ڪتاب جو نالو: دردن ڦولاريا ڦول
مصنف: وفا صالح راڄپر
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 24 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 1797 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 213 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سٽاءُ
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ : وفائن، احساسن، جذبن ۽ دردن جو شاعر
  • تنهنجي نظمن جي پيشانيءَ ڪيئن چمان؟
  • وفائن جا پنڇي
  • سرجيس تان سور سامائي تان سک ويا
  • نثري نظم

  • چمين جا پَھا
  • پلصراطون
  • خاموشي
  • گل
  • آرزو
  • ڏکوئيندڙ ٽھڪ
  • گذارش
  • ڏک سک
  • مقدس
  • جيون ۾
  • يادن جو البم
  • جاڳندي خواب لھندو آهيان
  • ڳولا
  • رابيل جا گل
  • ساڀيائون
  • اپريل فول
  • ذلتون
  • واپسي
  • جدائيءَ جون ڳالهيون
  • ڪکائون گھر
  • جنت
  • ڪويتائون
  • ڪاري
  • الڳ ٿيڻ جو درد
  • آءٌ امر ٿي ويس
  • ڪافر
  • بانگ
  • ڏُک
  • خوشيون
  • نئون سال _نئين صدي
  • ٺٺوليون
  • وصيت
  • لڙڪن جو ڀُنگ
  •   کير
  • دوزخ جي باهه
  • اهميت
  • جيت
  • وٿي
  • ٻالڪپڻو
  • ننڊ
  • واحد القھار
  •   امر پيار
  • معنى
  • ڪاش! مان ٻار هجان ها
  • تنهنجو هڪڙو لفظ
  • وڇوڙو
  •   جي ايم سيد جھڙو پيار
  • ڀيڻ
  • پراڻيون يادون
  • مسڪراهٽ
  •   ڪينسر
  • ديوتا
  •   اجڙيل دل
  • مطالعو
  • خوبصورت زندگي
  • هڏڪيون
  • قسم
  • عبادت
  • ڏُک
  • ڦورو
  • نفرت ۽ محبت
  • جدائيءَ جو درد
  • ائين ڪڏهن به نه چئجان
  • روشني
  • گروي
  • قيامت
  • خدا آهين تون
  • وفا
  • خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟
  • درد
  • شاعر جي دل
  • نياڻي
  • بي عقل
  • نيڻ
  • ڪمزوري
  • رشتو
  • مَنَ مھڪائي ڇڏيو
  • خوشبو ۽ ڏک
  • زهر جا پيالا
  • انتها
  • منهنجي وس ۾ ناهي
  • زندگيءَ جون دعائون
  • ماءُ جو پيار
  • واسطا
  • جنازو
  • قبضو
  • موت
  • پيار
  • موت جو ڪفن
  • ڪارو لباس
  • بي چين روح
  • رنڊڪ
  • عزيز
  • عاشقي ڇا ٿيندي آهي
  • سهارو
  • تو کانسواءِ
  • نفرت
  • زندگي ۽ موت
  • تنهنجي وڇوڙي کان پوءِ
  • ٽهڪ
  • دعا جا ٻاجھارا هٿ
  • آوي
  • خدا جا بنده
  • سهڻي
  • لفظ ۽ اُمتي
  • تون پاڻ کان پڇي ڏس
  • پوڄا
  • محبت
  • توکان پوءِ
  • منهنجي دل
  • ديوانگيءَ جو انت
  • تون منهنجو پيار آهين
  • پيار پوڙهو نه ٿيو
  • ٿورو پاڻ کي تبديل ڪر
  • جيئڻ جي آس
  • فيصلو
  • دکن جي بارش
  • تون ۽ مان
  • تنهنجو وڇوڙو
  • دوزخ جي باهه
  • دردن سان دوستي
  • گُڏي
  • يادن جون ٻيڙيون
  • درد جي لپ
  • خوابن جي تعبير
  • دل لڳي
  • تون ڪڏهن به خفا نه ٿين ها
  • خوشبوءِ
  • حاصل
  • عشق ۽ قيد
  • خوشين جي خيرات
  • بي رخيءَ جا ٽانڊا
  • تنهائي
  • مايوس
  • پيار ماپي نٿو سگھجي
  • زندگيءَ سان پيار
  • غربت جا بَکيا
  • پتو نه مونکي ڪيئن ڊهياسين
  • يتيميءَ جو احساس
  • سنڌ کان تون اتم ناهين!
  • دردن ڦولاريا ڦول
  • مان شاعر آهيان
  • سجدو
  • اهميت
  • سازشون
  • ملاقات
  • ڪاوڙ
  • دل

  • حق ۽ واسطا


    ڪتاب جو نالو: دردن ڦولاريا ڦول!
    ليکڪ: وفا صالح راڄپر
    موضوع : شاعري
    ڇاپو: پهريون 2015ع
    ڪمپوزنگ: نسيم بلوچ ، هالار ڪمپوزرس سانگهڙ
    ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن _ شهدادڪوٽ ٽنڊ
    ائڊريس: آفيس نئين آس مئگزين
    ۽ مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
    Murtaza.laghari9@gmail.com
    Cell: 0300-5182494
    و قيصر، سنڌ.
    قيمت: 300 رپيا.

    Dardn Phoolarya Phool!
    (Poetry)
    By: Wafa Saleh Rajper
    Published by: Murk publication Shahdadkot
    Composed by: Naseem Baloch, Halar Composers Sanghar
    1st Edition: 2015
    Price Rs. 300-

    ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد . پريس ڪلب، حيدرآباد
    - ڪاٺيواڙ شاپ، ثقافت کاتو بوڪ اسٽور ڪراچي ،- ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو،- مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو- وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور،- سنڌيڪا ڪتاب گهر، سکر- عزيز ڪتزب گهر سکر، تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس،- پريتم قاضي، نواب شاه ، ڪنول ڪتاب گھر، قنبر،
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب


    ارپنا

    امڙ حنيفان خاتون جي نالي
    جنهن نه رڳو ڄڻي نپايو، پر هٿن جو
    پورهيو ڪري مون کي تعليم به ڏياري
    پياري ننڍڙي ڀاڻج ارشد علي راڄپر جي نالي
    جيڪو جڏهن به مونسان ملندو آهي ته پيار مان
    چميون ڏئي پوءِ ملندو آهي
    ۽
    پيار جي پھرين چميءَ جي نالي جيڪا مون کان
    اڄ ڏينهن تائين وسري نه سگھي آهي.

    وفا صالح راڄپر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سھڻي ليکڪ ۽ ڪوي وفا صالح راڄپر جي نثري نظمن جو مجموعو آهي.
    وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي.

    هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سٽاءُ

     پبلشر نوٽ ........................ مرتضى لغاري
     سرجيس تان سور ............... وفا صالح راڄپر
     وفائن ، احساسن، جذبن ۽ دردن جو شاعر.... وفا ناٿن شاهي
     وفائن جا پنڇي .................... ذوالفقار گاڏهي
     تنهنجي نظمن جي پيشاني ڪيئن چمان...... انور ڪاڪا
     نظم/نثري نظم


    پبلشر نوٽ

    وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي.
    هونئن ته وفا صالح جو نالو کڄندي ئي سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار وفا صالح راڄپر ڏانهن وٺي وڃي ٿي پر هن جيڪا شاعري سرجي آهي ، انهي منجهان صرف نثري نظمن جو هي ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ پڙهي سندس لاءِ مختلف راءِ جڙي سگهي ٿي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي، نه رڳو مضمون نگار، پر هو ڀرپور شاعر پڻ آهي.
    وفا صالح راڄپر جهڙي ريت ذاتي زندگي ۾ محنت مزدوري ڪندي مٿي تي تغاريون کڻي جسماني قوت سان پورهيت بڻجي ماڻهن لاءِ مانائتا گهر جوڙيا آهن، تهڙي ريت هن پنهنجي قلم جي قوت سان پنهنجي همعصر ليکڪن جي قطار ۾ پنهنجو گهر پڻ شاندار جوڙيو آهي.
    وفا صالح جي مڙني لکڻين مان سونهن پرستي، سچ پرستي، سان گڏو گڏ انصاف پرستي، انسان پرستي نمايان نظر اچي ٿي تيئن هن جي نثري نظمن مان پڻ سماجي عڪاسي ڀرپور نظر اچي ٿي.
    مرڪ پبليڪيشن وفا صالح راڄپر جو پهريون نثري نظمن جو ڪتاب اوهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي انتهائي خوشي ته محسوس ٿي رهي آهي پر اها اميد به اٿئون ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ ضرور پنهنجي جڳهه جوڙيندو.
    مرتضى لغاري

    03005182494


    مهاڳ : وفائن، احساسن، جذبن ۽ دردن جو شاعر

    هڪ انٽرويو دؤران مون کان ڪنهن دوست سوال ڪيو هو ته نثري نظم جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مون جواب ۾ چيو هو ته مان نثري نظم کي شاعريءَ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان، ڇو ته مان عروض جو قيدي ۽ ماترائن ۾ مقيد شاعر آهيان. تنهنڪري مان صرف عروضي ۽ ماترائي يعني ڇند وديا تي شاعريءَ کي ئي شاعري تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. شاعريءَ جا اُهي ئي ٻه قسم آهن جيڪي اسان جي مزاج ۽ فطرت وٽان آهن.
    اسان جو مشرقي لوڪ ادب به شاعريءَ جي انهن ٻن قسمن سان تعلق رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو نثري نظم کان اڳ اسان وٽ سانيٽ، ترائيل، هائيڪو ۽ آزاد نظم آيا پر اڳتي هلي نه سگھڻ جي ڪري آهستي آهستي پنهنجو اثر رسوخ وڃائي ويهي رهيا. جيتوڻيڪ انهن مهاجرن جنهن ۾ گھڻن، انصار ۽ وڏن وڏن شاعرن هٿ وڌا ۽ انهن صنفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان وٽ اِهي سموريون صنفون نه مشهور ٿي سگھيون ۽ نه مقبول. ڇو ته اهي سڀئي صنفون اسان جي ادبي مزاج ۽ ذوق وٽان نه هيون. جيڪڏهن سنڌي مقامي شاعريءَ جي نج ۽ تيار صنف کي سامھون رکي سوچبو ته اسان کي عربي ۽ ايراني صنفون، غزل، نظم، رباعي، چؤسٽو ۽ قصيدو به ٻاهريون صنفون لڳنديون، پر جيئن ته اهي مشرقي صنفون آهن. ۽ سنڌ مشرق جو هڪ اٽوٽ انگ آهي تنهن ڪري سنڌي ادبي مزاج انهن صنفن کي شعوري ۽ لاشعوري طور تي قبول ڪري ورتو. نتيجي ۾ انهن صنفن سنڌي شاعريءَ ۾ حيرت انگيز شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ باڪمال لازوال، شاعر پيدا ڪيا. پر اهي صنفون نج سنڌي صنف سان ايتريون ته مانوس ۽ هم رنگ ٿي ويون جو صفا سنڌي صنفون محسوس ٿيڻ لڳيون.
    جيئن ته هت مونکي صرف نثري نظم تي لکڻو آهي، تنهن ڪري مان وري نثري نظم ڏي موٽ کاوان ٿو مون کي عام طور تي نثر ۽ نثري نظم هڪ جهڙو لڳندو آهي. پراڻو ڪلاسيڪل لوڪ نثر پڙهي ڏسو يا لوڪ ڪهاڻيون ڏسبيون. اهڙيون ڪهاڻيون جن جا ڪردار جانور، پکي ۽ جن ڀوت آهن ته ائين محسوس ٿيندو. معنى نثر به نثري نظم جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. جيڪو تمام پراڻو ۽ اوائلي نثر آهي مقفى نثر ۾ به شعريت ملي ٿي. جيڪا عام نثر ۽ نثري نظم ۾ فرق پيدا ڪري ٿي. سادي نثر ۽ نثري نظم ۾ به بنيادي فرق شعريت جو آهي يعني جنهن عبارت ۾ شعريت آهي اهو نثري نظم آهي ۽ جيڪو عبارت جو ٽڪرو سادي ۽ روايتي انداز ۾ لکيل آهي اهو صرف نثر آهي.
    پر اهو فرق صرف شاعر ئي محسوس ڪري سگھندو عام پڙهندڙ صرف ڪافي، ڪلام ۽ غزل، گيت کي شعر چوندو آهي. ڇو ته پڙهندڙن وٽ اڃان نثري نظم ايتري مقدار ۾ نه پهتو آهي جنهن مان اُهي اندازو لڳائي سگھن ته نثر ۽ نثري نظم ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي. مان مٿي لکي آيو آهيان ته مان نثري نظم کي شاعري مڃڻ يا چوڻ لاءِ تيار نه هوس پر جڏهن مون سنڌي زبان جي گھڻن ۽ وڏن شاعرن جي نثري نظمن جو وري وري مطالعو ڪيو ته مان به نثري نظم کي شاعري مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پر ان جي باوجود مون اڄ تائين هڪ به نثري نظم نه لکيو آهي باقي مستقبل لاءِ ڪجهه به مان نٿو چئي سگھان.البته آزاد نظم مون ڪافي لکيا آهن جيڪي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سَوَ کن هوندا. اهو ان ڪري جو آزاد نظم وزن بحر سان تعلق رکي ٿو ۽ ڪن ڳالهين ۾ پابند صنف کان به ڏکيو آهي.
    نثري نظم فرانسيسي صنف آهي. جنهن جو باني بودليئر چيو وڃي ٿو. جيئن غزل ايراني صنف آهي، ان جو باني رودڪي آهي. پر فرانس ۾ نثري نظم هڪ صنف جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن ته اسان وٽ نثري نظم کي صنف طور نه پر سهَل پسنديءَ جي ڪري قبول ڪيو ويو آهي جيئن هن کان اڳ آزاد نظم کي قبول ڪيو ويو هو. ڇو ته نثري نظم ۾ سولائيءَ سان اظهارِ خيال ڪري سگھجي ٿو ۽ پنهنجو مافي الضمير پيش ڪري سگھجي ٿو. ان جي بر عڪس عروضي ۽ ڇند وديا تي شاعري تمام ڏکي آهي. جنهن ۾ سڀني فني بندشن کي برقرار ۽ بحال رکندي اظھار خيال ڪرڻ نا ممڪن ته ناهي پر مشڪل ضرور آهي. ائين به درست آهي ته وقت جو تاخير ۽ تبدل نون لاڙن ۽ سوچن کي جنم ڏئي ٿو اهي لاڙا زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي اثر انداز ٿين ٿا. جيئن ته اهي لاڙا سابقه لاڙن کان مختلف ۽ منفرد هوندا آهن۔ تنهن ڪري انهن کي جديد سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح جدت وجود ۾ اچي ٿي. جهڙيءَ طرح زندگيءَ سان تعلق رکندڙ ٻين سڀني فنن ۾ جدت آئي. اهڙي طرح فنون لطيفا تي به جدت جو اثر پيو. ڇو ته فنونِ لطيفه جو انساني زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. جهڙي طرح ڏيئي جي جاءِ تي بلب اچي ويو. بيل گاڏيءَ مان ريل گاڏي ٿي وئي. ڪپڙن ۽ وارن جي تراش خراش ۾ فرق آيو ميڪ اپ ۽ سينگار جي نوعيت بدلي، زيورن جا نمونا ۽ قسم بدليا. ٿانون ٿپن ۽ رڌ پچاءَ ۾ به انقلاب آيو. تھڙي طرح اداڪاري بدلي موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا انداز مٽيا. رقص ۽ مصوريءَ ۾ نواڻ آئي. تعمير جا طور طريقا تبديل ٿيا. انهن سڀني تبديلين سان گڏ شعر، ادب ۽ نثري نظم ۾ به نرالو پن پيدا ٿيو.جنهن جي ڪري ناول، افساني، قصي. ڪھاڻي ۽ ڊرامي به رخ بدلايو شاعريءَ تي به اثر پيو ۽ شاعريءَ جا رخ رواج به بدليا شروعاتي دؤر ۾ سنڌي شاعري صرف سنڌي صنف تائين محدود هئي. جن ۾ ڪافي، وائي، ڏور، بيت ۽ ٻيون لوڪ صنفون شامل آهن. ان کان پوءِ غزل، نظم، رباعي، مثنوي ۽ چؤسٽي ۾ سنڌي شاعري ٿيڻ لڳي. ٽئين دؤر ۾ سانيٽ، ترائيل، هائيڪو ۽ آزاد نظم داخل ٿيو. موجوده دؤر کي نثر نظم جو دؤر چئي سگھجي ٿو. اهو چوڻ قبل از وقت ٿيندو ته نثري نظم اسان وٽ خاطر خواهه شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪندو يا هن کان اڳ ۾ آيل مھاجر صنفن وانگر ڪجهه وقت هلي برقعو مٽائي ويندو. ”گيتا نجليءَ“ جي حوالي سان برصغير ۾ نثري نظم جو سڀ کان وڏو شاعر ٽئگور آهي. مون ستر واري ڏهاڪي ۾ سانوڻ جي راتين ۾ ”گيتا نجليءَ“ جو مطالعو ڪيو هو. ۽ ٽئگور جي نثري نظمن فڪري لحاظ کان مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. بقول نصير مرزا جي ته سنڌيءَ جو پهريون نثري نظم جو شاعر مرزا قليچ بيگ آهي. جنهن 1885ع ۾ ”مِٽي“ جي عنوان سان نثري نظم لکيو هو بعد ۾ امداد حسيني کان وٺي بخشڻ مھراڻويءَ تائين بخشڻ مھراڻوي کان وٺي رمضان نَوَل تائين ڪافي شاعرن تمام سٺا نثري نظم لکيا. هن وقت جيڪي شاعر نثري نظم لکي رهيا آهن انهن شاعرن ۾ وفا صالح راڄپر ساراهڻ جهڙو شاعر آهي. جنهن هڪ مجموعي جيترا بھترين نثري نظم لکي پاڻ کي نثري نظم جو سٺو ۽ سگھارو شاعر مڃرايو آهي. هن پيار، امن جي شاعر جو اصل نالو محمد صالح راڄپر ادبي نالو وفا صالح راڄپر آهي. سندس جنم ڀومي ڳوٺ وڏي وهڻيءَ ۾ ٿيو. جيڪو تعلقي ڏوڪري ۽ ضلع لاڙڪاڻي ۾ آهي اهو ڳوٺ وڏي وهڻيءَ جي خوش نصيبي آهي جو وفا صالح راڄپر جهڙي پياري ماڻهو ۽ پياري ليکڪ جو جنم ٿيو آهي. هن پنهنجي لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. هونءَ ته وفا صالح راڄپر مضمون، ڪالم، مقالا، اڀياس ۽ تنقيدي مضمون به لکيا آهن ۽ لکندو رهي ٿو. پر سندس اصل ۽ صحيح سڃاڻپ ڪهاڻي ۽ شاعري آهي. ڪهاڻيءَ جي حوالي سان سندس شمار نئين ٽهيءَ جي سٺن ۽ سگھارن ڪھاڻيڪارن ۾ آهي. پنجن ڇهن سالن جي قليل عرصي ۾ ادبي لحاظ کان جيتري ترقي ۽ جيتري سڃاڻپ وفا صالح راڄپر ڪئي آهي اهو هڪ حيرت انگيز ۽ نيڪ فال مثال آهي. جنهن کي سندس ڪارنامو چئي سگھجي ٿو. ڇو ته اهڙو اعزاز تمام گھٽ شاعرن کي نصيب ٿيو آهي هتي صرف مون کي سندس شاعريءَ تي لکڻو آهي. جيڪا نثري نظم جي صورت ۾ منهنجي سامھون آهي. شاعري ڪرڻ لاءِ شاعر وٽ ٻن مکيه خوبين جو هجڻ ضروري آهي . هڪ ڏانءَ ۽ ٻي ڏات. جنهن شاعر وٽ صرف ڏات آهي پر ڏانءَ ڪونهي اُهو به مڪمل شاعر ناهي ۽ جنهن شاعر وٽ ڏانءُ آهي پر ڏات ڪانهي اهو به مڪمل شاعر ناهي. وفا صالح راڄپر هن ڏس ۾ مڪمل شاعر آهي.ڇو ته هن وٽ ڏانءُ به آهي ته ڏات به آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي. اڄڪلهه سڀ کان وڏو مسئلو امن جو آهي جيڪو تشويشناڪ ۽ بين الاقوامي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. بم ۽ بارود مظلوم قومن ۽ انسانن جا پرخچا اڏائي ڇڏيا آهن. ڪمزورن ۽ ٿورن جي رت جون نديون وھائي ڇڏيون آهن. بي سهارن ۽ بي ڪنارن جا تختار ڪڍي ڇڏيا آهن، امن پسندن ۽ سلامتي چاهيندڙن جا لاهه پٽي ڇڏيا آهن. هر روز هر اخبار جي سرخي رت سان لهو لهان ملي ٿي. معصوم ٻارن جو ڪيس، بي گناهه عورتن جو قتل عام، ڳوڻين ۾ بند بي گناهه مزدورن ۽ غريبن جا لاش، پنهنجي ڪم سان ويندڙ شريف ماڻهن جا ٽڪر ٽڪر ٿيل جسم، هر نئين سج، ڦر لٽ ۽ اغوا جا واقعا ۽ حادثا، قدم قدم تي ٽارچر سيل، وک وک تي دهشت گرديون روز روز حقن جو استحصال، پرماريت، شبخون ظلم جي انتها، ڪربلا جهڙو ماحول، قيامت جهڙو منظر اهڙي چيخ و پڪار ۽ آهه و بڪا جو عالم ڏسي شاعر سڄو ڏڪي ٿو وڃي. ۽ سندس وار ڪانڊارجي ٿا وڃن اهڙي صورتحال ۾ وقت جڏهن کيس گوليون ۽ بم بارود آڇي ٿو ته هو ڇرڪي ٽپ ڏئي پري ٿي بيهي رهي ٿو ۽ وقت کي معذرت ڪري ٿو ته نه، نه مونکي گوليون نه کپن مان انسان ذات کي قتل ڪرڻ نٿو چاهيان. مان ڪنهن بي گناهه جو رت وهائڻ نٿو چاهيان. مون کي گل کپن جيڪي بھار جي علامت آهن. خوشيءَ جي علامت آهن. محبت جي علامت آهن ۽ سلامتيءَ جو پيغام آهن. عشق ۽ حسن جا امين آهن رنگين ۽ خوشبوئن جا پيغامبر آهن. ”گل“ جي عنوان سان وفا صالح راڄپر جو هي نثري نظم پڙهڻ سان اسان کي اهڙي ئي قسم جو تاثر ملي ٿو. ڏسو ته شاعر ٿورن لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي ۽ اثرائتي ڳالهه ڪري ويو آهي، اچو ته سندس اهو نثري نظم پڙهون:
    مُون کي،
    گوليون نه پر،
    گل گھرجن.
    پنهنجي پرينءَ کي
    ڏيڻ لاءِ.
    وفا صالح راڄپر هي نثري نظم لکي امن ۽ محبت جي پرچار ۽ قتل و غارتگريءَ کان نفرت جو اظهار ڪيو آهي.
    ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو اسان وٽ ڪافي وقت کان هلندڙ آهي. جيڪو اڄ ڪلهه ڏاڍي شدت اختيار ڪري چڪو آهي. اهو مسئلو به ظلم جي تسلسل جو هڪ خون چڪان ڪڙي آهي جڏهن سنڌي عورتن کان هن مسئلي تي رايا ورتا ويا ته عورتن جي اڪثريت اهو جواب ڏنو ته سنڌي عورت سان سراسر ظلم آهي مسئلا ٻيا به هوندا آهن پر هروڀرو عورت کي ڪاري چئي ڪٺو ويندو آهي.
    جنهن معاشري ۾ عورت جو پيءُ، ڀاءُ، مڙس ۽ ڏير يعني چارئي رشتا هڪ ئي خيال جا هجن اُتي عورت پاڻ کي ڪيئن ٿي بي گناهه، بي قصور ۽ بي ڏوهه ثابت ڪري سگھي ۽ هن ڪاريءَ کي بي موت مرڻ کان ڪير ٿو روڪي سگھي اهڙي عالم ۾ ڀڄي وڃي ڪٿي لڪي سگھي ٿي. هن موضوع تي نصير سومري جو هڪ شعر آهي جنهن جي معنى آهي ته ”ڪاري“_ ڪاري کي قتل ڪرڻ وارا پاڻ ڪهڙا اڇا آهن.‘ هن موضوع تي نصير سومري به سٺو لکيو آهي پر وفا صالح راڄپر هن ڏس ۾ حد ڪري ڇڏي آهي ۽ انتھائي شهڪار نثري نظم لکيو آهي سندس نثري نظم پيش ڪيان ٿو ۽ فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو:
    ڪلهه رات،
    پنهنجي ڀيڻ کي،
    ڪاري ڪري ماري ڇڏيائين.
    ۽ اڄ رات،
    رات جي ڪاري چادر ۾،
    پنهنجي محبوبه جي،
    ڳلن ۽ چپن کي چمندي چوي ٿو:
    تون کير جهڙي اڇي،
    ۽ قرآن جيان پوتر آهين.
    اسان جي يار وفا صالح راڄپر جو هيءَ نظم اهڙي معاشري جي ڳل تي زوردار چماٽ آهي. ڪيئن نه هڪ شخص جي ٻٽي ۽ منافقانه ڪردار کي وائکو ڪيو اٿس. ۽ سندس ٻھروپ کي اُجاگر ڪري ڪيڏي نه اثرائتي تنقيد ڪئي اٿس. منهنجي نظر ۾ سندس هي نظم پنهنجي نوعيت جو اعلى معيار ۽ اعلى درجي جو شاهڪار نظم آهي.
    جيئن هر سماج ۾ ڪي رسم و رواج چڱا ۽ صحيح هوندا آهن ته ڪي وري برا ۽ غلط هوندا آهن. تيئن سنڌي سماج ۾ به چڱن رسمن رواجن سان گڏ ڪي ڪُڌا ۽ غلط رسم و رواج صدين کان رائج آهن مثال طور عورتن جي قرآن سان شادي، پئسن تي سڱ ڏيڻ، يعني عورتن کي وڪڻڻ، ڄمندي ئي ڇوڪري ڪنهن جي نالي ڪري ڇڏڻ، پئسن جي لالچ تي کڳ پوڙهي کي نڪاح ۾ پنهنجون ننڍيون نياڻيون ڏئي ڇڏڻ وغيره پئسن کان سواءِ سڱ نه ڏيڻ جي ڪري سنڌي معاشري ۾ به طرح طرح جي سماجي براين ۽ جرمن جنم ورتو جن جا اُگرا ۽ افسوس ناڪ نتيجا نڪتا آهن. جيئن ته پيٽ جي مسئلي وانگر جنس جو مسئلو به سنجيده ۽ اهم ضروري هو. جھڙي طرح پيٽ جي بک جي اُپاءُ لاءِ جائز نا جائز طريقا اختيار ڪيا، چوريون ۽ ڦرون به ڪيون ٻين جا حق غضب ڪيا. ظلم ۽ زيادتيون ڪيون جرم ۽ گناهه ڪيا. تهڙي طرح جنسي بک مٽائڻ لاءِ ماڻهن عجيب عجيب جرم ۽ گناهه ڪيا. ۽ نهايت غلط ۽ غير انساني قدم کنيا جن جي نتيجي ۾ اغلام بازي، زوري زنا، غير فطري جماع يا زنا جنسي بي راهه روي، اغوائن ۽ لوڙهڻ ٽپڻ جي عمل جنم ورتو جن سان سنڌي معاشري کي خراب کان خراب تر ڪري وڌو عيوضن جي صورت ۾ سڱ نه هجڻ جي ڪري هزارين سنڌي بنا شاديءَ جي مري ويا. پنهنجي جاءِ تي اهو به هڪ انتهائي افسوس ناڪ ۽ دکدائڪ تاريخي ۽ سماجي واقعو آهي جنهن کي حادثو ۽ سانحو چوڻ وڌيڪ جائز ۽ صحيح آهي. لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال کي سامھون رکي وفا صالح راڄپر نظم ”ڪافر“ کي جنم ڏنو آهي. سندس سوچڻ جو انداز، اسلوب ۽ طرزِ بيان حيرت ۾ وجھندڙ آهي. انفراديت ئي شاعر جي بنيادي سڃاڻپ ٿئي ٿي ۽ اها خوبي وفا صالح راڄپر جي هر نثري نظم ۾ ملي ٿي. سندس هي سمورو نظم به ڪوٽ ڪرڻ جهڙو آهي.
    مون قرآن کي ڪتاب چيو،
    ماڻهو مونکي ڪافر چوڻ لڳا
    مون پنهنجي شاعريءَ کي،
    قرآن جي آيت سان ڀيٽيو،
    ماڻھو مونکي دهريو ۽ چريو سڏڻ لڳا.
    پر، ڪلهه هُن،
    ڪاغذ جي چند ٽڪرن تي،
    پنهنجي ڌيءَ وڪڻي ڇڏي.
    نياڻي، جيڪا
    ست قرآن آهي.
    هُن ڌيءَ نه پر ست قرآن وڪيا،
    مون ماڻهن کان اهو سوال ڪيو ته:
    آنءُ، ڪافر ۽ دهريو ٿي ويس
    پر جنهن نياڻي وڪي
    ڇا اهو مسلمان آهي!؟
    ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڪنهن کي ڪافر ۽ دهريو چئي ٿا ڇڏين. جڏهن ته انهن کي اها خبر ئي ناهي ته ڪافر ۽ مسلمان جي وچ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي. ڏاڙهي ته چور ۽ ڌاڙيل به رکيون وتن ٿا. تسبيح ۽ اڇي گول ٽوپي ته مون جرائم پيشه ماڻهن کي به ڏٺي آهي. نماز ۽ روزو ته جيلن ۾ اهي قيدي به ڪن پيا جيڪي خونن، ڌاڙن، اغوائن جي ڪيس ۾ جھليل آهن. قرآن پاڪ جون تلاوتون ۽ خير خيراتون ڪندي مون پاٿاريدارن، نشي جا واپاري، نجي جيلن جا ڌڻي، سود خور، ملاوٽ ڪندڙ، راشي، مھانگيون شيون کپائيندڙ ۽ ٺڳ باز به ڏٺا آهن اهڙي ئي طريقي سان حج جو مسئلو آهي اڳي ماڻهو ڪنهن غريب هاري جي ڍڳن جو جوڙو چورائي حج ڪري ايندا هئا. ڪي وري هتان حج لاءِ ويندا هئا ته اتان سستو سون خريد ڪري هتي اچي چئوڻ تي کپائيندا هيا. اهڙي طرح ٻيا به غلط سلط پئسن سان حج ڪندا رهيا. اهڙا سڀئي ماڻهو ڪيئن ٿا مسلمان ٿي سگھن. مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ مسلمان نمازون پڙهندي قتل ڪندي، ڪٿان جي ۽ ڪهڙي مسلماني آهي....!؟ تنهنجي معنى آهي مسلماني اڃان ڪا ٻي شئي آهي. ۽ مسلمان ئي مسلمان آهي بدمعاش شرافت جو لباس پائي ۽ شريفن جهڙي شڪل صورت بنائي شريف نٿو ٿي سگھي. اهڙي صورتحال کي سامھون رکندي ڀٽائيءَ صاحب چيو آهي ته:
    روزا نماز بندگي ايءَ پڻ چڱو ڪم،
    اُو ڪو ٻيو فھم، جنهن سان پسين پرينءَ کي.

