ڪتاب جو نالو: اوٻارا عَبير جا
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 29 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 359 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 86 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي يادن، دوستن تي لکيل خاڪن، اخباري ڪالمن ۽ تاريخ جي جهلڪين جو مجموعو آھي.
يوسف سنڌي ڊگهي عرصي کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگهي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن جي دورن جي ڪري هن گهڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اخباري ڪالم هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 126 هون
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • هڪ ليکڪ جي آدرشي دنيا : هنسراج ”هنس“ اوڏ
  • ليکڪ پاران
  • يــادون

  • آفريقن-ايشين رائيٽرس يونين
  •   يـوگ پـاٺـڪ (نيپال)
  •   جـنـدر (هندستان)
  • ڊاڪٽر تاش مرزا (ازبڪستان)
  • طـايـر زلانـد (افغانستان)
  •  پرويش شاهين(پاڪستان)
  • شخصيتون

  • سائين جي . ايم . سيد: ڪجهه ساروڻيون
  • سَرڳ سمان ڌرتيءَ جو مهان پُٽ: سوڀو گيانچنداڻي
  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه يادون
  •   منهنجي قبر تي ڏيئو ٻارجو!
  • جنهن جو روح رلندو رهيو!
  •   قومپرست سياست جو رول ماڊل ڪردار عبدالواحد آريسر
  •   سُهڻي ٻُڏي سيرَ ۾...!
  • اي غم دوست! تون ڪٿي آهين؟
  • ڇا ته شخص هو- سيد اڪبر شاهه...!
  •   منٺار سولنگي: کاهوڙي ڪردار...!
  •   تون ياد وري آئين!
  •   سون سَريکو ماڻهو: سيد عالم شاهه
  • اٽلتا جو اهڃاڻ: ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه
  • ڪتابَ ۽ تبصرا

  • ڪتابَ ۽ منهنجو ڪتب خانو !
  • منهنجي پسند جا ڪتاب
  •   زخم جو نشان
  •   آمريڪا جي آزاديءَ جو هيرو: ٿامس پين
  •   شيخ عبدالله جون يادگيريون: آتش چنار
  •   1971ع جا المناڪ ڏينهن!
  •   هڪ انقلابَ جي درد ڪهاڻي
  •   ڪشمير 1947ع
  •   تاريخ مان ڪجهه به نه پرايوسين!
  • کاٻي ڌر کان موڪلاڻي
  • هڪ زندگي ڪافي نه آهي!
  • شهنشاهه ايران ۽ راڻي فرح ديبا جي ڪهاڻي
  •   ناظم حڪمت سان گڏ جيل ۾!
  • وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح
  • ڪارل مارڪس جي حياتي
  •   مٿي ۾ ويٺل ڪتابن جو ڀوت
  •   سيد مظهر جميل، پير حسام الدين راشدي ۽ ذڪرِ فيض
  •   آمريت جي خلاف جدوجهد ۽ لبيا
  • نوجوانن جو گيت
  • شهيد بينظير ڀٽو جي سادگي۽ ضياءَ جي مڪاري
  • خيال ۽ خوابَ

  • احتجاج جي لازوال صدا: روزاپارڪس!
  • آمريڪا جي قومي هيرو اولاسيو ميڪارٽي !
  • عظيم انقلابي مزدڪ
  • آمريڪا جي ترقيءَ جو راز
  • قومن جي ترقي ۽ قومي قيادتون
  • بوسٽن ٽي پارٽي
  • مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي...!
  • جڏهن انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي قرار ڏنو
  • سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر...!
  • ڪشمير جو مسئلو ۽ ننڍي کنڊ جو امن
  • ڪهڙي ٻولي پيو ڳالهائين !؟
  • ڪتابي ڪلچر ۽ اسڪول لئبرريون
  • سرڪاري ادارا، ادبي ايوارڊ ۽ اردو ادب
  • ستين عالمي اردو ڪانفرنس ۽ سنڌ جا ادبي ادارا
  • 1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪامي ۽ انگريزن جون وحشي سزائون!
  • مددي ڪتاب:
  • سچائي اشاعت گهرجا شايع ٿيل ڪتاب

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 126 هون

    سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 126 هون

    ڪتاب جو نالو : اوٻارا عَبير جا
    موضوع : يادون، ڪالم، تاريخ
    ليکڪ : يوسف سنڌي
    ڇاپو پهريون : مارچ - 2017ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ /لي آئوٽ : جهانزيب علي جوڻيجو (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    اسٽاڪسٽ
     ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد
    Cell# 0322-3011506
     ڪويتا ڪتاب گهر، ربي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
     ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد
     سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد
     قليچ ڪتاب گهر لئنگيئج اٿارٽي حيدرآباد
     ڪلچر ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل ڪراچي
     فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد
     شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد
     رابيل ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو

    OBARA UBEER JAA – By: Yousif Sindhi
    Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
    Edition, March 2017. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
    Email: myusifmemon@gmail.com


    ارپنا

    پنهنجي دوستن، ساٿين ۽ مهربانن

     محترم حاجي عبدالله ’شاد‘ جلباڻي
     محترم حاجي عبدالله خان چانڊيو (قاضي احمد وارو)
     محترم فدا سنجراڻي
     محترم شبير سيال
     محترم مير حاجن مير پنهور
     محترم نبي بخش ناز
     محترم ملهار سنڌي

    جي نالي......

    ما اگر فلاش وگر ديوانه ايم
    مست آن ساقي و آن پيمانه ايم
    (رومي)

    [اسان سڀ ڀلي مفلس هجون يا چريا، پر ان ساقي ۽ پيالي جا مست آهيون.]


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوٻارا عَبير جا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي يادن، دوستن تي لکيل خاڪن، اخباري ڪالمن ۽ تاريخ جي جهلڪين جو مجموعو آھي.
    يوسف سنڌي ڊگهي عرصي کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگهي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن جي دورن جي ڪري هن گهڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اخباري ڪالم هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جوڻيجي جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    هڪ ليکڪ جي آدرشي دنيا : هنسراج ”هنس“ اوڏ

    هر آرٽسٽ، ليکڪ يا تخليقڪار جي اندر جي دنيا بلڪل نرالي، حسين، وڻندڙ ۽ شاندار دنيا هوندي آهي. هو ٻاهرئينءَ دنيا کي به پنهنجي خوبصورت ۽ حسين خيالن ذريعي بيحد حسين، سُهڻي، سيبتي، پُرامن ۽ ترقي يافته ڏسڻ چاهيندو آهي. ان لاءِ هُو پنهنجي وت ۽ ست آهر رات ڏينهن علمي، ادبي پورهيو ڪندو آهي، جيئن پنهنجي حصي جو ڪردار وڌ کان وڌ ادا ڪري سگھي. ۽ انهيءَ تمام وڏي ۽ عظيم مقصد لاءِ هو پنهنجي زندگي به ارپيو ڇڏي. اهڙي طرح سوين آدرشن ۽ خواهشن جي ساڀيان لاءِ ڪوشان رهي ٿو.
    پيارو سائين يوسف سنڌي هونئن ته هڪ تمام گھڻ پاسائين ادبي شخصيت آهي. جنهن لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ اهو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ته هن شخص جيڪو به علمي ادبي ڪم هٿ ۾ کنيو، اُن کي ”پهريون ڪم“ سمجهي نهايت خوبيءَ سان نڀايو آهي. جتي هي هڪ سٺو پبلشر آهي، اُتي هڪ تمام بهترين ۽ وقتائتو ادب پڙهندڙن تائين پهچائيندڙ مترجم/ترجمي نگار پڻ آهي. هن بي حد ڪارائتا ترجما ڪيا آهن، جن سنڌي ادب ۾ عالمي سياسي ادب جي کوٽ پوري پئي ڪئي آهي. ساڳئي وقت هو پنهنجي تخليقي سگهه وسيلي ناول، ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکندو رهيو آهي.
    هي ڪتاب ”اوٻارا عَبير جا“ دراصل هن جا اخباري ڪالم آهن. هي ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي. جهڙوڪ 1، يادون 2، شخصيتون ۽ 3،ڪتابن تي تبصرا. انهن ٽنهي حصن ۾ کوڙ سارو مفيد مواد موجود آهي، جيڪو پڙهندڙن کي ڄاڻ مهيا ڪريٿو. جنهن تي مان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
    يوسف سنڌي هڪ تمام سينيئر ۽ تجربيڪار اديب آهي. ڪافي ڏهاڪن کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگھي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن دورن جي ڪري هن گھڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اهي اخباري ڪالم مونکي هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا. يوسف بنيادي طور هڪ ترقي پسند ليکڪ آهي. اُن ڪري ترقي پسند ادب ۽ تحريڪن جي باري ۾ چڱي ڄاڻ اٿس. جهڙوڪ: ’آفريڪن ايشين رائيٽرز يونين‘ جو ذڪر نوجوان نسل لاءِ تمام گهڻو معلوماتي آهي. اها ترقي پسند ادبي تحريڪ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ شروع ٿي هُئي. جنهن ۾ فيض احمد جهڙا ترقي پسند شاعر سرواڻ هئا. اها تحريڪ اُن دُور جي بيٺڪيتي، پرماريتي، سامراجي، سرمائيداري ۽ نا انصافين خلاف واحد علمي ادبي تحريڪ هئي. ان وقت دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هئي. هاڻي به دنيا خاص طور تي نئين دنيا جا غريب ملڪ عالمي سامراج جي عتاب هيٺ آهن. ڇا وري اهڙي ڪنهن عالمي ادبي تحريڪ جي ضرورت ناهي؟ اديبن کي پنهنجي ڪردار جي يادداشت لاءِ اهڙي تنظيمن جو ذڪر راهه مشعل جيان آهي.
    يوسف جو هڪ ڪالم پڙهندي هڪ عجيب انڪشاف ٿيو ته پاڻ وٽ هتي رڳو ڪمرشل شين جي سائن بورڊن ذريعي پبلسٽي ٿئي ٿي. پر نيپال جهڙي ملڪ ۾ ”يوگ پاٺڪ“ جي مائو ڪميونسٽ هلچل متعلق لکيل ناول ”ارگن ڪا گھوڙا“ جي پبلسٽي سائن بورڊن، پمفليٽن ۽ وال پوسٽرن ذريعي ڪئي ويئي ۽ اهڙي ريت هن ناول جا پنج ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. يا سوويت يونين جي ماڻهن جي ڪتابي ذوق جو مثال دوستو وسڪيءَ جي ناول جي نئين ڇاپي جي خريدڻ لاءِ لڳندڙ قطارن مان ملي ٿو. بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا وٺڻ لاءِ لائينون لڳنديون آهن. اڳتي هلي يوسف سنڌي ڪنهن ڪالم ۾ هڪ زبردست نقطو بيان ڪيو آهي ته جڏهن سوشلسٽ بلاڪ وکري چڪو هو ته سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ مخالف ڪئمپ ان کي ڪميونزم جي ناڪاميءَ قرار ڏيئي کڳيون هڻي رهي هُئي ۽ اهڙي ريت پاڻ وٽ به هت کاٻي ڌُر سان سلهاڙيل همراهن انهن حالتن ۽ سببن جو سائنسي انداز سان تجزيو ڪرڻ ۽ پنهنجي صفن جي درستگي ڪرڻ بدران سويت يونين جي وکرڻ جون غيرمنطقي ۽ غيرسائنسي تشريحون ڪري، ڪي ڪامريڊ پيپلا، ڪي ليگلا ته ڪي وري تبليغي وڃي ٿيا. مطلب ته انقلابي آدرشن کي ڇڏي وڃي اقتداري اڏا وسايائون. زندگي “عياشي” بڻجي وئي. مونکي هي هڪ انتهائي اهم نقطو لڳو. اهم ان حوالي سان ته سوويت يونين جي وکرڻ ۽ ڪامريڊن جي انقلابي ۽ طبقاتي سياست کان هٿ کڻڻ، کاٻي ڌر جي سياست تي تمام منفي اثر ڇڏيا، اُن واقعي کانپوءِ اڃا تائين کاٻي ڌر ۽ اُن جي سياست جي چيلهه سنئين ٿي نه سگهي آهي. جيتوڻيڪ انهن کي اها خبر هُئي ته سوشلزم سياسي، سماجي، تواريخي ۽ ارتقائي مرحلن جي اظهار جي هڪ سماجي سائنس آهي. ڪو نام نهاد هٿ ٺوڪبو رياستي نظريو نه آهي. تنهنڪري سوشلزم کي غلط قرار ڏيڻ يا ته غير منطقي چئجي يا سندن موقعي پرستيءَ جي ڍال سمجهجي. دنيا ۾ اڄ به هن نظرئي ۽ فڪر سان سلهاڙيل لکين ماڻهون آهن، جيڪي برابري ۽ انصاف ڀرئي معاشري لاءِ جدوجهد ۾ سرگرم آهن.
    يوسف سنڌي جي هن ڪتاب ۾ بهترين ڪتابن تي تبصرا به شامل آهن. جيڪي ڪتاب اڄوڪي نسل کي عالمي سياسي واقعن ۽ انهن جي تواريخ ڄاڻڻ ۽ ان جي بنيادي ڄاڻ لاءِ اهم آهن. اهڙن ڪتابن ۾ فلسطيني ليکڪھ سوزن ابوالهوا جي شاهڪار ناول جي ذڪر ضروري آهي. اُن ناول ۾ اها پيرائتي ڪٿا ٻُڌائي ويئي آهي ته ڪيئن يهودين برطانوي آشيرواد وسيلي فلسطين تي قبضو ڪري، انهن جي نسل ڪشي ڪئي ۽ اها مظلوم قوم لڳ ڀڳ مُني صدي کان غلاميءَ جو عتاب ڀوڳي رهي آهي ۽ اُتي ڪيئن وحشت ۽ دهشت جو راج قائم آهي. ٻيو اهم ڪتاب هڪ بنگالي عورت ’جهان آرام امام‘ جي ڊائري ’1971 جا المناڪ ڏينهن‘ آهي، جنهن ۾ 1971ع ۾ ٿيل بنگالين سان ظلم جو داستان ۽ ان وقت جي حڪمرانن جي ڪرتوتن جو ذڪر بيان ڪيل آهي. تاريخ جي هر دور ۾، ظالم حڪمرانن طرفان سندن خلاف اُٿندڙ آواز جو بي رحميءَ سان گلو گُھٽيو ويو آهي. ڇو ته سچ وڏو ڏوهاري آهي.
    حڪمرانن ڪڏهن به ڪنهن آرٽسٽ، شاعر، ليکڪ کي برداشت نه ڪيو آهي. اهڙي طرح ترڪيءَ جو نامور شاعر ناظم حڪمت به اهڙن شاعرن مان هو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ ذريعي جابر حڪمرانن جي ننڊ ڦٽائيندو هو. هن ڪتاب ۾ ناظم حڪمت جي زندگيءَ جي باري ۾ خوبصورت ليک لکيل آهي. جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. هڪ ٻي اهم ڪتاب “نوجوانن جو گيت” جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. هيءَ ناول پوري دنيا جي انقلابين ۾ “سياسي ڪورس” طور مشهور آهي. جيڪو چيني ليکڪ يانگ مُو 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي محب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو. 1931ع ڌاري جپانين، اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ چين جي اڳوڻي شهنشاھ ’ڦو اي‘ جي اڳواڻي ۾ ’ماچوڪو‘ جي نالي سان ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي هئي. اُن قبضي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي هئي، هي ناول ان مزاحمتي دور جو داستان آهي.
    سوال پيدا ٿئي ٿو سنڌي عوام خاص طور سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪن تي ناول لکڻ بدران رڳو رومانوي ڇوٿا لکيا ويا آهن. مزاحمتي شاعري ۽ ناول ورلي سنڌيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ليکڪن کي سنڌ جي نوجوان سياسي ڪردارن تي به ناول لکڻ کپن.
    ان کان علاوهه هن ڪتاب ۾ ٻيا به کوڙ سارا عالمي سياسي ادب سان گڏ، سنڌ جي قومي اشوز خاص طور سنڌي ٻولي تحريڪ جي باري ۾ تمام بنيادي ۽ مفيد ڄاڻ سان لبريز ڪالم ڏنل آهن. يوسف جيئن ته هڪ محنتي، کاهوڙي، متحرڪ ۽ ترقي پسند اديب ۽ ليکڪ آهي. جنهن جي سموري زندگي سادگي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذري آهي. جنهن لاءِ ڪتاب پهريون ۽ آخري عشق آهن. هن جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته سنڌي سماج کي علمي، ادبي ۽ سياسي طور وقتائتي ڄاڻ مهيا ڪجي، اُن ۾ هو ڪافي ڪارگر ۽ ڪامياب ثابت ٿيو آهي. ٻي خاص ڳالهه ته سندس رويو سنڌ جي نوجوانن لاءِ هميشه سهڪاري ۽ اتساهيندڙ رهيو آهي. يوسف جي بقول ته نوجوان قوم جو سرمايو آهي. هو بنا ڪنهن فرق جي نوجوانن جي دل کولي رهنمائي ڪندو آهي. هن خاموش خدمتگار جو ڪم ۽ پورهيو هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. هو مصنوعيت کان مٿي نج نبار ۽ يارويس ماڻهو آهي. هن ڪڏهن به پنهنجي قدڪاٺ کي ڪيش ڪرائي ڪي مراعتون نه ورتيون آهن. هن جي خوداري جي ئي ڪري اسان کيس بي انتها پيار سان گڏ عزت ۽ احترام جا گُل آڇيون ٿا ۽ اهو يقين ٿا ڪريون ته هو اڳئين جيان اڃان به اڳرو ٿي علم ۽ ادب جي خدمت جا واهڙ وهائيندو رهندو.

    جت نه پکيءَ پير، تِتِ ٽمڪي باهڙي
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کا هوڙ ڪي کير ري.
    (شاھ)

    هنسراج ”هنس“ اوڏ
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو


    ليکڪ پاران

    هن وقت اسين هڪ اهڙي موڙ تي بيٺا آهيون، جو ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اسان کان اسانجي منزل وڃائجي ويئي آهي. اسين هينئر نه ڪنهن ٻه واٽي تي آهيون، نه چئو واٽي تي. پر اسين هڪ اهڙي ڪُن ۾ ڦاسي ويا آهيون، جو اُن ڪن مان نڪرڻ جي لاءِ جيترا ٿا هٿ هڻون، تيترو ٿا ان ڪُن ۾ تيزيءَ سان، ڦرون... شاهه لطيف جي لفظن ۾.
    واٽون ويهه ٿيون، ڪُهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا...
    هر شئي ايتري ته تيز رفتاريءَ سان بدلجي رهي آهي، جو عقل ئي چرخ ٿيو وڃي. اسانجا قدر، اسانجا رويا، اسانجون وفائون، اسانجون جفائون، سڀ ميريون ٿي ويون آهن.
    جنهن منزل ڏانهن اسان سفر شروع ڪيو هو، هاڻ ته لڳي ٿو ڄڻ اسانکي اُن منزل ڏانهن سفر وسري ويو هجي. شارٽ ڪٽ، ٻي جو گلو ڪپڻ، ڪوڙ، فريب، مڪر، چور بازاري، بشني گيري ۽ ڪرپشن جو هڪ اوڙاهه آهي اسانجي چوڌاري.
    اهڙي صورتحال ۾ ڀلا هڪ حساس ليکڪ ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ سواءِ ان جي ته پنهنجا خيال، پنهنجون سوچون، پنهنجا خدشا، پنهنجا رايا پڙهندڙن سان شيئر ڪري ۽ سندس جيڪو سماجي، ثقافتي ۽ ادبي ڪردار جُڙي ٿو، اهو ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر سچ اهو آهي ته ليکڪ ڀلي کڻي ڪيڏو به حساس ڇو نه هجي، پر ڪڏهن ڪڏهن حالتون ان سطح تي اچي وينديون آهن، جو هو پاڻ کي ان اوڙاهه کان بچائيندي، اُن ڌٻڻ کان پري ڀڄندي به ان جي ڇنڊن سان ڀرجي وڃي ٿو.
    ليکڪ لکي ٿو، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري ٿو. ان اظهار لاءِ هو جنهن به صنف ۾ پنهنجي خيال کي صحيح نموني اظهار جو ذريعو سمجهي ٿو، ان ۾ اظهار ڪري ٿو. شعر، ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، مضمون... يا وري اخباري ڪالم.... سڀ اندر جي اظهار جا ذريعا آهن.
    مونکي جڏهن به جنهن به صنف ۾ اظهار جو موقعو مليو آهي، مون اظهاريو آهي، پر سچ اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته اظهار اجايو آهي. يا اظهار ڪنهن جي لاءِ ڪجي... اسين پنهنجي لکڻين ۾ جنهن تبديليءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، اها ڳالهه پڙهن ڪيترا ماڻهو ٿا...؟ پاڻ وٽ پڙهڻ وارا آهن ئي ڪيترا....؟
    اهو سڀ سوچڻ جي باوجود به لکڻ جاري رهي ٿو.
    هن ڪتاب ”اوٻارا عَبير جا“ ۾ ڪجهه يادون آهن، ڪجهه ڳالهيون آهن، ڪجهه خواب آهن، بي ربط خيال آهن، خواهشون آهن، تاريخ جون جهلڪيون آهن... جيڪي سڀ وقت بوقت اخباري صفحن جي زينت بنجنديون رهيون آهن.... اهڙِين اخباري لکڻين جا ٻه ٽي ٻيا مجموعا به ٿي ويندا....
    هن ڪتاب مان جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪجهه پلئه پيو ته سمجهندس ته لکڻ اجايو نه پر سجايو وڃي ٿو.

    يوسف سنڌي
    29 نومبر 2015ع- حيدرآباد


    يــادون

    آفريقن-ايشين رائيٽرس يونين

    چوڏهين کان سترهين جون 2014ع تائين اسلام آباد ۾ آفريقن-ايشين رائيٽرس يونين جي پاڪستان چيپٽر پاران هڪ ٽن ڏينهن جي انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن جو موضوع هو ”عالمي ثقافتي بالادستي ۽ ثقافتي، تهذيبي ۽ امن جي بچاءُ ۾ اديبن جو ڪردار“. ڪانفرنس ۾ هندستان، مصر، ازبڪستان، نيپال ۽ افغانستان جي اديبن شرڪت ڪئي، جن ۾ مصر جو ناليوارو اديب ۽ يونين جو جنرل سيڪريٽري محمد سلماوي به شامل هو، جنهن جو لکيل ناول Butterfly Wings عالمي مڃتا ماڻي آهي. مصر مان آيل ٻيو اديب ڊاڪٽر حليمي الحديدي هو. هندستان مان آيل ڊاڪٽر علي جاويد ۽ پنجابي ٻولي جو مشهور اديب، ڪهاڻيڪار جندر ۽ ڊاڪٽر سکديو سنگهه، ازبڪستان مان ڊاڪٽر تاش مرزا، نيپال مان آيل ناول نويس يوگ پاٺڪ ۽ افغانستان آيل طاهر زلاند وغيره شامل هئا. يوگ پاٺڪ ۽ طاهر زلاند جو واسطو ڄڻ ته نئين ٽهيءَ سان هو. ڪجهه ٻين ملڪن مان به اديب اچڻا هئا، پر ڪراچي ايئرپورٽ جي واقعي سبب اهي اچي نه سگهيا. تنهن کانسواءِ ملڪ جي چئني صوبن مان وڏي تعداد ۾ اديبن شرڪت ڪئي. سنڌي ٻولي جي اديبن مان هن فقير کانسواءِ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، نصير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر علي احمد رند شريڪ ٿيا. منتظمين جي چوڻ موجب سنڌي ٻولي جي ڪجهه ٻين اديبن کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏنل هئي، پر هو ڪن سببن جي ڪري شريڪ ٿي نه سگهيا.
    آفريقن- ايشين رائيٽرس ڪانفرنس پاڪستان ۾ هڪ اهڙي موڙ تي ٿي گذري، جڏهن ملڪ سخت ۽ خطرناڪ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ حڪومت نيٺ ٻڏتر مان نڪري دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ وزيرستان ۾ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي اها حالت هئي جو شهر کي فوج جي حوالي ڪرڻ سبب هنڌ هنڌ تي رڪاوٽن ۽ تلاشي کي منهن ڏيڻون ٿي پيو ۽ هڪ عجيب خوف ۽ عدم تحفظ واري صورتحال پي محسوس ٿي. ڪانفرنس ۾ ڇا وهيو واپريو، ڪهڙا بحث ۽ مباحثا ٿيا، ڪهڙيون قراردادون پاس ڪيون ويون، ان تي لکڻ کان اڳ بهتر آهي ته ”آفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي باري ۾ ٻه چار لفظ لکجن.
    ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کانپوءِ دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ۽ دنيا واضع طور تي ٻن بلاڪن آمريڪن بلاڪ ۽ سوويت بلاڪ ۾ ورهائجي ويئي. برلن ڀت ٺهڻ سان دنيا ۾ سرد جنگ جي شروعات ٿي ۽ ائين ٿي لڳو ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جي باهه ۾ وڪوڙجڻ واري آهي، ان صورتحال ۾ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ ٽين دنيا جي ڪجهه اڳواڻن جهڙوڪ: سوئيڪارنو، جمال عبدالناصر، ڪوامي نڪروما، جواهر لال نهرو، مارسل ٽيٽو ۽ ٻين اڳواڻن وچين واٽ اختيار ڪرڻ جي لاءِ ٻنهين بلاڪن کان ڌار رهڻ ۽ دنيا مٿان جنگ جا ڪارا ڪڪر ٽارڻ جي لاءِ ”نان الائنس موومينٽ“ (نام) جو بنياد رکيو. اهو هڪ وڏو واقعو هو. ان جي پهرين ڪانفرنس انڊونيشيا جي شهر بنڊونگ ۾ ٿي گذري. ان ڳالهه کان متاثر ٿي ڪهه اديبن جهڙوڪ هندستان مان سجاد ظهير، پاڪستان مان فيض احمد فيض ۽ ٽين دنيا جي ڪجهه ٻين اديبن ٽين دنيا خاص ڪري ايشيا ۽ آفريقا جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. جيئن عالمي امن جي حمايت ۽ جنگ جي خلاف ڪوشش کي هٿي وٺائجي ۽ ترقي پسند ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ کين اڳوڻي سوويت يونين جي قيادت جي آشيرواد به حاصل رهي، ايشيا ۽ آفريقا جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو خواب ته پراڻو هو، ان سلسلي ۾ مشهور روسي اديب مئڪسم گورڪي لکيو هو، شايد اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن چين، هندستان ۽ آفريقا جا اديب روس ۾ ڪٿي گڏ ٿي ويهن ۽ هڪٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن، تڏهن ئي هو انسانن کي الڳ ڪندڙ انهن سڀني سببن جي خلاف ڪُلي طور تي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت تي پهچن ۽ اهو ته ماڻهن ۾ ڀائپي جي جذبن کي وڌائڻ تمام ضروري ڳالهه آهي.
    مئڪسم گورڪي جي اُن ڏينهن تائين پهچڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي کنڊن جي ملڪن جي پهرين ڪانفرنس 1958ع ۾ تاشقند ۾ٿي. ان تاشقند ڪانفرنس جون ساروڻيون فيض احمد فيض پنهنجي ڪتاب ”مه وسال آشنائي“ ۾ ساريون آهن. تاشقند ڪانفرنس جو افتتاح ازبڪستان جي مشهور اديب ۽ سياستدان شرف رشيدوف ڪيو هو. ڪانفرنس جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کانپوءِ پندرهن ملڪن جي سربراهن ۽ ڪيترن ئي بين الاقوامي ادارن جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. 1958ع واري تاشقند جي اديبن جي اها ڪانفرنس”نان الائنس موومينٽ“ جي ڪانفرنس کانپوءِ دنيا جو هڪ وڏو واقعو هو ۽ ڊگهي عرصي تائين عالمي سطح تي ان ڪانفرنس جا پڙاڏا رهيا. ان ڪانفرنس ۾ ڪانفرنس جي عام جلسن کانسواءِ ڪجهه ٻين قائم شعبن جون الڳ گڏجاڻيون پڻ ٿيون. جهڙوڪ: ٻارن جي لاءِ ادب، ادب ۾ عورتن جو ڪردار، ادب ۽ سُڌ سماع جا ذريعا، ٿيٽر ۽ ڊرامه نويسي، ليکڪن جا پاڻ ۾ لڳ لاڳاپا وغيرهه.
    اڳتي هلي ”ايفرو ايشين رائيٽرس ايسوسيئشن“ جي پليٽ فارم تان قاهرا، بيروت، تاشقند، الماٽي، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ڪانفرنسون ٿيون. 1958ع جي تاشقند ڪانفرنس هڪ اهم واقعو هو. ڇو ته ان ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو ٻن کنڊن جا ليکڪ پاڻ ۾ گڏيا ۽ اهم مسئلن تي غور ۽ ويچار ڪيائون. انهن پاران پاس ڪيل قراردادن جي نصب العين ۾ بنيادي نقطن جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي. جهڙوڪ: ترقي پسند ادب جي ذريعي دنيا جي سموري عوام جي وچ ۾ امن، آزادي ۽ جمهوريت جي خاطر دوستي، ڀائپي ۽ يڪجهتي کي سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسانجي زندگي ۽ پنهنجي عوام جي زندگي جا رشتا پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن، اسين نا انصافي، بيٺڪلي نظام ۽ پرماريت جي خلاف ڀرپور آواز اُٿارينداسين. اسين اديب پنهنجي عوام جو ضمير ۽ ايمان آهيون، اسانجي ذميداري نه رڳو پنهنجي همعصرن جي زندگي، پر ايندڙ نسلن جون تقديرون پڻ آهن. وغيرهه
    اڳتي هلي ايسوسيئشن پاران مختلف ٻولين ۾ هڪ رسالو ”لوٽس Lotus“ 1975ع ۾ شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ ٽين دنيا جي اديبن جي لکڻين کي ڇپيو ويندو هو. رسالي جو هيڊڪوارٽر ”بيروت“ ۾ رکيو ويو ۽ فيض احمد فيض ان جي انگريزي ايڊيشن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ هن بيروت ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي.
    گذريل صدي جي نوي واري ڏهاڪي ۾ سويت يونين جي وکرڻ سان گڏ ڪيترائي ادارا غير فعال ٿيو يا ختم ٿي ويا. انهن ۾ ”ايفرو ايشين رائيٽرس ايسوسيئشن“ به شامل هئي. نيٺ گهڻي ڪوششن کانپوءِ 2012ع ۾ تنظيم کي فعال ڪرڻ لاءِ مصر جي گاڌي واري شهر قاهرا ۾ سڄي دنيا جي اديبن جي هڪ ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ تنظيم کي ٻيهر ”ايفريقن- ايشين رائيٽرس يونين“ جي نالي سان فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ يونين جا چيپٽرس قائم ڪيا ويندا. ان موقعي تي هندستان جي ڊاڪٽر علي جاويد کي يونين جو چيئرمين ۽ مصر جي محمد سلماوي کي ان جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. قاهرا ڪانفرنس ۾ پاڪستان مان راحت سعيد شريڪ ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان مان يونين جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. راحت سعيد هڪ متحرڪ ڪردار آهي. جنهن وڏين محنتن ۽ ڪوششن کانپوءِ ”ايفريقن- ايشين رائيٽرس يونين“ جي پاڪستاني چيپٽر جو بنياد رکيو ۽ اهو سڄي دنيا ۾ يونين جو پهريون چيپٽر هو، جنهن جو افتتاح 14-جون تي ڪيو ويو. افتتاحي اجلاس ۾ يونين جي سيڪريٽري جنرل محمد سلماوي اهو به ٻڌايو ته يونين پاران Lotus (لوٽس) رسالي جو ٻيهر اجراع ڪيو پيو وڃي. جيڪو في الحال ٽن ٻولين انگريزي، فرينچ ۽ عربي ۾ ڇپيو ويندو.
    ايندر صفحن ۾ ڏنل يوگ پاٺڪ، جندر، طاهر زلاند، ڊاڪٽر تاش مرزا ۽ پرويش شاهين تي لکيل خاڪا ان ئي ڪانفرنس جي ساروڻين تي مشتمل آهن.


      يـوگ پـاٺـڪ (نيپال)

    پهرينءَ نظر ۾ مون کيس ڪراچي يا لاهور جو ڪو ولگر ٽائپ شاعر سمجهيو. ڇوڪرين جيان مٿي جا وار وڏا، جن کي ويڙهي پويان چوٽي ٻڌي هئائين. جيتوڻيڪ ان چوٽيءَ جي ڪري مونکي به ٿورو شڪ پيو ته مرد آهي يا عورت، پر ازبڪستان مان آيل ڊاڪٽر تاش مرزا ڪانفرنس جي ٻي ڏينهن، جڏهن آئون ساڻس ويٺو حال احوال ڪري رهيو هوس ته هن جي اڳيان لنگهڻ تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو، ”هن همراهه کي پهرين ڏٺم ته سمجهيم ته ڇوڪري آهي، پر وري سندس ڇاتين ۾ ڏٺم ته اتي ڪجهه به نظر نه آيو ته مُنجهي پيس.“ سندس ڳالهه تي مون کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو. اکين تي نظر جو چشمو لڳل ۽ ڪلين شيو، عمر لڳ ڀڳ چاليهارو سالن جي اندر، منهنجي ڀرسان بيٺو هو، ڪنهن دوست سان ڌيمي پر صاف اردوءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسين اڪادمي جي گيسٽ هائوس مان شفٽ ٿي هوٽل ”بيسٽ ويسٽرن“ پهتاسين ته ڪائونٽر تان ڪمرن جون چاٻيون وٺڻ مهل جڏهن خالد فرهاد ڌاريوال منهنجو هندستان مان آيل پنجابي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار جندر ۽ محقق ڊاڪٽر سکديو سنگهه سان تعارف ڪرايو ته مون هنن ٻنهي سان هٿ ملائڻ سان گڏ ڀرسان بيٺل هن سان به هٿ ملايو ته هن چيو ”يوگ پاٺڪ...فرام کٽمنڊو-نيپال.“ مون کيس هڪ نظر ڏٺو ۽ مرڪي پيس، جواب ۾ يوگ به مُرڪيو. پوءِ اسين چاٻيون وٺي ڪمرن ڏانهن روانا ٿياسين، هن جو ڪمرو نمبر 109 ۽ منهنجو 110 هو.
    ڪمرن ڏانهن ويندي اسان پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا وياسين ۽ اهو طئي ڪيوسين ته فريش ٿي هيٺ گڏجي هلي ڊنر ٿا ڪريون، فريش ٿي جڏهن ڊنر لاءِ هيٺ لٿاسين ته اسان ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ سالن جا شناسا هجون ۽ اسان جي پاڻ ۾ اهڙي ته لڳي جو پوءِ ڪانفرنس جا ٽئي ڏينهن ڄڻ پاڇي وانگر هڪٻئي سان گڏ هئاسين.
    يوگ پاٺڪ (Yug Pathak) ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد پهتو هو ۽ اڪادمي ادبيات جي گيسٽ هائوس ۾ ٽڪيل هو. کٽمنڊو کان سڌي اسلام آباد جي فلائيٽ نه هئڻ سبب يوگ پاٺڪ پهرين کٽمنڊو کان دهلي ۽ دهليءَ کان لاهور ۽ لاهور کان پوءِ اسلام آباد پهتو. سندس واپسيءَ جو سفر به ائين ئي ٿيو.
    يوگ پاٺڪ جو واسطو کٽمنڊو کان ٻاهر هڪ ڳوٺ سان آهي، پاڻ ٻڌايائين ته ”گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ مون سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي بدران صحافت جوائن ڪئي. ان وقت تازو نيپال مان بادشاهت جو خاتمو ٿيو هو ۽ نئين آئين ۽ نئين حڪومت جي قيام جي ڪري پريس کي مليل آزادي سبب ڪيتريون ئي نيون اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون. آئون اڳ ۾ ئي فري لانسر طور لکندو هوس. ان وقت کٽمنڊو مان نڪرندڙ هڪ نئين انگريزي اخبار جي انتظاميا مونکي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پئڪيج سٺو هو، تنهنڪري مون اها آڇ قبولي ورتي، پر بدقسمتي سان ڇهن مهينن کانپوءِ اخبار بند ٿي وئي. جنهن ڪري بي روزگار ٿي ويس.“ يوگ ٻڌايو ته مون پُڇيس ”ته پوءِ گذر سفر جو سلسلو ڪيئن هلڻ لڳو؟“ ”منهنجي گهر واري اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي، ڪجهه اتان، ڪجهه ترجما ڪرڻ ۽ فري لانسنگ لکڻ سبب ڪم هلڻ لڳو ۽ انهن ئي ڏينهن مون پنهنجي پهرينءَ ناول تي گوڏا ڀڃي ويهي ڪم شروع ڪيو. جيڪو پوءِ ”ارگن ڪا گهوڙا“ جي نالي سان ڇپيو.“
    ”تنهنجي ان ناول جي سينٽرل آئيڊيا ڪهڙي آهي؟“ پڇيومانس ”اها هڪ ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا نيپال جي مائو ڪميونسٽ هلچل ۾ سرگرم رهي ٿي ۽ ان دوران کيس ۽ سندس ڪٽنب کي جيڪي تڪليفون پيش اچن ٿيون ان جي وارتا آهي، مائو ڪميونسٽن جي ان جدوجهد جي نتيجي ۾ نيپال مان بادشاهت ختم ٿي ۽ لوڪ راڄ قائم ٿيو.“
    ”بادشاهت جي خاتمي کانپوءِ نيپال جو جمهوريت ڏانهن سفر ڪيئن ٿو لڳي؟“ پڇيومانس.
    ”سٺو ٿو لڳي، بادشاهت هڪ گُهٽ ۽ ٻُوسٽ جو نالو آهي، ائين محسوس ٿيندو هو ته سڄو ملڪ ۽ سماج هڪ سينواريل ۽ بيٺل تلاءُ وانگر هو. هر شيءِ بادشاهه جي ذات جي چوڌاري گهمندي هئي. هاڻ بهتر حالتون آهن، آزادي آهي.....“
    ”ڀلا نيپال ۾ ڪتابن جي ڇا صورتحال آهي؟“
    ”هاڻ هر مهيني چار پنج نوان ڪتاب ڇپجن ٿا. بادشاهت جي خاتمي کانپوءِ ڪيترائي نوجوان پبلشنگ جي شعبي ۾ آيا آهن. خود منهنجو ناول به هڪ نوجوان ۽ نئين پبلشر ڇپيو ۽ هن وقت تائين منهنجي ناول جا پنج ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. پهريون ڇاپو پندرهن سؤ ڪاپيون ڇپيو، ٻيو ڇاپو پنجويهه سؤ. ٽيون ۽ چوٿون ڇاپو به اڍائي اڍائي هزار ڇپيو...“
    يوگ پاٺڪ جي ان ڳالهه تي نه رڳو مونکي پر هندستان مان آيل پنجابي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار جندر کي پڻ حيرت ٿي. جنهن ٻڌايو ته اسان وٽ پنجابيءَ ۾ ڪهاڻي يا ناول جون وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ڪاپيون ڇپجن ٿيون، جڏهن ته شاعريءَ جو ڪتاب ته اڍائي ٽي سؤ کان وڌيڪ تعداد ۾ به نٿو ڇپجي. مون پڻ کيس ٻڌايو ته اسان وٽ نه رڳو سنڌيءَ ۾، پر اردو ۾ پڻ ڪتاب وڌ ۾ وڌ پنج سؤ ڪاپين جي تعداد ۾ ڇپجي ٿو.
    ”ڀلا تنهنجي ناول جي هيترن ڇاپن ۽ ايتري تعداد ۾ ڇپجڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ يوگ جي ڳالهه ٻُڌي مون تجسس وچان پڇيو.
    ”ان جو بنيادي ڪارڻ ڪتاب جي مناسب پبلسٽي به آهي، ڇو ته جي پڙهندڙن کي خبر ئي نه هوندي ته ڪو ڪتاب ڇپيو به آهي ته هو ڪيئن خريد ڪندا.“ منهنجي سوال جي جواب ۾ يوگ وراڻيو، ”جڏهن منهنجو ناول ڇپيو ته آئون اخباري دوستن سان مليس ۽ کين ان ڳالهه تي آماده ڪيم ته هو جيڪڏهن منهنجي ناول ۾ دم آهي ته ان تي تبصرا لکن، تنهن کانسواءِ اخباري انتظاميائن سان به مليس ته هو ناول جو اشتهار مفت ۾ هلائين ۽ هنن منهنجي ڳالهه مڃي ۽ ناول جو اشتهار مفت ۾ هلايو، جنهن سان پڙهندڙن کي ڪتاب جي ڇپجڻ جي باري ۾ خبر پئي. ان کانسواءِ اسان ڪتاب جي مشهوري جي لاءِ سائن بورڊ ٺهرائي کٽمنڊو جي چوڪن، بس اسٽاپن ۽ ٻين هنڌن تي هنيا ۽ ٻيو ڪم اسان هي ڪيو ته ننڍا ننڍا وال پوسٽر ۽ پمفليٽ ڇپرائي کٽمنڊو کان ٻاهر ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ بسين جي ڊرائيورن کي ٿوري خرچي ڏئي ان ڳالهه تي راضي ڪيوسين ته هو جتي جتي به وڃن ٿا، اهي اشتهاري پمفليٽ ورهائيندا وڃن. ائين مناسب پبلسٽي ٿيڻ سان ڪتاب جو سٺو وڪرو ٿيو.“
    ”ڀلا يوگ! توکي تنهنجي ناول تي رائلٽي به ملي يا...؟“ ائين چئي مون جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، مونکي پنهنجا پبلشر ياد پيا جيڪي رائلٽي ڏيڻ کان ائين ڀڄندا آهن، جيئن ڪانوَ ڀڄندو آهي ڪمان کان.
    ”هائو... مونکي رائلٽي ملي... پبلشر سان منهنجي ڏهه پرسينٽ رائلٽي طئي ٿي. جيڪا هن ڏني... پر چوٿين ڇاپي ڇپجڻ کانپوءِ جڏهن پنجون ڇاپو ڇپجڻ جي ڳالهه ٿي ته پبلشر رائلٽي ڏيڻ تي ٿوري اڙي ۽ ٽال مٽول ڪئي. ان وچ ۾ هڪ ٻئي نئين پبلشر مونکي پنجين ڇاپي جي لاءِ پندرهن سيڪڙو رائلٽي آڇي ته مون ان سان معاهدو ڪيو ۽ منهنجي ناول جو پنجون ڇاپو چئن هزار ڪاپين جي صورت ۾ ڇپيو آهي.“
    ”واهه! اها ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي.“ مون چيومانس ۽ پوءِ وري پڇيومانس، ”يوگ ڀلا تنهنجي ناول جي انگريزي ۾ ترجمي جو ڪو امڪان؟“
    ”هائو، هڪ دوست ترجمو ڪيو، پر اهو ان معيار جو نه هو، جنهنڪري ڇپجي نه سگهيو، هاڻ دهلي جي هڪ پبلشر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ جلدئي انگريزي ترجمي تي ڪم شروع ٿي ويندو.“
    اهو ٻُڌي چيومانس ته ”جڏهن به تنهنجي ناول جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڇپجي ته مونکي ضرور موڪلج، آئون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائيندس.“ جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وعدو ڪيائين ته ”جيئن ئي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ويو ته توکي ان جي ڪاپي ڏياري موڪليندس.“
    ”هاڻ ڇا پيا لکو؟“ پڇيومانس.
    ”هينئرر هڪ ٻئي ناول تي ڪم پيو ڪريان... جيڪو هن ئي سال مڪمل ٿي ويندو.“
    ”ان ناول جو موضوع ڇا آهي؟“
    ”ان ناول جو موضوع به بادشاهت جي خلاف عوامي جدوجهد ئي آهي.“ يوگ ٻڌايو.
    جيئن مٿي لکيو اٿم ته يوگ ڪانفرنس کان ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد پهتو هو ۽ کيس اڪادمي جي گيسٽ هائوس ۾ ٽڪايو ويو هو. کيس مري ۽ ٽئڪسلا ڏسڻ جو بي حد اشتياق هو، پر ميزبانن ته اهي هنڌ ڏيکارڻ جي بدران کيس ۽ ٻاهران آيل ٻين مندوبين کي اهو چئي ڊيڄاري ڇڏيو هو ته ”اڪادمي جي احاطي مان ٻاهر نه نڪرجو.“ جنهن سبب کيس پورو اسلام آباد گهمڻ جو به موقعو ملي نه سگهيو. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي صبح جو مندوبين کي ’لوڪ ورثه‘ ڏيکارڻ جو پروگرام هو، پر منتظمين عين وقت تي اهو پروگرام به سيڪيورٽيءَ جو عذر ڏئي ڪينسل ڪري ڇڏيو. مون محسوس ڪيو ته يوگ سميت ڪانفرنس ۾ ٻاهران ايندڙ مندوبين تي ان جو ڪو چڱو اثر نه پيو، هنن اهو ئي محسوس ڪيو هوندو ته اسلام آباد جون حالتون صفا خراب آهن.
    لوڪ ورثه وارو پروگرام نه ٿيڻ تي مون هوٽل مان اڪادمي ادبيات جي آفيس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن ڪجهه ڪتاب خريدڻ سان گڏ اتي موجود ڪجهه دوستن سان به ملي سگهان. هوٽل مان نڪرڻ مهل مون لابيءَ ۾ بيٺل يوگ کي هلڻ جي صلاح هنئي ته هو هڪدم تيار ٿي ويو ۽ اسين ٻئي هوٽل مان ٻاهر نڪري ٽئڪسي ڪري اچي اڪادمي جي آفيس پهتاسين، رستي تي يوگ اسلام آباد کي ڏسندي چيو ”منهنجي لاءِ هوٽل کان اڪادمي جي آفيس تائين جو هي ٿورو سفر به سٺو آهي.“ رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي کُتل سائن بورڊن تي لکيل لفظن خاص ڪري باغ ۽ باغيچو پڙهي چيائين اسان وٽ به ساڳيا لفظ استعمال ٿيندا آهن. ڪچهري ۾ يوگ بار بار هڪ لفظ ”ترائي“ استعمال ڪري رهيو هو، ”جهڙوڪ ترائيءَ جا ماڻهو“ مون ٻڌايومانس ته اسان وٽ سنڌيءَ ۾ پڻ هيٺاهين يا ماٿري لاءِ ترائي لفظ استعمال ٿيندو آهي. ائين اندازو ٿيو ته نيپالي ٻولي ۽ سنڌي/اردو جا ڪيترائي لفظ ساڳيا ۽ ساڳئي معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا.
    يوگ ٻڌايو ته هت اچڻ مهل کيس ان ڳالهه جو اُلڪو هو ته اڪيلو آهيان سو الائجي ڪيئن وقت ڪٽبو، پر دوستن ايتري ته سُٺي ڪمپني ڏني آهي جو ائين پيو لڳيم ته پنهنجن سان پنهنجي ئي ملڪ ۾ آهيان.
    يوگ، ”ايفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي سيپٽمبر 2012ع جي قاهرا واري ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي، ”ان وقت مون وٽ ٽڪيٽ جا پئسا نه هئا، جيئن قاهرا وڃي سگهان.“ يوگ ٻڌايو ”پر ان وقت نيپال جي حڪومت ۾ هڪ وزير منهنجي لکڻين کي پسند ڪندو هو ۽ هن منهنجي لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو ۽ ائين آئون قاهرا وڃي نڪتس. هينئر به هيڏانهن اچڻ جي لاءِ ٽن چئن دوستن کان اوڌر سوڌر وٺي پهتو آهيان.“
    يوگ ٻڌايو ته نيپال ۾ ٻه وڏيون ڪميونسٽ پارٽيون مائوسٽ ۽ مارڪسٽ آهن، تنهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا گروپس آهن، سندس همدرديون مائوسٽ گروپ سان آهن.
    ڪانفرنس جي آخري ڏينهن يوگ پاڻ سان آندل پنهنجي ناول ”ارگن ڪا گهوڙا“ جي ڪاپي ڏيکاري، جيڪا نيوز پيپر تي ڏاڍي سُٺي ڇپيل هُئي. ڪتاب ڏسندي چيومانس ”يوگ مونکي نيپالي زبان پڙهڻ نٿي اچي.. پر خواهش اٿم ته هيءَ ڪاپي تون پنهنجي آٽوگراف سان مونکي ڏئي وڃ. جيئن اسان جي ملاقات ۽ دوستي جي ياد طور مون وٽ محفوظ رهي.“ ته پاڻ هڪدم اها منهنجي نالي لکي پنهنجي صحيح وجهي مونکي ڏنائين. يوگ جي فلائيٽ ارڙهين جون تي صبح جو ستين بجي هئي ۽ کيس پنجين بجي ايئرپورٽ پهچڻو هو. رات جو ڪمرن ڏانهن ويندي جڏهن مون کانئس موڪلايو ته چيائين ”سڀاڻي وڃڻ مهل تنهنجي ڪمري جي در تي ناڪ ڪري پوءِ ويندس.“ اسان ٻنهي جا ڪمرا گڏ گڏ هئا.
    صبح جو پنجين بجي منهنجي اک کلي ته آئون تڪڙ ۾ اُٿيس ۽ منهن تي پاڻيءَ جا ٻه ڇنڊا هڻي ڪمري جو در کولي ٻاهر نڪتس ته يوگ به ان ئي مهل سامان کڻي ٻاهر نڪتو ۽ اسين پوءِ هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ موڪلائڻ لڳاسين، موڪلائڻ کانپوءِ يوگ پنهنجو سامان کڻي هيٺ هوٽل جي لابي ۾ وڃڻ لڳو ۽ آئون ڪمري جي در وٽ بيٺو کيس هيٺ ويندو ڏسندو رهيس.


      جـنـدر (هندستان)

    جڏهن هوٽل ”بيسٽ ويسٽرن“ جي ڪائونٽر تي خالد فرهاد ڌاريوال منهنجو هندستان مان آيل پنجابي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار جندر ۽ محقق ڊاڪٽر سکديو سنگهه سان تعارف ڪرايو ته جندر مونکي چيو: ”مونکي سڀاڻي صبح جو ٽائيم ڏجو ته جيئن اوهان کان انٽرويو ڪري سگهان.“
    اصل ۾ خالد فرهاد، جندر ۽ ڊاڪٽر سکديو سان منهنجو ايترو ته تفصيلي تعارف ڪرايو، جو مونکي به ڦڪائي ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ خالد سان به اُتي ئي پهرين ملاقات ٿي هئي، پر کيس سنڌي ادب ۽ اديبن جي باري ۾ تمام سٺي ڄاڻ هئي، هو اصل ته پسرور پنجاب جو هو، پر نه رڳو سنڌي سٺي پئي ڳالهايائين، پر پاڻ ٻڌايائين ته کيس سنڌي پڙهڻ به اچي ٿي ۽ هن سنڌي مان ڪيترين ئي لکڻين جو پنجابيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي. خالد، تعارف دوران سنڌي ادب ۾ منهنجون وڏيون خدمتون ٻڌايون، سو جڏهن جندر چيو ته ”سڀاڻي توکان انٽرويو ڪندس.“ ته ڦڪو ٿيڻ کانسواءِ هَڄي به ويس ته: مون سنڌي ادب ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن.
    ڪائونٽر تان ڪمرن جون چاٻيون وٺي ڪمرن ڀيڙا ٿياسين ۽ جڏهن فريش ٿي يوگ پاٺڪ سان گڏ هيٺ لٿس ته ”جندر“ اڳ ۾ ئي ڊنر جي لاءِ موجود هو ۽ اسين به وڌي وڃي سندس ئي ٽيبل تي ڪرسيون سيري ويٺاسين ۽ ائين اسان جي گپ شپ شروع ٿي وئي ۽ اسان ٽنهي دل کولي ڳالهيون ڪيون. اٿڻ مهل جندر مونکي وري چيو، ”يوسف سنڌي، سڀاڻي صبح جو ستين بجي تنهنجي ڪمري تي ايندس. اوهين جاڳي ويندا آهيو نه...؟“
    ”ويلڪم... بلڪل آئون جاڳي ويندو آهيان.“
    ٻي ڏينهن صبح جو عادت موجب سوير اٿي تيار ٿي ويٺس، تيسين در تي ناڪ ٿي دروازو کوليم ته جندر بيٺو هو. ”اچو اچو... ويلڪم!“ چئي کيس اندر وٺي آيس.
    ”توکي دسٽرب ته نه ڪيم؟“ جندر اندر گهڙندي پڇيو.
    ”نه سائين! مون پاڻ اوهان ڏانهن اچڻ جو پي سوچيو.“ وراڻيو مانس.
    ”مهرباني! اصل ۾ آئون سفرنامون لکڻ ٿو چاهيان. تنهنڪري سڀني دوستن سان گڏجڻ ۽ ساڻن حالي احوالي ٿيڻ ٿي چاهيم.“ جندر چيو.
    ”واهه! اهو ته ڏاڍو سٺو!“ وراڻيم.
    پوءِ هن مون کان نه رڳو منهنجي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ورتي، مون کيس سنڌي ادب، خاص ڪري سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان تفصيلي ڄاڻ ڏني، ڇاڪاڻ ته جندر بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار هو، تنهنڪري کيس ڪهاڻي سان وڌيڪ دلچسپي هئي.
    جندر نه رڳو ڪهاڻيڪار هو پر پاڻ گذريل 17 سالن کان پنجابي ۾ ٽه ماهي ”شبد“ جي نالي سان هڪ مخزن به شايع ڪندو پيو اچي. جنهن ۾ سندس چوڻ موجب هو پاڪستان جي پنجابي ادب سميت ڪيترن ئي ٻولين جو ادب اُلٿو ڪري ڇپيندو ٿو رهي.“ ”شبد“ گرمکي لپي ۾ شايع ٿئي ٿو. پنجابي هن وقت ٻن لپين ۾ لکي وڃي ٿي، گرمکي لپي ۽ شاهه مکي. گرمکي لپي ۾ هندستاني پنجاب ۾ ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. جڏهن ته پاڪستان ۾ جيڪي به پنجابي ڪتاب ڇپجن ٿا، اهي اردو اسڪرپٽ ۾ هوندا آهن. ورهاڱي جت قومن کي ورهايو، اُتي ٻولين کي به ورهائي ڇڏيو، خود سنڌي ٻولي به سنڌ ۾ ’عربي الفابيٽ‘ ۾ ته هندستان ۾ وري ’ديوناگري اسڪرپٽ‘ ۾ لکي وڃي ٿي، هندستان ۾ جيڪو سنڌين جو نئون نسل آهي، اهو عربي اسڪرپٽ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪري.
    اهوئي حال پنجابي ٻولي سان به آهي.
    جندر جو اصل يا سڄو نالو ”هرجندر پال لدڙ“ آهي، سندس جنم 2 فيبروري 1954ع تي ٿيو. پاڻ انگريزيءَ ۾ ايم.اي ڪيائين ۽ پوءِ پنجاب روڊس کاتي ۾ آڊيٽر جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. جتاب هاڻ رٽائرڊ ڪيو اٿائين.
    جندر جا هيستائين ڪهاڻين جا پنج مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جا نالا هن ريت آهن: مين ڪهاني تي اوه (1990ع)، تسين نهين سمجهه سڪدي (1996ع) نهين، مين نهين، بنا باجهاتا نهين ۽ زخم. جڏهن ته سندس ڪهاڻين جي ترتيب ڏنل اناٿالاجي، تهذيب دي ڪهاني ۽ ميري چونڊ ڪهانيان کانسواءِ سندس سفرنامون 651 ميل راجسٿان پڻ ڇپيل آهي، سندس هڪ ڪهاڻي ڪتاب تُسين نهين سمجهه سڪدي 1998ع ۾ اردو اسڪرپٽ ۾ لاهور مان مقصود ثاقب ڇپرايو، جيڪو پوءِ مونکي خالد فرهاد مهرباني ڪري ڏياري موڪليو. سندس باقي ٻيا ڪتاب گرمکي لپي ۾ ڇپيل آهن، خالد مونکي ٻڌايو ته هو جندر جي ڪهاڻين جو اردو ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي ته مون خالد کي چيو ته جڏهن هو ترجمو ڪري وٺي ته مونکي موڪلي، جيئن انهن مان ڪجهه ڪهاڻين جو سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪجي. جندر جي ڪهاڻين جو هندي، مراٺي ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي، جندر جي ڪهاڻين جا اڪثر موضوع سائيڪالاجيڪل ۽ آزادي يا ورهاڱي کي سمجهڻ جي ڪوشش آهن.
    جندر سان ڪچهري ڪندي جڏهن ورهاڱي جي موضوع تي هندستان ۾ ڇپيل ناولن جو ذڪر نڪتو ته ٻڌايائين ته ورهاڱي جي موضوع تي يشپال جو ناول ”جهوٽا سچ“ ڏاڍو شاندار ناول آهي. تنهن کانسواءِ بيشم ساهني جو ناول ”تمس“ به واکاڻ جوڳو آهي، جڏهن مون ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جي باري ۾ ٻڌايس ته ورهاڱي جي موضوع تي اهو به ڏاڍو سٺو ناول آهي ته پاڻ لاعلمي جو اظهار ڪندي چيائين. ”مونکي ڪرشن چندر جي ان ناول جي باري ۾ خبر ڪونهي.“ پوءِ پاڻ نالو نوٽ ڪيائين ته واپس موٽي ڪوشش ڪري اهو ناول پڙهندس.
    جندر سان ادب کانسواءِ هندستان ۾ مودي سرڪار جي باري ۾ پڻ حال احوال ٿيو، سندس چوڻ هو ته هندستان ۾ سيڪيولرزم جا بنياد ۽ جمهوريت ايتري ته سگهاري آهي، جو هندستان ۾ ڪا وڏي تبديلي يا اٿل پٿل اچڻ جو انديشو ڪونهي. البت جندر هن خطي ۾ آمريڪي اثرن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، اهي آمريڪا جي پاليسيءَ جي ڪري آهن ۽ آمريڪا جڏهن به چاهيندو ته اسان جي اچڻ وڃڻ ۾ سهولت پيدا ٿي پوندي.
    جندر پنهنجي رسالي ”شبد“ يعني ”لفظ“ جو تازو پرچو مونکي ڏنو، جيڪو گرمکيءَ ۾ هو ته چيومانس، ”جندر جي، هاڻ لڳي ٿو ته مونکي گرمکي به سکڻي پوندي.“ ساڳي ڳالهه مون ڊاڪٽر سکديو سنگهه کي به چئي، جڏهن هن پنهنجو حبيب جالب تي گرمکيءَ ۾ لکيل ڪتاب مونکي ڏنو. مون جندر کي پنهنجا ٻه اردو ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب، ڪهاڻين جو مجموعو ”نوحه گر“ ۽ پنجاب جو سفرنامو ”چلو چلين پنجاب“ ڏنو ته پاڻ چيائين ته آئون ”نوحه گر“ مان ڪجهه ڪهاڻيون پنجابي گرمکيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ”شبد“ ۾ ڇپيندس.“ جندر کي پنهنجي رسالي ”شبد“ جي لاءِ لکڻين جي به ڳولا هئي. ٻي ڏينهن جڏهن نوجوان شاعر عامر عبدالله کيس پنهنجي شاعري جو مجموعو تحفي طور ڏنو ته پاڻ خالد فرهاد جي مدد سان ان جو هڪ نظم گرمکي لپيءَ ۾ پنجابي ۾ ترجمو ڪري ورتائين. جندر پوءِ منهنجي ڪهاڻي ”ورهاست“ جو ”ونڊ“ جي نالي سان ترجمو ڪري ”شبد“ ۾ ڇپيو. جتان پوءِ اها ڪهاڻي هندي ۽ ميٿلي ۾ ترجمو ٿي ڇپي، جيڪا ڳالهه پوءِ مون کي جندر ٻڌائي.
    ڳالهين ڪندي جندر مونکان پڇيو، ”ڇا پاڪستان ۾ به ادبي ايوارڊ ياري باشي ۽ پي آر تي ڏنا وڃڻ ٿا.“ جواب ۾چيم ”هائو اڪثر ائين ئي ٿئي ٿو.“ پوءِ مونکي اڪاڊمي ادبيات ۽ سنڌي لنئگويج اٿارٽي پاران ڏنا ويندڙ ايوارڊ ياد پيا، اڪاڊمي ادبيات اڃا جيئن تيئن، پر سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي انعامن/ايوارڊن ۾ جيڪا ياري باشي هلي ٿي، تنهن انعام جي اهميت ئي ختم ڪري ڇڏي آهي.
    ”هندستان ۾ به ائين ئي آهي، انعام وغيرهه پي آر ۽ ياري باشي تي ڏنا وڃن ٿا.“ جندر چيو :
    جندر پنهنجي سڀاءَ ۾ ڏاڍو سادو، نهٺو ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ هو. ڪانفرنس جي ٻي ڏينهن شام واري سيشن جي صدارتي پينل ۾ جڏهن کيس اسٽيج تي ويهاريو ويو ته هن پنهنجي تقرير پنجابيءَ ۾ ڪئي.
    ”آفريقن، ايشين انٽرنيشنل رائيٽرس“ جي هن ڪانفرنس جي جڏهن مونکي دعوت ملي ته آئون بلڪل آخري لمحن ۾ ئي وڃڻ جو فيصلو ڪري سگهيس، سو به راحت سعيد جي زور ڀرڻ تي. جنهن ڪري سفر جي دوران ايندي ۽ ويندي ڪافي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، پر جڏهن ڪانفرنس ۾ پهتس ۽ ملڪي توڙي غيرملڪي دوستن سان ميل ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون ته مون محسوس ڪيو ته جي اهي سفر جون تڪليفون سهي آئون ڪانفرنس ۾ نه اچان ها ته گهڻين شين سکڻ کان محروم رهجي وڃان ها.
    جندر سان ڪانفرنس جا ٽئي ڏينهن ڏاڍيون سٺيون ڪچهريون رهيون. 17 جون جي شام جو ”عورت فائونڊيشن“ پاران ڏنل ڊنر کانپوءِ جهڙوڪر ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي ته دوستن هڪٻئي کان موڪلايو، ڇاڪاڻ ته وري ٻيهر گڏجڻون نه هو. مون به جندر ۽ ڊاڪٽر سکديو سنگهه کان موڪلايو ۽ سُندر ساروڻيون کڻي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳس.


    ڊاڪٽر تاش مرزا (ازبڪستان)

    سوويت يونين کي وکرندي پاءَ صدي اچي ٿي آهي ۽ ان دوران سوويت يونين جي زوال، ڪميونزم جي خوبين ۽ خامين تي گهڻو ئي ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکجندو ٿو رهي ته سوويت دور ڪيئن هو؟ اهو عوام لاءِ جنت هو يا جهنم. ان جي زوال ۽ سوويت يونين جي خاتمي جي پويان بنيادي سبب ڪهڙا هئا، جو اها عظيم سلطنت واريءَ جي گهروندڙي جيان ڊهي اچي پٽ پئي. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي، پر پولينڊ جي جڳ مشهور ليکڪ ريشارڊ ڪاپو شنسڪي جي ڪتاب (IMPRIUM) جي به وڏي واکاڻ ٻڌجي ٿي ۽ مونکي سدائين ان ڪتاب جي ڳولا رهي ته اهو هٿ چڙهي ته نه رڳو پڙهجي، پر ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪجي. ان ڪتاب جي باري ۾ ڪاپو شنسڪي جو چوڻ آهي ته ’اهو ڪتاب انساني قربانين جي ذيان جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ ملين ماڻهو ماريا ويا، پر انهن قربانين جي ڪا ڪٿ نه ٿي ۽ نه ئي ڪو انهن مصيبتن جو ذميدار ئي نظر اچي ٿو.‘
    سوويت يونين جو خاتمو ڇا ٿيو، گهڻائي ڪامريڊ سوشلزم کان توبه تائب ٿي ويا ۽ ڪيترائي ادارا به ختم ٿي ويا، جن ان دور ۾ سوويت يونين جي پٺڀرائيءَ سان ڪم پئي ڪيو، انهن ۾ هڪ ’ايفرو ايشن رائيٽرس يونين‘ به هئي. جيڪا ڊگهي عرصي جي ماٺار کانپوءِ 2012ع ۾ مصر جي گاڌي واري شهر قاهره ۾ ٻيهر ’ايفريقن ايشن رائيٽرس يونين‘ جي نالي سان بحال ڪئي وئي. ان جو پاڪستان چيپٽر اسان جي يار راحت سعيد قائم ڪيو، جيڪو قاهره ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو هو ۽ ان ئي چيپٽر پاران هن سال (2014ع) پندرهين کان سترهين جون تائين اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن جي انٽرنيشنل رائيٽرس ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مون کي به شرڪت ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن مان آيل اديبن سان گڏجڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن افتتاحي سيشن ۾ جڏهن اهو ٻڌايو ويو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان مان ڊاڪٽر تاش مرزا به آيو آهي ته مون ڪن کڙا ڪيا ۽ طئي ڪيم ته ڊاڪٽر تاش مرزا سان ضرور ملبو ۽ ساڻس خبرون چارون ڪبيون. ڪانفرنس جو پهريون سيشن ختم ٿيو ته سڀ مندوبين مانجهاندي لاءِ هال کان ٻاهر نڪتا ۽ هڪٻئي سان حالي احوالي ٿيڻ لڳا ته مون به وڌي وڃي ڊاڪٽر تاش مرزا سان هٿ ملايو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم. جواب ۾ تاش مرزا به مُرڪي نهايت گرمجوشيءَ سان هٿ ملائيندي پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ نهايت صاف ۽ روان اردوءَ ۾ خبرون چارون ڪرڻ لڳو. سندس اردو ايتري ته سٺي هئي، جو مونکي حيرت ٿي، پوءِ اها ڳوٽ به ڀڳي، پاڻ ماضيءَ ۾ تاشقند يونيورسٽيءَ ۾ اردو جو پروفيسر رهيو هو ۽ سوويت يونين جي دور ۾ اسلام آباد جي سوويت سفارتخاني ۾ ڪلچرل ڊئڪريٽر به رهيو ۽ سوويت يونين جي وکرڻ کانپوءِ ازبڪستان ڌار ملڪ ٿيو ته ڊاڪٽر تاش مرزا پاڪستان ۾ ازبڪستان جو سفير به ٿي رهيو. هاڻ هو رٽائرڊ زندگي پيو گذاري. پاڪستان ۾ گهڻو عرصو رهڻ جي ڪري هتي سندس سُٺي اٿي ويٺي ۽ ڄاڻ سڃاڻ آهي ۽ دوستن جو به سٺو حلقو اٿس. ٻي ڏينهن جڏهن آئون هوٽل جي لابي ۾ بيٺو هوس ته هڪ همراهه ساڻس اچي مليو ۽ جڏهن هو ويو ته پاڻ ٻڌايائين ته ’اهو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو ڊرائيور هو.‘
    تاش مرزا ڏاڍو زنده دل ماڻهو هو، ڪانفرنس جا پوءِ باقي ڏينهن منهنجون ساڻس ڪافي ڊگهيون ڪچهريون ٿيون ۽ کل مذاق به ڪندا رهندا هئاسين. هڪ ڀيري ويٺا هئاسين ته نيپالي ليکڪ يوگ پاٺڪ اسان جي ڀرسان اچي لنگهيو ته مونکي چيائين: ”پهرين جڏهن مون هن کي ڏٺو ته سمجهيم ته ڪا ڇوڪري آهي، پر ڇاتين ۾ جانچيومانس ته اتي ڪجهه به نه هوس.“ جنهن تي مون کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو. جڏهن مون اها ڳالهه يوگ پاٺڪ کي ٻڌائي ته هو به ڏاڍو کليو. يوگ پاٺڪ جا وار ڇوڪرين جيان وڏا ۽ ڪلهن تي لڙڪيل هئا ۽ ڪنهن ڪنهن مهل هو چوٽي به ٻڌي ايندو هو.
    تاش مرزا، ٻن نظامن جو اکين ڏٺو شاهد ۽ ان ۾ گهاريندڙ رهيو آهي، سوويت يونين جي وکرڻ کان اڳ هو ڪميونسٽ نظام جو رهواسي ۽ ان جي مشنريءَ جو حصو هو ۽ هاڻ ازبڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ سرمائيداري نظام جو رهواسي ۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ. اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ ڪافي اڻ تڻ پيدا ڪري رهي هئي، تنهن ڪري مون پڇيس، ”تاش صاحب! سوويت دور ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڪهڙو ٿا فرق محسوس ڪيو.“
    اهو ٻُڌي چيائين، ”سڀ دوست اهوئي سوال ڪندا آهن.“ پوءِ گهڙي کن خاموش رهي چيائين، ”اهو به ٺيڪ هو، ان دور جون پنهنجون تقاضائون هيون ۽ هن دور جون پنهنجون...“
    ”ڀلا ڪميونسٽ نظام ۽ هاڻ ڪهڙو ٿا فرق محسوس ڪريو...؟“
    ”تمام گهڻو ۽ وڏو فرق آهي، ان وقت ڪافي سستائي هئي، مثال طور جيڪڏهن مونکي تاشقند کان ماسڪو وڃڻون هوندو هو ته آئون پنهنجي پگهار مان سولائيءَ سان وڃي سگهندو هوس ۽ هاڻ ته اهڙو تصور به ممڪن ڪونهي... پنجوڻ ڇهوڻ تي خرچ ڪرڻون پوندو. ان وقت قيمتن تي ڪنٽرول هو، جنهن ڪري روزمره جون شيون به سستيون هيون ۽ ضرورت جون شيون رياستي ڪنٽرول ۾ هئڻ سبب انهن جي کوٽ جو انديشو گهٽ هوندو هو، پر هاڻ ته مهنگائي سبب گذارو مشڪل ٿو ٿئي، سوويت يونين جي ٽٽڻ سان گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. ان وقت گهڻو ڪجهه صحت، تعليم، رهائش وغيره رياستي ذميداري هئي، شين ۾ سادگي ضرور هئي، پر ڪم هلي ويندو هو، پر هاڻ ته هر شئي لاءِ وڌيڪ خرچ ڪرڻون ٿو پوي. جو هاڻ تعليم، صحت، رهائش وغيره مهيا ڪرڻ رياست جي ذميداري نه آهي، اڳ اولڊ ايج ۽ ٻين ماڻهن کي رياست پينشن ڏيندي هئي ۽ اولڊ هائوس هئا، جنهن سبب هنن جو سٺي نموني گذارو ٿيندو هو. هاڻ اهو سسٽم ختم ڪيو ويو آهي.“ گهڙي کن ترسي پوءِ چيائين، ”مطلب ته گهڻو ڪجهه هو، پر آزادي نه هئي...“ سندس پويون جملو ٻڌي گڏ ويٺل مسلم شميم پوءِ مونکي چيو، ”ڏس! هن جي لفظن ۾ ڪيڏو نه درد آهي ته آزادي نه هئي...“ پوءِ ٻڌايائين ته ڪجهه سال اڳ آئون ماسڪو ويو هوس ته هڪ دوست مونکي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ چيائين، ”سوويت دور ۾ آئون توکي شايد هيئن آزاديءَ سان پنهنجي گهر وٺي اچي نه سگهان ها... جي کڻي اهڙو رسڪ کڻان به ها ته وڏي ڏچي ۽ پڇا ڳاڇا ۾ اچي وڃان ها.“
    شخصي آزادي نه هئڻ جي تصديق تاش مرزا به ڪئي. مسلم شميم جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي ياد آيو ته سوويت دور ۾ جڏهن روس ۾ شخصي آزادي، زبان بندي ۽ هر ماڻهوءَ تي حڪومتي اک هئڻ جي اولهائين ميڊيا جي رپورٽن کي پڙهبو هو ته ڪامريڊ ان جي سختيءَ سان ترديد ڪندا هئا ۽ ان کي سامراجي پروپئگنڊا چوندا هئا. پوءِ اهي ئي ڪامريڊ جڏهن سوويت يونين ٽٽو ۽ سوشلزم کان توبه تائب ٿيا ته پاڻ ئي سوويت دور جي خرابين کي ڳڻائيندي اها ڳالهه به ڪرڻ لڳا ته ”سوويت دور ۾ شخصي آزاديءَ تي سخت پابنديون هيون.“
    اهڙن ئي ڪامريڊن مان هڪ پروفيسر جمال نقوي به آهي، جيڪو ڄام ساقي ڪيس جو وڏو ڪردار هو ۽ هو چئن ڏهاڪن تائين ’ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان‘ سان لاڳاپيل ۽ ان جي پولٽ بيورو جو ميمبر به رهيو. جنهن جي آتم ڪهاڻي هاڻ Leaving the Left Behind (يعني کاٻي ڌر کان موڪلاڻي) مارڪيٽ ۾ آئي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي ڪميونزم کي خيرباد چوڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. کيس سوويت يونين وڃڻ جو به موقعو مليو ۽ سندس بقول ته اشتراڪي جنت جا سياسي، معاشي ۽ تمدني مشاهدا هن لاءِ اهڙا ته ڀوائتا نظرياتي ۽ ذهني تجربا هئا، جو هو ٻن هفتن کانپوءِ پنهنجو دور مختصر ڪري پاڪستان موٽي آيو ۽ هن سندس ذهن ۾ انهن اُٿندڙ سوالن جو تجزيو ڪيو ۽ ڪميونزم کان موڪلاڻي اختيار ڪئي. جمال نقوي اهو ڪتاب سوويت يونين جي وکرڻ ۽ ڊگهو عرصو ماٺ ۾ رهڻ کانپوءِ لکيو آهي، بهرحال اهو ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي، پر جمال نقوي سوويت دور جون خرابيون ڳڻائيندي گهڻيون شيون وساري ويٺو آهي ته انيڪ خرابين هوندي به سوويت يونين سڄي دنيا جي مظلوم قومن لاءِ وڏو ڏڍ هو. خير پنهنجو موضوع جمال نقوي جو ڪتاب ڪونهي.
    مسلم شميم جي اها ڳالهه ٻُڌي مون ٻي ڀيري تاش مرزا کان پڇيو ”تاش صاحب! ڇا اهو سچ آهي ته سوويت دور ۾ هڪ شهر کان ٻي شهر وڃڻ جي لاءِ به اجازت وٺڻي پوندي هئي؟“
    ” نه، ائين نه هو. ڪجهه خاص ۽ حساس هنڌن ۽ علائقن کانسواءِ باقي ٻين هنڌن تي وڃي سگهبو هو. البت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ايترو آسان نه هوندو هو. ان لاءِ وڏي ڊوڙ ڊڪ ڪرڻي پوندي هئي ۽ ڪاغذن جو هڪ وڏو فائيل ٺهي پوندو هو.“ تاش مرزا هٿ سان فائيل جي ٿولهه ٻڌائيندي چيو.
    ”اوهين ازبڪستان جي آزاد حيثيت کي ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟“
    ”ٺيڪ ٿا محسوس ڪريون، خوش آهيون.“ تاش مرزا مختصر وراڻيو ته مون پڇيس ”ڀلا روس جا ازبڪستان تي ڪيترا اثر آهن؟“
    ”سوويت يونين جي سڀني آزاد رياستن جي ڀيٽ ۾ روس جو ازبڪستان ۾ تمام گهٽ اثر آهي، اسان جي حڪومت پهرين ئي ڏينهن کان ڪوشش ڪئي ته پنهنجي پيرن تي بيهجي ۽ روس جو گهٽ کان گهٽ اثر قبول ڪجي.“ ”ڀلا ازبڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي آهي؟“ مون پڇيس، ”نه ازبڪستان ۾ هاڻ ڪميونسٽ پارٽي ڪونهي، البت ڪجهه ٻين آزاد ٿيل ملڪن ۾ آهي ۽ ڪٿ وري پارٽي جو نالو بدلايو ويو، پر ازبڪستان ۾ هاڻ ڪميونسٽ پارٽي نالي ڪابه پارٽي نه آهي.“ ڊاڪٽر تاش مرزا جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي ياد آيو ته هاڻ ته روس ۾ به ڪميونسٽ پارٽي جي نالي سان ڪابه پارٽي ڪونهي، البت ان جي جاءِ تي هڪ ٻي پارٽي آهي جيڪا ڄڻ ته ڪميونسٽ پارٽي جو نعم البدل آهي ۽ ان پارٽي جا گهڻا تڻا اڳواڻ اڳوڻا ڪميونسٽ ئي آهن. اها پارٽي عوام ۾ به ڏاڍي مقبول آهي، بورس يلسن جي دور ۾ ته ان پارٽي روسي پارليامينٽ دوما جي چونڊن ۾ به اڪثريت به ماڻي هئي. ”ڀلا هاڻ جي سوويت يونين بحال ٿي وڃي ته...؟“ مون تاش مرزا کان پڇيو. ”هاڻ اهو ممڪن ڪونهي، جيتوڻيڪ سوويت يونين وڏو ملڪ هو ۽ ان حساب سان سهولتون به گهڻيون هيون. موقعا به وڌيڪ هئا، پر هاڻ پويان وڃڻ جي بدران اڳتي ئي ڏسڻ گهرجي. ارتقا جو عمل اڳتي وڌي ٿو. هاڻ اهي رياستون آزاد ملڪ آهن ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي رهيون آهن ۽ هو پنهنجي آزادي ڇو ختم ڪنديون.“
    تاش مرزا ٻڌايو ته سوويت دور ۾ ادب ۽ اديب کي وڏي اهميت هئي؛ اديبن جا ڪتاب وڏي اهتمام سان ڇپرايا ويندا هئا ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرايا ويندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڪتاب ڇپجندو هو ته ان جو پهريون ايڊيشن ئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڪاپيون ڇپيو ويندو هو. خود منهنجو ڪتاب ”هندستان ۾ اردو“ هڪ لک ڪاپيون ڇپيو. فيض احمد فيض جي شاعري جي روسي ترجمي وارا ڪتاب به لکن جي تعداد ۾ ڇپجندا هئا ۽ ماڻهو اهي ڪتاب خريد به ڪندا هئا ته پڙهندا به هئا ۽ اديبن کي انهن ڪتابن جي رائلٽي ڏيڻ سان گڏ ڪافي سهولتون به ڏنيون وينديون هيون، جيئن هو هر قسم جي فڪر کان آجا ٿي، پنهنجو تخليقي ڪم ڪري سگهن.
    تاش مرزا جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي مستنصر حسين تارڙ جي سفرنامي ”ماسڪو ڪي سفيد راتين“ ۾ لکيل هڪ ڳالهه ياد آئي، جنهن ۾ هن لکيو ته هو سوويت دور ۾ جڏهن ماسڪو ويو هو ته هن هڪ اسٽور جي ٻاهران ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار بيٺل ڏٺي، هن سمجهيو ته اهي جورابن جي هڪ جوڙي يا ڊبل روٽي يا ڪا ٻي شئي خريدڻ جي لاءِ بيٺا آهن، هن جڏهن پنهنجي ترجمان کان ان قطار بابت پڇيو ته هن ٻڌايو ته ”هيءَ قطار دوستو وسڪيءَ جي لاءِ آهي. ان جي ناول ”ڪرائيم اينڊ پنشمنٽ“ جو نئون ڇاپو ڇپيو آهي ۽ هي ماڻهو صبح کان وٺي اهو خريدڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺا آهن.“
    تارڙ لکي ٿو ته: ”آئون حيران ٿيس ته اهي ڪهڙا روسي آهن، جن اڃا تائين دوستو وسڪي جو اهو ناول نه پڙهيو آهي. ”نه نه!“ منهنجي مترجم کلڻ لڳي ”اهو ته ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو روسي ڀلي ڪيترو به گهٽ ذوق وارو هجي، ان ناول کان واقف نه هجي. دراصل هتي ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ٻين ڪلاسيڪي اديبن کان علاوه دوستو وسڪي جي ڪنهن به ناول جو نئون ايڊيشن خريدڻ هڪ اعزاز سمجهندا آهن ۽ هي اهڙا ئي ماڻهو آهن.“
    ڊاڪٽر تاش مرزا 1958ع ۾ تاشقند ۾ ٿيل پهرين ’ايفرو ايشين رائٽرس ڪانفرنس‘ جي موقعي تي نه رڳو ان ۾ شريڪ هو، پر هڪ لحاظ کان هو ان جي ميزبانن مان پڻ هو. ان ڪانفرنس جي يادن جو احوال فيض احمد فيض پنهنجي ڪتاب ”مه وسال آشنائي“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي. ان ڪانفرنس ۽ پوءِ جي ڪانفرنسن جي حوالي سان تاش مرزا، ڪانفرنس ۾ ننڍو پر نهايت جامع مقالو پڙهيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ”نان الائنس موومنٽ“ (نام) کانپوءِ تاشقند ۾ ٿيل ايفرو ايشيائي اديبن جي 1958ع ۾ ٿيل اها ڪانفرنس هڪ اهم واقعو هئي، ايشيا ۽ آفريقا جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو سبب اهو هو ته جيئن عالمي امن جي حمايت ۽ جنگ جي خلاف ڪوششن کي هٿي وٺائجي ۽ ترقي پسند ادب جي سيرابيءَ لاءِ ڪوششون ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ کين اڳوڻي سوويت يونين جي قيادت جي آشيرواد حاصل هئي.“ ڪانفرنس جي آخري سيشن کانپوءِ، جڏهن ڪانفرنس ۾ شريڪ مهمانن کي ”عورت فائونڊيشن“ پاران ڊنر ڏني وئي، جيڪا هڪ لحاظ کان الوداعي دعوت به هئي ته تاش مرزا ۽ آئون هڪ ئي ميز تي ويٺا هئاسين. ڳالهيون ڪندي تاش مرزا ”ايفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ته ڪيو، پر گڏوگڏ اهو به چيو ته ”مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهو سلسلو ڪيئن هلندو، ڇاڪاڻ ته سوويت يونين جي دور ۾ اهڙين ڪانفرنسن جو سڄو خرچ، مندوبين جي آمد ۽ رهائش وغيره سوويت حڪومت برداشت ڪندي هئي.“ تاش مرزا اهو به ٻڌايو ته ازبڪستان جي هڪ شاگردياڻي ”اڪسانه“ ٻه سال اڳ روسي ٻوليءَ ۾ شاهه لطيف تي هڪ وڏو ريسرچ پيپر لکيو آهي.
    تاش مرزا، هڪ وڏو عالم ۽ اديب آهي، سندس پاران جوڙيل ”روسي ۽ اردو لغت“ ۽ ”ازبيڪ-اردو لغت“ مقتدره قومي زبان اسلام آباد پاران ڇپرايل آهن. تنهن کانسواءِ تاش مرزا جا ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون پڻ لکيل آهن جيڪي روسي، ازبيڪ ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپيل آهن.


    طـايـر زلانـد (افغانستان)

    ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن اڃان ڪانفرنس شروع نه ٿي هئي ۽ اسين هوٽل جي لابيءَ ۾ ازبڪستان مان آيل اديب ڊاڪٽر تاش مرزا سان فوٽو ڪڍرائڻ کانپوءِ، ساڻس گڏ بيٺا حالي احوالي ٿي رهيا هئاسين، جو سلوار قميص ۾ هڪ ڳورو چٽو نوجوان اڳتي وڌيو ۽ مونکي ڪئميرا ڏيندي چيائين ”سر، منهنجو تاش مرزا سان گڏ فوٽو ڪڍو“. مون ڏانهس هڪ نظر ڏٺو، پوءِ کانئس ڪئميرا وٺي سندس تاش مرزا سان ۽ ٻين دوستن سان گڏ ٻه چار فوٽو ڪڍي ورتم.
    ”ڪٿان آيا آهيو؟“ ڪئميرا واپس ڏيندي پڇيومانس.
    ”ڪابل! افغانستان مان“ وراڻيائين.
    ”ويلڪم...“ مون ساڻس هٿ ملائيندي چيو.
    ”طاير زلاند منهنجو نالو آهي ۽ منهنجو ميڊيا سان تعلق آهي.“ جواب ۾ هٿ ملائيندي مرڪندي چيائين.
    (پر سچ اهو آهي ته طاير جي نالي مونکي ڏاڍو مُنجهايو، آئون ڪيڏي مهل کيس طاهر جلوانه پيو لکان ته ڪيڏي مهل ظلوانه، پر هاڻ جڏهن فيس بوڪ تي هڪٻئي سان ايڊ ٿيا آهيون ته مونکي سندس نالي جي صحيح اُچار جي خبر پئي آهي يعني ( Tair Zaland) طاير زلاند)
    ”ڏي خبر طاير! ڀلا افغانستان جي اڄوڪين چونڊن ۾ ڪير کٽندو؟“ سندس تعارف ڪرائڻ تي مون به بنا دير جي کڻي سوال ڪيومانس. اهو پندرهين جون جو ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن افغانستان ۾ صدارتي چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ ووٽنگ ٿي رهي هئي.
    ”اشرف غني.“ طاير جواب ڏنو.
    مون حيرت جو اظهار ڪندي چيو، ”اهو وري ڪيئن؟ هت اسان وٽ پاڪستان ۾ ته عبدالله عبدالله جي ڪاميابي جي اڳ ڪٿي ڪئي پئي وڃي.“
    ”اصل ۾ پاڪستاني ميڊيا جي اڪثر تجزيي نگارن کي افغانستان جي زميني حقيقتن جي خبر نه آهي ۽ هو اڪثر افغانستان جي باري ۾ منفي ۽ مفروضن تي ٻڌل خبرون ڏين ۽ تاثر اُڀارين ٿا.“ طاير وراڻيو ۽ اها ساڳئي ڳالهه طاير ٻي ڏينهن پنهنجي تقرير ۾ پڻ ڪئي ته ”پاڪستاني ميڊيا ۾ افغانستان جي باري ۾ منفي خبرون اچن ٿيون.“
    سندس اها ڳالهه ٻُڌي مون پڇيس، ”طاير! ڀلا ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي ته طالبانن جي حڪومت کانسواءِ افغانستان جي باقي هر حڪومت پاڪستان تي الزام تراشيون ڪندي رهندي آهي ۽ هندستان جي ويجهو هوندي آهي.“ ته طاير مرڪندي سنجيدگيءَ سان وراڻيو، ”پاڪستان ته افغانستان ۾ فقط مجاهد ٿو موڪلي، مجاهدن سان افغان عوام جو پيٽ ته نه ڀربو، جڏهن ته هندستان، افغانستان ۾ اسڪول، اسپتالون، روڊ ۽ رستا اڏڻ سان گڏ ڪتاب ۽ ٻيون ضرورت جون شيون به موڪلي ٿو. افغان عوام کي مجاهدن جي بندوقن جي بدران جن شين جي گهرج آهي، پاڪستان جڏهن به هندستان جيان اهي شيون موڪليندو ته افغان عوام ۽ حڪومتون پاڪستان تي الزام هڻڻ جي بدران، پاڪستان جي ويجهو اينديون. جڏهن ته طالبانن جي دور حڪومت کانسواءِ، دائود جي حڪومت هجي يا ڪامريڊن جي، يا وري هاڻ ڪرزئي جي، هندستان هر ڀيري افغان عوام جون بنيادي گهرجون پوريون ڪيون آهن، ان ڪري افغان عوام ۽ حڪومتون هندستان کي پنهنجو دوست ٿيون سمجهن.“
    طاير سان ڪچهري دوران مونکي ان ڳالهه جو به تجسس ٿيو ته پڇانس ته ”هاڻ افغانستان ۾ ڪامريڊن يعني پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا ڪهڙا حال آهن؟“ ته وراڻيائين، ”اڳوڻا سينيئر اڳواڻ ته سڀ ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن. انهن کي هاڻ نه سياست سان دلچسپي آهي ۽ نه ئي وري واپس وطن اچڻ سان. البت پي ڊي پي نالي ۾ موجود آهي، ڪابل ۾ سندن آفيس به آهي، ڪجهه ماڻهو آهن، پر ڪمزور پوزيشن ۾...“
    ائين پوءِ باقي ٻه ڏينهن به طاير سان ڪچهريون ٿينديون رهيون. طاير هر وقت پنهنجن دوستن ۽ احبابن جي جهرمٽ ۾ رهندو هو، سندس شخصيت به ڏاڍي پُرڪشش هئي، هو پنهنجي ڊيل ڊول ۾ سمارٽ ۽ بي حد مهذب ۽ شائسته هو. اتي جيڪو ساڻس گڏ چئن پنجن دوستن جو گروپ گڏ هو انهن ۾ هڪ افغانستان مان ساڻس گڏ آيل سعدالله ميوند ۽ ٻيا پاڪستان جا دوست هئس. طاير جي دوستن جي گهيري ۾ رهڻ جي ڪري به طاير جي ويجهو وڃڻ کان رڪجڻون ٿي پيو. اهي سڀ دوست سندس هم عمر هئا، انهن مان هڪ شير جان، ٻي ڏينهن جڏهن طاير ڪانفرنس ۾ اهو چئي پشتو ۾ تقرير ڪئي ته مونکي اردو سٺي نٿي اچي ته اهو سندس تقرير جو اردو ۾ ترجمو ڪندو ويو، جنهن تي اسان جو دوست شهاب خٽڪ مٿس ڏند ڪرٽيندو رهيو ته ”سالا! ترجمي ڪا ستيا ناس ڪر رها هي.“
    مونکي طاير جي اردو بدران پشتو ۾ تقرير ڪرڻ تي ٿوري حيرت ٿي، منهنجي خيال ۾ طاير جي اردو ڏاڍي سٺي هئي، هڪ ته هن جي پيدائش پاڪستان جي هئي ۽ ٻيو ته هن تعليم به پاڪستان ۾ پرائي هئي ۽ اردو ادب جو به سٺو پڙهاڪو هو، پر هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تقرير ڪري پنهنجي قومي شناخت جو ثبوت ڏنو.
    ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي جڏهن آئون يوگ پاٺڪ کي اڪادمي ادبيات جي آفيس وٺي ويس ۽ اتان ڪجهه ڪتاب خريد ڪيم، جيڪي اڪادمي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي هٿ ۾ ڏسي طاير پڇيو ته ”ڪٿان ورتا اٿئي؟“ ته مون کيس ٻڌايو ته اڪادمي جي بوڪ شاپ تان. پوءِ اسين ٻئي گڏجي بوڪ شاپ تي آياسين. طاير کي نئين ٽهي جي اردو شاعرن جي مجموعن جي ڳولا هئي، پاڻ ٻڌايائين ته هو جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته هتان پنجاهه سٺ جي لڳ ڀڳ ڪتاب خريد ڪري ويندو آهي.
    طاير سان افغاني ادب جي باري ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مون کيس ٻڌايو ته مون سلمان لائق جا ڪتاب ۽ نور محمد ترهه ڪي جا ناول اردو ترجمي ۾ پڙهيا آهن، جيڪي ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ ترجمو ڪيا آهن ته چيائين اهي پراڻي دور جا لکيل آهن. هاڻ افغانستان ۾ جنگ کانپوءِ جو لکيل ادب وڌيڪ سگهارو آهي. ان سلسلي ۾ هن ٻن ناولن جي وڏي ساراهه ڪئي ته اهي نئين دور جا نمائندا ناول آهن. پهريون ”خودڪش“، جنهن جو ليکڪ ’محب زعم‘ آهي، جيڪو هاڻ اردوءَ ۾ ترجمو ٿي پِشاور مان ڇپيو آهي ۽ ٻيو ”صدر کي ڪنهن ماريو“، جنهن جو ليکڪ ارثن ننگيال آهي، طاهر ٻڌايو ته ارثن ننگيال بلڪل نئين ٽهيءَ جو ليکڪ آهي ۽ سندس ناول ٽيڪنڪ جي لحاظ کان پڻ منفرد آهي، ٻنهي ناولن ۾ جنگ جون جهلڪيون پڻ موجود آهن.
    طاير پاڻ به پشتو جو سٺو غزل گو شاعر آهي، کيس افغانستان ۾ نوجوان شاعرن ۾ وڏي پذيرائي حاصل آهي ۽ سندس غزلن کي گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس غزلن جو پهريون مجموعو 2008ع ۾ ”لپاڪه رپا“ (هٿن ۾ روشني) جي نالي سان ڇپيو ۽ ٻيو مجموعو ”په لپا کبني رپا“ (خوشبوءِ مان رت ٿو ٽُمي) جي نالي سان 2012ع ۾ ڇپيو. تنهن کانسواءِ سندس پشتو شاعريءَ تي تنقيدي ڪتاب ”پشتو شاعري جو تنقيدي جائزو“ پڻ ڇپيل آهي. سندس ٻيو تنقيدي ڪتاب ”ادب ۽ تنقيدي قدر“ جلد ڇپجڻ وارو آهي، طاير شاعر ۽ نقاد هئڻ سان گڏ سٺو افسانه نويس پڻ آهي، سندس افسانن جو مجموعو ”اڌ صديءَ جي ڳولا“ پڻ جلد ڇپجڻ وارو آهي. ائين پاڻ چئي سگهون ٿا ته طاير هڪ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو افسانه نويس ۽ نقاد پڻ آهي. طاير وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻ هو اردو افسانن جو پشتو ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته هو نئين ٽهي جي ڪيترن ئي اردو شاعرن جي شاعريءَ جو پشتو ۾ ترجمو ڪندو ٿو رهي، جيڪو افغانستان جي اخبارن ۾ ڇپجندو ٿو رهي.
    طاير جو واسطو افغانستان جي صوبي ننگرهار جي هڪ برف پوش علائقي ”اسپين غر“ سان آهي، پر سندس جنم 1987ع ۾ پشاور ۾ ٿيو ۽ پاڻ تعليم به اتي ئي پرايائين. سندس غزلن جو جائزو وٺندڙ ”عمر گل عسڪر“ لکي ٿو، ”طاير زلاند جو شمار افغان نوجوانن جي ان نسل ۾ ٿئي ٿو، جنهن افغان پناهگيرن جي ڪنهن ڪئمپ ۾ جنم ورتو. هنن ڪئمپن جي اسڪول ۽ مدرسن ۾ تعليم پرائيندي، حالتن جي چڪيءَ ۾ پيڙجندي، شعور ۽ فڪر جي سجاڳي سان آشنا ٿيا، جديد فڪر ۽ شعور جي ان سجاڳيءَ بادشاهي نظام جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي تخليقي عمل کي بدلائي ڇڏيو ۽ پوءِ پاڪستان جي ڏورانهن هنڌن جي آزاد ماڻهن جي آزاد ۽ جديد فڪر مان سيراب ٿي، افغان نوجوان ٽهي ته ادب جي تخليقي کيتر ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو، اسين پاڪستاني پشتون جيڪي ڪجهه وڏن وڏن افغان محققن جي نالن ۽ ڪم کان واقف هئاسين، هاڻ هڪ نئين ۽ سگهاري کيپ کي پروان چڙهندي ڏسي رهيا آهيون، انهن ۾ طاير زلاند جيان ٻين به اڻ ڳڻين نوجوانن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪي پنهنجي صلاحيتن جي ٻَل تي سڄي دنيا ۾ ۽ پنهنجي ملڪ افغانستان ۾ ميڊيا سان واڳجي علم ۽ ڏاهپ جي روشني پکيڙي رهيا آهن. هاڻ هو بادشاهي نظام جي ٻوساٽ کان آزاد ٿي چڪا آهن ۽ ٻين به ڪيترن نظامن جهڙوڪ: جمهوريت، ڪميونزم، ويڙهو حاڪميت ۽ عقيدن جي دورن جو تجربو حاصل ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگي ۽ ماحول ڏسي چڪا آهن ۽ بين الاقوامي سطح تي ميڊيا جي ذريعي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجهي چڪا آهن. هاڻ ته هو پنهنجي تخليقن جي ذريعي اسان کي ڇرڪائي رهيا آهن.“
    طاير پيشي جي لحاظ کان صحافي ۽ افغانستان ۾ ’انٽرنيوز سروس‘ سان سينيئر پروڊيوسر جي حيثيت سان لاڳاپيل آهي، ڪانفرنس جي ٻي ڏينهن طاير اعلان ڪيو ته هو افغانستان ۾ ’ايفريقن ايشين رائٽرس يونين‘ جو افغان چيپٽر قائم ڪرڻ ٿو چاهي، جنهن جي تاڙين جي گونج ۾ آجيان ڪئي وئي ۽ هن اهو به چيو ته پاڻ ڪابل ۾ پڻ اهڙي ڪانفرنس ڪرڻ ٿو چاهي جنهن جي ڪانفرنس منتظمين کيس اجازت ڏني.
    ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ ۽ جاذب نظر هئڻ سبب طاير ڪانفرنس ۾ شامل اڪثر دوستن جي ڌيان جو مرڪز رهيو، ٻي ڏينهن جڏهن نصير ميمڻ پاران کيس ٻين مهمانن سان گڏ اجرڪ پارائي ويئي ته هو شام تائين اها پنهنجي ڪنڌ ۾ پايو هليو ۽ اجرڪ سندس ڪنڌ ۾ ڪا ٺهي ٿي ڇا. مون سندس اجرڪ سان هڪ ڦوٽو به ڪڍيو. طاير سان ڪانفرنس جي دوران ڪي تفصيلي ۽ ڊگهيون ڪچهريون ته ٿي نه سگهيون، پر هاڻ فيس بوڪ تي هڪٻئي سان تفصيلي حال احوال ڪندا رهندا آهيون. طاير ڏاڍو سوشل ماڻهو آهي، جيڪڏهن ڪو دوست ساڻس رابطو ڪرڻ چاهي ته سندس اي ميل حاضر آهي. Zaland2010@gmail.com طاير جي غزلن جا اردو م ترجما نه ٿيا آهن، پر پاڻ مون ڏانهن عمر گل عسڪر جو مضمون موڪليائين، ان ۾ سندس غزلن جي ڪجهه بندن جو حوالي طور ترجمو ڏنل آهي، هيٺ سندس انهن غزلن جي ڪجهه بندن جي ترجمي جو ترجمو پيش ڪريان ٿو.
    • اي طاير! اسين ته خدا کان تخليق جي باهه ٿا گهرون، پر حالتون اسان جي فڪر تي برف ٿيون وسائين.
    • جيڪڏهن آئون شهر جي گهٽين ۾ آرسيون رکي ڇڏيان ته سڀ ماڻهو پنهنجا گريبان ڦاڙي ڇڏين.
    • جيڪڏهن آئون هن رڻ ۾ اُميد جو پڙاڏو ناهيان ته پوءِ ڪو مونکي منهنجي حقيقت ٻڌائي.
    • طاير، جيڪڏهن هن جي نيڻن ۾ سپنا نه آهن ته هن جي خوابن جي آئون ڪيئن تعبير ڪريان.
    • مونکي حالتن جي گهٽيءَ پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي ۽ شهر جي ڀتين تي ماتم لکيل آهي.
    • مون فڪر جي سوجهري کي زندگيءَ ۾ محفوظ ڪري ورتو آهي، هاڻ آئون وسامندڙ ڏيئو نه آهيان، هوائن کي ٻُڌائي ڇڏيو.
    • اي فڪر، آئون تنهنجي ڪلهن تان وهم جي مٽيءَ ڇنڊي رهيو آهيان، مون زندگي جي رڻ ۾ تبديليءَ جو ٻُڌو آهي.
    • زمين تي ته روشني جي گهرج آهي، آسمان تان تارا ڇو نٿا لهن.
    • طاير، جيڪي اونداهين جي جهنگ ۾ راتيون گذارين ٿا، قسمت ڏسو، اهي ئي همراهه پرهه ڦٽي جا خواب ڏسن ٿا.


     پرويش شاهين(پاڪستان)

    ڊگهي سفر کانپوءِ شام جو پنجين بجي ڌاري جڏهن اسلام آباد ۾ اڪادمي ادبيات جي رائٽرس گيسٽ هائوس پهتس ته امداد آڪاش کي چيم، ”يار! ڳالهيون پوءِ ڪبيون، آئون ڏاڍو ٿڪل آهيان، مونکي ڪٿ ٿانيڪو ڪر ته نه رڳو فريش ٿيان، پر ڪلاڪ ٻه چيلهه به سڌي ڪري وٺان.“
    امداد هڪدم مونکي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي هليو ۽ دروازو کوليائين ته هڪ جهونڙو پلنگ تي ويٺل نظر آيو ۽ در کُلندو ڏسي پنهنجون ٻوٽيل اکيون کوليائين ۽ اسان ڏانهن ڏٺائين، ”شاهين صاحب! هي يوسف سنڌي آهي... حيدرآباد سنڌ کان آيو آهي... توهان سان رهندو.“
    ”ٽيڪ اي!“ جواب ۾ هڪ ڳرو آواز اُڀريو ۽ خانصاحب اکيون ٻوٽي ڇڏيون. امداد مونکي ڇڏي پاڻ هليو ويو ۽ مون به بنا دير جي ٿيلهو کولي ڪپڙا ڪڍيا ۽ فريش ٿيڻ جي لاءِ واش روم ۾ گهڙي ويس ۽ گڏوگڏ خانصاحب جي رُکي لهجي ”ٽيڪ اي“ تي سوچڻ لڳس ته ”امداد الائجي ڪهڙي بَلا سان اٽڪايو آهي... نه دعا نه سلام، بس ٽيڪ اي.“
    فريش ٿي ڪپڙا پائي ٻاهر نڪتس ۽ خانصاحب جي ڀرواري پلنگ تي ليٽي پيس ۽ خانصاحب ڏانهن ڏٺم، اکيون ٻوٽيل، ڄڻ گوتم ٻُڌ جيان ڪنهن گيان ۾ هجي.
    ”سونا چاهتي هو تو بتي بند ڪردو.“ اوچتو آواز آيو، مون هڪ نظر وري به خانصاحب کي ڏٺو ۽ ”ٽيڪ اي“ چئي اُٿي بلب آف ڪري ڇڏيم. هاڻ ته مونکي صفا وسوسا ٿيڻ لڳا، ”الائجي ڪير آهي، نه دعا نه سلام... بس ٽيڪ اي... حڪم ته بتي بند ڪردو.“
    آئون وري پلنگ تي ليٽي پيس، ڪمري ۾ اونداهي هئي، بس سائيڊ واري دريءَ مان شام جو ڌنڌلڪو نظر اچي رهيو هو. مون به اکيون ٻوٽي ڇڏيون، ڪجهه دير ماٺار رهي، پوءِ خانصاحب جي کنهڪار جو آواز آيو ته مون به همت ڪري ڳالهايو ۽ پڇيو، ”سر جي! اوهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا.“
    ”پرويش شاهين... سوات کان آيو آهيان.“ لهجي ۾ اهو ئي کڙڪو ۽ رُکائي. نالو ٿورو ٻُڌل يا پڙهيل لڳم، گهڙي کن خاموشي رهي، ”شاهين صاحب! اوهان اهي ئي آهيو نه جنهن کهوار زبان تي ڪم ڪيو آهي. شايد ان تي اوهان ڪو ڪتاب به لکيو آهي.“
    کهوار زبان پاڪستان جي اُترين علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
    ”جي! بلڪل مون کهوار کانسواءِ ٻين ٻولين تي پڻ ڪم ڪيو آهي. کهوار زبان تي منهنجو لکيل ڪتاب ”مقتدره قومي زبان“ اسلام آباد طرفان ڇپرايو ويو آهي.“
    ”هائو، اوهان جو اهو ڪتاب مون وٽ آهي ۽ مون اوهان جي کهوار زبان تي لکيل هڪ مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو اسان جي ”سنگت“ رسالي ۾ ڇپيو هو“. ”اڇا!“ جواب مليو، ”مون پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ڪيترين ئي ٻولين ۽ لهجن تي ڪم ڪيو آهي. ڪن تي ته ڪتاب به لکيا اٿم، منهنجا هڪ سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن. منهنجو هڪ ڪتاب سنگ ميل لاهور وارن به ڇپيو آهي. آئون ڪيترائي ڀيرا شاهه لطيف يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ شرڪت جي لاءِ سنڌ به اچي چڪو آهيان. سنڌ ۾ آئون عمرڪوٽ ۽ مٺي تائين ويو آهيان. مون ٿر جي ڍاٽڪي ٻوليءَ تي پڻ ڪيو آهي، تنهن کانسواءِ آئون ٺٽي ۽ مڪلي به ويو آهيان. چوهڙ جماليءَ ۽ جاتي به ويو آهيان، جتي مغلڀين آهي.“ خانصاحب يڪ ساهي ٻڌائي ويو.
    ”واهه سائين! اوهان ته ڄڻ سڄي سنڌ گهمي آهي.“ مون چيس، پوءِ نيم اونداهيءَ ۾ اسان جي اها ڪچهري جاري رهي ۽ اسان جي وچ ۾ اها اوپرائپ ختم ٿي چڪي هئي، جيڪا سندس ”ٽيڪ اي“ چوڻ تي محسوس ڪئي هيم. اسين ڪافي دير ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ پوءِ چانهه پيئڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري آياسين.
    ٿوري دير کانپوءِ جڏهن مهمانن کي سندن رهائش وارن هنڌن ڏانهن موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته امداد آڪاش مونکي ٿيلهو کڻي ”هوٽل بيسٽ ويسٽرن“ هلڻ جي لاءِ چيو، مون پرويش کان موڪلايو ته چيائين، ”يوسف! تون نه وڃ... توسان ڏاڍي سٺي ڪچهري پئي ٿئي ۽ پاڻ ٻنهي جو مزاج به ساڳيو آهي. تون ويندين ته الائجي ٻيو ڪير منهنجي مٿي ۾ لڳي.“ پر آئون پنهنجي وس ته نه هئس، اها ته ميزبانن جي مرضي هئي ته ڪنهن کي ڪٿي ٿا ٽڪائين.
    پرويش جو واسطو سوات سان هو. جيڪو ڪنهن زماني ۾ سياحن جي لاءِ جنت هو ۽ جنهن کي پوءِ طالبانن ”جهنم“ ۾ بدلائي ڇڏيو. انهن طالبانن جو اڳواڻ مُلا فضل الله هو، جيڪو سوات آپريشن کانپوءِ افغانستان ڀڄي ويو. پرويش شاهين سان پوءِ ڪانفرنس جا ٽئي ڏينهن ڏاڍيون سٺيون ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ سندس داستان ٻُڌڻ سان نه رڳو منهنجي بُت مان سيسڙاٽ نڪري ويا، پر هن وڏي ڄمار جي همراهه کي سندس همت، دليري ۽ ڪمٽمنٽ تي سلام ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. جڏهن سوات تي طالبان قابض هئا ۽ هنن اُتي پنهنجي من پسند طالباني شريعت لاڳو ڪئي ته پرويش شاهين هنن جي هٿان نه رڳو زيادتين جو نشانو بنيو، پر هڪ لحاظ کان طالبانن ڄڻ کيس ماري ئي ڇڏيو هو، پر سندس هن دنيا ۾ اڃا ڪي ڏينهن هئا، سو همراهه طالبانن جي سخت تشدد ۽ درندگيءَ جي باوجود به جيئرو رهيو، پر منجهس جسماني تبديلي اها آئي ته هاڻ هو ڪابه سخت شئي کائي نٿو سگهجي، جوس، کير ۽ سوپ ٽائپ شيون ئي سندس غذا آهن، ڇو ته طالبانن جي تشدد جي ڪري سندس معدو پاڻياٺ وارين شين کانسواءِ ٻي ڪابه شئي هضم نٿو ڪري سگهي.
    ”شام جو طالبانن جي ايف ايم ريڊيو تان اعلان ڪيو ويو ته سڀاڻي آئون ۽ منهنجا ٽئي پٽ طالبان جي مقامي ڪمانڊر جي اڳيان حاضر ٿيون.“ پرويش شاهين ٻڌايو، ”طالبان جڏهن به ڪنهن کي پنهنجي قانونن تي عمل نه ڪندي ڏسندا هئا يا کين ڪنهن سبب جي ڪري سزا ڏيڻ چاهيندا هئا ته هو پنهنجي ريڊيو تان شام جو اهڙو اعلان ڪندا هئا... ۽ لڳ ڀڳ روزانو اهڙا اعلان نشر ٿيندا هئا. جن به ماڻهن جا نالا کڻي کين ڪمانڊر وٽ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو، انهن جا اڪثر ڪنڌ ڪپيل لاش ٻي ڏينهن شهر جي چوڪ تي پيل هوندا هئا.“
    ”طالبانن جي اوهان کي حاضر ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ اوهان ڇا ڪيو؟“ مون تجسس وچان پُڇيو.
    ”آئون بنا دير جي پنهنجي ٽنهي پٽن اُمت خان، اسد خان ۽ اڪبر خان کي راولپنڊي وٺي آيس، کين اتي ڇڏيم ۽ آئون وري واپس موٽي آيس.“
    ”اوهين واپس ڇو وريا، اوهين به پنڊي ۾ ٽڪي پئو ها.“ مون چيس.
    ”منهنجي غيرت اهو گوارا نه ڪيو ۽ ٻيو ته جي آئون ائين ڀڄي وڃان ها ته مون جن ماڻهن کي همت ڏياري هئي، تن جي همت ٽٽي پوي ها، آئون موٽي آيس پنهنجي مٿان طالبانن جو خطرو کڻي!“ گهڙي کن چپ رهڻ کانپوءِ چيائين، ”پوءِ هڪ رات هنن منهنجي گهر تي حملو ڪري ڏنو... اها 8 آگسٽ 2008ع جي ڳالهه آهي، هنن پهرين ته منهنجي سڄي لائبرري تباهه ڪئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 23 هزار ڪتاب موجود هئا، هُنن چيو ته اهي ڪافرانه ڪتاب آهن، جن سان آئون ماڻهن ۾ لادينيت ٿو ڦهلايان، پوءِ هنن منهنجو ننڍڙو ميوزيم تباهه ڪيو. منهنجي ان ميوزيم ۾ ڪيترائي تاريخي نواردات ۽ آرٽ جا نمونا هئا. اسان جو علائقو گنڌارا تهذيب جي حوالي سان وڏو شاهڪار رهيو آهي ۽ اُتي ٻُڌ ڌرم جا ڪيترائي آثار آهن. آئون نه رڳو انهن تي تحقيق ڪندو رهندو آهيان، پر انهن جي حفاظت واسطي ملڪي توڙي غيرملڪي سطح تي ڪوششون پڻ ڪندو رهندو آهيان. طالبانن اسان جي اُن تاريخي ورثي کي پڻ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“
    ”پرويش صاحب پوءِ؟“
    ”پوءِ هنن مون تي بي انتها تشدد ڪيو ۽ مونکي مئل سمجهي ڦٽو ڪري ڇڏيائون. آئون سڄو رتو رت هئس ۽ هنن منهنجي مٿان چادر وجهي ڇڏي، صبح جو ماڻهن مونکي ڏٺو ته منهنجي سرير ۾ اڃا ساهه هو. طالبانن مونکي ڪُٺو نه هو، نه ته هو اڪثر ڪُهي، سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندا هئا... جڏهن منهنجي واسطيدارن ڏٺو ته هنن مونکي ڪُٺو نه آهي ۽ مون ۾ اڃا ساهه آهي ته هنن مونکي هڪدم اسپتال پهچايو ۽ پوءِ علاج لاءِ لاهور منتقل ڪيو ويس. جتي ٻه ٽي مهينا منهنجو علاج هليو.“ پرويش شاهين ائين ٻڌائي رهيو هو، ڄڻ اهو هڪ عام ۽ نارمل قصو هجي.
    ڪانفرنس جي پهرينءَ ڏينهن شام وارو سيشن گروپ ڊسڪشن هو، ان لاءِ چار موضوع رکيا ويا هئا ۽ ڪانفرنس جي سڀني مندوبين کي پنهنجي پسند جي موضوع واري گروپ ۾ شامل ٿي، بحث مباحثو ڪري، سفارشون تيار ڪرڻيون هيون. جيئن انهن جي بنياد تي آخري ڏينهن ڪانفرنس جو پڌرنامون جاري ڪري سگهجي، مون جنهن گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي ان جو عنوان هو.
    Writers responsibility and Possible Role in Defence of Cultural values.
    جنهن جو ماڊيٽر هو ڊاڪٽر سيد جعفر احمد.
    ۽ جڏهن گروپ وارا هڪ هال ۾ ڪرسين تي اچي ويٺاسين ۽ مون نظر ڪئي ته ان ۾ ٻيون جيڪي شخصيتون هيون، انهن ۾ مصر جو ڊاڪٽر حليمي الحديدي، ظفرالله پوشني، احمد سليم، مسلم شميم، عامر عبدالله، پرويش شاهين وغيره.
    ”چئبو ته سڀ ديوانا ۽ مستانا هڪ گروپ ۾ اچي ڀيڙا ٿيا آهن.“ مون ڪرسيءَ تي ويهندي، سڀني تي هڪ نظر وجهندي پرويش شاهين کي چيو ته هن هلڪو ٽهڪ ڏنو، گروپ ڊسڪشن شروع ٿيو ته سڀني پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پرويش شاهين اُتي جن خيال جو اظهار ڪيو، اهو ڏاڍو چٽو هو، هن چيو ته، ”اسان جو ڪلچر ۽ اسان جي قدرن کي آمر جنرل ضياءُالحق بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جا ڏاڍا اُگرا نتيجا نڪتا. ضياءُالحق ئي ڪلچر ۽ قدرن کي مذهب سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، نه ته مذهب ۽ ڪلچر ٻه ڌار معاملا آهن. اسان کي پنهنجي ڪلچر ۽ قدرن کي مذهبي ويس ڍڪائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”اسان جو عام ماڻهو پنهنجي ڪلچر، قدرن ۽ هيريٽيج سان بي حد پيار ڪري ٿو ۽ انهن جي حفاظت به ڪري ٿو، اسان جي علائقي ۾ طالبانن جي اُڀرڻ کان اڳ عام ماڻهن ڪڏهن به پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي آثارن کي نقصان نه رسايو، پر پاڻ انهن جي حفاظت ڪندا هئا ۽ طالبانن جي ڀاڄ کانپوءِ به عام ماڻهو انهن آثارن جي حفاظت ٿو ڪري . ضياءُالحق جي ان پوکيل ٻج جي نتيجي ۾ ئي اسين اڄ ڀوڳيون پيا ۽ اسان اديبن جو اهو فرض آهي ته اسين پنهنجي ڪلچر، قدرن ۽ هيريٽيج جي حفاظت ڪريون... آئون اوهان کي گذارش ڪندس ته اسان جي علائقي ۾ طالبانن جي هٿان جيڪي آثار تباهه ٿيڻ کان بچي ويا آهن انهن جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ ڪو آواز اُٿاريو.“
    پرويش شاهين جون ڳالهيون ٻُڌي مونکي صبح واري سيشن ۾ مصر جي ناول نويس محمد السماوي جي تقرير ياد اچي وئي، جيڪو ”ايفريقن ايشين رائيٽرس يونين“ جي سيڪريٽري جنرل هئڻ سان گڏ ”عرب رائيٽرس يونين“ جو صدر به آهي. هن ٻڌايو ته محمد مرسيءَ جي اڳوڻي اخوان حڪومت پاران جڏهن ثقافت دشمني وارا قدم کنيا ويا ته مصر جي اديبن وڏي مزاحمت ڪئي ۽ هو ٻن مهينن تائين، ثقافت واري منسٽر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺا رهيا، جيستائين کين ڪاميابي نه ملي ۽ حڪومت پاران ثقافت دشمن قدم واپس نه ورتا ويا.
    پرويش شاهين به اهڙو ئي مزاحمت ڪار هو، جيڪو پنهنجي ثقافت ۽ هيريٽيج سان بي حد پيار ڪندو هو ۽ انهن جي حفاظت لاءِ تمام گهڻو جذباتي هو ۽ ان لاءِ کيس پنهنجي جان جي پرواهه به نه هئي.
    ڪچهري ڪندي جڏهن طالبانن پاران اسڪولن کي تباهه ڪرڻ جو ذڪر نڪتو ته چيائين، ”طالبانن جا اهڙا قدم ۽ تعليم دشمني اسلامي اصولن ۽ قدرن جي ابتڙ آهي ۽ ان سان گڏ طالبانن پاران اسڪولن جون بلڊنگون تباهه ڪرڻ جي پويان مقصد سندن مالي مفاد به هوندا آهن. اسڪولن جون عمارتون اڏائڻ سان انهن مان جيڪو لوهه ۽ سرون وغيره نڪرنديون آهن، طالبان اهي وڪڻندا آهن.“ هن ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ طالبانن پاران هڪ اسڪول کي تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان اسڪول جي چوڪيدار طالبان ڪمانڊر سان رابطو ڪري چيو ته مونکي جيڪا پگهار ملي ٿي، سا اسڪول جي بلڊنگ جي حفاظت ۽ چوڪيداري جي ڪري آهي، جي بلڊنگ ئي نه هوندي ته منهنجي ته نوڪري هلي ويندي. نيٺ طالبانن ان چوڪيدار کان پنجاهه هزار روپيا رشوت وٺي اسڪول جي عمارت تباهه ڪرڻ تان هٿ کنيو.“
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي بهادر، پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان ڪميٽيڊ ماڻهو ڏٺا آهن، پر پرويش شاهين جي ڳالهه ئي ٻي آهي. بهادر، پنهنجي سوچن ۾ سيڪيولر ]انسان دوست[ پنهنجي ڪلچر ۽ هيريٽيج سان بي حد محبت ڪندڙ. پرويش شاهين وڏو محقق آهي، کيس لسانيات جو وڏو ماهر به مڃيو وڃي ٿو. ڪانفرنس جي انهن ٽنهي ڏينهن ۾ مون کيس نهايت زنده دليءَ سان دوستن سان ڪچهريون ڪندي ۽ پنهنجي موقف کي رکندي ڏٺو ته سندس همت، جذبي، بهادري ۽ ڪمٽمنٽ کي سلام ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس.


    شخصيتون

    سائين جي . ايم . سيد: ڪجهه ساروڻيون

    سائين جي . ايم . سيد جي نالي سان منهنجي پهرين واقفيت سندس ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ جي ڪري ٿي، جيڪو مون ننڍي وهيءَ ۾ جڏهن آئون ڇهين يا ستين ڪلاس ۾ هوس 1978ع يا 1979ع ۾، تڏهن مون ميرپور بٺوري مان پير محمد ميمڻ اخباري هاڪر کان ڇهين روپين ۾ خريد ڪيو هو. انهن ڏينهن مونکي ڪتابن، خاص ڪري آکاڻين جا ڪتاب پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو هو ۽ اهو ڪتاب به مون تڙ تڪڙ ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب سمجهي ورتو هو، پوءِ گهر اچي جڏهن اهو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ۽ اهو ڪتاب ٻي جنگِ عظيم ۽ ان دوران عالمي سياست جي اُٿل پُٿل جي باري ۾ هو، پوءِ اهو ڪتاب مون وٽ پيو رهيو ۽ اڳتي هلي جڏهن ٻين موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ته ان ڪتاب کي مون وري وري پڙهيو ۽ منهنجي معلومات ۾ واڌاري جو سبب بنيو. ائين آئون اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته مون ۾ جن ڪتابن شعور جي سُتي وڌي انهن ۾ اهو ڪتاب منهنجي لاءِ عالمي سياست ۽ نظرين کي سمجهڻ جو پهريون ۽ بهترين سبق بڻيو.
    اڳتي هلي منهنجي سيد جي شخصيت ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ سندس ٻيا به ڪترائي ڪتاب پڙهيا، البته سائين جي . ايم . سيد جو درشن مونکي ڪافي دير سان نصيب ٿيو ۽ سائين جي . ايم . سيد جي پهرين جهلڪ مون جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڏٺي، جتي پاڻ بيماريءَ سبب داخل هو. اهو 1984ع جو ڊسمبر يا 1985ع جو جنوري هو.
    ان وقت جناح اسپتال جي ان وارڊ ۾ ٻيا به ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربنديءَ ۾ علاج هيٺ هئا، جن ۾ محترم رسول بخش پليجو، ڄام ساقي ۽ جمال نقوي شامل هئا ۽ آئون پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي سيڙجي انهن سان ملڻ ويو هوس، اهو دوست مونکي اُن وارڊ ۾ ڇڏي پاڻ ڪنهن ڪم سان ٻي پاسي هليو ويو ۽ جڏهن آئون اندر گهڙيوس ته مون ڏٺو ته سامهون اُس ۾ پيل ڪرسين مان هڪ ڪرسيءَ تي سائين جي . ايم . سيد ويٺو هو ۽ ٻي ڪرسيءَ ۾ ڪو ٻيو شخص ۽ ٻه ٽي ڪرسيون خالي هيون. اهو صبح جو يارهين، ساڍي يارهين جو ٽائيم هو ۽ سائين جي . ايم . سيد اُس جو تِڙڪو وٺي رهيو هو. مون هڪ نظر سائين جي . ايم . سيد تي وڌي ۽ پوءِ اهو سوچي اڳتي وڌي ويس ته پهرين فلاڻي اڳواڻ سان ملي پوءِ اچي ٿو سائين سان ملان. حقيقت ۾ مونکي سائين جي . ايم . سيد کان وڌيڪ ان ليڊر سان ملڻ جو اشتياق هو. پر پوءِ اهو منهنجو اشتياق اهڙو ته ٽُٽُو ۽ ايترو ته بوکلائجي ويس، جو جيئن ٻن چئن منٽن کانپوءِ ان اڳواڻ جي بي رخيءَ جي ڪري سندس ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته باقي ٻين سان ملڻ جو شوق ئي ختم ٿي ويو ۽ سڌو اچي گلشنِ اقبال ۾ پنهنجي چاچي عبدالغفور الستيءَ جي گهر ڪيم، هڪ ته آئون ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ۽ مٿان وري احساسِ ڪمتريءَ ۾ ورتل، سو ان اڳواڻ جي بي رُخي منهنجي ذهن ۾ ايترو ته گهر ڪري ويهي رهي جو وري ڪڏهن به ڪنهن سياسي اڳواڻ جي در تي ساڻس ملڻ جي شوق ۾ نه ويس، البته اڳتي هلي، سو پوءِ ڪن ذميدارين سبب وڃڻ ٿيندو رهيو.
    سائين جي . ايم . سيد سان ملڻ ۽ سندس محبت ۾ گهڙيون گهارڻ جو موقعو ڪافي پوءِ مليم. 19 مئي 1988ع ۾، جڏهن سن ۾ ٻي ڏينهن يعني 20 مئي تي سائين جي . ايم . سيد جي رهبريءَ ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جو افتتاحي اجلاس ٿي رهيو هو ۽ آئون محرم غلام حسين رنگريز سان ميرپور بٺوري مان گڏجي سن ويو هوس. ان وقت محترم غلام حسين رنگريز ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، ان اتحاد ۾ مبصر جي حيثيت سان شرڪت ڪري رهي هئي. اسين سن پهچي پهرين سائين امير حيدر شاهه سان ملياسين ۽ پوءِ سائين جي . ايم . سيد جي اوطاق تي وياسين، جتي اسانکي سائين جي . ايم . سيد وٽ سندس ڪمري ۾ نيو ويو، جت ٻيا به ڪيترا ئي دوست موجود هئا. مون جُهڪي ائين جي . ايم . سيد جا پير چُهيا ۽ پوءِ هڪ ڪنڊ وٺي ويهي رهيس. اتي سائين جي . ايم . سيد سان نڪتل منهنجو فوٽو انهن يادگار گهڙين جو مون وٽ بي حد قيمتي اثاثو آهي. ان ئي دوران هڪ اردو ليکڪ مرحوم انتظار حسين زيدي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان کا مقدمه“ جون ڪجهه ڪاپيون کڻي سائين جي . ايم . سيد وٽ آيو هو ۽ سائين جي . ايم . سيد اهي ڪاپيون اُتي ويٺل دوستن کي ورهائي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ائين ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي منهنجي حصي ۾ به آئي، جيڪا اڃا به مون وٽ موجود آهي، ان ملاقات جي يادگار طور.
    سائين جي . ايم . سيد جي حوالي سان اڄ کان ڪافي سال اڳ مون هڪ ننڍو مضمون لکيو هو. جيڪو 27 جنوري 1990ع جي عبرت اخبار ۾ ڇپيو هو، ان مضمون ۾ مون سائين جي . ايم . سيد جي باري ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي ۽ پنهنجون ساروڻيون ساريندي لکيو هئو: ”هن سال به سائين جي . ايم . سيد پنهنجي سالگرهه نظربنديءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ سوچيندي، تنهائيءَ ۾ ملهائي، گذريل سال به سيد جي سالگرهه جيڪا اصل ۾ سندس سنڌي عوام سان رابطي جو هڪ ذريعو هوندو آهي، ملهائي نه سگهيو هو. آئون پاڻ کي ان حوالي سان خوشنصيب ٿو سمجهان ته آئون لڳاتار ٻه يا ٽي سال سيد جي سالگرهه تي سندس شهر ”سن“ مان ٿي آيو آهيان ۽ سيد سان ماڻهن جي محبت جا نظارا اکين سان ڏسي آيو آهيان. سائين جي سالگرهه تي پهريون ڀيرو تڏهن ويو هئس، جڏهن فخر افغان، سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان، فخر سنڌ محترم جي . ايم . سيد جي سالگرهه تي آيو هو. خان غفار خان عرف باچا خان جي اصول پسندي، قوم پرستي، پٺاڻن ۽ پختونستان سان محبت ۽ اهنسا جي اصولن تي سختيءَ سان ڪاربند رهڻ، ائين هو، جيئن سيد جو!
    ان وقت ٻيئي عظيم ۽ چرندڙ ڦرندڙ تاريخ ساز شخصيتون گڏيون ۽ گوڏو گوڏي ۾ ڏيئي ٻنهي قومن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ سوچڻ ويٺيون ته منهنجي ذهن ۾ ”شيخ اياز“ جو شعر ٿوري ڦير گهير سان هن ريت ڦرڻ لڳو:
    هي جي پوڙها جُهور، وڙهندي ٿيا ويڙهه ۾،
    اڃا به ڏمرجن ڏاڍ تي، آڻ نه مڃن مور.
    آئون باچا خان جي شخصيت کان صحيح نموني واقف، سندس آتم ڪهاڻي ”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ پڙهڻ کانپوءِ ٿيس. سچ پُڇو ته اهو ڪتاب پڙهي منهنجي دل ۾ سندس لاءِ اُٿاهه عزت ۽ احترام پيدا ٿيو ۽ اهو عزت ۽ احترام ئي هو، جنهن جي ڪري آئون هن عظيم شخصيت جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ڪهي ”سن“ ويو هئس.
    انتظار حسين زيدي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان کا مقدمه“ ۾ لکيو آهي ته ”جيڪو شخص هڪ گهڙي به محترم جي . ايم . سيد جي سامهون ويهي ٿو، سو تاريخ جو حصو بنجيو وڃي.“ پر هتي ته ٻه تاريخ ساز شخصيتون موجود هيون. گهڻي رش ۽ اسٽيج تي ڪارڪنن جي قبضي سبب آئون سيد ۽ باچا خان جون ڪجهه جهلڪيون ئي ڏسي سگهيو هوس.... پر دل کي اهو ڏڍ هو ته هن تاريخ جو رخ موڙيندڙ ميڙ ۾ آئون به موجود آهيان.
    سن مان سالگرهه واري ان پروگرام مان موٽي اچي مون باچا خان جي آتم ڪهاڻيءَ جو خلاصو جيڪو مون سال سوا اڳ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو، فيئر ڪري پنهنجي هڪ دوست سيد اڪبر شاهه کي ترجمي جون درستگيون ڪرڻ جي لاءِ ڏنو، جنهن ترجمي ۾ درستگيون ڪري هڪدم مونکي ان هدايت سان موٽايو ته، ”هيءَ هڪدم ڇپجڻ گهرجي“. سندس انهن لفظن مون ۾ اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو اُتساهه ۽ شوق پيدا ڪيو. منهنجي ٻي دوست قاسم پٿر چيو ته، ”ان ڪتاب جو مهاڳ سائين جي . ايم . سيد کان لکرائي“ ۽ پاڻ اهو لکرائي ڏيڻ جو وعدو ڪيائين ۽ پاڻ سان گڏ سن هلڻ جي لاءِ چيائين. پر آئون ڪيترائي ڀيرا ساڻس پروگرام رکي به نه ويس ۽ پوءِ مون اهو ڪتاب بنا مهاڳ جي ڇپرائي پڌرو ڪيو، ۽ ان ڪتاب کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي.
    ٻيو ڀيرو محترم جي . ايم . سيد جي سالگرهه تي ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ وڃڻ ٿيو. مارشلا اختياريءَ وارن سيد جي سالگرهه جي تقريب روڪائڻ لاءِ کيس سن مان وٺي ”حيدر منزل ڪراچيءَ“ ۾ نظربنديءَ جا احڪام جاري ڪيا ۽ سڄي ضلع دادو جي پوليس ان حڪم جي تعميل لاءِ وٺ پڪڙ ۾ اچي ويئي، پر سيد جي اٽل ارادن اڳيان هڪ به نه هلين ۽ سيد پنهنجي سالگرهه ”سن“ ۾ ئي ملهائي. سالگرهه جي ان ئي تقريب ۾ مرحوم عبدالحفيظ پيرزادو، جنهن تي ان وقت گرفتاريءَ جا احڪام هئا، ويس بدلائي پهتو ۽ تقرير ڪيائين.
    ان سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ جڏهن صبح جو سوير ڀاڙي تي ڪيل بس ۾ چڙهڻ جي لاءِ دڙي ۾ مقرر هنڌ تي پهتاسين ته گهڻا دوست ان وٺ پڪڙ سبب گم هئا. همراهه حالتن جي سخت هئڻ جو ڊپ جهلي نه سگهيا. بهرحال مونکي خوشي آهي ته ان سالگرهه واري تقريب ۾ آئون به هئس، جنهن کي روڪرائڻ لاءِ سرڪار ۽ نام نهاد اردو قومي ميڊيا ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو هو.
    سائين جي . ايم . سيد هڪ مدبر، صوفي منش ۽ وڏو دانشور هو، سچَ سان سندس بي حد اُنسيت هئي، ڪوڙ، مڪر، فريب ۽ روايتي سياست جي ڇيڙي نبيري هن جي ذات ۽ صفات جو حصو نه هئي. هو سنڌ جو سچو عاشق ۽ سنڌ جي عشق ۾ مجذوب ٿي ويل ۽ آزادي جو متوالو شخص هو. جنهن جهڙا شخص صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن.
    منهنجي خوشنصيبي آهي ته مون ان عظيم انسان کي پنهنجي اکين سان ڏٺو.
     


