ڪتاب جو نالو: اُوشا جي آشا
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت سکر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1979
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 20 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 366 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 81 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي رسول ميمڻ بنيادي طور ھڪ ڪھاڻيڪار آھي پر سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اظھار بہ گهٽ ناھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • نظم

  • رَت جي ريٽي رُت ۾
  • دوري
  • اُڏام
  • هائيڪا

  • هائيڪا
  • وايون

  • سڏڪا ٿيا سڏ
  • اُٺن پُٺيءَ پاکڙا
  • دَر، دَر دانهن دلال
  • رُڃ سان اُڃ اُجھائي
  • ڇِني پنهنجي ڇيرِ
  • اَٽڪيل منهنجون اکيون
  • پاريهر جا پير
  • ڏيئا ڏيئا ڏارَ
  • چکيا چڙهيا چَپَ
  • رِڻ ۾ رقات گُذاري
  • هيرَ هَلُ تون هَولي
  • ڏَنگُ نِسورو ڏَات
  • مَقتل اهي مَوکي
  • ڪَنول بڻيا هن ڪانڌي
  • آزاد نظم

  • چيٽ جي مھيني ۾
  • چنڊ
  • آکيرا
  • ڳولا
  • غدار
  • چنڊ تارا
  • امن
  • گھنجَ
  • خدا جي وجود جو جسماني احساس
  • موت جو ساز
  • طوفانو! ڪٿي آهيو؟
  • سجدو ڪيو
  • حياتي، خدا ۽ تون
  • دوها

  • دوها

  • حق ۽ واسطا

    اُوشا جي آشا

    (چونڊ شاعري)

    رسول ميمڻ

    سنڌي ادبي سنگت
    سکر

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    (سڀ حق ۽ واسطا مصنف وٽ محفوظ)

