. شبلي نعماني ڪتاب الاموال جي حوالي سان لکيو آهي:
    ”وذالک لانهم کانو يکرهون ان تتوالي عليهم ثلاثة اشهر لاتمکنهم الاغارة فيها لان معاشهم کان من الاغارة “ (شبلي نعماني: سيرت النبي جلد: 2 ص: 2)
    قريش کي بيت الله جي متولي هئڻ جي ڪري الله تعاليٰ عزت ڏني هئي. اهي واپار ڪري گذر سفر ڪري وٺندا هئا. باقي ٻين عرب قبيلن جي حالت تمام ابتر هئي. واپار، سٽ ڪتڻ، چمڙي جي دباغت مان به انهن کي آمدني ٿيندي هئي پر قبائلي فسادن سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو. اسلام جي اچڻ ۽ نبيﷺ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اهي قبيلا کير کنڊ ٿي پيا ۽ انهن وچ ۾ اهو امن ۽ خوشحالي پيدا ٿي پئي، جنهن جو تصور به عرب ۾ نه ٿي ڪيو ويو.
    جنگ جو نئون تصور:
    نبي ﷺ جن جي بعثت کان اڳ جنگيون ڦرمار لاءِ وڙهيون وينديون هيون. نبي ﷺ جن مظلومن کي ظلم جي خلاف جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني. الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو:
    ”اُذِنَ لِلَّذِيْنَ يُقٰتَلُوْنَ بِاَنَّہُمْ ظُلِمُوْا۝۰ۭ“
    ”لڙائي جي اجازت ڏجي ٿي ان ڪري ته هنن سان ظلم ڪيو ويو آهي.“
    مظلوم ظلم جي خلاف لڙائي ڪن. مڪي ۾ جيڪي مرد ۽ عورتون ظلم جي چڪين ۾ پيسجي رهيون آهن انهن مظلومن جي آزادي لاءِ لڙائي ڪيو.
    وَالْمُسْتَضْعَفِيْنَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَاۗءِ وَالْوِلْدَانِ الَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اَخْرِجْنَا مِنْ ھٰذِہِ الْقَرْيَۃِ الظَّالِمِ اَہْلُھَا۝۰ۚ (النساءَ: 75)
    ”جيڪي ڪمزور مرد عورتون ۽ ٻار پڪاري رهيا آهن ته اي پروردگار هن ظالمن جي شهر مان اسان کي آزاد ڪر.“
    اهڙيءَ طرح تزڪيي ۽ اصلاح جي نتيجي ۾ ايمان وارن کي اها تعليم ۽ سکيا ڏني وئي ته ڦرمار ۽ استحصال لاءِ جنگ نه پر فتني ۽ فساد جي خاتمي لاءِ جنگ ڪيو. الله حڪم فرمايو:
    ”وَقَاتِلُوهُمْ حَتَّى لاَ تَكُونَ فِتْنَةٌ وَيَكُونَ الدِّينُ كُلُّهُ لِلّه“
    ”ايستائين انهن سان جنگ ڪيو جيستائين فتنو ختم ٿي وڃي ۽ سمورو نظام الله جي حڪم مطابق ٿي وڃي.“
    حضرت معاذ بن انس کان ابو داؤد ۾ روايت آهي: ”آءٌ رسول الله ﷺ جن سان هڪ جنگ ۾ شريڪ ٿيس. ماڻهن دشمن جي پڙاءُ واري هنڌ ئي حملو ڪيو ۽ ڦر لٽ ڪئي. نبي ﷺ جن ماڻهو موڪلي پڙهو ڏياريو جنهن پڙاء واري جاءِ تي حملو ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪئي تنهن جو ڪو به جهاد ڪونهي.“ يعني لڙائي ڦرڻ مار لاءِ نه ڪيو، اهڙي لڙائي جهاد ناهي. دشمن سان وڙهو دشمن جيڪو ڇڏي ڀڄي سو غنيمت آهي اهو کڻو، پر جيڪو غنيمت لاءِ لڙائي ڪري، ان لاءِ جهاد جو ڪو به اجر ۽ ثواب ڪونهي (ابو داؤد باب النهي اذا کان في الطعام قلة)
    مال غنيمت هٿ اچي ته اهو اميرن، سردارن لاءِ ناهي اهو به صرف غريبن ۽ مسڪينن لاءِ آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي:
    ”وَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَا غَنِمْتُمْ مِّنْ شَيْءٍ فَاَنَّ لِلہِ خُمُسَہٗ وَلِلرَّسُوْلِ وَلِذِي الْقُرْبٰي وَالْيَتٰمٰي وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ۝۰ۙ“ (الانفال: 41)
    آخري نتيجو:
    رسول الله ﷺ توحيد جي دعوت ۽ تزڪيي ۽ اصلاح جي ذريعي مسلمانن جي دلين کي به بدلايو ته سندن زندگيءَ کي به تبديل ڪيو. ڪالهه جيڪي پنهنجي قبيلي جي فخر، رئيس جي حڪم ۽ قبيلي جي خدا لاءِ ٻين قبيلن سان وڙهندا ۽ ڦرلٽ ڪندا هئا. تن کي رسول الله ﷺ جن هيءُ عقيدو سيکاريو:
    قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ۝۱۶۲ۙ ﴿الأنعام﴾
    ”چئو بيشڪ منهنجي نماز منهنجي قرباني، منهنجي زندگي، منهنجو موت، اهڙي الله لاءِ آهي جيڪو مڙني جهانن/قومن جو پالڻهاڙ آهي“
    هاڻي هنن ماڻهن پنهنجي قبيلي جي فخر، عزت ۽ ترقي بجاء پوري انسان ذات جي عزت ۽ فخر کي پنهنجو ايمان بنائي ڇڏيو. اڳي صرف ڪعبي ۽ حج جي خاص مهينن کي محترم سمجھيو ويندو هو هاڻي هنن کي رسول الله ﷺ اهو سبق سيکاري ورتو هو ته:
    ماڻهن جو رت، مال ۽ زندگي ائين حرمت واري آهي جيئن الله جو گھر ڪعبة الله ۽ حج جا مهينا حرمت وارا آهن.
    الله تعاليٰ هن عقيدي جي ذريعي ”انهن جي دلين ۾ اها محبت پيدا ڪئي، جيڪا محبت زمين جا سڀ خزانا خرچ ڪرڻ سان به پيدا نه ٿي ٿي سگھي.“ رسول الله ﷺ جي محنت جي نتيجي ۾ نه رڳو قبائلي نفرت جو خاتمو ٿيو پر الله تعاليٰ اسلام جي دعوت کي قبول ڪندڙ مڙني قبيلن کي خوشحال ۽ شاهوڪار به بنائي ڇڏيو. هڪ موقعي تي نبي ﷺ جن مديني جي انصارن کي فرمايو:
    ”اي انصارو! ڇا ائين ڪونهي ته آءٌ اوهان وٽ ان وقت آيو هوس جڏهن اوهان گمراهه هئا. الله اوهان کي (منهنجي اچڻ کان پوءِ) هدايت ڏني. محتاج هئا، الله اوهان کي غني ۽ شاهوڪار بنايو. پاڻ ۾ وڙهيل هئا الله اوهان جون دليون ڳنڍي ڇڏيون!؟.“


    الله جي دين جا دنياوي ۽ مادي نتيجا : مولانا محمد انس راڄپر

    ڇا الله تعالي ديني احڪامن ذريعي انسان جي صرف آخرت جي تعمير ڪرڻ ٿو گھري، دنيا جي زندگيءَ جي تعمير نه ٿو ڪرڻ گھري؟ ڇا الله تعاليٰ پنهنجي ديني احڪامن ذريعي انسان جي صرف انهن ڪمزورين ۽ گناهن کي درست ڪرڻ ٿو گھري، جيڪي انسان عبادت ۽ ذڪر الاهي وغيره جي معاملي ۾ ڪري ٿو؟ يا ڇا انهن مان هڪ معاملو اصل مقصد ۽ نصب العين آهي ۽ ٻيو مقصد ناهي صرف ضمني طور درست ٿئي ته ٺيڪ نه ته ٺهيو؟
    قرآن شريف ۾ اسان کي اهڙا ڪئي مثال ملندا جن ۾ الله تعاليٰ دنيا ۾ انسان جي پاڻ ۾ معاملن جي خرابين، ڪمزورين ۽ غلطين ۽ ڪوتاهين کي درست ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. ۽ دنياوي معاملن جي اهڙين غلطين ۽ ڪوتاهين تي الله طرفان ڏنل حڪمن ۽ هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي سخت تنبيهه ڪئي آهي ۽ ان کي ڪتاب جي هڪ حصي کان انڪار جي برابر قرار ڏنو آهي ۽ ان تي دنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب جو دڙڪو ڏنو آهي. مثال سورت بقره جي آيت نمبر 83، 84، 85 ۽ 86 ڏسو.
    وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیۡثَاقَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ لَا تَعْبُدُوۡنَ اِلَّا اللہَ ۟ وَبِالْوَالِدَیۡنِ اِحْسَانًا وَّذِی الْقُرْبٰی وَالْیَتٰمٰی وَالْمَسٰکِیۡنِ وَقُوۡلُوۡا لِلنَّاسِ حُسْنًا وَّاَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَاٰتُوا الزَّکٰوۃَ ؕ ثُمَّ تَوَلَّیۡتُمْ اِلَّا قَلِیۡلًا مِّنۡكُمْ وَاَنۡتُمۡ مُّعْرِضُوۡنَ ﴿۸۳﴾ وَ اِذْ اَخَذْنَا مِیۡثَاقَكُمْ لَا تَسْفِكُوۡنَ دِمَآءَكُمْ وَلَا تُخْرِجُوۡنَ اَنۡفُسَكُمۡ مِّنۡ دِیَارِكُمْ ثُمَّ اَقْرَرْتُمْ وَاَنۡتُمْ تَشْہَدُوۡنَ ﴿۸۴﴾ ثُمَّ اَنۡتُمْ ہٰۤـؤُلَآءِ تَقْتُلُوۡنَ اَنۡفُسَكُمْ وَتُخْرِجُوۡنَ فَرِیۡقًا مِّنۡكُمۡ مِّنۡ دِیَارِہِمْ ۫ تَظٰہَرُوۡنَ عَلَیۡہِمۡ بِالۡاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ ؕ وَ اِنۡ یَّاۡ تُوۡكُمْ اُسٰرٰی تُفٰدُوۡہُمْ وَہُوَ مُحَرَّمٌ عَلَیۡكُمْ اِخْرَاجُہُمْ ؕ اَفَتُؤْمِنُوۡنَ بِبَعْضِ الْکِتٰبِ وَتَكْفُرُوۡنَ بِبَعْضٍ ۚ فَمَا جَزَآءُ مَنۡ یَّفْعَلُ ذٰلِکَ مِنۡكُمْ اِلَّا خِزْیٌ فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ۚ وَیَوْمَ الْقِیٰمَۃِ یُرَدُّوۡنَ اِلٰۤی اَشَدِّ الْعَذَابِ ؕ وَمَا اللہُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُوۡنَ ﴿۸۵﴾ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ اشْتَرَوُا الْحَیٰوۃَ الدُّنْیَا بِالۡاٰخِرَۃِ ۫ فَلَا یُخَفَّفُ عَنْہُمُ الْعَذَابُ وَلَا ہُمْ یُنۡصَرُوۡنَ ﴿٪۸۶﴾
    ”۽ جڏهن اسان بني اسرائيل کان عهد ورتو، ته الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيو، والدين، مائٽن، يتيمن ۽ مسڪينن سان سهڻي هلت هلو. نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. ان کانپوءِ اوهان مان ٿورن کان سواءِ ٻيا ان کان ڦري ويا ۽ اوهان منهن موڙيندڙ آهيو ۽ جڏهن اسان اوهان کان عهد ورتو، ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو رت نه وهائجو، هڪ ٻئي کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍجو! پوءِ ان جو اوهان اقرار ڪيو ۽ اوهان ان جا شاهد آهيو. ۽ پوءِ اوهان اهي ساڳيا ئي آهيو جيڪي پنهنجن جو قتل ٿا ڪيو ۽ پنهنجي ئي هڪ گروهه کي انهن جي گھرن مان ڪڍو ٿا، انهن سان زيادتي ۽ دشمنيءَ جو مظاهرو ٿا ڪريو ۽ جيڪڏهن اهي اوهان وٽ قيدي ٿي اچن ٿا ته انهن جوفديو ٿا ڏيو حالانڪه انهن کي گھرن مان ڪڍڻ ئي اوهان تي حرام آهي. ڇا اوهان ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ هڪ حصي جو ڪفر (انڪار) ٿا ڪريو، اوهان مان جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا ان جو بدلو، دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي ۽ قيامت جي ڏينهن اهي سخت عذاب ڏانهن موٽايا ويندا. اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي خريد ڪئي آهي.“
    هنن آيتن ۾ ڏسبو ته اهل ڪتاب کان الله جن ڳالهين جو عهد ورتو، تن ۾ الله جي عبادت ۽ نماز جو قيام عبادت جا معاملا آهن، باقي جن به معاملن جو عهدو ورتو ويو آهي، تن جو تعلق انساني معاملن سان آهي. جهڙوڪه: والدين، مٽن مائٽن ۽ مسڪينن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ، پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو رت وهائڻ ۽ هڪ ٻئي جي گروهن کي انهن جي آبادين مان جلاوطن ڪرڻ، هي سڀ انساني معاملات سان تعلق رکندڙ ڳالهيون آهن. جن جي اهل ڪتاب الله سان عهد ڪرڻ کان پوءِ خلاف ورزي ڪئي.
    ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان ۽ هڪ جو انڪار:
    هن آيت ۾ عبادت ۽ نماز کان علاوه جن ڳالهين بابت بني اسرائيل کان عهد ورتو ويو آهي، تن مان اهل ڪتاب جن ڳالهين ۾ عهد ٽوڙيو ۽ الله جي عهد جي خلاف ورزي ڪئي، سي ڳالهيون نماز ۽ عبادت سان تعلق رکندڙ ناهن. اهي ڳالهيون جن ۾ بني اسرائيل عهد جي خلاف ورزي ڪئي آهي سي انساني معاملات سان تعلق رکن ٿيون جهڙوڪ اهي هڪ ٻئي جو رت وهائن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي گھرن کان بي گھر ڪن ٿا. هڪ ٻئي جي خلاف دشمني ۽ ڏوهه ڪن ٿا. اهو عمل انهن مٿان الله حرام ڪيو آهي. هنن آيتن ۾ انهيءَ عمل جي ترديد ڪئي وئي آهي.
    ڇا اهي نماز ۽ عبادت ۾ ڪوتاهي نه ڪندا هئا؟ شايد ان معاملي ۾ انهن جي ڪوتاهي اهڙي درجي جي نه هئي جو الله هنن آيتن ۾ انهن جي ان ڪوتاهيءَ تي انهن کي تنبيهه ڪري! انهن جي هڪ ٻئي جي رت وهائڻ ۽ هڪ ٻئي کي گھرن مان ڪڍڻ جي ڪوتاهي ۽ نافرماني ان حد کي پهتي هئي، جو الله هنن آيتن ۾ انهن جي انهيءَ نافرمانيءَ جو ذڪر ڪيو. ان تي تنبيهه فرمائي ۽ ان رويي کي الله جي ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان ۽ هڪ کان ڪفر ڪرڻ برابر قرار ڏنو.
    شايد اهي اڄ ڪلهه جي اسان واري حالت جو وڃي شڪار ٿيا هئا، جو الله جي عبادت ۽ نماز وغيره پڙهي پاڻ کي الله وارو به ثابت ڪري وٺندا هئا. ۽ خود غرض مفادن جي معاملي ۾ الله جي حڪمن کي اورانگھي هڪ ٻئي جو رت وهائڻ ۽ هڪ ٻئي کي بي گھر ڪرڻ کان به نه مڙندا هئا.
    شايد اهڙي خود خياليءَ جو شڪار ٿيا هجن جو عبادت ۽ نماز کي اصل مقصد ۽ نصب العين سمجھندا هجن ۽ هڪ ٻئي سان معاملات وارن حڪمن کي بي مقصد ۽ ضمني چوندا هجن !! يا شايد زبان سان ائين نه چوندا هجن ته انهن جي عملي روش ۽ زبان حال اهي ٻڌائيندا هجن، تڏهن الله تعاليٰ انهن جي اهڙي روين کي ”ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان ۽ هڪ حصي کان ڪفر“ جي برابر قرار ڏنو ۽ تنبيهه ڏيندي فرمايو:”ڇا اوهان ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان ٿا آڻيو ۽ هڪ حصي جو ڪفر (انڪار) ٿا ڪريو“

    ان جو نتيجو:
    الله جي عهد کي ٽوڙڻ ۽ ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان ۽ هڪ جو انڪار ڪرڻ جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي. الله ان جو نتيجو ٻڌايو آهي دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري ۽ آخرت ۾ سخت عذاب اڪثر ديني معاملن ۾ جزا ۽ سزا کي آخرت سان جوڙيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو تصور ڪيو ويندو آهي، ته ديني احڪامن تي عمل صرف آخرت سنوارڻ لاءِ هوندو آهي. ديني احڪامن مان دنيا سڌارڻ مقصد ئي نه هوندو آهي. تنهن ڪري ظاهر آهي ته ديني عملن جو نتيجو به دنيا ۾ نه ڏٺو ويندو آهي، ان جي نتيجي لاءِ آخرت جو ئي انتظار ڪيو ويندو آهي. پر هن آيت ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته دنياوي معاملات ۾ الله جي حڪمن جي نافرماني دنيا ۾ خواري ۽ آخرت ۾ عذاب جو سبب بنجي ٿي. الله تعاليٰ يهودين (بني اسرائيل) جي مٿان، الله جي آيتن جي انڪار ۽ نافرمانيءَ ۾ حد لنگھي وڃڻ جي ڪري هڪ هنڌ ذلت ۽ مسڪنت جي سزا جو ذڪر ڪندي فرمايو آهي:
    وَضُرِبَتْ عَلَیۡہِمُ الذِّلَّۃُ وَالْمَسْکَنَۃُ ٭ وَبَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللہِ ؕ ذٰلِکَ بِاَنَّہُمْ کَانُوۡا یَکْفُرُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللہِ وَیَقْتُلُوۡنَ النَّبِیّٖنَ بِغَیۡرِ الْحَقِّ ؕ ذٰلِکَ بِمَا عَصَوۡا وَّکَانُوۡا یَعْتَدُوۡنَ ﴿٪۶۱﴾
    (البقره : 61)
    ”۽ انهن تي ذلت، بربادي، گھٽيا ۽ پست حالت مسلط ڪئي وئي آهي ۽ انهن الله جو غضب خريد ڪري ورتو آهي. اهو ان ڪري ته اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. ۽ انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي حد ٽپي ويا هئا.“
    بني اسرائيل کي دنيا ۾ الله عزت، غلبو ۽ فضيلت به عطا ڪئي. جڏهن الله جي حڪمن جي نافرماني ڪيائون ته الله جي غضب کي دعوت ڏنائون. الله انهن کي ذلت، زوال، خواري، بربادي ۽ تباهي جي سزا ڏني. آخرت ۾ سزا جو معاملو الڳ آهي. هيءَ صرف دنياوي سزا آهي. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ بني اسرائيل کي ٻه دفعا فساد ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ شڪست ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ بربادي ۽ شڪست انهن کي بابلين ۽ آشورين جي هٿان نصيب ٿي. بابل ۽ نينوا جي بادشاهه بخت نصره 586 ق م ۾ يروشلم تي ڪاهه ڪئي. ۽ بني اسرائيل کي برباد ڪري ڇڏيائين. وري هنن پاڻ سنڀاليو، عزت حاصل ڪئي. الله کين خوشحالي ۽ غلبو عطا ڪيو. پر وري جڏهن سندن پرڪار خراب ٿيا ته سن 70ع ۾ رومي شهنشاهه ٽائيٽس مٿن ڪاهي آيو ۽ ساڳيءَ طرح کين برباد ڪيائين. هي ٻئي ڀيرا شڪستون ۽ برباديون، جيڪي بني اسرائيل کي پلئه پيون، سي الله تعاليٰ جي انهن طرفان نافرمانيءَ جو نتيجو هيون. يعني ٻه ڀيرا انهن جو سياسي زوال ۽ شڪست الله جي طرفان نافرمانيءَ جي سزا هئي. ان جو الله قرآن ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
    وَقَضَیۡنَاۤ اِلٰی بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ فِی الْکِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِی الۡاَرْضِ مَرَّتَیۡنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۴﴾ فَاِذَا جَآءَ وَعْدُ اُوۡلٰىہُمَا بَعَثْنَا عَلَیۡكُمْ عِبَادًا لَّنَاۤ اُوْلِیۡ بَاۡسٍ شَدِیۡدٍ فَجَاسُوۡا خِلٰلَ الدِّیَارِ ؕ وَکَانَ وَعْدًا مَّفْعُوۡلًا ﴿۵﴾ ثُمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْکَرَّۃَ عَلَیۡہِمْ وَ اَمْدَدْنٰكُمۡ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِیۡنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِیۡرًا ﴿۶﴾ اِنْ اَحْسَنۡتُمْ اَحْسَنۡتُمْ لِاَنۡفُسِكُمْ ۟ وَ اِنْ اَسَاۡتُمْ فَلَہَا ؕ فَاِذَا جَآءَ وَعْدُ الۡاٰخِرَۃِ لِیَسُوۡٓءٗا وُجُوۡہَكُمْ وَ لِیَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ کَمَا دَخَلُوۡہُ اَوَّلَ مَرَّۃٍ وَّ لِیُتَبِّرُوۡا مَا عَلَوْا تَتْبِیۡرًا ﴿۷﴾ عَسٰی رَبُّكُمْ اَنۡ یَّرْحَمَكُمْ ۚ وَ اِنْ عُدتُّمْ عُدْنَا ۘ وَ جَعَلْنَا جَہَنَّمَ لِلْکٰفِرِیۡنَ حَصِیۡرًا ﴿۸﴾ (بني اسرائيل: 4، 8)
    ”اسان ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو ته اوهان زمين ۾ ٻه ڀيرا فساد ڪندؤ ۽ تمام وڏو ظلم ڪندؤ. جڏهن انهن جو پهريون واعدو آيو ته اسان اوهان تي پنهنجا خوفناڪ ٻانها موڪليا ته اهي گھرن ۾ گھڙي پيا ۽ واعدو پورو ٿيو. پوءِ اسان اوهان کي انهن تي وارو ڏنو. اوهان کي مال ۽ اولاد سان مدد ڏني سين. ۽ اوهان کي وڏي جماعت بنايوسين. جيڪڏهن چڱو ڪندؤ ته پنهنجي لاءِ چڱو ڪندؤ. ۽ جيڪڏهن برائي ڪندؤ ته به پنهنجي لاءِ ڪندؤ. پوءِ جڏهن پويون واعدو آيو، ته (اسان ساڳيءَ طرح اوهان تي پنهنجا ٻانها مسلط ڪيا) ته اوهان جا چهرا بگاڙي ڇڏين. ۽ مسجد ۾ ائين داخل ٿين جيئن پهريائين داخل ٿيا هئا. ۽ هن لاءِ ته جنهن تي غالب ٿين تنهن کي برباد ڪن. اوهان جو رب اوهان تي رحم ڪري، سو پري ناهي، پر جيڪڏهن وري ساڳي ڪار ڪندؤ ته اسان به اهوئي ڪنداسين. ۽ جهنم کي ڪافرن لاءِ اسان جيل خانو بنايو آهي.“
    يعني فساد، فتني ۽ نافرمانيءَ جي نتيجي ۾ ٻه دفعا شڪست، ذلت ۽ تباهي ملي. نافرمانيءَ ظلم ۽ فساد کان مڙيا ته الله کين غلبو، عزت ۽ قوت ڏني. هيءُ دنياوي غلبو ۽ دنياوي زوال دين جي مٿان عمل جا نتيجا آهن. هن مان ثابت ٿيو ته دنيا ۾ اجتماعي طور انساني معاملات بابت الله جي حڪمن تي عمل جي نتيجي ۾ مادي ۽ دنياوي بهتريءَ جا نتيجا ملندا، سياسي استحڪام ۽ غلبو نصيب ٿيندو ٻي صورت ۾ دنياوي بربادي، سياسي عدم استحڪام ۽ غلامي پلئه پوندي.
    الله تعاليٰ دنياوي بهتري جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ئي دنياوي معاملات جي سلسلي جا حڪم ۽ هدايتون ڏنيون آهن. جن تي عمل جي نتيجي ۾ الله دنياوي غلبو عزت ۽ آجپو عطا ڪرڻ گھري ٿو. اهو الاهي ديني تعليم جو اهم حصو آهي. ان کان انڪار ڪرڻ الله جي ڪتاب جي هڪ حصي جو انڪار ڪرڻ برابر آهي.


    قومن جي تقدير : خواجه غلام الدين سيد

    جيڪڏهن اسان تاريخ جا ورق اٿلايون ته بار بار اهو تماشو نظر ايندو ته قومون اسرنديون آهن، عروج ماڻينديون آهن، تمدن جي سرمائي ۾ ڪجهه واڌارو ڪنديون آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان انهن جو زوال شروع ٿيندو آهي. ايستائين جو آخر ۾ رڳو انهن جو عبرت جوڳو افسانو تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ رهجي ويندو آهي. ڇا اهو به انسان جي مرڻ، جيئڻ ۽ سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وانگر هڪ اڻٽر ۽ فطري حادثو آهي، جنهن ۾ انسان جي هٿن جي ڪاريگريءَ جو ڪو عمل دخل ڪونهي يا ان ۾ ڪنهن سماجي ۽ اخلاقي قانون جي ڪارفرمائي آهي؟ منهنجي خيال ۾ قومن جي عروج ۽ زوال کي رڳو ڪنهن ٻاهرين طاقت جي تابع قرار ڏيڻ بي سمجهيءَ جو ثبوت آهي. حقيقت هيءَ آهي ته قومون خود پنهنجي عمل سان پنهنجو حال ۽ مستقبل ٺاهينديون آهن ۽ پنهنجي ئي بداعمالين ڪري تباهه ٿينديون آهن. قدرت جو قانون ته انصاف تي ٻڌل آهي، اهو نه ڪنهن قوم تي ظلم ڪندو آهي ۽ نه ان جي هروڀرو ناز برداري کڻندو آهي. قرآن حڪيم جي لفظن ۾ ان حقيقت کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي: ”خدا ڪنهن قوم جي حالت تيستائين نه بدلائيندو آهي جيستائين اهي پاڻ پنهنجي اندروني صلاحيتن کي تبديل نه ڪن يا پنهنجي حالت نه بدلائين.“ (الرعد:١١)
    تنهن ڪري مسئلي جي صورت اها ٿي بڻجي ته قومن لاءِ سٺي ۽ خراب عمل جا معيار ڪهڙا آهن؟ ڪهڙا وسيلا ۽ سبب آهن، جيڪي سندن زندگيءَ ۾ سگهه، سونهن ۽ لقاءُ پيدا ڪن ٿا ۽ کين ڪهڙا ڪمزوري، بداخلاقي ۽ زوال ڏانهن وٺي وڃن ٿا؟ قدرت فردن ۽ قومن کي مختلف قسمن جون جسماني، دماغي ۽ اخلاقي قوتون، صلاحيتون ۽ مادي وسيلا عطا ڪيا آهن ۽ ڪاميابيءَ لاءِ هيءُ شرط رکيو آهي ته هو انهن کي ضايع نه ڪن، بلڪه هڪ قيمتي امانت سمجهي انهن مان پورو پورو فائدو وٺن. اسلام جي اصطلاح ۾ ڪنهن نعمت جي مناسب استعمال کي ”شڪر“ چوندا آهن. جيڪي قومون شڪر جو فرض ادا ڪنديون آهن ۽ پنهنجي دولت، علم ۽ قوت کي ڪفايت ۽ معقوليت سان استعمال ڪنديون آهن، انهن جون قوتون ۽ صلاحيتون فروغ ماڻينديون آهن ۽ کين دنيا ۾ ڪاميابيون حاصل ٿينديون آهن. ان جي ابتڙ جيڪي قومون انهن نعمتن جو غلط استعمال ڪنديون آهن، انهن جون قوتون هيڻيون ٿي پونديون آهن. اهو ئي مڪافات عمل يا جزا ۽ سزا جو قانون آهي.
    خدائي فرمان آهي: ”جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته توهان جي نعمتن ۾ واڌارو ڪندس، پر جيڪڏهن نعمتن جو ڪفر (ناشڪري) ڪندؤ ته منهنجو عذاب به سخت آهي.“ (الابراهيم:٧) پر اهو عذاب خدا جي طرفان سڌو سنئون نازل ناهي ٿيندو، پر قدرت جي قانونن جو نتيجو هوندو آهي، جيڪي ٻرندڙ جبلن جي لاون وانگر ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو ڪم ڪندا رهندا آهن. ايستائين جو جيڪي قومون ظاهري طور خوشحال ۽ طاقتور ڏسجن ٿيون، اوچتو خدائي قانون جي سخت پڪڙ ۾ اچي ڌوڙ ٿي وينديون آهن. ان تعزير ۽ سزا ۾ دير ٿي سگهي ٿي، پر ان کان ڇوٽڪارو ممڪن ناهي. جيئن جيئن ڪنهن قوم ۾ فڪر ۽ عمل جي جدوجهد ۽ ڪوشش ۽ طلب جي صلاحيت گهٽبي آهي، ان جي عبرتناڪ انجام جو پاڇو وڌڻ ۽ پکڙجڻ شروع ٿي ويندو آهي.
    هينئر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته قوم ۾ صالح حياتيءَ ۽ جياپي جو بنياد وجهڻ لاءِ ڪهڙا شرط ضروري آهن؟ منهنجي خيال ۾ قومي ترقيءَ لاءِ سڀ کان پهريون شرط اهو آهي ته، قومي زندگيءَ جو بنياد سماجي انصاف جي اصولن تي رکيو وڃي. ان صفت کانسواءِ ٻيا سمورا ڪمال بيڪار آهن يا بيڪار ٿي ويندا آهن. جنهن سماج ۾ انصاف نه هوندو آهي اتي تلوار ۽ قلم، ادب ۽ آرٽ، دولت ۽ واپار، قوت ۽ حڪومت سڀني کي ڪا شيءِ اندر ئي اندر اڏوهيءَ وانگر کائيندي رهندي آهي. ايستائين جو هڪ ڏينهن اها سڄي عمارت پٽ اچي پوندي آهي. قديم يونانين جي تهذيب جنهن ۾ علم ۽ آرٽ جي هم آهنگيءَ هڪ خاص من موهيندڙ شان پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ قديم رومي تهذيب جيڪا پنهنجي ڪشادي مملڪت، دانائي ۽ سياسي قوت تي ناز ڪندي هئي، اهي ٻئي ڇو تباهه ٿيون؟ ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سمورن انسانن جو بحيثيت انسان جي احترام نه هيو ۽ ان ڏيک ويک ۾ وڻندڙ ٻاهرين سطح جي اندران غريبن ۽ مظلومن جون اهڙيون اونداهيون زندگيون دٻيل هيون، جيڪي تهذيب جي روشنيءَ ۽ عام انساني حقن ٻنهي کان بلڪل محروم هيون. پر مثالن لاءِ ماضيءَ ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اڄ به مغربي تهذيب جي ناڪاميءَ جو عبرت انگيز نظارو اسان جي اکين آڏو آهي. اتي هڪ پاسي سائنس، صنعت ۽ حرفت جي ترقي ۽ انساني دماغ جي تخليقيت انسان جي ڪم ڪرڻ ۽ دولت ڪمائڻ جي صلاحيت کي سؤ ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ٻئي پاسي سرمائيداري جي ظلمن سبب ڪيترائي ملڪ غربت، جهالت ۽ بيڪاريءَ ۾ گرفتار آهن. انسان وٽ اڄ اهڙا علمي ۽ مادي وسيلا موجود آهن، جن جي مدد سان هو غربت ۽ بيڪاريءَ کي ختم ڪري سگهي ٿو، بيمارين جي روڪٿام ڪري سگهي ٿو، ماڻهن جي رهڻ لاءِ گهر، پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب مهيا ڪري سگهي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته سماجي لاڳاپن ۾ انصاف جي ڪارفرمائي ڪونهي، تنهن ڪري سائنس جي ترقي وڏي حد تائين بيڪار بڻيل آهي ۽ خوشحالي ۽ امن امان اڻلڀ آهن. انهيءَ صنعت ۽ حرفت جي ترقي ۽ چرپر جي آساني ۽ تيزيءَ ڪري قومن ۾ هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي ۽ انحصار جو هڪ نئون احساس پيدا ٿيو آهي. انهن حالتن ۾ دولت ۽ ٻين مادي وسيلن جي مناسب ورهاست نه رڳو انصاف ۽ اخلاق جي روءِ سان ضروري آهي، بلڪه عملي طور پڻ ان کان سواءِ چارو ڪونهي. پر اهو انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن قوم جي فردن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو هجي. قوم جو هر فرد اجتماعي عزت ۾ پنهنجي عزت ۽ اجتماعي ذلت ۾ پنهنجي ذلت سمجهي ۽ رڳو پنهنجو فڪر ڪرڻ بدران انصاف جي اصول تي عمل ڪري. نه ته ٻي صورت ۾ خود غرضي، تعصب ۽ نفاق جو دور شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو بنا شڪ جي اجتماعي زوال جي شروعات آهي.
    قومي ترقيءَ لاءِ ٻيو اهم شرط محنت، جفاڪشي ۽ حلال روزي ڪمائڻ آهي. فردن وانگر جماعتن ۽ قومن لاءِ پڻ چرپر، تحرڪ ۽ جدوجهد ضروري آهي. جڏهن ڪا قوم عمل ۽ جدوجهد واري جياپي کان لنوائيندي آهي ۽ ان جا فرد عيش عشرت يا گوشه نشينيءَ کي ترجيح ڏيندا آهن ته سندن قوتون ۽ صلاحيتون زنگجي وينديون آهن ۽ جسماني ۽ ذهني ڪاهليءَ جي منجهن عادت پئجي ويندي آهي. ماڻهو ڪم کان بيزار ٿيڻ لڳندا آهن ۽ محنت ۽ پورهيو ڪري روزي ڪمائڻ بدران پيري مريدي، درويشي، مجاوري جي ڦيڻن ڦندن ۾ پئجي ويندا آهن يا اميرن، ڀوتارن ۽ رئيسن سان گڏ رهڻ ۽ سندن خوشامد ڪري گذارڻ وارو ذليل پيشو اختيار ڪندا آهن. ان ريت ”مقدس فقيرن“ جو هڪ ٽولو پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو ڪو عملي ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ بدران مختلف بهانن سان خدا جي نالي تي ٻين جي ڪمائي ڦٻائيندو آهي. منجهن سوال ڪرڻ جي عادت پئجي ويندي آهي، جيڪا خودي ۽ خودداريءَ لاءِ زهريلو اثر رکندي آهي. ان نڪمي ٽولي ۾ انهن سڀني کان سواءِ اهو ڪاٽڪو مالدار طبقو به شامل آهي جيڪو (مفت خوري ڪميشن ۽ دلاليءَ جي ڪن مخصوص ٽڪساٽن سان) بنا محنت ۽ پورهئي جي ڪمايل دولت تي عيش ڪندو آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اجتماعيت جو قرض ادا نٿو ڪري. جيئن جيئن قوم ۾ اهڙن سهل پسند ماڻهن جو ڳاڻاٽو وڌندو ويندو آهي، اوترو ئي ان جي زوال جا ڏينهن ويجها ٿيندا ويندا آهن، تنهن ڪري انصاف ۽ دانائي ٻنهي جي تقاضا آهي ته قومي زندگيءَ جي تنظيم ۽ جوڙجڪ ۾ سڀ کان پهرين جاءِ انهن خدا جي ٻانهن کي ڏني وڃي، جن جي محنت ۽ جفاڪشيءَ تي اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو دارومدار آهي ۽ اهو قول رڳو محفل کي گرمائڻ لاءِ نه، پر حقيقت ۾ به سياست جو اصول هئڻ گهرجي ته: ”جنهن کيت مان پورهيت ۽ هاريءَ کي روزي ميسر نه ٿئي، ان جي هر ڪڻڪ جي داڻي کي ساڙيو وڃي.“
    يونان، مصر ۽ روم جون قديم تهذيبون وڏي مان شان سان اڀريون. انهن جي زوال جو هڪ سبب ته مان مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، يعني سماجي لاڳاپن ۾ انصاف جي اڻهوند، ٻيو سبب هيءُ آهي ته ڪجهه عرصو طاقت ۽ شان مان سان زندگي گذارڻ بعد اهي قومون ڪاهلي، عيش عشرت ۽ نڪمائپ ۾ پئجي وينديون آهن ۽ منجهن ڪوشش ۽ عمل جي گرميءَ بدران ميلن ۽ مزن جون محفلون مچنديون آهن. نتيجو اهو نڪتو ته قدرت جي اٽل قانون پاسو بدلايو، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي انهن جي طاقت ۽ عظمت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
    مطلب ته ڪم، پورهيو ۽ عمل قومن جي زندگيءَ ۽ موت لاءِ پرک جي ڪسوٽي آهي. جيڪا قوم ڪم ڪندي اها زندهه رهندي. جيڪا قوم ڪم کان لنوائيندي ۽ ان کي هڪ بار ۽ ٻوجهه سمجهي ٻين جماعتن يا قومن تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي اها فنا ٿي ويندي ۽ اهڙي قوم جي جنازي تي گهٽ ۾ گهٽ مان ڳوڙها ڳاڙڻ لاءِ تيار نه آهيان. ڪم ته زندگيءَ جي قيمت آهي ۽ جيڪو شخص، قوم يا طبقو اها قيمت ادا نٿو ڪري ان لاءِ منهنجي دل ۾ ايتري عزت آهي جيتري هڪ چور يا ڌاڙيل جي.
    جڏهن انصاف، محنت، سادگيءَ ۽ ڪفايت شعاريءَ جي بنيادن تي قومي زندگيءَ جي عمارت اڏجي پوي ته ان ۾ سگهه، سونهن، سوڀيا ۽ نظم ۽ ترتيب پيدا ڪرڻ لاءِ قوم جي فردن ۾ ٽن صفتن جي ضرورت آهي: جرائت، رواداري ۽ ضابطو.
    جرائت زندگيءَ جي علامت آهي. ان جي بدولت قوم ۾ حوصلي ۽ ڏکيائين سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي. ان جي ابتڙ خوف جيڪو جرائت جو ضد آهي، زندگيءَ جا پر ڪٽي ڇڏيندو آهي. ٻي صفت رواداري آهي، جنهن کانسواءِ انفراديت جي تڪميل ناممڪن آهي. جنهن کانسواءِ قومي زندگيءَ ۾ تنوع (رنگا رنگيت) جو شان پيدا نٿو ٿي سگهي. خدا جي دنيا ۾ يڪسانيت ناهي بلڪه اختلاف انساني فطرت جو جزو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم ۾ رواداريءَ جو جذبو نه هجي ته اتي اختلاف مخالفت جي شڪل اختيار ڪندا آهن ۽ هر ٽولو ٻين تي زبردستيءَ سان هڪ خاص قسم جي يڪسانيت مڙهڻ گهرندو آهي، جيڪا ترقيءَ جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. ضابطو ۽ ڊسيپلين ان لاءِ ضروري آهي، ته ان کانسواءِ ڪو به ڪم نظم ۽ ترتيب ۽ بهتر طريقي ۽ انداز سان نٿو ٿي سگهي ۽ فردن ۽ جماعتن ۾ هروڀرو ڇڪتاڻ ٿيندي رهي ٿي. جنهن ۾ سندن قوت ضايع ٿيندي آهي. پر اصلي ڊسيپلين اهو آهي جيڪو ڪنهن ٻاهرين طاقت يا ڪو ظالم حڪمران قوم تي ٻاهران نه مڙهي، پر اهو آزاد فضا ۾ خوشيءَ سان ڪم ڪرڻ ۽ مقصدن جي ايڪي ۽ اتحاد جو نتيجو هجي.
    ٿي سگهي ٿو ته اوهان چئو ته، انهن سڀني صفتن جي اهميت مڃي سين، پر انهن جي تربيت ڪيئن ڪجي؟ منهنجي خيال ۾ وڏي پئماني تي قومي ۽ شخصي ڪئريڪٽر جي جوڙجڪ لاءِ ڪجهه شرطن جو پورو ڪرڻ ضروري آهي، جن مان سڀ کان پهريون شرط هيءُ آهي ته قوم جي آڏو ڪو وڏو نصب العين هجي، جنهن کي اڪثر ماڻهو خوشيءَ سان مڃن. جيڪو انهن جي تنظيم ۽ وحدت لاءِ هڪ مرڪز جو ڪم ڏئي ۽ سندن فڪر ۽ عمل تي حاوي ٿي وڃي. جڏهن به ڪنهن قوم عروج حاصل ڪيو آهي ته اهڙي ڪنهن آدرش ان لاءِ محرڪ قوت جو ڪم ڏنو آهي. مثال طور قديم زماني ۾ هندن آڏو حق جي معرفت جو نصب العين هيو، يعني ان ازلي ۽ ابدي حقيقت تائين رسائيءَ جي ڪوشش جنهن جي ڀيٽ ۾ دنياوي زندگيءَ جي حقيقت هڪ پاڇي کان وڌيڪ نٿي ڀانئجي. ٻڌ مذهب نفس جي تهذيب کي پنهنجو نظريو بڻايو هو. قديم يونانين پنهنجي زندگيءَ ۽ تهذيب ۾ خير، حق ۽ حسن جي تصورن کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. رومين انساني تمدن جي سرمائي ۾ قانون، انصاف ۽ سياسي امن جي تصورن جو واڌارو ڪيو هو. اسلام پنهنجي پيروڪارن آڏو انساني وحدت، انصاف، ڀائپي ۽ مساوات جو نصب العين رکيو هو ۽ تاريخ جي ان اونداهي دور ۾ هڪ شمع روشن ڪئي، جنهن جي روشنيءَ جا ڪرڻا اڄ تائين اسان تي پون ٿا. پر انهن سمورن آدرشن جي اهميت ان ڪري آهي ته اهي ڪن خاص علمي، اخلاقي، سماجي يا جمالي قدرن سان ڀرپور آهن. نه ته رڳو دولت ۽ سياسي طاقت پيدا ڪرڻ ۽ ان جي ذريعي ٻين قومن کي غلام بڻائي خدا جي ڌرتيءَ تي فتنو ۽ فساد برپا ڪرڻ عظمت جو دليل ڪونهي، بلڪه حيوانيت جو ثبوت آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته يوناني سقراط، افلاطون ۽ ارسطو کان وڌيڪ سڪندر تي فخر ڪن ها. چنگيز خان جا وحشي مغل اسان جي آڏو احترام جا حقدار هجن ها ۽ هٽلر جو بادشاهي جنون ۽ انگريزن جو عالمگير بادشاهيءَ جو قيام گوئٽي ۽ شيڪسپيئر، حافظ ۽ نيوٽن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کان گهڻو وڌيڪ اهم شمار ڪيو وڃي ها.
    پر رڳو هڪ نصب العين مقرر ڪرڻ ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن لاءِ ڪنهن خالي تصور ۾ ڪا ڇڪ ۽ ڪشش نه هوندي آهي، پوءِ اهو طاقت ۽ شان شوڪت جو هجي يا حسن۽ جمال جو يا انصاف ۽ خدمت جو. ان تصور کي حقيقت جو ويس ڍڪائڻ لاءِ ضروري آهي ته قوم کي صحيح وقت تي ڪو اهڙو اڳواڻ ملي وڃي جنهن جي سموري زندگي ۽ عمل ان نصب العين جي تشريح هجي، ڇاڪاڻ ته هڪ سچي، پرخلوص ۽ بي لوث انسان جي ذات ۾ ئي اها ڪشش هوندي آهي، جيڪا لکين ماڻهن جي دل ۽ دماغ ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿي. سندس صحبت جي فيض مان هوريان هوريان قوم ۾ اهڙن مخلص ۽ سچن ڪارڪنن جو هڪ ٽولو پيدا ٿي ويندو آهي، جيڪو نيڪي ۽ سچائيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي وٺندو آهي. عزت ۽ عهدي جي رشوت ۽ دولت ۽ سگهه جي لالچ سندس نيت ۾ خرابي ۽ سندس قدمن ۾ ججهڪ پيدا نه ڪري سگهندا آهن.
    دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪا به سياسي ۽ سماجي يا مذهبي تحريڪ تيستائين ڪامياب نٿي آهي ۽ نه ڪنهن قوم کي عروج حاصل ٿيو آهي، جيستائين منجهس قربانيون ڏيندڙ جماعت عوام جي بي غرض خدمت لاءِ سندرو نه ٻڌو هجي. چوڻ وارا ته اهو ٿا چون ته اهڙن ئي ماڻهن جي برڪت سان ڌرتي پنهنجي محور تي قائم آهي، پر جڏهن ڪنهن قوم ۾ نيڪ ۽ بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي خدمت ڪندڙن جي جماعت باقي نه رهندي آهي ته سندن اخلاقي ۽ مادي زوال شروع ٿي ويندو آهي. پوءِ قدرت جي قانون مطابق ڪا ٻي قوم ان جي جاءِ والاريندي آهي، جنهن ۾ جدوجهد، خلق جي خدمت ۽ نعمتن جي شڪر يعني انهن جي صحيح استعمال جي بهتر صلاحيت هوندي آهي. فطرت اڪثر ڪري اهڙي قوم کي ڊگهي مهلت پڻ ڏيندي آهي پر جڏهن بداعمالين جو پيمانو ڇلڪي پوندو آهي ته عمل جي جزا سزا جو قانون اوچتو کين جهلي وٺندو آهي، ان وقت اهي غفلت ۾ ٻڏل هوندا آهن.
    ”قومن پنهنجي هٿن سان جيڪو ڪجهه ڪيو، ڪمايو هو، اڄ ان جي بدلي ۾ خشڪي ۽ پاڻيءَ ۾ فتنو ۽ فساد برپا ٿي ويو آهي، ته جيئن ماڻهو پنهنجن عملن جو ڦل چکن. شايد کين ان مان عبرت ملي ۽ هو سنئين رستي ڏانهن اچن.“ (الروم:٤١)
    ظاهر ۾ ته اڄوڪي زماني ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ طاقت جي ڪشمڪش ڏسجي پئي، يعني جن قومن وٽ وڌيڪ جنگ جو سامان ۽ دولت ۽ صنعت ۽ حرفت جا وسيلا هوندا، اهي ان مقابلي ۾ ڪامياب ٿينديون، ڄڻ ته ڪاميابيءَ جو مطلب وسيلن جي گهڻائي يا جنگ جي ڪاميابي آهي، پر اهو خيال صحيح ڪونهي. ان ۾ فاتح ۽ مفتوح ٻنهي جي هار ۽ دنيا جي تباهي آهي، ان سان کٽڻ هارائڻ جا لفظ ئي بي معنيٰ ٿيندا. پر صورتحال کي جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسجي ته خبر پوندي ته اصل مقابلو قدرن ۽ اخلاقي اصولن جو آهي، مقابلو انهيءَ ميدان ۾ آهي يا هئڻ گهرجي ته ڪهڙو نظام انسان لاءِ هڪ بهتر ۽ ڀرپور زندگي مهيا ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ کين پنهنجي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملي. ان نظام جي جوڙجڪ لاءِ موجوده دور جي تقاضائن کان باخبر رهڻ ضروري آهي. دنياجون حالتون تمام تيزيءَ سان بدلجن پيون. هي دور ماڻهن کي پنهنجي حال تي ڇڏڻ بدران رٿابندي ۽ اجتماعيت جو دور آهي. تبديلي ۽ انقلاب زندگيءَ جي فطرت ۾ شامل آهن. جنهن قوم يا جماعت ۾ انقلاب کان متاثر ٿيڻ جي صلاحيت نه رهندي آهي، اها زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ مات کائي ويندي آهي.
    اجتماعيت پڻ بذات خود هر مرض جي دوا ڪونهي، ان ۾ به ظلم، حق تلفي، انسان دشمني ۽ استحصال جا امڪان آهن ۽ نسلي غرور، آمريت ۽ ملوڪيت ان کي پڻ مسخ ڪري سگهي ٿي. اصل سوال هي آهي ته ڪهڙي قوم يا قومون ان نئين نصب العين جي روشنيءَ ۾ سائنس، صنعت ۽ حرفت جي حيرت انگيز طاقتن کي انسانذات جي فائدي لاءِ استعمال ڪنديون؟ وقت ئي ان جو جواب ڏيندو. پر مون کي هن ڳالهه جو يقين آهي ته قومن ۽ فردن جي زندگيءَ ۾ امن ۽ خوشي فقط تڏهن ئي راهه وٺي سگهي ٿي، جڏهن اهي اخلاق ۽ شرافت جي بنيادي اصولن کي اپنائڻ سکن، ڪا ٻي قوت، دولت يا سائنس ان جو متبادل نٿا ٿي سگهن.

    سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو


    عادل معاشي نظام جي اهميت ۽ ضرورت : مولانا عبداللطيف نانگراج

    انسان جو معاشي مسئلو ايترو ئي قديم آهي جيترو انسان جو پنهنجو وجود. پنهنجن ضرورتن جو احساس ۽ انهن جي تڪميل لاءِ جدوجهد ڪرڻ انسان جي فطرت جو حصو آهي.
    الله تعاليٰ انسان کي پيدا ڪري هن پوري ڪائنات کي رزقا للعباد (ٻانهن لاءِ رزق جو انتظام ڪرڻ) جي قدرتي مهر لڳائي ۽ انسان ۾ اهڙين قدرتي قوتن جو خزانو و ديعت رکيائين ته جيئن انسان پنهنجو رزق حاصل ڪري سگهي ۽ پنهنجن معاشي سهولتن لاءِ هن ڪائنات مان بالواسطه يا بلاواسطه نفع حاصل ڪري. نه صرف ايترو پر انهيءَ طلب ۽ جدوجهد کي فضل الله (الله جي نعمت) جهڙي محترم نانءَ سان موسوم ڪري.
    اهڙي طرح سواءِ للسائلين (تلاش ۽ جستجو ڪرڻ وارن لاءِ برابر آهي) جهڙن الفاظن سان پنهنجي رحمت کي عام ڪري ڇڏيائين.
    ڪائنات جي هن ڪارخاني ۾ طبعي طور تي هي جذبو هر انسان ۾ موجود آهي ته خدا تعاليٰ جي ڏنل نعمتن مان بهره مند ٿئي. پر هي انفرادي جذبو پنهنجي عملي جدوجهد ۾ يقيناً هڪ تقابل ۽ ڪشمڪش جي فضا کي جنم ڏئي ٿو. تنهن ڪري انساني سوسائٽي ۾ هڪ صالح معاشي نظام جي ضرورت پيدا ٿئي ٿي ته جئين ان تقابلي ڪشمڪش کي توازن ۾ رکجي. فطرت جي آثارن انسانن کي ڊگهي تجرباتي تسلسل ۾ عقل جي بنياد تي هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي. ته ڪنهن به معاشري جي ڀلائي ۽ تمدني ترقي جو راز هڪ صالح معاشي نظام ۾ ئي پوشيده آهي. جيستائين انسان معاشي طور تي مستحڪم رهي ٿو ته ان جي تمام اعمال ۾ اعتدال رهي ٿو ۽ جيئن ئي انسان جي معاشي حالت خراب ٿئي ٿي ته ان جي تمام شعبن ۾ انتشار ۽ افرادن ۽ ادارن ۾ هڪ ڪشمڪش جي فضا پيدا ٿئي ٿي، پوري سوسائٽي ۾ اخلاقي انارڪي ڦهلجڻ لڳي ٿي، نتيجي طور اهو معاشرو اخلاقي لحاظ سان تباه ٿيڻ سان گڏ تمدن ۾ به حقيقي ترقي نه ڪندو.
    معاشي طرح انسان ٻن طبقن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو. هڪ طبقو خود غرضي سرمائيدار، عيش پسند، متڪبر، مغرور ۽ قاروني خصلتن جهڙو. ٻيو ٽولو غريب، لاچار، مفلس محنت ڪش مزدور ۽ ويچاري زندگي بسر ڪندڙ. ٻنهي طبقن جا مقاصد عليحده عليحده، مفادات جدا جدا ۽ ٻنهي جا نظريا الڳ الڳ. ٻنهي طبقن جي باهمي ڪشمڪش ۽ تصادم جي ڪري دنيا تمام وڏي بحران مان گذري جيڪي آهي. ٻنهي طبقن جي ڇڪتاڻ معاشي ظلم جي هولناڪ منظرن کي ڏسي چڪي آهي جيڪي سرمائيدارانه ۽ اشتراڪيت جي صورت ۾ دنيا جي تختي تي ظاهر ٿيا. اسلام هڪ اهڙو صالح معاشي نظام پيش ڪري ٿو جنهن اخوت، باهمي رواداري عام خوشحالي سان گڏ معاشري جي طبعي ترقي به پنهنجي فطري تسلسل سان قائم رهي ٿي.
    اسلام فرد ۽ جماعت جي درميان توازن قائم ڪري هڪ اهري سوسائٽي جو تصور پيش ٿو ڪري جنهن ۾ هر شخص پنهنجي استعداد ۽ صلاحيت مطابق پنهنجي شخصيت جي نشونما ڪندي ترقي ڪري پنهنجي حدڪمال وڃي حاصل ڪري، پر گڏوگڏ فرد کي اقتصادي جدوجهد ۾ بي لغام ۽ کليل ڇوٽ کي به سختي سان منع ٿو ڪري جنهن ذريعي فرد پنهنجي خواهشات ۽ ذاتي مفادات جي خاطر اجتماعيت لاءِ باعث نقصان ٿئي ۽ فرد جون ڪوششون ۽ سرگرميون اجتماعيت لاءِ تنگي جو سبب بڻجن. اسلام فردن کي اجتماعيت جو خادم تصور ڪري انهن کي مفاد عامه جي لاءِ تيار ڪري ٿو. فردن جي حلال ذريعن سان حاصل ڪيل دولت تي حقوق ملڪيت تسليم ڪندي انهن کي اجتماعي مقاصد لاءِ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو. اسلام معاشيات کي دولتمندن جي وچ ۾ نفعي جي ڊوڙ نٿو بڻائي بلڪ ان کي تمدني ترقي ۽ افاديت عامه جو ذريعو قرار ڏئي ٿو. بقول ابوالڪلام آزاد:
    گویا اسی نظام معیشت میں بلاشبہ زیادہ سے زیادہ کمانیوالے موجود ہوں گے، کیونکہ سعی و کسب کے بغیر کوئی مؤمن زندہ ہی نہیں رہ سکتا۔ لیکن جو فرد جتنا زیادہ کمائے گا اتنا ہی زیادہ انفاق پر مجبور بھی ہوگا۔ اس طرح افراد کی کمائی جتنی بڑھتی جائیگی اتنی ہی جماعت بحیثیت جماعت کے خوشحال ہوتی جائیگی قابل اور مستعد افراد زیادہ سے زیادہ کمائیں گے، لیکن اپنے ہی لیے نہیں کمائیں گے، تمام افراد قوم کیلئے کمائیں گے۔ یہ صورت پیدا نہ ہو سکے گی کہ ایک طبقہ کی کمائی دوسرے طبقوں کیلئے محتاجی و مفلسی کا پیام ہوجائے۔
    (ترجمان القرآن ج 2 و 132)
    درحقيقت اسلام جي معاشي پاليسي ”قل العفو“ (ضرورت کان وڌيڪ حاصل ڪيل مال معاشري تي خرچ ڪرڻ) ۽ ليس للانسان الا ماسعي (انسان کي جدوجهد جو ثمر ملڻ گهرجي) ۽ الغنم بالعزم (مالي فائدو انهن کي ملڻ گهرجي جيڪي مشقت برداشت ڪن) باهمي تعاون ۽ اشتراڪ عمل جهڙن اصولن تي قائم ڪئي وئي آهي. جنهن سان محنت ۽ سرمايي ۾ توازن قائم رکندي هڪ بهترين ۽ عام خوشحال سوسائٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اسلام ڪسب معاش جي اهڙن تمام ذريعن ۽ طريقن کي ناجائز قرار ڏئي ٿو جنهن جو سرمايو چند هٿن ۾ گردش ڪري جيڪي ذريعا معاشري جي اجتماعي اخلاق کي فاسد ٿا ڪري ڇڏين اسلام معيشت جي اهڙي جدوجهد کي به حرام قرار ڏئي ٿو جنهن ۾ هڪ شخص جو فائدو ٻين انسانن لاءِ سوسائٽي ۾ تنگي جو سبب بڻجي. پئسي تي پيسو ڪمائڻ، ناجائز منافع خوري رشوت، چوري جوا ۽ (ڌوڪي ۽ ٺڳي سان مال حاصل ڪرڻ) جي معاملن کي جيڪي باهمي نزاع جنگ وجدل جو سبب بڻجن ٿا ۽ جن مان بخل خود غرضي ذاتي مفاد، لالچ ۽ حرص جهڙيون قبيح خصلتون جنم وٺن ٿيون. ناجائز قرار ڏئي ٿو. (اسلام سود (وياج) احتڪار (ذخيره اندوزي) ۽ اڪتناز (زراندوزي) کي حرام ٿو ڪري جيڪي معاشي ظلم ۽ استحصال جو باعث بڻجن ٿا. اهڙن تمام لين دين جي طريقن کي ختم ٿو ڪري جيڪي عام انساني فلاح جي بجاءِ مخصوص طبقي جي استبداد کي قائم ڪن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ محنت ۽ معيشت جي جائز جدوجهد به بيڪار ٿي پوي. اسلام طبعي توازن کي قائم رکندي تمام ڪائنات ذي روح کي حق معيشت ۾ مساوي حيثيت ڏئي سمورن انسانن کي الله جي نعمتن ۽ قدرتي وسيلن مان مستفيد ٿيڻ جو برابر طور تي حق عطا ڪري ٿو.
    اسلام هن ڳالهه کي سختي سان منع ٿو ڪري ته قومي وسائل دولت ۽ ملڪي ذرائع آمدني تي معاشري جو مخصوص ٽولو پنهنجي اجاره داري ۽ بالادستي قائم ڪري ٻين کي پنهنجي طبعي حق کان محروم ڪري ڇڏي. اسلام دولت کي گڏ ڪرڻ يا اهڙا طريقا اختيار ڪرڻ جيڪي سرمايي کي ڦهلجڻ بدران ان کي چند مالدارن جي هٿ ۾ بند ڪري ڇڏن تانجو ٻيا افراد انهن جي رحم ۽ ڪرم جا محتاج ٿيو پون سختي سان روڪي ٿو ۽ دولت کي محدود فردن ۾ گڏ ڪرڻ جي بدران ان کي معاشري جي تمام فردن تائين پهچايو وڃي ته جئين ان مان هر هڪ انسان پنهنجي آزادي ۽ عزت نفس سان گڏ مستفيد ٿي سگهي.
    اسلام جي اقتصادي پاليسي کي جيڪڏهن مقصد جي لحاظ کان گهري نظر سان ڏٺو وڃي ۽ عملي نتائج جي نقطه نظر سان ان جو تحقيقي جائزو ورتو وڃي ته هي ڳالهه چٽي طرح نظر ايندي ته ان جي معاشي تنطيم ۽ تشڪيل ۾ هن ڳالهه کي مقصد (نصب العين) يا آئيڊيا جي حيثيت حاصل آهي ته معاشري جي هر هڪ فرد کي بقدر ضرورت معاش جو سامان، رزق، مال هرحال ۾ آسانيءَ سان ميسر ڪيو وڃي ۽ سوسائٽي جي تمام فردن کي رزق ۽ مال حاصل ڪرڻ جا موقعا مساوي طور تي مهيا ڪيا وڃن.
    اها الله تعاليٰ جي مشيت آهي ته ڌرتي جي مٿان ان جي مخلوق مان هر ڪنهن کي رزق جا مناسب وسيلا مهيا هجن. امام شاهه ولي الله  صالح انساني معاشري جي تشڪيل جي لاءِ اها ڳالهه بيحد ضروري قرار ڏئي ٿو ته جيئن الله جا ٻانها رزق ۽ روزگار جي بي اعتدالين واري ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نه هجن ۽ ان ذهني انتشار کان آجا هجن ته جيئن انهن ۾ سماج جو ڪارائتو ۽ مفيد فرد بنجڻ جا موقعا پيدا ٿي سگهن. اهي وڏا انساني بار پنهنجي مٿان کڻي هڪ طرف پنهنجي ماڻهپو مڪمل ڪري سگهن ۽ ٻئي طرف پنهنجي خالق سان عبديت جو عهد نڀائڻ جا وسيع موقعا ماڻي سگهن.


    اسلام ۽ ٻين مذهبن جي حقيقي تعليم کي فراموش ڪرڻ جا نتيجا : مولانا عبداللطيف نانگراج

    يورپ جي فڪري، تهذيبي ۽ تمدني يلغار جي ڪري اڄ جي دور ۾ مذهب جي باري ۾ هي غلط خيال ۽ تصور پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري رهيو آهي ته مذهب جو انسان جي سماجي زندگيءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي. مذهب انسان جو ذاتي مسئلو ۽ شخصي رجحان آهي. جنهن جو معاشري جي تعمير ۽ سنوارڻ سان ڪوبه واسطو نه آهي. هن تصور سان مذهب جي باري ۾ عام لاپرواهي ۽ لاغرضي پکڙجي پئي وڃي ۽ عام طرح اهو سمجهيو پيو وڃي ته رواجي زندگيءَ ۾ مذهبي تعليمات تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ برابر آهي.
    مذهب جي باري ۾ هڪ رويو ته اهوئي آهي ته ان جو بلڪل انڪار ڪري ڇڏجي (يعني مذهب انساني ذهن جي پيداوار آهي، ڪو خدائي قانون نه آهي.) جيئن يورپ وارن جي پروپئگنڊا آهي.
    ٻيو رويو انهن مذهبي پوئلڳن جو آهي جيڪي مذهب جو عقيدو ته رکن ٿا، ان کي الله جي بي انتها نور جي روشني به قرار ڏين ٿا ۽ مذهب کي انسانذات جي طبعي تقاضا به تسليم ڪن ٿا، پر ان جي روح کي پوئتي ڪري ظاهر پرستيءَ ۾ محو ٿي وڃن ٿا. يعني ان جي حقيقي تعليمات کي نظرانداز ڪري ڇڏن ٿا.
    حقيقت ۾ هيءَ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، ٻنهي روين جو نتيجو هڪ ئي آهي. قرآن شريف چٽي طرح بيان ڪري ڇڏيو آهي ته مذهب جي اصل تعليمات جو انڪار يا ان کان لاپرواهي ڪرڻ جي ڪري انسان جي زندگيءَ تي تمام هاڃيڪار اثر ٿئي ٿو.
    سورة نور جي آيت نمبر 39 ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”حق کان ڀٽڪيل ماڻهن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي، اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان ته جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي. تان ته اهو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ڏسي ٿو. سو خدا سندس عملن جو حساب پوري طرح ڪري انهن جو بدلو کيس ڏئي ٿو. ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.“
    سورة نور جي آيت نمبر 40 ۾ آهي:
    ”ڀليل ماڻهو ڄڻ ته هڪ تمام اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن. جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇائنجي ويون آهن. ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن. يعني اوندهه مٿان اوندهه جا تهه چڙهيل آهن. (ايتريقدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خودغرضي سبب) روشني نه عطا ڪري تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه.“
    پهريون مثال انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي مذهب جي حقيقي تعليم کي ڇڏي رڳو ان کي چند رسمن ۾ بند ڪري ڇڏن ٿا ۽ انهن جي پوڄا پاٽ ڪري ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ٿا.
    روح کي فنا ڪري رڳو چند عبادتن ۾ دين کي بند ڪرڻ ۽ ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ وارن ماڻهن لاءِ ڄڻ مذهب هڪ سراب وانگر آهي جو ظاهر ۾ ته اهي ان کي حقيقي مذهب سمجهندا آهن پر حقيقت ڪجهه به نه هوندي آهي ۽ اهو رويو عقيدي جي باوجود دين جو عملاً انڪار آهي. اڄ اسلام ۽ دنيا جي سمورن مذهبي پوئلڳن جو اهوئي حال آهي.
    ٻيو مثال انهن ماڻهن جو آهي جيڪي مذهب کي اهميت نٿا ڏين. مذهب کي هڪ فالتو ۽ بيڪار شيءِ سمجهن ٿا ۽ ان جو انڪار ٿا ڪن، اهو رويو مغربي مريدن ۽ ڪميونسٽن جو آهي. انهن جو مثال اهڙن ماڻهن وانگر آهي جيڪي اهڙي جڳهه ڦاٿل هجن جتي رڳو اونداهي ئي اونداهي هجي، جتي روشنيءَ جو نالو نشان ئي نه هجي.
    اهي مغربي مريد سمجهن ٿا ته سائنسدانن ايٽم بم، هائڊروجن بم ٺاهڻ ۽ تيز اڏامندڙ هوائي جهاز ۽ چنڊ تائين پهچائيندڙ شٽل گاهون ٺاهي انهن انسانذات جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري ورتو آهي، حقيقت ۾ اها انهن جي ڀُل آهي. بيشڪ سائنس جي ترقيءَ پنهنجا ڇيهه ڪري ڇڏيا آهن پر انهن سائنسي سهولتن کي نسورو فائدي وارو بنائڻ لاءِ اهو ڏانءُ ۽ فڪر ڪٿي آهي جو انسانيت کي سک ۽ سلامتي حاصل ٿئي. ان اڻهوند جي ڪري انسانيت کي ٻن وڏين عالمگير جنگين سان گڏ مسلسل انسانن جو قتل ۽ استحصال پلئه پيو آهي. جيڪڏهن وحدت انسانيت جي رهنمائيءَ جو اهو ڏانءُ ۽ فڪر مذهب کان حاصل ڪيو وڃي ها ته هيڏي ساري سائنسي هوند انسانيت لاءِ وڏي فائديمند بنائي سگهجي ها.
    الله تعاليٰ هن ڪائنات جي سيج کي بي شمار نشانين سان سجائي ڇڏيو آهي جنهن جي هڪ هڪ نقش مان حق تائين رسائي جي روشني حاصل ٿئي ٿي. بس رڳو مصنوعي پردن کي هٽائي دل جي اکين سان انهن جو مشاهدو ڪرڻو آهي. پر جيڪي هيڏن ڌوڏن هوندي به دل جا انڌا آهن انهن کي بائيولاجي، زولاجي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ مادي علم ته نظر اچن ٿا پر الله جي معرفت کان پري ڀٽڪيل آهن ۽ اکين جي روشني هوندي به حق کي نٿا سڃاڻن.
    جيڪڏهن تاريخ جو صحيح تجزيو ڪيو وڃي ته وڏن وڏن تهذيبن جي مٽجڻ جو بنيادي سبب هيءُ معلوم ٿيندو ته اهي وحدت الوجود جي حق واري معرفت کان انڌيون هيون. هاڻي به يورپ جو ظاهري شان ۽ شوڪت ته وائڙو ۽ حيران ٿو ڪري ڇڏي، پر حقيقت ۾ يورپ تباهي ۽ بربادي ۾ جڪڙيل آهي. ٻن خطرناڪ عالمي جنگين کانپوءِ هر نئي سج نڪرڻ سان ننڍيون ننڍيون جنگيون ۽ اندروني فساد ظاهر ٿين ٿا ۽ هاڻي ٽين جنگ جو مانڊاڻ مچي چڪو آهي. اقبال لينن جي زبان سان مغرب جو صحيح نقشو چٽيو آهي.
    یورپ میں بہت روشنی علم و ہنر ہے
    حق یہ ہے کہ بے چشمہ حیوان ہے یہ ظلمات
    مغرب هڪ طرف ترقيءَ جي ايڏي هوند ۾ آهي ته ٻئي طرف اطمينان ۽ سلامتي جي ايڏي اڻهوند ۾ ٻڏل آهي، پر هاڻي ان جي نقش قدم تي هلندي مشرقي قومون به مذهب کان پري ٿينديون پيون وڃن. جنهن ڪري مشرق جو معاشرو به وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن مصيبتن ۾ جڪڙبو.
    ٻئي رويا هڪ ئي نتيجو پيدا ڪن ٿا. يعني تباهي ۽ بربادي، فتنو ۽ فساد. مذهب جي حقيقي تعليم (يعني الله جي معرفت، انسان دوستي، آزادي ۽ مساوات) ٻين لفظن ۾ شرڪ جي سمورن بتن کي ٽوڙي (جنهن ۾ سرمائيداري ۽ جاگيرداري به اچيو وڃن.) توحيد جي تصور تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ آهي.
    جيڪڏهن اها ڳالهه اسان سمجهي نه سگهياسين ته اسين روشني هوندي به انڌا آهيون، علم هوندي به جاهل آهيو، ۽ انقلابي پروگرام هوندي به اسين زوال ۽ تنزليءَ جو شڪار رهنداسين.


    آزاديءَ جو اڳواڻ ﷺ : مولانا عبداللطيف نانگراج

    اسلامي تعليم جو هڪ بنيادي حصو هي آهي ته خدا تعاليٰ انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي ۽ انهيءَ آزاديءَ جي آگاهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جو رستو ٻڌائڻ اسلام جو اهم مقصد آهي.
    فطرت جي تعليم به هيءَ آهي ته جيئن خدا تعاليٰ انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي. تيئن انسان آزاديءَ ۾ ئي رهڻ پسند ڪري ٿو. مولانا عبيدالله سنڌي ته انسان جو ترجمو آزاد (حر) سان ڪيو آهي. پاڻ غلام کي پورو انسان نٿا سمجهن. باقي هي جو انسان پاڻ کي غلط رسمن ۽ ظالم روايتن جي هٿڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي يا پاڻ کي پاڻ جهڙي ئي انسانن جي تسلط ۾ آڻي انهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، اهو سندس فطرت جي خلاف آهي. اها غلامي جي زنجير فطرت سان جنگ آهي. تنهن ڪري دنيا ۾ ڪنهن به انقلاب کي ان وقت تائين حقيقي انقلاب نٿو چئي سگهجي جيستائين اهو انقلاب انسانن کي غلامي مان ڪڍي آزادي جي طرف نه وٺي اچي. ڇو ته انقلاب جو حقيقي مفهوم ”فطرت“ کي سالم رکڻ آهي.
    تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺتوحيد جي فڪر تي ماڻهن کي سڏيو جنهن جو بنياد ئي نفيءَ ۽ لا (نه) تي هو. اها نفي ۽ لا (نه) سڀني انساني غلامين کان انڪار جي هئي ۽ ان کانپوءِ هڪ الله جي عبديت جو اقرار هو. پاڻ سڳورن ان انقلابي طريقي تي انسانن جي رهنمائي ڪري انسانن کي پنهنجي گم ڪيل آزادي جو تحفو عطا ڪيو. مولانا روميءَ به نبوت جي ان حقيقت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: خلق را از انبياءَ آزادي است. (انبياءَ جو بنيادي مقصد مخلوق خدا کي آزادي ڏيارڻ آهي.) پاڻ ڪريم ﷺجن کان اڳ دنيا ۾ ان وقت رڳو غلاميون ۽ مصنوعي حدبنديون هيون. پوري دنيا ۾ انسان طرحين طرحين غلامين ۾ جڪڙيل هئا. ظالمن ۽ جابرن پنهنجي رعيت کي غلام بڻائي ڇڏيو هيو. ڪن کي فردي غلاميءَ ۾، ڪن کي طبقاتي غلامي ۾ ۽ ڪن کي وري قبيلائي، قومي غلاميءَ ۾. هرطرف هي معمول بڻجي ويو هو ته هڪڙا طاقتور انسان ٻين انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي خواهشن ۽ مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. ڄڻ ته اهي لاچار انهن لاءِ مشينون يا ڪو تجارتي اوازار هجن جو انهن کان پنهنجي ذاتي نفعي لاءِ ڪم ورتو ويندو هجي.
    مذهبي راهبن ۽ احبارن ماڻهن جي ذهنن کي مسحور ڪري انهن کي خرافات ۽ فرسوده عقيدن جي ذريعي ذهني غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو هو. مرد مافوق طاقت بڻجي عورت تي ظلم جي باهه ٻاري ويٺا هئا. انهن کي پنهنجو پالتو جانور سمجهي گهريلو زندگيءَ ۾ اهڙي طرح قيد ڪري ڇڏيو هيو، جو انهن کي نه پنهنجي راءِ جي آزادي هئي نه ئي وري اهي پنهنجي حقن جو مطالبو ڪري پئي سگهيون.
    درنده صفت مالدارن معاشري ۾ معاشي صورت جو حليو بگاڙي ڇڏيو هو. عوام مالي مصيبتن ۽ مشقتن جي عذابن کي سهندي سهندي ذهني ۽ طبقاتي غلامي ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو. سندس عملي قوتون ڪمزور ٿي چڪيون هيون. انسان جيڪو اشرف المخلوقات جي لقب سا ن سنوارجي خليفة الله في الارض جو منصب کڻي آيو هو، سو ذليل ۽ رسوا بڻجي چڪو هو. پوري ڪائنات جيڪا هن لاءِ ٺاهي وئي هئي، اڄ اهو ان ڪائنات جي پوڄا ڪري رهيو هو. آسماني مخلوق جو مسجود پاڻ پٿرن، وڻن جو ساجد بڻجي چڪو هو. پنهنجي ئي هٿ سان جوڙيل بتن جي آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائيندو هو. جنهن ڪائنات کي هو پنهنجي خداداد قوتن سان مسخر ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو اتي اهو خود پاڻ ڪائنات جي هر شي کان مسخر ٿي چڪو هو.
    پاڻ ڪريم ﷺاهڙي اونداهيءَ ۾ روشني بڻجي آيا. رڃ جهڙي سماج ۾ رحمت جا ڪڪر بڻجي انسانيت لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ بڻجي پيا. پاڻ عرب جي صحرا ۾ انسان جي آزادي جو جهنڊو کوڙيائون. سندن پروگرام ۾ فطرت جي صحيح تعليم هئي، سندن اصلاح ۾ سڀني قسمن جا پهلو هئا ۽ هر قسم جون انساني آزاديون هيون، سندن تعليم اعتدال جي نقطي کان انچ به هيٺ يا مٿي نه هئي. پنهنجي ذڪاوت ۽ فراست سان هر شيءِ کي گهرائي سان ڏٺائون. استبداد جو ڪوبه پاسو ظاهري يا مخفي سندن نظرن کان اوجهل نه هو. پاڻ هڪ هڪ ڪري غلاميءَ جي سڀني زنجيرن کي معاشري مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيائون. انسان کي آزاد ڪري خدا جي اڳيان ان کي سربسجود ڪيائون. اهو سندن رهنمائي جو اثر هو جو انسان پنهنجي آزادي سان پنهنجي مرضي کي خدا جي مرضي سان ملائي ڇڏيو. پاڻ توحيد جا پرچارڪ بڻجي انسان کي سندس ڪمال عطا ڪيائون. ديوتائن ۽ مصنوعي بتن کي انسان جي نفساني خواهشات جي تسڪين قرار ڏيندي انهن کي ٽوڙي ڇڏيائون. انسان جي ضمير کي اجاگر ڪندي ان کي حيواني لذتن کان آزاد ڪيائون، انسان کي هر قسم جي وهم ۽ غيراصلي خوف کان آزاد ڪري هڪ خدا جي خوف ۽ لحاظ سان سندس دل کي ڀريائون. درحقيقت توحيد جو صحيح تصور ئي سڀني غيرفطري خوفن جي پاڙ پٽي ٿو ڇڏي.
    پاڻ ڪريم ﷺجن کان اڳ ۾ مذهبن جو ڪم وڃي اهو رهيو هو جو اهي الڳ الڳ ٽولا ٺاهي هڪ ٻئي جي تڪذيب ڪندا هئا. هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا الڳ الڳ معبود ٺاهي انهن کي پوڄڻ شروع ڪيو هو. ان گروهن جا مذهبي پيشوا عوام ۽ مصنوعي بتن جي وچ ۾ دلاليءَ جو ڪم ڪندا هئا. ۽ سماجي طورتي انساني معاشرو غلط رسمن ۾ جڪڙيل هيو. آقا ۽ غلام ۾ ورهايل انسان پنهنجي انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪري چڪو هو. اها غلامي قديم تاريخ جي علامت بڻيل عرب معاشري جي تهذيب جو حصو بڻجي چڪي هئي. عورت ذلت ۽ رسوائي جي زندگي ۾ بند هئي. عورت جي باري ۾ هي تصور ڪيو ويندو هو ته عورت هڪ هيچ ذات آهي جيڪا مرد جي محڪوم ٿي ڪري رهڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي. مرد ان کي جيئن چاهي پنهنجي نفعي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. آزادي ۽ عورت هڪ ٻئي جا ضد آهن. جبري شادي جا واقعا عام هئا، عورت کي سندس وراثت جي حق کان به محروم ڪيو ويو هو.
    پاڻ ڪريم ﷺ توحيد جي مضبوط اصول ۽ عقيدي تي مساوات جو پروگرام پيش ڪيو. سڀني آسماني مذهبن جي بنيادي تعليم کي چٽو ڪري اهو پيغام ڏنو ته سڀني مذهبن جي هڪ ئي واٽ آهي. اها آهي خدا پرستي ۽ انسان دوستي. پاڻ حقيقي خدا شناسي ۽ انسان شناسي جي تعليم سان گروهن جي پاڙ پٽي ڇڏيائون.
    پاڻ توحيد جي عام ۽ فطري عقيدي کي اهڙي طرح بيان ڪيائون جو وچ ۾ آيل مذهبي پيشه وريت جي ايجنڊا جي اهميت ختم ٿي وئي. انسان جو سڌوسنئون تعلق پنهنجي خالق سان ڳنڍجي پيو. پاڻ اها تعليم ڏنائون ته خدا هڪ آهي، سڀ ان جا ٻانها آهن ۽ سڀ برابر آهن. تنهن ڪري هي آقا ۽ غلام جو تصور ختم ڪري ڇڏيو.
    عورت کي هڪ مستقل سماجي حيثيت عطا ڪري ان کي آزاديءِ راءِ جو حق عطا ڪيو. نڪاح کي هڪ آزاد معاهدو قرار ڏئي جبري شادي جي جاهلي رواج جي پاڙ پٽي ڇڏي. عورت کي جائداد ۾ حصو عطا ڪيو ويو. عورت لاءِ نڪاح، طلاق، وراثت ۽ ملڪيت جا اهڙا ته قانون مرتب ڪيائون جو هاڻي مرد ان کي غلام نٿو بڻائي سگهي، بلڪ ان جو هم سفر ٿي ڪري زندگي جي گاڏي کي ترقي ڏانهن وٺي هلي ٿو. ۽ سڀ کان وڏيون ٻه غلاميون، سياسي غلامي ۽ اقتصادي غلامي. ان دور ۾ ماڻهو شهنشاهيت ۽ بادشاهت جي قبضي ۾ هوندا هئا. بادشاه رعيت کي پنهنجو مال سمجهي انهن کي پنهنجن فائدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. ملوڪيت ۽ آمريت جي بنياد تي اقتدار قائم هئا، ڪوبه سماجي معاهدو ۽ انصاف نه هوندو هو. انسان کي پنهنجي حقن جي لاءِ راءِ جي آزادي نه هئي، جيڪو حق جي ڳالهه ڪندو هو ان کي ختم ڪيو ويندو هو.
    پاڻ ﷺ جن فرمايو، انسان کي انسان تي حق نه آهي ته هو ان تي شخصي اقتدار يا غلبو قائم ڪري، بادشاهه ۽ سلطان صرف ذات باري تعاليٰ ئي آهي. انسان صرف ان جو خليفو آهي. ۽ خليفو خادم هوندو آهي. ان کي پنهنجي رعيت جي خدمت ڪرڻي هوندي آهي، ۽ ان سان گڏ خلافت الله جي نعمت آهي ان جو شڪر هي آهي ته ماڻهو اهڙا ڪم ڪري جن سان رعيت کي فائدو پهچي ۽ انهن کي ختم ڪندو وڃي جيڪي رعيت کي نقصان پهچائيندڙ آهن. هڪ روايت ۾ آهي ته هڪ اعرابي پاڻ سائين جن کي چيو ”انت ملکنا“ (ڇا تون اسان جو بادشاهه آهين؟) پاڻ سڳورن فرمايو ته: ”نه، بادشاهه صرف الله آهي.“ پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ”خليفي“ هجڻ جو اهڙو ته نمونو پيش ڪيو جو اڳتي هلي خلفاءِ راشدين ان کي اختيار ڪيو ۽ اهو خليفي جو ڪردار اڄ تائين دنيا لاءِ آئيڊيل آهي.
    معاشي لحاظ کان معاشرو وياج ۽ ڌوڪي جي ڪڌن جذبن تي قائم هو. سرمائيدار طبقو وياج جي ذريعي وڃي پيو امير ٿيندو ۽ غريب طبقو وڃي پيو غلامي ۾ جڪڙبو. ٻيو جاگيردار طبقو جيڪو زراعت جي طريقي سان هارين تي ظلم ڪندو هو ۽ ٻئي مفت خور ۽ کائو طبقا معاشري لاءِ ڏچو بڻجي چڪا هئا. پاڻ وياج جي ڪمائي کي ختم ڪري صدقي (عام ڀلائي لاءِ جوڙيل اسڪيمون) جي بنياد تي اقتصادي معاشرو جوڙي انسانن کي ان وڏي لعنت کان بچايو. ”جيڪو مئل زمين کي جياري، اها زمين ان جي آهي.“ اهڙن زرعي سڌارن جي ذريعي هاري طبقي کي سندس حقَ واپس ڪيا. زڪواة سان رواداري، ڀائپي ۽ همدردي وارو سماجوادي نظام جوڙيو ۽ وراثت جو قانون جاري ڪري دولت جي تقسيم ڪئي ته جيئن معاشي وسيلا سرمائيداريت قائم ڪرڻ جي بجاءِ وڏي پيماني تي ورهائجي وڃن.
    غلاميءَ جو هڪ ٻيو قسم علمي غلامي هئي. اسلام کان اڳ ۾ انسان ته ڇا پر علم به آزاد نه هو. علم تي مخصوص راهبن ۽ احبارن جو قبضو هو، جيڪي ان کي سرمائيدارن جاگيردارن ۽ بادشاهن جي فائدي لاءِ استعمال ڪندا هئا. عوام کي علمي حقيقتن کان پري رکيو ويندو هو. غريب عوام کي علم حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خدا ۽ ٻانهن جي وچ ۾ فاصلو پيدا ڪيو ويو هو ۽ عوام کي ديوتائن جي پوڄا تائين بند ڪيو ويندو هو. پاڻﷺ علم کي الله جي نعمت قرار ڏنائون. ان سمنڊ مان سڀني کي حصو حاصل ڪري وٺڻ جو حڪم ڪيائون. ضروري علم، جيترو پنهنجي شخصي صلاحيتن کي سنوارڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجي ذميوارين نڀائڻ لاءِ ضروري هجي، ان کي لازم ڪيائون. جيئن عبادت لاءِ مسجد جي اداري جو وجود پيو تيئن علم جي واڌاري لاءِ درسگاهه جي اداري کي قائم ڪيو ويو. پهريان علم آزاد نه هيو، پاڻ ان کي هميشه آزاد ڪري ڇڏيائون. اهڙي آزدي جو مؤرخ ۽ دانشور هن ڳالهه لکڻ تي مجبور آهن ته ”هاڻي علم کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي.“
    آخر ۾ نفساني خواهشن جي غلامي، انسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي نفس جو غلام بڻائي ڇڏيو هو. اخلاقي طورتي افرادن جي صحيح نشوونما نه هجڻ ڪري معاشرو طرحين طرحين جي براين جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو. هڪ طرف مذهبي ٽولو حق جو پرچارڪ ۽ نجات جو ذريعو بڻجي پنهنجي پيداگيريءَ جا گهٽ گهيڙ بڻائي چڪو هو ته ٻئي طرف وري عوام پاڻ به مذهبي راهبن ۽ احبارن کي تحفا ۽ مال ملڪيت ڏئي گناهه بخشرائڻ کي سعادت سمجهندو هو. پاڻ ڪريمن ﷺ علمن جي فطري طريقن ۽ مقصدن جي تعليم ڏئي انساني معاشري کي اخلاقي لحاظ کان سوڌيو ۽ سنواريو. انسان ۾ جوابدهي ۽ ذميواري جو احساس بيدار ڪيو. سندن تعليم هي هئي ته توهان پنهنجي ايمان ۽ عمل صالح سان باطني قوتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري پنهنجي به نشوونما ڪريو ۽ معاشري کي به سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. جيڪڏهن توهان انهن کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو ته توهان ۾ شيطانيت جي غلبي جي ڪري توهان انسانيت کان به هيٺ ڪري پوندؤ. جيڪڏهن انقلاب جي معنيٰ استبداد ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ آهي ته بيشڪ هي حجازي انقلاب دنيا جو وڏي ۾ وڏو انقلاب آهي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ ان انقلاب جا رهبر ۽ اڳواڻ آهن. جن جو هر قدم ظلم جي خلاف اٿندڙ هو ۽ هر عمل استبداد جي خاتمي لاءِ هو، جيڪو معاشي، سماجي، مذهبي، علمي يا نفساتي ميدان ۾ انسانن جي مٿان مسلط ڪيو ويو هو. حقيقت هي آهي ته هينئر به دنيا جو حقيقي انقلاب قرآن جي ٻڌايل اصولن ۽ پيغمبر جي اختيار ڪيل حڪمت عملين ۽ طريقي جي پيروي ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي.