    سَرڳ سمان ڌرتيءَ جو مهان پُٽ: سوڀو گيانچنداڻي

    گهڻا سال اڳ، 1992ع ۾، جڏهن آئون حيدرآباد جي هڪ اخباري اداري پاران شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”هزار داستان“ جي ادارت ڪندو هوس ته مون رسالي لاءِ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان انٽرويو ڪندي، کانئس آخري سوال پُڇيو، ”اوهان ڪهڙي حيثيت سان چاهيندا ته اوهان کي ياد رکيو وڃي؟“ جواب ۾ ڪامريڊ وراڻيو، ”مان پهرين انقلابي آهيان، منهنجي خواهش آهي ته مونکي پڇاڙيءَ تائين انقلابي، پنهنجو ساٿي، دوستن جو دوست ۽ ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻگهرو سمجهيو وڃي.“
    اِهو دور اُهو هو، جڏهن سوشلسٽ بلاڪ وکري چڪو هو، کاٻي ڌر ۽ انقلابي تحريڪون هڪ وڏي گهوٽالي جو شڪار هيون، سرمائيدار دنيا ۽ اولهائين ميڊيا سوويت يونين جي وکرڻ کي سوشلزم جي ناڪامي قرار ڏئي کڳيون هڻي رهي هئي. ڪي مغربي دانشور ان کي تاريخ جو خاتمون قرار ڏيئي رهيا هئا، آمريڪا سپر طاقت جي حيثيت سان دنيا جي معاملن جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڇيڙي نبيري ڪرڻ شروع ڪئي، هت پاڻ وٽ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل همراهه انهن حالتن جو سائنسي انداز ۾ تجزيو ڪرڻ ۽ پنهنجي صفن کي درست ڪرڻ جي بدران سوويت يونين جي وکرڻ جون عجيب و غريب غيرمنطقي تاويلون ڪندا ۽ ڦڪا ڦڪا پيا ٿيندا هئا. ڪي ڪامريڊ ته ليگي ته ڪي وري تبليغي وڃي بنيا. پراسان جي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ انقلاب ۽ سوشلزم جو علم بلند رکيو، هو مايوس نه ٿيو، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ساڻس رهاڻ رچائي ويئي ته هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪندي چيو، ”منهنجو سوشلزم تي يقين آهي، اهو ئي نظريو انسانذات جي ڇوٽڪاري جو نظريو آهي، سوشلزم زنده باد.“
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عظيم گروديو ٽئگور جو شاگرد هو ۽ ٽئگور پاران برپا ڪيل تعليمي اداري ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڙهيو ۽ کيس گروديو رابيندرناٿ ٽئگور فقط هڪ خط لکڻ تي شانتي نڪيتن ۾ داخلا ڏني ۽ اڳتي هلي ٽئگور کيس ”مئن فرام موهن جو دڙو“ چئي سڏيو. سوڀو هتان ويو ته تعليم پرائڻ، پر واپس هڪ انقلابي ٿي موٽيو.
    هڪ اهڙو انقلابي، جنهن پنهنجي اکين ۾ ننڍي کنڊ جي آزادي ۽ سڄي دنيا جي خوشحالي، آزادي ۽ برابريءَ جا خواب ڏٺا، شانتي نڪيتن واري عرصي ۾ هن جي ملاقات هڪ وڏي انقلابي ۽ ڪميونسٽ پنالال گپتا سان ٿي، جنهن هن جي اندر ۾ نه رڳو وقت جي انگريز حڪمرانن خلاف نفرت ۽ ڌڪار جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪايو، پر منجهس ملڪ ۾ پکڙيل بک، بيماريءَ. اميري ۽ غريبيءَ جي فرق کي مٽائڻ لاءِ جدوجهد جو جذبو به پيدا ڪيو. پنالال گپتا کان هن جيڪي سوشلزم جا سبق ورتا، جنهن نظريي کي دنيا جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحالي جو ذريعو سمجهيو، آخري پساهه تائين ان تي قائم رهيو ۽ اهڙن ئي دوستن ۽ فڪري ساٿين سان سلهاڙيل رهيو، ان ئي انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀي چيو، ”... مون ڏٺو ته بهترين ڪم ڪندڙ، پرخلوص، اُورچ ۽ تربيت يافته ماڻهو ڪميونسٽ ئي هئا ۽ اڄ تائين منهنجو اهو ئي رايو آهي ته بهترين پڙهندڙ، سوچيندڙ، محنتي ۽ انٽرنيشنل آئوٽ لڪ رکندڙ ماڻهو ڪميونسٽ ئي آهن. مون ڪميونسٽ تحريڪ سان جيڪا پنهنجي وابستگي رکي، سا مان اڄ به رکندو پيو اچان، ڇو ته مونکي وڌ ۾ شائستگي، محبت ۽ وسيع النظري، قومن جي تڪليفن ۽ مسئلن جو حل، زباني ادب، چاهه ۽ فضيلت اُن ئي فڪر جي طبقي وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي.“
    شاگرد تحريڪن، ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگيءَ سبب ڪامريڊ سوڀي کي ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جي مصيبتن کي منهن ڏيڻون پيو، سوڀو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به جيل ويو ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به کيس ڪيترائي ڀيرا جيلن ۾ وڌو ويو ۽ کيس نه رڳو پنهنجي انقلابي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر کيس زوري هندستان موڪلڻ جا سانباها پڻ ڪيا ويا، پر اُن وقت پاڪستان ۾ مقرر هندستان جي هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش جي مداخلت تي سوڀو زوري جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويو، سري پرڪاش اهو موقف اختيار ڪيو ته “هندستان رڳو انهن ماڻهن کي قبول ڪندو، جيڪي رضامنديءَ سان هندستان وڃڻ ٿا چاهين، سوڀو رضا خوشيءَ سان نه پر کيس زوري موڪليو پيو وڃي، تنهنڪري هو قبول نه ڪندا.“ ان کان اڳ سوڀي جي ڪيترن ئي ساٿين حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين کي پنهنجي جنم ڀومي ”سنڌ“ مان زوري هندستان موڪليو ويو هو. جڏهن سوڀي کي سنڌ ڇڏڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن وراڻيو ”سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو سوچي به نٿو سگهان.“ هن ان وقت جي گهرو معاملن واري وزير شهاب الدين کي چيو، ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو آهيان ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان، مان سنڌ نه ڇڏيندس، مان سنڌ نه ڇڏيندس.“
    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو وقت جي حاڪمن کي ان ريت کُتو جواب ڏيڻ، سندس من جي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، ڪامريڊ جيل مان سڌو هندستان وڃڻ جي بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو، علي احمد بروهيءَ چواڻي، ”حالانڪه ”ڄٽن جي ڏيهه“ ۾ سندس جيڪو حشر ٿيڻون هو، تنهن جي کيس ڀليءُ ڀت خبر هئي.“
    ڪامريڊ پنهنجي قيد جو عرصو پهرين مختلف جيلن ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظربنديءَ ۾ گذاريو.
    ڪامريڊ سوڀو جيڪڏهن ”سنڌ“ ڇڏي، هندستان هليو وڃي ها ته پڪ سان هندستان ۾ سندس وڏو قدر ٿئي ها ۽ کيس هندستان ۾ ”فريدم فائٽر“ جي حيثيت ڏيئي سندس وڏي عزت ڪئي وڃي ها، جيئن سوڀي گيانچنداڻي جي دوست اِندر ڪمار گجرال جو ٿيو. گجرال لاهور واسي هو ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندستان ويو ته نه رڳو اهم سياسي اڳواڻن ۾ شمار ٿيو، پر هو هندستان جو پرڏيهي وزير ۽ پوءِ وزيراعظم به ٿيو. پر سوڀي سنڌ نه ڇڏي، هو ته سنڌو جي مٽيءَ جي لپَ هو، هن جي جند ۽ جان، ساهه ۽ پساهه سنڌ سان جڙيل هئي.
    سنڌ سان اهڙي جند جڙي، جو ٻيا سڀ نعرا وسري ويا، هو سنڌ ڇڏي ها ته ڄڻ جسم کان روح ڌار ٿي وڃي ها، سنڌ هن لاءِ سَرڳ سمان هئي. ان ئي انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀي چيو هو، ”منهنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن، اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي، ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان، مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه...“
    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي سڄي زندگي، عظيم آدرشن تحت گذاري، هن جو هر عمل، هر وک، هر لفظ پنهنجن آدرشن، پنهنجي نظريي ۽ انقلاب لاءِ هو، انهن آدرشن جي ساڀيان لاءِ هو سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، هن ڪڏهن به انسانذات جي عزت، آبرو ۽ خوشحالي جي خوابن کي ڌنڌلو ٿيڻ نه ڏنو. جيتوڻيڪ هاڻ ڪامريڊ سوڀو جسماني طور اسان ۾ نه رهيو آهي، پر سندس ڪيترن ئي ساٿين جي روپ ۾، انهن جي جدوجهد ۾، انهن آدرشن جي روپ ۾، انهيءَ نظريي جي روپ ۾، سوڀو گيانچنداڻي اسان وٽ زنده رهندو ۽ هڪ ڏينهن سندس اهو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو. سوڀو جنهن نظريي جو پوئلڳ هو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه خوبصورت نظريو ڪونهي، اڄ به سڄي دنيا ۾ ڪامريڊ سوڀي جا لکين هم خيال ۽ فڪري ساٿي ان نظريي کي عملي روپ ڏيڻ جي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ آهن. ماڻهو مري ٿو وڃي، پر خواب ڪڏهن به نٿو مري، جيئن ول ڊيورانٽ چيو آهي، ”ماڻهو مري وڃن ٿا، پر زندگي انهن خوابن کي مرڻ نٿي ڏي ۽ هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ماڻي وٺي ٿي.“
    ڪامريڊ سوڀي جي سڃاڻپ هڪ اديب واري به هئي، هن شروع ۾ ڪهاڻيون به لکيون، ڪجهه سنڌيءَ ۾ ۽ ڪجهه انگريزيءَ ۾، جن کي پوءِ گڏي ”ڪڏهن بهار ايندو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ويو. اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب جي اوائلي ترقي پسند ڪهاڻين ۾ ڳڻجن ٿيون سوڀي پهرين ڪهاڻي ”اڍائي روپيا“ جي نالي سان لکي، جيڪا وري کيس هٿ نه چڙهي ۽ ستر سالن کانپوءِ هن ساڳئي ڪهاڻي ٻيهر لکي، جنهن جي مُنڍ ۾ لکيائين، ”مون هيءَ ڪهاڻي 1938ع ۾ ساڳئي عنوان سان لکي هئي، جيڪا ”سنسار سماچار“ ۾ شايع ٿي هئي ۽ مون وٽ محفوظ ٿي نه سگهي، تقريباًً 70 سالن کانپوءِ 90 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي هيءَ ڪهاڻي نئين سر لکي اٿم، هاڻ جڏهن اهو ”سچو واقعو“ ياد ٿو اچيم ته حيران ٿو ٿيان ته اهو ڪهڙو نه عجيب زمانو هو، جنهن ۾ مظلوم کي پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم جو احساس ئي نه هو ۽ ظالم کي به اهو خيال نه هوندو هو ته هو هڪ انسان کي خواهه مخواهه ڦري رهيو آهي.“
    سوڀي جيڪا ٻي ڪهاڻي لکي اها ”آکيري جو ٽٽڻ“ هئي، جيڪا ڳوٺن مان لڏپلاڻ جي باري ۾ آهي. انهي زماني ۾ ٻي مهاڀاري جنگ هلي رهي هئي ۽ سماجي ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ وڏي اُٿل پُٿل هئي، سوڀي جيتوڻيڪ مسلسل ڪهاڻيون نه لکيون، پر هن جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکي ته ان سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهميت والاري... سندس ڪهاڻين جو جائزو وٺندي اياز قادري لکي ٿو، ”ڪامريڊ سوڀو انهن ڪهاڻيڪارن وانگر ڪهاڻيڪار نه آهي، جن پنهنجو سمورو ڌيان ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن جو ادب جي دنيا جو وسيع مطالعو ڪيل آهي ۽ هو پنهنجي سنڌ جي ڌتڙيل حالت ۽ مختلف مسئلن کان وقت بوقت متاثر ٿيندو رهيو آهي، تنهن ڪري جڏهن به ڪنهن خاص واقعي، معاملي يا مسئلي هن جي دل کي چوٽ رسائي آهي ۽ هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪئي آهي ته هن بيوس ٿي، ان واقعي کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏيئي ڇڏيو، ڪامريڊ جي ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، جن جي معرفت هن پنهنجي ترقي پسند خيالن ۽ نظرين جو اظهار ڪيو آهي.“
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ترقي پسند فڪر جو ليجنڊ ڪردار هو، سندس وڇوڙي تي کيس سُرخ سلام پيش ڪندي، ان وچن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايون ٿا ته اسان جو هر عمل، هر وک ۽ هر لفظ مظلومن جي حمايت، ظالم ۽ پرماري قوتن جي مخالفت ۾ کڄندو.


    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه يادون

    اُن وقت آئون ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس، جڏهن مونکي ڪٿان هڪ ڪتاب هٿ چڙهيو، جيڪو لوڪ ڪهاڻين جي ستن جلدن مان ڪو هڪ جلد هو ۽ اهو ڪتاب مون ايڏي ته دلچسپي ۽ گهرائيءَ سان پڙهيو، جو اُن ۾ ڏنل لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار ڄڻ اُٿندي ويهندي، منهنجي اکين جي اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ مونکي ائين لڳندو هو ته اهي ڪهاڻين جا ڪردار يعني بادشاهه، وزير، شهزادا، امير، سوداگر، جادوگر وغيرهه مون سان هر وقت گڏ آهن ۽ ڄڻ مون سان ڳالهائن ٿا ۽ اهو ڪتاب مونکي ايڏو ته دلچسپ لڳو، جو مون اهو ور ور ڪري پڙهيو ۽ رات جو گاسليٽ جي بتي ٻاري، ان جي وَٽ جي سهائيءَ ۾ پيو اهو ڪتاب پڙهندو هوس، نيٺ امان اُٿندي هئي ۽ اهو چئي بتي اڳيان کڻي اُجهائيندي چوندي هئي، ”ابا! بتيءَ تي ايترو نه پڙهه، نظر خراب ٿي پوندئي!“ ”بس امان رڳو هي صفحو پڙهان، پوءِ سمهان ٿو.“ وراڻيندو هو مانس. ”باقي سڀاڻي ڏينهن جو پڙهج.“ ائين چئي امان بتي اُجهائي ڪليءَ ۾ ٽنگيندي هئي ۽ مونکي مجبور ٿي سمهڻون پوندو هو، انهن لوڪ ڪهاڻين جي لکڻ جو اسلوب ايترو ته دلچسپ ۽ پيرائتو هو، جو پوءِ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي جي لئبرريءَ مان لوڪ ڪهاڻين جا باقي ڇهه ئي جلد وٺي پڙهيا. ڊاڪٽر بلوچ جي سهيڙيل ۽ سنواريل لوڪ ڪهاڻين جي انهن ستن ئي جلدن ۾ ڏنل ڪهاڻيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سڄي سنڌ مان مليل مختلف روايتن جي آڌار تي سهيڙي، لکي ۽ انهن ۾ اهڙي ته دلچسپي پيدا ڪئي هئي، جو نه رڳو انهن لوڪ ڪهاڻين کي لکت جي صورت ۾ دائمي زندگي ملي وئي ۽ اهي سدائين جي لاءِ محفوظ ٿي ويون، پر ڏهن سالن کان وٺي 80 سالن جي ڪراڙي تائين اهي هر دور ۾ دلچسپيءَ مان پڙهجن ٿيون.
    مون ڊاڪٽر بلوچ جو نالو انهن ڪتابن پڙهڻ کان ڪافي اڳ ٻڌو هو، اهو هيئن ته اسان جي شهر دڙي ۾ ”سيد احمد شاهه بخاريءَ“ جي پونئيرن وٽ علم طب ۽ حڪمت جا ڪيترائي نادر ۽ ناياب قلمي نسخا هئا، جن کي ڏسڻ جو اشتياق ڊاڪٽر بلوچ کي دڙي وٺي آيو، حڪيم احمد شاهه جي پونئيرن، ڊاڪٽر صاحب کي اهي قلمي نسخا ڏيکاريا، منهنجي ڄاڻ موجب ڊاڪٽر بلوچ کين اهي ڪتاب سنڌالاجي کي ڏيڻ/وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هنن نه مڃيو، نتيجي ۾ اڳتي هلي حڪيم احمد شاهه دڙي واري جو اهو قلمي ڪتابن جو ذخيرو ذيان ٿي ويو. اهو قلمي اثاثو هڪ ڀيرو علامه دائودپوٽو پڻ ڏسڻ جي لاءِ دڙي آيو هو. اڳتي هلي جڏهن ادب ۾ وکون کڻڻ شروع ڪيم ته ڊاڪٽر بلوچ جو علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تدوين جو ڪم ڏسي نه رڳو حيران ٿي ويس، پر ڏندين آڱريون پڻ اچي ويم ته هڪ شخص، پنهنجي هڪ ئي زندگيءَ ۾ ايترو گهڻو ڪم ڪيئن ڪيو؟ ۽ اهو ڪم به ڪو عام رواجي نه، پر ڪيترائي اهڙا ڪم آهن، جن لاءِ ادارن، وڏين بجيٽن ۽ وڏي عملي جي گهرج پوندي آهي، يقينن اها به ڊاڪٽر بلوچ جي پنهنجي ٻولي، ادب ۽ تاريخ سان روح جي گهراين سان وابستگي ئي هئي.
    وقت گذرڻ سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ جا لڳ ڀڳ سڀ ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان نه رڳو منهنجي مطالعي هيٺ رهيا، پر مون انهن مان استفادو پڻ ڪيو، البت ڊاڪٽر صاحب جو ديدار ڪافي دير سان نصيب ٿيم، جيتوڻيڪ مون ڪافي ڀيرا سوچيو ته وڃي ڊاڪٽر صاحب سان مِلان ۽ ساڻس رهاڻ ڪريان، پر مون تي سندس علمي ۽ ادبي هيبت ايتري ته حاوي رهي، جو ڪڏهن به ڏانهس وڃڻ جي همت ڪري نه سگهيس.
    مونکي ڊاڪٽر صاحب جو پهريون ڀيرو ديدار 7 جنوري 2007ع تي لياقت نيشنل لئبرري ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ملهايل ”سنڌي ٻولي ڪانفرنس“ ۾ ٿيو، سال 2007ع کي سنڌي ادبي سنگت پاران ”سنڌي ٻولي سال“ ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان ڪانفرنس جي صدارت لاءِ اسان دوستن کي صدارت لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان وڌيڪ ٻيو ڪو مناسب ماڻهو نه لڳو، سنگت جي تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر بلوچ صاحب رابطو ڪري کيس صدارت ڪرڻ جي گذارش ڪئي، ڊاڪٽر بلوچ پهرين ته سنگت جي باري ۾ ڪجهه تحفظات جو اظهار ڪيو ته متان ”ٻولي ڪانفرنس“ ۾ ڇوڪرا ڪا هلڙبازي وغيره نه ڪن، پر جڏهن کيس يقين ڏياريو ويو ته ڪانفرنس نج علمي آهي ۽ ان ۾ ڪابه هلڙبازي نه ٿيندي ته پاڻ اچڻ قبوليائون. پروگرام موجب کيس حيدرآباد مان انعام شيخ پنهنجي گاڏي ۾ ڪراچي کڻي آيو، ساڻس گڏ ڊاڪٽر بلوچ جو پوٽو ارشد بلوچ به گڏ هو. اها ڪانفرنس ڏاڍي ڀرپور رهي ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڏاڍو سٺو صدارتي خطاب ڪيو، ان ڪانفرنس ۾ خاص مهمانن طور محترم سراج ميمڻ، حسين شاهه راشدي، تاجل بيوس، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فهميده حسين، جناب فتاح ملڪ، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ انعام شيخ شرڪت ڪئي. جڏهن ڪانفرنس ختم ٿي ۽ ڊاڪٽر بلوچ اسٽيج تان هيٺ لٿو ته سندس هڪ پاسي آئون ۽ ٻي پاسي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کيس ٻاهر گاڏيءَ تائين ڇڏڻ ۽ موڪلائڻ آياسين، ٻولي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي شرڪت سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪنن لاءِ وڏي اُتساهه جو سبب بڻي، هو ڪيتري ديرتائين ڊاڪٽر بلوچ کان آٽوگراف وٺندا ۽ ساڻس فوٽو ڪڍرائيندا رهيا، انهيءَ موقعي تي ڊاڪٽر صاحب سان نڪتل ٻه فوٽو منهنجي لاءِ انمول خزاني جي حيثيت رکن ٿا.
    ساڳئي سال 6 ۽ 7 ڊسمبر تي ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گولڊن جوبلي ملهائي سين، ان جي افتتاحي اجلاس ۾ اسان ڊاڪٽر بلوچ کي پڻ شرڪت ڪرڻ جي گذارش ڪئي، اسان کي ٿورو شڪ هو ته پاڻ متان ان پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪن، ڇاڪاڻ ته ان وقت ”سنگت سنڌ“ جي گولڊن جوبليءَ جي حوالي سان ڪجهه مهربانن اخباري بيان بازي ڪري، ڪانفرنس کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ته نه رڳو ڊاڪٽر صاحب ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ تڪليف وٺي ڪراچي آيا، پر پنهنجي خصوصي خطاب سان پڻ نوازيو. ان ڪانفرنس جي صدارتي سٿ ۾ اسٽيج تي ڪهڙو نه سهڻو گلدستو موجود هو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر فهميده حسين، افتخار عارف، مظهر الحق صديقي ۽ پيرزادو قاسم ان گلدستي جا گل هئا. اها تقريب سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ يادگار تقريب هئي، جو هڪئي وقت هيڏيون وڏيون هستيون اسٽيج تي موجود هيون ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان تقريب ۾ اچي اسان سنگت جي ڪارڪنن جي جيڪا عزت افزائي ۽ همت افزائي ڪئي، ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿي ته ڊاڪٽر صاحب وٽ پيڙهي وڇوٽيءَ جو ڪو فرق نه هو. ڊاڪٽر صاحب کي پوءِ جڏهن به سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ مدعو ڪيو ويو ته پاڻ ضرور آيا، ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي سيڪريٽري جنرل واري پهرينءَ دور ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ احمد شاهه بخاري ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ته ان جي صدارت پڻ پاڻ ڪرڻ فرمايائون.
    منهنجي مٿين ڳالهين لکڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ عام تاثر اهو ڏنو ويندو هو ته پاڻ هڪ مخصوص نقطه نظر ۽ مڪتبه فڪر رکندڙن جي ويجهو هئا ۽ سندن ئي پروگرامن ۾ ويندا هئا، پر منهنجين مٿين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته ائين نه هو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادبي سنگت جو بنياد ترقي پسند فڪر جي آڌار تي رکيل هو ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي فڪر ۽ نقطه نظر رکڻ جي باوجود به سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪڏهن به نقطه نظر جي اختلاف کي رنڊڪ نه بڻايو. هن لاءِ بنيادي ڳالهه سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ نشر و اشاعت هئي، باقي سڀ ڳالهيون سندس لاءِ ثانوي حيثيت رکنديون هيون. اها ئي سندس عظمت ۽ وڏائيءَ جو ثبوت آهي، سنڌ کي پنهنجي هن مايه ناز فرزند تي سدائين ناز رهندو.


      منهنجي قبر تي ڏيئو ٻارجو!

    آئون بيٺو آهيان، هن جي قبر تي ۽ منهنجا ٻُڪ دعا لاءِ کڄيل آهن، دل ۾ سوچيان ٿو ته هُن کي ته دعائن تي يقين نه هو، هو ته عملي زندگيءَ جو قائل هو، هو ته محنت کان سواءِ ملندڙ هر شئي کي پرماريت جو ذريعو سمجهندو هو، هن وٽ پورهئي جي عظمت کان وڏي ٻي ڪا عظمت نه هئي، تنهنڪري هن جي نظر ۾، هن جي فڪر ۾ ”دعا“ خيرات وٺڻ جو هڪ ذريعو هو، پوءِ به آئون دعا گهران ٿو، ڀلي اها هن جي نظر ۾ اڻ وڻندڙ عمل هجي، پر آئون فار ملٽي پوري ڪريان ٿو.
    هُن جي قبر تي پهچندي ئي منهنجي ڪيفيت عجيب ٿي وڃي ٿي، سيمنٽ سان ٺهيل پڪي ڳاڙهسري رنگ واري قبر تي جيڪا سندس ئي وصيت موجب ٺاهي ويئي هئي، منهنجون اکيون کپي وڃن ٿيون، ذهن ۾ هڪڙا خيال اچن ٿا ۽ ٻيا وڃن پيا، هن سان پنهنجي دوستي جي سفر کي ياد ڪريان ٿو، ساڻس گهاريل گهڙيون ۽ سندس ساروڻيون هڪ هڪ ٿي منهنجي اکين جي اڳيان ڦرڻ لڳن ٿيون، هن سان پنهنجي محبت، عقيدت، احترام ۽ دوستي جا جذبا مون تي حاوي ٿيندا پيا وڃن، آئون هن جي قبر تي پهريون ڀيرو سندس وفات کان پوءِ پهرين ورسيءَ تي آيو هئس، وسيلن جي اڻ هوندي سبب آئون هن جي جنازي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو هوس، سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ منهنجي نصيب ۾ نه هو، مونکي ته سندس وفات جي خبر به ٻي ڏينهن اخبارن مان پئي، جڏهن هن جا ڌَڱ ڌوڙ ۾ لٽجي چڪا هئا. ان مهل مونکي سندس وفات کان هڪ هفتو اڳ ساڻس گهاريل گهڙيون ياد آيون ۽ شدت سان ياد آيون، جڏهن اسان ڪجهه سنگتين 18 هين آڪٽوبر 1995ع ۾ هن جي سالگرا ملهائي هئي، هو ان ڏينهن ڪيڏو نه خوش ٿيو هو، ڪيترائي دوست کيس محبت ۽ عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيا هئا، هو دوستن جي وچ ۾ طبيعت جي ناسازي جي هوندي به ائين ويٺو ٻهڪي رهيو هو، جيئن تارن جي وچ ۾ چنڊ. هفتو پوءِ هو گذاري ويو.
    هن جي جنم ۽ وفات ۾ ڪيترن ڏينهن جي وٿي هئي؟ ارڙهين آڪٽوبر تي جنم ورتائين ۽ 25 آڪٽوبر تي وفات ڪيائين، ڪيترا ڏينهن ٿيا؟ منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هن جي جنم ۽ وفات جو هڪئي مهينو آهي، يعني آڪٽوبر!
    آڪٽوبر مهيني جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي، نه رڳو عالمي تاريخ ۾، پر ملڪي تاريخ ۾ به، عظيم سوشلسٽ انقلاب آڪٽوبر ۾ آيو، جنهن کي آڪٽوبر انقلاب چيو وڃي ٿو، پاڪستان ۾ پهرين مارشل لا به آڪٽوبر ۾ لڳائي، سنڌ ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جو واقعو به سترهين آڪٽوبر تي پيش آيو، تيئن سنڌ جو هي مايه ناز اديب ارڙهين آڪٽوبر 1927ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 25 آڪٽوبر 1995ع تي گذاري ويو.
    هو جيڪو سنڌيت جو پرچارڪ هو، سنڌ جيڪا هن جي نس نس ۾ ڊوڙي رهي هئي، هو پنهنجي لکڻين ۾سنڌ، سنڌيت، سائنسي سوشلزم ۽ هر قسم جي وهمي ويچارن جي خلاف لکندو هو، هو پاڻ کي ”سنڌيت جو پرچارڪ“ سڏائيندي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو، هو جيڪو ڪجهه لکندو هو، ان جو هڪ مقصد هو ۽ انهن لکڻين کي هو مقصدي ادب جي زمري ۾ آڻيندو هو، سندس چواڻي: ” مان مقصدي ادب لکندو آهيان، مان ادب ۾ پرچار ۽ نعري بازي جو مڃيندڙ آهيان.“ ۽ سندس باري ۽ محترم عبدالواحد آريسر جا لفظ آهن: ” هڪڙا ليکڪ فن لاءِ لکندا آهن پر هو ڪاز يا مقصد لاءِ لکي ٿو.“
    هن پنهنجي لکڻين، خاص ڪري ڪهاڻين کي ]ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار ئي هو[ ملڪ ۽ قوم سان لاڳاپيل سماجي براين جي خلاف پرچار طور استعمال کي صحيح سمجهندو هو، هن جي لکڻين ۾ اسان کي هڪ آدرشي، سوشلسٽ ۽ سيڪيولر سماج اڏڻ ۽ سنڌي قومپرستي جو پرچار ڪندڙ ملندو. قريشي حامد علي خانائي جي لفظن ۾“ هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي نمايان اهميت حاصل آهي، سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي اٻوجهه ۽ معصوم ماڻهن کي دقيانوسي خيالن، توهم پرستي، اجاين رسمن ۽ رواجن کان پري رهڻ جو درس ڏنو ويو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ درد، پيڙا، غريب ۽ مظلوم انسانن جو فرياد آهي ته سنڌي عورت جي بي حسي، بي وسي جي پوري تصوير پڻ آهي، سندس ڪهاڻين جي اڀياس مان سندس سوچ، ذهن ۽ مزاج جو پتو پوي ٿو.“
    ڪو دور هو، جڏهن هن جا ڪتاب ”هاٽ ڪيڪ“ طور وڪامبا هئا، هن جون لکڻيون سنڌي نوجوانن ۾ روشن خيالي، ترقي پسندي، قومپرستي، سنڌ سان محبت جا جذبا پيدا ڪرڻ، جاگيرداريت ۽ پرماريت جي خلاف نفرت پکيڙڻ جا ٻج ڇٽينديون هيون، هن جي لکڻ سان گڏ هن جي ڇپجندڙ ڪتابن جو انگ به وڌندو ويو ۽ هن جي هر ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا هئا، پبلشر هن جا ڪتاب ڇپڻ لاءِ بي تاب هوندا هئا، هاڻ ته انهن پبلشرن به کيس وساري ڇڏيو آهي، هئڻ ته ائين گهرجي ها ته اهي پبلشر هر وقت سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود رکن ها، سندس وفات کان پوءِ وارن پهرين ٻن سالن ۾ سندس اڻ ڇپيل ڪتابن مان فقط ٻه ڪتاب ”سوچون هڪ سچار جون“ ۽ ”هڪ انقلابي جو ننڍپڻ“ شايع ٿي سگهيا ۽ سالن کان پوءِ سندس مضمونن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ”مذهب، ادب ۽ سنڌ“ جي نالي سان 2007ع ۾ ڇپيو تنهن کان سواءِ سال 2010ع ۾ ڪيترن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڌڪا کائيندڙ سندس مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”دل وارن جي دنيا“ ڇپيو، سندس آخري اڻ ڇپيل ڪتاب سندس ساروڻين تي ٻڌل”ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري“ ٽي سال کن اڳ ڇپيو، سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد 35 کن آهي.
    هو پنهنجي زندگي جي جن چئن اهم ۽ اثر انداز ٿيندڙ واقعن جو ذڪر ڪندو هو، انهن مان پهريون واقعو سندس شادي، ٻيو طلاق، ٽيون مٿس فالج جو حملو ٿيڻ، چوٿون لطيف آباد وارو گهر لٽجڻ ۽ سندس لائبريري جو تباهه ٿيڻ آهن.
    جيئن هو سڄي زندگي ڪيترن ئي معاملن ۾ ٻين ليکڪن کان منفرد ۽ نرالو رهيو، تيئن وفات کان پوءِ به پنهنجي وصيت جي ڪري منفرد ئي رهيو، هن پنهنجي وصيت ۾ لکيو، منهنجي وفات کان پوءِ منهنجي لاءِ ٻي ڪا به مذهبي رسم ادا ڪرڻ جي بدران ”شاهه جو رسالو“ خواني ڪرائي وڃي يا قومي شاعري واري محفل مچائي وڃي، سندس اها وصيت سندس وفات کان پوءِ سندس چاليهي واري ڏينهن سندس گهر ۾ شاهه جو رسالو خواني ڪرائي پوري ڪئي وئي، سنڌ جي تاريخ ۾ هيستائين اهو پهريون ۽ آخري موقعو هو، جو ڪنهن جي تڏي تي شاهه جي ٽيهن سرن جي خواني (پڙهڻي) ڪرائي ويئي.
    آئون سندس قبر وٽ ڪنڌ نوائي بيٺو آهيان ۽ سوچيان ٿو ته هن جا ڪيترا نه مداح هئا، ڪيترا نه دوست هئا، ساٿي هئا، هم خيال هئا، هن ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جي نالي پنهنجا ڪتاب ارپيا هئا، هو ڪيترن ئي پڙهندڙن کي سندن خطن جا جواب ڏيندو هو، هو هر ڪنهن ايندڙ ۽ ويندڙ کي سندس قومي فرض ياد ڏيارڻ جي لاءِ ”جيئي سنڌ“ چئي ملندو هو، پوءِ به هو سڀني کان وسري ويو آهي، هن جي پهرين ورسي ته ملهائي وئي، پر پوءِ لڳاتار خاموشي، ايتريقدر جو سندس ڳوٺ ”خانواهڻ“ جي سنگتين کان به وسري ويو، باقي سنڌ جي ادبي ادارن کي ته هو اڳ ڪڏهن ياد هو، جو هاڻ ايندو.
    هو جيڪو سنڌ پرست هو، هو جيڪو ”سنڌي سوشلزم“ جو قائل ۽ ان جو وڏو پرچارڪ هو، جنهن پنهنجي وصيت ۾ لکڻ ۾ پنهنجي منزل ”سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي زبان لاءِ پاڻ پتوڙڻ بڻائي وڃي“ لکي سنڌ جي باشعور ماڻهن کي چٽو پيغام ڏنو هو، جنهن مستقل جي هڪ عظيم ڏينهن تي ايمان رکندي وصيت ڪئي هئي ته:
    ٿئي جڏهن ڏينهن سنڌ جي آجپي جو،
    دوستو! منهنجي قبر تي ڏيئو ٻار جو.
    اڄ اهي ئي لفظ هن جي قبر جي ڪتبي تي اُڪريل آهن، جيڪي نه رڳو اسان کي هن جي سنڌ سان ازلي ۽ ابدي محبت جي ياد ڏيارين ٿا، پر اياز جي لفظن ۾، سنڌ اياز نه مرڻي آ، جي ياد به ڏيارين ٿا ۽ اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته اسان پنهنجي منزل جي حاصلات واسطي پنهنجي جدوجهد کي اڃا به تيز ڪريون ۽ انهن لفظن مان اُتساهه حاصل ڪريون.
    اچو ته سنڌ جي اُن عظيم پٽ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي ٻيهر ياد ڪري پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏيون، هن جا ڪتاب ٻيهر پڙهون ۽ ڇپرايون، هن جي ڏسيل سائنسي واٽ، سيڪيولر، روشن خيالي ۽ سنڌيت جي سوچ کي اختيار ڪري پنهنجي واٽ متعين ڪريون.

     


    جنهن جو روح رلندو رهيو!

    موت جو بي رحم چنبو، اسان کان اَسانجا پيارا جيءَ جيارا جهڙپ ڏيئي جَهپي ٿو وٺي، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کڻي وڃڻ جي لاءِ. پر موت جي وس اها ڳالهه ڪونهي ته هو سندن ياد اسان جي دل ۽ دماغ مان ميساري سگهي. موت ڪنهن کي جسماني طور ته کسي ٿو وٺي، پر ڪنهن سان به روحاني رشتو ٽوڙڻ سندس وس ۾ ڪونهي.
    موتي پر ڪاش، جنهن ڳوٺ جي ياد اڄڻ کانپوءِ ، ڳوٺ جون ساروڻيون ساريندي ڳوٺ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ياد ڪندي، ڳوٺ جي تارن ڀري راتڙيءَ کي ساريندي، ڳوٺ جي هوائن جي هُٻڪارن کي محسوس ڪندي، ڳوٺ ۾ پوندڙ برسات کي ياد ڪندي، الائجي ڪهڙي ڪيفيت ۾ لکيو هو:
    اڄ ويٺي ويٺي، هينئن ڇو مَن واسجي ويو آهي،
    جا ڀونءَ دڙي جيءَ تي اڄ مينهن وٺو هوندو.
    جڏهن ڪجهه ڏيهاڙا ڳ دڙي جي ڀونءَ تي مينهن وٺو هو، ڌرتي جل ٿل ٿي هئي، تڏهن موتي پرڪاش لاڙ کان آڌيپو ويندڙ هوائن جي هڳاءُ مان دڙي جي ڀونءَ تي وسندڙ مينهن کي ضرور محسوس ڪيو هوندو.
    دڙو جيڪو موتي پرڪاش جي جنم ڀومي هو ۽ دڙو جيڪو منهنجي جنم ڀومي آهي، دڙو جنهن کان تاريخ جي الميسي موتي پرڪاش کي ڌار ڪري ڇڏيو، پر هو ان دڙي کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، هو ته پنهنجي ڳوٺ کي آخري ڀيرو سلام ڪرڻ، مٽي کي ڇهڻ ۽ موڪلائڻ کان سواٰءِ ئي بمبئي هليو ويو هو. ” بابي لکيو هو ته تنهنجي ڳوٺ اچڻ جو ضرور ڪونهي، ملڪ جون حالتون خراب ٿي ويون آهن، اسين به لڏڻ جو تياريون ڪري رهيا آهيون، تون اسان لاءِ نه ترسجءَ، اتان ئي پنهنجي ڀيڻو ئي سان بمبئي هليو وڃج.“ اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصو پوءِ جڏهن ڊسمبر 2004ع ۾ موتي پرڪاش کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ نصيب ٿيا ته هن مٿان لفظ ” سنڌي ادبي سنگت دڙي پاران“ ڏنل آجياڻي ۾ ڀنل اکين سان چيا. ” آڪٽوبر 1947ع ۾ مان پنهنجي ڀيڻويي سان گڏ ڪراچي کان بمبئي روانو ٿيس، نه مون پنهنجن يارن دوستارن کان موڪلايو، نه پنهنجي گهر ۽ گهر جي درن، ديوارن تي پڇاڙي جي نگاهه وڌي، نه مونکي ڳوٺ جي گهٽين ۾ آخري گهمرو ڊڪڻ ، ڊوڙڻ جو موقعو مليو، نه مون پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي احاطي ۾ وڏي شاهي گدا مڙيءَ جي وڻ جي گدامڙي کاڌي، نه پنڃاري واهه ۾ وهجينس ۽ نه مون ” واڻين واري وائيءَ“ِ جو پاڻي پيتو“
    دڙو جيڪو دل وارن جو شهر آهي، اهو موتي ٻاهران ئي ڇڏي جلاوطن ٿي ويو، سالن کانپوءِ هن دبئي مان مونکي خط ۾ لکيو ” دل ته ڏاڍي ٿي چوي ته هڪ ڀيرو سنڌ جي زيارت ڪجي. قسمت هوندي ته ملنداسين، نه ته دوريءَ تان اوهان سڀني کان موڪلائينداسين.“
    4 آگسٽ تي موتي پرڪاش، سنڌ جي،دڙي جي زيارت ۽ يارن دوستارن سان موڪلائڻ کان سواءِ ئي موڪلائي ويو ۽ اسين دڙي وارا تاريخ جي اُن ستم ظريفيءَ تي ” هئه هئه ۽ وو وو“ ڪندا، لڙڪ لاڙيندا کيس پري کانسواءِ ئي الوداع ٿا چئون.
    موتي پرڪاش دڙي ۾ئي پندرهين مئي 1931 تي مهاراج سکر امداس جي گهر ۾ جنم ورتو، مهاراج سکر امداس کي ڊگهي عرصي تائين دڙي جا وڏي عمر وارا، جن کيس ڏٺو هو، ’مهاراج سکان‘ چئي سندس ڳڻ ڳائيندا هئا، مهاراج سُکان نه رڳو هنڌو ڪميونيٽي جي مسئلن ۾ حصو وٺندو هو ۽ پر هو انيڪ معاملن ۾ به سرگرم هوندو هو، ان وقت دڙي ۾ ايندڙ ٽپال جي ورهاست جو ذمون به مهاراج سُکان جي حوالي هو، اڄ کان لڳ ڀڳ مني صدي اڳ ٽپال کاتو ۽ ايندڙ ٽپال ئي ٻاهرين حال احوال ۽ دنيا جهان سان ڳانڍاپي جو واحد ذريعو هو، اخبارون به پنهنجن خريدارن وٽ، پنهنجي اشاعت کان پوءِ ٻن يا ٽن ڏينهن جو سفر ڪري پهچنديون هيون، موتي جڏهن اين-جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي پڙهڻ ويو ته ان وقت دڙي ۾ اي – وي ڪلاسز شروع ڪيا ويا هئا ۽ مهاراج سکان، موتي پرڪاش تي اها پابندي لاڳو ڪئي ته هو موڪلن وارا ڏينهن ، ڪراچي ۾ گذارڻ جي بدران دڙي جي انهن اي وي ڪلاسز ۾ رضا ڪارا ڻي طور تي ٻارن کي اچي پڙهائي. اهو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم پوءِ موتي پرڪاش سڄي عمر ڪيو، ممبئي کان وٺي دبئي جي انڊين هاءِ اسڪول جي پرنسپال هئڻ تائين،. هن چؤڏس علم جي روشني ڦهلائي ۽ ان سان گڏ هو ادبي دنيا ۾ به سرگرم رهيو، سنڌ ۾ هو ته هن جو پهريون شعر هري دلگير پنهنجي رسالي گلستان ۾ ڇپيو، پوءِ موتي پرڪاش به ٻال ساهت جي واڌاري لاءِ ” ٻال سنديش“ جي نالي سان هڪ مخزن ڪڍيو، جنهن جا ڇهه ست پرچا نڪتا، جيڪو پوءِ ورهاڱي سبب بند ٿي ويو.
    موتي پرڪاش نه رڳو شاعري ڪئي ،پر ڊراما لکيا، اخباري ڪالم لکيا، يادگيريون لکيون ۽ ترجماپڻ ڪيا، پاڻ جڏهن سنڌ ۾ هو ته جاتي ۾ ڪجهه عرصو پڙهڻ جي دوران ” پنڊت ڪندن شرما“ جي هدايتڪاري هيٺ ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪن ۾ پارٽ ادا ڪندو هو، ان وقت عورت اداڪارائون نه هيون، تنهن ڪري پنڊت ڪندن شرما کائنس اڪثر ڇوڪرين جا رول ادا ڪرائيندو هو، نه رڳو اداڪاري، پر موتيءَ پنڊت ڪندن شرما کان هار مونيم جي سکيا به ورتي.
    موتي پرڪاش جو پهريون شعري مجموعو ” آءٌ ته چوريون چنگ“ 1959ع ۾ ڇپيو، جنهن جو مهاڳ هري دلگير لکيو، سندس ٻيو شعري مجموعو ” چڻنگ وچ چولي“ 1983ع ۾ ٿيو، ۽ ٽيون مجموعو ”تنهنجي گلي جون ڳالهيون“ جي نالي سان ڇپيو.
    موتي پرڪاش 1954 ع ۾ هندستان ۾ ليکڪا ڪلاپرڪاش سان پيار جي شادي ڪئي، 1956ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سان وابستا ٿيو، ڪلا پرڪاش سان پرڻي ۽ ريڊيو سان وابستگيءَ سبب، پوءِ انهيءَ اديب جوڙي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي، ڪلا پرڪاش خود به هڪ وڏي ليکڪا آهي، جنهن جا ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپيل آهن.
    موتي پرڪاش جو واسطو ترقي پسند لڏي سان هو، هن هندستان ۾ ترقي پسند تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو، انهيءَ دوران سندس ناٽڪ ۾ ٻيهر دلچسپي پيدا ٿي ۽ سندس ڪيترائي لکيل ڊراما آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيا، هن 1960ع ۾ ” سنڌو ڪلامندر“ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ساڻس گڏ ڀڏو آڏواڻي ۽ ايس –پي منگهاڻي ٻانهن ٻيلي هئا، هن سرڪل کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته انهيءَ پهريون ڀيرو هندستان ۾ سنڌي ڏسندڙن جي اڳيان ٽه فصلو ناٽڪ پيش ڪيو، اهو ناول رميش مهتا جو ” انڊر سيڪريٽري “ هو، جيڪو موتي پرڪاش سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پوءِ اهو ساڳئي نالي سان ڪتابي صورت ۾به ڇپيو، انهيءَ کانپوءِ انهي ” ناٽڪ منڊل “ ڪيترائي ننڍا وڏا ناٽڪ اسٽيج ڪيا.
    سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان موتي پرڪاش جو هندستان ۾ اهو به ڪريڊٽ آهي ته هند ۾ سنڌي جو پهريون اصلوڪو ناٽڪ ” رات هڪ طوفان جي “ جيڪو نئين ڍنگ ۽ جديد خيالن تي ٻڌل هو، موتي پرڪاش ئي لکيو، اهو نه رڳو ممبئي ۾ ڪاميابي سان اسٽيج ڪيو ويو، پر ساڳئي نالي سان فلمايو به ويو، موتي پرڪاش جو ٻيو اصلوڪو ناٽڪ ” پردي اڳيان پردي پٺيان“ آهي، جيڪو طنز و مزاح تي ٻڌل آهي، انهيءَ ناٽڪ تي کيس ” اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ پاران ٻيو نمبر انعام مليو، موتي پرڪاش جي ناٽڪ کيتر ۾ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي آنند ٽهلراماڻي لکي ٿو ” موتي پرڪاش سنڌي رنگ منچ سان پڻ وڏو وڙ ڪيو آهي، ورهاڱي بعد جن نوجوانن سنڌي رنگ منچ جي شروعات ڪئي، موتي انهن مان هڪ هو.“
    موتي پرڪاش شاعري ۽ ناٽڪ کانسواءِ هڪ ناول ” انديرو اُجالو“ پڻ لکيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا.
    موتي پرڪاش 1984ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ گهمڻ آيو ته هن ان سفر جي ساروڻين تي ٻڌل پنهنجي شاندار سفر نامو ” سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ لکيو ، جنهن کي هندستان جي ” ساهتيه اڪيڊمي “ انعام پڻ ڏنو ۽ اهو هنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو، اهو سفرنامو ،جذبن ، سڏڪن، آهن ۽ وڇوڙي جي ورلاپن جو هڪ مهاساگر آهي، اهو جنهن به پڙهيو ان لڙڪ ضرور ڳاڙهيا،ان سفرنامي کي سنڌ ۾ ڇپڻ جو اعزاز مونکي حاصل ٿيو ۽ جڏهن اهو ڇپيو ته موتي پرڪاش مونکي هڪ شاندار خط لکيو جنهن ۾ لکيائين ” منهنجي ئي ڳوٺ جو اديب ۽ ادب جو شائق-39-40 سالن بعد مونکي سُڃاڻي ۽ منهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلا جي سڃاڻپ اسان جي ڪتابن جي وسيلي منهنجي ڳوٺ واسين سان ڪرائي، ان کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي ٿيندي؟ اسان نهايت صادق جذبي سان سنڌ جو فرض چُڪايو آهي، موٽ قرض چڪائڻ بعد ته ملندي ڪانهي، اوهان اسان کي پنهنجي بي غرض پيار ۽ خلوص سان مالا مال ڪيو آهي.“
    دڙو، موتيءَ تڏهن ڇڏيو، جڏهن کيس مُڇين جي اڃا ريهه به ڪين آئي هئي، پر دڙو سدائين سندس ساهه ۾ وسيل رهيو، هو جتي به رهيو، ممبئي يا دبئي يا آديپور ۾.هو سدائين دڙي کي ياد ڪندو رهيو، سنڌ کي ياد ڪندو رهيو، دڙو جڏهن موتي ڇڏيو ، ان وقت ، ان جي وچ ۾ ڄار جو وڏو وڻ هو، جنهن ۾ پيرون موتيءَ جي داڻن جيان چمڪندا هئا، باکي حلوائي جي مٺائي، ڄيٺي پساريءَ ۽ ڏڻي شيخ جا پسارڪا ۽ ريزڪي جا دڪان، حڪيم حاجي ناٿي ميمڻ ، حڪيم انور ۽ حڪيم عبدالله جا حڪمت جا دوڪان هئا، ٽيڪو مل گيهه واري جو ننڍڙو دوڪان هو، جنهن جي ٻاهران مکڻ سان ڀريل ديڳيون بدلجي گيهه ٿينديون هيون ۽ دڙو گيهه جو گهڙو مشهور هو، رامون چڻن واري جي پڙي، عارب جي ڪبابن جي پڙي، سيٺ ڪرمون مل، سيٺ ڄيٺمل ۽ وڏيري خدا بخش جون اوطاقون ۽ انهن تي ٿيندڙ ڇيڙيون نبيريون. اهي ساروڻيون ، موتي پرڪاش کي ڪڏهن به نه وسريون، ۽ نه ئي وري ٻائي سيتارام ، ڌاڃوري شڪاري، بدوخفخاني، خادم شيدي جمع کيدي ۽ ٻين انيڪ انوکن ڪردارن جي شهر دڙي ۽ ان جي رهواسين ڪڏهن موتي پرڪاش کي وساريو، انهن جو موتي سان عجيب رشتو هو، دڙي جا وڏڙا ته موتي جو ذڪر وڏي حُب ۽ اڪير مان ڪندا آهن، پر دڙي جي نئين ڇات جن جو ادب سان واسطو آهي يا جن کي موتي جي باري ۾ خبر آهي، اهي موتي، کي ائين ياد ڪندا آهن، جيئن پنهنجي وجود جي حصي کي ياد ڪبو آهي.
    هن وقت جڏهن موتي جو روح سندس جسم کي ڇڏي چڪوآهي ته مونکي يقين آهي ته هن جسم جي قيد مان آزاد ٿيندي ئي اچي دڙي جي فضا ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو هوندو ۽ هن پنهنجي مستقبل جو مَسڪن دڙي جي مٽي کي ئي ڪيو هوندو.


      قومپرست سياست جو رول ماڊل ڪردار عبدالواحد آريسر

    افغانستان جي ثور انقلاب جو باني ڪامريڊ نور محمد ترهه ڪي اپريل 1978ع کان وٺي سيپٽمبر 1979ع تائين افغانستان جو صدر رهيو، نور محمد ترهه ڪي هڪ عالم، اديب، دانشور ۽ ناول نگار هو، سندس ٻين لکڻين سان گڏ پشتو ٻوليءَ ۾ ٽي ناول به لکيل آهن، جن جو اردو ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي، نور محمد ترهه ڪيءَ کي جڏهن انقلاب جي اندروني اختلافن سبب صدارت تان لاهي قتل ڪرڻ لاءِ نيو پي ويو ته هن پنهنجي ٻانهن تي ٻڌل سرڪاري گهڙي واپس ڪندي چيو ته اها ملڪ جي نئين صدر حفيظ الله امين کي ڏني وڃي، صدارتي محل ۾ سندس ڪُل اثاثو رڳو چاليهه هزار افغاني يا ساڍا پنج هزار رپيا نقد ۽ هڪ لوهي ٽرنڪ هئي.
    هوچي منهه ويٽنام جو عظيم قومي هيرو آهي. جيڪو دنيا جي ٻين مظلوم قومن سان گڏ اسان جو به هيرو آهي، هڪ ڀيري هو فرانس ويو ته پئرس جي هوائي اڏي تي هڪ صحافيءَ سندس ڪپڙن ۽ بوٽ کي ڏسي ٽوڪ طور چيس ته هيڏي عظيم قوم جي اڳواڻ کي نوان ڪپڙا ۽ نئون بوٽ به ڪونهي، هوچي منهه جواب ۾ چيس ته: ”حيرت آهي ته توکي منهنجا پراڻا ڪپڙا ۽ پراڻو بوٽ ته نظر اچن ٿا، پر فرانس جي ويٽنام جي عوام تي ڪيل بمباري نظر نٿي اچي.“
    مونکي مٿيان ٻه مثال ان مهل ياد آيا، جڏهن مون چوٿين مئي جي جنگ اخبار ۾ جناب عبدالواحدر آريسر جي وفات تي ڏنل خبر جي سرخي پڙهي، جنهن ۾ لکيل هو ’قومپرست اڳواڻ هڪ ڪچي گهر ۾ رهندو هو، ورثي ۾ هن ڪا به ملڪيت نه ڇڏي .‘
    ڪنهن جي شخصيت سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، ان جي ذات ۽ ان جي سياسي حڪمت عمليءَ تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، سندس علمي ۽ ادبي ائپروچ ۽ نقطه نظر سان اختلاف رکي سگهجي ٿو، اختلاف رکڻ، مخالفت يا دشمني نه، پر صحتمنديءَ جي نشاني هوندي آهي، پر ان شخصيت جي مجموعي ڪردار، ان جي سچائي، ان جي ڪمٽمينٽ ۽ ايمانداريءَ کان انڪار ڪرڻ بدديانتي چئبي.
    اڄڪلهه قومپرست سياست ۽ قومپرست اڳواڻن جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻُڌجن ۽ مشاهدي ۾ اچن ٿيون، ڪيئن نه ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن، گاڏيون، بنگلا، ٺيڪا، زمينون، پلاٽ، ڪاروبار. سنڌ جي مقدس نالي ۾ هنن جي ترقي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، مٿن لڳندڙ ڀتي خوري، قبضي خوريءَ جي الزامن تي سوچڻون ٿو پوي، اهڙي صورتحال ۾ عبدالواحد آريسر جي باري جنگ اخبار جي اها خبر ’اڃا به آهن، ڪُلجڳ ۾ ڪاپڙي‘ وانگر لڳي.
    قومپرست سياست جي ڪرتائن ڌرتائن جي اڪثريت جي حالن ۽ جناب عبدالواحد آريسر جي زندگي تي سوچيندي خيال آيم ته قيامت جي ڏينهن جڏهن اعمال نامه سڀني انسانن جي هٿن ۾ هوندا ۽ جيڪڏهن الله سائين اهو اعلان فرمائي ته انهن ماڻهن کي سڀ ڪجهه معاف آهي، جن پنهنجي وطن جي مقدس نالي کي ڪاروبار نه بڻايو ۽ وطن سان محبوب جيان عشق ڪيو (عشق ۾ وٺبو نه پر سدائين لُٽائبو آهي) ته عبدالواحد آريسر سنڌ جي انهن ٿورن ماڻهن مان هوندو، جيڪي وطن سان اُڪير ۽ عشق جي نالي ۾ جنت جا حقدار قرار ڏنا ويندا.
    عبدالواحد آريسر جي ڪن سياسي پاليسين ۽ نقطه نظر سان خاص ڪري ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سندس پاليسيءَ سان مونکي سدائين اختلاف رهيو، پر سندس علمي ۽ ادبي حيثيت، سنڌ سان سندس عشق کان مونکي ڪڏهن به انڪار نه رهيو، مون آريسر جا ڪتاب ۽ سندس لکڻيون سدائين ڌيان سان پڙهيون. آئون سندس نثر ۽ نثري تشبيهن جو سدائين مداح رهيس. کيس جڏهن 92-1991ع ۾ غيباتي قوتن غائب ڪيو هو ته ان وقت به مون پنهنجي لکيل هڪ ڪالم ۾ مٿين ڳالهه لکي هئي.
    آريسر صاحب سان جيتوڻيڪ منهنجون ڪي گهڻيون ۽ گهاٽيون ملاقاتون ۽ ڪچهريون نه رهيون، پر جيڪي به رهيون، سي ڏاڍيون يادگار رهيون. اهڙي ئي هڪ ملاقات 1993ع جي شروعاتي مهينن ۾ ميرپور خاص ۾ ٿي، انهن ڏينهن آئون هڪ ڪالم لکڻ جي ڏوهه ۾ ميرپور خاص ۽ بدين جي سيشن ڪورٽن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو هوس، ميرپور خاص پري هئڻ جي ڪري اڪثر شنوائيءَ جي تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ ميرپور خاص وڃڻو پوندو هو ۽ رات ڪنهن هوٽل ۾ يا ڪنهن دوست وٽ رهي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سيشن ڪورٽ پهچڻو پوندو هو. ان ڪيس دوران هڪ شنوائيءَ تي نواز خان زنئور سان گڏجي ميرپور خاص ويس، رات محترم علي حسن چانڊييءَ ايڊووڪيٽ جي اوطاق تي وڃي ٽڪياسين. اوطاق تي پهتاسين ته محترم علي حسن چانڊيي ٻڌايو ته ٻي ڪمري ۾ عبدالواحد آريسر به موجود آهي، جيڪو ٻه هفتا اڳ غيباتي قوتن کان آزاد ٿيو هو. علي حسن چانڊيو ٿوري دير ويهي هليو ويو، گهڙي کن کان پوءِ ڏٺوسين ته آريسر صاحب ٻي ڪمري مان نڪري اچي رهيو، علي حسن چانڊيي کيس اسان جي اچڻ جو ٻڌايو هو. ڏسڻ ۾ آريسر صاحب ڪافي ڪمزور نظر اچي رهيو هو، پاڻ ٻڌايائين ته کيس سڌو ويهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، ان هوندي به کٽ تي آهلي ڪلاڪ سوا تائين اسان سان ويٺو ڪچهري ڪندو رهيو، هن مون کان ڪيس جون خبرون چارون پُڇيون ۽ ڪچهري دوران پنهنجي غائب هئڻ واري عرصي دوران جيڪو وهيو واپريو هو، اهو اسان کي ٻڌائيندو رهيو، پاڻ اهو غائب هئڻ واري سڄي عرصي جو احوال پنهنجي ڪتاب ”اسان جيئن جيئي ڪو“ ۾ لکيو اٿس.
    عبدالواحد آريسر جي هڪ ٻي يادگيري به ذهن ۾ تري آئي اٿم، ٻه سال اڳ جڏهن منهنجي مرهيات دوست قاسم پٿر جي ميرپور بٺوري ۾ ورسي ملهائي وئي هئي ته اُن ۾ حيدرآباد مان خاص سيڙجي بٺوري ويو هوس، ورسي کان ٻه اڍائي مهينا اڳ قاسم پٿر تي منهنجو ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هو، جنهن جو ان ورسي ۾ ڪجهه دوستن پنهنجي تقريرن ۾ ذڪر به ڪيو. ان ورسيءَ ۾ عبدالواحد آريسر به آيل هو، ورسي جي تقريب ختم ٿي ته مانيءَ جي دوران مون وڌي وڃي آريسر صاحب سان هٿ ملايو ته پاڻ هڪدم چيائين: ”تو نه ڳالهايو؟“ جواب ۾ وراڻيم: ”منتظمين سڏيو ئي ڪونه“.
    ”تنهنجو قاسم تي ڳالهائڻ ضروري هو، تو ته قاسم تي ڏاڍو سٺو ڪتاب لکيو آهي.“ آريسر صاحب وراڻيو: پوءِ پاڻ ڪجهه گهڙيون منهنجو هٿ جهليو بيٺو رهيو، ڄڻ منتظمين جي رويي تي افسوس ڪندو هجي، ان مهل مونکي مرحوم قاسم پٿر جا لفظ ياد اچي ويا. هڪ ڀيري جڏهن قاسم پٿرجي موجودگيءَ ۾ مونکي ائين ئي نظر انداز ڪيو ويو هو ته قاسم مونکي چيو ته : ”توکي نظر انداز ڪرڻ جو سبب رڳو اهو آهي ته تون هيٺينءَ ڪلاس جو آهين، پر تون ان ڳالهه تي ڪڏهن به مايوس نه ٿجان، تنهنجي طبقاتي بيهڪ توکي اڪثر نظر انداز ڪرائيندي رهندي.“ ان ڏينهن آريسر صاحب جو منهنجي هٿ کي جهلي بيهڻ تي مون محسوس ڪيو ته آريسر پاران ڄڻ قاسم پٿر تي ڪتاب لکڻ جي مونکي مڃتا ملي وئي، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري آئون قاسم جي ورسيءَ تي نه ويس.
    سائين جي ايم سيد جڏهن وفات ڪئي ته سندس فڪر ۽ سنڌيت جي ورثي کي سنڀالڻ لاءِ جيئي سنڌ جي سڀني گروپن متحد ٿي ان ورثي کي سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت عبدالواحد آريسر واحد شخصيت هئي، جيڪا سيد جي فڪر جي صحيح ترجمان هئي، جيتوڻيڪ ان اتحاد گهڻو عرصو جٽاءُ نه ڪيو، پر منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اتحاد جي ان سٺي قدم جو سڀ کان وڏو نقصان عبدالواحد آريسر کي ٿيو، جنهن پنهنجي حيثيت کان گهٽ درجو قبول ڪيو. ان ۾ سندس خلوص ۽ سيد جي فڪر سان والهانه وابستگي ئي شامل هئي، نتيجي ۾ جڏهن ٽوڙ ڦوڙ ٿي ته اڪثريت آريسر صاحب جي سادگي ۽ فڪر جي ايم سيد جي اصولي اهنسا واري واٽ بدران ٻيو رستو اختيار ڪيو، ائين آريسر جهڙي وڏي شخصيت هڪ ننڍي گروهه جي اڳواڻي سنڀالي، پر ان سان ڪا آريسر جي اهميت گهٽي ڪا نه.

    روسي بالشويڪ انقلاب دوران گورڪيءَ جي پارٽي تمام ننڍي ۽ ٿورن دانشورن تي ٻڌل هئي، پر انقلاب دوران سندس ادا ڪيل ڪردار ۽ سندس اهميت نه ڪڏهن لينن وٽ گهٽي نه انقلاب ۾. عبدالواحد آريسر جي به قومي تحرڪ ۾ اهميت سدائين سائين جي ايم سيد جي فڪر جي شارح واري رهندي.
    سنڌ جي قومي تحرڪ ۾ اڪثر ڪنهن کي خراج تحسين پيش ڪبو آهي ته چئبو آهي: ’فلاڻو سنڌ جو حلالي پٽ هو‘. سو آئون به اهو ئي چوندس ته آريسر سنڌ جو حلالي پٽ ۽ قومي تحريڪ جو رول ماڊل ڪردار هو، جنهن پنهنجي پويان ورثي طور مال، ملڪيت، پلاٽن ۽ بئنڪ بئنلس جي بدران محترم جي ايم سيد جي فڪر جي تشريح ۽ جدوجهد ڇڏي آهي.


      سُهڻي ٻُڏي سيرَ ۾...!

    ماڻهو روز ڄمن پيا ۽ روز مرن پيا، اهو سلسلو ازل کان هلندو اچي ۽ ابد تائين جاري رهندو. هڪڙا ماڻهو اهي آهن، جن جي ڄمڻ سان يا مرڻ سان، سواءِ انهيءَ جي ٻيو ڪوبه فرق نٿو پوي ته هو پنهنجي مائٽن جي خوشي ۽ غميءَ جو سبب بنجن ٿا. ٻيا اهي ماڻهو آهن، جن جي جنم، قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيون ۽ انهن جو موت هڪ دور جو موت ثابت ٿئي ٿو. اسان جو دوست طارق اشرف به اهڙو ئي هو، طارق اشرف جو مرتيو، سنڌي ادب جي هڪ دور جي پُڄاڻي هئي، اهو دور جيڪو فقط طارق اشرف جو ئي دور هو هونئن به اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي اهميت ٿي رکي ته ڪو ”ٻيو“ ڪنهن جو خال ڀري نٿو سگهي. طارق اشرف سنڌي ادب جو هڪ منفرد ڪردار هو ۽ جنهن نه رڳو پنهنجي قلم جي وسيلي سنڌي ادب کي شاندار ڪهاڻيون ڏنيون، پر ”سهڻي“ جي بي باڪ ايڊيٽوريلن جي ذريعي هن سنڌي قوم جي جياپي جي جنگ ۾ مُهڙ وارو ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ويو، پريس ضبط ٿيس، سهڻيءَ تي پابندي پئي، پر طارق جو قلم ڪڏهن به خاموش نه رهيو، يا طارق اشرف ڪڏهن به مصلحت نه ڪئي، نه جهڪيو، نه وڪيو.
    طارق اشرف هڪ سچو، کهرو ۽ منهن تي چئي ڏيندڙ شخص هو، اهو ئي سبب هو، جو طارق اشرف گهڻن کي نه وڻندو هو. طارق اشرف جي وفات 14 اپريل 1992ع تي دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب ٿي، طارق اشرف بنيادي طرح ڪهاڻيڪار هو، هن نه رڳو پاڻ سنڌي ادب کي سُٺيون ڪهاڻيون ڏنيون، پر هن سنڌي ادب کي سٺا ڪهاڻيڪار به ڏنا، جن مان ڪيترا ته اڄ جي ڪهاڻي کيتر جا اهم ۽ وڏا نالا آهن. نه رڳو اهو، پر ڪيترن ئي ليکڪن کي صحيح معنيٰ ۾ طارق اشرف جي محنت ئي ليکڪ بڻايو. طارق اشرف وٽ هڪ اهڙي اک هوندي هئي، جيڪا هڪدم تاڻي وٺندي هئي ته همراهه ۾ داڻا آهن ۽ پوءِ هو انهيءَ جي پويان لڳي ويندو هو ۽ نيٺ انهيءَ کي ليکڪ بڻائي ئي ساهي پٽيندو هو، تنهنڪري دوست طارق اشرف لاءِ چوندا هئا ته، ”طارق اشرف سدائين پيٽ سان هوندو آهي ۽ ليکڪ ڄڻيندو رهندو هو.“ طارق اشرف کي جيترو عشق ”سهڻي“ رسالي سان هو، ايترو شايد ئي ڪنهن ٻي شئي سان هجي، پر افسوس جو سندس وفات کانپوءِ، ٻيو ته ٺهيو، پر اسان سندس ڇڏيل ورثو، ”سهڻي“ پڻ سنڀالي نه سگهياسين ۽ ماهوار سهڻي به ڄڻ طارق اشرف سان گڏ ئي فوت ٿي وئي، ’سهڻي‘ هڪ رسالو ڪونه هو، پر سهڻي هڪ تحريڪ هئي، سهڻي هڪ تحرڪ هو، هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي سنڌي ٻوليءَ جي ٿالهه ۾ وجهندي هئي.
    ”سهڻي“ رسالي جا ٻه دور هئا، هڪ ستر وارو ڏهاڪو، جنهن ۾ ’سهڻي‘ ڊائجسٽ سائيز ۾ ڇپجندي هئي. انهيءَ دور ۾ سهڻي جو نالو نه رڳو پنهنجي معيار جي ڪري مٿانهون هوندو هو، پر انهيءَ جا ايڊيٽوريل ”سهڻي“ جي جان هوندا هئا. بي باڪ ٿيڻ جي ڏوهه ۾ طارق اشرف کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ سهڻي تي پابندي هنئي وئي. طارق اشرف جو جيل جو اهو عرصو ٻاويهه مهينا رهيو، جنهن ۾ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: ”ٻاويهه مهينا جيل ۾“ (ٻه ڀاڱا) اڌ ملاقات (خط) جيل گهاريم جن سين (جيل جي ساٿين تي خاڪا) ۽ ميرو ڌاڙيل (سوانحي ناول) شامل آهن.
    طارق اشرف، ضياالحق جي آپي شاهيءَ جي دور ۾ 1983ع ۾ به جيل ويو، اُن جو سبب 1973ع ۾، سهڻي پريس مان رسول بخش پليجي جو ڪتاب ”صبح ٿيندو“ ڇپجڻ هو. طارق اشرف جو جيل جو اهو عرصو ٽي مهينا رهيو، جنهن دوران پاڻ ”هٿين هٿ ڪڙول“ جي نالي سان جيل جي ڊائري لکيائين، اهو دور ايم آر ڊي جي تحريڪ جو دور هو ۽ جيلن ۾ ڪيترائي سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا. جن مان ڪيترن جو ذڪر طارق اشرف جي ان ڪتاب ۾ ملي ٿو. سهڻيءَ جي انهيءَ پهرينءَ دور ۾ طارق اشرف هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو، يعني جيئرن اديبن تي مڃتا طور نمبر ڪڍڻ جي روايت وڌي. پاڻ سهڻيءَ جا ٻه شاندار نمبر ”امر جليل نمبر“ ۽ ”نسيم کرل“ نمبر ڪڍيائين. سهڻي جو ٻيو دور 1988ع کانپوءِ شروع ٿيو، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي. ان وقت نهايت سهڻي گيٽ اپ ۽ ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي ڇپجندي هئي ۽ طارق اشرف سهڻيءَ جي اڳوڻي روايت برقرار رکندي شيخ اياز تي ”سهڻي“ جا ٻه شاندار نمبر ڪڍيا، سهڻي جهڙا نمبر اڄ تائين سنڌي جي ڪنهن به اديب تي نڪري نه سگهيا آهن.
    طارق، اشرف سان منهنجو رشتو سدائين محبت ۽ دوستيءَ وارو رهيو ۽ آئون سندس سهڻي پريس مان ڪتاب به ڇپرائيندو هئس، پوءِ جڏهن محترم غلام حسين رنگريز ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ته ’سنگت پبليڪيشن‘ شايع جو فيصلو ڪيوسين، جنهن جا پهريان ٽي پرچا سهڻي پريس ۾ منهنجي نگرانيءَ ۾ طارق اشرف ئي ڇپيا، جن جو ذڪر غلام حسين رنگريز ”سنڌي ادبي سنگت، ٻه ساله رپورٽ 89-1988ع“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي. ”آئون يوسف سنڌيءَ جو خصوصي طرح شڪريو مڃان ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪوشش سان ئي پرچو پريس ۾ پهتو ٿي ۽ ڇپجي پڌرو ٿيو ٿي. محترم طارق اشرف پهرين ٽن پرچن جي ڇپائي ۾ ساراهه جوڳو ”سهڪار“ ڪيو ۽ سنگت جي ڪتابن کي پنهنجائپ جي نظرن سان ڏٺو ٿي.“
    مون طارق اشرف کان سهڻي پريس مان جيڪو پهريون ڪتاب ڇپرايو، اهو پروفيسر عزيز الدين احمد جي ڪتاب ”ڪيا هم اڪٺي رهه سڪتي هين“ جي هڪ باب جو ترجمو هو، جيڪو ”سنڌ-پاڪستان کانپوءِ“ جي نالي سان ترجمو ڪيو هئم، اڳتي هلي کانئس ٻيا ڪتاب به ڇپرايم. ان وقت يارهن سالن جي ڊگهي ضياالحقي آمريت، گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري دور کانپوءِ جمهوريت بحال ٿي هئي، محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي، ڪجهه آزاديون مليون ۽ ساهه کڻڻ جيتري وٿي ملي، انهيءَ موقعي جو فائدو وٺي طارق اشرف پنهنجي جيل جي ساٿين شاهنواز جوڻيجي، جيڪو محترمه بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ وزير هو ۽ بابو غلام حسين وغيره کي خط لکي کين سهڻي جو ڊڪليئريشن ٻيهر ڏيارڻ ۽ سندس ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ لکيو.
    طارق اشرف سان اڪثر سنڌي اديبن، انهن جي قول ۽ فعل، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي آئيندي بابت ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون، تنهن کانسواءِ ان وقت ٿيندڙ لساني فسادن جي باري ۾ به ڊگها ڊگها بحث مباحثا ٿيندا هئا، انهن بحثن مان مون طارق اشرف کان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ سمجهيو. انهن ڪچهرين دوران طارق اشرف ڪڏهن ڪڏهن ناميارن سنڌي اديبن بابت عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ٻُڌائيندو هو، جو حيران ٿي ويندو هئس، پر مون اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي ته اختلافن هوندي به طارق اشرف ذاتي حوالن سان اهڙن اديبن کي سدائين مڃتا ڏني، جيئن شيخ اياز سان اختلافن هوندي به مٿس ٻه شاندار نمبر ڪڍيائين ۽ انهن جي مهورت پڻ ڪرايائين. اهڙو ئي اعلان هن امر جليل لاءِ به ڪيو هو، ته مٿس ٻيو نمبر ڪڍيو ويندو، پر حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي.
    طارق اشرف کي ”سهڻي“ سان عشق ته هو، پر ان عشق ۾ پاڻ ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪيائين. 1977ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ طارق اشرف 22 مهينا جيل ڪاٽڻ کانپوءِ ٻاهر نڪتو ته ان وقت سندس حالتون گهڻيون خراب هُيون، ايڪڙ ٻيڪڙ دوستن کي ڇڏي باقي ٻيا ڳولهيا به نٿي لڀيا، تڏهن مارشلا اختياريءَ وارن کيس ٽي وي پروگرام ”ظلم ڪي داستان“ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ساڻس ٿيل زيادتين جي باري ۾ ڳالهائڻ جي لاءِ چيو، گڏوگڏ کيس ”سهڻي“ جو ڊڪليئريشن ڏيڻ سان گڏ، سهڻيءَ جي ڇپائي واسطي، اشتهارن جي صورت ۾ هزارين روپيا اڳواٽ ڏيڻ ۽ زمين ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر پاڻ اها آڇ قبول نه ڪيائين. مون کانئس اها آڇ قبول نه ڪرڻ جو سبب پڇيو، ڇو ته ان پروگرام ۾ ڪيترائي ڏسڻا واسڻا دوست شريڪ ٿي فائدا حاصل ڪري چڪا هئا، پاڻ وراڻيائين، ”مان ڀٽي صاحب جو مداح رهيو آهيان، ڀٽو چونڊيل وزيراعظم هو، ڀٽي صاحب کي جنهن طريقي سان هٽايو ويو، ان کي آئون ناجائز ٿو سمجهان ۽ ان وقت ڀُٽي صاحب جي مخالفت ۾ ڳالهائڻ معنيٰ مارشلا ۽ ضياالحق جي حمايت ڪرڻ هو، جيڪا ڳالهه منهنجي ضمير گوارا نه ٿي ڪئي.“
    طارق اشرف سان اڪثر حجتون به پيو ڪندو هئس، هڪ ڀيري کيس هري موٽواڻيءَ جو ڪتاب ”جڙيل جن سان جند“ ڏيڻ جي لاءِ چيم، جيڪو پاڻ ”سهڻي پبليڪيشن“ پاران ڇپرايو هئائين، سندس لنوائڻ تي اُٿي ڪتابن مان هڪ ڪاپي کڻي ٿيلهي ۾ وڌم ۽ چيم، ”ٺيڪ آهي، اوهين نه ڏيو، مون کڻي ورتي آهي.“ اهو ڏسي مُرڪي چيائين، ”کڻي ته زوري ٿو، پر ڏي ته لکي ڏيانوَ.“ پوءِ انهيءَ ڪتاب تي لکيائين، ”يوسف سنڌيءَ لاءِ، جيڪو زوري ڦريو پيو وڃي.“
    هڪ ڀيري، طارق اشرف جي پريس جي اندر سندس هڪ غير سنڌي مشين مين پاران الطاف حسين جي هنيل فوٽوءَ تي جذباتي ٿي ٽنڊي محمد خان جي هڪ دوست سارنگ شاهه، طارق اشرف جي خلاف بيان ڪڍيو، مون اهو پڙهيو ته پنهنجي هڪ اخباري دوست فدا حسين شاهه کي ٻُڌايم ته ”اڄ اخبار ۾ طارق اشرف جي خلاف بيان لڳو پيو آهي.“ ان دوست ڳالهه سمجهڻ کانسواءِ وڃي طارق اشرف کي ٻڌايو ته ”اڄوڪي اخبار ۾ يوسف توهانجي خلاف بيان ڏنو آهي.“ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڻس ملاقات ٿي ته کلندي چيائين، ”تنهنجو بيان، جيڪو تو منهنجي خلاف ڏنو آهي، پڙهيو ته ڪونه اٿم، پر ٻُڌو اٿم.“ اهو ٻُڌي مونکي حيرت سان گڏ ٿوري پريشاني به ٿي ۽ مون کيس ٻڌايو ته ”اهو بيان منهنجو نه، پر فلاڻي دوست جو آهي، مون پڻ اخبار ۾ ئي پڙهيو هو.“ اهو ٻُڌي پاڻ مُرڪي پيو هو ۽ چيائين، ”مونکي پاڻ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پي آئي ته تون منهنجي خلاف بيان ڪيئن ڏيندين، ڇو ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ پريس ۾ لڳل الطاف حسين جي فوٽوءَ بابت ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي هئي.“
    طارق اشرف سان اڪثر مختلف موضوعن تي ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ هي ڪجهه ڳالهيون فقط سندس ساهه سڌير ياد کي تازو ڪرڻ جي لاءِ لکيون اٿم، اهو ان ڪري ته طارق اشرف نالي شخص کي ته وساري سگهجي ٿو، پر اهو طارق اشرف جيڪو ”سهڻي“ جي روپ ۾ هڪ ادارو هو، هڪ تحريڪ هو، هڪ تحرڪ هو، انهيءَ طارق اشرف کي وسارڻ ممڪن ڪونهي.


    اي غم دوست! تون ڪٿي آهين؟

    افلاطون جو چوڻ آهي ته ’انسان ٽن قسمن سون، چاندي ۽ لوهه جو هوندو آهي.‘ پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جي ڪٿَ سون کان به وڌيڪ هوندي آهي. ڊاڪٽر شمس سومرو به اهڙو ئي انسان هو، جيڪو مُلهه ڪٿ کان مٿي، نج پج سچن هيرن جهڙو انسان هو. جنهن جي اوچتي وفات نه رڳو سنڌي ادب لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي، پر مجموعي طور تي اهڙن املهه انسانن جي انهيءَ مالها مان هڪ وڌيڪ موتي ٽٽڻ جي برابر آهي، جن جي زندگي شرافت جي سهاري ۽ آدرشن جي اصول هيٺ گذرندي آهي. سندس وفات تي ائين لڳو، جيئن شاعر چيو آهي.
    بچهڙا ڪچهه اُس ادا سي، ڪه رُت هي بدل گئي،
    اڪ شخص ساري شهر ڪـو ويران ڪـر گـيا.
    ڊاڪٽر شمس سومري سان منهنجي پهرين ملاقات 1994ع ۾، سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي موري ۾ ٿيل ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٿي، جنهن ۾ نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ ئي اجلاس ۾ تاج جويو قاسم آباد شاخ جي عيوضيءَ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو هو. جنهن کي پڪو ته ڇا پر ڪچو الحاق به نه هو ۽ اتي ئي اها ڳالهه ظاهر ٿي ته قاسم آباد ۾ به سنڌي ادبي سنگت جي ڪا شاخ موجود آهي، ادل سومري بحيثيت سيڪريٽري جنرل انهيءَ شاخ جي الحاق جي رٿ پيش ڪئي، جنهن تي مون تفصيل سان ڳالهايو ۽ شاخ جي جعلي هئڻ سان گڏ، سنگت جي آئين جي ابتڙ شاخ کي الحاق نه ڏيڻ جي گذارش ڪيم. جواب ۾ ادريس جتوئيءَ سخت تقرير ڪئي ۽ مون تي ڇوهه ڇنڊيا، شاخ جو الحاق ته بهرحال اڳ ۾ ئي سيڪريٽري جنرل جي لابنگ جي ڪري ٿي ويو ۽ ائين ان وقت تاج جويو، جيڪو ڪنهن به شاخ جو عيوضي نه هو، ڪائونسلر بنجي ويو، ان ئي شاخ جي حوالي سان ”آرسي“ رسالي جي نمائندي نثار کوکر پاران ورتل انٽرويو ۾ ادل سومري جي انهيءَ عمل تي افسوس جو اظهار ڪيو هئم ۽ جواب ۾ ادل سومري مونکي خط لکي ”اندر جو ڄامڙو“ ۽ ”منافق“ قرار ڏنو، اهو خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهي.
    انهيءَ اجلاس جو جڏهن وقفو ٿيو ته شمس سومري، منهنجي ويجهو اچي مون سان هٿ ملايو ۽ قاسم آباد شاخ جي حوالي سان منهنجي موقف جي واکاڻ ڪئي. اها مختصر ملاقات اسان جي وچ ۾ دوستي ۽ سنگت جي ايندڙ چونڊن ۾ سندس حق ۾ منهنجي هٿ کڻڻ جو سبب بني. جنهن جو پوءِ پاڻ اظهار ”سوجهري“ رسالي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ به ڪيائين. انهيءَ وقت اهي ڳالهيون پي هليون ته سامهون واري ڌر شمس سومري کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪندي، اهڙو اطلاع مونکي نعيم شيخ به ڏنو ته دوستن جو خيال آهي ته ڊاڪٽر شمس سومرو غير تڪراري شخص آهي، تنهنڪري کيس گڏيل طور آڻجي. ڪجهه ڳڻ ڳوتَ ۽ صلاح مصلحت کانپوءِ مون جڏهن شمس سومري جي حق ۾ هٿ کنيو ته نه رڳو سندس مخالفت ڪئي وئي، پر اهو به چيو ويو ته ”هاڻ شمس سومرو، يوسف سنڌي طرفان بيٺو آهي، تنهنڪري نه رڳو سندس مخالفت ڪبي، پر جي هن چونڊون کٽيون ته به کيس هلڻ نه ڏبو.“
    ٿيو به ايئن، دوستن جي مهربانين سان ڊاڪٽر شمس سومرو سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو ۽ هارايل دوستن پنهنجي غيرجمهوري روين جو ثبوت ڏيندي، ٻئي ڏينهن کان ئي سندس مخالفت تي سندرو کڻي ٻڌو، پوءِ اها مخالفت جي ڪڙي حيدرآباد کان وٺي خيرپور ۽ سکر تائين قائم ٿي ويئي. نازڪ ۽ نفيس دوستن، علم و ادب جي نالي ۾، شعرو شاعري جي آڙ ۾، جيڪو طوفان برپا ڪيو، انهيءَ تي سواءِ ماتم ڪرڻ جي ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن انهيءَ وقت جون اخبارون کڻي پڙهبيون ته نظر ايندو ته شمس سومري جي مخالف دوستن/اميدوارن ڪهڙي نه غليظ ۽ واهيات ٻولي سندس خلاف استعمال ڪئي ۽ هر قسم جا ليڪا لتاڙي وڃي پار پيا. ايتريقدر جو سامهون واري ڌر جي هڪ دوست جو بيان رڪارڊ تي آهي، جنهن شمس سومري لاءِ چيو هو ته ”شمس سومري جو ذهني توازن بگڙي ويو آهي.“ سندس انهي بيان تي گهڻن دوستن جو اهو رايو هو ته ”شمس سومري جي جيت جي ڪري خود اهو همراهه صدمي ۾ وٺجي ويو آهي ۽ سندس ذهني توازن بگڙي ويو آهي.“
    انهيءَ سڄي عرصي جي دوران ڊاڪٽر شمس سومري پنهنجي خلاف بيان بازي ۽ بهتان بازي ڪندڙن ۽ گٿا لفظ استعمال ڪندڙن جي خلاف مهذب ۽ شائسته رويو اختيار ڪيو، جيڪو سندس ذهني ۽ فڪري سنجيدگيءَ ۽ بالغ پڻي جو واضح ثبوت هو. نيٺ انهن الزام تراشين کان تنگ ٿي ڊاڪٽر شمس سومري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، انهيءَ وچ ۾ ڪئين ٺاهه ٿيا، جن تي عمل نه ڪيو ويو، ادبي عدالت هنئي ويئي، جنهن ۾ همراهه گهڻو ڏٺا ۽ خوار خراب ٿيا ۽ مرحوم علي احمد بروهيءَ کي انهيءَ ادبي عدالت جي لاءِ بيان ڏيڻون پيو ته ”اها بريانيءَ جي ديڳ ۾ کانگهارو وجهڻ جي برابر آهي.“
    انهن ڏينهن مون شمس سومري کي گهڻو ويجهڙ کان ڏٺو ۽ پرکيو، ممڪن آهي ته منجهس ڪي انساني ڪمزوريون به هجن، پر هو شرافت جو پُتلو ۽ نياڻين جهڙو پُٽ هو، مون کيس ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف گٿا لفظ ڳالهائيندي يا ڪنهن جي گلا يا غيبت ڪندي نه ٻُڌو. پاڻ حيران پيو ٿيندو هو ته دوست ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ڪاز لاءِ ڪم ڪرڻ جي بدران پنهنجي انائن جي ٽياسن تي ڇوٽنگيل آهن؟
    هڪ ڀيري الائجي ڪهڙي ڳالهه ٿي، جو منهنجو منهن ڦٽي ويو، جيتوڻيڪ مون جلد پاڻ کي سنڀالي ورتو، پر پاڻ اها ڳالهه محسوس ڪري ورتائين، انهيءَ مهل ته اها ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي، پر پوءِ پاڻ ڪراچي وڃڻ شرط مونکي خط لکيائين.
    جنهن ۾ لکيائين: ”منهنجي هڪ مرحوم بزرگ دوست سائين ابوبڪر خان مگسي مونکي خليل جبران جي خودڪشيءَ جو سبب ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري هن ڪنهن وئشيا سان ملاقات ڪئي، ان وئشيا هن کي چيو مون سان همسبتري تڏهن ڪجانءِ، جڏهن تون پوريءَ ريت پاڪدامن(معصوم) هجين.“ گهڻي ويچار کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته هو ڪنهن به ريت معصوم ڪونهي، تڏهن هن خودڪشي ڪري ڇڏي. هينئر جڏهن تو ڏانهن هي اکر لکي رهيو آهيان، تڏهن جبران جي اها ئي پيڙا منهنجي وجود کي پيڙي رهي آهي ته مون توکي اجايو ميار ڏني، يار جيڪڏهن مون توکي رنجايو هجي ته مونکي معاف ڪجانءِ، ڇو جو ڪنهن به لحاظ کان منهنجو مقصد يا نيت اها نه هئي ته آئون تنهنجي آپي (Eggo) يا خودداريءَ تي وار ڪريان، هيءَ خط پنهنجو وعدو پورو ڪرڻ کان وڌيڪ انهيءَ پڇتاءَ جو اعتراف ڪرڻ آهي، جنهن جو حوصلو مونکي بجاءِ خود تنهنجي اخلاقي جرائت جي بلنديءَ کي محسوس ڪندي مليو آهي، جنهن لاءِ آئون تنهنجو ٿورائتو آهيان.“
    اها هئي مرحوم ڊاڪٽر شمس سومري جي اعليٰ ظرفي، انهن ڏينهن (95-1994ع) ڊاڪٽر صاحب گهڻو ڪري هر هفتي حيدرآباد ايندو هو، پوءِ آئون، طارق قريشي ۽ پاڻ نه رڳو ڪچهريون ڪندا هئاسين، پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ حيدرآباد جي رستن تي وڙڪندا ادب، آرٽ، ڪهاڻي، موسيقي، سياست ۽ ادبي سنگت تي ڳالهائيندا رهندا هئاسين. اسين اڪثر ڪري ڊاڪٽر شمس کي ڇيڙي، پوءِ سٺا سامعين بنجي ويهي رهندا هئاسين ۽ هو انهن موضوعن تي نهايت عالمانه گفتگو ڪندو هو، انهن ڪچهرين مان اسان کانئس گهڻو ئي ڪجهه سکيو، ’علي بابا ريسٽورنٽ‘ اسانجو ٿاڪ هوندي هئي، جتي ”ملڪ شيڪ“، جنهن تي اسان ”مالڪ شيخ“ نالو رکيو هو، ضرور پيئندا هئاسين، انهيءَ رولاڪيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ’علي اظهار‘ اچي شامل ٿيندو هو، جيڪو رولاڪيءَ ۾ اُسان جو به اُستاد هو، علي اظهار جي هوندي ماحول رڳو ٽهڪن سان ٻُرايل هوندو هو، اسان ته ٺهيو، پر ڊاڪٽر شمس جي کل ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
    ڊاڪٽر شمس سومري جي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ کانپوءِ اهو تاثر هڪ رٿابنديءَ سان پکيڙيو ويو ته هو ڪم ڪري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي نجي ڪلينڪ هلائي ٿو. تنهن ڪري هو وقت ڏيئي نه سگهندو، پر حقيقت انهي جي ابتڙ هئي، ڊاڪٽر اڪثر سفر ۾ هوندو هو. جنهن جي ڪري سندس ڪلينڪ گهڻي متاثر ٿي. سندس غير موجودگيءَ جي ڪري مريضن اچڻ ڇڏي ڏنو، جنهن جي ڪري سندس روزگار جو ذريعو متاثر ٿيڻ لڳو. پاڻ شاخن جي دورن ۽ تنظيمي پروگرامن تي پري پري وڃي نڪرندو هو، البت اهو ٿيو جو سندس سرگرميون صحيح نموني ميڊيا ۾ ڪوريج حاصل ڪري نه سگهيون، جڏهن ته انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سندس مخالفن جو هر بيان سٺي ڪوريج حاصل ڪندو رهيو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي هڪ سنڌي اخبار جو نيوز ايڊيٽر ته دشمنيءَ جي حد تائين لهي آيو.
    هڪ ڀيري ڊاڪٽر شمس ”ڪڙيي گهنور“ ۾ ستار نظاماڻيءَ سان سندس شاخ جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جو وعدو ڪيو، جنهن ڏينهن گڏجاڻي هئي، انهي ڏينهن اهڙو ته اچي مينهن وٺو جو صفا ٻنا ٻوڙ ٿي وئي، اوچتو ڏسون ته ڊاڪٽر شمس اچي ”اسلام عليڪم“ ڪئي. حيران ٿي ويس، ”ڊاڪٽر توسان خير... هن مينهن ۾ ڪيڏانهن نڪتو آهين!؟“ مون گهڻو ئي زور ڀريس ته ڪڙيي گهنور نه وڃ، اجائي پريشاني ٿيندئي، پر نه مڃيائين، چي، ”دوستن سان پروگرام آهي، هو اوسيئڙي ۾ هوندا.“ مون کيس ويگن ۾ چاڙهي ڪڙيو گهنور روانو ڪيو، خير اُتي گڏجاڻي ته ڪانه ٿي، پر شمس سومري پنهنجو وعدو پورو ڪيو.
    ذاتي طور تي ڊاڪٽر شمس سومرو منهنجي لاءِ سدائين احترام لائق رهيو، سندس ڳالهيون ۽ لکڻيون سدائين فڪر انگيز ۽ پرمغز هونديون هيون، جن مان مون گهڻوئي سکيو، سندس مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن، پر افسوس جو سندس زندگيءَ ۾ سندس ڪوبه ڪتاب ڇپجي نه سگهيو، جيتوڻيڪ 1998ع ۾ پاڻ مونکي خط لکي پنهنجي ڪتاب ”همعصر سنڌي ساهت جو تنقيدي ڇيد“ جي فائنل پروفنگ واري مرحلي ۾ هئڻ جو اطلاع ڪندي، ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل/ليف سائيڊ ڪمينٽ لکي موڪلڻ جي لاءِ چيائين، جيڪو مون کان لکيو نه ٿيو، پوءِ وري يڪو سالن تائين نه ڪا ملاقات ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ڪا خط و ڪتابت رهي.
    ڊاڪٽر شمس سومري سان منهنجي آخري ملاقات آگسٽ 2003ع ۾ هوٽل ’آواري ٽاور‘ ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ جي پروگرام ۾ ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ مون کيس جولاءِ ۾ سندس سالگرهه جي موقعي تي ماهوار ”سوجهرو“ پاران ڪڊيل ڪارنر ۽ ”هلال پاڪستان“ پاران نڪتل صفحي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي مبارڪون ڏنيون، پاڻ مرڪي مهرباني چيائين ۽ پوءِ چيائين ته، ”دوستن مون کان تنهنجي مضمون جي کوٽ بابت پُڇيو.“
    مون ڪوبه جواب نه ڏنس، ڦڪائيءَ سبب ماٺ ٿي ويس، مٿس خواهش هوندي به لکي ڪونه سگهيو هوس، مونکي خبر ڪونه هئي ته مونکي سندس وفات تي تعزيت جا ٻه اکر لکڻا پوندا:

    دل رهين غم جهان هي آج
    هر نقش تشنه فغان هي آج
    سخت ويران هي محفل هستي
    اي غم دوست تو ڪهان هي آج.


    ڇا ته شخص هو- سيد اڪبر شاهه...!

    موت ڀلي جسماني طور تي دوست اسان کان کسي وٺي، پر هو اسان کان انهن دوستن جون يادگيريون کسي نٿو سگهي. هن جهان ۾ ايندڙ هر انسان ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪري ٿو، پر پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي ڊگهو عرصو ياد رکيا ويندا آهن، جو هنن جي ڪمن ۽ عملن مان پنهجي قوم، پنهنجي ملڪ، پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي ڀلائي پلئه پوندي آهي. انهن جي ڪم، عمل ۽ شخصيت جي ڇاپَ ڊگهي عرصي تائين رهندي آهي. اسانجو دوست سيد اڪبر شاهه به اهڙن شخصن ۽ ڪردارن مان هو، سندس وڇوڙو اڄ به تلسي داس جي لفظن ۾:
    ساجن بچهڙي دو دن هوئي، مين جانون برس پچاس
    بـهـولـي پـوچـهـي پـنـڊت سـي، دن مـيـن کتني ماس.
    سيد اڪبر شاهه جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو هئا، پيشي جي حوالي سان هو پرائمري استاد هو، هڪ اهڙو استاد جيڪو متحرڪ، ڄاڻون، پنهنجي ڪاز کي سمجهڻ وارو هن پنهنجي پيشي سان ايئن نباهيو ته نه رڳو ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين، پر سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ، هارين، مزدورن ۽ اُستادن ۾ شعور پيدا ڪري کين پنهنجن مسئلن ۽ حقن کان به واقف ڪيائين، استادن ان جدوجهد جي صلي ۾ سندس اڳواڻي واري گُڻ کي مان ڏيندي کيس 1973ع ۾ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو. ان وقت پ-ٽ-الف جو صدر باباءِ استاد مرحوم جان محمد جمالي هو. سيد اڪبر ان عهدي تي رهي، سنڌ جي تعليم ۽ استادن جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اهو تاريخ جو هڪ باب آهي.
    گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ ۾ قومي تحريڪ پنهنجو نئون رخ وٺي رهي هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي زرعي سڌارن ۽ اڌ بٽئي جي تحريڪ زورن تي هئي، تڏهن رسول بخش پليجي، فاضل راهو، حفيظ قريشي، ڊاڪٽر فيروز احمد، قاسم پٿر ۽ ٻين گڏجي مائوزي تنگ جي فڪر کان متاثر ٿي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جو بنياد رکيو ته سيد اڪبر شاهه انهيءَ جي مُهڙين دستي ۾ شامل هو ۽ تحريڪ جي اندروني معاملن جون ڪيتريون ئي اهم ذميواريون سيد اڪبر جي حوالي هيون ۽ هن پنهنجي ساٿين سان گڏ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ کي سڄي سنڌ ۾، جهر جهنگ، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽ وستي وستيءَ ۾ منظم ڪرڻ ۾ اهم ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سيد اڪبر پنهنجو سياسي سفر قاسم پٿر جي صحبت ۾ اختيار ڪيو ۽ پوءِ ساڻس گڏ ”عزيز سلام بخاريءَ“ واري ڪميونسٽ گروپ ۾ شامل ٿيو. پوءِ جڏهن قومي سوال تي همراهن جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿيا ته گهڻن دوستن ڌار ٿي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جو بنياد رکيو. پوءِ جڏهن 1979ع ۾ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ فقط ”عوامي تحريڪ“ جي شڪل اختيار ڪئي ته سيد اڪبر ان کان پاسيرو ٿي ويو.
    سنڌي عوامي تحريڪ جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ميرپور بٺوري تعلقي کي ”سنڌ جو ويٽنام“ ۽ لاڙڪاڻي ضلع جي ڳوٺ ”آگاڻي“ کي چين جي صوبي ’هونان‘ سان ڀيٽيندي ”سنڌ جو هونان“ سڏيو ويندو هو. هارين ڪيتريون ئي تحريڪون هلايون، خاص ڪري اڌ بٽئي جي تحريڪ، ۽ انهن ۾ ڪاميابيون ماڻيون. نتيجي ۾ وڏيرن کي مجبور ٿي پنهنجن هارين کي اڌ بٽئي جو حق ڏيڻون پيو. ان جدوجهد دوران ميرپور بٺوري ۽ ڀرپاسي ڪيترائي اهڙا عوامي ڪردار پيدا ٿيا، جن اڳتي هلي قومي، انقلابي، جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ وڏو نالو ڪڍيو. انهن ۾ علي محمد پرويز، سيد عالم شاهه، شير خان لنڊ، علي محمد سوڍو، حاجي عباسي، محمد يوسف ڪيڙانو، رسول بخش ڏيٿو، ابو ملاح وغيره. ان سڄي جدوجهد ۽ انهن ڪارڪنن پيدا ٿيڻ ۾ سيد اڪبر شاهه جو ليڊنگ ڪردار ڪنهن کان ڳجهو نه آهي.
    سيد اڪبر جو جنم 1943ع ۾ دڙي لڳ ’ڳوٺ در ملوڪ شاهه‘ ۾ ٿيو، سندس والد سيد الهڏنو شاهه تر جو وچولي ڪلاس جو زميندار هو ۽ سندس بنگلو ”لکي محل“ جي نالي سان سڏبو هو. ٻيو اهڙو ”لکي محل“ بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٺهيل هو، جن سان سيد الهڏني شاهه جي مٽي مائٽي ۽ اچ وڃ هئي. سيد اڪبر شاهه شروعاتي تعليم، ڪانڌڙا، در ملوڪ شاهه ۽ دڙي ۾ ۽ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي، بي اي 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان خانگي طور پاسي ڪيائين، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس آيو. پاڻ 1962ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو ۽ 2003ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. سيد اڪبر شاهه دڙي ۾ 68-1967ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جي شروعات ڪئي، ان وقت سندس ٻين ساٿين ۾ ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ (اڳوڻو وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مرحوم نجم الدين ميمڻ، محسن عباسي، علي محمد پرويز ۽ سيد عالم شاهه وغيره هئا. سنڌي ادبي سنگت دڙو جي پليٽ فارم تان 1970ع ۾ دڙي ۾ عاليشان ”جشن لطيف“ ملهايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارين شخصيتن شرڪت ڪئي، ان جشن لطيف کي آرگنائيز ڪرڻ جو سهرو اڪبر شاهه جي سر هو.
    سيد اڪبر جون لکڻيون، شاعري ۽ نثر سٺ واري ڏهاڪي ۾ روح رهاڻ، بادل، مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون. اڳتي هلي عوامي تحريڪ جو ترجمان رسالو ”تحريڪ“ جاري ٿيو ته سندس شاعري، ڪهاڻيون وغيرهه ان ۾ ڇپجڻ لڳا. سيد اڪبر اڳتي هلي عملي سياست کان ڪنارا ڪش ٿي ويو، طويل جدوجهدن ۽ ان ۾ دوستن جي بي وفائين، انائن ۽ موقعي پرستين اڪبر شاهه کي تمام گهڻو ڏکارو ڪيو ۽ کيس ڄڻ ٽوڙي ڇڏيو. جنهن جو ذڪر پنهجي هڪ خط ۾ جيڪو سندس ڪتاب ”سارون ۽ سنڀارون“ ۾ ڇپيو آهي، هيئن ڪيو اٿس.
    ”آئون شاعر آهيان، وڌيڪ حساس ۽ جذباتي، يارن جون بي وفايون باهيون ٻارين ٿيون، ڦٽ ڦٿڪائين ٿا، سور ناسور آهن، ويساهه ٽٽل آهي، ڀيڻي بِلو نٿو سُجهي، واچوڙن ۾ اُڏامندڙ آهيان، هوائون پنهنجي پٺيءَ تي چاڙهيو ڀٽڪائينديون ٿيون وتن. ڪئين پوڄياسين. سن کان بخارا تائين وڃي نڪتاسين، چونڪه، چنانچه کان وٺي اصل تي وڊا ڏناسو، پر مڙيئي ٿيا خير.. رڳو ڦوڪون، سڀ جادوگر، سڀني وٽ ڪمال ڪاريگري، لفظن جي هيرا ڦيري ڳالهين جون هڙون پُٺن تي.“
    ڪيترائي سال اڳ سيد اڪبر جي لکيل مٿين لفظن جي اندر ۾ جيڪو درد ۽ ڪرڀ سمايل آهي ۽ جيڪا حالتن جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، اها اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي.
    سيد اڪبر نه رڳو بهترين تنظيم ڪار ۽ قومي ورڪر هو، پر هڪ سٺو شاعر ۽ بهترين نثر نويس به هو، سندس هڪ وائي ”جهانگياڻي اُٿي ڀر تون جهول، مَڪ پٽڻ جي مُند اچي ويئي،“ علڻ فقير، شيخ اياز جي وائي سمجهي ڳائي ۽ علڻ فقير جي جڏهن ان ڳايل وائيءَ واري ڪيسٽ رليز ٿي ته ڪيسٽ ڪمپنيءَ پاران ان وائيءَ جي سامهون شاعر جو نالو ”شيخ اياز“ ڏنو ويو. اها وائي، سيد اڪبر جي شعري مجموعي ”ڪرڪي ڪائي ڪونج“ ۾ ڇپيل آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ ڇپيو. ”ڪرڪي ڪائي ڪونج“ ۾ بيت، وايون، غزل، نظم، چئوسٽا وغيره شامل آهن. اهو مجموعو اسانجي يار قادر بخش طالباڻيءَ ڇپرايو، پر طالباڻي جي اَتڙائپ سبب ان ۾ سيد اڪبر جا ڪجهه نظم ۽ چئوسٽا اچڻ کان رهجي ويا. تنهن کانسواءِ ان ڪتاب ۾ هڪ سنگين غلطي اها ٿي، ان جي بيتن واري ڀاڱي ۾ غلطيءَ سان شاهه لطيف ڀٽائيءَ جا ٻه مشهور بيت ڇپجي ويا. طالباڻيءَ کان ته اها نظر چُڪ ٿي، پر ڪتاب جو مهاڳ لکندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي به انهن تي نظر پئجي نه سگهي.
    سيد اڪبر پنهنجي سڀاءَ ۾ بهترين طبيعت جو ڌڻي هو، پاڻ نثر ۾ به گهڻو ڪجهه لکيائين، پر ان مان گهڻو محفوظ رهي نه سگهيو ۽ جيڪو ڪجهه محفوظ رهيو، اهو مون وٽائنس هٿ ڪري، سهيڙي، ڪمپوز ڪرايو، جيڪو پوءِ ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ان ڪتاب جا پروف به گڏجي ڏٺاسين ۽ پاڻ ان لاءِ ليکڪ پاران به لکي ڏنائين، پر بدقسمتيءَ سان منهنجي ڪوشش هوندي به اهو ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگهيو، جيڪو پوءِ سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو.

    ”لفظ ڳالهائين ٿا“ ۾ سنڌ جي اهڙن عام ڪردارن تي لکيل خاڪا،پروفائيل ۽ مضمون شامل آهن، جن جون سنڌ جي تعليم، ادب ۽ موسيقيءَ ۾ اهم خذمتون آهن، پر هو سدائين گمنام رهيا. سيد اڪبر اهڙن ڪردارن تي لکي تاريخ جي ورقن ۾ کين سدائين جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. سندس اهو ڪتاب اهڙي ته مائيدار نثر ۾ لکيل آهي جو هنڌ ۽ سنڌ جي نالي واري ليکڪ ڊاڪٽر موتي پرڪاش ڪتاب پڙهي، ان بابت مونکي هڪ خط ۾ لکيو“، سيد اڪبر جي مضمونن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو، سندس لکڻي لاجواب، ڏاڍي پياري ۽ ڇڪيندڙ آهي“. ڪتاب جو مهاڳ سندس ئي سياسي استاد ۽ قومي ورڪر قاسم پٿر کان سندس ئي خواهش تحت لکرايم. سيد اڪبر پاران دوستن کي لکيل خطن ۽ سيد اڪبر ڏانهن دوستن جي لکيل خطن جو مجموعو به محترم قادر بخش طالباڻيءَ وڏي محنت ۽ محبت سان سهيڙي، ”سارون ۽ سنڀارون“ جي نالي سان ڇپرائي نه رڳو سيد اڪبر سان پنهنجي دوستيءَ جو حق نباهيو، پر سنڌي ادب ۾ خطن جي صنف ۾ اهم واڌارو ڪيو. انهن خطن ۾ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن، سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ ادبي معاملن وغيره تي بحث ٿيل آهي ۽ انهن بابت سيد اڪبر جي خيالن ۽ يادگيرين کي محفوظ ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ محترم شوڪت حسين شوري لکيو آهي، تنهن کانسواءِ قادر بخش طالباڻيءَ ئي سيد اڪبر تي لکيل دوستن جي مضمونن، تاثراتن ۽ سندس وفات کانپوءِ تڏي تي ايندڙ ساٿين جي ’تعزيت نامن‘ کي سهيڙي، ”هيرن جهڙو ماڻهو“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو. سچي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن محترم قادر بخش طالباڻي جي محبت، محنت ۽ جستجو شامل نه هجي ها ته سيد اڪبر جو گهڻو مواد هِتي هُتي رلي وڃي ها.
    سيد اڪبر سان منهنجي دوستي محبت، عزت ۽ احترام واري هئي، سيد اڪبر ئي مون کي سنڌي ادبي سنگت سان واقف ڪرايو ۽ سنگت دڙي جي مئل مڙهه ۾ ساهه وجهڻ ۽ ان جون ٻيهر سرگرميون شروع ڪرڻ ۾ سيد اڪبر وڏيون ڪوششون ڪيون، هو سنگت دڙي جي بنيادي ميمبرن مان هو. سيد اڪبر تحرير توڙي تقرير جو شاهه ڪاريگر هو، لفظ سندس وات مان ايئن نڪرندا هئا، جيئن تسبيح جا داڻا ورد ۾ هڪٻئي جي پويان ايندا آهن، جن به دوستن اڪبر جي ڪا لکڻي پڙهي آهي، يا تقرير ٻڌي هئي، سي سندس تحرير توڙي تقرير جا مداح بنجي ويا. سيد اڪبر کي لطيف سائين جو به سٺو مطالعو هو، سندس واتان لطيف سرڪار کي ٻُڌڻ جو سرور ئي پنهنجو هوندو هو ۽ ٻُڌڻ وارو شاهه لطيف جي شاعريءَ کي پنهنجي روح جي گهراين ۾ لهندو محسوس ڪندو هو.
    سيد اڪبر 27 جون 2003ع تي هيپاٽائيٽس جي موذي مرض سبب اسان کان وڇڙي ويو، هاڻ سندس فقط ڳالهيون آهن، جيڪي ڳائيندا رهنداسين.


      منٺار سولنگي: کاهوڙي ڪردار...!

    اها چار سال اڳ ارڙهين جنوري 2011ع جي صبح هئي، جڏهن ساجهر جو منهنجي موبائيل جي گهنٽي وڳي ته مون ننڊاکڙين اکين سان موبائل جي اسڪرين تي نظر وڌي ۽ خيال آيم ”اَلل وهاڻيءَ جو ملهار سنڌيءَ فون ڪئي آهي... خدا خير ڪري.“ فون آن ڪري ڪن تي رکيم ته ملهار سنڌيءَ چيو، ”سائين! ڏک جي خبر ٻڌايانوَ ٿو... پنهنجو دوست منٺار سولنگي رات گذاري ويو.“ ... خبر ٻُڌي منهنجا ئي ڇيهه ئي ڇڄي پيا. منٺار سولنگيءَ سان ڪو عام يا معمولي رشتو نه هو، ساڻس منهنجي دوستيءَ جو سفر، جدوجهد، محنت، محبت، روسامن، پرچائن، تعلقي ۽ لاتعلقيءَ وارو رشتو هو. پڇاڙيءَ ۾ سنگت جي حوالي سان ڪن معمولي غلط فهمين ۽ سندس جذباتي طبيعت هئڻ جي ڪري ٿورو وٿيرڪا به ٿي ويا هئاسين، پر غمي ۽ خوشيءَ ۾ هڪٻئي کي وساريوسين ڪونه. منٺار سولنگي سٺو شاعر، بهترين منتظم، کاهوڙي، دوستن جو دوست، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نئين ديري ۾ ادبي سرگرمين جو روح روان هئڻ سان گڏ انهن کي اسپانسر ڪندڙ به رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ته سنگت نئين ديري پاران ٿيندڙ پروگرام فقط منٺار سولنگيءَ جي مالي مدد جي سهاري ئي ٿي سگهيا، منٺار هٿ جو کليل، دستر خوان جو ڪشادو، اوطاقي دوست هو، سندس 42 سالن جي مختصر حياتي ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار رهي، جن کي هُن مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو.
    هڪ انسان هئڻ جي ناتي منٺار سولنگي ڪيترن ئي انساني گُڻن ۽ اوگڻن جو مالڪ رهيو، طبيعت ۾ جذباتي هئڻ سبب ڪڏهن ته سمنڊ جي لهرن جيان کليل ته ڪڏهن وري ڪا سوڙهي بند گهٽي لڳندو هو. اسان جي ويهن ٻاويهن سالن تي ٻڌل دوستي ڪڏهن ڪنهن سوناميءَ جيان هوندي هئي ته ڪڏهن وري بيٺل پاڻيءَ جيان خاموش. ڪڏهن ڪڏهن اسين سالن تائين هڪٻئي کان رُٺل ۽ لاتعلق رهندا هئاسين ته ڪڏهن وري ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، جيئن من ماروءَسين. اسان جي دوستي هڪ مقصد تحت پهرين خط و ڪتابت سان شروع ٿي، پوءِ هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ سبب ذاتي تعلق ۾ بدلجي ويئي، اسان هڪٻئي کي لاتعداد خط لکيا، جن مان اڪثر مون وٽ محفوظ آهن. آئون وٽس نئين ديري ايئن ويندو هوس، ڄڻ پنهنجي ئي گهر پيو وڃان. اسان هڪ مقصد تحت سڄي سنڌ جو ڪيترائي ڀيرا گڏجي دورو ڪيو ۽ پنهنجي سٿ ۾ ڪيترن ئي دوستن جو واڌارو ڪيوسين، انهن ۾ غلام نبي ناشاد، ايس- جي ڀاڳيا، الطاف عاصي، نعيم شيخ، محمد علي پٺاڻ، محمد علي ماجد، جاني اسحاق ملاح، سائين بخش رند، واجد، ملڪ آگاڻي، پرويز، مهدي شاهه، سلطان شاهه، منير سولنگي، سانوڻ سنڌي، اسد ڪيريو، فدا سنجراڻي، خليل عارف سومرو، احمد ميمڻ، اختر درٻيلائي، صفر ڪلهوڙو، عبدالڪريم سومرو، شبير سيال، سارنگ سهتو، ستار نظاماڻي ۽ انيڪ دوستن جا نالا هينئر منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيا آهن. اڳتي هلي اهو سلسلو هڪ وڏي قافلي ۾ بدلجي ويو، انهن سڀني دوستن جي محنت ۽ هڪ مقصد تحت ڪيل جدوجهد جي ڪهاڻي هڪ ڊگهي مضمون جي تقاضا ٿي ڪري يا انهن ساروڻين کي قلمبند ڪجي ته هڪ چڱو موچارو ڪتاب جُڙي پوي. اها جدوجهد سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي صحيح رُخ ۾ وٺي وڃڻ، ان جي اڪيڊمڪ ۽ ترقي پسند ڪردار کي وڌائڻ ۽ ان مٿان حاوي هڪ مخصوص سوچ/گروهه جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ جي هئي.
    ڊاڪٽر شمس سومرو مرحوم، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ آئون ان ئي جدوجهد جي نتيجي ۾ سنگت سنڌ جا سيڪريٽري جنرل چونڊياسين. گذريل نون سالن کان سنگت سنڌ جي ڪريڊٽ تي جيڪي ڪم آهن، يعني سنگت پبليڪيشن جا ٽيهارو پرچا، 25 سنڌي ۽ اردو ڪتاب، سنگت پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ۽ مختلف اشوز تي جدوجهدون، پروگرام، ايوارڊ تقريبون، سنگت جي آفيس جي اڏاوت ۽ ٻيا انيڪ ڪم، جن جا خوابَ مون مٿين دوستن سان گڏجي ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان واسطي جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ ان جي ئي نتيجي ۾ سنگت جي 1992ع وارين مرڪزي چونڊن ۾ منٺار سولنگي وڏي اڪثريت سان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، جڏهن ته اسان جي ئي پينل مان غلام نبي ناشاد خزانچي ۽ نعيم شيخ آڊيٽر چونڊيا. هت هڪ ڳالهه آئون رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته سنگت جي آفيس جي قيام جي سلسلي ۾ پهريون ڀيرو آواز اسان دوستن ئي 1992ع ۾ سنگت جي چونڊ مهم جي دوران اٿاريو ۽ سنگت جي آفيس جي قيام کي پنهنجي چونڊ منشور جو حصو بنايو ۽ پوءِ اهو آواز ايترو ته سگهارو بنجي ويو، جو نيٺ مختلف مرحلن مان گذرندي سنگت جي آفيس قائم ٿي.
    منٺار سولنگي پنهنجي ٻن سالن جي عرصي ۾ حد کان وڌيڪ سرگرم رهيو، کيس اهو به ڪريڊٽ حاصل آهي ته هن لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سنگت مرڪز جي پليٽ فارم تان شايان شان نموني شام ملهائي. اسان دوستن جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾ ئي 1994ع ۾ سنگت جي چونڊن ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو مرحوم سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. ڊاڪٽر شمس سومري جهڙي سنجيده ماڻهوءَ جي چونڊ خود سنگت جي علمي ۽ ادبي معيار کي وڌائڻ جو ڪم ڏي ها، پر ڪجهه دوستن هن شريف ماڻهوءَ جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو، (ان هُل ۾ حيدرآباد جي هڪ اخبار جي نيوز ايڊيٽر ڊاڪٽر شمس جي خلاف باقاعده رٿابنديءَ مان مهم هلائي) نتيجي ۾ ڊاڪٽر شمس سومري، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ ڊاڪٽر شمس جي اها استعيفيٰ سندس غيرموجودگيءَ ۾ ڪيئن منظور ڪئي وئي، ان جو داستان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڪجهه سال اڳ هڪ ماهوار رسالي کي ڏنل پنهنجي انٽرويوءَ ۾ بيان ڪري چڪو آهي. ائين سنگت ۾ ڊگهو گهوٽالو شروع ٿيو، نيٺ 1996ع ۾ سنگت جون مرڪزي چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ منٺار سولنگي، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي چونڊ وڙهيو ۽ حاوي ڌر جي روايتي هٿڪنڊن سبب ٻن ٽن ووٽن تان هارايائين، پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن سنگت جي سرگرمين کان پاسيرو ٿيو، جيئن اڪثر هارايل دوست ڪندا آهن.
    منٺار سولنگي بنيادي طور تي شاعر هو، سندس تخليق ڪيل شاعري ٻن ٽن مجموعن جيتري ٿيندي. منٺار، وڏن سان گڏ ٻارن لاءِ به ڳچ شاعري ڪئي، انهن مان چونڊ شعرن جو مجموعو ”آئون به جيڪر پڙهڻ وڃان ها“، 2006ع ۾ مون ”سچائي اشاعت گهر“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو، منٺار جو ٻيو ڪتاب ”نئين ديري جا نوان ۽ پراڻا ورق“ ۾ 150 صفحن کان به وڌيڪ، نئين ديري جي اديبن ۽ شاعرن جي تذڪري تي ٻڌل هو، جيڪو پاڻ ڪجهه واڌارن ۽ سڌارن سان ڌار ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو خواهش مند هو، منٺار سولنگيءَ جي مرحوم واجد سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي ۽ ساڻس ڪافي خط و ڪتابت به ڪئي هئائين، منٺار انهن خطن ۽ واجد سان گهاريل گهڙين تي مشتمل ڪتاب پڻ لکيو هو، جنهن جون ڪجهه قسطون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ سنڌي رسالي ۾ ڇپيون هيون، منٺار جي خواهش هئي ته سندس اهو ڪتاب جلد اچي. تنهن کانسواءِ منٺار ڪيترائي مضمون، اڀياس ۽ پروفائيلس به لکيا هئا، جيڪي پڻ مختلف رسالن ۾ ڇپيا، مٿينءَ ادبي ڪم کانسواءِ منٺار سولنگي، جڏهن حسين بخش ناريجي سان گڏ ڌاڙيلن جي هٿان اغوا ٿيو هو ۽ ٽي مهينا ڌاڙيلن جي قبضي ۾ رهڻ کانپوءِ ڀُنگ ڀري آزاد ٿيو هو ته اهو احوال پڻ لکيو هئائين.
    منٺار سولنگيءَ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند عزيزم ڪاشف سولنگيءَ مونکي ٻڌايو هو ته منٺار جو شعري مجموعو ڇپائڻ جي لاءِ ڪنهن دوست کي ڏنو اٿس ۽ ٻڌايو هئائين ته اهو جلد ايندو، پر افسوس جو چار سال گذري وڃڻ کانپوءِ به اهو اچي نه سگهيو آهي. منٺار هر دوست جا خط سنڀالي رکندو هو ۽ اهڙن خطن جا ڪيترائي فائل وٽس موجود هئا. خود منهنجي ۽ منٺار جي وچ ۾ خط و ڪتابت هلندي هئي، منهنجي فائيل ۾ منٺار جا سؤ سوا سؤ کن خط موجود آهن ۽ ٿي سگهي ٿو منهنجا پڻ ايترائي خط منٺار جي فائيل ۾ موجود هجن، جيڪڏهن انهن خطن کي ترتيب ڏيئي ڇپائجي ته ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ اسان دوستن جي جدوجهد جا ڪيترائي پهلو تاريخ جو حصو بنجي ويندا. منٺار وٽ هزارين فوٽن جو پڻ ذخيرو هو.
    منٺار سولنگي هڪ دلبر دوست هو، اڄ جڏهن هو اسان ۾ موجود نه آهي ته سندس رڳو ڳالهيون ۽ ساروڻيون ئي آهن ۽ ان سان گڏ سندس علمي ۽ ادبي سرگرمين جي ياد، جن نئين ديري ۽ سڄي سنڌ تي پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ منٺار پنهنجي ان ڪردار جي ڪري سدائين ياد رکيو ويندو.


      تون ياد وري آئين!