    ڇاپو پهريون 1000 ڪاپيون

    1979ع

    قيمت: 3-00

    هي ڪتاب ادل سومري سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سکر، ماڊرن پرنٽنگ پريس سکر سنڌ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    امر جليل جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوشا جي آشا “ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي رسول ميمڻ بنيادي طور ھڪ ڪھاڻيڪار آھي پر سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اظھار بہ گهٽ ناھي. ھو لکي ٿو:
    ”مان جڏهن به ڪلا تي سوچيندو آهيان ته ڄڻ سر جي پاڻيءَ ۾، گلابي ڪنولن جي وچ مان ترندو، ان جي تري ۾ پيل ڳُجھين ولين ۾ پير وچڙائي ويهندو آهيان. مان اُهو سُٽ ڪڏهن به سُلجھائي نه سگھندس. ڪلا منهنجي نظرُن ۾ ڪارونڀار آهي، جنهن کي ڪڏهن به پار ڪري، پري کان انڊلٺ جيان وڪڙ کائي جھُڪيل آڪاش تائين پهچي نه ٿو سگھجي. ڪلا جو ڪارونڀار وسيع ۽ انيڪ گهرو آهي، جيڪو پاڻيءَ سان ته ڪنارن تائين ٽُٻ ڀريو بيٺو آهي، پر ان جو پاڻي چکي به نه ٿو سگھجي.“
    ھي ڪتاب 1979ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سکر پاران ڇپايو ويو ھو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    “جن ماڻهن جا ڏيئا انهن جي پويان ٻرندا آهن، انهن جا پاڇا انهن جي اڳيان هلندا آهن.”
    مان جڏهن به ڪلا تي سوچيندو آهيان ته ڄڻ سر جي پاڻيءَ ۾، گلابي ڪنولن جي وچ مان ترندو، ان جي تري ۾ پيل ڳُجھين ولين ۾ پير وچڙائي ويهندو آهيان. مان اُهو سُٽ ڪڏهن به سُلجھائي نه سگھندس. ڪلا منهنجي نظرُن ۾ ڪارونڀار آهي، جنهن کي ڪڏهن به پار ڪري، پري کان انڊلٺ جيان وڪڙ کائي جھُڪيل آڪاش تائين پهچي نه ٿو سگھجي. ڪلا جو ڪارونڀار وسيع ۽ انيڪ گهرو آهي، جيڪو پاڻيءَ سان ته ڪنارن تائين ٽُٻ ڀريو بيٺو آهي، پر ان جو پاڻي چکي به نه ٿو سگھجي.
    ساگر ۽ اڻ هوند،
    پاڻي پاڻي هر طرف،
    پر نه پيئڻ لئه بُوند.
    منهنجي چوڻ جو مقصد هرو ڀرو به صرف ايئن نه آهي، ته ڪو ڪلا ڪنهن قدآور هاٿيءَ جي ڪُلهن تي رکيل پالڪي آهي، ۽ هاٿي جنهن کي چاهي پنهنجي طاقتور سُونڍ سان چيلهه کان وٺي ان ۾ ويهاري ۽ لاهي. پر منهنجو اشارو اُن تاس ڏانهن آهي، جيڪا انسان کي سمنڊ ۾ ترندي به محسوس ٿئي ٿي.
    هونءَ ته اُهو به صحيح آهي ته بڙ جي پاڙ ۾ بيٺل ٻوڙا ٿوريءَ واءُ تي جھُڪي وڃي بڙ جي پاڙن ۾ پون ۽ بڙ پنهنجي ڊگھائي ۽ بُلنديءَ کي نظر انداز ڪري صرف انهن ٻوڙن جي ڇُهاءَ کي ئي محسوس ڪندو ۽ ڏسندو رهي.
    مان گروپ بنديءَ جي سخت مخالف آهيان. مون کي انهن هٿ ٺوڪين اديبن سان سخت اختلاف آهي، جيڪي فن کان وانجھيل هوندا آهن ۽ صرف ڏيٺ ويٺ جي بنيادن تي هڪ ٻئي جي تعريف ڪندا آهن. انهن جي انهن خُودار ۽ ٿوهر جيان هوڏين انسانن تي نظر ئي نه پوندي آهي، جيڪي گرم ريگستان م به لُڪ جو سينو چيريو ڳاٽ بُلند ڪيو بيٺا هوندا آهن. جيتري Diplomacy سنڌي ادب ۾ آهي، ايتري شايد ئي ڪنهن ٻئي ادب ۾ هجي. ڪن ڪن جي زندهه دلي تمام مشهور آهي، پر جڏهن انهن جي ويجھو وڃي ڏسبو ته اهي واقعي ئي نيڪ ۽ اشراف نظر ايندا. هڪ انڌي کي سڙڪ پار ڪرائي، پنهنجو ٽوپ لاهي انتهائي شرميلي مُرڪ سان ان آڏو جھڪندا. ڀلا ٻڌايو ته انڌي آڏو ٽوپ لاهي جھڪڻ مان ڇا مطلب؟
    مان آجيان ڪريان ٿو اهڙن اديبن ۽ مُفڪرن جي جيڪي هڪ فنڪار کي ان جي شخصيت کان پاسي رکي صرف ان جي فن تي پرکيندا آهن.
    مان بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهيان، پر شاعري منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.
    گھڻا سال اڳ جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته اهو سڀ پنهنجي ليکي هوندو هيو. منهنجو ڇپائڻ سان ڪو به چاهه نه هوندو هيو. پر پوءِ منهنجي دوستن، خاص ڪري ادل سومري جنهن مون کي هڪ مشاعري جي دعوت ڏني، ۽ اتان مان آهستي آهستي پوءِ پان کي ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. ان مختصر مگر بيحد پيڙا واري دور ۾ جن شخصيتن منهنجي رهنمائي ڪئي مان انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھان. خاص ڪري رشيد ڀٽي جنهن مون کي ياد آهي پهريون دفعو سنڌي ادبي سنگت ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ منهنجي پهرين ڪتاب جو مهاڳ لکيو. ان کان پوءِ فتاح ملڪ آهي جنهن جي رهنمائيءَ ۾ مون ايترو ته جوش سان لکيو جو خود پنهنجي ماضيءَ تي حيران آهيان.
    “امن جي نالي” کانپوءِ امر جليل لکيو “رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جهڙن ٻن قدآور نالن جي وچ ۾ سينڊوچ ٿيڻ جي باوجود رسول ميمڻ مون کي بيحد قدآور محسوس ٿيو آهي. مون کي رسول ميمڻ ايئن لڳو آهي، ڄڻ ٻن قدآورن ٽئين قدآور جو تعارف ڪرايو آهي.” (هلال پاڪستان 30 آڪٽوبر 1977ع)
    امر جليل انهن اديبن مان آهي، جيڪي ڪنهن به انسان جي شخصيت ۽ عهدي کي نظر انداز ڪري ان کي ان جي فن تي پرکيندا آهن. مان جليل جو دوست نه آهيان، نه هن مون کي ڏٺو آهي ۽ نه مان هن کي. پر Inspiration هر هڪ جي حصي ۾ نه ايندي آهي. اهو حساس پڻو ئي آهي جيڪو هڪ انسان کي ازخود اهو چورائڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو، جيڪو هو بغير ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي محسوس ڪري ٿو. جليل سوين ميل ڏور ويهي به نئين ٽهيءَ جي جهڙي نموني رهنمائي ڪري رهيو آهي، اها سنڌي ادب جي مستقبل ڏانهن لنوائڻ جهڙي نه آهي.
    جيستائين شاعريءَ جو تعلق آهي ته ڪو به ڪهاڻيڪار، جيستائين ان ۾ اها خصلت موجود نه آهي اهو مڪمل نه آهي. (اها منهنجي ذاتي راءِ آهي.) شاعري نثر جو هڪ اهم جُز آهي. شاعري ئي آهي جيڪا ڪهاڻي کيتر کي جلا بخشي ٿي. پوءِ اهو هئنرخ بوئل هجي يا ارسڪن ڪاڊويل. جيستائين ان وٽ لطيف جذبا نه آهن هو مڪمل اظهار ڪري نه ٿو سگھي. اهو لکڻ، لکڻ ئي نه آهي جيڪو ڀوڳي نه لکيو ويو هجي. بوئل کي پڙهبو ته ايئن لڳندو ڄڻ اسان جا چپ سنگمرمر جي ڪتبي کي وڃي لڳا آهن، جنهن ۾ توهان کي بي پناهه ٿڌاڻ پئي محسوس ٿيندي. ڪاڊويل جو افسانو ختم ٿيندو ته ڳوڙهن پويان لفظ ڌنڌلا ٿي ويندا ۽ جبران ايئن محسوس ٿيندو جيئن سج لٿي کان پوءِ ڪارو پاڇو نديءَ جي ڪناري وڻ کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي. شاعريءَ جي لفظن ۾ بي پناهه اظهار سمايل آهي، ان ۾ محسوس ڪرائڻ جي هڪ وڏي سگھ موجود آهي. مان سمجھان ٿو ته دنيا جي هر سٺي ڪهاڻيڪار وٽ شاعريءَ جا عڪس ضرور آهن پوءِ هو انهن کي الڳ نموني چٽي ٿو يا نه، اهو ان تي منحصر آهي. بهرحال مون انهن کي چٽيو آهي ۽ اهي اوهان جي سامهون آهن.
    متاثر ٿيڻ حساس پڻي جو مظهر آهي ۽ مان به متاثر ٿيو آهيان. ٽئگور، پبلو نرودا ۽ واين ۾ اياز- اهي منهنجا Favorite شاعر آهن، جن جو رنگ توهان کي ڪٿي ڪٿي منهنجي شاعريءَ ۾ نظر ايندو، پر ايئن به نه آهي ته ڪو مان لائي پائي انهن جي پويان پيو آهيان. مون وٽ پنهنجا جا الڳ اسلوب آهن، الڳ راهون آهن.
    “اُوشا جي آشا” ۾ گھڻو ڪري شاعريءَ جي جديد صنف تي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ جو چوٿون حصو اڻ ڇپيل ۽ باقي مختلف رسالن ۾، خاص ڪري مهراڻ ٽماهيءَ ۾ ڇپيل آهي. ان ڏس ۾ مان امداد حسينيءَ کي ڪڏهن به نه وساريندس جنهن ڏي مون پهريون دفعو شعر اماڻيا ته موٽ ۾ هن مون ڏي هڪ خط موڪليو، جيڪو پڙهي مون کي محسوس ٿيندو آهي، مان ڪهاڻيڪار نه پر شاعر آهيان.
    هن سموري لکڻ جو منهنجو مطلب اهو هرگز ڪو نه هيو ته ڪو توهان آڏو پنهنجون خوبيون بيان ڪريان، منهنجي لکڻ جو مقصد صرف اهو هيو ته انهن نقاد سڳورن کي صرف اهو ٻڌائي سگھان ته سر جي پاڻيءَ جي تري ۾ پيل ولين جيان پاڻ کي ڪنهن جي قدمن ۾ ڦاسائڻ بدران، هن جي تار جو جائزو وٺو. جيڪو محسوس ڪريو ٿا ته اهو ڪنهن به بغض کان سواءِ سچائيءَ سان بي ڊپا ٿي چئي ڏيو.
    مان ان ڳالهه جي مخالفت ڪريان ٿو ته لازمي نه آهي ته جيڪو نظريو اوهان رکو ٿا، جيڪو توهان چاهيو ٿا، ان تي اسان ٺهڪي نه ٿا اچون ته اديب ئي ناهيون. ادب ڪو به ضابطو قبول نه ڪندو آهي. سچائي اُها آهي جيڪا ڪنهن به ضابطي کي ٿُڏي بي ڊپائيءَ سان ظاهر ٿئي. پوءِ چاهي اُها قبول پئي يا ٺُڪرائي وڃي. اهو لازمي نه آهي ته عوام کي اهو ڪجھ ڏنو وڃي جيڪي هو چاهي ٿو، پر هن کي اهو قبول ڪرائڻو پوندو جيڪي اسين چاهيون ٿا. عوام جي ذهني معيار تي وڃي اسان Blackmail ٿي شهرت ته حاصل ڪري سگھون ٿا پائيداري نه.
    جيستائين نقادن جو تعلق آهي ته اهي پنهنجي محرومين جو احساس ٻين تي ڇوهه ڇنڊي نه ڪن، پر نقاديءَ جي دائري ۾ رهي ڪڏهن به اديب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ٻين جي ڪُلهن کي پوئتي ڌڪي پاڻ اڳرا نه ٿين.
    ڪلا ته هر صورت ۾ امر آهي، جيڪڏهن اها ڪلا آهي ته، پوءِ چاهي ان کي تنقيد جو ڪفن پارائي دفن ئي ڇو نه ڪيو وڃي. قبر کي اُڀار هوندو آهي، پنهنجي Prominence هوندي آهي.
    * موزارٽ جون جيئري سڀ ڌنيون چوري ٿي وڃن، هن کي جيئري ڪيترا به عذاب ڏنا وڃن، ناجائز تنقيدون ڪيون وڃن، پر پوءِ به هن جا Opera فنا نه ٿا ٿي سگھن.صدين کان پوءِ به هن جي وائلن جا سُر سٽينزا جي سڏڪن سان گڏ دنيا جي اسٽيج تي نمودار ٿيندا رهن ٿا. ليونارڊو جي موناليزا مُرڪي ٿي ۽ مائيڪل اينجلو جو David (حضرت دائود) ايئن ئي جيئرا سلامت آهن.
    هونئن به مان سمجھان ٿو ته تنقيد ڪو اصلاح جو موثر ذريعو نه آهي. هن کي ثانوي حيثيت حاصل آهي. مان ان ڳالهه جي حمايت ڪندس ته هر ڪا ڦير پاڻ مُرادي آهي، ان ۾ ارتقا جو عمل ڪارفرما آهي، ارتقا ٽائيم وٺندي آهي ۽ تنقيد اُن ٽائيم کي پُر نه ٿي ڪري سگھي. ذهن تنقيد کي هر حال ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جيستائين اُهي ارتقا جون منزلون لتاڙي هڪ نئين لقاءَ ۾ رونما نه ٿا ٿين. ان عمل ۾ تنقيد جو ايترو هٿ نه آهي جيترو جدوجهد ۽ ارتقا جو. ڦير سڀاويڪ آهي ۽ اُها ڪاڏي به مُڙي سگھي ٿي. خود تنقيد کي ئي نوان رُخ اتان ملن ٿا.
    تنقيد ذريعي اڳواٽ گھڙيل راهن تي نون آيلن کي هلائڻ مان گُناهه سمجھان ٿو. هر نئين آيل کي ڇڏي ڏيو ته هُو ڀل پنهنجي لاءِ هڪ جدا راهه ٺاهي.