    معيشت جو اجتماعي اخلاق تي اثر : مولانا عبداللطيف نانگراج

    علم الاقتصاد و علم الاجتماع جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ شاهه ولي الله

    معاشرو انساني نوع جي طبعي تقاضا آهي
    Society is the specific tendency of human
    انسان طبعي ۽ فطري طور تي مدني الطبع آهي. قدرت انسان جي ضرورتن جي نوعيت ئي ڪجهه اهڙي رکي آهي جو هڪ اڪيلو انسان هزارين ڪوششن ڪرڻ جي باوجود به انهن کي پورو نٿو ڪري سگهي. يقينن اهو انسان پنهنجن ضرورتن جي پورائي لاءِ ٻين انسانن جو محتاج بڻجي ٿو. اهو ”احتياج“ انسانن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ملي جلي رهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. نتيجي ۾ معاشرا ۽ اجتماع وجود ۾ اچن ٿا.
    سماج افرادن جي ترڪيبي هيئت جو نالو آهي. يعني معاشرو ۽ فرد لازم ۽ ملزوم آهن. هن ڳالهه تي ته قديم ۽ جديد سڀ حڪيم ۽ دانشور متفق آهن ته انفرادي اخلاقن جو مظهر انساني اجتماع ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به انسان جو بحيثيت هڪ فرد جي ان جو اخلاقي جائزو نٿو وٺي سگهجي ۽ نه ئي وري ان جي انساني قدر جو ڪو يقين ڪري سگهجي ٿو. يعني جيستائين ڪنهن انسان کي سوسائٽيءَ جي ڪنهن جز يا فرد جي حيثيت سان نه ڏٺو وڃي تيستائين ان جي اخلاقي بلندي ۽ پستي ۽ ان جو سماجي قدر معلوم نٿو ڪري سگهجي. هڪ انسان جو هن نقطي نظر سان ان جي قدر جو جائزو ورتو ويندو ته ان انسان جي ڪمن مان معاشري کي جيڪڏهن فائدو پهچي ٿو ته چئبو ته هي انسان سٺو آهي. پر جيڪڏهن معاشري کي نقصان پهچي ٿو ته چئبو هي انسان خراب آهي. اهڙي طرح سان ان انسان جو سماجي قدر به معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هن جي ڪمن مان جيترو سماج کي فائدو پهچندو ته چئبو ته سندس ڪم ايترو ڀلو آهي ۽ ائين ان جي ڪمن مان جيترو سماج کي نقصان پهچندو ته چئبو ته سندس ڪم ايترو خراب آهي. حضرت شاهه ولي الله انسان جي تمدني زندگيءَ جي مختلف رخن تي گهري نظر وڌي آهي. شاهه صاحب فرمائن ٿا: ”انساني زندگي، اجتماعي زندگيءَ کانسواءِ گذارڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري هر انسان ڪنهن نه ڪنهن جماعت جي رڪن هجڻ جي حيثيت سان زندهه رهي سگهي ٿو ۽ هي ڳالهه اسان جي قدرت کان ٻاهر آهي ته ڪنهن فرد جي خوبين جو بحث جماعت کان الڳ ڪري ڪيون. ڇو ته اسان کي اها ڪيئن خبر پوندي ته جنهن جماعت سان ان جو تعلق آهي ان جي اندر اهي ڪهڙيون وصفون آهن جن سان سٺن اخلاقن ۽ فضائل ۾ مدد ملندي آهي يا انهن وصفن جو هجڻ اخلاقي ۽ ڀلائيءَ واري زندگي لاءِ پيدا ڪنديون آهن. (اخلاق و فلسفهءِ اخلاق، ص11)
    شاهه صاحب ان سلسلي ۾ وڌيڪ فرمائن ٿا ته:
    ”حقيقت هيءَ آهي ته انسان نه صرف ڪنهن هڪ ڳانڍاپي سان جڙيل آهي بلڪه اهو ڪيترين ئي ڳانڍاپن جي سلسلي جي ڪڙي آهي، جيڪي پاڻ م مليل ۽ مرتب آهن. هو هڪ خاندان جو جز آهي. هڪ شهر جو حصو آهي. هڪ قوم جو فرد آهي ۽ پوءِ آخر ۾ هو هڪ بين الاقوامي نظام جو رڪن آهي.“
    (اخلاق و فلسفه اخلاق ص 220)
    مطلب ته امام صاحب وٽ ماڻهوءَ جو عمل ۽ اخلاق صرف ان جي ذات جي پيداوار ناهي پر اهي اخلاق اجتماعي زندگيءَ ۾ (سماج) ۾ ئي ظاهر ٿين ٿا. ڪو به فرد بحيثيت هڪ فرد جي ترقي نٿو ڪري سگهي، بلڪه ان کي سوسائٽي جو حصو بڻجي ڪري ئي رهڻو پوي ٿو. پوءِ ان ۾ ان جون مختلف حيثيتون ٿين ٿيون. خانداني، قبيلائي، قومي ۽ بين الاقوامي وغيره اصل حقيقت هي آهي ته سماجي فلسفي ۾ هي مسئلو (فرد ۽ جماعت جو) انتهائي اهم آهي. شاهه صاحب وٽ جيتوڻيڪ ماڻهوءَ جي ذات به حقيقي قدر ۽ قيمت جي حامل آهي ۽ پاڻ ان جي انفراديت جو ضرور احترام به ڪن ٿا. تنهن ڪري سندن فلسفي جو هڪ بنيادي نقطو هيءُ به آهي ته ”فرد جو معاشي مسئلو آساني سان حل ٿيڻ گهرجي. ڇو ته مالي طور تي مستحڪم شخصيت ئي حقيقي اخلاق جو مظهر بڻجي سگهي ٿي.“
    پر پاڻ هن ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته فرد جي تشڪيل ۽ تعمير صرف سماج جي اندر رهڻ سان ئي ممڪن آهي. تنهن ڪري مادي ۽ روحاني ترقي سماج جي اندر رهي ڪري ٿيندي. انهيءَ ڪري فردن جي باري ۾ جيڪڏهن اوهان کي بهتر نتيجا وٺڻا آهن ته اوهان کي اهڙو سماج اڏڻو پوندو. فرد جي باري ۾ سندن فلسفو هي آهي ته فرد جا ٻه مختلف پاسا آهن. هڪ فرد جو تعلق ذات مطلق (يعني سندس خالق سان آهي ٻيو سندس هم جنس افرادن سان هي سماجي تعلق آهي. ۽ ڪو به انسان سماج کان الڳ ٿلڳ ٿي ڪري نه پنهنجي تعمير ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري نجات حاصل ڪري سگهي ٿو. شاهه صاحب وٽ ”نجات هڪ سماجي عمل آهي.“
    پر جيئن معاشرو فرد جي لاءِ ڪسوٽي ۽ معيار آهي تئين معاشرو فرد جي ”تربيت گاهه“ به آهي. جيڪڏهن معاشرو صحيح اصولن تي قائم هوندو ته ان معاشري جي هنج ۾ پلجندڙ انسان به بهترين شخصيت سان سنوارجي سگهبا. پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن معاشرو شر ۽ فساد جو ڳڙهه هوندو ته ان ۾ رهندڙ فرد به ان رنگ ۾ رنگجي ويندا. پر هتي سوال هي آهي ته معاشري کي ڪيئن سڌارجي ۽ سنوار جي ۽ ان کي ڪيئن بهترين ۽ مضبوط اصولن جي بنياد تي قائم ڪجي؟ ان ڳالهه کي مسلم حڪيمن ۽ يورپي دانشورن حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    يوناني حڪيمن اخلاقيات (Ethics) ۽ اجتماعيات (Sociology) تي تمام گهڻو لکيو آهي. پر انهن ٻنهي کي الڳ الڳ موضوع بڻائي لکيو آهي جيئن يوناني حڪيمن ۾ ارسطو ، افلاطون، ايپي ڪيور ۽ ٻين تمام گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پر انهن فلسفين هنن ٻنهي شين (اخلاقيات ۽ اجتماعيات) جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي کي بيان نه ڪري سگيا آهن.
    مغربي دانشورن منجهان ڪانٽ، سپينسر، شونپهار، ڊيڪارٽ، مل، سپنوزا، ۽ هيگل اجتماعيت ۽ اخلاقيات تي تمام گهڻو ڪجهه لکيو آهي پر اهي به ٻنهي جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي کي بيان نه ڪري سگهيا آهن. ائين ئي مسلم حڪيمن ۾ ابن مسڪويه، غزالي، ماوردي، راغب، ڪندي، فارابي، ابن سينا، ابن رشد، ابن خلدون، ابن عربي وغيره انفرادي اخلاق تي تمام وڏا بحث ڪيا آهن. هر ڪنهن وار جي کل لاٿي آهي، پر سندن قلم اجتماعي اخلاق ۽ معيشت جي باري ۾ رڪيل نظر اچي ٿو.
    اصل ۾ حڪيم ۽ دانشور هن ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهن ته بهترين افرادن جي تعمير سان ئي اجتماعي اخلاق کي سڌاري سگهجي ٿو. يعني بلند اخلاقي اجتماعيت کي اخلاقيات جي هيٺان رکيو آهي.
    سندن نظريو هي آهي ته علم الاجتماع کي علم الاخلاق جي هيٺان ڪري دنيا کي جنت جو نمونو بڻائي سگهجي ٿو. پر هنن انفراديت پسند صوفين ۽ دانشورن جن اخلاق کي معاشي ارتفاق تي مقدم رکيو آهي ان جو نتيجو هي نڪتو آهي ته نه سماج ۾ سڌارو اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري تزڪيه نفس جو ڪم صحيح طريقي سان ٿي سگهيو آهي، جيڪو معاشري تي ڪي خاطر خواهه اثر مرتب ڪري.
    جيئن مولانا عبيدالله سنڌي رحمت الله عليه جن فرمايو: ”عام طور تي تصوف اخلاق سان شروع ڪيو وڃي ٿو. معاشي ضرورتون حيواني زندگيءَ جي لاءِ تسليم ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن جو انسانيت سان ڪو ڳانڍاپو نٿو تسليم ڪيو وڃي. جنهن ڪري اسان جي سياست کوکلي ٿي چڪي آهي. ۽ اسان جا عقلمند ۽ مهذب ماڻهو اجتماعي ڪمن کان پاسيرو رهڻ کي ڪمال سمجهن ٿا.“ (الفرقان، ولي الله نمبر، ص 320)
    پر شاه ولي الله اهو پهريون حڪيم ۽ فلسفي آهي جنهن علم الاخلاق ۽ علم الاجتماع ۾ علم الاقتصاد جي اهميت ۽ ان جي درجي کي متعين ڪيو آهي. سندن نظريو هي آهي ته بهترين سماج جي تشڪيل لاءِ عادل معاشي نظام جو هجڻ ضروري آهي. هڪ اهڙو اقتصادي نظام جيڪو افراط ۽ تفريط کان خالي ۽ عدل ۽ انصاف جي بيناد تي قائم هجي. سندن چوڻ آهي ته اجتماعي معاشيات جو اجتماعي اخلاق تي تمام گهرو اثر پوي ٿو. تنهن ڪري اجتماعي اخلاق جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هڪ رواداري ۽ امداد باهمي ۽ تعاون جهڙن اصولن تي قائم اقتصادي نظام هئڻ ضروري آهي. جيستائين ان قسم جو معاشي سسٽم سوسائٽي ۾ قائم نه ڪبو تيستائين اخلاقي حسن نروار نه ٿيندو. جيڪڏهن قومن جي جسم ۾ فاسد معاشي نظام جو رت ڊوڙندو رهندڙ هوندو ته ان قوم جو اجتماعي اخلاق تباهه ٿي ويندو.
    مولانا عبيدالله سنڌي ان سلسلي ۾ فرمائن ٿا: ”حضرت امام ولي الله“ معاشي ضرورتن کي سڌو سنئون انسانيت جو جز قرار ڏئي ڪري ٻڌائي ڇڏيو آهي ته انهن ضرورتن کي آسانيءَ سان حل ڪرڻ لاءِ صحيح نظام جوڙڻ ضروري آهي. ته جيئن انسان پنهنجون ضرورتون آسانيءَ سان پوريون ڪري وٺي ۽ ان کان پوءِ ان وٽ ڪجهه وقت بچي ته جيئن اهو پنهنجي لطيفن (اندروني اخلاق) جي تڪميل ۽ ان ۾ سڌارو ڪري سگهي (يعني ذات مطلق سان پنهنجي تعلق کي سگهارو بڻائي سگهي) (الفرقان ولي الله نمبر ص 230)
    شاهه صاحب معاشيات ۽ شخصيت جي تعمير جي لاڳاپي کي چٽو ڪري ڏيکاريو آهي. شاهه صاحب حجت الله البالغه ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ”انساني عملن جي لاءِ محرڪ قوتون نفسي ڪيفيتون معاشي حالتن جي اثرن هيٺ جڙنديون آهن.
    بدور باز غہ ۾ چٽو فرمايو اٿن:
    ”انما الاخلاق بالاحوال لا بالعلوم“ (بدور بازغھ 41)
    يعني انساني اخلاق معلومات سان نه بلڪه حالتن سان پيدا ٿيندا آهن.“
    هڪ هنڌ حجت الله البالغه ۾ لکن ٿا: انسانيت جا اجتماعي اخلاق ان وقت بلڪل برباد ٿي ويندا آهن. جڏهن هنن تي ڏاڍ ۽ جبر ڪري اقتصادي تنگي تي مجبور ڪيو وڃي ۽ انهن کان حيوانن ۽ ڍڳن ۽ ڍورن وانگي ڪم ورتو وڃي.
    پاڻ هڪ هنڌ اجتماع انساني جي خرابين جي سببن تي بحث ڪندي سڀ کان وڌيڪ اهم سبب اقتصادي عدم توازن کي قرار ڏين ٿا. پاڻ فاسد تمدن کي ( Corruption of Civilization ) اشرافيه طبقي جي عياشين جو نتيجو قرار ڏين ٿا.
    پاڻ چون ٿا ته جڏهن اشرافيہ طبقو پنهنجي عيش و عشرت ۽ عياشين تي ملڪ جو پيسو لٽائي ٿو، نتيجي ۾ ملڪ جا محنت ڪندڙ ۽ ڪمائيندڙ ماڻهو بنيادي ضرورتن وارا پيشا ڇڏي ڪري انهن اشرافيھ طبقي جي لاءِ عياشيءَ واريون شيون ٺاهن ٿا ۽ نتيجي ۾ زراعت، صنعت ۽ حرفت جهڙا پيشا جن تي صحيح تمدني ترقي موقوف هوندي آهي، اهي ختم ٿيندا ويندا آهن، جنهن ڪري معاشرو ترقي کان محروم رهجي ويندو آهي. ۽ گڏوگڏ عياشيءَ جي ڪري اخلاقي فساد پکڙبو آهي. پوءِ وري اها وبا صرف مٿي طبقي ۾ ئي نه رهندي آهي، بلڪه پوري قوم ۾ سرايت ڪري ويندي آهي.
    شاهه صاحب ان باري ۾ روم ۽ فارس جي شهنشاهيت واري نظام کي مثال طور پيش ڪندي آخر ۾ لکن ٿا: ”ان اقتصادي بدحالي جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته اشرافيہ طبقو پنهنجي عياشيءَ جي سامان جي پورائي لاءِ هارين، مزدورن ۽ صنعتڪارن تي وڏا وڏا ٽيڪس هڻندو آهي. پوءِ اهي ويچارا ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن جي پيٽ پالڻ ۾ رڌل رهندا آهن. آخرت واري سعادت جي باري ۾ ته سوچڻ ئي پري جي ڳالهه آهي.
    پوءِ آهستي آهستي انسانن مان سوچڻ ۽ سمجهڻ جو مادو ئي ختم ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ته وري ائين ٿيندو آهي جو ملڪ ۾ ڪو هڪ به اهڙو نه ملندو آهي جيڪي مادي زندگي کان مٿي ٿي ڪري ابدي ڪائنات جي اصولن کي سمجهي ۽ ان جي مطابق عمل ڪري
    (شاهه ولي الله کا فلسفه عمرانيات و معاشيات ص 137).
    هڪ هنڌ پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي بعثت جي غرض تي ڳالهائيندي لکن ٿا ته ”رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي بعثت جو هڪ مقصد هي هيو ته پاڻ طبقاتي ۽ جبري نظام کي ختم ڪري عادل اقتصادي نظام قائم ڪن ته جيئن ماڻهو معاشي ارتفاق کان فارغ ٿي ڪري الهي ارتفاق ۾ ترقي ڪن“ پاڻ ڪريم ﷺ جي زماني ۾ اهو نظام روم ۽ فارس جي بادشاهيءَ جي صورت ۾ عمل پذير هيو، تنهن ڪري ان کي ختم ڪرڻ سندن نبوت جي اهم مقصدن منجهان هڪ هو.“
    (شاهه ولي الله کا فلسفه عمرانيات و معاشيات، ص 141)
    شاهه صاحب جي ان نقطي نظر جي وضاحت قاضي جاويد احمد صاحب هيئن بيان ڪئي آهي. قاضي صاحب لکن ٿا: ”شاهه صاحب وٽ، فرد جي تعمير ۽ ان جي ذات جي نشو و نما لاءِ تعاون، باهمي رواداريءَ جهڙن اصولن تي هڪ اجتماعي ۽ فلاحي نظام ضروري آهي. شاهه صاحب وٽ اهڙو سماجي نظام عادل اقتصادي نظام سان ئي تشڪيل ٿئي ٿو. اهو معاشي نظام دولت جي مساويانه تقسيم جي اصولن جو پابند هوندو. شاهه صاحب اهي فلسفي ۽ مفڪر آهن جن معيشت جي رد عمل ۾ پوندڙ نفسياتي اثرن کي اجاگر ڪيو آهي. شاهه صاحب چون ٿا ته معاشي نظام جيڪڏهن صحيح اصولن تي قائم هوندو ته نتيجي ۾ انسان جي جسماني ۽ روحاني قوتن ۾ توازن ۽ اعتدال رهندو. انسان ۾ اخلاق فاضله ۽ سٺيون خصلتون جنم وٺنديون. پاڻ وري ظالمانه معاشي نظام جي خرابين ۽ ان جي سماجي ۽ نفسياتي اثرن کان به آگاهه ڪن ٿا.
    پاڻ چون ٿا ته غير انساني معاشي نظام جهڳڙن، ڦرلٽ ۽ هڪ ٻئي کان مسابقت جي عمل کي جنم ڏئي ٿو. حسد، بغض، ڪينو ۽ زوراوري جهڙن زهريلن جراثيمن کي انسان جي اندر ۾ پيدا ٿو ڪري. اهو نظام قومن جو استحصال ڪري ٿو ۽ هڪ قوم کي ٻين قومن جي حقن تي حملو ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. اهڙو نظام بداخلاقي جي مرض کي پکيڙي ٿو. نتيجي ۾ ماڻهو الله جي ياد ۽ روحاني زندگيءَ جي ترقي کان بلڪل پري ۽ محروم رهجي وڃن ٿا. اهو نظام محنت ڪندڙن تي ظلم جا نوان نوان دروازا کولي ٿو.
    اڳتي قاضي صاحب لکن ٿا ته شاه ولي الله تمام چٽي طرح ظالمانه معاشي نظام جي نفسياتي اثرن جي طرف توجهه ڏيارن ٿا. پاڻ لکن ٿا ته هي ظالم نظام انسانن کي انسانيت کان ڪيرائي انهن کي اڌ انسان بلڪه جانورن ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. پر هن نظام جي زد ۾ رڳو محنت ڪندڙ طبقو ئي متاثر نٿو ٿئي. بلڪه مٿيون ۽ کائو طبقو به ان نظام جي زد ۾ اچي ٿو.“
    (افڪار شاهه ولي الله ص، 192-193).
    طبقاتي سماج ۾ دولت مند ۽ اهل زر طبقو تمام انساني حسن کان محروم ٿي ڪري صرف ”مال حاصل ڪرڻ“ جي حسد تي زندهه رهي ٿو. ائين ئي اهي انسانيت جي درجي کان ڪري ڪري اڌ انسان واري درجي تي پهچي وڃن ٿا. جڏهن ته محنت ڪندڙ طبقو جبري مشقت تي مجبور هوندو آهي ۽ آزادانه جسماني ۽ روحاني توانائي جي ترقي نه هجڻ ڪري پنهنجي جسم کي فنا ۽ پنهنجي روح کي تباه ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ئي پورو انساني نسل غير انساني صورت جو شڪار بڻجي پوي ٿو، بقول شاهه ولي الله جي اهڙو سماج مجرمن ۽ ذهني مريضن کي جنم ڏئي ٿو . (تعليمات شاهه ولي الله، ص 193).
    شاهه صاحب جن جي ان نظريي کي سامهون رکي ڪري اڳتي هلي ڪارل مارڪس چيو ته ”طبقاتي سماج فرد ۾ بيزاري بيچيني پيدا ڪري ان جي نفي ٿو ڪري ۽ انقلاب ان نفي جي نفي ڪرڻ جو عمل آهي، جنهن سان هڪ نئون ۽ مڪمل انسان جنم وٺي ٿو. ڳالهه جو حاصل مطلب ته فرد جي ذات جي نشوونما ۽ ان جي روحاني ترقيءَ لاءِ انسان دوست اقتصادي نظام جو هجڻ ضروري آهي.“
    جيئن حضرت سنڌي فرمائن ٿا: ”عوام جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن جي اصلاح، سندن اخلاق جي اصلاح لاءِ اول شرط آهي. اقتصادي نظام جي ٺيڪ ۽ صحيح هجڻ جو نتيجو هي نڪرندو ته انساني اجتماعيت جا اخلاق مڪمل ٿيندا. پوءِ انهن اخلاقن جي تڪميل ئي قبر ۽ حشر جي مصيبتن کان انسان کي نجات ڏياريندي. پوءِ ٻئي درجي ۾ جنت جي نعمتن مان مستفيد ٿيڻ جي قوت پيدا ڪندي ۽ ٽئي درجي تي پهچي ڪري فرد کي رب العالمين جي ديدار لاءِ تيار ڪندي.“ (الفرقان، ولي الله نمبر ص 320)
    اسان جي هن مٿئين تحرير مان شاهه صاحب جي فڪر ۾ معيشت جي اهميت جي باري ۾ خبر پوي ٿي ۽ شاهه صاحب جي خصوصيت ۽ امتيازي حيثيت جي ڄاڻ به ملي ٿي. حقيقت هيءَ آهي ته شاهه صاحب جي فلسفي ۾ تصوريت پسندانه نظريي کي رد ڪيو ويو آهي. پاڻ سماج جي جوڙجڪ ۽ معاشرن جي تشڪيل جا مادي ۽ معاشرتي سبب ٻڌائن ٿا. ۽ ان سان گڏ معاشرن جي جوڙجڪ، قومن جي عروج ۽ زوال ۾ معيشت کي بنيادي اهميت جي نظر سان ڏسن ٿا. پر ان سان گڏ اخلاق، معيشت ۽ مذهب جي پاڻ ۾ مليل ڳانڍاپي کي بيان ڪري انهن کي سماج جي تعمير ۽ تقريب جو حقيقي محرڪ قرار ڏين ٿا. حقيقت ۾ شاهه صاحب اسلامي تاريخ جا پهريان حڪيم آهن جن انسان جي سماجي ارتقا جي نظريي، انساني تهذيب جي ارتقا، ان جي مختلف مرحلن ۽ مرحلن جي محرڪن ۽ مقتضيات ۽ سببن ۽ انهن جي عروج ۽ زوال جو هڪ تجزيو ڪيو آهي. شاهه صاحب ئي پهريون حڪيم آهي جنهن علم الاجتماع ۽ علم الاخلاق ۾ علم الاقتصاد کي بنيادي اهميت ڏني آهي.
    مارڪس شاهه صاحب کان گهڻو پوءِ پيدا ٿيو جنهن اشتراڪيت ۽ سرمايئدارانه نظام جي باري ۾ تسلسل سان پنهنهجو نظريو پيش ڪيو ۽ دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي. مارڪس پنهنجي اقتصادي نظريي کي پيش ڪرڻ وقت مذهب کي خارج ڪري ڇڏيو بلڪه سندس فلسفو لاديني فڪر تي قائم آهي. مارڪس مذهب کي عادل اشتراڪي نظام جو مخالف ۽ دشمن قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته شاهه صاحب ”عدل“ ۽ ”رب“ جهڙن خدائي صفتن کي عقلي دلائل سان واضح ڪري علم الاقتصاد کي مذهب جو پابند بڻائي ٿو. تنهن ڪري شاهه صاحب جي حجت الله البالغھ ۽ بدور بازغھ کي داس ڪيپٽال (Das Capital) تي ترجيح ۽ فوقيت آهي.


    انفاق في سبيل الله : مولانا عبداللطيف نانگراج

    فطرت جو هيءُ سڌو ۽ ساڌو اصول آهي ته معاشرت ۽ معيشت ۾ سڀ انسان هڪ جهڙا ناهن ۽ قدرتي صلاحيتن جي خيال کان به انهن ۾ وڏو فرق آهي. ڪن ۾ ڪمائڻ ۽ دولت حاصل ڪرڻ جو صلاحيتون اعلى معيار جون هونديون آهن ته ڪن ۾ وري گھٽ. ڪن کي وري سازگار ماحول ملي وڃڻ جي ڪري ترقي جا موقعا ملي ويندا آهن ۽ اهي پنهنجي معيشت بهتر ڪري وٺندا آهن. ڪي ويچارا مواقع حاصل نه هجڻ ڪري زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي پئجي ويندا آهن. بهرحال معيشت ۾ اختلاف فطري حد تائين برو نه آهي. ڇو ته انسان ڪو مشين يا گاڏي ته ناهي جنهن کي هڪ ئي بٽڻ تي پيو هلائجي. پر جيڪڏهن اها معاشي اڻ برابري حد کان وڌي وڃي ته اها معاشري لاءِ تباهيءَ ۽ بربادي جو وڏو ڪارڻ بنجي پوي ٿي. تنهن ڪري هر آسماني مذهب ماڻهن جي مالن ۾ غريبن جو حق رکيو آهي ۽ غريبن، يتيمن، مسڪينن ۽ ضرورت مندن تي خرچ ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي. هاڻي ته ”مستحقن جي مدد ڪرڻ“ اهڙو عالمگير اصول تسليم ڪيو ويو آهي جو مذهب جا مخالف به ان جو انڪار نٿا ڪري سگھن.
    اسلام جي اقتصادي نظام جو هڪ بنيادي جز ”انفاق“ آهي. انفاق جي معنى آهي خرچ ڪرڻ، ٻئي جي ضرورت پوري ڪرڻ. يا ڪنهن ڪمي يا نقص کي ختم ڪرڻ. ان کي آسان ڪجي ته مطلب هي نڪرندو ته اهڙي طرح خرچ ڪرڻ جو معاشري جي اڻ برابري ختم ٿي وڃي، يا اخلاقي ڪمزوريون جيڪي انسانن جي بنيادي ضرورتن جي پوري نه ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون، انهن کي دور ڪرڻ. قرآن پاڪ ۽ حديث جي روءِ سان انفاق هڪ وسيع ۽ جامع معنى رکندڙ لفظ آهي. اسان وٽ انفاق جي قانوني حيثيت (Obligation)، کي صرف زڪوات ۾ محدود ڪيو ويو آهي، باقي انفاق جا حڪم، مستحب يا مندوب (Recommended Act) جي دائري ۾ شامل ڪيا ويندا آهن. ان سوچ جي بنيادي غلطي دولت ۽ ملڪيت جي باري ۾ اسلام جي نقطي نظر کي صحيح طور نه سمجھڻ آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته دولت ۽ ملڪيت تي قرآن پاڪ مستقل مالڪ هجڻ جو حق ابتدا کان تسليم ئي نه ڪيو آهي. ارشاد خداوندي آهي:
    إِنَّ اللَّهَ اشْتَرَىٰ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ أَنْفُسَهُمْ وَأَمْوَالَهُمْ بِأَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَ ﴿التوبه: ۱۱۱﴾
    “بلاشبہ الله تعالى مؤمنن کان سندن جانيون ۽ مال ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن. هن قيمت تي (خريد ڪيو اٿس ته) کين بهشت (جي دائمي زندگي) ملي.”
    يعني مال ۽ ملڪيت جو حقيقي مالڪ الله تعالى آهي، باقي انسان ان جو امين ٿي ڪري ان مال ۽ ملڪيت کي سندس بندن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ جو پابند آهي. هڪ هنڌ ته مال جي سڌي نسبت خدا تعالى پاڻ ڏي ڪئي آهي:
    وَآتُوهُمْ مِنْ مَالِ اللَّهِ الَّذِي آتَاكُمْ ﴿النور: ٣٣﴾
    هتي ته تاويل جي ڪا گنجائش ئي نه آهي. دولت ۽ ملڪيت کي پنهنجي مستقل مالڪي ڏيکارڻ قارون جي ذهنيت آهي. جيئن قرآن پاڪ قارون جي ذهنيت جي ترجماني هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
    قَالَ إِنَّمَا أُوتِيتُهُ عَلَىٰ عِلْمٍ عِنْدِي ﴿القصص: ٧٨﴾
    “(قارون جواب ۾) چيو ته مون کي جو هيتري دولت ملي آهي سا يقيناً مون پنهنجي علم (عقل ۽ هنر ۽ محنت) سان حاصل ڪئي آهي. (مون تي خدا ڪو احسان ڪونه ڪيو آهي.)”
    مال ۽ دولت تي پنهنجي مستقل مالڪي ڏيکارڻ، ان کي عام ڀلائي لاءِ خرچ نه ڪرڻ، فساد آهي. جيئن هن آيت کان اڳين آيت مان ظاهر ٿئي ٿو. جنهن ۾ قارون کي سندن قوم چيو:
    وَلَا تَبْغِ الْفَسَادَ فِي الْأَرْضِ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ ﴿القصص : ٧٧﴾
    هڪ ٻئي هنڌ ارشاد آهي:
    وَالَّذِينَ يَكْنِزُونَ الذَّهَبَ وَالْفِضَّةَ وَلَا يُنْفِقُونَهَا فِي سَبِيلِ اللَّهِ فَبَشِّرْهُمْ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
    ﴿التوبه: ٣٤ ﴾
    ”۽ جيڪي ماڻهو سون چاندي پنهنجي خزاني ۾ گڏ ڪري رکندا رهن ٿا ۽ ان کي الله جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ“. هن آيت ۾ لفظ ”ڪنز“ آيو آهي، تنهن ڪري هن آيت جي تفسير ۾ عام عالمن ۽ محققن جو مسلڪ هي آهي ته جنهن مال مان زڪوات ۽ ٻيا مالي فريضا ادا نه ڪيا وڃن، اهو مال ”احتڪار“ (بنيادي ضرورت جي شين کي روڪي رکڻ) ۽ ”اڪتناز“ (دولت کي گڏ ڪرڻ) جي فهرست ۾ شامل آهي، انڪري اهو ڪنز جي باري ۾ آيل وعيد ۽ خدائي سزائن جو ڪارڻ بڻبو. اهڙي قسم جي دولت ۽ ثروت جو نالو ”سرمايہ پرستي“ آهي. سورة همزه ۾ مال کي گڏ ڪندڙ لاءِ هلاڪت ۽ جهنم جي وادي جو وعيد ٻڌايو ويو آهي. ارشاد آهي: الَّذِي جَمَعَ مَالًا وَعَدَّدَهُ ﴿الهمزه: ٢﴾ ”جنهن جي (زندگيءَ جو مقصد) مال کي ميڙي ۽ ان جي ڳڻ ڳڻان ڪرڻ رهيو آهي.“
    هي ڪجھه آيتون هيون جن کي اڳيان رکي ڪري هي نتيجو واضح طور نڪري ٿو ته انسان پاڻ دولت جو مستقل مالڪ نه آهي بلڪ، الله تعالى جو امين آهي ۽ مال ۽ دولت کي گڏ ڪري رکڻ جائز نه آهي بلڪ ان کي عام ڀلائي لاءِ يعني جيڪي حاجتمند آهن، انهن تي خرچ ڪرڻو آهي. دولت کي پنهنجي مستقل ملڪيت سمجھڻ، ان کي گڏ ڪري رکڻ (يعني مستحقن ۽ ضرورتمندن تي خرچ نه ڪرڻ، بلڪ پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ يا غيرضروري ڪمن ۽ عياشين تي پئسو لٽائڻ) قارون جي ذهنيت جي ترجماني آهي. جيڪو فساد آهي ۽ مفسدين کي الله تعالى پسند نه ڪندو آهي.
    جڏهن انسان قرآن جو مطالعو ڪري ٿو ته ڏسي ٿو ته ان ۾ زڪواة کان علاوه جا بجا انفاق جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي ۽ ان سان گڏ مال گڏ ڪرڻ واري لاءِ سخت وعيد بيان ڪيا آهن. هاڻي جيڪڏهن انهن آيتن جون اهي تاويلون ڪجن ته ”گڏ ڪرڻ“ مان مراد آهي زڪواة نٿو ڏئي يا وري ”انفاق“مان مراد به صرف زڪوات آهي. يا وري جيڪڏهن زڪواة کان علاوه جيڪو انفاق جو حڪم آهي اهو مستحب آهي، فرض ۽ لازم نه آهي، صحيح نظر نٿو اچي. ڇا زڪواة کانپوءِ ماڻهو پنهنجي مال جو مستقل مالڪ آهي ۽ ان کي جيئن وڻي تيئن ان کي خرچ ڪري؟ ڀلي گڏ ڪري رکي؟ پوءِ جيڪڏهن ائين آهي ته ان لاءِ زڪواة جو حڪم ئي ڪافي هئو باقي پوءِ گڏ ڪرڻ لاءِ وعيد ۽ انفاق جي مطلق لفظ ڳالهائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته انفاق جي معنى رڳو خرچ ڪرڻ ناهي بلڪ اهڙي طرح خرچ ڪرڻ آهي جيئن معاشي اڻ برابري ختم ٿي وڃي. اهڙي طرح جو عام طور تي ماڻهن جون بنيادي ضرورتون يعني کائڻ، پهرڻ، رهڻ، صحت ۽ تعليم آساني سان پوريون ٿين. رياست به اهڙِ نظام جوڙڻ جي پابند آهي. انفاق جي ٻين حڪمن کي صرف مستحب جي حيثيت ڏيڻ، اهو به صحيح نظر نٿو اچي. حقيقت هيءَ آهي ته ڪو به نظام پنهنجا گهربل نتيجا قانوني حيثيت کانسواءِ ڏئي ئي نٿو سگهي. جيڪڏهن اسلام جي اقتصادي پاليسي جو بنياد سماجي ڀلائي ۽ عام مفاد تي آهي ته پوءِ يقيناً انفاق جي به قانوني حيثيت تسليم ڪرڻي پوندي.
    قرآن پاڪ ۾ ڪيتريون ئي آيتون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته سرندي وارن جي مالن ۾ غريبن ۽ مسڪينن جو حق آهي؛ الذاريات: 19، المعارج: 25. سورة النحل ۾ته هيئن به چيو ويو آهي ته: فهم فيہ سواء (النحل: 71) ”حالانڪ سڀ ان ۾ هڪ جھڙا حقدار آهن“
    هاڻي مسئلو هي آهي ته جيڪڏهن زڪواة کانپوءِ به معاشي اڻ برابري رهي ٿي ۽ اڪثر طبقو غربت ۽ مفلسي جي ڪري پنهنجن بنيادي ضرورتن کان به محروم آهي ته ڇا پوءِ به انفاق کي قانوني حيثيت نه ڏبي؟ ۽ مٿين آيتن ۾ ”حق“مان ڇا مراد آهي؟ صرف زڪواة ڏيڻ يا انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ؟ سوره النحل ۾ ته هيٺئين طبقي کي انهن جو برابر جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي. ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سماج ۾ رهندڙ انسانن جي عام حالت فطري حد تائين هڪ جھڙي هوندي.
    حضرت عبدالله بن عمر رضي الله جو قول آهي ته: ان فی المال حقاً سوا الزکوٰۃ (بخاري، ڪتاب الزڪواة) ”ته مال ۾ زڪواة کانسواءِ به ٻيا (لازمي ۽ ضروري) حق آهن.“ اصل مسئلو هي آهي ته جيڪڏهن معاشري ۾ معيشت توازن ۽ اعتدال ۾ آهي، عام طبقي کي ڪا مشقت ۽ غير ضروري ڏکيائي پيش نٿي اچي ۽ زڪواة جي ادائگي سان طبعي توازن قائم رهندو اچي ٿو ۽ ان ۾ ڪو به بگاڙ نٿو اچي ته ان صورت ۾ اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي يقيناً ضرورت نه آهي. پر جيڪڏهن طبقاتي نظام قائم ٿي وڃي يا ڪا هنگامي حالت پيش اچي ته ان صورت ۾ زڪواة کانسواءِ ٻيا اضافي ٽيڪس لڳائي صورتحال کي بيلنس ۾ رکڻ ضروري آهي. پوءِ ان ۾ اها صورت به آهي جو ماڻهن کي پئسو بينڪن يا ٽجوڙين ۾ گڏ ڪرڻ نه ڏنو ويندو، بلڪ جيڪڏهن ڪا وڏي آفت اچي وڃي جنهن سان سماج جو غريب طبقو گھڻو متاثر ٿئي ته ان صورتحال ۾ ضروت کان وڌيڪ رکڻ گناھ جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ اهو فساد آهي، ان کان جبري طور تي روڪيو ويندو. ان باري ۾ ارشاد آهي: وَيَسْأَلُونَكَ مَاذَا يُنْفِقُونَ قُلِ الْعَفْوَ ﴿البقرة:٢١٩﴾ “(اي پيغمبر!) ۽ توکان پڇن ٿا ته حق جي راھ ۾ ڇا خرچ ڪيون؟ انهن کي چؤ ته جيڪي توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سو خرچ ڪيو.“
    مطلب ته ضرورت جي حالتن ۾ ماڻهن کان جيڪڏهن ذاتي ملڪيت ڇڏائڻي پئي ته اها به جبري طور تي ڇڏائي سگھجي ٿي. پر جيڪڏهن انفاق جا حڪم ترغيبي ۽ استحبابي تسليم ڪيا وڃن ته به حڪمت جو اصول هي آهي ته ضرورت جي وقت ترغيبي حڪم قانوني حيثيت اختيار ڪري وٺندا آهن. ۽ جيڪڏهن انفاق جي فلاسافيءَ تي غور ڪيو وڃي ته اها معنى وڌيڪ چٽي نظر ايندي.
    هاڻي اسان هتي ڪجھه “آثار”ذڪر ڪيون ٿا، جن مان مٿين حقيقت جي ڄاڻ ملي ٿي. حضرت ابو سعيد خدري رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو: “جنهن شخص وٽ ضرورت کان وڌيڪ قوت ۽ طاقت جو سامان آهي ته اهو ان کي ڏئي جنهن وٽ نه آهي ۽ جنهن وٽ ضرورت کان وڌيڪ کائڻ پيئڻ جو سامان آهي، اهو غريب ۽ مسڪين کي ڏئي.”حضرت ابو سعيد خدري ؐ جن فرمائن ٿا ته ان کانپوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن مستحقن جا نالا کنيا، ايسيتائين جو اسان کي گمان ٿيو ته بچت مال ۾ ته اسان جو حق ئي نه آهي.“
    حضرت علي رضي الله عنہ جو قول آهي ته: ”الله تعالى دولتمندن تي اهو لازم ڪري ڇڏيو آهي ته اهي غريبن ۽ مسڪينن جي اهڙي طرح مدد ڪن جو اها انهن کي ڪفايت ڪري وڃي. جيڪڏهن (انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه آهن بلڪ) اهي ڪپڙي لٽي کان عاري، مالي مصيبتن ۾ جڪڙيل آهن ته اها ڳالهه نتيجو آهي هن ڳالهه جو ته سوسائٽي ۾ دولت مند پنهنجا حق پورا نٿا ڪن. ۽ قيامت جي ڏينهن ان باري ۾ انهن کي جواب ڏيڻو پوندو.“
    اهڙا کوڙ سارا آثار ذڪر ڪري آخر ۾ علامہ ابن حزم لکي ٿو ته سماج ۾ دولت مندن تي غريبن ۽ مسڪينن جي معاشي ڪفالت ڪرڻ لازم آهي ۽ جيڪڏهن قومي خزاني جي آمدني، غريبن ۽ مسڪينن جي ضرورت پوري نٿي ڪري سگھي ته حڪومت تي لازم آهي ته اها دولت مندن تي اضافي ٽيڪس هڻي غريبن جي ضرورت پوري ڪري ۽ حضرت ابو سعيد خدري واري روايت تي تبصرو ڪندي لکن ٿا ته ”صحابه رضي الله عنهم جو اجماع آهي ته سماج ۾ جيڪڏهن ڪو شخص ننگو، بکيو يا بنيادي ضرورتن کان محروم آهي ته مالدارن جي ضرورت کان واڌو مال مان ان جي ضرورت پوري ڪرڻ لازمي آهي“. (محلي ج ۶، ص ۱۰۸)


    آزاديءَ جو حقيقي مفهوم : مولانا عبداللطيف نانگراج

    دنيا جي ٻين ڪيترن ئي لفظن ۽ اصطلاحن وانگي، اسلامي نقطي نگاهه کان ”آزاديءَ“ جو مفهوم (Concept) به ان مفهوم کان مختلف آهي جيڪو دنيا جي ٻين قومن ۾ سمجهيو يا تصور ڪيو وڃي ٿو.
    جيئن ابوالڪلام آزاد رحه لکن ٿا: ”اسان تورات جا صحيفا ڏٺا، زبور جون دعائون پڙهيون، سليمان جا مثل نظرن جي اڳيان گذريا، يسوع جي اخلاقي تعليم جا واعظ ٻڌا. انهن سڀني ۾ هر جاءِ تي عاجزي، انڪساري، نوڙت، ظلم سهڻ، درگذر ڪرڻ، سماحت ۽ عفوو ڪرم جا ظاهر ۾ دل لڀائيندڙ سراب صفت منظر نظر آيا. پر انهن مان اهي اصول ئي پونيرن حذف ڪري ڇڏيا جيڪي قومن ۾ خود داري، سر بلندي ۽ سچ چوڻ جي صلاحيت جا جوهر پيدا ڪندا آهن. جن جي ڪري قومن جي ڳچين ۾ سچائيءَ ۽ آزادي ۽ حق پرستي جو اهڙو ته ”العروة الوثقى“ هوندو آهي جيڪو نه تلوار سان ڪٽجي سگھجي ٿو، نه وري باهه ان کي ساڙي سگھي ٿي ۽ نه ئي وري محبت ۽ خوف جا ديو ان کي ٽوڙي سگھن ٿا. ڇو ته انهن اهڙي شيءِ کي پنهنجي دماغ ۽ دل ۾ مضبوطيءَ سان جھلي رکيو آهي، جيڪا ٽٽڻ يا ڀڄڻ جي نالي کان واقف ئي ناهي.“ (اسلام مين آزادي کا حقيقي تصور)
    اهو آزاديءَ جو ڪهڙو تصور آهي؟ آزاديءَ جي ڇا معنى آهي؟
    اهو آهي توحيد جو عقيدو. خدا جي بندگيءَ جو يقين. اسلام جي نظر ۾ آزاديءَ جو مفهوم هي آهي ته انسان الله کان سواءِ هر ڪنهن جي بندگي ۽ اطاعت کان آزاد ٿي وڃي. ايتري تائين جو پنهنجي نفس، پنهجن خواهشن، پنهنجن مفادن ۽ اهڙن ٻين قوتن جا طوق لاهي ڪري صرف هڪ خدا جي غلامي جي رسي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي.
    حقيقت هيءَ آهي ته ڪائنات جي هن تڪويني نظام ۾ انسان جو رتبو ۽ درجو سڀني کان مٿي آهي. هن ڪائنات ۾ انسان کي مرڪزي حيثيت ڏني وئي آهي. قدرت جي طرفان انسان کي هيءَ صلاحيت عطا ڪئي وئي آهي ته اهو ڪائنات جي سڀني شين مان فائدو حاصل ڪري پنهنجي مقصد تائين رسائي حاصل ڪري، هيءَ پوري ڪائنات انسان کي فرمانبردار ۽ تابع ڪري ڏني وئي آهي. تنهن ڪري اسان ڏسون ٿا ته انسان پنهنجي عقل ۽ عمل سان هن ڪائنات جي شين کي مختلف صورتن ۽ شڪلين ۾ تبديل ڪري انهن مان پنهنجا غرضَ پورا ڪندو رهي ٿو.
    انسان جي ڪائنات ۾ مرڪزي حيثيت يا ٻين جي ڀيٽ ۾ جيڪو ان کي بلند درجو عطا ڪيو ويو آهي، ان جو سبب هيءُ آهي ته انسان هن دنيا ۾ خدا تعالى جو ”خليفو“ آهي، خدا جي صفتن جو هن دنيا ۾ ظهور انسان جي ذريعي ئي ٿيڻو آهي. ۽ خدا جي صفتن جو جلوه گاهه بنجڻ جو مطلب آهي ته انسان پاڻ کي اخلاقي طور تي سگھارو ڪري. اخلاقيات جو سڌارو هڪ گڏيل سٺي معاشري کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ هڪ سٺو گڏيل معاشرو آزاديءَ کانسواءِ ٻي ڪابه معنى نٿو رکي. تنهن ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته آزادي ۽ انسان لازم ۽ ملزوم آهن. ان جو ئي نالو دين قيم آهي. يعني آزاد انسانن جي جڙيل معاشري جو قانون، يا انسانيت جي آزاديءَ جو قانون.
    تنهن ڪري جيڪي شخص، قومون يا معاشرا، آزاديءَ جي نعمت کان محروم آهن، انهن کي اڳ ۾ آزادي ملڻ گھرجي. ڇو ته آزاديءَ کانسواءِ سٺا ڪردار پيدا ڪرڻ يا بهترين معاشرا جوڙڻ، ناممڪن آهي. ان جو وڏو دليل هي آهي ته حضرت موسى عليه الصلاة والسلام فرعون کي پهريان ائين نه چيو ته ”مسلمان ٿي!“ بلڪ ان کي چيائون ته: ”بني اسرائيلين کي آزاد ڪر!“ ۽ بني اسرائيلين کي خدا جا حڪم يا قانون يا شخصي ذميواريون به تڏهن ڏنيون ويون جڏهن انهن کي فرعون کان آزادي ملي. ڇو ته غلامي انسان جي صلاحيتن ۽ خوبين کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ انسان اعلى پروگرام يا صحيح نصب العين کي سمجھي نٿو سگھي.
    حقيقت ۾ آزاديءَ جي نقطي جي ابتدا به توحيد جو عقيدو آهي ته انتها به توحيد. يا وري چئجي ته توحيد هڪ مرڪز يا محور آهي جنهن جي چوڌاري آزادي طواف ڪري ٿي، يا شايد ڪنهن درجي ۾ اهي ٻئي هڪ به ٿي سگھن ٿا.
    توحيد جي اها ڪهڙي معنى آهي ۽ آزاديءَ جو اهو ڪهڙو مفهوم آهي جيڪو هڪ ئي معنيٰ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو. اها هيءَ معنى آهي ته انسان دنيا ۾ ڪنهن جو غلام نه آهي. اهو صرف هڪ الله جو ٻانهو آهي. جيڪڏهن اهو پاڻ کي ٻئي ڪنهن جو غلام بڻائيندو ته اهو مشرڪ آهي. ۽ قرآن جو قول آهي ته: ”مشرڪ لاءِ مغفرت نه آهي.“ (النساء)
    قرآن جو حڪم هي آهي ته اعلى اقتدار ۽ حاڪمانه قوت صرف خدا تعالى جي ئي آهي. ماڻهو ماڻهوءَ غلام نه آهي، طبقا طبقن جا غلام نه آهن، قومون قومن جون غلام نه آهن. عبديت صرف الله تعاليٰ جي آهي. حڪم صرف الله تعاليٰ جو آهي، اها ئي توحيد آهي ۽ حقيقي آزادي. ان کانسواءِ ٻئي جي اڳيان جھڪڻ، پاڻ کي غلاميءَ ۾ جڪڙڻ آهي. حقيقي آزادي ان نسان کي حاصل آهي جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ خدا جو خوف ۽ ان جي اميد سندس مرڪز هجي. حقيقي آزاد معاشرو اهو چئبو جيڪو بادشاهه، شهنشاهه، قانون جو واضع، شارع ۽ قانون ساز اسيمبليءَ جو مرڪز صرف خدا کي مڃيندڙ هجي.
    قرآن چوي ٿو ته:
    لَا تَتَّخِذُوا إِلَٰهَيْنِ اثْنَيْنِ ﴿النحل: ٥١﴾
    ”ٻه الٰھ ڪري نه وٺو.“
    عقيدو ته هڪ خدا جو هجي پر قانون ۽ غلبو يا طاقت وري ڪنهن ٻي قوت لاءِ تسليم ڪجي. جيئن اسلام کان اڳ ۾ انسان هي سمجھندو هو ته حق، طاقت ۽ غلبي جو نالو آهي، پر اسلام ٻڌايو ته نه، بلڪ خدا جو نالو حق آهي ۽ غلبو به ان جو ئي آهي، خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي ”حق“ ناهي ته خدا جي ٻانهن کي غلام بنائي. ان مان هي به معلوم ٿيو ته حقيقي آزادي، انساني مساوات سان جڙيل آهي، ته سڀ انسان خدا جا ٻانها ۽ ان جا پيدا ڪيل آهن، تنهن ڪري برتري ۽ فوقيت جو ته تصور ئي نٿو ڪري سگھجي ۽ جيڪڏهن برتري ۽ فضيلت آهي به ته مرڪز جي قرب ۽ بعد جي لحاظ کان:
    إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ﴿الحجرات: ١٣﴾
    انساني حقن جو هي اعلان فرانس جي انقلاب کان يارنهن سو سال پهريان گذري چڪو آهي، هي صرف اعلان ئي نه آهي، بلڪ گبن (Gibon) جي قول مطابق ”اهڙو معاشرو، جنهن جو مثال ڳولڻ، غلطي ڪرڻ جي مترادف آهي.“
    آزادي جي بنيادي گھرج
    هڪ ته آزاديءَ جي سڀ کان پهرين ۽ بنيادي تقاضا، ذهني آزادي آهي. ذهني طور تي جڪڙيل فرد يا قوم يا معاشرو، ڪڏهن به عملي آزادي حاصل نه ڪري سگھندو، بلڪ ان لاءِ تصور به نه رکي سگھندو. خارجي غلاميون چاهي اهي معاشي استحصال، سياسي غلامي يا سماجي جبر ۽ ڏاڍ تي مبني هجن، اهي سڀ ذهني غلاميءَ جا عڪس هونديون آهن.
    تنهن ڪري انفرادي طور تي ذهن آزاد هجن، فرد آزاديءَ سان سوچي سمجھي نتيجا ڪڍي ته پوءِ ئي اهو ڪو عملي ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ڇو ته آزاديءَ سان سوچيل ۽ ڪڍيل نتيجن سان ئي عملي راهون آسان ٿينديون آهن. جيئن مولانا حفظ الرحمان رح چون ٿا: ”هر انسان کي هي بنيادي حق مليل آهي ته اهو پنهنجي عقيدي جي مطابق ڪنهن شيءِ جي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد هجي. ڇو ته سچائيءَ جي تلاش ڪنهن گروهه يا ٽولي جي ميراث نه آهي، بلڪ هر هڪ انسان کي هي حق آهي ته اهو جنهن شي جي باري ۾ صحيح يا غلط جو تصور رکي ٿو ۽ ان وٽ دليل به آهن، ته اهڙي ڳالهه چوڻ ۾ اهو آزاد آهي. پوءِ ڀلي کڻي ان جي راءِ ٻين رهنمائن يا قائدين جي خلاف هجي، يا ان جي قومي راءِ جي خلاف هجي. جيڪڏهن اسان ماڻهن کي آزاد طريقي سان سوچڻ کان روڪيون يا انهن کي پنهنجن نتيجن کي بيان ڪرڻ کان روڪيوسين ته ڪيترائي سچائي جا نڪتا تاريخ جي صفحن ۾ چٽجڻ کان رهجي ويندا ۽ انسانيت ڪنهن حد تائين سچائي کان به محروم رهندي. تنهن ڪري اسان کي ايتري نرمي يا آساني ضرور ڪرڻ کپي ته هر انسان کي سندس تصور يا خيال ظاهر ڪرڻ ضرور ڏنا وڃن. پوءِ انهن جي سچائيءَ جي بنيادي معيارن (Universal Truth) تي پرک ڪري فاسد کي ڦٽو ڪجي ۽ سٺي کي قائم رکجي ته جيئن حق غالب رهي ۽ باطل ختم ٿي وڃي.“
    ترقيءَ لاءِ آزاديءَ جي ضرورت
    ٻيو ته عام طور تي چيو ويندو آهي ته ”ترقيءَ لاءِ آزادي ضروري آهي.“ پر هتي جيڪا اهم ڳالهه آهي، اها هيءَ آهي ته اسلامي نقطي نگاهه کان ترقي مان مراد جامع ترقي آهي، جيڪا روحاني ۽ مادي ٻنهي شين تي شامل هجي. يعني دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي آزادي سان جڙيل آهي. اصل ۾ حقيقت هيءَ آهي ته انسان جي زندگي هڪ تسلسل جو نالو آهي، جنهن جا ٻه رخ آهن، پر انهن مان آخري، اول تي موقوف آهي. يعني آخرت جي ڪاميابي، دنيا جي ڪاميابيءَ تي دارو مدار رکي ٿي، جيڪڏهن هتي انسان خدا جي صفتن جو ڪامل درجي ۾ مظهر بڻيو هوندو ته آخرت ۾ راحت ۽ سڪون ۾ رهندو. ۽ دنيا جي ڪاميابي، ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، آزادي تي موقوف آهي. صحيح آزاد معاشرا ئي بهترين اخلاقي شخصيتن کي جنم ڏيندا آهن. تنهن ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته تمدني ترقي به ڪنهن حد تائين اخلاق کي متاثر ڪري ٿي.
    هن مان هي به معلوم ٿيو ته دين ۽ دنيا جي تقسيم جو تصور صحيح نه آهي. مسلم ملڪن ۾ هي رجحان لڌو ويندو آهي ته دين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ”ترڪ دنيا“ کي اختيار ڪرڻ گھرجي. دين ۽ دنيا گڏ نٿا ٿي سگھن. مٿي ذڪر ڪيل قضيا هن ڳالهه جو نتيجو آهن ته اسان اسلام جي مزاج کي سمجھيو ئي نه آهي. اسلام سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي معاشري ۽ پنهنجي نظام جي ڳالهه ڪري ٿو، بلڪ پنهنجن اصولن تي پيدا ڪيل بهترين معاشري کي ٻين قومن جي اڳيان دعوت جي دليل طور پيش ڪري ٿو. تنهن ڪري اهڙي تقسيم جي ڪا به گنجائش نه آهي.
    ان باري ۾ اسان مولانا عبيدالله سنڌي جو آخر ۾ هي ٽڪرو بيان ڪيون ٿا جيڪو ”تفسير المقام المحمود“ ۾ سورة الانشقاق ۾ لکيو اٿن:
    ”آخرت جا معاملا سمجھڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ فلسفي ذهن کپي. خبر ناهي، الاءِ ڇو عام مسلمانن جا ذهن ڪنهن منظم ۽ مستحڪم عملي پروگرام جي طرف توجھه نٿا ڏين. اسان جو خيال آهي ته مخالفن جي پروپيگنڊا انهن جي ذهن کي گھڻو متاثر ڪيو آهي ۽ اهي ان پروپيگنڊا جي اثر هيٺ اچي ويا ۽ ان سان گڏ هن خيال به سندن ذهنن کي خراب ڪيو جيڪو ڪن صوفي منش ماڻهن انهن جي اڳيان پيش ڪيو ته دين ۽ دنيا گڏ نٿا ٿي سگھن، يعني جيڪڏهن مسلمان آخرت جي فلاح ۽ ڀلائي گھرن ٿا ته دنيا کي بلڪل ڇڏي ڏين. هن فڪر جي غلبي اڳتي هلي مسلمانن کي تمدني ترقي ڪرڻ نه ڏني، بلڪ ان لاءِ رڪاوٽ بڻجي پيو. جڏهن ته پهرئين دور جا بزرگ دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ به اڳيا اڳيان هوندا هئا. امام ابو حنيفه رح پاڻ هڪ صوفي بزرگ هو، پر واپار به ڪندا هئا ۽ ان سان شاگردن، فقيرن ۽ غريبن جي خدمت ڪندا هئا.“ (ص 78)
    تنهن ڪري بنيادي نڪتو هيءُ آهي ته دين جي فلاح لاءِ دنيا جي تعمير ضروري آهي. ۽ دنيا جي تعمير لاءِ آزاديءَ جو هجڻ ۽ آزاديءَ جو جذبو هر وقت زندهه رهڻ ضروري آهي.
    اها هڪ کليل حقيقت آهي ته آزاديءَ کانسواءِ دين جو ڪافي حصو عمل کان رهجي وڃي ٿو. تنهن ڪري حقيقي ترقي لاءِ حقيقي آزاديءَ جو هجڻ ضروري آهي.