    اڄ مونکي الائجي ڇو مشتاق ڀرڳڙي ياد اچي ويو، شايد اُن جو سبب هيءَ به آهي ته هڪ هلڪي ڦلڪي جسماني تڪليف جي ڪري ، منهنجو گهڻو وقت بستري تي ليٽي گذرندو آهي ۽ شايد مونکي مشتاق ڀرڳڙي ان ڪري به ياد آيو ته هينئر آئون وانڌو آهيان ۽ وانڌي ماڻهوءَ وٽ سوچڻ ۽ پراڻيون ساروڻيون سارڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي ڪهڙو هوندو آهي، ها البت اهو آهي ته ٻه چار ڏينهن اڳ ڪتاب ڦلهوريندي منهنجي اڳيان مشتاق ڀرڳڙيءَ جا چارئي ڪتاب ائين ظاهر بيهي رهيا، ڄڻ انهن کي ان ڳالهه جو اوسيئڙو هو ته آئون ڪتاب ڦلهوريان ته هو پنهنجي موجودگيءَ سان مونکي مشتاق جي ياد ڏيارين.
    مشتاق ڀرڳڙي مونکي ان ڪري به ياد آيو ته هو مونکي وسري ويو هو، هتي ته جيئرن کي به ڪير ياد نٿو ڪري، سو مرحومين کي ڪير ياد ڪندو ۽ اهو مرحوم وري دوست به هجي، اديب به هجي، ان سان ويجهڙائپ به رهي هجي. البت کيس وسارڻ کان اڳ مٿس هڪ ڀرپور ليک لکي، کيس لفظن جون مالهائون پارائي، ساڻس پنهنجي دوستي، قربن ۽ ويجهڙائپ جون ڳالهيون لکي، ڪٿي اهو ليک ڇپائي ڇڏجي. جيئن وقت ضرورت ڪم اچي، جو جيڪڏهن اتفاق سان ڪڏهن ڪو سندس چريو کريو دوست ڪڏهن ڀلجي سندس ورسي ملهائي ته ان ليک جي آڌار تي اها دعويٰ ڪري سگهجي ۽ ان ورسيءَ واري تقريب ۾ مرحوم جي ويجهي هئڻ جي ناتي ان پروگرام جي صدارت ڪري سگهجي يا خاص مهان جي ڪرسي والاري سگهجي. سو مون به جڏهن مشتاق ڀرڳڙي گذاري ويو هو ته مٿس هڪ تاثراتي ليک لکي ڇپرايو هو. ان کان علاوه ”سنگت پبليڪشن“ جي شروعاتي ستن پرچن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي چونڊ”پوپٽ جهڙو پيار“ ڇپائي، سندس نالي ان ڪتاب جي ارپنا ڪري، پوءِ کيس ائين وساري ڇڏيم. جيئن ساڻس پاڇي وانگر هلندڙ سندس دوستن کيس وساري ڇڏيو.
    مشتاق ڀرڳڙي ڏاڍو جذباتي ماڻهو هو ۽ ان سان گڏ منهن تي ڦهڪائي ڏيندڙ به. هروڀرو متفقين مان به نه هوندو هو، ڳالهه ڳالهه تي بحث ڪندو هو، دليل ڏيندو هو ۽ پوءِ جڏهن ڳالهه سمجهي ويندو هو ته اهڙو دوست بنجي ويندو هو، جو صفا ادا فدا. پر وري ، جيئن مٿي چيم ته جذباتي به هو، سو جي ڪنهن دوست ۾ ڦند ۽ ڦير ڏسندو هو ته ان کي منهن تي چئي ڏيندو هو، جنهن سبب ڪافي دوست ناراض به ٿيس، هڪڙي ڀيري الائجي ڪهڙي ڳالهه تان ڀري محفل ۾ مرحوم منٺار سولنگي کي چئي ڏنائين ته ”نالو ته من_ٺار اٿئي، پر تو ۾ دل ٺارڻ واري ڪابه ڳالهه ڪونهي.“ جيڪا ڳالهه منٺار کي اهڙي ته لڳي، جو مرحوم جيڪو هروڀرو ڪنهن کي جهل ئي نه ڏيندو هو، سو محفل ۾ اهڙو ته چُپ ٿيو جو وري نه ڳالهايائين.
    مشتاق ڀرڳڙيءَ سان منهنجو واسطو سنڌي ادبي سنگت جي ڪري ٿيو، پوءِ اسين 2000ع جي چونڊن ۾ گڏجي بيٺاسين، آئون سيڪريٽري جنرل تي ۽ مشتاق ڀرڳڙي آڊيٽر تي. اسان ڪيترن ئي ضلعن جو گڏيل دورو ڪيو، ان وقت اڃا سنگت ۾ نه ڪار ڪلچر حاوي ٿيو هو، نه موبائلون هيون. اسان سخت موسم ۾ اهو دورو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڪيو، اليڪشن واري ڏينهن ڪجهه دوستن جي سازشن کي اسان جو دوست منٺار سولنگي سمجهي نه سگهيو(سندس فارم جيڪو جوائنٽ سڪريٽري تي هو، سو هڪ سازش تحت رد ڪيو ويو هو، بهرحال اهو هڪ وڏو قصو آهي )۽ اسان دوستن سان صلاح مشوري کان سواءِ بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيائين، جنهن ڪري اسان کي ڄڻ کٽيل چونڊ مان هٿ ڪڍڻا پيا، نتيجي ۾ ٻي ڏينهن کان سنگت ڄڻ غير اعلانيه طور ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. سنگت کي پوءِ گڏڻ جو ڪم سنگت جي سينئر ساٿي محترم حاجي عبدالله شاد جلباڻيءَ ڪيو، حاجي شاد صاحب جي شخصيت جو اهو ڪمال هو، جو هن ٻنهي گروپن کي هڪ هنڌ ويهاري سنگت کي بچائي ورتو. بهرحال ڳالهه پي ڪيم مشتاق ڀرڳڙيءَ جي ته، جي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ٿئي ها ته مشتاق ڀرڳڙي سنگت سنڌ جو مرڪزي آڊيٽر چونڊ جي وڃي ها.
    انهن چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هو، تنهن مونکي سخت مايوس ڪيو ۽ مون عملي طور تي سنگت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو هو، پوءِ جڏهن 2006ع جي چونڊن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بيٺو ته مونکي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي حمايت تي راضي ڪرڻ وارا ٻه ماڻهو هئا، يعني : مشتاق ڀرڳڙي ۽ منٺار سولنگي. ٻنهي دوستن مونکي راضي ڪرڻ لاءِ وڏا بحث ڪيا. چونڊن ۾ منٺار سولنگي ته پنهنجو ڪرايو ڀاڙو ڪري لاڙڪاڻي مان ڪائونسلرن جي ڪوسٽر ڀرائي آيو ته مشتاق ڀرڳڙي وري دادو مان ڪيترن ئي ووٽرن جا ڀاڙا خرچ ڀري کين ووٽ ڏيارڻ لاءِ وٺي آيو. دوستن جي محنتن سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اها چونڊ کٽي ۽ سنگت جو نئون دور شروع ٿيو، ان سڄي عرصي دوران مشتاق ڀرڳڙي سنگت لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ جڏهن سنگت پبليڪشن کي جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته اها ذميواري منهنجي مٿان رکي وئي، سنگت جي هريڙ ۾ ته ڪجهه هو ئي ڪو نه، پوءِ اها پبليڪيشن مون ڪيئن جاري رکي، اهو هڪ وڏو قصو آهي، ان وقت اڃا اڪاڊمي اديبات پاڪستان، پبليڪيشن لاءِ سالياني پنجاهه هزارن جي گرانٽ به نه ڏيندي هئي.ايڊيٽوريل بورڊ ۾ مشتاق ڀرڳڙي کي به کنيو ويو، ٻيا دوست به بورڊ تي کنيا ويا، پر جڏهن پبليڪيشن ڇپائڻ لاءِ ٻين مرڪزي عهديدارن ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن اڳيان صدا هنئسين ته ڪنهن به هٿ نه وڌايو، پر هٿ وڌايو ته مشتاق ڀرڳڙيءَ. پبليڪيشن جي شروعات مشتاق ڀرڳڙي جي مالي مدد سان ٿي، نه رڳو اهو پر پاڻ ڪافي هنڌن تي وڪري جي ذميواري به کنيائين ۽ نڀائين، ان وقت دوستن جو هڪٻئي ۾ ڀروسو به هو ته ڪم ڪرڻ جو جذبو به، ان ڪري پبليڪيشن به جاري رهي ته سنگت جون ٻيون سرگرميون به. سنگت اڃا ماٺار ۾ نه وئي هئي!

    مشتاق ڀرڳڙي سٺو منتظم به هو ته پبلشر به هو ته وري قدردان به، سندس انتظام ۽ نظرداريءَ ۾ سنگت دادو جي پليٽ فارم تان ڪيترائي سٺا پروگرام ٿيا، جن مان ڪيترن ۾ مونکي پڻ سڏايائين، انهن پروگرامن ۾ سڀني دوستن کي گڏ ويهڻ جو موقعو ملندو هو. پبلشر جي حيثيت سان پاڻ ’رم جهم پبليڪيشن‘ قائم ڪري ڪجهه ڪتاب ڇپائڻ سان گڏ، رم جهم پبليڪيشن جا به ڪيترائي پرچا شايع ڪيائين. منهنجي خيال ۾ انهن پرچن جو تعداد اٺ آهي. پاڻ مرحوم آثم ناٿن شاهيءَ جو وڏو مداح هو، سندس هڪ شعري مجموعو پنهنجي ئي خرچ تي رم جهم پبليڪيشن پاران ڇپرايائين ۽ هڪ مجموعو سندس ئي ڪوششن ۽ وٺ پڪڙ سبب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو، جنهن جو بئڪ ٽائٽل مشتاق ڀرڳڙي ئي لکيو.
    مونکي مشتاق ڀرڳڙي ان ڪري به ياد آيو جو هو ننڍي وهيءَ ۾ گذاري ويو، لڳ ڀڳ 33 سالن جي زندگي الله طرفان هن دنيا ۾سندس حصي ۾ آئي هئي ۽ اُن زندگيءَ جو شعوري عرصو هو ڏاڍو سرگرم رهيو، هن 1990 ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مسلسل لکندو رهيو، سندس ڪريڊٽ تي ٻه ڪهاڻي ڪتاب پاڇي (1999ع)۽ سفر (2004ع) هڪ تنقيدي ليکن جو ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا ( 2005ع) ۽ نثري نظمن جو مجموعو ”ائين ئي جيئندا رهون ٿا“، جيڪو سندس وفات کانپوءِ ڇپيو. تنهن کانسواءِ ذوالفقار گاڏهي جي ترتيب ڏنل ڪتاب”موکيءَ مٽ اُپٽيا“ ۾ به سندس نثري نظم شامل آهن، مشتاق ڀرڳڙي بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار هو، باقي ٻين صنفن ۾ ته رڳو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو هو، جيئن اسين سڀ ڪندا آهيون، مشتاق جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڪافي سگهاري نوعيت جون آهن، باقي مشتاق ڀرڳڙي جي ڪهاڻين جي مُلهه ڪٿ نه ڪو سنڌي ڪهاڻي تي ٿيسز لکندڙ ئي ڪري سگهي ٿو.
    مشتاق ڀرڳڙي مونکي شدت سان ان ڪري به ياد آيو ته سندس ڪتاب ”پاڇي“ جا ورق ورائيندي منهنجو نظرون سندس لکيل پنهنجي پاران ۾ هنن سٽن تي ڄمي ويون: ”آئون پوري ايمانداري ۽ سچائي سان اهو اعتراف به ڪيان ٿو ته مون اڄ تائين جيڪو ٿورو يا گهڻو لکيو آهي، اهو ڪنهن تي ٿورو ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيو آهي، آءٌ انهن وڏن اديبن جيان اها لٻاڙ به ڪونه هڻندس ته ڪو مون قوم، ٻولي ۽ ڌرتي جو قرض لاهڻ لاءِ لکيو آهي، بلڪه آئون اعتراف ٿو ڪريان ته مون جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو پنهنجي ذات جي سئٽسفڪيٽس لاءِ لکيو آهي، ۽ لکڻ مون لاءِ هڪ وڏي پناهه گاهه پئي رهيو آهي.“
    آئون مشتاق ڀرڳڙي جي لفظن ۾ اهو واڌارو ڪندس ته جيڪي قوم، ملڪ ۽ ٻوليءَ جي خدمت جون دعوائون ڪن ٿا، انهن جا ڪشڪول سدائين ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ گورنمنٽ جي اڳيان اُڀا هوندا آهن. مونکي مشتاق ڀرڳڙي ان ڪري به ياد آيو ته ايندڙ مهيني 18 جولاءِ تي سندس ورسي آهي ۽ منهنجا هي لفظ شايد کيس وساري ڇڏيندڙ ۽ ماٺار ۾ پيل ’سنگت‘ کي ان ڳالهه تي آماده ڪن ته هو سندس ياد ملهائين.
    مشتاق ڀرڳڙيءَ جي حوالي سان آئون اوشو جي لفظن کي ٿوري ڦير گهير سان ورجائيندس ته ’هو 18 سيپٽمبر 1974 ع تي هن دنيا ۾ آيو ۽ 18 جولاءِ 2007ع تي وري اڳتي سفر لاءِ روانو ٿي ويو.‘


      سون سَريکو ماڻهو: سيد عالم شاهه

    سيد عالم شاهه جي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مونکي جن ٻن ڳالهين مٿس لکڻ جي لاءِ اُتساهيو، انهن مان پهرين سندس سياسي ڪمٽمينٽ ۽ ٻي هن پاران پنهنجي اولاد جي ڪيل سهڻي تربيت. عالم شاهه خوشنصيب آهي ته هن جون ڌيئرون ۽ پُٽ نه رڳو سياسي شعور سان مالامال آهن، پر هو سٺي تعليم حاصل ڪري پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ مڃتا ماڻي رهيا آهن، سنڌ ۾ تمام گهٽ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنهنجي اولاد جي اهڙي سُٺي تربيت ڪئي آهي ۽ انهن کي سٺي تعليم ڏياري آهي، ان حوالي سان سيد عالم شاهه هڪ ڪامياب ۽ ذميدار پيءُ ثابت ٿيو.
    سيد عالم شاهه سياسي شعور سنڀالڻ کان پوءِ جن ساٿين سان سياسي طور تي سلهاڙيو، هن جنهن پارٽي ۽ نظريي کي صحيح سمجهيو، اڄ ڏينهن تائين ان ئي پارٽيءَ، ان ئي نظريي ۽ انهن ئي ساٿين سان سلهاڙيل آهي، ان عرصي ۾ گهڻائي لاها ۽ چاڙها آيا، سياسي ڀڃ ڊاهه ٿي، نظرين چولا بدلايا، نظرين جي چولن بدلائڻ تي ماڻهن خسيس مفادن جي حصول لاءِ پنهنجا رهبر ۽ پارٽيون بدلايون، ۽ اهي دوست جن جي صحبت ۾ اچي سيد عالم شاهه سياسي ۽ نظرياتي واٽ ورتي، انهن مان به ڪيترائي ٿڪي ۽ مايوس ٿي ويهي رهيا يا ڪن وري سياسي واٽ بدلائي ڇڏي، پر سيد عالم شاهه ورچي نه ويٺو، جتي تو ڇڏيون، اتي ئي آهن، وانگر رهيو ۽ رهندو پيو اچي ۽ نه رڳو رهندو پيو اچي، پر باقاعده سرگرم به آهي. ان سياسي ۽ نظرياتي واٽ ۾ سيد عالم شاهه جيل به ويو، چونڊن ۾ به بيٺو، جهر جهنگ جاڳيو، ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي ۽ واهڻ واهڻ ويو. نه رڳو سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به وڃي پنهنجا هم خيال دوست ۽ ساٿي تلاش ڪيائين ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ ۽ پنهنجي حقن جو شعور پيدا ڪيائين، پاڻ تي آرام حرام ڪيائين، سون تي ڪڏهن به هرکي پنهنجا سيڻ نه مٽايائين.
    سيد عالم شاهه جو جنهن طبقي سان واسطو آهي، اهو ابن الوقت، پنهنجي سياسي ڪمٽمينٽ ۾ بنهه ڪچو، گيدي، هر دور جي حڪمران طبقي جو سلامي، سُون تي سيڻ مٽائڻ وارو ۽ عوام دشمن رهندو پيو اچي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان وڏيرڪي طبقي مان ڪجهه املهه ماڻڪ ۽ هيرا موتي پڻ پيدا ٿي پوندا آهن، سنڌ ۾ انهن ايڪڙ ٻيڪڙ املهه ماڻڪن مان سيد عالم شاهه به هڪ آهي، جنهن جو ڪردار عوام دوست ۽ ڌرتي دوست رهيو آهي، جنهن عوام دشمني، ڌرتي ۽ قوم دشمني نه ڪئي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته سيد عالم شاهه جو پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ذهن ۽ ضمير مطمئن آهي، سالگرهه واري اُن تقريب ۾ جڏهن سيد عالم شاهه چيو ته ”آئون سيد هئڻ جي ناتي پير ۽ مرشد ۽ سياست ۾ هئڻ جي ڪري، فائدن وٺڻ تي اچان ها ته ارب پتي نه ته ڪروڙ پتي ضرور بڻجي پي سگهيس.“ ته مونکي سندس اُن ڳالهه سان سؤ سيڪڙو اتفاق ڪرڻو پيو، واقعي به سيد عالم شاهه ٿورو پٽڙي تان لهي ها، ٿاٻو کائي ها، ٿورو اکيون پوري ها ته الائجي ڪٿي وڃي پهچي ها، پر سيد عالم شاهه انهيءَ جي اُبتڙ بهادر، عوام دوست ۽ ترقي پسند خيالن جو رهندي، پنهنجي ڪِلي تي مضبوط بيٺل رهيو، جيڪا ڳالهه سندس سچائي، ايمانداري ۽ ڪمٽمينٽ جو روشن مثال آهي.
    گذريل صديءَ جي سٺ، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ ٺٽي ضلعي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ عوامي سياست، اڌ بٽئي تحريڪ ۽ هارين جي حقن جي جدوجهد جي دوران ڪيترائي ڪردار اُڀري آيا ۽ انهن ڪردارن مذڪوره جدوجهدن جي ميدان ۾ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ اهڙا ته سوجهرا پيدا ڪيا، جو انهن ڪردارن تي لکجي ته جڳ مشهور روسي ناولن جهڙوڪ: جب کيت جاگي، پهاڙون ڪي بيٽي، دارو رسن ڪي آزمائش، قافله شهيدون ڪا ۽ چراغ جلتا رها وغيره جهڙا ڪيترائي شاهڪار ناول سرجي پون. اهي ڪردار نه رڳو پاڻ اڪيلي سر پر پنهنجن سڄي ڪٽنب، ڀائرن، ڀائٽن، ڌيئرن ۽ پُٽن سميت جدوجهد جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. اهڙن ڪردارن ۾ قاسم پٿر، سيد اڪبر شاهه، شير خان لنڊ، ابوبڪر لنڊ، علي محمد پرويز، محمد يوسف ڪيڙانو، علي محمد سوڍو، ڏاڏا قادر رانٽو، ساٿي جبل ڏيٿو، پنهون زنئور، غلام حسين شورو، محمد بخش راهو، مرحوم نجم ميمڻ، حاجي عباسي، زٽو رنگيزو، غلام حسين سولنگي، عبيدالله سميجو، الهه جڙيو سميجو، ڪاڪا ايوب منڇري، ڪامريڊ ابو ملاح ۽ ٻيا انيڪ نالا آهن، جن جي ادا ڪيل ڪردار ۽ جدوجهدن جي پويان سنڌي پورهيتن، هارين، نارين، مزدورن، ڪمين ۽ ڪاسبين جي خوشحالي، سُک ۽ سلامتيءَ جا خواب هئا، اهڙا خواب فقط اهي ئي ماڻهو ڏسي سگهن ٿا ۽ انهن جي ساڀيان واسطي فقط اهي ئي ماڻهو جدوجهد جي ميدان ۾ لهندا آهن، جن جي اندر ۾ بي چيني هوندي آهي، جن جا ذهن ۽ ضمير صاف هوندا آهن، جن جو اندر حساس ۽ ڪنئرو هوندو آهي، جيڪي ٻين جا ڏک، ٻين جا درد ۽ ٻين جون تڪليفون سهي ۽ ڏسي نه سگهندا آهن، اهي کين جهوريندا آهن ۽ انهن جي ڏکن ۽ پيڙائن جي خاتمي لاءِ، انهن جي هپاڻيل ۽ مُرجهايل چهرن تي مُرڪون وکيرڻ لاءِ، انهن انگ اگهاڙن جي تن ڍڪڻ لاءِ، مٿانئن ڪوٽ ڪڙولا لاهڻ لاءِ پنهنجا سک ۽ آرام، آسائشون ۽ سهولتون ڇڏي ڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو انسانيت جو معراج هوندا آهن ۽ تاريخ سدائين اهڙا ئي ماڻهو ٺاهيندا آهن، پر آئون ته اهو چوندس ته تاريخ اهڙن ماڻهن جي محتاج هوندي آهي.
    مون ۾ جڏهن ادبي ۽ سياسي شعور سرجڻ شروع ٿيو ته ان وقت مونکي جيڪي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ جي لاءِ مليا، انهن ۾ هڪ رسالو ”تحريڪ“ به هو، ان جو ايڊيٽر سيد عالم شاهه هو. رسالا ته ٻيا به گهڻائي نڪرندا هئا، پر تحريڪ رسالي جو پنهنجو هڪ ڌار نقطه نظر هو، منجهس جيڪو مواد ڇپجندو هو، اهو حب الوطنيءَ جا درس ڏيندو هو ۽ ذهنن جي آبياري ڪندو هو، تحريڪ ۾ ڇپيل مواد ۾ عوام دوست نقطه نظر جي ترجماني هوندي هئي، تحريڪ ۾ ڇپيل سياسي تجزين، ڪهاڻين، شعرن، مضمونن ۽ خطن جي هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ لفظ منهنجي ذهن جي بند ٿيل تاڪين کي کڙڪائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ انهن تاڪين کلڻ شروع ڪيو ۽ مستقل ۾ منهنجي لاءِ فڪري ۽ ادبي واٽ تعين ڪرڻ ۾ تحريڪ جي مواد رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو.
    وقت گذرڻ سان گڏ سيد عالم شاهه ۽ سندس جهڙن ٻين انيڪ ڪردارن سان ملڻ جلڻ ٿيو، بحث مباحثا ٿيا ته ڳالهين کي سمجهڻ ۽ وڌيڪ سکڻ جو موقعو مليو، ان وقت جي سياسي ماحول ۾ مون جهڙن ڪيترن ئي دوستن کي اهڙن ڪردارن گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو انهن جي رهنمائي ۽ رهبريءَ ۾ اڳتي وڌيا، مونکي هتي اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ آيل سياسي سجاڳيءَ ۾ سيد عالم شاهه پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ايمانداري ۽ خلوص سان ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اسان سڀني جي دلين ۾ سيد عالم شاهه لاءِ عزت ۽ احترام وارا جذبا آهن ۽ کيس ”سرخ سلام“ ڪندي اطمينان پيو ٿئي.


    اٽلتا جو اهڃاڻ: ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه

    روسي ليکڪ بورس پوليوائي جي ناول ” اسٽوري آف اي ريئل مين“ جي ڪردار پائلٽ اليڪسئي، جنهن همت، جرئت ۽ مڙسيءَ سان برفاني ميدان پار ڪيو ۽ تنهن کانپوءِ هن جنهن نموني پنهنجي پيرن کان محروم هئڻ جي باوجود به جهاز اڏائي، جرمنيءَ جي جهازن سان جهيڙيو ۽ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا، سو نه رڳو بهادري ۽ جرئت جو هڪ انوکو واقعو آهي، پر ارادي جي پختگي، اٽلتا ۽ پنهنجي مقصد سان لگن ۽ سچو رهڻ جو شاندار مثال آهي. هڪ اهڙوئي ٻيو ڪتاب ”پيٽرز پال ريڊ“ جو لکيل آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ محمود مغل ”اسين جيئرا آهيون“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. اهو ڪتاب حياتي ۽ موت جي وچ ۾ جهيڙي جو هڪ نئون رُخ ڏيکاري ٿو. جهاز جي برف جي وادي ۾ تباهي کانپوءِ، ان جي بچي ويل مسافرن برف جي دوزخ ۽ يخ بِسته سرديءَ ۾ ٻاهتر ڏينهن جنهن طريقي سان گذاريا. هر وقت آس ۽ نراس، موت ۽ حيات جي وچ ۾ هئڻ، انساني آباديءَ تائين پهچڻ جي جستجو ڪرڻ ۽ پاڻ کي جيئرو رکڻ جي لاءِ مري ويل ماڻهن جو گوشت کائڻ جهڙا دل ڪنبائيندڙ واقعا پڙهندي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، سا اها ته انسان جي همت، حوصلي، مڙسي ۽ جدوجهد جي اڳيان هماليا جي به ڪا حيثيت ناهي. ٻنهي سچن واقعن تي لکيل اهي ڪتاب پڙهي ماڻهوءَ جا حوصلا بلند ٿي وڃن ٿا. آئون جڏهن به مايوس ٿيندو آهيان ته پاڻ کي ان مايوسيءَ مان ڪڍڻ لاءِ انهن ٻنهي ڪتابن جو سهارو وٺندو آهيان. بورس پوليوائي جي ناول جو سنڌي ترجمو ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ جي نالي سان ٿي چڪو آهي، جيڪو نامياري ليکڪ پرويز ڪيو آهي.
    مٿيان ڪردار ته ڪتابن جي زينت بنجي ويل آهن، پر ڇا اوهين اهو تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو ئي اڏول ۽ باهمت ڪردار اسان وٽ پڻ موجود آهي، جنهن پنهنجي جسماني معذوريءَ جي باوجود به ڪڏهن به مايوسي، پريشاني ۽ ويڳاڻپ کي پنهنجي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو آهي. اوهين جيڪڏهن مايوس آهيو، پريشان آهيو، ويڳاڻا آهيو، ڏکارا آهيو ۽ دنيا جي هڻ هڻان مان بي زار ٿي چڪا آهيو ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ ان مهل وري اوهين لاشعوري ۽ شعوري طور تي هن جي زندگيءَ جو تصور ڪريو ته هو ڪيئن نه همت، مڙسي ۽ بهادريءَ سان پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي ته يقيناً اوهان کي اُتساهه ملندو ۽ مايوسي اوهان کان هٽي پري ٿي بيهندي، پر جيڪڏهن اوهين سجاول هن سان ملڻ وڃو ٿا ته سندس گهر ۾، سندس ڪمري ۾ گهڙڻ مهل پنهنجون سڀ مايوسيون، پريشانيون ۽ محروميون ٻاهر ڦٽيون ڪري پوءِ ئي اندر گهڙجو، پر جيڪڏهن اوهان کان اهي سڀ ٻاهر ڦٽيون ڪرڻ وسري به وڃن ۽ اوهين ساڻس ملي، سندس گهر مان ٻاهر نڪرندا ته پڪ ئي پڪ اوهان پنهنجو پاڻ سان، زندگيءَ سان ڀرپور پيار محسوس ڪندا ۽ اوهان ۾ زندگيءَ جو هڪ نئون روح ڦوڪيل هوندو.
    اهو شخص آهي ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه، جيڪو گذريل ويهن ٻاويهن سالن کان سجاول جي خواجه ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ننڍي گهر ۾ هڪ بستري تي ليٽيل ضرور آهي، پر پاڻ جنهن نموني زندگي سان پيار ٿو ڪري، دوستن لاءِ احترام ٿو رکي ۽ ساڻن رابطي ۾ ٿو رهي، دوستن جي همت ٿو وڌائي، انهن کي حوصلو ٿو ڏي، ان کي آئون ڪهڙو نالو ڏيان. زنده دلي جو، همت جو ۽ بهادريءَ جو، يا ڪو ٻيو. مون وٽ ته ڪو اهڙو لفظ ئي ناهي، جنهن سان کيس ڀيٽيان.
    ڊاڪٽر اسلم خواجه هڪ صحتمند انسان هو، کيس نه رڳو ادب سان دلچسپي هئي، پر پاڻ لکندو به هو، پر هو سياسي طور تي سجاڳ، باشعور ۽ متحرڪ ڪردار پڻ هو. ايل.ايم.سي ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ جي دوران ڊاڪٽر اسلم خواجه هڪ شاگرد تنظيم سان پڻ لاڳاپيل هو. سندس اکين ۾ ڪيئي سُندر سپنا هئا، هن سماج کي بدلائڻ جا، سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ جا، سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي چهرن تي مرڪون ڏسڻ ٿي چاهيون. شاگرد تنظيم ۾ رهڻ جي دوران پاڻ بحثن مباحثن ۽ سياسي سرگرمين سان گڏ سماجي ڀلائيءَ جي سرگرمين ۾ پڻ ڪافي متحرڪ رهندو هو. ميڊيڪل ڪئمپون هڻڻ ۽ ٻيا اهڙا انيڪ ڪم، سندس سرگرم هئڻ جي نشاني هئا، انهن سماجي ڀلائيءَ جي سرگرمين مان ڪيترن ئي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي رليف ملندو هو. ان دوران ڊاڪٽر اسلم خواجه صحافت به ڪندو هو. سندس صحافتي سرگرميون به سندس سياسي ۽ سماجي سرگرمين جيان پوري جوڀن تي هيون، پاڻ ملڪ جي هڪ وڏي اردو اخبار ”جنگ“ جي لاءِ ايل.ايم.سي ۾ رپورٽنگ ڪندو هو، مطلب ته اسلم خواجه پنهنجي ڊاڪٽري جي پڙهائي سان گڏ هاڪاري، انسان دوست، عوام دوست ۽ سنڌ دوست سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو هو.
    پوءِ موٽر سائيڪل جي هڪ خطرناڪ حادثي کانئس زندگيءَ جي انيڪ سُندر سپنن سان گڏ اهي سرگرميون پڻ کسي ورتيون. موٽر سائيڪل جي ان حادثي سبب هو ڊگهي عرصي تائين موت ۽ حيات جي ڇڪتاڻ ۾ اسپتال ۾ داخل رهيو، ڊاڪٽر سندس زندگي ته بچائي ورتي، پر هميشه جي لاءِ اپاهج بڻجي بستري ڀيڙو ٿي ويو. بقول ڊاڪٽرن ته سندس باقي زندگي ائين ئي گذرڻي آهي، خير، سندس ڌڙ ڪم ڇڏي ويو، پير ڪم ڇڏي ويا، ٽنگون ڪم ڇڏي ويون، هٿ ۽ ٻانهن جي چرپر ختم ٿي وئي ته ڇا ٿي پيو، پر سندس ذهن، زبان ۽ روح سلامت رهيا. هاڻ هو بستري داخل هو، وقت گذرڻ سان گڏ ڊاڪٽر اسلم پنهنجو پاڻ کي حالتن جو هيراڪ بنايو ۽ زندگيءَ کي نئين انداز ۽ نئين رخ سان گذارڻ سکيو، هو ڪمري جي هڪ بيڊ تائين محدود هو ته ڇا ٿي پيو، پر هن دوستن سان رابطا رکڻ شروع ڪيا، موبائيل فون سندس ڪم اڃا به سولو ڪري ڇڏيو، ان زندگي گهارڻ ۾ سندس پيءُ، ڀائرن ۽ ڀيڻن جي ڪردار کي نه واکاڻڻ ٻيائي ٿيندي، هنن هردم ڊاڪٽر اسلم سان ساٿ ڏنو، هنن ڪڏهن به نه کانئس بيزاريءَ جو اظهار ڪيو ۽ نه ئي کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ ڏنو ته هو مٿن بوجهه آهي، ڊاڪٽر اسلم نه رڳو دوستن سان پيار ڪري ٿو، پر انهن سان سندن ڏک سُک ۾ پڻ گڏ هئڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پاڻ اڪثر ڪري سجاول ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمي وهيل چيئر تي پاڻ کي کڻائي پهچي ٿو.
    دوست به ڊاڪٽر اسلم خواجه سان بي حد پيار ڪن ٿا، سندس همت ۽ حوصلي مان اُتساهه وٺن ٿا، سندس سالگرهه جي تقريبن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سياسي اڳواڻ، هڪٻئي سان اختلافن هوندي به گڏ ويٺل ۽ ڊاڪٽر اسلم کي ٽربيوٽ ڏيڻ اچن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين، کڻي چئجي ته ڊاڪٽر اسلم خواجه جي سالگرهه جي تقريبن ۾ اختلافن هوندي به دوست هڪ هنڌ ويهڻ کان نٿا لهرائين، اها ڳالهه خود دوستن جي ڊاڪٽر اسلم سان ۽ اسلم جي دوستن سان محبت ۽ احترام جي نشاني آهي.
    ڊاڪٽر اسلم خواجه پنهنجي سڀاءُ ۾ ڏاڍو باذوق انسان آهي، اوهان سندس ڪمري ۾ گهڙندا ته سامهون اوهان کي سندس سالگرهه جي تقريبن جي فوٽوگئلري نظر ايندي، جنهن ۾ ڪيترائي يادگار فوٽو ڏسڻ لاءِ ملندا. ان فوٽوگئلري جي ڀر ۾ ڪتابن جو شيلفن، جنهن ۾ ڪيترائي سٺا ۽ ناياب ڪتاب ترتيب سان رکيل نظر ايندا. ائين به ڪونهي ته اهي ڪتاب رڳو شيلفن ۾ شوپيس طور رکيل آهي، پر ڊاڪٽر اسلم پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائٽن جي مدد سان انهن جو مطالعو به ڪندو رهندو آهي ۽ دوستن سان انهن بابت ڳالهائيندو به رهندو آهي. مون سميت سندس جيڪي دوست ليکڪ آهن، سي کيس پنهنجا ڪتاب ڏيندي وڏي خوشي محسوس ڪندا آهن.
    اڄڪلهه ڊاڪٽر اسلم خواجه کي هڪ ٻيو شوق به اچي ٿيو آهي ته سندس ڪمري ۾ هڪ شيلف خوبصورت گفٽس جو به هجي، جنهن ۾ گوتم ٻُڌ جي مورتي ۽ ٻيون اهڙيون شيون شامل هجن، هونئن سندس شيلف جي هڪ طرف اهي شيلڊون به قطار ۾ رکيل نظر اينديون، جيڪي مختلف تنظيمن پاران کيس ڀيٽا ڪيون ويون آهن.
    ڊاڪٽر اسلم خواجه هڪ اُتساهيندڙ ۽ زندگيءَ مان پيار ڪندڙ انسان آهي، منهنجي کيس دعا آهي ته ”شل نه تنهنجي سينڌ ميري ٿئي، شل نه تنهنجا موڙ مُرجهائجن.“


    ڪتابَ ۽ تبصرا

    ڪتابَ ۽ منهنجو ڪتب خانو !

    ڪتاب پڙهڻ، گڏ ڪرڻ ۽ ڪتب خانو ٺاهڻ، اسان جهڙن معاشرن ۾ واندن، چرين ۽ نڪمن ماڻهن جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو، اُن جو وڏو سبب اهو آهي ته اسان جي معاشري کي هٿ وٺي بي علم ۽ بي شعور رکيو ويو آهي، ڪتابن ۽ علم جي اهميت اسان وٽ تمام هيٺين سطح تي رکي ويئي آهي. اُن حوالي سان آئون جيڪڏهن پنهنجي ڪتابن سان دلچسپي ۽ ڪتب خاني جو ذڪر ڪريان ته ”ڪجهه عجيب“ ضرور لڳندو، ڇو ته منهنجو جنم جنهن گهراڻي ۾ ٿيو، اهو صدين کان پيڙهيل، جاگيرداري ۽ غلامداري سماج جو حصو هو، منهنجا وڏڙا هر-هاري هئا، هُنن جو علم و ادب ۽ ڪتابن سان پري جو به ڪو واسطو نه هو، هنن جو فقط هڪ ئي ڪم هو، رئيسن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جون هارپ تي زمينون کيڙڻ، انهن جون ڇيڙون ۽ بيگرون وهڻ ۽ ان اُپائي انهن جي عياشيءَ جي لاءِ موڙي مهيا ڪرڻ ۽ انهيءَ جي صلي ۾ کين رڳو ايترا ان جا داڻا ملندا هئا، جو هو انهن وڏيرن جي ٻانهپ ڪرڻ لاءِ جيئرو رهي سگهن.
    زندگي، هڪ وڏو تجربو آهي، سو زندگي ڪڏهن اسان تي ته ڪڏهن اسين زندگيءَ تي تجربا ڪندا ٿا رهون، ڪتابَ پڙهڻ، لکڻ، ڇپائڻ، گهمڻ ڦرڻ، دوستن سان ملڻ ۽ ساڻن ڪچهريون ڪرڻ، سونهن ۽ سهڻن چهرن کي ڏسڻ جا شوق اٿم، پر انهن شوقن ۾ ڪتاب منهنجي اوليت رهي آهي، ڪتاب منهنجو پهريون ۽ آخري عشق آهي ۽ ڪتابن سان منهنجي ايتري دلچسپي ڏسي منهنجي دوست ۽ مشهور ليکڪ محترم پرويز پنهنجي آتم ڪهاڻي ”پيهي جان پاڻ ۾“ منهنجي حوالي سان لکندي لکيو، ”کيس سنڌي ڪتابن سان گڏ اردو ۽ انگريزي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي.“ پنهنجي ڪتابن سان دلچسپي ۽ پنهنجي ڪتب خاني بابت لکڻ کان اڳ اهو ضرور بيان ڪندس ته منهنجو ڪتاب طرف لاڙو ڪيئن ٿيو؟
    منهنجو چاچو فقير عبدالغفور الستي (جيڪو ڪنهن وقت عين غين سنڌيءَ جي نالي سان لکندو هو) ستر واري ڏاڪي ۾ حيدرآباد مان هڪ ماهوار رسالو ”ملير ڊائجسٽ“ شايع ڪندو هو، جنهن ۾ قومپرستي ۽ سنڌ پرستيءَ جو پرچار ڪيل هوندو هو، جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيس ته مونکي ان جا ڪجهه پرچا هٿ چڙهيا ۽ انهن جي مواد مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ مون تي وڏو اثر ڪيو. تنهن کانسواءِ حيدرآباد ۾ منهنجي هڪڙي ماسات رهندي هئي، جنهن وٽ ٻارڙن جي اردو ۽ سنڌي ڪتابن جو چڱو خاشو ذخيرو هوندو هو، آئون جڏهن به امان سان گڏجي حيدرآباد ويندو هوس ته هوءَ مونکي اهي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي، اهو 77-1976ع جو زمانو هو، ۽ آئون پنجون پاس ڪري ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو هوس.
    ڪتابن پڙهڻ جي چوس پيئي ته مون به ڪتاب خريد ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻارن لاءِ نڪرندڙ ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو ساليانون خريدار به ٿيس، ٻاراڻي ادب کان اڳتي وڌيس ته پهريان جيڪي ٽي ڪتاب مون پڙهيا، جيڪي مونکي اڃا تائين چڱي طرح ياد آهن، انهن ۾ مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ٿڪل جذبن جو موت“، عبدالغني درس جي افسانن جو مجموعو ”منزل منزل دوکو“ ۽ سائين جي ايم سيد جو هڪ ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ شامل آهن. مشتاق شوري جي ڪهاڻين مونکي ايترو ته متاثر ڪيو، جو پوءِ مون ان ئي ڊڪشن ۾ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ڪٿ ڇپجي نه سگهيون ۽ ڪاڳرن ۾ ئي گم ٿي ويون.
    ڪتابن جي حوالي سان منهنجي پسند جا موضوع آتم ڪهاڻيون، شخصيتون، سفرناما، انقلابن جون تاريخون، تاريخ، سوشلزم، مذاهب عالم ۽ سماجيات رهيا آهن. مون کي ننڍي کنڊ جي تاريخ، خاص ڪري پارٽيشن واري دور سان به دلچسپي رهي آهي ۽ مون وٽ ورهاڱي بابت لکيل ڪتابَ به ڳچ تعداد ۾ آهن، سيرت نبوي به منهنجي پسند جو موضوع رهيو آهي ۽ مون وٽ سيرت نبوي بابت به ڪافي ڪتاب آهن، ناول ۽ ڪهاڻيون به پڙهندو آهيان. اڳ ۾ ايڊونچرس/جاسوسي ادب به وڏي شوق سان پڙهندو هوس، پر هاڻ نه پڙهندو آهيان.
    آئون جڏهن به پنهنجي شخصيت جو جائزو وٺندو آهيان ته ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي نه هٻڪندو آهيان ته ڪتابن جي مطالعي مونکي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه عطا ڪرڻ سان گڏ مون ۾ پاڻ ڀروسي جو گُڻ به پيدا ڪيو آهي ته مونکي ڳالهائڻ به سيکاريو آهي، ڪتابن ئي مونکي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن بابت سوچ ويچار سان گڏ، منهنجي ذهن ۾ وقت بوقت جيڪي سوال اُٿندا پي رهيا آهن ته هيءَ دنيا، موت، حيات، ڪائنات ۽ انسان وغيره ڇا آهن، تن بابت پڻ سمجهڻ ۾ مدد ڪئي، ڪتابن جو ساٿ نه هجيم ها ته ڪر منهنجي زندگي ويران ۽ بُٺ هجي ها ۽ آئون شايد اونداهيءَ ۾ پيو هٿوراڙيون هڻان ها.
    هن وقت منهنجي ڪتب خاني ۾ موجود ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنج هزار کن ٿيندو، 2010ع ۾ جڏهن ”مها ٻوڏ“ آئي هئي ۽ برساتون پيون هُيون ته ان ۾ منهنجا ڪجهه ڪتاب خراب به ٿي ويا، جن جو گهڻو ارمان اٿم، انهن ڪتابن کانسواءِ منهنجي ڪتب خاني ۾ ڪيترائي رسالا ۽ ناياب تصويرون پڻ آهن، اهي ڪتاب آتم ڪهاڻين، شخصيتن، ٻولين، لسانيات، سماجيات، مذاهب عالم، دنيا جي قومي ۽ انقلابي تحريڪن، سنڌ جي تاريخ، سوشلزم، سيرت نبوي، ناول، ڪهاڻي، شاعري، ٻاراڻي/ٻارن لاءِ ادب، لسانيات ۽ چونڊ عالمي ادب جا ترجما پڻ موجود آهن.
    منهنجي ڪتب خاني ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن جي گهڻائي آهي، تنهن کانسواءِ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪافي ڪتابن جو ذخيرو آهي، ڪجهه ڪتاب پنجابي، سرائيڪي، هندي، نيپالي، بلوچي، پشتو ۽ فارسيءَ ۾ به آهن، جيڪي انهن ٻولين جي اديب دوستن مونکي تحفي طور ڏنا هئا، فارسيءَ ۾ مون وٽ جيڪي ڪتاب آهن، اهي مون ايران جي سياحت دوران خريد ڪيا هئا، انهن ۾ فردوسيءَ جي شاهنامي جو مصور ايڊيشن، عمر خيام جي رباعين جو مصور ايڊيشن ۽ ديوان فريدالدين عطار ۽ ديوان حافظ شامل آهن. مطالعي جي حوالي سان سنڌي ۽ اردو ڪتابن تائين ترت رسائي آهي، سو انهن ٻولين ۾ ئي ڪتاب پڙهندو آهيان، ضرورت تحت انگريزي ڪتابن جو سهارو به وٺبو آهي. مون وٽ ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ ڪا خاص بجيٽ مقرر ڪونهي، پاڻ مولائي مڙس آهيون، سو جڏهن به کيسو اُن ڳالهه جي موڪل ڏيندو آهي ته ڪتاب خريد ڪندو آهيان، منهنجي ذاتي خرچن ۾ ڪپڙي لٽي وغيره جي ايتري اهميت نه آهي، جيتري ڪتابن جي خريداريءَ جي، جڏهن به پئسا هوندا اٿم ته ڪتاب خريد ڪري وٺندو آهيان.
    مون پنهنجي ڪتابن جي حفاظت ۽ سارسنڀال لاءِ دڙي ۾ پنهنجي گهر جي مٿيئنءَ حصي ۾ هڪ ڌار ڪمرو ٺهرايو هو، ان ڪمري جي ڊيگهه ۽ ويڪر 14x18 آهي، جنهن ۾ ٻن پاسن، ڏکڻ ۽ اوڀر واري پاسي ٻه دريون آهن، تنهن کانسواءِ هوا جي لاءِ ٻه ننڍا وينٽي ليٽر به آهن، اولهه واري پاسي ڪاٺ جي ٺهيل شيلفن ۾ جيڪي فرش کان ڏيڊ فوٽ مٿي ۽ ڇت کان فوٽ کن هيٺ سڄي ڀت ۾ کتل آهن، ان جي ڊيگهه 14 فوٽ ۽ هيٺان کان مٿي تائين ويڪر 6 فوٽ آهي، انهن ۾ ترتيب سان ڪتاب رکيل آهن ۽ هر خاني ۾ ڪتابن جون ٻه ٻه قطارون آهن، هڪ قطار اندر ۽ ٻي ٻاهر، اُترواري پاسي وري ٻه الماڙيون ۽ هڪ ننڍو رينڪ رکيل آهي، جيڪي پڻ ڪتابن سان ڀريل آهن، اڳ ۾ مون وٽ ڪتاب موضوع وار ۽ ٻولي وار رکيل هئا، پر اٿل پٿل سبب هاڻ گڏ وچڙ ٿي ويا آهن، ان ئي ڪمري ۾ ٻه ميزون ۽ ڪجهه ڪرسيون پيل آهن، انهن ميزن تي پڻ منهنجي مطالعي هيٺ رهندڙ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون رکيل هونديون آهن، اهي ميزون منهنجي مطالعي لاءِ به ڪم اچن ٿيون ته لکڻ جي لاءِ به، پر هاڻ گذريل چئن سالن کان حيدرآباد شفٽ ٿيڻ سبب انهن جي ترتيب به ڦٽي ويئي آهي.
    آئون ڪتاب پڙهائڻ جي حوالي سان بخيل نه رهيو آهيان ۽ ڪوشش اها هوندي اٿم ته ڪنهن کي مايوس نه ڪريان، اڳ ڪافي دوست ۽ نوجوان هئا، جيڪي باقاعدگيءَ سان ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ وٺي/کڻي ويندا هئا، هاڻ فقط ٻه چار دوست ئي آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ جي لاءِ وٺي ويندا آهن، البت منهنجو هڪ سٺو دوست ۽ ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙو، گذريل چوويهه، پنجويهه سالن کان جڏهن کان اسان جي دوستي ٿي آهي، لڳاتار منهنجي ڪتب خاني مان ڪتاب کڻي وڃي پڙهندو آهي ۽ آئون به سندس ڪتب خاني مان مستفيض ٿيندو رهندو آهيان.
    مونکي مطالعي جو سدائين شوق رهيو آهي، تنهن ڪري جڏهن به، جت به موقعو ملندو اٿم ته ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو آهيان، منهنجي مطالعي لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ڪونهي، جو زندگيءَ جي هڻ وٺ ۾ ڪو وقت مقرر ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، باقي واندڪائيءَ جو وقت پڙهڻ يا لکڻ ۾ گذرندو اٿم.


    منهنجي پسند جا ڪتاب

    بلڪل ڪچيءَ وهيءَ ۾، مون جيڪو پهريون سنڌي ڪتاب، بنا ڪنهن ڪُڇ پُڇ جي، بنا ڪنهن سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جي، هلندڙ بس ۾، ميرپور بٺوري مان، پير محمد ميمڻ نالي هڪ اخباري هاڪر کان ڇهين روپين ۾ خريد ڪيو هو، اهو سائين جي. ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ هو. ان کان اڳ، ننڍا ننڍا ٻارن لاءِ اٺين آني يا پنجاهه پئسن ۽ هڪ روپئي وارا اردو ڪهاڻين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هوس. اهو به تڏهن جڏهن، يا ته امان سان گڏ حيدرآباد ويندو هئس يا وري، غلام الله ويندي، ٺٽي مان ”عبدالله قريشي نيوز ايجنسيءَ“ جي دوڪان تان خريد ڪندو هوس. مرحوم عبدالله قريشي، طبيعت جو گهڻو چيڙاڪ هوندو هو، پر ڪتابن جي ڪري گهڻو ڀانئيدو به هو.
    جڏهن مون اهو ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ خريد ڪيو ته اهو سمجهيو هيم ته اهو ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب هوندو. پر پوءِ به ان جو موضوع/ مضمون ڏسي مون پڇتايو ڪونه ۽ هوريان هوريان اهو ڪتاب پڙهندو ويس.... گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيم، پر ڪتاب ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ انهيءَ کانپوءِ عالمي سياست ۾ آيل اُٿل پُٿل، زور وٺندڙ نظرين ۽ پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائي ۽ ان دور جي اڳواڻن جو مختصر تعارف مونکي بي حد دلچسپ لڳو. پوءِ مون اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ بار بار پڙهيو. مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته مون ۾ جيڪو اڳتي هلي جيڪا ٿوري گهڻي عالمي ادب، سياست ۽ دنيا جي انقلابي شخصيتن يا عالمي ادب پڙهڻ سان دلچسپي پيدا ٿي، اُن جو مُحرڪ اهو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
    مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هيستائين مون سائين جي. ايم سيد جا فقط ٻه ئي ڪتابَ مڪمل ۽ بار بار پڙهيا آهن. هڪڙو اهو مٿيون ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ ۽ ٻيو عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“. پويون ڪتاب پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ، سنڌ سان ٿيل زيادتين جو مڪمل ۽ جامع دستاويز آهي ۽ هر سنڌيءَ تي اهو لازم آهي ته هو اهو ڪتاب پاڻ پڙهي۽ ٻين کي به پڙهائي. جيئن گهرن ۾ قرآن پاڪ، گيتا ۽ شاهه جو رسالو موجود هئڻ ضروري آهي، تيئن ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ به هر سنڌيءَ جي گهر ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ هر سنڌيءَ کي پڙهڻ ۽ بار بار پڙهڻ گهرجي.
    اُنهن ئي ڏينهن، شايد ’جديد عالمي سياست‘ پڙهڻ کان ڪجهه اڳ يا پوءِ، مونکي هڪ ٻيو ڪتاب هٿ چڙهيو، محمد موسيٰ ڀٽي جو لکيل ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“. اهو ڪتاب مونکي منهنجي چاچي محترم شمس الدين ميمڻ، جي حيدرآباد واري گهر ۾ پيل مليو، آئون اهو ڪتاب کڻي ڳوٺ آيو هئس ۽ اهو ڪتاب به مون ”جديد عالمي سياست“ وانگر ئي وڏي شوق ۽ ڌيان سان پڙهيو هو. اهو ڪتاب اڃا سوڌي، مون وٽ موجود آهي، انهيءَ ڪتاب ۾ محمد موسيٰ ڀٽي، سائين جي. ايم سيد، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن کي ملحد، دهريو، ڏاهر پرست، اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن، هندستان جو ايجنٽ قرار ڏيئي، پنهنجي جماعت جو نقطه نظر، پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. محمد موسيٰ ڀٽي صاحب جو ان وقت تعلق ’جماعت اسلامي‘ سان هو ۽ اهو ڪتاب پهرين جماعت اسلامي جي اخبار ’جسارت‘ ۾ سلسليوار ڇپيو هو ۽ پوءِ اردوءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو ويو هو.
    مونکي اها ڳالهه مڃڻ ۾ ذرو به هٻڪ ڪونهي ته محمد موسيٰ ڀٽو، وڏو ذهين ۽ عالم ماڻهو آهي. سندس ٻه ٻيا ڪتاب ”پرين جي پچار“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ جيڪو سائين جي. ايم سيد جي لکيل ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ جي جواب ۾ لکيل آهي. اهي ٻيئي ڪتاب به مون وڏي شوق ۽ ڌيان سان پڙهيا ۽ انهن ڪتابن منهنجي ڄاڻ ۾ ڪافي واڌارو ڪيو. انهيءَ ڪتاب ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“ ۾ ئي مون پهريون ڀيرو راجا ڏاهر، ملحد، دهريو وغيره جا لفظ پڙهيا ۽ پوءِ انهن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
    ”سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب“ پڙهڻ سان مونکي اهو فائدو ضرور ٿيو ته مون مخالف نقطه نظر، پوءِ اهو ڪهڙي به فڪر سان لاڳاپيل هجي، پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. البت ڪتاب ۾ محمد موسيٰ ڀٽي جي اختيار ڪيل موقف سان آئون ڪڏهن به سهمت ٿي نه سگهيس.
    گهڻا سال پوءِ 2009ع ۾ منهنجي جناب محمد موسيٰ ڀٽي سان هڪ ملاقات ٿي. آئون مسعود لوهار وٽ ويس ته اُتي ارباب نيڪ محمد به ويٺو هو ۽ ائين پوءِ اسين گڏجي لطيف آباد محمد موسيٰ ڀٽي ڏانهن وياسين. محمد موسيٰ ڀٽي صاحب اسان کي پنهنجو ڪتب خانو ڏيکاريو ۽ اڪيڊمي جا ڳچ ڪتاب تحفي طور به ڏنا. پر، هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي ته واقفيت ڪرائڻ جي باوجود به پاڻ مسعود لوهار ۽ ارباب نيڪ محمد جي ڀيٽ ۾ مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو.
    سنڌ ۾، ٻه ٽي پبلشر اڪثر ڪري محترم جي. ايم سيد جا ڪتاب ورائي ورائي پيا ڇپائيندا آهن، پر الائجي ڇو هو ”جديد عالمي سياست“ وري نٿا ڇپرائين.
    انهن ڏينهن، جن ٻين ڪتابن کي مون وڏي شوق سان پڙهيو ۽ ورائي ورائي پڙهيو، تن ۾ ”ايسپ جون آکاڻيون“، ”گرم جون آکاڻيون“ ۽ ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ اهم آهن. ٻاراڻي وهي هئي، انهيءَ ۾ اهڙا ڪتاب نه رڳو وڻندا، پر ذهن تي به اثر ڇڏيندا آهن. ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻين“ مان واشنگٽن ارونگ جي هڪ ڪهاڻي ”رپ وئن وئنڪل“ مونکي ڏاڍي وڻندي هئي. جنهن ۾ هڪ همراهه ”رپ وئن وئنڪل“ ويهه سال هڪ جبل جي ڪنهن چُر ۾ سمهي پوندو آهي. جاڳ ٿيڻ تي هو جڏهن جبل جي چُر مان نڪري بازار ويندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته هو ڪالهه سُتو هو ۽ اڄ جاڳيو آهي، پر انهيءَ عرصي ۾ ڀريا ويهه سال گذري چڪا هوندا آهن ۽ آمريڪا تان برطانيا جو قبضو ختم ٿي چڪو هوندو آهي. ’واشنگٽن ارونگ‘ آمريڪي ليکڪ هو، جنهن جو هڪ مشهور ڪتاب ”الحمرا جا افسانا“ پڻ مون وڏي شوق سان پڙهيو هو. الحمرا، غرناطه ۾ مسلم دور جو عظيم يادگار آهي، جيڪو خليفي ”الحڪم“ ٺهرايو هو. ارونگ اهي افسانا ’الحمرا‘ جي مختلف حصن ۾ ويهي لکيا هئا.
    ائين اسپين ۾ آخري مسلم ’رياست‘ ”غرناطه“ جي خاتمي کانپوءِ، مسلم سڀيتا جي خلاف ”شاهه فرڊيننڊ“ ۽ ”راڻي ازابيلا“ ۽ ڪئٿولڪ چرچ جي علم دشمن قدمن تي طارق علي جو ناول Shadow of Pomegranate Tree (ڏاڙهونءَ جي وڻ جي ڇانوَ ۾) به مون وڏي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهيو ۽ دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها اُڇل پيدا ٿيندي اٿم ته اهو ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪجي. ان ناول کي ’ٽي وي ٽائمز‘ لنڊن هڪ ايپڪ جي برابر قرار ڏنو ۽ گارجين لنڊن لکيو ته، ”طارق عليءَ جو اهو ناول ان ڪري به واکاڻ لائق آهي ته هن تاريخ جي هڪ المئي کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. اهو انساني قربانين ۽ ڊٺل مسلمانن جي لاءِ هڪ يادگار آهي.“
    هي ناول اُن دور جو احاطو ڪري ٿو، جڏهن شاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ازابيلا کي غرناطه کي فتح ڪندي ”اَٺ“ سال گذري چڪا هئا ۽ ڪئٿولڪ چرچ پنهنجي مذهبي گرفت جيئن پوءِ تيئن سخت ڪندي پئي ويئي. اسپين ۾ پهرين مسلمانن ۽ پوءِ يهودين جي لاءِ اهو حڪم جاري ڪيو ويو ته، هو يا ته پنهنجو مذهب تبديل ڪري عيسائي ٿي وڃن يا ملڪ ڇڏي وڃن. نتيجي ۾ غريب غربي ته پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ مذهب تبديل ڪيو ۽ ٻيا وري، جن ۾ عالم ۽ هنرمند به شامل هئا، ملڪ ڇڏي هليا ويا ۽ اسپين صدين تائين مذهبي آمريت جو شڪار رهيو ۽ علم و فن کان وانجهجي ويو. اُن دور ۾ پهريون ڪم ڪتاب کي ساڙڻ جو ڪيو ويو.
    طارق علي جا تمام گهڻا ڪتاب ڇپيل آهن، پر سنڌيءَ ۾ ٻن ڪتابن جو ترجمو ٿيل اٿس.هڪڙو رئوف نظاماڻي جو ترجمو ڪيل آهي جيڪو ’ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون‘ جي نالي سان ڇپيل آهي ۽ ٻيو ’دي لپرڊ اينڊ دي فاڪس‘ جيڪو چيتو ۽ لومڙ جي نالي سان ’شفقت قادريءَ‘ سنڌي ۾ آندو، ان جو ٻيو ڇاپو ’ڀٽو ۽ ضياء‘ جي نالي سان ڇپيو آهي، ان ڊرامي ۾ طارق علي، ذوالفقار علي ڀٽي کي چيتي ۽ جنرل ضياءُالحق کي لومڙ سان ڀيٽيو آهي.
    ڪتابن سان منهنجي اها دلچسپي، جيئن پوءِ تيئن وڌڻ لڳي ۽ ان سان گڏ آئون گهر ڀاتين جي تنقيد جو نشانو به بنجڻ لڳس. هو سمجهندا هئا ته گهڻا ڪتابَ پڙهڻ سان ماڻهو چريو ٿي ڪم ڪار کان کري مَت مان نڪري ويندو آهي. هو چاچا فقير عبدالغفور الستيءَ لاءِ به ائين ئي چوندا هئا. الستي صاحب پنهنجي طبيعت ۽ ڪمن ڪارين جي حوالي سان سدائين منفرد رهيو آهي. سو گهر وارا يا ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي مونکي چوندا هئا ته، ”صفا چاچهين بِقا تي ويو آهين.“ (اسان جي ڪٽنب ۾ چاچا الستي کي ’چاچا بقا‘ چئي سڏيو ويندو هو.)
    اُنهن ڏينهن حيدرآباد امان سان گڏجي ويندو هوس ته ننڍي جيجيءَ جي گهر لطيف آباد ۾ رهڻ ٿيندو هو. انهيءَ گهر کان فرلانگ سوا پري بلڪل سامهون ئي نڪ جي سڌائيءَ ۾، سائين نجم عباسيءَ جو گهر هوندو هو. جيڪڏهن وچ ۾ مسجد نه هجي ها ته ٻيئي گهر آمهون سامهون نظر اچن ٿا. انهن ڏينهن نه مون ڪڏهن نجم عباسيءَ کي ڏٺو ۽ نه ئي وري ساڻس مليس.... پر پوءِ اڳتي هلي جڏهن ادبي دنيا ۾ اُٿي ويٺي، ميل جول وڌيو ته آئون نجم عباسيءَ سان سندس ان گهر ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا مليس. اڳتي هلي جڏهن ’سنڌي- مهاجر‘ جهيڙا ٿيا ته ٻين سنڌين وانگر نجم عباسيءَ به پنهنجو اهو گهر وڪڻي اچي قاسم آباد ۾ پناهه ورتي.

    آئون حيدرآباد هوندو هوس ته امان ۽ جيجيءَ کان مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي، اها ۽ ٻي خرچي جيڪا مون وٽ بچت ۾ هوندي هئي، سا سڀ کڻي، فورسيٽر ۾ چڙهي، سڌو گاڏيءَ کاتو هليو ويندو هوس ۽ اُتي بوڪ اسٽالن تي وڃي ڪتاب ڏسندو هوس ۽ پوءِ ڪونه ڪو ڪتاب خريد ڪري گهر اچي پڙهندو هوس.
    هڪ ڀيري ڪو ڪتاب خريد ڪري آيس ۽ اهو رات جو بستري تي ليٽي پڙهيم پي ته جيجيءَ ڌڙڪا ڏيئي بتي اُجهائي ڇڏي ۽ سُمهڻ جي لاءِ چيو ۽ آئون نه چاهيندي به رَلي منهن تي وجهي، ڪتاب سري کان رکي سمهي پيو هوس.
    ڪتابن سان منهنجو اهو عشق ۽ محبت، جيئن پوءِ تيئن ويئي وڌندي. نتيجي ۾ مون وٽ ڪتاب گڏ ٿيندا ويا، پهرين گهر ۾ رکيل هڪ ننڍي ڪاٺ جي کوکي ۾ رکيم. پوءِ وڌيا ته ڀت ۾ کُتل هڪ ڪاٺ جي ڪٻٽ ۾ رکيم، جيڪو ٽن خانن وارو هو ۽ ورهاڱي کان اڳ جو ٺهيل هو. مٿس ٺهيل ڪاٺ جا گُل ۽ اُڪر ته ڀڄي پيئي هئي، پر پوءِ به ڏاڍو سٺو ٿي لڳو.
    هوريان هوريان، جيئن جيئن ڪتاب وڌندا ويا، تيئن انهن کي رکڻ ۽ سنڀالڻ منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿيندو پي ويو. ڪٻٽ وٺڻ يا ٺهرائڻ جي مون ۾ پُڄت نه هئي.... گهر جون دريون، کٽون ۽ ٻيون جڳهيون ڪتابن سان ڀرجڻ لڳيون. جنهنڪري اڪثر پيئي گهر وارن سان کٽ پٽ ٿيندي هئي. منهنجا ڳچ ڪتاب گم ٿي يا ڦاٽي به ويندا هئا. يا وري جيڪڏهن ڪو پڙهيل مٽ مائٽ ايندو هو ته اهو بنا پُڇا جي ڪونه ڪو ڪتاب کڻي ويندو هو. جنهن جو مونکي گهڻو ڏُک ٿيندو هو.
    ڪتابَ منهنجا سدائين سٺا ساٿي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪتابن جي مطالعي مونکي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه عطا ڪرڻ سان گڏ مون ۾ اعتماد پيدا ڪيو. مونکي ڳالهائڻ، اُٿڻ ۽ ويهڻ سيکاريو. ڪتابن ئي مونکي زندگيءَ جي مختلف رُخن بابت سوچ ويچار سان گڏ منهنجي ذهن ۾ اُٿندڙ سوالن جي جوابن سمجهڻ ۾ مدد پئي ڪئي آهي. ڪتابن جو ساٿ نه مليم ها ته منهنجي زندگي ويران ۽ بُٺ هجي ها، آئون شايد اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون پيو هڻندو هجان ها.

    آئون، تنهنجو دوست هوندس،
    توسان گڏ رهندس
    تو سان اختلاف ٿيندم....
    توکي کلائيندس....
    يا وري ڪڏهن گرمي جي اُس واري صبح جو
    تنهنجي اکين ۾ ڳوڙهو بڻجي ويندس.
    آئون توکي مهميز ڏيندس
    سُمهڻ ۾ مددگار ٿيندس
    اهڙن سپنن جي اُڻت ڪندس
    جيڪي تون سدائين،
    سرءُ جي ٻپهريءَ جو پاڻ وٽ رکندين.

    جذبن جي گرميءَ سبب
    توکي سُهائو رکندس
    ۽ جيستائين طوفان ٿمجي نه وڃي،
    سردين جي مُند جي شامن ۾
    توکي پنهنجي پناهه ۾ رکندس.

    جڏهن تون پڙهي رهيو هوندين
    آئون تو وٽ هوندس
    بهار جي مُند جو ٻوٽو پوکيندس
    جيڪو زندگيءَ سان ڀرپور هوندو

    آئون ڪتاب آهيان
    جيڪو تون پڙهين پيو.
    (شاعر: ٽام رابرٽ شيلڊز)

    ڪجهه مهينا اڳ منهنجي دوست رشيد آزاد مونکي چيو ته تون مونکي اهڙن ڏهن ڪتابن جي فهرست ٺاهي ڏي، جيڪي توکي سڀني کان وڌيڪ وڻيا هجن، گهڻي سوچ ويچار، کانپوءِ مون جن ڏهن ڪتابن جي فهرست ترتيب ڏني، اهي هن ريت آهن:
    1. نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي (Long Walk to Freedom)
    2. STOLEN LIVES (ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي)
    3. منهنجي زندگي (ٽراٽسڪيءَ جي آتم ڪهاڻي)
    4. ROOTS (اليڪس هيلي جو ناول)
    5. دهلي (خوشونت سنگهه جو ناول)
    6. نوجوانوں کا گيت (يانگ مو جو ناول)
    7. ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن جو حضرت يسوع مسيح جي زندگيءَ تي لکيل سنڌي ترجمو: محمد ابراهيم جويو)
    8. شهنشاهه کان شهريءَ تائين (چين جي آخري شهنشاهه ’ڦواي‘ جي آپ بيتي)
    9. جانورستان (جارج آرويل جو ناول ANIMAL FARM)
    10. ڪرامازوف ڀائر (دوستو فسڪيءَ جو ناول)

    فهرست تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته انهن مان گهڻائي آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي نوعيت جي ڪتابن جي آهي ۽ آتم ڪهاڻيون به اهڙن شخصن جون آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جا ليجنڊ ڪردار رهيا آهن ۽ انهن جي زندگيءَ جي تجربن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. اهڙا ڪردار منهنجي لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيا آهن.
    مٿين ڪتابن مان ٻه پهريان ٻه ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي“ ۽ ”ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي“ مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي، پهريون ڀيرو 1999ع ۾ ’نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻيءَ‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي ۽ ٻيو ڀيرو ’آزاديءَ جو ڊگهو سفر‘ جي نالي سان 2010ع ۾ ڇپي.
    ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي مون ”زندگيءَ جا گم ٿيل ڏينهن“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. اُن جون لڳ ڀڳ ويهه قسطون عبرت مئگزين ۾ ڇپيون. اها اڃا اڌ تائين به نه پهتي هئي، جو ”عبرت مئگزين“ جي ايڊيٽر مرتضيٰ سيال جي رويي سبب، مون وڌيڪ قسطون مئگزين کي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون. اڳتي هلي اها ماهوار ’هزار داستان‘ ۾ الطاف ملڪاڻيءَ قسطوار ڇپي، هاڻ جلد اها ڪتابي صورت ۾ ڇپجندي.
    خشونت سنگهه جو ناول ”دهلي“، مونکي ڪراچيءَ جي هڪ پبلشر امير ابڙي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڏنو. مون ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. سئو کن صفحا ترجمو ڪري ويس، جو پوءِ اهو پبلشر ڪيترن ئي ماڻهن سان ٺڳيون ڪري ڀڄي ويو (خود منهنجي به ڪيترن ئي ڪتابن جا پئسا کائي ويو)، ۽ مون وڌيڪ ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. البت خشونت سنگهه جي هڪ ٻي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم، جيڪو ماهوار ”ڪرزما ڊائجسٽ“ جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپيو. ساڳيءَ طرح ’اليڪس هيلي‘ جي ناول “ROOTS” لاءِ به مونکي هڪ پبلشر ترجمو ڪري ڏيڻ لاءِ چيو، پر مون همت نه ٻڌي.
    جارج آرويل جي ناول ANIMAL FARM جو پڻ ترجمو، مون ڪافي سال اڳ ڪيو هو ۽ هڪ پبلشر ناز سنائي ڇپڻ جي واعدي تي مون کان ورتو. پوءِ ساڻس ڪنهن ڳالهه تان اڻبڻت ٿي ته ڪتاب ته ڪونه ڇپيو، پر مسودو ئي واپس نه مليو. خبر ناهي ڪڏهن واپس ملي به يا نه؟
    مناسب اهو آهي ته مٿين ڏهن ڪتابن جو مختصر تعارف/ جائزو پيش ڪريان.

    1. نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي
    نيلسن منڊيلا جي هن آتم ڪهاڻيءَ تي تبصرو ڪندي مشهور اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ لکيو، ”هيءَ هڪ متاثر ڪندڙ ڪتاب آهي، جيڪو سسٽم جي وسعتن کي سٺي نموني بيان ٿو ڪري ۽ هڪ اهڙي مذهبي ڪتاب وانگر آهي، جيڪو جذبي جي طاقت منتقل ڪري ٿو. هيءَ (منڊيلا) ويهين صديءَ جي متاثر ڪندڙ شخصيتن مان هڪ آهي.“
    نيلسن منڊيلا جي هيءَ آتم ڪهاڻي نه رڳو منهنجي پسند جي ڏهن ڪتابن مان هڪ آهي، پر مونکي خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ مون ترجمو ڪيو ۽ جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ته تمام گهڻو وڪرو ٿيو. مونکي هڪ دوست ٻُڌايو ته پبلشر فيروز ميمڻ پهريون ڇاپو جلدي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري، ٻيو ڇاپو مون کان لڪائي ۽ مونکي ٻُڌائڻ کانسواءِ ڇپرايو. اهو ڪتاب مون ئي خرچ ڪري فيروز ميمڻ کي ڪمپوز ڪرائي ڏنو، پر يار ڪمپوزنگ جا پئسا ته نه ڏنا، پر پوريون ڪاپيون به نه ڏنيون.
    ڏکڻ آفريڪا جي اصلوڪن ڪارن (شيدين) رهاڪن جي نسلي متڀيد جي خلاف، آزاديءَ جي جدوجهد جي ڊگهي ڪهاڻي، هن ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ اڻپوري آهي. نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جو نسلي قانون ختم ٿيڻ کانپوءِ پهريون مقامي صدر ٿيو ۽ پنج سال قومي حڪومت جو صدر رهڻ کانپوءِ پنهنجي صدارتي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويو. جيڪو عمل نيلسن منڊيلا جي عظمت جو وڏو دليل آهي، نه ته ٽين دنيا جا اڪثر اڳواڻ، هروڀرو، عزت ۽ فضيلت سان اقتدار مان هٿ ڪڍڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهن. هن ڪتاب ۾ نيلسن منڊيلا جي باري ۾ ’لاس اينجلس ٽائمس‘ اخبار جو اهو تبصرو بلڪل درست آهي ته، ”هڪ اڏول شخص جيڪو آزاديءَ جو ڊگهو سفر بيان ڪري ٿو. اهو گُڻ ڪن ٿورن شخصن جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هوندو آهي، جيڪي تاريخ جي هر صفحي تي انقلاب آڻيندا آهن.“

    2. STOLEN LIVES (ملڪه اوفڪر)
    هن ڪتاب جي ليکڪا ’ملڪه اوفڪر‘ جو تعلق مراڪش سان آهي. هن جو پيءُ ’جنرل محمد اوفڪر‘ مراڪش جي بربر قبيلي جو سگهارو فرد ۽ مراڪش جو وزير دفاع به رهيو. هن بادشاهه محمد پنجين جي وطن واپسي، حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۽ شاهه حسن جي اقتدار کي سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مراڪش جي شاهي محل جي روايتن موجب، مراڪش جي سگهارن قبيلن جي سگهارن فردن جي پهرين اولاد کي شاهي محل ۾ آڻي، سندن شاهي طريقي سان تربيت ڪئي ويندي هئي ۽ انهن کي بادشاهه جي اولاد جي حيثيت ڏني ويندي آهي. ’ملڪه اوفڪر‘ به ويهن سالن تائين شاهي محل ۾ تربيت هيٺ رهي. پوءِ هن جي پيءُ جنرل ’محمد اوفڪر‘ جا بادشاهه سان اختلاف ٿي پيا ۽ هو هڪ ناڪام بغاوت ۾ مارجي ويو. نتيجي ۾ سياسي اختلافن سبب سڄي ”اوفڪر گهراڻي“ کي ملڪه اوفڪر سميت قيد ڪري، هڪ ڏورانهين ريگستاني هنڌ تي رکيو ويو. ان قيد ۾ هوءَ ويهه سال رهي ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ طرح طرح جا ذهني ۽ جسماني عذاب سَٺائين. نيٺ ملڪه اوفڪر پنهنجي هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ سميت، وڏي محنت سان کوٽيل سرنگ جي ذريعي اتان فرار ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻ کي حڪومتي ادارن ۽ اهلڪارن کان بچائي، نيٺ مراڪش جي ساحلي شهر ’ڪاسابلانڪا‘ ۾ پهچي وڃي ٿي، جتي پوءِ سندن ٻاهرين دنيا سان رابطو ٿئي ٿو. ملڪه اوفڪر جي هيءَ آتم ڪهاڻي خوشين، مايوسين، محرومين، انتقام، ڏک، پيڙا، همت، جرئت، جدوجهد ۽ عزم جو زبردست ۽ متاثر ڪندڙ داستان آهي ۽ پڙهي نه رڳو لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، پر ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته ڇا وقت جي حڪمرانن کي اهو حق حاصل آهي ته هو فڪري ۽ سياسي اختلافن جي بنياد تي پنهنجن مخالفن جي ڪٽنبن جون زندگيون عذاب ۾ وجهن، پر کانئن جيئڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش ڪن.؟

    3. منهنجي ڪهاڻي (ليون ٽراٽسڪي)
    سنڌ ۾ ڪجهه ڪامريڊ دوستن ٽراٽسڪيءَ جي نالي کي گار مثل بنائي ڇڏيو هو ۽ اختلاف رکندڙ پارٽي وارن کي انقلاب دشمن ۽ ٽراٽسڪائي قرار ڏنو ويندو هو. خاص ڪري ستر ۽ اَسي وارن ڏهاڪن دوران، جڏهن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي وچ ۾ نظرياتي بحث مباحثو عروج تي هوندو هو. هاڻ ته اهي نظرياتي بحث ۽ مباحثا ماضيءَ جو حصو بنجي ويا آهن.
    ليون ٽراٽسڪي 1917ع جي ’سوويت‘ انقلاب جي مُک اڳواڻن مان هو. کيس لينن جو جانشين سمجهيو ويندو هو. هو سرخ فوج جو باني، ڪمانڊر انچيف ۽ سوويت يونين جو پرڏيهي وزير به رهيو. هن جو نظريو ”لڳاتار انقلاب“ وارو هو. جيئن انقلاب کي ڪنهن هڪ علائقي يا ڪجهه علائقن/ ملڪن ۾ آڻڻ ۽ محدود ڪرڻ جي بدران هر هنڌ اهو برپا ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي وڃي. جيئن سامراجي قوتن کي جنگ ۾ ملوث رکي ڪمزور ڪجي ۽ جن علائقن ۾ انقلاب اچي چڪو هجي، اهو سگهارو ٿيندو وڃي. لينن جي وفات کانپوءِ، اقتدار جي ويڙهه ۾ اسٽالن سوڀارو ٿيو ۽ ٽراٽسڪيءَ کي جلاوطن ٿيڻو پيو. ان جلاوطنيءَ جي دوران هو نهايت ڏکين حالتن مان گذريو ۽ مختلف ملڪن کان ٿيندو ’ميڪسيڪو‘ پهتو. جتي 17 آگسٽ 1940ع ۾ اسٽالن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.
    شيخ اياز، ٽراٽسڪيءَ جو وڏو مداح هو. هن ٽراٽسڪيءَ جي قتل جو عڪس پنهنجي هڪ ”هائيڪو“ ۾ هيئن چٽيو آهي:
    ڌرتيءَ جو گولو
    ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪي
    مٿو، واهولو.
    ٽراٽسڪيءَ کي سندس قاتل مرسيڊر مٿي تي واهولي جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو هو.
    هيءَ آتم ڪهاڻي پهريون ڀيرو 1930ع ۾ ڇپي. ۽ اُن جو شمار دنيا جي عظيم آتم ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو. ڪتاب ۾ سياسي واقعن کي ڌار ڪري به هن جي ادبي حيثيت کيس هڪ قيمتي دستاويز بنائي ڇڏيو آهي. 1905ع ۽ 1917ع جي روسي انقلاب، ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۽ اسٽالن جي مقابلي ۾ اشتراڪيت جو دفاع.... انهن سڀني عظيم واقعن جي روشنيءَ ۾ هي ڪتاب هڪ اهم دستاويز جي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو.
    مشهور ڪالم نگار ”منو ڀائيءَ“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”عالمي نظرياتي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن دانشور کي سڀني کان وڌيڪ تڪراري بنايو ويو ۽ سندس ڪردار ڪشي ظلم جي آخري حد تائين ڪئي ويئي ته اهو ليون ٽراٽسڪي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن دانشور جي سچائيءَ جو اعتراف خُود عالمي تاريخ ڪري رهي آهي ته اهو به ’ليون ٽراٽسڪي‘ ئي آهي. هن جي زندگي، نظرياتي پختگي، سَهپ، جدوجهد ۽ قربانين جو هڪ ڊگهو داستان آهي.“
    ٽراٽسڪيءَ جو ٻيو مشهور ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1600 صفحن تي مشتمل آهي. سوويت انقلاب جي تاريخ اُن ڪتاب ۾ جنهن نموني بيان ڪئي ويئي آهي، تنهن جو ٻيو ڪو مثال ئي نٿو ملي. ان کانسواءِ ٽراٽسي جو اسٽالن تي لکيل ڪتاب: ”STALIN: An appraisal of the man and his influence“ به اهم ڪتاب آهي. جيڪو انگريزي ۾ 890 صفحن تي مشتمل آهي.
    ٽراٽسڪيءَ جي هن آتم ڪهاڻيءَ جو اردو ترجمو ”جاويد شاهين“ ڪيو، جيڪو پاڻ به هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ مترجم ۽ نثري نظم جو سٺو شاعر هو. 2004ع ۾ جڏهن اهو ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيو ته ان جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ٽراٽسڪيءَ جو پوٽو ”والڪوف“ به پاڪستان آيو ۽ اخبارن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽراٽسڪي بحث جو موضوع بنيو.
    مون اهو ڪتاب پڙهي، اُن جو ذڪر پنهنجن ٻن دوستن شمشير جنگ پليجو ۽ محي الدين ڪيڙاني سان ڪيو. جيڪي نه رڳو سُٺن ڪتابن جا پڙهندڙ آهن، پر ڪنهن وقت اسين ٽيئي ان سياسي گروپ سان لاڳاپيل هئاسين، جنهن جي نظر ۾ هُنن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ انقلاب دشمن ۽ ٽراٽسڪائي آهن. هُنن ٻنهي ڄڻن به ٽراٽسڪائيءَ جي آتم ڪهاڻي خريد ڪئي، پڙهيائون ۽ متاثر ٿيا ۽ مون به کين ان ڳالهه تي سهمت ڏٺو ته، ”ٽراٽسڪي جي خلاف پروپيگنڊهه اجائي هئي ۽ ان پروپيگنڊهه کان متاثر ٿيڻ جو سبب اسٽالنزم جو غلبو هو ۽ ٽراٽسڪي بلاشڪ هڪ وڏو عالم ۽ ڏاهو انسان ٿو.“

    4. ROOTS (اليڪس هيلي)
    ”مونکي ان ڳالهه جو پوري توقع آهي ته اسان جي وڏڙن جو هيءُ داستان اُن ازلي حقيقت کي اُڀاري سامهون آڻيندو ته تاريخ سدائين کٽڻ وارا ئي لکندا آهن.“
    مٿيان لفظ ’اليڪس هيلي‘ پنهنجي ناول “ROOTS” جي پڄاڻي ڪندي لکيا آهن.
    منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ جيڪي ناول يا ڪتاب وڏي محنت ڪري ۽ ڪنهن عظيم مقصد جي خاطر لکيا ويا آهن. انهن ۾ آفريڪي نسل جي آمريڪي ليکڪ ”اليڪس هيليءَ“ جو هيءَ ناول به شامل آهي. اليڪس هيليءَ 1921ع ۾ جنم ورتو ۽ 1992ع ۾ چالاڻو ڪيائين. هن جو پهريون ڪتاب مشهور آمريڪي سياستدان ’مالڪم ايڪس‘ جي سوانح حيات هو، جيڪو پڙهندڙن گهڻو پسند ڪيو.
    مالڪم ايڪس جي سوانح حيات جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ”هيليءَ“ کي پنهنجن وڏڙن جي انهن واقعن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو خيال ٿيو، جيڪي سيني در سيني ٻُڌا ۽ ٻُڌايا ويندا هئا. هيليءَ انهن واقعن ۽ قصن کي پنهنجي ناني ۽ سندس ٻين مائٽياڻين کان ننڍي هوندي کان ئي ٻُڌندو پي آيو. اهي واقعا ۽ قصا ”اليڪس هيليءَ“ جي ناناڻن جي ستن پيڙهين تي ٻڌل آهن. ڪتاب جي شروعات هن جي هڪ بزرگ جي ڄمڻ سان ٿئي ٿي، جنهن جو نالو ”ڪنتا ڪنتي“ هو، جيڪو 1750ع ۾ آفريڪا جي هڪ ملڪ ”گيمبيا“ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’جوفر‘ ۾ پيدا ٿيو. ليکڪ ان ڪتاب ۾ ”ڪنتاڪنتي“ جي جنم کان وٺي پنجونجاهه سالن تائين جي زندگيءَ تي روشني وڌي آهي. تنهن کانسواءِ هن ڪتاب ۾ ’ڪنتا ڪنتي‘ جي والدين ۽ ٻين بزرگن جي رهڻي ڪهڻي، جاگرافي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو بيان به ملي ٿو. سترهن سالن جي وهيءَ ۾ ’ڪنتا ڪنتي‘ جهنگل مان کنڀجي وڃي ٿو ۽ کيس غلام جي حيثيت سان سامونڊي جهاز ۾ زنجيرن ۾ جڪڙي آمريڪا پهچايو وڃي ٿو. انهن سڀني واقعن ۽ تڪليفن جو ڪتاب ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
    هيلي جي هن ناول جو اهم ڪردار ’ڪنتا ڪنتي‘ هڪ ارڏو، اصولن جو پابند ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ آهي. هو پيدائشي طور مسلمان هو. غلاميءَ جي زندگي گذارڻ ۽ هر قسم جون تڪليفون سهڻ جي باوجود به هن نه پنهنجا اصول ڇڏيا ۽ نه ئي وري ڪنهن جي اڳيان جهڪيو، هو سڄي عمر پنهنجي عقيدي تي قائم رهيو. چاليهن سالن جي عمر ۾ هن جي شادي هڪ شيدي عورت ’بيل‘ سان ٿي، جيڪا عقيدي جي لحاظ کان عيسائڻ هئي. بيل جي پيٽان هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو ’ڪنتا ڪنتي‘ نالو ”ڪزي“ رکيو. ڪنتا کي پنهنجي ڪُٽنبي سڃاڻپ قائم رکڻ جو ديوانگيءَ جي حد تائين جنون هو. اهوئي سبب هو، جو هو پنهنجي ڌيءَ ”ڪزي“ کي وقت بوقت آفريڪا جي مختلف شين جي نالن ۽ اُتان جي ريتن رسمن جي باري ۾ ٻُڌائيندو رهندو هو. هن ”ڪزيءَ“ کي پنهنجي اغوا جي واقعي کان به واقف ڪري ڇڏيو هو. اهي ئي واقعا جيڪي پوءِ ’اليڪس هيليءَ‘ تائين پهتا. ’ڪنتا ڪنتي‘ ۽ زالهنس جي اها خواهش هئي ته هو پنهنجيءَ ڌيءَ کان ڌار نه ٿين، پر حالتن ڪجهه اهڙو ته ڦيرو کاڌو، جو ”ڪزي“ سورهن سالن جي وهيءَ ۾ وڪجي ويئي. ائين ’ڪنتا ڪنتي‘ جو نسل سندس ڌيءَ جي ذريعي اڳيان وڌيو.
    اليڪس هيليءَ کي انهن واقعن جي سچائيءَ تي ڪوبه شڪ نه هو. پوءِ به هن فقط تحقيق جي غرض سان ٻارهن سالن تائين مختلف لئبررين جي دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته جيئن انهن واقعن جي تصديق ڪري سگهجي ۽ شڪ جي تر جيتري به گنجائش نه رهي. هن ٽن کنڊن جي پنجاهه کان به وڌيڪ لئبررين ۽ عجائب گهرن جي رڪارڊ رومن ۽ محفوظ دستاويزن يعني آدم شماريءَ جي فهرستن کان وٺي، آفريڪا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ارڙهين صديءَ ۾ هلندڙ غلام بردار جهازن جو به رڪارڊ هٿ ڪيو.
    ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ به ناول جو ڪردار بنجي، پنهنجي ڪردارن جي ڪيفيت ۽ تڪليف جي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جيئن هو لکي ٿو:
    ”جڏهن ڪنتا ڪنتي ۽ ٻين قيدين کي غلام بردار جهازن ۾ نيڻ جو داستان لکڻ جو وقت آيو ته مون آفريڪا پهچي هڪ مال بردار جهاز ”آفريڪا اسٽار“ تي سفر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ پوءِ جهاز جي هيٺينءَ حصي ۾ سامان سان گڏ فقط ڪڇو (انڊويئر) پائي ڏهه ڏينهن تڪليف واريون راتيون گذاريون، جيئن اونداهي، بدبوءَ ۽ لوڏن کائيندڙ جهازن جي رڳڙ جو مزو چَکي سگهان. جيتوڻيڪ اهو تڪليف وارو تجربو، منهنجي وڏڙن جي انهن تڪليفن جي ڏهوڻي پتيءَ جيترو به نه هو. ان هوندي به سامونڊي جهاز تي سفر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته پنهنجي وڏڙن جي سفر جون حالتون لکڻ وقت حق ادا ئي ٿي سگهي.“
    اليڪس هيليءَ جيان، سنڌ ۾ به شيدي نسل جي هڪ ليکڪ، مرحوم محمد صديق مسافر، سنڌ ۾ شيدين جي غلامي ۽ سندن حالت زار بابت وڏي محنت ڪري هڪ ڪتاب لکيو، ”غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا،“ جنهن ۾ هن يورپ ۽ آمريڪا ۾ شيدي ۽ غلامن جي واپار ۽ انهن جي غلامي ۽ آزاديءَ بابت احوال ڏنو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ شيدين جي آمد ۽ انهن جي حالت زار بابت ڏاڍي متاثر ڪندڙ نموني، گهڻو ڪجهه لکيو اٿس. محمد صديق مسافر سڄي ايشيا کنڊ ۽ سنڌ ۾ شيدي غلامن جي آمد ۽ وڪري جي سلسلي ۾ لکي ٿو:
    ”ساري ايشيا کنڊ ۾ شيدين جو جيڪو وڪرو هلندو هو، سو سڀ عرب سوداگرن جي هٿان. سنڌ ۾ جيڪي به شيدي وڪجي آيا، سي عربن ۽ پٺاڻن آندا.“
    محمد صديق مسافر، جنهن کي پاڻ سنڌ جو ’اليڪس هيلي‘ چئون ته وڌاءَ نه ٿيندو، تنهن هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ نه رڳو شيدين جي حالت تفصيل سان بيان ڪئي آهي، پر انهن جي سڌاري لاءِ پڻ پنهنجي برادري ۽ سرنديءَ وارن کي دردمندانه اپيلون ڪيون آهن. مسافر هن ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، اهي هن پنهنجي والد ۽ سندس ساٿين کان ٻُڌل ساروڻين جي آڌار تي لکيون آهن. محمد صديق مسافر جو والد ننڍپڻ ۾ ڇهن ستن سالن جي عمر ۾ زنجبار (هاڻ اهو علائقو تنزانيا ۾ شامل آهي) جي بدنام غلامن جي منڊيءَ ۾ وڪامجي مسقط پهتو، جتي کيس هڪ عرب خريد ڪيو ۽ پوءِ کيس بلاول جي نالي سان سنڌ موڪليائين. ننڍڙو بلاول وڪامجندو ٺٽي پهتو. جتي ’غلام علي سنگتراش‘ کيس خريد ڪيو.
    ’ڪليات مسافر‘ ۾ پنهنجي پيءَ جي ڪهاڻي لکندي، مسافر لکيو آهي ته هڪڙي ڏينهن غلام علي سنگتراش مڇي وٺي رڌڻ جي لاءِ پنهنجي گهر موڪلي، هن جي گهر واريءَ بلاول کي چيو ته هو ڀر واري واهه تي وڃي مڇيءَ کي ڇلي کڻي اچي. جنهن مهل بلاول واهه جي ڪپ تي ويهي مڇيءَ کي ڇليو پي ته سندس ننڍڙن هٿن مان مڇي کسڪي پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويئي. ماني کائڻ مهل جڏهن سنگتراشي مڇي نه ڏٺي ته زال تي مڇرجي پيو. جڏهن گهر واريءَ بلاول جي هٿان مڇيءَ جي واهه ۾ کسڪڻ جي ڳالهه ٻڌايس ته غلام علي ڪاوڙ جي بلاول کي چڱي مار ڪڍي ۽ پوءِ کيس وارن مان جلهي، گهليندو بازار ڏانهن پنڌ پيو. واٽ تي هن کي ’سيد مخدوم حر علي‘ نالي هڪ شخص مليو، جنهن غلام عليءَ کي ٻارڙي کي ائين ڪُٽڻ جو سبب پُڇيو. جڏهن کيس چيو ته هو ٻار کي وڪڻڻ جي لاءِ وٺي پيو وڃي ته هن بلاول کي خريد ڪري ورتو. بلاول جو نئون نالو ’گلاب خان‘ رکيو ويو ۽ هن ڏاڍي ايمانداري ۽ سگهڙائپ سان ان گهر جي چاڪري ڪندي، گهراڻي ۾ پلجي نپجي وڏو ٿيو. غلاميءَ جي خاتمي تي آزاد ٿي هڪڙي شيدياڻي مائيءَ سان شادي ڪيائين. جنهن مان کيس محمد صديق مسافر پيدا ٿيو.
    محمد صديق مسافرهن ڪتاب ۾ غلامن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انهن جي زباني بيان ڪيون آهن. هڪڙي غلام پنهنجي حالت هن طرح ڄاڻائي آهي:
    ”جنهن عرب جهاز اسان کي ڄنگ بار (زنجبار) جي غلام منڊيءَ مان آندو سو مسقط جي بندرگاهه تي بيٺو. رستي ۾ جيڪي غلام شديد اَگها ٿي پيا هئا، تن کي اُن حالت ۾ سمنڊ ۾ اڇلايو ويو، اسان بچي ويلن کي هڪڙي وڏي ڪوٽ ۾ آندو ويو، جتي هڪڙي داٻي وارو عرب واپاري، ريشمي وهاڻن ۽ گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هو. سندس حُڪم تي اسان سڀني کي هڪڙي قطار ۾ بيهاريو ويو ۽ اسان جي طبي چڪاس ڪئي ويئي. اسان منجهه جيڪي ٿلها ٿنڀرا هئا، تن کي ڌار ڪري هڪڙي ٻئي اڱڻ ۾ وٺي ويا، جتي سندن هٿ ۽ پير ٻڌي، هڪڙي قطار ۾ اوڪڙو ويهاريو ويو ۽ پوءِ ڪجهه جلاهه جهڙا نوڪر آيا. جن جي هٿن ۾ لوهه جون ڳريون ۽ تيز ڌار واريون ڀالي جهڙيون شيّون هيون. پوءِ واري واري سان هنن اهي شيخون غلامن جي مٿن ۾ اهڙي ته سگهه سان هنيون، جو اهي بدن جي آرپار ٿي ويون ۽ غلام انهن شيخن ۾ ڪباب جيان چنبڙي ويا.
    اڱڻ جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ وڏيون ڪڙهايون باهه تي چڙهيل پاڻي يا تيل سان ٽهڪيون پي. غلامن کي انهن ٽهڪندڙ ڪڙاهين تي ڪبابن جيان ٽنگيو ويو. جن جي جسمن منجهان چرٻي پگهرجي انهن ڪڙهاين ۾ ڪرڻ لڳي. اُن انساني چرٻيءَ مان عرب واپاري شهوتي سگهه لاءِ هڪڙي موميا يا ڪشتو ٺاهيندا هئا، جيڪي سونَ جي اگهه ۾ وڪامندو هو، جنهن مان اُهي وڏو نفعو ڪمائيندا هئا ۽ اُنهن اڀاڳن غلامن جو بچيل گوشت پوءِ ٻين غلام قيدين کي کارائيندا هئا. ائين انساني گوشت ۽ ڪجهه کجور ۽ پاڻي، اسان جي خوراڪ هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو ڪو رحمدل محافظ ڪنهن خاص صورت ۾ غلام کي بيمار ڄاڻائي، کيس موت جي مُنهن مان ڪڍي وٺندو هو. پر اُن کان هڪدم پوءِ اُهي جيئري بچندڙ غلام کي وهنجاري، سهنجاري، سُٺا ڪپڙا ۽ خوشبودار تيل مهٽي کيس غلام منڊيءَ ۾ وڃي وڪڻندا هئا.“

    5. دهلي (خشونت سنگهه)
    ”آئون دهليءَ ڏانهن ائين ٿو واپس وران، جيئن پنهنجي آشنا ڀاڳ متيءَ ڏانهن ويندو آهيان. دهلي ۽ ڀاڳ متيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن. هنن ٻنهي هڪ ڊگهي عرصي تائين ڄٽ ۽ جاهل ماڻهن جي هٿان استعمال ٿيڻ سبب پنهنجي دلفريب حسناڪين کي مڪروهه بدصورتين جي هيٺان لڪائڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي. اِهي ته سندس اُهي پرستار ئي آهن، جن جي سامهون هو پاڻ کي پنهنجي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪن ٿيون. جن ۾ آئون به شامل آهيان. هڪ اوپري شخص کي دهلي مصروف بازارين، سوڙهين ۽ اونداهن گهرن جو ميڙ نظر ايندو. اهو ميڙ ڪجهه قديم ۽ ٽٽل ڦٽل قلعن ۽ مئل درياهه سان گڏ آباد مسجدن جي آسپاس پکڙيل آهي. جيڪڏهن سوڙهين ۽ ور وڪڙ ڏيندڙ گهٽين ۾ وڃجي ته اُتي جي سهپ کان ٻاهر ڌپ، اوهان جي حالت اُلٽي ڪرڻ جهڙي ٿيندي. دهليءَ جا شهري ڪنهن به شئي جي پرواهه نٿا ڪن. هو هر هنڌ کانگهارا ڪڍندا، ٿُڪون اڇليندا ۽ پان جون پچڪارون هڻندا آهن. هو هر اُن هنڌ تي پيشاب ۽ ڪاڪوس ڪندا آهن، جتي مٿن اها خواهش غلبو پائي وٺندي آهي. هو وڏي سڏ ڳالهائيندا ۽ ڳالهائڻ مهل پنهنجا لڪل عضوا کنهندا رهندا آهن.“
    مٿيان، ’دهلي‘ ناول جا شروعاتي جملا آهن. جن ۾ خشونت سنگهه ’دهلي‘ شهر سان پنهنجي وابستگي ۽ ان جي ڊگهي تاريخ جي المين کي بيان ڪري ڇڏيو آهي.
    خشونت سنگهه کي هن ناول لکڻ ۾ ويهه سال لڳا ۽ انهن ويهن سالن ۾ هن دهليءَ جي باري ۾ جيڪا جستجو ڪئي، ان جي نتيجي ۾ هن ’شاهڪار‘ ناول جنم ورتو.
    خشونت سنگهه لاهور ۾ جنم ورتو. ورهاڱي جي ڪري هندستان هليو ويو. مختلف ڌنڌن ۽ نوڪرين ڪرڻ کان پوءِ مستقل طور تي لکڻ، پڙهڻ ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. هن پنهنجي اظهار جو ذريعو انگريزي زبان کي بنايو. سندس پهريون ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ آهي، تنهن کانپوءِ هن ٻيا به ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، ڪالم لکيا. تحقيق ڪم ڪيو ۽ پنهنجي مشهور آتم ڪهاڻي پڻ لکي.
    شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو:
    ”مونکي خبر نه هئي ته سک ليکڪ خشونت سنگهه، جو ’دهلي‘ ناول ۽ ٻين ڪتابن جو مصنف آهي، ڪجهه سال پوءِ ايتري ذهانت سان لکندو. جڏهن، هن سان فيض احمد فيض منهنجي اسلام آباد جي ’انٽر ڪانٽينٽل هوٽل‘ ۾ ملاقات ڪرائي هئي، تڏهن هو انهيءَ سک وانگر ٿي لڳو، جو عموماً طنز ۽ مزاح جو هدف هوندو آهي. فيض احمد فيض هن کي چيو، ”پاڪستان جي وڏي شاعر سان مل! هن جو پنجابيءَ ۾ منظوم ترجمو ٿي چڪو آهي. هو پاڻ، سنڌيءَ ۾، شاهه لطيف کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.“
    اُن تي خشونت سنگهه مونکي چيو، ”تو اردوءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟ سنڌيءَ ۾ ڇو ٿو لکين؟“ اُن تي منهنجي دل ۾ آيو ته وسڪيءَ جو اڌ رهيل گلاس سکَ جي ڏاڙهيءَ تي اُڇلايان ته گرو هن جي گرنٿ جهڙي منهن تي کلن! هن اهو نه ٿي ڄاتو ته شاهه لطيف جهڙو شاعر ورلي پيدا ٿيو آهي ۽ هن جو رسالو ڪنهن به گرنٿ کان گهٽ نه آهي.“
    ”دهليءَ“ جي ڪهاڻي مختلف دورن کان ٿيندي، 1984ع ۾ اندرا گانڌيءَ جي سندس سک محافظن جي هٿان قتل ۽ دهليءَ ۾ سکن جي قتل عام تي پوري ٿئي ٿي! اُن وچ ۾ دهليءَ جو سڄو ماضي ’خشونت سنگهه‘ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪندو ٿو اچي، جنهن ۾ هڪ ڪردار ته خود ليکڪ جو به آهي، ٻيو ڀاڳ متيءَجو، جيڪو ٽين جنس آهي. ناول ۾ تاريخ ۽ فڪشن ٻيئي گڏ وچڙ ٿي ويا آهن.
    آئون فيبروري 2011ع ۾ جڏهن دهلي ويو هوس ته دهليءَ ۾ مختلف مزارون ۽ تاريخي هنڌ ڏسندي، مون تي ڄڻ دهليءَ جو نشو طاري ٿي ويو ۽ ان نشي جي پويان ناول ”دهليءَ“ جو ئي هٿ هو.

    6. نوجوانوں کا گيت (يانگ مو)
    محترم نجم عباسيءَ، پنهنجي ڪتاب ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ۾ لکي ٿو:
    ”....جڏهن ڳالهائيندڙ ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائيندي چيو ته هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي ته عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منهنجون اکيون آليون ٿي ويون.... کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مونکي هڪ چيني ناول Song of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي. منهنجي ذهن ۾ اهو ايترو ته ڄمي ويو هو، جو اُن کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس. ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو....
    ....ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو وڏو ٽولو هتي آيو هو. ’مهراڻ آرٽس ڪائونسل‘ حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو. مان به ڪوٺ تي ويو هوس. ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سُڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو ته ”هيءَ جڳ مشهور ناول Song of Youth جي ليکڪا آهي“ ته حيرت ۽ خوشيءَ کان منهنجون نظرون هن ۾ کُپي ويون. حيرت ان ڪري به لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو ته ”يانگ مو“ مرد هوندو. پر هيءَ عورت هئي. منهنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر کان سَرس هئي. پنهنجي تقرير ۾ پليجي هن جي ناول جي وڏي واکاڻ ڪئي.
    پوءِ جڏهن اُن وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو ته هن اعلان ڪيو ته ’يانگ مو‘ جي ناول ’نوجوانن جو گيت‘ جو بورڊ طرفان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ويندو. اُن تي ميڙ ۾ ويٺل ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون. پر انهيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريون هوم ته سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميوار آفيسرن جي جذباتي ۽ غير ذميدارانه اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي.“
    (ڪهاڻيءَ جو قافلو: نجم عباسي، ص. 46-47)
    سنڌيءَ ۾ انهيءَ ناول جو نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن دوست انتهائي بيڪار ۽ ڪٽيل سَٽيل ترجمو ڪيو جيڪو ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو. پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ايتري پذيرائي حاصل ڪري نه سگهيو.
    يانگ مو، پنهنجو هيءُ ناول 1930ع واري ڏهاڪي ۾ بيجنگ جي شاگردن جي محب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو. جڏهن 1931ع ڌاري جاپانين اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ويئي هئي ۽ هيءُ ناول ان ئي دور جي ڪهاڻي آهي. جنهن جو پسمنظر بيان ڪندي ”يانگ مو“ لکي ٿي:
    ”جن سالن جي هيءَ ڪهاڻي آهي، انهن ڏينهن آئون خود هڪ شاگردياڻي هيس، پر تعليم جاري رکي نه سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ به ناڪام رهيس. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته انهن ڏينهن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي مُنهن ڏيئي رهيا هئا ۽ نوجوانن لاءِ ان کانسواءِ ٻي ڪا واهه ئي نه هئي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين. اهائي ڳالهه ذهن ۾ رکي مون ”لين تائوچنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو. هيءَ ڪهاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
    ناول جي ليکڪا، يانگ مو، 1915ع ۾ بيجنگ ۾ پيدا ٿي. مڊل پاس ڪرڻ کانپوءِ، پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي رهي. ۽ بيجنگ يونيورسٽيءَ مان ’آف ڪئمپس شاگردياڻي‘ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين. جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ته اُن ۾ حصو ورتائين. هوءَ ڪيترين ئي اخبارن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهي. هن 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. ”نوجوانن جو گيت“ سندس پهريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو.

    7. ٻارن جو مسيح (اينڊ بلائٽن)
    ڪجهه سال اڳ جڏهن 13 آگسٽ تي، سائين محمد ابراهيم جويي سان سندس سالگرا واري ڏينهن، سندس گهر وڃي مليو هوس ته مون کيس ٻڌايو هو ته مون تي جن ڪتابن وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ اوهان جو ”اينڊ بلائٽن“ جو ٻارن لاءِ حضرت مسيح عليھ السلام جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب جو ترجمو ”ٻارن جو مسيح“ به شامل آهي. جواب ۾ پاڻ چيائين، ”تون اهو پهريون ماڻهو آهين، جيڪو اُن ڪتاب جو حوالو پيو ڏينءَ ته اُن مون تي اثر ڪيو.... نه ته اڪثر دوست ايندا آهن ۽ اهي منهنجي مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندا آهن. تون ان تي لک ته ”ٻارن جي مسيح“ توتي ڪيئن اثر ڪيو.“
    اهائي ساڳي ڳالهه ٻي سال 2005ع ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ حيدرآباد ۾ جويي صاحب جي ملهايل سالگرا جي تقريب ۾ مون پنهنجي تقرير ۾ به ڪئي.
    جيتوڻيڪ آئون جويي صاحب جي خواهش موجب ڪجهه لکي نه سگهيس. پر اڄ جڏهن پنهنجي پسند جي ڏهن ڪتابن بابت لکڻ ويٺو آهيان ته اها ڳالهه لکڻ مناسب سمجهيم.
    ”ٻارن جو مسيح“ اينڊ بلائٽن جي ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب Children Life of Chirst جو ترجمو آهي. جيڪو لکيو ئي ٻارن لاءِ ويو آهي. حضرت مسيح عليھ السلام، جيڪو ٻارن سان بي حد محبت ڪندو هو، جنهن جا هن ڪتاب ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن.
    ”جيئن هڪڙي ڀيري، مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو ته منجهن وڏو ڪير آهي. هُنن پوءِ مسيح کان پڇيو، ”سائين! آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ مسيح هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي انهن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو ۽ چيائين، ”آئون اوهان کي سچ ٿو چوان ]هي پياري مسيح جو تڪيو ڪلام هو[ ته جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نه ٿيندا، تيسين ڪنهن به طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا، تنهنڪري ]اوهان مان[ جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، اهوئي آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکيو ويندو.“
    خود حضرت مسيح جو جنم هڪ وهائي تاري مثل هو. جنهن اونداهي دنيا ۾ اچي سوجهرو ڪيو. هو هڪ اهڙي ٻالڪ مثل هو، جيڪو ”خدا جي بادشاهت جي ڪُنجي هو“. جيئن ترجمي جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”حضرت مسيح جو جنم هر انساني ٻار جي علامت آهي. خاص ڪري مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ٻار جي جنم جي. ۽ ان جي به هر پورهيت ۽ مسڪين گهر جي ٻار جي. جنهن ۾ هُن جي مائٽن، هُن جي طبقي جي سڀني ماڻهن، ۽ هن جي سڄي قوم، بلڪه سڄي انساني برادريءَ جون اميدون ٿين ٿيون. يا ٿي سگهن ٿيون ته هو سندن ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ ان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو.“
    هتي مونکي هڪ انگريز شاعر جو شعر ياد ٿو اچي:
    Lives of Great men all remind us
    We can make our Lives sublime,
    And departing leave behind us,
    Foot prints on the sands of time.
    ]مها پُرشن جا جيون اسان کي يادگيري ٿا ڏيارين ته اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.[
    مٿيون شعر حضرت مسيح جي زندگيءَ تي به ٺهڪي ٿو اچي ته ”ٻارن جي مسيح“ جي مترجم محمد ابراهيم جويي تي به.

    8. شهنشاهه کان شهريءَ تائين
    ڪٿي پڙهيو هئم ته دنيا جي گولي تي فقط ٻه بادشاهه ئي وڃي رهندا، هڪڙو برطانيا جو بادشاهه (يا راڻي) ۽ ٻيو تاش جي پتن وارو بادشاهه. برطانيا جو بادشاهه ان ڪري ته انگريز روايت پرست قوم آهي، جيڪا روايتي انداز ۾ بادشاهت کي برقرار رکندي اچي ۽ تاش جي بادشاهه کي ته نڪا لهر ۽ نه وري ڪو لوڏو.
    ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيتريون ئي بادشاهتون ۽ شهنشاهيون قائم هيون، اڄ انهن جا فقط نالا ۽ ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ آهن. انهن مان ڪن بادشاهن پنهنجون آتم ڪهاڻيون/ تزڪ به لکيون، جن مان نه رڳو سندن، پر سندن بادشاهتن جي باري ۾ به ڪافي معلومات ملي ٿي.
    ”شهنشاهه کان شهريءَ تائين“ اسان جي پاڙيسري ملڪ چين جي آخري شهنشاهه ڦواي (PU-Y1) جي آتم ڪهاڻي آهي. عام طور تي غريبيءَ کان اميريءَ تائين جو سفر پيو ٻُڌبو آهي، پر هن همراهه جي ڪهاڻي اميريءَ کان غريبيءَ جي سفر آهي. جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ’اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر‘ به سڏين ٿا. ڦو اي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ”چنگ“ گهراڻي جو آخري بادشاهه هو. جيڪو چين جي بادشاهه ”ڪئانگ شيو“ جي چالاڻي کانپوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو. ٽن سالن کان پوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو. بادشاهه تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو. پر هو 1924ع تائين پنهنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ”محل ممنوع“ اندر رهندو آيو. اُن وچ ۾ کيس هڪ ڀيرو بادشاهه بنائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ٻارهن ڏينهن تائين سندس نئين بادشاهي هلي. ان کانپوءِ وري انقلاب سبب نه رڳو تخت تان لهڻو پيس، پر 1924ع ۾ محلات مان به تڙي ڪڍيائونس، جتان پهرين هو پنهنجي پيءُ جي گهر آيو، پوءِ ڀڄي وڃي جاپاني سفارتخاني ۾ پناهه ورتائين. 1931ع ۾ جاپانين، چين جي علائقي ”منچوريا“ تي قبضو ڪيو ۽ 1932ع ۾ کيس ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه بنايو ويو ]جاپاني ’منچوريا‘ کي مانچوڪو چوندا هئا[ 1932ع کان 1945ع تائين هو ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاهه رهيو. پر ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ، نه رڳو ’ڦو اي‘ جي ڪٺ پتلي بادشاهي پوري ٿي، پر کيس جنگي ڏوهاريءَ جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو. هاڻ هو روسين جو قيدي بنجي ويو. پنجن سالن کان پوءِ چين تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مائوزي تنگ جي حڪومت قائم ٿي ته هن کي به ٻين جنگي قيدين سان گڏ چين موڪليو ويو. هن کي پڪ هئي ته چين پهچڻ کانپوءِ کيس ماريو ويندو. پر ائين نه ٿيو. هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ کيس پاڻ سُڌارڻ جي پروگرام تحت، تبديل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن اُتي ڏهه سال وڌيڪ قيديءَ جي حيثيت سان گذاريا. اُن وقت چين ۾ اها ڳالهه عام طور تي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي ته (جڏهن شهنشاهه ڦو اي جيل ۾ هو) ڪڏهن ڪڏهن مائوزي تنگ چرچي ۾ چوندو هو، ”مون کانپوءِ منهنجي تخت جو وارث ’ڦو اي‘ ٿيندو.“
    جيل مان نڪرڻ کانپوءِ کيس عام زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي. ۽ حڪومت پاران کيس مالهيءَ جي نوڪري ڏني ويئي ته ويٺو گلن کي پاڻي ڏي. اهڙيءَ طرح چين کي سهڻو بنائڻ ۽ ڪجهه سندس به خذمت ڳڻي ويندي. پاڻ ڏيڍ سال تائين اها نوڪري ڪيائين، تنهن کانپوءِ کيس پنهنجي سرگذشت لکڻ جو ڪم ڏنو ويو.
    جڏهن 1959ع ۾ کيس عام معافي ڏيئي جيل مان ڪڍيو ويوته سندس چواڻي ’هو پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ نئين ماڻهوءَ جي روپ ۾ بدلجي چڪو هو.‘ سندس زندگيءَ جا اهي آخري سال هئا، جن ۾ هن صحيح طرح هڪ نارمل زندگيءَ جو مزو ماڻيو، نه ته ان کان اڳ هن آزاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو. هاڻ هو عام ماڻهن وانگر ڪم ڪار ڪندي ۽ گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي نظر اچڻ لڳو. پنجاهه سال اڳ هو چين جي شهنشاهيت جو ڌڻي هو. هزارين ڪمرن واري محل ۾ رهندو هو. جنهن ۾ هزارين مرد، زالون ۽ کدڙا خذمتگار هوندا هئا. هاڻ هو هڪ سادڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. سستين ۽ عام هوٽلن ۾ چانهه ۽ ڊبل روٽي پُسائي کائڻ لڳو ۽ سرڪاري بسين ۾ عام ماڻهن جيان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.
    اهڙي ئي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”مون جڏهن پهريون ڀيرو بس ۾ سفر ڪيو ته پنهنجي ماسات کي صفا ڊيڄاري ڇڏيم. آئون قطار ۾ بيٺو بس جو اوسيئڙو ڪري رهيو هوس. مون ڏٺو ته ٻيا ماڻهو پوڙهن ۽ ٻارن کي بس ۾ پهرين چڙهڻ جي لاءِ جاءِ ڏيڻ خاطر هڪ پاسي هٽي ٿي ويا ۽ هڪ عورت جيڪا منهنجي پويان بيٺي هئي، مون تنهن کي پهرين بس ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ خاطر هٽي پويان ٿيس، مونکي ڪهڙي خبر ته اها بس جي ڪنڊيڪٽر هئي. هن جڏهن ڏٺو ته آئون بس ۾ نه پيو چڙهان ته هوءَ چڙهي ويئي ۽ بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس رواني ٿي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ منهنجو ماسات ٻي بس اسٽاپ تان بس مان لهي ڊوڙندو آيو ۽ اسان پري کان هڪ ٻي کي ڏسي کلڻ شروع ڪيو.“
    اهڙي ئي هڪ ٻي واقعي جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
    ”آئون جڏهن پهريون ڀيرو حجام جي دوڪان تي چڙهيس. پر سچ اهو آهي ته اهو ٻيو ڀيرو هو، جو آئون حجام جي دوڪان تي ويو هوس، ڇو ته پهريون ڀيرو آئون ٽيهه سال اڳ ”ٿيئن چن“ ۾ هڪ ڀيرو ”چوانگ يون ان ڪمپني“ وارن وٽ وار لهرائڻ ويو هوس. پر هن ڀيري مون سان جيڪو واقعو پيش آيو، اهو پهريون واقعو هو. آئون ڪرسيءَ تي ويٺس ته منهنجي نظر هڪ عجيب ۽ غريب شئي تي پيئي. ان جهڙي شئي مون اڳ ”هاربن“ جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڏٺي هئي. مون حجام کان پڇيو ته ”هيءَ جيڪا منهنجي ڀر ۾ شئي پيئي آهي ۽ ’زون زون‘ جا آواز پيئي ڪڍي اها ڇا آهي؟“ هُنَ ٻُڌايو ته اها وارن کي سُڪائڻ جي مشين آهي. مون پڇيس ته ”تون پهرين وارن کي سڪائيندو آهين يا ڪٽيندو آهين؟“ منهنجي ان سوال تي هو حيران ٿي ويو ۽ پڇيائين، ”ڇا تو اڳ ۾ ڪڏهن وار نه لهرايا آهن؟“ سندس خيال هو ته آئون ساڻس چرچا پيو ڪريان. جڏهن ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ته اسين ٻيئي ڏاڍو کلياسين ۽ مون جڏهن وارن کي سُڪائڻ واري مشين جي ’زون زون‘ جو آواز پنهنجي مٿي تي ٻُڌو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي.“
    جيل مان نڪرڻ ۽ نارمل زندگي گذارڻ دوران ”ڦو اي“ چين ۾ تبديل ٿيل سماج کي ڪيئن ڏٺو. ان جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”آئون ريل ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ٻاهر برف سان ڍڪيل سهائو ۽ وشال علائقو منهنجي آئيندي جيان پکڙيو پيو هو. گاڏيءَ ۾ آئون عام مزدورن سان گڏ ويٺو هوس. منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو آئون هنن سان گڏ ويٺو هوس. يا ساڻن گڏ سفر ڪري رهيو هوس. مونکي هنن سان گڏجي پنهنجي وطن جي اڏاوت ڪرڻي هئي. انهن سان هڪ جسم ٿيڻو هو. نه، پر آئون ته اڳ ۾ ئي هنن سان هڪ جسم ٻه دليون بنجي چڪو هوس.
    ....ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن مونکي اُن معاشري جو مقام ڏيکاري ڇڏيو. جنهن ۾ آئون شامل ٿي رهيو هوس ۽ مونکي اُنهن ماڻهن جي گُڻن کان به واقف ڪري ڇڏيو، جن جي وچ ۾ آئون ويٺو هوس. گاڏيءَ جو هڪ ملازم ۽ هڪ مسافر عورت هڪ ننڍڙي ٻارڙي لاءِ جڳهه ڳولهيندا اچي اسان جي بوگيءَ ۾ نڪتا، جيڪا هنن جي ٻانهن ۾ هئي. منهنجي پويان ويٺلن هڪ سيٽ خالي ڪري ڇڏي. عورت ٻارڙيءَ کي سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿس جهڪي ويئي. هوءَ ڏاڍي فڪرمند نظر پئي آئي. هڪ مسافر پُڇيس، ”ٻارڙي بيمار ته ڪونهي، جي بيمار آهي ته کيس گهر کان ٻاهر ڇو آندو اٿئي؟“ عورت جي جواب اسان کي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي. ڪلاس هلندي اوچتو ٻارڙيءَ جي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. اسڪول جي طبي عملي جي ڪارڪنن کي ”اپينڊڪس“ جو شڪ ٿيو، ۽ هن چيو ته کيس هڪدم اسپتال پهچايو وڃي. جيئن ته ٻارڙيءَ جا والدين هڪ ڏورانهين هنڌ تي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا، تنهنڪري ايترو وقت نه هو جو انهن کي چئي سگهجي ته اچي کيس اسپتال وٺي وڃو. آپريشن جي لاءِ کيس کاڻ جي اسپتال پهچائڻ لاءِ به ڪافي وقت لڳي ها. تنهنڪري ماسترياڻيءَ کيس بنا دير جي سڌو ٽرين ۾ ”شن يانگ“ نيئڻ جو فيصلو ڪيو. پليٽ فارم جي عملي کيس اها موڪلي ڏني ته هوءَ ڀلي ٽڪيٽ جي قيمت ٽرين ۾ ئي ادا ڪري ۽ کيس اهو به ٻُڌاين ته هو ”شن يانگ“ وارن کي چئي ڇڏيندا ته هنن جي سار سنڀال لهن. اهو سڀ ڪجهه ٻُڌي ۽ ڏسي مونکي خيال آيو ته آئون جنهن سماج ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان، اهو ته منهنجي تصور کان به سُٺو آهي.“
    پير علي محمد راشدي 62-1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير هو. ان دوران هن چيني حڪومت جي اجازت سان ”ڦو اي“ سان ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي ڪتاب ”چين جي ڊائري“ ڪندي لکي ٿو:
    ”دروازو کُلندي ئي چين جو آخرين تاجدار سامهون بيٺل نظر آيو. ترجمان تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي مسٽر Pu-Yi آهي.“ مون سان ۽ اسان جي ترجمان سان مصافحو ڪرڻ بعد اسان کي وٺي وڃي ڪونچن تي ويهاريائين. ويهڻ کانپوءِ گفتگو شروع ٿي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته، ”آئون اڄڪلهه پنهنجي سوانح لکي رهيو آهيان. جنهن جو عنوان آهي ”منهنجي زندگيءَ جو پهريون اڌ“. في الحقيقت ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ان تي نظرثاني پئي ٿئي.
    منهنجي زندگيءَ جو اهو حصو سچ پُڇو ته نهايت ئي حقير هو. اهو عرصو مون عوامي مقاصد جي خلاف هلندي بسر ڪيو. فيوڊل ازم، سامراجيت ۽ نوڪر شاهيءَ جي نقش قدم تي هلندي. آئون گويا هڪ ڀُوت هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيئرمين مائو مونکي نئين زندگي عطا ڪئي آهي. اصلوڪو ’ڦو اي‘ مري چڪو آهي، هيءَ نئين زندگي عوام جي خذمت ڪندي پوري ڪندس. ابتدائي دور اندر منهنجي روح تي ’فيوڊل‘ خيالات جو قبضو هو. بطور دشمنن جي هڪ هٿ ٺوڪئي بادشاهه جي، مان پنهنجي ملڪي ڀائرن سان بي وفائي ڪري چڪو هوس. منهنجي هٿان ڪڏهن به پنهنجي ملڪي ڀائرن جي خذمت ٿي نه سگهي هئي. منهنجي زندگي شرمناڪ هئي. جيڪا Exploitation ۾ صرف ٿي ٿي. اهو نتيجو هو تعليم ۽ پرورش جو، جيڪا مونکي پنهنجي خاندان ذريعي ملي هئي ۽ جنهن پٽاندڙ مون ۾ آرزو هئي ته آئون بادشاهه ٿي رهان. اها آرزو تخت تان لهڻ ۽ رعيتي راڄ قائم ٿيڻ کانپوءِ به بدستور قائم رهي. ان آرزوءَ پوري ڪرڻ خاطر مونکي پنهنجي ماڻهن ۽ عوام جو باغي بڻجي، امپريلسٽ ۽ وار لارڊس جي هٿن ۾ کيڏڻون پيو.
    ....چيئرمين مائو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذريعي مون نئون سبق مليو آهي ۽ آئون ٻيهر ڄائو آهيان ۽ اُن سبق جي دوران ئي مونکي پروڙ پيئي ته هڪ انسان کي ٻي انسان جي Exploitation نه ڪرڻ گهرجي. هينئر آئون عوام جو هڪ جزو آهيان ۽ پنهنجي گذريل زندگيءَ کي شرمناڪ پيو سمجهان.“
    مون موٽائي سندس ڪتاب جو ذڪر ڇيڙيو. مون چيس ته جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته اوهان جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڪجهه مشورا عرض ڪريان، ڇو ته اوهان جو ڪتاب سڄي دنيا پڙهندي ۽ آئون ضروري ٿو سمجهان ته ان ۾ ٻاهرين دنيا جي نقطه نگاهه موجب ڪجهه ڳالهيون شامل هجن. جهڙوڪ: اوهان جو ڪتاب محض هڪ اقبالي مجرم جي ڪٿا يا عدالتي بيان طور دنيا جي اڳيان نه اچڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا تي اُن جو خراب اثر پوندو، هرڪو چوندو ته اوهان مجبوريءَ جي حالت ۾، پاڻ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اوهان ڪتاب ۾ ڪجهه مرچ مصالحا وجهي، کيس دلچسپ بنايو ۽ پنهنجي خانگي زندگيءَ جا ڪجهه واقعا بيان ڪريو. محلات جي زندگيءَ تي روشني وجهو. پنهنجي دلچسپين ۽ مشغولين جو ذڪر ڪريو (ته) اوهان کي ڪهڙا شوق هئا. ڪڏهن عشق عاشقيءَ جو معاملو به رهيو يا نه. غرض ته ان قسم جون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن، جيئن اهو ڪتاب هڪ دلچسپ Human Document بڻجي پيئي. ٿي سگهي ته ان کي باتصوير به بڻايو.
    پاڻ کيسي مان نوٽ بوڪ ڪڍي، خيال سان اهي پوائنٽ لکندو ويو. گفتگو هلندي، سندس هڪ پير ۽ هٿ متحرڪ ٿي رهيو. جيئن نروس ماڻهن جو حال هوندو آهي ۽ غير شعوري طور تي ڄنگهه يا ٻانهن هلندي رهندي اٿن.
    سوا ڪلاڪ گذري چڪو هو. سندس وڌيڪ وقت وٺڻ مناسب نه سمجهي آئون اُٿس، پر اُٿڻ کان اڳ سندس تصوير ڪڍڻ جي اجازت ورتم؛ جيڪا خوشيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ڪپڙا سڌا ڪري پوز ڪرڻ لڳو. مون ٻه ٽي ايڪسپوز ڪڍي ورتا. ان کان پوءِ اسان کي ٻاهر موٽر تائين وٺي آيو. ايستائين بيٺو سلام ڪندو رهيو، جيستائين اسان جي موٽر احاطي کان ٻاهر نڪري ويئي.“
    پنهنجي ڪتاب جي حوالي سان ساڻس پرڏيهين جي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ”ڦو اي“ لکي ٿو:
    ” ڪيترن ئي غير ملڪي دوستن کي منهنجي ڪتاب سان دلچسپي پيدا ٿي. غير ملڪي مزمان ۽ اخبار نويس مون سان ملڻ ۽ منهنجن تجربن، خاص ڪري گذريل سالن ۾ منهنجي اصلاح جي باري ۾ پُڇندا آهن. هڪ لاطيني آمريڪي دوست چوڻ لڳو: اُن مان هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي ته ’فڪر مائوزي تنگ ڪيڏو نه عظيم آهي.‘ هن مونکي چيو ته جلدي پنهنجو ڪتاب لکي پورو ڪريان. هڪ ايشيائي دوست چوڻ لڳو، ’مونکي اميد آهي ته جيئن ئي تنهنجي ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ڇپجندو، تون مونکي ان جي هڪڙي ڪاپي موڪليندين، ته جيئن اهو آئون پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهان. ۽ منهنجي ملڪ جو عوام به تنهنجو حيران ڪندڙ داستان پڙهي سگهي.“
    ’ڦو اي‘ جو اهو ڪتاب چين ۾ سرڪاري سطح تي ڇاپيو ويو ۽ چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ ان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، چين مان ئي شايع ڪرايو. سڄو ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي جو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ تي دل ٿي چوي. ڪتاب جو اسلوب به نهايت سادو، پر دل کي ڇهندڙ آهي.
    ڦو اي 1967ع ۾ ڪئنسر وگهي وفات ڪئي.
    چين جي هن آخري شهنشاهه جي زندگيءَ تي مشهور ڊائريڪٽر ’برٽولسي‘ The Last Emperor جي نالي سان فلم به ٺاهي، جيڪا ممڪن آهي ته گهڻن ڏٺي به هجي.

