ڪتاب جو نالو: منهنجـا معصوم سڄڻ
مصنف: وينا شرنگي
ڇپائيندڙ: پروميلا پبليڪيشن اِندرپوري، نئي دهلي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1989
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 23 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 720 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 251 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جي مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول (يادن جو مجموعو) آھي. ھوءَ لکي ٿي:
''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ.... '' منهنجا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • انـتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • نـظـم
  • ليکڪا پاران
  • منهنجا معصوم سڄڻ (ناول)

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • ڪـتـابـي سـمـالـوچـنـا '' هـندواسـي ''
  • جـھـولـي لـعـل : ڪـجـھ تـازا سـنـڌي ڪـتـاب
  • “Sangat” quarterly by (SANA)
  • VEENA SHRINGI FIGHTING FOR A CAUSE
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب بابت

    منهنجـا معصوم سڄڻ

    (مونو لاگ)

    ويـنـا شـرنـگـي


    پروميلا پبليڪيشن
    اِندرپوري، نئي دهلي ‐ 110012 C ‐ 84


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    Muhinja Masoom Sajhan



    By ©Veena Shringi
    First Edition : 1989
    Price Rs. 35.00/-
    Published by : Promila Publication,
    C‐84, Inderpuri
    New Delhi ‐ 110012

    Typing & Composed by : Subhash Arora
    H-7, Kasturba Niketan Complex,
    Lajpat Nagar – II, New Delhi – 110024.
    Mob.# 8586998847

    Printed by : Kaushal Printing Press,
    3, Dayanand Market, Kaiser Ganj,
    Ajmer ‐ 305001.


    ( Copy Rights with Author )


    انـتساب

    ڪئيڙو مست پرينءَ جي ناز مونکي
    وسـريو روزو ناهي ياد نـماز مونکي

    حضرت سچل سرمست



    ويـنـا شـرنـگـي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”منھنجا معصوم سڄڻ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جي مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول (يادن جو مجموعو) آھي. ھوءَ لکي ٿي:
    ''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ....
    '' منهنجا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.
    ھي ڪتاب 1989ع ۾ پروميلا پبليڪيشن نئين دھلي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري وينا شرنگيءَ جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    نـظـم

    تاريخ جي ڪروٽ سان
    زماني جي گردش سان
    ڪئَي قومون ۽ هستيون
    مٽجنديون رهيون
    اُڀرنديون رهيون
    ڪمال ۽ زوال
    جي چڪر ۾
    پسجنديون رهيون
    پر
    جا قوم
    وقت جي ستم ظريفيءَ سان
    پنهنجي ئي هٿان لٽجندي رهي،
    ڪُسجندي رهي
    تو ڏٺي
    پر ...... پر ......
    ان کي ڏٺو اڻ ڏٺو
    تو ڪيو مون ڪيو
    گڏ زماني ڀي ڪيو.


    ليکڪا پاران

    '' منهنجـا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي. جيئن پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي تيئن وڻ ويڙهيءَ جيان منهنجي ٻاهرين شخصيت کي پاڻ طرف گھليندي پئي وڃي. هن تصنيف جو جنم اوچتو ٿيو. هڪ ڏهاڙي مان ۽ منهنجي تنهائي ٻنهي جي وچ ۾ ٽئَين آواز جي ديوار...... ان ٽئَين آواز سان گفتگو سان ٿيو. ''منهنجـا معصوم سڄڻ'' جو جنم.
    پنهنجي قلم جو پورهيو حضرت سچل سرمست کي منسوب ڪري رهي آهيان جنهن حق جي صدا بلند ڪئي ۽ ناحق خلاف آواز اُٿاريو. ڪنهن هنڌ ڄاڻايو ويو آهي ته سچل سرمست (936600) نو لک ڇٽيهه هزار ڇھ سؤ شعر لکيا. شاديءَ جي ٻن سالن کانپوءِ سندن گھرواري گذاري وئي ۽ هڪ پٽ جو اولاد ڇڏي ويئي تنهن کانپوءِ شادي ڪانه ڪيائون ۽ تنهائي پسند هئا. رمضان شريف جي مهيني ۾ هن فاني جھان کي الوداع ڪيائون. سچل سرمست اِنساني استحصال جا ڀيانڪ روپ ڏٺا ۽ قلم ذريعي اُنهن چهرن کي بي نقاب ڪيو جن مذهب جي ناءُ تي اٻوجھ ۽ معصوم عوام جو استحصال ڪيو. هٿ ٺوڪيل مذهب جي ٺيڪيدارن جيڪي مذهب جي ناءُ تي فتنو ۽ فساد ڪرائيندا هئا، جن غلط تشريحن ذريعي فتوائون ڏيئي انصاف جو قتل ڪيو، معصوم عوام جو استحصال ڪيو سچل سائين اُنهن خلاف آواز اُٿاريو ''سچو سچو نام چوي''.
    سچائيءَ جو آواز ٻڌي ڪوڙ واءِويلا ڪرڻ لڳو .... پر.... پر.... اُنهن لاءِ سچوءَ جو جواب هو.
    '' ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
    آئون جو هي آهيان سو هي آهيان. ''
    (سچل)
    اِها حق ۽ ناحق جي ويڙھ ڪالھ به هئي ته اڄ به جاري آهي ۽ آئيندي به رهندي، صرف چهرا ۽ نالا بدلجندا رهن ٿا. سچائيءَ جي اظهار تي نام نهاد غيرت مندن جي غيرت ڀڙڪو کائي ٿي اُٿي. انفرادي (Individual) غيرت جو وتن واعظ ڪندا. پر جي جاتيءَ ۽ ٻوليءَ جي مجموعي (Collective) غيرت جو سوال ٿو اُٿي ته ''کاريءَ هيٺان ڪانوَ'' وانگر ڀڄن. شريف اِنسانن جي اڪثريت جو دادگير اقليتي ٽولي طرفان استحصال.... ان جا نوان نوان طور طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن. اِنسان ۽ شيطان وچ ۾ اِها جنگ پيڙهي در پيڙهي هلندي پئي اچي. دنيا جو اِهو دستور پئَي رهيو آهي ته سرحدي ڦهلاءُ جي هٻڇ ۽ پنهنجي حاڪميت جو سڪو ڄمائڻ لاءِ حاڪمن تلوار جي زور تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ لاءِ پنهنجي مخالف جاتيءَ جي نسل‐ڪشي ڪري اُنهن کي اقليت ۾ آندو آهي ۽ جابر پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جا نت نوان طور طريقا اپنائي ان قوم کي لتاڙيو آهي، پنهنجي هٿ ٺوڪين چمچن دلالن ۽ احمقن کان پنهنجي شان ۾ قصيدا لکارائي پنهنجي تاريخ جوڙي آهي.
    اڄ اسان وٽ به اقليتي استحصالي ٽولي نسل‐ڪشيءَ جو نئون انداز اپنايو آهي. سماج سيوا، ٻولي، تهذيب و تمدن جي واڌاري ۽ ٻوليءَ جي ناءُ تي چهرن تي مکوٽا چاڙهي، جاتيءَ جي نسل ڪشي يعني Genocide يعني نرسنگھار جو نئون انداز اپنايو آهي. اِهو ٽولو رات ڏينهن گھر ۾ کاٽ هڻڻ ۾ جٽيل آهي. انهن جي ڪاتي پنهنجي شڪار کي آهستي آهستي ذلت ۽ عذاب ڏيئي نڍال ۽ مرڻينگه حالت تائين پهچائي پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي ان ننگي ناچ کي جديد الفاظن جي چادر سان ڍڪي نوان نوان خطاب ڏيئي ڪردارڪشيءَ جي غيراِخلاقي تفريح ماڻي رهيو آهي. مٿان اها صدا بلند ڪري رهيو آهي ته اسين چاهيون ٿا ته اسان جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ جاتيءَ لاءِ ڪو مشعالي راھ بڻي، جاتيءَ جي شمع روشن ڪري. اسين پنهنجا امانتدار ڇڏڻ چاهيون ٿا جيئن اسان جي ڪو جاءِ والاري. غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي چاليهن (40) سالن کان مٿي عرصو ٿيو پر.... پر اڃان تائين گدي نشين چونڊڻ واري ڪهني رسم نئين انداز سان جاري آهي. ان واعظ جو پڙاڏو ايڏو ته زوردار آهي جو سچائيءَ جو حليم آواز دٻجي وڃي. اِهو لڏو صرف تعبيدار ته پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر تخليق ڪار نه.... اگر ڪنهن قلم جو پورهيو ڪيو ۽ اِن سان محبت ڪئي ته واسينگه نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ڏنگي ڇڏيندا جن جا چهرا زهر اُتڻ وقت ڪاراٽيو وڃن.
    ''منهنجـا معصوم سڄڻ'' هن تصنيف ۾ ڪردار ڪڏهن ڪهڙو لباس اوڙهي ڪڏهن ڪهڙو اوڙهي مخاطب ٿيا آهن. ''روپ ٻهروپ'' چوڻي آهي ''ست ڪوئا کائي ٻلي حج تي هلي''. انهن ٻلن جا منهن خون سان رڱيا پيا آهن. پر وقت جي وڇوٽيءَ سان خون خشڪ ٿيو وڃي جنهن خشڪ خون کي ڏسڻ لاءِ عقاب واري اک کپي. ڪي انتها پسند ته ڪي ترقي پسند، ڪي اٻوجھ، اٻلا جو ته ڪي ڪاليءَ جو ڪي خوددار ته ڪي ظالم ۽ مظلوم ۽ ڪي راوڻ ته ڪي اِنسان ۽ فرشتا.... سڀ اِنسان.... ها اِنسانن جو اِنسانن هٿان استحصال.... اِنسان ۽ استحصال وچ ۾ ڪشمڪش.
    اِنسانن طرفان پيدا ڪيل دشوارين ۽ حالات جي چپيٽ کي زندگي جي ادا ۽ انگڙائي ڀانئَي نظرانداز ڪري هيٺ مٿاهين سان منهن ڏيڻ جي جريت ڪري پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڳاٽ اونچو رهيو آهي. پر.... پر.... نادر وقت زندگيءَ کي لتاڙي حال (Present) کي تڪليف ڏيندڙ ماضيءَ جو لباس پهرائي پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڀيانڪ ٽهڪ ڏنا آهن. ڏک سک ڪاميابي جاکوڙ ۽ جستجو لباس بدلائيندي بدلائيندي چهري تي وقت جون ليڪون نڪري نروار ٿين ٿيون.
    گوري توتي گھنج پيا،
    يا روپ ڏنو رهنبوٽو ري،
    هاءِ جواني جھوٽو ري.
    ( اياز )
    سڄڻ مان هتي اِهو ضرور قبول ڪندس ته ادب جي ماڻ، ماپن پئمانن کان اڻ ڄاڻ آهيان. جڏهن به شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته وقت به وقت اِظهار ڪيو آهي ۽ وري جذبا ڪا شيءَ ته آهن ڪو نه جو سينگھاري سنواري پيش ڪجن يا ملھ ڪٿڻ لاءِ خريدارن اڳيان پيش ڪجن. پنهنجي جذبن جو قلم ذريعي اِظهار ڪيو آهي. قلم کي زنجيرن ۾ جڪڻڻ کان باز رکيو آهي، پر ڇڙواڳيءَ جي ڪڏهن اِجازت نه ڏني آهي. هڪ ته ريڊيو جي نوڪريءَ جون مصروفتيون ۽ ڀڄ ڀڄان مٿان وري ٻئين عالمي لطيف ڪانفرنس، جو هن وقت شاھ سچل ساميءَ جي سجدي ۾ ڪنڌ جھڪيل.

    '' والي وسائيج درمنديءَ جو ديس،
    پرين مون پرديس اُٺي ايندم اوڏڙا.
    ( سچل )
    وقت جو منهن موڙڻ، مٿان ڪتاب جي اشاعت اجمير ۽ دهليءَ جي اچ وڃ ۾ فاصلو طئه ڪندي لفظن جي اڙنگي راھ جي وڪڙ ۾ واٽ وڃائڻ خبر نه آهي ان سان ڪيترو انصاف ڪيو اٿم، بس واڳ ڌڻيءَ جي وس آ.
    مان انهن بي شمار سڄڻن جي شڪر گذار آهيان جن جي پيغامن ۽ دعائن سان اِظهار پختگيءَ جي راھ تي گامزن آ.... ۽ پنهنجي همٿ افضائيءَ سان، منهنجي قلم جي پورهئي جو قدر ڪيو آهي ۽ آئيندي به نيڪ خواهشات ۽ دعائن سان همٿ افضائي ڪري تعاون ڏيندا. مان مانور راجڪمار آريه جي شڪرگذار آهيان جنهن جي تعاون سان ڪور Print ڪرايو آهي ۽ گڏوگڏ پرشوتم ٽلواڻيءَ ۽ وشني گربخشاڻيءَ جي به جن کي ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ تي خوشي ٿيندي آهي.
    ''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ....
    اِنشاءَ الله! ڪهاڻين جي مجموعي ''اڌ کولين اکين'' سان پر کليءَ دل ۽ ذهن سان قلم ذريعي وري ملاقات ٿيندي. تيستائين اِجازت وٺي رهي آهيان.

    سدائين گڏ

    ويـنـا شـرنـگـي


    منهنجا معصوم سڄڻ (ناول)

    1

    '' ڪير؟ ''
    '' مان! ''
    '' تون؟ ''
    '' ها، مان! ''
    '' پر به تون ڪير؟ ''
    '' مان ڪير؟ نه ٿي سڃاڻين. تنهنجو دوست. ''
    '' منهنجو دوست؟
    '' ها! ''
    '' پر مون ته ڪڏهن توکي ڏٺو ڪونه آهي. ''
    '' ڏٺو ڪونه آ ''
    '' نه! توسان گفتگو ڪونه ڪئي آهي. ڪڏهن ملاقات ڪانه ٿي آهي. ''
    '' منهنجي ملاقات، توسان زندگيءَ جي هر موڙ تي هر چوڙ تي ٿيندي رهي ٿي. نه صرف اڄ پر.... ''
    '' پر.... پر.... پر.... به تون آهين ڪير؟ ''
    '' مان! ''
    '' ها تون آهين ڪير؟ ''
    '' ٻڌايانءِ. ''
    '' اڙي بابا، ٻڌاءِ ڪري ته تون ڪير آهين؟ ''
    '' ٻڌايانءِ ''
    '' اِئين ماٺ ڇو ٿي ويو آهين؟ سسپينس ڇو پيو پيدا ڪرين؟ پنهنجو نالو ڇو ڪين ٿو ٻڌائين؟ ''
    '' مان! مان آهيان استحصال. ''
    '' استحصال ''
    '' ها تنهنجو دوست استحصال. ''
    '' نه نه نه.....نه.....نه..... استحصال يعنيٰ (Exploitation)، پرماريت '' '' شوشڻ. ''
    '' اڙي واھ! مون ته سوچيو هو منهنجي نالي جو تون پورو تلفظ به صحيح اُچاري نه سگھندينءَ. پر، آءُ مختلف زبانن ۾، جنهن ناءُ سان ڪوٺيو وڃان ٿو، اُنهن نالن جي به توکي ڄاڻ آهي. هاڻي ته توکي مونکي سڃاڻڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيڻ گھرجي، ته مان تنهنجو دوست آهيان. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ ''
    '' ڇا پيو بڪين! تنهنجو دماغي توازن ته بگڙيل نه آهي. منهنجو دوست ۽ تون؟ تنهنجي نانءَ کان ئي مونکي نفرت آهي ۽ وري دوستي ته پري جي ڳالھ رهي. ''
    '' اڙي! ڪمال ٿي ڪرين. نه صرف تنهنجو دوست، عزيز ۽ جگري دوست پر پڳه مٽ يار.......... ''
    '' ڇي ڇي ڇي ......ڇي....ڇي........ ڇا پيو بڪين! مان چوان ٿي پنهنجي زبان کي لغام ڏي پنهنجي ناپاڪ زبان سان دوستيءَ جھڙي پاڪ رشتي کي بدنام نه ڪر. ''