    ساڳي خيال کي ڊاڪٽر علامه اقبال پنهنجي رنگ ۾ هيئنءَ پيش ڪيو آهي:
    میں جو سربسجدہ ہوا کہیں، تو زمیں سے آنے لگی صدا،
    تیرا دل تو ہے صنم آشنا، تجھے کیا ملے گا نماز میں۔

    انهيءَ ساڳي خيال کي برصغير جي ٻين شاعرن به پنهنجي پنهنجي زبان ۽بيان ۾ پيش ڪيو آهي.
    سوال ڇا هي ته جڏهن به ڪو مسلمان ۽ سچو دانشور يا شاعر عام سطح کان مٿي سوچڻ لڳندو آهي ته سطحي خيال جا ماڻهو ان کي ڪافر، دهريو، جادوگر يا ڪوڙو چوڻ لڳندا آهن. حالانڪه حقيقت ان جي برعڪس هوندي آهي. تاريخ هن حقيقت جي گواهه آهي ته جڏهن به ۽ جن ماڻهن به معياري سچ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ان وقت ئي انهن کي ڪافر چئي کين اذيتناڪ موت ماريو ويو، ڪن کي زهر ڏنو ويو، ڪن کي ڦاسي ڏني ويئي، ڪن کي صليب تي ٽنگيو ويو، ڪن کي گھاڻي ۾ پيڙهيو ويو، ڪن کي ڪيئن ماريو ويو ته ڪن کي ڪيئن. وفا صالح راڄپر جو نظم ”ڪافر“ ٻه رخو ۽ ٻن معنائن وارو آهي. هن نظم ۾ هڪ طرف نياڻين کي وڪرو ڪرڻ تي تنقيد ڪئي وئي آهي جيڪي اسلام ۽ مسلمان جي فلسفي ۽ مقام کي نه سمجھي سگھيا آهن ۽ صرف چمڪي تي بندوق هڻي رهيا آهن جن کي پنهنجو به هوش ڪونهي ته هو پاڻ به اصلي مسلمان آهن يا نه.....!؟ ڇو ته اسلام کي سمجھڻ مذاق ناهي ۽ مسلماني ڪا اڪ جي ماکي آهي؟. وفا صالح راڄپر جو ”ڪافر“ نظم فڪري حوالي سان لاڀائتو ۽ سگھارو آهي جيستائين شاعر سنجيده نٿو ٿئي تيستائين هو سنجيده ۽ معياري شعر به نٿو لکي سگهي. سنجيدگي جيڪا خوشين سان نه پر لڙڪن سان وابسته آهي مختلف قسمن جا دک ئي شاعر کي سنجيده ڪن ٿا. جيئن ڪچو گھڙو آويءَ جي باهه مان سڙي پچي راس ٿي لال ٿي ٻاهر نڪري ٿو، تنهنڪري شاعر اها حقيقت شدت سان سمجھي ۽ محسوس ڪندي پنهنجي هڪ نظم ”خوشيون“ ۾ رقم طراز آهي ته:
    اي خدا!
    منهنجي ڀاڳ جون،
    سموريون خوشيون،
    دکن ۾ ميساري ڇڏ.
    ته جيئن،
    اڃان به وڌيڪ
    منھنجي لکڻين ۾ گھرائي پيدا ٿئي.
    عبادت کي صرف روزن نمازن تائين محدود رکڻ عبادت جو همه گيريت ۽ وسعت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي. روزو نماز به چڱو ڪم آهي پر سڀ ڪجهه روزا نماز ناهي. روزو نماز عبادت جو هڪ حصو آهي سموري عبادت جي ماحاصل ناهي مذهب جي گھري مطالعي کان پوءِ هن سلسلي ۾ وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي. سڀني کي خبر آهي ته هر نيڪ ڪم ثواب آهي ۽ هر ثواب عبادت جي نشاني آهي. تنهن ڪري مظلوم جي پاسداري ظالم جي دلشڪني، ڪوڙ کان نفرت سچ سان محبت، انڌي کي دڳ لائڻ، بکئي کي ماني کارائڻ، ڪنهن کي مصيبت ۾ ڪم اچڻ، ڪنهن اگھاڙي جو انگ ڍڪڻ، ڪنهن اڃايل کي پاڻي پيارڻ، ڪنهن ٻڏندڙ کي ڪناري لائڻ، ڪنهن بيمار جو علاج ڪرائڻ، ڪنهن لاوارث تي هٿ رکڻ، ڪنهن بي سهاري کي پناهه ڏيڻ، اهي سڀئي نيڪيون عبادت ۾ شامل آهن.
    وفا صالح راڄپر سچ کي عبادت جو درجو ڏيندي ”عبادت“ جي عنوان سان هي نظم لکيو آهي سندس چوڻ آهي ته سچ عبادت آهي اهو درست آهي هن نظم ۾ شاعر جيڪا لفظن جي چونڊ ڪئي آهي اها پنهنجي جاءِ تي جدا قابل داد آهي ۽ سندس خيال ۽ سوچ جدا قابل تعريف آهي. اچو سندس اهو نظم پڙهون:
    مون ڪڏهن به،
    ڪنهن مسجد، مندر،
    يا ڪليسا ۾ وڃي،
    عبادت ناهي ڪئي
    منهنجو،
    سچ لکڻ/چوڻ
    ڪنهن عبادت کان
    گھٽ آهي ڇا؟
    جڏهن ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي پٺيان جوق در جوق ڏک ۽غم داخل ٿيندا وڃن ۽ خوشيون موڪلائينديون وڃن ۽ انسان غمن جي انبار ۾ دٻجي وڃي ته پوءِ خوشين جو احساس ئي نٿو رهي. غمن ۽ ڏکن جي اهڙي پل صراط تان وفا صالح راڄپر جي محسوسات جو قافلو به گذريو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هن ”ڏک“ جي عنوان سان هي نظم لکيو آهي. خوشين کان مڪمل طور تي مايوس ٿي وڃڻ جي عمل ۽رد عمل شاعر کان هي نثري نظم لکرايو آهي ٿورن لفظن ۾ گھڻي ڳالهه هن ريت ڪئي اٿس.
    زندگيءُ ۾،
    ايترا ته ڏک ،
    مليا آهن.
    جو هاڻ،
    خوشيءَ جو،
    احساس ئي نٿو ٿئي.
    شاعر خود به محبت ڪري ٿو، محبت جي تبليغ ۽ پرچار به ڪري ٿو ۽ محبت جي پاسداري به ڪري ٿو ته طرفداري به. انسان اُنس مان ٺهيل آهي تنهنڪري محبت هن جي فطرت ۾ داخل آهي. هر انسان ۾ محبت جا جراثيم هوندا آهن بلڪه ائين کڻي چئجي هر جاندار پيار ڪري ٿو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته محبت جو زندگيءَ سان چولي دامن وارو ساٿ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پکي پکڻ ۽ ڪيڙن ماڪوڙن کي به پاڻ ۾ پيار محبت ڪندي ڏٺو ويو آهي. پکين جو گڏجي ترڻ، ولر ڪري اڏڻ، گڏجڻ ، چڳڻ، گدڙن ۽ هرڻين هرڻن جو ميڙن جي صورت ۾ گڏجي هلڻ، مڇين جو گڏجي قطارن جي صورت ۾ ترڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ، ماڪوڙين جو قطارن ۾ هلڻ، ڍڳن ڍورن جو گڏجي چرڻ ۽ گڏجي رهڻ اهي سڀ ئي علامتون محبت جون علامتون آهن. نه صرف امن ۽ صلح پسند، شريف ۽ حساس جانورن پکين ۽ جيتن جيتامڙن جي فطرت ۾محبت جي خوبي سمايل آهي پر باز، نانگ، شينهن، بگھڙ واڳون ۽ چيتي جهڙن خونخوار ظالم قاتل بي مروت ۽ نامهربان جاندارن ۾ به محبت جي لهر ۽ لوچ ساڃاهه ۽ سوچ لڌي وئي آهي. پکين ۾ محبت جو مثال ڏيڻ خاطر مان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سائين جي هڪ بيت هڪ سٽ پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪيان ته:
    ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.
    وفا صالح راڄپر به هڪ انسان هجڻ جي ناتي سان محبت ڪئي آهي. ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان محبت ۽ ان جي مختلف پھلوئن تي تجرباتي ۽ مشاهداتي روشني وڌي آهي. اچو ته سندس رومانوي شاعريءَ ۾ محبت جي مختلف پھلوئن جو اڀياس ڪيون. ۽ ڏسون ته هن شاعر جي نظر ۾ محبت ڇاهي! ۽ محبت ۽ حسن جي ڪيتري اهميت آهي.؟ ۽ دل جو ڪهڙو ۽ ڪيترو معيار يا ڪردار آهي ؟ هو حسن ۽ عشق جي نشيب و فراز کي ڪهڙي دماغ سان سوچي ٿو.؟ ڪهڙي دل سان محسوس ڪري ٿو ۽ ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو.؟ دل هڪ خود مختيار ۽ رئيس عضوو آهي جنهن تي نه ڪنهن بادشاهه جو زور هلي ٿو ۽ نه ڪنهن ٻئي جو اختيار! ايتري تائين جو دل موت جي خوف کان به مرغوب نه ٿي ٿئي. هن کي ڪو دهشتگرد هيسائي سگھي ٿو ۽نه ئي ڪو ڌاڙيل، نه هن تي ڪنهن دولت جو اثر ٿئي ٿو ۽ نه ڪنھن طاقت جو ،کڻي مٽن مائٽن سوڌو سڄو سنسار آڏو اچي پر هٿيار ڦٽا نه ڪندي آهي. اهڙي ئي خيال کي شاعر ڏاڍي موزون ۽ منفرد اثرائتي ۽ وقتائتي انداز سان پنهنجي هڪ نثري نظم ۾ واهه جو نڀايو آهي ”ڦورو“ جي عنوان سان لکيل سندس هي نثري نظم هن ڏس ۾ هڪ شاهڪار قابلِ تعريف ۽ ناقابل فراموش آهي اچو ته پڙهي ڏسون.
    آنءُ لٽيرو ۽ ڦورو آهيان
    مون رائيفل جي زور تي
    کوڙ سارن،
    ماڻهن کي لٽيو ۽ ڦريو آهي.
    پر افسوس جو،
    آنءُ گھڻي ڪوشش جي باوجود، به
    رائيفل جي زور تي
    هن جي دل ڦري نه سگھيو آهيان.
    محبوبه جي مسڪراهٽن کي سڀني شاعرن ڳايو ۽ ساراهيو آهي پر وفا صالح راڄپر جي ساراهڻ جو نمونو ئي اور آهي انداز ئي انوکو ۽ منفرد آهي ”مسڪراهٽ“ جي عنوان سان سندس هي نثري نظم پنهنجو مٽ پاڻ ۽ ساهه ۾ سانڊڻ جهڙو آهي.
    سال ۽ صديون،
    گذري وڃڻ کان پوءِ به،
    مان تنهنجي،
    چپن جي مسڪراهٽ
    وساري ناهيان سگھيو
    ڇاڪاڻ ته،
    تنهنجي اها مسڪراهٽ،
    منهنجي وجود جو،
    حصو بنجي وئي آهي.
    اچو ته هاڻي اهو ڏسون ته وفا صالح راڄپر وٽ سندس محبوب جو معيار ۽ مقام ڪهڙو آهي ”قسم“ جي عنوان سان هڪ خوبصورت نثري نظم پڙهي ڏسو.
    تون مونکي،
    پنهنجو قسم نه ڏجانءِ
    ڇو ته.
    آءٌ خدا جو قسم کڻي،
    مُڪري ته سگھان ٿو.
    پر
    تنهنجو نه.
    جيتوڻيڪ ياد ۽ يادگيريءَ جي حوالي سان اسان جي لوڪ شاعريءَ ۾ هڏڪيءَ جو ذڪر ۽ تصور گھڻو ملي ٿو. پر لوڪ شاعريءَ کان هٽي ڪري به قديم ۽ جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ هڏڪيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، عام طور تي ايئن سمجھيو ويندو آهي ته هڏڪي تڏهن ايندي آهي جڏهن ڪو ياد ڪري پر عاشقن ۽ شاعرن هڏڪيءَ کي صرف محبوب جي ياد سان منسوب ۽ وابسته ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو ئي دل جي تارن کي ڇهندر نثري نظم (هڏڪيون) جي عنوان سان وفا صالح راڄپر لکيو آهي. شاعريءَ ۾ نه صرف هڏڪيءَ کي اهميت حاصل رهي آهي پر ساڳي وقت اک جي ڦڙڪڻ ۽ ڪانگ جي لنوڻ کي به شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي اهميت ۽ جاءِ ڏني آهي. هڏڪيءَ جي باري ۾ وفا صالح راڄپر جو هي نظم پڙهو:

    ماڻھو چون ٿا ته،
    تو مون کي وساري ڇڏيو آهي،
    پر آئون اهو ڪيئن مڃان؟
    ها!
    جڏهن هڏڪيون اچڻ،
    بند ٿي وينديون
    تڏهن مان
    سمجھندس ته
    تو، مونکي
    وساري ڇڏيو آهي.
    رسڻ ۽ پرچڻ پيار ۾ لازم ۽ ملزوم شيون آهن اهڙي طرح محبت ۽ نفرت هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. شاعر پنهنجي محبوبه جي نفرت ۽ محبت جي رد عمل کي جنهن طريقي سان قبول ڪيو آهي يا جيڪو اثر ورتو آهي اهو نهايت جذباتي شدت ۽ جنون جي حد تائين آهي شاعر هن خيال کي جنهن جوش ۽ جذبي رُجحان ۽ شدت واري انداز سان نڀايو آهي ان انداز ۽ بياني ڪيفيت هن نثري نظم کي امر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي جذباتي نظم لکڻ ۾ شاعر جي ڦوهه جوانيءَ جو هٿ آهي. ورنه اسان جهڙو ٺريل گوشت جيڪڏهن هن موضوع تي لکي ها ته ان ۾ جذبي جي شدت بدران فلسفو سمايل هجي ها. هي نظم ”هاٽ لائن“ جي بجاءِ “ڪولڊ ڪارنر” سان تعلق رکندڙ هجي ها. اچو ته هن تاڙيءَ جي شراب جهڙي گرم نظم مان اوهان به ٻه ٻه ڍڪ ڀري ڏسو ۽ فڪري نشي سان مخمور ۽ مدهوش ٿيو. جيئن مان هوش ۽ حواس وڃائي چڪو آهيان هن نظم جي عمرخيامي جام پيئڻ کانپوءِ_ اهو نظم آهي نفرت ۽ محبت:

    تو جڏهن،
    مون سان نفرت ڪئي،
    ته مون،
    پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو.
    پر جڏهن،
    تو مون سان محبت ڪئي
    ته، مون،
    خدا کي وساري ڇڏيو.
    اسان جي سموري ڪلاسيڪل شاعري تي تصوف جو رنگ چڙهيل آهي. خاص طور تي غزل ته پيداوار ئي تصوف جو آهي نه صرف غزل ۽ قديم شاعريءَ تي تصوف جو اثر آهي ۽ نه صرف صوفي شاعرن جي شاعري تي تصوف جو رنگ چڙهيل آهي پر اڄ جي جديد شاعري به تصوف جي اثر کان بچي نه سگهي آهي. ايتري تائين جو فيض ۽ اياز جھڙن جديد ترين شاعرن به پنهنجي شاعريءَ کي تصوف جي گيڙو رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. اهو فڪري رنگ نه صرف غزل تائين محدود ۽ مقيد رهيو پر هن صوفي رنگ نثري نظم جو رنگ به گيڙو ڪري وڌو. تصوف ۾ جتي سوز و گداز ملي ٿو. اتي حال ۽ وجدان به ملي ٿو. ته خودشناسي ۽ خود فراموشي به ملي ٿي وجداني ۽ جنوني ڪيفيت ۾ شاعرن ۽ عاشقن پنهنجي محبوب کي وڃي خدا سان ملايو. آخر اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو ته خدا محبوب آهي يا محبوب خدا آهي اهڙي ئي ڪيفيت مان گذرندي اردو زبان جي مشهور شاعر سيد عبدالحميد “عدم” پنهنجي هڪ غزل جو مطلع هن ريت لکيو آهي جيڪو مٿي ذڪر ڪيل خيال جو دليل به آهي ته مثال به.
    وحشت میں اس حسیں کو خدا کہہ گیا ہوں میں
    پھر بھی جو کہہ گیا ہوں، بجا کہہ گیا ہوں میں۔
    نه صرف اهو شعر پر مشرقي قديم ۽ جديد شاعري ۾ اهڙا شعر هزارن جي تعداد ۾ ملن ٿا جيڪي “عدم” جي هن خيال جي وڪالت ۽ عدالت ڪن ٿا. تصديق ۽ تائيد ڪن ٿا. اهڙي ئي فڪر سان تعلق رکندڙ وفا صالح راڄپر جا ٻه نثري نظم منهنجي سامھون آهن. جيڪي وجداني ڪيفيت ۾ لکيل آهن ۽ فڪري حوالي سان جن جي معنى به لڳ ڀڳ ساڳي آهي. انهن ٻنهي نظمن جي گڏيل مطالعي مان اسان کي ساڳي ڪيفيت ۽ حقيقت ملندي ۽ ساڳيو تاثر ۽ رد عمل ملندو اچو ته ٻنهي نثري نظمن کي پڙهون ۽ شاعر جي وجداني ڪيفيت ۽ عاشقاڻي ائپروچ ۽ شاعراڻي جرئت ڀري سوچ کي آفرين چئون.

    خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟
    ڪلهه فون تي،
    ڳالهائيندي چوڻ لڳي،
    وساريو ته ڪونه اٿئي،
    رسيور کي چمندي چيم،
    خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟

    خدا آهين تون
    تنهنجون يادون،
    مون لاءِ وندر
    تنهنجو پيار
    مون لاءِ ملڪيت
    ۽ تون
    مون لاءِ خدا آهين.
    اغوا ڦرلٽ دهشتگردي ۽ کس کسان جي دور ۾ جتي ٻين سڀني ماڻهن جون عورتون لٽيون، ڦربيون ۽ اغوا ٿينديون رهيون آهن اتي عاشقن ۽ شاعرن جون محبوبائون به اغوا ٿينديون رهيون آهن. يعني اهڙي ارهه زورائي ۽ ڏاڍ مڙسي جي دور کان ۽ دور جي ظلم تشدد کان هڪ ڪمزور ۽ امن پسند شاعر به بچي نه سگھيو آهي. سو شاعر ويچارو به پنهنجي محبوبه کسائي ويٺو آهي. ظلم جي تسلسل کان هاڻي کيس ڊپ آهي ته متان سندس محبوبه وانگر سندس خواب به نه کسجي وڃن. جيڪي سندس محبوبه سان تعلق رکن ٿا. انهيءَ انديشي کي ذهن ۾ رکندي هڪ شاعر ”گروي“ جي عنوان هڪ ڇرڪيل، ڊنل ۽ هيسيل نثري نظم لکيو آهي اچو ته هن نثري نظم ۾ اهو ڏسون ته شاعر اهڙي ڪم جي ظالماڻي عمل جو ردعمل ڪهڙن لفظن ۾ قبول ڪيو آهي ۽ هن لهجن ۽خيالن کي ڪهڙن جذبن ، لھجن ۽ محسوسات ۾ تقسيم ڪيو آهي. مان سمجھان ٿو ته پنهنجي نوعيت جو هي شاهڪار ۽ بهترين نثري نظم آهي.
    مون يادن جي ضمانت ڏئي.
    تنهنجا خواب گروي رکيا آهن
    ان خوف کان ته،
    متان تو جيان ڪوئي مون کان
    منهنجا خواب نه کسي وٺي.
    محبوبه جي بي رخي، بيوفائي ۽ هرجائي پڻي جو ذڪر هر شاعر ڪيو آهي تقريبن پنجاهه فيصد مشرقي شاعري محبوبه جي بي رخي هرجائي پڻي ۽بيوفائي سان تعلق رکي ٿي. اردو شاعريءَ ۾ اهڙي قسم جو ذڪر تمام گھڻو ملي ٿو. خاص طور تي ورهاڱي کان اڳ جي شاعريءَ ۾ ورهاڱي کان پوءِ جي شاعريءَ ۾ به اهڙو ذڪر ملي ٿو. پر تمام گھٽ، اڳي محبوبه جي بيوفائي، بي رخي جا اسباب ٻيا هئا ۽ هاڻي ٻيا آهن. ڇو ته ورهاڱي کان اڳ واريون محبوبائون گھڻو ڪري سڀ بازاري هونديون هيون ۽ رقص و نغمي سان تعلق رکنديون هيون. انهن سان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هونديون جيڪي گھريلو زندگيءَ سان وابسته هونديون هيون. ورنه مڙئي ٿيو خير. انهي جي مقابلي ۾ اڄ جون محبوبائون گھريلو، سگھڙ ۽ گرهستي قسم جون آهن ۽ اهڙا اول ڇل ۽ ڦير فند ڪونه ٿيون ڄاڻن. پيار جي دنيا۾ شريف محبوبائن کي قدر جي نگاهن سان ڏٺو ويو آهي ۽ آواره قسم جي محبوبائن کي ننديو ويو آهي. هر شاعر پنهنجي محبوبه جي بي رخي ۽ بيوفائي کي پنهنجي پنهنجي انداز سان قبول ڪيو آهي ۽ اثر ورتو آهي. ۽ اهو فطري رد عمل آهي. توهان ڏهن ماڻهن کي هڪ ئي قسم جو نشو پياري ڏسو. توهان ڏسندو ته هر پيئندڙ تي نشي جو اثر جدا جدا طريقي سان ظاهر ۽ رونما ٿيندو. جيتوڻيڪ نشو ساڳيو ئي هوندو آهي پوءِ اهو نشو شراب جو هجي يا ڀنگ، چرس هجي ياٻي ڪا نشه آور شيءِ ڪو کلڻ لڳندو آهي ته ڪو روئڻ لڳندو آهي ته ڪو الٽيون ڪرڻ لڳندو آهي ته ڪو ٿڙڻ ٿاٻڙڻ لڳندو آهي جيئن ساڳي نشي جو اثر ماڻهن تي جدا جدا صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿو تيئن پيار جو اثر به مختلف ۽ منفرد ڪيفيت سان جلوه گر ٿئي ٿو. مطلب ته جهڙي ماڻهو جي فطرت هوندي تهڙي ماڻهوءَ جي سوچ هوندي. عشق جي اهڙي ڪيفيت بلڪ اهڙي فطري ڪيفيت جي نقاب ڪشائي ڪندي هڪ اردو شاعر هن شعر کي جنم ڏنو آهي.
    عشق کی چوٹ تو پڑتی ہے دلوں پر یکساں،
    ظرف کے فرق سے آواز بدل جاتی ہے۔
    جيڪي جذباتي ۽ مطلب پرست عاشق هوندا آهن جن جي پيار جي شروعات به جنس هوندي آهي ۽ اختتام به جنس. اهي محبوبه جي جدائي گھٽ برداشت ڪندا آهن ۽ ٿوري گھڻي ڳالهه تي محبوبه کي سنگدل، هرجائي، بيوفا، غفلت شعار ۽ الائي ڇا جو ڇا چئي ڏيندا آهن. اهڙا عاشق صرف جسم تائين پهچي سگھندا آهن جڏهن ته پيار جو معراج ۽ “ڪلائيمڪس” روح جو مجبور ٿي وڃڻ آهي. اهڙي اڌورن ۽ اڻپورن عاشقن لاءِ شاهه سائين هيئن چيو آهي:
    ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
    دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.
    هڪ ٻئي جي پيار تي جڏهن ٻنھي ڌرين کي مڪمل يقين ٿي وڃي ته پوءِ جسماني طور ملڻ جي ايتري ضرورت نه ٿي رهي. ڇو ته پيار جي سچائي واري منزل تي پهچڻ کان پوءِ محبوبه عاشق جي دل ۾ گھر ڪري ويهي ٿي رهي ۽ عاشق ٻاهر جي بجاءِ اندر ڏسڻ لڳي ٿو. هن قسم جي عاشقن جو هجر ۽ وصال هن قسم جو ٿي ويندو آهي :
    دل کے آئینے میں ہے تصویر یار
    جب کبھی گردن جھکائی دیکھ لی۔
    اهڙا عاشق جيڪي عشق ۾ تجربيڪار هوندا آهن ۽ پڪا پختا هوندا آهن. انهن جي عشق ۾ صبر، تحمل دور انديشي، برداشت ۽ رعايت جو عنصر هوندو آهي. اهڙا عاشَق گھڻو ڪري وڏي عمر جا، عورت جي نفسيات کي سمجھندڙ ۽ سماج جي روين کان باخبر هوندا آهن. اهڙن عاشقن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن پيار آهي ته پوءِ محبوبه ڪنهن به صورت ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ جيڪڏهن ميل جول ۾ ٿوري رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ نه ٿي ملي ته ان ۾ سندس چند مجبورين جو هٿ هوندو سندس مرضيءَ جو ڪوبه دخل نه هوندو. اهڙي سنجيده پيار جو هڪ سنجيده مثال شعر جي صورت ۾ حاضر آهي.
    کچھ تو مجبوریاں رہی ہونگی،
    یوں کوئی بیوفا نہیں ہوتا۔
    عشق جي معاملي ۾ وفا مٿين ٻنهي خيال کي رد ڪندي ٻه طرفي حقيقت بيان ڪئي آهي، جيڪا فڪري لحاظ کان معتبر ۽ حق بجانب آهي. وفا صالح راڄپر “وفا” جي عنوان سان هن نظم ۾محبوبه جي بي رخيءَ کي منفرد انداز سان محسوس ڪيو آهي. جنهن ۾ پڇتاءَ جو شديد احساس به ملي ٿو ڏسون ته شاعر محبوبه جي بي رخيءَ واري عمل ۽ ان عمل جي ردِ عمل کي ڪيڏي نه سوچيندڙ نموني سان قبول ڪيو آهي ۽ ان جو اثر ورتو آهي چوي ٿو :
    تنهنجي،
    بيرخيءَ جو ڏک نه،
    پر،
    توسان ڪيل،
    وفا جو ڏک آهي.
    پيار جو ڪيڏو نه عجيب فلسفو بيان ڪيو آهي. شاعر پنهنجي هن نظم ۾ چوي ٿو ته تنهنجي بي رخي جو مون کي ڪوبه ڏک ناهي پر مون کي توسان ڪيل وفا جو ڏک آهي. ايئن چوڻ مان شاعر جو مطلب آهي ته جنهن سان مان پيار ڪري ويٺس اهو پيار جي لائق نه هو ۽ نه ئي وري وفا شناس هو. تنهنڪري اهڙي ماڻهو جي بي رخي تي، افسوس يا ڏک ڪرڻ به درست نه آهي. البته اهو ڏک ضرور آهي ته اهڙي ماڻهو سان وفا ڇو ڪئي. يعني فڪري لغزش جو شڪار ڇو ٿيس. ۽ پٿر کي هيرو، خار کي گل، لوهه کي سون، خزان کي بهار، ڪوڙ کي سچ ۽ دشمن کي دوست ڇو سمجھي ويٺس.
    مُرڪ زنده هجڻ جو ثبوت ۽ خوشحال زندگي جي ضمانت هوندي آهي مرڪ، زندگي جي مختصر تشريح ۽ خوشيءَ جو شناختي ڪارڊ هوندي آهي. مرڪ کان سواءِ زندگي ڪنهن پراڻي قبر جي قتبي جيان لڳندي آهي. مرڪ جي اهميت، ضرورت، قيمت، همه گيريت ۽ وسعت کي بيان ڪندي شاعر ”لڙڪن جو ڀنگ“ جي عنوان سان هڪ اهڙو نثري نظم لکيو آهي جنهن مان شاعر جي نهايت حساس ۽ مرڪ شناس هجڻ جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي. مرڪ تي سڀني شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي ٿلهي ليکي شاعري مرڪن ۽ لڙڪن جو معجون مرڪب ٿئي ٿي. هر شاعر لڙڪن ۽ مرڪن تي پنهنجي رنگ ۾ لکيو آهي وفا صالح راڄپر جو به پنهنجو هڪ الڳ رنگ آهي اسلوب ۽ هڪ انداز فڪر آهي اچو ته سندس رنگ جي روشنيءَ ۾ مرڪن ۽ لڙڪن جي باري ۾ سندس هي نثري نظم پڙهون ۽سندس جداگانه سوچ ۽ اڇوتي احساسن جو اڀياس ڪيون ۽کيس داد ۽ شابس جا هار پارايون.
    ڪلهه منهنجون مرڪون،
    اغوا ڪيون ويون هيون،
    ۽ انهن جي عيوض مون کان
    لڙڪن جو ڀنگ گھريو ويو.
    ان وقت سمنڊ ۽ تلاءَ سڀ سڪل هئا
    ۽ پوءِ مون اُهي سڀ
    پنهنجي لڙڪن سان ڀري ڇڏيا.
    پر اڃان به وڌيڪ مونکان
    لڙڪن جو ڀنگ گھريو ويو
    پر منهنجي اکين ۾ هاڻ ته
    لڙڪ بچيا ئي ڪونه آهن.
    ها آهي ڪوئي جو مون کي
    ٿوري وقت لاءِ،
    پنهنجا لڙڪ اڌارا ڏئي،
    آئون واعدو ٿو ڪيان ته
    مرڪون واپس ملڻ تي
    آئون انهن لڙڪن جي قيمت
    چڪائي ڇڏيندس.
    درد هڪ اهڙو ڌڪيل ۽ ڦٽيل احساس ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اظهار چاهيندو آهي. درد جي اظهار جا ٻه ذريعا آهن هڪ زبان ۽ٻيو اکيون. عام درد جو اظهار ته چپن يازبان سان به ڪري سگھجي ٿو پر محبت جي درد جو اظهار صرف اکيون ئي ڪري سگھنديون آهن. ۽ اکيون ئي اهڙي قسم جي اظهار جو مناسب ۽ موزون ذريعو هونديون آهن پر سچو عاشق محبوبه جي بدنامي جي خوف کان، چپن سان ته ڇا اکين سان به اهڙي درد جو اظهار ڪرڻ گواره نه ڪندو آهي پر لڙڪ روڪڻ سان به روڪي نه سگھبا آهن. ۽ اهي هر قسم جي مصلحت، ضبط ۽ روڪ ٿام جا سمورا بند ڀڃي ٻوڏ جي پهرين وهڪري وانگر سڀ ڪجهه لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏيندا آهن. ۽ صورتحال اها ٿي ويندي آهي جو انهن وهڪرن ۾اکيون به لڙهي وينديون آهن ۽ اکين وارو به، اهڙي مجبوريءَ جو اظهار اردو غزل جي مُک شاعرحسرت موهاني پنهنجي هڪ غزل جي مطلع ۾ بلڪل اهڙي ئي طرح بيان ڪيو آهي جيئن درد جي عنوان سان وفا صالح راڄپر هن حقيقت تان پردو کنيو آهي حسرت موهاني جو شعر آهي ته.
    کیسے چھپاؤں راز غم، دیدہ سر کو کیا کروں،
    دل کی تپش کو کیا کہوں، سوز جگر کو کیا کروں۔
    ساڳيو ئي اشڪبار ۽ سوڳوار خيال وفا صالح راڄپر هن انداز سان خوبصورت نموني سان نڀايو آهي جيڪو دل جي تارن کي ڇُهي ٿو.
    درد
    مون تنهنجي
    وڇوڙي جي درد کي
    لڪائڻ ٿي چاهيو
    پر اکيون،
    انهيءَ درد کي لڪائي نه سگھيون.
    وفا صالح راڄپر جا نثري نظم پڙهڻ کان پوءِ مان حيران آهيان ته مان وفا صالح راڄپر کي خوبصورت ڪهاڻيڪار چوان يا نثري نظمن جو خوبصورت شاعر چوان. سچ پچ وفا صالح راڄپر جيترو سهڻو ۽ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي ان کان ڪيئي حصا وڌيڪ نثري نظم جو شاعر آهي. مان وفا جي ڏات ۽ ڏانءُ کي سلام ٿو پيش ڪريان.