    9. جانورستان (جارج آرويل)
    جارج آرويل جو هيءُ ناول مون ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ پوءِ اُن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو. سنڌيءَ ۾ مون اُن کي ”جمهوريه جانورستان“ جو نالو ڏنو. آرويل هن ناول ۾ اڳوڻي ’سوويت يونين‘ ۾، لينن جي وفات کانپوءِ اقتدار جي جنگ، ان ۾ اسٽالن جي ڪاميابي، ٽراٽسڪيءَ جي جلاوطني ۽ اسٽالن جي عروج ۽ پوءِ پيدا ٿيل حالتن جو ڏاڍو خوبصورت چٽ چٽيو آهي. هن ناول جي ذريعي ماڻهن کي خبر پئي ته اشتراڪيت جي فلسفي کي نامناسب انداز ۾ عملي جامو پهرائڻ جي صورت ۾ آمريت نهايت بُڇڙي روپ ۾ سامهون اچي ٿي. هن ناول ۾ دراصل اهڙي دنيا جو تصور پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هر طرف ظلم ۽ ڊپ جو راڄ هجي. غير معمولي طنز سان ڀرپور هن ناول ۾ آرويل هڪ اهڙو ’فارم‘ ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ رهندڙ جانور انقلاب آڻي، اُن تي قبضو ڪري ٿا وٺن. پوءِ اها حڪمراني بدترين آمريت ۾ بدلجي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ته جارج آرويل کي هي ناول لکڻ جو خيال ان وقت آيو، جڏهن هن هڪ ڏهن سالن جي ڇوڪري کي اهڙي گاڏي هلائيندي ڏٺو، جنهن کي ڪيترائي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. آرويل سوچيو ته، ”جيئن هڪ ٻارڙو انهن گهوڙن کي چهٻڪ ذريعي ڪنٽرول پيو ڪري، بلڪ تيئن اشتراڪيت ۾ به ڪجهه ماڻهو جبر جي ذريعي سڄي سماج کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.“
    جارج آرويل جو هي ناول پهريون ڀيرو 1945ع ۾ ڇپيو، پر اُن جي حقيقي مقبوليت 1950ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ شروع ٿي. اهو سرد جنگ جو دور هو ۽ هن ناول کي ’اشتراڪيت‘ جي خلاف پروپيگنڊهه طور به استعمال ڪيو ويو.
    ”اينيمل فارم“ جي ڇپائيءَ ۾ هڪ مرحلي تي رنڊڪ پئجي ويئي. 1945ع ۾ ناول جي اشاعت وقت روس ۽ برطانيا ۾ سٺا لاڳاپا هئا. برطانوي حڪومت اهو نٿي چاهيو ته عام چونڊن کان اڳ اهو ناول ڇپجي. هڪ پبلشر اهو چوندي ڪتاب ڇپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته حڪومت ناول جي اشاعت تي پابندي وجهي ڇڏي آهي، پوءِ پتو پيو ته پبلشر کي سرڪاري حڪم نامو ڏيکارڻ وارو سرڪاري آفيسر دراصل سوويت جاسوس هو.
    ناول جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ’مينر فارم‘ جو انعام يافته ’سوئر‘ اولڊ ميجر هڪ ڏينهن سڀني جانورن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ٻُڌائي ٿو ته هن هڪ خواب ڏٺو آهي ۽ فارم مان انسانن جو خاتمو ٿي ويو آهي ۽ هاڻ سڀ جانور آزادي ۽ خوشحاليءَ جي زندگي پيا گذارين. ’اولڊ ميجر‘ انسانن کي پرماريت ڪندڙ جيتن سان مشابهت ڏني ۽ هو سڀني جانورن کي انقلاب جو گيت ٿو سيکاري. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ’اولڊ ميجر‘ گذاري وڃي ٿو. هن جي مرڻ جي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻئي سوئر (نيپولين ۽ سنوبال) انقلاب جي راهه هموار ڪن ٿا. پوءِ هڪ رات جو سڀ بُکايل جانور گڏجي بغاوت ڪن ٿا ۽ فارم جي مالڪ کي هڪالي ڪڍن ٿا. فارم جو نالو هاڻ ”اينيمل فارم“ آهي ۽ سڀ جانور گڏجي مستقل جي خيالي جنت جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. ”حيوانيت“ جي منشور طور ’ست‘ نوان اصول يا حڪم تيار ڪيا وڃن ٿا. اهي حڪم هڪ ڀت تي لکيا وڃن ٿا، ته جيئن سڀ جانور ويندي ويندي، انهن کي پڙهندا ۽ ذهن نشين ڪري وٺن.
    جانورن جي لاءِ اهي ست حڪم هيٺين ريت هئا:
    1. جيڪو به جاندار ٻن ٽنگن تي هلي ٿو، اهو اسان جو دشمن آهي.
    2. جيڪو جانور چئن ٽنگن تي هلي ٿو ۽ اُڏام جي صلاحيت رکي ٿو، اهو اسان جو دوست آهي.
    3. ڪوبه جانور ڪپڙا نه پائيندو.
    4. ڪوبه جانور بستري تي نه سُمهندو.
    5. ڪوبه جانور شراب نه پيئندو.
    6. ڪوبه جانور ڪنهن به حالت ۾ ٻي جانور کي قتل نه ڪندو.
    7. سڀئي جانور هر معاملي ۾ برابر آهن.
    باڪسر هڪ گهوڙو آهي، جيڪو گهڻو محنتي آهي. هو ان اصول کي نٿو مڃي ته ڪو سڀ جانور برابر آهن. هو محنت ۾ تمام گهڻي خوشي ٿو محسوس ڪري ۽ چوي ٿو ته ”هو ٻين کان وڌيڪ محنت ڪندو.“ باڪسر پنهنجي سڀاءَ ۾ ملڪ جو غير معمولي وفادار آهي.
    هاڻ سڀ جانور انقلاب آڻڻ جي لاءِ تيار آهن. سنوبال پڙهيل لکيل سوئر آهي، اهو سڀني جانورن کي پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاري ٿو. اينيمل فارم ۾ فصل بيحد ڀلو ٿئي ٿو ۽ خوراڪ جي ڪابه کوٽ ڪونهي. فارم جو مالڪ ’جونز‘ فارم جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ’کُرن واري معرڪي‘ ۾ سڀ جانور گڏجي کيس شڪست ڏين ٿا.
    جلدئي، نيپولين ۽ سنوبال جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. سنوبال، پن چڪيءَ جي خيال پيش ڪري ٿو ته نيپولين اُن جي سخت مخالفت ڪري ٿو. هڪ اجلاس ۾ ان تي بحث مباحثو ٿئي ٿو ته نيپولين پنهنجي پالتو ڪتن کي گهرائي ٿو، جيڪي سنوبال کي ڊوڙائي ٻاهر ٿا ڪن. نيپولين فارم جي اڳواڻي سنڀالڻ جو اعلان ٿو ڪري ۽ هو فوري طور تي ڪجهه تبديليون متعارف ٿو ڪرائي. هاڻ ڪنهن به ’عوامي ميڙ‘ جي ڪابه ضرورت ڪونهي. ڪجهه سوئرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي ٿي، جيڪا سڀني معاملن ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي. نيپولين پن چڪيءَ جو خيال ٻيهر زندهه ٿو ڪري ۽ دعويٰ ٿو ڪري ته اهو خيال اصل ۾ هن جو ئي هو. سڀئي جانور گڏجي ’پن چڪيءَ‘ جي تعمير ۾ جنبي ٿا وڃن. هڪ طوفان ۾ پن چڪي ڊهي اچي پٽ پوي ٿي ۽ نيپولين، سنوبال تي الزام هڻي ٿو ته اها هن جي سازش هئي. بغاوت جو الزام هڻي ڪيترن ئي جانورن کي ماريو ٿو وڃي.
    هوريان هوريان شروعاتي ستن اصولن ۾ ترميمون ڪيون وڃن ٿيون ۽ حالتون وري ساڳيو رخ اختيار ڪرڻ ٿيون لڳن. ڪجهه سوئر گڏجي سڀئي رعايتون ۽ عيش آرام پنهنجي لاءِ وقف ڪرائي ٿا وٺن. نيپولين هاڻ انسانن وانگر زندگي گذارڻ ٿو لڳي.
    ڪيترائي سال گذري ٿا وڃن. هاڻ ’اينيمل فارم‘ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي چڪيون آهن. سوئر، انسانن جيان ٽنگن تي هلڻ لڳا آهن. سڀ جانور برابر آهن. پر ڪجهه جانور ”وڌيڪ برابر“ آهن. جلدئي فارم جي جانورن کي احساس ٿيڻ ٿو لڳي ته هنن ۽ انسانن ۾ جيڪو فرق آهي، ان بابت کين اڃا به خبر ڪونهي. ڪيترائي سوئر هاڻ ٻن ٽنگن تي هلڻ ٿا لڳن. هنن انسانن واريون عادتون اختيار ڪري ورتيون آهن. اهي سڀ بنيادي اصول بدلجي ويا. ثابت ٿيو ته طاقت بدعنوان کي جنم ٿي ڏي، بي پناهه طاقت، بي پناهه بدعنواني جي راهه ٿي هموار ڪري. هوريان هوريان سڀئي بنيادي قانون ۽ حڪم تبديل ڪيا وڃن ٿا. اهي تبديليون فقط سوئرن جون آندل هونديون آهن، جيڪي هنن جي پنهنجي مفاد جي تابع هونديون آهن. هڪ بدليل حڪم هيءُ به آهي ته ڪوبه جانور بستري تي نه سُمهندو، پر چادر کانسواءِ. شراب پيئڻ تي ڪابه پابندي ڪونهي، پر ’وڌيڪ‘ پيئڻ تي پابندي آهي! ۽ ڪوبه جانور ٻي جانور کي ’بنا سبب‘ جي قتل نه ڪندو.
    آخري حڪم يا اصول هيئن بدلايو ويو، ته ”سڀئي جانور برابر آهن، پر ڪجهه جانور ٻين جانورن کان وڌيڪ برابر آهن.“ اهو جملو گهڻو مقبول ٿيو ۽ اشتراڪيت تي ٿيندڙ بحث ۾ ان جو به حوالو ڏنو ويندو هو.
    اينيمل فارم ”اڳوڻي سوويت يونين“ تي چٿر جي صورت ۾ لکيو ويو هو، پر اهو ضروري به ڪونهي ته هر واقعو ڪنهن حقيقي واقعي سان هڪجهڙائپ رکندو هجي. پر جارج آرويل جي اها ڪوشش ضرور هئي ته ناول کي حقيقتن جي تناظر ۾ پڙهيو وڃي.
    آرويل کاٻي ڌر سان واسطو رکندو هو. اسپين جي گهرو ويڙهه ۾ ’جنرل فرانڪو‘ جي خلاف وڙهڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي، اسپين هليو ويو. ان ويڙهه ۾ هو زخمي به ٿيو ۽ کيس پهريون ڀيرو انهن اسٽالني طريقن جي خبر پئي، جن تي هن ناول ۾ چٿر ڪئي آهي. لڙائي ختم ٿيڻ کانپوءِ برطانيا ۾ هن ’ليبر پارٽيءَ‘ کي ووٽ ڏنو. ڇو ته هو سمجهندو هو ته مزدور طبقو ’ليبر‘ کي ووٽ ڏيندو. اسپين جي گهرو ويڙهه جي تجربن تي هن Homage to Catonia جي نالي سان ڪتاب لکيو.
    جارج آرويل جو ٻيو مشهور ناول ’اوڻيهه سئو چوراسي“ (Nineteen Eighty Four) هو. جنهن کيس عالمي سطح تي مشهوري ڏني. اُن ۾ هن جي استعمال ڪيل ”بگ برادرز“ اصطلاح ۽ ٻيا گهڻو مشهور ٿيا. اهو ناول خود اسٽالني طور طريقن تي زبردست چٿر هو.
    مشهور ليکڪ ”مارٽن سيمور سمٿ“ پنهنجي ڪتاب ”هڪ سئو عظيم ڪتاب“ ۾ ”اوڻيهه سئو چوراسي“ کي 93هين نمبر تي رکيو آهي. آرويل جي هن ناول جو ذڪر هڪ ڀيرو هندستاني پارليامينٽ ۾ جواهر لال نهرو به ڪيو.
    جارج آرويل جو اصل نالو ”ايرڪ آرٿر بليئر“ هو. هن 1903ع ۾ بنگال (هندستان) ۾ جنم ورتو، جت پڻهنس سرڪاري ملازم هو. پهرين هن برما جي شاهي پوليس ۾ نوڪري ڪئي، ان جي تجربن جي آڌار تي هن ”برما جا ڏينهن“ ناول لکيو. هن مختلف نوڪريون ڪيون. سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. آرويل 1950ع ۾ سلهه جي بيماريءَ وگهي وفات ڪئي.

    10. ڪرامازوف ڀائر (دوستو فسڪي)
    ول ڊيورانٽ ناليرو ليکڪ ۽ فيلسوف ٿي گذريو آهي. هن هڪ دلچسپ واقعو لکيو آهي ته ”هڪ ڀيري مونکي ڪجهه ليڪچر ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٻي ملڪ وڃڻو پيو. آئون مهيني کانپوءِ واپس گهر موٽيوس. شام جو زال سان ڳالهيون ڪندي مون کانئس پڇيو، ”اڄڪلهه تون منهنجي لئبرريءَ مان ڪهڙو ڪتاب پئي پڙهين.“ هن وراڻيو، ”دنيا جو بهترين ناول.“ مون جواب ۾ چيس، ”تون غلط پيئي چوين، ڇو ته دنيا جو بهترين ناول دوستو فسڪيءَ جو ’ڪرامازوف ڀائر‘ ته خود آئون پيو پڙهان ۽ اهو پاڻ سان گڏ کڻي ويو هوس.“ پوءِ جڏهن مون زال کان اهو ناول وٺي ڏٺو ته اهو دوستو فسڪيءَ جو هڪ ٻيو ناول ”ڪرائيم اينڊ پنشسنٽ“ (ڏوهه ۽ سزا) هو. جڏهن مون اهو پڙهيو ته منهنجي زبان مان بي اختيار نڪري ويو ته آئون ۽ منهنجي زال ٻيئي صحيح هئاسين، ڇو ته بلاشڪ اهي ٻيئي ناول دنيا جي بهترين تخليقن مان هئا.“
    ول ڊيورانٽ جي انهن لفظن ۾ ذرو به شڪ جي گنجائش ڪونهي. دنيا جا سڀ وڏا نقاد اڄ ان ڳالهه تي سهمت آهن ته ناول نويسيءَ جو فن فيودر دوستو فسڪيءَ تي ختم آهي. روسي ادب ۾ دوستو فسڪيءَ کي روسي ليکڪن جو سرتاج ليکڪ ڪري مڃيندا آهن.
    آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جڏهن ڏات ورهائي پئي ويئي ته اها ڏات روسي ليکڪن دوستو فسڪي، ٽالسٽائي، چيخوف، پشڪن، گوگول ۽ گورڪي وغيرهه کي مڙيئي سَرس ملي ويئي.... جو هو دنيا جا عظيم ۽ وڏا ليکڪ مڃيا وڃن ٿا. مون جڏهن به دوستو فسڪي جو ڪو ناول پڙهيو آهي، پوءِ اهو ’جوئاري‘ هجي يا ’ويچارا ماڻهو‘، ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘ هجي يا ’ڪرامازوف ڀائر‘. آئون انهن جي مَنڊ ۾ مَنڊجي ويو آهيان.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ دوستوفسڪيءَ جي ٻين ناولن ۾ ’ايڊيٽ‘، ’ڏوهه ۽ سزا‘، ’ڀوت پريت‘ وغيرهه شامل آهن. ڪرامازوف ڀائر اڻويهين صديءَ جي روس جي فئشني مادي پرستي، ڪٽر عيسائي اعتقاد پرستي ۽ لذت پسنديءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ جو مجموعو آهي. جت ٽڪرائن جي نمائندگي ڪرامازوف ڪٽنب جا فرد ۽ ترتيبوار ايوان، اليوشا ۽ دمتريءَ جا ڪردار ڪندي نظر اچن ٿا. روس جي تاريخ جو هي اهو دور آهي، جنهن ۾ سڀئي مذهبي ڌريون، روسي شهنشاهيت ۽ لبرل قوتون هڪٻئي جي خلاف جاکوڙيندي ۽ پاڻ کي سگهارو ڪندي نظر اچن ٿيون. ’ڪرامازوف ڀائرن‘ جي وچ ۾ ٿيندڙ خيالن جي رساڪشي، دراصل اُن دور جي روسي سماج ۾ ٿيندڙ فڪري ۽ اختياري تضادن جو اولڙو آهي.
    ان ناول بابت دوستو وسڪيءَ پنهنجي زال ۽ پريمڪا کي هڪ خط ۾ لکيو ته: ”هن ئي ناول سبب جي دنيا ۾ منهنجو نالو رهيو ته رهندو، نه ته مونکي پنهنجي ٻي ڪم منجهان امرتا ملڻ جي ڪابه اُميد ڪانهي.“
    جوانيءَ ۾ دوستو فسڪيءَ جي نوجوانن جي اهڙي گروهه سان واقفيت ٿي جن لاءِ مشهور هو ته اهي ڪي سٽاءَ سٽي رهيا آهن ۽ ’زار‘ جو تختو اونڌو ڪرڻ پيا چاهين. توڻي جو انهن جذباتي نوجوانن جا اهڙا سڀ منصوبا رڳو زباني ڪلامي ۽ ڪاغذي هوندا آهن ۽ منجهن اهو سڀ ڪجهه عملي طرح سان ڪري ڏيکارڻ جي همت نه هئي. دوستو فسڪيءَ کي نوجوانن جي ان گروهه سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس هلائي کين گوليءَ سان اُڏائڻ جي سزا ڏني وئي ۽ عين موقعي تي کين گولي هڻي مارڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ، سندن موت جي سزا معاف ڪري، عمر قيد ۽ جلاوطنيءَ جي سزا ڏيئي سائبيريا موڪليو ويو. جتي هو سخت اذيت ۾ رهيو ۽ چئن سالن تائين قيد جي کوليءَ ۾ دوستو فسڪيءَ کي بائيبل کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ نه ڏنو ويو. کيس ”اوسڪ“ نالي جيل ۾ رکيو ويو ۽ اُتي به ان حالت ۾ جو پهچڻ شرط سندس هڪ مُڇ ۽ اڌ مٿو ڪوڙي بيحد ذليل ڪيو ويو. اُن جيل ۾ روس جا گهڻا نامي گرامي ٺڳ، رهزن، چور، بشني ۽ قاتل رکيا ويا هئا. بهرحال، اُتي رهڻ جو فائدو اهو ٿيس، جو انهن جي عادتن ۽ طور طريقن جو ڀرپور مشاهدو ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي کيس لکڻ ۾ ڪم آيو.
    طبيعت جي لحاظ کان دوستو فسڪي اڪثر بيمار رهندو هو. هو حد درجي جو شڪي مزاج، عادي جواري، باغي ۽ تکو شخص هو. پر لکت جي حوالي سان سندس ڏات جا جلوا سندس شاهڪار ناولن ۾ پَسي سگهجن ٿا.

    والٽيئر چيو آهي ته، ”اوهان کي اُن حقيقت جو شعور هئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا ٺهي آهي، وحشي نسلن کي ڇڏي، اُن تي ڪتابن ئي حڪمراني ڪئي آهي.“
    ڪتابن نه رڳو فردن، پر قومن جا ذهن ۽ تقديرون به بدلايون ته کين اُونهيءَ کاهيءَ ۾ به ڪيرايو. ايڊولف هٽلر جي ڪتاب ”مين ڪيف“ (منهنجي زندگي) جرمن قوم کي اهڙو ته چريو ڪري ڇڏيو، اها اکيون پوري هٽلر جي پويان لڳي پيئي.
    ”مين ڪيف“ جي اثرن جي حوالي سان غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل تي لکيل خاڪي ۾ لکي ٿو:
    ”ڊاڪٽر شمل هڪڙي سال ڪراچي آئي ته مون کيس چيو ته ”هٽلر جو ڪتاب ’مين ڪيف‘ (منهنجي جدوجهد) الائي ڪٿان ملندو؟“
    پُڇيائين، ”ڇو....؟“
    مون چيو، ”ادبي بورڊ جو ڇپائيءَ لاءِ منظور ٿيل آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه کي ترجمي لاءِ مليل آهي. پر سندس دلچسپي ڪانهي. مونکي چيو اٿس ته ”تون وڃي ترجمو ڪر.... منهنجي ان ترجمي ۾ دلچسپي اُن ڪري آهي جو ٻي مهاڀاري لڙائي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي. هٽلر جي ڪتاب مان معلوم ٿيندو ته هن پنهنجي نقطهءِ نگاهه جي وضاحت لاءِ منجهس ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن.“
    ڊاڪٽر شمل چيو ته، “It is a Bad book”.
    مان ٻيهر کانئس سوال ڪرڻ وارو هئس، پر اکيون کڻي جو ڏسان ته چهري تي ڏُک جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا اٿس. اکيون ڀرجي آيو اٿس ۽ آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ پوئتي ڪري ٿڌا ساهه پئي ڀريائين. مونکي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همت ته ڪانه ٿي، پر دل ۾ پڇتايم ته، ”مون ساڻس اها ڳالهه ڇو ڪئي!“

    ائين به ڪونهي ته رڳو مٿيان ڪتاب آهن، جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون تي اثر ڇڏيا. ڪجهه ٻيا ڪتاب به آهن. جن جي به هڪ ڌار فهرست ٺهي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن مٿين ڏهن ڪتابن کانسواءِ هڪ ٻي ڏهن ڪتابن جي فهرست جوڙيان ته اها هن ريت هوندي:
    1. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل هارٽ)
    2. ابراهام لنڪن (ڊيل ڪارنيگي)
    3. فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ / محمد ابراهيم جويو)
    4. لوح ايام (مختيار مسعود)
    5. اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ)
    6. تغلق (گريش ڪرناڊ جو ڪنڙ زبان ۾ لکيل ناٽڪ)
    7. ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن (روسي انقلاب جي ڪهاڻي، ليکڪ: جان ريڊ)
    8. برٽرنڊرسل جي آتم ڪٿا
    9. ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول، ليکڪ: انل بروي)
    10. ایک گرم موسم کی کہانی (ناول- انيس ناگي)
    هاڻ جڏهن پاڻ پهرين ڏهن ڪتابن جو جائزو ورتو آهي، ته پوءِ ڇو نه هنن ڏهن ڪتاب جو به مختصر تعارف ڏجي:

    1. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون
    ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جو هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1987ع ۾ ڇيپو ۽ حضرت محمدﷺ کي پهرين نمبر تي رکڻ جي ڪري عيسائي ۽ يهودي بنياد پرستن وڏو گوڙ ڪيو. پر ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جا دليل، جن جي بنياد تي هن انهن هڪ سئو ماڻهن کي چونڊيو، پوءِ تاريخي اهميت ۽ سندن اثرن جي لحاظ کان درجي بندي ڪئي، پنهنجي طور تي ايترا ته ٺوس ۽ سگهارا هئا، جو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن ڪتاب سنجيده نقادن ۽ پڙهندڙن جو ڌيان ۽ پذيرائي حاصل ڪئي. اڳتي هلي، سوويت يونين جي زوال کانپوءِ هن ڪتاب جو سنواريل ۽ سُڌاريل ڇاپو ڇپيو، جنهن ۾ حالتن جي حساب سان سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا.
    جيتوڻيڪ هي ڪتاب نج اولهائين نقطه نظر کان لکيو ويو آهي ۽ ڪن ڪردارن جي سياسي اهميت وڌائي چڙهائي پيش ڪئي ويئي آهي. پر پوءِ به ڪتاب ڏاڍو شاندار آهي.
    مونکي هي ڪتاب مرحوم احمد ضياءَ پڙهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو. هاڻ اهو ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي.

    2. ابراهام لنڪن (ڊيل ڪارنيگي)
    مون جڏهن پهريون ڀيرو، ڊيل ڪارنيگي جي لکيل ابراهام لنڪن جي سوانح پڙهي ته اُن مون تي ايترو ته اثر ڪيو، جو ڪيترو ئي عرصو اها منهنجي اکين جي اڳيان ڪنهن فلمي سين جيان ڦرندي رهي ۽ ڪتاب جي ڪن حصن ته اصل منهنجي اکين مان لڙڪ جاري ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ مون ابراهام لنڪن جي زندگيءَ تي ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ هڪ آمريڪي ليکڪا اسٽرلنگ نارٿ (Sterling North) جو ٻارن لاءِ لکيل سوانحي ڪتاب ABE Lincon: Long Cabin to white House جو سنڌيءَ ۾ ”ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين“ جي نالي سان ترجمو به ڪيم، پر ڊيل ڪارنيگيءَ جو لکيل هيءَ ڪتاب مون کان ڪڏهن به نه وسريو.
    ابراهام لنڪن، آمريڪا جو سورهون صدر هو، جيڪو هڪ جهوپڙيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيت ۽ محنت جي سهاري ايوان صدارت تائين پهتو. بقول مائيڪل هارٽ ”ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا جو، پر تاريخ جي نهايت مقبول ۽ ڪامياب سياسي سرواڻن مان هڪ آهي.“
    ابراهام لنڪن جي زندگي عجيب حالتن ۽ پيڙائن سان ڀريل هئي. هو بنهه غريب گهراڻي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ’ٽام لنڪن‘ ۽ امڙ جو نينسي هو. سندس پيدائش جو ذڪر ڪندي ڪارنيگي لکي ٿو، ”اهو 1809ع جو واقعو آهي، هو آچر جي ڏينهن صبح ڌاري بانس جي هڪ کُڏ تي، جنهن تي بُهه وڇايل هو، پيدا ٿيو، ٻاهر زبردست طوفان آيل هو. فيبروريءَ جي تيز ۽ تکين هوائن سان گڏ گهر جي سوراخن مان برف سندس گهر ۾ گهڙي رهي هئي.“
    ابراهام لنڪن جي جنم جي ڏينهن جيان سندس زندگي به طوفانن سان جهيڙيندي ۽ مٿن سوڀون ماڻيندي گذري. اڃا هو نَون سالن جو هو، جو سندس امڙ حالتن جي سختيءَ سبب گذاري ويئي. جنهن جو مٿس ڪافي اثر رهيو. پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جو ذڪر ڪندي ايب هڪ ڀيري چيو هو، ”منهنجي زندگيءَ جي ابتدائي واقعن کي اختصار، پر جامع نموني فقط هڪ ئي جملي ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو، ”غريبن جي سادي ۽ مختصر ڪهاڻي.“
    لنڪن جي ڪريڊٽ تي جيڪي ٻه وڏا ڪم آهن. انهن مان پهريون غلاميءَ جو خاتمو ۽ ٻيو آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن جي علحدگي پسنديءَ جي خلاف جنگ ۽ ان ۾ ڪاميابي. ائين هو آمريڪا کي ته متحد رکڻ ۾ ڪامياب ته ويو، پر ان جي عيوض کيس پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻي پئي. کيس 1865ع تي واشنگٽن جي فورڊ ٿيٽر ۾ هڪ جنوني اداڪار ”جون وائڪس بوٽ“ قتل ڪري ڇڏيو.
    ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سندس مشهور چوڻي آهي ته، ”سڀ انسان پيدائشي طور تي هڪ جهڙن حقن جا مالڪ آهن.“
    هن ڪتاب جو ليکڪ ڊيل ڪارنيگي 24 نومبر 1888ع ۾ آمريڪا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1955ع ۾ وفات ڪيائين. ڪارنيگي لازوال شهرت جا حامل ڪتاب لکيا، جيڪي اڄ به وڏي پيماني تي پڙهيا وڃن ٿا. ڪارنيگي رڳو ڪتاب نه لکيا، پر قائل ۽ متاثر ڪندڙ طريقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تقرير جي فن کان روشناس ڪرائيندڙ ادارا به هلايا، جتي اهڙن فنن ۽ علمن جي عملي سکيا ڏني ويندي هئي. ڪارنيگي آمريڪا جي ستر اخبارن ۾ مخصوص موضوعن تي ڪالم به لکندو هو. ڊيل ڪارنيگيءَ جا ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي مڙني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪا آهن.
    ڊيل ڪارنيگي جي لکڻ جو انداز سادو، سولو ۽ عام ماڻهن جي مزاج وٽان هو، هن جي لکڻيءَ ۾ هڪ قسم جو جادو هو ۽ هن جي دل ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ڪئي وڃي ۽ انهن جي مسئلن جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٻيڙيءَ کي ان مان ڪڍي ڪاميابيءَ جي ڪنڌيءَ تائين پهچايو وڃي. هو چوندو هو، ”يقين ۽ ڀروسي جي ڏور پنهنجي هٿن مان متان ڇڏيو، پوءِ اوهان جي خواهشن جا لغڙ نيري آسمان جي اُتاهين کي وڃي ڇُهندا.“

    3. فڪر جي آزادي (اسٽيفن زويگ / محمد ابراهيم جويو)
    جڏهن لفظ ’فڪر‘ اچي ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته سوچ جي آزادي، عمل جي آزادي، خيال جي آزادي، پر بدقسمتيءَ سان پاڻ وٽ ائين ڪونهي. پاڻ وٽ آزاد فڪر ۽ عقل جي آڌار تي فڪر جي واڌ ويجهه تي ڄڻ ته پابندي وڌل آهي. محمد ابراهيم جويي چواڻي، ”اسان وٽ جيئن ئي ’آزادي‘ آئي آهي، تيئن ٻيئي سڀ خيال تي قلف ۽ پهرا بيهي ويا آهن، سوا هڪ خيال جي.... جنهن ۾ ڪا جان رهي ڪانهي. رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي.“
    محمد ابراهيم جويو، عظيم اُستاد ۽ ڏاهو، جنهن جو سنڌ ۾ ڪردار ۽ حيثيت هڪ فڪري اُستاد ۽ سونهين واري رهي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ جن ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. سراج چواڻي، ”ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ محمد ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل رهيو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾ ٻه قدم اڳتي نين.“
    ”فڪر جي آزادي“ به اهڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي، جيڪو جڳ مشهور جرمن ليکڪ اسٽيفن زويگ جو لکيل آهي.
    هي ڪتاب 16هين صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش فرقيوار مسئلي ]ڪئٿولڪ بمقابل پروٽيسٽنٽ[ بابت هٺ ڌرمي ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دل ڏاريندڙ سلسلي سان ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردان حق ۽ عظيم شهيدن، مائيڪل سرويٽس ۽ سيباسٽيان ڪاسٽيلو، جي عظيم ۽ انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيمانه انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.

    سيباسٽيان ڪاسٽيلو ڪير هو؟
    محمد ابراهيم جويي، سندس تعارف ڏاڍي خوبصورت نموني ڪرايو آهي:
    ”سيباسٽيان ڪاسٽيلو هڪ اڪيلو آدرش پسند انسان هو. هن فڪر جي آزاديءَ خاطر ’ڪال وِن‘ جي بيعت کان ۽ پڻ ٻي هر قسم جي روحاني غلاميءَ ۽ ذهني تشدد کان بغاوت جو اعلان ڪيو هو. هو ڇا هو؟ ڪال وِن جي مذهب ۽ حڪومت انهن جي شمار کان وڌيڪ ديولين ۽ پادرين جي طاقت ۽ انهن جي قانون ۽ ان جي زنجيرن، ڪال ڪوٺڙين، ڦاسي گهاٽن ۽ باهه جي آڙاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه. ٺلهو هڪ نالو، هاٿيءَ جي کڄيل پير هيٺان هڪ ماڪوڙي، طوفان جي آڏو هڪ ڪک، هو هڪ مسڪين ماستر هو، جيڪو پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ڀرڻ ۽ بُت ڍڪڻ لاءِ ڪتابن جا ترجما ڪندو هو ۽ خانگي ٽيوشنون ڏيندو هو. هو پنهنجي ملڪ کان جلاوطن، ڌارئين ملڪ ۾ هڪ پناهگير هو. جتي هن کي نه شهرت جو ڪو درجو هو ۽ نه رهائش جو ڪو حق هو. دنيا ۾ اهڙا دور به ايندا آهن، جڏهن انسان جي خير ۽ خوشين جو ڪو طالب هٺ ڌرميءَ ۽ ڪروڌ ۾ ورتل ٻن ڌرين جي وچ ۾ ائين هيڪلو ۽ بيوس بنجي ويندو آهي، جيئن وڙهندڙ سانن جي تکن کُرن هيٺان ڪو ٻُوڙو. سيباسٽيان ڪاسٽيلو پنهنجي دور جو اهو ٻُوڙو هو.“
    اِهو اُهو دور هو، جڏهن جنيوا ۾ پروٽيسٽنٽ شريعت غالب هئي ۽ ’جيهان ڪال وِن‘ هڪ اهڙي مذهبي آمر جي حيثيت سان جنيوا جو حاڪم اعليٰ ۽ مذهبي اڳواڻ هو. جنهن جي زبان مان نڪتل لفظ ’حرف آخر‘ هوندو هو ۽ جنيوا تي هڪ مذهبي ۽ شخصي مرونپڻي حاوي هئي ۽ ڪاسٽيلو ان مرونپڻي جي خلاف آواز اُٿاريو. ’جيهان ڪال وِن‘ اعلان ڪرايو ته، ”اهو جو اسين سيکاريون ٿا، سو سچ آهي ۽ جو اسين نٿا سيکاريون، سو ڪوڙ آهي.“
    سيبا سٽيان ڪاسٽيلو، اُن ڪٽر مذهبي ۽ حڪمراني جي انڌ ۾ ورتل جيهان ڪال وِن جي خلاف، پنهنجي نظرياتي اظهار نامي جو مسودو تيار ڪيو هو، تڏهن اُن جي پهرئين صفحي تي مٿان ئي مٿان لکيو هئائين، ”هيءَ منهنجي ڪوشش ائين آهي، جيئن هاٿي تي مک جو حملو.“
    اسٽيفن زويگ جو هي ڪتاب جيڪو اصل جرمني ٻوليءَ ۾ ڇپيو ۽ محمد ابراهيم جويي ان جي انگريزي ترجمي The Right to Heresy تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، سو هڪ اهڙي دور ۾ ڇيپو، جڏهن ملڪ جي مٿان جيهان ڪال وِن جهڙي ئي هڪ جابر ۽ مذهب جي نالي ۾ حڪمراني ڪندڙ ”مرد ملعون، مرد منافق، ضياءُ الحق“ جي حڪومت هئي. اُف! اها ڪيڏي نه ننگي آمريت هئي. پُٺن تي ڪوڙا وسائڻ، ڦاسيون ڏيڻ، قيد ۾ وجهي ڇڏڻ ۽ پنهنجي فڪر جي اظهار جي ڳالهه ڪندڙن سان ڇا ته جٺيون ڪيون وينديون هيون. هن ڪتاب اُن دور ۾ اُن آمريت جي خلاف، پنهنجي فڪر جي، عمل جي آزادي، انصاف ۽ جمهوريت لاءِ جهيڙيندڙن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت اختيار ڪئي.
    هن ڪتاب جو ليکڪ اسٽيفن زويگ اصل جرمنيءَ جو هو، جيڪو پوءِ جرمنيءَ ۾ ’ايڊولف هٽلر‘ جي فاشزم جي قبضي کان بيزار ٿي، پنهنجي زال ايلزبيٿ شارلوٽ زويگ، سان گڏجي، برازيل ۾ جلاوطني اختيار ڪئي ۽ اُتي ئي هنن ٻنهي ’پيٽروپولس‘ ۾ شهر 23 فيبروري 1942ع تي پنهنجي هٿن سان پنهنجو انت آندو.

    4. لوح ايام (مختيار مسعود)
    منهنجو هڪڙو دوست آهي غلام نبي سومرو صاحب جيڪو ليکڪ به آهي، سندن ڪافي ڪهاڻيون ۽ مضمون به ڇپيل آهن، پر هو سٺو پڙهاڪو به آهي. هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي، کانئس موڪلائڻ لڳس ته مونکي هڪ ڪتاب کڻي ڏنائين ۽ چيائين، ”هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍي وٺجو....“ اهو ڪتاب مختيار مسعود جو ”لوح ايام“ هو. اهو ڪتاب ايراني انقلاب جي موضوع تي لکيل آهي. ليکڪ انقلاب کان ڪجهه مهينا اڳ ”آر. سي. ڊي“ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان تهران ۾ مقرر ٿيو هو. هن ايراني انقلاب کي پنهنجي اکين سان ايندي ڏٺو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو. هن شاهه کي ايران ڇڏيندي ۽ خمينيءَ کي ايران ايندي ڏٺو. ڪتاب ڏاڍو خوبصورت ۽ مائيدار نثر ۾ لکيل آهي، جيڪو ڏاڍو متاثر ٿو ڪري، آخر ۾ ڪجهه صفحا بور به ڪن ٿا، ان جو سبب طوالت به آهي. پر هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. مونکي محترم غلام نبي سومري چيو ته ’تو ڪاپوشنسڪي جو ايراني انقلاب تي ڪتاب ”شهنشاهه“ به پڙهيو آهي ۽ هاڻ هي به پڙهي ڏس.“ ٻيئي ڪتاب پڙهيل هئڻ جي ناتي اهو رايو بيٺو اٿم ته ٻيئي ايراني انقلاب جي موضوع تي زبردست ڪتاب آهن. البت ڪاپوشنسڪي عالمي سطح جو ليکڪ هئڻ سبب، سندس ڪتاب جي وڌيڪ پذيرائي ٿي.
    مختيار مسعود جا ٻه ڪتاب ٻيا به آهن. ”آواز دوست“ ۽ ”سفر نصيب“، پر ”لوح ايام“ ٻنهي ڪتابن کان ڪافي مٿي آهي.
    لوح ايام، مون 3 جولاءِ 2011ع تي شام جو پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ 6 جولاءِ تي شام جو پڙهي پورو ڪيم. ڪتاب جا صفحا ڪُل 494 آهن.

    هيٺ ڪتابن مان مارڪ ڪيل ڪجهه خوبصورت جملا اُتاريان ٿو.
    • ايرانين کي سمجهڻ جي لاءِ انهن جي شاعريءَ کي سمجهڻ ضروري آهي.
    • هو خيالي محبوبَ جي ياد ۾ شعر پڙهندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجي زال کي ڪُٽڪو ڏيئي ڇڏيندا آهن.
    • بادشاهه ماريندو آهي ۽ پونئيرن کان مبارڪون به وصول ڪندو آهي.
    • حڪومت اُن مهل جاڳندي آهي، جڏهن پاڻي مٿي تان وري ويندو آهي، ٽرڪون، بلديه جو عملو ۽ پوليس موقعي تي پهچي ويندي آهي. جتي هيڻا ماڻهو آباد هوندا آهن، اتي بلڊوزر هلائي ڇڏيندي آهي ۽ جتي ڏاڍا ماڻهو آباد هوندا آهن، اُتان پوليس ۽ عملو ڀڄي ويندو آهي.
    • نظريه ضرورت جي رعايت سان پاڪستان واقعي هڪ نظرياتي رياست آهي.
    • جيڪي ماڻهو سُکيا آهن، جن جا پيٽ ڀريل آهن. جن سڀني کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو، انهن جو ئي رويو سڀني کان خراب ۽ مايوس ڪندڙ آهي.
    • وقت جي حڪومت هڪڙي ڳالهه ٿي چوي ۽ وقت ٻي ڳالهه ٿو چوي.
    • جيڪي سياسي ۽ سماجي سڌارا وقت تي نه ٿين، اهي بي اثر ٿين ٿا ۽ انهن جي حيثيت سياسي تماشي ۽ سودي بازيءَ کان وڌيڪ نه هوندي آهي.
    • ڊپ جي ڀت کڙي ٿي وڃي ته سڀ رشتا اُن جي ٻي پاسي رهجي وڃن ٿا.
    • جن ماڻهن جي اهميت ۽ اختيارن ۾ ڪنهن جي ويچارپ جي ڪري واڌارو ٿئي ٿو، اهي ڪٺ پتلين جي تماشي کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيندا آهن.
    • نعرو گلي مان نڪري ته آواز جهڙي رفتار سان سفر ٿو ڪري، دل مان نڪري ته خيال جي رفتار کان به اڳتي نڪري وڃي ٿو.
    • اسان جي پسماندگيءَ ۾ سڀ کان وڏو حصو اُن خوف ۽ ماحول جو آهي، جنهن جي ڪري، اسين حڪمرانن کان سندن حڪمراني جي دوران ڪوبه سوال نه پُڇندا آهيون.
    • اڪيلي ڄڻي کي هر ڳالهه تي ڊپ ٿيندو آهي، پر جلوس ۽ ميڙ سدائين بهادر هوندو آهي.
    • جڏهن گهڻا ماڻهو گڏجي وڃن ته ڊپ هنن جي ويجهو به نه ايندو آهي.
    • سياري ۾ سج به لوڊشيڊنگ جي پروگرام تي عمل ڪندو آهي.
    • تجربي موجب هنگامي حالتن ۽ اختيارن جو واسطو قاعدن سان نه پر حوصلي سان هوندو آهي. جيترا حوصلا تيترو اختيار.
    • ماتحت ادارا هجوم جي تعداد جو اندازو لڳائڻ تي ايتري محنت نه ڪندا آهن، جيترو اُن ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ۾ ته حڪومت کي ڪيترو تعداد راس ايندو.
    • ملڪ جي خذمت جو هڪ طريقو ٻيو به آهي ته جڏهن اقتدار تي ويٺل همراهه کي ماڻهو ناپسند ڪرڻ لڳن ۽ ان جي ذات فساد جو بنياد بنجي وڃي ته ان وقت سندس راضي خوشيءَ سان منظر تان هٽي وڃڻ ئي ملڪ ۽ قوم جي سڀ کان وڏي خذمت آهي.
    • عهدو ۽ ڪرسيءَ جو ڇڏڻ هجي يا تخت ۽ تاج تان دستبرداري، فيصلو جيڪڏهن بروقت ٿي وڃي ته ويندڙ ٿوري گهڻي عزت بچائي پاڻ سان کڻي ويندو آهي، نه ته ويندڙ خوار، ماڻهو پريشان ۽ ملڪ جو خانو خراب.
    • نعرا هڻائڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. اهو به هڪ فن آهي، ماهر فنڪار اهو هوندو آهي، جيڪو سُتل ميڙ کي جاڳائي ۽ جاڳيل ميڙ کي چيڙائي ڇڏي.
    • امن، لڙائيءَ جي فيصلي ٿيڻ جو نالو آهي.
    • جنگ جيان انقلاب به سدائين نوجوانن جي ڪلهن تي چڙهي ايندو آهي، جڏهن کيس بُک لڳندي آهي ته چڙهندڙ جوانين کي ڳڙڪائي وٺندو آهي. ايراني انقلاب ڪو روزو ته نه رکيو آهي.
    • تجربو شاهد آهي ته جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو انقلابي لمحو اچي ٿو ته دل ۾ پاڻ مرادو هڪ دري کلي وڃي ٿي.
    • عوام جو آواز دٻائڻ هڪ فن آهي ۽ وقت جي حڪومت سدائين اُن وقت جي سرپرست ۽ قدردان رهي آهي.

    5. اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ)
    • جڏهن انسان غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي، تڏهن هو بنهه گهٽ سوچيندو آهي، ۽ هو هميشھ اُن کان وڌيڪ نه سوچيندو آهي ته کيس ٻيهر کاڌو ڪڏهن ملندو....؟
    • ڪرسي ڪڏهن به ڪافي نه هوندي آهي. دولت ڪڏهن به ڪافي نه هوندي آهي، ڪرسي ۽ دولت مان ماڻهو ڍاپندو ئي ڪونهي.
    • خدا فقط اميرن جون دعائون ٻُڌندو آهي. تنهنڪري هن خدا کي نه ٻاڏايو. امير ماڻهن کي صليب تي ڪونه چاڙهيو ويندوآهي. جڏهن ته هن جي جي سڄي زندگي صليب تي ٽنگجي گذري هئي ۽ سندس هٿ جي ترين ۾ ڪوڪا ازل کان ابد تائين ٺوڪيا پيا هئا.
    • سمورا خواب سچا نه هوندا آهن، ڪجهه خواب ته انهن مسئلن جو اولڙو هوندا آهن، جن ۾ اسين جاڳندا گهيريل هوندا آهن.

    مٿيان جملا ’هاورڊ فاسٽ‘ جي ناول ’اسپارٽيڪس‘ مان ورتا ويا آهن. پنهنجي زندگيءَ ۾ مون جيڪي به ٿورا ناول پڙهيا آهن ۽ جن مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون هڪ ڀيرو نه، ٻه ٽي ۽ چار ڀيرا پڙهيا ۽ دوستن کي پڙهڻ جي لاءِ هرکائيندو رهيس. اهو ٻيو ڪونه پر ”هاورڊ فاسٽ“ جو لکيل شاهڪار ناول ”اسپارٽيڪس“ آهي.
    اسپارٽيڪس ڪير هو، جنهن کي موضوع بنائي ”هاورڊ فاسٽ“ شاندار ناول لکيو. ڪارل مارڪس چواڻي، ”سڄي پراچين تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ شاندار شخص ۽ عظيم جرنيل جيڪو ڪردار ۾ پاڪ هو ۽ قديم پرولتاريه جو حقيقي نمائندو هو.“ عظيم لينن وري چيو، ”اسپارٽيڪس انهن عظيم بغاوتن جي تمام وڏن هيرن مان هو، جيڪي غلامن ٻه هزار سال اڳ برپا ڪيون. روم جي ظاهري طور سگهاري سلطنت، جنهن جو سڄو دارومدار غلامن تي هو، ڪيترن ئي سالن تائين انهن غلامن جي زبردست بغاوتن جا ڌڪ سَٺا ۽ چوٽون کاڌيون، جن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ هٿياربند ۽ متحد ٿي وڏي فوج ٺاهي ورتي هئي.“
    اسپارٽيڪس هڪ پيدائشي غلام هو، جنهن کي قتل ڪرڻ جي سکيا ڏني ويئي هئي ته جيئن هو خاص طور تي ٺاهيل آکاڙي ۾ غلام، غلام کي قتل ڪري وانڌن، بيڪار ۽ بدڪردار مالڪن جي لاءِ تفريح جو سامان مهيا ڪن. اهڙن ويڙهاڪن کي ”گلڊي ايٽر“ چئبو هو. هو ’روم جي سلطنت‘ جي انهن هزارين لکين غلامن مان هڪ هو، جنهن جي پنهنجي ڪابه شخصيت نه هئي ۽ جن کي جيئڻو ئي ان ڪري هو ته هو ڪنهن به مهل پنهنجي مالڪ (آقا) کي خوش ڪرڻ لاءِ مري وڃن. رومي سلطنت ۾ غلامن سان جيڪا بدترين حالت هئي، تنهن نيٺ غلامن کي بغاوت تي مجبور ڪيو ۽ انهن غلامن اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ اها عظيم بغاوت برپا ڪئي، جنهن رومن ايمپائر جي بنيادن کي ئي لوڏي ڇڏيو. هن آقائن جي ظالماڻي ۽ ڳريل سڙيل حڪمرانيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي. مايوس مردن، عورتن ۽ ٻارن بورچي خانن، طنبيلن ۽ ٻنين مان نڪري، عظيم ترين بغاوت ۾ سندس اڳواڻيءَ ۾ حصو ورتو. اسپارٽيڪس رڳو غلامن جي بغاوت جو ڪمانڊر ۽ قائد ئي نه هو، پر هو سندن لاءِ ٻاجهارو ۽ مهربان پيءُ به هو. هو هڪ عاشق به هو. نظريي دان به هو. هن جي سورهيائي، سمجهه ۽ ساڃاهه، روشن مستقل تي سندس پختو ايمان، دراصل اهڙيون خوبيون هيون، جيڪي آزاديءَ جي لاءِ وڙهندڙ عوام (هيٺين طبقن ۽ غلام قومن) جي اڳواڻن ۾ هوندي آهي. غلامن جي اُن بغاوت کي چٿڻ جي لاءِ ٻه وڏيون فوجون موڪليون ويون، پر غلامن کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. انهن شڪستن رومن ايمپائر جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. اها بغاوت 73 قبل مسيح ۾ شروع ٿي ۽ 71 ق. م تائين جاري رهي.
    اسپارٽيڪس ان جنگ ۾ سِر ڏيئي سرهو ٿيو. هو رڳو غلامن جي (73 ق.م) جي آزاديءَ جي جنگ جو هيرو ۽ رهبر ئي نه هو، پر هو بلند نظريي ۽ عظيم انساني آدرشن جي لاءِ وڙهي ويندڙ هر جنگ جو رهبر ۽ ليجنڊ ڪردار آهي.
    ”اسپارٽيڪس“ تي ناول لکندڙ آمريڪن اديب ”هاورڊ فاسٽ“ شاندار صلاحيتن سان ڀريل اديب هو. جنهن اَسي کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ پنجاهه ناول، ڏهه ڊراما ۽ 20 نان فڪشن ڪتاب شامل آهن. رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته هن جا ناول هڪ سئو ملين کان به وڌيڪ تعداد ۾ وڪرو ٿيا. ويهين صديءَ ۾ هو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. سندس لکڻيون 82 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
    هاورڊ فاسٽ، آمريڪا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هو. هو ”روءِ زمين تي سڀني غريبن ۽ محڪومن سان پنهنجي سڃاڻپ جي احساس جو سهرو“ پنهنجي پيءُ جي نالي ڪري ٿو، جنهن جو مزدور طبقي سان واسطو هو. سندس والدين يوڪرين جا هئا ۽ جتان هو لڏي آيا هئا. هاورڊ فاسٽ ۽ سندس ڀائر انتهائي غربت ۾ پلجي وڏا ٿيا. ان انتهائي غربت هارورڊ فاسٽ کان ”سٽيزن ٽام پين، The Unvanquished، فريڊم روڊ، دي آمريڪين، The Last Frontier ۽ اسپارٽيڪس جهڙا شاندار ناول لکرايا.
    هاورڊ فاسٽ، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي معزز ميمبرن مان هو. هو 1949ع ۾ ’ورلڊ پيس ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت جي لاءِ پئرس ويو ته اُتي مشهور مصور پڪاسو کيس چُميو ۽ کيس پنهنجي پسند جي ڪابه پينٽنگ کڻڻ جي آڇ ڪئي. بعد ۾ پبلو نرودا مٿس هڪ نظم لکيو. فاسٽ کي 1954ع ۾ ”اسٽالن پيس پرائز“ ڏنو ويو.
    ’اسپارٽيڪس‘ ناول لکڻ جو واقعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. اهو آمريڪي فاشزم جو دور هو. هڪ اهڙو دور جنهن ۾ نوجوانن جو نعرو هو، ”حضرت عيسيٰ عه جي نالي تي هڪ ڪميونسٽ ماري ڏيو.“ ميڪارٿي ازم جو ڪميونسٽ دشمن دور. اُن سوچ، ڪميونسٽ تحريڪ کي دٻائڻ ۽ چٿڻ جا جيترا به طريقا اختيار ڪيا، اهي سڀ فاسٽ تي آزمايا ويا. اپريل 1946ع ۾ ”غير آمريڪي سرگرمين“ جي الزام هيٺ پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽيءَ فاسٽ سان گڏوگڏ ڏکڻ فرانس ۾ رهندڙ سڀني ريپبلڪي مهاجرن جي مدد ڪندڙ تنظيم ”جوائنٽ اينٽي فاشسٽ رفيوجي ڪميٽي“ جي پندرهن ٻين ميمبرن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، پارليماني ڪميٽي کانئن گهر ڪئي ته تنظيم جي ٽيهن هزار چندو ڏيندڙن جي نالن جي فهرست کين ڏيکاري وڃي. تنظيم جي بورڊ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پارليامينٽ جي 56 جي مقابلي ۾ 262 ميمبرن جي اڪثريت کين، پارليامينٽ جي توهين ڪرڻ تي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. فاسٽ کي جيل ۾ وڌو ويو. جيل ۾ رهڻ جي دوران ئي هن پنهنجو مشهور ناول ”اسپارٽيڪس“ لکڻ شروع ڪيو.
    ڪميونسٽ دشمن ڪارروايون وڌنديون ويون. 1949ع ۾ سندس مشهور ناول ”سٽيزن ٽام پين“ کي نيويارڪ جي لئبررين مان ڪڍيو ويو. هو سدائين جاسوسن جي نگرانيءَ ۾ رهيو. هن جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ۽ جڏهن ’اسپارٽيڪس‘ ناول مڪمل ٿيو ته سڀني پبلشر اهو ڇاپڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ 1951ع ۾ اهو نجي طور تي ڇاپيو ويو. ان جون پنجاهه هزار ڪاپيون وڪرو ٿيون. هاورڊ فاسٽ 88 سالن جي عمر ۾ 2003ع ۾ وفات ڪئي.
    هاورڊ فاسٽ ’اسپارٽيڪس‘ ناول لکي، هر دور جي غلامن ۽ محڪومن (قومون ۽ طبقن) کي جدوجهد لاءِ اُتساهيو آهي. سندس چواڻي، ”اسپارٽيڪس جي اڳواڻيءَ ۾ غلامن جي اها جنگ بهادر مردن ۽ عورتن جي ڪهاڻي آهي. جيڪي پراچين دور ۾ گذريا ۽ جن جا نالا ڪڏهن به نه وساريا ويا آهن. هن ڪهاڻي جي هيرن انساني وقار ۽ آزاديءَ کي عزيز رکيو ۽ هو شرافت ۽ نيڪيءَ سان جيئرا رهيا. مون اهو ان ڪري لکيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي اهي پڙهندا (منهنجا ٻارڙا ۽ دوست) اهي مستقل جي لاءِ سگهه حاصل ڪري سگهن ۽ ظلم ۽ بديءَ جي خلاف جدوجهد ڪن، جيئن اسپارٽيڪس جو خواب اسان جي پنهنجي دور ۾ پورو ٿي وڃي.“
    هي هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو جيترا ڀيرا به پڙهجي نئون اُتساهه ۽ سگهه ٿو ڏي. ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ چواڻي، ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي اڄ ڏينهن تائين ان ناول جو ٻيو مَٽ ناهي مليو، نه دوستو فسڪي، نه ٽالسٽائي نه گورڪي ۽ نه ترهه ڪي. هي ناول سڀني ناولن جو بادشاهه آهي. هن ۾ مواد ئي مواد آهي، سبق ئي سبق آهي ۽ سڄي تاريخ آهي. اهو سماجيات جي الف بي آهي، اهو طبقن کي سمجهڻ، طبقاتي جدوجهد جي سببن ۽ دليلن تي دسترس رکڻ ۽ انقلاب جي سائنس سمجهڻ هڪ ڪُنجي آهي.“
    خوش قسمتيءَ سان ’اسپارٽيڪس‘ ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم پرويز ڪيو آهي.

    6. تغلق (گريش ڪرناڊ)
    عادت موجب ڪراچيءَ جي هڪ ڪتاب ۾ گهر ۾ ڪتاب ڦلهوريندي منهنجي نظر هڪ ننڍي ڪتاب تي وڃي پيئي، جنهن جو عنوان هو: ”تغلق“. اهو ڪنڙ زبان جي ليکڪ ”گريش ڪرناڊ“ جي ڊرامي جو اردو ترجمو هو، جيڪو آصف فرخيءَ ڪيو هو. ڪتاب خريد ڪري آيس ۽ پوءِ ٻين ڪتابن سان رکي ڄڻ وساري ڇڏيم، پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجي لئبرريءَ ۾ ڪو ڪتاب ڳولهيندي ’تغلق‘ تي وڃي نظر پيم ۽ اُتي بيٺي بيٺي پنا اُٿلائڻ لڳس. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ لڳم ۽ پوءِ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيم ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيم.... ۽ زبان مان بي اختيار واهه واهه نڪري ويئي.
    ڪنڙ، هندستان ۾ ڳالهائي ويندڙ زبان آهي، جيڪا هندستان جي 26 قومي ٻولين مان هڪ آهي. ’تغلق‘ پهريون ڀيرو 1964ع ۾ ڇپيو، جيڪو ليکڪ جو ٻيو ڊرامو هو. تغلق اسٽيج تي پيش ٿيڻ شرط ئي ڪاميابي ماڻي ورتي. تنهن کانپوءِ اهو هندي، بنگالي ۽ مراٺي زباني ۾ به پيش ڪيو ويو ۽ جڏهن 1970ع ۾ ممبئي ۾ انگريزيءَ ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ته ڊرامي جي هاڪَ هنڌين ماڳهين پکڙجي ويئي.
    ’تغلق‘ هندستان جي ناظرين ۾ ايترو گهڻو مقبول ڇو ويو؟ ۽ ماڻهن کي ايترو متاثر ڇو ڪيائين. ان جي ذڪر ڪندي ”گريش ڪرناڊ“ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
    ”تغلق جي تاريخ ۾ جنهن شئي مونکي سڀ کان گهڻو متاثر ڪيو، اها سندس عم عصريت هئي. اها حقيقت ته اسان جي سامهون آهي ته هو سڀني کان وڌيڪ آدرش وادي ۽ سڀني کان وڌيڪ ذهين بادشاهه هو، جنهن کي دهليءَ جي تخت تي ويهڻ نصيب ٿيو.... ۽ هو ئي ناڪام ترين حڪمرانن مان هڪ هو. ويهين سالن جي عرصي ۾ اهو بي پناهه باصلاحيت همراهه وکري چڪو هو، ان جو ڪارڻ سندس آدرش واڌ به معلوم ٿئي ٿو ۽ سندس پنهنجا اوگڻ به. جيئن تڪڙ، سندس تشدد پسندي ۽ خود سندس اهو غلط احساس ته هر سوال جو صحيح جواب رڳو وٽس ئي آهي، ۽ مونکي اهو احساس ٿيو ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ هندستان ٻيهر ان طرف گهڻو اڳتي وڌي چڪو هو، ويهن سالن جو عرصو مونکي ان دور جو متوازي خط معلوم ٿيڻ لڳو....“
    ان ڳالهه تي تبصرو ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ’يو- آر آتٿ مورتي‘ لکي ٿو:
    ”هندستاني ناظرين ۾ ’تغلق‘ جي بي پناهه ڪاميابيءَ جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته اهو ’اڄ‘ جو ڊرامو آهي. ڪنهن ٻي ڊرامي جي ڀيٽ ۾ ”تغلق“ وڏي ڪاميابيءَ سان شڪست ۽ خواب جي ان سياسي موڊ کي ظاهر ڪيو، جيڪو نهروءَ جي آدرش وادي دور کان پوءِ هن ملڪ تي ڇانئجي ويو.“
    هن ڊرامي جو موضوع تاريخ مان اخذ ڪيو ويو آهي. (مکيه ڪردار سلطان محمد تغلق)، پر ڪرناڊ جنهن انداز ۾ ان موضوع کي نباهيو آهي، اها رڳو تاريخ ڪونهي. مثال طور: اهو ڏسو ته ڪرناڊ ڪيئن هڪ اهم اشاري ’نماز‘ کي ورتو آهي. خاص طور تي ان منظر ۾ جنهن ۾ درٻار جا ڪجهه امير شهاب الدين سان گڏجي سلطان محمد تغلق کي نماز جي دوران قتل ڪرڻ جي رٿا ٺاهين ٿا. قتل جي مقصد لاءِ نماز جي وقت جي چونڊ، اهڙي طريقي سان ياد ٿو ڏياري، جنهن سان خود سلطان محمد پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪيو. نماز جو اهو عمل جيڪو سلطان کي ايترو عزيز آهي، سو، سلطان ۽ سندس دشمن، ٻنهي جي هٿان بي حرمت ٿئي ٿو ۽ اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته سندس زندگيءَ جي ابتدا ۽ انتها مسخ ۽ خراب ٿي چڪي آهي. اهو سڄو منظر طنز جو مثال آهي. ان واقعي ۾ ملوث ٿيندڙن ۾ شهاب الدين به آهي، جيڪو بذات خود آدرش وادي آهي ۽ جنهن کي تغلق عهد حڪومت تي وڏو ڀروسو آهي ۽ اهوئي سازش جو شڪار ٿي مارجي وڃي ٿو. ان سازش جو ذميوار رتن سنگهه آهي، جيڪو سلطان جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي وڏي چالاڪيءَ سان پنهنجي انتقامي مقصد جي تڪميل جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. اها سازش نه رڳو ناٽڪ جي ڊرامائي خصوصيتن ۾ واڌارو ٿي ڪري، پر تغلق جي پنهنجي اذيت واري ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل شخصيت جو ڊرامائي اظهار ٿي ڪري. ائين ناٽڪ جو سڄو خارجي عمل، سڄو وقت تغلق جي اندرينءَ ڊرامي کي ظاهر ٿو ڪري. تغلق سان گڏوگڏ شروع ۾ سندس دشمن به آدرش وادي نظر ٿا اچن، پر پنهنجي آدرش جي حصول خاطر هو ان جي بلڪل مخالف ڏوهه جا ڏوهاري ٿين ٿا. ان سڄي ڊرامي جي اُڻت ئي انهيءَ ضد تي آهي: آدرش ۽ حقيقت. نيڪ ارادا ۽ مڪار سازشون، پنهنجي سڄي خود آگهي ۽ مذهب سان لڳاءَ جي باوجود تغلق جيڪو آهي، سو آهي. هو پنهنجي زندگيءَ جي هر ان ضد کان مڪمل طور تي واقف ٿي وڃي ٿو. جڏهن مٿس ظاهر ٿئي ٿو ته ’عزيز‘ ئي اهو شخص آهي، جنهن سلطان جي سڀني منصوبن کي انتهائي ڪاميابيءَ سان پنهنجي مفاد جي خاطر استعمال ڪيو آهي ۽ اهوئي شخص غياث الدين کي قتل ڪري هڪ متبرڪ ۽ مقدس سفير جو ويس بدلائي سلطان جي درٻار ۾ اچي ٿو ته جيئن نماز ۽ ٻين عبادتن کي ٻيهر جاري ڪرائي. هن طنز جون حدون الميي سان وڃي ملن ٿيون. نيٺ سلطان تغلق ۽ سندس سلطنت ٻيئي انتشار جو شڪار آهن ۽ ان ڳالهه کان سلطان به باخبر آهي.
    فيبروري 2011ع ۾ جڏهن پنهنجي دهليءَ جي سفر دوران، قطب مينار ڀرسان ’مسجد قوت الاسلام‘ جي کنڊرن لڳ محمد شاهه تغلق جي قبر وٽ بيٺو هوس ته منهنجي اڳيان نه رڳو گريش ڪرناڊ جي هن ڊرامي جا سين ڦري رهيا هئا، پر سندس درٻار ۾ رهندڙ مشهور سيلاني ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ ان بادشاهه جي سفاڪي ۽ رهزني جا لکيل واقعا به ياد اچڻ لڳا. ابن بطوطه سلطان محمد تغلق جي هڪ ڀاڻيجي جي حوالي سان هڪ واقعو لکيو آهي ته: ”سندس هڪ ڀاڻيجي ”بهاالدين گشت“ سندس خلاف بغاوت ڪئي. بغاوت جي ناڪامي کانپوءِ جڏهن کيس گرفتار ڪري بادشاهه جي اڳيان آندو ويو ته بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي حرم ۾ سندس عزيز عورتن ڏانهن موڪليو وڃي، جتي انهن عورتن کيس گهڻو ئي گهٽ وڌ ڳالهايو، ٿڪون هنيون ۽ ’بجا ڏنا. ان بعد بادشاهه حڪم ڏنو ته سندس جيئري کل لاٿي وڃي ۽ ان کانپوءِ هن جي گوشت ۾ پلاءُ رڌائي، ان مان ڪجهه هن جي اهل اولاد کي موڪليو ويو ۽ باقي بچيل پلاءُ ٿالهه ۾ وجهي هڪ هاٿڻ کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جو هن نه کاڌو، سندس لاٿل کل ۾ بهه ڀرائي سڄي ملڪ ۾ گهمايو ويو.“
    هن ڊرامي جي معنويت ۽ اهميت ’اڄ‘ جي حوالي سان به آهي ۽ اُن تاريخ جي حوالي سان به آهي، جنهن ۾ اسين هر گهڙي جيئون ٿا ۽ جنهن جي جبر ۾ اسين گرفتار آهيون.

    7. ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن
    گذريل سال، ڪنهن ڏينهن موبائيل ميسيجز جي ذريعي پنهنجي دوست ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ سان هلڪي ڦلڪي گفتگو هلي رهي هئي، جو اوچتو هن مون کان سوال پُڇيو، ”اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب پيو پڙهين؟“
    ”جان ريڊ جو آڪٽوبر انقلاب جو اکين ڏٺو احوال ’ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن‘ وري پڙهڻ شروع ڪيو اٿم.“ وراڻيومانس.
    ”زبردست.“ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ وراڻيو، ”اهو ڏاڍو زبردست ڪتاب آهي. ڪامريڊ لينن جي خواهش هئي ته اهو دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ۽ لکن جي تعداد ۾ ڇپجي. مون ڪامريڊ لينن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي ان ڪتاب جو بلوچيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“
    ”ڇا ڪتابي صورت ۾ اچي ويو آهي.“ مون پڇيومانس.
    ”نه، اڃا ته نه ڇپيو آهي، پر جلدئي ڇپجي ويندو.“ جواب ڏنائين.
    ”جڏهن به ڇپجي ته مونکي ان جي هڪ ڪاپي ضرور موڪلجو.... جيتوڻيڪ بلوچي مونکي نٿي اچي، پر اهو آئون پاڻ وٽ رکڻ چاهيندس.“ مون چيس.
    ”اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي؟“
    ”نه، سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي.“ وراڻيومانس.
    ”ته پوءِ تون ڪامريڊ لينن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي، اهو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪر.“ ڊاڪٽر شاهه محمد موقعي مان فائدو وٺندي چيو.
    مون گهڙي کن سوچي پوءِ وراڻيومانس، ”هائو، آئون ڪامريڊ لينن جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ضرور ترجمو ڪندس.“
    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ان سنڌي ترجمي جو ٽائيٽل ڇپجي ويو ۽ ڪتاب جي ڇپائي شروع ٿي ته مون ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ کي ٻڌايو ته آگسٽ 2013ع ڌاري اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويندو ته پاڻ ٻڌايائين ته ان ڪتاب جو سندس ڪيل، بلوچي ترجمو به آگسٽ ۾ ئي ڇپجي ويندو.
    آڪٽوبر انقلاب گذريل صديءَ جو عظيم واقعو هو. جنهن نه رڳو دنيا جي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، پر عوامي خواهشن، اُمنگن ۽ خوابن جي ساڀيان طور پهرين سوشلسٽ رياست کي جنم ڏنو. جيتوڻيڪ گذريل صديءَ جي آخري ڏاڪي ۾ ’سوويت يونين‘ جو وکرڻ خود هڪ عظيم الميو هو، پر اُن الميي، پوءِ هڪ ٻي جي پويان ڪيترن ئي المين کي جنم ڏنو. حق باطل بنيو ۽ باطل حق. سٺائي، بدي بنجي ويئي. ملڪن جا نقشا بدلجي ويا. ڪيترائي نوان ملڪ وجود ۾ اچي ويا. ڪيترائي پُراڻا ملڪ يا ته پاڻ ۾ ضم ٿي ويا يا نابود ٿي ويا، جيڪو ڪوڙ ٿي لڳو، اهو سچ ٿي پيو ۽ جيڪو سچ هو، اهو وهم بنجي ويو.... ۽ آمريڪا ۽ سندس سرمائيداري نظام سڀ کان وڏي حقيقت ۽ طاقت بنجي اسان جي سامهون آيو ۽ دنيا هاڻ نه رڳو ان جو نتيجو لوڙي رهي آهي ۽ سوشلسٽ سماج جي سُٺائين جي ڀيٽ ۾، سرمائيداري نظام پنهنجي سڀني ذلالتن سان اُڀري سامهون آيو آهي.
    ”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ ان آڪٽوبر انقلاب جي اکين ڏٺي ڪهاڻي آهي، جيڪا ’جان ريڊ‘ بيان ڪئي آهي ۽ هن اها ايڏي ته پرجوش نموني بيان ڪئي آهي جو پڙهندڙ خود ان جو حصو بنجندو ٿو وڃي، جان ريڊ انهن ڏهن ڏينهن جي احوال کي، جنهن جي ڪُک مان پوءِ ’سوويت يونين‘ جنم ورتو، نهايت پيرائتي ۽ دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي. پاڻ کي ان جدوجهد کان ڌار سمجهڻ بدران چوي ٿو، ”ان جدوجهد ۾ منهنجون همدرديون اڻ ڌريون نه هيون.“
    جان ريڊ هڪ ڪميونسٽ ۽ آمريڪي ليکڪ هو. جنهن جو جنم 22 آڪٽوبر 1887ع تي ’پورٽ لينڊ‘ نالي آمريڪا جي شهر ۾ ٿيو. سندس پيءُ هڪ مزدور هو. جنهن کي نه رڳو ظلم کان نفرت هئي، پر هن ظلم جي خلاف جهيڙيو به. ائين جان ريڊ جي رڳن ۾ هڪ مجاهد ۽ سرڪش انسان جو رت گردش ڪري رهيو هو.
    جان ريڊ ڪهاڻيون، مضمون، شاعري ۽ ڊراما لکيا. سندس طرز تحرير ۾ ايترو ته اثر هو، جو پبلشر سندس لکڻيون حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پويان ڀڄندا وتندا هئا ۽ کانئس سٺن معاوضن تي سندس لکڻيون خريد ڪندا هئا. وڏيون وڏيون اخبارون کيس بين الاقوامي واقعن تي تبصرا لکڻ جي لاءِ دعوت ڏينديون هيون.
    جان ريڊ هڪ اهڙو انقلابي ليکڪ هو، جيڪو جت به ڪو واقعو ٿيندو هو ته سڀني کان اڳ پهچڻ جا جتن ڪندو هو. سندس ان خصلت جو ذڪر ڪندي سندس دوست ۽ ساٿي ’البرٽ. آر. وليمس‘ لکي ٿو، ”هو دنيا جي رستن تي جهان گرد بنجي ويو، جيڪي ماڻهو سهيوڳي مامرن کان باخبر رهڻ چاهين ٿا، تن کي فقط ان جي ضرورت آهي ته هو جان ريڊ جي پويان پويان هلن، ڇاڪاڻ ته جت به وڏيون شيون ٿينديون هيون، هو اُتي ڪنهن طوفاني پکيءَ جيان اک ڇنڀ ۾ پهچي ويندو هو.“
    ان سلسلي ۾ هو سدائين خطرا کڻڻ کان به نه مُڙندو هو. البرٽ آر. وليمس لکي ٿو، ”خطرو کڻي ڪيترو به هجي، پر اهو جان کي اُتي پهچڻ کان روڪي نه سگهندو هو. خطرو کڻڻ ته ڄڻ هن جي ضمير ۾ شامل هو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اُت پهچڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪ ڀيري اسين ’ريگا‘ جي محاذ تي موٽر ڪار ۾ ’ويندن‘ وڃي رهيا هئاسين، جو جرمن توپ خاني ان ننڍي ڳوٺ تي گولا وسائڻ شروع ڪيا ۽ اوچتو اهو ڳوٺ جان ريڊ لاءِ دنيا جي سڀ کان دلڪش جاءِ بنجي ويئي. هن اسان تي زور ڀريو ته ته اسين اوڏانهن هلئون. اسين احتياط سان سُرندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين، جو اوچتو هڪ گولو اسان جي پويان اچي ڦاٽو ۽ اسين رستي جي جنهن حصي تان گهڙي کن اڳ لنگهيا هئاسين، اهو دُونهه ۽ مٽيءَ جو ڦوهارو بنجي ويو. ڊپ سبب اسين هڪٻئي کي چهٽي وياسين. پر هڪ منٽ کانپوءِ جان جو چهرو خوشيءَ سبب ائين ٻهڪڻ لڳو، ڄڻ سندس ڪا اندروني گهرج اجهو پوري ٿي هجي.“
    جان ريڊ، سڄي دنيا جو، سڀني ملڪن ۽ محاذن جو سفر ڪيو. هو هڪ غير معمولي ڪارنامي مان گذري ٻي طرف هليو ويندو هو. پر هو ڪو مهم جو نه هو. هو هڪ اهڙو سفري اخباري خاطو، هڪ اهڙو تماشائي هو، جيڪو ماڻهن جي تڪليفن کي غير جذباتي انداز ۾ ڏسندو هو. سڄي افراتفري، گندگي ۽ رتوڇاڻ جي ڪري سندس انصاف وارو احساس ۽ شائستگي متاثر ٿيندي هئي ۽ هو تيزيءَ سان انهن بڇڙاين جون پاڙون ڳولهڻ شروع ڪندو هو ته جيئن انهن کي ڪڍي ڦٽو ڪجي.
    ”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ (Ten Days that shook the world) پهريون ڀيرو 1919ع ۾ آمريڪا ۾ ڇپيو ۽ روسي زبان ۾ 1923ع ۾ سوويت يونين ۾ ڇپيو. لينن هن ڪتاب جي آمريڪي ايڊيشن لاءِ جيڪو پيش لفظ لکيو، تنهن ۾ هن ڪتاب جي گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ لکيو ته ’هن ڪتاب ۾ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو سچو پچو احوال پيش ڪيو ويو آهي.‘
    آمريڪا ۾ هن ڪتاب کي ڇپجڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي، ڇو ته آمريڪي فاشسٽن نٿي چاهيو ته هي ڪتاب عوام تائين پهچي ۽ هن ڪتاب جو مواد چورائڻ جي لاءِ هو ڇهه ڀيرا پبلشر جي آفيس تي حملي آور ٿيا.
    جان ريڊ کي سندس انقلابي سرگرمين سبب آمريڪا ۾ ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. مٿس ڪيس هلايا ويا، پر هو پنهنجي انقلابي ڪم کان نه مُڙيو ۽ ائين ڪرڻ هن جي وس ۾ به نه هو. سماجواد انقلاب سندس روح ۽ دل کي کٽي ورتو هو. هڪ ڀيري جڏهن هو ڳجهي نموني نيويارڪ وڃي رهيو هو ته هڪ جهازي جي دغابازي سبب کيس فن لينڊ ۾ لاهي جيل ۾ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو. اتان کان هو پوءِ واپس روس موٽي آيو، جو آمريڪا ۾ پنجن سالن جي قيد جي سزا سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ تيار هئي. روس ۾ هن ’ڪميونسٽ انٽرنيشنل‘ ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ باڪو ۾ مشرقي قومن جي ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو. هو ٽائفس جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ 17 آڪٽوبر 1920ع تي وفات ڪيائين.
    جان ريڊ کي ان هنڌ دفنايو ويو، جيڪو هنڌ کيس سڀ کان گهڻو پسند هو. ماسڪو ۾ ڪريملن جي ڀت جي ڇانوَ ۾ چوڪ وٽ. اتي سندس قبر تي هڪ يادگار کوڙيو ويو، جيڪو سندس ڪردار تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. ”جان ريڊ ٽين انٽرنيشنل ڪانگريس ۾ ڊيلي گيٽ 1920ع“.
    ’ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن‘ بنا ڪنهن وڌاءَ جي هڪ وڏو ۽ شاهڪار ڪتاب آهي، جيڪو انقلابي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر فرد کي پڙهڻ گهرجي.

    8. برٽرنڊ رسل جي آتم ڪهاڻي
    ”ٽي سادا، پر پرجوش جذبا منهنجي زندگيءَ تي حڪمراني ڪندا رهيا آهن. (1) محبت جي ڳولا، (2) علم جي جستجو، ۽ (3) انساني نسل جي لاءِ بي پناهه ڏُک.
    اهي ٽيئي جذبا، تيز هوائن جيان منهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڪڏهن هِتي ته ڪڏهن هُتي ڌڪيندا رهيا آهن.
    - مون محبت جي ڳولا اُن ڪري ڪئي ته اهو هڪ وجد ۾ آڻيندڙ جذبو آهي. ايترو ته وجد ۾ آڻيندڙ، جو اهڙي خوشيءَ جي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ آئون سڄي زندگي فدا ڪري ڇڏيان. مون انَ جي جستجو ان ڪري به ڪئي، جو اها اڪيلائي جي احساس کي ختم ٿي ڪري. اها ڀوائتي اڪيلائي جنهن ۾ ڏڪندڙ ڪنبندڙ شعور، سرد، حد کان وڌيڪ ۽ زندگيءَ کان محروم اٿاهه گهرائين ۾ ڪائنات جي آخري ڪُنڊ کي ڌيان ۾ آڻي ٿو. مون محبت جي جستجو ڪئي ۽ اها حاصل ڪيم.
    - ايتري ئي شدت سان مون علم جي جستجو به ڪئي. مون انسان جي دلين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄاڻڻ چاهيو ته تارا ڇو ٿا چمڪن، تنهن کانسواءِ مون اُن فيثا غورثي سگهه کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان انگ ڦيرگهير کان مٿانهان رهن ٿا- گهڻو نه پر، ان جو ڪجهه حصو مونکي ضرور نصيب ٿيو.
    - محبت ۽ علم مونکي ممڪن حد تائين آسمان جي اُتاهين طرف وٺي ٿي ويا، پر هر ڀيري ڏُک ۽ پيڙائون مونکي واپس ڇڪي زمين تي وٺي ٿي آيون، درد جي رڙين جا پڙاڏا منهنجي دل کي ڪنبائي ڇڏيندا آهن.... ڏُڪاريل ٻارڙا، حملي آورن جا ستايل، اولاد جي لاءِ بي زاري جو سبب بنيل پوڙها، اڪيلائي، مفلسي، ڏکن ۽ پيڙائن جي ستايل دنيا منهنجي آدرشي زندگيءَ جو مذاق اُڏائي ٿي. آئون بديءَ کي گهٽائڻ چاهيان ٿو، پر گهٽائي نٿو سگهان. تنهنڪري آئون پاڻ به نقصان ۾ رهان ٿو.
    اها منهنجي زندگي آهي. مون اُن کي جيئري رهڻ جي قابل سمجهيو آهي. جيڪڏهن مونکي ٻيهر موقعو ملي ته آئون خوشيءَ سان گهارڻ چاهيندس.“

    مٿيان لفظ گذريل صديءَ جي عظيم ڏاهي، لبرل ۽ انسان دوست قدرن جي اهم نمائندي برٽرنڊرسل پنهنجي آتم ڪهاڻي جي مهڙ ۾ هن ”ٽي مقصد“ جي عنوان سان لکيا آهن. اهي لفظ ئي اهو لائحه عمل هو، جنهن تي عمل ڪندي رسل پنهنجي زندگي گذاري. رسل جي فڪري عمل جي هم آهنگيءَ کيس عظمت سان نوازيو. هو هڪ بي مثال رياضي دان ئي نه پر وڏو فلاسافر ۽ هڪ بهترين انسان به هو. هن جي نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر هن جون تهذيب ۽ انسانيت، حق ۽ انصاف، امن ۽ خوشحالي، شعور ۽ سمجهه جي بالادستيءَ خاطر ڪيل خذمتون نظر انداز ڪرڻ ممڪن نه آهن.
    لارڊ برٽرنڊ آرٿر وليم رسل 18 مئي 1872ع تي انگلينڊ جي هڪ وڏ گهراڻي ”رسل“ ۾ پيدا ٿيو. هن جي جنم جي ٽي ڏيهاڙي سندس امڙ هڪ خط ۾ سندس بابت لکيو، ”هو پنهنجي ڪنڌ کڻي حيرانيءَ سان آسپاس ڏسي ٿو.“
    ۽ سڄي زندگي هو دنيا کي ائين ئي ڏسندو رهيو.
    برٽرنڊرسل هڪ اهڙو فلسفي هو، جنهن دنيا کي امن جو گهوارو بنائڻ ٿي چاهيو. هن پنهنجي ضمير جي سڏ تي لبيڪ چيو. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي اهم قدم کنيا، پمفليٽ لکيا، مظاهرا ڪيا، ظلم ۽ تشدد جي مخالفت ڪرڻ تي رسل کي سماج دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو. سندس ليڪچرن ۾ هُل ۽ هنگاما ۽ تشدد سان مداخلت ڪئي ويندي هئي. دوست يار به ساٿ ڇڏي ويس. ميڪ ٽيگرٽ جيڪو رسل جو دوست هو، تنهن لاڳاپن کي نظر انداز ڪندي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان کيس ڪڍڻ جي لاءِ جلوس ڪڍيو ۽ ڪيترائي مظاهرا ڪيا. سندس هڪ ٻي سنگتي ۽ ناليواري اديب دوست ’ايڇ. جي ويلز‘ کيس سرعام گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مٿس گند اُڇليندي چيو، ”رسل اهڙو فلسفو ٿو جهاڙي، جيڪو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو اقليدس جي رياضي تي بيڪار ۽ اجائي تنقيد ٿو ڪري.“
    امن پسنديءَ جي وڪالت ۾ هڪ پمفليٽ لکڻ تي 15 جون 1916ع تي رسل تي هڪ سئو پائونڊ ڏنڊ وڌو ويو، پر هن ڏنڊ ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سندس لئبرري جو هڪ حصو نيلام ڪيو ويو، جنهن ۾ رياضيءَ جا ڪيترائي ناياب ڪتاب به شامل هئا، پر هن جي ارادن ۾ لوڏو نه آيو. کيس 1918ع ۾ هڪ مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ چار مهينا قيد جي سزا ڏني ويئي. ان مضمون ۾ هن لکيو هو ته، ”انگلينڊ ۾ هڙتال کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي فوج کي گهرايو وڃي، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ اهو فرض ادا ڪرڻ جي عادي آهي.“
    ويٽنام جي جنگ دوران هن جنگي ڏوهن ۽ جنگي ڏوهارين کي انساني ضمير جي آڏو پڌرو ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي ناليوارن قانوندانن ۽ دانشورن تي ٻڌل هڪ ٽربيونل قائم ڪيو، جنهن ۾ زال پال سارتر ۽ سيمون دي بوار به شامل هئا. ان ٽربيونل جو مقصد اهو هو ته جنگ پسند آمريڪا جي حڪمرانن کي هڪ اهڙي عالمگير انصاف جي آڏو بيهارجي، جنهن کي هو نٿا مڃين، پر هو هڪ اهڙي گهري ملامت جو شڪار ٿين، جنهن جي سمجهه حاصل ڪرڻ جي منجهن ڪونهي. ٽربيونل جي ڪاروائي پئرس ۾ ٿيڻي هئي، پر فرانس جي حڪومت پاران اجازت نه ڏيڻ سبب ڪاروائي جي شروعات 2 مئي 1967ع تي اسٽاڪ هالم (سويڊن) ۾ ٿي. ٽربيونل ويٽنام مان حاصل ڪيل سڌين سنئين شاهدين جي آڌار تي 10 مئي 1967ع تي آمريڪا ۽ سندس اتحادي آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر لنڊن بي جانسن کانسواءِ آمريڪي عملدارن ڊين رسڪ، رابرٽ ميڪنامارا، هينري ڪيسٽ لاج ۽ جنرل مرولينڊ کي موت جي سزا جو حڪم ٻُڌايو. اهي جنگي ڏوهاري ايترا ته سگهارا هئا، جو جسماني طور تي کين اها سزا ڏيڻ ممڪن ته نه هئي، پر ’رسل ٽربيونل‘ جو فيصلو دنيا جي ضمير جو آواز هو. جنهن بااثر ڏوهارين تي اهڙي ته گهري ملامت ڪئي، جنهن کي سمجهڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي.
    رسل بني نوع انسان کي ائٽمي هٿيارن جي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ به ڀرپور آواز اُٿاريو. 1961ع ۾ کيس نوي سالن جي عمر ۾ ان وقت مظاهرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو هڪ رستي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو هو.
    رسل جيتوڻيڪ شروعاتي دور ۾ اشتراڪيت کي بهتر سماج اڏڻ لاءِ سٺو سمجهندو هو ۽ روسي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ هو چوندو هو، ”هي جهان نفرت جوڳو آهي ۽ رڳو لينن ۽ ٽراٽسڪي ئي روشن ستارا آهن.“ پر روس جي دوري کانپوءِ سندس خيال بدلجي ويا. ساڳئي طرح هن چين جو به دورو ڪيو ۽ هڪ سال تائين اُتي رهيو. ان زماني ۾ چين اشتراڪي انقلاب ڏانهن وڌي رهيو هو. رسل روسي تجربن تي ٻڌل The Practice and Theory of Bolshevism جي نالي سان ڪتاب لکيو. ان ڪتاب ۾ هن کليل نموني روس ۾ ٿيندڙ تجربن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. رسل ته انقلابي حڪومت کي زار جي حڪومت کان به وڌيڪ جابر سڏيو. هن هڪ هنڌ لکيو، ”اشتراڪيت هڪ اهڙو حمام تعمير ڪري ٿي جتي تازي هوا جي هر ساهه کي پري رکڻ ضروري خيال ڪيو وڃي ٿو.“ هن چين جي سياحت جا تاثرات The Problems of China جي نالي سان لکيا، رسل ان زماني ۾ اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته دنيا ۾ ٽي وڏيون قوتون آمريڪا، روس ۽ چين وڃي بچنديون ۽ مائو جي قيادت ۾ اها اڳ ڪٿي سندس زندگي ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي.
    اشتراڪيت ۽ مذهب کي رد ڪرڻ کانپوءِ رسل پنهنجي نصب العيني دنيا جا خط و خال چٽا ٿو ڪري. هن جنهن يوٽوپيا جو تصور پيش ڪيو آهي، اهو بنيادي خصوصيت جي لحاظ کان اشتراڪيت جي بلڪل ويجهو آهي. ٻين اشتراڪي نظامن کان مٿڀرو ثابت ڪرڻ جي خاطر ان کي ’جمهوري اشتراڪيت‘ جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. مروجه اشتراڪيت جي مخالفت جو مقصد اهو به ڪونه هو ته اسان جو هي انسان دوست فلسفي انسانيت ڪش سرمائيداريت جو حامي آهي. سندس نظر ۾ اهي ٻئي نظام فرد جي پرماريت جون ڌار ڌار شڪليون آهن. جيڪڏهن اشتراڪي سماج ۾ انساني ماحول کي هڪ خاص سانچي ۾ وڌو وڃي ٿو ته ٻي طرف غير اشتراڪي سماج ۾ به اشتراڪيت جي خلاف نفرت کي بنيادي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ نئين نسل کي خاص طور تي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته اهو نظام بني نوع انسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. ان لحاظ کان اهي ٻيئي نظام هڪجهڙن بنيادن تي فرد دشمن آهن.
    مٿي ذڪر ڪيل رسل جي آتم ڪهاڻي، رسل پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ٽن جلدن ۾ ڇپرائي. پهريون جلد 1967ع، ٻيو 1968ع ۽ ٽيون 1969ع ۾ ڇپيو. پوءِ انهن ٽنهي جلدن کي گڏي ڇپيو ويو. اهو ڪتاب رسل جي سڄي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهي. پوئين عمر ۾ رسل افسانا به لکڻ شروع ڪيا. هو چوندو هو ”مون زندگيءَ جا پهريان اَسي سال فلسفي جي خاطر وقف ڪيا هئا. هاڻ آئون ايندڙ 90 سال فڪشن جي هڪ ٻي صنف جي لاءِ وقف ڪرڻ ٿو چاهيان.“
    اسان جو هي انسان دوست دانشور چوٿين فيبروري 1970ع تي وفات ڪري ويو. ٻي ڏينهن هڪ مقامي ديول ۾ سندس وصيت موجب سندس لاش کي ساڙيو ويو. هو اوڀر جي انسان دوستي ۽ اولهه جي سائنس پرستيءَ جو علمبردار هو. ڪنهن اڪيلي فرد جهالت، ظلم ۽ شر جي خلاف ايڏي ڊگهي جنگ نه وڙهي هئي. جيتري هن وڙهي. هو چوندو هو، ”آئون پنهنجي اکين جي تصور ۾ انساني نسل جي هڪ خوشيءَ واري لهر ڏسي رهيو آهيان. جڏهن ته ڊپ ۽ نفرت جي ڊگهي رات ختم ٿي ويندي. آئون هڪ اهڙي سونهري دور جي اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪو تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو. اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان موت کان وڌيڪ زندگيءَ کي ترجيح ڏي.“

    9. ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ (ناول، ليکڪ: انل بروي)
    ممبئي مان هڪ اردو رسالو ’اوراق‘ نڪرندو آهي. ڳچ سال اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست وٽ ان جو هڪ پرچو پيل ڏٺم. سرسري طور ڏسڻ سان پرچو وڻيم ۽ کانئس منٿ ڪري پڙهڻ جي لاءِ اُڌارو وٺي آيس. ان ۾ هندستان ۾ ڳالهائيندڙ مراٺي ٻوليءَ جي ليکڪ ”انل بروي“ جي هڪ ننڍي ناولٽ جو ترجمو ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جي نالي سان ڇپيل هو. جيئن ئي ناولٽ پڙهڻ شروع ڪيم ته ان جي مَنڍ ۾ منڊبو ويس ناولٽ ته کڻي ننڍڙو هو، پر اهو ايترو ته دلچسپ هو ۽ ان جي اُڻت ايتري ته شاهڪار هئي، جو ڄڻ هڪئي ساهيءَ ۾ ٻه ڀيرا پڙهي ويس. انل بروي اهو ناولٽ هندستان جي ”نڪسلاهٽ“ هلچل جي پسمنظر ۾ لکيو آهي.
    ناول جي مکيه ڪردار هڪ انقلابي کي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ۽ سندس نالو ’ڊاڪٽر وير ڀوشن پٽنايڪ‘ هو، تنهن کي ڦاسي جي سزا مليل هئي ۽ سزا تي عمل ڪرڻ لاءِ کيس، جنهن جيل ۾ موڪليو وڃي ٿو، ان جو سپرنٽنڊنٽ مسٽر گيلارڊ پنهنجي وقت جو ناليرو ۽ ظالم آفيسر هو. سندس نالي ٻُڌڻ سان ئي گهڻن قيدين جا مُٽ وهي ويندا هئا. پر نڪسلي انقلابيءَ کيس کنگهيو به ڪونه. کيس پنهنجي مقصد تي ايترو ته يقين هو، جو موت هن لاءِ ڄڻ هڪ راند هئي. گيلارڊ گهڻي ڪوشش ڪئي، ظلم ۽ تشدد ڪيو، پر قيدي هيڻي نه ٻولي.
    مسٽر گيلارڊ، جيڪو بظاهر ظالم ۽ دهشت جي علامت هو، تنهن ڪنهن زماني ۾ هڪ جرمن يهودڻ عورت مريم سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. مريم مان مسٽر گيلارڊ کي هڪ ڌي هئي ’جيني‘، جيڪا نه رڳو سراپا سونهن هئي، پر باشعور ۽ شاعرا به ئي. هوءَ انهن ڏينهن هندستاني روايتن موجب پنهنجي پهرين ويم لاءِ مسٽر گيلارڊ وٽ هندستان ايندي آهي. مسٽر گيلارڊ کيس جيل گهمائيندي نڪسلي قيديءَ سان پڻ ملائيندو آهي، پوءِ ٻنهي ۾ ڪافي ميل ملاقاتون ۽ بحث مباحثا ٿيندا آهن.
    جنهن رات نڪسلي قيدي کي ڦاسي ملڻي هوندي آهي. اُن رات جينيءَ کي به ويم جا سُور شروع ٿي ويندا آهن. اتفاق سان اها رات ڏاڍي طوفاني ۽ سخت برسات واري هوندي آهي. برسات سبب ٻنا ٻوڙ ٿي ويندي آهي ۽ شهر وڃڻ جي لاءِ رستا ٻُڏي ويندا آهن. نرس، مسٽر گيلارڊ کي چوندي آهي ته جيني جو نارمل ويم ممڪن ڪونهي، کيس آپريشن لاءِ شهر جي اسپتال وٺي وڃڻو پوندو. ٻي صورت ۾ جيني جو بچڻ ممڪن ڪونهي.
    مسٽر گيلارڊ پريشان ٿي ويندو آهي. نرس کيس صلاح ڏيندي آهي ته نڪسلي قيدي، جيڪو سٺو سرجن به هو، اهو جيني جي آپريشن ڪري. ٻي پاسي قيديءَ جي ڦاسيءَ ۾ باقي ڪجهه ڪلاڪ هوندا آهن.
    اچو ته اهو منظر آئون اوهان کي ڪتاب مان پڙهايان.

    ڦاسي جي کوليءَ ۾ ڦندو لڙڪي رهيو هو. ٻاهر ڪڪرن جي گوڙ ۽ تيز بارش حالتن کي خراب ڪري ڇڏيو هو. نڪسلي پنهنجي کوليءَ ۾ سڪون سان سُتو پيو هو. ماياڪو وسڪي جي شاعريءَ جو کليل ڪتاب هن جي دل جون ڌڙڪنون ڳڻي رهيو. سينئر جيلر ٿورو حيران ٿي ويو. چئن ڪلاڪن کانپوءِ ڄڻ هن کي مرڻو ئي نه هو. کيس گيلارڊ صاحب جي ڌيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيئن چوي؟ هن هٿن سان رول کي سيخن تي هنيو.

    ڪڙڪڙ جي آواز سبب نڪسلي جي ننڊ ڦٽي ويئي. ”ڊاڪٽر.... ڊاڪٽر.“ سينئر روئڻهارڪي آواز ۾ سڏڻ لڳو.

    نڪلسي اُٿي ويهي رهيو ۽ هن ڏانهن ڏٺائين ۽ پُڇيائين.
    ”هلڻ جو وقت ٿي ويو آهي ڇا؟“
    سينئر نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ته پوءِ مونکي ڊسٽرب ڇو ڪيوَ.“
    سينئر گهڙي کن خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”گيلارڊ صاحب اوهان جو اوسيئڙو ڪري رهيو آهي. جيني سخت تڪليف ۾ آهي.“
    نڪسليءَ حيرت مان پڇيو، ”ڇا ڪو ٻيو ڊاڪٽر موجود ڪونهي.“
    ”باءِ گاڊ! اونلي يو آر هيئر.“
    ”۽ اوزار؟“
    ”نرس بنگلي تي کڻي ويئي آهي.“
    نڪسلي ڪجهه دير سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين، ”ٺيڪ آهي، ٿورو ثواب ڪمائي وٺان.“
    پوءِ نڪسلي جيني جو آپريشن ٿو ڪري. ڪامياب آپريشن.
    گيلارڊ صاحب نڪسلي جي پٺي ٿو ٺپري، ”ريئلي يو آر اي گريٽ سرجن! ڦاسي جو ڦندو سامهون هئڻ جي باوجود به تو ايترو سٺو آپريشن ڪيو آهي.“
    ”ڦاسي!“ نڪسلي هوريان چيو. پوءِ حالتن کي سمجهندي زور سان کِلي پيو ۽ چيائين، ”ڏٺئي مسٽر گيلارڊ! ڪنهن کي بچائڻ جو نشو دنيا جي هر نشي کان وڏو هوندو آهي. ماڻهو پنهنجي موت کي به وساري ٿو ڇڏي، گهڻو وقت ٿيو آهي؟ مونکي ڪيڏي مهل ڦاسيءَ تي چڙهڻو آهي؟“

    مون ان ناولٽ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. پهرين سنگت جي ٽن پرچن (18 کان 20) پرچن ۾ قسطوار ”ٿئنڪ يو مسٽر گيلارڊ“ جي نالي سان ڇپيو. پوءِ اهو ”انقلابي جو موت“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو.
    هن ناول جو ليکڪ انل بروي دنيا ۾ ڪو گهڻو ڪونه ٿو سڃاتو وڃي، منجهس لکڻ جي تمام گهڻي صلاحيت هئي. پر بدقسمتي سان 32 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو ۽ ايئن سندس تخليقي جوهر تڙپندو ئي رهجي ويو. مراٺي ٻولي جي هن ناولن جو پهريون گجراتي ۾ ترجمو ٿيو، جتان پوءِ اردو ۾ ترجمو ٿيو ۽ مون اردو مان ئي ترجمو ڪيو.

    10. ایک گرم موسم کی کہانی (ناول- انيس ناگي)
    اردو ٻوليءَ ۾ ڪيترائي سٺا ناول لکيا ويا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته اردو ٻولي ادبي حوالي سان سُنڍ ڪونهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه هوندو. اردو جا ڪيترائي ناول نگار جهڙوڪ: ڪرشن چندر، عبدالله حسين، بانو قدسيه، انتظار حسين، مستنصر حسين تارڙ ته پڙهندڙ جو ڪريز رهيا آهن ۽ انهن جي ذهنن مٿان ڇانيل رهيا آهن. انهن ۾ هڪ نالو انيس ناگي جو پڻ آهي. انيس ناگي جي شخصيت ۽ فن تي ڪتاب لکندڙ ڊاڪٽر شاهين مفتي لکي ٿي:
    ”....اڌ صديءَ کان اردو ادب ۾ انيس ناگي انڪار جي سلطنت جي شهنشاهه جي حيثيت سان پنهنجي ڌار سُڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي. هن جو ادبي محاذ ڏاڍو وشال آهي. سندس گهڻ پهلوئي تخليقيت، نظريي سازي ۽ نظرياتي ڀَڃ ڊاهه جا ڪيترائي تجربا ڪندي هلي آهي. لسانيات، نفسيات، ثقافت، تاريخ، مذهب ۽ معيشت ۽ عمرانيات سان گڏ سهيوڳي ساهت جي مستقل مطالعي سندس لکڻين کي زمان ۽ مڪان جي تسلسل ۾ اهڙي طرح پوئي ڇڏيو آهي، جو ليکڪ ۽ سندس موضوع نفي ۽ اثبات جي گنگا جمنا منظر نامي جو حصو بنجي ويا آهن.“
    انيس ناگيءَ ڪيترائي ناول لکيا آهن پر پاڻ جنهن ناول جوذڪر پيا ڪريون، ان جو نالو آهي: ”ایک گرم موسم کی کہانی“. هن ناول ۾ ٽي ڪهاڻيون گڏ گڏ هلن ٿيون ۽ پوءِ هڪ ئي ڪهاڻيءَ ۾ سمائجيو وڃن. ڪهاڻي جو مرڪزي هيرو جاويد، پنجاب حڪومت جو رڪارڊ انچارج آهي ۽ اتفاقي طور تي باضمير، ايماندار ۽ حساس پڻ آهي. سندس ٻن نائبن کي شڪ ٿو پوي ته جاويد تاريخ جو رڪارڊ درست ڪرڻ ٿو چاهي، تنهنڪري ذهني ٽڪراءَ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ جاويد تاريخ جي سچائيءَ جي ڳولا ۾ 1857ع تائين ٿو وڃي پهچي. ناول جي اندر جيڪا هلچل آهي، اها انگريز آفيسرن ۽ پادرين جي تشويش جي چوڌاري گهمي ٿي. ناول ۾ هندو، مسلمان ۽ سک ڪردار موجود آهن. ناول ۾ جاويد جي هڪ پوڙهي اهلڪار کي سڄو رڪارڊ زباني ياد آهي، ڇو ته هو 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ جو آخري مجاهد آهي. هڪ ڏينهن اهو رڪارڊ موسم جي گرميءَ سبب گم ٿي وڃي ٿو ۽ ان دوران جاويد پنهنجي تحقيق جا تفصيل نعم البدل طور گم ٿيل رڪارڊ جي جاءِ تي رکي ٿو ڇڏي.
    ناول ۾ 1857ع جي جنگ آزاديءَ جي دوران لاهور ڇانوڻيءَ ۾ پيش آيل واقعي، جنهن ۾ ديسي سپاهين بغاوت ڪئي، ڏاڍي خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو ان ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    انيس ناگي جي هن ناول جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر محمد علي صديقي لکي ٿو:
    ”....انيس ناگيءَ جو هي تاريخ ناول 1857ع جي جنگ جي باري م هڪ نقطه نظر پيش ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ سماج سياسي طور تي مغلوب ٿي وڃي ته ان مٿان ماٺار ڇانيل هئڻ جي باوجود، ان ۾ حوصلي مند ماڻهو موجود هوندا آهن، جيڪي اجتماعي وجود جي بقا جي لاءِ انفرادي قرباني ڏيندا آهن. انيس ناگيءَ هن ناول ۾ گذريل صديءَ جي لاهور جي زندگيءَ کي ڏاڍي اثرائتي طريقي سان پيش ڪيو آهي.“
    انيس ناگي جا ٻيا به ڪيترائي ناول لکيل آهن، هو ڏاڍو بولڊ ليکڪ آهي، ’ناراض عورتين‘ ناول ڇپجڻ تي انيس ناگيءَ تي عورتن کي بدنام ڪرڻ ۽ عورت دشمنيءَ جا الزام هنيا ويا. اهو ناول هن اين. جي. او ڪلچر تي لکيو. ان ناول ۾ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته: ”وياگرا جي ايجاد عورتن جي خواهشن جو نتيجو آهي.“ (آهي نه ناگي ظالم ليکڪ؟)
    انيس ناگي جا مختلف موضوعن تي هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن.
    انيس ناگي منهنجي پسند جي ليکڪن مان رهيو آهي. سندس اردو ادب ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ آهي. پاڻ سارتر ۽ وجودي فلسفي کان گهڻو متاثر هو. هن نه رڳو ڪاميو جي مشهور ناول ”پليگ“ جو ”طاعون“ جي نالي سان اردو ۾ ترجمو ڪيو، پر پليگ جي موضوع تي ئي ”چوہوں کی کہانی“ جي نالي سان ڏاڍو خوبصورت ناول لکيو اٿس.
    جولاءِ 2009ع ۾ جڏهن ’اڪاڊمي ادبيات پاڪستان‘ پاران سنڌي، بلوچي، اردو ۽ پشتو جي اديبن کي پنجاب جو دور ڪرايو ويو ته مونکي به اُن ۾ شامل ڪيو ويو. اسين جڏهن لاهور پهتاسين ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر وفد جي مان ۾ رات جي مان جلهي، اها ڊنر اسيمبليءَ جي ئي هڪ هال ۾ ڏني ويئي هئي. ان دعوت ۾ انيس ناگي به آيل هو.
    تقريرن جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهتو ته آئون وڌي وڃي ساڻس مليس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم. ڏاڍو خوش ٿيو. جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مون سندس فلاڻا فلاڻا ڪتاب پڙهيا آهن ته حيرت مان پڇيائين، ”سنڌ ۾ منهنجا ڪتاب پهچن ٿا؟“
    ”هائو!“ مون وراڻيو، ”ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪتاب گهرن تي پهچن ٿا.“
    ناگي ٿور ڳالهائو لڳم. پنهنجي ڌن ۾ مگن ۽ پنهنجيءَ ۾ مست. سندس ناول پڙهبا ته انهن ۾ هڪ شخص سدائين ذهني جبر ۽ سماجي ناهموارين جو شڪار نظر ايندو. ناگي سان گڏجي محسوس ٿيو ته اهو هڪ شخص خود ناگي ئي آهي. سوال جو تمام مختصر جواب ٿي ڏنائين.
    ناگيءَ سان مختصر ڪچهريءَ کانپوءِ مون کانئس ايڊريس ورتي ۽ واپس اچي مون کيس پنهنجي ڪهاڻين جو اردو ترجمو ”نوحه گر“ ڏياري موڪليو. جيڪو ضرور کيس مليو هوندو. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ انيس ناگي وفات ڪري ويو.


    مونکي اُن ڳالهه جو به اعتراف آهي ته مون وٽ موجود هوندي به اڃا ڪي شاهڪار ناول ڪتاب پڙهي نه سگهيو آهيان. جهڙوڪ: ’انناڪارننيا‘ (ٽالسٽاءِ)، ’جنگ ۽ امن‘ (ٽالسٽاءِ)، ’ايڊيٽ‘
    (دوستو وسڪي)، ’گون وٿ دي وِنڊ‘ (مارگريٽ مچل) وغيرهه ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي پنهنجي پهرين ۽ ٻي فهرست ۾ بدل سدل ڪرڻي پوي.
    مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته منهنجو مطالعو ايڏو وسيع ڪونهي. ۽ اڃا اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن، جيڪي مون کي پڙهڻا آهن ۽ منهنجي لائبرري ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب موجود آهن، جيڪي مون وڏي شوق ۽ اُتساهه مان خريد ڪيا، پر اڃا تائين پڙهي نه سگهيو آهيان.
    وقت گذرڻ سان گڏ منهنجي پڙهڻ جي رفتار به سُست ٿيندي پئي وڃي ۽ گڏوگڏ موضوعن جي چونڊ به بدلجي پيئي وڃي. اڳ ناول ۽ ڪهاڻي وڏي شوق سان پڙهندو هوس، پر هاڻ انهن ڏانهن ڌيان گهٽ ٿو وڃي. اُن جي ڀيٽ ۾ تاريخ، ادبي تاريخن، ٻولين، سوانح ۽ آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي ڪتابن ڏانهن وڌيڪ ڌيان اٿم.

    مٿيان سڀ ڪتاب اهي آهن، جن جو سنڌي ٻوليءَ جي ادب سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته آئون سنڌي ادب نه پڙهندو آهيان.... منهنجي خواهش آهي ته مون سنڌي ادب جا جيڪي ڪتاب پڙهيا آهن، انهن تي هڪ ڌار مضمون لکان، مون پنهنجي پسند جي اهڙن ڏهن ڪتابن جي هڪ فهرست به ٺاهي آهي.
    ڀلا اوهان مان ڪو محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، غلام رباني آگري، رسول بخش پليجي، نصير مرزا، ايوب کوسي ۽ اڪبر سومري جي نثر جي چَس کان انڪار ڪري سگهندو؟


      زخم جو نشان

    جولاءِ آگسٽ 2014ع جي مهينن ۾ جڏهن اسرائيل، فلسطين جي علائقي غزه تي حملا ڪري معصوم فلسطينين جون جانيون وٺي رهيو هو. سڄي دنيا اسرائيل جي ان وحشانيت جي مذمت ڪري رهي هئي. مسلمان ۽ عرب ملڪ خاموشي ۽ بي حسيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا هئا ته مون سميت ڪيترائي حساس دل انهن ملڪن جي خاموشي ۽ اسرائيل جي وحشانيت تي اندر ئي اندر ڪڙهي رهيا هئا ۽ گڏوگڏ لڳ ڀڳ مُني صدي کان هلندڙ فلسطين جي قومي تحريڪ جي لاهين چاڙهين تي سوچي رهيا هئا. انهن ئي ڏينهن منهنجي هٿن ۾ آمريڪا جي رهاڪو فلسطيني ليکڪا ”سوزن ابوالهوا“ جي شاهڪار ناول “The Scar of David” جو ترجمو ”زخم ڪا نشان“ مطالعي هيٺ هو، جيڪو جناب مسعود اشعر اردو ۾ ڪيو آهي. ناول جي مطالعي مونکي ٻٽي ڪرڀ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هڪ پاسي فلسطينين جي قتل عام جو ڪرڀ ۽ ٻي پاسي ناول جي ڪردارن جو ڪرڀ. جنهن ۾ فلسطينين جي ٽن نسلن جي بدبختي، جلاوطني، قتل عام ۽ اسرائيل جي دهشتگردي اهڙي ته حقيقي ۽ دلسوز انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي، جو ڪوبه حساس ماڻهو ترت اُن اثر مان نڪري نٿو سگهي، سوزن جو هي ناول نه رڳو فلسطين جي ڪيس کي حقيقي انداز ۾ اڳيان آڻي ٿو، پر اولهائين پروپئگنڊا جو پڻ ڀرپور جواب آهي، ڇو ته اولهائين ۽ آمريڪي ميڊيا سدائين هڪ پاسائين وهندي ٿي رهي، اتي فلسطين جو ڪوبه آواز ڪونهي، اولهائين ميڊيا جي نظر ۾ فلسطيني سدائين دهشتگرد ئي رهيا آهن.

    سوزن ابوالهوا، اها ڪهاڻي اهڙي ته پيرايي ۾ بيان ڪئي آهي جو ماڻهوءَ جي روح جي گهراين ۾ لهي ٿي وڃي ۽ فلسطين جو سڄو الميو ڪنهن فلم جيان اچيو سامهون بيهي، ليکڪا چواڻي، ”هي ناول تخليقي ادب ۾ فلسطين جو اظهار آهي.“
    ناول جي ڪهاڻيءَ جي شروعات 1941ع ۾ هڪ فلسطيني ڳوٺ ”عين هود“ کان ٿئي ٿي، جنهن جو بنياد اٺ سؤ سال اڳ 1189ع ۾ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي هڪ جنرل رکيو هو. جنهن ۾ فلسطيني رهاڪو سک ۽ آرام سان گذاري رهيا آهن ۽ انهن ئي ڏينهن سڄي يورپ مان هٽلر جي بربريت ۽ ڪنسٽرڪشن ڪئمپن مان بچي ويل يهودي، هڪ منظم رٿابنديءَ سان فلسطين ۾ اچڻ شروع ٿيا ۽ برطانيا جي آشيرواد سان منجهه ڳجهه ۾ اسرائيل جي قيام جي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ يهودين منظم نموني سان دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري رهيا هئا ۽ هنن نه رڳو فلسطيني رهاڪن کان زمينون خريد ڪري شروع ڪيون، پر هنن فلسطيني رهاڪن سان اهو ئي رويو اختيار ڪيو، جيڪو نازين ساڻن ڪيو هو. هنن دهشتگردي جي ذريعي مقامي فلسطينين کي تنگ ڪرڻ، مارڻ، کين لڏائڻ، سندن گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ان ڇڪتاڻ جا پڙاڏا ”عين هود“ ڳوٺ تائين به پهتا. 6 مئي 1948ع ۾ اسرائيل جي رياست جو باضابطه اعلان ڪيو ويو، جنهن کي آمريڪا فوري طور تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي تسليم ڪري ورتو ۽ پوءِ هڪ اهڙي دور جي شروعات ٿي، جيڪو دهشت، قتل عام ۽ هڪ قوم جي منظم نسل ڪشي جو دور آهي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي ۽ ان دهشتگرديءَ سڄي قوم کي جلاوطن ڪري دنيا ۾ ٽيڙي پکيڙي ۽ ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ”عين هود“ جي آبادي کي به ڪجهه ڪلاڪن جي نوٽس تي پنهنجي گهرن مان لڏائي ڪئمپن ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ ”عين هود“ ۾ يورپ مان آيل فرانسيسي يهودين کي آباد ڪيو ويو، ليکڪا جي لکڻ موجب يورپ ۾ يهودين پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن کانپوءِ اها ڳالهه پنهنجي دلين ۾ ويهاري ڇڏي ته پنهنجي گهرج جي هر شئي زبردستي حاصل ڪئي وڃي. ان لڏپلاڻ جي دوران ناول جي هڪ ڪردار ضاليه جو ننڍو پٽ اسماعيل ڪنهن نموني ڪٿ رهجي ٿو وڃي، جنهن تي هڪ يهودي سپاهي جي اک هوندي آهي، جنهن کي اولاد نه هوندو آهي، ڇو ته سندس زال نازي اذيتي ڪئمپ ۾ تشدد جو نشانو بنجڻ سبب ٻار پيدا ڪرڻ جي لائق نه هوندي آهي، اهو فوجي ننڍڙي اسماعيل کي کڻي ٿو وٺي ۽ پوءِ اسماعيل کي پنهنجو پُٽ ڪري ٿا پالين ۽ کيس ڊيوڊ جو نالو ٿا ڏين. ڊيوڊ جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته هو اسرائيلي فوج ۾ ڀرتي ٿئي ٿو ۽ اسرائيل جي بقا لاءِ اهو ئي ڪردار ادا ٿو ڪري، جيڪو هر اسرائيلي پنهنجو فرض ٿو سمجهي يعني فلسطينين کي دٻائڻ، مارڻ ۽ دهشت پکيڙڻ. اسماعيل (ڊيوڊ) کي هڪ وڏو ڀاءُ يوسف ۽ هڪ ڀيڻ امل به هوندا آهن، يوسف اڳتي هلي فدائي بنجي ٿو وڃي ۽ 1982ع ۾ جڏهن اسرائيل، لبنان تي حملو ڪري پي.ايل.او کي اتان نڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري ۽ پي ايل او آمريڪا جي ضمانت تي فلسطيني ڪئمپن صابرا ۽ شتيله کي خالي ڪري ٿي ته يوسف به لبنان مان تيونس هليو ٿو وڃي ۽ پويان پنهنجي زال فاطمه ۽ ڌيءَ فلسطين کي ٻين عورتن ۽ ٻارن سان گڏ شتيله ڪئمپ ۾ ڇڏي ٿو ڏي، يوسف جي ڀيڻ امل جيڪا ان دوران آمريڪا هلي ويندي آهي ۽ اتي گرين ڪارڊ هولڊر بنجي ويندي آهي، سا فاطمه ۽ فلسطين کي آمريڪا گهرائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيندي آهي. ان وچ ۾ آمريڪي ضمانت جي باوجود به اسرائيل منظم نموني سان شتيله ۽ صابرا ڪئمپن ۾ قتل عام ڪرائي ٿو، جنهن ۾ فاطمه ۽ فلسطين به قتل ٿي وڃن ٿيون، عورتن، مردن ۽ ٻارن جي ان قتل عام جون جڏهن دنيا جي اخبارن ۽ تصويرون ڇپجن ٿيون ته انهن مان هڪ تصوير فاطمه ۽ فلسطين جي لاشن جي به هوندي آهي، امل ۽ يوسف کي اها تصوير ڏسي خبر پوندي آهي ته فاطمه ۽ فلسطين قتل ٿي چڪيون آهن، ان قتل عام جو ذڪر جڳ مشهور صحافي رابرٽ فسڪ پنهنجي مشهور ڪتاب Pity the Nation “The Abduction of Lebanon” ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي، جيڪي سوزن ابوالهوا حوالي طور ڪتاب ۾ ڏنا آهن:

    ”مون ۽ جنڪز شتيله ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، ان اسان جا هوش ۽ حواس ايترا ته خطا ڪري ڇڏيا، جو اسين اهو صدمون بيان ئي نٿا ڪري سگهون. اسين ڪجهه ماڻهن جي قتل يا مُنهان منهن ويڙهه ۾ درجنين ماڻهن جو مارجي وڃڻ ته بيان ڪري سگهون ٿا، پر هتي ته عورتون گهرن ۾ ائين مُيون پيون هيون- جو انهن جا اسڪرٽ ليڙون ليڙون ڪيا ويا هئا ۽ انهن جون ٽنگون چيريون ويون هيون. ٻارڙن جا ڪنڌ ڪپيل هئا، نوجوان مردن جون قطارون هيون، جن کي ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهاريو ويو هو ۽ پوءِ کين پُٺ ۾ گوليون هنيون ويون هيون. ننڍڙن ٻارن جا لاش هئا، جيڪي ڪارا ٿي چڪا هئا، ڇو ته انهن کي 24 ڪلاڪ اڳ ماريو ويو هو ۽ هاڻ اهي ڳري سڙي رهيا هئا. انهن ٻارن جي لاشن کي ڪچري جي ان ڍڳ تي اڇليو ويو هو، جتي آمريڪي فوج جي راشن جا خالي ڏٻا، اسرائيلي فوج جا (استعمال ٿيل) ميڊيڪل اوزار ۽ وسڪيءَ جون خالي بوتلون پيون هيون.“
    فلسطيني ماڻهن جو اهو قتل عام يوسف کي مجسم انتقام بڻائي ٿو ڇڏي ۽ هو پي ايل او ڇڏي ٿو ڏي ۽ پوءِ هو هڪ اهڙو گروهه منظم ٿو ڪري، جيڪو لبنان ۾ آمريڪي سفارتخاني سان بارود سان ڀريل ٽرڪ ٿو ٽڪرائي، جنهن ۾ 63 آمريڪي مارجي وڃن ٿا ۽ اهو انهن جي لاءِ جهنم بنجي وڃي ٿو.
    اُتي ليکڪا آمريڪي ميڊيا جي پت به وائکي ڪئي آهي، جيڪا ان حملي تي سرخي لڳائي ٿي، ”دهشتگردن آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪري ڏنو“. پر سوزن ابوالهوا جي لکڻ موجب، صابرا ۽ شتيله جي قتل عام جي هڪ هفتي کانپوءِ ’نيوز ويڪ‘ رسالي جي لاءِ گذريل ستن ڏينهن جي سڀ کان اهم خبر شهزادي گريس (ڪيلي) جي چالاڻي جي هئي. ان جي ٻي هفتي جي سرورق جو مضمون هو. ”اسرائيلي سخت ذهني اذيت ۾،“ (اسرائيلي مظلوم).
    ڪئمپ ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن يوسف هڪ اسرائيلي فوجي چوڪيءَ وٽان لنگهي ٿو ته کيس هڪ اسرائيلي (يهودي) فوجي نظر ٿو اچي، جنهن جي شڪل ساڻس ملي ٿي ۽ ان فوجي کي اک وٽ لڳل اهو نشان به آهي، جيڪو يوسف ٻاروتڻ ۾ کيس هڻي ٿو. الائجي ڇو يوسف کي يقين ٿئي ٿو ته اهو فوجي ڊيوڊ سندس ڀاءُ اسماعيل ئي آهي.
    سڄي ناول ۾ ڪيترائي ڊرامائي ۽ دل ڀڄائيندڙ منظر آهن، جنهن ۾ يوسف جو گم ٿي وڃڻ، ڊيوڊ پنهنجي شناخت جي ڳولا ڪري ٿو ۽ نيٺ پنهنجي ڀيڻ امل سان فلاڊلفيا ۾ اچي ملي ٿو ۽ پوءِ امل فلسطينين اچي ٿي، جتي هو ڊيوڊ (اسماعيل) جي مهمان آهي ۽ جنين ۾ پنهنجي ساهيڙي وٽ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ وڃي رهي ٿي ۽ اتي هڪ اسرائيلي فوجيءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي وڃي ٿي.
    ناول جي ڪهاڻي فلسطين جي ٽن نسلن جي ڪهاڻي آهي، هڪ اهڙي قوم جي ڪهاڻي، جيڪا ٽن نسلن کان در بدي، جلاوطني ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي، جنهن جي هر ٻار ۽ ٻچي کي اهو يقين آهي ته هو ضرور پنهنجي وطن فلسطين جي ڌرتي تي موٽي ويندا. سوزن جي لکڻ موجب، ”هن ناول جا ڪردار ته خيالي آهن، پر فلسطين خيالي ڪونهي ۽ نه ئي اهي تاريخي واقعا خيالي آهن، جيڪي هن ڪهاڻي ۾ بيان ڪيا ويا آهن، يقينن ”وچ اوڀر جي تڪرار“ جي بيان ۾ خيال آرائي اصل حقيقت جي مقابلي ۾ گهڻي ڪمزور ۽ ناموزون متبادل آهي، مون پنهنجي يادداشت ۽ رڪارڊ ڪيل تاريخ جي مدد سان هر ممڪن ديانتداريءَ سان واقعا ۽ تاريخ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
    سوزن ابوالهوا آمريڪا ۾ رهي ٿي، جڏهن ته فلسطين سندس ڏاڏاڻون ڏيهه آهي، سندس مائٽ 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ کانپوءِ بي گهر ٿي ان وقت پناهگير بنجي ويا، جڏهن ڪٽنب جا ڀاتي هڪٻئي کان وڇڙي ويا ۽ ٻالڪپڻ هڪ شهر کان ٻي شهر منتقل ٿيندي گذاريو، پهرين ڪويت، پوءِ اردن ۽ پوءِ اوڀر يروشلم ۾، جيڪو اسرائيل جي قبضي ۾ اچي چڪو هو. اعليٰ تعليم جي لاءِ هوءَ ننڍي وهيءَ ۾ ئي آمريڪا هلي وئي ۽ يونيورسٽي آف سائوٿ ڪيرولينا جي بائيو ميڊيڪل سائنسز مان گريجوئيشن ڪيائين، هن ان ئي شعبي ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، پر کيس شهرت پنهنجي لکڻين جي ڪري حاصل ٿي.
    فلسطين جي باري ۾ اولهائين ميڊيا، خاص ڪري آمريڪي اخبارن جي تعصب واري رويي سوزن ابوالهوا کي ڏاڍو بد دل ۽ برهم ڪيو، ان کانپوءِ هن آمريڪا جي مختلف اخبارن ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس اهي لکڻيون يا ڪالم آمريڪا جي مشهور اخبارن ۾ ڇپيون، 2002ع ۾ جڏهن اهي خبرون اچڻ لڳيون ته جنين جي پناهگيرن جي خيمه بستيءَ ۾ کلي عام فلسطينين جو قتل عام ٿي رهيو آهي. ته سوزن ابوالهوا فلسطين جو سفر ڪيو، هن اتي جيڪا درندگي ۽ بربريت ڏٺي ته هن پڪو ارادو ڪيو ته هوءَ جنين جي ظلم ۽ ستم ۽ اتي جي باهمت ماڻهن جو داستان سڄي دنيا جي ماڻهن کي سُڻائيندي. ’جنين‘ مان واپس موٽڻ کانپوءِ سوزن ابوالهوا پهريون ڪم اهو ڪيو ته هن هڪ فلاحي ادارو قائم ڪيو، جيڪو محڪوم ۽ والاريل علائقي ۾ رهندڙ فلسطيني ٻارن جي لاءِ راند جا ميدان قائم ڪري، هن ان اداري جو نالو Ply grounds for Palestine:inc رکيو، ان اداري تحت بيت اللحم، رافه، خان يونس ۽ هيبرون ۾ راندين جا ميدان قائم ڪيا ويا.
    سوزن ابوالهوا جا مضمون Shatterd III usions (2002ع) ۽ Searching Jenin (2003ع) جي نالن سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا، 2006ع ۾ سندس پهريون ناول The Scar of David ڇپيو. ڇپجڻ کانپوءِ جتي ان ناول کي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ ادبي انعام به ڏنو ويو، اتي ڪن حلقن پاران ان جي سخت مخالفت به ڪئي وئي. سندس چوڌاري هڪ تڪرار ان وقت کڙو ڪيو ويو، جڏهن نيو يارڪ ۾ ڪتابن جي هڪ دوڪان ۾ ليکڪا کي ان ناول مان اقتباس پڙهي ٻڌائڻ جي بدران فقط ڪتاب تي صحيح ڪرڻ تائين محدود ڪيو ويو، ان واقعي کانپوءِ ڪيترين ئي اخبارن اهو مسئلو کنيو ته ليکڪا کي ان سنسرشپ کي رڳو ان ڪري منهن ڏيڻو پيو ته هوءَ فلسطين نواز موقف رکي ٿي ۽ نسلي طور تي سندس واسطو فلسطين سان آهي.
    سوزن ابوالهوا جو ٻيو نازل Morning in Jenin، 2010ع ۾ ڇپيو، جنهن جو موضوع پڻ فلسطين ئي آهي.