    '' اڙي ها! مان ته اِهو ٻڌائڻ ئي ڀلجي ويس ته مان نه صرف تنهنجو عزيز دوست آهيان پر.... پر...... مائٽ به آهيان. ''
    '' واھ! جناب واھ! هاڻي دوستيءَ کان اڳتي وڌي مائٽيءَ جو ناءُ بخشي رت جو رشتو قائم ڪري رهيو آهين. تو جھڙن مڪارن ۽ دغابازن کي پنهنجو مائٽ تسليم ڪندي پاڪ زبان ناپاڪ ٿي ويندي. ''
    '' مان! ۽ ناپاڪ؟ نه ٻيلي نه ‐ اِئين نه چئَه. مان پاڪ آهيان، پوتر آهيان...... ''
    '' ڍونگي....... اول توکي پاڪ جي معنيٰ اچيئي ٿي. تون ڇا ڄاڻين پاڪ ۽ پوتر لفظ مان. ''
    '' ها.....ها.....ها..... ها ها ها...... ها..... '' (ٽھڪ)
    '' يا الله! منهنجي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي ويندا. مان چوان ٿي بند ڪر پنهنجا اِهي ڀيانڪ ٽھڪ. ''
    '' منهنجا ٽھڪ توکي ڀيانڪ ٿا لڳن پر مونکي يقين آ ته تون مون سان عشق، محبت ۽ پيار ڪيو آهي.
    '' ڇي!! عشق، محبت ۽ پيار تو جھڙيءَ شخصيت سان؟ اهڙين شخصيتن کي مان پنهنجي گھر اندر ته ڇا پر دروازي کڙڪائڻ جي به اِجازت نه ڏيان. ''
    '' پر مان ته تنهنجي گھر اندر تنهنجي سامهون بيٺو آهيان. مان ته بنا دروازي کڙڪائڻ جي اندر پهچي ويو آهيان ۽ وري اِجازت وٺي اچڻ جي به ڪهڙي ضرورت آهي؟
    '' مان ته ڪم ۾ مصروف هيس نه ته توکي گھر اندر داخل ٿيڻ نه ڏيان هان. جن ناپاڪ هٿن سان دروازو کوليو اٿيئي اُهي هٿ ڀڃي ڇڏيانءِ هان. تنهنجي اهڙي دردشا ڪيان هان جو شينهن مرد به هيسجي ۽ هراسجي ڏندين آڱريون ڏين ها.''
    '' اڙي....اڙي... تون ته ناراض ٿي رهي آهين. غصي ڪرڻ سان صحت تي اثر پوندو آهي. مان هرگز اِهو نه چاهيندس ته تنهنجي صحت خراب ٿئي. ڀلا وهڻ لاءِ نه چوندينءَ؟ خير! ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن سان غيرن کان به وڌيڪ بدسلوڪيءَ جو وهنوار ڪيو ويندو آهي ‐ ٺيڪ آهي، مان پاڻ ئي ٿو ويهي رهان ۽ مان وري اهڙين رسمن ۾ اعتقاد به نه رکندو آهيان، مونکي ناگوارا نه لڳندو.''
    '' ڏس، ڏس تون گستاخ ٿيندو ٿو وڃين، حد اُورانگي رهيو آهين. منهنجي صبر ۽ تحمل جو پيالو پر ٿي رهيو آهي. تون منهنجي سڀاءُ کان واقف نه آهين. ۽ ها! اڻ ڄاڻ ماڻهن کي وري ڪيئن ڄاڻ پوندي. تون منهنجي غصي ۽ مزاج کان ناواقف آهين. اِنهيءَ ڪري اهڙي حرڪت ڪري رهيو آهين. تون اِن گستاخيءَ جي انجام کان اڻ ڄاڻ آهين.''
    '' مان! مان ۽ اڻ ڄاڻ !! مان تنهنجي غصي کان چڱيءَ طرح واقف آهيان.'' (ٽهڪ)
    '' اڙي....اڙي هيءَ ڇا پيو ڪرين. تنهنجو دماغي توازن ته بگڙي نه ويو آهي؟ ''
    '' نه بلڪل نه. منهنجو دماغ صحيح سلامت آ! مان نه صرف تنهنجي غصي، پر پيار کان به واقف آهيان. تڏهن ته هتي تنهنجي
    سامهون وهڻ جي جريت ڪئي اَٿم. مونکي ڄاڻ آهي ته تون مون سان بي حد پيار ڪرين ٿي. ''
    '' پنهنجي زبان کي لغام ڏي. پيار ۽ توسان؟..... ڏس ڏس..... منهنجي قريب اچڻ جي ڪوشش نه ڪر. تنهنجي ان گستاخيءَ جي اهڙي سزا ڏينديسانءِ جو تواريخ ۾ به اهڙو مثال ڪونه ملندو. ''
    '' ۽ وينا تواريخ ۾ اهو به درج ٿيندو ته پنهنجي عزيز دوست کي دل ڏاريندڙ سزا ٻڌائي وئي. مونکي سزا ملڻ تي نه صرف منهنجو پر تنهنجو به يعنيٰ اسان ٻنهي جو نالو قلم بند ڪيو ويندو ته پنهنجي پيار کي ....... ''
    '' مان چوان ٿي پنهنجي زبان تي قابو رکه. ''
    '' ها ها.... ها ها ها ها......ها ها ها.............. ها ''
    '' الله ! بند ڪر پنهنجا اِهي خوفناڪ ٽهڪ، اگر تون ريڊيو تي ناٽڪن لاءِ audition ڏيڻ لاءِ اچين ته مان توکي voice test ۾ فيل ڪري ڇڏيان. ٻيو ته پري رهيو، پر راوڻ جي ڀيانڪ ڪردار لاءِ گھربل خوفناڪ آواز لاءِ به توکي approve نه ڪريان. راوڻ جا ٽهڪ به توکان سريلا هوندا. ''
    '' اڙي سگھڙ سنڌياڻي ! تون ته پاڻ کي سمجھو سمجھندين آهين ۽ ڪيترا توکي ذهين ۽ قابل سمجھندا آهن.''
    '' ۽ تو ڇا سمجھيو آهي ‐ بيوقوف ''
    '' ها..... اڙي نه. پر خبر نه آهي ڇو اڄ تو سمجھڻ ۾ ايتري دير ڪئي آهي؟ ويھ آرام سان ويھ، Relax, relax, take it easy ڪاوڙ غصو ڇڏ
    چئَين ته فرج مان تولاءِ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچان. Relax, please relax, Cool down. ''
    '' مان relax ته تڏهن ٿينديس جڏهن توکي ڌڪا ڏيئي ڊرائنگ روم مان ڪڍنديس. منهنجي گھر ۾ داخل ٿي، مونکي ئي مهمان بڻائي رهيو آهين. توکي ميزبان بڻجڻ جو حق ڪنهن ڏنو؟ ''
    '' اڙي ان ۾ حق ۽ جريت جي ڪهڙي ڳالھ آهي، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو خود ئي ميزبان جو شرف حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي، پوءِ پنهنجي گھر ۾ نه سهي ته دوستن جي گھر ۾ ئي سهي. ڀلا منهنجي ميزبان واري ان ڪردار کي قلم ذريعي نه بيان ڪندينءَ ؟ ''
    '' ڇي! تو جھڙي ناپاڪ جنس کي قلم ذريعي بيان ڪري قيمتي ڪاغذن جو نقصان ۽ قلم کي ناپاڪ نه بڻائڻو اٿم. ''
    '' واھ! .......... واھ !! ......... واھ !!! ........ واھ !!! ....... ماشا الله !!! '' (تاڙيون)
    '' هاڻي پنهنجي تاڙين جي ڦهڪن کي بند ڪر. منهنجي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي پوندا ۽ اکين اڳيان ٽري وڃ.
    '' اڙي واھ! تون ته چوندين آهين ته جيڪو محسوس ڪندين آهيان اُن جو اِظهار ڪندي آهيان. تو ته سماج جي نظرن ۾ ڪريل عورت تي به قلم ذريعي اِظهار ڪيو آهي. ''
    '' عورت کي ان درجي تائين پهچائڻ لاءِ جوابدار ۽ ذميوار حالات ۽ ماحول آهي. جنهن ۾ سماجڪ ٻنڌن، انڌا قاعدا قانون، ريتيون رسمون، مالي مجبوريون، مردن جي حوس يا عورت جو عورت خلاف جذبو، حسد، ريس ۽ هوُس اچن ٿيون. ۽ مان اُن سچائي اِظهار ڪرڻ ۾ نه هچڪچائيندي آهيان ۽ نه ئي گھٻرائيندي آهيان. ''
    '' ڀلا ! اڄ زندگيءَ جي ان سچائيءَ ۽ حقيقت کي ڇو نظرانداز ڪري رهي آهين؟ جڏهن تو ۾ ايتري جريت آهي ته پوءِ مون کان ڇو ٿي گھٻرائين؟ تون سماج کان ڊڄي رهي آهين يا ماحول کان، يا تنهائي کان يا وري پنهنجو پاڻ کان خوف ٿيڻ لڳو اٿيئي؟ تون سچائيءَ کان منهن موڙي رهي آهين. مونکي نه صرف اُميد آهي، پر يقين آهي. اعتقاد آهي ۽ پورو ڀروسو آهي ته تون مون تي پورو ديوان لکي سگھين ٿي. ''
    '' مونکي تو جھڙيءَ شخصيت تي ديوان لکڻ جي ضرورت نه پوندي. تنهنجي ذات کي مان صرف ٽن لفظن ۾ بيان ڪري سگھان ٿي 'ناپاڪ' 'ذليل' ۽ 'بدصورت'. ''
    '' واھ! واھ!! واھ!!! واھ!!!! ڇا ته تشبيهون ڏنيون اٿيئي. ها..... ها.... ها ها ها .... ها .... ها .... تو ته اڄ ڪمال ڪري ڇڏيو. وينا ذرا اِهو به ٻڌاءِ ته ڇا ماءُ جي ممتا ۽ پيءُ جي شفقت ناپاڪ ٿيندي آهي؟ ڀينرن ۽ ڀائرن جو قرب ۽ پيار جو ناتو ذليل ٿيندو آهي؟ ڇا دوست احباب سماج بدصورت آهي؟
    '' نه..... ..... بلڪل نه ..... ... پيءُ ماءُ جي پيار ۽ پوتر خون جي رشتي کي ناپاڪ بڻائڻ، ڀائرن ۽ ڀينرن جي محبت ۽ ڀائيچاري جي جذبن کي ذليل ڪوٺڻ، دوست ۽ عزيزن کي بدصورت بيان ڪندڙ اکين کان اَنڌا، گندي زبان وارا پنهنجي اکين کي ٺيڪ ڪر، پنهنجي زبان جي ذائقي جو صحيح سواد وٺڻ لاءِ ڪنهن حڪيم ۽ طبيب جو سهارو وٺ''
    '' مومل! مان ڪنهن به سهاري جو محتاج نه آهيان. توهين ئي وقت به وقت منهنجو سهارو وٺندا آهيو. ''
    '' مهرباني ڪري منهنجو نالو اُنهن ماڻهن جي فهرست ۾ نه شامل ڪر. ''
    '' محترمه اُن فهرست ۾ تون به شامل آهين. وقت به وقت موقعو مهل ڏسي اِنسان منهنجو سهارو وٺي اڳتي وڌندو رهيو آهي، تون ڪو فرشتو نه آهين. ''
    '' ڏس ڏس ... ... ڏس ... پنهنجي زبان سنڀال. مون جھڙو ڪو .... .... ''
    '' مون جھڙو ڪو نرم دل ۽ خوش مزاج اِنسان توکي ڪونه ملندو؟ ''
    '' مان مضبوط دل ۽ سخت مزاج واري آهيان نه ڪي..''
    '' اُهو ته مڃيم مزاج گرم لڳندو آهي. پر پٿر دل پوئيان ڪنهن نرم ۽ نازڪ جذبن کي ڪونه ڏٺو آهي. خود تون اُنهن کان اڻ ڄاڻ بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهين. پنهنجو پاڻ سان ناٽڪ. خير! مان اُن فهرست ۾ تنهنجي پوزيشن پٺتي ڌڪي ٿو ڇڏيان. تون خوددار آهين....... پر جڏهن وقت ساٿ ڇڏي ڏيندءِ ته تون زور شور سان اُن فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندينءَ ‐ پر تنهنجو آواز، تنهنجي قوت ڪمزور بڻجي چڪا هوندا تڏهن پنهنجو پاڻ تي........ ''
    '' تون پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکه........ جناب هوش سنڀال. ڇا پيو ڳالهائين؟ مان ته سوين جنمن تائين به اُن ۾ شامل ٿيڻ جو نه سوچينديس. تون ته هن پيڙهيءَ جي ٿو ڳالھ ڪرين. ''
    '' اِها ڳالھ ته برابر آهي. تون ته ڇا هر اِنسان ان فهرست ۾ شمار ٿيڻ پنهنجي گھٽتائي ۽ توهين سمجھندو آهي. ''
    '' مان نه ٿي ڀانئَيان ته ڪوئي اِنسان توکي سڃاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻجي توکي اپنائيندو. ڪي اِنسان آدرشن ۽ اُصولن جا پڪا هوندا آهن، ايمانداري ۽ سچائي اِنهن جي منزل مقصد رهي ٿي. ڀلا، اُهي ڇو اڻ ڄاڻ بڻجندا؟ ''
    '' اُهي منهنجو سهارو نه وٺي پاڻ سان وشواس گھات ڪندا آهن. ''
    '' تو شايد وڏڙن جو اُهو پهاڪو ڪونه ٻڌو آهي. ''
    '' ڪهڙو؟ ''
    '' انڌيءَ جي ٻار کي الکه جي رکه. ''
    '' اڙي وينا! ڪلجڳه جي زماني ۾ تون الکه جي ڳالھ ڪري رهي آهين. وڏڙن جو دؤر ست جڳه جو دؤر هو. ڪلجڳه ۾ بندي کي الکه جي نه پر ماڻهن جي ضرورت آهي.''
    '' اڃا اُهو منحوس دؤر ڪونه آيو آهي. ''
    '' خير ٻين جي ڳالهين کي پاسيرو رکون، جي توکي دنيا جهان جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪندس ته تو وٽ وقت ڪونه آهي، تون چوندينءَ مونکي ڊيوٽيءَ تي وڃڻو آهي، منهنجي رڪارڊنگه آهي، ''خطن جا جواب'' ڏيڻا آهن، ''سڄڻ توکي خبر ڪهڙي'' پيش ڪرڻو آهي. وغيره وغيره. ''
    '' ڏسين نه ٿو ڇا؟ اڃا هيڏيون ساريون اَخبارون پڙهڻيون آهن، تنهنجي فالتو ڳالھين ٻڌڻ جو مون وٽ وقت ڪونه آهي. ''
    '' تون معصوم آهين. ''
    '' مان ۽ معصوم! جناب ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي؟''
    '' واھ! نه صرف معصوم، پر حسين ۽ شوخ به. جھڙي انداز سان نگاهون کڻي زلفن کي جھٽڪو ڏيئي گفتگو ڪري رهي آهين. ''
    '' مان ......... چوان......... ''
    '' مان توکي ڪيئن سمجھايان منهنجا معصوم سڄڻ. ''
    '' سڀئي مونکي معصوم نه بلڪه تيز چوندا آهن. ''
    '' خير! منهنجو سڀني سان ڪھڙو لڳه لاڳاپو. ''
    '' ڇو! تون ته مختلف روپن ۾ هر ڪنهن جي قريب آهين، پوءِ لڳه لاڳاپوڪيئَن نه آهي. هر وقت پيو نيتائن وانگر بيان بدلين. ''
    '' وينا! تون ته اٽي مان پئي وار ڪڍين. هن وقت منهنجو صرف توسان........ ها ........ صرف توسان واسطو آهي. اِنهيءَ ڪري مان پنهنجو رايو ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھان. دنيا ڪجھ به چوي پر مان توکي معصوم چوندس. چهرو ۽ دل .......... ''
    '' معصوم ۽ پاڪ خيال ٿيندا آهن، عورت جي سونهن، چهرو نه بلڪه اِخلاق، عزت ۽ آبرو ٿيندي آهي. صورت نه پر سيرت چئَه. ''
    '' (ٽهڪ) ها .... ها .... ها .... ها ها ها ......... متان اڄ جي دؤر ۾ اِها ڳالھ ٻئي ڪنهن اڳيان ڪرين، سڀئي چريو چوندءِ. تون بابا آدم جي زماني جي ته نه آهين؟ ''
    '' مان......... مان توکي بابا آدم جي زماني جي ٿي لڳان.... مان اهڙي محڪمي ۾ ڪم ڪندي آهيان جتي Boldness جي ضرورت پوي ٿي. Boldness ۽ اڌ ڊزن کن........ ''
    '' نه .... نه..... اهڙي ڳالھ نه آهي ......... پر الائي ڇو ماڻهن کي اِئين لڳندو آهي ته نوڪري ڪندڙ ڇوڪرين جا Boy Friends ضرور هوندا آهن. ''