    وفا ناٿن شاهي


    تنهنجي نظمن جي پيشانيءَ ڪيئن چمان؟

    نيڻ رڳو لڙڪ ئي لڙڪ، پوءِ به هڪ مرڪ کي لڪائڻ ڪيڏو نه مشڪل ٿي پيو آهي. ڀلا مرڪ آهي ڇا؟ الائي ته ڇا آهي؟ نه حقيقت ۾ لکڻ ائين گھرجي ته اُها مرڪ ڇا ڇا نه آهي. هر ڏس ۾ پنهنجن ڪيترن نه رنگن ۽ روپن ۾ پئي جرڪي. اونداهي ۾ ڏيئي کي مسلسل ٻارڻ جو نالو به ته مرڪ آهي نه!... ڪنهن جو ڏنل ڇلو ڌيري ڌيري لاهي وري چمي پائي ڇڏڻ به مرڪ جو ئي ته هڪ انداز آهي نه... واٽن تي وکريل ٻٻرن جو ڇڻيل ٻور به ته مرڪ جو ئي هڪ روپ آهي نه! بارش ۾ ڌرتي جي سيني تي اڀري ايندڙ کير جهڙي کنڀي به ته هڪ مرڪ آهي نه..... اگربتين جي مهڪ ۾ مهڪندڙ ڪنهن شهر جي شاهي بازار به ته هڪ مرڪ آهي نه ڪنهن شهر ۾ صبح جو سوير روز وقت تي کلندڙ گلن سان ڍڪيل دروازي واري ڪائي لائبريري به مرڪ آهي نه ها اداس شاعري به ته هڪ ماڳ آهي نه.؟ جيڪي رڳو پيار ڪري ڄاڻندا آهن. اهي پنهنجي اندر جي مرڪ شاعريءَ ۾ ئي ته رکي ڇڏيندا آهن حرف حرف ڪري لفظ لفظ ڪري، سڏڪو سڏڪو ڪري... ها پر شايد انهن لاءِ جيڪي پيار ڪري ڄاڻندا آهن ۽ جي پيار جي ڳوڙهن کي سجدا ڪرڻ جا قائل هوندا آهن. ٻيا جيڪي ٽٽل دلين ۾ به چانڊوڪي کي ڳولڻ جي سگهه رکندا آهن سوچيان ٿو ته ايترن ڳوڙهن وهائڻ کان پوءِ به ماڻهو ڪافي ڪن گلابي ۽ ڪتابي چهرن کي ڇو نه وساري سگھندو آهي؟ گونگو آسمان آخر ڪڏهن گواهي ڏيندو؟ اڪيلاين سان جھيڙيندڙ شخص بدترين حالتن جي شيشن تي هلندي به بددعائن جي ديس جو پاڻ کي واسي ڇو ناهي سمجھندو. چنڊ تان ڪرڻ کان پوءِ به هو پنهنجي ڳڀا ڳڀا ٿيل جيون کي ڪنهن جي تات جي تندن سان ٽوپا ڏئي سمنڊ کي ٻيڙي ۾ تاري ڪيئن ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مرڪ رستن تي پير پٿون ڪندي ڪندي نيٺ ساحر ڪيئن ٿي ويندو آهي. ها شاعر ڪيئن ٿي ويندو آهي جيئن منهنجو هي محبتي دوست ... وفا صالح راڄپر جي وفا تخلص استعمال نه ڪري ها تڏهن به ته وفا ئي هجي ها. ڇو جو هو صالح آهي ۽ جيڪي صالح هوندا آهن انهن ۾ وفا جي خوشبو هوندي ئي هوندي آهي هجڻ به گھرجي. سچ ته هي ڪيڏو نه نيارو، ۽ ٻاجھارو شخص آهي ننڍپڻ ۾ ٻڌل ٻاراڻي آکاڻي جي ڪنهن رحمدل شهزادي وانگي. اهو شايد سندس نالي جو ئي اثر آهي جو هو اڄ هڪ صالح ڀاءُ به آهي ته چاچو به آهي ته دوست به ... ها محبوب به ... ٻيو جنهن شخص کي سائين صديق منڱئي جهڙو دلبر شخص پيارڪري اهو صالح نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو. ان جهڙو ڪو ٻيو ڀاڳ وارو هوندو .... نه ... نه ڪوئي به نه مون لاءِ صالح جي دل ۾ ڪيتري جاءِ آهي سا ته خبر ناهي، پر هو منهنجو دلبر ضرور آهي... ۽ ساڻس دلبري جو اهو ناتو تڏهن کان آهي جڏهن گھڻا ورهيه اڳ مان پنهنجي هئنڊ رائٽنگ سڌارڻ لاءِ بجاءِ جملن جا جملا لکڻ جي انهن اديبن اداڪارن ۽ ڪرڪيٽرن جا نالا لکندو هئس جيڪي لکڻ ۾ مونکي سٺا لڳندا هئا ۽ مان سمجھندو هئس ته جڏهي اهي نالا لکندو آهيان ته رڳو ان مهل ئي منهنجي رائيٽنگ سٺي ۽ برداشت جوڳي هوندي آهي مونکي جن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جا نالا لکندي مزو ايندو هو تن ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، فياض چنڊ ڪليري، ماڻڪ ملاح، مير محمد پيرزادو، عبدالحميد آس ٻٻر، ايوب کوسو، جاويد سحر قريشي، مخمور بخاري، جاويد سوز هالائي. الطاف ملڪاڻي، آسي زميني ۽ ڪجهه ٻين نالن سان گڏ پوءِ وفا صالح راڄپر جو نالو لکڻ به آڱرين جي عبادت لڳندو هو. واندڪائي وقت سندس نالو لکي ڪيئن پنا ڪارا ڪري ڇڏيندو هئس. بيشڪ منهنجي رائٽنگ ته ڪانه سڌري پر اهي نالا ڪورن ڪاغذن تي لکندي انهن سان ڪا عجيب انسيت ٿي وئي. دل تي لکجي ويا هميشهه لاءِ.. ترورا بنجي ويا روشني جا... تڏهن ته مايوسين جي عالم ۾ به اندر ۾ هڪ ڏيئو ٻرندو رهندو هو. ۽ مان جڏهن به رنس ٻرندڙ ان ڏيئي مان ڪو هٿ وڌائي منهنجا ڳوڙها اگھي وٺندو هو. گھڻو پوءِ انهن ناليوارن ادبي شخصيتن مان ڪيترن جي ته پيرن ۾ به جاءِ ملي ڀاڳ سان. حيران آهيان پنهنجي اهڙي ڀاڳ تي، هن وقت هي ڳوڙهن جو ڀرجي اچڻ به جائز آهي اڳ۾ آڳ جي جلڻ جو احساس الائي ڇو مونکي سردي جي ور چاڙهي ڇڏيندو آهي سوال اهو نه آهي ته اسان ڇو روئندا آهيون پر سوال اهو آهي ته آخر اڃان ڀلا ڪيستائين روئندا رهنداسين. لفظن ۾ جڏهن ڪو رومال موڪليندو آهي ته مون پارا وڌيڪ ڇو روئندا آهن. .. چرين چاهتن ڪيترو نه چريو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ به ڪيڏيون نه پياريون آهن. وڇوڙو ته هميشه چپن تي پرين جي طويل چمي جا احساس ارپيندو آهي... وفا جا سمورا نظم ان چميءَ جا ئي ته معجزا آهن. ماڻهو ڪيئن چوندا آهن ته معجزا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن مان پاڻ به ته چوندو آهيان شايد ( پوءِ حيف هجي مونکي به!) منهنجي سامھون وکريل وفا جا هي نظم ڪوئي پڙهي ته ڏسي. ... معصوم... پيارا ... محبوبا جي پھرين خط جهڙا ۽ ها شايد آخري خط جهڙا به، جنهن ۾ وسارڻ جون ڳالهيون ته ٿيل هونديون آهن پر اصل ۾ چيل ائين هوندو آهي “وساري نه ڇڏجان” پر هي انهن ۾ ڪير آهي جو سڏڪي پيو..؟ وفا آهي يا ڪو ٻيو آهي؟ الائي ڪير آهي..... ڪٿي اهو مان ئي نه آهيان. يا هڪ نظم ۾ ٻيو ڪو اڌورو نظم ته نه آهي. ( پر مان سمجھندو آهيان نظم ڪڏهن به اڌورو ناهي هوندو. جي اهو واقعي نظم آهي ته!) ڪوئي ٻڌائي ڪير پيو روئي ڪير پيو ان سڱ کي ڌوڏي جنهن تي هي دنيا بيٺل آهي. ڪٿي ڪوئل جي ڪوڪ ۾ قيامت نه اچي وڃي. ڪٿي ڳوڙهن کي ڳوڙها نه اچي وڃن ... ۽ هي دل ڦاٽي نه پئي ڀرم جا ڀورا ڀورا نه ٿي وڃن هل ته انور هلي انهن نظمن جي ڳلن تان ڪي ڳوڙها اگھون... هل ته انهن نظمن ۾ روئندڙ سان پنهنجي اکين جو تعارف ڪرايون... کيس پنهنجا ڪلها ارپيون من درد جو ڪوئي پيرو ملي پئي من پنهنجي ڪنهن زخم مان ڪوئي وهائو تارو اڀرندي ملي پئي. من محبوب جو اهو ڀاڪر ملي پئي جنهن ۾ هاڻ دفن ٿيڻ جو موقعو هرگز هٿان نه وڃائينداسين. چريا ته ناهيون جو هر بار بازي شوق سان اسان ئي ڄاڻي واڻي هارايون.. هن ڀيري جيت ڳوڙهن جي روشني جي ٿيڻي آهي. ڏڪندڙ هٿن ۽ ويساهه وڃائي ويهندڙ لڪيرن جي جيت ٿيڻي آهي. چپن جي چاندني به مقدر ٿيڻي آهي پيارا مونکي روئڻ ڏي پوئين رات جي هنن اداس پلن ۾.. ڳوڙهن سان ڳوڙها به ته اگھڻا آهن اي ننڊ راڻي اڄ تون نه اچجان.. پليز هن اڌ ڊٺل مقدر سان اڄ رات نه کيڏجان... ڏس منهنجي ڳوڙهن سان هو پيارو بانورو ۽ سانورو وفا صالح.. هو ڏس سندس نظم.. هو ڏس سندس پيشاني جي روشني.. هو ڏس سندس رتو رت آڱريون ۽ آڱرين ۾ ٻرندڙ ڪي تيليون هو ڏس صالح، هو ڏس مونکي صالح... هو ڏس مون ۾ صالح ... هو ڏس ڳوڙهن ۾ صالح... هو ڏس روشني جي ڀاڪر ۾ صالح هو ڏس سندس نظمن ۾ زخمي آهٽون ۽ هو ڏس سندس نظمن ۾ پاڻ وڃائي بيٺل ابابيلن جو ن اڏامون... هو ڏس الڪا ۽ هنڌان هنڌان ڏري ويل اوسيئڙا ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڪئين خط ( ڪو هڪ خط هجي ها ته سور کڻي پي وڃجي ها.. پر هتي ته هر خط ٽڪرا ٽڪرا ۽ هر ٽڪري ۾ هڪ هڪ سڏڪو ڪائنات جيڏو پوئين پساهن ۾ پرڙا هڻندڙ پوپٽ جي آخري پڪار... اڳواٽ سڀ ڪجهه ڏسي وٺندڙ اک جي ويراني ۽ ڳوٺ وارن کان وسري ويل اڪيلي کوهه جي دانهن ڇا ڇا نه وکريو پيو آهي منهنجي يار جي نظمن ۾! ڪٿي ٿيو باڊهه .ڪٿي ٿي ڪراچي ڪٿي ٿيو صالح يار جو ڳوٺ...! ڪٿي ٿيو پيارن پيارن ماڻهن جي وڇوڙي پڄاڻا هاڻ سدائين اداس رهندڙ منهنجو ڳوٺ جيڪو نظم پڙهه ڄڻ منهنجو لکيل هجي.. ڄڻ منهنجي اندر اتاريل هجي ائين لڳي ٿو ڄڻ انهن ۾ پري اڏامي ويل پکي جي خالي آکيري جي ويران رات سڏڪي پئي... صبح ۾ شام سڏڪي پئي .. شام ۾ اداس سانجھي سڏڪي پئي سانجهي ۾ ڪنهن جوان بيوه جي بدن جي سونھن سڏڪي پئي وفا يار درد جو هي جهان نظمن ۾ ڪيئن سهيڙيو اٿئي. محبتن جي موڪلاڻين کي ڪيئن ميڙيو اٿئي هڪ مٺ ۾... خالي ٿيل وسڪي جي هن گلاس ۾ هو جيڪو نظم جرڪي رهيو آهي اهو مان لکان يا دلبر وفا تون لکين. ڪهڙو ٿو فرق پئي بس نظم لکجي وڃي. سليٽ تي لکجي ويل ٻارڙن جي ڦڏن سڌين اکرن ۾ جيڪا مرڪ سمايل آهي اها محفوظ ٿي وڃي... ٻيو ڇا کپي هن ديواني ۽ ڪافر دل کي تن جي تانگهه سان هو تارا به ڏس. واهه. تنهنجي ڪيترن ئي نظمن ۾ هو سرنهن جي گلن ۾ ڪنهنجي گھاون مٿان ماڪ ڦڙا مرهم جو ڪم ڪيئن نه ڏيئي رهيا آهن. ڏس ته سهي. مرڪ به کڻي من ڪو سڏڪو پاڻ مرادو سبجي پئي. گئلريءَ ٻاهران هوائن جي پينگھي ۾ هو ڪير لڏي پيو ٿو.. چنڊ ۽ پينگھي کي پنهنجي اندر جي آلاپن سان ڪير ڇا پيو چئي.. هر ٽهڪ قيد ۾ آهي ڇا سڏڪا سڏڪا هي سارو جيون ڪاڏي وڃجي؟ ڇا به ٿي پئي ساڳي تارازي ۾ گل ۽ گوليون نه رکبيون، ڀلي آڱر ڪاراٽجي وڍجي وڃي ڇلو ڪنهن جي سار جو ناهي لاهڻو.. اڃان ڪيترو روئڻو آهي. يار توکي ۽ مونکي ڇو ٿو مسلسل ٽهڪ ڏئي روئارين مونکي ۽ رهڙون ڏئين ٿو پنهنجي روح کي ... ڇو ٿو ائين هي رات وڌائين ... وفا پيارا تنهنجي نظمن جون هي ڪائناتون مون ۾ ڇو سڏڪي رهيون آهن مون وٽ ته اڄ گل به ناهن جيڪي تنهنجي نظمن کي پارايان ڪاش مان تنهنجي نظمن جي پيشاني چمي سگھان. هي تون مون ۾ يار ڪنهن جو اوسيئڙو ٿو پوکين. واقعي ڪنهن جي هڪ لفظ ‘هيلو’ تي هر هار وساري ڇڏيندي؟ ڏس ڏس واعدو ڪري نه روئارڻ جو وري ٿو روئارين پيارا چاهتون ارپڻ وارا البيلا هارائيندا ئي ناهن ڪيئن هارائڻ جي دعوى ڪرڻ وارا پاڻ ۾ ئي کوکلا ٿي ڪٿي جا به نه رهندا اٿئي مٺا توکي هن ڳوڙهن سان ڪيئن سمجھايان ته اسين ڪٿي به نه هوندي جتي ڪٿي هوندا آهيون هو جيڪي ظاهر ۾ آباد آهن سي ويران ٿيا پيا اٿئي ۽ سندن اڱڻ هينئر به اسان لاءِ ماندا هوندا... پاڻ ئي سوچن جا اڱڻ تن جي من جون موسمون ڪيتريون نه ويران ۽ مئل مئل هونديون سندن ٽهڪن ۾ ڪا سرهاڻ نه هوندي هاڻ ته مان به هن منافق شهر ۾ منافق ٿيندو پيو وڃان! رڳو آخري قسط ئي رهيل آهي. سچ ته ٿڪجي به پيو آهيان تنهنجي نظمن ۾ منهنجون اکيون آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيون آهن. منهنجي آڱر جھلي يار پنهنجي نظمن جي ٻئي پار هي ڪاڏي ٿو وٺي وڃين!؟ مان توکي سڃاڻان تون مونکي سڃاڻين، تنهنجي هر دڳ مان به گذريو آهيان تنهنجي پيرن ۾ منهنجا پير به سڃاڻان ڪيڏي رات ڪاري هجي ڳاڙهن ٻيرن جي ڳاڙهاڻ مور نه مٽبي بند ڪلين ۾ گلن جو ساهه ناهي منجھندو سپ چپ کي پاڻ ۾ پناهه ڏيئي سگھي ٿي اچ ته بي مقصد ڳولائن جا ڪورا ڪاڳر آخري ڀيرو پڙهي ڦاڙي ڇڏيون. اچ ته گڏجي پيئون يار دل کولي پيئون يار.. بار بار پيئون يار توکي سچ ٻڌايان ته مان ڪنهن سان به ناهيان پيئندو پر اڄ توسان ڪمپني ڪرڻ لاءِ ڪيڏو دل پئي چئي. اچ ته مٺا وري اڌوريون مرڪون جيئون ... اچ ته تنهنجي نظمن جي نگاهن ۾ پاڻ کي ڳوليون سندن جھوليءَ ۾ جھاتي پايون. مٺا! هيءَ ڪنهن کي معصوميت ۾ چئي رهيو آهين
    مونکي
    گوليون نه پر
    گل گھرجن
    پنهنجي پرين کي ڏيڻ لاءِ
    ڄاڻان ٿو دلبر! تڏهن ته حسين نظم لکندو آهين تنهنجا هي حسين معصوم نظم، هڪ ڏينهن تنهنجي دلربا کي تنهنجي دڳن تي رلائيندا پوءِ هو تو لاءِ بارش جهڙا نظم لکندي رهندي!
    پيارا هيترو ته سٺو لکين ٿو پوءِ به هي دعائون ڇو، تنهنجون خوشيون دکن ۾ ميسارجي وڃن ته جيئن تنهنجي لکڻين ۾ اڃان به گھرائي پيدا ٿئي اهو ته انياءَ آهي اسان جي دلين سان جيڪي توکي پيار ڪن ٿيون تنهنجي خوشين لاءَ ڌڻي در هر پل دعاگو هونديون آهن ائين نه ڪندو ڪر مٺا هاڻ بس به ڪر کڻي. تنهنجا ته ڪئين نظم، نظمن جي آڪاش ۾ هميشه چمڪندا رهن ٿا تنهنجو ته هي هڪ نظم ئي توکي نظمن جي حسين شاعرن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ ڪافي آهي.
    ڪالهه رات
    پنهنجي ڀيڻ کي
    ڪاري ڪري ماري ڇڏيائين
    ۽ اڄ رات
    رات جي ڪاري چادر ۾
    پنهنجي محبوبه جي
    ڳلن ۽ چپن ۽ چمندي چوي ٿو
    تون کير جهڙي اجري اڇي
    ۽ قرآن جيان پوتر آهين.
    ڇا ته ڇرڪائيندڙ نظم لکيو اٿئي (اڄڪلهه فيس بوڪ تي به ان جي ڌوم متل آهي ) نياڻي کي ست قرآن سمجھڻ جي دعوى ڪندڙ اسان جي هن کوکلي بي حس سماج کي ڇا ته نفاست سان سيني تي چهڪ ڏنو اٿئي تو جهڙي حساس ۽ حسين جوان جو هي اظهار بي انتها سگھارو ۽ روح روليندڙ آهي سڀاڻي جو ڪو وڏو نقاد تنهنجي صرف هن نظم جي ڪري ئي توکي جيڪا مڃتا ڏيندو ان جو جشن هينئر ئي ملهائي ٿو ڇڏيان. هنن ڪجهه ڳوڙهن سان منهنجا پيارا متان ائين چيئن ته دوست الائي ڪٿي گم آهي. الائي ڪهڙي قافلي جو وڃي مسافر ٿيو آهي هيڏانهن هي تنهنجو نظم عبادت به واقعي عبادت ڪرڻ جهڙو آهي. پڇي رهيو آهين نه ته، سچ لکڻ ڪنهن عبادتن کان گھٽ آهي ڇا؟ نه پيارا... بلڪل به نه... اهو عبادت جو اعلى روپ آهي. هي ڇا نظم ڦورو ۾ ڏک جو اظهار پيو ڪرين ته تون ڪنهن جي دل ڦري نه سگھيو آهين پر دل ڪيئن ڦربي آهي اهو فن تو کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو هوندو هو جنهن جي مسڪراهٽ هاڻ تنهنجي وجود جو حصو بنجي وئي آهي. تنهن کي گھورن سان ته اصل تو گھايو هو.. مونکي سڀ خبر آهي منهنجا مٺا...! تنهنجون ‘هڏڪيون’ نظم ان جي گواهي ڏئي رهيو آهي. سو راڻا تنهنجون هڏڪيون هاڻ ڪڏهن به بند نه ٿينديون. سو انهن جي بند ٿيڻ جو اوسيئڙو اجايو اٿئي... پيارا سچ ته تنهنجو هي نظم به معصوم ۽ دل ۾ گھر ڪندڙ آهي ڪنهن آٿت جهڙو. ڪيئن ٿو منهنجا سهڻا هي سهڻا سهڻا ۽سادڙ انظم لکين؟ تنهنجو نظم، تون ۽ مان.... به ڪيترو نه دل ۾ لهي ويندڙ آهي.
    هن پڇيو ته
    محبت ڇا آهي؟
    محبت ڪيئن هوندي آهي؟
    اکيون اکين سان ملائيندي کيس چيم
    تون ۽ مان!
    پيارا پڪ اٿم تنهنجي نظمن جو هي پورهيو دردن ڦولاريا ڦول سنڌي ادب ۾محبتن جي هڪ معصوم مجموعي طور سڃاتو ويندو جيئن تو پاڻ آهين جيئن تنهنجي دوستي آهي جيئن تنهنجي محبت آهي سهڻا شال جڳ جڳ جيئن.