      آمريڪا جي آزاديءَ جو هيرو: ٿامس پين

    آئون هونئن به نه رڳو ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جو، پر سندس ڪم جو به مداح رهيو آهيان، ڊاڪٽر مريءَ تسلسل سان فڪري طور تي هڪ اهڙو ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو نه رڳو بلوچ نوجوانن جي فڪري ۽ ذهني تربيت ڪري ٿو، پر ٻين ٻولين جي پڙهندڙن کي پڻ فڪري خوراڪ مهيا ڪري ٿو. ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جي ڪم جا موضوع نوان ۽ لکڻ جو اسلوب به انوکو. لکڻ ۾ نه ور نه وڪڙ ۽ نه ئي وري لفظن جي دانشوري، سادن سوڌن ۽ ننڍن ننڍن جملن ۾ ڳالهه کي بيان ڪري ٿو ڇڏي.
    شاهه محمد مريءَ دنيا ۽ ملڪ جي اهڙن عظيم، انسان دوست ۽ عوام دوست ماڻهن تي هڪ ڪتابي سيريز ”عشاق ڪي قافلي“ جي نالي سان شروع ڪئي آهي، جنهن تحت هن کان اڳ ڪيترائي ڪتاب اچي چڪا آهن ۽ ان سلسلي جو تازو ڪتاب ”ٿامس پين“ آهي. ٿامس پين هڪ اهڙو انسان دوست، وطن دوست، عوام دوست ۽ جمهوريت پسند انقلابي هو، جيڪو جنميو ته بادشاهي انگلنڊ ۾، پر هن آمريڪا جي برطانيا کان آزاديءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن جي ڪتاب ”ڪامن سينس“ جي باري ۾ جان ايڊز لکيو، ”ڪامن سينس جي ليکڪ جي قلم کانسواءِ جارج واشنگٽن جي تلوار بس هوا ۾ پي هلي.“ ٿامس پين نه رڳو آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو ورتو، پر هن انقلاب فرانس ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. هو پنهنجي وقت جو چي گويرا هو، پر جي هيئن چئجي ته چي گويرا پنهنجي وقت جو ٿامس پين هو ته وڌيڪ بهتر. ٿامس پين انگلنڊ جي بادشاهي نظام ۾ ڄائو. بادشاهت جنهن لاءِ پين لکيو، ”بادشاهت انسانيت جي دشمن ۽ ڏکن جو سرچشمون هوندي آهي.“ هن آمريڪي جنگ آزاديءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مورخن جو چوڻ آهي ته ٿامس پين جي ڪتاب ”ڪامن سينس“ آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ ۾ مهميز جو ڪردار ادا ڪيو. هن انگلنڊ جي ماڻهن کي انقلاب لاءِ اُڀارڻ لاءِ پنهنجي قلم کي خوب هلايو ۽ فرانس جي انقلاب ۾ نه رڳو فڪري ڪردار ادا ڪيو، پر فرانس جي آئين لکڻ جي ڪم ۾ به حصو ورتو. چي گويرا به ائين ئي ڪيو. ارجنٽائن ۾ ڄائو، ڪيوبا جي انقلاب ۾ فيڊل ڪاسترو سان گڏجي وڙهيو ۽ پوءِ اقتدار جي ڪرسي ڇڏي ڪانگو هليو ويو ۽ پوءِ بوليويا جي ٻيلن ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جا ترانا ڳائيندي جام شهادت نوش ڪيائين. ٿامس پين به انٽرنيشنل انقلابي هو، هن جتي به انقلاب ۽ آزاديءَ جا شعلا ڀڙڪندي ڏٺا، اُتي مهميز ڏيڻ جي لاءِ پهچي ٿي ويو، غلامي، بادشاهت ۽ موروثيت ٿامس پين جي لاءِ هڪ گار هئي ۽ ان گار کي ختم ڪرڻ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد قرار ڏيئي ڇڏيو. ”جتي آزاديءَ ڪونهي، اهو ئي منهنجو وطن آهي،“ ٿامس پين لکيو، ڪيڏو نه وڏو ۽ معنيٰ خيز آهي اهو جملو- يا ٻي هنڌ هن لکيو ”سڄي دنيا منهنجو گهر آهي ۽ انسانن جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ منهنجو دين ۽ ڌرم آهي.“ هن سڀ کان پهرين پاڻ کي انگلنڊ جي شهري هئڻ جي نفسيات مان آجو ڪري، پاڻ کي آمريڪي سانچي ۾ فٽ ڪيو. اها ڪا ايڏي سولي ڳالهه نه هئي، ٻين ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ ۽ ٻين پاران ان کي قبولڻ ته هر گهڙيءَ جي رياضت هجي ٿي، تاريخ ۾ ائين ٿامس پين ڪيو. جيڪو انگلنڊ جو هو، پر هن پاڻ کي آمريڪا جي نفعي ۽ نقصان سان واڳي ڇڏيو. ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ هن ڪتاب جي ذريعي ٿامس پين جي زندگي ۽ ڪارنامن کان اسان کي واقف ڪيو آهي، ٿامس پين جيڪو انقلاب ۽ آزاديءَ جي وڏي علامت آهي ۽ ان کان اڻ ڄاڻائي تي ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ چواڻي، ”آئون حيران آهيان ته هن خِطي جي قومي تحريڪن جي صفن ۾ ”بي طرف“ فرانز فينن کي ته مشهور ڪيو ويو، پر ڪارآمد ٿامس پين کي نظر انداز ڪيو ويو.“
    ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ هن کان اڳ ٿامس پين تي هاورڊ فاسٽ جي لکيل جڳ مشهور سوانحي ناول ”سٽيزن ٽام پين“ جو پڻ اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو مارڪيٽ موجود آهي.
    عام طور چيو ويندو آهي ته تاريخ سدائين انصاف جو فيصلو ڪندي آهي، پر ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ چواڻي، ”نوجوانن کي اهو ٻُڌائڻ جي گهرج آهي ته تاريخ سدائين انصاف نه ڪندي آهي، اُن ڪڏهن ته برباد ڪرڻ جي حد تائين به ناانصافيون ڪيون آهن... خاص ڪري هيڻن همراهن، طبقن ۽ قومن سان گهٽ نه ڪئي اٿس. ان سلسلي ۾ اوهين جڏهن ٿامس پين جي زندگي ۽ تعليم جي باري ۾ پڙهندا ته اوهان کي تاريخ جي ان وڏي ناانصافيءَ جو ڀرپور احساس ٿيندو. اهو شخص جيڪو هر گهڙي دشمن کي سندن مورچن جي اندر للڪاريندو رهيو، ان ويڙهاڪ بابت تاريخ جيڪا مڪمل نظرانداز، ماٺار ۽ لاپرواهي روا رکي اها هڪ ڊگهي ناانصافي آهي.“
    ٿامس پين 29 جنوري 1737ع ۾ ٿيٽ فورڊ ۾ جنم ورتو، سندس ماءُ ۽ پيءُ بي حد غريب هئا. سندس واسطو عيسائين جي ’ڪوئيڪر فرقي‘ سان هو، ان فرقي جي خاص ڳالهين ۾ جنگ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪرڻ، سادو لباس پهرڻ ۽ حلف ۽ قسم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ شراب جي مخالفت شامل آهن. ان فرقي وٽ ڪنهن به پادري، پنڊت يا ملئين جي ضرورت ڪونهي
    مائٽن سندس نالو ٿامس پين رکيو، پر وڏو ٿي هو ٽام پين جي نالي سان مشهور ٿيو. ٽام پين جي تعليم بس واجبي هئي پر ڪوئيڪر هئڻ جي ڪري کيس سٺي اخلاقي تعليم ملي. هن جو لاڙو ننڍپڻ کان ئي سائنس ڏانهن هو، سندس پيءُ ڏاڍو سخت گير هو. هن اڳتي هلي لکيو، ”جيتوڻيڪ آئون انهن (ڪوئيڪرن) جي انسان دوستيءَ جو احترام ٿو ڪريان، پر ان تصور تي مُرڪي ٿو پوان ته جيڪڏهن تخليق جي وقت ڪنهن ڪوئيڪر کان صلاح ورتي وڃي ها ته اها ڏاڍي ڦڪي ۽ بد رنگ تخليق هجي ها.“
    ٽام پين تيرهن سالن جي وهيءَ ۾ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو، تنهن کانپوءِ هو ايڪسائيز ۾ ڀرتي ٿيو، پر اڳتي هلي کيس هڪ مضمون لکڻ جي ڪري نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، جنهن ۾ هن پگهار ۾ واڌاري جي گهر ڪئي هئي، انگلنڊ بادشاهي نظام ۾ جڪڙيل ملڪ هو ۽ بادشاهي نظام ۾ فقط ٻه ئي طبقا خوش ۽ عيشن ۾ هوندا آهن، هڪ پادري (ملئون) ۽ ٻيو جاگيردار طبقو، باقي عوام ته ڪُت خلق جي حيثيت رکندي آهي، جن جا ڪي به حق نه هوندا آهن ۽ ٽام پين جي نظر ۾ يورپ جي بربادي، غربت، ناخواندگي، بي روزگاري جو سبب اها مطلق العنان (بادشاهي) حڪمراني ئي آهي، انگلنڊ ۾ کيس ڪنهن به آزاديءَ جي اميد نظر نه آئي ۽ اتي هن جي حالت پاڻيءَ کانسواءِ مڇيءَ جهڙي هئي. نيٺ هن آمريڪا وڃي ڀاڳ آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هو بنجامن روز ويلٽ کان هڪ تعارفي خط وٺي آمريڪا وڃي پهتو.
    آمريڪا هن جي لاءِ نئين دنيا هئي، هو سامونڊي سفر ڪندو 30 نومبر 1774ع تي آمريڪي شهر فلاڊ لفيا پهتو ۽ اتي روزگار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي نيٺ جنوري 1775ع کان ”پنسلوانيا مئگزين“ جي لاءِ مضمون لکڻ لڳو ۽ ان جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو، آمريڪا ۾ اچي هن غلاميءَ جو اگهاڙپ جو ويجهڙائي کان مشاهدو ڪيو ۽ اها ڳالهه ڏسي هن سچ جي طرفداري شروع ڪري ڏني ۽ جتي به سچ هوندو هو، اُتي ٿامس پين هوندو هو ۽ جتي به سچ ۾ ملاوٽ نظر ايندي هيس ته هو اتان ڀڄي ويندو هو.
    برطانيا جو هيءَ رهاڪو جڏهن آمريڪا پهتو ته ان وقت آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي، آمريڪا ۾ برطانيا جون تيرهن بيٺڪون هيون، جن پنهنجي آزاديءَ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو به طئي ڪيو ته آزاديءَ کانپوءِ هو ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا“ ٺاهي گڏجي رهنديون، انهيءَ جنگ جي اڳواڻن ۾ جارج واشنگٽن، بنجامن فرينڪلن، ٿامس جيفرس ۽ سيموئل جان لاڪ شامل هئا. برطانيا جي خلاف اها آزادي جي تحريڪ موجود ته هئي، پر ان جو ڪو طرف مقرر نه هو، ٿامس پين کي انسان بنجڻ جو سونهري موقعو هٿ چڙهي ويو ۽ هن سچ کي سُڃاڻي ورتو. هن غلام آمريڪا کي برطانيا کان آزاد ڪرائڻ جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، غلامي سچ کي جيل ۾ واڙيندي آهي، غلامي جي خلاف هئڻ، بدصورتيءَ جي خلاف هئڻ آهي، هن اهو فرض پورو ڪرڻ جي لاءِ ”پنسلوانيا مئگزين“ جي نوڪري ڇڏي ڏني ۽ 1776ع ۾ پنهنجو مشهور ”ڪامن سينس“ نالي پمفليٽ لکڻ ۾ جنبي ويو. ”ڪامن سين“ بظاهر ته 48 صفحن جو هڪ ننڍڙو ڪتابڙو آهي، پر ان جيڪو ڪم ڪيو، جيڪا باهه ٻاري، ان سڄي آمريڪا کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺي لاٿو، پهرين ئي سال يعني 1776ع ۾ ان جا پنجويهه ڇاپا ڇپيا، ليکڪ مارٽن سمورٿ سمٿ، The Most Influntional Books ۾ لکي ٿو ”ڪامن سينس بي باڪ انداز ۾ آزادي جي حمايت، سادن ۽ ناقابل ترديد بنيادن تي ڪري ٿو، ان ڪتاب جون پنجاهه لک ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ ”اعلان آزاديءَ“ تي اُن جو اثر به عهد ساز هو.“ اهو ڪتابڙو باقاعده هڪ ٻي انجيل بنجي ويو، پوءِ ڪوبه آمريڪي غلاميءَ جي باري ۾ ”فيصلو ڪرڻ“ کانسواءِ نه رهيو. جارج واشنگٽن جي آزاديءَ جي فوج جلد ئي وڌي ڪيتري ئي وڏي ٿي ويئي ۽ هاڻ هر سپاهي شعوري طور تي برطانيا جي خلاف وڙهي رهيو هو، هاڻ انقلاب ۽ آزادي آمريڪا جا گهريلو لفظ بنجي چڪا هئا، هن ”ڪامن سينس“ مان ملندڙ سڄي رائلٽي آزاديءَ جي فوج لاءِ وڙهندڙ سپاهين کي عطيو ڪري ڇڏي. ان پمفليٽ جي ڇپجڻ کان ٺيڪ ست مهينا پوءِ 4 جولاءِ 1776ع تي ڪانگريس پاران آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو مغز ”ڪامن سينس“ نالي پمفليٽ هو. آزاديءَ جي جنگ جي دوران جڏهن به ضرورت پئي ته ٽام پين هڪ سپاهيءَ جيان ڪلهي ۾ بندوق لڙڪائي وڙهيو، کيس ڪيترن ئي عهدن جي آڇ ڪئي وئي، پر هن قلم جي سپاهيءَ ڪيپٽن، ميجر ۽ ڪرنل جي عهدي تي رهڻ بدران هڪ عام سپاهي ٿي رهڻ پسند ڪيو.
    ٿامس پين ڪمال جو ماڻهو هو، آمريڪا آزاد ملڪ ٿيو ته سندس خدمتن جي عيوض ڪانگريس کيس نيويارڪ جي رياست ۾ هڪ فارم هائوس ڏنو ته جيئن هو باقي زندگي اُتي رهي، پر هن کي سڪون ڪٿي هو، هن جو انقلابي روح دنيا جي ٻين ملڪن ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل ذهنن ۽ جسمن کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ بي قرار هو. جڏهن سيپٽمبر 1778ع ۾ برطانيا پنهنجي شڪست ۽ آمريڪا جي آزادي تسليم ڪري ورتي ۽ جارج واشنگٽن آمريڪا جو صدر ٿيو ته پين آمريڪا ڇڏي انگلنڊ هليو ويو، جتي کيس انقلاب جي ٻوٽي جي آبياري ڪرڻي هئي، پر انگلنڊ هن لاءِ ڪو ڪارآمد مورچو ثابت نه ٿيو، انگلنڊ، آمريڪا کان بلڪل ڌار ملڪ هو، هتي ڪي آمريڪي انقلابي نه هئا، جن ڪنهن برطانيا کان آزاديءَ جي لاءِ هٿيار کنيا هجن، هي هڪ آزاد ۽ معاشي طور تي خوشحال ملڪ هو، سڄي دنيا جي بيٺڪن جي لُٽيل ملڪيت انگلنڊ کي مچائي مواڙ ۽ خوشحال ڪري ڇڏيو هو، ٻيو ته هتي سندس مخالف اڳ ۾ ٿي منظم ٿي چڪا هئا. هن جڏهن انگلنڊ ۾ ”انساني حق“ نالي ڪتاب لکيو ته هن جي خلاف هڪ طوفان برپا ٿي ويو، حڪمرانن نه رڳو ڪتاب تي پابندي وڌي، پر پبلشر کي غدار قرار ڏيئي جيل ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڪتب فروش پراسرار طور مرڻ لڳا، پين کي غدار قرار ڏنو ويو ۽ هن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، حالتون ان سطح تي پهتيون جو پين کي ڦاسيءَ کان بچڻ لاءِ لنڊن مان ڀڄڻو پيو، برطانيا جي وزيراعظم وليم پٽ، ٿامس جي باري ۾ چيو، ”ٿامس پين چيو ته صحيح آهي، پر آئون ڇا ڪريان؟ هاڻوڪين حالتن ۾ جيڪڏهن آئون ٿامس پين جي خيالن کي هوا ڏيندس ته اسان جي ملڪ ۾ هڪ خوني انقلاب برپا ٿي ويندو.“
    هاڻ ٿامس پين جي منزل فرانس هئي، جتي انقلاب اچي چڪو هو ۽ اُن انقلاب ٿامس پين جي زبردست آجيان ڪئي، کيس اعزازي شهريت ڏني ويئي ۽ فرانس وارن کيس هڪ ٻن نه پر چئن تڪن تان پنهنجي قومي اسيمبليءَ جو ميمبرچونڊيو، هيءَ اها ئي قومي اسيمبلي هئي، جنهن فرانس مان بادشاهت ختم ڪري فرانس کي ”رعيتي راڄ“ (ريپبلڪ) قرار ڏنو. هاڻ ٽام ان رعيتي راڄ جو شهري ۽ ان جي پارليامينٽ جو ميمبر هو، کيس فرانس جو آئين لکڻ جي لاءِ چيو ويو، هو پورو هڪ ڏهاڪو فرانس ۾ رهيو ۽ انقلاب فرانس سان قريبي طور تي جڙيل رهيو.
    انقلاب فرانس دوران مئي 1789ع ۾ اسٽيٽ جنرل ڪانوڪيشن سان شروع ٿيو، عوام جي هجوم بادشاهت جي ظلم جي سڀ کان وڏي نشان ”باستيل“ تي قبضو ڪري ورتو، هاري، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا، اشرافيه ۽ بوزروازي ڀڄڻ لڳا.چوٿين آگسٽ 1789ع تي فيوڊل رجيم جي خاتمي جو فرمان جاري ڪيو ويو، 26 آگسٽ تي ’شهري حقن‘ جو اعلان ڪيو ويو، شاهي ڪٽنب کي گرفتار ڪيو ويو، پئرس جو عوام جيلن ۾ ڪاهي پيو، جت هنن اشرافيه ۽ پادرين (مُلن) جو قتل عام ڪيو. اسيمبلي بادشاهت جو خاتمو ڪري رعيتي راڄ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽام پين آئين ساز ڪميٽيءَ ۾ فرانس جي آئين لکڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن فرانس کي رعيتي راڄ بنائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، البت هن بادشاهه لوئيءَ کي موت جي سزا ڏيڻ جي خلاف ووٽ ڏنو، جيڪا ڳالهه اڳتي هلي سندس لاءِ مصيبتن جو سبب بڻي. جڏهن سندس مخالف جيڪوبنز اسيمبليءَ ڪودتا جي ذريعي اقتدار تي قبضو ڪيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس جيڪي الزام هنيا ويا، انهن مان هڪ اهو به هو ته هن ’شاهه لوئي‘ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيل ۾ ٽام پين کي پنهنجو موت يقيني نظر اچي رهيو هو، هن فرانس ۾ آمريڪي سفير کان پنهنجي آزاديءَ جي سلسلي ۾ مدد گهري، پر هاڻ آمريڪا کيس وساري چڪو هو، جيتوڻيڪ آمريڪا صدارتي ڪرسيءَ تي سندس دوست جارج واشنگٽن ويٺل هو، پر جارج واشنگٽن کانئس اکيون ڦيري چڪو هو. ٽام پين لڳ ڀڳ هڪ سال تائين جيل ۾ موت جو انتظار ڪندو رهيو، پر ڀاڳ ڀلا هئس جو سندس مخالف رابس پائري جي حڪومت جو 27 جولاءِ 1794ع تي تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ٽام پين کي نه رڳو آزاد ڪيو، پر سندس اسيمبليءَ جي ميمبري به بحال ڪئي وئي، فرانس ۾ نيپولين اقتدار ۾ اچي چڪو هو، فرانس جو انقلاب وکري چڪو هو ۽ ٽام پين واپس آمريڪا وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هن آمريڪا پهچي پنهنجي دوست ٿامس جيفرسن سان ملاقات ڪئي، جيڪو واشنگٽن جي جاءِ تي آمريڪا جو صدر هو، پر هاڻ آمريڪا سندس خدمتون وساري چڪو هو، ٿامس جيفرسن به کانئس ائين اکيون ڦيري ڇڏيون، جيئن واشنگٽن کانئس اکيون ڦيريون.
    ٽام پين، 8 جون 1809ع تي وفات ڪئي ۽ کيس ماٺ مٺيءَ ۾ گمناميءَ جي حالت ۾ دفنايو ويو. اڄ آمريڪي پنهنجي آزاديءَ ۾ هن جي ڪردار کي تسليم نٿا ڪن ۽ کيس سُٺن لفظن سان ياد نٿو ڪيو وڃي. صدر روز ويلٽ کيس ”ننڍڙو گندو ملحد“ قرار ڏنو، حالانڪه هن پنهنجي ڪتاب ”دليل جو زمانو“ ۾ لکيو: ”آئون هڪ خدا تي يقين رکان ٿو ۽ بس، ۽ آئون هن حياتي کانپوءِ جي خوشيءَ جي اميد رکان ٿو.“
    ٽام پين، پاڪستان جي مظلوم ماڻهن ۽ مظلوم قومن جي لاءِ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جي دريافت آهي ۽ ڊاڪٽر مري ٽام پين جي سوانح لکندي سندس سڄو ڪتابڙو ”ڪامن سينس“ به ترجمو ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، آئون جڏهن به ڪو سُٺو ڪتاب پڙهندو آهيان يا ان تي تبصرو لکندو آهيان ته پڙهندڙن کي اهو مشورو ضرور ڏيندو آهيان ته هو به اهو ڪتاب پڙهن، پر هن ڀيري نوجوان دوستن کي نه رڳو اهو مشورو ڏيندس، پر مٿن زور به ڀريندس ته هو اهي ٻئي ڪتاب شاهه محمد مري جو ”ٿامس پين“ ۽ هاورڊ فاسٽ جو ”سٽيزن ٽام پين“ ضرور پڙهن، جنهن جو ترجمو پڻ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ ئي ڪيو آهي.


      شيخ عبدالله جون يادگيريون: آتش چنار

    آئون جڏهن به ڪو سُٺو ڪتاب پڙهندو آهيان ته دل ۾ هڪدم اها هورا کورا پيدا ٿيندي اٿم ته اهو ٻين سان شيئر ڪريان، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن هيئن ٿيندو آهي ته ان ڪتاب بابت ٻه چار لفظ رهڙي وٺندو آهيان ۽ جڏهن اهي ڇپجي ويندا آهن ته ڪيترائي دوست ايس ايم ايس ڪري، فون يا اي ميلز جي ذريعي مون کان اُن ڪتاب بابت وڌيڪ پڇندا آهن ۽ ڪيترائي دوست پوءِ ٻڌائيندا آهن ته هنن اهو ڪتاب خريد ڪري پڙهيو. منهنجو هڪ دوست عبدالحئي پليجو، جيڪو پاڻ به سٺو ليکڪ ۽ پڙهاڪو آهي، سو ته هر پندرهين ويهين ڏينهن مون کان فون ڪري پڇندو آهي ته ڪهڙا نوان ڪتاب پڙهيا اٿئي يا مارڪيٽ ۾ ڪهڙا نوان ڪتاب آيا آهن. جڏهن آئون کيس انهن ڪتابن بابت ٻُڌائيندو آهيان ته جيڪي انهن مان سندس پڙهيل نه هوندا آهن ته هو هڪدم اهي خريد ڪري پڙهندو آهي ۽ اسين ٻيئي پوءِ انهن ڪتابن بابت هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون.
    ويجهڙ ۾ اهڙا ٻه ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ رهيا، جن بابت پنهنجا خيال پڙهندڙ سان شيئر ڪرڻ چاهيندس، ٻيئي ڪتاب آتم ڪهاڻيون آهن. پهرين آتم ڪهاڻي مشهور ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدالله مرحوم جي ”آتش چنار“ ۽ ٻي حيدرآباد ڄائي سنڌي ۽ هاڻ دبئي ۾ رهندڙ سنڌي واپاري ۽ سماج سڌارڪ رام بخشاڻي جي انگريزي ۾ لکيل آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌي ترجمو ”آکيرا آڪاس ۾“ آهي. رام بخشاڻي جي آتم ڪهاڻي تي پاڻ ڪنهن ٻي ڀيري لکنداسين، في الحال وٺون ٿا شيخ عبدالله جي ڪتاب ”آتش چنار“ کي. هن کان اڳ پاڻ هڪ ڪشميرڻ مائي ڪرشنا مهتا جي آتم ڪهاڻيءَ بابت به لکي چڪا آهيون، جنهن ۾ هن ورهاڱي کانپوءِ، ڪشمير تي قبائلين جي حملي ۽ سندن ظلمن ۽ ستمن جو اکين ڏٺو احوال بيان ڪيو آهي. ڪشمير هڪ اهڙو خطو آهي، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ يڪو تڪراري حيثيت رکندو پيو اچي، هندستان ان کي پنهنجو اٽوٽ انگ قرار ٿو ڏي ته پاڪستان جي نقشي ۾ اهو پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو آهي، باقي اصل ڌُر ڌڻي يعني ڪشميري ڇا ٿا چاهين، تنهن بابت خبر تڏهن پوندي جڏهن ڪشميرين کان راءِ ورتي ويندي، يا ميڊيا ۾ انهن تنظيمن کي به ڪوريج ڏني ويندي، جيڪي ٿرڊ آپشن جي ڳالهه ڪن ٿيون، هونئن ڪشمير اهڙو علائقو آهي، جنهن تان ٻيئي ملڪ ٽي ڀيرا جنگ به وڙهي چڪا آهن ۽ جنگين جو اهو خطرو تيستائين رهندو، جيستائين ان مسئلي جو نبيرو نٿو ٿئي.
    شيخ عبدالله جي هيءَ آتم ڪهاڻي سندس وفات کانپوءِ 1985ع ۾ ڇپي، شيخ عبدالله جو خيال هو ته سندس هيءَ آتم ڪهاڻي سندس 77 هين سالگرهه جي موقعي تي 5 ڊسمبر 1982ع تي ڇپجي پڌري ٿئي، جنهن جي تياري به ڪئي ويئي هئي، پر سندس اها خواهش پوري ٿي نه سگهي ۽ شيخ عبدالله 8 سيپٽمبر 1982ع تي وفات ڪري ويو، ائين هُن ڪتاب جي ڇپائي ڪجهه سالن لاءِ روڪي ويئي. شيخ عبدالله پنهنجي جيون ڪهاڻي سندس هڪ دوست محمد يوسف ٽينگ جي چوڻ تي 1977ع کان لکرائڻ شروع ڪئي، پهرين شيخ عبدالله اها بيان ڪندو هو ۽ محمد يوسف ٽينگ اها ڊڪٽيٽ ڪندو ويندو هو ۽ پوءِ هو اها لکرايل فيئر ڪري، شيخ عبدالله کي ڏيکاريندو هو ۽ ائين اهو سلسلو اڳتي وڌندو رهيو، ان جو آخري باب 1981ع ۾ لکيو ويو. 962 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ٻاهتر بابن ۽ پنجن ضميمن تي مشتمل پنهنجي اندر ۾ ڪئين ڪهاڻيون ۽ انڪشاف سمايو ويٺو آهي، شيخ عبدالله جنهن لاءِ فيض احمد فيض چيو هو ته:
    ”ڪشمير ۽ ڪشميرين جي سياسي سجاڳي، پنهنجي خوديءَ جي سڃاڻپ ۽ پنهنجي ادراڪ جو منظرنامو، ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مستقل باب جو واڌارو آهي، جيڪو قيامت تائين شير ڪشمير شيخ عبدالله سان منسوب رهندو، آئون شيخ عبدالله کي مهاتما گانڌي ۽ خان عبدالغفار خان جي صف جو اڳواڻ مڃيندو آهيان.“ هتي اها ڳالهه به ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن فيض احمد فيض ۽ ايلس فيض شادي ڪئي ته سندن نڪاح شيخ عبدالله ئي پڙهايو.
    شيخ عبدالله پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات رياست ڪشمير جي راجا مهاراجه هري سنگهه جي شخصي ۽ راجائي نظام جي خلاف جدوجهد کان ڪئي. رياست ڪشمير انگريزن پنهنجي هڪ وفادار گلاب سنگهه ڊوگرا کي 75 لک روپين جي عيوض وڪڻي ڏني هئي ۽ پوءِ هن پنهنجي سڄي زندگي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي حقن جي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي. شيخ عبدالله پهريون ڀيرو 1948ع ۾ ڪشمير جو وزيراعظم مقرر ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو 1975ع کان وٺي پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين ڪشمير جو وزيراعظم رهيو. شيخ عبدالله نه رڳو پنهنجي سياسي جدوجهد جي دوران رياستي راجائي نظام ۾ رياستي جبر جو شڪار رهيو ۽ جيلن ۾ ويو، پر ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي پياري دوست جواهر لال نهرو جي دور حڪومت ۾ به ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو ۽ مٿس ”سازش ڪيس“ پڻ هلايو ويو. ڪتاب ۾ شيخ عبدالله ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي اهم سياسي اڳواڻن جهڙوڪ: مهاتما گانڌي، محمد علي جناح، جواهر لال نهرو، سردار ولڀ ڀائي پٽيل، مولانا ابوالڪلام آزاد، خان عبدالغفار خان سان پنهنجي اُٿي ويٺي ۽ سياسي وابستگين کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي، تنهن کانسواءِ هن جڏهن هندستان ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پيش ڪيو ته هندستاني وفد ۾ پنهنجي شموليت ۽ گڏيل قومن ۾ وفد جي سرگرمين جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيو آهن، ڪتاب ۾ شيخ عبدالله، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل ڪشميري اڳواڻن جي حيثيت جي حوالي سان هڪ بي حد دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي، شيخ عبدالله لکي ٿو:
    ”نيو يارڪ ۾ پاڪستاني وفد منهنجي مقابلي ۾ سردار ابراهيم کي ڪشمير جو اصل نمائندو ڪري پيش ڪري رهيو هو ۽ ان جي نالي کي خوب اُڇاليو پي ويو، پر کين سردار ابراهيم جي اهليت تي شڪ هو يا سندس وفاداريءَ تي اعتبار نه هو. تنهن ڪري هنن اُتي جي هڪ مشهور اخبار ۾ ڊاڪٽر محمد دين تاثير (پنجاب جي اڳوڻي مقتول گورنر سلمان تاثير جو والد) جي تصوير ڇپرائي ويئي ۽ ان جي هيٺان سردار محمد ابراهيم جو نالو لکيو ويو، تاثير صاحب کي سردار ابراهيم ثابت ڪري هيڏانهن هوڏانهن گهمايو پي ويو، سردار ابراهيم اها حالت ڏسي ٻي ڏينهن کڻي پويان پير ڪيا ۽ پاڪستان موٽي ويو، نيٺ اخبارن ۾ اهو ڪوڙ جلهجي پيو ۽ وڏي کلاساڻي ٿي.“ (ص454)
    ڪتاب ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به لکيون ويون آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيئن نه ننڍن ننڍن معاملن جي ڪري ڪشمير جو مسئلو حل ٿيندي رهجي ويو، جهڙوڪ هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته ڪشمير جي تڪرار جي حل ۾ رڳو اهو مسئلو رڪاوٽ بنجي ويو ته ڪشمير ۾ ريفرينڊم جي دوران، ڪشمير ۾ هندستان جي گهڻي فوج موجود هجي، هندستان 27 هزارن جي تعداد تي زور ڀري رهيو هو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف هو ته هندستاني فوج جو تعداد ٻاويهن هزارن کان وڌيڪ نه هجي... ائين ٻيئي ڌريون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ۽ ڳالهين جو سلسلو ٽٽي پيو.
    ڪشمير جي مسئلي جي نبيري جي حوالي سان اها ڳالهه به ڪتابن ۾ اچي ٿي ته جناح صاحب جي زندگيءَ ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل، لياقت علي خان کي نياپو موڪليو هو ته پاڪستان، حيدرآباد دکن جي دعويداريءَ تان هٿ کڻي ته هندستان ڪشمير تان پنهنجي دعويٰ ختم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پر لياقت علي خان جواب ڏنو ته ڪشمير جهڙي جابلو رياست جي بدلي حيدرآباد دکن جهڙي مالا مال رياست تان ڪيئن ٿو هٿ کڻي سگهجي؟ نتيجي ۾ 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ جناح صاحب جي وفات جي ٻن ڏينهن کانپوءِ 13 سيپٽمبر 1948ع تي هندستان پوليس ائڪشن ذريعي حيدرآباد دکن تي قبضو ڪري ورتو.
    ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ تاريخي حقيقتون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي تاريخ جي شاگردن، خاص ڪري، انڊو-پاڪ جي سياست سان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ اهميت وارا آهن ۽ هو انهن جي پس منظر ۾ ڪشمير جي مسئلي کي سمجهڻ ۽ ان جي نبيري واسطي ٻنهي ملڪن جي نقطه نظر کي سمجهي سگهن ٿا. شيخ عبدالله لکي ٿو ته جواهر لال نهرو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڪشمير جو مسئلو نبيرڻ واسطي گهڻو سنجيدو هو ۽ کيس اهو اختيار ڏيئي پاڪستان جي دوري تي موڪليائين ته پاڻ صدر ايوب کي راضي ڪري ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي ويهاري، پر سندس پاڪستان جي دوري دوران ئي جواهر لال نهرو وفات ڪري ويو ۽ هو پاڪستان جو دورو اڌ ۾ ڇڏي هندستان موٽي آيو، ائين سندس ڪوششون اڌ ۾ رهجي ويون. نهرو جي وفات کانپوءِ هندستان ۾ جيڪا قيادت اقتدار ۾ آئي، ان ۾ ايتري دور انديشي نه هئي، نتيجي ۾ معاملو سلجهڻ بدران الجهندو ويو ۽ نهرو جي وفات کان هڪ سال پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ سيپٽمبر 1965ع واري جنگ لڳي.
    ڪشمير ۾ شيخ عبدالله جي حيثيت مهاتما گانڌي ۽ خان غفار خان جهڙي هئي، کيس سندس جدوجهد ۽ قربانين جي صلي ۾ ’باباءِ قوم‘ ۽ ’شير ڪشمير‘ جهڙن لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، هندستاني آئين ۾ ڪشمير کي فقري 370 تحت خصوصي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو پس منظر بيان ڪندي شيخ عبدالله لکي ٿو: ”اول ته ڪشمير هندستاني يونين ۾ شامل ٿيندڙ اڪيلي اهڙي رياست هئي، جنهن جي آباديءَ جي گهڻائي مسلمانن تي مشتمل هئي، اسان جي رياست ٽن طرفن کان پاڪستاني علائقي ۾ گهيريل هئي، پاڪستان ان تي پنهنجي دعويٰ ڪري رهيو هو، هندستان ريفرينڊم ڪرائڻ جي حامي ڀري هئي، جنهن جي ذريعي رياست جي آئيندي جو فيصلو ٿيڻون هو، اهو سڄو معاملو گڏيل قومن جي فورم تي زبردست بحث و مباحثي ۽ سفارتي سرگرمين جو مرڪز ۽ محور بنجي ويو هو، جتي هندستان بار بار اهو يقين ڏياري رهيو هو ته هندستان کي ڪشمير جي سرزمين تي ڪڏهن به قابض رهڻ جي نه اڳ ۾ خواهش هئي ۽ نه ئي هاڻ آهي. هو رڳو اهو ٿو چاهي ته رياست ۾ گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ راءِ شماري ڪرائي وڃي ۽ هتان جي ماڻهن کي اهو حق ڏٺو وڃي ته هو فيصلو ڪن ته هو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا يا هندستان ۾، يا هو پنهنجي رياست کي آزاد رکڻ جي حق ۾ آهن. تنهن ڪري انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي هندستاني آئين ۾ فقرو 370 رکيو ويو.“


      1971ع جا المناڪ ڏينهن!

    ادبي دنيا ۾ ٻه ڊائريون ڏاڍيون مشهور آهن، هڪ ايني فرينڪ جي ڊائري، جيڪا هڪ يهودڻ ڇوڪري هئي ۽ ٻي جنگ عظيم جي دوران هٽلر جي فاشي ڪارندن کان بچڻ لاءِ هڪ هنڌ لڪي ويئي هئي، سندس ماءُ ۽ پيءُ هٽلر جي فوج جو نشانو بڻجي مارجي ويا، نيٺ ايني فرينڪ کي به گرفتار ڪري شوٽ ڪيو ويو، پر هن پنهنجي لڪڻ واري وقت دوران جيڪا ڊائري لکي، ان اڳتي هلي ادب ۾ اهم حيثيت والاري. ٻي چي گويرا جي بوليويا جي ٻيلن ۾، گوريلا جنگ وڙهڻ دوران لکيل ڊائري. اتفاق اهو آهي ته ٻيئي ڊائريون ڇپجڻ جي لاءِ نه لکيون ويون هيون، پر انهن ٻنهي ڊائرين وڏي اهميت حاصل ڪئي ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته هن وقت منهنجي اڳيان جيڪي ٻه ڊائريون ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهن، اهي به ڇپجڻ جي خيال کان نه لکيون ويون هيون. انهن مان پهرين آهي هڪ بنگلاديشي مائي ”جهان آرا امام“ جي ڊائري ۽ ٻي ”ڪامي ڪازي ڊائريءَ“. جهان آرا امام اها ڊائري 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي هنگامه خيز ڏينهن جي دوران لکي هئي ۽ ”ڪامي ڪازي ڊائريءَ“ انهن جاپاني خودڪش پائيلٽن جي ڊائرين تي ٻڌل آهي، جيڪي ڀرتي ئي ان ڪري ٿيا هئا ته هنن کي ٻي جنگ عظيم هلندي جاپان جي دفاع ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻيون هيون. ٻيئي ڏاڍا دلچسپ ڪتاب آهن. انهن مان ”ڪامي ڪازي ڊائريءَ“ جو ذڪر ٻي ڀيري ڪنداسين، في الحال پاڻ ”جهان آرا امام“ جي ڊائريءَ کي ٿا ڏسون.

    هونئن ته پاڻ وٽ 1971ع جي سانحي ۽ اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش ٺهڻ جي حوالي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. انهن مان گهڻائي پاڪستان جي سول ۽ فوجي بيورو ڪريسيءَ جي نقطه نظر سان لکيل آهن. ڪجهه ڪتاب وري سياستدانن ۽ سياسي دانشورن جي قلم جي سگهه جو نتيجو آهن. انهن مان گهڻا آتم ڪهاڻين تي ٻڌل آهن. جن ۾ فوجي آفيسر ۽ سول بيورو ڪريٽ هڪٻئي جي مٿان الزام هڻڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي سچو ۽ پڪو پاڪستاني ثابت ڪندي، هر قسم جي الزامن کان آجو قرار ڏيندي نظر ٿا اچن. انهن ڪتابن ۾ بنگالي عوام سان ڪٿي به همدردي نظر نٿي اچي. عوامي ليگ جي غداري، هندستاني سازشون ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي طئي ڪيل حب الوطني انهن ڪتابن جا بنيادي رجحان آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب ئي آهن، جيڪي ٿورو سچائيءَ جي ويجهو قرار ڏيئي سگهجن ٿا، پر پاڻ جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو ٻي نقطه نظر کي ثابت ڪري ٿو. جهان آرا امام جي اها ڊائري، جيڪا ”ايڪهتر جا اهي ڏينهن“ جي نالي سان ڇپي آهي، اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين تان پردو کڻي ٿي، جيڪي 1971ع ۾ ٿيون. اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ فوجي ائڪشن دراصل بنگالي عوام جي قتل عام جي ڪهاڻي آهي، اها اڻ ٻڌل ڪهاڻي جيڪا جهان آرا امام 1971ع جي انهن المياتي ڏينهن ۾ ڊائري جي صورت ۾ لکي هئي، جيڪا فوجي ائڪشن کانپوءِ رونما ٿي. اها ڊائري پهرين بنگاليءَ ۾ ڇپي، پوءِ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ هاڻ اها سڌو بنگاليءَ تان ترجمو ڪري، اردوءَ ۾ ڇاپي ويئي آهي. ڪتاب جو تعارف احمد سليم لکيو آهي.
    جهان آرا امام هڪ گهريلو عورت هئي، جيڪا پنهنجن ٻن پُٽن رومي ۽ جامي ۽ مڙس شريف سميت پنهنجي ننڍڙي جنت ۾ رهي پئي هئي، جو اوچتو پهرين مارچ 1971ع جو سج اُڀريو. جهان آرا امام، جيڪا هڪ سگهڙ زال ۽ مهربان ماءُ کان وڌيڪ هڪ سچي محب وطن بنگالڻ هئي، سا پهرين مارچ کان وٺي سورهين ڊسمبر 1971ع تائين، انهن سڀني ڏينهن ۽ راتين جي ڪرڀ مان گذري، جيڪو انهيءَ فوجي ائڪشن جي دوران ٿيو. مارچ ۾ فوجي ائڪشن شروع ٿيڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان لاءِ ذوالفقار علي ڀُٽي ڍاڪا مان مغربي پاڪستان پهچي بيان ڏنو، ”شڪر ٿيو پاڪستان بچي ويو“، اُن فوجي ائڪشن دوران جهان آرا امام جو نوجوان پُٽ رومي به گرفتاريءَ کانپوءِ گم ڪيو ويو ۽ جهان آرا کي وري جيئري يا مئل حالت ۾ رومي ڏسڻ نصيب نه ٿيو. تنهن کانسواءِ هن پنهنجي مڙس شريف کي وڃائڻ جو صدمون به برداشت ڪيو. سترهين ڊسمبر کان هن پنهنجي ننڍي پُٽ جاميءَ کي آزاد بنگلاديش جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏيو ۽ پاڻ باقي عمر بيمار هوندي به قاتلن ۽ انهن جي ڇاڙتن کي وائکو ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ سان گڏ، ملڪ ۾ مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف پڻ مصروف عمل رهي. جهان آرا امام 26 جون 1994ع تي وفات ڪئي ۽ قوم کيس عزت ۽ احترام طور ”شهيد جناني“ (شهيد خاتون) جي خطاب سان ياد ڪرڻ شروع ڪيو.
    انهن ڏينهن، اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، مغربي پاڪستان ۾ انهيءَ جي خلاف جيتوڻيڪ مزاحمت جو آواز ايترو سگهارو نه هو، پر مغربي پاڪستان جي ڪيترن ئي انصاف پسند ماڻهن انهيءَ جي خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪجهه سال اڳ بنگلاديش حڪومت انهن کي مڃتا طور ملڪ جي سڀ کان وڏي سول ايوارڊ سان نوازيو. اوڀر پاڪستان ۾ اها رت جي راند ڇو کيڏي ويئي، اسان تي اهو ڄاڻڻ به لازمي ٿئي ٿو. 1970ع جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ، شيخ مجيب جي اڳواڻي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ زبردست ڪاميابي ماڻي، پر جنرل يحيٰ خان ۽ سندس ٽولي اقتدار عوامي ليگ جي حوالي ڪرڻ بدران شيخ مجيب، عوامي ليگ ۽ ملڪ جي اڪثريتي 56 سيڪڙو آباديءَ واري صوبي کي غدار قرار ڏيئي، کين سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنرل ٽڪا خان چيو، ”اسانکي بنگال جا ماڻهو نه پر ڌرتي کپي“. جهان آرا امام جو روزنامچو انهيءَ زمين تي قبضي ۽ ماڻهن جو صفايو ڪندڙ حڪمرانن جي ڪرتوتن جو اکين ڏٺو احوال آهي، جنهن تي پوءِ سڄي دنيا رڙيون ڪري مذمت ڪئي. هي روزنامچي پڙهندي انهن آقائن جي ڪرتوتن تي انسان ته ڇا شيطان جو ڪنڌ به شرم سبب جهڪيو وڃي ۽ جهان آرا کي لکڻون پيو: ”اهي ته حيوانن کي به مَٽي ويا، هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، انهن جي بدلي ۾ ته کين دوزخ ۾ به پناهه نه ملندي“. (27 مارچ 1971ع).
    اڳتي هلي انهن ظلمن جو ذڪر ڪندي هوءَ 25 اپريل 1971ع جي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي، ”اڄ نارندا مان ادو عطا خيريت پُڇڻ جي لاءِ آيو، هو خدا پرست، پرهيزگار ۽ قناعت پسند انسان آهي، پر اسلام جي نالي تي هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، تنهن تي سندس قناعت، سُک ۽ ننڊون سڀ حرام ٿي ويون آهن، هو چوڻ لڳو، ”سمجهين ٿي جهان آرا ته هاڻ هنن جا گهڻا ڏينهن نه بچيا آهن. اسلام جي نالي تي هو جيڪو ڪجهه ڪن پيا، اُن سان ته خدا جو عرش به ڪنبڻ لڳو آهي، مسجد ۾ مولوي قرآن شريف پڙهي رهيو هو، تنهن کي گولي هڻي ماري ڇڏين. خدا جي گهر ۾ گهڙي انسانن جو قتل عام، ماءُ جي سامهون اگهاڙي ٻارڙي کي سنگين هڻڻ، بالغ ٻار جي سامهون ماءُ کي بي عزت ڪرڻ، سمجهين ٿي ته ڇا خدا کين بخشي ڇڏيندو، هو پنهنجي تباهيءَ کي پاڻ دعوت ڏيئي رهيا آهن.“
    هن ڪتاب ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ مڪتي باهنيءَ جي جدوجهد جي طريقن، بنگالي نوجوانن جي جنگ آزاديءَ ۾ شموليت جي لاءِ تڙپ، غير بنگالين يعني بهارين پاران ڌرتي ڌڻين سان ڪيل سلوڪ جا ڪيترائي عڪس موجود آهن. هاڻوڪو بنگلاديش، پاڪستان جي اڪثريتي آباديءَ جو صوبو هو، جتي قيام پاڪستان کان اڳ مسلم ليگ جي حڪومت قائم ٿي ويئي هئي ۽ جنهن جي اڳواڻن ۾ حسين شهيد سهروردي، فضل الحق ۽ خواجه ناظم الدين جا نالا شامل هئا ۽ شيخ مجيب هڪ شاگرد جي حيثيت سان پاڪستان جي لاءِ تحريڪ هلائي رهيو هو، اتي اهڙيون حالتون ڪيئن پيدا ٿيون، جو ملڪ جي اڪثريتي آبادي ڌار ٿي ويهي. هيءَ ڊائري انهن سوالن جا جواب سمجهڻ جو هڪ دستاويز آهي.
    1970ع جي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ ڪاميابي ماڻي. مجيب الرحمان اها ڪاميابي پنهنجن مشهور ڇهن نقطن جي آڌار تي حاصل ڪئي، جيڪي هن ريت آهن. (1) 1940ع جي قرارداد تحت فيڊريشن جو قيام ۽ اُن ۾ سڀني صوبن جي رضاڪاراڻي شموليت، (2) وفاقي حڪومت وٽ فقط دفاع ۽ پرڏيهي معاملا رهن، باقي سڀني معاملن ۾ صوبا خودمختيار هجن، (3) ملڪ جي ٻنهي حصن جي لاءِ ڌار ڌار ڪرنسي هجي، هڪ ڪرنسيءَ جي صورت ۾ اهڙو بندوبست ڪيو وڃي، جو هڪ حصي جي دولت ٻي حصي ۾ منتقل ٿي نه سگهي، (4) ٽيڪسن هڻڻ ۽ اوڳاڙڻ جو اختيار صوبن کي هجي، صوبا مرڪز کي سندس معاملا هلائڻ جي لاءِ مخصوص رقم مهيا ڪندا. (5) ٻاهرين ملڪن سان صوبن کي واپار ڪرڻ جي خودمختياري (6) صوبا پنهنجي بچاءُ لاءِ پنهنجي ڌار مليشا ۽ پيرا ملٽري فورس قائم ڪري سگهندا.
    عوامي راءِ کي نه مڃڻ ۽ يحييٰ خان ٽولي جي اقتدار سان چهٽيو رهڻ جي حوس سبب، 16 ڊسمبر جي واقعي جنم ورتو ۽ ملڪ ٻه اڌ ٿيو. جڏهن ته هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته شيخ مجيب ڪن معاملن تي پٺتي هٽڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو هو ۽ جي اقتدار مجيب جي حوالي ڪيو وڃي ها ته نه ملڪ ٽٽي ها ۽ نه ئي اهو قتل عام جنم وٺي ها. جنهن جا پڙاڏا اڄ 45 سال گذرڻ جي باوجود بنگلاديش ۾ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. بنگلاديش ۾ جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻن تي 1970ع جي قتل عام ۾ ملوث هئڻ جي الزامن هيٺ ئي ڪيس هلائي کين سزائون ڏنيون ويون آهن.
    قومون تاريخ مان سبق پرائينديون آهن ۽ پنهنجي غلطين جو جائزو وٺي معاملن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، باقي جيڪي تاريخ مان سبق نه پرائيندا آهن، انهن لاءِ ”جهان آرا امام“ جي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي سبق موجود آهن.


      هڪ انقلابَ جي درد ڪهاڻي

    مون هي ڪتاب ٻيو ڀيرو اُن ڪري پڙهيو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ افغانستان جي ”انقلاب ثور“ جي حوالي سان، ڪامريڊن جي اندروني جهيڙن جهٽن جو احول بيان ڪيل هو. 27 اپريل 1978ع تي افغانستان ۾ سردار دائود خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کانپوءِ نور محمد ترهه ڪي، حفيظ الله امين ۽ ببرڪ ڪارمل کي ڪابل جي بدنام زمانه پُل چرخي قيد خاني مان ڪڍي ٽئنڪ تي ويهاري صدارتي محل ۾ آڻڻ وارو ’ڪامريڊ عبدالرحيم سرباز‘ به ان اندروني جهيڙن جي ڪري ستن سالن تائين پُل چرخي جيل ۾ قيد رهيو. نور محمد ترهه ڪي کي ڏيڊ سال کانپوءِ اقتدار تان لاهي قتل ڪري نامعلوم هنڌ تي دفن ڪيو ويو. ترهه ڪي کي قتل ڪرائيندڙ حفيظ الله امين کي ٽن مهينن جي اقتدار کانپوءِ مخالف ڌڙي 27 ڊسمبر 1979ع تي روسي فوج جي مدد سان قتل ڪري سندس لاش کي ڪنهن کڏ ۾ ڦٽو ڪيو، سندس جاءِ تي صدارتي محل ۾ ايندڙ ببرڪ ڪارمل کي ستن سالن جي اقتدار کانپوءِ صدارت تان لاهي ڊاڪٽر نجيب الله صدارت سنڀالي، جيڪو ڪابل تي ڪامريڊن جي اقتدار ختم ٿيڻ کانپوءِ گڏيل قومن جي ڪابل واري مشن ۾ موجود رهيو ۽ جڏهن طالبانن ڪابل تي قبضو ڪيو ته هنن ڊاڪٽر نجيب کي گڏيل قومن جي مشن مان جلهي سندس ڀاءُ سميت ڪابل ۾ بي درديءَ سان ڦاسي ڏئي ڇڏي، ببرڪ ڪارمل هن وقت دهليءَ ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهي.
    مائوزي تنگ صحيح چيو آهي ته ”انقلاب نه رقص آهي ۽ نه ئي وري سيبو ٽوپو، پر اهو انتهائي رتوڇاڻ جي عمل جو نالو آهي.“ پر جيڪڏهن مائوزي تنگ اپريل افغان انقلاب جي انجام تائين جيئرو رهي ها ته پڪ سان هو اهو به چوي ها ته هڪ ناڪام انقلاب جي ڪُک مان جنم وٺندڙ گهرو ويڙهه سڀني کان وڌيڪ رتوڇاڻ واري هوندي آهي، هونئن به اهو ڪتاب ايترو ته دلچسپ آهي جو جيڪڏهن ماڻهو ٻيو يا ٽيون ڀيرو به پڙهي ته به بور نٿو ٿئي. اهو ڪتاب هڪ جيل ڊائري آهي، پر اها جنهن شخص جي لکيل آهي، اهو ڪنهن زماني ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو ويجهو ساٿي، بيگم نصرت ڀٽو جو منظور نظر ۽ مرتضيٰ ڀُٽي جو ذاتي دوست ۽ جنرل ضياءَالحق خلاف جدوجهد ۾ مرتضيٰ ڀُٽي جو ساڄو هٿ هو. پوءِ سندس مرتضيٰ ڀُٽي سان ڪن معاملن تي اختلاف ٿيا، بقول سندس ته ”مرتضيٰ ڀٽو کي منهنجي خلاف ورغلايو ويو“ ۽ مرتضيٰ کيس گرفتار ڪرائي ڪابل جي مشهور ”پل چرخي“ جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو، سندس اهو قيد جو عرصو اڍائي سالن تي مشتمل هو ۽ سندس هيءُ ڪتاب ”قبر ڪي آغوش“ انهن اڍائي سالن جي قيد جي ڪهاڻي آهي ۽ ليکڪ جو نالو آهي ”راجا انور.“ ڪتاب ۾ هن مرتضيٰ ڀُٽي بابت به ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن، هونئن ته راجا انور مرتضي ڀُٽي بابت Terrorist Prince (دهشتگرد شهزادو) جي نالي سان ڌار ڪتاب لکيو آهي، جيڪو ڳچ وقت تائين هاٽ ڪيڪ طور پڙهبو ۽ وڪرو ٿيندو رهيو.
    راجا انور پي پي پي جي بنيادي ڪارڪنن مان هو ۽ نظرياتي طور تي مارڪسي خيالن وارو ۽ کاٻي ڌر وارن ۾ ڳڻبو هو. پاڻ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومتي دور ۾ 1973ع کان وٺي 1977ع تائين سندس شاگردن جي معاملن وارو صلاحڪار به رهيو، ڀُٽي جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ جنرل ضياءَالحق جي مارشل لا کانپوءِ، مارشل لا جي جبر سبب 1979ع ۾ افغانستان هليو ويو، جتي هن مرتضيٰ ڀٽي سان گڏجي ڪم ڪيو. افغانستان ۾ رهڻ جي دوران ميڊيا ۾ سندس مارجي وڃڻ جون خبرون به ڇپيون، راجا انور افغانستان تڏهن پهتو، جڏهن ”افغان ثور انقلاب“ شروعاتي مرحلن ۾ هو ۽ افغانستان تي ”پي ڊي پي اي“ (پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان) جي حڪومت هئي، جيڪا اندروني طور ٻن گروپن خلق ۽ پرچم ۾ ورهايل هئي ۽ ان ورهاست سبب افغان ڪامريڊ هڪٻئي کي اک ۾ رکيو ويٺا هوندا هئا ۽ ڪڏهن خلق ته ڪڏهن پرچم گروپ اقتدار تي قابض ٿيندو هو ته مخالف گروپ ايوان اقتدار مان تڙجي اچي پل چرخي جيل ۾ واڙبو هو، جنهن جو ذڪر ڪندي راجا انور لکي ٿو:
    ”حڪمران سوشلسٽ پارٽي ٻن گروپن پرچم ۽ خلق ۾ ورهايل هئي، ٻنهي گروپن ۾ ڪوبه نظرياتي ۽ فڪري تڪرار نه هو، تنهنڪري حالتن جي تقاضا اها هئي ته ٻئي گروپ پنهنجا شخص ۽ فروعي اختلاف ختم ڪري پارٽي جي جهنڊي هيٺ گڏجي دشمن جو مقابلو ڪن ها، پر ان جي ابتڙ، هنن هڪٻئي جا ڪنڌ ڪپيا، هنن جو هڪٻئي سان وير ۽ دشمني ان حد تائين هوندي هئي، جو جيڪڏهن سندن مخالف گروهه جو ڪو ڪامريڊ جيل پهچڻ کان اڳ باهمي ڇڪتاڻ ۾ مارجي ٿي ويو يا سندن هٿ چڙهڻ کان اڳ ڪيڏانهن ڀڄي ٿي ويو ته همراهه سندس کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ سندس اهل ۽ عيال کي اچي پُل چرخي جيل ۾ واڙيندا هئا. جيڪو گروهه اقتدار ۾ ايندو هو، اهو ٻي گروپ کي عوام دشمن قرار ڏئي سندن ڪنڌ ڪپڻ شروع ڪندو هو. 1979ع ۾ خلق گروپ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو، هڪ گروپ جي اڳواڻي نور محمد ترهه ڪي ۽ ٻي جي حفيظ الله امين ٿي ڪئي. 1986ع ۾ پرچم گروپ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويو ته هڪ جي سرپرستي ببرڪ ڪارمل ۽ ٻي گروپ نجيب الله زنده آباد جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا، تنهنڪري ايوان اقتدار ۾ ايندڙ هر نئين تبديلي سان گڏ لاٿل وزير هٿن ۾ هٿڪڙيون پايو اچي قيد ۾ واڙبا هئا ۽ قيدي ڪامريڊ کلندا وڃي وزارتون سنڀاليندا هئا. شديد گروهي اختلافن سبب شايد ئي ڪو سرگرم پارٽي ڪارڪن هجي، جنهن پُل چرخي جيل جو منهن نه ڏٺو هجي، ڪميونسٽن جو اهو سلوڪ رڳو پنهنجن ڪامريڊن تائين محدود نه هوندو هو، پر چين نواز گروپ به ان سلوڪ سان نوازبو رهيو هو، البت ڪامريڊن وٽ انقلاب دشمنن جي اهل و عيال کي سرڪاري خرچ تي رکڻ جي ڪابه گنجائش نه هئي.“

    ڪامريڊن جي انهن اندروني جهيڙن جي باوجود به هنن پنهنجي ٻارنهن سالن جي اقتداري دور ۾ ڪيترائي اهم، انقلابي ۽ ساراهه جوڳا قدم کنيا، هنن خانن ۽ جاگيردارن جون زمينون ضبط ڪري عوام ۾ ورهايون، تعليم جو ڄار وڇائڻ لاءِ سوين اسڪول کوليا، اگهن تي ڪنٽرول رکيو، عورتن کي برابري، تعليم ۽ نوڪري ڪرڻ جا حق ڏنا، ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن کي آئيني طور تسليم ڪيو ۽ انهن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي، مادري تعليم جو ذريعو بڻايو ۽ انهن جي ادب ۽ ثقافت جي ترقي جي لاءِ ادارا جوڙيا، جنهن سبب انهن ٻولين ۾ ڪيتروئي ادب تخليق ٿيو، خود پهريون بلوچي طبعزاد ناول به افغانستان ۾ انقلابي دور ۾ لکيو ويو. ڇو ته بلوچي به پشتو، دري ۽ ٻين ٻولين سان گڏ افغانستان جي قومي ٻولي هئي. گروهي ۽ اندروني اختلافن جي باوجود به افغان ڪامريڊ ڪنهن به بدعنواني ۽ ڪرپشن ۾ مبتلا نه رهيا، جنهن جو ذڪر ڪندي راجا انور لکي ٿو:
    ”جيتوڻيڪ افغان ڪامريڊ پنهنجي گروهي اختلافن ڪارڻ هڪٻئي کي ماريندا ۽ قيد ڪندا رهيا، پر انهن مان نه ته ڪڏهن ڪنهن تي ڪو مالي بدعنوانيءَ جو الزام لڳو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ان ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪامريڊن جي ٻارهن سالن جي اقتداري دور ۾ مون هڪ به اهڙو واقعو نه ٻڌو ته انهن مان ڪنهن سرڪاري ملڪيت يا عوام جي ملڪيت تي قبضو ڪيو يا پنهنجي ڪٽنب لاءِ ڪو عاليشان گهر اڏرايو، مال ميڙيو يا ٻاهرين ملڪ ۾ بئنڪ بئلنس ٺاهيو. ڪنهن به ڪامريڊ کي ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت نه هئي، نور محمد ترهه ڪي بي اولاد هئڻ جي باوجود به ٻي شادي نه ڪئي، ترهڪي ڏيڊ سال افغانستان جو صدر رهيو، سيپٽمبر 1979ع ۾ جڏهن کيس قتل ڪيو پئي ويو ته هن پنهنجي ٻانهن مان سرڪاري گهڙي لاهي واپس ڪندي چيو، ”هيءَ نئين صدر حفيظ الله امين کي ڏني وڃي.“ صدارتي محل ۾ سندس ڪُل اثاثو چاليهه هزار افغاني يا ساڍا پنج هزار پاڪستاني ۽ هڪ لوهي ٽرنڪ هئي، حفيظ الله امين جو سڄو ڪٽنب، سندس وزير ۽ سينٽرل ڪميٽيءَ جا ميمبر پل چرخي جيل ۾ قيد رهيا، جن جو تعداد 140 هو، پر انهن مان ڪنهن به نه ڪڏهن پنهنجي قسمت جو روئڻون رنو، نه ئي وري پنهنجي ڀاڳ کي پٽيو. اهي سڀ سماجي ۽ معاشي لحاظ کان پڙهيل لکيل هيٺين وچولي طبقي جا سفيد پوش ”پورهيت“ هئا، انقلاب کانپوءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا استاد وزارتن ۾ رهيا، پر انهن مان ڪنهن به پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٺاهيو، اهو ئي سبب آهي ته ڪابل حڪومت ۾ رهڻ جي باوجود هنن جون زالون، ڌيئرون ۽ ٻارڙا نوڪريون ڪري پنهنجا گهر هلائڻ تي مجبور هئا، ڪامريڊن جي گهڻائي بي حد ديانتدار ۽ درويشاڻي حد تائين سادگي پسند ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ جي جذبي سان سرشار هئي.“
    ڪامريڊن جي ايمانداري تان مونکي گهڻا سال اڳ وسعت الله خان جو ڇپيل هڪ ڪالم ”ڦڻين وڪڻڻ وارو“ ياد اچي ويو، جيڪو هن ڪوئٽا ۾ انقلابي حڪومت جي هڪ نالي واري جنرل جي باري ۾ لکيو هو، جيڪو ڦيري لڳائي ڦڻيون وڪڻي گذر سفر ڪندو هو، هن انقلابي حڪومت ۾ ڪوبه مال نه ميڙيو هو.
    ڪابل ۾ نجيب حڪومت جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن جنرل رشيد دوستم ۽ ڪجهه همراهن، نجيب جو ساٿ ڇڏي مجاهدين سان ملي مجاهدن جو روپ اختيار ڪيو، نه ته اها حڪومت اڃا به ڪجهه وقت جٽاءَ ڪري ها. باقي ڪامريڊ يا ته ڀڄي اچي پاڪستان پهتا ۽ اتان يورپ جي مختلف ملڪن ۾ وڃي سيٽل ٿيا، پويان فقط وڃي اهي ڳالهيون بچيون. جيتوڻيڪ اڄ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان يا انقلابين جو افغانستان ۾ ڪوبه وجود ڪونهي، پر افغان انقلاب جي تاريخ ۾ اسان جهڙن ملڪن جي کاڄي ڌر جي انقلابين لاءِ ڪيترائي سبق سمايل آهن، جن جو تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي.


      ڪشمير 1947ع

    ٽي سال اڳ جڏهن اسلام آباد ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ وڃڻ ٿيو ته ان ڪانفرنس ۾ هندستان مان آيل انجمن ترقي پسند مصنيفن هندستان جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر علي جاويد کي انجمن اسلام آباد پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت کان پوءِ، پنهنجي دوست ڊاڪٽر يحيٰ احمد سان سندس فليٽ تي ويس، اسان سان گڏ هڪ ٻيو دوست به گڏجي آيو، جنهن جو تعارف ڊاڪٽر يحيٰ احمد، پروفيسر ايم اي آر ڪي خليق جي نالي سان ڪرايو، پروفيسر خليق ڪشميري هو ۽ پنڊيءَ جي ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر هو. ماضيءَ ۾ سندس واسطو ڪشميري قومپرست تنظيم ’ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ‘ سان رهيو هو، جنهن جو سربراهه امان الله خان لنڊن ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي. جي ڪي ايل ايف جو موقف آهي ته ڪشمير کي هندستان يا پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جي بدران آزاد ملڪ جي حيثيت ڏني وڃي. پروفيسر خليق سان ڪچهري دوران ڪشمير بابت ڪافي دلچسپ ڳالهيون معلوم ٿيون، ڪنهن وقت پروفيسر خليق جي ڪي ايل ايف جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو، ڪچهري دوران پاڻ هڪ ڪتاب Kashmir 1947: A Survivors Story جو ذڪر ڪيائين. جيڪو هڪ مائي ڪرشنا مهتا جي آتم ڪهاڻي آهي، پاڻ مونکي اهو ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏنائين، پوءِ چيائين ته: مون ان ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو ”ايڪ مان ڪي سچي ڪهاني“ جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي ۽ ڇپجندي ئي توکي ڏياري موڪليندس، ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ پنهنجي وعدي موجب اهو ڪتاب مونکي ڏياري موڪليائين.

    ڪرشنا مهتا جو اهو ڪتاب 1947ع کان پوءِ هندستان ۾ هندي زبان ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان هو، ”ڪشمير تي حملو“ ان جو 1954ع ۾ انگريزيءَ ڇاپو مٿينءَ نالي سان ڇپيو، 2005ع ۾ اهو ٻيهر ڇپيو ۽ پروفيسر خليق ان ئي ايڊيشن تان اردو ترجمو ڪيو آهي.
    ڪرشنا مهتا جولاءِ 1947ع ۾ هندستان پاران مظفر آباد ۾مقرر ڪيل ڊپٽي ڪمشنر ’مسٽر دوني چند مهتا‘ جي زال هئي. مظفر آباد ان وقت هندستان جي ڪنٽرول ۾ هو ۽ 22 آڪٽوبر 1947ع تي جڏهن هٿياربند قبائلين سرحد پار کان حملو ڪيو ته ان حملي ۾ ڊپٽي ڪمشنر دوني چند مهتا به قبائلين هٿان قتل ٿي ويو ۽ سندس زال ڪرشنا مهتا گولين جي برسات ۾ هڪ پٽيوالي جي مدد سان ٻارن کي گڏ وٺي نڪتي ۽ مختلف گهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڪندي نهايت ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي پاڻ بچائيندي رهي. نيٺ کيس ٻارن سميت هٿ ڪيو ويو، قبائلي سردارن ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت کيس ايبٽ آباد يا مظفر آباد ۾ مستقل رهائش جي آڇ ڪئي. جيڪا هن قبول نه ڪئي، نيٺ قيدين جي مٽا سٽا ۾ هن هندستان وڃڻ کي ترجيح ڏني، تنهنڪري کيس راولپنڊي آندو ويو، جتي ڪجهه ڏينهن جيل ۾ رهڻ کان پوءِ کيس ميرپور موڪليو ويو، جتي کس دتيال ڳوٺ ۾ خواجه عبدالعزيز جي گهر ۾ رکيو ويو، خواجه عبدالعزيز پنهنجي گهر ۾ ڪيترين ئي غير مسلم عورتن ۽ ٻارن کي پناهه ڏني هئي، ڪرشنا مهتا پنهنجي ڪهاڻي ۾ خواجه عبدالعزيز جي ساڻن سٺي سلوڪ جي گهڻي واکاڻ ڪئي آهي، دتيال ڪئمپ کان پوءِ کين لاهور رستي امرتسر موڪليو ويو.
    امرتسر ۾ کيس هڪ پناهگير ڪئمپ ۾ رکيو ويو، تنهن کان پوءِ هوءَ ڪرڪ شٽرا ڪئمپ ۾ منتقل ٿي وئي، هندستان جو وزير اعظم جواهر لال نهرو جڏهن ان ڪئمپ جي دوري تي آيو ۽ ڪرشنا مهتا جو دردن ڀريو داستان ٻُڌائين ته کيس پنهنجي ڀيڻ ڪوٺي دهلي وٺي ويو، جتي ڪرشنا ۽ سندس ٻارڙا هڪ مهيني تائين جواهر لال نهروءَ جي گهر ۾ گهر ڀاتي جي حيثيت سان رهيا.
    مئي 1948ع ۾ جواهر لال نهرو جڏهن ڪشمير جو دورو ڪيو ته ڪرشنا مهتا کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جتي نهرو جي رٿ تي ڪرشنا مهتا کي ”گانڌي سيوا سادن“ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪري ڏنو ويو، جنهن جو ڪم هو عورتن کي گهرو هنر سيکارڻ، ان اداري هوريان هوريان ترقي ڪئي ۽ ان جون ڪشمير ۾ ڪيتريون ئي شاخون قائم ٿيون، جن ۾ هزارين عورتن هنر منديءَ جي سکيا حاصل ڪئي، ”گانڌي سيوا سادن“ جي نگراني هيٺ ٻارن ۽ مريضن جي لاءِ به ادارا کوليا ويا. ڪرشنا مهتا کي هندستاني لوڪ سڀا جو ميمبر به مقرر ڪيو ويو. هوءَ پهرين ڪشمري عورت هئي، جيڪا هندستاني پارليامينٽ جي ميمبر بڻي. ڪرشنا مهتا ڪشمير ۽ هندستان ۾ سماجي خدمتن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، هن هندستان جي وزير اعظم انڌرا گانڌيءَ کي پنهنجي اباڻي علائقي ڪشتوار جو دورو ڪرايو ۽ مقامي آبادي جي لاءِ رعايتون ورتيون. ڪرشنا مهتا 20 آڪٽوبر 1993ع ۾ اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
    هن ڪتاب جي ليکڪا ڪرشنا مهتا پنهنجي زندگي جي انهن ڏکن ۽ تڪليفن جي باوجود جيڪي کين 1947ع ۾ مليا، سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪنهن فوري يا جذباتي رد عمل جو اظهار نه ڪيو اٿس، جنهن کي تنگ نظري ۽ جذباتيت جو نالو ڏئي سگهجي، پر هن جن احساسن، جذبن تاثرن ۽ خيالن جو اظهار ڪيو آهي، انهن جو واسطو انسان جي فطري ۽ سماج جي اجتماعي فطرت سان آهي، جن جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي به هن حالتن ۽ واقعن جي ذميواريءَ جو تعين ڪرڻ وقت ڪنهن هڪ فرد يا گروهه، جماعت يا مذهب کي ذميوار قرار نه ڏنو آهي، جيتوڻيڪ انهن حالتن جي پسمنظر ۽ پيش منظر ٻنهي تي مذهب ۽ سياست جي گهري ڇاپ موجود آهي، بلڪه اهي حالتون، واقعا ۽ حادثا مذهب ۽ سياست جي ئي پيداوار هئا، پر ڪرشنا مهتا نه ته ڪنهن مذهب ۽ نه ئي وري ڪنهن هڪ سياسي پارٽي کي ذميوار قرار ڏنو آهي، اها ڳالهه هن ڪتاب جي اهميت کي اڃا به وڌائي ٿي ته ليکڪا صبر ۽ ضبط، حوصلي، سنجيدگي ۽ بردباري سان پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪو ڪشمير جي هڪ ٻي پهلو کي به اجاگر ڪري ٿو، ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪئي آهي ۽ پاڻ کي فقط انهن دل ڏاريندڙ واقعن ۽ حادثن جي ذڪر تائين ئي محدود رکيو آهي، جيڪا هڪ وڏي ۽ غير معمولي ڳالهه آهي، جنهن جي توقع هڪ عام انسان کان ڪري نٿي سگهجي.
    ليکڪا ڪرشنا مهتا هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ گهريلو عورت هئي، جيڪا پڇاڙيءَ تائين هن سڄي ڪتاب ۾ ان ئي حيثيت سان ڳالهائيندي ٿي رهي ۽ اها ئي ڳالهه ان تاثر کي پختو ٿي ڪري ته مهتا جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو سچ چيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪيترن ئي مسلمان ڪردارن جي پڻ دل کولي واکاڻ ڪئي آهي، جن ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو يا سندس مدد ڪئي، تنهن کان سواءِ هن قبائلي حملو ڪندڙن مان پڻ ڪن فردن جي تعريف ۾ قلم هلايو آهي ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، ڇو ته بربريت جي تاريخ به انهن ئي جي هٿان لکجي رهي هئي، هن ڪٿي به پنهنجي قلم کي سنجيدگيءَ جي راهه کان ڀٽڪڻ نه ڏنو آهي.
    ڪرشنا مهتا جي هيءَ آتم ڪهاڻي پڙهندي ڪيترائي ڀيرا ماڻهو پنهنجي جذبن کي قابوءَ کان ٻاهر ٿيندي محسوس ٿو ڪري ۽ لڙڪ نيڻن کي ڀڄايو ڇڏين.


      تاريخ مان ڪجهه به نه پرايوسين!

    1977ع جي چونڊن کان اڳ پير پاڳاري جي سربراهي ۾ ٺهيل مخالف ڌر جو اتحاد يو ڊي ايف، جنهن ۾ شاهه احمد نوراني، مولانا مفتي محمود ۽ ٻيا چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ سنجيده نه هئا، پوءِ اوچتوئي اوچتو رات وچ ۾ قومي اتحاد ٺهي ويو، جنهن جي پٺيان آمريڪا جو هٿ هو ۽ چونڊن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف قومي اتحاد جي تحريڪ کي آمريڪا جي ئي مالي سپورٽ هئي، عام طور تي اها ”ڊالري تحريڪ“ طور مشهور هئي، هاڻ سڀ ان ڳالهه تي سهمت آهن ته اها تحريڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف آمريڪا جي هُشي ۽ مالي مدد جي آڌار تي هلائي ويئي هئي، ان جو پس منظر اهو آهي ته جڏهن 1976ع ۾ آمريڪي وزير خارجه ڪسنجر پاڪستان جي دوري تي آيو هو ۽ هن ذوالفقار علي ڀٽو کي جوهري پروگرام بند ڪرڻ جي لاءِ چيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي انڪار ڪرڻ تي ڪسنجر کيس ڌمڪي ڏني هئي ته We will make a horrible example (اسين توکي هڪ عبرتناڪ مثال بنائي ڇڏينداسين).
    ايئرمارشل (ر) محمد اصغر خان جي انگريزي ڪتاب We never learn from History جو سنڌي ترجمو ڪجهه سال اڳ ڇپيو هو، اهو ڪتاب آڪسفورڊ پريس طرفان انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڇپيو ويو هو. محمد اصغر خان، ماضي جو سرگرم، پر تڪراري ۽ هاڻ رٽائرڊ يعني بزرگ سياستدان آهي، هو پاڪستان جو هوائي فوج جو پهريون سربراهه ۽ پوءِ پي آءِ اي جو چيئرمين به رهيو ۽ 1968ع ۾ پي آءِ اي جي چيئرمين شپ تان رٽائرڊ ٿيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ جيئن اڪثر پاڪستاني فوج جا وڏا آفيسر ڪندا آهن، اصغر خان به ملڪي سياست ۾ سرگرم ٿيو، هن 1972ع ۾ تحريڪ استقلال ٺاهي، 1977ع جي چونڊن ۾ هو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، اصغر خان جو وڏو الميو اهو به رهيو ته جن شخصن پنهنجي سياست ”تحريڪ استقلال“ کان شروع ڪئي، اهي اڳتي هلي اقتدار جي ايوانن ۾ پهچي ويا، جيئن ميان نواز شريف، محمود علي قصوري ۽ ٻيا، نواز شريف ”تحريڪ استقلال“ لاهور جو ميمبر هو، اڳتي هلي 1990ع جي چونڊن ۾ لاهور جي ماڊل ٽائون واري علائقي مان اصغر خان پنهنجي پارٽي جي اڳوڻي ڪارڪن ميان نواز شريف جي سامهون قومي اسيمبليءَ جو اميدوار ٿيو ۽ چونڊ هارايائين، اڳتي هلي تحريڪ استقلال کي عمران خان جي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪري ڇڏيائين.
    اصغر خان جي هن ڪتاب ۾ جتي پاڪستان جي ماضي قريب جي سياسي تاريخ جون ڪيتريون ئي جهلڪيون پَسجن ٿيون، اتي ڪيترا سوال پڻ ذهن ۾ اُڀرن ٿا، ڪتاب ۾ ليکڪ ايوب خان، يحيٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ پنهنجي سياسي سرگرمين جو سربستو ذڪر ڪيو آهي، آخر ۾ هن ”جنرل مشرف جا پنج سال“ جي عنوان سان هڪ مضمون ۾ جنرل مشرف جي اقتدار جي پنجن سالن جو تجزيو پڻ ڪيو آهي، اصغر خان، ايوب خان خلاف هلايل تحريڪ جي اڳواڻي جو سڄو ڪريڊٽ به پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو، سندس لکڻ موجب هو 1968ع تائين پي آءِ اي جو چيئرمين رهيو ۽ پوءِ باعزت رٽائرڊ ٿيو ۽ پوءِ ايوب خان جي خلاف هلايل جمهوري تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي، ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ هو، هو لکي ٿو: ”ان تحريڪ جي اڳواڻي مون ڪئي هئي“ (ص:87) ايوب خان جي استعيفيٰ ۽ يحيٰ خان جي مارشلا لاڳو ڪرڻ واري واقعي جو ذڪر ڪندي اصغر خان لکي ٿو، ”جمهوريت کان غداري جي واردات تي سموري ملڪ مان احتجاج جو اڪيلو آواز منهنجو هو، ان عمل جي نندا ڪندي ٻي ڏينهن مون پنهنجي بيان ۾ چيو ته مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه سبب نه هو.“

    1973ع جي آئين موجب ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ ۾ ٻيون عام چونڊون ڪرايون ته پ پ جي سامهون مخالف ڌر ٺاهي چونڊ وڙهڻ لاءِ ”قومي اتحاد“ ٺاهڻ ۾ به اصغر خان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر ٿو اچي ۽ چونڊن کانپوءِ، چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام هڻي 1977ع ۾ قومي اتحاد جي تحريڪ کي پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ هلائڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. ڪتاب پڙهندي، اهو تاثر ٿو اُڀري ته اصغر خان پنهنجي سڄي سياسي جدوجهد ۽ عمل جمهوريت جي بحالي ۽ جمهوريت جون پاڙون پختيون ڪرڻ لاءِ ڪئي، پر جيئن ته اصغر خان جي سرگرم سياست ماضي قريب جو حصو آهي، تنهنڪري گهڻيون ڳالهيون، گهڻن کان وسريون ناهن.1977ع ۾ جڏهن قومي اتحاد ٺهيو ته عام تاثر هو ته اهو ٺاهڻ ۾ آمريڪا جو هٿ هو ۽ ان وقت مخالف ڌر ايتري ته ورهايل ۽ غير سنجيده هئي، جو خود اصغر خان کي ڪتاب ۾ لکڻون پيو ته، ”تحريڪ استقلال عام چونڊون ڪرائڻ جي سڀني کان وڏي حامي هئي... تڏهن به ان مطالبي کي يو ڊي ايف جي خاص حمايت حاصل نه هئي، اهي ماڻهو سياسي عمل ۾ حصو وٺي عوام تائين پنهنجي پهچ جي فائدن کي اهميت نه ڏئي رهيا هئا.“ (ص:140) پوءِ جڏهن اصغر خان نئون چونڊ اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ۾ به يو ڊي ايف جا اڳواڻ ڪيترا سنجيدا نه هئا، تنهن جو اندازو اصغر خان پاران 8 ڊسمبر 1976ع تي پروفيسر غفور کي لکيل خط مان ملي ٿو، ”مونکي شاهه احمد نوراني جي زباني اهو ٻڌي حيرت ٿي ته گڏجاڻيءَ کان رڳو هڪ ڪلاڪ اڳ توهان کيس فون ڪري ٻُڌايو ته گڏجاڻيءَ بابت اوهان کي ياد ئي نه هو ۽ اُن شام جو اوهان ڪنهن ذاتي ڪم ڪار سبب گڏجاڻي ۾ اچي نه سگهندا.“ ساڳئي خط ۾ اصغر خان وڌيڪ لکي ٿو، ”تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ ان تي عمل بابت اهڙي غير سنجيده رويي ۾ تضاد جو واضع مثال ته يو ڊي ايف جي صدر جي 4 ڊسمبر تي ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه آهي، ان انتهائي سنجيدگيءَ سان مونکي چيو ته جيئن ته حرن ايندڙ چونڊن لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهيءَ ڪري هو چونڊن جي طريقي بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ نٿو چاهي (ص:142) مٿين حوالن مان اها ڳالهه ظاهر ٿي ته 1977ع جي چونڊن کان اڳ پير پاڳاري جي سربراهي ۾ ٺهيل مخالف ڌر جو اتحاد يو ڊي ايف، جنهن ۾ شاهه احمد نوراني، مولانا مفتي محمود ۽ ٻيا چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ سنجيده نه هئا، پوءِ اوچتوئي اوچتو رات وچ ۾ قومي اتحاد ٺهي ويو، جنهن جي پٺيان آمريڪا جو هٿ هو ۽ چونڊن کانپوءِ ڀُٽي جي خلاف قومي اتحاد جي تحريڪ کي آمريڪا جي ئي مالي سپورٽ هئي، عام طور تي اها ”ڊالري تحريڪ“ طور مشهور هئي، ڇو ته ان وقت پاڪستان ۾ ڊالر عام جام ٿي ويو هو، ان ڳالهه جو حوالو ڏيندي رائو رشيد پنهنجي ڪتاب ”جو مين ني ديکها“ ۾ لکي ٿو، ” ان وقت منهنجو هڪ دوست سعودي عرب ۾ هو ۽ اتان پاڪستان اچي رهيو هو، هن اتي ڪجهه ڊالر مٽائي پاڪستاني ڪرنسي وٺڻ ٿي چاهي ته سعودي شهريءَ کيس چيو، ”اوهين پاڪستان ۾ مٽائي وٺجو، اتي ڊالر جي قيمت صفا گهٽ آهي“، هن پڇيس ”اهو ڪيئن؟“ سعودي شهريءَ وراڻيو، ”اليڪشن... اليڪشن...“ (ص:210) هاڻ سڀ ان ڳالهه تي سهمت آهن ته اها تحريڪ ذوالفقار علي ڀُٽي جي خلاف آمريڪا جي هشي ۽ مالي مدد جي آڌار تي هلائي ويئي هئي؛ ان جو پس منظر اهو آهي ته جڏهن 1976ع ۾ آمريڪي وزير خارجه ڪسنجر پاڪستان جي دوري تي آيو هو ۽ هن ڀٽو کي جوهري پروگرام بند ڪرڻ جي لاءِ چيو ۽ ڀٽو جي انڪار تي ڪسنجر کيس ڌمڪي ڏني هئي ته We will make a horrible example (اسين توکي هڪ عبرتناڪ مثال بنائي ڇڏينداسين)
    ڀٽو جي خلاف ان سازش جي حوالي سان رائو رشيد پي پي پي جي هڪ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير رفيع رضا جي حوالي سان لکي ٿو (جنهن لاءِ اهو تاثر هو ته هن جا ڳجهي اداري سان لاڳاپا آهن): ”جڏهن چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ۽ پارليامينٽ ٽوڙي ويئي ته رفيع رضا ذوالفقار علي ڀٽو کي چيو اها ته اوهان جي خلاف سازش آهي، اوهين نيوڪليئر پروگرام تان هٿ کڻي وڃو، نه ته اوهين ۽ اوهان جي فيملي مصيبت ۾ پئجي ويندي... هن اهو به چيو ته اوهين ان ڳالهه کي سرسري نه وٺو.“ (ص:264) رفيع رضا کي ان سازش جي ڪاميابيءَ جو ايترو ته يقين هو، جو ڀُٽي کيس اليڪشن جو انچارج بنايو هو، پر هن ان ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ نه ئي وري ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏنائين، هن فوري طور تي ٻاهر وڃڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي، رفيع رضا جي حوالي سان ان ڳالهه جو ذڪر شهيد ڀٽو پنهنجي ڪتاب، ”جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو“ ۾ به ڪيو آهي، رائو رشيد اصغر خان جي آمريڪا سان ويجهڙائپ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، هڪ ڏينهن پشاور ۾ رهندڙ (رائو رشيد ان وقت پشاور ۾ انٽليجنس آفيسر هو) آمريڪي قونصلر ويلٽيئري مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”مس مس وڃي سُک جو ساهه کنيو اٿم“. مون پڇيس، ”ڇو... ڇا ٿيو؟“ چوڻ لڳو، ”اصغر خان جي ڀاءُ افضل خان کي هن ملڪ مان ڪڍي ڪابل پهچائڻو هو.“ مون پڇيس، ”ڇو؟“ هن وراڻيو، ”هن هِتان لڪي نڪري وڃڻ ٿي چاهيو، منهنجي اها ڊيوٽي لڳل هئي ته کيس ڪيئن به ڪري ڪابل پهچايان، مون ان جو بندوبست ڪيو ۽ هاڻ ٽيلي فون آئي ته هو ڪابل پهچي ويو آهي.“ افضل خان کي ڪابل کان آمريڪا پهچائڻ ۽ اتي سيٽ ڪرڻ به ان جي ذميداري هئي. (ص:233) رائو رشيد لکي ٿو، ”ان وقت مون ڏٺو ته مشير پيش امام (تحريڪ استقلال جو جنرل سيڪريٽري) جون اڪثر آمريڪن سان ملاقاتون ٿينديون هيون، خاص ڪري چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ.“1977ع جي چونڊن ۾ اهو تاثر پکڙيل هو ته قومي اتحاد جي کٽڻ جي صورت ۾ ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم اصغر خان هوندو، جنهن کي آمريڪا ان ڪم لاءِ تيار ڪيو هو، انهن چونڊن جي دوران ئي، مختلف هنڌن تي جلسن ۾ تقريرون ڪندي اصغر خان اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته، ”انهن چونڊن ۾ اسان جي فتح کانسواءِ ٻيو ڪو نتيجو نڪتو ته اهو اسين ڪونه قبولينداسين.“ ڇا ڪو جمهوريت پسند اڳواڻ ائين چئي سگهي ٿو، ان مان اصغر خان جي جمهوريت پسندي ظاهر آهي.
    اصغر خان تي اهو به الزام آهي ته هن ڀٽي ۽ قومي اتحاد جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. 4 جولاءِ 1977ع تي ڀٽي ۽ قومي اتحاد جي وچ ۾ هڪ ٺاهه ٿي ويو هو، ان تي ٻي ڏينهن صحيحون ٿيڻيون هيون، پر ان کان اڳ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ويئي، ان ٺاهه جي حوالي سان قومي اتحاد جي اڳواڻن کي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي، اصغر خان ان کان اڳ پريس ڪانفرنس واري هنڌ پهتو ۽ اتحاد جي اڳواڻن کي گاريون ڏنائين ۽ کين چيائين ته ڀٽي کين بي وقوف بنايو آهي، اوهين ته کيس گهڻو ڪجهه ڏيئي آيا آيو، تنهنڪري ڪوبه معاهدو قبول ڪونهي، آئون ان کي نٿو مڃيان، پوءِ ڇاتيءَ تي هٿ هڻي کين چيائين ته اوهين ڪوبه معاهدو نه ڪريو، آئون نوي ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائيندس، هو نوابزادي ۽ مفتي محمود کي ڪرسين تان اُٿاري پاڻ ويٺو ۽ پريس ڪانفرنس ڪيائين ته ڪوبه ٺاهه نه ٿيو آهي، اسان جا ڏهه نقطا ٻيا به آهن.
    اصغر خان جي ايڏي خود اعتماديءَ جو سبب ڪهڙو هو؟ ظاهر آهي ته اصغر خان فوج ۽ جنرلن سان مليل هو ۽ جيڪا مارشل لا لڳي، ان جي اصغر خان کي خبر هئي ۽ اصغر خان جي کين هُشي به هئي ۽ هن سياسي طور تي مارشل لا جي لاءِ راهه هموار ڪئي هئي، هن جيڪا نوي ڏينهن جي چونڊن جي ڇاتيءَ تي هٿ هڻي ڳالهه ڪئي، اها ڪا ائين ته ڪونه هوندي.
    اصغر خان، جيڪو پاڻ کي جمهوريت پسند اڳواڻ ٿو سڏائي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ ڀٽي لاءِ لکي ٿو ته ”هن يحيٰ جي مارشل لا جي آجيان ڪئي هئي ۽ ڀٽي کي جمهوريت جي پُڄاڻيءَ ۾ نوان گس نظر ايندا هئا.“ تنهن خود مارشل لا جي راهه هموار ڪئي ۽ پي اين اي جي تحريڪ دوران فوج کي خط لکي پنهنجون ذميداريون ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، ڇا ڪنهن جمهوريت پسند اڳواڻ کي اها ڳالهه سونهين ٿي ته هو جمهوري عمل ۾ فوج کي مداخلت جي اپيل ڪري.
    اصغر خان کي اقتدار ۾ اچڻ جو ايڏو ته يقين ۽ شوق هو، جو رائو رشيد لکي ٿو، ”ڪنهن پريس ڪانفرنس ۾ محمود علي قصوريءَ چيو ته جيڪڏهن اسين اقتدار ۾ آياسين ته هي ڪنداسين...هو ڪنداسين... ان تي اصغر خان کيس رهڙ پٽيندي چيو، ”جيڪڏهن مان ڇا مطلب اٿئي... اسين اقتدار ۾ اينداسين“. (ص:212) ڇاڪاڻ ته آمريڪا کيس پڪ ڏني هئي ته، کيس ئي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بنايو ويندو، ان جو هڪ ثبوت اهو به آهي ته جنرل ضياءَالحق مارشل لا هڻڻ ۽ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ، اصغر خان کي خاص طور تي ايران موڪليو هو، جتي هن شاهه ايران سان خصوصي ملاقات ڪئي ۽ وٽائنس ڪليئرنس ورتي ته هو ايندڙ وقت لاءِ پاڪستان جي لاءِ مناسب رهندو، ان وقت شاهه ايران هن سڄي خطي ۾ آمريڪي مفادن جو رکوال ۽ ڪمدار هو، اڳتي هلي بين الاقوامي حالتون بدليون، خاص ڪري روس پاران افغانستان ۾ فوجي مداخلت کانپوءِ، آمريڪا، اصغر خان مان هٿ ڪڍي ويو، هنن ڏٺو ته کين جيڪو ڪم وٺڻون آهي، سو ته جنرل ضياءَالحق خوشيءَ سان ڪري رهيو آهي، تنهنڪري اصغر خان جي ڪهڙي ضرورت آهي.
    اصغر خان آءِ جي آءِ کي ٺهرائڻ جي جنرل حميد گل آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊئريڪٽر جي دعويٰ ۽ سياستدانن ۾ ڏوڪڙ ورهائڻ جي اعتراف تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي، انهن فوجي آفيسرن جي ڪردار جي حوالي سان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي. سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس به ورتو ۽ ان جون ڪجهه شنوايون هليون به، پر پوءِ ڪن ڳجهن هٿن ان ڪيس کي سرد خاني ۾ اڇلائي ڇڏيو، بقول اصغر خان جي ته، ”1996ع کان ان ڪيس جي ٽي چار ڀيرا شنوائي ٿي ۽ 1999ع کان اهو ڪيس سرد خاني ۾ پيل آهي، (ص:233)
    اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ فهرست ۾ ملڪ جي ڪجهه ناميارن ۽ ڪامياب سياستدانن جا نالا به شامل هئا، بقول اصغر خان جي، ”پاڪستان عوام جي سياسي شعور جي گهٽتائي جو اندازو اُن مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن به عام چونڊون ٿينديون آهن ته اهي انهن ئي ماڻهن کي چونڊي اسيمبلين ۾ اماڻين ٿا.“
    اصغر خان صحيح ٿو چوي، پر ان ڏوهه جي ڏوهاري خود اصغر خان به آهي، جنهن خود اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ جنرلن کي خط لکيا ۽ انهن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، سچي ڳالهه اها آهي ته ائين ٿيڻ نه گهرجي، پر پاڪستان جو سياسي ڪلچر ئي ان قسم جو بنجي ويو آهي، جو اصغر خان چواڻي، ”اڄ به ڪامياب سياسي جماعتون ۽ انهن جا اڳواڻ پنهنجي عوامي حمايت کان اکيون ڦيرائي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ فوج جي مدد ۽ مهربانيءَ جون گهرجائو رهن ٿيون.“ هاڻ جڏهن اصغر خان جي سياست جو انڌو منڊو سج لهي چڪو آهي ته کيس ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هن اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪيا ۽ پي اين اي جي ڊالري تحريڪ هلائڻ جي لاءِ آمريڪا کان گهڻا ڏوڪڙ ورتا هئا ۽ خود انهن ڏوڪڙن جي ورهاست دوران پي اين اي جون پارٽيون پاڻ ۾ ڪيئن وڙهيون هيون ۽ هنن اصغر خان تي اهي الزام هنيا هئا ته هو فنڊن جو وڏو حصو پاڻ هڙپ ڪري ويو. (جيڪڏهن اصغر خان ائين ڪيو ته اهو هن ملڪ جي ماڻهن تي وڏو احسان هوندو.)
    ”جنرل مشرف جا پنج سال“ جو تجزيو ڪندي اصغر خان لکي ٿو، ”جنهن حڪومت ۾ اهڙن بدعنوان ٽولن جو وڏو انگ شامل هجي، جيڪي رڳو ذاتي مفادن خاطر سياست ۾ بهرو وٺندا هجن، اهڙي حڪومت مان اُميد نٿي ڪري سگهجي ته اها ملڪ ۽ قوم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي، اهو صاف ظاهر آهي ته جنرل مشرف جيڪي قدم کنيا آهن يا ست نڪاتي ايجنڊا کان ڦري ويو آهي، صرف انهي ڪري ته هو جمهوريت جي نالي تي اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿو“.
    اصغر خان اهو ڇو ٿو وساري ته جيڪو به فوجي جنرل اقتدار ۾ ايندو آهي، اهو پهرين نهايت خوبصورت وعدا ۽ نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جا اعلان ڪري، بدعنوان سياستدانن کي پنهنجي چوڌاري ميڙي، پنهنجا پير پختا ڪري، پوءِ ڪرسيءَ کي سدائين جي لاءِ چنبڙي پوڻ جا جتن ڪندو آهي. خود، جڏهن جنرل مشرف، اقتدار تي قبضو ڪيو ته اصغر خان الائجي ڇو اهو وساري ٿو ڇڏي، يا لنوائي ٿو وڃي ته ان جي پهرين ڪابينا ۾ سندس پُٽ مرحوم عمر اصغر خان به شامل هو، جنهن لاءِ هن ڪتاب جو انتساب ڪندي لکيو آهي، ”هُو منهنجي اُميدن ۽ جدوجهد ۾ شامل هو.“ ٻن سالن تائين وفاقي وزير رهڻ دوران عمر اصغر وٽ پنجن اهم وزارتن جو قلمدان هو ۽ لازمي طور تي وزارت سنڀالڻ کان اڳ، هن پنهنجي پيءُ اصغر خان سان صلاح مشورو ڪيو هوندو ۽ هڪ فوجي حڪومت پاران اصغر خان جهڙي جمهوريت پسند (؟) سياستدان جي پُٽ وزارت جي آڇ ڪيئن قبولي، ڇا اصغر خان ان جو مطمئن ڪندڙ جواب ڏيندو...؟ ڇا ائين چئجي ته ان ۾ ڪيترو وڌاءُ هوندو ته مشرف حڪومت جي خرابين ۾ عمر اصغر خان به شامل هو.!؟
    ماڻهو، ٻين تي تنقيد ڪندي ۽ تجويزون ڏيندي ڏاڍو بااصول نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي نه ڏسندو آهي، اصغر خان به ائين ئي ڪيو آهي، اڌ سچ چئي، اڌ سچ لڪائي ويو آهي، پر کيس اهو ياد رکڻ گهرجي ته، ”عوام جو حافظو بهرحال ايترو ڪمزور به ڪونهي، جيترو هو سمجهي ٿو.“


    کاٻي ڌر کان موڪلاڻي

    زندگي تبديليءَ جو نالو آهي، انسان ڄمڻ کان وٺي آخر تائين نه رڳو جسماني طور پر ذهني، روحاني ۽ فڪري طور تي پڻ تبديل ٿيندو ٿو رهي، انهن مان فڪري طور تي انسان ۾ ايندڙ تبديلي گهڻو ڪري گهري مشاهدي، مطالعي ۽ عملي تجربن کان پوءِ ئي ايندي آهي، هڪ باشعور ۽ نظرياتي فرد جڏهن فڪري طور تي تبديل ٿيندو آهي ته پوءِ انهيءَ تبديليءَ جو اعلان ڪندو آهي، ته انيڪ سوال جنم وٺندا آهن ۽ ان فرد ۾ ايندڙ تبديلي بحث مباحثي هيٺ ايندي آهي، سنڌ ۾ ماضي قريب ۾ شيخ اياز جي فڪري ۽ ذهني تبديليءَ بابت گهڻو بحث مباحثو ٿيندو رهيو ۽ ان جي حمايت ۽ مخالف ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو ۽ لکجندو ٿو رهي.
    دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جن نظرياتي سياست ڪئي ۽ پنهنجي فڪر جي آبياري ۽ واڌ ويج ۾ پنهنجي عمر ڳاري ڇڏي، تڪليفون برداشت ڪيون، انهن اڳتي هلي ان ئي فڪر ۽ نظريي کي الوداع چئي ڇڏيو ۽ پوءِ ان فڪر ۽ نظرئي کي الوداع چوڻ جي سببن بابت ڪتاب لکيا ۽ پنهنجو موقف بيان ڪيو، پروفيسر جمال نقوي به اهڙن ئي ماڻهن مان آهي، جنهن جو ڪتاب Leaving The Left Behind (کاٻي ڌر کان موڪلاڻي) ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي ۽ هاڻ بحث مباحثي جو موضوع بڻجندو پيو وڃي. جمال نقويءَ ان ڪتاب ۾ پنهنجي نظرياتي، سياسي فڪري تبديلي جي سفر کي بيان ڪندي سوشلزم يا کاٻي ڌر کي الوداع چوڻ ۽ توبه تائب ٿيڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي.

    پروفيسر جمال نقوي ڪنهن زماني ۾ پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جو اهم نالو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو، ”جمال نقوي“ جو جنم گڏيل هندستان جي شهر الهه آباد ۾ ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان هليو آيو ۽ پنجاهه واري ڏاڪي ۾ کاٻي ڌر سان سلهاڙجي هو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۾ فيصلي سازيءَ جي اعليٰ ترين عهدي پولٽ بيورو جو ميمبر رهيو، ڪيترائي ڀيرا جيل ۽ گرفتاريون به سٺائين. 1979ع ۾ غداري ۽ بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ٿيو، اهو ڪيس پوءِ ”ڄام ساقي ڪيس“ طور مشهور ٿيو، ان ئي ڪيس جي هڪ ملزم نذير عباسيءَ رياستي تشدد سبب شهادت ماڻي، ان ڪيس ۾ پوءِ ملڪ جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن محترمه بينظير ڀٽو، ولي خان، مير غوث بخش بزنجي ۽ ٻين فوجي ڪورٽ ۾ اچي ملزمن جي بي گناهيءَ جي شاهدي ڏني هئي، ان ڪيس ۾ جمال نقوي، سهيل سانگي، بدر ابڙو، شبير شر ۽ ٻيا شامل هئا، جن کي ايمنسٽي انٽرنيشنل ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو. هتي ان ڳالهه جو اضافو ڪندس ته ان ڪيس ۾ شامل سڀئي ملزم ڄام ساقيءَ سميت ڪميونسٽ پارٽي ۽ جهڙوڪر کاٻي ڌر کان ئي ڌار ٿي ويا، پر انهن مان ڪنهن به جمال نقويءَ وانگر، انهيءَ موڪلاڻي جي سببن تي نه لکيو آهي.
    جمال نقوي ان دور ۾ کاٻي ڌر جي اندر نظرياتي ۽ گروهي ڇڪتاڻ ۾ پڻ شريڪ رهيو ۽ کيس نظرياتي ڪٽر پڻي جو استعارو سمجهيو ويندو هو. ڄام ساقي ڪيس جي خاتمي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان چئن ڏهاڪن جي وابستگيءَ کان پوءِ کيس پهريون ڀيرو سوويت يونين وڃڻ جو موقعو مليو، بقول سندس ته اشتراڪي جنت جي زمين تي سياسي، نظرياتي ۽ تمدني مشاهدا سندس لاءِ اهڙا ته خوفناڪ نظرياتي ۽ ذهني تجربا هئا، جو هو پنهنجو دورو مختصر ڪري ٻن هفتن کان پوءِ پاڪستان موٽي آيو ۽ انهن سوالن تي پوري ديانتداريءَ مان سوچيو ۽ پنهنجي سياسي ۽ نظرياتي وابستگيءَ تي نئين سر غور ڪيو ۽ پنهنجي ضمير جي اڳيان مزاحمت ڪري نه سگهيو ۽ ڪميونزم کي خير باد چئي ڇڏيائين. جمال نقويءَ جي مٿين ڳالهه پڙهي جيڪو پهريون سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته ٻن هفتن جي شيڊولڊ دوري ۾ کيس سوويت نظام جي سياسي، سماجي ۽ تمدني مشاهدي جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪرڻ جو موقعو مليو هجي، اهو ممڪن نٿو لڳي، ڪو به باشعور ماڻهو جمال نقويءَ جي ان ڳالهه سان سهمت نه ٿيندو.
    جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي مشهور ماڻهن سويت يونين جو دورو ڪرڻ کان پوءِ واپس موٽي اچي سوويت نظام جي خرابين بابت لکيو ۽ ڪميونزم سان پنهنجي وابستگيءَ تي نظرثاني ڪئي، انهن ۾ لوئي فشر، آندري زيد، آرٿر ڪوئسلر ۽ رالف رسل وغيره شامل آهن، جن جي دانشوراڻي حيثيت عالمي ليول تي مڃيل هئي، خود برٽنڊ رسل به سوويت سوشلزم تي تنقيد ڪئي ۽ پنهنجو هڪ انسان دوست نظريو پيش ڪيو ۽ انهن سڀني اسٽالن جي حمايت کان هٿ کنيو ۽ سندس ظلمن جي مذمت ڪئي، خود خروشچيف به سوويت نظام جي اڪثر خرابين ۽ ظلمن جو ذميدار اسٽالن کي قرار ڏنو، پر انهن سڀني دانشورن ڪميونزم جي آئيڊيالاجيءَ کي بحيثيت نظرئي جي رد نه ڪيو، البت هنن جنهن طريقي سان اهو سوويت يونين ۾ لاڳو ڪيو ويو. ان تي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي، اُن جي خراب اثرن تي ڳالهايو، اڳتي هلي سوويت يونين جو خاتمو به انهن ئي خرابين جي ڪري ٿيو.
    سوويت نظام جي خرابين تي لکندي اڪثر نقاد اهو وساري ويهندا آهن ته ان نظام ۾ خرابيون يا نقص ضرور هئا، پر صحت، تعليم، رهائش، روزگار وغيرهه مهيا ڪرڻ رياست جي ذميواري هئي ۽ رياست اهي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. ان ئي نظام ۾ پوڙهن، معذورن ۽ رٽائرڊ ماڻهن لاءِ اولڊ ايج هائوس هئا ۽ سندن لاءِ گذارا الائونس ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست هو، جنهن سبب هو پنهنجا آخري ڏينهن سکيا ۽ آرام سان گذاريندا هئا، ان ئي نظام تحت سڄي دنيا جي ڪامريڊن جي ٻارن جي تعليم لاءِ سوويت يونيورسٽين ۾ تعليم جو بندوبست هو، جنهن تحت ڪيترن ئي پاڪستاني ڪامريڊن جي ٻارن به اُتي وڃي تعليم پرائي، اها سوويت رياست ئي هئي، جنهن سبب آمريڪي سامراج جي نڪ ۾ ناڪيلي پاتل هئي ۽ هو اڄ جيان دنيا ڀيليندو نه وتندو هو. سوويت يونين ۾ اگهن تي ڪنٽرول هو ۽ ضرورت جون شيون مناسب نموني ملي وينديون هيون، محنت، پورهئي، علم ۽ ادب جو قدر هو، دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ڪتاب سوويت يونين ۾ ڇپجندا هئا ۽ اهي سستي اگهه تي وڪرو ڪيا ويندا هئا ۽ دوست ملڪ کي به موڪليا ويندا هئا، ان ئي دور ۾ سوويت يونين سائنس جي ميدان ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ پهريون انسان جيڪو خلا ۾ ويو اهو سوويت خلاباز ”يوري گگارين“ هو خلائي ميدان ۾ به سوويت يونين ڪيترائي معرڪا سر ڪيا، ڪير ٻڌائي سگهندو ته سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ روس سائنس جي ميدان ۾ ڪيترو اڳتي وڌيو آهي، اهي سڀ سوشلزم جون برڪتون هيون، وڏي ڳالهه ته سوويت يونين جو وجود سڄي دنيا جي مظلوم قومن ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ وڏو ڏڍ هو. ايمانداريءَ جي تقاضا اها آهي ته سوويت دور جي خامين تي ڳالهائيندي اُن جي خوبين تي به ليکڪ کي لکڻ گهرجي.
    سوويت نظام جي خرابين ۽ سوويت يونين ۾ جنم وٺندڙ اشتراڪي اسٽيبلشمينٽ جي غلطين ۽ ڪردار جي باري ۾ جڳ مشهور برطانوي دانشور رالف رسل به پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ۽ بحث ڪيو آهي ۽ هن پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ سوويت نظام ۽ پارٽي پاليسين تي پڻ تنقيدي نظر وڌي آهي، ۽ ڪميونسٽ پارٽي ڇڏڻ جي باوجود به هو وري به ان ڳالهه تي قائم آهي ته ڪميونزم ئي انسان دوست نظريو آهي، هو لکي ٿو: ”آئون سورهن سالن جي عمر ۾ ڪميونسٽ ٿيس ۽ اڄ به پاڻ کي ڪميونسٽ سڏرائڻ تي مطمئن آهيان، اُن هوندي به ته آئون انهن ڏکين تجربن مان گذريس، جيڪي 1946ع کان پوءِ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ سوويت يونين جي ڪرپشن ۽ اُن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ زوال جي صورت ۾ سامهون آيا، انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته آئون اڄ به انهن انسان دوست قدرن ۾ يقين رکان ٿو، جن مونکي ڪميونسٽ بڻايو، آئون مڃان ٿو ته سڄو ڪميونزم نه رڳو انهن قدرن تي يقين رکي ٿو، جن مونکي ڪميونسٽ بڻايو، بلڪ اهو انهن ئي قدرن جي منطقي ارتقا آهي، منهنجي نظر ۾ اهو فقط هڪ سياسي نظريو ڪونهي پر هڪ فلسفو آهي، جنهن منهنجي زندگي ۽ ڪم جي هر پهلوءَ جي تعمير ۽ رهنمائي ڪئي آهي.“
    رالف رسل جي مٿين لفظن جي روشنيءَ ۾ جمال نقوي ۽ سندس خيالن کي پرکبو ته محسوس ٿيندو ته جمال نقويءَ ڪڏهن ڪميونزم کي سمجهيو ئي نه هو.
    ڪتاب ۾ پروفسر جمال نقوي پنهنجن ڪيترن ئي ساٿين جي لاءِ بي باڪ راءِ لکي آهي، جن ۾ مير ٿيٻو ۽ امتياز عالم به شامل آهن، امتياز عالم لاءِ ته هن لفظ ’انفينٽيٽري‘ استعمال ڪيو آهي ۽ اهو به لکيو اٿس ته هن امتياز عالم جي حرڪتن سبب کيس پارٽيءَ مان ڪڍرائي ئي سُک جو ساهه کنيو.
    جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته پروفيسر جمال نقوي چار ڏهاڪا پاڪستان جي کاٻي ڌر جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو، لازمي آهي ته سندس شخصيت کان سوين نوجوان متاثر ٿي سندس فڪري رهنمائيءَ ۾ اڳيان وڌيا هوندا ۽ انهن اهڙي بهتر سماج جي اڏاوت جي خواب جي ساڀيان واسطي جدوجهد ۾ شامل ٿي، تڪليفون سٺيون هونديون، جيل ڪاٽيا هوندا ۽ نذير عباسيءَ جهڙن پروانن ته پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي، انهن قربانين جي پويان جمال نقويءَ کان متاثر ٿيڻ به هو. ڪتاب ۾ جمال نقوي لکيو آهي ته ”منهنجي سڄي زندگي ناڪام رهي.“ اهو ته ٺيڪ، پر ڪتاب ۾ ڪٿي به جمال نقويءَ پنهنجي زندگي اجائي وڃڻ اعتراف ڪندي انهن ڪارڪن کان معافي نه ورتي آهي، جن جون زندگيون سندن سياسي غلطين ۽ غلط تجزين جي ڪري تباهه ٿي ويون. جمال نقوي ته وري به 6 سال جيل ڪاٽڻ کان پوءِ ٻيهر پنهنجي پروفيسريءَ تي بحال ٿيو ۽ ڪيس جي خارج ٿيڻ کان پوءِ رهيل بقايائون به مليس، رٽائرڊ مينٽ ۽ پينشن جو حقدار ٿيو، پر انهن شهيد ٿيندڙ ۽ زندگيون برباد ڪندڙ ڪارڪنن جو اهو حق ته ضرور ٿئي ٿو ته ليکڪ انهن کان گهٽ ۾ گهٽ معافي ته ضرور وٺي.


    هڪ زندگي ڪافي نه آهي!

    ڪلديپ نيئر جڳ مشهور هندستاني صحافي ۽ ليکڪ آهي، جنهن کي ”امن جي سفير“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، هو پنهنجي روح جي گهراين تائين سيڪيولر آهي، هڪ ليکڪ ته هن جي لاءِ لکيو آهي ته ”سيڪيولر ازم جو اردو ترجمو ڪلديپ نيئر آهي“ ڪلديپ ڪيترن ئي اخبارن جو ايڊيٽر ۽ هندستان جي پارليامينٽ جي ايوان بالا راجيه سڀا (سينيٽ) جو ميمبر ۽ برطانيا ۾ هندستان جو هاءِ ڪمشنر به رهيو آهي، هو انساني حقن جي تنظيمن جو سرگرم اڳواڻ پڻ رهيو آهي، هو گذريل 35 سالن کان پنهنجو ڪالم Between The Lines جي نالي سان لکندو ٿو اچي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان 80 اخبارن ۽ 14 ٻولين ۾ هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، سري لنڪا ۽ سعودي عرب جي اخبارن ۾ ڇپجندو آهي، ڪلديپ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي، سندس آتم ڪهاڻي Beyond The Lines جي نالي سان ڇپي آهي، جنهن جو تازو اردو ترجمو فڪشن هائوس پاران ”ايڪ زندگي ڪافي نهين“ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
    آتم ڪهاڻيون هونئن به دلچسپ موضوع آهي، جيڪو پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪا آتم ڪهاڻي ڪنهن مشهور شخص جي لکيل هوندي آهي ته ان کي پڙهڻ جو اشتياق بنا دير جي وڌي ويندو آهي. ڪلديپ نيئر پاڻ لاءِ ڪو نئون نالو ڪونهي، ڇو ته پاڪستان جي ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪالم ۽ تجزيا ڇپجندا ۽ پڙهندڙن جي نظرن مان گذرندا رهيا آهن.

    عام طور تي آتم ڪهاڻي لکندڙ پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ واقعن جو حال احوال لکندو آهي، پر ڪلديپ جي هيءَ آتم ڪهاڻي اُن حوالي سان ٿوري منفرد به آهي ته ان ۾ هندستان جي آزاديءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هندستان جي سياسي حالتن، مختلف حڪومتن، تحريڪن وغيره کي فوڪس ڪيو ويو آهي ۽ انهن ۾ ادا ڪيل پنهنجي ڪردار جو پڻ ايمانداريءَ سان ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ ڪيترن ئي تاريخي واقعن جي اکين ڏٺي شاهد هئڻ جي ناتي انهن جو حقيقت پسنداڻون تجزيو ۽ مشاهدو پڻ بيان ڪيو ويو آهي. جيئن 23 مارچ 1940ع جي لاهور ۾ پاس ڪيل مسلم ليگ جي قرارداد، جيڪا پوءِ ’قرارداد پاڪستان‘ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ ورهاڱي جو سبب بڻي، هو ان واقعي جي حوالي سان لکي ٿو، ”آئون لاهور ۾ اُن هنڌ تي موجود هئس، جتي 23 مارچ 1940ع تي هڪ قرارداد منظور ٿي، جنهن ۾ ان گُهر جي حمايت ڪئي وئي هئي ته مسلمانن جي لاءِ مذهب جي بنياد تي هڪ ڌار ملڪ قائم ڪيو وڃي، پاڪستان جو نالو قرارداد ۾ شامل نه هو، پر اڳتي هلي ان کي ”قرارداد پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويو، ان وقت آئون سورهن سالن جو هئس ۽ ”ٽريبون“ اخبار جو چيف رپورٽر، جيڪو اسان جو ڪٽنبي دوست هو، مونکي پاڻ سان گڏ ان جلسي جي رپورٽنگ ڪرڻ جي لاءِ وٺي ويو، جيڪو بعد ۾ هڪ تاريخي واقعو بڻجي ويو.“
    ڪلديپ نيئر چواڻي هن لاءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪرڻ هڪ حادثو هو، نه ته هن پنهنجي شهر سيالڪوٽ ۾ وڃي وڪالت ڪرڻ ٿي چاهي، پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ کيس دهلي اچڻو پيو ۽ جتي کيس هڪ اردو اخبار ”انجام“ ۾ نوڪري ملي وئي، ڪجهه وقت کان پوءِ هن انگريزي صحافت اختيار ڪئي، اڳتي هلي، اها صحافت سندس لاءِ مقدس پيشو ۽ ڪيترن ئي واقعن ۽ حادثن کي رپورٽ ڪرڻ جو سبب بڻي، انهن تاريخي واقعن مان هڪ واقعو پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٿيل 1965ع واري جنگ کان پوءِ ”تاشقند معاهدو“ به آهي، ڪلديپ نيئر معاهدي ٿيڻ جي دوران تاشقند ۾ موجود هو، ان ئي معاهدي کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ صدر ايوب جي وچ ۾ اختلاف ٿيا ۽ سندن رستا ڌار ٿيا، ڪلديب نيئر جي لکڻ موجب ايوب خان اڪثر اهم ڳالهين جي دوران پنهنجي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي کي ٻاهر ويهاريندو هو، اڳتي هلي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ايوب خان جي خلاف جيڪا هلچل هلائي، اُن ۾ تاشقند معاهدي جو اشو اهم هو، ان مهم دوران شهيد ڀٽي عوام ۾ اها ڳالهه چئي ته ”پاڪستان ميدان ۾ کٽيل جنگ تاشقند ۾ ڳالهين جي ميز تي ايوب خان جي ڪري هارائي آيو” ۽ لال بهادر شاستري جي دل جي دوري ۽ گذاري وڃڻ جي پويان به اها ئي خوشي هئي. پر ٻي پاسي صورتحال ڇا هئي، ڪلديپ جي لکڻ موجب هندستانين اهو ٿي سمجهيو ته معاهدي ۾ هندستان نقصان ۾ رسيو آهي ۽ ايتريقدر جو شاستري سان گڏ آيل هندستاني صحافين پروٽوڪول جو خيال نه رکندي لال بهادر شاستريءَ کان سخت لهجي ۾ سوال ڪيا ۽ ساڻس بدتميزي به ڪئي، هندستان ۾ ان معاهدي جي خلاف ايترو ته ناڪاري تاثر هو، جو ڪلديپ جي لکڻ موجب ايتريقدر جو لال بهادر شاستريءَ جي زال شاستريءَ سان فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي شاستري کي اهو چوندي ٻڌو ويو ته ”جيڪڏهن اهو معاهدو منهنجي گهر جي ڀاتين کي سٺو ٿو لڳي ته ٻاهريان ماڻهن ڇا چوندا هوندا“ ۽ ڪلديپ جي لکڻ موجب شاستري جي موت جو ڪارڻ ان معاهدي کان پوءِ مٿس وڌل دٻاءُ به هو، شاستريءَ جي موت جي حوالي سان ڪلديپ هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه لکي آهي ته ”پاڪستان جي سيڪريٽري خارجه جڏهن شاستري جي ديهانت جو اطلاع ڏيڻ جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي کي فون ڪئي ته هو ننڊ ۾ هو ۽ هن جي واتان ”مري ويو“ لفظ ٻڌو ويو ته ”ٻنهي حرامين مان ڪير“.؟
    ڪتاب ۾ پنجاب ۾ سکن جي خالصتان تحريڪ جي حوالي سان به ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن، ڪلديپ جو موقف اهو آهي ته اُن تحريڪ کي جنرل ضياءَ الحق جي هُشي ۽ پٺڀرائي هئي ۽ وري دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته ڪلديپ چواڻي جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ بي بينظير ڀٽو ۽ راجيو گانڌي وزير اعظم ٿيا ته بينظير ڀٽو راجيو گانڌيءَ کي انهن سک دهشتگردن جي فهرست ڏني، جن بابت پاڪستان کي ڄاڻ هئي، ڪلديپ نيئر چواڻي ”اها وڏي عنايت هئي، ڇو ته ان سان هندستان کي سک هٿياربندن کي پاڙون پٽي اڇلائڻ ۾ وڏي مدد ملي.“
    ڪتاب ۾ پاڪستان جي ائٽمي سائنسدان، ڊاڪٽر قدير خان کان ورتل مشهور ۽ تڪراري انٽرويوءَ جو دلچسپ احوال پڻ شامل آهي، ڪلديپ اهو انٽرويو جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ مشاهد حسين سان گڏجي وڃي ڪيو هو، ان انٽرويو ۾ ڊاڪٽر قدير خان اعتراف ڪيو هو ته پاڪستان وٽ ائٽم بم موجود آهي، ڪلديب چواڻي جنرل ضياءَ اهو انٽرويو مشاهد حسين جي وسيلي وڏي رٿابنديءَ سان ڪرايو هو، جيئن هندستان کي ٿريٽ ڏيئي سگهجي ته هاڻ خبردار رهو، پاڪستان وٽ ائٽم بم موجود آهي، انٽرويو ڪرائڻ جو مقصد اهو ته اڻ سڌي طرح هندستان کي باور ڪرايو وڃي، پر بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽر قدير حڪومتي هدايت کان هٽي پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول ڪري نه سگهيو ۽ اها ڳالهه چئي ويو، جيڪا کيس نه چوڻ گهربي هئي.
    ڪلديپ نيئر لکي ٿو ”مون سوچيو ته کيس اشتعال ڏيارجي، ڇاڪاڻ ته هو وڏو مغرور ۽ خودپسند شخص هو ۽ منهنجي ڀڙڪائڻ تي ڦاٽ ڦاڙي ڇڏيندو ۽ مون ائين ئي ڪيو، پوءِ هڪ ڪهاڻي گهڙي کيس ٻڌايم ته جڏهن پاڪستان اچي رهيو هوس ته هندستاني ائٽم بم جي خالق ڊاڪٽر ايڇ سهنا سان منهنجي اوچتي ملاقات ٿي ته هن مونکي چيو تون هرو ڀرو ڇو پيو وڃي پنهنجو وقت وڃائينءَ، پاڪستان وٽ نه ڪو ساز سامان آهي، نه ڪي وسيلا ۽ نه ئي وري ڪي سائسندان، جو هو ائٽم بم ٺاهي سگهي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر قدير خان ڀڙڪي ڄڻ سڄو ڪمرو کڻي مٿي تي کنيو ۽ ميز تي زور زور سان مڪون هڻي چوڻ لڳ ”تون کيس وڃي ٻڌائي ته اسان وٽ آهي، اسان وٽ آهي.“ اهو ٻڌي مشاهد حسين جو منهن ئي لهي ويو ۽ هو پريشان ٿي ويو، ڊاڪٽر قدير چوڻ لڳو، پاڪستان وٽ ان کان به وڏو ائٽم بم آهي، جنهن جو اوهان راجسٿان ۾ 18 مئي 1974ع ۾ ڌماڪو ڪري چڪا آهيو. ڊاڪٽر قدير جي ان انٽرويو تي سڄي دنيا ۾ ممڻ مچي ويو هو ۽ پاڪستان کي ملندڙ آمريڪي امداد پڻ ڏچي ۾ پئجي وئي هئي.
    ڪلديپ جي هيءَ آتم ڪهاڻي ڪيترن بابن ۽ ڪجهه ضميمن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ننڍپڻ ۽ ورهاڱي، هندستان ۾ نهروءَ جي حڪومت، پنهنجي صحافت ۾ اچڻ، هندستان جي ٻن وزير داخلائن گووند پلٿ ۽ لال بهادر شاستريءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ، لال بهادر شاستري ۽ اندرا گانڌي جي وزير اعظمن جي حيثيت سان ڪارڪردگي، بنگلاديش جي جنگ، شمله معاهدي، هندستان ۾ ايمرجنسي ۽ پوءِ جي حالتن، جنتا پارٽيءَ جي حڪومت، سکن جي خلاف ٿيل آپريشن بليو اسٽار، راجيو گانڌي ۽ وي پي سنگهه جي وزير اعظم ٿيڻ، اندرا گانڌي ۽ راجيو گانڌيءَ جي قتلن، پارليامينٽ ۾ پنهنجي ميمبر جي حيثيت سان مقرري، (ياد رهي ته هندستاني آئين ۾ هندستاني صدر کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پارليامينٽ جي ايوان بالا راجيه سڀا (سينيٽ) جي لاءِ ٻارهن ميمبر مقرر ڪري، جن جو واسطو فنون لطيفه، آرٽ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان هوندو آهي.) بي جي پي جو اقتدار ۾ اچڻ، برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر جي حيثيت سان پنهجي مقرري، بابري مسجد واري واقعي، من موهن سنگهه جي حڪومت، ڪارگل جنگ وغيرهه بابت تفصيل ۽ بي باڪيءَ سان لکيو ويو آهي. ڪلديپ نيئر جو هيءَ ڪتاب ننڍي کنڊ جي سياست ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ نهايت اهم حيثيت رکي ٿو.


    شهنشاهه ايران ۽ راڻي فرح ديبا جي ڪهاڻي

    ايراني انقلاب گذريل صديءَ جي اهم ۽ وڏن واقعن مان هو، جنهن ايران جي اڍائي هزار سالن جي شهنشاهيت کي واريءَ جي جيان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، شهنشاهه ايران آريا مهر محمد رضا شاهه پهلويءَ جي هٺ، وڏائي ۽ تڪبر جو اهو عالم هو، جڏهن هُن 1970ع ۾ ايراني شهنشاهيت جو اڍائي هزار ساله جشن ملهايو ته ’شيراز‘ شهر جي ويجهو ’تخت جمشيد‘ ۾ جتي هڪ ڏينهن جي تقريب لاءِ ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري خيمن جو جديد شهر اڏيو ويو هو، سائرس اعظم جي قبر ڏانهن منهن ڪري، جشن ۾ شرڪت جي لاءِ آيل سڄي دنيا مان حڪمرانن کي پُٺ ڏئي خطاب ڪندي چيو: ”سائرس اعظم! تون بي اُلڪو ٿيو ستو پيو هج، مابدولت جاڳي پيو!“
    اهو شهنشاهه ايران جڏهن عوامي مزاحمت جي سٽ نه سهي، ايران مان ڀڳو ته اڍائي هزار سالن جي شهنشاهيت جي ان آخري وارث کي ڪٿي به سُک جو ساهه کڻڻ نصيب نه ٿيو ۽ ايراني عوام جي انتقام جي ڊپ کانئس سُک ۽ سڪون کسي ورتو. سندس پراڻا اتحادي، آمريڪا ۽ يورپ جو ڪو به ملڪ کيس پاڻ وٽ ترسائڻ جي لاءِ تيار نه ٿيو ۽ هو منجهانس ڪم لٿو ڊکڻ وسريو وانگر سڀئي ڪڌا ڪم ڪرائي، پوءِ ائين هن ڪڍي ويا، ڄڻ هو کيس سڃاڻندا ئي نه هجن، شهنشاهيت ايران پوءِ ڌر ڌر جا ڌڪا کائي نيٺ مصر جي تڏهوڪي صدر انور السادات جي مهربانيءَ سان مصر پهتو ۽ اتي ئي جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 26 جون 1980ع ۾ گذاري ويو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. شهنشاهه ايران پنهنجي وفات کان اڳ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، جيڪا سندس چالاڻي کان پوءِ ڇپي، مونکي ياد آهي ته ان وقت هلال پاڪستان اخبار پاران هڪ هفتيوار مئگزين ڪڍيو ويندو هو، جنهن جو انچارج مرحوم فقير محمد لاشاري هو، ان مئگزين ۾ ڏاڍو سٺو مواد ڇپيو ويندو هو، شهنشاهه ايران جي اها آتم ڪهاڻي پوءِ ان مئگزين ۾ اختصاريل نموني ترجمو ٿي ڇپجندي هئي، گذريل سال جڏهن پنهنجا پراڻا فائل پئي اٿلايم ته اهي سڀ هلال پاڪستان مئگزين جا پر چا هڪ فائل ۾ موجود هئا. مون مئگزين اٿلائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر قسطن ۾ ڇپيل اها آتم ڪهاڻي پڙهي ڏٺي ۽ تپرس ۾ پئجي ويس ته دنيا ڪيڏي نه دو رنگي آهي. شهنشاهه ايران اُن آتم ڪهاڻيءَ ۾ چٽي نموني لکيو آهي ته: ”سندس زوال جي پويان آمريڪا ۽ يورپ جو هٿ آهي، هنن کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ هئي ته آئون ايران کي تيل جي دولت جي ذريعي هڪ اقتصادي طاقت ۾ بدلائي رهيو آهيان.“ شهنشاهه ايران جي ان ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڇپيو هو، ڪڏهن ڪڏهن مونکي خيال ايندو آهي ته شاهه ايران جي هلال پاڪستان ۾ ڇپيل ان قسطوار آتم ڪهاڻيءَ کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايان.
    شاهه ايران ٽي شاديون ڪيون، پهرين مصر جي بادشاهه فاروق جي ڀيڻ شهزادي فوزيه سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ شهزادي شهناز ڄائي، ٻي شادي ايران جي هڪ سگهاري بختياري قبيلي مان راڻي ثريا بختياريءَ سان ڪئي، پر ٻنهي مان کيس پُٽ جو اولاد يعني تخت جو وارث پيدا نه ٿيو، جنهن سبب ٻنهي کي طلاق ڏئي ڇڏيائين. شاهه ايران ٽي شادي فرح ديبا سان ڪئي، جيڪا پڻ ايرانڻ هئي، شاديءَ وقت فرح ديبا جي عمر ايڪويهه سال هئي، کيس عالمي شهرت تڏهن ملي جڏهن 1968ع ۾ شهنشاهه ايران جي تاج پوشيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ ايراني آئين ۾ ترميم ڪري فرح ديبا جي به ايران جي راڻيءَ جي حيثيت سان تاج پوشي ڪئي وئي، جيڪي خبرون عالمي ميڊيا ۾ وڏي طمطراق سان ڇپيون، ائين هوءَ رات وچ ۾ عالمي شخصيت بڻجي وئي، راڻي فرح مان شاهه ايران کي چار ٻار ٻه پُٽ ولي عهد محمد رضا ۽ علي رضا ۽ ٻه نياڻيون فرح ناز ۽ ليليٰ ناز پيدا ٿيون، جن مان ليليٰ ناز پوءِ ويهن سالن جي عمر ۾ پئرس ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي . شاهه ايران سان سندس شادي جي ويهن سالن کان پوءِ شاهه جي زوال جي شروعات ٿي ۽ سڄي ملڪ ۾ شاهه جي حڪومت خلاف مظاهرن ۽ احتجاج جي شروعات ٿي، انهن مظاهرن ۽ احتجاج کي ڌٻائڻ جي لاءِ شاهه ايران جي حڪومت ڏاڍي سختي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ويهه هزار ماڻهو قتل ٿيا، پر اها تحريڪ ڌٻجي نه سگهي ۽ شاهه نيٺ ايران مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شاهه کي ته وري وطن ورڻ نصيب نه ٿيو، پر راڻي فرح ۽ سندس اولاد کي به وري ايران وڃڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي، شاهه ايران جي وفات کان پوءِ راڻي فرح جو نالو به هوريان هوريان منظر تان غائب ٿيندو ويو ۽ هوءِ پئرس ۾ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳي، سندس نالو هڪ ڀيرو ٻيهر تڏهن منظر عام تي آيو، جڏهن 2003ع ۾ سندس آتم ڪهاڻي (An Enduring Love My Life With Shah) جي نالي سان ڇپي، ڪتاب فرينچ زبان ۾ ڇپيو، ڇو ته ايران ۾ اعليٰ طبقن ۾ فرينچ زبان ۽ ثقافت کي اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا پاڻ وٽ پاڪستان ۾ مٿين طبقي ۾ انگريزي زبان ۽ ثقافت کي حاصل آهي.
    ڪتاب جو فرينچ مان انگريزي ترجمو ’پيٽريشيا ڪلينسڪي‘ ڪيو، ڪتاب ۾ فرح ديبا انفرادي محبت ۽ پريشانين جو ذڪر ڪري پنهنجي جابراڻي حڪومت جي سفاڪ هٿڪنڊن جو تاثر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شايد سندس مقصد ايراني ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي عوام ۾ پنهنجي پٽ محمد رضا لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ هجي. ان هوندي به هي ڪتاب هڪ اهڙي عورت جو اعتراف نامو آهي، جنهن جي مڙس جي حڪومت هزارين انسانن کي پنهنجي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو، ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي گهڻو مبالغو به لڳي ٿو ۽ اهو داستان ڪافي وڌايل چڙهايل پيو محسوس ٿئي، اها آتم ڪهاڻي سندس شاهه ايران سان پنهنجي لاڳاپي جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ٻين معاملن تائين به پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اهو ڄڻ پرين جو داستان پيو لڳي.

