ڪتاب جو نالو: رائي پير رَتُ ڪيا
مصنف: امير بخش شر
ڇپائيندڙ: ماءِ پبليڪيشن، سکر
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 25 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 910 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 203 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر پنھنجي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين، ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي، اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي. ھو لکي ٿو:
”ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيءَ کن لاءِ توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي، ۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق. هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن. پر مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. هونئن به ڪير پيو پِيريءَ ۾ زالن جا سُهما سهندو. يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو. باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيءَ ڏِس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • آتم ڪٿا

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: رائي پير رَتُ ڪيا
    موضوع: آتم ڪھاڻي
    ليکڪ: امير بخش شر
    ڇاپو: پهريون
    سال: 2015ع
    ڪمپوزنگ: نظام جمالي
    ٽائيٽل: سھيل احمد شيخ
    ڇپائيندڙ: ماءِ پبليڪيشن، سکر
    قيمت: 350 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رائي پير رَتُ ڪيا“ اوهان اڳيان پيش آهي. آتم ڪھاڻيءَ جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪامريڊ امير بخش شر آھي. سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر پنھنجي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين، ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي، اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي. ھو لکي ٿو:
    ”ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيءَ کن لاءِ توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي، ۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق. هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن. پر مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. هونئن به ڪير پيو پِيريءَ ۾ زالن جا سُهما سهندو. يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو. باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيءَ ڏِس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو.“
    هي ڪتاب ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڪامريڊ امير بخش جي فرزند اياز امير شر جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي آتم ڪٿا تيستائين ان جي ئي آتم ڪٿا ھوندي آھي جيستائين اھو لکي نہ ٿو وٺي ۽ لکجڻ کانپوءِ ڇپجي وڃڻ بعد اھا آتم ڪٿا ڄڻ تہ عام جي بہ ٿي ويندي آھي. سڄي دنيا ۾ پرائي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ ۾ گهڻي ئي دلچسپي ورتي ويندي آھي، ان ڪري جن بہ شخصيتن جون آتم ڪٿائون/آتم ڪھاڻيون ڇپيون آھن انھن کي سٺي موٽ ملي آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ان مان سکڻ لاءِ ڪجه نہ ڪجه ملندو آھي. ڪن آتم ڪٿائن مان رڳو حوصلو نہ پر جيئڻ جو بہ حوصلو ملندو آھي. سو دنيا ۾ انھن ماڻھن کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي، جيڪي پنھنجا تجربا توڙي حقيقتون ٻين تائين پھچائيندا آھن. جنھن کي ايئن کڻي چئجي تہ جيئڻ لاءِ حوصلن جي ڊونيشن ڏني ويندي آھي.
    سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر بہ پنھنجي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين، ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي، اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي.
    اداري پاران ھن آتم ڪٿا کان اڳ سنڌ جي ڏاھي سوڀي گيانچنداڻيءَ جي آتم ڪٿا ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ سڄي دنيا ۾ سنڌي پڙھندڙن وٽ مانُ ماڻي چڪي آھي. اميد تہ ڪٿا جو ھي ڪتاب بہ موٽ ماڻيندو.

    پبلشر


    پنهنجي پاران

    آئون بنيادي طور تي نه ئي ڪو ليکڪ آهيان ۽ نه ئي وري ڪو اديبڙو غريبڙو، پرايئن چئجي ته ادب جي الف کان به اڻ واقف ماڻهو آهيان.جيتوڻيڪ لکڻ ۽ پڙهڻ ،گهڻي وقت کان منهنجين عادتن ۾ شامل رهيو آهي.جنهن جو ذڪر هن سموري ڪتاب ۾ به هنڌين ماڳين ڪيو اٿم. مون 1978 ۾ پهريون مضمون روزاني هلال پاڪستان ۾ لکيو هيو، ۽ هي اهي ئي ڏينهن هيا، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪامريڊ مون کي پنهنجن چنبن ۾ چائي ويا هيا. تن ڏينهين اڃان ڪوئي ويهارو کن ليک منهنجي پنهنجي نالي سان چپيا هيا، بس پوءِ الله الله خير سلا ٿي وئي. ۽ پوءِ مون به ڪامريڊن جي پَرِ پاريندي، لکڻ ۾ هروڀرو جو پاڻ کي انڊر گرائونڊ ڪري ڇڏيو. پوءِ مون جيڪي ڪجھ لکيو هيو، سو ڇپيو به، پر ايرن غيرن نالن سان ڇپيو هيو. يارڙن مٿي ۾ هڪڙي ڌُن ويهاري ڇڏي هئي ته بس پاڻ کي مِڙوئي ماڻهن تائين انقلاب جي ڳالھ پُڄائڻي آهي. تنهن ثواب جي ڪم ۾ پنهنجا نالا نه آيا ته به خير آهي.ايئن اهو مواد به سانڍجي ڪونه سگهيو، يا سنگت پاران سانڍڻ جي منع هئي.نذير عباسيءَ جي شهادت کان پوءِ ڪجھ ورهيه پارٽيءَ کان آڏو پاسيرو رهڻ بعد وري ٻيو دور آيو. سو هيو ڪامورپ جو، سو به اهڙو ڪِنو جو بنهي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويس. انهن ڇپيل پنن مان جيڪر ڪو انڌو منڊو ڪاڳرڙو سانڍيل به هيو، سو به مينهوڳيءَ ۾ ماساتِ کي باھ ٻارڻ ۾ مدد ڏيندي ڦلهيار ٿي الائي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن اُڏاڻو هيو. بس پوءِکيل ئي ختم ٿي ويو. مون وٽ رڳو وڏ ماڻهپي ۽ وڏ ماڻهپيءَ وارا پوزٽ رهيا، باقي رهيو نام الله جو.الاهي سارن ورهين بعد وري ڦَرڪو ڦِريو. ۽ هڪڙو دور اهڙو آيو، جو اوچتوئي اوچتو اها ڪامورپ به هلي چُري. ته به اندر مان ٽيڳر ۽ ٽرڙپ ڪانه نڪتي. هرڪنهن کي ٽڻي ٽامڻي سمجهڻ جي عادت به ڪانه نڪتي. ها اهو ضرور هيو ته 1973 کان 2001 تائين جي انهيءَ دور ۾ يا اڄ تائين ڪتابن پڙهڻ جي عادت اهائي اصلوڪي رهي، سا ٺُپ ڪانه نڪتي هئي.
    تان جو 2007 ۾ هڪڙو اهڙو جهٽڪو آيم، جنهن صفا جهوري وڌو هيو، جيتوڻيڪ ايستائين دل به ٻه ڀيرا بي ايماني ڪري چڪي هئي، پر انهيءَ کي به ڪونه کنگهيو هيم. پر هن نئين جهٽڪي هڻي صفا پورو ڪري ڇڏيو هيو.اصل مکڻ جون ماڙيون ئي وگهيري ڇڏيون هيائين. سولي سنڌيءَ ۾ چئجي ته جتي پير هيا اتي مٿو اچي کُتو هيو. تڏهن اندر ئي اندر ۾ ڀڄڻ ۽ ڀُرڻ لڳو هيس.لوڪ جي نظرن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪريل ۽ نيچ سمجهڻ لڳو هيس. ۽ دنيا جهان کان ڪاٽا ٿي هڪڙي ڪُنڊڙي وسائي وڃي ويهي رهيو هيس. اهڙو ڪو يار دوست به ڪونه ٿي سُجهيو جنهن سان اندر جو حال اوري هينئين جو بار هلڪو ڪريان ها. نيٺ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هڪڙي ڀيري مصطفي اڄڻ سان اندر جو حال اوريم. جنهن ڪافي نيڪ ۽ عالماڻيون صلاحون ڏنيون، پرانهن ڦڪين فرق ئي ڪونه ڪيو. نيٺ پراڻي پڳ مٽ يار لائق ٿيٻي سان صلاح ڪيم ، تنهن صلاح ڏني ته هاڻ تنهنجو علاج مُلپ ۾ آهي، ماٺڙي ڪري وڃي نمازون پڙھ، ڀيڏيءَ تي سٿڻ رک ۽ الله الله ڪر. ايئن ڪري به ڏٺم، پر جهوراڻو پوءِ به ڏينهون ڏينهن جهوريندو ويو.
    تان جو وسڪارا آيا ته بدر ابڙو، پنهنجي سموري ڪيڙ سوڌو ٿر مان موٽندي ڳوٺ آيو. ڀنڊار جي ٻن چئونرن واري آفيس ۾ رات جي مانيءَ کان پوءِ جڏهن هئو مئو ٽريو،چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان چئونرن جي آڏو اوٽي تي ٻن کٽن تي ويٺل اسان ٻنهي جي مٿان چمڪڻ لڳو هيو، ته بدر منهنجي اکين ۾اکيون وجهي مون کان پڇيو هيو، ادا اڄڪلھ تنهنجي فون تان ايندڙ نياپن مان نااميدي ۽ نراسائيءَ جي بوءِ ٿي اچيم، ٻڌاءِ ڪهڙي ويڌن اٿئي.؟ بس انهيءَ هڪڙي ئي سوال تي ڦِسي پيو هيس، اندر جو سمورو اوٻر ڪڍي سندس آڏو بيان ڪيو هيم. پوءِ انهيءَ ٿڌڙيءَ رات ۾ بدر پنهنجي سموري ڏاهپ سان مون کي جيئڻ ۽ جياپي جو اتساھ ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو هيو ۽ انهيءَ جو حل اهو ڏَسيو هيائين، ته مون کي ٻيو ڪجھه نٿو ڏانءُ اچي ته پنهنجي جيون ڪٿا ئي لکڻ گهرجي، سندس بقول ته لکڻ مهل ڪاغذ ۽ قلم ئي انسان جا بهترين دوست هوندا آهن. انهن سان اندر جا احوال ايمانداريءَ سان اوري ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ڀائيندو آهي.
    ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيم، ته لکندي لکندي الائي ڪهڙا ڪهڙا سورن جا قصا ياد ايندا ويا، گڏوگڏ پنهنجو ماضي لکندي لکندي اکين مان لڙڪ ايئن هليا جيئن مينهن وسندي گهر جي ڇِتِ جا نيسارا هلن.هڪڙي ڪاپي، ٻي ڪاپي، ٽين ڪاپي ڀرجي وئي پر ڳالهيون کٽڻ جو نالو ئي نه وٺن.لکيو وريو پڙهان ته الائي ڇو اوڇنگارون نڪريو وڃن.ايئن هينئين جو بار هلڪو ٿيندو ويو. هلڪو ٿيندو ويو. تڏهن سنڌيءَ ۾ ڪمپيوٽر تي لکڻ ڏانءُ ڪونه ايندو هيم. سو انڙپور واري زاهد ميسي کي وڏو ڏَٽو ڏنم ته هي ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ ۾لکي ڏي، چار پئسا به ڏيندو سانءِ. هن ويچاري سئو کن صفحا لکي موڪليا، سندس سنڌي ڏسي، اڄڪلھ جي ننڍيءَ ٽهيءَ جي ٻوليءَ بابت ڄاڻ تي وري روئڻ اچي ويم. نيٺ انهن سئو کن صفحن کي سڌارڻ لاءِ مون کي پاڻ کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ سکڻي پئي. زاهد جو ته ٿورو ٿيو، جهڙي تهڙي جڏي ڦڏي لکيائين، پر کيس اجوري جو هڪڙو ٽڪو به ڪونه ڏنم ، رهندو ٿُڪ بجو به ڪيو مانس ته تو جهڙي پڙهئي لکئي جي هيءَ سنڌي آهي.
    ۽ پوءِ زاهد ميسي جي انهيءَ لکيل سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر تي سڌاريندي مون جهڙي سيکڙاٽ کي ٻه ٽي مهينا گذري ويا. نيٺ هڻي ماري، مَس جيئن وڃي، اهي اکرڙا سِڌا ڪري، انهن جو ڇاپو ڪڍي، هڪڙي فائيل ۾ رکيم. ڪجھ ڏينهن بعد ڪامريڊ جميل لاشاري ڪنهن دوست سان گڏجي ملڻ آيو هيو، تنهن کي هڪڙو ٻه صفحا پڙهي ٻڌايا هيم. تنهن وٺي ڀنڀور کي باهيون ڏنيون . اوڙي پاڙي ۾ ايندن ويندن کي اصل ڪنهن مڱڻهار جيان دهل ٻڌي، ٻڌائيندو وتيو ته همراھ ڪوئي ڪتاب پيو لِکي. جميل جون دٻون ٻُڌي ، هڪڙي ڏينهن ملو ابراهيم شر لنگهي آيو ته اهو ڪتاب مون کي به ڏيکار. مون کي ڪهڙي خبر ته ابراهيم پڙهيو لکيو هوندي به، مُلو ٿيندي ئي ٿورڙو دقيانوس خيال جو به ٿي ويو آهي. همراه مون وارا پَنڙا پڙهي، وٺي ابتيون سُبتيون ٽوڪون ڪيون. ورندي ته ڪونه ڏني مانس پر اندر ئي سڙي ويو. اڳتي لکڻ کان ارواح ئي کٽو ٿي ويو.انهيءَ قصي کي ڇھ ست مهينا گذري ويا. ڳاراڻو ڳاريندو رهيو، سور ساڙيندا رهيا، پر لکيم هڪڙو پنو به ڪونه. تان جو هڪڙيءَ رات مُلو نيڪو عرف ارباب نيڪ محمد اچي نڪتو، ماني ٽِڪي کائي چنئوري ۾ آرامي ٿيو، ته ننڊ نه آيس، اٿي ٽڙيل پکڙيل پنا ڦلهورڻ لڳو. تان جو اهو فائيل ور چڙهيس.رات ۾ اهي سئو کن پنا پڙهي پورا ڪري پوءِ ڪو سُتو. ورنديءَ صبح جو جيئن ئي ڇاندو پاڻي کڻي آيو سانس ته همراه کڻي هٿن کي چميون ڏنيون هيون.چئي يار تو ته حد ڪري ڇڏي آهي.اڃان به لِک، پر بنهي گهڻو لِک. تنهنجي ٻولي سادي ۽ عام ڳوٺاڻي آهي. پوءِ اچي لکڻ جي روڙ روڙان ٻڌم. ڪمپيوٽر تي ڳچ جيترا ڪاڳر روڙي ويس. هڪڙي ڀيري نور احمد جنجهي ،ڄام ساقيءَ جي ڳوٺ ۾ مليو، چيومانس يار مون ڪجھ لکيو آهي، توڏي اي ميل ڪريان ٿو، انهيءَ کي سڌاري به ڏي، ۽ ڪا صلاح ثواب به ڏي. ڪو خاص سڌارو ته ڪونه ٿيو، پر نوراحمد جي تبصري مان مطلب اهو ڪڍيم ته هيءُ بُنڊ ڳرو آهي، پنهنجي کڻڻ کان ڀانيان ٿو زور آهي.ايئن وري اهو قصو اتي ئي پورو ٿي ويو. تنهن وچ ۾ هن لکت مان هڪڙو ٻه باب، ڪجھ اخبارن ۽ رسالن کي موڪليا به هيم. پر ڪٿان به ڪا هاڪاري موٽ ڪونه ملي هئي. تن ڏينهين ڪاوش ميگزين نڪرندو هيو،سواڃان ڪاوش دنيا ڪونه ٿيو هيو. اوڏانهن به هڪڙو باب موڪليم، ٻه چار مهينا گذري ويا، پر ٿيو ڪجھ به ڪونه. تيسين ڳاراڻي اهو ڪم ڪيو جو رت ۾ مٺاڻ جو درجو وڃي پنجن سوَنِ تي پڳو هيو. تان جو هڪڙي ڏينهن ڪاوش دنيا جو اشتهار ڏٺم ته ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪاوش دنيا ۾پڙهندا، ڪامريڊ مان ڪاٽڪو ٿيڻ جي ڪهاڻي. گهڙيءَ کن لاءِ سوچيم ته خدا نٿو ڀُلائي ته متان اهي مون وارا ڪارناما هجن. پر وري سوچيم ته ڪاوش وارن اڳي ڪڏهن مون کي کنگهيو به ڪونهي. سو وري هاڻ به ڪهڙو گاھ وجهندا، اهو ڪو ٻيو هوندو.
    سو جنهن ڏينهن منهنجو لکيل اهو سچ ڪاوش دنيا وارن ڇپيو هيو انهيءَ ڏينهن رت جو مٺاڻ پنجن سوَن کان اُڪري وڃي ڇهن سون جي ويجهو پڳو هيو. ۽ آئون جيئن تيئن ڪري پنهنجو پاڻ کڻائي، ميرپورخاص جي وڏي ڊاڪٽر بالچند موتياڻيءَ جي ڪلينڪ تي پڳو هيس. جيڪو ڀوڳن ڀوڳن ۾ مون کي واڻيو ٻروچ چوندو آهي.اسپتال جي اسٽريچر تي ستل هيس جو مون واري هٿ فون تي واقفڪار يارن جي گهنٽين جا ڌوڙيا ٿي ويا. هرڪو پيو ساراهون ڪري، ڪو ڪيئن ته ڪو وري ڪيئن پيو داد ڏئي، ڪيڏانهن ويو رت جو مٺاڻ ته ڪيڏانهن ويو اسٽريچر، ڊاڪٽر به کِلي کڻي چيو ”ڀڄ واڻيا ٻروچ تنهنجو علاج ٿي ويو“. تنهن کان پوءِ ڌڙاڌڙ لکندو ويس ۽ ڪاوش ۾ ڇپبو ويو، راڄ مڙسن ۽ مائين جا فون ڪري مبارڪون ڏيندا رهيا. تنهن وچ ۾ کوڙ سارن وڏن وڏن نالن به هنن لکڻين کي ساراهيندي، فونن تي داد ڏيندي واڄٽ وڄائي ڇڏيا. سوچيندو ضرور هيس ته ٻيلي مون جيڪا ٻولي پڙهي آ سا لکي اٿم، ڪو وڏو ڦاڙهوته ڪونه ماريو اٿم. هروڀرو جو همراهن کڻي پُڇ ٻَڌي مَهرِي ٺاهيو آ، باقي ڳالھ ۾ ڪجھ ڪونهي. ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيءَ کن لاءِ توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي، ۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق. هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن. پر مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. هونئن به ڪير پيو پِيريءَ ۾ زالن جا سُهما سهندو. يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو.باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيءَ ڏِس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو.
    سو ٻيلي جيڪر مونکي ڪير ليکڪ ٿو مڃي ته پوءِ مونکي توڙي انهيءَ کي اهو مڃڻو پوندو ته منهنجو استاد بدر ابڙو آهي، جيڪر انهيءَ سال بدر مون وٽ نه اچي ها ۽ جيئڻ جو اتساھ ڏيڻ ۽ هينئين جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ لکڻ جي صلاح نه ڏئي ها ته نه اوهان منهنجيون لکڻيون پڙهو ها نه لکان ها، پر الائي ڪڏهوڪو قبر ڀيڙو ٿيان ها ۽ هيستائين هڏا به هوند ڳري وڃن ها.

    امير بخش شر


    آتم ڪٿا

    1

    وڏڙا چوندا هُيا ته مون اميري حَياتيءَ جو پهريون ساهه هڪڙيءَ جُهوپڙيءَ ۾ کنيو هُيو.اها جُهوپڙِي موجودہ تعلقي سنڌڙيءَ جي ديھ بي کيراهو ۾ سنڌ جي اڳوڻي حڪمران خاندان جي پويَنرن مان هڪڙي مير تاج محمد ٽالپر جِي سڏجندڙ وڏيءَ زمينداريءَ واري “ڇَنَ ڳوٺ ” تي آباد هارين جي سئو سوا سئو کن جُهوپڙين مان هڪَڙي مسڪين هاريءَ، اڪبر جي هئي. جنهن کي عام طور تي ڳوٺ جا ماڻهو اَڪُو سڏيندا هيا، ڪي ڪي وڏڙا ته وري کيس اَڪُ به چوندا هيا.جيڪو انتهائي غريب، مسڪين، يتيم۽ پراوَن دَرن تي پَلجِي، پاروٿا ٽُڪر کائِي، مَچِي مُڙس ٿيو هيو.
    ڳالهه ڪَندا هُيا ته تنهن زماني ۾ اسان جي موجوده ڳوٺ کان اُتر طرف، سڏ پنڌ تي هڪ ننڍڙو شهر نالي“ سمون جوڻيجو” آباد هوندو هيو. جنهن ۾ کوڙ سارن ڀائيبندن جا هَٽَ هوندا هيا، دنيا جهان جي سِيڌي سامان جو هرهڪ وَڙُ انهن هٽن تان سودي سگهبو هيو.جنهن شهر جو مُکي سيٺ واڌو مَل، هَرِ آئي وَئي جي آڌرڀاءُ ڪري، غريبن، مسڪينن۽ مُحتاجن جي واهُر ڪري سُڪون محسوس ڪندو هُيو.شهر ۾ مسلمانن جا صرف ٽي گهر هوندا هيا. جن مان هڪڙو شرن جو، هڪڙو ڪنڀارن جو۽ هڪڙو مغلن جو هيو. باقي جملي آبادي ڀائيبندن جي هُئي .1943 ڌاري شهيد سورهيه بادشاه پاران شروع ٿيل وطن جي آزادي واري تحريڪ دوران شهيد سورهيه بادشاھ جي گرفتاريءَ کان پوءِ، تحريڪ پنهنجي سِر جڏهن هلڻ لڳي، تڏهن حُرن جي آڙ ۾ عام ڦورن هِن شهر ۾ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا، حُرن جي آڙ ان ڪري ٿو چوان جو اُن وقت سمي جوڻيجي جو فرزند دين محمد جوڻيجو وڏيءَ هليءَ چليءَ وارو هوندو هيو، ۽ پڻ سورهيه بادشاھ کي تمام گھڻو ويجهو به هوندو هيو، هاڻي جي لَڌل برٽش لائبرريءَ وارن خطن موجب سورهيه بادشاھ جيل مان سپرٽنڊنٽ معرفت وقت جي سرڪار کي ساڻس دين محمد جوڻيجي سان ملاقات ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. ان ڪري اهو يقين ٿو ڪجي ته حُرن دين محمد جوڻيجي جي والد پاران جوڙايل هن شهر ۾ ڪا به واردات ڪونه ڪئي هوندي. تڏهن انهيءَ روز روز ڦُر ڦُران ۽ ڌاڙا گرديءَ جي سورن کان اول اول ڀائيبند مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀَڳا ۽ اهڙا ڀَڳا جو وطن جا وڻ ئي ڇڏي ويا، باقي رهيل مغل مسلمانن جو گهر مير پور خاص لڏي ويو جن جي پونيرن مان غلام حسين شيزب، جهانگير مغل ۽ ايم پي اي خّير النساءِ آهن ۽ ٿورڙن سالن بعد چئو ڦير سُڃ ئي سُڃ کي واڪا ڪندي ڏسي ۽ گدڙن جي اوناڙن کان تنگ ٿي ،شر ۽ ڪنڀار جا ٻئي گهر موجودھ ڳوٺ جي جاءِ تي، ميراڻيءَ زمين تي، مير صاحبن جي اجازت سان، واريءَ جي وڏي دڙي تي پنهنجا جُهوپڙا اڏي اچي آباد ٿيا. تيستائين هندستان انگريزفيل مست وارو هندستان به ڪونه رهيو هيو ، سندس ڪُک مان مذهبي مت ڀيد جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان نالي ٻه نوان ملڪ جنم وٺي چڪا هيا. انگريز فيل مست پنهنجا ٽپڙ گول ڪري پنهنجي ديس روانو ٿي چڪو هيو، اوڙي پاڙي ۾ واڻڪي بلي ڀائِي ۽ دٻدٻو به بيهجي چڪو هيو. پئسي ۾ پُرِ واڻين جي جاءِ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي مسلمانن پئي ڀرِي، باقي گھڻي ڀاڱي هندستان مان آيل مسلمين ڀائر هر شيءِ جا وصي وارث ٿيو پئي آيا.ايئن پئي لڳو ته سنڌي واڻين جون ملڪيتون پريان کان ئي سندن نالي لِکجي چڪيون هيون. نڪوئي هتي جي رهاڪن کي به اندازو هيو ته واڻيا ڪي هميشھ لاءِ ٿا وڃن.
    چون ٿا ته تن ڏينهين منهنجو نانو عرس خان ۽ ڏاڏو کٿوريو خان، ميراڻيءَ زمين پوکڻ سان گڏوگڏ مُکيءَ واڻئي جو به هارپو ڪندا هيا، الائي ته سيٺ مُکي ويندي ويندي سرڪار کي لکرائي ويو هيو ، يا ڪو ٻيو سبب هيو،جو ڏاڏي ۽ ناني کي مختيارڪار جي آفيس جو سڏ ٿيو، مڙسن کي پهريائين ته ڊپ ۾ سيئو تپ اچي چڙهيو، نيٺ ٻئي ڏينهن، ٻئي ڄڻا تپ ۾ هُڙڪندا، کَٿا اوڍي وڃي مختيارڪاريءَ ۾حاضر ٿيا. سرڪاري حڪم مِليُن ته اوهان جو سيٺ وطن ڇڏي ويو آهي، هاڻي اها زمين اوهان کي ڏجي ٿي.همراھ لِيلڙاٽيون پائي وڃي مختيارڪار جي پيرن تي ڪريا، چئي صاحب! تون اسان کي نيمڪ چور نه ڪر. اسان سڄي ڄمار مُکي مل جو نيمڪ کاڌو آ، اسان ڪڏهن به سندس ٻنيءَ جا ڌڻي ڪونه ٿينداسون. جنهن کي وڻئي تنهن کي ڏئي ڇڏ. رڳو هارپو ڏجانءِ ۽ هينئر به اسان کي موڪل ڏي ته گهر ڀڄون.
    اسان جي موجوده ڳوٺ جي آس پاس جون گهڻيون تڻيون زمينون سنڌ جي اڳوڻن ٽالپرحڪمرانن جي چوياريءَ مان هڪ يارَ، مير ٺاري خان ٽالپر جي پوٽي يا پڙ پوٽي مير تاج محمد خان جي جاگير جو حِصو هُيون. سندس والد مير غلام حيدر ٽالپر جي ننڍپڻ ۾ گذاري وڃڻ سبب اُهي زمينون انگريز سرڪار نيلاميءَ ذريعي مقاطعن تي ڏيندي رهندي هئي، ۽ مير صاحبن کي اها مقاطعي جي رقم موڪليندي رهندي هئي. ميرن جي زمين ۾ موجوده ڳوٺ جي واريءَ جي دَڙي واري سروي نمبر ۾ انهيءَ گھرن واري دڙي کان سواءِ باقي سموري زمين آباديءَ لائق هئي، جيڪا منهنجو ڏاڏوکٿوريو مرحوم آباد ڪندوهيو. نئين ڳوٺ ۾ آباد ٿيڻ جي سال ٻِن اندر يعني پاڪستان ٺهندي ئي ڏاڏو کٿوريو،جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن اوچتيءَ بيماريءَ سبب راه رباني وٺي ويو. ٻروچڪي رواج موجب ڏاڏيءَ جا عزيز کيس زبردستي پاڻ سان گڏ نوابشاھ لڳ سٺ ميل وٺي ويا هيا ۽ ٻه معصوم ٻارڙا پنجن ورهين جو بابا ۽ چئن ورهين جي پُڦيءَ کي هتي ئي الله جي آسري تي ڇڏي ويا هيا ، جيڪي اوچتا نِڌڻڪا ۽ ڇورا ڇنا ٿي پيا . تڏهن ڏاڏي کٿورئي جي غريباڻي گهر کي به جهڙوڪر ڊنگهر اچي ويو هيو .ٻئي معصوم ٻارڙا ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي رُلندا وتندا هيا.جيئن ته سندن ويجهڙو ۽ رَتُ جي رشتي وارو ڪوئي عزيز هِن دنيا ۾ڪونه هيو جيڪو کين سنڀالي، تعليم ۽ تربيت جو بِلو ڪري. تعليم ۽ تربيت ته پري رهيا پر پيٽ گذر به سندن لاءِ وڏو مسئلو ٿي پيو هيو. هونئن به هڪ چوڻي آهي ته ڇورو ٻار بي زورو هوندو آ. اُن ڪري هي ٻارڙا به ڪڏهن ڪڏهن برادريءَ جي خوشيءَ غميءَ ۾ ايندڙ يا ويندڙ عورتن سان گڏ هنڱورني، ولواريءَ ۽ تگوسر تائين ايئن ئي پويان لڳا هليا ويندا هيا.
    بابا ڳالهه ڪندو هيو ته اُن زماني ۾ شادين تي شاميانا لڳرائڻ جو رواج ڪونه هيو.ڪاڄَ کان مهينوکن اڳ راڄَن جون ڇيڙُون ڪري ڪاٺَ جي ٿُوڻين تي ڪکن جا ڇپر ٺاهبا هيا، جنهن کي ڇَنو چوندا هيا. اهڙيءَ ئي هڪڙيءَ نه ڄاڻ ڪنهن جي شاديءَ ۾ ٻَئِي ڇورا ڇِنا ڀاءُ ڀيڻ، بمشڪل ستن ۽ ڇهن ورهين جي ڄمار ۾، مَتل شر جي ڳوٺ ۾، جيڪو بان واھ جي نئين موريءَ کان اتر طرف، وڏيري سادي راڄڙ جي ڳوٺ سان لڳ آهي. اُن ۾ شادي جي ڇَني ۾ اچي ويٺا سين. اُن رات تمام گهڻو سيءُ هيو، ڇني ۾ گنب ڀت جهڙي ماني به ته وڏين ڇِڙٻن سان مِلي هئي، پر ڇَٺيءَ جي ڇورن کي هَنڌُ بِسترو ڏيڻ وارو ڪير به نه مِليوهيو. نيٺ سيءَ ۾ سُڙڪندي، ڇَني جي وچ ۾ بيٺل گهاٽي سرينهن جي وڻ هيٺان رَکِيل، ڦُٽين جي خالي بَرڪِين کي مٿان وجهي سُمهي پيا هُياسين. اُن رات اسان جي ڪَسمپرسيءَ،مسڪينيءَ۽ يَتيميءَ جهڙي حالت برادريءَ جي جملي وڏڙن توڙي جوانن پئي ڏٺي. ڪن اسان جي حال تي، نڪ تي آڱريون گَهي توبهائون ٿي ڪيون ته وري ڪِن ٿڌا شوڪارا پئي ڀريا. مُبادا ڪنهن مَشوري سان يا انساني همدرديءَ خاطر، صُبح جو ماني کائڻ بعد عُرس خان، ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي سَڏي گهوڙيءَ تي پاڻ سان گڏ ويهاري، پنهنجي مرحوم پيءُ جي پراڻن پَڊڙن تي آندو هيو.جِتي هاڻ عرس خان جي گهر ۾ رهڻ لڳا هياسين. هُن شريف النفس انسان اُن سال ئي مون کي اَٺَ آنا في ڍور جي حساب سان ، پاڙي وارن جا ڍور چارِڻ جي ڌنڌي سان لڳايو. جيتوڻيڪ ست سال مال چارِڻ جيڏي عمر ڪانه هُئي ،پر ٻين ڌَراڙن جي مدد سان پنهنجي ڳوٺ وارن جو مال چارِڻ شروع ڪيُم.ڀيلاڙن جي ڏينهن ۾ ڦُٽين جا چُونڊا ڪري شام ٽاڻي ڪنهن دوڪان تي اهي ڦُٽڙيون وڪڻي ،ننڍڙيءَ ڀيڻ لاءِ کوڙ سارِيُون شيون وٺي ايندو هُيس .
    مرحومُ ٻڌائيندو هيو ته آرهڙ جي جهولن ۾، ڪڏهن ڪڏهن ،وڻن جي ٿڌڙين ڇانَوَنِ ۾ ويهندي ئي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ ڍور وڃي، اوسي پاسي جي فصلن ۾ پوندا هُيا . يا اڃان سيڙهي تي ئي پُڄندا هيا، ته ٿوريءَ گهڻيءَ ڀيلَ تان به وڏيرن جا ڪمدار ۽ واهيِ ڏاڍيون مارُون ڪَڍندا هُيا. ڪي ته اهڙا ظالم هوندا هُيا جو ڪانڊيرا وڍي انهن تي پيرن اُگهاڙو هَلرِ جيان هَلرائيندا هُيا. ڪانڊيريءَ جا سونهري ۽ ننڍڙا ڪنڊا پيرن ۾ چُڀندا ويندا هُيا ته تمام گهڻيون رڙيون ڪندو هُيس. ان وقت مرحيات کٿورئي جي هن يتيم ۽ اڪيلي پُٽ جون بيوسيءَ واريون رِيهون ٻُڌي، اوسي پاسي جي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري ناري ٽيڏيءَ اک سان ڏسي، ڪمدارن ڪاراون جي ڊپ ۾ وري هيٺ ڪنڌ ڪري پنهنجي ڪرت سان لڳل رهندا هيا. ڪو به هاري ،مون يتيم کي ڪِيهون ڪندي ٻُڌي ڪمدارن کي رحم جي لاءِ نه چوندو هيو. ۽ جڏهن شام جو پيرن ۾ ڪانڊيريءَ جي چُڀيل ڪَنڊن سان سور ۾ ٻَرندو ،پَٻَن تي يا کُڙين تي جيئن تيئن هلي، گهر پهچندو هُيس. تڏهن ننڍڙيءَ ڀيڻ ڏي ڏِسي، ڏينهنَ جو وڏيرن جي ڪمدارن۽ واهين هٿان مليل مارُن ۽ دانهن ڪوڪن سان ڀوڳيل عذابُ ياد ڪري روئي پوندو هُيس . ۽ پوءِ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ، لالٽين جي جهيڻي روشني ۾ روئيندي روئيندي، پيرن مان سُئيءَ سان سنهڙا ڪنڊا کوٽي ڪڍندا هُياسين .اِيئن پيرن مان ڪنڊا کوٽيندي، لالٽين جي ٿڌڙي روشنيءَ ۾، جهوپڙيءَ نما گهر جي ڇيڻي جي ڀورِ واري اڱڻ ۾، ٿڌڙي هوا جي جُهوٽن تي، ٻنهي کي الائي ڪيڏيءَ مهل ننڊ وٺي ويندي هُئي. ڪڏهن، ڪنهن، مٿان ڪا رَلي وِڌي يا نه وِڌي، رات گذري ويندي هُئي. اُن وِچ ۾اَسان ڀاءُ ڀيڻ جي حال تي رَحم کائِي، برادريءَ جي چڱن ماڻهن، هڪ ٻه ڀيرا سٺ ميل ( نوابشاھ) تائين پنڌَ ڪري، امڙ (منهنجيءَڏاڏيءَ) جي عزيزن کي مَڃائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو به هيو“ ته کٿورئي غريب جي گهر کي ڊنگهر اچي ويو آهي،سندس معصوم ٻچڙا در بدر پيا ٿين ،هيڏانهن ماءُ جي مامتا به پئي تَڙپي،ٻنهي جي حال تي رحم کائِي، ٻچڙن جي ماءُ کي اجازت ڏيو، ته هلي مُڙس جي ڪکن ۾ ويهِي، ٻچڙا پالي،يا جي ايئن نه ٿا ڪريو، ته ٻچڙا هِتي ئي گڏ رهائِڻ جي اجازت ڏِيوس. ته جيئن نه ئي معصوم ٻارڙا در در جون ٺوڪرون کائن ۽نه سندن ماءُ ئي جهوريءَ ۾ جهڄندي وتي.
    اڳيان امڙ(ڏاڏيءَ) جو ڀاءُ ، مامو حسين بخش، بنهي ڏِنگو ماڻهو ۽ بلا ڳالهائُو هُيو،ڳالهيون ڪندا هيا ته مڙس کي وِڄَ جا پاڻي هُوندا هيا . تنهن مڙس، هتي جي لنگهي ويندڙ سمورن راڄ وارن کي جي ڳالھ کي ڇنڊي کين کُتو جواب ڏيندي چيو هيو، ته هائو ادا اوهين سچا هوندئو!!! پر ننڍي نيٽي ڀيڻ آئون بنان ڪنهن آسري جي ڇڏيان ته وڃي ٻچن تي ويهي، ايئن ٿي نٿو سگهي، جيڪر اوهان راڄ وارن کي کٿورئي جي ٻارن جو ايترو ئي خيال ٿئي ٿو ته ٻه سَڱَ ڏيئي، نينگري مون کان پرڻائي وٺي وڃو، باقي ايئن نه ڀيڻ موڪليندس نه ئي ٻار رَکندُس . هڪ ٻه سال تائين ڳالهين جا اُهي سلسلا هلندا رهيا ،ان دوران عُرس خان جي ٻي گهر واري به گذاري وئي هئي.
    بابا ٻڌائيندو هيو، ته اُن دوران برادريءَ جي وڏڙن طيءِ ڪيو، ته امڙ( منهنجي ڏاڏيءَ) جو سَڱ عرس خان سان ڪرائجي، اُن ڪري منهنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ ( پڦيءَ)۽ ناني گل حسن جي ڌيءَ جا ٻه سَڱ باسي ، امڙ (ڏاڏيء)َ جو سڱ عُرس خان لاءِ ورتوويو . جيڪا عرس خان جي ٽين شادي هئي، سندس اڳيون ٻئي گهر واريون گذاري ويون هيون. تڏهن اسين ڀاءُ ڀيڻ ڏاڍا خوش ٿيا هياسين ،ورهين جي وڇڙيل امڙ جڏهن اسان کي، اهڙي ننڌڻڪي حال ۾ڏٺو، ته جِهڄي پئي، پوءِ روئيندي روئيندي ،اسان جا مهينن جا ليڙون ٿيل، مَرُ ۾ ٿَڦيل ميرڙا ڪپڙا ڌوتائين،اسان جي جسمن تي اُڀري آيل، مَلي جي ڦُرڙين تي مينديءَ جا ٿڌڙا پَها رکيائين ،اسان جي وارن مان جُوئُون چونڊي ماريائين ،راتين جو پنهنجيءَ ڪوسيءَ ڪَڇَ ۾، مٺڙيون لوليون ڏيئي سمهاريائين، ته اسان ڀاءُ ڀيڻ جا سالن جا سمورا ٿڪ، هڪ لحظي۾ لَهِي پيا. امڙ، صبح جو سويل اُٿي، منهنجي ڍور کولڻ کان اڳ، مانيءَ جو ڍوڍو پَچائي،مَهِيءَ جي وٽي سان اڳيان رکندي هُئي،منجهند جو ٻنيءَ تي ايندڙ ڪنهن هاريءَ ناريءَ هَٿان ،ڳُڙ جي ڳنڍِ سان ماني موڪلي ڏيندي هئي. تڏهن آئون واٽر جي ڪَپر تي ويهي، ڳُڙ سان ماني کائي، ڪنهن بيٺل دُٻي، يا وهندڙ واٽر مان پاڻي پِي، ڏاڍو خوش ٿيندو هُيس.بقول بابا جي سندن اهي خوشيون، ٿورڙن سالن تائين هليون هُيون.ڏاڏيءَ کي، عُرس خان مان هڪڙي ڌيءَ پيدا ٿي، جيڪا اڃان ڇهن ورهين جي ڄمار کي پهتي هئي، ته هڪ ڏينهن ماني پچائيندي چُلهه مان اٿيل چڻنگ اچي ڏاڏيءَ جي ڪپڙن تي ڪِرِي ،جيستائين ڏاڏي پاڻ سنڀالي ،باهه وسائڻ جي ڪَري ،ايستائين باهه ڀڀڙ ٿي چُڪي هُئي،گهڙيءَ پلڪ ۾ ڏاڏيءَ جو جسم سڙي خاڪ ٿي چُڪو هُيو.تن ڏينهن گورن جي صاحبي تازي تازي ختم ٿي هئي، قانون کي اڃان قانون سمجهبو هيو،اڄڪلھ واري ڪار ڪونه ٿي هئي. سو ڏاڏيءَ جي سڙي فوت ٿيڻ جي ڪري، ڳوٺ ۾ تمام گھڻو هراس پکڙيو هيو، پوليس جي ڊپ مان هرڪن هندوءَ توڙي مسلمين پنهنجا ڪَنَ لِڪائڻ جي پئي ڪئي.انگريز بهادرپاڻ ته ويو هليو هيو پر پنهنجي پويان قانون اهڙا سخت ڇڏي ويو هُيو، جو شينهن ٻڪري ساڳئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا هيا،ٿوري گھڻي قانون جي ڀڃڪڙيءَ تي سُڪن سان گڏ ساوا به لُوساٽجي ويندا هئا.
    بابا ٻڌائيندو هُيو ته جڏهن سندس امڙ باھ وگهي سڙي، هيءُ جهان ڇڏيو هيو، اُن سال سندس جوانيءَ جا ڏار پي ڦُٽا ،کيس مُڇن جي ساوڪ هُئي ، ماڻهو پوليس کان ڏاڍا ڊڄندا هيا، بابا جي امڙ جي سڙي فوت ٿيڻ جهڙي اڻ ٿيڻي واقعي جو ڪاٺڙيءَ جي پوليس ٿاڻي کي اطلاع ڪرايو ويو،گڏوگڏ هڪڙو ماڻهو، مير تاج محمد ڏانهن به ڀلي گهوڙي تي ڊوڙايائُون، ته جيئن مير تاج محمد ، پنهنجي زمين تي آباد غريب ڳوٺ وارن کي پوليس جي قهر کان بَچائي سگهي. ٿاڻي تي رپورٽ لکائڻ بعد ،گھڙِي نه گُذري هئي جو، گورکوجمعدار ٻن سپاهين سان گهوڙن تي اچي موقعي واردات تي وارد ٿيو هيو، ڳوٺ وارن تي هڪل هاهوڙ ۽دڙڪا دهمان شروع ٿي ويا. ان ڏينهن غريب ڳوٺاڻن جي رونءَ رونءَ ڏڪڻ لڳي هئي.بابا ٻڌائيندو هيو ته پوليس وارا، گهڙيءَ گهڙيءَ مونکي ٻاهر ڪڍي، وَڃيِو پُڇا ڪن ته، ٻڌائه ڪنهن تنهنجي ماءُ کي باهه ۾ اُڇليو؟ تون رڳو ڪنهن نه ڪنهن تي بِيھُ، پوءِ ويٺو ڏِسُ اسان جا قانون. بقول بابا جي ڳالھ ۾ ڪجھه هُجي ها، ته آئون به ڪنهن تي بيهان ها، اُن ڪري هر گھڙيءَ منهنجو روئيندي روئيندي کين جواب هُجي ته منهنجي امان کي ڪنهن به ڪونهي ساڙيو، هوءَ ويچاري پاڻهي سڙي آهي . اُن هوندي به پوليس وارن سڄو ڏينهن نه لاش کي هٿ لائڻ ٿي ڏنو ۽ نه دفنائڻ ٿي ڏِنائون ، سڄو ڏينهن مشير ناما ۽ بيان لکندا رهيا. ۽ آڏيون پُڇائون به ڪندا رهيا. تڏهن شام ڌاري ڪرڙ خان، ڀلي گهوڙي تي مينهن واءُ ڪندو، گورکي جمعدار لاءِ مير تاج محمد جو خط کڻي آيو هيو ، خط ڇا آيو هيو، ڀانءِ ته تپي ٽانڊا ٿيل، گورکي جمعدار جي هيانءَ تي ڪو بنهي ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو پيو هيو ۽ خاموشي سان پوليس وارن کي وٺي، پويان پير ڪيا هيائين. ڳالهه ڪندا هيا ته ان زماني ۾ مير تاج محمد ٽالپر جي وڏي هَلندي پُڄندي هُئي .انگريز سرڪار کانئُن ميرپورخاص جي حڪومت ڦُري ،کين معمولي جاگيرون عطا ڪري ،معمولي وظيفا مقرر ڪري خوش رکيو ويٺي هُئي. ته نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ۾ به سندن دٻدٻو اهو ئي هيو،علائقي ۾ مير صاحب جي مَدِ مقابل ڪوئي ،ڊِنگُ يا خانِ خانان ڪونه هوندو هيو.چور چَڪار ،چڱا مَٺا سندس دَرَ جا سلامي هوندا هئا.مير صاحب جڏهن به جاگيرون گُهمڻ ايندو هُيو ته سندس ويهڻ لاءِهِڪَ سُهڻي کٽ ۽ نئين نڪور بستري جو بندوبست ڪري کيس ڪنهن وڻ هيٺان ويهاربو هيو.باقيِ خداجي مخلوق زمين تي ويهندِي هُئي.سچ ڪوڙ جي پَرکَ اها هوندي هئي جو جنهن به ماڻهوءَ کان ڪا لِڪَ چوريءَ واري ڳالھ پُڇڻي هوندي هُئي يا جهيڙي ڦڏي ۾ارڏائيءَ، اڳرائيءَ جو قَسمُ وٺڻو هوندو هيو، ته کانئس مير صاحب جي کٽ تي هَٿُ رَکائي ڳالهه پُڇبي هُئي. ڇا جا سُنهنَ، ڇا جِيُون ساکُون ،؟؟.اڳلو مير صاحب جي کَٽ تي هَٿُ رَکِي اندر ۾ لِڪايل جملي حقيقت اوڳاڇي وِجهندو هيو. اهو هوندو هيو ايمانداريءَ جو انوکو مثال. هاڻ ته حالت اها آهي جو مُڙس اڳيان چوريءَ جو مال کنيو وڃن،پويان چڱا مَٺا ڏسندا وڃن، ته به روڙيو وڃيو قرآن ۾ هٿ وجهن.
    سو ڳالهه پي ڪيم ڏاڏيءَ جي سڙي فوت ٿيڻ جِي ، پوليس جي ريڙه پيڙه جي ڪري پهريون سج لهي ويو، ڳوٺ ۾ نه ڪنهن رڌو نه پڪو، ٻئي ڏينهن ڏاڏيءَ مرحومه جو مڙھُ، چِٽوڙيءَ جي تاريخي قبرستان ۾ ،شيرِ سنڌ، مير شير محمد ٽالپرجي عاليشان مقبري جي اُتر طرف، چند قدمن جي مفاصلي تي ڏاڏي مرحوم جي قبر لڳ دَفنايو ويو هيو. جيڪا قبر به ڏاڏا جي قبر جيان ڪجهه سالن بعد ميسارجي مٽيءَ برابر ٿي وئي. پوءِ بابا کي به انهن قبرن جي جاءِ ۽ نشان به ياد ڪونه رهيا هيا.گھڻو پوءِ تائين به هر سال نائين محرم تي بابا خود، توڙي آئون ڪڏهن ڪڏهن چِٽوڙيءَ جي قبرستان ٻاهران بيهي چار قُل پَڙهِي کين بخشي هليا ايندا هُياسين. باقي قبرن جو ڪو اتو پتو ڪونه هيو ته ڪهڙيون آهن.
    ڏاڏيءَ سان عُرس خان جي شادي ٿيڻ وقت سندس ٻه زالون گذاري چُڪيون هيون. کيس پهرين گهر واريءَ مان هڪ پُٽ محمد رمضان ،ٻي گهر واريءَ مان هڪ ڌيءَ ۽ هاڻي ڏاڏيءَ مان به هڪ ڌيءَ ٿي. ڏاڏيءَ جي گذارڻ بعد عُرس خان جي ٽن ٻارن ۽ کٿورئي جي ٻن ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ ڪا به وڏڙي نه هُئي. ٻار به هاڻ جوان ٿي رهيا هُيا،عُرس خان پنهنجي ٻيِءَ گهر واريءَ مان ٿيل نياڻيءَ جو نڪاح بابا سان ڪرڻ جو رِٿيو .اُن وقت اوڙي پاڙي جي عام ماڻهن عُرس خان جي انهيءَ فيصلي کي تمام گهڻو ساراهيو هيو،ڇاڪاڻ ته هڪڙي يتيم ٻار کي پنهنجي گهر ۾ رهائڻ ۽ پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏِيَڻُ وڏي دل گُردي جو ڪم هُيو.جيڪو هرڪنهن ماڻهوءَ يا جهڙي تهڙي جي وَس جو ڪم به ڪونه هيو.
    بابا ٻُڌائيندوهُيو ته غُربت جو اهڙو حال هُيو جو، کيس سندس شاديءَ جي ڏينهن، پائڻ لاءِ بافتي جو پراڻو وڳو هُيو ،پراڻِي چَتيون لڳل جُتي هُئي،شلوار ۾ سوتليءَ کي وَٽي اڳٺ ٺاهي وِڌو هُيائين.ڏاڏاڻي آڪھ مان نه هيو چاچو،نه مامو،نه ڀاءُ نه ماءُ ،بس ٻن ننڍڙين ڀيڻُن خوشيون پئي ڪَيون. غريب جي خوشي به ڪهڙي هُئي نه ميندي نه موڙھ ، معصوم ڀينرن جا ٻاتڙن ٻولن ۾ ٻه چار ڳِيچ، پرائي گهران گهڙي پلڪ لاءِ جنسي وٺي ٻانهن ۾ ٻڌل ڳانو۽ موڙه هيا، بس، رڳو مُلو گهرائي، نڪاح پڙهايو هُيائون .
    ابي مرحيات جي چوڻ موجب شايد اهو پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھ سال اڳي جو ئي زمانو هُيو ، جو ميرتاج محمد ٽالپر صاحب جون ڇَن واريون هي زمينون ، ديھ کپريِءَ جي ٻن واڻين، سيٺ چڻي مل ۽ سيٺ ڪاري مل مقاطعي طور، ڏھ روپيا في ايڪڙ ورتيون هُيون ، رگهو مينگهواڙ به کِپريِءَ جي انهن واڻين جو اُتي کپريءَ ۾ ڪو ڪمدار ڪارائو هيو جو واڻين جي اچڻ وقت هو به پنهنجي سموري ويڙهي سميت انهيءَ سال هن پَٽ ۾ آيو هيو ۽ موجوده ڳوٺ جي اوڀر طرف،سليمان شاهه جي قبرستان لڳ، دڙي تي موجود ديوين جي گهاٽي جهنگ ۾ ڪچا گهرڙا ٺاهي اچي آباد ٿيو هُيو. ۽ اُهي انگريزن جي حڪمرانيءَ جا پڇاڙڪا سال هيا، ۽ فيل مست جي مستيءَ کي سنڌ ۾ سورهيه بادشاھ ٽوٽا چٻائي چڪو هيو. شايد اهي شهيد سورهيه بادشاھ ۽ انهيءَ سرفروش حُرن پاران هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪ جا پڇاڙڪا ڏينهن هُيا، سورهيه باد شاھ جي گرفتار ٿيڻ بعد، حُرتحريڪ جي سرواڻيءَ ڪرڻ لاءِ ڪو به نالي وارو ماڻهو ظاهري سرواڻيءَ لاءِ ڪونه رهيو هيو، تڏهن ٽڙيل پکڙيل حُرن جي تحريڪ جي گمنام ۽ روپوش ڪمانڊرن جي حڪم تي حُر فقيرن، پويان پساھ کڻندڙ،انگريز سرڪار سان ٽَڪر کائڻ سان گڏو گڏ ،علائقي جي انگريزن سان ٻِٽُ مقامي ماڻهن تي به راتاها هڻڻ شروع ڪيا هيا. ايئن آزاديءَ جي تحريڪ جي ڏوهاري ۽ انگريز جي وفادار مقامي هندن توڙي مسلمانن، مطلب ته سُڪن سان گڏ ڪيئي بي ڏوھ مقامي ساوا به لُوساٽجڻ لڳا هيا . جن ۾ اڪثريت هندن جي هئي، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو مسلمان به هوندو هيو. جن تي حُرن کي شڪ هوندو هيو ته اهي پنهنجن سُکين سَنهنجن سيٺين جي معرفت گورن وٽ سندن مخبري ٿا ڪن. ماڻهو چوندا هيا ته شايد رُگهي مَل جي سيٺيِن جي، انگريز فيل مست سان به ڪا چڱي موچاري راهي پوکي هئي، جنهنڪري حرن فقيرن کي رگهي مل تي به پڪو پڪو چُغلپائيءَ جو شڪ هيو، جنهن جي ڪري ئي حُرن جي ڪن ٽولن، ٻه ٽي ڀيرا رُگهي مَل جي ويڙهي تي هلائون ڪري ڦُرون ڪيون به هيون. ته گڏوگڏ ڪافي ڀيرا هُن جون واٽون جهلي ، گهات هڻي رگهي مل جي سِرَ وٺڻ جا به جتن ڪيا هيا. پر ڪاڪي ر(گهي جو ڪو لولو اگهاڻل هيو يا ڪي پِير زور هيس جو هر ڀيري هو بچي ويندو هيو. جيتوڻيڪ ٻه ٽي ڀيرا حُرن هٿان ڦُرجڻ ۽ سِر وٺڻ لاءِ گهٽ جهلجڻ باوجود به حُرن کان بچي نڪرڻ تائين ته رُگهو مَل ٺُپ ڪونه ٿِڙيو هيو ،پر جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو، ۽ مذهب جي نالي تي هڪڙي ملڪ مان ٻه ملڪ ٿيا ، ته مقامي مالدار واڻيا ۽ ٻيا سُکيا هندو، به ڌڙاڌڙ هندستان ڏي ڀڄڻ شروع ٿيا ، سمي جوڻيجي جو شهربه خالي ٿي ويو، واڻين جو دٻدٻو به هوريان هوريان گَهٽبو ختم ٿي ويو، ته رُگهي مَل کي به پَڊ مَٽائڻ ۽ اُتان ٽپڙ کڻڻ لاءِ هورا کورا ٿيڻ لڳي. سوال اهو هيو ته رگهي مل جي سيٺين ۽ ٻين هڏڏوکين جي راتوواھ وطن ڇڏي هلئي وڃڻ بعد ،هو ويچارو آخر وڃي ته وڃي ڪيڏانهن.؟ ڪير کيس پاڻ سان گڏ ويهاري ۽ ٻرنديءَ باھ ۾ هٿ وجهي حُرن سان ڦٽائي؟ اهڙو اڙٻنگ کيس ڪوئي ڪونه ٿي سُجهيو. اُتي کيس ناني عُرس خان سان رکيل پراڻو دِينپو ياد آيو، جيڪو پڻ هن وانگر ئي غريب مسڪين ۽ ميراڻيءَ زمين تي هر هاري هيو، پر ڏُکيءَ سُکيءَ ۾ آڌيءَ اسر مهل رگهي مل جا ساڻس چڱا پير ڀريل هيا. ۽ هو به هميشھ نه آڌي ڏسندو هيو نه مانجهي رگهي مل جي هڪل تي هٿين خالي هليو ايندو هيو. ايئن رگهي مل جون ڳچ ڏينهن تائين ناني عرس سان لڏو کڻي سندس سانگي سان ويهڻ لاءِ صلاحون هَلِيون ۽ نيٺ هڪڙي ڏينهن، عُرس خان اوڙي پاڙي جو ڳچ ساريون ڍڳي گاڏيون جوٽائي، رُگهي مَل جي سموري ويڙهي کي لڏائي، پنهنجي پاڙي ۾ وٺي آيو جيڪو به ساڳئي ميراڻي زمين تي ئي هيو ۽ اڄ به آهي .شايد ان خيال سان ته عُرس خان شر ٻروچ هُيو ۽ شرن ٻروچن جي پاڙي ۾ ڌاڙو هڻڻ کان مَنَ ته حُر فقير پاسو ڪَنِ ها. يا ٻيا ڏوهاري به ٽارو ڪن ها، پر هتي لڏي اچڻ بعد به عرس خان ۽ رگهي مل جي سوچ ۽ سمجھ مطابق ائين ڪونه ٿيو، پاڪستان ٺهڻ بعد به حُرن رُگهي مَل تي هِتي به هَلائُون ڪيون .پر سدائين سندس پِير زور هوندا هُيا ، يا ڪو ڏِنو آڏو پئي آيس ،الائي مڙس ڪو وڏو سئوڻي هوندو هيو. جو هو هر ڀيري جي حملن کان بَچيِ ويندو هُيو.
    ابو سائين ڳالھ ڪندو هيو ته هڪڙي ڀيري حُرن جو هڪڙو ٽولو ،رُگهي مَلتي هلان ڪري سندس ويڙهي کي ڦُرڻ لاءِ اُتران سمي جوڻيجي جي ڦٽل ڳوٺ وٽان اچي لٿو هيو، هنن پنهنجي مٿان اوڍيل ٻپُڙين اَجرڪن ۾ بندوقُون لِڪائي رکيون هيون، اهو ٽولوميراڻي ڇَنَ جي ٻنيءَ جي پاڻيءَ جي واري تي بيٺل هڪڙي مينگهواڙ هاريءَ کي پريان کان ئي سُونهون ٺاهي اڳيان ڪريو آيو هيو ته اسين عُرس خان شر جا مهمان آهيون ، اسان کي سندس اوطاق تي پهچاءِ!! ۽ جڏهن سادڙو سٻاجهڙو ۽ حرن جي دلبي ۾ آيل مينگهواڙ هاري، عرس خان جي نقلي مهمانن جي اڳيان ٿيو،ڳوٺ جي ويجهو پهچي، عُرس خان جي جهُڳيءَ جهڙي اوطاق طرف مُڙيو هيو، تڏهن فقيرن اجرڪن مان هٿيار ڪڍي ورتا هيا ، ميگهواڙ هاريءَ کي ٻه چار ٿڦڙون هڻي، کڻي اڳ ۾ ڪيو، ته اُٺ جا پُڇ ايڏانهن ڪيڏانهن ٿو هلين؟ اسين عرس ٻُرس جا مذمان ناهيون ، پِڻهين رُگهي جا مذمان آهيون. اسان کي هلي رگهي جو گهر ڏيکار ! اِيئن انهيءَ ميگهواڙ ٿڙڪندي ٿڙندي ،حُرن فقيرن جي انهيءَ ٽولي کي وڃي رُگهي مل جي اوٽي تي بيهاريو هيو. ۽ پوءِ انهيءَ ڏينهن هُنن ميگهواڙن جو جُملي پاڙو،گَھرُ گَھرُ ڪري ڦُريو هيو ۽ رگهي جي ڳولا توڙي پُڇا ڪندا رهيا،تڏهن عرس خان، دينپي جو ڀرم نباهيندي دليريءَ سان حُرن فقيرن وٽ واردات هلندي هليو ويو هيو، وڏي ڳالھ ته رگهو مل انهي ڏينهن سندس گهر واريءَ سوڌو ڪيڏانهن ٻاهر ويندي ،پنهنجو هيڪلو پُٽ بيکو مل، عرس خان جي گهر ڇڏي ويو هيو. سو عرس خان رُگهي مَل جي اڪيلي پُٽ، بيکي کي پنهنجين نياڻين جا ڪپڙا پَهرائي چيچ مان جهلي وڃي فقيرن جي وچ ۾ بيٺو،ته فقيرن رائيفل سيني تي رَکِي پُڇيس “پوڙها ! رُگهو ڏيکار ۽ رگهي جو گهر ڏيکار!! عرس خان وراڻين ته “ فقير رگهي جي گهر ۾ ته پاڻ بيٺا آهيون، باقي رگهو ۽ سندس گهر واري هتي ڪونهن. فقيرن جي وڏي هوا ۾ هڪڙو فائر ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيندي عرس خان کي چيو ته پوءِ جي رگهو گهر ۾ ناهي ته سندس اولادُ ڏيکار؟ ناني عرس خان، رگهي مل جي پٽ بيکي جي مٿي تي هٿُ رکي وراڻيو هيو فقير رُگهي کي هڪڙو ئي پٽ آهي،جيڪو رات کان بنهي گهڻو بيمار هُيو، فجر جو ئي ٻئي زال مڙس ٻئي ڍڳي گاڏي جوٽي کيس علاج لاءِ شهر وٺي ويا آهن ، هاڻ ورڻ وارا هوندا. اعتبار نه اچيوَ ته آئون اوهان جو مسلمان ڀاءُ آهيان ۽ هي ڏسو ته آئون پنهنجيءَ نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي، جهڙوڪر سُنهن ساک سان اها ڳالھ پِيو چوان. عرس خان جي اهڙي اکر تي فقيرن کي يقين اچي ويو هيو ۽ ايئن عرس خان جي انهيءَ ڪوڙيءَ ساک سان، رگهي مل جي اڪيلي پٽ بيکي مل جي حياتي بچي وئي هئي.
    ڳالهه ڪندا هُيا ته اُن زماني۾ گلو ميگهواڙ نئون پَرڻِيو هيو،سندس گهر واريءَ کي تنهن ڏينهن نئون وڳو ۽ کوڙ سارا زيور پَهريل هُئا ،سا فقيرن جي ڀَئوَ کان گهر ڇڏي وٺي ٻاهر ڀڳي هئي ته فقير به پويان ڀڄندا آيا هيس، سامهون ڪجھ ٻروچياڻيون فقيرن جي حملي کان بيخبر، ڳوٺ جي الهندينءَ کوهيءَ تان پاڻيءَ جا دلا ڀرڻ لاءِپئي ويون ، ته انهن جي گَھگَھيلي ويس تي نظر پوندي ئي،فقير ميگهواڙ مائيءَ جو پيڇو ڇڏي، هيٺ ڪنڌ ڪري پُٺ تي موٽي ويا هيا. پوءِ ڳالهيون هليون ته اها سا منجهن ساڃاھ هئي ته ٻروچن جي گهرن کان پاسو ڪرڻو آهي. يا ٿي سگهي ٿو ته منجهن ئي ڪو ٻروچ به حُر فقير به هجي.سا خدا کي خبر ٻي انهن فقيرن کي خبر. پر رگهو مل پوءِ به ڪونه ٿڙيو. نه ملڪ ڇڏي ڀڳو. ڇو جو هو ويچارو وڏي نالي وارو ته هيو پر وڏي مال وارو ڪونه هيو. جيتوڻيڪ وڏي مال وارا ڀائيبند سڀ جا سڀ هلڪي ڦلڪي هلان تي مال مڏيون اڌ ملھ تي هلائي هندستان هليا ويا. پر رگهي مل پوءِ به پنهنجو اباڻو وطن ۽ اباڻا ڪک نه ڇڏيا ۽ اڀري سڀري حال سارو هتي ئي رهيو. جيتوڻيڪ پاڪستان ٺهڻ بعد به انهيءَ رگهي مل پنهنجيءَ سخا ،مروت ۽ آئي وئي جي آڌر عيوض وڏي اوج ڏٺي ۽ پنهنجي پويان وڏو نالو ڇڏي ويو.اڄ به سندس هڏڙا هن ئي مٽيءَ ۾ دفن آهن پر مٽيءَ سان مِلي مِٽي ٿي ويا آهن.اهو هينئر جي سنڌي ماڻهن ٽڪي پئسي جي ڳالھ تي اباڻا ڪک ڇڏي پرائي ديس پڌارڻ وارن لاءِ هڪڙو وڏو مثال آهي.
    ڳالهه ڪندا هُيا ته پاڪستان ٺهڻ بعد حرن جي وارداتن ۾ ڪجهه ٺاپر آئي هئي، پر مير صاحب جون زمينون پوءِ به مقاطعن ۾ ئي رهيون ،اڳ واڻيا مقاطعيدار هوندا هيا ۽ واڻين جي وڃڻ کان پوءِ، هاڻ مسلمانن مقاطعا وٺڻ شروع ڪيا هيا. مير صاحب کي زمينن سنڀالڻ جي ڪا به اُون به ڪونه هوندي هئي، نه ئي ڪا ٻنين جي دنگن دڙن جي ڪَل هئي . بس ڇٺيءَ ڇَماهيءَ ڪنهن دانهن دڙيءَ تي يا شڪار جي شوق سان مير صاحبن جيڪر ڪو ٻنين تان ڀيرو ڀڳوته واه نه ته ٿيو خير. اُونَ به ڀلا ڇو هجي چوندا هيا ته مير صاحب وٽ ايتري دولت هئي ، جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل هيو. چوندا هيا ته اسان جي تر ۾ توڙي هند سنڌ ۾،اها عام خبر هئي ته مير تاج محمد ٽالپر، روزانو صبح جو هِيرن ۾ تورجي ٿو.
    ڳالهه پي هلي بابا جي شاديءَ جي ،غريباڻيءَ شاديءَ کان پنج ست سال پوءِ تائين بابا بي اولادي ئي رهيو، ۽ ٻُڌائيندو هيو ته شاديءَ جي ڪجهه سالن بعد ئي ڳوٺ جا ميگهواڙ توڙي ڪنڀار، صبح جو سوير منهنجو منهن ڏسڻ کان لَهرائڻ لڳا هئا. ۽ اويل سويل سامهون ايندي ئي گَس مَٽي ويندا هيا، ڇاڪاڻ ته مَنجھنِ وهم هوندو هُيو ته بي اولادي ماڻهو معني ته نڀاڳو ۽ نيرانو ڪنهن بي اولادي ماڻهوءَ جي مُنهنِ پوڻ سان اڳلي جا سنئوڻ خراب ٿين ٿا. ۽ اُنهيءَ ڏينهن ڪهڙي به ڪم ڪار تي نِڪرجي ته اهو ڪم ڪار نه ٿيندو آهي. هونئن به پنهنجي سنڌ ۾ ميگهواڙن سميت سمورا هندو قبيلا، ۽ سمورا ٿَري قبيلا سنئوڻن ۽ وهمن۾ اڳ جيان اڄ به سرس آهن.اڻائي سَڻائي پکيءَ جي ٻولڻ تي، گڏه جي هِينگ تي، رَن زال جي سامهون اچڻ تي، پويان سڏ ٿيڻ يا ڇڪ ڏيڻ تي وڏا وهم ڪندا آهن. انهيءَ تان هڪڙي ڳالھ ياد پئي اچيم سا به ڪندو هلان. گهڻو پوءِ 1992 ڌاري حبيب بينڪ ڇور ڇانوڻيءَ جو مينيجر هيس ته ڊسمبر جي ٽارگيٽ ۾ ڪي ٻه چار لک کُٽا ٿي. تن ڏينهين محبت نوهڙي، ڪَس جو نالي وارو بِليڪي هوندو هيو. تنهن سان جو ڳالھ ڪيم ته “ چيائين اٿي منهنجي جيپ ۾ چڙه. پئسن جي لالچ ۾ مون به دير ڪونه ڪئي. رستي ۾ ڳالھ ڪيائين ته حويليءَ جي ڳوٺ ۾ بِليڪ جا کوڙ سارا پئسا هڪڙي ٺَڪُر( نالو وسريم ٿو) وٽ رکيل اٿم سي کڻي ٿا اچون. ايئن هڪلي هوڪاري همراه جي اوتاري تي پُڳاسين، ته مُڙس جو ڏَسُ ٻنيءَ تي پيو. ٻنيءَ تان وڃي جيپ ۾ کنيوسونس، رستي ۾ حالي حوالي به ٿيندا آياسين، همراھ اسان کي اوتاري ۾ ويهاري “ اوهين ٻيسو، هون چانھ نه اوهان جا پئسا لي پَنچان مِنٽان مين آئون ٿو”. ايئن چئي گهر ڏي ويو، ڳچ دير ٿي وئي، چانھ ته آئي پر مڙس موٽڻ ۾ کوڙ ساري دير ڪئي ۽ دير سان ئي جڏهن آيو ته چيائين“ محبتيا ! تان جي امانت سون جهڙي، ڏُڌ مين ڌوئي ڏئيس، پڻ اج ڪو ڏيان”. منهنجي ٻروچڪي رڳ ٿِڙي سوچيم پئسا منهنجي يار جا بليڪ جا ۽ ٺَڪُر بي ايمان ٿي اسان کي مڙوئي پيو سُرمو پارائي. هوڏانهن وري مُحبت هُن جي ڳالھ تي آمين چئي ٽوال ڇنڊي ڪُلهي تي رکي اٿيو ۽ مون کي به اُٿاريائين. رستي ۾ هُن مونکي گهڻو ئي سمجهايو ته سوڍي جا سنئوڻ خراب ٿيا هوندا نه ته هي يڪ سُخنا ماڻهو آهن. پر مون نه مڃيو هيو. واقعي به هن واري ڳالھ سچي ٿي هئي. ٻئي ڏينهن بينڪ کلڻ کان اڳ هو ٽوال جي ٻن ڪُنڊن ٻه الڳ ڳنڍيون ٻڌيو آيو هيو، جيترا محبت جا اوترا سندا پئسا به بينڪ ۾رکي ويو هيو.گڏوگڏ ڪالھ سنئوڻ نه ٿيڻ جي ڪري پرايا پئسا گهر مان نه ڪڍڻ تي معافي به ورتي هيائين.


    2

    بابا ٻُڌائيندو هُيو ته هندستان پاڪستان ٿيڻ وقت واڻين جي لڏي وڃڻ جي ڪري سمي جوڻيجي جو شهر ڦِٽي ويو هيو. انهيءَ ڦٽل شهر جي آس پاس ڪنڊيءَ ۽ ٻَٻُرن جا وڏا وڏا وڻ هوندا هُيا. جيڪي پري کان ڪنهن گهاٽيءَ هُڙهيءَ جي ڏِک پيا ڏيندا هيا. تن ڏينهين اسانجي گهر ۾ غربت بنهي گهڻي هوندي هئي ۽ کائڻ لاءِ رات هوندي هئي ته ڏينهن ڪونه هوندو هيو. آڌيءَ اسر ڏکيءَ سکيءَ ۾ کڻت کڻائڻ وارا واڻيا به ويا هليا. وڏيرن وٽان گهڻو قرضي هجڻ ڪري وروءَ واٽ جو به ڪو آسرو ڪونه هوندو هيو. تنهنڪري انهيءَ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ واندڪائيءَ جي وقت ۾ خاص ڪري رات جو ماما ۽ بابا، ڪهاڙا کڻي هڪ اڌ سگھو موچارو ڪنڊيءَ جو وڻ يا ٻٻر جو وڻ وڍي ٽُڪي ،فجر ڌاري ،ڏاند گاڏيءَ ۾ وِجهي ميرپورخاص روانا ٿيندا هُيا . تن ڏينهين ميرپورخاص وڃڻ لاءِ ڪوبه پڪو رستو ڪونه هُيو، ڪچي رستي تان وڃبو هيو، سَسِتائيءَ جا ڏينهن هُيا، ڪاٺين جي هڪڙيءَ گاڏيءَ مان هڪڙي هفتي جو گهر جو سموروراشن ٿي ويندو هُيو. تڏهن راشن به وري ڪهڙو هوندو هيو؟ ڪڻڪ، جوئر ٻاجهر يا چانورن جو اٽو! ۽ بس ٻيو ڪجھ به نه !!!. تڏهن ٻوڙ ڪنهن گهر ۾ رڌبو ئي ڪونه هُيو. صبح جي ماني لسي مکڻ ۽ مَهيءَ سان ۽ رات جو کير جي وٽي سان کائي اوڳرايون ڏبيون هيون. لٿي پٿي لوڻ کپندو هيو سو به عام طور تي ماڇي قبيلي جون عورتون گڏهن تي کڻي گهر ويٺي پهچائي وينديون هُيون جنهن جي عيوض کَري لٿي کين اَن ڏبو هيو.صابڻ جو رواج ڪونه هُيو ،ڪپڙا لاڻي مان ٺاهيل کار ۾ ڌوپندا هُئا،سا به عام طور ماڇاڻيون ئي پهچائينديون هُيون. ۽ اسان جي قبيلي جون وڏڙيون ته پاڻ به کار ٺاهڻ جون جراح ڪاريگر هونديون هيون. اٺين ڏهين ڏينهن وڏڙيون واٽر جي ڪپ تي ڪُنو چاڙهي ميرا ڪپڙا پاڻيءَ ۾ وجهي، ٻُڪ کن کار جو وجهي باھ تي ٻڙهڪائي، ٿڌي پاڻيءَ مان ڪڍي، نپوڙي سڪائي ڇڏينديون هيون. ٻَنين ۾ ڪڻڪ جي ٻَنَنِ تي سرنهن جا داڻا ڇَٽي ڇڏبا هُئا، ۽ انهيءَ کي ڪُٽي سُٽي گهاڻي تان پيڙائبو هيو ته وارن کي مَکِڻ جو تيل انهن مان ٿي ويندو هيو. ميٽُ ئي اهڙي شئي هئي جيڪا دوڪانن تي ملندي هئي، يا بتيءَ ٻارڻ لاءِ گاسليٽ. بس الله الله خير صلا.
    1959 ڌاري مير صاحب جون زمينون، مختلف مقاطعيدارن کان ڦِرنديون،گِهرنديون قيصر خان راڄڙ وٽ ،اوڻيتاليھ روپيه في ايڪڙ مقاطعي تي آيون هيون. جنهن چونڊڪي جي رهاڪو سيٺ رائت مل سان چارآنا حصي جي ڀائيواري رکِي هئي. هتي اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته ايئن ڀانئبو هيو ته سنڌ مان ورهاڱي وقت ٿيندڙ لڏپلاڻ ۾ چونڊڪي جا واڻيا يا ته بنهي گهٽ لَڏيا هيا، يا ته مورڳو لڏيا ئي ڪونه هيا. سو حاجي قيصر خان راڄڙ جي نئين ڀائيوار سيٺ رائت مل ڳوٺ جي اوڀرندينءَ ڪُنڊ تي، وڏو ڪوٽ ڏياري، هڪڙو دوڪان رکيو هيو. ڳوٺ جي جملي هارين کي سيڌو سامان به اوڌر تي انهيءَ دڪان تان ملڻ شروع ٿيو. اُن سال کان هن ڳوٺ جا جملي ماڻهو قرضن ۾ وڪوڙجڻ شروع ٿيا هيا. چوندا هُيا، ته چونڊڪي جا هي سيٺ اهڙا ته ڏکيا هوندا هُيا جو روزانو ڪنهن نه ڪنهن هاري تي ڪونه ڪو بِلو لکندا رهندا هُيا. پڇا ڪبي هئي ته چوندا هيا، اري بابا تون فلاڻي ڏينهن هَٽَ تي آيو هُئين، ته ڪجهه نه ڪجهه ورتو ضرور هوندئه ني. بس ايئن ڳالھ لئه مِٽي ٿي ويندي هئي. ڪي ته وري کلندي کلندي چوندا هيا ته واڻين جو کنڌي جو بِلو به عجيب هوندو هيو، ٻه روپيا ڏاٺ جي سور جي دوا لاءِ روڪڙا، ته وري ٻين روپئين جي دوا، ته وري ٻه روپين جي شِودارا. مُئا سيٺيا وري لکندا به واڻڪي اکر هيا، جيڪا ڪو به انڌو منڊو پڙهيل يا بنهي گهڻو سنڌي پڙهيل به ڪونه سمجهي سگهندو هيو. اِئين هن ڳوٺ جي جملي هارين جو ڦُٽين جو روڪڙي ناڻي ڏيارڻ وارو فصل ته اڳي به قرضن ۾ زميندارهونئن به کڻي ويندا هُيا، پر هنن رائت مل وارن واڻين جي اچڻ بعد ، چيٽ جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ پيٽ به چئبو هيو، سو به سمورو واڻين وٽ اڳ کڻت ۽ دڪان قرض ۾ ويندو هليو هُيو. موٽ ۾ مڙني کي مِلندو هُيو، هڪ مڻ وِرئو في خاندان . پوءِ انهيءَ هڪڙي مڻ مان ڪنهن عياليءَ گهر جي پوري ٿئِي يا نه ٿئِي ، انهيءَ ۾ نه قيصر راڄڙ جو ڪجهه وڃي نه رائت مل جوڪجھ وڃي . ڪو اُڃيو سمهي يا ڪو بکيو سمهي، رائت مل ڪو ٺيڪو ٻولي ڪونهي کنيو، جو هرڪنهن کي ورئو کان به وڌيڪ ڏئي. ها ڏِبو ،پر حساب ڪتاب سان ڏبو، ڳائي وڄائي مَٿِڪي وٺبي،سا به هيڪوڻ جي ٻيڻ، يا ويندي ويندي ٽيڻ به هوندي، جهڙو ماڻهو تهڙو مُلھ. انهيءَ ۾ قيصر خان جو ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو هيو، نه ئي ڪا خبر چار. رائت مل ڄاڻي ته هاري ڄاڻن.
    سرڪاري ڪاغذن موجب منهنجي جنم جو سال پهرين مئي 1960 آهي .پر مزي جهڙي ڳالھ اها آهي ته آمر ايوب خان جي لاڳو ڪيل زوريءَ تعليم جي قانون ۾ هر اسڪول جو ماستر پاڻ وٽ هڪڙو طفل شماري رجسٽر رکندو هيو، جنهن ۾ ڳوٺ جي جنهن گهر ۾ ڪوئي ٻار ڄمندو هيو ته انهيءَ جي داخلا ڪندو ويندو هيو.ته جيئن ٻار پنجن ورهين جو ٿئي ته زوريءَ تعليم جي قانون موجب کيس اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهارجي ۽ جي ڪو مائٽ ٻار کي اسڪول نه موڪلي ته کيس سزا ڏجي. گهڻي وقت بعد جڏهن پاڻ ئي انهيءَ اسڪول جو ماستر ٿي آيو هيس ته طفل شماري رجسٽر مان پتو پيو هيو ته اتي وري پنجين جنوري 1960 آهي. اهو پنج، هڪ سٺ، مان ڦِري، هڪ، پنج، سٺ ڪيئن ٿيو ۽ ڪهڙي ماستر کان ٿيو تَنهنجي ڪا خبر ڪانهيم، پر اها سا خبر اٿم ته بابا ۽ امان اصل ۾ڪورا اڻ پڙهيل هُيا ،کين ڪهڙي ڪَلَ ته منهنجي جنم جا سال تاريخون ۽ ڏينهن ڪهڙا هيا....! بس ايترو سو ياد هُين ته منهنجي جنم وقت ايوب جي بادشاهي هئي. جنهن کي پاڻ آمريت جا ڏينهن چئي سگهون ٿا. ماڻهو چوندا هيا ته تن ڏينهين فوجي بابوئن کان خلق ڏاڍي ڊڄندي هئي. چوندا هيا ته اهي فوجي بابو ڪنهن جي به ڳالھ نه ٻُڌندا هيا نه سمجهندا هيا. اصل جهنگ جي ماڻهن جيان جيڪي مُنهن ۾ ايندو هُينِ سو ڪري گذرندا هيا. ڪنهن ڳالھ ڪئي هئي ته هڪڙي ڀيري فوجي صاحبن هڪڙيءَ لاريءَ کي روڪي ڊرائيور کي ٻه چار ٿڦڙون هڻي ڪڪڙ بنجڻ جو حڪم ڏنو. موچڙن جي سُوران جلدي جلدي ڪڪڙ بڻيل ڊرائيور ڪنجهندي چَيُن، سائين منهنجو قصور ته ٻڌايو؟ تنهن تي فوجي صاحبن کيس ٻه ٽي ٿُڏا هڻندي چيو ته لاريءَ جي ڇت تي ماڻهو ڇو ويهاريا اٿئي. ڊرائيور کي تڪڙو عقل اچي ويو هڪدم چيائين سائين، لاريءَ جي ڇت تي ماڻهن جو سامان رکيل آهي، سو ڪِري نه پوي، انهيءَ جي ڪري مٿي ماڻهو ويهاريا اٿم. تنهن تي همراھن خوش ٿي سندس ڏاهپ تي داد ڏيندي مڙس جي جان ڇڏي هئي، پراڳئين ڊرائيور جي عقلمنديءَ تي پويان ايندڙ ٻيءَ لاريءَ واري ڊرائيور جي شامت اچي وئي هئي، ڇو جو انهيءَ لاريءَ جي ڇت تي ڪوبه ماڻهو ويٺل ڪونه هيو. هن هروبرو پادر کاڌا ته ماڻهو مٿي ڇو ڪونه ويهاريا اٿئي، جيڪر ڪنهن جو سامان ڪِري پوي ته ڪير ڀري ڏيندو. اهڙا کوڙ سارا واقعا هوندا هيا، بس يارڙن کي جنهن جيڪو مُنهن ڏنو، تنهن تي ڳنڍ ٻڌي بيهندا هيا ته ايندا ويندا جَهرڙجي ويندا هيا.سو اهڙن مورن جي بادشاهيءَ جي ڏينهنِ ۾ منهنجو جنم ٿيو هيو.
    امڙ سانئڻ ٻڌائيندي هُئي ته منهنجو ڇَٺيءَ جو نالو عارب رکيو هُيائون، عارب جي نالي سان ابي جي ڪنهن پيڙهيءَ ۾ ڪوئي وڏڙو شايد هيو تڏهن. پوءِ اهو عارب سال کن تائين ته لاڏ ڪوڏ ۾ عارب مان ڦري عارُو تائين جي منزل طيءِ ڪري چڪو هيو. يا ڳوٺ ۾ ميگهواڙن جي اڪثريت ۽ اڌ نالي وٺڻ واري رواج تحت ايئن ٿيو هيو. ۽ هر سال جي سياري ۾ بابا سائين جو مرشد ۽ زنده ولي پير بقا محمد قريشي مريدن وٽ ڏن پٽ لاءِ ايندو هيو، سو جڏهن هتي آيو هيو ته بابا کي منهنجو نالو مٽائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ پوءِ سندس چوڻ تي منهنجو نالو عارب ۽ عاروءَ مان ڦيرائي رکيائون امير بخش. جيڪ به اڳتي هلي ٿيو هيو اميرو. بقول امڙ جي، منهنجي جنم جي وقت اسان جي گهر ۾ تمام گهڻي غُربت هوندي هُئي، ايتري قدر جو رات جي ماني کائي، رب جا شڪرانا ڪندي وري اُونَ ڪبي هُئي ته صبح جو کائڻ لاءِ ڪِٿان آڻبو. ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اوڙي پاڙي مان اٽي جو تس اڌارو وٺبو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن نيرانو ئي رهبو هيو ته ڪڏهن ڪڏهن ته نانو،عرس خان، اسان کي(امان ۽ جيجان) فجر جو ننڊ مان اٿاري، جنڊ پيهڻ لاءِ سڏ ڪندو هُيو، ته اٿندي ئي وراڻينديون هُيونسين “ابا ، گُنديءَ ۾ ته اَنُ جو ته داڻو ئي ڪونهي، ڇا پيهنداسين” ؟. تڏهن نانو چوندو هُيو ته پُٽ توهان جنڊ تي وڃو ته سهي، جام سارو اَنُ اتي رکيو آهي . ۽ پوءِ سچ به وڃي جنڊن تي ڏسنديون هيون سين ته ٽوال جي چئني پلاندن ۾ چار ڳنڍيون ٻڌيون پيون هونديون، ڪنهن ۾ سير ٻه ڪڻڪ، ڪنهن ۾ سير ٻه ٻاجهر، ڪنهن ۾ سير ٻه جوئر هوندي هئي. ايئن لڳندو هُيو ته شايد نانو عُرس، رات جو ٻارن جي کائي پي سُمهڻ بعد، پنهنجي گهوڙي پلاڻي اوڙي پاڙي جي سَرند سنگتين وٽان لڪ چوريءَ لنگهي ويندو هيو ۽ ڪي اَنَ ڪڻا اُڌارا کڻي ايندو هُيو. ڪڏهن ڪڏهن، ويلن تي ويلا پوندا هُيا، ته مرحوم سائينڏني ڪنڀار جي گهرواري مرحومه رحم کائي ،مُڙس جي ڪِروڌ کان لِڪي ، پاڻيءَ ڀرڻ جي بهاني سان دلي يا مَٽَ ۾ اَنَ ڪَڻا وجهي، ڳوٺ جي پويان ننڍڙيءَ کوهيءَ تي کڻي پُڄائيندي هُئي جتان وري اسين پنهنجي دلي ۾ گهر کڻي اينديون هيون سين.. سائينڏنو ڪنڀار تن ڏينهين اسان جي ڳوٺ جي واڻين کان پوءِ ٻئي نمبر جو وڏو تُجار ماڻهو هوندو هيو. رائت مل وارن جيان هڪڙو وڏو هَٽُ به هيس، ته گڏوگڏ اڙيالن سان ڪڻڪ جي ڪچي ٻول به جام ڪندو هيو.جنهن مان هيڪوڻ جي ٻيڻ ملندي هيس. تنهن ڪري سندس گهر ۾ ان جا انبار پيا هوندا هيا.
    جنڊ تان ياد آيو اٿم ته اڳئين زماني ۾ گهرن جون وڏڙيون فجر جو اُٿي جنڊ تي ڪڻڪ ، جوئر ، ٻاجهر ۽ چانورن جو جو اٽو پِيهنديون هُيون ،عام طور فجر جي ٿڌڪار ۾ سانت ۽ ماٺار جي اُنَ ويل يا ته ڪارڪڻڇيءَجي مِٺڙي لات ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي يا وري جَنڊَ جي گَهرڙاٽ تي ماڻهو سجاڳ ٿيندا هُيا. ڪو ماڻهو ڪيترو به غريب هجي ،جَنڊُ گهر ۾ ضرور هوندو هُيس،ڪِن قبيلن ۾ ڌيئرن کي ڏاج ۾ جنڊ ڏيڻ جا رواج هُيا. هاڻ به ايڪڙ ٻيڪڙ گھرن ۾ جنڊ آهن پر جنڊ جو اٽو هاڻ ڪير ڪونه ٿو پِيهي ۽ کائي. اڄڪلھ جي جوانن کي اها به خبر ڪونه هوندي ته جنڊ جو ڪِير ڪهڙو هوندو هيو ته جنڊ جو تنوار ڪهڙو هوندو هيو. انهي کي ته ڇڏيون پر اها به سوچڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي ڳالھ آهي ته سنڌي هندن ۾ هڪڙو جنڊآهوڙا جي نالي سان قبيلو اڄ به موجود آهي. اڳي جنڊ آهوڙا هر ڇهين مهيني هر ڳوٺ مان ڦيرو ڪندا هيا، جن کان ماڻهو جنڊن جي پٿرن کي آهوڙائيندا هيا. ڀانيان ٿو ته ڪنڀارن، ڪارِين ۽ ڪورين جيان انهن جو ڌنڌو ئي جنڊ آهوڙڻ هيو.ايئن ٿو لڳي ته تن ڏينهين جنڊ آهوڙڻ به هڪڙو ڌنڌو هوندو هيو. جنهن جي پويان اهي ماڻهو اڄ تائين جنڊ آهوڙا سڏجن پيا. جيتوڻيڪ بجليءَ اچڻ بعد اسان جي ڏيھ مان جنڊن جو رواج ڪڏهوڪو موڪلائي ويو آهي. پر همراهن جي ذات ئي جنڊآهوڙا ٿي وئي آهي.
    تڏهن چانهه جو رواج ڪٿي به ڪونه هُيو، نه ڪنهن ڏٺي هئي نه ٻڌي هئي. هڪڙو چانھ جو ٻوٽو ٻنين ۾ ٿيندو هيو جنهن جا ساوا پن ڪوسي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي زڪام جي علاج طور ماڻهوءَ کي پياربا هيا. وڏڙا ننڊ مان اٿي ،مُنهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻيِ ،ڌڻي جو نانءُ وٺيِ صبح جا سائين تو ٻيڙي ٻني لائين جي دعا گهري ، الله توهار ڪري وڃي ڏاندن جي ڪلهن تي پاڃاري رکندا هُيا. تيسين وڏِڙيون جنڊ تي اٽو پيهيِ ٺڪر جي تَس ۾ رکنديون هيون. مال مان کير ڏهي هڪڙي پاسي لئيءَ جي تلهڙين مان ٺهيل کاري هيٺان رکي، راتوڪو ڄمايل کير ولوڙي ،انهيءَ مان مکڻ جو وڏو چاڻو ڪڍي، چاڏيءَ ۾ ٺهيل لسي ڍڪي کاري هيٺان ڪري، پوءِ وڃي ماني ءَ جا ٻه چار لولا ٿَڦي اهي به رلڪي ۾ ٻڌي ساڳئي کاري هيٺان رکنديون هيون.، تيسين ڳوٺ جو ڌراڙ اچي مال پهرائڻ جو هوڪو ڏيندو هيو، مايون مال مال پهرائي، ڦرڙا اولي ۾ ٻڌي، مال جو وٿاڻ ميڙي، آلا ڇيڻا ڀتين تي ٿڦي. جهڙوڪر گهر جي سموري ڪم ڪار مان وانديون ٿينديون هيون ۽ سج به جهڙوڪر ڪانو ٻه چڙهي ايندو هيو، پوءِ لوٽيِ لَسيءَ جي، مکڻ جي ڦوٽي سان ڪَڇَ ۾ وِجهي ،اَڳڙيءَ ۾ مانيون ٻڌي، گهر جي گهٽيءَ کي ڊنگھر ڏئي ٻنيءَ ڏانهن راهيِ ٿينديون هُيون . اتي پڄي پنهنجي مَردن کي ماني کارائي ،پوءِ سڄو ڏينهن ساڻن ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائينديون، ٻنيءَ جي ڪم مان وانديون ٿي وري مال جي گاھ کي لڳنديون هيون، شام ڌاري جڏهن گهرن ڏي واپس ورنديون هُيون ته ساوڙيءَ ، ڏنھ ۽ ٻئي گاھ جون ٻه سگهيون ڀريون زال مڙس ٻنهي جي مٿن تي هونديون هيون. شام جي سانجڻ ۾به، ٻه مانيون کير سان هرڪنهن کي ملنديون هيون، جيڪي کائي وڏيون اوڳرايون ڏئي، اوڳرائيءَ اوڳرائيءَ تي شڪرالحمد لالله چئبو هيو. ڇا جا ٻوڙ ، ڇا جي ست رڇي. باقي ڪجهه به ڪونه هوندو هيو جو رڌجي يا کائجي. !!.
    وڏڙا ڳالهيون ڪندا هُئا ته تن ڏينهين ديهه کاڻي مڱريا ۾ خليفي دائم مڱريو جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول الائي ڪهڙي سبب جي ڪري ڦِٽي بند ٿيو هيو، رڳو اسڪول ڪونه ڦٽو هيو پر الائي ڪهڙيءَ ڪُمهريءَ جي ڪري خليفي دائم مڱرئي جو سمورو ڳوٺ به ڦٽي ڀِڙو ٿيو هيو. تڏهن رب سائينءَ، رُگهي مل جهڙي ڪوري اڻ پڙهيل ميگهواڙکي الائي ڪيئن هيڪاندي همت ڏني هئي، جنهن تعليم کاتي ۾ مقررسندس مائٽ ڪلارڪ معرفت، سرڪار وٽ درخواست ڏِني هئي ته خليفي دائم مڱرئي جي ڳوٺ جو ڦِٽَل اسڪول اسان وٽ اچي آباد ٿئي .ڀانيان ٿو ته اهو زمانو 1961 جو هوندو ،رُگهي مل جي اها درڪاش (درخواست) قبول ٿي هئي . اسڪول جي بدلجڻ جو پروانو ڳوٺ ۾ اچي پهتو هيو ته سندس ئي اڳواڻيءَ ۾ خليفي دائم جي ڳوٺان،ڍڳي گاڏِين تي اسڪول جون بينچون ،ماستر جي ميز،ڪُرسي ۽ رڪارڊ توڙي لائبرريءَ جي ڪاٺ واري پيتي کڄي آيون هيون .رُگهي مل، زميندار مير تاج محمد ۽ مقاطعيدار حاجي قيصر خان سان مشوري ڪرڻ بنان، هِمت ۽ مُڙسي ڪري، پنهنجي خرچ سان ، هارين کان ڇيڙون وٺي،ڳوٺ جي اُڀرندئين ڇيڙي تي، مير تاج محمد جي زمين تي ئي اسڪول لاءِ ڪَچِيِ ڪوٺيِ جوڙائِيِ، پنهنجيءَ اوطاق تي ماستر جي رهائش جو بلو ڪيو۽ ماني جو ذمو به پنهنجي سِرَ تي کنيو.موٽ ۾ سرڪار اسڪول جو نالو ئي ڏنو،گورنمينٽ پرائيمري اسڪول رگهو مينگهواڙ. گڏوگڏ رگهي مل لاءِ ڇھ روپيه ماهوار مسواڙ به مقررٿي هئي.
    رُگهي مل جي اهڙيءَ هِمت، مير تاج محمد مرحوم کي کي چيڙائي وڌو هيو، جنهن جي زمين تي،جُڙيل نئين اسڪول جو نالو، بجاءِ سندس نالي جي هڪڙي عام ميگهواڙ جي نالي پويان ٿيو هيو. گڏوگڏ ان وقت جي مقاطعيدار، حاجي قيصر خان کي به رگهي مل جي اهڙيءَ اُٻهرائيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئِي هئي، جيڪو ايوب خان جي خاص وزير، محمد خان جوڻيجو جو گهاٽو دوست به هُيو. گڏوگڏ اسان جي وڏڙن کي به اسلامي جذبو ان وقت جاڳيو ، ته مار اسان سڀ مسلمان رهياسين اتي اسڪول تي وڃي نالو پيو ميگهواڙ جو.!! مير صاحب ۽ مقاطعيدار جي ته ڪاوڙ ٺهي ٿي باقي اسان وارن جهونڙن ته حب علي ۽ بغض معاويه وارو قصو ڪندي هروڀرو جو رگهي مل تي پئي خار کاڌا. ڇو جو رگهي مل کي هت آڻڻ وارا هنن جا وڏڙا هيا ۽ سمجهيائون ٿي ته اسڪول تي نالو به سندن هجي ها. هونئن به منهجن ٻي ته ڪا ٿُوم ڪونه هئي، جو ڪجھ ڪن ها، باقي شام جي پهر ٻنيءَ ٻاري جي ڪم ڪار مان واندا ٿي جيڪي وڏيرن جون ٻُڌل خبرون ڪندا هيا، تن مان لڳندو هيو ته اڄ يا سڀاڻ مير صاحب يا قيصر خان رُگهي مينگهواڙ کي اهڙيءَ اٻهرائيءَ واري حرڪت ڪرڻ ۽ اسڪول پنهنجي نالي کولائڻ تي ڪنهن ڪَڻاهيءَ ۾ تَرائي ڇڏيندا. پر پوءِ به رگهو مل سنئين ڳاٽ هلندو رهيو، سندس ڪن تي ڪائي جونءَ ڪونه چُري ۽ پنهنجيءَ کُٽيءَ مُئو. ڪنهن وڏيري وڙي هٿان سندس وار به ونگو ڪونه ٿيو هيو. ۽ پوءِ اهو اسڪول رُگهي مل جي نالي پويان هلڻ شروع ٿيو۽ اَڄُ ڏينهن تائين هلندو اچي.اهو ئي اسڪول اڳتي هلِي هن ڳوٺ ۾ تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو اهم ٿنڀو ٿيو. اهو اسڪول نه کُلي ها ته نه ئي آئون پڙهان ها ۽ نه ئي اڄ اوهان هي قصا ٻُڌي ۽ پڙهي حيران ٿيو ها.۽ نه ئي وري سڄو ڳوٺ پڙهي سگهي ها، ۽ نه ئي هينئر جا موجود کوڙ سارا ڪامورا هجن ها.
    پوءِ جڏهن مون پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو ته انهيءَ اسڪول کي ترقي وٺرائي پهريان مڊل اسڪول ۽ پوءِ هاءِ اسڪول تائين پهچايو.گڏوگڏ نياڻين جي پرائمري تعليم جي اسڪول کان وٺي مڊل تائين به الڳ اسڪول کولايو. انهيءَ سڄي عمل ۾ڳوٺ جو ٻيو دوست جيرام جيڪو وفاقي وزارت اطلاعات ۾ ڪامورو آهي، سو هرگهڙيءَ ٻانهن ٻيلي رهيو. ۽ ڪي ڪيترا ورهيه اڳ تائين اهي اسڪول اهڙا هليا جو ضلعي جي اسڪولن ۾ اول اسڪول ڳڻبا هيا. پر پوءِ جيئن سياسي صاحبن جي تعليم ۾ سياست شروع ٿي ته انهيءَ سياست به اچي هنن اسڪولن تي ڇيھ ڪيو، اڳي اٺ کن ماستر ۽ ساڍا ٽي سئو ٻار هڪيا تڪيا موجود هوندا هيا، اتي هڪڙو ماستر ڪَن ڪڍيو ويٺو آهي. نه هاءِ اسڪول ۽ مڊل اسڪول جي بجيٽ منظور ٿي نه ماستر مليا، ڇيڙون ڪري ، ڳوٺ جي واندن بي روزگار پڙهيل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان ٻارن کي ٻه ٽي سال سبق ڏياريا سين. هوڏانهن سرڪار وٽ به دانهون ڪوڪون ڪيون سين، پر نه ڪجھ ٿيڻو هيو ۽ نه ٿيو. نيٺ مجبور ٿي مونکي اڌ لڏو کڻي ٻار پڙهائڻ لاءِ شهر وڃڻو پيو.
    ٺيڪ انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسڪولن ۾ تعليم جو تي تارو کوٽي ڪڍيو ويو هيو ۽ مون کي ٻار پڙهائڻ لاءِ مجبوريءَ ۾ پنهنجي اڌ مَڏي شهر کڻي وڃڻي پئي هئي، تڏهن هن تر ۾ مُلپ زور شور سان وڌڻ شروع ٿي هئي ۽ عرب ملڪن جي مدد سان هنڌين ماڳين بهترين عمارتن وارا مدرسا کلڻ شروع ٿيا هيا. تڏهن حاجي محمد اسلم به دين جي خدمت ۽ ثواب خاطر ٻارهين ميل تي به هڪڙو مدرسو کولايو هيو. جنهن کي هلائڻ وارو به پنهنجو ئي ڇوڪرو هيو، ۽ پنهنجي ڇوڪري مُلپ جي شوق ۾ توڙي پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ هوريان هوريان ڳوٺ جي مسلمان ٻارن کي ريهي ريڀي اسڪول مان ڪڍرائڻ شروع ڪيو هيو. غربت جي لڪير کان هيٺ پهتل ڳوٺاڻن مدرسي ۾ مفت جي مانيءَ جي لالانگهي تي کوڙ سارن مائٽن ٻارن کي دنيوي تعليم جي جنجهٽ کان ڪڍي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ مدرسي ۾ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو. باقي رهيل مينگهواڙن جي ٻارن تي وري هٿڙو ڦيريو ڳوٺ جي هڪڙي مينگهواڙ جوان، جنهن جڏي ڦڏي اين جي او ٺاهي سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن کان ڀر واري ڳوٺ ۾ اسڪول ورتو هيو. تنهن وري امداد ملڻ جي آسري تي ٻار گڏ ڪري پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي ڪئي. هاڻ جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿئي ٿو ته ڀڙڀانگ ٿيندڙ اسڪولن جي بهترين عمارتن کي بي واهو ٿيندي ڏسي اکيون ڀرجيو اچن. ڀائنيان ٿو ته رگهي مل جو روح به اسڪولن کي ڦٽندو ڏسي تڙپندو هوندو. پر گهڻي ڦٽ لعنت آئون پنهنجو پاڻ تي ڪندو آهيان ته ڪاش نوڪريءَ سانگي ۽ پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جي چڪر ۾ ڳوٺ کي نه ڇڏيان ها ۽ پاڻ ئي ويهي خدا ڪارڻي اهي اسڪول هلايان ها ته ڪيڏو نه وڏو ثواب ٿئيم ها.
    ها سو ڳالهه پئي هَلِي منهنجي جنم ۽ ڇَٺيءَ جي نالي بدلجڻ جي ،امڙ ٻُڌائيندي هُئي ته منهنجي جنم جي ڇهنِ مهينن اندر کيس اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي، جسم جو ساڄو پاسو سُڪي سُنُ ٿي ويو هيو، منهن ڦري وڃڻ سبب زبان به بند ٿي وئي هئي ،ڇاتين جو کير سُڪي ويوهيو. حال سارو سُتيون ،ڦَڪيون،حڪيمن۽ ڊاڪٽرن جون دوائون ٿيون هيون ،پر فائدو ڪٿان به ڪونه ٿيو هيو. ايئن سڄو سال گُذري ويو ۽ امڙ کٽ تي پَئيِ رهي. ۽ منهنجي پرورش خان محمد جي والده ڪندي رهي. مون ٿَڃِ به اُنهيءَ جي پِيتيِ،ائين اسين ماروٽ پڦاٽ مان ڦري ٿَڃِ شريڪ ڀائر به ٿيا سين. سندس اُن پرورش ڪري ۽سندس چيچ جهلي ڌرتيءَ تي پهريان قدم رکڻ ڪري،ٻاروتڻ کان کيس جِيجان ۽ جِيجِي ڪري سڏيندو هُيس. مرحومه جيستائين جيئري هئي آئون کيس جيجي ئي سڏيندو هُيس ۽ حقيقي امڙ کي امان چوندو هيس .
    ها جڏهن امان کي مِلندڙ ڄٽڪين سُتين ۽ ڦَڪين ڪوئي فرق نه ڪيو هيو، ته هِن هُن جي ڏَسن تي وڏڙا تعويذ ۽ ڦيڻي وارن پويان لڳا هيا. ايئن پُڇائون ڪندي ڏس پوڻ تي نانو گل حسن (امان جو چاچو) ٿَرَ جي نامياري فقير رحم علي وسائي پوٽي وٽ اسلام ڪوٽ لڳ کانکڻهيار رحم عليءَ وڃي پهتو ۽ امان لاءِ ڪي تعويذ وٺي آيو هيو .چون ٿا ته انهن تعويذن ذريعي امان جي طبيعت ڪجھ صحيح ٿي هئي. ڇهن مهينن بعد اوچتو سندس ساڄي هٿ ۽ پير ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ هڪڙي ڏينهن زبان به اوچتوکُليِ پئي. امڙ جي مِٽن مائٽن خوشيون ملهايون ۽ تاهري ڀت جي ديڳ خيرات ڪري معصومن کي کارائي هئي . اُنهيءَ وقت رابطي جا ٻيا ذريعا نه هوندي به نانو گل حسن واپس موٽندي فقير رحم علي کان خط جي ايڊريس وَٺِيو آيو هو. امان جي ٺيڪ ٿيڻ تي ڳوٺ جي ماستر کان خط لِکائي، فقير رحم عليءَکي امان جي خيريت ۽ چڱڀلائيءَ جو اطلاع ڪَرايو هيائين. ڪجهه عرصي بعد فقير رحم علي صاحب اُتر جي سفر کان واپس موٽندي، پُڇائون ڪندو اسان جي ڳوٺ ۾ آيو هيو، ۽ امڙ کي پوتي پارائي ڌِيءَ ڪوٺيو هيائين. ۽ پوءِ جيستائين جيئرو هيو، تيستائين سال بر سال ڌيءَ جي سنڀار لهندو ايندو هيو. ۽ ڏڪار جي سالن ۾ پنهنجا ڍور هتي ڇڏي ويندو هيو، جن کي چارڻ لاءِ امان سڄو ڏينهن ٻنين مان ساوڙيءَ جي گاه جون ڀريون لُڻي، مَٿن تي ڍوئي ، انهن ڍورن کي کارائيندي، چوندي هئي ته منهنجي ابي جو مال آهي ، آئون ڇو نه گاھ ڪريان!!.
    آئون ستن سالن جي ڄمار ۾ امان ۽ نانا گل حسن سان گڏجي پهريون ڀيرو ٿر ويو هيس، ياد اٿم ته تنهن زماني ۾ ٿر جو سفر سڻائو ڪونه هيو، ۽ اسان مانيون ۽ ڳڙ ڳنڍ ۾ ٻڌي ، فجر جا نڪتل سج لهڻ مهل نئين ڪوٽ پهتا هياسين.جتان کان اڳتي روڊ رستو ڪونه هيو ۽ اڳتي جو سفر کيکڙي ۾ ڪرڻو هيو جيڪو سامان، مال ۽ ماڻهن سان سٿجي لڙيءَ رات جو مٺيءَ لاءِ نڪتو هيو، ورندي رات مٺيءَ مان به ايئن ئي سلام ڪوٽ لاءِ نڪتاسين ۽ ٽين رات سلام ڪوٽ ۾ وڃي پُڳاسين. ٿر جي کيکڙن تي ٽِن راتين جا اهي اَڻانگا سفر، بُکون، اُڃون ۽ اوجاڳا اڄ به منهنجي دل تي اڪريل آهن، سلام ڪوٽ کان کانکڻهيار رحم عليءَ لاءِ فجر ويل پنڌ نڪرڻ واريون اهي گهڙيون به چٽيون ياد اٿم، جڏهن هوٽل تان چار مانيون ۽ ڳڙ جون ٻه ڳنڍيون ٻڌي، سانداريءَ ۾ پاڻي کڻي اسان ٽن ڄڻن جي قافلي پيرين پنڌ اتر اولھ طرف فقير صاحب جي ڳوٺ لاءِ پنڌ کي هوڪاريو هيو. اهو پنڌ ته الائي ڪيترا ميل هيو سو ياد ڪونهيم پر اهو ياد اٿم ته اسان فجر جا نڪتل سج لهڻ ويل کانکڻهيار رحم علي پهتا هياسين. اُن سفر جون ڪي ٿڌيون يادگيريون اڃان به دل ۽ سانڍيل اٿم.
    فقير رحم علي،ڳاڙهيءَ ڏاڙهيءَ سان ڪرڙوڍ مڙس هُيو،ڏاڙهيءَ کي وَٽي سِکن جيان ڳنڍيون ڏيئي ٻَڌندو هُيو،کٽ تي ويهندو هيو ته اَلائي ڪهڙيون اَڻ ڏِٺل قوتون کيس بلور ،ننڍڙا پَٿر ۽ ٺِڪريون اُڇلائي پِيون هڻنديون هُيون. پاڻ هٿن سان اشارا ڪري پيو چوندو هُيو، ڇورا ڇڏيو تنگ نه ڪريو. اڙي تنگ نه ڪريو. اسين ننڍڙا ٻار اوسي پاسي ۾ ڪنهن کي نه ڏِسي پَڪ سمجهندا هُياسين، ته فقير جِنَنِ۽ ڀوتن سان پيو ڳالهائي، ۽ جن، ڀوت ئي کيس ڀتر، ٺڪر ۽ بلور هڻي پيا تنگ ڪن. انهيءَ اسرار جي پڇڻ جي نه اها عمر هئي ۽ نه ئي اهڙي همت هئي جو هيڏي ڏَيا ۽ حشمت واري فقير رحم عليءَ کان انهن ڀترن ۽ بلورن هڻڻ وارن جو پڇي سگهون. بس اها سا پڪ سمجهندا هياسون ته فقير صاحب ڪا وڏي ازغيبي قوت رکندڙ ماڻهو هيو. مرحوم ايستائين پيو اسان جي تَرَ ڏي اويل سويل ڀيرا ڪندو هيو ،جيستائين امان ۽ بابا حياتيءَ هُيا. پوءِ جي ڪا خبر نه رهيم ته فقير سائين جيئرو به آهي يا نه.
    انهيءَ زماني کان اٽڪل 43 ورهين بعد 2009 ۾ آئون هرو ڀروءَ جو وڏو ماڻهو بڻجي، ٽانءِ ۾ ڀريل ڪنهن ڪاموري جيان ڪرولا ڪار ۾ٿَرُ گھمڻ سانگي ٻارين ٻچين ويو هيس، ۽ اسلام ڪوٽ جي سرڪٽ هائوس ۾ رهيل هُيس.هڪڙي ڏينهن ٿر جي روڊن تي گهمندي گهمندي وڃي ساڳئي ڳوٺ ۾نِڪتو هُيس .الائي ڪيئن مون کي ،اُهي ڀِٽون ۽اُهي چونرا ڏِٺل وائٺل لڳا هئا . خاص ڪري فقير سائينءَ جي ڳوٺ کان ڏاکڻي اولهندين ڪنڊ واري پاسي واري اُها ڀِٽ، جنهن جي چوٽيءَ تي ٻين ٻارن سان گڏ چڙهي، پنهنجو پاڻ کڻي ڇڏيندا هياسون ته واريءَ ۾ گسڪندا اچي هيٺ ڪرندا هياسون، سا ته ايئن هينئين تي اُڪريل هئي جو ڀانءِ هينئرئي هن ڀِٽَ تي ليٿڙيون پائي ويو هجان. نيٺ اڳيان کُتل، ڳوٺ جي نالي جو بورڊ پڙهي ياد آيم ته هي اهو ئي فقير رحم عليءَ جو ڳوٺ آهي ،جِتي بچپن ۾ امڙ سان گڏ آيو هُيس. ايئن دل ۾ آيو ته ڇو نه انهن ماڻهن جي پڇا ڪريان جن وٽ راتيون رهي ويو هيس.گاڏيءَ مان لهي وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳس. تڏهن اُتي موجود هڪڙي پوڙهي وڌي اچي کيڪاريو. جنهن جي پوءِ خبر پئي ته پنهنجي دور جي ڀلوڙ شاعر،سُگھڙ ۽ درويش حاصل فقير جو پٽ هيو. ساڻس ڳوٺ گام سميت پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرايم، پر کيس نه منهنجو نالو پلئه پيو ۽ نه ئي ڳوٺ سُجهيس.فقير رحم عليءَ سميت گهڻا تڻا وڏڙا پنهنجو پنهنجو وارو وڄائي وڃي چُڪا هيا. جيڪر حياتيءَ هجن به ها ته به مون کي ته ٻار ئي ڏٺو هيائون، سي سڃاڻين ڪونه ها. سو انهيءَ حاصل فقير جي پُٽ کي چيم، ڀائو اسين فقير رحم عليءَ جي گھر جا مهمان آهيون، سندس اولاد مان ڪو هجي ته ملاءِ.
    ٿر ۾ پاڻ وارا حجاب ۽ پردا ٿين ئي ڪونه. سو هُن همراه اسان جي سموري ڪيڙ کي وٺي اچي فقير صاحب جي گھر پُڄايو.ايڪڙ ٻيڪڙ جُهونڙيون جِيئَريون هُيون ،فقير صاحب جي گهر واريءَ سان ملياسين.نالو ٻڌايم “اميربخش” . ۽ ذات شر ٻروچ ، ويٺل ٻارهين ميل جو .پوڙهيءَ ڳچ تائين ذهن تي زور ڏنو، پر تحت الشعور کان لاشعور تائين به منهنجو نالو ياد ڪونه آيس. چانھ پاڻي پيارڻ بعد گهڻيءَ دير کان پوءِ ويٺي ويٺي پڇيائين،اوهان شر آهيو نه؟.اسان جي ها چوڻ تي پڇڻ لڳيِ ، فقير مرحيات جا پري پري تائين شر قبيلي سان واسطا هيا، پر 12 ميل جي شرن جو ذڪر ڪڏهن مون سندس واتان ڪونه ٻُڌو هيو. ايئن چئي وري پڇيائين ته ڀلا اوهان سمي جوڻيجي جو ڳوٺ ڏٺو آهي؟. منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ جي ها چوڻ تي ٻڌايائين ته “سَمي جوڻيجي جي ڳوٺ جيِ هڪڙيءَ شرياڻيءَ کي فقير سائين ڌيءَ ڪري سڏيندو هُيو. کيس هڪڙو گُلن جهڙو پُٽڙو هُيو ”اميرو“ . ڀلا اُنهيءَ اميري کي سڃاڻو ٿا؟. ۽ جڏهن کيس ٻڌايو هيوسين ته اهو ئي اميرو هيءُ آهي، جيڪو هاڻ اميربخش ٿو سَڏجي، سوئي اوهان سان ملڻ آيو آهي، ته ڳِراٽڙيون پائي روئِي اوڙي پاڙي ۾ آباد ڌيئرن ۽ پُٽن کي سڏي ٻُڌائڻ لڳيِ،اچو ڏسو منهنجو ڏوهٽو 40 سالن بعد آيو آهي. تڏهن ماءُ پيءُ جا واسطا ڏِسيِ۽ کين ياد ڪري منهنجا لُڙڪ به لارون ٿي هَليا هُيا ۽ بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتائون.انهيءَ ڏينهن ماءُ پيءُ جي واسطي سان مليل عزت ۽ مانُ ڏسي منهنجو اولاد به حيران پئي ٿيو.


    3

    سو ڳالهه پئي هلي ڳوٺ جي کُليل نئين اسڪول ۽ اُنهيءَ جي کولائيندڙ رُگهي مل جي،رگهي مل جي همت هن تر جي غريب مسڪين ماڻهن کي تمام گهڻي ڪم آئي هئي،ڇو جو گهڻي ڀاڱي سڀني جا پُٽڙا اسڪول پڙهڻ لاءِ ويٺا هيا.گهڻو پوءِ انهيءَ اسڪول جا گهڻا تڻا پڙهيل ڇوڪرا وڃي ڪامورا به ٿيا هيا، پر ٿلهي ليکي هرهڪ گهر مان هڪڙو ٻه ماڻهو پڙهي پيا هيا، جيڪي پنهنجا ليکا چوکا پاڻ ڪري، وڏيرن ۽ سيٺين جي قرضن ۽ سورن کان آجا ٿي رگهي مل کي دعائون پيا ڪندا هيا. رُگھي مل جو نانا عُرس خان سان دينپو تمام گهاٽو هُيو ، جنهن کي ڍاٽڪيءَ ۾ ڌَرميلو چوندا هيا.ڳوٺ ۾ اڪثريت مينگهواڙ قبيلي جِي هُئي.سندن ريتمن رسمن موجب، رگهي مل سان ڌَرميلي جي ڪري، عرس خان جي نياڻي،رڳو عرس خان جي نه پر سڄي ڳوٺ جي نياڻي هُئي. سڄي ڳوٺ جا مينگهواڙ امان کي اَديِ سڏيندا هُئا ۽ آءٌ به ٻاتِڙيءَ ٻوليءَ ۾ سڀني کي مامو چوندو هئس . جيئن ته رگهي مل کي ڌِيئاڻو اولاد ئي ڪونه هُيو،سندس گهر واري ۽ هو پاڻ امان کي سڳيءَ ڌيءَ جيترو مانُ ڏيندا هُيا ،شاديءَ مُراديءَ،عيد بَراد،هوليءَ ،ڏِياريِءَ، ٽِيجَ ۽ ٿڌڙيءَ تي امان ڌيءَ جيان ڪوٺِجي ويندي هُئي. ۽ ڌيئرن جيان ويس وڳا کيس ملندا هيا. جيئن ته رُگهي مل جو گهر اوڙي پاڙي نه پر پوري راڄ ۾ سڀني کان سُکيو۽ سَرندُ به هوندو هيو ۽ تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي ماڻهن لاءِ حڪمت ۽ ڊاڪٽريءَ جو درجو رکندو هُيو ،سندس گهر واريِ ،سُتيون ڦَڪيون سانڍي رکندي هئي .جيڪي آئيءَ ويل هر ڪنهن کي ڪم اينديون هُيون.تڏهن ڊاڪٽريون ٻاڪٽريون وڙلي ڪي ٻُڌبيون هيون،تپ تاءُ به ايترا ڪونه هيا،ماڻهو سُتين ۽ ڦڪين تي گهڻو ڀاڙيندا هيا. سي آڌيءَ توڙي اسر جو رگهي مل جي گهران هڪيون تڪيون حاضر ٿي ملنديون هيون. رگهي مل جي اوطاق به اوطاق هئي، هلندي نه پر وَهندي هئي،وِيهارو کَنُ کَٽُون هميشه وِڇايون پيون هونديون هيون. اونهاري ۾ پاڻيءَ جون ڇٽڪارون ٿينديون رهنديون هيون ،هندو توڙي مسلمان مهمان هوندا هُيا ،مسلمانن لاءِ ڪچو سيڌو اسان جي گهر ڏي يا منوءَ ڪنڀار جي گهر ڏي رڌ پچاءُ لاءِ ڏيندو هُيو، ويلي تي ڀلي پنجاهي مهمانن جو ڪٽڪ اچي وڃي پر رگهي مل جي مُنهن ۾ حرام ڪو گُهنج پوي. ڪلهي تي رکيل انگوڇي سان پيو مکيون هڪليندو ۽ مهمانن کي چوندو هيو ته اڃان ڪجھ کاءُ، اڃان به ڪجھ کاءُ. هوڏانهن هندو مهمانن کي سندس گهر واري هٿن سان مانيون پچائي کارائيندي هُئي. ايتري قدر جو لاباري جي وقت ٿر جي مختلف ڳوٺن جا مينگهواڙ مزدور، ٽولن جي صورت ۾ رُگهي مل جي اوطاق تي ٽِڪي، مفت جون مانِيون کائي پورهيو پنهنجي لاءِ ڪندا هُيا. پر اسان ڪڏهن به رگهي مل جي گهر واريءَ کي گرمي توڙي سرديءَ، جُهڙيءَ توڙي ڦُڙيءَ مانيون پچائيندي مُنهن ۾ ڪو سَرُ ڪونه ڏٺو هيو. ٻئي زال مڙس چوندا هيا ته ابا، ماني ڪاني آهي.
    رائت مَل جي دوڪان کلڻ بعد اوڙي پاڙي جا ننڍا ننڍا وڏيرا به ڳوٺ ۾ سندس دڪان تي اچڻ لڳا هيا، جن مان قالو ڪيريو ۽ دودو ڪانهيو نالي وارا ۽ اهم هوندا هُيا . ناني عُرس جو به ساڻن واسطو هوندو هُيو. انهن کان پوءِ سندن اولاد عالم ڪيريو ، احمد ۽ محمد ڪانهيو به ايندا رهندا هيا. سيٺ رائت مل هر مهيني ۾ هڪ رات سَت سَنگُ ڪندو هُيو ،جنهن ۾ گهڻو ڪري مِٺي سِيري جي ديڳين جي خير خيرات ٿيندي هئي. جيڪا اسان جا مائٽ به کائيندا هيا ته اسان کي به کائڻ کان ڪونه جهليندا هيا. جَهل هئي نه هئي ته مينگهواڙن جو رڌل پچايل کاڌو ڪونهي کائڻو، ڇو جو اهي هندو آهن. آئون سوچيندو هيس هندو ته واڻيا به آهن پوءِ انهن جو ڇو ٿا کائون؟ اها ڳالھ سمجھ ۾ ئي ڪونه ايندي هيم. ها رائت مل جي انهيءَ ست سنگ بعد رات جو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي هُئي ،سيٺ جو ملازم دَيالو مل ،باجو کڻي ويهندو هيو ته مذهبي ڀُڄننِ بعد شاه جون وايون مٺڙي آواز ۾ آلاپيندو هُيو.چوندا هُيا ته دَيالو مل گهراڻي گهر جو ٻار هُيو ،سندس وڏڙن هُن جي تعليم ،تربيت ۾ راڳ رنگ تي به زور رکيو هُيو، وقت ۽ حالتون ڦريون ته مائٽن جي ڪنگال ٿيڻ بعد، هو پاڻ ٻئي جي در جو نوڪر بڻجڻ تي مجبور ٿيو هُيو، تڏهن ته اندر مان درديلا آلاپَ ڪڍندي نيڻن جا ڪٽورا ڇُلڪندا رهندا هُيسِ. اُن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ساڻس گھڙي يا پڪواز تي سنگت ڪندڙ بينجهي مينگهواڙ ۽ ٽيڪئي مينگهواڙ جي ليءَ مان ٿِڙي وڃڻ تي ، کين راڳ روڪي هڪل ڪري دڙڪا به ڏيندو ويندو هيو.
    بابا ڳالهيون ڪندو هُيو ته انهيءَ زماني ۾ چوريءَ جو وڏو آزار هوندو هيو.سڄي ڏينهن ٻنين ۾ لِڱ وِلوڙي هَچُ ٿيل ،هاري راتين جو وري پنهنجي انڌيءَ منڊيءَ مال مڏيءَ تي پهرا ڏيئي سج اُڀاريندا هيا. تن ڏينهين اوڙي پاڙي جي ڳوٺن جي ڀيٽ ۾وري اسان جي ڳوٺ مان چوريون تمام گهڻيون ٿينديون هيون ، پر ايئن چئجي ته گهڻا تڻا سيکڙاٽ ۽ وات ڳاڙها چور ته پنهنجو هٿُ ئي اسان جي ڳوٺ جي چورين تان پَڪو ڪندا هيا. ڇو جو ڳوٺ سڄو هيو غريب ميگهواڙن جو، باقي اسان شرن جا ٻه ٽي گهرڙا، سي به ڪهڙا وري شر؟ نه ڪَن چوري نه چَڪاري، نه جهيڙو نه ڦڏو، نه اچين ڪڏهن ورهڙو نه وري ڪنهن جو ڪو مال به ٻڌن. مڙوئي ويچارڙا پيٽ جي پاندي پوري ڪرڻ ۽ ڪَن لڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا. ٻئي پاسي جي مِٽن مائٽن جا هِتان هُتان چوريءَ جي مال هڻڻ جا واڄٽ پيا وڄندا هيا. پر هتي ٻيو ٿيو خير. ٿيندي ٿيندي پوءِ ته ڀَتين پوتين ، مِٽ مائٽ به اسان جي وڏڙن کي شرن بجاءِ رُگهي جي ڳوٺ جا ميگهواڙ چوندا هيا. نه جهيڙو نه ڦڏو، نه اڙي نه سَڙي، نه اِڙتي نه ڦِڙتي، پوءِ ڇا جا شر!!!
    سو انهيءَ ڪَن لڪائڻ واريءَ ڪار تان نيٺ هڪڙي ڀيري ڪي ٻه چور،اسان جي ڍڳن جو جوڙو به ڪاهي ويا هيا، وَرهڙا ٻَرهڙا هلي گهمي موٽيا، پر چورن پير ايئن لِڪايا ڀانءِ ڍڳا توڙي چور آسمان ڳِهي ويو هيو. پوءِ سائين راڄ برادريءَ ۾، اوڙي پاڙي ۾، سنگت ساٿ ۾، مِٽن مائٽن ۾ وڏيون وڏيون وڙولون هليون، ميڙون منٿون ٿيون، چئوچوائون ٿيون، هِن هُن تي بار پيا، روز جا آسرا، وڏڙا ويچارا ڏينهن لڙئي جو وٿاڻين وري ، ٿڌا شوڪارا ڀري، هڪ ٻئي سان حال حوالي ٿيندي، تَر جي ڏاڍن مڙسن جي ڪلاڪ اڌ ساراھ ڪري،پوءِ اصل ڳالھ تي ايندا هيا ته هائو ٻيلي انهيءَ همراه اڄ پڪ ڏني آهي ته ڏينهن ٻن ۾ ڪم ٿي ويندو. اهڙن اڄ سڀاڻ جي آسرن ۾ ٻه چار مهينا لنگهي ويا، پر ڍڳا نه موٽڻا هيا سي نه موٽيا هيا، تڏهن زمينداربه ٺوڪي اسان جي هارپ جي ٻَني بند ڪري ڇڏِي هئي ،چئي بابا ڍڳن کان بنان هارپو ڪهڙو؟. هاڻ ته نسورو ويل ٿي پيو، ڍڳا ڇا ويا گذر سفر جو وسيلو ، هارپي جي ٻنيءَ جا چار ٻارا به ڦُرجي ويا. تڏهن زالين مُڙسين همراهن جا ڍڳن جي آهُري ڏي ڏسي ٿڌا شوڪارا نڪري ويندا هيا. اڄ ته قصو ئي اور آ، هتان مال ڪاهيو، سواريءَ ۾ هنيو پنجين ضلعي جي پِڙيءَ ۾ وڪامي به ويو، پر اڳي ايئن ڪونه هيو، سال سال تائين ماڻهو چوراڻي مال کي پيا چاريندا هيا. اسان جو هڪڙو عزيز مرهيات يوسف نالو هيس سو ڪم جو ڪو بنهي ٽوٽِي هيو، سوبه خاص ڪري گاھ پَٺي کان ته ٺُپ ٻَرو چڙهندو هيس. تنهن جي کيتي هوندي هئي، ته ٻجائيءَ جي ٽائيم تي دِسِ تان ڪنهن نه ڪنهن جو جوڙو ڍڳن جو هڻي ايندو هيو. ٻجائي ڪڍي وري اهي ڀُنگ تي واپس ڪري ڇڏيندو هيو. ڪاريگري اها ڪندو هيو جو اوڙي پاڙي مان مئل ڪڇي ڍڳن جا ڪارائيءَ سان ڪتريل سِڱ ،هڏوارن کان وٺي گهر ۾ رکي ڇڏيا هيائين. ٻجائيءَ جي ڏينهن ۾ چوراڻي جوڙي کي اهي سِڱ پارائي، پيو کلئي عام ٻنين ۾ وهائيندو هيو. چون ٿا ته هڪڙي ڀيري چوراڻن ڍڳن جو اصل ڌڻي ڪو اچي اتان لانگهائو ٿيو، جتي هن مُڙس پئي هر کيڙيا. سو ڍڳن جي ٽور ڏي ڏِسي، شڪجي بيهي رهيو، ۽ هن همراه کي چوڻ لڳو ير خدا جي قدرت ته ڏِس !! منهنجن چوري ٿيل ڍڳن ۾ ھنن ڍڳن جي رنگ روپ، پنڌ، وِک، پر ڪنهن به ڳالھ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي، آهي نه آهي ته تنهنجا ڍڳا ڪڇي آهن ۽ سڱ بنهي وڏا اٿن ۽ منهنجن جا سڱ بنهي مُٺيانوان هيا. نه ته هِي به هُو بَهو نِس پِس جهڙا منهنجا ڍڳا. چون ٿا ته ان زماني جا چور دُشمنيءَ ۾ يا ڪنهن پلَوَ پاند ۾ ڪنهن جا ڍڳا ڪاهيندا هُيا ، ته اڳلي سان وير پارڻ لاءِ انهن گگدامن کي ڪوسي پاڻيءَ جا ڍُڪ ڏِيندا هُيا، پوءِ ڀَلِي ته اُهي ڏاند ڀُنگ تي يا کُريءَ تي موٽي به اچن پر سندن اندر ۾ اوتيل ڪوسو پاڻي سَندُن آنڊا ساڙي ڇڏيندو هُيو ۽ ٿورڙن ڏِينهنِ اُهي ڏاند چُڙيِ چُڙيِ مَريِ ويندا هُيا. اڄڪلھ ته ماڻهو چانهه جي نالي ۾ ڪوسي پاڻيءَ جا ڪيڏا ڪوپ آنڊن ۾ ٿا اوتين!!!
    خير ڳالھ پئي ڪئي سون اسان جي ڍڳن جي جوڙي جي چوريءَ جي ،سو ڇَهنِ مهيننِ جيِ ڀڄ ڊوڙ ۽ هِن هُن کي ميڙن منٿن بعد اهي ڏاند، ٽي سئو رُوپيه ڀُنگ تي مِلڻا ٿِيا هيا. تڏهن ٽي سئو به وڏي ڳالھ هيا، تن جي لاءِ اسان جي وڏڙن کي هڪڙي سُوئا مينهن، هڪڙي ڀلوڙ ڍڳِي ۽ هڪڙي گاه ڪُتر ڪرڻ جي مشين وِڪڻڻيِ پئي هئي، نيٺ اهو ٽي سئو روپيا ڀُنگ ڀري ڍڳا ورائي ڏاڍا خوش ٿيا هيا ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون هيائون. هوڏانهن گهر جون وڏڙيون، ٻن ڍڳن جي بدلي ۾ سمورو وٿاڻُ خالي ڏسي، ڪيترا ئي ڏينهن سُڏڪنديِون رهنديون هيون ۽ نانو عرس وري هٿ کڻِي چورن کي پاراتا ڏيندو رهندو هيو. ماڻهو چوندا هيا ته نانو عرس الله وارو ۽ درويش منش هيو، سندس دعا پِٽ لڳندي هئي. سا انهن چورن کي به رَسي هئي، جيڪي ٻيئي جوانيءَ ۾ ئي هلي چُريا هيا. اها ته خبر خدا کي ته اهي ناني عرس جي پِٽ سان پورا ٿيا هيا يا پنهنجيءَ کُٽيءَ سان. پر اها سا خبر اٿم ته نانو وڏو ناظِروُ هيو. شل نه ڪا شيءِ وڻيس، اتي جو اتي ٻولائي چوندو هيو ته ادا منهنجي ڪانِي وهِي وئي. ماڻهو چوندا هيا ته نانو عرس ڪنهن تي ڪاوڙبو هيو ته، اڳلي کي ٻولائي چوندو هيو، ڀائو هاڻ وڃي پاڻ سنڀال پنهنجي ڪاني لڳي وئي اٿئي. چوندا هيا ته ڪنهن جي به ڪنهن شيءِ ڏي دل سان نهاريندو هيو ته اُها اُتي جو اُتي ٽِڙڪي پوندي هئي. مامو ڳالھ ڪندو هيو ته هڪڙي ڀيري ڪو ٻٻر پاڙان ڪڍڻو هيو. ناني کيس انهيءَ ڪم تي لڳايو ۽ پاڻ گهران ماني کڻڻ ويو، ڪلاڪ اڌ ۾ جيسين مڙس وَرِيو، تيسين مامي ٻٻر کي وڃي باَقي ڪو ڇڏيو هيو. همراه موٽندي ئي، چيو هل ڙي مڙس تنهنجون فلڪون.!! ايئن چئي هڪل ڪيائينس ته هاڻ کُڙين تي زور رک ۽ ڀڄي جان ڇڏاءِ، منهنجي ڪاني وَڙهل اٿئي. همراه گهڻو ئي ڀڳو، ۽ ٻٻر به ڏانهس وريو، پر پوءِ به ٻٻر جي ٽارِين جا ڇانبُر وڃي کُڙين ۾ لڳس.
    مامو هڪڙي ٻي به ڳالھ ٻُڌائيندو هيو ته وَهيءَ ۾ بنهي سگهو هيس، زور ايترو هوندو هيو، جو سانَ پاڏي جيان ٽاڏيون ڏيندو وتندو هيس. هڪڙي ڀيري ڪِرڙ جي ڪمداريءَ ۾ مان ڪڻڪ جي گاڏي ڀرڻ ويس. اڍائي مَڻيون ٻوريون يڪي سِر ڀاڪر ۾ کڻي گاڏيءَ ۾ سَٿي روانو ٿيس. اتي ڪو بروهي ذات جو ڀائي ڇِتو ناظرو بيٺو هيو، تنهن جا ڪاني هنئي ته هلنديءَ گاڏيءَ مان مڪڙيءَ واري ٻوري ٿي ٿڙي ۽ آئون ٻوريءَ سُوڌو گاڏيءَ جي چاڪ هيٺان اچي ويس. ڍڳا هيا سگها سو ڳچ تائين ته ٻوريءَ سوڌي کي گهليندا آيا ، پر نيٺ ٻوري ڦاٽي ۽ چاڪ منهنجي مٿان وهي ويو. جهوليءَ ۾ کڻي اچي گهر پُڄايائون. هوش ۾ آيس ته ابي پُڇيو ته گاڏي ڀريندي توکي ڪنهن ڏٺو هيو. ٻُڌايم ته فلاڻو بروهي هيو. ابي اوڏيءَ مهل گهوڙي پلاڻي ۽ انهيءَ بروهيءَ جي ڳوٺ وڃي پُڳو ۽ ٻولائي نظر هنيائينس. مڙس جو جوان پُٽ ويهي ويو. سا ڳالھ ملڪان ملڪ مشهور ٿي وئي ته اوڙي پاڙي جا ماڻهو چوندا هيا ته عرس خان جي ڪانيءَ کان جيڪو بچيو سو ڄڻ ته نئون ڄائو.