    انور ڪاڪا


    وفائن جا پنڇي

    منهنجي دوستي جي حلقي ۾ ”وفائن“ جو ڪافي تعداد آهي وفا ناٿن شاهي، وفا منظور پنهور، وفا حضور بخش فضلاڻي، وفا صالح راڄپر.
    انهن سڀني پنهنجي پنهنجي پريمڪائن ڏانهن وفائن جا ڪبوتر اڏاريا آهن جي يا ته ماريا ويا آهن يا وري انهن جا پر .کوهيا ويا آهن تنهن ڪري اهي سڀئي ملول آهن.
    هاڻ ڏسون ته وفا ناٿن شاهي ڇا ٿو چئي ؟
    نظم آهي ”اشرف المخلوقات“ ۽ وفا اشرف المخلوقات کان ڪيترو ڊنل آهي ان جو اندازو اوهان کي هن نظم مان ملي ويندو.
    نانگ
    ڪهڙو به
    ڪو برائي صحيح
    پرسندس
    ڏنگ جي تشدد جو،
    طب وٽ،
    ڪو نه ڪو علاج آهي
    ڏنگ انسان جو
    مگر اي دوست
    لادوا آهي
    لا علاج آهي.
    هن نظم کان پوءِ اسان وفا کي، نه رڳي پابند شاعري پر آزاد نظم جو به سٺو شاعر ڪوٺي سگھون ٿا. هن اهو هڪڙو آزاد نظم ڪونهي لکيو پر هن اهڙا ڪيئي خوبصورت آزاد نظم اسان جي ادب جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. هي نظم آهي ”عشق“_ اهو پڙهون ڀلا.
    عشق جنهن جو ڪو به ڇيهه ناهي. اهو پنهنجي محبوبه کي ڪيئن ٿو يقين ڏياري ؟_ قسم سان! _ پر ان قسم جو انداز نرالو آهي.
    چئي ٿو:
    تنهنجي مڙس جو قسم
    تنهنجي ٻار جو قسم
    تنهنجي سين جي غبار جو قسم
    تنهنجي جرئتن جي هار جو قسم
    مونکي اڄ به توسان پيار آ
    مونکي اڄ به تنهنجو انتظار آ
    ڪالهه جيترو هيو.
    ٻئي نمبر تي جو شاعر آهي، اهو آهي وفا منظور پنهور_ اهو بنيادي طرح شاعر ڪونهي پر هن تڏهن به آڏا ڦڏا ليڪا ضرور پاتا آهن.
    آرزوئن جي جواني
    شدت جي نگاهن ۾
    ڏسبي رهي ٿي
    تڪبي رهي ٿي
    حساس آ زمانو
    ويچارو ته چئي ٿو!
    ڇهڻ وڏو پاپ آ
    زندگي جون رقاصائون
    ڇيرن جي ڇمڪار ۾
    پنهنجو ته ڪن ٿيون
    پر دلفريب ٺڳيون
    مرادي ڳڻن ٿيون.
    هي اهي نظم ”دلفريب ٺڳيون“ ها هن وٽ شاعراڻه احساس ته آهن پر انهن کي پوئڻ جو طريقو ڪونهي هونئن به شاعري ايڏي سولي به ناهي جنهن کي بنا مطالعي ۽ مشاهدي جي لکيو وڃي اهو ضرور آهي ته منظور سٺو نثر لکي ڄاڻي. هن جا نثري ٽڪرا:
    ”نجھري ويو نينهن“، ”غلامي جو دهشت ديوَ“ ”ماڻهن وڏا وڙ“،
    ”جعفر ڌنار“، ”گرد و پيش“ ”حقارت جي سلاخن ۾ “، ”اوهان ڇا ڏٺو“
    پڙهڻ جهڙا آهن.
    ٽئين نمبر تي جو نانءُ اچي ٿو سو آهي وفا حضور بخش فضلاڻيءَ جو_ اهو ٿوري پڙهيل هئڻ ڪري هن جي ذهني بلوغت ڪانه ٿي سگھي آهي. ڀل اهو عشق جي چوٽ کائي شاعري ڏانهن ڇو نه راغب ٿيو هجي پر هي ان پٿريلي پنڌ ۾ اڳتي وڌي نٿو سگهي. شاعري وڏو دماغ ۽ گھڻ مطالعاتي سبجيڪٽ آهي. اها ڪا ايڏي سولي به ناهي جو هرڪو ان ۾ مهارت حاصل ڪري وٺي.
    لفظن کي پنهنجي جائز جاءِ تي رکڻ به هڪ فن آهي اهو فن هرڪو ڄاڻي نه ٿو سگهي.
    چوٿين نمبر تي جو شاعر آهي، اهو آهي وفا صالح راڄپر ۽ اڄ وفا صالح راڄپر جي شاعري اسان جي اڀياس هيٺ ايندي.
    وفا صالح راڄپر سٺو ڪهاڻيڪار ته آهي ئي پر هي نثري نظمن جو به سٺو شاعر آهي. هن ڪنهن به طرح آدرش، رمضان نول، نعيم دريشاڻي ۽ ٻين کان گھٽ درجي جا نظم ناهن لکيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن کي اڃا اها پزيرائي ناهي ملي.
    هن جا ڪجهه نظم آهن بلڪل ننڍڙا پر ڏاڍا وڻندڙ ۽ پر اثر آهن، هونئن به هي ڊگھيون سٽون ۽ ڊگھا نظم اهو تاثر ناهن ڇڏي سگھندا. جيڪي عام طور تي ننڍڙا نظم ڇڏي ويندا آهن ۽ اها ئي هڪ سٺي شاعري جي نشاني آهي ته هو ننڍڙن ۽ ٿورن لفظن ۾ هڪ سٺي ۽ وڏي ڳالهه چئي وڃي. اها خوبي اسان جي وفا ۾ آهي
    زندگي ۾،
    ايترا ته ڏک،
    مليا آهن
    جو هاڻ
    خوشيءَ جو
    احساس نٿو ٿئي
    مسڪراهٽ جي پسمنظر ۾ هڪ نظم آهي اهو به نظرن مان ڪڍون.
    سال ۽ صديون
    گذري وڃڻ کان پوءِ به،
    مان تنهنجي چپن جي مسڪراهٽ
    وساري ناهيان سگھيو،
    ڇاڪاڻ ته
    تنهنجي اها مسڪراهٽ
    منهنجي وجود جو
    حصو بڻجي وئي آهي.
    موت جي پسمنظر ۾ لکيل هي نظم، جنهن ۾ وفا هڪ مرندڙ جيو ( ڪينسر جو مريض آهي) جن جي من جي هورا کورا کي ڪيئن نه پلٽيو آهي_ اهو ته پڙهڻ جهڙو آهي:
    ڪينسر جهڙي
    خطرناڪ بيماري
    هاڻ ته
    ڏينهون ڏينهن
    وڃي پئي وڌندي
    شايد!
    ڪن پلڪن ۾
    مان وڃان نه مري
    پر پوءِ به
    (منهنجي موت کان پوءِ)
    مونکي اها خبر ڪيئن پوندي
    ته تون
    مون لاءِ
    رني به هئينءَ
    يا نه!
    اهي سڀ احساس جيڪي من جي هورا کورا ڏک، خوشي ۽ انتظار جو دامن پڪڙيون بيٺا آهن. اهي خالي وفا جا احساس ناهن. اهي هر ماڻهوءَ جا احساس آهن- اهو ماڻهو جنهن جي اک جمالياتي آهي_اهو حسن جي هر ادا تي فدا ٿي ويندو آهي. جڏهن اهو حسن ڪنهن من چلي جي اک ۾ جادو بڻجي لهندو آهي تڏهن اهو پنهنجي گرد خوابن کي اڻيندو آهي. اهي خواب جيڪي هر وقت خوشين جون ڀنڀوريون پڪڙيندا رهندا آهن ۽ خوشيون وري پاڻ سان گڏ غمن جا پوپٽ رلايون وتنديون آهن ۽ خوشيون گھڻو وقت ڪنهن کي راس آيون آهن
    اها ساڳي ڪيفيت مٿين نظمن ۾ ڏيکاري وئي آهي ۽ خاص ڪري اهو احساس ته موت کان پوءِ مونکي ڪهڙي خبر ته تون مون لاءِ رني به هئينءَ يا نه ؟ اندر ۾ چاقوءَ جيان لهندو محسوس ٿئي ٿو.
    هونئن به نثري نظمن ۾ خيال جي اهميت کي اوليت ڏني وئي آهي خيال پختو آهي ؟ شاعر ان سان انصاف ڪري سگھيو آهي؟ ڪٿي خيال کي مروڙي سروڙي ته ڪونه رکيو ويو آهي ؟ اهي شيون خيال ۾ رکيون وينديون آهن جو به شاعر خيال جي وسعت کي نٿو ڇهي سگھي. اهو ان کي سٺي نموني سان پوئي به نٿو سگهي.
    هي ونجوڳ جي پسمنظر ۾ لکيل نظم آهي
    تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
    مون پيار ڪيو آ
    تنهنجي يادن سان
    ۽ مان پوڄيندو آهيان
    تنهنجي انهن يادن کي
    دل جي مندر ۾ ويهاري
    ديوتا سمجھي
    ۽ هاڻ سنجوڳ جي پسمنظر ۾ لکيل هي نظم به پڙهجي.
    تنهنجي ملڻ سان
    منهنجي ويران دل جا
    سڀئي ڪوماڻيل گل
    ٽڙي پيا آهن
    ها بلڪل ايئن
    جيئن
    بهار جي آمد ۾
    سڪل ٻوٽا
    ساوا ٿي پوندا آهن.
    هاڻ اچو ته هڪ ٻئي احساس جو به اڀياس ڪيون عنوان آهي مطالعو
    تنهنجي
    حسن جي
    هڪڙي جھلڪ
    منهنجي لاءِ
    ڏهن ڪتابن جي
    ”مطالعي“ مثل آهي.
    اهي سڀئي ڪيفيتون آهن، هڪڙيون جيئريون جاڳنديون ڪيفيتون ۽ اهي سموريون ڪيفيتون وري جماليات جو جز آهن ۽ شاعري جو پهريون جز جماليات ئي آهي حسن /عشق/پيار /محبت سڀ جماليات جا عنصر آهن. شاعري انهن سڀني جو مرڪب آهي.
    چون ٿا ته ”محبت انسان ۾ هڪ شريف جذبي جو نالو آهي جنهنکي ڪڍي ڇڏڻ سان انسان ۽ حيوان ۾ فرق نٿو رهي.“
    صحيح آهي جي ائين هجي ها ته وتي ها هرڪو جھنگ چرندو، ۽ جڏهن ڪوئي جھنگ چرندو وتي ها ته اهو زندگي جي رنگينين کي ڇا ڄاڻي ها ؟
    اهڙا احساس هڪ ماڻهو جي من ۾ تڏهن ڦٽندا آهن جڏهن اهو محبت ڪري ٿو.
    هاڻ هي زندگي
    پل پل
    خوبصورت
    ۽ وڻندڙ
    پئي لڳي
    ان ڪري
    جو تون
    منهنجي
    جيون ۾
    آئي آهين
    ها، جيڪڏهن ڪوئي ڪنهنجي جيون ۾ ايندو آهي تڏهن واقعي ئي جيون سهڻو لڳندو آهي جڏهن سڄو جهان ئي سھڻو لڳڻ لڳي. تڏهن ماڻھو جو من به سهڻو لڳڻ لڳندو آهي. ۽ سهڻي من ۾ سهڻا خيال ئي جنم وٺندا آهن.
    ڪنهن ڇا خوب چيو آهي ته ”من هڪ اهرو اڇو ڪپڙو آهي ان کي جنهن به رنگ ۾ رنگبو ته رنگجي ويندو.“
    اسان (شاعر) پنهنجي من کي محبت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. محبت جنهن کي صرف محسوس ڪري سگھبو آهي اهي جيڪي محبت ڪندا آهن ڏاڍا نرم مزاج، ڏاڍا ٿڌا، ڏاڍا مٺا ۽ ڪومل احساس رکندڙ هوندا آهن.
    تون،
    مونکي
    پنهنجو قسم
    نه ڏجانءِ
    ڇو ته
    مان
    خدا جو قسم کڻي
    مڪري ته سگھان ٿو
    پر
    تنهنجو نه!
    هنن لفظن ۾ شاعر ڪيڏي نه سادگي ۽ صاف گوئي کان ڪم ورتو آهي اها من جي سچائي ناھي ته ٻيو ڇاهي.؟
    شاعر به فطرتن ماڻهو آهي ان ۾ به هر ماڻهو جيان خوبيون ۽ خاميون ٿين ٿيون پر هو جنهن کي چاهي ٿو. ان سان سچو آهي._ اها آهي محبت ۽ اها محبت جڏهن ڪنهن جي من ۾ انگورجي ٿي ته اها پاڻ سان گڏ وڇوڙي جو خوف به کنيون ٿي اچي. ۽ جڏهن اها ان پيرڊ مان گذري ٿي ۽ اها چاهتن جي گاڏي اتان لنگھي به ويندي آهي تڏهن به اهو چاهيندڙ پنهنجي چاهي ويندڙ سان آس نٿو لاهي.
    وفا صالح ان احساس کي ڪيئن قلم بند ڪيو آهي.
    اهو احساس پڙهجي:
    ماڻهو چون ٿا
    ته تو مونکي
    وساري ڇڏيو آهي
    پر مان اهو ڪيئن مڃان
    ها جڏهن هڏڪيون اچڻ
    بند ٿي وينديون
    تڏهن
    مان سمجھندس
    ته تو مونکي
    وساري ڇڏيو آهي.
    جڏهن رنج رساما ٿيندا اهن تڏهن الزام تراشيون به ٿينديون آهن هڪ ٻئي کي ڏوهي ٺهرايو ويندو آهي ۽ پوءِ ڌريون پنهنجون صفايون پيش ڪنديون آهن.
    هڪ شاعر پنهنجي صفائي ڪيئن ٿو پيش ڪري_
    اچو ته ڏسون:
    تون ته
    مونکي چوندي آهين
    مان سنگدل آهيان
    تو شاعر جي دل ڏٺي آهي؟
    شاعر (جيڪي واقعي شاعر آهن) سچ لکندا آهن ڇو ته هو ڄاڻندا آهن ته ائين نه ڪرڻ اسان اها شئي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي ۽ اهي ملامت جو بار ڳچي ۾ لٽڪائي هلڻ جا عادي ناهن هوندا. ڇو ته اهي سچ کي عبادت جو درجو ڏيندا آهن. ۽ عبادت ۾ ٺڳي ناهي هلندي
    مون
    ڪڏهن به
    ڪنهن
    مسجد
    مندر
    يا ڪليسا ۾ وڃي
    عبادت ڪانهي ڪئي
    منهنجو
    سچ لکڻ/چوڻ
    ڪنهن عبادت کان
    گھٽ آهي ڇا.؟
    اصل ۾ هي لکڻ ڇا آهي.؟
    پنهنجي محسوسات کي ٻئي تائين پهچائڻ جي هڪڙي ڪوشش
    اسان جو هي يار به پنهنجي فيلنگس ٻئي سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهو ٻيو هڪ فرد به ٿي سگھي ٿو ۽ اهو فردن جو مجموعو به انهي مجموعي ۾ هڪڙي قوم به اچي وڃي ٿي ته هن پوري بين الاقوامي برادري کي به اسان ان دائري ۾ آڻي سگھون ٿا.
    هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اسان جو هي دوست، پنهنجي محسوسات کي ٻين تائين پڄائڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي. ان جو فيصلو اسان پنهنجي پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
    رهي ڳالهه اهي دوست جيڪي نثري نظمن کي شاعري جي زمري ۾ نٿا آڻين، اهي اهو ته مڃيندا ته هي شاعراڻه احساس ته آهن ۽ بس! اهو احساس به هڪڙي شاعر لاءِ ڪافي آهي.