    2011ع جي جولاءِ مهيني ۾ ايران ۾ قم ۾ بيبي معصومه (س) جي مزار جي ٻاهران ڪتاب جي دڪانن تي مون راڻي فرح ديبا جي ان ڪتاب جو فارسي ترجمو وڪري لاءِ رکيل ڏٺو، جنهن جو نالو ”پروفشنرين ڪتاب تاريخ معاصر: من فرح پهلوي“ هو، جنهن تي مونکي ڪافي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران ۾ شاهه ۽ شهنشاهيت سان لاڳاپيل سڀني شين کي يا ته ختم ڪيو ويو آهي يا تبديل ڪيو ويو آهي، پوءِ سوچيم شايد اهو ڪتاب ڪاٽ ڪوٽ ڪري ڇپيو ويو هوندو ۽ ان سان گڏ ايران ۾ سنسرشپ جي نرم هجڻ جو به احساس ٿيو. ڪتاب جي ٽائيٽل تي راڻي فرح ديبا جي 16 جنوري 1979ع تي ايران مان جلاوطن ٿيڻ مهل نڪتل روئيندڙ تصوير ڏني وئي آهي، مون ان ڪتاب جي پهرين باب جو ترجمو پنهنجي ڪتاب ”اڌ مهينو ايران ۾ ” شاهه رفت“ جي عنوان سان ڏنو آهي، جنهن ۾ راڻي پنهنجي ايران مان روانگي جو عڪس چٽيو آهي.
    جيستائين ڪو شخص اقتدار ۾ هوندو آهي ته هر ڪو اها ڪوشش ڪندو آهي ته ان جي اڳيان پويان ٿيا ۽ سندس سامهون رهان ۽ سندس منظور نظر بڻجي مراعتون ۽ ٻيا فائدا حاصل ڪريان، شهنشاهه ايران ته وري به اهڙو حاڪم هو، جنهن کان امداد وٺڻ جي لاءِ غريب پرڏيهي ملڪن جي حاڪمن جون قطارون هونديون هيون، سندس رعب ۽ دٻدٻي جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ هو ته پاڻ کي هن خطي ۾ آمريڪي مفادن جو رکوالو ۽ پوليس مين سمجهندو هو، سندس گهمنڊ ان حد تائين هو جو اوريانا فلاسيءَ کي انٽرويو ڏيندي چيو هئائين ته: ” پاڻ خواب ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه سان به ملاقاتون ڪندو هو.“ ان گهمنڊ ۽ پوليس مينيءَ سبب هو آسپاس جي ملڪن تي نظر رکندو هو ۽ اتي پيدا ٿيندڙ عوامي تحريڪن کي ڌٻائڻ ۾ اتان جي حاڪمن جون فوجي مددون به ڪندو هو، سلطنت عمان ۾ جڏهن سلطان قابوس جي خلاف عوام بغاوت ڪئي ته شاهه ايران ان کي چٿڻ لاءِ فوجون اُتي موڪليون. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن بلوچستان ۾ فوجي آپريشن هليو پئي ته ايران جا ڪويرا هيلي ڪاپٽر بلوچن تي بمباري ڪندا وتندا هئا.
    جڏهن شاهه ايران جلاوطن ٿيو ته سندس اها سڄي ٽان ڦون ڊهي اچي پٽ پئي، دشمن ته هونئن به دشمن هوندو آهي، پر منجهائنس دوست به هٿ ڪڍي ويا، پناهه لاءِ لاطيني آمريڪي ملڪ پانامه پهتو، جتي جو ڊڪٽيٽر سندس دوست هو، پر ان به اهڙي جُٺ ڪيس جو بس، جنهن بابت شاهه ايران پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته: اسان کي جيڪو سامان سڙو مهيا ڪيو ويندو هو ان جا بل چيڪ ڪرڻ سان خبر پوندي هئي ته اهي بازاري اگهه کان ڏهوڻ تي وڌيڪ هوندا هئا.“ ڳالهه اتي دنگ ڪري ها ته به ٺيڪ. پر هڪ ڏينهن راڻي فرح ديبا ٻڌائيس ته هن شيطان کي اسان سان ڪا به همدردي ڪونهي، پر هو ته اسان جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي مونکي داد عيش ڏيڻ لاءِ راغب ڪري رهيو آهي.“ تفوبرتو اي چرخ گردان تفو بر..... اي آسمان توکي اکين ڦيرڻ تي حيف هجي!“


      ناظم حڪمت سان گڏ جيل ۾!

    سڄي دنيا ۾ وقت جي حڪمرانن سان فڪري ۽ نظرياتي اختلافن سبب ڪيترائي شاعر ۽ اديب انهن حڪومتن جي عتاب جو نشانو بنجندا رهيا آهن ۽ حڪومتون سندن آواز کي دٻائڻ لاءِ کين جيلن ۾ واڙينديون رهيون آهن، مٿن ڪيس داخل ڪنديون آهن، کين سزائون ڏينديون آهن، ساڻن انتهائي سختيءَ سان پيش اينديون رهيون آهن. وقت جون حڪومتون اهڙن اديبن جي لکڻين کان ڊڄنديون آهن ۽ رڳو انهن جي وجود کي پابند سلاسل ڪيو ويندو آهي، پر سندن ڪتابن تي به پابنديون هڻنديون آهن ۽ تاريخ وري انهن حڪومتن جي خلاف هيئن فيصلو ڏيندي آهي ته پابند سلاسل اديبَ ۽ پابندي هيٺ آيل ادب نه رڳو عوام جي دلين جي ڌڙڪن بنجي ويندا آهن، پر پابندي هوندي به ڪتاب گهر گهر پڙهيا ويندا آهن، فلسطيني شاعر محمود درويش لاءِ هڪ اسرائيلي جنرل موشيٰ دايان چوندو هو ته سندس هڪ نظم ڏهن اسرائيلي سپاهين جي برابر آهي، دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا مثال آهن ته وقت جي حڪمرانن، پنهنجن ڪُڌن ڪمن کي لڪائڻ لاءِ، اهل قلم ۽ دانش جي زبانن ۽ قلمن تي پهرا ويهارڻ سان گڏ، انهن جون جانيون وٺندي به دير نه ڪئي آهي، چين ۾ ڪومنتانگ پاران چيني اديبن جو اجتماعي قتل يا 1970ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ تي حملي دوران ، اجتماعي طور تي اديبن ۽ شاعرن جو قتل ته هڪڙا ننڍا مثال آهن.
    ترڪي جو عظيم شاعر ناظم حڪمت به اهڙن ئي شاعرن ۽ اديبن مان هو، جيڪو پنهنجن خيالن ۽ نظرين سبب وقت جي ترڪ حڪومت جي عتاب جو نشانو بنيو ۽ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سزا طور، زندگيءَ جا ويهه سال قيد ۾ ڪاٽيائين.ناظم حڪمت جيڪو، شاعر هو، مصور هو، اديب هو تنهن جي آواز کي گهٽڻ ، سندس فڪر ۽ سوچ کي دٻائڻ لاءِ کيس جيل جي ديوارن پويان واڙيو ته ويو، پر وقت گذرڻ سان گڏ سندس ئي سوچون ، سندس ئي خيال شعرن جي صورت ۾ زمان ۽ مڪان جو حدون اورانگهي سڄي انسان ذات جي دل جي ڌڙڪن ۽ اثاثو بنجي ويون، ناظم حڪمت کي 1938ع م ملٽري اڪيڊمي جي هڪ گروپ سان گڏ گرفتار ڪيو ويو، مٿس اهو الزام هنيو ويو ته هو بحريا ۾ کاٻي ڌر جي سرگرمين کي وڌائي رهيو آهي، جيتوڻيڪ اهڙيون ڪي شاهديون به نه هيون، پر پوءِ به کيس بغاوت جي الزام ۾ 28 سالن جي سزا ڏني ويئي ۽ کيس 1950ع ۾ تڏهن وڃي آزادي نصيب ٿي، جڏهن حڪومت پاران عام معافي جو اعلان ڪيو ويو، آزاد ٿيڻ کان ترت پوءِ ترڪيءَ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، ناظم حڪمت سوويت يونين هليو ويو، هن 3-جون 1963ع تي وفات ڪئي، ناظم حڪمت جي شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيا ۽ بندش هيٺ آيا.
    جڏهن ناظم حڪمت جيل ۾ هو ته هڪ ٻيو ترڪ اديب ’اورحان ڪمال‘ به جيل ۾ واڙيل هو، اورحان ڪمال کي 1939ع ۾ پنهنجي سياسي نظرين جي ڪري پنج سال قيد جي سزا ڏني ويئي هئي، ان سزا جو هڪ وڏو حصو هن ناظم حڪمت سان گڏ ترڪي جي بروصه جيل ۾ گذاريو، اورحال ڪمال تي سندس ساٿي فوجين الزام هنيو هو ته سندس سامان مان روسي اديب مئڪسم گورڪي جو هڪ ڪتاب، مارڪسٽ نظرين جي باري ۾ ڪجهه اخبارن جون ڪٽنگون ۽ ناظم حڪمت سان منسوب ڪجهه نظم مليا هئا، بروصه جيل پهچندڙ اورحان ڪمال ۽ ناظم حڪمت ٻئي مختلف پسمنظر جا حامل هئا، پر ٻنهي جي گرفتاري ۽ ڪيسن ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون هيون، گرفتاري کانپوءِ ٻنهي تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويا، اورحان ڪمال پنهنجي سزا جا پنج سال مڪمل طور تي ڪاٽيا ۽ 1943ع ۾ آزاد ٿيو، اورحان ڪمال ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکيا، جيل ۾ رهڻ جي دوران ناظم حڪمت سندس ادبي استاد جي حيثيت اختيار ڪري ويو هو، جيل مان نڪرڻ کانپوءِ اورحان ڪمال ناظم حڪمت سان جيل ۾ گڏ گذاريل گهڙين تي مشتمل ڪتاب IN JAIL WITH NAZIM HAKMAT لکيو، ناظم حڪمت جي بروصه جيل جي اچڻ کانپوءِ جيل ۾ گڏ گذاريل اورحان ڪمال، ناظم حڪمت جي رضامندي سان مٿس لکڻ شروع ڪيو، اورحان ڪمال بعد ۾ اهي لکڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ ٿي چاهيون، پر بدقسمتيءَ سان اهي محفوظ رهي نه سگهيون، اڳتي هلي اورحان ڪمال پنهنجي يادگيرين جي سهاري، انهن ڏينهن جيل ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو هو ۽ پنهنجي بچي ويل جيل ڊائري جا ڪجهه صفحا ۽ ناظم حڪمت جا ڏانهنس جيل مان لکيل خط گڏي IN JAIL WITH NAZIM HAKMAT جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو. ڪتاب ۾ ڪمال جيل ۾ ناظم جي روزاني ڪاروهنوار ۽ گذاريل گهڙين کي ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان مشاهدو ڪيو ۽ پوءِ لکيو آهي، هڪ هنڌ هو ناظم حڪمت جي باري ۾ لکي ٿو ”هو انسانن سان ڏاڍي محبت رکندو هو، ايستائين جو هن ان کي هڪ ” مذهب“ جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو، خاص طور تي ٻار- ناظم پنهنجي نظرين تي يقين رکندو هو، هو انهن ماڻهن جي حد کان وڌيڪ عزت ڪندو هو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مقصد تي يقين رکندا هئا، پوءِ ڀلي اهو مقصد کڻي ڪهڙو به هجي.“ هڪ ٻئي هنڌ هو لکي ٿو ” ناظم پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي مدد ڪندي ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هو، ماڻهو اُن ڳالهه کي محسوس ڪندا هئا ۽ اڪثر ڪري کانئس پئسا اڌارا گهرندا هئا، جيتوڻيڪ گهڻو ڪري وٽس به پئسا نه هوندا هئا ته به هو ٻين ماڻهن کان اڌارا وٺي به انهن ماڻهن کي ڏيندو هو، جن کانئس مدد گهري هوندي هئي، اها ڳالهه ايتري ته وڌي جو مون کي ياد آهي ته سندس جيل جا نگران به قرضي هوندا هئا.“ اورحان ڪمال ناظم حڪمت جي ذهني پختگي جي باري ۾ لکي ٿو ” هن مونکي سيکاريو ته دنيا کي ۽ شين کي سندن مخصوص اسلوب جي ڍانچي جي اندر ڪيئن ڏسجي، ماڻهو جيڪي اسانجي دور ۾ رهن پيا، ماڻهو جيڪي پنهنجي آسپاس کي ڏسي سگهن ٿا، انهن جو هن دنيا مان ، جنهن ۾ هو رهن پيا، متاثر ٿيڻ اڻ ٽر آهي، ان ڳالهه جو علم هئڻ اهم ڳالهه آهي ته شين کي ڪيئن ڏسجي جيڪي ڪجهه اوهين ڏسڻ چاهيو ٿا، اهو رڳو اُن صورت ۾ ڏسي سگهو ٿا جڏهن اوهانکي خبر هجي ته انهن کي ڪيئن ڏسڻ گهرجي، اِها اُها ڳالهه هئي جيڪا ناظم حڪمت مونکي سيکاري.“
    ناظم حڪمت هڪ همدرد انسان هو ۽ کيس پنهنجي نظريي ۽ مقصد جي سچائيءَ تي مڪمل ڀروسو هو، هن ڪتاب مان اسانکي اها ڳالهه به معلوم ٿئي ٿي ته ناظم جڏهن آزاد هو ته هو ڪنهن قهوي خاني ۾ هليو ويندو هو ۽ ان ۾ ويٺل سڀ کان غريب شخص جي سامهون ويهي پنهنجا سڀ پئسا ڪڍي هن جي سامهون رکندو هو، کيس به پنهنجا پئسا ڪڍڻ لاءِ چوندو هو، اهو همراهه پئسا ٻاهر ڪڍندو هو، جيڪي ڪجهه سڪا ئي هوندا هئا ۽ پوءِ ناظم هن جي پئسن سان پنهنجا پئسا گڏي چوندو هو ” هاڻ اهي پئسا پاڻ ۾ برابر جيترا ورهايون ٿا.“ ( هو ان عمل جي ذريعي ڪهڙي نه سادي ۽ سڌي انداز ۾ سوشلزم جي تعليم ڏيندو هو)
    ناظم بنيادي طور شاعر هو ۽ شاعريءَ جي باري ۾ سندس ڪهڙا ويچار هئا، اورحان ڪمال لکي ٿو ” ناظم چوندو هو شاعري دراصل پنهنجي خيالن جو هنرمنداڻو ۽ ماهراڻو اظهار آهي.“ هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ” شاعري جي پرک جي معاملي ۾ ناظم جي لاءِ سڀ کان وڏو معيار ” عوام “ هو، هو اڪثر چوندو هو، ”هڪ مقبول فنڪار جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته کيس عوام سمجهي سگهي ۽ ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو عوامي فنڪار هجي.“


    وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح

    ٻه اڍائي سال اڳ، هوٽل ريجنٽ پلازا ڪراچي ۾ ’هيومن رائٽس آف پاڪستان‘ پاران ڪوٺايل رائٽرس ڪانفرنس ۾ وڃڻ ٿيو ته ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ راحت سعيد مونکي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو،” حيدآباد پوءِ وڃج، هل ته توکي انڊيا مان آيل اسڪالر ، ڊاڪٽر اجيت جاويد جي ليڪچر ۾ وٺي هلان، جنهن جو بندوبست پاڪستان سيڪيولر فورم وارن ڪيو آهي.“
    ”ليڪچر ڪهڙي موضوع تي آهي.؟“ پڇيومانس.
    ” محمد علي جناح تي..“
    پهرين ته خيال آيم ته نه وڃان جو ساڳئي روايتي انداز ۾ هوندو، پر جناح صاحب جي شخصيت سان دلچسپي هئڻ سبب ساڻس گڏ هليو ويس، ليڪچر ٻُڌڻ کان پوءِ ان ڳالهه جي خوشي ٿي ته چڱو ٿيو جو مون ليڪچر اٽينڊ ڪيو. جيڪو نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي هو.
    ورهاڱي کانپوءِ پاڻ وٽ جناح صاحب جي شخصيت کي جنهن نموني پيش ڪيو ويندو رهيو آهي، ان ۾ فقط هن جي زندگي جي پوين ڏهن سالن جو وڏي شد مد سان ذڪر ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ هن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان هندستان جي مسلمانن جي لاءِ هڪ ڌار وطن لاءِ ڪوششون ڪيون، ان کان اڳ سندس سياست کي صفا نه ڇهيو ويندو آهي يا فقط ان جو سرسري ذڪر ئي ڪيو ويندو آهي.دادا ڀائي نوروزجي ۽ گوکلي کان سياست جا سبق سکندڙ جناح صاحب جي به اها خواهش هئي ته” مسلم گوکلي بنجڻ منهنجي خواهش آهي.“ کيس هنڌو مسلم اتحاد جو سفير قرار ڏنو ويندو هو ۽ ان لاءِ جناح جيڪو ڪردار ادا ڪيو ، ان لاءِ خود هندستاني ليکڪن جسونت سنگهه جو ڪتاب ” جناح اتحاد کان ورهاڱي تائين“ ۽ ايس ڪي موجمدار جو ڪتاب ” جناح ۽ گانڌي“ دماغ کولي ٿا ڇڏين.
    ورهاڱي کانپوءِ جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي يا نظريه پاڪستان جي پرچارڪي محققن مهاتماگانڌي جي ڪردار کي ناڪاري ڪري پيش ڪيو آهي. تيئن هندستان ۾وري جناح صاحب کي منفي شڪل ڏني ويئي ، کيس عجيب لقبن سان نوازيو ويو، پر ڊاڪٽر اجيت جاويد پنهنجي ليڪچر ۾ جنهن نموني جناح صاحب جي شخصيت ۽ سياست جي حوالن ۽ دلين سان تشريح ڪئي ۽ سندس ڪردار کي واکاڻيو، سو دلچسپي ۽ معلومات کان خالي نه هو، ڊاڪٽر اجيت جاويد چواڻي جناح جي زندگي جا آخري ڏهه سال ، جنهن ۾ هن جو ڪردار علحيدگي پسندي ۽ مسلم ليگي سياست وارو هو، سندس باقي سڄي سياسي زندگي پرجوش ديش ڀڳت ۽ وطن پرستيءَ واري هئي، جناح صاحب چوندو هو” مونکي فرقي وارانه نعرن کان نفرت آهي.“ يا هو چوندو هو ” آئون پهرين وطن پرست آهيان، پوءِ به وطن پرست آهيان ۽ آخر ۾ به وطن پرست آهيان.“ کيس خود به انهن لفظن تي فخر هو ۽ هو اهو به چوندو هو ” آئون پهرين هندستاني آهيان ۽ پوءِ مسلمان.“ سندس اهي لفظ رڳو ٺلها لفظ نه هئا، پر سندس رويو، عمل ۽ تقريرون ورهاڱي کان ڏهه سال اڳ تائين انهن لفظن جي ماهيت کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن، هو جديد هندستان ۽ ڪانگريس پارٽي جي اڏيندڙن مان هڪ هو، هن ” هندستان فقط هندستانين جي لاءِ “ جو نعرو ڏنو، هن جي سپنن جو هندستان، گڏيل هندستان هو، جنهن ۾ وڏي پئماني تي صنعتون، سائنس، زراعت ۽ تعليم جو فروغ هجي، جتي سڀ هندستاني بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقي جي پنهنجي زندگي خوشي ۽ آزاديءَ سان گذاري سگهن، هن پنهنجي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ چاليهن سالن کان به وڌيڪ عرصو دستوري ذريعن وسيلي جدوجهد ڪندي گذاريو.
    ڊاڪٽر اجيت جاويد، جناح صاحب جي وطن پرستي ۽ سيڪيولر سوچ جا ڪيترائي مثال ڏنا، هن ٻڌايو ته هڪ اجلاس ۾ هندستان جي وائسراءِ لارڊ ولنگڊن هندستاني اڳواڻ تلڪ سان توهين آميز رويو اختيار ڪيو، جنهن تي سڀ هندستاني اٿي هليا ويا، پر جناح ويٺو رهيو ۽ پنهنجي تقرير جي واري اچڻ تي هن ولنگڊن سان اها جُٺ ڪئي جو بس. پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان گرجدار تقرير ۾ هن ولنگدن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ۽ پوءِ اٿي ٻاهر هليو ويو، جناح صاحب، ولنگڊن طرفان تلڪ سان اختيار ڪيل بي عزتيءَ وارو رويو ڪڏهن به نه وساريو، جڏهن 1918 ع ۾ بمبئي جي ٽائون هال ۾ ولنگڊن کي سپاس نامو پيش ڪرڻ جي لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي ته جناح صاحب ۽ سندس ساٿي هال ۾ موجود هئا، ان وقت هزارين بمبئي جا شهري ٽائون هال ۽ ان جي ڏاڪڻين تي موجود هئا ۽ هنن جناح جي اڳواڻي ۾ اهڙو ته احتجاج ڪيو، جو نيٺ ولنگڊن کي سپاسنامو پيش ٿي نه سگهيو ۽ گڏجاڻي د رهم برهم ٿي ويئي.
    ڊاڪٽر اجيت جاويد ٻڌايو ته ” جناح صاحب پنهنجي زندگي ۾ ئي قابل تقليد شخصيت بنجي چڪوهو، هو هندستان جي سياست جي ميدان هڪ نمايان پاڻ اڳواڻ ٿي اُڀريو. 16-1915ع ۾ هي تلڪ جي تعاون سان ڪانگريس پارٽي جي اعتدال پسند ۽ انتهاپسند ڌڙن ۾ اتحاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ٻنهي ڄڻن هنڌن ۽ مسلمانن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هو مادر وطن جي آزاديءَ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، ان سلسلي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ لکنوءَ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي تلڪ-جناح پئڪٽ جو نالو ڏنو ويو.“
    جناح بنگال جي ورهاست جي به مخالفت ڪئي هئي، سندس نظر ۾ ان جو مقصد هندن ۽ مسلمانن جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ هو، سندس چوڻ هو ته سرڪارفرقيواريت جي بنياد تي صوبي کي ورهائي، فرقي پرستن جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ ٿي چاهي، هو مسلمانن جي لاءِ ڌار چونڊن جي به خلاف هو، هن لارڊ منٽوءَ کي مخاطب ٿي لکيل ميمو رينڊم تي صحيح ڪئي، جنهن ۾ ڌار چونڊن ( مسلمانن جي لاءِ ) کي منٽو مارلي سڌارن ۾ شامل ڪرڻ جي رٿ جي مخالفت ڪئي ويئي هئي. پر جڏهن سرڪار 1909ع ۾ مسلمان کي اهو خصوصي حق ڏنو ته جناح ان کي بدنيتي سان هندستان جي سياسي زندگي ۾ زهر کي شامل ڪرڻ قرار ڏنو.
    جناح ڪڏهن به مولانا محمد علي جوهر جي هلايل خلافت تحريڪ ۾ گانڌيءَ جيان شامل نه ٿيو هو ، خلافت تحريڪ کان لاتعلق رهيو ۽ گانڌي جي شرڪت کي سُٺو نه سمجهيو ، جناح ليجسلٽو اسيمبلي ۾ ڪڏهن به سرڪار کي سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. برطانوي سرڪار جناح کي پنهنجو طرفدار بنائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، کيس وڏن وڏن عهدن جي لالچ ڏني. پر هن اهي ٿڏي ڇڏيون، کيس هاءِ ڪورٽ جي جج، ايڊوڪيٽ جنرل جا عهدا آڇيا ويا، لارڊ ريڊنگ جناح کي لالچ ڏني ته کيس ڪابينا ۾ قانون وارو وزير ڪري کنيو وڃي، پر جناح انڪار ڪيو ، لارڊ ريڊنگ ٻي ڪوشش ڪئي ۽ کانئس پڇيو ته جيڪڏهن هو چاهي ته کيس ” سر“ جو خطاب ڏنو وڃي، پر جناح جواب ڏنس، ” آئون سر محمد علي جناح بدران مسٽر جناح سڏرائڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“
    هتي اهو ٿو سوال پيدا ٿئي ته وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح، اڳتي هلي مسلم ليگ جي فرقي واراڻي سياست جي ڌارا ۾ ڪيئن شامل ٿيو ۽ هن شدت سان پنهنجي سياسي لائين ڇو تبديل ڪئي، ان جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر اجيت جاويد جو موقف هو ته ” جناح ۾ اها تبديلي ڪو ترت ظهور پذير نه ٿي، پر ان جي پويان ڪانگريس پارٽيءَ جي ڪن اڳواڻن جهڙوڪ، گانڌي ، نهرو ۽ پٽيل وغيرهه جو رويو ۽ پاليسيون هيون، جن جناح صاحب کي ڌڪي الڳ ٿلڳ ڪري بيهاريو“ هاڻ ته اها ڳالهه ڊاڪٽر اجيت جاويد کانسواءِ ڪيترن ئي محققن بحث هيٺ آندي آهي ته جي ڪانگريس پارٽي، گانڌي ۽ نهرو وغيره اندر ئي اندر ٻي سوچ نه رکن ها ته شايد ورهاڱو نه ٿئي ها.
    اُن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اجيت جاويد پنهنجي ڪتاب” وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح “ ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي، جيڪو هاڻ پاڪستان ۾ به ڇپجي چڪو آهي، ڊاڪٽر اجيت جاويد جي ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ جڏهن مون اهو ڪتاب خريد ڪري پڙهيو ته حيران رهجي ويس ۽ ليڪچر دوران چانهه جي وقفي ۾ تاج حيدر جي چيل انهن لفظن سان سهمت ٿيس ته ” جناح صاحب کي سمجهڻ جي لاءِ ڊاڪٽر اجيت جاويد جو ڪتاب ” وطن پرست ۽ سيڪيولر جناح “ هر ڪنهن کي پڙهڻ گهرجي.“


    ڪارل مارڪس جي حياتي

    سائنسي اشتراڪيت جو اصل باني ڪارل مارڪس هو. سوشلزم ۽ ڪارل مارڪس جي حياتي ۽ تعليم منهنجي لاءِ سدائين دلچسپيءَ جو سبب رهي آهي، ان ڪري ڪارل مارڪس جي زندگي، فڪر ۽ مارڪسزم جي حوالي سان ڇپجندڙ ڪتاب پوءِ ڀلي اهي مارڪسزم مٿان ٿيندڙ تنقيد ۽ مخالفت ۾ ڇونه هجن، اهو پڙهڻ ۽ ان منجهان سکڻ ۽ ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، تازو جڏهن مشهور جرمن دانشور ۽ ليکڪ فرانز مهرنگ جي لکيل ڪارل مارڪس جي سوانح، اڙدو ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آئي ته خريدڻ ۽ ترت پڙهڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس ۽ لڳ ڀڳ 670 صفحن جو ڪتاب ڇهن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيم. ڪارل مارڪس جي حياتي ۽ فڪر جي باري ۾ هيستائين منهنجي نظر مان جيڪي ڪتاب گذريا آهن، انهن مان آئون بنا ڪنهن وڌاءُ جي چئي سگهان ٿو ته مون هن ڪتاب کان وڌيڪ ڪو ٻيو سٺو ڪتاب اڄ ڏينهن تائين نه پڙهيو آهي. هونئن به ان ڪتاب جي واکاڻ اڳ ۾ ئي ٻُڌل ۽ پڙهيل هئي.ڏٺو وڃي ته مارڪسزم جا گهڻا پڙهندڙ سنڌي ۽ بلوچ ئي آهن، پر اهڙا اڪثر ڪتاب اردو ترجمن جي ذريعي ئي پڙهن ٿا، سبب اهو آهي ته سنڌي پبلشرن جو اهڙن ڪتابن جي ڇپائي ۽ ترجمن ڏانهن ڌيان ڪونهي، جنهن جو وڏو نقصان هيءُ آهي ته اهڙا ڪتاب اڪثر لاهور مان ڇپجن ٿا ۽ سنڌ ۾ ٿيل اردو ڪتابن جي وڪري جي ڪمائي لاهور هلي وڃي ٿي، جيڪا به هڪ قسم جي پر ماريت آهي. ٻيو ته لاهور جا پبلشر پڙهندڙ جي نفسيات، خاص ڪري سنڌين ۽ بلوچن جي نفسيات کان چڱي طرح واقف آهن، تازو لاهور جي هڪ پلشر ماضيءَ ۾ سوويت يونين جي دور ۾ ماسڪو مان ڇپيل ، مارڪسزم ۽ ليننزم جي تعليم تي ٻڌل پنجاهه ڪتاب ڇپائي ڳري قيمت تي سنڌ جي مارڪيٽ ۾ آندا آهن ۽ خوب ناڻو ڪمائي لاهور کڻي وڃي رهيو آهي. هتي اها ڳالهه به چوندس ته اردو هاڻ مارڪيٽ جي زبان بنيل آهي، پر شايد ئي ڪو اردو دان اردوءَ ۾ ڇپيل اهي ڪتاب خريد ڪندو هجي.
    هن ڪتاب جو ليکڪ فرانر مهرنگ، مارڪس جو همعصر، دوست مداح، پر ڪنهن حد تائين نقاد به هو، هو هڪ روشني عطا ڪندڙ ليکڪ هو ۽ مهرنگ جو هي ڪتاب شخصيت پرستيءَ جي خلاف مارڪس جي جدوجهد جي بهترين اُپٽار آهي، هن اهو ڪتاب اهڙي ته بي رحماڻي ۽ منصفاڻي انداز ۾ لکيو آهي ،جو سڄو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ مارڪس کي ڪڏهن به هڪ مذهبي پيشوا مڃڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندو، پر اهو کيس هڪ اهڙو سائنسدان سمجهندو ، جنهن ڪيترين ئي ميٿالاجيز جي ذريعي گهڻيون ئي سائنسي دريافتون ڪيون ، جن مان ڪجهه ته سرمائيداري نظام جي ختم ٿيڻ سان ئي گم ٿي وينديون ته ڪي وري سدائين رهڻ واريون آهن. فرانز مهرنگ مارڪس ۽ سندس تعليم کي هر ڪنڊ پاسي کان جانچيو آهي ۽ مارڪس جي تخليقي دريافتن سان هر دور ۾ ائين ئي ٿيڻ گهرجي ، نه ته مارڪسزم ” رٽو“ بنجي ويندو ۽ ” رٽو“ عقيدو ته بنجي سگهي ٿو ، پر سائنس ڪڏهن به نٿو بنجي سگهي.
    ڪتاب جو اردو مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري ڪتاب جي ترجمي جي اهميت بيان ڪندي لکي ٿو :” اسان جي خطي ۾ هن ڪتاب جي اهميت هڪ ٻي لحاظ کان به اهم آهي ته هن ڪتاب ۾ آئرلينڊ جي قومي آزادي جي باري ۾ مارڪس ۽ اينگلس جي زبردست حمايت کي مدلل ۽ روان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي . ڪتاب جي ان حصي کي پڙهندي پاڪستان ، هندستان ، افغانستان ۽ ايران ۾ موجود قومي تحريڪن بابت ڪيترائي نظرياتي مامرا پاڻ مرادو نبرجي وڃن ٿا، ڪيترائي نظرياتي ابهام دور ٿي وڃن ٿا ۽ بالادست قومن جي مزدور طبقي جي آزادي گهڻي فطري ۽ جدلياتي انداز ۾ ۾محڪوم قومي تحريڪن جي ڪاميابي سان مشروط ٿي وڃي ٿي.“ مهرنگ مارڪس جو همعصر هو، تنهنڪري سندس هيءَ لکڻي رڳو مارڪس جي سوانح حيات يا ڪميونزم جي تاريخ نه آهي، نه ئي وري هن کي فلسفي جي تاريخ تائين محدود ڪري سگهجي ٿو، پر هيءَ ڪتاب مارڪس جي زندگي جي گهڻ پهلو ئي مجموعي جو تفصيل ، دراصل سماجي ۽ قدرتي سائنس جي مجموعي جا تفصيل آهن، دراصل هي ڪتاب فرانز مهرنگ جي محنت جو معراج آهي، هيءَ سوانح عمري سڀ کان پهرين ملٽري سنسر شپ جي رنڊڪن ۽ رڪاوٽن جي باوجود 1918 ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڇپي ۽ پوءِ ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا ۽ هزارن جي تعداد ۾ وڪرو ٿيو، ڪتاب جو انگريزي ڇاپو 1935ع ۾ ڇپيو.
    فرانز مهرنگ هن ڪتاب ۾ هر هنڌ، ور ور ڪري، لفظن جي بدل سدل سان اها ڳالهه چوي ٿو ته مارڪس۽ اينگلس غلطيون ڪري سگهن ٿا ۽ هنن اڪثر غلطيون ڪيون به، پر هنن غلطيون ڪرڻ کان پوءِ انهن جي بچاءُ ۾ اجايا سجايا دليل ڏيڻ جي بدران اهي جلدئي وڏي واڪي مڃيون ۽ انهن کي ٻيهر نه ورجائڻ لاءِ سخت محنت به ڪندا هئا ۽ انهن تي نظر ثاني ڪري اڳتي وڌندا هئا، ڪتاب ۾ ڪن هنڌن تي ته هو ” لاسال“ جي ڀيٽ ۾ مارڪس کي غلط به ٻُڌائي ٿو، پر اسان ٽين دنيا جي ماڻهن کي گهڻو تڻو خود پنهنجي انقلابي تحريڪ ۾ رهنمائيءَ جي لاءِ مارڪس جي گهرج پوي ٿي ، اسان کي ان ڪتابي بحث سان ڪابه دلچسپي ڪونهي، اسين ته ” لاسال“ کي به مارڪس جي حوالي سان ئي سڃاڻون ٿا، مٿين بحث جي ڪري ڪتاب ڪٿي ڪٿي ڳرو به بنجي وڃي ٿو.
    مارڪسزم هڪ اهڙو نظريو آهي، جنهن نه رڳو دنيا جي وڏي حصي کي متاثر ڪيو، پر ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ دنيا جي وڏي حصي تي مارڪس جا معاشي نظريا لاڳو به رهيا، جيتوڻيڪ گذريل صديءَ جي آخر ۾ ” سوويت بلاڪ“ جي خاتمي سان اهو وقتي طور تي ناڪام ٿيندي نظر آيو، پر سرمائيداري دنيا جي بڇڙاين ۽ پرماريت سبب هڪ ڀيرو ٻيهر مارڪسزم جي حوالي سان نوان بحث ٿي رهيا آهن ۽ مارڪس جي پيش ڪيل معاشي نظام جي اهميت وڌي رهي آهي ۽ مارڪس هڪ اهڙو شخص هو، جنهن جي سندس زندگي توڙي وفات کانپوءِ ، مخالفت جاري رهي ، جنهن جو ذڪر ڪندي مهرنگ لکي ٿو ” مارڪس پنهنجي دور جو سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪيل ۽ سڀ کان وڌيڪ الزامن هيٺ آيل شخص هو، جنهن کي حڪومتون ، جمهوري توڙي مطلق العنان ، ٻئي جلاوطن به ڪنديون رهيون ته سندسن خلاف بدخواهيءَ جي مهم به هلائينديون رهيون، پر مارڪس هڪ عظيم انقلابي هو ۽ هن جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد سرمائيداري نظام جو تختو اونڌو ڪرڻ هو، ان لاءِ هو هڪ جذبي، اٽل ارادي ۽ ڪاميابيءَ سان وڙهيو، جيڪا ڳالهه رڳو ڪجهه ماڻهن جي ڀاڳ ۾ آئي، هو هن جو نالو صدين تائين ڳائبو رهبو ته هن جو ڪم به ”
    منهنجي خيال ۾ مارڪس جي حياتي تي لکيل هي ڪتاب جنهن نه پڙهيو ، اهو نه رڳو هڪ سٺي ڪتاب پڙهڻ کان محروم رهيو، پر هو مارڪس جي حياتي ۽ تعليم کان پڻ ڄڻ اڻ واقف رهيو.


      مٿي ۾ ويٺل ڪتابن جو ڀوت

    اسان جهڙن ليکڪن لاءِ موضوع تلاش ڪندي، ڦري گهري وري ڪتابن جا موضوع ئي ذڪر جو سبب بڻجن ٿا. ڪتاب پڙهڻ، ڪتاب گهرن ۾ وقت گذارڻ، ڪتابن جون ڳالهيون ڪرڻ ۽ پڙهيل ڪتابن بابت هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ سان جيڪا خوشي ملي ٿي، تهڙي خوشي ڪنهن ٻي شئي جي ذڪر سان نٿي ملي، منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته وقت به وقت پڙهيل ڪتابن بابت پڙهندڙ دوستن سان پنهنجن خيالن جي ڏي وٺ ڪندو رهان، ائين سمجهو ته ڪتابن جو ذڪر ٿو ڪريان ته پڙهندڙن سان پنهنجي خوشي ٿو شيئر ڪريان.
    تازو ڊاڪٽر جعفر احمد پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڪراچي پاران ڇپيل ڪتابن جو هڪ وڏو پئڪيٽ مهرباني ڪري منهنجي لاءِ حيدرآباد کڻي آيو، انهن ۾ هڪ اهڙو ڪتاب به هو جنهن جي مونکي گهڻي ڳولا هئي، ڪتاب جو نالو آهي، ”ڊاڪٽر فيروز احمد ڪي مضامين“. جيڪو ڊاڪٽر جعفر احمد ئي ترتيب ڏنو آهي، ڪتاب ڇا آهي، هڪ خزانو آهي، ان ڪتاب تي ڌار مضمون لکندس ۽ سياست جي شاگردن لاءِ اهو ادبي ڪارائتو ۽ معلوماتي ڪتاب آهي. ان کان سواءِ ٻيا ٻه ڪتاب جيڪي منهنجي اڳيان آهن، اهي شري رام جو هراڻي مهرباني ڪري هندستان مان ٽي سي ايس ڪري موڪليا، جن مان هڪ جو نالو ”سنڌي سرويچ“ آهي، جيڪو سنڌ ۾ به ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”رام پنجواڻي: فن ۽ شخصيت“ آهي. شري رام پنجواڻي هندستان ۾ وڏو سنڌي ڪلاڪار هو، جنهن جون سنڌي موسيقي، ڪهاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ اهم خدمتون رهيون آهي، رام پنجواڻي سنڌي ليجنڊري ڪردارن مان هڪ هو.
    جنرل (ر) عبدالمجيد ملڪ جي ”آتم ڪهاڻي“ ”هم بهي وهان موجود ٿي“ به هڪ دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور ڪتاب آهي، جنرل مجيد ملڪ اهو جنرل آهي، جنهن کي باءِ پاس ڪري ذوالفقار علي ڀٽي، جنرل ضياءَ الحق کي آرمي چيف مقرر ڪيو هو، بقول جنرل مجيد ملڪ ته ذوالفقار علي ڀٽي کيس آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو اشارو به ڪيو هو، پر پوءِ الائي ڪهڙن سببن جي ڪري، سندس بدران جنرل ضياءَ الحق کي آرمي چيف مقرر ڪيو، جنهن هڪ سال کان پوءِ نه رڳو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، پر کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏئي ڇڏي. شايد اهو قدرت جو فلسفو هو ۽ ائين ئي ٿيڻون هو، پر جيڪڏهن اهو سوچجي ته جيڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ضياءَ الحق جي بدران، جنرل مجيد ملڪ کي آرمي چيف مقرر ڪري ها ته....؟ بهرحال مفروضن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جنرل ضياءَ الحق جي بدران جنرل ملڪ آرمي چيف ٿئي ها ته نه ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ها ۽ نه ئي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي اچي ها.
    ڪتاب ۾ جنرل مجيد ملڪ ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن، لکي ٿو ته جڏهن نواز شريف ۽ صدر غلام اسحاق خان جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ جنرل وحيد ڪاڪڙ ٽياڪڙي ڪرائي ٻنهي جي ملاقات ڪرائي ته صدر اسحاق نواز شريف کي چيو ته تون استعيفيٰ ڏي ته بهتر، ته نواز شريف چيس: منهنجا ته اڃا ٽي سال پيا آهن... تون ئي استعيفيٰ ڏي. نواز شريف جي ضد جي نتيجي ۾ پوءِ ٻنهي کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ نين چونڊن لاءِ معين قريشي وزير اعظم ۽ وسيم سجاد قائم مقام صدر ٿيو. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو ٻيو ڀيرو وزير اعظم ٿي، جنرل مجيد ملڪ لکي ٿو ته صدر اسحاق کي اهو يقين هو ته بينظير ڀٽو کيس صدر نامزد ڪندي جو هن ئي نواز شريف کي هٽائي بينظير ڀٽو جي لاءِ ٻيهر وزير اعظم ٿيڻ جي راهه هموار ڪئي، پر جڏهن صدارتي چونڊون ٿيون ته بينظير ڀٽو، غلام اسحاق خان جي بدران پنهنجي پارٽي جي سيڪريٽري سردار فاروق احمد لغاري کي صدر نامزد ڪيو ۽ چونڊرايو، اها به تاريخ جي ستم ظريفي آهي ته بينظير ڀٽو جي ئي چونڊرايل صدر فاروق لغاريءَ، بينظير ڀٽو کي گهر ڀيڙو ڪيو.
    هن ڪتاب ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ مشرقي پاڪستان (بنگلاديش) جي حوالي سان لکي ٿو ته: مشرقي پاڪستان جي عليحدگيءَ ۾ مغربي پاڪستان جي ماڻهن جو گهڻو ڏوهه آهي، ان سلسلي ۾ مغربي پاڪستان جي آفيسر شاهيءَ جي احساس برتريءَ ۽ بالادستي جي حوالي سان هڪ مثال بيان ڪندي لکي ٿو ته: مشرقي پاڪستان جو چيف سيڪريٽري عزيز احمد (جيڪو پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جو وزير خارجه به ٿيو هو) جي گهر پويان هڪ بنگالي وزير جو گهر هو، جنهن جا گهر ڀاتي ڪپڙا ڌوئي گهر جي تارن تي سڪڻ جي لاءِ وجهندا هئا، جيڪا ڳالهه چيف سيڪريٽري صاحب کي ناگوار گذري ۽ هن سختي سان مقامي وزير جي گهر حڪم پهچايو ته منهنجي گهر جي پويان لانڊري نه لڙڪائي وڃي.
    جنرل مجيد ملڪ ڪارگل آپريشن جي حوالي سان لکي ٿو ته جنرل پرويز مشرف بيجنگ جي هڪ هوٽل مان فون ڪري چيف آف اسٽاف جنرل عزيز سان هڪ ڊگهي گفتگو ڪئي، جيڪا انڊيا جي ايجنسين ٽيپ ڪري ورتي، جيڪا پوءِ هنن نشر ڪئي، هو لکي ٿو ته مشرف جو اهو قدم ۽ بي احتياطي ناقابل معافي جرم هو، جنهن سان هندستاني سڌ سماءَ جي ذريعن کي دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ته ڪارگل جي واقعي ۾ پاڪستاني فوج ملوث آهي، جڏهن ته پاڪستان جو اهو موقف هو ته ان واقعي ۾ پاڪ فوج نه پر ڪشميري مجاهد ملوث آهن. پرويز مشرف کي آرمي چيف بڻائڻ جي حوالي سان جنرل ملڪ لکي ٿو ته اهو نواز شريف ۽ سندس ڪجهه دوستن جو فيصلو هو ۽ جنرل مشرف کي آرمي چيف بڻائڻ جي سلسلي ۾ سندس فوجي مهارت کان وڌيڪ اهو پاسو وڌيڪ نظر ۾ رکيو ويو ته جيئن ته هي همراهه مهاجر آهي ۽ ان جو ڪو به حلقو ڪونهي، تنهنڪري کائنس حڪومت کي ڪنهن قسم جي مزاحمت يا مخالفت کي منهن ڏيڻو نه پوندو. جنرل ملڪ لکي ٿو ته سڀني اهم ۽ وڏن فيصلن ۾ وزير اعظم نواز شريف پنهنجي والد ميان محمد شريف کان ضرور منظوري وٺندو هو، پڪ سان اُن ۾ به کيس پنهنجي پيءَ جي آشيرواد حاصل هوندي.
    ڪتاب ۾ مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي حوالي سان به اها ڳالهه لکيل آهي ته مهراڻ بئنڪ جي صدر يونس حبيب جي ذريعي 1990ع جي چونڊن لاءِ 14 ڪروڙ رپيا جنرل اسلم بيگ کي ڏنا ويا، جيڪي هڪ ڳجهي اداري ذريعي مختلف اميدوارن ۾ ورهايا ويا، اها رقم مبينا طور تي جنرل حميد گل جي ذريعي سياسي قيادت ۾ ورهائي وئي. بعد ۾ ڊائريڪٽر جنرل اسد دراني عدالت ۾ هڪ حلفي بيان ڏنو، جنهن ۾ رقم جي منتقلي ۽ ورهاست جي تصديق به ڪئي وئي، جنرل مجيد ملڪ اهو به لکي ٿو ته آئي جي آئي ڪجهه رقم منهنجي هٿان منهنجي هڪ دوست حاجي گل شير خان کي موڪلي، جيڪو فاٽا مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هو. هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي سلسلي ۾ اصغر خان جي پٽيشن اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ موجود آهي، جنرل ملڪ لکي ٿو ته: اها ڳالهه رڪارڊ تي رهڻ گهرجي ته اسلامي جمهوري اتحاد (آءِ جي آءِ) کي ٺاهڻ ۾ جنرل (ر) حميد گل جو بنيادي ڪردار هو.
    ڪتاب ۾ جنرل مجيد ملڪ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن، جنهن جو هو اکين ڏٺو شاهد هو. هلندي هلندي ٻن ٻين ڪتابن جو ذڪر به ٿي وڃي، انهن مان هڪ ڪتاب ڊاڪٽر لال خان جو چين جي باري ۾ لکيل ڪتاب ”چين ڪدهر؟“ آهي ۽ ٻيو ”سنڌو جون سلطنتون.“ چين ڪدهر جي 26 اپريل 2015ع تي حيدرآباد ۾ مهورتي تقريب به ٿي، جنهن ۾ ڪتاب تي ۽ چين جي باري ۾ ڏاڍو سٺو بحث مباحثو ٿيو، چين جي تيز رفتار معاشي ترقي جي پويان ڪهڙا سبب آهن، لال خان جي چوڻ موجب: ”هاڻ ته اها ڳالهه کليل طور تي پڌري ٿي چڪي آهي ته ”ڪميونسٽ پارٽي“ نه ته ڪميونسٽ آهي ۽ نه ئي ڪا پارٽي، پر اها هڪ رجعتي اشرافيا آهي، جنهن جو مقصد ڄورن جيان چين جي پورهيتن جو رت چوسڻ آهي.“ مونکي اهو ڪتاب پڙهي ڪجهه سال اڳ ”ازابيل هلٽن“ جو مضمون ”ميڊ اِن چائنا“ ياد اچي ويو، جنهن ۾ هن چين جي معاشي ترقي جي پويان چيني انتظاميا جي پرماري روپ ۽ پورهيتن جي بدحاليءَ جو نقشو چٽيو آهي، هن وقت چين دنيا ۾ آمريڪا کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي معيشت آهي ۽ مستقبل جي چين جي حوالي سان وڏيون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ ’برڪس بئنڪ‘ جنهن ۾ برازيل، روس، هندستان، چين ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن، مستقبل ۾ هڪ نئين بلاڪ جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا، اڄوڪي چين کي سمجهڻ لاءِ لال خان جو هي ڪتاب ڪافي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
    هڪ ٻي ڪتاب جنهن منهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو، اهو ’ايلائيس البينيا‘ جو ڪتاب ”سنڌو جون سلطنتون“ آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو مظفر بخاري ڪيو آهي، اهو ڪتاب مونکي منهنجي هڪ دوست مبين چنا پڙهڻ جي لاءِ چيو، انگريزي ۾ ڪتاب جو نالو ”ايمپائرز آف انڊس“ آهي، هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل آهي، ۽ هن ۾ سنڌو تهذيب جي حوالي سان به ڪيترن ئي اهم نقطن تي بحث ڪيو ويو آهي، مونکي هن ڪتاب ۾ ته ائين دلچسپي وڌي جو هن ۾ منهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي درگاهه جهوڪ شريف جو ذڪر ۽ منهنجي ڪيترن دوستن جو پڻ ذڪر موجود آهي، آئون هن ڪتاب تي ان ڪري به وڌيڪ نٿو لکان جو چاهيان ٿو ته منهنجو هي ڪالم پڙهندڙ ۽ ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ دوست هي ڪتاب ضرور پنهنجي مطالعي ۾ آڻين.
    آئون هي جو ڪتاب جون ڳالهيون ٿو لکان، ان جو هڪ سبب ته مٿي بيان ڪيو اٿم ته ان سان مونکي خوشي ٿي ملي، ٻيو اهو ته اسان جا اڪثر اديب دوست ڪتاب گهرن تي نٿا وڃن، مون ڪافي اهڙن اديب دوستن کي ڏٺو آهي، جن کي ٻي ته هر شئي جي خريداري سان دلچسپي آهي، سندن گاڏين ۾ بوٽن کان وٺي خريد ڪيل مشروبات تائين جون ٿيلهيون ملنديون، پر ڪو ڪتاب نه، تنهن ڪري ڪتابن جون ڳالهيون لکي اهڙن دوستن کي اڪثر اهو ياد ڏياريندو آهيان ته: ”کين بوٽ هائوسز تي وڃڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب گهرن ڏانهن به مُنهن ڪرڻ گهرجي.“


      سيد مظهر جميل، پير حسام الدين راشدي ۽ ذڪرِ فيض

    سال 2011ع، فيض احمد فيض جي جنم جي سؤ ساله جشن طور ملهايو ويو، پاڪستان سميت، هندستان ۽ سڄي دنيا ۾ فيض جي حوالي سان تقريبون ڪوٺايون ويون. سندس ياد ۾ پروگرام ڪيا ويا، مذاڪرا ۽ مشاعره منعقد ڪيا ويا، سندس شخصيت، فن ۽ فڪر تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا، جن جو تعداد هڪ سؤ کان به وڌيڪ آهي، فيض احمد فيض جي ڪتابن جا نوان نوان ايڊيشن ڇپيا ويا ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران فيض جي لکيل سڀني نثري ڪتابن ۽ مٿس لکيل ڪجهه ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايا ويا، پر اهي ترجما ايڏي سٺي معيار جا نه آهن، انهن جو سبب هي به آهي ته انهن ڪتابن جي ترجمي جو ٺيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر کي ڏنو ويو، اهو نه شاعر آهي ۽ نه اديب، ٻيو ته ڪجهه حلقن پاران اهي سرٻاٽ به ٻڌڻ ۾ آيا هئا ته مذڪوره پروفيسر انهن ڪتابن جا مختلف باب پنهنجن شاگردن کان ترجمو ڪرايا هئا ۽ پوءِ نوڪ پلڪ درست ڪري پنهنجي نالي ڇپرائي نالو به ڪمايو، ته ناڻون به. فيض جي چونڊ شاعريءَ جو سنڌي ترجمو امداد حسينيءَ کان ڪرايو ويو. فيض احمد فيض انٽرنيشنل سؤ ساله يادگار ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري راحت سعيد چواڻي، ”سڄي دنيا ۾ فيض احمد فيض جي حوالي سان 220 کان به وڌيڪ پروگرام ڪيا ويا، جن ۾ ماسڪو، دهلي، لنڊن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ پروگرام ٿيا.“ اهڙي ئي هڪ پروگرام ۾ راحت سعيد جي مهربانيءَ سان مونکي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي دهلي وڃڻ جو موقعو مليو. سنڌ ۾، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران به حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هڪ ياد پروگرام ڪيو ويو.
    2011ع سنڌ جي هڪ هاڪاري عالم، اديب ۽ محقق مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جي جنم کي پڻ سؤ سال پورا ٿيڻ جو سال هو، پر بدقسمتيءَ سان پير حسام الدين راشدي کي سنڌ ۾ ڪو راحت سعيد ملي نه سگهيو، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پير صاحب جي مداحن ۽ شاگردن جو هڪ وڏو حلقو موجود آهي. ثقافت کاتي کي به پير حسام الدين راشدي ياد نه رهيو ۽ اهو سڄو سال ماٺ مٺيءَ ۾ گذري ويو، نه ڪو جشن ملهايو ويو ۽ نه ئي وري ڪي مٿس پروگرام يا سيمينار ڪوٺايا ويا، نه ڪي مٿس ڪتاب لکرايا ويا ۽ نه ئي سندس ڪتابن جا نوان ڇاپا ڇپيا ويا، ڏيئي وٺي، سنڌي ادبي بورڊ پاران واٺ ٺڪاڻيءَ طور، هڪ اردو عالم جي ڪتاب جو امام راشدي پاران ڪيل ترجمو ڇپرايو ويو ۽ بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽريءَ جي اڳواڻي ۾ اديبن جي هڪ مختصر وفد مڪلي وڃي پير صاحب جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي، خبر ناهي ان کي بي حسي چئجي، اڻ ڄاڻائي، لاپرواهي چئجي يا ذهني غلامي يا اڃا ٻيو ڪجهه!
    فيض احمد فيض جي جنم جي سؤ ساله جشن جي حوالي سان جيڪي ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن، انهن ۾ سيد مظهر جميل جو لکيل ڪتاب ”ذڪر فيض“ به شامل آهي، اهو ڪتاب فيض احمد فيض جي سوانح عمري آهي، جنهن ۾ فيض احمد جي جنم کان وٺي وفات تائين سندس زندگي، سرگرمين، فن ۽ فڪر جو احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ليکڪ ڪتاب تي جيڪا محنت ڪئي آهي، ان تي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.
    سيد مظهر جميل اردو ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ۽ محقق آهي. سندس جنم 9 مارچ 1936ع ۾ ناگپور (هندستان) ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم ناگپور ۽ حيدرآباد دکن ۾ حاصل ڪيائين. هو 1949ع ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ پاڪستان هليو آيو ۽ 1950ع ۾ سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ وڪالت جي شروعات به 1963ع ۾ سکر ۾ ئي ڪيائين. پوءِ 1973ع ۾ ڪراچيءَ هليو آيو ۽ يونائيٽڊ بئنڪ ۾ لا-آفيسر جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. جتان 1996ع ۾ چيف لا-آفيسر ۽ ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين، تنهن بعد ٻيهر وڪالت شروع ڪيائين.
    ”ذڪر فيض“ سيد مظهر جميل جو ڪو پهريون ڪتاب ڪونهي، سندس ادبي ۽ تحقيقي ڪم جو دائرو تمام وسيع آهي، سندس پهريون ڪتاب ”گفتگو“ 1986ع ۾ ڇپيو، جيڪو شاعرن، اديبن ۽ دانشورن کان ورتل انٽرويوز تي مشتمل آهي. سندس سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي حوالن سان لکيل اردو ڪهاڻين ۽ ناولن جو تنقيدي اڀياس ”آشوب سنده اور اردو فڪشن“2002ع ۾ منظرعام تي آيو. سيد مظهر جميل جو سنڌ جي تهذيب، سماج، تاريخ ۽ سياست جي جامع اڀياس تي ٻڌل ڪتاب ”جديد سنڌي ادب، ميلانات، رجحانات ۽ اُمڪانات“ 2004ع ۾ ڇپيو، سنڌي ادب تي سندس لکيل اهو ضخيم ڪتاب جنهن محنت، تحقيقي ۽ محبت سان لکيو ويو آهي، اهڙو ڪم (معذرت سان) وڏي فنڊنگ هئڻ جي باوجود به ڪوبه سنڌي ادارو، جهڙوڪ: سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي لئنگويج اٿارٽي به ڪرائي نه سگهيا آهن ۽ نه ئي وري سنڌي ٻولي جو ڪو محقق اهڙو ڪم ڪري سگهيو آهي، سنڌي ادب تي سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌي زبان و ادب ڪي مختصر تاريخ“ 2008ع ۾ مقتدره قومي زبان اسلام آباد پاران ڇپرايو ويو. ترقي پسند تحريڪ جي وڏي نالي ۽ اديب سيد سجاد ظهير تي سندس لکيل ڪتاب ”انگاري سي پگهلا نيلم تڪ: نئي گوشي، نئي تناظر“ 2005ع ۾ ڇپيو. نامياري دانشور ۽ وڏي انسان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تي سندس تحقيقي ۽ سوانحي ڪتاب ”سوڀو گيانچنداڻي، فن ۽ شخصيت“ 2006ع ۾ اڪادمي ادبيات پاران منظر عام تي آيو. تنهن کانسواءِ محترم محمد ابراهيم جويي جي شخصيت ۽ زندگيءَ جي باري ۾ سندس ڪتاب ”ايڪ صدي ڪي آواز: محمد ابراهيم جويو“ 2012ع ۾ ڇپيو. سيد مظهر جميل سنڌي ادب لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ان لاءِ کيس سلام ڪرڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي.

    ”ذڪر فيض“ ضخامت جي لحاظ کان 1080 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ترتيب جي لحاظ کان ڪتاب ٽوٽل 32 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، اُن حوالي سان مهاڳ ۾ افتخار عارف لکي ٿو، ”ڪتاب ۾ فيض احمد فيض جي وڏڙن، سندس ننڍپڻ، جواني، انقلاب پسنديءَ جي شروعاتي حوالن کان وٺي سندس ادبي، معاشي، ۽ نجي زندگيءَ تائين ۽ تنهن کانسواءِ سندس تخليقي دورن، سندس قيد جي ڏينهن، قيد مان آزادي کانپوءِ جي زندگيءَ جي معاملن، سندس پرڏيهي سفرن، ملڪ جي ثقافتي ۽ سياسي منظرنامي ۾ سندس دلچسپي ۽ شرڪت تائين جو احوال هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ جنهن طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي، اهو يقينن فيض صاحب جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪارائتيون ۽ بي حد اهم ڳالهيون ٻُڌائي ٿو، پر ان سان گڏ وطن عزيز جي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ کي به هڪ ڌار زاويي سان ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اُن جي وسيلي اسان جو اکيون ۽ اسان جي دل ڪيترن ئي اهم منظرن جي هڪ ڀيرو ٻيهر شاهد بنجي وڃي ٿي، جيڪي دل ڀَڄائيندڙ به آهن ته اندوهناڪ به، انهن ۾ اوڀر پاڪستان جو الميو به آهي ته عالمي جارحيت ۽ فلسطين جي پائمالي ۽ ويچارپ به. پر اها ڳالهه بيحد واکاڻ جوڳي آهي ته سيد مظهر جميل انهن سڀني منظرن ۽ نازڪ موڙن کي هڪ ديانتدار، محقق ۽ ذميدار اديب معروضيت ۽ استقامت سان پار ڪيو آهي.“
    ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون به رڪارڊ تي آنديون ويون آهن، انهن مان هڪ فيض احمد فيض جي جنرل ضياالحق سان ملاقات جو واقعو به شامل آهي، جيڪو پڙهندڙن جي دلچسپي جي لاءِ هتي نقل ڪريان ٿو:
    ”جوش جي وفات واري ڏينهن فيض احمد فيض اسلام آباد ۾ موجود هو ۽ ان جي تدفين ۾ پڻ شرڪت ڪيائين. اُن ڏينهن جي ساروڻين کي ساريندي ڊاڪٽر آفتاب احمد لکيو آهي ته مونکي جڏهن جوش جي وفات جي خبر آفيس ۾ ملي ته مون هڪدم فيض کي فون ڪئي ۽ پوءِ وٽس هليو ويس، ان ڏينهن شام جو فيض کي مانيءَ جي دعوت تي اسان وٽ اچڻون هو، هن مونکي ٻڌايو ته اُن کان اڳ کيس چانهه تي جنرل ضياالحق سان ملڻون آهي، مون پُڇيس ته اهو ڪيئن ٿيو؟ ته چوڻ لڳو ارباب نياز ملاقات جو وقت طئه ڪرائڻ کانپوءِ مونکي اطلاع ڏنو آهي، ڪرنل ارباب نياز، فيض جو پنڊي سازش ڪيس جو سزا کاڌل ساٿي هو ۽ انهن ڏينهن جنرل ضياالحق جي ڪابينا جو هڪ وزير هو، مون جڏهن اهو ٻُڌو ته منهنجي وات مان بي اختيار نڪتو. ”فيض ڀائي! اُن تي اوهان جي دوستن کي اعتراض هوندو ۽ هو ان سلسلي ۾ ڳالهيون ٺاهيندا.“ ته چوڻ لڳو، ”ڀئي! آئون ڇا ڪريان، ارباب نياز اسان جو دوست آهي ۽ ان جو زور آهي.“ آئون ان جواب تي ماٺ ٿي ويس. ماني جي وقت کان اڳ ئي فيض اسان جي گهر پهچي ويو، مون کانئس ملاقات جي باري ۾ پڇيو ته وراڻيائين بس اڌ ڪلاڪ جي ملاقات هئي، اسان چانهه پيتي ۽ اجازت گهري، ڳالهه جاري رکندي چوڻ لڳو، مون شروع ۾ (ضيا کي) چيو، ”اوهين اردو جا وڏا حامي آهيو ۽ ان جي وڏي دعويٰ به ڪندا آهيو، اڄ اردو جو هڪ وڏو شاعر گذاري ويو آهي، پر ان جي جنازي ۾ اوهان جو ڪو به نمائندو يا ذاتي اسٽاف جو ڪو ماڻهو موجود نه هو.“ جنرل ضياالحق وراڻيو، ”هائو، اها ڪوتاهي ٿي وئي، مون پيغام ته ڏئي ڇڏيو آهي، اوهين ٺيڪ ٿا چئو. ڪنهن کي وڃڻ گهرجي ها“. ان کانپوءِ هن اها ڳالهه ڇيڙي ته ”اوهين ٻاهر ڇو ٿا رهو، وطن واپس اچو ۽ هتي ئي رهو.“ مون چيو، ”آئون ته وطن ۾ ئي رهڻ ٿو چاهيان، پر ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن کان ٽوڪيو ويندي ڪراچيءَ مان گذري رهيو هوس ته مونکي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو، وڏين ڪوششن ۽ وزير داخلا جي مداخلت کانپوءِ ئي سفر جاري رکڻ جي موڪل مليم“. جنرل ضيا وراڻيو.“ مون کي ان جي باري ۾ خبر ڪونهي، اها وڏي افسوس جي ڳالهه آهي، ائين هرگز نه ٿيڻ گهرجي ها.“ ان تي فيض ٻڌايس ته ”مونکي مختلف ملڪن مان دعوتون اينديون رهنديون آهن، آئون پنهنجي وطن ۾ ئي رهڻ چاهيندس، پر منهنجي سفر تي ڪا پابندي نه هئڻ گهرجي.“ ان سلسلي ۾ جنرل ضياالحق يقين ڏياريو، فيض چيو ته ان کانپوءِ مون وٽ چوڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ نه ئي وري وٽس. ايتري ۾ چانهه جي پيالي به ختم ٿي وئي ۽ اسان کانئس موڪل گهري.“
    ڪتاب ۾ ايفرو ايشيائي اديبن جي تنظيم جي ٺهڻ، ان ۾ فيض جي ڪردار ۽ انهي جي ڪانفرنس جو احوال، دنيا جي نالي وارن اديبن پابلو نرودا، ناظم حڪمت، زان پال سارتر ۽ ٻين اديبن سان ملاقاتن، فيض جي پرڏيهي سفرن، ذوالفقار علي ڀٽي سان دوستي ۽ ساڻس گڏ بنگلاديش جي دوري، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي ثقافتي صلاحڪار طور مقرري، بين الاقوامي لينن پيس پرائز جي ملڻ، ايفرو ايشيائي تنظيم جي رسالي ”لوٽس“ جي ادارت ۽ ان سلسلي ۾ بيروت ۾ رهائش، ياسر عرفات سان ملاقات، بيروت ۾ اسرائيلي بمباري ۽ اتان نڪرڻ ۽ ان بمباري ۾ فيض جي گهر ۾ آفيس جي تباهي وغيره جي باري ۾ احوال ڏنو ويو آهي.
    ڪتاب جي آخر ۾ مختصر سوانحي ڪوائف طور سال وار جنم کان وٺي 21 نومبر 1984ع يعني فيض جي وفات تائين جو ترتيب وار وچور ڏنو ويو آهي، ڪتاب کي فيض احمد فيض جي ڪيترين ئي يادگار تصويرن سان پڻ سينگاريو ويو آهي، ان کانسواءِ فيض احمد فيض تي لکيل ڪتابن جو به جابجا احوال ڏنو ويو آهي.
    ڪتاب جي لکڻ جي مقصد جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سيد مظهر جميل لکي ٿو. ”فيض پنهنجي ذات ۽ صفات جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي لاءِ سڃاڻپ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو هو، فلسطين جي جنگ آزادي ۽ معرڪه ڪرب و بلا ۾ فيض جي بيروت ۾ موجودگي ان ڳالهه جي شاهد هئي ته قومي سطح تي اسان جون دليون به فلسطيني حريت پسند سان ڌڙڪن ٿيون، ايفرو ايشيائي اديبن جي تحريڪ ۾ عملي شرڪت، سندس ڪردار جي هڪ خاص پهلوءَ جي نشاندهي ٿي ڪري. جڏهن ته دنيا جي مختلف ثقافتن جي وچ ۾ گڏيل گُڻن جي ڳولا، بنيادي انساني قدرن تي سندس اعتبار کي اجاگر ٿي ڪري. هن ڪتاب ۾، فيض جي زندگيءَ جي گهٽ وڌ انهن ئي پهلوئن ۽ رنگن کي جنهن حد تائين ممڪن ٿي سگهيو آهي، پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سندس شاعري جو تنقيدي جائزو هن ڪتاب جي حدن ۾ شامل ڪونهي، پر انهن تخليقن جي سوانحي پهلوئن کي ضرور نظر ۾ رکيو ويو آهي.“
    سيد مظهر جميل جو هي ڪتاب ”ذڪر فيض“، فيض شناسيءَ جي حوالي سان اهم ڪتاب آهي ۽ فيض جي شخصيت ۽ شاعري مان دلچسپيءَ رکندڙن جي مطالعي وٽان آهي.


      آمريت جي خلاف جدوجهد ۽ لبيا

    جيڪو وقت گذري وڃي ٿو ۽ اُن گذريل وقت ۾ جيڪو وهي واپري ٿو، اهو تاريخ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ، پاڪستان جي ماضي قريب جي تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ذهنن تان هوريان هوريان ميساربا پيا وڃن، پر جڏهن به انهن جي باري ۾ ڪٿي ڪو ذڪر نڪري ٿو ته ذهنن ۾ انهن جي باري ۾ سوال پيدا ٿين ٿا ۽خواهش ڪر کڻي ٿي ته انهن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪجي.
    5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ الحق، ذالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪئي ويئي، پاڪستان جي تاريخ جي اها بدترين مارشلا هئي، جنهن نه رڳو پاڪستان جي ايندڙ وقت، سياست ۽ سماج تي وڏا اثر ڇڏيا، پر اڄڪلهه جيڪا بنياد پرستي، دهشتگردي، هيروئن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ڪرپشن جا داستان در داستان آهن، انهن جا ڇيڙا ۽ سرا ڦري گهري وڃي ان مارشلا جي بنيادن تائين پهچن ٿا.
    جمهوري حڪومت جي خاتمي ۽ ذالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائي ويئي، جيڪا ايم_َآر_ڊي جي پليٽ فارم تان هلي، ٻي طرف شهيد ذالفقار علي ڀٽي جي فرزندن شهيد مرتضيٰ ڀٽي ۽ شهيد شاهنواز وري ٻيو رستو اختيار ڪيو. هنن ”الذوالفقار“ جو بنياد رکي، جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس ساٿارين کي رستي تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي. ان سلسلي ۾ الذوالفقار جي نالي ۾ ڪجهه ڪاروايون به عمل ۾ آيون. خاص ڪري پي _آءِ_ اي جي جهاز جو اغوا ، چوڌري ظهور الاهي ۽ ڀوپاليءَ جو قتل، لاهور مان ضياءَ الحق جي جهاز تي سام ميزائيل جو حملو وغيرهه قابل ذڪر واقعا آهن. الذوالفقار کانسواءِ ”لبيا سازش ڪيس “ جو ذڪر به ٿيندو رهيو.
    ”الذولفقار“ جي حوالي سان ”راجه انور“ جو ڪتاب ”دهشتگرد شهزادو“ جيڪو انگريزي ۾ ”ٽيررسٽ پرنس“ جي نالي سان ڇپيو هو، ڪافي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾ الذولفقار ۽ ان جي ڪارواين جي حوالي سان ڪيترن ئي واقعن تان پردو کنيو ويو آهي، الذوالفقار جي موضوع تي هڪ ٻي سياسي ڪارڪن ” آصف بٽ ايدوڪيٽ “ جو ڪتاب ”ڪيئي سوليان سر راهه تهين “ به ڪافي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.ان ڪتاب ۾ پڻ ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا آهن، ان ڪتاب ۾ راجه انور جي ڪتاب دهشتگرد شهزادو جي ڪيترن ڳالهين کي پنهنجي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي.
    ان موضوع تي ٽيون ڪتاب طارق خورشيد جو ”سوئي دار “آهي جيڪو ”لبيا سازش ڪيس“ جي اندروني ڪهاڻي بيان ٿو ڪري، لبيا سازش ڪيس تي پروفيسر افضل توصيف، جيڪا پڻ ”لبيا سازش ڪيس“ جو حصو هئي. جو ڪتاب ”لبيا سازش ڪيس“ پڻ ڇپيل آهي، پر اهو منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي ، راجه انور جي هڪ ٻئي ڪتاب “ قبرڪي آغوش“ ۾ پڻ الذوالفقار جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون بيان ڪيل آهن، پر اهي ڳالهيون لڳ ڀڳ ”دهشتگرد شهزادي“ ۾ پڻ آيل آهن. ان ڪتاب تي منهنجو ڌار تبصرو پڻ ڇپيل آهي.
    طارق خورشيد جي ڪتاب ”سوئي دار“ مان اسان کي لبيا سازش ڪيس جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، سڄي ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير نٿي لڳي ته ڪجهه فرد ڪيئن نه پنهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ مهم جوئي ڪندي، بهترين نظرياتي ڪارڪنن کي استعمال ڪن ٿا ۽ انهن کي ٻوهيءَ ۾ وجهي، وقت اچڻ تي پاڻ ته مختلف مصلحتون ۽ ٺاهه ڪري بچي وڃن ٿا، پر طارق خورشيد جهڙن نظرياتي ڪارڪنن جون زندگيون جيلن ۾ سڙنديون رهيون.
    لبيا سازش ڪيس جي ڪهاڻي هيئن آهي ته پاڪستان آرمي جو هڪ برگيڊيئر خالد عثمان ، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪنيز فاطمه جو ڀاءُ هو، تنهن پاڪستان آرمي مان علاج لاءِ موڪل وٺي، لنڊن ۾ وڃي ضياءَ الحق جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي فوج تان استيفيٰ ڏيئي ڇڏي، ۽ پوءِ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ’پاڪستان لبريشن موومينٽ‘ ٺاهي، جنهن کي لبيا جي سربراهه ڪرنل معمر قذافي جي مالي مدد حاصل هئي، ان وقت ڪرنل قذافي سڄي دنيا ۾ اهڙيون مهم جويون ڪندو هو ۽ سندس گرين بوڪ فلسفي تحت دنيا ۾ خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ گروهن کي سندس فلسفي تي هلڻ ۽ انقلاب آڻڻ لاءِ هر قسم جي امداد مهيا ڪندو هو، لبيا وارن ان سلسلي ۾ برگيڊير خالد عثمان جو هٿ پڪڙيو ۽ هتان پاڪستان مان سندس ڀيڻ ڪنيز فاطمه ڪارڪن ڀرتي ڪري لبيا موڪليندي هئي. جتي کين فوجي سکيا ڏني ويندي هئي ۽ قذافي جي گرين بوڪ فلسفي تي ليڪچر ڏنا ويندا هئا، خالد عثمان جو مقصد هٿيار بند جدوجهد جي وسيلي ضياءَ الحق جو تختو انڌو ڪرڻ هو، خير خالد عثمان جي مفادپرستي جي ڪري معاملا اڳتي وڌي نه سگهيا، جيڪي همراهه پاڪستان مان لبيا ويا هئا. سي پاڪستان موٽي آيا ۽ اچي جيلن جي حوالي ٿيا، قصو ڏاڍو دلچسپ آهي، لبيا سازش ڪيس جي باري ۾ آءِ ايس آءِ جي هڪ اڳوڻي ڊپٽي ڊئريڪٽر برگيڊيئر ارشاد احمد ترمذيءَ به پنهنجي ڪتاب ”حساس اداري “۾ به ڪافي دلچسپ ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
    ڪرنل قذافي کي آڪٽوبر 2011ع ۾ چاليهن سالن جي ڊگهي اقتدار کانپوءِ آمريڪا ۽ ناٽو پنهنجي گڏيل ڪاروائي ڪري قتل ڪري ڇڏيو، قذافي جي هٽڻ سان لبيا خانه جنگي جو شڪار ٿي ويو،هن وقت لبيا جي حالت افسوسناڪ آهي ۽ لبيا گروهن ۾ ورهايو پيو آهي. قذافي تي طرح طرح جا الزام لڳندا رهندا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته قذائي پنهنجي دور ۾ لبيا کي خوب ترقي وٺرائي ۽ لبيا ۾ جيڪو نظام لاڳو ڪيو، ان مان لبيا ئي عوام کي وڏو فائدو هو .
    پاڻ ماڻهن کي هونئن به قذافي سان گهڻي دلچسپي رهي آهي، ان جوهڪ سبب اهو به هو ته قذافي ذالفقار علي ڀٽي جو دوست هو ۽ هن جي دور ۾ هزارين پاڪستاني لبيا ۾ نوڪريون ڪندا هئا، جن سان پاڪستان جي معشيت کي وڏو فائدو ملندو هو.
    طارق خورشيد پنهنجي ڪتاب ۾ لبيا جي حڪومتي نظام تي هڪ سڄو باب لکيو آهي، جيڪو، ”معمرقذافي ڪا لبيا“ جي عنوان سان آهي. اُن باب پاڻ هيٺ ڪجهه مختصر ٽڪرا ترجمو ڪري پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون ٿا جيئن سندن ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي.
    1_معمر قذافيءَ صحرا ۾ائين ساوڪ وڇائي آهي، جو نيڻ نهار تائين ساوڪ صحرا جي گود کي ڍڪي ڇڏيو آهي.
    2_لبيا ۾ پوکي راهي به ڪمال جي آهي، ريگستان ۾ مٽي جي تهه وڇائي پوکي راهي ڪئي ويئي آهي. .
    3_ هڪ ڏينهن اسين گرين اسڪوائر (طرابلس) ۾ وَڙڪي رهيا هئاسين، جو هڪ هنڌ اسان هڪ ميڙ کي ڏٺو، تجسس سبب اسين ان ۾ شامل ٿي وياسين، مون سوچيو ته هنگامو ٿي پيو آهي، پر پُڇڻ تي خبر پئي ته ماڻهو هڪ دڪان تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن، پُڇڻ تي خبر پئي ته مذڪورهه دڪاندار مقرر اگهه کان وڌيڪ اگهه وٺي رهيو هو، جنهن جي شڪايت علائقي جي پيپلز ڪميٽيءَ کي ڏني ويئي. جنهن جي اجلاس ۾ ڪاروائي جي دوران دوڪاندار جي خلاف شڪايت جائز ثابت ٿي. جنهن تي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته کيس دوڪان هلائڻ جو ڪو به حق ڪونهي، دڪاندار مزاحمت ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ماڻهن دوڪان تي پٿراءُ ڪيو ته جيئن دوڪان بند ڪرائي سگهجي، حڪومت جو اهو انداز عجيب ۽ غريب آهي، ]ڇا پاڻ وٽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دوڪاندارن سان ڪا اهڙي جٺ ٿي سگهي ٿي؟[
    4_ طرابلس ۾ گرين اسڪوائر کي وڏي اهميت حاصل آهي، ان کي آزاديءَ جو چوڪ به چيو وڃي ٿو، پراڻي طرابلس جي ڪناري موجود اهو چوڪ وڏين بازارين ۽ سمنڊ طرف ويندڙ رستي کي ملائي ٿو، ڪنهن وقت هتي هڪ مزار هئي. پر ڪرنل قذافيءَ جڏهن ملڪ ۾ فرقي بنديءَ جو مسئلو نبيريو ته اها مزار به ويندي رهي، چون ٿا ته ڪرنل معمر قذافي ملڪ جي سڀني عالمن کي گڏ ڪيو ۽ چيو ته ڇا اوهين مڃو ٿا ته الله هڪ آهي؟ جواب مليو”هائو“، قرآن هڪ آهي؟ جواب مليو ”هائو“، رسول هڪ آهي؟ جواب مليو ”هائو“، اهو ٻڌي ڪرنل قذافيءَ چين ته پوءِ مونکي هڪ متفق اسلامي نظام ڏيو، آئون اوهان کي ٽي مهينا ڏيان ٿو، ٽي مهينا گذري ويا پر عالم پنهنجي تفرقي بازي جي ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيا ته ڪرنل قذافي سڀني کي مارڻ جو حڪم ڏنو ۽ قوم کي چيو ته ” هاڻ آئون ٻڌائيندس ته اسلام ڇا آهي؟،“ان وقت گرين اسڪوائر تي قائم مزار به ڊاٺي ويئي.(صفحو 74)


    نوجوانن جو گيت

    ڪتابن جي حوالي سان اردوءَ جي نالي واري اديب محمد خالد اختر هڪ هنڌ لکيو آهي: ”ڪتابن جي خوشبوءِ منهنجي دماغ ۾ نشيلي شراب جيان چڙهي ٿي ۽ منهنجي خوشيءَ جو تصور هڪ ڪتابن جي دڪان يا هڪ لائبريري جي اندر وڃڻ ۽ ڪتاب کي سُنگهڻ، ڇهڻ ۽ انهن جا ورق ورائڻ (يا انهن کي چکڻ) سان پورو ٿئي ٿو، مونکي ڪو سٺو ڪتاب ڏنو وڃي، ڪو اسٽيونس رومانس، آتم ڪهاڻي يا سفري سرگذشت! آئون دنيا کان ٻيو ڪجهه به نه گهرندس.“
    مون سان به اها ئي حالت آهي، جتي به وڃان ڪتابن جي دڪانن ۽ لائبريريون ڦلهورڻ کان سواءِ رهي نه سگهان، دهلي جي سفر ۾ جڏهن به ڪنهن ڪتابن جي دڪان تي ٿي چڙهيس ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل بور ٿيڻ ٿي لڳو، تهران، مشهد يا مڪي ۽ مديني ۾ وري آفتاب شاهه ۽ سارنگ سهتو منهنجي اُن عادت سبب بور ٿيندا هئا، پر ڇا ڪجي ڪتابن جي دوستي يا انهن جو خوشبوءِ ئي اهڙي آهي جو انهن کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌڻ مون کان نه پُڄندو آهي ۽ جڏهن ڪو سٺو ڪتاب هٿ چڙهندو اٿم ته پوءِ اصل لئه ٿي ويندي اٿم، سمورا ٿڪ لهي ويندا اٿم ۽ پوءِ اهو ڪتاب هوندو آهي هي حقير فقير.
    هينئر چين وڏي ڳالهه آهي، سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي چيني مصنوعات وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهندي پئي وڃي، هونئن به چين ڪيترن ئي حوالن سان هڪ عجوبو آهي ۽ اهو عجوبو مائوزي تنگ ۽ سندس ڪامريڊ ساٿين ۽ پوءِ جي هم فڪر ڪامريڊ جي ڪري، چين جي گذريل هڪ صديءَ جي تاريخ عالمي تاريخ جو هڪ دلچسپ ۽ ڌيان جوڳو باب آهي، ڪروڙين انسان جاگيرداريت جو سنگهرون ٽوڙي صنعتي سماج ۾ زندهه آهن، جنهن جي شڪل بهرحال سامراج جهڙي ڀوائتي ڪونهي. نظرياتي طور تي سوشلسٽ بلاڪ جي وکري وڃڻ جي باوجود چين جو هڪ سوشلسٽ نظام جي طور تي موجود هئڻ بذات خود هڪ انفراديت آهي، جنهن سوويت يونين جي مقابلي ۾ پاڻ کي بقا جي لاءِ وڌيڪ مناسب پاتو ۽ پنهنجي انڌي منڊي سوشلزم کي حتمي موت مرڻ نه ڏنو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڪٿي ڪٿي چين جي ورتاءُ ۽ آمريڪا جي بدمعاشين ۾ فرق گهٽ ٿو نظر اچي. اڄوڪو چين ڪٿي ڪٿي عوام ۽ عوامي تحريڪ جي بدران بنياد پرست مارشل لا جو خدائي خدمتگار ٿو نظر اچي، پر پنهنجو موضوع اهو ڪونهي، پنهنجو موضوع ته ان انقلابي چين جي لاءِ جدوجهد جي دوران جنم وٺندڙ اهو ناول آهي، جيڪو يانگ مو جو لکيل آهي، چين ۾ سياسي شعور ۽ جدوجهد جي حوالي سان چين جي ليجند ليکڪن لوهسون، زوشي ۽ باجين جيان يانگ مو به هڪ اهم ليکڪا آهي ۽ يانگ مو جو ناول Song Of Youth جيڪو چين جي شاگرد جدوجهد تي لکيل آهي، هر دور جي انقلابين ۽ شاگرد تحريڪن جي لاءِ اُتساهه جو سبب رهيو آهي ۽ رهندو ايندو.
    محترم نجم عباسي پنهنجي ڪتاب ”ڪهاڻي جو قافلو“ ۾ لکي ٿو: ”جڏهن ڳالهائيندڙ ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندي چيو ته هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي ته عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منهنجون اکيون آليون ٿي ويون، کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مونکي هڪ چيني ناول Song Of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي، منهنجي ذهن ۾ ايترو ته ڄمي ويو هو، جو ان کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس، ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو..... ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو هڪ ٽولو هتي آيو هو، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو، مان به ڪوٺ تي ويو هوس، ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو ته ”هي جڳ مشهور ناول Song Of Youth جي ليکڪا آهي ته حيرت ۽ خوشيءَ کان منهنجون نظرون هن ۾ کپي ويون، حيرت ان ڪري به لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو ته ”يانگ مو“ مرد هوندو، پر هيءَ ته عورت هئي، منهنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر سالن کان سرس هئي، پنهنجي تقرير ۾ رسول بخش پليجي هن ناول جي ڳچ واکاڻ ڪئي، پوءِ جڏهن ان وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو ته هن اعلان ڪيو ته يانگ مو جي ناول ”نوجوانن جو گيت“ جو بورڊ طرفان سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپايو ويندو، ان تي ميڙ ۾ ويٺلن ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، پر انهيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريو هوم ته سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميواري آفيسرن جي جذباتي ۽ غيرذميداراڻي اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي؟ (صفحو 47-46).“
    سنڌي ادبي بورڊ ته ان وقت ان ناول جو سنڌي ترجمو ڪري نه ڇپرايو، پر گهڻو پوءِ جڏهن ان ناول جو اردوءَ ۾ ترجمو ”نوجوانون ڪا گيت“ جي نالي سان ٿيو ته نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن دوست انتهائي بيڪار ۽ ڪَٽيل سَٽيل سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪنهن رسالي ۾ قسطوار ڇپجڻ کان پوءِ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو، پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ڪا پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو.
    ”نوجوانن جو گيت“ يانگ مو، 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي محب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو، جڏهن 1931ع ڌاري جپانين اترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ چين جي اڳوڻي شهنشاهه ڦو اي جي اڳواڻي ۾ مانچوڪو جي نالي سان ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي هئي، 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ هي ناول ان ئي دور جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو پسمنظر بيان ڪندي ناول جي ليکڪا يانگ مو لکي ٿي ”جن سالن جي هيءَ ڪهاڻي آهي، انهن ڏينهن ۾ آئون خود شاگردياڻي هيس، پر تعليم جاري رکي نه سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ به ناڪام رهيس، اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي ته انهن ڏينهن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا به واهه ئي نه هئي ته هو ڪميونسٽ پارٽي جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين، اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مون ”لين تائو چنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو، هيءَ ڪهاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
    ناول جو هيرو، لين تائو چنگ نه رڳو يونيورسٽيءَ ۾ دانشوراڻن بحثن ۾ حصو ٿو وٺي، پر شاگرد جدوجهد جي قيادت به ڪري ٿو، هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪومنتانگ جي ظلمن جي خلاف احتجاجي مظاهرا منظم به ڪري ٿو ۽ تحريڪ ۾ گهڙي ايندڙ موقعي پرستن ۽ جاسوسن جي چالن ۽ بدمعاشين کي پڻ منهن ٽوڙ جواب ڏي ٿو، حڪومت شاگرد سياست کي هائيجيڪ ڪرڻ ۽ ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪهڙا حربا ٿي هلائي ۽ شاگرد قيادت انهن کي ڪيئن ٿي منهن ڏي، ليکڪا يانگ مو اهو سڀ ڪجهه اهڙي ته سُهڻي نموني لکيو آهي جو ناول هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. ويجهڙ ۾ جڏهن مون اهو ناول ٻيهر پنهنجي لائبريري مان کڻي پڙهيو ته مونکي خيال آيو ته اهڙيون جدوجهدون ته سنڌ ۾ به هليون آهن، پر افسوس جو انهن کي فڪشن واري انداز ۾ نه لکيو ويو آهي، چوٿين مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه ڪهاڻيون ته لکيل آهن پر ڪو ناول ڪونهي.
    ”نوجوانن جو گيت“ جي ليکڪا ”يانگ مو“ 1915ع ۾ پيڪنگ ۾ ڄائي، مڊل پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي رهي ۽ پيڪنگ يونيورسٽي مان ”آف ڪئمپس شاگردياڻي“ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين، جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ته ان ۾ حصو ورتائين، هو ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي پڻ رهي، يانگ مو 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ”نوجوانن جو گيت“ سندس پهريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ نوجوانن توڙي انقلابين ۾ بي حد مقبوليت ماڻيائين.


    شهيد بينظير ڀٽو جي سادگي۽ ضياءَ جي مڪاري

    هن وقت ملڪ ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل هلن ٿا ۽ انهن جي نشريات چويهه ئي ڪلاڪ جاري رهي ٿي پر اصل ۾ اها اٺن ڪلاڪن جي رڪارڊنگ هوندي آهي، جيڪا چويهن ڪلاڪن ۾ ٽي ڀيرا ڏيکاري ويندي آهي، باقي بريڪنگ نيوز ۽ خبرون تازيون نشر ڪيون وينديون آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اها ٻوڏ پاڪستان ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿي، نه ته ان کان اڳ ملڪ ۾ فقط پي ٽي وي جي نشريات هلندي هئي ۽ ڪي سرنديءَ وارا ماڻهو طاقتور ڊش ائنٽينائن جي ذريعي ٻاهريان چئنل ڏسندا هئا، نه ته باقي ماڻهن جو گذارو پي ٽي وي جي نشريات تي هوندو هو.
    پاڪستان ۾ پي ٽي وي پنهنجي نشريات 26 نومبر 1964ع کان شروع ڪئي، جنهن جو افتتاح صدر ايوب خان ڪيو، لاهور ۾ قائم ڪيل ان ٽي وي اسٽيشن جي نشريات 10 ميلن تائين ڏسڻ ۾ ايندي هئي، لاهور کانپوءِ جنوري 1967ع ۾ راولپنڊي ۽ نومبر 1967ع ۾ ڪراچي کان نشريات شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي ٽي وي اسٽيشنن جو افتتاح به صدر ايوب خان ئي ڪيو، پشاور ۽ ڪوئيٽا مان ٽي وي جي نشريات 1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم سان شروع ٿي، ان وقت بلڪ اينڊ وائيٽ پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا، پي ٽي وي پنهنجي رنگين نشريات 1976ع ۾ شروع ڪئي ۽ سڀ کان پهرين اها سهولت لاهور ٽيليويزن کي مهيا ڪئي وئي، جڏهن پي ٽي وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ڪل ٽي سئو ٽي وي سيٽ موجود هئا.
    جڏهن پي ٽي وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته ان جو دورانيو فقط ساڍن ٽن ڪلاڪن تي مشتمل هوندو هو، شام جو ڇهين وڳي نشريات شروع ٿيندي هئي ۽ رات جو جو نوين ساڍي نوين قومي تراني سان نشريات پڄاڻي تي پهچندي هئي، سومر جي ڏينهن نشريات نه ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ٽي وي وڏي وندر هوندي هئي ۽ اهي ئي ساڍا ٽي ڪلاڪ ٽي وي جي سامهون ڄڻ ڄمي ويهبو هو.
    مٿين ڳالهين جي لکڻ جو پسمنظر اهو آهي ته تازو منهنجي نظر مان پي ٽي وي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ’اختر وقار عظيم‘ جي پي ٽي وي جي ساروڻين تي ٻڌل ڪتاب ”هم ڀي وهين موجود تهي“ گذريو. آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين جا ڪتاب هونئن به وڏي شوق سان پڙهبا آهن، جو هڪ ته انهن مان لکندڙ جي باري ۾ معلومات ملندي آهي ۽ ٻيو ته ليکڪ جيڪي پنهنجا تجربا شيئر ڪندو آهي، انهن مان به گهڻو سکبو آهي ۽ مختلف شخصيتن ۽ ڪردارن جن سان لکندڙ جو واسطو پيو هوندو آهي، ان بابت ليکڪ جي اک سان ڏسبو ۽ پڙهبو آهي.
    ڪتاب نهايت سادگي ۽ روان پر دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي نوڪري جي دوران اکين ڏٺا ڪيترائي واقعا رڪارڊ تي آندا آهن، انهن ۾ اداڪارن، ليکڪن، شاعرن کان سواءِ سياستدانن، خاص ڪري ملڪ جي صدرن ۽ وزير اعظمن جي باري ۾ ذاتي مشاهدا بيان ڪيا ويا آهن، جڏهن هو قوم کي خطاب ڪرڻ لاءِ پي ٽي وي تي رڪارڊنگ واسطي ايندا هئا، انهن ۾ جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ الحق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل پرويز مشرف، محمد خان جوڻيجو، ظفر الله جمالي ۽ شهيد محترما بينظير ڀٽو اچي وڃن ٿا، ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن ۽ ڪرڪيٽرن جي باري ۾ به ذاتي تاثر بيان ڪيا ويا آهن، ليکڪ چواڻي ته انهن مان محمد خان جوڻيجو، ظفر الله جمالي ۽ شهيد محترما بينظير ڀٽو پنهنجي سادگي جي ڪري ڏاڍو متاثر ڪندا هئا، هن جنرل مشرف جي باري ۾ لکيو اٿس ته سريلنڪا کان سڌو ايئرپورٽ تي لهڻ ۽ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ سندس ڪيل مختصر تقرير ۾ رڳو ان ڪري دير تي جو ان مهل کيس سوٽ پاتل هو ۽ وردي تيار نه هئي، نيٺ جنرل مشرف ڪمانڊو جي وردي پائي خطاب ڪيو، ائين ملڪ تان غير يقيني جا ڪڪر هٽيا ، جيڪي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ملڪ تي ڇانيل هئا.
    اختر وقار عظيم شهيد محترما بينظير ڀٽو جي سادگي جي باري ۾ نهايت دلچسپ واقعو ڪتاب ۾ لکيو آهي، هو لکي ٿو: ”بينظير ڀٽو تعليم پرڏيهه ۾ حاصل ڪئي هئي، سندس ڪٽنبي پسمنظر به سياسي هو، پر هوءَ پنهنجي طبعيت ۾ بي حد سادي هئي، هن جي شخصيت جي عوامي مزاج کي سمجهڻ لاءِ هڪ واقعو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ وٽان آهي، هوءَ پنهنجي هڪ تقرير رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ ٽي وي سينٽر آئي ۽ هميشه وانگر جنرل مئنيجر جي ڪمري ۾ اچي ويٺي سندس معمول هو ته هو تقرير ڪرڻ کان اڳ اتي ويهي هڪ نظر تقرير تي وجهندي هئي، هڪ ڀيرو هوءَ تقرير ڪرڻ جي لاءِ آئي ته ڪمري ۾ ويٺي هڪ اڌ ڀيرو هن ڪجهه چوڻ چاهيو، پر پوءِ ماٺ رهي، ان وقت ناهيد خان به ساڻس گڏ هئي، جيڪا عام طور تي ساڻس گڏ هوندي هئي، هُن مونکي مخاطب ٿي چيو: ” جي ايم صاحب! وزير اعظم اوهان کي ڪجهه چوڻ ٿي چاهي.“ منهنجو خيال هو ته هوءَ رڪارڊنگ جي حوالي سان ڪجهه پُڇندي يا ڪنهن پروگرام جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي، پر اهي ٻئي ڳالهيون غلط هيون، هن منهنجي ڌيان ڏيڻ تي چيو: هينئر مون ٽي وي سينٽر ڏانهن ايندي ويگن جي اسٽاپ وٽ هڪ مڪئي جي سنگن وارو ويٺل ڏٺو، اوهان ان کان ٻه سنگ گهرائي وٺو، مڪئي جا سنگ اچي ويا ۽ اُن ڏينهن وزير اعظم چانهه پيئڻ جي بدران مڪئي جو هڪ سنگ کاڌو، چانهه هوءَ کنڊ کان سواءِ پيئندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ان ۾ ماکيءَ جو هڪ چمچو به ملائيندي هئي، جنهن جو باقاعده بندوبست ڪيو ويندو هو (ص 69)
    ڪتاب مان اها ڳالهه به معلوم ٿئي ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ 1975ع ۾ محترما بينظير ڀٽو شاگردي واري زماني ۾ پي ٽي وي تان ميزباني جي حيثيت سان Encounter جي نالي سان نوجوانن جي لاءِ هڪ پروگرام به ڪيو، جنهن جا رڳو ڇهه ئي پروگرام نشر ٿي سگهيا، انگريزي ۾ نشر ڪيل هڪ پروگرام ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو به شريڪ ٿيو هو.
    ڪتاب ۾ شهيد محترما بينظير ڀٽو جي حوالي سان هڪ ٻي نهايت دلچسپ ڳالهه بيان ڪئي وئي آهي، اهو فرانس جي صدر متران جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل پريس ڪانفرنس جي حوالي سان آهي، ليکڪ لکي ٿو ته فرانس جو صدر هڪ سوال جي جواب ڏئي رهيو هو، جو اسان جي وزير اعظم بي چينيءَ مان هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي، پوءِ هن ڪاغذ جو هڪ ننڍو ٽڪرو کنيو ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لڳي، ٻن چئن جملن لکڻ کان پوءِ هن اهو ڪاغذ ڀر ۾ بيٺل پنهنجي اطلاعات واري وزير کي ڏنو ۽ سامهون ويٺل صحافين ڏانهن ڏسي ڪجهه چيو، اطلاعات وارو وزير اها پرچي کڻي صحافين وٽ ويو ۽ اها ناليواري صحافي نصرت جاويد کي ڏنائين، نصرت جاويد چٺي تي نظر وڌي ۽ سوال ڪرڻ جي لاءِ هٿ مٿي کنيو، وزير اعظم پاڪستان، نصرت کي سوال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي چيو جي پُڇو!
    نصرت جاويد جو سوال فرانس جي ان واعدي جي باري ۾ هو، جيڪو هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان نيو ڪليئر ري ايڪٽر ڏيڻ جي باري ۾ ڪيو هو، ائين شهيد محترما بينظير ڀٽو ان پريس ڪانفرنس جي ذريعي هڪ اهڙي سوال جو جواب حاصل ڪري ورتو، جيڪو هوءَ فرانس جي صدر سان ڳالهين ٻولهين دوران حاصل ڪري نه سگهي هئي.
    ڪتاب ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مڪاري ۽ منافقي جي باري ۾ به هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو ويو آهي، ليکڪ لکي ٿوته : قوم سان هڪ خطاب ۾ جنرل ضياءَ الحق ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته اسان سڀني کي اچي ان فڪر ورتو ته ان تقرير کان پوءِ ڪهڙو قومي گيت نشر ڪيو وڃي، آغا ناصر مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو، واسطيدار کاتي جي سربراهه کيس ڪيترائي گيت ڏيکاريا پر ڪن ۾ گلوڪارن جي ڪپڙن ته ڪن ۾ اهڙن شعرن جي ڪري جن کي ٻٽي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ها، آغا صاحب کي نه وڻيا، آئون سينٽر تي جنرل مئنيجر هئس منهنجي صلاح سان اهو طئي ٿيو ته تقرير کان پوءِ مشهور گيت سوهني ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد، جي ڌن نشر ڪئي وڃي، پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ شام خيريت سان گذري وئي ٻي ڏينهن يارهين بجي ڌاري ضياءَ الحق جو ملٽري سيڪريٽري منهنجي آفيس آيو ۽ ايندي ئي حڪم ڏنائين ته صدر ميريٽ هوٽل ۾ ڪنهن تقريب ۾ خطاب ڪري رهيو آهي، ٺيڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽي وي سينٽر ايندو ۽ ڪلهوڪي شام جي ٽرانسميشن جا اهي حصا ڏسڻ چاهيندو، جيڪي سندس تقرير کان پوءِ ٻن ڪلاڪن تائين نشر ٿيا، رڪارڊنگ ڏيکارڻ جو بندوبست ڪري وٺو ۽ ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير، اطلاعات وارو سيڪريٽري، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي سربراهن کان سواءِ حڪومت جي پرنسل انفارميشن آفيسرن کي به گهرائي وٺجو، وقت بنهه گهٽ آهي، هي همراهه فون تي نه پيا ملن ڪوشش ڪريو ته هڙئي وقت تي پهچي وڃن.
    فون تي ڪوشش ڪيم، پر ڪو به پنهنجي آفيس ۾ موجود نه هو، آئون پنهنجي دوست سينيئر پروڊيوسر جاويد اختر کي اڳ ۾ ئي ميريٽ هوٽل موڪلي چڪو هئس، ڇو ته منهنجو خيال هو ته اهي سڀ همراهه شايد ان موقعي تي اتي ئي موجود هجن ۽ ٿيو به ائين. جاويد وٽان صدر جو نياپو ٻڌي سڀ ٽي وي سينٽر پهچڻ شروع ٿي ويا، سڀني کان پهرين اطلاعات وارو وزير الاهي بخش سومرو ۽ اطلاعات وارو سيڪريٽري پهتا، سندن خيال هو ته صدر هيلي ڪاپٽر جي ذريعي ڪنهن ويجهي شهر وڃڻ وارو آهي، هيلي پيڊ جي سڀ کان ويجهي آفيس پي ٽي وي جي هئي، تنهنڪري هن شايد اُتي ميٽنگ رکي آهي، ٻيا آفيسر به هنن جا هم خيال ٿيا، رڳو هڪ آغا ناصر جو خيال هو ته هنگامي حالتن ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي ائين هرو ڀرو ڪنهن سبب جي ڪري نه گهرائي وئي آهي، ضرور ڪا ڳڙ ٻڙ آهي. ٿوري دير کان پوءِ صدر صاحب آيو، حسب روايت سڀني سان مرڪي هٿ ملايائين ۽ خيريت پڇائين ۽ پوءِ ويهي رهيو، صدر صاحب جي تقرير جي رڪارڊنگ ڏيکارڻ شروع ڪئيسين ته چيائين، ان کي ڇڏيو اڳتي هلو، سوهني ڌرتي جي ڌن وڄڻ لڳي ته ان تي صدر ۽ ٻيا به گنگنائڻ لڳا، ڌن ختم ٿي ته ان کان پوءِ جيڪي اشتهار هليا هئا سي به ڏيکاريا ويا، ڪو به اعتراض يا تبصرو نه ٿيو، خبر نامي جو وقت ٿي ويو هو، تنهنڪري ان جي رڪارڊنگ ڏيکارجڻ لڳي، اڌ ڪلاڪ جي خبر نامي ۾ ويهه منٽ صدر جي تقرير ۽ باقي ڏهه منٽ ٻين خبرن کي ڏنا ويا هئا، خبر نامي کان هڪدم پوءِ ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان هڪ نغمو نشر ڪيو ويو، جيڪو اوهان به ٻڌو هوندو، بنجمن سسٽرز جي آواز ۾ اهو ڏاڍو خوبصورت نغمو آهي.
    خیال میں ایک روشنی ہے
    یہ روشنی سدا رہے گی۔
    نغمي ۾ ٽيئي ڀيڻون هٿن ۾ ڏيئا کڻي ڏاڪڻيون چڙهي رهيون هيون، نغمو ٻڌندي ئي صدر ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين آئون اسلامي نظام جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان ۽ اوهين هي هندواڻي قسم جو نغمو نشر ڪري رهيا آهيو، ڇوڪرين جا ڪپڙا به مناسب ڪونهن، منهنجي ڳالهه کي، منهنجي سوچ کي ڪير سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه پيو ڪري، سب اخبارون به اهڙين خرافاتن سان ڀريون پيون آهن، اوهين سڀ ٻڌو ته آئون ڇا ٿو چاهيان ۽ پوءِ ان تي عمل ڪجو. ان کان پوءِ لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين صدر سڀني کي پنهنجي خيالن کان مستفيد فرمايو. ڪاوڙ گهٽجي چڪي هيس، تنهنڪري مرڪندي مستقل جي پاڪستان جي حوالي سان هو سڀني آفيسرن کي مخاطب ٿيندو رهيو، وڃڻ مهل هن چيو: هاڻ اوهين سڀ پنهنجي آفيسن ۾ وڃو ۽ جيئن مون چيو آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو، صدر ضياءَ الحق روانو ٿيو ته سڀئي آفيسر به روانا ٿي ويا، آغا ناصر جو گهر ٽي وي سينٽر کان پنجويهن منٽن جي دوريءَ تي هو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هن جي فون آئي يار آئون گهر پهتس ته هڪ خط رکيو هو، هن مونکي ته بدلي ڪري ڇڏيو آهي، ساڳيو ئي حال ٻين آفيسرن جو به هو، سڀني کان سندن ذميواريون واپس ورتيون ويون هيون، مونکي اڄ سوڌي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته جڏهن صدر وزارت اطلاعات جي انهن سڀني آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري آيو هو ته پوءِ کيس تفصيل سان پنهنجو ايندڙ لائحه عمل ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ظاهري طور تي جنرل ضياءَ الحق نهايت خوش اخلاق ۽ خوش مزاج نظر ايندو هو، ڳالهه به مُرڪي ڪندو هو، پر سڀني کي خبر آهي ته مصطفيٰ زيديءَ جي شعر جي هي سٽ کانئس وڌيڪ ٻي ڪنهن تي به ٺهڪي نٿي اچي.
    میرا مجلسی تبسم، میرا ترجمان نہیں ہے۔
    (منهنجي ڪچهريءَ واري مُرڪ منهنجي ترجمان ڪونهي)


    خيال ۽ خوابَ

    احتجاج جي لازوال صدا: روزاپارڪس!

    انڪار هڪ جرئت آهي، سنئون سڌو ائين چئجي ته انڪار جي معنيٰ آهي بغاوت. اهو انڪار يا بغاوت مُروج ريتن رسمن کان به ٿي سگهي ٿي ته قانون کان به- ڪنهن جي بالادستيءَ کان به انڪار ٿي سگهي ٿو ته ناانصافيءَ تي ٻڌل فيصلن مڃڻ کان به، تاريخ ۾ جنهن انڪار ڪيو، ان ڄڻ بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪري ڇڏيون ۽ اهي لهرون اڳتي هلي اڃا به وڏين لهرن جو سبب بڻيون ۽ ڪنهن طوفان ۾ بدلجي ويون، ان انڪار يا ته انڪاريءَ جو سر وڃايو يا وري ڪا تبديلي آندي. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن جو سر ويو به کڻي ته به اهو نه رڳو تاريخ جي صفحن ۾ امر ٿي ويو، پر ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪڻ به بنجي ويو ۽ سندس ان انڪار جي جرئت سندس پوئلڳن کي وڏي سگهه عطا ڪئي ۽ هنن ان انڪار مان رهنمائي وٺي پنهنجي قافلي کي اڳتي وڌايو. سقراط انڪار ڪيو ته زهر جو پيالو مليس، امام حسين انڪار ڪيو ته سندس لاءِ ڪربلا جو ميدان سجايو ويو، قرة العين طاهره انڪار ڪيو ته وقت جي تارا مسيح هٿان گُهٽو مليس، منصور حلاج انڪار ڪيو ته ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو، سرمد انڪار ڪيو ته دهليءَ جي جامع مسجد جي اڳيان ٽياس تي ٽنگجڻون پيس، اهڙا سوين مثال آهن، پر هر انڪار کانپوءِ ڄڻ ته تاريخ ۾ نئين ڪهاڻيءَ جو واڌارو ٿيو.
    انڪار ته وڏن آمرن، جابرن ۽ شهنشاهن جا تخت ۽ تاج اڏائي ڇڏيا، جڏهن عوام انڪار ڪيو ته هر آمر ۽ جابر جو جوڙيل قانون ڦوڪڻي جيان هوا ۾ اڏي ويو، پاڪستان جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ جڏهن هڪ جج هڪ آمر جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ته سندس ان انڪار نه رڳو کيس تاريخ جي صفحن ۾ سهڻي نموني جاءِ ڏني، پر سندس ان انڪار هڪ آمر ۽ جابر جا پير ئي ڪڍي ڇڏيا.
    پر پاڻ جنهن انڪار جي ڳالهه پيا ڪريون، اهو انڪار هڪ اهڙي ملڪ ۾، هڪ ڪمزور عورت ڪيو، جيڪو ملڪ پاڻ کي مهذب ۽ انساني حقن ۽ جمهوريت جو چيمپيئن ٿو سڏائي، پر ان ملڪ جو بنياد ئي اتان جي مقامي ماڻهن ريڊ انڊين جي هڏن تي رکيو ويو ۽ ان جي اڏاوت آفريقا مان جلهيل شيدي غلامن جي محنت تي ڪئي وئي، آمريڪا، جيڪو برطانيا جي ڪالوني هو، جنهن جارج واشنگٽن جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي ويڙهاند کانپوءِ برطانيا جي تخت کان آزاد حاصل ڪئي، جنهن جي ٻي صدر ٿامس جيفرسن ”حقن جو پڌنامو“ جاري ڪيو، جنهن جي هڪ صدر ابراهام لنڪن غلاميءَ جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سر جي قرباني ڏني، پر ان ئي ملڪ ۾ ڊگهي عرصي تائين اهڙا به قانون موجود رهيا، جن نسلي بنياد تي ڪارن کي ڌار ٿي ڪيو، تعصب ۽ نفرت جو نشانو ٿي بنايو، پر ان ملڪ جي هڪ عورت جي هڪ انڪار ۽ للڪار انهيءَ نسلي فرق تي ٻڌل قانونن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. پر اها عورت ڪير هئي؟ ان جو نالو ”روزاپارڪس“ هو. هڪ عام سادي سودي نوڪري پيشه عورت، پر سندس جرئت ۽ همت آمريڪا جي تاريخ ۾ هڪ تبديلي آڻي ڇڏي، ان عورت اهو به سمجهايو ته احتجاج ڪيئن ڪبو آهي ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ جي سامهون ڇاتي ڪيئن تاڻبي آهي ۽ اُن سان منهن ڏيڻ جي معنيٰ ڪهڙي آهي، روزاپارڪس جو نالو ٻُڌڻ سان هاڻ هر انصاف پسند انسان جو ڪنڌ سندس احترام ۾ جهڪي ٿو وڃي. هوءَ ناانصافيءَ جي خلاف جرئت، همت، جدوجهد ۽ اعليٰ آدرشن جو روشن تارو آهي، روزاپارڪس جڏهن ظلم ۽ ناانصافيءَ جي خلاف جهڪڻ کان انڪار ڪيو ته کيس خبرنه هئي ته سندس اهو انڪار انساني حقن جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏيندو ۽ مظلوم انسانن کي سندس اُن انڪار مان اهڙي ته سگهه ملندي، جو هو سندس جدوجهد کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه بنائي وٺندا.
    روزاپارڪس جي انڪار کي ڪو گهڻو عرصو به نه گذريو آهي، اڌ صديءَ کان بس ٿورو عرصو وڌيڪ. اهو ڊسمبر 1955ع جي هڪ ڏينهن جو واقعو آهي، بظاهر ته اهو هڪ عام واقعو هو ۽ اهڙا واقعا روز جو معمول هئا، پر ان واقعي مان جيڪا چڻنگ دُکي، سا اڳتي هلي ڀنڀٽ بنجي وئي، آمريڪي رياست جارجيا جي رهاڪو انڪاري عورت روزاپارڪس کي روزانو رنگ ۽ نسل جي بنياد تي جنهن توهين واري سلوڪ کي منهن ڏيڻون پوندو هو، اُن تي هوءَ اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندي ۽ پڄرندي رهندي هئي، پر ان ڏينهن جڏهن هوءَ آفيس مان وانڌي ٿي گهر وڃڻ جي لاءِ بس ۾ چڙهي ته رستي ۾ کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ذلت، شڪست ۽ رسوائيءَ جو احساس گهيري ويو، هن سوچيو ته ڇا سندس ڀاڳ ۾ سدائين اهو ئي لکيل آهي. ان بس ۾ ٻه حصا هئا، هڪ ڳورن جي لاءِ ۽ ٻيو ڪارن جي لاءِ. انهي ٻنهي حصن ۾ هڪ ليڪ هئي، نسلي فرق جي لڪير، روزا ماٺ ڪري وڃي پنهنجي حصي ۾ ويهي رهي، اُن وقت جي قانون موجب مسافرن جو تعداد وڌڻ جي صورت ۾ ڪارن کي پنهنجي سيٽن تان اُٿڻون پوندو هو، سو جڏهن بس ۾ ڳورن مسافرن جو تعداد وڌيو ته ڪنڊيڪٽر جي حڪم تي ٽن ڪارن کي پنهنجي سيٽن تان اُٿڻون پيو ۽ اُنهن سيٽن تي ڳورا وڃي ويٺا، ايندڙ وارو روزاپارڪس جو هو، ڪنڊيڪٽر هن ڏانهن ڏٺو، پر حڪم ملڻ جي باوجود به هن پنهنجي سيٽ تان اُٿڻ کان انڪار ڪيو، روز روز جي بي عزتيءَ کيس ڄڻ چريو ڪري ڇڏيو هو، هن ڪاوڙ مان ڪنڊيڪٽر کي چيو، ”ڇا آئون پنهنجي سيٽ تان رڳو ان ڪري اُٿان ته هن جو رنگ ڳورو آهي؟“ ڪنڊيڪٽر روزا کي ٻڌايو ته سندس اهو انڪار قانون جي نظر ۾ ڏوهه آهي ۽ کيس ان ڏوهه ۾ گرفتار به ڪري سگهجي ٿو. ”آئون جيل وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر ظلم ۽ زبردستيءَ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ٿي ڪريان.“ معاملو وڌي ويو، ڳوري ڪنڊيڪٽر کي اهو منظور نه هو ته ڪو ڪارو، سندن ٺاهيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ۽ سندس اڳيان ڪنڌ کڻي بيهي، هُن کي سدائين ڪاري رنگ کي نيچ سمجهڻ جي تعليم ڏني وئي هئي، پوليس کي گهرايو ويو ۽ روزاپارڪس گرفتار ڪئي وئي. سندس ان انڪار کي قانون شڪني سمجهيو ويو ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جي ڳوري جج انساني رنگت کي ڏسڻ بدران، ڳوري رنگ جي ٺاهيل غيرانساني قانون تي عمل ڪندي روزا کي ڪجهه ڏينهن قيد ۽ چوڏهن ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻُڌائي، اها سزا آمريڪا جي منهن تي هڪ ڪارو داغ بنجي وئي، انسانيت جي ان توهين تي سڄي دنيا ۾ ڄڻ ڏک واري ماٺار ڇائنجي وئي ۽ پوءِ اُن ماٺار جي ڪُک مان هڪ اهڙي هلچل جنم ورتو، جيڪا انساني برابريءَ جي تحريڪ جي پيڙهه جو پٿر بنجي وئي، مارٽن لوٿر ڪنگ ان تحريڪ جو روح روان هو، اها تحريڪ ٽي سؤ ٻياسي ڏينهن هلندي رهي، يعني هڪ سال کان به وڌيڪ عرصو. ان دوران ڪارن ٻَڌيءَ جو ثبوت ڏيئي ڪنهن به بس ۾ نه چڙهيا، اهي ماڻهو نسلي متڀيد جي تحريڪ جو هر اول دستو بنجي چڪا هئا، هڪ ڊگهي آئيني ويڙهه، مزاحمت، جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ نيٺ ان جدوجهد ڪاميابي ماڻي، بس جي اندران لڪير ڊاٺي وئي، هاڻ ڪو به ڪارو پنهنجي سيٽ ڇڏڻ جو پابند نه هو، ظالماڻون قانون هڪ هيڻي عورت جي مزاحمت جي سامهون پنهنجو دم ٽوڙي چڪو هو، ”ظلم اُن وقت تائين ظالم آهي، جيستائين ان کي للڪاريو نٿو وڃي.“ اهو چئي روزاپارڪس سڄي ظلم جي نفسيات کي وائکو ڪري ڇڏيو.
    روزاپارڪس کي آمريڪا جي سڀ کان وڏي سول اعزاز سان نوازيو ويو، ٻن ڊزنن کان به وڌيڪ يونيورسٽين کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي، هن جي مزاحمت ۽ هن جي انڪار هيڻن کي ڏاڍن جي اڳيان هڪ نئون حوصلو ڏنو، انڪار جي اها گهڙي هن جي زندگيءَ جي روشن گهڙي هئي. ”اها گهڙي روزا جي زندگيءَ جي ئي نه پر آمريڪي تاريخ جي به روشن گهڙي آهي.“ مارٽن لوٿر ڪنگ وڏي فخر سان اها ڳالهه چئي. جنهن انڪار ۾ خلوص هجي، اهو ڪنهن وڏي سچائيءَ جو پيش خيمو ثابت ٿئي ٿو.
    روزا وڏي ڄمار ماڻي، هاڻ هوءَ هن دنيا ۾ ڪونهي، هن پنهنجي زندگي ۽ جدوجهد جي ڪهاڻي به لکي آهي، هوءَ احتجاج جي لازوال صدا آهي، جيڪا نسلي متڀيد جي ايوانن ۾ سدائين ٻُرائجندي رهندي، مٿس سؤ سؤ سلام!


    آمريڪا جي قومي هيرو اولاسيو ميڪارٽي !

    گهڻا سال اڳ عراقي ليکڪ ’خليفه منيزه الفاضل‘ جي هڪ ڪهاڻي ”ڪرسي“ جي نالي سان پڙهي هيم، جنهن ۾ هن اهڙي عورت جي ڪهاڻي بيان ڪئي ويئي هئي، جيڪا ننڍي هوندي يتيم ٿي ويئي هئي ۽ سندس پالنا سندس چاچي وٽ ٿي هئي. کيس اسڪول وڃڻ ۽ تعليم پرائڻ جو گهڻو شوق هو ۽ اُن وقت اسڪول ۾ داخلا تڏهن ملندي هئي، جڏهن هر داخلا وٺندڙ شاگرد (يا شاگردياڻي) ڪلاس ۾ ويهڻ جي لاءِ هڪ ڪرسي ٺهرائي کڻي ايندو هو، پر ان ٻارڙيءَ کي سندس چاچو ڪرسي ٺهرائي نٿو ڏي ۽ هوءَ گهر جي ڪٻاڙ خاني ۾ پيل هڪ اڌ سڙيل ۽ بي ڍولي ڪرسي کڻي اسڪول ۾ داخلا وٺڻ وڃي ٿي، پر اسڪول جي هيڊ ماسترياڻيءَ کيس اهو چئي اسڪول ۾ داخلا نٿي ڏي ته ”ههڙي سڙيل ۽ بي ڍولي ڪرسيءَ سان سندس اسڪول جي ناموس تي ٽڪو لڳندو“ ۽ کيس اسڪول مان ڪڍيو وڃي ٿو ۽ پوءِ جڏهن هوءَ ان ئي اسڪول جي سامهون هڪ ننڍي هوٽل کولي روزگار ڪرڻ لڳي، تڏهن به سندس دل مان اسڪول وڃڻ جي خواهش ختم نه ٿي ۽ هر وقت ايندڙ ويندڙ ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين کي حسرت سان ڏسندي رهندي هئي ۽ کيس هر وقت اها آس هوندي هئي ته شايد اڄ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي کيس سڏ ڪري چوندي ته ”عريس! تون به ڪرسي کڻي هلي ڪلاس ۾ ويهه!“ پر کيس ڪڏهن به سڏ نه ٿيو ۽ هوءَ روزانو هوٽل جي اڳيان رکيل ان ڪرسيءَ کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي هئي ۽ پنهنجي ان نه پڙهڻ جي ازالي طور اسڪول ويندڙ غريب شاگردياڻين کي شيون مفت ۾ ڏيندي رهندي هئي، مونکي اها ڪهاڻي ايتري ته وڻي جو مون اها سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي ۽ ڪنهن رسالي ۾ ڇپي. اسڪول نه وڃڻ ۽ تعليم نه پرائڻ جي اها حسرت الائجي ڪيترن اهڙن ماڻهن کي هوندي، جن حالتن جي هٿان مجبور ٿي تعليم نه پرائي ۽ اسڪول جو منهن به نه ڏٺو، پر دنيا ۾ ڪن باهمت ماڻهن پنهنجي اهڙي محروميءَ جو ازالو هيئن ڪيو ته انهن وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو تعليم واسطي وقف ڪيو ۽ اهڙن ٻارن کي تعليم پرائڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪي پنهنجي غربت سبب تعليم جو خرچ برداشت ڪري نه پي سگهيا.
    اهڙن ماڻهن مان هڪ آمريڪي مائي ”اولاسيو ميڪارٽي“ به هئي، اولاسيو جو واسطو نيويارڪ جي شيدي برادريءَ سان هو، پر هن جي ڪهاڻي پڙهي کيس سلام ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، ان ڪهاڻي جو هڪ ٻيو پهلو اهو به آهي ته آمريڪا رڳو وال اسٽريٽ نه پر ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. اُن وقت اولاسيو، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ته سندس ماسي بيمار رهڻ لڳي ۽ ماسهينس کي ڪوبه اولاد نه هو، تنهنڪري سندس سار سنڀال جي سڄي ذميداري اولاسيو جي حوالي ڪئي وئي، هوءَ وري پنهنجي ماسيءَ جي خذمت ۾ ايتري ته محو ٿي وئي جو کانئس اسڪول ڇڏائجي ويو، ائين نيويارڪ جي گهٽين ۽ رستن تي ڪيترائي سال گذري ويس، جڏهن ماسهينس چالاڻون ڪيو ته اُن وقت تائين سندس سڀ خواب مُرجهائجي چڪا هئا، هن شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي پاڙي اوڙي جي گهرن ۾ ٿانوَ ڌوئڻ ۽ ڪپڙا استري ڪرڻ لڳي ۽ ان محنت ۽ مزدوريءَ مان کيس جيڪي ٻه چار ڏوڪڙ ملندا هئا، اهي سندس کاڌي پيتي ۽ ڪپڙي لٽي جي لاءِ ڪافي هئا ۽ کيس ٿوري گهڻي بچت به ٿي ويندي هئي، ان بچت مان هوءَ ضرورت مند ماڻهن جي مدد به ڪندي هئي ۽ ڪجهه وري بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندي هئي، سندس محنت ۽ بچت جو اهو سلسلو جاري رهيو، الائجي ڪيتريون خزائون ۽ بهارون، سيارا ۽ اونهارا گذري ويا، پوءِ جڏهن سندس عمر 87 سال ٿي ته هڪ ڏينهن هوءَ بئنڪ ۾ ويئي ۽ بئنڪ جي آفيسر کيس ٻڌايو ته سندس اڪائونٽ ۾ ڪيترائي لک ڊالر گڏ ٿي چڪا آهن، اهي سندس 75 سالن جي محنت جي بچت جا هئا، هن ڪجهه ڏينهن سوچڻ ۾ گذاريا ۽ پوءِ هن پنهنجي ان دولت کي ٻن حصن ۾ ورهايو، هن ڏيڊ لک ڊالرن مان ’آفريقن آمريڪن‘ شاگردن جي لاءِ هڪ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ۽ باقي رقم هڪ ڪليسا ۽ پنهنجي مٽن مائٽن ۾ ورهائي ڇڏي، هو ايثار ۽ قربانيءَ جو هڪ مثال بنجي ويئي.
    جڏهن آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ”اولاسيو ميڪارٽي“ کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني ته هن جهاز تي چڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، کيس اها مشين غير محفوظ لڳي، هو ريل ۾ ويهي نيويارپڪ پهتي، کيس آمريڪا جي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو، ڪلنٽن جو چوڻ هو ته ”اولاسيو سان سندس ملاقات، سندس زندگيءَ جو نه وسرڻ جوڳو واقعو هو.“ 1995ع ۾ جڏهن هڪ ارڙهن ورهين جي ڇوڪري اسٽيفني کي پهرين ”اولاسيو ميڪارٽي“ اسڪالرشپ ملي ته، اولاسيو جي اکين جي جوت ڏسڻ وٽان هئي. ننڍپڻ کان وٺي اُن وهيءَ تائين کيس تعليم حاصل نه ڪرڻ جو جيڪو ڏک هو، اسٽيفني کي اسڪول ويندو ڏسي کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ پاڻ اسڪول پئي وڃي، اسٽيفني جي مرڪ سندس 87 سالن جي ٿڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، اولاسيوءَ کان ڪنهن پُڇيو ته تو پنهنجي ميڙي چونڊي ڇوڪرين جي لاءِ ڇو وقف ڪئي ته سندس مُک تي مُرڪ پکڙجڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي، ”مردن جي هن دنيا تي عورتن جو پڻ حق آهي، مونکي خبر آهي ته هڪ عورت جي حيثيت سان مون کي ڪهڙين ڪهڙين جُٺين ۽ ڏکيائين سان مُهاڏو اٽڪائڻون پيو، گهر مان ٻاهر نڪرندي ئي اهو احساس ورائي ٿو وڃي ته هيءَ دنيا رڳو مردن جي لاءِ ٺهي آهي، اڃا عورت کي ڪنڌ کڻي هلڻ جي اجازت ڪونهي، اڃا رستي ۾ ڪيترائي ڪنڊا آهن، آئون چاهيان ٿي ته ٻارڙيون به دل سان جيئن، انهن جا به ڪي خواب آهن.“
    اولاسيولا ميڪارٽي هاڻ هن دنيا ۾ ڪونهي، پر هوءَ دنيا جي ماڻهن جي لاءِ هڪ روشن ڪرڻون آهي، آدرشي ماڻهن جي لاءِ سندس نالو اُتساهه جو ڪارڻ آهي، اولاسيو جي زندگيءَ جو وڏو سبق اهو آهي ته اسان پنهنجي محرومين جو ازالو، ٻين جي مدد ڪري به سگهون ٿا.