    رسول ميمڻ
    تاريخ
    30 اپريل 1979ع

    ___
    * ويانا (آسٽريا) جو عظيم موسيقار، جيڪو ارڙهين عيسوي صديءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ مئو. هو پنهنجي زال ستينزا جي سُڏڪن جي آواز ۾ وائلن جا سُر ڀريندو هيو ۽ جڏهن هن کي سردي ٿيندي هئي ته جسم ۾ گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال سان ناچ ڪندو هيو.


    نظم

    رَت جي ريٽي رُت ۾

    ڳاڙهي رت جي ريٽي رت ۾،
    ٿو سج سنجھا جو ايئن لڳي،
    ڏينهن ڏسي ڏاڍ سان،
    جيئن رات جو حبشي ڪنڌ ڪپي.

    آ لانگ ورائي سانت سوار،
    ۽ هيٺان اُڀ جو سينو آ،
    آ ڪيڏي مونجھ انڌيرن ۾،
    هر تارو جيئن پسينو آ.

    چنڊ کي هر هر ڏنگ هڻي،
    ٿي رات جي نانگڻ زهر ڀري،
    ۽ زهر جهڙي چانڊوڪيءَ ۾،
    اڀ مان ٿو چنڊ ڏاڪ ڪري.

    آ جيئن وسيهر ڇپ هئين،
    ايئن ڪاري رات جو سايو آ،
    هر چنڊ ۾ آ هيڊاڻ عيان،
    هر سورج پاڻ ڏنگايو آ.

    هن بيٺل رات جي پاڻيءَ تي،
    آ سانت جو سينور ڪيڏو ڪنو،
    ڪنهن وقت کي آهي واڍ وڌي،
    ۽ گھڙيءَ گھڙيءَ کي گھُٽو ڏنو.

    هر سورج هتڙي سنجھا جو،
    ٿو اڀ ۾ پنهنجو رت رلائي،
    ۽ پنهنجي بچيل پيلاڻ کڻي،
    ٿو انڌيارن ۾ چنڊ سڏائي.

    هر ٿڪل ٽُٽل پيلو چنڊ،
    هت رُوپ لُٽائي ويندو آ،
    پر ڍرڪي ڍرڪي مقتل ڏي،
    ڪا باک ڦُٽائي ويندو آ.


    دوري

    ڏوران ڏوران چنڊ ڏسي،
    جاڳي پيو هو من جو مور،
    ڀڙڪي کائي پوءِ اُڏاميو،
    هاءِ اسان جو من چڪور.

    تارن ۾ سو ترندو ويو،
    ايئن ڦَڙ ڦَڙ پرڙا ماري من،
    سڀ ستارا سانت هيا ۽
    ڪو نه چُريو ٿي ڪو ئي پن.

    ايئن انڌيارن ۾ اُڏري اُڏري،
    چندرما کي ويجھو پائي،
    وڃي ڪريو هو اونڌي منهن
    هو سڀ پنهنجا کنڀ کوهائي.

    هن پنهنجا آلا نيڻ کڻي،
    پوءِ سهڪي سهڪي سوچيو هو،
    ڇا چنڊ رڳو ئي ڇائي آ،
    هن انڌياري لئي لوچيو هو.

    ٿي ڌرتيءَ تان ايئن چنڊ ڏٺو
    جيئن سانوڻ ۾ ڪنهن مور ڪُٺو،
    يا وسڪاري ۾ وري پيو هو
    روئندي ڪنهن جو يار رُٺو.

    هُت جھوني بڙ جي جھاڙين مان
    پيو پورنماسي ايئن پَسي،
    ڪارونجھر تي مور نچي ۽
    سانوڻ جو جيئن مينهن وسي.

    ايئن آڌيءَ ويلي چندرما،
    جيئن اُڀ ۾ گينڊا گُل ڦُٽن،
    ڇا چانڊوڪيءَ ۾ پت جھڙ هئي،
    جيئن رمجھم پيلا پن ڇڻن.

    ايئن ڏوران ڏوران چنڊ ڏسي،
    ڇا من اسان جو هرکيو هو،
    ۽ چانڊوڪيءَ جي زُلفن تي،
    پو هٿ اسان جو ترڪيو هو.

    ايئن چندرما تي روئندي روئندي
    ڏوران ٻيو هُن چنڊ ڏٺو،
    هئي لارون لارون ماکيءَ ڌارا
    هن جو ٿي ويو وات مٺو.