    ذوالفقار گاڏهي

    03063250132


    سرجيس تان سور سامائي تان سک ويا

    ڪھاڻي، شاعري، ڪالم ، ناول ۽ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ پاڻ بابت ٻه اکر لکڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڀلا پاڻ بابت ڇا لکجي؟ ۽ ڪهڙي راءِ ڏجي. مون ته اهو سوچي ڇڏيو هو ته پاڻ بابت ٻه اکر ناهن لکڻا پاڻ بابت ٻه اکر هي منهنجا نظم آهن. جيڪي منهنجي دل جي پڪار به آهن. ته منهنجي اندر جو آواز به آهن، منهنجا جذبا ۽ احساس به آهن ته منهنجي روح جي دٻايل رڙ به آهن. ته منهنجا سڏڪا ۽ دانهون ۽ درد به آهن. پر سڀني دوستن جو اهو اسرار هو ته هي منهنجو پھريون ڪتاب آهي ان ڪري مونکي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ گھرجي. لکان ته ڇا لکان؟ ۽ ڇا تي لکان؟ زندگيءَ ۾ مليل ڪربلا جھڙي دردن تي لکان؟ يا پنهنجي مفلسي تي لکان؟ يا وري پنهنجي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت هٿن تي لکان، يا ان مٿي تي لکان جنهن ڇهين درجي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تغاري جو وزن پئي کنيو آهي! يا ان تغاري تي لکان؟ جيڪا منهنجي مٿي تي سدائين مون لاءِ سوني تاج جيان رهي آهي. يا پنهنجي ان پيار تي لکان جيڪو گھڙي پل جون خوشيون ڏئي پوءِ دردن جا سيلاب ڏيئي ويو! ان جي باوجود مونکي پنهنجي پيار سان پيار آهي. مونکي پنهنجي پيار جي پھرين چمي سان ايترو ئي پيار آهي، جيترو پيار مونکي پنهنجي پيار سان آهي. دردن جي سيرابن ۾ زندگي گذرندي به پيار جي پھرين چمي مونکان ڪڏهن به ڪونه وسري سگھي آهي. پيار جي پھرين چمي منهنجي جيون ۾ جيڪو پنهنجو عڪس چٽيو آهي، ان ئي عڪس کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نه سگھي آهي. پيار جي پهرين چمي جي تاثير مونکان منهنجو پيار وسرڻ ناهي ڏنو. ۽ هوءَ جيڪا منهنجو پيار هئي، منهنجي زندگي هئي، منهنجي بندگي هئي، ان کان به پنهنجي پيار جي پهرين چمي وسري ناهي سگھي. ۽ نشاني ڪڏهن به وسري نه سگھندي آهي جسم ۾ لڳل زخم به جڏهن ڇٽي ويندا آهن ته اهي پنهنجا نشان ڇڏي ويندا آهن. انهن نشانن کي ڏسي زخم به ياد رهندا آهن.
    هُن جي شادي ٿيڻ کان پوءِ ڏهن سالن جي عرصي گذري وڃڻ بعد فون ڪري پڇيو هئائين ته ”وفا ڪيئن آهين؟“ جواب ۾ چيو هيم ته تون اهو خوب ڄاڻين ٿي ته مان تو بن ڪيئن هوندس. ۽ ڪيئن آهيان. چيائين ”پيار جي پهرين چمي ياد اٿئي يا وسري وئي اٿئي؟“ چيو هيومانس. ”تون ئي وسري ناهين سگھي ته پوءِ پيار جي پهرين چُمي ڪيئن ٿي وسري سگھي؟“ بس مٺي، جي جيئڻ نٿو ڏي ته تنهنجي الڳ ٿيڻ جو درد جيئڻ نٿو ڏي. تنهنجي الڳ ٿيڻ واري درد هاڻ ته ڪيترائي ڦول ڦولاريا آهن.
    منهنجي ڪتاب جو نالو دردن ڦولاريا ڦول منهنجي زندگي سان ايئن ٽاڪيل آهي جيئن ڪنهن سهاڳڻ جي رئي تي ستارا ٽاڪيل هوندا آهن. مون کي جيترو پيار پنهنجي پيار سان آهي، ايترو پيار مون کي پنهنجي مفلسي، پنهنجي پورهئي ۽ پنهنجي دردن سان آهي. درد جيڪي رت پيئندا آهن. ۽ جسم جو ماس کائيندا آهن.
    جيئن ئي هوش سنڀاليو اٿم ته مفلسي ۽ دردن جي سرڪڻ ڦاهيءَ تي چڙهيو ۽ لٽڪيو آهيان مفلسي ۽ درد پاڇي جيان سدائين مون سان گڏ رهيا آهن.
    سرجيس تان سور سامائس ته سک ويا
    اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
    مفلسي ۽ دردن ڌوٻي جي ڪپڙن جيان مونکي پئي سٽيو ۽ نپوڙيو آهي پر مات ڏئي نه سگھيا آهن. مفلسي ۾ زندگي گذاريندي به مون کي پنهنجي دوستن ڇاتي لائي محبتون ئي محبتون ڏنيون آهن. ۽ انهن جي محبت جيئڻ جو روز نئون اتساهه پئي ڏنو آهي.
    محمد صديق مڱيو، يوسف سنڌي، انور ڪاڪا، تاج بلوچ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، اسحاق سميجو، اخلاق انصاري، مختيار سمون، راجن مڱريو، ڪاشف منٺار سولنگي، ذوالفقار گاڏهي، ڀيڄو فقير، معشوق ڌاريجو، مجيد زهراڻي، پروفيسر ستار سومرو، اسد گوپانگ، گلزار ، طارق چانڊيو ۽ ٻين دوستن جون محبتون مون سان گڏ نه هجن ها ته اڄ مان به نه هجان ها. دوستن جي اٿاهه محبت جي ڪري مون کان منهنجي مفلسي وسري ويندي آهي. مدر ٽريسيا چواڻي ”اسان کي ان جي اڻاٺ نه پر محبت جو ڏڪر ماري ٿو.“ پر مون وٽ محبت جو ڪو به ڏڪر ڪونهي.
    مون کي لکڻو ڇا آهي؟ ۽ مان ڇا لکڻ ويٺو آهيان!!!
    مون کي ادبي ماحول پنهنجي گھر مان ئي مليو. جنهن دؤر ۾ ريڊيو آيو، ان دؤر ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ محمد طاهر ريڊيو تي فرمائشون ۽ ڳجھارتون لکي موڪليندو هو. ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ريڊيو رڳو منهنجي ڀاءُ وٽ ئي هوندو هو. ريڊيو تي هن جون فرمائشون ۽ ڳجھارتون پئي اينديون هون. ريڊيو هن جي ايتري سڃاڻپ بنجي ويو. جو ڳوٺ جا ماڻهو هن کي طاهر دڪاندار بجاءِ طاهر ريڊائي ۽ طاهر ريڊئي وارو سڏيندا هئا. منهنجو ٻيو وڏو ڀاءَ رجب علي ڀٽائي جو عاشق ۽ پارکو آهي. هو اڄ به جڏهن ڪچهري ۾ ڀٽائي پڙهي ۽ ان جي معنيٰ ڪندو آهي ته ٻڌندڙن تي سڪتو طاري ٿي ويندو آهي. منهنجو سئوٽ سائين نذير حسين 1985ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادب سان سلهاڙيل آهي. هن ڪنهن دؤر ۾ ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون به لکيون. ان جي گھڻي صحبت ۾ رهڻ جي ڪري مون ۾ ڪتابن پڙهڻ جي هير پئجي وئي هئي. سائين نذير سنڌي ادبي سنگت باڊهه ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪندو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1995 سال جا پڇاڙڪا ڏينهن هيا. انهن ڏينهن ۾ مان سائين نذير سان گڏجي ادبي سنگت جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳس. ادبي سنگت جي ڪلاسن منهنجي ادبي ۽ ذهني اوسر کي اڃان به وڌيڪ پڪو، پختو ۽ سگھارو بنايو. 1996ع ۾ سائين نذير جي لائبريري ۾ مون کي لبنان جي مشهور ليکڪ خليل جبران جو ڪتاب ڀڳل کنڀڙاٽيون هٿ لڳي ويو. ان ڪتاب مون تي ايترو ته اثر ڇڏيو. جو مون ۾ پڙهڻ سان گڏوگڏ لکڻ واري حس برسات جي اٺي کان پوءِ کنڀي جيان ڦٽي نڪري پئي. ۽ مون لکڻ شروع ڪيو. شروع شروع ۾ مون ڊائري جا ورق لکيا. ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ منهنجي انهن ڊائري جي ورقن کي تمام گھڻو ساراهيو ويو. اهي ڊائري جا ورق انهي سال هلال پاڪستان اخبار جي ادبي صفحي ۾ جڏهن ڇپيا ته ويتر لکڻ سان منهنجو جنون جي حد تائين شوق ۽ عشق جاڳي اٿيو. پنهنجي لکڻي اخبار ۾ ڇپيل ڏسي منهنجي چهري تي خوشي جا پوپٽ اڏڻ لڳا. ڊائري جي ورقن کان پوءِ مون شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. چار پنج غزل مس لکيا ته ڳوٺ ۾ مائٽ جي شادي هئي ۽ شادي ۾ ڳائڻ لاءِ عاشق نظاماڻي آيل هو. مون هڪ غزل عاشق نظاماڻي کي ڳائڻ لاءِ ڏنو. هن ڳايو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. خوشي وچان منهنجي جسم جو انگ انگ ڪنول جي گلن جيان ٽڙي پيو. غزل جا ٻول هيا ته...
    وار ڪلهن تي ڪيرين ڇو ٿي!
    منهنجي من کي چيرين ڇو ٿي!
    شاعري کان پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، منهنجي پهرين ڪهاڻي ڪراچي مان نڪندڙ رسالي ماهوار پيپلز ٽائمز ۾ ڇپي هئي. ڪهاڻي سان گڏ مون شاعري به ڪئي ۽ اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهيس. رابندر ناٿ ٽئگور جو ڪتاب گيتا نجلي رمضان نول جو ڪتاب روح جا سجدا ۽ شيخ اياز جو ڪتاب ٽڪرا ٽٽل صليب جا پڙهڻ کان پوءِ مون نثري نظم لکڻ شروع ڪيا. ڪهاڻين جيان منهنجي نظمن کي رسالن توڙي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملڻ جي ڪري مون هڪ مجموعي جيترا نظم لکي ورتا. نثري نظمن کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ مون پنهنجي پياري دوست مرحوم مشتاق ڀرڳڙي، منٺار سولنگي ۽ وفا ناٿن شاهي سان هڪ ڪچهري ۾ ذڪر ڪيو ته انهن ٽنهي دوستن به اهائي صلاح ڏني ته تنهنجو ڪتاب اچڻ گھرجي. وفا کي عرض ڪيم ته ڪتاب جو مهاڳ توهان کي لکڻو پوندو. وفا بلڪل مهاڳ لکڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو ۽ چيائين ته ڳوٺ پهچڻ شرط پهرين فرصت ۾ پنهنجا نظم پوسٽ ڪري موڪل. نظم موڪلڻ کان پوءِ ڏهن ڏينهن اندر وفا مهاڳ لکي پوسٽ ڪري موڪلي ڇڏيو. ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ پياري مشتاق کان خرچ جو اندازو پڇا ڪيم ته منهنجا ٺپ ئي ٺري ويا. مون جهڙو غريب پورهيت ڏهاڙي اجرت تي پگھر جي پورهئي سان تغاري مٿي تي کڻندڙ ڪتاب ڪٿي ٿو ڇپرائي سگهي. بس پوءِ ڪتاب ڇپائن واري شوق ۽ جنون کي دل جي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اڄ جڏهن منهنجو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي ته ڪتاب جي خوشي سان گڏوگڏ اهو ڏک ڪنڊي جيان بار بار چڀي رهيو آهي ڪتاب جي ڪاپي وفا ناٿن شاهي، منٺار سولنگي ۽ مشتاق ڀرڳڙي کي ڏيئي نه سگھندس. منهنجي هر خوشي جي پٺيان ڪو نه ڪو ڏک ۽ درد ضرور هوندو آهي تڏهن ته مان اهو چئي چڪو آهيان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو اٿم، تڏهن کان ڏک ۽ درد پاڇي جيان سدائين مون سان گڏ رهيا آهن.
    نثري نظم ڇا آهي؟ نثري نظم ڪيئن ۽ ڪٿان آيو؟ نثري نظم جو باني شاعر ڪير آهي؟ نثري نظم ڪيئن هجن!؟ انهن جي باري ۾ وفا ناٿن شاهي مهاڳ ۾ ڀرپور نموني سان لکيو آهي هونئن به نثري نظم اڄ ڪلهه اسان جي سنڌي شاعري ۾ ڪافي اهميت ۽ حيثيت ماڻي آهي. جن ليکڪن شاعرن نثري نظم کي صنف ۽ شاعري نه پئي مڃيو وقت ثابت ڪري ڏيکاريو ته انهن شاعرن اڳتي هلي کوڙ سارا نثري نظمن جا ڪتاب ڏنا. وڏي ڳالهه ته شيخ اياز به نثري نظم کي صنف ۽ شاعري مڃڻ لاءِ به تيار نه هيو پر پوءِ شيخ اياز پاڻ نثري نظمن جا ڪتاب لکي نثري نظم کي امرتا ۽ مڃتا ڏني. جيڪي دوست هاڻي به اهو چون ٿا ته نثري نظم لکڻ تمام سولو آهي پر ائين به ڪونهي نثري نظم ايترو به سولو ڪونهي جيترو هو سمجھن ٿا. نثري نظم پنهنجي جوهر ۾ هڪ تمام ڏکي ۽ محنت طلب صنف آهي، جيڪا رت ولوڙڻ کان سواءِ لکي نٿي سگهجي.
    مان پنهنجي نظمن بابت ڪا به هام نٿو هڻان پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪو خيال مون کان پابند شاعري، ڪهاڻي ۽ ٻين صنفن ۾ نه پئي اچي سگھيو، ان خيال کي مون نثري نظم ۾ قيد ڪيو آهي. ۽ اهو به هڪ هنر ۽ ڏانءُ آهي انهيءَ هنر ۽ ڏانءَ ۾ مون ڪيتري قدر سڦلتا ماڻي آهي. ان جو فيصلو مان نه پر پڙهندڙ ئي ڪري سگھن ٿا. مان ننڍي وڏي شاعر ۽ سٺي خراب واري شاعر جي چڪر ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي تمام پري رکيو آهي، مون جيڪو پني تي اتاريو آهي. اها منهنجي دل جي صدا، دل جي پڪار ۽ دل جي آهه آهي مان ٿورائتو آهيان پنهنجي پياري نسيم بلوچ جو جنهن پنهنجاسمورا ڪم پاسي تي رکي، اول منهنجو هي ڪتاب هفتي ۾ ڪمپوز ڪري ڏنو. ۽ مان ٿورائتو آهيان راجن منڱريو ۽ هوش محمد ڀٽي جو، جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب جا پروف چيڪ ڪيا. مان بي حد ٿورائتو آهيان پنهنجي محسن محمد صديق منگئي جو جن جي ساٿ ۽ سهڪار سان منهنجو هي ادبي پورهيو اڄ توهان جي هٿن ۾آهي. پنهنجي انهن دوستن جو به ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڪتاب لاءِ مونکي پنهنجا رايا لکي ڏنا ۽ مان گھڻو ٿورائتو آهيان ذوالفقار گاڏهي جو جنهن هي ڪتاب ڇپرائي توهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. منهنجو هي پورھيو دردن ڦولاريا ڦول توهان کي ڪيئن ٿو لڳي مان توهان جي راءِ جو منتظر رهندس.

    وفا صالح راڄپر
    وڏي وهڻي-باڊهه
    03333670955


    نثري نظم

    چمين جا پَھا

    تون جڏهن به منهنجي ڳٽن تي،
    چمين جا
    پھا رکندي آهين.
    ته مان.
    پنهنجي ڳٽن کي
    سڀني آسماني ڪتابن کان
    پاڪ ۽ پوتر سمجھندو آهيان.


    پلصراطون

    مون رُڳي تو سان،
    محبت جو اظهار ڪيو آهي.
    موٽ ۾،
    تو،
    دُورين جون پلصراطون،
    اڏي ڇڏيون آهن.


    خاموشي

    مان جڏهن به،
    ڪجهه ڳالهائيندو آهيان.
    ته تون چوندي آهين:
    تنهنجو فلسفو،
    مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي،
    پر جڏهن مان،
    چپ ٿي ويندو آهيان
    ته چوندي آهين.
    مون کي تنهنجي
    اها خاموشي ماريندي.


    گل

    مُون کي،
    گوليون نه پر،
    گل گھرجن.
    پنهنجي پرينءَ کي
    ڏيڻ لاءِ.


    آرزو

    جيستائين،
    تنهنجو ساٿ رهيو
    تيستائين،
    جيئڻ جي آرزو رهندي،
    پر جڏهن به،
    تو ساٿ ڇنو،
    ته مان
    جيئڻ تان هٿ کڻي ويندس.


    ڏکوئيندڙ ٽھڪ

    اڄ جڏهن منهنجو،
    تنهنجي شھر مان گذر ٿيو،
    ته ڏکوئيندڙ ٽھڪن،
    منهنجو سواگت ڪيو.
    ان جو ڪارڻ،
    تنهنجي بي رخي آهي.


    گذارش

    تو ڪيڏي نه،
    آرام سان چيو آهي.
    ته تون مون کي،
    وساري ڇڏ.
    ڇا....؟
    تون مون کي.
    وساري سگھين ٿي؟!


    ڏک سک

    تو جڏهن کان،
    پنهنجا سمورا ڏُک
    منهنجي نانءُ ڪيا آهن
    تڏهن کان
    مون وري
    پنهنجا سمورا سک
    تنهنجي نانءُ ڪري ڇڏيا آهن.


    مقدس

    تنهنجا موڪليل،
    سمورا پتر.
    مون لاءِ،
    ڀٽائيءَ جي بيتن
    ۽ .....
    قرآن جي آيتن جيان مقدس آهن.


    جيون ۾

    تنهنجي،
    ڇڏي وڃڻ کان پوءِ،
    ڪيتريون ئي ڇوڪريون،
    منهنجي،
    جيون ۾ آيون،
    پر اڄ تائين،
    تنهنجي جاءِ
    ڪا به ڇوڪري ماڻي نه سگھي.


    يادن جو البم

    مان مڃان ٿو ته،
    تون سندر آهين.
    ۽ تون به عورت آهين،
    پر پوءِ به،
    مان توسان پيار نٿو ڪري سگھان
    ۽ نه ئي وري،
    توکي پنهنجو جيون ساٿي،
    بڻائي ٿو سگھان.
    ها! البته توکي،
    زندگيءَ جي،
    ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي،
    ياد ضرور ڪندس.
    ۽ پنهنجي،
    يادن جي البم ۾،
    هُن کان پوءِ ٻيو نانءُ
    تنهنجو ئي رهندو.


    جاڳندي خواب لھندو آهيان

    آءٌ پھريان،
    بند اکين سان خواب ڏسندو هيس،
    پر جڏهن کان،
    تون دور ٿي وئي آهين،
    تڏهن کان،
    ننڊ نيڻن مان اڏري وئي آهي
    ۽ هاڻي آءٌ
    جاڳندي خواب لھندو آهيان.


    ڳولا

    تنهنجي،
    ڳولا ڪندي ڪندي،
    مان پاڻ کي،
    وڃائي چڪو آهيان،
    ۽ هاڻ،
    منهنجي گھر وارا،
    منھنجي،
    ڳولا ڪري رهيا آهن.


    رابيل جا گل

    ٻين گلن جي ڀيٽ ۾،
    رابيل جا گل،
    مونکي
    ڏاڍو وڻندا آهن،
    ڇو ته،
    اهي مونکي
    تنهنجي ڳلن جيان
    سهڻا لڳندا آهن.


    ساڀيائون

    ماڻھو دعائون گھرندا آهن،
    سندن سپنا ساڀيائون ماڻين،
    پر مان،
    دعائون گھرندو آهيان
    ته منهنجا سپنا
    ڪڏهن به ساڀيائون نه ماڻين،
    ڇاڪاڻ ته،
    آءٌ جيڪي سپنا ڏسندو آهيان
    اُهي توکان،
    ڌار ٿيڻ جا هوندا آهن.


    اپريل فول

    خوشين جي آڳر تي،
    تصوير هن جي،
    سامھون رکي،
    پنهنجي مَنَ کي بھلايم پئي،
    ته فون تي ڪنهن چيو،
    تنهنجي پريمڪا،
    ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ فوت.
    آءٌ بيھوش ٿي ڪري پيس.
    وري ڪجهه لمحن کان پوءِ
    ٻيهر فون آئي
    هُوءَ مسڪرائيندي چوڻ لڳي،
    خيال ڪجانءِ جاني!
    اڄ اپريل فول آهي.


    ذلتون

    تنھنجي،
    نانءَ تي،
    مليل سڀئي ذلتون.
    ماڻھن لاءِ،
    ذلتون آهن.
    پر اهي مون لاءِ
    ڪنهن،
    اعزاز کان گھٽ ڪونه آهن.


    واپسي

    ڪاوڙجي،
    وڃڻ وقت
    تو مون کان،
    پنهنجون سموريون شيون،
    واپس ته ورتيون،
    پر مون کان،
    اُهي چميون ته واپس وٺ،
    جيڪي،
    تو مونکي ڏنيون آهن.


    جدائيءَ جون ڳالهيون

    اڃان ته،
    ٺيڪ طرح سان،
    پاڻ مليا ئي ڪونه آهيون،
    ته وري،
    هيءَ جدائيءَ جون ڳالھيون ڇو؟


    ڪکائون گھر

    منهنجي،
    هن ڪکائين گھر مان
    منهنجا.
    سمورا ڀاتي لڏي،
    پڪي گھر ۾ رهڻ لڳا آهن.
    پر،
    هڪ مان آهيان،
    جو هن ڪکائين گھر بنا،
    رهي نٿو سگھان.
    ڇاڪاڻ ته،
    هن گھر ۾،
    مونسان گڏ تنهنجون
    يادون رهنديون آهن.


    جنت

    يا خدا!
    تنهنجي خلقيل هن ڪائنات ۾،
    رهندڙ سڀ انسان،
    جيڪڏهن دل ۾،
    تنهنجو خوف رکن
    ته جيڪر
    هي سڄي ڪائنات
    جنت بڻجي پوي.


    ڪويتائون

    شال،
    تنهنجي سونهن،
    ڪڏهن به ميري نه ٿئي،
    ته جيئن
    مان تنهجي سونهن تي
    روز نيون
    ڪوتائون لکندو رهان.


    ڪاري

    ڪلهه رات،
    هن پنهنجي ڀيڻ کي،
    ڪاري ڪري ماري ڇڏيو،
    ۽ اڄ،
    رات جي ڪاري چادر ۾،
    پنهنجي محبوبه جي،
    ڳلن ۽ ڳٽن کي چمندي
    چوي ٿو
    تون کير جهڙي اڇي
    ۽ قرآن جيان پوتر آهين.


    الڳ ٿيڻ جو درد

    توسان ملڻ تي،
    خوشي برابر ٿيندي اٿم،
    پر،
    ان خوشيءَ کان وڌيڪ،
    توکان
    الڳ ٿيڻ جو درد،
    وڌيڪ ڀاري لڳندو اٿم.


    آءٌ امر ٿي ويس

    مون ماڻھن سان،
    پنهنجي دل جون ڳالهيون،
    ڪرڻ ٿي چاهيون،
    ماڻهن ڪنن ۾ ڪپهه وجھي ڇڏي،
    مون ماڻهن سان روئي،
    پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ ٿي چاهيو،
    ماڻهو مون کي چريو چوڻ لڳا،
    مون ماڻهن سان گڏ،
    پنهنجي ڏُکن کي مٽائڻ لاءِ
    ٽهڪ ڏيڻ ٿي چاهيا،
    ماڻهو مون تي چٿرون ڪرڻ لڳا،
    مون ماڻهن سان،
    بي پناهه محبت ڪئي،
    ماڻهو مون کان نفرت ڪرڻ لڳا
    ۽ پوءِ مون،
    انهن سمورين ڳالهين کي قلمبند ڪيو
    آءٌ ليکڪ ٿي ويس
    ۽ پوءِ
    ماڻهو مونکي پڙهڻ لڳا،
    ۽ مان امر ٿي ويس.


    ڪافر

    مون قرآن کي ڪتاب چيو،
    ماڻهو مونکي ڪافر چوڻ لڳا
    مون پنهنجي شاعريءَ کي،
    قرآن جي آيت سان ڀيٽيو،
    ماڻھو مونکي دهريو ۽ چريو سڏڻ لڳا.
    پر، ڪلهه هُن،
    ڪاغذ جي چند ٽڪرن تي،
    پنهنجي ڌيءَ وڪڻي ڇڏي.
    نياڻي، جيڪا
    ست قرآن آهي.
    هُن ڌيءَ نه پر ست قرآن وڪيا،
    مون ماڻهن کان اهو سوال ڪيو ته:
    آنءُ، ڪافر ۽ دهريو ٿي ويس
    پر جنهن نياڻي وڪي
    ڇا اهو مسلمان آهي!؟


    بانگ

    ڪلهه،
    هڪ شاعر جي گھر ۾،
    ٻار جنم ورتو،
    ٻار کي ڪن ۾ بانگ چوڻ لاءِ،
    مُلي جي تلاش ۾ هيا
    شاعر،
    ٻار کي هٿن ۾ کڻي سندس ڪن ۾،
    بانگ ڏيڻ بدران،
    لطيف جون وايون،
    ۽،
    اياز جا بيت پڙهي ڇڏيا.


    ڏُک

    زندگي ۾،
    ايترا ته ڏک،
    مليا آهن
    جو هاڻ
    خوشيءَ جو
    احساس نٿو ٿئي


    خوشيون

    اي خدا!
    منهنجي ڀاڳ جون،
    سموريون خوشيون،
    دکن ۾ ميساري ڇڏ.
    ته جيئن،
    اڃان به وڌيڪ
    منھنجي لکڻين ۾ گھرائي پيدا ٿئي.


    نئون سال _نئين صدي

    منهنجي،
    اداس ۽ معصوم نيڻن ۾،
    سمايل چلولي ڇوڪري
    توکي مبارڪ هجي،
    نئون سال ۽ نئين صدي،
    ۽ ان جون،
    سموريون خوشيون.


    ٺٺوليون

    هاڻ جڏهن به،
    مان توکي،
    محبوبه جهڙي مٺڙي نالي سان،
    سڏيندو آهيان.
    ته منهجي ڳوٺ وارا.
    مون تي ٺٺوليون ڪندا آهن.
    ها، ان ڪري جو تون،
    منهنجي پيءَ جي موت تي،
    مون وٽ آئينءَ به ڪونه،
    شايد منهنجي ڳوٺ وارا.
    ان ڳالهه کان بي خبر آهن
    ته جنهن ڏينهن تي،
    ٿيو هيو بابا جو موت،
    ان ڏينهن کان
    ٻه ڏينهن اڳ،
    توکي تنهنجي گھر وارن،
    ڪنهنجي ڪنوار ٿيڻ لاءِ،
    ويھاريو هيو ونواهه ۾.