    دين جي تجديد جي تحريڪ ۽ شاهه ولي الله  : مولانا اخلاق حسين قاسمي

    امام شاهه ولي الله دهلوي  جي دور ۾ شروع ٿيندڙ دين جي تجديد جي تحريڪ جا علمي ۽ فڪري اهڃاڻ سمجهڻ لاءِ ان جي تاريخي پس منظر جو ڄاڻڻ ضروري آهي.
    اورنگزيب جي وفات (1707ع) کان پوءِ مغل سلطنت جي زوال جون نشانيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي چڪيون هيون. جيڪي لڳ ڀڳ ڏيڍ سو سالن جي عرصي ۾ مغل حڪومت جي پڄاڻي جي صورت ۾ پنهنجي نتيجي تي پهتيون.
    هي رڳو ڪنهن حڪومت جو پورو ٿيڻ نه هيو بلڪ هن سان مغل تهذيب، اسلامي روايتون ۽ شاندار مضبوط قدر پڻ فنا ٿي ويا. ڏيڍ سو سالن جو هي دور يارهن مغل شهنشاهن جي عياشيانه زندگي، سياسي اٿل پٿل اندروني سازشن، ٻاهرين حملن، معاشي بدحالي اخلاقي ڇڙواڳي ۽ تهذيبي زوال جهڙا منظر پنهنجي ڪک ۾ سانڍيو ويٺو آهي. جنهن تي هڪ مورخ هنن لفظن لکڻ تي مجبور ٿيو پوي ته ”عمل ۽ ترقي جي قوت کان محروم هيءَ صدي زوال پرستي کي بطور هڪ لازمي نتيجي جي قبول ڪيون ويٺي آهي.“ پر تعجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته اهڙي سياسي ابتري جي باوجود مسلمانن جي علمي زندگيءَ تي زوال نظر نٿو اچي. عام معاشرو تقليدي، رسمي ۽ رواجي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجڻ جي باوجود هڪ خاص طبقي ۾ ذهني پختگي ۽ فڪري قوت چٽي طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان دور ۾ ٻه علمي مرڪز دهلي ۽ لکهن‍ؤ (ولي اللّٰهي خاندان ۽ فرنگي محلي جا عالم) دين جي سڌاري ۽ سماجي اخلاقيات کي سنوارڻ جا فريضا ادا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان سان گڏ ٻين شهرن ڪلڪته، خيرآباد، مدراس ۽ بدايون ۾ به علم جي لاٽ ٻرندي نظر اچي پئي.
    مطلب ته اجتماعي طور تي يا انفرادي طرح شهر شهر ڳوٺ ۾ تعليم، تربيت، تصنيف، تاليف، شعر ۽ ادب ۽ هدايت ۽ نيڪي جي مشغلي جا سلسلا جاري هئا. حقيقت ۾ مسلمانن جي فڪري تاريخ جي لحاظ کان ان دور کي مذهب ۽ تهذيب جي اصلاح، علمن ۾ نواڻ آڻڻ جي اعتبار سان نشاته ثانيه جو دور چئي سگهجي ٿو.
    قدامت پسندي روايت پرستي ۽ تقليدي جمود جو لڳاتار عمل جنهن فڪري ڪشادگي ۽ اجتهاد جو دروازو بند ڪري ڇڏيو هو، اهو هاڻي کلي چڪو هو. اهل علم دين جي صحيح تصور کي اجاگر ڪرڻ سان علمن کي محفوظ ڪري رهيا هئا. نون خيالن ۽ فڪرن جي پيڙهه پئجي رهي هئي.
    ان دور ۾ سڀني عام ۽ خاص ماڻهن اهو سمجهي ڇڏيو هو ۽ مذهبي، سماجي تمدني ۽ تعليمي ترقي سندن عملي جاکوڙ سان ئي ڳانڍاپيل آهي. اهو تصور ايندڙ فڪري انقلاب ۽ عملي جذبي لاءِ رستو هموار ڪري رهيو هو.
    اورنگزيب جي وفات کان پوءِ جيڪو اخلاقي بحران ۽ سياسي بيچيني پيدا ٿي چڪي هئي. ان کي سڀ کان پهرئين شاهه صاحب جهڙي ذهين ترين انسان سمجهي ورتو. ان جي حقيقي سببن کي اجاگر ڪندي ان بحران تي قابو پائڻ لاءِ منصوبه بندي شروع ڪري ڇڏي. هن ذڪي الفهم عالي دماغ نرم دل ۽ انقلابي ذهنيت رکندڙ شخص هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏي هئي ته شهنشاهيت جي هن مطلق العنان دور جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته ان جي مقابلي ۾ گهڻ قومي ۽ سماجوادي هڪ منظم ۽ مڪمل نظام حيات پيش ڪيو وڃي. ان لاءِ شاهه صاحب هڪ پروگرام تشيڪل ڏنو اقتصادي، سياسي، مذهبي، فوجي ۽ سماجي قانون مرتب ڪيا، جن کي اختيار ڪري هڪ بهترين معاشرو قائم ڪري سگهجي پيو.
    حقيقت ۾ هي هڪ ذهني ۽ فڪري انقلاب لاءِ قدم هيو. جيئن ته سيد ابوالحسن علي ندوي لکي ٿو ته: ”هن تحريڪ ۾ اصلاح سان گڏ علمي ۽ فڪري رنگ به چٽي طرح نظر اچي ٿو. هن جي دائري ۾ درس، تعليم، تصنيف، تاليف، تربيت ۽ اصلاح، معقول ۽ منقول ۾ تطبيق، مذاهب اربعه ۾ انصاف پسندي، شرعي احڪامن جي حڪمتن کي ظاهر ڪرڻ، مقاصد شريعت جي وضاحت ڪرڻ، روايت ۽ ڪوري تقليد کان پاسو ڪرڻ پنهنجي بالغ نظري ۽ عالي دماغ سان ملت اسلاميه جي تشخص ۽ تحفظ لاءِ منصوبه بندي ڪرڻ، هندستان ۾ اسلام ۽ اسلامي حڪومت جي بقا لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ سڀ کان اهم هيءَ ڳالهه ته ايندڙ وقت جي عقلي تقاضائن کي سامهون رکندي انهن سڀني مسئلن ۽ فڪرن کي علما جي طبقي ۾ منتقل ڪرڻ جون عملي ڪوششون اچي وڃن ٿيون.“
    توڻي جو شاهه صاحب رحه جو فڪر ۽ نظريو سندن زماني ۾ پريس جي نه هجڻ ڪري عام طور تي پکڙجي نه سگهيو، پر پاڻ جيڪي تعليم ۽ تريبت جا مرڪز (مدرسه رحيميه دهلي، تڪيه شاهه علم الله رائي بريلي) قائم ڪري ويا هئا. انهن شاهه صاحب جي نظرين کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو. شاهه صاحب جي فرزند شاهه عبدالعزيز (1746- 1824ع) سندن فڪر ۽ نظريي کي عملي طور تي نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن خاندان هن انقلابي پروگرام کي عوامي سوچ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
    هن تجديد دين جي تحريڪ نظرياتي ۽ عملي اعتبار سان تاريخ تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. هن تحريڪ معروضي حالتن جي تقاضائن مطابق علما جي ٽولي ۾ علمي ۽ عملي انقلاب پيدا ڪيو. انهن ۾ اهڙو جذبو بيدار ڪيو جو اهي ملوڪيت سان ٽڪر کائڻ ۾ اٿي پيا. فوجي صورت کڻي نه به هئي پر اهي انسان خدائي خدمتڪار بڻجي ملڪ ۾ ذهني، فڪري عملي انقلاب لاءِ پيش پيش رهيا. دهلي تي هن تحريڪ جو اثر تقريبا اڌ صديءَ تائين رهيو. هن تحريڪ جي اصلاحي ۽ انقلابي درجابندي ڪئي وڃي ته ان کي پنجن محاذن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.
    پهريون ذهني ۽ فڪري محاذ: علم، ادب، تهذيب ۽ ثقافت تي فڪر جي لحاظ کان ۽ تصوف ۾ شدت ۽ مذهبي تنگيءَ جي لحاظ کان جيڪي ايراني اثر ڇائنجي چڪا هئا. انهن کي ختم ڪري صحيح اخلاقي تعمير ڪرڻ هن جو اهم حصو هو.
    ٻيو فوجي محاذ: جيڪو جهاد جي اصول تي قائم رهيو. يعني اهڙي مقدس جنگ جنهن ۾ انسان ڪنهن عظيم نصب العين لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. توڻي جو شاهه اسماعيل شهيد (ف 1830ع ۽ سيد احمد شهيد (ف 1830ع جي رهبري ۾ هن محاذ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو، پر پوءِ به ان جا اثر انگريزن سان نفرت ۽ جنگ جي صورت ۾ موجود رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ 1857ع جي آزاديءَ جي جدوجهد ٿي ۽ پوءِ ان جا اثر مختلف مزاحمتي تحريڪن جي صورت ۾ 1947ع تائين قائم رهيا.
    ٽيون سياسي محاذ: جنهن ۾ گذريل سياسي تبديلين جو حقيقت پسنديءَ سان جائزو وٺي ايندڙ وقت لاءِ بهترين تدبيرون ڪرڻ ۽ صحيح اسلامي اصولن تي هڪ مستحڪم رياست قائم ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ شامل آهي.
    چوٿون اقتصادي محاذ: هي ڪڏهن عملي طور تي پنهنجي آب و تاب سان وجود ۾ نه اچي سگهيو، پر هن ۾ جيڪا اسلامي اصولن کي سامهون ڪري اقتصادي نظام جي تعمير ڪئي وئي آهي، بعد ۾ مارڪس ۽ اينجلز جي سيڪيولر نظرين ۾ ان جي جهلڪ ضرور نظر اچي ٿي.
    پنجون معاشرتي محاذ: جنهن جي اشاعت شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتابن ۽ سيد احمد شهيد جي روحاني زندگي سان ٿي. هيءَ ڪڙي شاهه صاحب کان شروع ٿيندي شاهه عبدالعزيز (ف 1824ع) شاهه اسحاق (ف 1846ع) جي واسطن سان مولانا محمد قاسم نانوتوي تائين پهچي ٿي. جنهن جي علمي ۽ عملي ڪوششن جي ذريعي مسلمانن ۾ هڪ خاص فڪر ۽ نظريي جي پيڙهه پئي. جنهن جو نالو ديوبند آهي. ان طرح هاڻي تائين شاهه ولي الله دهلويءَ رحه جي تحريڪ احياء دين جو سلسلو هلندو پيو اچي. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هي دور شاهه صاحب جي فڪر جو دور آهي ان فڪر ذريعي اسلام جي نشاة ثانيه ٿي سگهي ٿي. (مترجم جو نوٽ) اقتصادي محاذ تي شاهه ولي الله جا پوئلڳ قرآن جو پيغام واضح اصولن سان انسانيت کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. ديوبند جو مرڪز ستت ئي رجائيت پسند ٽولي جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ان سان اها تحريڪ هچڪولين ۾ پئجي وئي.

    اختصار: مولانا عمران الله سومرو


    قارون جو قصو ۽ مال ملڪيت بابت قرآن جو نظريو : ڊاڪٽر سيد رضوان علي ندوي

    قرآن ڪريم ۾ قارون ۽ ان جي اڻ کٽ مال ملڪيت، سندس وڏائي ۽ ان جي نتيجي ۾ هن جي بربادي جو سبق آموزداستان قرآن پاڪ ۾ صرف سورة القصص ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. ان جي پسِ منظر ۾ مال دولت بابت قرآن جو نظريو وضاحت سان سمجھايو ويو آهي.
    هن قصي جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
    إِنَّ قَارُونَ كَانَ مِنْ قَوْمِ مُوسَىٰ فَبَغَىٰ عَلَيْهِمْ ۖ وَآتَيْنَاهُ مِنَ الْكُنُوزِ مَا إِنَّ مَفَاتِحَهُ لَتَنُوءُ بِالْعُصْبَةِ أُولِي الْقُوَّةِ إِذْ قَالَ لَهُ قَوْمُهُ لَا تَفْرَحْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْفَرِحِينَ ﴿القصص:٧٦﴾
    ”قارون در حقيقت موسى جي قوم جو ماڻهو هو، مگر هو پنهنجي قوم جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو. اسان هن کي دنيائي دولت جا وڏا خزانا ڏنا هئا، ايترا جو رڳو انهن جون ڪنجيون به مضبوط ماڻهن جي هڪ ٽولي مشڪل سان کڻي سگھي ها، سندس قوم جي ماڻهن کيس چئي ڏنو ته آڪڙ نه ڪر! ڇو ته الله تعالى يقيناً آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري“.
    هن آيت جي تشريح هيءَ آهي ته قارون هئو ته حضرت موسى عليه السلام جي قوم بني اسرائيل منجھان، پر هن مال دولت، شان شوڪت ۽ عهدن جي لالچ ۾ وقت جي فرعون جو ساٿ ڏنو هئو، جنهن ڪري فرعون به هن کي گھڻو نوازيو هو. سندس بي حساب دولت کيس ايترو ته سخت مزاج ۽ مطلبي بنائي ڇڏيو هو جو هو پنهنجي ئي قوم جي مٿان فرعون جي هُشي تي ظلم ڪرڻ لڳو هئو.
    ڪجھه مفسرن جي خيال مطابق هن وٽ ايترو ته مال ملڪيت هو جو ان جي خزاني جون ڪنجيون به خچرن تي لڏي کنيون وينديون هيون. هتي هي به معلوم ٿئي ٿو ته اصل ۾ هن قصي کي بيان ڪرڻ جومقصد مڪي جي ڪافرن کي، جيڪي نبي اڪرم ﷺ جن کي چوندا هئا ته الله تعالى اسان کي هيترو ڌن دولت ڏنو آهي سو جيڪڏهن تون به الله تعالى کي پيارو هجين ها ته توکي به ايتري گھڻي ملڪيت ڏني وڃي ها، سمجھائڻو هو ته توهان پنهنجي مال دولت کي ڏسي آڪڙجي نه وڃو. الله تعالى جيڪو حشر قارون جو ڪيو سو توهان سان به اهڙو لقاءُ ڪري برباد ڪري سگھي ٿو. هن سڄي قصي ۾ اسلام جو مال ملڪيت بابت جيڪو نظريو آهي پڻ سمجھايو ويو آهي ته انسان الله تعالى طرفان مليل مال ملڪيت جي نشي ۾ اچي جڏهن آڪڙ ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته هن هي سڀڪجھه پنهنجي ذاتي محنت ۽ ڪوشش سان حاصل ڪيو آهي ته پوءِ اهڙي ماڻهو کان ڏنل مال کسيو وڃي ٿو. هن کان اڳتي ارشاد ٿئي ٿو:
    وَابْتَغِ فِيمَا آتَاكَ اللَّهُ الدَّارَ الْآخِرَةَ ۖ ﴿القصص:٧٧﴾
    ”۽ الله تعالى توکي جيڪو هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان آخرت جي گھر لاءِ تلاش ڪر!“
    انهيءَ مان معلوم ٿيو ته مال ملڪيت ڪا خراب شيءِ نه آهي پر خراب ڳالهه هيءَ آهي ته پاڙيوارن غريبن، يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ محتاجن جي سهائتا لاءِ استعمال ڪري پنهنجي آخرت سنوارڻ جي بجاءِ ان کي گڏ ڪري رکيو وڃي. هن آيت ۾ اها ئي ترغيب ڏني وئي آهي ته اهڙا ڪي فلاحي ڪم ڪيا وڃن جن سان آخرت ڀلي ٿئي. اڳتي اها به سمجھاڻي ڏني وئي ته:
    وَلَا تَنْسَ نَصِيبَكَ مِنَ الدُّنْيَا ۖ ﴿القصص:٧٧﴾
    ”۽ دنيا ۾ جيڪو تنهنجو حصو آهي سو به نه وِسار.“
    يعني توهان پنهنجي دولت سان پنهنجي، پنهنجي اولاد ۽ مٽن مائٽن وغيره جي سڌاري، واڌاري ۽ خوشحالي لاءِ به ڀلي خرچ ڪريو. ان کانپوءِ هدايت ڪئي وئي:
    وَأَحْسِنْ كَمَا أَحْسَنَ اللَّهُ إِلَيْكَ ۖ وَلَا تَبْغِ الْفَسَادَ فِي الْأَرْضِ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ ﴿القصص:٧٧﴾
    ”۽ جيئن الله تعالى توتي احسان ڪيو آهي تيئن تون به (ماڻهن تي) احسان ڪر ۽ نه ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچاءِ، يقيناً الله تعالى فساد ۽ بگاڙو مچائيندڙن کي ناپسند ٿو ڪري“.
    هاڻي ڏسو ته اسلام معاشري ۾ سڌاري جي لاءِ ڪهڙو نه ڀلو اصول پيش ڪندي سمجھائي ٿو ته جڏهن الله تعالى توهان تي مهر باني ڪري مال ملڪيت سان نوازيو آهي ته پوءِ توهان به ماڻهن جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪريو. پر افسوس آهي ته ڪيترائي ارب پتي مسلمان ايتري قدر ڀلائي جا ڪم نه ڪري سگھيا آهن جيتري قدر فورڊ فائونڊيشن(Ford Foundation) يا بل گيٽس ۽ روڪ فيلر فائونڊيشن(Rockefeller Foundation) وغيره وارا ڪن ٿا.
    فساد عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني ”خرابي“ آهي، پوءِ اها کڻي مادي هجي يا فڪري. فساد جي مقابلي ۾ ”صلاح“ جو لفظ آهي. انهيءَ ڪري چئبو ته جيڪو ماڻهو اصلاح نٿو ڪري سو فساد ڪري رهيو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجو مال برائين کي عام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا قرآن جي نظر ۾ اهي فسادي آهن. هن کان اڳتي قارون جي بهاني بازي ۽ ان تي خدائي تنبيهه جو ذڪر ڪندي فرمايو ويو:
    قَالَ إِنَّمَا أُوتِيتُهُ عَلَىٰ عِلْمٍ عِنْدِي ۚ أَوَلَمْ يَعْلَمْ أَنَّ اللَّهَ قَدْ أَهْلَكَ مِنْ قَبْلِهِ مِنَ الْقُرُونِ مَنْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُ قُوَّةً وَأَكْثَرُ جَمْعًا وَلَا يُسْأَلُ عَنْ ذُنُوبِهِمُ الْمُجْرِمُونَ ﴿القصص:78﴾
    ”(قارون جواب ۾) چيو ته مون کي جو هيتري دولت ملي آهي سا يقيناً مون پنهنجي علم (عقل، هنر ۽ محنت) سان هٿ ڪئي آهي. هن کي اها به خبر نه هئي ڇا ته الله تعالى هن کان اڳي گھڻين ئي اهڙين امتن کي برباد ڪري چڪو آهي جيڪي کانئس قوت ۾ گھڻو وڌيڪ هيون ۽ مال دولت به گھڻو وڌيڪ گڏ ڪيو هئائون ۽ گنهگارن کي سندن گناهن سببان (سزا ڏيڻ وقت) پڇا ڪانه ڪبي آهي.“
    اڄ جي دؤر ۾ به جيڪڏهن نظر کڻي نهاربو ته عرب ملڪن ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن مان هر هڪ وٽ سؤ سؤ قارونن جي برابر مال ملڪيت موجود آهي پر پوءِ به هو الله جي راھ ۾ مسلمانن تي آيل مصيبتن جي وقت ۾ به خرچ نٿا ڪن؛ جنهن ڪري هو هر وقت آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن جي غلامي ۾ جڪڙجي خوار خراب ٿيا آهن. انهن جو به اهڙو ئي حشر ٿي سگھي ٿو جهڙو قارون جو ٿيو هو. اڳتي بيان ٿيو:
    فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِ فِي زِينَتِهِۖ ﴿القصص:٧٩﴾
    ”(هڪ ڏينهن) هو (قارون) وڏي دٻدٻي سان پنهنجي قوم جي (ماڻهن) سامهون آيو“.
    يوم الزينه جشن جو ڏهاڙو هئو. Jewish Encyclopedia جي مطابق قارون ان ڏينهن پنج هزار سينگاريل ٻانهين ۽ ڪيترن ئي گھوڙي سوار نوڪرن چاڪرن جي جھرمٽ ۾ ٻاهر نڪتو جنهن کي ڏسي ماڻهن حسرت سان چيو ته:
    قَالَ الَّذِينَ يُرِيدُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا يَا لَيْتَ لَنَا مِثْلَ مَا أُوتِيَ قَارُونُ إِنَّهُ
    لَذُو حَظٍّ عَظِيمٍ ﴿القصص:٧٩﴾
    ”جيڪي (ماڻهو) هن دنيا جي زندگيءَ (جي عيش عشرت) جا چاهيندڙ هئا، تن چيو هاءِ هاءِ ! جيڪر اسان کي به اهڙي دولت ملي ها جهڙي قارون کي آهي (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها!) يقيناً هو وڏي ڀاڳ وارو ۽ خوش نصيب آهي“ .
    هي ائين ئي هو جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ به ڪيترائي ماڻهو سرمائيدارن جا ٺٺ ٺانگر ڏسي خواهش ڪندا آهن ته جيڪر هو به اهڙا ئي امير ٿي وڃن. حالانڪه مال ملڪيت ته هڪ وڏي آزمائش آهي جنهن جي غلط استعمال سان انسان جي ٻئي جهان برباد ٿي وڃن ٿا.
    وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَيْلَكُمْ ثَوَابُ اللَّهِ خَيْرٌ لِمَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا وَلَا يُلَقَّاهَا إِلَّا الصَّابِرُونَ ﴿القصص:٨٠﴾
    ”پر جيڪي ماڻهو علم وارا هئا، تن چئي ڏنو ته افسوس اوهانجي حال تي، الله تعالى وٽان جيڪي (نعمتون) انعام ۾ ملن ٿيون سي گھڻو بهتر آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان ٿا رکن ۽ صالح عمل ٿا ڪن. پر اهي نعمتون صرف اهي ماڻهو حاصل ڪن ٿا جيڪي صبر ۽ ثابت قدميءَ سان (حق جي راھ تي) قائم رهن ٿا“.
    هن آيت ۾ سمجهايو ويو آهي ته الله جي نيڪ ٻانهن جو هيءُ گڻ نه آهي جو ڪنهن مغرور دولت مند جي ملڪيت کي ڏسي هرکجي ۽ موهجي وڃن، پر کين هميشه الله تي ئي ڀروسو ۽ ان وٽان ئي چڱائي جي اميد رکڻ گھرجي. اڳتي قارون جي اجائي آڪڙ جو انجام بيان ڪيو ويو:
    فَخَسَفْنَا بِهِ وَبِدَارِهِ الْأَرْضَ فَمَا كَانَ لَهُ مِنْ فِئَةٍ يَنْصُرُونَهُ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مِنَ الْمُنْتَصِرِينَ ﴿القصص:٨١﴾
    ”سو اسان هن (قارون) کي ۽ سندس گھر کي زمين ۾ پوري ڇڏيو. پوءِ ڪا به اهڙي جماعت ڪانه هئي جا هن جي الله تعالى جي مقابلي ۾ مدد ڪري سگھي ها، نڪي هو پاڻ کي بچائي سگھيو“ .
    هن قصي بيان ڪرڻ کان پوءِ انهن ماڻهن کي سمجھايو ويو جيڪي قاروني سوچ رکندڙ آهن:
    وَأَصْبَحَ الَّذِينَ تَمَنَّوْا مَكَانَهُ بِالْأَمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ ۖ﴿القصص:٨٢﴾
    ”۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه تائين سندس ظاهري شان شوڪت جا خواهشمند ٿيا هئا سي هاڻي چوڻ لڳا ته يقيناً الله ئي آهي جو پنهنجي بندن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن جو رزق ڪشادو ڪري ۽ جنهن لاءِ وڻيس تنهن لاءِ تنگ ڪري.“
    هن آيت مان اها ڳالهه چڱي طرح معلوم ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ مال دولت جي ڪثرت آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هي ڪو الله جو پيارو آهي، پيارو ته اصل ۾ اهو آهي جيڪو سندس فرمانبردار ۽ ٻين لاءِ ڀلو آهي؛ پوءِ ڀلي ڇو نه غريب ئي هجي. سو جڏهن الله جي نيڪ ٻانهن قارون جو اهو حشر اکين سان ڏٺو ته چوڻ لڳا:
    لَوْلَا أَنْ مَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا ۖ وَيْكَأَنَّهُ لَا يُفْلِحُ الْكَافِرُونَ ﴿القصص:٨٢﴾
    ”جيڪڏهن اسان تي الله جو احسان نه هجي ها ته اسان کي به زمين ۾ پوري ڇڏي ها. يقينا معلوم ٿو ٿئي ته ڪافر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا.“
    هن کان اڳتي وارين آيتن ۾ هن سڄي قصي بيان ڪرڻ جي حڪمت به بيان ڪئي وئي آهي:
    تِلْكَ الدَّارُ الْآخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِينَ لَا يُرِيدُونَ عُلُوًّا فِي الْأَرْضِ وَلَا فَسَادًا ۚ
    وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ ﴿القصص:٨٣﴾
    ”اهو آخرت جو گھر (يعني جنت) اسان انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪري رکيو آهي جيڪي زمين تي هٺ ۽ وڏائي، ظلم ۽ فساد ۽ بگاڙو نه ٿا چاهين ۽ (ياد رکو! ته) چڱي پڇاڙي فقط انهن جي لاءِ آهي جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن“.
    آخر ۾ هڪ عام اصول بيان ڪندي فرمايو ويو:
    مَنْ جَاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ خَيْرٌ مِنْهَا ۖ وَمَنْ جَاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلَا يُجْزَى الَّذِينَ عَمِلُوا السَّيِّئَاتِ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ﴿القصص:٨٤﴾
    ”جيڪو نيڪي سان ايندو تنهن کي ان کان بهتر انعام ملندو پر جيڪڏهن ڪو برائي سان ايندو ته پوءِ جن برائيون ڪيون هونديون تن کي فقط اوتري قدر سزا ملندي جيتري قدر هن برا عمل ڪيا هوندا“.
    هيءَ به الله تعالى جي رحمت ۽ ٻاجھه جي هڪ جھلڪ آهي ته نيڪي جو بدلو ته ڏهوڻو ملي يا هڪ جاءِ تي ٻڌايو ويو ته ست سئوڻو ملي ٿو. پر ان جي برعڪس برائي جي وري فقط اوتري سزا ڏني وڃي جيتري ڪئي وڃي.
    قرآن پاڪ ۾ هن قصي بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته جهڙي طرح قارون الله تعالى طرفان ڏنل بي شمار دولت ۽ مال ملڪيت کي الله جي راھ ۾ خرچ نه ڪرڻ ۽ پنهنجي اجائي هٺ ۽ آڪڙ جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويو، سندس مال ملڪيت نه ته کيس دنيا ۾ ڪم اچي سگھي ۽ نه آخرت ۾ ڪنهن ڪم ايندي؛ اهڙيءَ طرح اڄ جا ارب پتي مسلمان به جيڪڏهن پنهنجي پئسي ڏوڪڙ کي ٽجوڙين ۾ گڏ ڪندا رهيا ۽ لکين انسانن جي حاجتن ۽ بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڏيک ويک ۽ شان شوڪت لاءِ خرچ ڪندا رهيا ته قارون وانگر هي به هڪ ڏينهن برباد ٿي ويندا ۽ هي مال هنن جي ڪجهه به ڪم اچي نه سگھندو. پر جيڪڏهن هو پنهنجي ان مال مان پاڙيوارن، مسڪينن، محتاجن ۽ عام انسانن جي مدد ڪندا ۽ انهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ خرچ ڪندا ته هنن مسڪينن جي دعائن جي سبب دنيا ۾ به عزت واري زندگي بسر ڪندا ۽ آخرت به سنوارجي ويندن. هتي هي به سبق ملي ٿو ته غريب کي به پنهنجي غربت تي مايوس نه ٿيڻ گھرجي پر هميشه الله تعالى وٽان ڀلائيءَ جي اميد رکڻ گھرجي.

    (ڊاڪٽر سيد رضوان علي ندوي جي ڪتاب ”قرآن ڪي روشني مين“ تان ورتل؛ قرآني آيتن جو ترجمو علامه علي خان ابڙو جي تفسير المنير تان ورتل)


    اسلام ڇا آهي؟ : احمد الدين شر بلوچ

    الله تعالى جي سڀني حڪمن اڳيان پنهنجو مٿو ٽيڪي فرمانبردار ٿي رهڻ جو نالو اسلام آهي. يعني ٻڌڻ ۽ فرمانبرداريءَ جي بنياد تي انسان ۽ سندس پالڻهار وچ ۾ جيڪو تعلق پيدا ٿئي ٿو، سو ئي صحيح معنى ۾ اسلام آهي.
    جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھڻ لڳي ته زمين ۽ آسمان ۾ ڪنهن جي بادشاهي آهي ئي ڪانه ۽ پوءِ هو ڪنهن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ کانسواءِ، پنهنجي سَڌن مطابق، جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري؛ ته اهڙي سوچ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي ٻئي ڪنهن انسان سان لاڳاپن بابت هجي ها ته ڪنهن حد تائين کڻي ان کي مڃي سگھجي پيو. پر جڏهن اها سوچ انسان ۽ سندس پالڻهار بابت هجي؛ جنهن کيس پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو، پنهنجي نعمتن سان تاتي نپائي وڏو ڪيو ۽ کيس سنئين واٽ ڏيکاري ۽ پوءِ ان تي هلڻ جي توفيق بخشي؛ ته اهڙي سوچ کي مڃڻ جي ڪابه واٽ نظر ڪانه ٿي اچي. انسان لاءِ تمام ضروري آهي ته هو الله تعالى جي حڪمن ۽ مرضيءَ اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏي.
    وَمَنْ يُّسْلِمْ وَجْہَہٗٓ اِلَى اللہِ وَہُوَمُحْسِنٌ فَقَدِ اسْتَمْسَكَ بِالْعُرْوَۃِ الْوُثْقٰى۝۰ۭ وَاِلَى اللہِ عَاقِبَۃُ الْاُمُوْرِ۝۲۲ ﴿لقمان﴾
    ”جيڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ عملي طرح سان به نيڪو ڪار هجي ته اهڙي ماڻهوءَ ڄڻ ته هڪ مضبوط رسيءَ کي پڪڙي ورتو ۽ شين جي پڇاڙي ۽ انجام ته الله تعاليٰ جي وس ئي آهي.“
    خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ لاڳاپن جي نوعيت ان کانسواءِ آخر ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي جنهن کي زمين جي ڪنهن ٽڪري تي ٿورو وقت گھارڻ کان پوءِ وري به پنهنجي خلقڻهار ڏانهن موٽي وڃڻو آهي، ته انسان پنهنجي پالڻهار جو مڪمل فرمانبردار ٿي رهي. پوءِ سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو لاڳاپو اڻ ڄاڻائي تي مبني ۽ باغيانه هئڻ گھرجي يا سڃاڻپ ۽ خود حوالگي وارو؟
    فطرت جي گھرج ته اها آهي ته انسان پنهنجي پالڻهار کي سڃاڻي، ان جي حڪمن کي مڃي ۽ ان جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري. اهو ئي اسلام جو مقصد آهي جنهن جي لاءِ سڀني رسولن تعليم ڏني. الله تعالى فرمائي ٿو:
    اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللہِ الْاِسْلَامُ۝۰ۣ ۝۱۹﴿آل‌عمران﴾
    ”بيشڪ دين ته الله تعالى وٽ اسلام ئي آهي.“
    جڏهن ڪو به انسان الله تعالى جي حڪمن اڳيان فرمانبرداريءَ ۾ پنهنجو مٿو ٽيڪڻ جو اعلان ڪندو آهي ۽ سندس هدايتن جو احترام ڪندي انهن تي عمل ڪندو آهي ته ڄڻ هو ان وقت سڄي ڪائنات جي سُر سان سُر ملائيندو آهي، جيڪا پوريءَ طرح پنهنجي پالڻهار جي حڪمن اڳيان ڪنڌ نوائي سندس عظمت جو اعلان ڪري رهي هوندي آهي.
    اَفَغَيْرَ دِيْنِ اللہِ يَبْغُوْنَ وَلَہٗٓ اَسْلَمَ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْھًا وَّاِلَيْہِ يُرْجَعُوْنَ۝۸۳﴿آل‌عمران﴾
    ”پوءِ هي ماڻهو الله تعالى جي فرمانبرداري وارو رستو (الله جو دين) ڇڏي ڪو ٻيو دڳ ڳولڻ گھرن ٿا ڇا؟ جڏهن ته آسمان ۽ زمين جون سڀئي شيون سرهو ٿي توڙي ارهو ٿي الله تعالى جي اڳيان فرمانبردار (مسلم) ٿي ڪنڌ جھڪائي چڪيون آهن ۽ انهيءَ (الله) ڏانهن ئي سڀني کي موٽڻو آهي.“
    اهڙو ماڻهو غلطي ڪندڙ هوندو، جيڪو هيءُ سمجھي ويهي ته اسلام رڳو انهيءَ دين جو نالو آهي جيڪو اڄ کان پندرهن سؤ سال اڳ حضرت محمد ﷺ جن آندو هئو. حقيقت هيءَ آهي ته، اسلام انهن سڀني نبين ۽ رسولن جو پيغام رهيو آهي، جيڪي انسان جي پيدائش کان وٺي اڄوڪي ۽ قيامت تائين اچڻ وارن سڀني انسانن جي هدايت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. اها ڳالهه بلڪل سچ آهي ته اسلام جي حقيقت پنهنجي ڪمال ۽ آخري شڪل ۾ حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى ﷺ جن جي رسالت ۾ پهتي. جڏهن ته قرآن ڪريم بنا ڪنهن فرق جي سڀني نبين جي پيغام کي اسلام جو ئي نالو ڏنو آهي.
    حضرت يعقوب ؑ، جنهن جو لقب ”اسرائيل“ آهي، تنهن نه رڳو ماڻهن کي اسلام ڏانهن سڏيو، پر مرڻ گھڙيءَ تائين پاڻ به انهيءَ تي ڄميو رهيو. ايتري تائين جو پنهنجي پويرَ کي به اهائي وصيت ڪيائين:
    اَمْ كُنْتُمْ شُہَدَاۗءَ اِذْ حَضَرَ يَعْقُوْبَ الْمَوْتُ۝۰ۙ اِذْ قَالَ لِبَنِيْہِ مَا تَعْبُدُوْنَ مِنْۢ بَعْدِيْ۝۰ۭ قَالُوْا نَعْبُدُ اِلٰہَكَ وَاِلٰہَ اٰبَاۗىِٕكَ اِبْرٰھٖمَ وَاِسْمٰعِيْلَ وَاِسْحٰقَ اِلٰــہًا وَّاحِدًا۝۰ۚۖ وَّنَحْنُ لَہٗ مُسْلِمُوْنَ۝۱۳۳﴿البقرة﴾
    ”پوءِ ڇا تون ان وقت اتي موجود هئين جنهن وقت يعقوب عليه السلام هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري رهيو هئو. هن مرڻ وقت پنهنجي پٽن کان پڇيو ته منهنجا ٻچڙؤ! مونکان پوءِ توهان ڪنهن جي عبادت ڪندؤ؟ انهن سڀني جواب ڏنو ته اسان انهيءَ هڪڙي الله جي عبادت ڪنداسين جنهن کي توهان ۽ توهان جي وڏڙن ابراهيم ؑ ۽ اسماعيل ؑ ۽ اسحاق ؑ جن پنهنجو خدا ڪري مڃيو آهي ۽ اسان انهيءَ (ئي الله) جا فرمانبردار آهيون.“
    حضرت عيسى ؑ به پنهنجي پوئلڳن کي الله تعالى جي فرمانبرداري ۽ سچي دل سان ٻانهپ ڪرڻ سيکاري:
    وَاِذْ اَوْحَيْتُ اِلَى الْحَوَارِيِّيْنَ اَنْ ٰاٰمِنُوْا بِيْ وَبِرَسُوْلِيْ۝۰ۚ قَالُـوْٓا اٰمَنَّا وَاشْهَدْ بِاَنَّنَا مُسْلِمُوْنَ۝۱۱۱
    ﴿المائدة﴾
    ”۽ جڏهن مون (الله) حوارين کي اشاري سان چيو ته مون تي ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻيو تڏهن انهن چيو ته اسان ايمان آندو ۽ شاهد هج ته اسان فرمانبردار (مسلمان) آهيون.“
    توريت جي باري ۾ اچي ٿو:
    اِنَّآ اَنْزَلْنَا التَّوْرٰىۃَ فِيْہَا ہُدًى وَّنُوْرٌ۝۰ۚ يَحْكُمُ بِہَا النَّبِيُّوْنَ الَّذِيْنَ اَسْلَمُوْا لِلَّذِيْنَ ہَادُوْا وَالرَّبّٰنِيُّوْنَ وَالْاَحْبَارُ بِمَا اسْتُحْفِظُوْا مِنْ كِتٰبِ اللہِ وَكَانُوْا عَلَيْہِ شُہَدَاۗءَ۝۰۝۴۴﴿المائدة﴾
    ”اسان توريت نازل ڪيو جنهن ۾ هدايت ۽ چٽائي هئي. سڀئي نبي جيڪي فرمانبردار (مسلم) هئا انهيءَ جي ئي حڪمن موجب يهودين جا فيصلا ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ ئي طرح درويش ۽ ڏاها ماڻهو به (انهيءَ توريت مطابق فيصلا ڪندا هئا) ڇو ته کين ڪتاب الله جي حفاظت جو ذمو کڻايو ويو هئو ۽ انهيءَ تي اهي پاڻ شاهد به هئا.“
    اسلام ٻن بنيادي حقيقتن کان بنا اڻ پورو آهي. انهن مان پهرين آهي الله تعالى جي صحيح سڃاڻ ۽ سندس مان ۽ مرتبي موجب ربوبيت جو قولي ۽ عملي اقرار. جنهن به ماڻهو، الله تعالى سان ڪنهن ٻي شيءِ کي ڀاڱي ڀائيوار سمجھيو يا ڪنهن شيءِ کي ان جهڙو سمجھيو يا هي سمجھيو ته هو جنهن مادي دنيا ۾ رهي پيو، الله تعالى به تنهن مان ڪنهن هڪ شيءِ جهڙو آهي، ته اهڙي ماڻهوءَ کي مسلمان نٿو سمجھي سگھجي. الله تعالى جي صحيح سڃاڻپ تمام گھڻو ضروري آهي. ان کان پوءِ ٻي حقيقت آهي سندس فرمانبرداري ۽ ان جي سڀني حڪمن کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪرڻ.
    قرآن مجيد ۾ الله تعالى جي پاڪائي، ان جي واکاڻ، ان جي سهڻن نالن ۽ اوچين صفتن ۽ عظمت کي جنهن انداز سان پڌرو ڪيو ويو آهي، تنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به قديم آسماني يا زميني ڪتاب يا ڪلام ۾ نٿو ملي. جڏهن قرآن پاڪ کي پڙهبو ته سڀڪنهن شيءِ تي الله تعالى جي رکوالي ۽ ظابطو محسوس ڪبو:
    قُلِ اللہُ اَعْلَمُ بِمَا لَبِثُوْا۝۰ۚ لَہٗ غَيْبُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ اَبْصِرْ بِہٖ وَاَسْمِعْ۝۰ۭ مَا لَہُمْ مِّنْ دُوْنِہٖ مِنْ وَّلِيٍّ۝۰ۡوَلَا يُشْرِكُ فِيْ حُكْمِہٖٓ اَحَدًا۝۲۶ ﴿الڪهف﴾
    ”آسمان ۽ زمين جون سڀئي لڪيل خبرون کيس معلوم آهن، وڏو ئي ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي. (زمين ۽ آسمان جي مخلوق جو) ان کان سواءِ ڪو ٻيو سنڀاليندڙ نه آهي ۽ هو پنهنجي حڪومت ۾ ڪنهن کي ڀائيوار نٿو ڪري.“
    انسان پنهنجو پاڻ کي ان هستيءَ جي حوالي آخر ڇو نه ڪري، جيڪو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي، سڀني ڪمن جي جوڙ جڪ ڪندڙ آهي، سڀڪجھه ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي گھيرائي ٿو، هوائون گھلائي ٿو، ڀٽڪيلن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ واري راهه ڏيکاري ٿو؛ پوءِ اهڙي الله تعالى لاءِ جڏهن به ڪو ماڻهو پٽ بڻائي ٿو يا سندس ٻانهن مان ڪنهن کي سندس جهڙو ڪري سمجھي ٿو تڏهن الله تعالى ان تي سخت ڏمرجي ٿو. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙن ماڻهن لاءِ فرمائي ٿو:
    قَالُوا اتَّخَذَ اللہُ وَلَدًا سُبْحٰنَہٗ۝۰ۭ ھُوَالْغَنِيُّ۝۰ۭ لَہٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ۝۰ۭ اِنْ عِنْدَكُمْ مِّنْ سُلْطٰنٍؚبِہٰذَا۝۰ۭ اَتَقُوْلُوْنَ عَلَي اللہِ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ۝۶۸قُلْ اِنَّ الَّذِيْنَ يَفْتَرُوْنَ عَلَي اللہِ الْكَذِبَ لَا يُفْلِحُوْنَ۝۶۹ۭ ﴿يونس﴾
    ”ماڻهن چيو ته الله ڪنهن (ماڻهوءَ) کي پنهنجو پٽ بڻايو آهي. سبحان الله، هو ته بي پرواهه آهي. آسمان ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجھه آهي سو سڀ سندس ملڪيت آهي. توهان وٽ توهان جي انهيءَ قول جو ڪهڙو دليل آهي؟ يا توهان الله جي باري ۾ اهڙي ڳالهيون ڪريو ٿا جن جي توهان کي خبر ئي ناهي. (اي پيغمبر!) چئي ڏي ته جيڪي الله تعالى تي ڪوڙ هڻندا آهن سي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.“
    الله تعالى جي صحيح سڃاڻپ کان پوءِ وارو آهي سندس پوري پوري فرمانبرداري ۽ ٻانهپ جو. پنهنجو پاڻ کي الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏڻ، سندس حڪمن اڳيان ڪنڌ نوائڻ ۽ ٻئي پاسي وري سندس نافرماني ۽ حڪمن کان بغاوت، اهي ٻئي ڳالهيون ڪنهن به انسان جي اندر هڪ ئي وقت ٽڪاءُ نٿيون ڪري سگھن. پوءِ ڇا ان جو مطلب اهو ٿيو ته مسلمان ڪڏهن ڪو گناهه جو ڪم ڪري ئي نٿو سگھي؟
    سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان کان ڪو ڏوهه ٿي به وڃي ٿو ته اصل ۾ اها سندس ڀُل هوندي آهي، جيڪا غير ارادي طور کانئس ٿي ويندي آهي. هو بنا ڪنهن دير جي ان تي شرمسار ۽ پشيمان ٿيندو آهي ۽ ان ڪڌي ڪم کان آئينده جي لاءِ ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن سندس ڏاهپ کي ڪو ڏنگ لڳي وڃي يا سندس سمجھه، ارادي، جرئت ۽ سگھه ۾ ڏٻرائپ اچي وڃي ته ان انسان کي اسلام جي دائري مان ڪڍي نٿو سگهجي.
    اِنَّ الَّذِيْنَ اتَّقَوْا اِذَا مَسَّہُمْ طٰۗىِٕفٌ مِّنَ الشَّيْطٰنِ تَذَكَّرُوْا فَاِذَا ہُمْ مُّبْصِرُوْنَ۝۲۰۱ۚ
    ﴿الأعراف﴾
    ”حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن انهن جو حال ته هيءُ هوندو آهي جو جڏهن به شيطان جي اثر کان کين ڪو برو خيال ايندو به آهي ته اتي جو اتي هوشيار ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ هنن کي چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته انهن لاءِ حق جي راهه ڪهڙي آهي.“
    اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن ﷺ جن اهڙي شرابيءَ تي لعنت وجھڻ کان منع فرمائي آهي، جيڪو ان کي ڏوهه ته سمجھندو هجي پر ان جي هير (عادت) سندس ارادي جي سگھ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هجي. ڇو ته ان قسم جي شرابيءَ جي نوعيت انهيءَ ماڻهوءَ يا معاشري جهڙي بلڪل نه ٿي ٿي سگھي جيڪو الله جي حڪم کي ڪا به اهميت نه ڏيندو هجي ۽ شراب کي جائز سمجھندو هجي، ان جو واپار به وڏي واڪ ڪندو هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي انهيءَ ڪرتوت کي ڪو ڏوهه به نه سمجھندو هجي.
    رسول الله ﷺ جن هڪ اهڙي امت پيدا ڪئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي پوري طرح الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پرهه ڦٽيءَ کان وٺي سومهڻيءَ تائين وڏي ڌيان سان پنهنجي پالڻهار جي مرضيءَ موجب پنهنجو عبادتون ۽ زندگيءَ جا ٻئي ڪم ڪاريون ڪندا رهندا هئا.
    قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ۝۱۶۲ۙ ﴿الأنعام﴾
    ”چئو، منهنجي نماز، منهنجي ٻانهپ جون سڀئي ريتون رسمون، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ، منهنجو سڀ ڪجھه جهانن جي پالڻهار جي لاءِ آهي جنهن سان ڪو به ڀاڱي ڀائيوار نه آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهريان مان پاڻ سندس فرمانبرداري ۾ ڪنڌ جهڪائڻ وارن مان ٿيان.
    اهڙيءَ طرح انهيءَ جماعت رسول الله ﷺجن جي حڪمن ۽ هدايتن کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو سمجھيو هو.
    فَلَا وَرَبِّكَ لَا يُؤْمِنُوْنَ حَتّٰي يُحَكِّمُوْكَ فِيْمَا شَجَــرَ بَيْنَھُمْ ثُمَّ لَا يَجِدُوْا فِيْٓ اَنْفُسِہِمْ
    حَرَجًا مِّمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُوْا تَسْلِــيْمًا۝۶۵ ﴿النساء﴾
    ”(اي محمد! ﷺ) تنهنجي رب جو قسم، اهي ماڻهو تيستائين مؤمن نٿا ٿي سگن جيستائين پاڻ ۾ ٿيل جھيڙن جھڳڙن ۾ توکان فيصلو نه ڪرائن. پوءِ وري جڏهن تون ڪو فيلصو ڪري ڏئين ته انهيءَ بنسبت سندن دل ۾ تنگي محسوس نه ڪن، پر تنهنجي فيصلي کي دل و جان سان مڃي وٺن.
    پنهنجي پالڻهار جي اڳيان سندس فرمانبرداري ۾ ڪنڌ جھڪائي ڇڏڻ ۾ ڀلائي آهي ته عزت آبرو ۽ مان مرتبو به انهيءَ ۾ ئي آهي ۽ انهيءَ جو ئي نالو اسلام آهي.