    سو چنڊ نه هو سا ڌرتي هئي،
    پئي چندرما تان ايئن ڏٺي،
    ڪو چپڙا پنهنجا گول ڪري،
    ڏي اُڀ کي آڌيءَ ويل مٺي.

    ڇا ڪونئرا ڪونئرا بادل ها،
    ڄڻ ململ جو ڪو گھونگھٽ هيو
    ڪا ننگي چيلهه ڪلالڻ جي،
    ۽ ان تي مڌ جو مٽ هيو.

    ڇا ڪرڻا ڪرڻا زُلف هيا ۽
    مهڪيو تن جو موتيو هو،
    يا اُجرو اُجرو کير مٿان،
    ٿڻ کولي ڪنهن اوتيو هو.

    ٿي ڌرتيءَ تان ايئن چنڊ ڏٺو،
    جيئن ڪنهنجي ويهون سال وَهي،
    ٿي ڌرتي چنڊ تان ايئن ڏٺي،
    جيئن سونهن سموري هُوءَ هئي.

    آ دوري ڪيڏي سونهن الا
    ٿي ڪوڙ کي ڪيڏو روپ ڏئي،
    آ ويجھو هر شيءِ واري واري
    هير لڳڻ سان ڌوڙ اُڏي.


    اُڏام

    لڪا ڪهڙيءَ لوءِ وڃي،
    هئي هنج پکي حيوان،
    ماري آيو آ منهن ڪارو
    تاڻي تير ڪمان.

    هت پويان پاڇا ڪتبن جا،
    پيا قبرن تي ٿا ايئن ڪرن،
    اڀ ۾ اٽڪيل اکڙين ۾،
    جيئن ڪارا بادل پيا ترن.

    هت اولهه جي ڪا اوجھ ڀري آ،
    ان ۾ ڪيڏا چنڊ ٻُڏن-
    اڄ سرءُ جي آنڌي آئي آ،
    پر نه وڻن جا پن لُڏن.

    ڪو نه ڪٿي ڪو سانت جو سهڪو،
    دهشت جي نه دل جو ڌڙڪو،
    ڪو ڳوڙهو ڳل لتاڙي پٽ تي،
    ڪِري ڪري ڪو کڙڪو.

    ڪو به نه آهي، ڪو به نه آهي،
    ڪو به نه آهي ڪا نه،
    ماري هي منهن ڪارو پوءِ
    ڇڪي ڪيئن ڪمان.

    ٿو ماٺ وڄائي مٺڙا جو،
    سو ساڙيو مون آ ساز،
    آءٌ ڪبوتر اڇو اڀ ۾،
    پيو ڪيان پرواز.

    آءٌ اُڏامان اڀ مٿان پيو،
    مون کي ڳولڻ اوکو آ،
    متان سمجھين اڀ اڪيلو،
    تنهنجي نظر جو دوکو آ.

    اڇو ڪبوتر اڀ اورانگھي،
    جڏهن اُڏامي ويندو آ،
    اوچائين تي هوندي ڀي،
    پو ڪنهن کي نظر نه ايندو آ.

    سو ماري ڪيئن پسندو پنهنجي
    ايڏي انوکي آهه اُڏام،
    ڪيڏو قد صنوبر جو پر،
    چنڊ ڇُهي ڪيئن ان جي لام.


    هائيڪا

    هائيڪا

    گرجا جا گھنڊ،
    تن ۾ اندر ويٺا،
    پوپٽ ڪن ٿا ننڊ.

    پائي ڪپڙا گيڙو،
    بنسيءَ جي ڌُن تي،
    ڳائي ڪوئي ٽيڙو.

    وسيهر جي لات
    ننڊ پيو آ جوڳي،
    چوڌر چُپ چُپات.


    تنهنجي مُرڪ،
    ڄڻ دل جو ڪوئي چِير،
    ۽ کنڊُ ۾ ٻُرڪ.

    چپ چپن سان جڙ
    پوءِ به سانت ۾،
    سمايل هوندي رڙ.

    رات ڏٺو مون خواب،
    ماڻهوءَ آڏو وڄائي پئي،
    هڪڙي رڍ رُباب.

    چوڌاري سانت،
    ڄڻ پُڪاريو هيم توکي،
    پڙاڏا ڀانت ڀانت.

    سنڌوءَ مٿان چنڊ،
    چمڪي ايئن پاڻي،
    ڄڻ ڪا هاريل کنڊ.

    هير ۾ تنهنجا وارَ،
    وهندو وڃي سنڌو جيئن،
    ڪنن تائين تار.

    اوڀر ڪرڻا پيلا،
    ايڏا سج ڌرتيءَ تي،
    سَرَ جا تيلا.

    صبح سويري هير،
    چمندي چپ گُلن جا،
    هاري وئي نيِر.

    چوڌاري چانڊاڻِ،
    ڪِرڻا ڪِرڻا زلف،
    هنڌ ۾ سُرهاڻِ.

    لڱ لڱ ساڻو،
    سمهيل ٿوهر جي ڇانوَ ۾،
    خالي اڌ وهاڻي.

    ٿوهر پويان سج،
    لهندي لهندي ٿر ۾،
    ڄڻ اوندهه جو ٻج.

    وڌيڪ سمهان ڇو،
    رکيو ڇاهي رات ۾،
    تنهنجي خواب کانپو؟

    تنهنجا ڇَانورا،
    هر ڇانورو ڄڻ تون،
    ڇانورا سانورا سانورا.

    ٽَماٽن جي وَل،
    ڪنهن جي ڳاڙهن چپڙن تي،
    سائي ساوَل.

    وڄَن پيا گھِنڊ،
    عيسيٰ سمهيل مريم سان،
    گرجا ۾ نِنڊ.

    چنڊ ستارو،
    آسمان ڏي اُڇلي ڪُهاڙي،
    چيائين “ڪاري ڪارو.”


    وايون

    سڏڪا ٿيا سڏ

    سڏڪا ٿيا سڏ،
    ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو.

    گھَاڻي گھِير گھِٽيءَ ۾،
    هاريل منهنجا هَڏ،
    ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو.

    سوئي سَڏجي سِرُ،
    جنهن جي اَڏيءَ اَڏ،
    ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو.

    وَري اچو اَي وڻجارا،
    لَعلن ڪري لَڏَ،
    ڪڙو ڇڳل ڪاڪ جو.


    اُٺن پُٺيءَ پاکڙا

    اُٺن پُٺيءَ پاکڙا،
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ.

    اڳيان رُڃ اَزل جي،
    ٿرين ٿوهي هَٿڙا،
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ.

    پگھر سانوڻ سِج جو،
    مٽيءَ ڌوتا مَٿڙا،
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ.

    لَڪُڻ ڦِيرائي لُڪ ۾،
    ڏورِن ويٺا ڏاکڙا.
    ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ.


    دَر، دَر دانهن دلال

    دَر، دَر دانهن دلال،
    هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا.

    مَٽيا مِٽيءَ مئخانه،
    ٿِيا سَوين سَال،
    هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا.