    2

    '' ۽ وري معصوم سڄڻ تنهنجي دل کولي ٽهڪڻ ڏيڻ تي ماڻهن کي لڳندو هوندو ......... ''
    '' مان توکي ان ٽهڪن جو قصو ٻڌايان‐ هڪ ڀيري هڪ جناب سان اهڙي ئي موضوع تي گفتگو ٿي ته دفتر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪري پيشي واريون عورتون تيز ٿين ٿيون ۽ وري جيڪا ڪپڙو لٽو چڱو ڪري ان عورت لاءِ ڪوڙن قصن ۽ الزامن جا ته ڍير.......... '' يعنيٰ...............
    '' اسين اُن اٻلا تي رحم کائيندا آهيون
    جا اڄ جي دؤر ۾ خودداريءَ جو پلاند پڪڙي آدرشن جي واٽ وٺندي آهي
    اُن جي اڇي اُجري پلاند کي الزامن جا ڪلنڪ لڳائي ڪارو ڪندا آهيون. ''
    '' هڪ طرف مون سان نفرت ڪري رهي آهين ۽ ٻئي طرف جيءَ سان جڪڙي رهي آهين. ''
    '' ڇـي............ ''
    '' مون سان تنهنجي اِها نفرت ئي تنهنجو وڏو ڏوھ آهي. جنهن جي سزا........... ''
    '' ڏوھ ۽ سزا !!؟ ''
    '' تنهنجو سڀ کان وڏو ڏوھ اِهو آهي جو تون پنهنجي شخصيت، پنهنجي Plus points کان ناواقف آهين. ''
    '' ڪمال ٿو ڪرين!؟ مان ۽ پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجين Plus & Minus Points کان بخوبي واقف نه هجان. ''
    '' اگر تون بخوبي واقف هجين ها ته اُنهن جو جوڳو استعمال ڪرين ها. ''
    '' خبر نه آهي تون ڪهڙين Plus ۽ Minus Points جي ڳالھ ڪري رهيو آهين. ''
    '' تنهنجي صورت. ''
    '' منهنجي صورت !!؟ ''
    '' ها تنهنجي صورت، هار سينگار، ڪپڙو لٽو، چهري تي خوشيءَ جا تاثرات ۽ ٻاهرين شخصيت جو من سان تضاد غلط فهمين جو شڪار بڻائين ٿا. ''
    '' تنهنجو مطلب آهي ته پنهنجي پسند نا پسند کي ترڪ ڪري ڇڏيان. اگر اِهو تضاد آهي ته ڪن اُصولن جو آهي. ''
    '' سمجھو تو ...... ''
    '' ڇا؟ اصولن سان ''
    '' ها ''
    '' نه نه ................ ''
    '' نه نه ته پوءِ زندگيءَ جو قيمتي سرمائيو وقت کان اڳه شعلن جي حوالي ڪري ڇڏ. ''
    '' تنهنجو مطلب آهي جڏهن چهري ته وقت ليڪون ڪڍي، دکه درد ڀيانڪ وار ڪن، يا پنهنجي ڇاپ ڇڏين. ''
    '' ها. ''
    '' تڏهن ئي رحم کائي هٿ وڌائيندا. ''
    '' بلڪل، ديا کائي. ''
    '' نه اُهو وقت نه ايندو. ''
    '' ته پوءِ ڪلجڳه جي دؤر ۾ فرشتن جو اِنتظار ڪر، جيڪي توکي ڪونه ملندا. توکي ان 'تضاد' سان ناٽڪ ڪرڻو ئي پوندو. ''
    '' هيءَ دنيا حقيقت کي تسليم نٿي ڪري. گيتا ۾ چيل آهي ته پاڻ ئي خرچ ضرور ڪرڻ گھرجي. خبر اٿئي ته ڪنجوس، لوڀي ۽ وشواس گھات ڪندڙ ڪهڙي جوڻ وٺندا؟''
    '' ها ها ........... ها ها ......... ''
    '' اهي صرف دل کي آٿت آهن. ڪنهن کي خبر ڪير ڪهڙي جوڻ وٺندو ‐ اهي نادانيون ڇڏ ... ۽ ... ''
    '' نه نه اهڙو سون ئي گھوريم جيڪو ڪن ڇني. ''
    '' ٻه واٽون آهن. ''
    '' وجودي زن سي هئه تصويريه ڪائنات ۾ رنگت ''
    '' عورت جو رنگه روپ. ''
    '' دشمن آهي. ''
    '' اگر ان کي دشمن قرار ڏين ٿي ته ٻي واٽ ٻڌي وٺ.''
    '' چهري تي ڏک مايوسيءَ جو اِظهار ڪري همدردي ۽ فائدو. ''
    '' اِهو فريب آهي ''
    '' فريب نه ...... 'حرفت' 'فن' ‘Diplomacy’ ''
    '' تنهنجو مطلب آهي عورتن لاءِ وچين واٽ وٺڻ گناھ آهي. ''
    '' ان وچينءَ واٽ ۾ تڪليفون آهن، هيٺ مٿاهيون آهن.......... ۽ آهن ڏکه، سُور ۽ مصيبتون. ''
    '' نه بلڪل نه...... وچين واٽ ئي زندگيءَ ۾ توازن برقرار رکي ٿي. ''
    '' ٺاھ ٺوھ ۽ اها صورت به عورت جي دشمن آهي. ''
    '' دشمن نه پر سڄڻ چئَه ۽ تون پنهنجي سڄڻن کي ڌڪارين ٿي. ''
    '' اِها صورت وقت جي سانچي ۾ ايترو جلد ڍلجي وڃي ٿي، جو پوءِ صورت تي ناز ڪندڙ نازنينون پنهنجي ئي خواهشن ۽ خوشين جا لاش جھڪيل ڪلهن تي ڍوئيندي لڙڪ لاڙين ٿيون. آئيني ۾ وقت جو ليڪون چهري تي ڏسي خؤفزده ٿين ٿيون. ''
    '' پر تون اُن منزل تي پير پائڻ کان اڳه ئي اُنهن جي ڀاونائن کي ڪيئن ڄاتو؟ ''
    '' جو مان خود عورت آهيان ‐ اگر تنهائيءَ ۾ پاڻ ۽ پنهنجو 'وجود' خود ئي آئينده جو درپڻ ڏيکاريندو. ''
    '' اڙي ها ! اِهو ته ٻڌاءِ جنهن جناب سان تنهنجي اُن موضوع تي گفتگو ٿي اُن سان ٻي ڪهڙي ڳالھ ٻولھ ٿي؟ ''
    '' مون اُن جناب کي چيو ‐ ماڻهن جا اهڙا ويچار ڏسي مون کي لڳي ٿو ته مون لاءِ به اهڙا گمان ٿيندا هوندا ته ٻه ٽي Boy Friends ته ضرور هوندا. اُن تي خبر اٿيئي اُن جناب وراڻيو ‐ تنهنجا ٽهڪ تنهنجي شڪل ڏسي هڪ ٻن جو نه بلڪه ڊزن کن جو گمان ٿئي ٿو. جنهن تي پوري محفل کلي ڏنو.
    اِها ته غلط ڳالھ چئبي. اِئين ته ڪيترا ماڻهو ملندا. ۽ آفيس ۾ گڏ ڪم ڪن ٿا، ان جو مطلب اِهو ٿوريئي آهي ته اُنهن سان دوستي ٿي وئي ۽ وري نوڪري به اهڙي جو سون ماڻهن سان واسطو پوي. برا ڀلا، حرفت باز، نيڪ، رحمدل، شريف ۽ وغيره وغيره. ''
    '' تو صحيح فرمايو سڀيئَي مون جھڙا دوست ٿوريئي هوندا. ''
    '' ڇو! تون پاڻ کي وري نيڪ ٿو ڀائين ڇا؟ تون وري ڪهڙو چڱو مڙس آهين ''استحصال'' اِهو ئي تنهنجو نالو آهي نه؟ تو جھڙن حرفت بازن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. مون اهڙي کوھ جو پاڻي پيتو آهي جنهن جو تون ترو به نه لهي سگھين.
    '' ڪهڙي کوھ جو؟ پنهنجي ڳوٺ شهداد ڪوٽ واري کوھ جو ڇا؟ ''
    '' ها! اِئين ئي ڪري سمجھ شهداد ڪوٽ واري کوھ جو پاڻي پيتو اٿم ۽ لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئَنال جي پاڻيءَ جي امڙ ستي پياري آهي. ''
    '' ڇو لاڙڪاڻي جي وري ڪيئَن ؟ ''
    '' اِهو هيئن جو ٽي ڀائر شهداد ڪوٽ ۾ ڄاوا، ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ ڪراچيءَ ۾، هڪ ڀيڻ بمبئيءَ ۾ ڄائي ۽ مان لاڙڪاڻي ۾ ڄاوس. ''
    '' توکي ڏسي لاڙڪاڻي جو پهاڪو ياد اچي ويو 'هجيئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو'. لاڙڪاڻي جا ماڻهو ڪپڙي لٽي جا شوقين ٿين. اِنهيءَ ڪري تو به اُتان جي اَڍ ڇڪي آهي ۽ ها اِهي دليل لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئَنال جي پاڻيءَ جو ئي نتيجو آهن؟ ''
    '' ڇا به ڪري سمجھ، ڪنهن جي گھران ٿوريئي ٿي کان، جو ڊڄان؟ اسين ڪنهن جي ڪڙي تي ٿوريئي ويٺا آهيون جو مڻ مڻ ڪريون. ''
    '' وينا تنهنجا اِهي بي لاڳه دليل تنهنجا دشمن آهن. مون ڪئَي ڀيرا محسوس ڪيو آهي، معصوميت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ توکي منهنجو سهارو وٺندي ڏٺو آهي. ''
    '' ڇا؟ مان ۽ تنهنجو سهارو !! ''
    '' خير ‐ وقت ايندو ته تون ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻجندينءَ ۽ منهنجي سهاري لاءِ تڙڦندينءَ ۽ اُن وقت مان به توکي ستائيندس، جيئن توکي منهنجيءَ ضرورت جو احساس ٿئي.''
    '' ضرورت ۽ تنهنجي؟ وڃ ڙي وڃ 'آپ نه پلي ڏوجا متيان ڏيوي : . ''
    '' مان توکي سمجھايان. ''
    '' تون ڇا مونکي سمجھائيندين؟ جنهن جو 'پنهنجو گھرگھاٽ، ٺورٺڪاڻو' ۽ بنياد نه هوندو آهي ٻين جي گھرن ۾ کاٽ هڻندا آهن. بڙ ‐ بڙ ‐ بڙ ڇيڻا جنگه مچاءِ. ''
    '' جيستائين مونکي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيندينءَ تيستائين مان پنهنجي باري ۾ توکي ڪيئَن ٻڌائي سگھندس. ڪڏهن مان تنهنجي پيءُ ۾ واسو ڪري تنهنجي عزت آبرو جو فڪر ۽ تنهنجي سرپرستيءَ لاءِ وڏڙن جي رواعيت ۽ خاندان جي ناءُ تي اولاد جي خوشين جو گلو گھوٽي پنهنجن اُصولن کي برقرار رکيو آهي ۽ ڪڏهن ماءُ بڻجي عورت جي قرباني جو جذبو عظيم تصور ڪري پنهنجن آدرشن کي عملي جامو پهرائيو آهي. ڪڏهن ڀاءُ بڻجي سارسنڀال ۽ جوابداري نڀائڻ جي دنياداريءَ جو نقاب چاڙهي داد حاصل ڪيو آهي. ڪڏهن هڏ ڏوکي ڀيڻ جو روپ ڌاري مقصد پاتو آهي. باقي ڀاڄائي ۽ ڀيڻويئَن جو مان ناءُ ئي نه وٺندس جو اُنهن رشتن جي باري ۾ دنيا گھڻو ڪجھ ڏٺو آهي، ٻڌو آهي ۽ جڏهن ڪڏهن به اِنهن رشتن لٽيو آهي ته ڌارئي خون تي معيارون ڪهڙيون چئَي ڳالھ اُتي ئي 'لئَه مٽي' ڪئي وئي آهي. مون ڪڏهن تنهنجو سڄڻ بڻجي واه واه! ڪري ۽ نام نهاد نيڪ صلاح ڏيئي پنهنجو ٻيڙو پار ڪيو آهي. ڪڏهن آفيسر ۽ ساٿي بڻجي وقت جي پابند ۽ ڪم تي داد ڏيئي پنهنجا پراوا ڪم ڪرائيا اٿم. تنهنجو پيءُ........... ''
    '' ڏس، ڏس، خبردار جو منهنجي پيءُ جي نالي هڪ به اکر وات مان ڪڍيو اٿيئَي. پپا جن پنهنجي پوري زندگي سماج سيوا، ايمانداريءَ ۽ اصولن جي نظر ڪري ڇڏي. منهنجو پيءُ مونکي ڏاڍو ڀائيندو آهي. پپا جن چوندا آهن ڌيئَر اکيون ٿينديون آهن. اگر اکه ۾ هڪ به ڪکه اُڏامي پوي يا واريءَ جو ڪڻو به پوي ته اکه کي تمام گھڻي تڪليف رسائيندو. مون ۾ وڏيون اُميدون ۽ آشائون رهيون اٿن. مون لاءِ فڪرمند رهندا آهن. اسان جي خاندان جو تعلق زمينداري طبقي ۽ پڙدي واري ماحول سان آهي. ڏاڍي چنتا اٿن. هميشه چوندا آهن، اگر تنهنجي شادي گھٽ ذات واري شخص سان ٿي ته مونکي ڏاڍي تڪليف ٿيندي. اسين برهمڻ آهيون ‐ واڻين جي گھر پنهنجي ڌيءَ ڏيڻ گھٽتائي ٿيندي ‐ آخرڪار واڻئَي اڳيان جھڪڻو پوندو. ''
    '' اُهو وري ڪيئَن ؟ ''
    '' ڇو جو اسان ۾ شاديءَ وقت ڪنوار پيءُ نياڻي کي پيري پوندو آهي. منهنجو پيءُ ته برهمڻ آهي نه! ڀلا واڻئَي کي ڪيئَن پيري پوندو؟ ۽ ها هوُ ٺيڪ به ته چون ٿا اسين اوچ ذات وارا آهيون. ''
    '' اڙي مونکي ته اِها ڄاڻ ڪانه آهي ته اوهين ايڏي اونچي ذات وارا آهيو. ''
    '' جي خبر ڪانه هيئَه ته هاڻي ته خبر پيئَه نه ۽ ها برهمڻ ۾ به درجا ٿيندا آهن. ''
    '' درجا ! ''
    '' ها درجا، هن وقت مونکي اُن لاءِ صحي لفظ تلاش ڪرڻ جي فرصت ڪانه آهي. درجا يعنيٰ Class System تو نه ٻڌو آهي؟ برهمڻ ۾ به ٻاري ٻاونجھائي، گوسائين وغيره وغيره. اِهي گھٽ درجي وارا برهمڻ ٿين. ڪي ته گوشت، مڇي، شراب وغيرھ واپرائين. اسان جو تعلق اونچي درجي واري طبقي سان آهي. ''
    '' يعنيٰ High Class Brahmin family ان جو مطلب ته تون اِنسان اِنسان جي وچ ۾ فرق ڀائين ٿي. ''
    '' نه نه، بلڪل نه. اِنسان ته خدا جي خلقيل اولاد آهي. اسين سڀ برابر آهيون. مالڪ ساھ ته سڀني کي هڪ جھڙو ڏنو آهي. پوءِ ڀلا اِنسان اِنسان وچ ۾ فرق ڇو؟ اِها ڳالھ صحيح آهي ته بندو الڳه الڳه جاتين ۾ پيدا ٿئي ٿو پر منزل ته هڪ آهي نه؟ مان ته ٻه اَکيائي ۾ بلڪل يقين ڪونه رکندي آهيان. ''
    '' ته پوءِ شادي............؟ ''
    '' اَڙي .......... شاديءَ وارو معاملو تمام نازڪ ٿيندو آهي. منهنجو پيءُ ٺيڪ ئي ته چوي ٿو برهمڻن جي رهڻي ڪهڻي الڳه ٿيندي آهي. ''
    '' ته ڇا تنهنجي پيءُ ٻين ٻارن جون شاديون ٻيءَ ذات وارن ۾ نه ڪرڻ جو پڪو اِرادو ڪيو آهي. ''
    '' ها.... جي ........ جي جي....... جي اصل حالات...... ''
    '' اڙي توهان تمام سٺو ٿا ڪريو. برابريءَ وارن ۽ اعليٰ ذات وارن ۾ ئي شادي ڪرڻ گھرجي. ان معاملي ۾ اوهان جو خاندان اِهو مثال ضرور قائم ڪندو. وري تيڪهين صديءَ ۾ پراچين روائتين کي برقرار رکڻ ڪو سولو ڪم ٿوريئي آهي. ''
    '' نه نه.........نه اهڙي ڳالھ نه آهي اِئين ته منهنجي ڀائرن واڻين جي خاندان ۽ فارينر يعنيٰ عيسائين جي خاندان مان شاديون ڪيون آهن. پر پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ته وڏو فرق آهي. ''
    '' اڇا! اڇا!! صرف پٽن جون ئي شاديون ڌارين جاتين ۾ ڪيون اٿائون. ڀائي اُهي ٿيا مرد ۽ وري اسان جي سماج ۾ مردن کي ڪهڙو مهڻو. مون توکي چيو نه هو ته تون معصوم آهين. تون ٻڌائڻ ڀُلي وئي هوندينءَ. ''
    '' در اصل...... مان ...... مان ...... مان ...... ''
    '' گھٻرائڻ جي ڪھڙي ڳالھ آهي وينا تون حجاب نه ڪر. ڌيئَرن جون شاديون پنهنجي ذات وارن ۾ ڪيون اٿو، تمام سٺو ڪيو اٿو ‐ مبارڪون هجنوَ. ''
    '' ها ..... ها ..... ها..... نه نه..... نه........ در اصل هڪ برهمڻ آهي ۽ ٻيو ...... ''
    '' ۽ ٻيو ...... ٻيو سنڌي آهي. ''
    '' نه نه ........ ائين نه آهي، پهريون به سنڌي نه آهي. ''
    '' ڇو؟ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه اٿوَ ڇا؟ خير جيڪي ڪيوَ، سٺو ڪيوَ. برهمڻ ته آهي نه؟ جي ٻيءَ ذات وارو ٿيو ته ڇا ٿيو؟ اونچي جاتيءَ سان ته واسطو اٿس ۽ ٻيو....... ''
    '' ٻيو ...... ٻيو ته برهمڻ به نه آهي. ''
    '' اللھ واڻيو ...... توهين برهمڻ، ته پوءِ تنهنجي پيءُ جي اکه ۾ ته ضرور ڪکه چڀيو هوندو. ''
    '' ڪافي سالن کان پريشاني ۽ اُلجھن رهي ۽ گھر جي ڀاتين جي زور بار ۽ حالت ۾ جڪڙجي ويا ۽ وڏي ڳالھ ته اڄ ڪلھ شاديءَ جو مسئلو ايترو ته مشڪل ٿي پيو آهي جو....... جو مائٽ پريشان ٿي ٿا وڃن. مان ته چونديس فيصلو ڪري سٺو ئي ڪيائون. ''
    '' يعنيٰ ڌيءُ ڪڙي ڪيائون. ''
    '' نه... نه.... نه..... ڌيءُ کي ڪڙو نه پر پيار ڪري آباد ڪيائون. ''
    '' ۽ ٻي.... اُهو به ضرور اوهان وانگر زميندار هوندو. تنهنجي ڀائرن وانگر عاليشان عمارت ۾ آباد يعنيٰ مالدار جي گھر وئي هوندي. ''
    '' نه مالدار ته نه، پر غريب به نه آهن، مڇي مانيءَ وارا آهن. گھر جو گاڏو تمام سٺو پيو هلين. ''
    '' يعنيٰ ٻئي ڌيئَر ڪڙيون ڪيائون ۽ توکي؟ ''
    '' مان! اڄ ڪلھ اهڙو دؤر آهي جو ملي جھلي ڪم ڪجي. نه صرف گھر ۾، ملڪ ۽ قوم جي واڌاري ۾ به پنهنجي ڪردار ذريعي تعاون ڪجي. ڀارت به يُورپ وانگر ٿي ويو آهي. مرد چاهي عورتون سڀئَي ڪم ڪن ٿا. منهنجي پيءُ کي ڌيئَرن جو نوڪري ڪرڻ اصل نه وڻندو آهي. مون ۾ ڏاڍو موھ اٿن. عزت آبرو جو خيال، غير مردن سان ڳالهائڻ هنن کي پسند نه آهي. ''
    '' ٻين ڌيئَرن لاءِ ڀلا ڇو نه ٿا اِئين سوچين، اُنهن کي ڪوَڙو ڪيائون ۽ توکي وڌيڪ ڀائيائون. ''
    '' نه نه اِئين نه آهي، آخرڪار اولاد ته برابر هوندو آهي.''
    '' يعنيٰ، مونکي پيار جي روپ ۾ اپنايائون؟ ''
    '' ڇي تون ۽ پيار! تون ڇا ڄاڻين پيار جي قيمت. ''
    '' خير! پيار نه ته ممتا. ''
    '' ممتا !! اول ممتا لفظ جي معنيٰ خبر اٿيئَي؟ ''
    '' تون ڇا ڄاڻين ممتا جي ساگر کي. منهنجي امڙ جي جتيءَ ۾ ڪير به پير نه پائي سگھندو. ''
    '' ممتا اِنسان کي ڪمزور بڻائي ڇڏيندي آهي. نه صرف تون پر پٿر دل به پگھرجي سچائيءَ کي تسليم ڪرڻ کان ڪنارو ڪندو آهي. خير تنهنجي همٿ کي پست ڪرڻ جو اِرادو نه آهي. مان تنهنجي امڙ جي نالي ڪجھ نه چوندس. هونءَ به عورت ۾ قرباني جو جذبو اٿاھ ٿيندو آهي. بهتر سماج تخليق ۾ عورت جو نمائيان ڪردار آهي. سماج شيوا جو مطلب ئي قرباني آهي. ''
    '' ۽ ها مان توکي ٻڌايان منهنجو اُن طرف لاڙو ۽ اِهو جذبو مائٽن وٽان ئي مليو آهي. ''
    '' ۽ قربانيءَ جو اَمڙ وٽان اِئين نه ؟ ''
    '' عورت ته ٿيندي ئي درياھ دل آهي، پنهنجي سيني ۾ ڪئَي سور سمائي ڇڏي، پيار جو ساگر ديا جي ديوي ڪروڻا جي مجسم ۽..... ۽...... ''
    '' ۽ وقت اچڻ تي ڪڏهن 'ڪالي' ته ڪڏهن 'جھانسي جي راڻي' ڪڏهن 'نوري نماڻي' ته ڪڏهن حب_ الوطني، سادگي ۽ وفا جي مورت 'مارئي'. بلڪل، عورت اِنهن سڀني روپن جو سنگم آهي. اِنهيءَ ڪري خبردار جو منهنجي اَمڙ جو نالو ورتو اٿيئي. ''
    '' ڀلا تنهنجي ڀائرن جو نالو ڳنهڻ ته منع نه آهي. ''
    '' سڀئَي سکيا ۽ ستابا آهن. پنهنجن ٻارن ٻچن سميت خوش آهن، خوشحال آهن، هنن کي ڌڻيءَ اٽو، لٽو، اجھو سڀ ڪجھ ڏنو آهي. ''
    '' ۽ تون ؟ ''
    '' ۽ مان ! مونکي وري ڪهڙي پريشاني آهي. مان، مان بي انتها خوش آهيان، خوش نصيب آهيان، اِهو نه صرف منهنجو پر سوين سڄڻن جو چوڻ آهي. ''
    '' مون به توکي ان ڪري چيو تون معصوم آهين، خوبصورت آهين. ''