    دولت ۽ سرمائي بات قرآن جو قانون : احمد الدين شر

    مال ملڪيت ۽ هر قسم جي خزانن بابت قرآن پاڪ هڪ چٽو ۽ تمام ئي اهم قانون بيان فرمايو آهي:
    وَلِلہِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ﴿المنافقون: ٧﴾
    ”آسمانن ۽ زمين جا سڀ خزانا الله جا آهن.“
    ٻي جڳهه تي فرمايو ويو:
    لِلہِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ۝۰ۭ ﴿البقرة: ٢٨٤﴾
    ”آسمان ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجھ آهي سو سڀ الله جو آهي.“
    انهيءَ مان معلوم ٿيو ته سڄي ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ الله تعالى آهي ۽ زمين جي اندر لڪيل سڀني خزانن جو مالڪ به اهو ئي آهي. هن انسان کي زمين تي پنهنجو نائب ۽ خليفو ڪري موڪليو آهي. ان ڪري انسان ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو پنهنجا سڀئي وسيلا ۽ معاملا الله تعالى جي مرضيءَ موجب نبيري. ائين الله تعالى هڪ انسان کي جيڪو مال ملڪيت ڏئي ٿو سو خليفي جي حيثيت ۾ بطور امانت ڏئي ٿو. تنهن ڪري هو دنيا جي اندر پنهنجي قبضي ۾ آيل مال دولت کي انهن ئي قانون مطابق خرچ ڪري سگھي ٿو، جيڪي الله تعالى مقرر فرمايا آهن. جيئن فرمايو ويو:
    وَاَنْفِقُوْا مِمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِيْنَ فِيْہِ۝۰ۭ ﴿الحديد: ٧﴾
    ”۽ جن شين جو اوهان کي وارث ڪيو اٿس تن مان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو.“
    مطلب ته الله تعالى جيڪو توهان کي مال ڏنو آهي ان جو حقيقي مالڪ الله تعالى جي ذات پاڪ آهي. انسان رڳو ان جو امين آهي. جتي خرچ ڪرڻ لاءِ هو حڪم ڪندو، کيس امين جي حيثيت ۾، سندس مرضي مطابق، اتي ئي خرچ ڪرڻو پوندو. انسان جنهن مال ملڪيت جو وارث آهي، سو هن کان اڳ ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ هو ۽ هڪ وقت اهڙو به ايندو جو انهيءَ جو وارث ڪو ٻيو اچي ٿيندو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته مال ملڪيت تي انسان جي ڪا به ذاتي حقداري نه آهي، پر اها رڳو الله تعالى طرفان ڏنل امانت آهي ۽ انهيءَ کي خرچ ڪرڻ بابت هن جي مٿان ڪي ذميواريون وڌيون ويون آهن ته هو ڪيئن انهيءَ کي خرچ ڪري. هاڻي جيڪڏهن ڪو انسان انهيءَ نائبيءَ جي فرض کي صحيح طرح نٿو نڀائي ته الله تعالى کي اهو اختيار آهي ته جڏهن گھري کائنس اهو منصب واپس وٺي. جيئن فرمايو ويو:
    وَلِلہِ مِيْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ ﴿الحديد: ۱۰﴾
    ”آسمانن ۽ زمين جي ميراث سڀ فقط الله جي آهي.“
    اهو عام مشاهدو آهي ته مال ملڪيت انسان وٽ هميشه نٿي رهي. ڪڏهن ته سندس حياتيءَ ۾ ئي ٻين ڏانهن هلي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ائين نه به ٿئي ته مرڻ کان پوءِ ته پڪ سان ٻين جي ٿي وڃي ٿي. وري جڏهن سمورا انسان مري کپي ويندا ته پوءِ اها انسان ذات مان ڪنهن هڪ جي به نه رهندي.
    مٿين آيت ۾ الله تعالى هر شيءِ کي پنهنجي ميراث ڄاڻايو آهي. ميراث ان ملڪيت کي چيو ويندو آهي، جيڪا اڳين مالڪ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٺيان جيئرن وارثن کي ملندي آهي، پوءِ ڀلي انهيءَ وراثت تي مري ويل مالڪ راضي هجي يا نه. هتي ميراث لفظ آڻڻ جي حڪمت هيءَ آهي ته انسان جي دل گھري يا نه، پر جنهن ملڪيت جو هن وقت هو مالڪ بڻيو ويٺو آهي، سا سموري ئي هڪ ڏينهن الله تعالى جي ملڪيت ۾ اچي ويندي. مطلب اهو آهي ته انهيءَ ملڪيت جو مالڪ ته اصلئون الله تعالى جي ذات ئي آهي، پر هن مهرباني ڪري انسان کي عارضي طور نيابت جي طور تي مالڪ بڻايو، وري هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو سندس اها ظاهري نيابت به ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ وري به ان تي مالڪي هر طرح سان الله تعالى جي ئي رهجي ويندي.
    قرآن ڪريم ۾ ڪيترين ئي جاين تي مال جي محبت کان منع ڪندي، معاشري جي ڪمزور انسانن ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. زڪوات، صدقي ۽ ميراث جي ورهاست جا قانون پيش ڪري، هڪ مستقل انتظام ڪيو ويو آهي ته جيئن دولت چند ماڻهن جي هٿن ۾ رڪجي نه وڃي پر ان جي گردش سڄي مسلم معاشري ۾ ٿيندي رهي. انهيءَ ڪري ارشاد ٿيو:

    مَاۤ اَفَآءَ اللّٰهُ عَلٰى رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَ الْيَتٰمٰى وَ الْمَسٰكِيْنِ وَ ابْنِ السَّبِيْلِ١ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَآءِ مِنْكُمْ١ؕ ﴿الحشر: ٧﴾
    ”ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ ۽ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ بيان ڪيو ويو) ته اُھو (مال رڳو) اوھان مان دنيادارن جي وچ ۾ گردش نه ڪندو رھي.“
    زمين تي موجود مال دولت ۽ خزانن جو حقيقي مالڪ رڳو الله تعالى جي ذات پاڪ آهي. تنهن ڪري کيس اهو حق حاصل آهي ته دولت جي ورهاست ۽ سرمائي جي گردش جو مستقل اصول به مقرر فرمائي. اهو ئي جهانن جو پالڻهار آهي، انهيءَ ڪري سندس ربوبيت ان ڳالهه جي گھرجائو آهي ته هو سڄي مخلوق کي روزي پهچائي ۽ انهن جي پورائي لاءِ جوڳو انتظام فرمائي. تنهن ڪري الله تعالى زمين جي اهڙن خزانن جو انتظام پاڻ وٽ ئي رکيو اهي، جيڪي انسان جون فطري ضرورتون آهن. هوا، پاڻي، اُسَ، سج جي گرمي، مينهن وغيره ان ۾ اچي وڃن ٿا. اهي اهڙيون ضرورتون آهن، جن جو هرڪو انسان محتاج آهي ۽ انهن کان سواءِ سندس زندگي جو قائم رهڻ خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اهڙين شين جي ورهاست جو انتظام الله تعالى پاڻ وٽ رکيو ته جيئن هر قسم ۽ هر علائقي جا ماڻهو، پوءِ ڀلي اهي ڪمزور هجن يا طاقتور، پهچ وارا هجن توڙي بي پهچ، سڀئي هڪ جهڙو فائدو حاصل ڪري سگھن. اهڙين شين کي الله تعالى پنهنجي ڪامل حڪمت تحت انساني قبضي کان محفوظ ڪيو آهي ۽ ڪنهن جي همٿ نه آهي جو انهن شين تي قبضو ڪري سگھي.
    ضرورت وارين شين جو ٻيو قسم زمين مان نڪرندڙ پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون آهن. اهِي شيون جيتوڻيڪ جھجھي مقدار ۾ نه آهن، پر ان هوندي به جبلن، غير آباد ٻيلن ۽ قدرتي چشمن کي عام ڀلائي لاءِ مخصوص ڪري، هڪ خاص قانون هيٺ انسانن کي زمين جي ڪجھه حصن تي، ان مان نفعي حاصل ڪرڻ جو جائز حق به ڏنو ويوآهي. پر ان ۾ به شرط هيءُ آهي ته ڪو به انسان خدائي قانونن جي لتاڙ ڪندي ٻين جي استحصال جو ذريعو هرگز نه بڻجي ۽ نه وري دولت جا انبار ڪٺا ڪري. پر جيڪڏهن ائين ڪندو ته پوءِ اولي الامر جو فرض آهي ته نفعي وٺڻ لاءِ جيڪو کيس عارضي حق ڏنو ويو آهي سو واپس وٺي ڇڏي.
    زمين مان حاصل ٿيڻ واري دولت جو ٽيون قسم کاڻيون آهن. انهن مان حاصل ٿيندڙ شين ۾ سون ۽ چاندي اهڙيون شيون آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان پنهنجي پوري توانائي خرچ ڪري ٿو. اهي شيون جيتوڻيڪ انسان جون فطري ضرورتون نه آهن، پر الله تعالى انهن کي پنهنجي ڪامل حڪمت هيٺ انساني ضرورتن جي پورائي جو هڪ وسيلو ٺاهي ڇڏيو آهي. انهن کاڻين مان نڪرندڙ سڀ شيون رعيت ۽ عوام جي گڏيل ملڪيت آهن.
    هن قسم جي دولت جيڪڏهن عدل ۽ انصاف سان ورهائي وڃي ته سڄي زمين تي جيڪر ڪو به انسان بکئي پيٽ يا لڱين اگھاڙو نه رهي. پر انسان جي اندر موجود مال جي محبت کيس ڪنجوسيءَ تي اڀاري ٿي ۽ هو گھري ٿو ته وٽس گھڻي کان گھڻي دولت گڏ ٿئي ۽ رڳو پاڻ ئي انهيءَ مان فائدو وٺندو رهي. انهيءَ جي نتيجي ۾ سرمايه پرستي ۽ مال ميڙڻ جا نت نوان طريقا وجود ۾ اچي چڪا آهن ۽ دولت رڳو ڪن ڳڻپ جيترن ماڻهن جي هٿن ۾ ئي گردش ڪرڻ لڳي آهي.
    انساني تاريخ جي هر دؤر ۽ هر زماني ۾ ٻه تهذيبون رهيون آهن. انهن مان هڪ اخلاقي، جڏهن ته ٻي نج مادي تهذيب آهي. اخلاقي تهذيب هميشه اسلام ئي رهي آهي. اسلام کي ڇڏي ڪري باقي ٻي هر تحريڪ مادي بنيادن تي رهي آهي.
    مادي تهذيب موجب ماڻهو ڌن دولت ڪمائڻ جي معاملي ۾ آزاد آهي. جيئن وڻيس، جائز توڙي ناجائز طريقي سان، ڪمائي ۽ جتي وڻيس خرچ ڪري. ان لاءِ مٿس ڪا به روحاني يا اخلاقي پابندي ناهي. انهيءَ موجب انسان لاءِ ضروري آهي ته مال ڪمائڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪوشش ڪري ۽ پنهنجي سڄي ڪوشش ان کي وڌائڻ تي خرچ ڪري. هن تهذيب ۾ مال ميڙڻ ئي زندگيءَ جو مقصد آهي.
    ان جي مقابلي ۾ اسلام اندر زندگيءَ جو مقصد مال ميڙڻ نه آهي، پر اهو زندگيءَ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو هڪڙو ذريعو آهي. انهيءَ ڪري ئي مال کي ”قياما للناس“ سڏيو ويو آهي يعني هيءُ معيشت جي ترقي جو سامان آهي جنهن ۾ توازن رکڻ لاءِ اولي الامر يا رياست ذميوار آهي.
    اسلامي تهذيب ۾ مال کي محتاجن ۽ لاچارن ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان کي پاڻ وٽ گڏ ڪري رکڻ کان نه رڳومنع ڪئي وئي آهي پر اهڙي روش تي تنبهه پڻ ڪئي وئي آهي:
    وَيْلٌ لِّكُلِّ ہُمَزَۃٍ لُّمَزَۃِۨ۝۱ۙ الَّذِيْ جَمَعَ مَالًا وَّعَدَّدَہٗ ۝۲ۙ ﴿الهمزة:۱-۲﴾
    ”(اُنھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ خرابي آھي. جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين“
    ٻئي پاسي قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ فرض زڪوات کان سواءِ، ڪيترين ئي جاين تي، صدقي ۽ خيرات جي صورت ۾ خرچ ڪرڻ جو نه رڳو حڪم ڏنو ويو آهي، پر جي وڏي فضيلت پڻ ٻڌائي وئي آهي. فرمايوويو:
    لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ۝۰ۥۭ ﴿آل‌عمران: ٩٢﴾
    ”توهان نيڪيءَ جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو، جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي.“
    انهيءَ آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان ايمان جي اعلى درجي تي تيستائين نٿو پهچي سگھي جيستائين هو پنهنجي دل مان مال دولت جي محبت کي ڪڍي، ان جي جاءِ تي الله تعالى جي حب رکي، ان جي رضا لاءِ معاشري جي بي پهچ ۽ ضرورتمندن ۾ خرچ نه ڪري.
    قرآن جتي اضافي مال کي مسڪين ۽ محتاجن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو، اتي انسان جي بنيادي ضرورتن کي به نظر انداز نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي جو خرچ ڪرڻ جي معاملي ۾ به اهو ئي فرمايو ويو ته جيڪو ڪجھه توهان جي ذاتي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سو الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪريو:
    وَيَسْــَٔـلُوْنَكَ مَاذَا يُنْفِقُوْنَ۝۰ۥۭ قُلِ الْعَفْوَ۝۰ۭ ﴿البقرة: ٢١٩﴾
    ”۽ توکان پڇن ٿا ته الله جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪيون؟. انهن کي چئو ته جيڪي توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سوخرچ ڪيو.“
    پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي بنيادي ضرورتن جي باوجود به الله تعالى جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪنهن لاچار ۽ ضرورتمند جي مددگاري ڪري ٿو ته الله اهڙن انسانن کي نفس جي شامت کان بچي ويل ٻڌائي ٿو:
    وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِہِمْ وَلَوْ كَانَ بِہِمْ خَصَاصَۃٌ۝۰ۭۣ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِہٖ فَاُولٰۗىِٕكَ ہُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۝۹ۚ ﴿الحشر:٩﴾
    ”۽ (ٻـين کي) پاڻ تي ترجيح ڏيندا آھن، توڻيڪ کين ڪو احتياج به ھوندو آھي ۽ جن کي سندن نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن. “
    هن سڄي بيان جو مقصد هيءُ آهي ته الله تعالى قرآن پاڪ ۾ ڪيترين ئي جاين تي مال خرچ ڪرڻ ۽ ان جي ورهاست جو طريقو ٻڌائيندي، زڪوات، صدقا، غنيمنت، فيءِ ۽ ميراث مستحق ماڻهن انصاف سان ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنو آهي. انهيءَ حڪم جو اصل مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته مال دولت کي انصاف ۽ انساني برابري جي بنياد تي سڀني ضرورت مندن تائين پهچايو وڃي ۽ ان ڳالهه جو خاتمو آندو وڃي ته مال دولت ۽ سڀئي معاشي فائدا رڳو اميرن ۽ پئسي وارن وٽ گڏ ٿيا پيا هجن ۽ معاشري جا ٻيا ماڻهو انهيءَ کان محروم رهن. سچ هيءُ آهي ته قرآن ڪريم دولت جي ورهاست ۽ سرمائي جي گردش جا اهڙا ته سهڻا اصول ٻڌايا آهن جنهن تائين وڏا وڏا اقتصادي ۽ معاشي ماهر اڃا توڻي پهچي ئي نه سگھيا آهن. اهي اصول قيامت تائين اچڻ وارن انسانن لاءِ امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي جا بنياد آهن جن تي انساني تهذيب ۽ تمدن جي مضبوط ۽ خوبصورت عمارت اڏي سگھجي ٿي.


    زرعي زمين جي شرعي حيثيت : ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال

    زمين پيدائش جو هڪ اهڙو ته اهم ذريعو آهي، جنهن جو انساني معيشت سان تمام ئي گھاٽو تعلق آهي. انهيءَ جي حد کان وڌيڪ ۽ ڪنهن به پابندي کان آجي قبضي سان معيشت جي اندر تمام ئي زبردست خلل پيدا ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن زمين تي ڪنهن جو لامحدود قبضو تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ مال جي هر قسم تي لامحدود ملڪيت جي قبضي جي واٽ کلي پوي ٿي.
    قرآن ڪريم ۾ زمين ۽ ان سان لاڳاپيل انساني تعلق جي باري ۾ ارشاد آهي:
    وَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْہَا مَعَايِشَ۝۰ۭ ﴿الأعراف: ١٠﴾
    ”۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون“
    ان کان پوءِ زمين مان حاصل ٿيندڙ اپت جي باري ۾ فرمايو ويو:
    ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ ﴿البقرة: ٢٩﴾
    ”اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي (شيون) زمين ۾ آھن سي مڙيئي پيدا ڪيون“
    انهن شين کي ڪتب آڻڻ لاءِ انسانن کي جيڪا صلاحيت ڏني وئي آهي، انهيءَ بابت ٻڌايو ويو آهي ته:
    اَنَّ اللہَ سَخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ ﴿الحج: ٦٥﴾
    ”جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نِوايو آھي“
    زمين جون وسعتون سڀني لاءِ هڪجهڙيون آهن، انهيءَ باري ۾ فرمايو ويو:
    اَلَمْ تَكُنْ اَرْضُ اللہِ وَاسِعَۃً فَتُھَاجِرُوْا فِيْھَا۝۰ۭ ﴿النساء: ٩٧﴾
    ”الله جو مُلڪ ويڪرو نه ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا“
    ائين به فرمايو ويو:
    وَمَنْ يُّھَاجِرْ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ يَجِدْ فِي الْاَرْضِ مُرٰغَمًا كَثِيْرًا وَّسَعَۃً۝۰ۭ ﴿النساء: ١٠٠﴾
    ”جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ جي) ڪشادگي لھندؤ“
    يٰعِبَادِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنَّ اَرْضِيْ وَاسِعَۃٌ ﴿العنكبوت: ٥٦﴾
    ”اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ! بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي“
    سموري انسانذات جي زمين سان عام تعلق بابت قرآن ڪريم جي مٿين آيتن ۾ جنهن انداز سان ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن مان هيءَ ڳالهه چٽيءَ طرح واضح ٿي وڃي ٿي ته زمين تي هر انسان کي هڪجيترو معاشي حق حاصل آهي.
    انهيءَ ڪري ئي جڏهن اسلام کي غلبو حاصل ٿيو ته زمين بنسبت جناب رسالت مآب ﷺ جن ۽ سندن عظيم خليفن اهڙا حڪم صادر ڪيا، جن سان ڪنهن هڪ به فرد جي زمين تي معاشي حقن جي لتاڙ نه ٿي.
    عرب ۽ حجاز جي زمين جو گھڻو حصو ته زراعت جي لائق ئي نه آهي، جنهن ڪري هن خطي کي ”وادي غير ذي زرع“ سڏيو ويو آهي. انهيءَ ڪري ئي اتي زراعت جو وڏي پيماني تي نظام به موجود ڪونه هئو. باقي ائين سو هيو جو زمين جو وڏو حصو چراگاهن جي طور استعمال ٿيندو هو، جنهن تي اتان جي اميرن ۽ سردارن جو قبصو هوندو هو ۽ زمينن بابت عرب دنيا ۾ اهوئي هڪ سنگين مسئلو هو. هوڏانهن رسول الله ﷺ جن جو فرمان انهيءَ معاملي بنسبت هي هو ته:
    لاحمي الالله والرسول (بخاري: ج2 باب لاحمي)
    ”چراگاهه رڳو الله ۽ ان جي رسول لاءِ آهن (يعني وقف عام آهن)“
    تمام ئي ٿورو حصو جيڪو زراعت لاءِ استعمال ٿيندو هو تنهن تي قبضيدار غلامن کان هر ڪاهرائي پوکي ڪرائي ويندي هئي. غلام هجڻ جي ڪري انهن هارين جو ان زمين ۽ ان جي پيداور ۾ ڪو به حصو ڪونه هوندو هو، پر پاڻ ﷺ جن حڪم فرمايو:
    خلوا کل اکار وزراع (کنز العمال)
    ”هر ڪاهيندڙن ۽ پوکي ڪندڙن کي غلامي جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪري ڇڏيو“ (ته جيئن توهان جو ۽ انهن جو معاملو زمين ۽ ان جي پيداوار بنسبت ٻن آزاد ڌرين جهڙو ٿي پوي).
    واضحه ۾ جيڪو واقعو ذڪر ٿيل آهي، انهيءَ مان به زرعي زمين جي حيثيت مقرر ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. رسول الله ﷺ جن جي زماني ۾ چئن ماڻهن زمين جي هڪ ٽڪري تي ڀائيواري جي بنياد تي پوکي ڪئي. انهن مان هڪ جي زمين، ٻئي جو ٻج، ٽيئن جي ڏاندن جي جوڙي ۽ چوٿين جي محنت سان فصل پوکيو ويو. جڏهن فصل تيار ٿيو ۽ بٽئي ٿيڻ لڳي ته ان جي ورهاست تي ڀائيوارن ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ اهي چارئي پاڻ ﷺ جن وٽ پنهنجو فيصلو کڻي آيا. پاڻ ﷺ جن ڏاندن جي جوڙي واري کي ۽ محنت واري کي سندن اجرت ۽ محنت جي حساب سان حصو ڏياريو. باقي جيڪو ڪجھه بچيو اهو ٻج واري کي ڏياري ڇڏيو ۽ زمين کي (ملڪيت جي بنياد تي) بي معنى (لغو) قرار ڏنو ۽ ان لاءِ ڪو به حصو مقرر نه فرمايو. انهيءَ فيصلي مان هيءَ ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته رسول اللهﷺ جن زمين جي ملڪيت هجڻ کي تسليم نه ڪيو ۽ زمين جي پنهنجي طور تي ڪا به حيثيت ۽ قيمت نه آهي.
    ”ڪتاب الاموال“ ۾ حضرت عمر ؐ جو هيءُ قول نقل ٿيل آهي ته:
    لنا اقارب الارض والاموال ”زمين ۽ ملڪيتون اسان جون (يعني حڪومت جون) آهن.“
    احڪام القرآن ۾ حضرت علي ؐ جن جو هيءُ ارشاد ذڪر ڪيو ويو آهي ته:
    ان ارضک فلنا ”تنهنجي زمين اسان (يعني حڪومت جي) آهي.“
    فقهي حڪم هي به آهن:
    اصلها لبيت المال (در مختار) ”اهي سڀ بيت المال جي ملڪيت آهن“
    تصير الارض للسلطان (محلي) ”زمين حڪومت جي آهي“
    ان حکم الارض الي الامام (عيني) ”زمين تي امام (حڪومت) جو ئي حڪم مٿاهون آهي.“
    زمين بابت هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته ارڙهين صدي جي خاتمي تائين ايشيائي ۽ مسلم ملڪن ۾ زرعي زمينون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه سمجھيون وينديون هيو.
    پاڪ و هند ۾ به زرعي زمينون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ڪونه سمجھيون وينديون هيون، پر اهي ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي. انهيءَ ڪري ئي تاريخ فرشته، ابن بطوطه جي سفرنامي، اورنگ زيب جي وقت جي فرانسيسي ڊاڪٽر برنير جي سفرنامي، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ملازمن ۽ آفيسرن جي لکڻين ۽ ”ڪلوريٽ“ جي ڪتاب ”ويلٿ اينڊ ويلفيئر آف پنجاب“ جي مطالعي مان انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته ايشيائي ۽ مسلمان ملڪن ۾ زرعي زمين ڪنهن خاص ماڻهو جي ذاتي ملڪيت نه هوندي هئي. ايتري تائين جو انهيءَ جو ذڪر ڪارل مارڪس به، پنهنجي ڪتاب ”مارڪس اينڊ اينجلز ان انڊيا“ ۾، جيڪو سوشلسٽ بڪ ڪلب الهه آباد جو شايع ڪيل آهي، هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته مسلمانن سڄي ايشيا ۾ زمين تي ذاتي ملڪيت نه بنائڻ جي اصول کي وڏي پئماني تي عملي جامو پهرايو آهي.
    زرعي زمينن جي ذاتي ملڪيت جو رواج سڀ کان پهريان يورپ ۾ ارڙهين صدي جي صنعتي انقلاب جي دوران پيو، جڏهن جاگيرداري نظام جو خاتمو ٿي چڪو هو ۽ زمين جا وڏا وڏا ٽڪرا قبضيدار فردن جي ملڪيت قرار ڏنا ويا هئا. يورپ ۽ انگلستان جا ماڻهو جڏهن ايشيائي ۽ مسلمان ملڪن تي قابض ۽ حڪمران ٿيا تڏهن انهن پنهنجي اقتصادي ڦرلٽ جي لاءِ ضروري سمجيو ته انهن ملڪن ۾ به زرعي زمينن جي ذاتي ملڪيت جو رواج وجھن. ائين هنن پنهنجي منظور نظر ۽ مطلب وارن ماڻهن کي زمينن جو مالڪ بنائڻ وارو رواج شروع ڪيو ۽ ملڪيت جو هڪ نئون نظام رائج ڪيو. جڏهن ته حضرت عمر ؐ جي زماني کان وٺي فتح ڪيل ملڪن جون زمينون بيت المال جي ملڪيت سمجھيون وينديون هيون. هندستان جي عالمن به هندستان جي زمينن کي وقف عام ۽ بيت المال جي ملڪيت قرار ڏنو آهي. جيئن ”رساله اراضي هند“ ۽ شاهه عبدالعزيز صاحب محدث دهلوي ؓ جي فتوى مان به ظاهر آهي. (ڏسو فتاوى عزيزيه)
    انهيءَ سلسلي ۾ مولانا شبلي نعماني جي ڪتاب ”الفاروق“ مان کنيل هيٺيون ٽڪرو به توجهه جي لائق آهي:
    ”سڀ کان وڏو انقلاب جيڪو حضرت عمر هن (زراعت جي) معاملي ۾ آندو ۽ جنهن جي ڪري رعيت جي ڀلائي ۽ خوشحالي يڪدم ترقي جي بلندين تي پهچي وئي، سو هي هو ته زمينداري ۽ زمين جي ملڪيت جو پراڻو قانون، جيڪو ظلم ۽ جبر تي ٻڌل هو، سو ختم ڪري ڇڏيائون.
    رومين جڏهن شام ۽ مصر تي قبضو ڪيو ته زمينون اتان جي اصلي رهاڪن کان کسي ڪجھه فوجي آفيسرن کي ۽ ڪجھه درٻارين کي ڏنيون، جڏهن ته انهن کي شاهي جاگير قرار ڏنو. ڪجھه زمين ڪلسيا ۽ چرچ وغيره جي لاءِ به وقف ڪئي وئي. اهڙي طرح اتان جي اصلي رهاڪن لاءِ گراٺ جيتري زمين به نه رهي. انهن کي صرف ڪڙمت جي حق مليل هو ۽ جيڪڏهن زمين جو مالڪ پنهنجي زرعي زمين ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪندو هو ته زمين سان گڏ ڪڙمي به ٻئي جي حوالي ٿي ويندا هئا. آخري وقت ۾ اصلي رهاڪن کي به ڪجھه زمينداري جو حق ملڻ لڳو. پر پوءِ به زمينداري جي حفاظت ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ رومي زميندارن جو سهارو ورتو ويندو هو. انهيءَ بهاني سان زميندار پاڻ انهيءَ زمين تي قبضو ڪندڙ ٿي ويندو هو جڏهن ته ويچارو ڪڙمي ڪڙمي ئي رهجي ويندو هو.
    هيءُ طريقو رڳو ڪجھه رومي سلطنتن جو ڪونه هو، پر جيستائين اسان کي معلوم آهي ته تقريبا سڄي دنيا ۾ اهو ئي طريقو هلي رهيو هو ته زمين جو وڏو حصو فوج جي آفيسرن يا مالدارن کي جاگير طور ڏنو ويندو هو.
    حضرت عمر ملڪ فتح ڪرڻ سان ئي اهو ظالمانه قانون مٽائي ڇڏيو. پهريان ته اها ڳالهه آهي ته رومي ملڪ جي فتح ٿيڻ کان اڳ ئي اتان نڪري ويا. باقي جيڪي رهجي ويا، تن جي قبضي مان زمين کي ڇڏايو ويو. حضرت عمر ان سڄي زمين جيڪا شاهي جاگير هئي يا فوجي آفسرن جي قبضي ۾ هئي، ملڪ جي اصلي رهاڪن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ بجاءِ ان جي جو اها مسلمان فوجي آفيسرن يا سردارن کي بخشي وڃي. قانون ٺاهي ڇڏيو ته مسلمان ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ زمين تي قبضيدار نٿا ٿي سگھن. يعني جيڪڏهن مسلمان زمين جي مالڪن کان خريد ڪرڻ گھرن ته به ائين نٿا ڪري سگھن. هي قانون ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رهيو. انهيءَ ڪري ئي جڏهن ليث بن سعد مصر ۾ ڪجھه زمين مُلهه ڀري ورتي ته وڏن وڏن مذهبي اڳواڻن، جهڙوڪ امام مالڪ ۽ نافع بن يزيد وغيره ان تي سخت اعتراض واريو.“ (الفاروق حصو ٻيو-مولانا شبلي نعمانيؓ).
    ”حضرت عمر ؐ هڪ عام حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو هو ته سڄي ملڪ ۾ جتي جتي غير آباد زمينون آهن سي جيڪو به ماڻهو انهن کي آباد ڪندو، ان جون سمجھيون ويندون. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان قسم جي زمين تي ان کي آباد ڪرڻ لاءِ قبضيدار بڻجي ۽ ٽن سالن تائين آباد نه ڪري سگھي ته پوءِ اها زمين ان جي قبضي ۾ نه رهندي.“ (ساڳيو مٿيون حوالو)
    اڄ کان چوڏنهن سؤ سال پهريان جڏهن دنيا ۾ رڳو ملوڪيت ۽ جاگيرداري جو عروج هو، تڏهن معيشت بابت اسلام عدل ۽ انصاف تي ٻڌل مٿيون هدايتون ڏنيون ۽ انهن تي پوري معاشري ۾ رضاڪارانه ۽ حڪومتي نظام هيٺ عمل ڪيو ويو. ڪنهن به ٽڪراءَ کان پاڪ انفراديت سان گڏ متوازن اجتماعيت جي سياسي ۽ اقتصادي تصور تي ٻڌل انساني معاشري جو رخ هر طرح سان عدل ۽ مساوات ڏانهن ڦيريو ويو.
    لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْ رَسُوْلِ اللہِ اُسْوَۃٌ حَسَنَۃٌ ﴿الأحزاب: ٢١﴾
    ”بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر (جي طريقي) ۾ عمدي پيروي آھي“
    ائين اڄ وري انهيءَ تصور ۽ معاشي طريقي کي زندهه ڪرڻ ۽ اسوه رسول الله ﷺ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    سنڌيڪار: احمدالدين بلوچ


    سخاوت جو پيغمبرانه طريقو : مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو

    حضرت عبدالله بن عمر رضي الله فرمائي ٿو ته: مون پاڻ سڳورن ﷺ کان وڌيڪ سخي ۽ فياض، پاڻ سڳورن ﷺ کان وڌيڪ دلير، بهادر ۽ حوصلي وارو، پاڻ سڳورن ﷺ کان وڌيڪ صابر ۽ قناعت ڪندڙ ڪوبه ماڻهو نه ڏٺو. (رواه دارمي 1/23)
    پاڻ ڪريمﷺ جن جو فرمان آهي: ”الله سڀ کان وڏو سخي آهي، پوءِ آءٌ انسانن ۾ سڀ کان وڏو سخي آهيان ۽ مون کان پوءِ انسانن ۾ اهو ماڻهو سخي آهي جيڪو علم سيکاري ۽ ان کي ڦهلائي.“
    پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ جيڪي ڪجهه ايندو هو، گهڻو ڪري سڀ ڪجهه اتي جو اتي غريبن ۽ مسڪينن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ ڪٿان نوي هزار درهم آيا، پاڻ سڳورن اتي جو اتي اهي نوي هزار درهم تقسيم ڪري ڇڏيا. جڏهن اها رقم ختم ٿي وئي ته پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ هڪ سائل پهتو، تنهن تي فرمايائون ته: هينئر مون وٽ ڪجهه به نه آهي، تون منهنجي نالي تي قرض وٺ، جڏهن ڪجهه ايندو ته آءٌ ادا ڪري ڇڏيندس. (شمائل ترمذي)
    پاڻ سڳورا ﷺ ٻين انسانن جي لاءِ ته خزانا لٽائي ڇڏيندا هئا، پر پنهنجو حال اهو هو جو ٻه ٻه مهينا گهر جي چلهه ۾ باهه نه ٻرندي هئي. حضرت عائشه $ فرمائي ٿي: ”ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا ائين گذري ويندا هئا جو اسان جي گهرن ۾ باهه نه ٻرندي هئي، صرف کارڪن ۽ پاڻيءَ تي گذر ٿيندو هو.“ (رواه مسلم)
    ان حال هوندي به پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به پنهنجي در تان ڪنهن سائل کي نه موٽايو، بلڪ جو ڪجهه هوندو هو، اهو ان کي ڏئي ڇڏيندا هئا.
    حضرت انس رضي الله فرمائي ٿو ته، ”پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به سائل کي نه موٽايو. بلڪ جيڪو ڪجهه هوندو هو اهو ان کي ڏئي ڇڏيندا هئا.“
    هڪ ڀيري هڪ ماڻهو پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ پيش ٿيو. کين صدقي جون ٻڪريون جيڪي ٻن جبلن جي وچ ۾ هيون (يعني حساب ۽ اندازي کان گهڻيون هيون) اهي سڀ ان کي ڏئي ڇڏيائون. اهو ماڻهو ٻڪريون ڪاهي پنهنجي قوم ڏانهن ويو ۽ انهن کي چوڻ لڳو: ”توهان سمورا مسلمان ٿي وڃو.“ پاڻ سڳورا ﷺ ايتري ته بخشش ۽ عطا ڪن ٿا جو بک جو ڀؤ ئي نٿو رهي.“ (مسلم 1/253)
    پاڻ سڳورن ﷺ جي فياضي ۽ سخا ايتري قدر هئي جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا جي حصول جو ارادو کڻي ايندو هو ته پنهنجي ساٿين سان پاڻ ڪريمن ﷺ جون مهربانيون، فياضيون ۽ سخا ڏسي مسلمان ٿي پوندو هو.
    حضرت ابوذر غفاري رضي الله فرمائي ٿو ته، ”آءٌ مڪي جي پٿريلي زمين تي پاڻ ڪريمﷺ جن سان گڏ هلي رهيو هيس ته احد جبل اسان جي سامهون اچي ويو. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: مون کي ان ڳالهه تي سخت بيچيني ٿيندي ته مون وٽ احد جبل جيترو سون هجي ۽ ان تي ٽي ڏينهن ائين گذري وڃن، جو مون وٽ ڪو دينار رهجي وڃي، سواءِ ان ٿوري رقم جي جيڪا مون قرض جي ادائگيءَ جي لاءِ رکان، بلڪ مون ان مان سڄو مال پنهنجي ساڄي کاٻي ۽ هر پاسي خرچ ڪري ڇڏيان. (رواه بخاري)
    اتان معلوم ٿيو ته، پاڻ بک ۽ ڏک تي رهي ٻين تي عطائون ڪري ڪنهن مجبور سائل کي خالي نه موٽائڻ، پنهنجو سڀڪجهه الله تبارڪ و تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏڻ ۽ فوت ٿيل مقروض جو قرض ادا ڪرڻ پاڻ سڳورن ﷺ جي سنت آهي. جيڪي ماڻهو پاڻ ته سک سان رهن ٿا پر ٻين جو خيال نٿا رکن، يا پنهنجي دنيا ۽ دولت اجايو ڪمن ۽ آرام طلبيءَ جي زندگيءَ تي خرچ ڪن ٿا ۽ مجبورن کي نظرانداز ڪن ٿا، اهي پاڻ ڪريمﷺ جن جي سنت ۽ طريقي جا منحرف آهن.


    دنيا کان بي رغبتي ۽ قناعت
    جيتوڻيڪ پاڻ سڳورن ﷺ جي پيرن هيٺان دنيا جا خزانا لتاڙبا هئا، پر پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به انهن ڏانهن توجه نه ڏنو. پاڻ سڳورن ﷺ جو تزڪيو ۽ استغنا ڪنهن مجبوريءَ ڪري نه هو، بلڪ اهو طريقو پنهنجي لاءِ پسند ڪري اختيار ڪيو هئائون.
    حضرت امان عائشه $ فرمائي ٿي ته، پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به ڍؤ ڪري طعام نه کاڌو، ۽ بک تي رهڻ جي باوجود ڪڏهن به بک جي شڪايت نه ڪيائون. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو بک جي ڪري سڄي رات ننڊ نه ايندي هئن، پر پوءِ به صبح جو روزو رکي ڇڏيندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ جي اها حالت ڏسي آءٌ ڪڏهن ڪڏهن روئي پوندي هيس ۽ عرض ڪندي هيس ته، اي الله جا رسولﷺ! آءٌ اوهان تان قربان وڃان، اوهين دنيا مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو حصو ته قبول ڪيو جو بک جي اذيت برداشت ڪرڻي نه پوي. تنهن تي پاڻ ڪريمﷺ جن فرمائيندا هئا: ”منهنجو دنيا سان ڇا وڃي، الله تعاليٰ جي اڳين رسولن ان کان به وڌيڪ تڪليفن ۾ وقت گذاريو ۽ جڏهن اهي پنهنجي پالڻهار وٽ پهتا ته صبر ۽ قناعت جي ڪري عزت ۽ شرف سان نوازيا ويا.“ (قاضي عياض)
    جيتوڻيڪ پاڻ ڪريمﷺ جن جي زماني مبارڪ ۾ ئي عرب جا ڪيئي علائقا فتح ٿي چڪا هئا ۽ مديني ۾ دنيا ۽ دولت جو سيلاب اچي چڪو هو، پر پاڻ ڪريمﷺ جن هميشه زهد ۽ قناعت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي پڻ زهد ۽ قناعت اختيار ڪرڻ جو سبق ڏنو. حديث شريف ۾ آهي:
    ”پاڻ ڪريمﷺ جن هميشه الله تبارڪ و تعاليٰ جي دربار ۾ هيءَ دعا گهرندا هئا: ”اللهم اجعل رزقا آل محمد قوتا“ (بخاري 2/957) اي الله محمدﷺ جي اهل اولاد کي ايترو رزق عطا ڪر جنهن سان انهن جي زندگي باقي رهي سگهي.“
    جيتوڻيڪ دنيا حق آهي ۽ ان مان انسان فائدا وٺي سگهي ٿو، پر دنيا کي ئي سڀڪجهه سمجهڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي هوس ۾ پنهنجي زندگي ڳاري ڇڏڻ، پيغمبر ڪريمﷺ جن جي سنت جي خلاف آهي. پاڻ ڪريمﷺ جن جو طريقو ۽ سنت اها آهي ته هڪ پاسي کان دنيا اچي ته ٻئي پاسي کان الله جي راهه ۾ هلي وڃي.
    هڪ مؤمن شرعي حدن جي اندر رهي دنيا ڪمائي سگهي ٿو، پر هو ان جي خرچ ڪرڻ ۾ ڇڙواڳ ۽ آزاد ٿي نٿو سگهي. ڇو ته هو ان ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو نائب ۽ خليفو آهي، ۽ ان جي گهُر ۽ منشا مطابق ان کي پنهنجو مال خرچ ڪرڻو آهي. قرآن ۾ ان جا چٽا حڪم موجود آهن، جيئن فرمايو ويو آهي:
    وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَكُمۡ مُّسْتَخْلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ (الحديد:7)
    ”۽ ان مال مان خرچ ڪريو، جنهن ۾ اوهان کي پنهنجي نائب ڪيو اٿس.“
    انسان جي تخليق جو مقصد تڏهن سجايو ٿئي ٿو جڏهن هو پنهنجي خليفي هئڻ واري اها قدرت جي پاران سپرد ڪيل ذميواري نڀائي ٿو.
    هڪ مؤمن الله تعاليٰ جي راهه ۾ غريبن، مسڪينن، بي پهچن ۽ مجبورن تي خرچ ڪري ”رَاضِیَۃً مَّرْضِیَّۃً“ (الفجر-28) جي درجي تي پهچي سگهي ٿو.