    ان زماني ۾ ريڊيا هن ملڪ ۾ نوان نوان آيا هُيا، اسان جي ڳوٺ جي مُجيريءَ سيٺ رائت مل جي دُڪان تي به هڪڙو فلپس ڪمپنيءَ جو وڏو ريڊيو رَکيِل هوندو هُيو ، جنهن جي ايريل هڪڙي سنهڙي تار هوندي هئي ، جيڪا ريڊئي سان ڳنڍي پوءِ انهيءَ کي دڪان جي ڇِت تي اڇلي ڇڏيندا هيا، تڏهن اهو ريڊيو پري پري جون ٽيشنون جَهٽي وڄڻ شروع ڪندو هيو. تن ڏينهين حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ٽيشنن کان سواءِ، خاص ڪري سيلون جي ريڊئي اسٽيشن تان ايندڙ صبح جو سويل وارا پراڻا هندستاني گانا ماڻهو وڏي شوق سان ٻُڌندا هيا. جن ۾ شمشاد بيگم جو گانو“ ميري پيا گئي هين رنگون، ڪيا هي وَهان سي ٽيليفون” ڏاڍو مشهور هوندو هيو. اسان جي ڳوٺ جا سٻاجهڙا ڳوٺاڻا ، جن پنهنجين هيڏين سارين ڄمارن ۾ پهريون ڀيرو هيءَ ريڊئي جهڙي بَلا ڏٺي هئي، سي ريڊئي جي انهيءَ ننڍڙيءَ پيتيءَ کي چئنيِ پاسنِ کان ڦِريِ، وات تي آڱريون رکي، هڪ ٻئي کي اکين ئي اکين ۾ اشارا ڪري پِيا حيران ٿيندا هُيا، چئي هيترڙيءَ پيتيءَ ۾ هيڏو ساروماڻهو ڪيئن ويٺو ڳالهائي ۽ ڳائي.؟ اصل اها ڳالھ پنهنجي ڊُول ۾ ويهي ئي ڪونه ٿي. ٻي مزي واري ڳالھ ته انهيءَ زماني ۾عام ۽ سادڙا سٻاجهڙا ماڻهو ريڊيو اسٽيشن کي عام طور تي ٽيشڻ چوندا هيا،ڪي ته مورڳهين ريڊئي جي ٽيشڻ ۽ريل جي ٽيشڻ کي هڪڙي ڳالھ سمجهندا هُيا .اُنهيءَ ڪري ئي ويجهڙائيءَ ۾ شادي پليءَ مان اسان واري ڳوٺ لڏي آيل، سوهجي ميگهواڙ کي جو پنهنجي اباڻن ڪکڙن جي تانگهه ٿي، ته کانئس رهيو نه ٿيو ۽ هڪڙي ڏينهن سيٺ رائت مل جو پاسو وٺي هوريان هوريان کيس چيائين ،سيٺ تو واري ريڊئي جو بينڊ گهمائي ڪا شادي پليءَ جي ٽيشڻ لڳاءِ ته ڪي منهنجي پراڻي ڳوٺ جون خبرون چارون به ٻُڌُئون. انهيءَ تي سيٺ رائت مل کِلي وراڻيو هيس، ته اڙي چريا سوهجا مل ،شادي پليءَ ۾ ريڊئي جي ڪا ٽيشڻ ئي ڪانهي ته اها ڪيئن ريڊئي تي لڳايان ۽ وڄايان جو تون پراڻي ڳوٺ جون خبرون ٻُڌين؟ سيٺ رائت مل جي اهڙي جواب تي سوهجي مل اُٽلو سيٺ تي چٿر ڪندي چيوهيو، “واه ڙي رائت مل، واه تُنهنجو عَقُل ،هيڏي وڏي ٽيشڻ آهي، جنهن تي روز ريل گاڏي بيهي ٿي، سوين ماڻهو چڙهنِ۽ سوين لهنِ ٿا ،توکي اها به ڪَلَ ڪانهي.پوءِ تو ڏٺو ڇا آهي ؟ هاڻ ٻڌاءِ چريو تون پاڻ آهين يا آئون؟”.
    چونڊڪي جا هي واڻيا، ليکي چوکي ۾ هرڪنهن کي اُبتيءَ ڪاتيءَ سان ڪُهندا هيا. ۽ هميشھ هارين تي هيڪوڻ جي ٻِيڻ لکندا هيا.اصل اُنڊن جا بُنڊ لکي ڳاڙهي پُڙ واريون بَنديون سدائين ڪاريون ڪريو ويٺا هوندا هيا. ٻي مصيبت اها هوندي هئي جو لکندا هيا واڻڪي اکر، جيڪي ڪو به ڪونه پڙهي سگهندو هيو. جيڪر ڪو انڌي منڊي سنڌي پڙهيل وڃي پاسي ۾ ويهي ليکو ڏسڻ جي ڪندو به هيو ته انهيءَ لاءِ اهڙا واڻڪا اکر دَٻي ۾ ٺڪرين برابر هوندا هيا. بس ليکي مهل بِلا به اهڙا عجيب ٻُڌائيندا هيا جو ٻه روپيا ڳُڙ جا، ٻه روپيا ڳُڙ واسطي ۽ ٻه روپيا ڳُڙ لاءِ، شيءِ هڪڙي ٽي ڀيرا ايئن اُبت سُبت ڪري لکندا هيا. ۽ جيڪر ڪنهن هاريءَ اهڙي ڪوڙي بِلي تي اَڙي سَڙي ڪئي ته چوندا هيا ته ڀائي ڪرم ڌرم توتي آ، ڀلا ٻُڌاءِ انهيءَ تاريخ تي اسان جي هٽ تي آيو هئين نه؟ هاري جيڪر چوندو هيو ته ها آيو ته هيس. ته ٺھ پھ وراڻيندا هيا ته آيو هئين ته ڪجھ نه ڪُجھ ورتو به هوندئي، ايئن توکي ڪهڙي اسان جي اُڪير هئي جو آئين ڀلا ڀائي؟. هاريءَ وٽ اڳتي ڪو به جواب ڪونه هوندو هيو ويچارو ماٺِڙي ڪري ٺَرِي ويهي رهندو هيو.
    هي واڻيا هڪڙي ٻي به وڏي پيداگيري ڪندا هيا جو هندو توڙي مسلمان کي منع هئي ته اهي گهڙا منجيءَ تي پيل پاڻيءَ جي مَٽن مان پاڻي پِين ڀلي، پر ٻُڪ ۾ پيئن. ۽ سيٺين جي گلاس ۾ پاڻي نه پيئن، ڪڏهن ڀُل چڪ ۾ به اسان پاري ڪنهن ٻار، پاڻي واڻڪي گلاس ۾ پيتو ناهي ۽ واڻين اسان کي گارين جا دسُوڙ چاڙهي اهو ڪائي جو گلاس ڀڳو ناهي، اصل دير ئي ڪونه ڪندا هيا. جيتوڻيڪ وڏيري قيصر خان کي ساڳئي گلاس ۾ پاڻي ڏيندا هيا. تڏهن گلاس ڪونه ڀڃندا هيا. سندن انهيءَ عمل تي اسان ٻارن توڙي اسان جي وڏڙن کي کار ته ڏاڍا ايندا هيا پر رڳو هٿ مهٽڻ جي حد تائين . آئون تڏهن سوچيندو هيس ته هرڪو مُلو ته چوي ٿو ته اسان مسلمان مٿي آهيون ۽ هي هندو گهٽ آهن. پر هتي ته مسلمان توڙي هندو سڀني هارين سان ساڳي جُٺ پئي ٿئي!!! اهي خبرون پوءِ جڏهن وڏا ٿياسون تڏهن ڪامريڊن پڙهايون ته يارو !!اهو هيو طبقاتي فرَق. جو وڏيرو ۽ واڻيو ٻئي سُکيا هيا ۽ سندن طبقو ساڳيو هيو، تنهنڪري ٻنهي کي هڪ ٻئي ۾ ڪا وِڏَ نظر ڪونه ايندي هئي. ۽ اوهين هندو توڙي مسلمان غريب ۽ تتڙينگ سُڃيا هيئو ، تنهڪري ٻيئي هنن لاءِ ڪِنا هيئو. اُنهيءَ جُٺ جي عيوض اسان جا وڏڙا ٻيو ته ڪري ڪجھ ڪونه سگهندا هيا پرساڻن مذاق مذاق ۾ اندر سڙندي، هلڪي ڦلڪي ٺڳي ڪري ويندا هيا. ٿيندو هينئن هيو ته سندن بورچي اُتمون مل ڀاٽُ، سيٺين کي ماني کارائڻ کان پوءِ کير گرم ڪري منجهس ڦوٽا، بادام، پستا ۽مصري وجهي ديڳڙو چلھ تي رکي،بورچي خاني مان نڪري دڪان ڏي ويندو هيو يا بورچي خاني جي رُگھ مان نڪري ٿڌڙي هوا وٺندو هيو، ته تاڙ ۾ ويٺل هڪڙو همراھ بورچي خاني ۾ داخل ٿي ، کير جي ديڳڙيءَ جو ڍَڪُ پاسيرو ڪري،مٿس لٺ سان ٺَڙڪو ڪندي، رڙ ڪندو هيو ڇِر ٻِلِي، ڇر ٻلي. اڙي اُتمان، نڀاڳا ڪيڏانهن مري وئين، سيٺين جو ڪڙهيل کير ته ٻلي وڃائي وئي . ايئن چئي پلڪن ۾ اهو همراھ پاسيرو ٿي لِڪي ويندو هيو.
    سيٺيون ۽ بورچي ، ڊوڙي بورچي خاني ۾ ڏسندا هيا ته هائو ٻيلي برابر ديڳڙي جو ڍَڪُ لٿو پيو آهي. تڏهن سيٺين کي پڪ ٿيندي هئي ته هائو ٻيلي برابر ٻلي کير لُٻي وئي آهي . پوءِ سيٺ چوندا هاڻ ته انهيءَ لُٻيل کيرکي لوڙهي ۾ هاريو. تڏهن تاڙ ۾ ويٺل اسان جي وڏڙن مان ڪو همراه اُٿي چوندوهيو، سيٺيون ٻيلي! ايئن نه ڪيو، کير ڀٽارو آهي،انهيءَ کي هاريو نه،اسان کي ڏيو،اسين پيئون ٿا ، ڀلي اسان کي مرگهي ٿئي. پوءِ اهو کير هنن غريبن جي حوالي ٿيندو هيو. ۽ ٻه چارڄڻا ساهيون کڻي ،اهو سمورو بادامن ۽ پِستن وارو کير پي ويندا هيا. اها ڪار مهينو ٻه هلي، واڻين به انتظارڪيو، ته ٻليءَ جو جُوٺو کير پي ڪڏهن ٿي مڙسن کي مرگهي وٺي. پر جڏهن همراهن کي ڪجھ ئي ڪونه ٿيو ته نيٺ شڪ پِيُن ۽ همراھن جي چوري پڪڙيائون.۽ پوءِ اُتمي ڀاٽ کي کير گرم ڪري سيٺين جي پيٽ تائين پهچائڻ تائين چُلھ کان پري نه ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيائون. وڏڙا چوندا هيا ته چونڊڪي جا واڻيا ليکي چوکي جا ته ماهر هوندا هيا پر عام ڪار وهنوار ۾ سادڙا هوندا هيا، سا ڳالھ مڃڻ جوڳي ته ڪانهي پر مامو رمضان ڳالھ ڪندو هيو ته جڏهن ميرپورخاص کان کپري وارو روڊ پڪو پئي ٿيو، تڏهن ڏامر ساڙڻ جو دُونهاڙ ڏسي، سيٺ رائت جي ٻن واڻين ملازمن سترامداس ۽ ديالي مل کانئس پڇيو هيو، ته ادا رمضان، اُلهنديان اهو دُونهاڙ ڇا جو آهي؟. ته وراڻيو هيم ته اڙي چرٻٽو اوهان کي خبر ڪانهي ڇا ته روڊ کي باھ لڳي آهي، ۽ باھ ۾ سڙندڙ ڏامر جا چاپُڙ اُڏاميو ميلن تائين پري پيا ڪرن، ٿي سگھي ٿو ته اهي پنهنجي ڳوٺ تي به ڪِرن ۽ ڳوٺ کي باھ وڪوڙي وڃي. اسان جي ته گهرن ۾ آهن ڪاريءَ وارا ڪک، سو جي باھ لڳي ته به خير آ. اوهان جي هٽ ۽ مال ملڪيت جو اونو مون کي به آ. انهيءَ ڀئو ۾ همراهن قميصون لاهي اچي دڪان جي سامان جي ڍوءِ ڍوئان ٻَڌي هئي، چوريءَ جي ڀئو کان نه وري ڪنهن هاريءَ ناريءَ کي ويجهو پيا ڇڏين نه ڇا ۽ جيستائين شام ڌاري رائت مل پهچي ئي پهچي، ايستائين همراهن دڪان جو سمورو سامان ڍوئي وڃي ٻاهر ٻٻرن هيٺان ڪَٺو ڪيو هيو. پوءِ رائت مل اچي ٻُڌايُن ته چريا، رمضان اوهان کي وَهائي ويو آهي. ڀلا روڊ کي ڪيئن باھ لڳندي ۽ ڏامر جا چاپڙ ڪيئن اڏامندا؟ هوڏانهن مامي رمضان سوڌو سمورا هاري واڻين سان ڪوڙي ليکي چوکي عيوض اهڙي جُٺ ڪري ، ڪي ڪيترا ڏينهن رات جي ڪچهرين ۾ ڪانڀون ٻڌي، وري وري اها ڳالھ ڪري کِلي کِلي کيرا ٿيندا هيا.
    منهنجي هاڻوڪي هنيل اندازي موجب اها سال 1965 جي شُروعات هُونديِ ، لڳ ڀڳ پنجن ورهين جو ٿيو هوندس، ڇَڙي چولي ۾ گُهمندو وَتندو هُئس، تڏهن اهو رواج ئي ڪونه هيو ته ستن اٺن سالن جي ڪنهن ڇوڪري جا مائٽ سُٿڻ جو ڪپڙو به وٺن. هرڪو ڇڙي چولي ۾ هلندو وتندو هيو. سو آئون به مَٿو اُگهاڙو۽ پير اُگهاڙا ڪريو ،مِٽيِءَ جون رانديون ڪندو ۽ سڄو ڏينهن ڌوُڙ ۾ ڀڀوتُ ٿيو، پيو هلندو هُيس. تن ڏينهين ئي هڪڙيءَ شام جو، بابا سائين، هن تر جي ڪاريگر واڍي، بهرام بوزدار کان مون لاءِ ننڍڙي تختي ٺهرائي آندي هئي ۽اُها تختي امڙ کي ڏيندي چيو هيائين، ڀاڳڀري! ميٽُ پُسائي هِنَ تختيءَ تي لڳاءِ، ته سڀاڻ اميرو اسڪول کڻي پڙهڻ وڃي.۽ ورنديءَ صُبحَ جو ڏينهن ،اڄ به ذهن تي اهڙو چِٽيل اَٿم، ڀانءِ هيانءُ جي ڦرهيءَ تي ڪا شيءِ هميشھ جيان اُڪريل هجي. اهي سياري جا ڏينهن هيا، ان ڏينهن، اَمڙ سانئڻ، صبح جو سويل ئي، ڪوسي پاڻيءَ سان مُنهنجا هٿ پير ڌوئاريا هيا،وارن ۾ لَپ لَپ تيل جي وجهي ڦڻي ڏني هُئي ۽ منهنجي اکين ۾ جام سُرمو پارايو هُيو.امڙ سانئڻ،اُنهيءَ ڏينهن اهڙي ڪم جي دوران هوريان هوريان جهونگارينديِ رهيِ هئي ته،منهنجو ٻچڙو ايمِيءَ چڙهندو،هفيسر ٿيندو،الله ڪندو، اهو ڏينهن به ايندو.
    تن ڏينهين، اُن ايميءَ جي خبر نه امڙ کي هُئي نه ابي کي ، نه ئي وري پوءِ ئي ڪا اهڙي خبر به پين. بسِ انهن به وَڏڙنِ جي واتان ٻُڌو هُيو ته فلاڻو وري ڪهڙو ايمِيءَ پاس آهي. تڏهن امڙ به اها جهونگار ٻَڌيو بيٺي هئي، ته منهنجو ٻچڙو به ايميءَ چڙهندو. ۽ جڏهن انهيءَ پهرئين ڏينهن، بابا سائينءَ جيِ چيچ جهلي ،ڇڙي چوليَ ۾ ،پيرن اُگهاڙو،ميٽ سان ميساريل تختي هٿ ۾ کڻي، ڪچي ڪوٺيءَ واري اسڪول جي ورانڊي ۾ پُهتو هيس ،ته اندران ٻين ٻارن جا وڏي وڏي زور زور سان سبق ياد ڪرڻ جا آواز ٻُڌا هيم .هو الهبچايو ۽ قاسم ،هو خان محمد ۽ جيرام ،هو لوڻيو ۽ ڏيارام ،سڀئي ڪتابن ۾ ڪنڌ نِمايو زور زور سان، پنهنجا پنهنجا سبق پَئي پڙهيا.ان ڏينهن، ماستر ارجڻ داس، بابا سائينءَ سان گڏُ مون کي ڏِسيِ، بابا سائينءَ کي چيو هيو ته، اَچُ، اَچُ، اَڪُو اچ،مون به اڄ ئي سوچيو پئي، ته طفل شماري رجسٽر موجب تنهنجي پُٽ جي عمر پنج ورهيه ٿي چڪي آهي ۽ زوريءَ تعليم جي قانون موجب کيس اسڪول موڪلڻ لاءِ ، تو ڏانهن نياپو ڪريان ،چڱو ٿِيو جو تون پاڻ ئي پُٽ کي وٺي آئين.
    تن ڏينهين ملڪ تي ايوبي آمريت جو راڄ هيو، جيتو ڻيڪ هُن پٺاڻ جي ٻچي هر طرح سان ملڪي قانونن جي لتاڙ ڪندي، ملڪ کي ڪنهن نه وَٺُ ڏيندڙ سانَ پاڏي جيان بيدرديءَ سان ڀيليو پئي. هن جا اهي سڀ قصا جيڪر هڪڙي پاسي ڪري صرف هڪڙي خير جي ڪم تي سوچيون ته اهو هيو زوريءَ تعليم وارو قانون. جيتوڻيڪ ان قانون ته عمل ،نڪي قانون جوڙيندڙن کي ڪرڻو هيو ۽ نه ئي عمل ڪرائيندڙن کي ڪرڻو هيو. پر ان هوندي ڪڻي مان ڪاسو، ماڻهن جو ڀلو ٿيو ضرور هيو. عام ماڻهن، جيلن ۽ روڪ رقم جي ڏنڊ جي ڊپ ۾ پنهنجن پُٽڙن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ شروع ڪيو هيو.۽ ڪجھ نه ڪجھ تعليم وڌي ضرور هئي.
    اِيئن اسڪول جي پهرئين ڏينهن،ڊڄندو ڊڄندو، تختي هٿ ۾ کڻي آخري بينچ تي وڃيِ ويٺُو هيس. گَهڙيِءَ کن کان پوءِ، سائينءَ ارجڻ داس ٻارن جا سبق پُڇڻ شروع ڪيا هئا. چوٿين درجي جي شاگردن مَٽوءَ شر ۽ مولهاٽي ڪيرئي جا حال ڪي بنهي جَڏا هُيا، سندن سبق ڪچا ٿيا هيا ۽ سبق ڪچا ٿيڻ تي، سائينِءَارجڻ داس، سندُن هٿنِ جي تِرينِ تي زور سان رُول هڻڻ شروع ڪيا هيا. مٽوءَ ۽ مولهاٽيَ جا اُڀ ڏاريندڙ ٻَرڙاٽ ٻُڌي، مون جيان سڀني ٻارن جي جسمن مان دُرڙيون پئي نِڪتيون. ٻين ٻارن کي ته الائي ڀئو ٿيو يا نه ،پر مون کي مارَ جو ايترو ته ڀَوءُ ٿِيو ،جو ڏَڪندي ڏَڪندي بينچ تي ڪاڪوس ئي وَهيِ وِيو هيو. ۽ جڏهن سائينءَ ارجڻ داس ،سڀني دَرجن جا سبق ٻُڌندو، حصي موجب سزائون جَزائوُن ڏِيندو، منهنجي بينچ وَٽ پُهتو هيو، ته ڊپ ۾ منهنجو تَنُ بَدنُ پئي ٿَڙِڪِيو، ۽ جڏهن مون کي ڪَنَ مان جَهلي بينچ تان اُٿاريو هيائين، ته ڪاڪوس جي ڌَپَ ۽ مکين جي لامارن کي ڏِسي، سمورن ٻارن جو ڌيان اوڏانهن ڇِڪجي ويو هيو. گهڻو ڪري سمورن ٻارن مُسڪرائي، کڻيِ مُنهن جي آڏو ڪتاب ڏِنا هيا. سائينءَ ارجڻ داس، دڙڪا دَهمانَ ڪري، مون کي گهر وڃڻ جو حُڪم ڏِنو هيو. ۽مَٽوءَ ۽ مولهاٽي کي سبق ڪچي هئڻ جي سزا ۾ بالٽيون ڀري بينچ ڌوئِڻ جو حُڪم ڏِنو هيائين .چٽو ياد اٿم ته ان ڏينهن وَڏيون هِجِڪِيُون ڀَريندو گهر پهتو هُيس.اَمان سانئڻ، منهنجي ڳَلن تي مِٺيون ڏَئيِ، مون کي وِهنجاريو هيو،قميص ڌوئيِ ، لوڙهي تي سُڪائي، پوءِ پَهرائيِ هئي ،ايستائينِ نانگو ويٺو رهُيو هيس. ان ڏينهن مٽوءَ ۽ مولهاٽي کي مارَ کائِيندو ڏسي ،دل ۾ عهد ڪيو هيم، ته پڙهڻوٺُپُ ڪونهي .روئيندي، روئيندي الائي ڪيترا ڀيرا اَمان سانئڻ کي چَيُو هيم ته ، امان آئون ڪونه پڙهندُس.
    اُن ڏينهن، اَمان سانئڻ، منهنجن ڳَلنِ تي هَٿِڙا ڦيري، سَمجهاڻيون ۽ دُعائون ڏِيندي، چَوڻَ لڳيِ هئي “ پُٽَ! ڪجھ به ٿئي، توکي پَڙهيِ، ايميءَچڙهيِ، هفيسر ٿِيڻو آهي ”. تڏهن حيرت مان، امان سانئڻ کان پڇيو هيم “اَمان ايمِي ڇا آهي؟”. اَمان سانئڻ وراڻِيو هيو“ٻچڙا! جيڪو ماڻهو ،کوڙ ڪتاب پڙهيِ، پاش ڪري، اهو ايميءَ چَڙِهيو”!!.
    ان ڏينهن شام جو، اسڪول جيِ موڪل بعد، جڏهن خان محمد وار گهر آيا هيا، ته پَرِيان کان ئيِ هوڪِرا ڪندا آيا. اهو ،اهو، اميري اسڪول جيِ بينچ تي هَنگِيو. !! اهو، اهو، اميري اسڪول جي بينچ تي هنگيو!!.سندُنِ هُوڪرا ٻُڌيِ، آءٌ تِهائِين وڌيڪ روئڻ لڳُو هئس. ۽ جڏهن شام جو بابا سائين ۽ ما ما رمضان ، ٻنين تان موٽي گهر آيا هيا، ته منهنجي بهادريءَ جو قصو ٻُڌي ڏاڍا کِليا هيا. بابا سائينءَ ته کِلَندي کِلَندي رڳو ايترو چيو هيو ته هَلا ٿئيِ ڀاڙيا ماڻهو کِلايا اَٿئيِ !!. پر ماما رمضان، فيصلائتي ڳالهه ڪندي چيو هيو ادا، اَڪُوُ تنهنجو پُٽ ڊڄڻو آهي،۽ ڪڏهن به پَڙهيِ ڪونه سَگهندو. چٽو ياد اٿم، ان ڏينهن، ماما رمضان جيِ ڳالھ مُون کي به ڏاڍيِ وَڻيِ هئي ۽ سوچِيُو هيم، رَبُ ڪري شال اِيئن ئي ٿِئي.
    ۽ وَرندي ڏينهنِ،سج اڀرندي ئي، بابا سائينءَ ۽امان سانئڻ جا پيارَ۽ ڳِراٽِڙِيُون هجن ته پُٽ اسڪول وَڃُ.۽ منهنجو ضِد ڪري روئِڻُ هُجي ۽ روئيِ، روئي وَٿاڻَ جي ڇيڻنِ ۾ ليٽَهِڙا پائي وڏي واڪ رڙِيون ڪَري چوڻ ته، گهوڙا ڙي، اَبا ڙي ،آءٌ ڪونه پَڙهَندُس، آئون ڪونه پڙهندس. پر ڪلاڪ کن جي روئڻ ۽ وٿاڻ جي ڀاڻ ۾، آلن ڇيڻن ۾ ليٽهڙا پائڻ سان ڪجھ ڪونه وريو، بابا سائينءَ جي مِٺين مِٺين ڳالهِيِن۽ امڙ سانئڻ جي ڳِراٽِڙِيِنِ تي، نيٺ آڻِ مَڃڻي پَئِي. ۽ جڏهنِ مائٽن جي ڏٽن ۽ پوزين تي ريهِجيِ ريڀِجيِ اسڪول پُهتس، ته سائينءَ ارجڻ داس، پنهنجي قميص جي پاسي واري کِيسي مان هڪڙو کَٽِمِٺِڙو ڪڍيِ ڏِنو هيو. ان کٽمٺڙي تي هِرکِجيِ، جلديءَ جلديءَ ۾ سائين ارجڻ داس جي هٿ مان کٽمِٺڙو ورتو هيم ۽ وڃي ساڳيءَ بينچ تي ويٺو هيس. ان ڏينهن پهريون سبق مليو هيم، الف انب، بي بلا،ٻي ٻڪريِ .سنڌي صورتخطيءَ جي انهن پهرين ٽن اکرن کي سڄو ڏينهن وڏي زور سان ڀيرا ڏيئي ياد ڪيو هيم.ان ڏينهن، توڙي ان کان لاڳيتو ڪجھ ڏينهن پوءِ، مٽوءَ ۽ مولهاٽي سميت ڪنهن به شاگرد جو نه سبق ڪچو ٿيو، ۽ نه وري ڪنهن شاگرد کي مار مِليِ، جو مون کي وري اسڪول مان گُسائڻ يا ڀڄڻ جو بهانو ملي.ايئن آهستي آهستي اسڪول جي ماحول سان هري مِري، پڙهڻ لڳس.۽ اهڙو اڙيس جو پنجاه سالن کان مٿي ڄمار ٿي وئي اٿم، پر اڃان پيو پڙهان، اڃان پيو پڙهان. نه ٿا ڪتاب کُٽن ۽ نه ئي ٿو ڪتابن مان منهنجو ڍوءُ ٿئي.
    اڄڪلھ جي نئين ٽهيءَ کي ڀانيان ٿو اها به خبر ڪونه هوندي ته، اُنهيءَ زماني ۾اسڪول سڄو ڏِينهنُ هلندا هُيا، وِچَ ۾رڳو منجهند جي مانيءَ جي موڪل ٿِيندي هُئي. پري جي ڳوٺن جا ٻار ماني ٻڌي ايندا هيا ۽ ڳوٺ جا ٻار گهڙيءَ پلڪ ۾ لٻو ٿٻو ڪري واپس ورندا هيا. تن ڏينهن ۾ اُستادن جو تمام وڏو اِحترام ڪبو هُيو. پر ڊڄبو به گهڻو هيو،شام جو موڪل بعد ڳوٺَ جي گِهِٽين ۾نُوس نُوس ڪونه ڪَبيِ هُئيِ. ته مَتان سائين ڏِسي وَٺي ۽ پُڇي ته ابا گهر ويهيِ سبقُ پَڙهڻ بَجاءِ رُليِن ڇو پيو؟. ٻار ته ٺَهِيو پر وَڏِڙا به ماسترن جو تمام گهڻو احترام ڪندا هُيا. هلنديءَ ڪچهريءَ ۾ ماسِتَر جي اَچڻ تي سَڀِڪو اُٿيِ کيس سَڻائيِ جاءِ آڇِيِندو هُيو. ڪچهريءَ ۾ ڪنهن به مُنڌل سُٽ کي سُلجهائڻ ويهندا هيا ته به ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿو هڻي، هڪ ٻئي سان ڏند چڪ ڪري، نيٺ ماستر جي ڳالھ وزنائتِي سمجهي ويندي هئي. ڀلي ته اهو ماستر راڄ جو هجي يا ڌاريو، پر سڀڪو چوندو هيو ته ادا مڙس پڙهيو لکيو آهي، علم پيٽ ۾ اٿس، سَڻائي ڳالھ ڪندو،۽ سُٺي صلاح ڏيندو. چِٽو ياد اٿم ته تن ڏينهين اسان جو اُستاد ارجڻ داس، رُگهي مل جي اوطاق ۾ رهندو هُيو. سائين پنهنجي رهائش جي ڪري، رگهي مل جي اوطاق جيِ ٻُهاري ڪڍڻ، ڇٽڪار ڪرڻ ۽ رات جي ڪچهريءَ جي مَچَ لاءِ ڪاٺِيون ڪرڻ جو ڪم گهڻو ڪري اَسان شاگِردن کان ئي ڪَرائِيندو هُيو. ايئن به ڪونه هيو ته سندس انهيءَ ڪم ڏَسڻ تي ٻارن جو ڪو مائٽ ارهو ٿيندو هجي. پر هرڪو خوش ٿيندو هيو، ته ٻارڙا ڀلي پنهنجي استاد جي خدمت ڪن.
    وَڏِڙن واتان اسان جي استاد بابت ٻُڌندو هُيس، ته اُستاد ارجڻ داس، کي1965ع جيِ پاڪ ڀارت جَنگِ سَبب ٿَرَ مان بدلي ڪري هيڏانهن موڪلِيو وِيو هُيو.رڳو استاد ارجڻ نه پر سڄي ٿر ۾ جتي به ۽ جنهن به کاتي ۾، ڪو هندو نوڪري ڪندڙ هيو، ته ان کي اتان بدلي ڪري، بئراجي علائقي ڏانهن موڪلي، اُنهن جي جاين تي بئراجي علائقن جا مسلمان رکيا ويا هيا. ڇاڪاڻ ته تن ڏينهين پيارو پاڪستان اڃان ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ هيو، جنهن جي عمر مُڇن جي ساول واري يعني ارڙهن ورهيه کن مس ٿي هئي. انهيءَ جي فوجيِ حُڪمرانن کي هندوُ ماسترن۽ هندوُ ڪامورن تي ڪوبه اعتبار نه هُيو. وڏو ڊَپُ هُينِ، ته مَتان اُهي هِندو هُجڻ جي ناتي، هندستان جا ايجنٽ بڻجيِ، پنهنجي پاڪ مُلڪ جا نقشا ۽ ڪي اهم راز هِندستانيِ فوجَ جي حوالي نه ڪَري وِجَهنِ .ايوب خان جي فوجي جنتا ۽ سول بيوروڪريسيءَ هڪ ٻئي جي جوڙيوال بڻجي سِنڌ جي رهاڪن کي به مذهبن جي نالي محبِ وطن ۽ غدار جون الڳ الڳ سڃاڻپون ڏيئي، ڪن کي غدار ۽ ڪن کي هندستاني ايجنٽ، ته وري ڪن کي محبِ وطن ٺاهي ڇڏيو هيو.حالانڪِ هنن يارن جي ڊُول ۾ اها ڳالھ الائي ڇو ڪونه ٿي ويٺي ته ورهاڱي وقت جيڪا لڏپلاڻ ٿي هئي، ان ۾ هُتان ته الائي ڪهڙي ڊاڊ ڊُوڊ اُٿلي پئي هئي، پر هتان رڳو امير طبقي جا هندو ويا هيا، پوئتي پيل ۽ مسڪين قبيلن جي هندن مان وڙلي ڪو لَڏيو هيو.۽ اها وطن جي وفاداري چئجي جو ماڻهو پنهجي ديس کي ڏکين حالتن ۾ به نه ڇڏي. ۽ جيڪر ان ماڻهوءَ جي وفاداريءَ تي ڪوئي اڻ چونڊيل ۽ پاڻ هرتو بڻيل حڪمران شڪ ڪري، ته انهيءَ حڪمران کي ڪهڙي خاني ۾ بيهارجي.؟ سا ته پاڻ کي به خبر ڪانهي، اوهان ئي سمجهو ۽ سوچيو، پر پاڻ حال گھڙي هوڪاريون ٿا اڳتي.
    سو جڏهن 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ بند ٿي هئي، ته هڪڙي ڏينهن اوچتواسان جي استاد سائين ارجڻ داس جو واپس ٿر ڏي بدليءَ جو پروانو به اچي پهتو، سائين ارجڻ داس سميت ٻين سمورن هندو سرڪاري ملازمن کي جنگ جي دوران رُڳو انهيءَ ڪري پري پري بدلي ڪيو ويو هيو جو سرڪار سڳوريءَ جي ڏاهن ماڻهن کي اهو شڪ هيو ته متان هندو ملازم هندستان جي هندو فوج کي هن ملڪ جا ڪي گهٽ گهيڙ ڏَسين ۽ هندستاني رات جي پيٽ ۾ ئي اچي سر تي چڙهي بيهن.۽ سو بدلي ٿيندي ئي جلدي جلدي ۾ پنهنجا ٽپڙ ويڙهي، ڳوٺ وارن کان موڪلائي، ٿر وڃي پنهنجي ٻچن ڀيڙو ٿيو.
    تڏهن اسان جو نئون استاد، سائين عطا محمد جروار آيو هيو، سائين عطا محمد، ڪاٺڙيءَ جي اوسي پاسي جو رهاڪو،سانوري پڪي رَنگ جو، پوري پِني قَدَ سان، بوسِڪيءَ جو پٽڪو ٻَڌيِ گهمندو هيو. ڳرو ۽ وڏو آواز هيس، ٿورڙو ٻاتڙائي ڳالهائيندو هيو. ۽ هو جڏهن هو پهريون ڀيرو اَچيِ اسڪول ۾ سائينءَ ارجڻ داس جي ڪرسيءَ تي ويٺو هُيو ته ايئن پئي لڳو ڀانءِ ڪو لاڙ جو ملھ پهلوان ماستر جي ڪرسيءَ تي زوريءَ ويهي رهيو هجي. شروع شروع ۾ سندُس حشمت ۽ ڏَيَا کان اسين سڀ ٻار ڊِڄندا هُياسين. پر پوءِ هوريان هوريان ساڻس ويجها ٿيندا وياسين. سائين عطامحمد اڪثر ڪري شام جي وقت اسڪول جي آڳُر ۾ بيٺل سَريِنَهن جي وڏي ۽ گهاٽي وڻ جيِ ڇَانو ۾ کَٽَ رَکيِ، فلپس ڪمپنيءَ جي ريڊئي تي وڏي آوازِ ۾ سنڌي عارفانه ڪلام ٻُڌندورهندو هُيو. اُن زماني ۾ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سنڌيِ فنڪار فقير امير بخش تمام گهڻو مشهور هُيو. سائين به فقير امير بخش جي ڳايل ڪلام “ سُڻ بات برھ دي ڪيهي، ايهي عجب جيهي ”کي تمام گهڻو پسند ڪندو هُيو، ۽ جڏهن به ريڊئي تان اهو ڪلام وڄندو هيو ته سائين سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي الائي ڪهڙي جهان ۾ايئن غرق ٿي ويندو هيو ڀانءِ “ مِل معشوقان مصلحت ڪيتي، عاشق قتل ڪريسون” وارو مقتول عاشق سائين عطا محمد ئي هجي ۽ سُوليءَ جو سزاوار ٿيڻ لاءِ تيار بيٺو هجي. ۽ پوءِ جڏهن اهو ڪلام ختم ٿيندو هيو ته کانئس وڏو شوڪارو نڪري ويندو هيو. انهيءَ وچ ۾ شاگرد يا ڳوٺ جو ڪو ماڻهو ڀلي بيٺو به هجي پر سائين کي ڪا ئي ڪل ڪونه هوندي هئي.
    انهيءَ ڳائڻي جي نالي جي مناسبت سان مون کي اڪثر ڪري فقير امير بخش جي نالي سان سَڏيِندو هيو. سائِين عطا محمد، خود به فقيراڻي رنگ ۾ رَڱِيلُ هُيو. عطا محمد بَجاءِ خود کي عطن فقير لِکَڻُ ۽ چَوائِڻُ پَسند ڪندو هُيو. سندس زبان ٻاتڙي هُئي، لفظَ چَٻي چِٿي اُچاريِندو هُيو. خاص ڪري “ڙ” ڙي ماڙيءَ کي “ر” ري ماريِ ڪري اُچاريندو هُيو. هِڪَ ڀيري پهرئين درجي جي ٻارن کي سبق ڏِيندي، سائينءَ پَڙهِيو، هي گهورو آهي. ٻارن به سائينءَ جي پويان اُچاريو ، هي گهورو آهي. سائينءَ ٻِيهر اُچاريو، ته ٻارن وريِ به سائينءَ جِيان اُچاريو .نيٺ تَنگِ ٿي سائينءَ چيو، بابا ،اِيئن نه پڙهو، جِيئنَ ماڻهو پَڙَهنِ ٿا ،تِيئَنَ پَڙهو. پَرَ ٻار اُستاد جي چَيَل جُملي موجب ئيِ اُچارڻ لڳا، ته سائين چِڙيِ پِيو. سَمجهيائينِ ٻاَرَ منهنجيِ اَهَل ٿا ڪنِ. سڀني کي چڱيِ موچاريِ ڦيهه ڪَڍيائينِ. ڪلاڪ کن بعد جڏهن وڃي ڪاوڙ لٿسِ،َ گڏوگڏ پنهنجيِ زِبانَ جي ٻاتِڙائِڻ جو احساس به ٿيس، تڏهن هوريان هوريان پنجين درجي جي هوشيار شاگرد ڏيارام کي چَيائينِ ته اُٿي تون هنن ٻارن کي اهو سبقُ ڏي . جنهن پهرئين درجي وارن کي صحيح تلفُظ سان سبق پڙهايو ته وڃي مرحوم مطمئن ٿي ٿورو گهڻو مسڪرايو.مرحوم سائين عطن فقير جا سنڌيِ اکر موتِين جهِڙا هوندا هيا. هِجي، تَلفظ ۽ اُچارنِ تي ڪافي دَستَرس هُيَس .اڄ به مُون سميت سنُدس سَڀِنيِ شاگردن جا اَکَر هُوبهُو ساڻس مِلنِ ٿا. ۽ هِجي توڙي تلفظ به درست اٿئون نه ته اڄڪلھ جي جوانن جي سنڌي ٻوليءَ جي هِجي ۽ تلفظ کان ته ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکڻا ٿا پون. يا مورڳهين گيسي ٿي ڪرڻي پوي.
    سائينءَ ته اسان کي پٽي ۽ پهريون ڪتاب پڙهايو هيو، ۽ جڏهن اسان رڙهند رڙهندا انگريزي اسڪولن ۾ پُڳاسين ته سائين عطا محمد جتي به گڏبو هيو ته چوندو هيو ته “ابا هاڻي اوهين ذري گهٽ مون جيڏا اچي ٿيا آهيو” هاڻ پيرين پوڻ واري پَرِ ڇڏيو. هاڻ بس پاڻ دوست آهيون، مون سان گڏ ويهي کِلو ڪُڏو، ڀوڳ چرچا ڪريو. استادي هئي اسڪول تائين. نيٺ سائينءَ جا سڀ شاگرد ڊڄي ڊڄي ساڻس حجائتا ٿياسين . پر حجائتا به اهڙا جو ڀوڳ چرچن تائين. پوءِ سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان سان اهڙا ته چرچا ڪندو هيو جو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هياسين. سو هڪڙي ڀيري شاگردن جي هڪڙي شرارتي ٽولي جي صلاح بيٺي ته ڇو نه سائينءَ سان ڪو اهڙو چرچو ڪجي جيڪو يادگار ٿي وڃي.
    سو ٻن ٽن همراهن گڏجي ميرپورخاص جي ڇوڪرين واري اسڪول جيِ هڪڙيءَ خوبصورت ماسترياڻيءَ جو نالو ٻُڌي، انهيءَ جي صحيح ائڊريس هٿ ڪري ،اسان جي هن فقير تن ۽ درويش استاد سان شرارت رٿي. ٺوڪي کڻي انهيءَ مائيءَ صاحبه جي نالي سان سائينءَ عطامحمد کي ٻه ٽي عشقيه خط موڪليا هيا!!. سائين عطا محمد، ويچارو درويشُ ماڻهو، اڌ وهيءَ جي عمر ۾ به ڪُوڙن خَطنِ جي دَلبي ۾ اَچيِ ويو، ۽ مائيءَ سان ملڻ لاءِ ٽڪساٽ جوڙڻ لڳو. نيٺ هڪڙي ڏينهن بوسڪيءَ جو پَٽڪو ٻَڌيَ، ٻه ٻه تُرا ڇڏي، ڏاڍا تيل ڦُليل ڪري، اکين ۾ لپ لپ سرمي جي وجهي، ٻنهي ڪنن ۾ اوٺي درٻار عطر جا ٻُڙا وجهي ،وڃي ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مائيءَ صاحبه سان ملاقاتيِ ٿِيو. حالي حوالي ٿيا ته مائيِ حيران پَريشان هُجي ته هيءَ ڪهڙي بلا اچي ڪنڌ ۾ پئي اٿم. هيڏانهن سائينءَ جو زور هجي، ته توهان هي خَطَ لِکيِ خود ئيِ ته گهُرايو آهي، هاڻي مورڳهين سڃاڻڻ کان ئي اِنڪارُ پيا ڪريو، اها وري توهانجي ڪهڙي ِ رَمز آهي ؟.اِيئن چوَنديِ ئيِ ڪڍي اهي ٽيئي خط، کڻيَ مائيءَ جي اڳيان پيل ٽيبُل تي رَکيائينِ. مائيِ بنهي سَمجهدار هُئيِ، غور سان ٽيئي خط پڙهي، پهريائين سائينءَ عطامحمد کان سَندُس ڪرت پُڇيائين، پوءِ پنو پين هٿ ۾ ڏيئي، کانئس سنڌيِءَ جا ٻه جملا لِکائيِ، پڪواندازو لڳائي، پوءِ چيائينِس ، قِبلا هيءَ شرارت توهان جي ڪَنهنِ شاگرد جيِ آهي. هي ڏسو، هُو بهُو توهان سان مِلندڙَ اَکَر اَٿَسِ.مون سان عشق ڪرڻ بجاءِ وَڃيِ پنهنجا شاگرد ڳوليو،۽ اڳتي لاءِ ڪنهن اوڦٽوُ خط تي اِيئن مَکِجِيِ چَکجيِ،ڊبل گهوڙي بوسڪيءَ جي پَٽڪي جُون ٻه ٻه وَڙِيُون هَڻيِ، نِڪرڻ کان اَڳ ڪُجھ سوچي سمجهيِ پوءِ نِڪرندا ڪريو، ڪِٿي ڪاٺ ۾ نه پَئجي وڃو!!!. سائين عطامحمد جي دل ۾ ٽن خطن جي دوران اوچتو اُڀري آيل عشق ته ويو پلڪن ۾ پورو ٿي.جيئن تيئن ڪري مائيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيري، امان، نياڻي ۽ جيجان ڪري جان آجي ڪرائي کِسڪيو هيو،
    ۽ “عشق ٿي ڳيا ڦِشق ميڪون ٽڪا ولا ڏي” جيان پوءِ سائين عطامحمد مرحيات، ڪيترا ئي سال، جتي به ڀتين پوتين گڏبو هيو، اَسان ڪامورا بڻجي ويل شاگردن کان سُنهن ساکون ڏئي پُڇندو هيو ته ابا هاڻ کڻي ٻُڌايو ته اها ڌُوڙ ڪنهن پاتي هئي. پر اسان سڀئي خبر هوندي به ڪن لاٽار ڪندي روڙي کڻي قسم کڻندا هياسون. نيٺ چڙي اگهاڙيون گاريون ڏَئيِ چوندو رهِيو ته هزارن شاگردن مان الائي ڪهڙي اها ڌُوڙِ پاتيِ آهي، ڪيئن خَبَر پَوي؟ ۽ جي نه اڄ به خبر پوي ته هڻي هڏ گُڏ ڀڃي ڇڏيانس. پر ڪار مُنهان ڇورا هاڻ ڪامورا ٿي ويا آهن سچي به نٿا ڪن. گهڻو پوءِ جڏهن سائين هلڻ چلڻ کان ويهي ويو تڏهن شرارتي شاگرد سچي ڪئي. ته انهيءَ کي حال گهڙيءَ گهروڙي ٻوٿ تي ڀونڊو رکيائين. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين “ڇورا تو ته مورهيان سر وڃايو هيو”. وري ٻيءَ گهڙيءَ چيائين “ اسان تي به ذري گهٽ زماني جو رنگ چڙهيو هيو پر بچي وياسين نه ته ريل ۽ جيل جو جهان ئي اوکو هيو.


    4

    سو فقرائي طبيعت جي سائين عطامحمد سان آئون تمام جلدي هِريِ مِريِ وِيُو هيس. پنهنجي هم ڪلاسين ڌارو، هرجيِ ۽ پرتاب کان اَڳ سبق ياد ڪَري وَٺندو هُيس. پهرين درجي جا بيت ، آءُ ُته لاٽُونئڙو ڦيرايون، واهه ڙي تارا روشن تارا، برِزِبان ياد ٿي وِيا هيم ،سي بيت اڪثر رات جو بابا سائينءَ ۽ امان سانئڻ کي ٻُڌائيندو هُيس، ته ٻنهي جي اکين مان خوشيِءَ جا لُڙڪ لَڙِي پوندا هُيا ۽ ٻئي منهنجي ڳَلڙنِ تي چُميون ڏَئِي ٿڌڙا ساهه ڀَرِيندا هُيا.تڏهن آئون حيران به ٿيندو هيس ته بابا ۽ امان منهنجي بيت ياد ڪرڻ تي خوش ٿيڻ بجاءِ روئن ڇو ٿا؟ پر انهي اونهي سوال جو جواب گھڻو پوءِ سمجھ ۾ آيم جڏهن پاڻ پُٽ مان پيءُ ٿي چڪو هيس ۽ بابا توڙي امان ڏورانهين ڏيھ هليا ويا هيا. پر انهن جي ان وقت جي لاڙيل لُڙڪن وارين دعائن سان آئون الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتس.جنهن جو اندازو ئي ڪونه هيم.
    ڳالھ پئي هلي اسڪول جي ۽ سائينءَ عطن فقير جي ، سو سائين ارجڻ داس ته رڳو پٽي پڙهائي هئي ۽ پهريون پاس ڪرڻ بعد سائين عطا محمد جي به اوچتو بدلي ٿي وئي هئي. وري اسان جونئون اُستاد محمد حيات جروار آيوهيو ، سائين محمد حيات، پوري پُني قد جو ،خُوبرو جوانُ هوندو هيو. ٻارهوئي سنڌيِ ٽوپيِ پَهِريل هوندي هيس ، سا به گهڻو ڪري نراڙ تي هوندي هيس.شروع ۾ ته سڀني شاگردن کي کانئس به ڊپ ٿِيڻ لڳو هو ،پر آهستي آهستي ڊپُ ختم ٿيڻ شروع ٿيو هيو، آئون ٻيو درجو وٽس پَڙهيُس ،چِٽو ياد اٿم ته امتحان جي ڏينهنِ، بيٽ آفيسر محمد حيات مريءَ ،جڏهن مُنهنجو اِمتحان ورتو هيو، ته آئون جُملي ڪم پاڻيءَ جيان پِيئڻ لَڳُس، نه ڪِي ڳِيتُون ڏيئي پڙهڻ!!. ويتر منهنجي استاد، بيٽ آفيسر کي ٻڌايو ته هِيءُ ٻارُ ايترو ته هوشيارُ آهي، جو ٽِئين ۽چوٿين درجن جا سبق ،صورتخطي ۽ حساب به فٽا فٽ ڪَرِيو وَڃي. اُن ڳالھ تي بيٽ آفيسر، منهنجو ٽِئين درجي جو امتحان وَرِتو .۽ رزلٽ شيٽ کولي ،جنم جي تاريخ ڏِسيِ، وڏو شوڪارو ڀري ،سائينءَ کي چيائين ته، ادا هن ٻار جيِ عُمر ننڍي آهي، نه ته آئون پنهنجا پاور استعمال ڪندي، کيس ٻنهي درجن مان پاس ڪري ،چوٿين درجي ۾ ويهاريان ها. يعني ڊبل ،ٽرپل پروموشن ڏيانس ها.واضح ڪندو هلان ته اُن وقت امتحان اڄ جيان ڪونه ٿِيندا هُيا، جو ڏِنو پُٽُ ڇُٽي جو ٿي، گَهڙِيءَ ۾مارڪون ڀَري درجا ٽُپايا وڃن ٿا . يا سپروائيزر صاحبان اسڪول ۾ پهچيو، مانيون کايو، پئٽرول جا پئسا وٺي، ماسترن کي چيو ڇڏين ته ،رزلٽ شيٽون پاڻ ئي ڀري آفيس ۾کڻي اچجو ته صحيح ڪري ڏيندس. اَڳُ امتحان جي ڏِينهن ، ڳوٺن جا ماڻهو اِسڪول ٻاهران ڳاهَٽُ ٿيو انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا، ته ڏِسَئُون ڪنهن جو پُٽ فل پاس ،پاس ۽ چڙهي جي ڪيٽگريءَ مان نِڪتو۽ ڪنهن جو پُٽ ناپاس ٿيو. نتيجي جي اعلان بعد پاس ٿِيندڙن جا مائِٽ حال ساروُ ،ريوِڙِيُون ،ڳُڙُ ،مِٺا ڀُڳڙا ۽ نَقُل ورهائي خوش ٿيندا هُيا .۽ ناپاس ٿيندڙن جا مائٽ وري پنهنجي اولاد کي پاس نه ٿيڻ تي دڙڪا ۽ دهمان ڪندا هيا. ته گڏوگڏ ٿڌا شوڪارا به ڀريندا هئا.
    هينئر هي سٽون لکڻ وقت به هِنن لونءَ ساڙيندڙ لُڪن جي مهيني ۾، سونهاريءَ سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن کان وٺي مڊل اسڪولن جا امتحان پيا ٿين، فوٽو ڪاپين جي دڪانن کان وٺي، اسڪولن جي آڏو ماڻهن ۽ موٽرسائڪلن جي پِيھ ڏسي، يادگيرو ٿو اچيم ته اسان جي واري ۾ اسڪولن جي امتحانن کان مهينو کن اڳ ۾ئي تياريون شروع ٿينديون هيون، ڪَچين ڀتين وارن اسڪولن جا ڪُنڊون پاس ٻهاري صاف ڪبا هيا، ڪکائن ڇپرن جي اسڪولن جا ڪک ڪانا سِڌا ڪبا هئا.اصل وڏي ڇَنڊ ڦُوڪ ٿيندي هئي، آڌيءَ مانجهيءَ ڪنهن گھر جي لوڙهي جو پاسو ڏئي مَٽبو هيو، ان مان ايڪ ڏون ڏون، ٻه ڏون چار، يا واھ ڙي تارا ،گول تارا، جا ٻاراڻا آواز ٻُڌڻ ۾ پيا ايندا هيا. معني امتحانن جي تياري زورن ۽ شورن سان هلندي هئي. تن ڏينهين ڳوٺن جي دڪانن تي گاسليٽ جو واهپو وڌي ويندو هيو، جنهن تي ٻرندڙ لالٽينن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ ٻارڙا سبق ياد ڪندا هيا. ۽ امتحان جي ڏينهن مائرون توڙي ڀينرون ، پُٽڙن يا ڀائرن کي وهنجاري سينگاري،ڏاڍا تيل ڦُليل ڪرائي، لَپَ لَپَ سُرمي جي اکين ۾ وجهي،اسڪول موڪليندي دعائون ڪنديون هيون “ته ٻچڙا رب ڪندو شل ايميءَ چڙهندين ۽ پِيريءَ ۾ ابي امان جو سهارو ٿيندين”. ۽ امتحان واري مقرر ڪيل ڏينهن، ڳوٺاڻا هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، سڀ ڌنڌا ڌاڙِيون ڇڏي، اسڪولن جي ٻاهران اچي ڳاهٽ ٿيندا هيا، ڪي ڪينچي ڇاپ سگريٽ ڇِڪيندي، ته ڪي پن جون ٻِيڙيون ڇِڪيندي، ته وري ڪي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ مان تماڪ ڪڍِي ڀونگريءَ ۾ ڀريندي،ان تي تِيلي رکي نَرو کڻي اسڪول طرف نهاريندي چوندا هيا،“ او اهو منهنجو پٽ پيو سبق پڙهي ٻڌائي. اهو اهو منهنجي پٽ جو آواز آ”. هوڏانهن ٻارڙن ۾ وٺ وٺان هوندي هئي، ٽنگون پيون رڦنديون هُين، شل نه ڪو اهڙو سوال ٿئي، جنهن جي معني نه اچي، متان ڪو حساب غلط ٿئي، متان ڪا صورتخطيءَ ۾ چُڪ ٿئي. ۽ ها سچي جڏهن سپروائيزر جو گهوڙو ايندي ڏسبو هيو ته هرڪو ڊوڙي انهيءَ جا واڳ وٺڻ جي ڪندو هيو، موچارا مهانڊا به ڊوڙي ٻين کان اڳ ڪڍي، نِوڙِي وڃي سپروائيزر کي هٿ ڏيندا هيا، تن ڏينهين سپروائيزرن کي عام ٻوليءَ ۾صاحب چوندا هيا. راڄ جي وڏڙي تي اهي فرض هوندا هيا ته ان ڏينهن ڪوشش ڪري صاحب جي مانيءَ ٽڪيءَ جوحال سارو بِلو به ڪري. ۽ هڻي ماري شام ڌاري جڏهن نتيجا پڌرا ٿيندا هيا، ته فلاڻو پٽ الاڻي جو فل پاس، فلاڻو پٽ الاڻي جو رڳو پاس ۽ فلاڻو ولد فلاڻو چڙهي، ته فل پاس ۽ پاس ٿيندڙ ٻارڙن جي مائٽن جا منهن، باوجود زماني جي هزارين دُکن ۽ دردن جي ٻَهڪندا هيا، وسين لڳي، ۽ وت آهر هرڪو ريوڙين ۽ نقلن جا جهول ڀري اچي ورهائيندو هيو. ته منهنجو ٻچڙو امتحان ۾ پاس ٿي ويو آهي. ساڳي ڪار قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ مهل به ٿيندي هئي، پر انهيءَ کان به ٻه هٿ مٿي ٿيندي هئي، قرآن پورو ڪندڙ جو والد، حال سارو تاهريءَ، چاشنيءَ يا باصري ڀت جي ديڳ لاهيندو هيو، پُٽ کي ململ جي ڪپڙي جي پَڳ ٻڌائبي هئي، مِٽ مائٽ پنج ڏه روپيا مبارڪ جا ڏيندا هيا. هرڪو نصيحت ڪندو هيو ته ابا قرآن جو دور ڪندو رهجانءِ، ڳرو بارو ٿجانءِ، قرآن پيٽ ۾ اٿئي.
    ۽ پوءِ وقت بدليو، نوان زمانا آيا، نوان ماستر آيا، نوان نصاب آيا، نيون ريتون رسمون ايجاد ٿيون، هاڻ ٻار پڙهڻ بجاءِ ماستر جي گھر جون ڪاٺيون ڪرڻ به لڳا، ته ماستر جي ڍڳيءَ يا مينهن ڀٽاريءَ لاءِ گاه جي مُٺ آڻڻ به انهن جي پڙهائيءَ جوحصو ٿيڻ شروع ٿي وئي. هوڏانهن وري اڳي جيان مسيت جي مُلان جي ماني گھر گھر مان پاڻهي اچڻ بند ٿي ته اها به گھر ڏِٺِ “ڦَڪَر” جي نالي تي پِني اچڻ ٻارن جي ذمي ٿي. تڏهن به ڪجھ نه ڪجھ اسڪولن ۾ چاڙهو ڏسڻ ۾ ايندو هيو، سو به ان ڪري جو اسڪولن جي سار سنڀال جو پختو نظام موجود هيو،ماستر ٿورو ڪي گھڻو پڙهائيندا ضرور هيا. انهن ئي ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪاپي ڪلچر آيو، يا آندو ويو،ڪارتوس جو اکر پاڻ تڏهن رڳو بندوق ۾ هڻڻ وارو ٻڌو ۽ ڏٺو هيو. امتحان ۾ ڪاپيءَ ڪرڻ وارو ڪارتوس پهريون ڀيرو ٻُڌوسي. گھڻو پوءِ جڏهن ، هي بندو نائين درجي ۾ هيو،اوسي پاسي ۾ ڪاپيءَ جا ڌوڙيا ڏسي، روح ڪونه رهيو، سو عربيءَ جي پيپر ۾ سورت فلق جي معني ياد نه هجيم، ان جو ڪارتوس ٺاهي، پاسي واري کيسي ۾ وڌم،ٿيو به ايئن جو اهوئي سوال اچي ويو. بسم الله ڪري ڪاپيءَ جي شروعات ڪيم، اوچتو مٿان بيٺل ماستر تي نظر پئي ،اچي ڏڪڻي لڳي، ڪارتوس وڃي پيرن ۾ ڪريو. ماستر هيو مُلو، سو قراني آيت منهنجي پيرن ۾ ڪريل ڏسي کڻي اکين تي رکيائين ۽ پوءِ جا پٽڪِي ڌُوڙ ڪيائين سا رب ٿو ڄاڻي. بس انهيءَ کان ته سُٺو هيو ته ٻه ٿڦڙون وهائي ڪڍي ها. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن پاڻ به الائي ڪيترا امتحان ڏنا، الائي ڪيتريون ڊگريون ورتيون، پر ڪاپيءَ ۽ ڪارتوس کان ايئن وونءُ وياسي جيئن گنجو پاڪيءَ کان.
    وري ٻيو نئون دور آيو،هاڻ ڪارتوسي ۽ ڪاپيءَ ڪرڻ وارا مڙس ڪرسين تي وارد ٿيڻ شروع ٿيا،۽ پوءِ اصل ٿيو ايئن جو جنهن کي ٻي ڪا نوڪري نه پئي مِلي سو وَڃِيو ماستر ٿئي، ڪجھ ڏينهن تائين ته ڏنو پٽ ڇُٽي جو قصو هلائيندو رهيو، جنهن ۾ هي بندو به اڳتي هلي چوڏهين سوين ۾ ماستر ٿيو هيو. پر پوءِ سياسي صاحبن جي اک هن پاسي ٿي، تڏهن سمجھ آين ته مار هيڏانهن ته وڏا کانچا آهن، اسان هروڀرو پيا ڌوڙ ۾ ٿاڦوڙا هڻون.پوءِ مڙسن کيپ کٽيندي تعليم ۾ سياست کي ايئن ٽُنڀيو جيئن هينئر مُلن مذهب کي سياست جي رنگ ۾ رنگيو آ .۽ پهرئين ڌڪ ۾ پنهنجا نواز پاليسي آڻيندي، ڌڙاڌڙ ماستر ڀرتي ڪيائون ،۽ پوءِ هنن اکين کوڙ سارا اڻ پڙهيا ڀائو ۽ ڀينرون به ماستر ٿيندي ، پگھارون کڻندي ڏٺا .سرڪاري رڪارڊ ۾ ته مڙس پڙهيل هيا، پر اصل ۾ لالا مال خلاص هيو. ان دور ۾ اسڪول اُجڙڻ شروع ٿيا، سنڌ ۾ تعليم کاتو، جنهن کي اڳي ڀوڳن ڀوڳن ۾ “ٿڌي ڇانو، مِٺي بُک” چوندا هيا، سو اوچتو ئي اوچتو سڻڀو ٿي پيو. انهيءَ سڻڀ جو ئي ڪمال آ جو تعليم کاتي جي ڪرسيءَ تي لٺ پئي لڳي،جيڪا اڳي ٿاڻن ،ٻاڻن تي لڳندي هئي.اهو سڻڀ جو ئي ڪمال چئجي جو نالو وڏو ديھ ويران ٿيڻ لڳي. ۽ ٿيندي ٿيندي قصو وڃي اتي پهتو جو پيغمبري پيشي سان واڳيل کوڙ ساراماڻهو ويزائن تي هلڻ شروع ٿيا.هيٺان کان مٿي تائين حق حلال جي روزي ڪمائي کائيندڙ کاتي کي اندران ئي اندران سُري کائي چَٽُ ڪري ڇڏيو، هاڻ تعليم کاتي جو اُڀو ڪاٺ ته بيٺل ڏسئون پيا، پر ايڪا قلم يارڙا ڄاڻين ٿا ته انهي ڀُتل ڪاٺ کي هلڪو ڦُلڪو ٿيڙو ئي ڪيرائي وجهندو. هڪڙو مثال ٻڌائيندو هلان ته ڪجھ سال اڳ سنڌ حڪومت هن بندي کي به وزير اعلي جي تعليمي مانيٽرنگ ڪميٽيءَ تي ٿاڦيو هيو.ڪاليجن جا امتحان پئي هليا، اسان کي ڪنهن ڪاليج تي ڇاپو هڻڻو هيو، لاريءَ مان لهي، لانگون هڻندو، پنڌ ئي پنڌ ڪاليج جي در تي وڃي پڳس، ٻي سنگت جو اڃان ڏَس پَتو ڪونه هيو، ڪپڙا گهنجيل، سنڌي ٽوپي مٿي تي، سٿڻ جو هڪڙو پانئچو هيٺ ٻيو مٿي ڏسي همراهن پڪو گراهڪ سمجهيو،چيومان منهنجي پٽ جو پيپر آهي، مونکي اندر ڇڏيو ته ڪارتوس ڏيانس ، اوهان کي خرچي پاڻي ڏبي. خرچي وٺي وراڻيائون ڀلي اندر اچ، پر گهڙي کن لاءِ هن ڪٻٽ جي پويان لِڪي بيھ ، هڪڙي ٽيم ٿي اچي، اها ٿي وڃي پوءِ وڃي پُٽهين کي مال پاڻي پُڄائجانءِ . خير ٽيم آئي، ۽ منهنجو به راز ظاهر ٿيو، مڙسن جا رڳو ٻوٿ لٿا، ڪوبه ڊپ ڪونه ٿين ته اچڻ واريءَ ٽيم جي هڪڙي ماڻهوءَ اسان جي هيڏي وڏي چوري پڪڙي ورتي آهي. ان ڏينهن سنڌ جي اهم ۽ نالي واري تعليمي اداري جي هڪڙي بلاڪ مان ڪارتوسن جو پاچڪو ڀري ڪڍيو هيم!!!!!!
    جڏهن ملڪ جي تعليم جا اهڙا حال ٿيا ته ٺيڪ ان مهل اسان پاري اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهيل طبقي ڌڙاڌڙ ذاتي اسڪول کولائي رجسٽر ڪرائڻ شروع ڪيا. هاڻ تعليم هرڪنهن جو بنيادي آئيني حق هجڻ بجاءِ ايئن ٿي پئي جو“هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو”.اميرن جا ٻارپئسا ڏئي الڳ اسڪولن ۾الڳ نصاب پڙهيا.غريبن لاءِ دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي واري ڪار ٿي. ڇو جو ماستر صاحبن اسڪول وڃڻ جو ڄڻ قسم کڻي ڇڏيو.ڇٽي ڇماهي حاضريون لڳائڻ لاءِ ويا ته ويا، نه ته پندرهين سوين وارو مڙس پاڻهي صحيحون به ڪري ڇڏيندو. هاڻ وري جٺ اها به ٿي ته، جتي سترهن ٻار اتي ستاويھ ماستر، جتي سئو ٻار اتي هڪڙو ماستر، سو به دڪانداري ڪندڙ مڙس،۽ تنهن به پندرهين سوين ۾ مون جهڙوبيروزگار ڳولي اسڪول ۾ ويهاريو. جيڪو پڙهائڻ بنان رڳو ٻارن کي اسڪول ۾ ايئين واڙيو ويٺو آهي، جيئن ڪاڙهي تتي جو ڌراڙ رڍن جو ڌڻ ڪنهن ڇانو ۾ واڙي وڃي آرام ڪندا آهن.سو ايئن سنڌ جي ٻچڙن مان تعليم جو تارو به نڪري ويو. نڪري پيو ۽ شايد نڪرندو رهي.
    هاڻ ٿا ڪريون جهيڙي واري ڳالھ، اسان جي سونهاريءَ سنڌ ۾ الاهي ساريون ڏيڍ چانور جون ديڳڙيون چڙهيل آهن، کوڙ سارا سماج سڌارڪ، کوڙ سارن ڪمن سان سلهڙيا پيا آهن.راڄ مڙسن جا دان+ شور ٿا سڏجن. پر ڌڻيءَ کي حاضر ناظر ڄاڻي ڪا هڪڙي ڌُر، ڪو هڪڙو مڙس ماڻهو ڇاتي ٺوڪي چوي، ته ٻيلي اسان جي مول متن ۾،اسان جي قول فعل ۾ اهو شامل آ ته پهريائين پنهنجي قوم کي علم جي زيور سان سينگاربو، پوءِ اها عالم قوم ، اها ڏاهي قوم، انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجا رستا پاڻهي ڳوليندي، پاڻهي فيصلو ڪندي ته انقلاب، چيني هجي يا روسي هجي يا ڪو ٽيون هجي. ڀانيان ٿو ڪا به ڌر اهڙي ڪانه هوندي جيڪا ڇاتي ٺوڪي ايئن چوي.هلو جي ايئن ناهي ٿيو ته اڃان به اربع خطا ڪانهي ٿي،هاڻ به ڪا صلاح ثواب ڪريون،ڪو مستقل حل ڳوليون، ڪو ڪهڙي ذميواري کڻي ته ڪو ڪهڙي، ٻيو ته ٺهيو پر ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، اسڪولن جي مالڪي ڪريون،ايندي ويندي لامارا ڏئي،اسڪولن جي پڙهائي ڏسون، ته به گھڻو ڪجھ ٿي سگهي ٿو.يقين ڄاڻو ته جي قوم جا ٻچڙا سڌاري وياسين ته بهشت ۾ ايئن وينداسين جيئن “ ڌُو ٻاروچا ڀنڀور ۾”.
    سو ڳالھ پئي هلي سائين محمد حيات جروار جي ۽ پاڻ وياسون هليا الائي ڪيڏانهن. پهريون درجو پاس ڪري اڃان ٻئي ۾ پُڳاسين ئي مَس ته اوچتو ئي اوچتو سائين عطن فقير جي بدليءَ جو پروانو اڏامندو آيو ۽ سائين عطن فقير پنهنجي فقيراڻيءَ مَڏيءَ کي ويڙهي سيڙهي هليو ويو. هاڻي اسان جونئون استاد محمد حيات آيو هيو، جيڪو سنڌيءَ ٽوپيءَ کي گهڻو ڪري نراڙ تي پائيندو هيو. ڪاريون ڀنئور مُڇون ۽ کل مُک چهرو هوندو هيس.شروع ۾ ته اسان سڀني شاگردن کي اڳوڻن استادن جيان کانئس به ڊپ ٿِيڻ لڳو هو ،پر آهستي آهستي اهو ڊپُ ختم ٿيڻ شروع ٿيو هيو، ڇو جو سائينءَ جي ڳُوٺ ۾ ايندي ئي، ماما رمضان سان مٿو مٿي تي ياري ٿي وئي هئي، هوريان هوريان رڳو ماما سان نه پر سائين محمد حيات ڳوٺ جي هرهڪ ڀيل، مينگهواڙ توڙي ڪنڀار جو به يار ٿي ويو هيو. اهي ڳالهيون اسان کي گهڻو پوءِ سمجھ ۾ آيون هيون ته سائينءَ کي مٺياڻي ڪاليج مان ماستريءَ جو ڪورس ڪندي ڪا قوم پرستيءَ جي لغار لڳي چُڪي هئي. تنهنڪري هر غريب غربو سندس يار هيو،۽ يارانيءَ لاءِ شرط صرف اهو هيو ته اڳلو سنڌي هجي. تن ڏينهين سائين محمد حيات زميني حقيقتن سان ملائي وطن جي حب ۽ سنڌيت بابت کوڙ سارا مثال اسان ٻارن کي سبقن ۾ ڏيڻ جي ڪندو هيو پر سندس ڳالهيون اسان جي مٿان گذري وينديون هيون. آئون پرائمريءَ جا ٻه درجا وٽس پَڙهيُس ،چِٽو ياد اٿم ته ٻئي درجي جي امتحان واري ڏينهنِ، بيٽ آفيسر محمد حيات مريءَ ،جڏهن مُنهنجو اِمتحان ورتو هيو، ته آئون جُملي ڪم پاڻيءَ جيان پِيئڻ لَڳُس، نه ڪِي ڳِيتُون ڏيئي پڙهڻ!!. ويتر منهنجي استاد، بيٽ آفيسر کي ٻڌايو ته هِيءُ ٻارُ ايترو ته هوشيارُ آهي، جو ٽِئين ۽چوٿين درجن جا سبق ،صورتخطي ۽ حساب به فٽا فٽ ڪَرِيو وَڃي. اُن ڳالھ تي بيٽ آفيسر، منهنجو ٽِئين درجي جي سبقن مان به امتحان وَرِتو هيو جيڪو ايئن ڏنم جيئن سمورا ڪتاب پڙهيل هجان .۽ پوءِ رزلٽ شيٽ کولي ،جنم جي تاريخ ڏِسيِ، وڏو شوڪارو ڀري ،سائينءَ کي چيائين ته، ادا هن ٻار جيِ عُمر ننڍي آهي، نه ته آئون پنهنجا پاور استعمال ڪندي، کيس ٻنهي درجن مان پاس ڪري ،چوٿين درجي ۾ ويهاريان ها. يعني ڊبل ،ٽرپل پروموشن ڏيانس ها.واضح ڪندو هلان ته اُن وقت امتحان اڄ جيان ڪونه ٿِيندا هُيا، جو ڏِنو پُٽُ ڇُٽي جو ٿي، گَهڙِيءَ ۾مارڪون ڀَري درجا ٽُپايا وڃن ٿا . يا سپروائيزر صاحبان اسڪول ۾ پهچيو، مانيون کايو، پئٽرول جا پئسا وٺي، ماسترن کي چيو ڇڏين ته ،رزلٽ شيٽون پاڻ ئي ڀري آفيس ۾کڻي اچجو ته صحيح ڪري ڏيندس. اَڳُ امتحان جي ڏِينهن ، ڳوٺن جا ماڻهو اِسڪول ٻاهران ڳاهَٽُ ٿيو انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا، ته ڏِسَئُون ڪنهن جو پُٽ فل پاس ،پاس ۽ چڙهي جي ڪيٽگريءَ مان نِڪتو۽ ڪنهن جو پُٽ ناپاس ٿيو. نتيجي جي اعلان بعد پاس ٿِيندڙن جا مائِٽ حال ساروُ ،ريوِڙِيُون ،ڳُڙُ ،مِٺا ڀُڳڙا ۽ نَقُل ورهائي خوش ٿيندا هُيا .۽ ناپاس ٿيندڙن جا مائٽ وري پنهنجي اولاد کي پاس نه ٿيڻ تي دڙڪا ۽ دهمان ڪندا هيا. ته گڏوگڏ ٿڌا شوڪارا به ڀريندا هئا.
    سو ڳالھ پئي هلي سائين محمد حيات جروار جي سائين ٻن سالن بعد بدلي ٿي مڊل اسڪول ڪاٺڙيءَ ۾ساڳئي پگهار تي انگريزي پڙهائڻ ويو هليو هيو، پُوءِ اسين جيئن ئي پنجون پاس ڪري مڊل اسڪول ڪاٺڙيءَ ۾ پهتاسين، جيڪو ڳوٺ کان پنج ميل پري هوندي به اسان لاءِ جهڙوڪر پرديس هيو، ته اسان پارن اسان جي ڳوٺ جي جملي غريب شاگردن جو واقفڪار ۽ ڀرجهلو سائين محمد حيات ئي هيو جنهن جي ڏڍ تي ڪاٺڙيءَ جو اسڪول ڀانءِ پيو هيو. ۽ هو سچ به اسان جو اهڙوته ڀرجهلو ٿيو جو پنهنجن ٻچن جيان گهر ۾ رهائڻ کان وٺي اويل سويل حال سارو اڻڀيون سَڻڀيون مانيون کارائڻ ۾ ڪڏهن به ارهو ڪونه ٿيندو هيو. تنهن زماني ۾ ويجهيءَ ڇڪ ۾ ڪاٺڙيءَ کان سواءِ ڪوبه انگريزي اسڪول به ڪونه هوندو هيو. اڄڪلھ جي اسان جي ٽهيءَ جي جملي ڪاٺڙيءَ جي پڙهيل ماڻهن ۾ جيڪر ٽڪو پئسو ڪو قومي جذبو ، وطنيت جو اتساھ ۽ طبقاتي معاشري جي ٽڪساٽن جو ڪو پتو آهي ته اهو ڪبيرو گناھ سائينءَ محمد حيات جو ڪيل آهي. سو پوءِ اسين سمورا شاگرد ڪاٺڙيءَ مان پڙهندا الائي ڪٿان ڪٿان پڙهي ڪامورا ٿيندا وياسين ، پر سائين محمد حيات اويل سويل، توڙي مرڻي پرڻي هرهڪ شاگرد وٽ ٻارين ٻچين پير ڀريندو رهيو. ۽ اڄ به هيڻي حال هوندي رٽائرڊ زندگي گذاريندي به حال سارو پنهنجي پَرِ پاريندو اچي. سائينءَ جو هڪڙو قصو ياد پيو اچيم، جنهن تي لکندي کل به اچي پئي. ۽ انهيءَ قصي ڪرڻ کان سواءِ سائينءَ جو قصو ئي اڌورو ۽ اڻپورو هوندو. ها گھڻو پوءِ جي ڳالھ آهي ته سائين محمد حيات جروار عبدالواحد آريسر ۽ شفي سينهڙي جي گهڻو ويجهو ٿي ويو هيو، . ڪڏهن قمر ڀٽي ڪَٽَ، ته وري ڪڏهن ڪنهن ٻيءَ ڪَٽَ جي ڏاڙهي رَکيو، سنڌي ٽوپي نراڙ تي پايو، سرڪاري ملازم هوندي به پڪو ديشِي ٿيو وتندوهيو. ها اهو به ٻڌائيندو هلان ته ايستائين آئون ارڙهين اوڻهين گريڊن جون نوڪريون ڪري، گولڊن هينڊ شيڪ ۾ چڱا خاصا ڏوڪڙ روڙي، رٽائرڊ زندگيءَ هوندي به اڳئين کان اڳرو ٿيو وتندو هيس. مٿان وري ملان نيڪوءَ سان ياري هجيم سا به جهڙي تهڙي نه پر صفا لنگوٽيا هجون. ۽ درويش صفت ملان نيڪوءَ لاءِ خلقن جو هُلايل هجي ته ملو ڏاڍن مُڙسن جو ماڻهو آهي. سو اسان واري سائينءَ لاءِ هڪ ته تعجب جهڙي ڳالھ اها هئي ته آئون رٽائر ٿي به اهڙي ٺٺ ٺانگر واريءَ زندگيءَ لاءِ پئسو ڏوڪڙ ڪٿان ٿو آڻيان . ٻيو وري مٿان ڪنهن يارڙي ٺوڪي کڻي ڦوڪ ڏنس ته آئون به ڏاڍن مڙسن جو پگهاردار آهيان. سو هڪڙي ڏينهن هڪلي هوڪاري مون وٽ آيو، ۽ انتهائي ادب جا هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ،ابا مون توکي پڙهايو، پُٽن جيان پنهنجي گھر ۾ رهايو، ٻيلي منهنجي پارت هجئي.!!! آئون پريشانيءَ مان سائينءَ جا جوڙيل هٿ کوليان ۽ سائين وَرِيو وَرِيو پيو هٿ ٻڌي. نيٺ گهڻي پُڇ پُڇان بعد اصل ڳالھ ٻڌايائين. تنهن تي ڏاڍا ڀلي سونهاري ۽ جاميءَ جا قسم کڻي کيس يقين ڏيارڻ جي ڪيم ته سائين ايئن ناهي جيئن اوهان ٻُڌو آهي. پر سائينءَ اهڙي ڳنڍ ٻَڌي جو ڦِريو ڦِريو چوي ،ها ابا سڀ ايئن ئي چوندا آهن، پر هوندا ٻيو ڪجھ آهن.اهي ڏينهن اڄوڪا ڏينهن سائينءَ کي منهنجي ڳالھ تي يقين ڪونهي آيو، جيتوڻيڪ سائين هاڻ آريسر وارن کان الاهي پري بيٺو آهي، پر پوءِ به وَسين لڳي منهنجي اڳيان ڪا به سياسي ڳالھ ڪرڻ کان لَهرائيندو آهي، ته نه پر اصل وونءُ ويندو آهي. اڃان به ڊپ اٿس متان ڪا چغلي هڻي پيريءَ ۾ ٽنگائي نه وجهانس.
    سائينءَ جي قصن سان ڇيڙ خاني ڪنداسون ته ڪتاب ڀرجي ويندا پر پوءِ به هڪڙو ٻيو به ياد ٿو اچيم سو ڀانيان ٿو ته اوهين به ٻُڌندا هلو . 1983 ڌاري منهنجي وڏي پٽ جو عقيقو هجي، رات جي مانيءَ ٽڪيءَ بعد سڀني مٽن مائٽن يارن دوستن جي راءِ هجي ته راڳ جي محفل ڪريون، جنهن لاءِ ڦلهڏين جو دوست ۽ شوقيه ڳائڻو ابراهيم مري يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي آيو هجي. هوڏانهن اسان جي برادريءَ جو بزرگ ۽ڪٽر وهابي مولوي حاجي ابوالحسن شر جو ضد هجي ته مولودن جي محفل ڪجي.حاجي صاحب بزرگ هوندي به وڏو ڀوڳائي هوندو هيو۽ سائين محمد حيات جا ڀوڳ چرچا تمام گهڻا سهندو هيو. نيٺ انهيءَ رات سائين محمد حيات اسان جي بزرگ مولويءَ کي مڃائي ويو ته صوفياڻو ۽ قومي راڳ به هڪڙي قسم جي بندگي آهي. نيٺ اسان وارو بزرگ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ وڃي رلي تاڻي سمهي رهيو ۽ باقي سنگت سڄي رات راڳ تي پئي ڪنڌ ڌوڻيا. فجر ڌاري هرڪو وڃي آرامي ٿيو. هوڏانهن وري حاجي صاحب اٿيو، وضو ساري، ڇني جي لڳو لڳ واري مسيت ۾ وڃڻ بجاءِ، سُتل مهمانن جي منهن تان رليون پاسي ڪندي، سڃاڻپ جي ڪوشش ڪندي، جڏهن سائين محمد حيات وٽ پهتو ته سندس سيرانديءَ کان بيهي ٻئي هٿ ڪنن ۾ وجهي شرارت طور اذان ڏيڻ لاءِ ڪيائين الله اڪبر ، الله اڪبر. سائين اڃان ڪچڙيءَ ننڊ ۾ هيو، سو رليءَ مان منهن ڪڍي چيائين مار! هن مُلي ته ڇنو ئي مسيت ڪري ڇڏيو. تنهن تي بزرگ ابولحسن کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو هيو ۽ پوءِ ٻئي هڪ ٻئي سان منهن منهن ۾ ڏئي ڳچ دير کلندا رهيا. اها هئي انهيءَ دور جي بزرگن جي برداشت ۽ رواداري نه ته اڄڪلھ جو دور هجي ها ته سائين محمد حيات اهڙي ڀوڳ ڪرڻ تي بنان پئسي ڪڏهوڪي بهشت جي ٽڪيٽ وٺي چڪو هجي ها،
    ۽ پوءِ سندس بدلي ٿي وئي.چوٿون ۽ پنجُون ، مرحوم گل حسن جروار وَٽِ پڙهيُس جيڪوبه فقيِراڻي رَنگَ جو سادو ۽ سِڌو اِنسانُ هُيو.واضح رهي ته مُنهنجيءَ زندگي ءَ ۾ تبديلين جو مُحرَڪ والدين سان گَڏ سائين گل حسن به بَڻِيو، آئون جيڪي ڪجھ اڄ آهيان سو بابا سائين ۽ امان سانئڻ سان گڏوگڏ سائين گل حسن جي ڪري آهيان، سائين گل حسن جي انهن احسانن جو گهڻو ذِڪر اَڳتي ايندو.
    تن ڏينهين ، پنجين درجي ۾ پڙهندا هُياسين ، جو ميراڻي زمين تان قيصر خان راڄڙ جي مقاطعي جو مدو پورو پئي ٿيو. ڇن جون هي ميراڻيون زمينون ڪالھ به ڀلوڙ هيون ته اڄ به آهن.سو زمينن جي زرخيزيءَ کي ڏسندي، مِير صاحب جيِ هن زمينَ جي مقاطعي حاصل ڪرِڻ لاءِ ڪافيِ ڊِنگ زميندار ڀَڄَ ڊوڙ ۾ هيا. اُن وقت منهنجي عُمر ڏَهَه ورهيه کن هونديِ. جيئن ته اَسان جي گهر ۾ صِرف هِڪڙيِ کَٽَ هونديِ هُئي جنهن تي بابا سُمهندو هُيو . ٻين ڀاتين لاءِ ڪاٺ جون پيهيون ٺهيل هونديون هيون.اَمان ،جِيجان ۽ اَسين ٻار انهن ڪاٺ جي پيهينِ تي کِپُ وِڇائي مَٿان رَليون رَکيِ سُمهندا هُياسين.آئون ڪڏهن ڪڏهن انگل آرا ڪري وڃي، بابا سان گَڏُ کٽ تي به سمهندو هُيس . جيڪا کٽ رات جي وڳڙي ۾ هميشھ گهر کي ڏنل ڊنگهرن واري لوڙهي جي گِهٽيءَ تي رَکِيَل هوندي هُئي. بابا پاڻ سان گَڏُ ماما رمضان جيِ لائسنس واري هڪ نالي بندوقَ ۾ ڪارتُوس وِجهي ،رليءَ هيٺان رَکيِ پوءِ سُمهندو هُيو. اها بندوق اڄ به خان محمد وٽ موجود آهي جيڪا بابا ۽ ماما ڪڻڪ جي هڪڙي ٻوري ڏيئي پاڙي جي ڪنهن وڏيري کان خريد ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته اُن زماني ۾اسان جي تر ۾ چوريوُن چَڪارِيُون گَهِڻيُون ٿِينديُون هُيون.انهيءَ ڪري ماڻهو پنهنجن ڳوٺن تي پهرا به ڏيندا هيا، هونئن به هر گهر ۾ هڪڙو اڌ ڀاتي رات جو واري واري سان پيو جاڳندو هيو. جيئن مال متاع جو سماع ڪبو رهجي. اهڙيءَ ئي هڪَڙيءَ رات جو آئون، بابا سان گڏ گهٽيءَ تي رکيل کٽ تي سُتلُ هُيس، ته اسان جي ڌَارِيَل بُلٽريِ ڪُتَنِ رُومَڙِ ڪري ٻاهران ايندڙ ڪنهن ماڻهوءَ کي وَڃيِ دَسِيو. بابا ۽ آئون ڇِرڪَ ڀري جاڳياسِين، ڏسون ته رُگهو مل،مٿي اگهاڙو، پيرين اُگهاڙو، ڪُتن کان پاڻ ڇَڏائيِندو، سهڪندواَچيِ اسان جي کَٽ تي ڪِريو. ۽ بابا جي ڳالهائڻ ۽ ڪجھ پڇڻ کان اَڳ ئيِ سَهڪندي چوڻ لڳو. اڪبرخان،اڪبر خان، ڌاڙيلن جي ٽولي اَسان ميگھواڙن جو سمورو ويڙهو ڦُري، هاڻ سيٺ رائت مل جي دڪان تي ڪاهِيو آهي، اَوهين به گهرن مان ٽَپَڙَ ٽاڙيِ ڪڍي پاسيِرا ڪريو، ڌاڙيل رائت مل کي ڦُري، ڄاڻ اوهان ڏي پهتا.
    رُگهي مل جي ڳالهه ٻُڌندي ئيِ، بابو سائين، کيس بنان ڪنهن ورنديءَ ڏيڻ جي، ڊِگهيون ٻَرانگهون ڀَريِندو، ڀريل بندوق ۽ ڪارتوسن جي پٽي سميت کنيون ،واڻِين جي دُڪانَ طرف هليو ويو. گَهڙيِ ئي ڪونه گُذريِ هئي، جو واڻين جي دُڪانَ جي اُترينءَ ڀَرِ، مينگھواڙن پاران ٺاهيل جانورن جي کلون رڱڻ واري ماٽي لڳ بيٺل ٻَٻُر وَٽان بندُوقن جا ڌُوڙِيا ۽ بابا جون هَڪلُون شروع ٿِي ويون هيون. آئون ۽ رگهومل ڊَپ ۾ ڏَڪَندي هڪ ٻئي کي چنبڙي ويا هياسين ، چٽو ياد اٿم ته انهيءَ ڏينهن رُگهو مل مون کان به وڌيڪ پَئي ڏَڪِيو. نانا گل حسن جو پُٽُ قاسم، تن ڏينهين ڦوھ جوانيءَ ۾ هُيو. سو به بندوق جي ٺڪاون جي آواز تي سجاڳ ٿي، ڪُهاڙي کَڻِي ٺڪاون جي طرف ڊوڙندوهليو ويو. ٺَڪاوَنِ تي ڳوٺ جا ٻُڍا ،ٻار،مايُون ،دايُون، سڀ ڇِرڪَ ڀري جاڳندا ،يا اِلاهيِ خير جو وِرِدُ ڪرڻ لڳا هيا. رگهي مل جي پُٽ بيکي مل، پنهنجي اسپين جي دونالي بندوق لوڙهي تان اسان جي گهر ۾ اڇلي ڏني هئي. تنهن کي ڪنهن هٿ به ڪونه لاتو.انهيءَ ڪري جو اسان سڀني جو هيانءُ اڳيئي ٺڪاون جي ڪري پئي ڦاٽو، ويتر ٻيءَ بلا ۾ هٿ ڪير وجهي ۽ ڇوڙي. نيٺ بندوق جا فائر ۽ بابا جُون هَڪَلون اوڀر طرف وَڌَندِيُون ۽ جِهيڻِيون ٿِيندِيُون ويون، تان جو فائر ٿِيڻُ بند ٿي ويا .اسان جي ڏڪڻي به ويتر وڌي وئي، رگھي مل جي وات مان گھڙيءَ گھڙيءَ ٿڙندڙ ۽ ڏڪندڙ زبان سان بابا جي خيريت لاءِ ڀڳوان کان وينتيون پئي نڪتيون. ڪلاڪ کَنَ بعد بابا سائين ۽ قاسم، سهڪندا واپس موٽِيا هيا ۽ رُگهي مل کان پُڇڻ لڳا هيا ته، ڪاڪا رُگها! واڻِينِ جي دُڪان ۽ تُنهنجيِ اوطاق تي ڪُڪُڙوُ ڪُو لَڳيِ پَئيِ آهي، ڳوٺَ جا سڀ ماڻُهُو ڪيڏانهنَ وِيا آهن؟؟.رُگهي مل کي به بابا سائينءَ وارن جي اهڙي سوال تي حيرت پئي ٿي، ته آخر هيڏا سارا ماڻهو ڪيڏانهن ويا هوندا؟. نيٺ بابا سائينءَ وارن رُگهي مل کي ساڻُ ڪري، وڏِيءَ ڳولا بعد واڻِين جي اَن جي ڀَانڊي ۾ پُورِيل چَالهيِارو همراهه ٻاهر ڪڍيا هيا. جيڪي ايترا ته ڊِنَل ۽ هِيسِيَل هُئا، جو پَنهنجَن جا سَڏَ سُڃاڻي به ڊَپَ مان سَڏُ ئيِ نه پِيا وَرنائينِ. ته متان اڃان ڌاڙيل بيٺا هجن ۽ ٻاهر نڪرندي ماري نه وجھن.
    ٻِئي ڏِينهنِ بابا ٻُڌايو هُيو ته راتوڪا همراھ ڌاڙيل ڪونه هيا، پر ڪي چورَ هيا، جن ڪاريءَ ڪاٺيءَ ۾ ڪَپڙو ٻَڌيِ بندوق بَڻائي،رگھي مل جي اوطاق تي ڪَچهريءَ ۾ مَحُو ميگهواڙن کي، سنُدنِ ئيِ پَٽِڪَنِ ۾ ٻَڌِيِ،کانُئنِ ئي واڻِيَن کي سَڏُ ڪَرائي ، واڻين جي وڏي ڪوٽَ جو دَرُکولائي، واڻِينِ کي ڏاڍي مارَ ڪَڍيِ، سمورن مينگھواڙن سان گڏ ٻَڌيِ، جڏهن سمُورنِ مڙسن کي ڀانڊي ۾ واڙِڻَ لَڳا هيا، ته ڳَڻپَ کُٽيِ پِئي هين، ڇو جو مينگھواڙن جي اوطاق تان ٻَڌل مڙس ڳڻي وٺي آيا هئا چاليھ .واڻين سوڌا جڏهن ڳڻي پورا ڪيائون ته هڪڙو مڙس کُٽي پِيُنِ. تڏهن هڪ ٻِئي کي چَيائُون ،شِڪاريِ سِگها ٿِيو، پوڙهو ڀَڄِي ويو اٿوَ، ڄاڻ وَڃِي سموري ڳوٺ کي جاڳائِيندو. پوءِ تڙ تڪڙ ۾ اڃان ٿورو گَهڻو سامان هڙوٽين ۾ ٻڌي کَڻڻ جي تياري پئي ڪيائون، جو بابا جي ڪيل فائِرن جو آواز َٻُڌيِ وَٺِي ڀَڳا. راتِ چانڊوڪيِ هُئيِ ڦورُو اڳيان ڀَڄندا پَئي وِيا ۽ بابوسائين پويان فائِر ڪندو پَئي وِيو. جيڪر وَٽن ڪوهٿِيارُ پنهوار هُجي ها، ته ضرور بابي سائينءَ تي جوابيِ فائرُ به ڪَنِ ها.ان رات بابو سائين، به پَنجوِيهنِ مان ٽيوِيهه ڪارتُوس کَپائي، سليمان شاھ جي قبرستان وٽان واپس وَرِيو هُيو.
    گهڻو پوءِ جڏهن وڏا ٿياسون ته خبر پيئيِ هُئيِ، ته اِهو ڪارنامو مِير صاحب جيِ زمين مقاطعي تي حاصل ڪندڙ زميندارن جي پاڻ ۾ تنگا ڪشيءَ جو نتيجو هيو، رگهو مل انهيءَ ۾ اڙيو هيو جو هن انهيءَ وڏيري لاءِ مير صاحبن کي سفارش ڪونه ڪئي هئي.گھڻن ماڻهن جون آڱريون تر جي مشهور وڏيرن ڏي کڄنديون هيون. پاڻ جي نالا کنيا ته ڪِنَ ٿيندا ان ڪري مِٺي به ماٺ، ته مُٺي به ماٺ. رب ٿو ڄاڻي ته سچ ڇا هيو. نيٺ ٿيو ايئن هيو،جو ٻيا زميندار رهيا سِٽون سِٽيندا، ۽ ڦُر ڦُران ڪندا، وچان وچ چوڌري اسلم گھمڻ ٻني مقاطعي تي کڻي ويو. يا وري رگهي مل ئي اهو مقاطعو کيس وٺرائي ڏنو هيو.
    هاڻي اسان جو نَئون مقاطعيدار ۽ مُجيري ،چوڌري اسلم گھمڻ آيو هيو، جيڪو سُفيد ڏاڙهيءَ سان، پُوري پِني قَدُ وارو، ٺيٺ سِنڌيِ ڳالهائِيندڙُ۽ نيڪ نِمازيِ هيو .سندُس اَچڻ کان جلدي پوءِ ئي، سيٺِ رائِت مل به هوريان هوريان پنهنجو دُڪان ڳوٺ مان پَٽِيو هيو. باقي رُگهومل وري به چوڌري اسلم جو ڪمدارُ ئي رَهِيو، باقي ٻي خلق ۾مُنشي، واهيِ ،منيجر ،چوڪيدار۽بورچيِ، مطلب ته کوڙَ سارا ماڻهو اَچيِ زمينداري اوطاق تي وارِد ٿيا هيا. چوڌري اسلم جي ملازمن ۾خاص طور تي هِڪڙو مينيجر، چوڌري اسحاق هوندو هيو، جنهن کي اسان چوڌري ايساک چوندا هياسون.هو تمام سخت،رُکو۽ بَددماغ هوندو هُيو. پنجابيءَ گاڏڙِ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هُيو،کُلِيَل هوڊ واريِ وليس ڪمپنيءَ جي جِيپَ هُونديِ هُيس جنهن ۾ چڙهي گهمندو هيو ، ٿوري گهڻي ڪم ڪار جي ڪوتاهيءَ تان هارين کي زَنُ دُختر گارِيون ڏِيندو هيو. تنهنڪري سڀڪو هاري کانئس ڏاڍو لهرائيندو هيو. هو حاجي اسلم گهمڻ جي ڀلوڙ طبيعت جي بلڪل اُبتڙ هوندو هيو. خبر ئي ڪونه پوندي هئي ته حاجي اسلم جهڙي شريف ماڻهوءَ اهڙو رُکو ماڻهو ڪيئن ملازم ڪري رکيو آهي.
    ان سال نئين مقاطعيدار حاجي اسلم سموريءَ زمين جا پراڻا ٻَنا ۽ اَڏوُن، ناليون ۽ نائڪا ٽريڪٽرن سان کيڙائي ڊَهِرائي ڇَڏِيا هيا. سَمُورِين ٻَنِين مان ڍڳن ذريعي سُڪيءَجا پنج ڇَهه هَرَ نِڪتا هيا، ٻه ٻه ڀيرا ڍڳن جون ڪِيڻون لَڳِيون هُيون، لوهيِ شِيخُنِ واريِ ليٽَڻِ، جيڪا الاهي ڳري هئي سا به آندي هيائون، جنهن ۾ لوھ جا سُنڀا لڳل هوندا هيا، مٿس ڪاٺ جي تختي نما ڪرسي به ٺهيل هئي جيڪا انهيءَ ۾ جوٽيل ڍڳن کي هڪلڻ واري هاريءَ جي ويهڻ لاءِ هئي. جنهن کي ڏاندن۾ جوٽي ٻنيءَ ۾ هلائڻ سان کيڙيءَ جا سمورا ڀِتَر ڀُرِي ٿي وِيا.سا به ٻه ٻه ڀيرا ٻنيءَ ۾ ڦيرايائون. مقاطعيدار، حاجي اسلم پاڻ فجُر جيِ نِماز ويلَ ٻَنيءَ ۾ پُهچي ويندو هيو. هاري، ڪمدار، ڪاراوا ،مينجر۽مُنشي ڪلاڪ کَنُ اڳ ۾ وڃي ٻنيءَ ۾ هڪيا تڪيا حاضر ٿيندا هيا. سَڀنيِ جون نِنِڊُون حرامُ ٿيِ وِيون هيون. حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ رڳو هڪ ٻئي جي منهن ۾ سواليه نظرن سان پيا ڏسندا هيا، ڇاڪاڻ جو سڀئي هاري ليکن چوکن ۾ الائي ڪيترن سالن کان واڻين جا ڪَهڪايل هيا. انهيءَ ڪري ڪجھ چوڻ، آکڻ جي ڪنهن ۾ همت ئي ڪونه ٿيندي هئي. باقي اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کان وڏا سوال ڪري ويندا هيا. جن جو مطلب کين ئي سمجھ ۾ ايندو هيو، ڪو ٻاهريون يا اوڦٽو ماڻهو، سندن اکين ۾ سمايل سوالن کي پڙهي ڪونه سگهندو هيو.
    اُنهيءَ زماني ۾سرڪار اسڪولن جا ٽائيم به بدلايا هيا ۽ هاڻي پنجين وڳين بجاءِ، ٻيِن وَڳين اسڪول جي موڪل ٿيڻ لڳي هئي.جنهن جي ڪري شام جي ويلي اسين ٻارڙا به ٻنيءَ ٻاري جي ڪمَ ۾ وڏڙن جو هَٿُ وَنڊائِڻ لڳا هياسين. ٻيو ڌنڌو ته اسان ٻارن جي وس کان ٻاهر هيو، پر پوءِ به مائٽ اسان ٻارن کان اڪثر ڪري ڪوڏرن ذريعي ٻَنَا ٺَپِرائِڻُ ۽ پڪين سِرُن کي چُن لڳائي ٻَنَنِ تي قظارن ۾ اُڀو ڪرڻ جو ڪم وٺندا هُيا. نئين مقاطعيدار جي پهريَنِ ڇَهَنِ مهيِنَنِ ۾ مِڙِني هارين، ٻارن ٻچن سميت ايتريِ ته مِحنت ڪئيِ هُئي، جواڳ ۾ ئي ڳڻتِينِ جي ماريل،۽ قَرِضن جي ڪوٽن ۾ پوريل هاريِن جا مُنهن هيڊا،پِيلا لڳندا هُيا ، سي هاڻ ويتر وڌيڪ ڪومائجي ۽ ڪاراٽجي ويا هيا. واندڪائيءَ ويل جڏهن به ڪنهن ٻٻر جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪو ڊاٻو ڪندا هيا، ته ٿڌن شوڪارن ڀريندي، هڪ ٻئي سان اندر جا احوال اوريندي ، هڪ ٻئي کي چَوندا هُيا، يار پاڻ ڄاوا ئي سُور پِٽِڻ لاءِ آهيون، ابن ڏاڏن کان پيا پورهيا ڪيون ۽ نيٺ ڪَمائي ڪَمائي مَرِيِ وِينداسِين پرقرضَ ڪونه لَهندا،شايد ڌڻيءَ پَنهنجو مُقدر ئي اهڙو لکيو آهي.!!!
    تنهن زماني تائين هرڪنهن هاريءَ وٽ پنهنجو ڍڳن جو جوڙو ۽ ڍڳي گاڏي هَڪِي تَڪِي ۽ لازمي هوندي هئي . جنهن هاريءَ وٽ پنهنجو جوڙو ۽ ڍڳي گاڏي نه هوندي هئي تنهن کي اول ته هاري ئي ڪونه مڃبو هيو ۽ کيس بُگڙيو هاري چئبو هيو. هرڪنهن هاريءَ جي انهيءَ ڍڳي گاڏيءَ جي بانڪن تي به اڳيان توڙي پويان ڳُوڻ جي ٽَپِڙي ٻَڌل هوندي هئي ۽ هرڪو هاري هر روز صبح جو ٻنيءَ تي ويندي مال جي وٿاڻ جو ڀاڻ پنهنجيءَ ڍڳي گاڏيءَ ۾ هرروز ٻنيءَ تي کڻيو ويندو هيو، ۽ اهو پنهنجي آئيٺي ۾ پکيڙيندو ويندو هيو. ايستائين موجودھ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهريليون دوائون اسان توڙي اسان جي وڏڙن هارين مان ڪنهن به ڪونه ڏٺيون هيون ۽نه ئي وري ٻُڌيون هيون. فصلن تي اُڙي ٿُڙي بيماريءَ جي حملي يا جيت جڻي جي نقصان کان بچاءُ لاءِ هرڪو هاري رٿابنديءَ سان پنهنجيءَ ٻنيءَ جي ٻنن تي ٿوري گھڻي جوئر يا ٻاجھري جا داڻا ڇَٽي ڇڏيندو هيو، جنهن مهل فصلن جي مند ڀربي هئي ته جوئر ۽ ٻاجهر جي تيار ٿيل ۾ به داڻا لڳندا هيا ۽ پوءِ انهن داڻن تي جھار لڳندي هئي، تڏهن جھرڪيون، وهيا، ڪٻرون ۽ ڳيرا انهن سنگن جا داڻا چُڳندي آس پاس بيٺل ٻئي فصل تي جيت ڏسي انهن کي به کائڻ شروع ڪندا هيا. اهڙيءَ طرح فصلن جي بيمارين جو جهڙوڪر بنان پئسي علاج ٿي ويندو هيو.
    حاجي اسلم گھمڻ، انهيءَ سال پهريون ڀيرو هن تر ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون آنديون هيون، جن جو اِستعِمالُ اسان جي وڏڙنِ وڏيءَ آنا ڪانيءَ ۽ سورن بعدِ ڪَيو هيو. سو به تڏهن جڏهن ڪمدارن ڪاراون دڙڪا دهمان ڪري چيو هُين ته هيءُ ڀاڻ ۽ دوا ٻنيءَ ۾هڻو، جي نه ته به اوهان جي کاتي لکجي چڪو آهي. پوءِ به ڪي ڪي همراھ ته کڏون کڻي انهن ڀاڻ جي ٻورين ۽دوائن کي پوري ڇڏيندا هيا. ۽ پنهنجي پَرِ ۾ چوندا هيا ته اسان ڪو پنهنجي آئيٺي ۾ هٿ سان ڪلر وجهندا سون ڇا؟ پوءِ به گهڻا تڻا جهونا هاري ڪيميائي ڀاڻن کي اڄ سوڌو ڪلر چوندا آهن، ۽ اُتر ڏي ته هرڪو ماڻهو اڃان به ڪيميائي ڀاڻهن کي ڪلر ئي چوي ٿو. ها سچي ٽريڪٽر جهڙي وڏن ڦيٿن واري بلا به اسان انهيءَ سال ئي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺي هئي. ٽِريڪٽَرنِ کي ٻَنيون کيڙيِندي، ڪِيڻُون هَڻندي ڏِسيِ،اسين تَعجُبَ ۾ وَٺِبا هُياسيِن.حيرت ٿيندي هئي ته مار! هيءَ بلا ڪيئن پئي سموريءَ ٻنيءَ کي اٿلائي پُٿلائي کيڙي ۽ ڪيڻ هڻي؟ انهيءَ سال نئين مقاطعيدار حاجيءَ اسلم پاران سمورن هارين کي سائي رنگ جو هڪڙو ننڍڙو ڪتاب ڇَپرائي ڏِنو ويوهيو. جنهن کي پاس بوڪ ٿي چيائون. انهيءَ ۾ هرهڪ هاريءَ جي روڪَ کَڻتِ بِلي سميت، ٻَنيءَ جا سمورا خَرچ، اهي سمورا ڪنهن جي هٿان مليا يا ٿيا ، تن جي ڏِيندڙ ۽ وَٺندڙ جي صحيحنَ سميت انهيءَ ڪتاب ۾ دَرج ٿِيندا هُيا. تن ڏينهين ماڻهو ڳالهيون ڪندا هُيا، ته حاجي اسلم صاحب وَٽ پنهنجي يا مقاطعن جي زمين هزارن ايڪڙن ۾ هُئي ۽ هر هنڌ هاريءَ لاءِ اَهڙي پاس بوڪ جو رَواج هوُندو هيو. جيڪو جڏهن به ڪا روڪ کڻت ڪندو هيو، ڀاڻ ڀتر يا وروءُ واٽ کڻندو هيو ته اهو ڪتاب پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ کڻيو ويندو هيو. ۽ انهيءَ ۾ منشيءَ هٿان داخلا ڪرائي، ڪمدار ڪارائي سميت پاڻ به کاٻي هٿ جو آڱوٺو مس ۾ ٻوڙي هڻيو ايندو هيو.
    تن ڏينهين اسان جي وڏڙن وٽ ڪو پنهنجو تڏو ٿُوڻي ڪونه هوندو هيو، گھڻو ڪري رگھي مل جي اوطاق ئي اسان جي وڏڙن جي مهمان تائيءَ جي آئي وئي جي ڪم ايندي هئي. گھڻو پوءِ نانا گل حسن کي پاڻ هرتو خيال آيو ۽اوطاق لاءِ هڪڙي اوڏڪيِ ڀِتِ جيِ ڪوٺيِ ۽ ڇَپرائِين لانڍي ٺاهيائين، ۽ اتي هڪڙو ننڍڙو هَٽُ به رَکِيو هُيائين.اها ڇپرائين لانڍيِ ، پوءِ اها ڇپرائين لانڍي اسان جي وڏڙن کي اوطاق جو ڪَمُ ڏِيندي هُئي .مرحوم ناني گل حسن، پنهنجن پراڻن پيل واڍِڪن اوزارن سان ڪاٺَ جِي هڪڙي وَڏِي صَندُل به ٺاهي لانڍيءَ ۾ رکي هئي .لانڍيءَ جي آڳر ۾ سرينهن جي هڪڙي وڻ جي چڪي آڻي لڳائي هيائين جيڪو پوءِ اسان جي سانڀر تائين وڏو وڻ ٿيو بيٺو هوندو هيو، گڏوگڏ ڪجھ ٻٻرن جا وڻ به پاڻهي ٿي پيا هيا . جنهن جي ڪري لانڍيءَ جي آڏو سڄو ڏينهن ڇانو ۽ ٿڌڪار لڳي پئي هوندي هئي . ڪاڙهي تتي جو ٻنين تان ٿڪي، ٽٽي، هَچُ ٿي ورندڙ هاري، صندل کي گِھلي سَرينهَن ۽ ٻَٻُرن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ رکي، پَٽڪا سيراندي ڪري اَچِي آراميِ ٿِيندا هُيا. نانا گل حسن لانڍيءَ جي وِچَ ۾ سياري جي مَچَ لاءِ هڪڙي چُلھ به ٺهرائي هئي.جنهن ِ تي سِياري توڙي اُونهاري، نانا جي ڀاءُ، مرحوم هاشم جِي چانھ جي ڪِٽِلِي ڏينهن لڙئي ويلَ چَڙهندِي هُئي .مرحوم هاشم چانهه جو اهڙو ته ٻانڌاڻِي هوندو هُيو، جو ڀلي ته اوطاق ۾ ڪيترائِي مِهمانَ ويٺا هُجن، ڀلي ته ڪيترائي سَلهٽيل هاري به ويٺا چپ چَٽِين. پر مرحوم هاشم، چانھ جي ڪنهن کي سَکڻِي صلاح به ڪونه ڪندو هُيو. جڏهن پاڻ چانھ جا کوڙ سارا ڪوپ پي ڍوءُ ڪندو هيو. تڏهن ڀر ۾ ويٺل ڪنهن ماڻهوءَ يا مهمان کي رسم پوري ڪرڻ لاءِ سَکڻي صلاح ڪندي چوندو هيو ته ، ڀائو چانھ جو ڍُڪ کن بچيو آهي، جي پيئين ته اچي پيءُ. هاشم مرحيات صفا درويش ۽ سڌو سادو ماڻهو هوندو هيو. پنهنجي ٻنيءَ سان عشق جي حد تائين چاهت هوندي هيس، رات ڏينهن ٻنيءَ ۾ هڻ وٺ ۾ هوندو هيو.پاندي پوري ٿئي يا نه ٿئي تنهن سان مرحيات جو ڪو ڊُول ڪو چمٽو.!! بس هلڻو آ ۽ ڪم ڪرڻو آ. هلي هلي مرحيات جا پير ڍڳي جي کُرن جهڙا سخت ٿي ويا هيا، هڪڙي ڀيري پيرين اُگهاڙي، هَر ڪاهيندي ڪنهن لُنڊيءَ تي پير اچي ويس،لُنڊي به کُڙِيءَ ۾ ٺوڪي کڻي چڪ وڌس، هن جا پير به ڍڳن جي کُرن جهڙا هجن ، سو همراھ کي ڪَل ئي ڪانه پئي، ته لُنڊي چهٽي پئي آهي ،هلندي هلندي گهڙيءَ گهڙيءَ کُڙِيءَ جي زمين تي کُپڻ سان لُنڊي ته ڪڏهوڪي پُوري ٿي وئي هئي ، هي همراھ الائي ڪيتري دير انهيءَ لُنڊيءَ کي گهليندو وتيو. ۽ جڏهن ڪنهن تو مون پاري ڍڳن جي وراڻي تي ڏَسِيُس ته ميان هاشم پير ۾ لنڊي چُهٽي پئي اٿئي . ته همراھ جوڙو ڇڏي لنڊيءَ جي سراپ ۾ ڍَڪرجي پيو.پوءِ ته رڙو رڙ ڪري ڪي ڪلاڪ اوڙو پاڙو ۽ هاري ناري پريشان ڪري وڌائين.


    5

    مرحيات هاشم بنهي گهڻو ڊڄڻو هوندو هيو، جهيڙي جهٽي توڙي ڦڏي فساد کان اهڙو لهرائيندو هيو جهڙو گنجو پاڪيءَ کان. ڳوٺ ۾ يا اوڙي پاڙي ۾ ڪو ٿورو گهڻو گوگاءُ ٿيو يا ڪو هڪ ٻئي ۾ ٺُڙڪو سُڙڪو ٿيو ته مرحوم پاڻ بچائڻ لاءِ گهڻو ڪري اَن جي ڳوڻين جي سَٿيءَ جي پويان لِڪي ويندو هيو. هڪڙي ڀيري ڪي چورن چڪارن تي بندوقن جا وڌيڪ ڌُوڙيا ٿيا ته هن مڙس کي اچي سِر جي لڳي،گهر ۾ اَن جي سَٿي نه لڌس ته ٽُپ ڏيئي وڃي اَن جي گُنديءَ ۾ لِڪو.جڏهن هئو مئو ٽريو ته هن مڙس جي ڳولا شروع ڪيائون. تان جو گُنديءَ مان هڪلون ڪري چيائين ٻيلي جي خير ٿي ويو هجي ته وارو ڪيو مون کي ٻاهر ڪڍو ، ڀئو ۾ اندر ته گِهڙي ويس هاڻ نڪري نٿو سگهان.
    سو هيءُ مڙس جڏهن ٻنيءَ جي ڪم ڪار کان ويٺو ته وڏيرن وڙن ۽ ڪمدارن ڪاراون کي چئو چوان ڪرائي ڪڻڪن توڙي ڦٽين جي کرن تي ڪانگتڙو ٿي ويهندو هيو. پوءِ بس کٽ تي ويٺو ئي رهندو هيو ۽ چانھ ڪاڙهي کري تي رسائڻ جو بار پُٽس عنايت جي ڪنڌ ۾ اچي پيو. جنهن کي هو گهڻو ڪري ٻوڙو ٻوڙو ڪري سڏيندو هيو. خدا جي قدرت اهڙي ٿي آهي جو سندس وڏو پُٽ عنايت به نِسُ پِسُ پيءُ جهڙو آهي. ايئن جو ايئن ديڳڙي چاڙهيندو، پر حرام جو ڪنهن کي چانھ جي ڍُڪ جي به صلاح ڪري ، پوري ديڳڙي چَٽُ ڪريو وڃي. همراھ مون کان ڪي ٻه چار ورهيه ننڍو ٿيندو.جوانيءَ ۾ پير ڏنو سين ته شهيد ڀُٽي خلاف اچي واويلا ٻري، تان جو ضياءُالحق اچي ڌُو ٻاروچا ڪيو ۽ ڀُٽي صاحب کي جيل ۾ وڌائين. هڪڙي ڏينهن عنايت سهڪندو اچي منهنجو پاسي ۾ ويٺو ۽ هوريان هوريان هوريان پڇڻ لڳو يار! مون کي اهو ته ٻُڌاءِ ته ڀٽو صاحب ته جيل ۾ هليو ويو. هاڻ بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ اٽو ڪير وٺي ڏيندو هوندو؟ آئون سندس سادگي ۽ ڀورپ ڏسي حيران ٿي ويس. 1990
    جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڌاڙيلن سموريءَ سنڌ ۾ رِڻُ ٻاري ڏنو هيو، تڏهن هيءُ همراه حاجي محمد حسن جو هاري هيو، سو هڪڙيءَ رات ٻن ٽن ميگهواڙ هارين سان گڏجي پاڻيءَ جي واري تي پئي ويو، ته اوچتو ڪمند جي فصل مان ڌاڙيل عباس چانڊئي جو ٽولو اچي منهن ۾ پِيُنِ. همراھ ٻَڌو ٽُپ ڏئي وڃي هڪڙي کامي ۾ بيٺو، چيلئي ميگهواڙ ڌاڙيلن کي هَڪل ڪري روڪيو. ته ڌاڙيل عباس چانڊئي پنهنجي سيني تي سَجيل گوليون ٽارچ هڻي هنن کي ڏيکاريون. ميگهواڙ ويچارو هونئن ته گهڻو ئي دلير هيو پر گوليون ڏِسي صفا ڍَرو ٿيو هيو، ته هڪڙي ڌاڙيل هڪل ڪري کانئن پڇيو، هاڻ اوهان ٻڌايو ته ڪير آهيو؟ چيلئي ميگهواڙ سڀني هارين جون ذاتيون ٻڌايون. شر ذات ٻُڌي ڌاڙيل عباس چانڊئي ڇِرڪ ڀري ٻئي ڌاڙيل کي چيو ، فقير هوشيار ٿي اهو کامي ۾ بيٺل همراھ شر ٻروچ اٿئي ۽ ڀانئيان ٿو ته ڌڪ تاڙيو بيٺو اٿئي.!! هي عنايت مڙس اڳي ئي ڊڄڻو هيو ۽ ڌاڙيل ڏسي ويتر ساھ ٿي نِڪتس، مَٿان وري جو ڌاڙيلن به هڪ ٻئي کي هِن تي اک رکڻ جو چيو ته مڙس جو هيٺيون ساھ هيٺ ۽ مَٿيون مٿي رهيو. خير جيئن تيئن ڪري ڌاڙيلن مان جان آجي ڪرائي هي يارڙو ۽ ٻيا هاري ڳوٺ بچائڻ بجاءِ ڳوٺ کان پرتي جهنگ منهن ڪري وٺي ڀڳا ۽ ڌاڙيل ڳوٺ ڏي وريا پر اسان واري اوطاق کان پاسو ڏَيندا ،اڳتي وڃي احمد ڪانهي ۽ بيکي ميگهواڙ جي نالي چٺيون ڏيندا هليا ويا. هنن هاري همراهن جو اُتر ڏي منهن ڪيو سو ڪڻو ڪڻو ٿي ويا عنايت سڀني کان الڳ ٿي ٻن ٽن ميلن جو ڦيرو ڪري ،ڳوٺ جي الهندئين ڇيڙي تي سندس سوٽ مرحيات الهبچائي جي گهر وٽ جيئن تيئن رَسيو، اُتي ئي وڏي رڙ ڪري ڍَڪرجي ويو، گڏوگڏ سيئو تَپُ به اهڙو ته چڙهيس جو ڄَاڙِيون نه پِيون بِيهنس. جيڏيءَ مهل سَوڙِ مان منهن ڪڍي، تيڏيءَ مهل مٿان بيٺل ڪنهن نه ڪنهن عزيز کي ڏسي ته رڙ ڪري چوي تون بچي وئين؟ تون جيئرو آن ، هان ، پوءِ ڌاڙيلن ڪنهن ڪنهن کي ماريو؟ ڇا ڇا ڦريائون؟
    ساڳين ئي ڏينهن ۾ هڪڙيءَ سنجها جيءَ ويل جو ئي اچي ڪنهن ماڻهوءَ ٻُڌايو هو ته ڳوٺ جي اڀرندين پاسي ڌاڙيلن جو ٽولو ڏِسي آيو آهيان. انهيءَ رات اسان جي برادريءَ جو ڪو ڀَتُ هجي ننڍو وڏو قطارجي اوڏنهن هليو هُجي. گهر گهر ۾ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مَڙها ۽ ڪي مَڙِهيون موجود هجن. ۽ ميگهواڙن واري راڄ کان سواءِ شرن ۾ مرد ماڻهو مورڳهين ڪي ٽي چار هجون. چئني جي صلاح بيٺي ته ڳوٺ تي حملي ٿيڻ کان اڳ۾ ئي جنهن ٿُم ۾ ڌاڙيل لِڪل هجن تنهن تي پاڻ ئي هلان ڪري ڏيون. هڪڙو همراھ گهرن واري مورچي تي ڇڏي پاڻ مان ٽي ڄڻا اڳتي ٿا نڪرون. عنايت کان پڇيم ته ڏي خبر تون ڪيئن ڪندين؟ ته پنهنجي ڪُٻي ڇاتي ٺوڪي چيائين، “ ڀائو هاڻ پاڻ اڳيان ڊڄڻا عنايت ناهيون،پاڻ وارا اڳيان ڊپ ڊاوَ ويا الائي ڪيڏانهن، هاڻ صفا مڙس ماڻهو به نه پر شينهن ٿي ويا آهيون ، ڌاڙيل هجن يا ڪي ٻيا پاڻ اصل واھ جو وڙهنداسين. سندس اهڙيءَ دليريءَ تي حال گهڙي حيرت ته ٿي هئي ۽ پوءِ اسين ٻئي ڄڻا ڌاڙيلن جي ڏَسائيندڙ ٿُم طرف وڌيا هيا سين. ميل کن پنڌ ڪيو سين ته ڏکڻان وات سان هَنيل سِيٽي ٻُڌڻ ۾ آئي، وري ايتري ئي پنڌ تي اُتران به سِيٽي وَڳي. اسان ٻنهي جا ڪن به سَرلا ٿيا. پڪ ٿي ته همراھ ٽُٽل آهن ۽ هڪ ٻئي کي پيا ڳولين. تڙ تڪڙ ۾ هِن کي چيم ته اُترين سيٽي پري آ ۽ ڏکڻين ويجهي آ. تون هينئن ڪَرِ جو هِن واٽر جي ڦِٽل ڀَڏي ۾ ويهي سيٽيءَ جو جواب ڏي، آئون چوڪڙي کن اڳيان ناليءَ جي ڀَڏي ۾ ٿو ويهان. ڏکڻيان همراھ تنهنجي سِيٽيءَ تي واڪيا ايندا. ۽ بي خبريءَ ۾آئون کين ڀُڃي لاهيندس. مون ناليءَ جي ڪپ کي مورچو ٺاهي پير پڪا ڪيا، هُن به وڃي سيٽي هنئي، هڪڙي ٻي ٽي، سامهون به جواب آيس . پوءِ ٻنهي پاسي هوريان هوريان بلڪل ماٺار ٿي وئي. ماٺار تي منهنجي پريشاني وڌڻ لڳي. نه چُري سگهان نه پُري سگهان . نه ڪو کَڙڪو ڪري سگهان ڇو جو اندازي موجب جي ڌاڙيل هِن واريءَ سيٽيءَ تي آيا هوندا ته هاڻ منهنجي آس پاس ئي هوندا. ڪلاڪ کن ساھ گُهٽيو پيو هيس، نيٺ ڊپ اچي ورايم ته عنايت کنڀجي ويو الائي ڇا؟ پوپيٽ ڀَر ريڙهيون پائيندو، ناليءَ جو پيٽ ئي پيٽ وٺي هُن واري ٿُم تي پڳس ته ڪاريءَ وارا ڪک هجن. همراھ جو ڏس نڪو پتو. زمين پيرن هيٺان نڪري وئي، وري به ريڙهيون پائي جُوءِ ڇڏڻ جي ڪيم. ڪلاڪ کن جي اندر اچي ڳوٺ جي ويجهو ٿيس ته ڳوٺ جي ٻاهران مُک مورچي جي هيٺان باھ ٽمڪندي ڏٺم. ويجهو ٿيندي ڏسان ته هي يارڙو سڀني ڳڻتين کان آجو ٿيو چانھ جو ڪِٽَل باھ تي رکيو سُڪون سان ويٺو آ. هڪل ڪري چيو مانس نڀاڳا ايئن ڪيئن ڀڄي آئين ؟ ته ڏاڍي سڪون ۽ اعتماد سان وراڻيائين “ ادا سيٽيون وڄائڻ کان پوءِ عقل آيم ته، سُکيو به تونآهين ، مال ملڪيت به تو وٽ آهي ،ڌاڙيلن هٿان ڦُربين به تون، جي کڄندين ته به تون. پوءِ مان ڇو پنهنجو پاڻ ٻُوهي ۾ وجهان؟ ان ڪري دل ۾ چيم ته ڌوڙ وڃي پائي اميرو!!! اُٿ ڙي عنايت ۽ هلي ڪي ڪڙڪ چانھ جا ٻه ٽي ڍُڪ پيءُ ته ڊپ به لهئي ۽ ٿَڪُ به.
    ساڳئي زماني ۾ ڳوٺ تي پهري جي صلاح بيٺي، هرڪنهنجا وارا ٺهيا، هن کي ڪير گڏ کڻي ئي نه ، سڀ چونس تون ڊڄڻو آهين، ڀاڙيا اسان کي ئي مارائيندين. ته وڏو ٽهڪ ڏيئي وراڻيائين، اڙي بابا هي بندوقن جا ڌوڙيا ٻُڌي ٻُڌي هاڻ شينهن ٿي ويو آهيان، اوهان آزمائي ته ڏسو، پر هڪڙو هٿيار به ڏيو. پوءِ ڏسو منهنجي مُڙسي. نيٺ مڙس کي گڏيائون ، هٿيار مون ڏنومانس، قدرتي ٿي ڦِٽيس. جنهن رات هن جو وارو هجي، تنهن رات ڳوٺ کي ڏکڻين پاسي کان ٿي باھ لڳي. ٻيا همراھ ڀڳا باھ وسائڻ ۽ هن گوهي ڏني گهر ڏانهن. رڙوڙ رڙ تي سمورو اوڙو پاڙو اُٿي پيو ،اچي مَچي ڪري باھ وسائي وڌائون. نيٺ سڀني کي عنايت ياد آيو. اڙي هي درويش عنايت ويو ڪيڏانهن؟ هرڪنهن جي وات تي آيو ابا مڙس جي خبر چار وٺو.. ڪيڏيءَ مهل ڏسئون ته ڳوٺ جي اڀرندين پاسي کان ريشمي سوڙ مٿي تي رکيو، هڪڙي ڍڳي جو رسو هٿ ۾ جهليو پيو اچي، پويان مڙهي ماءُ به گِهلبي پئي اچيس. پڇيومانس، تون ته پهري تي هئين. پوءِهينئر آڌيءَ رات جو ماءُ ۽ ڍڳي سوڌو سَوڙ مٿي تي رکيو، ڳوٺ جي ٻاهران ڪٿان پيو اچين؟. ته منهن تي پڪائي آڻيندي وراڻيائين ادا ڪڏهن ڪڏهن سُڃائي به ڪم اچِيووڃي. ڳوٺ کي لڳل باھ ڏٺم ته سوچيم، سُکين جا مال متاع ۽ گهر سڙندا، پنهنجي پونجي آ هڪڙو ڍڳو، هڪڙي ريشمي سوڙ ۽ هڪڙي امان، سو انهن کي وٺي ڳوٺ مان هليو ويس ۽ هو تو وارو هٿيار به ڍڳي جي آهُري ۾ اڇليو اٿم، بيھ ته امان ۽ ڍڳو گهر ڇڏي هٿيار ڳولي اچان، ڏئيس نه ڪو ياروءَ پارو ڇورو ٻَرو. ۽ پوءِ لوھ نه ٿيون وري تو منجهان!!!
    هونئن ته مڙس چوريءَ چڪاريءَ کان وونءُ وڃي ، پر چانھ جي چُوس تي آڌيءَ اَسُر ماڻهن جي گهرن ۾ گِهڙي ٻڪرين مان کير ڏُهي اچڻ، اڄ به هِن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي، جيتوڻيڪ هن عمر ۾ انهي تان هڪڙي هلڪي ڦُلڪي ٺيپَ به کاڌي اٿائين پر مُڙي پوءِ به نٿو. ٺيپ کائڻ وارو قصو ٿيو هينئن جو هڪڙيءَ رات لُنڊي واٽر جي پاڻِيءَ جي واري تي هجون. همراھ اسان کان لِڪي ٻنيءَ جي ڀَر ۾ ويٺل ڪنڀارن جون ٻڪريون چوريءَ ڏُهڻ ويو ته جيئن ڪڙڪ ۽ دودپتي چانھ پي سگهي. اوڏيءَ مهل ڪي چور ڪنڀارن جون ٻڪريون چوريءَ ڪرڻ لاءِ اڳي ئي گهٽي جهليو بيٺا هيا ، چنڊ لڙي چڪو هيو پر چانڊاڻ اڃان به هيس، پري کان ماڻهو سُڃاڻجي نه سگهي پر دُڦ ڏسڻ ۾اچي پئي سگهيو. سو هن همراھ به تاڙِيو ته ، هائو ٻيلي مون کان وڏا شڪاري ته اڳي ئي بيٺا آهن. هاڻ اچي ڦاٿو، جي ٿو هڪل ڪري ته چور ٿا مارين ۽ جي ٿو رڙ ڪري ته چور ڀڄي ويندا، پر ڀاڳين مان ٿو اڙجي، ته ميان تون رات جو ٻين وڳين هتي ڇو آئين؟ نيٺ عقل جي دوڙ لڳائي پنهنجو پاڻ کڻي زمين تي ڇڏيائين، ۽ ڪِرندي ئي رڙ ڪيائين، گھوڙا ڙي!! ٽَنگ ڀڄي پئي. چورن جو اوچتي رڙ ٻڌي سي وٺي ڀڳا، ڀاڳيا به ڪونه جاڳيا ته هن به رکي رَلي ڪُلهي تي. چورن جو ٻڌو ته ٻئي ڏينهن نه را را ٿي نه ورهڙو ٿيو ته انهن کي به پڪ ٿي ته مڙس ڀاڳيو نه پر ڪو ٻيو هيو. نيٺ هڪڙي رات اڳ ڦري آيس، گهڻيئي قرآن کنيائين، ته اهو مان ڪونه هيس پر منهنجو ڀاءُ هيو پر هنن مڙسن به ڪو آواز مان سڃاڻي ورتو هيس. سوکِيسي پيل ٻه ٽي سئو روپيا به ڪڍيائونس، ٻِيڙين جو پاڪيٽ به ڦريائونس، ٿوري گهڻي ٿڦا ٿوڦي به ڪيائونس، جيڪا اڄ ڏينهن تائين باسڻ لاءِ تيار ڪونهي. ۽ پوءِ به پراين ٻڪرين مان چوريءَ کير ڏُهڻ کان اڃان به ڀان ڪونه ڪئي اٿس.
    خير اهي قصا پوءِ ڪبا پاڻ هلون ٿا اڳتي ، ناني گل حسن جي جوڙيل اوطاق جِي انهيءَ لانڍيءَ ڏي .جنهن جي پويان ۽ لڳولڳ اَسان جا جُهڳين جهڙا چار پنج گَهر هُوندا هيا. جِن کي مال جي ڀاڻَ جا وَڏا ڍِڳ جنهن کي اروڙي به چئجي ، سي اوطاق کان اَلڳ ڪَيو بِيٺا هُيا. اوطاق مان نِڪري اولهه مُنهن ڪَبوهيو ته گهر نظرِ ئي ڪونه اِيندا هُيا . رڳو ڀاڻ ئي ڀاڻ هوندو هيو. تن ڏينهين مال جي گاھ ڪُترڻ جون مشينون نيون، نيون آيون هيون،اسان جي سَڀنِي وڏڙن ، گهر ڏِٺ ڦوڙِي ڪري ،گاهه ڪُتِرڻ جي هڪڙي مشين وَرتِي هئي، جيڪا اوطاق جي ٻَٻُرن هيٺان پٿرن سان فٽ ڪري رَکِيلَ هُوندي هُئي.سڀڪو پنهنجي مال جو گاھ انهيءَ مشين تي اچي ڪُتر ڪري، بوه سان مَلي، مال کي ڏيڻ لاءِ گھر کڻي ويندو هيو. هرروزشام ويلي، جڏهن بابا سائين، قميص لاهي گاهَه ڪُترڻ جي مشين ڇِڪيِندو هُيو، ته آئون خَرچيءَ لاءِ بابا جِي قميصَ جا کِيسا ڳوليِندو هُيس. پر اُتي سدائين ڪارِيءَ وارا ڪَکَ هوندا هُيا . آئون بابا جي سهڪندڙ ساهن ۾ نيڻن جا ڪٽورا ڀرجندا محسوس ڪندو هيس، سندس نيڻن جا ڪٽورا ڇُلڪڻ تي هوندا هيا، يا ڪڏهن ڇُلڪي به پوندا هيا. پنهنجي اڪيلي پٽ جون محروميون ڏسي. ايئن قصو هلندو پئي آيو، هڪڙي ڀيري ٿيو هينئن جو بابا پاران گاھ جي ڀري اڇليندي، ڪُڪِڙ جا ڪجھ ٻَچا گاهه جي ڀَرِيِن هيٺان دَٻِجِي ويا هيا ۽ گاھ جي مُٺِ سان گڏ ڪُتِرجِي، ڳترا ڳترا ٿي، سامهون نِڪرَندا ڏِسي، بابا اُلٽيِن جا ڌَڌَڪا لائي ڏنا هيا۽ پوءِ باقي سمورِي حياتِيءَ ۾ ڪُڪڙ جو گوشت نه کاڌائين .ٻيو ته ٺهيو پر ڪٿي رت جا ٻه ڦڙا به ڏٺائين ته اُلٽين جا ڌڌڪا شروع ٿي ويندا هيس. ڪٿي ٻنيءَ ٻاري تي ڪو نانگ بلا ڏسندو هيو ته، انهيءَ جي مُنڍيءَ تي لٺ رکي، ڀڄڻ کان روڪي، پُٺيرو بيهي ،اوسي پاسي ۾ بيٺل ڪنهن ٻئي هاريءَ کي سڏ ڪندو هيو، ته ٻيلي وارو ڪر اچي مارينس. جيتوڻيڪ اوڏانهن منهن به ڪونه ڪندو هيو، پر پوءِ به تصور ۾ اهي ڪڪڙ جا ٻچا ايندي ئي، الٽيون شروع ٿي وينديون هيس.
    چون ٿا ته ميراڻيءَ ٻنيءَ جي حاجي اسلم صاحب پاران مقاطعي کڻڻ بعد اڳيون مقاطعيدار حاجي قيصر خان راڄڙ، رگهي مل تي تمام گھڻو ڪاوڙيو هيو، کيس رڳو شڪ ڪونه هيو پر اها پڪ هئي، ته حاجي اسلم کي مقاطعو ڏيارڻ ۾ رگھي مل ئي ميرصاحب کي سفارش ڪئي آهي. انهيءَ ڪاوڙ ۾ ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ ڏي وڃي،ڀرڳڙين جون کوڙ ساريون زمينون مقاطعن تي ورتيون هيائين،۽ ماما رمضان کي هاريءَ مان ترقي ڏيئي ڪمدارُ ڪري، ڊينگاڻ ڀُرڳڙي ڏي وَٺِي وِيو هيو. هاڻي جو ماما اوڏانهن ويوهيو ، ته بابو سائين اڪيلو ٿي پيو هيو. ۽ جيئن ته انهيءَ زماني ۾ اسان ميراڻي ٻنيءَ جي مقاطعيدارن وٽ ٻن جوڙن جو هارپو ڪندا هياسين، تنهڪري بابا سان ٻئي جوڙي تي هڪڙي ٻئي سرڙئي هاريءَ جو گڏ هجڻ ضروري ٿي پيو هيو. جنهن لاءِ انهيءَ سال کان بابا سان گڏ، ٻئي جوڙي تي ،جانجهو ميگهواڙ سِرِڙِيو هاريِ ٿِي ڪَمائِڻ لڳو. جنهن لڳ ڀڳ پندرهن سال بابا سان گڏ اها جوڳ پچائي هئي. هونئن ته اها خبر اسان کي به ڪونه پوندي هئي، ته جهانجهي ڪيترا سال بابي سان گڏجي سور پٽيا هيا. پر پيريءَ ۾ هو پاڻ اسان کي ٻُڌائيندو هيو ته مون پندرهن ڪَتيون اڪبر سان گڏ هارپو ڪيو هيو. واضح رهي ته تنهن زماني ۾ سال به فصلن جي حساب سان ڳڻبا هيا. جانجهي جون پندرهن ڪَتيون معني پندرهن ڪَتيءَ جا فصل ٿيندا.
    حاجي اسلم صاحب جا گھڻي وقت کان جماعتي فقيرن سان تعلقات تمام گھاٽا هوندا هيا، نه رڳو جماعتي فقيرن سان پر پير صاحب پاڳاري سان پڻ تمام ويجها تعلقات هيا، پير صاحب، ته هميشھ جيان اڄ به کيس تمام گھڻو ڀانئيندو آهي. انهيءَ ڪري سندس هرهڪ واٽر تي ڪونه ڪو جماعتي فقير، قاضي يا ڪمدار هوندو ئي هوندو هيو. سندس هرهڪ واٽر تي هڪڙي اڌ جماعتيءَ فقير جو گهر به لازمي هوندو هيو. سوانهي ڪري ئي هُن، اسان جي ڳوٺ ۾ رائت مل وارن جي خالي پِيَل ڪوٽَ ۾ ڦتُوءَ نالي هڪڙي مهرفقير کي ويهاريو هيو. ڦتُو مهر، قداورمُڙس هيو ،پر جي پاڻ ايئن چئون ته پنج هَٿيو مڙس هيو ته به ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو، چاپئين ڳاڙهِي ڏاڙهِي هوندي هيس، سُفيد مَلمَل جي پَٽِڪي ،سُفيد قَميِصَ ۽ گوڏِ سان وڏيءَ ڏَيا ۽ هَشمتَ سان ڳوٺ ۾ هَلندو وتندو هيو.اسين پنهنجي وَڏِڙن جي واتان اڪثر اهي خبرون ٻُڌندا هُياسين ته ڦَتُو فقير مهر ،پنهنجي وَقتَ جو وڏو ڌاڙيل هيو .ڌاڙيل ٻُڌي اسين ٻارَ ويتَرِ سندُس هَشمت جا دِيوانا ٿِي چورِيءچوريءَ ڏانهَس ڏِسندا هُياسين. جيتوڻيڪ چاچو ڦتو پوءِ ڪجھ وقت بعد هتان لڏي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي آباد ٿيو هيو. ۽ گھڻو پوءِ مون کي خبر پئي هئي ته جنهن ڦتوءَ مهر کي اسان جي ڳوٺ جا سٻاجهڙا ماڻهو ڌاڙيل چوندا هيا. سو ڌاڙيل نه پر آزاديءَ جو ويڙهاڪ اهڙو غازي هوندو جنهن پنهنجي مرشد جي حڪم تي لبيڪ چئي انگريزن جي خلاف جنگ جوٽي هوندي. جيئن عام ويڙهاڪن لاءِ انگريزن هُلائي ڇڏيو هيو ته اهي ڌاڙيل آهن. سو ڪاڪو ڦتو مهر به اهڙو ئي سرفروش هوندو. پوءِ ته وري ڪاڪي ڦتوءَ سان ملڻ جو شوق جاڳيو، پر ايستائين ڪاڪو ڦتو به اوڏانهن وڃي چڪو هيو جتان ڪوبه ڪونهي وريو.
    تن ڏينهين الائي ڪٿي جا شر ۽ مري، ڪنهن ٻانهن جي چڪر تان پاڻ ۾ ٽڪريا هيا، ۽ هڪ ٻئي جي گهرن تي هلائون ڪيون هيائون. تنهن تان اسان جي وڏڙن کي اچي ڦِڦڙيءَ ورايو هيو، ته متان مري ٻروچ اسان جا هيکلا گھر ڏِسي حملي آور نه ٿينِ. يا ڀانيان ٿو ته حاجي ورند نالي هڪڙي منڊڙي مريءَ، سندس راڄ پاران ٿيندڙ صلاحن بابت ڪو اندر جو احوال اوريو هين. ڇو جو حاجي ورند ۽ هن جا وڏڙا ڪي ڪيترا سال مال جي سانگي سان هتي رهيا پيا هوندا هيا. ۽ اسان جي وڏڙن سان ايئن رستو ٿي ويو هين جهڙا گهر جا ڀاتي هجن. انهي ڊپ جي سوران مامو رمضان اڳئين ٻوٿ واري هڪڙي ويگن ڀاڙي تي ڪري آيو هيو جنهن ۾ چڙهي سمورين مائين جو لشڪر، اسان ڇوڪرن سميت پٽيل سمي جي ڳوٺ ۾ وڃي رهڻ لڳو هيو، مال متاع تي ابو اڪيلو واهي ٿيو ويٺو هوندو هيو. پٽيل سمي خان هيڏين سارين آڪهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي پنهنجو گهر خالي ڪري ڏنو هيو، گڏوگڏ اٽو، ٻاٽ توڙي لوڻ مرچ به هڙان وڙان وٺي پيو هڙني کي کارائيندو هيو. تن ڏينهين مرين پاران ٿيندڙ ڪنهن اويل سويل جي امڪاني حملي ۾ مدد لاءِ ڪاڪو ڦتو مهر ۽ حاجي محمد رحيم مهر پاڻ هرتو ، پنهنجون رائفلون کڻي اچي، سڄي سڄي رات ابي سان گڏ اسان جي خالي گھرن تي پهرا ڏيندا هيا. ٿورين گهڻين ڏينهين اهو قصو هڪڙي پاسي ٿي ويو ته سڀڪو وري اچي پنهنجي ڪکين آباد ٿيو هيو. ڦتوءَ ۽ محمد رحيم مهر جي ڏکئي وقت ۾ ڪيل مدد تي اسان توڙي اسان جا وڏڙا سندن اهي ڳُڻ هميشھ لاءِ ڳائيندا ايندا آهيون.
    گھڻو پوءِ مرحوم محمد خان جوڻيجي جي بادشاهيءَ واري دور ۾ هن علائقي جي حُرن فقيرن ۾ توڙي عام خلق ۾وَڏِي ناماچار پيدا ڪندڙُ ،فقير عبدالله مَهر ،اُن وقت تمام گهڻي ڪَسمپرسيءَ ۽ غُربت جي حالت ۾ حاجي اسلم جو سَٺ روپيه ماهوار پگهار تي ڪمدار ٿِي ڇَنَ ۾ آيو هُيو، هو پنهنجي ذات ڀائيءَ ڦَتُوءَ بَجاءِ، نانا گل حسن وٽِ مانيِ کائيندو هُيو. ڇاڪاڻ جو نانا گل حسن جي گهر واري جماعتڻ هوندي هئي، عبدالله فقير، پنهنجن وڏڙن جي ڌرميلي جي حساب سان کيس پُڦي چوندو هيو. اَڪثر ڪري مَلمَل جو پَٽِڪو سيراندِي ڪَري، مَنجهند جي ننڊ به نانا گل حسن جي اُنهيءَ اوطاقي صندُل تي ڪندو هُيو .پوءِ مٿس رب سائين راضي ٿيو ته سندس وارا نيارا ٿي ويا، مرحوم هوندو به راڄن جو مَٽُ هيو، سوالي ايندڙ امير هجي غريب، واقف هجي اڻواقف، آڌي هجي اَسُر هجي ، عبدالله فقير ، سندس سڏ تي نڪرندو ته پٽڪي ٻَڌڻ جي به دير ڪونه ڪندو هيو، پٽڪو ڪڇ ۾ کڻيو ايندو، سو به انهيءَ جي ڪم لاءِ هلندي هلندي ٻَڌندو هيو. ۽ گھڻو پوءِ مرحوم جڏهن هي جهان ڇڏيو هيو ته سندس جنازي ۾ ماڻهن جا انبوھ ڏسي ڪامريڊ رمضان ميمڻ مون کان پڇيو هيو ته، هن ماڻهوءَ جي زمين ڪيتري هئي، مون جڏهن ٻُڌايو هيو مانس ته صفا غريب هيو ۽ ڀانيان ٿو ٻني صرف اٺ ايڪڙ هيس ، ته ڪامريڊ رمضان به، مڙس جي هيڏي وڏي راهوڻي ڏسي حيران ٿي ويو هيو.
    مهيني ماس،جڏهِن ماما رمضان ڪمداريءَ تان اِيندو هُيوته اُن جا پاڙيسرِي دوستَ، عالم ڪيريو،آچر ڪورِي ۽ ٻيا گهڻا اَچِي گڏُ ٿيندا هُيا . اوطاق تي وَڏيِ ڪچهري مچنديِ هُئي.اُنهيءَ ڪَچهريءَ جو مورُ هوندو هُيو مجنو مرحياتُ . مجنو، پنهنجي نالي پَٽاندڙ سادِڙو ، سَٻاجِهڙو،الله لوڪُ بَندو، ڊِگهي قَد سان ،چاپُئين ڏاڙهِيءَ سان ،مَلمَل جو پَٽِڪوٻَڌِيو ،ميرڙا ڪپڙا پَهرِيو،سُٿَڻ جو هِڪُ پانچو هيٺِ ٻِيو مَٿي ڪَرِيو،سڄي ڳوٺ ۾ مُرڪندو پِيو هلندو هُيو.سندس سادگي اهڙي هُئي، جو جيڪَر لُوسڻ جو گاهه لُڻَڻَ ويهندو ته وِيندو لُڻندو، ويندو لُڻندو ، پهر گذري ويندا هيا، مرحيات پوئتي لَوَڻو ئي ڪونه ڦيريندو هيو.پويان ڪونه ڪو شاهِينگ ڀَرِيُون ٻَڌِي گاههُ کَڻِي وِيندو هيو. مجنو مرحيات، گاھ لُڻي،لُڻي جڏهن دل ئي دل ۾ سَمجهندو هيو، ته هاڻي ٻه ٽي ڀَرِيُون گاهُه ٿِي ويو هُوندو. تڏهن پوئتي لَئوڻو ڦيريِندو هيو ته گاهه جُون مُرڳهين ٻه ٽي سَٿرِيُون پيون هونديون۽ پري پري تائين ڪو ماڻهُو به ڪونه ڏِسبو هيو . تڏهن مڙس حيران ۽ پريشان ٿي ويندو هيو. ۽ شام جو حيرت مان ڳوٺ وارنِ کي ٻُڌائيندو ادا اڄ ،جان ڀانِيان ٿو، جِنَ منهنجو لُئل گاهُه کڻِي وِيا هيا،جان ڀانِيان ٿو، گاھ لُئو ئي ٿورڙو هُيم.وڏي ڳالھ ته گاھ جا چورَانهيءَ ڪچهريءَ ۾ موجود هُوندي پِيا کِلندا هيا ۽ مجني مرحيات جي خبرن جا مَزا وَٺندا هئا.
    آچر ڪوري ۽ عالم ڪيريو، مجني مرحيات سان تمام گھڻا چَرِچا ڪندا هئا، ته خلقَ وڏا ٽهڪ ڏيئي کِلَندي هئي ،اصل ڪُوڪِرِيا ٿِي ويندا هيا. ۽ جڏهن مجنو مرحيات، هُنن جي هر چَرچَي جو جوابُ چَرچَي ۾ ڏِيندو هيو، پر سندس چرچي تي کِلندو ڪير به ڪونه هيو، سڀ چپ ڪري ويٺا هوندا هيا. مرحيات هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندو هيو، ادا ،ڀانيان ٿو ته مون وارو چرچو ڪونه لڳو. اِئين چئيِ پاڻ ئي کِلَ ۾ ٻُڏِي ويندوهيو.سَهِپَ ۽ سادگِي اَهڙِي هوندي هُيس جوهِڪڙي ڀيري ڳوٺ ۾ کدڙا فقير ساليانو لاڳُ وٺڻ آيا، ڪَنهن ماڻهوءَ کين هڪڙو روپيو ڏَئي سَمجهايو ته مجني سان جهيڙو جوٽيو، ته تو اَسان جِي حَدَ ۾ ڪِنو ڪمُ ڪَيو آهي، گَهڙِي ئي نه گُذرِي ته کدڙن فقيرن همراهه کي ڌوڙ ۾ دَسي ، پير ۾ مينهن جي رسي جهڙي سُرڪڻ وجهي، وڏيءَ ٿوڻيءَ ۾ ڪلي وَرُ ڏئي کڻي ٻَڌو، چئي ،اسان جي حَد ۾ ڪِنو ڪمُ ڪَيو اٿس، اُن ڪري مَڙهِيءَ۾کڻِي وينداسُونس. چئوکنڀي ٻڌل، مجني مرحيات جون رَڙِيون ۽ رڙين سان گڏ کِل بند ئي نه ٿِئيِ ،وَرِيو وات تي آڱُر رکي سوچي، چوي ٻيلي، اهڙو ڪِنو ڪم ته يادِ ئي ڪونه ٿو اَچيمِ، پَر اَوهان سَچا هُوندا، اِنسانُ خطا جو گھرُ آهي، مونکان به ڪونه ڪو ڪنو ڪم ٿي ويو هوندو.هِيءُ ڀيرو مونکي معافِي ڏِيو، آئينده اِيئن ڪرڻ کان توبهه ڪَيَمِ.
    تن ڏينهين، سانگھڙ جو رهاڪو جمعو ميربحر، هن تر ۾ مکيءَ ڍنڍ جون مَڇيون وڪڻندي وڏي راهوڻي ڪري ويو هيو. هر ننڍي وڏي سان قرب جا پير ڀريل هُيس .انهيءَ جي ڀَتَ تي هن تر جي هرڪنهن راڄَ جا ڊَزنُ کن همراهه سنبِريا. تڏهن سانگهڙ وَڃڻ جو واحد ذريعو ريل گاڏي هُئي . جهول جي اسٽيشن تي ريل گاڏيءَ مان لَهِي، پوءِ پيادل، ڍڳي گاڏين يا ٽانگن ۾سانگھڙ وَڃِبو هُيو. سو هن راڄ جا مڙس ڀَتُ کائي واپس ورندي مهل،جڏهن ريل جي اسٽيشن تي پهتا، ته ان وقت ٽڪيٽون وَٺڻ واري هَمراهه ٽڪيٽون ته سڀني جون پوريون وَرِتيون ،پر سنگت آڏو ڪينچي ڇاپ سگريٽ جي پاڪيٽ جو ڳاڙهو ٽُڪرو ڪَٽِيو کَڻيو آيو ۽ چيائين ،ادا پوري ٽيشڻ تي مَرداڻيون ٽِڪيٽون هُيون ئي يارهن ۽ پاڻ ڄڻا آهيون ٻارهن،مجنو رَهِجِيو ٿي ويو، سو اُن لاءِ مجبوريءَ ۾ هيءَ زَنانِي ٽِڪيٽ آندِي اَٿمُ، ٻي ريل به الائي ڪڏهن اچي، تنهنڪري مڙس اڻائو سڻائو پاڻ سان گڏ ئي هلي گھر ڀيڙو ته هلي ٿئي. تڏهن مجني مرحيات، سندس لاءِزناني ٽڪيٽ آڻيندڙ انهيءَ ڳوٺائيءَ جو اَحسان مند ٿيندي، کيس چيوهيو ته، چڱو ڪيئه يارنه ته رُليِ وڃان ها. هاڻي مجني مرحيات لاءِ مسئلو اهو ٿيو هيو ته همراھ ڀائيءَ مان مائي ڪيئن ٿئي . ان تي سموريءَ سنگتِ صلاح ڏِنَسِ ته ,ڀائوُ مائِي ٿيڻ لاءِ، پَٽڪو لاهي چيلهه سان ٻَڌُ، جُتي لاهي ڪَڇَ ۾ ڪر،۽ انهيءَ ٻِپُڙي اَجرڪ ۾ ويڙهجِي سيڙِهِجي وڃِي ريل ڀيڙو ٿيءُ ، پوءِ کَٽن ڀاڳ. ۽ پوءِ سنگت جي صلاح تي عمل ڪري، ٻِپُڙيءَ اجرڪ ۾ويڙهجي سيڙهجي، گھونگھٽ ڪڍي اچي ريل گاڏيءَ جي گاڏي ۾ ڪُنڊڙي وٺي مُڙسن جي وچ ۾ ويٺو.۽ جڏهن ريل جو ٽڪيٽ ڪنڊيڪٽر گاڏي ۾ ٽِڪيٽون چيڪ ڪرڻ آيو. تڏهن مجني مرحيات جي سنگت، زور سان هِڪَ ٻِئي کي چَوي ته ادا ! ڏسو ماڻهو ڪيڏا نه شيطان ، اَکِ پور ۽ نرڄا آهن، جو مَرد هُوندي به مايُون ٿِيو پِيا ريل ۾ سَفرُ ڪَنِ، اصل نه حياءُ نه شرم .ته مرحيات کينِ ٺونٺيون هَڻِيو، هوريان هوريان ڪري اُوُن هُون، اُوُن هُون . مارايو نه ٻيلي .ايئن جهول کان ريل جو اهو ڊگھو سفر ڪاٽي، جڏهن مڙسن جو اهو قافلو ميرپورخاص پهتو ،ته ميرپورخاص جي اسٽيشن تي مجنو مرحيات اَجرڪ لاهي، جوتا ڪڇ مان ڪڍي ڇنڊي پائي،تکو تکو هلندي، ٽِي ٽِيءَ کي ڇاتيءَ ۾ سڌيون تِريون هڻي، ٻُٽ ڀَڄِي وِيو هيو.
    تن ڏينهين، مرحيات وٽ پنهنجو ڪو ڍڳو ڍور ڪونه هوندو هيو، سدائين سرڙيو هاري ٿيو پيو هِن يا هُن وٽ ڪمائيندو هيو. حاجي اسلم صاحب جي هارپي واري ڪم ۾ سختي ڏسي ۽ مجني مرحيات جي سادگي ڏسي، ٻنيءَ جي ڪم رُلڻ ۽ حاجي صاحب جي ڪمدارن ڪاراون جي ڇڙٻن جي ڀئوَ کان ڪير کيس سرڙيو هاري به ڪونه بيهاريندو هيو. ان ڪري حاجي اسلم صاحب کيس واندو۽ بيڪار ويٺل ڏسي کڻي پگهار تي رکيو، ته هو ڇَنَ ڏانهن ايندڙ ڪچيءَ رستيءَ تي ڇٽڪار ڪندو ڪري. پوءِ مجنو، بالٽيون ڀري سڄو ڏينهن رستيءَ تي ڇٽڪارون ڪندو وتندو هيو.تن ڏينهين حاجي صاحب وٽ هڪڙو سماٽ قبيلي جو ڏِنگو مڙس ڪمدار هُيو ، سو ايندي ويندي، ڏني نه ورتي، مجني مرحيات کي روزانو دڙڪا ۽ داٻا ڏَيو ويندو هيو. نيٺ مُڙس تنگ ٿي هِن، هُن سان صلاح ڪئي ته ،ٻيلي! مان جهڙو تهڙو تڏهن به رئيس آهيان، ٻروچ آهيان، هي ڪمدارڙو، سو به سماٽ جو، سو اچيو روزانو مونکي دڙڪا ٿو ڏئي، صلاح ڏيو ته ڇا ڪريانس؟. ڪنهن صلاح ڏنس ته، ڪمدار کي ڪن ۾ چَڪُ هڻي، ڪِرِي پئو. ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اصل دير ئي ڪونه ڪيائين. ڪمدار جو اچي کيس هاها ڪرڻ ۽ هن جو کيس ڪن ۾ چَڪُ هڻي ڪري پوڻ. هاڻ ڪمدار سميت ڌُوڙ ۾ ٻنهي جون ليٿڙيون هجن . ۽ هوڏانهن ڪمدار جون رڙيون هجن، ٻيلي وارو ڪريو، مڙس ڪَنُ پَٽي ويندو. تڏهن خدا جي خلق اچي مَسين، مَسين، ڪمدار جي ڪن مان مجني جي ڏندن کي جيئن جا تيئن زور لائي ته ٺهيو پر ڪاٺين جا گهوڪا هڻي آجو ڪرايو هيو. جڏهن اهڙي دانهن مقاطعيدار حاجي صاحب کي مِلِي هئي، تڏهن پڇيائينس ته ، رئيس مجنا خان، ٻُڌاءِ ڀلا ايئن ڇو ڪيئه؟ تنهن تي ٺھ پھ وراڻيائين، سائين مان جهڙو تهڙو تڏهن به رئيس آهيان، ڏِس تون به ماکي، رئيس ۽ خان ٿو چئين، ته هن سماٽ جي ماڻهوءَکي ڪيئن ٿي اهڙي همت ٿئي جو ماکي روز روز داٻا ڏيو وڃي. تڏهن حاجي صاحب سميت ڪچهريءَ ۾ ويٺل سمورو راڄ ڏاڍو کِليو هيو. ۽ اهو فيصلو ايئن ئي آيو ويو ڪندي ،حاجي صاحب ٻنهي همراهن کي ڀاڪر پارائي، اڳتي لاءِ ڪمدار کي به سختيءَ سان هدايت ڪندي چيو هيو ته هو مجني کي اڳتي لاءِ رئيس مجنو خان چوي. تڏهن مجنو خان خوشيءَ مان ڪنڌ ڌوڻي حاجي صاحب جي انصاف تي ڏاڍو خوش ٿيو هيو.
    سو اهڙا دَرِويش ۽ سادڙا، سٻاجهڙا ماڻهو،اوطاق جي اُنهيءَ صندُل تي ، ڏينهن ٺارِڻ لاءِ اچي ،صُبح جي پورهئي جا سمورا ٿَڪَ لاهي، کِل خوشيءَ جا ڪُوڪِرا ڪري،اوراڙِ پَراڙِ جُون خبرون ڪري، شام ٽاڻي ،وري پنهنجين ٻَنين ٻارن جي ڌنڌي ڌاڙيءَ تي راهِي ٿيندا هُيا.
    مجني مرحيات واري قصي کان پوءِ دل چوي ٿي ته ته هنن جي گهر جو به سمورو قصو ڪندو هلجي. قصو هيئن آهي ته اسان کي جڏهن کان ٿوري گهڻي متِ اچڻ لڳي هئي تڏهن کان ڏٺو هيم ته هيڏي ساري ڳوٺ ۾ اسان جي ٻروچڪن چئن ڀونگن مان هڪڙو هُنن جو به هيو. نه هُين ڪا ٻائي نه ئي ڪا ٻُٽي، هُيون ته هُيون سڄيون ساريون چار سِرن جون بلائون پنهنجن سِرن سان. هڪڙو قاضي سَنهيون، ٻيو مَجنون، ٽيون حُسين ۽ چوٿون قاضيءَ جو پٽ مَٽو. مُڙس پاڻ پچائين، پاڻ کائين، نه ڪا رڌڻ واري نه پچائڻ واري. ۽ وري جي ٻنيءَ تي کيڙيءَ کاٻار لاءِ وڃن ته نيرانا ئي الله توهار ڪن، پويان ڪا مانيءَ کڻي وڃڻ واري ته ٺهيو پر پچائڻ واري به ڪونه لَڀين، تنهنڪري مانجهاندي وارو ويلو ڀر پاسي جي هاريءَ جي آيل اڻڀي سڻڀيءَ مانيءَ تي ئي گذاري وٺندا هيا. گذارو به ڪهڙو، مڙوئي لَٻو ٿَٻو ٿي ويندو هين. باقي رهي رات جي ماني، سا مڙس پاڻ پچائيندا هيا، اسين اڃان ڇڙي چولي ۾ هلندڙ ٻلونگڙا هياسين، سو مُڙسالن کي اٽو ڳوهيندي، ٻوڙ رڌيندي ، مانيون پچائيندي، ٿانوَ ڌوئيندي ۽ ڦَريو( ٻُهاري) ڏيندي ڏسي حيران ٿيندا هياسون. ڇو جو اسان جي سمجھ موجب اهي سڀ زالاڻا ڪم هيا ۽ مُڙسالن جي ڪرڻ جا ئي ڪونه هيا.
    وڏڙن واتان ٻُڌو هيوسين ته جڏهن هو هتي پنهنجيءَ پڦيءَ ( نانا گل حسن جي گهر واريءَ )جي سانگي سان لڏي آيا هيا تڏهن ڀرئي ترئي گهر وارا هيا. قاضي سنهيون ۽ مجنون ٻئي سڳا ڀائر هيا ۽ حُسين فقير سندن سوٽ هيو. حسين فقير کي ٻه ڀيڻون هيون جيڪي قاضيءَ ۽ مجني سان پرڻيون هيون . قاضيءَ مرحيات تي کي هڪڙو پُٽڙو مَٽو پيدا ٿيو، ٿورن ڏينهن جي وٿيءَ سان ٻئي ڀيڻون راھ رباني وٺي ويون هيون. ۽ پوءِ هوريان هوريان مجنون ۽ قاضي به رمندا رهيا ، پر قاضي مرحيات ويندي ويندي پنهنجي پُٽ مَٽوءَ کي پرڻائيندو ويو هيو. رهيو حسين فقير، تنهن باقي سموري ڄمار پنهنجي ڀاڻيجي مٽوءَ جي در تي گذاري ڇڏي ۽ جَتي سَتي رهيو، نه پرڻيو نه پتريو. نه ڦُٽو نه ڦاٽو، نه وڌيو نه وِيجهيو. بس جهڙو آيو جن کان، تهڙو ويو تن ڏي.
    حسين فقير کائيندو پيئندو ته پنهنجي ڀاڻيجي مٽوءَ جي گهران هيو پر سندس رهائش هوندي هئي اسان واري گڏيل اوطاق. جيتوڻيڪ سندس وڏڙا پيرصاحب پاڳاري جي فرق واري جماعت سان تعلق رکندا هيا، نه ڪنهن جي ٿانَو ۾ پاڻ کائيندا هيا ته نه وري ڪنهن کي کارائيندا هيا. جيئن ته اسان جي سموري ڳوٺ ۾ حسين فقير هڪڙو ئي جماعتي هيو۽ سو به فرق وارو، سو الائي ڪڏهن کان هوريان هوريان فرق کي ڦٽو ڪري، سالم جماعت جو حصو ٿي ويو هيو.
    مرحيات مال جون ڳانيون، ڳانڍيا، نُڪتا، مُهرا ۽ مُڇيون ٺاهڻ کان سواءِ کوڙ سارن قسمن جي کٽن واڻڻ جو جراح ڪاريگرهوندو هيو. جن ۾ ڪانءَ پيريءَ کٽ واڻڻ کان وٺي ڪِلين تي سنهڙي مُڃ سان ٻارين ۽ گلن واري واڻيل کٽ به هوندي هئي. تنهن ڏينهين اسان جي گهر ۾ هڪڙو سرينهن جو وڏو وڻ هوندو هيو، ابي مرحيات انهيءَ کي وڍي، چيرائي کوڙ ساريون هارپي جي ڪم جون شيون ٺهرايون هيون، انهن کان سواءِ چار کن کٽون به هيون، جيڪي حسين فقير کي واڻڻ لاءِ ڏنائين ۽ مونکي سندس مدد ڪرڻ لاءِ چيائين. مُڃ جي واڻ جي لڙهيءَ کي کولي پري تائين وڪڙن کان بچائي سڌي رکي پوءِ انهيءَ جا ڍيرا ٺاهيندي مرحيات حسين فقير چيو ”ابا هيءُ کٽن واڻڻ جو به بنهي وڏو هنر اٿئي. سکي وٺندين ته ڪڏهن اوکيءَ ويل ۾وڏو ڪم ڏيندئي“. ايئن انهن چئن کٽن کي لڳ ڀڳ ٻن اڍائين مهينن ۾ واڻيندي، هن مرحيات مونکي به کٽن واڻڻ جو هنر سيکاري ڇڏيو هيو. پوءِ ڪي ڪيترا سال گهر جون توڙي اوڙي پاڙي جي ويجهڙن عزيزن جون کٽون، مفت ۾ گهڻو ڪري آئون ئي واڻيندو هيس. ۽ مٿن پنهنجي پنهنجي ڪاريگريءَ جو ڌاڪو به ويهاريندو هيس.
    گهڻو پوءِ حسين فقير جا هٿ ڪنهن بيماريءَ جي ڪري بنهي گهڻو ڏڪڻ لڳندا هيا پوءِ به ڳوٺ جا ماڻهو پڇاڙيءَ تائين به مرحيات حسين فقير کان مينهن جي مُڇين جون ڳنڍيون ڏيارڻ ايندا هيا. ۽ هو ڏڪندڙ هٿن سان به ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان اهي کين ڏئي ڏيندو هيو ۽ کٽون واڻائڻ وارن کي چوندو ٻيلي هاڻ هٿ چيو ڪونه ٿا ڪن، اوهان پاڻ واڻيو آئون مٿان بيهي ٻُڌائيندو ٿو وڃان ته هتان نوڙي هيٺان ڇِڪيو ۽ هُتان مٿان واريو. جيتوڻيڪ جوانيءَ ۾ هو ڍڳن جي ڳچيءَ ۾ پارائڻ لاءِ ڀلوڙ ڳانيون ٺاهيندو هيو. ۽ اهي به جي ڪنهن سنگتيءَ ساٿيءَ کي وڻيون ته ڍڳن جي ڪنڌ مان زوريءَ ڇوڙي ويندو هيس. مرحيات ارهو ٿيڻ جي بجاءِ اڳلي جي ارھ زورائيءَ تي رڳو پيو کلندو هيو. وري ٻئي ڏينهن هِتان هُتان چار پئسا اُڌارا سُڌارا هٿ ڪري ، شهر ويندڙ ڪنهن ماڻهوءَ هٿان رنگ برنگي مڻيا گهرائي واندڪائيءَ ۾ ويهي، وري ٻي ڳاني ٺاهڻ شروع ڪندو هيو. حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ شوڪارا ڀري چوندو هيو ” ير ڳانيون ته ويون ڳانين جي ماڳ، هاڻ ته ملڪ ۾ ڍڳو به ڳولئي ڪو وڙلي ٿو لڀي. الائي ڀٽارين ڍڳين ويامڻ ئي ڇڏي ڏنو آ الائي ڇا.
    حسين فقير جي شروع کان اوطاقي هجڻ ڪري، اسان جي جوانيءَ واري دور جي سمورن روپوش ڪامريڊن سان سندس ڪچهريون ٿينديون هيون، جلالي طبيعت ۽ سنهڙي هاٺي هجڻ ڪري کيس وڄ جا پاڻي هوندا هيا. ڪامريڊن جي ڪيل طبقاتي ڇيدن تي ڀڙڪو کائي چوندو هيو، هلو اٿو، هينئر ئي ٿا هينئن يا هونئن ڪريون. ڪامريڊ غلام حسين شر پارا ته ساڻس هڪل ۾ حامي هوندا هيا. پر تاج مري جنهن سان هن جا پيچ مرڻ گهڙيءَ تائين اهڙا گهرا هيا جهڙا جوانيءَ ۾، سوئي کيس سمجهائي ٿڌو ڪندو هيو. پر جي ڪنهن ڪامريڊ حر جماعت لاءِ ڪجھ غلط سلط چيو ته همراھ اهڙو بگڙندو هيو جو ڌڻي ڏئي امانُ. پوءِ ٻه ٽي ڏينهن هنڌ بسترو کڻي مَٽوءَ جي گهر هليو ويندو هيو، نيٺ ميڙون منٿون ڪري مَس جيئن پرچائيندا هياسونس. پڇاڙيءَ ۾ اها ريت نه ڇڏيائين ،ڀائيجي سان ڪاوڙيو ته ٻه ٽي ڏينهن ماني ٺُپ نه کائيندو هيو، اوڙي پاڙي واري سان ڪاوڙيو ته ٻه ٽي ڏينهن ساڻس ڳالهائڻو ناهي ۽ جي اوطاق تي ڪنهن ڇوڪر ڇٻر جو ڪو گفتو نه وڻيس ته مڏي مٿي تي هل مَٽوءَ جي گهر. ٻه ٽي ڏينهن گذريا، وري ساڳي اوطاق ، ساڳيو حسين فقير.
    سندس آخري وقت ۾اسڪولن جي پڙهاين جي گهٽجڻ جي اُلڪي سبب مونکي منهنجي اڌ مَڏي شهر ۽ اڌ ڳوٺ ۾ ڪرڻي پئي. ۽ پوءِ منهنجو ڳوٺ وڃڻ اٺين ڏهين ڏينهن ٿيندو هيو، پر جڏهن به ويندو هيس ته لڙيءَ رات جو ڳوٺ جي مسيت مان سندس ذڪر جي مِٺڙي هُو هُو هُو تي گهريءَ ننڊ مان جاڳ ٿي پوندي هيم ۽ صبح جو جيڪر حسين فقير منهنجي ڳوٺ اچڻ جو ٻُڌندو هيو ته لٺ تي رڙهندو الله لله ڪندو، ڊگهي تسبيءَ جا مڻيا سوريندو اچي پهچندو هيو،۽ ڏک سُک جا قصا اوري هينئين جو بار هلڪو ڪندو هيو، گڏوگڏ هڪڙي نصيحت به ڪندو هيو ته ”ٻيلي تنهنجي ابي جو جوڙيل هي تڏو نه ڦٽاءِ، ڇڏ شهر جي پچر، بنهي نه رهين ته جوان پُٽن کي اوڏانهن موڪل، تون هتي موٽِي اچ ته ڏکيءَ سُکيءَ ۾ هڪ ٻئي جا حال ڀائي هجون ۽ ويڙهو به ويران نه ٿئي“. نئين زماني ۾اسان جي ڳوٺ جي نئين سامايل ننڍي پوش مُلپ ڏي گهڻو وري پئي هئي، حسين فقير جي انهن سان ٺُپ ڪونه پوندي هئي، نماز به کانئن الڳ پڙهندو هيو. جي نماز جو ٽائيم ٿي ويو ته بسم الله ڪري اذان ڏئي، نماز پڙهي هليو ويندو هيو، ٻانگي ۽ پيش امام لاءِ ڪونه ترسندو هيو. خاص ڪري فجر جي اذان ختم ڪرڻ مهل لائوڊ تي ئي هڪڙي دل کي وڻندڙ دعا گهرندو ” ته اي صبح جا سائين !! جڳ جهان جو خير ڪجانءِ، هندوءِ مسلمين جو خير ڪجانءِ، حُر جماعت جو خير ڪجانءِ، جيت جڻي جو خير ڪجانءِ، پکيءَ پکڻ جو خير ڪجانءِ، ۽ انهن سڀني جي صدقي هن ڳوٺ جي ماڻهن جو، ماڻهن جي مال رزق جو به خير ڪجانءِ“.
    پڇاڙڪن ڏينهن ۾جڏهن به ساڻس ڪا ڪچهري ٿيندي هئي ته وصيعتون ڪندو هيو ۽ سڌو سنئون ڳوٺ جي ننڍي پوش وارن مُلن ڏي هٿ کڻي انهن جي سامهون ئي چوندو هيو ته ” منهنجي مرڻ کان پوءِ نه مون کي هي غسل ڏين ۽ نه ئي منهنجو جنازو پڙهن، (جيتوڻيڪ سندس پُڦيءَ جي سـڱ ۾ اُهي سڀئي سندس به ڏوهٽاڻ ٿيندا هيا) ۽ ها مونکي دفن به شڪور شاھ جي قبرستان ۾ عبدالله فقير مهر جي قبر جي پاسي ۾ ڪجو جتي منهنجي سڄي جماعت جا دوست دفن ٿيل آهن“. چوندو هيومانس ”فقير! تنهنجون باقي سڀ شرطون منظور، باقي قبرستان واري ضد تان لھ ٻيلي ڏاهو ٿيءُ، انهيءَ قبرستان ۾ نه پنهنجو مِٽ نه مائٽ، ڪنهن سان ڪچهريون ڪندين ۽ ٻيو آهي به پري ڪير چار قل پڙهڻ به ڪونه ايندئي“. ته وڏو ٽهڪ ڏئي وراڻيندو هيو” منهنجا مِٽ مائٽ منهنجا جماعتي آهن، جيڪي اُتي کوڙ آهن، پيا ڪچهريون به ڪنداسين ته ذڪر به ، پُٽ پَهي هونئن ئي ڪونهيم، باقي اوهان جي دل نه چوي ته پنڌ کڻي نه ڪجو،چار قل هتان ئي پڙهي بخشي ڇڏجو، پاڻهي ثواب ملي ويندم“. ۽ پوءِ خدا جي ڪرڻي ٿي به اهڙي جو جڏهن سئو ورهيه پورو ٿيس، ته سج لهي منهن ميراڻ ٿي هئي، قدرتي سڀئي نوڪرين وارا به ڳوٺ ۾ ئي هياسون. جڏهن سندس ڪفن لاءِ ڪنهن کي ڏوڪڙ ڏيندي سنبيريم پئي ته پريان هڪڙي همراھ روڪيندي ٻُڌايو ته مرحوم حسين فقير ڪفن ۽ دفن جي خرچن جي رقم گهڻا سال اڳ گڏ ڪري، ٽن ماڻهن کي شاهد ڪري ڳوٺ جي فلاڻي دڪاندار وٽ رکي ڇڏي آهي. انهن پئسن مان ڪفن آيو، غسل ڏيندي ، عبدالله فقير مهر جي پُٽ سميت پنجن ستن جماعتين جا فون آيا ته ”ابا حسين فقير اسان کي غسل ۽ جنازي نماز بابت بار بار وصيعت ڪندو هيو ته حُر جماعت جا ماڻهو ئي اهو ڪم ڪن ٻيا نه. توڙي دفنائڻ لاءِ به شڪور شاھ جي قبرستان بابت چوندو هيو“. کين وراڻيم ” ادا، فقير مرحيات مون سميت سموري ڳوٺ کي به اهي وصيعتون ڪندو هيو، هڪڙي غلطي سمجهو يا ڏوھ ته سندس جنازي کي غسل اسان ڏياري ڇڏيو آهي، باقي رهيل ڪم سندس وصيعت موجب صبح جو اچي اوهين ئي ڪجو“ . ۽ پوءِ جيئن ئي درويش جي وصيعت هئي، تيئن ئي سندس ميت حر جماعت جي هٿان سينگارجي شڪور شاھ جي قبرستان حوالي ٿيو.