    3

    '' محنت خوبصورتيءَ جو ٻيو نالو آهي، محنت ڪش اِنسان جي ڪاميابي ۽ پورهيو خوبصورتيءَ جو روپ ڌاري چهري تي عيان ٿيندو آهي. هرو ڀرو چهرو ۽ رنگه روپ ئي سونهن نه آهي. مون محنت، لگن ۽ سچائيءَ سان پنهنجي مقصد کي هميشه حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪئَي آهي. اِهو هرڪو تسليم ڪندو. ''
    '' ڏٺئَه ڏٺئَه.........نه اُنهن جي تسلميت تنهنجي طرفان بي اونو ٿي 'تسڪين' جو روپ اِختيار ڪيو، يعنيٰ توکي پاڻ ئي جستجو ذريعي مقصد ۽ منزل تائين پهچڻ جي خطاب سان نوازي ۽ پنهنجو وقت بچائي ڪٽنب جي ترقي، خوشي ۽ خوشحاليءَ ۾ مست، مگن ۽ لين آهن. ''
    '' نه نه، اهڙي ڳالھ ڪانه آهي. مون تي وقت اچڻ تي ڍال بڻجي ويندا. ''
    '' هيل تائين گھڻا ڀيرا ڍال بڻيا آهن. ''
    '' مونکي ڪڏهن اُن جي ضرورت ئي نه پئَي آهي. مان، مان، پاڻ ئي بردباريءَ سان صورتحال جو مقابلو ڪري وٺندي آهيان. ''
    '' اِهو ته ڏسڻ ۾ اچي پيو. جنهن انداز سان ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي باري ۾ اِظهار ڪري رهي آهين، ان مان ئي ظاهر آهي. ''
    '' خبر اٿيئَي منهنجا ٻه ڀائر ولائت ۾ آهن، اُنهن جو سٺو ڪاروبار آهي. پنهنجا بنگلا اٿن، مڇيءَ مانيءَ وارا آهن، مونکي چوندا آهن، تون وات مان اَکر ته ڪڍ، اسين اچي حاضر ٿينداسين. ''
    '' ۽ حاضر ٿيا هوندا؟ ''
    '' نه نه ! مون ڪڏهن هنن کي چيو ئي نه آهي. ''
    '' ڇو؟ توکي چوڻ گھرجي. وقت ته هر ڪنهن تي ايندو آهي. اِئين نه آهي ته تون ڪا عام اِنسان کان الڳه ٿلڳه يا نرالي آهين. ''
    '' تون صحيح ٿو فرمائين. ڀلا لکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وڏي ڳالھ ته پهچڻ ۾ ايترو وقت لڳندو جو اُهو وقت ئي نڪري ويندو. ''
    '' يعنيٰ توتي وقت اچڻ واري گھڙيءَ تي، هنن جي غير موجودگي رهندي. ''
    '' نه نه هرو ڀرو اهڙي ڳالھ نه آهي. زندگيءَ ۾ ٻيا به ڪيترا موقعا ايندا آهن، جن تي پنهنجن جي موجودگي سهڻي لڳندي آهي. منهنجو ولائت وارو وڏو ڀاءُ هميشه لکندو رهيو آهي ته هاڻي اسان جي گھر ۾ تون ئي آهين، ڏسجانءِ تنهنجي گھر آباد ٿيڻ واري وقت اسين سڀ ملي ڪري اهڙو ته ڌوم ڌام سان جشن ملهائينداسين جو مٽ مائٽ ريس ۽ هوُس ڪندا. ''
    '' يعنيٰ پنهنجون پوريون خوشيون تو مٿان نڇاور ڪندا. اڄ ڏينهن تائين توکي اِنهن مالامال ڪري ڇڏيو هوندو. ''
    '' مون ته هنن کان ڪڏهن ڪجھ گھريو ئي نه آهي. مونکي هميشه لکندا آهن تون وات مان اکر ته ڪڍ ‐ پر مون اڄ ڏينهن تائين هنن کان ڪجھ گھريو ئي نه آهي. خبر نه آهي ڇو مونکي پنهنجي لاءِ ڪجھ گھرڻ 'ٻه منهين تلوار' لڳندي آهي. ''
    '' اِهو تون صحيح ٿي چئَين. ڪنهن کان ڪجھ گھرڻ 'ٻه منهين تلوار' آهي. 'ڀلي بکه ڀرم جي شل نه وڃي شان' پر پنهنجن تي ته حق ۽ فرض هوندو آهي ۽ وڏي ڳالھ ته ضرورت هر ڪنهن کي پوندي آهي. اِئين چئَه ته پنهنجين خواهشن جو اُنهن اڳيان اِظهار ئي ڪونه ڪيو آهي. ''
    '' تو شايد اُهو پهاڪو ڪونه ٻڌو آهي. ''
    '' ڪهڙو ؟ ''
    '' ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ''
    '' پر اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ ولائتي مال جو ايڏو ته جنون آهي، جو اُن ڪريز کان ڀلا ڪير آجو آهي. ''
    '' برابر اِئين ته ٿورو گھڻو ڪريز رهي ٿو ۽ مان به ڪا اُن کان آجي نه آهيان ۽ وري هو اچن ته پاڻ سان ڪانه ڪا سُوکڙي پاکڙي کنيو اچن. وڏي ڳالھ ته مان پنهنجي پسند واريون شيون پنهنجي ولائت واري دؤري دؤران کڻي آئي آهيان. وري ايڏو سامان ڪيڏانهن ڪبو. اِئين ته هر ڀيري اچڻ کان اڳه فون تي پڇن ته توکي ڇا کپي. منهنجو ولائت وارو وڏو ڀاءُ چوندو آهي 'پئَسو کٻي هٿ جي ميل آهي. تنهنجو هڪڙو لڙڪ لکن جي مٽ آهي، اصل نه لاڙ مان تنهنجي اکه ۾ ڳوڙهو ڏسي نه سگھندس. ''
    '' لڙڪ هڪڙو تنهنجي اَکـه ۾،
    مـون جـي اِئين اٽڪـيل ڏٺـو،
    روئـي ڏنـم اُن حـال تـي. ''
    '' ڇا اِهو تنهنجي ڀاءُ جو تو لاءِ اِظهار هو. ''
    '' نه نه اِهي لفظ ته هن وقت اِئين ئي لبن تي اچي ويا. منهنجو ڀاءُ ضرور اِئين ئي محسوس ڪندو هوندو نه؟ ''
    '' مطلب ته جذبا هن جا اِئين ئي هوندا. ''
    '' ها، خبر اٿيئَي مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڳوڙهن ڳڙڻ سان اکيون خوبصورت بڻجي وينديون آهن. اُن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اکين مان لڙڪن جون لڙيون لڙڻ گھرجن. ''
    '' تڏهن تنهنجون اکيون ايڏيون سهڻيون پيون لڳن. ايڏا لڙڪ لاڙيا اٿيئَي ڇا؟ ''
    '' هل ڪوڙا، منهنجون اکيون ڪي سهڻيون آهن؟ اڃا نڪ سهڻو آهي. ''
    '' جي تنهنجون اکيون سهڻيون نه آهن ته پوءِ تو ڪڏهن لڙڪ ئي نه لاڙيا هوندا ۽ وري مردن لاءِ پئَسو کٻي هٿ جي ميل واري تنهنجا ڳوڙها ڏسي اُن هٿن جي ميل ذريعي ڳوڙها اکين مان لڙڻ ته ڇا پر اُنهن کي ترڻ به نه ڏنو هوندو. ''
    '' ائين ڀلا ڪيئَن ٿيندو. ڏکه ۽ سکه، مسڪراهٽ ۽ لڙڪ زندگيءَ جو حصو آهن. صرف هر فرد جو الڳه الڳه پئَمانو هوندو آهي. ڪن جو گھڻو ته ڪن جو ٿورو، ڪن جو من اندر ته ڪن جو وري من کان ٻاهر اکين مان موتيءَ جي لڙي لڙي ڳلن تي ماڪ جي ڦڙن جيان ٽمڻ لڳي. ''
    '' ڪر ته خبر تنهنجا موتي من اندر، يا من کان ٻاهر. ''
    '' تو ڇا محسوس ڪيو؟ تون ئي ڪري ٻڌاءِ، منهنجي چهري تي ڇا ڏٺئَه؟ ''
    '' اِهو ئي ‐
    '' لڙڪ هڪڙو تنهنجي اَکـه ۾،
    مـون جـي اِئين اٽڪـيل ڏٺـو،
    روئـي ڏنـم اُن حـال تـي. ''
    جڏهين ڳوڙها ڳڙندا هوندا ته هو غير حاضر هوندا ۽ جيستائين پهچندا تيستائين لڙڪن جون لڙيون خشڪ ٿي وينديون. ''
    '' اڙي جناب تون ته بلڪل ديوانو آهين، ديوانو. منهنجي ڳالھ سمجھين ڇو نه ٿو؟ لڙڪ ۽ مرڪ هر اِنسان جي زندگي ساڻ جڙيل آهن. زندگي به سج جي ٻن ٻاڇن جيان آهي. ان کان ڪير ٿو پلاند ڇڏائي سگھي ۽ وري لڙڪن جو ڪو وقت ٿوريئَي مقرر ٿيندو آهي. خبر نه آهي ڪهڙي وقت بن بادل برسات وانگر برسي پون. ته ڇا هر گھڙي ۽ هر وقت منهنجي اکين ڏيئَي نهاريندا رهن، روزمره جي ڪم ڪار کي تلانجلي ڏيئَي اکين ۾ اکيون وجھي ويٺا رهن. ۽ وڏي ڳالھ ته مان گھر ۾ وهان ڪٿي ٿي. ''
    '' پوءِ ته تون به پنهنجن جي دک سک کان ناواقف هوندينءَ. ''
    '' ائين ڀلا ڪيئَن ٿو ٿي سگھي. ڪوئي گھر جي ڀاتين جي جذبن کان اڻ واقف رهي سگھي ٿو؟ ڪي اڻ ڄاڻ هوندي ۽ ڪي ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بڻجندا آهن. ''
    '' تون ڪهڙي ڪئَٽگريءَ ۾ آهين ''
    '' الله! تون ته ''مڇڏو'' آهين. ''
    '' يعنيٰ توکي اُنهن جي دک سک جو احساس آهي. تون اُنهن جي جذبن کان واقف آهين. ''
    '' ٻيو نه وري ڇا؟ هڪ واريءَ منهنجي وڏي ڀيڻ جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا. مون هن جي ڳلن تان ڳوڙها اُگھندي چيو هو ''مان تيستائين سک جو ساھ نه کڻندس جيستائين تنهنجي اِها خواهش پوري نه ڪندس.'' منهنجي ننڊ ڦٽي پئَي ۽ مون تڏهن وڃي سک جو ساھ کنيو جڏهن سندس لبن تي مسڪراهٽ ڏٺم. چهري ٿي سڪون ڏٺم. ساڳيءَ طرح ٻيءَ ڀيڻ جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيم. جنهن ڳالھ تي فخر ۽ ناز اٿم جو اهو مقصد پلئَه پيو. جستجو ڪرڻ کانپوءِ نتيجي جو جيڪو ڦل ملي ٿو اُن جو مزو ۽ نشو ئي نرالو آهي. ''
    '' يعنيٰ تو منهنجو سهارو ورتو. ''
    '' مطلب؟ ''
    '' مطلب صاف آهي. ڪاميابي، ناموس، واه! واه!! ۾ منهنجو تصور. ''
    '' نه نه نه ..... اهڙي ڳالھ نه آهي. ''
    '' نه آهي؟ ڪيئَن نه آهي. ڪي منهنجو سهارو ڪهڙي روپ ۾ وٺن ٿا ته ڪي ڪهڙي روپ ۾. ڪي '' مظلوم '' ته ڪي '' جابر '' ڪي '' گدا '' ٿي ته ڪي '' فقير '' بڻجي، ڪي ته '' حرفت باز '' بڻجي ته ڪي '' نماڻا ۽ نھٺا ''، ڪي '' تشدد '' ته ڪي '' اهنسا'' ۾ ڪي '' فرشتي '' جو اوتار بڻجي ته ڪي ''شيطان'' جو چوغو پائي. ''
    '' تون ته صفا ڳالهين جو ڳوٺ آهين ڳوٺ! ڪٿان جي ڳالھ ڪٿي وڃي هنڌ ڪئَي اٿئَي. ''
    '' جتي ڇوڙ ٿيڻو آهي اُتي ئي هنڌ ڪئَي اٿم ‐ ها اِهو ئي ڄاڻڻ چاهيندس هاڻي هنن جو وقت صرف تو لاءِ ئي هوندو آهي. تو لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏينديون هونديون. ''
    '' برابر مون لاءِ ڪنديون ؟ ''
    '' ڪنديون!! ڪنديون ڇو چئَي رهي آهين. ڪن نه ٿيون ڇا؟ ''
    '' در اصل هنن کي ڪي مجبوريون آهن. پنهنجو گھر ڏسڻو اٿن. منهنجي خاطر گھر جو سڪون ٿوريئَي وڃائينديون. آخرڪار هنن جو پنهنجو سنسار آهي ۽ ها وڏي ڳالھ هنن کي پنهنجي پتي پرميشور جو به خيال رکڻو پوي ٿو. اول پنهنجو گھر گھاٽ ڏسڻو پوي ٿو ‐ اهو ته دنيا جو دستور آهي. ''
    '' پوءِ تون پنهنجي ننڊ ڇو پئَي ڦٽائين؟ ''
    '' مان! ۽ پنهنجي ننڊ ڦٽايان، ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي. مونکي ته آفيس جي ڪمن کان ئي فرصت ڪانه آهي. وڏي ڳالھ ته مون لاءِ موڪلن ملڻ جو مسئلو آهي. ''
    '' ڇو؟ ٻيو اسٽاف ڪونه آهي ڇا؟ ''
    '' نه نه ٻيو اسٽاف ڇو نه آهي ائين ته ٻيا به آهن. ''
    '' پوءِ توسان موڪل جو مسئلو ڇو؟ ''
    '' سڄڻ توکي خبر ڪهڙي، خطن جا جواب تيار ڪرڻا ٿا پون، تبصري جو ترجمو، رڪارڊنگه وغيره وغيره لڳل آهي ۽ ان وغيره وغيره ۾ گھڻا ئي ڪم لڳل آهن. ''
    '' ڇو؟ وغيره وغيره لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه آهي ڇا؟''
    '' ان لاءِ ڪئَزئيل هئَنڊ ته بوڪ ڪندا آهيون پر تڏهن به فرمائشي خطن وغيره جو مسئلو ٿيو پوي. ڪن جا نالا غلط ٿين ته افسوس ٿئَيم ڇو جو ويچارا ٻڌندڙ پنجن ڇهن روپين کان مٿي پئَسا خرچ ڪري لفافا لکن. وڏي ڳالھ ته سنڌ جا ڪيترا ٻڌندڙ ڏوُر علائقن جي ڳوٺـڙن، واهڻن ۽ بستين ۾ آباد آهن ۽ ڪئَي ڪلوميٽر پيري پنڌ اچي ڀرواري ڳوٺ جي پوسٽ آفيس مان ٽڪليون ۽ لفافا وٺن. پنهنجي پگھر جي پورهئَي جي رقم مان ورتل ٽڪليون ۽ وقت سيڙائي جذبن جو اِظهار ڪن. گھٽ ۾ گھٽ اُنهن جي قلم جي پورهئَي جو احترام ته ڪرڻ گھرجي. ''
    ''اِها همدردي ته سٺي آهي پر وغيره وغيره ۾ ٻيو ڇا؟''
    '' ٻيو توکي سمجھ ۾ ڪونه ايندو جو نشريات جو معاملو آهي. ''
    '' ڇو مونکي ڄڻ ريڊيو جي ڄاڻ ڪانه آهي؟ مان ته هر هنڌ موجود آهيان. ''
    '' ڇو؟ تون الله آهين ڇا جو هر هنڌ حاضر ناظر آهين؟''
    '' نه الله سائين ته نه آهيان پر ائين دين دنيا جي حرفتن کان به اڻ واقف نه آهيان. آخرڪار زندگيءَ جي شطرنج ۾ ڪي ''پيادا'' آهن ته ڪي ''وزير'' ۽ اُنهن مٿان ''راڻي'' ۽ ''بادشاه''. بادشاه جي حڪم تي مهرا بڻجي مختلف چالون هلون ٿا. زندگيءَ جي ان شطرنج ۾ ڪو کٽي ٿو ته ڪو هارائي ٿو ۽ شطرنج جي چال لاءِ دماغ کپي حرفت کپي، ۽ انهن چالن جي وڪڙ ۾ اچي، فنڪارن جا ڪانٽريڪٽ روانا ڪرڻ، چيڪ تيار ڪرڻ اُنهن جي سهوليت لاءِ پنهنجو شخصي ٽيليفون استعمال ڪري پاڻ کي ٺوڪي لڳائڻ وغيره وغيره اِهي ئي ته .......... ''
    '' ڪانٽريڪٽ موڪلڻ منهنجي جوابداري ڪونه آهي. اِهو ته ائـڊمنسٽريشن جو ڪم ۽ جوابداري آهي. ''
    '' تون ته پرفارمنگه آرٽيسٽ آهين اِها ته پروگرام ائگزيڪيوٽـوَ جي جوابداري آهي. ۽ تون اهڙي ڳهيلي آهين جو پنهنجي زر ۽ وقت جو نقصان پئَي ڪرين يعني تون پنهنجي هوشياري ڏيکارڻ ۽ تعاون ڪرڻ جي روپ ۾ مونکي اپنائڻ جي ڪوشش ڪئَي. ''
    '' نه نه ........... نه نه نه اهڙي ڳالھ نه آهي. ''
    '' اهڙي ڳالھ نه آهي ته وري ٻيو ڇا آهي؟ ''
    '' در اصل فنڪارن آرٽيسٽن جو پيمينٽس رهجي وڃن ٿيون پوءِ پروگرام ائگزيوڪئَيٽ جي غير موجودگيءَ ۾ مونکي چون ۽ مون ۾ وري اهڙي پٽ جو ڪم اصل پينڊنگ رکان ئي ڪين، جلدي اُڪلائيان. ''
    '' يعنيٰ ‐ جو ڪل ڪرو سو آج
    جو آج ڪرو سو اڀي
    پـل ۾ پـرلءِ هـئَـه
    ڦـر ڪـريـگا ڪـب . ''
    جن کي تڪڙا چيڪ يا ڪانٽرئڪٽ وغيره تيار ڪري موڪليندينءَ ته اُهي ضرور تنهنجي تعريف ڪندا هوندا. تنهنجي واه واه ڪندا هوندا. بس وينا اِهو اٿيئَي منهنجو هڪڙو پيارو نيارو روپ. ''
    '' يعني. ''
    '' اِها سکڻي واه! واه!! واه!!! اڙي اڙي ڏندن ۾ آڱر دٻائي ڀرون تاڻي ڇو گھوري رهي آهين؟ ''
    '' واه! واه!! جي ضرورت نه آهي. پر ڪيترن جو چوڻ آهي ته مونکي ٻيهر چوڻ جو کين موقعو ئي ڪونه مليو اٿن.''
    '' پوءِ ته اُهي سڄڻ تنهنجو ڏاڍو خيال رکندا هوندا. پروگرام لاءِ صلاح يا دعوت وغيره ڏيڻ لاءِ تو وٽ ايندا هوندا. تنهنجو خيال رکندا هوندا. ''
    '' مان پروگرام آفيسر ٿوريئَي آهيان جو مون سان ڳالهائيندا. پروگرام ته اُنهن کي اُهوئي ڏيندو. اِن ڪري اُن وٽ دعا سلام لاءِ ايندا آهن. ''