    مَٿان مَاٽا مَڌ جا،
    هيٺان ڪَنڌ ڪَلال،
    هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا.

    ڍَورن کائي ڍَو ڪَيا،
    پُسيل رت پَلال،
    هاڻي گھِٽيءَ هوڪڙا.


    رُڃ سان اُڃ اُجھائي

    رُڃ سان اُڃ اُجھائي،
    مِرگھ نه مرڻو آ.

    شايد پاڻيءَ پاڻ ٿو،
    ڇَال ڏئي ڇِرڪائي،
    مِرگھ نه مرڻو آ.

    وَاريءَ سُڪل وات ۾،
    پاڻيءَ ليئا پَائي،
    مِرگھ نه مرڻو آ.

    نِيٺ ته مَٽبي مُند،
    ويندي وڄ وَسائي،
    مِرگھ نه مرڻو آ.


    ڇِني پنهنجي ڇيرِ

    ڇِني پنهنجي ڇيرِ،
    اُوندهه اُوندهه آءُ ميان.

    ڳولين ٿو ڏريل ڏونڪا،
    ڀڳي پئي آ ڀير،
    اُوندهه اُوندهه آءُ ميان.

    آڳ ئي پنهنجو پانڌ پٿاريو،
    ٻُور ڪيو آ ٻير،
    اُوندهه اُوندهه آءُ ميان.

    مَچ ۾ نيٺ مَٽجي مَچندو،
    دونهي ڪئي آ دير،
    اُوندهه اُوندهه آءُ ميان.


    اَٽڪيل منهنجون اکيون

    اَٽڪيل منهنجون اکيون،
    هيءُ چانڊوڪيءَ ۾ ڪائي چکيا آ.

    ساز وڄائي ساهڙ ساري،
    سَڏيو نه پويان سکيون،
    هيءُ چانڊوڪيءَ ۾ ڪائي چکيا آ.

    چنڊُ نوائي آڱر ٻوڙي،
    چانڊوڪيءَ کي چَکيون،
    هيءُ چانڊوڪيءَ ۾ ڪائي چکيا آ.


    پاريهر جا پير

    پاريهر جا پير،
    منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا.

    پٿر پٿر آهه پُنهون،
    ڏونگر منهنجا ڏير،
    منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا.

    جَل ۾ آڳ جلائي جڏهن،
    وِڄ وَٺي ٿي وير،
    منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا.

    مَوکيءَ هنج سڀ متارا،
    ڍاپي ٿيا ڍيرَ،
    منهنجي رَت رَڱي ڇڏيا.


    ڏيئا ڏيئا ڏارَ

    ڏيئا ڏيئا ڏارَ،
    وڻ تي وِڃُ ڪِري.

    جِيڏي وَڏائي وَاچ کي،
    کِنوڻ اوڏي خارَ،
    وڻ تي وِڄُ ڪِري.

    لَڳهه اچي ليٽيا،
    واءُ وِڇايا وارَ،
    وڻ تي وِڄُ ڪِري.

    ٻَٻرَن کان ٿا ٻير گھرو،
    ڄَر تي وجھي ڄارَ،
    وڻ تي وِڄُ ڪِري.


    چکيا چڙهيا چَپَ

    چکيا چڙهيا چَپَ،
    ڪَاني ٺوڪيل ڪنن ۾.

    رَاتِ ڏِني مون راڻي کي،
    لبنِ لاليءَ لَپَ،
    وڻ تي وِڄُ ڪِري.

    ڍَڪ لاهه ڀل ڍيريءَ تان،
    سَرَ ۾ سَپجن سَپَ،
    وڻ تي وِڄُ ڪِري.

    رِڻ ۾ رِجندڙ لاشن جي،
    ڌَار نه آهي ڌپَ،
    وڻ تي وِڄُ ڪِري.


    رِڻ ۾ رقات گُذاري

    رِڻ ۾ رقات گُذاري،
    ٿڌ ۾ مَچ مَچائي.

    اکيون نه ڇنڀيون اوسيئڙو،
    واءَ ۾ اُڏري وَاري،
    ٿڌ ۾ مَچ مَچائي.

    گھَڙا ڀَڃي گھير تي،
    ناوءَ هلي آ تَاري،
    ٿڌ ۾ مَچ مَچائي.

    غِيرت ٿي گھَاءَ گھِڙي،
    ڪوٺيون رات ڪَاري،
    ٿڌ ۾ مَچ مَچائي.


    هيرَ هَلُ تون هَولي

    هيرَ هَلُ تون هَولي،
    ويندا پرينءَ جا پير ڊهي.

    پِنڃري مَنس پنڇي پوءِ به،
    ٻَهه ٻَهه ويٺو ٻولي،
    ويندا پرينءَ جا پير ڊهي.

    رات ائي ڪيئن چاندوڪي،
    کوليءَ درڙا کولي،
    ويندا پرينءَ جا پير ڊهي.

    نيڻن نَڙَ وَڄائي ويٺو،
    ڳائي ڪنهن کي ڳولي،
    ويندا پرينءَ جا پير ڊهي.

    چنڊ جي وئي چُپ سنڌوءَ ۾،
    گھَاگھر تنهنجي گھَولي،
    ويندا پرينءَ جا پير ڊهي.


    ڏَنگُ نِسورو ڏَات

    ڏَنگُ نِسورو ڏَات،
    وائي وائي واسِينگ او سائين.

    سَاهه سَاهه ۾ سينڊ،
    لڱ لڱ ۾ لات،
    وائي وائي واسِينگ او سائين.

    ڪَنڌ ڪَنڌ آ ڪنگُور،
    وَڍ وَراڪو واتِ،
    وائي وائي واسِينگ او سائين.

    جوڳيءَ جهڙو جيءُ جڙي آ،
    زهر منهنجي زاتِ،
    وائي وائي واسِينگ او سائين.


    مَقتل اهي مَوکي

    مَقتل اهي مَوکي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا

    ڪنهن نه ڪَپجي ڪنڌُ،
    ڪا سيني وَٽان سَوکي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا.

    وَري وَلِ انگورجي،
    پَاپِيُن آهي پوکي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا.

    پَڳ پَڳ پٿرن پاڻ سان،
    ڏُونگر ايڏا ڏوکي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا.


    ڪَنول بڻيا هن ڪانڌي

    ڪَنول بڻيا هن ڪانڌي،
    نِيري جل تي ناوَ هلي آ.

    شايد وَري تو وارَ وکيريا،
    آئي اچ آ آنڌي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا.

    هيٺان ڪڪر هَٿ ڏئي،
    ٻُڪ بڻايون ٻانڌي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا.

    اَڏيءَ آڏو اَچي کُٽي ويا،
    پِيڙا تنهنجا چَانڌي،
    آيا پيئڻ مڌ متارا.