    6

    ايئن منهنجي کٽون واڻڻ جو هنر سيکارڻ واري هن خوددار اُستاد جون جملي وصيعتون توڙي چَوڻيون پاڻهي پوريون ٿيون. اڄ سندس خود داريءَ کي سلام ڪرڻ تي دل ٿي چوي، ڇو جو جو سال کن اڳ۾ ئي پرديس پلاڻڻ جا پروڻ پوندي ئي، پُٽ پهي نه هجڻ جي ڪري، ڪفن دفن جي خرچ جو ڪنهن تي بار ٿيڻ بجاءِ الائي ڪيئن ۽ ڪٿان بلو ڪري، پاسيرا ڪري رکي ويو. پر پنهنجي لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر تائين کوڙ ساري ڀڄ ڊوڙ ڪرڻ جي باوجود هن کي پاڪستان جي شهريت نه ملي سگهي هئي. يعني شناختي ڪارڊ نه ٺهي سگهيو هيس، ڇو جو سندس والدين جا ڪارڊ ڪونه هيا ۽ ڪٿي پڙهڻ جو به رڪارڊ ڪونه هيس. ۽ والد مَٽائي ٻئي جو پُٽ لِکائي شناختي ڪارڊ هن به نٿي ٺهرائڻ چاهيو. ڀٽ ڌڻيءَ به ڀانيان ٿو هي سٽون اهڙن ئي فقيرن لاءِ جوڙيون هيون ته” جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي. تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پَڌري“
    آچر ڪوري ،جنهن جي اڳ ۾ ڳالھ پئي ڪئي سون ته مجني مرحيات سان ڏاڍا چرچا ڪندو هيو. سو به وڏو ٺِڙُھ هوندو هيو.مڙس قدآور هيو،ماتا جا سينئرا منهن تي هوندا هيس،رنگ پڪو ڪِرسيءَ جهڙو، صفا مسڪين ماڻهو هيو. مجني مرحيات جيان پنهنجو ڪو ٻنيءَ جو ٻارو ڪونه هيس. پر ڌڻيءَ ڀاڳ اهڙو ته لکيو هيس، جو وڃي ٿيا ست خير. مُڙس هر هميشھ ٽُو باءِ ٽو جي اڇي پاپلين جو ڌوٻيءَ جو ڌوتل وڳو پهريندو هيو. ڪينچي ڇاپ سگريٽ به مُٺ تي پيئندو هيو. تنهن جي به ڦُلي اُڇلڻ ويل جيڪا چپٽي وڄائيندو هيو، سا اڄ ڏينهن تائين ڪو به مائيءَ جو لال ڪونه وڄائي سگھيو آهي. چڱن مَٺن سان پير ڀريل هوندا هيس. جتي به ويندو هيو اتي محفل جو مور هوندو هيو.مير تاج محمد ٽالپر سان ته پَن ٻولِيل هيس. ٻارهوئي مير صاحب جي بنگلي جي حاضريءَ ۾ بيٺو هوندو هيو ۽ تر جي هڪڙي ٻئي وڏيري محبوب درس سان به مٿو مٿي تي ياري هوندي هيس .مرحيات جهڙو پڪي گفتي جو شاھ ڪاريگر اسان اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺو ۽ نه ئي وري ٻُڌو.ڪچهريءَ ۾ ويهي گفتو گفتي سامهون ڏيندو، اکر اکر جي سامهون چوندو، توري تڪي چوندو ، ڀري وڄائي چوندو، پر مجال آهي جي سندس وات مان ڪو ڪچو اکر نڪري، چرچي جو گفتو اهڙو پڪوڪڍندو هيو جو ڀلي ته ڪچهريءَ ۾ نياڻيون سياڻيون به ويٺيون ٻُڌن. مرحيات پنهنجي دور ۾ غريبت سريبت جي ڪاڻ ئي ڪونه ڪڍي. نه ئي وري ڪا لوڪ کي لکا پوڻ ڏنائين ته آچر ڪو ايترو غريب به آهي. پوءِ پيريءَ ۾ پٽن رُلايس، هن تر مان لڏو پَٽيائون ۽ الائي ڪهڙي جُوءِ وڃي وسايائون. ڀانيان ٿو آچر ڪوريءَ مرحوم آخري پساھ به ڪنهن ٻيءَ جُوءِ ۾ وڃي کنيا هيا، پر پوءِ به جنهن تر ۾ ڄائو نپنو،جتي ٺٺ ٺانگر سان رهيو، اُتي جي ماڻهن لاءِ اهو اڄ به اسرار رهيو، نه ٻني نه ٻارو، نه ڌنڌو نه ڌاڙي ، آچر ڪوري هيڏي ساري عيال جي پوري ڪيئن ڪندو هيو .
    اڳ ۾ به ذڪر ڪيو اَٿم ته مال جي گاھ ڪُترڻ مهل ، بابا جي لاٿل قميص مان خرچِيءَ ڳوليندو هيس ، ۽ سدائين بابا جا کيسا خالي ڏسي، ٻُوٿُ ڦِلهو ڪري ويهندو هيس. ڪڏهن قِسمتي، بابا کي ڪو روپيو ٻهَ هَٿِ ايندو هُيو، ته آنو ٻه آنا خرچِي مِلندي هُئي، نه ته ٿيو خير.! واڻِيَن جا ۽ قيصر خان جا قرضن جا ڪوٽ چڙهيل هوندا هُيا ، آمدنيءَ جو ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونه هوندو هيو. ٻيو ته ٺهيو پر ،ڦُٽِينِ چونڊڻ جي ڏِينهنِ ۾ امان سانئڻ ۽ جيجيءَ جِي ڦُٽِين جِي چُونڊاڻِي به بابا وارن جي پراڻي قرض ۾ جَمع ٿيندي هُئي .نئين مقاطعيدار حاجي اسلم، اچڻ ساڻ ئي نئون قانون ڪڍيو هيو ته ،هارين جي عورتن جي چُونڊاڻيءَ جي رَقم قرض ۾ جمع ڪرِڻ بَجاءِ کين هفتيوار روڪڙي ڏِني وڃي، ۽ جڏهن انهيءَ چونڊاڻي جي پئسن ملڻ جي بسم الله ٿي هئي ته، پوءِ ڦٽين جي ڏينهنِ ۾ اسان جي گَهر ۾ هفتيوار سَتَ ،اَٺَ رُوپيه اَچڻُ شُروع ٿيا هيا. جن مان گهر جا گهڻا تڻا خرچ به نڪرڻ شروع ٿيا هيا، ۽اسان ٻارن جا ته جاوا ٿِي پِيا هيا. ڦيرو ڏيئِي مائُرن کان آنو ٻه آنا وَٺِي، رُگهي مل جي نئين دُڪانَ تان ڪَتَل ،ڀُڳُڙا ۽ نَقُل يا ريوڙِيون وٺي،انهن جا کِيسا ڀري چَرَڪندا وتندا هُيا سين.
    ۽ جڏهن حاجي اسلم وٽ هارپي جو پهريون سال پورو ٿيو هيو،تڏهن به ڪنهن به هاريءَ کي ليکي جي ڪا اُون هئي نه ئي وري ڪو اُلڪو هيو. ڇو جو سڀئي هاري ورهين کان قرضن ۾پوريل هوندا هيا. نئين مقاطعيدار ٻني مقاطعي تي وٺڻ مهل سڀني هارين جو رهيل قرض رائت مل ۽ حاجي قيصر خان کي ڀري ڏنو هيو. سو کين پڪ هئي ته نئين مقاطعيدار جي هيڏن سارن نون خرچن ۽ اڳئين قرض جي هوندي کين رڳو بِلا ئي ٻُڌڻا پوندا. هونئن به هنن لاءِ ليکي جو ڏينهن ڪنهن عيد جي ڏينهن بجاءِ رڳو بِلا ٻُڌڻ جي ڏينهن برابر هوندو هيو، باقي ڪجه به نه. هڪڙي ڏينهن مقاطعيدار سڀني هارين کي پهرئين ليکي ٻُڌڻ لاءِ پاس بُوڪنِ سميت سي پوٺي جي زمين واري اوطاق تي سَڏايو هيو، ته مُصيبتُن جا مارِيل هاري اها سُس ڦُس ڪندي سي پوٺي سَنِبريا، چي، ڪهڙا ليکا، مڙئي اڳئين جيئان بِلا ٻُڌِي ،نئون قرضُ لِکائي موٽنداسين ،ٻِيووري ڇا ٿيندو!!.پاڻ هيل سال نئين زمينداريءَ ۾ نت نوان نوان خرچ ٿيا آهن، سو قرض وارو قصو اڳئين کان ٻيڻ ٽيڻ تي پڪ سان وڌندو ئي وڌندو.
    اُنهيءَ شام پَکِي پَکڻَ جي واهيري ڏانهن وَرَڻ جي ويلَ، ٻين هارين سان گڏ بابا به واپَس وَرِيو هيو ته سَندُس چَهرو ٻَهڪِي رَهِيو هُيو.اَمان ۽ جيجيءَ کي سَڏي چَيوهيائين، ڀاڳَ ڀَريُون مُبارڪُون هُجَنَوَ، سَڀِئي اڳيان پويان قرض لاهي پوءِبه سڄا سارا ٻهَ سئو ستاسي روپيه بَچتِ روڪڙِي مِلي اَٿم. اسان ٻارن سميت سموري گهر جي ڀاتِيِن جا بي يقِينيءَ وارا چَهرا ڏِسي، اَڳئين کِيسي مان سَئو پَنجاهه ۽ ڏَهَنِ جا ڪَڙڪ نوٽ ڪَڍِي ڏيکاريندي ،سَندُس نيڻ به اُٿليِ پِيا هئا. سمورن گھر جي ڀاتِين زِندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سئو، پَنجاهه ۽ ڏَهن جا نوان نوٽ ڏِٺا هُيا. وَرِي وَرِي هَٿِڙا ڦيري نوٽَ پِيا ڏِسُون ، ۽ انهن تي واري واري سان پيا هٿڙا ڦيرايون. اُنهيءَ رات سَڄن سَارن پَنجن روپين جُون ريوِڙِيون وٺي خدا ڪارڻ معصومن ۾ وِرهايون هُيونسِين. گهڙيءَ گهڙيءَ رب جي راضي ٿيڻ تي سندس شڪرانا پئي بجا آنداسون.۽ حاجي اسلم کي هٿ کڻي پئي دعائون ڪيون سين. نيٺ رات جو سانجڻ پاڻيءَ کان پوءِ سمهڻ مهل ، هڪڙي نئين مسئلي ڪر کنيو، ته بچت وارا اهي پئسا ڪِٿي رَکُون .اسان جي گهر ۾ نه ڪا ڪوٺِي هئي، نه ڪَٻٽُ هيو، نه دَرُ هيو نه دَرِي هئي،نه ڇِتِ هئي نه جارو هيو، ڪڙي ڀَڳل ڪاٺ جي هڪڙي پيتِي هُئي، جيڪا الائي ڪيترن جَنَمنِ کان اسان جي خاندان جو اَهم اَثاثو هُئي . اهي سِياري جا ڏينهنَ هُيا،اسان جي گهر جي ٿُوڻين تي ٺَهِيل ڇَپرَ هيٺان مَچَ تي ويٺي، ڇَپَر جِي وِچيِنءَ ٿُوڻيءَ تي امان ۽ جيجان پاران گَپَ۽ مِٽِيءَ سان، ٿَڦي ٺاهيل ٿنڀَ تي بابا جِي نظر پَئي ، ته يَڪدم چيائِين ، ڇونه هن ٿَنڀَ ۾ رَنبي سان ننڍڙو جارو ٺاهي، ڪوپَر جي داٻِلي ۾ پئسا وِجهِي، جاري ۾ رکي مَٿان گَپَ مِٽيءَ سان راڳي ڇَڏِيون!!. اها صلاح گھر جي سَڀني ڀاتين کي وَڻِي هئي ، پَلڪنِ ۾ رنبي جي کوٽ کوٽان سان جارو ٺَهيو هيو، ڪوپر جي داٻلي ۾ پئسا پِيا ۽جاري جو گُرکو راڳِجِي ساڳِيو ٿَنڀُ ٿي بيٺو هيو. تڏهن هرڪنهن جو اُلڪو لٿو، ۽ سڀڪو وڃي ٿانيڪو ٿي سُتو هيو.ٻِئي ڏينهن اها مِٽي سُڪِي، ته ٿنڀُ ٿَنڀَنِ جهڙو ٿي بيٺو. پوءِ به اِيندي وِيندي ،اُٿندي ويهندي گهرَ جي سمُورن ڀاتِين جِي اَکِ اُنهيءَ ٿنڀَ ۾ پُوريَل قِيمتي اثاثي ڏانهن ضرورُ وِيندي هُئي. اثاثو گھڻو ؟ ٻه سئو ستاسي روپيا!!!.
    ان زماني ۾ضرُورَتُون بنهي محدوُد ۽ نه هجڻ جيتريون هونديون هُيون، پَئسي جو کَپُ ٺُپ ڪونه هُوندو هُيو. جو ماڻهو اويل سويل ڪو رپيو ٻه به هروڀرو جوخرچي. هوڏانهن پئسا به ٿنڀ جي جاري ۾ محفوظ هوندا هُيا. ڪنهن کي ڪائي اون ڪونه هئي. ڇهن مهينن بعد ، روزن واري عيد ويجِهي آئِي، ته اچي بابا جا ڪَنَ کاڌا سين نَوَنِ ڪپڙن لاءِ. اِيئن نيٺ هڪڙي ڏينهن بابا راضي ٿِي، اَمان کي چيو ته ،پئسا ڪَڍِي ڏي ته گهَرَ جي سمورن ڀاتين لاءِ عيد جا نوان ڪپڙا وٺي اَچان. جاري جِي سُڪِي مِٽِي کوٽي، داٻلي مان پئسا ڪڍِي ڳَڻيا وِيا ،ته پنجاهه جو نوٽُ گُم هُيو ،سڀني کي مٿي تي هَٿَ اَچِي وِيا .گھر جي ڀاتين کان سواءِڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ ته اسان جا پئسا هِتي پُورِيَل آهن؟ ڪير ٿو چورُ ٿِي سگهي؟ .!سڄو گهر هڪٻئي ڏانهن پيو شڪي نظرن سان نهاري، اصل ۾ ٿيو هِيئن هُيو جو ماما رمضان جو پُٽ خان محمد ،پنج ڪتاب پاس ڪري ڇهين درجي ۾ ڪاٺڙيءَ پڙهڻ ويوهُيو۽ رَهندو به سائين گل حسن جروار جي گهر ۾ هُيو، کيس زماني جي هوا لَڳِي چُڪي هُئي، سو مرحيات الهبچائي پاران ڀٽ شاھ جي ميلي گهمڻ جي صلاح تي جارو ڀَڃِي، پنجاهه روپيه چورِي ڪري ، باقي پئسا ساڳيءَ جاءِ تي رکي، جاري کي لنبي، ڀٽ شاهه جي ميلي تي وِيو هُيو.ٻئي ڏِينهن سُهڻو بُوٽ به آندو هُيائين ،پڇا ڪرڻ تي ٻُڌايو هُيائين ته الهبچايو ميلي تي وَٺِي ويو هُيو۽ بُوٽُ مسجد مان چورايو اَٿم. مسجد مان چوريءَ جِي ڳالهه تي بابا کيس ٺِيڪ ٺاڪُ دڙڪا ڏِنا هُيا.اِيئن اُها ڳالهه آئِي وَئِي ٿِي وَئِي هئي.هاڻ جو پنجاهه روپيه کُٽا ته سڀني جو ڌِيان خان محمد ڏانهن وِيو.بابا کيس چڱِي موچارِي ڦيهَه ڪڍي ته باسِيائِين.گڏوگڏ آئينده لاءِ پنهنجي يا ٻِئي ڪنهن جي چورِي نه ڪرڻَ جو واعدوبه ڪيائين.
    الهبچائي جو قصو ڇيڙيو اٿئون ته ان جو به ذڪر ڪندا هلون. اسان ڇڙي چولي ۾ هلندڙ گينگها ڇوڪرا، جڏهن زوريءَ جهلجي پهريون ڀيرو اسڪول ۾ پڳاسين ته هو پنجين درجي ۾ پڙهندو هيو، اسان کان الاهي ڊگهو۽ قداور لڳندو هيو. اسان اڃان پٽيءَ ۾ الف انب بي بلا پئي ڪئي ته هو پنجون پاس ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ اسان جي زميندار قيصر خان راڄڙ جي ڳوٺ هليو ويو هيو، جتان روزانو ميرپورخاص وڃي الائي ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهندو هيو. اسان جي ڳوٺ مان اهو پهريون ٻار انگريزي پڙهڻ ويو هيو. ٻين کي مائرون ئي پرديس تي موڪلڻ لاءِ تيار ڪونه ٿينديون هيون، هو ته ڇٺيءَ جو ڇورو هيو، ماءُ تي رڳو پيٽ ۾ کڻڻ وارن نون مهينن جو بوجھ بڻيو هيو. سا ويچاري کيس ڄڻيندي ئي راه رباني وٺي وئي هئي. هن کي پاليو ڏاڏيءَ هيو تنهنڪري ئي ڏاڏيءَ انگريزي پڙهڻ واري ڳالھ تي راضي ٿي کيس شهر موڪلي ڇڏيو هيو. هو منهنجي امڙ جو سوٽاڻي سوٽ ۽ منهنجو مامو هيو.
    اسان جڏهن پنجين ۾ پڳاسين ته هو ڏهين مان ناپاس ٿي حاجي قيصر خان جو ڳوٺ ۽ ميرپورخاص ڇڏي واپس موٽيو هيو. تڏهن پيءُ شادي به ڪرائي ڇڏي هيس، ٿورن ئي ڏينهن بعد ڳوٺ به راس نه آيس ته هڪڙيءَ صبح جو ڏاڏيءَ جا ٻه ڪُڪُڙ چورائي، پير ٻڌل ڪُڪڙن کي ٽوال جي پُٺارڪ جيان ڪلهي تي رکي، الائي ڪيڏانهن جي پنڌ کي وڍيائين. بس پوءِ ڏينهن گذرندا ويا، هڪڙو وسڪارو ويو، ٻيو وسڪارو ويو، ٽيون وسڪارو به ويو پر همراه جي نه چِٺي، نه چَپاٺي نه خط نه پَٽُ، نه ڏس نه پتو. ڏاڏيسَ به ٻه چار ڏينهن لڙڪ لاڙيا، ڏاهين ماين کان ڦارون وجهرايون، پيرن فقيرن کان پُڇائون ڪرايون، نيٺ رُليو سهسائي، ٻُڏو سهسائي الائي مُئو سهسائي ماٺڙي ڪري ويهي رهي.
    تنهن زماني ۾ هن سموري تر ۾ حاجي احمد بخش ناريجي جي ڳوٺ ۾ هڪڙي پوسٽ آفيس هوندي هئي ۽ اسان رڙهندا رڙهندا جڏهن اٺين درجي ۾ پهتا هياسين ته مڊل اسڪول ڪاٺڙيءَ ۾ هڪڙي ڏينهن ٽپالي مونکي هڪڙو خط اچي ڏنو هيو، جنهن جي لفافي تي پوئين پاسي موڪليندڙ جو نالو ” لياقت بلوچ، رانگيواڙھ ڪراچي“ لکيل هيو. خط کي کولي جو پڙهيم ته اڙي هي ته مون وارو وڃايل مامو الله بچايو هيو. هن پنهنجي تفصيلي خط ۾ لکيو هيو ته هو ۽ هڪڙو جاٽو ميگهواڙ( جيڪو ڪراچيءَ پهچي مسلمان ٿيو ۽ نالو عزيز شيخ رکايائين) هتان ڀڄي ڪراچيءَ پهتا هيا، هلڪي ڦلڪي مزدوري ڪندا هيا ۽ شام جو انهيءَ مزدوريءَ جي ڪمائيءَ مان فلمون ڏسي، فوٽ پاٿن تي سمهي رهندا هيا. ٿوري وقت بعد کيس ڪنهن بحري جهاز تي خلاصيءَ جي نوڪري ملي وئي هئي ۽ هو اوڀر پاڪستان کان وٺي برما سميت هندستان جا به ڪجھ ٻيٽ گهمي آيو هيو. پوءِ اها نوڪري ڇڏي اڄڪلھ ڪراچيءَ جي هڪڙي نٽ بولٽ ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو، جتي جي مزدور يونين جو به اڳواڻ آهي.
    خط کڻي اسڪول مان اڏامندو ڳوٺ پهتو هيس، واھ واھ ٿي وئي، مڙني ماين توڙي ڀائين گڏجي ڏاڏيس سميت هُن جي ونيءَ ۽ پيءُ کي هن جي جيئري هجڻ ۽ وري لَڀي پوڻ تي مبارڪون ڏنيون هيون ته خوشيءَ مان لُڙڪ به لاڙيا هيا. ۽ رات جو اسان جي ڀونگن جي ننڍڙي راڄ مڙي صلاحون ڪيون ته ”هائو ٻيلي همراھ ته هٿيڪو آ پر مئي ڪاراچِيءَ ۾ پُڄي ڪير“؟ نيٺ ناني گل حسن ( سندس چاچي) پنهنجي سُلفيءَ ۾ ڊڀن جي ٻور سان ملايل تماڪ سان ڀري، تيلي ڏئي، دونهين جون لاٽون ڪڍندي اعلان ڪيو” مان خاجا اجمير ( اجمير شريف) تائين اُٺ لَڏيا آهن، ڪاراچي ته هيءَ پئي آ، سڀاڻي ئي ٿو وڃي ڪن مان جهلي وٺي اچانس“. ويٺلن مان ڪِن ته رڳو دل ئي دل ۾ سوچيو، پر گهڻن ته چئي ڏنس، ” ادا گُلسن!! بچايو ته هونئن ئي رُليو، پر تون به ڪاراچيءَ ۾ ڪُن جيڏي شهر ۾ رُلي ويندين“. پر هو نه مُڙيو، ٻئي ڏينهن ان جي پَليءَ مان مڻ کن ڪڻڪ جو ڪڍائي، ڪاڪي رُگهي جي هٽ تي وڪڻي، چار مانيون ۽ ڳڙ جي وڏي ڳنڍ ٽوال جي ڪنڊ ۾ اٽڪائي، ململ جي پٽڪي ۾ ڀاڙي کان وڌيڪ پئسا لليچن کان بچائڻ لاءِ ٻڌي، لئيءَ جي وڏي لَٺِ هٿ ۾ کڻي ڪراچيءَ هليو ويو هيو ۽ اٺين ڏينهن الله بچائي سوڌو واپس موٽيو، نه پر کيس اڳ۾ ڪريو آيو هيو.
    هن ڀيري ڳوٺ آيل بچايو ڳوٺاڻو بچايو نه پر، هندستاني فلمن جي اداڪارن جهڙو وڏن وارن وارو پتلون پهريل بيل باٽم بچايو هيو. هو دنيا جون ڪجھ ڪنڊون گهمي موٽيو هيو، زماني جي هوا به لڳل هيس. ڏنگايون چڱايون به سِکيل هيو . ته زماني سازي ته هونئن ئي در در جي ٺوڪرن سيکاري ڇڏي هيس. پوءِ هن نئون جهان جوڙڻ لاءِ هتي ئي ميرپورخاص ۾ روزيءَ روٽيءَ جي ڳول ڳولان شروع ڪئي، غريب آباد ميرپورخاص جون گهٽيون اڄ به انهيءَ ڳالھ جون گواھ آهن ته هن پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ ڪيترا پاپڙ ويليا هيا. ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر ته ڪڏهن ڪنهن مسافرخاني جو منشي، ڪڏهن اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز مين ته ڪڏهن وري بايو گيس پلانٽ لڳائڻ وارو پر نه پاڻ پيرن تي بيٺو ۽ نه سندس روح کي ڪٿي به سڪون آيو. رهندو هڪڙي دلگهرئي يار ته مُئو سمجهي رڻ ۾ تڏهن رُلايس جڏهن هنن جي موٽرسائيڪل جو عمرڪوٽ ويجهو حادثو ٿي پيو هيو ۽ اللهبچائي جون ٻئي ٻانهون ڀڄي پيون هيون. اهو دل گهريو يار، پنهنجو هلڪڙو ڌڪ سهسائي کيس مئل سمجهي، پنهنجي موٽرسائيڪل کڻي گم ٿي ويو هيو.
    هاڻ دور به ڪافي بدلجي ويا هيا، اسان ننڍي پوش وارا ڇوڪرا به ڪامريڊ ٿي ويا هياسين ۽ مامي الله بچائي جي به اسان جي ڳوٺ ايندڙ سڀني ڪامريڊن سان ياري ٿي وئي، خاص ڪري تاج مريءَ سان ته مٿو مٿي تي ياري ٿي ويس. انهيءَ زماني ۾ ڳوٺ وارن کي توڙي اوڙي پاڙي وارن کي ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ ڪم پوڻ لڳا ته سڀني جو سونهون الله بچايو هوندو هيو، ڪراچيءَ جي ته گهٽي گهٽيءَ جو اهڙو واقف هوندو هيو جو ايئن ڀانئبو هيو ته مڙس ڪو ڄائو ئي هتي هيو. مون کي جڏهن پهريپن ڀيرو پي ٽي وي ڪراچيءَ ۾ پروڊيوسر جو انٽرويو ڏيڻو هيو ته به هو منهنجو سونهون ٿي هليو. توڙي ڳوٺ جي سمورن اسان جي ٽهيءَ جي جوانن کي همٿائيندو رهندو هيو ته ” اڙي ابا هتي ڇا رکيو آ ڳوٺ ۾، نڪرو ٻاهر دنيا گهمو، ڏسو، هتي ته کوھ جا ڏيڏر ٿيا ويٺا آهيو.“
    وچ ۾ وري هڪڙو دور اهڙو به آيو جو همراھ جون حاجي قيصر خان جي پُٽ سردار صالح راڄڙ جي دوستيءَ ۾ راڄن سان ياريون ٿي ويون، جن ۾ ڄام معشوق کان وٺي جمال شاھ تائين جهڙا امير توڙي وزير به شامل هيا، ڪجھ ڏينهن غلام مصطفي جتوئيءَ جي نگران وزير اعظم واري دور ۾ پير آفتاب شاھ جيلانيءَ جي تمام گهڻو ويجهو ٿي ويو، پر جيترو جلدي سندس ويجهو ٿيو هيو اوترو جلدي پري ڀڄي ويو. هو هميشھ صاف سُٿرو رهندو هيو، ڪپڙي لٽي جو انتهائي شوقين هيو ۽ ڊَنهل يا گولڊ ليف کان گهٽ ڪو سگريٽ به ڪونه پيئندو هيو. هو بلا جو پياڪ به هيو، پر پيتي کان پوءِ اسان ڪڏهن کيس ٿڙندي ٿاٻڙندي يا ڪي ڪِن ڪندي نه ڏٺو نه ٻڌو. هڪڙي ڀيري سندس والد مرحوم کي ڪا ڪل پئي ته همراھ خمارن ۾ اوطاق ۾ وَٽيو پيو آهي، سو لٺ تي ٽيڪجي اوطاق تي هليو آيو ۽ ڀونڊو گهروڙي ڏنائينس ، پر هيءُ همراھ مجال جي ڪجھ ڪُڇي، اصل هيٺ ڪنڌ ڪريو ويٺو رهيو.
    وچ ۾ هن کي ڪهڙيءَ به حالت ۾ آمريڪا ۾ وڃي ڪا نوڪري ڪرڻ جو شوق جاڳيو، ۽ انهيءَ شوق ۾ وري 1988 واريءَ ٻوڏ ۾ رلي ڪلهي تي رکي ڪراچيءَ هليو ويو، پر هن ڀيري هو اڪيلو ڪونه هيو ساڻس گڏ حيدرآباد جو مشتاق بڙدي به هيو، پوءِ بقول سندس ٻنهي ڄڻن ساندھ ٻه ٽي سال گلشن اقبال ۾ رهندڙ هڪڙي سنڌي وڏيري جا ديڳڙا ڌوتا. نتيجي ۾ مشتاق بڙديءَ جو لنڊن تائين ته جڳاڙ ٿي ويو پر مامو بچايو ويزا ملڻ کان رهجي ويو. ۽ مشتاق به لنڊن ته پهتو پر اڳتي آمريڪا جي ڀاڙي ۾ جهڙوڪر ٻَڌل هيو ، ته هن همراھ پنهنجِيءَ ٻنيءَ جا چار ٻارا زرعي بينڪ ۾ گروي رکي، گهر جا زيور وڪڻي کيس ڀاڙو ڪري ڏنو. موٽ ۾ مشتاق ساڻس الائي ڪيترو نڀايو پر اهو سو ضرور ٿيو جو هُن پنهنجي والد مرحوم وڪئي بڙديءَ سان گڏ هن يار کي به ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ گهمايو، پر ايئن گهمايو جو پنهنجو بينڪ جو اي ٽي ايم موڪلي ڏنائين ته جيڪو وڻي سو خرچ ڪندا وڃو.
    نيٺ هڪڙو ڦيرو اهڙو آيو جو الله بچائي، اوچتو ئي اوچتو وڃي مسيت وسائي ۽ پوءِ حياتيءَ جا باقي ڏهاڪو کن سال دنيا جهان کان ڪنارھ ڪش ٿي صفا مسيت جو ئي ٿي ويو. ٿور ڳالهائو ته هونئن ئي هيو، مولوي ٿيڻ کان پوءِ ته مورڳهين ڪي ٻه چار اکر وات مان ڪڍندو هيو ته واھ نه ته ٿيو خير. باقي ڪا ڳالھ دل سان لڳندي هيس ته رڳو مسڪرائيندو هيو. جوانيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ اداڪاريءَ ۽ ڳائڻ جو شوق هوندو هيس ۽ مڪيش جا غزل ڏاڍي پرسوز انداز ۾ ڳائي پاڻ به روئي ڏيندو هيو ته ويٺلن کي به روئاڙي ڇڏيندو هيو، تنهنڪري آخري وقت ۾لائوڊ تي اذان بلڪل انهيءَ انداز ۾ ڏيندو هيو جنهن ۾ جوانيءَ ۾ ڳائيندو هيو. ته سندس جواني ياد ڪري هرڪنهن کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هيو. آخري وقت ۾ سونهاري اهڙي ته سهڻي لڳندي هيس جو عام ماڻهو ۽ اڻواقف به کيس ڪوئي درويش، بزرگ ۽ زندھ ولي سمجهي هروڀرو به پيرن تي ڪري پوندا هيس.
    مرحوم سموري ڄمار آمريڪا وڃڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي نيٺ جڏهن دنيا جهان کان لاتعلق ٿيو ۽ مسيت سڳوري وسايائين ، تڏهن به پنهنجن ٻنهي پُٽن کي همٿائيندو رهيو ته ٻيلي ٻاهر نڪرو، دنيا ڏسو، گهمو ڦرو، ۽ پوءِ کين ڪراچيءَ موڪلي ڇڏيائين. ۽ هڪڙو ته رڙهندو رڙهندو اڳتي نڪتو ۽ وڃي سعودي عرب جا وڻ وسايائين، پر سو به تڏهن جڏهن مرحوم پاڻ هيءُ جهان ڇڏي ويو. باقي ٻيو پيءُ جي جهان ڇڏڻ بعد وري واپس موٽي اچي گهر ويهي رهيو. حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پڇندا هياسونس ته ”ماما تنهنجيون وڏن وڏن ماڻهن سان هيڏيون ياريون دوستيون هيون، پر ڪوئي لڙي به ڪونه ٿو اچئي طبيعت پُڇڻ. ته چوندو هيو ” ابا انهيءَ ڳالھ ۾اوهان ڪامريڊ سچا آهيو ته واقعي هن معاشري ۾ طبقاتي فرق آهي ۽ وڏيري، ننڍيري جي دوستي هلڻ يا نباهڻ ناممڪن آهي“. ۽ پوءِ سندس ڳالهايون کير جهڙيون اجريون نڪتيون” هن جي لاڏاڻي تي ڪو به وڏو ماڻهو لڙي ڪونه آيو، شايد هن جي ياريءَ وارا سڀ سياسي ماڻهو هيا تنهنڪري ڪونه آيا هوندا. يا کين هڪڙو ووٽ وٺي وري اليڪشن ۾ بيهڻو ڪونه هوندو تڏهن ڪونه آيا هوندا.
    ڳالھ پئي ڪئي سين عيد جي ڪپڙن ۽ جاري ۾ لڪايل پئسن جي چوري ٿيڻ جي. سو ڪپڙن تان ياد آيُمِ ته اُن زماني ۾اسان جي عورتن جا ڪپڙا درزيءَوٽ سِبِجَڻ لاءِ ڪونه ويندا هُيا. زالاڻو ڪپڙو درزيءَ وٽ وڃڻ وڏو عيب سمجهبو هيو.غيرت جو سوال ٿي پوندو هيو جيڪر ڪوئي زالاڻو ڪپڙو درزيءَ کان سبرائيندو هيو ته سڀڪو کيس ڦٽ لعنت ڪندي جام سِٺيندو هيو. غربت جي ڪري گهرن۾سِلائيءَ جُون مَشينُون به ڪونه هُونديون هُيون. سڀني ماين کي ڪا وَڏِڙِي ڪپڙا ڪَٽِي ڪوري ڏيندي هُئي،پوءِ هر ڪا مائِي سُئيءَ سَڳي سان پنهنجا ڪپڙا پاڻ سِبندي هُئي. تن ڏينهين اسان ٻروچن ۾ مائين جي حلواڻ جي ڳاڙهن گَهگَهن پهرڻ جورواج هُيو. تن لاءِ واندڪائيءَ ۾ مايُون پاڻَ ڀرت ڀري تَڻا ٺاهينديون هُيون. گَربِيءَ جي سُٿڻ ۽ حلواڻ جوگَهگَهو،ٽِنِ والنِ جيِ پوتيِءَ سان زَنانو ٻَروچڪو ويس هُيو . سو انهن ڪپڙن سبڻ واريءَ ڳالھ تان ڪاڪو ڀوڄو ياد آيو اٿم تنهن جو ذڪر به ٻُڌندا هلو. تنهن زماني م اڄوڪي ڪار ڪونه هئي ته پڙهجي رڳو نوڪريءَ لاءِ، تڏهن نوڪريءَ کي ڪو سٺو ڪم ڪونه سمجهيو ويندو هيو ۽ هڪڙي مشهور چوڻي هوندي هئي،” نيچ نوڪري، وڌندڙ واپار ۽ اتم کيتي“. سو پڙهبورڳو انهيءَ لاءِ هيو ته ڪجھ پِرائجي ۽ نه ئي ڪي اُٺ ڪتابن جا پڙهي وڃي سرڪار جو نوڪر ٿجي. چوندا هيا ته کيتيءَ سر سيتيءِ کان سواءِ ماڻهوءَ کي ڪونه ڪو هنر به پيٽ ۾ هجي .۽ جيڪر کيتيءَ ۾ ڪو ڏڪار ٻُڪار پئي، وارا ڄمارا ٿين، سدائين مٽُ ماٽيءَ تي هوندو آ ۽ جيڪرڪڏهن ماٽي ڦري مٽ تي ٿئي، ته ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ ڪونه ڪو هنر هوندو ته بُک ڪونه مرندو.انهيءَ ڳالھ کي اک ۾ رکندي ابي امان به رٿيو ته اميري کي به ڪونه ڪو هنر سکڻ گهرجي، جنهن لاءِ هڻي ماري وڃي صلاح بيٺن ته درزڪو ڪم سکڻ گهرجيم. ڇو جو ابي امان جي ناناڻن واري پاسي، بڇيريءَ جي شهر ۾ پيارو نالي ڪوئي عزيز درزي بڻجي روزانو ڪجھ نه ڪجھ پئسا ڪمائي ايندو هيو. تن ڏينهين اڃان پنجين ڪتاب ۾ پڙهندو هيس جڏهن اهي صلاحون پئي هليون.
    اسان جي ڳوٺ جي ميگهواڙن جي هڪڙي اوطاق هوندي هئي، جنهن کي هو دُکڻ چوندا هيا، تنهن ۾ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڪاڪو ڀارو موچڪو ڪم پيو ڪندو هيو ته وري ٻيءَ ڪنڊ ۾ ڪاڪو ڀوڄو سلائيءَ جي مشين رکي سموري ڳوٺ وارن جا ڪپڙا پيو سبندو هيو. ڪاڪي ڀاروءَ جو ته ڳوٺ جي سمورن گهرن سان آهت رکيل هيو جيڪي سڀ جا سڀ ٻني ٻاري سان جي ڪرت سان هيا. آهت جي رواج موجب هو آهتيءَ گهر جي هرهڪ گهر ڀاتيءَ کي سال ۾ هڪڙي ڪُرم جي جتي ٺاهي ڏيندو هيو ۽ باقي سمورو سال انهن جي ڦاٽل جُتين جي ڳنڍ ٽوپ ۽ جنڊا ٻڌڻ جو ڪم ڪري ڏيندو هيو ۽ موٽ ۾ ڪڻڪ جي کري لٿي کيس گهر ڏِٺ ڪڻڪ جي ٻوري ملندي هئي. باقي ڀوڄي درزيءَ لاءِ ذهن تي گهڻو ئي زور ڏنو اٿم پر ياد ئي ڪونه ٿو اچيم ته انهيءَ جو ڪهڙو حساب ڪتاب هوندو هيو.
    خير قصو ڪوتاھ، ابي امان جي صلاح بيٺي ته مونکي اسڪول مان واندي ٿيڻ بعد ڀوڄي درزيءَ وٽ ڇڏيو وڃي ته جيئن آئون پڙهڻ سان گڏوگڏ درزڪو ڪم سکي وٺان. ڪاڪي ڀوڄي لاءِ ٻُڌائيندو هلان ته هو مينگهواڙن جي ٻوچيا نُک جو هيو، اصل ٿر جي ڳوٺ روهيراڙي جو هيو ۽ هتي جي جوڳو مينگهواڙن مان پرڻيو هيو. الائي ڪهڙي سال ٿر ۾ آيل ڪنهن ڪاري ڏُڪار ۾ لڏو کڻي اچي هتي ساهرن ۾ ڪکڙا اڏي ويٺو هيو. هندن جي ريت مطابق ڳوٺ ۾ ڄاول نينگري سموري ڳوٺ جي نياڻي” گان رِي ڏيڪري“ سڏبي هئي ۽انهيءَ جو مڙس وري سموري” گانءَ جو جُئائين“ ( ڳوٺ جو نياڻو ) سڏبو هيو. سو ڳوٺ جي جئائينءَ لاءِ اهو لازمي هوندو هيو ته هو هميشھ مٿي تي پٽڪو ٻڌي ۽ ”رهاڻ“ يعني ڪچهريءَ ۾ وري پٽ تي وڇايل رليءَ تي ويهي. ڪاڪو ڀوڄو جيئن ته ڳوٺ جو جُئائين هيو، سو به اها ريت پارڻ لاءِ انهيءِ تي عمل ڪندوو هيو سدائين ململ جو پٽڪو ٻڌندو هيو،سواءِ ڪنهن مرڻي جي اسان کيس سدائين ململ جو پٽڪو ٻڌل ڏٺو، باقي ڳوٺ ۾ ڪنهن مرڻي جي موقعي تي هو پٽڪو ڇڏي ٽوال ۽ مٿي تي ٻڌندو هيو. پر درزي هجڻ جي ڪري ڀانيان ٿو کيس اڻ اعلانيل اجازت مليل هئي ته هو ڪاٺ واريءَ ڪُرسيءَ تي ويهي ڀلي مشين هلائي.
    سو هڪڙي ڏينهن بابو مونکي ڪاڪي ڀوڄي وٽ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏي ويو. باقي ڳالهيون مهاڙيون ڀانءِ اڳ۾ ئي ڪيل هيس. هن پهريان ئي مونکي سُئيءَ سان ڪاج ٻڌڻ جو ڪم ڏنو، ٻن ٽن ڏينهن بعد بٽڻ ٽاڪڻ سيکاريائين. ۽ پوءِ سُٿڻن جي پانئچن تي سُئيءَ سان ڪنڊڙو هڻڻ سيکاريائين. تڏهن ماڻهن ۾ سُٿڻ جي پانئچي تي هٿ جي ڪنڊڙي جو وڏو شوق هوندو هيو. ايئن هوريان هوريان پهريائين شلوارن جو ڪوريل ڪپڙو سبڻ لاءِ ڏنائين، اها به الڳ ڳالھ آهي ته شروع شروع ۾ الائي ڪيترين سُٿڻن جا ابداڻا اُبتا سبيم ته وري الائي ڪيترين جون لانگون ڦيرائي ڇڏيم. جيڪي وري ڪاڪي ڀوڄي کي ٽاڪا اُڊيڙي نئين سنئين سبڻيون پيون هيون. مونکي سيکارڻ دوران ابتا ٽوپا اچڻ ۽ اڊيڙي نئين سر ٽوپو هڻڻ جي چئوڻيءَ هلاکيءَ دوران هن کي ڪڏهن به ڪا ڪاوڙ ڪونه ايندي هئي. پر رڳو سندس وات مان نڪرندو هيو” هاءِ رام“ يا ” هاءِ مانهجا راميا“ يا بنهي گهڻو ڪم خراب ڪندو هيس ته چوندو هيو ” اي مِنيا ڀڳوان تانهنجي ڀلي ڪري اين ڪوني اون ٽانڪو هڻ“ ( اي ننڍڙا خدا تنهنجو ڀلو ڪري هينئن نه پر هونئن ٽانڪو هڻ) .
    درزڪو ڪم سکڻ ۾ مون کي ڇھ مهينا کن لڳي ويا هيا، ۽ انهن ڇهن مهينن ۾ ڪاڪو ڀوڄو مونکي رڳو درزڪو ڪم ڪونه سيکاريندو هيو، پر هو پنهنجي تجربن جي آڌار تي جيئڻ جا جملي گُن به سيکاريندو رهندو هيو. ڪپڙن سبڻ واري مشين جو هلڪو آواز هلندو رهندو هيو، ڪاڪي ڀوڄي ٻئي هٿ ڪوريل ڪپڙي جي ٽاڪجڻ تي هوندا هيا ته اکيون به انهيءَ جي سڌائيءَ ۽ صفائيءَ تي کتل هونديون هيون، پير سائيڪل جيان مشين جي وڏي ڦيٿي کي ڦيرائيندا رهندا هيا ۽ زبان جهيڻن لفظن سان نصيحتن ڀريا لفظ اچاريندي رهندي هئي. ” ڏيڪرا اي ڪل جڳ اهي، اِٿ جهڙا پَگ ڀرسو، ڀڳوان اوهان نان اُوئي رو اُتو پرسو ڏيسي“ ( پُٽ هي ڪل جُڳ آهي هتي جهڙا پير ڀريندئو خدا اوهان کي انهيءَ جو اوترو ئي سِلو ڏيندو) .۽ ٻيا به انيڪ نصيحتن ڀريا گُن ۽ گفتا، نياز ۽ نوڙت، هٿ جوڙي،صبر ۽ برداشت جهڙا مثال مون اسڪولن ۾ استادن وٽان اوترا ڪونه سکيا جيترا ڇهن مهينن ۾ درزڪي ڪم سکڻ دوران ڪاڪي ڀوڄي وٽان سِکيا.
    وقت گذرندو ويو وقت جي ويرن ۾ لڙهندي اسان واري ٽهي به ڪڻو ڪڻو ٿيندي ڪيڏانهن کان ڪيڏانهن هلي وئي ۽ ڪاڪو ڀوڄو صفا جهور پوڙهو ٿي ڪم ڪار کان ويهي ويو. ڳوٺ ۾ ڪپڙي لٽي پهرڻ جون تبديليون اچڻ شروع ٿيون، پٽڪي جي جاءِ ٽوپيءَ ورتي ۽ پوءِ انهيءَ جي جاءِ آڏيءَ سينڌ ورتي، لانگوٽي جي جاءِ سُٿڻ ورتي ۽ هوريان هوريان پتلون اچڻ شروع ڪيو. پر ڪاڪي ڀوڄي نه پٽڪو ڇڏيو نه لانگوٽو. ڳوٺ جي گهڻن ماڻهن جي اٿڻين ويهڻين ۾ توڙي ريتن رسمن ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به هوريان هوريان اهڙيون تبديليون اچڻ شروع ٿيون جو ننڍي پوش” گِٽ مِٽ گِٽ مِٽ ۽ تيريون ميريون “ ڪرڻ شروع ٿي پر ڪاڪي ڀوڄي پنهنجي اباڻي ڍاٽڪي ٻولي نه ڇڏي سا نه ڇڏي.
    سندس حياتيءَ جي پڇاڙن ورهين ۾ ڳوٺ جي ٻن جاين تي پوڙهن ۽ ڪم ڪار کان واندن ڏوڪرن پنهنجي ڪچهريءَ ڪرڻ جا ٻه ٺڪاڻا پاڻ هرتا ٺاهيا هيا. سياري ۾ الياس ڪنڀر جي دڪان آڏو لوڙهي کي پُٺ ڏئي، پَٽ تي ويٺا سج جي تپش تي پاڻ سيڪيندا هيا ته اونهاري ۾ وري هرجيءَ جي چَڪيءَ جي آڏو بيٺل ٻٻر جي هيٺان پٽ تي ويهي، گوڏن ۾ ٽوالن جون ڪانڀون ٻڌيو، پنهنجي گذريل زمانن جي يادن کي ساري ٿڌا شوڪارا ڀريندا ۽ اوراڙ پراڙ جا احوال ڪندا هيا. انهن قصن جي بسم الله الياس ڪنڀار ۽ کنگهار ميگهواڙ کان ٿيندي هئي جيڪي خبرن جي حوالي سان ڳوٺ جي بي بي سيءَ طور اڄ به مشهور آهن. ڪاڪو ڀوڄو به انهن ڪچهرين ۾ شريڪ هوندو هيو. پر هنن جي عجيب ۽ انوکن ۽ احوالن تي ڪوئي تبصرو ڪرڻ بجاءِ سندس وات مان پهريائين مان سرد شوڪارو نڪرندو هيو، پوءِ پنهنجي سڙيل کاٻي هٿ جي اشهد آڱر نڪ تي گَسندي هئي ۽ چپن مان نڪرندو هيو” هاءِ ڀڳوان يا هاءِ رام“ يا ڪڏهن ڪڏهن الياس ڪنڀر کان سِکيل اکر ” توبھ توبھ ۽ اي مانهنجا خدا“ اچاري خاموش ٿي ويندو هيو. اها هئي منهنجي درزڪي ڪم جي استاد ڪاڪي ڀوڄي جي زندگي، جيڪو پنهنجيءَ پوريءَ ڄمار ۾ نه ڪنهن جي ٻن ۾ آيو ته نه ٻارهن ۾. جيتوڻيڪ زماني هن جا ٻه توڙي ٻارهن بگاڙي پُٽن ۾ وڏا ڦيٽهڙا وڌا، پر هن اشراف وسين لڳين ڪڏهن ڪنهن سان ڪڙو ڪونه ٻوليو.۽ عزت سان پنهنجو وارو وڄائي ويو.

    مارچ 1970 ڌاري ڳوٺ جي اسڪول مان پنجون درجو پاسِ ڪري ،ڇهين درجي لاءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪاٺڙي وڃڻ جي تيارِي ڪَيمِ. خان محمد ، مون کان اڳُ۾ ئيِ ڪاٺڙيءَ وڃِي چُڪو هُيو.هُو سائين گل حسن جروار جي گهر ۾رهندوهُيو، هوڏانهن اڄڪلھ جو پي آئي ڊي ڪراچيءَ وارواخبارن جي اي بي سي ڪرڻ وارو جيرام داس وري ٽنڊو جان محمد هاءِ اِسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو ۽ اتي جِي هاسٽل ۾ رهندو هيو۽ مرحيات الهبچايو، قيصر خان راڄڙ جي بنگُلي تي رَهِي ميرپورخاص ۾پڙهندو هُيو. مُنهنجي ۽ پرتاب ميگھواڙجي ڪاٺڙي وڃڻ بعد، انهيءَ سانگي سان، خان محمد به اسان سان گڏ ڳوٺ اچَڻُ شروع ڪيو هيو. تڏهِن ٻارهين ميلَ جي شهر( جتي هينئر سنڌڙي تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي) جو ڪو وُجُود ئي ڪونه هُيو. چئوطرف گھاٽوجهنگ هوندو هُيو. چئو طرف وڏيون وڏيون ديويون هونديون هيون، سامهون الهندي پاسي کان پنگو خاصخيليءَ جي ڳوٺ واري رستي سان چٽوڙيءَ جي قبرستان کان اڳيان پينگھاري جي ڊِٻَ هوندي هئي، جنهن ۾ بگهڙن توڙي ٻين خطرناڪ جانورن جي هجڻ بابت به خبرون ٻُڌندا هياسين ۽ ٿورڙو پريان وري لَڪيءَ وارا چشما به هوندا هيا، جتي جي گندرف گاڏڙ پاڻيءَ ۾ وهنجڻ وارن جي خارش جي بيماري ختم ٿي ويندي هئي. اهي ٻيئي شيون هاڻي ايئرپورٽ جي ٺهڻ بعد پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون آهن. ٻارهين ميل جي موجوده پيٽرول پمپ ۽ مسجد جي وچ وٽان، اوڀر طرف ديوين جي گهاٽي جهنگ مان هڪڙو پيچرو هوندو هيو، ٿورڙو هلڻ سان ئي راڻي ڀِيل جو گهرُ ايندو هيو ۽ اهو پيچرو ان گھر جي پاسي مان اوڀر طرف گذرندو هُيو.
    ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ مان شهر بحر نڪرڻ جي واٽَ نظام الدين مهاجَر جي گهر وٽان ٿيندِي، دوسي جي پٽڙيءَ ذريعي هلي، دوسي تي رکيل ڪاٺيءَ تان اُڪري محمد خان جوڻيجي جي فارم تائِين هُوندِي هُئي .گهڻو پوءِ جڏهن دودي ڪانهيي جي ڳوٺَ ۾ کِٽِ پِٽِ ٿي ته حاجي محرم ڪانهئي، پنهنجو موجوده الڳ ڳوٺُ ٻَڌائي، ڪَچِي رَستِي ٺَهرائِي هئي. تڏهِن رمضان ڪانهيي ٻارهين ميل جي اولهندين پاسي جو جهنگُ وَڍي،لاهَه ڪَڍِي، ڪَکائِين لانڍِي ٺاهي، هوٽَلُ ڪڍيو هيو، هوٽل به ڇا هيو، لانڍيءَ ۾ هڪڙو فوٽ ڏيڍ جو ويڪرو ٿلهو ٺاهي ان جي مٿان تڏا وڇائي ڇڏيا هيائين، ۽ ٻن آنن ۾ چانهه جو ڪوپ پيارڻ لَڳو هيو. تڏهن ايڪڙ ٻيڪڙ واندي خلق سندس هوٽل تي اچي ويهندي هئي. ۽ چانھ جو ڪوپ پي پتن جي راند جا سٽڪا پئي ڪندي هئي.تن ڏينهين هڪڙو ته هوٽلن جو رواج ڪونه هيو ۽ جي هيو ته به عام طور تي هوٽلن تي ويهڻ کي عيب سمجهبو هيو، ۽ هوٽلن تي کير وڪڻڻ کي ته مورڳهين وڏو گناه سمجهيو ويندو هيو، ماڻهو چوندا هيا ته ابا کِير پِير آهي، تنهن کي ڪو نڀاڳو ئي وڪڻندو. ڪُجهه وقتَ بعد مرحوم جانِبُ خاصخيلي به اچي رمضان ڪانهئي سان سلهڙيو هيو، سو وري انهيءَ هوٽل جي ٻاهران، ٻَٻُرَ جِي ڇانوَ ۾، هٿرادو ٺاهيل رنگين شربتن جا ڊِگها شِيشا رکِي وڏا هوڪا ڏَئِي ايندن ويندن کي پِيو بنان برف جي ٿڌو شربت پياريِندو هُيو. ۽ ٻه چار آنا روز ڪمائي خوش ٿي ، هرڪنهن سان پيو ڊاڙا ٺڪاو هڻندو هيو.


    7

    قِصو هُيو منهنجي ڇهين درجي ۾ مڊل اِسڪولَ ڪاٺڙيءَ ۾ داخلا جو، خان محمد ڪاٺڙيءَ جو سُونهُون هُجي، اسان ( مون ۽ پرتاب ) لاءِ ته ڪاٺڙي بنهي نئون جهان هيو، ۽ مون ته عمر ۾پهريون ڀيرو بابا ۽ امان کان سواءِ گھر کان ٻاهر پير رکيو هيو۽ لاريءَ ۾ به اڪيلوپهريون ڀيرو چَڙِهيو هيس. جنهن ڪري انهيءَ ڏينهن ڏاڍو ڊپ پئي ٿيم، ته ڪٿي لاريءَ مان ڪِري نه پوان يا ورندي مهل مورڳهين لاريءَ جيڪڏهن بيهي ئي نه ته گھر ڪيئن پُڄان يا وري مُورڳو گهر پُڄڻ کان اڳ۾ ڀُلجي نه پوان . پرائمري اسڪول جي ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ پنج سال پڙهي جڏهن ڪاٺڙيءَ جي اسڪول ۾ پهريون قدم رکيو هيم ته ،ڪاٺڙيءَ جي مڊل اسڪول جِي پَڪِي ۽ سُهڻِي بلڊنگ،چئوديواري، پارڪُون ،گُل، ٻُوٽا، وَڏا وَڏا وَڻ ، تَلاءُ ۽ بينچن بَجاءِ ڊيسڪون ڏِسي دل ڏاڍِي خوش ٿي هئي، پر جيڪر ايئن چوان ته هيانءُ ئي ٺري پيو هيو ته انهيءَ ۾ به ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. اسڪول ۾داخلا ٿي ته تلاءَ جي سامهُون ورڪشاپ جي ڪمري جي ڪلاسَ ۾ ڇهون ڪلاس پڙهڻ شروع ڪَيوسيِن.هن اسڪول ۾ سڀ وَڻَ وَڻَ جِي ڪاٺِي هُجون. جيتوڻيڪ سڀ ڀر پاسي وارن ڳوٺن جا هياسون پر پوءِ به اهي ڳوٺ اسان ٻارن لاءِ وڏيءَ دِسِ تي هجن. انگريزي جو پهريون ڪلاس ٽيچرُ مرحوم علي اڪبر جروارهُيو.مرحُوم خُوبروجوان هُيو، ڪاٺڙيءَ جي ئي هڪڙي معزز استاد ۽ خوشحال ماڻهوءَ حاجي پير بخش جروار جو پُٽ هيو. مرحوم علي اڪبر آڏِي سِينڌ نِڪتل وارنِ ۾ تمام گهڻو تيل هَڻندو هُيو،زِبانَ ۾ اَٽڪ هُوندي هُيَسِ، ڳالهائِيندي مُنجهندو هُيو. پر انگريزيءَ تي چڱي موچاري دسترس هوندي هيس. جيئن سندس والد مرحوم حاجي پيربخش کي سنڌي گرامر تي عُبور هيو، تيئن سائين علي اڪبر کي انگريزي گرامر تي عُبور هوندو هيو. اسان جي انگريزي صحيح معني ۾ مڊل اسڪول ۾ ئي ڪجھ نه ڪجھ جُڙي نه ته اڳتي هلي، لالا مال خلاص ٿي ويو هيو. جيڪي قصا اڳتي ڪنداسون.
    تنهن زماني ۾اسڪول وڃڻ لاءِ اسين پنڌ ئي پنڌ ڳوٺان نِڪرِي دوسي جِي پٽڙيءَ جي ڊُسڙ تان هَلندا،پر جي چئون ته ڊُسڙ جهاڳيندا، حاجي دودي ڪانهيي جي ڳوٺَ جي سامُهون دوسي تي رَکِيل ڪاٺِي اُڪِرِي، محمد خان جوڻيجي جي فارم تان بَسِ ۾ چڙهندا هُياسين. رستي ۾ دوسي جي پَٽِڙيءَ تي گھاٽن کَٻَڙنِ جو هڪڙو جُهڳِٽوهوندو هُيو، جيڪو اڃان به ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي ،جنهن کي نَنڍِڙو لوڙهوڏِنلُ هوندو هُيو.حاجي دودي جي ڳوٺ جا ڪانِهيا ،پنهنجي فوت ٿِيَل معصوم ٻارڙن کي اُتي دَفنُ ڪندا هُيا.اُنهيءَ جاءِ کي هو حيدرشاهه چوندا هُيا. مون کي اُتان ايندي ويندي ڏاڍو ڊِڄُ ٿيندو هُيو. ڪوشِشِ ڪري اُتان لنگھڻ وقت سَڀنِي جي اڳيان اڳيان ۽ تِکو تِکو هلندو هُيس. جڏهن انهيءَ کٻڙن جي جُھڳٽي کان گھڻو اڳتي مَٽي ويندا هياسين تڏهن وڃي ساھ ۾ ساھ پوندو هيو.ڪُجهه وقت بعد وري ٻيو ڏچو پيدا ٿيو جو جوڻيجي فارمَ جو رَهاڪوُ چوکو ڀِيل دُڪاندارچريو ٿِي اِيندَنِ وِيندَنِ کي ڀِتَرهڻڻ لڳو هيو، پوءِ ته اسان لاءِ نسورو ئي ويل ٿي پيو هيو، هڪ ٻه ڀيرا ڀتر لڳا ته ڀڄي جان ڇڏائي سون، نيٺ اسان ڊَپ ۾ اُتان اچڻ وڃڻ ئي ڇڏيو ۽ پوءِ سِڌا دوسي جي پٽڙي وٺي وڃي پڪي روڊ جِي موريءَ تان روڊ تي چڙهِي ،لاريءَ ۾ ويهندا هُياسين. جيڪو پنڌُ ڳوٺ کان لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر هوندوهُيو، صبح جو ته ٿڌ جي پهر ۾ پنڌ جي پرواھ ڪونه هوندي هئي، پر شام جو واپس ورندي مهل بُکَ جا سَتايَل ڪتابن جون هَڙُون کڻِي، ساڳيو چار ڪلو ميٽر جو پنڌ ڪندي ڳوٺِ پُڄندي پُڄندي هچُ ٿي پوندا هُياسين. امتحانن جي ڏينهن ۾ اسٽاپ تي بيهي، بسن جو انتظار ڪرڻ بجاءِ دوسي تان روڊ تي چڙهي پنڌ ئي پنڌ ڪاٺڙي هليا ويندا هياسين. انهيءَ خيال سان ته جيڪڏهن بس خراب هجي ۽ ٽائيم تي نه اچي ته اسان جو پيپر رهجي ويندو.اڄ جڏهن پنهنجي ئي اولاد کي اهو پنڌ موٽرن ۾ ويهي ڏيکاري چئون ٿا ته اسان هينئن به پنڌ ڪري ايندا هياسين ته اها ڳالھ سندن ڊُول ۾ ئي ڪونه ٿي ويهي ۽ هنن لاءِ ناقابل يقين ٿي هجي.
    مڊل اسڪول ڪاٺڙيءَ جي هيڊ ماستر سائين نور محمد ناريجي جي حشمت کان، شاگرد ته ڇا پر اُستاد به لَهرائيندا هُيا.مرحوم جي چيلهه ڪُٻِي هئي، نيٽَ جي لڪُڻ تي ٽيڪَ ڏئي هلندو هُيو. خاص ڪري اٺين درجي کي انگريزِي پڙهائيندو هُيو . ۽ گھڻو ڪري ڪلاس روم بجاءِ اسڪول جي اڳيان بيٺل جهنگ جليبيءَ جي وڻ هيٺان پڙهائيندو هيو. سندس پڙهائيءَ کي ياد ڪري ،اڃان بيٺل جهنگ جليبيءَ جي وڻ کي ڏسي اڄ به اکيون آليون ٿيو ٿيون وڃن. ٻيو ته ٺهيو پر کلئي ميدان ۾ ايئن پڙهائيندو هيو ڀانءِ ڪا فلم هلندي هجي. حرام جو ڪو ٻار هيڏانهن هوڏانهن لوڻو هڻي، ڀلي ته پاسن ۾ ڪو بيٺو دُهل ڌماچا وڄائي . مرحوم الھ بخش ڀٽِي،جنهن کي ماتا جا سينورا مُنهن تي هوندا هيا، سنهڙو سيپڪڙو هوندو هيو،سو ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هوندو هيو، اتي ئي ڪاٺڙيءَ ۾ ڪنهن وٽ رهندو هيو، سو خاص ڪري سڀني ڪلاسن کي انگريزي گرامر پڙهائيندو هيو. پڙهائڻ وقت ايئن لڳندو هيو ڀانءِ انگريزي گرامر جو ڪو طوفان اُٿندو هجي، حرام جي ڪا هٻڪ هجيس، حرام جو گھڙيءَ کن لاءِ ئي ڪنهن ڪتاب مان سهارو وٺي ، پوءِ ڪجھ اسان ٻارن کي ٻُڌائي. اصل ايئن سمجهبو هيو ته گرامر جا جملي ڪتاب ۽ جملي بيهڪون، جملي نشانيون۽ جملي زمان سندس اندر مان اُڌما ڏئي پيا نڪرن. گھڻو پوءِ ساڳئي اسڪول مان ئي ڪنهن اوڙي پاڙي جي نڀاڳي يار مان سائينءَ کي ڀَنگ پيئڻ جي عِلت پيدا ٿي، ايئن ٿيندي ٿيندي فقيري رنگ ۾ هليو ويو، نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو جو نوڪري ڇڏي ٽنڊي الهيار ۾ ڪنهن صوفي بزرگ جي درگاھ وڃي وسايائين، ۽ پوءِ الائي ڪيترا سال اڙيال سنڌين کي مفت ۾ ڌاڳا ڦيڻا ڪندو ۽ ڏيندو رهيو. سائين الله بخش ڀانئيان ٿو ته هاڻ هن جهان ۾ ناهي رهيو.
    ۽ اسان جو پرائمريءَ جو سائين محمد حيات جروار، جيڪو پرائمريءَ جو استاد هوندي به ساڳئي اسڪول ۾ ڊيپوٽيشن تي پڙهائيندو هيو، سو ته اسان سڀني شاگردن کي پُٽن جيان پيار ڪندو هيو. خاص ڪري اسان لاءِ ته ڇپر ۽ ڇانوَ هيو، هڪڙو ته هو اسان جي ڳوٺ ۾ ماستر رهي ويو هيو ۽ بقول سندس ته منهنجي پيٽ ۾ اوهان جي مائٽن جا کارايل اَڀرا سَڀرا ٽُڪر اڃان ڳَريا ئي ڪونهن.گڏوگڏ ماما رمضان سان لوهان لوه ياري به هوندي هيس. ان ڪري به اسان بنان روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل جي سندس گھر هليا ويندا هياسين، سندس گھرواري ۽ والدھ اسان لاءِ امان ۽ ڏاڏيءَ برابر هونديون هيون، ۽ ڀائينديون به اوترو ئي هيون.
    انهيءَ سالِ 1970 وارا ووٽ ٿيا هُيا، تڏهن مون کي حڪومتُن ،ووٽن ۽ سياست جي سُڌِ ٻُڌِ ڪونه هُئي، رُڳومُون کي نه پر مُون جيڏن سڀنِي جو ساڳيو حال هُيو. ڪڏهنِ ڪڏهنِ ووٽن لاءِ ايندڙ وڏيرن جي جِيپُن جو جلوس ، ڌُوڙِ اُڏائيندو،اچي رُگهي مل جي اوطاق ۾ وارِد ٿيندو هُيو.ڪير ڪهڙيءَ پارٽيءَ جو آهي۽ ڪير ڪنهن جو ساٿي آهي. اَسان ٻارن کي اها سُڌِ ئي ڪونه هُوندي هُئي. پوءِ هڪڙي ڀيري الائي ڪِٿان، ڪنهن هِڪَ جيڏي جي وات مان جيئي ڀٽو جو اکر نِڪتو، پوءِ ته اصل رونشو ٿِي پِيو، اِيندڙ وِيندڙ جيپن اڳيان ڌوڙ اُڏائي جيئي ڀٽو جا اُڀَ ڏاريندڙ نعرا هڻندا هُياسين. اها خبر ئي ڪونه هوندي هُئي ته ڀُٽو ڇا آهي ۽ ڀٽو ڪيرُ آهي؟. بَس جيئي ڀٽو جي ڌُوم هُوندي هُئي . ۽ جڏهن ڀُٽي جي مُخالفن آڏو به ساڳيا نعرا هڻندا هُياسين ته جيپن وارا وڏيرا چِڙِي، جِيپُون روڪي ڀوُنڊا ۽ گاريون ڏَئِي،ڀتر هڻي اسان ٻارن کي رستي تان ڀَڄائي هَليِا وِيندا هُيا.رُڳو ڀوُنڊنِ ۽ گارين تي به خيرڪونه ٿيندوهو. پَرَ ايندڙ ڏينهن وري اسان جي وَڏِڙن لاءِ وڏي شامَتَ اِينِدِي هُئي. چئي، اوهان اسان کي ڏِسِي ٻارن کي چوري جيئي ڀٽو جا نعرا هَڻايا آهن . مصيبتن جا ماريل ويچارا وڏڙا، پوءِ وڏيون ميڙون مِنٿُون ڪري پنهنجي جانِ ڇَڏائيندا هُيا. جيتوڻيڪ هرڪو وڏڙو، وڏن ماڻهن جون ڇِڙٻُون ، داٻا ۽ دڙڪا ٻُڌي ، پيرن تي ڪري لِيلائي معافيون وٺي، جان آجي ڪرائي ، گھر پهچي اسان ٻارن جي چڱي موچاري ڪن مَهٽ ڪندو هيو. ڪو ته ڦيھ به ڪڍندو هيو، پر اسان ٻارنِ جِي ٻِئي ڏِينهن وري به ساڳِي کيتي ۽ ساڳي جيئي ڀُٽو جي ڌُومَ هُوندي هُئي. .
    اُن سال پولِنگ، يونين ڪائونسل ڪاٺڙيءَ جي بلڊنگ ۾ ٿِي هُئي. جيڪا کنڊرن جيان اڄ به اُڀي آهي. اسان جي ڳوٺَ مان ووٽ ڏيڻ لاءِ چاليهارو کَنُ ڍَڳي گاڏِيون ڀَرجِي نِڪتِيون هُيون .اَسين رونشي ڪوڏِيا ٻارَ بهِ ڍڳي گاڏين ۾ چَڙهِي پِيا هياسِين. ماما رمضان، مير تاج محمد جي چَوڻَ تي، ڀُٽي جِي پارٽيءَ جي مير علي بخش ٽالپر( موجودھ ايم اين اي مير منور ٽالپر جو والد) جو ايجنٽ ويٺو هيو، جنهن تي اوڙي پاڙي جا ڪافِي ماڻُهو ماما رمضان تي ناراض ٿيا هيا . جيئن هاڻ عام طور تي اسان جي ڇِڪ ۾ ووٽن ۾ پيپلا ۽ ليگلا آمهون سامهون هجن ٿا، تيئن اڳي به ايئن ئي هيو، ڀُٽو صاحب ،جنرل ايوب جي سنگت ڇڏي عوامي عدالت ۾ آيو هيو، اڃان ايوب جو داٻو ملڪ تي هيو، خاڪين جي مارن ۽ خوارين کان چڱا موچارا وڏيرا، تڏهن ايوب جي ٺاهيل ڪنوينشن ليگ جا هيا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نانگا ماڻهو اچي ڀُٽي ساڻ بيٺا هيا. اڄ جي شهيد ڀُٽي واري پارٽيءَ جا ڊِنگ ڊِنگ تڏهن ڪَن لِڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا.تن مان گھڻا تڻا ته گھڻو پوءِ به هر چڙهندي سج جا سلامي ٿيا ۽ ٿيندي ٿيندي ڀُٽي جي پارٽيءَ جا وارث ٿي ويا، وري جڏهن ضياءَ جو وارو آيو ته مڙس طوطا ڪٻڍي ڪندا ڀٽي جي پارٽي مان هليا ويا . ۽ ڀُٽو صاحب بي ڏوھو ٽنگجي ويو، رڳو غريب ، مسڪين ماڻهو پوءِ به ڀُٽي سان بيٺا رهيا. باقي هنن مڙسن جي ڪنن تي جونءَ به ڪانه سُري. پرانهن مان ڪي ته وتيا ٻيون ٻيون ۽ ٽيون ٽيون شاديون ڪندا. وري بينظير صاحبه آئي ته مڙس ڪُڏڪارون ڪندا ، ڳُڙ تي مَکين جيان وريا. ايئن اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن ،پر سندن واسڪوٽين جي نه ڪڏهن استري ڦِٽي، نه ئي وري اهي ڪڏهن ميريوُن ٿيون. پاڻ گھڻي ڦَلر ۾ ڪونه ٿا پئون، نالا لِکڻ شروع ٿياسين ته اصل ڪم اتي ئي رهجي ويندو. رڳو ڪَن ڳَڻائي چئون ٿا ته موجودھ پيپلز پارٽيءَ جو ميرپورخاص وارو صدر، قابل احترام ۽ عظيم انسان مير علي بخش ٽالپر جو فرزندِ ارجمند ۽ ايم اين اي ، مير منور خان ٽالپر، شهيد ڀٽي کي ڦاسي ڏيندڙ جنرل ضياءَ جي مجلس شُوري عرف عام مجلس شُودا جو ميمبر هيو. موجوده پيپلز پارٽيءَ جو ڊويزنل سربراه پير آفتاب شاھ جيلاني، ضياءَ جي لاڏلي رئيس غلام مصطفي جتوئيءَ جي نگرانيءَ ۾ وفاقي وزير هيو. بس شادي پلي ، ڍَڪِي ڀَلِي.
    قصو پئي هليو ،ڍڳي گاڏين ۾ چڙهي، ڪاٺڙيءَ جي پولنگ تي ووٽ ڏيڻ جو ۽ هليا وياسون الائي ڪيڏانهن ، سو ڍڳي گاڏِين تان ياد ٿو اچيم ته ، اڳي گهر گهر ۾ ڍڳي گاڏيون هونديون هيون. بابو غريبت هوندي به ڍڳي گاڏين جو لٺِ شوقين هوندو هيو،انهيءَ شوق ئي کيس حيدرآباد جي واڍن جو پاڙو ڏيکاريو هيو.پهريون ڀيرو مرحيات جمعي ڪيرئي، کي سونهون ڪري ساڻ وٺي ويو هيو، پوءِ ته سڄي راڄ جو سونهون ٿيو، پاڻ پيو گڏيو پيو ويندو هيو. هونئن به اوڙي پاڙي ۾ ڪنهن هاريءَ وٽ ڪا موچاري ڍڳي گاڏي ڏسندو هيو ته واپار ڪري،پنهنجي ڍڳي گاڏيءَ ڏيڻ سان گڏ چڱو موچارو اُتر ڏئي اها وٺندو هيو. ۽ ها اڳي اوڙي پاڙي ۾ شادين مُرادِين جون ڄَڃُون، ڍڳي گاڏِين ۾ وينديون هُيون. ڄَڃَ چڙهڻ کان گهڻو اَڳُ تياريون ٿينديون هيون، ڍڳنِ کي وڏن شيشن سان تيلَ جا ڍُڪَ ڏِبا هيا. ڪجھ تيلُ بچائي ڍڳن جا سِڱَ به چَمڪَائِبا هئا ،سُهڻا مُهرا، نُڪُتا ، ٽَئنور، سُهڻِيون واڳُون، ڳانڍيا ، ڳانيون، گهنگرا ۽ مٽر ٺَهِرائِبِا هيا .جِنِ ۾ رَنگبَرنگِي ڦُندڻَ توڙي مَڻيا لَڳلَ هُوندا هئا. ڏاند گاڏِين جي دُريِن ۾چاڪن کي تيلَ جُون اَڳِڙيُون ٻوڙي سنهين شيخن سان تيل ڏبو هيو، ته جِيئن گاڏيءَجي هَلڻَ وَقت ٺَڙِ ٺَڙِ جا آوز نِڪرَنِ.۽ اوڙي پاڙي وارا به چون ته واھ مڙس تنهنجي گاڏي. ڪي مُڙس وريو گاڏيءَ جي بَانڪُنِ ۾لَئِيءَ يا ديوِيءَ جُون سنهيون تَلهِڙيُون گولائيءَ ۾ٻَڌِي مَٿَسِ سُهڻِيُون رَلِيون ٻَڌنَدا هُيا، ته پَردو۽ ڇانوَ به ٿِي ويِندي هُئي. اُن کي رانوتِي چوَندا هيا. ڄَڃَ جي گاڏِين جو جُلوس جڏهن ڳوٺَنِ جي ڀَرسان گُذرندو هُيو ته ڍڳي گاڏين جي مَڪِڙِيِن تي ويٺل سُوارَ، ڍڳن جي پُڇن تي ٻِليُون رکِي وَڏِيون ٻُچِڪارُون ڪري، رَنگِين گُلنِ واريِن واڳُنِ کي ڄاڻي واڻي تَڻَڪ ڏيندا هيا ته ڍڳا ٻِلينِ جي تڪليف سان تِکا ٿِي ڪَنڌَ ڌُوڻَ ڪندا هيا، تڏهن سندُن مَٿَنِ، سِڱَنِ ۽ پيرن ۾ ٻَڌَل گُهنگُهرن جي آواز ۽ مائين جي ڳِيچن ،هار ٿو جوڙائي، يا ٻانهين جوڙائِجِ نِهِرِي، سان عجيب قِسم جي موسيقيت پيدا ٿِيندي هُئي. اهڙي موسيقيت ٻُڌڻ لاءِ اڄ به روح سَٽُون ٿو کائي، پر ڇا ڪجي اهي ڏينهن پاڻ سان گڏ رڳو پنهنجون يادون ئي ڇڏي ويا آهن. اڄڪلھ جي جواڻ مڙسن کي ته ڍڳي گاڏيءَ جي پرزن جي نالن جي به خبر ڪونه هوندي. اسان جي ٻاروتَڻ ۾ کوڙ سارن هڪ جيڏن جي شادِين جُون ڄَڃُون ڍڳي گاڏين ۾ مختلف ڏِسُن تي ويون هيون. جن ۾ وڏي شوق سان شريڪ ٿي فخر محسوس ڪندا هياسين.تنهن کان سواءِ عام طور تي به چڱن مَٺن جي سواريءَ جو واحد ذريعو ڍڳي گاڏي ئي هوندي هئي. ڪن ڪن وٽ اڪيلي سر چڙهيءَ لاءِ گھوڙا به هوندا هيا. نه ته امير توڙي غريب جي باقبيلي سواريءَ لاءِ ڍڳي گاڏيون ئي هونديون هيون.
    ڳالهه پئي هلِي 1970 جي اليڪشن جِي. سو اسان جي وڏڙن مير تاج محمد جي چوڻ تي ڀُٽي جِي پارٽيءَ جي ميرعلي بخش ٽالپر کي ووٽ ڪري ، هن تر جي سموري وڏيرڪي راڄَ جو ناراضِپو سِرَ تي کَنيو هيو. مير علي بخش صاحب ته نه اڳُ ڏِٺو هُيائون ۽ نه وري پوءِ ڏسڻ نصيب ٿيُنِ. پر انهن ووٽن ڏيڻ سان ايترو ضرور ٿيو هيو جو ڳوٺ مان، اوڙي پاڙي جي وڏيرن ڏاڍِيون چورِيون ڪَرايون هيون.اصل رات خالي ڪونه هوندي هئي، هِڪَڙيءَ راتِ چور اسان جا ڏاند به ڪاهِڻ آيا هئا ، ۽ بابو جاڳِي پِيو هيو، ۽ ڏاندن وٽ ڌاريو همراھ بيٺل ڏسي هَڪلَ ڪيائين ۽ هڪل ساڻ چورن گھوٻاٽو اڇلي هنيُس. ۽ ان تِکي گَھڙيل گهوٻاٽي جِي چُهنب بابا جي ٽَنگ ۾ کُپِي وئي هئي. بندوق جو هِڪڙو فائرُ ڪري، بابا ويهي رهيو. ٽَنگ مان ڇِڪي گهوٻاٽو ڪڍيوهيائين . اُنهي رات ٺينڍيون ڪري وهندڙ، بابا جورتُ ڏِسي، مُنهنجي ڊِڄڻي طبيعت ۾ الائي ڪِٿان دليري آئي هئي، جو هڪدم بابا کي چَيو هيم، بابا آئون وڏو ٿِي چورُ ٿيندس ۽ تُنهنجو پلاند ڪندُس. ۽ پوءِ ايئن ٿيو به،پر الائي ڪيئن پڙهي پيس ۽ ڪامريڊ مان ڪاٽڪو ٿيندو وڃي ڪامورو ٿيس.
    هوڏانهن ڪاٺڙيءَ ۾ اسان جي پڙهائِي ڌڙا ڌڙ جارِي هُئي، اُن وقت سائين گل محد لاشاري نئون ماستر ٿي آيو هيو ،ڏاڍو ماريندو هُيو،هرو ڀرو به هرڪنهن کي چڱي موچاري ڦيھ ڪڍي ڇڏيندو هيو.اسين هرروز صُبح جو دُعا گُهري اسڪول ويندا هُياسين ته ،الله ڪري اَڄُ سائين گل محمد کي تَپُ اچي. پر الله سائين اسان جون دعائون ڪونه اگھائيندو هيو، ۽ هرروز صبح جو سائين چڱو ڀلو ۽ نوبنو اچي اسڪول ۾ وارد ٿيندو هيو. سائين گل محمد گهڻو پوءِ ماستري ڇڏي ، يوسف لغاريءَ سان وڪالت ڪرڻ لڳو، اُتي به دِل نه لَڳسِ. ته گهر ويٺو رهيو ،۽ الله الله ڪندو رهيو.الله وَڏي حياتِي ڏئيس!.
    سُتتِ ئي 1971 جي پاڪ ڀارت جنگِ لڳِي هئي، ته سرڪاري حڪم سان ماستر قومي رضاڪار بَڻجي ،واهَن۽ شاخُن جي پُلين تي پَهرا ڏيڻ کان سواءِ ،ڳوٺِ ڳوٺِ وڃِي، جنگ جي حملي کان بچاءُ جون تَدبِيرون ٻُڌائڻ لڳا هيا . اسان جي ڳوٺَ ۾به رضاڪار آيا هيا، سموري ڳوٺ کي سَڏي گَڏُ ڪري سمجهايائون ته رات جو بَتِي يا باه نه ٻاريو. ڇاڪاڻ ته سوجهري تي مَٿان اُڏامندڙ دشمن جو هوائي جهاز بَمُ ڪيرائي سگهي ٿو. اُن کي بليڪ آئوٽ ٿي چيائون. زمين تي ليڪا ڪڍي انگريزيءَ جي وِي جَهڙي شِڪَل جا ٻه چار کڏا کوٽِرايائُون، پوءِ ڳوٺ وارن کي سمجهايائُون، ته هوائي جهاز جي حملي جي صُورت ۾ ڊوڙِي اُن کاهيءَ ۾اونڌي مُنهِن سُمهِي رَهِجو ته وڏو بچاءُ ٿي ويندانوَ. جنگ جي ڏينهن ۾ هر روز ريڊيو پاڪستان تان مائي نورجهان جي مَڌُر آواز ۾ فوجين جي همت وڌائڻ لاءِ گانا هلندا هُيا . ميريا ڍول سپاهيا، تينون رب دِيان رَکان جهڙا گانا تن ڏينهين تمام گھڻو مشهور ٿيا هيا. وِچَ وِچَ ۾ گانا روڪي جنگ جي تازِين خبُرن۾اعلانَ ٿيندا هُيا ته پاڪ فوج اوڀر پاڪستان ۾فِلاڻو محاذ فتح ڪري اڳتي وڌي پئِي،دشمن جا هيترا هوائي جهاز ،هيتريُون ٽينڪون تباهه ڪيون اَٿئون، الهندي محاذ تي هيترا ڪارناما سرانجام ڏناسون وغيره وغيره. اهي خبرون ته جڏهن وڏا ٿياسون، تڏهن پِيون ته نورجهان جي گانن جي هِيرن ۽ جوڌن،وطنِ عزيز جي لَکين هزارين ڪنوارين نينگرين جون لڄُون لُٽي،لکين بنگالين جو ڪوس ڪري، پنهنجو ئي وطن پئي فتح ڪيو. تن ڏينهين ريڊئي پاڪستان جي اهڙين خبرن تي ڏاڍا خوش ٿيندا هياسون. وڏيون کڳيون هڻندا هياسون. هڪ ڏينهن ريڊيو خبر ڏِني ته چوڌري اسلم ،صدر يحيٰ خان سان مُلاقات ڪري جنگ جي فنڊ ۾ هڪ لک روپين جو امدادي چيڪ ڏنو آهي .چوڌري اسلم اَلائي ڪهڙو هُيو پر واه واه ٿي اسان جي مُجيريءَ جي. سڀڪو پيو چوي ڀَلا ڀُورا تُنهنجِي دِلِ!!! سڄو سارو لَکُ روپيه. هَتِ،واه سائين واه.!!! ها سچ ٻهراڙيءَ جون مايون گھڻو ڪري صدر صاحب جو نالو ڪونه وٺنديون هيون، جيڪي نالو کڻنديون هيون سي به ڦِڪيون ڦِڪيون پيون ٿينديون هيون، اصل اهڙيون جو ڪنن جون پاپڙيون به شرم کان ڳاڙهيون ٿي وينديون هُين.ڪي وريو چونديون هيون مُئا پٺاڻ ڪي چريا آهن، هيڏي ساري ڀائيءَ جو نالو ڪهڙو نه ڪِنو رکيو اٿن.
    هڪڙي ڏينهن صبح صبح جو باھ جي مچ ۾ بچي پيل ٽانڊن تا هٿ پئي سيڪياسون ته سِج اُڀرئي ساڻ ئي هندستاني جهاز زُوزاٽ ڪندا، اسان جي ڳوٺ جي مَٿان مَٽي ويا.گَهڙِي نه گُذري جو ميرپورخاص جي اسٽيشن تي بم وسائي موٽِيا . بمن جا ڌوڙيا اسان هتي به پئي ٻُڌا، ايئن پئي لڳو ڀانءِ ڌرتي پئي ڌُٻي . حملي ڪندڙ جهازن کي نه لهر نه لوڏو آيو!!، نه رَنڊَ نه روڪ ٿي!!. ڪو به روڪِڻ وارو ڪونه مِليو، پوءِ ته ڄڻ هِري پيا ۽ گَسُ لَڀي پين، هر روز صُبح جو اُڀرندان تيزيءَ سان زوزاٽ ڪندا ايندا هُيا، پنهنجي مرضِيءَ سان جتي وڻندو هين اتي، ڀَرپُور حملا ڪري، آرام سان هليا ويندا هُيا . ريڊيو پاڪستان پوءِ به اعلانن ۽ روز نوان محاذ فتح ڪرڻ جا ڌوڙيا لايو بيٺو هوندو هُيو.اوڀر پاڪستان ۾ مُڪتي باهني خلاف وڏِيون فتحون ٿيڻ جا اعلان ٿيندي ٻڌندا هُياسين. الشمس ۽البدرجا ڪارناما ته وڏا ٿي پوءِ خلقن واتان ٻُڌاسون۽ حمودالرحمٰن ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڙهياسون.تڏهن سوچيوسين ته انهي زماني جي هنيل کڳين تي ٻُڏي مرڻ گھُرجي ها ته بهتر هيو.
    هڪڙي ڏينهنِ، ڪاٺڙيءَ ۾ سائين نور محمد ناريجو جهنگ جليبيءَ جي وڻ هيٺان اسان کي انگريزي ڊِڪٽيشن لکرائي رهيو هيو. جو ڳوٺ جو هِڪڙو ماڻهو فلپس ڪمپنيءَ جووڏو ريڊيو هَٿَ ۾ لوڏِيندو وَڏِيُون ٻرانگهون ڀَريندو آيو .۽ سائينءَ کي چَيائين ماستر ، يحييٰ خان جو قوم کي خطاب ٿو ڪري اوهان به ٻُڌو. چٽو ياد آهي ته ڏڪندڙ آواز وارِي، يحيى خان جي تقريراَسان ٻارن به ٻُڌي هئي، جنهن ۾اوڀر پاڪستان۾ جنرل نيازيءَ پاران، جنرل جگجيت سنگھ اروڙا آڏو هٿيار ڦِٽا ڪَرڻ بعد ،مغربي محاذ تي به رات جو ٻارهين وڳين کان جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيوهيائين. اُن راتِ عمرڪوٽ طرف وڏا وڏا ڌماڪا ۽ باهه جا شُعلا آسمان سان ٽَڪرائِبا ڏِٺاسين ، چون ٿا ته جنرل ٽِڪا خان مشرقي پاڪستان جي هار جو بدلو وٺڻ لاءِ اَڪَ وَڍي جي ڀِٽَ تائين پُهتلَ هندستاني فوج تي وڏو حملو ڪري کين تمام وڏو جاني نقصان ڏنو هيو.
    جيتوڻيڪ نيازيءَ جهڙي جوڌي ، پنهنجي جوڌپائيءَ سان اڌ ملڪ وڃايو هيو،گڏوگڏ لڳ ڀڳ نوي هزار جوڌا هندستان جي تُرم ۾ واڙايا هيا.هڪڙو نيازي ڇو چئون ، سندس پويان راڄ نيازين جا هيا.ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻيون. جيتوڻيڪ انهيءَ وقت به سنڌ بنگالين سان گڏ بيٺي هئي، ۽ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جو اندازو هيو ته هنن کان پوءِ اسان جو وارو به ايندو. سنڌ مان ڄام ساقي پهريون سياستدان هيو. جنهن پنهنجن جوڌن جي ڪُڌن ڪرتوتن جا بي بي سي ذريعي ڇوڏا لاٿا هيا.۽ قاضي فيض محمد ته عوامي ليگ جو مرڪزي وائيس چيئرمين هيو. تنهن به حڪمرانن جي انهيءَ پاليسيءَ تي سخت تنقيد ڪئي هئي. پوءِ جڏهن مڙسن جا سڀ تِرڪتال هلِي ڇيھ ٿيا .تڏهن شهيد ڀُٽي کي ٻاهرئين ملڪ مان گُهرائي باقي بچيل ملڪ جون واڳون هٿ ۾ ڏيندي پاڻ اڳتي لاءِ ڀان ڪيائون. ڀٽو صاحب ڳائي وڄائي سندن ڀر جهلو ٿي بيٺو، نوي هزار مڙس ڇڏائي ڏنائينِ، پِني سِني خالي خزانو ڀريائين ، تنهن جو جيڪو سلو مليس سو سڄيءَ دنيا ڏٺو. ڄام ساقيءَ کي بنگالين جي حمايت ڪرڻ تي جيڪو اعزاز ڏنائون سو به ڳُجهو ڪونهي. قاضي فيض محمد مرحوم لانگوٽو ٻڌي واڻيو بڻجي پيرين اگهاڙو بارڊر ٽپي جان بچائي. جيتوڻيڪ سنڌ جا ماڻهو ذهني طور بنگالين سان گڏ هيا، پر اڪيلي ڀُٽي صاحب پاران جوڌن جو ڀرجهلو ٿيڻ ڪري، بنگالي اڄ به سنڌين کان شديد نفرت ڪري ٿو، اهي خبرون ته اجهو هاڻ قربان علي شاھ ڪيون هيون. جيڪواسان جي پياري پاڪستان جي ڪُک مان جنم وٺندڙ، بنگلاديش ڪنهن ڪورس لاءِ ويو هيو.
    1971 جي جنگ ۾ اسان وٽ ڪنڀارن جا ڪجھ گهرڙا به لڏي آيا هيا، جن بابت به ڪجھ چوندا هلون ته ڀلو، سو قصو هينئن آ ته جيتريقدر يادگيرو ٿو اچيم ۽ هُن جي ڌنڌلڪي تصوير اکين جي آڏو ٿي اچيم ته ”اڇڙي ميرڙي ٽوپي مٿي تي،هِرکَ جا پر پراڻا ۽ ميرڙا ڪپڙا پاتل ، پيرن ۾ سخت چم جي جُتي جنهن کي ٿريا ”موجو“ چون، هڪڙيءَ اک تي مٿي کان ڦيرائي اڳڙي ٻڌل (ڀانءِ اک تي ڪا آنڙي نڪري ڦُرڙيءَ جيان ٿي پئي هجيس) ڏاٽو هٿ ۾، جيڏيءَ مهل ڏِسُ گاھ واريءَ اڇيءَ پوتيءَ جو ڪانبو ٻڌيو، ٻنين جي ٻَنن ۽ اَڏُن تان ڇٻر ۽ ڏنِھ جو گاھ ڏاٽي سان لُڻندو وتندو هيو. مُڇن جي ريھ لٿل هيس ۽ کاڏيءَ تي ڏاڙهيءَ جا اُڀري آيل ٿورڙا وار به چڱا خاشا وڌيل هوندا هيس. هو 1965 جي جنگ ۾ طالسر مان تڙجي نڪتل ڪاڪي آچار جو وڏو پُٽ ابراهيم هيو. طالسر جو ڳوٺ هندستان جي ڇهوٽڻ تعلقي ۽ ٻاڙهمير ضلعي جي ڪا ننڍڙي وسندي آهي. سندس ننڍڙي خاندان جي نئين منزل ڀانيان ٿو ته کوکري پار لڳ ڀِٽاري نالي ننڍڙو ڳوٺ هئي جتي سندن سيڻپو هيو، ۽ شايد قسمت کي اڃان به کين رولڻو هيو، ٻن چئن سالن بعد 1971 جي جنگ ۾ سيڻن سوڌو ڪاڪي منوءَ ڪنڀار جي سانگي سان هتي لڏي آيا هئا.
    تن ڏينهين ناني گل حسن ،اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻ ئي چيڪي مٽي ڪوڏر سان ولي، پُسائي ،ڳوهي، گنب مٽيءَ جا پنوڙا پُٺن تي ڍوئي، اوڏڪي اوساري ڪري، هڪڙي ننڍڙي مسيت ٺاهي هئي. ڳوٺ ۾ جيڪي به مسلمانڪا (شرن ۽ ڪنڀارن جا) چار گهرڙا هيا، تن مان ڪو هڪڙو اڌ قرآن سميت سنڌيءَ جا به هڪڙو يا ٻه ڪتاب پڙهيل هيو. تنهن هوندي به نماز جي پاسي گهٽ لاڙو هين، پوءِ نانو گل حسن پاڻ ئي ڪڏهن جمعاڻي چانڊاڻي وڃي مسيت سڳوريءَ جي ٻهاري ڪڍندو هيو، قرآن شريف تي ويڙهيل پوش ۽ پوتيون لاهي ڇنڊي ڦوڪي وري پهرائي ساڳيءَ جاءِ تي رکندو هيو ۽ جي دل ۾ ايندو هيس ته به چار سجدا ڏئي وٺندو هيو.
    نه ته اسان واري مسيت سڳوري گهڻو ڪري هندو مسلمين سڀني لاءِ عزت ۽ احترام واري اهڙي جاءِ هوندي هئي ، جنهن کي ساري اوکيءَ اڻائيءَ ويل تي مِٺيون ڪُنيون باسبيون هيون، ۽ مرادون پوريون ٿيڻ تي اهي رڌي ، ڳوٺ جي معصومن کي سڏي مسيت سڳوريءَ جي در تي ويهاري دعائون گهرائبيون هيون. ڪي مايون وري مرادون پوريون ٿيڻ تي قرآن شريف کي اڌ وال ڪپڙي جو اچي پهرائينديون هيون. تنهن زماني ۾ بجليون ٻجليون هيون ڪونه، مسيت سڳوريءَ ۾ سوجهري ڪرڻ جي لاءِ ڪاڪو منو ٻه چار ڏيئا ٺاهي هڪڙيءَ ڪُنڊڙيءَ ۾ رکي ويندو هيو. جنهن جو تيل وري مسيت تي باسون باسيندڙ مينگهواڙ توڙي شر ۽ ڪنڀار پاڻ هرتو وڏي شيشي ۾ مسيت جي آڳر جي ننڍڙيءَ ڀت تي رکي ويندا هيا. جنهن کي ڏيئي ۾ اوتي نانو گل حسن ئي سدائين سج لهڻ مهل مسيت ۾ ڏيئو ٻاري سوجهرو ڪندو هيو. ڇو جو سندس گهر مسيت سڳوريءَ سان لڳو لڳ هوندو هيو.
    ابراهيم وارا جڏهن هن ڳوٺ ۾ آيا هيا، تڏهن کان به الائي ڪيترو اڳي کان هو پنج وقتي نماز جو پابند هوندو هيو. هتي اچڻ ساڻ هن ئي اسان واري ڪچيءَ مسيت جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري ، هِتان هُتان ڏوڪڙ هٿ ڪري ڇِنل تنئوريون مٽائي نيون تنئوريون آنديون هيون ۽ مسيت ۾ پنج وقتي اذان ڏئي نماز پڙهڻ شروع ڪئي هيائين.
    تڏهن اسان جي مِٽن کي ڪنهن سڄڻ صلاح ڏني هئي ته ابراهيم کي چئو ته اوهان جي ٻارن کي قرآن پڙهائي، ايئن پوءِ اسان ڏهاڪو کن هڪ جيڏن صبح جو اسڪول کان پهرئين هُن وٽ قرآن مجيد پڙهڻ شروع ڪيو هيو. جنهن جو هن ڪوبه اجورو وٺڻ کان نابري واري ڇڏي هئي. پوءِ هوريان هوريان ڇهن مهينن اندر اسان قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو ۽ کوڙ ساريون سورتون ته برزبان ياد به ڪري ورتيون هيون سين. جڏهن مون قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو هيو ته بابي خوشيءَ ۾ خدا ڪارڻي هڪڙي ڀت جي ديڳ لاٿي هئي. جنهن ۾ مونکي ۽ منهنجي استاد ابراهيم کي ننڍين منجين تي ويهاريو ويو هيو. مونکي قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ تي ململ جو پٽڪو ٻڌرائي، مبارڪون ڏنيون ويون هيون، ۽ پوءِ ابراهيم کي به پٽڪو پارائي ٻِپُڙي اجرڪ اوڍائي وئي هئي. ۽ سمورن مائٽن پاران مون کي نصيحتون ڪيون ويون هيون ته ”ابا! هاڻ ڳرو بارو ٿجانءِ، نياڻيءَ سياڻيءَ جي ساڃاھ ڪجانءِ ڇو جو قرآن پيٽ ۾ اٿئي“. ايئن هرهڪ هڪ جيڏي کي واري واري سان قرآن پورو ڪرڻ تي پٽڪا ٻڌايا ويا هيا ۽ خيراتون ڪيون ويون.
    پوءِ اسان جي ڳوٺ جي مسيت ۾ باقائدي پنج وقتي نماز ٿيڻ لڳي ۽ ڳوٺ جي مسيت جو اڻ اعلانيل پيش امام ملو ابراهيم ٿي ويو. تنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ مسيتن ۾ جمعي تي جتوئيءَ جي خطبي پڙهڻ جو رواج هيو، سو اسان جو ملو ابراهيم به ڪٿان جتوئيءَ جي خطبي وارو ڪتاب وٺي آيو هيو ۽ پوءِ هر جمعي تي خطبو اسان مان ڪو پڙهيل ڇوڪرو پڙهندو هيو باقي نماز ابراهيم پڙهائيندو هيو. ڇو جو ملو ابراهيم سنڌي پڙهيل ئي ڪونه هيو. الائي ڪي ڪيترا سال ملو ابراهيم پنهنجي روزيءَ روٽيءَ لاءِ ڊوڙ ڊوڙان سان گڏوگڏ مسيت سڳوريءَ ۾ امامت به ڪندو آيو ۽ پوءِ وقت بدلجڻ سان مُلي ٿيڻ ۽ پيش امام ٿيڻ جا پيمان به بدليا ته ڳوٺ وارن ٻيو ملو لقمان پيش امام ڪري رکيو، ۽ هوريان هوريان جتوئيءَ جي خطبي جي جاءِ به عربيءَ واري خطبي والاري.
    انهيءَ وچ ۾ ڪاڪو آچار گذاري ويو، ڏھ ڏينهن پندرهن ڏينهن مِٽن مائٽن اچي تپايس ” چئي ڪنڀارڪي ريت موجب ڪاڪي آچار جي پويان خيرات ڪر“. مُلو صفا دڙهو هڻي بيهي رهيو” چئي ابي کي ثواب پڄائڻ لاءِ چار قل پڙهي بخشيندس، قرآن شريف جو ختمو ڪڍائيندس، باقي اوهان جي چوڻ جي ڀت جون ديڳيون رڌي، ايندن ويندن کي کارائڻ سان ابي کي ڪهڙو ثواب ٿيندو؟ اهو ته سڌو پِڌو ٿيو گڏهن کان کَرو ڀيلائڻ، مرڻ مري ويندس ايئن ڪونه ڪندس. پوءِ ڪنڀارن ۾ ڪو ڀتُ پوتُ ٿيندو هيو يا ڪا مرڻي تي خيرات ٻيرات ٿيندي هئي ،تڏهن مهمان ٿي آيل ڪنڀار مُلي ابراهيم کي ٽوڪون هڻندي چوندا هيا ” اڙي اِڀريا !! تانهجو ابا آچار او اُوئي کيجڙ مٿي ٻيٺو اهي ،آن ڪُلان نان پيو ڪَهي ڪي اڀرئي مانهنجي لاريا خيرات ڪو ڪَريانتي؟( او اِڀريا (ابراهيم) تنهنجو ابو آچار، تو پاران خيرات نه ڪرڻ جي ڏک ۾ قبر ڇڏي، او هُن سامهين وڻ تي ويٺو آهي ۽ شڪايت پيو ڪري ته ابراهيم منهنجي پويان خيرات ڪانهي ڪئي). ابراهيم بنان ڪنهن حجاب ۽ ارهي ٿيڻ جي مِٽن مائٽن کي روڪڙي ورندي ڏيندو هيو” مِين خيرات ڪو ڪَرِي توهيج مانهجو ابا کيجڙ مٿي ٺَڍِي هوا مين ٻيٺو اهي، اڀان خيراتان تي اِتا خرچ ڪريا توهيج اوهان جا مائيتر اِتي گرمي ۾ قبران مين پيا سڙين“( مون خيرات ناهي ڪئي ته به منهنجو ابو وڻ تي ٿڌي هوا ۾ ويٺو آهي، اوهان خيراتن تي هيڏا خرچ ڪيا پوءِ به اوهان جا مائٽ ههڙيءَ گرميءَ ۾ قبرن ۾ پيا سڙن). مُلي ابراهيم جو روڪڙو جواب ٻُڌي ، مٿس ٽوڪون ڪندڙ سڀئي مائٽ ماٺ ڪري ويهي رهندا هيا.
    تيستائين اسين به وڃي جوان ٿياسين ۽ڪامريڊن سان پيچ اڙاياسين. تڏهن به ملو ابراهيم اسان کان الاهي وڏو هوندي به اسان جهڙو ڪامريڊ ٿي بيٺو. هر ڪچهريءَ هر اجلاس ۾ ملو اڳيان اڳيان هوندو هيو. ٿيندي ٿيندي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو اسان واريءَ يونين جو صدر به کيس چونڊيوسين. پوءِ ملي ابراهيم جا سمورن ڪامريڊن سان اهڙا ته پيچ اڙيا جو هارين جي بيدخليءَ خلاف ڪيترن ئي ڪيسن ۾ خود ئي ڌُرٿي ڪيس داخل ڪيائين. هڪڙي ڪيس ۾ ته اڳلو وڏيرو بنهي سگهو هيو، جنهن ڪورٽ مان ٻاهر نڪرندي چيس ”مُلان ! تون ڀانيان ٿو مونکي نٿو سڃاڻين، منهنجو نالو........... اٿئي، آئون هن جيپ جي پويان ٻڌي گهليندو سانءِ“. تنهن تي مُلان کلندي وراڻيوهيس” سائين جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي ۽ تو جڏهن ايئن ڪيو تڏهن ڏسنداسين“. پوءِ ته ڪو زمانو اهڙو به آيو جو سموري ڳوٺ جي ڇيڙي نبيري ابراهيم جي هٿ وس ٿي وئي جيڪا اڃان به گهڻي ڀاڱي ايئن ئي آهي.
    وري زمانا بدليا ، تفرقا وڌيا، پوءِ به ملو ابراهيم نه بدليو، هندو مسلمان سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو، ۽ هڪل ساڻ حاضر. ڪنهن کي جي ڪڪڙ ڪُهائڻو آ ته هلو ابراهيم وٽ ۽ جي ڪنهن کي ٻڪر ۾ سِير وجهرائڻي آ ته به هلو ابراهيم وٽ. مال جو وري اهڙو پارکو جو ڪنهن جي ڪا ٻڪري ٺڪري، ڍڳي يا مينهن بيمار ٿئي ته به سڀڪو ڊوڙي هن ڏي، ٻيلي ابراهيم واروڪر. ۽ ابراهيم آ سو نه ڏسي نه رات، نه ڏسي جُهڙ نه مِينهن ،هڪيو تڪيو حاضر، رڳو گُهت هڻي ته به نماز جي فرضن پڙهڻ جي ، وري اڃيو بکيو ساڳئي هنڌ پڄيو وڃي. مطلب ته اڄ ڏينهن تائين ڳوٺ جي هر ماڻهوءَ سان ڏک سک ۾ توڙي مرڻي پرڻي ۾ ايئن سلهڙيو اچي، جهڙو ڄائو نپنو ئي هنن سان هجي. ٻيو ته ٺهيو پر ڳوٺ ۾ جيڪر ڪنهن مينگهواڙ جي گهر ۾ به ڪو مرڻو ٿي پيو ته سڀني کان اڳي ملو ابراهيم پُڄندو ۽ جي رات هوندي ته هنن سان هُنن جيئن سموري رات جنازي جي ڀر ۾ ڪنڌڙو نوايون ويٺو هوندو، جي ڪنهن جي چوري چڪاري ٿي ته به سڀني کان اڳ۾ ملو ابراهيم ئي هوندو جيڪو رڙ جي جواب ۾ آيو چئي پيرين اگهاڙو اچي پُڄندو. ڀوڳائيءَ سان ڀوڳ، رُکي سان رُکو، جهڙو ماڻهو تهڙو ابراهيم .
    ٽيهارو ورهيه اڳ اسان جي گهر ۾ ڪو ننڍڙو ڪاڄ هجي، مرحيات وڌي ڪانهئي کي ڀت رڌيندي ڪو ڀوڳ سُجهيو سو ابي مرحيات کي چيائين ”يار اڪبر کنڊ ته جام بچت پئي آ، همراھ گرميءَ ۾ ديڳين تي ڪم ڪري ساڻا ٿي پيا آهن، سو مُلي ابراهيم کي چئه ته کنڊ جو شربت ٺاهي سڀني کي پياري“. ابي کي ڪهڙي خبر ته ڪو ڪنڀارالائي ڪهڙي ڪاوڙ ۾ کنڊ جو نالو ئي ڪونه وٺن ۽ کيس مِٺاڻ چون. ۽ مڱڻهار مُڱن کي مورڳهين ...... داڻا چون. ۽ جيڪر ڪو ڪاڄ ڌڻي، ڪاڄ هلندي ڪنڀار کي کنڊ ۽ مڱڻهار کي مُڱن جي بابت ڪوبه ڪم چوندو ته همراھ چِڙي ڪپڙا ڦاڙي وجهندا. ۽ ڪاڄ ڌڻيءَ کان نئون وڳو وٺندا. سو ابي مرحيات جو مُلي ابراهيم کي شربت لاءِ چوڻ ۽ هُن جو چرڙاٽ سان قميص کي ڦاڙي شيرواني ٺاهي، ڪلهن مان ڪڍي ديڳ جي چَرِ ۾ اُڇلڻ. سمورو ڇنو ڊوڙي آيو، مُلو ڇاتي بگڙيو، ملو ڇاتي بِگڙيو؟ تيڏيءَ مهل مُلو به ڪو جهليو ٿئي ڇا؟ چئي اڪبر کنڊ جو نالو ڇو ورتو؟ هوريان هوريان ٿڌو ڪيوسونس. ڊوڙندي گهران ڪپڙن جو نئون وڳو آڻي ڏنو مانس .پر عيوضي ۾ مليل نئون وڳو واپس ڪندي چيائين ” ير مڙئي ڀت ۾ هيو کِل ڀوڳ جو مزو ڪرڻو ، ڪا وڳي جي بُک هيم ڇا جو توکان وٺان؟.
    انهيءَ ابراهيم تي پوءِ رانجهن اهڙو راضي ٿيو جو هڙئي پُٽڙا سپوٽ ٿي پيس، حق حلال جي ڪمائڻ وارا ٿي پيس، ۽ گهر واريءَ سميت حج به ڪرايائونس. هاڻي سڀ ڪم به مولا معاف ڪيا اٿس رڳو ويٺو الله الله ڪري. پر مرڻي پرڻي توڙي اوکيءَ سوکيءَ ۾ ڳوٺ جي مينگهواڙن، ڪنڀارن ۽ شرن جو ڀرجهلو جهڙو اڄ به ابراهيم ٿئي ٿو، اهڙو پُٽ اسان واري ڳوٺ ۾ اڃان ڪنهن ماءُ ناهي ڄڻيو. اڳتي جي خبر خاوند کي.


    8

    ڳالهه پئي هَلِي چارڪلوميٽرپنڌُ ڪري، بس ۾ چڙهي ڪاٺڙيءَوڃڻ جي، سو ڇهين درجي جي امتحانن دوران ڳوٺان سوير ڀَرا نِڪري پنڌ ئي پنڌ ڪاٺڙيءَ وِيندا هيا سين .اُنهي ڀَئو کان ته متان بس خراب هُجي،ٽائيم تي نه اچي ۽ پيپررهجي وڃي. ٻي وَڏِي ڳالهه ته سنڌڙيءَ کان کيراهو شاخ تائين، روڊ جي اوسي پاسي وارن ڳوٺن مان اَڃا اسان ٽي ڄڻا ئِي انگريزي پڙهڻ ويندا هُياسين .باقي سَڀڪو پنجون پاس ڪري مائٽن جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو هيو.تنهن زماني ۾ اسان جي وڏڙن جو ڀاروءَ موچيءَ سان آهَتُ هُيو ،جنهن موجب گَهرَ جي مرد ۽ عورت ڀاتِين جي لاءِ سال ۾ هڪُ ڀيرو هِڪَ نئين جُتِي ٺاهي ڏيندو هُيو.باقي سڄو سال اُنهن جُتين جي ڳنڍَ ٽوپ مفت ڪندو هُيو۽ ڪڻڪ جي کَري جِي بَٽائِيءَ ٿيڻ ويلَ کيس ڪڻڪ جي هِڪَ ٻورِي ڏِبي هُئي .ڪاٺڙيءَ جي ڪلر کان الله اَمانَ ۾ رکي،مَاڪُن جي ڏينهنِ ۾ اهڙواُڦرندو هيو،جو ماڻهو بيٺي بيٺي تِرڪِي پوندا هُيا.اُهو ڪلر اسان جي جُوتن کي سالن بجاءِ مهينن ۾ ساڙي ڇڏيندو هُيو.ڳَنَڍَ ،ٽوپَ ،جَنڊا ۽ چَتِيون خان محمد کي وڻنديون ڪونه هُيون ،ڪڏهن واپسيءَ ۾ جُتِي دوسي جي ٽِن واٽرن مان ڪنهن هڪ جي ماڊول ۾ لوڙهي پيرن اگهاڙوگهرِ ايندو هيو، ته بابا پُڇندو هيس ،پُٽ پيرن اگهاڙو آيو آهين، جُتِي ڪيڏانهن ڪيئه؟. همراه ڏاڍي ادب سان وراڻيندو هيو، چاچا، جُتي ڪلر ۾ ڀرجي وئي هئي اصل پيرن مان نڪتي ٿي وئي سو لاريءَ مان لَهندي الائي ڪِٿي ڪرِي پئي.بابا سائين، خان محمد جي سِڌي پِڌي ڪوڙ تي شوڪارو ڀري ماٺ ڪري ويهي رهندو هيو، ۽ ورندي ڏينهن خان محمد وري مُنهنجي جُتي ڦُري وٺندو هيو ۽ آئون ڪنهن نه ڪنهن کان پِنَ جا هوائي چمپل وٺي سَٽڪَ سَٽڪَ ڪندو اسڪولِ پهچندو هيس. ڪڏهن ڪڏهن هوائي چمپلن جا ڪشا، ڪلر جي وزن سبب ڇِڪي پير کڻڻ جي ڪري ٽُٽي پوندا هيا. يا پاڙ کان ئي نڪري ويندا هيا ته چمپل هٿ ۾ کڻي وٺندوهيس. ڪڏهن ايئن به ٿيندو هيو ته چمپل جو هڪڙو تاڪ هٿ ۾ هوندو هيو ته ٻيو وري پير ۾ هوندو هيو. ان تي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪونه هوندو هيو، يا ڪابه ڦِڪائي ڪونه ٿيندي هئي، بس مڙوئي گاڏ و گيڙڻو هوندو هيو. رڳو ايئن نه ته اسان جي گهر جي اها حالت هوندي هئي، پر سڀ جا سڀ شاگرد هڪجهڙا ۽ غريب هوندا هيا.
    اهو 1972 جو زمانو هيو۽1972 تائين، هن ڳوٺ کي آباد ٿئي لڳ ڀڳ پنجويهه ورهيه ٿِيا هوندا . هندُو مسلمان ڀائرن جِيان رهندا هُيا . ڪو به ننڍو يا ڪوبه وڏو ڪونه هُيو. ڳوٺ جي اُتر اولهه واريءَ ڪُنڊ تي، ننڍڙِيءَ ڪَچِي مسيت کي 1965 جي جنگ بعد ، لَڏي آيلُ مُلو ابراهيم ڪنڀار آباد ڪندو ايندو هيو. جنهن اسان مڙني کي بنا ڪنهن اَجُوري جي قرآن شريف پڙهايو هيو. اُن مسجد ۾ محراب جي ڀر ۾ رکيل ٺڪر جو ڏيئو ٻارڻ لاءِ ڳوٺ جا ڪيترائي مينگهواڙ به مُلي ابراهيم کي تيلُ ڏئي ويندا هُيا . اڪثر مينگهواڙ جمعي جي ڏينهن مِٺي ڀت جو ديڳڙو لاهي مسيت جي در تي ويهي معصومن کي کارائي خوش ٿيندا هيا. ڳوٺ ۾ ڪنهن مينگهواڙ وٽ ڪو مهمان ايندو هيو ته ڪُڪُڙ ڪُهائڻ لاءِ مسلمانن کي ڳوليندا وتندا هيا. مطلب ته مذهبي فرق ڪوبه ڪونه رکندو هيو،قرب به ايترو هيوجو رمضان جي عيد جو چنڊُ ڏسڻ ساڻ مينگهواڙ ، ٽوالن ۾ پِليٽون ويڙهي، اسان جي گھر جو رُخ ڪندا هيا.۽ ڇَپر هيٺان وِڇايل رَلِين تي اَچِي گَڏُ ٿيندا هُيا۽ شرن جي جُملي گهرن مان سيويون، سِيرا۽چانور رَڌجِي، ديڳڙن ۾ کَڄِي ايندا هُيا. پوءِ بابا سائين، پنهنجي هَٿن سان وِرهائيندو، هر هڪ کي کارائيندو ويندو هُيو . آئون به امڙ کان گَھڙيءَ گَھڙيءَ سيوين جي پليٽ وَٺِي، پنهنجي هم ڪلاسين کي الڳ ويهاري، کارائي خوش ٿيندو هُيس .
    وري هندن جي ڏياريءَ جي راتِ جو، سمورا مسلمان، رُگهي مل جي اوطاق ۾ اچي ڪَٺا ٿِيندا هئا .ڦوٽي حلوائيءَ جون مِٺايون پاپڙ ۽پُوريُون ، گهر گهر مان اينديون هيون . ڪي دارونءَ جا شوقين چُڪڙو به چاڙهيندا هيا. پوءِ سڀيئي کائي خوش ٿِي، کِل ڀوڳَ ڪندي، سڀني سان گڏجي ڦٽاڪا ٻارڻ لاءِ کليل ميدان تي گڏُ ٿيندا هئا .ڦٽاڪي کي تِيلِي ڏيئي، هڪ ٻئي ڏانهن اُڇلي ڊيڄاربو هيو، ته تاڙيون وَڄنديون هيون،هوڪرا ٿيندا هئا. اُن مهل هِندوُ، هِندوُ نه رهندو هيو،۽ مُسلمان،مُسلمان نه رهندو هيو. سڀ ڀائر هوندا هئا۽ سڀ انسان هوندا هئا .ٿڌڙيون، ٽِيجون۽ آکاٽيجون اينديون ته پنهنجن هم ڪلاسين سان گڏجي سندن مائُرن هٿان پَڪل، مِٺا لولا کائبا هئا، رَکڙِي پونم تي هِندو ڀينرن هٿان رَاکيون ٻانُهنِ ۾ ٻَڌائي خوشيون ڪَبِيون هيون.مسلمانن جي اُضحيٰ جي عيد ايندي هئي، ته بابو مِڙني گهرن مان مينگهواڙن جي حصي جو گوشت گَڏُ ڪري ،وڏي ٿالهه ۾وِجهي مَٿي تي کَڻِي گهرِ گهرِ وڃي ورهائي ايندو هيو.
    وڏي ڳالھ اها به هوندي هئي ته انهيءَ زماني کان وٺي اڄ تائين، غربت جي ڏينهن کان سرنديءَ وارا ٿيندي تائين، هندن جي مذهبي عقيدت جو خيال رکندي سموري ڳوٺ ۾ ڪنهن به مسلمان ڪڏهن ڪا وَهُڙي اضحي ڪونه ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هاڻي ڳوٺ ۾ مُلپ تمام گهڻي وڌي وئي آهي،ڀيڏيءَ تي سُٿڻون رکي ، گهڻا مُڙس هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا وتن. پر اهو سو اڃان خيال اٿن، جو ٻئي جي مذهب سان ڇيڙڇاڙ ڪونه ٿا ڪن. ها سچي وچ ۾ هڪڙو مُلي ابراهيم جو ڀاءُ مُلو حڪيم نئون مُلو ساماڻو هيو، جنهن بابري مسجد جي واقعي تي ڪاوڙجي مينگهواڙن جي گهرن کي تيلي ڏيڻ لاءِ ننڍي پوش کي سنبرايو هيو. پر پوءِ سڀني جي ڦٽ لعنت ۽ زماني سازيءَ کيس به روادار بنائي ڇڏيو هيو. اها رواداري مون گهڻو پوءِ حاجي اسلم گهمڻ ۾ ڏٺي هئي جيڪو عام طور تي ڀيلن، مينگهواڙن، ڪولهين ۽ اوڏن جا فيصلا ڪندي کين سڏي مسجد منجھ ويهاريندو هيو، ۽ اڄ تائين ايئن ڪندو اچي. هو صرف نماز واريءَ تنئوريءَ جي مٿان اڇو ڪپڙو وڇارائي ڇڏيندو آهي. جنهن تي هندو ويهي پنهنجا فيصلا ڪرائي ادب ۽ احترام سان اُٿيا هليا ويندا آهن. اڄڪلھ جا يار ته ڪنهن ٻئي فرقي جي مسلمان جو مسجد ۾ ڍري وڃڻ به سُٺو نٿا سمجهن ۽ ست ست ڀيرا مسيت سڳوريءَ کي ڌوئاري پوءِ ٿا نمازون پڙهن. انهيءَ ڳالھ تان هڪڙو ٻيو به قصو ياد آيو اٿم ڀانيان ٿو ڪندو هلان، گهڻا سال پوءِ اسان جو هڪڙو عزيز مُلو ٿيو، پر اهڙو ٿيو جو يارن وڃي کيس ڪشمير ۾ جهاد لاءِ پهچايو. گھڻن سالن تائين مڙس جو ڪو ڏس پَتو ڪونه پيو ته ماڻس روئي پِٽي مُئو سهسائي ويهي رهي. هڪڙي ڏينهن همراه اوچتو اچي وارد ٿيو، وڏا احوال ڪيائين، پر گھڻو خوش انهيءَ ڳالھ تي هيو ته اڻ ڳڻيا ڪافر جهنم ڀيڙا ڪري وريو هيو.سو هڪڙي ڀيري مهمان ٿي مون وٽ آيو، اوطاق تي چانھ آئي ته شرارت ڪندي مُڙس کي چيم يار مون تازي بينڪ جي نوڪري ڇڏي آهي، انهيءَ مان جيڪي پئسا مليا اٿم سي وري ٻيءَ بينڪ ۾ رکيا اٿم، انهن تي ملندڙ وياج مان گھر جي کنڊ چانھ ٿي اچي، تنهنجي لاءِ اها چانھ حرام هوندي، ايترو ٻڌائڻ منهنجو فرض هيو اڳتي تنهنجي مرضي چانھ پيئين يا نه پيئين. ۽ مُلي اُتي جو اُتي کڻي چانھ جي ڀريل ڪوپ مان هٿ ڪڍيا. هتي جو مڙس کي شينهن ٿي اچڻ تي هيڏيون عزتون مليون، ته همراه ڏينهون ڏينهن ڦُنڊبو ويو، ايتريقدر جو پوءِ ته عام غريبن ۽ مسڪينن جي گهرن ۾ ڌُڪو کڻي ڪاهي پوندو هيو، چئي ٽي وي نه وڄايو، ٽيپ نه وڄايو، اها بدعت آهي. هڪڙي ڀيري گڏيو ته چيومانس ، ڀائو غريبن جي گهرن ۾ ايئن ڪاهي ٿو پئين، مون وٽ به ٽي وي پئي هلي سا نٿو بند ڪرائين. ته ڏند ٽيڙي چيائين نفعي نقصان مان اسين به سمجهون ٿا.!!. سچ هڪڙي ڀيري ڪار ۾ کپري مان آيس پئي، تنهن ڏينهن گرمي بنهي گهڻي هئي. جان کڻي ڏسان ته اهو ساڳيو جهادي ملو روڊ سان پنڌ پيو وڃي. رحم کائي کڻي ڪار ۾ کنيومانس، گاڏيءَ ۾ ويهندي ئي وڄندڙ ٽيپ رڪارڊر جو آواز بند ڪيائين. مون ڀانيو ته همراھ جو هٿ لڳي ويو هوندو. سو آواز کوليم، همراه وري بند ڪيو،پڇيومانس ،هي ڇا پيو ڪرين؟ ته ٺھ پھ وراڻيائين اهو راڳ ٻڌڻ بدعت آهي. چيومانس گرميءَ کان بچڻو اٿئي ته اها بدعت ٻڌڻي پوندئي، نه ته ڀلي پنڌ اچ. همراھ کي گرميءَ اهڙو تپايو هيو جو راڳ ٻڌڻ قبوليائين، پر پنڌ ڪونه ڪيائين. هاڻي ته ڏينهون ڏينهن زماني جي هوا سان گڏ مڙس پاڻ مَٿڪي ڪمائڻ وارو ٿي پيو آهي، انهيءَ کي هو ڪڏهن گهاٽيِ واڌِي يا وياج جي زُمري ۾ ڪونه ٿو آڻي، هاڻ منهنجي به ماني کايو وڃي پر ماڻهن کي اڃان به چوندو آهي ته منهنجي مسلمانيءَ ۾کيس شڪ آهي.
    ڳالھ پئي ڪئي سون ڳوٺ جي قُرب جي ۽ هليا وياسون مُلن ڏي، سو چَيُم پئي ته ڳوٺ جي اهڙي سُک ۽ سانت واري ماحول کي الائي ڪنهن جي نظر لڳِي. هونئن به ٻه ٺڪر گڏ رکبا ته ٺڙڪندا ضرور آهن پر هتي ته قصو ئي اور ٿي ويو هيو، جو هڪڙي ڏينهن بابوسائين ۽ رُگهي مل جو پُٽ بيکو، ڪنهن ڳالھ تان تِکا مَٺا ٿيا، تان جو وَڃِي لٺيون کنيائون. را را ٿي ، حال سارو سڀڪو لٺ ڌُ ڪو کڻيو ڀڄندو آيو، وڏِي لٺِ لڳِي، ڌڪا ٺيلها ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه هيا. لٺين جا مَٿن ۾ لڳڻ جا ٺڙڪا توڙي پاڻ ۾ لڳڻ جا ٺڙڪا پري پري تائين پئي ٻُڌا. نيٺ بابي سائينءَ ۽ رُگهي مل جا مٿا ڦاٽا. ٻنهي جو رتُ ٺينڍيون ڪري نڪتو، تڏهن ڪنهن سڄڻپائي ڪندي هِن هُن کي ڌڪا ٺيلها ڏئي جهيڙو ٽاريو هيو. تن ڏينهين اسان ڇهين درجي جا ٻار جهڙوڪر گِينگھا هياسون. پر خان محمد ڪجھ سَٻَر هُيو، مينگھواڙن سان وِڙهڻ لاءِ وڏيون لوُهون پاتائِين، پر روڪي وڌائُونسِ.رگهي وارن رات جي پيٽ ۾ زميندار حاجي اسلم کي اطلاع ڪرايو، پر مزي جهڙي ڳالھ اها هئي جو ٻنهي ڌرين جا ڌَڪِي ڍڳي گاڏِين۾، هڪ ٻئي جي اَڳيان پُٺيان حاجي صاحب جي اوطاق تي سِي پوٺي پُهتا هئا. ڪمپائونڊر، مختيار ٻنهي ڌُرين جون پَٽيون ڪَيون. وري به ساڳئي پنڌ سان ٻئي ڌُريون ڍڳي گاڏين ۾هڪ ٻئي جي اڳيان پويان اچي ڳوٺ پُهتا هيا. هوڏانهن امڙ به پوتيءَ جي پاند مان ٻه روپيه ڇوڙي خان محمد کي ڀاڙي جا ڏيئي ولواريءَ مان مائٽ گُهرايا هيا. رات ٿيندي ئي، راڄ شرن جا اچي لٿا ،جيسين سِجُ اُڀري ۽ جهيڙو مَچي، حاجي اسلم فجر جو ئي اچي پُهتو، ٻنهي ڌُرين جون ڳالهيون ٻُڌِي، مکڻ مان وارُ ڪڍِي، ڏوهيءَ کي ڏوهِي ڪري، ڏنڊ وِجهي۽ بخشائي ، ڀاڪر پارائي خيرُ ڪري ڇَڏيائين. چَون ٿا ته بابا کي، موٽومل، نالي مليريا سپروائيزر جي لٺ لڳي هُئي، موٽو مل سنهڙو سيپڪڙو ، وڏيون مُڇون رکندڙ هيو،جيڪو نوڪريءَ سانگي رگهي مل جي اوطاق ۾ رهيو پيو هوندو هيو.۽ انهيءَ جهيڙي بعد جلديءَ ۾ بدلي ڪرائي پنهنجي ڳوٺ ڇاڇري هليو ويو هيو. انهيءَ جهيڙي کان گهڻو پوءِ، جوان ٿي آئون رِٿون رِٿيندو هُيس، ته خدا ڪري موٽومل ، مهمانُ ٿي مينگهواڙن وٽ اچي ته آئون پنهنجا هَٿَ ‏ٺارِيان . يا ڪو اهڙو وِگھُ ملي جو آئون ٿر وڃي به پيءُ جو پلاند ڪريان . گھڻو پوءِ ماستريءَ دوران هڪڙيءَ اليڪشن ۾ ڇاڇري ۾ڊيوٽي لڳي هئي، ته موٽو مل ڏٺم، گھڻيئي سِٽون سِٽيم، پر تن ڏينهين ٿر ۾ روڊ رستا ڪونه هيا، ڀڄڻ جي ڪا به گھٽي نه سُڌي ته هٿ مَهٽي هليو آيس. ورهيه گذري ويا نه موٽومل آيو، نه ئي وري منهنجا هَٿ ٺَريا. موٽومل گهڻا سال پوءِ مونکي ٿانيڪو ٿي تڏهن هٿ آيو.جڏهن منهنجي اندرجو شر،پنهنجي موتِ مري .ڀلوڙ انسان جو رُوپ وَٺِي چُڪو هُيو. تڏهن به مون کي هٿ مهٽڻا پئجي ويا هيا.
    ڳالهه پئي هلِي ڪاٺڙيءَ جي ۽ خان محمد جي ڏِنگائين جي، هڪڙي ڏينهن دوسي جي پٽڙيءَ تي پوکيلَ، حاجي اسلم جي ڪمند مان ،خان محمد لَٺِ وَڍِي، ته واهيءَ يا هاريءَ وزيرڪانهيي دڙڪو ڏِنُس، هن همراه دڙڪي واري ڳالھ دِلِ ۾ رکِي. ٻئي ڏينهن شام ڌاري اسڪول مان موٽيا سين ته همراھ کيسي مان ماچيس ڪڍي لڳو ڪمند کي باهِه ڏيڻ، ان مهل اسين چار ڄڻا اسڪولي شاگرد گڏ هُجون، لوڻيو ڇهين ۾ نئون آيو هُجي، آئون ۽ پرتاب ڊڄڻا هُجون، واٽر جي پٽڙيءَ تان ڊُسڙِ جا ٻُڪ ڀري باهه وِسائي سون، ته شرارتيءَ لوڻئي وري خان محمد کي ٻي جاءِ ڏَسِي، ته مُڙس اُتان وڃي تِيلِي ڏني،وري اسان مِٽي اُڇلي اتان به باھ وِسائِي ،تيسين ٽِينءَ جاءِ تان ڏِنل تيلي ڀڀڙ ٿي ڀَڙڪِي، ان کي به وسائڻ جي ڪوشش ڪئي سين، جڏهن نه وساڻي، ته بيوس ٿي وٺي ڀَڳاسين.خان محمد ۽ لوڻيوته باھ لڳڻ سان ڪڏهوڪا گولي ٿي ويا هئا ۽ اسان ٻنهي جي پيرن ۾ هُجن ڪَلرَ ڀريل هوائي چمپل،ڊوڙوُن ته تِرڪيو پئون ،نيٺ چمپل هٿن ۾ ڪري وٺي ڀڳا سون .مون ته ڊَپ ۾ گهر اچي سوڙِيون اوڍيُون هيون ، پرخان محمد، بي اونو ٿي، ڪمند جي وَڍَ تي بابا ،امان ۽ جيجان ڏي اِيئن هليو ويوڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هُجي. ڪمند جي باھ جا دونهان ۽ ٽڙڪاٽ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيا . پري پري تائين دونهون ئي دونهون هيو ، سوين هارين جي وَٺُ پڪڙ بعد مَسين مَسين وڃي باه وِساڻي هئي. پوءِ به لڳ ڀڳ ڇھ ايڪڙ ڪمند سڙي ويو هيو. باھ وسائڻ بعد گَهڙِي نه گُذري هئي جو ورهڙو پير کڻي اچي اسان جي گَهٽيءَ جي ويجهو پُهتو هيو. باھ ڏيندڙن جا پير، اسان جي گھرن ڏانهن ايندا ڏسي ورهڙو واپس موٽيوهيو ۽ حاجي اسلم کي اطلاع ڪيائون.رات ٿي ته حاجي اسلم صاحب به آيو ، وڏي خلق گڏ هجيس .اسان چئني کي ڪچهريءَ ۾گُهرايو ويو ،سَڀني سچُ ٻڌايو،خان محمد کان آخر ۾ پڇيائين،ان به جيئن هُيو تيئن ٻُڌايو .حاجي اسلم رڄ اشراف ماڻهو هُيو. اسان جون ڳالهيون ٻُڌي، بنان ڪنهن ڊيگهه ۽ ويڪر جي فيصلو ٻُڌائيندي چيائين ،بابا ٻارن کان ٻاراڻِي ٿي آهي،مون کين معاف ڪيو۽هاريءَ جو حصو به آئون ڀَري ڏيندُس.جيڪر چاهي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ان زماني ۾ ڇهه ايڪڙ ڪمند جا پنجاهه هزار ٿيا ٿي.سي اسان جي وڏڙن کان وصول ڪري ها، يا سندن کاتي تي لکي ها، ته به اسان جا وڏِڙا ورهين جا قرض لاهڻ بعد وري وڏنِ قرضن جي بار هيٺان اَچِي وڃنِ ها .
    اُن حاجي صاحب سان لڳ ڀڳ چاليهن ورهين بعد ،منهنجي نيازمندي وَڌِي ،ايتري قدر جو هميشه گڏ هُوندا هُياسين،پير پاڳاري کان وٺي انهيءَ پائي جي وڏن، وڏن ماڻهن سان منهنجو تعارف ڪرائي چوندو هُيو ته هي منهنجو دوست امير بخش آهي،جنهن ننڍي هوندي منهنجي ڪمند جا ڇهه ايڪڙ ساڙيا هُيا، ڪڏهن به اهو محسوس ڪرڻ ڪونه ڏنائين ته آئون سندس ئي هڪڙي غريب ۽ مسڪين هاريءَ جو پٽ آهيان.هڪ ڀيرو ته وزير اعليٰ سنڌ، جي ڪچهريءَ ۾ به کِلندي ،کِلندي اها ڳالھ ڪيائين.ان تي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم، ڏاڍو کِليو هُيو.ها ياد اٿم ته اُنَ رات حاجي اسلم، معاف ڪرڻ سان گڏ اسان کي پنج پنج روپيه خرچي به ڏِني هُئي .ڳَلن تي هٿِڙا ڦيري چيو هُيو ،ٻچا اڳتي لاءِ ائين نه ڪجو .
    1972 ۾ اڃان ستين درجي ۾پڙهندو هُيس،جو بابي سائينءَ ۽امان سانئڻ کي اڪيلي پُٽ جي مُرادَ ڏسڻ جي هوراکورا لڳِي.روزانو پاڻ ۾ ويهي صلاحون ڪَنِ. پر سندن صلاحون بيهن ئي نه.سوچي سوچي هڪ ٻئي کي چون ته ڀلا پاڻ تي ڪير وَڙُ ڪندو؟. پاڻ وٽ ته ناهي بدي جو سڱ ۽ نه ئي وري پئسو پنجڙ؟.ڀلا ٺَلِهه تي ڪيرُ ٿورو ڪندو؟.ڀلا سُڃائيءَ ۾ پاڻ سان ڪيرُ سيڻپو ڪندو؟. اهي سوچون ڳچ ڏينهن هلنديون رهيون، منهنجي سامهون صلاحون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون پر ٿيو ڪجھ به ڪونه. نيٺ هَڻِي ماري پُڦيءَ ۽ هاشم، مٿن وڏو وَڙُ ڪَيوِ. چئن ورهين جي نياڻيءَ جي ٻانهن امڙ جي هٿ ۾ ڏيندي چيائون، هيءَ اڄ به اوهانجي سڀاڻ به اوهان جي. پوءِ ته سائين ابي امان جي عيد ٿي وئي ، اصل هڪڙي پير تي پيا نچن. خوشين ۾ نينگرين سينگرين کي گڏي ٿلهي تي سَهِرا ڳارايائون ،ڳُڙ ورهايائون ،امڙ سانئڻ ،پوتيءَ جو هڪڙو وَالُ، انهيءَ نينگريءَ جي مَٿي تي اوڍائي، نُنهَن قبولي پنهنجي ڪري آئي.تن ڏينهين پاڻ کي ڪا مَتِ ئي ڪانه پئِي پَئي ته مَڱَ ڇا هُوندي آهي ؟.يا زال ڇا ٿِيندي آهي ؟ بس، جيڪر امان سانئڻ خوش آهي ۽ بابا سائين به خوش آهي ته آئون به خوش هوس. اڃان منهنجي مڱڻي کي مهينو ڏيڍ مَس گُّذريو هيو، جو هڪڙيءَ رات جو امان اوڇنگار ڏنِي،رڙڪئِي، ڍُنڍڪار ڏني. امان ڇاٿيو؟. امان ڇاٿيو؟. ڊڄي ڊڄي امان کان پڇيو هيم. اَبا تُنهنجِي مَڱ مُدي جي تپ ۾ گُذاري وئي. امان سان گڏ هُنن جي گهَرِوِيو هيس، هُوءَ بي جانِ کٽ تي سِڌِي ليٽِيل هئي، هڪڙي پراڻي پوتِي مٿان پَهرايل هيس، جنه تي مکين لامارا پئي ڏنا. کيس ڏِسندو ئي رهِيُس . ٻئي ڏينهن، وڏڙا کيس مُقام ۾پوري آيا. جڏهن رات ٿي ته خواب ۾ مَڱ جو لاشُ ڏٺم .ڇرڪ ڀري امان کي ڀاڪُرپاتُم، امان ڊِڄان ٿو!!. رات گُذرندي رهِي الائي ڪهڙا ڪهڙا خواب ايندا رَهيا. امڙ جي چوڻ تي سموري رات ڪلما پڙهندو رهيُس. ڏينهن ٻِن ۾ جڏهن ڳالهه وِسِرِي وئي هئي، تڏهن وڃي ڊپ ختم ٿيو هيو .
    اڃان انهيءَ قصي کي چار مهينا کن مس گُذريا هيا ته بابا ۽امان کي وري به ساڳِي هورا کورا لَڳِي. پُٽ جي مُراد ڏِسُون.اوڙي پاڙي ۾سَڱنِ جُون پُڇائون ٿِيُون . هن ڀيري ڪُڻو نِڪتو، حاجيءَ سومر مرحيات تي . هَڪلي هوڪاري وِيا،هڪُ سير ريوڙيون ۽ والُ پوتِيءَ جو ڳَنڍِ ۾ ٻَڌِيو وِيا،ڀانءِ وَڃڻ جي دير هُئي.بس ويندا ۽ ها ٿيندي، مٺائي ورهائي موٽندا. ۽ ٿيو به ائين ،ويندي جي ويرَ ٿي . اُتي پُهتا ،ڇاندو پاڻي ڪري احوال ڏنائون . اڳلي بنان ڪنهن آنا ڪانيءَ جي ها ڪَئِي،پوتي اوڍائي ،ريوڙيون وِرهائي موٽيا.خوش خوش ۽ ٻهڪندا آيا هيا. ٽي مهينا مَس گذريا، ته اتان به خبر آئي ته اُها مَڱَ به الله کي پياري ٿي وَئي. بابا ۽امان جي اکين مان لڙڪ لَڙِيا،جنازي تي به پُهتا .آئون اسڪول هُيس، ڪونه وِيس، ٻيءَ مڱ کي مَڱ ٿيڻ اڳ توڙي پوءِ، نه جيئري ڏِٺُو هيم۽ نه مُئي ڏٺم. اُن ڪري رات جو خوابن ۾ ڊِنسُ به ڪونه .
    ابي امان کي وري به آنڌ مانڌ ٿِي پُٽ جي مُراد ڏسئون. ڳالهه ڇيڙيائون.هِن هُن سان. ڪنهنِ چَيُنِ ،ڇورو نڀاڳو اٿَوَ کُڙِي ڏَنَڀِيوسُ،ٻه ماريون اٿئين، اڃان هليا آهيو ٽينءَ جي پويان!!! هڪ ڪَنَ مان ٻُڌي ، ٻِئي مان ڪَڍيائون .پُڇائون هَلنديون رهُيون ،اوچتو نانا گل حسن چَيُنِ، منهنجي ڏوهٽِي، ننگر خان جي ڌيءَ ڇوري ڇني، وڏِي سارِي ويٺي آهي. ڇا ٿِي پيو جي اميري کان اٺ سال کن وڏي آهي . پوِ به پنهنجي ته آهي!،گهرُ سنڀاليو ويٺِي هُوندي تيسين اميرو به مَچِي مُڙس ٿيندو. انهن سان هلي ٿا ڳالھ چوريون .نانا گل حسن جي اها صلاح بابا ۽ امان کي به وڻي. اُهي بابا جا ناناڻا به هُجن.
    سو هڪڙيءَ صُبح جو ڳُڙَ سان مانِيون ٻَڌِي ،بابا ۽ نانا هَڪِليوپنڌ کي نوابشاهه ڏانهن. ٽِن راتِين بعد موٽيا . امڙ کي احوال ڏِنائون ته ماموحسين بخش وَڻِ گهوڙوٻَڌَڻُ ئي ڪونه ٿو ڏِئي چي ،اَڪُو، تو وٽ نه سَڱُ، نه مالُ،نه پئسو، ڇوڪرِي وڏِي ڇوڪرو ننڍو،سَڱُ ڪونه ڏيندس. ان هوندي به امان، دِل ڪونه لاٿِي، ڪجهه وقت بعد حاجي سومر کي موڪليائين ،سو به خالِي خبرون کڻي موٽيو هيو. ٽين ڪاهه ۾ امان، بابا، حاجي سومر۽ نانا گل حسن، پهريائين پُڦيءَ جي مُڙس حيسب خان وٽ ويا. اُتان حيسب خان، پُڦي ۽ ڌڻي بخش به گڏجي وِيَا. ٽي راتيون ڌرڻو هڻي ويٺا رَهيا تان جو حسين بخش ۽ ننگر خان راضي ٿيا.سو به هڪ ڏاندن جي جوڙي ۽ هڪ سَڱ تي .سَڱُ جڏهن ٿيو تڏهن گُهربو. باقي ڍڳن جو جوڙو اٺين ڏينهن اچي ڪاهي ويندا.ڳالهيون مهاڙون طيءِ ڪري پوءِ پوتِي وِڌائون، مٺايون ورهائي موٽيا. ته هتي به مبارڪون مبارڪون ٿيون.
    منهنجي نئين مَڱَ،منهنجي ماساتِ به ٿيندي هُئي. آئون جَڏهن به امڙ ۽ بابا سان نواب شاهه ويندو هُيس ،ته بابا هڪڙي رات پنهنجي مامي حسين بخش وٽ ضرور رهندو هُيو، تڏهن ماساتِ، مون کي ڪَڇَ تي کَڻي رانديون ڪرائيندي هُئي، لاکي جي ڳوٺ جي کوه تي بيٺل ڄاڱرين ٻيريِن مان پڪل ٻير چونڊي مون کي کارائيِندِي هُئي.سڄي ڳوٺ جي گهرَ گهَر ۾ گهمائيندي ،چوندي هُئي، منهنجو مِٺڙو ماساتُ آيو، منهنجو مِٺڙوماساتُ آيو. اُها رات مونکي پنهنجيءَ ڪَڇَ ۾ سُمهاريندي هُئي،هونئن امان کان جُدا سُمهندي مونکي ڊپ ٿيندو هيو، پر ماساتِ سان گڏُ ڊپ ڪونه ٿيندو هُيو.آئون کيس ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ ادي..........چوندو هُيس.جڏهن امان ۽ بابا نواب شاهه مان سَڱ وٺي موٽيا ته آئون اٺين درجي ۾ پڙهندو هُيس. مَڱ ۽ شاديءَ جي تڏهن به ڪا سُڌ ٻُڌ ڪونه هُيم.اُن ڏينهن امان مُبارڪن وٺڻ مان واندي ٿي ته هوريان هوريان پُڇيم.امان ! ادي .............هاڻِ منهنجي زال ٿيندي؟. امان کِلندي ،وات تي هٿ رکِي چيو ،چُپُ ڪر چَريا،...........هاڻي تنهنجي ادي ڪانهي، زال آهي زال. آئون پَلڪنِ ۾ ماساتِ جي اَديءَ مان ڦِري زال ٿيڻ واري عمل تي حيران هُيس. سمجهه ۾ ئي ڪونه پئي آيم ته ائين ڇو آهي؟ .اُها ماساتِ بعد ۾ منهنجي زال ٿي، پنهنجي زندگيءَ جا ستاويهه سال مونسان گڏُ گذاريائين ،ماءُ ۽ پِيءُ جوانيءَ ۾ پير رکندي ئي موڪلائي ويم، ته مون کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بنائڻ ۾ اُن عورت ئي سمورو ڪِردار ادا ڪيو.
    جيتوڻيڪ سڀني مائٽن جو ساھ پنهنجي اولاد ۾ هوندو آهي، هوءَ چوڻي آ نه ته مائٽ آهي پَٽُ ۽ اولاد آهي وَٽُ. سو ان زماني ۾ ابي امان جو هيکلو اولاد هوندي، آئون امڙ جوتمام گهڻو دادُلو هوندو هُيس. امڙ جو مون ۾ جهڙوڪر ساهُه هُيو. اصل مون تي ڪکُ به ڪونه سهندي هئي، شل نه ڪو تپُ تاءُ اچيم، امڙ جو اصل سُک ڦٽي ويندو هيو. گھڙيءَ گھڙيءَ اورون گھورون پئي ٿيندي هئي. تنهن زماني ۾ ڀُٽي صاحب جي حڪومت اسڪولن جي ٻارن جون ساليانيون رانديون رِٿيون هيون ٽِنڊي جان محمد ۾. گھڻن ئي شاگردن مختلف راندين ۾ نالا لکرايا هيا. انهن سان گڏجي مون به وڏي جمپ ڏيڻ ۾ نالو لکرايو هيو. پر انهيءَ لانگ جمپ ۾ جيئن جو تيئن هارايو هُيم. ٽنڊي جان محمد ۾ اڃان هِڪڙي رات ئي رهياسين جو ٻيءَ صُبح جو امان، جيرام کي ڀاڙو ڏئي موڪليو، ته منهنجو پُٽڙو آڻي ڏي. نه ته منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي. هونئن به آئون ننڍي هوندي کان ئي ڊڄڻو ڏاڍو هوندو هيس . تن ڏينهين ماڻهو ڳالهيون ڪندا هُيا ته ٽرڪن وارا پٺاڻ ننڍڙن ٻارن کي اغوا ڪري خرڪار ڪيمپن ۾ پورهيا ٿا ڪرائين. تنهن ڪري اهو ڊپ اندر ۾ ويٺل هوندو هُيو، اسڪول ايندي ويندي روڊ تان ڪائي ٽرڪ گذرندي هئي ته هاسيڪار روڊ کان پري ٿي بيهندا هياسين ، متان ڪو پٺاڻ ڊرائيور کڻي نه وڃي . ٻي ويڌن وري اها هوندي هيم جو رات جو جِنَن۽ ڀوتن جو ڊپ بنهي گھڻو ٿيندو هيو. اونداهي ٿي ناهي ڊپ شروع ٿيو ناهي.ايتريقدر جو گھر جي ٿَلهي تي هيڏانهن هوڏانهن هلندي ڦرندي به لوڻا هڻندو هيس ته متان ڪو جِنُ نه بيٺو هُجي. وڏو سارو ٿي ويس ته به پِرڪار اهي ئي هيا، ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو ٿيندو هيو ته رات جو هلندي ڦرندي مرڻ واري کان ڊپ ٿيندو هيو، ڪٿي اهو جِن ٿي اڳيان نه اچي وڃي. ٻي به مصيبت هئي، ڳوٺ ۾ مينگھواڙ بنهي گھڻا هوندا هيا، سي جنن کان بنهي وونءُ ويندا هيا، ايندي ويندي يا تکيءَ واءُ تي گھر ۾ ڪو ٺڙڪو ٿيندو هُين ته رڙو رڙ هوندي هين ، گھوڙا ڙي جن آيا. جِنن تان هڪڙي ڳالھ ياد آيم ته اسان جي مامي قاسم جي گھر جي پاسي ۾ جانجهي مينگھواڙ جو گھر هوندو هيو، هڪڙي ڀيري سندس گھر ۾ ڪنهن مائيءَ وٺي ڌُوڻڻ شروع ڪيو، چيائون پئي ته گھُٽي آئي اٿس. جانجهي مائيءَ کي هڪل ڪري چيو فقير هاڻ اها ڌوڻ بند ڪر. نه ته آئون ٿو قاسم کي سڏُ ڪريان ته بندوق کڻي اچي. ٻنهي مُڙسن جي گھر جي وچ ۾ رڳو لوڙهي جي اَڙَ هئي ، قاسم اهو گفتو ٻُڌي ورتو، تن ڏينهن قاسم پُست جي ڪڻ کان وٺي ،ڏوڏي ۽ آفيم تائين، جيڪو به نشو هٿ ايندو هيس سو ڳڙڪائي ڇڏيندو هيو. تنهن جو ٽُناريءَ ۾ هوندي اهو ٻُڌو سو هڪل ڪري چيائين ، نه ابا نه مان غريب ماڻهو آهيان ،مِنهنجي جِنن سان دشمني نه ڪراءِ، مان بندوق ڪونه آڻيندس.
    سو اهڙا قصا ٻُڌي ٻُڌي هروڀرو به بدن مان دُرڙيون نڪري وينديون هيون، ٻانُهن جا وار اُڀا ٿي ويندا هيا. ايتريقدرجو رات جو پيشاب ايندو هيو، ته امان يا بابا کي سڏي چوندو هيس ته هلي مَٿان بيهو ته پيشاب ڪريان. نه ته پيشاب ڀلي ڪانچ ۾ وهي وڃي کيرو ٿيو پيو هوندو هيس.تن ڏينهن غُربت سبب گھر ۾ کَٽُون ڪونه هونديون هُيون، اونهارن ۾ پيهِيِن تي سُمهندا هُياسين، ڪاٺ جي ڏنگين ڦڏين ٿوڻين تي بيٺل انهن پيهِين تي چڙهڻ صفا سولو هوندو هيو ۽ لَهڻ مُرڳھين ڏکيو هوندو هُيو. ٿوڻين جي اَنگھن ۾ پير ڦاسائڻ لاءِ وڏا جُهد پِٽڻا پوندا هيا. سو تن ڏينهين ، ڪڏهن ڪڏهن رات جو پيشاب جي گهڻي زور تي پيهيءَ تان لهڻ بجاءِ اُتي ئي ٿوڻيءَ جي پاسي وٽان بيٺي بيٺي ئي ، پيشاب ڪري ڇڏيندو هُيس. ڪڏهن ته مورڳو ڪانچ ۾ ئي الو ميان ڪري ڇڏبي هئي، يا ننڊ ۾ ئي ڪانچ ۾ پيشاب وهي ويندو هيو.
    اها1972 جي پَڇاڙِي هُئي، بابا ۽ اَمان کي اُڻ تُڻ ٿِي، ته اميري جي مَڱَ وڏِي سارِي ويٺِي آهي. ڇو نه جلدِي پَرڻائجي. مَڱڻي کي اڃان ٻه مَهينا ئي مَس گُذريا هُيا .جو شاديءَ جُون تياريون شروع ٿيون . اَٺين درجي ۾ پَڙهندو هُجان. خان محمد اسڪول ۾هڪ جيڏن شاگردن سان ڳالهه ڪَئِي، ته هڪ جيڏا ڏاڍوکِليا. هيتِرڙي ٻار جي شادي؟؟!.. سڀني جي سامهون ڦِڪو ڦِڪو پِيو ٿِيان . شادي ڇا آهي؟. سا ته ڪا پروُڙ نه هُيم. ٻِين کي سندن شادِين تي نوان ڪپڙا،نوان بُوٽ ۽ٽوپيُون پاتل ڏِسي دِل ۾ خوشي پئي ٿي. مون کي به نوان ڪپڙا مِلندا،رَکي رَکي احساس پئي ٿيم ته ماساتِ به اسان جي گهر اِيندِي،بَس اِها هُئي سُڌِ ٻُڌِ ۽ منهنجي سمجھ شاديءَ بابت. شاديءَ جون تياريون به عجيب هُيون ،گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ هڪ هڪ وڳو آيو، جُتي آئي، مون لاءِ ٽوپي، واچ ۽ اجرڪ ته ڪنوارِ لاءِ چانديءَ جو ويڙهُ، چار چاندِيءَ جون واليُون ، نَڪ جو سونو ڪوڪو، وڏي ڳالهه ٿي وئي. ڀوڄو درزي آيو ،ڪپڙن جي ماپ ورتائين.
    نَونِ ڪپڙن تي ڏاڍو خوش ٿِيُس. اڳ عيد براد تي بابي کي ڪپڙن وٺڻ لاءِ روز ڪنن تي ڳالهِه هَڻِبي هُئي .نيٺ هڪ ڏينهن سنبرندو هيو ۽ شهر ويندو هيو ته اسڪول جي موڪل بعد اُتران واٽر جي ”ڦُڙ“ تي نرا ڏَيوپِيا ڏِسنداهُياسين. اِجهوبابا آيو، اِجهو ڪپڙا آيا، ڪپڙا ايندا هيا ته ڊوڙُون پائي گهرِ گهِر ڏيکاربا هئا، ”ڏسو اَسان جا نوان ڪپڙا، ڏسو اسان جا نوان ڪپڙا“.وڏڙيون مايون مُبارڪون ڏِينديون هيون، ۽ جڏهن ڪپڙا سِبجِي گهر ايندا هئا، ته عيد تائين صُبح توڙي شام، انهن جي اُٿل پُٿل ٿِيندي هئي، روز ڏِسبا ۽ڏينهن ڳَڻِبا ڪڏهن عيد ايندي جو پائِجن.
    ڀوڄي درزيءَ تان ياد آيُم،اُن سال بابا۽ امان مون کي ڀوڄي درزيءَ وٽ درزڪو ڪم سِکڻ لاءِ ويهاريو. چئي ”ابا هُنر پيٽ ۾ هوندو ته ماڻهو بُک ڪونه مرندو“ .پهريان ڪاج۽ بٽڻ هڻڻ سِکيُس،ڪوريل ڪپڙو سِلائِي ڪَيُم.ڪَٽائِي اڃان نه سِکيو هُيس جو شاديءَ جي تيارين ۾ درزڪو ڌنڌو ڇڏيم .هُنر جي ڳالهه تان ياد آيم ته امڙ مون کي اڳَٺ ۽ سَڳِيُون ٺاهڻ به سيکاريون هيون ،جيڪي ڏاڍيون خوبصورت ٺاهيندو هُيس .کٽون واڻڻ به سِکيس.
    سو ڳالھه پئي هَلِي، شاديءَ جي تَيارِين جي ،نانو گل حسن ،نواب شاهه مان چنڊ جي تاريخن تي ڏينهن چِٽا ڪري ،وَنَواهه ڪرائي موٽيو ،انگريزي تاريخ بِيٺي پهرين جنوري 1973. مامو، ڊينگاڻ مان اِري چانورن جون ٻوريون ڍڳي گاڏيءَ ۾ کڻائي آيو ، مون کي ڳانو ٻَڌائون، روز رات جو ٿَلهي تي مايِن جا ميڙَ گڏجِيو سَهرا ، ڳِيچ ۽ لاڏا ڳائِن، آءُ کٽَ تي هٿن پيرن کي ميندي لايو پِيرن جيان ويهان.
    اُن زماني ۾ شاميانن جو رواج نه هُيو، ڪاٺيون وڍي ،سَرَن جا ڇَپَر ۽ ڇَنا ٺاهبا هُيا.ماما ،ڊينگاڻ ۾ شاميانا ڏِٺا هُيا،اعلان ڪيائين ته شاديءَ ۾ شاميانو لڳائبو ،ڄَڃَ لاءِ به سَڄِي سارِي بس ڀاڙي ڪَبِي ،سمورو خرچ منهنجو هوندو.دعوتون هَليُون ،ڳوٺن مان ديڳيون گڏُ ٿِيون. هنڌَ ٽَپڙَ آيا. مِٽِ عزيز آيا. ڄڃ جي روانگيءَ کان هڪ رات اڳ ۾ مامو، ڄڃ جي ڀاڙي ڪيل بَس ۾ وڏا لائوڊ ۽ بيٽري کَڻائي آيو .اسڪول جي سامهون ميدان ۾ سرينهن جي وڻ جي چوٽيءَ ۾ لائوڊ ٻَڌائون ،فوني ۾ رڪارڊ چڙهيا ،لائوڊ وڳو ،واه واه ٿي وئي.نوربانو،ڪزبانو۽ مائيءَ ڀاڳيءَ جا رڪارڊ هليا ،اصل بلي بلي هُجي.رات جو آتم مينگهواڙ لائوڊ تي چِرمِي ڳائي، واه واه وصول ڪئِي.
    فجرجو ڄڃ روانِي ٿي. مون کي نوان ڪپڙا پهرائي موڙھ ٻَڌي ،گهوٽ ڪري، اڳئينءَسِيٽ تي ويهاريائون ، راڄ جا جملي ماڻهو گڏ ، پيارو خان ايڊوڪيٽ ته رائفل به آندي هُجي، هڪ ٻه فائر ٿيا ته سڀڪواکيون مهٽيندواُٿي آيو.بابا جو مُرشد بقاءُ محمد قريشي به آيل هُجي،مون کي ننڍڙونوٽن جو هارُ پارايائين ، وڳو ڪپڙن جو ڪنوار لاءِ ۽ وِيهه روپيا پوئوڏنائين،خلق پهريون ڀيرو ڪنهن پير کي مريدن تي خرچ ڪندي ڏٺو ،حيرت ۽ تجسس مان .
    پهرين جنوري 1973 جي سِجَ جا پهرِيان ڪِرڻا منهنجي مُنهن تي پاتل موڙھ تي تڏهن پيا جڏهن ننڊاکڙين اکين سان بس مان لهي ، ساهُرن جي گهرَ جي گهٽيءَ تي ،باهه جي مچَ آڏو سيج تي سينگاريو ويٺو هُيس. بابا، پُڦي جي ڳوٺان، ديڳيون کڻائي ۽ مُلي حاجيءَ کي ڍڳي گاڏيءَ ۾ وٺيو آيو.نڪاح ٿيو، ڳيچ ٿيا، ڍڪڻ ڀڳُم، لانئون ٿيون، سَهرا ۽ سنئوڻ ساٺ ٿيا، ڳُڙَ جي بُصري کاڌم ، مُبارڪون مليون. ٻارهين ڌاري ماساتِ (ڪنوار) سميت ڄڃ واپس وري . سج لهڻ کان ٿورو اڳ، ڳوٺ پُهتي، ته به مبارڪون مليون. سج لٿي کان اڳ نِکيٽي ٿي، ماساتِ جي پوتيءَجي پَلوَ کي منهنجي اجرڪ جي پَلوَ ۾ ٻَڌِي اڳيان پويان ڳيچن جي جهونگار ۾ گهر پُهتاسين.
    ڇَپَر ۾ رلين تي راڄ مائِين جا ويٺا هُجن ، وچ ۾ گهوٽ ڪنوار جي سيج واري کَٽَ تي ويٺاسون ، ماني مِلي ، گڏُ کاڌي سون، سفر جي ٿَڪ منهنجا لِڱ ساڻا ڪري ڇڏيا هُيا.الائي ڪهڙيءَ مهل ننڊ اچي وئي .سُهاڳ رات ته پوءِ ٻُڌم، خبر ئي نه هُئي. صُبح اُٿيس ته کٽ جي چوڦير پَٽَ تي، مايُون ٻارن سُوڌيون سُتل هُيون، ماساتِ فجرُ جو ئي اُٿي، امڙ کي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي هُئي.
    منجهند جو هئو مئو ٽريو، ته امان، ماساتِ جي هٿ ۾ ڪُنجي ڏني، سا به هڪڙي ۽ نئينءَ پيتيءَ جي . جنهن ۾ ڪنوار جا ڪپڙا ۽زيور قُلفجي هَليا هُيا .ٻيو گهرَ ۾ هُيو به ڇا ؟ ڪاريءَ وارا ڪَکَ،نه دَرُ نه دَري وڏو ڇَپَر.ها سچ ماساتِ جو ڏاجُ گهر ۾ وَڌِيو هُيو. سو به هڪ ڪنجهي جو وٽو، هڪ ڪنجھي جي ٿالهِي،هِڪُ تڏو، هِڪُ هنڌ ۽ هڪَ پيتي الله الله خير سلا.
    سُتت ئي حاجي اسلم جو مقاطعو ختم ٿيو، مير تاج محمد ڇَن جي زمينَ پنهنجي وڏي پُٽَ مير ٺاري خان کي ورهائي ڏِني . جنهن مقاطعن بجاءِ خود ٻَنيون سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو . پهريون ڀيرو ڳوٺ ۾ آيو هيو ته پراڻا خاڪي ڪپڙا پَهرِيل هُيس ،پُراڻي جُتي ،اونِي ٽوپُ مٿي تي،هلڪي ڪاري ڏاڙهي ، وڏيون اکيون۽ بندوق ڪُلهي تي .مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مير ٺارو ڏٺو هيو، مسلمانن سان هٿُ ملايائين ، هِندنُ سان نه ملايائين .کٽ تي ته ويٺوپر پاڻي به نه پيتائين ، حُڪم جي انداز ۾ چيائين هندو سڀ هن ڳوٺ مان لڏي وَڃن، سو به اَٺن ڏينهن ۾، نه ته گَهرن تي بلڊوزر هلائيندُس. باقي مسلمان منهنجا ڀائرآهن سي ويٺا هُجن ، کين هارپو به ڏيندُس. انهن ٻن جملن بعد ڀڙڪو کائي اُٿيو، ڀانئيان ٿو ته گامڻ مري گڏ هُيس ،ويندي ويندي بندوق سان ڳيرا ماريندو ويو.
    سڄي ڳوٺ وارن کي ڄڻ نانگ سُنگهي ويو هيو، مير صاحب جهڙي ڏاڍي سرڪار آڏو ته ڪير به نه ڪُڇيو هيو،سڀني جا ڪنڌ هيٺ ٿيل هيا ۽ مُنهن لٿَل هئا . پر پوءِ به هرڪ ماٺ هيو .هڪ ٻئي ڏي ڏِسيو اکيون ڀرجيو ٿي آين ، شام تائين صرف ٿڌا شُوڪارا پئي ڀريائون. هڪ ڏينهن ٻه ڏينهن ۽ نيٺ مير صاحب جي ڏنل مدي، يعني هڪ هفتي ۾ ڳوٺ ويران ٿي ويو ، هندو۽ مسلمان جي ناتي ورهاست ٿي وئي، سڀني هڪ ٻئي کان روئي موڪلايو ، رُگهي مل جو سمورو پاڙو، ڏهروڙي ڏانهن حاجي اسلم جي ٻنين تي لڏي ويو، جاٽن جو سمورو پاڙو، وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويو، ڪي ڪيڏانهن ويا ڪي ڪيڏانهن ،باقي شرن ۽ ڪنڀارن جا گهرڙا وڃِي بَچيا هئا. اُن ڏينهن شام ٿي هئي ته هيڏي وڏي ڳوٺ ۾ ڪُڪڙوڪُو هُجي ، تنهن رات مسلمانن جي گهرن ۾ به ڪي ڪين پَڪَو هيو ،سڀُڪو روئي، شوڪارا ڀري، بُکيوئي سُمهي رهيو هيو. مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو، ته اُهو ڪهڙوقُرب هُيو،مينگهواڙن سان ڪنهن جي نه مٽي نه مائٽِي، نه سَڱ نه بَنَد، هو هندوهيا ۽ اسين مسلمان هياسين ،پوءِ به وڇڙڻ جو ايڏو ڏک هيو !!؟ گهڻو پوءِ اها خبر پِيَمِ، ته سڀني کان وڏو رشتو طبقي جو آهي،سڱ بَند ،مذهب، مِٽيون ۽ مائٽيون سڀ پوءِ آهن.
    مير صاحب هفتي بعد وري ڳوٺ ۾ آيو هيو، ان ڏينهن ميرپورخاص جو دڪاندار رمضان بيڪانيري گڏُ هُجيس، ڳوٺ کي سُڃيو ڏِسي، ڏاڍو خوش ٿيو هيو، مجني مرحيات جي ڀاءُ، قاضي سالار کي ڪمدار ڪيائين. بچيل هارين کي ٻَنيون ورهاست ڪري ڏنائين ، نئين سر هارپو شروع ڪيوسين. ٻنيءَ جو خرچ پَکو توڙي هاريءَ ناريءَ کي اويل سويل جو خرچ رمضان بيڪانيري ڏيندو هُيو،جيڪو شايد مير صاحب سان مُنافعي ۾اَڌَ جو ڀائيوار هُيو . ايئن مير صاحب جي هارپي جو پهريون فصل پوکيوسين.انهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيري بابو ۽ آئون رمضان بيڪانيريءَ کان خرچ جا پئسا وٺڻ ميرپورخاص وياسين. سندس دُڪان تي ويٺا هياسين ،وٽس ڪُرسيون ئي ٻه هُجن، جن تي آءٌ ۽ بابو ويٺا هياسين .اسان کي ڪٽنگ چانهه پياريائين، پئسا ڏنائين، صلاح ڪيائين ته گھر جو سامان خريدي،پوءِ منجهند جي ماني مون وٽ کائجو. اڃان سندس دڪان جي ڪرسين تي ويٺا هُيا سين، جو ميرصاحب جي جيپ اچي بيٺي .مير صاحب جي اسان تي نظر پَئِي يا اسان کي ڪرسين تي ويٺل ڏٺائين، ته موڊ خراب ٿي وِيس ۽ ڊرائيور کي زور سان چيائين ته هَلُ،جيپ وري چالو ٿي ،رواني ٿي ۽ هلي وئي.رمضان بيڪانيريءَ ۽ بابا هڪ ٻئي جي اکين۾ نهاريو،مون اندازو لڳايو ته مير صاحب کي اسان جو ڪُرسين تي ويهڻ نه وڻيو آهي، ڇاڪاڻ ته مير صاحب خود به انهن ڪُرسين تي ويهندوهيو.جنهن ڪرسيءَ تي مير صاحب ويهي اُن تي غريب هاري ڇو ويٺا.؟ان بعد مير صاحب جي ڪاوڙ کي رمضان ته الائي ڪيئن منهن ڏنو هوندو؟، باقي، بابا سان جيڪا ٿي اُن جو ذڪر اڳتي ايندو.