    4

    '' خير دعا سلام لاءِ اُنهن وٽ ويندا هوندا پر نينڊ ۾ ته اوليت توکي ئي ڏيندا هوندا. ''
    '' ڳالھ هيئَن آهي ..... ''
    '' ته ڪم ڪرائڻ ۾ اوليت توکي ۽ ڀت کائڻ ۽ چڱه ‐ مڙسيءَ جي پڳه ........... ''
    '' اِها چڱه مڙسيءَ جي پڳه اُنهن کي ئي مبارڪ هجي.''
    ۽ تو وٽ ٺلي تعريف جي روپ ۾ منهنجو ساٿ. اهڙن ماڻهن جي نيتي ٻڌايانءِ .
    '' کائڻ وقت ڏاند وهڻ وقت گابو. ''
    '' يعنيٰ...... ''
    '' جڏهن فائدو وٺڻو هجي ان وقت سڀ ڪجھ ڄاڻن ۽ جڏهن ڪم ۽ سيوا جي ڀاونا اچي ان وقت اڻ ڄاڻ ۽ اسمرٿ. ٻيو ته ٻيو انهن سرسوتيءَ کي به سري عام نيلام ڪيو آهي.
    '' ڇي ڇي ‐ اهڙا اِنسان اِخلاقي طور ڪريل چئَبا پر مان توکي ٻڌائيان، مدد ڪرڻ انسان جو فرض آهي. اگر ڪو ماڻهو چار ڀيرا وقت سيڙائي اچي ان جو ڪم نه ڪرڻ غير اِخلاقي آهي. ''
    '' اڙي ها! اِها غير اِخلاقي ڳالھ ڪرڻ به نه گھرجي. اُنهن به توکي اوترو ئي ساٿ ڏنو هوندو. وقت جي پابندي، جذبي جي سچائي ۽ واعدي جو احترام. ''
    '' پابندي ۽ واعدي جو احترام. اڄ ڪالھ ماڻهن جي عادت کان ته تون واقف آهين. ها ڪري لاپته. ٻيڙيءَ تي چاڙهي ڦرهو ڪڍڻ وارو پھ پچائي وار ڪيائون. ''
    '' جن کي تو پنهنجو قيمتي وقت ڏنو ائڊمنسٽريشن جا ڪم ڪيئَه، تن به الله ڙي !!! ''
    '' ها، اُنهن به ...... ''
    '' ڇي ..... ڇي ..... ڇي ..... ڪهڙي نه غير اِخلاقي حرقت ڪيائون. اهڙن ماڻهن لاءِ ته مان اِئين چوندس لتڙ سان پڄي چڪر ...... ''
    '' مون اهڙن شخصن جي مذمت ڪئَي نظرانداز ڪيم. وري جيڪو مڙيو سو جڙيو ۽ پوءِ منهنجي اڳيان ڪنڌ کڻڻ لائق نه رهيا آهن جو هو ....... جو هو شرم سار ٿي وري اهڙو ونھوار ڪرڻ جي جريت نه ڪري سگھندا.
    '' پر تو شايد اهو پهاڪو ڪونه ٻڌو آهي. ''
    '' ڪهڙو ؟ ''
    '' وڇونءَ کي بچاءِ، وڇون ڏنگ ضرور هڻي. ''
    '' اِها ڳالھ ته صحيح آهي. چوندا آهن پهاڙ پنهنجي جاءِ تان هڪ هنڌان سري سگھي ٿو پر ماڻهوءَ جو سڀاءُ مرڻ گھڙيءَ تائين به ڪين بدلجي.
    '' وھ هـٿـيـن وھ پـيريـن، وھ جــن جــي وات
    ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن پر مٽي ڇڏي ''
    ( شـاه )
    '' هر گھڙي ڪوڙا دلاسا اِها ڪا اِنسانيت آهي. ٻيڙيءَ تي چاڙهي ڦرهو ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئَي آهي پر خبر نه آهي ڇو مونکي ازغئَبي جھٽڪو لڳندو آهي ته اڳلي جو ارادو نيڪ نه آهي. ائين لڳندو آهي ته ڪا ازغئَبي طاقت سهارو ڏيئَي ٻڏڻ کان اڳ ئي سنڀالي وٺندي آهي. ان وقت وشواس گھات ڪرڻ وارن جو چهرو بدصورت لڳڻ لڳندو آهي. تعريف ۾ فريبي انداز جا جذبا چهري تي رفتا رفتا الڳه الڳه تاثر ڏيڻ لڳندا آهن ۽ حيرانيءَ جي ڳالھ اِها آهي ته مسڪراهٽ جي باوجود ائين لڳندو آهي ته اها مسڪراهٽ نه بلڪه ......... بلڪه ڀيانڪ وار آهي. پر وار ٿيڻ کان اڳه پاڻ سنڀالي ورتو اٿم. ''
    '' واتان جنين وھ وهي، سي آيا اوڳارين،
    جي آرڻ ٻڌي آئيا. تان نانگه نه نهارين،
    ڏنيو ئن ڏاڙهين، ميل جنين جي من ۾ ''
    ( شـاه )
    '' ۽ ....... ۽ پاڻ سنڀالڻ تي مالي ڌڪ ۽ صحت ڪيرائيندي آهين. ''
    '' ظاهر آهي، مالي نقصان سان صحت تي اثر ته پوندو. اگر ڪو وشواس ڏياري وشواس گھات ڪري ته پوءِ مختصر وقت اندر پاڻ سنڀالڻ تي صحت تي اثر ته پوندو ئي پر اهڙين حالتن ۾ ڪاميابيءَ جو مزو ئي ٻيو ٿيندو آهي. ''
    '' يعني '' خودداري.
    '' ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان. ''
    '' ته مان ائين چونديس ته خودداريءَ جو لقب حاصل ڪرڻ لاءِ صحت جي قرباني ۽ تفريحن کي خيرآباد ڪري تو مونکي ‐ ها منهنجي وجود کي گلي لڳائيو. ''
    '' ڏس، ڏس مان توکي ڇو گلي لڳائينديس. ڪٿي منهنجو هٿ نه هلي وڃي. ''
    '' ڪول ڊائون، پليز ڪول ڊائون، آءِ ايم ساري. دراصل ماڻهن مونکي ايترو ته ڇڙواڳه ڪري ڇڏيو آهي، جو مان ڪڏهن ڪڏهن حد اورانگھي ويندو آهيان. پر ساڳئي وقت مونکي اِهو به نه وسارڻ گھرجي ته دنيا ۾ ڪي غيرتمند ۽ خوددار اِنسان به آهن. اهڙيون شخصيتون مونکي ڇٺ ڇماهيءَ ملنديون آهن. اُنهن سان منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي. اهڙن پيارن ۽ عزيزن جو تعداد اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ گھٽ ئي ملندو. ''
    '' ڪلجڳ ۾ وڪارن کان پاڻ کي بچائي رکڻ به ته مشڪل ڪم آهي. خير اِنسان خطا جو گھر آهي. غلطي ٿي ئي ويندي آهي. مون کان به هڪ نه ٻه پر سوين ٿيون هونديون. مان به اِنسان آهيان ڪو فرشتونه آهيان. ''
    '' وينا، اِنهن غلطين ڪري تنهنجون ساهيڙيون اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدن ۽ بي.بي.سي. تائين پهچي ويون پر تون اُتي جو اُتي رهجي وئين. ''
    '' اگر هر ماڻهو بي.بي.سي. تي پهچي وڃي يا ٽي.وي. تي چهرو ڏيکاري ته ....... ''
    '' بلڪل صحيح آخر ريڊيو ڪيڏانهن ويندو ۽ وري سنڌي سروس جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو. ائين نه ؟ ''
    '' مان ائين ٿوريئَي ٿي چوان ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي سروس جي خذمت مان ئي ڪري رهي آهيان. اگر پنهنجي زبان، ٻولي يا فن سان ٻين ڪمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نڀائي سگھجي ته ان ۾ ڏوھ ئي ڪهڙو آهي؟ ''
    '' پنهنجي ٻوليءَ سان نڀائڻ واري اِنهيءَ جنون ئي ته توکي پنهنجين انڪريمينٽس تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ڀلا توکي يونٽ جي مصروفيتن مان فرصت ملي ته تون ڀڄ ڊڪ ڪري پنهنجي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪرين. ''
    '' در اصل منهنجي آفيسرن مونکي ڏاڍو زور ڀريو منهنجي محنت ۽ شونق کي ڏسي منهنجي همٿ افزائي ڪئَي. ٻئَي ڪنهن هنڌ نوڪري ڪرڻ کان منع ڪئَي. ''
    '' جي توکي ايترو ڀائيندا آهن ته توکي ڊپارٽمينٽل پروموشن ۽ انڪريمينٽ به ضروري ڏياري ..... ''
    '' نه مان ان کان محروم رهيس. ''
    '' ڇو؟ ان ڇو جو شايد تو وٽ جواب ڪونه هوندو. تنهنجو ڪو گاڊفادر ڪونه هوندو ۽ وڏي ڳالھ ته...... ''
    '' مون پنهنجي آفيس جي ڪم ۾ ڪڏهن ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئَي آهي. ڪي ته اڪيلي سر اهڙا پروگرام ڪيا آهن جو انهن جو رڪارڊ رهندو. ''
    '' يعني ايماندار ۽ محنتڪش ملازم جيڪو پنهنجي حق جو معاوضو نه وٺي ڪري پاڻ کي صرف ''وفادار'' لقب ڏيارڻ تي راضي رهي ۽ واه! واه!! ٻڌي تسڪين ماڻي ۽ ڪم جي فڪر واري جنون ۾ مبتلا انسان کي مان ''خودغرض'' قرار ڏيندو آهيان. ''
    '' خود غرض ! پاڻ کي تڪليف ڏيئَي ڪم ڪرڻ خود غرضي آهي. هيءُ ته ''لڏ به ڏي ته لڏاڻي به'' . اُلٽو اِلزام ‐ لڳي ٿو ''چوڏس جو چنڊ'' ڏٺو اٿم. هڪ ٻئي مٿان الزام پيا لڳن. ''
    '' جيستائين ''خودي'' ''خودداري'' جو دامن اوڙهيل رهندءِ، تيستائين ''چوڏس جي چنڊ'' واري سزا ملندي رهندءِ. ''
    '' وويڪ کي وڍي زندگي گھارڻ نه صرف مشڪل پر محال آهي. ''
    '' ته پوءِ هر نئَين صبح سان نون ڪلنڪن جي آمد لاءِ تيار ٿي. ''
    '' پر صبح ڍلجي شام ۾ پير پائيندي رات جي اونداهيءَ ۾ به ته غرق ٿيندو آهي. ''
    '' وينا ...... پر ...... پر ...... ان اونداهيءَ کان اڳ ۾ :
    '' اسين ان اٻلا تي رحم کائيندا آهيون
    جا اڄ جي دؤر ۾ خودداريءَ جو پلاند پڪڙي
    آدرشن جي واٽ وٺندي آهي.
    اُن جي اڇي جري پلاند کي
    الزامن جا ڪلنڪ لڳائي
    ڪارو ڪندا آهيون
    ۽ منزل تي پهچڻ کان اڳه
    ان کي راھ رباني اُماڻيندا آهيون
    ڇو ته ....... ''
    '' توکي ته هر ڳالھ ۾ ....... ''
    '' محترمه مونکي هر ڳالھ ۾ حقيقت نگاري نظر اچي ٿي. مان ان کي سيوا جي ڀاونا چوندس. بس! هاڻي ته خوش آهين. جيڪا تنهنجي پيءُ ماءُ ۾ به آهي. ''
    '' مان پنهنجي امڙ ابي جي ته جتيءَ ۾ به پير ڪونه سگھنديس. پر اِها ڳالھ صحيح آهي ته منهنجي پيءُ ماءُ غريبن جي خذمت، محتاجن ۽ بي مددگارن جي مدد ڪري سماج سيوا ۽ نيڪ ڪمن ۾ پنهنجي پوري زندگي صرف ڪئَي. ''
    '' جنهن جو نتيجو کين ضرور مليو هوندو. ''
    '' نتيجو؟ ''
    '' اڙي نتيجو نه ڦل چوان. ''
    '' ڦـل ! ''
    '' ڦـل به نه چوان ته پوءِ ان کي روارڊ جو لقب عطا ڪيان يا احترام ۽ مان سمان چوان. جيڪو تنهنجي ابي امڙ کي ضرور مليو هوندو. ''
    '' منهنجي امڙ ابي کي ڪهڙو روارڊ مليو. اُلٽو هنن زندگيءَ جو وڏو عرصو پنهنجي ٻارن کان پري گذاريو پنهنجو وقت ٻين جي حوالي ڪيو. جڏهن ڏس ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي گھر کان ٻاهر ‐ تتيءَ ٿڌيءَ ‐ مينهن جھڙ ٻيو ته ٻيو ٻاراماهي ڏڻ تي به پپا جن ڪنهن نه ڪنهن ڪم سانگي گھر کان ٻاهر گذاريو. اڄ تائين پڙدي پٺيان ننڍڙي ڳوٺ ۾ گمناميءَ جي زندگي گھاري رهيا آهن. ڳوٺائي چون توهان جو ئي آسرو آهي ورهاڱي کان پوءِ به هندستان لڏي ڪونه اچي سگھيا. ''
    '' ڇـو ؟ ''
    '' پنهنجي جنم ڀومِي ۽ ابن ڏاڏن جي پکن پيرن ۾ ڪڙيون وجھي ڇڏين. نه ته ورهاڱي وقت لڏين ها ته هتي اسان سڀني جو سٺو آئينده ٿئَي ها. 1947 ۾ اسان جو مامو ڪئَسٽوڊين هو. انهن سنڌ جي ملڪيت جي عيوض دهليءَ جي پاش ڪالوني سندر ننگر ۾ پلاٽ ۽ جمنا پار زرعي زمينون وٺي ڏنيون. انهن جو هڪ فصل به کنئَيائون. اڄ انهن جون قيمتون چوٽ چڙهيل آهن. ان کان علاوه حيدرآباد دکن جيڪو هن وقت آنڌر پرديش ۾ آهي، ان جي هڪ نواب سان ملڪيت جي مٽا سٽا جو سؤدو به پڪو ڪري ڏنائون. پر پپا جن انهيءَ جي باوجود سڀ ڪڇ حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ترڪ ڪري واپس شهدادڪوٽ هليا ويا. ''
    '' ڇـو ؟ ''
    '' هنن چيو سنڌ مان لڏ پلاڻ عارضي آهي. هرڪو واپس موٽي ايندو. نه صرف پاڻ رهيا پر پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ڪٽنمبن کي لڏڻ کان منع ڪيائون. ''
    '' ٺيڪ ته ڪيائون هندوستان وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟ دهليءَ جي مال ملڪيت ڇڏي پاڪستان پنهنجي خذمتن جو اجورو حاصل ڪرڻ لاءِ موٽي آيا هوندا ؟ ''
    '' يعني ''
    '' يعني! اِهو ته تنهنجي پيءُ کي هندوستان نه وڃڻ ۽ پنهنجن پکن سنڌ جي سرزمين سان پيار '' جيجل سنڌ '' کي سيني سان لڳائڻ جي عيوض روارڊ نه عطا ڪيو ويو. ''
    '' روارڊ ‐ ڪهڙو روارڊ؟ ''
    '' 1965 جي هند ‐ پاڪ جي جنگ ۾ ٽي مهينا سکي سينٽر جيل جو اُماڻيو ويو. ''
    '' اُها ته ........ ''
    '' اِهو ئي نه ‐ اُها ته احتياط واري نظربندي هئَي. ''
    '' بلڪل ‐ اُن وقت گرم هوا هئَي ماحول ۾ فرقي پرست زهر ڦهلائي رهيا هئَا. هندن سان گڏ ڪيترا مسلمان به هئَا ڪيترا سرحدي صوبي بلوچستان جا اڳواڻ به نظربند ڪيا ويا. اِهو عمل، چند گنڊن ۽ سماج دشمن عناصرن ۽ فرقي وارانه نفرت ڦهلائيندڙ تعصبين ۽ ديوانن جي شرارت، هو. ''
    '' وينا ان ۾ سنڌي مسلمانن جو هٿ ڪونه هوندو؟ '' '' مان ائين ته نه چونديس ته سنڌي مسلمان ڪونه هئَا . ڪو طبقو ضرور شامل هو؟ ''
    '' خير پوريءَ قوم کي تلاهي ٺهرائڻ غير مناسب ٿيندو. جنم ڀومي ۽ ٻوليءَ لاءِ پيار ته سڀ کان مٿي آهي. ڪن ۾ گھڻو ڪن ۾ ٿورو. ''
    '' اِنهيءَ ڪري ته مون توکي چيو ته مان الڳه الڳه روپن ۾ مؤجود آهيان. ''
    '' پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب سان پيار ڪا خودغرضي ٿيندي آهي؟ ''
    '' منهنجا معصوم سڄڻ توکي ڪيئَن سمجھايان ؟
    '' مونکي تنهنجي فلاسافي سمجھڻ جي ضرورت به نه آهي. اسان جي تهذيب قديم ۽ عظيم آهي. جتي سڀيتا جو سورج سڀ کان پهرين اُڀريو. اُن تي نه صرف اسان کي فخر ۽ ناز آهي پر پوري دنيا کي فخر ٿيڻ گھرجي. تواريخ نويس اُن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگھن. اُنهن کي سنڌ جو ذڪر ڪرڻو ئي پوندو. ''
    کر ڪڻا لاهي، سکه نه ستا ڪڏهين،
    کاهوڙين آهي، اوسيئَـڙوڪنهن پنڌ جو
    ( شـاھ )
    '' خير محترم ان ۾ تنهنجو ڏوھ ڪونه آهي. ٻولي، تهذيب، قوم هڪ اهڙو نازڪ پهلو آهي، جنهن تي جذباتي ٿيڻ ڪو گناه به نه آهي. پر ٻوليءَ جي آڙ وٺي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ته ڪو توهان کان..... ''
    '' ڇا چيو ته ..... ''
    '' توهان جي جاتيءَ ڪيڏو نه ناءُ ڪمائيو آ ‐ اڄ مرد مالدار ليکيا وڃن ٿا ۽ عورتون خوبصورت. توهان جو شمار ائڊوانس ۽ براڊ مائينڊيڊ طبقي ۾ ڪيو ٿو وڃي. ''
    '' توهان ذات پات جي ڀيد ڀاءُ کي مٽائي ۽ ريتن رسمن جا ٻنڌن ٽوڙي ٻين جاتين کان گوءِ کڻي ويا آهيو اڄ ڇوڪرين بنگالي، گجراتي، سک، عيسائي، پارسي، ڪشميري ۽ آفريقي ڪٽمبن جا ويڙا وسائيا آهن. ''
    '' اسان کي حالات مجبور ڪيو. ''
    '' توهان کي ته ورهاڱي جي واءُ ۽ حالت مجبور ڪيو پر سنڌ جو عورتون اڄ به پڙدي جي اوٽ ۽ تنگ نظريي جي ڪوٽن ۾ قيد آهن. ''