    وصيت

    اي منهنجي ڳوٺ جا رهواسيو!
    اچو، اچو ۽ ٻڌو،
    منهنجي هيءَ وصيت،
    جيئري جدائي هن جي ٿي نه ڪڏهن،
    ۽ هاڻ به ڏور هن کان
    ٿيڻ چاهيان نٿو،
    ها. اڄ ته آءٌ
    بيماريءَ جي بستري تي ستل آهيان
    اگر جي،
    آءٌ وڃان مري،
    ته منهنجو جنازو،
    ”ڪنڊيوَر“ جي پراڻي قبرستان ۾ رکجو.
    ڇو ته...
    ان قبرستان جي بلڪل قريب،
    منهنجي محبوبه جو گھر آهي.


    لڙڪن جو ڀُنگ

    ڪلهه منهنجون مرڪون،
    اغوا ڪيون ويون هيون،
    ۽ انهن جي عيوض مون کان
    لڙڪن جو ڀنگ گھريو ويو.
    ان وقت سمنڊ ۽ تلاءَ سڀ سڪل هئا
    ۽ پوءِ مون اُهي سڀ
    پنهنجي لڙڪن سان ڀري ڇڏيا.
    پر اڃان به وڌيڪ مونکان
    لڙڪن جو ڀنگ گھريو ويو
    پر منهنجي اکين ۾ هاڻ ته
    لڙڪ بچيا ئي ڪونه آهن.
    ها آهي ڪوئي جو مون کي
    ٿوري وقت لاءِ،
    پنهنجا لڙڪ اڌارا ڏئي،
    آئون واعدو ٿو ڪيان ته
    مرڪون واپس ملڻ تي
    آئون انهن لڙڪن جي قيمت
    چڪائي ڇڏيندس.


      کير

    ڪلهه رات،
    کير نه ملڻ جي ڪري،
    غريب پورهيت جو پٽ،
    تڙپي تڙپي مري ويو،
    ۽اڄ شام،
    انهيءَ ساڳي شهر ۾،
    پير جي درگاهه کي،
    ڪيترن ئي کير جي مڻن سان،
    غسل ڏنو ويو.
    ۽ پورهيت حيرت ڀريل نگاهن سان،
    فرش تي زيان ٿيندڙ،
    کير کي ڏسندو رهيو.
    کيس وهندڙ کير ۾
    پنهنجي، معصوم پٽ جو لاش پئي نظر آيو.


    دوزخ جي باهه

    تنهنجو پيار،
    مون لئه
    اونداهي ۾،
    روشني جيان آهي
    ۽
    تنهنجي نفرت،
    دوزخ جي باهه جهڙي آهي.


    اهميت

    مون لئه،
    خوشي،
    ايتري اهميت نه ٿي رکي،
    جيترا ڏک،
    ڇو ته،
    خوشين جو ساٿ
    ناپائيدار
    ۽ ڏُکن جو ساٿ
    پائدار هوندو آهي.


    جيت

    تون سدائين،
    منهنجي هارَ تي،
    خوش ٿيندي آهين،
    پنهنجي جيت کان به وڌيڪ.
    پر جي،
    مان تو وٽان هار نه کاوان
    ته تنهنجي جيت
    ڪيئن ٿيندي؟
    ۽
    تنهنجي جيت ۾ ئي ته
    منهنجي جيت آهي.


    وٿي

    مان
    ان ڪري زنده آهيان
    جو مان،
    ڪنهن جي زندگي آهيان
    نه ته،
    موت ۽ مون ۾
    ڪا به وٿي ڪانهي.


    ٻالڪپڻو

    روزا،
    نمازون،
    زڪوات،
    حج
    ۽
    خير خيراتون،
    سڀ تنهنجي نانءُ،
    يا خدا!
    ان جي بدلي مونکي
    منهنجو
    ٻالڪپڻو موٽائي ڏي.


    ننڊ

    جنهن ڏينهن کان،
    هن ٻڌو آهي ته،
    فلاڻي امير جو
    گھر جي ڇت ڪري پوڻ ڪري
    موت ٿيو آهي
    تڏهن کان هُو
    جڏهن،
    پنهنجي محل ۾ سمھندو آهي
    ته
    هن جي ننڊ
    اڏري ويندي آهي.
    جڏهن ته هن جي محل ڀرسان،
    جھوپڙي ۾
    هڪ پورهيت
    گھري ننڊ جا مزا وٺي رهيو آهي.


    واحد القھار

    يا خدا!
    تنهنجو نالو،
    واحد القھار
    هن ڪائنات جي،
    جڙڻ کان اڳ ۾ هيو
    يا،
    هن ڪائنات جڙڻ کان
    پوءِ پيو آهي؟


      امر پيار

    تنهنجو منھنجو پيار،
    مرڻ گھڙيءَ تائين امر آهي،
    ۽ امر پيار ۾،
    وڇوڙن جي ڪا به وقعت نه آهي.


    معنى

    تون جڏهن کان،
    منھنجي ناهين رهي،
    تڏهن کان
    زندگي،
    پنھنجي معنى
    وڃائي ويٺي آهي.


    ڪاش! مان ٻار هجان ها

    منھنجي ننڍپڻ جا ڏينھن،
    ڪيڏا نه سک ۽ سانت جا هيا،
    هاڻ ته
    منھنجي وڏي ٿيڻ سان گڏ،
    مشڪلاتون به،
    وڌي وڻ ٿيون آهن
    سوچيان ٿو ڪاش!
    مان جيڪر ٻار هجان.


    تنهنجو هڪڙو لفظ

    تون،
    جڏهن کان ڌار ٿي،
    نفرتن جا ڪات ۽ ڪهاڙا
    تکا ڪيا آهن
    تڏهن کان
    منهنجي بھار جھڙي
    اجري جيون ۾
    خزان جي موسم
    ٽڪي پئي آهي.
    ان هوندي به
    جي تون،
    هڪڙو ڀيرو
    صرف هڪ ڀيرو
    فون تي ئي
    هيلو چئي وجھين ته،
    منهنجا سڀ ڏاکڙا ڏور ٿي وڃن.


    وڇوڙو

    تون جڏهن مون کان،
    وڇڙي وئينءَ،
    ته تنهنجي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ،
    ايترا سٺا ۽ بھترين دوست مليا.
    جو ان وقت،
    تنهنجي وڇوڙي جو احساس
    ڄڻ ته ٿيو ئي ڪونه هيو
    پر جڏهن
    اُهي سڀ دوست،
    هڪ هڪ ٿي وڇڙڻ لڳا
    ته تنهنجي وڇوڙي جو احساس ڪر کڻي،
    منهنجي وجود ۾،
    واڪا ڪرڻ لڳو آهي.


      جي ايم سيد جھڙو پيار

    اي سنڌ!
    مون کي به توسان
    جي ايم سيد جيان عشق آهي.
    پر آئون، ڏينهن رات،
    ان سوچ ۾ آهيان
    ته آئون توکي،
    جي ايم سيد جھڙو پيار
    ڏئي سگھندس الائي نه؟
    ڇو ته،
    جيڪو پيار توکي جي ايم سيد ڏنو
    اهڙو پيار
    توکي ڪوبه ڏئي نٿو سگھي.


    ڀيڻ

    مون دنيا جون،
    سڀ نفرتون گڏ ڪري،
    هن سان نفرت ڪئي،
    ان جي باوجود به
    هن وري دنيا جون
    سڀ محبتون گڏ ڪري،
    مون سان محبت ڪئي
    ۽ پوءِ
    منھنجي ضمير مونکي چيو،
    هوُءَ توسان ڪڏهن به نفرت نه ڪندي،
    ڇو ته....!؟
    هُوءَ تنهنجي ڀيڻ آهي.


    پراڻيون يادون

    ڪيترن ئي سالن جون،
    پراڻيون يادون،
    آئون اڃان تائين پنهنجي هينئين ۾،
    سانڍيون ويٺو آهيان،
    اڄ جو،
    تون مون وٽ آئي آهين
    ته، هاڻ مونکان پنهنجون
    اهي يادون واپس کنيون وڃ
    ڇاڪاڻ ته
    تنهنجون اهي يادون،
    منهنجي هڏن جو مِک
    کائي رهيون آهن.


    مسڪراهٽ

    سال ۽ صديون،
    گذري وڃڻ کان پوءِ به،
    مان تنهنجي،
    چپن جي مسڪراهٽ
    وساري ناهيان سگھيو
    ڇاڪاڻ ته،
    تنهنجي اها مسڪراهٽ،
    منهنجي وجود جو،
    حصو بنجي وئي آهي.


      ڪينسر

    ڪينسر جهڙي
    خطرناڪ بيماري
    هاڻ ته
    ڏينهون ڏينهن
    وڃي پئي وڌندي
    شايد!
    ڪن پلڪن ۾
    مان وڃان نه مري
    پر پوءِ به
    (منهنجي موت کان پوءِ)
    مونکي اها خبر ڪيئن پوندي
    ته تون
    مون لاءِ
    رني به هئينءَ
    يا نه!


    ديوتا

    تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
    مون پيار ڪيو آ
    تنهنجي يادن سان
    ۽ مان پوڄيندو آهيان
    تنهنجي انهن يادن کي
    دل جي مندر ۾ ويهاري
    ديوتا سمجھي


      اجڙيل دل

    تنهنجي
    ملڻ سان
    منهنجي ويران دل جا
    سڀئي ڪوماڻيل گل
    ٽڙي پيا آهن
    ها بلڪل ايئن
    جيئن
    بهار جي آمد ۾
    سڪل ٻوٽا
    ساوا ٿي پوندا آهن. 


    مطالعو

    تنهنجي
    حسن جي
    هڪڙي جھلڪ
    منهنجي لاءِ
    ڏهن ڪتابن جي
    ”مطالعي“ مثل آهي. 


    خوبصورت زندگي

    هاڻ هي زندگي
    پل پل
    خوبصورت
    ۽ وڻندڙ
    پئي لڳي
    ان ڪري
    جو تون
    منهنجي
    جيون ۾
    آئي آهين


    هڏڪيون

    ماڻھو چون ٿا ته،
    تو مون کي وساري ڇڏيو آهي،
    پر آئون اهو ڪيئن مڃان؟
    ها!
    جڏهن هڏڪيون اچڻ،
    بند ٿي وينديون
    تڏهن مان
    سمجھندس ته
    تو، مونکي
    وساري ڇڏيو آهي.


    قسم

    تون مونکي،
    پنهنجو قسم نه ڏجانءِ
    ڇو ته.
    آءٌ خدا جو قسم کڻي،
    مُڪري ته سگھان ٿو.
    پر
    تنهنجو نه.


    عبادت

    مون ڪڏهن به،
    ڪنهن مسجد، مندر،
    يا ڪليسا ۾ وڃي،
    عبادت ناهي ڪئي
    منهنجو،
    سچ لکڻ/چوڻ
    ڪنهن عبادت کان
    گھٽ آهي ڇا؟


    ڏُک

    زندگيءَ ۾
    ايترا ته
    ڏک مليا آهن
    جو هاڻ خوشيءَ جو
    احساس ئي نٿو ٿئي.


    ڦورو

    آنءُ لٽيرو ۽ ڦورو آهيان
    مون رائيفل جي زور تي
    کوڙ سارن،
    ماڻهن کي لٽيو ۽ ڦريو آهي.
    پر افسوس جو،
    آنءُ گھڻي ڪوشش جي باوجود، به
    رائيفل جي زور تي
    هن جي دل ڦري نه سگھيو آهيان.


    نفرت ۽ محبت

    تو جڏهن،
    مون سان نفرت ڪئي،
    ته مون،
    پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو.
    پر جڏهن،
    تو مون سان محبت ڪئي
    ته، مون،
    خدا کي وساري ڇڏيو.


    جدائيءَ جو درد

    توسان ملڻ تي
    خوشي
    برابر ٿيندي اٿم
    پر، انهيءَ خوشيءَ کان وڌيڪ
    توکان،
    الڳ ٿيڻ جو درد
    وڌيڪ ڀاري لڳندو اٿم.


    ائين ڪڏهن به نه چئجان

    تون چئه ته،
    آءٌ آسمان تان تارا لاهي اچان،
    تون چئه ته،
    آءٌ دنيا جون سموريون خوشيون
    تنهنجي قدمن ۾ آڻي رکان،
    تو چئه ته،
    سياري جي سرد رات ۾ تنهنجو اوسيئڙو ڪٽيان
    پر تون،
    ائين ڪڏهن به نه چئجان
    ته
    تون مون کان الڳ ٿي وڃ.


    روشني

    تون ڪجهه ڏينهن لاءِ،
    منهنجي،
    اکين کان پري هلي وئي آهين
    ته،
    ائين لڳي رهيو آهي
    ڄڻ ته،
    منهنجي اکين جي روشني
    هلي وئي آهي.


    گروي

    مون يادن جي ضمانت ڏئي.
    تنهنجا خواب
    گروي رکيا آهن
    ان خوف کان ته،
    متان تو جيان ڪوئي مون کان
    منهنجا خواب
    نه کسي وٺي.


    قيامت

    تنهنجي هڪڙي چمي،
    منهنجا
    صدين جا ٿڪ لاهي ڇڏيندي آهي
    تنهنجو هڪڙو ڀاڪر
    منهنجا
    سمورا غم مٽائي ڇڏيندو آهي
    تنهنجي هڪڙي مرڪ
    منهنجي
    خزان بڻيل جيون ۾
    بھار آڻي ڇڏيندي آهي
    پر....
    تنهنجي نفرت مان کنيل هڪ نظر
    مون لاءِ
    قيامت برپا ڪري ڇڏيندي آهي.


    خدا آهين تون

    تنهنجون يادون،
    مون لاءِ وندر
    تنهنجو پيار
    مون لاءِ ملڪيت
    ۽ تون
    مون لاءِ خدا آهين.


    وفا

    تنهنجي،
    بيرخيءَ جو ڏک نه،
    پر،
    توسان ڪيل،
    وفا جو ڏک آهي.


    خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟

    ڪلهه فون تي،
    ڳالهائيندي چوڻ لڳي،
    وساريو ته ڪونه اٿئي،
    رسيور کي چمندي چيم،
    خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟


    درد

    مون تنهنجي
    وڇوڙي جي درد کي
    لڪائڻ ٿي چاهيو
    پر اکيون،
    انهيءَ درد کي لڪائي نه سگھيون


    شاعر جي دل

    تون ته
    مونکي چوندي آهين
    ته مان
    سنگدل آهيان
    پر
    تو ڪڏهن
    ڪنهن شاعر جي دل ڏٺي آهي؟!


    نياڻي

    اڪثر چيو ويندو آهي ته
    هڪ نياڻي ست قرآن!
    جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ
    ماڻهو
    نياڻي کي،
    ڪيئن،
    رڍ، ٻڪري جيان
    وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن؟


    بي عقل

    جيئن پوک کي،
    پاڻي جي ضرورت هوندي آهي
    گھر کي،
    عورت جي ضرورت هوندي آهي
    تيئن ئي
    ڪنهن کي سمجھڻ لاءِ
    عقل جي ضرورت هوندي آهي
    پر
    تو وٽ عقل آهي ئي ڪونه
    ته پوءِ
    تون مونکي
    ڌوڙ سمجھندين.


    نيڻ

    تو جڏهن کان،
    مون سان اچڻ جو وعدو ڪيو آهي
    اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن
    مان،
    تنهنجي راهه ۾
    نيڻ وڇايون ويٺو آهيان.


    ڪمزوري

    تو پڇيو ته
    تنهنجي
    ڪمزوري
    ڪهڙي آ
    تنهنجي
    مرڪ جانان!
    تنهنجي مرڪ.


    رشتو

    رت جي رشتي
    ۽،
    دوستيءَ جي رشتي
    کان وڌيڪ
    محبت جو رشتو،
    پاڪ ۽ پوتر لڳندو آهي مونکي
    ۽
    منهنجو توسان
    محبت جو رشتو آهي.


    مَنَ مھڪائي ڇڏيو

    جيئن،
    برسات جي وسي وڃڻ کان پوءِ
    وڻن جا پن،
    مھڪي پوندا آهن
    ايئن ئي،
    مون توکي چاهي
    پنهنجو مَنَ مھڪائي ڇڏيو آهي.


    خوشبو ۽ ڏک

    تون جڏهن،
    منهنجي ٻانهن ۾ هوندي آهين،
    ته،
    ائين لڳندو آهي،
    ڄڻ،
    ساري دنيا جون خوشيون مون وٽ هجن،
    ۽،
    تون جڏهن
    ڏور هلي ويندي آهين
    ته، ائين لڳندو اٿم
    ڄڻ،
    ساري دنيا جا ڏک
    مون وٽ گڏ ٿي ويا هجن.


    زهر جا پيالا

    ڪھڙي ڏوهه جي سزا ۾،
    مون کي سقراط جيان،
    زهر جو پيالو پياريو ٿو وڃي
    جيڪڏهن
    هن کي چاهڻ جي سزا اها آهي
    ته پوءِ
    اهڙا ڪيترائي پيالا
    مان پيئڻ لاءِ تيار آهيان.


    انتها

    تون ڀل،
    نفرت جي انتها ڪري ڇڏ،
    پر آءٌ
    محبت جي انتھا تائين ويندس.


    منهنجي وس ۾ ناهي

    چيائين:
    مون سان ايتري محبت نه ڪندو ڪر.
    چيم:
    اهو منهنجي وس ۾ ناهي.
    چيائين:
    مون کان سواءِ جيءَ سگھندين؟
    چيم:
    اهو به منهنجي وس ۾ ناهي.
    چيائين:
    مون کي وساري ڇڏ.
    چيم:
    اهو به منهنجي وس ۾ ناهي.
    نرڙ تي
    هڪ ڊگھي چمي ڏيندي،
    چيائين:
    تنهنجي وس ۾ ڀلا ڇاهي؟
    چيم:
    جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهيان.


    زندگيءَ جون دعائون

    او_امان!
    مون کي ڊگھي زندگيءَ
    جون دعائون نه ڏي.
    شايد، تون نه ٿي ڄاڻين،
    ته،
    زندگي جيتري مٺي آهي،
    ان کان،
    ڪيئي حصا وڌيڪ
    اذيت ڏيندڙ به آهي.


    ماءُ جو پيار

    هن مون کي،
    پنهنجي ڀاڪر جي حصار ۾ ڀريندي
    منهنجي پيشاني چمندي چيو:
    منهنجو پيار
    تو لاءِ سدائين بڙ جي گھاٽي
    ڇانوَ جيان رهيو آهي
    ان جي باوجود به
    تنهنجي من مان اداسي
    ڏور ناهي ٿي
    چيم:
    ماءُ جي پيار کان سواءِ ڪو به پيار
    مَنَ جي مايوسي،
    مٽائي نٿو سگھي.


    واسطا

    تنهنجا منهنجا واسطا،
    ڪڏهن به
    ختم ٿي نٿا سگهن
    ڇاڪاڻ ته
    نفرت به ته هڪڙو
    واسطو آهي.


    جنازو

    ڪالهه،
    جڏهن منهنجي ڳوٺ مان،
    تنهنجي،
    گھر جو لڏو کڻي رهيا هيا
    ان وقت
    مونکي ائين لڳي رهيو هو
    ته ڄڻ
    اهو تنهنجو لڏو نه
    منهنجو جنازو کڻي رهيا آهن.


    قبضو

    اڄ تنهنجي وڇوڙي جي،
    پھرين ورسي آهي
    ڪوشش ڪريان ٿو ته،
    مک تي مرڪ سجائي
    ورسي ۾ شريڪ ٿيان
    پر،
    گھڻي ڪوشش جي باوجود
    مک تي مرڪ آڻي نه سگهيو آهيان
    ان لاءِ جو
    منهنجي مرڪن جي زمين تي
    لڙڪن قبضو ڪري ورتو آهي.


    موت

    مون موت کي،
    ايترو ته،
    ويجھڙائي کان ڏٺو آهي
    جو هاڻ
    موت جي تصور کان به
    ڊپ نٿو ٿئي.


    پيار

    توکان،
    پيار ملڻ،
    ائين آهي
    جيئن،
    سحرا ۾ گل جي تمنا ڪرڻ.


    موت جو ڪفن

    تون،
    پنھنجي محبت کي،
    خاموشيءَ جو ڪفن پارائي ڇڏ،
    نه ته،
    منهنجا مالڪ توکي،
    موت جو ڪفن پارائي ڇڏيندا.


    ڪارو لباس

    منهنجي،
    جسم تي هي ڪارو لباس،
    ڪنهن ٻي جي نه پر
    تنهنجي
    وڇوڙي جي نشاني آهي.


    بي چين روح

    جڏهن،
    چاهتن جو چنڊ
    تنهنجي،
    مَن آڳر تي کڙي پئي ته،
    تون پنهنجي،
    دل جو دروزاو کولي ڇڏجانءِ
    جو
    منهنجو بي چين روح،
    تنهنجي مَن اندر آرام ڪرڻ چاهي ٿو.


    رنڊڪ

    تو ڏانهن ايندڙ،
    سمورن رستن تي
    هنن
    ڪنڊا ۽ ڪاوا وکيري ڇڏيا آهن
    پر، شايد،
    هُو
    اهو نٿا ڄاڻن
    ته،
    عاشق هر رنڊڪ اُڪري ايسندا آهن.