    7

    ان ڏينهن اسان کي رمضان بيڪانيري،منجهند جي مانيءَ تي پنهنجي گهر وٺي ويو.نائي پاڙي ۾ حويليءَ نُما گهر هيو، جيڪو ڪنهن ملڪ مان تڙيل واڻئي ڇڏيو هيو،۽ رمضان، اهو ڪليم۾ حاصل ڪيو هُيو. گهر جي بيٺڪ واري ڪمري ۾ صوفا، پلنگ، ٽيبلون پيل هُجن،صوفن جو فوم ايتروته نرم هيو، جوويهندي اندر لَهِي پيا وڃون . مانيءَ ۾کوڙ طعام آندائين ، مڇي تريل ،ٻڪر جو گوشت ،چانور ،چوڪنڊا اُڦراٽا . زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڀلوڙ ماني ، عزت سان صوفي تي ويهي ٽيبل تي رَکي کاڌم، نه ته سدائين اڻڀي ماني لسيءَ جي وٽي سان کائيندا هياسون. تڏهن دل مان حسرت نڪتي، ڪاش منهنجو به اَهڙو گهرُ هُجي . رمضان اندر ويو، ته بابا سان ڳالهه ڪيم ”بابا خدا ڪري پنهنجو به اهڙو گَهرُ هُجي“. ان ويل بابا جي چهري تي ”ڪَڙِي مسڪراهٽ“ آئي ۽ وَئي . پڪ سان سمجهيُم ته ، بابا جي مُسڪراهٽ جي پويان سالن جا ڏُک، درد ۽ پِيڙائون ڪَرُ کڻيو بيٺيون آهن ۽ هاڻ زندگيءَ جي سمورين آسائشن کان نا اُميد ٿي، منهنجي اِن ٿِيڻي خواهش تي مون کي راضي ڪرڻ لاءِ مُسڪرائي پِيو .
    رمضان بيڪانيري،مُهاجر ٿي ڪري الله لوڪ انسان ، نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هوندو هُيو .هاريءَ ۽ مُجيريءَ جو فرق نه رکندو هُيو ،بابا سان ٻٽيهه دليون هُونديون هُيس، هميشه کيس ”ادا اڪبر“ ڪري سڏيندو هُيو.سوچيان ٿو، شايد هندستان ۾ به اسان جي غريب طبقي جو هيو ۽ هِتي ڪليم ۾ مالُ هٿ ڪيو هُيائين. نه ته وڏو ماڻهو ۽ ماڻهپو! اهو کوڙو ئي نٿو لڳي . ان بعد ورهيه گذريا، زمانا بَدلِيا، مير صاحب ويو، بابا ويو ، امڙ وئي، پهرين گهر واري به وئي،۽ آئون به بابا سائينءَ ۽ امڙ سانئڻ جي دعائن سان، الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پُهتس . رمضان تان ئي ياد ٿو اچيم ته 2001 ڌاري اسلام آباد ۾ هُجان. عيد ويجهي هُئي، فلائيٽ عيد جي رات جو هُجيم. گهر واريءَ فون ڪري عيد جي سامان جو چيو ته ، چيومانس پڙهيل لِکيل آهين، ڪارِ بيٺي اٿئي، ڊرائيور سان وڃي، پاڻ ئي وٺي اچُ. سا سڌي رمضان بيڪانيريءَ جي دُڪان تي وئي، سامان جو چِٺو ڏنائين، سامان پيڪ ڪرائي، گاڏيءَ ۾ رکندي ،
    رمضان پُڇيس امان اوهان ڪير آهيو؟.
    موٽَ ۾ ذاتِ ۽ زوجيت، وقت منهنجو نانءٌ ٻُڌِي رمضان جا لُڙڪ لڙَيِ پِيا. پهريائين ته منهنجيءَ خوشحاليءَ تي هٿ کڻي وڏي واڪ رب سائينءَ جا شڪرانا مڃيائين.۽ پوءِ منهنجيءَ گھر واريءَ کي مَٿي تي هٿُ رکندي چيائين ”امان تون منهنجي دوست جي نُنهن آهين، معني منهنجي به ننهن آهين. وقت ايترو بدلجي ويوآهي، جو تون خود دڪان تي هلي آئي آهين ، آئنده امير بخش نه هُجي، ته سامان جي لسٽ ڊرائيور سان موڪلي ڏيندي ڪر، پاڻ نه اَچُ، مون کان اهو برداشت نٿو ٿئي ته منهنجي دوست جي نُنهن بازار ۾ دوڪانن تان پاڻ سودو خريدي“. اهو هيو هڪڙي مهاجر جو ماڻهپو. ماڻهو ڪيئن مڃي ته مهاجر سڀ اندر جا ڪارا هوندا.!!
    سو ڳالهه پئي هلي مير صاحب جي۽ اسان کي ڪُرسين تي ويٺل ڏسي ڪاوڙجي جيپ موٽائڻ جي . ورندي ڏينهن ٻنيءَ تي ايندي ساڻ ئي، بابا کي گار ڏيندي چيائين ”اڙي..............ڪالهه ڪنهن جي اجازت سان شهر ويو هُئين“؟. بابا کي هونئن به گار تان تمام گھڻي چِڙَ ايندي هُئي، اوطاق جي ڪچهريءَ ۾ به جيڪر ڪو هڪ ٻئي کي گار ڏيندو هُيو ته به بابا چِڙي پوندو هُيو. هاڻ جو سِڌي خود کي گار مِليس، ته بِگڙي پيو ،جوڙو ڇڏيندي ئي ”پائِڻو“ کڻي، ميرصاحب تي ”لُوهه“ ڪيائين،جيتوڻيڪ بندوق هٿ ۾ هجيس، پر بابا جا تيور ڦريل ڏسي، مير صاحب ڏِٺو ته ماريندو، سو رکيائين کُڙين تي زور . بندوق ڪلهي تي ،اڳيان مير صاحب ۽ گامڻ خان، ته پويان بابو پائڻو هٿ ۾ کنيو وڦلندو پئي ويو، نيٺ بابو سائين، مير صاحب سان ڊوڙ۾ پُڄي نه سگهيو ته سَهڪي بيهي رهيو. ۽ مير ٺاري خان ڀڄي جان ڇڏائي هئي.
    تن ڏينهين عالم ڪيريو هن تر ڳُجهو توڙي بنهي ارڏو مُڙس هيو، سوڙھ سڪوڙ ۾ سڀڪو وٽس ڀڄي ويندو هيو. هو به مڙس جهيڙي جوٽڻ ۽ ڪيسن ڪرڻ جو ڪوڏيو هوندو هيو. جنهن سان به گڏجي بيٺو ته انهيءَ جو ٿي ويو. انهيءَ تان پوءِ ڪوبه خان خانان ڪونه هٽائي سگهندو هيس. سو به مير صاحبن جي ڪجھ ٻني پنهنجي هارين کان هارپ تي پيو پوکائيندو هيو. پر ڪجھ وقت کان مير تاج محمد سان ڪنهن ڳالھ تي رُٺو ويٺو هيو، گڏوگڏ کيس اها به خبر هُئي ته مير صاحب جي ڇن واري لڳ ڀڳ 158 ايڪڙ ڀلوڙ ٻني ،ڀُٽي صاحب زرعي سڌارن هيٺ ٽوڙي ڇڏي آهي. ۽ اڃان تائين اُنهيءَ ٻنيءَ جودعويدار ڪوبه ڪو نه ٿيو آهي. تن ڏينهين هونئن دعويدار ٿِينِ ته گهڻيئي ها، پر ميرپورخاص جو مختيارڪار مرحوم عبدالاحد شيخ ۽ ڊي سي هاشم ميمڻ ، صفا ايماندار آفيسر هيا،ڪوڙي دعويداريءَ ڪرڻ واري کي ٽِيپَ کائڻ جي پَڪ هئي. مڙسن جي ايمانداريءَ ۽ اصول پرستي ءَ جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. خاصخيلي صاحب جو ته تعلقو هيو ، هاشم ميمڻ صاحب جو ته ضلعو هيو ضلعو به ڪو جهڙو تهڙو ڪونه هيو، هاڻوڪو عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ٽئي ضلعا انهيءَ هڪڙي ضلعي ۾ هيا. سو عالم ڪيرئي، جو ٻُڌو ته بابا ۽ ميرصاحب ۾ ڇِڪ ڇِڪان ٿي آهي ، سو مڙس رات جو ئي اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ ڳوٺ وارن کي سڏي پاڻ سان گڏ ويهاري پوءِ ڳالھه ڪيائين ته اها زمين هاڻي مير صاحب جي ملڪيت ڪانهي رهِي، سرڪار جي سَندي آهي سَندي. هاڻ رڳو چئين آني واري درخواست ڏيڻ جي دير آهي. ٻني اوهان جي ٿي ويندي.
    انهيءَ مهل ته وڏيري عالم جي ڳالھ سڀني کي ڦوڪ لڳي پئي،ڇو جو سڀني کي خبر هئي ته مير صاحب ڪو جهڙو تهڙو ڪونه هيو جو ڀٽو صاحب انهيءَ کان مائٽاڻي ملڪيت ڦُري ڇڏي. پر پوءِ به هڻي ماري سڀني جي صلاح بيٺي ته ڪجُھ نه ڪجھ ڪجي، پوءِ وري اها به صلاح ٿي ته رُگهي جي پاڙي جي لڏي ويل مينگهواڙن کي به سڏائجي، سڀيئي هڪڙي صلاح ٿي پوءِ گڏجي دعويداريءَ لاءِ دانهين ٿجي.ميگهواڙن ڏانهن نياپو ويو، منجهائن ٻه چار ڄڻا آيا . ورندي ڏينهن مختيار ڪار کي ستن اٺن مُڙسن گڏجي درخواست ڏني . مختيار ڪار وٽ انصاف به هيو ته ڀُٽي جي ٽائيم جي ڪامورن وٽ تڪڙي داد رسي به هئي. بس رڳو درخواست ڏيڻ جي دير هئي، نه ڊيگھ ٿي نه ويڪر ٿي، گهڙيءَ ۾ ئي تپيدار گهُرائجي آيو، قرآن شريف ۽ گيتا کڄي آيا، وچ تي ٻئي پاڪ ڪتاب رکي، ديھ جو نقشو رکي، قران ۽ گيتا تي هرهڪ کان سروي نمبر سُڃاڻرائي، خسره گرداوري ڏِسِي، اوڻيهه ماڻهن کي اُتي جو اُتي، ٻنيءَ جي مالڪيءَ جا پَٽَا ٺاهي ڏِنائين. نه پئسو نه پنجڙُ، نه گِهِل نه گينداڙَ. سڀني کي پَٽا مِليا، ته پنا ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا،ڀٽي صاحب جو انصاف ڏسي ۽ ست پيڙهيائتي هارپي واري ٻنيءَ جي مالڪ ٿيندي. ڪِن جي اکين مان بي اختيار خوشيءَ لڙڪ پئي لڙيا. خير ميرپور مان واپس اچي، اهي پٽا ماٺ مِيٺ ۾ گهرن ۾ آڻي رکيائون . ڪجھ ڏينهن بعد شرن جا اسان وٽ ۽ ميگهواڙن جا رگهي مل وٽ امانت ڪري رکيائون.عالم پنهنجا پَٽا پاڻ سان کڻي ويو. ايئن سڀڪو ٿانيڪو ٿي وڃي لڳو پنهنجيءَ پنهنجيءَ ٻنيءَ جي ڪِرت سان . پويان بيکي ۽ عالم ماٺِ ميِٺ ۾ ڪاغذي ڪم پي اُڪلايا ، پندرهين فارم ۾ پئي داخلائون رکرايائون، پاڻِيءَ جي شيئر لسٽ به ٺَهِي تيار ٿي . مير تاج محمد صاحب توڙي سندس پُٽ مير ٺاري خان کي جَنِ نه ڪَنِ،پويان ڪم پئي لَٿو. الاٽ ٿيل زمين مان ڪجهه ٽُڪرن تي اسان شرن مير صاحب جي هارپي سان فصل پوکيو هُيو. جيڪو به هاڻ اچي تيار ٿيو هيو. هوڏانهن ماما رمضان کي اُن قصي جي خبرئي ڪونه هُئي، مُڙس ڪمدارين ۾ پورو هو. ايندو به ڇهين ڇهين مهيني ڳوٺ هيو. سو هڪڙي ڏينهن ڳوٺ آيو، ته بابا، سموري ڳالهه ڪندي ڪاغذ ڏيکاريَسِ. ماما رمضان کي مير تاج محمد جي هستيءَ۽ هلنديءَ جي خبر هئي، ان ڪري مير صاحب جي ڏمر کان ڏاڍو ڊِنو. ۽ سڀني ڳوٺ وارن گڏ ڪري مير صاحب جي ڏاڍ ۽ ڪاوڙ جي ياد ڏياريائين. حال گھڙي ته شينهن ٿيل شرن ۽ مينگھواڙن کان دُرڙيون نڪري ويون هيون، ڪي ته ماما جا احوال ٻُڌندي ئي جهنگ جي خيال لاءِ اُٿي ويا هيا. ڀانيان ٿو ته مير صاحب جي ڀئو کان مڙسن جا دست هليا ويا هيا. گھڙي ئي ڪونه گذري ته سڀني ڏڪندي ڏڪندي اچي ماما جي اڳيان ٻنين جي پَٽن وارا ڪاغذ رکيا. ۽ صلاح ڏيندي چيائونس ته ، رمضان مير صاحب کي چئجانءِ ته اسان ڪابه درخاش ڪا نه ڪئي هئي، سرڪار پاڻهي گھر ويٺي اچي هي ڪاڳر ڏنا هيا. ايئن مامو مڙني کان ڪاغذ وٺي، عالم ڪيرئي کان لڪَ ڇِپَ ۾ اهي کڻي مير صاحب وٽ ويو هيو، ۽ ٻنين جا اُهي پَٽا، مير تاج محمد جي هَٿ ۾ ڏِيندي چيو هيائين، ته سائين! هي ٻنيءَ جا ڪاغذ حڪومت اسان کي ڏِنا آهن، پر اسان ابن ڏاڏن کان تنهنجي در جو نيمڪ کاڌو آهي، اسان ڪونه ٿا رکون، هي وَٺُ کاتا ۽ پَٽَا.اسان ابن ڏاڏن کان تنهنجا هاري هياسون، اسان جو اولاد به تنهنجو هاري رهندو،نيمڪ چور نه اڳي هياسون ۽ نه ئي وري هاڻ به ٿينداسون.
    چوندا ڪونهن ته هر ڪمال کي زوال هوندو آهي سو ڀانئيان ٿو ته اُهي ڏينهن مير تاج محمد صاحب تي زوال جا آيل هيا.هونئن به هڪڙو مسڪين ماڻهو ، جنهن سڄي ڄمار مير صاحب جهڙي هستيءَ جو هارپو ڪيو هجي، تنهن کي ڀُٽو صاحب ميراڻي ملڪيت ڦُري ، اُن جو مالڪ ٺاهي ڇڏي، سو ئي وري وڃي مير صاحب کي چوي ته سرڪار ته مون کي مالڪ ٺاهيو آهي، پر آئون توتي ٿورو ڪري مالڪ ڪونه ٿو ٿيان. ته اهو فطري آهي ته مير صاحب هجي يا ڪو ٻيو گرم ته ٿيندو، ماما اهو ته سوچيو ئي ڪونه هيو ته ڪو مير صاحب ويتر مٿس ڪاوڙبو. ۽ وري ايستائين مير صاحبن مان ڪنهن کي به ڪائي ڪل ڪانه هئي ته هاڻي اها زمين سندن ڪانهي رهي. مير صاحب ماما جي ڳالھ نه سمجهندي به کانئس ڪاغذ ورتا ۽ ڪاغذ پڙهي، ماما کي اُڇلي مُنهن ۾ هَنيائين ۽ بنهي گھڻو اول فول ڳالهائي ،بنگلي مان ٻاهر نِڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيائين رمضان، مون تي ٿورو نه ڪر، مون کي سڀ ڪجهه ڪرڻ اچي ٿو. منهنجو نالو مير تاج محمد آهي، سا ته توکي به خبر هوندي . ۽ ايئن ماما کي مير صاحب جي نوڪرن ڌڪا ڏئي بنگلي مان ڪڍيو هيو، ڀانئيان ٿو ته جُتيءَ پائڻ جي به مڙس کي گھٽي ڪونه ڏني هيائون. اهي ڳالهيون ماما ڪنهن سان سَليون ته ڪونه هيون ، اندر جو سور اندر ۾ رکيو هيائين،پر وُٺي جون خبرون پانڌين پئي ڏنيون ۽ پڪ به اهائي هئي ته مير صاحب ماما سان اڻ ٿيڻي ڪري بنگلي مان ڪڍيو هيو. ان ڏينهن ماما مير صاحب کان موٽيو هيو ته، عمر ۾ پهريون ڀيرو مير تاج محمد جي در تان تڙجي بُڇڙو ٿي نڪرڻ تي بِرُ ٿِيو آيو هيو، هوريان هوريان سُرٻاٽن ۾ بابا سان مير صاحب پاران ڪيل بي عزتيءَ واري ڳالھه ڪئي هيائين، تڏهن بابا، ماما رمضان تي ڏاڍو کِليو هيو ، اصل ٻڌا ٽهڪ ڏيندي چيو هيائينس ته ادا مون کي ته اڳي ئي اها پڪ هئي ته ايئن ئي ٿيندو، ۽ مير صاحب توکي ڳاڙهن گلن جا هار پارائي واپس موڪليندو. ۽ پوءِ وري کلندي کِلندي چيائينس ته ادا رمضان، چڱو جيڪي ٿيو سو خير ٿيو، جيڪر دل جهلي سگهين ته هتي ويھ ،نه ته تون وڃي پنهنجي ڊينگاڻ وساءِ، پويان اسان ڄاڻيون ته تنهنجو مير صاحب ڄاڻي.اسان کي ڀلي ڪڻاهيءَ ۾ تَرائي ڇڏي ،جي جيئرا هياسون ته اچي خبرون وٺجانءَ، جي مئاسون ته پرتاسون رب کي.ڄاڻ ٿيئي ته اچي ڪانڌي ٿجانءِ نه ته به تنهنجي مرضي.پاڻهي پيا راڄ وارا پوريندا.
    جيئن اڳي ڪونه ڪتابن ۾ پڙهيو هيوسي ته ڪُوئنِ جي صلاح هليِ هئي ته ٻِليءَ جي ڪنڌ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻي آهي، پر ٻَڌَي ڪير؟. سو مسئلو هيو ڪوئن سان توڙي اسان سان. سو اسان وٽ به صلاحون شروع ٿيون ته ،زمين جو قبضو ڪيئن وٺجي ؟. ڪيراڳرائي ڪري؟.صلاحون هلنديُون رهيون. راڄ ميگھواڙن جو هيو، شرن ۾ به اهڙي ٿوم ڪونه هئي جو مير صاحب کي منهن ڏئي سگهن. ڪيرين جوهڪڙو گھر هيو، انهيءَ مڙس ۾ ڦلڪون هيون، اصل گُسڻ جهڙو ڪونه هيو، پر هڪڙو ته مڙس هيکلو ٻيو وري پُڇڙيءَ ۾ به هيو،خير انهيءَ وچ ۾ مير صاحب ڪورٽن جا در کڙڪائي ڪيس ڪڙا سرڪار تي داخل ڪري چُڪو هيو، تان جو مرچن ۽ وونئڻن جو فصل به اچي تيار ٿيو، عالم ڪيرئي جي صلاح سان هڪڙي ڏينهن بابا بندوق کنئي ۽ ڪوڏر کَنئي،چيائين هلو ته هلي پنهنجو پاڻي ٻَڌون. اسين ننڍا هُجون ڪنهن لٺ، ڪنهن بانٺو کنيو، واٽر گهرن جي سامهون ئي هيو،بسم الله ڪري وڃي واٽر کي ڳنڍو ڏئي، پاڻي ٻَڌوسين . ميرصاحبن جا ڪمدار ڊوڙندا آيا ،بابا چَيُنِ ،ڀڄي پري ٿيو، زمين منهنجي کاتي جي آهي، سرڪاري شيئر لسٽ موجب پنهنجي واري جو پاڻي ٻَڌو اَٿم. جنهن به ٽين ٽين ڪئي ته سڌي بندوق هڻندو سانس. مير صاحب جا ڪمدار ڪاراوا اسان کان به چٽ هيا. سوسڀ ڪنهن ماٺڙي ڪري پوئتي موٽڻ جي ڪئي. نه جهيڙو ٿيو نه ڦڏو، عالم ڪيريو پُٽن سوڌو پَريان بيٺو هُيو،سو به آبدار کي وٺي آيو. مير صاحب جي ڪمدار کي واپس گُهرائي، پاڻي ءَ جا وارا ۽ ٽائيم ٻُڌايائين۽ شيئر لسٽ به ڏنائين .ٻئي ڏينهن اِلاٽي ميگهواڙ به پنهنجي ڪکين موٽيا . اچي اسان جيان پنهنجين ٻنين جا ڌڻي ٿيا.
    هوڏانهن مير صاحب ڏي به ماڻهو ڊوڙيا، وڏي وٺ وٺان ڪَيئِين، لوفر لُنب آندائين . هٿيار پنهوار آندائون ، ڏاڍا ڏڏا ڏکر ٿيا،پر ايئن سمجهجي ته ڪجهه ڪونه ٿيو. ايئن لڳو ڀانءِ اسان سڀني جا پِير زُور هُيا نه ته ڇا رگهي جي ڳوٺ جا ميگهواڙ، ڇا ميگهواڙن سان گڏ ويٺل شر۽ ڇا مير تاج محمد جي زمين تي قبضو ، سو به بنان ڪنهن جهيڙي جهٽي ۽ خون خرابي جي ،اصل کوڙو ئي ڪونه ٿي لڳو. بس قدرت جو ڪو ميرن تي ڪو ڏمر هيو جو اڻ ٿيڻيون پئي ٿيون.!!پوءِ به مير تاج محمد جو ته سج لهي چڪو هيو يا لهڻ وارو هيو، باقي مير ٺاري مرحيات پهريون ڪم اهو ڪيو جو 100 ايڪڙ ٻني2100 روپيا في ايڪڙ جي اگھ سان وڪڻي . سرڪار تي ڪيسن جي ڌم لائي ڏنائين. جيتوڻيڪ قانوني حساب سان اهي سڀ ڪيس حڪومت جي خلاف ٿيندا هيا، پر اسان کي انهيءَ ۾ لازمي ڌُر ٿيڻو پوندو هيو. اها ڪار ايستائين هلي جيستائين مير صاحب هيو.گڏگڏ هڪڙو ٻيو به ڪم ڪيائين جو پهريائين هڪڙا کاهاڻي ٻروچ اچي ٻنيءَ تي ويهاريائين، جيڪي صفا اهڙا بُزَ هيا جو هنَگندي مُٽندي به رائيفل ڪلهي مان ڪونه لاهيندا هيا. پوءِ ڦلهڏين جا مري ٻروچ حاجي قادوءَ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا، پوءِ وري آتڻاه جا شر ٻروچ آيا. سڀني کي ٻني ڇڏائي ڏيڻ جي صورت ۾ اڌ ٻني ڏيڻ جو آسرو ڏنو هيائين. شروع ۾ ته اسان سڀني کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو هيو ته ڏِنگا ماڻهو اچي لٿا آهن. هاڻي الائي ڇا ٿيندو . پر توڙ تائين ٻنهي طرفين رڳي کيکراٽ ئي ٿيا، ڪو وڏو ڏچو ڪونه ٿيو. تڏهن اسان کي به پڪ ٿي ته مير صاحب جا آندل ڏاڍا مڙس به اسان جهڙا ئي ڪمزور آهن. ۽ مير صاحب جي سادگي ۽ سچائيءَ کي ڏسي سڀ مڙس کَلَ سائي ڪرڻ هليا هيا. اهي قصا الائي ڪيترا سال هلندا رهيا، ايتريقدر جو اسين اولادي عيالي به ٿي وياسين.
    خير هاڻ هلون ٿا پوئتي ،اُن سال مڊل اسڪول ڪاٺڙيءَ مان اٺون پاس ڪَيُم،خان محمد سال کن اڳ۾ ئي اٺون پاس ڪري ميرپورخاص پڙهڻ ويو هُيو.گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي هاسٽل۾رهندو هُيو. جڏهن مون اٺون پاس ڪري نائين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پَرَ پئي ساهيا، تڏهن اسان جي گهر ۾ غربت جو ديرو ڄمايل هيو،ويلي تي ويلو پوندو هيو، قرضن جا ڪوٽ هيا. ان ڪري غربُت سبب ٻن ٻارن جوخرچ ڪرڻ لاءِ مائٽ ڏاڍا پريشان ٿيا. تڏهن ماما، بابا ۽ امان کي چيو ته پاڻ هڪڙي خان محمد کي پڙهايون ٿا، ۽ اميرو ڀلي ٻني جو ڪم ڪار ڪري. بابا سائينءَ ماما جي انهيءَ صلاح تي هڪدم ها ڪَئِي هئي. پر انهيءَ مهل اَمڙ وچ۾ پئي چيو ،نه ادا، توهان وٽ خرچ ڪونهي ته خير آهي، پر ڪجھ به ٿئي آئون پورهيا ڪري به پنهنجو پُٽُ پڙهائينديسِ. امان جو فيصلي نُما جُملو ٻُڌي ماما کڻي ماٺ ڪئي. ۽ ٻئي ڏينهن آئون امان جا ڏنل ٻه روپيا ۽ سرٽيفڪيٽ کيسي ۾ وجهي، وڃي ميرپورخاص جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول۾ خان محمد وٽ پُهتس. ڦٽا ڦٽ داخلا مِلي وئي هئي، نائون اي ڪلاس مليو،هاسٽل ۾ خان محمد سان گڏُ ڪمروبه اِلاٽ ٿيو ، ٻنهي جون ٻه ڪُرسيون،ٻه ميزون،ٻه کَٽُون، وڏي لئيءِ ٿي وئي . اُنهيءَ زماني ۾ گورنمينٽ هاءِاسڪول ميرپورخاص وڏيءَ اوج تي هُيو. بلڊنگ آڏو وڏا خوبصورت راند جا ٻه ميدان،سائي چهچ ڇَٻر،وڏا وڏا وڻ۽ بهترين پڙهائي هوندي هئي. ڀانئيان ٿو ته سائين حبيب الله ميمڻ هيڊ ماستر هوندو هيو، اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين غلام رسول جتوئي هيو ۽ خان محمد وارن جو عبدالفتاح ميمڻ هوندوهيو. نئون ماحول ۽ نئون اسڪول ڏسي حال گھڙيءَ ته وائڙو ٿي ويس، پوءِ آهستي آهستي وڃي انهي ماحول سان هِريس.
    منهنجي اَچڻ سان خان محمد تي به بوجهه پِيو ، اسان ٻن ڄڻن جا ميس جي مانيءَ جا پئسا مائٽ ڪونه ٿي ڪَري سگهيا. هڪڙو کائي ۽ ٻيو ڏِسي ، اهو اسان جي مُنهن تي ڪونه ٿي پيو،ان ڪري ميس به بند ڪرڻي پئي، ڳوٺ آياسين ۽ امان ۽ جيجان سان اهو احوال ڪيوسين، تن ٻنهي رات جي پيٽ ۾ ڏهن سيرن جيترو اٽو، جنڊ تي پِيهي ورتو ، ۽ ورنديءَ صبح جو اهو اٽو ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وِجهي اسان جي حوالي ڪيائون. جيئن ته آئون عمر ۾ ننڍو هيس انهيءَ ڪري اخلاقي ۽ اصولي طور هر هفتي اها اٽي جي بَڊَ منهنجي مٿي سَجي ميرپور هلندي هئي. اها الڳ ڳالھ آهي ته ڪپڙي جي ڳوٿريءَ مان اٽو ڇڻي منهنجي وارن ۾ به جذب ٿيندو رهندو هيو، تن ڏينهين اسان ٻنهي کي هفتي جي خرچي ٻه روپيا ملندي هئي، جنهن مان هفتي جي موڪل وارو اوٽ موٽ جو ڀاڙو به ڪرڻو پوندو هيو . اسين اهو اٽو ميس جي سرڪاري بورچيءَ محمود بنگاليءَ کي ڏيندا هُياسين، جيڪو اسان کي انهيءَ مان ٻن ويلن جي ماني پچائي ڏيندو هُيو، محمود بنگالي، ڪڏهن ڪڏهن صُبح جو رحم کائي، اميرن جي ٻارن جي چانهه مان ٻه ڪوپ به مفت ۾ڏئي ڇڏيندو هُيو . منجهند ۽ رات جو رُکي ماني ڳِهي ڪونه سگھندا هياسين، اصل ماني ڀٽاري نڙيءَ مان لهندي ئي ڪونه هُئي، ته گرھ ڳِهڻ لاءِ پاڻيءَ جا ڍُڪ ڀَريندا هُيا سين . پاڻيءَ سان وري ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ سُور پوڻ لڳندو هُيو. پوءِ پِيٺل ڳاڙهين مرچن جي هڪڙي پُڙِي ٻن آنن ۾ خريدي آندي سون . ٿورڙا پيٺل مرچ پاڻيءَ ۾ پُسائي اُن ۾ ماني ٻوڙي کائينداهُياسين. ڇا جو احساس محرومي؟؟ ، ڇا جي رِيس؟؟ڇا جون حسرتون، ته هاسٽل ۾ رهندڙ اميراڻا ٻار، ميس ۾ ڪُڪڙ ۽ قورما ٿا کائين، ۽ اسان رُکي سکيءَ تي گذارو ٿا ڪريون. بس ڌُن هُئي پڙهڻ جي ۽ ڪانه ڪا منزل ماڻڻ جي ، ٻيو ڪجهه به نه !!. ها سچ هاسٽل ۾ هڪڙو اسان کان به وڌيڪ غريب ،حمزو بروهي هوندو هيو، جيڪو ميرپورخاص جي اولھ طرف جو رهاڪو هيو، انهيءَ ويچاري کي ته ٻه ٻه ڏينهن ويلا پوندا هيا. موڪل جي ڏينهن ڀاڙو ڪونه هوندو هيس جو گھر وڃي. پڙهي نڪرڻ کان پوءِ ان جو ڏس پَتو ئي ڪونه پيو ته ڪهڙي جهان ۾ آهي.
    ڪپڙن تان ياد آيو اٿم ته تن ڏينهين مليشيا رنگ اسڪولي ٻارن جو يونيفارم هوندو هيو، اسان وٽ مليشيا جو هڪڙو ئي وڳو هوندو هُيو.سڄو هفتو اسڪول ۾اهو هڪڙو ئي وڳو پائبو هيو، پگھر جي ڌپ جو به احساس ڪونه ٿيندو هيو، ته وري استري يا ڪپڙن جا گھُنج ڪنهن کي به ياد ڪونه هوندا هيا. هر ڇنڇرتي واپس گھر ايندا هُياسين. صبح جو امڙ، واٽر جي ڪَپر تي ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪُنو چاڙهيندي هُئي ، رڳو اسان جا نه پر سڄي گھر جا ڪپڙا آچر آچر تي ڌوپندا هيا. اسين مائرن جون پوتِيون گوڏ ٻڌي، مَهٽي پُسايل تيل ميٽ سان وِهنجي، واٽر تي ئي ويهندا هياسين. ايستائين، امان ميرن ڪپڙن کي ڪُني ۾ لاڻا ساڙي ٺاهيل کارُ سان ٻَڙهڪائي ، نيپوڙي، سيپوڙي ،واٽر تي ئي ڇٻر يا ڪنهن وڻ تي سُڪڻا وجهندي هُئي. ڪلاڪ کن اندر سُڪل ڪَپـڙا پَهري گهر اچبو هيو. وري نئين هفتي ساڳيا ڪپڙا ڌوپندا هُيا ، اها حقيقت آهي ته غربت جي ڪري سُرهي صابڻ جي ٽِڪي اسان جي گھر ۾ عيد براد تي ئي ايندي هئي نه ته ٻيو ٿيو خير.
    ڪڏهن ڪڏهن، هاسٽل جا ٻه سُکيا شاگرد اسماعيل چانهيو يا نبي بخش بروهي چانهه لاءِ شاگردن کي صلاحي، آمريڪن اسپتال جي سامهون فرنٽيئر هوٽل تي وٺي ويندا هُيا. جِتي رات جي ٿڌڪار ۾نورجهان جا گانا ٻُڌي ،چانھ جو ڪوپ ڪوپ پي پوءِ هاسٽل ڏي موٽندا هُياسين. اهڙيءَ ئي هڪڙيءَ راتِ جو اَٺن ڏَهن ڄڻن جي گُروپ ۾ چانهه پي هاسٽل ڏانهن موٽندي، گاما اسٽيڊيم وٽان گذرندڙ گاڏين جي قطارمان شهيد ڀُٽي ڪنڌُ ٻاهر ڪڍي هٿُ لوڏيو.ڀانئيائين ته سندس استقبال لاءِ بيٺا آهيون .ڏاڍا خوش ٿياسون. پنهنجي اهميت ڏِسي. وزير اعظم ڀُٽي جهڙيءَ هستيءَ اسان کي سلام ڪيو ته وَٺي زور زور سان نعرا هنياسيون ، جيئي ڀٽو، سدا جيئي ڀٽو ،اسماعيل چانهيو، پير پاڳاري جو مُريدُ هُيو، پير پاڳاري جا مُريدَ ڀُٽي صاحب کان پرڀرا هوندا هيا،پر انهيءَ رات اسماعيل به اسان سان گڏ نعرن جا ڌُوڙيا لڳايا هيا، پوءِ پَئي مِنٿُون ڪيائين ته ڪنهن جماعتيءَ سان ڳالهه نه ڪجو . اهو اساعيل چانهيو پوءِ ڊاڪٽر ٿيو، باقي نبي بخش بروهيءَ جو ڪو ڏس پتو ڪونهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي.
    ماما، هڪ ڀيرو ڇهين مهيني ڪمداريءَ تان ڳوٺ آيو هيو، آچر جي ڏينهن معمول جي خرچيءَ کان علاوه خان محمد کي لِڪائي، ڪي ڏهاڪو کن روپيا ڏنائين. هڪڙيءَ شام جو خان محمد مون کي هاسٽل ۾ اڪيلو ڇڏي فلم ڏسڻ ويو. موٽندي مون لاءِ مِٺو پانُ ۽ سگريٽ وٺي آيو. پهرين ڀيرو پانُ کائِي، زندگيءَ جو پهريون سگريٽ دُکايم ، کنگهيُس ته دريءَ مان سائين غلام رسول جتوئي صاحب جي نظر پئجي وئي، سگريٽ ته ڀورا ڀورا ٿي وِيو، پر سائينءَ جي ٿڦڙ ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏيا .اَصل ڳَلُ ئي ڳاڙهو ٿي ويو هيو. اها هئي ان زماني جي ماسترن جي سختي، اڄڪلھ جي ماسترن جو ته قصو پري رهيو، پر چون ٿا ته هاڻ بچن شل پيءُ پُٽ گڏ ويٺا نشا پتا ڪن. ڪا پرواھ ئي ڪانهي ته هي ڇا ويٺا ڪريون ، هي اسان پنهنجي اولاد کي ڪهڙي رستي تي پيا لاهيون.ها سو سگريٽ جي ڳالھ تان ياد آيم ته گھڻو پوءِ جڏهن ٽسِينگ ٿيس، ڪامورو ٿيس، تڏهن اها سا علت پئجي وئي جنهن مان اڄ تائين جان ناهيان ڇڏائي سگھيو.
    اُنهيءَ زماني ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ آيل سنڌي ٻوليءَ جي بِل تان سنڌين ۽ مهاجرن ۾ چڱي موچاري تنگا ڪَشِي ٿي هُئي ،رئيس امروهويءَ جي، اردو کا جنازا هي ذرا ڌوم سي نڪلي، مهاجرن ۾ ممڻ مچائي ڇڏيو هُيو. اُن ڍِينگا مُشتيءَ کي ويتر ميرپورخاص مان تڏهن هوا مِلِي. جو ڪامپريهنسيو هاءِ اسڪول ۾ ٻه ٽي شاگرد ڪنهن معمولي ڳالهه تان اَٽڪِي پيا ۽ شهريار نالي مهاجر شاگرد مارجي ويو هيو.اهو ڪيس مير تاج محمد جي پُٽَ علي احمد، پوءِ جي مشهور داروغي مظهرشاهه عرف ٽانڊو شاھ ۽ اڪبرمستوئيءَ مٿان داخل ٿيو هيو. مهاجرن کڻي شهر مٿي تي کنيو هيو. سڄيءَ سنڌ م سنڌي مهاجر جهيڙا ايترا ته وڌي ويا جو ڀُٽي صاحب کي مجبور ٿي پنهنجي ٽيلنٽيڊ سوٽ ممتاز علي ڀٽي کي وزارت اعلي تان لاهڻو پئجي ويو هيو، گھڻو پوءِ ته ماڻهن ڳالهيون ڪيون هيون ته ايئن ڪونه هيو، ٻوليءَ جا جهيڙا به اصل ۾ شهيد ڀٽي جي اعلانيل زرعي سڌارن کي روڪڻ لاءِ ڪيا ويا هيا. ۽ پوءِ اهو قصو هميشھ لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي نڙيءَ ۾ مڇيءَ جي ڪنڊي جيان اٽڪي پيو هيو، جيڪو اڃان تائين ايئن اٽڪيو پيو آهي. هاڻ جيڪر اسان سمجهون ته انهيءَ سازش ۾ سنڌي وڏيرو ايم پي اي، يا ايم اين اي شامل هيو ته پاڻ اهو چئي سگھون ٿا ته ٻوليءَ واري جهيڙي جو طوق وڏيري طبقي جي ماڻهن ئي اسان جي ڪنڌ ۾ وڌو هيو، رڳو پنهنجون ملڪيتون بچائڻ لاءِ. جيئن غوث علي شاھ به هڪڙو وڏو طوق سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ويو، جيڪو اڃان پيو گهوگها ڏئي، نه ڄاڻ ڪيتري تائين ڏيندو رهندو.
    تن ڏينهين اسان جو نائين جو امتحان ٿيڻ وارو هُيو. رات جو دير تائين پڙهي، پڙهي، بي اُونا هاسٽل ۾ سُتل هُياسين، جو صُبح سويل بابا اچي سَهڙيو،چئي شهر ۾جهيڙن جو ٻُڌي سڄي گهر جا ڀاتي سڄي رات ڳَڻتين ۾ سُتا ئي ناهيون ، ته اسان جي ٻچڙن جو الائي ڪهڙو حال هوندو؟. بس هاڻ اٿو ۽ هينئر جو هينئر هلو ڳوٺ ۽ هلي مائرن کي منهن ڏيکاريو، جن سڄي رات روئيندي ڪَٽي آهي. ائين پوءِ ٻَڌي ٻُوٿ ڳوٺ آياسين . ۽ پوءِ مون نائين جو امتحان ۽ خان محمد ڏهين جو امتحان ،ڳوٺان روز بَسُن ۾ وڃي ڏنو ۽ پاس به ڪيو.
    هاڻ ڳوٺ ۾گھڻو رهڻ جي ڪري، اويل سويل ٻنيءَ ٻاري جي ڪم ڪار ۾ به بابا مرحيات جو به هٿ ونڊائڻ لڳو هيس .اُن ئي زماني ۾ مذهبيت جي طرف لاڙو وڌڻ لڳو هيم. هوريان هوريان آئون حد کان وڌيڪ مذهبي ٿيندو پئي ويس . جيتوڻيڪ هن ڳوٺ ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونه هيو جيڪ مونکي پَٽيون پڙهائي ها. يا منهنجي ويهي ڪا سِکلائي ڪري ها. پر الائي ڇو جنونيت مون تي حاوي ٿيندي پئي وئي. تن ڏينهين ڳوٺ جِي ڪچي مَسيت جي ٻُهاري ڪڍڻ ،ڇڻڪار ڪرڻ ۽ رات جو ڏيئو ٻارڻ، منهنجا اولين فرض هوندا هُيا . هر روز صُبح جو قرآن شريف جو دور ڪرڻ ،پنج وقتي نماز پڙهڻ ،ٽيهَئي روزا رکڻ ، تراويحون پڙهڻ کان علاوھ جُمعي جو خُطبو پڙهڻ ته ذِمي ئي منهنجي هُيو .ڪڏهن ڪڏهن مُلو ابراهيم ٿر هليو ويندو هُيو ته اهي ٻه چار ڏينهن سڀني نمازن جي امامت به آئون ڪندو هُيس. تن ڏينهين جيرام ميٽرڪ پاس ڪري ، ماستر ٿي ڳوٺ ۾ آيو هُيو . اُن سان گهڻي آڳاٽي ۽ گهاٽي سنگت هُجيم، تن ڏينهين هُو پليجي جي مائو نواز ڪميونسٽ پارٽيءَ سان واڳجي چڪو هُيو ، کوڙ ساريون اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب مون کي ڏيندو هُيو. جن کي گهڻي غور سان پڙهندو رهندو هيس.
    پر پوءِ جيئن جيئن مون تي غالب پوندڙ مذهبي ڪٽرپڻي پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا هيا، تيئن تيئن، جيرام کان ڇِڊو ٿيڻ لڳو هيس ،ڀائيندو هيس ٿي ته هي جيرام ته هندو آهي ۽ هر هندو ڪافر آهي، ۽ هر ڪافر منهنجي مذهب جو دشمن آهي۽ جيڪو منهنجي مذهب جو دشمن آهي سو خدا جو به دشمن ٿيو ۽ سو به اڳتي هلي کيس دوزخ جي باه جو ٻارڻُ ٿيڻو آهي ، تنهنڪري هِن جيرام سان منهنجي دوستي ته مورڳهين مذهب سان دشمنيءَ جي برابر ٿي ٿئي. سو تن ڏينهين نه ڏني نه ورتي جيرام سان ياري ٽوڙي ڇڏي هيم. ٻيو ته ٺهيو پر پوءِ ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڳوٺ جي هڪ جيڏن مينگهواڙن سان اٽڪي،وڏا وڏا مذهبي حوالا ڏئي پاڻ کي ،مذهبي طور اُتم ظاهر ڪندو هُيس ۽ کين نِج ڪافر چئي ڪوٺيندو هُيس. تڏهن سمجھندو هيس ته خدا آهي ئي رڳواسان مسلمانن جو،اها خبر ئي ڪونه هيم ته هندو به خلقيل ته اُنهيءَ خُدا جا آهن.رت جو رنگ به ساڳيو ڳاڙهو اٿن، جسماني بناوٽ به ساڳي،پوءِ اسان ڇو اُتم آهيون ۽ هو ڇو نيچ آهن؟؟؟.اهي خبرون گهڻو پوءِ پيم، جڏهن ڪامريڊن جي ور چڙهيس ۽ کوڙ سارا ڳاڙها ڪتاب پڙهيم. تڏهن ڳوٺائي يارن سان پنهنجن انهن پراڻن روين تي ڏاڍو افسوس ٿيم. اڄ به انهن سوچن تي حد کان وڌيڪ پڇتاءُ اٿم.
    ۽ جڏهن نائين درجي جي رزلٽ آئي هئي،ڏهين درجي ۾ داخلا جا ڏينهن آياهئا، تڏهن خان محمد جيئن ته ڏهون پاس ڪري چڪو هيو ،ان ڪري ماما رمضان، کيس سروري اسلاميه ڪاليج هالا پڙهڻ لاءِ موڪليو. تڏهن آئون اڪيلو ٿي پِو هيس. هوڏانهن امڙِ جي دِل به گائُون مائُون ٿيڻ لڳِي هئي ، چوي ته شهرن ۾ مُئن مهاجرن جا جهيڙا آهن، منهنجو هيڪلو پُٽ اسڪول ڪيئن وڃي؟؟.اُتي نه ڄاڻ ڪنهن بابي کي صلاح ڏني هئي، ته هاءِ اسڪول ڪنڊياري ويجهو آهي. انهيءَ اسڪول جي پڙهائي به سُٺي آهي . اميري کي اوڏانهن موڪليو، روزانو بسن ۾ وڃي، اسڪول ۾ پڙهي وري شام جو پنهنجي گھر هليو اچي .انهيءَ صلاح سان سهمت ٿي ،بابا سان گڏ وڃي،هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان اسڪول ڇڏڻ جوسرٽيفڪيٽ ورتو هيم .
    نيٺ هڪڙي ڏينهن، اهو سرٽيفڪيٽ کڻي، هاءِ اسڪول ڪنڊياريءَ سنبريس، پيرن جو چمپل ڦاٽل هُيو، بابا جي ڪُرم واري ڳاڙهي جُتي پائي وِيسِ. بابا اُن ڏينهن پيرين اُگهاڙو ٻنيءَ تي ويو هيو. مون کي پهرئين ئي ڏينهن داخلا ملي وئي هئي. پهرئين ڏينهن ئي ڪلاس ۾ وڃي اڳئين بينچ تي ويٺُس، جيڪا الائي ڪهڙي شاگرد جي هئي جيڪو شايد انهيءَ ڏينهن موڪل تي هيو. رسيس ۾ خبرپَئِي ته هڱورني ۽ ڦلهڏين جا ڪافي مائٽ نائين درجي ۾ پڙهندڙ آهن. ڪاٺڙيءَ جا لاشاري، به محمد عليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنڊياريءَ ۾ موجود هُيا.
    گورنمنيٽ هاءِاسڪول ڪنڊياري ،خان بهادرغلام محمد وساڻ شروع ڪرايو هُيو،اسڪول جي هاسٽل ۾ پري پري جا غريب شاگرد اچي رهندا هُيا،مِڙني کي ٽه وقتي ماني، وساڻ صاحب پاران مُفت۾ ملندي هُئي.ڀانيان ٿو ته ڪپڙا به مفت ڌوپي ملندا هُئا.سنڌي مسلمانن جا اِهي وڏا ڪارناما چئبا، جو سرند وڏيرن مان ڪِن باقائدي اسڪول کولايا هئا. جن ۾ ڪنڊياريءَ جي وساڻ صاحب ۽ ڀٽ ڀائٽيءَ جي محمد عثمان مريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. خانبهادرغلام محمد وساڻ، وڏي دل گردي وارو ماڻهو هوندو هيو،سياست ۾ سدائين ڪاميابيون سندس قدم چمنديون اينديون هيون،انگريزن جي زمانن کان اليڪشن کٽيندو ايندو هيو.1970 جي اليڪشن ۾ زندگيءَ۾ پهريون ڀيرو ڀُٽي صاحب جي طوفان آڏو پاڻ نه جھلي سگھيو۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيروهَارَکاڌائين، ۽ اُن هار جي صدمي ۾ئي فوت ٿي ويو هُيو.جيئن ته کيس ڪو پُٽاڻو اولاد ڪونه هُيو .اُن ڪري سندس ملڪيت غلام حيدر ۽ نياز محمد وساڻ کي ورهائجي ملي هئي .نياز محمد،پوءِ ننڍي وهيءَ ۾ ئي ڀُٽي صاحب جي ڪابينه ۾ سائنس ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير به ٿيو هُيو.وري بينظير صاحبه جي دور ۾ ٿائيلينڊ جو پاڪستاني سفير به رهيو هيو. تن ڏينهن اڄ جيان تعليم ڪاروبار ڪونه ٿي هئي، ان هوندي به ، ڀٽي صاحب اهي سمورا اسڪول جيڪي پرائيويٽ طور سنڌي وڏيرا خيراتي طور هلائيندا هئا، سي به قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيا هيا. ان هوندي به هن اسڪول جي هاسٽل اڃا به آباد هُئي ، وساڻ صاحب جي پونيرن پاران شاگردن کي ماني،اڳي جيان، جيئن جو تيئن ملندي هُئي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان پارا هاسٽل ۾ نه رهڻ وارا غريب شاگرد به منجهند وارو ويلو ٽاري وٺندا هُياسين ، ڪنهن به شاگرد کي ماني کائڻ کان ڪا به جَهلَ َپل ڪانه هوندي هئي.
    هاءِ اسڪول ڪنڊياريءَ ۾ تن ڏينهين ڏهين ڪلاس کي انگريزيءَ جو سبجيڪٽ ،هيڊماستر مرحوم صفدر حسين اسرائيلي پڙهائيندو هُيو . اسرائيلي صاحب جي پڙهائي ڏاڍي دلچسپ هوندي هئي، سبق شروع ٿيو، پڙهائيندي پڙهائيندي شاگرد کان ڪنهن انگريزي لفظ جي معنيٰ پُڇِي ،انهيءَ معنيٰ تان ڳالهه نڪتي، انهيءَڳالھ مان ٻي ڳالهه نِڪتي،سبق اُتي ئي رهيو،سائينَ اسرائيلي صاحب جي جوانيءَ جا قصا ڪهاڻيون شروع ٿيون ،تان جو پيرڊ پوروٿي ويو.سُڀاڻ جون ڳالهيون وري سُڀاڻ سان، چئي اسرائيلي صاحب ڪلاس مان الله واهي ڪندو هيو. اسڪول ۾حسابن جو ڪو به استاد ڪونه هوندو هُيو،وساڻ صاحبن جي هارين جا ليکا چوکا ڪندڙ قاضي امداد، وساڻ صاحبن جي حڪم تي واندڪائيءَ ۾ اسان کي حساب پڙهائڻ ايندو هُيو. نه ته قصو ايئن ئي پئي هليو.سائين مدد علي مري،سائنس پڙهائيندو هُيو، سو پنهنجي ليبارٽري سنڀاليو ويٺو هوندو هيو ۽مرحوم الهه بخش سهتي صاحب، جهڙو زبردست استاد صرف نائين درجي ۾ ئي پورو هوندو هُيو .
    ڪنڊياري ،اُن وقت بنهي ننڍڙوشهر هُيو ، تڏهن بس اسٽينڊ ، هاڻوڪي مين روڊ بجاءِ ،اندر يونين ڪائونسل جي آفيس جي سامهون هوندو هُيو، ان جي بلڪل ڏَکڻان، هڪڙو مُسافر خانو هوندو هُيو.جنهن ۾ گُوارِڻيون مايون ،مِسِي،مُساڳ،چُوڙيون ۽بَڪَل رکيو، مُسافر عورتن جي انتظار ۾ ويٺيون هونديون هُيون. بس اسٽينڊ جي اولهه طرف ڊِگهي مانڊڻين جي قطارهئي ،اُتر طرف ناڪي جي پويان، قبرستان سان لڳ، هڪ ڪچِي رستِي يونين ڪائونسل جي پٺيان نِڪري اسڪول طرف ويندي هُئي.رستِيءَ جي اولهه کان هِندُن جا ڪُجھ گهرڙا لوڙهن ۾ هُيا .يونين ڪائونسل جي اولهه طرف پيل خالي پَٽ کان گهڻو اڳتي،سيٺ اُوڌم داس جو هڪڙو ئي دڪان هوندو هيو ،ان کان ٿورو اڳتي وري خالي پَٽُ هوندو هيو، پوءِ هڪڙي بينڪ هوندي هئي ۽ پوءِ بازار سڌي اولهه طرف ويندي هُئي ،اڳتي هلي بازار جي ڏکڻئين پاسي هڪڙو بنگلوهيو۽ پوءِ ڏکڻ ۾ ٻنيون هونديون هيون .بازار وري مُڙي ڏکڻ اتر طرف ٿيندي هُئي .اُنهيءَ ڏکڻئين بنگلي ۾لاشاري رهندا هُيا،مائٽ سُکيا هُين ،مسواڙ جو بنگلو ۽بورچي به هين ،نوابن جيان رهِي پڙهندا هُيا .
    ڪلاس ۾ چالهيارو کن شاگرد ۽ اسڪول ۾ ٻه ٽي سئو شاگرد هُياسون. رِسيس ۾ يا ڪنهن خالي پيرڊ ۾ بانَ واھ جي ڪپرن تي هليا ويندا هُياسين ، هي اهو بان واھ آهي، جنهن کي مٺڙائو ڪئنال به چئجي ٿو ، پر هن تر جا جملي ماڻهو کيس بان واھ چوندا آهن. چون ٿا ته جڏهن هي واھ ٺهيو پئي تڏهن هن واھ کي ڊزائين ڪري سرزمين تي بيهي ٺهرائڻ واري انگريز انجنيئر، سنڌ جي وڏيرن کان هارين جون تمام وڏيون ڇيڙون ورتيون هيون. جيئن ته انهيءَ انگريز انجنيئر جو نالو هيو، مسٽر بارن، ان جي ڪري عام ماڻهو اڄ ڏينهن تائين مٺڙائوءَ ڪئنال کي بان واھ چوندا اچن. سو انهيءَ بان واھ جي ڪپرن تي بيٺل ٽالهين ۽ ٻَٻُرن جي وڻن هيٺان ويهي ،پيرن کي بان واھ جي ٿڌڙي پاڻيءَ ۾ لڙڪائي، ڪتاب پڙهندا هياسون يا ڪچهريون ڪندا هُياسون . اُن زماني ۾ جن به شاگرد ساٿين سان دوستيون ٿيون، سي اَڄُ تائين ايئن جو ايئن هلَن پيون .مرحوم محمد علي شرسان تن ڏينهين اهڙا ته ٻنڌڻ ٻَڌا هئا، جو رات ڏينهن گڏ هوندا هياسين ، جيڪر ٻه ڏينهن نه ملياسين ته هڪ ٻئي کي وڏا وڏا خط لکي پيا احوال ڪندا هياسين.نيشنل بينڪ جي هاڻوڪي ڪاموري قاسم ناريجي، سان به اُتان کان دوستيءَ جا عهد وپيمان ٿيا،اڄ تائين اڀري سڀري حال سارو هڪ ٻئي سان ايئن نڀائيندا اَچُون، جيئن سڳا ڀائر نڀائين .
    اُن زماني جي سرڪاري رٿا موجب موجوده پاڪستان ايئر فورس جو سنڌڙي ايئرپورٽ، موجودھ جاءِ بجاءِ روڊ جي اوڀر طرف ٺاهڻو هيو،انجنيئر ماپون ڪري نشان ڏيندا هُيا . ٺيڪيدار ،ريتيءَ ، ڪرش ۽ سِرُن سان نشانن جا ٻن فوٽن جا ٿنڀا ٺاهيندا ويندا هُيا. آئون گهڻو ڪري موڪلن ۾ يا ڪڏهن، ڪڏهن اسڪول کان گُسائي،بابا جي ڍڳي گاڏي جوٽي، مزدوريءَ تي ريتي ۽ سِرُون روڊ کان کڻي مختلف نشانده جاين تي پهچائي ،شام جو چاليهه ،پنجاهه روپيه ڪمائي،بابا جي هَٿ جي تريءَ تي رکندو هُيس ،ته بابا ۽ امان، اڪيلي پُٽ جي پهرين ڪمائي ڏِسي خوشيءَ جا لُڙڪ لاڙي ويهندا هُيا.
    ڳالھ پئي هلي ڪنڊياري هاءِاسڪول جي، سو اسڪول جي موڪل بعد ،بس اسٽينڊ جي اولهنديان ، مانڊڻين جي قطار آڏو پِيل ٻن بينچن تي بس جي انتظار ۾ اچي ويهندا هُياسين.اُهي بينچون، خدا بخش ناريجي پنهنجيءَ مانڊڻيءَ آڏورکيون هيون .خدابخش ، هڪ ٽَنگ کان جَڏو۽ ڏاڍوقربائتو ماڻهو هوندو هُيو. بس اسٽيند تي هڪ گاڏي وارو کير واريون قلفيون کڻي بيهندو هيو. ڪنڊياريءَ جو موجوده وڏيرو منظور وساڻ ، تڏهن شايد اٺين درجي ۾ پڙهندو هيو ، موڪل بعُد انهيءَ گاڏي مَٿان ويهي لڳاتار قلفيون کائيندورهندو هُيو . مون کي قلفيون ڏاڍيون وڻنديون هُيون ، پر غربت ۽ مِسڪينيءَ سبب کائي نه سگهندو هُيس . منظور وساڻ کي قُلفيون چوسيندي ڏِسي منهنجي وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هُيو. دِل ئي دِل ۾ قُلفيءَ کائڻ جا سَکڻا مزا پيو وٺندو هُيس.
    ڪنڊياريءَ ۾ شاگردن جي يونين به هُئي. علي اڪبر راهمون صدر ۽ منظور مير بحر جنرل سيڪريٽري هيا. شاگرد چوندا هُيا ته اُها يونين ڪجهه ورهيه اڳ مئٽرڪ پاس ڪري ويندڙ ٻن شاگردن تاج مريءَ ۽ امداد چانڊئي ٺهرائي هُئي. امداد ته تمام گهٽ پر تاج مري ، جُمعاڻي ،چانڊاڻي اسڪول مان ڀيرو پيو ڀَڃندو هُيو. اُن وقت تاجُ، شاگردن جي مضبوط تنظيم سنڌ نيشنل استوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ هيو. ٻه ٽي ڀيرا جيل ڪاٽي چُڪو هُيو .اُستاد توڙي شاگرد، سندس تمام گهڻو احترام ڪندا هُيا .آئون پري کان ئي کيس ڏسندو رهندو هُيس.تاج سان اڳتي هلي چڱا واسطا وڌيا. جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
    امداد چانڊئي لاءِ گهڻو پوءِ، مون کي مرحوم الله بخش سَهتي ٻُڌايو ته ، جڏهن امداد جا وڏڙا سڪرنڊ کان ڪنڊياريءَ لڏو کڻي آيا ،ته امداد سڪرنڊ جي ڪنهن مدرسي يا اسڪول جي مهتمم جو خط کڻي مون وٽ آيو هيو. لِکيل هُيو ، سهتا، لِڏِ ۾ لعل لِڪلُ آهي توڏي موڪليان ٿو اُميد ته ڳولي لهندين “. اهو امداد پوءِشهيد نذير عباسي کان پوءِ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاڪستان جو چيئرمين ٿيو هيو ، ضيائي دور ۾ آمريت سان چڱو موچارو مُهاڏو اٽڪايائين، ست ورهيه سزا ڦٽڪن سُوڌي ڪاٽيائين ، ضيائي باقيات جي اک ۾ ڪنڊو ٿي اُڀريو. اڄڪلهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ ڪري پيو، اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ اتي ئي بين الاقوامي تعلقات پڙهائي ٿو. شل رب ڪري اڃان به ترقيون ماڻي.
    مٽئرڪ جو امتحان،هاءِ اسڪول سانگهڙ جي سينٽر مان ڏنوسين، رِزلٽ ٻن مهينن بعد اچڻي هُئي. تيستائين اسڪول مان واندا ٿي، وڃي گهرن ڀيڙاٿياسين. انهيءَ واندڪائيءَ جي ڪري، هڪڙي ڏينهن بابا چيوته ، پُٽ مامَهين رمضان، نئون شوق ڪري ڊينگاڻ مان ٽيهارو کن رڍون، اوڌر تي خريدي آنديون آهن ،جن جي پويان اڪيلو جان محمد ڦتڪندو وتي، تون به ڪڏهن ڪڏهن جان محمد کي ساهيءَڏيڻ خاطر رڍون چارڻ ويندو ڪر. اُنهيءَ طرح آهستي آهستي جهنگ ڏانهن وڃڻ ۽ رڍون چارڻ لڳُس.اُن زماني ۾ مون جيڏا، مون سَرتا ڏاڙهيون ڪُوڙڻ لڳا هئا، مونکي اچي اُونَ ورايو هيو ته الائي ڇو مون کي ڏاڙهِي نٿي اچي؟. جڏهن، ڪنهن پاڻ جيڏي سان صلاح ڪئي هيم ته يار ڏاڙهي ڪونه ٿي اچي، الائي ڇو . تنهن تي صلاح ڏني هيائين،يار تون هينئن ڪر جو رِڍُن جو کير ڏُهي، روزانو مُنهن تي لائي، انهيءَ جي مٿان بليڊ ڦيراءِ ،ته ڏاڙهي سِگهي ايندي.پوءِ انهيءَ صلاح تي عمل ڪندي، اڪثرڪري منجهند جو رڍون، واٽر جي اوسي پاسي ۾گهاٽي ٻٻرجي ڇانوَ ۾ ويهاري، لوٽيءَ ۾ رڍن جو کيرڏُهي،ٽِريٽ بليڊ جو اڌ ڀَڃي،سرَ جي تِيليءَ ۾ ڦاسائي،ٻنهي ڪُنڊن تي ڌاڳو ويڙهي، ننڍڙي ٽِڪَ گوڏي تي رکي، ويهي بليڊُ منُهن تي گُهمائيندو هُيس . اهو روز جو معمول ڪري ڇڏيم . ساڳيو بليڊ ساڳِي سَرَ جِي تِيلي، ساڳيو واٽر جو ڪَپُ ۽ آئون. الائي ڪيترا ڏينهن اهو سلسلو هلندو رهيو. تان جو روز روز جي بليڊ جي ڦير ڦيران ۽ رڍن جي گرم کير اثر ڏيکاريو ۽ ڏاڙهي به اچڻ شروع ٿي وئي.
    هوڏانهن اڃان مئٽرڪ جي رزلٽ اچي ئي اچي، منهنجي مُنهن ۾ ڏاڙهي پوري لَهي ئي لَهي ،آئون شينهن مُڙس ٿيان ئي ٿيان، جو ماساتِ منهنجيءَ پهرينءَ ڌيءَ کي جَنميو هيو. اڃَان ڇٺي به نه ٿي هئي ته ماساتِ جي مائٽن جا نياپا پُڳا هيا . ته اڪوُءَ جي ڏنل زبان موجب اهو سَڱُ اسان جو آهي. ماساتِ جي مائٽن جا نياپا ايندا رهيا. اُنهيءَ وچ ۾ بابا ۽ ماما خان محمد جي شاديءَ جي تيارين ۾لڳا. ڏينهن چِٽا ٿيا. ٻُڪيءَ جي ڏينهن، اوڙي پاڙي جو عورتون جيئن ئي ڳيچ ڳائينديون ، اسان جي گهر جو ٻَنجرو ٽُپي، ڪنواريتن جي اڱڻ تي پُهتيون، ته خان محمد جو سهرو، ڪرڙ خان لٺ کڻي اُٿيو، ،چئي مون وَڙُ ڪيو هيو تڏهن، جڏهن اوهان وٽ سَڱُ نه هُيو، هاڻي سَڱُ اَٿَو. پهريائين مون کي بَدو ڀري ڏيو، پوءِ ٻُڪي وجهو. ماما رمضان جا واڄٽ وڄِي ويا. بابا ڏانهن نهاريائين.جنهن نه ڪئي هم نه تم ،اصل فٽا فٽ ڪنواريتن کي چيائين اچو منهنجي پوٽيءَ تي پوتي پارائي، پنهنجي پُٽ جي نانءِ ڪريو۽پوءِ ٻُڪِي وِجهڻ ڏيو. ۽ پلڪن ۾ ائين ٿيو، آئون انهيءَ ڏينهن به رڍون چارڻ ويو هُيس ،شام جو موٽيس ته ماساتِ اکين مان لڙڪ لاڙي، قِصو ٻڌايو هيو. تنهن ڏينهن مائٽن جي اهڙي اٻهري فيصلي تي ڏاڍو ڏک ٿيوهيم، ڌيءَکي ڄائي هفتو ئي مَس ته ٿيو هيوجو اَڻ ڏِٺل جي نانءِ ٿي وئي هئي .!! هي ڪهڙو انصاف آهي؟. جيئن ته اڳ۾ به عرض ڪري آيو آهيان، ته ماساتِ مون کان عمر ۾ اٺ سال وڏي هئي۽ ڪافي سمجهدار به هُئي. مون کي انسان بڻايو هُيائين سو مون کي ملول ڏسي کاٻي ٻانهن پنهنجي مُنهن تي ڦيري، لُڙڪ اُگهي، يڪدم چيائين.ماسات، اهو پنهنجن وڏن جو فيصلو آهي ،پاڻ کي هر حالت ۾ آمين چوڻو پوندو، آئون ته ڏاڍي خوش آهيان. لُڙڪ ته خوشيءَ ۾ آيا اٿم. تون به بابا کي ڪجهه نه چَئجانءِ. اُنهيءَ ويل پڪ سان سمجهيو هيم، ته هُن جي اندر ۾ اُڌما هئا. اصل ڪَڙهِي پَئي ڪڙهي، پر وڏڙن جي احترام ۽ گڏيل ڪٽنب جي ڀَلي خاطر، وڏڙن جو فيصلو تسليم ڪري ويٺي هُئي.
    ڳوٺ وارن کي اسان سميت جيتوڻيڪ زرعي سڌارن ۾ ڪجهه زمينون مليون هُيون، پر پُڇڙي جو واٽر هجڻ ڪري پاڻيءَ جي گهڻي کوٽ هوندي هئي، فصل اڌوگابرا پچندا هيا ۽ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب ڳوٺ جي رهاڪن جي مالي حالتن ۾ ڪو خاص ڦيرو ڪونه آيو هُيو . ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه هيا ، آڻيون چاڙهيون هُئي. اُنهيءَ زماني ۾ دلور اسٽاپ تي بجلي آئي هئي ۽ رائت مل جي پٽ پرمانند عرف پمونءَ واڻئي،بجليءَ تي هلندڙ اٽي پيهڻ جِي چڪي لڳائي هئي ، جيئن ته اها بجليءَ تي هلڻ واري چَڪي هئي . تن ڏينهين ماڻهو بجليءَ کي گھڻو ڪري پانور چوندا هيا . ڪڏهن ڪڏهن گرمين ۾ فجر جو امڙ کي جنڊ پيهندي پَگهر ۾ شَلُ ڏِسي دِل چوندي هُئي ، ته امڙ کي عذاب مان ڇڏايان ۽ چَڪيءَ تان اٽو پيهائي اچان .ڍڳي گاڏي جوٽڻ جو آسرو ڪونه هوندو هيو، ڇو جو ڍڳا گھڻو ڪري ٻنيءَ جي ڪمن ۾ قابو هوندا هُيا. تڏهن مَنوءَ ڪنڀار کان سوالي گڏهه وٺي، مڻ ڪڻڪ جو گڏهه جي پُٺن تي رَکِي ، دلور جي چَڪيءَ تان اٽو پيهائڻ ويندو هُيس. پيسائي جا پئسا کيسي ۾ ڪونه هوندا هُيا ،چَڪيءَ واري سيٺ پمونءَ مل، کي پِيسائيءَ ۾ اٽو ڪاٽڻ جو چئي ، هڪڙو روپيو روڪڙو به وٺندو هُيس .جنهن مان نکي بروهيءَ مرحوم جي هوٽل تي دود پَتِي چانهه پي خوش ٿيندو، گڏه تي اٽو لَڏي گهر موٽندو هُيس.ويندي وقت ته منوءَ ڪنڀار وارو گڏهُه فضيلت سان هلندو هُيو ، پر واپسيءَ ۾ گهَرَ جي تانگهه يا بُک سببان ڳوٺ کي ويجهو ٿيندي ئي، ٻَڌا ٽُپ ڏيئي ڊوڙڻ لڳندو هيو. آئون اٽو سنڀاليندي، سنڀاليندي ڪڏهن ڪڏهن، اٽي سوڌو پاڻ به وڃي هيٺ ڌوڙ ۾ڦهڪو ڪندو هُيس ۽گڏهه پُستيون هڻندو گهَرَ ڀڄي ويندو هُيو. پوءِ ڌُوڙ ۾ ڀڀوٽ ٿِي ،اٽو مٿي تي کڻي، اچي گهر پهچندو هُيس. اٽو،مِٽي۽ پگهر گڏجي منهنجي مُنهنَ جي اهڙي ته حالت ڪندا هيا جو وڃي ٿيا ست خير!!!.


    8

    چوندا آهن ته ڏُٻريءَ کي ڏُک به گهڻا هوندا آهن، سو خان محمد جي شاديءَ ۾ماساتِ جا مِٽَ آيا، ته هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ ترسِي پيا، هَئو مئو ٽريو ته بابا سان ڇِڪ ڇِڪان ڪيائون، چئي، تو پيٽ لکي ڏنو هيو، تنهنجي سَڱ ڏِيڻ جي زبان هُئي، سَڱ ٿيو ته ٻين کي ڏِنُئي، اها سنئين سڌي ۽ ديناداستي بي واجبي آهي، جيڪا اسان کان هرگز سَٺي ڪونه ٿيندي.ايئن ڇڪ ڇڪان شروع ٿي تان جو وڌندي وڌندي، دڙڪو ڏنائونس، چئي اسان پنهنجي ڇوڪري وٺي وڃي ٿا ويهاري ڇڏيون، اچجانءِ ته آڱوٺو ڏينداسونءِ. پهريائين اسان کي سڱ ڏيئي پوءِ وٺي وڃجانءِ.
    ماساتِ جي مائٽن جي اها ٻن ڏينهن جي رينگ رينگان، ماساتِ ڪَنڌُ هيٺ ڪَيون پَئي ٻُڌي. سا به ڪا مائٽن تي اندر ئي اندر ۾ڪڙهِي ويٺي هُئي، ۽ هيٺ ڪنڌ ڪيُون گھڙيءَ گھڙيءَ پئي پير جي آڱوٺي سان مٽي کوٽيائين، نيٺ تنگ ٿي، ڪَنڌ کَڻي پيءُ کي چيائين، اَبا او ابا، مون کي وِڪُيَوَ، ڍڳا ورتَو، ٽَڪا ورتوَ، اڃا به ڍوءَ نه ٿِيوَ. حيفُ هُجيوَ، جو اڃان به سکيو ٽڪر کائڻ ڪونه ٿا ڏيو. سو آئون نه اَڄ اوهان جي ڌيءَ نه سُڀاڻ به اوهان جي ڌيءَ. جيڏانهن جا آهيو تيڏانهن وَڃو.آئون نه اڄ هلانوَ نه صبحاڻ هلانوَ، منهنجو مرڻ جيئڻ هاڻ هتي ٿيندو، ۽ خدا کان دعا ٿي گھران ته هتان منهنجو جنازو ئي نڪري. ماسات جي ايڏي وڏي همت ڏسي اسان جا ته وات پٽجي ئي ويا هيا، ايڏي همت !!! بلي.!!!
    ۽ پوءِ ماساتِ جيڪي چيو سو ڪري به ڏيکاريائين، ورهيه گذريا، سندس مائٽن ۾ڪيترائي مرڻا ٿيا، ڪيترائي پرڻا ٿيا، ته به اک ۾ ڳوڙهو ڪونه آيس. نه ئي وري اباڻي وطن جي سِڪَ سَتايُس. جڏهن پرڻجي آئي هُئي ته ويڳو ڀاءُ ابراهيم، ٻن ٽن ورهين جو هوندو هيو، سو جوان ٿيو. لاکي جو ڳوٺ ڦِٽو، ته سٺ ميل تان لڏي شهدادپور آيا، پر ماساتِ پنهنجو وچن قائم رکيو آئي.ابراهيم جوان ٿي، ويڳيءَ ڀيڻ جي سِڪ ۾ پُڇائيندو آيو. ٻارهين ميل تي آيو ۽ اچي منهنجي پُڇا ڪيائين.آئون سامهون ويٺو هيس، ٻُڌان ويٺو، ڏِسان ويٺو، اڳلي پُڇيس، جنهن جو پڇين ٿو اُن کي سُڃاڻين به ٿو يا نه؟
    وراڻيائين، اٿم ته ڀيڻ جو مُڙس پر کيس ڏِٺو ڪڏهن به ڪونه اٿم پوءِ ڇِڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو مانس. ڀيڻس وٽ آندم، چئي هيءُ ڇوڪروڪير آهي، جنهن کي گهر ۾ وٺي آيو آهين؟ جڏهن ٻُڌايو مانس ته ڀاءُ اٿئي ابراهيم.!! ته جهِڄي پئِي. ورهين پُڄاڻان ويڳي ڀاءُ سان مِلي، ته ٻنهي جون اکيون ڀِنيون ڏاڍو رُنا. اُن وچ ۾ عيد براد تي ماساتِ جو بابو پيو ڀيروڪندو هيو. گهڻا ورهيه پوءِ جڏهن ڏُک ڏور ڀڄي ويا، ۽ سُک آيا، ته هڪ ڏينهن گاڏيءَ کي مختلف روڊن تان گهمائي ڦيرائي، لاکي جي ڦِٽل ڳوٺ ويجهو وڃي گاڏي بيهاريم. ماساتِ کي چَيم گاڏيءَ مان لَههُ، لَٿِي ته چَيومانس، يادُ ڪَرَ هيءُ علائقو، هي وڻ ٽڻ اڳي ڪڏهن ڏٺا اٿئه؟ ؟ اونهي سوچ ۾ پئجي وئِي هيڏي هوڏي نهاري، وڻن ٽڻن ڏي ڏِسي، نِوِڙِي مِٽيءَ جي لَپَ ڀري سُنگهيائين. مِٽي سُنگهندي ئي اکين مان ايندڙ لُڙڪ اُگهي چيائين ماسات ڳوٺ جي سُڃ ۽ ويراني ڏسي، پهرين ته پڪ ئي ڪانه پئي بيٺم ته هي جنم جي جاءِ اٿم، پر هِتي جي مِٽيءَ مان اَمڙ جي هڏڙن جي خوشبوءِ سُنگهي پڪ ڪَيم ته هيءُ اُهو ئي ڦِٽل ڳوٺ آهي، جِتي ڄايس، نِپيَسِ، گُڏڙين سان رانديون کيڏِي وڏِي ٿيس، زندگيءَ جا ويهه سال گذاري تنهنجي پَناري پِيس.
    تنهن زماني ۾بابا کي گوڏن ۾ شديد وائِي سور ٿيندو هُيو.سور به اصل اهڙو جورڙو رڙ پئي پوندي هيس ۽ گهر جا سمورا ڀاتي مٿس ويهي رات گذاريندا هياسين. هڪڙي ڀيري پاڻيءَ جي واري جي رات جو کيس گوڏن سان گڏ ٽنگن جي بُڪين ۾ به اچي سور پيو. سور به اهڙو جو مڙس وَٽَ پئي کاڌا. تان جو اوچتو بابا کي پاڻيءَ جي واري جو سڏ ٿيو هيو. ان رات سُور جي شِدت ۾ بابا ڦٿڪندي به اٿيو، ۽ اُنهيءَ حالت ۾ به لَٺ جي ٽيڪ تي اُٿي ڪوڏر کنيائين.ان وقت مون ۾ الائي ڪٿان همت آئي هئي، اڳتي وڌي، بابا کان ڪوڏر وٺندي چيم نه بابا بَسَ، هاڻي گهڻو ٿيو، آئون ٻني ڪندُس، پاڻي ورائيندس، توهان آرام ڪَريو.
    تن ڏينهين صفا ڊِڄڻو ۽ گيدِي هُجان.رات جو کَٽَ تان به نه لَهان، هوا جي سُوسٽ تي به ڊڄي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيريان رڳو جنن ڀوتن جي ڀئوَ کان. پرانهيءَ رات الائي ڪٿان دليري آئي هيم، همت ڪري پاڻيءَ جي واري تي هليو ويو هيس.سڄي رات ٻنيءَ ۾ هيڪلي سر پاڻي ورايم، نه ڊپ ٿيونه ڊاءُ. جڏهن تاري اُڀرئي مهل ٻنيءَ ۾ بيٺل ٻن دُنبن ٻَٻُرن جي هيٺان آيس، ته منهنجي پيرن جي کڙڪي تي مٿي ٻٻرن تي ويٺل، ٻه چار ننڊاکرا ڳيرا، ڇرڪَ ڀري، ڀڙڪو کائي اُڏاڻا. ڳيرن جي اڏامڻ جو ڀڙڪو ايترو ته اوچتو ۽ اڻ سوچيو ٿيو، جو تن بدن مان دُرڙيون نڪري ويون، ٿورو ٿوروسيئانڊو ٿيو، سڄي جسم جا وار اُڀا ٿي ويا، هلڪي ڏڪڻِي به ٿي. پهريائين ته ڳيرن جي خبرئي نه پئي، ڀانيم الائي ڪهڙي بلا هئي؟ ڪو جن هيو يا ڀوت هيو. پر پوءِ اندازو ڪري ويس ته اهي ننڊاکرا ڳيرا هيا، جن منهنجو هينئون ٿي ڦاڙيو.
    پوءِ به ٻنيءَ کي مڙسان مڙسي پاڻي ڏيندو ۽ هلندو رهيس، فجر ڌاري جڏهن مُلي ابراهيم، اسان واري ڪچي مسيت مان ٻانگ ڏني هئي، ته بابا، لَٺِ جي ٽيڪ تي ٿِڙندو ٿَاٻڙندو مون لاءِ چانهه جي ڪٽلي کڻي آيو هيو، منهنجي ڊڄڻ جي عادت سبب پريان کان ئي هَڪَل ڪئي هيائين ته ابا راتِ جو ڊِنين ته ڪونه؟ وڏي زور سان اُتان ئي وراڻيو هيم، نه ابا نه، ٺُپ ڪونه ڊنو آهيان. بابا ويجهو پُهتو ته ڳراٽڙي پاتي هيائين، جسم کي هٿ لڳندي ئي چيائين، اڙي توکي ته تپ جا آڙاهه آهِن، آڙاھ، ٻَرِين پيو ٻَريِن. بس هاڻي هَلُ گهر، آئون پاڻهي پاڻِيءَ جا آواندا ڊگها ڪري، گهر ٿو اچان. ايئن انهيءَ فجر جو تپ ۾ هُڙڪندو گهر آيو هيس، امڙ ۽ ماسات ِ، سوَڙيِن جي ڀَريِ مٿان سَٿِي هئي، ته به سيءُ ڪونه لٿو هيو، تڏهن ڪي ڊاڪٽر ته اوڙي پاڙي ۾ سُجهندا ئي ڪونه هيا، ان ڪري سِجُ اُڀريو ته ماڻهو ڊوڙايائُون، ڪيرين جي ڳوٺ مُلي لقمان ڏي تعويذ لاءِ. مُلي لقمان، تعويذ ڏيندي، چيوته، همراهه کي ديوَ جي جهڙپ اچي وئي آهي. تڏهن پڪ ٿيم ۽ دل ۾ به سوچيم، راتوڪو ڀَڙِڪو ڀانءِ ديوَ ئي ڪيو هو.
    اهو تپ ته الائي تعويذ سان لٿو يا پاڻهي لٿو هيو، پر ان واقعي ۽ ديو جي جهڙپ جي ڪجھ ڏينهن بعد، تعويذن جو هڪڙو ڪِتاب ورتم. اُن ۾رات جو ڊڄڻ وران لاءِ تعويذ ڳوليم. هڪ هنڌ لِکيل هُيو، جيڪو ماڻهو رات جو ڊڄندو هُجي، اُن کي هيءُ تعويذ ٺاهي، ڪنڌ ۾ ائين پارائجي، جو دل جي مٿان لَڙڪندو هُجيس، ته اهو ڪڏهن به نه ڊڄندو. پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تعويذ لکيم، امڙ کان اَڳڙيءَ ۾ پوئائي، سُٽ جي ڪاري ڌاڳي ۾ سبائي ڪَنڌ ۾ پاتم، ته دلير ٿي ويس. ڊپ ڊاءُ سڀ ڪافور ٿي ويا هيا. پاڻيءَ جو اڳلو وارو، ٻيو وارو، ٽيون وارو، ڊپ نه ڊاءُ، صفا شينهن ٿي پيس، مِٽَ مائٽ حيران هجن ته هي ڇا ٿيو؟ ڊڄڻو مُڙس دليرڪيئن ٿيو؟ تعويذ جي ڳالھ ڪنهن کي ڪونه ٻُڌائي هيم، اصُل ۾ هيو ايئن جو ڊڄندو ته اڃان به ڏاڍو هُيس، پر بابا جي تڪليف سَٺِي ڪونه ٿيندي هئي.اُن ڪري ڳالھ ڪنهن سان ڪونه ڪندو هيس.
    ايئن آهستي آهستي، بابا جون دُعائون کَٽڻ لاءِ تعليم ڇڏي پڪو هاري ٿي پِيُس. تن ڏينهين ٻه طرفي ٻني پوکيندا هُجون، پنهنجيءَ الاٽ ۾ پنج ڇهه ايڪڙ، حاجي محمد حسن راڄڙ وٽ هارپي تي ٻن جوڙن جي ٻني. ٻئي جوڙي تي جان محمد هوندو هيو، تنِ ڏينهينِ، گهرَ گهَرِ ۾ ڏاندن جا جوڙا هوندا هُيا. جنهن جي به گهَر ۾ ڏاند نه هوندا هيا ته اُهو گهرئي نڀاڳو چئبوهيو. جنهن هاريءَ جا ڏاند اَڀرا هوندا تنهن لاءِ به چوندا هُيا ته ادا، جيڪو گگدامن کي بُکيو رکي، سو ڪڏهن به نه سُڌري. اسان جي ڳوٺ ۾ چالهياروکن ڏاندن جا جوڙا هوندا هُيا. جوڙن جا سلهٽَ ٿيندا هئا، اَڀرن سَڀرن هارين کي ٽيڪو ڏِبو هيو، وڏيون وڏيون ڇيڙُون ٿينديون هيون، ٻَنين مان سُڪيءَ جا پنج ڇهه هَرَ نڪرندا هيا وٽوهڙ سان ڀتر ڀڃبا هيا۽ پوءِ وري ڏاندن جون ڪِيڻون لڳنديون.
    هڪڙو قصو گهڻا ڏينهن اڳي لکيو هيم ته ابي جي گوڏن جي وائي سور جي ڪري هڪڙيءَ رات دل جهلي ڪوڏر ڪلهي تي کڻي پاڻيءَ جي واري تي ويو هيس ۽ پوءِ ٻٻر هيٺان وڃي بيهڻ تي ننڊاکرن ڳيرن جي ڀڙڪو کائي اڏامڻ واري ڊپ ۾ سيئو تپ چڙهي ويو هيم.اهو قصو رهيو اتي، تپ لٿو ته بسم لله ڪري ابي سان ڪيل وعدي موجب پڙهڻ ڇڏي وڃي هارپي ۾ هٿ وڌو هيم. هونئن به هيُاسي ته جدي پُشتي هاري هاريءَ جا پُٽ. پر خبر اها به ڪانه هيم ته هر هڪلڻ لاءِ ڍڳن جي ڪلهي ۾ پوندڙ پاڃاري ابتي ڪيئن آ ته سُبتي ڪيئن آ. تروٽ ڪهڙي اٿس ته ٿَنڀري ڪهڙي، ڏورڻو ڪٿان پوندو ته ناڙو ڪٿي وجهبو.پهرئين ڏينهن ئي ابتي پاڃاري ڍڳن جي ڪنڌ ۾ وجهندي ابي ڏسي ورتو ته کِل ۾ ويڙهجي ويو هيو. پوءِ هن مونکي پاڃاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺين جا نالا ياد ڪرايا، ڍڳن جي ڪلهن ۾ پاڃاري وجهي ڏورڻا ڀِچائڻ سيکاريا، پوءِ هر کڻي، پاڃاريءَ ۾ ڪاڪي ڀاروءَ جي ٺاهي ڏنل چمڙي جي ناڙي کي عجيب طريقي سان وڪڙ ڏئي هر جي هرِنهن ۾ انهيءَ کي ناڙي کي وڪڙي ڪُڪُري ڦاسائي هئي. پوءِ آندرو ڍڳي جي سِير( نڪ ۾ نٿيل رسو) وٺي هر جي هنڊل جي مُٺئي ۾ ٻڌي هيائين ۽ پوءِ سنهڙو پائڻو( ڪچڙو لڪڻ) هٿ ۾ وجهي بسم الله پڙهي ڍڳن کي هڪلي، جاٽ هنئي هيائين. مونکي به هر جي مُٺئي ۾ هٿ وجهڻ جو چيو هيائين. ٻن ٽن گهمرن تائين ته جهڙو هر ۽ ڍڳن جي پويان گهلبو ويس ۽ نيٺ ابي کي چيم ته هاڻ آئون پاڻهي هر هلائيندس، پوءِ هر مان هٿ ڪڍندي هدايت ڪئي هيائين ته خيال ڪجانءِ هر ٿورو ماٺو اٿئي ۽ ڦار به نئون ٺپيل آ متان هڻي ڍڳو نه ڪو وڍي وجهين. بس ايئن بسم الله ٿي، پوءِ ڍڳن جي ڪيڻ هڻڻ سيکاريائين، ها سچي هڪڙي ڀيري ٻه جوڙو سانهر پئي ٻجائيءَ واريءَ ٻنيءَ کي هنيوسون ۽ ٻئي ڄڻا سانهر تي چڙهيل هياسون، ابي ڀانيو هيو ته هاڻ آئون ڪاريگر ٿي ويو هوندس سو رسي جي ڪائي جَهل منهنجي هٿ ۾ ڪانه ڏني هيائين، ٻني تان جو لوڏو آيو، سانهر ٿِڙيو ته ڌُو اميرو ٻوٿ ڀر ٻنيءَ ۾، ۽ سانهر پُٺن تان وهي ويو. هلڪيون سلڪيون روڙون آيون، ڪپڙا ته ڇنڊيم الائي نه پر ٻوٿ تي هٿڙو ڦيري وري به ڊوڙي وڃي ڍڳن جون سيرون جهلي سانهر تي چڙهيس.بس پوءِ سال کن اندر اهڙو پڪو هاري ٿي ويس، جو ٻنيءَ ٻاري جو هرڪم ڪار گهڻن جڏن هارين کان الاهي ڀلو ڪندو هيس ٻيو ته ٺهيو پر کاٽيءَ ٻاٽيءَ ۾ ڪانو به گهڻن کان اڳي کوٽي ويندو هيس. پر اهو سمورو سلسلو هليو رڳو هڪڙو سال.
    سو ڳالھ اها ڪرڻي هئي ته منهنجو درويش ابا، جنهن تي مائٽن کارو نالو رکيو هيو ”اَڪُ “. جيڪو اڳتي هلي سڏاڻو ”اڪو“. ۽ وقت جيئن جيئن ڦرندو ويو، تيئن ابي جو نانءُ به ڦرندو ٿيو ”اڪبر“. ۽ هاڻ هن جهان کي ڇڏئي جي به ٽيهارو ورهيه پوءِ خلق جا کوڙ ماڻهو ٿا سڏينس مرحوم” رئيس غلام اڪبر شر “. تنهن مسڪين هيڏا وڏا ڏُک ڏسي ۽ پاهوڙين سان خلقن جي مال جي وٿاڻن جا ڇيڻا ٻُهاري پنهنجي هيکلي پُٽ کي پڙهايو، نه رڳو سرٽيفڪيٽن ۽ ڊگرين لاءِ ۽ نه ئي نوڪرين لاءِ پر جيڪر چئجي ته ماڻهپي لاءِ پڙهائي باقاعدي ماڻهو ٺاهيو. سو ابواڪبر اٿندي ويهندي رب سائينءَ کان هڪڙي دعا گهرندو هيو ته” اي منهنجا پرودگار پنهنجيءَ هلنديءَ هلائجانءِ، جڳ جي محتاجيءَ کان بچائجانءِ“. پڇندو هيو مانس ته ابا انهيءَ دعا جو وري ڪهڙو مطلب آهي ته چوندو هيو” اميرا پُٽ هاڻ اهي زمانا ناهن رهيا جو جواڻ مڙس، کٽن تي پيل مَڙهن مائٽن جون چاڪريون ڪن. جيتوڻيڪ تون منهنجو هيکلو پُٽ آهين پر پوءِ به رب کان دعا اها ٿو گهران ته مونکي پنهنجيءَ هلنديءَ هلائي ۽ ڪارن وارن ۽ اڇن ڏندن هوندي پاڻ ڏي گهرائي وٺي. جيئن پيريءَ ۾ توتي به ڪو بار نه ٿيان.“ ۽ پوءِ سچ به سندس دعا اگهاڻي ۽ اڄ کان ٽيهارو ورهيه اڳي منهنجو استاد، منهنجو رهبر، منهنجوسڀوڪجھ، منهجو ابو اڪبر، هن ئي مهيني ۾ ويٺي ويٺي، مون کان موڪلائي اهڙي پار اُڏاڻو جتان اڄ تائين ڪو ناهي موٽيو ۽ نه ئي وري موٽندو.
    هاڻ زمانو الاهي بدلجي ويو آهي، ابي جي ساٿارين مان ڪي ڪي اڃان به جيئن پيا، پر جي چئون ته جيئن ڪهڙو مڙوئي تڳن پيا، ساھ جي ڏور اٿن سا نٿي ٽُٽِين باقي قصو پورو اٿن ۽ انهن جي اولاد آڏو محتاجيءَ جي حالت ڏسي، وري ابي اڪبر جي انهيءَ اگهاڻل دعا کي ياد ڪري ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو اٿم. ۽ سوچيندو آهيان ته ڪهڙي خبر ته جي اڄ ابو حياتيءَ هجي ها ۽ مان ضعيفيءَ ۾ هُن جي ايتري خدمت نه ڪري سگهان ها، جيترا هن جا مون تي احسان هيا ۽ هو مون کان لهڻيندو هيو. ته پوءِ جهڙوڪر پڙهيو نه پر ڪَڙهيو هيس.

    تن ڏينهين، بابا جي، جانو بروهي جي ڳوٺ جي بروهين سان دوستي تمام گھاٽي هوندي هُئي. اويل سويل ٻنيءَ جي ڪم جي سوڙھ سڪوڙ ۾ ۾ بروهين جي جوڙن کي وَنگارُوڪري گهُرائيندو هيو. اسان جي ڳوٺن جي آس پاس بروهين جا ڳچ جيترا ڳوٺ آباد هيا ۽ اڄ تائين به آهن. سندن پاڙا ته محمد حسني، پانيزئي، زهري، پندراڻي سميت ٻيا ڪيترا ئي آهن، پر هڪ ٻئي جي پاڙن تي عجيب نالا، پاڻ ئي رکيا هيائون، جن سان اڄ به هڪ ٻئي کي سڏيندا اچن. مثال طور گومبڙا، گدڙ ۽ بگهڙ وغيرھ. سو بابا جي دوستي گومبڙن بروهين سان هئي. آئون نئون، نئون هاري ٿيو هُجان، اصل اهڙو جو هر کيڙيندي سُٿڻ جا ور کُنجڻ به ڪونه پيا اچنم. هڪڙي ڀيري بابا الاهي سارن جوڙن جي ڇيڙ ڪئي هئي، ڳوٺ جي جوڙن کان سواءِ، ڏهاڪو کن جوڙا ٻيا به آيا هيا. سي سڀئي گومبڙن بروهين جا هُجن. بروهي صفا ڪَٽ مست، سَگها۽ صفا چريا هجن، نه سمجهن نه سُڻن. جيڪي مُنهن ۾ اچين، اوڏانهن الله توهار ڪريو ڏين. سڀئي ڀلن ڍڳن سان هُجن. ڪي منهنجي جوڙي جي اڳيان ته ڪي پُٺيان ٿيا ۽ ڪئي سون، هرن کيڙڻ جي بسم الله. هلندي هلندي اڳين همراھن کي جُوجِڪي چڙهي ته وَٺِيو ڏاند ڀَڄائينِ، جيسين آئون سُٿڻ جا وَر کڻي، پوءِ منهنجي ڏاندن کي پائڻي جون چُنگون ڏئي تِکو ڪريان ئي ڪريان، تيسين بروهين جا پويان جوڙا به پاسو ڏَيو نِڪريو وڃن ۽ اڳيان جوڙا به وراڻو واپس وَرِيو اچن. انهيءَ ڇِڪ ڇِڪان ۾ هڪڙيءَ ويل پوئين جوڙي جا ڏاند منهنجي مٿان چڙهيِ آيا ۽ٻاهروءَ ڏاند جا سِڱ جڏهن اچي منهنجي پُٺن ۾ لڳا، ته هَرَ جي مُٺئي مان هٿ ڪڍي وٺي ڀڳسُ. هَرَ ۾ ڦارُ هُجي تهدر نئون چڙهيل، سو منهنجي آندرُو مليري ڍڳي جي پير ۾ کُپي ويو. ڍڳي جي پير ۾وڏو گهاءَ ٿي پيو۽ ڏاڍي رَتُ هلي، آئون، بابي جي دڙڪن جي ڊپ کان ڏاڍورُنس. چريا بروهي بجاءِ افسوس ڪرڻ جي ۽ دلداري ڏيڻ جي، اٽلو مون تي ڏاڍوکِليا هيا، هي هي هي هي هي هي!!!!. جڏهن بابو ٻنيءَ تي ماني کڻي آيو هيو ته مون کي ڪجهه ڪونه چيو هيائين. ان سال، باقي فصل ٽن ڏاندن تي، چوٿون ڏاند ڪڏهن هُن کان ڪڏهن هِن کان وٺي، جيئن تيئن ڪري پوکيو هيوسين. پير وڍيل ڏاند ٻن مهينن تائين مس وڃي ٺيڪ ٿيو هيو.پوءِ به اڳيون فَلڪون ڪونه رهيس.
    تن ڏينهين حاجي محمد حسن راڄڙ، مير ٺاري خان کان سئو ايڪڙ زمين خريد ڪئي هُئي، ٿيو هينئن هو جو جڏهن مير ٺارو خان، الاٽين سان لَٺِ ڌُڪي ۾ نه کَٽيو، ته ڪورٽن ۾ ويو. راڄڙ کي زمين وڪڻي اسان الاٽين تي۽ ڀٽي جي سرڪار تي ڪيس ڪيا هُيائين هاءِ ڪورٽ سميت الائي ڪهڙين ڪهڙين ڪورٽن ۾.اهي ڪيس پوءِ به الائي ڪيترا سال هلندا رهيا، مير صاحب صفا سادو، سڌو ۽ ايماندار ماڻهو هوندو هيو، ڪوڙ ڳالھائي ڪونه سگھندو هيو، وڪيل ڪيڏو به سيکاري بيهارين، پر همراھ ججن جي سامهون به نج نبار سچ چئي ڇڏيندو هيو.اٽلو چوندو هيو ته ايئن آهي ته ڪونه، پر مونکي وڪيل سيکاريو آهي، ته جج صاحب جي آڏو ايئن چئجانءِ.هڪڙي ڀيري ڪورٽ جو سڏ ٿيو، اسان اَٺ هاري ۽ نائون مير صاحب، پيش ٿياسون. جج پڇيو، بابا اوهان مان مير صاحب ڪهڙو آهي؟ ؟ مير صاحب ڇاتي ٺوڪي چيو، جج صاحب ! پراڻن ڪپڙن ۽ سادگيءَ ڏي نه ڏِسُ، ميرُ آئون آهيان، هي حرامي ته ڪپڙا به ڪنهن ڌوٻيءَ کان مسواڙ جا وٺي پائي آيا آهن.
    ان زماني ۾ حاجي محمد حسن راڄڙ کي ڇن ۾ ڪيلا پوکڻ جو شوق ٿيو، الائي ڪٿان ڪيلي جي ٿُڙين جي ٽريڪٽر ٽرالي ڀرجي آئي هئي، سڀ هاري سڏيائين، چئي ڇيڙ ۾ ڪيلا پوکايو، اها اپريل مهيني جي پڇاڙي هُئي، جيئن جيئن ڏينهن تتو ته لُڪ ساڙڻ لڳي، مَٿو اگهاڙو، پير اگهاڙا، گنجي ۽ گوڏ ۾ ڪيلي جو ٿُڙيون ڍوئيندي، منهنجي اڇي چمڙي، جهولي جي سٽ نه سهي سگهي، ته تپ اچي ويو. اصل آڙاهه هجن، هُڙڪان پيو.حاجي صاحب ۽ ملوڪ راڄڙ جو والد ولي محمد مرحوم، مٿان بيٺا هُجن. هڪل ڪيائون ڇوڪرا، ڍَرو نه ٿيءُ، ٿَڪو آهين ڇا؟
    وراڻيم، سائين بُخار اچي ويو اٿم.حاجي صاحب وَڌِي ٻانهن کي هٿ لائي ڏٺو، ۽ پوءِ زور سان چيائين، اڙي يار هيڏو تپ.!!!. پوءِ زور سان کِليو، ٽهڪ ڏيندي بابي کي چيائين، اَڪُو، تنهنجي هن ڳاڙهي پُٽ کان ٻنيءَ جو ڪم ڪٿي ٿو ٿئي يار؟ ڏس ته سهي تپ ڪيڏو آيو اٿس. تڏهن اڄڪلھ جيان کِرين تي ووئنڻ پوکڻ جو رواج ڪونه هوندو هيو، ووئڻن جون ناڙيون ٿينديون هُيون. تَڪن جا تَڪ ريج ٿيندا هيا، ٻِجائيءَ ۾ ڍڳن جا ٻه ٻه هر، سائيءَ جا نڪرندا هئا، پوءِ سُهاڳو ڏبو هيو، جنهن کي ڪي سانهر ته وري سانهور به چوندا هيا. ٻنيءَ کي ڍَڪي پوءِ، اڳليءَ رات جو ڪڪڙاپُسائبا هيا، ورندي ڏينهن تاري اُڀرئي ڪڪڙن جي ٻوريءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڪنهن اڌوڀر تي رکبو هيو ته جيئن انهيءَ مان پاڻي ڳَڙِي نڪري وڃي، پوءِ انهن پُسيل ڪڪڙن کي مٽيءَ سان مَلي ڪڻو ڪڻو الڳ ڪبو هيو، ۽ پوءِ ناڙي ڪَبي هئي، اهي هميشھ جهولن جا ڏينهن هوندا هُيا، ٻنيءَ جي ريج کڻڻ جو ڀَئوهوندو هيو. هوڏانهن ٽاڪ منجهند جو ڪڻڪ جي هلر ٻَڌڻ لاءِ به ڪمدارن جي ڇِڪ ڇِڪان هوندي هئي.ته وري ووئنڻن جي ناڙيءَ جي به اُون هوندي هئي.
    ٻِجائيءَ جي ڏينهن ۾ اسين تاري اُڀرئي اُٿي ڏاندن تي پاڃاري وجهندا هُياسين، پاڃاريءَ تان ياد آيم ته هاڻ ته اڄڪلھ جي جواڻ مُڙسن کي، هر، پاڃاري، ناڙو، ڪُڪري، ڪلي، ڦار، هنڊل، هرينهن، ڏورڻو، تروٽ کان وٺي ٻنيءَ ۾ ڪم ايندڙ جملي اوزارن جا نالا اوپرا ۽ نوان لڳندا هوندا، يا ته ايندڙ وقت ۾ اُهي کين ڪنهن عجائب گهر ۾ ڏسي حيرت مان پنهنجن مائٽن کان ايئن پُڇندا جيئن منهنجي پُٽڙن، ڍڳن جو جوڙو ڏِسي، مون کان پڇيو هيو ته بابا اهي مينهون ڪيڏيون نه متاريون آهن. سو ڳالھ پئي هلي تاري اُڀرئي هر ٻڌڻ جي، پوءِ اسين ٻارهين ڌاري هَر کولي، ڏاندن کي گاهه جي مُٺ ڏئي، ساهي کڻندا هيا سين. ڪلاڪ کن بعد، ڪو وڃي هَلرَ ٻڌندو هُيو ته ڪو ناڙي ڪندو هيو.
    ياد ٿواچيم، پهرئين سال هارپي واري ڪڻڪ جي وَنڊي ملي هئي. ڪڻڪ جون اڍائي مڻ وزن جون ٻوريون يڪي سر ڪُلهي تي کڻي ڍڳي گاڏيءَ ۾ سَٿيم ۽ لاَٿم ته ڪُلهي جي چمڙيءَ مان رَوڙ اچڻ سان ٿورڙو رَتُ سِميو هيو، رت ۽ پگهر پاڻ ۾ مِليا هيا ته ڪُلهوڏاڍو ٽِچڪيو هيو، پر سموري سال جو وروءُ هڪڙيءَ جاءِ تي ملڻ جي خوشيءَ ۾ هلڪو ڦلڪو سور پيٽاري ويو هيس.
    هڪ ڀيري فجر جو پيرين اگهاڙي هرَ وهندي، گپ ۽ مٽي پيرن جي ترين تي ايتري ته ٿڦجي وئي هئي جو يادگيرو ئي ڪونه رهيو هيو ته پير اگهاڙا اٿم، يا ڪا جتي پاتل به اٿم. اوچتو هر جي ڦار ۾ ڪو ڇٻر جو ٻُٿو اچي ڦاٿو هيو.ڇٻر جي انهيءَ ٻُٿي کي ڪڍڻ لاءِ هَر جي ڪَن تي پير جي تِري رکي، انهيءَ جو زور ڏنو هيم، جيئن هميشھ ڪندا هياسون. پر اڄ ته پير اگهاڙا هيا. هوڏانهن هر جو ڪَنُ به گَسي گَسي ڪاتيءَ جهڙو تکو ٿي ويو هُيو، پير ۾ ڪاتيءَ جيان کُپي ويو، ڏائي پير جي تِري ائين چيرجي وَئي جِيئن مهاڻو مَڇيءَ کي چِيري. وڃي ڊاڪٽرن ڀيڙو ٿيو هيس، سڄا سارا اَٺ ٽانڪا لڳا هيا. مهينو کن کٽ تي پيو رهُيس. ها سچ ان زماني ۾ کاٽيءَ جون مشينون ڪونه آيون هيون، بُکن جا ماريل ويچارا هاري ڪوڏرن سان کاٽي کڻندا هيا. آئون جڏهن پهريون ڀيرو دوسي جي کاٽيءَ تي وِيو هيس، ته ماڻهو بابا تي پيا کِلن. گهڙيءَ گهڙيءَ پيا چونس، اَڪُو، هِن لاسڙاٽ ڇوڪري کان ڪٿي ٿو دوسي جو ڪانو کوٽجي.!! ۽ جڏهن سڀني سان گَڏُ پنهنجي حصي جو ڪانو کوٽيم. پَرَ ياد اٿم ته گهڻن جڏن هارين کان اڳ ۾ کوٽيو هيم، ته واه واه ٿي وئي هئي. ايئن هڪڙي ڀيري واٽر جي کاٽيءَ ۾ به ڪوڏر ٿِڙي اچي ڏائي پير ۾ لڳي هئي، ٻه ٽي انچ اندر لَهي وئي هئي، کوڙ سارا ڏينهن ڦَٽُ هيو.اڄ جڏهن اولاد کي پنهنجي پيرن تي اُهي ڦٽن جا نشان ڏيکاريندو آهيان، ته حيرت ٿيندي اٿن ۽ يقين ئي ڪونه ايندو اٿن ته مون ڪو هارپو ڪيو هوندو يا هيڏا سور سَٺا هوندا.هڪڙي ڀيري واٽر جي کاٽي کڻندي مرحوم خدابخش شر، رستي تان لانگهائو ٿيو هيو، بابا کي چيو هيائين، ماما، هِن کي ڪٿي قاضي يا مُنشي ئي ڪَرِ، ڪنهن وڏيري وٽ. ڪنهن سيٺ وٽ دُڪان تي ئي بيهار، ائين ته نه مارينس. بابا ٿڌو شوڪارو ڀري ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئي.
    تن ڏينهين، مير ٺاري خان کي وري جُوجڪي چڙهي۽ حاجي محمد حسن راڄڙ کي ياد ڏياريو هيائين، ته توهان کي ٻني ئي انهيءَ شرط تي وِڪي هُيم، ته الاٽين کي هارپو ڪونه ڏيندئو. پر اوهان وعدي جي خلافي ڪري الاٽي هارين کي هارپو ڏنو آهي. جيتوڻيڪ هاڻ مير صاحب ڪيترو به ڪاوڙجي ها پر ڏُڌل کير ٿڻين ڪونه پوي ها. پرحاجي محمد حسن کي به ڀانيان ٿو ته مڙوئي بهانو کپندو هيو. سو ٻين سان گڏ ٺوڪي بابا کي به هارپي جو جواب ڏنو هيائين. تن ڏينهين اسان جو گڏيل عيال وڏو هُجي، الاٽ جي پنجن ڇهن ايڪڙن مان گذارو ڏکيو بنهي ٿِي پيو هيو، تڏهن ڪنهن مزدوريءَ لاءِ جهوتون ڏيڻ لڳو هيس. ٺيڪ تن ڏينهين ڀُٽي صاحب جي عوامي حُڪومت، قومي اسيمبليءَ ۾ پير غلام رسول شاھ جيلانيءَ جي پيش ڪيل رٿ کي مانُ ڏيندي، ايئرپورٽ جي پهرين تجويز رد ڪري، اوڀر بجاءِ، مين روڊ جي اولھ طرف پينگهاري جِي ڊِٻَ واري سرڪاري زمين طرف ايئر پورٽ ٺاهڻ جي رِٿَ رِٿي ۽ عمل ۾ به آندي. تڏهن اسان اوڀرندينءَ ڀَرِ جي ڳوٺاڻن سُک جوساهه کنيو هيو ۽ ڀُٽي صاحب کي جام دعائون ڪيون هيون. ايئرپورٽ جو ڪَم شروع ٿيو، ته جهڙوڪراسان غريبن جي روزي کُلي پئي هئي. تڏهن نه هوندا هُيا، ڊوزر نه ڊمپر، واريءَ جي وڏين ڀِٽُن جي مِٽي، مزدورن هٿان ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ڪڍڻي هُوندي هئي، اهڙي مزدوري کُلي ته ڏاڍا خوش ٿياسين، اسان جي ڳوٺ جي اٺن ڄڻن گڏجي مزدورن جو ٽولو ٺاهيو هيو، بيلچا ورتا هيا، ٽريڪٽر ٽراليءَ واري سان مزدوريءَ جو حساب ڪتاب طئي ٿيو.اسين رات جي ماني کائي وڃيو ٽريڪٽر تي چڙهندا هياسون. سڄي رات بيلچا هڻِي، مُلي جي ٻانگ مهل وَرُندا هياسون. جيتوڻيڪ واري ڍوئي ڍوئي بدن جي رونءَ رونءَ ۾ واري ڀرجي ويندي هئي، نڪ جي ناڦاڙن ۾ آڪسيجن سان گڏ واري ڌُوڙيا ڪندي ويندي هئي. پر پوءِ به ٽيهارو روپيه روزانو ڪَمايو اچون، ته وڏا سُک به ٿي پيا، روز جي ايندڙ پئسي گهڻين ڳڻتين مان آجو ڪري وِڌو هيو. گڏوگڏ راتين جي اوجاڳن ۽ بيلچن هَڏ گڏُ ٿڪائي وِڌا هُيا. ائين لڳندو هيو ڀانءِ ورهين جو ٿَڪُ جسم ۾ لهي آيو هجيم.
    تان جو 1977 جو سال به آيو، شهيد ڀُٽي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن جو اعلان ڪيو هيو، ته علائقي جا چڱا موچارا وڏيرا محمد خان جوڻيجي جو پاسو ڇڏي، پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ ڏي ويا هيا، جيڪ هاڻي ڀٽي صاحب سان گڏ هيو. عالم ڪيريو، بنهي هوشيارماڻھو هوندو هيو.اسان جي ڳوٺ تي چڱن جيان پوريءَ حياتيءَ تائين پنهنجو هٿ رکيو آيو. ٿوري گهڻي اهنج ايذاءَ تي ڊوڙي وٽس وينداهياسين. ڪِن جو داد فرياد ٿيندو هيو، گهڻا ماڻھو چوندا هيا ته وڏيرو عالم، اسان جي ڪمن جي آڙ ۾ پنهنجي ذات وارن سان دشمنيون به پاڙي ويندو هُيو. پر اسين توڙي اسان جا وڏڙا اڄ به اهو سمجهون ٿا ته مرحيات جا هن ڳوٺ تي وڏا ٿورا آهن، جيڪي لاهي نٿا سگهجن ته ڳائجن ضرور.
    ڳالهه پئي ڪيم اليڪشن جي ۽ عالم ڪيرئي جي. سو عالم جي پويان پير غلام رسول شاهه جي بنگلي تي اويل سويل پيا ڀيرا ڪندا هُياسين. ويتر جو هن ڀيري پاڻ، پُٽس آفتاب شاهه جيلانيءَ، سوڌو قومي ۽ صوبائيءَ جي اليڪشن ۾ لٿو هيو، ته روز بنگلي تي ڀڳا بيٺا هُجونس. منجهند جوڳاڙهن ٻوڙن سان مانيون کايو، زردا پُلاءَ کايو، وڏيون اوڳرايون ڏيندا پيا موٽندا هُياسين.
    اسان جي ڳوٺ ۾ جڏهن پيپلا پهريون ڀيرو ورڪن تي آيا هيا، ته سڄي ڳوٺ ۾ٽِرنگا جهنڊا ڦڙڪائي ۽اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي سندن آجيان ڪئي هئي سون.ان عمل جو سڄو ڪردار۽ ڪريڊٽ وڏيري عالم ڏي ويندو هُيو. ڇاڪاڻ ته ڌُرڌڻي، اسان کي نه ڄاڻيندا هُيا نه سُڃاڻيندا هُيا.نه ئي وري اسان ۾ ڪو لَلُ هيو جو پنهنجي سُڃاڻپ به ڪرايون.
    شهيد ڀُٽي جو جڏهن گاما اسٽيڊيم ۾ جلسو ٿيو هيو، ته عالم کي پير صاحب ٻه سرڪاري بسون ڏنيون هيون، جيڪي ٻئي بسون، اسان جي ڳوٺ مان ماڻهن سان ڀَريون هيون. تنهن ڏينهن جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج سان، بسن جي ڇِتين تي ڊانسون ڪندا، گاما اسٽيڊيم پُهتا هياسون. شهيد ڀُٽي کي روبرو تقريرڪندي ويجھي کان پهريون ڀيرو ڏٺو هيم. ڇا ته ڏاهپ ۽ ڏانءُ هيس تقرير جو. اصل ايئن چئون ته مُڙس بلا جو مقرر هُيو. تقرير ۾ هڪڙي هنڌ مزاح ڀريندي، مولانا شاهه احمد نورانيءَ جو نالومولانا لاهه احمد شوراني ڪري ورتائين، ته پنڊال مان ڏاڍيون تاڙيون وَڳِيون هيون.اليڪشن ويجهي آئي هئي ته چورن اسان جي ڳوٺ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هيو.اصل رات خالي نه هُجي، ڳوٺ ۾ وڏو راڄ هيو، سو به مينگهواڙن جو، پهرا ڏئي بيزار ٿيو پئون. شرن۽ ڪيرين جي چوري ڪونه ٿئي، ٿين رُڳو مينگهواڙن جون. ويچارا غريب جو ٿيا. انهيءَ جي حقيقت ڇا هئي خدا ٿو ڄاڻي!!!.انهيءَ زماني جي ماڻهن نعرا به عجيب ٺاهيا هيا، جيئي ڀٽو، ڍڳن جو جوڙو ڇُٽو. ٻيو مشهور نعرو هيو جيئي جيلاني، ٻوڙ ماني.
    اسان جي پولنگ شاهه بخش لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ ٿي هئي، پير صاحبن جون موڪليل ٽرڪون ڀري، اصل ٽرڪن ۾ سٿجي پُهتا هياسين، تڏهن لاشارين جي ڳوٺ م وڏي ساوڪ هوندي هئي بغ ئي باغ هوندا هيا. سو اسان جواڻ مڙسن کي لاشارين جي باغ ۾ وڃڻ ئي نه پيا ڏين، چيائون ٿي ته پير غلام رسول شاھ صاحب جا ٿاڻي بولاخان مان آيل هٿيار بند مُريد ويٺا آهن، ڪنهن جهيڙي جهٽي جي صورت ۾ ڪم اچڻ لاءِ.
    تن ڏينهين ملڪ ۾ڏاڍا ڊالرهليا هيا، ڪاڪي ڪسنجر جي ڌمڪيءَ ڪم ڏيکاريو هيو، طيءِ ٿيل پلان تحت قومي اتحاد، صوبائيءَ جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. پير صاحب پاڳاري جا فقير، صوبائيءَ جي پولنگ تي ڪونه آيا ته جاوا ٿي پيا هيا. ڌڙاڌڙ ڪوڙا ووٽ هلايا هياسون. منهنجو ووٽ داخل ئي ڪونه هيو، ننڍو هُيس ته به نٿو خيري جون پرچيون کَڻي، الائي ڪيترا ڀيرا نالو ۽ ولديت مٽائي، پ پ پ جي پير آفتاب شاھ جيلانيءَ کي سترهن ڪوڙا ووٽ ڏنا هيم.قومي اتحاد نون ستارن تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. پر انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي ڪابينا جُڙي هئي ته پيرآفتاب شاھ جيلاني، تعليم جو صوبائي وزير ٿيو هيو. تڏهن وڏيون کَڳِيون هنيون هيون سين، بغليون وڄايون هيون سين ته واهه واهه ٿي وئي، هاڻ ته نوڪريون ملنديون. لئي ٿي ويندي.
    ھوڏانهن مُلڪ ٻَرِي پيو هيو، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ مني مارشل لا آئي هئي، مهاجرن شهر بند ڪيا هيا. ريليون، باهيون ۽ ڌرڻا ٿيا هيا. پر ڀُٽي صاحب جي ڪَن تي جونءَ به نه سُري هئي. پير آفتاب، وزير ٿي بنگلي تي پُهتو هيو ته وڏيري عالم سان گڏجي وٽس ويو هيس. پُراڻا ڪپڙا، پيرن ۾ هوائي چمپل، سنڌيءَ ۾ ماستريءَ لاءِ درخواست لکي، وڏيري عالم معرفت پير صاحب کي ڏني هيم، پير صاحب نوٽ هنيو ته.Pl :appoint him، صحيح ڪيائين، ٺپو لڳو، هدايت DEO ڏانهن هجي، خوشيءَ ۾ نه پيو ماپان، تعليم جي وزير جو حڪم آهي، نوڪري پڪي، وڏيرو عالم اُتي ئي وسريو هيو.هوائي چمپل جي جي سٽڪ سٽڪ ڪندو DEO جي آفيس ۾ پُهتو هيس. سڌو هليو ويس آفيس ۾، DEO کي درخواست ڏنم. ڏسي، پڙهي، درخواست واپس ڏيندي چيائين، پاڻ وٽ رَکُ، جڏهن جايون خالي ٿيون ته نوڪري ملندئه.
    چيم پر سائين _! وزير صاحب لکيو آهي.
    وراڻيائين، بابا جيڪي چيم، سو ڪونه ٻڌُءِ ڇا؟
    ساڳين پيرن تي واپس موٽيس، دل ۾پُور پچائيندو اچان ته وزير صاحب جو حڪم نه مڃڻ تي، پڪ ئي پَڪ DEO جي نوڪري وئي، ٻچا رُلي ويندس!!! ها ها ڀل ته رُلنُس، مونکي ٽَڪي جيتري به عزت ڪونه ڏنائين، آخر ته تعليم جي وزير جو ماڻهو ۽ ووٽر هيس. پير صاحب جي بنگلي تي پُهتس ته وڏيرو عالم ڪونه هُيو، دِل ٻڌي پير صاحب سان مِليس، سموري ماجرا ٻڌائيم، سائينءَ شايد سڃاتو ڪونه، ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪيائين.ته وري اٿي بيهي چيم ”قبلاDEO کي فون تي ڪا دٻ پَٽيو!!!“. سائينءَ مون ڏي ڏٺو ڪاوڙ ۾ چيائين ته نٿو ڪري ته آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ؟
    زور ڀريم ته چِڙِي چيائين هَلُ ٻاهر مون کي ٻين سان ڳالهائڻ ڏي. مون کي وڏو ڌچڪو لڳو، پلڪن ۾ جڙيل مکڻ جون ماڙيون ڊهندي ڏٺم، سوچيم، ڪالهه نه سڃاڻيندي به ڀاڪرُ ٿي پاتائين، اڄ وزير ٿيڻ سان ايترو بدلجي ويو. مار!! اتي ويٺل، اوڙي پاڙي جي ماڻهن بي عزتو ٿيندي ڏٺو، نيٺ ڦِلهو ٻُوٿ ڪري ٻاهر نڪتس!.
    گهڻو پوءِ جڏهن حبيب بينڪ جو مينيجر ٿيس۽ بينڪ زميندارن کي زرعي قرض ڏيڻ شروع ڪيا، ته ساڳيو پير صاحب مون ڏي سفارشي فون ڪرڻ ۽ وزيٽنگ ڪارڊ موڪلڻ لڳو.آئون ماٺِ ميٺ ۾ سندس ماڻهن جا ڪم ڪري ڇڏيندو هُيس. ڪڏهن به اُن واقعي جو سفارشي چٺيون آڻيندڙن سان ذڪر ڪونه ڪيم.
    هيءَ دنيا به عجيب آهي، اهو وقت مَٽيو، آفيسر ٿيس، رٽائر ٿيس، اڇا ڪپڙا پَهريم، وڏيرو سڏجڻ لڳس. رئيس سڏجڻ لڳس، ته ساڳيو پير صاحب، ڀاڪر پائي ملڻ لڳو، ڀانءِ ورهين جا واسطا هجن، وٽس اسلام آباد جي فيڊرل لاج ۾ وڃي چانهيون، پي بسڪيٽ کائي، ڪچهريون ڪيم.تڏهن سوچيم وتايو سچو هُيو، چئي اڇن ڪپڙن کي عزت آهي. مڃڻو پيو ته طبقاتي فرق ئي ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ کان پري ڪري ٿو. نه ته ڇا اَڪُوءَ جو پُٽ اميرو؟ ڇا اسلام آباد؟ ۽ ڇا پير صاحب؟ بس رنگيءَ جا رَنگ نرالا آهن. پير صاحب کي ووٽ پوءِ به ڏيندا اچون. اڄ تائين بنان لوڀ ۽ لالچ جي، بنان ڪنهن ڪم ڪار گهرڻ جي،
    تن ڏينهين، جيرام، ڳوٺ ۾ ماستر ٿي آيو هيو، ته پليجي وارن جو رنگ چڙهيل هيس، ڳاڙها ڪتاب آڻيو ڏئي سي ويٺو پڙهان، روز هلال پاڪستان اخبار آڻي، سا به پڙهان، رڳو پڙهان نه پَرَ چَٽيو ڇڏيان. جيرام وڏا وڏا قصا ٻڌائي، انقلاب جا انقلابين جا ۽ اُنهن جي ڪمن جا، ڏاڍو مُتاثر ٿيان.جيئن جيئن پڙهان تيئن تيئن مذهبي ڪٽرپڻو گھٽبو وڃيم، مَن جي ڪَٽُ لهڻ لڳي. سوچيان، علم واقعي علم آ، اَندر اُجرو ڪرَيو ڇڏي. اڄ ٿو سوچيان ٿو جي جيرام نه هجي ها ته چور هُجان ها يا ڦورو هجان ها، روز پوليس ٻُنڊڻ ڪُٽي ها، يا مُلو هجان ها مسيتون وسايو ويٺو هُجان ها.
    مولابخش کوسي، محمد علي ٽالپر، حبيب الله ملوڪاڻيءَ ۽ ٻين جا پليجي سان اختلاف ٿيا ته جيرام وارا الڳ ٿيا.سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهيائون.آئون سندن ميمبر نه پر همدرد ضرورهُيس.
    تِنِ ڏينهن ۾ ٻني ءَ جي ڪم مان واندو ٿي، ڏاندن کي گاهه ڏئي نلڪي هيٺان يا واٽر تي بنان صابڻ جي وهنجي، ساڳيا پگهر وارا ڪپڙا پهري، گهڙي کن آرام ڪندو هُيس، يا جيرام سان ڪچهري ڪندو هيس. رات جو کير جي وٽي سان ماني کائي، پراڻي ڪچي اسڪول ۾گهڙيءَ کن جيرام سان ڪچهري ڪري، گهر اچي سمهي پوندو هُيس.
    اُنهيءَ سالِ پراڻن پڊن کي ڇڏي رائت مل جي اوطاق ۾ گهر ٺاهڻ جو سوچيوسين. ڪوٽ اڳ۾ آيو پيو هُيو. اوڏن کان ٽي ڪچيون ڪوٺيون، ونگائين ورانڊي سميت ٺهرايونسين، ڇت لاءِ اوڙي پاڙي مان ٻَٻُرن جون ڪاڃڻون وڍي آياسين. سر لُئاسين، دلور تان مانجهليءَ جا ڪايا خريدي، ڇِت وِڌي سُون. درَ درَين جيترا پئسا نه هُجن. پوءِ به پريان ڏسيو خوش پيا ٿيون ته واه جا گهر ٺاهيا اٿئون، اصل لانگ پئي لڳي.