    آزاد نظم

    چيٽ جي مھيني ۾

    چيٽ جي مهيني جي،
    هڪ تارن ڀريءَ رات ۾،
    آءُ ويٺو هوس،
    ڇت تي،
    منهنجي ننڍڙيءَ ڌيءُ،
    ڏڪندي ڪنبندي،
    پنهنجي هٿن ۾،
    کڻي چراغ،
    لهي رهي هئي ڏاڪڻين تان،
    اوچتو هوا جو جھوٽو آيو،
    ۽ هون جو چراغ وسامي ويو،
    هر طرف اوندهه ڏسي،
    هن کان رڙ نڪري وئي،
    مون پنهنجا نيڻ کڻي،
    نهاريو تارن ڀري اُڀ ڏانهن،
    ۽ لڳم،
    هر تارو جيئن،
    هڪ چراغ آ.
    جنهن کي هٿ ۾ کڻي،
    لکين ٻار،
    سير ڪري رهيا آهن اُڀ جو،
    ۽ سوچيم،
    جيڪڏهن اُهي چراغ وسامي وڃن
    ته اُڀ ۾ ڪيتريون نه
    رڙيون بُلند ٿينديون،
    ڪيتريون نه رڙيون
    بُلند ٿينديون.

    (ڪَوي ٽئگور)


    چنڊ

    اُڀ جي اُداس وستين مان،
    ساڳيو روز چنڊ نڪتو،
    هن جي ڦٽيل هيڊاڻ ڏسي،
    مون کي پئي ٿي مُونجھ ٿئي،
    آخر ڪيسين چنڊ پراڻو،
    ماضيءَ جي ايئن ڌوڙ کڻي،
    ڌرتيءَ جي فضا ۾ ملي،
    منهنجو ساهه گھُٽيندو رهندو،
    اوڀري اُڀ ۾ روز ايئن،
    آخر ڪيسين ايندو رهندو،
    من چوي ٿو،
    پڄري پڄري،
    هڪ ڏينهن اوڀ ڏي لانگ ورائي،
    چنڊ تي پهچي چهڪ ڏجن،
    تارن جيڏا تير هڻي،
    پهاڙن ساڻ مٿو ٽڪرائي،
    پنهنجي رت جو رنڱ ڏجي،
    هن هيڊي چنڊ کي لال ڪجي،
    هن هيڊي چنڊ کي لال ڪجي.


    آکيرا

    گھرڙي جي جنم کان پوءِ،
    هو تپندڙ صحرائن،
    ۽اڇي برف جي ڪفن ۾ ويڙهيل،
    وادين جي حالتن موافق،
    ورهائبو ويو،
    پيغمبرن جي ڳوڙهن جيان،
    ڌرتيءَ تي،
    پر منهنجي قوم کي،
    وجود جي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۽
    آڪاش ۾ پرواز ڪرڻ جي خواهش ڪري،
    نڪري آيا سونهري پَرَ،
    هو ڪندا آهن پرواز،
    پنهنجي دلين جهڙي شفاف،
    لڳندڙ هير ۾،
    لڏندڙ کيتن مان،
    پنهنجي چُنهنبن ۾ کڻي،
    سونا روپا داڻا،
    موٽندا آهن شام جو،
    صدين کان،
    ڌرتيءَ جي دامن ۾ ٺهيل،
    ڪکائن آکيرن ڏانهن.


    ڳولا

    او ، پرين،
    جڏهن کان تون وڇڙيو آهين،
    منهنجي رڙ،
    ڦٽي نڪتي آهي،
    اُڀرندڙ سج جي،
    پهرين ڪرڻي جيان،
    تنهنجي ڳولا ۾.
    مون کڙڪايا آهن،
    سوين دروازا،
    ۽ڳوليا آهن،
    هزارين گھاٽ ۽ گھٽيون،
    راهه ۾ سُتل انسانن کي جاڳائي،
    پڇيو آهي تنهنجو،
    رستي ۾ آيل قبرن کي کوٽي،
    ڳولي جيئرا ڪيا آهن مڙهه،
    غريبن جا،
    مظلومن ۽ پيڙيل انسانن جا،
    جيئرو ڪري،
    سڀ کان پُڇيو آهي تنهنجو،
    ۽ تنهنجي ئي پُڇڻ لئي،
    مون جھنجھوڙيا آهن ڪُلها،
    مزدورن جا،
    هارين جا،
    ۽ آءٌ توکي،
    ايئن ڳوليندو هليو ويس،
    دنيا جي ٻئيءَ ڪُنڊ تائين.


    غدار

    رات جي سناٽي ۾،
    فضائن ۾ جھولندڙ،
    نظر جي حد تائين،
    دونهي جهڙي،
    اوندهه ئي اوندهه ۾،
    منهنجي،
    جيئري لاش جي چپن مٿان،
    رکيل هن جو ڪئونرو ڪئونرو،
    وِيڻيءَ ۾ پاتل،
    رابيل جي واس جهڙو هٿ.
    ٻنجو ڏئي بيٺو آهي،
    منهنجي،
    صدائن کي، آهُن کي،
    ڪٿي به ڪو آواز نه آهي،
    سڏڪي سڏڪي،
    ٿي ويو آهي الوپ،
    انڌيارن مان اُٿندڙ،
    خزان جي سڙيل پنن تي،
    ڪرڻ جو آواز،
    شايد مڙهه ئي مڙهه آهن،
    انڌياري جي ڪفن پويان،
    اهڙيءَ سانت ۾،
    هن رابيلن جي گجرن واريءَ کي،
    ڪنهن ڪوٺيو،
    ظالم ڊڪٽيٽر،
    جيڪا ڏئي بيٺي آهي،
    منهنجي چپن تي هٿ،
    دٻايو بيٺي آهي،
    منهنجي صدائن کي،
    پر، او حساس،
    ۽ ساديءَ دل وارا عوام،
    تون ڇا ڄاڻين،
    ته مون ڏني آهي،
    هن جي نرم تريءَ تي،
    هڪ ڊگھي،
    زندگيءَ جيڏي چُمي،
    توهان ڀل سمجھو هن کي،
    ظالم ڊڪٽيٽر،
    پر ڪهڙي خبر،
    متان آءٌ ئي غدار هجان.


    چنڊ تارا

    سنڌوءَ ڪنارو،
    چُپ چُپات،
    چانڊوڪيءَ ۾ وِهنتل وادِي،
    هيڊي هيڊي،
    ڪاريهر مڻ،
    وئي اُوندهه جو زهرُ چهي،
    هِير هلي ۽ ٿي ويا سڀ،
    لهرون لهرون،
    وڻ ٽِڻ پاڻي،
    من تي چڙهيا مڌ جا سرور،
    ڪي هيٺ لهن،
    ڄڻ مٿي چڙهن،
    وچ پاڻيءَ ۾ وهنجي چنڊ،
    امرت ڌارا ڌوئي بدن.
    سازن تي ايئن،
    نچندي ڪُڏندي،
    مونکي چيڙايائين ساري رات.
    مون به هن کي ڇيڙڻ خاطر،
    مُرڪي اڇلايو،
    ڳاڙهو ڳاڙهو،
    هن ڏي ڏاڙهونءَ ڦول.
    گھيرا گھيرا ٿِي ويو سنڌو،
    لهرن ڪئي،
    ڪنڌ تي ڪتڪتائي،
    ٽڪرا ٽڪرا هو پوءِ چنڊ،
    ۽ لهرن ۾ لُهيا پئي،
    سوين ستارا.