    عزيز

    مان،
    تنهنجي ڏنل هر درد کي
    دل ۾ سانڍي رکيو آهي،
    ان لاءِ جو
    تنهنجا ڏنل درد
    مونکي،
    منهنجي جان کان به عزيز آهن.


    عاشقي ڇا ٿيندي آهي

    ڪجهه پلن لاءِ،
    تون عاشق ٿي پوءِ
    ۽ مان، تنهنجو معشوق،
    ايئن
    توکي،
    خبر پئجي ويندي ته،
    عاشقي ڇا ٿيندي آهي.


    سهارو

    مون کي،
    ڪنهن به سهاري جي،
    ڪا به ضرورت ناهي
    ڇو ته، سهارا
    ماڻهن کي
    ڪمزور بڻائيندا آهن.


    تو کانسواءِ

    آءٌ،
    اڃيو،
    بُکيو
    ۽
    انگ اگھاڙو،
    رهي ته سگھان ٿو،
    پر،
    تو کان سواءِ
    هڪ پل به نٿو رهي سگھان.


    نفرت

    توسان،
    پيار جي بدلي ۾،
    شھر جا سڀ ماڻهو،
    مون کان نفرت ڪن ٿا
    مون کي،
    انهن جي نفرت جو ڪو به
    ڏک ڪونهي،
    ڏک صرف ان ڳالهه جو آهي،
    ته تون به هاڻ
    مون کان نفرت ڪرڻ لڳي آهين.


    زندگي ۽ موت

    مان،
    زندگي ۽ موت جي وچ ۾،
    چو کنڀو ٻڌل آهيان
    هاڻ ته مون کي،
    نه زندگي ٿي پنهنجو ڪري
    ۽ نه وري موت ئي ٿو پنهنجو ڪري.


    تنهنجي وڇوڙي کان پوءِ

    تنهنجي،
    وڇوڙي کان پوءِ،
    مون کي،
    زندگي سياري جي رات جيان،
    ڊگھي ٿي لڳي
    ۽ مان بستر تي،
    پاسا ورائي ورائي ٿڪجي پيو آهيان.


    ٽهڪ

    مون،
    پنهنجي ڏُکن کي،
    ٽهڪن ۾
    ائين تبديل ڪري ڇڏيو آهي،
    جو هاڻ دنيا کي،
    منهنجا ڏک نه
    ٽهڪ ئي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.


    دعا جا ٻاجھارا هٿ

    او! امان،
    جڏهن کان خدا،
    تنهنجي دعا وارا
    کڄندڙ ٻاجھارا هٿ
    مون کان کسي ورتا آهن
    تڏهن کان
    زندگي حادثن جي ور چڙهي وئي آهي.


    آوي

    جيئن آويءَ ۾،
    ٿانوَ پچندا آهن،
    ها!
    تيئن مَنَ ۾،
    تنهنجا ڏنل درد به پچي رهيا آهن.


    خدا جا بنده

    وڻ ته پنهنجي ڇانو
    نه وڪڻندا آهن
    ته پوءِ....
    اي خدا جا بنده
    تون نياڻي ڪيئن ٿو وڪڻين؟


    سهڻي

    جيئن چانھه،
    پنهنجي نيري لباس ۾،
    سهڻي لڳندي آ،
    چنڊ تارن ۾ سهڻو لڳندو آ
    گل ٽاري ۾،
    سهڻو لڳندو آ
    ائين توکان سواءِ ٻي ڪا به ڇوڪري
    منهنجي مَنَ ۾ سهڻي نه لڳندي آ.


    لفظ ۽ اُمتي

    منهنجي،
    گھر واري مونکي چوندي آ
    ته توکان وڌيڪ تخليق ڪار مان آهيان
    پڇيومان ڪيئن،
    چيائين،
    تون لفظن کي جنم ڏيندو آهين
    ۽ مان امتي کي جنم ڏيندي آهيان
    چيومانس
    امتي مري سگهي ٿو
    پر لفظ نٿا مري سگھن.


    تون پاڻ کان پڇي ڏس

    تنهنجو چھرو،
    چوڏهينءَ جو چنڊ
    تنهنجا وار
    سانوڻ جون گھٽائون
    تنهجو آواز
    ڪوئل جي ڪوڪ
    تنهنجو هلڻ
    مور جي ٽور
    تنهنجا ٽهڪ
    فطري سازن جيئن
    تنهنجا درد
    ماکي جي لار جيان مٺڙا
    ۽ تون پاڻ ڇا آهين؟
    اهو تون مون کان نه
    پاڻ کان پڇي ڏس.


    پوڄا

    ڪاش!
    جي زندگيءَ جي پٺيان
    موت نه هجي هان
    ته، مان،
    عمر ساري تنهنجي پوڄا ڪيان هان.


    محبت

    منهنجي،
    محبت کي،
    تارازين ۾ نه تور،
    محبت جي
    ڪا به تور ماپ نه ٿيندي آ


    توکان پوءِ

    توکان پوءِ
    منهنجي خوشي،
    ماتا جي بيماريءَ وانگر ختم ٿي وئي آهي
    ۽ منهنجا درد
    روز سج جيان اڀري ٿا پون.


    منهنجي دل

    ڄامشوري،
    جي شام جھڙي ڇوڪري،
    جيئن تنهنجي
    مٿي تي بنديا لڳل آهي،
    ائين ئي،
    منهنجي دل به،
    توسان لڳل آهي.


    ديوانگيءَ جو انت

    هن پڇيو ته،
    تنهنجي،
    ديوانگيءَ جو انت ڇا آهي؟
    سِر سندس قدمن ۾ رکندي چيم،
    ديوانگيءَ جو اهو انت آهي.


    تون منهنجو پيار آهين

    تنھنجي زندگي،
    منھنجي زندگي آهي
    ۽ مون کي
    پنهنجي زندگيءَ سان پيار آهي
    ۽ تون منهنجو پيار آهين.


    پيار پوڙهو نه ٿيو

    منھنجي،
    خوبصورت چھري تي،
    گھنج پئجي ويا آهن،
    اکين جي روشني جھڪي ٿي وئي آهي
    ڪارا نڀور وار،
    چاندي ٿي ويا آهن،
    منھنجا ٻار ڀي
    جوانيءَ جي حد پار ڪري چڪا آهن،
    ايترو ڪجهه،
    بدلجي وڃڻ جي باوجود به
    تنهنجو پيار،
    منهنجي دل ۾ اڃا پوڙهو نه ٿيو آهي.


    ٿورو پاڻ کي تبديل ڪر

    زندگي ائين ناهي
    جيئن سمجھين ٿو
    دوستي ائين ناهي؟
    جيئن سمجھين ٿو.
    گلن سان گڏ ڪنڊا به هوندا آهن،
    سمجھي وٺ،
    مٺاڻ سان گڏ ڪڙاڻ به چکڻي آهي،
    سمجھي وٺ،
    دوستيءَ سان گڏ دشمني به هوندي آهي،
    سمجھي وٺ،
    زندگي ائين ناهي،
    جيئن سمجھين ٿو،
    بس ٿورو پاڻ کي تبديل ڪر.


    جيئڻ جي آس

    آءٌ، ان آس تي،
    جيءَ رهيو آهيان
    ته،
    تنهنجون نفرتون،
    هڪ نه هڪ ڏينهن،
    محبت جو روپ وٺنديون.


    فيصلو

    تو، مون کان،
    الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيئن ڪيو؟
    تنهنجو مون کان،
    الڳ ٿيڻ مون لئه،
    موت جيان آهي.


    دکن جي بارش

    مون پنهنجي نيڻن ۾،
    جيڪي خواب سجائي رکيا هئا
    تنهنجي دکن جي بارش
    ايتري ته برسي پئي
    جو انهيءَ بارش ۾،
    سمورا خواب لڙهي ويا.


    تون ۽ مان

    هن پڇيو ته
    محبت ڇا آهي؟
    محبت ڪيئن هوندي آهي؟
    اکيون اکين سان ملائيندي کيس چيم
    تون ۽ مان!


    تنهنجو وڇوڙو

    تنهنجي ڪاوڙ ،
    مون لئه
    قيامت جو منظر،
    تنهنجي محبت
    مون لاءِ،
    جنت جهڙي،
    ۽ تنهنجو وڇوڙو،
    مون لاءِ
    موت آهي.


    دوزخ جي باهه

    دوزخ جي باهه به،
    مون کي،
    ايتري تڪيلف نه ڏيندي،
    جيتري تڪليف،
    تنهنجي بي رخيءَ تي ٿيندي اٿم.


    دردن سان دوستي

    زندگيءَ ۾،
    دک جي نه هجن ها،
    ته زندگي کي سمجھڻ
    ڏکيو ٿي پوي ها،
    تون جي،
    زندگيءَ کي سمجھڻ چاهين ٿو ته،
    دردن سان دوستي رک.


    گُڏي

    هن ظالم سماج،
    ۽ انڌي معاشري،
    جا گڏي مون کان کسي ورتي
    اها گُڏي،
    بازار مان ملي ها
    ته منهنجون اکيون
    رت نه روئن ها.


    يادن جون ٻيڙيون

    جانان!
    تو وري درياءَ جي هن ڀر،
    پنهنجو گھرٺاهي ڇڏيو
    هاڻ،
    يادن جون ٻيڙيون ٺاهي
    توسان ملندو رهندس.


    درد جي لپ

    تو سودي ۾،
    مون وٽان،
    خوشين جا انبار کڻي،
    مون کي،
    دردن جي لپ ڇو ڏني اٿئي؟


    خوابن جي تعبير

    ڪنهن چيو هيو ته:
    ”خواب تعبير ناهن ماڻيندا“
    پر اهيو ڪوڙ آهي،
    ڇو ته .....
    تنهنجي مون سان محبت،
    منهنجي خوابن جي تعبير آهي.


    دل لڳي

    تو پڇيو هيو ته،
    تون مون کي،
    ائين گھور ڪري ڇو ڏسندو آهين؟
    چري!
    اها توسان دل لڳي آ.


    تون ڪڏهن به خفا نه ٿين ها

    تنهنجي،
    بي رخيءَ کان پوءِ،
    منهنجي دل تان ڇا گذريو آ،
    ان جي توکي پروڙ هجي ها
    ته تون،
    مون کان ڪڏهن به خفا نه ٿين ها.


    خوشبوءِ

    تون جڏهن به ،
    منهنجي گھر آڳر تي،
    پنهنجا قدم رکندي آن،
    ته،
    منهنجو سمورو گھر
    خوشبوءِ سان واسجي ويندو آ.


    حاصل

    توکي،
    وڃائڻ کانپوءِ،
    ڪنهن به شئي حاصل ڪرڻ تي،
    دل نه چاهيندي آهي.


    عشق ۽ قيد

    دوستن يارن جي شڪايت آ،
    ته عمر گذري وڃڻ جي باوجود به
    ڪجهه نه ڪري سگھيس،
    پر کين ڪيئن چوان ته:
    هن جي عشق ۾،
    اهڙو ته قيد ٿي ويس،
    جو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به،
    ڪجهه نه ڪري سگھيس.


    خوشين جي خيرات

    مونکي هاڻ،
    تنھنجي،
    خوشين جي خيرات نه گھرجي،
    ڇاڪاڻ ته،
    مون دردن سان گڏ،
    رهڻ سکي ورتو آهي.


    بي رخيءَ جا ٽانڊا

    تون،
    روز روز
    مون کي
    بي رخيءَ جا ٽانڊا نه ڏي.
    ڪٿي،
    آءٌ ، سڙي خاڪ نه ٿي وڃان.


    تنهائي

    تون جڏهن
    مون کان،
    وڇڙي ويندي آهين،
    ته مان،
    تنهائي کي،
    پنهنجو ساٿي بنائيندو آهيان.


    مايوس

    تون جڏهن،
    مايوس ٿي ويندو آهين،
    ته،
    ائين ڀاسجندو اٿم،
    ڄڻ،
    سج ڪڪرن ۾ لڪي ويو آهي.


    پيار ماپي نٿو سگھجي

    پڇائين ته:
    تون مون سان،
    ڪيترو پيار ڪندو آهين،
    کيس چيم،
    جيئن سمنڊ جي گھرائي ماپي نٿي سگھجي،
    ها!
    تيئن پنهنجو پيار به
    ماپي نٿو سگھجي.


    زندگيءَ سان پيار

    نفرتن جي تکي اُس ۾،
    برف جيان ڳري رهيو هيس،
    جڏهن کان،
    تو پيار جي برسات وسائي،
    تڏهن کان،
    زندگيءَ سان پيار ٿي ويو آهي.


    غربت جا بَکيا

    ڪلهه هُن،
    منھنجي غريبيءَ جا،
    بَکيا اُڍيڙي ڇڏيا،
    ڪاش!
    هُوءَ مون سان،
    محبت ڪرڻ کان اڳ ۾،
    هڪ وار
    منهنجي زندگيءَ تي سوچين ها،
    ته اڄ،
    منهنجي غريبيءَ جا بَکيا،
    نه اڊڙجن ها.


    پتو نه مونکي ڪيئن ڊهياسين

    سمورا تنهنجا هئاسين پوءِ ڀي،
    ذرو به تنهنجا نه ٿي سگھياسين.
    اسان ته معصوم ڪيفيت جا،
    فقير جذبا به توکي ارپيا،
    جوان جذبن جي هر خواهش به،
    تنهنجي الفت جي نانءَ ڪئي
    جڏهن کلياسين، جڏهن رناسين
    اها جدا پوءِ ڳالهه هوندي سائين
    ته پاڻ جيئن جيترا ڀي هئاسين
    نه مور توبن ڪٿي ٺهياسين،
    حيران چپڙن جو گيت اڌورو
    ڪڏهن به آهي ته تو ڪونه سمجھيو،
    نھار جيڪا صدين کان ڀٽڪيل،
    ڪڏهن به توکي نظر نه آئي،
    تو حسين نظرن جي بس چلولائي
    نه کڻي سفر جو يقين آئي
    پتو نه مونکي ڪيئن ڊهياسين
    پتو نه توکي ڪيئن ڊهياسين.


    يتيميءَ جو احساس

    يتيمي ڇا هوندي آ
    مون کي ڪا به خبر نه هئي،
    يتيمي جو احساس،
    ڪيئن جيءَ جھوريندو آ
    مون کي ڪا به خبر نه هئي،
    يتيميءَ جو ڪارو نانگ،
    ڪيئن ساري وجود کي ڏنگيندو آهي
    مون کي ڪا به خبر نه هئي
    يتيم ٻار جا احساس
    ڪيئن مجروح ٿيندا آهن
    مون کي ڪا به خبر نه هئي
    پر جڏهن،
    بابا ۽ امان
    منهنجي اکين کان پري ٿي
    مون کي هميشه لاءِ الوداع چئي هليا ويا،
    ته مونکي خبر پئجي وئي
    ته يتيمي ڇا هوندي آ.


    سنڌ کان تون اتم ناهين!

    مونکي منهنجي او پريتم،
    پنهنجي ڇاتيءَ تي سمهاري،
    پيار جا ڪي ٻول ٻڌائي،
    منھنجي ڳچيءَ ۾،
    پنھجي نازڪ ٻانهن جا زنجير نه وجهه،
    ۽ پنهنجا گلابي چپ،
    منهنجي چپن تي رکي خاموشيءَ جو تالو نه هڻ،
    ڏسين نه ٿي ۽ ٻڌين نه ٿي،
    مون کي منهنجا ساٿي،
    هوشو، هيمون، دريا خان ۽ شهيد
    پل پل پيا ٿا پڪارين،
    سنڌ جي آزادي خاطر وڙهڻ ۽ ڪسڻ لاءِ،
    مونکي نه روڪ تون نه روڪ تون،
    هو ڏس ڀٽائي به ڪر کڻي ٿو ڏسي،
    ۽ اياز به ڪراڙ تان پيو پڇي،
    ڏسئون ڪير ٿو اچي،
    پنهنجي رت سان سنڌ کي ريج ڏئي،
    آزاديءَ جو فصل پوکي،
    ۽ جام شهات جو پئي،
    مون کي تون چنيسر نه بناءِ،
    مان دودو ٿي ميدان ماريان،
    ڌاريا سڀ سنڌ مان ڌڪاريان
    آخر تون چوڻ ڇا ٿي چاهين،
    تون پيار منهنجو برابر آهين
    پر تون سنڌ کان اتم ته ناهين
    ڏس بلاول ڪيئن گھاڻي ۾ پيڙهيو ويو
    منصور سوليءَ تي چڙهي ويو،
    برفت سنڌ خاطر روپوش ٿيو
    ڌارين کي پيو للڪار ڪري
    گولين جي گونجار ڪري
    ڏکيو وقت اڄ سنڌ تي آيو آ،
    سن مان سيد جو پيغام آيو آ
    ڪٿي به اڄ رڪڻو ناهي
    ماٺ ڪري ويهڻو ناهي
    ڪنهن جابر اڳيان جھڪڻو ناهي
    آزاديءَ جو سڏ آ ٿيو،
    مون ڪفن سر سان آ ٻڌو،
    تنهنجي مَنَ ۾ آخر ڇاهي
    تون پيار برابر منهنجو آهين،
    پر سنڌ کان تون اتم ته ناهين.


    دردن ڦولاريا ڦول

    تنهنجي ڏنل دردن
    هاڻ ته
    ڪيترائي ڦول ڦولاريا آهن،
    جن مونکي
    وقت کان اڳ ۾ پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.


    مان شاعر آهيان

    هر ماڻهو جي موت تي،
    قل پڙهيا ويندا آهن،
    پر منهنجي موت تي
    قلن بدران
    گيت، غزل، وايون ۽ نظم پڙهيا ويندا
    ڇو ته
    مان شاعر آهيان.


    سجدو

    خدا کان پوءِ توکي
    ۽ توکان پوءِ
    خدا کي سجدو ڪيو اٿم
    پر
    اڃان تائين
    نه تون ملي سگھيو آهين
    ۽ نه ئي خدا ملي سگھيو آهي.


    اهميت

    زندگيءَ جي اهميت
    ڪڏهن ناهي ٿيندي
    جڏهن
    زندگيءَ مان پيار نڪري ويندو آهي.


    سازشون

    تون منهنجي روح ۾،
    ائين سمايل آهين
    جيئن خوشبوءِ گل ۾،
    گل کان ڪڏهن
    خوشبوءَ جدا ٿي آهي
    جو هو
    پاڻ کي جدا ڪرڻ جون
    سازشون ڪري رهيا آهن


    ملاقات

    اڄ آئون توکي،
    هڪڙي ڇوڪري سان ملايان ٿو
    هن ڇوڪري کي
    ننڍي هوندي عشق جي چوٽ لڳي هئي
    ۽ اڄ سوڌو ان عشق سان
    هيءَ نڀاءُ ڪندو پيو اچي
    هن ڇوڪري ڪڏهن به
    وڏيون خواهشيون ناهن ڪيون
    ۽ هر شئيءَ کي
    قناعت جي نظر سان پئي ڏٺو؟
    هن جي خواهشن جو دائرو،
    انتهائي محدود رهيو آهي
    عشق ۾ هن کي
    شاهه، سچل، اياز ۽ استاد سان کيس
    انتهائي درجي جو چاهه آهي
    ان ڇوڪري کي شايد
    سُتيءَ ۾ درد ملائي پياريا ويا هئا
    ان ڪري دردن هن جو پلئه
    ڪڏهن به ناهي ڇنو
    خوشين جي بنسبت
    هن دردن سان پيار ڪيو
    ان جو سبب شايد
    خوشين جو ساٿ ٿورو ۽ ناپائدار هوندو آهي
    جڏهن ته
    دردن جو ساٿ پائدار هوندو آهي.
    ڪتاب، موسيقي ۽ اڪيلائي
    هن جون ساٿي رهيون آهن،
    دوستن جتي کيس
    خوشيون ارپيون آهن
    اتي انتها جا درد به گفٽ ڪيا آهن
    الائي ڇو؟
    هر شيءَ فنا آهي وارو فلسفو
    هن کي جھوري وجھندو آهي
    ويران منظر، خزان جي موسم
    ۽ ٺڪرايل ماڻهو
    هن کي ڏاڍا وڻندا آهن
    موسمون، گل وڻ ٽڻ ٻوٽا
    ۽ ٻيا سمورا منظر اڪثر هن تي
    اثر انداز ٿي نه سگھندا آهن.
    هن جو سبب شايد
    هي اندر جي موسمن جي
    زيرِ اثر گھڻو رهيو آهي
    هڪ ڀيري موهن جي اسٽوپا کي گھوريندي
    هن کي لڳو هيو
    ڄڻ ته هي هتي جنمن کان ايندو رهيو آهي
    اهو ڇوڪرو
    جيڪو هاڻ شاعر ۽ ليکڪ ٿي ويو آهي
    پر کيس ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي
    هوءَ جيڪا
    هن جي چاهت هئي
    سا ان هن جي ٿي نه سگھي.


    ڪاوڙ

    تون چوندي آهين
    تنهنجي مرڪ شاعري آهي.
    ۽ تنهنجا ٽهڪ ڪهاڻي آهن
    پر مان چوندو آهيان
    ته
    تنهنجي ڪاوڙ نقاد جهڙي آهي.
    **


    دل

    سال ٿيا آهن
    جو هوءَ ملي نه سگهي آهي
    ۽ نه ئي فون تي،
    ڪو رابطو ٿيو آهي
    ها!
    هجي ڪير ؟
    جو کيس اهو ٻڌائي
    ته، مان
    تنهنجي دل سنڀالي سنڀالي
    پنهنجي دل وڃائي ويٺو آهيان.
    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375263
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406609
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