    9

    هڪ ڏينهن بابا مون کي سَنبرائي چيو ته هل، حمير شر جي ڀاءُ رحيم خان، مَتل جي ڪمداريءَ ۾ وساڻن جي نئين ڳوٺ ۾ دُڪان کوليو آهي. توکي اُتي نوڪريءَ ۾ بيهاري اچان.هنن هرن ڪاهڻ کان چڱو آهي ته ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويٺو هُوندين. ان ڏينهن بان واھ جي نئينءَ موريءَ تي بس مان لهي، پنج ميل پنڌ ڪري، انهيءَ ڳوٺ ۾ پُڳاهياسين. بابا، حمير خان سان ڳالھ ڪَئيِ، اڳلي جهٽ ۾ ئي ها ڪئي هئي، نه پگهار جي ڳالهه ٿي نه مُهاڙ ٿي، بابا ماني کائي واپس وَرِيو ۽ مون وڃي نئين ڳوٺ ۾ رحيم خان سان گڏ ريزڪي دُڪان سنڀاليو، سڄا سارا چار مهينا انهيءَ دڪان تي رهيس ۽ آخر ۾ٺوهيو ٿي نِڪتس، نه پگهار مليو، نه پئسو مليو، باقي چئن مهينن ۾ ماني سا ڍوءَ تي ملي.باقي ٿيو خير، نه ڪڏهن بابا چَيَنُ، نه ئي مون ڪا رڙ ڪئي. ماٺڙي ڪري وري اچي ٻنيءَ کي لڳس.
    ان ئي زماني ۾ نون ستارن جي ميڙي چونڊي گڏ ڪيل اتحاد پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن کي ڀُٽي جي ضرورت هئي تن جي هاڻ ڀٽو صاحب ضرورت ڪونه رهيو، ته ضياءَ جي نالي ۾ ساڄي ڌُر جي سڌي پِڌي فوجي سرڪار جوڙيندي، ڀٽي صاحب کي جيل ۾ واڙيائون، وڏا ڪِيس ٿيڻ شروع ٿيا، منهنجي عمر ايستائين سترهن کن ورهيه هئي، پر سچي ڳالھ اها آهي ته مون کي سياست جي ڪائي سُڌ ٻُڌ ڪانه هئي، ملڪ ۾ ڇا پيو وهي ڇا پيو واپري، ان جي اون ئي ڪونه هوندي هيم. جيتوڻيڪ جيرام جو ڏنل ڳاڙهن ڪتابن جي پڙهڻ سان ذهن تي طبقاتي فرق، طبقاتي سماج جي بابت ٿور گهڻي پروڙ پيم پئي.پر اصل ڳالھ اها به هئي ته غربت ۽ پيٽ جي پاندي پوري ڪرڻ جي اُون ۾ ٻي ڪا ڪل ئي ڪانه هيم.
    ربيع 1978 ۾ ڇهه ايڪڙ ڪڻڪ پوکي هيم، ان سال ڪڻڪ جو نئون ٻج آيو هُيو، اُن کي ماڻهو چون پيا ڪارتُهي ڪڻڪ. اُن ڪڻڪ جي سَنگَ جا سِرا ڪارا هوندا هُيا ۽ جسم کي لڳڻ سان منجهانئُن تمام گهڻي خارش ٿيندي هُئي. ايتري قدر جو جسم تي کَنِهي کَنِهي ڊَٻڙ ٿي ويندا هُيا.ٻين فصلن جيان معمول جي جملي مرحلن مان اُڪرِي، جڏهن اها ڪڻڪ ڀٽاريِ پَڪِي، ته هر سال جيان، اسان جي گهر جي سمورن ڀاتين گڏجي لابارو ڪيو، ڪڻڪ جي وَلِ جون ڀَريون مَٿن تي ڍوئي، موجوده پرائمري اسڪول واري جڳهه تي کَرو ٺاهيوسين. اُن زماني ۾ ڪڻڪ ڳاهڻ جا ٿريشر ڪونه آيا هُئا، ڪڻڪ جي ول گول دائري ۾ رکي، وڏو ڦيڙهوٺاهبو هُيو. ڪڻڪ ڀٽاري آڀُن ۾ ايندي هئي، ته هاريءَ کي اچي ڊنگهر ڳولڻ جي اُڻ تُڻ ورائيندي هئي ۽ لاباري جي تيارين کان اڳ ئي پري پري کان ڳولهي ڦولهي، ڪنڊِيءَ جي وڻ جو ڊنگهرُ وڍبو هيو. ان ڊنگهر کي گِهِلي ٻنيءَ ۾ آڻي مٿانئس وزن ڏئِي رکبو هيو. لابارو پورو ڪري، وَل ڍوئي، وڏو ڦيڙهو ٺاهي، ڪنهن سومر جي منجهند کان بادشاھ پِير دستگير جي نالي پنجين روپئين جون ريوڙيون ورهائي، پوءِ هَلَر شروع ڪبي هئي، پهريائين ڦيڙهي جي چوٽ تي چڙهي، اُن جي چوٽيءَ تان ٿوري ٿوري ڪڻڪ جي ول لاهي، ڦيڙهي جي گول دائري ۾ زمين تي پکيڙبي هئي، ان بعد ڪنڊيءَ جي سُڪل ڊنگهرَ جنهن کي ڦرشو به چوندا هيا، ان تي ٿورڙي وَلِ وڇائي، ڊنگهر جي ڪنهن سَگهيءَ اَنگههُ يا ٻيلانگھيءَ۾ سنگهر وِجهي، ڏاند ن جي ڪُلهن تي چڙهيل پاڃاريءَ ۾ سنگهر قابو ڪَبي هئي. ڪنڊِيءَ جي ڊِنگهر جي اَنگهائين ڪَنڊَن ۽ ڏاندن جي پيرن، سبب اپريل جي لُڪن ۾سُڪي ڀُڳڙا ٿيل وَلِ ڀُرندي ويندي هُئي، رَکي رَکي ٻِيانيءَ سان ڀُرندڙ وَلِ کي اُٿل ڏبي رهبي هئي. تان جو اها وَل بُوهه ٿيندي ويندي هئي، ايئن وري مٿان ٻي وَل لاهبي هئي. وَل لاهڻ جي اهڙي عمل کي چئبو هيو پَڳَرَ وجهڻ ٻِيانيءَ يا ٽنگڙيءَ سان اُٿل ڏيڻ کي چئبو هيوٽوپَ ڏيڻ. ائين سئوکن مڻ ڪڻڪ، وڌ ۾ وڌ، ويهن، پنجويهن ڏينهنِ ۾ وڃي ڳَهَندي هُئي. پوءِ ڳاهيل ڪڻڪ مان بوهه ۽ انُ، الڳ ڪرڻ لاءِ ان کي ڍِڳُ ڪري ڌڙو ٺاهبو هيو، جڏهن سڻائي واءُ لڳندي هئي ته ٽنگڙيءَ ذريعي وائُر شروع ڪبي هئي. وائُر دوران، اڌ ڀُريل سنگ، ٻَٻُر جي سنهيءَ ۽ سائيءَ ڊِنگهريءَ سان ٽاري الڳ ڪبا هيا، انهن کي ڪَڏا چئبو هيو. وائُر پوري ڪري، پوءِ اُنهن ڪڏن کي پکيڙي، وچ ۾ ڪاٺ جي مُني کوڙبي هئي، جنهن چوندا هُيا ميڙهِه. پوءِپنج ست ڏاند هٿ ڪري، تن کي پاڻ ۾ سلهاڙي، هڪ ڏاند کي ميڙهه سان ٻڌبو هيو، جنهن کي چئبو هيو ميڙهي ڏاند. انهيءَ ڪَڏنِ ڀورِڻ وارِي هَلر کي گھڻو ڪري گانبولِي چئبو هيو. جڏهن اهي ڏاند ڪَڏَن مٿان هلندا رهندا هئا، ته ڌڻي جهونگاريندو رهندو هيو، هلي ملهي، هلر هلي، رَکي رَکي ڪڏن کي اُٿل به ڏيندو رهندو هيو، ته سنگ ڀُري ويندا هئا. ٻئي ڏينهن انهن کي به وائُري اهي صاف ٿيل داڻا اَنَ جي راهه ۾ وجهبا هُيا. اهو سمورو عمل اپريل جي جهولن ۾ شروع ٿي، مئي جي وچ ڌاري پُڄاڻيءَ تي پهچندو هُيو.
    ڪڻڪ جي کَري تي هڪڙو ماڻهو چوڪيدار ڪري رکبو هيو، جنهن کي عام طور ڪانگ تَڙو چئبو هيو، انهيءَ ڪانگ تڙي وٽ هڪڙو ڪاٺ جو ٺهيل زمينداري ٺَپو هوندو هيو. هُن جي ذمي اهو ڪم هوندو هيو هيو ته اَن جي تيار ٿيل راھِ تي پاسن کان ٿورڙي وِٿيِرڪِي مِٽي وجهي، اُن جي مٿان اُنهيءَ ڪاٺ جي ٺپي کي رکندو هيو ته ڪاٺ تي اُڪريل اکر لِکجي ويندا هيا. معني ته راھ تي ٺپو لڳي چُڪو. هاڻ ته ٿريشرن جي اچڻ بعد اڳيان رواج ئي مَٽجي ويا آهن. نه ته اڳئين زماني ۾ ڪڻڪ جي کَري جي بَٽئي ڪرڻ وقت جيڪي هاري اَنَ جي ڌڙن جون ڪانبيون ڀرڻ لاءِ اَن جي راھِ ۾ ويهندا هيا، تن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪونه هوندي هئي، مٿي تي ڪپڙو ٻَڌل هوندو هُين، پير اگهاڙا ڪندا هيا، چوندا هيا ته ايئن ڪرڻ سان اَن مان برڪت ڪونه ويندي. بادشاھ پير جي نالي ريوڙيون يا نقل ورهائي، پوءِ بسم الله ڪري پهرين ڪانبِي، بادشاھ پير جي نالي جي اَن سان ٽُٻُ ڪري ڀَربِي هئي، پوءِ هڪڙو همراھ اها ڪانبي کڻي گول راه ۾ ڪڻو ڪڻو اَنُ هارِيندو، ڄڻ ته راھِ ڀڃڻ جو اعلان ڪندو ويندو هيو. اُن ڪانبيءَ جوباقي بچيل اَنُ بادشاھ پير جو ڌڙو ڪري الڳ رکبو هيو، جنهن جي نالي خيرات ڪبي هئي، پوءِ تور شروع ڪبي هئي، اڳئين زماني ۾ سڀ ڪم آهت تي ٿيندا هيا، سڀ ڏيتيون ليتيون کري لٿي ڪبيون هيون، اُن ڪري سڀني آهتين، يعني واڍي، موچي، لوهار، ڪنڀار، درزي ۽حجام کي کري بٽئيءَ ڪرڻ جو اطلاع ڪيل هوندو هيو، هرڪو پنهنجو آهت وٺي خوش ٿي روانو ٿيندو هيو، مسيت سڳوريءَ، غريب غربي، سيد توڙي اوڙي پاڙي جي رن زال لاءِ به ڌڙو ڪڍي رکبو هيو. چڱن زميندارن جو رواج هوندو هيو ته پَٽَ ۾ کُڙيءَ ٻوڙ جيترو اَنُ هاريءَ جي ڪُڍِيءَ لاءِ ضرور ڇڏيندا هيا. جيڪا مايون اچي ميڙي ٻه ٽي ٻوريون اَنُ گڏ ڪنديون هيون.کري جي بٽئيءَ جو ٻُڌي اوڙي پاڙي جا ٻارڙا ماڪوڙين جيان سِرڪي اچي پُڄندا هيا.ڪنهن کي ڪو دڙڪو ڪونه ڏبو هيو، آخر ۾ پَٽُ ميڙي هرهڪ ٻار کي قميص جي جهوليءَ ۾ ٻُڪ ٻه ٻُڪ ان ضرور ڏبو هيو، جنهن کي خوراڪ يا کڙاڪ چوندا هيا.ڪنهن کي به کري تان خالي ڪونه موٽائبو هيو، پوءِ ڀل ته هاريءَ کي ونڊيءَ جي ڪڻڪ مان ڪجھ بچي يا نه بچي.همراه ٺَلهي ڳُوڻ ڪُلهي تي کڻي واپس ورندي به چوندو ويندو هيو ته ادا خير آ، نوان پراڻا ته ٿياسي.
    سو ڳالهه پي ڪيم کَري ٺهڻ جي، ڪڻڪ ڀٽاري ڍوئي، کرو ٺاهي، اپريل جي وچ ڌاري هلر شروع ڪيم. ڪار تُهي ڪڻڪ جا تکا سرا، سخت جهولن ۾ جِسم کي لڳن ته شديد خارش ٿئي. منهن کان وٺي سڄو جسم ڊٻڙ ٿيو پوي، هلر هلندي، هر روز دعائون گهُران، منهنجا مولا_مِهر ڪَر، ٻيو ڪو ڌنڌو ڏي، هِن ڪَمَ مان جانِ ڇڏاءِ!!!

    هڪڙي ڏينهن هلر پي ڳاهيم ته بابا منجهند جي ماني آندي هئي، لوڻ، بصر، لَسي ۽ ماني، کري لڳ ننڍڙيءَ ٻُٻُريءَ جي ڇانَوَ ۾ ٿي ويٺاسين. مُڪ سان بَصر ڀَڃي، مٿس لوڻ ٻُرڪي، لسيءَ ۽ ماني سان گڏ کائڻ شروع ڪيم. اُڀرندان اڇيءَ ٽوپيءَ سان ڪو ماڻهو ايندو ڏِسي، بابا چيو پُٽ، ڏِسُ اهو ڪير پيو اچي؟
    گوڏن ڀَرِ نَرو کڻي ڏِٺم، سائين گل حسن جروار آهي بابا، ايئن چئي، ماني کائڻ لڳس. سائين گل حسن، تن ڏينهن ۾ سي پوٺو جي اسڪول ۾ ماستر هُيو، سو اسڪول جي موڪل ڪري واپس پئي وريو، ويجهو آيو ته وڌي ملياسين. منهنجي ڳاڙهي چمڙي ڪڻڪ جي خارش سبب ڊَٻڙ ٿيل ڏسي، بابا کي چيائين، اڪبر، امير بخش هوشيار آهي، گڏوگڏ مئٽرڪ به پاس آهي، تون ڪٿان پندرهن سئو روپيه هَٿِ ڪري اَچُ، ته آئون سڀاڻي ئي ماستري وٺي ڏيانس. سائينءَ جي ڳالھ ٻڌندي ئي، اسان ٻنهي جي ڪوماڻل چهرن تي الائي ڪٿان کوڙ ساري مسڪراهٽ اچي وئي. دِل ئي دِل ۾ ڏاڍا خوش ٿيندي، سائين سان ها ڪئي سون. سائين ويو، ته خوشيءَ ۾ هَلَر نه پئي هلي، ڏاند کولي، گهر اچي، امڙ سان ڳالهه ڪئي سون. امڙ به ڏاڍي خوش ٿي، اصل واهه واهه پئي ٿي. پر سوال اهو پيدا ٿيو ته آخر اُهي پندرهن سئو ڪٿان اچن؟ گهر ۾ ته پندرهن روپيه به ناهِن. ڏئي وٺي هڪڙي ٻارن کي کير پيارڻ جيِ ٻَڪري وِڪيِ سون، سا به مُرڳهين ٽِن سَوَنِ ۾. امان جو چانديءَ جو هَسُ، جيڪو الائي ڪيترين پيڙهين کان وڏڙين جي ڳِچين جو سينگار ٿيندو پئي آيو، سو به هَليو ٽِن سَوَن ۾. نوسئو اڃان به کُٽا ٿي، الله ۾ آسرو رکي رات جو سُمهي پياسين. سِج اُڀريو ته جهوليِ جهلي، برادريءَ جي ماڻهن ڏانهن پلاڻيوسين. هڱورني ۾ لهندي ئي مُنهن ۾ غفور مليو، بابا کان احوال ورتائين ۽ کلندي کلندي کيسي مان ڇهه سَوَ ڪڍي ڏنائين، بابا چيس، ابا تون ته اسان کان به وڌيڪ غريب آهين، هي پئسا ڪِٿان آندئي؟ ؟ چيائين ماما، هڪڙوپوڙهو ڏاند ڇهن سونِ ۾ وڪيو هُيم، اڄ انهيءَ جا پئسا مليا هيا، توهان جو ڪم ٿئي، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان، اڳتي وياسين، چار سئو مرحوم گل بيگ ڏنا، سئو اڃان به کُٽي پيو، بابا چيوهلُ، اهو سئو ماستر گل حسن کان ئي اُڌارو گُهرنداسون.
    هڪلي هوڪاري، سائينءَ وٽ پهتاسين، جنهن اوڏيءَ مهَل ئي ميرپورخاص هلڻ جو چيو.ان ڏينهن شام جا ٽي ٿيا هُيا، چوٿين مئي 1978 جو ڏينهن هُيو، جو اسان وڃي، ايس ڊي اي او جي آفيس ۾ پُهتاسين. اُن زماني ۾ ماستر ڀرتي ڪرڻ جا اختيار، ايس ڊي اي او جا هُيا، اڄڪلھ ته اُهي وزير اعلئ وٽ به ڪونهن. سائين گل حسن، احوال ڏيندي مون ڏانهن آڱر کڻي چيو ته هيءَ منهنجو شاگرد، غريب ۽ هوشيار آهي، مون هنن کي اوهانجي مٺائيءَ لاءِ، پندرهن سئو روپيا چيا هيا، پر هنن مسڪينن کان ٿيا ئي ”چوڏهن سئو“ آهن. مهرباني ڪري هن کي ماسترڪريو“.
    ايس ڊي اي او صاحب گهنٽي وڄائي، هيڊ ڪلارڪ کي گهُرائي ۽ هدايتون ڏنيون. مون کان سرٽيفڪيٽ ۽ درخواست ورتائون. آرڊر ٺهيو، صحيح ٿي، ٺپو لڳو، روانگي رجسٽر ۾ چڙهيو، نمبر لڳو، پنو منهنجي هٿ ۾ مليو، خوشيءَ مان اُڇلان پيو، ٻَهڪان پيو. بابا ڏي نهاريم. خوشي جا لڙڪ اکين مان اُٿلڻ تي هُجنس. آرڊر کڻي شام جو خوش خوش گهر موٽياسين. امان ڏاڍي خوش ٿي. ماساتِ خوشيون ڪيون. پنج سيرڪڻڪ دڪان تي وڪڻي، چانور خريدي ڳُڙ جو تاهِري ڀَتُ رَڌي، معصومن کي کارائي، الله جا شڪر ادا ڪياسين. اوڙو پاڙو، پُڦيون، ماسيون مبارڪون ڏيڻ آيون. ڇِنل کَٽَ تي ويهي، ايئن پيو مبارڪون وصول ڪيان، ڀانءِ وَري گهوٽ ٿيو هُجان. ڀانءِ ڪو حَج ڪَيو هُجيم، ڀانءِ ڪا وڏي کيپ کَٽي هُجيم.
    سرڪاري ملازمت ماستريءَ جي پهرين پوسٽنگ، گل محمد رند جي ڳوٺ ٿي هئي. جيڪو ڳوٺ رتن آباد ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف ڪاڪ بنگلي کان به اڳتي هوندو هيو. هَڪلي، هوڪاري اتي پُهتس. انهيءَ ڳوٺ جا جملي ماڻهو رند ٻروچ هيا، سنهڙا، سيپڪڙا، سنهڙن آوازن وارا، سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هُجن.نائين درجي جا هم ڪلاسي زمان ۽ شريف رند به ڏٺم ته خوش ٿيس. اسڪول بند پيل هيو، چيائون ته اسڪول جي چاٻي ۽ چارج چاچي تاج وٽ آهي. چاچي تاجَ جو ڏَسُ نڪو هيو پَتو. رات ٿي وئي ته اوطاق تي ڪچهري مَتيِ، راڄ مُڙسن جا اچي ڪَٺا ٿيا، مانيءَ جي مهل ٿي ته ماني به آئي، پر هجن ٻه سنهڙا ڦُلڪا ۽ انهيءَ سان گڏ ٻوڙُ به هيو، ٻن ڦُلڪن مان منهنجو ڍوءُ ته ڪونه ٿيو هيو. پر رندن جي ڳوٺ ۾ پهريون ڏينهن هجڻ جي ڪري حجاب ۾ وڌيڪ ماني ڪونه گهريم، سوچيم ته ٻروچ الائي ڇا سمجهن ته مُڙس بنهي ڪو پيٽي آهي.
    ان رات ڪچهريءَ ۾ هڪڙو سهڻو ۽ اڇڙو ڇوڪرو آيو، وڏا وار هُجنس، چيائون پئي چاچو تاج آهي، ڏسڻ ۾ سَڀني کان ننڍو پئي لڳو ۽ سڀني چاچو پئي چيو، آئون حيران پئي ٿيس!!، ته هي ڇا قصو آهي؟ سڀني کان ننڍو ۽ سڀني جو چاچو. رسمي عليڪ سليڪ بعد، اسڪول جي چاٻي ڏئي چيائين، ماستر هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو اسڪول ڄاڻي، اسان جي الهواهي. چاچو تاج اصل ۾ تاج بلوچ هيو، تاج رند هيو، اڳوڻو ڪميونسٽ ۽ هاڻوڪو سگا جو اڳواڻ. تاج بلوچ تن ڏينهين نئون نئون، مليريا کاتي ۾ نوڪريءَ سان لڳو هيو، ڳاڙهو ڳٽول خوبرو جوان هوندو هيو، سنڌ يونيورٽيءَ مان ايم اي انگلش۾ ڪيل هيس. چون ٿا ته ووٽرلسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپڻ ۽ ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪن ۾ تاج بلوچ، اسان واري لڏي جي شاگرد ونگ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ هوندو هيو، ۽ عزيز مهراڻويءَ سان گڏجي اوچتو جلسن ۾ وارد ٿيندو هيو، ڏاڍي ڀلوڙ تقرير ڪري اسٽيج تان لهي، ننڍڙي ٻار جيان خلق جي وچ ۾ الوپ ٿي ويندو هيو. پوليس ۽ سي آئي ڊي جا ماڻهو تاج بلوچ جي پويان نُوسيندا وتندا هيا ۽ هيءُ همراھ هنن جي آڏو ٻارن جيان ٺينگ ٽپا ڏيندو گم ٿي ويندو هيو.
    چون ٿا ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگردن علي مردان شاھ ۽ جان محمد کيڙو جي مارجي وڃڻ واري ڪيس ۾ پوليس کيس ڳوليندي اچي ڳوٺ پهتي هئي، هيءُ همراھ به ڪو اوطاق آڏو وڻن جي ڇانوَ ۾ کٽ رکي ويٺو هيو، اوچتي پوليس ڏسي، ڀڙڪو کائي پاسي ۾ بلورن سان راند کيڏندڙ ٻارن سان گڏجي راند کيڏڻ شروع ٿي ويو، پوليس جي آفيسرن کيس ۽ ٻين ٻارن تي به زور ڀريو، ته ٻڌايو تاج بلوچ ڪٿي هوندو؟ همراھ پنهنجو پاڻ ئي پوليس کي ورنديون ڏيندو رهيو ته چاچو هتي آيو ئي ڪونهي، يونيورسٽيءَ پڙهڻ ويو آهي. جيتوڻيڪ تاج هينئر ڪافي پوڙهو ٿي ويو آهي، پر سندس جذبا اڃان به جوان آهن، سگا ميرپورخاص کان وٺي ٻين کوڙ سارين تنظيمن ۾ جيڪر تاج بلوچ نه هجي ته اهي ڪاغذي هجن.سندس ڪمٽمينٽ جو اڄ به اهو حال آهي، جو ڪوبه ڏکيو ڪم سندس ذمي ڪري وڃي ٻانهن سيراندي ڪري سُمهي رهو. تاج ڄاڻي ته ڪم ڄاڻي. گھڻن پراڻن يارن جيان نه گھڻي ڦَلَرِ يا اجائي ڊيگھ ويڪر ڪونه ڪندو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻو آهيس، ڪنهن يار دوست کان جي شڪايت به آهي ته اها به هوريان هوريان ۽ لڳ ڀڳ ڪَنَ ۾ چوڻي آهي، ڇو جو ڀتين کي به ڪن آهن. ٻيو ڪو به ڀئو ڪونهي، پر متان ميار ملي وڃي.ۡڪهڙوبه سنڌ جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ٿيندڙ پروگرام هجي، ڪٿان نه ڪٿان خبر رڳو پوي. چاچو تاج، انهيءَ پروگرام جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾، هٿ ۾ هڪڙي ٻه اخبارون ويڙهيو ويٺو هوندو.جي ڳالهائڻ يا تقرير جو چيائونس ته سڀني کي سچ منهن تي ئي چئي ڇڏيندو. اُتي وري ڪنهن جي رک رکان ڪونه ڪندو. ڀلي ڪيڏو به وڏو ماڻهو يا ڪامورو هجي.ٻُڌو اٿئون ته وڏي ڀاءُ حاجي نور محمد کان پوءِ هاڻي گھڻو وقت ڳوٺ کي ڏئي ٿو. رب ڪري جتي به هجي سندس آواز جو دٻدٻو ۽ جذبا جوان هجن. ۽ پيريءَ ۾ پاڻ جهڙا ڏهاڪو کن تاج به پنهنجي ڳوٺ ۾ پيدا ڪري وڃي. ته اهو سنڌ تي سندس وڏو احسان هوندو.
    انهيءَ ڳوٺ ۾ ئي تاج بلوچ جو ڀائيٽو ابوبڪر رهندو هيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ رهيو هيو، ۽ انهيءَ زماني ۾ هڪڙي ٻئي سوٽ، اسماعيل رند سان گڏ ووٽرلسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپڻ واري تحريڪ ۾ يا ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي جيل ڪاٽي آيو هيو. پوءِ ابوبڪر به سُرخو ٿي ويو هيو، ڪامريڊن جي گهڻو ويجهو رهيو هيو، اڄڪلھ جيتوڻيڪ هو چڱو موچارو وڏيرو ٿي ويو آهي، ڀانيان ٿو ته کوڙ سارا حج ۽ عمرا به ڪري آيو آهي، تڏهن به روزاني عوامي آواز ذريعي ورهين کان پنهنجي اندر جو اوٻر عوام آڏو آڻيندو رهي ٿو. يار وٽ رک رکاءُ ڪونهي، جيڪي محسوس ڪيو سو ٻُوٿ تي چوڻو آهي، پوءِ ٿوري گهڻي رومال ۾ ويڙهي ڇو ڳالھ ڪجي. اصل ڪجي ته سڌي راند سونٽي جي ڪجي نه ته ڪجي ئي نه. مون سان گهڻو ويجهو رهڻ جي ڪري، منهنجي لِکت سُڃاڻي ويندو آهي، ڀلي پوءِ اها ڪهڙي به نالي سان لِکي هجيم. گھڻا ورهيه پوءِ ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ هڪڙي پريس ڪانفرنس پئي ڪئي. جيڪا لِکيل منهنجي هئي. انهيءَ پريس ڪانفرنس دوران آئون به ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويٺو هيس.سوالن جوابن جي وقفي ۾ ابوبڪر کانئس هڪڙو بنهي ڏکيو سوال ڪيو. ته همراھ مُنجهي پيو، هڪڙي ٻه ڳيت ڏنائين، نيٺ ابوبڪر چئي ڏنس، ته سائين ايئن چئو، ته اهي سِٽون امير بخش لِکيون ئي ڪونه هيون.
    سو انهن رند بلوچن جي اوطاق تي روزانو رات جو ڪچهريون مَچنديون هيون. روزانو، نوان نوان مُهانڊا ايندا هيا، نوان نوان چهرا ايندا هيا، الاهي ڪتاب پڙهيل لکيل۽ داناءُ ماڻهوالائي ڪٿان ڪٿان اچي نڪرندا هيا. فضول ڪچهريون ڪونه ڪندا هيا، اڪثر ڪري سندن مُک موضوع ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون هُوندو هيو، سندن واتان سُرخ انقلاب جون ڳالهيون ٻڌندو هيس، سوشلزم جون ڳالهيون ٻڌندو هيس، مسڪين ماڻهن جي دردن ۽ درمانن جون ڳالهيون ٻڌندو هيس. بلڪل اهڙيون ڳالهيون، جهڙيون جيرام به اڳي مون سان ڪندو رهندو هُيو. نيٺ ڳالهين ڳالهين ۾سڀ ڳالهيون کُلنديون ويون، خبر پئي هوسڀيئي ڪامريڊ هُيا. هن ملڪ جي ڪورٽ سڳوريءَ پاران پابندي مڙهيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪارڪن. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جا ڪارڪن، حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جا ڪارڪن ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪارڪن. هُنن جا ڪچهرين ۾ ڪَيل قصا ٻڌندو رهُيس، هُنن جا آندل ڪتاب پڙهندو رهُيس، ذهن تي هٿوڙا لڳڻ شروع ٿيندا هيا، نيٺ ذهن کُلندو ويو، ۽ مَنَ تي چڙهيل ورهين جي ڪَٽُ ايئن ڌوپڻ لڳي، جيئن فوجي بندوق کي ڪوسي پاڻيءَ مان ڌوئڻ مهل ڪٽ ڳاري لاهيندا آهن. ۽ پوءِ رندن جي ڳوٺ ايندڙ يارن پاران مون لاءِ ڳاڙهن ڪتابن جون ڀريون اينديون رهيون، تان جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو خفيه ڇپجندڙ ۽ ترجمان پرچو هلچل به منهنجي هٿن تائين اچي پهتو هيو، نيٺ ٿيندي ٿيندي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ترجمان سرُخ پرچم به رِڙِهي اچي رَسيو.جنهن جي ڇپڻ وارن لاءِ الائي ڪيترن ورهين کان يارڙا نوس نوس ڪندا پئي وتيا.
    تن ڏينهين تاج بلوچ جي ڀاءَ حاجي نور محمد رند جي اوطاق هلندي نه پر جيئن جو تيئن وَهندي هئي.مون پارا ڪيئي اُڙيا ٿُڙيا، مفت جون مانِيون کايو، وڏيون اوڳرايون ڏَيو، کَٽُن تي اَهليا پيا هوندا هيا.ڪجھ دائمي مهمانن ۾ مون کان سواءِ ٿر جي ڳوٺ چوڻهيار جا ٻه سميجا ڀائر محمد خان ۽ سونهاروخان به هوندا هيا. جيتوڻيڪ تن ڏينهين، سونهارو سميجو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽريءَ واري شعبي ۾پهچي، ڪامريڊن جي وَرِ چڙهي چڪو هيو، پر اڃان ترقي ڪري ساغر سميجو ڪونه ٿيو هيو. ان زماني ۾ رندن وٽ ايندڙ عام سنڌي اخبارن ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر ۽ مانڌل شر جا نالا ۽ خبرون پڙهندو ايندو هيس. سو هڪ ڏينهن سونهاري سميجي کان پڇيم ته يار انهن مڙسن کي سڃاڻين ٿو؟ جنهن تي ٺھ پھ وراڻيو هيائين ته اهي به اسان واري لڏي جا ڪامريڊ ئي آهن. بس، پوءِ ڳالھ آئي وئي ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ منهنجي انهيءَ پُڇا پويان نسل پرستي يا شر پرستي ضرور شامل هئي.الائي ڇو دل ۾ايندو هيم ته انهن مڙسن سان مِلان ۽ دوستي رکان.انهيءَ ڳالھ کي ڪافي ڏينهن گذري ويا هيا، ڪجھ وقت بعد سونهارو به يونيورسٽيءَ هليو ويو هيو، ۽ اُتي وڃي ڪا لَڪڙ تار ڪئي هيائين. هي جو اڄڪلھ مختلف فرقن جا تبليغي گروھ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن لاڙڻ لاءِ جتن ڪندا وتن، تيئن تڏهن ڪامريڊ ايئن ڪندا هيا، اصل شل نه ڪنهن سان ڪو ڪوڙو سچو، انڌو منڊو واسطو نڪرين. مڙس راتورات چَنبن ۾ چائجي ويندو هيو. مون سان به اهائي ڪار ٿي هئي، سونهاري جي دُکايل دونهينءَ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هيو. هڪڙيءَ رات اسڪول کان موڪل ڪري ڳوٺ آيل هُيس ته منهنجيءَ ڀونگيءَ نما اوطاق ۾ ٻه اڻ ڪوٺيا ڪامريڊ اچي سهڙيا هيا. هڪڙوهيو سنڌ يونيورسٽيءَ جو باٽنيءَ جي شعبي وارو موجودھ پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد مڱريو. ۽ ٻيو هيو ڪامريڊ غلام حسين شر. نالا ٻُڌندي ئي ٻَکجي پيو سانِ، ڀانءِ ورهين کان وڇڙيل مليا هجون.ڀانءِ ڪا پراڻي ياراني هجي.
    تنهن زماني ۾ مولابخش کوسي ۽ محمدعلي ٽالپر وارو لڏو، رسول بخش پليجي کان رُسي نڪتو هيو، ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي نالي سان پنهنجي ڌار تنظيم جي ديڳڙي چاڙهي هيائون.سي جيرامداس اٻوجهي معرفت مون تي ڦيڻا رکڻ ۾ لڳا پيا هئا. ۽ مون ۾ شعور جي انڌي منڊي سُڌ ٻُڌ آندي به جيرام هئي، پر شر پرستيءَ ۾ جيرام ۽ انهيءَ جي دوستن کي ڇڏيم اُتي ئي ۽ پاڻ وڃي هنن ڪامريڊن سان گڏيس.
    تنهن زماني ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي پاڙيسريڻ شيرين سومريءَ جي واقعي سڄي سنڌ کي لوڏي وڌو هيو. ٻين سان گڏ مون وارو يار سونهارو سميجو به ترقي ڪري ساغر سميجو ٿي وڃي تُرم ۾ پهتو هيو. هڪڙي رات جو سپاف لاڙڪاڻي جي ٽن شاگرد اڳواڻن ايازسومرو، اسد ابڙو ۽ احمد علي سومري کي ڪاري ٽوپي لِڪائي ڇَپائي ميرپورخاص جي جيل کڻيو پئي آئي. ڪامريڊ غلام حسين شر روپوشيءَ ۾ روپ مَٽائي بلوچستان پئي ويو. روهڙيءَ جي اسٽيشن تي سنگهرن ۾ سلهڙيل مڙس ڏسي روح نه رهيس، وڃي صوبيدار سان عليڪ سليڪ ڪيائين.صوبيدار صاحب به ڪو هجي پير پاڳاري جو مريد، جيئن ئي هُن ڪامريڊ کي اها ڳالھ ٻڌائي ته هيءُ همراه ڀيڄ پاڳارا چئي ٻَکين پئجي ويس.ٻَڌل همراهن جا نالا ذاتيون پُڇي، اُتان ئي اسان واري لڏي ڏي خط روانو ڪيائين ته مُڙسن جي وڃي واهر ڪريو. متان پاڻ کي هيکلو سمجهن. ڪامريڊ جو خط مون وٽ ڇا پهتو هيو، ڄڻ هنڌين ماڳين لڪڙ تار هلي وئي هئي، خط ملڻ جي ٻئي ڏينهن کان ئي، جيل تي همراهن جي ملاقاتين جي لانڍ لڳي وئي هئي.مڙس وائڙا هجن ته هن شهر ۾ نه ڄاڻ نه سڃاڻ، هي ڪيترا ملاقاتي پيا اچن. پوءِ جڏهن اهو ٻڌايوسونِ، ته روهڙيءَ جي اسٽيشن تي جيڪو صوبيدار جو جماعتي مليو هيو، سو اصل ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر هيو ۽ ان ئي هيءُ ممڻ مچايو آهي.تڏهن سپاف جا هي نوجوان، ڪامريڊ ۽ ڪامريڊن جي خلوص تي حيران ٿي پيا هيا. گهڻو پوءِ احمد علي سومرو ويچارو ته ڪنهن ظالم جي گوليءَ جو نشانو ٿي ويو هيو، اسد ابڙو شايد ڊاڪٽري پيو ڪري، باقي اياز سومرو اڄڪلھ جو سنڌ جو وزيرِ قانون آهي. اهو به الائي ميرپورخاص جيل جي ملاقاتي ڪمري جي ڄارين مان اسان جون ڏِنل اخبارون سُٿڻ جي وَرَنِ ۾ لڪائڻ وارو ڪارڪن اياز آهي يا وقت جي وِير ۾ لُڙهي سچ پچ به وزير ٿي ويو آهي.
    ها سچي هڪڙي ٻي به ڳالھ ياد آئي اٿم، سا به ڀانيان ٿو ته ڪندو هلان. اياز سومري وارن سان هڪڙيءَ ملاقات دوران اتي جيئي سنڌ جا ڪي اڳواڻ مليا هيا، هڪڙي جو نالو به ڌنڌلڪو ياد ٿو اچيم، الائي غلام رسول زرداري هيو يا غلام رسول ڏاهري. مُڙس اصل بيٺي بيٺي چنبڙي پيو، چئي ڀائو تون اسان جي جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيءُ. خير اوڏي مهل ته ٻروچ کان ٻروچڪيون گُھتون گوهيون هڻي جان ڇڏائي هيم.پر گھڻن ڏينهن بعد جڏهن آئون پڪو سُرخو ٿي چڪو هيس، تڏهن جيئي سنڌ وارن، انهن همراهن جي لڪڙ تار تي جيئي سنڌ جي آريسر واري لڏي جا ٻه چڱا موچارا مهانڊا اقبال ڪيهر ۽ تيجڏان چارڻ، مون کي جيئي سنڌ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اچي ڳوٺ نڪتا هيا، مانيءَ ٽڪيءَ کان پوءِ جڏهن حال احوال ٿيا هيا ته مڙسن پنهنجي ماجرا ٻُڌائي هئي. ۽ پوءِ مڙسن قوم پرستيءَ جي حق ۾ دليلن ڏيڻ سان وسان ڪونه گهٽايو هيو، سموري رات ساڻن ڪچهري هلي هئي، آئون ڦِريو ڦِريو وريو چوانِ، اوهانجي ڳالھ صحيح هوندي پر مونکي سمجھ ۾ئي ڪونه ٿي ويهي، همراه جتان ڳالھ کي ڇڏين وريو اُتان کان بيهن. پر منهنجو قصو وري به ساڳيو، سهي جي ٽن ٽنگن وارو.همراھ حيران به هجن ته هيڏي دماغ واري مڙس کي ڳالھ ڇو ڪونه ٿي سمجھ ۾ اچي.تن ڏينهين آئون ٿورو ٿورو چور پُٽ به هوندو هيس، مون وٽ حاجي رمضان مري به رهيل هيو.اسان وارا قصا ٻُڌي ٻڌي حاجي رمضان چوي، يار حيرت آهي، آئون ٺُپ اڻپڙهيل آهيان، سو به ڳالھ سمجهي ويو آهيان.تون پڙهيو لِکِيو به پِڙُ ڪڍيو بيٺو آهين، ته سمجهان ڪونه ٿو. هاڻ کيس ڪهڙو جواب ڏيان، آئون سمجهي سُڻِي پيو حرامپائي ڪريان. بس مون کي جو سمجهڻو ڪونه هيو سو سَمڌُس به ڪونه. اها رمز هنن کي به ڪونه آئڙي هئي. وري گڻا ورهيه پوءِ تيجڏان ته وطن ڇڏي بي وطن ٿي هندستان هليو ويوهيو، باقي اقبال ڪيهر سان عمرڪوٽ ۾ بينڪ جي نوڪريءَ دوران وڏيون ڪچهريون قائم ٿيون هيون. تنهن کي جڏهن اصل ڳالھ ٻُڌائي هيم، ته حيران ٿي چيو هيائين، مار پوئي تون ته ڪو وڏو لاھ آهين. تنهن رات ته اسان ٻنهي توکي ٿلهي دماغ وارو ڪورو ڄٽ سمجهيو هيو.پر تون اسان سان پَٽي ڪري ويو هئين. ايئن چئي پنهنجي اشهد آڱر وات تي رکي چوي، اسان کي اها ڪل ئي ڪونه هئي ته ڪامريڊن ۾ به ڪا ايڏي ڏاهپ ۽ لِڪ هوندي.
    ڳالھ پئي هلي، ڪامريڊ غلام حسين جي، همراھ کي چِڙ جا گھوڙا هوندا هيا، شل نه ڪنهن سان ڪنهن ڳالھ تي اَڙجي، اصل وڻ گھوڙو ٻڌڻ ئي ڪونه ڏيندو هيو. غلام رسول سهتي تي ته اصل اُلڙيءَ ڪُهاڙيءَ جيان ايندو هيو. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي اهم پناه گاه، بلوچستان، جتي صوفي عبدالخالق جي اثر هيٺ ٻنهي صوبن جي دنگ تي وهندڙ واه جي ڪپ تي کٽ رکيو سُتو پيو هوندو هيو، جي هيءَ پوليس آئي ته هوڏانهن هليو ويندو هيو ۽ جي هوءَ پوليس آئي ته هيڏانهن.صوفي تن ڏينهين پارٽيءَ جي پولٽ بيورو جو ميمبر هيو، هڪ ڀيري ڪامريڊ ان تي به ڪاوڙجي پيو۽ چيائينس ته، صوفي! تون به ڊِنگھرن تي اَٽو هاريندو وتين. اسان جي ڳوٺ جي امرئي مينگهواڙ جي مٿين خاني جا ڪجھ نٽ ڍرا هوندا هيا، سو ڪامريڊ جي ڪچهريءَ ۾ اڪثر ويٺو وڏيرن تي ٿيندڙ وَٺُ ٻڌندوهيو، تنهن هڪ ڏينهن ٺوڪي کڻي زَٽُ هنيو ته فلاڻي وڏيري اسان جي ڦٽيون چونڊيندڙ لاهيارن کي يرغمال ڪري ورتو آهي. همراھ بندوق کڻي اٿيو، پوءِ جيسين ڪوڙ، ڪوڙ ٿئي ۽ سچ سچ ٿئي تيسين مڙس کي روڪڻ ۾ جيڪي اسان ٻک وڌا سي رب ٿو ڄاڻي، ٻيا جيڪي حياتيءَ آهن سي.
    رحمدل به ايترو جو هڪڙي ڀيري مرحيات عرس ڪانهئي جي زمين جي ڦڏي ۾ سندس گھر تي رات جو پهرو پئي ڏنائين جو مرحيات عرس چيس ته ڪامريڊ مون وٽ کائڻ لاءِ اٽو به ڪونهي ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟ ڪامريڊ ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ پنهنجي ٿيلهي مان چانديءَ جا ٻه وزني پير ڪڙول ڪڍي ڏنائينس. الائي اهي پنهنجي ٻچڙن جا هيس يا ٻئي ڪنهن جا؟ تن ڏينهين ڪامريڊ تي پارٽي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ غير قانوني ذريعا استعمال ڪرڻ جهڙا ڪجھ غلط الزام به لڳا هيا. حقيقتون هڪڙو رب ٿو ڄاڻي ٻيا پارٽيءَ جا اهي ذميوار جيڪي فنڊ استعمال ڪندا هيا.
    هو جڏهن هتان کان ڪراچيءَ ويو هيو ته ڏاڙهي رکيل هيس، وار وڏا هيس، اُتي لطف ۽ امام بخش پيرزادن جي گھران جهلجي پيو هيو، پر پاڻ کي پيرزادو ۽ لطف وارن جي ٻڪرين جو ڌراڙ ٻُڌائي ڇُٽي ويو هيو. ۽ وري به هتي ئي آيو، ته مٿو، ڏاڙهي ۽ مُڇون ڪوڙيل هيس، مٿي تي ملنگن واري رليءَ جي ٽُڪرين جي ٽوپي پيل ۽ هٿ ۾ کجيءَ جو ڇٻو هيس. رمضان ڪانهئي جي هوٽل ۾ ڇهين آنين ڪوپ واري چانھ پئي پيتائين. آئون کيس ڪونه سڃاڻي سگھيو هيس. تڏهن هوريان هوريان منهنجي پويان ايندي سڏ ڪيوهيائين، آواز مان سڃاڻي چيو مانس، ڪامريڊ تون ته جھلجي ويو هئين.! تڏهن وراڻيوهيائين ته انهيءَ قصي کي ڇڏ، منهنجو ڀاڙو کُٽل هيو تڏهن توڏي آيو آهيان. نه ته يارڙا نوس نوس ڪندا پويان ايندا هوندا. اهو سندس اچڻ آخري هيو.
    ناري جي اورينءَ ڀر تي بان واه جي ٻنهي ڪپرن جي ڍاڪي ۾ اڪثر ڪري شر قبيلي جا گھر ڏسي پير پاڳاري جو ننڍڙو خليفو مرحيات حاجي شفي محمد راهو چوندو هيو ته هي بان جي ڍاڪي ۾ صرف انهيءَ ڪري ٿا رهن جو ڪاريون ڪري ماريل مائين جا لاش لوڙهڻ ۾ سولائي ٿي ٿئين. سو انهيءَ قبيلي مان هي جُنگ جوان پيدا ٿيو هيو، جنهن اميد خاتون ۽ حسن بانو، شرياڻين کي، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪوٽا تي ماسڪو پڙهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو، گھڻن کي اها خبر ڪانهي ته اميد خاتونءَ جي لکيل مينگھي فقير کان ماسڪو تائين جي پويان ڪهڙو اهم ڪردار هيو.
    اهو ڪامريڊ جڏهن 21 آگسٽ تي گذاري ويو ته ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ اسان واري ڪامريڊ لڏي مان وڙلي ڪي هيا، نه ته ٿيو خير. ٻيو ته ٺهيو پر ٽُٽندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آخري سيڪريٽريءَ ڄام ساقيءَ کي به سال کان پوءِ آئون ئي سندس تڏي تي فاتحي وٺي ويو هيس.تڏهن سندس والد مرحيات عبدالرزاق جي سامهون ويهندي اسان جون ڦڪائيءَ ۾ اکيون هيٺ هيون. ان ڪامريڊ جون ڪيئي ورسيون آيون ۽ خاموشيءَ سان گذري ويون.بس جيڪي چُلھ تي سي دل تي، جيڪي اُسريا سي وسريا واري ڪارِ آهي هن زماني ۾.
    ڳالهه پئي ڪيم رندن جي ٻن ڦُلڪن جي، سي به صفا سنهڙا، اصل ڪاغذ جهڙا هوندا هيا، جن مان منهنجو ڍوءُ ئي ڪونه ٿيندو هُيو. نڪو ئي وري حجاب ۾ ٻي ماني گهرندو هيس. بس مڙوئي اڌ بک ته اڌ ڍئوءَ تي پئي قصو هليو. ان زماني ۾هرروز رات جي مانيءَ کان پوءِ، رند، هڪ ٻئي کي سَڏ ڪندا هُيا. سنهڙي آواز جا سڏ، هلو ڙي هلو، سِگها ٿيو هلو!!.آئون ڏسندو هُيس ته هو هر روز ساڱريءَشاخ يا ڪنهن ٻيءَ شاخ مان پاڻي چوريءَ ڪرڻ لاءِ، ڏهاڪوکن مُڙس وٺي رٻڙ جو پائيپ پاڻيءَ ۾ لاهڻ لاءِ، ڪامريڊ ابوبڪر جي اڳواڻيءَ ۾ويندا هُيا. پنهنجو چوريءَ وارو ڪاج پورو ڪري اهو رٻڙ جو پائيپ وري اچي اوطاق ۾ ڦٽو ڪندا هيا. هڪڙي ڏينهن اهو پائيپ کڻي ڏٺم، مشڪل سان ڏيڍ مڻ کن وزن هُجيس. تن ڏينهن آئون اڍائي مَڻي ڪڻڪ جي ٻوري ملا مليءَ کڻي ويندو هيس. سو هڪڙي ڏينهن دِل ٻڌي، ٺوڪي حاجي نور محمد جي سامهون ئي ابوبڪر کي چيم، ڀائو، هي جو هيترا ماڻهو پائيپ کڻڻ لاءِگڏ ڪرين ٿو، ان کان ته مون کي ڍوءَ تي ماني کاراءِ. آئون اڪيلوئي اهو پائيپ کڻي شاخ ۾ لڳائي ڏيندوسانءِ. حاجي نور محمد جي ڳوٺ وارا رند ٻروچ، سمجهُو ماڻهو هُيا، مون ماستر کان پائيپ ته ڪونه کڻايائون پر پوءِ هميشھ لاءِ مانيون ٻن بدران چار اچڻ شروع ٿيون. تڏهن وڃي منهنجو به ڍئو ٿيو.
    اهو وقت ايئن گذريو جيئن ڪالهوڪو ڏينهن، انهيءَ کان اوڻٽيهه ورهيه پوءِ وزير اعليٰ سنڌ جي، ايڊيو ڪيشن مانيٽيرنگ ٽيم جي ميمبر جي حيثيت ۾ ساڳيو اسڪول وڏي دٻدٻي سان وڃي وزٽ ڪيو هيم. ۽ هيڊ ماستر کي چيم پراڻو رڪارڊ ته ڏيکار. ويچارو ڏڪندي، ٿِڙندي، ٿاٻڙندي، سوتليءَ سان ٻڌل مِٽيءَ هاڻن رجسٽرن جي ڀَرِي کڻي اچي آڏو بيٺو.1978 جي ماسترن جي حاضريءَ جو رجسٽر کوليم، پنهنجون صحيحون ڏٺم. نيڻ ڀرجڻ لڳا، پنهنجي نالي تي آڱر رکي ماستر کان پُڇيم ته ڀائو، هن ماستر جي خبر اٿئي ته هينئرڪٿي آهي؟ ؟ وراڻيائين، سائين ٻُڌو اٿم گهڻو اڳ ماستري ڇڏي ويو هو. هاڻي الائي ڇا ٿو ڪري سا خدا کي ئي خبر آهي. تڏهن نيڻن مان نير وهي هليا هيا، وزير اعلي جي ٽيم جا باقي ميمبرحيران۽ پريشان هجن، ته هن سان ويٺي ويٺي ڪهڙي ماجرا ٿي آهي؟ نيٺ گھڻي اسرار تي ٻُڌايو هيو مانِ ته اهو ماستر آئون آهيان ۽ اُن دور جي غُربت جا ڏينهن ياد ڪري لُڙڪ لَڙيا اٿم.


    10

    ڳالھ پئي هلي، پهرينءَ نوڪريءَ جي، سو جڏهن نوڪريءَ جو پهريون پگهار مليو، ته اهو هيو ٽي سئو ڏهه روپيا. بابا، انهيءَ ڏينهن ڀَتَ جي ديڳ لاٿي هئي.غفور ۽ گل بيگ کي ٿورا ٿورا ڪري قسطن ۾ پئسا ڏيندو آيس. ڪجهه مهينن ۾ ئي پي ٽي سيءَ جي ٽريننگ لاءِ آرڊر ٿيو هيو. رندن کان موڪلائي، ميرپورخاص پُهتس، ٽريننگ ڪاليج، ميونسپل هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ کُليو هُيو، ماستري پڙهڻ دوران فرسٽ ايئر، انٽر جا ڪتاب به ورتم۽ پڙهڻ لڳس. اِن وچ ۾ٻين ڪامريڊن سان گڏجي تاج مريءَ جي اڳواڻيءَ ۾منهنجي ڳوٺ کان سواءِ، تگوسر، هنڱورنو، سميت ڪافي جاين تي سنڌ هاري ڪميٽي جا يونٽ کولياسين، مزي جي ڳالھ اها هوندي هئي ته جيڪر هڪڙي ڏينهن ڪنهن نئين ڳوٺ ۾ پهتاسين، همراهن سان رات جو ڪچهري ٿي، تاج پاران ٻئي ڏينهن اخبارن کي خبر جاري ٿي ويندي هئي، ته فلاڻي ڳوٺ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو يونٽ کليو، فلاڻا فلاڻا عهديدار چونڊيا. آئون سوچيندو هيس ته ايئن ڪيئن انقلاب ايندو، بس هڪڙي ڪچهريءَ ۾ ماڻهو اسان جا ٿيا به سهي ۽رات وچ ۾ ليڊر به ٿيا، سي ڪهڙو انقلاب آڻيندا؟ ڀانئيان ٿو ته تاج مريءَ سميت سموري سنگت، پارٽيءَ جي مرڪز ۾ جواب ڏيڻ لاءِ رڳو انگ پورو ڪندي هئي. تاج مريءَ جو قصو هليو آهي ته ڪجھ سندس ساروڻين کي به ساريندو هلجي
    تنهن زماني ۾ ميرپورخاص جي سنڌين ۽ مهاجرن جي جهيڙن ۽ هلڪيءَ ڦلڪيءَ کِٽِ پِٽِ کان ڊڄي، ابي ۽ امان ڪجھ ڏينهن لاءِ پنهنجي هيکلي پُٽ اميري کي ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول مان ڪڍي اچي گهر ويهاريو هيو ۽ نيٺ گهر ۾ ويهي مکيون مارڻ ۽ اجايا اوڙي پاڙي جا ڪُتا ڪُٽڻ جي سُوران، لڳ ڀڳ چئن مهينن بعد وري ڪنڊياريءَ جي هاءِ اسڪول ۾ ڏهون درجو پڙهڻ لاءِ موڪليو هيائون. ايستائين جيتوڻيڪ شهيد ڀٽي، سنڌ جي چند خدا ترس ماڻهن جا جوڙايل ناميارا خيراتي اسڪول قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيا هيا.پر تڏهن به خانبهادر غلام محمد وساڻ جي جوڙايل ڪنڊياريءَ واري هاءِ اسڪول ۾ غريب شاگردن لاءِ هاسٽل ۽ ٽن ويلن جي ڀلوڙ ماني وساڻ جي خاندان پاران مفت ۾ ملندي هئي.
    اهو 1974 جو زمانو هيو، جو پهرئين ڏينهن پيرن ۾ جتي نه هجڻ ڪري ابي جي جُتي پائي، مون وڃي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊياريءَ ۾ ڏهين درجي ۾ داخلا ورتي هئي. تڏهن اها خبر به ڪونه هئي ته شاگردن جي به ڪا يونين هوندي آهي، ۽ نه ئي يونين جهڙي بلا ڪٿي ڏٺي ۽ ٻُڌي هئي سون. پر هتي شاگردن جي يونين ٺهيل هئي، جنهن جو صدر، ڇاڇري جو هاڻوڪو اي ڊي او تعليم علي اڪبر راهمون ۽ جنرل سيڪريٽري منظور ميربحر هيا. شاگردن واتان ٻڌو هيم ته اها يونين تاج مريءَ نالي ڪنهن اڳوڻي شاگرد ٺهرائي هئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ۽ مشهور اڳواڻ هيو.
    سندس نالو ٻُڌي گهڙيءَ کن لاءِ منهنجي به دل ۾ آيو هيو ته انهيءَ وڏي ماڻهوءَ ۽ شاگردن جي نالي واري اڳواڻ تاج مريءَ سان ملاقات ڪجي. پر پوءِ اسڪول جي پڙهائيءَ دوران اها ڳالھ ئي وسري وئي هئي. تان جو مئٽرڪ پاس ڪري هڪ اڌ سال هارپو ڪري 1978 ۾ جڏهن پندرهن سئو ۾ ماستر ٿيس ۽ ڪامريڊ رندن جي ڳوٺ ۾ مقرري ٿي تڏهن انهن جي معرفت ذات پرستيءَ جي جنون ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر سان ڏيٺ ويٺ ٿي. ۽ ٿيندي ٿيندي آئون به سُرخو ٿي ويس، تڏهن سُرخن ڪامريڊن تاج مريءَ کي ئي مون کي سياست جا سبق پڙهائڻ واسطي توڙي سياسي ڪم ڪار جي رپورٽ وٺڻ ۽ پارٽي لائين ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو. هيءُ اهو ئي تاج مري هيو جنهن ڪنڊياريءَ جي هاءِ اسڪول جي يونين ٺهرائي هئي. ۽ کيس ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ ڪڏهن دل جي ڪنڊ ۾ ڪو شوق جاڳيو هيو، خير پوءِ هن باقاعدي منهنجي سياسي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي. جنهن ۾ پارٽي لائين موجب سمجهاڻين کان علاوھ اسٽڊي سرڪل ۽ پارٽي سيل جون گڏجاڻيون به هيون.
    تڏهن هونئن ته هجئون نه هجئون پر گهڻو ڪري اسان سڀ ڪامريڊ پاڻ کي هروڀرو به روپوش سمجهندا هياسين ۽ ڀانيان ٿو ته ڪجھ وقت تاج مريءَ منهنجي فرضي نالي سان به روپوشي گذاري هئي، ڇو جو جوانيءَ ۾ اسان جا مهانڊا ٿورا گهڻا هڪ ٻئي سان ملندا هيا. هونئن به روپوشين ۾ تاج مري اسان واري سموري لڏي ۾ وڏوسئوڻي سمجهيو ويندو هيو، ڇاڪاڻ ته هو ٻين سمورن سُرخن جي ابتڙ اڪثر ڪري گرفتاريءَ کان بچي ويندو هيو. الائي ڪيئن؟ سا خبر ته کيس هوندي. ٻي سندس رب کي ۽ ٽين سندس والد چاچي فضل حسين کي جيڪو تن ڏينهين پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ به هيو. چوٿين پڪ سان شازيه مريءَ جي والد مرحوم عطامحمد کي هجي ها جيڪو سندس ويجهڙو عزيز هيو پر هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو.
    سنئوڻي هوندي به تاج ڳچ ڀيرا پوءِ به ڪاٺ ۾پيو هيو، پر هڪڙي ڀيري پارٽيءَ جي حڪم تي صحافين جي تحريڪ ۾ تاج پاڻ ئي ڪنهن مارڻي ڏاند جيان پوليس کي ٿُونا هڻي وڃي گرفتاري ڏني هئي. ۽ پوءِ منهاج برنا سان گڏجي جيل ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهي رهيو هيو. انهيءَ ڊگهي مدي واري بُک هڙتال کي ڪراچيءَ جي اردو اخبار امن لاڳيتو پنجاهي کن ڏينهن ايڏي ته وڏي ڪوريج ڏني هئي جنهن جو ڪوئي ماپو يا ماڻ نه ٿو ڪري سهگجي.صحافين جي انهيءَ تحريڪ جي نتيجن بجاءِ، تاج لاءِ جيڪي تڪڙانتيجا نڪتا هيا سي هيا، سکر جيل جو بند وارڊ، ڏنڊا ۽ آڙا ٻيڙيون.
    سو تاج، روپوشيءَ دوران هڪڙي ڀيري عيد ڪرڻ لاءِ حيدرآباد مان بس ۾ويهي پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو، بس ۾ ويٺي ايئن ئي وهم ٿيس ته متان ڪٿي ڪو سي آئي ڊيءَ وارو پويان نه هجي، هيو به ايئن ته هڪڙو سي آئي ڊي جو ماڻهو حيدرآباد کان بس ۾ گڏيو آيو هيس. رات جو اٺين وڳين ميرپورخاص مان سانگھڙ ويندڙ ايس آر ٽي سيءَ جي آخري بس ۾ ويهي تاج جڏهن ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو ۽ هُن يار واپس وڃي رپورٽ ڏني، ته تاج هٿيڪو عيد ڪرڻ لاءِ رات جو اٺين بجي واري ايس آر ٽي سيءَ جي آخري بس ۾ سانگھڙ ويو آهي. هيڏانهن تاج جي به شايد ڏائي اک ڦرڪي هئي، جو ڳوٺ وڃڻ بجاءِ رستي ۾ ٻارهين ميل تي ئي بس مان لهي، عيد جي رات اچي مون وٽ ٽڪيو هيو. هوڏانهن ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي کوڙ ساري پوليس، ٻن ڊي ايس پين سوڌو وڃي راتو واه، تاج جي گھر تي ڇاپو هنيو هيو. ۽ تاج نه لڌُن ته سندس اوطاق ۾ ئي لڏو لاهي ويهي رهيا هيا.ٻئي ڏينهن تاج عيد نماز اسان سان گڏجي عالم ڪيرئي جي ڳوٺ ۾ هلي پڙهي هئي. نماز بعد تاج جي چوڻ تي سندس ڳوٺ جو احوال ۽ چاچا فضل حسين کان تاج جي خرچ لاءِ ڪجھ پئسا وٺڻ لاءِ جڏهن آئون اتي پهتو هيس، ته سندس گھر توڙي اوطاَق کي ڪاري ٽوپي گھيريو بيٺي هئي. مون وڏي مشڪل سان سنڌڙيءَ جو شيخ سڏائي، ڪنهن قضيئي تي وڃڻ لاءِ تاج جي ننڍي ڀاءُ ڪاظم جي گاڏي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ اچڻ جو بهانو ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي هئي
    پوءِ پارٽيءَ ۾ اقليتي، اڪثريتي، قومي ۽ طبقاتي سببن جي ڪري وڏي ڀڃ ڊاھ ٿي ۽ پارٽيءَ جوسمورو جهان تِتَر بِتَر ٿي ويو.تڏهن ڪجھ وقت سانھ سَتي ۾ ويهڻ بعد سُک نه آيس ته تاج مري به ٻين ڪامريڊن جيان صحافت جي ڪَڇ ۾ سُڪون ڀانئيندي اوڏهن ئي پَر ساهيا، ۽ نيٺ ڪراچيءَ جو هڪڙو جاکوڙي صحافي بڻجي اڀريو هيو، پر پوءِ به مڙني ڪامريڊن جيان سدائين خيالن ۾ اُڏرندڙ ۽ هوائي تجزين تي ئي ڀاڙيندو رهيو. پر اهو ضرور هيو جو پارٽي ٽٽڻ بعد به نظرياتي طور جتي ڪامريڊن بيهاريو هيس اتي ئي بيٺو رهيو. جيتوڻيڪ هوريان هوريان سڀ ڪامريڊ سڻڀا ٿيندا، پنهنجي مڇيءَ مانيءَ وارا ٿيندا ويا، پر تاج مري پنهنجن نظرياتي عقيدن ۽ تجزين جي ڪري جهڙو شروعاتي ڏينهن ۾ ”اڻڀو“ هوندو هيو، تنهن کان به ڪي ٻه رتيون گهٽ ”اڻڀو“ ٿي ويو. اهو ئي سبب هيو جو هن جون معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بگڙنديون ويون.
    اهو تاج شهيد بينظير صاحبا جي پهرئين دور ۾نوجوانن جي سرڪاري وفد ۾ منيلا ويو، بينظير صاحبا صحافي ڪالونيءَ ڪراچيءَ ۾ پلاٽ ڏنس، سوبه ڀڳڙن جي مُٺ تي هلائي ڇڏيائين. الک اخبار جو ايڊيٽر ۽ حصيوار مالڪ ٿيو، ٻي خلق مال ميڙيا، اخبار بند ٿي ته تاج ٻانهون لوڏيندو هٿين خالي واپس وريو. وطن دوست جي گل صديق پٺاڻ جي مدد سان هڪڙيءَ پيسٽيسائيڊ ڪمپني پاران ڪاروبار شروع ڪيائين، پهرئين سال جي لَکن واري ڪمائيءَ مان ڪاري، ڪِٺُ ڪلر واريءَ زمين جا اٺ ايڪڙ خريدي، ڪاروبار کي الله واهي ڪيائين.سڄي عمر جي ڪمائيءَ مان سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ هڪڙو گھر ورتائين، اوچتو وري ڪار وٺڻ، ۽ گهڻا پلاٽ وٺي وڪڻڻ جو جو شوق ٿيس، ته گھر وڪڻي ڪار ورتائين، ۽ باقي پئسن مان ٻه کن پلاٽ، پڇاڙيءَ ۾ اها ڪار مال جي آهُري مثال ٿي بيٺي رهي ۽ پلاٽن جا ڪاغذ به موڳهين ڪوڙا نڪتس ته ماٺڙي ڪري ويهي رهيو.
    2003 جي نئين ۽ اين جي اوز جي دور ۾ مون جڏهن سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن ۾ بحيثيت ملازم ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو ته اڇڙي ٿر جي عوام لاءِ سياسي تعليم جي هڪڙي ورڪشاپ ڪرائڻ لاءِ مون تاج کي ئي چونڊيو، ڇو جو کپري واري اڇڙي ٿر ۾ سياست تي اهو ئي ماڻهو ٿي ڳالهائي سگهيو جيڪو اتي جي زميني حقيقتن کان واقف هجي. ان لاءِ مون کي تاج کان وڌيڪ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه ٿي سُجهيو. جيڪو لال به لڀي ۽ پريت نه وڃي جيان منهنجو ۽ سِگا جو ٻيڙو تاري وڃي ۽ اهڙيءَ غلطيءَ تي منهنجي هڪڙي لنگوٽئي يار، مون خلاف سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي ”ٻن وڏن دانشورن“ ولي محمد روشن ۽ علي حسين بروهيءَ کي هڪڙي شڪايت ڪئي هئي، جنهن ۾ مون تي وڏو الزام اهو به هيو ته مون عام ماڻهن جي سياسي تعليم جو هڪڙو ورڪشاپ تاج مريءَ جهڙي ”غير سياسيءَ ماڻهوءَ“ جي هٿان ڪرايو هيو. جيڪو غلط هيو.
    ۽ پوءِ سگا پاران ڪرايل انهيءَ انڪوائريءَ واري ڪميٽيءَ جا چڱا مڙس هيا، ڪرم الاهي چنو، نذير ڀنڊ ۽ علي حسين بروهي. جن جي ”دانشمند ۽ دور انديش نظرن“ ۾ آئون هڪڙو ڪورو ڄٽ ۽ سڌو پڌو ضدي ٻروچ هيس، جيڪو علم ۽ عقل جي ”عين“ کان به ناواقف هجي. ڪميٽيءَ جي انهن ٽنهي ڏاهن ماڻهن آڏو منهنجي وڏي تمهيد بعد، ڪرم الاهي چني جيڪو ننڍڙو جملو چيو هيو، سو هيو ڀائي تو به هڪڙي ”ناڪام سياستدان“ کي کڻي هيڏو وڏو پروگرام ڏنو آهي ته دانهن ته ٿيندي. انهيءَ مهل ڪرم الاهيءَ جو اهو جملو ڏاڍو ڏکيو ته ٺهيو پر گوليءَ جيان لڳو هيم. ۽ پوءِ ”ٻين گهڻن سببن“ سان گڏ ڪرم الاهيءَ جي انهيءَ جملي جي ڪري سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن سان هميشھ لاءِ ناتا ٽوڙي ڇڏيا هيم، سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ واري تجربي جا به وڏا داستان هن سيني ۾ سانڍيل آهن، حياتي رهي ته اهي به توهان کي حرف به حرف پڙهائبا.
    سو آئون اڄ به ڊنڪي ڪي چوٽ تي تاج مريءَ کي پنهنجو سياسي استاد سمجهندو آهيان. ۽ هن ملڪ جي ناپاڪ سياست ۾ تاج منهنجو آئيڊيل رهيو هيو ۽ آهي به، آئون هن جي شرافت ۽ اخلاق سميت، عقل ۽ ڳالھ جي ڇيد ڪرڻ جا مثال ڏئي خلقن کي سمجهائيندو هيس ته تاج هيڏو وڏوداناءُ آهي.هاڻي هيڏي وڏي تجربي ۽ زماني جي مختلف ڌنڌن ۾ ڌڪ کائڻ بعد پنهنجي انهي تجزئي تي ٿورڙو عجب ٿو لڳيم، ايئن ناهي ته آئون اڳي تاج کي عظيم سمجهندو هيس ۽ هاڻي قديم سمجهان ٿو، هو مون لاءِ ڪالھ به عظيم هيو، اڄ به آهي ۽ صبحاڻ به رهندو.پر اهو سو ضرور چوندس ته سياست جي هن بازارِ يوسف ۾ پنهنجي جواني لُٽائڻ وارا تاج پارا گهڻا ڪامريڊ، جتي ڪالھ هيا الائي ڇو اڄ به اُتي ئي بيٺا آهن. معذرت سان چوان ته جهڙا لڪير جا فقير ۽ اڄ به جهڙا پراڻي پارٽي لائين تي هلندڙ.نه زميني حقيقتن جي ڄاڻ وٺندا نه ئي وري گهڻومطالعو ڪندا، نه معاملي جي پوري ڄاڻ رکندا، نه ئي وري صحيح معني ۾ اپ ڊيٽ ٿيل ھوندا. اصل ايئن لڳندو آ ته مذهبي مشنرين وانگر جيڪو مٿي ۾ ويهاريو ويو اٿن سوئي پيا ڪن. پنهنجي دماغ سان ڪونه ٿا سوچين. ۽ نئين زماني جي نواڻ واري هوا پاسو ڏئي به ناهينِ لنگهي.
    سو تاج هڪ ڀيرو وري صحافت ۽ سماج سڌارڪيءَ سميت وري وڃي ڪامريڊن جي جوڙيل عوامي ورڪر پارٽيءَ سان سلهڙيو آهي، ڊڄان ٿو ته وري خدا خير ڪريس، سوچيندو آهيان هن درويش جي صاف گوئي، سچائي ۽ پاڻ ارپڻ واري جنون سبب اها نئين پارٽي به کانئس الائي ڪيتريون ۽ ڪهڙيون قربانيون وٺندي. ۽ موٽ ۾ به الائي ڪهڙا سِلا ڏيندي؟ ڇو جو ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن هن جي دل مورڳهين هٿن مان ٿي وئي ۽ مون ملڪ جي سمورن نيٽ ورڪن تي وٺي ٻاڪاريو هيو ته ”ڪامريڊو ! ٻيلي وارو ڪريو تاج ٿو هٿن مان وڃي. هٿ هٿ ڪري علاج ڪرايونس “. تڏهن پوري پاڪستان ۾ موجود لکين سڻڀن سُرخن مان هڪڙو رمضان ميمڻ ئي ڇاتيءَ تي هٿ هڻي سڀئي بار سر تي کڻي بيٺو هيو، باقي ڪُل پيران دا خير لڳو پيو هيو. ٻيو ته ٺهيو پر مون کان خود کان به ڪجھ ڪونه پُڳو هو. تاج ته پنهنجي جذبي سان سچائيءَ سبب انهيءَ ڦٽيل دل جي ڳنڍ ٽوپ ڪرائي، ابتا سُبتا ٽانڪا لڳرائي وري اچي ساڳئي ڪُن ۾ ڌُوڪاريو آهي ۽ يارن جي ” مهربانين “ واري انهيءَ قصي کي صفا پُٺن تي واري وري پنهنجيءَ ڌُن ۾ مگن لڳو پيو آ. هاڻ ڏسئون ته هيءُ ملڪ ۽ هن ملڪ جا سابق ۽ هاڻوڪا سُرخا ۽ سُرخن جا آئيڊيل پورهيت ماڻهو، تاج کي اڳتي هلي ڪهڙو سونو روپو تاجُ ٿا پارائين.

    تن ڏينهين ماروٽ خان محمد، سروري اسلاميا ڪاليج هالا کي ڇڏي اچي شاه لطيف ڪاليج ميرپورخاص جا وڻ وسايا هيا، ان به ڪاليج ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو يونٽ به کوليو هيائين، پوءِ ڪاليج کان علاوھ به هرهنڌ باقاعدي ميٽنگون ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڳوٺن ۾اسٽڊي سرڪل به هلڻ لڳا هيا ۽ سرخ انقلاب جي انتظار جون تياريون ٿيڻ لڳيون هيون، انقلابي تحريڪ جي هراول دستي جي اڳواڻيءَ جون تياريون ڪرڻ لڳا هياسين. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي خبر مونکان سواءِ باقي نون ساٿين مان ڪنهن کي به نه هُجي. آئون به پارٽيءَ جو رڳو نالو ٻُڌندو اچان، اڃان ميمبر نه هجان. اها سُڌ ٻڌ هجيم ته هي سڀ ڪامريڊ، ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ميمبر ۽ عهديدار آهن. پارٽيء تي پابندي هجڻ جي ڪري َمختلف فرنٽ جوڙي، ان ذريعي ڪم پيا ڪن. اسان واري ڪميونسٽ سنگت، تن ڏينهين مرحوم غوث بخش بزنجي کان الڳ ٿي پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي هُئي.نيشنل پروگريسو پارٽيءَ جي نالي سان، اعزاز نذير صدر ۽ هاڻوڪو سرحد صوبي جو سينيئر وزير، افراسياب خٽڪ جنرل سيڪريٽري هيو. ساغر سميجي جو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد خان سميجو، ان پارٽيءَ جو سنڌ لاءِ مُک عهديدار هُيو.ڊاڪٽر محمد خان ٽريننگ ڪاليج ۾ باقائدگي سان مون سان ملڻ ايندو هُيو، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ترجمان سرخُ پرچم ۽ هلچل جون ڪاپيون مون کي پهچائي ويندو هيو ۽ آئون اهي اڳتي ورهائيندو هيس.سرڪاري ادارا ڳول ڳولان ۾ هوندا هيا ته سرخ پرچم ۽ هلچل ڪير ٿو ڇاپي ۽ ڪٿان ٿا اچن؟ ؟ پر کين ڪل ئي ڪانه پوندي هئي. ته اهو خطرناڪ مال ڪٿان ٿو اچي. پرچا باقاعدگيءَ سان پڙهندڙن وٽ پهچندا رهندا هيا.
    هڪڙي ڏينهن ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ثاقب آريسر تي نظر پئي، جنهن ڊيپوٽيشن تي اسان ماسترن کي سنڌي ٿي پڙهائي. ته يڪدم مونکي چيائين، انهيءَ ماڻهوءَ کان بچجانءِ!!حيران ٿيندي چيم، ڇو ڀلا؟ تنهن تي وراڻيو هيائين، ته اهو ايجنسين ۽ جماعت اسلامي جو پگهاردار آهي. تن ڏينهين، ثاقب به مون کي قوم پرست سمجهي، دوستيءَ جو هٿ وڌايو هيو، ڀانيو هيائين ته جماعت اسلاميءَ لاءِ هڪڙو مسلمان وڌائي ثواب کٽيندسُ. مون پاران مانائتي موٽ ملڻ تي اسان جي دوستي وڌندي وئي، ثاقب، مونکي ڪٽر قوم پرست سمجهي، منهنجي دل کٽڻ لاءِ ڪميونسٽن کي زن دُختر گاريون ڏيندو هيو، آئون ثاقب جي چانهه جو ڪوپ پي، پنهنجو پاڻ کي کوڙ ساريون گاريون ڏياريندو هيس. گھڻو ڪري رهندو خاموش خاموش هوس. ڪڏهن ڪڏهن فقرو هڻي ڇڏيندو هيس ته، هان سائين ڪميونسٽ اهڙا آهن!! هان سائين پوءِ ته هي وڏا ڪافر ۽ اسلام دشمن چئبا !! بلي!! مار !!. تيئن سائين وڌيڪ شَھَ ۾ اچي ڪميونسٽن تي گارين جا ڌوڙيا لائيندو هيو. سو ايئن ثاقب سان گهرائپ وڌندي وئي۽ ورهين کان وٺي، اڄُ به آهي، اهو ثاقب نه ايجنسين جوپگھاردار هيو نه ئي واٺو هيو، رڳو جماعتي ذهن هُيس ۽ اڄ به اَٿَس. ان ذهني سوچ سبب، ڀورپائيءَ ۾ هُوڙهيائيون ڪري غلطيون به جام ڪيائين، پر ڪنهن به ڪامريڊ يا قوم پرست تي آڱر کڻي، ضيائي مارشل لا ۾ ٽنگايائين ڪونه. وري ڪو وقت اهڙو به آيو جو سندس گهاٽا صحبتي ۽ يار اسان ڪامريڊ ئي رهياسين. اسان کان سواءِ نه هُن جي سرندي هئي ۽ نه وري اسان جي هُن کان سواءِ سرندي هئي.
    ميجر ڪفايت جي ڏاڍ مڙسيءَ جي ڪري سموري سنڌ ٻري پئي هُئي. شاگردن پاران ڄامشوري ڦاٽڪ تي ڪيل سخت احتجاج، جنهن ۾ ڪجھ فوجي جوان به هلي چُريا هيا، تنهن ڪيس ۾اسان جي ساٿين مان ٻين سان گڏ ساغر سميجو به جهليو هيو. سرفراز ميمڻ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو هيو. ڪجهه وقت ۾ حاجي صاحب يعني، ڄام ساقي به پنهنجن ٿرين جي ٿورن سان پٺاڻ ڪالونيءَحيدرآباد مان اقبال ميمڻ جي گھران جهلجي ويو هيو. ڀاڀيءَ سکان ڏک ۾ پنهنجو پاڻ کي کوھ ۾ کڻي ڦٽو ڪيو هيو، عبرت ۽ هلال پاڪستان ۾ ڀاڀيءَ سُکان جي خودڪشيءَ جون خبرون وڏين سرخين سان لڳيون هيون.مون کي انهن ٻنهي بي وقتن واقعن جو ڏاڍو ڏُک ٿيو هيو. ڄام، الائي ڪهڙن ٽارچر سيلن ۾ هُيو.۽ پٺيان سڄي سنگت وٺ وَٺان ۾ هئي.ڄام تان ياد آيو اٿم ته تن ڏينهين اسان جو آئيڊيل ڄام ساقي هوندو هيو، ڀانيان ٿو ته پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ڪميونسٽن جي هتان لڏي وڃڻ بعد، ڪميونسٽ پارٽيءَ تي ٿيل ٻاهرين يلغار سبب وڙلي ئي ڪو سنڌي اڳواڻ پارٽيءَ جي اهم پوزيشن تي هيو، سڄو ڪار وهنوار ٻاهران آيل دوست هلائيندا هيا. ۽ گڏوگڏ سپريم ڪورٽ پاران پارٽيءَ تي پيل پابنديءَ کان پوءِ جي پوري عرصي ۾ صرف ٻه سنڌي پارٽيءَ ۾ گهڻو اڳتي آيا هيا. جيڪي ٻئي بنهي غريب ۽ مسڪين هيا.انهن مان هڪڙو شهيد نذير عباسي۽ ٻيو ڄام ساقي هيو. جيتوڻيڪ سگھارن مُڙسن نذير جو وجود ئي اسان کان ڦُري ورتو هيو، پر ڄام کي جنهن حالت ۾ جيئدان مليو هيو سو به شهادت کان گھٽ ڪونهي. هوڏانهن پارٽيءَ جي اهم عهدن تي ويٺل سرڪاري ملازم، جيتوڻيڪ جيل ۽ ريل ۾ ڄام وارن سان گڏ هيا. پر هڪڙن حياتيون ڏنيون، ٻيا جڏا ۽ اپاهج ٿي جيلن مان نڪتا، ٽِين ڏه ڏه سال سزائون ۽ ڦٽڪا کاڌا. پر جيلن مان نڪري به جن جون پينشنون جاري ٿيون تن مڙسن جي خبر اڄ تائين ڪونه پئي ته ڪهڙي ڪُوفي مان هيا. سو ڄام ساقي، سنڌين جي پڙهيل لکيل۽ غريب طبقي جو هي آئيڊيل شخص زماني جي وڏن لاهن چاڙهن مان گذرندي به جتي ڪالھ هيو، اڄ به اتي بيٺو آهي، ذري جيترو چئون يا تر جيترو چئون پنهنجي جاءِ تان ڪونه ٿڙيو آهي.ڄام تي پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃڻ جون آڱريون کڻڻ وارا منهنجا دوست پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسن ته ڪيترا آهُرا ۽ پاهُرا مٽايا اٿن. هو ته جتي به ويو آهي اتي به انهي طبقي جي وڪالت اڄ به ڪري پيو ۽ ڪالھ به پئي ڪيائين. هونئن به اسان جي سنڌ، سنڌ جي هاريءَ، سنڌ جي مزدور، يا کڻي چئون ته سموري ملڪ جي مزدورن ڄام لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ جيڪو سڄي ڄمار هنن لاءِ وڙهندي، ڪڏهن ريل ۾ يا ڪڏهن جيل ۾ رهيو. پارٽيءَ جي سنگت، پارٽيءَ جي ميمبرن تڏهن ڪجھ به ڪونه ڪيو هيو، جڏهن مڙس مرڳهين هٿن مان ٿي ويو. تڏهن وري به انهيءَ طبقي، جنهن جي خلاف ڄام سموري ڄمار جنگ ڪئي هئي. انهن ئي مدد ڪئي هئي، يعني گورنر محمود هارون، سرڪاري رقم منظور ڪري علاج لاءِ لنڊن موڪليو هيس.
    انهيءَ ڄام سان پارٽيءَ جي سرگرمين دوران ڀانيان ٿو ڪڏهن ملاقات ڪونه ٿي هيم. جي هوندي ته به تڏهن نالا ۽ شڪليون ئي مَٽِيل هونديون هيون. نه ئي وري اها همت هوندي هئي جو گڏ گهمندڙ ڦرندڙ هڪ جهڙن ڪارڪنن کان اصل نالو ۽ ذات پُڇون.۽ جي ڪنهن ڀُل چُڪ ۾ ڪنهن کان اهڙو سوال پُڇي ورتو، ته مڙس سڄي عمر مشڪوڪ هوندو هيو. هاڻي ڄام ساقيءَ سان منهنجا جيتوڻيڪ گھر جي ڀاتيءَ وارا رشتا آهن. سندس سموري خاندان ۾ منهنجي حيثيت گھر جي ڀاتيءَ واري آهي. ڄام جي راڄ وارا هزار ڳالهيون ڪن، مائٽ ۽ دوست هزار ڳالهيون ڪن، پر هن مڙس جي واتان حرام جي ڪنهن لاءِ به ڪا ٻڙڪ به ٻاهر نڪتي هجي.ڪيترو به پڇبو. جواب هوندو ادا ڏِسين پاڻهي پيو.جيتوڻيڪ پارٽيءَ جي ڪوٽا تي پنهنجي ڀاءُ سلطان کي سوويت يونين مان پڙهايائين. پٽ سجاد به انجنيئر ٿيو، پر اهي ٻه ڇو؟ اسان مان گهڻا تڻا خود توڙي انهن جو اولاد ڄام جو ئي ڪيڙُ ٿئي ٿو.ڀانئيان ٿو ته سڀڪو مڇيءَ مانيءَ وارو آهي، پر ڪنهن به اڄ تائين ڄام کان اهو ڪونه پڇيو آهي ته ظالم وقت جو گاڏو بنان ڪنهن آمدنيءَ جي ذريعن جي ڪيئن پيو گيڙي؟ اهو ضرور آهي ته پنهنجن پراڻن ساٿين ۽گھر جي ڀاتين کان جيڪر ڪڏهن انتهائي مجبوريءَ ۾ جيڪر ڪي چار پئسا اڌارا گھُريا هوندائين ته هُو هوا ضرور ڪئي هوندائون.
    تن ڏينهن ۾اوچتو هڪڙي ڏينهن حيدر جو خط مليو. حيدرجتوئي، ڪامريڊ غلام حسين شر جو ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ فرضي نالو هوندو هيو. خط ۾لکيائين ته لاڙڪاڻي جا ڪجهه دوست شاگرد، اياز سومرو، احمد علي سومرو ۽ اسد ابڙو ميرپورخاص جي جيل ۾ آيا آهن. جنهن ڳالھ جو ذڪر اڳ۾ به ڪري آيو آهيان. سنگت کي ٻُڌايوسين ۽ ملاقاتون وڃي ڪيونسين، ته مُڙس متان هِمت هارينِ. جيتوڻيڪ ٽئي همراه سُپاف جا هُيا. پر ڪامريڊ غلام حسين جي انقلابي جذبي، سندن مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھيو. اسين عيد جي ڏينهن سندن ملاقات تي وياسين. آئون ۽ جيرام. مِٺائي ۽ اخبارون وَٺي وياسين. ڪڏهن ساڻن ملاقات ئي ڪونه ٿي هئي، تنهنڪري همراه سُڃاڻن به نه پيا. کين روهڙي اسٽيشن واري ڳالهه ٻُڌائي سون، ته ڏاڍا خوش ٿيا. ميرپورخاص جي شهر ۾ ڪامريڊاڻي سنگت کي مڙسن جا احوال ڪياسين، پوءِ ته جيل تي سندن ملاقاتين جي لانڍَ لڳي وئي. اسين به هر ٻئي ٽئي ڏينهن ملاقات لاءِ ويندا هياسين. هنن يارڙن مان هڪڙو وڃي وزارت تي پُڳو آهي. سو ساڳيو آهي يا ٻيو ٿي ويو آهي، سا ڪَٿ ۽ ماپ تور ڪرڻ جا ڏينهن هاڻ ڪڏهوڪا وڃي چڪا آهن.هاڻ ته جيئي جيئي جو زمانو آهي، الله سائين هرڪنهن کي امان ۾ رکي.
    ٽريننگ دوران اسان ماسترن جي ئي هڪڙي مُهاجر استاد ڀانئيان ٿو عبدالحميد نالو هيس ۽ اسين کيس ڀاشاني به سڏيندا هياسون، تنهن هڪڙي سنڌي شاگرد ماستر سوني دل کي ٿڦڙ وَهائي ڪڍي. اسين به مهاجرن ۽ مليٽريءَ جا گهڻا ستايل هُجون، سو بِگڙي پياسون. ٺوڪي کڻي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيوسون، وٺي زوردارنعرا هنياسون، نعرا به سياسي، جو ضياءُ جويار آ، سوغدار آ، غدار آ، ۽ تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي، ڄام ساقي، ڄام ساقي. اصل اسان جي ڦٽيءَ جا پار هيا، سرڪاري نوڪر ۽ نعرا سياسي، سو به سڌا پِڌا، اهڙي ماڻهوءَ جي خلاف جيڪو اڳي ئي سنڌين تي ٻريو ويٺو هجي. وري ٻئي ڏينهن سوير ئي ڪلاسن رومن جي تالن ۾ ٺوڪي کڻي ايلفي وجهي ڇڏي سون. سمورا شاگرد گڏ ٿيا ته، جلوس ڪڍي شَهر ۾ ڪاهي پياسين. نعرا وري به سياسي دَٻياسين. فوجين تي ڦٽڪار، آمريڪي سامراج تي لعنت جهڙا. شهر جي خلق حيران هجي ته هوڏانهن ضياءَ جا اسلامي ڪوڙا، سياسي ڪارڪنن جا ٻُنڍڻ پيا ٽوڙين۽ هنن ماسترن جي ڪيئن ڦِٽي آهي. جو نوڪريون به ٿا وڃائين ۽ ٽيپ کي به پيا سڏ ڪن!! ماسترن جا چڱا مُڙس هجون آئون، رشيد خاصخيلي ۽ عُمر مَهر (سپاف). ٽئين ڏينهن هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ٽنهي کي الڳ الڳ سَڏِ ٿيو. وڃون ته فوجي ميجر ويٺو آهي، دڙڪا دهمان، ڊڄ، ڊپ، جيل ڪوڙا، آخر نوڪرين مان ڪڍڻ جو دڙڪوڏنائين. تن ڏينهين ٽئي مُڙس سُڃا تَتَڙينگ هجون ڊڄي پياسون. ٻيلي ٻچا رُلي ويندا. هنن يارن ته الائي ڇا لکيو يا ڇا چيو، پر منهنجوانقلاب رهيو رستي ۾، انقلاب جون آجيائون هليون پنڌ ۾، هيڏو سارو معافي نامو لکت ۾ ڏئي، جان آجي ڪرائي.پوءِ آفيس مان ٻاهر نڪري، سنگت آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيس. ايئن ڪونه هيو ته فوجي ڀائرن اسان مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هيا، مُڙسن اندر خاني جانچ پڙتال پئي ڪئي، هر هڪ جو رڪارڊ جانچيائون، لسٽ ٺاهي تعليم کاتي کي ڏنائون. هڪڙا اُهي جن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا، ٻيا اُهي جِن ڄام ساقيءَ جا نعرا هنيا. ٿر جا گهڻا تڻا ماستر ڄام ساقيءَ کي ٿريو ڳوٺائي سمجهي نعرا هڻڻ سبب اُن لسٽ ۾ آيا. نيٺ109 ڄڻن لاءِ حڪم ٿيو ته جيئن ئي ٽريننگ ختم ٿئي، تيئن ڊويزن بدر ٿين. تڏهن سنڌ ۾ ڊويزنون هُيون ٽي، ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد.اسان کي سُڌ ئي نه هجي پويان اسان جو ڪم لٿو پيو هُجي.
    تن ڏينهين هلال پاڪستان اخبارجي وڏي ڳالھ هئي. سنڌ جا چڱا موچارا پڙهيا لکيا مهانڊا اتي نوڪريون ڪندا هيا. جيتوڻيڪ ضياءَ الحق انهن ڏينهن ۾ پيپلز ٽرسٽ ٽوڙي، شيخ سلطان ٽرسٽ ٺاهي اخبار انهيءَ کي ڏني هئي. پر ملازم ساڳيائي هيا. سو گهٽ ڪونه ڪندا هيا. اڄ سن جي سائينءَ، سائين جي ايم سيد جي جنم جو ڏينهن آهي. جيتوڻيڪ هي بندو ٻاروتڻ جي ڏينهن کان ئي “سُرخن” جي بحري باز جهڙن چنبن ۾ چائجي چڪو هيو. جنهن ۾ پَٽيون ئي اهي پڙهايون وينديون هيون ته هن طبقاتي نظام جي “لانڍيءَ” جي “ڪاڃڻ واري ڪاٺي ” ئي وڏيرو آهي، ۽ پاڻ طبقاتي نظام جي اوڏڪين ڀِتين جي پاڙن تي کَهيڙا کَڻيو کوٽ کوٽان ۾ لڳا پيا آهيون. تنهنڪري وڏيرڪي سنگت کان ايئن وونءُ وڃڻو آهي جيئن گنجو وڃي پاڪيءَ کان. اهو ئي سبب هيو جو هن بندي پنهنجي اڌ صديءَ واريءَ ڄمار ۾ کوڙ سارن “کاٻن” جا هٿ ڌوئاري ۽ کانئن گهڻو ڪجھ سکيو ته اڄ به سِکي پيو. پر سن جي سائينءَ جي هڪڙو ڀيرو به زيارت توڙي صحبت نصيب ڪونه ٿي. نه ئي وري سن جي سائينءَ جي ساٿين سان ڪا گهڻي حجت ٿي، ٿي هوندي ته سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي ٿيو خير. پر سن جي سائينءَ جو هن بندي تي هڪڙو اهڙو ٿورو هيو. جنهن جي ڪل هڪڙي سائينءَ کي هئي ته ٻي هن بندي کي. سو ٿورو هينئين تي به اڄ ڏينهن تائين بار ٿيو بيٺو اٿم.
    ۽کوڙ سارن سالن کان سائينءَ جي ٿوري جو هينئين تي جيڪو بار به هيو. گهڻو ئي سوچيم ته چَپ سِبيل ئي هجن ته سُٺو. پر روح نه رهيو، نيٺ هينئين جو بار هلڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي هي چند سِٽون لکڻ جو فيصلو ڪري ورتم. جن سان اهو ثابت ٿيندو ته سن جو سائين ڪيڏو وڏو ماڻهو هيو. جيتوڻيڪ هنن سِٽن تي به اڳي جيان انيڪ قسمن جا تبصرا ٿيندا. طعنا يا مهڻا ملندا، پر پاڻ صوفياڻي پَرِ پاريندي اڳواٽ ئي چئي ٿا ڇڏيون ته “ ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
    قصو هينئن آهي ته 1978 جي پڇاڙيءَ الائي 1979 جي شروع وارن ڏينهن ۾ هن بندي سرڪاري ماستر بڻجي ماستريءَ جو ڪورس پئي ڪيو، ڪتابن پڙهڻ جي پِٽ ڪامريڊن اڳ۾ ئي وجهي ڇڏي هئي تنهنڪري ماسترن جي پڙهڻ واري ڪاليج جي لائبرريءَ ۾ نه ڇڏيو هيو ڪو اهڙو ڪتاب يا پنو جيڪو نه پڙهيو هجيم. تن ڏينهين ملڪ ۾ هلال پاڪستان اخبار جي وڏي هاڪ ڪوندي هئي. ۽ پياري پاڪستان جي آسمان تي ضياءَ جي مارشل لا جا ڪارا ڪڪر سج کي ڍڪيو بيٺا هوندا هيا، هلال پاڪستان دبئيءَ جي شيخ جي نالي جو ٽرسٽ بڻجي نئون جُبو پائي چُڪي هئي.پر تڏهن به هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن رومال ۾ ويڙهي پنهنجو “ڪم” جاري رکيو هيو. سو ڀانيان ٿو ته هلال پاڪستان وارن جي ڪا ڪوٺ ڇپي هئي ته سنڌ جي ٻن عظيم هڏ ڏوکين ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ڀڳت ڪنور رام تي ليک لکي موڪليو ته ڇاپيون.
    هي بندو “ڪامريڊ” ۽ “ڪاٽڪو” ٿيڻ جا جوکا سر تي کڻي چڪو هيو. هاڻي وري نئين جنون ۾ هيو ته “اخباري ليکڪ” بڻجي، جيئن ماڻهو به واھ واھ ڪن ۽ نالو به وڄي. سو جيئن ئي هلال پاڪستان اخبار جي اها ڪوٺ پڙهيم ته پنو ۽ پين کڻي ويٺس ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ تي مضمون لکڻ. پر چئن سِٽن کان مٿي هڪڙو به اکر لکي ڪونه سگهيو هيس. وري ٻيو پنو کڻي ڀڳت ڪنور رام تي سوچيم، پر قصو ساڳيو ئي بيٺو. تن ڏينهين لائبرريءَ مان آندل سائينءَ جو ڪتاب “ جنب گذاريم جن سان” پڙهيم پئي. ٺوڪي کڻي سائينءَ جي انهيءَ ڪتاب تا حرف به حرف ٻنهي همراهن بابت نقل هڪڙي هڪڙي مضمون جيترو مواد نقل ڪيم. ۽ اهو پنهنجي نالي سان هلال پاڪستان اخبار کي موڪلي ڏنم. ۽ هلال پاڪستان وارن به انهيءَ ڳالھ ڏي ڌيان ئي ڪونه ڏنو ته هڪڙو نئون ۽ الهڙ ماڻهو هيڏي پُختگيءَ ۽ روانيءَ سان سنڌي لکي سگهي ٿو. جڏهن سائينءَ جا لکيل اهي ٻئي مضمون منهنجي نالي سان اخبار ۾ ڇپيا ته هُو هوا ٿي وئي، وڏيون لانگون هڻي ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي کي اهي ڏيکاريندو وتيس. ڏسو منهنجا ليک اخبار ۾ ڇپاڻا آهن. منهن ۾ ٽڪي جو به گهنج نه هجيم جو پرائي محنت چوري ڪري پنهنجي نالي سان ڇپائي هيم.
    ۽پوءِ جيون جا هيڏا لاها چاڙها ڏسڻ بعد خبر پئي ته مار!! هڪ هڪ اکر لکڻ ڪيڏو نه اَوکو آهي.۽ لکندڙ کي پنهنجو هڪ هڪ اکر، انهيءَ جي معني توڙي مفهوم ايئن هينئين تي اُڪري ويندو آهي جيئن ٻار ڄڻيندڙ ماءُ کي پنهنجي پيدا ٿيندڙ ٻار جي هر حرڪت ۽ هر گهرج جي خبر هوندي آهي. ۽ ڪوئي تخليقڪار به هڪڙيءَ ماءُ جهڙا سور سهي ڪي سِٽون گهڙي ٿو. يقينن سائين جي ايم سيد، مون الهڙ پاران چوري ڪيل هن جون سَرجيل سِٽون پڙهيون هونديون ۽ چپن ئي چپن ۾ مسڪرايو هوندو. ۽ سوچيو هوندائين ته هن جواڻ مڙس ڪري ته حد ڇڏي جو ٻئي جي ڪئي ڪمائي پنهنجي نالي ڇپائي ويو آ. ۽ اهو به يقين اٿم ته سائين اهو سور به صرف ۽ صرف ان ڪري پيتو هوندو ۽ دل ئي دل ۾ چيو هوندائين “ته هلو ٺيڪ آ، هڪڙي الهڙ نوجوان جي دل ضرور خوش ٿيندي ۽ اڳتي هلي پڙهندو ۽ لکندو، نيٺ ته سمجھ ڀريو ٿي چوراڻي پِٽ ڇڏيندو”. پوءِ ٿيو به ايئن. ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ چوراڻو جهان ته ڇڏيو ئي ڇڏيو. پر الائي ڪيترا ورهيه ڦڪائيءَ ۾مان ڪجھ لکڻ کان ئي گيسي ڪئي.
    اڄ عمر جي هن ڏاڪي تي پُڄي جڏهن پوئتي نهارجي ٿو ته انهيءَ قصي کي ورهيه گذري ويا پر سائين جيستائين هن جهان ۾هيو تيستائين اهڙي ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍيائين. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ڪيڏو نه عظيم انسان هيو، جنهن پنهنجي عظمت سان هڪڙي اٻوجھ ۽ الهڙ جوان جي هيڏي وڏي غلطيءَ کي درگذر ڪري ڇڏيوهيو. نه ته جيڪر چاهي ها ته هن بندي جي من ۾ موريل لکڻ پڙهڻ وارو سَلو انگورجڻ کان اڳ ئي چيڀاٽي سگهيو پئي. پر هُن جي عظمت، دور انديشي ۽ ڏاهپ هن کي ايئن ڪرڻ کان روڪيو هيو. نه ته اڄ جيڪر اسان پاري ڪنهن جون سٽون ڪوئي ايئن چوري ڪري ته ايڏو ته ٻائيتال ٻاريون جو اڳلو ڪن لڪائڻ ۾ پورو هجي.
    تنهنڪري هن بندي جي دل چوي ٿي ته سن جي سائينءَ کان مُئي پڄاڻان معافي گهرجي. ڇو جو سن جوسائين به هڪڙو اهڙو شهيد آهي جنهن جي روح رياستي نظربنديءَ دوران ئي جسم جو ساٿ ڇڏيو هيو. ۽ سن جي جي سائينءَ جيڪو خواب ڏٺو هيو ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ سندس روح متان عالم ارواح ڏي نه ويو هجي. ۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته سندس روح اڄوڪي معافيءَ واريون سِٽون پڙهي ايئن ئي مُسڪرائيندو جيئن اڄ کان پنجٽيھ ورهيه پهريان هن جي بندي جي حماقت تي چپن ئي چپن ۾ مسڪرايو هوندو.
    اهو 1979 جو سال هيو، جو ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان فرسٽ ايئر ۽ انٽر جو پرائيويٽ فارم ڀريو هيم، امتحان ڏنم لاڳيتو ئي پي ٽي سيءَ جو امتحان به ڏنم.انٽر سيڪنڊ ڊويزن ۾ ۽ پي ٽي سي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ڏاڍو خوش ٿيس ته پگهار ۾انڪريمينٽ وڌي ملندي.اڃان انهن خوشين ۾ ئي هجان، جو تعليم کاتي، 109 ڄڻن مان 22 سکر ۽ باقي خيرپور ضلعن ڏانهن بدلي ڪيا. تڏهن ڪروڌ مان هلال پاڪستان ۾ هڪڙو مضمون لکيو هيم. جنهن جو عنوان هيو، ٿر پار ڪر جي 109 استادن سان هيءُ ويڌن ڇو؟ مضون ڇپيو ته تعليم کاتي سان لاڳاپيل هر هڪ آفيس ڏانهن فوٽو ڪاپي ڏياري موڪلي هيم. مضمون پڙهي پ ٽ الف جي هڪڙي اڳواڻ غلام محمد لاکي صلاح ڏني هئي ته ڪامورن سان پاڻ به وڃي ملان. سڀ کان پهريائين ملڻ ويو هيس ڊي اي او سان. تڏهن ڊي اي او هوندو هيو ميرمحمد سيال، تنهن ته ملندي ئي کنڌا کڻي ڇڏيا هيا.دڙڪا، داٻا ڇڙٻون نصيب ته ٿيون. پر آخر ۾ پِٽون ۽ پاراتا به ڏنائين. پر بدليءَ جي باري وريو ڪجهه به ڪونه!.
    فوجي جنتا جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ تعليم کاتي پاران سزا ۾، سکر بدلي ٿيڻ جي هڪ هفتي اندر، سفر جو سامان ٻَڌِي گهرن کان نڪتا هياسين. سنگت ۾اسان واري تر جا سَت اٺ ڄڻا هُجون.حيدرآباد کان وڃي سکر جي بس ۾ ويٺاسين.حيدرآباد به ان ڏينهن زندگيءَ ۾پهريون ڀيرو ڏٺي هيم.زندگيءَ جو پهريون ۽ ڊگهو سفر هُجيم. رينگ رينگان ڪندي رڙهندي رڙهندي سِجَ لهڻ ويل، بس مس وڃي خيرپور پُهتي هئي، آئون رَستي ۾ ئي بخارن ۾ وٺجي ويو هيس. باقي سنگت سڄي خيرپور جي آرڊرن واري هئي، اڪيلو آئون سکر جو مسافر هيس. انهي ڪري اڳيان ڪا ڀَوا ڪانه سُجهندي، آئون به يارن سان گڏ بس مان لهي پيو هيس. اها رات سنگت سان گڏ خيرپور جي مُسافر خاني ۾ گذاري هيم، سڄي رات بُخار جا مَچَ هُجن. هڪڙي ڪُنڊڙي وٺي پئي هُڙڪيس. جڏهن ورندو سِجُ اُڀريو هيو، ته همراھ سَڀيئي ٿيا هيا تعليم کاتي جي آفيس طرف روانا. باقي بچيس آئون هيکلو، سو سکر جو سونهون به نه هُجان. بخار جا به مَچَ هُجن.ڳچ دير تائين سوچي سوچي وڍيم واپسيءَ جي پنڌ کي. ڦلهو ٻوٿ ڪري اچي امڙ جو سلام ڪيم. ڳوٺ پهچڻ بعد به هفتو کن بخارن ۾ پيو رهيس، ٻئي هفتي تاج مري ڳوٺ آيو هيو، سربستي ڳالھ ڪئي هئي مانس، صلاح اها بيٺي هئي، ته وڃڻو ضرور پوندو.سکر ڪامريڊ لڏي سان ڀريو پيو آهي، کوڙ سارا دوست آهن. تاج چيو چوين ته چٺي لکي ڏيانءِ.بنهي لهرائين ته آئون توسان گڏجي ٿو هلان.تاج جي گڏجي هلڻ واري ڳالھ سان دل تي به ڇنڊو پيو.
    تاج تن ڏينهين سڀني ڪامريڊن جيان سچي پچي يا هروڀرو به روپوش هُجي. پروگرام موجب هڪڙيءَ سج لٿي مهل ميرپورخاص مان پَلاڻيوسين سکر ڏي. حيدرآباد پهچي، رات جي ماني تاج جي چاچي ۽ ٿيڻ واري سَهُري جي گهر کائي، غلام شاهه ڪلهوڙي جي مُقبري کان پنڌ ئي پنڌ هلندا اَچي سکر جي بس ۾ ويٺا سين. بس جو ڀاڙو مُرڳهين ويھ روپيا في ماڻهو هيو. رستي ۾ الائي ڪيڏيءَ مهل گهري ننڊ اچي وئي هيم، ڊگهي سفر جي خبرئي ڪونه پئي هيم. فجر ويل سکر پهتا هياسين۽ پوءِ هڪڙي رڪشي ۾ ويهي پراڻي سکر پهتا هياسين، سڌا سائين رڪن الدين قاسميءَ جي گهر. تاج مري منهنجي ٻانهن قاسمي صاحب جي حوالي ڪئي، انڌي منڊي نيرن ڪئي۽ پوءِ وڍيائين پنڌ کي ڪنه ٻئي طرف.قاسمي صاحب جي ڏَسن پارن تي رڪشائن ۾ ڌڪ کائي، تعليم کاتي جون آفيسون ڳولي هٿ ڪيون هيم. مونکي پوسٽنگ ملي هئي روهڙي تعلقي جي ڳوٺ وَسَ ۾. روهڙيءَ کان اڳتي اسان واري ٿر جهڙو اڇڙي ٿر وارو علاعقو هيو. ڪوئي روڊ رستو ڪونه هيو. ڪچن رستن سان جيپون وينديون هيون سو هڪڙءَ صبح جو ٻين مسافرن سان جيپ وسيلي واريءَ گاڏڙ ڊُسڙ مٿي تي وسائيندو سنگرار جي شهر ۾ پُهتو هيس. اڳتي جو سفر ڏهين روپئين جي ڀاڙي تي گڏهه ذريعي ڪرڻو هُيو، نه روڊ هيا نه رستا هيا، اڇڙو ٿر هيو، ٻيو ته ٺهيو پر وڻ ٽڻ به ڪو وڙلي هيو، سنگرار جي اسڪول ۾ نيو ڇور جو رهاڪو ماستر موهن سوٽهڙ مليو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ماستر هئڻ سان گڏ گهورڙيو ڊاڪٽر به آهي. پرديس ۾ پنهنجو پاڙيسري ڏسي، جهڙوڪر ساهه پئجي ويو هيم. موهن جي به مون واري ساڳي ڪيفيت هئي. رات موهن وٽ رهي، صُبح جو بسم الله ڪري ڀاڙي جي گڏھ تي چڙهيس ۽ گڏهه وسيلي ئي وَسَ ڳوٺ ۾ پهتو هيس. وس جو وڏيرو صوبدار خان ڪانئيچو هيو.صوبدار خان ڪانئيچي جو هيءُ ڳوٺ، انڊيا جي بارڊر سان ويجهو هوندو هُيو، اسڪول به عجيب هيو، ڇپرائين لانڍي، ٻه ٽي ٻار، چار بينچون ۽ آئون. منهنجو روح اتي رِجي ئي نه پيو. ويتر رات جو گِدڙن جي اوناڙين کان ڊپ مان دُرڙيون نڪريون وڃن. ڪلما ڀري کٽ تي ويهي راتيون گذاريان، ڀانيان ٿو انهن چند راتين ۾ جيترا ڀيرا ڪلمي شريف جو ورد ڪيو هيم ايترو سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪونه ڪيو اٿم. هڻي ماري هفتو رهيس، نيٺ هڪڙي ڏينهن هفتي جي موڪل جي درخواست لِکي، ڀاڙي جي گڏهه تي سوار ٿي سنگرار پهتس.رات موهن وٽ رهي، ٻئي ڏينهن سکر وڃي، سائين رڪن الدين قاسميءَ وٽ پُهچي، کيس سموري ماجرا ٻُڌايم.منهنجون ڳالهيون ٻڌي پهريائين مُرڪيو ۽ پوءِ پائيپ مان دونهون ڪڍندي، ٻيهر مُرڪندي چيائين، ڪامريڊ ۽ ڊپ!! ڳالھ سمجھ ۾ ئي ڪونه ٿي اچيم؟ ؟ ايتري ۾ سائين رڪن الدين قاسميءَ سان ملڻ لاءِ هڪڙو ڳاڙهو ڳٽول جوان به سندس آفيس ۾ لنگهي آيو.
    قاسمي صاحب، سندس تعارف خادم سومري جي نالي سان ڪرايو. اتي ئي کيس منهنجي مسئلي جو چيائين، جنهن ڇاتيءَ تي هَٿُ هڻي چيو، اٿي ته هينئر ئي هلون ٿا، الهداد ٻوهيو سکر جو ڊي اي او ۽ منهنجو واسطيدار آهي. هينئر ئي ڪم ٿيندو. تن ڏينهين سکر جي ڊي اي او جي آفيس ۽ ضلع ڪائونسل جون آفيسون گڏ هُونديون هيون. آئون ۽ اهو قاسمي صاحب وارو خادم سومرو رڪشا ذريعي اتي پهچي، جيئن ئي رڪشا مان لٿاسون، ته پوليس جا ڪٽڪ آفيس کي گهيرو ڪيو بيٺا هئا. شايد ان ڏينهن ضلع ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ سردار غلام محمد مهر جي چونڊ پئي ٿي. پوليس تي نظر پوندي ئي، خادم سومري جي مُنهن جو پنو لَهي ويو. مڙس صفا ڪاراٽجي ويو هيو. سندس چوڻ تي هيٺ ڪنڌ ڪري، تِکا تِکا آفيس ۾ داخل ٿياسين. بقول خادم جي، ته هو به ٻين ڪامريڊن جيان روپوش هيو، ۽ گيٽ تي وڏي اٽالي سان بيٺل ڊي ايس پي سُڃاڻيندو هُيو، تنهن جو ڪامريڊ ڏٺا هيا، ته الرٽ به ٿيو، ڇو جو اسان کان اڳ ۾ ملان رشيد انڍڙ جهڙو ڪامريڊ به آفيس ۾ پهتو هيو، ان ڪري ڊي ايس پيءَ کي خطري جي بوءِ آئي هئي. خادم جي قيادت ۾ اسان ٽئي ڄڻا مرحوم الحداد ٻوهئي صاحب سان مليا هياسون، الحداد ٻوهئي چند منٽن ۾ ئي آچر گهٽيءَ پرائيمريءَ اسڪول جو آرڊر ڪڍي ڏنو هيو. آفيس جي ڪمري کان ٻاهر نڪرندي ئي، خادم سومري چيو ته هاڻي پاڻ کي مُک دروازي بجاءِ، پويان ديوار ٽُپي ڀڄڻو آهي، ڇاڪاڻ ته پوليس مون کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ پارٽيءَ جي فيصلي تحت مون کي گرفتاري ناهي ڏيڻي. تنهن تي حيران ٿي چيو مانس ٻيلي تنهنجو ته ڪو ايڏو وڏو نالو ٻڌو ڪونهيم جو تنهنجي پويان پوليس هجي. ائين پُٺيان جبل جي طرف کان ڀڄي نڪتا هياسين. ۽ پگھر به وڃي ٻيءَ رات ڳوٺ ٺاريا هياسون. خادم سومرو پوءِ به سال کن تائين به واري تڙ روڊ تي مون سان گڏ رهيو هيو. سکر جي مختلف علائقن ۾، مختلف ماڻهن ۾ پارٽيءَ جو ڪم گڏجي ڪيو به هيائين. مون کي آخر تائين اها خبر نه هُئي ته خادم سندس فرضي نالو آهي. هڪ ڀيري ميرپورخاص جي شاهه لطيف ڪاليج ۾ شاگردن جو جلسو ٿيو هيو. آئون به هُجان ۽ خادم به هُجي، ٻئي گڏ ويٺا هُجون.ان وقت اسٽيج تان اعلان ٿيو ته هاڻي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ، امرلال شاگردن کي خطاب ڪندو. اُن وقت منهنجيءَ ڀر ۾ ويٺل خادم سومرو ٽپ ڏئي اُٿيو هيو، اسٽيج تي وڃي تقرير ڪيائين، تڏهن خبر پيم مار هيءُ ته امرلال آهي.!! ڪامريڊن جوايڏو ڳُجهه! پنهنجن کان به ايڏي لِڪ !!. سال کن کان گڏ رهندا اچون پر پوءِ به مڙس مونکان نالو لِڪائيندا اچن. اهو امر لال پوءِ پنهنجن يارن جي ڀلائين سان جيل ڀيڙو ٿيو هيو، الائي ڪيترن ٽارچر سيلن مان ٿيندو، وڃي ڄام ساقي ڪيس ۾نامزد ٿيو هيو. بينظير ڀٽو، ولي خان، بزنجو۽ ٻيا سندن بچاءُ ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ شاهديون ڏيڻ آيا هيا. جيل ۾ واڻيو صفا ڏاڍو مڙس ٿي رهيو هيو، چون ٿا ته جيل ۾ گهڻا ڦڏا ڪرڻ سبب مٿس لِٽل لينن جو نالو به پيو هيو، گهڻو پوءِ جڏهن آئون صفا گيدي ٿي، هڪڙي ڪُنڊ جهلي وڃي ويٺو هيس، ته مون کي جيل مان خط لکيا هيائين ته ڀائو رَليءَ جي موت کان سٺو آهي ته ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ مري. پر سندس خط جي اهڙن اکرن سبب به منهنجي ڪن تي جونءَ به ڪانه چري هئي.وقت بدليو هيو ته انهيءَ امرلال لاءِ اخبارن ۾ خبرون آيون هيون ته مشرف سرڪار جي آخري دور ۾ آمريڪي صدر بش سان ملاقاتون ڪندي، وڃي وزيراعظم محمد ميان سومري جو صلاحڪار ٿيو هيو. هاڻ به ٻُڌجي پيو ته ڪو وڏو ڪاروبار اٿس. رب ڪري جتي به هجي خوش هجي.


    11

    سائين رڪن الدين قاسميءَ جي باري ۾ جيڏي مهل به ڪجھ لکڻ چاهيان ٿو ته دل ڀرجيو ٿي اچيم.ڇا ته ماڻهو هيو، ڇا ته سندس شخصيت هئي، سدائين ڪِٽ ۾ رهندو هيو. فل سوٽ وري ٺهندو به اهڙو هيس جو وڃي ٿيا ست خير. مٿان وري خوبصورت پائيپ ۾ خوشبوءَ وارو تماڪ وجهي پيئندو هيو، ته اوسي پاسي مان مَٽيندڙ ماڻهو هڪڙو ڀيرو مُڙي، سائينءَ ڏي ضرور ڏسندا هيا. تنهن زماني ۾ سکر جي ڪامريڊن مٿس نالو ئي رکيو هيو ڪامريڊ قاسمينوف. هر ڏُک سک ۾ هرڪو ماڻهو وٽس ڀڳو بيٺو هوندو هيو. مون سان ته ٻٽيھ دليون هونديون هيس.اندر جو هرهڪ سُر مون سان ضرور سَليندو هيو. هيمون ڪالاڻيءَ جو گھر به مون کي سائينءَ ئي ڏيکاريو هيو. مزي جي ڳالھ اها به هئي ته جڏهن شهيد ڀُٽي، نعپ تي پابندي لڳائي، پٺاڻن ۽ ٻروچن کي تُرم ۾ واڙيو هيو ته قاسمي صاحب حيدرآباد ٽربيونل ۾ ٻين وڪيلن سان گڏ وڪالتنامو کڻي اچي بيهي رهيو هيو.
    سو ڳالهه پئي ڪيم، خادم سومري (امر لال) جي معرفت، محترم الحداد ٻوهئي هٿان، سکر شهر ۾ بدلي جي آرڊر ملڻ جي، انهي اسڪول جو نالو هيو آچرگهٽيءَ پرائمري اسڪول. ٻئي ڏينهن ئي انهيءَ اسڪول ۾ وڃي، دخلڪار ٿيس. ٿورن ڏينهن ۾ انهيءَ پاڙي ۾ رهندڙ شرافت بلوچ ۽ مُريد بلوچ سان دوستي ٿي وئي هئي. اهي ٻئي بلوچ اسٽوڊنٽس ارگنائيزيشن جا اڳواڻ هُيا. ۽ انهيءَ آچر گھٽِي پاڙي ۾ چڱي موچاري راهوڻيءَ وارا هيا. رهڻ لاءِ ڪا جاءِ ڪونه هيم ته ڪجھ ڏينهن ته پِنَ جون ٻه ٽي رليون ۽ هڪڙو وهاڻو هٿ ڪري، اسڪول جون ٻه بينچون گڏائي، انهن جي پيرن هيٺان سروٽا ڏئي، تختن جي ٻيڙيءَ نما کٽ ٺاهي انهيءَ تي سمهندو هيس.باٿ روم به انهيءَ اسڪول ۾ ڪونه هوندو هيو، پيشاب به اسڪول جي انهيءَ ڪُنڊ واري ڪمري ۾ ڪري وٺبو هيو. جنهن ۾ ڀڳل ٽٽل بينچون سَٿيون پيون هونديون هيون. فجر جو ڪاڪوس لاءِ سويلُ اُٿي ڀڄندو هيس ٻاهر. اويل سويل جيڪر پيٽ ۾ ڪو وَٽُ پوندو هيو، ته اسڪول جا در بند ڪري ڀڄبو هيو پبلڪ باٿ رومن ڏانهن، جيڪي منارا روڊ ڏي هوندا هيا.جتي يا ته مڙسن جي قطار اڳئي هوندي هئي، يا ته ڍونڍ جي ڌپ ايڏي هوندي هئي جو الله ڏئي امان. تن ڏينهين منهنجو معمول هوندو هيو ته اسڪول جي موڪل بعد گهنٽا گهر لڳ، هڪڙي واڻئي جي هوٽل تان مورڳهين ڏيڍ ٻن روپين ۾ سستي، سُٺي ۽ سادي ماني کائي. وڏيون اوڳرايون ڏيندو، ڀرسان ئي غريب آباد سکر ۾ ارشد درزيءَ جي دڪان تي وڃي ويهندو هُيس. جيڪو اُن زماني ۾ درزين جي يونين جو مزدور ليڊر هوندو هيو۽ سندس دڪان مڙني ڪامريڊن جو اڏو هوندو هُيو. تن ڏينهين پئسي جو حال به ڪونه هيم، توڙي منهنجي به ڪوشش اها هوندي هئي، جو اڪثر ڪري شام جو پارٽيءَ جي ڪم سان ڪڏهن ڪنهن سان ته ڪڏهن سان گڏ، ڪِٿي ڪٿي وڃي رات وارو ويلو ٽاري وٺندو هيس، نه ته اُڙيو ٿُڙيو ڄاڻي واڻي ويلو ٽارڻ لاءِ، رات جو دير سان قاسمي صاحب جي آفيس جي پويان ڪامريڊن جي مخصوص ڪمري ۾ اچي کٽ تي ڪِري پوندو هُيس. بتيءَ جي روشني ڏِسي، ڪڏهن ڪڏهن قاسمي صاحب جي گهر واري دال سان چانورن جي پليٽ، ننڍڙيءَ نياڻيءَاختر هٿان ڏياري موڪليندي هُئي. نه ته بُکيو ئي سُمهي رهندو هيس. اختر اُن زماني ۾ ننڍڙي پتڪڙي هُئي ۽ پوءِ ڄام ساقيءَ سان شاديءَ بعد اسان جي ڀاڀي ٿي. هونئن اڪثر ڪري محرم جي مهيني ۾ ته هرروز ڪنهن نئين پاڙي جي امام بارگاھ۾ وڃي، ڇاتيءَ تي ٻه، ٽي هٿ هڻي نياز کائي، ڏهئي ڏينهن رات جو ويلو ٽاري وٺندو هيس.رات جو سمهڻ تان ياد آيم ته ڪڏهن ڪڏهن ارشد درزيءَ جي دڪان ۾ به سمهي رهندو هيس.اُتي ڪڏهن رات جو گهڻو زور وارو پيشاب ايندو هيو، ته پيشاب ڪرڻ لاءِ ٻي ڪا گهٽي ڪونه سُجهندي هئي، ڇو جو دڪان جو شٽر ٻاهران بند هوندو هيو، پوءِ دَٻي کڻي دڪان جي شٽر جي ڪنهن ڪنڊ وٽان ويهي، پيشاب کي آ پيارا ڪندو هيس. شڪر خدا جو ڪجي جو شٽر وٽان دڪان جو فرش مڙوئي ڳچ جيترو لهوارو هيو. جنهن ڪري پيشب هيٺ وهي ويندو هيو.صبح تائين ملڪ سُڪي پوٺو ٿي ويندو هيو.
    انهن سورن جي قصن کي گهڻا ورهيه گذري ويا، پوءِ جڏهن حبيب بينڪ جو ڪامورو هيس، ۽ اويل سويل جهازن ۾ پيو سکر ويندو رهندو هيس. تڏهن حبيب بينڪ جي ئي ڪاموري ۽ پراڻي ڪامريڊ رحيم بخش مهر کي هڪڙيءَ رات جو چيو هيم، ته يار هَلُ ته هلي پراڻي سنگت سان مِلي اچون. تن ڏينهين سائين رڪن الدين قاسمي صاحب صفا جهُور هُيو، اکين جي ديد به گهڻي جهَڪي هُجيس. ۽ 1980 کان وٺي مون کي ڪونه ڏٺو هيائين، ملندي رڳو اهو ٻُڌايومانس ته سائين، ڪوشش ڪري مون کي سُڃاڻو، پاڻ اڄ ويهارو سالن بعد پيا ٿا ملون. ۽ پوءِ پل ۾ ئي سُڃاڻي ورتائين. پڇيومانس سائين ايئن ڪيئن ٿيو جو پهرئين ئي ڌڪ ۾ منهنجو نالو کڻي ورتو اٿوَ. ته چيئين يار سڀ ڪامريڊ اويل سويل پيا ڀيرا ڀڃندا هيا. تو ئي هئين جنهن کي ورهيه ٿي ويا هيا. تو جو ويھ ورهيه چيو ته پڪ ٿيم ته اها سوکڙي تون ئي آن. شبير بيدار ڀٽو، جڪو ڪڏهن سڄڻ ڀٽو به هوندو هيو. سو ڪاوش جي سکر واريءَ آفيس ۾ ويٺو هُيو. گهڻائي احوال ڏناسون، گھڻائي گڏ گذارڻ وارا حوالا ڏنامانس، واري تڙ واريءَ جاءِ کان وٺي ارشد سيٺيءَ جي دڪان جا، پَرَ همراهه مونکي نه سُڃاتو سو نه سُڃاتو، نه ئي وري ڪا چانھ پاڻِيءَ جي سکڻي صلاح ئي هنيائين. ماڻهوءَ ماڻهوءَ تي مدار آ.
    ڪڏهن، ڪڏهن ڪامريڊ غلام رسول سهتي سان گڏ خيرپور اچڻ به ٿيندو هُيو.لالا شاه محمد درانيءَ جي گهر ايندا هياسين جتي سنگت سان ڊگها بحث ۽ ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هُيون.ڪامريڊ غلام رسول سهتي تان هڪڙي ڳالھ ياد آيم، ته گھڻو پوءِ سنڌ اخبار ٿي ڪڍيائين، سڄي سنگت کي ڳولي هٿ ڪري چندا ۽ ڦوڙيون ڪري. ڪن کي شيئر جا دلاسا ڏئي ته ڪِن کان اڌارا ڪري پئسا وٺندو، هڪڙي ڏينهن مونکي ڳوليندو اچي کپري پهتو هيو. ڪَنن جي پاپڙين تي بيٺل وڏن وارن کي وٽيندي، اخبار جاري ڪرڻ جو ڊگھو قصوکنيائين. چئي نذير عباسيءَ جي نياڻيءَ زرقا جو هڪ لک جو شيئرآهي، امداد چانڊئي جوبه هڪ لک جو شيئرآهي، صالح بلوءَ جوبه شيئرآهي، قصو هلندي ڳالھ وڃي کُٽي اِنھيءَ تي ته تون به شيئر رک، يا چندوڏي، ٻئي ڪم نه ٿين ته اُڌارا ويھ هزار ئي ڏي. الاهي سالن کان پوءِ مُڙس جو ايئن ڳولي اچڻ ۽ اوڌر گهرڻ ڪجھ ڪجھ عجيب ته لڳو پئي پر پوءِ به حصي بجاءِ اوڌ ر واري ڳالھ مون کي به وڻي هئي. سو اُٿي بينڪ جي ڪيش مان ئي پئسا کڻڻ ويس، تن ڏينهين منهنجو سيڪنڊ آفيسر هوندو هيو شهاب فاروقي، چيائين سائين ايترا پئسا ڪيڏانهن ٿا ڪريو؟ سڄو قصو ٻڌايومانس ته کِلي چيائين اهي پئسا به ويا کُوھ جي تري ۾!!. فاروقيءَ جي ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پئسا سهتي کي ڏئي ڇڏيا هيم. ڪجھ وقت بعد رستي ويندي تاج مري مليو هيو، سهتي واري ڳالھ سربستي ڪئي هئي مانس ته وڏا ٽھڪ ڏيئي چيو هيائين، ڀائو، اول ته اها اخبار هلندي ئي ڪونه ۽ جي هلي ته ٻيا سڀ ڪنن جي پاپڙين ته هٿ رکي ڀڄي ويندا، باقي بچندو هڪڙو سهتو. ان تي به ڪن لاٽار ڪري دل کي ڏڍ ڏيندو رهيس ته اخبار به هلندي ۽ منهنجا پئسا به ترندا. آئون گھڻو ڪري تاج مريءَ کي سڌو سنئون ۽ ٿُلهي دماغ وارو سمجھندو آهيان، پر ڪڏهن تاج جا تجزيا به هوبهو سچا ٿي پوندا آهن. هيءُ تجزيو به سچو ٿيس، قصو کُٽائڻو ايئن ٿو پوي ته پوءِ اُنهن ويهن هزارن لاءِ وڏا پنڌ ڪيم، جڏهن وڃان سهتي جي ڪن تي جونءَ به نه چُري، چوي تنهنجا پئسا مون ڏي ڪونهن اداري ڏي آهن۽ ادارو ئي نقصان ۾ پيو وڃي، ته پئسا ڪٿان ڏيان.هڻي ماري ڪجھ پئسا وڏن جُهدن بعد ايئن ڪڍايم، جيئن ٻرئي گھر جو ڌڻي بچيل اڳڙيون ڦلھوري ڪجھ ھٿ ڪندو آ، پوءِ به ست هزار نه ڏنائين. اڄ ڏينهن تائين اُهي ٻُڏل سهسايم. هاڻي به سهتو جتي ملندو آهي، سنئين ڳاٽ ملندو آهي، حرام جي ڪو مُنهن ۾ گھنج هُجيس ته هِن جي هيڏي رقم ڳڙڪايون ويٺو آهيان.
    ڳالھ پئي هلي سھتي سان گڏ خيرپور وڃڻ جي، خير پور پريس ڪلب ۾ منصور ميراڻيءَ جي شاعري ٻُڌڻ ويندو هُيس. هڪڙو نظم سندس يا ٻئي ڪنهن جو ٻُڌايو هُيائين. اڄ تائين ياد اٿم.
    منهنجو آهي هاري پيءُ،
    گرمي توڙي سيءُ،
    ڪاهي هَرَ، ڪکائون گهرُ،
    ليڙا ليڙا ويس، سئو ڏهين جو ڪيس،
    ابو سدائين جيل ۾، اسان پويان ويل ۾.
    غلام عباس ڀنڀرو، تڏهن عبرت جو ناميارو صحافي هُيو، اُن جي جاءِ تي ڪچهريون مَچنديون هُيون.بوزدار وڏا جورهاڪو غلام عباس ٽانوري اڪثر اُتي ملندو هيو، پوءِ مون کي وڏا وڏا خط لکندو هيو، .اخترعباس ٽانوريءَ جي نالي سان ادبي پورهيا به ڪيائين. هاڻي خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال هوندو.
    جيئن اڄڪلھ، ڪاوش اخبار سنڌ ۾ مشهور آهي.تيئن تن ڏينهين، هلال پاڪستان اخبار سرڪاري هوندي به ضياءَ جي مارشل لا ۾ ڪڏهن، لِڪائي ڇَپائي، ته ڪڏهن ڦِرڦِر سونٽو ڪري، پڌري پٽ، سنڌي ماڻهن سان هر ڳالھ ۾ ٻِٽُ ٿيو بيٺي هوندي هئي.
    تن ڏينهين، موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو رهواسي هدايت منگي مرحيات، هلال پاڪستان جو سکر لاءِ بيوروچيف هُيو، ساڻس مٿو مٿي تي ياري هجيم، اهڙي جنهن کي اصل لوهان لوهُه ياري چئجي.ٻئي مڙس شام جي وقت، گهڻو ڪري زماني جي ڪمن ڪارين مان واندا ٿي، هرروزسج لهڻ ويل، انڊس هوٽل جي هڪ ڪُنڊائتي ٽيبل تي اچي گڏبا هياسون.اوراڙ پراڙ جا احوال ڪري، چانهه جي ڪوپ، ڪوپ تي، چرس جي سگريٽن جا دونهان ڪڍي، آڌي رات ڪري اُٿندا هياسين. چرس جي سگريٽن تي ڪيل انهن ڪچهرين جو مک موضوع، کاٻي ڌر جي سياست ۽ ان سان لاڳاپيل ادب هوندو هيو.نه ڪنهن جي گلا نه غيبت.اهڙي ئي هڪڙي رات ڳالهين مان ڳالهه نڪتي هئي جو، هدايت مرحيات چيو يار!! خبر اٿئي ته مشتاق شاهه اڄڪلهه شهر ۾ آهي!!؟ اُن وقت ڪَلَ ئي ڪونه هيم ته اسان واري ڪامريڊ سنگت مان مشتاق شاهه، ڪنهن جو فرضي نالو آهي. هوڏانهن ڀانئيان ٿو ته هدايت منگيءَ، مون کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهم ماڻهو سمجهي، شايد اهو سوال ڪيو هيو. ۽ مون به هروڀرو ئي صرف ڪنڌ ڌوڻ سان سندس سوال جو جواب ها ۾ ڏنو هيو.تن ڏينهين وارِي تڙروڊ جي، سوڙهين گِهٽين مان هڪ گھٽيءَ ۾، شفقت ميراڻيءَ جي گهر مٿان هڪڙو ڪمروپارٽي آفيس لاءِ وقف هُيو. جاءِ به اهڙي جتي ڪابه گاڏي نه اچي سگهي.هڪڙي واڻ جي کٽ هئي. باقي چئني ڪُنڊن ۾ڳاڙها ڪتاب، پمفليٽ، سرُخ پرچم، هلچل پکڙيا پيا هوندا هئا.۽ انهن ڪتابن جي وچ ۾ ڪڏهن، ڪڏهن ڪامريڊ غلام حسين شر پنهنجو پسٽل لڪائي ويندو هيو ته ڪڏهن امرلال پنهنجي اصلي نالي ۽ ڇوڪراڻي وهيءَ واري فوٽوءَ سان ٺهيل پاسپورٽ.اها اڪيلي واڻ جي کٽ، هڪڙي وهاڻي سميت منهنجو بيڊ هُوندي هئي. رُلي پِني هَچُ ٿي، اچي انهيءَ کَٽَ تي ڪري پوندو هيس.ڪڏهن آڌيءَ ڌاري امرلال، درُ کڙڪائي، ننڊ ڦٽائي، اچي پاسو وٺي گڏ سُمهي پوندو هيو، ته ڪڏهن ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش يا غلام حسن شر دي گريٽ، ته ڪڏهن ڪوٻيو ڪامريڊ.
    اُن رات هدايت منگيءَ کان اُٿي جاءِ تي آيس، ته شفقت ميراڻيءَ هڪڙو فوٽن جواَلَبم ڏيکاريو. اسان جي ساٿيءَ نذير عباسيءَ جي ننڍڙي پتڪڙيءَ ڌيءَ زرقا جي فوٽن جو، نذير جي لاڏليءَ موتيا جي فوٽن جو، فوٽو ڏسندي شفقت ۽ آئون نذير ۽ حميدھ گھانگھرو جي زندگيءَ بابت، زندگيءَ جي کين ڏنل کوڙ سارن سورن بابت، کوڙ سارا قصا ڪري، وڃي آرامي ٿيا هياسين.آڌيءَ ڌاري غلام حسين شر به الائي ڪٿان رلندو، اچي گڏ سُتو هيو. ڀانئيان ٿو ان رات فجر ويل جڏهن سکر جي مُلن، لائوڊن تي ٻانگن جا ڌوڙيا بيٺي ڪيا، جواسان جي ان ڪُنڊائتيءَ ڪوٺيءَ جو دروازو هوريان هوريان هڪ ٻه ڀيرا کَڙڪيو هيو. بي مهلو دروازو کڙڪڻ تي ٻئي ڄڻا ڇرڪ ڀري جاڳياهياسين.اڻ لَکي ڊپ سان گڏ يقين پئي ٿيوته شايد ڇاپو لڳو آهي!؟ پوليس جو!؟ فوج جو!؟ ان وقت بي اختيار منهنجي نظر ڪنڊ ۾ پيل کوڙ سارن سرخ پرچم ۽ هلچل جي پرچن ڏي کڄي وئي هئي. غلام حسن، ڀڙڪو کائي، پمفليٽن هيٺان لڪائي رکيل پسٽل ڪڍي، مونکي ڪُنڊيءَ کولڻ جو اشارو ڪيو. ڪنڊيءَ کولڻ کان اڳ دروازي جي سير مان ڏٺم، هڪڙوسنهڙوسيپڪڙو، همراه.ڪاري ڏاڙهي، بريف ڪيس هٿ ۾، فوجي جرسي پايو، دروازي ڏانهن سواليه نظرن سان گُھوري رهيو هيو. ۽ دروازو کولڻ بعد اهي ساڳيون سواليه نظرون منهنجي چهري تي کتل هيون.کيس ڏسندي ئي غلام حُسن ٿڌوساھ ڀري چيو، يار مشتاق تون آهين!! اسان ته ڀانيو هيو ڪو ڇاپو لڳوآهي.ان ويل انتهائي مٺڙي ۽ پرعزم آواز ۾ وراڻيائين، بلوچستان پئي ويس، ريل ۾دير هُئي، سوچيم شفقت جي گهران زرقاجا فوٽوکڻيو وڃان.سندس ايترو چوڻ تي آئون کيس يڪدم سُڃاڻي ويس ته مشتاق شاه، معني نذير عباسي.
    هن جوذهن تمام گھڻو تيز ڪم ڪندوهُيو. جلدئي غلطيءَ جواحساس ٿي وِيس، ته هڪ اڻواقف ماڻهوءَ آڏو پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري ويٺو آهيان. شفقت جي گھران فوٽن سان گڏ چانھ به آندم، ته ڪوسي چانھ ساسر۾ پيئندي اُٿيو ۽ روانو ٿي ويو. غلام حسن کان پڇيم همراھ تڪڙو آيو۽تڪڙو ويو.الائي ڇو؟ غلام حسن منهنجي اهڙي سوال تي صرف مُسڪرايو هيو، ڪو جواب ڪونه ڏنو هيائين.آئون هُن جي معنئ خيز مسڪراهٽ جو مطلب سَمجهي ڪونه سگھيو هيس. اُن کان ڪجھ پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪنهن فريڪيشن جي يا سنڌ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي منهنجي ڳوٺ ۾ٿي هئي.سڀ انڊرگرائونڊ ڪامريڊ، اوورگرائونڊ ٿي ويٺا هيا. ڪچيءَ اوطاق جي بند ڪمري ۾الائي ڇا ڳالهايائون، ڇا نه ڳالهايائون؟ اها رات آئون اوطاق آڏو پيل کٽن تي تارا ڳڻيندو رهيس. ان رات جو دير سان، ميٽنگ جي وقفي دوران، اڪيلائيءَ ۾مشتاق شاه منهجي پاسي واري کٽ تي اچي ليٽيوهيو ۽ هوريان هوريان پُڇيو هيائين’مون کي سُڃاڻين؟ وراڻيم ها. چيائين,اهوئي ته آئونُ مشتاق شاھ آهيان. چيم، نه اهوئي ته تون نذيرعباسي آهين. چيائين ڀلا ٻڌايانءِ ته ڪڏهن۽ ڪيئن سُڃاتئه؟ ؟ چيم ٻُڌاءِ!!. چيائين، شفقت ميراڻيءَ جي گهر۾ منهنجي وڏيءَ غلطيءَ سان. چيم، ها صحيح ٿو چئين. ۽ ايئن اسان جي سنگت جو قصووڌڻ شروع ٿيو. نذير، ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هيو اُن ڪري انهيءَ پاسي کان اچڻ وڃڻ ڪونه هوندو هيس، سانگھڙ کان ڪنڊياريءَ جي رستي ڦري ايندو هيو، ڪنڊياريءَ جو تاج مري، تن ڏينهين ڀائنيان ٿو، ته يا جيل ۾ هيو يا روپوش هيو، ان ڪري تاج جي ڪيل ڪم ۽ ماڻهن کي سنڀالڻ جو ذمو ڪجھ نذير پنهنجي سر تي کنيو هيو ۽ ڪجھ مون تي وڌو هيو. پوءِ گھڻو ڪري اسان ٻئي انهيءَ تر جي مختلف ڳوٺن ۾ گڏجي ويندا هياسين ۽ راتين جو اوطاقن جي ڪچهرين ۾ ماڻهن کي سجاڳيءَ جا سبق پڙهائيندا هياسين. ڪنڊياريءَ ۽ ان جي پسگردائيءَ جي گھڻن ننڍن جوانن کي اڄ اها ڪل ئي ڪونه هوندي ته شهيد نذير عباسي مونسان ۽ تاج مريءَ سان گڏ گھڻو ڪري سڀني ڳوٺن مان مشتاق شاھ جي نالي سان گهمي ڦري ويو هيو. هڪڙي ڀيري، اسان کي بان واھ جي ڪنڊياريءَ واري موريءَ جي اڀرندين ڀَر، لوهرن جي ڳوٺ ۾ وڃڻو هيو، جتي امداد چانڊئي پنهنجي ٻاروتڻ جا ڏينهن گذاريا هيا. ان ڏينهن مقرر ٽائيم تي آئون پهچي ڪونه سگهيو هيس، ٽائيم تي سختيءَ سان پابند رهندڙ، نذيرعباسي، پوري ٽائيم تي آيو هيو، مون کي مقرر جاءِ تي نه ڏِسي، ڪا گڙٻڙ سمجهي، پنهنجي معمول موجب رفوچڪر ٿي ويو، ۽ جڏهن دير سان پهچي نذيرعباسيءَ کي نه ڏسي، جيڪا پشيماني ٿيم، سا ته رهي پنهنجي جڳھ تي، پر ڊپ اهو اچي ٿيم ته ايندڙ ميٽنگ ۾ نذير مونکي ڌوڙ ڪري ڇڏيندو، ۽ پوءِ ٿيو به ايئن ئي، ٻيءَ ميٽنگ ۾ منهنجي اکين مان نماڻين نينگرين جيان ڳوڙها قطارون ڪري پئي هليا، پر نذير جودير ڪرڻ بابت سواليه پڇاڻو پڇاڙيءَ تائين بند ڪونه ٿيو هيو.
    نذير آخري ڀيرو جڏهن منهنجي ڳوٺ آيو هيو، ته ان رات انقلاب جي آمد تي وڏا بحث ڪيا هياسين، ورنديءَ صُبح جو سنڌڙيءَ مان بس ۾ ويهاريندي ولِس سگريٽ جو پاڪيٽ وٺي ڏنو هيومانس ته چيو هيائين، يار ايترا سگريٽ نه پيار، اڳي ئي سنھڙو آهيان، هاڻ جي جَهليس ته ماربه ڪونه سهي سگهندس. ۽ ٿيو به ائين ئي، مون کان وڃڻ جي هفتي ٻن اندر، جولاءِ جي آخري ڏينهنِ ۾ جَهليو، اَٺ ڏينهن ٽارچرسيلن ۾ امتياز ٻلي جا ڏنل عذاب سهندي، نيٺ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو. جنهن رات، بي بي سيءَ نذير جي شهادت واري خبر ڏني هئي، اُن رات ڍاڍيون ڪري رُنو هيس.ساندھ ٻه ڏينهن ماني ڪونه کاڌي هيم.ابي۽ امڙ کي ٻڌايم ته، هيءُ جو مشتاق شاهه مون سان گڏ پيو هلندو هُيو، اهوئي نذيرعباسي هيو، کيس ظالم ضياءُالحق ماري ڇڏيو. ان رات امڙ به مونسان گڏجي ڏاڍو رُني هئي.گڏوگڏ ڏاڍو ڊِنِي به هئي، ڀانيائين ته منهنجوهيڪلو پُٽ به مارجي ويندو.سو ڇا ڪيائين جو ورندي ڏينهن، ڳاڙهن ڪتابن جون ڀريون، گھر جي ڇَپر مان گِهلي، ٻورين مان ڪڍي، اڱڻ تي رکي ساڙي ڇڏيائين.
    اُن واقعي بعد سڀڪوساٿي ڪڻو ڪڻو ٿي ويو. نه ڪنهن کي نذير جي ياد آئي نه ان جي معصوم نياڻيءَ جي، نه ان جي نوجوان ونيءَ جي. سڀ وڃي ڌنڌن ڌاڙين کي لڳاسون ۽ جڏهن ورهيه گذري ويا، حميدھ عذابن مٿان عذاب ڀوڳيندي جيئندي رهي، معصوم زرقا وڏي ٿي پرڻجي اولادي به ٿي وئي، تڏهن وري ڦَرڪو ڦِريو، ته اسان پارن ڪامريڊن کي نذير سوڌو هن جھان مان هليا وِيل سڀ ڪامريڊ ياد آيا.سندن ورسيون ۽ سالگرهون ملهائڻ شروع ڪيونسين.ڪجھ مهينا اڳ۾ مونکي سنگت دعوت موڪلي، ته نذير جي جنم ڀوميءَ، ٽنڊي الهيار ۾ سندس سالگرھ ٿا ملهايون تون به اچي ڳالهائجانءِ. ۽ ورندي ڏينهن جي اخبارن ۾ ٻين سان گڏ منهنجو نالو به ڇپيو ته نذير جا هي، هي ساٿي مٿس ڳالهائيندا. ان ڏينهن، شرم ۽ ڦِڪائيءَ مان ٽنڊي الهيار ڪونه ويس. ۽ انهيءَ رات خواب ۾ نذيرعباسي کي ڏٺم. ساڻس جيڪا ڪچهري ٿي سا اجھو هينئن هئي.
    کلندي، کلندي چيائين، اميرا، ڏي خبر، هي وري اڄڪلھ ڪهڙا ڌنڌا شروع ڪيا اٿوَ!!؟
    نڪ جي پڪائيءَ سان وراڻيم، نذير، ڀانئيان ٿو ته ٻين شهيدن جيان تنهنجو روح به، هن ڌرتيءَ تي ئي، اسان جي اوسي پاسي ۾ ڦرندي، اسان جا پِرڪار ڏسندو رهندو هوندو. سو توکي تنهنجي روح، تو پويان بچي وِيل يارن جي پِرڪارن بابت ته گهڻو ڪجه ٻڌايو هوندو. اُن هوندي به منهنجي واتان ٻُڌڻ چاهين ٿو ته ٻُڌ، ها، اهو به ٻُڌي ڇڏ، ته ٻين تي آئون ٺُپ ڪونه ڳالهائيندس، منهنجن پرڪارن تي پڇين ته سڀ ڪجھ سچ ٻُڌايانءِ.
    ڪاوڙ مان لال ٿيندي چيائين، چئبو ته روزي روٽي بند ٿيڻ جو ڀئو اٿئي، ان ڪري ٻين تي نٿو ڳالهائين، چڱو ڀلا تون پنهنجا لڇڻ ئي ٻڌاءِ.
    ڪنڌ هيٺ ڪري ڪياڙي کَنهندي وراڻيم، ادا، سنئين سڌي ڳالھ اها آهي، ته پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ خلق جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، ڪاغذن تي ليڪا ڪڍي، پنهنجي ٻوٿ تي ڪارنهن ويٺو مَليان، ٻيو ڪجھ به نه.
    ڏند ڪرٽيندي چيائين، منهنجون ورسيون ۽ سالگرهون هيترا سال ياد ڪونه آيوَ، منهنجو لاش به ايڌيءَ اچي دفنايو، ويتر هُن پوڙهي ۽ دم جي مريض کي به اچي سوڙھ ۾ منهنجي پاسي ۾ سمهاريائون، ان مهل به منهنجا ڌڻي ڪونه ٿيئو، هينئر پيا کڳيون هڻو، آخر ڇو!!؟
    ڦڪو ٿيندي وراڻيم، ادا، ٻي سنگت جي ته خبر ڪانهيم، باقي تنهنجي شهادت وارن ڏينهن ۾، سچي ڳالھ اها آهي ته آئون ڏاڍو ڊڄڻو هيس، سو خاڪين جي جوتن جي ڊپ ۾ڪُوئي جيان وڃي ٻِرَ ۾ لڪو هُيس. باقي هن پوڙهي جي لاش سان گڏ آئون مقام ۾ ئي ڪونه آيو هيس، ٻيا يار هيا، ڀائنيائون ٿي ته جيڪر انقلاب آيو ته تنهنجي قبر کي وڏي عزت ملندي، ان ڪري هُن مَڙهي کي به ليءِ ڪرائڻ لاءِ سوڙھ ۾ کڻي تو سان پوريو اٿن.
    اکيون ڦوٽاري چيائين، ڪوڙ واري عادت اڃان ڪونه وئي اٿئي؟ پوءِ هي جو وچ ۾ ڪامورو ٿيو هئين ۽ مال ميڙيا هيئي سو ڪيئن!!؟
    حيرانگيءَ مان اکيون هيٺ ڪري وراڻيم، مار! توکي سڀ خبرون آهن ڇا؟ چڱو جي خبر اٿئي ته ٻُڌ، تو واريءَ سموريءَ سنگت، تنهنجي لاش جو اڻ سڌو سودو ڪيو هيو ۽ توکان جلدي پوءِ، ٻيا ته الائي، باقي آئون ته وڏو آفيسر ٿي ويس، تنهنجي ڏنل اجتماعيت واري سوچ تي مٽي پائي، انفرادي طور مال ميڙڻ شروع ڪيم.تون، تنهنجي پارٽي، تنهنجي زرقا ۽ تنهنجي وني مون کان ايئن وسريا جيئن ڪالهوڪو ڏينهن وسريو.نذير! حڪومتون آيون ويون، ورهيه آيا ويا، تنهنجي ٻچڙن ۽ عزيزن جي ڪا به سار ڪانه لڌم.ها پر انهيءَ عرصي ۾ وڏيون وڏيون آسائشون حاصل ڪيم.بنگلا، گاڏيون، بينڪ بيلنس وغيرھ وغيرھ.ان وچ ۾ تنهنجون ڪيئي ورسيون آيون ۽ ويون، پرمنهنجون جون سرڪاري مصروفيتون ايتريون ته وڌيڪ هيون، جو تنهنجو يادگيرو ئي ڪونه آيو.، ڪڏهن ڪڏهن ياد ايندو هئين، ته به اکيون پوري ڇڏيندو هيس.نذير! تون ئي ته هئين جيڪو منهنجي اونڌن پرڪارن تي پارٽيءَ ۾ گهڻي ڪن مَهٽ ڪندو هئين،
    تڏهن مُسڪرائي چيائين، پوءِ هاڻ وري هي ڪهڙو نئون رينگٽ شروع ڪيو اٿئي!!
    دل جھلي وراڻيم، ادا !جڏهن سرڪاري مال ميڙڻ مان ڍوءُ ڪونه ٿيم، تڏهن ٻڌم، ته سامراجي دنيا جا ڍاول امير، اسان جي غريب ملڪن جي غربت مِٽائڻ لاءِ خيرات طور ڪجھ مال غير سرڪاري ادارن جي نالي ۾ڏيڻ لاءِ آتا آهن، ته اهو موقعو به هٿان ڪونه وڃايم، وڃايان به ڇو؟ آخر انقلاب ته آڻڻو آ نه جاني!. پوءِ وڏيءَ ڌام ڌوم سان انهي ڪُن ۾ به ڪاهي پيس، پنهنجو ادارو به جوڙيم، ته ان کا به وڏن ادارن ۾ پنهنجي ٻولي لڳرائي پاڻ کي وِڪيم به. ادا، تنهنجي تعليم ئي اهڙي ڏنل هئي جومون تي ايڏيون ته ٻوليون لڳيون، جن جو ڪڏهن سوچيو به ڪونه هيم.
    ٽهڪ ڏيندي چيائين، معني ته تنهنجي واڳ ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، ۽ تون پُتليءَ جيان تماشا بيٺو ڪرين، ڀلا ٻڌاءِ ته ڪهڙي ايجنڊا ملي اٿئي!.
    وراڻيم، ادا، خبر اٿئي مون، وڪاڻل گهوڙي کي ايجنڊا ڪهڙي ملي هوندي؟ اهائي پنهنجي پراڻي!!!. جنهن ۾ هاڻ نتيجا گهربل ڪونه آهن، صرف لٻاڙ، ڄاڙي ۽ ڪاغذي رپورٽون ٿيون کپن. پوءِ ته منهنجو ڪم اڃان وڌيڪ سولو ٿي ويو آهي، تو سميت سڀ پراڻا ۽ هي جهان ڇڏي ويل ڪامريڊ به ياد آيا، سڀني جون ورسيون ۽سالگرهون ملهائيندي، تقريرن دوران هٿن جون اُڇلون ڪندي مائيڪ ٽوڙي وجهندو آهيان.
    چيائين، پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪو هڪڙو به ماڻهوڪونهي بچيو ڇا جيڪو توتي ڦٽ لعنت ڪري!!؟ “.
    چيم، ادڙا! اهي ڏينهن ويا جڏهن سڀڪو چوندو وتندو هيو ته سنڌ جي سينڌ اڃان سَنڍ ڪونه ٿي آهي، ورهين پڄاڻان، پرائي پئسن تي ڪيل، منهنجي هن عمل تي ڪو هڪڙو به اهڙو سنڌي ڪونه آهي، جيڪو مونڏي ٻه آڱريون ئي اُڀيون ڪري، يا پُٺيرو بيهي منهنجي هن عمل تي ڪا اُلٽيءَ جهڙي ٿُڪ ئي اڇلائي.ڪو هڪڙو نه ڪونهي ادا، پاڻ سڀ پيا هرکجن ته مَن کين به اهڙو جهٽ لڳي.
    مسڪرائي چيائين، پوءِ ته تون صفا نرڄو ٿي پيو هوندين!؟
    ڦڪو ٿي چيم، اڙي يار، هاڻ ته نڪ جو ايترو پڪو ۽ اک پُور ٿي ويو آهيان، جو جن، ڍاول ملڪن جي اميرن مون کي خريديو آهي ۽ ڀلي گهوڙي جيان ٽاپ ۾ ڊوڙائيندا آهن، تن جي آڏو پاڻ کي، لينن، مارڪس، تو ۽ ڀٽي جو وارث سڏائيندو آهيان. ٽَڪي جي به ڦِڪائي ڪونه ٿيندي اٿم. خبر اٿئي ته مون وارو مُجيري منهنجي انهيءَ دعوئ تي معنئ خيز مسڪراهٽ سان مون ڏانهن رڳو نهاريندو رهندو آهي، پر چوندو ڪجھ به ڪونهي. تڏهن به منهنجي مُنهن ۾ حرام جي ڪو ڦِڪائيءَ جو گُهنج ايندو هجي.
    چيائين، ۽ جيڪا منهنجي وارث سڏائيندڙ نئين سياسي پارٽي ٺهي آهي، ان جو به اڳواڻ هوندين!؟
    چيم، نه ادل! نه شروع ۾ ته پڪ هيم ته اها پارٽي تنهنجي پيرن تي هلندي، پِيريءَ ۾ جيل کارائيندي، ان ڪري کانئس پري هُيس، پر هاڻ پڪ ٿي اٿم ته اهي هوائي خبرون هيون، ۽ان پارٽيءَ جي آفيس ۾ ويهي، روز انقلاب ۽ انقلاب لاءِ گُهربل مال جو انتظار ٿيندو آهي. سو هاڻ ٿورا ڏينهن ٿيندا ته مون به ان پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ پَرَ سورِڻ شروع ڪيا آهن.
    تڏهن وري ڪاوڙندي چيائين، نيٺ ته هيڏانهن عالم ارواح ۾ به ايندين، اهڙيون جُٺيون ڪرائيندوسانءِ، جهڙيون ضياءُ الحق ۽ ان جي ساٿارين سان ڪرايون اٿم!!؟
    ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيم، جاني! اها ته پڪ اٿم ته ڄاڻ، رَليءَ جو موت وٺي تو وٽ اچڻو آهيان، ۽ اها به پڪ اٿم، ته عالم ارواح ۾ تنهنجو روح لکين هزارين ٻين رُوحن سان گڏجي مون تي ٺٺوليون ڪندو، ۽ اسيمبلي ميمبرن جيان شيم شيم جا نعرا هڻندو، ڀلي پيا ڪجو، حال گھڙي ته مال ميڙڻ ڏي ! هونئن به ڇا ڪريان؟ مال ڏاڍو مِٺو آهي، آسائشون ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.منهنجا جاني نذير عباسي.