    عظيم انقلابي مزدڪ

    مزدڪ اهو بدنصيب انقلابي آهي، جنهن بابت اسان تائين جيڪا به معلومات پهتي، اها سندس مخالفن جي ذريعي پهتي، جنهن به مورخ پوءِ ڀلي ان جو ڪهڙي به مذهب ۽ فڪر سان واسطو رهيو هجي، تنهن سندس تعليم کي مسخ ڪري پيش ڪيو، اهو سلسلو صدين تائين جاري رهيو، البت اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن اولهه جي مورخن قديم ايران جي اڻ ڌري تاريخ سهيڙڻ شروع ڪئي ته هنن تعصب جي ان ڍڳ کي صاف ڪيو، جنهن ۾ مزدڪ جون صحيح حالتون دٻيل هيون، مزدڪ جنهن نموني منتشر زندگي گذاري، ان مان اها اميد رکڻ اجائي هئي ته هن پنهنجي نظرين کي سهيڙيو هجي، پر ڪجهه گهڙين جي لاءِ کڻي ائين سمجهجي به ته به هن جي هر لکڻي تعصب جي نظر ٿي ويئي، تنهنڪري هنن مورخن مزدڪ جي دشمنن جي لکڻين مان ئي اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مزدڪ جو فارسي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهرين تذڪرو فردوسيءَ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”شاهنامه“ ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن مزدڪ کي ”سخن گوئي با دانش درائي د کام“ (يعني هڪ شخص (مزدڪ) پيدا ٿيو، جيڪو ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ڪندو هو) جي لقب سان ياد ڪيو آهي.
    مزدڪي تحريڪ کي سمجهڻ لاءِ ايران جي ”ساساني دور“ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اُڀياس ڪرڻون پوندو، تاريخ جي مطالعي مان اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته ايران جي ساساني حڪومتن هڪ اهڙي سماج کي پيدا ڪيو، جنهن ۾ سياست جابريت جي شڪل اختيار ڪري ويئي هئي، وقت جي اشرافيه، عام ماڻهن تي، زندگيءَ جا هڙئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، ان دور جي طبقاتي نظام ۾ دردناڪ حد تائين خاندانيت، ٻانهپ ۽ جاگيرداريت جا خوني چنبا کُتل هئا. ساساني دور ۾ ست اشرافيه گهراڻا اڇي ۽ ڪاري جا ڌڻي هئا ۽ ايران ۾ طبقاتي فرق جا بنياد ايترا ته سگهارا هئا، جو انهن جون حدون مقرر ٿيل هيون، خواص ۽ عوام جي وچ ۾ موجود ان فرق کي ڪير به ختم نٿي ڪري سگهيو. عام ماڻهن کي اميرن جهڙا ڪپڙا پائڻ، انهن جهڙا طور طريقا ۽ شوق شغل اختيار ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. ان کان به وڌيڪ سخت قانون اهو هو ته ڪوبه شخص پنهنجو اباڻون ڌنڌو ڇڏي نٿي سگهيو. جيڪڏهن ڪو شخص هاريءَ جي گهر ۾ جنميو هو ته کيس سڄي عمر هاري ئي رهڻون هو، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن امير گهراڻي ۾ جنميو هو ته کيس ڪابه طاقت سندس خانداني مرتبي کان محروم ڪري نٿي سگهي، اميرن ۽ شاهوڪارن جو حسب نسب ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ قانون جي ذمي هو، عوام کي وڏ گهراڻن جي ملڪيت خريدڻ جي موڪل نه هئي. هارين جي حالت ته عام شهرين کان به خراب هئي. کانئن هر قسم جي ڇيڙ، بيگر ۽ ٻي خذمت ورتي ويندي هئي. کين زمين رکڻ جو حق حاصل نه هو. جنگ جي موقعي تي کين زوري فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو، پر کين ڪوبه اجورو يا پگهار نه ملندي هئي، هڪ مورخ لکي ٿو، ”انهن مسڪين هارين جا وڏا وڏا جٿا فوج جي پويان هلندا هئا، ڄڻ ابدي غلامي هنن جي ڀاڳ ۾ لکيل هئي، ڪنهن به قسم جي پگهار يا اجرت سان سندن حوصلي افزائي نه ڪئي ويندي هئي.“ ڦرلٽ ۽ قبضه گيري ۽ ذخيري اندوزي ايتري ته عام هئي جو مٿين طبقن اناج جا سڀ ذخيرا پنهنجي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا ۽ خدا جي خلق کي بُکن وگهي مرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو، ڏڪار منهن ڪڍيو ته ماڻهن ۾ بي چيني پيدا ٿي ويئي ۽ هو بُکن وگهي مرڻ لڳا. اهو حال ڏسي مزدڪ جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو ۽ هن انقلاب جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ ماڻهون سندس اڳواڻيءَ ۾ اناج جي ذخيرن ۽ گودامن تي ڪڙڪي پيا، ايتريقدر جو شهنشاهه قباد جا اناج جا ذخيرا به بچي نه سگهيا، عوام جي ان انقلاب جي سامهون بادشاهه کي جهڪڻون پيو ۽ اناج جا ذخيرا عوام لاءِ کوليا ويا ۽ عوام بُک مرڻ کان بچي ويو.

    ان واقعي کانپوءِ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ مزدڪيت جا پوئلڳ بنجڻ لڳا، مزدڪ چيو، ”دنياوي ملڪيت مان سڀني کي هڪ جهڙو حصو ملڻ گهرجي.“ مزدڪ سماجي براين جي خلاف کلي عام جدوجهد جو اعلان ڪيو، هن گهر ڪئي ته وڏيرن، جاگيردارن ۽ رئيسن کان سندس ضرورت کان وڌيڪ ملڪيت کسي وڃي، مزدڪ جي نظر ۾ لالچ، جوف ۽ خود غرضي ئي سڀني براين جو بنياد آهي، مزدڪ مذهبي رسمن جي اهميت گهٽائي ،هن جو نظريو اهو هو ته اصل مذهبي ماڻهو اهو هوندو آهي، جيڪو ڪائنات جي اصول کي سمجهي ۽ اُن موجب هلي.هن نفس ڪشيءَ تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته نفساني خواهشون ئي لالچ کي جنم ڏين ٿيون، هو زرتشتي مُلن جي سگهاري پوزيشن تي سخت تنقيد ڪندو هو، سندس خيال موجب انهن زرتشتي مُلن ئي عوام کي محڪوم بڻائي رکڻ لاءِ حڪمرانن جو ساٿ ڏئي غربت وڌائي آهي، مزدڪ جي نظر ۾ خدا هن زمين تي گذران لاءِ گهڻو ڪجهه مهيا ڪيو آهي، پر سگهارن ماڻهن، ڪمزورن کي گمراهه ڪري بالادستي قائم ڪري، اڻ برابري پيدا ڪئي. ان بدبختيءَ جو علاج فقط انصاف جي بحالي آهي ۽ هر شخص ضرورت کان وڌيڪ شين ۾ هڪ جيترو حقدار آهي، ان مقصد جي لاءِ سڀني کي گڏيل بنائڻ گهرجي. وقتي طرح بادشاهه قباد سياسي مصلحت اختيار ڪندي، ان تحريڪ جي حمايت ڪري، سُڌارن جو پروگرام شروع ڪيو، جنهن سان زرتشتي مُلان ۽ جاگيردار قباد جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا ۽ رد انقلاب ۾ 496ع ۾ قباد کي تخت تان لاهي سندس ڀاءُ کي تخت تي ويهاريو. تخت ۽ تاج کي ايئن هٿن مان ويندو ڏسي قباد سڄي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ هڪدم پاسو بدلايو، ٽن سالن کانپوءِ هن ٻيهر زرتشتي مذهب اختيار ڪيو ۽ تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هاڻ هو سمجهي چڪو هو ته مزدڪيت هڪ اهڙو انقلاب آهي، جيڪو هن جي بادشاهت جو خاتمو ڪري ئي دم پٽيندو، تنهن ڪري هن مزدڪين جو قتل عام شروع ڪيو. جنهن جي اڳواڻي سندس پُٽ خسرو اول ڪئي، جنهن کي پوءِ نوشيروان جو خطاب مليو.

    نوشيروان وڏيرن ۽ زرتشتي مُلن جي اڳواڻي ڪري مزدڪيت قبول ڪرڻ جو ڍونگ ڪيو، ان لاءِ هن هڪ جشن ڪوٺايو، جنهن ۾ کيس باقاعده مزدڪيت قبولڻ جو اعلان ڪرڻو هو، هن شاهي باغ ۾ جشن ملهائڻ جي لاءِ سڀني مزدڪين کي دعوت ڏني. پوءِ مقرر ڏينهن تي جڏهن مزدڪين جو هر گروپ باغ ۾ داخل ٿيندو ويو ته اڳواٽ لڪيل فوجين کين جهلي ماري، پوءِ ايئن زمين ۾ مٿي ڀَـر کوڙي ٿي ڇڏيو، جو سندن ٽنگون هوا ۾ ڪنهن وڻ جيان نظر ٿي آيون. جڏهن سڀ قتل ڪيا ويا ته نوشيروان، مزدڪ کي دعوت ڏيڻ ۽ پاڻ هلي وڃي مکيه دروازي تي سندس آجيان ڪئي ۽ پوءِ کيس باغ جو سير ڪرڻ جي دعوت ڏني، اندر وڃي نوشيروان رڙ ڪري هٿين خالي مزدڪ کي چيو، ”بيهي رهو.“ پوءِ هن زمين ۾ کُتل لاشن ڏانهن اشارو ڪندي چيس، ”هي اهو فصل آهي، جيڪو تو پنهنجي شيطاني نظرييءَ سان پوکيو هو.“ هن اشارو ڪيو ۽ فوجين مزدڪ کي کڻي جلهيو ۽ کيس ٻڌي باغ جي وچ ۾ ان مقصد لاءِ خاص تيار ڪيل هڪ مٿاهين هنڌ تي جيئرو ئي زمين ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ سندس جسم تي تيرن جو وسڪارو لاهي ڏنو. اهو واقعو 528ع يا 529ع ۾ پيش آيو. مزدڪين جي ان قتل عام جي باري ۾ تاريخن ۾ آهي ته نوشيروان جي حڪم سان هڪئي ڏينهن ۾ ننڍن وڏن ٽيهن هزارن کان به وڌيڪ مزدڪين کي قتل ڪيو ويو. جنهن جو تفصيل فردوسيءَ شاهنامي ۾ ڏاڍي افسانوي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
    مزدڪي انقلاب حاڪم طبقن، وقت جي وڏيرن ۽ مُلاشاهيءَ جي خلاف هو، جن غلامن کي پيڙي، انهن جي سسئيءَ ۾ رڳو ايترو ساهه ڇڏيو هو، جو هو بس رڳو جيئرو رهي سندن بزگيري ڪندا رهن. اهو ئي سبب آهي، جو مزدڪ ۽ سندس پوئلڳن جي قتل عام کانپوءِ نه رڳو مزدڪي تعليم جي هر لفظ کي مٽايو ويو، پر ماڻهن ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ جي لاءِ مٿس طرح طرح جا الزام هڻي، مٿس ملامتن جا تير وسائي سندس تعليم کي مسخ ڪيو ويو.
    نوشيروان جي هٿان مزدڪ ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي باوجود به ظاهر آهي ته هيڏي وڏي نظريي کي هڪ ئي ڏينهن ۾ ته ختم ڪرڻ ممڪن نه هو، پر اهو نظريو/فلسفو ته مزدڪ جي قتل کانپوءِ به صدين تائين جاري رهيو، بنا شڪ ۽ شبهي جي مزدڪ جي انقلابي تحريڪ اسان جي خطي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي طبقاتي تحريڪ هئي، ڪميونزم ۽ مزدڪيت ۾ سواءِ ان جي ٻيو ڪوبه فرق ڪونهي ته مزدڪيت مذهبي خصوصيت ٿي رکي. ان قتل عام مان جيڪي مزدڪي بچي ويا، اهي ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ايران جي مختلف حصن ۾ وڃي رهيا ۽ پنهنجي سڃاڻپ لڪائي ڇڏيائون ۽ هو ڳجهي نموني مزدڪيت تي عمل ڪندا رهيا، مزدڪ جي فڪر تي ٻڌل دستاويز جو نالو ”ديسند“ آهي، جنهن مزدڪين جي لاءِ مذهبي صحيفي جي حيثيت ٿي رکي.
    وقت گذرڻ سان گڏ ڪيترين ئي تحريڪن تي مزدڪيت جي فڪر جا اثر پسي سگهبا هئا، نائين صدي عيسويءَ ۾ عباسين جي خلاف ”خرمين“ جي ويهن سالن تائين هلندڙ تحريڪ تي مزدڪيت جا اثر ڏٺا وڃن ٿا، ان مهم جو باني ”بالڪ خرم دين“ هو، جيڪو ايران ۾ مسلم خلافت کي مڃڻ کان انڪاري هو، ساڳئي نموني عباسي خلافت دوران سامهون ايندڙ قرامطين جي تحريڪ به هئي، جنهن لاءِ مورخن جو لکڻ آهي ته هنن پنهنجي حدن ۾ هڪ مثالي معاشرو قائم ڪيو هو، اُتي شهرين ۾ ملڪيت جي ورهاست سرڪاري سطح تي ٿيندي هئي، ان کانسواءِ قزلباشي تحريڪ جو حوالو به ڏيئي سگهجي ٿو، هو ڳاڙهي رنگ جو پٽڪو ٻڌندا هئا، ان تحريڪ جو باني شيخ صدر هو، جنهن جي پوٽي اسماعيل ايران ۾ صفوي سلطنت جو بنياد رکيو. مٿين تحريڪن کانسواءِ منظرعام تي ايندڙ انقلابي رجحانن ۽ تحريڪن تي مزدڪيت جي واضح اثر کي ڳولهي سگهجي ٿو.


    آمريڪا جي ترقيءَ جو راز

    آمريڪا جي تاريخ جو اُڀياس ڪندي منهنجو جنهن نقطي ڏانهن گهڻو ڌيان رهيو، اهو هي ته اُهي ڪهڙا بنياد ۽ سبب هئا، جن نه رڳو ٽن سؤ سالن جي آمريڪي تاريخ ۾ کيس متحد رکيو، پر هڪ اهڙي سگهاري حيثيت ڏني، جنهن کيس سپر پاور بنائڻ سان گڏ، عالمي سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. جيتوڻيڪ آمريڪا جي ترقي ۾ انهن ڪروڙين ريڊ انڊين ۽ آفريقي غلامن جي محنت ۽ سگهه به شامل آهي ۽ آمريڪا جي اڄوڪي سُپر پاور جي عمارت انهن جي هڏن مٿان ئي اڏيل آهي. هونئن ته آمريڪي تاريخ جا ڪيترائي اهم پهلو آهن، جن تي ڌار ڌار لکي ۽ بحث ڪري سگهجي ٿو، پر ان جو هڪ رخ ”آمريڪي قيادت“ پڻ آهي. اها آمريڪا جي خوشنصيبي رهي آهي ته کيس ڏينهن اول کان ئي اهڙي قيادت ملي، جنهن لاءِ سياست خدمت ۽ پنهجي قوم جي ترقي رهي آهي. هنن وٽ پنهنجي ذاتي اقتدار، خواهشن ۽ مفادن کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ جي ترقي، جمهوري روايتن جي پاسداري ۽ تعليم جهڙا هٿيار رهيا آهن. جارج واشنگٽن آمريڪا جو پهريون صدر هو، کيس تاحيات صدر رهڻ يا بادشاهه جو لقب اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني ويئي، پر هن پنهنجو صدارتي مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ اقتدار جي ڪرسي خالي ڪري هڪ اهڙي روايت جو بنياد وڌو، جنهن اڳتي هلي آمريڪا جي جمهوري نظام کي سگهارو ڪيو. ٿامس جيفرسن آمريڪا جي Founding Fathers ۾ شامل آهي. سندس ڪارنامن جي هڪ وڏي فهرست آهي، پر کيس پنهنجي جنهن ڪارنامي تي سڀ کان وڏو فخر هو، اهو ”يونيورسٽي آف ورجينيا“ جو قيام هو. سندس خواهش هئي ته سندس وطن واسي اهو نه وسارين ته هن هڪ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو هو. اُن يونيورسٽيءَ جي عمارت به پاڻ ئي ڊيزائن ڪئي هئائين. چرچ جي تسلط کان آزاد يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو معيار مذهب ۽ دولت بدران فقط قابليت هئي. صدارت جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هو سترهن سال جيئرو رهيو ۽ اهو سڄو وقت هن يونيورسٽي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هو هڪ عالم، فاضل ۽ مدبر اڳواڻ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هو، سندس چوڻ هو ته: ”آئون ڪتابن کانسواءِ جيئرو رهي نٿو سگهان، ڪتاب منهنجي لاءِ روشني به آهن ته خوشبوءِ به.“ جيفرسن جا لکيل هي لفظ هاڻ آمريڪي آئين جو حصو آهن. ”اسين چوڌاري نظر ايندڙ ان سچائيءَ جا شاهد آهيون ته سڀني انسانن کي برابر خلقيو ويو آهي، خدا کين خاص حقن سان نوازيو آهي، اهي حق جيڪي نه کسي سگهجن ٿا ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻي کي ڏيئي سگهجن ٿا. انهن حقن ۾ آزادي ۽ خوشيءَ جي جستجو شامل آهي.“
    آمريڪا جي تاريخ ۾ ٽي موڙ اهڙا آيا، جڏهن اُن وقت جي آمريڪي قيادتن جي درست فيصلن نه رڳو آمريڪا پر عالمي تاريخ تي به گهرا اثر ڇڏيا، ان سلسلي ۾ پاڻ هت ٽن مثالن جو سهارو وٺنداسين.
    آمريڪا جي سورهين صدر ابراهام لنڪن، پنهنجي صدارت جي پهرين دور (1860 – 1864) ۾ غلامي جي خاتمي جو اعلان ڪيو، انهن ڏينهن آمريڪا جو ڏکڻ واريون رياستون غلاميءَ جي حق ۾ هيون، جڏهن ته اُتر واريون رياستون غلاميءَ کي ناجائز سمجهنديون هيون. لنڪن جي صلاحڪارن جو خيال هو ته لنڪن جيڪڏهن ٻيهر چونڊ کٽڻ چاهي ٿو ته کيس اهو اعلان واپس وٺڻ گهرجي. لنڪن ڪيترائي مهينا سوچ ويچار ۽ ذهني ڇڪتاڻ ۾ رهيو، کيس ان قسم جو قدم پنهنجي اصولن جي ابتڙ نظر آيو. هن پاڻ کان سوال ڪيو ته، ”ڇا غلاميءَ کي جائز قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟“ سندس دل جي گهراين مان انڪار جي صدا بلند ٿي ۽ نيٺ هن اهو ئي فيصلو ڪيو، جيڪو هڪ باضمير شخص کي ڪرڻ گهرجي ها. هن ڏکڻ جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪندي، غلامي جي خاتمي جي اعلان کي برقرار رکيو، ان موقعي تي هن تاريخي لفظ چيا:
    I’d rather be right being the President.
    وقت ڏٺو ته غلاميءَ جي لعنت جو به خاتمو ٿيو ۽ لنڪن ٻيهر آمريڪا جو صدر به چونڊجي ويو.
    ٻيو مثال صدر روز ويلٽ جو آهي، 1940ع ۾ فرينڪلن ڊي روز ويلٽ آمريڪا جو صدر هو، هو ان کان اڳ ٻه ڀيرا صدر چونڊجي چڪو هو ۽ هاڻ کيس ٽيون ڀيرو صدر بنجڻ جي خواهش هئي. سندس ساٿين جو چوڻ هو ته آمريڪا کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، پر روز ويلٽ جو خيال مختلف هو، هن چونڊن کان فقط هڪ هفتو اڳ اهو تاريخي اعلان ڪيو، جنهن جي ڪري آمريڪا کي ٻي جنگ عظيم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو، روز ويلٽ چيو ته: ”آئون اهڙي ملڪ جو صدر بنجڻ نٿو چاهيان، جنهن جو دنيا جي سياست ۾ ڪو به ڪردار نه هجي“. پوءِ دنيا ڏٺو ته روز ويلٽ جي چونڊ کٽڻ سان نه رڳو آمريڪا ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر ان جنگ ۾ حصي وٺڻ جي ڪري آمريڪا عالمي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. وقت گذرڻ سان گڏ آمريڪا سُپر پاور بنجي ويو. جيڪڏهن صدر روز ويلٽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو نه وٺي ها ته آمريڪا جو عالمي سياست ۾ ڪو به ڪردار نه هجي ها ۽ دنيا جي ڇيڙي نبيري جرمني ۽ جپان جي هٿن ۾ هجي ها ۽ جنگ جي پُڄاڻي به ڪنهن ٻي نموني ٿئي ها.
    ٽيهن سالن کانپوءِ آمريڪي تاريخ ۾ هڪ ٻيو اهو مرحلو اچي ٿو، 1963ع ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ورهائجي چڪو هو، صدر جان ايف ڪينيڊي کي ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي مسئلن کي مُنهن ڏيڻون پيو، جن ۾ ڪيوبا ڪرائسس، برلن جي ڀت، خلائي ڊوڙ، سول رائيٽس جي تحريڪ ۽ ويٽنام ۾ جنگ جي شروعات. هن جڏهن ڪانگريس ۾ ”سياسي حقن جو بل“ پيش ڪرڻ ٿي چاهيو. جيئن ئي اهو بل پيش ٿيو ته ڏاکڻين رياستن جا لکين ووٽر سندس مخالف بنجي ويا. سندس ڀاءُ کيس چيو ته سندس اهو قدم ايندڙ چونڊن ۾ کيس شڪست ڏيارڻ جو سبب بنجي سگهي هو. ڪينيڊي مُرڪڻ کانپوءِ فقط ايترو چيو ”.جيڪڏهن مونکي اصولن جي بنياد تي شڪست ملي ته قبول ڪري وٺندس.“ جان ايف ڪينيڊي کي آمريڪا جي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. هو 1960ع ۾ رچرڊ نڪسن کي شڪست ڏيئي آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو. هُو اڪيلو آمريڪي صدر هو جنهن کي هڪ بهترين ڪتاب لکڻ تي پلٽرز ايوارڊ (Palter Award) ڏنو ويو، Profiles in Laurage نالي اهو ڪتاب انهن آمريڪي اڳواڻن جي ذڪر تي مشتمل آهي، جن سياست جي لاءِ پنهنجن نظرين کي قربان ڪرڻ کان نابري واري. قومن جي تاريخ ايئن ڪو نه ٿي بدلجي، ان جي پويان سٺي قيادت کانسواءِ عمل جو هڪ داستان به هوندو آهي.
    ابراهام لنڪن، روز ويلٽ ۽ جان ايف ڪينيڊي ڪي غير فاني انسان نه هئا، هو ايترا ئي موقعي پرست ۽ چالاڪ سياستدان هئا، جيترا سندن ٻيا همعصر سياستدان هئا. انهن ۾ به پاڻ وڻائڻ، پڏائڻ ۽ اقتدار جي حصول جي خواهش هئي. پر ان هوندي به هنن اهم موقعن تي سچائي جو پلئه هٿان نه ڇڏيو، ان حد تائين جو پنهنجي سياسي زندگي ۽ صدارت به داءُ تي لڳائي ڇڏيائون. جيڪڏهن لنڪن مڙسي نه ڪري ها ته آمريڪا جا ڪيترائي ٽڪر ٿي وڃن ها. روز ويلٽ جنگ کان لهرائي ها ته اڄ دنيا تي جرمني ۽ جپان حاوي هجن ها، ڪينيڊي انساني حقن جو بل پيش نه ڪري ها ته اڄ آمريڪا بدترين نسلي متڀيد جو شڪار هجي ها. آمريڪا جا هيستائين ڇائيتالهه صدر بنجي چڪا آهن.جڏهن به انهن ڇائيتاليهن صدرن مان ٽن عظيم صدرن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ته هر ڀيري ابراهام لنڪن، جارج واشنگٽن ۽ روز ويلٽ ئي چونڊيا ويندا آهن. انهن مان به ابراهام لنڪن کي پهرئين نمبر تي رکيو ويندو آهي، هر نئين سروي ۾ لنڪن جي مقبوليت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هو انهن ماڻهن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جي عظمت جو راز هوريان هوريان آشڪار ٿيندو ٿو وڃي. آمريڪي آئين سان محبت ۽ قانون جي بالادستيءَ جو عزم، اهي ٻه اهڙا گُڻ هئا، جن ۾ هو پنهنجن هم وطنن کان اڳڀرو هو. هوءَ بهترين مقرر، فراخدل، بهادر، موقعي شناس، قومپرست ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ جو پڻ ماهر هو، کيس آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان اهم دستاويز Declaration of Independent (اعلان آزادي) سان جنون جي حد تائين عشق هو، سندس چوڻ هو ته آمريڪا آئين کي ان دستاويز جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ گهرجي، سندس هي مشهور جملو اڄ به حوالي طور استعمال ٿئي ٿو.
    Govt of the people, by the people, for the people.
    جان آف ڪينيڊي چوندو هو:
    Ask not what your country can do for you, ask what you can do for your country
    (اهو نه پڇو ته اوهانجي وطن اوهانکي ڇا ڏنو، پر اهو ضرور پڇو ته اوهين ان کي ڇا ٿا ڏيئي سگهو.)
    آمريڪا جي پاليسين ۽ شيطان گيرين سان ڪيترائي اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر اهو مڃڻون پوندو ته آمريڪا جي قيادت سدائين فيصلا پنهنجي ملڪ جي مستقل مفاد کي اڳيان رکي ڪيا آهن ۽ وقت اچڻ تي بي حد ڏکيا فيصلا ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو آهي. نه رڳو آمريڪا پر هر ملڪ ۽ قوم کي ڪن مرحلن ۾ تمام اهم فيصلا ڪرڻا ٿا پون ۽ اهي ئي فيصلا ۽ قيادتن جا درست قدم قومن کي ٻوڙين به ٿا ته تارين به ٿا.


    قومن جي ترقي ۽ قومي قيادتون

    قومن ۽ ملڪن جي ترقي جو هڪ راز اهو به آهي ته سندن قيادتن وڏي ذميواريءَ سان پنهنجا فرض نباهيا آهن ۽ هنن وٽ پهريون ۽ آخري حدف پنهنجي قوم جي ترقي ۽ انهن جا مفاد هوندا آهن. آمريڪي تاريخ پڙهندي، مونکي جنهن نقطي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، اهو اتان جي قيادتن پاران نهايت ڏکين گهڙين ۾ ذاتي مفادن کان هٽي ڪري قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ آهي. ائين دنيا جي ٻين قومن جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته اُتان جي قيادتن، پنهنجن قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيون ۽ هنن بيمار ۽ پٺتي پيل قومن ۾ اهڙو ته روح ڦوڪيو، جو اهي قومون پَٽ تان کڄي ڇَٽ تي پهچي ويون، پر اها به حقيقت آهي ته جتي قومن جي ترقي جي پويان قيادتن جو هٿ آهي، اتي قومن جي تباهي ۽ تنزليءَ جو وڏو ڪارڻ به قيادتون ئي آهن، جهڙوڪ پاڻ هٽلر ۽ مسولينيءَ جا مثال ڏئي سگهون ٿا.
    هٽلر پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ جرمن قوم ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ جرمنيءَ کي ايترو ته مٿي کڻي آيو، جو ان وقت جون سپر طاقتون برطانيا ۽ فرانس به کائنس ڪَن هڻڻ لڳيون، پر پوءِ ملڪ گيريءَ جي حوس ۽ برتريءَ جي احساس سبب نه رڳو هٽلر ٻي جنگ عظيم جي شروع ٿيڻ جو سبب بڻيو، پر جرمني جي تباهي ۽ جرمني جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ به سندس ئي کاتي ۾ لکجي ٿو.
    گذريل صديءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اڳواڻ پيدا ٿيا، جن پنهنجي قومن کي نئين سگهه ۽ توانائي ڏني ۽ پنهنجن ملڪن جون قيادتون ڪندي کين ترقي جي اهڙي ته شاهراهه تي چاڙهيو، جو انهن حيرت انگيز ترقي ڪئي، انهن مان هڪ گذريل مهيني وفات ڪري ويندڙ جديد سنگاپور جو باني ’لي ڪو آن يوڪا‘ به شامل آهي، ’لي ڪو آن‘ ايشيائي تاريخ جو اهم باب آهي، هن جي 91 سالن جي عمر ۾ وفات سان جيتوڻيڪ هڪ باب جي پڄاڻي ٿي، پر هن جي قيادت ۾ سنگاپور جيڪا حيرت انگيز ترقي ڪئي، ان سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، اهو سندس ئي قيادت جو معجزو هو، جو هن هڪ ننڍي ٻيٽ کي ٽين دنيا جي ڌٻڻ مان ڪڍي ترقي يافتا ملڪن جي پهرين قطار ۾ اچي بيهاريو ۽ سندس قيادت کي مثالي قيادت چيو ويو.
    جيتوڻيڪ ’لي ڪو آن‘ جي شهرت هڪ آمر واري به رهي، پر سنگاپور جي معاشي ترقي ۽ معاشي خوبين بار بار اهو سوال اٿاريو ته ڇا گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ايشيائي ملڪ ۽ ماحول ۾ جمهوري نظام جي ذريعي ترقي ۽ خوشحالي جو باب پورو ٿي سگهي ٿو، اسين جڏهن ايشيا ۾ جمهوريت جي ڳالهه ٿا ڪريون ته چين ۽ هندستان جا حوالا ۽ مثال ضرور ڏيون ٿا. چين آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، اهو هڪ ڪميونسٽ يا اشتراڪي ملڪ آهي ۽ هڪ جماعتي نظام قائم اٿس ۽ هڪ جماعتي حڪمراني کي جمهوريت چئي نٿو سگهجي، هندستان جي جمهوريت کي واکاڻيو ويندو آهي، اڄڪلهه هندستان جي معاشي ترقي کي واکاڻيو پيو وڃي، هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي، پر چين، آمريڪا کان پوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي.
    ڳالهه سنگاپور جي پئي هلي ته سنگاپور جي آبادي لڳ ڀڳ 55 لک آهي، يعني پاڻ هيئن کڻي چئون هڪ ڪراچي مان ٽي سنگاپور بڻجي وڃن، ۽ پکيڙ 650 هم چورس ڪلوميٽر اٿس. دنيا جي نقشي تي هڪ ٽٻڪي جيان وجود رکندڙ ۽ قدرتي وسيلن کان محروم هن ٻيٽ هڪ اهڙو اڳواڻ جنم ڏنو، جنهن جي شخصيت، حڪمراني ۽ ڪارنامن تي سڄي دنيا ۾ بحث جاري آهي.
    ’لي ڪو آن‘ جي حڪمرانيءَ جو طريقو ئي پنهنجو هو، هن جو فلسفو ئي الڳ هو، مثال طور هن اها تحريڪ هلائي ته شهري هڪٻئي سان مُرڪي ملن، ٽوائلٽ کي فليش ضرور ڪن، چيونگم نه کائين، رستن تي ڪن ڪچرو نه اُڇلين انهن حڪمن تي ايتري ته سختي سان عمل ٿيو، جو ڊپ جي فضا به طاري رهي.
    ’لي ڪو آن‘ هڪ شهري رياست جو اڳواڻ هو، جنهن جي صلاحيت نه رڳو سنگاپور کي زبردست معاشي ترقي وٺرائي، پر هڪ اهڙي سماج ۾ قومي وحدت پيدا ڪئي، جيڪو نسلي ۽ مذهبي سطح تي ورهايل هو، سنگاپور جي لڳ ڀڳ 77 سيڪڙو آبادي چيني نسل جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. ملائي آبادي جو 14 سيڪڙو آهن ۽ جيڪي لڳ ڀڳ سڀ مسلمان آهن، اٺ سيڪڙو جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي، جيڪي لڳ ڀڳ سڀ هندو آهن. ان پسمنظر ۾ لي چيني قوم جي تهذيبي روايتن ۽ ايشيائي قدرن کي جوڙي، ائين کڻي چئجي ته هڪ نئين قوم جو بنياد رکيو ۽ جوڙيل فارمولن تي سختي سان عمل ڪيو. ڏور اوڀر جي ملڪن جي ڪلچر تي ڪنفيوشس جو ڳوڙهو اثر آهي، ان جو هڪ اصول اهو آهي ته فرد ايترو اهم ڪونهي، جيترو سماج. اولهائين جمهوريت ۾ فرد جي آزادي سڀ کان اهم آهي. جاپان، چين ۽ ڪوريا جي سماجن ۾ بزرگن جي احترام ۽ محنت سان پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ کي اهميت ڏني وڃي ٿي، اتي مذهب جو ڪو به ڪردار ڪونهي، لي چوندو هو ته: سندس ڪا به آئيڊيالاجي يعني نظريو نه آهي، ڪنهن به مسئلي جي نبيري لاءِ جيڪو به طريقو عمل جوڳو ۽ فائديمند آهي، اهو ئي بهتر آهي، چين جي معاشي ترقي جو بنياد رکندڙ ’بينگ سيائوپنگ‘ به ان قسم جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن ڪنهن کيس چيو ته ”تون ته ڪميونسٽ آهن پوءِ به سرمائيداري نظام جا ڪيترائي طريقا اختيار ڪري رهيو آهين“. ته هن وراڻيو: ”جيڪڏهن ٻلي ڪوئي کي جلهڻ ڄاڻي ٿي ته پوءِ ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي ته اهو ڪهڙي رنگ جو آهي.“ هڪ ارب کان به وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ چين ۾ لي جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ چيني اڳواڻ ساڻس لڳاتار رابطي ۾ رهندا هئا، چيني اڳواڻن سان لي جي ويجهڙائپ جو هڪ مثال اهو آهي ته 1976ع کان پوءِ لي 33 ڀيرا چين ويو، چين کان سواءِ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ به ليءَ کي قدر جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو، گهڻن کي ياد هوندو ته 20 سال اڳ نواز شريف پنهنجي پهرين حڪومتي دور ۾ لي کي پاڪستان مدعو ڪيو هو ۽ پنهنجي ڪابينا جي وزيرن سان ملايو هو، باقي نواز شريف ۽ سندس وزيرن ليءَ مان ڪيترو سکيو، اهو چئي نه ٿو سگهجي. ڪجهه سال اڳ لي جو اهو تبصرو ڪٿي ڇپيو هو ته : ”آئون انهن ماڻهن کي ڇا سمجهايان جيڪي چون ٿا ته سندن اصلي احتساب ته سندن مرڻ کان پوءِ ٿيندو.“
    جيئن مٿي چيو ويو آهي ته لي تي آمراڻي طريقي سان حڪومت ڪرڻ جا الزام پڻ لڳندا رهيا، پر لي جنهن نموني سنگاپور کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو، ان جي وڏي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، اهو ڪم ته چين کان به ٿي نه سگهيو، سنگاپور ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون تمام گهڻيون آهن، پر انهن ڳالهين جو مطلب اهو به ڪونهي ته لي جي ڪاميابي جمهوريت جي نفي ڪري ٿي، سنگاپور ۾ اڄ به شهري جمهوري آزادين جي خواهش رکن ٿا، جنهن جو لي کي پنهنجي آخري سالن ۾ اندازو ٿي ويو هو ته هڪ خوشحال سماج جمهوريت جي حصول جي ڪوشش ڪندو. ڏکڻ ڪوريا جي به اها ئي ڪهاڻي آهي، هڪ فوجي آمر پنهنجي ملڪ کي مادي انساني وسيلن سان مالا مال ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ جمهوريت جون پاڙون پختيون ٿيون. موٽروي جو سبق به ته ڪوريا کان ئي سکيو ويو، پر اسان وٽ وڏو مسئلو اهو آهي ته حڪومتون جمهوري هجن يا غير جمهوري، هر حڪمران کي مسيحا جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، پر اها مسيحائي عوام لاءِ، ملڪ جي ترقي جي لاءِ نه پر، پنهنجن اثاثن کي وڌائڻ، ڪرپشن، اقربا پروري، سفارش ۽ رشوت وڌائڻ ۾ ڪم اچي ٿي ۽ نظر ته ائين ٿو اچي ته في الحال ته پاڻ وٽ ملڪي مسئلن کي نبيرڻ ۽ عوام کي گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ جو حل ڪنهن وٽ به ڪونهي.
    ڏور اوڀر جي ملڪن جي ترقيءَ جو بنياد انهن جو ڪلچر آهي، جنهن ۾ تعليم جي، محنت جي، اجتماعي مفاد ۽ پنهنجي ڪٽنب، پنهنجي اداري سان وفا ڪرڻ جي وڏي اهميت آهي، ٻي پاسي پاڻ فڪري، سڀيتائي ۽ اخلاقي معنيٰ ۾ تشويشناڪ حد تائين پٺتي پيل آهيون، ان جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڊگهي عرصي کان اهڙو اڳواڻ ملي نه سگهيو آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين تبديليءَ جي عمل جي نگراني ڪري سگهي.
    لي 1959ع کان وٺي 1990ع تائين سنگاپور جو وزير اعظم رهيو، پوءِ پاڻ ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ڪابينا جو سينيئر وزير بڻجي ويو ته جيئن نئين قيادت اڳيان اچي سگهي. هن وقت لي جسماني طور تي هن دنيا ۾ ڪونهي ۽ هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته ايندڙ سالن ۾ سنگاپور ۾ ڪهڙي ٿي تبديلي اچي، البت اها ڳالهه طئي آهي ته هاڻ لي جي زماني جي آمريت باقي نه رهندي ۽ نه وري واپس ايندي . عام انسان هر هنڌ پنهنجي حقن ۽ پنهنجي آزاديءَ جي حصول لاءِ سرگرم رهندو، هو معاشي خوشحالي ئي نه پر ٻين نعمتن جي گهر به ڪندو. آمريڪا جي آئين ۾ ته خوشي جي جستجوءَ جو ذڪر ڪيل آهي، آزادي هڪ وسيع تصور آهي، ان تصور ۾ گهڻو ڪجهه شامل آهي ۽ ان وسيع تصور ۾ اٽو، لٽو، اجهو، تعليم، صحت ۽ روزگار جو حق، بهتر معاشي زندگي، بهتر ۽ روادار سماج جي تعمير، هر ڪنهن کي مذهبي ۽ صنفي آزادي، امن امان، جان ۽ مال جي حفاظت رياست پاران شهرين کي مهيا ڪرڻ شامل آهي.
    اسان جهڙن معاشرن لاءِ اهو هڪ خواب آهي، پر دنيا ۾ اهو خواب حقيقي شڪل وٺي چڪو هو، سوشلسٽ سماج ان جي مثالي شڪل هئي، پر ڏٺو وڃي ته اڄوڪين حالتن ۾ ڇا ان قسم جي سماج جي اڏاوت اسان جي وس ۾ آهي؟ جي نه ته پوءِ اسين ڪهڙي ملڪ ۽ ڪهڙي سماج کي ”رول ماڊل“ جو درجو ڏئي سگهون ٿا، اهو سوال بظاهر ڪيترو نه سولو آهي، پر پاڻ ان جو ڪهڙو جواب ڏيون، اوهين به ان تي ٿورو سوچيو؟
    (روزاني سوڀ- 2015ع)


    بوسٽن ٽي پارٽي

    ڪڏهن ڪڏهن ڪي ننڍا واقعا وڏن واقعن جو پيش خيمون ثابت ٿيندا آهن ۽ اهي قومن جون تقديرون بدلائڻ سان گڏ، تاريخ جو رخ ئي موڙي ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهو سوچڻ لڳندو آهي ته جي ايئن نه ٿئي ها ته...؟ لينن جي ڀاءُ اليگرينڊر کي جيڪڏهن زار شاهي حڪومت ڦاسي نه ڏي ها ته شايد لينن جي جيون ڪهاڻي ڪجهه ٻي قسم جي هجي ها، مسولينيءَ کي جيڪڏهن سئيزرلينڊ مان نوڪريءَ مان نه ڪڍيو وڃي ها ته هو هڪ گمنام قليءَ جي حيثيت سان سئيزرلينڊ ۾ ئي مري کپي وڃي ها ۽ فاشزم جو عروج ۽ اٽليءَ جو ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ڪُڏي پوڻ ۽ لکين ماڻهن مرڻ جو هاڃو نه ٿئي ها. هندستان ۾ جيڪڏهن انگريز ديسي سپاهين کي سوئر ۽ ڳئون جي چرٻيءَ وارا ڪارتوس نه ڏين ها ته هنن جا مذهبي جذبا مجروح نه ٿين ها ۽ هو ميرٺ ۾ بغاوت نه ڪن ها ۽ 1857ع جي جنگ آزادي نه ٿئي ها. ائين جيڪڏهن تيونس ۾ هڪ نوجوان بي روزگاريءَ کان تنگ ٿي احتجاج طور پاڻ کي ساڙي آپگهات نه ڪري ها ته ”عرب اسپرنگ“ جي شروعات نه ٿئي ها ۽ تيونس، مصر، يمن ۽ لبيا ۾ حڪومتون تبديل نه ٿين ها ۽ قذافي ايئن صحرا ۾ نه ماريو وڃي ها. البت اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن واقعن يا تبديلين جي لاءِ ماحول اڳ ۾ ئي تيار هو، رڳو تيلي ڏيڻ جي دير هئي، هائو، ايئن به آهي، اهي واقعا ضرور رونما ٿين ها، پر انهن جي نوعيت ٻي قسم جي هجي ها.
    آمريڪا جيڪو اڄ سپر پاور جي حيثيت رکي ٿو ۽ دنيا جي ڇيڙي نبيري پنهنجو حق سمجهي ٻين قومن تي ڪڏهن لٺ ته ڪڏهن چٺ جي ذريعي پنهنجا فيصلا مڙهي ٿو، ان جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي به ڪونهي، ڪولمبس جيڪو جنيوا ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي ماهر ملاح ثابت ٿيو ۽ دنيا جهان جا ڌڪا جلهيندي اسپين نه اچي ها ۽ اسپين جي راڻي ازابيلا سندس مدد ۽ ساڻس سهڪار نه ڪري ها ته آمريڪا جي نئين دنيا دريافت نه ٿئي ها، ائين به ڪونهي ته جي ڪولمبس هندستان جي بحري رستي جي ڳولا ۾ ڀُلجي آمريڪا وڃي نه نڪري ها ته ڪر آمريڪا نه لڀجي ها، ايئن ناهي، هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪولمبس کان صديون اڳ هڪ ملاح ’ليف ايرڪسن‘ آمريڪا پهتو هو ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ وائڪنگ ملاح ايرڪسن ۽ ڪولمبس جي وچ واري عرصي ۾ ڪيترن ئي ملاحن ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪيو، تاريخي لحاظ کان ”ليف ايرڪسن“ هڪ غير اهم شخصيت هئي، هن جي ڳولائن جو احوال ڪڏهن به عام نه ٿيو، نه ئي وري اهي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪنهن قسم جون تبديلون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ٻي پاسي ڪولمبس جي ڳولا جي قصن جهنگ جي باهه جو ڪم ڪيو ۽ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويا، هن جي واپسيءَ کانپوءِ انهيءَ نئين دنيا جي ڳولا جي سنئين سڌي نتيجي ۾ انهيءَ نئين دنيا طرف ڪيتريون ئي مهم جو ٽوليون روانيون ٿيون ۽ انهن نون علائقن جي فتحن ۽ ڪالونين جي آبادڪاريءَ جو سلسلو شروع ٿيو، ڪولمبس آمريڪا 1492ع ۾ ڳولي لڌو، هت اها ڳالهه به چئجي ته جي ڪولمبس آمريڪا ڳولي نه لهي ها ته دير يا سوير ڪنهن انگريز يا فرينچ مهم جوءَ جي هٿان لڀجي پوي ها، پر انهي کانپوءِ جيڪا ترقي ٿي آهي، انهي جي نوعيت ڌار هجي ها.
    آمريڪا جي تعمير، ترقي ۽ اڏاوت جي پويان انهن ڪروڙين ريڊ انڊين ۽ آفريقي غلامن جون هڏيون به شامل آهن، جن جي قربانين آمريڪا کي عروج ڏنو، آمريڪا آزاد ملڪ هئڻ کان اڳ برطانيا جي ڪالوني هو ۽ آمريڪا جي آزاديءَ جي تاريخ به ڏاڍي دلچسپ آهي ۽ انهيءَ جي آزادي جي پويان به هڪ واقعو شامل آهي، هاڻ اهو تاريخ ۾ ”بوسٽن ٽي پارٽي“ جي نالي سان مشهور آهي، بوسٽن ٽي پارٽي کي آمريڪا جي آزادي جي جنگ جي شروعات چئي سگهجي ٿو، سترهين صدي عيسوي جي آخري ڏاڪي ۾ برطانوي پارليامينٽ آمريڪا تي ٽئڪسن جي ڀرمار لاهي ڏني هئي، لازمي آهي ته اهي ٽئڪس برطانيا جي ٻين مهمن ۾ ڪم ايندا هوندا، برطانوي پارليامينٽ جو اهو طرز عمل ايترو ته وڌيو، جو هڪ ڏينهن Tea Act جي شڪل ۾ پارليامينٽ چانهه تي ڳرو ٽئڪس لاڳو ڪيو، آمريڪا برطانيا جي ڪالوني هو ۽ اتي جي حڪمران طبقي ان نئين جنت جي سڄي دولت ميڙڻ ۽ هڙپ ڪرڻ ٿي چاهي، پر مقامي ماڻهن کي اها ڦرلٽ منظور نه هئي، جنهن جو نتيجو احتجاج جي صورت ۾ نڪتو، پهرين ته پُرامن احتجاج ڪيو ويو، پر تاريخ شاهد آهي ته جڏهن پُرامن احتجاج تي ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ۽ احتجاجين جي ڳالهه نه ٻُڌبي آهي ته نتيجو بغاوت جي شڪل ۾ نڪرندو آهي، هوريان هوريان اهو احتجاج بغاوت ۾ بدلجڻ لڳو. انهن ڏينهن برطانيا مان ٽي بحري جهاز بوسٽن بندرگاهه تي اچي لنگرانداز ٿيا، انهن جهازن تي چانهه لڏيل هئي، جيڪا آمريڪا ۾ وڪري لاءِ آندي وئي هئي، بوسٽن جي رهاڪن ”مهاڪ انڊينز“ جو روپ ڌاري انهن جهازن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هزارين مڻ چانهه کڻي سمنڊ ۾ اُڇلي ٻوڙي ڇڏي، اهو واقعو 16 ڊسمبر 1773ع تي پيش آيو، چانهه جي غرقابيءَ جي واقعي تي وڏي هاءِ گهوڙا مَتي، تاج برطانيا جي لاءِ اهو واقعو ڪو معمولي واقعو نه هو، کيس ايئن لڳو ته سمنڊ ۾ چانهه جي پتي نه پر هن جو سڄو شان ۽ شوڪت، ٺٺ ۽ ٺانگر، غرور، انا ۽ دٻدٻو غرق ٿي ويو هجي. برطانوي وزيراعظم ۽ پارليامينٽ ان کي باغياڻو عمل قرار ڏنو ۽ ان کانپوءِ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو، پر شايد کين خبر نه هئي ته تاريخ سندن قدمن کان اڳ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي هئي، اهو ننڍو واقعو، جيڪو برطانيا جي پارليامينٽ کي باغياڻون عمل لڳو، تنهن سان آزاديءَ جي جدوجهد کي مهميز ملي ۽ 1775ع ۾ آزادي جي جنگ جو طبل وڄڻ لڳو، ان واقعي کي اڳتي هلي ”بوسٽن ٽي پارٽي“ جو نالو ڏنو ويو ۽ اها جنگ ڪجهه عرصي کانپوءِ نئين ملڪ ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا“ جي صورت ۾ پنهنجي انجام تي پهتي. ان جنگ جي اڳواڻي جارج واشنگٽن ڪئي، جارج واشنگٽن گڏيل آمريڪا جو پهريون صدر چونڊيو ويو، هن پنهنجي صدارت جا ٻه دور پورا ڪري، رٽائرڊمينٽ وٺي ورجينيا ۾ پنهنجي گهر ’مائونٽ ورنن‘ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪئي، آمريڪا جي اها خوش قسمتي آهي ته ان کي شروعاتي دور ۾ جارج واشنگٽن ۽ ٿامس جيفرسن جهڙا اڳواڻ مليا، جن آمريڪا کي مستقبل جي عظيم طاقت بنائڻ ۾ شروعاتي طور اهڙا قدم کنيا، جن تي اڳتي هلي آمريڪا جي اڏاوت ٿي، جارج واشنگٽن جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنهنجي مشهور ڪتاب ”The 100“ ]هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون[ ۾ کيس رومي سلطنت جي اڳواڻ آگسٽس سيزر سان ڀيٽيو آهي ۽ کيس ڪاميابين جي حوالي سان ان جي ويجهو قرار ڏنو آهي ۽ ڏکين وقتن ۾ جيڪڏهن قومن کي صحيح ۽ مناسب قيادت ملي وڃي ته اها قوم منزل ماڻي ٿي. جارج واشنگٽن جي حوالي سان مائيڪل هارٽ لکي ٿو، ”جارج واشنگٽن جنگ ۽ امن ٻنهي حالتن ۾ اعليٰ سربراهيءَ وارين اڻ ٽر ضرورتن کي پورو ڪيو، جن کانسواءِ ڪا به سياسي تحريڪ ڪامياب ٿي نٿي سگهي.“
    پر هتي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ ۾ آمريڪا کي جارج واشنگٽن جهڙو اڳواڻ تڏهن مليو، جڏهن ”بوسٽن ٽي پارٽي“ جو واقعو ٿيو. سورهين ڊسمبر جي اها رات، فيصلو ڪندڙ رات هئي، ڇو ته ٻي ڏينهن سمنڊ جنهن سج کي اُڀرندي ڏٺو، اهو غلامي نه پر آزاديءَ جو سج هو، بوسٽن ٽي پارٽي هاڻ هڪ علامت بڻجي چڪي هئي، احتجاج ۽ آزاديءَ جي، ته غفلت جي خواب مان رڳو سُجاڳ ٿيڻ جي دير آهي، هر قوم ”بوسٽن ٽي پارٽي“ ملهائي ٿي، بيٺڪي نظام جي پُڄاڻي هر ڀيري بوسٽن ٽي پارٽيءَ تي ٿئي ٿي، وقت بدلجي ويو آهي، دنيا جون قومون سامراجي طاقتن کان آزاد ٿي ويون آهن، ڪجهه اڃا آزاديءَ جي ويڙهاند ۾ رڌل آهن. بوسٽن ٽي پارٽي آزاديءَ جو نشان آهي، ٻه سؤ سال اڳ ان رات سمنڊ تي جيڪو انڌيرو ڇانيل هو، اُتي هاڻ روشني ئي روشني آهي، رات جيتري اونداهي هوندي آهي، صبح اوترو ئي سُهائو هوندو آهي.


    مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي...!

    سال 1991ع ۾ بنگلاديش ۽ ٻين 28 ميمبر ملڪن يونيسڪو جي جنرل ڪانفرنس ۾ 21 فيبروريءَ کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جي قرارداد پيش ڪئي، جيڪا يونيسڪو رواداري، ڀائپي ۽ قبوليت جهڙن قدرن جي تحفظ لاءِ گڏيل راءِ سان منظور ڪري ورتي ۽ سال 2000ع کان هر سال 21 فيبروري ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن“ جي حيثيت سان ملهائجڻ شروع ٿيو، ان ڏينهن ملهائجڻ جو پس منظر ”بنگله ڀاشا آندولن“ (بنگالي ٻولي تحريڪ) آهي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ قائداعظم محمد علي جناح فقط هڪ ڀيرو اوڀر پاڪستان جو دورو ڪيو، چوٿين فيبروري 1948ع تي هن ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي قومي زبان فقط اردوءَ کي قرار ڏنو، جنهن تي بنگالين سخت احتجاج ڪيو، ان وقت اردو پاڪستان جي فقط چار سيڪڙو ماڻهن جي زبان هئي، جڏهن ته 56 سيڪڙو پاڪستاني بنگالي زبان ڳالهائيندا هئا، بنگالي زبان جو ڳاڻيٽو ادبي روايتن، فني ۽ علمي ذخيري جي لحاظ کان هندستان جي ترقي يافته زبانن ۾ ٿيندو هو، ادب جي ميدان ۾ هندستان جي حصي ۾ ايندڙ اڪيلو نوبيل انعام پڻ بنگالي اديب رابيندرناٿ ٽئگور کي مليو هو، اوڀر پاڪستان جي رهاڪن لاءِ بنگالي زبان رڳو وابستگيءَ جو معاملو نه هو، پر اهو هنن جي لاءِ معاشي امڪانن ۽ سياسي موقعن جو به سوال هو. تاريخدانن جو خيال آهي ته زبان جي ان جهيڙي جون پاڙون دراصل گڏيل پاڪستان جي انوکي جاگرافي بيهڪ ۾ هيون. اولهه پاڪستان جا چارئي صوبا (سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب) بنگالي زبان ۽ ثقافت کان بلڪل اڻ ڄاڻ هئا، تنهنڪري بنگالي ٻوليءَ کي قومي زبان قرار ڏيڻ ۾ ڏکيايون هيون، ٻي طرف اردوءَ سان گڏ بنگاليءَ کي قومي زبان بنائڻ سان باقي ٻين صوبن جي زبانن جي حوالي سان بي چيني پيدا ٿيڻ جو امڪان هو، ڇو ته اردو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي جي مقامي زبان نه هئي، تنهن کانسواءِ نوڪر شاهيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت هئي، جيڪي پنهنجي صوبي بلڪه تعلقي جي لهجي کي ئي سَند سمجهندا هئا، فيصلو ڪندڙ اُن جو حل اهو ڪڍيو ته اردو کي مذهبي ويس پارائي سرڪاري زبان بنائجي، ان مصنوعي بندوبست سان ڪنهن حد تائين ڪم ٽپائي سگهبو. اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان بنائڻ جي اعلان سان اوڀر پاڪستان ۾ زبان جي مسئلي تي بي چيني پکڙجندي رهي، 26 جنوري 1952ع تي دستورساز اسيمبلي جي ”رهبر ڪميٽيءَ“ اردوءَ کي واحد قومي زبان قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي ته بنگالي عوامي جي احتجاج جو سيلاب وهي نڪتو، ٻن ڏينهن کانپوءِ پلٽڻ ميدان ڍاڪا جي عام جلسي ۾ وزيراعظم خواجه ناظم الدين پاران اردو جي حمايت ڄڻ باهه تي گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪيو، عوامي مسلم ليگ ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي تنظيمن فوري طور تي ”قومي ٻولي ڪميٽي“ جوڙي ورتي، ڍاڪا جي شاگردن چوٿين فيبروري تي جناح صاحب جي يونيورسٽي خطاب جي چئن سالن جي پوري ٿيڻ تي هڪ احتجاجي جلسو ڪوٺايو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 21 فيبروريءَ تي ڍاڪا ۾ هڪ جلوس ڪڍيو وڃي، جيڪو صوبائي اسيمبليءَ کي بنگالي زبان جي حوالي سان هڪ ياداشت نامو پيش ڪري، 21 فيبروريءَ تي صوبائي اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس شروع ٿيڻ وارو هو، پر صوبائي حڪومت 20 فيبروري جي شام ”رمنا ڍاڪا“ جي علائقي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، ٻي ڏينهن هزارين شاگردن قلم 144 جي خلاف ورزي ڪندي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، شاگرد ٽن ڪلاڪن تائين ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ پوليس جي لٺين جو مقابلو ڪندا رهيا، جلوس ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڀرسان پهتو ته پوليس گولي هلائي، جنهن ۾ پنج شاگرد صلاح الدين، عبدالجبار، ابو برڪت، رفيق الدين ۽ عبدالسلام ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ سوين شاگرد زخمي ٿي پيا، جنهن سان سڄي ڍاڪا شهر ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي. ٻي ڏينهن 22 فيبروريءَ تي مرندڙ شاگردن جو جنازو هڪ وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪري ويو، جنهن ۾ ڍاڪا سيڪريٽريٽ جا پنج هزار اهلڪار به شامل هئا، توپ خاني کان نواب پور ۽ صدر گهاٽ کان وڪٽوريا پارڪ تائين سڄو ڍاڪا شهر ’جئه بانگله‘ ۽ ’جئه ڀاشا‘ جي نعرن سان ٻُري اُٿيو، پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر گولي هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ چار بنگالي شهيد ٿي ويا. عوامي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي وزيراعليٰ نورالدين مرڪزي حڪومت کان اردوءَ جيان بنگاليءَ کي به قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي قراردار اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي.
    رستن تي رياستي تشدد جي ان مظاهري کانپوءِ پهريون ڀيرو بنگالين، ٻين پاڪستاني شهرين کان ڇڊائپ محسوس ڪرڻ شروع ڪئي، ٻن سالن کانپوءِ صوبائي چونڊن ۾ جگتو فرنٽ 309 سيٽون کڻي صوبي (اوڀر پاڪستان) ۾ مسلم ليگ کي ڌوئي ڇڏيو، 1956ع جي آئين ۾ اردو سان گڏ بنگاليءَ کي به قومي ٻولي قرار ڏنو ويو ۽ بنگال جي عوام کي اندازو ٿيو ته جيڪي معاملا پارليامينٽ ۾ بحث مباحثي سان نبيرجي نٿا سگهن، سي رستن تي نڪري حل ڪرائي سگهجن ٿا.
    ٻن ڏينهن جي وٺ پڪڙ ۽ گرفتارين کانپوءِ ڀاشا آندولن (ٻولي تحريڪ) وقتي طور تي دٻجي وئي، پر 23 فيبروري جي رات ”ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج“ جي شاگردن رات وچ ۾ ان هنڌ تي ”شهيدن جو مينار“ جي نالي سان هڪ يادگار قائم ڪري ڇڏيو، جتي شاگرد ”ابو برڪت“ گولي کائي ڪريو هو، اهو يادگار بنگالي قوم پرستيءَ جي علامت بنجي ويو. 1970ع ۾ چونڊن کٽڻ کانپوءِ ’بنگله بنڌو‘ شيخ مجيب الرحمٰن اڌ رات جو جلوس جي شڪل ۾ اُتي پهچي بنگلاديش جي جهنڊي کي سلامي ڏني، ڪجهه وقت کانپوءِ 25 مارچ 1971ع تي ملٽري ڪارروائي جي دوران ”شهيدن جي مينار“ کي ڊاٺو ويو، بنگله ڀاشا آندولن بنگالي زبان ۽ثقافت جي لاءِ مخصوص هئي، پر هوريان هوريان 21 فيبروريءَ وارو واقعو سڄي دنيا ۾ زبان، ثقافت ۽ سُڃاڻپ لاءِ جدوجهد جو استعارو بنجي ويو.

    سنڌي ٻولي- قومي ٻولي
    گذريل ڪجهه سالن کان اها ڳالهه ڄڻ سنڌي ادبي سنگت جي فرضن ۾ شامل ٿي ويئي آهي ته اها هر سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ”سنڌي ٻولي-قومي ٻوليءَ“ جاڳرتا مهم هلائي، سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي ٻولي جي حوالي سان سجاڳي پيدا ڪري ۽ حڪمرانن جو ڌيان ڇڪرائي ته هن ملڪ جي اصلوڪي ٻولين سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ سميت پاڪستان جي چئني صوبائي ٻولين بلوچي، پنجابي ۽ پشتو کي آئيني ترميم وسيلي ”قومي ٻولين“ جو درجو ڏنو وڃي. سنڌي ادبي سنگت پاران پهريون ڀيرو باقاعده ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم جي شروعات پهرين آگسٽ 2008ع کان ڪئي وئي، جنهن ۾ سڄو مهينو ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائي وئي، جنهن ۾ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز پاران سڄي سنڌ ۾ پنجاهه کان به وڌيڪ ٻولي ڪانفرنسون ٿيون، جيڪي اڪيڊمڪ قسم جون ڪانفرنسون هيون، انهن ۾ اسڪالرن ۽ اديبن مقالا پڙهيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ حيثيت جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ويو، تنهن کانسواءِ ڪيترن ئي هنڌن تي ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا ريليون به ڪڍيون ويون هيون، ان وقت آگسٽ جي مهيني کي فوڪس ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر ”سربارٽل فريئر“ انگريز سرڪار پاران پڌرنامو جاري ڪري سنڌي ٻوليءَ کي فارسيءَ جي جاءِ تي دفتري زبان طور لاڳو ڪيو هو ۽ 29 آگسٽ کي سنڌي ٻولي جي حوالي سان يادگار ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي، ان کانپوءِ 9 نومبر 2008ع تي سنڌي ادبي سنگت جي ٿيل ڪاروباري ڪميٽي جو گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سال يعني 2009ع جي پهرينءَ ڏينهن کان وٺي 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي-قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائي ويندي، ان مرحلي ۾ ”سنڌ سنگت“ پاران هڪ پوسٽ ڪارڊ ڇپرايو ويو، جيڪو پاڪستان جي تڏهوڪي صدر ۽ پي پي پي جي شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداريءَ کي روانو ڪيو ويو، ان پوسٽ ڪارڊ ۾ صدر صاحب کي مخاطب ٿي لکيو ويو هو:
    ”جناب صدر صاحب !سنڌي ٻولي قديم زماني کان وٺي سنڌ جي ماڻهن جي مادري زبان هئڻ سان گڏ، روزمره واپار توڙي عام استعمال جي زبان رهي آهي، 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته هنن به سنڌي ٻوليءَ جي اها حيثيت برقرار رکي ۽ پاڻ سنڌي ٻولي جي رسم الخط کي سڌاري ۽ سنواري، سرڪاري طور هڪ ئي لپي رائج ڪئي ۽ 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر ”سربارٽل فريئر“ هڪ پڌرنامي جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري زبان قرار ڏنو، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1959ع ۾ مارشل لا اختيارين هڪ زباني حڪم جي ذريعي سنڌي ٻولي جي اها حيثيت ختم ڪري ڇڏي . 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ اڪثريتي راءِ سان ”سنڌي ٻولي“ بل پاس ڪيو، جنهن موجب 12 سالن جي اندر سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري زبان طور لاڳو ٿيڻون هو، پر مارشل لا لڳڻ سبب ائين ٿي نه سگهيو. جناب صدر! هاڻ جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ پ جي حڪومت قائم ٿي آهي ۽ اوهان مملڪت جون واڳون سنڀاليون آهن ۽ پي پي پي حڪومت کي سنڌ جو عوام پنهنجي حڪومت ٿو سمجهي ته پي پي پي گورنمينٽ مان اها اميد ٿي ڪجي ته اها آئيني ترميم جي ذريعي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيئي ان جي هزارين سالن جي حيثيت بحال ڪري، نه رڳو سنڌي ٻولي، پر ٻين پاڪستاني ٻولين پشتو، سرائيڪي، بلوچي ۽ پنجابيءَ کي به آئيني ترميم وسيلي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، اهو قدم نه رڳو ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي، پر ملڪ جي بقا ۽ سلامتيءَ جي لاءِ به اهم قدم هوندو.“
    ان مهم دوران اهڙا هزارين ڪارڊ سڄي سنڌ مان نالا لکي، ايوان صدر اسلام آباد موڪليا ويا هئا. سنڌي ادبي سنگت جي پڌرنامي ۾ آهي ته، ”اسان جو اهو ايمان آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي ۽ انهن وحدتن جون زبانون هن ملڪ جون قومي زبانون آهن.“ سنگت جي ان پڌرنامي تي عمل ڪندي سنگت پاران سدائين پاڪستان جي ٻين صوبائي ٻولين کي به قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي گهر ٿيندي رهي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران 15 مارچ 2010ع تي اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي ادبي تنظيمن جو هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو ، جنهن ۾ گڏيل راءِ سان هڪ پڌرنامون ”اسلام آباد ڊڪليئريشن“ جاري ڪيو ويو، ان ۾ ملڪ جي چئني صوبائي ٻولين کي آئيني ترميم ذريعي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي هئي، ان ۾ آئين ۾ اڳ ۾ ئي موجود اردو جي پاڪستان جي سرڪاري زبان هئڻ جي حيثيت کي تسليم ڪندي، ان کي رابطي جي زبان قرار ڏيندي چيو ويو هو ته ”سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پشتو زبانن جو اردوءَ سان ڪوبه جڳهڙو ڪونهي.“ ان ڊڪليئريشن تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، بلوچي لٽرري فورم پاران عبدالحڪيم بلوچ، پنجابي نيشنل ڪانفرنس پاران نظير احمد ڪهوٽ، عالمي پشتو ڪانفرنس پاران سليم راز ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان پاران راحت سعيد صحيحون ڪيون هيون. اهو پهريون ڀيرو هو جو ملڪ جي وڏين ادبي تنظيمن گڏيل طور تي پاڪستان جي صوبائي ٻولين جي حوالي سان گڏيل ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. جيڪو ڪريڊٽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي وڃي ٿو.
    پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ فوري طور تي هڪ مخصوص ذهنيت جي هندستان مان لڏي آيل ڪامورا شاهي هن ملڪ جي اَڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بنجي ويئي، ان کي هن ملڪ ۽ ان جي وحدتن جي ٻولين ۽ ثقافت بابت ڪابه ڄاڻ ۽ دلچسپي نه هئي ۽ نه ئي وري کين زميني حقيقتن جو ڪو ادراڪ هو ۽ هنن حالتن جي جائزي وٺڻ کانسواءِ ئي اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان جو درجو ڏيئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا ۾ بنگالي شاگردن پاران بنگالي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ پُرامن مظاهرو ڪيو ويو ۽ جواب ۾ رياست پاران ڀيانڪ تشدد جي ڪارروائي سامهون آئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج شاگرد شهيد ٿي ويا ۽ اها تحريڪ سڄي اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) ۾ پکڙجي وئي، جنهن جو ذڪر پاڻ مٿي ڪري آيا آهيون ۽ اها ئي تحريڪ اڳتي هلي بنگلاديش جي ٺهڻ جو سبب بڻي .
    ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هندستان، جتي ٻين ڪيترن ئي اهم مسئلن کي نبيريو ويو، اتي ٻولين جي مسئلي کي به نهايت خوش اسلوبي ۽ بنا تعصب جي نبيريو ويو. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هندستان ۾ لاتعداد ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن مان 22 ٻولين کي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊول ۾ جاءِ مليل آهي ۽ اهي وفاقي سرڪار وٽ ”قومي ٻولين“ طور قبول ڪيل آهن. انهن 22 ٻولين ۾: آسامي، بنگالي، بودو، سنسڪرت، هندي، گجراتي، ڪنڙ، ڪشميري، ڪونڪني، مليالم، منيپوري، مراٺي يا مرهٽي، نيپالي، اڙيا، پنجابي، سنڌي، تامل، تيلگو يا ميٿلي، ڊوگري، مليالي ۽ اردو شامل آهن. سنڌي، جنهن کي پنهنجي وطن ۾ ”آئيني طور“ قومي ٻولي جو درجو حاصل نه آهي، ان کي هندستان جي آئين ۾ قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ان درجي ڏيارڻ ۾ هندستان جي سنڌي اديبن، ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ڊگهي جدوجهد شامل آهي، اهڙي ئي جدوجهد جي تقاضا هينئر سنڌي اديبن، ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن کان ڪري سگهجي ٿي.


    جڏهن انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي قرار ڏنو

    سنڌي ٻولي جو بُڻ بنياد ڪافي پراڻو آهي، ان سلسلي ۾ اسان وٽ سياحن ۽ محققن جا احوال موجود آهن، جي ثابت ڪن ٿا ته ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ (مسلمانن جي دور ۾) عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهيون وينديون هيون، سن 270هه (883ع) ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو به ڪيو ويو، ان مان ثابت آهي ته سنڌي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر لکي به ويندي هئي، کوجنائن مان ثابت ٿيو آهي ته عرب حڪومت جي شروعات کان اڳ سنڌي زبان عام ماڻهن جي روزمرهه تجارت توڙي واپار جي استعمال جي زبان هئي ۽ سنڌ جي عام ماڻهن ، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول هئي جاحظ (864ع) ابن موقل ۽ اسطخري( 951ع) مسعودي( 957ع) ابن نديم (995ع) پنهنجي لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي عام استعمال ٿيندڙ ٻولي ڪري لکيو آهي، البيروني لکيو آهي ته ” اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي. پر اها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ به لکي ويندي هئي.“
    ان وقت هر قبيلي وٽ پنهنجي رسم الخط هوندي هئي. سنڌي لهاڻا پنهنجي نموني لکندا هئا ته ڀاٽيا پنهنجي رسم الخط ۾. ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوهاڻي ڀاٽين جو رسم الخط ڌار هو، راجائي ، ونگائي، مالواڙي ۽ سئنڊو به رسم الخطن جا نالا هئا، عرب سياحن جي احوالن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي، ان ۾ نجوم، هيئت، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت ۽ روزانو عام استعمال جي شين، مختلف قسم جي ڪپڙن ، دوائن وغيره لاءِ لغتي خزانو موجود هو. مطلب ته اسلام جي آمد کان اڳ به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا لکتن ۾ لکي ويندي هئي.
    مٿين سنڌي لکتن کانسواءِ خواجڪي سنڌي صورتخطي جو حوالو ’ڪئپٽن ايسٽوڪ‘ به ڏنو آهي، ان رسم الخط ۾ پوءِ واڌارو ڪري سنڌ ۽ ڪڇ جا نوان مسلمان (اسماعيلي) سومرا دور ۾ عام طور استعمال ڪرڻ لڳا، ان ۾ پير صدرالدين ماترائون شامل ڪري، گڏوگڏ ٻيا سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان تي خواجڪي سنڌي جا چاليهه اکري نالو رکيائون، ڊاڪٽر دائود پوٽي موجب: عربي-سنڌي لکڻي جو قديم نمونو شاهه ڪريم بلڙيءَ جي ڪلام ۾ ملي ٿو. پر ان رسم الخط جو حقيقي پايو وجهندڙ مخدوم ابوالحسن هو، جو ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم هو، اها رسم الخط 1853ع تائين هلي، جيتوڻيڪ فارسي ادبي ۽ سرڪاري زبان هئي، پر سنڌي سڀني جي روزمره جي زبان هئي.
    1843 ع ۾ انگريزن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو، 1845 ع ۾ بمبئي جي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ تعليمي ايجنسي ٺاهڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو ۽ سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان بنائڻ جو مطالبو ٿيو، ان تحريڪ نيٺ وڃي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو. 1848 ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر ” سرجارج ڪلارڪ“ هڪ حڪم نامو ڪڍي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بنايو.
    حڪم نامي ۾ چيل هو:
    ” اسان کي سرڪاري لکپڙهه لاءِ ملڪي ٻولي يعني سنڌي رائج ڪرڻ گهرجي، آئون نٿو سمجهان ته ڪهڙي نموني اسان جا روينيو ۽ عدالتي آفيسر ڪاميابيءَ سان ڌارين ٻولي، جهڙوڪ فارسي يا انگريزي ۾ لکپڙهه هلائي سگهندا، تنهن ڪري ارڙهن مهينن جو مدو اهڙن ملازمن کي ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو سڀ سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن، گرامر ، لغت ڇپرائڻ جو ڪم به ترت ڪيو وڃي.“
    1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر هڪ اطلاع نامو ڪڍي سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ، ان ۾ ڄاڻايل هو ته :
    (الف) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي ( ب) يورپي ۽ ٻيا آفيسر سنڌي ۾ امتحان پاس ڪن (ت) سنڌي اسڪول کلن.
    پر سنڌي ٻولي کي ڪا هڪ مقرر صورتخطي نه هئي، ان ڪري 1852ع ۾ سرڪار صورتخطي مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن جا ڏهه ميمبر هئا، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان ۽ ٻه انگريز هئا. گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ سنڌي زبان جي لاءِ ” عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي ۽ آخر ۾ سربارٽل فريئر ڪمشنر سنڌ جي سفارش تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ته سنڌي لکڻ لاءِ عربي سنڌي رسم الخط اختيار ڪيو وڃي.
    سنڌي ٻوليءَ کي دفتري بنائڻ جي لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857 ع تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانهن حڪم نامو موڪليو ته سنڌي ٻولي روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. 29-آگسٽ 1857ع ۾ڪمشنر سنڌ ” سر بارٽل فريئر“ پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ عام ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو ته ” سنڌ جي درٻار ۾ هر قسم جي عريضي سنڌي ۾ لکي موڪلي وڃي. جيڪا ٻُڌڻ ۾ ايندي. ۽ اڄ کان سنڌي ٻولي روينيو ۽ دفتري ٻولي ٿي چڪي آهي ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858 ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع موڪليو ته سنڌ جي صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتري ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بنايو ويو آهي.
    اهو سلسلو 13-آگسٽ 1947ع تائين هلندو رهيو ۽ 1959ع ۾ مارشلا لاڳو ٿيڻ کانپوءِ زباني حڪمن هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي مٿين حيثيت ختم ڪئي ويئي، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا حيثيت انگريزن (يعني ڌارين) ڏني. اها ديسي حڪمرانن ختم ڪري ڇڏي.
    1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي عليحدگي کانپوءِ اولهه پاڪستان جي حڪومت جي واڳ جنرل يحيٰ، شهيد ذالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪئي، جنهن سويلين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ صدر جو عهدو به سنڀاليو ۽ سنڌي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي مان ڏيندي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ” سنڌي ٻولي بل“ پيش ڪيو ويو، جيڪو 7 جولاءِ 1972 ع تي صوبائي اسيمبلي طرفان منظور ڪيو ويو ۽ جنهن جي بحالي 16- جولاءِ 1972 تي سنڌ جي گورنر ڪئي. 17 جولاءِ تي هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي اهو لاڳو ڪيو ويو، بل جي حوالي سان ڳالهائيندي ان وقت جي صدر ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي خطاب ۾ چيو:
    ” سنڌي هڪ قديم زبان آهي. موهن جي دڙي جي زماني کان سنڌين جي الڳ زبان رهي آهي، جڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپئر صاف طور چيو هو ته مقامي زبان سان هٿ چراند ڪرڻ جي ضرورت ناهي، سنڌ جڏهن بمبئي جو حصو هئي. تڏهن به سنڌي بمبئي يونيورسٽي ۾ پڙهائي ويندي هئي، تمام گهڻي وقت کان سنڌي. عدالتن ۽ روينيو کاتي ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي ۽ اها سرڪاري زبان جي حيثيت سان صوبي ۾ رواج ۾ رهي آهي، لساني بل ذريعي ان جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي ويئي آهي، جيڪا 1959 ع ۾ مارشلا لاڳو ٿيڻ کانپوءِ زباني حڪمن هيٺ ختم ڪئي ويئي هئي.“
    جيتوڻيڪ هڪ لساني گروهه جي هنگامن جي نتيجي ۾ ان بل تي مڪمل طور تي عمل درآمد روڪيو ويو، پر ان بل جي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي اهو مطالبو ورجائڻ گهرجي ته ان بل تي مڪمل طور تي عمل ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي سنڌ جي ادارن ۾ چوٿين ڪلاس کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين لازمي مضمون جي حيثيت سان پڙهائي وڃي ۽ ان لاءِ سنڌي پڙهائڻ لاءِ ليڪچرارن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ سنڌيءَ جا نوان ليڪچرار مقرر ڪيا وڃن ۽ سنڌي ٻولي کي مڪمل دفتري ٻولي بنايو وڃِي.
    ان سلسلي ۾ گهر ٿي ڪجي ته :
    1. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي ۽ سنڌ جي واحد صوبائي زبان تسليم ڪيو وڃي ۽ ان کي سرڪاري طرح ترقي وٺرائي مختلف سطحن تي رائج ڪيو وڃي.
    2. سنڌ جي ريڊئي ۽ ٽي وي تان 75 سيڪڙو ۽باقي صوبن مان تناسب مطابق سنڌي پروگرام ڏنا وڃن، ]ريلوي اسٽيشن، روڊن، ڳوٺن ۽ آفيسن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکرايا وڃن.[
    3. ڪراچي شهر ۽ باقي صوبن ۾ تناسب جي لحاظ کان سنڌي ميڊيم تعليمي ادارا کوليا وڃن ۽ مقابلي جي امتحانن ۽ داخلا انٽري ٽيسٽ لاءِ سنڌيءَ کي تسليم ڪيو وڃي.
    4. ڪرنسي نوٽن تي سنڌي ۾ به لکيو وڃي، جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پنجين ۽ هڪ رپئي جي ڪرنسي نوٽ تي سنڌيءَ ۾ لکيو ويندو هو ۽ نون ٺهندڙ سڪن تي به سنڌي لکي وڃي.
    5. سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ سرڪاري طرح هر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ لئبرريون کوليون وڃن ۽ اڳ کليل لئبررين کي ترقي وٺرائي وڃي.
    6. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن کي سنڌ جو ثقافت کاتو پنهنجي لئبررين لاءِ ۽ تعليم کاتو پنهنجي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لئبررين لاءِ گهٽ گهٽ ٽي سئو ڪاپيون سڌي طرح پبلشرن يا ليکڪن کان خريد ڪري ]سنڌ ۾ ثقافت کاتي جون تير هن لئبرريون آهن ۽ تعليم کاتي جي هٿ هيٺ ۾ 238 ڪاليج آهن.[
    7. نجي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ لاءِ جاري ٿيل سرڪيولر تي عمل ڪرائڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي مانيٽرنگ ٽيمون ٺاهي. انهن ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي به کنيو وڃي.
    ]روزاني ”سوڀ“ 29 آگسٽ 2015ع[


    سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر...!

    دادا منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ادبي اصول ۾ لکي ٿو، ”دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب نظم سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻوليءَ جو نثر ڪهاڻيءَ سان شروع ٿئي ٿو. ڇو ته ڪهاڻي جو شوق هر زمان ۽ مڪان جي ٻالڪ کان وٺي، پير مرد ۾ سمايل آهي، سنڌي نثر به ڪهاڻيءَ سان شروع ٿئي ٿو.“ (ص-16)
    سنڌي ادب جي ڇاپي هيٺ آيل پهرين ڪهاڻي منشي اُڌا رام ٿانور داس جي ”آکاڻي راءِ ڏياچ جي“ هئي. جيڪا 1822ع ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپي. تنهن کانپوءِ جڏهن موجوده الفابيٽ ٺهي ته مٿينءَ ليکڪ منشي اُڌا رام ٿانور داس جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ڇپيو. جنهن ۾ ”شهزادي اُملهه ماڻڪ جي ڪهاڻي“ به شامل هئي، جيڪا پڻ منشي صاحب صاف سنڌيءَ ۾ لکي. ڪن عالمن وري ميران محمد شاهه اولُ جي ڪهاڻي ”سنڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڪهاڻيءَ“ کي پهرين ڇپيل سنڌي ڪهاڻي چيو ۽ لکيو آهي، هنن ٻنهي ڪهاڻين جي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڏس ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکن ٿيون.
    سنڌي ادب ۾، جديد افساني يا ڪهاڻيءَ جي بنياد وجهندڙن ۾ لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيا اديب شامل هئا. جيتوڻيڪ انهن ڪهاڻين يا افسانن جو سٽاءُ اڄ جي ڪهاڻيءَ کان مختلف آهي، پر انهن جا لکيل افسانا يا ڪهاڻيون سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي شروعاتي لکيل ڪهاڻين جو اهم سرمايو آهن.
    سنڌيءَ ۾ صحيح معنيٰ ۾ افسانوي ادب شڪارپور مان 1932ع ۾ نڪتل ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپيل ملي ٿو... جيڪو ديوان بولچند ڪڍيو، انهيءَ رسالي کي جديد سنڌي ادب جي پيڙهه جو پٿر چئجي ته وڌاءُ ڪونهي. ”سنڌو“ رسالي جي اوائلي افسانه نگارن ۾ امر لعل هنڱوراڻي، نادر بيگ مرزا ۽ عثمان علي انصاريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا، حقيقت ۾ انهن ٽنهي افسانه نگارن کي جديد سنڌي افساني جو باني چئي سگهجي ٿو.
    1936ع ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي ٺهڻ سان ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن سان گڏ سنڌ ۾ به اُن جا اثر پهتا ۽ سنڌي ادب ان اثر کي دل کولي قبول ڪيو. سوڀي گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، گوبند مالهي، شيخ اياز ۽ ٻين انهن ترقي پسند اثرن هيٺ ڪهاڻيون لکيون ۽ ترقي پسند ساهت کي وڌائڻ جي لاءِ گوبند پنجابي ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ڪيو، جنهن پاران 1947ع ۾ ”نئين دنيا“ رسالو جاري ڪيو ويو. جنهن جو ايڊيٽر گوبند مالهي هو ۽ ان ئي ڪتاب گهر پاران ترقي پسند ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”ريگستاني ڦول“ شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سوڀي گيانچنداڻي، گوبند پنجابي، عبدالستار شيخ ۽ ٻين جون ڪهاڻيون شامل هيون. جيئن اردوءَ ۾ سجاد ظهير جي ڪهاڻين جي مجموعي ”انگاري“ ترقي پسند ساهت جي حوالي سان پنهنجا اثر ڇڏيا، تيئن ”نئين دنيا“، “مخزن“ ۽ ”ريگستاني ڦول“ سنڌ جي ترقي پسند ساهت ڌارا ۾ پنهنجا نمايان اثر ڇڏيا.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي هندو اديبن ۽ سنڌ جي وچولي طبقي جي لڏي وڃڻ سان سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ وڏو خال پيدا ٿي پيو. جنهن جا اثر سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج تي تمام گهڻي عرصي تائين رهيا.
    ورهاڱي کانپوءِ، شروعاتي دور ۾ جن ڪهاڻيڪارن سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پاڻ ملهايو، انهن ۾ شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، اياز قادري، نجم عباسي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. نجم عباسي واحد ڪهاڻيڪار هو، جنهن ورهاڱي کان اڳ لکڻ شروع ڪيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي وفات تائين ڪهاڻيون لکندو رهيو. شيخ اياز جو لاڙو ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ شاعريءَ طرف رهيو، پر سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ سنڌي افسانوي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو. ورهاڱي کانپوءِ جي شروعاتي ڪهاڻيڪارن ۾ ثميره زرين، انيس انصاري، محمد حسن ڪروڙپتي، رشيده حجاب، ابن حيات پنهور، امينا هاليپوٽو، رعنا حيدرآبادي، قاضي اختر مورائي، ساقي سجاولي، شيخ عبدالرزاق راز، ابن الياس سومرو جا نالا اچي وڃن ٿا.
    اڳتي هلي جمال ابڙي، شيخ حفيظ، غلام رباني، امر جليل، آغا سليم، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، طارق اشرف ۽ انهن کانپوءِ جي ٻين ڪهاڻيڪارن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ مڃايو.
    ستر وارو ڏهاڪو، سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان ڪجهه نوان بحث کڻي آيو، انهن سالن ۾ يورپي ليکڪن ”سارتر“ ۽ ”ڪاميو“ کان متاثر ٿي ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن ”جديديت“ جي اثر هيٺ لکڻ شروع ڪيو، جن ۾ ماڻڪ، مدد علي سنڌي، مشتاق شورو، شوڪت شورو، ممتاز مهر، اخلاق انصاري، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، انهن ليکڪن پنهنجي ڪهاڻين ۾ فرد جي پيڙا ۽ ذاتي ڀوڳنائن جو اظهار ڪيو، جنهن تي ان وقت به گهڻو بحث ٿيو ۽ جديديت جي ان لهر جي رد ۾ محترم رسول بخش پليجي اسيءَ واري ڏاڪي ۾ ”سندي ذات هنجن“ ڪتاب لکي، جديديت جي ان لاڙي تي سخت تنقيد ڪئي، پر اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ان دور ۾ مٿين ليکڪن جون لکيل ڪهاڻيون سگهاري حيثيت رکن ٿيون، ان دور ۾ جن ٻين ڪهاڻيڪارن جا نالا ملن ٿا، انهن ۾ ملڪ آگاڻي، رزاق مهر، پرويز، رسول بخش درس، رسول ميمڻ وغيره اهم آهن.
    1988ع ۾ ملڪ جي جمهوريت بحال ٿي ته ڪيترن ئي نون رسالن ۽ مخزنن جي اشاعت شروع ٿي، جن ۾ ”سهڻي“ رسالو به هو، جيڪو طارق اشرف مرحوم ٻيهر شايع ڪرڻ شروع ڪيو، طارق اشرف جي حوالي سان اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته هو ليکڪن کي ڄڻيندڙ هو ۽ هُن جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻيءَ تي گهري نظر هوندي هئي، پنهنجي اڳينءَ دور جيان، هن ڀيري به ”سهڻي“ جي پليٽ فارم تان ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار متعارف ٿيا، جن ۾ طارق قريشي جو نالو اهم آهي، طارق قريشي جي پهرين ڪهاڻي ”نئون جانور“ سهڻي ۾ ئي شايع ٿي. طارق قريشي جا هيستائين ٽي ڪهاڻي ڪتاب ”پنجين موسم کانپوءِ“، ”صدي جو سفر“ ۽ ”ٽين اک“ شايع ٿي چڪا آهن، سهڻيءَ جيڪو ٻيو ڪهاڻيڪار متعارف ڪرايو، اهو خادم ٻگهيو هو، خادم ٻگهئيءَ سان حياتيءَ وفا نه ڪئي، نه ته هو سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو ٿي اُڀري ها.
    اُن ئي دور جي آسپاس جن ٻين ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، انهن ۾ جان خاصخيلي، شبنم گل، عزيز ڪنگراڻي، عابد مظهر، غفور ميمڻ، ناهيد مغل، انور بلوچ، منظور قادر، بانو محبوب جوکيو، فرزانه شاهين، راز شر، رزاق سهتو، ايوب عمراڻي، وهاب سهتو، ضراب حيدر، الطاف ملڪاڻي، مظهر ابڙو، ذوالفقار ڪانڌڙو، منظور جوکيو، مجيب بڙدي، فياض چنڊ ڪليري، مراد قريشي ۽ ٻيا نالا نظر اچن ٿا.
    انهن مان ڪيترن جا اڳتي هلي ڪهاڻين جا مجموعا به ڇپيا، جن ۾ جان خاصخيليءَ جو ”گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفرنامو“ غفور ميمڻ جو ”جتي نينهن اُڇل“، عابد مظهر جو ”گم ٿيل محبتون“ ضراب حيدر جو ”سرحدن کان اڳتي“، شبنم گل جو ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“، محمد انور بلوچ جو ”ڪپيل هٿ“، ذوالفقار ڪانڌڙي جو ”دريءَ وٽ بيٺل ڇوڪري“، ناهيد مغل جو ”ڪو ڪو جيون سواليا نشان“، مجيب بڙديءَ جو ”پيرن جي ڳولا ۾ نڪتل بوٽ“، عزيز ڪنگراڻي جو ”روڳ“، رزاق سهتي جو ”اڌ وهي“ ۽ مراد قريشي جو ”دل ڪليسا جي اڪيلي ڪنڊ آهي“ وغيره. انهن مان ذوالفقار ڪانڌڙي، مراد قريشي ۽ مجيب بڙديءَ جي ڪهاڻين تي ماڻڪ ۽ مشتاق شوري جو اثر نمايان آهي.
    ويجهڙ وارن سالن ۾ ڪيترائي نالا ڪهاڻي لکندي نظر اچن ٿا، جن ۾ مشتاق ڀرڳڙي (جنهن 33 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، سندس ٻه ڪهاڻي ڪتاب ”پاڇي“ ۽ ”سفر“ ڇپيل آهن) محمد صديق منگيو، منور سراج، احسان دانش، عباس سارنگ، عبيد راشدي، رضوان گل، راجن مڱريو، ڊاڪٽر اعجاز سمون، ماڻڪ ڪنگراڻي، محمد هاشم حامي، فاطمه انصاري، شبانه سنڌي، آغا عمران پٺاڻ، اصغر گگو جا نالا سٺيون ڪهاڻيون لکندڙن ۾ ڳڻي سگهجن ٿا، انهن مان صديق منگيو جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”پکين جو وطن“ ۽ ”وجود جاعذاب “ پير عبيد راشدي جو ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون“ راجن مڱريو جو ”روين جو چهرو“، امر لغاري جو ”لٽ اوراٽي دنيا“ عباس سارنگ جو ”پکي اڏاڻا پيار جا“، سائين بخش رند جو ”ڪارو پاڻي“، ڊاڪٽر اعجاز سمون، شبانه سنڌي، ماڻڪ ڪنگراڻي، منور سراج وغيره جا ڪهاڻي ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن.
    جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي ”سنڌي ڪهاڻيءَ“ جي حوالي سان بحث مباحثا ٿيندا پي رهيا آهن، پر 1992ع ۾ محترم عبدالقادر جوڻيجي جي خيرپور ۾ ٿيل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ ڏنل راءِ کانپوءِ، جيتوڻيڪ بحث جي موضوع نئون رخ اختيار ڪيو، پر اهو اڄ به جاري آهي، عبدالقادر جوڻيجي چيو هو، ”مان ٻاهرينءَ ادب ۾ ڪهاڻيءَ جو ابو چيخوف کي سمجهندو آهيان، عالمي طرح هن جهڙي ڪهاڻي، ڪوئي نه لکي سگهيو. اردوءَ ۾ سعادت حسين منٽوءَ تي اچي ڪهاڻي بيهي ٿي وڃي، اهڙي نموني سنڌي جو وڏو ڪهاڻيڪار نسيم کرل ٿو سمجهان، مختصر ڪهاڻي جي باري ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته عالمي طور تي ٻاهرينءَ ڪهاڻيءَ کي ٽي بي ٿي پئي. چيخوف سان گڏ ان جو انت ٿي ويو، اردو ڪهاڻي گهڻو شراب پي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي هنئي ويئي“.
    مٿينءَ مختصر بيان جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر جيڪو ”نادر بيگ مرزا“ کان شروع ٿيو ۽ انيس انصاري ۽ ٻين ان سفر ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو پنڌ ڪيو، سو اڄ به جاري آهي ۽ سدا جاري رهندو.
    (7 جون 2008ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران ڪوٺايل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ پڙهيو ويو)


    ڪشمير جو مسئلو ۽ ننڍي کنڊ جو امن

    ٻن ڏينهن کان پوءِ 5 فيبروريءَ تي سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ ڪشمير اهڙو علائقو آهي، جنهن تان پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي ملڪن ۾ ٽي ڀيرا جنگيون به ٿي چڪيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي بجيٽ جو وڏو حصو دفاعي سامان جي خريداريءَ تي خرچ ٿئي ٿو ۽ ٻئي ملڪ هر سال دفاعي بجيٽ ۾ واڌارو ڪندا ٿا رهن. ڪشمير جو مسئلو ئي آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي امن جي پاڙ تي ٺڪري رکيل آهي، هاڻ ته ٻئي ملڪ ائٽمي سگهه آهن ۽ ڪنهن جنگ جي صورت ۾ جيڪا تباهي ايندي، ان جي نتيجن تي سوچيندي به ڊپ ٿو ٿئي.
    هن وقت جڏهن دنيا جي سياسي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي ۽ وڏين طاقتن خاص ڪري آمريڪا جا هن خطي ۾ مفاد وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن ته آمريڪا، افغانستان ۾ صورتحال بهتر بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ پاڪستان پڻ پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪنهن حد تائين تبديلي آندي آهي ۽ انتهاپسندن جي خلاف ”آپريشن ضرب عضب“ جاري آهي ۽ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما، هندستان جو دورو ڪيو ۽ جنهن نموني هندستان سان قربت جو اظهار ڪيو، ان جي پويان آمريڪا اقتصادي مفادن سان گڏ هن خطي جي صورتحال خاص ڪري چين جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ جي رٿابندي به آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪشمير جي مسئلي جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي.

    ڪشمير جي مسئلي جي نبيري جي سلسلي ۾ پاڪستان جو موقف سدائين اهو رهيو آهي ته اهو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب نبيريو وڃي، جنهن موجب ڪشمير ۾ ريفرنڊم ٿيڻو هو ته ڪشميري پاڪستان سان شامل ٿيڻ چاهين ٿا يا هندستان سان، هتي اهو ياد ڏيارجي ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ هندستان ئي کڻي ويو هو ۽ گڏيل قومن ٻنهي ملڪن جي رضامنديءَ سان ريفرنڊم ڪرائڻ جو ٺهراءَ پاس ڪيو، پر هندستان اڳتي هلي گڏيل قومن جي ٺهرائن تان ڦري ويو ۽ ريفرينڊم ڪرائڻ کان نابري واريندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود رهيو.
    ڪشمير جي مسئلي جي نبيري لاءِ وقت به وقت ڪيترائي حل به پيش ٿيندا رهيا آهن، جنهن جو هڪ آپشن اهو ڏسيو وڃي ٿو ته ڪشمير جي ٻنهي حصن ۾ فائربندي لائن کي مستقل سرحد تسليم ڪري، آزاد ڪشمير پاڪستان ۽ والاريل ڪشمير هندستان رکي. ٻيو آپشن اهو چيو وڃي ٿو ته ٻنهي ڪشميرن کي گڏي هڪ ڌار رياست ٺاهي وڃي، جيڪا هندستان پاڪستان ۽ چين جي وچ تي هجي، هڪ ٽيو آپيشن اهو به بحث هيٺ آندو وڃي ٿو ته لداخ جو علائقو جنهن ۾ هندو گهڻائي ۾ آهن، اهو هندستان کڻي، آزاد ڪشمير جا پاڪستان سان مختلف علائقا پاڪستان رکي، باقي ڪشمير کي گڏي هڪ الڳ رياست ٺاهجي، ممڪن آهي ته ڪو ٻيو آپشن هجي، جيڪو به غور هيٺ هجي.
    ڪشمير جي نبيري لاءِ ماضي ۾ ڪيترين ئي ڪوششن جو ذڪر ملي ٿو، ڪن موقعن تي ڪشمير ۾ ريفرينڊم ٿيندي ٿيندي رهجي ويو، ان سلسلي ۾ ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدالله پنهنجي آتم ڪهاڻي ”آتش چنار“ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪشمير جي تڪرار جي نبيري ۾ رڳو اهو مسئلو رڪاوٽ بڻجي ويو ته ڪشمير ۾ ريفرينڊم جي دوران ڪشمير ۾ هندستان جي گهڻي فوج موجود هجي، هندستان ستاويهن هزارن جي تعداد ۾ زور ڀري رهيو هو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف اهو هو ته هندستاني فوج جو تعداد 22 هزار کان وڌيڪ نه هجي، ائين ٻئي ڌريون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ۽ ڳالهين جو سلسلو ٽٽي پيو.“
    ڪشمير جي مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جو احوال به ڏاڍو دلچسپ آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان جي هڪ اڳوڻي وزير اعظم (چوڌري محمد علي، 56-1958) جي ڪتاب ”ايمرجنٽ آف پاڪستان“ ۾ ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون لکيل آهن، ان ڪتاب ۾ چوڌري محمد علي لکي ٿو: ”ورهاڱي کان پوءِ جونا ڳڙهه جي مسلمان نواب، پنهنجي رياست جو پاڪستان سان الحاق ڪيو، جڏهن ته رياست جونا ڳڙهه ۾ هندن جي اڪثريت هئي، انڊيا ان الحاق کي نه مڃيو ۽ پوليس ائڪشن جي ذريعي رياست جونا ڳڙهه کي انڊين يونين سان گڏي ڇڏيو، ان کان پوءِ دهليءَ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هندستان پاران جواهر لال نهرو ۽ سردار پٽيل شريڪ هئا ۽ پاڪستان جي طرفان لياقت علي خان ۽ چوڌري محمد علي شرڪت ڪئي، ليکڪ لکي ٿو ته سردار پٽيل جيتوڻيڪ پاڪستان جو دشمن هو، پر هو نهروءَ کان وڌيڪ حقيقت پسند هو، ٻنهي ملڪن جي وزير اعظمن جي وچ ۾ ڳالهين دوران، جنهن ۾ پٽيل ۽ نهرو موجود هئا ته لياقت علي خان ڪشمير ۽ جونا ڳڙهه جي معاملي ۾ هندستان جي ٻٽي رويي تي ڳالهايو، هنن چيو ته جونا ڳڙهه جي حڪمران پاران پاڪستان سان الحاق جي باوجود اهو هندستان جو حصو آهي، ڇو ته اتي هندن جي اڪثريت آهي ته پوءِ ڪشمير پنهنجي مسلم اڪثريت سبب ڪيئن ٿو هندستان جو حصو بڻجي سگهي، فقط ان ڪري ته اتي جي هندو حڪمران هندستان سان مشروط طور تي صحيحون ڪيون آهن، جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪو جواز نٿو رکي. جيڪڏهن جونا ڳڙهه ۾ اتي جي عوام جي خواهش اهميت رکي ٿي ته اهو ئي احوال ڪشميرين تي پڻ لاڳو ٿيڻ گهرجي، هندستان جهونا ڳڙهه ۽ ڪشمير ٻنهي تي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، جنهن لياقت علي اها ڳالهه چئي ته پٽيل پنهنجو پاڻ تي قابو رکي نه سگهيو ۽ ڄڻ ڦاٽي پيو، هن چيو: تون ڪشمير ۽ جونا ڳڙهه جي ڀيٽ ڇو ٿو ڪرين، حيدرآباد (دکن) ۽ ڪشمير جي ڳالهه ڪر ته اسين هينئر ئي ڪنهن ٺاهه تي پهچي سگهون ٿا، پٽيل جو ان موقعي تي ۽ پوءِ به اهو نظريو هو ته مسلم اڪثريت جي علائقي کي سندس مرضي جي ابتڙ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ هندستان جي لاءِ ڪمزوريءَ جو ذريعو هوندو نه ڪي سگهه جو ذريعو، کيس احساس هو ته هندستان ۽ پاڪستان جيڪڏهن ان ڳالهه تي راضي ٿي وڃن ته حيدرآباد، هندستان سان هجي ۽ ڪشمير پاڪستان سان ته ڪشمير ۽ حيدرآباد جا مسئلا پر امن طور نبري سگهن ٿا، ان ۾ ٻنهي جو فائدو هوندو. (صفحو 300-299)
    ڪشمير جي حل جي سلسلي ۾ اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال مرحوم سردار شوڪت حيات جي ڪتاب ۾ ملي ٿو، جيڪو انگريزيءَ ۾ The Nation That Last Its Soil ۽ ارود ۾ ”گم گشته قوم“ جي نالي سان ڇپيو، سردار شوڪت حيات ڪشمير جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”بعد ۾ ڪشمير تي حملي جي دوران جڏهن مائونٽ بيٽن لاهور آيو ته هڪ ڊنر جنهن ۾ لياقت علي خان، گورنر مودي ۽ پنجاب جا چار وزير موجود هئا، لارڊ مائونٽ بيٽن پٽيل جو هڪ نياپو ڏنو، پٽيل جيڪو هندستان جي هڪ سگهاري شخصيت هئي، ان جو نياپو هو ته ان اصول جي پابندي ڪئي وڃي، جيڪو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ رياستن جي مستقل جي باري ۾ طئي ٿيو هو، اهو ئي ته رياست پنهنجي رهاڪن جي اڪثريت ۽ سرحدن جي ملاپ جي آڌار تي پاڪستان ۽ هندستان سان الحاق ڪنديون. پٽيل چورائي موڪليو هو ته پاڪستان ڪشمير کڻي ۽ حيدرآباد دکن جي گُهر ڇڏي ڏي، جتي آباديءَ جي اڪثريت هندن جي هئي ۽ جنهن جو سامونڊي توڙي سرحدي ڪنهن به نموني پاڪستان سان رابطو لاڳاپو نه هو، نياپو ڏيڻ کان پوءِ مائونٽ بيٽن گورنمينٽ هائوس ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
    آئون ڪشمير آپريشن جو نگران هوس، مون لياقت علي خان وٽ وڃي کيس رٿ ڏني ته هندستان جي فوج ڪشمير ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اسين قبائلين جي مدد سان ان کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ پاڻ سان گڏڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهنداسين، تنهنڪري اسان کي پٽيل جي آڇ کي رد نه ڪرڻ گهرجي. نوابزادي ڦري مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو: ”سردار صاحب! ڇا آئون چريو ٿيو آهيان جو ڪشمير جي جبلن ۽ ٽڪرن جي بدلي ۾ رياست حيدرآباد کي ڇڏي ڏيان جيڪا پنجاب کان به وڏي رياست آهي.
    لياقت علي خان جي ان عمل کي ڏسي آئون ته صفا برف ٿي ويس ته اسان جو وزير اعظم ملڪ جاگرافيءَ کان ايترو بي خبر هو، سندس ذهانت جو معيار اهو هو ته هو حيدآباد دکن کي ڪشمير تي ترجيح ڏئي رهيو هو، اها ته احمقن جي جنت ۾ رهڻ واري ڳالهه هئي، حيدرآباد جو حصول هڪ سراب هو، جڏهن ته ڪشمير ملي رهيو هو، هو ڪشمير جي پاڪستان سان اهميت کان قطعي واقف نه هو، تنهنڪري احتجاج طور مون ڪشمير آپريشن جي نگرانيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. (صفحو 32-231)
    اهي ته هيون ڪشمير جي نبيري جي حوالي سان ماضيءَ جون ڳالهيون، جنهن ۾ جيڪي غلطيون ٿيون، انهن جو ازالو ته هاڻ ممڪن ڪونهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايندڙ وقت ۾ هر قسم جي جذباتين ۽ غير منطقي ڳالهين کان هٽي حقيقتن کي سامهون رکي ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ اڳڀرائي ڪجي.
    هن وقت جڏهن دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ آمريڪا هن خطي مان دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ واري سرگرمين جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ خود هندستان به گڏيل قومن سميت ڪيترن ئي عالمي ادارن ۾ پنهنجي حيثيت کي نئين شڪل ۾ پيش ڪري رهيو آهي ۽گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته کيس گهرجي ته گڏيل قومن جي قراردادن کي مان ڏيئي. ڪشمير کي پنهنجو اٽوٽ انگ قرار ڏيڻ جي بدران، ان جي تڪراري حيثيت تسليم ڪري، ان جي نبيري لاءِ اجائي هوڏ ڇڏي، ان سلسلي ۾ عالمي طاقتن کي به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
    ڪشمير جي مسئلي جو حل هن خطي تان نه رڳو هر وقت ڇانيل جنگ جا ڪڪر ختم ڪندو پر هن خطي جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن ۾ پڻ وڏي تبديلي جو سبب بنجندو.

    (روزاني سوڀ، 3 فيبروري 2015ع)


    ڪهڙي ٻولي پيو ڳالهائين !؟

    منهنجو هڪڙو دوست آهي، اسان زندگيءَ جو وڏو حصو ننڍپڻ کان وٺي گڏ گذاريو هو. هو هوشيار هو ۽ سٺي تعليم حاصل ڪري انجنيئر بنجي ويو، پوءِ ساڳئي محنت ۽ هوشياريءَ جي ڪري ڪنهن جهاز ران ڪمپنيءَ ۾ انجينئر طور ڀرتي ٿيو ۽ پنهنجي تجربي جي آڌار تي، مختلف جهازي ڪمپنيون بدلائيندي، امتحان پاس ڪندي، ترقي جا ڏاڪا ٽپندو ويو، هاڻ لڳ ڀڳ اڌ دنيا گهمي چڪو آهي کيس لکڻ سان دلچسپي ڪونهي، نه ته الطاف شيخ جيترا نه ته به سندس اڌ جيترا سفرناما لکي چڪو هجي ها. البت يونيورسٽي لائيف ۾ وانڌڪائي جي وقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ادبي ڪتاب پڙهندو هو.
    وقت گذرڻ سان گڏ هو روزگار جي مجبوري جي ڪري ڪراچي وڃي رهيو ، اتي رهڻ جو ٻيو سبب سندس گهرواري به هئي، جيڪا ڪراچي جي آهي ۽ رشتي ۾ سندس سئوٽ ٿئي، هن جو سهرو به ڄائو ۽ نپنو ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ نوڪريءَ جي سانگي ڪراچي وڃي رهيو هو، پوءِ اتي جو ٿي ويو، جتي ڏينهن رات هن محنت ڪري نه رڳو پنهنجن ٻارن کي پڙهايو، پر پاڻ کي به سکيو ستابو ڪيائين، هو ڳالهين جي حد تائين قومپرست هيو. جيئن اڪثر شهرن ۾ رهندڙ سنڌين سان ٿيندو آهي ڪجهه شوق ۽ ڪجهه مجبوريءَ جي ڪري پنهنجن ٻارن کي اردو ۽ انگريزي ميڊيم۾ تعليم ڏياريائين، ان جو هڪ سبب آسپاس جي ماحول سان گڏ سنڌي ميڊيم اسڪولن جو نه هئڻ به ٿي سگهي ٿو. پهرين هو گهر ۾ ’سومرڪي‘ ڳالهائيندا هئا، وقت گذرڻ سان گڏ اتي قومي ٻولي اردو به اچي لڏو لاٿو ۽ سنڌي جيڪا ڪڏهن ڪنهن ڳوٺان ايندڙ مٽن مائٽن ۽ مزمانن سان ڳالهائي ويندي هئي، اها ٽپڙ ويڙهڻ لڳي، اڳتي هلي اردومڪمل طور ٿي اچي جاءِ ولاري، اخبارون به اردو وٺڻ شروع ڪيائون ته اٿي ويٺي به اردو ڳالهائندڙن سان، البته هن جو سهرو ڪڏهن ڪڏهن سنڌي اخبار وٺندو هو.
    سندس ُسهري جيان منهنجو هي دوست به گذريل ٻارهن تيرهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهي پيو، ٻاهران ٽرپ هڻي ايندو آهي ته ڏيڍ ٻه مهينا جيڪو ڪراچيءَ ۾ هوندو آهي، هڪ ٻه ڀيرا ڳوٺان به چڪر هڻندو آهي، اڳ جڏهن ايندو هو ته اُت ملندا هئاسين، هاڻ جڏهن کان آئون حيدرآباد لڏي آيو آهيان ته سندس ٻاهران اچڻ تي ساڻس ڪراچي ملڻ ويندو آهيان.
    هن جي جڏهن پنهنجي سوٽ سان شادي ٿي ته هنن جي وچ ۾ عجيب ۽ کل جهڙي صورتحال پيدا ٿي پوندي هئي، منهنجو دوست اڌوگابري سومرڪي، نه ته ٺيٺ سنڌي ڳالهائڻ وارو ۽ هوءَ اپڻي يعني سومرڪي ٻولي ٻولڻ واري، هڪٻئي جي ڳالهه نه سمجهندا هئا. نيٺ اردو ۾ ڳالهائيندا هئا، بهرحال ڳوٺ ۾ رهڻ جي ڪري زالهنس سنڌي سمجهڻ ۽ پوءِ ڳالهائڻ لڳي. پوءِ جڏهن کين اولاد ٿيو ته هنن کين ڪراچي جي انگريزي ميديم اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ۽ منهنجي دوست جو ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو هڪ سبب سندس چواڻي ته ڳوٺ ۾ تعليم جو صحيح بندوبست نه هئڻ به هو، مون سندس ان جو از کي انهن ڏينهن به رد ڪيو هو ۽ اڄ به رد ٿو ڪريان، مون کيس دليل ڏنو ته تون جو هن سطح تي پهتو آهين،تنهن به مئٽرڪ تائين ته تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ئي حاصل ڪئي آهي، هو منهنجي دليلن سان سهمت هوندي به لڏي ويو هو.
    گذريل سال منهنجو اهو دوست ڳوٺ آيو. اتفاق سان آئون به ڳوٺ هئس، هو ٻه مهينا کن اڳ بنگلايش مان واپس وريو هيو، جتي هن جو جهاز اسڪريپ ڪيو ويو هو. اڳ جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته اسين ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين، دنيا جهان جا قصا ۽ اوڀاريون لهواريون، هن ڀيري به ائين ٿيو، ڪچهري ڪندي اسانجي تان اچي ٻارن جي تعليم تائين پهتي، چيائين ”منهنجا ٻئي ٻار انگلش ميڊيم اسڪول ۾ پڙهندا آهن، جيڪو نجي اسڪول آهي، اتي ٻي ٻولي اردو ڳالهائي ويندي آهي.“ مون پڇيس گهر ۾ ته ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا هوندا؟ منهنجو سوال ُسڻي ڪجهه گهڙيون ماٺ ۾ رهيو، پوءِ وراڻيائين نه! مون وري پڇيس ته پوءِ گهر ۾ سومرڪي ۾ ڳالهائيندا هوندا؟ هن کي منهنجي مزاج جي خبر هئي، سو مُرڪي چپ ٿي ويو، هن جي خاموشي مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ”نه يار!“ ٿوري دير کانپوءِ هن وراڻيو.
    ”ته پڪ سان انگريزيءَ يا فرينچ ۾ ڳالهائيندا هوندا.“ مون مذاق ڪندي چيس. نه ! جواب ۾ کلي پيو ۽ پوءِ مون ڏانهن معنيٰ خيز نظرن سان ڏسڻ لڳو پوءِ چيائين نه،“ گهر ۾ اردو ڳالهائيندا آهيون.“، ”ڇو !؟“ مونکان ڇرڪ نڪري ويو.”سنڌيءَ ۾ ڇو نه !؟“
    اصل ۾ ڳالهه هي آهي ته ”هن ٿورو ترسي چيو“ منهنجي زال چوندي آهي ته تون ڀلي سنڌي هج، پر آئون سنڌڻ ناهيان.“
    ”پر هن جا ته ماءُ ۽ پيءُ ٻئي سنڌي آهن“. مون چيس. ”اهو ته آئون به کيس چوندو آهيان،پر چوندي آهي ته هئا، هاڻ هو سنڌي نه آهن.“ دوست وراڻيو.
    منهنجي ذهن ۾ هڪدم سوال پيدا ٿيو ته ڇا قوميت به ائين بدلجي سگهي ٿي، پر ماٺ ۾ رهيس ۽ هو ڳالهائيندو ويو، ”تنهنڪري مونکي هوءَ ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ کان روڪيندي آهي، بي خياليءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندو آهيان ته زال مونکي رهڙ پٽيندي چوندي آهي ته ”هنن سان ڪهڙي ٻولي ۾ پيو ڳالهائينءَ، ٻارن کي تباهه ڪرڻون اٿئي ڇا؟“ اهو چئي هنن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو،آئون کيس ڏسندو، رهجي ويو هئس.
    مٿين قصي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسانجو ايندڙ نسل شهرن ۾ رهڻ سبب ڪيئن نه پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿيندو پيو وڃي، اهو ڪو هڪ مثال ڪونهي، منهنجي اڳيان اهڙا ڪيترائي مثال آهن، عام ماڻهن جا مثال ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪيترن ئي ڏٺل واٺل ۽ قومپرست دوستن ۽ سنڌي ليکڪن جي ٻارن جو اهو ئي حال آهي، جن جي گهرن ۾ سنڌي هاڻ اُڌاري ٻولي آهي، ڪجهه مهينا اڳ هڪ رٽائرڊ ڪاموري دوست، جنهن اعجاز قريشيءَ جي ڪتاب ”ون يونٽ ۽ سنڌ“ جو ڏاڍو سٺو مهاڳ لکيو آهي ۽ سندس، سنڌي ۾ ٻه چار ڪتاب ڇپيل آهن، سان سندس دعوت تي سندس گهر ڪلفٽن وڃي مليس، ڪلاڪ سوا سنڌي ادب ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي مستقبل تي ڪچهري ٿيندي رهي، ان سندس ڳالهين ۾ وڏو درد هو،موڪلائڻ مهل مونکي ان مهل سخت ڌچڪو لڳو، جڏهن هن پنهنجي پٽ جو سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ مون سان تعارف ڪرايو ۽ کيس مونکي پنهنجي گاڏي تي اسٽاپ تي ڊراپ ڪرڻ لاءِ چيو، آئون حيران ٿي ويس، واپسيءَ ۾ بس اسٽاپ تائين ايندي سندس پٽ سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ لڳس ته هن مونکي اردوءَ ۾ ڳالهائڻ لاٰءِ چيو، جو سندس چواڻي ته کيس سنڌي نه ٿي اچي.
    آئون اوهانکي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ٻئي ڳالهه به ٿو ٻڌايان، ڪجهه وقت اڳ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي هڪ سيڪريٽري جنرل مونکي رومن اسڪرپٽ ۾ اردو ۾ ميسج ڪري ڪا ڳالهه پڇي، جواب ۾ مون جڏهن سندس پاران اردو ۽ ايس ايم ايس ڪرڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي پڇيو ته ائين ڇو هن وراڻيو ته اردو ۾ لکڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. نه رڳو اهو پر مون ڪيترن ئي سنڌي اديبن کي اردو ۾ ايس ايم ايس ڪندي ڏٺو آهي، اهڙي حالت ۾ سنڌي ٻولي جي مستقبل ۾ شڪل ڪهڙي بيهندي، ان بابت منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوال ۽ خدشا آهن، جن تي پاڻ ايندڙ ڪنهن ڪالم ۾ بحث ڪنداسين.


    ڪتابي ڪلچر ۽ اسڪول لئبرريون

    مونکي هيءَ ڳالهه تڏهن ياد آئي جڏهن گذريل مهيني مون ٽريزري آفيس ٺٽي ۾ تعلقي ميرپوربٺوري جي هڪ هائر سيڪنڊري اسڪو ل جي سالياني بجيٽ ۾ اسڪول لئبرريءَ لاءِ ڪتابن جي خريداريءَ جي لاءِ هزارين روپين جو هڪ بل پاس ٿيندي ڏٺو. مونکي خوشي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ان هائير سيڪنڊري اسڪول پاران پنهنجي اسڪول جي لئبرريءَ لاءِ نون ڪتابن جي خريداري ڪئي وئي آهي، مون ان ئي مهل ان هائير سيڪنڊي اسڪول جي پرنسپال جيڪو منهنجو واقفڪار هو، تنهن جو فون ملايو ۽ کيس مبارڪون ڏنم ته هن پنهنجي اسڪول لئبرريءَ جي لاءِ ڪتاب خريد ڪيا آهن. پر هن جواب ۾ جيڪو ڪجهه چيو تنهن مونکي سخت حيران ڪيو، پهرين ته هن ان ڳالهه تي حيرانيءَ جو اظهار ڪيو ته مون اهي بل ڪٿي ڏٺا. پوءِ وري چيائين ته اسان ڪتاب خريد نه ڪيا آهن ۽ جلد ڪنداسين ۽ ٻيو ته ايترن پئسن جا ڪتاب خريد ڪري نٿا سگهجن، ڇو ته اسين انهن پئسن مان اسڪول جون ٻيون ضرورتون پوريون ڪندا آهيون، جواب ۾ مون چيومانس ”سرڪار پاران ٻين ضرورتن لاءِ ته ڌار بجيٽ هوندي آهي،“ پر هن ان جو جواب ڏيڻ بدران فون بند ڪري ڇڏي.
    تعليم کاتي پاران سڀني هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن کي جيڪا سالياني بجيٽ ڏني ويندي آهي، ان ۾ ٻين ڪيترن ئي مدن سان گڏ اسڪول ۽ ڪاليج جي لئبرري لاءِ پڻ پئسا رکيا ويندا آهن، جيئن هر سال اسڪول ۽ ڪاليج لئبرري لاءِ نوان ڪتاب خريد ڪري اسڪول ۽ ڪاليج لئبررين کي نئين ايندڙ مواد سان اپ ڊيٽ ڪري سگهجي، گهڻن دوستن کي معلوم هوندو ته اڳ ۾ ٻهراڙين ۾ پرائمري اسڪولن ۾ جيڪو سامان موجود هوندو هو، انهن ۾ هڪ ڪاٺ جي صندوق يا الماڙي ڪتابن لاءِ پڻ رکيل هوندي هئي ۽ انهن ۾ باقاعده ڪتاب ۽ انهن جو رڪارڊ پڻ رکيل هوندو هو، جن مان اُستاد ۽ شاگرد استفادو ڪندا هئا ۽ وقت بوقت تعليم کاتي پاران انهن اسڪولن کي ٻي سامان سان گڏ نوان ڪتاب پڻ مهيا ڪيا ويندا هئا. آئون جڏهن هاءِ اسڪول دڙي ۾ پڙهندو هوس ته اسڪول جو هڪ ڪمرو لئبرريءَ لاءِ مخصوص هوندو هو ۽ ان ۾ ڪتابن جون اٺ ڏهه الماڙيون ترتيب سان رکيل هونديون هيون ۽ هر هفتي هڪ يا ٻه پيرڊ لئبرريءَ جا به هوندا هئا، جن ۾ جنهن استاد وٽ لئبرري جي چارج هوندي هئي، اهو اسان کي لئبرري ۾ وٺي ويندو هو ۽ باقاعده ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندو هو. مون دڙي هاءِ اسڪول جي لئبرريءَ مان ڪيترائي ڪتاب وٺي پڙهيا. سجاول ڪاليج ۾ پڙهڻ جي دوران به ڪاليج جو لئبرري انچارج اسانکي ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ڏيندو هو.هڪ ڀيري ته اسان شاگردن کيس نون ڪتابن جي هڪ وڏي لسٽ ڏني، جيڪي هن نه رڳو خريد ڪيا، پر اسانجي هتان اهي لئبرري ۾ سيٽ پڻ ڪرايا.سجاول جي ڪاليج لئبرريءَ ۾ ان وقت ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو. جڏهن ماستريءَ جي سکيا لاءِ ميرپور بٺوري جي ٽريننگ ڪاليج ۾ داخل ٿيس ۽ اتي هڪ ڀيرو ڪاليج جي وائيس پرنسيپال محترم غلام حسين رنگريز ڪاليج لئبرري لاءِ آيل بجيٽ مان ڪتابن جي تمام وڏي خريداري ڪئي، سجاول ڪاليج جي لئبرري جيان ميرپور بٺوري جي ٽريننگ ڪاليج جي لئبرري ۾ به ڪتابن جو وڏو ۽ ناياب ذخيرو موجود هو. هاڻ اهو ڪاليج مڪلي کڄي ويو آهي ۽ لئبرري الائجي ڪهڙن حالن ۾ آهي.
    اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙيون لئبرريون اڳ جيان اڃا به موجود آهن، پر هاڻ اسڪولن ۾ لئبرري پيرڊ نه ٿو رکيو وڃي ۽ ڪتابن جي الماڙين جا تالا کلڻ جي اوسيئڙي ۾ زنگجي ويا آهن. دڙي هاءِ اسڪول جي لئبرري ۾ پڻ ڪيترائي ناياب ڪتاب موجود آهن، ڪجهه سال اڳ جڏهن مون پنهنجي ڪتاب ” پسي تنهنجي تجلي“ جي لاءِ مواد پئي گڏ ڪيو ته هڪ استاد محمد يوسف کڏي ،جنهن وٽ لئبرري جي چارج هئي. مونکي انهن ڪتابن مان استفادو ڪرڻ جي موڪل ڏني. هاڻ خبر ڪونهي ته اهي ڪتاب ڪهڙن حالن ۾ آهن ۽ لازمي آهي ته ٻين هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لئبررين جي الماڙين ۾ پڻ پراڻن ۽ ناياب ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو، پر هاڻ اهي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي انتظاميائن جي بي ڌيانيءَ سبب مٽيءَ ۾ لٽجي اڏوهين جو کاڄ ٿي رهيا آهن، پنهنجي مٿينءَ ڪتاب جي ئي سلسلي ۾ ڪجهه سال اڳ مونکي هڪ استاد جي معرفت پرائمري اسڪول ميرپور بٺوري ۾ موجود ڪتابن جي ٻن الماڙين کي ڏسڻ جوموقعو مليو، اول ته زنگجي ويل تالا ڪيئن کولياسين اهو هڪ ڌار داستان آهي، پر جڏهن ڪٻٽن جا طاق کليا ته اندر موجود ڪتاب جي حالت ڏسي سچ ته روئڻ اچي ويو، ڪيترائي ناياب ڪتاب مينهن جي پاڻيءَ ۾ پُسي خراب ٿي ويا هئا ۽ ٻيا وري ڪتابن بدران مٽي ۽ مينهن جي پاڻي ۾ گڏجي ڄڻ مٽيءَ جون سرون بنجي ويا هئا.
    انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو لئبررين هئڻ مان ڪيترائي فائدا آهن. لئبررين جو مقصد ئي اهو هجي ٿو ته جيئن شاگردن کي غير نصابي ڪتابن کان آگاهي ڏجي، اخبارن ۽ ڪتابن جي موجودگي جي ڪري روزمره جي حالتن کان ، شاگرد واقف ٿي سگهن،پر بدقسمتيءَ سان ٻين هنڌن تي ته ٺهيو ، پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪتابي ڪلچر ۽ ڪتاب دوستي ختم ٿي ويئي آهي ۽ اسڪول لئبررين جي حالت ڊيڊ اسٽاڪ واري بنجي ويئي آهي، جيڪا افسوسناڪ ڳالهه چئبي ۽ هڪ وڏو سچ اهو به آهي ته سال جي آخر ۾ خاص ڪري جون واري مهيني ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي انتظاميا جو سڄو زور بل ٺاهي، ٽريزري مان پاس ڪرائي پئسا ڪڍرائڻ تي هوندو آهي، ممڪن آهي ته شيون خريد ڪيو وينديون هجن، پر اها ڳالهه آئون پڪ سان چئي سگهان ٿو ته سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي باقي ٻيا لئبرري لاءِ ڪتاب خريد نه ڪندا آهن، جنهن جو هڪ مثال مون مٿي ڏنو. هن وقت سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ٽي هزار هاءَ اسڪول ۽ ڪاليج آهن ۽ هر اسڪول ۽ ڪاليج جي سراسري لئبرري بجيٽ ٽيهه هزار روپيا سالياني رکجي ته ان حساب سان ته اهي ڪروڙين روپيا ٿيا ۽جيڪڏهن انهن ڪروڙين روپين جي ڪتابن جي خريداري ٿئي ته ڇا ٿا ڀانيو. ڪيترا ڪتاب وڪرو ٿين ۽ ڪيترا نوان ڪتاب ڇپجن، پر ڇاڪاڻ ته انهيءَ بجيٽ تي چيڪ ۽ بئلنس نه آهي، تنهنڪري اهي پئسا صحيح مد ۾ خرچ نٿا ٿين ۽ مُرڳو انهن جي حصي پتيءَ تان اسڪولن ۾ جهيڙا به ٿين ٿا، جيئن سال ڏيڊ اڳ اخبارن ۾ خبرون ڇپيون هيون ته ميرپور بٺوري تعلقي جي گرلز اسڪول جي هيڊ مسٽريس ۽ عملي جي وچم انهن پئسن جي ونڊ ورڇ تان جهيڙو ٿيو ۽ ڳالهه وڃي ٿڦڙن ۽ هڪٻئي کي لپاٽن هڻڻ تائين پهتي. تنهنڪري ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ضلع اي ڊي اوز اهڙن بلن ۽ خريد ڪيل ڪتابن کي چيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪي ڪميٽيون ٺاهين، ائين اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. ان سان گڏ تعليم کاتي کي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لئبررين جي زنگجي ويل تالن کي کولرائڻ لاءِ به ڪو عملي قدم کڻڻ گهرجي.