    امن

    پرينءَ جي نيڻن ۾،
    کُپائي نيڻ،
    ايئن مدتن کان،
    ويٺو آهيان،
    وجود جي جوت جلائي،
    سوچيان ٿو،
    سونهن ئي حياتي آهي،
    سونهن ئي مماتي آهي،
    سونهن ئي سڀ ڪجھ آهي.
    هن جي نيڻن مان وَهي،
    منهنجي نيڻن ۾ اچي ٿي،
    حياتيءَ جي ڌارا،
    ايئن ئي مسلسل آهي،
    وجودن جو تسلسل.
    هن جا نيڻ سلامت آهن،
    اسان جو وجود،
    آهي موجود.
    پر او وقت جي ظالم ڌارا،
    نه ڪر اهي ڌماڪا،
    جو ڇنڀي ويهندو،
    هُو اکڙيون پنهنجون،
    ۽ اسانجو رُوح،
    ويندو ڪري پرواز،
    ڇرڪي اُڏامندڙ ڪبوترن سان،
    آڪاش ڏانهن.


    گھنجَ

    او جھور پوڙهي،
    تنهنجي چهري جا گھنجَ،
    ڪهڙو ماءُ جو لال،
    ڪنهن کي گھڙيءَ جي انتظار ۾،
    ڪنهن اپسرا جي،
    اوسيئڙي ۾،
    يا ڪنهن ڪويل جي ڪُوڪُو
    ۽ اڀرندڙ سج جي،
    پهرين ڪرڻن جي آس ۾،
    ڦتڪيو آهي،
    ساري رات،
    تنهنجي ڳلن ۾،
    نيڻن ۾،
    چپن ۾،
    ۽ پيشانيءَ ۾،
    ڪير آهي جاڳي اُٿيو،
    تنهنجي چهري مان،
    هي گھنجيل چهرو،
    ۽ پيشانيءَ تي ڄميل،
    لال لهُوءَ جي ڌارا،
    ڪهڙي بي درد جوڙي،
    کنيون آهي سِر تان هٿ،
    سنگسار جو الزام،
    بدناميءَ جو بار،
    ۽ ڪنهن عيسيٰ جي آس رکي،
    ماڻي آهي،
    جوانيءَ جي پهرين رات،
    ڪير آهي ڦتڪيو،
    ۽ وهيو آهي ريلا ڪري،
    ڪنهنجي سٿرن تان.
    گرم لهُو،
    تنهنجي پيشانيءَ جو لهو،
    جيڪو ٺاهيو بيٺو آهي،
    انسانيت جي بقا،
    خوشين ۽ سڪون جي شبيهه،
    انسانن ڏانهن ڦهلايل،
    ٻانهن واري،
    صليب جي شبيهه.


    خدا جي وجود جو جسماني احساس

    اي ديوتا،
    تنهنجي چپن جي ڳولا ۾،
    منهنجا چپ،
    ڀٽڪندا رهيا،
    نيڻن جي لٺ سهاري،
    تنهنجي ٺهيل دنيا جي،
    ڌوڙ اُڏائيندا رهيا.
    منهنجا چپ،
    تنهنجي چپن جي چانٺ تي،
    ورکا ڪرڻ لئي،
    کڻي اُڏاڻا.
    چمين جون مالهائون،
    اهي سڀ اورانگي ويا،
    پر ڪٿي نه ملي،
    تنهنجي چپن جي چانٺ!
    اي ديوتا،
    ڪٿي آهي؟
    تنهنجي چپن جي خوشبو؟
    تنهنجي وجود جو،
    جسماني احساس،
    پر اهو سڀ خواب هيو!
    جنهن وقت منهنجي اک کُلي،
    آءٌ ويٺو هوس،
    نديءَ ڪناري،
    ۽ منهنجا چپ هيا،
    بنسيءَ جي چپن تي.


    موت جو ساز

    دنيا ناچ گھر آ،
    جتي هر انسان،
    هڪ عذاب کان،
    ڦتڪي ڦتڪي لوڏائي ٿو،
    جسم جو هر عضوو،
    هر انگ.
    جتي ڌڙڪي ٿي،
    هر سائِيڊ ڊرم جي دل،
    ۽ مِيڪٽ ڪري روئندڙ،
    ڪِلارنيٽِ جي آواز تي،
    منهن مٿو پِٽين ٿا،
    ٿڙڪندڙ ٽنگن هيٺان،بِيل باٽم جا پاچا،
    جتي ٽرمپٽِ،
    ڪنهن جي فراق ۾،
    روئي ٿي دل کولي،
    ڍاڍڪيون ڪري.
    ۽ وائلن،
    تکي آواز سان،
    ڪُهندي وڃي ٿي،
    هر ڳلو.
    ڪنهن اڻ ڄاتل خوف کان،
    ڏڪي ٿي،
    هر انسان جي ڇاتي،
    ۽ سڏڪن جي سنگيت تي،
    ڇڙيون هڻي ٿي زندگي،
    ۽ ايئن ئي،
    اُڀ ڦاڙ رڙ ڪري،
    هر ڦتڪندڙ روح،
    سازن جي شور کي چئي الوداع،
    ٻُڏندو وڃي ٿو،
    سانت ۾.


    طوفانو! ڪٿي آهيو؟

    طوفانو! ڪٿي آهيو؟
    ڪٿي آهي،
    اوهانجو پرواز؟
    ڄمي وئي،
    ڌرتيءَ جي ڌوڙ،
    لهوءَ جي ڪَلر سان،
    ڪونهي ڪائي ڊاٻ،
    جنهن ۾ ماضيءَ جو نيشان،
    مستقبل ڏي ويندڙ،
    قدم جو نقش.
    چِير چير آهي ڌرتي،
    ڪٿي آهي؟
    پلٽجي پئو دنيا تي،
    صدين کان ڄميل.
    مڻ مٽيءَ جا کڻي،
    اٿلي پئو نِفاقن تي،
    هوائن جي دٻاءَ سان،
    ڪري ڇڏيو لِيڙون لِيڙون،
    دنيا جا جھنڊا.
    ڪيو انسانن کي،
    مٽيءَ سان ڀَڀوتُ
    جيئن لڪي وڃن چمڙيون.
    گورو گورو نه رهي،
    ڪارو ڪارو نه رهي.
    هجي هر ڪنهن کي
    هڪڙو رنگ،
    ڌرتيءَ جو رنگ.