    ڳالھ پئي هلي ڪميونسٽ پارٽيءَجي يارن جي ۽ انهن جي پارٽيءَ جي مقصد سان سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي، ته انهيءَ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو اهو عَالم هو، جو هڪڙي ڀيري سکر جي آچر گھٽيءَ پرائمري اسڪول ۾ ٻارن کي پئي پڙهايم، ته اوچتو پٺاڻڪي ٽوپيءَ ۽ صدريءَ سان ميرا ڪپڙا پاتل، هڪڙو همراه ڪلاس ۾ ڌوڪيندو آيو. ٺُڙ ٺُپ کيس ڪونه سڃاتم، ساڻس هٿ ملائي، جڏهن ڳالهايم، ته سندس آواز مان خبر پئي، اڙي مار پئيس هيءُ ته هيءُ ته تاج مري آهي!. کيس حالتِ غير ۾ ڏسي حيران ٿيندي پڇيومانس، ڀائو، خير ته آهي اهڙا حال ڪيا اٿئي جو سڃاپڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچين؟ تاج جيئن هونئن به هميشھ اُٻهرو ٿي ڳالهائيندو آهي. تيئن اُٻهرائيءَ ۾ وراڻيائين، في الحال منهنجن حالن کي ڇڏ، کيسي ۾ ڪي پئسا هجنئي ته، مون کي ويهارو کن روپيه ڏي ته حيدرآباد وڃان. ڇو جو ڀاڙوکُٽل اٿم. کيسي مان ويھ روپيه ڪڍندي پڇيومانس، ته ڀائو، رستي ۾ ماني ٽڪيءَ لاءِ ڪجھ ڪونه کپندئي ڇا؟ وراڻيائين نه ڙي يار نه، رستي ۾اهڙيءَ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ئي ڪونه پوندي، بس ايترو چوندي تکو تکو وڏيون ٻرانگهون هليو ويو.
    هڪڙي ڀيري اڄڪلھ جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد مڱرئي کي پارٽيءَ جي هڪڙي ميٽنگ ۾، منهنجي ڳوٺ ۾، رات جو اٺين وڳين پهچڻو هيو، مڙس ميرپورخاص مان لاريءَ ۾ چڙهيو، وٽس لاريءَ جو ڀاڙو صرف ڪاٺڙيءَ تائين جو هيو. خودداري ايتري هيس، جو بس جي ڪنڊيڪٽر کي ڪاٺڙيءَ جو ڀاڙو ڏيئي اتي لهي پيو، ان مهل رات جا ست ٿيا هيا، نوين وڳين ميٽنگ شروع ٿيڻي هئي، ڪاٺڙي ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ڇھ ڪلوميٽر مفاصلو هيو، همراه ٽنگون وڄائي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ اهو پنڌ ڪري اچي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو هيو.۽ ٻئي ڏينهن واپسيءَ جي ڀاڙي لاءِ جڏهن مونکي چيائين ته سندس واتان اها ڳالھ به نڪري وئي هئي ته يار، رات به ڀاڙو کُٽي پيو هيو ۽ ڪاٺڙيءَ کان هيترو سارو پنڌ ڪري هتي پهتو هيس.ساڳي ڪارغلام حسين شرسان به ٿي هئي، جو جڏهن لطف پيرزادي وارن سان گڏ ڪراچيءَ ۾ گرفتار ٿي، پاڻ کي ٻلهڙيجيءَ جو پيرزادو ۽ پيرزادن جي ٻڪرين جو ڌراڙ ظاهر ڪري آزاد ٿيو هيو ته به وٽس ميرپورخاص پهچڻ جيترو ڀاڙو مس هيو. هتان ئي ڪراچيءَ ويندڙ غلام حسين، هلڪي ڏاڙهيءَ ۽ وڏن وارن وارو هيو ۽ واپس ورندڙ علام حسين جو مٿو، مُڇون ۽ ڏاڙهي ڪوڙيل هئي، ننڍڙو کجيءَ جو ڇٻو هٿ ۾ هيس، هندن جي ٻاون جهڙي حلئي سان واپس وريو هيو. هو جيئن ته روپوشيءَ دوران اسان جي تر ۾ رمضان جي فرضي نالي سان رهندو هيو، سو هڪ ڀيري اسان چار پنج دوست اوطاق ۾ ويٺا هجون ته امريو ميگھواڙ ڊوڙندو آيو ۽ اچي وڏي دٻ ڏيندي چيائين ته اسان جي زميندار، ڪاڪي رگھي مينگھواڙ کي تمام گھڻو ماريو آهي ۽ اسان جا لاهيارا ڦٽيون پيا چونڊين تن تي گھيرو ڪري بيهي رهيا آهن. غلام حسين، امرئي جي ڳالھ ٻڌندي ئي ڀڙڪو کائي بابا جي بندوق کڻي، امرئي جي ڏَسيل جاءِ ڏانهن ڊوڙيو، ويندي ويندي چوندو ويو، هاڻ پيا ڪيسن کي مڙس ٿي منهن ڏجو.آئون انهيءَ وڏيري جو ڪم پورو ڪري پرٻاهرو هليو ويندس. خدا ڀلو ڪري ڪجھ ٻين هارين جو جيڪي سرزمين تان ايندي جذباتي ڪامريڊ کي ڊوڙندو ڏسي کانئس سبب پڇڻ لاءِ بيٺا هيا. ته کين امرئي جي ڪوڙ جي خبر پئي هئي، تڏهن گيتائن ۽ قرآن جا سنهن کڻي ڪامريڊ کي يقين ڏياريو هيائون، ته ٻيلي انهيءَهمراه جي ڪَل ٿِڙيل آهي ۽ تون انهيءَ جي ڦُوڪ تي ٿو مڙسن کي مارين ڪجھ ڌيان ڪر. تڏهن وڃي مُڙيو هيو.
    هڪڙي ڀيري هارين جي ميٽنگ ۾ ويٺا هجون تن ڏينهين عرس ڪانهئي جو ٻنيءَ تي ڦڏو پئ هليو، جماعتين سان، تنهن وقت عرس وارن وٽ ايتري غربت هئي جو وٽن ڪڏهن ڪڏهن ويلا به پوندا هيا، سو عرس ميٽنگ ۾ رڙ ڪري چيو ڪامريڊ گھر ۾ اٽو ڪونهي، ڀاڙو ڪونهي جو پنهنجي ٻنيءَ جي ڪيس لاءِ ڪورٽ ڀيڙا ٿيون، تون ٿو چوين ته سڄي سنڌ آجي ڪرڻي آهي!! ڇڏ ٻيلي. ڪامريڊ غلام حسين، عرس ڪانهئي جي دل ۾ لڪل درد پڙهندي ئي، پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجھي ڪنهن جادوگر جيان چانديءَ جا ٻه وزني پير ڪڙول ڪڍي کڻي هٿ تي رکيس. عرس سميت سڀ دوست حيران هجون ته هن ڪامريڊ هي شيون ڪٿان آنديون. اهو معمو اڄ تائين حل ڪونه ڪري سگھياسون.
    غلام حسين شر، تن ڏينهين روپوش هوندو هيو ۽ علائقي واسي هجڻ سبب سکر ڏانهن تمام گهٽ ايندو هُيو.جيڪر ايندو ته مون وٽ ضرو ايندوهيو، اُن رات ڪنهن ڀَلي هوٽل تي ڀلي ماني به کارائيندوهيو. رات مون سان گڏ رهندو هيو۽ صُبح جو ڪندو هيو جوڳي رَمتا ڀلا. سندس ڀاءُ ۽ هاڻوڪو ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ، لياقت شر، تڏهن تازي وڪالت پاس ڪري، شايد شيخ اياز يا ڪنهن ٻئي جو جونيئر وڪيل هيو. هاڻي شڪل شبيھ توڙي افعالن ۾ به صفا شريف لڳندڙ مڙس لياقت شر، تن ڏينهين چڱو موچاروڦَڏائي هوندو هُيو. بچي شل مُڇون به وڏيون رکندو هيو، سي به اُڀيون ۽ وَٽيل هونديون هيون. هينئر ڪورٽن ۾ججن ۽ وڪيلن سان ته الائي ڪيئن ٿوهلي، پر اُنهن ڏينهنِ ۾ خاص ڪري سکر کان ٺري ميرواه جي بسن وارن سان ڀاڙي تان ڏاڍا جھيڙا ۽ ڦڏا ڪندو هيو، ٿيندو هينئن هيو آئون اڪثر ڪري جمعي جي ڏينهن واري موڪل گذارڻ، ساڻس گڏ مينگهي فقير شر جي ڳوٺ ويندو هُيس. ٺريءَميرواھ جي بَسَ وارن کي لياقت ڀاڙي کان ٺُپ جواب ڏيندوهو، ته جهيڙو ٿي پوندو هو. هر هفتي لياقت جي اها ڪارِ هوندي هُئي. لياقت جي جهيڙن دوران آئون بلڪل خاموش ويٺو هوندو هيس ۽ پنهنجيءَ سيٽ تان چُرندوئي ڪونه هيس، ڀانءِ هيٺان ڪو ڪِلو لڳل هُجيم. هڪڙو ڀيرو، ٻيو ڀيرو، ٽيون ڀيروبه، منهنجي ساڳي ڪار ڏِسي، نيٺ مون تي نالو رکيو هيائين ڌِيئاڻو ٻار.پوءِ ته اهو نالو هرڪنهن کي پيوڏَسيندو هيو ته اميربخش ڌيئاڻو ٻار آهي. تن ڏينهين لياقت وارا، مينگهي فقير جي ڳوٺ مان تازا لَڏيا هُيا. سَڏ پنڌ تي اوڏڪين ڀِتين جا گهر، وڏي ڪوٽ سان ٺهرايا هيائون.هڪڙيءَ ڪوٺيءَ کي پُٺيان به دَروازو هوندو هيو، گهرن جي پُٺيان اڇيءَ واريءَ جي ننڍڙن دڙن تي گهاٽا سَچا سَرَ بيٺل هوندا هيا، اهو ڪامريڊ غلام حسين جو روپوشيءَ دوران ڪنهن ڇاپي ڌاپي ۾ ڀَڄَڻ جو گَهٽُ هوندو هيو.سندن والد مرحوم زوار عبدالرزاق جون ڪچهريون، اڃان دل تان ئي نٿيون وِسرن. هاڻ ته سڄو ڳوٺ ٽڙي پکڙي ويو آهي، چئوطرف آبادي ئي آبادي آهي. روڊ رستا ۽ بجليون آهن. تڏهن ٺريءَ ميرواه کان پنڌ ئي پنڌ انهيءَ ڳوٺ ڏانهن ويندا هياسين. انهيءَ زماني ۾ فقيرغلام حيدر گودڙئي جو مقبرو ڏسي حيرت ٿي هيم. مار !! شر به اولياءُ ٿيو ٿا سگهن؟ “!!! هيڏانهن اسان جي پاسي جا شر گھڻي ڀاڱي ته سڀ چيلھ سان رسا ٻڌيو هلندا وتندا هيا!!!.” منهنجي انهيءَ سوچ جي تصديق گھڻو پوءِ پاڪ فوج جي ڪرنل عمر ڪرمانيءَ به ڪئي هئي، جيڪو ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران سنڌ جي چپي چپي ۾ رُليوهيو. تنهن هڪڙي نجيءَ ڪچهريءَ ۾ مون کي چيو هيو ته، مون اڄ ڏينهن تائين ڪو به شر ذات جو ماڻهو يا وڏو ڌاڙيل يا پڙهيو لکيو ناهي ڏٺو، سڀئي چيلھ سان رسو ٻڌڻ وارا مليا اٿم.
    فولاد فقير شر، شايد پوءِراھ رباني ورتي هئي، يا فقيرن جي ٻوليءَ ۾ پيالو پيتو هيو.انهيءَ زماني ۾ ڳوٺ ۾صرف هڪ مقبرو ڏٺو هُيم.گھڻو پوءِ جڏهن ڄام ساقيءَ کي ٿورو گھڻو صوفي ازم جو رنگ چڙهيو هيو، ته گِهلي وٺي ويو هيو، فولاد فقير جي قبر تي. هاڻ ته فولاد فقير جي پوئلڳن سان ياريون اٿم، خاص ڪري عطا فولاديءَ سان.
    تڏهن ته سکر کان ڳوٺ وڃڻ لاءِ اڪثر ڪري شام جو بس ۾ نِڪرندو هيس، نواب شاهه ڀرسان سٺ ميل تي پُڦيءَ وٽ رات رهي پوندو هيس. جيڪڏهن سٺ ميل جي بس نڪري ويندي هئي، ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ محمد علي ٽالپر وٽ رهي پوندو هيس. محمد علي، سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري هيو، پوءِ فون کاتي ۾ڊويزنل انجنيئر ٿيو. ڀانئين ٿو، اڄڪلهه ڪيناڊا ۾رهي ٿو. هڪڙيءَ رات محمد عليءَ ٻُڌايو هيوته ڪالهه رات امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي۽ شير محمد مڱريو روپوشيءَ ۾ هوندي، او سامهون هُن پارڪ ۾ ويٺا هُيا، جيئي سنڌ وارن سُڃاتا ته ٻَڌڻَ جِي ڪوشش ڪيائونِ.هي ٽيئي همراهه به منهن ڏئي بيٺا، چڱي موچاري مارا ماري ٿي هئي، نيٺ ٽئي ڄڻا هيڻا ٿيا هيا. ته جيئي سنڌ وارن کڻي ٻڌُنِ، چئي نازشي، سازشي ۽ روپوش آهن، پوليس جي حوالي ڪَبا. بقول محمد عليءَ جي هُن وڏيون منٿون ڪري همراهن کي ڇڏايو هيو. محمد عليءَ سَچُ ٻڌايو هيو الائي نه، اهي خبرون امداد وران کي هونديون، نيٺ به ٽيئي مڙس حيدرآباد ۾ الائي ڪنهن جي ڀلائيءَ سان جهلاڻا، جنرل ضياءَ جي مهربانين مان ست ست سال ٽيپ۽ ڦٽڪن کائڻ جي واجبي ورڇ ورتائون.


    12

    هي اهي ڏينهن هيا، جڏهن عالمي سامراج جي پُڇ لٽڪائو۽ پاڪستاني عوام جي نوڪر جنرل ضياءَ، عوامي حڪومت تي راتاهو هڻي، آمريڪي ايجنڊا تي هلندي، ڪسنجر جي ڳالھ کي پاڻي ڏيندي دنيا جي مشهور ڏاهي ۽ عالمي طور مَڃيل سياستدان ذوالفقار علي ڀُٽي کي بي ڏوهو، ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ واڙي، وڏا عذاب ڏنا، ته به آڻ نه مڃائي سگھيو هيو. تڏهن ڪوڙا سانگ رچائي، ڪوڙي ڪيس ۾ هٿ جي ٺاهيل هڪڙي صوبي جي عدالت هٿان ڦاسيءَ جي سزا ڏيارڻ جو ڍونگ ڪري، راولپنڊيءَ جي ڪُوفي ۾ سندس ساه ورتو هيو. مون کي اهو ڏينهن چٽو ياد آهي، تڏهن رابطي جا اهڙا ذريعا ڪونه هوندا هيا، جيئن هينئر آهن، انهي نڀاڳيءَ رات، آئون ماما رمضان وٽان ڊينگاڻ ويل هيس. ورندي ڏينهن صبح جو واپس پئي موٽيس، ميما جي ڳوٺ مان ڊينگاڻ ڏانهن پنڌ ايندي، رستي ۾ ڪنهن اها خبر ٻڌائي هئي. الائي ڇو ڪجھ ڪرڻ جي بجاءِ منهجي اکين مان لُڙڪن جون لارون هليون هيون. انهيءَ ڏينهن مون جيڪو به ماڻهو ڏٺو هيو، انهيءَ ماڻهوءَ جي اک آلي ڏٺي هئي. آئون ڀانيان ٿو ته ڀُٽي صاحب جي واقعي تي پکي پکڻ رُنا هوندا. ڇو جو چوٿين اپريل جي انهيءَ ڏينهن هتي بي مندائتو مينهن به وُٺو هيو. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ چوٿين يا پنجين ڏينهن آئون، عالم ڪيريو، الهبچايو۽ احمد ڪانهيو، مجني لاشاريءَ جي ٽيڪسيءَ ۾ شهيد ڀُٽي جي فاتحاخوانيءَ لاءِ ويا هياسون. مون کي چٽو ياد آهي ته انهيءَ ڏينهن ايئن لڳو پئي، ڀانءِ اسان ڪنهن ڌارئي ملڪ ۾ پيا وڃون. ميل ميل تي فوجين جون چيڪ پوسٽون هيون، هرهنڌ شناختي ڪارڊ ڏسي اڳتي وڃڻ جو مقصد پڇي، اڳينءَ چوڪيءَ کي اطلاع پئي ڏنائون. ايئن جڏهن اسان شهيد ڀُٽي جي قبر تي پهتا هياسون ته اُتي موجود سوين ماڻهن جيان اسان جون به اوڇنگارون نڪري ويون هيون. ڀٽي صاحب جي قبر جي مٽي اڃان ڪونه سُڪي هئي. مون انهيءَ ڏينهن سوچيو هيو ته سنڌ وارن جي سِرن گهرڻ جي مند شروع ٿي وئي آهي، هاڻ الائي ڪيترا سال ۽ صديون اهو عمل ورجائبو رهندو. ها هڪڙي سا سوچ ضرور آئي هيم ته روئڻ پِٽِڻ کان ته سٺو آهي ته ماڻهن کي منظم ڪريون، ته هاڻ سر ڏيڻ بجاءِ سر وٺڻ گهرجن. مون کي اهو به ياد آهي ته ورندي مهل مون ڀٽي شهيد جي قبر تان گلاب جي گلن جون ڪافي پتيون کيسي ۾ وجهي کنيون هيون، اهي جڏهن ڳوٺ وارن کي ڏنيون هيم ته ابي امان سوڌو سڀ ماڻهو انهن سڪل پَتين کي اکين تي رکي ڏاڍو رُنا هيا.
    تن ڏينهين ايئن لڳندو هيو ته سُرخ انقلاب آيو ڪِيِ آيو، بس، رڳو انقلاب آڻيندڙن جي گهوڙن جون واڳُون وٺڻ جي دير هئي.ايئن جيئن سنڌ جي ريت پٽاندڙاوطاقن تي ايندڙ مِزمانن کي پري کان تاڙي، گهر ڌڻي، گهوڙي جي واڳ وٺڻ لاءِ ٻه وِکون ڀَري هلي ويندو آهي، تيئن افغانستان ۾ خلق ۽ پرچم وارن يارڙن جي اوچتو آندل سُرخ انقلاب، اسان ڪامريڊن کي اصل دُڻيئون پاڻِيئون ڪَڍِي ڇڏيو هيو، هوائن ۾ اُڏامندي، هر نئين صبح جو اُنهيءَ آسري تي اُٿي آرس ڀَڃَندا هياسين، ته پٺاڻ جلال آباد کان وٺي ڪابل تائين سامراجيت مان پنهنجا پاند آجا ڪري، ڄاڻ اسان جا بند خلاصا ڪرڻ لاءِ پُهتا ڪِي پُهتا، اجمل خٽڪ ته ڀانيان ٿو، تن ڏينهين اسان جي پارٽيءَ کي ڇڏي ويو هيو، باقي پختونخواھ جو هاڻوڪو سينيئر وزير افراسياب خٽڪ ۽ مختيار باچا اڃان اسان واري لڏي سان هيا. تن ڏينهين پارٽي لائين اها هوندي هئي ته پارٽيءَ جا ساٿي به پارٽيءَ جو نالو چپن تي ڪونه آڻيندا هيا.تڏهن ڪميونسٽ پارٽيءَ نالو لِڪائي، ڪامريڊن پاران روز روز جو ولي خان ۽ بزنجي جي پارٽين ۾ لِڪڻ بجاءِ جيڪا نئين نالي سان نيشنل پروگريسوپارٽي سياسي ميدان ۾ لاٿي وئي هئي، هي ٻئي يارڙا، انهيءَ پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ به هيا. تن ڏينهين، خلق ۽ پرچم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا مثال اسان جي آڏو هوندا هيا، ۽ نور محمد ترهڪئي، ببرڪ ڪارمل، حفيظ الله امين ۽ ڊاڪٽر نجيب پارا، اسان جا آئيڊيل هوندا هيا.مَنجهن وڏا آسرا هوندا هيا، وڏيون اُميدون هونديون هيون.اسين سُرخا ٿورڙا هوندي به شل نه ڪو، ڪنهن جو مظاهرو يا جلسو ٻُڌون، هٿوڙي ۽ ڏاٽي وارو ڳاڙهو جهنڊو سُٿڻن جي وَرَن ۾ لِڪائي اُتي بي دعوتيا ئي پُڄي ويندا هُياسين. جيڪر ڪنهن جو ڪو مظاهرو هوندو هيو ته پارٽي لائين ملندي هئي، ته ڪوشش ڪري هِڪڙو هِڪڙو ٿي ان جي اڳواڻيءَ تي قبضو ڪجي، ۽ پنهنجا نعرا ڏِجن.۽ جڏهن به ايئن ٿيندو هيو، ته ڪنهن نه ڪنهن جي سُٿڻ جي وَر مان ڪو بينر به نڪري نروار ٿيندو هيو، پوءِ نعرن جي ڌوم شروع ٿيندي هئي، آمريڪي سامراج مرده آباد، جو آمريڪا جويار آ غدار آ غدار آ، ضيائي آمريت تي لعنت، ضياءُ ڪتو هاءِ هاءِ، ضياءَ کي ڪُتو چوڻ ڪُتي جي توهين آ.۽ پوءِ رات جو اٺين وڳين مارڪ ٽيليءَ جي موڪليل رپورٽ جڏهن بي بي سيءَ تان نشر ٿيندي هئي ته اڪثريتي پيپلز پارٽيءَ جي نعرن جو نالو نشان ڪونه هوندو هيو، رڳو اسان جي نعرن جي ڌُوم هوندي هئي.تڏهن اسان جي رَڳُن ۾ نئون روح ڦوڪبو هيو، نئين سج سان نئون عزم کڻي وري ڪاهيندا هياسون ملڪ جي ٻيءَ ڪُنڊ ڏانهن.انهيءَ سوچ سان ته ڄاڻ انقلاب آيو.
    تن ڏينهين اسان جي انهن کڳين جو بي بي سيءَ تان بار بار نشر ٿيڻ جو مطلب اسان کي گھڻو پوءِ سمجھ ۾ آيو هيو، اسان ته هروڀرو هُشِ ۾ خوش هوندا هياسين، پر ضياءُ انهن نعرن کي سَچِي به آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين وٽ جيئن جو تيئن ڪيش ڪرائيندو هيو، هاڻ ٿا سمجهون ته تن ڏينهين، پيپلز پارٽيءَ يا ايم آر ڊيءَ ۾ شامل ٻين ڌُرين جي نعرن کان وڌيڪ اسان جا نعرا بي بي سيءَ ۽ وائس آف آمريڪا تان هٿ وٺي نشر ڪرائي، آمر ضياءُ، سامراج کي نياپو ڏيندو هيو ته، وارو ڪريو منهنجي مدد ڪيو، نه ته سُرخا، افغانستان کان بارڊر ٽُپي ڄاڻ پهتا ڪِي پهتا. ۽ هو پنهنجيءَ انهيءَ پاليسيءَ ۾ ڪامياب به ويو، اسان هوائن ۾ ئي اُڏرندا ئي رهياسين، هُن مال ته ميڙيا، پر اسان جي ٽولي کي امتياز ٻلي جي ٽولي هٿان اهڙو ته ٽوڙيائين، جو اڄ ڏينهن تائين چيلھ سِڌي ڪونه ڪري سگهيا آهيون.
    تن ڏينهين اسان سُرخن جي ساٿ ۾ کوڙ سارا واڻيا سَلِهڙيل هوندا هيا، جن مان نرنجن دوداڻي، امر لال ۽ ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش، اهم نالا هيا. پاڻ کي اڄ يادگيرو آيو آهي، گھنشام جو، جنهن جي جو گِھگھو آواز اڄ به الائي ڪيترن ورهين کان پوءِ به ڪنن ۾ ايئن پيو ٻُري، ڀانءِ، او، هُو پريان ڪنهن سان ڳالهائي بيٺو. جيتوڻيڪ اڄ هو مون کان ڪوهين ڏور دهليءَ ۾ ويٺو آهي، ۽ حيرت انگيز طور تي اُتي جي ڪميونسٽن سان گڏجڻ بجاءِ بي جي پيءَ سان وڃي سلهڙيو آهي.پر فارسيءَ جو محاوري دهلي دور است کي ڌوڙ وجهي، ايئن ٿو ڀائنيان، ته هو مونسان گڏ پيو گهمي ڦري.چٽو ياد اٿم ته گهنشام پنهنجي ڳري آواز ۾ جڏهن نعرا هڻائيندو هيو، ته سندس آواز پري کان پَڌرو هوندو هيو. هرڪو آواز مان کيس سُڃاڻي ويندوهيو.تڏهن اسان ڌرتيءَ تي گهمندي ڦرندي اوور گرائونڊ هوندي به هروڀرو انڊر گرائونڊ هوندا هياسين. ان ڪري هِن مُڙس جي ٻَڌجي وڃڻ جو ڀئو ڪجھ وڌيڪ هوندو هيو.ان ئي سبب جي ڪري ڀانيان ٿو ته پارٽيءَ کيس، گھنشام مان ڦيرائي لطيف پيرزادو ٿيڻ جي لائين ڏني هئي، ته جيئن مڙس، پنهنجو پاڻ بچائي سگهي. پر هيءُ واڻيو ٻين عام واڻين جيان ڪچي پِنڊي ڪونه هيو، هيءُ ته سڌو پِڌو مورئي ماڇيءَ جي پاڙي جو شينهن هيو شينهن، سو کيس ٻلهڙيجيءَ جي لطيف پيرزادي جي نالي ۾ لِڪائڻ پارٽيءَ لاءِ سَولو ڪونه هيو.۽ نه ئي گھنشام جي رَڳن ۾ هروڀرو لڪڻ جهڙو رَتُ هيو، هو درويش ته جهڙو اندر هيو تهڙو ٻاهر.
    تن ڏينهن داڻي پاڻيءَ مون کي به سکر جي شهر جا وڻ ڏيکاريا هجن، سو جيڪب آباد ضلعي جي هن شينهن واڻئي سان اٿڻ ويهڻ پارٽيءَ جي مامرن ڪري اوچتو وڌيڪ ٿي پيو. جيتوڻيڪ سکر ۾ اچڻ وڃڻ، گهنشام لاءِ ايئن هيو، جيئن ڪوڙڪيءَ ۾ پاڻهي اچي پير ڏيڻ. پر هيءُ واڻيو اباڻي وطن جي سڪ ۾ لِڪي ڇَپي به ڳوٺان ڀيرو ڪري ويندو هيو، ۽اها خبر پارٽيءَ جي ذميوارن کان به لِڪي ويندي هئي.انهن ئي ڏينهن ۾هڪ ڀيري، مهيني جو پگهار کڻي، معمول موجب ڳوٺ سَنبريس، ته گھنشام جيڪو اڳي ئي واري تڙ روڊ تي پارٽيءَ لاءِ ارپيل شفقت ميراڻيءَ جي لڪل ٺڪاڻي تي مونسان گڏ موجود هيو. تنهن چيو ته، اڄ مون کي به ٽنڊوالهيار وڃڻو آهي، ٻئي گڏجي ٿا هلون.ايئن ان رات سکر کان بَسُن جو ٿڪائيندڙ سفر ڪري، رات جو منهنجي ڳوٺ اچي پُڳا هياسين، اوطاق کي ويجها ٿيندي ئي پري کان ڏٺو هيم، ته اوطاق ۾اسان جا مُرشد لَٿا پيا هجن.اُن مهل گھنشام جي آڏو ٻه به وِيم ته ڇھ به وِيم، دل ۾ سوچيم هيءُ ڪامريڊ به ڇا چوندو، ته ٻين کي برابريءَ جو سبق ڏيڻ وارا پاڻ پِيرن جي پيرن ۾ ويٺا آهن!!؟ ڪامريڊ جي آڏو پت وائکي ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ کيس چيم ته ڪامريڊ لڳي ٿو اوطاق ۾اڳ ئي ڪي مهمان لٿل آهن، هَلُ ته پاڻ هلي ٿا اسڪول ۾ رهون. ۽ پوءِ گھنشام کي اوطاق سان لڳولڳ ڪچي اسڪول ۾ کٽ رکي ڏني هيم.ان رات مون جيان گهنشام به ٿَڪل هُيو. مانيءَ کائڻ بعد جيئن ئي کٽ تي آهليو ته سِگهوئي کونگهرا هڻڻ شروع ڪيائين. ۽ جڏهن ڏِٺُم ته مڙس وڃي خوابن جي دنيا ۾ پهتو آهي، ته آئون به گهر وڃي آرامي ٿيس. صبح جو، گھنشام لاءِ نيرن۽ چانهه کڻي نڪتس، حيرت تڏهن ٿيم، جڏهن ڏِسان ته اسڪول ۾ گھنشام واري کٽ آهي ئي ڪونه، اکيون بي اختياراوطاق ڏي کڄي ويون.حيرت مان اکين جي پِنبڻين کي هيٺ مٿي ڪري پڪ ڪندي ڏٺم ته، مُرشد سڳوري ۽ گهنشام جون کٽون اوطاق جي ورانڊي ۾گَڏُ پيل آهن، اصل ايئن جو اِيس سان اِيس مِليل اَٿن. مرشد سڳورو، گهنشام جي شلوار ۾ اڳٺ پيو وجھي، سامهون نهاريم مرشد جوخليفو نلڪو پيوگيڙي ۽ گهنشام نلڪي هيٺان وِهنجي پيو. مائٽن ۽ مرشد جي ڀوءَ ۾ بدن مان دُرڙيون نڪري ويم، دل ئي دل سوچيم گھنشام ته اڄ لاک ئي لَهرائي ڇڏي.سوچن جو سلسلو تڏهن ٽُٽو جڏهن، مرشد سائينءَ مونکي ڏسندي ئي، هڪل ڪري ميارڏني هئي، چئي ابا، اميرا شابس ٿئي ٻيلي، پِيرن ۽ پِيرزادن ڇا وڃايو آهي جو رات پِيرزادي کي اوطاق بجاءِ اسڪول ۾ کٽ وِجِھي ڏني هيئه؟ تڏهن وڃي ساھ پيم.اُنهيءَ ويل سوچيم، مار!گهنشام به وڏو لاھ نِڪتو!. اسان جي مرشد ڪامل کي ئي وهائي ويو.
    اصل ۾ ٿيو هينئن هو، جو مون پاران اوطاق بجاءِ، اسڪول ۾ سمهارڻ تان، گھنشام تجسس ۾ پئجي، اوطاقي مهمانن کي ڏسڻ لاءِ، ننڊ جو بهانو ڪري، نقلي کونگهرا هَڻي، مونکي ڀَڄائڻ جو رِٿيو هيو. ۽منهنجي گھر وڃڻ بعد، انگوڇو ڪلهي تي رکي، وڃي پيِر صاحب جي کٽ مَٿان بيهي وڏي واڪ سلام ورايو هيو، مرشد جي جاڳڻ تي پنهنجو تعارف ٻلهڙيجيءَ جي لطيف پيرزادي جي نالي سان ڪرايو هيائين. مُرشد سڳوري، جو ٻڌو ته هيءُ همراھ پيرزادو آهي، ته مون تي پرپُٺ ڏاڍو ڪاوڙيو هيو، ۽ ڪجھ گهٽ وڌ ڳالهائي.اُٿي وڃي گھنشام جي کَٽَ پاڻ کنئي هيائين. ۽ پوءِ ڏيپارجن جو ريلائي پِير۽ ٻلهڙيجيءَ جو پيرزادو کَٽُون گڏي سُتا هيا.ان ڏينهن کَلَ بچي ويم، ڇاڪاڻ ته چڱوٿيو جو ڳوٺ وارن مان ڪنهن کي به ٻلهڙيجيءَ جي لطيف پيرزادي جي اصليت جي خبر نه هئي.نه ته پيريءَ مرشديءَ جي قيد ۾ ورتل وڏڙا، هڪڙي ڪامريڊ واڻئي جي مرشد سان گڏ کٽ تي ويهڻ تان، حال گهڙيءَ منهنجو ته پَٽڪو ئي ڌوڙ ڪري وجھن ها.
    گهڻو پوءِ، پارٽيءَ جي ڀڃ ڊاهه ۾جڏهن اسان گھڻن جيان گهنشام جون آدرشون به ڀورا ڀورا ٿيون، جنهن انقلاب لاءِ جيل ڪاٽيا هيائين، ڦٽڪا ۽ مارون کاڌيون هيائين، سو انقلاب جڏهن اڪثريت۽ اقليت جي جهيڙي ۾ لُڙهندو ڏٺائين، ته به نه ڀَڳو، نه ٽُٽو، پارٽي ٽُٽِي، سڀ ڪڻو ڪڻو ٿيا، ته به ماٺ ڪري ويهڻ گهنشام لاءِ مُشرڪيءَ سان مشابهت رکڻ برابر هيو، تڏهن پنهنجي جيل جي هنڊيوال، ڪلاسيڪل وڏيري چاچي شاهنواز جوڻيجي، جي ساٿ سان پيپلز پارٽيءَ ۾ هليو ويو.ياد اٿم، تن ڏينهين، چاچو شاهنواز وفاقي حڪومت ۾ ننڍو وزير هيو ۽ منهنجو ڳوٺائي پراڻوڪامريڊ جيرام، سرڪاري طور سندس پي آراو هيو.اُن کان جڏهن گهنشام جي پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃڻ لاءِ ڪيل پريس ڪانفرنس جو احوال پڇيو هيم، ته هڪ ٿڌو ساھ ڀري چيو هيائين، نه يار گهنشام خود به سمجهي ٿو ته سندس پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃڻ مِس فائر آهي. ۽ پوءِ سُتت ئي چاچي شاهنواز واري لَڏي کي، جڏهن غلام اسحاق گھر ڀيڙو ڪيو، ته گھنشام کي پنهنجي اصلي گھر وڃي پهچايائون. ٽارچر، بند وارڊ ۽ ڏنڊا ٻيڙيون وري به سندس مقدر بڻيون.
    ڀانيان ٿو اُتان نڪرندي ئي علي حسن چانڊيو گِھلي ويو هيس، يا پاڻهي ڊاڪٽر قادرمگسيءَ جي پارٽيءَ ۾ ويو هيو، تڏهن گهڻن کان واڻئي جو روز روز جو رينگٽ سَٺو نه ٿيو هيو.مڙس کي ايئن گم ڪيائون، جيئن ڍڳي جا مَٿيان ڏند. تڏهن به راڄ مُک منصفن جا واري وٽيءَ سان ڪُرسين تي وارد ٿيندا پئي آيا، پر ڪنهن به پاڻ هرتو، هن ستن نياڻين جي پيءُ جي گم ڪرڻ جو نوٽيس ڪونه ورتو. ڀانئيان ٿو هندو هو تڏهن.شايد پنهنجن جي ذهنن ۾ اهو زهر ويٺل آهي ته هندو سڀ جا سڀ اُڀرندين جا ايجنٽ هوندا آهن. ۽ نيٺ، کولين ۾ ٽارچر سهندي، اکين تي پٽيون ٻڌي باٿ رومن جي درن جا ڌڪ سهندي، سهندي دل ئي دل ۾ وطن جا وڻ ڇڏڻ جو سوچيائين، يا وري وطن جا وڻ ڇڏڻ لاءِ سگهارن پاڻ ئي سور ڏيئي تيار ڪيس. چوندا آهن نه ته جِت پُڄڻ ڀيڻي ناھ، اُت ڀَڄڻ ڪم وريامن جو. سو همراھ ڀڄي جان ڇڏائي. جوانيءَ جا قيمتي سال، جيلن ۾ مارون سهڻ واري، گهنشام سان هندستان وڃڻ کان ٿورو اڳ، سانگھڙ جي هڪ ادبي پروگرام ۾ ملاقات ٿي هئي. جتي هو مرحوم نماڻي سنڌيءَ سان گڏجي آيو هيو، تن ڏينهين گهنشام ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن يار کان سواءِ، باقي اسين سڀ سُرخا، سَڻڀين ڪُرسين تي پهچي چُڪا هياسين.۽ عيش و آرام واري زندگي گذاري رهيا هياسين، اهڙن ادبي پروگرامن ۾ وڃڻ اسان جي واندڪائيءَ جي رڳو وندر هيو، باقي ڪجھ به نه.
    ان ڏينهن ملڻ وقت، رسمي عليڪ سليڪ بعد پڇيو مانس، گھنشام مون کي سُڃاڻين ٿو؟ ساڳئي پراڻي گِھگھي آواز ۾وراڻيائين نه ته!!!. چيومانس، يار سوچ ! پاڻ اڄ ڏهن ورهين بعد مليا آهيون.ڪي ساعتون سوچي، اوچتو ڀاڪرن ۾ ڀري، ڳل چُمندي چيائين امير بخش آن ني؟ چيم، آهيان ته ساڳيو، پر ڪيئن سڃاتئه؟ ؟ وراڻيائين، اڙي ظالم! سُرخن جي سُکئي ٿيڻ ۽ وڇڙڻ کان پوءِ به سڀ ساٿي ملندا رهندا هُيا، تون الائي ڪهڙي ڪُن ۾غرق هئين، اڄ جو ڏهن سالن بعد ملڻ جو چيئه، ته پڪ ٿيم ته ڏهن سالن کان پراڻن سُرخن مان، هڪ ئي شخص نه مليو آ، ۽ اهوتون آن.
    چيم، چئبوته جيلن، مارُن، موچڙن۽ ٽارچرن مان گذري به دماغ سالم اٿئي!.تڏهن معمول وارا ٽهڪ ڏنائين وڏا ۽ ٻَڌا ٽهڪ. اهوگهنشام پرڪاش، جنهن سنڌ جي ماروئڙن جي، سورن کان آجپي جا انيڪ خواب سيني ۾ سانڍي، سالن تائين سگهارن جا سور ۽ سختيون سَٺيون هيون، سو گھنشام، هڪ ڏينهنِ، ساهه بچائڻ خاطر۽ نياڻين خاطر، وطن جا وڻ ڇڏي دهليءَ هليو ويو. ڪنهن سنڌي جوڌي کان ڪونه پڳو ته کيس روڪي. کيس چوي ته تون دلگير نه ٿي سڻائو واءُ ورڻو آهي، تو نه ڏٺا، ته تنهنجو اولاد ضرور سُک ڏسندو. ڪنهن کان ڪونه پڳو.!!!!
    ربُ ڪري گھنشام جتي به هجي، پنهنجي ٻچڙن سان گڏ، سُکيو هُجي.چري دل چوي ٿي، داراشڪوه جي دهليءَ جي، دروديوار کي هتان کان ايڏي وڏي ڪوڪ ڪري چوان ته، اي ! دارا جي دهلي، تو کي منهنجي سنڌ جي گھنشام پرڪاش جي پارت هجي. ۽ اها ڪوڪ ايڏي وڏي هجي جو دهليءَ جي عام ماڻهوءَ کان خاص ماڻهوءَ تائين پهچي، دهليءَ جي اوليائن کان بزرگن تائين پهچي، من موهن سنگھ کان سونيا گانڌيءَ تائين پهچي.
    ڪامريڊاڻي قصي مزو اهڙو ڏنو جو پاڻ به يڪا هليا وياسون اوڏانهن، هاڻ ورون ٿا پوئتي اصل قصي ڏانهن. سو اُنهيءَ زماني ۾ماستريءَ جي ٽي سئو ويهه روپيه پگهار مان پاندي پورِي ٿيندي نه ڏِسي، هڪڙي ڏينهن تاج مريءَ سان صلاح ڪيم، يار، تون ڪو ڏس ڏي ته ڇا ڪريان، هن پگھار مان ته پاندي پوري ڪانه ٿي ٿئي؟ ته ٺھ پھ وراڻيو هيائين.مون جيان سرڪاري نوڪري ڇڏ ۽ تنهنجي ئي علائقي ۾پارٽيءَ جو ڪُل وقتي ڪارڪن بنجي ڪَمُ ڪَرِ. ايترو ئي اعزازيو پارٽيءَ پاران ملندئي جيترو سرڪاري نوڪريءَ مان پگهار اٿئي.تنهن تي چيو هيو مانس، يَر تاج، اڃان ته پارٽيءَ مون کي ميمبر به ناهي ڪيو؟ تنهن تي هميشھ جيان ٺھ پھ چوڻ لڳو هيو، ته ڪامريڊ تون ميمبر آهين، هي جو هفتيوار گڏجاڻي ڪندا آهيون سيل جي، جنهن جوسيڪريٽري به تون آهين. اُهو به پارٽيءَ جو سيل ئي ته آهي، بس، رڳو نالو ڪونه ٿا وٺون، مَتان ڪوهمراھ ٽُٽِي پئي، ان ڪري نه ته اها پارٽي ئي ته آهي.تنهن زماني ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ، اُن جي ڪنهن ننڍڙي سيل جو سيڪريٽري ٿيڻ، يا ڪُل وقتِي ڪارڪُن ٿيڻ بنهي وڏي ڳالهه هُئي.هڪڙو وڏو اعزاز هوندو هيو. سو به جهڙي تهڙي کي نصيب ڪونه ٿيندو هيو.
    پوءِ تاج جي اهڙيءَ آڇ تي پورا اَٺ ڏينهن سوچيو هيم، ته غربت به آهي، چار نياڻيون به اٿم، ابو۽ امان به انهيءَ آسري آهن ته پُٽ ڪمائيندو ۽ اسان پِيريءَ ۾ ويهي آرام سان کائيندا سون. ٻي سوچ آئي هيم ته آئون بنهي ڊڄڻو آهيان، الائي ڪڏهن جهلجي پوان ۽ پوليس جي مار کڻي به سگهان يا نه؟ پوءِ هڙني جا نالا کڻي خواريءَ جو ٺِڪر سِرَ تي کڻان، پوءِ دل ئي دل ۾فيصلو ڪيو هيم، نه نه آئون نوڪري ئي ڪندس، اڳتي پڙهندس، ڊگريون وٺندس، ابي امان کي پِيريءَ ۾ سُک ڏيندس، گهر جون مالي حالتون سڌاريندس، پوءِ جي سياست ڪري سگهيس ته واھ نه ته ايئن ئي چڱو آهيان. ۽ ٻئي هفتي کي تاج کي جڏهن پنهنجو فيصلو ٻڌايو هيم ته به قائل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي هيائين، پر منهنجي کُتي جواب بعد ماٺ ڪري ويهي رهيو هيو.
    تن ڏينهينِ تاج مري روپوشيءَ واري حالت ۾ سکر شهر۾ مليو هيو ۽ چيو هيائين، ته يار هاڻ ته هُن ٻاڏي، جنرل ضياءِ جي ظلم۽ جبر ملڪ جي هر شيءِ کي تاراجُ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ چئوطرف ماٺاربه ٿي وئي آهي. ۽ سموري سنگت جي راءِ آهي ته بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪو پٿر اُڇلاجي، ته ڪي لهرون پيدا ٿين، ڪو ولولو پيدا ٿئي.اُنهيءَ ڪري صحافين فيصلو ڪيو آهي ته، اخبارن تي لاڳو سينسرشپ ۽ ٻين ڪارن قانونن جي خلاف احتجاج ڪري گرفتاريون ڏيون. ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو به فيصلو آهي ته انهيءَ جا جيڪي به ماڻهو صحافت جي پورهئي سان واڳجي، لڪا ويٺا آهن، اُهي سڀ گرفتارين لاءِ تيار رھن. سو آئون(تاج) ڪنهن ڏينهن اوچتو گرفتاري ڏئي، پنهنجو پاڻ کي ڪاٺ ۾ هڻائيندس. توکي الائي خبر آهي يا نه، ته آئون لِڪ ڇِپَ ۾هوندي به سانگهڙمان نڪرندڙ ٽي روزه اخبار الفقراءُ کي ايڊٽ ڪندو آهيان. ٿيو به ايئن ته انهيءَ ڳالھ کي ڪي ٿورڙا ڏينهن مس گذريا ته، تاج مري، منهاج برنا سان گڏ گرفتاري ڏئي، جيل اندر ڊگهي بُک هڙتال تي ويهي رهيو هيو. ويندي ويندي مون ڏي نياپو موڪليندو ويوهيو ته الفقراءُ اخبار سنڀالڻ لاءِ انهيءَ جي مالڪ ۽ ايڊيٽر فقير محمد رحيم مهر سان وڃي ملان.
    تن ئي ڏينهن ۾هڪڙيءَ شام جو لطيف يونيورسٽيءَ جو هاڻوڪو پروفيسرامداد چانڊيو، تنظيمي ڪم سان منهنجي ڳوٺ آيو هيو. ۽ مون کيس تاج وارو قصو اکر به اکر ٻُڌايو هيو، سو انهيءَ رات سج لٿي کان صُبح تائين، امداد مون کي اخبارن جون خبرون ٺاهڻ، ايڊٽ ڪرڻ، پروف ريڊنگ ۽اداريا لکڻ بابت بنيادي سمجهاڻيون ڏنيون هيون.آئون سنڌي اخبارن ۾ انڌا منڊا ڪالم اڳ ئي لکندو هُيس، ڪم جو ٿورو گهڻو اندازو به اڳ۾ ئي هُيم. بس امداد چانڊئي جي چئن پهرن جي پڙهائيءَ مون کي به رات جي پيٽ ۾ ڪوڙو يا سچو صحافي بنائي ڇڏيو هيو.
    ورنديءَ صبح جو ڀانيان ٿو ته تاج جي موڪليل ڪا چٺي، يا سکڻو نياپو ۽ نشاني کڻي، سانگھڙ جي بس ۾ ويهي اخبار جي مالڪ بابت سوچيندو روانو ٿيس، الائي ڪھڙي قسم جو ماڻهو هوندو؟ الائي نوڪريءَ ۾ رکي به يا نه رکي؟ الفقراءُ پريس تي پهچي فقير محمد رحيم جي پُڇا ڪئي هيم، جڏهن مِلايائون، ته ڏٺم فقيرصاحب قدآور مُڙس، ڪاري ڏاڙهي، ململ جو سفيد پٽڪو، سفيد گوڏ ۽ سفيد صدريءَسان، سفيد پهراڻ پَهِريو ويٺوهُيو.اخباري مالڪ بابت منهنجي تصور ۾ هُيو ته ڪوئي سوٽيڊ بوٽيڊ صاحب هوندو. هِت ته قصو ئي اور هُيو.اهڙا فقير ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ ڏسندوايندو هُيس، جن وٽ مرشد کان سواءِ ٻي ڪا به مڃتا واري ڌُر ڪونه هوندي هُئي، ۽ پيريءَ مريديءَ کان ٿڙيل، وهابي، ڪارا ۽ جُبيري ٿي، سندن هٿان سر عام ڳڀا ڳڀا ٿي ويندا هُيا. مارڻ وارا به بنان ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، مرشد جا نعرا هڻندا وڃي جيل وَسائيندا هيا. سوچيم، تاج وارن ڪامريڊن مون سان هي ڇا ڪيو، هيءَ وري ڪهڙي جُٺ ڪيائون، هِن گوڏ ۽گبريءَ واري فقير سان منهنجو ساٿ ڪِٿي ٿو هلي سگهي.؟
    سو انهيءَ ملاقات ۾رسمي عليڪ سليڪ بعد، تاج جو حوالو ۽ نشاني ڏني مانس، ته سمجهي ويو ته آئون به ڪو پڪو ڪامريڊ ۽ نوڪريءَ جو گھرجائو آهيان. هوڏانهن تاج جونالو ٻُڌندي ئي فٽافٽ چيائين، جيڪر منهنجو وَسُ پُڄي ته آئون اڄ ئي ڀيرِ تي ڏئُونڪو هڻي سڄيءَ سنڌ ۾ اعلان ڪرايان ته سانگهڙ جي مَرِين جو سردار تاج آهي، نه ڪي عطا محمد مري. هاڻوڪي وزيراطلاعات شازيا مري جو والد. اها ڳالهه پوري ٿيندي ئي، ڪاٺ جي ميز تي پيل، نمائندن جي موڪليل کوڙَ سارين خبرن مان هڪَڙي خبر کڻي مون کي ڏيندي چيائين، ابا هيءَ خبر نمائندي موڪلي آهي، هاڻي تون انهيءَ کي ٺاهي ڏي، اها به گهڻو وقت پوءِ خبر پيم ته، مرحوم جو انٽرويو وٺڻ جو طريقو ئي اهو هيو. خير، اها خبر هُئي، ڊُٺڙي واري پِير حسن بخش شاهه جي ميلي بابت. آئون خبر پڙهي ٻڏتر ۾ پئجي ويس، گهڙيءَ ڏيڍين اکين سان فقير جي اسٽائيل ڏي ڏسان، وري اهڙي اسٽائيل وارن فقيرن جي پِيرپرستيءَ ڏي ڏسان، وري انهيءَ خبر ڏي ڏسان. ۽ سوچيان هيءُ ته پڪو پِير پرست هوندو، هن جي اڳيان ڪهڙي قسم جي خبر ٺاهيان، ڪيئن ڪيان. پر نيٺ به دل جھلي، ڏَڪِي ڏَڪِي خبر ٺاهيم، سُرخي عام رواجي خبرن جيان ڏنم ته، اچي ويو، اچي ويو، حسن بخش شاهه جو ميلو اچي ويو. خبر پڙهيائين به ڪونه، رڳو سُرخي ڏِسي ڪڙڪيدار آواز ۾ هَڪَل ڪندي چيائين، اڙي ! تون ڪامريڊ آهين؟ ٻُڌاءِ!! تون ڪامريڊ آهين؟ ڏڪندي ڏڪندي وراڻيم، ها سائين آهيان ته ڪامريڊ. تڏهن ڪڙڪيدار ۽گجندڙ آواز ۾ چيائين، اڙي پوءِ اوهين ڪامريڊ وري ڪڏهن کان پير پرست ٿيا آهيو، جو هيءَ سُرخي ٺاهي اٿئي!!.سندس دهشت ۽ دٻدٻو مون تي ايترو ته حاوي ٿي ويو هيو، جومون کان ڪو به جواب نه پئي اُڪليو، آئون صرف سندس حُلئي کي مٿي کان پيرن تائين ڏسندو ئي رهيس.
    مرحوم وڏو داناءُ ماڻهو هيو، کيس پيرن کان مٿي تائين ڏسڻ مهل، منهنجي اکين ۾ سمايل سوين سوال پلڪن ۾پڙهي ورتا هيائين ۽ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين، اڙي درويش، ڪٿي مُنهنجي پٽڪي پهراڻ ۽ گوڏ مان مون کي ڪوئي پڪو پير پرست ته ڪونه سمجهيو اٿئي؟ .منهنجي ڪجھ ڳالهائڻ کان اڳ ئي وري به پاڻ ئي چيائين، اڙي يار آئون ته موحد آهيان موحد. اوهان ڪميونسٽن جھڙو ۽ شايد اوهان کان به ٻه رَتيون وڌيڪ هجان. سندس اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، مَنُ وڌِيو ۽ ٽيبل تان نئون ڪاغذ کڻي، انهيءَ خبر جي نئين سِرسُرخي ٺاهيم، اها سُرخي ڏسندي ئي ڀڙڪو کائي اُٿندي چيائين، مون کي خبر آهي ته مون جيڪو جهاد شروع ڪيو آهي، اُنهيءَ کي في الحال اوهان ڪامريڊ ئي اڳتي هلائي سگهو ٿا، حال گهڙيءَ ٻين ۾ ته اهڙي ڪا ٿوم نظر ئي ڪانه ٿي اچيم. پوءِ اوڏيءَ مهل ئي اخبار جي سموري عملي کي گهُرائي منهنجو تعارف ڪرائي چيائين، ابا هاڻ هي اٿوَ الفقراءُ جو نئون نيوز ايڊيٽر. وري مون ڏي منهن ڪري چيائين، ابا هاڻ اها پريس، اهو تون، اسان جي الله واھي آهي. مرحوم اٿيو ۽ نه ڄاڻ ڪيڏانهن روانو ٿي ويو.
    ٽي روزھ اخبارالفقراءُ ۾ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اداريا، مضمون، خبرون، خَبرن جي ترتيب، پروف ريڊنگ. تڏهن اڄڪلھ جيان ڪمپيوٽر جو دور ڪونه هيو، هٿ سان اکر کڻي ڪمپوز ڪبا هُيا، ڪمپازيٽر قربان لغاري ۽ علي نواز، فورمين بهادر، توڙي فقير جا ٻه ننڍڙا پُٽ محمد بخش ۽ محمد علي، مون سميت هٿين پيرين ڪارن لِينهگن سان ٿَڦِيا پيا هوندا هُيا. ملڪ ۾ آمر، ضياءَ جا ڪارا قانون هيا، سينسرشپ لاڳو هئي ۽ سانگهڙ جو انفارميشن آفيسر محمد جي ابڙو هوندو هيو، تنهن کان چڱڙيون خبرون تڳائي هلائڻ وڏي ڳالهه هوندي هُئي. اخبار ڇپجڻ جي رات ڪاپي تيار ڪري، مشين تي چاڙهي، فائنل ڪاپي ڪڍي، فائنل پروف ڏسي، گهڻو ڪري آئون ۽ فقير جا ٻئي پُٽ نظاماڻين جي سينيما تي مفت جي فلم ڏسڻ وينداهياسين. پُٺيان فورمين بهادر مهر اخبار ڇپي وٺندو هيو، قربان لغاري پوسٽ ڪرڻ جي ڪاپين تي ٽڪليون لڳائيندو ويندو هيو۽ علي نوازلغاري ائڊريسون لکندو ويندو هيو. صُبح جو هڪڙو همراھ ٽپال ذريعي ويندڙ ڪاپيون کڻي پوسٽ آفيس ويندو هيو، ته ٻيو وري سائيڪل تي سانگهڙ شهر جي سمورين آفيسن ۾ اخبار پُهچائيندو هيو.تڏهن سانگهڙ جي اخبار الفقراءُ ۽ ميرپورخاص جي اخبار همدرد جي وڏي هُوڪ هُئي. ماڻهو هفتو، هفتو ٽپاليءَ جو انتظار ڪندا هُيا ته ڪڏهن ٿيون اُهي اخبارون اَچن.
    الفقراءُ جي اُن وقت جي نمائندن مان عاجز منگي، فقير دين محمد، حاجي محمد رحيم ڪنڀر ۽ بادل ٿريءَ صحافت ۽ سياست ۾ وڏو نانءٌ ڪمايو هيو. اُن زماني ۾ عبرت جو ضلعي رپورٽر هوندو هيو مولابخش سومرو، همراھ ڪابه خبر ٻُڌي يا ڪو واقعو ڏسي، فون تي اداري جي نيوز ڊيسڪ تي ويٺل ماڻهوءَ کي ڳالهه سربستي ڳالھ ٻڌائي ويندو هيو، پوءِ خبرٺاهڻ جو ڪم اداري وارن کي ئي ڪرڻو پوندو هيو. مولابخش لاءِ اها ئي خبر هوندي هئي، جيڪا فون تي لکايائين.جيڪڏهن اداري پاران ڪا اسٽوري ڪرڻ جو حڪم ملندس يا ڪڏهن ڪجهه لکڻو پوندس ته حال گهڙي ته ٻَرجي پوندو هيو، پوءِ نيٺ ڊوڙندو ايندو هيو مون وٽ ۽ چوندو هيو، اڙي شرڙا ! هي وَٺُ گولڊليف جو پاڪيٽ، ! تون به ڇا ياد ڪندين اسان جي سخا کي. گڏوگڏ بهادر فورمين کي رڙ ڪري چوندو هيو، اڙي بهادر، سڀني لاءِ دود پتي چانهه به گهُراءِ. جيتوڻيڪ آئون سندس مُراد پروڙي وٺندو هيس. پر پوءِ به هو مون ڏانهن منهن ڪري چوندو، چڱا مُڙس چڱو هاڻ ٻُڌ، قصو آهي هيءُ، هاڻي انهيءَ جي خبر ته ٺاهي ڏي، اداري وارن رتُ ئي سڪائي ڇڏيو آهي. ۽ پوءِ گولڊليف جي پاڪيٽ جي رشوت تي جيئن ئي منهنجي هٿان اها خبر ٺهندِي هئي، ته واه واه ڪندو، خبر جو پنو هٿ ۾ لوڏيندو گولِي ٿي ويندو هيو.
    فقير صاحب جي ٻنهي ننڍن پُٽن مان هڪڙي، محمد بخش جي مون سان گهڻي لڳندي هُئي.سڄو ڏينهن پيو مونکان ڪامريڊن جون خبرون ٻڌندو هيو، اڳتي هلي مون ڏي ڊگها ڊگها خط لکڻ لڳو آئون به کيس وڏا وڏا خط لکندو هُيس.اهو محمد بخش، اڄڪلهه جو بخشڻ مهراڻوي آهي. مولا وڏي ڄمار ڏئيس. فقير صاحب جي ڀاءُ فقير حاميد جو پُٽ مرحوم معصوم سانگهڙائي تن ڏينهين شيرين سومرو واقعي ۾ علي حيدر شاھ سا ن گڏ گرفتار ٿيڻ بعد تازو ئي جيل مان آزاد ٿيو هيو.علي حيدر شاهه، کيس جيل مان خط لکندو هُيو. جيئن ته علي حيدر شاھ وارا جيئي سنڌ ۾ هيا ان ڪري آئون پنهنجي ڪامريڊڪي رڳ ڊوڙائي، اُهي خط چوري ڪري پڙهندو هُيس، جنهن چوريءَ جي مرحوم کان جيئري ئي معافي ورتي هُيم.
    شهيد فقير محمد رحيم مهر، تن ڏينهين سانگھڙ جي جماعتي جوڌن کي ڏٺو ڪونه وڻندو هيو، مٿس جُبيري ۽ ڪارو جا نالا به رکيا هيائون، هو به مُڙڻ واري ٻُوٽي ڪونه هيو، اخبار ذريعي چڱن چوکن جي پت وائکي ڪرڻ کان ڪڏهن به ڪونه مُڙندو هيو، آئون ڀانيان ٿو ۽ جيڪي ڳالهيون ٻڌندو هيس انهن موجب جيڪڏهن جهول ۽ سنجهوري جي ٿاڻن جو پراڻو رڪارڊ ويهي ڦلهورجي ته فقير محمد رحيم مهر صاحب جي بهادريءَ جي گهڻن کي ڪَل پئجي ويندي، ڇو جو کيس شهادت جي رتبي تي پُڄائڻ لاءِ جيڪي به حملا ٿيا هيا انهن جا ڪيس چڱن موچارن تي درج ڪرايا هيائين، پر اهي ايف آئي آرون سيل ٿينديون وينديون هيون. ستت ئي آئون فقير صاحب سان ڪنهن ننڍڙي ڳالھ تي ڪاوڙجي اخبار ڇڏي هليو ويو هيس، ته به مرحوم روايتي مالڪن کان هٽي جيڪو نوٽ منهنجي الڳ ٿيڻ تي پنهنجيءَ اخبار ۾ لکيو هيو، سو ان وقت جي اخباري مالڪن جي لکڻين کان نروار ۽ الڳ ٿلڳ هيو. جنهن ۾ منهنجي اداري کان الڳ ٿيڻ جو احوال اهڙي ته سهڻي ۽ مٺڙي انداز ۾ بيان ٿيل هيو جنهن جو اڄوڪيءَ دنيا ۾ تصور به ڪونه ٿو ڪري سگھجي. فقير صاحب جنهن کي مرحوم لکڻ تي منهنجي دل ڪونه ٿي چوي، سو هميشھ بافتي جي ڪپڙي جي هڪڙي ننڍڙي ٿيلهي هٿ ۾ کڻندو هيو.جنهن ۾ ويبلي جو ڇھ ڌڪيو ريوالور هروقت ڀريو تريو هوندو هيو.ڇو جو سانگھڙ ۽ ان جي آس پاس جا چڱا مڙس هر وقت فقيرصاحب جي خون جا گھورا هوندا هيا.
    ۽ نيٺ هڪ ڏينهن نور اسلام هوٽل جي سامهون جتي هينئر هڪڙو پٺاڻن جو الائي ڪنهن ٻئي جو مشهور هوٽل آهي ان جي آس پاس موٽرن جي مستريءَ جي دڪان تي رکيل کٽ تي پاسي ڀر، ٺونٺ جي ٽيڪ تي اهليو ويٺو هيو، ته ڀانئيان ٿو ته بچائي سنگراسيءَ نالي هڪ جنونيءَ مٿس ڪارتوسي پستول سان حملو ڪيو، حملو ايترو اوچتو ۽ ڌڪ ايترو هنڌائتو هيو جو فقير صاحب پنهنجو ريوالور کڻي ڪونه سگھيو نه ته اها پڪ هئي ته حملي آوارن کي ليٽائي وجهي ها. فقير صاحب جي شهادت سان سانگھڙ مان صحافت جو هڪ بي باڪ باب هميشھ لاءِ ختم ٿي ويو. اڄ به جڏهن سانگھڙ مان ان جاءِ تان گذرڻ ٿيندو اٿم جتي ظالمن فقير صاحب کي شهيد ڪيو هيو ته بي اختيار منهنجي من تي ڀٽائيءَ جون هي سٽون ٽري اينديون آهن، نه سي ووئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون، پَسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.


    13

    تنهن زماني ۾ ماما رمضان وڏرن جي ڪمدارين تان ڇهين ٻارهين مهيني ورندو هيو، تنهن کي الائي به ڇو اسان وٽ ديرو ڄمائي ويٺل ڪامريڊ ٺُپ ڪونه وڻندا هيا، ۽ وري قدرتي ٿيندو ايئن هيو ته ماما جڏهن به ڳوٺِ ايندو هيو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪامريڊ کي ڳوٺ ۾ موجود ڏسندو هيو، تڏهن جڏهن ڪچهريون ختم ڪري هرڪو پنهنجين ڪکين وڃي آرامي ٿيندو هيو، تيڏيءَ مهل ماما پير پير ۾ ڏئي، لڪ ڇپ ۾ وڃي، سُتل ڪامريڊن کي ننڊ مان جاڳائي، ٻانهون ٻڌي چوندو هيو ته، ٻيلي اسان ۾ لولي جو به لوڻ ڪونهي، هلڪي ڦلڪي دٻ جھلڻ به ڪانهي، ڀلائي ٿورو ڪري اسان وٽ نه ايندا ڪريو. ڪڏهن ته کين اوڏيءَ جو اوڏيءَ مهل هلئي وڃڻ جو چوندو هيو. بنهي نه پُڄندو هيس ته وري ڪڏهن مرحيات الهبچائي کي اڳيان ڪري، انهيءَ جي واتان ڪامريڊن کي اها ڳالھ چورائيندو هيو. چورائڻ ته پري رهيو پر مرحيات الهبچائي کان ڦٽڦٽي چالو ڪرايو ايندو هيو. ته انهي تي کڻي وڃي ڪامريڊن کي ڪنهن نه ڪنهن پاسي ڪري اچ. تنهن هوندي به ڪامريڊن اسان جي ڳوٺ مان ڀيرو ڪونه ڀڳو، جُمعاڻي چانڊاڻي ايندا رهندا هيا. هڪڙي ڀيري تاج مري تپ ۾ هُڙڪندو آيو ته به ماما رمضان منهن پئجي ويس ۽ ڳوٺ مان هليو وڃڻ جو چَيائينس. تپ ۾ هڙڪندڙ تاج جون ٻه به ويون ته ڇھ به ويون. ڳوٺ ۾ ڪا سواري به نه هجي. مرحيات الهبچائي جي ڦٽڦٽِي به ڪونه هئي، نيٺ تاج اهڙيءَ حالت ۾ رڙهي رڙهي ساهيون کڻي ٽي ميل پنڌ ڪري دلور تي پنهنجي جيل جي ساٿي هميري مينگهواڙ وٽ وڃي رات گذاري هئي. مير ٿيٻي۽ پير شهاب ۽ غلام حسين شر سان به هڪڙو هڪڙو ڀيرو ساڳي جُٺ ٿي چڪي هئي. ٻيا ته ماما جي انهيءَ دٻ تي رُٺا به هيا، پر ورهين پُڄاڻان به تاج هيڪلو ئي اڄ ڏينهن تائين ڀيرو ڀڃندو اچي.مير ٿيٻو جو رُٺو ته وري نه آيو، گھڻا ورهيه پوءِ هڪ ڀيري آمريڪا مان انٽرنيٽ تي چيٽنگ دوران مليو، جڏهن پڪي سڃاڻپ ٿيس ته آئون اهوئي ساڳيو آهيان جيڪو ساڻن سنگت گڏ ۾ هيس، ته مونکي ڏاڍا ڏکيا اکر چيائين، جيتوڻيڪ گھڻوئي چيو مانس ته مير، اُن زماني جي حالتن ۾ ايئن ته ٿيڻو ئي هيو. سا به ڳالھ تو جھڙي دانشور ماڻهوءَ کي ايڏو دل تي رکڻ ڪونه ٿي جُڳائي، تو جھڙو تاج به آهي اُنهيءَ اڄ تائين سکڻي ميار به نه ڏني آهي. ان تي اٽلو چيائين، تاج کي شرم حياءُ ڪونهي پر مون کي آهي. منهنجي دل ۾ آيو ته هيڪر چئي ڏيانس ته هو پاڻ پارٽيءَ توڙي خود سان ڪهڙو سچو رهيو آهي جو مون تي ٿو ميارون رکي. پر سور پي ويو هيس. ها انهيءَ ڏينهن اهو ضرور سوچيو هيم ته ڪجھ به ٿئي، آخرڪار مير ٿيٻو وڏيرڪو ٻار ته آهي، ايئن نه چوي ها ته ٻيو ڀلا ڇا چوي ها.؟
    اُنهيءَ زماني ۾ ماستريءَ ۽ الفقراءَ اخبار جي نوڪريءَ کان علاوه، پنهنجي ٻنيءَ تي هارپو به پاڻ ڪندو هيس، مُلي جي ٻانگ مهل اُٿيو ڏاندن تي پاڃاري وِجهندو هيس، صُبح جو اٺين وڳين تائين هَرَ کيڙي، امڙ يا گهر واريءَ جي پوتي گوڏ ٻڌي نلڪي هيٺان ويهي، پاڻ ئي پاڻي گيڙي، بنان ڪنهن سُرهي صابڻ جي وهنجي، بنان بدن سڪائڻ جي، لاڻن جي کار سان ڪُني ۾ ڌوتل، بنان استريءَ ڪپڙا پائي، اسڪول وڃي ٻار پڙهائيندو هيس. هڪڙي ڀيري موجودھ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ واري ٻنيءَ ۾ هر کيڙيم پئي، ته مشتاق بڙدي ملڻ آيو هيو. مشتاق بڙدي اڄڪلھ آمريڪي رياست، ٽيڪساس جو سکيو ستابو شهري آهي. مشتاق تڏهن روزگار جي تلاش ۾ ڳوٺن بايو گيس پلانٽ لڳائيندو وتندو هُيو، ڍڳن جو جوڙو جهلي، اوڙ مان ٻاهر نڪري وڃي کيڪاريو هيومانس، مون سان هَٿ مِلائي چيائين ته، ادا امير بخش کي ته سڏائي ڏيو، کيس حاضر، چئي چيم توهان هن جهوپڙيءَ نما اوطاق جي ڇنل کٽوليءَ تي هلي ويهو ته آئون کيس سڏي ٿو اچان. ايئن هَرَکولي، وهنجي، ڪپڙا تبديل ڪري اچي چيو مانس، سائين اميربخش آئون آهيان هاڻ حڪم ڪريو.!
    مڙس حيران ٿي ويو، تڙي کڙي پُڇيائين، هو هر کيڙڻ وارو توهان جو ڀاءُ هيو ڇا؟ مسڪرائي وراڻيو مانس، نه اهو به آئون ئي هُيس. ايتري تي چوڻ لڳو هيو، ته اميربخش ايتري محنت ڪرڻ جي بعد به توهانجون مالي حالتون سُڌرن ئي ڪونه ٿيون ڇو؟ سندس انهيءَ ڇو جو ڪو به جواب وات مان ڪونه اڪليو هيو جو کيس ڏئي سگهان ها.
    اسلام آباد جي جبڙا چوڪ جي سامهون پوريل ٻَٽيهِيءَ واري آمر ضياءَ جي مارشل لا ۾ اهڙي ته سوڙهي گهُٽ ڪئي وئي هئي جو ڪارن قانونن، بندشن، جيلن، ڦٽڪن ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ نذير عباسيءَ سميت ڪيترن ئي بي ڏوھي ماڻهن جي شهادت، لکين بي گناهن جي گرفتارين بعد، جيڪا خلق خدا ٻاهر هئي اُن ۾گهڻا تڻا مون پارا بچيا هُيا. سي به سڀ گهڻو ڪري ڪَن لِڪائڻ ۾ پورا هُيا. مون لاءِ نه ڪا وندرهُئي نه ورونهن، نه ڪتاب نه اخبار، بس رڳواسڪول ۾ ٻار پڙهائي، ٿورو گهڻو ٻنيءَ جو ڪم ڪري ڪکائين اوطاق جي ڇنل واڻ وارين کٽن حوالي ٿيڻ کان سواءِ ڪجھ به ڪونه هوندو هيو. چوندا آهن ته ماڻهو جڏهن واندو هوندو آهي ته سندس مَنَ ۾ابتا سبتا خيال اچڻ لڳندا آهن.ٺيڪ تڏهن جڏهن مُلن جو مشهور ڪيل شيطان مون تي حاوي ٿيڻ جي لاءِ پَرَ سوري رهيو هيو. تڏهن سندس ٻئي روپ جي صورت ۾ منهنجو يارُ ۽ ڦلهڏين جي رهاڪوءَ حاجي رمضان مريءَ اوطاق تي اچڻ شروع ٿيو هيو. حاجي رمضان، بندري قد جو، پوري پني ڪاري ڏاڙهي، سنڌي ٽوپي پاتل يا بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل، ڪهاڙي هٿ ۾ کڻيو اڪثر ڪري شام ڌاري ايندو هيو.آڌيءَ رات تائين ڪچهريون ڪري واپس ويندو هيو. سندس ڪچهري جو مُک موضوع چور ۽ چوريون هوندو هيو، مُڙس پاڻ به کڙپيل“ چور هُيو.هر رات” تَرَ“ جي مختلف چورن جي ڏاڍ مُڙسين جا احوال زير زبر سان مرچ مصالحا ملائي ٻُڌائي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪَيل چورين جا قصا به ٻُڌائي. جيئن جيئن قصا ٻُڌان تيئن تيئن اُتساهه مِليم، خوش ٿيان.هڪ ڀيري خبر ڏنائين ته هڪڙي چوريءَ تي آئون ۽ اوڀايو سنبرياسين. رات جويارهين ڌاري ڀاڳين جي ڳوٺ کي ويجھا ٿي ”ڪِڙَ“ورتي سون ته ڪُڪُڙُوڪُو لڳي پئي هئي، پيرُ پيرَ ۾ڏئي سِرِي ڳوٺ کي ٿورا ويجها ٿياسين، اُن رات ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا جي لُرِ پئي لڳي، اسان کي پڪ هئي ته هن لُرِ ۾ ڳوٺ جا ماڻهو اهڙيءَ ته مٺڙيءَ ننڊ ۾ هوندا جو ڀَلِ ته الھ تلھ ٻهاري وڃونِ پر سار نه ٿيندنِ. رات جو هڪ ٿيو هوندوجو مون وڃي کَڙھَ جو ڊِنگَھرُ لاٿو، گهٽي اُڪري اندر ٿياسين، ڪکائين گهر جي اڱڻ ۾ وڇايل کٽن تي ڀاڳيا گهري ننڊ ۾رليون اوڍي سُتا هيا.اڇا اڇا پير ڏئي جانچيوسين ته مرد ماڻهوءَ جي کٽ ڪهڙي آهي. ڇو جو خدا نه ڪري ڀاڳيا جاڳيا ته به مايون ۽ ٻار وڙهڻ بجاءِ رڳو رڙيون ڪندا، مرد ماڻهو وڙهي پوندو.سو هيٺ پيل جُتين مان مرد جي کٽ تاڙي، اوڀايو گھوٻاٽو کڻي ڀاڳئي جي مٿان ڌَڪَ تي بيٺو۽ مون وڃي ڍڳا کوليا، ڌاريو ماڻهو ڏسي ڍڳن ڪجھ ڦُوڪَٽَ ڪيا، مونکي ڊپ ٿيو ته ڪٿي ڍڳن جون زِيلُون ٻڌي ڀاڳيا نه جاڳي پونِ. پر پوءِ ڍڳن کي آتاري آتاري پُٺن تي هٿڙا ڦيري ٻاهر ڪڍي اچي سلهاڙيم. پيرُ پيرَ ۾ ڏئي اوڀايو به ٻاهرآيو۽ پوءِ وَڍيوسين پنڌ کي. اڃان رات به وڏي هُئي. تاري اُڀرئي ڇهه ڪوهه پنڌ جا سرڙي، ڦُلهڏين جي روڊ تي ڍڳا چاڙهياسين، ٻه چار ڪوهه روڊ سان شهر ڏانهن هلي روڊ سان ئي واپس موٽ کاڌي سون، موٽڻ کان اڳ۾ اڌ ڪلاڪ کن روڊ تي بيٺا رهياسين ته جيئن ڍڳا ڇيڻو لاهين ۽ ڀاڳين کي پڪ ٿئي ته پير شهر ڏانهن ئي ويا آهن. پوءِ دوسي واهه ۾ڍڳا هڻي، پاڻيءَ ۾ ترندا اچي ڳوٺ جي ٻاهران نڪتاسين. اُن مهل مُلي ٻانگ ڏني هُجي، قادوءَ کي اُٿاري چيم ٻڪريون سويل کولجانءِ ۽ دوسيءَ جي اوريان پريان ٻڪريون ڦيرائي، پير ڊاهي ڇڏجانءِ. قادوءَ ايئن ئي ڪيو ۽ ورندي ڏينهن ورهڙو پير کڻي روڊ وٺي ڇيڻا ڏِسي شهر جي پاسن کي آهوڙون ڏئي ڏئي ٿَڪو پر پير نه هلڻا هيا سي نه هليا، وڏا وڏا پيرِي آندائون.جن ۾ محمد رحيم مهر، رمضان بجير، وڪيل باغ وارو ڪولهي، آتڻاھ موريءَ جو وِڄلوپيريِ، پر پير نه نِڪتا ۽ ورهڙو سج لاهي واپس وريو. نيٺ وڙول هلي.اسان وٽ به وڙول پُڳي، ٻن ٽن ڏينهن بعد ڀُنگ گهريوسين. سڄو سارو هڪ هزار روپيا. ڳالهيون مُهاڙيون طيءِ ٿيون، پوئين پُڇا جو ذمو وڙول واري سنگتيءَ کنيو، ٻه سئو پاڻ رکيائين، اسان کي اَٺ سئو مليا ٻيءَ شام جو ڳوٺ مان ئي کيس ڍڳا ڏناسين، همراھ اهڙو ته ڊڄڻو هجي جو سج بيٺي ڍڳا ڪاهڻ کان پيو لهرائي، پوءِ ته ڏاڍا نڪ وڍياسونس. ڀيڻسان ڀاڙيو آهين ڇا ٺَرِيل ڍڳا ڪاهڻ کان ڊڄين ٿوپيو. نيٺ دل ٻڌي ڪاهيائين. پوءِ ته ٻه ٽي ڏينهن ڦلهڏيون، هڱورني ۽ تگوسر جي هوٽلن تي ويهي وڏا خرچ ڪياسين، اصل واھ واھ هُجي. آئون جيئن جيئن اهڙا چوراڻا احوال ٻُڌان، تيئن تيئن ڏاڍي مُڙس ٿيڻ جا خيال اچن ڦني خان ٿيڻ جا خواب ڏسان. هڪڙيءَ رات اهڙي ئي هڪڙي خواب ۾ ڏٺم چوريءَ تي ويا آهيون، ڀاڳيا جاڳي پيا آهن، گهوٻاٽن جا سُوساٽ ڪيا اٿم. هڪ، ٻه ڀاڳيا ڪِريا ته رکيو اٿئون کُڙين تي زور.
    وڏڙا چوندا هيا ته ڪارو ٻَڌُ ڪَٻري سان جي رنگ نه مَٽيائين ته به خيال ضرور مَٽيندو. سو حاجي رمضان جي ڪچهريءَ رنگ لائڻ شروع ڪيو. آئون، ڪجھ ضياءَ آمر جي ٿورن سان ۽ ڪجھ پنهنجي افعالن سان، بي اي جو شاگرد هوندي، ڪميونسٽ پارٽِيءَ جو اڳوڻو انقلابي ڪارڪن هوندي به، چور ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳس، اُن زماني ۾ سنڌڙيءَ جي هوائي اڏي تي مقرر محمود نالي فوجي ڀاءُ دِيناداستي هٿيار وڪڻندو وتندو هيو، تنهن کان ڇھ ڌڪيو چرخيءَ وارو ريوالور ورتم. پِيري لوهار کان هڪڙي رُڪ جي ڪُهاڙي به ٺهرايم. پوءِ جنهن به ماڻهوءَ لاءِ ٻُڌان ته چور آهي يا کاٽِڙيو آهي ته هَڪِليو هوڪاريو اُن سان وڃيو سنگت رکان. دعوتون ڪريو مانيون کارايان. دائود لاءِ ٻُڌم ته ڏاڍومڙس آهي، خلقن جون چوريون ڪريو، مال ٿَميو، ورهڙن سان وڙهيو ۽ ڊوڙايو ڪڍي ٿو. ساڻس ڳولي وڃي سنگت رکيم، خان، قبول، پِيري، گلاب، علي دوست سميت سوين چورن سان ڳولي وڃي ياريون رکيم.تن ڏينهن ۾اصل لانگ پئي لڳي.
    ڌڱاڻو ۽ پٺاڻ، مورهڏيءَ جي درسن جي چوريءَ ۾ جهليا ته پوليس سچوءَ سان ٻُنڊڻن جا ڇوڏا لاهي ڇڏين، پر مڙس ٻِڙڪ نه ڪُڇيا.سِڪوءَ به واھ جي مار کنئي، عثمان۽ سلطان لاريءَ مان جهليا، سٿڻن جي وَرَن مان کاٽ جا رنبا نڪتنِ، ٿوريءَ مار تي وٺي ڍاڍيون ڪيائون، چون ٿا ته ٿاڻو ڀَري ڇڏيائون.ڀاڙي ڪنهن جاءِ جا، ڌوڙ هجين. مُڙس ڏِسُ ڪهڙا پرڏر لڳا پيا هيا، پر ايمان مهمان آهي سائين ڪنهن ڪنهن جو ئي مهمان ٿيندو، سڀڪنهن جو ٿوري ئي ٿيندو.
    ان زماني ۾ منهنجي لاءِ ڏاڍ مُڙسيءَ جا پيمانا اِهي ئي هُجن جو جنهن جا پوليس روز ٻُنڊڻ ڪُٽي سو ڦني خان سمجهان، باقي پويان مڙس جي گهر ۾ ڀلي ته رِلي ٽنگيل هجي ۽ ڪُڪُڙ به ڀلي سنئين ڳاٽ پيو هلي. تڏهن ٻارهون ميل تازو ٺهيو هيو، هوٽلون کُليون هُيون.آئون ڪم ڪار مان واندو ٿي هوٽلن تي نُوس نُوس ڪرڻ وَڃان ته ڪُهاڙي ڪُلهي تي کڻيو وڃان. وڏن پانئچن واريون شلوارون، ٽوپي نراڙ تي، اصل ڀِرُن مٿان رکان. تن ڏينهين عباس چانڊئي سان ٻکو ٻک هجيم.عباس پوءِ نامي گرامي ڌاڙيل ٿيو.
    هي جو اسان سنڌين تي هنڌين ماڳين آڱريون ٿيون کڄن ته سنڌي چور۽ ڌاڙيل آهن. حقيقت ۾ سنڌين کي چور ۽ ڌاڙيل ٺاهيو ويو آهي. جنرل ضياءَ ۽ ان جي ساٿارين جي اها خواهش ۽ پاليسي هئي ته سنڌين کان گذر سفر جا سڀ وسيلا ڦُري کين اهڙو سوڙهو ڪجي، جو انهن جي نوجوانن وٽ منظم ٿي پنهنجن حقن لاءِ ويڙھ ڪرڻ بجاءِ سوچ ئي اهڙي پيدا ٿئي جنهن سان سندن ڪردار تي آڱريون کڄن. اُهي سٺي معاشري کي جوڙڻ بجاءِ ان جي بگاڙ جو سبب بڻجن. نه ته ڪٿي آئون ڄام ساقيءَ، اعزازنذير۽ نذير عباسيءَ جو پڙهايل ڪارڪن ۽ ڪٿي چوريون. کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي. اُن زماني ۾ ۽ ان کان پوءِ مون جهڙن ڪيترن ئي پڙهيل لکيل نوجوانن جھنگ مُنهن ڪيو هيو. اُن جا سبب صرف ئي صرف اُهي هيا.
    خير، پاڻ اڳتي هلون ٿا، نيٺ منهنجي به بسم الله ٿيڻي هئي سا ٿي. جڏهن پهرينءَ چوريءَ تي وِيس ته اڃان ڀاڳين جي ڳوٺ کان گهڻوپري هُياسون جو هڪ ٻه ڀيرا پير ٿِڙيا. ڳوٺ کي ڪجھ ويجها ٿياسين ته ٽَنگوُن ڏڪيون. ۽ جڏهن ڳوٺ کي صفا ويجها پهتا سين ته جسم رَڦيو ۽ جون جي مهيني۾ڏڪڻي وٺي وئي، اهڙي جو ڄاڙي نه پئي بيهي
    کاٽ اڳ۾ ئي تاڙيل هيو، ٻنيءَ مان ووڻاٺيون وڍي لوڙهي تي رکي ٻه همراھ اندر ويا، کاٽڙئي همراھ کاٽ هَنيو.آئون الھڙ هيس ان ڪري مونکي ٻاهرتاڙ تي بيهاريائون ته متان ڪو ڀاڳيو ٻاهران نه اچي وڃي. ڪم ٿيو ٻاهر نڪتاسون. پير وڃائي ڇڏياسين. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي..گهورپ هَلي پر مال ڪونه وَريو.ڪُرٽي کائي وياسون. ايئن ٻي چوري ڪيم، ٽين چوري ڪيم ته ڊپ ختم ٿي ويو. پوءِ ته ڀاڳئي جي گَهر ۾ ايئن وڃان جيئن ڄڻ پنهنجي گهر پيو وڃان، نه ڊپ نه ڊاءُ. چوراڻو مال گهر ڪونه آڻيندو هيس، ابي امان جي ڊپ کان. سليمان شاھ جي قبرستان ۾ ٻَڌندو هيس، يا ڀر ۾ ويٺل پراڻي ڪاٽڪو رمضان ناريجي وٽ ٻڌندو هيس. کاٽ جي چوري گهڻو ڪري گلاب مڱرئي وٽ رکندو هيس.
    چوراڻو جهان به عجيب جهان هيو، اُن زماني ۾ کاٽ جون گهڻي ڀاڱي چوريون ڏَسَ تي ٿينديون هيون، ڪي وِڙلي چور هٿيار کڻندا هيا، چوندا هيا ته هٿيار کڻڻ جي معني آهي جهيڙو ڪرڻ، چورته چوري ڪرڻ ٿو وڃي ڪنهن سان جهيڙو ڪرڻ ڪونه ٿو وڃي. هڪڙي لٺ يا ڪُهاڙي ساڻ هوندي، ٻه ٽي گهوٻاٽا هوندا، وڙلي ڪنهن چور سان ڪو ڪارتوسي پستول هوندو نه ته بس. ان پستول جو به استعمال بنهي مجبوريءَ ۾ تڏهن ڪبو جڏهن ڏسبو ته سُجاڳ ٿيل ڀاڳيا سِرُ ٿا وڃائين. پوءِ به ڏسي وائسي هوائي فائر ڪبو، ڀاڳيا هَٻِڪِي بيهندا ۽ وڍِبو پنڌ کي. کاٽ هڻڻ جي ڀلوڙ موسم هوندي هئي اونهاري واري، جڏهن گرمين جي ڪري ڀاڳيا اڱڻ ۾ کَٽُون وجهي ٻاهر سمهندا آهن. سيارو، ڍڳي ڍور جي چوريءَ لاءِ مناسب هوندو هيو، هڪ ته ڀاڳيا سيءَ جي ڪري اندر سمهندا هيا، ٻيو سياري ۾ راتيون وڏيون ٿين ته مالُ پنڌ به چڱو خاشو ڪڍيو وڃي. کاٽ جي چوري هجي يا مال جي ڏَسَ ٿوري يا گهڻي ضرور هوندي. خاص ڪري کاٽ لاءِ ته دُڦَ تي ڪڏهن به ڪونه وڃبو، ڏَس ڏيڻ وارو ڪنهن اوڙي پاڙي جي ماڻهوءَ سان اَڪسجِي يا ڪنهن سُکئي کان سَڙِي هلندو سندس چوري ڪرائڻ. چورن وٽ اهڙي ته ڪاريگري هوندي هئي جوڏَسَ واري کان پَٽَ تي لِيڪا پارائي، گهر جو پورو نقشو وٺندا، اوڙي پاڙي جي مُڙس ماڻهن جون خبروُن پُڇندا، ڀاڳئي وٽ ڪنهن هٿيار پنهوار جو پُڇندا. سمورو احوال وٺي پوءِ ڪاريگري ڪري چوندا، نه بابا نه اها چوري پاڻ کان ڪونه ٿيندي، ڏُکي به آهي۽ اڳيان ڌُر به ڏاڍِي آهي.ٻئي ڪنهن کي وڃي چئو پاڻ ۾ ايتري دٻ جهلڻ ئي ڪانهي. نيٺ جڏهن ڏس ڏيڻ وارو نااميد ٿي وڃي گهر ويهندو.مهينو ٻه گذاري هڪڙو چور ماٺ ميٺ ۾ آني بهاني ڀاڳئي جي ڳوٺ مان لامارا ڏئِي گس گهيڙ تاڙي ايندو، ٻه ٽي مهينا گُذاري پوءِ ڪنهن دل واري يا ويجهي عزيز کي صلاح هڻندو، ڳالھ طيءِ ٿيندي ۽ گهڻو ڪري چنڊ جي اُونداهين راتين جو پروگرام ٺهندو. گهر ۾ رکيل جُتيون اهڙيون پائِبِيون جيڪي اصل پير کان هڪ نمبر وڏِيون هُجن، جيئن پيرِيءَ کي بتاءُ ڏجي، جتيءَ ۾ پويان سُگتر وٽان ٻه چار اَڳڙيون رَکِبيون ته جيئن هلڻ ۾ ڏُکيائي نه ڪري، رات جو لڳ ڀڳ ٻارهين ڌاري ڀاڳئي جي ڳوٺ جي آس پاس پهچي ڪِڙَ وٺندا، لوڙهي جي اوسي پاسي ۾ بيٺل جوئر، مڪئيءَ يا گوار جي هڪڙي ڀَرِي وڍي لوڙهي تي رکندا، جيئن لوڙهو ٽُپڻ ۾ سولائِي ٿئي. لوڙهي ۾ اندر لهِي، پهريائين هيڏاهن هوڏانهن ٿُوما ڏئي ٿُوڻي، پاڃاري يا ڪيڻ وغيره ڳولي، اندرئين پاسي به لوڙهي تان اُڪرڻ لاءِ رکبي.پوءِ سُٿڻ جي وَرَ مان رنبو ڪڍِي کاٽ جي شروعات ڪندا.پڪي سر واري ڀِتِ ڀڃڻ ۾ سولي هوندي هئي ڇوجو هڪڙي سِرَ نڪتي ته ڄڻ سڀ نڪتيون ۽ ڪم ٿي ويو، اوڏڪيون ڀِتيون ڀَڃڻُ ڏُکيون هونديون هيون.اوڏ، مٽيءَ کي هڪ ته گهڻي ”وَلَ“ ڏيندا هيا، ٻيو وري ڳولي اهڙي چِيڪيءَمٽيءَ جون ڀِتيون ٺاهيندا هئا جهڙو پٿر.ڀِتِ ۾ کاٽ چاڙهي، لَٺِ تي اجرڪ ويڙهي، کاٽ جي ڳُڙکي ۾ اندر ڪندا ته مَتان ڀاڳيو جاڳيو هجي ۽ اندارن ڌَڪُ تاڙيو ويٺو هُجي سو جي ڌڪ هڻي ته به لٺ کي ڌڪُ هڻي. جڏهن پڪ ٿيندي ته اندر سڀ خيرآ، ته هڪڙو همراھ اندر لَهندو۽ ٻيو ٻاهر بيهندو، اندريون پيتيون ڪڍي ٻاهرئين کي ڏيندو ويندو. ٻاهر نڪري گهر کان بلاڪ کن پري وڃي، پيتيون ڀَڃي، ڪم جو مال ڪڍي هڪ جيترو ورهائي، هڙوٽيون ٺاهي کڻبيون، باقي نڪمو سامان اتي ئي ڇڏي ڏبو. ڳچ پنڌ هلِي، ڪنهن روڊ تي ايئن چڙهبو جو جيڪر ڏکڻ جي پاسي وڃڻو هوندو ته اُتر طرف ڏانهن ميل اڌ تائين روڊ جي ڪناري سان هلِي، پوءِ پڪي تي پير چاڙهبا. جيئن ڀاڳِين کي پڪ ٿئي ته چور کي اتر طرف ئي وڃڻو آهي. ڳپل تائين ايئن هلِي پوءِ موٽ کائبي ڏکڻ ڏانهن جيڏانهن اصل ۾وڃڻو هوندو. روڊ تي ڳپل ڪوھ هلي، اڳ ئي تاڙيل واٽر يا شاخ جي موريءَ وٽ پهچي جُتيون لاهي هٿ ۾ ڪري روڊ ۽ واٽر جي وچ واري ڪچيءَ زمين جي ٽُڪري تي اجرڪ وڇائي، ان مٿان اگهاڙا پير رکِي، ابتي پيرين واٽر ۾ لَهِبو.ميل کن پاڻيءَ ۾ پوئين پيرين هَلبو، پوئين پيرين ان ڪري جو جڏهن پيري پاڻيءَ ۾ لهي پنهنجن پيرن سان چور جا پير جانچڻ جي ڪندو، ته خبر پوندس ته ڪو پيرين اگهاڙو روڊ ڏانهن آيو آهي نه ڪي روڊ تان لٿو آهي. گهڻا پيرِي ته اهڙا چالاڪ ٿين جو پاڻيءَ مان به پير چونڊيو وٺن. پاڻيءَ مان به اهڙيءَ جاءِ تان نڪربو جتي ڇٻر يا ”ڏَنِھ“ جو تمام گهڻو گاھ هوندو ۽ پير نه لڳندا، جي اهڙيءَ جاءِ ناهي ته جتان گهڻن ماڻهن جي گذرڻ جي يا گهڻي مال گذرڻ جي واٽ هجي اتان نڪربو.ڪم تي وڃڻ وارا ماڻهو صبح جو سوير اتان گذرندا يا ڀاڳيا صبح جو سويل مال پهرائيندا ته پير ڊهي ويندا.چوريءَ کان پوءِ ڪي چور اهڙا ته ڇپڻا هوندا جو هفتو کن گهر کان ٻاهر ئي ڪونه نڪرندا، جڏهن ڳالھ ٺرندي ته ذرو ذرو ڪري پيا ڪُرٽيندا ۽ کائيندا. ان وچ ۾ جيڪر ڀاڳيا شڪجي ڏَسَ واري ۾ هٿ وجهندا ۽ اهو چور تي بيهي رهيو ته به سُنهن ساک سان ثابت ڪبو ته هن برابر ڏَسِيو هيو پرمون اُتي جو اُتي جواب ڏنومانس، ڀلي قرآن وٺوس جي انهيءَ ڳالھ ۾ تر جيترو به ڦيرو هجي. پوءِ به جيڪر پيرا ڀيٽا جو چيائون ته اڙ ڪبي ۽ چئبو ته سرزمين تي نائون نمبر پير هيو منهنجو اٺون نمبر آهي. پوءِ به بنهي گهڻو ضد ٿيو ته پيرا ڀيٽا ۾ وِکَ ماري رَکِبي، هڪڙي وک وڏِي ته ٻِي ننڍِي، ڀلِ ته پيرِي به بتال ٿئي.ان هوندي به جي سُنهن ساک تي ڳالھ آئي چئبو آئون ڪئِي، ڪرائِي، ٻُڌِي، سُئِي جي ساک ڏيندس ۽ مون تي سئو سالن ۾ به ثابت ٿئي ته سَڱُ چٽي ڀريندس. گهڻا تڻا ڀاڳيا ته اهڙي ڳالھ تي ئي اعتبار ڪري ويندا، ۽ توبھ توبھ ڪندي چوندا ادا مون بس ڪئي. جيڪڏهن ڪوئي مَڇڏُ نڪتو۽ ڀلو سونهارو کڻڻ لاءِ ضد ڪيائين ته اعتماد سان اُٿي وُضو ڪبو، وضوءَ ڪرڻ تائين گهڻا تڻا ڀاڳيا ته يقين ڪري وٺندا ۽ چوندا ادا بس، تون به سچو ته قرآن به سچو اسان جي توبھ، ته به بچي وڃبو.جيڪو صفا ضِدي نِڪتو ۽ قرآن مٿي تي کڻائڻ لاءِ مسيت ۾ وٺي ويو ته قرآن تي هٿ رکي سڀ سچ ٻڌائي ڏِبو، گڏوگڏ ڀاڳئي کي به انهيءَ قرآن جي مُحابي عرض ڪبو ته سڀ وهنوار ڪندس، ڏنڊ ڏوھ ڀريندس نڪي ٻڌرائجانءِ۽ نه ئي خوار ڪجانءِ.
    ڍڳي ڍور جا چور به ايئن ئي پير وڃائيندا هيا. ڪي پنهنجي گهرن ۾ ئي ٻڌندا هيا ته ڪي پاٿاريدارن وٽ مال ٻڌندا هيا. ڪي چور وري اهڙا نڀاڳا۽ بي ساعتا هوندا هيا جن جي چوري لِڪي ڪونه سگهندي هئي ان ڪري انهن جو مال ڪير به ڪونه ٻڌندو هيو ته اُهي ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ ڍور ٿمي، انهن جو منهن ٻڌي ڇڏيندا هيا. گگدام سـڄو ڏينهن بکيا اُڃيا ٻَڌا بيٺا هوندا هيا، چور ٻي رات جو اچي اتان ڪڍندا هيا. پوءِ ڪنهن ٿانيڪي جاءِ تي وڃي ٿميندا هيا. مال جي چورن ۾ به ڪي کاٽڙين جهڙا ڇپڻا هوندا هيا ته ڪي وري وات ڦاٽوڙا هوندا هيا، سي هوٽلن تي ويهي وڏا احوال ڪندا، اجائي ڦلر به ڪندا جيڪا ڪنڌ ۾ پئجي ويندي هُين. جڏهن مال جي گھورپ هلندي ۽ وڙولون اينديون ته چور ۽ انهن جا چڱا مڙس ڀاڳين کان ڀاڙا وٺي، ٽيڪيسون ڪري، سنگت ساٿ وٽ وڙول هَلائيندا۽ چوندا ادا فلاڻو ماڻهو اسان جو پڳ مٽ يارُ آهي ۽ مال ويو اٿس يا کاٽ لڳو اٿس سو ڪهڙي به حالت ۾ورائڻوآهي، عزت جو سوال آهي.اڳلو وري کانئن مال جا پارپتا پڇندو، رنگ، قد، بت وغيرھ سڀ. ٻئي ٽئي ڏينهن ورندي وٺڻ جو چئي پوءِ واپس ورندا.
    اسانجي سانڀر ۾ هن تر ۾ ڪي پيري اهڙا به هيا جو هڪ ڀيرو جيڪو پير کڻن، ان جي وک اندر جي ڦرهيءَ تي لکجيو وڃينِ. ماٺ ميٺ ۾ پيا چورن جون پڇائون ڪن، يا جيڪو چرندڙ پُرندڙ سُجهين اُن جي وک ڏِسي ڇڏين.اڳيان توڙي هاڻوڪا پيري سچي ڪڏهن به نه ڪندا هيا.بنهي ڪا لت ڳرِي پين ته به چور جو نالو نه کڻندا.باقي چوري وٺي ڏيندا.ڪي ته اهڙا به پيري هيا جيڪي چور جو پير سڃاڻي، ورهڙي کي هڪ هنڌ بيهاري آڏ واهر يا پير آهوڙڻ جو چئي ٻن ٽن ميلن تي هلي وڃي چور جي پٺيءَ تي هٿ رکي چوندا هيا ته تنهنجو پير سڃاتو اٿم، مال مون کان سواءِ ڪنهن کي به نه ڏجانءِ. ڪجھ ڏينهن بعد ڀاڳين جو بار پوندو هين ته کانئن ڀُنگ وٺي ڪجھ حصو پاڻ رکي باقي چورن کي ڏيئي مال موٽائيندا هئا.انهن ڇپڻن چورن مان هڪ الهورايو به هيو، ڪنهن کي خبر ڪونه هئي ته هيءُ جڏڙو۽ ڦڏڙو به کتنگ چور هوندو. ڳالھ تڏهن کُلي جڏهن مڙس صفا سڃيو تتڙينگ ٿيو ۽ مُلن اچي سوڙهو ڪيس ته رب ڏمريو اٿئي نمازون پڙهي رِيجهائينس. نيٺ جڏهن وڏي ڏاڙهي رکي پڪو نمازي ٿيو ته در در وڃي ماڻهن کان بخشائڻ لڳو. هڪ ڀيري پڇيو مانس الهورايا، ڏي خبر فلاڻي ماڻهوءَ جو مون سان گڏجي کاٽ هنيو هيئه اُن کان به بخشايو اٿئه يا نه؟ چوڻ لڳو يار هڪ ته اهو کاٽ بنهي وڏو هيو، ٻيو ڌڻي به ڏاڍو ڏنگو آهي، بخشڻ ته پري رهيو مُرڳهين ماري وجهندو، ان ڪري اهو قيامت جي ڏينهن رب سائينءَ جي سامهون سوال ڪري بخشائيندس.
    ڳالھ پئي ڪيم پنهنجي ڦني خانيءَ جي، چوريون ڪريو، ماڻهن جا مال ڀُنگ تي ورايو، هوٽلن تي ويهي کڳيون هڻان ته فلاڻي جو کاٽ سئيءَ سڳي سوڌو ورايم، فلاڻي جا ڏاند ورايم. تن ڏينهينِ ڏِتو هن تر جو ڏاڍو مُڙس چور هُيو.هڪ ڀيري منهنجي ڳوٺ جي مينگھواڙن جي چوريءَ تي آيو. همراهن سنڀالي ورتو.رڙ ٿي، هڪ ٻه فائر ٿيا ته وٺي ڀڳو، اڳ ورتومانس. سيون ايم ايم جي چوراڻي رائيفل هجيم. پنجئي گوليون مِس ٿِيون۽ همراھ بچي ويو.
    بي اي پارٽ ٽو جو امتحان ڏيڻ ميرپورخاص وڃان ته ڪُهاڙي ڪُلهي تي ۽ ٽوپي نراڙ تي رکي گهران نِڪران. ڪهاڙي ٻارهين ميل جي ڪنهن دڪان تي ڇڏيو پوءِ بس ۾ چڙهان.واپسيءَ تي ساڳي ڪهاڙي هٿ ۾ ٻانهن جي لوڏ ۽ چوراڻي سنگت سان ٻکوٻک، هَلُ ڪالهوڪي هنڌ.ابي امان کي اها اُٿ ويهه نه وڻي ته سمجهائين پر وڻ گهوڙو ٻَڌڻ ئي نه ڏيان. تن ڏينهين ايترو ته بي ضمير ۽ بي حس ٿي ويس جو ’’ڪنهن به سُکئي گهر جي چوري ڪونه ڪيون، رُڳو مِسڪينان مار ڪندا وتون. سُکين مان ڊپ ٿئي ته متان بندوق وارو هُجي، مَتان چار چور چئي ۾ هُجنسِ، مَتان ٻَڌائي وِجهي. سُڃئي مان نه هوندي لهر نه لوڏو، رڙندو، روئيندو، نيٺ الهه تلهه وڪڻي به ڀُنگ ڏيندو.سال ڏيڍ ۾ الائي ڪهڙا قَهر ٿيا. انهيءَ حرام جي ڪمائيءَ مان بوسڪيءَ جو پَٽڪو ورتم. ٻه ٻه تُرا ڇڏيان. ”ٻُڪل“ هڻيو هلان. چوڦير بلي بلي هجيم.
    وڏڙا چوندا آهن ته ڀَرجِي ڀَرجِي نيٺ اُٿلندي، اُٿلڻي هُجي سا اڄ ٿي اُٿلي يا سُڀاڻ ٿي اُٿلي. درياءَ ڪنڌيءَ نينگرُ ڪُڏي، اڄُ نه ٻُڏي سُڀاڻ ٻُڏي.
    هڪڙي ڀيري هنڱورني ڏانهن برادريءَ جي ڪنهن ڀَتَ جو سڏُ مليو.سنگت سان گڏ سَنبت ٿي، صلاح بيٺي ته ڀَتُ کائي رات جو ڀَرِ واري ڳوٺ مان ڍڳا ڪاهبا. وڻ وڻ جي ڪاٺي هڱورني ۾ گڏ ٿيڻا هُجون، بس ۾ هڪڙو شر مليو، چور ته هيو پر اسان جي سنگت مان ڪونه هيو. بَس مان لٿا سون، ڪارا ڪپڙا، بوسڪيءَ جا پٽڪا، ڊگھن پانئچن سان شلوارون پيرن ۾ لڙڪنديون بازار جي مِٽي ٻُهارينديون هَلن. سامهون بازار ۾ پوليس بيٺي هئي.پوليس ڏسي بدن مان دُرڙيون نڪتيون.الائي متان روڪي پُڇا نه ڪن، دل کي ڏڍ ڏنم، نه نه پوليس ڇو روڪيندي؟
    جمعداراحمد حسين گوندل کُليل پِڪ اپ ۾ اڳيان ويٺو هيو، چار سپاهي ڊالي ۾ ڪرسين تي پويان ويٺل هُجن.اسين لانگون هڻندا پوليس جي اڳيان هيٺ ڪنڌُ ڪري مَٽِياسون. اوچتو جمعدار جي هَڪل ٿي، اڙي بيهي رهو-!.
    لَوڻا ڦيرائي ڏٺو سين ڀانءِ ڀُليا آهيون ٻئي ڪنهن کي سڏ هوندو. وِک کنئي سون ته هڪل سان گار ڏيئي چيائين، ................ اڙي ٻُڌو ڪونه ٿا، هيڏانهن اچو.
    اسان جون ٽنگون ٿِڙيون، جسم مان سيئاٽو نڪتو، گڏيل آواز سان چيوسين اسان؟ “!!
    ٻيو نه ته اوهان جا بابا؟ ورندي ڏنائين.
    سوچيم، مار، هيءُ ته ڪو ڇِتو آ الائي ڇا ڪندو؟ ايتري ۾ سپاهي ٽُپ ڏئي پڪ اپ مان لٿا، اڳيان اهو شر هيو آئون پويان هيس.هُن کان پُڇيائون، اڙي ڪير آهين؟
    جواب ڏنائين، شر. پڇيائون ڪٿي جو؟ وراڻيائين الحداد جي ڳوٺ جو. ڪجھ سوچي چيائون، وَڃُ.
    ڪُتيءَ ڪَنَ وَڍايا، هن مون ڏانهن لوڻو به ڪونه هنيو۽گولي ٿي ويو. هاڻ منهنجو وارو آيو، دِل ۾ سوچيم، ڏاڍو مڙس آهيان، شر آهيان، رُگهي مينگهواڙ جي ڳوٺ جو سڏايم ته پوليس کِلندي. چوندا شر ۽ ويٺو آ مينگهواڙ جي ڳوٺ ۾.سوچيم چوندس رمضان شر جي ڳوٺ جو آهيان، وري ٻي سوچ آيم، پر رمضان جو نالو ته وٽي تي به ڪونهي. دل کي ڏڍ ڏنم، الله خير ڪندو.جمعدار پڪ اپ مان لَٿو۽ سِڌو ٿي بيٺو، شينهن مُڙس هُجي، مون کان پڇيائين اڙي تون ڪير آهين؟ وراڻيم شر. پڇيائين ڪٿي جو؟ وراڻيم، رمضان شر جي ڳوٺ جو. ٿوروسوچيائين پر رمضان ڪونه سُجهيُس ته هڪل ڪري چيائين، چور چور جو پُٽ آهين.دل ۾ سوچيم انگريزيءَ ۾ ڪوڙ ٿو هَڻان،
    انگريزيءَ ۾ چيم، سائين آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد آهيان. پيرن کان مٿي تائين غور سان ڏٺائين. شايد سوچيو هوندائين يونيورسٽيءَ جو شاگرد، پٽڪو، ڪارو ويس، پَٽائين لٺ۽ ست وال سٿڻ، شايد ڪو کوڙو نه لڳس.کيس سوچيندو ۽ گهوريندو ڏسي يڪدم چيم، ماستر به آهيان سائين. جلديءَ ۾وراڻيائين تڏهن پٽڪو ۽ لَٺ به اٿئي.
    ايئن چوندي ئي اوچتو زوردارٿڦڙ ڳل تي هنيائين ته ڪنن مان دونهان نڪري ويا. پَٽڪو وڃي بازار جي گهٽيءَ جي ٿُڪن ۽ کانگهارن ۾ ڀريو، اڃان پاڻ سنڀاليم مس ته ٻي ٿڦڙ ٻئي ڳل تي لڳي ته ڀنواٽي اچي ويم، سپاهين کي هڪل ڪيائين، اڙي ٻَڌوس.
    پوليس وارن منهنجي ئي پٽڪي ۾ منهنجا هٿ پُٺيان ڇِڪي کڻي ٻَڌا، گاريون ۽ ڀونڊا ڏيندي چوڻ لڳا، چور، لوفر صاحب سان ٿو گِٽ مِٽ ڪرين.
    ايئن چوندي ڄُنڍن مان جهلي کڻي اُڇلايائون پڪ اپ جي ڊالي ۾. پوليس وارا چڙهيا، هاڻ آئون پوليس وارن جي پيرن ۾ پيو آهيان.جمعدار هَڪَل ڪئي، اڙي اُٿاري ويهاريوسِ، بازار جي گشت ۾ ڀلي ته چور چڪار ڏسنس، پاڻ کان ڪَنَ هڻندا.
    ٻئي هٿ پويان ٻڌل بيوس ۽ لاچار پڪ اپ جي ڊالي ۾ سپاهين جي پيرن ۾ اوڪڙو ويٺو هيس، شهر جا ماڻهو رونشو پيا ڏِسن.پوليس وارا گهڙيءَڄنڊا پٽين، گهڙيءَ چَنبا هڻن، کِلن ۽ رونشو پيا ڪَنِ.سڄي شهر جو گشت ڪرايائون هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا، ٽي ڀيرا. دِل ۾ دعائون پيو گھران منهنجا مولا اڄ جان ڇڏاءِ، اڳتي لاءِ توبهه ڪيم. ڀئو پيو ٿئيم، ٿاڻي تي ضرور ماريندا، ماني به ڍَوَ تي کاڌل اٿم، ڪِنَ نه ڪيان، جي ڪِنَ ڪيم ته ٿاڻو ڌوئاريندا به. سوچيان پيو مار کان اڳ ۾ سچي ڪندُس، سڀ چوريون باسيندس، وري سوچيان پوءِ ته راڄ ٻڌبا، ماڻهو ڀاڙيو چوندا، پوءِ به الائي ڪيترو جيل لڳي. وري دل ۾ دعاگهران ”الله سائين تون بچاءِ، امان مري ويندي، ابي جوالائي ڇا ٿيندو.“؟ ماستر پُٽ چوريءَ ۾ ٻڌ و وڃي!!رب سائين هتان ڇُٽان ته ڪنڀار وانگر مٽِي ڪُٽيان. منهنجي ابي ڏاڏي جي چوري ڪرڻ کان گيسي. نيٺ رب سائينءَ دعا ٻُڌي، حمير ڏٺو، پڪ اپ روڪايائين، جمعدار لٿو، ڀاڪر پائي مليا، جمعدار کي ميار ڏيندي چيائين، واه يار واه منهنجو مائٽ، سوبه ماستر جهليو اٿئه.جمعدار وراڻيو، چور آهي، ڏِس ته ڪيئن ٿو چوريون باسي، رڳو ٿاڻي تي هلي. حمير مرحوم کيسي ۾ هٿ وجهي ٻه ڳاڙها نوٽ ڪڍي جمعدار جي کيسي ۾ وڌا ته گهڙيءَ ۾ ئي بدلجندي، يڪدم سپاهين کي چيائين، اڙي ڇڏيوس. منهنجا هٿ کُليا ته پٽڪو ڪَڇَ ۾وڌم، لٺ پوليس وارن ڪونه ڏني، حمير مرحوم کي انڌو منڊو هٿ ڏئي، الهه واهي ڪيم لاريءَ ڏانهن، ڇا جا ڀَت؟ ڇا جي سنگت؟
    ڳوٺ پهچي سڌو ڀوڄي درزيءَ وٽ ويس ۽ چيم ”ڪاڪا هن پَٽِڪي مان ٻه قميصون ته ٺاهي ڏي، ماپ اڳئي اٿئي. چيائين، ڇو ڀلا پٽڪو ته وڏي شوق مان ورتو هيئه؟
    چيم، ڪاڪا ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، شادي پلي ڍَڪي ڀَلي.گهَر پُهتس ته امان پڇيو، ڀَت تي ڪونه وئين ڇا؟ چُپ رهيس، چَپ چُرن ئي نه.ابو اُٿيو امان اُٿي ڳاڙهن ڳلن تي ديوَ جهڙي جمعدار جي آڱرين جا نشان چٽا بيٺا هُجن. نشان ڏسي پڇيائون، ڪيروڙهيو اٿئي؟ هي ڇا آهي؟ چيم، نه نه خير آ ڪجھ به ڪونه ٿيو آهي. چون ٻُڌاءِ ڇا ماجرا آهي؟ ، نيٺ ٻڌايم۽ ٻُڌائيندي روئي پيس.بابا کِليو وري کِليو، اسان ته اڳ ئي سمجهيو پئي ته ايئن ٿيندو، پر تون اڪيلو اولاد هئين، توکي ڇا چئون؟ گهڙي رکي بابا پڇيو، پَٽِڪو ڪيڏانهن ڪيئه؟ ؟ وراڻيم، اهو ڪاڪي ڀوڄي کي ڏنم ته قميصون سِبي ڏئي.اڳتي لاءِ ڪونه ٻَڌندُس. ڪڏهن به نه، توبھ ڪيم، گِيسي ڪيم. ڪجھ ڏينهن گُذريا سنگت اچي سَڏ ڪري ته لِڪيو وَڃان. ماڻهن کي چوان وڃي چئونِ ته گهر۾ ڪونهي.دل ئي دِل ۾ قَسم کنيم ته ڪڏهن به چوري نه ڪَندس. ڀَلي ته ڪير منهنجي به چوري ڪري وڃي. ڪنهن سان پلاند به نه ڪندس ۽ ڪرائيندس. ٻيو ته ٺهيو پرچورن کي ماني به نه کارائيندس ۽ ڏِسي پاسو ڏيندسُ. هيستائين جي ڪرتوتن تي بَس وڏي ندامت اٿم.
    اهو قصو پنجويھ ورهيه اڳ جو آهي هن عمر ۾ به سوچيان ٿو ته زندگيءَ جي انهن ٻن ورهين جي ڪارنامن تي ڏاڍو شرم ٿو اچيم. بي اي پاس، ڪامريڊ ۽ چور!!!.ٻُڏي مرڻ جو مقام هيو.ورهين پوءِ تاج مري مليو ته اهاڳالهه ڪئي مانس. ڳالهه جي تڪ تور سياسي انداز ۾ ڪندي چيائين، اهي به ضياءَ جي پاليسين جا اثر هُيا۽ معاشري جي اصلاح ڪندڙن لاءِ حالتون ئي اهڙيون پيدا ڪيون ويون جو اهي اصلاح بجاءِ معاشري جي بِگاڙ ۾ لڳا.تو ته ڪجهه به نه ڪيو هيو، چڱا موچارا مُهانڊا ڌاڙيل ٿيا، ڦورو ٿيا، خون ڪيائون، رت سان هوليون کيڏيائون.اهو جمعداراحمد حسين پوءِ SHO ٿيو، آءُ بينڪ آفيسر ٿيس، هڪ ڀيري مليوته سوچيم سندس احسان مَڃان. اندر جي شر ٻروچ چيو ٿڦڙن کي ياد ڪري بيعزتو ڪرينس. پر اندر جي چور تي تاج مريءَ جو شاگرد حقيقي انسان حاوي ٿيو، شيطان تي انسان حاوي ٿيو، ڪجهه به ڪونه چيو مانس، مري ويو ته دعائون گھريم، رب سائين مون کي انسان ڪيو اَٿائين جنت ۾ جايون ڏجانس.پٽڪي تان ياد آيم ته جڏهن 1997 ۾ ٻي شادي ڪيم ته گھڙي کن لاءِ پٽڪو ٻَڌمُ، تڏهن به لوڻا پيو هڻان ته متان پوليس اچي ٻَڌي. عيدن تي، شادين تي، خوشين تي، نياڻيون چَوَن، بابا پَٽِڪو ٻڌو، نياڻين جي دل رکڻ لاءِ گھڙي کن ٻَڌان ۽ جلدي لاهيو ڇڏيان.اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن گهڻن چورن کان چوريون ڇڏايم، اوڙي پاڙي ۾ چوري چڪاري ٿئي ڪاوڙ اچيم۽ چورن کي پوليس جي حوالي ڪري، چڱا موچارا پادر هَڻايان. اُنهن سان دُشمنيون به ٿِيم، اڃان به اَٿم پر هَلان پيو.
    ڀائو عبدالقادر جوڻيجي ڪٿي لکيو هيو ته سنڌ ۾ ڪوچڙا وڏا مشهور ۽ کتنگ چور هوندا هيا، مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته اسان جي سانڀر ۾, اسان جي ڳوٺ ٻاهران نربت ڪوچڙي جو گهر هوندو هيو، ڳوٺ جا ماڻهو سڄو ڏينهن ٻني ٻاري جا ڪم ڪري راتين جو هَچُ ٿي جڏهن واپس گهرن ۾ايندا هيا ته چوريءَ جي ڊپ کان وارا ٺاهي ڳوٺ تي پَهرا ڏيندا هيا. پر ڪُوچڙن جي گهر کي نه پهرو هوندو هيو ۽ نه ئي کين چوريءَ جي پرواھ هوندي هئي.اُهي سڄو ڏينهن لاسي گڏهن“ تي چڙهي پيا گهمندا هيا. آئون دوستن کان پڇندو هيس ته هي ڇو ڪونه ٿا پهرا ڏين؟ ته وراڻيندا هيا ” ڀائو، ڪوچڙا پاڻ وڏا چور آهن ڪنهن جي ڦِٽي آهي جو سندن لوڙهو لتاڙي؟ هونئن به پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ هڪڙي چوڻي مشهور آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن ڏکئي انسان مان ڦاسندو آهي ته چوندو آهي ٻيلي هن ”ڪُوچڙي“ مان منهنجي جان ڇڏايو. سو واقعي اهڙيءَ طرح دشمن کي چنبڙندا هيا جهڙا ”چچڙ“ هجن. سندن کاٽ هڻڻ جي فن بابت ته ڀائو عبدالقادر گهڻو ڪجھ لکيو آهي، پر هڪ نئين ڳالھ جيڪا مون ان وقت ڪوچڙن ۾ ڏٺي سا هئي جهنگ مان مال مارڻ. ڪوچڙا لاسي گڏهن تي چڙهي سڄو ڏينهن ماڻهن جو جهنگ ۾ چرندڙ مال پيا تاڙيندا هيا. ڪنهن ڏينهن ڌراڙن کان اک بچائي، ڪنهن ڪَچڙي گهيٽي يا آئٺ جي مُنڍي مروٽي، گهڙيءَ پلڪ ۾ ڪپڙي ۾ ويڙهي، لاسي گڏھ تي لانگ ورائيندا هيا. ڌراڙ ۽ ڌڻي رات جو مال سنڀاليندا هيا، ورندي ڏينهن تائين ڪوچڙن جي گڏهن جو نه پير نه کُر. نربت ڪوچڙي جي گهر وٽان گذرندي هميشھ سُوتلين ۾ پويَل گوشت اُس ۾ سڪندو ڏسي مون سميت گهڻن جو روح پيو پاڻي ٿيندو هيو، گهڻو پوءِ اهي ڪوچڙا هتان لڏي وڃي ٻئي هنڌ آباد ٿيا، ۽ ڌنڌو مٽائي لليچپ شروع ڪيائون. ان ڌنڌي ۾ به سندن علائقا ورهايل هوندا هيا. اڄ به ان ڌنڌي جا ماهر آهن.