    سرڪاري ادارا، ادبي ايوارڊ ۽ اردو ادب

    مون جڏهن ڪجهه وقت اڳ پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته پاڪستان ۾ سڀني ٻولين جي ادب جي ڀيٽ ۾ اردو ادب وڌيڪ شاهڪار آهي ۽ لڳ ڀڳ هر ادبي صنف ۾ مالا مال آهي، ته منهنجي هڪ دوست ايس ايم ايس ڪري نه رڳو منهنجي راءِ سان اختلاف ڪيو، پر مونکي منهنجي راءِ تي هلڪي ڦلڪي دٻ به ڪڍي هئي، اختلاف جو ته هر ڪنهن کي حق آهي، پر حقيقت کي به سامهون رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ مون اهو به لکيو هو ته پاڪستان ۾ شروع کان وٺي اردو ٻولي ۽ اردو ادب کي نه رڳو سرڪاري سرپرستي حاصل رهي آهي، پر اردو ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪيترائي ادارا پڻ جڙيل آهن. جن کي حڪومت پاران فنڊنگ ڪئي وڃي ٿي. تنهن کانسواءِ انهن ادارن ۾ جيڪي تقرريون ۽ مقرريون ٿين ٿيون، انهن جي پويان سياسي هٿ ۽ سفارش به ضرور هجي ٿي.
    پاڪستان ۾ ٺهيل ڪجهه اهڙا ادبي اداران به آهن، جن جي مول ۽ متن ۾ اهو شامل آهي ته هو ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻولين جي ادب جي ترقي جي لاءِ پڻ ڪم ڪندا پر عملي طور تي انهن جي ڪردار کي ڏٺو وڃي ته هو ٻين ٻولين ۾ هڪ اڌ ايوارڊ ڏيئي يا ڪتاب ڇپائي، باقي سڄي فنڊنگ اردو ادب جي ڇپائي ۽ ترقي تي خرچ ڪن ٿا. اهڙن ادارن ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ نيشنل بوڪ فائونڊيشن جا نالا سرفهرست آهن. اڪادمي ادبيات پاران سال ۾ سواءِ هڪ اڌ ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ڇپائڻ جي باقي سڀ ڪتاب اردو ۾ ڇپايا وڃن ٿا. ان اداري پاران هر سال اردو کانسواءِ ستن ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ڇپيل ڪتابن تي ادبي انعام ۽ ايوارڊ به ڏنا وڃن ٿا، پر انهن ۾ اهو فرق رکيو ويو آهي ته اردو ادب ۾ نثر ۽ نظم ۾ ٻه ڌار ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا، باقي ٻين ٻولين ۾ هڪ هڪ ايوارڊ. نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو به اهو ئي حال آهي، جيڪي ڪتاب ڇپجن سي اردوءَ ۾، جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ڪتاب ڇپيو وڃي ٿو. جڏهن مظهر الاسلام اداري جو ڊئريڪٽر جنرل هو ته اداري پاران ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا هئا، جن ۾ ”سفيران ادب“ وغيره به ان ۾ پڻ سنڌي ادب ۽ اديبن کي نظرانداز ڪيو ويو. هڪ اڌ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ضرور ڇاپيو ويو، پر اهي به اهڙا جن جي نه ڇپجڻ سان ڪو به فرق نه پوي ها. ڪتابن تي ايوارڊن جي حوالي سان هتي هڪ ڳالهه لکڻ مناسب رهندي ته اڳ ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران هر سال ايوارڊن لاءِ مختلف ٻولين ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جون چار چار ڪاپيون خريد ڪيون وينديون هيون، پر گذريل چئن پنجن سالن کان اهو سلسلو بند ڪيو ويو آهي. هاڻ جيڪي اديب ڪتاب ايوارڊ يا انعام لاءِ اداري کي موڪلين ٿا، اهي ئي مقابلي ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. ٻه سال اڳ اداري کي فقط يارنهن سنڌي ڪتاب پهتا هئا، جن جي آڌار تي فضل الله قريشيءَ جي ڪتاب کي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو ۽ ان جي ٻي سال تيرهن ڪتابن مان اياز گل جي ڪتاب کي. اهو سنڌي ٻولي جي ڪتابن جو ذڪر آهي. ٻين ٻولين جي ڪتابن جي باري ۾ مونکي معلومات ڪانهي. ساڳيو حال سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران جاري ادبي انعام جو پڻ آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پڻ پهرين ڪتابن جون چار چار ڪاپيون خريد ڪندو هو، پر هاڻ ان پاران جيڪي ڪتاب ليکڪن موڪليا، سي ئي اگهيا. پوءِ ڀلي هر سال سنڌي ۾ مختلف صنفن ۾ سؤ ڪتاب ڇپبا هجن، پر جيڪي ٻه چار ڪتاب ليکڪن موڪليا ته اهي ئي شامل ڪبا، ائين انهن ادبي انعامن ۽ ايوارڊ جي اهميت ئي ختم ٿي ويئي آهي. حيرت آهي ته اهي ادارا ادب جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ٿا، سال ۾ لکين روپيا اجاين سجاين ڪمن تي خرچ ڪن ٿا، پر ڪتاب خريدڻ لاءِ تيار نه آهن.
    مون اردو ادب جي شاهڪار هئڻ جي ڳالهه ان ڪري ڪئي ته تازو اردو جي نامياري ليکڪ انتظار حسين جي ناول ”بستي“ کي بين الاقوامي انعام ”بوڪر پرائز“ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو ۽ اهو به آخري ٽن نالن مان، جن مان ڪنهن به هڪ کي اهو انعام ملڻون هو، تنهن کانسواءِ انتظار حسين کي فرانس جي ان اعزاز سان به نوازيو ويو آهي، جيڪو سڄي دنيا جي انهن اديبن ۽ فنڪارن کي ڏنو ويندو آهي، جن ادب ۽ فن جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون هونديون آهن. انتظار حسين کي ان ايوارڊ جي ملڻ سان اردو اديبن ۾ وڏو جوش آهي ۽ هو ان کي بين الاقوامي سطح تي اردو ادب جي مڃتا ۽ پذيرائي سمجهڻ سان گڏ، اردو ادب لاءِ هڪ وڏو اعزاز به سمجهن ٿا. انگريزي ۾ ان ايوارڊ جو نالو Office of the order of Arts and Literature آهي، انتظار حسين کي اهو ايوارڊ ملڻ تي ڪيترن ئي اردوءَ جي اديبن وجاهت مسعود، مسعود اشعر، ڪشور ناهيد ۽ ٻين ڪالم لکي ان ايوارڊ کي اردو ادب لاءِ هڪ وڏو اعزاز قرار ڏنو آهي. ان ايوارڊ جي تاريخ اها آهي ته اهو فرانس جو سڀ کان وڏو اعزاز آهي. جيڪو جنرل ڊيگال جي ثقافت واري وزير ۽ مشهور ناول نويس ’آندري مارلو‘ شروع ڪيو هو. جنهن جي ناولن جا حوالا اسانجي شيخ اياز به پنهنجي لکڻين ۾ ڪافي هنڌن تي ڏنا آهن. اهو ايوارڊ هيستائين هندستان جي جن ٻين اديبن ۽ فنڪارن کي مليو آهي، انهن ۾ بنگالي زبان جي وڏي ڪهاڻيڪارا مهاشويتا ديوي، امرتا پريتم ۽ فنڪارن ۾ شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ شامل آهن. اهو اعزاز يا اعزازي تمغو ڪنهن شخصيت جي مجموعي ڪم جي حوالي سان ڏنو وڃي ٿو. انتظار حسين کي اهو تمغو يا اعزاز ڏيڻ جي لاءِ فرانسيسي سفير خاص ڪهي لاهور آيو هو ۽ ’آواري ٽاور هوٽل‘ ۾ هڪ شاندار ”تقريب“ ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ اردو اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
    انتظار حسين اردو جي مخصوص لب ۽ لهجي وارو ليکڪ آهي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ بقول ليکڪ خالد حسين جي پنهنجن اباڻن شهرن ’ڊيبائي‘ ۽ ’بُلند‘ شهرن مان لاهور لڏي اچڻ کانپوءِ به پنهنجي زبان کي هتي جا مقامي زبانن ۽ لهجن سان آلودهه ٿيڻ نه ڏنو آهي. هو جيڪا زبان پنهنجي اباڻي شهر ۾ ڳالهائيندو هو يا اتي جي ماڻهن ۽ پنهنجي ڪٽنب وارن کان جيڪا زبان ٻڌندو هو، ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ هن اهائي زبان استعمال ڪئي آهي. اردو ڪهاڻي ۽ ناولن ۾ اهو هڪ نئون ۽ شيرين لهجو هو.
    انتظار حسين جا اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ناول، ڪهاڻيون، يادگيريون، سفرنامه، ڪالم وغيره شامل آهن، جن جو تعداد پنجاهه کان به وڌيڪ آهي. جن مان ڪيترن جا انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما ٿيا آهن. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب The Death of Sheberzadi جي نالي سان ترجمو ٿي دهلي مان ڇپيو آهي.


    ستين عالمي اردو ڪانفرنس ۽ سنڌ جا ادبي ادارا

    اهو ايڏو ته شاندار ايونٽ هو، جو دل چاهيو پئي ته 16هين آڪٽوبر کان وٺي 19هين آڪٽوبر تائين نه رڳو سڀ ڏينهن ڪراچي ۾ رهجي، پر ان ڪانفرنس جو هر سيشن اٽينڊ ڪجي، پر حيدرآباد کان ڪراچي وڃڻ ۽ سڀ ڏينهن رهڻ منهنجي لاءِ ممڪن نه هو، تنهن ڪري سورهين ۽ سترهين آڪٽوبر جا ٻه ڏينهن ڪانفرنس اٽينڊ ڪري واپس اچڻون پيو، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي لان ۾ لڳل پنڊال تي نظر وجهڻ سان ته هڪ خوبصورت رنگيني نظر ٿي آئي، لڳ ڀڳ هزار کان به وڌيڪ ڪرسيون ڀريل هيون ۽ هر عمر ۽ طبقي جي شرڪت موجود هئي، سوين شناسا ۽ غير شناسا چهرا موجود هئا، ڪيترا ته پنهنجي فئمليز سان گڏ آيل هئا ۽ جيڪو اڳ ۾ آيو، ان کي ڪرسي ملي نه ته ٻيا پير ڀر بيٺا هئا. اسٽيج تي اردو ادب جي وڏن وڏن نالن جي موجودگي هڪ اهڙي گلدستي جو ڏِک ڏئي رهي هئي، جنهن ۾ هر رنگ جو گُل موجود هو، مشتاق احمد يوسفي، انتظار حسين، افتخار عارف، زهره نگاهه، ڊاڪٽر پيرزادو قاسم، فاطمه حسن، مستنصر حسين تارڙ.... ۽ اُتي ايترن وڏن ۽ ناليوارن اديبن جي موجودگي ڏسي ڪنهن جو ٻڌل اهو جملو حقيقي لڳو ته : ”اردو جو ڪهڙو اديب آهي، جيڪو هتي موجود نه آهي.“ ان افتتاحي سيشن جي صدارتي پينل ۾ امر جليل جو نالو به شامل هو، جيڪو نه آيو ۽ ٻي ڏينهن جو پهريون اجلاس، جيڪو اردوءَ جي جديد ناول ۽ افساني جي موضوع تي هو ان جي صدارتي پينل ۾ آغا سليم جو نالو به هو، پر اهو به نه آيو هو، جڏهن ته پينل جا ٻيا ميمبر انتظار حسين، عبدالله حسين، مسعود اشعر، مستنصر حسين تارڙ، زاهده حنا، نجم الحسن عطا وغيره موجود هئا، امر جليل ۽ آغا سليم جي نه اچڻ تي ٻي ڏينهن هڪ سنڌي دوست چيو: ”اهي يار هونئن ته وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن پر اردو اديبن جي اڳيان ڊپريسڊ ٿيون وڃن.“ ڪانفرنس جي مختلف ڏينهن جي ٻين سيشن ۾ به سنڌي اديبن کي صدارتي پينل ۾ رکيو ويو هو، جن ۾ امداد حسيني، نور الهديٰ شاهه، ڊاڪٽر يوسف خشڪ، نصير ميمڻ وغيره هئا جن مان امداد حسينيءَ کان سواءِ باقي جي باري ۾ مونکي خبر ڪونهي ته اهي آيا هئا يا نه.؟
    ڪانفرنس جي مهورتي سيشن ۾ مشتاق احمد يوسفي جي نئين ڪتاب ”شام شهر ياران“ جي مهورت به ڪئي وئي، يوسفي صاحب جو اهو ڪتاب 20 هن سالن کان پوءِ ڇپيو هو، مشتاق يوسفي اردوءَ جو مشهور اديب ۽ مزاح نگار آهي ۽ سندس لکڻيون وڏي پئماني تي پڙهيون وڃڻ ٿيون، مهورت سان گڏ ڪتاب جي وڪري لاءِ اسٽال به لڳايو ويو هو ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ جنهن نموني اهو ڪتاب خريد ڪري رهيا هئا، ان مان اندازو لڳايم ته اُتي اُن ڪتاب جون پنج سئو کان به وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿي ويون هيون.
    ڪانفرنس جي مختلف سيشن ۾ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جون مهورتون ڪيون ويون ۽ ان سان گڏ اهي ڪتاب وڪري لاءِ به رکيا ويا هئا، سچ ته مشتاق احمد يوسفيءَ جي ڪتاب جي وڪري جي رفتار ڏسي مونکي رشڪ اچڻ لڳو، هونئن به ڪتاب جي مهورت جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڪتاب جي مارڪيٽ سان گڏ، ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ ڳانڍاپو به پيدا ڪيو وڃي، يقينن هن ڪانفرنس ۾ اهو مقصد ضرور حاصل ٿيو.
    ڪانفرنس جي ٻين سيشن جا موضوع ڪجهه هن ريت هئا، اردو زبان کي درپيش مسئلا ۽ ان جو آئيندو، بياد رفتگان، جنهن ۾ اردو ادب جي مختلف شخصيتن کي مختلف اديبن ياد ڪيو، هڪ شام صفيه اختر ۽ جاويد اختر جي نالي، جنهن ۾ جاويد اختر جي شعري مجموعي ”لاوا“ جي مهورت پڻ ڪئي وئي، اردو جو معاصر شعري تناظر، اردو ۽ پاڪستاني زبانن جا رشتا ۽ ناتا، اردو جون نيون وستيون ۽ ترجمي جون روايتون، ذرائع ابلاغ ۽ زبان، ترقي پسند تحريڪ جا اردو ادب تي اثر، يارڪ شائر ادبي فورم جي اعزازن جي تقريب، حالي ۽ شبلي جو سئو سالا جشن، اردو ڊراما روايت ۽ مسئلا، خطي ۾ امن جا مسئلا، ضيا محي الدين، منتخب اقتباسات، ڪانفرنس ۾ هڪ سڄو سيشن ڪتابن جي مهورتن لاءِ پڻ رکيو ويو هو، جنهن ۾ مير باقر علي داستان گو شاعر، رونق بزم جهان، درد ڪي قنديل، يگانه تحقيقي ۽ تنقيدي مطالع ڪتاب شامل هئا، ڪانفرنس جي ٻين اسمن ۾ عالمي شاعرهه، راڳ رنگ ۽ شيما ڪرماني جو نرت شامل هئا. ڪانفرنس ۾ هندستان، ڪئناڊا، ناروي، آمريڪا، مصر، ترڪي ۽ فن لينڊ جي اردو دانن شرڪت ڪئي.
    ڪانفرنس جي مختلف سيشن ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويا، تن کي انجمن ترقي اردو جي ڊائريڪٽر ۽ اردو ادب جي جوڳياڻي اديبه ڊاڪٽر فاطمه حسن ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو ذمو کنيو آهي، ڊاڪٽر فاطمه حسن جي ڪمٽمنٽ ڏسي مونکي پڪ آهي ته اهي مقالا ۽ مضمون جلد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ايندا، هاڻ ته آرٽس ڪائونسل پاران ڪتابن ڇپرائڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان پاران ڪجهه ڪتاب ڇپرايا پڻ ويا آهن.
    حقيقت ۾ هن ڪانفرنس جو سڄو سهرو آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽري محمد احمد شاهه ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو گذريل ستن سالن کان تسلسل سان ڪانفرنسون ڪوٺائيندو پيو اچي، ان سلسلي ۾ هن پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ چيو ته: مونکي اهو تصور به نه هو ته ست سال اڳ مون جيڪو ٻوٽو پوکيو هو، اهو ايترو ميويدار وڻ بڻجي ويندو ۽ ان جون شاخون سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وينديون، هن وڌيڪ چيو ته : ”هن سال اسان ڪانفرنس کي شايان شان ڪرڻ جي لاءِ خاص ڪوششون ورتيون آهن.“
    اتي اها خبر پئي ته هن سال نومبر ۾آرٽس ڪائونسل پاران ڪلچر کاتي جي سهڪار سان هڪ ٽن ڏينهن جو ”سنڌي لٽرري فيسٽول“ پڻ ڪوٺايو پيو وڃي، جنهن لاءِ تياريون جاري آهن.

    آرٽس ڪائونسل پاران جنهن نموني هر سال باقاعدگيءَ سان عالمي اردو ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ٿي، اهو هاڻ اردو ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ملڪ جو اهم ايونٽ بنجي ويو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري اردو جو هر اديب شرڪت ڪندو آهي ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر فرد ڪوشش ڪندو آهي ته ان ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جهڙي دهشتگرديءَ جي دونهاٽيل شهر ۾ اها ڪانفرنس زندگيءَ جي علامت ۽ دهشتگرد قوتن کي اها للڪار هوندي آهي ته هو هن شهر جي ماڻهن کي وقتي طرح يرغمال ته ڪري سگهن ٿا، پر سندن ذهنن ۽ ضميرن تي پهرا نٿا ويهاري سگهن.
    هيڏي وڏي عالمي ڪانفرنس ڏسي مونکي پنهنجو سنڌي ادب ۽ ادارا ياد آيا، جن کي پڻ هر سال سرڪار طرفان ڪروڙن جي تعداد ۾ فنڊنگ ٿئي ٿي، پر هنن جي ڪريڊٽ تي اڃا تائين ايڏي وڏي ۽ هر سال باقاعدگي سان ٿيندڙ ڪنهن اهڙي ادبي ڪانفرنس جو ڪريڊٽ ڪونهي، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهڙن ادارن ۾ اڪثر سفارشي ۽ رٽائرڊ ڪامورا مقرر ڪيا وڃن ٿا. جن جون ترجيحون ٻيون هُجن ٿيون، سنڌ جا جيڪي به ادارا آهن، انهن کي گذريل ڏهن سالن ۾ ملندڙ بجيٽ جو ڪاٿو ڪبو ته اهو ڏهن اربن روپين کان به وڌيڪ آهي، پر اُنهن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺبو ته ڪَن هڻڻ کان سواءِ ڪا واٽ ئي نه هوندي.
    سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جڙيل انهن ادارن ۾ پنهنجا نوازي، اقربا پروري، ڪرپشن، غير معياري، غير واسطيدار ڪمن جا انبار ملندا، پر نه ملندو ته اهو ڪم، جيڪو انهن کي ڪرڻون هوندو آهي، جي اهي ادارا ڪتاب ڇپرائين ٿا ته انهن جو معيار سوال طلب آهي، جي انسائيڪلوپيڊياز ڇپرائين ٿا ته اهي به اڻ پوريون ۽ غير معياري جيڪي ادارا رسالا ۽ مخزنون شايع ڪن ٿا ته انهن ۾ پڙهڻ جهڙي ڪا به سُٺي شئي نٿي هجي، جي ايوارڊس ڏنا وڃن ٿا ته اهي به ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي. انهن جي باري ۾ جي ڪُڇجي ٿو ته ڪُڇڻ واري تي گارين جي ناڙي. ان جو واحد سبب اهو آهي ته انهن ادارن ۾ سفارشي همراهه ڀرتي ڪيل آهن.
    تازو شڪاگو ۾ سانا پاران ٿيل ڪانفرنس ۾ سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي اها ڳالهه چئي ته ”پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ ان ڳالهه جي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي مان سفارشي ڪلچر تحت مقرريون ختم ڪري، بند پيل اسڪول کوليا وڃن ۽ سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري جي ان حڪم تي عمل ڪري رهي آهي “ موقعي جو فائدو وٺي آئون جناب بلاول ڀُٽي زرداريءَ کي اها اپيل ڪندس ته هو سنڌ جي تباهه ٿيل ادبي ادارن جو جلد نوٽس وٺي، انهن ادارن ۾ ويٺل رٽائرڊ ۽ ڪم ڪار کان وانجهيل مَڙهن ڪامورن کي هٽائي، پاڻ جهڙن ئي نوجوان ۽ بي داغ ماڻهن کي انهن جا سربراهه مقرر ڪري ۽ ان سان گڏ انهن ادارن کي گذريل ڏهن سالن ۾ جيڪا بجيٽ ڏني ويئي آهي ۽ ان بجيٽ ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي. ان جي به بي ريا جانچ ڪرائي، جيئن ايندڙ وقت ۾ انهن ادارن جي ڪارڪردگي سڌاري سگهجي.
    عالمي اردو ڪانفرنس جيان سنڌ ۾ هر سال اهڙي ڪنهن به ”عالمي سنڌي ڪانفرنس“ جي روايت ڪونهي، ۽ جڏهن انهن ادارن جي ڪارڪردگي سڌرندي ۽ انهن ۾ نئون رت ۽ جوان جذبن وارا همراهه ايندا ته پوءِ انهن ادارن کان اها توقع ڪري سگهبي ته هو به هر سال ”عالمي سنڌي ڪانفرنس“ ڪوٺائين.


    1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪامي ۽ انگريزن جون وحشي سزائون!

    20 مئي 1498ع جي ڏينهن هندستان جي شهر ڪالي ڪٽ (مالابار) جي سامهون هڪ واقعو رونما ٿيو هو، جيڪو ايترو ته ننڍو ۽ غير اهم هو، جو عام طور تي ”ڪالي ڪٽ“ جي بندرگاهه جي ٻاهر اُن جي ڪنهن کي به خبر پئجي نه سگهي، اڳتي هلي اُن ننڍڙي واقعي ننڍي کنڊ جي تاريخ تي اهم ۽ دورس اثر ڇڏيا ۽ هي ملڪ ۽ ان ۾ وسندڙ قومون هڪ هڪ ٿي ڌارين جي غلاميءَ ۾ جڪڙبيون ويون. اهو واقعو پورچوگيزن جي آمد هئي، جيڪي ”واسڪوڊي گاما“ جي اڳواڻيءَ ۾ چئن ننڍن جهازن ۾، هڪ عرب ملاح احمد بن ماجد نجديءَ جي رهنمائيءَ ۾ ”ڪالي ڪٽ“ جي سامهون ظاهر ٿيا، پورچوگيزن جي سامونڊي رستي هندستان پهچڻ سان يورپي قومن کي هندستان پهچڻ جو نئون بحري رستو هٿ چڙهيو، جنهن جي ڳولا ۾ هنن ”ڪرسٽوفر ڪولمبس“ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ نئين دنيا آمريڪا وڃي ڳولي لڌي، ڪولمبس اُن کي مرڻ گهڙيءَ تائين هندستان ئي سمجهيو.
    پورچوگيز پهريان يورپي هئا، جيڪي سامونڊي رستي هندستان پهتا، هنن جي اچڻ سان مقامي ماڻهن کي ڪهڙا تحفا مليا؟ ان جو جواب ڏکيو ڪونهي، دوکو، فريب، قتل ۽ غارت، ڦرلٽ، مُحسن ڪشي، انساني حقن جي لتاڙ، زور ۽ زبردستي مذهب جي تبديلي ۽ انساني غلامي-پورچوگيزن جي انهيءَ ڪاميابيءَ ٻين يورپي قومن کي به هرکايو، انهن ۾ فرينچ، ڊچ ۽ انگريز اڳڀرا هئا، اڳتي هلي اُن ڊوڙ ۾ هنن جون هڪٻئي سان خونريزي جنگيون ٿيون، انهيءَ زور آزمائيءَ ۾ ڊچ، فرينچ ۽ پورچوگيز انگريزن هٿان مارون موچڙا کائي، پٺٽي هٽي ويا، انهن جي نشانين ۾ فقط ٻه ننڍيون ڪالونيون فرانس جي ”پانڊيچري“ ۽ پورچوگيزن جي ”گوا“ هندستان ۾ نشانيءَ طور رهيون، باقي سڄو ملڪ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي ۾ اچي ويو، انگريزن هندستان جي مختلف علائقن ۽ رياستن تي انتهائي بي دردي، بي حيائي، اٽڪلن، مڪر، فريب، دوکي، ڪٿي لٺ ته ڪٿي چَٺ وسيلي قبضو ڪيو، هنن پهرين مقامي حڪمرانن سان دوستيون رکيون ۽ پوءِ موقعو ملندي ئي انهن کان اکيون ڦيري ٿي ڇڏيون. انگريز واپاري قوم آهي، هنن جي نظر ۾ پهرين فائدو ۽ پوءِ ٻي ڳالهه- هنن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ زبردستيءَ جي اڳيان ڪوبه حاڪم يا رياست بيهي نه سگهي، ناليوارو انگريز مورخ ”وليم هووٽ“ لکي ٿو:
    ”جيڪي نواب ۽ حڪمران انگريزن جي دوستيءَ جي جادوءَ ۾ جڪڙيا، انهن جي لاءِ اها دوستي نيٺ به خراب ثابت ٿي، انهن مان هر حڪمران کي تخت تان لهڻو پيو ۽ هو ان طاقت جي هٿن ۾ بي جان رانديڪا بنجي ويا، جنهن هر حالت ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪرائڻ ٿي چاهي، انهن حڪمرانن دوستيءَ جي واٽ ورتي يا دشمنيءَ جي، ٻنهي جو نتيجو ساڳيو نڪتو، جيڪڏهن هنن غاصب انگريزن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ نٿي وڌايو ته مٿن مختلف قسمن جا الزام هڻي، مٿن حملا ڪري، سندن علائقن تي قبضا ٿي ڪيا ويا، پر جيڪڏهن هنن دوستيءَ جي واٽ ٿي ورتي ته به هو ڊپلوميسيءَ جي ڄار ۾ اهڙا ته چؤ کنڀا ٿي ڦاٿا، جو کين پنهنجي عزت ۽ رياست تان هٿ ڌوئڻا ٿي پيا، هيئن کڻي چئجي ته اڳ هنن جن علائقن تي حڪومت ٿي ڪئي، هاڻ هو اُتي جا قيدي بنجي ويا.“
    اورنگزيب جي وفات کانپوءِ، دهلي جي مرڪزي حڪومت جيئن پوءِ تيئن ڪمزور ۽ زوال جو شڪار ٿيندي وئي، تخت جا وارث نااهل ۽ سازشين جي چنبي ۾ ڦاٿل هئا. درٻار ۾ سازشي ۽ مفاد پرست اميرن جي گهڻائيءَ سبب سلطنت جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ لڳو، مرڪزي حڪومت جي نااهليءَ ۽ ڪمزوريءَ، هر علائقي جي حڪمران، نواب ۽ صوبيدار کي ان ڳالهه تي هرکايو ته هو بادشاهه جي نالي ۾ پنهنجي آزاد علائقائي حڪومت قائم ڪن، اها صورتحال ڄڻ اُن ڳالهه جي اڳڪٿي هئي ته ملڪ پس و پيش ڌارين حملي آورن جي ور چڙهي ويندو.
    ڪارل مارڪس اُن صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هندستان جي فتح کي 1853ع ۾ مختصر، پر معنيٰ خيز لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو.
    ”هندستان ۾ انگريزن جو اقتدار ڪيئن قائم ٿيو؟ مغل اعظم جي اقتدار کي مغل صوبيدارن، صوبيدارن جي سگهه کي مرهٽن ۽ مرهٽن جي طاقت کي افغانن (احمد شاهه ابداليءَ جي حملي ڏانهن اشارو، جنهن مرهٽن جي طاقت کي چٿي ڇڏيو) چٿيو ۽ جڏهن سڄو ملڪ هڪٻئي جي خلاف جدوجهد ۾ مصروف هو ته انگريز وچ ۾ اچي ڪڙڪيا ۽ سڀني کي ماري مڃائي، پنهنجي قبضي ۾ آندائون. هي هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي نه رڳو هندوئن ۽ مسلمانن ۾، پر هر قبيلي ۽ هر ذات ۾ تفرقو آهي، هيءَ هڪ اهڙو سماج آهي، جنهن جو ڍانچو هڪ قسم جي توازن تي آهي، جيڪو ان جي ماڻهن جي وچ ۾ تفرقي ۽ آئيني عليحدگيءَ جو نتيجو آهي، اهڙي ملڪ ۽ سماج کي بهرحال محڪوميءَ جو شڪار ته ٿيڻو ئي هو، جيڪڏهن اسين هندستان جي گذريل تاريخ کان کڻي اڻ ڄاڻ به هجون، ته به ڇا اسين ان سڄي ناقابل ترديد حقيقت کان مُنهن موڙي سگهون ٿا ته هن وقت به هندستان کي هندستاني فوج جي مدد سان ئي، جيڪا هندستان جي دولت تي ئي پلجي ٿي، انگريزن غلاميءَ ۾ جڪڙي رکيو آهي، اهڙي صورت ۾، هندستان محڪوم ٿيڻ کان بچي نٿي سگهيو“.
    سرسيد احمد خان به پنهنجي هڪ تقرير ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”انگلش حڪومت جي قيام ۾ اسين ۽ هو (انگريز) ڪئنچي جي ٻن پاسن جيان شريڪ هئاسين.“ سرسيد جو اهو اشارو انهن تاريخي واقعن طرف آهي، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته هندستان ۾ شروعاتي انگريز فتحن ۽ ڪمپني سرڪار جي دٻدٻي قائم ڪرڻ ۽ ان جي پاليسيءَ کي لاڳو ڪرڻ ۾ کين مسلمان اميرن ۽ حڪمرانن جي تائيد ۽ حمايت ملي. جهڙوڪ: پلاسيءَ جي جنگ ۾ مير جعفر جو لارڊ ڪلائيو سان ساٿ ڏيڻ. شاهه عالم جو مرهٽن جي مقابلي ۾ لارڊ ليڪ جي مدد وٺڻ ۽ نظام حيدرآباد دکن پاران لارڊ ويلزلي جي صلاح مڃڻ ۽ سڀني فرانسيسي کي پنهنجي فوج مان ڪڍي ڇڏڻ وغيره- ]حوالو: سرسيد ڪي ڪهاني ان ڪي اپني زباني، راوي: الطاف حسين حالي، مؤلف ضياءالدين لاهوري، اداره تصنيف و تحقيق پاڪستان ڪراچي.1982-ص:73-72[

    واپار کانپوءِ حڪومت به
    پلاسيءَ جي جنگ 23 جون 1757ع تي وڙهي وئي، جنهن ۾ انگريزن نهايت اٽڪل ۽ چالاڪيءَ سان، نواب سراج الدوله جي وزير مير جعفر کي مستقل جي حڪومت جي لالچ ڏيئي، پاڻ سان ملائي، نواب کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ نواب سراج الدوله، مير جعفر جي پُٽ ”ميرڻ“ هٿان قتل ٿيو ۽ بنگال انگريزن جي قبضي ۾ آيو، پلاسيءَ جي جنگ کانپوءِ انگريزن جي هٿ ۾ واپار سان گڏ حڪومت پڻ آئي ۽ ڪمپنيءَ جي حصيدارن جي فائدي ۾ واڌارو ٿيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي تاريخ لڳ ڀڳ اڍائي سؤ سالن تي پکڙيل آهي، مورخ، انهيءَ عرصي کي ٽن دورن ۾ ورهائين ٿا.
    پهريون دور: سترهين صديءَ کان شروع ٿي، پلاسيءَ جي جنگ تي ختم ٿئي ٿو، ان عرصي ۾ ڪمپني بهادر نه رڳو هندستان ۾ پنهنجن ٻين يورپي مد مقابلن تي غلبو حاصل ڪيو، پر گڏوگڏ هندستان جي مختلف صوبن جي سياسي معاملن ۾ به دخل ڏنو.
    ٻيو دور: پلاسيءَ جي جنگ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو، اهو پنجهتر سالن تي مشتمل رهيو، ان دور ۾ ڪمپني واپار سان گڏ حڪومت تي پڻ قابض رهي، ايستائين جو برٽش پارليامينٽ جي هڪ قانون ڪمپنيءَ کان واپار ڪرڻ جو حق کسي ورتو.
    ٽيون دور: ايندڙ پنجويهن سالن تي مشتمل هو، ان دور ۾ ڪمپنيءَ پنهنجا علائقا وڌائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي، 1857ع جي هنگامن کانپوءِ برٽش پارليامينٽ ڪمپنيءَ کان حڪومت جو اختيار کسي ورتو ۽ هندستان کي سڌو سنئون ”تاج برطانيا“ جي ماتحت ڪيو ويو.


    هڪ کانپوءِ ٻي کي گُهٽو
    ٻي مهاڀاري جنگ ۾ يورپ ۾ هڪ ڀيري برطانوي وزيراعظم ونسٽن چرچل هٽلر تي اهو الزام هنيو ته، ”هو هڪ کانپوءِ ٻي کي جلهي، ان جو گلو گهٽي ٿو.“ ٻه سؤ سال اڳ هندستان ۾ انگريزن اهائي پاليسي اختيار ڪئي (هٽلر ته رڳو يورپ ۾ سندن نقش قدم تي هليو هو) هو به هڪ کانپوءِ ٻي کي جلهي ختم ڪندا ويا.
    (1) پهرين هنن مير جعفر جي ذريعي، سراج الدوله کي ختم ڪرايو.
    (2) پوءِ سلطنت ميسور (ٽيپو سلطان) کي مرهٽن ۽ نظام دکن جي ذريعي ختم ڪيو.
    (3) اهو ڪم ٿيڻ کانپوءِ هنن مرهٽن جي خلاف نظام دکن کي استعمال ڪيو ته ڪڏهن وري مرهٽن جي هٿان نظام تي دٻاءُ ٿي وجهرايو.
    (4) شروع ۾ هنن فقط ٽن ڳالهين تي خاص زور ڏنو، جيڪي بظاهر بي ضرر ٿيون نظر اچن، هڪ ته: سامونڊي علائقو ڪنهن ديسي حڪمران جي اثر هيٺ نه رهي، ته جيئن ٻي ڪا يورپي طاقت اُتي نه پهچي. ٻيو ته: ڪنهن به فرنگيءَ کي ملازم نه رکيو وڃي. ان جو مقصد اهو به هو ته معاملن جي واڳ انگريزن جي هٿ ۾ رهي،. ٽيون اهو ته: انگريز فوج اندرين ۽ ٻاهرين حفاظت جو فرض ادا ڪندي ۽ ان جو خرچ رياست ادا ڪندي.، اهي ٽيئي ڳالهيون هر حڪمران جي حڪمرانيءَ جو نقش مٽائڻ ۽ کين ختم ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ويو.
    (5) 1843ع ۾ سنڌ جي ميرن سان ڪيل معاهدن جي خلاف ورزي ڪندي، ڪجهه مقامي غدارن جي مدد سان (نائون مل وغيره) سنڌ تي حملو ڪري قبضو ڪري، سنڌ جي ميرن کي قيد ڪري ڪلڪتي موڪليو ويو. سنڌ تي قبضي کانپوءِ سرچارلس نيپئر سنڌ جي فتح بابت لکيو، ”اسان کي اهو ڪوبه حق حاصل ڪونهي ته اسين سنڌ تي قابض رهون، پر ان جي باوجود به اسين ائين ڪنداسين.“ (سنڌ جي ميرن سان معاهدو هئن ته فوج انهن جي علائقن مان نه گذاري ويندي، پر پهرين افغان جنگ ۾ انگريزن ان شرط جي خلاف ورزي ڪئي، هنن فوج گذارڻ کانسواءِ ميرن کي مجبور ڪيو ته هو شاهه شجاع کي پئسا به ڏين. افغانستان جي جنگ ختم ٿي ته انگريزن، ميرن کي دٻائڻ شروع ڪيو ته اوهان ڏکئي وقت ۾ دوستيءَ جو حق ادا نه ڪيو، هاڻ نئون معاهدو ڪريو، ان معاهدي جا شرط انتهائي ڪريل هئا، مير اڃا ٻڏتر ۾ هئا، جو انگريزن حملو ڪري ڏنو، مورخ ”ڪيٿي“ لکي ٿو: چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي ميرن معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي، پر معلوم ٿئي ٿو ته حڪومت برطانيا معاهدن ٽوڙڻ جو حق فقط پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو.)
    (6) 1846ع ۾ انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ سکن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. سکن جي ان شڪست ۾ به پنهنجن جي غداريءَ جو عمل دخل هو، مورخ لکن ٿا ته: سک سپاهي نهايت مڙسيءَ سان جنگ جي ميدان ۾ وڙهي رهيا هئا، جو بارود ختم ٿي وين، سپاهين کي حيرت تڏهن ٿي، جڏهن هنن ڏٺو ته بارود جي بدران کين ”سرنهن جا ٻج“ موڪليا پي ويا، بارود جو مقابلو سرنهن جا ٻج ڪيئن ڪندا؟
    (7) سڀني کان آخر ۾، رياست ”اوڌ“ جو معاملو ٿو اچي، انگريز اُتي به ساڳئي پاليسيءَ تي هليا ۽ مختلف معاهدن جي خلاف ورزي ڪندي 1856ع ۾ نواب واجد علي شاهه کي 15 لک روپيا پينشن ڏيئي ڪلڪتي روانو ڪيو، مورخ، اوڌ جي الحاق کي 1857ع جي حادثي جو سڀ کان وڏو سبب قرار ڏين ٿا.
    مٿين کانسواءِ ڪجهه هيٺيان واقعا به 1857ع جي بغاوت جو سبب بڻيا:
    (1) ناگ پور جو راجا رگوجي ڀونسلا 1853ع ۾ فوت ٿيو ته لارڊ ڊلهوزي، سندس ڀاءُ جي پُٽ کي رياست جو راجا مڃڻ بدران ناگ پور تي قبضو ڪري ورتو. ناگ پور جي الحاق سان گڏ متوفي راجا جي راڻين سان به خراب سلوڪ ڪيو ويو، انهن جي زيورن ۽ ٻي سامان کي نيلام ڪيو ويو.
    (2) جهانسي رياست جي راجا 21 نومبر 1853ع تي پرلوڪ پڌاريو ته ڊلهوزي اُن جي وارث کي مڃڻ کان انڪار ڪري، راڻيءَ کي پينشن ڏيئي، رياست جو الحاق ڪيو.
    (3) ستارا جي ننڍي رياست ”شيوا جي“ جي گهراڻي لاءِ رکي وئي هئي، اپريل 1848ع ۾ رياست جي راجا وفات ڪئي ته راجا کي بي اولاد قرار ڏئي اها رياست ضبط ڪئي وئي.
    (4) پيشوا باجي راءِ جي پٽيلي، ”نانا صاحب“ جي پينشن ضبط ڪئي وئي.
    لارڊ ڊلهوزيءَ، هندستان جي ديسي حڪمرانن جي احساسن کي نظرانداز ڪندي انڌاڌنڌ ڪمپني جي علائقن کي وڌائڻ لڳو، هن ”سڪم“ رياست جي هڪ حصي تي رڳو ان بهاني سان قبضو ڪيو ته اتي ٻن انگريز آفيسرن سان بدسلوڪي ڪئي وئي هئي، ڊلهوزيءَ بي اولاد وفات ڪندڙ ديسي حڪمرانن جي رياستن جي گود ورتل جانشينن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي مٿين رياستن کانسواءِ جيت پور ۽ سنبل پور رياستن تي پڻ قبضو ڪري ورتو.
    ان حالت ۾ جڏهن انهن ڦُريل رياستن جي وارثن ۽ انهن جي همدردن جو تعداد هزارن ۾ هو ۽ هو ڪنهن به حالت ۾ انگريزن جا خيرخواهه ٿي نه پي سگهيا، پر هو انهن جا سخت دشمن بڻجي ويا، انهن کي انگريزن جي موقعي پرستي، بي دردي ۽ اجنبيت جو سڌو سنئون تجربو ٿي چڪو هو.

    بغاوت جا سبب
    1857ع جي جنگ آزاديءَ جي سببن تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي، پر بنيادي سبب اهو هو ته ملڪ جي گهڻائي انگريزي حڪومت کان بيزار ٿي چڪي هئي ۽ ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي چاهيائين، ان نفرت ۽ بيزاريءَ جا محرڪ مختلف طبقن ۾ مختلف هئا، ڪو رياست جي ضبطي تي ڪاوڙيل هو ته ڪو پينشن جي بند ٿيڻ تي ناراض هو. ڪنهن کي انگريزن جي وعدي خلافيءَ تي ڪاوڙ هئي ته ڪنهن کي پنهنجي ملڪيت هٿان وڃڻ جو ڏک هو، ڪنهن کي فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي زبان رائج ٿيڻ جي شڪايت هئي ته ڪنهن کي وري عدالتن ۽ جيلن جا نوان قانون پسند نه هئا. عالم سڳورا فرنگين کي اسلام ۽ ان جي اقتدار جو دشمن سمجهندا هئا ۽ انگريز پادرين ۽ آفيسرن پاران مقامي ماڻهن کي عيسائي بڻائڻ جي مهم کي خطري جو سبب سمجهندا هئا، عوام ٽئڪسن ۽ ڍلن جي بار هيٺان دٻيل هو. فوجي سپاهي انگريز آفيسرن جي نسلي برتري ۽ ساڻن ٻين بدسلوڪين تي بيزار هئا، اڳرائي به هنن ئي ڪئي، ڇو ته انگريزن سان سڌو سنئون واسطو هنن جو ئي ٿي پيو ۽ هنن جي اندر ۾ سالن کان نفرت جو جذبو ڇوليون هڻي رهيو هو. مطلب ته ان جا ڪيترائي سبب هئا، جيڪي هوريان هوريان ماڻهن جي اندر ۾ نفرت جي دونهين دکائي رهيا هئا، ڪارتوسن جي چرٻي ته هڪ بهانو هو. سرسيد احمد خان جي لفظن ۾ ته: ”بارود اڳ ۾ ئي تيار هو، فقط انهي کي تيلي ڏيڻي هئي، جيڪا چرٻيءَ وارن ڪارتوسن اچي ڏني.“

    چرٻيءَ وارا ڪارتوس
    اوڌ جي الحاق سبب بنگال آرميءَ جا ديسي سپاهي اڳ ۾ ئي بگڙي چڪا هئا، لارڊ ڊلهوزيءَ جي زماني ۾ ئي ديسي سپاهين ۾ بي چيني ۽ بيزاري ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ ديسي سپاهين انگريز آفيسرن جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. 1856ع جي آخر ۾ پراڻين بندوقن جي جاءِ تي نيون رائفلون جاري ڪيون ويون، انهن جي سکيا لاءِ ٽن هنڌن تي سکيا جا اسڪول قائم ڪيا ويا، جيڪي ترتيبوار ڊم ڊم (ڪلڪته) انباله ۽ سيالڪوٽ ۾ هئا. انهن نئين رائفلن جي لاءِ ڪارتوسن جو وڏو تعداد ”فورٽ وليم“ ۾ تيار ڪيو ويو ۽ ٽنهي سکيا سينٽرن تي پهچايو ويو، اهي نوان ڪارتوس استعمال ڪرڻ کان اڳ ڏندن سان ڪٽڻا ٿي پيا ۽ افواهه اهي هئا ته انهن ڪارتوسن تي سوئر ۽ ڳئون جي چرٻي چڙهيل آهي، ان مان اهو تاثر پکڙيو ته انگريزن هنڌن ۽ مسلمانن جي مذهبن ۾ خلل وجهڻ ۽ انهن کي ڀرشٽ ۽ ناپاڪ ڪرڻ ٿا چاهين، ڇاڪاڻ ته هنن جيڪڏهن اهي ڪارتوس استعمال ڪيا ته سندن برادريون ۽ مذهب کين خارج ڪري ڇڏيندا ۽ پوءِ هنن جي لاءِ، عيسائي بڻجڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نه بچندي، گويا هنن جي خيال موجب چرٻي استعمال ڪرڻ سان هنن جي لاءِ ڀلي کڻي عيسائي بڻجڻ جو امڪان نه به هجي، پر عيسائيت جي لاءِ رستو ضرور هموار ٿي ٿيو.
    اهو افواهه پکڙيو ته سپاهين ۾ بي چينيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ شروع ٿيا، اهي آثار سڀ کان پهرين ڊم ڊم ۾ ظاهر ٿيا، جيتوڻيڪ انگريزن انهن افواهن جي ترديد به ڪئي، پر جيئن پوءِ تيئن ملندڙ شاهدين انهن افواهن کي يقين ۾ بدلائي ڇڏيو. مثال طور: هڪ ڏينهن هڪ گهٽ ذات جي سپاهي هڪ برهمڻ سپاهيءَ کي چيو ته مونکي پنهنجي لوٽي مان پاڻي پيار، برهمڻ جي انڪار تي گهٽ ذات جي سپاهيءَ وراڻيس، ”تنهنجو اهو ذات پات جو بُت جلد ئي ڊهي اچي پَٽ پوندو، ڇاڪاڻ ته توکي اهي ڪارتوس وات سان ڪٽڻا پوندا، جن ۾ سوئر ۽ ڳئون جي چرٻي لڳل آهي.“
    انگريز آفيسرن، سپاهين کي يقين ڏياريو ته اهو بيان غلط آهي ۽ ڪارتوسن تي رڍن ۽ ٻڪرين جي چرٻي لڳل آهي، سپاهين چيو ته ”ٿي سگهي ٿو ته اوهان جي ڳالهه صحيح هجي، پر عام سپاهين کي ان ڳالهه تي يقين ڏيارڻ ڏکيو آهي.“ ڳالهه ايتري ته وڌي جو پنجاب جي فيروزپور ڇانوڻيءَ ۾ هڪ سپاهيءَ چرٻيءَ وارو ڪارتوس استعمال ڪيو ته ٻين سڀني هن سان گڏ کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو.

    منگل پانڊي
    ڪارتوسن ۾ سوئر ۽ ڳئون واري چرٻي جي استعمال جي افواهه سڄي ملڪ جي فوجي بيرڪن ۾ بي چيني پکيڙي ڇڏي، بي چينيءَ جو اهڙو ئي هڪ واقعو ”بهرام پور“ ۾ پيش آيو، جتي هڪ سپاهي ”منگل پانڊي“ 29 مارچ تي ڪوارٽر گارڊ جي سامهون هڪ انگريز سارجنٽ ميجر تي گولي هلائي، سارجنٽ ميجر ته بچي ويو، منگل پانڊي کي گرفتار ڪيو ويو، مٿس ڪيس هلائي موت جي سزا ڏني وئي، 8 اپريل تي کيس ”بارڪ پور“ ۾ ڦاهي ڏني وئي. ڦاهيءَ جي وقت منگل پانڊي جي عمر فقط 26 سال هئي ۽ هن جو رڪارڊ بي داغ هو، مورخ ساورڪر لکيو آهي ته، ”هو ڏاڍي اطمينا سان ڦاهيءَ تي چڙهي ويو، پر پنهنجن ٻين ساٿين جا نالا نه ٻڌايائين.“ ايئن منگل پانڊي، هندستان جي قومي تحريڪ جو پهريون شهيد ۽ اُن جي علامت بڻجي ويو، ساورڪر وڌيڪ لکي ٿو، ”منگل پانڊي جو اهو عمل ڪنهن ذاتي رنج يا دشمنيءَ جو نتيجو نه هو، پر هن جو اهو عمل وطن ۽ ڌرم جي حفاظت لاءِ هو.“

    پهرين چڻنگ
    سپاهين ۾ اڳ ۾ ئي چرٻيءَ وارن ڪارتوسن جي ڪري گهڻي بي چيني ۽ تاءُ هو ۽ انگريزن ان تاءُ کي ختم ڪرڻ ۽ سپاهين مان بي چيني ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي بدران انهن جي وفاداريءَ جو امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميرٺ ڇانوڻيءَ ۾ ڪرنل سمائٿ 24 اپريل تي پريڊ جو حڪم ڏنو، مورخ لکن ٿا ته ڪرنل کي سپاهين ۾ پکڙيل بي چينيءَ جو اطلاع ڏنو ويو هو ۽ اها به گذارش ڪئي وئي هئي ته پريڊ منسوخ ڪئي وڃي، پر ڪرنل طاقت جي نشي ۾ الوٽ هو ۽ هن بي چينيءَ جي اطلاعن تي ڪوبه ڌيان نه ڌريو. پريڊ ۾ هر پلٽڻ مان پندرهن پندرهن ماڻهو گهرايا ويا، ڪُل نوي ماڻهو پريڊ ۾ موجود هئا، ڪرنل سمائٿ انهن ۾ ڪارتوس ورهائڻ جو حڪم ڏنو، پنجن سپاهين کانسواءِ باقي ٻين وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اسين بدنام ٿي وينداسين، البت جيڪڏهن سڄي فوج ڪارتوس وٺي ته اسان کي به انڪار ڪونهي، ڪرنل هنن جي انڪار تي سندن گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ۽ مٿن بغاوت جي ڏوهه ۾ ڪيس هلايو ويو، فوجي عدالت ڪن کي ڇهه ته ڪن کي ڏهه سال سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني، جيڪا سزا هنن جي ڏوهه جي ڀيٽ ۾ گهڻي سخت هئي، هنن کي خوار ڪرڻ ۽ سڄي فوج جي لاءِ عبرتناڪ انجام بڻائڻ جي لاءِ هنن جون سڄي فوج جي سامهون ورديون لاٿيون ويون ۽ کين ڏنڊا ٻيڙيون هڻي، کين ميرٺ جي جيل تائين سڄي شهر مان پنڌ ڪرائي نيو ويو، اهو حادثو 9 مئي تي ٿيو، هڪ انگريز مورخ ”ايڊورڊ ٿامسن“ پنهنجي ڪتاب ”تصوير جو ٻيو رخ“ ۾ اهو واقعو هنن لفظن ۾ بيان ٿو ڪري:
    ”بندوقن ۽ سنگينن جي پهري ۾ 85 سپاهين کي فوجي لباس ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سزا جي حڪم کي وڏي سڏ پڙهي ٻُڌايو ويو، ان حڪم جو مقصد انهن سپاهين کي ڏوهارين جي فهرست ۾ داخل ڪرڻ هو، انهن سپاهين کان فوجي نشان کسيا ويا، انهن جي وردين کي پويان کان ڦاڙيو ويو، لوهار اڳيان وڌيا ۽ ٿوري دير ۾ اهي سپاهي هٿڪڙين ۽ ٻيڙين ۾ نظر اچڻ لڳا.“
    ٻيو مورخ ڪيٿي لکي ٿو:
    ”اهو منظر ڏاڍو دردناڪ هو، انهن بدنصيب سپاهين جا لٿل منهن ۽ مايوسيءَ وارا اشارا ڏسي گهڻن ماڻهن جي دلين ۾ هنن جي لاءِ اٿاهه همدردي پيدا ٿي پئي، انهن ۾ اهڙا به فوجي هئا، جيڪي فوج جو نڪ سمجهيا ويندا هئا، انهن سپاهين بي حد ڏکين حالتن ۽ اوپرن هنڌن تي حڪومت برطانيا جي خذمت ڪئي هئي ۽ هنن جي وفاداريءَ ۾ ڪڏهن به لوڏو نه آيو هو، قيدي هٿ کڻي وڏي سڏ ٻاڏائي جرنيل کي مٿن رحم ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيا هئا ته مٿن رحم ڪيو وڃي ۽ کين اهڙي ذلت واري سزا نه ڏني وڃي، پر جڏهن کين اهڙي ڪابه اميد نظر نه آئي ته پوءِ پنهنجي ساٿين کي مخاطب ٿي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ته اوهين ڇو خاموش بيٺا اسان کي ذليل ٿيندي پيا ڏسو.“ ان وقت هر سپاهي جي اندر ۾ نفرت ۽ ڏک جا جذبا ڇوليون هڻڻ لڳا، پر ڀريل بندوقن ۽ توپن جي موجودگيءَ ۾ حملو ڪرڻ جو خيال دل ۾ پيدا ٿي نٿي سگهيو ۽ وٽن خاموش رهڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه به نه هئي.

    چڻنگ بڻي ڀنڀٽ
    دنيا جي وڏين وڏين انقلابي تحريڪن جي پٺيان ڪيترائي دماغ ۽ منظم پروگرام هوندا آهن، پر انهن جي شروعات سدائين ڪجهه ماڻهن کان ئي ٿيندي آهي ۽ پوءِ انهيءَ جو دائرو هوريان هوريان وڌندو ويندو آهي، ۽ ائين ڪڏهن ڪڏهن ڪو ننڍڙو واقعو وڏين بغاوتن ۽ انقلابن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجي پوندو آهي، انقلاب فرانس دور حاضر جو سڀ کان اهم واقعو مڃيو وڃي ٿو، پر ان جي لاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي وقت رٿابندي ڪئي ويئي، عوام جي ناراضگي ۽ پريشاني جا سبب ته ڪيتري وقت کان فراهم ٿي رهيا هئا، پر اتفاقي حادثن ملڪي ماڻهن کي انقلاب جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو هو، پوءِ اهو عظيم واقعو رونما ٿيو ۽ ان جا مختلف مرحلا مورخن پوءِ طئي ڪيا.
    ان جي شروعات جو داستان به عجب ۾ وجهندڙ آهي، پئرس ۾ مانيءَ جي کوٽ هئي، ماڻهو پريشانيءَ وچان بازارين ۾ چڪر هڻي رهيا هئا، انهن ۾ هڪ پوڙهي به هئي، جنهن وٽ ان مهل هڪ لٺ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، اوچتو هن ڏٺو ته هڪ گاڏي اچي رهي هئي، جنهن تي شاهي ڪتن جي لاءِ گوشت آندو پي ويو ۽ سوار ان گاڏي سان گڏ هئا، گوشت ڪتن جي سامهون وڌو ويو، پوڙهي حيران ٿي وئي ته ماڻهن کي ماني ملڻ به مشڪل آهي ۽ شاهي ڪتن کي گوشت ڏنو پيو وڃي، اهو ڏسي هوءَ ڪاوڙ ۾ اچي ڌڙيندي اڳيان وڌي، ماڻهو هن جي رڙين ۽ ڌڙڻ تي گڏ ٿي ويا، ٿوري ئي دير ۾ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ ماڻهن رومڙ ڪري شاهي ڪتن جي گوشت کي ڦرڻ شروع ڪيو ۽ هنگامو شروع ٿي ويو، پوءِ ماڻهن جي ان ميڙ هڪ نانوائيءَ کي ماري اُن جي دوڪان کي ڦريو، شام ٿيڻ کان اڳ سڄي پئرس ۾ انقلابي لهرون ڊوڙڻ لڳيون ۽ اهو هنگامو شروع ٿي ويو، جنهن کي دور حاضر جي انقلابي ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جو سرچشمو قرار ڏنو وڃي ٿو.
    ساڳئي طرح 9 مئي جي واقعي، ديسي سپاهين جون دليون ڪاوڙ ۽ نفرت جو کورو بڻائي ڇڏيون، هنن محسوس ڪيو ته اهي 85 سپاهي، جن سان نهايت ذلت واري هلت هلي وئي، انهن هنن سڀني جي مذهبي جذبن تي مٿڀرائپ حاصل ڪري ورتي هئي ۽ انهن جو ساٿ ڇڏڻ بي غيرتي، ڀاڙيائپ ۽ دلالپ هوندي. انگريزن 9 مئي تي جنهن سنگدليءَ ۽ فرعونيت جو مظاهرو ڪيو هو، تنهن کي نظر ۾ رکندي منجهائن ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ هئي، نيٺ هنن بغاوت جو فيصلو ڪري ورتو، ٻي ڏينهن (10 مئي 1857ع) تي ديسي سپاهي نعرا هڻندا، پنهنجي بارڪن کي باهيون ڏيندا ٻاهر نڪري آيا، اهو ڏسي هڪ انگريز ڪرنل فيني سپاهين کي سمجهائڻ جي لاءِ اڳيان وڌيو ته هڪ سپاهي جي گوليءَ کيس ڌوڙ ڪري ڇڏي. سپاهين اڳيان وڌي جيل ٽوڙي پنهنجي قيدي ساٿين کي آزاد ڪرايو ۽ جيڪو به انگريز فوجي يا آفيسر نظر ٿي آين، تنهن کي ڌوڙ ٿي ڪيائون. اُن هنگامي ۾ ڪيترائي انگريز، عورتون ۽ ٻار به مارجي ويا، سپاهي ميرٺ ڇانوڻيءَ کي باهه ڏئي، دهلي روانا ٿيا. ٻي پاسي ميرٺ ۾ فوجين جي بغاوت جي خبر ٻڌي، ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي فوج بغاوت ڪئي ۽ انگريز عملدارن کي قتل ڪيو ويو.

    دهليءَ ۾...
    ان وقت دهليءَ ۾ آخري مغل تاجدار بهادر شاهه ظفر، لال قلعي ۾ گوشهء نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هو انگريزن جو پينشن خوار هو، وٽس ڪوبه اختيار نه هو، هن جو گهڻو تڻو وقت شعرو سخن ۾ گذرندو هو. ان وقت هن جي عمر 85 سال هئي ۽ منجهس عملي طور تي اڳواڻي ڪرڻ جي به ڪا صلاحيت نه هئي، پر ان هوندي به بهادر شاهه ظفر کي هڪ قسم جي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، خود انگريزن کي به ان ڳالهه جو چڱي طرح احساس هو، جڏهن 1803ع ۾ پهريون ڀيرو انگريز فوجون دهليءَ ۾ داخل ٿيون ته ان وقت اهو ئي فيصلو ڪيو ويو ته بادشاهه کي ساڳئي وقار ۽ احترام سان برقرار رکيو وڃي، جيڪو کيس حاصل هو. ڇو ته بادشاهه جي معزوليءَ سان بقول برطانوي آفيسر مٽڪاف جي ته، ”ائين نه ٿئي ته بادشاهه جي معزوليءَ سان هندستاني دهشت زده نه ٿي وڃن.“
    ان حقيقت جي هوندي به، ان تاريخي جدوجهد ۾ ان سان ڪوبه فرق نٿي پيو، باغي سپاهين کي فوري طور تي ڪنهن قائد جي گهرج هئي، تاريخدانن جي لکڻ موجب، اُهو ميرٺ جي سپاهين جو عقلمنديءَ وارو قدم هو، جو هنن جمنا پار ڪري، ملڪ جي قديمي روايتي دارالسطنت کي برطانوي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو ۽ اڪبر جي محروم وارث بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي سر تي ”شهنشاهه هندستان“ جو تاج رکيو ۽ ميرٺ جي سپاهين فوري طور تي هڪ قائد، هڪ جهنڊو ۽ هڪ نصب العين حاصل ڪري ورتو ۽ غدر کي هڪ انقلابي جنگ ۾ بدلائي ڇڏيو. سپاهين شهر ۾ داخل ٿي، خزاني ۽ بارود خاني تي قبضو ڪيو. انگريزن ٿوري مزاحمت ڪئي، پر هنن جي گهڻائي سپاهين هٿان مارجي ويئي ۽ ڪن ٿورن ڀڄي جان بچائي، اڳتي هلي بهادر شاهه ظفر انهن سپاهين جي آمد ۽ ان سڄي هنگامي کي پنهنجي برباديءَ جو سامان قرار ڏنو. بهادر شاهه جي دهليءَ تي اها حڪومت چار مهينا چار ڏينهن رهي، 19 سيپٽمبر 1857ع تي انگريزن ٻيهر دهليءَ تي قبضو ڪيو ۽ بهادر شاهه کي سندس راڻي حضرت محل ۽ پٽ شهزادي جوان بخت سان گڏ گرفتار ڪري، مٿس ڪيس هلائي پهرين ڪجهه وقت ڪلڪتي ۾ رکي پوءِ رنگون روانو ڪيو، جتي بهادر شاهه ظفر 7 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفنايو ويو.
    ڪتنا بدنصيب هي ظفر دفن ڪيلئي
    دو گز زمين بهي نه ملي ڪوئي يار مين.

    بهادر شاهه ظفر جي بحالي
    بهادر شاهه جي حڪومت جي بحالي ۽ ٻيهر 19 سيپٽمبر تي، انگريزن جي دهليءَ تي قبضي جي وچ وارو عرصو چار مهينا، چار ڏينهن هو، ان دوران دهليءَ ۾ حڪومت جي انتظامي اختيارن وغيره تي لکڻ بدران، اسين رڳو خاص واقعن جو ذڪر ڪنداسين ۽ اهي سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هيتري تائيد ۽ اُڀار جي باوجود به ناڪامي ڇو ٿي ۽ ان ناڪاميءَ جي نتيجي ۾ جيڪا تباهي ۽ بربادي آئي، جانين ۽ ملڪيتن جو ذيان ٿيو، اُن جي ذميداري ڪنهن تي لاڳو ٿي ٿئي. سپاهي دهليءَ ۾ 11 مئي تي پهتا، هنن ميرٺ کان دهليءَ جو سفر چوڏهن ڪلاڪن ۾ طئي ڪري، پنهنجي ڦڙتائي جو زبردست ثبوت ڏنو، سپاهين جي دهليءَ تي قبضي کانپوءِ بهادر شاهه حڪومت سنڀالڻ تي راضي ٿيو، اڳتي هلي 9 مارچ 1858ع تي بهادر شاهه، مٿس هليل ڪيس ۾ پنهنجو بيان ڏيندي پنهنجي صفائي ۾ چيو، ”11 مئي تي مونکي فتني فساد جي ڪابه خبر نه هئي، سپاهين مونکي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ مونکي چيو ته تون چپ چاپ ويٺو سڀ ڪجهه ڏسندو وڃ، اسان کي جيڪو ايندو سو ڪنداسين. منهنجي حالت قيديءَ واري هئي، مون ڪنهن جي به قتل جو حڪم نه ڏنو هو، هو جنهن ڪاغذ تي چاهيندا هئا، مون کان صحيح وٺي لائيندا هئا. فوجي جيڪو ايندو هئن، اهو ڪندا هئا، آئون بلڪل بي وس هئس.“ (غلام رسول مهر، 1857ع شيخ غلام علي اينڊسنز-ص260)
    بهادر شاهه جي ان بيان ۾ ڪنهن قدر سچائي به آهي، هڪ مورخ هومز لکي ٿو، ”هڪ موقعي تي ڪجهه سؤ سپاهي هال ۾ گهڙي آيا ۽ بادشاهه جي چوڌاري بيهي رهيا، انهن گهر ڪئي ته کين پگهار ڏنو وڃي نه ته هو سندس خاندان کي قتل ڪري ڇڏيندا.“
    بهادر شاهه پنهنجن ڪن پٽن ۽ پوٽن کي فوج جو آفيسر مقرر ڪيو، پر هو بي وقوف، بي ايمان ۽ گيدي هئا، ديانتدار ۽ دانشمند شخصن کان نفرت ڪندا هئا، هنن ڪڏهن به جنگ نه وڙهي هئي يا نه ڏٺي هئي، کين تلوارن ۽ نيزن جي ڌڪن جو تجربو ئي نه هو، هو پنهنجي صحبت ۽ صلاح مشوري لاءِ لچ لوفرن ۽ بشنين جي چونڊ ڪندا هئا، اهي اڻ تجربيڪار ۽ عيش عشرت ۾ ڦاٿل حرام ڪاريءَ جي سيلاب ۾ غرق هئا، هو بکيا ڀينگا هئا ۽ اوچتوئي اوچتو دولتمند بنجي ويا، جڏهن پئسو هٿ آين ته عياشيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا، فوج کي رسد پهچائڻ جي بهاني، هنن ماڻهن کان وڏيون رقمون ورتيون ۽ پاڻ هڙپ ڪري ويا، مشهور رنڊيون کين باغي فوج جي رهنمائي کان غافل ڪري ڇڏينديون هيون۽ داشتائن سان گڏ انهن جي صحبت کين رات جو فوج سان گڏ ڪوچ ڪرڻ کان روڪيندي هئي، هو راتيون سمهي ۽ ڏينهن بدمستيءَ ۾ گذاريندا هئا، جڏهن هو جاڳندا ۽ هوش ۾ ايندا هئا ته حيران ۽ پريشان ٿيندا هئا. (علامه فضل حق خيرآبادي: دي اسٽوري آف دي وار اينڊ انڊپينڊينس-ص58).
    روهيل کنڊ جو بخت خان 2 جولاءِ تي دهلي پهتو، هن پاڻ سان منظم فوج آندي هئي ۽ ان کي ڇهن مهينن جي پگهار اڳواٽ ڏيئي ڇڏي هئي، هن پاڻ سان گڏ ڪيترو ساز ۽ سامان ۽ پئسو ڏوڪڙ آندو، جيڪو هن سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو، هن ۾ جنگي ۽ انتظامي ٻنهي قسمن جون صلاحيتون هيون، پر هن جي اچڻ کان اڳ ئي اڪثر شهزادا سڀيئي معاملا پنهنجي هٿ وس ڪري چڪا هئا، جيتوڻيڪ بادشاهه سڀيئي اختيار بخت خان کي ڏئي ڇڏيا هئا، پر شهزادن کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته ڪو ٻيو شخص دهليءَ جو مختيار بڻجي وڃي، جنرل بخت خان فوج ۾ نئين اسپرٽ جو ترجمان هو، هو بريلي برج ۾ توپخاني جو معمولي صوبيدار هو، هن پهرين بريليءَ کي ازاد ڪرايو ۽ اتي باغي حڪومت قائم ڪئي، پوءِ سڄي بريگيڊ سان گڏ دهلي پهتو، بادشاهه کيس جنرل جو لقب ڏنو ۽ سڄي فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو ۽ سڀني آفيسرن کي حڪم ڏنو ته هو جنرل بخت خان کان هدايتون حاصل ڪن. 19 سيپٽمبر تي جڏهن انگريزن دهلي جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو ته جنرل بخت خان، بادشاهه جي خذمت ۾ عرض ڪيو ته ”جيڪڏهن انگريزن دهلي فتح ڪري ورتي آهي ته خير آهي.. سڄو هندستان اسان جو ميدان آهي، اوهين مون سان هلو، جيئن ٻيهر منظم ٿي انگريزن سان جنگ جوٽيون.“ پر بادشاهه هن جي صلاح نه مڃي ۽ جان بخشي جي وعدي تي پاڻ کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جنرل بخت خان شهر خالي ڪري هليو ويو. مختصر طور تي اهو ته آزادي جي جنگ جي ناڪاميءَ جا ڪيترائي سبب هئا، پر بنيادي سبب هي هو ته انگريز حڪومت هڪ وڌيڪ ترقي يافته معاشري جي نمائندگي ڪري رهي هئي، هڪ طرف صدين کان پراڻو جاگيرداري نظام هو ته ٻي پاسي تازه دم سرمائيداري نظام هو. جنهن کي هر لحاظ کان پنهنجي پيشرو نظام تي برتري حاصل هئي، سرمائيداري نظام ۽ ان جي افضليت جو مظاهرو ان جنگ جي دوران مختلف شڪلين ۾ ٿيو.
    (1) انگريزن فوجي ڪمڪ ۽ سامان جي رسد جي فراهميءَ جي لاءِ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئي (ممبئي) جي بندرگاهن کي محفوظ رکيو ۽ جنگي سامان جي ڪڏهن به کوٽ محسوس نه ڪئي ۽ هن جي پُٺ سدائين محفوظ رهي، ڇاڪاڻ ته هندستانين وٽ بحري ٻيڙو نه هو. (2) انگريزن ڪيترن ئي رياستن جي والين کي پنهنجو حليف بڻايو، جيڪي هنن جي مدد ڪندا رهيا. (3) انگريزي صفن ۾ يڪجهتي هئي ۽ هندستانين جي صفن ۾ ڦوٽ، درٻاري سازشن ۽ اقتدار جي لاءِ ڇڪتاڻ عام ڳالهه هئي، جنهن جي ڪري عوام ۽ فوجن ۾ بد دلي پکڙي ۽ انهن حوصلو هارڻ شروع ڪيو. (4) مجاهدن جي صفن ۾ انگريزن جا جاسوس ۽ دلال سرگرم عمل رهيا، هر اهم لڙائيءَ ۾ انگريزن کي انهن غدارن جي مدد سان ئي فتح حاصل ٿي. (5) هندستاني فوج فقط دفاعي جنگ تي ڀاڙيو، اوچتي بغاوت جي ڪري، کين دشمن تي جيڪا برتري حاصل ٿي هئي، ان مان فائدو نه ورتو ويو، پر سهل پسنديءَ کان ڪم وٺندي قيمتي وقت کي وڃايو ويو، قلعه بند ٿي جنگ ڪرڻ مان هندستاني فوج عوام کان ڪٽجي وئي ۽ انگريزن کي تياريءَ جو موقعو ملي ويو. (6) رسد و رسائل جا ذريعا، جهڙوڪ: تار ۽ ٽپال تي بدستور انگريزن جو قبضو رهيو ۽ ريلون به هنن وٽ رهيون، تنهنڪري هنن کي هر هنڌان ذري پُرزي جون خبرون ملنديون رهيون ۽ هو ان موجب پنهنجي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار ۾ تبديلي ڪندا رهيا. (7) ملڪ جا ڪي پرڳڻا، جيڪي فوجي نقطه نظر کان اهم هئا، انهن کي پنهنجو هم خيال ۽ ساٿاري نه بڻايو ويو، جيڪڏهن بمبئي، مدراس، بنگال ۽ پنجاب ۾ آزادي جي جنگ ايتري وڏي پئماني تي وڙهي وڃي ها، جيتري ٻين صوبن ۾ وڙهي وئي ته انگريزن جو هن ملڪ ۾ ٽڪڻ ناممڪن هو. (احمد سليم: 1857 اور آج: ص-13-12).
    ” ان سوال کي پيش ڪرڻ به ضروري آهي ته انگريز هندستانين جي نفاق مان ڪيئن فائدو وٺي سگهيا؟ ان جو جواب هندستان ۾ بحيثيت مجموعي ۽ مختلف سماجي طبقن جي سياسي شعور تي مدار رکي ٿو. هاري، انگريزن جو مخالف هو، پر ان جي نظر ڳوٺ تائين محدود هئي، ان جي سياسي واقفيت ان رياست جي معاملن کان اڳيان نٿي وڌي، جنهن ۾ هو روايتي راجا جي حاڪميت هيٺ رهندو هو. ملڪ جي سياسي ۽ نظرياتي رهنمائي اڃا جاگيردار حڪمران طبقن جي هٿن ۾ هئي، جڏهن انقلاب جي لهر عروج تي هئي ته هو عوامي دٻاءُ کان متاثر ٿي، وقتي طور تي غير ملڪين جي حڪومت کان عام قومي نفرت ۾ شريڪ ٿي هنن وطن پرستيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، پر جڏهن اهي لهرون ماٺيون ٿيڻ لڳيون ۽ عوام جي انقلابي قوتن ۾ انتشار پيدا ٿيڻ لڳو ته جاگيردار طبقي جي اصلي اخلاقي ڪمزوري ظاهر ٿي پئي، هنن بزدلن ۽ غدارن جو ڪم ڪيو. طبقي جي حيثيت موجب هنن ٻٽو ڪردار ادا ڪيو، يعني ساڌن سان سمنک ته پئنچن سان به پورو، جيڪو نه ته نج وطن پرستيءَ وارو هو ۽ نه ئي سراسر خود غرضي وارو هو. جيتوڻيڪ هو انگريز دشمني جي عام جذبي ۾ هڪٻئي سان گڏ هئا، پر هو پنهنجي جاگيردار حريفن کان به ڊنا ٿي، اهو هڪ زوال پذير طبقو هو، هنن جون تاريخي يادون ماضي جي جاگيردارانه ڦوٽ ۽ گهرو جنگين تائين محدود هيون، کين هڪ گڏيل ۽ آزاد هندستان جو تصور سمجهه ۾ نٿي آيو.
    انهن ڏينهن حب وطن جو مطلب پنهنجي علائقي سان محبت هئي، جنهن تي هن جو روايتي حڪمران راڄ ڪندو هو، هندستان جو تصور بطور هڪ گڏيل ملڪ جي منجهن اڃا پيدا نه ٿيو هو، هنن جي راهه ۾ نه رڳو جاگيردارانه تاريخي يادون حائل هيون، پر انهن جا مادي بنياد اڃا نه پيا هئا، يعني: ريلوي، ٽيلي گراف، جديد تعليم جو هڪجهڙو طريقو وغيره. هندستان جو تصور هڪ مادر وطن جي حيثيت سان بعد ۾ پيدا ٿيو ۽ 1857ع جي بغاوت جي قابل قدر تجربي، اُن جي ترقيءَ ۾ مدد ڏني. 1857ع جي بغاوت هڪ اهڙو تاريخي واقعو آهي، جيڪو هڪ سڄي تاريخي دور جي خاتمي ۽ نئين دور جي شروعات جي علامت آهي، جيستائين انگريزن جو تعلق آهي ته هنن ڪمپني جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت کي سنئون سڌو برطانوي تاج جي ماتحت ڪيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اجارادار واپارين جي دور جو خاتمو ٿيو ۽ هندستان جي معاملن ۾ برطانيا جي صنعتي وچينءَ طبقي جو غلبو شروع ٿيو، جيستائين هندستان جو تعلق آهي ته بغاوت ناڪام ٿي، پر هندستانين کي اهو تجربو حاصل ٿيو، جنهن سان هو نون خيالن سان گڏ، نون بنيادن تي جديد هندستاني قومي تحريڪ تعمير ڪرڻ جي قابل ٿيا. 1857ع جا سبق بي بها ثابت ٿيا، ڌرين ان جي تجربي مان سبق حاصل ڪيا ۽ بعد ۾ انهن مان استفادو ڪيو، انگريز فاتح هئا، هنن جلدي قدم کنيا ۽ اسين مفتوح هئاسين، اسان وڌيڪ وقت ورتو. (انقلاب: 1857ع-پي.سي.جوشي- ص11)

    انگريزن جو انتقام
    جيئن هر فاتح ڪندو آيو آهي ته ڪاميابي کانپوءِ طاقت ۽ فتح جي نشي ۾ دل کولي مفتوح کي لتاڙيندو ۽ انهن کان بدلو وٺندو آهي، تيئن انگريزن به دهليءَ کي فتح ڪرڻ کانپوءِ فتح جي نشي ۾ انسانيت ۽ مهذب پڻي جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا، هنن جي ظلمن ۽ زيادتين جي اڳيان، چنگيز خان ۽ هلاڪو خان ته ڦڪا ڦڪا ٿيڻ لڳا. هنن جي اندر مان انسانيت موڪلائي وئي، هنن قتل عام ۽ ڦرلٽ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ۽ اهڙا اهڙا انسانيت سوز عمل ڪيا جو انسانيت ۽ ماڻهپي تان ايمان ئي کڄي ٿو وڃي، ان جو نقشو ڇٽيندي هڪ انگريز ”رابرٽس“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”صبح جو شروعاتي روشنيءَ ۾ دهلي ڏانهن ڪوچ جو اهو مرحلو ڏاڍو دردناڪ هو، (لال قلعي) لاهوري دروازي کان نڪري اسين چاندني چوڪ پهتاسين، دهلي اسان کي شهر خموشان لڳي رهيو آهي. اسان جن گهوڙن جي سُنبن جي آواز کانسواءِ اسان جي ڪنن تي ٻيو ڪوبه آواز نٿي پيو. هڪ به جيئري مخلوق اسان جي نظر مان نه گذري، چوڌاري لاش پکڙيا پيا هئا، هر لاش تي اها حالت طاري هئي، جيڪا موت جي ڪشمڪش طاري ڪري ڇڏي هئي، اسين چپ چاپ وڃي رهيا هئاسين ته جيئن انسانيت جي انهيءَ دردناڪ باقيات جي آرام ۾ خلل نه پوي، اسان جي اکين جيڪي منظر ڏٺا، اهي ڏاڍا ڀوائتا ۽ ڏکارا هئا، ڪٿي ڪو ڪتو ڪنهن لاش جو ڪو عضوو ڇڪي رهيو هو، ته ڪٿي ڪا ڳجهَه اسان جي ويجهي اچڻ تي پنهنجي غذا کي ڇڏي ڦڙڦڙائي اُڏڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر هن جو پيٽ ايترو ته ڀريل هو، جو هوءَ اُڏرڻ کان به لاچار هئي. اڪثر حالتن ۾ مئل جيئراپي لڳا، ڪنهن جو هٿ مٿي کڄيل هو ته ڪو ڄڻ اشارو ڪري رهيو هو، دراصل اهو سڄو منظر ايترو ته ڀوائتو ۽ ڊيڄاريندڙ هو، جو بيان نٿو ڪري سگهجي، لڳي ايئن ٿو ته اسان جي گهوڙن تي به ڊپ طاري هو ۽ هو ناسون ڦونڊي رهيا هئا، تنهنڪري هو ڇرڪي رهيا هئا، سڄي فضا ناقابل تصور حد تائين بدبودار ۽ خراب هئي.“ (حوالو: غلام رسول مهر 1857ع-ص218)
    سپاهين جيئن ئي شهر ۾ قدم رکيو ته هنن قتل عام شروع ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو به مرد سامهون ٿي آين، تنهن کي ٿي ماريائون، هنن نه دوست جي، نه دشمن جي، نه هنڌؤ جي ۽ نه مسلمان جي تميز ٿي ڪئي. هنن جي مٿان ڄڻ ماڻهو مارڻ جو ڀوت سوار هو ۽ ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏيائون. شهر جي تباهه حال رهاڪن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته جيئن هو وڃي بک مرن. انگريزن دهليءَ ۾ ايتري ته ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو جو، هڪ انگريز لارنس کي، فوج جي ڪمانڊر کي لکڻو پيو: ”مونکي يقين آهي ته اسان جنهن نموني بنا ڪنهن فرق جي سڀني طبقن کي ڦريو آهي، ان لاءِ اسان تي سدائين لعنت وسائي ويندي ۽ اهو عمل حق بجانب به هوندو، بهرحال ٻن مهينن جي ڦرلٽ کي ڪافي سمجهڻ کپي، مون وٽ ان سلسلي ۾ بمبئي مان به شڪايتون موصول ٿيون آهن، جيتوڻيڪ ان تي يقين ته ڪونه ٿو اچيم، پر مون اهو به ٻڌو آهي ته اسان جا آفيسر ٻاهر نڪري ديسي رهاڪن کي بي درديءَ سان قتل ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اسان جي سامهون بلند اصول نه به هجن، ته به عام مصلحت جي تقاضا اها آهي ته اسين پنهنجي هم وطنن کي انهن حرڪتن کان باز رکون، باغين ۽ قاتلن کي ڦاسيون ڏيڻ يا گولين سان اُڏائڻ ۾ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڦڙت نه هوندو، پر اسان کي دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. موجوده صورتحال جو نتيجو اهو نڪرندو، جو ملڪ جا سڀئي طبقا اسان جي خلاف متحد ٿي ويندا ۽ جنگ شروع ٿي ويندي ۽ ملڪ هوريان هوريان ويرانيءَ جي منزل تي پهچي ويندو ۽ اسان جو هتي ترسڻ ممڪن نه رهندو. (ايضاًء-ص219)
    جيڪي شاهديون پهتون آهن، انهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته هنن ڦرلٽ ۾ نادرشاهه کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. (انفسٽن جو جان لارنس کي خط 25 نومبر 1858ع) انهن ظلمن جو نشانو عورتون به بڻيون، جڏهن هنن جا مرد مارجي ويا ته اهڙين هزارين پرديدار عورتن جن ڪڏهن گهر کان ٻاهر قدم به نه رکيو هو، انهن در در ڀٽڪڻ جي بدران مرڻ بهتر سمجهيو ۽ هنن کوهن ۾ ٽپا ڏيئي، ٻُڏي پنهنجو انت آندو. مورخ لکن ٿا ته کوهن ۾ ايتريون ته عورتون ڪريون جو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جي جاءِ به نه بچي، ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن شهر جا کوهه صاف ڪيا ويا ته ڪيترين ئي عورتن جا انهن مان لاش نڪتا. چنگيز خان بابت بيان ڪيو وڃي ٿو ته نيشاپور جي گهيري ۾ سندس ناٺي مارجي ويو، تنهنڪري هن قسم کنيو ته نيشاپور کي ويران ڪري پوءِ ساهه پٽيندو، تنهنڪري جڏهن شهر فتح ٿيو ته هن سڄي آباديءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ڪو مرد، ٻار ۽ عورت نه بچي ته پوءِ جانورن جو وارو آيو، ايستائين جو ڍڳا، گهوڙا، گڏهه، اٺ، رڍون ۽ ٻڪريون، مطلب ته هر شيءِ ختم ڪئي وئي، ايتريقدر جو ڪتن ۽ ٻلين کي به نه بخشيو ويو ۽ شهر کي ڊاهي پٽ ڪري انهي جي مٿان هر هلايو ويو ۽ ڪيتري عرصي تائين نيشاپور جي جاءِ تي پوکي راهي ٿيندي رهي، بلڪل اهڙي ئي تجويز انگريزن پنهنجي ڪمانڊر لارنس جي اڳيان پيش ڪئي ته شهر کي ڊاهي انهي جي مٿان هر هلايو وڃي. جنهن تي هن چيو ته، ”آئون ڪڏهن به ان قسم جي تجويز منظور نه ڪندس.“ انهي رٿ مان انگريزن جي انتقام جي باهه کي سمجهي سگهجي ٿو. شهر جي حالت جو نقشو چٽيندي مشهور شاعر مرزا غالب لکي ٿو، ”شهر مسلمان کان خالي آهي، رات جي اونداهيءَ ۾ انهن جي گهرن ۾ ڪوبه ڏيئو نٿو ٻري ۽ ڏينهن جو انهن گهرن ۾ ڪابه چلهه نٿي ٻري. چوڌاري ڦاسي جا ڦندا لڙڪيل آهن ۽ رستا دهشت ناڪ آهن.... هاڻ ڪنهن کي ٻاهر نڪرڻ ۽ اسان سان ڳالهائڻ جي جرئت ڪونهي ۽ نه ئي وري مونکي ٻاهر نڪري، پنهنجي اکين سان ڪجهه ڏسڻ جي مجال آهي.“ (انقلاب 1857ع-پي.سي.جوشي)

    ڦاسين ۽ گولين جو طوفان
    دهلي جي فتح کانپوءِ، انگريزن جهڙي نموني انتقام ورتو، ان جو مثال مهذب دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، مورخ لکن ٿا ته هنن بنا ڪنهن فرق جي لڳ ڀڳ ستاويهه هزار ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون يا گولين سان اُڏايو. دهليءَ ۾ چاندني چوڪ جي ڀرسان ٽن طرفن ڦاسين جا ڦندا لڳايا ويا ۽ جيڪڏهن ڦاسيون کائيندڙن جو تعداد گهڻو هوندو هو ته هڪ گروهه کي ڦاهيءَ تي چاڙهي، ٻي کي انتظار ۾ بيهاريو ويندو هو ۽ هو بيٺا ڏسندا هئا ته هنن کانپوءِ اسان جو وارو ايندو ۽ اهو هنڌ انگريزن جي لاءِ ”سير گاهه“ بڻجي ويو هو ۽ ڀرسان موجود هڪ موقع شناس دوڪاندار پنهنجي دوڪان جي سامهون ڪرسيون رکي ڇڏيون ته جيئن انگريز ويهندا ته خوش به ٿيندا ۽ ڪجهه ڏيئي به ويندا، انگريز آفيسر ايندا هئا، ڪرسين تي ويهي سگريٽ پيئندا ۽ ڦاسي چڙهندڙن کي ڏسندا هئا ۽ وڃڻ مهل ڪجهه ڏوڪڙ دوڪاندار کي ڏيئي ويندا هئا ۽ ڦاسي چڙهندڙن جي لاشن کي هڪ ڏاند گاڏيءَ ۾ هڪ ٻئي جي مٿان سَٿيو ويندو هو ته جيئن نون مظلومن جي گلي ۾ ڦاسي جو ڦندو وڌو وڃي.
    بهادر شاهه جي ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي مرزا مغل، مرزا خضر سلطان ۽ مرزا ابوبڪر همايون جي مقبري ۾ وڃي پناهه ورتي هئي، هنن غدارن ڪاڻي منشي رجب علي ۽ مرزا الاهي بخش جي پڪ ڏيارڻ تي ته پاڻ کي هڊسن جي حوالي ڪيو، تن کي به هڊسن نهايت بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، سندن قتل جو احوال خشونت سنگهه پنهنجي ناول ”دهليءَ“ ۾ هيئن ٿو بيان ڪري:
    ”سج لهڻ وارو آهي، هڊسن صاحب پنهنجي سواريءَ تي ويٺو ۽ پنهنجو هٿ هوا ۾ بلند ڪري هڪ اعلان ٿو ڪري، ”دهليءَ واسيو... ٻُڌو!“ هو گجگوڙ ڪري چوي ٿو ۽ ماڻهو خاموشيءَ سان ٻڌن ٿا. ”اسان جي حراست ۾ هي ٽي شخص قاتل آهن، هنن ڪاسائين جا هٿ ڪيترن ئي معصوم مردن ۽ عورتن جي رت سان رڱيل آهن، هاڻ اوهين ڪمپني بهادر جي انصاف جو مشاهدو ڪندؤ. پويان بيٺا رهو، ڏسو ۽ ياد رکو،“ ميڙ پويان هٽي وڃي ٿو، اسان جا سوار بيل گاڏي جي چوڌاري هڪ حلقو ٺاهي ٿا وٺون، ”اوهين ٽيئي هيٺ لهو ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهيو.“ هڊسن صاحب حڪم ٿو ڏي، ٽيئي شهزادا حڪم مڃين ٿا، هنن جا منهن هئڊا ٿي ويا هئا، پنهنجي قميص لاهيندي هنن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. ”هر شئي لاهي ڇڏيو.“ هڊسن صاحب ٻيهر حڪم ڏنو، جڏهن هو پنهنجا پتلون نما پاجاما لاهين ٿا ته هو ڏڪڻ لڳن ٿا، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا سُسيل رُڪن (آلت) ڪڏهن به نه ڏٺا“. ”تون ابوبڪر اڳيان اچ.“ هڊسن صاحب حڪم ڏنو، لڳ ڀڳ پنجٽيهن سالن جو بُت ۾ ڀريل شهزادو ٿڙندو ٻه ٽي وکون اڳيان وڌيو، هن شرم سبب پنهنجي شرم گاهه هٿن سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”نهال سنگهه! هن شخص جي ٻانهن تان اها شئي لاهه .“ هو هڪ تعويذ طرف اشارو ڪري حڪم ٿو ڏي، جيڪو هن شهزادي جي ٻانهن ۾ ٻڌل هو، مون اهو تعويذ پٽي پنهنجي کيسي ۾ وڌو. ”پنهنجي بندوق مونکي ڏي.“ آئون پنهنجي بندوق صاحب کي ٿو ڏيان ”صاحب! مونکي نه مار.“ ابوبڪر هٿ ٻڌي منٿ ڪئي (ڄڻ نماز ۾ هجي) هڊسن صاحب هن جي ڇاتيءَ جو نشانو وٺي گهوڙو دٻايو. ”ٺاهه!“ ابوبڪر رڙ ڪئي ۽ پوءِ ڪري پيو ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳو.
    ميڙ ڊپ سبب خاموش آهي، ڪو به پنهنجي جاءِ تان نه چريو، ٻيا ٻئي قيدي مرڻ کان اڳ مري چڪا آهن، هڊسن صاحب انهن جي مٿن جو نشانو وٺي گولي هلائي، اسان جي سامهون رت ۾ ٻُڏل ٽي لاش پيا هئا، رت انهن جي زخمن مان وهي رهيو آهي، هنن جي پٽيل واتن مان گڦ ٻاهر اچي رهي آهي ۽ اکيون پٿرائجي ويون آهن، هزارين ماڻهن، جن قتل جو اهو منظر ڏٺو، ائين ئي مئل ۽ پٿرايل نظر اچي رهيا هئا، جيئن اهي ٽيئي لاش اسان جي پيرن ۾ پيا هئا. (دهلي: خشونت سنگهه: ص 43-342)
    هڊسن انهن جي قتل تي چيو، ”آئون بي درد ناهيان، پر آئون مڃيان ٿو ته انهن بدبختن جي وجود سان زمين کي پاڪ ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي مونکي خوشي حاصل ٿي، منهنجو ارادو هو ته کين ڦاسي تي چاڙهيان، پر جڏهن حالتن اهو رخ اختيار ڪيو ته، ”هو رهندا يا اسين.“ ته مون وٽ سوچڻ جو وقت نه هو.“ جڏهن هڊسن کان اهو جواب طلب ڪيو ويو ته هن پاڻ شهزادن کي قتل ڇو ڪيو ته هن بي تڪلف لکيو، ”جيڪي بي گناهه عورتون ۽ ٻار انهن جي درندگيءَ جو شڪار ٿيا، انهن جو رت مون کي سڏي چئي رهيو هو ته تون اسان جو هم وطن آهين ۽ توکي قدرت انهن کان بدلو وٺڻ جي لاءِ موڪليو آهي، جنهن ڪم کي مون پنهنجو فرض سمجهيو، ان کي پنهنجي هٿن سان پورو ڪرڻ ۾ ٿوري به دير ڪريان ها ته آئنده آئون ڪنهن به انگريز جي سامهون اک کڻڻ جي قابل نه رهان ها.“ شهزادن جي قتل تي هڪ انگريز مورخ ”باسورٿ سمٿ“ صاف گوئيءَ سان لکيو آهي ته ”انهن جو قتل بيوقوفي ۽ بي درديءَ وارو قدم هو، شهزادا هڊسن جي هٿن ۾ بي وس هئا ۽ هنن جي اسان جي هم وطنن جي قتل ۾ شرڪت بابت ڪا ذڪر جوڳي شاهدي به نه هئي.“ شهزادن جي قتل کانپوءِ انهن جا لاش ٽن ڏينهن تائين پيا رهيا ۽ ڳجهون هنن جي لاشن کي پٽينديون رهيون، جڏهن لاشن ڌپ ڪرڻ شروع ڪئي ته انهن کي گهلي درياهه ۾ لوڙهيو ويو.

    انتقام جي باهه انگريزن جي اندر ۾ ايتري ته ڀڙڪي رهي هئي، جو جنرل نڪلسن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ”انگريز عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن جي خلاف اهڙو قانون ٺاهڻ کپي، جو اسين کين جيئرو ساڙي سگهون يا کين گرم لوهي سيخن سان اذيتون ڏئي ماري سگهون، اهڙن ظالمن کي فقط ڦاسيون ڏئي مارڻ جو خيال ئي مونکي چريو ڪري ٿو ڇڏي، ڪاش آئون دنيا جي اهڙي ڪنڊ ۾ وڃي سگهان، جتي مونکي اهو حق حاصل هجي ته پنهنجي مرضيءَ موجب انتقام وٺي، پنهنجي اندر جي باهه ٺاريان.“ جنرل نڪلسن جي اها خواهش ته سندس موت سبب پوري ٿي نه سگهي، پر سندس ساٿين اها پوري ڪري ڏيکاري. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته انگريزن ۽ سکن گڏجي هڪ زخمي قيديءَ جي منهن تي وڌيڪ زخم ڪيا، پوءِ کيس هلڪي باهه تي سڙڻ جي لاءِ وجهي ڇڏيو، مورخ ٿامپسن پنهنجي ڪتاب “The other side of the Model” ۾ لکي ٿو، ”اڻويهين صدي جي جنهن تهذيب ۽ انسانيت تي فخر ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ اسان جي سامهون اهو نظارو به پيش ٿيڻو هو ته هڪ انسان کي باهه تي پچائي مارجي.... انگريز ۽ سک ننڍين ننڍين ٽولين ۾ آسپاس بيٺا اطمينان سان اهو نظارو ڏسي رهيا هئا.“
    ڪيترن ئي قيدين کي ڦاسيون ڏيڻ کان اڳ، سپاهين کي ان ڳالهه جي موڪل ڏني وئي ته هو انهن جي واتن ۾ زوري سوئر جو گوشت وجهي کين، وڌيڪ ذليل ڪن. دهليءَ جي آسپاس جيترا به شهزادا گرفتار ڪيا ويا، انهن جو تعداد اوڻٽيهه هو، انهن ۾ پوڙها، بيمار ۽ هلڻ کان هلاک سڀ ڦاسي چاڙهيا ويا، سڀني کان وڌيڪ پوڙهو شهزادو مرزا قيصر (ابن شاهه عالم ثاني)، ان جو لاش ڦاسيءَ تي ائين لڙڪيل هو، ڄڻ ڪا هَـڙ هجي، شهزادي مرزا قيصر بابت بيان ڪيو ويو آهي ته هو ايترو ته پوڙهو هو، جو هن جا هوش ۽ حواس به سلامت نه هئا، انهن گرفتار شهزادن ۾ بهادر شاهه ظفر جا پوٽا، ناٺي ۽ ڏوهٽا شامل هئا، انهن سڀني کي پراڻي دهلي جي دروازي ٻاهران ڦاسي ڏني وئي، جنهن کي هاڻ خوني دروازو سڏيو وڃي ٿو. مرزا الاهي بخش ۽ ڪاڻي منشي رجب علي غداريءَ جا جيڪي جوهر ڏيکاريا، اهي پنهنجي جاءِ تي پر بهادر شاهه ظفر جي هڪ ڀائٽي مرزا ڪالي خان، جيڪو مرزا بابر جو پٽ هو، اُن ڪڙم جو ويري بنجي جيڪي ڪلور ڪرايا، اهي ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، هو پنهنجي ڪار گذاري ڏيکارڻ جي لاءِ بي ڌڙڪ ڪوڙ ڳالهائيندو هو، هن انهن شهزادن کي به گرفتار ڪرايو، جن جي 1857ع جي هنگامي يا چئن مهينن جي حڪومت سان ڪوبه واسطو نه هو، البت هو شاهي گهراڻي سان واسطو رکندا هئا، غدار مرزا ڪالي خان، انهن مسڪينن کي پٽي پڙهائيندو هو ته جيڪڏهن اوهين پاڻ کي بادشاهه جو ويجهو مائٽ ٻڌائيندا ته اوهان جي لاءِ مناسب وظيفو مقرر ٿي ويندو، هوڏانهن وري انگريزن کي وڃي چوندو هو ته مون فلاڻي شهزادي کي گرفتار ڪرائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، جنهن اوهان جي خلاف ڪاررواين ۾ حصو ورتو هو ، انگريز انهن کي جلهي ڦاسيءَ تي لٽڪائي ڇڏيندا هئا، ڏوهارين تي ڪيس هلائڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي لاءِ فوجي ڪميشن جي روبرو پيش ڪيو ويندو هو، اهو ڪم ڏاڍي تيزيءَ سان اُڪلندو هو، موت کانسواءِ ٻي ڪنهن سزا جو تصور ئي نه هو ۽ ڏوهه مڃڻ کانسواءِ ڪنهن ڪيس جو ڪوبه نتيجو نه نڪرندو هو، جن کي ڏوهارين جي ڏوهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي هوندي هئي، اهي اها تڪليف ئي نه ڪندا هئا، ائين هزارين ماڻهو ڦاسي چڙهي ويا. هڪ ڀيري ڪميشن جي سامهون ڏهن جوابدارن کي آندو ويو، هنن جي خلاف ڪابه شاهدي نه هئي، پر ڪميشن فرمايو ته اهي سپاهي ٿا لڳن، يا سمجهڻ کپن ته هنن ضرور ڪڏهن هٿيار کنيا هوندا، انهن سڀني کي ڦاسي ڏني وئي. بنارس شهر ۾، ڪجهه ننڍي عمر جي ڇوڪرن راند روند ۾ ”باغيانه جهنڊو“ بلند ڪيو ۽ دهل وڄائي شهر جو چڪر هنيو، انهن تي ڪيس هلائي کين ڦاسي جي سزا ڏني وئي، ڦاسي ڏيندڙن جا رضاڪار جٿا مختلف ضلعن ۾ نڪري ويندا هئا، ان موقعي تي غير پيشه ور جلادن جي کوٽ نه رهي هئي، هڪ همراهه نهايت فخر سان بيان ڪندو هو ته هن ڪيترن ئي ماڻهن کي ”فني انداز“ ۾ موت جي سزا ڏني. بنارس شهر ۾ اُٺن ۽ بيل گاڏين جو ٽن مهينن تائين روزاني اهو ڪم رهيو ته هو صبح جو سج اُڀرڻ کان وٺي، سج لهڻ تائين بازارين ۽ چوڪن جا چڪر لڳائيندا، انهن ماڻهن جا لاش ڍوئيندا رهن، جن کي ڦاسيون ملنديون هيون، ائين ڇهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي ڦاسيون ڏنيو ويون، لاهور ۾، جن باغي فوجين کي گولين سان اڏايو ويو، انهن کي ڏهن ڏهن جي ٽولين ۾ گوليون هڻي مارڻ جي لاءِ آندو ويو، جتي ميدان ۾ سک سپاهي کين گوليون هڻڻ جي لاءِ موجود هئا، جڏهن ڏيڊ سؤ قيدين کي گوليون هڻي ماريو ويو ته گوليون هلائيندڙ سکن جي دستي مان هڪ ڄڻو غش کائي ڪري پيو، تنهنڪري ڪجهه دير جي لاءِ سزائن جو سلسلو ملتوي ڪيو ويو. انهن ظلمن ۾ سک سپاهي، جن جي آڌار تي انگريزن اها بغاوت چٿي پيش پيش هئا. هنن دهلي جي مسلم آباديءَ کان مغل شهنشاهن جي انهن ظلمن جو دل کولي انتقام ورتو، جيڪي صديون اڳ ڪيا ويا هئا. انگريزن جي ظلم جي حوالي سان دهلي جي ”محله ڪوچه چيلان“ جو واقعو به گهڻو مشهور آهي. اتي هڪ انگريز سپاهي، هڪ گهر ۾ گهڙيو، گهروارن جي مزاحمت تي هو زخمي ٿي پيو، ان تي انگريزي فوج جي اعليٰ آفيسر جي حڪم تي محله ”ڪوچه چيلان“ جي سڀني مردن کي گولين سان اڏايو ويو، اهي ڪجهه واقعا دهلي جا بيان ڪيا ويا، ساڳئي نموني بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ ملڪ جي ٻين حصن جهڙوڪ: اوڌ، آگرهه، ميرٺ، روهيل کنڊ، فرخ آباد، ڪانپور، بنگال، بهار، اڙيسا، جهانسي، لاهور، بنارس، پشاور ۽ ٻين حصن ۾ به هزارين ماڻهن کي موت جون سزائون ڏيئي ڦاسيون ڏنيون ويون يا گوليون هڻي ماريو ويو يا توپ دم ڪيو ويو.

    انگريزن جي فوج ۾ شامل سيتارام جي ڪهاڻي
    سيتا رام، انگريز فوج ۾ صوبيدار هو، هن 1857ع جي واقعن کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي لکي، جيڪا پوءِ ”هڪ غلام جي سرگزشت“ جي نالي سان ڇپي، سيتا رام انگريزن جو بي حد نمڪ خوار ۽ وفادار هو، هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو انهيءَ جنگ ۾، جنهن ۾ هو انگريزن طرفان وڙهي رهيو آهي، سندس جوان پُٽ، باغي فوج ۾ شامل هوندو. سيتا رام کي حڪم ڏنو ويو ته هو پنهنجي پُٽ کي موت جي سزا ڏي، سيتا رام لکي ٿو:
    ”ڏينهن جو چئين بجي قيدين کي مارڻو هو، آئون پنهنجي ئي پُٽ جو قاتل بنجان؟ هاءِ ڙي منهنجا ڀاڳ! مون ميجر صاحب جي خذمت ۾ وڃي عرض ڪيو ته ”مونکي انهيءَ ڪم کان معافي ڏني وڃي.“ هو مون تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيو ته ”تون ڪم کان لهرائين ٿو، ڏس! توتي ڪورٽ مارشل ڪندس.“ هو اهو باور نه ڪندا هئا ته هي بندو سرڪار جو نمڪ خوار نوڪر آهي. کيس يقين هو ته آئون دل ئي دل ۾ باغين سان مليل آهيان، فرمايائين، ”بس! هاڻ آئون تنهنجي ڪابه ڳالهه نه ٻڌندس.“ نيٺ منهنجي پدرانه محبت مون تي غلبو ڪيو ۽ آئون روئي ويٺس ۽ چيم، ”سرڪار! آئون پنهنجي هٿن سان هڪ هڪ ڪري انهن قيدين کي ماريندس، جي حڪم ٿيندو... پر انهن ۾ هڪ منهنجو پٽ به آهي.“ ميجر صاحب چيو، ”ان بهاني سان تون پنهنجي ڀائرن کي بچائڻ ٿو چاهين.“ نيٺ هن جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ۽ منهنجي ڪمبخت پُٽ کي منهنجي سامهون گهرايو ويو ۽ کانئس پڇا ڳاڇا ڪيائين. آئون اهو دل ڏاريندڙ منظر ڪڏهن به وساري نه سگهندس، منهنجي دل ۾ اها ڳالهه هرگز نه آئي ته ڪو پُٽ جي جان بخشيءَ جي درخواست ڪريان، اهو انهيءَ جو حقدار نه هو. هاڻي ميجر صاحب کي منهنجي ڳالهه تي يقين آيو ۽ مون کي انهي خذمت جي بجا آوريءَ کان آجو رکڻ جو حڪم ڏنائين. آئون ڏکن جا پهاڙ کڻي پنهنجي ٺڪاڻي تي آيس، سکن جي لعنت ملامت اڃا به وڌيڪ ڏکارو ڪيم ته هيءَ باغي آهي، ٿوري دير کانپوءِ اها جيءَ جهوريندڙ خبر ٻُڌم، منهنجي پُٽ کي نيٺ غدر جو ڦل مليو، مرڻ گهڙي تائين هن ڪنهن به قسم جو ڊپ ظاهر نه ڪيو، پر اهو ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها، جو هو جنگ ۾ ماريو وڃي ها.“

    1857ع ۽ سنڌ
    انگريزن 1843ع ۾ سرچارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي اميرن کي پوني ۾ وڃي قيد ڪيو، سنڌين، پنجابي مسلمانن وانگر انگريزن جي قبضي تي دل کولي سندن آجيان نه ڪئي، مير شير محمد، جنهن مياڻي ۽ دُٻي جي جنگين ۾ انگريزن سان چوٽون کاڌيون هيون، سو پوءِ به آڻ مڃڻ جي بدران انگريزن جي ڇانوڻين تي گوريلا طرز جا حملا ڪندو رهيو، نيپئر، مير شير محمد لاءِ لکيو، ”مير شير محمد پاڻ کي ڦورن جي وچ ۾ رهايو آهي ۽ هنن کي اشتعال ڏياري رهيو آهي ته هو سنڌ ۾ ڦرون ڪن ۽ کين اها به اُميد آهي ته هو پنهنجي فائدي ۾ کين بغاوت لاءِ همٿائيندو.“ مير محمد بخش خان ٽالپر ”تاريخ اميران سنڌ“ ۾ لکي ٿو، ”بهادر شاهه بادشاهه، جنگ جي سلسلي ۾ شير سنڌ (مير شير محمد) کي خط لکي موڪليو، ان تي شير سنڌ نقد رقم سان گڏ ڪيترا بلوچ سپاهي به ڏانهنس موڪليا، پر افسوس عين وقت تي حيدرآباد جي هڪڙي ٽالپر راز ظاهر ڪري وڌو ۽ سموري اسڪيم درهم برهم ٿي وئي.“
    ملڪ ۾ بغاوت جون لهرون اُٿيون ته ان جو اثر سنڌ تي به پوڻ لازمي هو، جيتوڻيڪ تاريخدانن ان ۾ سنڌ جي ڪردار کي سدائين نظرانداز ڪيو آهي، حالانڪه ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني اهم شهرن حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ فوج ۽ عوام بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، ڪراچيءَ ۾ ديسي سپاهين بغاوت ڪئي، جن کي غير مسلح ڪري، سندن ڪورٽ مارشل ڪري، کين ڦاسي ڏني وئي. ڪراچيءَ ۾ جتي انهن مجاهدن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، اها جاءِ ڪيترو ئي عرصو عوام جي عقيدت جو مرڪز بڻيل رهي، نيٺ انگريزن اُتي ”ايمپريس مارڪيٽ“ اڏي، شهيدن جي ان نشانيءَ کي مٽائي ڇڏيو.
    حيدرآباد ۾ بغاوت جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، پر هڪ غدار جي نشاندهيءَ تي، ان جي اڳواڻن کي جلهيو ويو ۽ انهن جو ڪورٽ مارشل ڪري کين توپن سان ٻڌي اڏايو ويو. اتر سنڌ ۾ سکر ۽ شڪارپور تحريڪ جا ڳڙهه هئا، باغي فوجين اتي به بغاوت ڪئي، هنن ڪافي مزاحمت ڪئي، نيٺ سپاهين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪورٽ مارشل ڪري کين گولين سان اڏايو ويو، اهڙي طرح سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ تحريڪ ختم ٿي وئي، شڪارپور ۾ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته خيرپور جي مير مراد علي جي پُٽ مير شاهنواز انگريزن جي وڏي مدد ڪئي، جيڪب آباد ۾ به انگريزن جي خلاف بغاوت جو سلو اُڀريو ۽ ديسي فوج جو هڪ صوبيدار ان بغاوت جو رهنما هو، جنهن کي موت جي سزا ڏني وئي. آزاديءَ جي هن جنگ ۾ سنڌ جي هڪ سوڍي به وڏو ڪردار ادا ڪيو، سندس نالو گنگا رام هو، هڪ انگريز جي لکڻ موجب: گنگا رام سنڌ ۾ انگريزن جي لاءِ گهڻي مصيبت جو باعث بڻيو ۽ هن قلات جي حاڪمن جي دل ۾ به انگريزن جي خلاف نفرت پيدا ڪئي، سنڌ ۾ بغاوت جي انهن ڪارگذارين جو ذڪر ڪندي ”لب تاريخ سنڌ“ جو ليکڪ خانبهادر خداداد خان (جيڪو پڻ انگريزن جو مدح خوان هو) لکي ٿو:
    ”1857ع ۾ هندستان ۾ عظيم فساد ۽ غدر پيدا ٿيو، ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن جهڙوڪ: ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، جيڪب آباد ۾ ڪي عملدار ۽ ڪن پلٽڻن ۾ سپاهي شورش ۽ فساد لاءِ تيار ٿي ويا ۽ نافرمان بڻجي ويا، مگر اعليٰ آفيسرن جي عقلمنديءَ سان جن ۾ آنربل گبسن صاحب بهادر جڊيشنل ڪمشنر جي حسن انتظام سان، هيءَ سخت مهم ختم ٿي وئي، فسادي بروقت گرفتار ڪيا ويا ۽ کين سندن بُري اعمال جي سزا ملي وئي، جيئن ته ڪن کي توب سان اڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، جن ماڻهن سلامتي لاءِ مدد ڏني، انهن کي خير خواهي جي عيوض لائق سمجهي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا.“ (ص-153)
    سيٺ نائون مل به بغاوت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”هن وچ ۾ ديسي پيادي فوج ڪراچي جي ڇانوڻيءَ ۾ موجود هئي، جنهن ۾ اوڌ ۽ دهلي جي ماڻهن جي اڪثريت هئي، تن سڀني گڏجي بغاوت جي رٿ رٿي، پر برٽش سرڪار جو ستارو عروج تي هو، بارٽل فريئر کي سندن رٿن جي خبر پئجي وئي، انهن کي پوري ريت تباهه ڪيو ويو ۽ فسادين کي گرفتار ڪيو ويو، انهن مان ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ ڪن کي توب دم ڪيو ويو.“ (يادگيريون، ص-225)

    بغاوت جا ڪجهه اڳواڻ
    1857ع جي آزاديءَ جي ان جنگ ۾ هزارين بهادرن حصو ورتو، ڪي جنگين ۾ شهيد ٿيا ته ڪي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ڦاسين ۽ گولين جي ذريعي ماريا ويا، انهن سڀني سوڍن ۽ سرويچن جو هڪ ئي مقصد هو ته ڪيئن به ڪري ڌارين قابضن کي ملڪ مان تڙي ڪڍجي، انهن سورمن مان جن اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ پيشوا باجي راءِ جو پٽيلو ”ڌنڌو پنٿ نانا صاحب“ جيڪو عام طور تي ”نانا صاحب“ سڏبو هو، آزاديءَ جي جنگ کي منظم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ انگريزن سان زبردست چوٽون کاڌيون، جنرل بخت خان، انگريز توپ خاني جو وڏو آفيسر هو، هن افغانستان جي جنگين ۾ وڏي بهادري ڏيکاري هئي، بغاوت جي لهر اُٿي ته هو بريلي روانو ٿيو ۽ انگريزن کان بريلي کي آزاد ڪرايائين.
    آزاديءَ جي ان جنگ ۾ نانا صاحب ۽ فيروز شاهه به پيش پيش هئا، فيروز شاهه بهادر شاهه ظفر جو پٽ هو، جڏهن ميرٺ جا سپاهي دهلي پهتا ته ان وقت هو دهليءَ ۾ نه هو، هو نانا صاحب تانتيا ٽوپي مان گڏجي، انگريزن سان وڙهيو، ان ڪاميابيءَ کانپوءِ بخت خان دهليءَ جو رخ ڪيو، دهليءَ ۾ بهادر شاهه سندس آڌرڀاءُ ڪيو، دهلي ۾ جنرل بخت خان نهايت بهادريءَ سان وڙهيو، مورخ لکن ٿا ته: جيڪڏهن جنرل بخت خان جي منصوبن ۾ مرزا مغل رخنو نه وجهي ها ۽ اندر ئي اندر کيس ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪري ها ته هو انگريزن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، دهليءَ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ هو لکنو پهتو، اُتي به هن بغاوت منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر محسوس ڪيائين ته تحريڪ جي اڳواڻن پاران هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ جو نتيجو ”دهلي“ جهڙو نڪرندو، انهيءَ انجام کي نظر ۾ رکندي هڪ ڏينهن بخت خان روپوش ٿي ويو، سالن تائين سندس ڳولا ٿيندي رهي، پر سندس ڪوبه پتو نه پيو.
    تانتيا ٽوپي، نانا صاحب جي ساٿين مان ۽ بهادر سپهه سالار هو، هن آزاديءَ جي جنگ ۾، وڏا جوهر ڏيکاريا، تانتيا ٽوپي کي سندس هڪ جگري دوست ”مان سنگهه“ 8 اپريل 1859ع تي هڪ رٿابنديءَ تحت گرفتار ڪرايو، انگريزن فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائي 18 اپريل 1859ع تي کيس ڦاسي ڏيئي ڇڏي. سندس نائب بهادر راج ڪماري”مئنا“ به مختلف مهمن ۾ حصو ورتو. حضرت محل، اؤڌ جي بادشاهه واجد علي شاهه جي پَٽ راڻي هئي، لکنوءَ ۾ جيڪا بغاوت ٿي، اها حضرت محل جي سرپرستي ۽ اڳواڻيءَ ۾ ٿي، بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ حضرت محل ”نيپال“ هلي ويئي، انگريزن کيس ڪيتريون ئي آڇون ڪيون، پر هن ٻيهر انگريزن جي غلاميءَ ۾ وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ جلاوطنيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. مولانا احمد شاهه، گولڪنڊي جي نواب ابوالحسن خان جو پوٽو هو، وڙهڻ ۾ ايتري ته مهارت هيس جو کيس ”دلاور جنگ“ جو لقب مليل هئس، انگريزن ۾ به عزت هيس، جو کيس دعوت ڏئي لنڊن جو سير ڪرايو هئائون، هو هڪ وڏو عالم ۽ فاضل هو، وطن جي آزاديءَ لاءِ نانا صاحب ۽ ٻين سان گڏجي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيائين. جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائي ”جهانسي“ ۾ بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو، مردانه ڪپڙا پائي فوج جي اڳواڻي ڪندي هئي، وڏي بهادر عورت هئي. 7 جون 1857ع تي وڙهندي شهيد ٿي. هڪ انگريز ڪمانڊر ”هيوروز“ جيڪو مختلف جنگين ۾ راڻيءَ سان وڙهيو هو، ان جي چوڻ موجب، ”باغين ۾ مون هن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي به دلير نه ڏٺو.“
    پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ
    پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ
    سَندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃايا.

    هندستان ۾ انگريزن جي ڪيل ظُلمن ۽ زيادتين خلاف هيءَ عظيم بغاوت، جيڪا ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو انگريزن جي بيٺڪي نظام جي خلاف پهريون عوامي اُڀار هو، جنهن مان اڳتي هلي ٻين تحريڪن جنم ورتو، سا، سر سيد احمد خان جي لفظن ۾ ته: ”آزاديءَ جي هيءَ انقلابي جدوجهد جيڪا خالص جمهوري تحريڪ هئي، سا چند غدارن جي ڪري ناڪام وئي.“ ان جو تجزيو ڪندي خواجه جميل احمد لکي ٿو، ”برصغير هند-پاڪ جو هي هڪ المناڪ سانحو آهي ته هن ملڪ ۾ غير ملڪي اقتدار کي ڪامياب بنائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ غير ملڪين جي تلوار کان وڌيڪ پنهنجن جي غداريءَ نمايان ڪردار ادا ڪيو، 1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾ هيءَ شيءِ چٽي نظر اچي ٿي، جڏهن ته يوپي، بهار، بنگال ۽ وچ هند مان انگريزن جا پير پٽجي چڪا هئا ۽ انهن علائقن ۾ آزاديءَ جو جهنڊو جهولي رهيو هو، تڏهن پنجاب جي مسلمان خاندانن، سکن ۽ نيپال جي گورکن هن غير ملڪي اقتدار کي ٻيهر ڪامياب ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ قوم سان غداري ڪندي، انگريزن جي مدد ڪئي ۽ اهڙي طرح کٽيل بازي هارائجي وئي. پنجاب جيڪڏهن 1857ع ۾ انگريزن جو ساٿ نه ڏي ها ته هي ملڪ اڄ کان سؤ سال اڳ آزاد ٿي وڃي ها.... اهڙي وقت ۾ جڏهن انگريز هندستان مان پنهنجا ٽپڙ گول ڪرڻ جي تيارين ۾ هئا ۽ يو پي بهادر، بنگال ۽ وچ هندستان ۾ لڪندا رهندا هئا، پنجاب جي سکن ۽ مسلمانن برطانوي اقتدار جي جُهرندڙ ڀت کي سهارو ڏنو، پٽيالا، ناڀا ۽ جنيدي جي سک رياستن ۽ پنجابي مسلمانن جي ڪيترن ئي وڏن وڏن خاندانن قومي انقلاب جي خلاف انگريزن جو ساٿ ڏنو. اهڙي طرح 1857ع جي قومي انقلاب جي قبر پنجاب ۾ کوٽي وئي ۽ اُن ۾ سکن جو وڏو هٿ هو، جان لارنس لکي ٿو، ”جي پنجاب اسان جي هٿن مان نڪري وڃي ها ته پوءِ اسان برباد ٿي وڃون ها، جيستائين اترين صوبن مان مدد پهچي ها، تيستائين سڀني فرنگي سپاهين جون هڏيون اُس ۾ سڙي وڃن، ها ۽ انگلستان کي اوڀر مان ٽپڙ کڻي وڃڻا پون ها. (حوالو: 1857ع جي آزاديءَ ۽ سنڌ، دادا سنڌي: (1987) عظمت اڪيڊمي (ص 59-58)
    ڪنهن مورخ لکيو آهي ته جيڪڏهن 1857ع جي اها عظيم بغاوت نه ٿئي ها ته 1947ع نه اچي ها، ٻين لفظن ۾ نوي سالن جي مختصر عرصي ۾ انگريز هتان ٽپڙ نه ٻڌن ها، پر افسوس جو آزادي ته ملي، پر ڪنهن شاعر چواڻي:
    ويا گورا، آيا ڪارا،
    نه فن بدليو، نه فڪر بدليو.
    *


    مددي ڪتاب:

    1. 1857ع اور آج مرتب احمد سليم نگارشات لاهور- 19ع
    2. انقلاب 1857ع پي سي جوشي
    3. ڪمپني ڪي حڪومت باري
    4. 1857ع غلام رسول مهر
    5. دهلي (ناول) خشونت سنگهه
    6. ايڪ غلام ڪي سرگزشت سيتا رام
    7. 1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ دادا سنڌي-عظمت ادبي اڪيڊمي (1987ع)
    8. ساڻيهه، ڊائجسٽ، م-ع-ڏيپلائي.
    *


    سچائي اشاعت گهرجا شايع ٿيل ڪتاب

    1. ھوشوءَ سندي ھام مرتب: يوسف سنڌي (ختم)
    2. جي ھانءُ نه ھاررين 30 مختلف ليکڪ (ختم)
    3. تنهنجا تير تفنگ مرتب: رجب علي ميمڻ (ختم)
    (مرحوم محمد يوسف ڀٽو جو چونڊڪلام )
    4. بک ،عشق ۽ آزادي (ڪهاڻيون ) مترجم: يوسف سنڌي (ختم)
    5. منهمجي زندگي ۽ جدوجهد مترجم: يوسف سنڌي (ختم)
    (خان غفارخان جي آتم ڪهاڻي )
    6. پراڻو ڳوٺ ، نئو ن ڳوٺ (ڪهاڻي ) مترجم: پرويز (ختم)
    7. سرمد ڇاٿو سوچي ؟ غلام حسين رنگريز (ختم)
    8. جي ھينئڙي منجهه ھُرن (سفرنامو ) ڪلا پر ڪاش (ختم)
    9. جڏھن آدم آيو گرداس واڌاواڻي (ختم)
    10. سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري (ناول ) ڪرشنچندر (ختم)
    11. فلسطين جدوجهد آزدي مترجم: پرويز (ختم)
    12. جن جهونا ڳڙھه جلايو رسول بخش پليجو (ختم)
    13. نيئر منهنجو نينهن (جيل ڊائري ) اعجاز علي خواجه (ختم)
    14. سنڌ ، پاڪستان کانپوءِ (چو ٿون ڇاپو ) مترجم: يوسف سنڌي (ختم)
    15. سي سڀ سانڍيم ساھه سين (سفرنامون ) موتي پرڪاش (ختم)
    16. ادب ۽ فن جي اھميت مائوزيتنگ/ رسول بخش پليجو (ختم)
    17. گني بساؤ ڪيئن آزاد ٿيو ؟ يوسف سنڌي (ختم)
    18. چيني انقلاب جون ڪهاڻيو ن مرتب: يوسف سنڌي 50/=
    19. رت جا ڦڙا (ڪهاڻيون) پرويز 60/=
    20. جنين لو ھه لڱن ۾ (جيل ڊائري ) مترجم: يوسف سنڌي 50/=
    21. پاڪستان ۾ قومي مسئلو (مقالو) مترجم: يوسف سنڌي (ختم)
    22. اڄ جو آدم (ڪهاڻيون ) چار ڪهاڻيڪار (ختم)
    23. ڪپيل ھٿ (ڪهاڻيون ) محمد انور بلوچ (ختم)
    24. ڌرتيءَ جو قرض (ڪهاڻيون ) مترجم: يوسف سنڌي (ختم)
    25. جبل مٿي باھڙي (ادبي خط) نجم عباسي / يوسف سنڌي (ختم)
    26. ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بلڊنگ ( ٻارن لاءِ ناول ) طارق قريشي (ختم)
    27. پنجين موسم کانپوءِ (ڪهاڻيون) طارق قريشي (ختم)
    28. ڪڏھن بهار ايندو (ڪهاڻيون) سوڀو گيانچندڻي 200/=
    29 . جڏھن اُ لااُڀ ۾ ( شاعري) آثم ناٿن شاھي (ختم)
    30. ڪوڪو جيون سواليانشان (ڪهاڻيون ) ناھيد مغل (ختم)
    31. ڳالهيون ڪوٽ ڪڙن جون (جيل ڊائري) اعجاز علي خواجه (ختم)
    32 درد ۽ اُ منگ دل ۾ (شاعري) بيخود بلوچ (ختم)
    33. خواب کٿوري چنڊ(شاعري) ساحر راھو (ختم)
    34. دريءَ وٽ بيٺل ھڪ ڇوڪري (ڪهاڻيون) ذوالفقار ڪانڌڙو (ختم)
    35. اي ٽرپ ٽُ آمريڪا (سفرنامو) محمد انور بلوچ (ختم )
    36. اُڃايل آبشار (شاعري) علي اظهار (ختم)
    37. ٽين اک (ڪهاڻيون) طارق قريشي (ختم)
    38. سرحدن کان اڳتي (ڪهاڻيون) ضراب حيدر (ختم)
    39. بيڊل جو اردو ڪلا (تحقيق) اختر درگاھي (ختم)
    40. ڪاروپاڻي (ڪهاڻيون) محمد انور بلوچ (ختم)
    41. آڪاش کان اڳتي (ناول) محمد انور بلو چ (ختم)
    42. وري ورندو واءُ (ڪهاڻيون) غلام نبي ناشاد (ختم)
    43. پاڇا منهنجي پانڌ ۾ (شاعري ) ڪلال (ختم)
    44. شاعري َمرڪي پئي (شاعري ) اختر درگاھي (ختم)
    45 . اونداھيءَ ۾ سوجهرو (خاڪا) يوسف سنڌي 100/=
    46. نجم عباسي فن ۽ شخصت يوسف سنڌي 100/=
    47. پسي تنهنجي تجلي (تذڪرو) يوسف سنڌي 200/=
    48. لفظ ڳالهائين ٿا (خاڪا) سيد اڪبر 100/=
    49. حياتي جي ڦاٽل وري قن جون ڪٿائون (ڪهاڻيون ) پنج ڪهاڻيڪار 100/=
    50. زندگي ھڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي (شاعري) شريڪانت صدف 150/=
    51. وڃايل مُرڪ (ڪهاڻيون) پرويز 130/=
    52. انسان فطرت ۽ سماج ڊاڪٽر غفور ميمڻ (ختم)
    53. سنڌي ادبي سنگت (ھڪ جائزو) يوسف سنڌي (ختم)
    54. ٻنڌڻ ٻاروچن جا (آتم ڪهاڻي) عبدالغفور الستي (ختم)
    55. آءٌ به جيڪر پڙھڻ ھا (ٻاراڻي شاعري) منٺار سولنگي (ختم)
    56. لڙڪن آجانيڻ (ناول) پرويز 130/=
    57. زندگي جو سفر تون ۽ مان (سوانحي ناول) ضراب حيدر (ختم)
    58. دل ڪلسيا جي اڪيلي ڪنڊ آھي، (ڪهاڻيون) مراد قريشي 130/=
    59. ماڃر جي حور (ڪهاڻيون) پرويز 70/=
    60. دوزخ مان دري (ناول) محمد انور بلوچ 100/=
    61. دل جي دري (ڪهاڻيون) پرويز 130/=
    62. منهنجو پاڻي بند نه ڪجان (ڪهاڻيون) پرويز 100/=
    63. ٻاتا جنين ٻول (ٻاراڻي شاعري) پريل دايو 40/=
    64. سنڌ جو چنڊ (شاعري) ايازامر شيخ 180/=
    65. بارش کانپوءِ (شاعري) ذوالفقار سيال 150/=
    66. ايئن ئي جيئندا رھون (نثري نظم ) مشتاق ڀرڳڙي 100/=
    67 آرس جو ڀڳو ھوندءِ (شاعري) سڪندر مگسي 100/=
    68. چاھتن جي موٽ (شاعري) علي محمد سو لنگي 120/=
    69. ٽڪراٽٽل وجود جا (نثري ٽڪرا) اياز امر شيخ 120/=
    70. ’مجاھد‘ داستان منهنجو خدابخش مجاھد چانڊو (ختم)
    71. سدائين سفر ۾ (سفرنامون) يوسف سنڌي 150/=
    72. اڃاسنڌ جيئي پيئي (شاعري) فدا سنجراڻي 150/=
    73. پيهي جان پاڻ ۾ (آتم ڪهاڻي) پرويز 350/=
    74. سنڌ ساري ويئي ٻڏي (ٻوڏڪهاڻي ) يوسف سنڌي 250/=
    75. انگن جي راند (ڪهاڻيون ) ھوش محمد ڀٽي (ختم)
    76. ھڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون مائيڪل ھارٽ / يوسف سنڌي (ختم)
    77. زنجير ٽٽي پوندا (شاعري) غلام محمد غازي 100/=
    78. ڌيمي وھڪ درياھه جي (شاعري ) مشتاق سعيد 120/=
    79. ڀرپور سمندر گرجي ٿو (شاعري) مشتاق سعيد 160/=
    80. بند ٿي ويل دروازو (ڪهاڻيون ) ذوالفقار ڪانڌڙو 130/=
    81. ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري (ساروڻيون ) نجم عباسي 130/=
    82. وه ھي پت جهڙ آنکهون مين (شاعري ) ساحر راھو 140/=
    83. امن ٿو گُهران (شاعري) خاڪي جاني 150/=
    84. سڪ مڙوئي سور (شاعري) شاد جلباڻي 140/=
    85. سنڌسوچون ۽ سوال نصير ميمڻ 180/=
    86. سنڌي ادب يوسف سنڌي 550/=
    87. ھل ته دھلي گهمون (سفرنامون ) يوسف سنڌي (ختم)
    88. ھوگو شاويز شخصيت ۽ جدوجهد يوسف سنڌي (ختم)
    89. ڪڏھن ڪٿي ۽ ڪيئن يوسف سنڌي (ختم)
    90. بدلجندڙ دؤ ر ۽ سنڌ نصير ميمڻ 190/=
    91. چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي يو سف سنڌي 190/=
    92. نيرا نائي نيڻ (شاعري) مريم مجيدي 390/=
    93. ھڪ سنڌ ٻه نظام (ڪرانالاجي ) يو سف سنڌي 400/=
    94. نيرا خواب (شاعري ) مير حاجن مير 150/=
    95. ويندڙرت جي شام (ڪهاڻيون) حفيظ خان / پرويز 150/=
    96. چلو چلين پنجاب (اردو/ سفرنامه) يوسف سنڌي 200/=
    97. تڏھن ملنداسين موٽومل ڪنول ڪوھستاني 100/=
    98. خوشحال سنڌ، بدحال ماڻهو صبيح الدين غوثي/ ھمسفر گاڏهي 400/=
    99. دوست ورا ڪو دل سين (خط) سارنگ سهتو 200/=
    100. اڌ مهينو ايران ۾ (سفرنامو) يوسف سنڌي 500/=
    101. ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون محمد انور بلوچ 300/=
    102. عڪس، شخص ۽ نقش (خاڪا) يوسف سنڌي 350/=
    103. آليون اکيون اڻڀاوار (شاعري) سرويچ سجاولي 200/=
    104. سفر ڪهاڻيون (سفرنامو) نصيراعجاز 350/=
    105. سنڌ: آئيندي جو اُتساھه نصير ميمڻ 200/=
    106. اکين ۾ رھجي ويل عڪس پرويز 130/=
    107. آکيرا آڪاس ۾ (آتم ڪهاڻي) رام بخشاڻي 600/=
    108. سونهن سمھائي سوچ غلام حسين رنگريز 230/=
    109. سيوھڻ جون ادبي شخصيتون ميرحاجن مير 400/=
    110. لينن: جنهن تقديرون بدلايون مترجم: يوسف سنڌي 100/=
    111. صحرا ۾ سُتل قذافي يوسف سنڌي 100/=
    112. فاطمه ، فاطمه آھي علي شريعتي/منور ٻُٽ 260/=
    113. انقلابي جو موت انل بروي / يوسف سنڌي 100/=
    114. ڏيئو ۽ درياءُ افضل رنڌاوا / يوسف سنڌي 100/=
    115. بدلجندڙ دنيا ۽ سنڌ نصير ميمڻ 250/=
    116. Struggle for sindhi lanuage AS national Languae نصير ميمڻ / يوسف سنڌي (ختم)
    117. چوٿون چڪرآمريڪا جو (سفرنامون) آغاثنا الله خان 350/=
    118. برف ۾ سڙندڙ ماڻهو (ڪهاڻيون) حڪيم عبدالرؤف/يوسف سنڌي 200/=
    119. سڪ سڄڻ يار جي (سفرنامون) حاجي عبدالڪريم سنگھار 100/=
    120. بيجنگ کان بئنڪاڪ جي بازارن تائين (سفرنامو) آفتاب سومرو 350/=
    121. اقرار به انڪار به (يادگيريون ) يوسف سنڌي 420/=
    122. تون سمجھي ڪونه سگھندين(ڪهاڻيون) جندر/ اصغر گگو 130/=
    123. سڄڻ ياد ڪيوم (خط ) مير حاجن مير 200/=
    124. گولڊ فنگر (ناول) آئين فلمنگ/ يوسف سنڌي 300/=
    125. غلطي (ڪهاڻيون) آغا ثناءُ الله خان 250/=
    126. اوٻارا عَبير جا (يادون / ڪتاب) يوسف سنڌي 490/=

    گهرائڻ لاءِ لکو
    سچائي اشاعت گهر
    دڪان نمبر43، رابعه اسڪوائر،گاڏي کاتو حيدرآباد
    فون: 03013640468


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 994953
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 333350
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