    گهر ڀاتين سان پاڻ سڳورنﷺ جو رويو : مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو

    پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي گهر ڀاتين تي انتهائي مهربان ۽ شفيق هوندا هئا. گهر ڀاتين سان شفقت ۽ پيار سان پيش ايندا رهندا هئا. پنهنجين گهروارين سان پيار ۽ اُلفت جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ انهن سان خوش طبعي ۽ مزاح پڻ ڪندا هئا ته جيئن پاڻ ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا سگهارا ٿين.
    حضرت عائشه $ کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته پاڻ سڳورا ﷺ گهر ڀاتين سان ڪيئن هلندا هئا؟ تنهن تي اما عائشه $ فرمايو: پاڻ سڳورا ﷺ گهر ۾ عام انسانن جيان ئي رهندا هئا، پر پاڻ ﷺ ڏاڍا شفيق هئا ۽ اعليٰ اخلاق جا مالڪ هئا. فضول ڳالهيون نه پاڻ ڪندا هئا ۽ نه اهي ٻڌڻ پسند ڪندا هئا. برائيءَ جو بدلو برائيءَ سان نه ڏيندا هئا، پر خطائون درگذر ڪري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن گهر ڀاتي ڪنهن ڳالهه کي پسند ڪندا هئا ۽ شرعي طور تي اها صحيح هوندي هئي ته پاڻ سڳورا ﷺ ان کي نه ٽاريندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ نه ڪڏهن ڪنهن خادم کي ماريو ۽ نه ئي ڪڏهن پنهنجي ڪنهن گهر واريءَ کي مار ڏني. گهر وارن سان خوش ٿي ۽ مرڪي ملندا هئا. صبح، شام گهروارين ڏانهن چڪر لڳائيندا هئا ۽ انهن کي پاڻ سلام ڪندا هئا. گهر جي سار سنڀال ۽ گهر ڀاتين جي ضرورتن جو لحاظ رکندا هئا. گهر آيل عورتن جا شرعي مسئلا ٻڌندا هئا ۽ نهايت ئي فهميده نموني ۽ سمجهاڻين سان کين ديني مسئلا سمجهائيندا هئا. پنهنجين گهر وارين کي پاڻ سان گڏ جنگين تي وٺي ويندا هئا ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ حج پڻ ادا ڪرايائون.
    حضرت عائشه $ فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن غزوه حنين يا غزوه تبوڪ کان واپس آيا ته جاري ۾ کين هڪ رانديڪي تي نظر پئي. پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو: اي عائشه! هيءَ ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو: هي راند جي گڏي آهي. ان جي وچ تي گهوڙو هو، جنهن کي ٻه پر هئا، پاڻ سڳورن فرمايو: اڙي گهوڙي کي پر؟ مون عرض ڪيو: اي الله جا رسولﷺ ڇا اوهين نه ٻڌو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جي گهوڙي کي پر هئا، حضرت عائشه $ فرمائي ٿي ته ان تي پاڻ سڳورن ﷺ کي کل اچي وئي تان جو پاڻ سڳورن ﷺ جا ڏند مبارڪ ظاهر ٿيڻ لڳا.
    (ابوداؤد 2/112)
    جڏهن پاڻ سڳوراﷺ ڪنهن سفر تي روانا ٿيندا هئا ته گهروارين جي دلجوئيءَ جي لاءِ گهروارين جا ڪڻا وجهندا هئا. پنهنجين گهروارين کي خوش رکڻ جي لاءِ انهن کي عشاءَ کان پوءِ قصا ۽ واقعا ٻڌائيندا هئا، اهي قصا ۽ واقعا نصيحت ۽ حڪمت تي مشتمل هوندا هئا.
    گهروارين سان رلي ملي ويندا هئا ۽ گهر جي هر ڪم ۾ انهن جو هٿ ونڊائيندا هئا. حضرت عائشه $ فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورا ﷺ ڪپڙا سبي ويندا هئا. جتي ڳنڍي ويندا هئا ۽ گهر ۾ عام انسان جيڪي ڪم ڪندو آهي پاڻ سڳورا ﷺ اهي به اهي سمورا ڪم سرانجام ڏيندا هئا.
    هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته، پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي گهروارن جي لاءِ پاڻيءَ جا دلا ڀري ايندا هئا ۽ پنهنجي ٻڪريءَ جو کير پاڻ ڏهندا هئا. هي هيو پاڻ سڳورن ﷺ جي گهر ڀاتين سان رويو، ڪردار، اخلاق ۽ سيرت. جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ الله جا پيارا نبي هئا، امت جي اتباع واري حيثيت سان سندن سڀني گهروارين کي پاڻ سڳورن ﷺ جي هر حڪم جو اتباع ڪرڻو هو، پر پوءِ پاڻ سڳوراﷺ انهن جي دلجوئيءَ جي لاءِ انهن ۾ قرع اندازي ڪن ٿا، انهن سان کل ڀوڳ ۽ خوش طبعي ڪن ٿا ۽ انهن سان هر ڪم ۾ هٿ ونڊائين ٿا. جيڪڏهن اڄ جو معاشرو پاڻ سڳورن ﷺ جي ان سيرت تي هلي پوي ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سان، پٽن سان، نياڻين سان ۽ گهر وارين سان دوستاڻو رويو رکي هلي ته گهرن جي ماحول ۾ محبتن الفتن جا ڪيترا رنگ اڀري پون. ۽ هي گهرو معاشرو جنت جو ٽڪرو بڻجي سگهي ٿو.

    رشتيدارن/ مائٽن سان پاڻ سڳورن جو رويو
    اسلام مٽن مائٽن ۽ رشتيدارن سان سهڻي سلوڪ جي حڪم ڪري ٿو، جنهن کي صله ءِ رحمي چيو وڃي ٿو. رحمت للعالمينﷺ جن جي اخلاقي تعليم ۾ جنهن شيء کي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي، اها آهي صلهءِ رحمي، مائٽن ۽ عام انسانن جي حقن جي پاسداري. قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي رشتيدارن، مٽن مائٽن ۽ عام انسانن جي حقن جي طرف توجه ڏياريو ويو آهي. ۽ اهو ڪنهن تي احسان نه بلڪ ان جو حق قرار ڏنو ويو آهي. مثال طور تي قرآن مجيد ۾ آهي:
    (1) وَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰی حَقَّہٗ (الاسراء:26) ۽ پنهنجي مائٽ کي سندس حق ڏي.
    (2) فَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰی حَقَّہٗ (الروم:38) پوءِ مائٽيءَ واري کي سندس حق ڏي.
    (3) وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ ذَوِی الْقُرْبٰی (البقره:177) ۽ الله سان محبت ڪري رشتيدارن کي مال ڏيو.
    (4) قُلْ مَاۤ اَنۡفَقْتُمۡ مِّنْ خَیۡرٍ فَلِلْوَالِدَیۡنِ وَالۡاَقْرَبِیۡنَ (البقره: 215) (کين) چئو ته جيڪو مال خرچ ڪريو سو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن لاءِ آهي.
    پاڻ سڳورا ﷺ جيتوڻيڪ پوري انسانيت لاءِ رحمت هئا، پر ان رحمت جي شروعات مٽن مائٽن کان ڪن ٿا.
    دعوت اسلام جي وقت پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي پوري خاندان ۽ قبيلي کي گڏ ڪن ٿا. ۽ انهن کي هن انداز ۾ مخاطب ٿين ٿا: يا معشر قريش يا معشر بني عبد مناف! يا معشر بني قصي يا معشر عبد الڪعب. ان آواز تي مڪي جا قريش گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن کي اسلام جي دعوت ڏين ٿا. اسلام ۽ توحيد واري دعوت تي جيتوڻيڪ مٽن مائٽن ۽ رشتيدارن پاڻ سڳورن ﷺ کي تڪليفون پهچايون، مسلمانن سان قطع تعلقات ڪيائون، کين شهر ڇڏڻ ۽ هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيائون پر پوءِ به پاڻ سڳورن ﷺ انهن کان انتقام نه ورتو ۽ انهن کي معاف ڪري ڇڏيائون.
    پاڻ سڳوراﷺ هر موقعي تي پنهنجن جو لحاظ رکندا هئا ۽ انهن جي ديني تربيت ڪندا هئا. ۽ انهن کي نيڪيءَ جي ترغيب ڏيندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ جيڪڏهن ڪنهن مٽ مائٽ ۽ رشتيدار ۾ ڪا خرابي ڏسندا هئا ته خيرخواهيءَ جي بنياد تي نهايت ان کي اتي جو اتي درست ڪري ڇڏيندا هئا.
    اڄ ڪلهه ڏٺو وڃي ته اسان جو هر مبلغ ۽ داعي پنهنجن ۾ تبليغ ڪرڻ کان لهرائيندو آهي. هو ٻاهر ته وڏو مبلغ ۽ داعي هوندو آهي ۽ پنهنجن گهر وارين ۽ عزيزن ۾ ڪنهن به قسم جي تبليغ نه ڪندو آهي. ان جو هڪ سبب هيءَ آهي ته اڄ جو داعي پنهنجي زبان سان ته اسلام ۽ حق جي دعوت ڏئي ٿو، پر هو پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ بهتري پيدا نه ٿو ڪري سگهي ۽ مثالي انسان نٿو بڻجي سگهي. ان ڪري هو ان لڄ ۽ شرم کان پنهنجن ۾ ڪا حق جي ڳالهه ڪري نٿو سگهي. ٻاهر جا ماڻهو هن جا واقف ۽ ان جي ڪرتوتن کان آگاه نٿا هجن، تنهن ڪري هو ٻاهر وڏي طمراق سان پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي سگهي ٿو. اهڙي قسم جي تبليغ پنهنجي هوس ۽ شوق جي پيروي ته ٿي سگهي ٿي، پر اسلام جي حقيقي تبليغ ٿي نٿي سگهي. ان بابت ئي ته چيو ويو آهي:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفْعَلُوۡنَ ﴿۲﴾
    کَبُرَ مَقْتًا عِنۡدَ اللہِ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا مَا لَا تَفْعَلُوۡنَ ﴿۳﴾ (صف:2-3)
    ”اي ايمان وارؤ! اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو، جا نٿا ڪريو، جيڪي اوهين (پاڻ عملاً) نٿا ڪريو سا ڳالهه چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي.“
    اسلام جي حقيقي تبليغ اها ئي آهي جيڪا پنهنجي ڪردار جي ذريعي ڪئي وڃي، ۽ زبان کي پنهنجي عمل جي ذريعي سگهارو بڻائي استعمال ڪيو وڃي. اهڙي تبليغ جي شروعات پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ويجهن ماڻهن کان ٿيندي. عمل ۽ ڪردار کان وانجها بدڪردار ماڻهو اهڙي قسم جي تبليغ جو تصور به نٿا ڪري سگهن.
    دعوت ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ به اسان کي پاڻ سڳورن ﷺ جي ”اسوه حسنه“ تي عمل ڪرڻو پوندو. پنهنجو ڪردار ۽ قبلو درست ڪرڻو پوندو، پوءِ ڏسو ته ڪيئن لشڪرن جا لشڪر اسلام ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيئن نه اسان جي دعوت ۽ تبليغ مؤثر ٿئي ٿي.


    قرآن جو گھربل معاشرو : مولانا شعيب الرحمان کهڙو

    قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جو اصل مقصد انساني حقن جو تحفظ ۽ انسانيت جي عزت ۽ حرمت جا اصول واضح ڪرڻ ۽ ان جو حڪم نافذ ڪرڻ آهي. هتي اسين هيٺين شين جي مختصر وضاحت ڪنداسين.
    1. انسانيت جو احترام ۽ ان جي عزت
    2. انساني حقن جو تحفظ
    3. ڪمزورن جا حق ادا ڪرڻ جو تاڪيد
    انسان جي عزت ۽ حرمت جو بيان
    قرآن مجيد بار بار ٻڌائي ٿو ته انسان ”اشرف المخلوقات“ آهي. انساني پتلي ۾ رب ذوالجلال پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ زمين تي ان کي پنهنجي خلافت جو اعزاز بخشيو ۽ ملائڪن کان ان کي تعظيمي سجدو ڪرايائين ۽ ان کانسواءِ الله تبارڪ و تعاليٰ سموري مخلوق تي انساني مخلوق کي فضيلت عطا ڪئي. اهو اعزاز زمين تي موجود سمورن انسانن کي نسل در نسل حاصل آهي ۽ اهڙي طرح هر انسان بحيثيت انسان جي خلافت جو حقدار آهي. اهو ايڏو وڏو اعزاز آهي جو ملائڪن جون نظرون به ان تي لڳل هيون ۽ انهن کي اهو اعزاز ان جي ڪري نه ڏنو ويو جو اهي فطري طور تي ان جا اهل نه هئا. ان مقام جو اهل انسانن کي بڻايو ويو، علامه اقبال چواڻي:
    نہ کر تقلید اے جبرئیل میرے جذب و مستی کی
    تن آساں عرشیوں کو ذکر و تسبیح و طواف اولیٰ

    ان کان سواءِ الله تبارڪ و تعاليٰ پوري ڪائنات کي انسان جي لاءِ مسخر بڻايو ۽ دنيا جي سمورين نعمتن تي انسان کي تصرف ۽ اختيار عطا فرمايو. زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي به خزانا آهن، اهي انسان لاءِ بڻايا ويا آهن ۽ کيس انهن شين کي مسخر بڻائڻ جي سگهه پڻ ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي تسخيري طاقت سان انهن شين تي حڪمراني ڪري ۽ پنهنجي مالڪ جو شڪرگذار ٻانهو ٿي رهي ۽ حلال رزق مان پنهنجي ۽ پنهنجي اهل جي روزي فراهم ڪري سگهي.
    هن دنيا ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ۾ مختلف صلاحيتون رکيون آهن، ڪي ڪمائڻ ۾ ڀڙ آهن ته ڪي ويچارا جڏا ۽ محتاج آهن. تنهن ڪري قرآن مجيد ان ڳالهه تي وڏو زور ڏنو آهي ته انساني مساوات قائم رکي وڃي ۽ مسڪينن ۽ محرومن کي به خدائي نعمتن ۾ شريڪ ڪيو وڃي. ڌن ۽ دولت تي قبضو ڪري خدا جي مخلوق کي ان کان محروم نه ڪيو وڃي. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن قرآن حڪيم جي اصولن تي پهرين اسلامي جماعت ۽ پهريون اسلامي معاشرو قائم ڪيو ته هڪ ڀيرو مڪي ۾ ۽ هڪ ڀيرو مديني ۾ سڀني هوند ۽ اڻهوند وارن ماڻهن جي وچ ۾ مواخات (ڀائپي) ڪرائي انهن جي مالن کي انهن جي وچ ۾ ورهايو.
    قرآن مجيد انسان کي انسانيت جي توهين ڪرڻ کان روڪي ٿو، هو بندي کي پنهنجي پالڻهار سان لونءَ لڳائڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. قرآن مجيد اهو برداشت نٿو ڪري ته انسان جيڪو اشرف المخلوقات آهي، ڪنهن ٻئي جي آڏو سر جهڪائي انسانيت کان محروم ٿي وڃي، تنهن ڪري قرآن مجيد وڏي واڪي چئي ٿو:
    وَمِنْ اٰيٰتِہِ الَّيْلُ وَالنَّہَارُ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ۝۰ۭ لَا تَسْجُدُوْا لِلشَّمْسِ وَلَا لِلْقَمَرِ وَاسْجُدُوْا لِلہِ الَّذِيْ خَلَقَہُنَّ اِنْ كُنْتُمْ اِيَّاہُ تَعْبُدُوْنَ۝۳۷ (حٰم سجدہ ۳۷)
    ”۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪيو پر انهيءَ الله کي سجدو ڪريو جنهن انهن کي خلقيو، جيڪڏهن خاص سندس عبادت ڪندا آهيو.“
    قرآن مجيد اهڙن پيرن، مرشدن ۽ عاملن کي پڻ نندي ٿو، جيڪي رهبانيت جو روپ ڌاري انسانيت کي پنهنجي غلامين ۾ جڪڙڻ چاهين ٿا، قرآن پاڪ اهڙي قسم جي روش کان بيزاريءَ جو اعلان ڪري ٿو.
    اَلَّا نَعْبُدَ اِلَّا اللہَ وَلَا نُشْرِكَ بِہٖ شَـيْـــًٔـا وَّلَا يَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا اَرْبَابًا مِّنْ دُوْنِ اللہِ۝۰ۭ
    (آل عمران۶۴)
    ”الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪريو ۽ نڪي توهان مان ڪو ڪنهن کي (به) الله ڌاران پالڻهار ڪري مڃي.“
    اهو نبين کي به جائز نه آهي جو هو ماڻهن کي اهڙي قسم جي تلقين ڪري جوماڻهو رب جي بندگي ڇڏي ان جي بندگي ڪن، قرآن فرمائي ٿو:
    مَا كَانَ لِبَشَرٍ اَنْ يُّؤْتِيَہُ اللہُ الْكِتٰبَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّۃَ ثُمَّ يَقُوْلَ لِلنَّاسِ كُوْنُوْا عِبَادًا لِّيْ مِنْ دُوْنِ اللہِ (آل عمران ۷۹)
    ”ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه جڳائيندو آهي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي ۽ پوءِ اهو وري ماڻهن کي چوي ته الله تعاليٰ کانسواءِ منهنجا ٻانها ٿيو.“
    انساني تاريخ ۾ اڄ کان تقريباً پندرنهن سؤسال پهريان الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ انساني حقن جو تعين فرمايو آهي، تنهن ڪري بحيثيت انسان جي مرد، عورت، ڪارو، گورو، عالم،جاهل، امير، غريب ايتري تائين جو ڪافر ۽ مسلمان سمورن ۾ انساني مساوات قائم ڪئي وئي. جڏهن ته فضيلت ۽ برتريءَ جو مدار صرف ۽ صرف تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ تي رکيو ويو آهي. باقي خدائي قانون مطابق سمورا انسان بحيثيت انسان جي برابر حيثيت رکن ٿا.
    اعليٰ ۽ ادنيٰ ۾ ڪوبه فرق نه آهي، ائين ضرور آهي ته هڪ حاڪم آهي ۽ ٻيو محڪوم پر هو انسانيت جي ناتي سڀ برابر ۽ مساوي آهن. جيڪڏهن مختلف رنگ، نسل ۽ زبانون رکيون ويون آهن ته اهي به صرف سڃاڻڻ ۽ رشتيداريون قائم رکڻ لاءِ رکيون ويون آهن، قرآن فرمائي ٿو:
    وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا۝۰ۭ (الحجرات ١٣)
    ”۽ اوهان کي قومون ۽ قبيلا ڪيوسون ته هڪٻئي کي سڃاڻو.“ (حسب، نسب يا ذات پات کي ڪابه برتري ۽ فضيلت حاصل نه آهي).
    فَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ فَلَآ اَنْسَابَ بَيْنَہُمْ يَوْمَىِٕذٍ وَّلَا يَتَسَاۗءَلُوْنَ۝۱۰۱ (المؤمنون- ۱۰۱)
    ”پوءِ جنهن مهل صور ۾ ڦوڪبو (تنهن مهل) ان ڏينهن سندن وچ ۾ نه نسب رهندا ۽ نڪي پاڻ ۾ پڇاڳاڇا ڪندا.“
    هن دنيا ۾ هر انسان کي هر قسم جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيڻ جو حق ۽ آزادي حاصل آهي، هو پنهنجي آزاديءَ سان حلال ۽ طيب شين مان کائي پيئي سگهي ٿو ۽ پنهنجي حيثيت آڌار گهر ۽ رهائش بڻائي سگهي ٿو.
    قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِيْنَۃَ اللہِ الَّتِيْٓ اَخْرَجَ لِعِبَادِہٖ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِ۝۰ۭ (الاعراف ٣٢)
    ”(اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنهن حرام ڪيون آهن؟“
    پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ به مسلمانن جي اڪثريت تعليم يافته هئڻ جي باوجود فڪري غلاميءَ جو شڪار آهي ۽ نام نهاد نئين تهذيب جي ٺيڪيدارن جا ڳڻ ڳائي رهي آهي ته نئين دؤر انسان کي برتر انساني حق ڏنا آهن. قرآن مجيد ٻين آزادين سان گڏ غور ۽ فڪر جي دعوت ڏيندي فڪر ۽ نظر جي به آزادي ڏئي ٿو ۽ اها آزادي انسان جو بنيادي حق آهي.
    قُلِ انْظُرُوْا مَاذَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ (يونس ١-١)
    ”چؤ ته نهاريو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڪهڙيون (سندس قدرتون) آهن؟“
    قرآن مجيد ڪنهن به قسم جي آزادي کسڻ نٿو چاهي هو ته وڏي واڪي مذهبي آزادي به عطا ڪري ٿو۔
    لَآ اِكْرَاہَ فِي الدِّيْنِ۝۰ۣۙ قَدْ تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ۝۰ۚ (البقر ٢٥٦)
    ”دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آهي (ڇو ته) بيشڪ گمراهيءَ کان هدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آهي.“
    الله تبارڪ و تعاليٰ حق کي ڪنهن تي جبري طور مسلط ڪرڻ نٿو چاهي. اهڙي طرح پاڻ ڪريم ﷺ جن کي پڻ ڪنهن کي لازمي طرح هدايت تي وٺي اچڻ جي خواهش کان روڪي ٿو.
    لَسْتَ عَلَيْہِمْ بِمُصَۜيْطِرٍ۝۲۲ۙ (الغاشيه ۲٢)
    ”تون مٿن ڪو داروغو نه آهين.“
    قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺ جن تي رحم کائيندي نصيحت فرمائي ٿو ته اي الله جا پيغمبر تون پنهنجو پاڻ کي ان فڪر ۾ ڇو ٿو ڳارين ته اهي ايمان آڻين. توهان جو ڪم رڳو دعوت ڏيڻ آهي، هدايت ۽ توفيق الله جي ذمي آهي.
    قرآن مجيد هر انسان کي پوءِ اهو مرد هجي يا عورت خاندان بڻائڻ جو حق ڏنو آهي ۽ اهو به ٻڌايو آهي ته عصمت ۽ حرمت سان گڏ شاديءَ جو مقصد هڪٻئي سان ملي سڪون ۽ راحت حاصل ڪرڻ آهي.
    خَلَقَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا لِّتَسْكُنُوْٓا اِلَيْہَا وَجَعَلَ بَيْنَكُمْ مَّوَدَّۃً وَّرَحْمَۃً۝۰ۭ
    (الروم ٢١)
    ”اوهان جي جنس مان اوهان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجهه پيدا ڪيائين.“۽ فرمايائين:
    وَّجَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ بَنِيْنَ وَحَفَدَۃً (النحل ٧٢)
    ”۽ اوهان جي زالن مان پٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين.“
    شاديءَ کانپوءِ ٻار پيدا ڪرڻ به ان جو حق بڻجي ٿو، ان کان پوءِ پيءُ ماءُ تي اولاد جا حق پڻ متعين ڪيا ويا آهن.
    اولاد جا حق
    قرآن مجيد جاهليت جي ڪڌن ريتن ۽ رسمن ۽ ظالماڻن ۽ وحشي روين کي ميٽي اولاد کي زندهه رهڻ جو حق ادا ڪيو ۽ ڪنهن به صورت ۾ والدين کي اهو حق نه ڏنو ته اهي پنهنجي اولاد کي قتل يا دفن ڪري ڇڏين. جاهليت ۾ ڇوڪرن کي رزق جي تنگيءَ جي خوف ۽ ڇوڪرين کي عار سمجهي زنده دفن ڪيو ويندو هو. اها روايت پراڻي دؤر کان هلندي پئي آئي، قرآن مجيد ۾ انتهائي حڪيمانه انداز ۾ ان کي سنگين ڏوهه قرار ڏئي منطقي دليلن سان ماڻهن کي متنبهه فرمايو:
    وَلَا تَقْتُلُوْٓا اَوْلَادَكُمْ خَشْـيَۃَ اِمْلَاقٍ۝۰ۭ نَحْنُ نَرْزُقُہُمْ وَاِيَّاكُمْ۝۰ۭ (الاسراء -۳۱)
    ”۽ اوهين پنهنجي اولاد کي سڃائي سببان نه ڪُهو، اسين اوهان کي (به) ۽ خاص انهن کي (به) روزي ڏيندا آهيون.“
    سورة تڪوير ۾ ڪنبائيندڙ انداز ۾ انهن ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي جيڪي نياڻين جي زندگيءَ کي سخت عذابن ۾ وجهندا هئا. فرمايائين:
    وَاِذَا الْمَوْءٗدَۃُ سُىِٕلَتْ۝۸۠ۙ بِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ ۝۹ۚ (التڪوير ٩-٨)
    ”۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته ڪهڙي ڏوهه ڪري ماري وئي.“
    قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ هر انسان کي زندهه رهڻ جو حق آهي ۽ اهو ٻيو مسئلو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي بنا ڏوهه جي قتل ڪري ته باقي انسانن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ قاتل کي قصاص ۾ قتل ڪيو ويندو ته جيئن اڳتي جي لاءِ قتل و غارتگري کي ٻنجو اچي سگهي. قرآن مجيد ان بابت فرمائي ٿو
    وَلَكُمْ فِي الْقِصَاصِ حَيٰوۃٌ يّٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ (البقر: ١٧٩)
    ”۽ اي ڌيان وارؤ اوهان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آهي.“
    قرآن مجيد قطعي طور تي قتل ۽ فساد کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ ان کي ايڏو وڏو جرم قرار ڏنو آهي، جو ٻئي ڪنهن تمدن ۽ تهذيب ۾ ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
    وَلَا تَقْتُلُوا النَّفْسَ الَّتِيْ حَرَّمَ اللہُ اِلَّا بِالْحَقِّ۝۰ۭ (الاسراء -۳۳)
    ”۽ نڪي (اهڙي) ماڻهوءَ کي ماريو جنهن جو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو هجي.“
    هڪ انسان جي قتل کي انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آهي،
    اَنَّہٗ مَنْ قَتَلَ نَفْسًۢا بِغَيْرِ نَفْسٍ اَوْ فَسَادٍ فِي الْاَرْضِ فَكَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِيْعًا۝۰ۭ
    (المائده ٣٢)
    ”جيڪو ڪنهن جان جي عيوض يا زمين ۾ فساد وجهڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪهندو تنهن ڄڻ مڙني ماڻهن کي ڪٺو.“
    ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جو پيغام قرآن مجيد آهي ۽ قرآن مجيد مطابق هڪ جان جي قيمت پوري انسانيت جي برابر آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيئن دنيا ۾ قتل و غارتگري کي ٻنجو اچي سگهي ۽ انساني جان جو احترام باقي رهي سگهي، ڇو ته انسان بذات خود محترم آهي.
    ”آدميت احترام آدمي باخبر شو از مقام آدمي“، ايئن انسانيت نواز مذهب اسلام ۽ انساني حقن جو محافظ قرآن مجيد هر انسان کي، پوءِ اهو ڪهڙي به مذهب ۽ قوم سان تعلق رکندڙ هجي يا ڪنهن به رنگ ۽ نسل جو هجي، الله تعاليٰ جي ڪشادي زمين تي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻ ۽ مشقت برداشت ڪرڻ جو آزادانه حق ڏئي ٿو.
    ہُوَالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِہَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِہٖ۝۰ۭ (الملڪ ١٥)
    ”(الله) اهو آهي جنهن زمين کي اوهان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستي ۾ گهمو ۽ الله جي رزق مان کائو.“
    جمعي جي ڏينهن جڏهن نماز کان پويان ٿورڙو وقت هوندو آهي ان وقت ۾ پڻ حلال روزيءَ جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ زمين ۾ پکڙجي وڃڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو.
    فَاِذَا قُضِيَتِ الصَّلٰوۃُ فَانْتَشِرُوْا فِي الْاَرْضِ وَابْتَغُوْا مِنْ فَضْلِ اللہِ (الجمعه ١٠)
    ”پوءِ جڏهن نماز پوري ڪئي وڃي ته زمين تي کنڊرڙي وڃو ۽ الله جي فضل جي طلب ڪريو.“
    اهڙي طرح حج جهڙي عالمگير اجتماع ۾ جيڪو سال ۾ هڪ صرف ڀيرو ٿيندو آهي ان ۾ به حلال رزق حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏنل آهي.
    لَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ اَنْ تَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ۝۰ۭ (البقره- ۱٩٨)
    ”(حج) ۾ پنهنجي پالڻهار کان روزيءَ گهرڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه ڪونهي.“
    قرآن مجيد هر انسان کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو حلال طريقي سان روزي ڪمائي ۽ خدائي احڪامات جي مطابق ان ۾ تصرف ڪري، پر ناجائز طريقي سان ڪنهن جو مال هڙپ ڪرڻ جي اسلام ڪنهن به طرح اجازت نٿو ڏئي.
    قرآن مجيد زال ۽ مڙس کي ازدواجي حيثيت اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو پنهنجي گهر ۾ عزت ۽ آبرو سان زندگي گذارين. ڪنهن به ماڻهوءَ کي قطعي طور تي اها اجازت حاصل نه آهي ته هو ڪنهن جي گهر ۾ بنا اجازت جي داخل ٿي سگهي.
    لَاتَدْخُلُوْا بُيُوْتًا غَيْرَ بُيُوْتِكُمْ حَتّٰى تَسْتَاْنِسُوْا وَتُسَلِّمُوْا عَلٰٓي اَہْلِہَا۝۰ۭ (النور ٢٧)
    ”پنهنجن گهرن کانسواءِ ٻين (ماڻهن جي) گهرن ۾ (ايسين) نه گهڙو جيسين گهر وارن کان اجازت جو اطلاع نه ڪيو.“
    اسلام ڪنهن کي ڪنهن تي مذاق ڪرڻ يا ڪنهن قدرتي عيب تي ٽوڪڻ کان سختي سان منع ڪري ٿو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻئي جي سامهون شرمندو ڪرڻ يا بيعزتو ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، اهي سهڻا اخلاق مسلم معاشري جو حسن ۽ وقار آهن.
    معاشري ۾ پنهنجي جان ۽ مال ۽ عزت ۽ آبرو جي تحفظ جو حق
    قرآن مجيد هر انسان کي پنهنجي جان ۽ عزت ۽ آبرو جي حفاظت لاءِ دشمن جي خلاف دفاعي قدم کڻڻ جو پورو پورو حق ڏنو آهي ۽ ڪنهن به مظلوم کي پنهنجي جان ۽ مال ۽ حرمت جي تحفظ ڪرڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي. ان بابت قرآن مجيد فرمائي ٿو:
    فَمَنِ اعْتَدٰى عَلَيْكُمْ فَاعْتَدُوْا عَلَيْہِ بِمِثْلِ مَا اعْتَدٰى عَلَيْكُمْ۝۰۠
    وَاتَّقُوا اللہَ وَاعْلَمُوْٓا اَنَّ اللہَ مَعَ الْمُتَّقِيْنَ۝۱۹۴ (البقره- ١٩۴)
    ”پوءِ جيڪو اوهان تي وڌيڪ هلت ڪري تنهن سان اوتري وڌيڪ هلت ڪريو، جيتري اوهان سان وڌيڪ هلت ڪيائين ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان گڏ آهي.“
    الله تبارڪ و تعاليٰ قدسي حديث ۾ پنهنجن ٻانهن کي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ظلم ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ، پنهنجي خاص صفت بيان فرمائي آهي ته منهنجي رحمت منهنجي غضب تي حاوي آهي، تنهن ڪري توهان به منهنجي صفت اختيار ڪندي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ظلم نه ڪندا ڪيو. الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
    يَا عِبَادِيۡ اِنِّيۡ حَرَّمۡتُ الظُّلۡمَ عَلَيَّ فَلَا تُظَالِمُوا
    ”اي منهنجا ٻانهؤ! مان پاڻ تي (ڪنهن سان) ظلم ڪرڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري توهان به هڪٻئي تي ظلم نه ڪندا ڪريو.“
    تنهن ڪري ٻانهن کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ خدا ئي صفتون اپنائن ۽ خدا جي رحمت جيان هو سراپا رحمت بڻجي انسانن سان نرمي ۽ پيار سان پيش اچن، خاص ڪري انصاف لاءِ ويٺل ججن، قاضين، مفتين ۽ وڪيلن کي گهرجي ته هو ڪنهن جي دٻاءُ ۾ يا لالچ ۾ اچي حق جو پاسو نه ڇڏين ۽ عدل ۽ انصاف جو دامن نه ڇڏين. ارشاد آهي:
    قرآن ان بابت هن ريت تاڪيد ڪري ٿو:
    يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلہِ شُہَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ۝۰ۡوَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا۝۰ۭ اِعْدِلُوْا۝۰ۣ ہُوَاَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى۝۰(المائده ٨)
    ”اي ايمان وارؤ! الله خاطر انصاف سان شاهدي ڏيڻ تي قائم رهندا اچو ۽ ڪنهن قوم جي دشمني اوهان لاءِ اوهان جي بي انصافي جو سبب نه بڻجي، انصاف ڪريو اهو پرهيزگاري کي سڀ کان وڌيڪ ويجهو آهي.“
    وَاِذَا حَكَمْتُمْ بَيْنَ النَّاسِ اَنْ تَحْكُمُوْا بِالْعَدْلِ۝۰ۭ (السناء -٥٨)
    ”۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏهن) انصاف سان حڪم ڪريو.“
    هتي عدل کي احسان سان مشروط ڪيو ويو آهي. نه ته ان کانسواءِ روزمره جي زندگي عذاب بڻجي وڃي ٿي. دراصل احسان انساني اخلاق ۽ ڪردار جو جوهر آهي. شاهدي ڏيڻي هجي يا ڪنهن جهڳڙي جو فيصلو ڪرڻو هجي يا ازدواجي زندگيءَ جو ڪو مسئلو هجي ته ان جو حل تلاش ڪرڻ ۾ عدل ۽ احسان جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي.
    ڪن مفسرن جو خيال آهي ته اهي آيتون هڪ يهوديءَ بابت نازل ٿيون هيون، جنهن تي مسلمانن ڪا تهمت هنئي هئي، جڏهن ته هو ان کان بري هو، اهو اسلامي عدل ۽ احسان جو اعليٰ مثال آهي.
    ڪنهن به معاشري ۾ سمورن انسانن جي مالي حيثيت برابر نه هوندي آهي، تنهن ڪري مالدارن ۽ سرنديءَ وارن جي دلين ۾ زڪواة، صدقه ۽ خيرات ڏيڻ جو جذبو خير ۽ فلاح جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن مالدار ماڻهو عيش ۽ عشرت ۾ مست ٿي، عام انساني حقن کي نظر انداز نه ڪري ڇڏين. ان ۾ هي مصلحت به آهي ته جيڪڏهن انهن مسڪينن ۽ محرومن جي دلين ۾ اميرن ۽ شاهوڪارن جي خلاف حسد ۽ انتقامي جذبا ڀڙڪي اٿن ته اها طبقاتي ڇڪتاڻ انهن غريبن کي اميرن کان بعاوت تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري قرآن مجيد بار بار دولتمند ۽ خوشحال طبقي تي معاشري جي غريب ۽ مفلس فردن جو حق ادا ڪرڻ جو تاڪيدي حڪم ڏئي ٿو ۽ انهن جي ان فعل جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:
    وَالَّذِيْنَ فِيْٓ اَمْوَالِہِمْ حَقٌّ مَّعْلُوْمٌ۝۲۴۠ۙ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ۝۲۵۠ۙ (المعارج ٢٤-٢٥)
    ”۽ اهي (به) جن جي مالن ۾ (خدا جو) حصو مقرر ٿيل آهي، سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.“
    انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مؤمنن جي مال ۽ دولت ۾ سائل ۽ محروم فردن جو مقرر حق هوندو آهي، يعني جيڪي پاڻ گهرندا آهن، انهن جو حصو هوندو آهي. ان کانسواءِ محروم يعني خوددار ۽ غيرتمند فردن جو به حق هوندو آهي، جيڪي ڪنهن جي آڏو هٿ ناهن ٽنگيندا. تنهن ڪري مالدارن کي اعليٰ اخلاقي تربيت ڏيندي محسن انسانيت ﷺکي حڪم ڏنو وڃي ٿو:
    خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَـۃً تُطَہِّرُھُمْ وَتُزَكِّيْہِمْ (التوبه ٣-١)
    ”(اي پيغمبر) انهن ماڻهن جي مال مان صدقا وٺ (ته جيئن) انهن ماڻهن کي (ظاهر ۾ به) پاڪ ڪندو رهين ۽ کين (باطن ۾) به سٺو ڪندو رهين.“
    اميرن جي مال ۽ سامان مان صدقو وٺي معاشري ۾ موجود غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ معذورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي مدد فرماءِ. اهو صدقو انهن جي مال کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن جي نفس جو تزڪيو به ڪري ٿو.
    محروم مان مراد اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪنهن اوچتو آفت جا شڪار ٿيا هجن، پر پنهنجي عزت ۽ نفس خاطر ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ کان ڪيٻائين، خاص طور تي سخي واپاري يا ڪو ملازم جڏهن پنهنجي ڪاروبار ۾ ٽٽي پوي ۽ ان کي ماڻهن کان مدد وٺڻ جي ضرورت پوي ته اها ان جي خودداري ۽ عزت نفس جي آزمائش هوندي آهي. ان موقعي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جي هن حڪيمانه قول تي عمل ڪرڻ گهرجي.
    ”ان عزت واري ۽ مالدار تي رحم ڪيو جيڪو اوچتو خوار ۽ سڃو ٿي ويو آهي“. معاشري ۾ اهڙن غيرتمند فردن کي تلاش ڪرڻو پوندو آهي، ان حڪم مان واضح ٿئي ٿو ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته سرڪاري بيت المال (جمع ڪيل مال ۽ پئسي مان) ايمانداريءَ سان انهن بي سهارا ماڻهن تي خرچ ڪري ۽ انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل بڻائي.
    حڪومت تي عوام جا حق
    قرآن مجيد ۾ عام انساني حقن جو ايڏو ته قدر ۽ احترام ڪري ٿو جو جيڪڏهن وقت جو حاڪم به ڪنهن جي حق تلفي ڪري ته اهو هڪ ماڻهو ان جي خلاف به آواز بلند ڪري سگهي ٿو. قرآن مجيد ڪنهن ملڪ جي سربراهه کي به اهو حق نه ڏنو آهي ته اهو عوام جي حقن تي سوديبازي ڪري يا عوامي راءِ جي خلاف ڪو قدم کڻي. قرآن مجيد واضح طور تي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن ڪو حڪمران پنهنجي رعيت تي ظلم ۽ زيادتي ڪري ٿو ته ان رعيت کي ان وقت قرآن ۽ رسول ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي، قرآن فرمائي ٿو:
    يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللہَ وَاَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ وَاُولِي الْاَمْرِ مِنْكُمْ۝۰ۚ فَاِنْ تَنَازَعْتُمْ فِيْ شَيْءٍ فَرُدُّوْہُ اِلَى اللہِ وَالرَّسُوْلِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللہِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ۝۰ۭ
    (النساءَ ٥٩)
    ”اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهان مان جيڪو حاڪم هجي تنهن جي (به) پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ بابت جهڳڙو ڪريو ته پوءِ جيڪڏهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا آهيو ته ان لاءِ الله ۽ پيغمبر جي حڪم ڏانهن رجوع ڪريو.“
    رعيت جو عام ماڻهو به انفرادي ۽ اجتماعي طور تي فتني ۽ شر جي خلاف اصلاحي آواز بلند ڪري سگهي ٿو ته جيئن معاشري ۾ امن امان قائم رهي ۽ اها هر هڪ ماڻهوءَ جي ذميواري آهي. جيڪڏهن معاشري ۾ ڪي ماڻهو بدنظمي پيدا ڪرڻ گهرن ٿا يا سرعام فحاشي ۽ منڪرات جا مرتڪب ٿين ٿا ته هر مسلمان جي مٿان لازم آهي ته هو انهن جي روڪٿام ڪري ۽ لادينيت جو مقابلو ڪري. ان سلسلي ۾ قرآن مجيد بني اسرائيل جو مثال ڏيندي فرمائي ٿو.
    لُعِنَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي لِسَانِ دَاوٗدَ وَعِيْسَى ابْنِ مَرْيَمَ۝۰ۭ ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّكَانُوْا يَعْتَدُوْنَ۝۷۸ كَانُوْا لَا يَتَنَاہَوْنَ عَنْ مُّنْكَرٍ فَعَلُوْہُ۝۰ۭ لَبِئْسَ مَا كَانُوْا يَفْعَلُوْنَ۝۷۹ (المائده ٧٨- ٧٩)
    ”بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن کي دائود ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي وئي آهي، اهو هن سببان آهي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگهندا هئا، جيڪي بد ڪم ڪندا هئا تن کان هڪٻئي کي نه جهليندا هئا جيڪو ڪندا هئا سو ضرور بد آهي.“
    دنيا جي هر مسلمان کي نه صرف ”اَمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَنَہِی عَنِ الْمُنْكَرِ“ جو حڪم ڏنو ويو آهي بلڪه مسلمان مرد ۽ عورت جي اها امتيازي صفت ٻڌائي وئي آهي ته مؤمن مرد ۽ عورتون پاڻ ته برائين کان رڪجن ٿا پر ٻين کي به برائين کان روڪين ٿا ۽ پاڻ به چڱائين جي لاءِ پلٽجي پون ٿا ۽ ٻين کي چڱائين ڏانهن سڏين ٿا. قرآن فرمائي ٿو:
    يَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَيَنْہَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ (التوبه ٧١)
    ”چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آهن ۽ خراب ڪمن کان جهليندا آهن.“
    اسان جي خيال ۾ بي حيائي اخلاقي فساد جي پاڙ آهي، جيڪا چهري جي نورانيت ۽ شخصيت جو وقار ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو عورتن کان بيعت وٺڻ وقت خاص طور تي نيڪ ڪمن ۾ اطاعت رسول جو عهد ورتو ويو آهي.
    وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ (المتحنه١٢)
    ”۽ نڪي ڪنهن چڱي ڪم ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون.“
    قرآن مجيد ۾ حضرت صالح عليه السلام جي واقعي ۾ وڏي تنبيهه سان انسانن کي روڪيو ويو آهي ته فسادين جي ڪڍ نه لڳو. قرآن فرمائي ٿو:

    وَلَا تُطِيْعُوْٓا اَمْرَ الْمُسْرِفِيْنَ۝۱۵۱ۙ الَّذِيْنَ يُفْسِدُوْنَ فِي الْاَرْضِ وَلَا يُصْلِحُوْنَ۝۱۵۲
    (الشعراء ١٥٢-١٥١)
    ”۽ انهن حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃو، جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجهندا آهن ۽ سڌارو نه ڪندا آهن.“
    قرآن مجيد صرف انساني حقن جو تحفظ نٿو ڪري بلڪه اهو هر ماڻهو کي پنهنجي فرض ۽ واجبن جي ادائگي جو پابند به بڻائي ٿو. ڇو ته انسان ڪڏهن پنهنجن حقن تان دستبردار ٿي سگهي ٿو پر فرضن جي ادائگي کان منهن موڙي خود غرض بڻجي حقوق العباد غصب ڪرڻ جي جسارت نٿو ڪري سگهي. مطلب ته حق وٺڻ سان گڏ حق ادا به ڪرڻا پوندا، ايئن نه ٿئي جو پنهنجا حق ته وٺي پر ٻين جا حق وساري ويهي.