    14

    ان زماني جي چورن جو چوڻ هوندو هيو، ادا دِس ڪاڻي ڪجي پر ڏِس ڪاڻي نه ڪجي. راڄ، برادري، اوڙي پاڙي جي ننگ جو وڏو خيال ڪبو هيو، اهڙي هنڌان چوري ڪبي جتي ڪنهن ڏاڍي مڙس جو هٿ نه هجي ۽ سنگت ساٿ جي به ميار نه ملي، ڪوهن تان وڃي چوري ڪبي.اڄ جيان اوڙو پاڙو ڪونه لڄائبو. پوءِ به جي ڪو اک پور اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري ويو ته کانئس ڳائي وڄائي، پاءُ پاڻي وٺبو.سنگت ساٿ کي سَت سَتان ڪبي، ٻيلي مڙس کي چئو، وهنوار ڪري، ڀاڙيو نه ٿئي، نه ته مزو ڪونه ٿيندو! پوءِ به جي اڳلو نه مڃيندو ته پلاند ٿيندو. پلاند به ٽن قسمن جا ٿيندا هيا، پهرئين پلاند ۾ ته چور صاحب جي اوڙي پاڙي مان چوري ڪبي ۽ ڳالهين مهاڙين کان پوءِ چڱن مَٺَن معرفت، ڪَنَ جي بدلي ڪَنُ ٿيندو، يعني ڏي ۽ وٺ.
    ٻئي قسم جو پلاند تمام خطرناڪ هوندو هيو، جنهن ۾ وهنوار نه ڪندڙ چور جي گهر تي هلان ڪبي، کاٽ هڻبو۽ کڻبا رڳو، زنانا ڪپڙا، گهوٻاٽن سان گڏ سنهي لاڪُڙ چور پريان کان ئي وڍيو ايندا، هر اڌ فرلانگ بعد زناني ڪپڙي جي ٽُڪر جي جهنڊي ٺاهي اُڀي ڪندا ويندا ته جيئن ورهڙي وارن کي خبر پوي ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ پلاند ڪيو آهي.اهڙا پلاند اڪثر ڪري ٻروچ قبيلن جا چور سماٽ جي چورن سان ڪندا هيا.
    ٽئين پلاند ۾ اڳلي جومال ڪاهي، اوطاق تي کلئي عام ٻَڌبو هيو، ورهڙو ويجهو ايندو ڏسي، ڳوٺ جو ڌڻي، چار وکون ڀري اڳتي وڌي وڃي، ورهڙي وارن کي چوندو هيو، ادا او اهو سامهون توهان جو مال ٻڌو بيٺو آهي، اسان جو توهان ڏانهن، فلاڻو ڪي فلاڻو وهنوار آهي، اهو وهنوار ڪري پنهنجو مال ڪاهي وڃو. پوءِ ٿيندو هيو چوراڻو فيصلو ۽اهڙن چوراڻن فيصلن ۾ چوراڻا وَٽَ تمام گهڻا هلندا، فيصلو ڪندڙ ئي انهن چوراڻن وٽن کي منهن ڏيندو، عام ماڻهوءَ ڪڏهن اهو تصور به ڪونه ڪيو هوندو ته چور فيصلي ۾ اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالھ به رکي سگهي ٿو. چورن جا امين به چور هوندا هئا، فيصلن ۾ ڪيئن پنهنجي ڳالھ رکجي، ڪوڙ کي ڪيئن سچ ثابت ڪجي، اهڙا گُر چورن کان ئي ڪو سکي. ان لاءِ هڪڙو قصو ڪندا هلون هڪڙي ڏاڍي مڙس چور بُک مان ڪنهن جي ڪڻڪ جي راھ مان ٻوري ڀري کنئي، ٻئي ساڳئي ڳوٺ جا ۽ ويجها عزيز به هجن. همراه پير به ڊاهي ڇڏيا، مالڪ جو شڪ ڏاڍي مڙس تي هجي، ڳالهيون ٿيون، همراه ڳالھ ڪرڻ سان قرآن کڻڻ لاءِ آتو هجي، فيصلو ڪندڙ به چور هيو، کيس شڪ پئجي ويو هن يار ۾ رولو آهي، هڪڙي منٽ لاءِ چور کي ڪچهريءَ مان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ هوريان هوريان چيائين نڀاڳا تون به ٻوري ته ڪا نئين کڻين ها انهي ڦاٽل ٻوريءَ مان داڻا ڪرندا تنهنجي در تائين ته ويا آهن!!. همراه بيوقوفيءَ مان سٿر تي ڌڪ هڻندي چيو، نه يار ٻوري ته ڏسي وائسي نئين کنئي هيم، داڻا الائي ڪيئن هارجي ويا. ايئن چوراڻو وٽ کلي پيو ۽ همراھ ڪڻڪ جي ٻوريءَ لاءِ ڪوڙو قرآن کڻڻ کان بچي ويو. چورن جي چڱي مڙس ڳالھ کي ليءِ مِٽي ڪندي فتوا ڏني ته همراھ چور ته ڪونهي پر جيئن ته ڌڻيءَ جو ويساھ آهي ته سندس چور اهو ئي آهي، ان ڪري هيءُ ڇڪايل همراھ ڪڻڪن لٿي، ٻوري ڪڻڪ جي ڀري ڏيندو.
    ڪجھ ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي ته هڪڙو بابا جو ساٿاري پوڙهو اچي نڪتو، ڪنهن زماني ۾ بابا سان گڏ مال چاريندو هيو، پوءِ پنهجو سوٽ قتل ڪري جيل ۾ ويو، اتان جي رنگ مان جڏهن رڱجي نڪتو ته ڏاڍو مڙس چور ٿي پيو، اڄ پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ پاڻ پٽن پوٽن سميت ساڳيءَ ڪرت سان واسطو رکي ٿو، پوليس جو تپايل هجي، سو اچڻ ساڻ چيائين آئون تنهنجي پيءُ جو ساٿاري آهيان، وڏي هلندي پڄندي اٿئي، پيءُ جي قبر ڏي ڏس، مون بي گناھ جي پوليس مان جان ڇڏاءِ. هڪڙو پٽ ۽ ڀائيٽو اڳ۾ ئي چوري ڪندي جاڳي پيل ڀاڳيو مارجي وڃڻ جي سزا ۾ عمر قيد پيا ڪاٽِين. هاڻ هن عمر ۾ آئون به ٿو ڪاٺ ۾پوان. مون انهيءَ حد جي پوليس عملدار ۽ ناظم سان ڳالهايو. ٻنهي جو جواب هيو ته همراھ ڪنهن مسڪين جا ٻه ڍور جهنگ مان ٻڌا آهن هاڻ ڏئي ڪونه ٿو، هن کي موڪليو ته فيصلي ۾ سنهن ساک ڏيئي پاڻ آجو ڪري ٻي صورت ۾ ڀاڳيو ساک کڻڻ لاءِتيار آهي ۽ هيءُ مال ڀري ڏئي. مون ان شخص کي جڏهن اهو جواب ٻڌايو ته چيائين آئون ساک ڏيندس ته بابا مون پنهنجي سر نه مال ٻڌو، نه ڏٺو ۽ نه وڪيو، مون چيو، چاچا پوءِ ته تنهنجو ڪم ٿيو پيو آهي. مون ناظم کي وري فون ڪري همراھ کي اوڏانهن روانو ڪيو، ٻئي ڏينهن ناظم فون تي اطلاع ڏنو ته سائين هن جو مسئلو حل ڪونه ٿو ٿئي، مون حيران ٿيندي چيو، ادا هيءُ ساک ڏيڻ لاءِ ته تيار آهي!!. ناظم وراڻيو سائين اوهان کي چوراڻو وٽ سمجھ ۾ ڪونه آيو، هيءُ به سچي ساک ٿو ڏئي ته هن نڪي مال ٻڌو۽ نڪي ڏٺو، اهو سڀ عمل هن جي ڪنهن پٽ، ڀائيٽي يا پوٽي ڪيو آهي۽ ڀاڳيو دانهيندڙ هن تي آهي، ان ڪري هيءُ ساک ڏيڻ لاءِ صحيح آهي، باقي اولاد ۽ عزيزن جي ساک ڪونه ٿو ڏئي.
    ڪافي چور سرزمين تي ٻڌجي پوندا هيا، ڪي پنهنجي بي عقليءَ سان ٻڌبا هيا ته ڪي ڀاڳين جي همت سان. پر چورن کي ٻڌندو هميشھ چور هيو، ڇاڪاڻ ته کيس ئي چور جي گذرڻ جي گهٽن ۽گهيڙن جي خبر هوندي هئي، باقي الهڙ ڀاڳين کي ته چور گهوٻاٽن سان اڏاري ڇڏيندا هيا. بي عقليءَ سان ٻڌل چورن ۾ هڪڙو لڌو شر به هيو، ڪجھ همراھ لڌي سان گڏ ڪنهن ڳوٺ ۾ چوريءَ تي ويا، ڀاڳيا جاڳي پيا هڪل ٿي ته وٺي ڀڳا، لڌو، ڀڄندو ڀڄندوسامهون ننڍڙن لاڻن ۾ وڃي لڪو، ڀاڳين ڏٺو ته چور هتي ئي لڪو آهي، ويجها وينداسون ته ڪٿي گهوٻاٽو يا پستول هڻي ڦڦڙ نه ڪڍي وجهي. ڀاڳين جي ڪُتي جو نالو به لڌو هيو، سو وٺي پنهنجي ڪتي کي زور زور سان ڪوڪاريائون ته لڌو، لڌو، لڌو. هوڏانهن لاڻن ۾ ويٺل همراھ سمجهيو ته مار هنن ته مون کي سڃاڻي ورتو آهي، جو منهنجو نالو زور زور سان پيا وٺن. ان ڪري ماٺڙي ڪري ڏاڙهي کَنهندو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ڀاڳين کي چيائين، ابا لڀنداسين نه ته ڪاڏي وينداسين“. پوءِ ته ڀاڳين اهڙي ڪيس جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.
    اهڙي هڪ ٻي به ڪهاوت آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ چور پيا ته ڀاڳيا به جاڳي پيا، را، را، ٿي، هڪڙي ڊڄڻي همراھ، کُڏ تي چڙهي وٺي رڙيون ڪيون ته اتريون پاسو سنڀاليو، چور اتر طرف بابي جي گهاٽي سرنهن ۾ لڪي ويندا، چورن جو ٻڌو ته اترئين پاسي لِڪڻ جي جاءِ آهي باقي سڄو ملڪ پوٺو لڳو پيو آهي، ڇونه ان طرف ڀڄون، سو جڏهن اوڏانهن ويا ته خبر پئي ته اتي پوٺو ئي پوٺو هيو، همراھ سوگها ٿي ويا. جڏهن ٻَڌي، اوطاق تي آندائونِ ته رڙين ڪرڻ واري ڳوٺ وارن کي چيو ڪيئن ٿا ڀانيو منهنجي ڪاريگريِ؟ ان تي ٻڌل چورن همراه کي چيو هيو، ٻڌجي اسان به پياسون باقي پڻهين جي گهاٽي سرنهن اسان به ڏٺي.
    ان زماني ۾ ٻڌل چور سان وڙهڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو، چوندا هيا ته ادا ڪوبه مڙس ماڻهو ڀاڳيو ٻڌل چور سان ڪونه وڙهندو. جيڪر ڪوئي ڪنهن ٻڌل چور سان وڙهيو ته چوندا وڏو ڪو.ڀاڙيو آهين. پر ڪي ڪي ڀاڳيا انهن ريتن رسمن بجاءِ ٻڌل چور جي لاک لاهي ڇڏيندا هيا. اسان جي تر جو هڪڙو چور جنهن جو نالو خان هيو، ان کي دلشاد شاخ جي مڱڻهارن سرزمين تي ٻڌو هيو، اهڙي ته حالت ڪيائونس جو الائي ڪيترا سال پيٽان رت هلندو هيس، اولاد کي به چوري نه ڪرڻ جون نصيحتون ڪندو وتندو هيو، پر افسوس جو سندس اولاد انهيءَ نصيحت تي عمل نه ڪيو.
    ڏاڍي مڙس چور کي جيڪر پوليس جهليو ته ٿاڻي ۾ ڀلي ڏينهن گذري وڃن پر ماني نه کائيندو، چانھ جي ڪوپ ۽ بسڪوٽ تي پيو گذارو ڪندو، ڀلي ته سُڪي”ٻڙهو“ ٿي وڃي. پوليس جي مار به اهڙي ڳري هوندي آهي، جو جهڙي تهڙي جي کڻڻ جي جاءِ ڪانهي، چڱن چڱن جا ٻرڙاٽ نڪريووڃن، ٿاڻي ۾ ٻڌل چور ماني انهيءَ ڪري ڪونه کائن جو متان پوليس جي مار ۾ دست نڪري وڃن. مار به عجيب قسم جي هوندي آهي انساني قد جي ڊيگھ جي حساب سان چار ڪلا کوڙيل هوندا آهن، چور صاحب کي نانگو ڪري انهن ڪلن جي وچ ۾ منهن ڀر ليٽايو ويندو آهي، سندس هٿ ۽ پير ڇڪي انهن ڪلن ۾ ٻڌا ويندا آهن، ان بعد چمڙي جي ٺهيل سچ پتري يعني سچوءِ سان سندس ٻنڊڻن تي وسڪارو ڪيو ويندو آهي، چور جي جيڪر ماني کاڌل هوندي ته دست هڻي ٿاڻو ڀري وجهندو، انهيءَ مار جي عمل مان ڪو ڪو چڙهندو آهي.
    جيڪو ٻنڊڻ ڪُٽائي مار مان چڙهيو اهو وڏو نالي وارو سڏبو، خلق دعوتون ڪندس، مار جا قصا کڻي ٻڌائيندو. جيڪو مار ۾ ڪچو ٿيو ۽ اڳيون، پويون، ٿيون، ٿينديون، ڪيون، نه ڪيون سڀ باسيائين، راڄ مڙسن جا ٻڌرايائين. ان کي چوندا اهو گوال ٿيو آهي، اهو گوالپ پيو ڪري وغيرھ وغيرھ. ڪي اهڙي ماڻهوءَ کي جوڻت به چون، يعني ادا فلاڻو پوليس وٽ جوڻيون پيو هڻي. ڪو مڙس پوليس جي ڊپ مان هميشھ لاءِ پوليس جو انفارمر ٿي ويندو ته کيس چوندا پوليس پٽيل. چي ادا فلاڻو ڀاڙيو هاڻ پوليس جو پٽيل ٿيو وتي.
    ان زماني ۾ پوليس جو دٻدٻو ڏسڻ وٽان هوندو هيو، ڪٿي اوڙي پاڙي ۾ ڪا چوري ٻُڌبي ته چورن جي بدن مان سيئانڊو نڪري ويندو هيو، ڪن لڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا، هوٽلن تي لانگون هڻڻ بند ٿي وينديون هين، پوءِ به راڄ ٻَڌبا ۽ ڪُٽبا هيا. مٽوءَ نالي اسان جو هڪڙو ڀورڙو عزيز آهي، هڪ ڀيري ڪهاڙي کڻيو ٻارهين ميل تي پئي ويو، ڪنهن چيس ڀائو ٻارهين ميل تي پوليس بيٺي آهي ۽ تنهنجا به چوراڻا مهانڊا آهن، ڪٿي جهرڙجي نه وڃين. همراھ اتان ئي واپس وريو، هرڪنهن کي چوندو وتيو، يار اسين اڄڪلھ هوٽلن تي ڪونه وڃون، چور ته ناهيون پر چوراڻا مهانڊا اٿئون ان ڪري پوليس ٻڌي وٺندي.
    ملڪ جي مُک منصف اڄڪلھ جي پوليس کي ٽين جنس ڪري وڌو آهي. گڏوگڏ مشرف جي نئين پوليس آرڊر موجب آپريشن ۽ انويسٽيگيشن جا شعبا الڳ ٿيڻ سان به چورن جو ڀلو ٿيو آهي، هاڻي حالت اها آهي ته آپريشن وارو صوبيدار ايف آئي آر ڪاٽي، انويسٽيگيشن ڏانهن موڪليو پاڻ تان بار لاهيو ڇڏي. انويسٽيگيشن وارن جي وري ڪهڙي ڳالھ ڪجي، ايئن ٿو لڳي ڀانءِ جوابدار جي ڳوٺ ڪا ”فاتح پڙهڻ“ لاءِ ويا ۽ ڀيرو ڏيئي موٽي آيا. بس ڪاغذي ڪارروائي ويٺي ويٺي پوري ٿي ڪيس ڪورٽ پهتو يا نيڪال ٿيو نه ڪنهن کي لهر نه لوڏو.
    اڄڪلھ جي ڪميونيڪيشن جي دور ته چورن لاءِويتر وڌيڪ آساني ڪري ڇڏي آهي، پڪن روڊن ۽ موبائل فونن جو جھڙو چور ڊَڊيءَ استعمال ڪيو آهي اهڙو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو هوندو، اڳي ڍور ڍڳو ڪاهي ڪوه پنڌ جا هڻي ڪنهن روڊ تي چاڙهبو هيو، هاڻي هنڌين ماڳين روڊ رستا ٿي پيا آهن، ڍڳا ويچارا ته سنڌ سونهاريءَ مان ويا پر هاڻ چور صاحب، ماڻهن جون مينهون ڪاهي، ڀاڳئي جي گهر کان ٻاهر نڪري، موبائل فون تي ڊاٽسن پڪ اپ گُهرائي، مينهن ڀٽاري ڊاٽسن ۾ هڻيو وڃن ڇا جا پير ڇا جو ورهڙو؟
    هاڻ وري هلون ٿا اصل قصي ڏي، يعني غربت جي يادن کي تازو ڪرڻ، سو غَريبت جي ڏِينهنِ جِي هِڪَ هِڪَ گِهڙِي، هِڪُ هِڪُ پَلُ، هِڪَ هِڪَ ساعِتَ، اندر جي ڦرهيءَ تي اڄ تائين اُڪري پئي آهي۽ وِسرڻ جوڳيِ ئِي ناهي. اُهي ڏينهن، اُنهن ڏينهن جون مَحروميون ۽ مَجبُوريون، سنگدل مُعاشري جي ظالم ماڻهن جا اُهي طعنا ۽ تُنڪا، رَکِي رَکِي اندر مان نڪتل اُهي آهون ۽ شوڪارا، ڏُکن ۽ بُکُن مان ڀَريل اُهي سُڏڪا، اڄ به ڪنهن پراڻي فلم جيان تحت الشعور مان نِڪري، اکين آڏو ڦِرندا رَهن ٿا.ايئن ٿو ڀانيان، ڄڻ هينئر ئي، ڪلاڪ اڌ پهريان اُهو سُورُ ڀوڳي آجو ٿيو هُجان. ڀانءِ سَنڌُ سَنڌُ، سُورن سان ساڻو هجيم. ڀانءِ اَنگُ اَنگُ، واٽُن تي ويٺل واسينگن جي ڏَنگن مان ڏَنگجِي زهر ۾ چُور چُور هُجي.
    ڀانئيان ٿو ته اها 81 جي پَڇاڙي هُئي، واهوندي جا واءُ وريا هُيا ۽ سَرَ نِسريا هُيا، تڏهن ماساتِ معصوم جميله کي جنميو هيو. گھر ۾ اَڻهوُند وارا شُڪرانا ۽ خوشيون ڪيون هُيون سين.ضيائي ڏاڍ ۽ جبر جي ڏينهنِ ۾ اُوئان اُوئان ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي سِيني تي پنهنجي آمد جو اعلان ڪندڙ، هن ننڍڙيءَ جي ڇَٺيءَ کي اڃان ڇَھَ ڏينهن ئي مَس گُذريا هوندا جو سندس طبعيت اوچتو هِيڻي ٿيڻ لڳي هئي، اُنهيءَ اَڀاڳي ڏينهن هميشه جيان گَهرَ ۾ هِڪ رُوپيو به نه هُجيمِ. ان ويلَ ماساتِ جي ماءُ واري مامتا، سوالي انداز ۾ مجبور ۽ ڀِنل نماڻا نيڻ مون ڏي کڻي، ڪجھ تڙپِي، ڪجھ ڦَٿڪي، نيٺ اندر جي لوڇ پوڇ نه روڪي سگهي ته ڍُنڍڪارون ڪري رُني ۽ رَڙيِ، ٻيلي! وارو ڪر!!، مُنهنجي نِياڻِي هيڊِي پِيلي ٿيندي پئي وڃي ٻيلي! وارو ڪَر، ڪُجھ ڪر!!!“.
    ياد اٿم، ان ڏينهن هوائي چمپل جي سَٽڪ سَٽڪ ڪري، ڳوٺ جي هر سُکئي ۽ سَرند جي در تي، هِن گهرَ کان هُن گهَرَ تائين چار ڏوڪڙ اوڌارا وٺڻ لاءِ ڊوڙيو ھيس، اُن ڏينهن تَھ سياري هوندي به منهنجوپگهر نه پئي سُڪو. نيٺ وَڏيءَ جاکوڙ بعد هيڪُوڻ جي ٻِيڻ تي ڪنهن سُکئي ستابي، وڏو ٿورو ڪري، چار پئسا ڏِنا هُيا.اسان جلدي جلديءَ ۾ ٽيڪسي ڪَري، ننڍڙيءَ کي کڻي، اسپتال لاءِ نِڪتا هُياسين. ان ڏينهن سمي جوڻيجي جي ڦِٽل ڳوٺ واري ڪلراٺي رستي کان ٿيندا، جڏهن سنڌڙي ميرپورخاص روڊ جي ويجها ٿيا هياسين، ته پري کان ئي روڊ تي رُڳي خاڪي ئي خاڪي پئي ڏسڻ ۾ آيا.اک جي نهار تائين سڀوڪجھ سندن جي گهيري ۾ هُيو.پَکِي پَکڻ به پئي هڪليائون، مون ۽ ماساتِ بيوسيءَ مان هڪ ٻئي ڏي نهاري، وري ننڍڙيءَ ڏانهن ڏٺو هيو، ۽ الائي ڇو ٻِنهي جي اندر مان هڪ ئي وقت ٿڌو شُوڪارو نڪتو هيو.!؟ ۽ پوءِ گاڏي پڪي روڊ ويجهيِ ٿيندي ئي، خاڪين جي بندوقن جا نال اسان ڏانهن سڌا ٿي ويا هيا. بندوقن جي گهوڙن تي سندن آڱرين جي سختيءَ کي محسوس ٿيندي ڏٺو هيم. ۽ جڏهن ڊرائيور ڊپ مان گاڏيءَ کي بريڪ هنئي هئي، ته اسان ٻنهي جا خيال ميرپورخاص جي اسپتال کان اوچتا موٽي سنڌڙي ايئرپورٽ جي روڊ تي پُهتا. جتي ڊرائيور روڊ بلاڪ هُجڻ جو حڪمنامو ٻُڌي رهيو هيو، ان ويل ايئن لڳو ڀانءِ اوچتي مَٿان ڪا وِڄَ اچي ڪَڙڪِي هُجي. بيوسيء ۽ لاچاريءَ مان هڪ ٻئي ڏي نِهاري اَکين ئي اَکين ۾ هاڻ ڇا ٿيندو جا سوال ڪياسين. پوءِ به منهنجي رُوح کي سَٽَ آئي، ٽُپ ڏئي گاڏيءَ مان لَٿُس۽ ڏَڪندڙ ٽَنَگُن سان خاڪيءَ سپاهيءَ ڏانهن وَڌِيُس. سپاهي، جنهن جي جديد بندُوق جونالُ اڳ ئي مون طرف هيو، تنهن پنهنجو هَٿُ وڌيڪ مضبوط ڪندي مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو. تڏهن اُتان ئي نِماڻي انداز ۾ هٿ ٻَڌيِ عَرضُ ڪيو هُيم، سائين! مُنهنجي معصوم نياڻيءَ جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي، مهرباني ڪري اسان کي روڊ سان وڃڻ ڏيو.
    منهنجي سوال تي خاڪي خود ته بُت بَڻيو بيٺو رهيو، هن پاران سامهون بيٺل ڦُولن واري خاڪيءَ، منهنجي التجا ٻُڌي، اڳتي وڌي، زوردار آواز ۾ چيو، اَڄُ گورنر سنڌ ۽ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽينينٽ جنرل جهانداد خان، سنڌڙي ايئرپورٽ جي افتتاح تي اچي رهيو آهي, اُن ڪري هيءُروڊ ٽن ڪلاڪن تائين بند رهندو، توهان بعد ۾ اسپتال وڃجو. سندس جواب ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچيِ ويا هيا.۽ همت ڪري وري به هَٿَ ٻَڌِي عرض ڪيو هيم، سائين ٽِنِ ڪلاڪن ۾ ته منهنجي نياڻِيءَ جو الائي ڇا ٿيندو؟ خاڪيءَ خفي ٿيندي چيو هيو، جيڪڏهن مَري به ٿِي ته ڀَلِ مَرِي وڃي، پر اسين پنهنجي قانون تي مڪمل عمل ڪندي ڪنهن به گاڏيءَ کي ٽِن ڪلاڪن تائين روڊ تي اچڻ ڪونه ڏينداسين ۽ هو مُنهن ڦيري بيهي رَهيو هيو.سندس جواب تي ڪي گَهڙِيون ته آئون پنڊ پاهڻ ٿيو بيٺو رهيس. سِپاهيءَ جي بندوق اسان ڏي تاڻيل ئي رهي. اُن ويل آئون، زندھ لاش جيان رڙهندو واپس گاڏيءَ وٽ آيو هُيس. تڏهن سادڙيءَ ماساتِ چيو هيو، ماساتَ! هِننِ کي چَئُه نه، ته پاڻ هندستاني ڪونه آهيون، او، هُو سامهون گهرن ۾ ويٺل شر ٻروچ آهيون ۽پاڻ کي وڃڻ ڏين. مون هڪ ڀيرو وري پوئتي نهاريو هيو بندوق سِڌي ڪري بيٺل سپاهيءَ طرف، پر منهنجي چپن مان نه ماساتِ لاءِ ڪو جواب اُڪليو هيو ۽ نه فوجيءَ سان ڳالهائڻ جي هِمت ٿي هُيم.ها، سوچيو ضرور هيم ته، اسان جي ئي اڻ سِڌي ۽ سِڌي ٽيڪس مان پگهار کڻندڙ اسان جو ملازم اسان تي ئي بندوق تاڻي بيٺو آهي. مالڪ ۽ ملازم جي تميز اِجها اِها رهي آهي هِنَ مُلڪ ۾؟ ؟ ؟
    ها وري سوچيو هُيم، جنرل جهانداد خان، گورنر سنڌ جو آهي، سِنڌي عوام جي ڏِنل ٽيڪس مان پگهار کڻي ٿو. جاءِ بجاءِ تقريرن ۾ چوندو وتي، ته اسين عوام جا نوڪر آهيون. پوءِ اَڄُ هِيءُ روڊُ بند ڇوڪيو اَٿنِ؟ ڇا عوام جا نوڪر عوام کان ڊڄن ٿا!!؟ ؟ وري سوچيو هيم، هي خاڪي عوام کان ڀلا ڇو نه ڊِڄن، مُجيرين مان سڀني کان ڏاهي ماڻهوءَ ذوالفقار علي ڀُٽي کي مُلي مشتاق هٿان ڪُوڙي فتوا ڏِياري، راولپنڊيءَ جي ڪُوفي ۾ ڪال ڪوٺِڙين اندر چِيچائي، چِيچائي ماري ڇڏيائون. مُنهنجي يار نذيرعباسيءَ کي به ته چِيچائي چِيچائي، الائي ڪيترا عذاب ڏئي ماري ڇڏيائون.ڪو داد ٿيو نه فريادُ ٿيو!!!.هي جي لَکين، هزارين ماڻهو تُرمن ۾ واڙي ڇڏيا اٿائون، سندن نازُڪ، نفيس، پاڪ ۽ پوتر انگن تي پَليِت ڪوڙا وَسائي، سندن کَلون اُڊيڙي ڇڏيون اٿائون. هن ملڪ ۾ هاڻي ٻاهر ته مُون جهڙِي ڊاڊ ڊُوڊِ خلق بَچِي آهي، اُنهيءَ کان به ڊَپُ اٿن !!؟ انهن سوچن سان گڏوگڏ اکيون گهڙيءَ گهڙيءَ ڊرائيور جي واچ ڏانهن کڄي ٿي ويون. پندرهن منٽ گُذريا، گاڏيءَ ۾ مُنهن هَڻِي، ماساتِ کان پُڇيم ڏي خبر!!!؟ ماساتِ جوکُوھ جي تري مان ٻُڏل آواز آيو، ڪڪي پَلَ پَلَ پوئتي ٿيندي وڃي. چيوھيومانس ماساتِ!! الله تي رَکُ، سڀ خير ٿيندو!! دل نه لاههِ. وري واچ ۾ اکيون وڌم، اڌ ڪلاڪ گُذريو، ڪلاڪ گُذريو، ياد اٿم ڊرائيور کي چيو هيم، ڀائو تنهنجي واچ جا ڪانٽا خراب ته ناهِنِ؟ !واچ بيهي ته ڪونه رهي اٿئي؟ جواب ڏنو هيائين، نه نه اوهان کان پريشانيءَ ۾ وقت نٿو گذري !! ۽ پوءِ الائي ڪيتر ڀيرا گاڏيءَ ۾ مُنهن هڻي چيو هيم، ماساتِ خبر ڏي !!، ماساتِ هاڻ ٻُڌاءِ!!!، ماساتِ ڪڪيءَ جي خبر ڏي!!!“.
    ان ڏينهن جو پَلُ پل ڪنڊن جي سيج تي پاڻ کي پيرن اگهاڙو بِيٺل ڀانيو هُيم، ياد اٿم، هڪ ڀيرو وري خاڪِين کي آزيون، نيازيون ڪيون هُيم۽ ٻانهون ٻَڌَيون هيم، سائين مهرباني ڪريو.!! صاحب مهرباني ڪريو!!.اُن ڏينهن انتظار جا ٽي ڪلاڪ، ٽن ڏينهن کان به وڏا ٿي پيا هيا، اصل بنهي وڏا ٿي ويا هيا.آنڌ مانڌ ۾، اڻ تڻ ۾، ڳڻتين ۾ اکيون پُسائڻ ۾، پوڻا ٽي ڪلاڪ گذاري وياسين، تڏهن ڏُور ڏکڻ مان سائرن جي آواز تي سرير ۾ ساهُه پِيو هيو، ڄاڻُ روڊ کُليو۽ اسپتال پُڳاسين.گاڏيءَ ڏي ڊوڙيُس ماساتِ! جنرل اچي پيو، بس، اجهو روڊ کُليو، ننڍڙيءَ جي منهن تان ڪپڙو لاھِ، ته ڏِسان. ماساتِ، سندس منهن تان ڪپڙو هٽايو، گُلن جيان ٻَهڪندڙ چهرو هيڊو پِيلو هُيس. ٺيڪ ان ويل اوچتو هِچڪي آيس، هڪڙي، ٻي، ٽين ۽ بس. ڌڻيءَ جي شئي ڌڻيءَ ڏي واپس وڃي پُهتي.ماساتِ جي رِيهه ۽منهنجي اوڇنگار يڪ آواز ٿي فضا ۾ گونجيا. ڊيوٽيءَ تي بيٺل، خاڪي الرٽ ٿيا، متان جنرل صاحب جي جلوس کي ڊِسٽرب ڪرڻ لاءِ رڙين جو ڊرامو ٿا ڪَنِ. ان ئي ويل گاڏي ۾ واپس موٽياسين، روئيندي، سُڏڪندي ۽ سوچيندي ته، هيءُ قتل آهي، قاتل تي FIR ڪَٽِجڻ گُھرجي، مُنهنجي گلن جهڙِي نياڻِي، هڪڙي ڊڪٽيٽر مارِي آهي، هڪڙي فوجِيءَ مارِي آهي، مَٿس ڪيس داخل ڪندس!!.وري سوچ آيم، ڪيس ڪِيئن داخل ٿيندو؟ ؟ ؟ ڪهڙي صوبيدار ۾ دِل آهي؟ ؟ ؟ ؟ ڪهڙي جَجَ ۾ دِل آهي؟ ؟ ؟ ؟ ؟ تڏهن هٿ کڻي، اُڀ ڏي نهاري چيم، اي خُدا منهنجو تنهنجي ڪورٽ ۾ فرياد آهي، جي تون رحيم ۽ ڪريم آهين ته پڪ سان مُنصف به هوندين، اڄ جيڪر هيءُ روڊ بند نه هُجي ها ته مُنهنجي معصوم گُلن جهڙي نياڻيءَ جي حياتي بچي پوي ها.!!!!. اي خُدا!! اڄ پنهنجن پاڪ فرشتن کي حُڪم ڏي ته مُنهنجو فرياد لِکن، ۽ قيامت جي ڏينهن مون کي هنن ظالمن، غاصبن۽قاتلن کان حساب وَ‎ٺي ڏِين.جيڪي مُنهنجا پگهاردار هوندي به منهنجي نياڻيءَ جو قاتل آهن، اي خُدا!!!! اي خُدا!!!!!.
    ايئن ڏاڍن ڏُکن ۽ سورن سان ظالم وقت جو گاڏو گيڙيِندي، اچي ڊسمبر1983 جي ڏهين تاريخ تائين پهتو هيس. اُهو جُمعي جو ڏينهن هيو.هرڪو معمول جا ڪم ڪار لاهي اوطاق جي آڏو بيٺل ٽالهين ۽ سرينهن جي وڻن جي ڇانو هيٺان رکيل کَٽُن ۽ تئونرين تي، ٿڪ ڀڃڻ ۽ ڪچهري ڪارڻ مِڙيو هيو.تڏهن اسان جي گڏيل اوطاق منهنجي موجودھ گهر جي جاءِ تي هُئي.اولهه طرف هڪڙيءَ ڪَچيءَ ڪوٺيءَ ۾ اسڪول جي اڳيان ٽي عدد ٽالهين جا وَڻَ هيا۽ هڪ تمام وڏو سرينهن جو وڻ پڻ هيو.اُهي وڻ ئي اصُل ۾ اوطاق جو ڪم ڏِيندا هُيا.انهن جي اولهه طرف رائت مل جي اڳوڻي ڪوٽ ۾منهنجو گهَرُهيو.اوطاق، اسڪول ۽ گهر جي وِچان گُذرندڙ شاهي رستو ٽنهي کي الڳ ڪري بيٺو هيو. گهر جو ڪوٽ صرف پنج فوٽ جو هُيو. رستي سان ٽريڪٽر ٽراليون يا ڍڳي گاڏيون گذرنديون هُيون ته به منهنجي گهر جو پردو نه رهندو هُيو. مون ۾نه ئي ايتري سِڪتَ هُئي جو ڪوٽُ مٿي ڪرائجي ۽ نه هُئي ايتري طاقت جو ڪنهن کي روڪجي ته هتان هيٺ لهي گذرندو ڪر. بَسِ ڪڏهن ڪا ڍڳي گاڏي، ڪو ٽريڪٽر يا ڪا ٽرڪ گُذرندي هُئي ته اکيون پوري ڇڏيندو هُيس ڀانءِ ڪجهه به نه ڏٺو اٿم. ڪنهن به منهنجي ٻچڙن ڏانهن ڪونهي نِهاريو.ڳالهه پي ڪيم ڏهين ڊسمبر 1982جي، سو انهي ڏينهن اسان جي مسيت جو پيش امام مُلو ابراهيم، انهيءَ رستيءَ تان گذريو پئي. اولهه طرف منهنجي گهر مان مُبارَڪون، مُبارَڪون ٻُڌي ڪَنرايائِين، ته منهنجي گهر ۾ پٽ ڄمڻ جي خبر پِيس، ڊوڙي پري کان ئي مبارڪ ڏيندي چيائين اميرا !پهرئين پُٽَ جون مُبارَڪون هُجنئي، هاڻ مون کي کير پيار“. اُن زماني ۾ رواج هُيو ته پهرين پُٽَ جي مبارڪ کڻِي ايندڙ کي کير پيارڻ لاءِ ڀلوڙ مينهن يا ڍڳي ڪِليءَ تان ڇوڙي ڏِبي هُئي. ڀَلِي ته مالڪ جي دَرَ تي هِڪڙي هُجي ۽ جي نه هُجي ته قرض کڻي به مبارڪ آڻيندڙ کي کير پِياربو هيو.اُن ڏينهن اسان جي گهر ۾ صرف پنجاهه روپيا هُجَنِ، سي به صُبح مَردان کيسي ۾ وِجهي نڪتو هُيس ته خاڪو مينگهواڙ کي شاديءَ جوپُوئو ڏيندس. مُبارڪ ملندي ئي کيسي ۾ هٿ وِجهي، اهو پنجاهه جو نوٽ مُلي ابراهيم جي هٿ تي رکيم. مُلي پهريائين نوٽ کي اُبتو سُبتو ڪري ڏٺو، پوءِ مون ڏي ڏسڻ بجاءِ، ساڳيو نوٽ هٿ ۾ جهلي، ڀرسان بيٺل بابا ڏانهن التجائي نظرن سان نهاريائين. بابا جون سواليه نظرون منهنجي نظرن سان مليون. مايوسيءَ مان ٻنهي کڻي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، مُلي ابراهيم به اسان جي نظرن جي بيوسي پڙهندي، نوٽ کڻي کيسي ۾ وِڌو، ۽ پنهنجي گهر هليو ويو هيو.
    هاڻي ته سُڌريل زماني۾ اسان پاڻ کي پڙهيل لکيل سڏائي، وڏڙن جي ريتن رسمن کي ڪَڍي، پنهنجي پيرن تي ڄڻُ ته ڪُهاڙو هنيو آهي۽ حالتون ائين وڃن ٿيون آهِن جو پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گُذري. اڳي ائين ڪونه هيو، ماڻهو مرڻي پرڻي، هڪ ٻئي جي مالي مدد ڪندا هُيا، پُٽ ڄمڻ تي روڪڙيون مُبارڪون ڏِبيون هُيون، وڳا ڪپڙن جا ڏِبا هيا.ڌيءَ جي ڄمڻ تي به روڪڙا نه ته به ڪپڙا لازمي ڏبا هيا. ائين گهر گهر مان ڪپڙا ملڻ سان غريب ماڻهو جي ٻار جو سال ٻن جو ڪپڙو لَٽو ٿي ويندو هُيو.پُوئوِ به ساڳيءَ رسم سان جُڙيل هيو ۽ اهو به ڪاڄ ڌڻيءَ جي مالي مدد جو طريقو هيو. جنهن کي هاڻوڪين رسمن ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. ائين ئي جيڪرڪٿي ڪو مرڻو ٿيندو هُيو، ته سانده ٽي ڏينهن اُنهيءَ ماڻهوءَ جي گَهر َ ۾ چُلهه ٻَرڻُ نه ڏبي هُئي. ڪانڌي، تڏي تي پهچي دُعا گهري جيڪا رب جي رضا چوڻ سان گڏ پنج روپيا يا ڏهه روپيا في گهَرَ، ڏکويل جي ڪنهن ويجهي عزيز آڏو رکندا ويندا هُيا. جنهن کي ڇاڙھ چئبو هيو. ائين مرڻ واري جي پونيرن وٽ ايتري روڪ رقم گڏ ٿي ويندي هُئي، جو جيستائين غم مان نِڪرن، ڏُک مان نڪرن. ڪنهن روزگار جو بِلو ڪن. ايستائين سندن گذر سفر لاءِ، ٻِن چئن مهينن جيتري روڪ رقم وٽن موجود هوندي هُئي.سو ڳالهه پئي ڪيم پُٽ جي پيدائش جي، شام تائين اوڙي پاڙي راڄ برادري مان جنهن به پَٽڪي جو وَرُ ڏنو هُيو، سو ڏهه روپيا ويهه روپيا روڪڙيءَ مُبارڪ ساڻ کڻي آيو هيو. سج لهڻ تائين سڄا ساراچار سئورپيا کيسي ۾ جَمعُ ٿي چُڪا هُجنم.سُتيون، ڦَڪِيون ۽ دائيِن جا خرچ به اُنهن چئن سون مان ٿي ويا هيا.اُنهيءَ رات خواب ۾ شهيد نذير عباسي وري ڏِٺو هيم، چوي پيو، تون مون لاءِ رُنو هُئين نه، ڏس آئون تو وٽ ٻئي جنم ۾ آيو آهيان، هاڻ ته راضي آهين نه؟
    ڇَٺيءَ تي ديڳڙو ڀت جو لاهي ننڍڙي جو نانءُ به نذير رکيو هيم، جيتوڻيڪ امان ۽ بابا منع ڪئي ته پُٽُهين نذير عباسيءَ جهـڙو نه ٿيو ته نالو کَرندو. پر سندن چوڻ نه مَڃيو هيم. قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي هئي جو ٿورن ڏينهنِ ۾ بابا جو اهوئي مُرشد پيربقا محمد قريشي وري آيو هيو. جنهن اڳي منهنجو نالو به عارب مان ڦيرائي امير بخش رکيو هيو. سو مرحوم هڪڙو زنده اولياءُ هُيو. منهنجي پٽ جو نالو ٻُڌي مون کان شهيد نذير عباسيءَ بابت مُڪمل معلومات وٺي، فيصلي جي انداز ۾ چيائين ته هن ننڍڙي جو نالو نذير بجاءِ خادم حسين رکو. پير بقا محمد جي ايتري هشمت هوندي هئي جو ڪنهن کي همت نه ٿي جو پير صاحب کي جواب ڏيون، اِئين هڪ هفتي ۾ منهنجي پهرئين پُٽ جو نانءٌ نذيرمان ڦري خادم ٿي ويو هيو.
    اڳئين زماني جا وڏڙا چوندا هيا، ته ابا انسان کي اعزرائيل جي اچڻ جا پروُڻ چاليهه ڏينهن اڳ ئي پئجيو ٿا وڃن. سو بابا کي الائي ڪهڙا پسُوڻ پيا جو جنوريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ فيصلي ڪُن انداز ۾ اعلان ڪيائين، ته خادم جو عقيقو ڌُوم ڌام سان ڪَبو. بابا کي چيم، ابا، پنهنجي گهر ۾ ته ڪِي ڪينهي، عقيقو ڪيئن ڪبو؟ وراڻيوهيائين نواب صاحب منهنجي پوٽي جي خوشي آهي، اُن ۾تنهنجو ڪجهه به ڪو نه وڃي، اهو منهنجو ڪم آهي. ته ڇا ٿئي ٿو، ڪيئن ٿئي ٿو ۽ ڪير ڪري ٿو. ائين خادم جو عقيقو ٿيو هيو، وڏي ڌوم ڌام ٿي هئي، وڏا راڳ رنگ به ٿيا هيا. قرض تي کنيل سامان جو قرض، عقيقي جي مبارڪن مان ئي لٿو هيو، ٻيو ته ٺهيو پر چار ٽَڪا بچيا به هيا.
    اُنهي زماني ۾ هڪڙو رواج هوندو هيو ته ڪاڄَ ڌَڻيءَ کي راڄ برادريءَ وارا، ڪاڄ جي ڏينهن مُنجهائيندا هُيا، ڀوڳن ڀوڳن ۾ ته جيئن ڀُل چُڪ ۾ ڪنڀار کي کنڊ کڻڻ يا کائڻ جو چوي يا مڱڻهار کي دالِ جو ڏَسُ ڏئي ۽ اُهي مُڙس مَڇرجي ڪپڙا ڦاڙي بِيهن. چون ٿا ته گهڻا ورهيه اڳ هڪڙو ڪنڀار گهڻي کنڊ کائڻ سبب ڦاٽي مُئو هُيو ۽ مڱڻهار سان وري دال ساڳي جُٺ ڪئي هُئي. اهي ڏينهن اڄ جو ڏينهن ٻئي ذاتيون ٻِنهي نُقصانڪار نالن کان چِڙيو پونِ.مڱڻهار دال جو نالو وٺڻ بجاءِ چون، مَڇُلا داڻا. ۽ ڪنڀار کنڊ کي چون مِٺاڻ. ڪاڄن ۾ جيڪر ڪاڄ ڌڻيءَ جي واتان اهو اکر نڪريو وڃي ته ڪنڀار ۽ مڱڻهار، تن تي پاتل ڪپڙا ڦاڙي چيهون چيهون ڪريو ڇڏين، پوءِ ناز نخري سان ڪاڄ جي ڌڻيءَ کان نوان وڳا ڀرايووٺن.سو انهيءَ ڏينهن وڌي ڪانهئي مرحوم جي ڦوڪن تي لڳي، بابا به ڀُل چُڪ ۾ مُلي ابراهيم ڪنڀار کي کنڊ جو شربت ‎ٺاهڻ جو چيو. بابا جي وات مان کنڊ جو نالو نڪرڻ ۽ مُلي ابراهيم جِي قميص جو چرڙاٽ ٿيڻ.مڙس نئون وڳو لِيڙون ليڙون ڪري بيهي رهيو هيو، اوڏي مهل ته گهر ۾ ڪو نئون وڳو هڪيو تڪيو حاضر ڪونه هيو. سو في الحال ته کيس بابا جواڌوراڻو وڳو پارائي راضي ڪيوسين. پرٻئي ڏينهن بازار مان نئون وڳو گهرائي ڏيڻو پيو.
    سو ڳالهه پئي هلي عزرائيل جي پروڻ پوڻ جي، بابا سائينءَ عقيقي بعد ٻن ڏينهن کان پوءِ خادم کي گُهرائي، پنهنجي هنج ۾سمهاري ڳلن تي کوڙ ساريون چُميون ڏيئي، ساڄيءَ ٻانهن ۾ بد نظر جي بچاءَ لاءِ سُٽ سان وَٽيل ڪارو ڌاڳو ٻَڌو هيائين. اُنهيءَ وقت سندس اکين مان لڙڪن جون لارُون لڙندي اسان سڀني ڏِٺيون هيون. پر اها ڪَلَ ڪنهن کي ئي نه پَئي ته بابا سائينءَ پرئين پارِ پلاڻيو آهي. ٻن ٽن ڏينهن پُڄاڻان هڪڙي ڏينهن اوطاق تي ويٺي ويٺي زِبان بند ٿيس، پاسو سُن ٿيس، بلڊ پريشر هاءِ ٿيس. ڊاڪٽرن جي بقول برين هيمرج ٿيو آهي، ميرپورخاص ۽ پوءِ لال بتي حيدرآباد جو ميڊيڪل وارڊ، نالي واري ڊاڪٽرعالماڻيءَ جو وارڊ. بابا بلڪل بيهوش، ڪڏهن اکيون کولي هيڏانهن هوڏانهن ڏِسي وري بس. ساندھ پندرنهن ڏينهنَ ۽ پندرنهن راتيون بابا جي پيرانديءَ کان پِيل اسٽول تي ويٺي اوجاڳا ڪندي، ويٺي ويٺي ننڊون ڪندي، دِل ئي دِل ۾ دعائُون گهرندو هُيس، اي منهنجا مولا، ائين نه ڪجانءِ آئون رُلي ويندس، نه ڌڻي نه سائين، نه اوهي نه واهي، بابا ئي ته هڪڙو سهارو اٿمِ، اُهو نه کَسجانءِ.
    ڊاڪٽر عالماڻيءَ جو جيڏو وڏو نانءُ هيو، سندس وارڊ ۾ اوڏوئي وڏو انڌيرُ هيو. سندس وارڊ جو رجسٽرار هيو ڊاڪٽر شريف ورياماڻي. ايئن لڳندو هيو ته ڄڻ وارڊ نه پر ڪوس گهرهُجي۽ سِکيا وٺندڙ ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون۽ نرسون انساني جسمن تي هٿ ٺاهيندا هُجنِ. هر روز ٻه ٽي لاش نِڪرندا هيا، جنهن ڏينهن ڪو لاش نه نڪتو ته ايئن ڀانئبو هيو ته ماڻهن تي ڪو رب راضي ٿيو آهي. چڱا ڀلا ماڻهو، پيٽ سور جي دانهن سان پنهنجي پيرن تي هَلِي اچي اسپتال ۾ داخل ٿيندا هيا ۽ ڏينهن ٻن جي علاج بعد سندن لاش ايمبولينسن ۾ کڄي ويندا هيا. جيڏيءَ مهل به ڪو لاش نڪرندو ڏسان ته دل ۾ ايندڙ اهڙن اُبتن وهمن۽ خيالن کي جھٽڪيو ڇڏيان. ۽ سوچيان، نه نه ربُ ڪندو منهنجو بابا ٺيڪ ٿيندو. هلندو گهمندو ڦرندو. نيٺ 27 فيبروري1983 جي ڏينهن مُلي فجر جي ٻانگ ڏني هئي ته بابي سائينءَ اکيون کوليون هيون. مونکي وهاڻي جي ٽيڪ تي ويهارڻ جو اشاروڪيو هيائين. جڏهن کيس ٽيڪ تي ويهاريو هيم ته وارڊ ۾ هلندڙ چانھ واري کي ڏِسي چانھ لاءِ اشارو ڪيو هيائين. چانهه آئي هئي ته اُنهيءَ ۾بسڪيٽ ٻوڙي وات ۾ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين، ايئن ڪرڻ سان کنگهه جو دوروٿِيس. اصل ڄڻ اُٽاڻجي پيو هجي. چانھ ڇڏي ڏنائين. ڪجھ گھڙين بعد سامت ۾ اچڻ شرط، اشارن سان ٻين عزيزن جي پُڇا ڪيائين. جيڪي اسپتال جي ٻاهران ڇٻر تي ويٺل هيا، تن سڀني کي سڏايم، مُنهنجي ٻانهن وٺي وَرَ وَرَ ڪري هِڪ هَڪَ جي هَٿ ۾ ڏنائين ته ساڄي اَکِ مان لُڙڪن جون لارون هَليس، بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهاري سمهارڻ جو اشارو ڪيائين يڪدم بلڊپريشر گهٽجڻ شروع ٿيو. انجيڪشنون، ڊرپون، ايمرجنسيءَ ۾آڪسيجن پر ڪجھ به نه ٿيو، رات جا ڏهه ٿيا ته ساهه جو پکي پرواز ڪري ويو۽ بي ساهي جسم جي ڳوٺ پهچڻ کان اَڳ ۾ ئي روح جو پکي وڃي اباڻي ديس جي مٿان اُڏاڻو، لامارا ڏنائين.نه فون نه ڦرڙو، نه لڪڙتار نه عام تار.پر ڳوٺ ۾ خبر پهچي وئي. سا الائي ڪيئن پهتي، ٿيو هيئن جو رات جو ٻين وڳي ايمبولينس اوطاق جي پڌَر ۾پهتي هئي، ۽ اندران، امان جي ڪِيهه ٿي هئي، هاءِ الا مان لُٽجي وِيَس. سوچيم، امان کي ڪنهن ٻُڌايُو ته هيءَ ڪُمهلي اوطاق تي آيل گاڏي خيرِي ڪانهي؟ پوءِ سوچيم ۽ سَمجھيم به ته بابا سائينءَ جي روح جو پکي اُڏاڻو هُيوته اڳ ئي پُهچي، امان کي پرينءَ جي پرديس پَڌارڻ جو اطلاع ڏئي ويو هوندو.
    صُبح ٿي اوڇنگارون، ريهون ۽روڄ ۾ هڪڙي حيرت اها به ٿي هئي ته ايڏي غربت مِسڪينيءَ هوندي به بابا جي مُرده جسم تي پهريل قميص جي کيسي مان ايترائي پئسا نڪتا جيترا ڪفن دفن لاءِ گُهربل هُيا.معنيٰ اها خبر هُيس ته اعزرائيل ايندو يا سر تي چڙهيو بيٺو آهي، پڇاڙيءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيان. اُنهيءَ کي قدرت جا ڪرشما چئجن يا ڪا غيبي قوت چئجي؟ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿي خبر پئي؟ اسان ڪامريڊن لاءِ ته اهو سڀڪجھ دٻي ۾ ٺڪرين برابر آهي. پر ذهن مڃي ٿو ته ڪو نه ڪو اسرار آهي ضرور.
    پوءِ زماني جي ريتن رسمن سارو رسمي تَڏو ٿيو هيو، وڏيون وڏيون دُعائون ٿيون هيون.، کوڙ سارا ختما، دُرود ٿيا هيا ۽حال سارُو خيرخيراتُون به ڪيون سين، ته بابا جي قبر آرامده ٿئي، ڪيل نه ڪيل ڏوھ گناهه معاف ٿين، بهشت نصيب ٿئي. هوڏانهن انهن سڀني ريتن رسمن سان گڏ منهنجي اندر ۾ اُڌما هُجن ڪوئي مِٽُ ناهي ڪنهن سان رُئان، ڪنهن سان رَڙان. نه ڀاءُ نه ڀيڻ نه چاچو نه چاچي.سر جي بلا سر سان. اُنهيءَ زماني ۾ ٿر جي وليءَ ۽ درويش مولوي محمد حسن گوگاسر واري جو پُٽ، مرحوم محمد يوسف ڪنڀر، پاڙي ۾ نئون آيل هُيو، بابا سان ٻٽيهه دِليون هُجَنس.پاڻ زنده درويش هيو، بابا جي مرتئي جي ڏينهن، ويجھي عزيز جيان پَٽڪو لاهي ٽوال مٿي تي ٻَڌائين، سارو ڏينهن تڏي تي گذاري، سمهاڻيءَ جو گهر وڃي، ته فجر جو کير جي لوٽِي مٿي تي کڻيو منهنجي سُجاڳ ٿيڻ کان اڳ پُهچيو وڃي.مرحومَ کي روحانيت تي عبور هيو۽ گڏوگڏ وجدانيت به ايندي هُيس، اوچتو اکيون لال ٿي وينديون هيس، الائي ڇاڇا پيو چوندو، هڪڙي ڏينهن تڏي تي ويٺي، ويٺي وجدانيت ۾ آيو، ڏَڪيو، اکيون لالُ ٿيس، هاڻ ڪير ساڻس اَکِ مِلائي؟ ڪنهن کي همت ئي نه پئي ٿئي.هَڪل ڪيائين اميربخش مَلُول نه ٿيءُ، آئون ڏِسان پيو هي ٻنيون ٻارا، هي ڳوٺ راڄ، هي واٽر واهيون تنهنجا ٿيندا. هو شهر۽اسٽاپ به تنهنجو ٿيندو. نه ٿيو ته به تُنهنجي نالي پويان سَڏبو، تون گهڻو اڳتي ويندين، صُبح جي ماني گَهرِ ۾ ته رات جي ماني بادشاهن سان کائيندين.اُنهيءَ مهل، ڪاڪي يوسف ڪنڀار جون اُهي ڳالهيون مذاق محسوسُ ڪيون هيم، دِل ئي دِل ۾کِليو به هيس، ڀانءِ ڪنهن ساميءَ فقير جي ڍاري وانگر منهنجي ڏکويل دِل کي، چاچو محمد يوسف رِيجهائي پيو ۽دلاسا ڏئي پيو. گهڻو پوءِ جڏهن اُنهيءَ درويش جو هِڪُ هِڪُ لفظُ، هڪ هڪ اکر مُنڊيءَ تي ٽِڪَ ٿي بيٺو هيو ته سوچيو هيم اها ڪهڙي قُوتَ هُئي، جنهن ڪاڪي يوسف جي واتان پنجويهه ورهيه پوءِ ٿيندڙ واقعا اڳواٽ ٻُڌارايا هيا؟ ڪُجهه ته آهي، ڪا ته قوت آهي جا مستقبل جا راز درويشن کان کولرائي ماڻهو ءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي ٿي.اسان مادي پرست، اهڙين قوتن جي وجود کان انڪارِي، مذاق سمجهي حقيقتن کان منهن موڙي، اڻ ڏٺل قوتن، اڻ ڏٺل رازن، اڻ ڏٺل اسرارن جي اڳواٽ خبر ڏيندڙ درويشن تي ٺٺوليون ڪري، هنبوڇيون ٿا هڻون.پر هنن حقيقتن کي ڏسي يقين ٿو ٿئي ته، ڪو ته آهي جيڪو هن چرخي ۾ هلندڙ ڦرندڙ انسانن جي دماغ ۾ اندر جا اسرار سموئي ٿو پنجويهه، پنجاهه سال پوءِ ٿيندڙ واقعا اڳواٽ سندن واتان چورائي ٿو.ڪو ته آهي!!!.ڪو ته آهي.


    15

    سال 1983، حياتيءَ جي گذاري آيل باقي ٽيويهن سالن جي ڀيٽ ۾، سمورن سالن کان وڌيڪ دُکدائڪ ۽ تڪليفن سان ٽمٽارهيو، اڳي ايڏا وڏا بار سِرَ تي ڪونه هوندا هُيم، بابا حياتيءَ هوندو هُيو، ڪنهن ڏکيءَ سُکيءَجي ڪَلَ ئي ڪانه پوندي هُيم. بابا جي رحلت بعد، ماما رمضان کي هٿ ٻَڌي چيم ته ڪمداري ڇڏي اچي اسان کي سنڀال. ياد اٿم ته انهيءَ عرض جي موٽ اُٽلو ڏکوئيندڙ مِلي هيم.چئي، قرض کڻي تنهنجي پيءُ جو علاج ڪرايو هيم اُنهيءَ قرض ۾ ڪمائيندس. تڏهن روئي ويٺو هيس، هيڏو سارو عيال، وسيلا محدود، ڪمائڻ وارا گھٽ کائڻ وارا وڌيڪ، ڪيئن پُورِي ڪندس؟ سا به پنج سئو روپيا پگهارمان !!؟ مجبور ٿي، الله تي توڪل رَکي، زندگيءَ جي اڻانگي ڪُن ۾ ڪاهي پِيُس. زندگيءَ جي سفر جي هن ڏکوئيندڙ ۽ ٿڪائيندڙ سال ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏِٺيون هيم، لوڪان لِڪي، پهرن جا پهر رُنو هيس، الائي ڪيترا ڀيرا ڌڻيءَ جي دَرِ ٻاڏايو هيم، مولا تون مِهَر ڪرِ.پوءِ به حالت اهڙي تنگدستي اهڙي هوندي هئي، جو جي اٽي جي پوري ڪندو هيس، ته بيماريءَ سيماريءَ ۾ سور هوندا هيا. پر بس سور ئي سور هيا، ٻيو ڪجھ به ڪونه هوندو هيو.
    تن ڏينهين زندگيءَ جو ڪار وهنوار اِجهو هيئن وڃي بيٺوهيو، جوفجر جو اُٿي هَر ڪاهڻ، اٺين وَڳي هَرَ کولي، ڏاندن کي گاهه ڏئي، ڪپڙا مَٽي اسڪول وڃڻ.شام جو ڀاڄيون پوکي اُنهن جي گُڏ ڪڍڻ، تيار ڀاڄيون پَٽي ڪَٽَنِ ۾ وجهي ڏيولي مينگهواڙ حوالي ڪرڻ، ته جيئن فجر جي مارڪيٽ ۾ وڪامن.ائين پگهار کان علاوه هفتي ۾ چار پنج سئو ٻيا به اچڻ لڳا هيا، جنهن مان گهر جي خرچ کان علاوه خان محمد کي يونيورسٽيءَ جي خرچ لاءِ به ڏِيندو هيس. اڄ خان محمد، ۽ ان جو اولاد مَڃي يا نه مَڃي، پر سندس پڙهائيءَ لاءِ ماءُ ۽پيءُ کان وڌيڪ، پهريائين منهنجي بابا سائينءَ محنت ڪئي هئي ۽ پوءِ مون ڪئي هئي. ايتري قدر جو سندس ايم ايس سيءَ پاس ڪرڻ بعد ٻه سال بي روزگار هجڻ جي زماني ۾ به پنهنجي ماستريءَ واري پگهار کڻي پهريائين سندس خرچن جو پورائو ڪندو هُيس، پوءِ گهر جا ٻيا خرچ پورا ڪندو هيس. ۽ جي ڪجهه بچندو هيو ته پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو هيس نه ته ٿيو خير. موصوف او جي ڊي سي ايل جي نوڪريءَ ۾ وڃڻ کان اڳ چئن ٻارن جو پيءُ هُيو.سندس ٻارن جو ڪپڙو لٽو، جُتي، خرچي سڀ منهنجي ذمي هوندا هُيا. سي به پهريائين خان محمد جي ٻارن جي لاءِ پوءِ منهنجن لاءِ. ٻيو ته ٺهيو پر بعد ۾او جي ڊي سي ايل جي نوڪري ڇڏي ماستري ڪرڻ جي شوق تان مون ئي وڏين مشڪلاتن سان کيس لاٿو هُيو. نه ته همراھ پِڙ ڪڍي بيٺو هيو ته اها نوڪري پري آهي ۽ آئون ڪونه ڪندس. اها ڇڏي ايڇ ايس ٽي ماستري ٿو ڪريان.
    آمر ضياءَ جي خلاف ايم آر ڊي ءَ جي تحريڪ جي زماني ۾اسان جي گھر جي اها حالت هُئي، جو ڪڏهن ڪڏهن گَهرَ ۾ اٽو ڪونه هوندو هُيو ۽ ويلا پئجي ويندا هيا، اڄ به چِٽو ياد اَٿم ته اُن تحريڪ دوران ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ يا ريفرنڊم ۾ حڪومت پاران ماسترن جون ڊيوٽيون لڳائي کين اڳواٽ ئي ٽي سو روپيا ڏيڻ جي اعلان تي ڏاڍو خوش ٿيو هيس.۽ هڪڙيءَ صُبح جو تعلقي اسڪول ميرپورخاص ۾ ماسترن جي ڊگهي قطار ۾ بيهي، ٽي سئو روپيا وصول ڪري، اٽي جي ٻوري گهرِ آڻي ڏاڍو خوش ٿيوهُيس. ان زماني ۾غربت، پريشانين ۽ ڏُکن اهڙو ته وڪوڙيو هيو جو ايم آر ڊي تحريڪ دوران ان تحريڪ ۾ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري سگهيس. سڀئي ڪامريڊ به وِسري ويا هُيا. تن ڏينهين منهنجو ساٿ ڏيڻ واري صرف هلال پاڪستان اخبار هُئي، ۽ شهر جي لائبريرين مان آندل سنڌي ادب جا ڪتاب هُيا، جن جي ذريعي اُنهي سال ايم اي سنڌيءَ ۾ پاس ڪَئي هيم.
    تنهن زماني ۾ ميرپورخاص ۾سيٺ نسيم عُمرچنيوٽيءَ جو ماڊل ڪارخانو، جنهن جو اصل نالو خدابخش انڊسٽريز هيو، اهو ڪارخانو هن سڄي تَرَ جي ڦُٽين جي خريداري ڪندو هُيو.وڏا وڏا وڏيرا، توڙي ننڍيرا آبادگار ۽ واپاري، ذاتي ضمانتون ڏيئي، توڙي هڪ ٻئي جون ضمانتون ڏيئي، ٻنيءَ جي خرچ لاءَ اڳواٽ ڪاٻاڙو ڪري، ڪارخاني مان رقمون وٺندا هُيا.انهن کي ڏسي دِل ۾ خيال آيم ته آئون به اِئين ئي ڪريان، سو هڪڙي ڏينهن دل جَهلي ڪارخاني ۾ ويس. سيٺ کي وڃي عرض ڪيم، منهنجي ذاتي ضمانت الائي ڪنهن ڏني هئي يا نه سو ياد ڪونه اٿم. نسيم عمر پندرهن سئو روپيا منظور ڪري ڏنا هيا، ان زماني ۾ پندرهن سئو روپيا وڏي ڳالھ هئي. اُن زماني ۾ عام جام نڪي اسٽاپ هيا ته وري ايترا ڪانٽا به ڪونه هوندا هُيا. اُڙيا ٿُڙيا چونڊڪي جا واڻيا ڪانٽا لڳائيندا هيا. ٿاڻي بولا خان جا واڻيا جن کي جابلو واڻيا چئون ٿا، سي اڃان ملڪ ۾ ڪونه پکڙيا هيا. اسان وارو شهر ٻارهون ميل ئي ڪونه هُيو. واڻيا واپاري هوندا هيا، جيڪي ڦُٽين جي اگهه ۾، توڙي تور ۾ وڏيون هيرا ڦيريون ڪندي خلق کي مُڏي ڪاتيءَ سان ديناداستي پيا ڪُهندا هُيا. واڻيا اڪثر ڪري ڪاٺيءَ جي ڪاني سان ڦٽيون توريندا هيا، اُنهيءَ تور لاءِ وٽن هڪ ٻه ملازم رکيل هوندا هئا جن کي ڌَڙوائِي سڏبو هيو، اهي ڌڙوائي، ٺڙ ٺپ اڻپڙهيل هوندي به، پنهنجي ڪم ۾ بلا جا ڪاريگر هوندا هيا.تور جي ڪاني تي ٻانهن اهڙي طريقي سان ورائي رکندا هيا جو ڦٽيون وڪڻڻ واري کي خبر ئي ڪونه پوندي هئي، ۽ هرهڪ اڌ مڻ جي ڌڙي جي پويان سير، ٻه سير آرام سان تڳائي ويندا هيا، گڏوگڏ مالڪ جي چر پر تي به اک رکيو اينداهيا، گھڙي پلڪ لاءِ مالڪ جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو هيو ته واڪ ۾ پوئتي هٽي ويندا هيا، يعني ايڪانوي، ٻيانوي، ٽيانوي اڳ ۾ پُڪاريل هوندو هيو ته به وري ٽيانوي چوندا، اهڙيءَ طرح هر برڪيءَ تي ڪوشش ڪري هڪڙي ڌڙي جو فرق وجھي، اڌ مڻ ڦُٽيون الڳ سان تڳائي کڻي ويندا هيا. اهي ڌڙوائي سيٺين جا کاٽو پُٽَ هوندا هئا.جيستائين ڌڙوائي دڪان تي نه هوندو هيو، ڪنهن مرڻي پرڻي تي وِيل هوندو هيو. تيستائين سيٺيون سودي ڪيل ڦٽين جي تور قطعي ڪونه ڪندا هيا. ڀلي اگھ ڪرندو وڃي ته به پرواھ ڪونه هوندي هين.
    اُنهيءَ سال پنهنجو عَقِل ڊوڙائي، مير صاحب جي سورهن الاٽي هارين کي چيو هيم ته توهان ڦُٽيون واڻين کي ڏيڻ بجاءِ، سيٺ نسيم جي ماڊل ڪارخاني ۾، منهنجي اڪائونٽ ۾ موڪلي ڏيو. ۽ ٻئي ڏينهن مون سان گَڏُ هلي، ڪارخاني جي انهيءَ ڏينهن جي اگهه سان روڪ رقم وٺو. منهنجي صلاح ڀَلِي به هئي ۽ مڙني جي فائدي جي به هُئي، انهيءَ ڪري مڙني هارين خوشيءَ سان ها ڪري، پنهنجون ڦٽيون واڻين کي اڌ ملھ ۾ ڏيڻ بجاءِ، ڪارخاني ۾، منهنجي کاتي ۾ موڪلڻ شروع ڪيون هيون. ان زماني ڪاخانن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ ڪانٽا ڪونه هوندا هيا. ڪارخانن ۾ ٽن مڻن جون برڪيون، ٽياس واري عام ڪانٽي تي چاڙهي توربيون هيون.مونکي هڪڙي ڏاهي ماڻهوءَ گُرُ سيکاريو هيو ته مزدورن سان ڏي وٺُ تي ڳالهاءِ ته تنهنجي ڦٽين جي تور وڌندي. پوءِ ايئن ئي ڪندي ڪارخاني جي دروازي تي ٺهيل ٻاکڙا هوٽل ۾ ويهي، مزدورن جي جمعدار کي چانھ جو ڪوپ پياري، سئو سئو جا ٻه ڳاڙها نوٽ سندس کيسي ۾ وجهندو هيس. ته اهي منهنجي هرهڪ ٽرڪ تي ست، اَٺ مڻ ڦٽيون وڌائي ڇڏيندا هيا. ائين به نه هو ته مزدور، هروڀروڪارخاني جي مالڪ کي کوٽ ڏيندا هيا. پر وڏن ۽ غير حاضر زميندارن جي تور ۾ کوٽ ڏيکاري، کين خرچي ڏيڻ وارن جي تور وڌائي بيلنس برابر ڪري ڇڏيندا هئا. سو انهيءَ سال الاٽين جون ڦٽيون منهنجي کاتي ۾ ويون، کين اگهه ۽ رقمون به صحيح مليون ۽ ڦٽين جي واڌِي، جيڪا منهنجي حصي ۾ آئي هئي، سابه ٿي هئي سڄا سارا ٻاونجاھ مڻ. جهڙوڪر هارپي جيتري ونڊي اچي وئي هئي. انهن پئسن مان، پهرئين سال مِڙني گهرڀاتين لاءِ سُٺا ڪپڙا ورتا هيم. گھر لاءِاسٽيل جا سُٺا ٿانَو ورتم. هڪڙو چينيءَ جو ڊنر سيٽ ورتم ته واھ واھ ٿي وئي. اڳي اسان جي گهر ۾ رڳو ڪوپر جون پليٽون ۽ ڪنجهي جا وَٽا هوندا هُيا، سي به وڏڙيون پنهنجن پورهين مان گهور تي کڻي ايندڙ ٺاٺارن کان وٺنديون هُيون. گهڻو ڪري کاڌي پيتي لاءِ ڪنڀارن جا ٺاهيل تباک جن کي پاٽوڙا به چوندا هياسون سي هوندا هيا، ٺڪر جون جَمنيون هونديون هيون، جيڪي وٽي جو ڪم به ڏينديون هيون، ته رٻ به ٺاري انهن ۾ پيئبي هئي.هنڌ ٽپڙ جو ته سڀ خير هوندو هيو، وڏڙيون ويچاريون، پراڻن ڪپڙن جا گمبور گڏ ڪري، کار جي ڪُنن ۾ ڪاڙهي، ڌوئي، انهن کي رنگي اڀريون سڀريون رليون ٺاهينديون هيون. سوڙيون، پٿراڻيون، فراسيون ۽ کٽن جا ٽوال رڳو ڪنهن ڀت پوت ۾ يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي گھر وڃي ڏسندا هياسون نه ته ٻيو ٿيو خير.
    انهن ڏينهن ۾ هڪڙو مست، الست ۽ درويش، وڏيون ٻانهون هڻندو، ڊگھيون ٻرانگھون ڀريندو ڳوٺ ۾ گهُمندو وتندو هُيو. ماڻهو اڪثر ڪري سڏيندا هُيس پهلاج. هو پيرين اگهاڙي، ميرڙي قميص پايو ۽ گوڏ ٻڌيو، ململ جو پراڻو ۽ هنڌان هنڌان ڦاٽل پٽڪو مٿي تي ٻڌيو، وات مان گِگَ ڳاڙيندو هلندو وتندو هُيو.اُن سال ئي هُن صُبح صُبح جو منهنجي اسڪول ۾ ڀيرو ڪرڻ شروع ڪيو. ماٺڙي ڪري اسڪول ۾ ايندو، ڪجهه گهڙيون ٻارن سان گڏ بينچ تي ويهي رهندو هيو. اهي گهڙيون مون ڏانهن ۽ ٻارن ڏانهن حيرت سان ڏسندو رهندو. پوءِ اوچتو اُٿندو ۽ لُوھ پائي مون کي ڪن کان وٺي، رُول هٿ ۾ کڻي، پُٺن تي وسائڻ شروع ٿي ويندو هيو، ايستائين ماريندورهندو هيو، جيستائين آئون اهو نه چوان ته، تون منهنجو گُرو آهين ۽ آئون تنهنجوچيلو آهيان. منهنجو ايئن چوڻ ۽ هُن جو رول ٽيبل تي رکي تکو تکو اسڪول مان ٻاهر هليو وڃڻ. جيترا ڏينهن ڳوٺ ۾ هوندو هيو اهو ئي معمول هوندو هيس.اڄ تائين به اهو ئي معمول اٿس. آئون اهو سمجهان ٿو اها مار نه پر هن جي دُعا آهي، جنهن شروع کان وٺي اڄ تائين پنهنجا رنگ به ڏيکاريا آهن. گهڻو پوءِ جڏهن بينڪ مينيجر جي حيثيت ۾ مختلف شهرن ۾ هوندو هُيس ته ڳولي اچي لهندو هيو. گوڏ جي ڳنڍ مان ڏهه روپيه کولي منهنجي پٽيوالي يا گارڊ کي ڏئي چوندو، وڃ اميري لاءِ هوٽل تان ماني وٺي اچ. ڪڏهن ڪڏهن روڊ سان ويندي ڪار جي آڏو اچي ويندو. بيهندس ته دروازو کولي ڪالر مان وٺي ڪار مان لاهي، وچ روڊ تي ٻه چار چنبا هڻي چوندو، هاڻ ڀلي وڃ.الائي ڪهڙو اسرار آهي ڪهڙي معنيٰ آهي انهيءَ رمز ۾. خلقون کلنديون آهن، ته اڙي هو ڏسو، هن عزتدار ماڻهوءَ کي هي چريو سرعام ڪيئن پيو ماري. پر منهنجو هرڪنهن کي جهليل هوندو آهي ته هُن درويش ۽ منهنجي معاملن جي وچ ۾ ڪوبه نه اچي.
    جيئن ئي 1983 ۾ ايم اي پاس ڪئي هيم، تيئن فيصلو ڪيو هيم ته هر مهيني جي پگھار مان پنجاھ روپيا، رڳو ڪا وڏي نوڪري ڳولڻ تي خرچ ڪندس، ۽ ٽپال جي ذريعي هيڏانهن هوڏانهن درخواستون موڪليندس. ايئن درخواستن موڪلڻ جو ڌنڌو لاڳيتو ڪندو پئي آيس پر ڪٿان به جواب ڪونه ٿي آيو. نيٺ 1984جي آخر ۾ هلال پاڪستان ۾ پي ٽي وي جي نيوز پروڊيوسر جو اشتهار ڏسي درخواست موڪلي هيم. اُتان انٽرويوءَ جي لاءِ جوابي خط آيو هيو. ته ڪراچيءَ ۾ اچي انٽرويو ڏيان. ڪراچي ڏِٺل ئي ڪانه هُجيم. مرحيات الهبچائي کي عرض ڪيم، جنهن هلي ڪراچي ڏيکاري. مهيني کن بعد لکت جي امتحان جو نتيجو آيو ته پاس هيس. وري زباني امتحان لاءِ گهرايائون. وري به مرحوم الهبچايو گڏ هليو هيو. ٻين کوڙ سارن ڪامورن سان گڏ عبدالڪريم بلوچ به انٽرويو وٺندڙن ۾ شامل هُيو. ايم ڊيءَ مون کان پهريون سوال ڪيو هيو ته اوهان کي پي ٽي ويءَ جا ڪهڙا نيوز ڪاسٽر پسند آهن؟ اهڙي سوال جي جواب تي مُسڪرائي، ٿڌو ساهه ڀري وراڻيو هيم، قبلا منهنجي ڳوٺ ۾ بجلي ناهي ۽ اُن ڪري مون نه ڪڏهن ٽي وي ڏٺي آهي ۽ نه ئي وري ٽي ويءَ جون خبرون ٻُڌيون اٿم ته نيوز ڪاسٽر ڪيئن پسند ڪندس؟ ، باقيءَ ريڊئي جا نيوز ڪاسٽر چئو ته ٻُڌايان.
    منهنجي غير متوقع جواب تي ايم ڊي صاحب حيران ٿي، مرحوم عبدالڪريم بلوچ کان پُڇيو هيو، ته ڇا هيءُ سچ ٿو چوي؟ بلوچ صاحب جهڙي بي ڊپي ۽ بهادر انسان ٺھ پھ وراڻيو هيس ته، سائين مون کي اها پڪ آهي ته منهنجي صوبي سنڌ جي اسي سيڪڙو ڳوٺن۾ بجلي ناهي، ٿي سگهي ٿو ته هِن جو ڳوٺ به اُنهن مان هڪ هُجي.
    ملڪ جي اهم نشرياتي اداري جي سربراهه جي معلومات جو حال ڏِسي دِل ئي دِل ۾ مُسڪرايم پئي، انٽرويو تمام ڊگهو هليو هيو، جڏهن ختم ٿيو ته انتظار جو ڪرڻ جوچيائون. ان زماني سنڌين لاءَ پي ٽي وي سميت سڀني وفاقي ادارن جا دوازا بند هُيا. خدا ڀَلو ڪري ايم آر ڊيءَ جي شهيدن جو. جن جي قربانين جي سِلي ۾، احساسِ محروميءَکي ختم ڪرڻ لاءِ، وفاقي کاتن ۾ ڪَڻي ۾ ڪاسو سنڌين کي آڻڻ شروع ڪيو هيائون. سو انهيءَ ئي سلسلي ۾ 1985 جي اوائل ۾ منهنجو به آرڊر به پي ٽي وي سينٽر اسلام آباد تي نيوز پروڊيوسر لاءِ اچي ويو هيو.
    آرڊر ملڻ وقت خوشيءَ ۾ ماپان ئي نه پيو. گڏوگڏ ڳڻتي به هجيم ڇو جو اسلام آباد جي لاءِ ڀاڙو نه هُجيم، ڀاڙي لاءِ ڪجھ ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ڦتڪيس، پر ڪٿان به لايو سجايو ڪونه پئي ٿيو، نيٺ ان زماني جي سُکئي بينجهي مينگهواڙ، 1500 روپيه ٻيڻ جي وياج تي ڏنا هيا.بينجهو مينگهواڙ اڄ به حياتيءَ آهي، غربت سندس در تي ديرو ڄمايو آهي. هاڻ به گڏھ گاڏي تي ڳوٺن ۾ ڀاڄيون وڪڻندو وتندو آهي. سو تن ڏينهين وڏيءَ اوج تي هيو. اڻ ميو پئسو هوندو هيس. اسان پارو ڪوبه اڙيال در تي ويندو هيو ته ڪلاڪ اڌ ته سڏ ئي ڪونه ورنائيندو هيو. ۽ پوءِ به ايندي ايندي، چوندو ايندو هيو هيو، ته ڀيڻسان سُڃين مان اڙجي ويو آهيان. صبح ساڻ اچي در جهليو اٿن. ايئن آڻا ماڻا ڪري چيچائي چيچائي پوءِ چار پئسا وياج تي ڏيندو هيو. ڀانين ٿو ته هينئر خدا انهيءَ تڪبر جو نتيجو ڏنو اٿس. آئون ڳوٺ ايندي ويندي گڏه گاڏي تي ايندڙ بينجهي مينگهواڙ جي حالت ڏسي پُٽن کي چوندو آهيان ته يار ڪڏهن به زندگيءَ ۾ تڪبر ۽ غرور نه ڪجو. هن همراه جا حال مون ڏٺا هيا ته امير هيو اڄ مٿس رحم ٿو اچي.
    سو قصو پئي هليو اسلام آباد وڃڻ جو، حيدرآباد مان ستياسي روپين جي لاهور جي ٽڪيٽ وٺي عوامي ايڪسپريس ۾ زندگيءَ جي پهرئين ۽ ڊگهي سفر تي پهريون ڀيرو اڪيلو روانو ٿيوهيس، نه رستن جو واقف نه شهرن جو، نه گهٽن جو نه گهيڙن جو. تن ڏينهين لاهور جا لليچا ۽ ٺڳ مشهور هوندا هيا. سو لاهور جي لليچن ۽ جي ڊپ مان پنج سئو شلوار جي ساڄي پاسي جي اُبداڻي ۾۽ پنج سئو کاٻي پاسي جي اُبداڻي ۾، ٻه سئو ٿيلهي ۾ ۽ باقي ٻه سئو اڳئين کيسي ۾ رکيا هيم، ريل هلي، سنڌ ٽُپي، پنجاب آيو. رحيم يار خان، بهاولپور، لوڌران، ملتان، رات کُٽي وئي پر لاهور نه اچڻو هيو سو نه آيو. هوڏانهن پئسن نڪري وَڃڻ جي ڊپ ۾ سڄي رات ننڊ به نه آيم. صُبح جا نو ٿيا ته گاڏي لاهور پهتي. لاهور جي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس ته هڪڙي رڪشا واري جو سَڏُ ڪري پنجابڪيءَ چيو هيو، سائين ڪٿي جاڻان؟ وري ڏاڍو ڊپ ٿيم، مار پويس، هِن ڪيئن سُڃاتو ته سنڌي آهيان؟ !. ڊپ مان انهيءَ رڪشا ۾ ئي ڪونه چڙهيس.هڪڙو پوڙهو ۽ ڏاڙهيءَ وارو رڪشا وارو ڏسي ان سان چڙهيس، راوي روڊ جي ڇيڙي تي شاهدرھ ويجهو محمدي مسجد سان لڳولڳ ڪرشنا مندر ۾ جيرام رهندو هيو. ڳولا ڪندو وڃي مندر پُهتس. جتي ڪامريڊ جيرام مليو. جيرام کي ڪجهه ورهيه پهريائين ئي انفارميشن کاتي ۾ نوڪري ملي وئي هُئي.انهيءَ سان گڏجي لاهور گهُميس، ڏاڍو خوش خوش هيس، هڪڙي رات رهي، ٿڪ ڀڃي، صُبح جو سوچيم ته اڃان اسلام آباد پنجن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي، مار پويس هيڏو پري ڪير ٿو نوڪري ڪري. ڌوڙ وڃي پائي اهڙي نوڪري،؟ بي عقلائي ڪندي لاهور جي اسٽيشن تان بجاءِ اڳتي جي ٺوڪي حيدرآباد جي ٽڪيٽ وٺي واپس هليو آيس. ڳوٺ پهچي وري اچي پنهنجو پاڻ تي ڦٽ لعنت ڪرڻ لڳس. ته اهڙي ڀلي نوڪري بنان ڪنهن ٿوري جي ملي هئي، سا به ڇڏي ٿو ڏيان ۽ پوءِ به پنهنجي قسمت تي ميارون ٿو ڏيان. وري چوٿين ڏينهن پلاڻيم لاهور ڏانهن، لاهور پهچي جيرام ڏي وڃڻ بجاءِ، جي ٽي روڊ وسيلي ڪوچ ۾ راولپنڊيءَ لاءِ روانو ٿيس.جيرام ٻُڌايو هُيو ته ڪاٺڙيءَ جو اسماعيل جروار راولپنڊيءَ جي ٽينچ ڀاٽا جي علائقي ۾ رهي ٿو. گهر جي ائڊريس کان هوبه لا علم هُيو. پنڊي پهچي سوزوڪيءَ ۾ ٽينچ ڀاٽا جي علائقي ۾ پهتس. ٽينچ ڀاٽا، وسيع علائقو هيو، ميرپورخاص جي سيٽلائيٽ ٽائون جهڙو ۽ جيڏو. ٿيلهو هَٿَ ۾ کڻي هَر گهٽي مان ايندڙ ويندڙ کان پُڇا ڪندو هلندو رهيس ته ڀائي، هتي ڪو سنڌي رهي ٿو؟ الائي ڇو انهيءَ ڏينهن نا اُميدي ۽ نراسائي بلڪل ڪونه پئي ٿي، هونئن به ڳوٺان ئي هن ڀيري پڪو وعدو ڪري نڪتو هيس، ته همت ناهي هارڻي. ها ها، ڳوليان پيو ٿو، اڃان ته سِج به هاڻ لٿو آهي.هَل هلان، پُڇ پُڇان، هڪڙي گهٽي، ٻي، ٽي، چوٿين۽ پنجين، اوچتو ساهه پئجي ٿو وڃيم.سامهون ديوار تي ڳاڙهن اکرن ۾ سنڌ هائوس ڏِسان ٿو.همت موٽي ٿي اچيم، سوچيان ٿو جيڪو به هُجي سنڌي ته هوندو، من وڌيڪ کڻي نه تڏهن به اڄوڪي رات ئي رهائي وجهي. اکيون پوري وڃي گهنٽي وڄايم. هڪڙو بدن ۾ ڀريل ماڻهو دروازي تي آيو. پُڇيو مانس ته توهان سنڌي آهيو؟ جواب ڏنائين، ها، ها پر پهريائين اندر ته اچو سائين!!. ۽ پوءِ رسمي عليڪ سليڪ ۽ حال احوال ٻڌڻ بعد چيائين، ادا اهو اسماعيل جروار هتي ئي رهندو آهي، هيءُ اسماعيل جو ڪمرو ئي آهي، جنهن ۾ اوهان ويٺا آهيو، هو هڪ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ ويو آهي، توهان ڀلي هِتي رهو، پريشان نه ٿيو. تڏهن وڃي ساهه پيٽ ۾پيو۽ دلجاءِ به ٿي ته صحيح جاءِ تي پهتو آهيان.اهو نجم ڏيپر هيو، ملٽري اڪائنٽس ۾ آڊيٽر. اهو ئي صبح جو مون کي پي ٽي وي جي هيڊڪوارٽر تي پهچائي، واپسيءَ جا رستا ۽ گهٽ گهيڙ سمجهائي، پوءِ ئي هو پنهجي ڊيوٽيءَ تي ويو هيو.
    پي ٽي ويءَ جو راولپنڊي اسلام آباد سينٽر، تڏهن اڃان چڪ لالا ۾ هيو، صبح جو اُتي جوائنگ لاءِ ويس ته ٽي سنڌي پروڊيوسر مليا هيا.پير محمد پروانوعرف ڪيلاش، نثار بلوچ، ايوب پٺاڻ، واه واه ٿي وئي، پنهنجا جو ڏٺم ته همت ويتر وڌي وئي. ڊاڪٽر ڏي فٽنيس لاءِ موڪليائون. اتي وڏي جُٺ ٿي. ڊاڪٽر اردوءَ ۾ چيو ته توهان پنهنجو ازاربند کوليو. مون کي خبر ئي نه هجي ته هي همراه ڪو اڳٺ کي ازار بند پيو چوي. پوءِ جڏهن سمجهيم ته اڳٺ کولڻ جو ٿو چويم. ته به پِڙُ ڪڍي بيهي رهيو هيس ته نوڪري ملي ته ملي نه کڻي ملي. ڊاڪٽر جي آڏو ڪو اڳٺ کوليندس ڇا.؟ ڊاڪتر ڪافي سياڻو هيو تنهن نيٺ ريهي ريبي الف اگھاڙو ڪري چيڪ اپ ڪيو هيو. پوءِ به ڪي ڏينهن ڊاڪٽر جي اوگھڙ ڏسڻ تي ڦڪو پيو ٿيندو هيس.
    اُن زماني ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي ديوارين جي پنجاب جي گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڌوم هُجي. ڊرامي جي ٽائيم تي راولپنڊيءَ جي شهر جا روڊ رستا ويران ٿي ويندا هُيا.اسان ٽيئي سنڌي پروڊيوسر يا سينٽر تي ئي يا وري پاڙي جي ڪنهن هوٽل تي گڏ جي ويهي، اهو ڊرامو ڏسندا هُياسين، جنهن ۾ پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حالتن ۽ رهڻي ڪرڻيءَ جي اهڙي ته واضح عڪاسي ٿيل هوندي هئي، جو هر ڪنهن جي اکِ ڀِنَل هوندي هُئي. پنجاب جي سُکئي صوبي جا ماڻهو سنڌين جي اها حالت ڏسي اهو قطعي ڪونه مَڃيندا هيا ته اها به ڪا حقيقت آهي. پوءِ جون بي بي سيءَ جون مشهور انائونسرياڻيون ثريا شهاب ۽ ماه پاره صفدر، تڏهن اڃان پي ٽي ويءَ تي هُيون، ساڻن ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. آمر جنرل ضياءَ جو پُٽيلواظهر لوڌي، جيڪو پوءِ ضياءَ جون سَڙيل هڏيون پُورڻ وقت ٽي ويءَ جي لائيو ڪوريج دوران ڍاڍيون ڪري رُنو هُيو. سو به اتي هوندو هيو، اُنهيءَ جي اسان سنڌين سان بنهي گهَٽِ پوندي هُئي، ڪَٽر پنجابي پرست هُيو، کيس هڪ ئي وقت نيوز ۽ ڪرنٽ افيئر جي شعبي ۾ چار سنڌي پروڊيوسر ڏِٺا ڪونه وڻندا هُيا. اُن زماني ۾ اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي زال صبا پرويز جي نالي سان ڪوئٽا سينٽر تان خبرون پڙهندي هُئي. اُنهيءَ وقت اسان مان ڪنهن کي به اها ڪَلَ نه هُئي ته اڳتي هلي هيءَ مائي صاحبه زوريءَ هن ملڪ جي خاتون اول ٿيندي. تن ڏينهين پهريون ڀيرو پير محمد پرواني عرف ڪيلاش سان گڏ خبرنامو پيش ڪندي، منهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. نيوز ڪاسٽر، سدره ظهير سميت سموري معاون عملي خبرنامي جي آخر ۾ نيڻ ڀرجڻ جو سبب پُڇيو هيو پر کين ڪجهه به نه ٻُڌايو هيم.پير محمد پاسي ۾ ويٺو هُيو.تنهن جڏهن سنڌيءَ ۾ پڇيو هيو ته ٻُڌايو مانس، ته يار اسان مسڪين ماڻهو، هر هاريءَ جا پُٽ، ڪڏهن تصور به نه ڪونه ڪيو هُيو سين ته ڪنهن اهم جاءِ تي ويهي ڪو اهڙو عَمل به ڪري سگهون ٿا جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄو مُلڪ انتظار ڪري، اُن ڪري خوشيءَ جا لُڙڪ لڙي پيا آهن ٻيو ڪجهه به ناهي. تن ڏينهين ڊپٽي ڪنٽرولر نيوز خالده مظهر هوندي هئي، جيڪا منهنجي اُٿڻ ويهڻ، هلڻ ڳالهائڻ تي ڏيڍين اکين سان ڌيان پئي ڏيندي هُئي. آئون به کيس ڏيڍين اکين سان ڏِسي وٺندو هُيس، پر سمجهڻ کان قاصر هُيس ته آيا هوءَ منهنجي ڪارڪردگيءَ تي نظر رکي پئي يا منهنجي ڄٽڪن ڪپڙن ۽ سينڊل تي غور ڪري ٿي. يا بنهي ڪنهن ٻئي خيال کي دِل ۾ سانڍي ويٺي آهي.نه هُن کي همت ٿي چوڻ جي، نه مون کي همت ٿي پُڇڻ جي، تنهن زماني ۾ هڪڙي چڪواليءَ چوڌريءَ مُڇن کي زيتون جو تيل پياري پياري اهڙو ته ڏاڍو ڪري ڇڏيو هيو، جو جهڙو سَرن جو رسو هجي. مار پويس تنهن ٺوڪي ننڍڙي ڪيري وين مُڇن سان وين ڇِڪي هئي. تنهن جي ڪوئي فلم ڀري آيو هيو، سا خبر مون کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رات جو ستين بجين وارين انگريزي خبرن ۾ هلائڻي هئي، جڪي تنهن زماني ۾ شائسته زيد پڙهندي هئي. مون سان جٺ اها هئي ته منهنجي انگريزي تن ڏينهين دٻي ۾ ٺِڪرين برابر هئي. بس ايئن چئجي ته ڦوڪن تي گذارو ڪري ويندو هيس. سو انهيءَ ڏينهن اچي ڦاٿس ته مُڇن کي انگريزيءَ ۾ ڇا چئبو آهي. سوچي سوچي ٿڪس، ته نيٺ هليو ويس ميڊم خالدھ مظهر جي ڪمري ۾، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري مُڇن جي انگريزي پُڇي مانس. مائيءَ معني ته ٻُڌائي, پر حيرت مان مون ڏي ڏسندي رهي، انهيءَ ڏينهن ڦِڪو ايترو ته ٿيس جو زمين جاءِ ڏئي ها، ته هوند اندر هليو وڃان ها. ياد اٿم ته جيئن تيئن ڪري خبر ته ٺاهي هلائي هيم پر ڦڪائيءَ مان اها رات سُتو ٺُپ ڪونه هيس. ۽ پوءِ ورندي ڏينهن بازار مان انگريزيءَ جا کوڙ سارا نصابي ڪتاب وٺي، ايئن سمجهو ته ڇهين درجي واريءَ انگريزيءَ کان نئين سئين پاڻهي پڙهڻ شروع ڪيو هيم. پي ٽي ويءَ تي گذاريل اهو وقت تمام ٿورو هيو لڳ ڀڳ هڪڙي مهيني جي برابر، سو ايئن ئي واچوڙي جيان گذري ويو، ڪَلَ ئي ڪانه پئي.
    اڃان پي ٽي ويءَ تي مهينو ئي ڪونه گذريو هيو جوڳوٺان خان محمد جو خط آيو هيو، پوءِ هڪڙو ٻه ٽي، لاڳيتا خط آيا ته امان سخت بيمارآهي جلدي ڳوٺ واپس اچ. هڪڙي هفتي جي موڪل ورتم، پر ساهه مُٺ ۾ هجيم، تڏهن نه هيا فون ۽ نه ئي ڪو ٻيو رابطي جو به ذريعو هيو. امڙ جي ڪيئن خبر وٺان ها.راولپنڊيءَ کان ٽرين ۾ ويٺس، هڪلي هوڪاري، ٻيءَ رات گهر پهتس ته امان واقعي سخت تڪليف ۾ هُئي. مون کي ڏِسي ڄڻ ته ساهه پئجي ويس. اُٿي ويٺي هئي. منهنجي وڃڻ بعد پاڙي وارن ڦوڪ ڏني هُيس ته، اسلام آباد اسان جي ڳوٺ کان ڪوئي ست سمنڊ پار آھي. تنهن تي هينئون هاري ويٺي هُئي.اڪيلي پُٽ جي پرديس پڌارڻ جي جهوراڻي ۾ جهڄندي وڃي کَٽَ ورتي هيائين.منهنجي پُهچڻ بعد، ڊاڪٽرَ آڻڻ صرف بهانو هيا ۽امڙ ٻن ڏينهن ۾ نوبني ٿي وئي. هڪڙي هفتي بعد منهنجي واپس سنبت ڏسي، مٿي تي ڪَيَل ٻانڌڻي پوتي کڻي پيرن ۾ اڇلايائين. چئي، توکي منهنجي مامتا جو قسم آهي، اها نوڪري نه ڪر! توکي انهيءَ پوتيءَ جو قسم آهي. حيرت مان پوتي کڻي مٿي تي ڪرائيندي چيوهيومانس ته امان تنهنجي مرضي آهي ته مان ايڏي وڏي نوڪري وڃايان ۽ وري به اچي ماستري ۽ هارپو ڪريان؟ تنهن تي چِڙي چيو هيائين، ابا جي هن ڳالھ کي حُڪم سمجهين، عرض سمجهين يا ڌمڪي سمجهين، پر جيڪي سمجهين سو سمجھ، پر اها نوڪري ڇڏ. ايئن امڙ جو حڪم اکين تي رکي ماٺڙي ڪري ويهي رهيس، ماساتِ ڪَچِيءَ ڀِتين واري ڪوٺيءَ جي لوگهن مان لِڪي، ڏِسي مُسڪرايو پئي. گهڻو پوءِ سمجهيم ته ماءُ جي اُنهيءَ حڪم، ڌمڪيءَ ۽ عرض پويان ڇا هُيو؟ هُن سمجهي ورتو هُيو يا سندس فقيراڻي طبعيت مان ڪِٿان کيس حُڪم مليو هُيوته جيڪر مون کان اُها نوڪري نه ڇڏائي ها ته اسلام آباد جي رنگينين۽ اڇين چمڙين ۾ آئون ايئن وڃائجي وڃان ها، جيئن سنڌ جا سوين ايم اين ايز ۽ آفيسر اسلام آباد پهچي ٻيهر ۽ ٽيهر گهوٽ ٿيو پون. آئونُ هڪڙي مسڪين ماڻهو جو پُٽُ، وڏيون محروميون ۽ محڪوميون ڏسي اُتي پهتو هُيس. اسلام آبادين جون آسائشون ۽ آرامده جايون، سُهڻا رنگ مون کي پلڪن ۾ هِرکائي پنهنجو ڪن ها. اُن ڪُنَ ۾ غرق ٿيندي، پويان چار نياڻيون، پُٽڙو ۽ ماساتِ به وسري وَڃنم ها.امڙ ۽ امڙ جو راڄ وسري وڃي ها.
    چڱو ٿيو جو نه ماستري ڇڏي ويو هُيس ۽ نه ئي پي ٽي ويءَ تان ڪو پگهار ورتو هُيم. ڏُک مان واپس ساڳيءَ ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٻار پڙهائڻ ۽ شام جو ٻنيءَ جي ڪِرت سان لڳي ويس، رَکي رَکي اسلام آباد جا وڻ، ٽڻ، گُل، ٻوٽا ۽ ماڻهو ياد اچڻ لڳندا هيم. ته اندر مان سرد آه نِڪرندي هُئي.هڪڙي ڀيري انهيءَ ئي سال جي، آڪٽوبر ۾ چِٽَن جي گرمين ۾ پاڻيءَ جو واري تي هيس، پگهر ۾ شل هجان، گوڏن سوڌو گَپ ۾ ڀريل هجان، پاڻيءَ تي ڊوڙ ڊوڙان هجيم، ٿورڙو ڏينهن لڙيو هيو ته امان مون لاءِ ٻنيءَ تي چانهه کڻي آئي هئي. وڻ جي ڇانو ۾ ويٺا هياسون، انتهائي گهڻي ڏک ۽ ڪروڌ مان چيو هيم، امان، تنهنجي ضد جي ڪري، ڪهڙي نه ڀلوڙ نوڪري وڃائي ڇڏيم!! ايئن چئي اکيون مٿي ڪري امڙ ڏي ڏٺو هيم. انهيءَ مهل جيجل امڙ جون اکيون ڪاوڙ ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. ڀانءِ اکين جي ڏورن مان رت سِمي نڪرندو هجيس، اُن ڪيفيت ۾ چيو هيائين، آئون اعتماد ۽يقين سان چوان ٿي ته توکي اُنهيءَ کان به سُٺي نوڪري ملندي، اِتي ئي ملندي، اُٻهرو نه ٿيءُ، تون ماءُ جي دعا جا رنگ ڏس ته سهي. سندس ڪاوڙ ڀريل اکيون ڏسي ۽ دُعا جا عجيب لفظ ٻُڌي مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ باقي ڪجهه به ڪونه بچيو هُيو.
    اُن سال ٻارهين ميل جي اوڀر طرف چوڌري اسلم ويهارو کن دُڪان ٺهرايا هيا، اولهه طرف حاجي محرم جا ايترائي دُڪان اڳ ۾ هُيا.هاڻ ٻارهون ميل چڱو موچارو شهر ٿي پيو هيو. کوڙ ساريون هوٽلون کُليون هيون، جلال چانڊئي جا ڪلام وڏي آواز ۾ وڄڻ لڳا هيا، ته ڪڏهن ڪڏهن شوق ڪري گهمڻ ويندو هُيس. نه ته ماستري مان واندو ٿي، ٻنيءَ جو ڪم ڪار لاهي، هلال پاڪستان اخبار ۽ ڪڏهن ڪي سنگت ساٿ کان هٿ ڪيل ڪتاب پڙهي گھر ئي ويٺو هوندو هيس. تن ڏينهنين فقير محمد لاشاري هلال ميگزين ايڊيٽ ڪندو هيو، انهيءَ هلال ميگزين ۾ ڪڏهن اميرشر، ڪڏهن اميربخش شر، ڪڏهن نامعلوم شر ۽ وري ڪڏهن صنم شر پر گهڻو ڪري انوکن نالن سان ننڍيون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون لکندو به هُيس، جيڪي باقاعدگيءَ سان ڇپبا هيا.نالا مَٽائڻ جي اها پِٽ ڪامريڊن وڌي هئي. جيڪي چوندا هيا ته ماڻهن تائين پنهنجي ڳالھ پهچي، سائي وڏي کيپ آهي جيڪا پاڻ کَٽي ته لکُ ٿي پيو. نالا ته ڪائي حيثيت ڪونه ٿا رکن.
    تن ئي ڏينهين سنڌين جي قاتل آمرضياءَ، جڏهن مرحوم محمد خان جوڻيجي کي وزير اعظم ٿاڦيو هُيو، ته پوري علائقي جي ماڻهن کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.مرحوم جوڻيجو راڄائتو ۽ رَڄُ اشراف ماڻهو هُيو. هُن پنهنجيءَ سموريءَ ڄمار ۾ وسين لڳي ڪڏهن ڪنهن سان ڦِٽايو ڪونه هيو نه ئي وري ڪنهن کي رنجايو هيو. هو جڏهن وزير اعظم ٿي پهريون ڀيرو سنڌڙيءَ جي هوائي اڏي تي ٿي آيو هيو، ته انهيءَ ڏينهن پيپلا، ليگلا ۽ سِيپلا سڀئي، پاڙي ۽ راڄ جي هن رَڄ اشراف مڙس جي آجيان لاءِ سنڌڙيءَجي هوائي اڏي ڏانهن سمنڊ جي ڇولين جيان اٿلي پيا هيا.هونئن ته پاڪستان جي هوائي فوج جا چاڪ وچوبند اهلڪار، ڪنهن به ماڻهوءَکي هوائي اڏي جي حدن ۾ وڃڻ ڪونه ڏيندا آهن، خاص ڪري هنِدُن کي ته ٺُپ ڪونه ڇڏين.پر ان ڏينهن ضياءَ جي فوج پنهنجي هن نئين چونڊيل وزيراعظم جي مانائتي آجيان سموريءَ دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ اهي پابنديون به لاٿيون هيون.ان ڪري جوڻيجي صاحب جي هارين جون به هنڌان هنڌان ٽريڪٽر ٽراليون ڀرجيو پئي آيون.مزو اهو پئي ٿيو ته هنن ويچارن کي هڪڙو ئي نعرو ياد هيو، ڀيڄ پاڳارا جو، باقي ڪجھ به نه. انهيءَ ڪري هو رُڳو ڀيڄ پاڳارا جي نعري ۽ خالي هو هو جي رڙو رڙ لايو بيٺا هيا.الائي ڪنهن جي دل ۾ خيال آيو ته کين نعرو ٺاهي ڏنائين، تنهنجو شان منهنجو شان، محمد خان، محمد خان. پوءِ ته وٺ وٺان ٿي وئي هئي. هوڏانهن وري جوڻيجي صاحب جي هارين جي اڪثريت هئي، بروهين، ڀيلن ۽ ڀاٽن جي، ۽ بروهين جي ٻولي ته بچي شل دٻي ۾ ٺڪرين جيان هئي، باقي ڀيلن ۽ ڀاٽن ۾، سنڌيءَ ۾ شين جو اُچار سين سان اچاريو ويندو آهي، ڀيلن ۽ ڀاٽن وٺي نئين نعري جي ڌم لاتي، تنهنجو شان، منهنجو شان، محمد خان، محمد خان. تڏهن ڪنهن سمجھ ڀرئي ماڻهوءَ هڪلون ڪري وڃي کانئن اهو نعرو بند ڪرايو هيو.


    16

    تن ڏينهين ماروٽ خان محمد، مرحوم محمد خان جوڻيجي سان گھڻو ملندو هيو.منهنجي مرحوم جوڻيجي سان ڪڏهن به ڪا ملاقات نه ٿي هئي، هڪڙي ڏينهن خان محمد نوڪريءَ لاءِ عرض ڪيس ته يڪدم کانئس درخواست گهريائين. خان محمد ڳوٺ اچي مون کي درخواست لکي ڏيڻ جو چيو، تڏهن بي ايماني ڪندي پنهنجي درخواست به لکي هيم. ۽ پوءِ اهي ٻئي درخواستون هڪڙي لفافي ۾ وجهي ماروٽ خان محمد جي حوالي ڪيون هيم، جنهن بند جو بند لفافو وڃي وزير اعظم کي ڏنو هيو ۽ وزير اعظم وري اهوسندس سيڪريٽريءَ محفوظ جي حوالي ڪيوهيو. اڳتي وڃي مرحوم جوڻيجي قانوني طريقو استعمال ڪندي ميرٽ جي چونڊ لاءِ اهي درخواستون وسطيدار کاتن ڏانهن موڪليون هيون. تن ڏينهين پنجابي لابي سنڌين لاءِ نوڪرين جا در بند ڪرڻ لاءِ مختلف حيلا هلائيندي هئي، سو ڇا ڪيائون جو خان محمد جو انٽرويو ليٽر اهڙي طريقي سان ٽپال ۾ موڪليائون، جو او جي ڊي سي ايل مان انٽرويو ليٽر اُنهيءَ تاريخ جي شام تي هُن وٽ اچي پُهتو هيو، جنهن تاريخ تي انٽرويو ٿي چُڪا هيا. ان ڏينهن اسان کي يقين ٿيو هيو ته پنجابي انتظاميه سنڌين کي پوئتي ڌِڪڻ لاءِ اهڙا حربا گھڻي وقت کان هلائيندي رهندي آهي.ان ڏينهن خان محمد ته ٺڙ ٺپ هينئان لاٿ ٿي ويهي رهيو هيو، ته هاڻي ڪجھ ڪونه ٿيندو، پر مون سندس همت وڌائيندي کيس چيو ته پاڻ وٽ لفافي تي لڳل ٽپال کاتي جي مُهر جي تاريخ وڏو ثبوت آهي، ۽ اهوثبوت طور کڻي ڪراچي هلون ٿا.ايئن اهو سکڻو لفافو کڻي، ڪراچي ءَ پُهتاسين.پي آئي اي جو اصغر جروار اڳيئي اتي هيو، آئون ۽ خان محمد هتان وياسين. صبح جو او جي ڊي سي ايل جي ڪراچيءَ ۾ موجود بالا عملدارن سان ملي ثبوت ڏيکارياسين، پر اسان کي کُتو جواب ڏنائون ته انٽرويو ڪالھ ٿي چڪا هاڻ ڪونه ٿيندا، ان تي بگڙي پر زور احتجاج ڪيوسين. نيٺ همراهن کي رحم پيو يا ٻرندڙ سنڌ ۽ سنڌين جي هينئين تي ڇنڊو رکڻ لاءِ مجبور ٿي، اسلام آباد مان رسمي اجازت وٺي، اڪيلي خان محمد جو انٽرويو ورتائون. جنهن ۾ هو پاس به ٿيو.
    گڏوگڏ مونکي به بينڪنگ ڪائونسل طرفان آفيسر گريڊ 111 جي انٽرويولاءِ ليٽر پُهتو هيو. راڻي باغ حيدرآباد ۾ شاميانا لڳائي، لِکت جو امتحان ورتائون.اميدوارن جو تعداد هزارن ۾ هيو. اُتي جو اُتي ئي لکت جي امتحان جي ڪلاڪ ٻن اندر نتيجا لائوڊ اسپيڪر جي ذريعي ٻڌائڻ شروع ڪيائون. ڇنڊڻ جو رهاڪو امير بخش جوڻيجو، وزير اعظم جو ويجهو عزيز ۽ اهم سفارشي هُيو. پر لکت جي امتحان ۾فيل ٿي پيو هيو. آئون پاس ٿيوهيس. ته وڏي واڪ احتجاج ڪندي چوڻ لڳو هيو، سفارش مون ڪرائي هئي ۽ پاس تون ٿيو آهين. اها نالي جي ڀُل آهي.آئون هينئر جو هينئر ٿو وزيراعظم سان ڳالهايان ڏِسجانءِ ڪيئن ٿي رزلٽ تبديل ٿئي.ان ڏينهن واقعي به مون کي ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو هيو، ته ڪٿي هي سفارشي وڏيرو مون غريب جي حق کي نه ماري وجهي. ڪُل ملائي پنجاھ کن اميدوار پاس ٿيا هياسون، جن کي ٻئي ڏينهن ئي زباني امتحان لاءِ گھرايو ويو هيو. ٻئي ڏينهن شهباز بلڊنگ ۾ بينڪنگ ڪائونسل وارن جي ٽيم سان گڏ ٻن سنڌي ڪمشنرن محمد هاشم ميمڻ (ڀانئيان ٿو)۽ نثاراحمد صديقيءَ زباني امتحان ورتا هيا. انتهائي اهم ۽ ڏکئي انٽرويوءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ تائين ماضيءَ جي گذاريل گهڙين سميت، علم ۽ ادب بابت اهم سوال ڪيا ويا هيا. بينڪنگ ڪائونسل وارا ڪامورا ته مکيل چکيل ۽ سوٽيڊ بوٽيڊ هيا، پر روينيو جي ٻنهي ڪامورن جڏهن مونکان ذاتي زندگيءَ بابت سوال ڪيا، اهڙن چُڀندڙ ذاتي سوالن تي منهنجي ڀرجي آيل نيڻن ڏانهن ڏسي، پاڻ به اکيون ڀرائي ويٺا هيا ته پڪ ٿيم ته هو به مون جيان غريب مسڪين خاندان جا فرد آهن ۽ ڪافي ڏکين ڏهاڙن کي ڪاٽي هتي پُهتا آهن. تڏهن ئي ته منهنجي دُک جي داستان تي اکڙيون افسرده اٿن.
    اڄ سوڌو گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن ۽ چوندا آهن ته مون کي ۽ خان محمد کي، وزير اعظم محمد خان جوڻيجي نوڪرين ۾ آندو هُيو. اُن لاءِ عرض ڪندو هلان ته جوڻيجو صاحب مرحوم نه ته مون کي سڃاڻيندو هُيو نه ئي ڪڏهن مون لاءِ ڪنهن چيس.خان محمد به خود هينئين جي زور تي وڃي ملندو هيس.بنان ڪنهن سفارش جي، اصل ۾ ائين هُيو ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جي پاڻ ارپڻ واري جذبي سول ۽ فوجي بيوروڪريسيءَ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. ان بعد ئي فوجي ۽ سول بيوروڪريسيءَکي سنڌين جي احساسِ محروميءَ جواحساس ٿيو هُيو.خود مرحوم محمد خان جوڻيجو به هزارين سنڌين جي ڏنل عظيم قربانين جي سِلي ۾ ئي ته وزير اعظم ٿيو هيو ۽ ضياءَالحق ۽ ان جي ساٿين جي نئين پاليسي هُئي ته وفاقي کاتن ۾ سنڌين کي ڪجھ ڪوٽا ڏياري کين ٿڌو ڪجي. ان ڪري ئي 85-84 ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان مان رهجي ويل سنڌين کي سڏائي نوڪريون ڏنيون ويون. بينڪنگ ڪائونسل پاران پڻ راڻي باغ ۾ شاميانا لڳائي انٽرويو ڪرڻ، اُتي جو اُتي لائوڊ تي نتيجا ڏيڻ، او جي ڊي سي ايل جو تاريخ گذرڻ بعد انٽرويو وٺڻ، سڀ اُن سلسلي جون ڪڙيون هُيون. ڪافي سنڌي استادن ۽ يونيورسٽين جي پروفيسرن کي ڊي ايم جي ۽سيڪريٽريٽ گروپ ۾ سڌو سنئون کڻڻ به ان سلسلي جي ڪڙي هيو.جيتوڻيڪ آمر ضياءَ، پير پاڳاري جي چوڻ تي مرحوم جوڻيجي جهڙي ڪوڙي گوري کاڌي هئي، پر ظاهري طور شريف ڏسڻ ۾ ايندڙ مرحوم جوڻيجو ضياءَ جي نڙيءَ ۾ مڇيءَ جي ڪنڊي جيان اٽڪي پيو هيو، سو هڪڙو الڳ داستان آهي.اهو به مڃيان ٿو ته مرحوم جوڻيجي جهڙي شرافت ڪنهن سياستدان وٽ ڪونه هُئي.پراهو به چوندس ته نوڪرين جي معاملي ۾ وٽس ايتري سخا به ڪونه هُئي.کائنس اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي، غلام مصطفي جتوئيءَ، ممتاز ڀُٽي۽ کائنس پوءِ غوث علي شاهه، مظفر حسين شاهه ۽ ڄام صادق عليءَ پنهنجي علائقي جي پڙهيل لکيل نوجوانن جون انتظامي پوسٽن تي سِڌيون ڀرتيون ڪيون هيون. ۽ جڏهن وقت گذريو، ته تڪليفن جي دور ۾ اُهي ڪامورا کين ڪم به آيا.پر مرحوم جوڻيجي ائين ڪونه ڪيو هيو. نه ڄاڻ ڇو؟ شايد هن پنهنجا اصول ٽوڙڻ ڪونه پئي چاهيا يا هو مورهيان ئي ان معاملي ۾ ڪنجوس هيو، سو رب ٿو ڄاڻي!. اِن تي زور اُن ڪري به ڏئي چوان ٿو ته آفيسر ٿيڻ بعد جڏهن هيڊ آفيسن ۾ اسان جون فائيلون ڏٺيوسين ته مرحوم جوڻيجي اسان جي درخواستن تي نوٽ لڳايا هُيا ته، جيڪڏهن درخواست گذار ميرٽ تي پورو لهي ته کيس نوڪري ڏني وڃي. اهڙي نوٽ کي سفارشي ٻوليءَ ۾ سفارش نٿو چئي سگهجي.
    ٻيو ته اُنهيءَ سال مون کي ٽي نوڪريون مِليون هيون، شماريات، پي ٽي ويءَ ۽ بينڪ ۾، پبلڪ سروس ڪميشن مان ڊپٽي سپرٽنڊنٽ جيل جو لکت وارو امتحان پاس ڪيو هيم ۽ساڳيءَ ڪميشن مان سنڌي ليڪچرار جوبه. خان محمد کي ٻه نوڪريون مليون هيون، او جي دي سي ايل ۽ تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي. اڳ ۾ به ذڪر ڪيو اٿم ته وزير اعظم جو ويجهو عزيز اهڙي ئي نوٽ سبب لکت جي امتحان ۾ فيل ٿي گهر هليو ويو. خدا جي خلق چوندي آهي ته خان محمد مَهر کي به محمد خان نوڪري ڏياري هُئي پر آئون سمجهان ٿو ائين ڪونهي.منهنجي ڄاڻ مطابق هُو خليفي عاقل جي بلدياتي وزير هُجڻ واري عرصي ۾ ڪراچي ميونسپل ۾ لڳو هُيو. پوءِ پنهنجي مُڙسي ۽ ذهانت سان اڳتي وڌندو ويو هيو. ان ۾ هن کي ڪنهن به سفارش جي ضرورت ڪونه هئي.مرحوم جوڻيجي پنهنجي ويجهي دوست ساجن راڄڙ جي ايم اي پاس پُٽ محمدخان راڄڙ کي به نئين روشني پراجيڪٽ ۾ هلڪي ڦلڪي نوڪري ڏياري هئي، جيڪا هن جي دور ختم ٿيڻ سان هلي وئي، ٻئي ويجهي دوست حاجي صابو پهوڙ جي ڀائيٽي قاسم پهوڙ کي ايئر پورٽ سيڪورٽي فورس ۾ صوبيداري ڏياريائين، جيڪا هو ڇڏي ڀڄي آيو هيو.

    ڊسمبر 1985 جي آخر ڌاري حبيب بينڪ ۾ آفيسر گريڊ III جو آرڊر کوڙ ڏينهن جي دير سان ٽپال ۾ رُلندو اچي مليو هيو. انهيءَ ڏينهن ڏاڍو خوشِ خوشِ گهر آيو هيس. جيجل امڙ کي اچي اهو آرڊر ڏيکاريوهيم، ان مهل امڙ مسڪرائيندي چيو هيو ته، ”پُٽ اڃان نٿو مڃين ته ماءُ جي دُعا ڇا ڇا ٿي ڪري“!!!؟ انهيءَ مهل خوشيءَ جا لڙيل لڙڪ قميص جي ٻانهن سان اُگهندي، ڊوڙي وڃي امڙ جا پير ڇُھيا هيم. موٽ ۾ امڙ کوڙ ساريون دعائون ڏنيون هيون ته ٻچڙا رب ڪندو، سدائين اڳئين کان اڳرو هوندين. ٻچن مان شهر ٿيندئي. ڪڏهن ڪوسو واءُ ڪونه لڳندئي. ڀانئيان ٿو ته اها گهڙي رب جي سرڪار وٽ غريبن جي دعائن جي اگھامڻ جي گهڙي هئي، ۽ ان ڏينهن جيجل امڙ جي اها ڪوسي واءُ نه لڳڻ واري دعا اگھامي وئي هئي، جنهن جو مٺو ثمر اڄ ڏينهن تائين پيو کاوان.
    اُن زماني ۾ بينڪ جي نوڪريءَ حاصل ڪرڻ بعد بينڪ ۾ دخلڪاريءَ لاءِ ٻن قسمن جون ضمانتون ڏيڻيون پونديون هيون، پهرين هوندي هئي پنجاھ هزار روپين جي ذاتي ضمانت، جيڪا نئين ملازم جي لاءِ بينڪ ۾ اڪائونٽ هلائيندڙ ڪوبه ماڻهو لکت ۾ بينڪ جي تجويز ڪيل هڪڙي دستاويزي فارم ذريعي ڏئي سگهندو هيو.۽ ٻي هوندي هئي ٻه هزار پنج سئو روپيه روڪ رقم جي ضمانت، جيڪا نئون ملازم روڪ جي صورت ۾بينڪ ۾ جمع ڪرائي، انهيءَ جي رسيد پاڻ وٽ رکندو هيو. روڪڙي ضمانت جو مرحلو ٻئي درجي جو هيو، جنهن ۾ اڃان ڪجھ دير به هئي. پهرين پريشاني اها اچي ٿي هيم ته وڏي ۽ پنجاھ هزار واري دستاويزي ضمانت ڪير ڏيندو؟ ڇو جو تنهن زماني ۾ ڪنهن جا بينڪ ۾ پنجاھ هزار هجڻ تمام وڏي ڳالھ هئي ۽ ٻيو ته ڪو به اهڙو واسطيدار سنگتي ساٿي توڙي مِٽ مائٽ سُکيو ڪونه سُجهندو هيم، جنهن جو بينڪ ۾ اهڙو اڪائونٽ هلندڙ هجي، جنهن ۾ ڇھ ماهي مجموعي رقم ۽ حاضر رقم ٻئي گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ هزار يا انهن کان به مٿي هجن.
    سوچيندي سوچيندي اوچتو يادگيرو آيم ته ماما رمضان، ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ ۾ ٽيهارو ورهين کان ڊِنگ ڊِنگ وڏيرن جون ڪمداريون ڪندو وتي، ڇو نه کيس وڃي چوان ته سندس مُجيرين کان اهڙي ضمانت وٺي ڏئي. يادگيرو ايندي ئي مُٺيون ڀيڙي ڀڳس ڊينگاڻ واريءَ لاريءَ ڏي، جيڪا تنهن زماني ۾ ميرپورخاص جي قائم ٽاڪيز سينيما وٽان ماڻهن ۽ مال سان سٿجي جهلوريءَ واري رستي سان هوريان هوريان لُڏندي لَمندي ڊينگاڻ ويندي هئي. لاريءَ مان لهي ڊينگاڻ کان رئيس عبدالقادر ڀرڳڙيءَ جي ديھ ميما واريءَ ٻنيءَ جي ميل ڏيڍ پنڌ کي وکون ئي چار ڪيم. رات ماما وٽ رهي صبح جو کيس گڏ وٺيون آيس ته جيئن شهر ۾ موجود سندس نوَن توڙي پراڻن مُجيرين کان ڪائي ضمانت ڏياري سگهي، جنهن جي رات ماما پڪ به ڏني هئي ته هو کيس انڪار ڪونه ڪندا ۽ ضمانت ڏيندا.
    پهرئين پهرئين سيٺ عبدالعزيز نواب خان وٽ اناج منڊيءَ ميرپورخاص جي سندس ڪاروباري آفيس ۾آياسين، جنهن وٽ رئيس عبدالقادر ڀرڳڙيءَ جي زمين مقاطعي ۾ هئي جنهن تي ماما ڪمدار هيو. جڏهن نوڪرن ٻڌايو ته سيٺ صاحب موجود آهي ته مون ۾ جهڙوڪر ساھ پئجي ويو هيو. ماما، ساڻس ڳالهائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ اندر ويو هليو، آئون ٻاهرينءَ ڪرسيءَ تي ويهي پِير سوريندو رهيس، ڳچ دير کان پوءِ ماما ٻاهر نڪري ٻڌايو ته سيٺ عبدلعزيز چوي ٿو ته اسان جواول ته ڪنهن بينڪ ۾ کاتو ناهي ۽ جيڪر هوندو به ته انهيءَ ۾ پنجاھ هزار جيتري رقم ڪونه هوندي. ماما جي ڳالھ ٻُڌندي ٺَپ ئي ٺري ويم. حيرت ۽ عجب مان ماما جي مُنهن ۾ نهاريندي سوچيندو رهيس.
    ته هڪڙو ماڻهو ميرپورخاص جي نواب ڪاٽن فيڪٽريءَ جو مالڪ آهي جنهن ۾ڪروڙن جي ڦٽين، تيل ۽ ڪڪڙن جو ڪاروبار ٿئي ٿو، ڪراچيءَ ۾ پراڻن بحري جهازن کي خريدي ٽوڙي انهن پرزن کي اسڪريپ جو ڪاروبار اٿس ۽ هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ به آهي ته مقاطعيدار به. پر چوي ٿو ته بينڪ ۾ ايترا پئسا ئي ڪونه اٿم جو ڪنهن جي ضمانت ڏئي سگھجي!!
    منهنجي ٻوٿ تي ٻارهن وڄندي ڏسي، ماما پنهنجي ٻئي واسطيدار ۽ ميرپورخاص جي وڏي واپاريءَ غلام حسين شيخ وٽ وٺي ويو، جنهن وٽ به ڪمداري ڪئي هيائين. جتان به بقول ماما جي بينڪ ۾کاتي ئي نه هُجڻ جو جواب مليو هيو، وري وڍيو هيوسين پنڌ کي سيٺ نسيم عُمر چنيوٽي ڏي، جنهنجي ڪارخاني ۾ ٿورڙيون ڦٽيون ڏيندا هياسون، ان کان به ساڳيوجواب مليو. ماما هڪڙي ڏينهن جي چئن پنجن ڪلاڪن ۾ٻن ٽن جاين تان روڪڙا جواب ٻُڌرائي، بي اونو ٿي، وڍيو پنڌ کي ڊينگاڻ ڏي ۽ ويندي ويندي چوندو ويو، ابا اميرا ! ڌوڙ وجھ نوڪريءَ کي، تون ماٺڙي ڪري وڃي هر ڪاھ ۽ پنهنجي مائٽاڻي چار ٻارا ٻنيءَ کي سنڀال. ٻيو ته بينڪ جي نوڪريءَ ۾ ڊينگاڻ جي آس پاس جي هڪڙي وڏيري جو پُٽ ته اهڙو ڦاٿو هيو جو ڪي سال جيل ڪٽيائين هاڻ به پڻس سموري ٻني وِڪڻي، سندس ٽوٽ ڀري آ پر پوءِ به جان ڪونه ٿي ڇُٽيس. ماما جي اهڙي اونڌي صلاح ڏاڍي ڏکي لڳي هيم.روئڻهارڪو ٿي چيو هيم نه ماما نه آئون ڪهڙيءَ به حالت ۾ نوڪري ڪندس.
    پوءِ ته هڪڙي، ٻي ۽ ٽين رات پريشانين ۾۽ نيون نيون اٽڪلون رٿيندي گذرندي هئي، اصل ننڊون حرام هُجنم. اهڙو سُکيو جيڪو ضمانت ڏئي تنهن کي ڳوليندي، ست ڏينهن گذري ويا، نيٺ الهبچائي مرحوم، نجب الدين لاشاريءَ کي وڏين منٿن سان ضمانت ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو هيو.جيڪو تن ڏينهن ۾ هلڪي ڦلڪي ٺيڪيداري ڪندو وتندو هيو.الهبچائي جي گھڻي زور ڀرڻ تي، پروپوزل واري فارم تي صحيح ڪيائين، سندس اڪائونٽ مسلم ڪمرشل بينڪ لميٽيڊ سرسيد روڊ برانچ ۾ هيو. اتي جي مينيجر کان نجب الدين مرحوم جي صحيح ويريفاءِ ڪرائي، کڻي حيدرآباد ڀڳُس، ۽ اهو ڪاغذ حبيب بينڪ وارن کي ڏيکاريم ته قبول ڪيائون، گڏوگڏ اصلي دستاويز ڏيندي چيائون، ته هاڻي هيءُ اصلي دستاويز صحيح ڪرائي اچ. ان وچ هڪڙي رات گذري وئي هئي.
    وري الائي ڪهڙو ڦرڪو ڦِريو جو مرحوم نجب الدين لاشاري، الله جنت نصيب ڪريس، ڦيرو کاڌو. ڏٺائين هي غريب جو ٻار، صبحاڻ بينڪ ۾ ڪا هيرا ڦيري ڪري وجھي ته آئون ٽَنگِبُس. ان ڪري صحيح نه ڪرڻ گهرجيم، ۽ هو الهبچائي کي سنگت ۾ سڌو سنئون جواب ڪونه ٿي ڏئي سگهيو، ان ڪري گم ٿي ويو. سندس ڳولائون ۽ پڇائون ڪندي، سڄو ڊسمبر گذاري ويس. هڪڙي رات مرحيات نجب الدين جو ڪراچيءَ ۾ ڏس مِليو، سج لٿي ويل بس ۾ سوار ٿي ڪراچيءَ ويس ۽ سندس ڀائيٽيو ابوالحسن به گڏ هليو هيو، سڄي رات ڳولائون ڪندي به مڙس هٿ نه آيو، تڏهن گلشن اقبال ۾ مرحوم الهبچائي کي ڳولي هٿ ڪيم. جنهن وڏي وٺ وٺان بعد اصغر جروار جي مدد سان فجر ڌاري نجب الدين ڳولي هٿ ڪري ڏنو. پوءِ اصغر جروار، ميان پير محمد، الهبچائي ۽ مرحوم غلام حسين ڪيرئي ڳچ دير جي منٿن بعد کيس راضي ڪيو هيو. تڏهن وڃي ڪاغذن تي صحيح ڪئي هيائين. دير سان يا سوير صحيح ڪرڻ کان هٽي ڪري به مرحوم نجب الدين جو اهو ٿورو لاهڻ جو ئي ناهي، پر جيڪر سموري ڄمار ڳائجي ته به گهٽ آهي.
    اڄ به اهو يقين سان چوان ٿو ته مرحيات نجب الدين منهنجي ضمانت نه ڏئي ها ته منهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ تبديلي ڪونه اچي سگهي ها. تنهن زماني جو مارڪسي لينني ڪامريڊ ۽ هاڻوڪو تبليغي مولوي ميان پير محمد، مرحوم غلام حسين ڪيريو، پي آئي اي جو اصغر جروار ۽ مامو الهبچايو کيس ريهي ريبي، ياريءَ دوستيءَ جا واسطا ڏئي، ميڙون منٿون ڪري آمادھ نه ڪن ها ته اڄ به پرائمري ماستري ڪندي، ڪنهن وڏيري جو مُنشيپو به ڪندو هجان ها. يا ته مورڳهين ٻارن جي ولر جي پاندي پوري ڪندي ڪندي مري کپي چُڪو هجان ها.
    اها 07 جنوري 1986 جي باک ڦٽڻ جي ويل هئي، ڪراچيءَ ۾ مرحيات نجب الدين جنهن فليٽ ۾رهيل هيو، سو الڪرم اسڪوائر ۾ ميان پير محمد جي ملڪيت هيو. ۽ اتان ئي حيدرآباد جون بسون ملنديون هيون، بسن جي انهيءَ اڻ اعلانيل اڏي آڏو ريڙهي تي ٺهيل هٿرادو هوٽل تان بيٺي بيٺي چانھ جو ڪوپ پي، حيدرآباد جي بس ۾ وڃي ويٺس، وڌيل ڏاڙهي، ميرڙن ڪپڙن، اڻڀن وارن ۽ ڦاٽل چتيون لڳل چمپلن سان صبح جو نوين وڳين کان اڳ، حبيب بينڪ سرڪل آفيس حيدرآباد پهتو هيس، جتي ڊيوٽيءَ تي پهچندڙ هرهڪ آفيسر منهنجي اجڙيل حالت ڏي گهري نظر سان ڏسندو، ڪوئي قرض وٺڻ وارو، تتڙينگ ننڍو آبادگار سمجهي پنهنجي ڪرسين تي ويهڻ لاءِ هليو پئي ويو. تن ڏينهين بينڪ جي سرڪل آفيس جو اسٽاف آفيسر اختر حسين هوندو هيو، جيڪو پوءِ وائيس پريزيڊنٽ به ٿيو هيو. انهيءَ موصوف کي جڏهن پنهنجو ڪم ٻڌايم ته مٿي کان وٺي پيرن تائين منهنجي حال کي طنزيه انداز ۾ هڪ، ٻه ڀيرا ڏسي، مون کي سرڪل چيف وٽ وٺي ويو، جنهن به منهنجي حالت تي اڇاتري نظر وجهندي، مونکان صرف اهو پڇيو ته ڪٿي جو آهين؟ ۽ مير پور خاص جو ٻڌائڻ شرط ميرپورخاص زون جو ليٽر ڏيڻ جو حڪم ڏنائين، ايئن پنهنجي قسمت بدلائڻ وارو اهو لفافو لوڏيندو لوڪل بسن ۾ ڌڪ کائيندو اچي حبيب بينڪ جي ميرپورخاص زونل آفيس پهتس.جتي به منهنجي حالت تي سڀ آفيسر هوريان هوريان سرٻاٽن ۾ عجيب وغريب تبصرا ڪندا رهيا. اسٽاف آفيسر هڪڙو مهاجر خوجا هيو، نالو وسريم ٿو. موصوف انتهائي ڏنگو ماڻهو هيو، الائي ڪيترا ڪلاڪ زونل چيف سان ملائڻ لاءِ انتظار ڪرائيندو رهيو، اتاولو ٿي هڪ ٻه ڀيرا صاحب سان ملائڻ جي گذارش ڪرڻ تي ڇڙٻون به سَٺم. نيٺ گھڻي انتظار بعد زونل چيف اقبال احمد خان سان ملاقات ڪرايائين. جنهن صاحب حبيب بينڪ جي غريب آباد برانچ ۾ ٽريني آفيسر جي حيثيت ۾ جوائن ڪرڻ جو حڪم لکت ۾ڏنو. ان وقت ڏاڍو خوش هُجان. جيجل امڙ جي دعائن وارا سمورا لفظ پَل پَل پيا ياد اچن. هاڻي بينڪ مان موڪل جي وقت جو انتظار هُجيم، ته ڪڏهن گَهر پُهچي امڙ جا پير ڇُهان. تان جو موڪل به ٿي، بسن ۾ ڌڪ کائيندو، شام جو ڳوٺ پُهتس.۽ امڙ جا پير ڇهيم، وري وري دعائون ورتم.
    اوڙي پاڙي مان مُبارڪون مليون.هرڪو پاسي ۾ ويهي هوريان هوريان پُڇي پيو، ته بينڪ ڪهڙي آهي؟ ، ڪيئن آهي؟ ، بينڪ ڇا هوندي آهي؟ اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن جي غربت جا حال اهي هُجن، جو اڪثر ڳوٺ وارن بينڪ ڪونه ڏٺي هئي. ايتريقدر جو منهنجي مرحومه ماسيءَ حيرت مان پڇيو، ابا، بينڪ ڪهڙي آهي۽ ڪيئن آهي؟ ؟ وراڻيومانس، ماسي تون ڇا ٿي سمجهين ته ڪهڙي هوندي؟ ؟ چوڻ لڳي هئي اڙي ابا، آئون ڀانيان ٿي ته پئسن جي ڪا ڀريل ڪوٺي هوندي ۽ تون اُن تي لٺ کڻي پهرو ڏيندو هوندين!!.ڪو وڏڙو وري چوي، ابا خيال ڪجانءِ، متان پرايو ڪو روپيو، پئسو اڳتي پوئتي ٿي وڃئي ته ڪاٺ ۾ نه پئون. ماما به ٻن ٽن ڏينهن بعد ڳوٺ آيو هيو، تنهن ته ويتر هيانءُ ئي ڪڍي وڌوهيو. چئي ڊينگاڻ ڏي هڪڙو ٻه وڏيرن جا ٻار بينڪ جي نوڪرين ۾ ويا هيا، اتي ڪا چوري ڪيائون يا ٺڳي، همراھ جهلجي جيل ۾ پيا آهن، مائٽن سموريون زمينون وڪڻي بينڪ کي پئسا ڀري ڏنا آهن ته به جان ڪونه ٿي ڇُٽين. ٻيلي تون ڀلائي ڪجانءِ اسان غريبن ۾ ڪا به دٻ جهلڻ ڪانهي.
    منهنجي بينڪ ۾ وڃڻ جي شروعاتي زماني ۾ ڳوٺان ڪوئي ماڻهو پنهنجي ڪم ڪار سان شهر ايندو هيو، ته بينڪ جي اڳيان وائڙن جيان ٻه ٽي ڦيرا ڏيندو هيو.گيٽ تي بيٺل بندوق واري جي ڀَئوَ کان اندر اچڻ جي همت ڪونه ساريندوهيو.دروازي يا دريءَ مان مٿن نظر پوندي هيم، ته ڊوڙ پائي کين اندر وٺي ويهاريندو هيس.اسٽاف وارن کي ٻُڌائيند و هيس ته هيءُ منهنجو عزيز آهي.سندن پراڻن ميرن ڪپڙن، وڌيل ڏاڙهين ۽ اڻڀن وارن ڏي ڏسي اسٽاف جا عملدار خاص ڪري صابر مهاجر کلندا هُيا ۽ ٺٺولين جي انداز ۾ ساڻن ملندا هُيا. اهوسڀُ ڪجهه سمجهندي به کين ڪجهه ڪونه چوندو هُيس. رڳو دل ئي دل ۾ چوندو هيس ته ويکي جا مولا دي رنگ.
    اُن سال ئي حبيب بينڪ آفيسرس انسٽيٽيوٽ مان بينڪ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ ڪراچيءَ موڪليو ويس. تڏهن به لالو کيت ۾، سنڌي هوٽل جي سامهون، انفرميشن کاتي جي ڪلارڪ الاهي بخش ساهوال جي هڪڙي ڪمري واريءَ کُڏيءَ ۾، مرحيات الهبچائي بندوبست ڪري ڏنو هيو. جتي مڇرن جي شديد مارا ماريءَ کان بخارن ۾ وٺجي ويو هيس جتان پوءِ مازيه اسڪوائر ۾ اسٽيٽ بينڪ جو حاجي خان جروار، پي ٽي وي جو حفيظ ميرجت، ۽ حبيب بينڪ جو اعجاز ميمڻ گڏ رهندا هياسين. حفيظ ميرجت جا ٻڌا ٽهڪ ۽ تڪيه ڪلام آنٽي، اڄ تائين ڪونه وسريا اٿم. ڪجھ وقت بعد اصغر جروار جي فيملي ڳوٺ رهڻ لڳي ته گِھلي، يوسف پلازا وٺي آيو. نيٺ آخر ۾ حبيب بينڪ جي ڪجھ دوستن گڏجي يوسف پلازا ۾ C-71 فليٽ مسواڙ تي ورتو.جتي خيرپور ميرس جو انور ميتلو، ميرپور خاص جا حميد ملڪ ۽ رضا مهاجر گڏ رهندا هيا. ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، بينڪ جي اينڪسي بلڊنگ ۾ نيو چاليءَ ۾ هُوندو هيو. جڏهن پهرئين ڏينهن ٽريننگ تي ويو هيس ته بس مان لهڻ ۽ چڙهڻ وارين جاين جون نشانيون ياد ڪري ڇڏيون هيم.شروعات ۾ احتياط سان اچڻ وڃڻ لڳو هيس ته ڪٿي هيڏي وڏي شهر ۾ ڀُلجي نه وڃان.ڀلجڻ واري ڳالھ تان ياد آيم ته جڏهن ڪراچيءَ پهريون ڀيرو مرحوم الهبچائي سان گڏ پي ٽي وي جو انٽرويو ڏيڻ ويو هيس، ته تين هٽي پل وٽ بس بيٺي هئي، منهنجي اڳيان مرحوم الهبچايو هجي، سو جيستائين لهي ئي لهي، سگنل کلي ويو هيو، بس اوچتو رواني ٿي مون ڏٺو ته واقفڪار همراھ لهي ويو هاڻ رُلي ويندس. سو ڊپ مان هلندي بس مان کڻي ٽُپ ڏنو هيم، ذري تي ٽنگون ڀڃايون هيم.گھڻو پوءِ ۽ نيٺ آهستي آهستي شهر جو واقف ٿيڻ لڳو هيس.۽ پوءِ گهڻن جو سونهون ٿي کين ڪمين ڪارئين ڪراچيءَ ڏي پيو وٺي ويندو هيس.
    مهينو کن ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪئي هيم، پر پگهار ڪونه مليو هيو، هتي اچي بينڪ پهرين ٻن مهينن جو گڏيل پگهار، هر ماه 1701 روپيه جي حساب سان ڪراچيءَ مان مليو ته ڏاڍو خوش ٿيس. پهريون ڀيرو پنهنجي ايڏي وڏي ڪمائي ڏِسي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا هيم. تن ڏينهين بس ۾ صدر مان گذرندي، ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دُڪانن تي خوبصورت زنانا ڪپڙا ڏسي، دِل چوندي هُئي، ته خدا ڪندو جام پئسا ٿيندا، امڙ ۽ گهر واريءَ لاءِ اهڙا ٺهيل وڳا وٺندس.پگهار ملندي ئي امڙ گهر واري، ڌيئرن ۽ خادم لاءِ خوبصورت ريڊي ميڊ جا وڳا وٺي ڳوٺ پهُتو هيس.ٻار خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن.امڙ ۽ ماسات ِ ڪَپڙن کي اُٿلايو پُٿلايو، هڪ ٻئي ڏِسيو پيون مُسڪرائين.۽مون کي چون پاڻ ٻروچ ماڻهو، پنهنجو ويس، هُلواڻ جو گهگهو ۽ گربيءَ جي سُٿڻ، هي ڇا آندو اٿئي چريا؟ اِنهيءَ سان ته برادريءَ وارا پاڻ کي راڄ ڪاڄ مان ئي ڪڍي ڇڏيندا.وڏي بحث بعد به امڙ اهڙي ويس پَهرِڻ تي راضي نه ٿي هئي، ٻئي جوڙا ماساتِ کنيا هيا.اُنهيءَ فيشن ۽ تبديليءَ تي اوڙي پاڙي راڄ برادريءَ جيڪي طعنا، تنڪا ۽ مِهڻا ڏِنا هيا سي ڪيترا سال ڪنن ۾ آڱريون وجهي ٻُڌا هيم.
    اسين اڃان ٽريننگ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ئي هُجون جو مهاجرن ۽ پٺاڻن ۾ ٻاڪُر ڪٽو پيو هيو، ٿيندي ٿيندي اورنگي جي پهاڙين تان پٺاڻن حملا ڪري، ڳپل مهاجر ماريا هيا، ته سموري شهر ۾ ٻائيتال ٻري پيو هيو.پٺاڻن جي ڀريل دُڪانن کي لُٽي، سامان وچ روڊ تي رَکي، باهيون ڏيئي هٿ پير ٻڌل پٺاڻن کي ٻرندڙ باهه ۾ جيئرو پئي جلايائون، جيئري انسان جي ماس جلڻ جي بوءِ اسان کي يوسف پلازه جي فليٽن ۾ ويهڻ ئي نه پئي ڏئي. ان وقت جي سرڪار سموري شهر ۾ ڪرفيوءَ جو اعلان ڪيو ته اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پَهري، يوسف پلازا کان ڪينٽ اسٽيشن تائين پيادا زور زور سان هڪ ٻئي سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا پُهتاهياسين.چڱو ٿيو جو ميرپورخاص جا ٻئي مهاجر آفيسر حميد ملڪ ۽ رضا، سنڌي ڳالهائي ويندا هُيا. نه ته خير سان ڪونه پهچون ها.ڪرفيو ۽ جهڳڙن جي اها راند سڄو سال وقفن وقفن سان جاري رهي هئي.ڪڏهن ڪڏهن ڪرفيوءَ ۾ ته ٻه ٻه ڏينهن فليٽ ۾ واڙِيا ويٺا هوندا هُياسين. ڪنهن ڪلاڪ اڌ جي وقفي ۾ کاڌي پيتي جو سامان وٺي ايندا هياسين. ڪڏهن وري ڳوڙها آڻيندڙ اکين ۽ نڪ مان پاڻي ڪڍندي هئي سو ته ٿيو خير پر جيڪي ڇِڪون اينديون هيون انهن سان گڏ وائي بادي به نڪري ويندي هئي. تڏهن دل ئي دل ۾ مهاجرن تي گارين جا ڌوڙيا لائي ڏيندا هياسين.شروع جي مهينن ۾ پريڪٽيڪل ٽريننگ لاءِ لالو کيت برانچ ۾ وڃڻ لڳو هيس. لالو کيت، هاڻي لالوءَ جو نه پر لياقت علي خان جي لياقت آباد هوندو هُيو.سنڌي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪوبه نه ملندو هُيو.سنڌي فلمن ۽ ٽيليويزن جي مشهور اداڪاره شهزاديءَ جو گهر به اُنهيءَ علائقي ۾ هوندو هُيو ۽ اڪائونٽ اُنهيءَ بينڪ ۾هيو. هوءَ پنهنجي نالي جي اڳيان ڊاڪٽر لِکَندي هُئي. منهنجي هوندي جڏهن پهريون ڀيرو بينڪ ۾ آئي هئي ته سوچيم هيءُ چهرو ڏٺل پيو لڳي.ڪافي سوچ ويچار بعد به ڪونه سُجهيو هيم، رڪارڊ مان پتو پيوهيو، پوءِ وڌي وڃي تعارف ڪرايم، هوءَ بينڪ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارو ڏسي ڏاڍي خوش ٿي هئي. مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ ڪنهن اهڙي ديس ۾ هجي جتي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڏسي ماڻهو حد کان وڌيڪ خوش ٿئي. پوءِجڏهن به بينڪ ۾ايندي هئي ته منهنجي ٽيبل تي ايندي هئي، ساڻس وڏيون ڪچهريون ۽ کِل ڀوڳ ٿيندا هيا. جيتوڻيڪ هوءَ اُن وقت وهيءَ کان چڙهيل هُئي پوءِ به سندس اکيون ۽ سندسُ حسن تجلاپيو ڏيندو هُيو.ڪڏهن ڪڏهن ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ مونکي چوندي هئي، ڇورا تنهنجا ڳل ته ڇورين جهڙا آهن هيترا سال هُئين ڪٿي ماريا؟ ۽ آئون نياڻين جيان شرمائي، هيٺ ڪنڌُ ڪندو هيس ته مُسڪرائي هلي ويندي هُئي. ٿوري وقت بعد يوسف پلازا ويجهو، النور سوسائٽي برانچ وڃڻ شروع ڪيم، ماساتِ جهڙن مهانڊن واري انچوليءَ جي رهاڪو شيعا فرقي جي شاهانه ساڻ هوندي هُيم.نه ڪو رشتو نه ڪو ناتو، بس ۾ ساڳيءَ سيٽ تي گَڏُ، انسٽيٽيوٽ ۾ پاسي وارين ڪُرسين تي گَڏُ، نه هُن جي مَنَ ۾ ميرُ نه منهنجي من ۾ دغا.النور ۾ وڃون ته پنهنجي مانيءَ سان گڏ مون لاءِ به ٻه مانيون ٻڌيو اچي.النور جي سيڪنڊ آفيسر پنجابي سيٽلر آفتاب مون کي سنڌيءَ ۾ ٽوڪڻ شروع ڪيو.ٿيندي ٿيندي آئون به آفتاب سان چرچن ۾ شامل ٿيو وڃان.ڪڏهن ته وات مان گُٿا اکر به نڪريو وڃن. اسان ڀانئيون ته مائيءَ کي ڪهڙي خبر ته سنڌيءَ ۾ ڇا پيا چئون؟ سال کن بعد منهنجي الوداعي دعوت ۾ جڏهن بِلُ ڦوڙيءَ کان وڌيڪ آيو، ته آفتاب جي نراڙ تي پگهر جا ڦُڙا ڏِسي پڇيم ڇا ٿيو اٿئي هڪڙا پگھر لهن ٻيا چڙهنئي پيا؟
    ۽ تڏهن انهيءَ مائيءَ صاحبه کان به رهيو ڪونه ٿيو هيو ۽ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ چيوهيائين، ڀائوڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻُڏو اٿوَ. مائيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي، اسان ٻنهي جا ٻُوٿ ٻه آنا ڇھ آنا ٿي ويا هيا.۽ ڦڪائيءَ مان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيا هياسون.مائيءَ وري به اڳرائي ڪندي چيو هيو ته ادا، آئون حيدرآباد ڄائي آهيان، سنڌي ڳالهايان ٿي، اوهان جا مون بابت سمورا رمارڪ، تبصرا ۽ ٽوڪون، سڄو سال صبر سان پئي ٻڌم ۽ سَٺم، اِنهيءَ ڪري ته اوهان صرف رِمارڪ ڏنا پئي. ٻي ڪابه هلڪڙائپ ڪانه پئي ڪَئي. ۽ انهن ڳالهين کي درگذر ڪندي به آئون اوهان جي اخلاق کان مُتاثر آهيان، اوهان ڪنڌ هيٺ ڇو ٿا ڪريو؟ تڏهن وڃي اسان جي نراڙ تان سياري جا ٿڌا پگهر سُڪا هئا ۽ پيٽ ۾ به ساھ پيو هيو. انهيءَ ئي مائيءَ جا هند سنڌ جي مشهور فنڪار مهدي حسن جي خاندان سان اچ وڃ جا واسطا هوندا هيا، مهدي حسن جو گھر به النور سوسائٽيءَ ۾ هوندو هيو. سندس پُٽ ۽ ڌيئرون به بينڪ ۾ ايندا رهندا هيا. هڪڙي ڀيري انهن سان گڏجي مهدي حسن جي گھر به ويو هيس ۽ ساڻس تمام ڊگھي ڪچهري ڪئي هيم. مونکي مهدي حسن فقير منش لڳو هيو، هيڏو وڏو فنڪار هوندي به نه ٽانءِ نه ٽيڳر، صفا سادو ۽ سڌو ماڻهو.
    ان زماني ۾ حبيب بينڪ جو دستور هُيو ته، ٽريننگ بعد سنڌ جا آفيسر پنجاب موڪليا ويندا هئا. هڪڙي ڏينهن سوچيم ته انهيءَ جو اڳواٽ ڪو بِلو ڪريان.اصغر جروار صلاح ڏني هئي ته پنهنجي تر جو هڪڙو وڏو ماڻهو، پاڪستان جي وڏيءَ حيثيت وارو آهي، انهيءَ تائين پنهنجي رَسائي نه سهي، ڇو نه انهيءَ جي فرزند سان مِلبو رهجي جيئن اوير سوير ڪم اچي سگهي. ۽ پوءِ ايئن ڪيو هيوسين. موصوف سان ملي پنهنجي ماجرا ٻُڌائي هئي سون. وري حاجي محرم ڪانهيو هڪڙي ڀيري ڪراچيءَ آيو هيو، ته اُنهيءَ سان گڏجي به ساڻس وڃي مِليو هيس. ائين واسطا وڌائيندو رهيس، ٽريننگ جي آخري مهيني ۾ هلي مَلهي وڃي موصوفَ کي عرض ڪيم ته قبلا منهنجي بدلي هيئن پنجاب ڏي ٿيڻي آهي، سو توهان جيڪر اڳواٽ فون ڪري ڪنهن ڪاموري ڪڙي کي ڪنُ کڻايو ته هي اسان جو ماڻهو آهي ۽ جتي چوي ٿو اُتي ئي کيس رکو، ته مون غريب جو ڀلو ٿي پوندو. منهنجي رڳو ڳالھ پوري ڪرڻ جي دير هئي، موصوف فورن ٽيليفون ڪري اسلام آباد ۾وزير اعظم جوڻيجي جي سيڪريٽريءَ محفوظ کي مون واري ڳالھ نوٽ ڪرائي هئي.. دل ئي دل ۾ کڳيون هڻندو، وڃي فليٽ تي ڀلور ننڊون ڪيم. ٻئي ڏينهن وڏيءَ ٽيڳر سان ٽيلارڙا ڏيندو وڃي، هيڊ آفيس مان وڃي پُڇا ڪيم ته مون لاءِ وزير اعظم صاحب جو اسلام آباد مان ڪو سفارشي فون آيو هيو؟ جواب مليو ته نه اهڙو ته ڪوئي فون ڪونهي آيو.. تڏهن وري ڊوڙيس وري صاحب ڏي ۽ سهڪندي سموري ماجرا ٻڌائي مانس. هُن صاحب وري به اسلام آباد فون کڙڪايو. ايئن هڪ ٻه ٽي ڀيرا ڪيم، پر پوءِ ته هر ٻئي ڏينهن وٽس وڃان، نيٺ هلي هلي جُتيءَ جون کُڙيون گسي ويون ۽ صاحب به روز فون گهُمائي. ڳالھ سمجهه ۾ نه اچيم ته وزيراعظم جو پٽ، هرروز فون ڪري وزير اعظم جي سيڪريٽريءَ کي چوي، پوءِ به ڪم نه ٿئي؟ !!. وري سوچيان مون کي مطمئن ڪرڻ لاءِ خالي فون ته ڪونه پيو گهُمائي!!، وري دِل کي ڏڍ به ڏيان، ته نه نه ائين ڪونه هوندو.هيڏو وڏو ماڻهو ائين ڪيئن ڪندو.؟ !!