    5

    '' اگر جديد ۽ زماني سارو واٽ وٺون ٿا ته مهڻو ٿو ڏين اگر سنڌ جو ڀينر رواعتي راھ اختيار ڪن ٿيون ته تنگ نظريي جي ڪوٽن جو قيدي قرار ڏين ٿو. ''
    '' نه صرف اهو پر مان اهو به چوندس ته سنڌ جا سنڌي مسلمان پنهنجي طرفان ورتل واٽ جي راھ ڀلجي ويا آهن. توهان جي ايندڙ پيڙهي توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي جو توهين انهن کي اهڙي مجھدار ۾ ڌڪي رهيا آهيو جنهن ڀنور مان نڪرڻ محال ٿيندو. ''
    '' نه ‐ نه ائين نه ٿي سگھندو. زماني جي گردش ۽ وقت هر قوم تي آيو آهي. سنڌي قوم تي به وقت به وقت ڌارين جون يلگارون ٿينديون رهيون هيون. اُنهن مان اڳ ۾ به نڪري پار پئَي آهي ۽ اڳتي به .... ''
    '' آمـين! توکي نا اُميد ۽ مايوس ڏسي مونکي افسوس ٿي رهيو آهي. ''
    '' افسوس نه ڪر پر ماضيءَ جي تواريخ جي ورقن کي وراءِ ‐ اُنهن ورقن ۾ اُنهن شهيدن جي لهوءَ سان اِتهاس لکيل آهي جن جي قربانين رنگ لاتو ‐ شهيد مخدوم بلاول، هيمو، هوشو، مهاراجا ڏاهر، دولھ دريا خان، دودو، شاه عنايت شهيد. ''
    '' پر عظيم ماضي اُنهن شهيدن جي تواريخ ۽ قربانين کي ڏسي خوش فهميءَ ۾ مبتلا رهڻ ڪٿان جو دستور آهي.''
    '' في الحال ته اسان جي جاتيءَ تي راجا منسک جي راڻيءَ وانگر ڪلنڪ لڳل آهن. اهڙو ڪو مها ‐ لڪشميءَ جو پرڪوپ ٿيو آهي. جتي وڃون ٿا لوڌجون ٿا. ڪڍو ڙي ڪڍو پر مها لڪشمي اُهو ڏينهن ضرور آڻيندي ڪلنڪ لهندا ۽ هر ڪو جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو. ''
    '' مها لڪشمي اوهان تي ديا ڪري پر صرف تِن جِي پوڄا سان .... ''
    '' صرف مان نه پر .... ''
    '' پر منهنجي مراد ان طبقي سان آهي، جيڪو ٻوليءَ جي حفاظت ڪندڙ ۽ نام نهاد سماج سيوڪ طبقو آهي، توهان جي ٻوليءَ کي آڪسيجن تي جياريو پيو وڃي. ها زنده رکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي غلط سئَلينڊر مان آڪسيجن ڏني پئَي وڃي. جا ڳالھ ڏسي مونکي بي حد افسوس ٿيندو آهي پر مان ڇا ٿو ڪري سگھان. مان ته هر اِنسان جي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ مدد ڪندو آهيان. پر جڏهن توهان جي جاتيءَ جو اُهو سرگرم طبقو پرچم بلند ڪندڙ سنڌيت جو علم بردار، منهنجو حد کان وڌيڪ سهارو وٺي پنهنجا مقصد بر ثواب ڪندو آهي ته ٿورو ڏکه به ٿيندو آهي. وري ٻيءَ ساعت خيال ايندو آهي، اگر اهڙو طبقو منهنجو سهارو نه وٺي ته مان اڪيلو پئَجي ويندس. ''
    '' تنهنجي سهاري جي ضرورت نه آهي. ''
    '' ڏاهي توکي ڀل نه هجي. پر انهن نام نهاد سماج جي ٺيڪيدارن کي ته آهي نه.؟ جن جو اصول ڪن جو ''ڏيب ڪن جو وات'' جيڪي تهذيب ۽ ٻوليءَ لاءِ معصوم عوام کي گمراه ڪن ٿا. ان کي زنده رکڻ ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪوڙو واعظ ڪن ٿا. جن جي ننڊ، صرف منچ جي ڪرسي وٺڻ، گڏجاڻين جي صدارت ڪرڻ لاءِ، ڦٽل رهي ٿي. انعام اقرام وٺڻ ۽ ڪميشن کائڻ لاءِ منهنجو حد کان وڌيڪ سهارو وٺن ٿا اهي ان چوڻيءَ ۾ واه جو استعمال ڪن ٿا ''ڀائرن جو هڪڙو هٿ روٽيءَ ۾ ٻيو هٿ چوٽيءَ ۾.'' اهو صرف انعامن اقرامن اعزازن ۽ ٻوليءَ تي کائڻ وقت ڪن ناز ٿا پر جڏهن ڪو خدا جو نيڪ بندو ايمانداريءَ سان سڀني کي سڏ ڏئي ٿو ته پوءِ صرف ''هٿ چوٽيءَ ئي چوٽيءَ ۾'' جيستائين ويچاري جو تڏو نه کڻائين. اُنهن کي ڏينهن رات اُٿندي وهندي منهنجي ضرورت ٿئَي ٿي. ها صرف منهنجي ۽ اُنهن جو رات ڏينهن هر گھڙيءَ هر پل مونکي ياد ڪرڻ بور ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڀڄ ڊڪ ڪندي ڪمزوري به محسوس ڪندو آهيان ۽ منهنجي هاڪ ۽ ڌاڪ ايڏي ته وڌڻ لڳندي آهي جو ..... ''
    '' فڪر نه ڪر اُهو وقت پري نه آهي جو تنهنجو اُهو هاڪ ۽ ڌاڪ جو واريءَ وارو محل ڊهي پٽ پوندو. هيءَ ته سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ آهي. توکي ۽ اُنهن چند نام نهاد شخصيتن کي به جيڪي قوم ۽ جاتيءَ تي بدنما داغ آهن، مايوسي ۽ ناڪاميءَ سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو. پڙدو فاش ٿيندو ۽ تنهنجو بدصورت چهرو بي نقاب ٿي ويندو. تون تنها رهجي ويندين تنهنجو دم گھٽجڻ ..... ''
    '' منهنجو دم ته پوءِ گھٽجندو پر في الحال پنهنجي ٻولي تفاضت ۽ تهذيب جي دشا تي تنهنجي حالت مان ڏسي رهيو آهيان ڏس ڏس ‐ تنهنجي ..... ''
    '' مون ۾ ڇا ڏسي رهيو آهين؟ ''
    '' اهو ئي. ''
    '' لـڙڪ هڪـڙو تنهنجي اک ۾
    مـون جو انين اٽـڪيل ڏٺـو
    روئـي ڏنـم ان حـال تـي. ''
    '' ڪٿي آ منهنجي اکه ۾ لـڙڪ ؟ ''
    '' کٻيءَ اکه ۾ آلاڻ آ ...... ''
    '' نه نه شايد ڪجھ اکه ۾ پئَجي ويو هوندو. ''
    '' مـومـل! اکه ۾ ڪجھ به ڪونه چـڀـيو آهي، پر جڏهن دل کي ڌڪ لڳندو آهي ته ويچاري دل جو ساٿ اکه پنهنجي آلاڻ سان ڏيندي آهي پر اِن لاءِ ...... ''
    '' توکي ته هر ڳالھ تي گمان ۽ شڪ رهي ٿو. اِها عادت سٺي نه آهي. ''
    '' وينا اِها ڳالھ مان توکي اِن لاءِ چئَي رهيو آهيان جو پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب کي هٿان نڪرندي خوف وچان تواريخ جا ورق ورائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ به ته تو ئي شروع ڪيا آهن. صوفي شاعرن، شهيدن جي تصنيفن، سوانح نگاري کي ور ور ڪري پڙهڻ شروع ڪيو اٿيئَي. اِنهن دستاويزن جا ورق ورائڻ شروع ڪيا اٿيئَي. ''
    '' دستاويز نه پر پر مقدس گرنٿ چئَه. جنهن کي تون ليڪچر چئَي رهيو آهين، اُهو ليڪچر نه بلڪه جذبا آهن. اُهي نيڪ جذبا قلم ذريعي اِظهار جو روپ اختيار ڪن ٿا ۽ اهڙن جذبن جو هئَڻ به لازمي آهي. پنهنجي ٻوليءَ سان نڀائڻ هر اِنسان جو اِخلاقي فرض آهي. ''
    '' تنهنجي جاتيءَ وارا ڪيتري حد تائين اِخلاقي فرض ادا ڪري رهيا آهن، اِهو هڪ واريءَ تنهنجيءَ دل مان دانهن نڪرڻ مان معلوم ٿيو. ''
    '' ڪڏهن؟ ڪهڙي وقت مونکي ته ياد نه ٿو پوي. ''
    '' جي توکي ياد نه ٿو پوي ته مان توکي ياد ڏياريان. لطيف سيمينار دؤران پريشان ٿي توئي ته پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ...... ''
    '' ته .... ''
    '' توهين سڀ ڄامڙا آهيو
    قديم تهذيب ۽ عظيم سڀيتا کي به
    ڄامڙو بڻائي ڇڏيو اٿـوَ .
    نه پاڻ ماڻيو ٿا نه ٻين کي ماڻڻ ڏيو ٿا .
    خير اِهو تمام نازڪ مسئَلو آهي ان تي مان وڌيڪ بحث نه ٿو ڪرڻ چاهيان. ''
    '' تون ته صرف هڪ پهلوءَ جو بيان ڪرين ٿو. هڪڙي طبقي جو تجربو بيان ڪرين ٿو. لطيف سيمينار دؤران ڪيترن سڏ ۾ سڏ ڏنو، اُنهن جو تون ذڪر ئي نه ٿو ڪرين. ''
    '' ائين ته دنيا ۾ ڪئَي نيڪ اِنسان اڃان به موجود آهن. توکي ۽ اهڙن نيڪ جذبن وارن هند ۽ سنڌ جي ماروئـڙن ۽ جھانگيئَـڙن کي دعا ٿو ڪريان ته اوهين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وڃو. ''
    آمـيـن !
    ۽ جيڪي منهنجو سهارو وٺي پئَسا ڏيئَي طوفاني رفتار سان پنهنجون تصويرون ڇپائي ۽ سنمان ڪرائين ٿا اُنهن کي ...... ''
    '' اُنهن کي شڪست نصيب ٿئَي. آمـيـن ! ''
    '' اڙي وينا منهنجي جملي پوري ڪرڻ کان اڳه توئي پنهنجي طرفان جملو پورو ڪيو. ''
    '' مونکي ڄاڻ آهي ته تون اُنهن جي بچاءُ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ اُلٽو سلٽو اِظهار ڪرين ها. اِنڪري مان اهڙي ڪابه ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. ''
    '' چڱو تون ئي خوش رهه منهنجون دعائون تو ساڻ آهن. ''
    الله !!
    ڇا ٿيو ؟
    '' مري ويس. ''
    '' ڇي ! ڇي !! ايترو جلد مرڻ جي ڳالھ نه ڪر. اهڙي نڀاڳي وائي نه ڪڍ. تنهنجي هٿ جي ليڪن ۾ تنهنجي عمر جي ليڪ تمام وڏي آهي. ''
    '' مونکي نه کپي وڏي عمر ‐ ننـڍپـڻ ۾ مونکي مرڻ کان ڊپ لڳندو هو. پر هاڻي نه ‐ بلڪل نه ‐ اِنسان رتيءَ راند مان نڪري وڃي. الله ڙي منهنجي ڊيوٽيءَ جو ٽائيم ٿي ويو آهي. تون ته ڳالهين جو ڳوٺ آهين. ڀلجي ويس ته مون ڪنهن کي رڪارڊنگ لاءِ ٽائيم ڏنو آهي. ''
    '' گھر اندر داخل ٿيڻ وقت مون توکي چيو ڪين هو ته مان تنهنجو دوست آهيان. ''
    '' ڇي ‐ هل ڙي هل ‐ تون ۽ منهنجو دوست پنهنجي .... ''
    '' چئَـه نه ‐ رڪجي ڇو وئينءَ. جملو پورو ڪر نه ‐ دوستي ۽ وري ٿو جھڙي جنس سان يعني استحصال سان. اِئين نه ؟ ''
    '' توکي بار بار پنهنجي نالي ڳنهڻ جي ضرورت نه آهي . ''
    '' الڳه الڳه زبان ۾ جيڪي منهنجا ناءَ تو ٻڌايا 'وينو' اُهي هڪ دفعو وري توکي ياد ڏياريندو وڃان ڪٿي ڀلجي نه وڃين. ''
    '' منهنجو نالو تميز سان وٺ وينا شرنگي. 'وينو' چوڻ جو توکي ڪو حق نه آهي. مونکي تنهنجي نالن جي ڄاڻ آهي نه صرف مان ياد رکندس پر سڀني کي چيتاوڻي ڏينديس ته انهن ناون کان ڪنارو ڪن، exploitation استحصال، شوشڻ پرماريت ...... ''
    '' ............. ''
    '' بس بس مونکي ڊپ آهي ته ڪٿي آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات تان نشر ٿيندڙ چوويهن (24) زبانن ۾ منهنجو نالو نه ڳنهين. مونکي دوست نه ڪري ڀانئَه پر عزيز ئي سهي ........ ''
    '' دماغي توازن ته نه بگڙجي ويو اٿيئَي؟ ''
    '' اگر ايڏو غصو ٿو لڳيئَي ته عزيز نه سهي پر خيرخواه ۽ سڄڻ سهي. ''
    '' خيرخواه ۽ سڄڻ وري تو جھڙا؟ مان! مان ته پنهنجن دشمنن کي به حدايت ڪنديس ته تنهنجي سائي کان به پري رهن. ''
    '' في الحال سائي کان به پري رهڻ ته پري پر هن وقت تون منهنجي قريب آهين، بلڪل قريب. مون سان محو گفتگو ‐ مون محسوس ڪيو ته دل جا حال اورڻ لاءِ ڪافي کوئجي وئي هئَينءَ. ''
    '' مان ! ۽ توسان حال اوريان. ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ''
    '' محترمه تون مڃين نه مڃين پر تو دل کولي ڳالھيون ڪيون ۽ اهڙي ئي انداز سان ميزبان بڻجي مهمان نوازيءَ جو فرض ادا ڪر. ''
    '' اڙي مهمان ته ڀاڳن وارن جي گھر ايندا آهن ‐ ۽ وري سنڌ جي سر زمين جي ته مهمان نوازيءَ جي ته ساکه ۽ هاڪ آهي ۽ پنهنجو پيٽ ڪٽي به مهمانن جو پيٽ ڀرين. پنهنجي آئينده جي ابن يعني ايندڙ پيڙهيءَ جي منهن مان گرھُ کي مهمانن کي کارائڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن. ''
    '' يعني ! ''
    '' اِهي ئي تنهنجي سنڌڙيءَ جا سپوت جن ڌارين کي پنهنجي هٿن سان سڀ ڪجھ ڪڍي ڏنو آهي. لطيف سائينءَ جي شعر جو اوهان واه جو اِستعمال ڪيو آهي. ''
    '' سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين. ''
    توهان عالم سڀ آباد ڪرين جي فڪر ۾ ايترو ته جڪڙجي ويا آهيو جو پوري عالم کي ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيڻ جي نينڊ ڏني اٿو. نه صرف ايترو پر توهان پنهنجي بي بها موڙي ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گادي بڻائڻ جي رضاڪارانه آڇ ڪئَي هئَي. سرخرو ٿيڻ جو مزو ته اوهان ماڻيو ...... وري هاڻي ...... هاڻي ته ملڪي گاديءَ مان ڦري بس بين القوامي مرڪز بڻجي پئَي آهي. ۽ توهين پنهنجي ئي گھر ۾ ڳولهيا نه ٿا لڀجو.
    واه! سائين واه!! ڇا ته توهان اُن بيت جي آخري سٽ جو استعمال ڪيو آهي.
    ''سائين منهنجا اچو'' توهين اسان جي دين جا ڀاءَ آهيو. اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو. جڏهن امڙ جي سيني تي ايڏو بوجھ وڌو اٿو جو جيجل ويچاري پيڙا ۾ مبتلا آهي، پوءِ سڪار ڪٿان ٿيندو؟ ''
    '' ٿيندو ضرور ٿيندو. اُميدون برثواب ٿينديون. خوشحاليءَ جو نئَون سج ضرور اُڀرندو. ''