    اسلامي معاشري ۾ ڪمزورن جي حقن جو تحفظ : مولانا شعيب الرحمان کهڙو

    قرآن مجيد بار بار مختلف انداز ۾ عام انسانن سان گڏ ڪمزورن جي حقن جي تحفظ تي وڏو زور ڏنو آهي، اهو ان ڪري جو عام طور تي سرمائيدار ۽ مالدار ماڻهو غريبن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي انهن جو استحصال (Exploit) ڪندا آهن ۽ حڪومت به انهن جو خيال نه رکندي آهي، تنهن ڪري قرآن مجيد ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن جو لحاظ رکڻ بابت وڏو تاڪيد ڪيو آهي. فرمايو ويو:
    فَاَمَّا الْيَتِيْمَ فَلَا تَقْہَرْ۝۹ۭ وَاَمَّا السَّاۗىِٕلَ فَلَا تَنْہَرْ۝۱۰ۭ (الضحيٰ ١٠-٩)
    ”تنهن ڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر ۽ سوالي کي نه جهڻڪ.“
    الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي آخري رسول حضرت محمد ﷺ جن کي سڌوسنئون خطاب ڪندي ان کي پنهنجا احسان ياد ڏياريندي يتيمن سان سهڻي سلوڪ جو حڪم ڏئي ٿو ته اوهان به يتيم هيؤ. پوءِ اسان اوهان تي ڪرم ڪيو ۽ اوهان جي پرورش جو انتظام ڪيو. تنهن ڪري شڪرگذاري جي تقاضا اها آهي ته اوهان جي طرفان ڪنهن يتيم تي ظلم ۽ زيادتي نه ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو محسن انسانيت يتيمن جي پارت ڪندي فرمايو:
    ”مسلمان معاشري جو بهترين گهر اهو آهي جتي يتيم سان سهڻو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ بدترين گهر اهو آهي جتي يتيم تي ظلم ۽ زيادتي ڪئي وڃي ٿي.“
    هڪ حديث ۾ آهي ته ”جيڪو ماڻهو ڪنهن يتيم جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ گهمائيندو ان کي ايترين نيڪين جو ثواب ملندو، جيترا يتيم جا وار ان جي هٿ هيٺ آيا هوندا.“ وارن جو شمار توهان ۽ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي، اهو ته الله ئي ڄاڻي ٿو. باقي هتي ان مثال جي ذريعي اهو سمجهايو ويو آهي ته يتيم سان همدردي رکندڙ ڪو سنگدل دل نٿو ٿي سگهي. دراصل الله تعاليٰ ۽ محسن انسانيت جي نظر ۾ يتيم سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ ان سان همدردي ڪرڻ تمام وڏي اهميت رکي ٿو. تنهن ڪري ان رحمدل انسان جي نيت ۽ همدردي جو جذبو ايڏو ته وڏو آهي جو ان جي قيمت يا اجر صرف الله ڏئي سگهي ٿو.
    اهڙي طرح سورة مدثر ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ فيصله ڪن انداز ۾ نماز ڇڏيندڙ ۽ مسڪينن کي کاڌو نه کارائيندڙ جو آخري ٺڪاڻو جهنم ٻڌايو آهي.
    قيامت جي ڏينهن جڏهن جنتي ماڻهو جهنمين کان سوال ڪندا توهان ته دنيا ۾ وڏا مالدار دنيا جي مستيءَ ۾ مست هيؤ. پوءِ هتي ڪيئن آيا آهيو؟ قرآن ان مڪالمي کي هن ريت بيان ڪري ٿو:
    مَا سَلَكَكُمْ فِيْ سَقَرَ۝۴۲ قَالُوْا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّيْنَ۝۴۳ۙ وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ الْمِسْكِيْنَ۝۴۴ۙ
    (المدثر ٤٢-٤٣)
    ”اوهان کي دوزخ ۾ ڪهڙي ڳالهه وڌو. چوندا ته نڪي نمازين مان هئاسين ۽ نه ڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسين.“
    قرآن مجيد جي ضحيٰ ۽ مدثر، ٻئي سورتون ابتداءِ اسلام ۾ نازل ٿيل آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلام جي شروعات ۾ ئي الله تبارڪ و تعاليٰ سڀ کان وڌيڪ اوليت ۽ اهميت انساني حقن کي عطا فرمائي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ اهو جذبو پيدا ڪيو ته جيئن هو غريبن ۽ مسڪينن کي الله تعاليٰ جي عطا ڪيل نعمتن ۾ برابر شريڪ ڪن. اهو ان ڪري به ضروري هيو جو اسلام امن، سلامتي ۽ ڪرم جو دين آهي. جڏهن ته جاهليت واري دور ۾ مالدار ماڻهو پنهنجي زر خريد ٻانهن تي بي انتها ظلم ڪندا هئا. انهن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو ويندو هو. ان جي برعڪس اسلام هر مظلوم سان همدردي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهن جو ٺڪاڻو جهنم قرار ڏنو، جيڪي مسڪينن کي کاڌو نٿا کارائين. سورة ”ماعون“ تي هڪ نظر ڊوڙايو، قرآن ڪيڏو وڏو ٺوس اصول ٻڌائيندي چوي ٿو ته جيڪي ماڻهو مسڪينن ۽ يتيمن جي بحال ڪاريءَ جو ڪم نٿا ڪن ۽ پنهنجي معمولي شيءِ به حاجتمند کان روڪي رکن ٿا انهن جي نماز جهڙي عبادت ڪنهن به ڪم جي نه آهي. قرآن پاڪ فرمائي ٿو:
    اَرَءَيْتَ الَّذِيْ يُكَذِّبُ بِالدِّيْنِ۝۱ۭ فَذٰلِكَ الَّذِيْ يَدُعُّ الْيَتِيْمَ۝۲ۙ وَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ۝۳ۭ فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ۝۴ۙ الَّذِيْنَ ہُمْ عَنْ صَلَاتِہِمْ سَاہُوْنَ۝۵ۙ الَّذِيْنَ ہُمْ يُرَاۗءُوْنَ۝۶ۙ وَيَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ۝۷ۧ (الماعون)
    ”(اي پيغمبر) انهيءَ کي ڏٺئي ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڀائيندو آهي. پوءِ اهو آهي جو ڇوري ٻار کي ڌڪيندو آهي (ڪنهن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آهي. پوءِ انهن نمازين لاءِ ويل آهي جي پنهنجين نمازن کان ويسلا رهندا آهن، اهي جيڪي رياءُ ڪندا آهن، اڌاريون شيون جهليندا آهن.“
    قرآن مجيد اهو ڪافي نٿو سمجهي ته ماڻهو صرف پاڻ نيڪين تي ڪاربند رهي ۽ ٻين جي معاملي ۾ خاموش رهي. بلڪ خدائي ڪتاب جي منشا اها آهي ته خير، خدا ترسي ۽ ڀلائي عام ٿئي. ماڻهو جيڪڏهن پاڻ ٻين کي کاڌو کارائين ٿا ته اهي ٻين ماڻهن جي دلين ۾ به اهو جذبو پيدا ڪن ته جيئن اهي به ان نيڪي ۾ شريڪ ٿين. ”اقامت الصلواة“ ۾ به جماعت جو فائدو به اهو آئي آهي ته يڪجهتي، هڪٻئي سان همدردي، خير ۽ فلاح جا جذبا هر ماڻهوءَ ۾ اچن ته جيئن سڀني طبقن ۾ اعليٰ اخلاقي نظام قائم ٿئي ۽ مسجد کان گهر ۽ گهر کان معاشري تائين خير ۽ فلاح جا جذبا امن ۽ امان جي ضمانت بڻجي وڃن. ان ڪري سورة ”والعصر“ ۾ ايمان ۽ عمل صالح سان گڏ ”وَتَوَاصَوْا بِالْحَقِّ۝۰ۥۙ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ“ کي لازم ملزوم قرار ڏنو ويو آهي. بلڪه اسان وٽ ايمان جي پهرين تقاضا صالح عمل آهن. ارشاد رباني آهي:
    اِنَّہٗ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِاللہِ الْعَظِيْمِ۝۳۳ۙ وَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ۝۳۴ۭ
    (الحاقه ٣٣-٣٤)
    ”ڇو ته اهو (ماڻهو) الله وڏي کي نه مڃيندو آهي ۽ نڪي (ٻين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو هو.“
    ”اصحاب المثال“ جو ٺڪاڻو جهنم ان ڪري بڻيو جو اهي ايمان نه آڻيندا هئا ۽ مسڪينن جي کاڌي کارائڻ جي ترغيب نه ڏيندا هئا. قرآن مجيد جي آيتن ۾ غور ڪيو، قرآن مجيد الله تعاليٰ تي ايمان نه آڻڻ ۽ غريبن کي کاڌو کارائڻ جي ترغيب نه ڏيڻ کي ڪفر سان ملايو آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ايمان وارن جو ڪردار هڪ امتيازي شان رکي ٿو، اهو آهي مسڪينن تي رحم ۽ ڀلائيءَ جو هٿ رکڻ، انهن جي بنيادي ضرورت پوري ڪرڻ، مناسب غذا فراهم ڪرڻ ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيڻ.
    سورة الفجر ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ ڪافرن جو طرز عمل بيان ڪندي فرمائي ٿو.
    كَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ۝۱۷ۙ وَلَا تَحٰۗضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ۝۱۸ۙ
    (الفجر: ١٧- ١٨)
    ”(هرگز) ايئن نه آهي بلڪه ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آهيو ۽ نڪي مسڪين جي کارائڻ کي هڪٻئي تي رغبت ڏياريندا آهيو.“ مطلب آهي اهڙو نظام نه جوڙيندا آهيو يا اهڙيون انفرادي ۽ گڏيل ڪوششون نه وٺندا آهيو.
    قرآن مجيد ۾ وڏي اهتمام سان يتيم جي مال جو تحفظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
    وَلَا تَقْرَبُوْا مَالَ الْيَتِيْمِ اِلَّا بِالَّتِيْ ہِىَ اَحْسَنُ حَتّٰي يَبْلُغَ اَشُدَّہٗ۝۰ۚ (الانعام- ١٥۲)
    ”۽ جيڪا (واٽ) بلڪل چڱي هجي تنهن کانسواءِ ٻئي طرح سان يتيم جي مال کي ويجها نه وڃو، جيسين اهو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي.“
    ان آيت سڳوري ۾ نه صرف يتيم جي مال جو تحفظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بلڪ يتيم جي مال کي واپار ۾ لڳائي ان کي فائدو پهچائڻ جو پڻ رستو ڏيکاريو ويو آهي. آخر ۾ اهڙن ظالمن کي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جيڪي ڏاڍ جي بنياد تي يتيمن جو مال هڙپ ڪن ٿا.
    اِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰمٰى ظُلْمًا اِنَّمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا۝۰ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا۝۱۰ۧ (النساء ١٠)
    ”جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آهن سي پنهنجن پيٽن ۾ رڳو باهه کائيندا آهن، اهي دوزخ ۾ سگهو گهڙندا.“
    مالدارن جي مال ۾ خاندان جي مستحق رشتيدارن جو اولين حق آهي جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ منهن نه ٿو موڙي سگهجي. قرآن مجيد، الله تبارڪ و تعاليٰ جي بندگيءَ سان گڏ والدين سان سهڻي سلوڪ جو حڪم ڏئي ٿو:
    وَقَضٰى رَبُّكَ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّآ اِيَّاہُ وَبِالْوَالِدَيْنِ اِحْسَانًا۝۰ۭ (الإسراء - ٢٣)
    ”۽ تنهنجي پالڻهار حڪم ڪيو آهي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو.“
    ٻار جي نگهداشت ۾ ماءُ وڌيڪ تڪليف برداشت ڪري ٿي، تنهن ڪري ان جو حق به وڌيڪ بڻجي ٿو، قرآن پاڪ ان معاملي ۾ فرمائي ٿو:
    وَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْہِ۝۰ۚ حَمَلَتْہُ اُمُّہٗ وَہْنًا عَلٰي وَہْنٍ وَّفِصٰلُہٗ فِيْ عَامَيْنِ (لقمان -١۴)
    ”۽ ماڻهن کي سندن ماءُ بابت (چڱائي ڪرڻ جو) حڪم ڪيوسون جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سهي کيس پنهنجي پيٽ ۾ کنيو ۽ ٻن ورهن ۾ سندس (ببن جو) ڇڏائڻ آهي.“
    ”الاحقاف“ سورة ۾ ماءُ جي تڪليف جو ذڪر هن ريت ڪيو ويو آهي.
    وَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْہِ اِحْسٰـنًا۝۰ۭ حَمَلَتْہُ اُمُّہٗ كُرْہًا وَّوَضَعَتْہُ كُرْہًا۝۰ۭ
    (الاحقاف ١٥)
    ”۽ ماڻهو کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيوسون (جو) اوکائيءَ سان سندس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آهي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آهي.“
    انهن آيتن ۾ ماءُ جي حقن تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي، ڇو ته حمل ۽ وضع حمل کان ولادت ۽ ٻالڪپڻ تائين سڄو بار ماءُ برداشت ڪري ٿي. پيءُ فطري طور تي ان ۾ ڪوبه حصو نٿو وٺي سگهي، البته هو خاندان جي سرپرستي ۽ نگراني ڪري ٿو، ان ڪري ماءُ جي مقابلي ۾ ڪنهن حيثيت سان ان جو حق گهٽ آهي، پر اطاعت ۽ خدمت ٻنهي جي ضروري آهي. هي اهو واحد عمل آهي، جنهن جي جزا اولاد کي دنيا ۾ ئي ڏني ويندي آهي ۽ آخرت ۾ جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي.
    پاڻ ڪريم ﷺجن پڻ ٽي ڀيرا ماءُ جي حقن جو تاڪيد فرمايو آهي. ان کان پوءِ پيءُ جي باري ۾ هڪ ڀيرو فرمايو. (ثم ابوڪ)


    انسانيت تي شاهد امت جو بنياد : مولانا شعيب الرحمان کهڙو

    قرآن مجيد جي بنيادي مقصدن ۾ هڪ اهڙي امت جي تشڪيل انتهائي اهميت رکي ٿي، جيڪا بنيادي طور تي عقيدي ۽ شريعت جي پابند هجي ۽ ان بنياد تي پنهنجي نسل جي پرورش ڪري ۽ پوري دنيا ۾ پنهنجو پيغام عام ڪري. صرف اهو ئي واحد طريقو آهي، جنهن سان پوري انسانيت جي خير ۽ فلاح جي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي. اهڙي امت جي تشڪيل اهڙين مشڪل ۽ صبر آزما حالتن ۾ ممڪن نه هئي، جيڪي ابتداءِ اسلام ۾ درپيش هيون. ڇو ته اسلام جو طلوع جاهليت جي اهڙي تاريخي دؤر ۾ ٿيو جو انسانن کي قبيلن ۾ تقسيم ڪيو ويو هيو، قبائلي عصبيت عروج تي هئي. پنهنجي قبيلي سان نسبت ئي انسان جي سلامتي ۽ عزت جو باعث هئي، نه ته ان جو وجود ۽ بقا ممڪن نه هئي. قبيلو ئي ماڻهن جي حسب ۽ نسب ۽ طاقت ۽ سلامتيءَ جو ضامن هيو. ان کان سواءِ سياسي ۽ معاشرتي اعتبار کان به ان جو تحفظ ممڪن نه هيو. قبيلائي سردارن جي وڏي عزت ۽ تعظيم هئي. اهو پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي جائز توڙي ناجائز، هر طرح مدد ۽ حمايت ڪندو هو.
    قبائلي ريتن ۽ رسمن ۾ جڪڙيل ماڻهو پنهنجي سردار جي مرضيءَ کانسواءِ ساهه به نه کڻي سگهندا هئا، جيڪڏهن سردار ڪنهن ماڻهوءَ تي راضي ٿي پوندو هو ته قبيلي جا سمورا فرد ان ماڻهوءَ تان ساهه فدا ڪندا هئا، پر جيڪڏهن هو ڪنهن تي ناراض ٿي پوندو هو ته قبيلي جا سمورا ماڻهو ان جو بائيڪاٽ ڪندا هئا. انهن سمورن جو هڪ ئي نعرو هو ته پنهنجي قبيلي واري جي مدد ڪريو پوءِ ڀلي اهو ظالم هجي توڙي مظلوم. (اهوئي ساڳيو ئي سلسلو هينئر سنڌ جي قبائليت ۾ به پيدا ٿي چڪو آهي. قبيلي جا سمورا ماڻهو سردار جي هڪ اشاري جا منتظر هوندا هئا ۽ هو سردار جي حڪم تي جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. هر قبيلو ٻي قبيلي کان برتري ثابت ڪرڻ جا جتن ڪندو هو ۽ ٻين قبيلن جي توهين ۽ مذمت ڄڻ ته انهن جو پيدائشي حق هو.
    اسلام اچي انهن قبائلي عصبيت جي شڪار ٿيل ماڻهن ۾ عقل ۽ شعور فڪر ۽ احساس جي جذبن جو اهڙو انقلاب برپا ڪيو جو اهي قبائلي ريتن ۽ رسمن جي قيدخانن مان نڪري اسلامي اخوة ۽ مساوات جي روشن ۽ کليل فضا ۾ جهومڻ لڳا. اسلام انهن جي دلين مان عصبيت ۽ فاسد قوميت جي جذبن کي لوڌي ڪڍي ڇڏيو.
    ايمان آڻڻ کانپوءِ سمورا مسلمان بلا تفريق رنگ، نسل ۽ زبان جي هڪ ئي مسلم امت جا فرد هئا. حق پرستي ۽ ايمان انهن جي سڃاڻپ ۽ اسلام انهن جو دين هو. هو ڪڌن ريتن رسمن کي ڇڏي آزادانه زندگي گذارڻ لڳا. اسلام ايندي ئي عصبيت جي خلاف قدم کڻندي رنگ ۽ نسل جا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا. خاص طور تي قبائلي عصبيت کي ختم ڪري پوري مسلم برادريءَ ۾ اتحاد ۽ اتفاق، اخوت ۽ مساوات جا جذبا ڀري ڇڏيا. پاڻ ڪريم ﷺجن جو ارشاد آهي ته جيڪو عصبيت جي دعوت ڏئي يا ڪنهن تعصب جي بنياد تي جنگ ڪري ۽ ماريو وڃي اهو اسان مان ناهي.
    باقي عصبيت ڇا آهي؟ ان بابت جڏهن پاڻ ڪريم ﷺکان پڇا ڪئي وئي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن مظلوم جي خلاف پنهنجي قوم جي طرفداري ڪرڻ توڙي جو اهي ظلم ۽ ناانصافي ڪن. قرآن مجيد انسان کي سراپا عدل ۽ انصاف سيکاري ٿو. هو ڪڏهن به اهو برداشت نٿو ڪري جو عدل ۽ انصاف کي ڇڏي ڪنهن جي طرفداري ڪئي وڃي، قرآن وڏي واڪي فرمائي ٿو:
    يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ بِالْقِسْطِ شُہَدَاۗءَ لِلہِ وَلَوْ عَلٰٓي اَنْفُسِكُمْ اَوِ الْوَالِدَيْنِ وَالْاَقْرَبِيْنَ۝۰ۚ (النساءَ ١٣٥)
    ”اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيهندڙ الله ڪارڻ شاهدي ڏيندڙ هجو، پوءِ ڀلي ڇونه اوهان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي هجي.“
    اسلام آڻڻ کان پوءِ مؤمن ايمان جي لڙهيءَ ۾ پوئجي وڃن ٿا. هاڻي انهن جا مددگار ۽ ٻانهن ٻيلي قبيلي وارا نه، بلڪ مؤمن پاڻ ۾ هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار هوندا. اهو ئي سبب آهي جو هڪ ڀيري ڪن نون مسلمانن مدد جي لاءِ پنهنجي قبيلي وارن کي پڪاريو ته پاڻ ڪريم ﷺجن ان تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي فرمايو؛ ڇا جاهلانه عصبيت جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي حالانڪه آئون انهن ۾ موجود آهيان؟
    اسلام عقيده توحيد جي بنياد تي هڪ امت وجود ۾ آندي آهي. هينئر انهن ۾ نه علائقائي عصبيت ٿي سگهي ٿي نه ئي رنگ ۽ نسل جو فرق يا خاندان ۽ ذات جو فرق جيڪو امت جي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگهي ٿو. فطرت جي تقاضا به اها ئي آهي ته رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فتنو نه ڦهلايو وڃي. ڇو ته انسان پيدائش کان پهريان پنهنجي قوميت، خاندان يا رنگ ۽ نسل جو پاڻ انتخاب نه ڪندو آهي، بلڪه اهو ان کي غيراختياري فطري طور تي ورثي ۾ ملندو آهي؛ باقي مذهب ۽ عقيدي تي اختيار حاصل هوندو آهي. عام طور تي ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ جي مذهب تي ڪاربند هوندو آهي. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ جيڪو اسلام تان ڦري وڃي ان کي مرتد چيو ويندو آهي ۽ اسلام ۾ مرتد جي سزا قتل آهي. دراصل اسلام جي تقاضا آهي ته اهل ايمان جي نسبت اسلام سان هجي جيڪو انهن جو دين آهي.
    ہُوَسَمّٰىكُمُ الْمُسْلِـمِيْنَ۝۰ۥۙ ۽ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا۝۰ۭ
    قرآن مجيد ۾ هن امت جون چار امتيازي ۽ بنيادي صفتون:
    ٻين امتن جي مقابلي ۾ امت محمدي ﷺ چار بنيادي ۽ امتيازي صفتون رکي ٿي. قرآن مجيد اهي چار صفتون وڏي وضاحت سان بيان ڪيون آهن.
    پهرين صفت ”الربانيه“
    هيءَ امت رباني امت آهي. کيس ”كُوْنُوْا رَبّٰـنِيّٖنَ“ جو حڪم مليل آهي يعني رباني بڻجو. انهيءَ ڪري ڪنهن به فرقي بازي ۽ مسلڪن جي تقسيم کان قرآن هن امت کي منع فرمايو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي آهي ته هن امت جا ماڻهو ”اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ “ يعني وحدت انسانيت لاءِ ذميوار بڻايا ويا آهن ۽ اهي ”شُہَدَاءَ عَلَي النَّاسِ “ يعني سڄي انسانيت لاءِ مثالي نمونو بڻايا ويا آهن. اڳ ۾ آيل شريعتن جو آخري ايڊيشن قرآن حڪيم جي صورت ۾ مڪمل انساني ضابطي جي طور تي هن امت کي مليو آهي. تاريخي شهر مڪة المڪرمه ۾ ذوالحج جي مقدس مهيني يوم النحر جي بابرڪت ڏينهن اهو تاريخ ساز وقت هو جڏهن آخري نبي پنهنجي آخري خطبي ۾ حرم ڪعبه ۾ سوا لک صحابه ڪرام جي موجودگي ۾ پنهنجي امت کي هدايتون ڏئي رهيو هو ته ان وقت الله تعالى جو ارشاد نازل ٿيو:
    اَلْيَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا۝۰ۭ (المائده ٣)
    ”اڄ اوهانجو دين اوهان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوهان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم.“
    سورة البقره جي آيت نمبر ١٤٣ ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”وَكَذٰلِكَ جَعَلْنٰكُمْ اُمَّۃً وَّسَطًا“ ان جو مطلب هي آهي ته الله تعاليٰ هن امت کي ذميوار بڻايو آهي ۽ ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ ان جي تخليق ۽ تشڪيل ڏني وئي آهي.
    جڏهن ته سورة آل عمران جي آيت نمبر ١١٠ ”كُنْتُمْ خَيْرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ “ جو ارشاد به ان خاص مقصد ڏانهن آهي. هن امت کي ان عهد جو پابند ڪيو ويو آهي جيڪو عالم ارواح ۾ الله تعاليٰ سان ڪيو ويو هو. ان مقصد کي عالمگير سطح تي پورو ڪرڻ هن امت جي ذمي ڪيو ويو، تنهن ڪري ان جو وجود رباني، ان جو مصدر رباني ۽ ان جو مقصد حيات رباني يعني هڪ الله جي عبادت ۽ ان جي حاڪميت جو غلبو آهي ته جيئن انسان جو الله تعاليٰ جي زمين تي ان جي مقصدن کي پورو ڪرڻ وارو تخليقي مقصد پورو ٿئي. قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺجن کي خطاب ڪندي فرمائي ٿو:
    قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ۝۱۶۲ۙ لَا شَرِيْكَ لَہٗ۝۰ۚ
    (انعام ١٦٢- ١٦٣)
    ”(اي پيغمبر کين هي به) چؤ ته منهنجي نماز ۽ منهنجون مڙئي عبادتون ۽ منهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ سڀ جهانن جي پالڻهار الله لاءِ آهي، سندس ڪو شريڪ نه آهي.“
    هن امت جي ٻي صفت ”شهداء علي الناس“
    هن امت جو فريضو ماڻهن تي شاهدي ڏيڻ، انسانيت کي دين سيکارڻ، ماڻهن کي اسلام جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ آهي. هي امت پنهنجن عقيدن، تصورن، عبادتن، مزاج، اخلاق، نظم ضبط، فڪري نظم ۾ مادي اعتبار کان مثالي روحانيت ۽ وجدان جي لحاظ کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي اعتدال رکندڙ آهي. ان ڪري هن کي ”امت وسطي“ چيو ويندو آهي.
    قرآن جهڙي محفوظ ۽ ميچوئر انساني منشور جي هوند سان هيءَ اها امت آهي جيڪا ٽيڙ ۽ ٿيڙ کانسواءِ صراط مستقيم تي انسانيت جي قافلي کي وٺي هلڻ جي ذميوار آهي ۽ ان سڌي رستي ڏانهن ماڻهن جي رهنمائي ڪري ٿي. اهڙي رستي جي رهنمائي ڪري ٿي جيڪو پالڻهار جو رستو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَاَنَّ ھٰذَا صِرَاطِيْ مُسْتَقِـيْمًا فَاتَّبِعُوْہُ۝۰ۚ وَلَا تَتَّبِعُوا السُّـبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُمْ عَنْ سَبِيْلِہٖ۝۰ۭ
    (الانعام ١٥٤)
    ”اها منهنجي سڌي واٽ آهي تنهن ڪري ان تي هلو ۽ ٻين واٽن تي نه هلو جو اهي واٽون اوهان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون.“
    هي الله ۽ الله جي انهن نيڪ بندن جو رستو آهي، جن تي الله تعالى پنهنجا انعام ڪيا آهن. اهو صالحن ۽ شهيدن جو رستو آهي، تنهن ڪري اهو ئي رستو اختيار ڪيو. اهڙن ماڻهن جو رستو اختيار نه ڪيو جن تي پالڻهار پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي ۽ جيڪي گمراهه هئا.
    هن امت جي ٽئين صفت، دعوت ۽ تبليغ
    هن امت جي ٽين صفت اها آهي ته دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ جو فريضو انجام ڏئي ٿي. هدايت جي واٽن تي پاڻ اڪيلي نٿي هلي، بلڪه ٻين کي به ان ڏانهن سڏي ٿي ۽ حق جي دعوة کي عام ڪري ٿي. قرآن مجيد ان ڏس ۾ فرمائي ٿو:
    كُنْتُمْ خَيْرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَتَنْہَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ
    (آل عمران- ١١١)
    ”اوهين اهڙي ڀلي امت ماڻهن لاءِ پيدا ٿيل آهيو جو چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آهيو ۽ برن ڪمن کان جهليندا آهيو.“
    هن امت کي اها ذميواري ڏئي هي اسباب هن لاءِ بڻايا ويا آهن ته جيئن عالمي طور تي گهر گهر ۽ شهر شهر ۾ اهو پيغام رسائي سگهجي. وري انساني علمن جي ترقيءَ سان حق ۽ سچ، انصاف ۽ عدل جون عالمي سچايون نکيڙي قرآن ۾ ان جون سڀ حقيقتون سمائي هن امت کي انهن کي سڄي انسانيت جي مٿان آشڪار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. انهن ابدي ۽ ڪائناتي صداقتن جي روشني ۾ هيءَ امت ماڻهن کي نيڪين جو حڪم ڏئي ٿي ۽ برائين کان روڪي ٿي.“
    هن امت جي چوٿين صفت ”وحدت“
    هن امت جي چوٿين صفت يا ذميواراڻي خصوصيت ”وحدت“ آهي. اسلام جنهن امت جي تشڪيل ڪئي آهي، اها هڪ ئي امت آهي توڙي جو رنگ ۽ نسل جي اعتبار کان اهي الڳ الڳ هجن. اسلام تعارف ۽ سڃاڻپ جي لاءِ رشتا، خاندان ۽ قومون ضرور جوڙيون آهن پر اهي صرف سڃاڻپ ۽ عدل ملڻ جي حد تائين آهن؛ باقي سمورا فرق مٽائي، انهن کي هڪ ئي رشتي انسانيت ۽ اخوت ۾ جوڙي ڇڏيو آهي. سورة الانبياءَ ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:
    اِنَّ ہٰذِہٖٓ اُمَّتُكُمْ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً۝۰ۡۖ وَاَنَا رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْنِ۝۹۲ (الانبياءَ ٩٢)
    ”بيشڪ اهو اوهان جو هڪ دين آهي ۽ آئون اوهان جو پالڻهار آهيان، تنهن ڪري منهنجي عبادت ڪريو.“
    هن امت جو رب هڪ آهي ۽ اهو آهي رب العالمين. هن امت جو نبي هڪ آهي ۽ اهو آهي محمد رسول الله ﷺ. هن امت جو ڪتاب هدايت هڪ ئي آهي، اهو آهي قرآن مجيد. هن امت جو قبلو هڪ ئي آهي اهو آهي ڪعبة الله. هن امت جي شريعت هڪ آهي ۽ اها آهي شريعت محمدي ﷺ. ان ڪري هيءَ امت پاڻ ته وحدت ۾ رهندي پر وحدت انسانيت جي لاءِ داعي ۽ مثال پڻ بڻبي.
    انسانيت جي لاءِ دعوت عام جو حڪم
    اسلام شروعات کان ئي عالمگير ۽ دعوت ۽ تبليغ جو پرچارڪ آهي، اسلام ڪنهن خاص سر زمين، ڪنهن هڪ قوم ۽ محدود مدت جي لاءِ نه آهي بلڪه پوري دنيا ۾ زمين جي هر خطي ۾ رهندڙ انسانن جي لاءِ دعوة عام جي حيثيت رکي ٿو.
    اسلام جي دعوت، رنگ ۽ نسل، زبان ۽ مڪان ۽ مشرق ۽ مغرب جي فرق کانسواءِ هر هڪ جي لاءِ هڪ جهڙي آهي. قرآن مجيد جون مڪي آيتون اسلام جي عالمگير دعوت ۽ پيغام جي وضاحت ڪن ٿيون.
    مثال طور تي:
    وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِيْنَ۝۱۰۷ (الانبياءَ ١٠٧)
    ”۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جهانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون.“
    مولانا عبيدالله سنڌي وٽ جهانن مان مراد دنيا جون سڀئي قومون آهن. ڇو ته رسالت جي هدايت جو فائدو قومون ئي وٺنديون آهن. اسلام کي بين الاقوامي دين به سڏيو وڃي ٿو. يعني قومن جي وچ ۾ رابطي واري دين. اهو صرف قرآن جو ئي اعجاز آهي ته اهو وسيع انسانيت کي توحيد جي اعليٰ اصولن تي جمع ڪري سگهي ٿو.
    تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِہٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَۨا۝۱ۙ (الفرقان ١)
    ”اهو (الله) وڏو برڪت وارو آهي، جنهن پنهنجي ٻانهي کي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ قرآن هن لاءِ نازل ڪيو ته جهانن وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي.“
    جهانن جي لاءِ ڊيڄاريندڙ جي معنيٰ به مولانا سنڌيءَ چواڻي هي آهي ته دنيا جي قومن کي عروج ۽ زوال جي خدائي قانونن کان آگاهه ڪندڙ رسول. اهي قانون قرآن ۾ ٺوس شڪل ۾ ٻڌايا ويا آهن ۽ اڄ به دنيا جي قومن جي ترقي ۽ پستي جا سبب انهن قانونن جي چوڌاري ڦرن ٿا.
    اِنْ ہُوَاِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِيْنَ (يوسف ٤-١)
    ”اهو (قرآن) جهانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي نه) آهي.“
    قُلْ لَّآ اَسْـَٔــلُكُمْ عَلَيْہِ اَجْرًا (الشوري ٢٣)
    ”(اي پيغمبر) کين چؤ ته آءٌ اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران.“
    قُلْ يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللہِ اِلَيْكُمْ جَمِيْعَۨا (الاعراف ١٥٨)
    ”(اي پيغمبر چؤ ته اي انسانو آءٌ اوهان مڙني ڏانهن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آهيان.“
    وَمَآ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا كَاۗفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا (سبا ٢٨)
    ”(اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻهن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون.“
    ان ڪري هن امت جي ذميواري آهي ته اها دعوت کي عام ڪري ۽ ان حڪم جي تقاضا اها آهي ته جنهن نور هدايت مان هن امت جون عملي زندگي ۾ راهون روشن ٿيون آهن، ان روشنيءَ کي ٻين جي رهنمائي جو ذريعو بڻائن. ان نعمت کي صرف پاڻ تائين محدود نه رکن. ٻين ماڻهن کي گمراهيءَ جي ڪن ۾ ڇڏي صرف پنهنجي ڪاميابيءَ جو نه سوچين پر جيئن انهن کي ايمان ۾ ۽ عمل صالح جي توفيق ملي آهي، ايئن هو خدائي خلق کي صراط المستقيم ڏي وٺي اچن، ڇو ته اسلام جي امن واري پيغام ۽ اسلام جي ڏنل عزت ۾ اهي برابر جا شريڪ آهن. ان ڪري ئي قرآن مجيد ۾ هن امت کي ”خيرامة“ جي لقب سان نوازيو ويو آهي.