    سجدو ڪيو

    اسانجو من،
    پاروٿي مڌ جو ساغر.
    جيڪو ڀريو بيٺو آهي،
    ڪنهن رستي ۾ ڪريل،
    پيئاڪ جي سرورن جيان،
    ڪنارن تائين ٽٻ.
    اسان کي پيئڻ لئي،
    نوايو ڪنڌ،
    ۽ ڪيو چپن جو سجدو.
    وٺندو وڃي هرڪو جھُڪي،
    ساغر کان چُمي،
    سُرڪيءَ جو دانُ.
    پر ايئن ڇو ٿا هلو،
    ڌيان ۾ گم سم،
    بيٺل ماٺي پاڻيءَ مٿان،
    هير مثل،
    ڇو جو ان ۾ لهرون اُٿنديون،
    ۽ ٿي ويندا خواب ريزا ريزا.
    ڇو ٿا آڻيو جھُڪڻ بجاءِ
    هٿن ۾ کڻي،
    ٽٻ ساغر کي،
    مٿي چپن تاءِ،
    ٿِي سگھي ٿو،
    ڇلڪي پوي،
    من جو ساغر،
    اکڙين مان.


    حياتي، خدا ۽ تون

    حياتي گٽار آ،
    گٽار سان سڀ کي پيار آ.
    زندگي هڪ ساز آ،
    جيڪو پيدا ٿئي ٿو،
    آڱرين جي لرزش سان،
    گٽار مان،
    ڪنهن اپسرا جي،
    سونهري وارَ مان،
    ڪجھ گھريون دنيا جي فضا ۾،
    پيدا ڪري هڪ ترنم،
    ٿي وڃي ٿو آڪاش ۾ گم.

    زندگي سحر آ،
    حياتي لهر آ،
    جيڪا دنيا جي سمنڊ مان،
    ڏور اڀرندڙ ڳاڙهي سج کان،
    وڌندي اچي ٿي ساحلن ڏي،
    زندگي ۽ روشنيءَ جو پيغام کڻي،
    ڪاهلن ڏي.

    حياتي هڪ وِير آ،
    ڪنهن پهاڙ جي،
    سمنڊ جي سيني ۾ وڌل،
    سير آ.
    جيڪا زندگيءَ جي چانڊوڪيءَ ۾،
    ستارن جهڙي،
    واريءَ جي ڏوليءَ ۾،
    ڌرتيءَ تي اچي ٿي،
    مور جيان نچي ٿي،
    ۽ ڌرتيءَ جي دامن ۾،
    ڪنهن ڊيل جي من ۾،
    ڪجھ ڳوڙهن ڦُڙا ڇڏي،
    هڪ نئون عزم اَڏي،
    وڃي ٿي واپس،
    سمنڊ جي عدم ۾،
    خدا بنجي،
    پنهنجي ئي قدم ۾.
    خدا ڇا آهي؟
    ڄاڻان ٿو ڪجھ ته آهي،
    خدا ڪنهن ويران بيابان ۾،
    يا
    ريگستان ۾،
    پاڻيءَ سان ڀريل کوهه آ،

    خاموش آ،
    صرف روح آ.
    ۽ ان جي مالهه جون لڙڪندڙ،
    ڪنگريون،
    جيئن چوڌاري بي جان فرشتا،
    ۽ وچ ۾ خاموش ديوتا.
    بي وس ۽ لاچار،
    نهاري ريگستان جي هن پار.
    پر تون ۽ مان او انسان،
    مالهه ۾ ٻڌل ٻه حيوان.
    جيڪي خدا مان،
    فرشتن جهڙيون ڪنگريون،
    ڀري ڏيون ٿا،
    ريگستانن کي،
    آباد ڪريون ٿا،
    بيابانن کي.
    تون مان ۽ خدا،
    هڪ ٻئي ۾ چيپيل،
    سوليءَ سَوڙهه جيان،
    اڇن ڪڪرن،
    آسمان جي ڪوڙهه جيان.
    ڪڪرن جو پکي،
    جيڪو پرن کان سواءِ،
    اُڏامي نه ٿو سگھي،
    ۽ پَرَ،
    جيڪي پکيءَ کان سواءِ،
    چُري نه ٿا سگھن.


    دوها

    دوها

    چڻگون نڪرن، سورج بڻجن،
    جڏ اُڏري منهنجا پَرَ گسن،
    منهن ڪيئن ملائي ڪوئي مون سان،
    هيٺان بيٺي نرڙ پَسين.

    (هڪ فارسي شعر دوهي جي روپ ۾.)

    ****

    رات، ليٽيل آءٌ،
    اوندهه جو ڪارو ڪفن،
    ماري جيئن ڪنهن نيڻن سان،
    زلفن ۾ ڪيو دفن.

    ****

    ساز کڻي ۽ گيڙو پائي،
    هليا وينداسين ڏور،
    ڏياريندو ياد توهان جي هردم،
    نرڙ جو سيندور.

    ****

    تون پاڻي، مان به پاڻي،
    پيار به پاڻي ڄاڻ،
    رهندي سپ سمونڊ ۾،
    واجھائي بوندن ڪاڻ.

    ****

    ياد اوهان جي وسري ڪيئن،
    جيسين چم ۽ ماس،
    مالهيءَ جي هٿن ۾ سدا،
    رهي ڦولن جو واس.

    ****

    هيرن جهڙن تارن ۾،
    هي اُڀ ۾ چنڊ ته ناهي،
    چڳي پارس هنس،
    جيئن سونو ٿي پيو آهي.

    ****

    وڄي سنڌوءَ پار ڏي،
    رَکي رَکي ايئن بنسي،
    پرچايان جيئن آءٌ پرين،
    ۽ هر هر وڃي رُسي.

    ****

    لُڪ لڳي ۽ ٿر سُڪو،
    مينهن نه وُٺو آخر ڪار،
    پوءِ به نهاري نڀ ۾،
    ويٺو ڳائي مور ملهار.

    ****

    اکيون نه ملاءِ اکين سان،
    پونداسي روئي،
    ڳوڙها ڪنهن جا دامن سان،
    اُگھندو ناهي ڪوئي.

    ****

    اوسيئڙي ۾ مري وڃون جي،
    ڇڏجو ڪو نه مٽيءَ ۾ واري،
    اي راهوارو ايئن رکي ڇڏجو،
    لاش اسان جو ٽيڪ ڏياري.

    ****

    پائي نه ايندو ڪر پرين،
    روز ٻانهن ۾ رابيل،
    رڳو تنهنجا هٿ ئي سگھندا،
    لنگھي وڃي ٿي ويل.

    ****

    چِير چِير کي ڳاڙها چپ،
    وڍَ وڍَ کي وات،
    چِير منهنجا سمجھي چپ،
    رهين چوسيندو رات.

    ****

    بند اکيون، درد ۽ پيڙا،
    يادن ۾ من چور،
    مٿان ڏکڻ جي هير ۾،
    ڇڻي انب جو ٻور.

    ****

    سَنجھي سنڀر نه سپرين،
    پري اڃا پرڀات،
    ڪهڙي خبر مري وڃون،
    متان اڄ ئي رات.

    ****

    اوهان جو وساريو آهه،
    وڌيڪ جيئون ڇو؟
    وري هڪ دفعو ياد اچون،
    متان مرڻ کانپو.

    ****

    جھرڪيءَ جيتري جيءَ منهنجي،
    سپرين سمونڊ جيڏو،
    ان جيڏو آهه مون ۾،
    مان نه هوندس ڪيڏو؟

    ****


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 906604
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 306615
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