    '' نـئـَون نـيـاپـو آيـو راڻـي مـلان رات
    لڌي سون لطيف چئَي ڪنا ڏاتر ڏات
    ڪهڙي پڇين ذات جي آئيا سي اگھيا.''
    ( شـاه )
    '' آمـيـن ! وينا منهنجون نيڪ تمنائون توهان سان آهن. توکي ته زماني جي واءُ لڳي وئي آهي. تون مهمان نوازي ڪانه ڪندينءَ. ۽ وري مان اهڙين فارمليٽيز ۾ يقين رکان ڪين. تون ڀل زحمت نه ڪر مان پاڻ ئي وڃي تو لاءِ چانھ ٿو ٺاهي اچان جيستائين چانھ تيار ڪريان تيستائين هان هيءُ پاڻيءَ جو گلاس لبن تي لڳاءِ جو چپ خشڪ ٿي رهيا اٿيئَي.''
    '' ڏس ڏس منهنجي قريب نه اچ خوام خواه منهنجو هٿ هلي ويندو. ''
    '' مونکي خبر آهي تنهنجو هٿ هلندو آهي ۽ زوردار نموني هلندو آهي. اِها به ڄاڻ اٿم ته هڪ روڊ روميو جي چهري تي اهڙو زوردار هٿ هلايئه جو جناب جي چهري تي نه صرف پنج ئي آڱريون ڄمي ويون پر سندس چهري تي موجود موهيڙن جي ڦاٽي پوڻ سان رت ۽ روڳ ڪري تنهنجو هٿ به خراب ٿي پيو هو. ۽ تون اُن ڏهاڙي ڏھ ڀيرا هٿ Detol سان ڌوتا هئَا. ''
    '' پوءِ ائين عورتن تي روڊ روميو فقرا ڇو ڪسيندا آهن؟ اڙي ..... اڙي ..... اڙي ..... شرمائجڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي. ڪاوڙ ۾ هٿ کڄي ئي ويندو آهي. جيئَن ٻئَي ڀيري هڪ سڙڪ ڇاپ مجنوءَ کي چماٽ هڻي چار ڏهاڙا بخار ۾ بستري داخل ڪيو. ٽئَين جناب جي سيني تي سر هڻي دل کي ڌڪ رسائي مٿي پهچائڻ جو پاپ پنهنجي سر تي کڻڻ جو سندرو ٻڌو ۽ چڱو ٿيو اُن جناب راھ رباني نه ورتي نه ته بيلي تو لاءِ ..... ''
    '' پوءِ ائين عورتن تي اِهي سڙڪ ڇاپ مجنو ڇو ٿا پنهنجي عاشقي جملن سان وار ڪن. اِنهن کي شرم نه ٿو اچي. ''
    '' پر هاڻي تنهنجو هٿ نه ٿو کڄي هاڻي تون ڏاڍي عقل واري ٿي وئي آهين. هاڻي اهڙن ڪارنامن تي ..... ڪٿي توسان ..... ''
    '' گدڙ ڊاڪ نه پڄي آکي ٿوُ کٽا. ''


    6

    '' ها ها ..... ها ها ها ..... ها ..... ها ..... ها ..... پهاڪو سٺو ڏنو اٿيئَي. اڄ ڪلھ تنهنجي هٿ نه هلڻ جو ڪو خاص سبب آهي ڇا؟ تو ڇو بند ڪيو آهي. ''
    '' ڇو جو هر مرد روڊ روميو ڪونه آهي. ''
    '' ۽ هر مرد وشوامتر به ڪونه آهي. ''
    '' ساڳيءَ طرح مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ ٻه طبقا آهن اهڙن مردن سان ملجي جيڪي احترام ڪن، عورت جي عزت ڪن.''
    '' پر سماج. ''
    '' سماج ته مردن جو جوڙيل آهي. اڄ جي عورت کي مختلف ناون سان نوازيو پيو وڃي. پنهنجي آرزئن ۽ خواهشن جي چند لمحن جي تسڪين لاءِ عورت کي نشانو بڻائيو پيو وڃي. ''
    '' پر ...... پر ...... ''
    '' پر مون به اِنهن آرزئن ۽ ارمانن جي ٻرندڙ گلن کي عورت جي رواداريءَ سان بدصورت ۽ ناڪام بڻائڻ جو عزم ۽ عهد ڪيو آهي. ''
    '' ڪٿي عورت جي احترام ۾ پيار ته سمائيل نه آهي. ''
    '' الله ڙي ! تو ته منهنجو دماغ کائي ڇڏيو آهي. مان چوان ٿي منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. ''
    '' ٺيڪ آهي بابا ناراض نه ٿي. خوام خواه پنهنجو بلڊ پريشرهاءِ نه ڪر. مان دعا ٿو گھران تنهنجو اهو احترام وارو جذبو پيار ۾ تبديل ٿئَي ۽ ڪڏهن عشق ۾ مبتلا ٿين ۽ پيار ڪرين. ''
    '' مون وٽ بيڪار! ڳالهين لاءِ وقت ڪونه آهي. ''
    پيار ۽ بيڪار! هن سنسار جو آڌار ئي پيار آهي. ڀڳوان شري ڪرشن جون گاٿائون تو نه پڙهيون آهن ڇا؟ ''
    '' پنهنجن خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڀڳوان جو سهارو وٺن ٿا. ''
    '' تو گيت گووند نه پڙهيو آ. ''
    '' نه. ''
    '' ڀلا ڪالي داس جو ميگھ دوت. ''
    '' نه. ''
    '' ته مان توکي صلاح ڏيندس ته جئَه ديو جو گيت گووند ۽ ڪاليداس جو ميگھ دوت پڙهي ڏس. توکي پنهنجي ماضيءَ کي ڄاڻڻ گھرجي. ڌرم جي ڄاڻ هئَڻ گھرجي. ''
    '' مونکي اِنهن جي ڄاڻڻ جي ڪائي ضرورت نه آهي. مهرباني ڪري منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. ''
    '' وڃان ٿو ‐ وڃان ٿو ‐ منهنجي وڃڻ کان پوءِ نه پڇتائجانءِ. متان پوءِ ملال ڪرين، پوءِ افسوس ڪرين ۽ مونکي ياد ڪندي رهين، پڪاريندي رهين. اچ موٽي اچ. مان توکي ڏاڍو ياد ٿي ڪريان. ''
    '' وڃ ڙي وڃ تو جھڙا سوين ڏٺا آهن. ''
    '' تو سوين ڏٺا هوندا پر .... پر منهنجي اهميت ئي ڪجھ ٻي آهي. اِئين نه ٿئَي ته وقت هٿان نڪري وڃي ۽ مان توکان ڪوهان پري هليو وڃان. تون منهنجي سهاري لاءِ تڙڦندي رهين. ''
    '' تڙڦ ۽ تو لاءِ؟ ''
    '' بلڪل ‐ اِئين نه ٿئَي جو منهنجي سهاري حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي آزيون نيزاريون ڪرين ۽ ...... ''
    '' آزيون نيزاريون توکي؟ ان ڏهاڙي پرلئَه ايندي. ''
    '' وينا مان توکي سڃاڻان. هڪ ته زمينداري خون، ٻيو ڳوٺاڻي، ٽيون اوچ خاندان يعني برهمڻ گھراڻي سان تعلق، چوٿون خودي ۽ خودداريءَ جو جذبو، غرور، غيرت ۽ جنون ٻيلي توکي مڃائڻ محال آهي. پر وري به مان تنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهندس خبر نه آهي ڇو تو لاءِ دل ۾ احساس ٿئَي ٿو. سوچي وٺ ‐ سوچي وٺ ‐ وينا سوچي وٺ. اڄ گھران ڪڍين ٿي پر اُهو وقت پري نه آهي، جڏهن تون مونکي پنهنجو سونهون بڻائي منهنجو استعمال دل تي ڪندينءَ، پر اُن وقت ‐ ها اُن وقت تون اُن فن کان محروم رهندينءَ. منهنجون آزيون نيزاريون ڪندينءَ پر مان اُن بلنديءَ تي هوندس جنهن کي تو لاءِ ڇهڻ مشڪل ۽ محال هوندو. منزل پائڻ لاءِ تون لڙڪ لاڙيندينءَ، پيڙا ۾ تڙڦندينءَ ۽ مان اُن ''وقت'' ۽ موقعي جيان آهيان جيڪو هڪ واري هٿان نڪري ويندو آهي ته وري واپس نه ايندو آهي. تون روئندينءَ، زار زار روئندينءَ. ''
    '' روئندا منهنجا دشمن. مان چوان ٿي هتان نڪري وڃ. نڪرين ٿو يا نه؟ نه ته ڌڪا ڏيئَي گھران ٻاهر ڪڍنديسانءِ. ''
    '' وينا ياد رکه ‐ مونکي اڄ واري ذلت ياد رهندي. مان توکي تڙڦائيندس، نيچو نوائيندس. مان اَڄ سڄڻ سڄڻ بڻجي توکي صلاح ڏئي، خيرخواھ بڻجي دنياداري ۽ حالتن کان واقف ڪيو. دوست بڻجي دوستيءَ جو هٿ وڌايو، تو اُن کي ٺڪرائي مونکي بي عزت ڪيو آهي. مان اِها توهين ( بي عزتي ) هرگز نه وساري سگھندس، بلڪل نه. ''
    '' چڱو ...... چڱو ...... هاڻي جناب هتان نڪري وڃ. ''
    '' وڃان ٿو، وڃان ٿو، در ڇو ٿي ڀڃين؟ ايڏو زوردار ڌماڪو ڪيو اَٿيئَي جو منهنجو خؤف وچان هيانءُ ڏري پيو آهي. محترمه ڏاڍي گرم مزاج جي آهين.''
    '' ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، اِها ڀڻ ڀڻ وڃي ٻين جي اڳيان ڪر. ''
    ‐ ويو مئَو ماريو ‐ چريو ڪٿان جو ‐ خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا جيو ڀڳوان پيدا ڪيا آهن. رڳو وتن گھرن ۾ جھيڙا وچڙائيندا. دلين ۾ وير ويڇا پيدا ڪندا. وتن ليون ٻوڙن سان ۽ ٻوڙا لئَين سان وچـڙائيندا. ڀڙ ڀڙ ڇيڻا جنگه مچاءِ ‐ شانت من کي اچي نڀاڳي تپايو. '' آءُ ته ڀينر ڪلھ ڪريون. '' اصل سيڙجي جھيڙي لاءِ سندرو ٻڌي گھرن ۾ گھڙي پون. ٻلي وانگر ست در جيستائين نه نوسين تيستائين ماني هضم نه ٿئَين، ڀل ته '' ڀنڀور کي باھ لڳي '' اهڙا حرفت باز خالق ڇو خلقيا آهن؟ ''



    ( پـڙاڏي جـي گـونـج )

    '' هي ........... هي سنسار ........... هيءَ سرشٽي ..... هيءَ ''
    '' هيءُ آواز ..... هيءُ آواز ڪنهن جو آ........... ڪنهن جو آ هيءُ آواز ........... ''
    '' هيءُ سنسار ........... چڪر آ........... ها اهڙو چڪر جيڪو هر اِنسان کي گھيري ٿو .... چڪر آ .... ''
    '' هي ڀڳوان! هيءُ آواز ڪٿان پيو اچي ........... ڪير آهي ........... مونکي تنهنجي صورت ڇو نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي.... چهرو نظر نٿو اچي صرف آواز جي گونج.... تون.... تون ڪير آهين؟.... سامهون ڇو نه ٿو اچين؟ ڪهڙي ڪنڊ ۾ آهين؟ تنهنجو آواز پڙاڏو بڻجي گونججي رهيو آهي. ٻڌائين ڇو نه ٿو، تون ڪير آهين؟