    هارين جي مصيبتن جو حل قرآن جي روشني ۾ : مسٽر مسعود صاحب

    قرآن شريف جو حڪم زمين جي مالڪي بابت بلاشبه ”هارپ“ (يعني اهي کاتيدار جي پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪن) جي فائدي ۾ آهي. ان باري ۾ قرآن پاڪ جي حڪمن جي پيروي ڪن جزوي مثالن کان سواءِ اسلامي تاريخ ۾ بلڪل ڪانه پئي ٿي آهي. سرمايه دارن قرآن شريف جي حڪمن جي تاويل اهڙي نموني ۾ پئي ڪئي آهي يا ڪرائي آهي جنهن ۾ سندن ئي فائدو پئي رهيو آهي ۽ سندن تن پروري جي راهه ۾ ڪو به اٽڪاءُ نه پئي وڌو آهي. ڇاڪاڻ ته اها تن پروري رسول الله ؐ جي وفات کان پوءِ خلافت راشدهه جي سقوط بعد شروع ٿي وئي هئي.
    اها تن پروري صدين کان هلندي ايتري حد کان ٻاهر نڪري وئي آهي، جو اسلام تي نقطه چيني ڪندڙ، تن پروري کي ئي اسلام سمجھي رهيا آهن.
    ڪميونسٽ انهن هاڻوڪين حالتن مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ انهيءَ ظالم سرشته (تن پروري) جي ستايلن ۽ ڪمزورن جي مذهبي عقيدن کي ڪميونزم جي لهر لوڏي رهي آهي. اهي ڪنگال آدمي کي چون ٿا ته: ”توکي پنهنجو خدا به آهي، رسول به آهي ۽ قرآن به آهي. توکي پير، مولوي ۽ مسجدون به آهن، پر اهي سڀ تنهنجي بک ۽ سڃائي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگھن ٿا؟ اهي توکي ترقي ڏياري معزز انسان جي قطار ۾ بيهارڻ لاءِ تنهنجي ڪهڙي رهبري ڪن ٿا؟ اسلامي مساوات (هڪ جهڙائي) محض دوکو آهي. اهو هڪ ڄار آهي جو توکي غلام ڪري رکڻ لاءِ وڇايو ويو آهي.“
    هو اهي سڀ ڳالهيون سوسائٽي ۾ ٿيندڙ هزارين ظلمن جا مثال ڏئي ثابت ڪن ٿا. اهڙا بحث عام ماڻهن جي مذهبي عقيدن کي لوڏي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي تشويش ۾ پئجي وڃن ٿا ته ڇا سچ پچ اسلام سندن مکيه مسئلي، بک ۽ سڃائي کي مٽائڻ جي قابل نه آهي؟ جيئن اڄ ڪالهه ساري دنيا ۾ مذهب کي ڪيترن ئي اقتصادي نقطن جي لهرن سامهون ٿيڻو پيو آهي، تيئن پاڪستان ۾ به اسلام کي ساڳين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اسلام بيشڪ سڀني اقتصادي خرابين جي مٽائڻ لاءِ رستو ڏيکاري ٿو، پر بدقسمتي سان مسلمانن ۾ ڪي خود غرض ۽ مطلبي ماڻهو اسلام جا سچا پچا اصول عمل ۾ آڻڻ جي واٽ ۾ رڪاوٽون وجھن ٿا. مسلمانن ۾ جيڪي سمجھو ۽ دورانديش آهن تن خطرن کي پوري طرح محسوس ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسلام جي اصولن موجب عوام الناس جي بدحالي ۽ بک جو علاج نه ڪيو ويو ته پوءِ اسلام کي به ان تباهي جي سامهون ٿيڻو پوندو، جنهن تباهي رشيا جي مروجه مذهب کي روسي انقلاب اچڻ بعد ناس ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن مالي مسئلن ۾ ۽ خاص ڪري زمين جي باري ۾ اسلامي اقتصادي اصول رائج ڪرڻ ۾ اسين گٿاسون ته پوءِ رڳو پاڪستان کي خطرو نه آهي، پر خود اسلام جو وجود به لوڏن ۾ اچي ويندو.
    قرآن شريف جو قانون ”زمينداري“ جي فائدي ۾ نه آهي. قرآن شريف جو مول متو آهي ته زمين صرف انهن ماڻهن ۾ مساوي طرح ورهائي وڃي، جيڪي پنهنجي هٿن سان هر ڪاهيندڙ آهن. قرآن شريف زمين تي خانگي مالڪي جو حق تسليم نه ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته زمين الله تعالى جي آهي. ۽ ان جي پاران اسٽيٽ (حڪومت) مالڪ ٿئي ٿي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي:
    قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ اسْتَعِينُوا بِاللَّهِ وَاصْبِرُوا ۖ إِنَّ الْأَرْضَ لِلَّهِ يُورِثُهَا مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۖ وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ (۱۲۸) )الاعراف(
    ”حضرت موسى عليه السلام پنهنجي قوم کي چيو ته الله تعالى کان مدد جا خواستگار ٿيو ۽ صبر ۽ استقلال سان ثابت قدم رهو. زمين الله جي ملڪيت آهي ۽ ان جي حڪومت پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي ٿو ۽ پرهيزگارن جي پڇاڙي بهتر آهي.“
    هي پڻ قرآن شريف جو مکيه اصول آهي ته الله تبارڪ و تعالى زمين سڀني ماڻهن جي ڀلي لاءِ خلقي آهي ته هو ڀل ان مان ڦل کائين ۽ ٻي پئدائش مان نفعو حاصل ڪن. الله تعالى پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
    وَالْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ (۱۰)فِيهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الْأَكْمَامِ(۱۱) )الرحمٰن(
    ”الله تعالى ئي آهي، جنهن زمين پنهنجن ٻانهن جي فائدي لاءِ فرش وانگر وڇائي آهي. ان ۾ ميوا پيدا ڪيا آهن. کجين جا درخت اڀاريا آهن جي قسمين قسمين کجور پئدا ڪن ٿا.“
    الله تعالى سڀني جي روزي جي ضمانت پاڻ تي کنئي آهي جو هو خالق آهي. سڀ شيون جي ڌرتي تي موجود آهن سي پروردگار ساري انسان ذات جي ڀلي لاءِ خلقيون آهن:
    وَمَا مِنْ دَابَّةٍ فِي الْأَرْضِ إِلَّا عَلَى اللَّهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَقَرَّهَا وَمُسْتَوْدَعَهَا ۚ كُلٌّ فِي كِتَابٍ مُبِينٍ )هود:٦(
    ”۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه نه آهي پر ان جي روزي الله تي آهي، ۽ اهو ان جي رهڻ جي جاءِ کي ۽ جتي ان کي امانت رکيو وڃِ ٿو، تنهن کي به ڄاڻي ٿو. سڀ ڪجهه ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.
    هُوَ الَّذِي خَلَقَ لَكُمْ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا )البقرة:٢٩(
    ”اهو الله تعالى ئي آهي، جنهن زمين تي جيڪي شيون موجود آهن، سي سڀ توهان سڀني جي لاءِ ئي خلقيون اهن.“
    وَ جَعَلَ فِیۡہَا رَوَاسِیَ مِنۡ فَوۡقِہَا وَ بٰرَکَ فِیۡہَا وَ قَدَّرَ فِیۡہَاۤ اَقۡوَاتَہَا فِیۡۤ اَرۡبَعَۃِ اَیَّامٍ ؕ سَوَآءً لِّلسَّآئِلِیۡنَ. )حٰم – سجده:١٠(
    ”زمين جا پئدائشي ذريعا سڀني ۾ انصاف سان ورهائڻا آهن، هن ڌرتي تي اتاهان جبل کڙا ڪيا، جي مضبوطي سان مٿس بيٺل آهن ۽ زمين تي پنهنجون برڪتون بخشيون ۽ ان مان پئدائش جا جيڪي ذريعا ٿيڻا هوا تن جو تخمينو چئن ڏينهن ۾ ڪيو ۽ اهي وسيلا سڀني گھرجائو آدمين ۾ انصاف سان ورهايا ويندا.“
    انساني معاشري جا سڀئي فرد وڌ کان وڌ ڀلائي حاصل ڪرڻ لاءِ زمين ۾ مساوي طور شريڪ آهن ۽ اهڙي مالڪي يا زمين جو قبضو، جنهن ڪري نفعو ڪن چند ماڻهن کي حاصل ٿئي ۽ گھڻي حصي کي ان نفعي حاصل ڪرڻ کان محروم رکيو وڃي، سا مالڪي قرآني قانون جي ئي خلاف آهي.
    ڪوبه شخص مطلق مالڪي جا حق زمين تي رکي نه ٿو سگھي، تنهن ڪري ڪنهن کي به حق نه آهي ته زمين مقاطعي تي ڏئي. الله تعالى اسان کي اجازت ڏني آهي ته اسين پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ زمين ڪتب آڻيون. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻني جو ٽڪرو پنهنجن هٿن سان پوکيو آهي ته هو انهيءَ زمين جو ايستائين حقيقي مالڪ سمجھيو ويندو، جيستائين هو اهو زمين جو ٽڪرو آبادي هيٺ آڻيندو رهندو ۽ ان حالت ۾ کيس بي دخل ڪري نه سگھبو. (سرڪاري مواجب ادا ڪرڻ بعد) جيڪا ڪمائي مرد يا عورت کي حاصل ٿئي سا ان جي ئي ملڪيت آهي.
    لِلرِّجَالِ نَصِیۡبٌ مِّمَّا اکۡتَسَبُوۡا ؕ وَ لِلنِّسَآءِ نَصِیۡبٌ مِّمَّا اکۡتَسَبۡنَ ؕ)النساء:٣٢(
    ”مرد کي پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي (۽) عورت کي به پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي.“
    ملڪيت جي ڪسوٽي ذاتي پورهيو يا ڪسب آهي. هڪڙو شخص ايتري زمين رکي سگھي ٿو جيتري هو کيڙي آباد ڪري سگھي. پوءِ اها زمين ورثي ۾ به اچي سگهندي، پر انهيءَ شرط سان ته مٿيون اصول لاڳو رهندو. يعني وارث به تيستائين وارث رهندو جيستائين اها ٻني پاڻ آباد ڪندو رهندو.“
    انسان ذات جي گذران حاصل ڪرڻ جا ذريعا الله تعالى اهڙي ريت بنايا آهن جو هر هڪ شخص آزاد آهي ته هو پنهنجي روزي پنهنجي محنت مزدوري سان ڪمائي سگھي ۽ الله تعالى جو قانون نهايت واضح آهي ته ڪنهن کي به پنهنجي محنت جي اجوري کان گھٽ ملڻ نه گھرجي. (ليس للانسان الا ما سعى)
    ”جيئن انسان جسماني ۽ دماغي طاقتن ۾ مختلف ٿين ٿا، تيئن هو روزي ڪمائڻ جي طاقت ۾ به تفاوت رکن ٿا.“
    وَاللَّهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ فِي الرِّزْقِ ۚ فَمَا الَّذِينَ فُضِّلُوا بِرَادِّي رِزْقِهِمْ عَلَىٰ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُهُمْ فَهُمْ فِيهِ سَوَاءٌ ۚ أَفَبِنِعْمَةِ اللَّهِ يَجْحَدُونَ )النحل:٧١(
    ”الله تعالى توهان کي پنهنجي روزي ڪمائڻ جي طاقت ۾ به هڪ ٻئي کان ممتاز ڪيو آهي. هڪڙا ٻين کان گھڻو ٿا ڪمائين پر ائين نه ٿا ڪن ته جن تي وڌيڪ فضل ٿيل آهي سي (پنهنجون وافر آمدنيون) انهن کي ورهائي ڏين جيڪي سندن (يعني وڌيڪ ڪمائيندڙن جا) محتاج آهن. جيتوڻيڪ انهيءَ ڪمائيءَ ۾ سڀ هڪجهڙا ڀائيوار آهن. پوءِ ڇا ائين نه آهي ته اهڙا ماڻهو الله تعالى جي شڪر گذاري ڪرڻ کان قاصر آهن؟“
    هي ته صاف آهي ته قرآن شريف هن حالت کي تسليم ڪري ٿو ته سڀ ماڻهو روزي ڪمائڻ ۾ هڪجهڙا طاقتور نه آهن، جنهن ڪري ڪي وڌيڪ مالدار آهن ۽ ڪي گھٽ. پر قرآن شريف اهڙي حالت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن موجب هڪڙن وٽ ته دنيا جا انبار لڳا پيا هجن ۽ ٻيا بلڪل سڃا، ڪنگال ۽ داڻي داڻي لاءِ محتاج هجن. قرآن شريف هر هڪ کي هي حق ڏنو آهي ته الله تعالى جي جوڙيل زمين ۾ جيڪي به پئدائش جا ذريعا خلقيل آهن، تن مان پنهنجي گذاري لاءِ ضروريات زندگي حاصل ڪري. پوءِ اهو شخص مضبوط آهي يا ڪمزور، تندرست آهي يا بيمار، ڏاڍو مڙس آهي يا هيڻو، شاهوڪار آهي يا سڃو؛ جيستائين هو جيئرو آهي، تيستائين هن کي انسان هئڻ سبب هي حق حاصل ٿيل آهي ته پنهنجي زندگي جون ضرورتون الله تعالى جي پئدا ڪيل وسيلن مان حاصل ڪري.
    قرآن شريف موجب زمين تي پيدا ڪيل گذران جا وسيلا سڀني جي گڏيل ملڪيت آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجن ضرورتن کان وڌيڪ ڪمائڻ تي قادر ٿيا ته اها وافر ملڪيت انهن وٽ هڪ قسم جي ”امانت“ آهي، جا انهن ماڻهن تي خرچ ڪرڻي آهي، جي ڪن سچين پچين مجبورين سبب ڪمائڻ جي لائق ٿي نه سگھيا آهن.
    ”قرآن شريف جي اصولن موجب مکيه نقطو هي آهي ته انسان ذات هڪ گڏيل ڪٽنب جي مثال آهي، جنهن جا ڀاتي هڪ ٻئي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ پاڻ ۾ سلهاڙيل آهن. هو زندگي جي جدا جدا طبقن ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪي ٿورو ڪمائين ٿا، ڪي زياده؛ جئن جئن هر هڪ ۾ استعداد موجود آهي. جيتوڻيڪ انهن مان شاهوڪار پنهنجي سموري ڪمائي غريبن کي نٿا ڏين ته به پنهنجي غريب ڀائرن جي سار سنڀال کان اهڙو بي پرواهه به رهي نه ٿا سگھن، جو ڀل غريب وڃي بک مرن. جيتوڻيڪ هر هڪ ڀاتيءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ تي جدا جدا حق آهي ته به اها ڪمائي کين هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻي نه آهي، انهيءَ لاءِ ته سڀڪنهن کي زندگي جون گھرجون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي پوءِ فڪر نه آهي ته هڪڙي گھڻو ڪمايو آهي ۽ ٻين ٿورو.“ (ترجمان القرآن حصو ٻيو)
    مٿيون تفسير مولانا ابو الڪلام آزاد جو آهي. هو قرآن شريف جي تمام وڏن مفسرين مان هڪ آهي. مٿين مضمون مان ظاهر آهي ته سڀ انسان خدا تعالى جي خلقيل رزق جي وسيلن ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار آهن. کاڻين جي ملڪيت، ٻيلا ۽ پاڻي حڪومت جي حوالي رهڻا آهن، جيئن سموري رعيت انهن مان فائدو وٺي سگھي. اهڙي طرح زمين جيڪا رزق جي پئدائش جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي سا پڻ حڪومت جي حوالي رهڻي آهي، جيئن سڀڪو ان مان پورو پورو نفعو حاصل ڪري سگھي.
    جيڪڏهن ڪو به شخص زمين جي وڏي ايراضي تي قبضو ڪرڻ بعد ٻين کي، الله تعالى جي خلقيل انهيءَ زمين مان پيدا ٿيندڙ رزق کان محروم رکي ته اها ملڪيت قرآن شريف جي حڪمن موجب ناجائز سمجھبي.
    مختصر طور قرآن شريف جو قانون اهو آهي جيڪو مون مٿي ٻڌايو آهي ته مسلمانن ۾ جيڪي رواج چالو آهن سي سراسر قرآن شريف جي حڪمن جي خلاف آهن. هي اسان جي بدبختي آهي جو غير شرعي رواجن کي شرعي قانونن جيتري طاقت ملي وئي آهي ۽ سچو پچو شرعي قانون پٺيءَ پويان ڦٽو ڪيو ويو آهي.
    قرآن شريف جو حڪم اٽل آهي پر ڪي مسلمان قرآن شريف جي تائيد ۾ حديث شريف يا اسلامي تاريخ ۾ مثال ڳولڻ چاهين ٿا. مان معتبر ذريعن سان گڏ ڪيل شاهدي پيش ڪريان ٿو جنهن مان ظاهر آهي ته زمينداري سرشتو اسلام ۾ پسنديده نه آهي.
    ”جنهن شخص کي زمين جو ٽڪرو آهي، سو پنهنجي سر پاڻ آباد ڪري ۽ ان کي غير آباد نه ڇڏي. جيڪڏهن پاڻ آباد نه ڪري سگھي ته پوءِ ٻئي کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏئي. پر جيڪڏهن پاڻ به آباد نه ڪري ۽ ٻئي کي آباد ڪرڻ لاءِ نه ڏئي ته اها زمين هو پاڻ وٽ رکي اسان کي نه گھرجي“ (بخاري شريف)
    مٿين حديث شريف جو پويون ٽڪرو اهڙي روش تي ناراضگي ڏيکاري ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته زمين هرڪو پاڻ وٽ ايتري رکي جيتري هو پاڻ آباد ڪري سگھي.
    اها ساڳي حديث شريف صحيح مسلم ۾ به آيل آهي، پر ان ۾ هي وڌيڪ روايت آهي ته: ”جيڪڏهن ٻيو ماڻهو وٺڻ کان انڪار ڪري ته جنهن شخص وٽ قبضو آهي سو پاڻ وٽ رکي سگھي ٿو.“ ان جي معنى هيءَ آهي ته جيڪڏهن زمين جي قبضيدار اها زمين ڪنهن شخص کي مفت ۾ آڇ ڪئي، جنهن ٿورو کڻڻ پسند نه ڪيو ۽ مقاطعي تي کڻڻ گھري ٿو ته ان حالت ۾ بهتر اهو آهي ته اها زمين هو پنهنجي قبضي ۾ رکي مگر مقاطع نه ڏئي.
    ”رسول الله ؐ جن صاف طور منع ڪئي آهي ته زمين مقاطع تي (نقدي صورت ۾ يا بٽائي جي صورت ۾) نه ڏيو انهيءَ سبب ڪري جڏهن حضرت عبدالله بن عمر ؐ اها حديث شريف حضرت معاويه جي وقت ۾ ٻڌي، جنهن وقت سرمايه داري جو سرشتو مسلمانن ۾ زور وٺي چڪو هو، تڏهن اصحابي سڳوري زمين جو ڪرايو وٺڻ بند ڪري ڇڏيو.“
    ٻي حديث شريف انهيءَ معاملي بابت امام بخاري هيٺين ريت آندي آهي:
    ”رافع بن خديج روايت ٿو ڪري ته سندس چاچو زبير بن رفيعه هڪڙو دفعو روايت ڪئي ته کيس رسول الله ؐ جن بيجا نفعي واري ڌنڌي کان منع ڪئي. رافع چيو ته رسول الله ﷺجن جو اهو حڪم انصاف تي مبني آهي. تنهن تي زبير کيس ٻڌايو ته رسول الله ﷺ کيس گھرائي پڇا ڪئي ته هو پنهنجي زمين بابت ڇا ٿو ڪري. هن (زبير) چيو ته مان اها زمين بٽائي تي ڏيندو آهيان، جنهن مان مون کي ساري پئدائش جو چوٿون حصو ۽ ڪجھه کارڪون ۽ ٻاجھري ملندي آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ائين نه ڪر. يا پاڻ انهيءَ زمين کي آباد ڪر يا ٻئي کي مفت آباد ڪرڻ لاءِ ڏي. ٻي صورت ۾ اها زمين غير آباد ئي رهي.“ (بخاري شريف)
    انهيءَ حڪم جي آڌار تي اسلام جي خليفه حضرت عمر ؐ رسول اللهﷺ جي هڪ صحابي سڳوري کان انهيءَ زمين جو قبضو کسيو جو پاڻ آباد ڪري نه سگھندو هو. پوءِ اهو ٽڪرو حضرت عمر ؐ انهن حاجتمندن کي ڏياريو، جن کي زمين گھربل هئي.
    اسلام جي مشهور فقيھ حضرت امام اعظم ؓجنهن جا معتقد سڄي دنيا ۾ سڀ کان گھڻا آهن، تنهن پڻ بٽائي يا مقاطعي تي زمين ڏيڻ کان منع ڪئي آهي. حضرت امام اعظم صاحب جي اها دور انديشي نهايت تعريف جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته بعد ۾ انهيءَ زمينداري سرشتي هارين ۾ ايڏي وڏي پيماني تي بک ۽ مصيبتون آنديون، جو ڇهين صدي هجري جو هڪ عالم فاضل ابن طين لکي ٿو ته: ”اسان مشاهدو ڪيو آهي ته اڄ ڪالهه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مصيبت زده ۽ هلاڪ طبقو هارين کان مٿي ٻيو ڪونهي.“ (فلسفه عمرانيات و معاشيات صفحه ١١٦)
    امام الهند حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ پڻ زمينداري سرشتي کي ناپسند فرمايو آهي. هن صاحب جو خيال هو ته اهو سرشتو انسانن ۾ جھڳڙو وجھائي ٿو ۽ مساوات کي ڪڍي ٿو ڇڏي.
    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي، جيڪو هڪ وڏي پائي جو عالم سڳورو هو ۽ حضرت شاهه ولي الله صاحب جي فلسفه سمجھائڻ لاءِ مشهور استاد هو سو حجة الله البالغه جي شرح ۾ لکي ٿو:
    ”اسين امام اعظم صاحب جا معتقد آهيون، جنهن ٻني جي بٽائي يا نقدي مقاطعي تي ڏيڻ کان منع ڪرڻ فرمايو آهي. سندس ارشاد موجب هر شخص ايتري ٻني پاڻ وٽ رکي سگھي ٿو جيتري هو پاڻ آباد ڪري سگھي. حقيقت ۾ ڪنهن به نموني ۾ زمين جي مقاطعي ڏيڻ سبب هاري طبقي تي ظلم ٿيڻ لاءِ رستا کلي ٿا پون ۽ انهيءَ ڪري زميندار هميشه پنهنجي زمين ويندو وڌائيندو ۽ ڪڙمين کي ڍڳن ۽ گڏهن وانگر پيو وهائيندو. زميندارن کي غريب هارين تي رحم نه ايندو آهي. هنن کي پيا بک ماريندا آهن.“ (فلسفه عمرانيات و معاشيات)
    عراق جي فتح بعد سوال اٿيو ته جيڪا زمين فتح ڪئي وئي آهي، ان جو نيڪال ڪيئن ڪجي؟ غازين زور ڏنو ته زمين مان به مال غنيمت جو حصو ملي مگر حضرت عمر ؐ ڪڙمين کان زمين کسڻ جي منع ڪئي ۽ اها انهن جي قبضي ۾ رهڻ ڏني وئي. بعد ۾ اها ساري زمين عام مسلمانن جي ڀلي لاءِ وقف ڪئي وئي.
    امام ابو يوسف جو حوالو ڏنو وڃي ٿو ته هن زمين مقاطعي تي ڏيڻ جي فائدي ۾ رايو ڏنو آهي. هو هارون الرشيد جو قاضي هو. ان وقت ۾ شهنشاهيت چوٽ تي هئي. تنهن ڪري امام ابو يوسف هيءَ ڳالهه نه ٿي محسوس ڪري سگھيو ته زمين مقاطعي يا بٽائي تي ڏيڻ کان منع ٿيل آهي. سندس استاد امام اعظم صاحب جو رايو قرآن شريف جي مطابق آهي. در حقيقت امير معاويه جي بادشاهه ٿيڻ کان وٺي نقشو ئي ڦري ويو هو ۽ سرمائيداري ۽ شهنشاهيت اسلامي سوسائٽي ۾ تمام زور شور سان گھر ڪري ويون هيون.
    زمين جي مالڪي بابت حضرت امام الهند شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ پنهنجي مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ لکي ٿو:
    ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هرڪا ملڪيت الله تعالى جي آهي، پر جيئن رب العالمين زمين ۽ ان جي پئدائش جي ڪتب آڻڻ جي اجازت ڏيڻ فرمائي تئن ماڻهو لالچي ٿي پيا ۽ پنهنجين ٻنين جون حدون وڌائڻ لڳا، تنهن ڪري اصول مقرر ڪيو ويو ته جيڪو شخص ڪنهن زمين جي ٽڪر تي پهريائين وڃي قابض ٿئي، ته ان کي اتان نه ڪڍجي، جيستائين سندس قبضو ڪنهن ٻئي کي نقصان نه پهچائي. . . . . .“
    زمين هڪ مسافرخاني يا مسجد وانگر هر هڪ لاءِ کليل آهي ۽ سڀڪو ان مان مساوي طور فائدو وٺي سگھي ٿو ۽ اهو ٽڪرو ان جي حوالي رهندو، جنهن ان تي اڳ ۾ قبضو ڪيو هوندو (مگر هي صاف ظاهر آهي ته هر هڪ انسان کي زمين جي فقط ايتري ٽڪري تي قبضي ڪرڻ جو حق رهندو، جيترو هو ڪتب آڻي سگھي ۽ نه وڌيڪ) زمين تي ڪنهن شخص جي قبضي جي معنى آهي ته ان شخص کي اها زمين پنهنجي نفع لاءِ ڪتب آڻڻ جو حق پڻ رهندو.
    حضرت امام عبدالعزيز، فرزند امام الهند حضرت شاهه ولي الله صاحب دهلوي ؓ پڻ پنهنجي فتاوى عزيزيه ۾ زمينداري سرشتي جي خلاف فتوى ڏني آهي. سندس رايو آهي ته هندستان جي زمين سڀني مسلمانن جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ بيت المال جو حق آهي. اها ڪنهن شخص جي خاص ملڪيت ٿي نه ٿي سگھي ۽ نه وري ڪنهن زميندار جي ملڪيت ٿي سگھي ٿي. اهي سڀ زمين جي سنڀاليندڙن جي حيثيت رکن ٿا.
    جيڪڏهن سرمايه دار ۽ زبردست ماڻهو نادارن ۽ ڪمزورن کي اهڙن وافر زمينن تي حق ڏيڻ ۾ گوٿ ناٿ ڪن ٿا (جو کين پئدائشي حق مليل آهي ته الله تعالى جي خلقيل قدرتي پئدائشي ذريعن مان پورو پورو فائدو وٺن) ۽ جيڪڏهن اهي سرمايه دار اهي وافر ملڪيتون پنهنجي ذاتي غرضن لاءِ ڪم آڻين ۽ انهن کي ڪابه اپيل اثر نه ڪري ته پوءِ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کان زوري قبضو کسي ۽ جيڪي هيڻا ۽ نادار آهن ۽ جن کي ڪجھه به نه آهي، تن ۾ اها وافر دنيا ۽ زمينون ورهائي ڇڏي. اهو فرض حڪومت تي ائين ئي لازمي آهي، جيئن نادار پٽ يا زال کي، شاهوڪار پي يا مڙس کان گذران جا ذريعا وٺي ڏيڻ لازمي آهي. حڪومت جو فرض آهي ته ملڪ جي پئدائش جا ذريعا ساري رعيت ۾ مساوي طور وراهڻ جو انتظام رکي.
    اسلامي تاريخ شاهد آهي ته خلافت کانپوءِ ڪنهن به مسلمان بادشاهه پنهنجي بادشاهت جو بنياد ڪڙمين جي همدردي حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي هٿ رکڻ سان نه ٻڌو ۽ جاگير دارن جا قلعا ڊاهي پٽ ڪري ڪونه ڇڏيا.
    رسول اللهﷺ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ هڪ صدي کان به گھٽ عرصي اندر اسلام ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي گھڻي حصي ۾ پکڙجي ويو. ايران ۽ روم جون بادشاهتون حضرت عمر ؐ جي خلافت ۾ فتح ڪيون ويون. انهيءَ جا ڪهڙا سبب هوا؟ ڪجھه ته اسلام جي تعليم جو اثر هو، جنهن ڏهن سالن جي قليل عرصي اندر قبائلي عصبيت کي مٽائي ڇڏيو ۽ منجھائن قبائلي بغض جي زهريلي اثر کي زائل ڪري ڇڏيو. مگر وڏو سبب هي هو جو اسلام يورپ واري زهريلي جاگيرداري سرشتي جو بنياد پٽي ڇڏيو ۽ ان جي بجاءِ ”هارپ“ يعني ننڍن کاتيدارن جو رواج وڌو، جي پنهنجي ٻني پنهنجي هٿن سان ڪاهڻ لڳا.
    مسٽر امير علي پنهنجي ڪتاب ”عرب مجاهدن جي تاريخ“ ۾ اسپين ۾ اسلامي فتوحات ۽ اسلامي حڪومت جو ذڪر ڪندي هيٺين ريت لکيو آهي:
    ”اسلام جي فتح ۾ سڀ کان زياده مفيد اثر گھٽ درجي جي ماڻهن جي حالت تي پيو. اسلام جي فتح کان اڳ هنن سان جانورن کان به برو برتاءُ ڪيو ويندو هو. هاڻي هو انسانيت جي درجي کي پهچي ويا. مسلمانن جي قبضي ۾ آيل جاگيردارين تي جيڪي رواجي ٻانها ۽ گھرو غلام اڳ ۾ ڪم ڪندا هئا، تن کي شهري حقوق ملي ويا ۽ اهي زمينون کين ”هارپ“ جي حق تي ڏنيون ويون، جنهن ڪري ٻني ۾ سندن حق ٿي پيو ۽ سموري زمين ڄڻ ته سندن ملڪيت ٿي پئي.“
    حضرت امير عمرؐ جي خلافت جي زماني ۾ جڏهن ايران جي حڪومت مسلمانن جي هٿ ۾ آئي تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجه جي صلاح سان سروي جو ڪم تمام وڏي پيماني تي ڪرايو ويو. هارين جا بار هلڪا ڪيا ويا. انهن کي يقين ڏياريو ويو ته کائن زمينن جو قبضو نه کسيو ويندو. خود زمين جو وڪرو سختي سان بند ڪيو ويو، جيئن پراڻن هارين کان زمين کسجي نه وڃي.“
    حضرت عمر ؐ جو ذڪر ڪندي مسٽر امير علي لکي ٿو:
    ”دور انديشي جا پوين مسلمان حاڪمن ۾ مفقود هئي، تنهن کان ڪم وٺندي هن (حضرت عمر ؐ) محسوس ڪيو ته حڪومت جي بنياد پڪي ڪرڻ ۽ ان جي مالي ترقي جو راز ملڪ جي آبادگارن جي خوشحالي تي منحصر آهي. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن فتح ٿيل ملڪن ۾ زرعي زمينن جا وڪرا قطعي بند ڪري ڇڏيا. عربن جي دست درازي کان بچاءَ جي خيال کان هن وڌيڪ هي حڪم به ڪيو ته ملڪي ماڻهن کان ڪوبه مجاهد (فوجي) زمين خريد نه ڪري. فتح ٿيل ملڪن جي انتظام ۾ هارين جي بهتري ۽ واپار جي واڌاري جي ڪمن کي مقدم رکڻ لاءِ سختي سان نظرداري ڪئي ويندي هئي.“

    (مترجم: علاؤالدين محمد يونس خان سمون)


    مذهبي ٺيڪيدار ۽ اسلام جو اصل نصب العين : احمد دين راڄپر

    (ماهوار بيداريءَ جو ايڊيٽر محمد موسيٰ ڀٽو پنهنجي رسالي ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي چيئرمين نور احمد ميمڻ جي اسلامي روشن فڪريءَ بابت لکيل تحريرن خاص طور تي ته انساني حقن، قومي آزادين انساني مساوات ۽ معاشي برابريءَ واري قرآني فڪر خلاف مضمونن جو سلسلو جاري رکيو ته اهي ضمني ڪم آهن. اصل دين ۽ فرائض ته نماز، روزو، نفس جو تزڪيو ۽ ٻيا آهن جن کي ڇڏي نور احمد ميمڻ گمراهيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ جناب احمد الدين راڄپر هي مضمون لکيو هو.)

    اڄڪلهه اسلام جا ڪجهه دعويدار اسلام جي جهادي ۽ مزاحمتي پهلو، سرمائيدارن جي ظلم خلاف جدوجهد ڪرڻ، انساني مساوات ۽ انسانيت جي عالمگير مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ کي آخرت ۽ رسالت کان انڪار جي برابر سمجهي اهڙيون فتوائون به صادر ڪري رهيا آهن. عقيدي ۽ ايمان جي معاملي ۾ ڪنهن تي فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوتن ۽ شاهدين جي ضرورت هوندي آهي. دين ۽ ايمان جي معاملي ۾ اهڙي ذميدارانه روش اختيار ڪرڻ بجاءِ فتويٰ فروشيءَ جي پراڻي ڌنڌي کي جاري رکندي ٺيڪيداريءَ، داداگيريءَ ۽ صوبيداريءَ واري روش اختيار ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن ڪو سندن سوچ ۽ پسند مطابق ڪم نه ٿو ڪري ته اهو آخرت ۽ رسالت جو منڪر آهي.
    اهي ماڻهو سرمائيدارانه ظلم جي خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ انساني مساوات ۽ عالمگير انساني مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ کي پنهنجي هٿ ٺوڪي سرمايه پرست اسلام جي لاءِ خطرو سمجهي رهيا آهن ۽ ان جي موٽ ۾ هنن اهو رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو هميشه تاريخ ۾ استحصالي طبقن جا پگھاردار ملا مولوي اختيار ڪندا رهيا آهن. يعني اهو ته فتويٰ جاري ڪري سماج ۾ ظلم جي مزاحمت ڪارن کي آخرت ۽ رسالت جو انڪاري قرار ڏيو ۽ عام مسلمانن جي ذهنن ۾ ان جي خلاف نفرت پيدا ڪري انهن کي ڪم کان روڪي وجهو. اهي نام نهاد سرمائيداري جا ايجنٽ سرمائيدارن جي خدمت چاڪريءَ ۽ نوڪريءَ ۾ ماشاءَالله پوري ايمانداريءَ سان ڪم ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن تصوف جو ويس پهري ۽ ڪڏهن اسلامي دانشمندي جي ٺيڪيداري جتائيندي اڃا به ساڳي پگھار تي سرمائيدارن جي نوڪري ڪندا ۽ نمڪ حلالي ڪندا رهن ٿا.
    انهن کي سرمائيدارن خلاف جدوجهد ۽ انساني مساوات لاءِ ڪم ڪرڻ تي ايتري چڙ آهي جو هو مالدارن خلاف جدوجهد کي قرآن جو ضمني مسئلو قرار ڏين ٿا. تعجب آهي ته انهن ڪيئن اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته قرآن ۾ ڪي مسئلا اهڙا به آهن جيڪي ضمني آهن! ۽ انهن جي حيثيت نصب العين جي نه پر فرض ۽ واجب جهڙي آهي ۽ انهن کي نصب العين نه بنائڻ جي نتيجي ۾ اسلام جي سموري عمارت زير و زبر ٿي وڃي ٿي.
    سرمايه پرست ٽولن جو اهو پراڻو وطيرو رهيو آهي ته اهي آخرت جي تياريءَ جي نالي تي ماڻهن کي ڀنڀلائيندا رهن ٿا ته اهو ئي اصل نصب العين آهي ۽ حق جي قيام ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ جدوجهد ضمني مسئلا آهن. سلف صالحين مان جن ماڻهن جهاد ۽ قتال کي ديني فرض قرار ڏنو، سياسي آزادين لاءِ جاکوڙيو، دارالعلوم ديوبند جهڙو عظيم ادارو صرف انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ قائم ڪيو، شيخ الهند مولانا محمود الحسن جيڪا انگريزن خلاف سياسي ۽ باغيانه جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي پوري عمر ان ۾ صرف ڪئي. جن ديوبندي اڪابرن جمعيت علماء هند قائم ڪري سياسي جدوجهد ۾ عمريون کپايون. جمعيت علماء اسلام جي جن اڪابرن پاڪستان جي سياسي استحڪام ۽ اسلام جي نظام لاءِ جدوجهد ڪئي، ضياء جي دور ۾ روس خلاف لڙائيءَ جو حصو بنجڻ بجاءِ ضياء جي مارشل لا خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پوريون توانائيون خرچ ڪيون، انهن کي ڪهڙي کاتي ۾ وڌو ويندو. ڇا اهي بزرگ ۽ جماعتون انهن دنياوي ۽ ضمني جدوجهدن ۾ زندگيون خرچ ڪري آخرت کان محروم رهجي ويون، ان باري ۾ انهن فتويٰ فروشن وٽ ڪو جواب موجود آهي!
    انهن نام نهاد ٺيڪيدارن جو ٻيو حربو جهاد، قتال ۽ معاشرتي ڀلائي ۽ غريبن جي پرگھور لهڻ جهڙن فرضن کي ضمني ڪم قرار ڏئي ”مسلماني آساني“ جي راهه ڏيکارڻ آهي. نماز، روزو، حج ۽ زڪوات اهڙا فرض آهن، جيڪي انهن جي فرض ڪيل نصب العين جي منشا مطابق آهن. شايد زڪوات کي اهي پنهنجي نصب العين ۾ شامل نه ڪندا ڇو ته اها غريبن جي پرگھور لاءِ آهي. باقي نماز روزي ۽ حج کي اهي پنهنجي نصب العين مطابق چون ٿا. پر انهن کي اهو ڪنهن به طرح سان حق نه ٿو پهچي ته اسلام جي ڪجهه فرضن کي نصب العين ۽ ڪجهه فرضن کي ضمني چون. ”نصب العين“ جي نالي سان ڪوبه عمل جو مٿاهون رتبو اسلام ۾ ڪونهي، نه ئي اسلام ۾ شريعت ۾ ڪا شئي فرض ۽ واجب هئڻ کانپوءِ ضمني ۽ غير اهم مڃي سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته فقهه ۽ شريعت ۾ قرآن ۽ حديث جي نص قطعي سان ثابت شيءِ کي فرض ۽ واجب جو درجو ڏنو ويو آهي. سڀ کان مٿاهون درجو فرض جو ۽ ان کان پوءِ واجب جو آهي. انهن ۾ فرق ۽ ان کان پوءِ وارن درجن تي بحث نه ٿا ڪريون. جو مضمون ڊگھو ٿي ويندو. هتي صرف اهو عرض ڪرڻو آهي ته فرض جو انڪاري ڪافر ۽ مرتد آهي، ڇاڪاڻ ته اهو نص قطعي جو انڪار ٿو ڪري. درجي جي لحاظ کان ڪنهن فرض کي ڊي گريڊ ڪرڻ، گھٽائڻ، ان کي غير اهم ۽ ضمني قرار ڏيڻ، نص قطعيءَ کي ڊي گريڊ ڪرڻ، گھٽائڻ ۽ غير اهم قرار ڏيڻ جي برابر آهي. اهو عمل ڪيترو خراب، بڇڙو ۽ گستاخيءَ وارو آهي، ان جو اندازو جيڪڏهن انهن پرمتڙين کي اڳ ۾ ناهي ته هاڻي انهن کي ان تي شرم اچڻ گھرجي. اسلام ۾ جيڪا شيءِ فرض آهي اها فرض آهي، ان کي گھٽ وڌ، ضمني يا نصب العين قرار ڏيڻ گناهه آهي.
    ها البته هر فرض جو پنهنجو پنهنجو وقت هوندو آهي. جڏهن ڪنهن فرض جو وقت اچي وڃي ته ان کان تر جيترو گسائڻ به گناهه آهي. پر ان کي ضمني ۽ غير اهم سمجھي ان جو وقت گذاري ڇڏڻ سرڪشي آهي. افسوس آهي ته اهي مذهبي ٺيڪيدار شريعت جي قوانين جي درجي بنديءَ کان به واقف نه ٿي سگھيا آهن؟! يا هُو ٺُمري هڻڻ لاءِ ڄاڻي واڻي تجاهل کان ڪم وٺندا رهيا آهن! غلام محمد قادياني جهاد جو انڪار ڪيو ۽ اهڙن مذهبي ٺيڪيدارن جهاد سان گڏ ٻين فرضن کي به غير اهم ۽ ضمني قرار ڏئي ڇڏيو!! ان عمل جي سنگينيءَ جو انهن کي ڪو احساس ڪونهي.
    مطلب هي آهي ته فرض سڀ فرض آهن، انهن مان ڪنهن فرض کي ٻئي کان گھٽ يا وڌ، اهم يا غير اهم قرار ڏيڻ غلط آهي پر ڪجهه فرضن جي اهميت جو جيئن ته انهن انڪار ڪيو آهي ان ڪري آءٌ هتي انهن جي آڏو ان جي اهميت جو مختصر ذڪر ڪري ٿو ڇڏيان. خاص ڪري جن فرضن کي اُهي ٺيڪيدار غير اهم سمجهن ٿا يعني انسانيت جي عالمگير مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ، معاشي ڀلائي ۽ غريبن جي پرگھور لهڻ جا فرض نڀائڻ ۽ ان کي ضمني قرار ڏين ٿا، يا ته پنهنجي سوچ ۾ سادگي ۽ جهالت جو شڪار ٿين ٿا يا وري هو ڄاڻي واڻي سرمائيداريت کان پنهنجي مفادن جاري رهڻ جي لاءِ ان قسم جي پروپيگينڊا جي ذميواري نڀاهي پنهنجون پگهارون سجايون ڪن ٿا.
    قرآن ۾ الله تعاليٰ حق ۽ باطل جو مثال بيان فرمايو آهي:
    اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتْ اَوْدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا فَاحْتَمَلَ السَّیۡلُ زَبَدًا رَّابِیًا ؕ وَمِمَّا یُوۡقِدُوۡنَ عَلَیۡہِ فِی النَّارِ ابْتِغَآءَ حِلْیَۃٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُہٗ ؕ کَذٰلِکَ یَضْرِبُ اللہُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذْہَبُ جُفَآءً ۚ وَاَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمْكُثُ فِی الۡاَرْضِ ؕ
    (سورہ الرعد ۱۷)
    ”اسان آسمان مان پاڻي نازل ڪيو آهي، پوءِ اهو وهڪرن ۾ پيماني مطابق وهي پيو آهي.پوءِ ان پنهنجي مٿان جهاڳ کنئي آهي ۽ جيڪي شيون باه ۾ ٻاريون ٿيون وڃن، زيورن ۽ سامان حاصل ڪرڻ لاءِ، انهن تي به اهڙي جهاڳ آهي. ان طرح الله تعالي حق ۽ باطل جو مثال بيان ڪندوآهي. پوءِ جهاڳ ختم ٿي ويندي آهي ۽ جيڪا شيءِ انسانن کي نفعو ڏيندي آهي اها زمين ۾ قائم رهندي آهي.“
    هن آيت ۾ الله تعالي بقاءِ انفع جي اصول جي بنياد تي حق ۽ باطل جي سمجهاڻي ڏني آهي، ته ڪنهن به تحريڪ فڪر ۽ دين جي حق هئڻ جو مدار ان تي آهي ته اهو انسانيت جي ڪيترو فائدي ۾ آهي. يعني انسانيت جو فائدو ۽ نفعو ئي اصل حق ۽ اصل نصب العين آهي. مڙني نبين جي بعثت جو مقصد، ديني اعمالن ۽ فڪرن جو اصل محور اهو آهي. آخرت ۾ جوابدهي جو اصل محور به اهو آهي ته خوف خدا ۽ دينداريءَ جو بنياد به اهو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ حضرت موسيٰ کي فرمايو: ”وَاصْطَنَعْتُکَ لِنَفْسِیۡ“ (مون توکي پنهنجي ذات لاءِ ٺاهيو آهي) ان کان پوءِ کيس جيڪو ڪم ڏنائين، سو بني اسرائيلن جي فرعون جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو ڪم هو. کيس فرمايائين.
    وَاصْطَنَعْتُکَ لِنَفْسِیۡ ﴿ۚ۴۱﴾ اِذْہَبْ اَنۡتَ وَ اَخُوۡکَ بِاٰیٰتِیۡ وَلَا تَنِیَا فِیۡ ذِكْرِیۡ ﴿ۚ۴۲﴾ اِذْہَبَاۤ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿ۚۖ۴۳﴾ فَقُوۡلَا لَہٗ قَوْلًا لَّیِّنًا لَّعَلَّہٗ یَتَذَکَّرُ اَوْ یَخْشٰی ﴿۴۴﴾ قَالَا رَبَّنَاۤ اِنَّنَا نَخَافُ اَنۡ یَّفْرُطَ عَلَیۡنَاۤ اَوْ اَنۡ یَّطْغٰی ﴿۴۵﴾ اِنَّا رَسُوۡلَا رَبِّکَ فَاَرْسِلْ مَعَنَا بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ۬ۙ وَ لَا تُعَذِّبْہُمْ ؕ (سوره طھ- ٤١ کان ٤٧)
    ”اي موسيٰ مون توکي پنهنجي لاءِ ٺاهيو آهي. تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجي نشانين سان وڃو. ۽ ڏسو منهنجي ياد ۾ ڪوتاهي نه ڪجو. ٻئي فرعون ڏانهن وڃو، ان سرڪشي اختيار ڪئي آهي.ان سان نرميءَ سان ڳالهه ڪجو شايد هو سمجهي وڃي يا ڊڄي وڃي. ٻنهي چيو اسان جا پالڻهار اسان ڊڄون ٿا ته اهو اسان تي زيادتي ڪندو سرڪشي ڪندو. الله چيو ڊڄو نه، بيشڪ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان، ٻڌان ۽ ڏسان ٿو. وڃو کيس چئو اسان ٻئي تنهنجي رب جا رسول آهيون ته اسان سان گڏ تون بني اسرائيلن کي آزاد ڪر.“
    هڪ اولوالعزم نبي، جنهن کي الله تعاليٰ چئي ته توکي مون پنهنجي ذات لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ ان کي ڪمزور ۽ ضعيف ۽ غلام انسانن جي آزاديءَ جي ذميواري ڏئي، ڇا اها ڳالهه اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي ته انساني مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ الله لاءِ ڪم ڪرڻ برابر آهي!. ۽ اهو ڪم الله جو ڪم ڪيئن نه چئجي جنهن جي ڪرڻ جو الله اعلان فرمايو آهي.
    وَنُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسْتُضْعِفُوۡا فِی الْاَرْضِ وَ نَجْعَلَہُمْ اَئِمَّۃً وَّ نَجْعَلَہُمُ الْوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمْ فِی الْاَرْضِ وَ نُرِیَ فِرْعَوْنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنْہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحْذَرُوۡنَ ﴿۶﴾
    (القصص – ٥،٦)
    ”۽ اسان گهريو ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ انهن کي اڳواڻ بنايون ۽ انهن کي وارث ڪريون ۽ انهن جو زمين ۾ دٻدٻو ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪرن کي انهن (ضعيفن) کان اها ڳالهه ڏيکاريون جنهن کان ڊنا ٿي.“
    انسانن کي انسانن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ ڪيترو اهم آهي، سو هن آيت ۾ به ڏسي سگھجي ٿو جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ اهل ڪتاب کي دعوت ڏيندي فرمايو آهي.
    قُلْ یٰۤاَہۡلَ الْکِتٰبِ تَعَالَوْا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَبَیۡنَكُمْ اَلَّا نَعْبُدَ اِلَّا اللہَ وَلَا نُشْرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّلَا یَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا اَرْبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللہِ ؕ(آل عمران ٦٤)
    ”چؤ ته اي ڪتاب وارو! (هن) هڪ ڳالهه ڏي اچو جا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ برابر (مڃيل) آهي ته الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ نه ان سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ ڪريون ۽ نه اسان مان ڪي الله کانسواءِ ٻين کي پنهنجا پاليندڙ ڪري وٺن.“
    ’پاڻ مان هڪڙا انسان ٻين کي پنهنجو رب نه بنائن‘ جو مطلب ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو آهي، ته سڀئي انسان ٻين انسانن جي غلاميءَ کان آزاد ٿي هڪ الله جي غلامي ۽ عبديت قبول ڪن. انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو ٻين انساني غلاميءَ جي طوقن ۾ ڦاٿل آهن، انهن کي نجات ڏيارڻ لاءِ مزاحمت ڪرڻ نبوت جي مقصدن ۾ شامل آهي.
    الله تعالي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
    وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجْدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾ فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَۃَ ﴿۫ۖ۱۱﴾ (سوره البلد-١٠، ١١)
    ”اسان انسان کي ٻه واٽون ڏيکاريون آهن. پر اهو چاڙهي چڙهي نه سگھيو“
    يعني هڪ واٽ آهي جيڪا بلنديءَ طرف ٿي وڃي. اها چاڙهيءَ واري واٽ آهي، سا انسان چڙهي نه سگهيو آهي. ٿورو توجه ڪيو‘ هيءَ چاڙهيءِ واري واٽ، جنهن تي انسان اڄ به نه چڙهي سگھيو آهي، ان جي آڏو رڪاوٽون ۽آڏا جبل آهن. وڏا وڏا روڙا ۽ اٽڪاء آيل آهن. دنيا جي سرمائيدارن، جاگيردارن، سامراجي قوتن ۽ انهن جي مذهبي رهبانيت اوڍيل ايجنٽن طرفان ان واٽ آڏو بند ٻڌا ويا آهن. الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي ٻانهن کي ٻڌائي ٿو ته:
    وَ مَاۤ اَدْرٰىکَ مَا الْعَقَبَۃُ ﴿ؕ۱۲﴾ (سوره البلد-١٢) (اها چاڙهي ڪهڙي آهي؟)
    مٿاهون ۽ بلند نصب العين ڪهڙو آهي؟ جنهن تي انسان فائز نه ٿي سگھيو آهي!؟
    الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
    فَكُّ رَقَبَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ اَوْ اِطْعَامٌ فِیۡ یَوْمٍ ذِیۡ مَسْغَبَۃٍ ﴿ۙ۱۴﴾ یَّتِیۡمًا ذَا مَقْرَبَۃٍ ﴿ۙ۱۵﴾ اَوْ مِسْکِیۡنًا ذَا مَتْرَبَۃٍ﴿ؕ۱۶﴾ (سوره البلد-١٣- ١٦)
    ”اهو ٻانهي کي (غلاميءَ کان) آزاد ڪرائڻو آهي. يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي. مٽيءَ مائٽي واري يتيم کي. يا مٽيءَ ۾ رُليل مسڪين کي.“
    سماجي انصاف ۽ معاشي مساوات جا منڪر اهي مذهبي ٺيڪيدار ڀل انڪار ڪن، اکيون ٻوٽي ڇڏن، هن بلند واٽ کان نابري واري بيهي رهن، اهي ڀل هنن قطعي نصوص کي گھٽ، غير اهم ۽ ضمني قرار ڏئي ڇڏين، پر جيڪي ماڻهون اکيون کولي، شرح صدر سان هنن آيتن کي ڏسندا، سي غريبن جي پرگھور کي ضمني ۽ غير اهم ڪونه سمجھندا. ڇا سورة ماعون ۾ غريبن کي کارائڻ جي ترغيب نه ڏيندڙ کي قيامت جو منڪر سڏيو ويو آهي.
    اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یُّکَذِّبُ بِالدِّیۡنِ ؕ﴿۱﴾ فَذٰلِکَ الَّذِیۡ یَدُعُّ الْیَتِیۡمَ ۙ﴿۲﴾ وَ لَا یَحُضُّ عَلٰی طَعَامِ الْمِسْکِیۡنِ ؕ﴿۳﴾
    ”اي (پيغمبر) ڇا توان کي ڏٺو جو (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڪري ٿو. پوءِ هي اهو جو يتيم کي لوڌي ٿو ۽ مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏئي.“
    سرمائيداريت ۽ سرمايه پرستي کي قرآن بار بار ننديو آهي ۽ اڻهوند وارن جي پرگهور نه لهڻ ۽ سرمائي کي خدا جي حڪمن پٽاندڙ عوام ۾ نه ورهائڻ تي بار بار وعيد ڏني وئي آهي. هتي قرآن شريف جو هي انتباهه ڪيڏو نه اهم آهي جنهن ۾ جهنمين کان پڇيو ٿو وڃي ته:
    مَا سَلَکَكُمْ فِیۡ سَقَرَ ﴿۴۲﴾ قَالُوۡا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّیۡنَ ﴿ۙ۴۳﴾ وَ لَمْ نَكُ نُطْعِمُ الْمِسْکِیۡنَ ﴿ۙ۴۴﴾
    (المدثر- ٤٢کان ٤٤)
    ”اوهان کي ڪهڙي ڳالهه جهنم ۾ وڌو آهي؟ چوندا اسان نماز نه پڙهندا هئا سين ۽ مسڪينن کي نه کارائيندا هئا سين.“
    حقيقت ۾ روڳي مذهبيت جا اهي نمائندا هر دور ۾ پنهنجي مددگار ۽ معاون مالدارن ۽ سرمائيدارن کي خوش رکڻ لاءِ دينداريءَ جون اهڙيون تعبيرون عوام کي ٻڌائيندا رهيا آهن جنهن سان سرمائيداريت کي ڪو به لوڏو ۽ لهر نه پهچي انهن ناعاقبت انديش ماڻهن کي قرآن حڪيم جي هيٺين آيت به ڪڏهن خدا جو خوف نه ڏياري سگهي آهي.
    وَ اِنَّ لَنَا لَلْاٰخِرَۃَ وَ الْاُوۡلٰی ﴿۱۳﴾ فَاَنۡذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظّٰی ﴿ۚ۱۴﴾ (اليل – ١٣ کان ١٤)
    ”۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جو ئي آهن تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي ڪري ٿي.“
    ڇا سرمائيدارن ۽ مالدارن سان هي الله جي طرفان اعلان جنگ ناهي!! الاهي نظام جو بنياد جتي ڏيڻ تي آهي اتي سرمائيدارانه نظام جو بنياد جائز ناجائز طريقي سان منافعو ميڙڻ، استحصال ۽ لٽ مار تي هوندو آهي. انهن سان وڙهڻ جي ڳالهه کي اهي ڀل ڪفر ۽ ڪميونزم سان تعبير ڪن، پر سرمائيداري نظام جي بنيادي ڏوهه وياج کائڻ وارن سان الله جيڪو جنگ جو اعلان ڪيو آهي ان کي اهي ڪهڙي کاتي ۾ وجھندا!؟
    غريبن جي پرگھور لهڻ، جنهن جو الله حڪم به ڪري ۽ بجاءِ آوري نه ڪرڻ تي سزا به ڏئي يعني جنهن عمل جي ترغيب به ڏني وئي هجي ۽ ترهيب به ڏني وئي هجي، ڇا اهو عمل انهن جي نظر ۾ غير اهم ۽ ضمني آهي؟!. انهن مت جي ماريل ماڻهن کي ڪهڙي ميار ڏجي جو اهي وَٽ ۽ ترازي کڻي قرآن جي آيتن کي تورڻ ۽ حصا پتيون ڪرڻ لڳا آهن ته هيترا حصا قرآن هِن مقصد لاءِ هيترا هُن مقصد لاءِ آهي. حالانڪ شريعت ۾ هڪ قطعي نص جي اهيمت هوندي آهي، انهن وٽ ته معيار اهو آهي ته قرآن جا ٽي حصا روحانيت وغيره لاءِ آهن، ان ڪري چوٿين حصي قرآن جي ڪابه اهميت ڪونهي، ته پوءِ اسان انهن کي ڇا ٿا سمجھائي سگهون. جيڪڏهن قرآن جا حصا پتيون ڪرڻ جائز هجي ها ته اسان انهن کي ڳڻي ٻڌايون ها ته قرآن ۾ انساني فائدي ۽ غريبن جي پرگھور لاءِ ڪيتريون آيتون آهن.
    الله تعاليٰ قرآن ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. ان ئي عمل کي زڪواة سان به تعبير ڪيو آهي ۽ ان کي صدقات به سڏيو آهي. هيءُ اسلام جي اجتماعي نظام جو هڪ اهم بنياد آهي. اسلام جو نظام زڪواة ۽ صدقات جي ذريعي ئي معاشري جي مالدارن کان وصوليون ڪري غريبن ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي سهائتا ڪندو آهي. اسلامي نظام ۾ هيءُ هڪ مستقل انتظامي صورت رکندڙ عمل آهي. سموري نظام سلطنت جي افاديت جو پورو مدار ان تي آهي. قرآن ۾ نبي ﷺ کي حڪم آهي:
    خُذْ مِنْ اَمْوَالِہِمْ صَدَقَۃً (التوبه ١٠٢)
    ”انهن کان انهن جي مالن مان صدقات وٺ“
    مصارف زڪوات واري آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام ۾ زڪوات جي وصولي لاءِ، ان جي نظام ۽ انتظام لاءِ هڪ وسيع عملو به مقرر هو. جنهن عملي کي زڪوات جي مال مان ڏيڻ، مصارف زڪوات طور بيان ڪيو ويو آهي.
    نبي ﷺ جن فرمايو:ان الله قد فرض عليهم صدقة تؤخذ من اغنيائهم وترد عليٰ فقرائهم، (الله انهن تي زڪوات فرض ڪئي آهي، جيڪا انهن جي شاهوڪارن کان ورتي ويندي ۽ ضرورتمندن ڏانهن موٽائي ويندي.) يعني اهو سڀ هڪ نظام جي صورت ۾ ٿيندو. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص يا جماعت ان نظام جي قيام لاءِ آواز اٿاري ٿو ته اهي سرمائيداريت جا دلال چون ٿا ته اهو دين جو ضمني مسئلو آهي ۽ اصل نصب العين ڪونهي.
    اهي سماجي انصاف جا مخالف زڪوات جي هن قسم جي نظام جي اهميت کي گھٽ چون، ضمني چون، يا ڪجهه به چون، چئي سگھن ٿا! ڇو ته اهي اکيون ٻوٽي چڪا آهن. اهي سرمائيدارن جي پگھار حلال ڪرڻ ٿا گھرن؛ پر الله، جيڪو حقيقي رزاق آهي، تنهن جو رزق حلال ڪرڻ گھرن ها ته اهي نظام زڪوات جي اهميت جو ڪڏهن به انڪار نه ڪن ها. ڇاڪاڻ ته الله جي فضل، انعامن ۽ نعمتن جو حقيقي شڪر الله جي بندن تي خرچ ڪرڻ سان ئي ادا ٿيندو آهي. مراقبن سان ڪونه ٿيندو آهي. الله تعاليٰ دنيا جي مقابلي ۾ جنهن شيءِ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي، سا غريبن جي پرگھور لهڻ آهي. الله فرمايو آهي: ”لَا تَنۡسَ نَصِیۡبَکَ مِنَ الدُّنْیَا وَ اَحْسِنۡ کَمَاۤ اَحْسَنَ اللہُ اِلَیۡکَ ؕ(القصص٧٧) “ (دنيا ۾ پنهنجي حصو ڀل نه وسار، البته جيئن الله تو سان احسان ڪيو آهي تيئن تون به احسان ڪر). يعني غريبن مسڪينن کي ڏي.
    ڇا سرمائيداريت جي انهن وڪيلن کي خبر آهي ته زڪوات جي انڪار ڪرڻ وارن جي خلاف حضرت ابوبڪر صديق رضي الله لڙائي ڪئي هئي! ڇا اهي ان کان به ڄاڻي واڻي انڪار ڪندا ته ڪيترن صحابن کين ان معاملي ۾ نرمي ڪرڻ جو مشورو ڏنو، تنهن باوجود حضرت ابوبڪر رضي الله انهن خلاف لڙائي کي ترجيح ڏني ۽ فرمايو ته جيڪو اٺ سان گڏ ان جي مهار زڪوات ۾ ڏيندو هو، سو اٺ ڏيندو ۽ مهار ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته ان سان به جنگ ڪندس.“
    اهي قبا پوش مذه