    ( پــڙاڏو )
    '' هيءُ سنسار چڪر آ .... ها اهڙو چڪي .... جيستائين اِنسان جيئَرو آ اِن ڄار ۾ ڦاسي ٿو ...... اِن چڪر جي مهاڄار ۾ وڪوڙجي ٿو ‐ اِن مهاڄار کان مڪتي ملڻ مشڪل آ..... موھ، مايا، واسنا، ساڌنا، حوس ۽ هٻڇ جو مهاڄار ...... اِن مهاڄار جي دٻڻ مان نڪرڻ بدران وڃي ٿو اندر پوندو ...... سنساري مهاڄار جي ڀونئر ۾ غوطا کائيندي به 'جيئَڻ' ۽ 'حاصل' ڪرڻ لاءِ ڪناري جي پائڻ جي جستجو ڪري ٿو. اِن چڪر کان بچڻ مشڪل آ. ''
    '' هي ڀڳوان اِن کان مڪتي ڏيار. ''

    ( پــڙاڏو )

    '' ها ها.......... ها ها.......... ها ها ها.......... مڪتي .... مڪتي .... اِنسانن لاءِ اِن مهاڄار مان مڪتي ڪٿي؟ ''
    '' هي ڀڳوان هيءُ آواز ڪٿان پيو اچي ...... منهنجي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي رهيا آهن .... هيءُ نغارن جا آواز ......... هيءَ تجلا ڏيندڙ روشني ........ ڪٿان داخل ٿي آهي؟ ''
    '' هيءُ سنسار چڪر آ ...... چڪر ...... چڪر آ ...... چڪر ...... جيستائين پراڻ آهن تيستائين اِن سنساري مهاڄار ۾ ڦاٿل آ. توکي شرير جي تياڳڻ سان ئي هن جنم مان ۽ وري نئَون جنم ...... نئَين جون. ''

    oklkafl th.kkZfu ;Fkk fogkj uokfu x`g.kkfu ujksijkf.k A
    uFkk ‘kjhjkf.k fogkj th.kkZU;U;fu la;fr uokfu nsgh AA

    '' جهڙيءَ طرح پراڻا ڪپڙا لاهي نوان ڪپڙا ڪرڻ ۾ اچن ٿا، تهڙيءَ طرح هي جيو آتما به هڪڙا جھونا شرير ڇڏي ٻين نون ۾ وڃي ٿو. ''

    ( شـريمـد ڀڳوت گـيـتـا )

    TkkrL; fg /kzq oks e`R;q /kzq oa e`rL; pA
    rLeknifjgk;sZFksZ u Roa ‘kksfprqegZfl AA

    '' ڇاڪاڻ ته جو ڄائو آ سو نيٺ مرندو ۽ جو مئَو آهي سو نئَين سر ڄمندو ‐ تنهن ڪري تون اهڙيءَ اڻ ٽر وستوءَ جو شوڪ نه ڪر. ''
    هن سنسار ۾ جنم مرڻ جو چڪر هلندو رهندو. هڪڙا ڄمندا ٻيا مرندا.
    '' مـرڻ جـيئَـڻ جو سنـسـاري چـڪـر ''

    ( شـريمـد ڀڳوت گـيـتـا )

    vFk pSua fuR;tkr fuR; ok e`re~ A
    rFkkfi Roa egkokgks uSua ‘kksfprqegZfl AA

    '' جيڪڏهين آتما هميشه مرندڙ ۽ ڄمندڙ به کڻي هجي، تڏهن به ته اهڙي ويندڙ شيءَ جو ارمان نه ڪر. ''
    نه مـڪـتـي.......... نه مـڪـتـي..........

    '' جا ڳالھ اصل چنتا ڪرڻ جي لائـق ئي نه آهي تنهنجي چنتا پيو ڪرين ۽ وري ڳالهيون پنـڊتـن جھڙيون پيو ڪرين پر خبر اٿيئَي پنـڊت مرڻ جيـئَڻ جو شوڪ نه ڪندا آهن. ''

    “ From the unreal lead me to the real, from darkness lead me to the light from death lead me to the immortality. ”

    Upansehd


    ڪـتـابـي سـمـالـوچـنـا '' هـندواسـي ''

    Hindvasi 19th June 1988
    ڪـتـابـي سـمـالـوچـنـا
    '' هـندواسـي ''
    پـکـا ۽ پـنهـوار ڏٺـي مـون ڏيـنـهـن ٿـيـا

    وينا شرنگي (سفرنامو) ڇپائيندڙ : پرميلا پبليڪيشن C - 84 اِندر پوري، نئَين دهلي ‐ 12، صفحا 218، قيمت 55 روپيا.
    وينا جو هيءُ سفرنامو پڙهندي الائي ڇو ڪرشن راهيءَ جو هيءُ بيت من تي تري آيو:
    جيڪي هـت ڄـمـيا، سي ڀـي سنڌي سڏبا،
    سنڌي ٿي به سنڌ کي، ڏسڻ کون سڪندا،
    ڌارين وانگيان جڏهين، سنڌ وڃي ڏسندا،
    ماڻهو اِئين چوندا ته، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ.
    وينا ڄاول سنڌ جي آهي، پر ويهارو سالن جي وطن کان وڇوڙي بعد جڏهن سنڌ جي سفر تي ويئَي آهي ته سندس منووگيانڪ حالت، من جي آترويلا، انتظار ڀري لوڇ ۽ شين توڙي واقعن ڏانهن گھري ممتا ۽ لالسا اُها ٿي آهي، جيڪا اُن شخص ۾ ٿئَي، جنهن ڄڻ سڀ ڪجھ وڃايو هجي ۽ اوچتو اُن کي ڳولهڻ، ڏسڻ ۽ پائڻ جو وجھ مليو هجيس. وينا چاهيو آهي ته محدود ۽ ٿوري وقت ۾ سنڌ جي ماحول، سنڌ جي شاهوڪار ورثي ۽ سنڌ جي روح کي جھٽي وٺي. سنڌ کي Rediscover ڪري، ڇو ته هن کانپوءِ '' الله '' ڄاڻي ته ڇا ٿئَي! اهڙي پيڙا جو پڙاڏو سندس اکرن ۾ ''...... سرحدن کي الڳه ڪندڙ اُهو صليب آهي، جنهن تي جسم ۽ روح لٽڪيل آهن‐ ٻي خبر نه آهي...... پر مرڻ کانپوءِ اُن منظر کي سمائڻ لاءِ هيءُ اکيون اڌ کليون رهنديون. ''
    هـنيون منهنجو هـت ٿيو، هـت مـٽي ۽ مـاھ .
    وينا جيءُ کولي سنڌ جو سير ڪيو آهي. ائين چوڻ ته هن سڄي سنڌ جي مٽي ڇاڻي آهي، شايد وڌاءُ ٿئَي پر يقين ڄاڻو ته سنڌ جي تهذيبي مرڪزن، اتهاسڪ هنڌن، خوبصورت آسٿانن ۽ محبوبڙن ماڻهن مان ڪو ورلي آهي، جنهن سان هوءُ نه ملي هجي يا نه ڏٺو هجي. لڳي ٿو ڪا پياس آهي، جنهن کي ٻجھائڻ لاءِ هوءَ سرگردان آهي. وقتي سچ پچ اُڃ ‐ بک جو اونو به نه رهيو اٿس. هن اُڏيري لال جي جوتين وارو مندر به ڏٺو، جنهن کي هندو مسلم اڃا تائين پوڄين ٿا ته ڀٽ شاھ جو مقبرو به ڏٺو، جو اڄ به سنڌي تهذيب جو روشن منار آهي ۽ پوري سنڌ جي خلق کي سڪون ٿو بخشي ۽ اخلاقي ٻل ٿو ڏئي. هن قرار ڍنڍ جو مشاهدو ماڻيو، ته ڪينجهر ڍنڍ جي حسين منظر کي لهندڙ سج جي لالڻ ۾ ڏٺو. اُها ڍنڍ جنهن کي شاھ لطيف، نوري ۽ ڄام تماچي جي قصي ۾ امر بڻائي ڇڏيو آهي. هوءَ مڪلي ٽڪريءَ تي به ويئَي، جتي سنڌوءَ جي ماضيءَ جو اِتهاس دفنايو پيو آهي ته ڀنڀور جي کنڊهرن ۾ سسئَي جي ورلاپ جا پڙاڏا به ٻڌائين. هن اروڙ جو اِتهاسڪ قلعو ۽ مندر به ڏٺو جتي سنڌ جو آخرين راجا ڏاهر راڄ ڪندو هو. ساڌ ٻيلي جو دلفريب ديدار ته ڪيائين پر اُتي ماني ۽ پاڻيءَ جو لطف به ماڻي آئي ۽ ٻيو به گھڻو ڏٺائين ۽ ماڻيائين.
    سڄي سفرنامي ۾ اِسٿول منظر ‐ ڪشيءَ کان وڌيڪ نازڪ ۽ اَهم آهن اُنجا تاثرات جيڪي ليکڪا نهايت ئي سچائي سان چٽيا آهن ۽ سهڻيون تصويرون ٺاهي ورتيون آهن. اُهي تصويرون ڪٿي دک ۽ درد جو احساس ٿيون ڏيارين، ڪٿي سوچ جي پرن تي ٿيون اڏائين. ڪٿي غصي ۽ ڌڪار جي ڌارا ۾ ٿيون وهائين ته ڪٿي موج ۽ مستيءَ جي عالم ۾ ڇڪي ٿيون وٺن. ڪي لمحا اِنتهائي دلفريب ته ڪي پيڙا ڏيندڙ.
    وينا پهرين ڏينهن ئي شهداد ڪوٽ واري پنهنجي ويران گھر جو ورنن ڪندي، درد جي هڪ سوُٽ جاڳائي آهي. ساڳي سوٽ هن اِظهار مان پڻ اُٿي ٿي : '' شڪارپوري ڪلفي نه کائي پڇتائڻ کان، کائي پڇتائڻ ڀلو ڀانئَيم. '' سنڌ يونيورسٽي (ڄامشورو) ۾ سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ، جتي ڄڻ سنڌ جي تهذيب جو بيبها ۽ اَڻميو خزانو گڏ ڪيو پيو وڃي، اُتي پهچڻ سان وينا جو قد هرڪيوليس جيڏو ( جسماني نه، اِخلاقي ۽ ذهني طور ) ٿي ويو آهي. پنهنجي شاهوڪار ماضيءَ تي اٿاھ فخر ۽ ڳاٽ اوچو ‐ '' اگر دنيا جي نگاھ سنڌيت جي علامت عظيم اداري سنڌالاجي تي پوي ته اُنهن کي پنهنجو رخ ۽ رويو بدلائڻو پوندو. '' ساڳيءَ طرح ڪلفٽن ۽ هاڪس بي جي شيل شغل ڪرڻ وقت ليکڪا اهڙي سروُر ۽ ڪيفيت ۾ آهي، ڄڻ سڌ ٻڌ وڃايل، يادگيرين جي ڪنجن جي ولر سان اُڏمندڙ ۽ ٻيون خوبصورت چيزون آهن. مثال طور ‐ '' آءُ وات وڪيل '' سڀني کي هن ننڍڙي نوٽ ۾ بند ڪرڻ ڏکيو آهي.
    گرامر واري پهلوءَ کي پاسيرو رکي مان چوندس ته ليکڪا جي ٻولي ڏاڍي برجسٿي آهي ٻوليءَ تي قبضو اٿس. شهري ۽ ڳوٺاڻي ٻوليءَ جو سهڻو سنگم آهي، جنهن ۾ پنهنجي ڀونءِ جو سڳنڌ ۽ ميٺاج آهي. ڪي ڪي مهاورا اهڙا به اِستعمال ٿي ڪري جيڪي رواجي اِستري ليکڪا جي پهچ کان پري آهن. صرف ٿورا مثال : پيران پير، دستگير جي ڊوهي اٿو، هنن جو دين ايمان صرف ڌن دولت، نانوَ جي بک ۽ زن آهي، غيرت صرف مردن جي جاگير نه آهي، اک پٽڻ کان اڳه عورت جو سوَدو ڪيو ويندو آهي، ڏھ ڀيرا عشق جو اِظهار ڪرڻ مردن جي جنم ڪنڊليءَ ۾ لکيل آهي وغيرھ وغيرھ.
    باقي هڪ ڳالھ ‐ هن سفرنامي ۾ شخص جي خالي خالي وجود جي پيڙا جو درد ‐ انفرادي سطح کان اُڀري گڏيل درد جو آڪار بڻجي پيو آهي. جيڪو به حساس دل پڙهندو، سو درد کي پنهنجو ئي سمجھندو.

    ڪـيرت ٻـاٻـاڻـي


    جـھـولـي لـعـل : ڪـجـھ تـازا سـنـڌي ڪـتـاب

    جـھـولـي لـعـل

    ڪـجـھ تـازا سـنـڌي ڪـتـاب

    1 مـئي 1989
    اَي.جي. اُتـم

    '' زندگي هڪ ناٽڪ '' هڪ نئَين ليکڪا ڪماري وينا شرنگيءَ جو آهي. خوشيءَ جي ڳالھ آهي جو هڪ ٻئَي پٺيان نيون ليکڪائون اُسري رهيون آهن. وينا هڪ ٻئَي پٺيان 4 سالن ۾ ٽي ڪتاب
    '' ڪئَن وساريان ويڙهيچن ''
    '' منهنجي پيشي جا گل وَ خار ''
    '' پکا ۽ پنوهار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا ''
    لکي ڌاڪ ڄمائي آهي. هي چوٿون ڪتاب سنڌي ساهت ۾ هڪ وڌيڪ اِضافو آهي. هن نئَين ليکڪا جي ٻولي به سليس ۽ وڻندڙ آهي جئَن ڇهن ئي ڪهاڻين مان ظاهر آهي. وينا کي لکڻ لاءِ سماجي حقيقت نگاري ۽ سنڌيت جو مقصد آهي جو مهاڳه ۾ ٻڌايو اٿس. ڪهاڻين ۾ عورت جي خلظوميت، ورهاڱي جي درد ۽ اسانجي روحاني ۽ پنگتي ڪم ڪندڙن ۾ ڦهليل ٻهروپ جو چتر چٽيل آهي. خاص ڪري ''زندگي هڪ ناٽڪ'' ''منهنجو وطن'' ''ڪي ڏر به اوڏا سپرين'' ۽ ''ستي ٿي سيڙائي، لنڊي ٿي لاڏ ڪري'' اثردار ڪهاڻيون آهن. پوئين ته بهترين سنڌي مذاقي ۽ طنزي ڪهاڻين مان هڪ آهي. اُها سپڪ ٻولي سڀاويڪ ڪردار نگاري ۽ حقيقي چترڪاري جو مڌر ميلاپ آهي جا ڪامياب ڪهاڻي ليکڪا ٿي سڌ ڪريس.
    نئَين ڪهاڻيڪار وينا ڪاميابيءَ ڏانهن وکه وڌائي آهي.


    “Sangat” quarterly by (SANA)

    “Sangat” quarterly by (SANA)
    ( Sindhi Association of North America )
    Keyan Visaryan Verichan
    (Reminiscences)
    Author - Veena Shringi

    This is a 125 pages book written by a well known All India Sindhi Program Radio Announcer. Her language is everyday Sindhi used in Sind and does not contain Hindi or Sanskrit words usually in abundance in books written by Indian Sindhi writers. The book is about the events, experiences and accomplishments of the author who grew up in Shadadkoat, district Larkana in Sind. Her book has introduced a new and novel writing style which would undoubtedly command a distinguished place in Sindhi literature. She has written about life in the background of Hindu-Muslim common heritage, Simple lifestyle of Sindhis, combined family system, pure sentiments of Sindhi women, etc. Overall, this is a very good book and is recommended for reading by everybody.


    NEW DELHI : THE CITY MAGZINE : APRIL, 1988

    Veena is proud of the Sindhi culture which dates back to Mohanjodaro. According to her, Sindhis in India have been scattered all over the country. Veena feels discouraged the way Sindhi literature gets a poor response from Sindhis in New Delhi. With opportunities being very few, most Sindhi writers are sitting at home and appreciating their own works. She feels amazed the way Sindhi culture is prospering in a Pakistan, where people are very conscious of preserving Sindhi language and culture.


    VEENA SHRINGI FIGHTING FOR A CAUSE

    EVENING NEWS : THURSDAY DEC. 31ST 1987
    VEENA SHRINGI FIGHTING FOR A CAUSE

    After graduation. Veena took ana appointment with All India Radio in the Sindhi Service of External Services Division, in 1976 where she is continuing as producer, Translator and Announcer of programmes in Sindhi’ From her early days she took keen interest in Sindhi language and literature for which she was inspired by her Karachi-born talented mother Sati Gopi Krishan, a popular writer in Sindhi and renowned social worker of her times.
    Veena has so far authored three books in Sindhi language. Her first book “KIAN VISARYAN VERHEECHAN” (Reminiscences of Sindh) was published in 1984 and won her an award from Union Ministry of Education. This book was later included in the exhibits of the recently held Indian Book Fair at Moscow. Her second work “Mohinje Peshe-Ja-Gul Ain Khar” was published in 1985 and received avide acclaiming. The third book “Pakha Ain Panwahar Dithe Mun Deehan Thaiya” (A Travelogue on Pakistan) has been published recently.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375242
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406607
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