    17

    آسرن آسرن ۾ هڪڙي ڏينهن هيڊ آفيس مان خبر پئي ته منهنجو بهاولپور جو آرڊرٿي چڪو آهي. ڪنهن ڏينهن اوچتو ئي اوچتو روانگي ڪندا. انهيءَ وچ ۾ روزن واري عيد آئي هئي، ته موڪل تي ڳوٺ آيو هيس، عيد جي نماز پڙهي وري اسد صاحب وٽ سنڌڙيءَ ويوهيس، سوين ڀيرا بيان ڪيل ماجرا وري ورجائي هيم. انهِيءَ ڏينهن هاجي محرم ۽ حاجي محمد خان شر به منهنجا سفارشي ٿي بيٺا هيا. ان ڏينهن الائي ڪهڙي ڦِٽل هيم، جوچڱي موچاري دَٻَ به مِلي هئي ۽ ٺڙ ٺپ جواب به مليو هيو.انهيءَ ڏينهن سوچيم هيءُ ڪراچي۾ ملڻ واري صاحب کان بلڪل مختلف پيو لڳي. ائين ڇو آهي؟ تڏهن ڪامريڊن جو پڙهايل سبق ياد آيم ته وڏيرو ٻهراڙيءَ جي سادن ۽ اٻوجهن ماڻهن تي داٻي لاءِ ڳوٺ ۾ جيڪي رويا رکي ٿو، شهر ۾ ان کان مختلف هُجي ٿو، ان ڪري ئي اڄ اهڙي طريقي سان مون سان ڳالهايو اٿائين، ڀانءِ سُڃاڻي ئي ڪونه ٿو. خير پوءِ بلڪل نا اُميد ٿي گهرموٽيوهيس.
    چوندا آهن ته بندي جي مَنَ ۾ هڪڙي۽ مالڪ جي مَنَ ۾ ٻِي هوندي آهي. سو هُن مَٿئين يار کي منهنجو ڪم ڪهڙيءَ به حالت ۾ ڪري، امڙ جون دعائون اگهائڻيون هُجن. انهِيءَ لاءِ اهڙي ڪار ڪيائين، جنهن جو وهم گُمان ئي نه هُجيم. ٿيو هيئن هو جو هڪڙي ڀيري هفتي واري موڪل تي گهر آيوهيس، ته امڙ ٻڌايو، پُٽ ڪوئي پاڙي واري ڳوٺ جو لاشاري تو لاءِ نياپو ڇڏي ويو آهي ته سندس دوست سڀاڻي شڪار لاءِ ايندا ۽ منجهند ڌاري تو وٽ چانهه پيئندا. پٽ، ڇوڪرن ٻُڌايو پئي ته انهيءَ ڀائيءَ چيو پئي ته اهي آهن به تنهنجي بينڪ جا آفيسر. سو ابا وڃي انهن جي اڳيان پويان ٿِجانءِ. بابا مَنَ انهن ۾ ڪو اهڙو هُجي جيڪو تنهنجي بدلي مير پورخاص ڪري ڇڏي. امڙ جي اهڙيءَ سادگيءَواريءَ سوچ تي مُسڪرائيندي چيو هيم، او منهنجي درويش امان، هنن ويچارن لاشارين جي اهڙي سنگت ڪٿي آهي جو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهن. هونئن به وزير اعظم جي پُٽ کان جنهن ڪم لاءِ ڪجهه به ڪونه ٿيو، سو تنهن ڪم ۾ هي ويچارا ڇا ڪندا؟ پر چوندا آهن ته ماءُ، ماءُ هوندي آهي، سو امڙ جي اُميد پوءِ به قائم رهي، مونکي چيائين، تڏهن به پُٽ ڪهڙي خبر؟ مون کي، توڙي خود لاشارين کي به اها خبر ئي نه هجي، ته وٽن شڪاري مهمان ايڏيءَ وڏيءَ پهچ ۽ ڪُرسيءَ وارو آهي.قدرت وارو صرف کيس موڪلي ئي منهنجي ڀَلي لاءِ پيو. ۽ شڪار ته صرف بهانو آهي.
    ۽ جڏهن ورندي صُبح ٿي هئي، شڪاري پُهتا هيا. ٻنين ۾ تَڙَ ٿي، ٻه چار بندوقن جا ڌوڙيا ٿيا، ۽ ٻه چار تِتِرَ ڪِريا، بس پوءِ شڪاري ڪامورا چانهه لاءِ مون ڏانهن لَڙيا هيا. ۽ جڏهن مليا هياسون ته، پير بخش لاشاريءَ منهنجي تعارف ۾ کين ٻُڌايو هيو ته هيءُ به حبيب بينڪ ۾آفيسر آهي، ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. تڏهن انهن سڀني کان وڏي مونکان منهنجي پوسٽنگ جي جاءِ پُڇي هئي.، پوءِ نالو وري پُڇيو هيو، ذهن تي وري زور ڏيندي ڪجهه ياد ڪندي چيوهيائين ته تنهنجو ٽرانسفر بهاولپور ۾ ٿيو آهي، هفتي کن ۾ رلِيو ٿيندين.وري به پاڻ ئي ڳالھ جاري رکندي چيو هيائين، پريشانيءَ جي ڳالھ ڪانهي، خير آهي، تون واپسيءَ ۾ مون سان گڏ هلُ، جتي چوندين، اُتي تنهنجي ٽرانسفر ٿيندي. سوچيم ته بدليءَ وارو هيءُ بُنڊ ته بنهي ڳرو آهي، جهڙن تهڙن ڪامورن جي کڻڻ کان بنهي ڀاري آهي۽ شايد هيءُ همراه به سٻاجهڙن ڳوٺاڻن اڳيان پنهنجي ليءَ لاءِ ٿا ايئن ڪن، سوچيم هنن سان گڏ وڃڻ ۾ ڪو هرج به ناهي، بدلي ٿئي يا نه ٿئي ڪراچيءَ جو ڀاڙو ته بچي پوندم.
    جڏهن شام جو وڻن جا پاڇا لريا هيا، تڏهن لاشارين جا اهي مهمان حبيب بينڪ جي هڪڙيءَ وڏيءَ وين ۾ ڪراچيءَ لاءِ واپس روانا ٿيا هيا، ته آئون به ساڻن گڏ روانو ٿو هيس.همراهه پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا پئي هليا، وڏا ڊاڙا ٺڪاوَ به هڻندا پئي هليا ۽ آئون ڪُڪُڙ ٿيو، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويٺو، سندن خبرون ٻُڌندو رهيس. وين جڏهن يوسف پلازا وٽ پُهتي هئي ته عرض ڪيو هيو مانِ، ته سائين مون کي هتي لهڻو آهي. ۽ جڏهن وين بيٺي هئي ته منهنجي لهڻ مهل، مُک مهمان پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيندي چيو هيو، هي وٺ ڪارڊ، انهيءَ ائڊريس تي صُبح جو مون وٽ اچجانءِ. جڏهن اهو ڪارڊ پڙهيو هيم، ته زمين کان ٻه فوٽ مٿي کڄي ويو هيس.مار هي ته حبيب بينڪ جي ميمبر بورڊ آغا فصيح الدين جو سيڪريٽري، ۽ بينڪ جو به سينيئر نائب صدر، سيد سعيد احمد آهي. دل ۾ چيم، جيڪر هاڻ به ڪم نه ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به ڪونه ٿيندو. ۽جڏهن ٻئي ڏينهن حبيب بينڪ پلازا جي 21 فلور تي پُهتو هيس. ته موصوف ڪمري جي شيشي مان ئي مون کي ڏسندي، آڌر ڀاءُ لاءِ ٻاهر هليو آيوهيو. وڏي احترام سان ويهاريائين.چانهه ۽ ڪيڪ آيا.پرسنل ڊويزن جي هيڊ کي گهُرائي پراڻو آرڊر ڦاڙي اتي ئي منهنجي رضامنديءَ سان نئون آرڊر ٺاهي، خود صحيحون ڪري فائيل ۾ رکي چيائين، هاڻي وڃي آرام ڪر.جنهن ڏينهن ٻين کي آرڊر ملندا، اُنهيءَ ڏينهن توکي ڪونه ملندو، ٻئي ڏينهن آرڊر کڻي، پوءِ وڃي رلِيو ٿجانءِ.ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪجانءِ. تڏهن خبر پئي هيم ته آغا فصيح پنجاب جو ميمبر بورڊ هيو سڄي بينڪ انتظاميه تي سندس حڪم هلندو هُيس. هو صاحب ڪراچيءَ ۾ ڪونه ايندو هُيو.سنڌ جو سڄو ڪاروهنوار سعيد صاحب حوالي هوندو هُيو، جيئن وڻي تيئن ڪري.
    اُنهيءَ وقت مون کي پاڙي جو وڏيرو ڏاڍو ياد آيو هيو، دل ۾ چيو هيم همراھ ڏئي نه ها ته ڏکوئي به نه ها، سوچيو هيم ته بروبر، هيءَ خلق خُدا جي سچ ٿي چوي ته يارڙو، غريب غربي جا ڪمَڙا ڪرڻ کان ڪجھ مڙوئي لهرائي گھڻو ٿو..ياد آيم ته هڪڙي ڀيري ڊي آئي بي جو هڪڙو صوبيدار مون کي ڳوليندو آيو هيو ۽ چيوهيائين ته صُبح جو اسپيشل برانچ جي ڊي ايس پيءَ گهُرايو اٿئي.سوچيو هيم ڪنهن ڪامريڊ پراڻا ڪرتوت پڌرا ڪيا هونداالائي ڇا. تڏهن ڏاڍو ڊنو هيس ته هاڻي ڇا ڪجي. نه اوهي نه ڪو واهِي. نه ڪو ڄاڻي، نه ئي سُڃاڻي. ڪنهن کي مدد لاءِ چوان. نيٺ حاجي محرم ڪانهئي کي گڏ وٺي ساڳئي وڏيري ڏي ويوهيس. صاحب منهنجي ڳالھ ٻُڌڻ بعد اهڙي عجيب انداز ۾ ننڍڙو تبصرو ڪيو هيم جنهن جي معني ٿي نڪتي ته آئون منهنجي قبيلي جي اڪثريتي ڏوهارين جهڙو ئي ڪو اڻ پڙهيو گنهگار آهيان. ۽ ٻئي لمحي چيو هيائين ته ٺيڪ آهي تون اتي ئي ويهه مقبول اچي ته تنهنجو ڪم ڪري ٿو. اهو مقبول صاحب هڪڙو سيٽلر۽ رٽائرڊ صوبيدار هوندو هيو، جيڪو ڏني نه ورتي، خلق جا ڇوڏا لاهيندو وتندو هيو. شل نه ڪوئي ڪم صاحبن پاران کيس سونپجي، هُن جي صوبيداري چالو ئي اُتان ٿيندي هئي. سوچيم هو ڪڏهن ايندو ۽ ايندو ته به مون جهڙي اڻ مَکئي سان ڪهڙي حالت ڪندو؟ سا خُدا ئي ٿو ڄاڻي !!.خاموشيءَ سان اڇا اڇا پير ڏئي، سندس بنگلي مان نِڪري ويو هيس، ٻڌو هيم ته ميرپورخاص جو غلام رسول جوڻيجو مرحوم سياسي گُر ڄاڻي ٿو ۽ ايندن ويندن، واقفن توڙي اڻ واقفن جا ڪم بيٺي پير ڪرائي ٿو ڏئي. هڪلي هوڪاري اوڏانهن ويو هيس. ٿيو به ايئن ئي هيو، رڳو پنهنجي واقفيت ڪرائي.پنهنجي تڪليف ۽ وڏي دَرَ جي موٽ ٻُڌائڻ جي دير هئي.مرحوم ڄاڻ سُڃاڻ نه هوندي به مُسڪرائيندي چيو ويهه آئون پاڻ ٿو انهيءَ ڊي ايس پيءَ وٽ توسان گڏجي هلان ۽ پوءِ هو مون کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي ڊي ايس پيءَ وٽ ويو هيو. جيڪي سوال جواب ڪرڻا هُين سي ڪرائي واپس ساڳيءَ جاءِ تي ڇڏيو هيائين.سو مُڙسن جو مهلون اُنهيءَ مَهل ياد آيون هيون. ۽ ڪامريڊيءَ جي باوجود قدرت جي ڪارساز هُجڻ جو اُنهيءَ وقت يقين ٿيو هيو، گڏوگڏ امڙ جي دعائن جو پڪو ويساهه تڏهن ٿيو هيم.
    ايئن هفتو کن ڪراچيءَ جي روڊن تي مارچ ڪندي گذاري، نيٺ هڪڙي ڏينهن سموريءَ سنگت جي بهاولپور روانگيءَ وقت، سنگت سان بي ايماني ڪري، زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڪوڙ به ڳالهائيندي چيو هيم آئون هفتو کن ڳوٺ رِهي پوءِ بهاولپور ايندس. ائين اچي، حبيب بينڪ مير پورخاص جا وڻ وسائي، جيجل امڙ جا پير ڇُهيا هيم.ڪجھ ڏينهن ئي زونل آفيس ۾ واندو ويهڻ بعد پندرهن ڏينهن جي رليونگ ڊيوٽيءَ تي کپري وڃڻو پيو هيو، جتان رفيق راجپوت موڪل تي ويو هيو، محمد صديق ٿيٻو ان برانچ جو مينيجر هوندو هيو، ٿيٻو صاحب زماني شناس ماڻهو هوندو هيو. تن ڏينهين هو گريڊ 11 هوندو هيو ۽ آئون گريڊ 111 ۾ هيس. جيڪو اڳتي هلي حبيب بينڪ جو نائب صدر به ٿيو هيو.
    پهرئين ڏينهن بينڪ جي ڊيوٽي ڪندي، جيڪو پهريون گراهڪ مٿي ۾ لڳو سو امان الله هڱورو وڪيل هيو. اچڻ ساڻ چيو هيائين ته ڀائو، چيڪ بوڪ وڃائجي ويو اٿم، گھر ۾ اٽو ڪونه اٿم، جلدي جلدي چيڪ بوڪ ٺاهي ڏيو ته وڃي اٽو وٺان. مڙس وٺيو قسم کڻي، الله ۽ قران جا ته سچ ٿو ڳالهايان. مون پهرينءَ نظر ۾ کيس چريو سمجهيو هيو. پوءِ اها خبر پيم ته مڙس کپري جو ناميارو وڪيل آهي، ساڻس ان ڏينهن کان جا ياري ٿي ته اڄ سوڌو هلندي اچي. هاڻ ته خير سان چڱو موچارو مولوي ٿي پيو آهي. هڪڙي سا ڪني عادت اٿس ته جڏهن به ملندو آهي ته، چُمي اهڙي ته ڏيندوآهي جو منهنجو سڄو ٻُوٿ سندس گِگ ۾ ٿڦجي ويندو آهي.
    بينڪ آفيسر جي حيثيت ۾ عملي زندگيءَ جي شروعات 1987 کان ڪئي هيم. جڏهن حبيب بينڪ جي هٿونگو واريءَ شاخ ۾ سيڪنڊ آفيسر جي پوسٽنگ وٺي پُهتو هيس. هٿونگو الائي ڪيتري وقت کان اڇڙي ٿَرَ جو گيٽ وي هوندو هيو ۽ اڄ تائين آهي. پر رڳو هٿونگو نه پر جيڪر پاڻ چئون ته نارا ڪئنال، جنهن کي عام ماڻهو ڍورو چون ٿا ۽ انهيءَ ڍوري جا جملي پتڻ اڇڙي ٿر جا گيٽ وي هيا. جن ۾ هٿونگو، ڍليار، ڏنگ، مارئي ۽ ٻيا به ڪيترائي پتڻ هوندا، پر هٿونگي کي انهيءَ ڪري به گيٽ وي مڃڻو پوندو جو هتي پراڻي زماني کان هڪڙي بازار هئي ۽ اڇڙي ٿر جا ماڻهو پنهنجيءَ ضرورت جون جملي شيون هتان ئي خريد ڪندا هيا توڙي وڪڻندا به هيا. تن ڏينهين پاڻ به جهڙوڪر گهر جا ڪڪڙ هياسين، ڇو جو پنهنجيءَ ساريءَ ڄمار ۾پاڻ هٿونگو پهريون ڀيرو ڏٺو هيو، سو به بينڪ وارن ڏيکاريو هيو.
    ماڻهو چوندا هيا ته ورهاڱي کان اڳ هٿونگي پتڻ جي وڏي اوج هوندي هئي، هيءُ ناري جي اڀرندئين ڪپ تي واريءَ جي ڀِٽن تي اڏيل خوبصورت ڳوٺ آهي.۽ هيءُ وڏو ڪاروباري مرڪز به هوندو هيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڪي هندو سيٺيا هتان هليا ويا هيا ۽ شهر جو ڪاروبار به گهٽجي ويو هيو. پاڪستان ٺهڻ بعد هن ڳوٺ نما شهر ۾ قائم خاني برادريءَ جي آبادي وڌي هئي. قائم خاني قبيلو سنڌ جي بارڊر جي پرينءَ ڀر جي آسپاس مان ئي لڏي آيل لڳندو هيو، سندن ٻولي، ريتون رسمون اسان جي ٿر جي ماڻهن سان گهڻيون تڻيون ملندڙ جلندڙ هيون. هن ڳوٺ ۾ لڏي آيل گھڻا تڻا قائم خاني انگريز جي جي فوج ۾ سپاهيءَ کان وٺي صوبيدار تائين نوڪريون ڪري رٽائر ٿيا هيا ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ انگريز جي طرفان وڙهي چڪا هيا. پوڙها ۽ رٽائر سپاهي، حوالدار ۽ صوبيدار اڪثر ڪري بينڪ ۾ اچي ڪچهريون ڪندا هيا ۽ پنهنجي دور جون ساروڻيون ساري سرد آهون ڀريندا هيا. ڪجھ مالدار هندو کتري ان وقت به شهر ۾ موجود هيا، جن ۾ سيٺ چوني لال، ڪرپال داس، ڀڳوان داس ۽ ٻيا ڪافي گھر هيا، جن مان گھڻا تڻا ته هاڻي هندستان لڏي ويا آهن، نه ڄاڻ ڇو؟ ماڻهن کي اباڻو وطن ڇڏيندي هتي ٺاهيل چڱا موچارا آکيرا ايئن ئي ڇڏڻا ٿا پون. بنان ڪنهن ڏک پاپ جي.شايد مذهبي فرق يا ڪنهن ٻئي سبب!
    تن ڏينهين سيٺ چوني لال جي اوطاق، سنڌ جي عام طور خوشحال ماڻهن جي اوطاقن جيان هلندي هئي. اُڙيا ٿُڙيا هندو توڙي مسلمين مسافر هميشھ سيٺ چوني لال جي اوطاق تي لٿا پيا هوندا هيا.قائم خاني برادريءَ مان جمعدار عالم علي خان ۽ صوبيدار فريد خان رڄ اشراف ۽ وڏي نالي وارا ماڻهو هوندا هيا. جمعدار عالم علي خان قائم خاني خدا ٿو ڄاڻي ته هتي اچي پير پاڳاري جو مريد ۽ دعوتي ٿيو هيو يا اڳي ئي هيو. سندس پٽن مان هڪڙو امجد نالي سان انهيءَ وقت فوج ۾ حاضر سروس ميجر هوندو هيو، ننڍو پُٽ يوسف جنهن کي عرف عام ۾ پپو چوندا هيا سو آمر مشرف جي دور ۾ هٿونگي جو ناظم به رهيو هيو. صوبيدار فريد خان جا پٽ جعفر خان جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل هوندا هيا.
    هتي جي حبيب بينڪ ۾ لکاڏنو مڱريو منهنجو مينيجر هوندو هيو، لکاڏنو مڱريو، سنهڙو، سيپڪڙو، قدآور مُڙس، ڪاري ڏاڙهي، ڳاڙهيون اکيون، هميشھ سنڌ جي نقشي جو سونو لاڪيٽ ڳچيءَ ۾ پايو پيو هلندو هيو. جيتوڻيڪ هو جماعتي فقير هيو، پر مٿس قومپرستن جو ٿورو گھڻو رنگ چڙهيل هوندو هيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو شاگرد اڳواڻ غازي خان سمون سندس لنگوٽيو يار هوندو هيو. پهرينءَ ڪچهريءَ ۾ لکاني سان اکيون مليون، ڳاله ٻولھ ڪرڻ سان خيال مِليا. پوءِ ڇا جي مينجري ۽ ڇا جي آفيسري؟ ، هڪ ٻن ڏينهن اندر دوست ٿي ويا سين. اصل اهڙا ڀانءِ ڪي ورهين جا وڇڙيل هُجون. ٻنهي جون گهڻيون حالتون به هڪ جهڙيون هجن. لکاڏنو، پاسي واري شهر کپرو ۾ ڊاڪٽر نور محمد ڀٽيءَ سان گڏ رهندو هُجي.لکاني جونه ماءُ نه پيءُ، نه ڀاءُ نه ڀيڻ، ڊاڪٽر نورمحمد جي صرف ماءُ حياتي هجي ۽ هاڻ آئون جو گڏ يو سانِ ته منهنجي به صرف ماءُ حياتيءَ هُجي.چوندا آهن ته چنڊو چنڊي کي سَئو ڪوهن تي ڳولي لهندو آهي. سو ايئن لڳندو هيو ڀانءِ اسان ٽنهي هڪٻئي کي ڳولي لڌو هجي، ٽنهي جي ياري لوهان لوهه ٿي پئي.واندڪائيءَ ۾ ننڍپڻ جي ڏکن سورن جا داستان هڪ ٻئي سان اوري اکيون پُسائي، عَهدُ ڪريون ته پاڻ کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي. دنيا جي آڏو اهو ثابت ڪرڻو آهي ته ڇورا ڇنا ۽ يتيم به پنهنجي محنت سان دنيا جي هن ظالم معاشري ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن ٿا. ۽ وقت ثابت ڪيو ته اسان ٽنهي هٻئي سان ڪيل اهو عهد پورو ڪيو. جيتوڻيڪ اسان بي ايمانيون ڪري مال ڪونه ميڙيا، ڪنهن جي پيٽ تي راتاهو ڪونه هنيو، پر پوءِ به اولاد لاءِ گھڻو ڪجھ ڪيوسون ۽ اڃان به ڪريون پيا. اُها اسان ٽنهي جي ياري اڄ سُوڌي ايئن ئي هلندي اچي. جيتوڻيڪ وقت ۽ حالتن هڪ ٻئي کان جسماني طور پري ڪري وڌو آهي، پر اڄ سوڌو هڪ ٻئي جي لاءِ ڪڏهن ڪوبه من ۾ مير ڪونه آيو اٿئون ۽ ڏک سُک ۾ هڪ ٻئي سان حال سارو نباهيندا به اچون پيا.
    اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته هٿونگي ۾ قائم خاني مسلمانن جي اڪثريت هُئي ۽ اهي گڏيل هندستان جي فوج ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي مختلف محاذن تي جنگيون وڙهيا هُجن. بينڪ ۾ اچيو پنهنجي بهادريءَ جا قِصا ٻڌائين ته دنگ رهجيو وَڃون. هڪڙي ڳالهه وڻي ته پوڙها پڪا اسان کي سَرَ سَرَ ڪريو ڳالهائين. مطلب ته انگريزن جي قانون تي رٽائر ٿئي به پورا هجن. ته ڪنهن به کاتي جي آفيسر کي سَرَ لازمي چوڻو آهي.سيٺ چوني لال کتري شهر جو سُکيو ستابو هندوهوندوهُيو.سندس پُٽ جيوت رام، اسان کي منجهند جو مولي مل کتريءَ جي مائي ۽ پڪوڙن تي بُک ٽاريندي ڏسي، پنهنجن نوڪرن کي حُڪم ڏنو هيو، ته بينڪ جي جملي اسٽاف کي منجهند جي ماني پهچائي ايندا ڪريو، ائين مفت جي ماني اچڻ شروع ٿي هئي.اُن زماني ۾ هٿونگي ۾ ڪوئي پڪو ٿاڻو يا جنهن کي صفا سنڌيءَ ۾ صدر ٿاڻو چئون سو ڪونه هوندو هُيو، رڳو پوليس پوسٽ هوندي هئي. جنهن تي هڪڙو اڌ جمعدار ۽ سپاهي موجود هوندا هيا، پر جهڙا هوندا هيا تهڙا نه ڇو جو عُمر ملاح ۽ پانڌي ملاح هن علائقي جا ناميارا ڏوهاري هوندي به، ڌاڙيل هوندي به هٿونگي جي هوٽلن تي هٿيارن سميت اچي چانهيون پي ويندا هيا. مرحوم علي چانهيو، جيلو جوڻيجو، گُليو مڱريو ۽ دريا خان سميجو سندن گھاٽا يار هوندا هُيا. علي چانهيو پوءِ خود به سانگهڙ لڳ پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو هيو. دريا خان سميجو، موجودھ دور ۾ اڄڪلھ کپري جو وڏو ماڻهو ۽ وڏو زميندار آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن هٿونگي کان کپري ڏانهن بس جي روانگي ءَ ۾ دير هوندي هُئي ته آئون ۽ لکاڏنو پنڌ ئي پنڌ ڍوري جي انهيءَ پُل تي اچي ڪچهريون ڪندا هياسون، جتي اڳي پتڻ هوندو هيو ۽ مهاڻا ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي هُن پار پڄائيندا هيا. اسان سوچيندا هياسين ته هِن پُل ۽ هِن پتڻ جي سيني ۾ به وڏا راز هوندا، هڪڙي وڏي تاريخ هوندي.صدين کان هُن پار کان هِن پار ۽ هِن پار کان هُن پار اڪرندڙ ماڻهن جون يادون هونديون. هڪٻئي کان روئي موڪلائيندڙن جون هجڪيون هونديون. رات جي اونداهين ۾ سنڌ جي آجپي لاءِ چي گويرا جيان جهيڙيندڙ سنڌ جي سوين حُرن جا داستان هوندا. ڪاش هنن ڪپرن تي بيٺل وڻن کي وات هجي، زبان هجي ته وڏا احوال هٿ ڪري وٺجن.
    هٿونگي جي آس پاس جي ڳوٺن جا نالا به عجيب هوندا هُيا. سروٽن جو دڙو، سيهونجي، راڙ، دينپور رتو ڪوٽ وغيره، پڪو يادگيرو ڪونهيم ته راڙ الائي دينپور لاءِ ته مشهور آهي ته شهيد عبدالرحيم گرهوڙي صاحب، ساميءَ سَت گُر ۽ دت گر جي مَڙهيءَ تي ڪاهِڻ لاءِ هتان گذريو هيو. ۽ راڙ جي يا دينپور جي سيدن کي مدد لاءِ صلاحيو هيائين ته هنن انڪار ڪندي چيو هيس ته اسان جي ٻنيءَ ۾ جام جهنگ ٿي ويو آهي سو وڍڻو اٿئون ايتري به واندڪائي ڪانهي جو توسان سونهان ٿي هلون. تنهن تي گرهوڙي صاحب جلال ۾ اچي وراڻيو هيو ته اوهانجي ناني( نبي پاڪ) جي ٻنيءَ جو جهنگ صاف ڪرڻ اسين ٿا وڃون، اوهين ويٺا پنهجين ٻنين جا جهنگ وڍيو. انهيءَ تي هڪڙو ڪامل نالي ڪوري گرهوڙي صاحب جو سونهون ٿي ساڻ هليو هيو. چون ٿا ته شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ، جلال ۾ پاراتو ڏيندي چيو هيو ته هي سيد ڪورڪو ڪم ڪندا ۽ ڪوري سيدن واري عزت ماڻيندا.
    سائين دين محمد شاهه تنهن زماني ۾ حبيب بينڪ جو گارڊ هوندو هيو، راڙ جو رهاڪو هيو، اها سا خبر ڪانهي ته گرهوڙيءَ جي پِٽِيل سيدن مان هيو يا ٻين مان هيو، شاھ صاحب ڪنڊياريءَ ۾ مون سان گڏ مئٽرڪ ۾ پڙهيو به هُجي، ته وري بنهي گهڻو حُجتي به هُجي، اسان کي حيرت تڏهن ٿيندي هئي جو اڇڙي ٿر جا سٻاجهڙا ۽ سادڙا ماڻهو سندس مريد هوندا هيا، سي پري پري کان ڪَهي اچي شاهه صاحب جي پيرن تي هٿ رکي پنهنجي هٿن کي چميون ڏيندا هيا. ۽ کانئس دعائون ۽ ڌاڳا ڦيڻا وٺندا هيا. مون کي عجب لڳندو هيو ته دين محمد شاهه ننڍو ٿي وڏو منهنجي آڏو ٿيو آهي، پڙهيا گڏ آهيون، هڪٻئي جي ارڪانن ۽ افعالن کان به واقف آهيون. مون ڪڏهن هن سيد ۾ ڪاني ڪرامت ڪانهي ڏٺي، پوءِ به ماڻهو ويچارا سادڙا ۽ سٻاجهڙا کيس پِير ڪري پيرين ٿا پون، هن کان ڌاڳا ڦيڻا وٺن ٿا. ۽ آئون هاءِ ڙي سونهاري سنڌ تنهنجا سادڙا ماڻهو ڪري ٿڌا شوڪارا ڀريندو هيس.
    هڪڙي ڏينهن دين محمد شاهه بينڪ جي اسٽرانگ روم ۾ ڪوئي بينڪ جو ڪم ڪري رهيو هُيو، ته هڪڙي خاصخيلي ذات جي صدق واري مريد اچي مون کان پُڇا ڪئي ته، سائين دين محمد شاھ ڪٿي آهي؟ مون ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو هيو، ابا تو کي خبر ڪانهي پئي ڇا؟ سائين ويچارو ته ڪالهه گذاري ويو هيو.اهي اکر ٻُڌڻ سان مريد ويچاري رڙ ڪري، پنهنجو پَٽڪو لاٿو۽ بينڪ جي فرش تي ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ وڏي آواز ۾ پار ڪڍڻ لڳو. سندس روڄ ۽راڙي تي دين محمد شاهه ٻوٿ بڇڙو ڪري تڪڙو تڪڙو اسٽرانگ روم مان ٻاهر نڪتو. ۽ پنهنجي مُرشد کي جيئرو ڏسي، مُريد ۾ڄڻ ساهه پئجي ويو.ان ڏينهن دين محمد شاھ ۽ سندس مريد جو وس پڄي ها ته مونکي ڪچو کائي وڃن ها. پوءِ به وس نه هلندي به مون ڏي ڏسي ڏند پئي ڪرٽيائون.تڏهن لکاڏني مڱرئي، دين محمد شاھ کي چيو هيو ته هاڻ تون ۽ تنهنجو مريد، تنهنجي جيئري هجڻ جي خوشيءَ ۾ ٻاهر وڃي مولي مل جو مائو کائو، ۽ اسان کي بينڪ جو ڪم ڪرڻ ڏيو.تڏهن وڃي شاه ۽ شاھ جي مريد جي ڪُڪرين ۽ ڪاوڙيل اکين مان منهنجي جند ڇُٽي هئي.
    ان کان گھڻو پوءِ پانڌي ملاح ۽ عُمرملاح وڏا ڌاڙيل ٿي پيا هيا، عمرڪوٽ جي پاسي مان هڪڙو پنجابي آبادگار اغوا ڪيائون، جان محمد پليءَ جي گهر تي به هلان ڪيائون، جن ڏوهن ۾ ساڻن گڏ عمرڪوٽ جي وڏي زميندار ۽ ممتاز علي ڀٽي جي دوست اميد علي لاشاريءَ جو پُٽ ممتاز لاشاري گڏ هيو. تنهن زماني جي مشهور ڊي ايس پيءَ احسان علي شاه، اميد علي لاشاريءَ جي ڀڳل پٽ تي زور بار وجهي کيس راضي ڪيو ۽ سندس ئي ڳوٺ تي ڪيل هلان ۾ ان ساڳئي ڇوڪري ڪلاشنڪوف جا برسٽ ٻنهي ڌاڙيلن تي رٿا موجب هلائي ڇڏيا هيا. عمر ٿڏي تي ئي هلي چُريو هيو، زخمي پانڌي کي علاج لاءِ کپري جي پاسي ڪنهن خاصخيليءَ جي گھر آندائون. ته دوکي سان اسان جي يار ڊاڪٽر نور محمد ڀٽيءَ کي ڪنهن ٻئي مريض لاءِ ماڻهو وٺي ويا، هٿيارن جي ڇانو ۾ پانڌيءَ جون پٽيون ڪندي، ڊاڪٽر نورمحمد گرفتار ٿيو هيو. پوءِ داڪٽر سڇر درس وڏيون ڦلڪون ڏيکاري، خان محمد مهر معرفت ڄام صادق عليءَ تي وڏا بار وجهي ڊاڪٽر کي ٻاهر ڪڍرايو هيو. نه ته گهڻن ماڻهن ڀانيو ٿي ته ڊاڪٽر جي نوڪري ته وئي پر ٻچا به رُلي ويندس.
    مرحوم جوڻيجي جو دور جي ڳالھ ياد آئي اٿم، مرحو م جوڻيجي جي احمد ڪانهيي سان تمام گھڻي ويجهڙائپ هُئي. جوڻيجي صاحب جي حُڪم سان هڪڙي ڏينهن سرڪاري گاڏي، بجليءَ جا پول کڻي احمد ڪانهيي جو ڳوٺ ڳوليندي، عبدالله مهر وٽ اچي پُهتي هئي. تن ڏينهين خان محمد مَهر سنڌحڪومت ۾ سڀ ڪجهه هُجي، خان محمد جي ڪري عبدالله مهر جي وڏي هلندي پُڄندي هئي.عبدالله مهر، ٺوڪي اها گاڏي اسان جي ڳوٺ موڪلي ڏني هئي. اسان جي ماڻهن اهي پول پنهنجي ڳوٺ ۾ لهرايا هيا. گهڙي نه گذري هئي جو احمد ڪانهيو ۽ ان جا پُٽ وزير اعظم هائوس سنڌڙيءَ جو هڪڙو ماڻهو ساڻ وٺيو آيا، پول کنيائون، پر نعرا به هنيائون، هوڪرا ڪيائون. ڳوٺ ۾ سڀ مسڪين ۽ غريب هُجون، ڪو به ڦني خان نه هيو، سڀ ماٺ رهيا. عبدالله مهر کي اها ڳالھ نه وڻي هئي، ته هُن جا موڪليل پول کڄي وڃن. پوءِ سندس سفارش تي، خان محمد مهر جي چوڻ تي، سنڌ حڪومت الڳ آرڊر ڪري اسان جي ڳوٺ جي بجلي منظور ڪئي هئي، تڙ تڪڙ ۾ ڪم ٿيو هيو۽ ٻنهي ڳوٺن جي بجلي گڏوگڏ ٻري هئي، وڏيون خير خيراتون ٿيون، وڏا وڏا بلب آنداسين. ان رات ڀانءِ سج لٿو ئي ڪونه هيو، چئو طرف روشنيون هُجن، ٻيو ته ٺهيو پر گهرن ۾ پاليل ڪڪڙيون کُڏين ۾ وڃڻ بجاءِ ٻچا وٺي سڄي رات چوڳو ڪنديون رهيون هيون.
    هاڻي ڪجھ ڪجھ مالي حالتون به سُڌرڻ لڳيون هيون ته ٿوري ٿوري بچت به ڪرڻ لڳوهيس، وري اوچتو ٻيو ڏچو اهو ٿيو ته1988 ۾ زوردار برساتن ۾ اسان جا ڪچا گهر مينهن جي پاڻيءَ ۾ ڳري مٽيءَ جا ڍڳ ٿي پيا هيا، آڌيءَ رات جو ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ پٽ تي سُتل هجون ٻاهر زوردار وڏڦڙو سنجهي کان پئي وٺو، اوچتو ننڍڙي نياڻيءَ رڙ ڪندي چيو بابا مونکي گپ وارو ڀتر لڳو آهي. اٿي جو ٽارچ ٻاريان ته ڪمري جي اولهندينءَ اوڏڪيءَ ڀت ۾ ايڏو وڏو ڏار هجي، جو ان مان سڄو سارو ماڻهو لنگهي وڃي. تڙ تڪڙ ۾ ٻچڙا وٺي اسڪول ۾ پناهه ورتي هئي سون، ان زماني ۾ڳوٺ کان بس اسٽاپ تائين ٻن ڪلوميٽرن جيتري پنڌ تي گوڏي جيڏو پاڻي جهاڳي، گپ ۾ هرروز ٻه ٽي ڌڪ کائي روڊ تي پُهچندو هيس. بس ۾ سوار ٿيڻ تائين آفيس ۾ پائڻ جا ڪپڙا ۽ جتي هٿ ۾ کڻي ايندو هيس.ڪڏهن ڪڏهن گپ ۾ ٿڙي ڪرندو هيس ته اهي ڌوتل ڪپڙا گپ ۽ گاري ۾ ٿڦجي ويندا هيا. روز روز جي اهڙن سورن کان سوچيم، ڇو نه شهر ۾ مسواڙ جي جاءِ وٺي رهون. هڻي ماري هڪڙي جڳهه به هٿ ڪئي هيم، پر امڙ سختيءَ سان منع ڪيو هيو، ته اباڻا پَڊَ ناهِن ڇڏڻا. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي جيئري ائين نه ڪر، پوءِ تنهنجي مرضي جيڪي وڻيئي سو ويٺو ڪجانِ. ماءُ جي نصيحت تي عَمل ڪندي بغير ڪنهن اجهي جي، سرڪاري اسڪول ۾ ٻه مهينا پناهه گزين رَهُيس. پنهنجي آفيسر هجڻ تي ندامت محسوس ڪرڻ لڳس. پر ايئن سمجهجي ته شديد قسم جو احساسِ محرومي محسوس ڪندو هيس.
    هي اهي ئي ڏينهن هيا جڏهن ڌُر ڌڻين ضياءُالحق کان سڀ ڪم وٺي، هاڻ کيس کير ۾ اوچتي ڪري پيل مَک جيان ڪڍڻ لاءِ جتن پئي ڪيا. سنڌي ماڻهو وڏيون وڏيون قربانيون ڏئي، پنهنجو الھ تلھ لُٽائي ماٺڙي ڪري وڃي ڪُنڊائتا ٿيا هيا. ڪنهن کي ڪوئي يقين ڪونه هيو ته هيءُ همراھ ڪو سِگھو ويندو. هوڏانهن ڀانئجي ٿو ته ڌُر ڌڻين جي رٿائُن جي ضياءَ کي به ڀُڻڪ هئي. سو مڙس لاءِ جيڪا بهاولپور ۾ ڪوڙڪي اڏي هيائون، جڏهن اوڏاهن هلڻ لاءِ هُن جا پير پي سوريائون ته هن همراه به گھٽ ڪونه ڪئي هئي. جن جن تي به شڪ هيس ته اهي سندس لالا مال خلاص ڪندا، تن سڀني ماڻهن کي ميڙي چونڊي کڻي ساڳئي جهاز ۾ ويهاريائين. پوءِ مڙس بي اونو ٿي ويهي رهيو ته هاڻ خير آهي. مارڻ وارا سڀ گڏ اٿم.
    پر ڪوڙڪي اڏڻ وارن مُڙسن جو به شايد متبادل پلان جوڙيل هيو، سڀ قربان ٿين ته ٿيڻ ڏبو، پر هن مڙس کي چلتو ڪبو. ۽ پوءِ سواءِ اسلم بيگ جي سڀ جا سڀ هوائن ۾ سڙندا رهيا. هونئن به چوندا آهن ته آھِ غريبان قهرِ خدائي. سو هيترن سارن غريب سنڌ واسين جون آهون آخر ڪٿي ته پُڄڻيون هيون. ڪو ته انهن جو تدارڪ ٿيڻو هيو. بي گناهن جي خون جو به ته ڪو ليکو چوکو ٿيڻو هيو. ۽ بستي لال ڪمال وارن ته اهو ڪرشمو پنهنجين اکين سان بيهي ڏٺو هيو. تڏهن ميڊيا ايتري عام جام ڪونه هئي. ڏئي وٺي پي ٽي وي ۽ بي بي سي ئي ماڻهن جي خبر ملڻ جو واحد ذريعو هوندا هيا. سو جڏهن پنهنجي ڪِري ڀڙو ٿيل گھر جي دڙي تي آگسٽ جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ ۾ آڏيون ابتيون تارون جوڙي، مڇرن جي مارا ماريءَ ۾ هلندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي ويءَ تان، ضياءُالحق جي هلي چُرڻ واري خبر ٻُڌي هيم. تڏهن اول ته يقين ئي ڪونه پئي آيو. ته ڪو دجال جو به موت ٿيندو آهي!! خير زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو هِن، هُن وٽ هلي ملهي پئي ضياءَ جي مرڻ تي مبارڪون ڏنم. جيتوڻيڪ پنهنجي سانڀر کان انهيءَ تي يقين اٿم ته دشمن مري ته به خوشي نه ڪجي، متان ڪڏهن سڄڻ به مري پوي.
    خير انهيءَ بعد وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان مڙسن ڦُلهيار مان ضياءَ جا ڏند ڳولي لڌا هيا ۽ وڏي ڌام ڌوم سان، وڏي اعزاز سان انهن جو جنازو کنيو هيائون. محمد خان جوڻيجو مرحوم تن ڏينهين ضياءَ هٿان گھر ڀيڙو ٿيل هيو. پر سندس وڏائي ۽ اخلاق ڏسڻ وٽان هيو، جو هن ضياءَ جي ڏندن پورڻ واري عمل ۾ شريڪ ٿي، بيلچي سان سندس قبر تي مٽي وڌي هئي، ايئن پئي لڳو ته مرحوم محمد خان جوڻيجو بيلچو هلائيندي دل ئي دل ۾ اهو چوندو هجي ته، هلي چُرڻ وارا ڀائو، صوفي سنڌين، يا فقير منش سنڌين سان وير وجهڻ جو انت اجهو اهو اٿئيي. يا ايئن به هجي ته هو انهيءَ مهل اهو سوچيندو هجي ته اڄ هنن بيلچن سان جيڪا مٽي کڻي هن قبر تي وجهان ٿو، سو ڄڻ ته پاڪستان ۾ آمريت کي هميشھ لاءِ وڏي کڏ ۾ پوري رهيو آهيان.
    هٿونگي جي کَترين جي ڳالھ پئي ڪيم، ته شهر جي مکي سيٺ چوني لال جي پُٽ جيوت رام هلي ملهي اچي اسان سان سنگت رکي هئي.روز پيو بينڪ ۾ لامارا ڏيندو هيو. تن ڏينهين سوزوڪي ڪمپني جون ايف ايڪس ڪارون نيون نيون آيون هيون. جيوت رام ڀانئيان ٿو ته صرف پنجويهين هزارين ۾ زيرو ميٽر ڪار ورتي هئي.هڪڙي ڀيري لکانو مڱريو بيمار ٿي موڪل تي هليو ويو.جيوت ۽ آئون سندس طبيعت پڇڻ لاءِ ڍوري ناري سنبرياسين. تڏهن کپري کان ڍوري ناري وڃڻ لاءِ ٻيو ڪو به رستو ڪونه هوندو هيو، سواءِ ڍوري جي ڪپ جي. جنهن جي ڊسڙ ڍوري ناري پهچندي پهچندي نڪ جي ناسُن ۾ هلي ويندي هئي. تن ڏينهين پانڌي ۽ عمر ملاح جو به وڏو ڀئو هوندو هيو، ماڻهو رات جو سفر ڪرڻ کان لهرائيندا هيا.جيوت جي ڀانيان ٿو ته انهن سان واسطيداري هوندي هئي.ان ڪري رات جو سفر ڪرڻ مهل ڊڄندو ڪونه هيو.اُنهيءَ رات رستي هلندي جيوت کي اچي اوچتو گردي جو سور پيو هيو، گاڏي هلائڻ ته پري رهيو، مڙس سِير وِڌل ڪڪڙ جيان ڦٿڪڻ لڳو هيو. مونکي چيائين ته ڪار تون هلاءِ. مون ڪڏهن گڏه گاڏو به نه هلايو هجي سو اچي ڦاٿس. پر همراھ همت ٻڌائي ۽ پاسي جي سور ۾ ڦٿڪندي مون کي سمجهائيندو هليو.ايئن آئون جيئن تيئن ڪري گاڏيءَ کي ڍوري ناري پهچائي ويس.لکاني جي طبيعت پڇي، جيوت جي دوا وٺي، رات رات ۾ واپس ورياسين، ته آئون پڪو ڊرائيور ٿي ويس. ۽ اها گاڏي رات جو گهر ڪاهي آيس ته مورهيان ئي هٿ پڪو ٿي ويو.اهو جيوت دوستيءَ ۾ دوکيبازي ڪري هڪڙي رات ڪراچيءَ جو بهانو ڪري، لکاني مڱرئي جي ڳچ جيتري موڙي چٽ ڪري هندستان ڀڄي ويو هيو. لکاني جهازن جا ڀاڙا ڀري اتي وڃي ڪنهن طريقي سان هاريو پيتو ڪري وصولي ڪَيس. اڄڪلھ چون ٿا ته هندستان جي شهر احمد آباد ۾ ڊاڪٽري ڪري ٿو. ۽ ڪوئي ڪامياب ڊاڪٽر آهي. هتي ته ڪا ڊگري ٻگري ڪانه هيس. سندس چاچو ماستر پنالال به رٽائر ٿي هندستان لڏي ويو هيو، ورهين بعد جڏهن ازل کنيس ته ويزا وٺي واپس اباڻي وطن آيو هيو ۽ هتي اچي ابا ڻن پڊڙن ۾ ساھ ڏنو هيائين.

    اهو 1985 جو زمانو هيو جڏهن پي ٽي ويءَ کي خيرباد چئي، واڻڪي ڌنڌي ۾ دخلڪاري ڏني هيم، جنهن کي سڌريل زماني ۾ بينڪاري چئجي ٿو، تنهن ۾رُلندو پِنندو وڃي، 1987 ڌاري هٿونگي جا وڻ وسايا هيم. اهو هٿونگو جيڪو اڇڙي ٿر جو گيٽ وي ۽ وڏو ڪاروباري مرڪز هيو. تنهن زماني جي هٿونگي واري حبيب بينڪ جي ٻنهي پاسي هڪڙو ريزڪيءَ جو ته ٻيو ڪپڙي جو دڪان هيو انهن ٻنهي جو مالڪ سيٺ ڀڳوان داس کتري هيو. جيڪو هُن دڪان کان هِن دڪان ڏي ويندي گهڙيءَ گهڙيءَ اسان جي بينڪ آڏو پيو لَمڪا هڻندو هيو.جيتوڻيڪ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هٿونگي جي گهڻي تڻي هلي چلي ته قائم خانين جي هَٿِ وس هئي، پر پوءِ به سيٺ چوني لال جي اوطاق هٿونگي ۾ آئي وئي لاءِ وڏو اَجهو هوندي هئي. ڀڳوانداس عرف ڀڳواني ۾ ۽ سيٺ چوني لال ۾ رشتو ته الائي ڪهڙو هيو، پر پوءِ به ڀانيان ٿو ته هيا ويجهڙا عزيز. هي سيٺيا جيتوڻيڪ هٿونگي جا تُجار نه ئي سهي پر مڇيءَ مانيءَ وارا ماڻهو ضرور هيا.
    تن ڏينهن ڀڳوانداس جنهن کي عام طور تي لکانو مڱريو ۽ آئون توڙي هٿونگي جي ڪَس جا جملي ماڻهو ڀڳوانو يا وڌ ۾ وڌ سيٺ ڀڳوانو ئي چوندا هياسين. تنهن سان مٿو مٿي تي سنگت ٿي وئي هئي، هونئن به هو هيو به يار ويس، هرڪنهن سان ٻُڍي توڙي ٻار سان هڪ جهڙو، تاڙيءَ جو ٺڪاءُ، ۽ وڏا ٻڌا ٽهڪ هُن جي نشاني هوندا هيا. منجهند جو جڏهن اسين به واندا ٿيندا هياسين ۽ هو به واندو ٿيندو هيو ته سيٺ مولي مل جي دڪان تان ڀُڳل مائو ۽ پڪوڙا گهرائي گڏجي کائڻ جي جهڙوڪر اسان ۾ عادت پئجي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن صبح جو سوير اچي دال کاکڙ سان نيرن ڪرڻ مهل جيتوڻيڪ هو اسان جيان نيرانو ڪونه هوندو هيو پر پوءِ به ساٿ ضرور نڀائيندو هيو. وقت ڦرندو گهرندو ويو ۽ آئون به ڦرندو گهرندو ڪنهن ٻئي طرف هليو ويس، 1991 ڌاري هڪڙي ڀيري ڪنهن دوست ٻڌايو ته ڀڳوانو بنان ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڪرپالداس ۽ ننڍي ڀاءُ ريواچند سان گڏجي هن ملڪ کي ڇڏي هندستان هليو ويو آهي. منهنجي زندگيءَ ۾، مون پهريون ڀيرو ايئن ڪنهن سُلجهيل، سمجهدار ۽ پڙهئي لکئي دوست کي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڇڏي پرديس پڌاريندي ٻُڌو هيو. جيتوڻيڪ هن جي وڃڻ جو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيوهيو، پر گڏوگڏ مٿس ڪاوڙ به هئي ته هن ايئن ڇو ڪيو؟
    خير وقت وهندڙ پاڻيءَ جيان تيزيءَ سان گذري ويو، انهيءَ وچ ۾هندستان ايندڙ ويندڙ سندس مائٽن عزيزن مان خبرون پيون پونديون هيون ته همراه احمد آباد جي شهر ۾ وڃي ڪاروبار کوليو آهي ۽ وري خبرون پيون پونديون هيون ته همراه جي ڪاروبار ۾ مَندي اچي وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته مڙس ڏُلي ويو آهي. هڪڙي ڀيري ڪنهن سندس ڀاءُ ڪرپال داس جي پرلوڪ پڌارڻ جي به خبر ٻڌائي هئي. ان ڏينهن سوچيو هيم ته ڀڳوانو ڪيڏو به ڪٺور دل سهي پر ڀڳواني کي ڀاءُ جي وڇوڙي مهل اباڻا ڪکڙا ۽ سنڌ ضرور ياد آئي هوندي. سوچيو هيم ته ڀڳواني جي رت جي رڳن ۾ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ جا ذرڙا جيڪڏهن اڃان به پنهنجو وجود رکندا هوندا ته اڄ پنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي تي هن جيجل امڙ جي ديس ڏي مُنهن ڪري ڍُنڍڪارون ضرور ڏنيون هونديون. ڪرپال داس سان گڏ رانديون کيڏندڙ سنڌي مسلمانن کي ضرور ساريو هوندو. ۽ سوچيو هوندو ته جيڪر وطن نه ڇڏيان ها ته هينئر اهي سڀ مون وٽ پَرسو ڪرڻ لاءِ ويٺا هجن ها.


    18

    وڏڙا ويچارا چوندا هيا ته وقت وڏو ويري آهي الائي ڪيترن کي وڇوڙيو ڇڏي، ته وري ورهين جا وڇڙيل ملائيندي دير ئي ڪونه ڪري. مون سوچيو هيو ته هاڻ ڀڳوان داس جو منهن ڏسڻ شايد ئي نصيب ٿئي. هڪڙو ڀيرو اها آس ضرور جاڳي هئي، سو به تڏهن جڏهن کوکراپار ٿي کليو ۽ هندستان ۽ پاڪستان جي عوام گڏجي اچي کوکڙي ۽ مونابائو جي جي اسٽيشنن تي ڏيئا ٻاري هڪٻئي سان ڀائپيءَ جو اظهار ڪيو هيو، جيتوڻيڪ اصلي ڏيئا ٻارڻ وارن يارن اسان پاڪستانين بارڊر تي پهچي ڏيئا ٻارڻ ڪونه ڏنا هيا، تڏهن به ٻه چار ڪوھ پري بيهي، آس پاس جي سُڪل ٻُوهن کي ڪُهڙ ٺاهي ساڙي اسان سامهون وارن کي سوجهرو ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويا هيا سون. ته هائو ٻيلي پاڻ ڀائر آهيون ۽ ڀائر ٿي رهڻ ۾ ئي پنهنجو ڀلو آ. تڏهن هتان ويندڙ پهرين ريل گاڏيءَ ۾ جن کي وڃڻو هيو تنهن لسٽ ۾ منهنجو نالو به هيو ۽ مون خوشيءَ خوشيءَ ڀڳواني جي مائٽن کان سندس احمد آباد جو نمبر هٿ ڪيو هيو، پر افسوس جو اها ريل ته وئي پر انهيءَ ۾ مون سميت ملان نيڪوءَ پارا به ڪونه وڃي سگهيا هيا. اهو هڪڙو الڳ داستان آ.
    اهو 1991 جو هليو ويل ڀڳوانو، الائي ڪڏهوڪي هندستاني شهريت وٺي، ويهارو ورهين بعد هندستان جي پاسپورٽ تي، سنڌي هوندي به ڌاريو بڻجي، پنهنجي اباڻي وطن جي ويزا وٺي، ڪجھ ڏينهن لاءِ اباڻو وطن گهمڻ آيو آهي، اهو گهر ڏسڻ آيو آهي جنهن جي هڪڙي هڪڙي سِر جي خريدڻ تي هُن جي پگهر جو پورهيو هليو هيو، انهي ڍوري( هاڪڙو) کي وري ڏسڻ آيو آهي، جنهن ۾ ننڍي هوندي ٽُٻيون هنيون هوندائين، ۽ وڏيون ٽُٻيون هڻي هڪ جيڏن سان ڪُندرو رانديون کيڏيون هوندائين. اهو هٿونگو ڏسڻ آيو آهي جنهن جي اُڀرندينءَ ڀٽ جي اڇڙي واري چوڏهينءَ جي چنڊ جي رات ايئن چمڪندي آهي جيئن چانديءَ جي ڏِک ڏيندي هجي. اهو رتي ڪوٽ جو مندر ڏسڻ آيو آهي جنهن ۾ راتيون جاڳي عبادتون ڪيون هوندائين. اهي هڪ جيڏا ڏسڻ آيو آهي جن سان اٽي ڏڪر، گابڙي، ٻيلهاڙو، ونجھ وٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي رانديون کيڏيون هوندائين.پر هي ڀڳوانو اسان جو هوندي به هندستاني ڀڳوانو آهي. هن جي هٿ ۾ هڪڙو حڪمنامو آهي ته جتي به ويندو حد جي ٿاڻي ۾ داخلا ڪرائيندو، هاڻي جيتوڻيڪ هو ساڳي ٻولي ڳالهائي ٿو جيڪا تون ۽ آئون ٿا ڳالهايون. ريتون رسمون به پاڻ واريون اٿس پر هو پنهنجو وطني پوءِ به ناهي، ڌاريو آهي.
    انهيءَ ڀڳواني، زندگيءَ جا ايڪويھ ورهيه پرائي ديس ۾ گذارڻ بعد، ڪالھ 2012 جي سن ۾الائي ڪٿان ۽ ڪيئن اچي مونکي ڳولي هٿ ڪيو، ڪي گهڙيون ته هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ ايئن هيا سون. جيئن ماڻهو محبوبن جي ڀاڪرن ۾ هوندا آهن ۽ ڪل ئي ڪانه پوندي اٿن ته ڪيترو وقت گذري ويو. ۽ جڏهن ڀاڪرن مان نڪري هڪ ٻئي جي اکين ۾ نهاريوسين ته ٻنهي جي اکين جون پنبڻيون پُسيل هيون. ٻنهي جي اکين جي تارن جي پاسن ۾رتانوان ڏورا پاڻيءَ سان ڀريل چِٽا پئي ڏسڻ ۾ آيا.
    پڇيومانس يار“ هيترا ورهيه گذري ويا توکي انهيءَ جيجل امڙ جي مٽيءَ جي ياد به ڪونه آئي جنهن جي مٽيءَ مان اُپايل اَن کائي تون وڏو ٿيو هئين”؟
    ته همراھ صفا جِهڄي پيو، اکين مان لڙڪ لارون ڪرڻ ٿي لڳس ته روڪي ورتائين ۽ چيائين“ يار وطن ڪنهن کان ٿو وسري. ماڻهو جتي ڄائو نپنو، هڪ جيڏن سان رانديون کيڏي وڏو ٿيو، سي يارڙا، سي وٿاڻ، سي مارو، سو ڏٿ ۽ سي پَکڙا سي پنهوارڪيئن وسرندا. اهو ته هن دل کان پُڇ جنهن 21 ورهيه وطن جي سڪ لاءِ تڙپندي گذاريو آهي. هنن ڪکڙن کي ڏسڻ لاءِ تڙپيو آهيان، اولاد کان لِڪي ڇَپي رُنو آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي منهن ڍُنڍڪارون ڪري رنو آهيان”. ۽ ها تنهنجو به ته شهر ۾ گهر آهي نه، پوءِ تون ڳوٺ ڇو ٿو اچين؟ اٿئي ڪو جواب؟ يار ماڻهو جتي پيدا ٿئي ٿو، جنهن ڌرتيءَ تي بانبڙا پائي وڏو ٿئي ٿو، سا ڪنهن نپٽي کان به ناهي وسرڻي”
    چيو مانس“ پوءِ ڪهڙو ڪاريءَ تي پير پيئي جو ايئن اوچتو کڻي اهڙي ديس پلاڻيئه جتي نه تنهنجي ڄاڻ نه سڃاڻ هئي ۽ هو رڳو تنهنجا هم مذهب هيا، تنهنجي ۽ هنن جي ٻولي، ثقافت، ريتون رسمون سڀ الڳ هيون”؟
    چوڻ لڳو“ سوچيو هيم ته رڳو وڃڻ جي دير اٿم، اُتي ڪي مون لاءِ مِٺا روٽ پَڪا پيا هوندا، کير جون نديون وهنديون هونديون جن مان ٻُڪ ڀري پيو پيئندس ۽ گد گد ٿيندس، پر يار توکي ڇا ٻُڌايان ته هنن گذريل ويهارو ورهين ۾ جيڪي پاپڙ ويليا اٿم، جيڪي سور کاڌا اٿم، سي هڪڙو مَٿيون يار ٿو ڄاڻي ۽ ٻيو آئون ٿو ڄاڻيان جنهن ڀوڳيو آهي”. ۽ تڏهن وڃڻ وارن شروعاتي سالن ۾ ته اها حالت هئي ته ڀانءِ اڳيان ڪا وڏي کاهي هجيم جي ٿو ڪِران ته به ٿو مران ۽ پوئتي ٿو وران ته سَپ نه ته به سَپ جو سراپ ٿو ماري”.
    چيومانس ۽ “هاڻي جيڪر ڪير چَوَئي ته وري وٿاڻين آءُ، ته پوءِ ڇا ڪندين”؟
    وراڻيائين “يار هاڻ اولاد جوان ٿي ويو، پوٽن ڏوهٽن وارو ٿي ويس، سڀ ڌنڌي ڌاڙيءَ وارا ٿي ويا. هاڻ ڀلي منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ جي دل هيڏانهن ورڻ جي ڪري پر اولاد ڪونه ايندو. جيڪي اتي ڄاوا نِپنا، تن جي اُڪير به اتي سان هوندي نه. جيئن مونکي خوابن ۾ هي روڊ رستا، هي وڻ ۽ ويڙها ٿا ڏسڻ ۾اچن تيئن هُنن کي به اهي احمد آباد جا پڊ ياد ايندا. بس هاڻ ته جيسين جِيئان پيو، تيسين روح ٻنهي پاسي ٽَنگيل ئي رهندو.”
    آئون هن جي اهڙي جواب تي ٻوڏارجي ويس ۽ سوچيم ته اي جهان جا رب تو جڏهن هي جهان ٿي خلقيو ته ڌرتيءَ جي ماڻهن جي من ۾ اهو به وجهي ڇڏين ها ته منهنجي ۽ تنهنجي جي چڪر ۾ نه پون، هندو مسلم، سک عيسائيءَ يهودي وغيرھ جي تفرقي بجاءِ سڄي عالم جو خلقيندڙ به تون هڪڙو ته ديس به هڪڙو ئي هجي ها. ڪوبه ڪٿي دنگ ڪري بندوق کڻي نه بيهي ها ته هي ٽُڪرو منهنجو۽ هو تنهنجو. ته هوند ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا ڀيڻ پرديسي ڀائرن لاءِ ڍُنڍڪارون نه ڪري ها، ڪو پيءُ پرديس ۾ پرڻايل ڌيءَ جو منهن ڏسڻ لاءِ ويزائن جي جنجهٽن کان آجو هجي ها. اي مالڪ اڄ به منهنجي ديس جي ماڻهن ۾ مذهبي رواداري آڻ ته اهي لڪم دينڪم وليدين تي عمل ڪن. ذات پات، رنگ نسل، قوم قبيلي جي جنجهٽن کان آجا ٿين ۽ آسودي زندگي گذاري سڄي عالم جا خيرخواھ بڻجن.


    تن ڏينهين لکاني مائٽن کان لِڪي ڇپي، حيدرآباد مان شادي ٿي ڪئي، سندس ڄڃ ۾ چند دوست هياسين، جن ۾ جيوت، غازي سمون، رشيد راڄڙ، ڊاڪٽر نور محمد ڀٽي ۽آئون هيا سين، رمضان مڱريو ۽ ٺارو مڱريو به لِڪي ڇپي آيا هيا، جڏهن اسان جي ٽن گاڏين جو جلوس ميرپورخاص جي ماڊل ڪارخاني وٽان پئي گذريو ته اوچتو سامهون مرحو حاجي خان محمد مڱرئي جي گاڏي ڏسڻ ۾ آئي هئي، غازيءَ سمي، جلديءَ ۾ لکاني کي سيٽ تي هيٺ ڪري لڪائڻ جي ڪئي هئي، لکاني جيڏو ڇھ هٿيو مُڙس، مَس جيئن وڃي حاجي خان محمد جي نظرن کان لڪو هيو.
    انهيءَ وچ ۾ هٿونگي ۽ کپري جي وچ تي سوناري واٽر جي رهاڪو حاجي قادربخش شر سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي هيم، مڙس پهريان ته صفا تتڙينگ هيو، پر پوءِ کير جون لوٽيون مٿي تي ڍوئي، کپري جي هوٽلن تي وڪڻي، ٿيندي ٿيندي بنهي وڏو تونگر ٿي ويو هيو، پر صفا سادي زندگي گذاريندو هيو، شايد ٽڪڻ تي ٽوال جو سينهون ٺاهي، کير جون ڍويل لوٽيون ۽ کپري جا پنڌ ياد هيس، تنهن ڪري سُورن سان ڪمايل پونجيءَ جو قدر هيس. نئين ماڻهوءَ کي افعالين ايئن لڳندو هيو، ڀانءِ ويچارو مسڪين ويلا ٽاريندو هجي، هلڪڙي سادڙي ڪپڙي جي ميرڙي قميص پايو، ٽوال جي گوڏ ٻڌيو، پيو هلندو هيو، گڏوگڏ مُڙس رنگين چشمو پائيندو هيو۽ اڪثر ڪري انهيءَ چشمي جي هڪڙي ٽنگ ٽُٽل هوندي هئي. ڪو به نئون ماڻهو ڪڏهن به ڪونه لَکيندو ته هي مڙس ڪو تَوَنگر هوندو. ڪڏهن ڪڏهن مون تي مائٽ مائٽ چئي خرچ ڪندو هيو، سوبه ڪنهن هوٽل تي ماني کارائڻ جو يا گولڊ ليف جي پاڪيٽ جو. وڏهل جي ويٺل حاجي خير محمد مريءَ مرحوم سان گھاٽي ياري هوندي هيس. حاجي خير محمد مرحوم ٻڌائيندو هيو ته هڪڙي ڀيري مڙس وٽ ججها پئسا گڏ ٿي ويا هجن، سو ڇا ڪيائين جو مونکي وٺي ويو ته هل ته هلي پئسا ڪٿي لڪايون. سو وڃي سندس گھر جي لوڙهي جي ٻاهران وڏي کڏ کوٽي انهيءَ ۾ پوريا هياسين. ۽ مٿان نشانيءَ طور ڪاٺي کوڙي ڇڏي هئي سون. ڪجھ وقت بعد کانئس اها جاءِ وسري وئي، ٻه ٽي راتيون آسا پاسا کوٽيندو رهيو. جڏهن رقم نه لڌس ته پڪ ٿيس ته اها حاجي خير محمد چورائي ويو هوندو.تڏهن اچي جهيڙو جوٽيائينس، حاجي خير محمد کي اها جاءِ ياد هئي سو ٻانهن کان وٺي انهيءَ جاءِ تي آڻي پئسا کوٽي ڏئي، پنهنجي جان آجي ڪرايائين.
    حاجي قادربخش جو لاڙو پيپلز پارٽيءَ ڏي تمام گھڻو هوندو هيو، کپري جي شهر ۾ ويهي پيپلز پارٽيءَ جي ڳالھ ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالھ ڪونه هوندي هئي، انهيءَ ووٽ ڏيڻ جي ڪري، فقير چوريون به جام ڪري ويندا هيس ته به حرام ڪو منهن ۾ گھنج ايندو هيس. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ وارن پنهنجن دورن ۾ ڏنو ڪجھ به ڪونه هيس، تڏهن به هي همراھ جتي هيو اتي شِيخ ٿيو بيٺو هوندو هيو. پٽ جوان ٿيس، ڏٺائون ته اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي پئي ٻري، اسان به وٺون، حاجيءَ سان ڳالھ ڪيائون ته بگڙي پيو، چئي ابا ڌوڙ وجهوس، ڪير پيو بجليءَ جا بل ڀريندو، پاڻ ايئن ئي ٺيڪ آهيون. پُٽن کي اها ڳالھ نه وڻي، لڪ چوريءَ ۾ واپڊا وارن سان ڏنو پُٽ ڇُٽي جو ڪري ڳالھ طيءِ ڪيائون. هاڻ مسئلو اهو ٿيو ته بجليءَ جو سامان ڳوٺ ۾ ڪيئن لهي، جيڪر ايئن ام ڌُم تي وڃي سامان لٿو ته حاجي آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيندو. پاڻ ۾ صلاح ڪري مون کي چيائون ته اڄ رات اسان وٽ بجليءَ جو سامان ايندو جنهن ۾ پول ۽ ٽرانسفارمر وغيرھ هوندا، صبح جو حاجي صاحب جڏهن اهي شيون ڏسندو ته آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيندو. ان ڪري توهان اڄ رات اسان وٽ هلي رهو ۽ صبح جو حاجي صاحب کي ڪنهن طريقي سان ٿڌو ڪريو. ڇو جو هو توهان جي ڳالھ رکندو آهي. تن ڏينهين حاجي قادربخش جي اوطاق ڪانه هوندي هئي، آيو ويو، سياري اونهاري، گھڻو ڪري ٻٻرن هيٺان رات گذاريندو هيو. اها رات مون سندن ڳوٺ کان اڀرندئين پاسي. ٻٻرن جي هيٺان سمهي گذاري هئي. مِٺا مِٺا سيءَ هيا، هلڪي ڦلڪي سوڙ ولھ ۾ دٻ ئي ڪونه جهلي هئي، سڄي رات ننڊ ته ڪونه آئي هيم، مڙوئي رات ڪٽڻي هئي سا ڪٽي ويو هيس. رات جو ٻن مزدائن ۾بجليءَ جو سامان به اچي لٿو هيو.فجرڌاري حاجي صاحب گوڏڙي پايو، کٻڙ جو ڏندڻ ڏيندو ٻاهر نڪتو، اوچتو گهرن جي آڏو بجليءَ جي سامان جو ڍڳ ڏسي، منهنجي گاڏي سڃاڻي اچي منهنجي منهن تان رلي لاٿائين. ۽ وڏي ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو مائٽ هتي ڪاٿي ستو آهين؟ پوءِ ڪٿي سمهان؟ تو وٽ ته ڪا اوطاق به ڪانهي ڀائو. ڳالھ کي وڌائيندي چيم، اهو ته پڇ ته اوچتو هتي آيو ڪيئن آهيان. تڏهن چوڻ لڳو ها ها اهو ته ٻُڌاءِ. پوءِ اصل قصي تي ايندي چيو مانس حاجي صاحب ڳالھ ئي نه پُڇ، رات ڪي ٻه گاڏيون هي سامان کڻي تنهنجو ڳوٺ پڇائينديون، اچي مون وٽ پهتيون.چيو مان ته اهو هتان گھڻو پري آهي.پڇيو مانِ، ڀلا حاجي قادر بخش ۾ ڪم ڪهڙو اٿوَ؟ تڏهن وراڻيائون، ته ادا بينظير ڀٽو صاحبه، خاص طور تي حاجي صاحب جي ڳوٺ لاءِ بجليءَ لڳائڻ جو حڪم ڪيو آهي، سو اهو ڳوٺ ڳوليندا ٿا وتون، پر اسان کي لَڀي ئي ڪونه ٿو. ڳالھ کي وڌائيندي چيومانس ته ادا پوءِ سوچيم، ته جي هنن کي ايئن ٿو تنهنجي ڳوٺ موڪليان ته ڪونه ڪو پيپلو يا مورڳهين ليگلو هٿرادو قادربخش بڻجي وچان وچ سامان جهٽي ويندو ۽ حاجي قادربخش ويچارو بجليءَ کان وري به رهجي ويندو، ان ڪري هنن سان گڏيو هليو آيس ۽ رات هتي ئي سمهي رهيس. ڳالھ پوري ڪري ڏٺم ته انهيءَ مهل حاجي صاحب جي مُک تي عجيب قسم جي چمڪ آئي ۽ فخريه انداز ۾ چيائين، هائو ادا هائو، بينظير ويچاري بروبر مون کي گھڻو ڀانئي ٿي. پر هي وچ وارا وڏيرا مون کي سَهن ئي ڪونه ٿا. چڱو ٿيو جو تو آئين نه ته واقعي به هي پيپلا منهنجو سامان کڻي وڃن ها.۽ پوءِ گھران وڃي پُٽن پوٽن کي ننڊ مان اٿاري، اڳيان ڪري، اچي سامان ڏيکارڻ لڳو. چوي پيو ڏسو بينظير ڀٽو ماکي ڪيترو ٿي ڀانئي، جو رات جي پيٽ ۾ بجليءَ جو سامان موڪلي ڏنو اٿائين.
    گھڻا سال پوءِ پُٽس راجا عزيز جي شادي ٿي ڪيائون، چئي ڪو ڀت ڪندس ۽ ڪرڻ ڏيندس ڇا، ڦنڊي خلق کائي ڀينگ ڪري ويندي، نه بابا نه پاڻ ايئن ڪونه ڪنداسون، پوءِ ويهي هلڪڙي ڪاڄ جي خرچ پکي جو ڪاٿو لِکرايائين، ڇھ قنائتون, ڇهن ديڳين جا چانور، اڍائي مڻ ڪڪڙ جو گوشت، هڪ مڻ اٽو. ۽ بس ٻيو ڪجھ به نه. تن ڏينهين آئون هتان بدلي ٿي ويو هيس، پر واسطيداري اڃان به اهڙي ئي هئي. حاجي صاحب جي پُٽن اچي مونکي سنبرايو ته هلي پنهنجي مائٽ کي سنڀال. ويس ته همراھ جو بِگل ڦريل هيو، چئي هي ڇورا ڀينگ ڪري ڇڏيندا، ٻيلي هنن کي سمجهاءِ. نيٺ ڏٽا پوزيون ڏئي راضي ڪيو سونس. سو به انهيءَ تي راضي ٿيو ته چڱو ڀلا فوزيا سومري گھُرايو ته پوءِ ڪجھ ڪونه چوندس. پوءِ اڍائي مڻن جي بجاءِ 80 مڻ گوشت هليو، هزارن ۾ ماڻهو آيا. وڏا دهل دماما ٿيا.
    حاجي صاحب پيپسي ڪولا جو شوقين هوندو هيو، پُٽس جي ڀت جي رات ليمي مل واڻئي پيپسي جي وڏي بوتل ۾ شراب ملائي مون کي ڏئي ڇڏيو، ته حاجي صاحب جو تو تي اعتبار مڙوئي ڪجھ ججهيرڙو آهي، پيپسيءَ جي بهاني هيءُ چُڪڙو پياري ڇڏينس ته پُٽن کي توڙي پاڻ کي تنگ ڪونه ڪندو.پوءِ ان پيپسيءَ جا ڍُڪ ڀريندي، گهڙيءَ گهڙيءَ مون ڏي ڪنڌ ڦيري مون کي چوندو رهيو، مائٽ هيءَ ته ڏاڍي ڪساري آهي!. ۽ آئون بار بار کيس اهو چوندو رهيس ته، مائٽ اصلي بوتل اها آهي، ڪراچيءَ مان گهرائي اٿم. هتي ته رڳو کپري جي واڻين وٽ نقل پيو ٿو هلي. تنهن تي ڪنڌ ڌوڻي چوندو رهيو هائو مائٽ هائو تون سچو آهين. حالانڪ اُنهيءَ رات اڳوڻي مختيارڪار رستم بوزدار ليمي جي حرڪت کي تاڙي ورتو هيو، حاجي صاحب کي گھڻو ئي منع ڪيائين ته. ادا هن ۾ شراب مِليل آهي، متان پيتو اٿئي. پر مڙس منهنجي اعتبار ۾ ڪُسي ويو هيو.ٿوريءَ دير بعد نشا چڙهيس ته حال گهڙيءَ ته فوزيا سومريءَ تي سون جا نوٽ گهوري خلق کي حيران ڪري وڌائين، پوءِ نيٺ هوريان هوريان وڃي سُتو، ۽ همراهن جو ڀت خير خوبيءَ سان گذري ويو. صبح جو جڏهن مُڙس کي سار ٿي ته سج ڪانو ٻه مٿي چڙهي چُڪو هيو ۽ ڀَتَ واري ميدان تي رڳو ڪانگ پئي اڏاڻا، ٻيو ڪجھ به ڪونه هيو.
    سادگي ايتري هيس جو، هڪڙي ڀيري صابر خيبر کان ٽريڪٽر خريد ڪيائين ۽ اڌ رقم روڪي چيائين جيستائين ٽريڪٽر جي نمبر پليٽ نه ڏيندين ايستائين پئسا ڪونه ڏيندوسانءِ. ڪهڙي خبر ڪاڳر ڪوڙا هجن يا مورڳو ٽريڪٽر ئي چوريءَ جو هجئي. اصل ۾ ٽريڪٽر ڪو چوريءَ جو ئي هيو، سو صابر ماٺڙي ڪري هڪڙي لوهار کان نمبر پليٽ جي سائيز جي لوھ جي پٽي ٺهرائي، رنگ ڪرائي، مٿس نمبر لکي، هٿ ۾ ڏئي، پئسا وصول ڪري ويس. حاجيءَ کي گھڻو پوءِ خبر پئي ته ٽريڪٽر جا ڪاغذ توڙي نمبر ڪوڙو آهي. پوءِ پئي سٿرون ڪُٽيائين. پنهنجي کپري جي ٻئي دور ۾ مون خيبر ڪار ورتي هئي، بينڪ جي موڪل جي ٽائيم تي حاجي صاحب هرروز اچي در ته بيهي چوندو هيو، ته مائٽ پهريائين ماکي گھر ڇڏي پوءِ تون وڃجانءِ. ۽ ڪار ۾ ويهندي ئي آئون ايئر ڪنڊيشنڊ کوليندو هيس ۽ حاجي صاحب ناس جي دٻلي کولي، دٻليءَ کي هلڪو لوڏو ڏئي، ناس پنهنجين ناسن ۾ وجھندو هيو، حاجيءَ جي ناسن کان اڳ۾ ناس منهنجي نڪ ۽ اکين ۾ پهچي ويندي هئي، ۽ منهنجي ڇِڪن سان گڏ اکين مان لڙڪن جي به وارو وار هوندي هئي. پر سور پي به حاجي صاحب کي گهر ڀيڙو ڪري ايندو هيس.
    هٿونگي ۾ ئي ڀڳوان داس کتريءَ سان سنگت جا پيچ اڙيا هيا، سي به اهڙا ته اڙيا هيا جو مٿو مٿي تي يار ٿي پيا هياسين. ڏاڍو پيارو ۽ پيار ونڊيندڙ ماڻهو هيو، سنڌ جي ادب ۽ سياست تي گھري نظر هوندي هيس. گڏوگڏ ڪاروبار جا گُر به تمام وڏا ڄاڻيندو هيو، افسوس جو بنان ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، بنان ڪنهن زور بارجي، بنان ڪنهن ڀئو جي ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃي انڊيا جا وڻ وسايائين، سندس وڃڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ اڄ تائين به اٿم. افسوس جو اڄ تائين ڪوبه رابطو ڪونه ڪيو اٿائين.ٻڌو اٿم ته گجرات صوبي جي ڪنهن شهر ۾ رهي ٿو. هن ئي دور ۾ لکاني مڱرئي به هڪڙي ايف ايڪس ڪار ورتي هئي، نوابشاھ ڏانهن پڦيءَ جي پُٽن ڪو ڀت ٿي ڪيو ته دل ۾ آيم ته ڇو نه امڙ کي ڪار ۾ وٺي وڃان. ان ڪري لکاني کان ڪار موڪلائي جڏهن ٻن ڪلاڪن ۾ نوابشاه جي پاسي ۾ سٺ ميل جي شهر پهتاهياسين، ته امڙ ايترو جلدي پهچڻ تي حيران ٿي وئي هئي. چيائين اها ئي مهل آهي، ڏينهن ئي ڪونه لڙيو آهي جو پهتا آهيون. امڙ جو ڪار ۾ سموريءَ حياتيءَ ۾ اهو پهريون سفر هيو. ڳالھ ڪيائين ته پٽ اڳي نوابشاھ جي مائٽن ۾ اچڻ لاءِ فجر جو اٿي ماني پچائي ٻه گره پيٽ ۾ هڻي، باقي مانيون ڪنهن اڳڙيءَ ۾ ٻڌي، ڍڳي گاڏي جوٽي، ميرپور روانو ٿبو هيو، ميرپورخاص مان ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي نوابشاھ پهچندي پهچندي، سج لهان لهان پيو ڪندو هيو.هڻ وٺ ڪري سٺ ميل جي آخري بس ۾ چڙهي اچي اتي پُڄبو هيو، ۽ پوءِ وڍبو هيو پنڌ کي. رات جا ڏه يارهن ٿيندا هيا جو وڃي سڏ ڪري مائٽن کي ننڊ مان جاڳائي سندن اڻ ڪوٺيو مهمان ٿبو هيو. هاڻ ته ته ڏس مُئن مهاجرن ڪهڙيون مشينون ڪڍي ڇڏيون آهن.( امڙ هر شيءِ لاءِ ڀائيندي هئي ته اها مهاجرن ٺاهي هوندي) گھڙيءَ ۾ ئي هتي پُڄي ويا آهيون. ۽ پوءِ ان وقت مونکي دعائون ڪيون هيائين، ته ٻچا رب ڪندو سدائين وڏين وڏين ڪارُن ۾ گھمندين.
    ستت ئي هٿونگي مان بنان جواز بدلي ٿي هئي، ۽ اچي غريب آباد ميرپورخاص ۾ قائم بينڪ جي زونل آفيس جا وڻ وسايا هيم. ڪڏهن ڪڏهن اسپيئر ٽائر جيان، جيڪو موڪل تي ويندو هيو، تنهن جي جاءِ تي ڊيوٽي ڪرڻ ويندو هيس. جنهن ۾ جام ٽي اي ڊي اي ملندو هيم. ۽ نيٺ 1989جي وچ ڌاري عُمر ڪوٽ ۾ سيڪنڊ آفيسر جي حيثيت ۾ پڪي پوسٽنگ ٿي هئي.عُمر ڪوٽ جو شهر حقيقي معنيٰ ۾ مون لاءِ اصلاح جوگهر بڻيو هيو.شروعاتي دور ۾ صرف ٻن ماڻهن سان واسطيداريون وَڌيون هيون، تن ۾ هڪڙو هُيو لائق ٿيٻو۽ ٻيو هيو سليم مَهر. ٻئي هڪ ٻئي جي ابتڙ ۽ هڪ ٻئي جا ضد هئا. لائق جڏهن مون ڏٺو هيو، تڏهن اهڙو ڪونه هيو، اصل ايئن چئجي ته ڪَل ٿِڙيل مُڙس هيو ته به ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. هڪڙو ته نَوَ هَٿِيو مڙس، جنهن جي جُتيءَ جو ڪارب ڪنهن موچيءَ وٽ نه هجي، سو وري ڀانيان ٿو خوشونت سنگھ کي گهڻو پڙهي، سِکن جو پٽڪو ٻڌڻ لڳو هيو، مٿان وري ڪُڙتو ۽ چوڙيدار پاجامو، پيرن ۾ پنجابي کُسو. اصل مڙس جهڙو محمد مشڪرو ٿيو پيو عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ نُوس نُوس ڪندو هيو.پوءِ به هن ننڍي نيٽي مڙس جو وڏڙا به احترام ڪندي چوندا هيا ته ابا هيءُ همراھ ته اُٺ ڪتابن جا پڙهيو ويٺو آهي. اها حقيقت به هئي ته عبدالڪريم پليءَ جي اوطاق تي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۽ ڪتابن جو هيءُ عاشق، حاضر جواب، گھڻ پڙهيو ۽ تيز ماڻهو، مذهبي رڪاوٽن کان گهڻو ٻاهر ڦِرندڙ، زُو معنيٰ جملن ۾ گهڻو ڪجهه چوڻ وارو.ويجهن دوستن سان ويهي ته کُلي ڳالهائي، وزني ۽ ڀرپور دليل ڏئي، ته هر ماڻهو سندس چڳ وڍيو مُريد ٿيو وڃي. ڪجهه وقت اڳ ڪنهن وڏي مُلان سان عمرڪوٽ ۾ مناظرو ڪندي مٿس تعزير جاري ٿي هئي. ڊنو اهڙو جو جُلابن جا ڌوڙيا هجنس، عمرڪوٽ اچڻ وڃڻ ڇُٽو، مڙس سڄا سارا ڇھ مهينا کن ڪُنڊائتو رهيو، ۽ جڏهن جان ڇُٽس ته عام ماڻهن ۾ ڳالهائيندي لفظن جي، پهريائين چڱي موچاري تور تڪ ڪري پوءِ ڪو گفتو وات مان ڪڍي، سو به تڏهن جڏهن اڳلي کي پرکي وٺي، ته هائو ٻيلي اڳلو مڙس سهپ ۽ سمجھ وارو آهي، نه ته چُپ رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي. پر پڙهي لِکي سنگت ۾ ويهي ته مُڙس صفا کُليو پوي، کُل به اهڙي ڪري جو وڃي ٿيا ست خير. ثاقب آريسر سان پراڻي ۽ گهاٽي ياراني هوندي هيس، ٻنهي جي وچ ۾ وڏا وڏا مناظرا به ٿيل هيا. سو ثاقب آريسر جهڙي مذهبي ماڻهو ءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ رمضان جي مهيني ۾ وچينءَ نماز ويل گدرو خريدي اچي، ۽ بلڪل خاموشيءَ سان ڪنڊائتو ٿي ڏکڻ جي هوا تي ويهي، گدرو وڍي کائي. مار پويس گدري جي خوشبوءِ اهڙي ته تيز آهي جو وچينءَ جي ويل روزيدار جي ته ڇا، پر ڍاول جي به وات مان پاڻي ڳڙيو پوي. ثاقب سان به اها ئي جُٺ ٿئي، ته گارين جا ڌوڙيا لايو ڏئيس. لائق، ثاقب جي گارين تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندي خاموشيءَ سان سمورو گدرو کائي، پهريائين چار پنج وڏيون اوڳرايون ڏئي، پوءِ ثاقب جي آڏو وزني دليلن سان ثابت ڪري ته روزي دوران گار ڏيڻ سان هڪڙو ته انسان جو روزو مڪروهه ٿئي ٿو. ۽ ٻيو ته تنهنجو ايمان ڪمزور هيو جو گدري تي وات پاڻي ٿي ويو اٿئي. ۽ واهيات گاريون ڏئي پنهنجو روزو به مڪروھ ڪيو اٿئي. تڏهن ثاقب ايمانداريءَ سان اها ڳالھ مڃيندي چوندو هيو ته ها يار اهو ته صحيح آهي، پر تو جهڙي اندر جي ڪاري کي اهو ڪونه ٿو جُڳائي جو مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ اهڙي فتوي جاري ڪرين.لائق ۽ ثاقب جي اها ياري اڄ به ويرون وير وڌ آهي، باوجود انهيءَ جي ته پوءِ لائق به ميرپورخاص جي ميمڻ مهاجرن مان شادي ڪرڻ بعد پنهنجي نالي آڏو محمد به لکڻ شروع ڪيو هيو. تن ڏينهين سندس گهر واريءَ کان پڇيو هيم، ڀاڄائي ڏي خبر، مُڙسهين ۾ ڪو دين ايمان جو ذرو به آهي يا جهڙو ڊگهو آ تهڙو ئي اُٺ آهي. تنهن تي مرحيات ڀاڄائيءَ چيو هيو الائي ادا منهنجي آڏو ته وڏا وڏا هٿ کڻي دعائون پيو گھرندو آهي. ته لائق ٺھ پھ لقمو ڏنو هيو“ دعا ٿو گهران ته تون هلي چُرين، پر اڳيان به ڪو هجي ته دعا اگهامي”. ۽ نيٺ مار پئي ڪار زباني جي ڀوڳن ڀوڳن واري دعا اگهائڻ واري اگهائي ڇڏي. مُڙس اوچتو رنوڙ ٿي پيو. انهي قصي تي پڇاڙيءَ جو اينداسون حال گھڙي هلون ٿا اڳتي، سو سندس اُبتن احوالن جي ڪري سندس وڏو ڀاءُ وڏيرو ولي محمد ٿيٻو جيتوڻيڪ پيار مان کيس کلندي کلندي ڪُٽڻ جي نالي سان سڏيندو آهي.
    ڪنهن زماني ۾ ته سنڌ جا جيڏا سرتا، ڀانيان ٿو ته حسن مجتبي کان وٺي حسن درس تائين کيس نالائق ٿيٻو چوندا هيا. رڳو اهي ڪونه پر هرڪو کيس نئون نالو پيو ڏيندو هيو جنهن زماني ۾ مٿس وڏي مُلي جي تعزير جاري ٿي هئي، تڏهن پانڌي ۽ عمر ملاح نالي ٻن ڌاڙيلن جو هن ملڪ ۾ وڏو زور هيو. ڪنهن وڃي کين ڦوڪ ڏني ته وڏيري وليءَ جو ننڍو ڀاءُ لائق ٿيٻو، دين دنيا کي مڃي ئي ڪونه. سي به پنهنجي ڪيل گناهن کي ثوابن ۾ بدلائڻ لاءِ، هڪڙي ڀيري هن تي هلان ڪرڻ لاءِ اڳ جهلي بيٺا هيا، همراه هٿ جو آيُن ته پُٺن تي اهڙا سوٽا وڄايائونس، جو ڪي ڏينهن مڙس پُٺن تي ٽاڪوڙون ڪرائيندو وتيو هيو. ۽ ڪنهن به ڌاڙيل جو نالو ٻُڌندو هيوته چار فوٽ اُڀو ٿي هيڏانهن هوڏانهن لوڻو ڦيريندو هيو. اُن هوندي به مُڙس اُٺ ڪتابن جا پڙهندو وتندو هيو ۽ علم ۾ اڳي کان اڳرو رهندو هيو.
    جڏهن اڃان پرڻيو ڪونه هيو، تڏهن گھڻو تڻو حيدآباد ۾ رهندو هيو، سندس چوڪڙيءَ ۾ مرحوم عزيز پلي، حسن درس ۽ حسن مجتبي جهڙا يار هوندا هيا.اها ڳالھ به لڪائڻ جهڙي آ، جو همراھ آمريڪا وڃڻ جي شوق ۾ هڪڙي ٺڳ جي ور چڙهيو، جنهن به ڊگھو ۽ بي عقل سمجهي چڱي موچاري چَتي چاڙهي هيس. تڏهن ڀانيان ٿو ته حسن درس ئي ڪٿي ٺوڪي لکيو هيو ته خوشقسمت آهيون اسين جو لائق ٿيٻي جي ٽهيءَ مان آهيون. تنهن تي يارن وڏا ڪينرا ڪيا هيا. ته اهو وري ڪهڙو ڏاهو آهي.جو حسن ايئن لکيو آ. تن ڏينهين حليم باغيءَ کي چريو ڪرڻ کان وٺي، ٻيا به کوڙ الزام مٿس لڳا. پر مار رڳو ڌاڙيلن جي کاڌائين. ٻين کان مَلا مليءَ بچي ويو. هڪڙي ڀيري کُٽيءَ کنيو هيس، جو ٺوڪي الطاف ڀائيءَ کي پنهنجي نالي واري ڇَپيل پني تي خط لکي سنڌ لاءِ صلاحون ڏنائين. تان جو يارڙن کنڀي اچي کنيس ته هل زون تي وڏي گُهرايو اٿئي. جيسين اتي پُڄي، الطاف ڀائيءَ سان ڳالهائي تيسين مڙس جي ٿُڪ ئي سُڪي وئي هئي. پوءِ خبر پيس ته اڳلي مڙس کي سندس صلاح ڪا وڻي هئي، تڏهن ٿي فون تي ڳالهايائينس. ۽ پوءِ يارن جيڪو وٺي لطيف، لطيف ڪيو هيو سا صلاح هن مُڙس جي هئي.
    گھڻو پوءِ جڏهن مُڙس جو ملڪ ۾اڃان وڏو ناماچار ٿيو هيو، ته مشرف جي دور جي ميرپورخاص جي عوام دوست ناظم پير شفقت شاھ جيلانيءَ ڪنهن پڙهئي لِکئي ماڻهوءَ جي صلاح تي، هن همراھ کي تعليم لاءِ صلاحڪار ڪري رکيو. خبر ته سڀني کي هئي ته هيءُ قصو ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار وارو آهي. الائي ڪيئن مڙسن جو گاڏو هلندو. پر ٽئين ڏينهن ئي مڙس ڪتابڙا ڪڇ ۾ ڪري ڀڄي آيو. ڀڄي ته آيو پر گڏوگڏ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص جي پرنسپل جهڙي ڀلوڙ ڪُرسي به وِڃايو آيو هيو. وري ٻئي دور ۾ ناظمه ڪنيز صغري جوڻيجيءَ کي ڪوئي پڙهيو لِکيو ماڻهو سيڪريٽريءَ طور کپندو هيو، سو حاجي راهو، هن کي ٻڌي ٻوٿ کڻي وڃي ناظمه جي آڏو پيش ڪيو هيو. ته به انهيءَ انٽرويو ۾ ڳٽڪارون ڪندي ڌراڙن جيان ڄَٽڪا جواب ڏيئي پاند آجا ڪرائي ڀڳو هيو. گورنر عشرت العباد، سنڌ جي اديبن لاءِ قلمڪار ايوارڊ جو اعلان ڪيو هيو، جنهن ۾ ڳچ جيتري روڪ رقم به هئي، تنهن ۾ هن همراھ جو نالو به هيو. پر هن همراھ ٻئي ڏينهن ميڊيا آڏو اچي چيو ته ڀائي آئون قلمڪار آهيان ئي ڪونه، سو اهو ايوارڊ به ڪونه وٺندس. ۽ گھڻي چئو چوان بعد به سندس نه کي نَوَ ڪوٽ آيل رهيا.
    ويجهڙ ۾ مڙس رَنِجي پيو آ، جيتوڻيڪ هڪڙو دادلو عامر سندس گهر جي چلھ ڪونه ٿو ٻَرڻ ڏئي، ٻين اکرن ۾ ٽئي ويلا ماني پُڄايو وڃيس، ٽين اکرن ۾ مُڙس سڌو سنئون پِن جي ٽُڪرن تي پيو پَري.جنهن به يار دوست کي اها ڳالھ نٿي وڻي، سو وري پرڻجڻ ۽ گھر جي چُلھ ٻارڻ واري آڻڻ جي صلاح ٿو ڏئيس. مڙس کي صلاح ڇا ٿي ملي، ڄڻ ککر ۾ کڙو ٿو لڳي. مڙس رهندو صلاح ڏيندڙن جي ڪنڌ ۾ پيو وڃي، سڌو پِڌوچيو ڇڏي، اوهان واريون ڏيو ته شادي ڪيان. تنهن سُوران هرڪو ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکيو ڀڄيو وڃي. پر ڀڄي جان ڇڏائيندڙن کي به چوي ته ڀائي جي جيئري نٿا سهسايو ته وصيت نامي ۾ ئي لکي ڇڏجو، آئون ايترو انتظار ڪري وٺندس.
    هوڏانهن سليم مهر، لائق جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو گھٽ پڙهيل هيو، پر مڙس بنهي گهڻ ڳالهائو ۽ وڏو واترادُو هوندو هيو. هرهڪ نشي پتي جي علت سميت، منجهس ٻيو به گهڻو ڪجهه هُيو. جيتو ڻيڪ هو هاڙھ جي ويٺل هڪڙي مسڪين هر هاريءَ ڪاڪي قاسم مهر جو ٻار هيو، وڏي محنت ڪري، پاڻ بيلچا هڻي، ڏَلها کڻي۽ تغاريون کڻي، وڏا سور پٽي ۽ پورهيا ڪري پوءِ ٺيڪيدار بڻيو هُيو، سو گهڻي پئسي اچڻ سان پٽڙيءَ تان ٿورڙو ٿِڙي به ويو هُيو. يا وري پئسو هٿ جو مَرُ سمجهي اڻ ميو اُڏاريندو وتندو هيو. ڀوڳائي به اهڙو هُيو جو اصل الله ڏئي امانُ. ڪچهريءَ ۾ ويٺي ويٺي ڪابه ڪوڙي ڳالھ ڪري منهن جو اهڙو پڪو ٿي بيهندو هيو، جو هرڪو ماڻهو يقين ڪري وٺندو هيو. هڪڙي ڀيري اسان ٻيئي ڄڻا حبيب بينڪ جي ٻاهران ٺهيل ٿَلهي تي ڪرسيون رکي ڪچهريءَ ۾ مگن هياسين، ته پريان ٿَرَ جو ناميارو اسمگلر عُرس نهڙي، ڪارونجهر هوٽل هيٺان بيٺو هيو، قد ڪاٺ ۽ ڪپڙي لٽي سان عرس نهڙي ڏاڍو خوبصورت لڳندو هيو، همراه جو مون کي گهڻو وڻيو، ته منهنجو روح ڪونه رهيو ڪونه ٿيو ۽ سليم کان پُڇيو هيم، ادا سليم اهو خوبصورت ماڻهوڪير آهي؟ تنهن تي ٺھ پھ وراڻيو هيائين ته، اهو سهڻو جوان هتي جي لِڪل ڳاڙهي بازار جو مالُ سپلاءِ ڪندڙ آهي. هميشھ جيان سندس ڳالھ تي اعتبار نه ڪندي ۽ ڪوڙي دٻ سمجهندي چيو هيم، ڇڏ يار سليم، ههڙو خوبصورت ڳاڙهو ڳٽول جوان، اهڙا ڪِنا ڪَم ڪيئن ڪندو هوندو؟ تنهن تي مُنهن تي رُڪ ٻَڌي، نڪ جي پڪائيءَ سان مونکي گِھِلي عرس وٽ ويو هيو ۽ پڇيو هيائينس ته، منهنجي هن ڪاموري يار کي مال ٿو کپي، تو وٽ حاضر مالُ آهي يا نه؟ ؟ تنهن تي عرس به ٺھ پھ وراڻيو هيو، حاضر منهنجا يار، مال جام آهي، حُڪم ڪر ڪِٿي پُهچايان؟ عرس جي اهڙي جواب تي ڏندين آڱريون اچي ويون هيم، سوچيو هيم مار!! مڙس جو قد ڪاٺ، رنگ روپ، ڪپڙو لٽو ته ڏسو ۽ ڌنڌا به ڏسو!!.گهڻو پوءِ اها خبر پئي هيم اهو مال ٻيو ڪجهه به نه، پر انڊيا جو ارسٽوڪريٽ شراب هُيو. جنهن جو عُرس وڏو اسمگلر هيو، ۽ اُٺن جا اُٺ ڀري اچي ٿر جي ڀِٽُن ۾ پوري ڇڏيندو هيو ۽ پوءِ چڱا موچارا ڏوڪڙ وٺي، يارن دوستن کي گھر ويٺي پهچائي ڏيندو هيو. سو تنهن ڏينهن به سليم کانئس اهو ئي مال پڇيو هيو ۽ مونکي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ منهن تي رُڪ ٻَڌي ابتي ڳالھ ٻڌائي هيائين.
    جيتوڻيڪ تن ڏينهين پنهنجي جاءِ مسواڙ تي ورتل هيم، پر ڪڏهن ڪڏهن سليم جي جاءِ تي رات رهي پوندو هُيس. ۽ پنهنجي هيڏي ساري ڄمار ۾ نه ڪڏهن شراب ڏٺو هيم ۽ نه شرابي ڏٺا هيم نه ئي وري ڪڏهن شرابين جي ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويٺو هيس.سليم جي جاءِ موالين جو وڏو ڏيرو هوندي هئي، رات ٿيندي ئي ڀانت ڀانت جا ماڻهو شيشي سُٿڻ جي ورن ۾ کڻي اچي پهچندا هيا. ۽ جام سان جام ٽڪرائيندا هيا. چُڪو چاڙهڻ بعد موالي لڏو هوائن ۾ اڏرندي آسمان سان ڳالهيون ڪندو هيو. ايئن لڳندو هيو ڀانءِ سنڌ جا والي هجن. ڀانءِ دنيا جهان مڙسن جي پيرن ۾ پيو هجي.جڏهن موالين جون محفلون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اتي ڏٺيون هيم، ته عقل دنگ رهجي ويندو هيو، موالين کي خمارن ۾ ٿِڙندي، وڙهندي، پَرچندي، روئيندي ۽ کلندي ڏسي، عجب ٿيندو هيو.رات جو موالين جون خُمارن ۾ ڪيل خبرون ٻڌي سمجهندوهُيس ته هي ته سڀ چريا ٿي ويا. يا هنن مان ڪو رات جي پيٽ ۾ مري ويندو، پر صُبح جو کين ٺيڪ ٺاڪ ڏسِي حيرت ٿيندي هُيم. مزي جي ڳالھ اها به هئي ته ايترين سارين محفلن ۾ هوندي به اڄ ڏينهن تائين دارون نه پاڻ ئي پيتم نه ئي ڪو زبردستي پياري سگھيو. حالانڪ عمرڪوٽ جي معروف سياسي شخصيت غلام رسول شاھ عرف ٻائو شاھ، هڪڙي ڀيري مرحيات نوري هڱورجي کي گڏ وٺي اچي مون تي هلان به ڪئي هئي، ۽ مون ننڊ پِيل کي، کٽ جي واڏڻ جي رسي سان ٻڌي شيشي جا ڍُڪ ايئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيئن پاڻ ڍڳي کي تيل جا ڍُڪ ڏِيون. پر پوءِ به اُلٽيون ڪري اهو ڪِنُ پيٽ ۾ وڃڻ ڪونه ڏنو هيم. الائي ڇو؟ سنگت ته سموري چوندي اٿم ته مان هن ڀلوڙ نعمت کان محروم آهيان. الائي اها نعمي آهي يا زحمت سا ته رب ٿو ڄاڻي، پر پاڻ کي رب بچايو آهي.


    19

    تنهن زماني ۾ عمرڪوٽ ڪاليج جو پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري هوندو هيو. شام جو اڪثر ساڻس ڪچهريون قائم ٿينديون هيون.هو عمرڪوٽ ڪاليج جي هاسٽل جي هڪڙي ڪمري ۾ انتهائي سادگيءَ سان رهندو هيو. مرحوم سنڌي، عربي، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جو وڏو ماهرهوندو هيو، هو ايران جي اڳوڻي وزير خارجا علي اڪبر ولايتيءَ سان گڏ تهران يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو هيو. تن ڏينهين عمرڪوٽ جو جيمخانو اڃان شروع ڪونه ٿيو هيو، اڪثر ڪري بيڊمنٽن ۽ ٽينس راند به وڃي ڪاليج ۾ ڪندا هياسون. عمرڪوٽ ۾ يارن جو ته ڇيھ ئي ڪونه هيو، پر هنن ٻنهي همراهن کان سواءِ گهڻي اٿ ويھ ڊاڪٽر عزيز ورياماڻي ۽ ڊاڪٽر حاجي راهوءَ سان به هيم، جيڪي به مون جيان شراب جي مزن وٺڻ کان باغي هوندا هيا. ڊاڪٽر عزيز ورياماڻي، سنهڙو سيپڪڙو، ۽ داناءُ هجڻ سان گڏ حڪمت جو به وڏو ڄاڻو هوندو هيو، ورلڊ بينڪ جي تعاون سان جن ٻن ٿري ڊاڪٽرن، ٿرين کي واري جي بيماريءَ مان آجو ڪرڻ لاءِگنيورم پروجيڪٽ جو ذمو پنهنجي سر کنيو هيو. انهن ۾ ڊاڪٽر ايوب قاسماڻيءَ سان گڏ ڊاڪٽر عزيز به هيو. هنن ٻنهي مڙسن پنهنجي ديس جي مسڪين ماوئڙن لاءِ عذاب بنجي اُڀريل هن واري جي بيماريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿر جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڀَٽڪي پاڻيءَ جي تراين ۽ تلائن ۾ دوائون وجهي، هن بيماريءَ جي جراثيم کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو، سو به بنان ڪنهن شهرت حاصل ڪرڻ جي شوق جي. تن ڏينهين ڊاڪٽر عزيز جي ياري امين ناگوريءَ سان به هوندي هئي، جيڪو زراعت کاتي جو ڪامورو هيو، عزيز ۽ امين ٻئي ڄڻا اڪثر ڪري ڀولو ڀائيءِ نالي هڪڙي درزيءَ جي دڪان تي ويهي رات جو ڪچهريون ڪندا هيا. بقول سندن، ته اتي ڪڏهن ڪڏهن ڪي مست الست اچي کين سُتيون ڦيڻا ۽ حڪمت جا ڏس ڏئي ٿا وڃن. مون به انهيءَ شوق ۾ ڊاڪٽر عزيز سان گڏجي ڀولو ڀائيءَ جي دڪان جا ڪافي پنڌ ڪيا هيا، سندس پراڻي ۽ سينواريل پاڻيءَ جي ناديءَ مان ڪيئي، ڪوپر جا چِٻا گلاس پاڻيءَ جا ڀري پيتا هيا. ۽ اوٻاسيون ڏيندي وڏا انتظار ڪيا هيا، ته من ڪو درويش اچي ۽ مون کي پنهنجي دعائن سان رڱي وجهي. پر منهنجي نصيب ۾ ڪوئي درويش ڪونه آيو هيو. جو مون کي دعائون ڏئي ها.اُتي ئي گوگي پير جا مريد ۽ نانگن جي بادشاھن، مصري جوڳي ۽ ڦوٽي جوڳيءَ سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي هُيم، ڦوٽو جوڳي، ٿر جي کيکڙا سروس جي بانين مان هڪڙو هيو، پنهنجي دور جووڏو تُجار ماڻهو هيو، پر جوڳي جو ٿيو، سو پنهنجو اصل ڌنڌو يعني پنڻ واري پَرِ نه ڇڏيائين.ايئن ئي ڏسندي ڏسندي، الائي انهيءَ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪاروبار لڙهندو ويس، تان جو نيٺ اچي آڻيون چاڙهيون تي بيٺو. ۽ سڳي گبري ۽ ساڳيو ڦوٽو، ساڳي اباڻي ڪرت سان لڳي ويو هيو. تن ڏينهين مصري جوڳي اُڀريو، وڏي مڙسيءَ سان ڦوٽي جي جاءِ والاريائين. کانئس جڏهن به پڇندو هيس ته مصري ڏي خبر ڦوٽو ڪيئن تباھ ٿيو؟ ته ٺھ پھ وراڻيندو هيو، اي سائين ! ڦوٽي جيڪا جنڊاهوڙيءَ مائيءَ سان ٻي شادي ڪئي هئي انهي هڻي تباھ ڪري ڇڏيس.
    تن ڏينهين منهنجو بينڪ مينجر، هوت چند مهيشوري، مِٺيءَ جو رهاڪو هيو، ننڍڙي قَد جو، سنهڙو سيپڪڙو هيو، عام ٿرين جيان کاري پاڻيءَ جي ڪري پيلا ڏند هوندا هيس، هو حساب ڪتاب جو انتهائي تيز هجڻ سان گڏ، هلڪو ڦلڪو، وياج جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ هندو آسٽرالاجيءَ جو ماهر هُوندو هيو.هڪڙي ڏينهن ڪچهري ڪندي چيومانس، يار هوتچند منهنجي گهر مان پريشانيون وڃن ڪونه ٿيون، بُخارن ۽ بيمارين مان هڪڙو ڀاتي اُٿي ٿو ته ٻيو ڪريو پيو آهي.ڪو ڏَسُ ڏي !موٽ ۾ مون کان امڙ جو نالو پُڇي ڪاغذ تي لِکي چيائين صُبح جو سڀ ڪجهه ٻڌائيندس.
    هوتچند ورندي ڏينهن ڪاغذ جو لکيل ٽڪڙو هٿ ۾ ڏيندي چيو هيو، ته سائين هيءَ توهان جي جنم پتري آهي. مون هندو آسٽرالاجيءَ مطابق ٺهيل اهو ڪاغذ انتهائي غور سان پڙهيو هيو. جنهن ۾ لکيل هيو ته مون کي 18 آڪٽوبر تائين تمام گهڻيون تڪليفون ۽ ڏک ايندا. انهيءَ بعد ۾ سُک ئي سُک آهن، ۽ منهنجون ٻه شاديون به آهن. آئون اهو ڪاغذ پڙهي، ڏاڍو کِليو هيس.سوچيو هيم، هي جنم پتري ٺاهڻ وارا به ڪيڏا نه عجيب وغريب ڪوڙ ٿا ٺاهين.آئون اهڙو ماڻهو آهيان جيڪو ٻن شادين جو سخت مخالف هوندي، برادريءَ ۾ ويجهن رشتيدارن جا به ٻه مڱڻا ٽوڙائيندو وتان. سو ٻه شاديون ڪيئن ڪندس، منهنجي چپن تي طنزيه مسڪراهٽ اُڀرندي ڏسي، هوتچند چيو هيو، سائين توهان ٻن شادين واري ڳالھ تي مُسڪرايو پيا، تنهن لاءِ ته آئون ڏهه هزار شرط ٿو رکان، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته توهان شرط کَٽي ۽ آئون توهان کي رقم ڀري ڏيندس نه ته توهان ايتري رقم مون کي ڀري ڏيندا، توهان رڳو اهو ڪاغذ سنڀالي رکو، حياتي رهي ته هڪڙي ڏينهن پاڻ انهيءَ موضوع تي کُلي ڳالهائينداسين.اُهو ڪاغذ مون ڳچ سالن تائين سنڀالي رکيو هيو.جيڪي ڪجهه لِکيل هُيو حرف به حرف سَچ ثابت ٿيو ۽ اڃان به ٿئي پيو.
    چوندا آهن ته غُربت ۾ ايمان آهي، غربت هُئي ته اسان جي گڏيل گهر ۾ قرب هُيو.ماما، ويهه ورهيه ڪمداريون ڪندو رهيو، پويان سندس اولاد کي لَکا ڪونه پئي.امان ۽ ماما، جيتوڻيڪ ويڳا ڀاءُ ڀيڻ هوندا هيا، پر هيڏي ساري حياتيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڪڏهن ڪڙو ڪونه ٻوليو هيائون.زماني جا ماڻهو بابا ۽ ماما کي سڳا ڀائر سمجهندا هيا، ٿورو گھڻو پئسو آيو، خوشحاليءَ در تي دستڪ ڏني، ٻنهي جو اولاد جوان ٿيو ۽ پرڻيو پتريو ته سڀڪو پنهنجي پاسي سيرڻ لڳو. ماما سائين سڄا سارا ويهه ورهيه ڊينگاڻ ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ڪمداريون ڪري، هارين تي حُڪم هلائي، جهور پوڙهو ٿي، جڏهن واپس پنهنجي اباڻين وٿاڻين وريو هيو، داٻن ۽ دهمانن لاءِ نه ڪا هارين جي رعيت هُئي، ۽ نه ڪو اهڙو راڄ هيو، جنهن تي حڪم هلن ها. لَٿي پَٿي شام جو اوطاق تي مچندڙ ڪچهريءَ ۾ انگريز دور جي ڪنهن رٽائرڊ ڪاموري جيان پنهنجي اوج جون ساروڻيون ور ور ڪري ورجائي ماڻهن کي ٻُڌائي ته واه نه ته ٻيو ٿيو خير. سڄو ڏينهن واندڪائيءَ ۾ نه ڪم نه ڪار، نه ڌنڌو نه ڌاڙي، مڙس صفا بيڪار ٿي جو گهر ويٺو ته هوريان هوريان گهر ۾ ڪِينرو شروع ڪيائين. چئي هيئن نه ڪريو، هونئن ڪريو، هيئن ڇو نه ٿيو وغيره وغيرھ.اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن به نوڪريءَ تان گهر اچان ته امان اکيون پُسائي، ماما جا احوال اوري، ڪجھ ڏينهن ته ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيندو هيس. ڪڏهن اٽي تي جهيڙو، ڪڏهن کير تي جهيڙو، ڪڏهن ٻوڙ تي ڪروڌ، هر ڀيري ڪانه ڪا نئين روئداد ٻڌي وراڻيان، امڙ اوهان ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾ ڄاڻيو منهنجو ڇا وڃي؟ ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ته، منهنجي مرحيات بابا، سڄي عُمر ماما جي در جا ڇيڻا ٻُهاريا، ڇورو ڇنو يتيم ٿي گهَرَ ۾ رهيو.شايد ماما کي منهنجا اڇا ڪپڙا نٿا وڻن ِ تڏهن ئي ته بينڪ جي نوڪريءَ کان منع ڪندي، هڪ ٻه ڀيرا چيو هيائين ته تون ٻني سنڀال، سيٺ عبدالعزيز ۽ غلام حسين شيخ پاران ضمانت لاءِ جواب ڏيڻ کي مشڪوڪ سمجهي اها به ماما جي چالاڪي سمجهندو هيس. وري ذهن کي جهٽڪو ڏيو چوان ته نه نه اهو منهنجو وهُم آهي.ماما اهڙو نه ٿيندو.
    اها 15 آڪٽوبر1989 جي شام هئي، عمرڪوٽ کان ڊيوٽيءَ تان موٽندي، سج لهي چُڪو هيو، 12 ميل تي اچي بس مان لٿس، ته خبر پيم جيجل امڙ کي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب اسپتال نيو ويو آهي، اڃان اتي ئي بيٺو هيس جو امڙ جا مائٽ، امڙ سميت واپس موٽي آيا هيا، ريلوي اسپتال جي ڊاڪٽر علي محمد کين ٻڌايو هيو ته ڪنهن گوريءَ يا دوا جي ردعمل ۾ امان جي طبيعت خراب ٿي آهي. خير ٿي ويندو.اها رات جيجل امڙ آرام ۾ گذاري هئي، جيتوڻيڪ ڳالهه ٻولهه بند هيس، ان هوندي به فجر جو سجاڳ ٿي، ماساتِ کي سڏيندي چيائين، اُٿي نيرن ٺاههِ، اميربخش ڊيوٽيءَ تي ويندو. امڙ جي آواز تي ڊوڙي وڃي ڏٺم، ساڳيءَ ننڊ ۾ هئي جهڙي سَنجهي ۾هُيس. ايئن لڳو ڀانءِ ننڊ مان ئي سڏيو هُجيس. ايئن لڳو ڀانءَ بيهوشيءَ ۾ هُجي يا ڪوما ۾ هُجي. ٻئي ڏينهن ڀٽائي اسپتال ۾ داخل ڪرايم، سرجن عبدالستار لغاريءَ ڏسڻ سان ئي چيو ته دماغ جي رڳ ٽٽي وئي آهي ۽ هاڻي ته ڪافي دير به ٿي وئي آهيس. ٻه ڏينهن ساڳيءَ ڪوما ۾ رهي، ساڳي بيهوشي هيس، منهنجون ڌڻيءَ جي در دعائون هيون، اي رب تون رحم ڪر، منهنجو واحد سهارو مون کان نه ڦُرجانءِ، رب سائين منهنجي دعائن جا دَرَ بند نه ڪجانءِ، پر منهجون اهي دعائون، ڌڻيءَ جي در ڪونه اگهاڻيون، جڏهن گهڙيال رات جا 12 وڄايا، سترهين مان ڦري ارڙهين آڪٽوبر1989 ٿي هئي. ته جيجل امڙ جي روح جو پکيئڙو سڪون سان پرواز ڪري ويو، خبر ئي نه پئي، پَلڪن ۾ دُعائن جا دَرَ ٻيڪڙجي ويا.ان رات ڀٽائي اسپتال جي ڪمري نمبر 7 ۾ ڏاڍو رُنو هيس. گڏوگڏ انهيءَ رات ميرپورخاص ۾ مهاجرن جو ٻائيتال متل هُيو. تمام گهڻي فائرنگ پئي هلي. وڏي تڪليف سان ايمبولينس هٿ ڪري ڳوٺ پُهتا هياسين.امڙ کي بابا جي کاٻي پاسي دفنائيندي، منهنجيون هجڪيون بند ئي نه پيون ٿين.ٻنهي جي آخري آرامگاهن کي شڪايتي انداز ۾ ڀُڻ ڀڻ ڪندي پيو چوان، بابا ۽ امان اوهان مونکي ڪنهن جي آسري ڇڏي ويا آهيو. ايئن زماني جون سموريون ريتون رسمون پوريون ڪرڻ لاءِ تڏي تي ڏھ ڏينهن ويٺو رهيس.يارهين ڏينهن، عمرڪوٽ نوڪريءَ تي هليو ويس.
    امڙ جي اوچتو دور ديس وڃڻ بعد، ماما جا رَويا ويتر بدليا، جڏهن گهر به اچان ته ماساتِ شڪايتن جون ڀَريون ٻُڌائي.سمجهايانس، چري پاڻ ٻنهي جو نه ڪو اوهي آهي نه واهي، ٻئي ڇورا ڇنا آهيون، منهنجو ته ناهي ڀاءُ نه ڀيڻ، نه چاچا نه چاچيون، پنهنجوگهر نياڻين سان ڀَريل آهي.پاڻ کي ماما سائينءَ جا مهڻا ۽ طعنا سَهي به وقت گڏ گُذارڻو پوندو. ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻو پوندو. جيستائين پنهنجو پٽ خادم جوان ٿئي، پيرن تي بيهي۽ پنهنجو سهارو بڻجي، ماساتِ کي به اها صلاح وڻي، ۽ ان تي عَمل ڪيائين.اڳلي جو ڏٺو جو سندس سڀ ڪوششون اشارن ڪناين ۾ صاب نٿيون ٿين، ۽ هي همراهه جدا ٿيڻ جون نالو وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ته دلِ ئي دل ۾ زوريءَ جدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، هڪڙيءَ رات جو گهر اچان ته ماساتِ الڳ چُلهه تي ماني پچائي پئي. چيومانس چري ائين ڇو ڪيو اٿئي؟ روئيندي وراڻيائين، مِٺڙا ماسات، اَبا رمضان، پاڻ کي زوريءَ جُدا ڪري ڇڏيوآهي، چار هنڌ، کاڌي پيتي جا ٿانوَ ۽ چئن کٽن کان سواءِ ٻه ٻوريون ڪڻڪ جون ۽ گهر جا ٻه ڪمرا به ڏنااٿائين. ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏنائين.ڳالهه ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، دلداريون ڏنيون مانس، چري روئين ڇو ٿي پاڻ کي الله ڏيندو، تون دل نه لاهه. پنهنجي نيت صاف آهي ته پنهنجي منزل به آسان آهي. تون ويهي ڏِس، جيڪو ڪجھ پاڻ کان ڦُريو ويو آهي، انهيءَ کان به ٻيڻو ٿي ملندو ۽ جلدي به ملندو. سڀ ڪجهه ٿي پوندو. تائين جا اکر چوندي پنهنجي اکين مان لڙڪ ڪونه روڪي سگهيو هيس. ميرن جي ڦڏي ۾ بابا جي هٿ ڪيل زمين اسان جي گڏيل ملڪيت هُئي، مال متاع به گڏيل هُيو، ايتريقدر جو بينڪ پاران ٽي سال نوڪري بعد قرض طور مليل موٽر سائيڪل به ڌار ڪرڻ وارن وٽان ڪونه ملي هيم. خاموشيءَ سان پنڌ ايندو ويندو رهُيس.نه آه ڪيم نه ڪنهن کي دانهن ڏنم. رڳو رنگيءَ جا رنگ ڏسڻ لاءِ، اُنهيءَ تي ڀاڙي، بلڪل ٻُڙيءَ کان محنت ڪرڻ شروع ٿيس، مالڪ ايترو ڏنو، ايترو ڏنو جو سنڀالي نه پيو سگهان.ڌن، دولت، عزت، مال، رزق ۽ وڏو نالو، پرالائي ڇاڇا مليو.اهو ئي ماما سڀ ڪجهه حسرتن سان ڏسندو رهيو۽ٿڌا ساھ به ڀريندو رهيو، اڄ سوڌو سندس احترام بابا ۽امان جيترو ڪندو اچان، ڪڏهن مُنهن گهنجائي به نه ڳالهايواٿمانس..
    امڙ کان پوءِ واري زندگيءَ جي نئين باب جي شروعات ۾ مالي حالتون سُٺيون ٿي رهيون هُيون.جيتوڻيڪ عمرڪوٽ ۾ ياريون دوستيون ايتريون گھڻيون ٿي ويون هيون جو واندڪائيءَ جو وقت گذارڻ تمام سولو هوندو هيو. پر والدين جو وڇڙڻ، زندگيءَ ۽ زماني جا بار سِرَ تي اچڻ، ۽ پويان گھر جي اڪيلائيءَ تي، ٿورو مُنجهيل رهُندو هيس. سُتت ئي ڪوششون ڪري گهرو حالتن جو عُذر ڄاڻائي پنهنجي ٽرا نسفر، سيڪنڊ آفيسر جي حيثيت ۾ عُمر ڪوٽ مان کپرو ڪرايم، ته جيئن روزانو ڳوٺ اچي وڃي سگهان. کپرو اچڻ کان پوءِ وقت جو گاڏو تيزيءَ سان رڙهڻ لڳوهيو.هڪڙي تبديلي پنهنجو پاڻ ۾محسوس ڪرڻ لڳو هيس، سا اُها هئي ته بينڪ ۾ ايندڙ سُکين ماڻهن جي صُحبت ۾ اچي، صفا ٽانءِ ۾ ڀرجي خود کي وڏو ماڻهو سمجهڻ لڳندو هيس، صفا مسڪين، غريب ۽ يتيم جو پُٽ هيس، ڏُکن ۽ ڏولاون ۾ پَلجي، غريبن جي دنيا کان ڪوهين ڏور ٿي ويو هيس، حالت اهڙي وڃي بيٺي هئي جو اميرن، وزيرن، ڪارخانيدارن، سرمائيدارن جي صُحبت ۾ غريباڻي حال جون، ۽ وڏڙن جون ريتون رسمون، اوڙي پاڙي جا مرڻا پرڻا، ڀت برادريون سڀ وساري ويٺو هيس. اُن زماني ۾ سابق وزير حسن علي چانهيو، عثمان چانهيو، سهراب خان مري، سرفراز راڄڙ ۽ عبدالله شاهه خُراسانيءَ جي واسطيداريءَ سبب ڪنهن گري گنجي تي اک ئي ڪونه پئي ٻُڏيم.منهنجي سطحي سوچ اها هُئي ته دوستيون ۽ دعوتون منهنجي ذات کي آهن، ۽ آئون پاڻ هنن جهڙو ٽِسينگ آهيان. گهڻو پوءِ خبر پيم ته نه آئون ڀُليل هُيس. اهو سڀُ ڪجهه انهيءَ ڪرسيءَ کي عزت ڏيڻ جو طريقو هُيو، جنهن تي آئون ويٺل هُيس، صرف عطا محمد لغاري مرحوم ۽ حاجي عُثمان چانهيو اُن رشتي کي بنان ڪنهن طبقاتي فرق جي اڄُ سوڌو نباهيو. باقي ٿيو خير -! عطا محمد لغاريءَ جو سماجي ڪمن جي لحاظ سان کپري جي شهر ۾ وڏو ناماچار هيو. مرحوم سفيد پوش ۽ صوم و صلوات جو پابند سادڙو انسان هيو، شهر ۾ هوندي به سندس اوطاق آئي وئي جي آڌر لاءِ هميشھ کليل هوندي هئي. شهر جا جملي ڪامورا سندس در جا سلامي هوندا هيا، مرحوم جا وڏڙا بلوچستان، چوٽي زيرين ۽ ميرپور ماٿيلي کان ٿيندا اچي سانگهڙ لک باکوڙي ۾ آباد ٿيا هئا.باکوڙو ديوبند جماعت سان واڳيل هجڻ سبب علم ۽ ادب جو مرڪز هوندو هيو، مرحوم جي وڏڙن جا مولانا عبيداللھ سنڌيءَ سان گهرا واسطا هيا، ريشمي رومال تحريڪ ۾ پڻ هن خاندان جو وڏو ڪردار هيو، مرحوم پاڻ ٻڌائيندو هيو ته هن ٻاروتڻ ۾ والد ۽ ڏاڏي جي چيچ جهلي انگريز فيل مست ليمبرڪ سان ڪافي ملاقاتون ڪيون هيون.هو اڳوڻي جهوناڳڙھ رياست ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ پڙهڻ به ويو هيو.ڏيپلي ۾ پرائمري ماستر به رهيو هيو.اڄڪلھ جي ڏيپلائي ميمڻ آفيسرن مان گهڻا سندس شاگرد هيا. مرحوم ڪجھ وقت بعد سرڪاري نوڪري ڇڏي، کپري شهر ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ڊرم رکي، تيل وڪڻڻ شروع ڪيو هيو.ڏسندي ڏسندي کپري جي ٽرانسپورٽ ۽ تيل جي ڪاروبار تي ڇانئجي ويو هيو.ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو، شهر کي تمام وڏي ترقي وٺرايائين.گڏوگڏ پنهنجي اولاد لاءِ به گهڻو ڪجھ ٺاهي ويو. چاچي عطامحمد جو لائق فرزند عبدالغفار لغاري اڄ به پيءُ جي پَرِ پاريندو اچي. انهيءَ جي دوستيءَ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشن جو ميمبر به ٿيس. هڪ ڀيري سگا پاران جيم خاني ڪلب ۾ پروگرام ٿي رهيو هُيو، وٽن ڪمپيئرنگ لاءِ دعويتل ماڻهو نه پُهتو، عبدالغفار لغاري گِهلي کڻي مون کي اسٽيج تي بيهاريو. مون شيخ اياز ۽ اُستاد بخاري جي شعرن سان پروگرام هلايو ته وڏو داد مليو. خلق خدا سمجهيو ته آئون شايد ڪو پروفيشنل ڪمپيئر آهيان، پوءِ مختلف پروگرامن جي دعوتن جا ڌوڙيا ٿي ويا، جتي ڪو به فنڪشن ٿئي ته اُتي پُهچان، بلڪل ائين جيئن سنڌي محاورو آهي، دُهل وڄي ۽ دوسو نه نچي. مون سان به دوسوءَ واري ڪار ٿي وئي.بينڪ ۾گهٽ ۽اسٽيج تي وڌيڪ نظر اچان.
    جيمخانه ڪلب ۾ موسيقيءَ جي هڪڙي ٻي به رنگا رنگ محفل ٿي هئي، شازيه خشڪ، حنيف لاشاري، ثمينه ڪنول، جمن دربدر، شازيه بلوچ ۽ مصري جوڳي آيا هيا.ڪمپيئرنگ مون پئي ڪئي.مهمانن ۾ ڊپٽي ڪمشنر امداد علي رضا سيهڙ کان وٺي سڄي سانگهڙ ضلعي جا معزز هُجن. آئون ڪمپيئرنگ ۾ شازيه خشڪ لاءِ بار بار اديءَ جو لفظ پيو چوان. قاضي فيض محمد مرحوم جي مينجر قاضي الهرکئي، اسٽيج تي پرچي موڪلي ڏني، لکيل هُيو، سائين توهان جي قبيلي جي عورتن ڪڏهن کان ناچ گانو سِکيو آهي “؟ پرچي پڙهي ڪنڌ مٿي ڪري نهاريم، ته تاڙيون وڄي ويون. سڀني معززين صلاح ڪري تنگ ڪرڻ جو رِٿيو هُجي.
    ترسجو ٿورڙو پوئتي ٿا موٽون، هڪڙو قصو اوچتو ياد آيو اٿم، پوءِ متان وسري وڃي، اڳو پوءِ ٻُڌندا هلو. قصو هينئن هيو ته جڏهن ڪيسٽي ڪلچر جو زمانو هيو ۽ ٽيپ رڪارڊرن رِيلون وجهي، وڏن وڏن لائوڊن سان تارون ڳنڍي ٻهراڙين جي ٻاکڙا هوٽلن تي ڪن ڦاڙيندڙ ڪلامن جا ڌُوڙيا وڄڻ جو دور شروع ٿيو هيو، تڏهن اسان اڃان نائين يا ڏهين درجي ۾ پڙهندا هياسين. مائٽ اسڪولن ڏي ويندي پهرين نصيحت اها ڪندا هيا ته متان اسڪول مان موٽندي ڪنهن هوٽل تي ويٺا آهيو. ۽ پوءِ ٿيندو به ايئن ئي هيو جو ڇوڪرا هوندي به ڪنهن پرديدار نينگريءَ جيان ڪنهن هوٽل تي ويٺل وانديءَ خلق جي اڳيان ڪنڌ هيٺ ڪري گذري ويندا هياسين. ڏهون پاس ڪندي ٿورڙي آزادي نصيب ٿي، ٻنيءَ ٻاري جي ڪم ڪار مان واندڪائي ملندي هئي ته جمعاڻي چانڊاڻي وڏو شوق ڪري، قميص جي جهوليءَ ۾ ان جا ٻه ٽي سير کڻي، ڪاڪي رُگهي يا الياس ڪنڀر جي هٽ تي وڪڻي، هڪڙو ميڊل جو سگريٽ ۽ سوپارين جي پُڙي خريدي، باقي پئسا کيسي ۾ وجهي، مِٺيءَ سوپاريءَ جا چاٻا ڏيندي، ميڊل جو سگريٽ دکائي دونهين جون لاٽون ڪڍندا، بيل باٽم وڳي جي ڊگهن پانچن واريءَ سُٿڻ سان رستي جي ڊُسڙ ٻهاريندا، ڪنهن نه ڪنهن هوٽل ڏي هوڪاريندا هيا هياسين.
    تنهن زماني ۾ ڪيسٽي ڪمپنيون روزانو نوان نوان ڪيسٽي ڳائڻا پيدا ڪنديون هيون. جن ۾ مرحوم جلال چانڊيو، چاڪر چانڊيو، الحداد زرداري، ڦوٽو زرداري کان سواءِ گرم جلال، ٿڌا جلال، جهڙن نالن وارا يڪتاري پوٽا گهڻا مشهور ٿيا هيا. اوچتو هڪڙي ڏينهن ڪنهن هوٽل واري هڪڙي مشڪري جي چرچن واري ڪيسٽ وڄائي هئي. جنهن ۾ ٻين کوڙ سارن کلائڻ وارن گفتن کان وڌيڪ قوالن جي قوالين تي ڀوڳ هيا. پاڻ تن ڏينهين نوان نوان ڪچيءَ مسيت جا ٻُهاريدار ٿيا هياسين، سو مشڪري جي انهيءَ مشڪريءَ تي ڪاوڙ آئي ۽ ٻاکڙا هوٽل جي ڌڻيءَ کان ڪيسٽ جو کوکو وٺي نالو پڙهيوسين لکيل هيو ” جمن دربدر“. دل ۾ چيوسين مار پوين، جيڪي ههڙن ثنا خوانن تي چٿرون ٿا ڪن، سي هونئن ئي هوندا ته دربدر، پر رب سائينءَ به رُسي، اهڙي ته مَتِ کَسيِ اٿن جو پاڻهي پاڻ کي دربدر چوائيندا وتن.
    اڃان ٿورو وقت مس گذريو هيو ته همراھ جي ٻوهياڙن واريون ڪجھ ڪيسٽون به مارڪيٽ ۾ آيون. ڳائڻ ٻائڻ ڪونه هيو سڌيون پڌيون هڪلون ۽ ٻوهياڙ هيا، ايئن لڳندو هيو ڀانءِ جيڪر همراھ کان باجو ۽ ڍولڪ پري ڪري ڇڏجن ته جهڙوڪر ٻاجهريءَ جي ٻنيءَ جي پيهي تي بيهي، جي اهڙا ٻوهياڙ ڪري ته هوند جهار ڀلي هڪلي.
    ٿورڙو ئي وقت مس گذريو جو ڪامريڊي جهان ۾ آياسين ته نئين خبر پئي ته مار هيءُ مُڙس جمن دربدر به ڪوئي پڪو قومپرست آهي. ۽ شاعريءَ سان گڏوگڏ ماچيس جي دٻليءَ کي آڱرين سان وڄائي بهترين قومي گيت ڳائيندو به آهي. تڏهن وري پنهنجي اندر ۾ همراھ لاءِ رحم جو ذرو پيدا ٿيو. ۽ هوريان هوريان اهو رحم عزت ۽ احترام جي صورت وٺندو ويو. ٿيندي ٿيندي همراھ جو ”منهن مبارڪ“ به مڱڻهارن جي ڪنهن ٽوليءَ هڪڙي ڀت ۾ ڏيکاريو.
    ايئن ٿيندي ٿيندي همراھ سان ياري ٿي وئي، پر ڪنهن شاعر چواڻي ته” هيءَ ياري هڪ ٻي ياري آ، ناهي ماڻهن واري“ سو اسان جي به ماڻهن واري نه پر هڪ ٻئي کي ٿونا هڻندڙ ڍورن واري ياري ٿي پئي، جتي گڏجئون هڪ ٻئي جا ڇوڏا لاهيو وجهون، جمن جڏهن ڏسي ته آئون بنهي گهڻو وڌيو ٿو وڃان ته ڪڪڙ جون ٻروچ سان ملندڙ خصوصيتون ٻڌائي، منهنجي منهن کي جهڙوڪر ليپو ڏَيو ڇڏي. انهيءَ وچ ۾ هو پِن سِن ڪري هندستان ۾ سنڌين جي ڪنهن دعوت ۾ ويو هيو ۽ آل انڊيا ريڊيو وارن سنڌ بابت کانئس هڪڙو گيت ڳارائي، رڪارڊ ڪيو هيو، جنهن هن کي مقبوليت جي آسمانن تائين پُڄائي ڇڏيو هيو. ايستائين حليم ۽ حاجيءَ ( حليم باغي ۽ حاجي ساند) جا نالا ڪنهن ڪنجهي جي ته ٺهيو پر ڪوپر جي وٽي تي به ڪونه هيا.
    پوءِ وري اسان جي سنگت ۾ هُن جو سالو فقير ڀليڏنو ساند اچي گڏيو هيو، مرحوم هونئن ته حليم واري ٽولي جو ئي هيو ۽ عبدالواحد آريسر سان بنهي گهرائپ هوندي هيس ايتريقدر جو حجت ۾ خلق جي آڏو آريسر صاحب جو تعارف ڪرائيندي، آريسر صاحب جو ٿريءَ وارو اڌ نالو وٺندو هيو. سو فقير ڀليڏنو ۽ سندس ڀيڻويو جمن دربدر، عبدالواحد آريسر صاحب جي سچن عاشقن مان هوندا هيا، پر ڀليڏني فقير کي جڏهن به آريسر صاحب جي سنگت ۾ ڪا اوڻائي يا ڪمي پيشي نظر ايندي هئي ته سڀ ڪسرون جمن دربدر مان ڪڍندو هيو، ٻين لفظن ۾ اصل رَندي سان گهڙي لاهيندو هيس. جمن گهڻيئي هيڏاهن هوڏانهن ٿونا هڻندو هيو، پر فقير به بخشڻ وارو ڪونه هوندو هيو. پر مٿان وري فقير ڀليڏني جي اشاري تي آئون به ساٽڙيو گاڏڙيو بڻجي، کڻي اُکين تي کڻندو هيو مانس.
    جمن دربدر مان ڦري ”ماما جمن“ طور مشهوري ماڻيندڙ شخص جڏهن ڪڏهن ڪچهريءَ ۾ ويهي ڳالهين جون ڳنڍيون کوليندو هيو ته بدين ۾ عبدالواحد آريسر سان گڏ ڪنهن تنظيمي دوري دوران ڀاڙي کٽڻ ۽ مائي ڀاڳيءَ جو مائٽ بڻجي، ڀت ۾ ڳائي ڀاڙي جا پئسا گڏ ڪرڻ وارين ساروڻين کان وٺي، ضيائي مارشل لا ۾ پنهنجي ٻَڌجڻ ۽ فوجين جي ڌِڪ ڌِڪان ۾ پاسي واري کيسي ۾ پيل ٻن انبن جي ڦسي پوڻ ۽ انهن تي مکين جي لامارن وارا قصا اهڙي ته ڀلوڙ انداز ۾ ٻُڌائيندو آهي جو ماڻهو ڀائيندو ته هوند سڄي رات ويٺو سندس قصا ٻُڌجي. ها سچي حليم کي چيڙائڻ لاءِ جڏهن کيس قومي ۽ مزاحمتي شاعر جي لُپري رکي، ۽اسڪولي ٻارڙن جي اهل تي چڙي پوڻ ۽ هلڪي ڦلڪي تون ڇا تون ڇا تي وڏي اخباري خبر لڳڻ جو قصو ٻُڌائيندو آهي ته حليم، حليم ڪونهي رهندو.
    کپرو جيمخاني جي افتتاحي تقريب ڀانيان ٿو ته 1990 ڌاري ٿي هئي، جنهن جي راڳ رنگ واري محفل پئي هلايم، تنهن ۾ شازيه خشڪ کان وٺي کوڙ سارا فنڪار هيا. دوستيءَ جي ناتي جمن کي اسٽيج تي سڏائڻ لاءِ وڏي تهميد ٻڌي، وڏي ساراه ڪندي اسٽيج تي سڏيو هيو مانس. ۽ جيسين ڪارڊ ليس مائيڪ جي بٽڻ کي بند ڪريان ئي ڪريان، جمن سانَ پاڏي جيان ڌوڪيندو اسٽيج تي چڙهيو، ماشاءُ الله سان مڙس جي هڪڙي صورت اڳيئي موچاري هئي، مٿان وري قميص به ڪلهي وٽان ڦاٽل هجيس، پنجابين جي چادر نما سنڌي چُني مٿي تي ٻَڌل ڏسي، مون کي کِل اچي وئي. چيم ”هيڏيءَ وڏيءَ محفل ۾اهڙا ڪپڙا پائي آيو آهين“. جمن حاضر جواب ۽ پڪي گفتي وارو مُڙس هُيو ئي هيو.۽ هُن کي ڪهڙي ڪل ته مون مائيڪ جو بٽڻ بند ئي ڪونه ڪيو آهي سو زور سان چيائين. ” آئون هتي ڳائڻ آيو آهيان، ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ ڪونه آيو آهيان جو سُٺا ڪپڙا پهري اچان“. سندس زوردار آواز پوري هال ۾ گونجيو ته کِل ۽ تاڙين جي هوڪرن سان جملي وڏا ننڍا اُٿي بيهي رهيا.ڳچ دير تاڙيون وڄنديون رهيون هيون.
    تنهن جمن دربدر جڏهن ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ لکيو ته واھ واھ ٿي وئي هيس. نه جمن ۽ نه ئي سندس ڪنهن دوست اهو سوچيو هيو ته سندس اهي سٽون ايڏيون مشهور ٿينديون ۽ جمن کي اهڙو ايوارڊ ڏيارينديون جهڙو اڄ تائين ڪنهن کي به ناهي مليو. جو نيلسن منڊيلا جيان 28 سال جيل گهاريندڙ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سئو سال تاريخ جي اهم ڪردار جي ايم سيد وصيت ڪئي هئي ته سندس جنازي جي مٿان ڏنل ڪپڙي تي جمن دربدر جون اهي ئي سٽون لکيون وڃن. ڀانيان ٿو ته روحل واءِ جي هن مسڪين ماڻهوءَ لاءِ انهيءَ کان وڏو ٻيو ڪو به ايوارڊ ڪونه هوندو. جو ايندڙ هزارين سالن تائين تاريخ جا شاگرد پڙهندا ته هڪڙي 28 سال قيد ۾رهندڙ عظيم ماڻهوءَ جي جنازي جي ڪپڙي تي روحل واءِ جي هڪڙي مسڪين جمن دربدر جون سٽون لکيل هيون ته
    ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“.
    ان زماني ۾ کپري ۾ ڊاڪٽر جبار قائمخاني ۽ سيٺ سليمان به وڏا پئسي وارا هيا پر الائي ڇو سندن سوچ مقامي ماڻهن کان مختلف هوندي هئي. هميشھ هوا جي ابتي رخ سان هلندا هيا.ان ڪري مقامي ماڻهو به سندن عزت گهٽ ڪندا هيا. تڏهن کپرو جي حبيب بينڪ جو مينيجر محمد بخش ڪنڀر هوندوهيو، سيڪنڊ آفيسر آئون ۽ايگريڪلچر فيلڊ آفيسر قاسم ٻگھيو هوندو هيو، ٽئي هڪ ٻئي جا گھرا دوست هوندا هياسون، خاص ڪري قاسم ٻگهيو ۽ آئون ته تمام گهاٽا يار هوندا هياسون. هڪ ڀيري قاسم ٻگهئي ۽ ان وقت جي وزير خليفي عاقل جي پٽ انور هڱوري، جيڪو پوءِ ايم پي اي به ٿيو هيو پر ڪڏهن هڪ لفظ به اسيمبليءَ ۾ نه ڳالهايو هيائين. انهن جي وچ ۾ ڏندا ڪشي ٿي پئي هئي. معاملو وڌندو ڏسي، محمد بخش ڪنڀر ٻنهي ڌرين جو ٺاه ڪرايو هيو، ٺاه ٿيڻ بعد مون قاسم ٻگھئي کي خليفي انور جي حوالي سان هڪڙي واهيات قسم جي گار ڏني هئي.قاسم ڪجھ دير ته انهيءَ گار تي سوچيندو رهيو ۽ اوچتو سندس ٽيبل تي پيل وزني پيپر ويٽ کڻي پوري طاقت سان مونکي هنيائين، آئون ته پنهنجو مٿو بچائي ويس، پيپر ويٽ ديوار ۾ لڳڻ بعد اتان ٿڙي منهنجي پويان ويٺل ڪيشيئر اميدعليءَ کي مٿي ۾ لڳو هيو.جيڪو به ذري گهٽ بيهوش ٿيو هيو. قاسم جو اڇلايل پيپر ويٽ ايترو ته زورائتو هيو، جو جيڪر سڌو اچي لڳيم ها ته منهنجا ٽپڙ پورا هيا. پوءِ جڏهن قاسم هوش ۾ آيو هيو ته ٻڌايو هيائين، ته توواري گار تي مون تصور ۾ سوچيو، انور هڱوري تي سوچيم ته غيرت اچي ويم.۽ ڌڪ هڻي ڪڍيم.
    اُن زماني ۾ سموري ملڪ جي بينڪ آفيسرن ايسوسيشنون ٺاهي رجسٽر ڪرايون هيون.ميرپورخاص زون جي اليڪشن جي تاريخ طيءِ ٿي ته منهنجي ڪامريڊي رَڳَ ڦڙڪي پئي. اُٿندي ئي چيئرمين جي عهدي لاءِ فارم ڀرايم.حيرت انگيز حد تائين سنڌي، مهاجر، پنجابي، چپقلش منهنجي فائدي ۾ وئي.اليڪشن جي ڏينهن مهاجر آفيسرن به مون کي ووٽ ڪندي مد مقابل چوڌري خالد مسعود کي هارائي ڇڏيو هيو.ايم ڪيو ايم جو موجودھ اڳواڻ ۽پير آفتاب حسين شاه جيلانيءَ کان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي هارائيندڙ رئيس احمد خان، حبيب بينڪ ۾ اسان سان گڏ نوڪري ڪندو هيو، ساڻس تمام سٺي دوستي ۽ حجت به هوندي هئي، رئيس احمد خان اسان جي ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري هيو. ان وڏي ڪوشش ڪري ميرپورخاص جيمخاني ۾ حبيب بينڪ جي تڏهوڪي سنڌ جي سربراھ ۽ پوءِ نواز دور ۾ مهراڻ بينڪ اسڪينڊل ۾ جيل ڪاٽيندڙ يونس حبيب جو آجياڻو رکرايو هيو. ايسوسيئيشن جي ٻين اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي آئون به ويٺو هيس. ۽ پنهنجي واري اچڻ تي سنڌيءَ ۾ تقرير به ڪئي هيم جنهن تي تمام وڏو داد مليو هيو. پروگرام بعد مانيءَ جي وقفي جي لاءِ جڏهن يونس حبيب سان گڏ اسٽيج تان لٿس پئي ته سامهون حاجي محمد حسن راڄڙ بيٺو هيو جنهن وٽ آئون هاري هيس. مون وڌي وڃي کيس پيرين پئي هٿ ملايو هيو. ۽ يونس حبيب سان سندس تعارف ڪرائيندي ٻڌايو هيو ته هن صاحب وٽ آئون هاري هوس. جيڪو هن يقين نه ايندڙ حساب سان ٻڌو هيو. اُتي ئي سيٺ عبدالعزيز، سيٺ نسيم عمر به مليا هيا، جن منهنجي بينڪ ۾ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هيو، ساڻڻ به وڏيءَ اڪير سان ملي کين پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايم ته سائين آئون اهو آهيان جنهن جي توهان بينڪ ۾ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هيو.ٽيئي ارب پتي سيٺيا پوءِ به ڦڪائيءَ جي ڦڪي کل کلندا رهيا. حرام جي ڪو منهن ۾ گُھنج آين. تن ڏينهين شبير سيتائي حبيب بينڪ جو نئون نئون زونل چيف ٿيو هيو، ساڻس مينيجريءَ دوران ئي گھري واسطيداري هيم. سو هڪڙي ڏينهن حبيب بينڪ کپرو جي سرڪاري دوري تي آيو، منجهند جي مانيءَ تي ويٺاسون ته مون کي چيائين ته تون سيڪنڊ سيٽ تي ڪونه ٿو ٺهين، هل ته توکي ڪٿي مينيجر ڪريان. ايئن چوندي محمد بخش ڪنڀر کي مونکي رِليو ڪرڻ جو زباني حڪم ڏنائين. ان ئي شام جو کپرو مان روانگي به ٿي واپسيءَ ۾ شبير صاحب جي گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏيو آيس. ٻئي ڏينهن ئي مونکي ڇور جي مينيجر جو آرڊر هٿ ۾ ڏيندي چيائين، منهنجون دعائون توسان گڏ آهن.ايئن هڪڙو ڏينهن به آرام نه ڪيم اتان ئي سڌو ڇور جي بس ڏي تاڻي اچي ڇور جا وڻ وسايم.


    20

    ڇور جي حبيب بينڪ ۾ نِمن جي ڇانوَ هيٺان ڪجھ وقت اڳ به عارضي طور ڪم ڪري آيو هيس. پر1992 جي آگسٽ ۾ مينيجر ٿي وڃڻ جو هيءُ پهريون تجربو هيو. ڪجھ انهن عارضي گذاريل ڏينهن جي پُراڻي واقفيت ڪم آئي ۽ ڪجھ نئين ماحول ۾ پاڻ کي رَچائڻ لاءِ کَنڀڙاٽيون هڻڻ شروع ڪيون هيم. اهو آمر ضياءَ جي نوازيل ميان نوازشريف جو پهريون دور هيو.جماعت سڳوري سنڌ تي راڄ ڪندڙ هئي. ڇور جهڙي حساس شهر ۾ ڪميونزم ۽ سوشلزم جي ڳالهه ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي، پر ماڻهو ڪنهن پيپلي سان ٻه گھڙيون ويهڻ تي به پادر پيا کائيندا هيا. چڱن موچارن مهانڊن موچاريون جُٺيون سهي وڃي ڪُنڊون وسايون هيون. انهن ڏينهنِ ۾ خدا جي معصوم مخلوق نه ڄاڻ ڇو جماعتي جوڌن کان ڏاڍو ڊڄندي هئي. پاڻ کي جِن ڏِينهين ڇور جا وڻ ڏِسڻا پيا, تِن ڏينهين امراڻي جي آس پاس جي ڳوٺن، حويليءَ، ڀڏيليءَ، سڻوهيءَ ۽ اکيراج جا گهڻا تَڻا سوڍاراجپوت، اباڻي وطن جا وڻ ڇڏي، پَرينءَ ڀَرِ پَلاڻي چُڪا هيا.منجهائن ڪي ڪي جُنگ جوان، اڃان به بارڊرن جي چوڪسي ڪندڙ سَگهارن جي سورن کي سهندي، اَباڻي ديس جي مِٽيءَ کي ڇڏڻ کان صفا پِڙُ ڪڍيو بيٺا هيا. تن ڏينهين راڻا جاگير ۽ ڀَڏيليءَ جي سوڍن جيان حويليءَ جي ٺَڪُرن جي به بلي ڀائي هوندي هئي، راجپوت نسل جا هي جوان، ڪَٽيِل قسم جا ماڻهو هيا، چڱن موچارن مُهانڊن جي به ڪاڻ ڪونه ڪڍندا هيا، ڦنڊي خلق جنهن کي ٻين اکرن ۾گَرا گنجا ۽ ٽِڻي ٽامڻي چئجي، سي ته سندن ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه ٿي آيا، نه ئي مَٿن ڪا اک ٻُڏندي هُينِ.اويل سويل منهن سامهون ملندي، هندو توڙي مسلمان کين ٻانهون ٻَڌي، ڪنڌ جُهڪائي، مُجرو صاحب وارو سلام چوندا هيا، ته موٽ ۾ سوڍا صرف ڪنڌ ڌُوڻي مُجري جو جواب ڏيندا هيا،
    حويليءَ وارن مان ڪمل سنگھ سوڍي ۽ چيئرمين چندن سنگھ جي وڏي بلي ڀائي هوندي هئي، ڪمل سنگھ جو والد وينجهراج سنگھ ته ايڏي هلندي پڄنديءَ وارو هوندو هيو جو انگريز فيل مست به کيس چيلھ سان ڪرپان ٻڌي گهمڻ جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو هيو.
    هنن راجپوت ٺَڪُرن جي ڪَٽيِل ۽ سخت جان هجڻ جا ڪيئي قصا، صدين کان وٺي اڄ تائين امرڪوٽ ۽ ڇور جي هوائن ۾ رَقصان آهن. ٻُڌو هيم ته امرڪوٽ جي سڃاڻپ سوڍن جي سورهيائپ جي تاريخي حوالن سان گڏوگڏ، اڳوڻي لانٻي تلاءُ ۽ هاڻوڪي لانٻي گرائونڊ جي ڪنڌيءَ تي شهيد گجو راڻي جي مزار به آهي، امراڻي جا ماڻهو چوندا هيا ته گجو راڻو، اصل ۾ گجيسنگھ ٺَڪُر هيو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو، ته سندس عزيز راجپوتن کان هڪ سوڍي جو مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ سَٺو ڪونه ٿيو.، ان ڪري کيس امرڪوٽ جي قلعي ۾ شهيد ڪيو هيائون.حويليءَ جي رهاڪو گهڻا وڏڙا چوندا وتندا هيا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي والدھ به هن ڳوٺ جي بجيرياڻي هئي، چوندا هيا ته اهي بَجير، حويليءَ جي سوڍي گلاب سنگھ جا نوڪر هيا، جڏهن سر شاهنواز ڀٽو، راڻا جاگير ۾ راڻي رتن سنگھ جو مهمان ٿي آيو هيو، تڏهن اها شادي ڪري موٽيو هيو، ماڻهو اهو به چوندا هيا ته راڻي چندر سنگھ جا شهيد ڀٽي جي خاندان سان ان ڪري ئي گهرا واسطا هوندا هيا. خود راڻو صاحب، پاڻ به شهيد بينظير کي ڍاٽڪيءَ ۾ مانهنجي ڏِيڪري چوندو هيو. شهيد ڀٽي جي ڪنهن لکت ۾اهو پڙهيو هيم ته ڀُٽن جي خاندان ۾ سندس والدھ کي گهٽ ذات جو سمجهي، اها عزت ۽ احترام ڪونه ڏنو ويندو هيو، جيڪو سر شاهنواز جي گهر واريءَ جو هُئڻ گهرجي ها.
    خير تاريخ جي تي کان بِنهي ڪورا ماڻهو هوندي، انهي جنجهٽ ۾ پوڻ بجاءِ، پاڻ هلون ٿا اڳتي راجپوتن جي يادگيرين ۾، سو هي راجپوت سوڍا پنهنجي ريتن۽ رسمن ۾ انتهائي سخت۽ انهن تي سختيءَ سان عمل جا پابند هوندا هيا، منجهن پردي جو تمام گهڻو رواج هيو، وڏيءَ ڄمار جون مايُون ته پري رهيون، پر هنن جي معصوم نينگريءَ کي به ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ گهر کان ٻاهر ڪونه ڏٺو هيو.مرد ماڻهو صبح جو گهرن کان نڪري ٻَنيون ٻارا گُهمي، زماني جا ڪم ڪاريون لاهي، اوتاري ۾ ايندا هيا، ته سڄو ڏينهن ڪچهريون ڪرڻ ۾ ۽ آفيم ڳاري پيئڻ ۾ گذري ويندو هُين.اوتاري ۾ آئي وئي کي پيا آفيم کارائيندا۽ ڳاري پياريندا هيا. سندن گهرن جو ڪم ڪار ڪندڙ نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي ماڻهو توڙي سوڍا پاڻ به بجير چوندا هيا. حويليءَ جي سوڍن مان ڪمل سنگھ ئي هڪڙو اهڙوصوفي منش ماڻهو هوندو هيو، جيڪو مسلمانن سان اسلام عليڪم ڪري ملندو هيو، ته هندن سان رام رام ڪري. ۽ گڏوگڏ صوفين جي طريقي موجب هرهڪ کي ٻانهون ٻڌي، ابا، ٻچا چوندو وتندو هيو. نه ته خلق چوندي هئي ته گهڻا تڻا سوڍا، نيرانو ڪنهن مسلمان جو منهن ڏسڻ کان به لنوائيندا هيا.پوري پني قد جو، سفيد ململ جو پٽڪو ٻڌندڙ ڪمل سنگھ، لانگوٽواهڙي ته خوبصورت انداز ۾ ٻڌندو هيو جو ڪير به لَکي ڪونه سگهندو هيو ته کيس لانگوٽو ٻڌل آهي يا شلوار پاتل آهي. ساڻس واسطو، سندس پٽ فتح سنگھ کي پڙهڻ لاءِ آمريڪا موڪلڻ وقت ويزا لاءِ گهربل بينڪ جي ڪاغذن ڀيري پيو، جن لاءِ هو روزانو صبح ساڻ اچي بينڪ مينيجر نسيم قائمخانيءَ جي سامهون ويهي، سندس هوائي ڳالھين تي واھ سائين واھ ڪري، تاڙيون ملائي، شام جو مُنهن لاهي واپس روانو ٿيندو هيو.ڳچ ڏينهن اهو لقاءُ ڏسڻ بعد نيٺ کيس ڦِڪي کِل کِلندي ۽ هوائي خبرن تي تاڙِيون ملائيندي ڏسي، هڪڙي ڏينهن دل جهلي کانئس اڪيلائيءَ ۾پُڇي ويٺس ته، ڪاڪا توهان روزانو اچي، نسيم سان مارواڙيون ۽ ڍاٽڪيون ڳالهائي، هوائي ڳالهين تي تاڙيون ملائي هليا ٿا وڃو، آخر ڇو“؟
    ڪاڪو ڪمل سنگھ ته ڪو ٻَريو ويٺو هيو، هڪ ڊگهو ۽ ٿڌو ساھ ڀرڻ سان اصل ڦِسي پيو، اسان جي صاحب ۾ ڦاٿل نه ٿيندڙ جائزڪم ڏکويل انداز ۾چئي ٻڌايائين.چٽو ياد اٿم ته ان ويل چيو هيومانس، ڪاڪا، هن کان جائز ڪم وٺڻ لاءِ هيترا حيلا هلائڻ بعد ته پڪ ٿي هوندئي، ته هي ڌاريا ماڻهو نٿا چاهين ته اسان اصلي سنڌين ۽ ڌرتيءَ جي وارثن جا ٻار سُٺن ادارن ۾ پڙهن. پوءِ سندس جائز ڪم، بينڪ جي تڏهوڪي گارڊ ۽ هاڻوڪي مينيجر ميرمحمد ڀنڀري جي مدد سان ڪري، لفافوکيس ڏيندي چيو هيم، ڪاڪا، هي لفافو وڃي آمريڪا جي سفارتخاني ۾ ڏي. ايئن اسان جي معمولي مدد سان اهو فتح سنگھ وڃي آمريڪا پهتو۽ ٻڌو اٿئون ته اڄڪلھ اتي جو وڏو ڊاڪٽر آهي.
    سوانهيءَ ننڍڙيءَ مدد، ڪمل سنگھ جي دل ۾مون لاءِ نرم گوشو پيدا ڪيو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس اوتاري تي وڃڻ لڳس، علم ۽ ڏاهپ جي هن ڀنڊار شخص سان وڏيون وڏيون ڪچهريون ڪرڻ لڳس. چٽوياد اٿم ته هڪ ڀيري کانئس نياڻين جي نه پڙهائڻ ۽ پرديس ۾ پرڻائڻ وارو نه پُڇڻ جهڙوسوال پُڇي ويٺس.اهڙي اوچتي ۽ ڏکئي سوال تي سندس اکين جي ڪُنڊن کي پُسندو ڏٺم.گهرو ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين، ٻچا، ڏِس ته هيترو پردوٿا ڪريون، ان ڪري نياڻين جي تعليم جو سوال ته اجايو آهي، پر نياڻين کي پرديس ۾ پرڻائڻ لاءِ عرض ته اسين راجپوتن جي سوڍا نُک سان واسطو رکون ٿا، ان ڪري رشتا هميشه سوڍن جي ٻين نُکن يعني ڀاٽي ۽سيکاوت وغيرھ ۾ ڪندا آهيون، اسان جي ريت آهي ته جتي ٿورو به رت جو رشتو هوندو، اتي سڱ نه ڏينداسين نه وٺنداسين. جيئن ته ورهاڱي بعد سنڌ ۾ جيڪي به ٺَڪُر بچيا آهن، اهي تقريبن سڀئي هڪڙيءَ ئي نُک جا يعني سوڍا آهيون، ان ڪري نياڻيون ۽ پُٽ پرڻائڻ لاءِ، اسان کي هندستان ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. اتي وري اهو ظلم آهي جو نياڻيءَ کي سينگاري ويس وڳا ۽ زيور پارائي ناناڻي گهر ۾ ويهاريندا آهيون، اتي غير ته نه پر ڪيئي هندستاني راجپوت، ڀاٽي۽سيکاوت يا ٻين نُکن جا، اسان جي نياڻي ۽ ان کي ملندڙ ڏاج ڏسڻ ايندا آهن، ڪي ڏاج مان ڪهڙا عيب ڪڍندا آهن ته ڪي وري ڪهڙا. ڪي وري وڏيون وڏيون گهرجون ڪندا آهن، اسين ڌيءَ جا پيءُ مجبورن اڳلن جون سڀ گهرجون زر۽ زمينون وڪڻي به پوريون ڪندا آهيون.اتي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ ۾ اسان جي عزت ۽ مان مرتبي کي ياد ڪري هنجُون به هاريندا آهيون. ورهاڱي کان اڳ ته ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي، گهر گهاٽ۽ ڳوٺ راڄ، ڏِسي وائسي پوءِ مِٽيون مائٽيون ڪندا هياسون، هاڻ ته ورهاڱي ٿيڻ بعد ٿوري مُدي جي ويزا ٽائيم ۾ سڀ بار لاهي واپس موٽڻو ٿو هجي. ان ڪري نياڻيون مُيون سهسائي واپس ورون ٿا.مُئن سان وري ڪهڙا ميلا؟ اها ڌيئرن ۽ پيئرن جي آخري ملاقات هجي ٿي. سوچي سگهين ٿو ته ان وقت ڪيڏو به ڪٺور ماڻهو هجي جِهڄي ڪونه پوندو هوندو.!؟ ڪاڪي ڪمل سنگھ سان ريتن رسمن، اٿڻين ويهڻين تي انيڪ ڪچهريون ٿينديون هيون، جيڪر سڀ ساري ويهي لکجن ته ڪتاب ڀرجي وڃن.
    سرڳواسي ڪامريڊ گوپال سنگھ، اکيراج سنگھ ڳوٺ جو رهاڪو ۽اسان جو ڪامريڊيءَ وارن ڏينهن جو يار هوندو هيو، هلندي مهل کاٻي ٻانهن جي وڏي لوڏ هوندي هيس، عجيب ۽ مخصوص انداز واريءَ هن لوڏ سان هلندي، ڪامريڊ پريان کان پڌرو هوندو هيو.هو تمام وڏي آواز ۾ ڳالهائيندو هيو، امرڪوٽ يا ڇور جي جنهن به گهٽيءَ مان گذرندو هيو ته وڏي واڪ سڀني سان کيڪارون ڪندو۽ حال احوال ڏيندو هلندو ويندو هيو، تڏهن گهرن ۽ دڪانن ۾ ويٺل خلق کي خبر پئجي ويندي هئي ته گوپال سنگھ ملڪ ۾ لٿل آهي. سرڳواسي جتي به ملندو، جڏهن به ملندو، ڪير به پڇندس ”ڪامريڊ اڄڪلھ ڇا پيو ڪرين؟ ته ٺھ پھ ڍاٽڪيءَ ۾وراڻيندو، عوام رِي خدمت پِيا ڪَران، ٻِيجو وَڙي ڪِي ڪَرسان.
    سڻوهيءَ جي سوڍن ۾ به ڀانئيان ٿو ته هڪڙو ڪمل سنگھ به هوندو هيو، جنهن وٽ هڪڙي رات مهمان ٿي، وڃي ماني کاڌي هيم، زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو رات جو مانيءَ ۽ ٻوڙ سان گڏ لَسِي به کڻي آيا هيا، اسان ڪڏهن رات جو ڪنهن کي لسي پيئندي به ڪونه ڏٺو هيو ۽ نه ئي اهڙو رواج به هيو، آنا ڪاني ڪندي به زوريءَ گلاس ڀري ڏنائون، اکيون پوري پيئڻ جي ڪيم، پيتم ڇا، اصل هينئين ۾ لهندي وئي، هڪڙو، ٻيو، ٽيون گلاس ڌڙاڌڙ پي ويس.اڇو جيرو وجهي، باھ تي ڪاڙهي، ٺاريل اها لسي اڄ تائين نٿي وسريم.جيترو وقت به اتي هُيس، سانجهيءَ ٽاڻي سڻوهيءَ وٽان گذرندي، نڪ جو پڪو ٿي، اها لسي گُهري پيئندو هيس. ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪڙو سيطو سنگھ هوندو هيو، سادڙو ۽ سٻوجھ سڀني هيراڦيرين کان آجو، هوائي قصن تي گهڻو زور ڏيندو هيو، جڏهن شناختي ڪارڊ ٿي ٺهيا ته، مڙس وڃي قطار ۾ بيٺو،
    پڇڻ واري نالو پڇيس، وراڻيائين، سيطو سنگھ. اڳلي چيس سيطو سنگھ يا سيطان سنگھ.؟ وراڻيائين سيطان سنگھ.اڳلي همراھ به ٺوڪي ڪارڊ ۾ لکي ڇڏيو، شيطان سنگھ.هيڏانهن هن درويش کي اها خبر ئي ڪونه پئي ته ڪهڙي ڏِنگي مُڙس جو نالو مٿس پئجي ويو آهي.جڏهن سرڪاري ڪاروهنوار سان منهنجي وَرِ چڙهيو ته شناختي ڪارڊ تي نالو پڙهي دنگ رهجي ويس. هوريان هوريان چيومانس شيطان سنگھ، دوستي رکندين؟ شيطان سنگھ به ڪو ٻاڙيل هيو، وراڻيائين دوستي ڇاجي، پاڻ ته اڄ کان پوءِ ڀائر آهيون ڀائر.۽ پوءِ شام جي ويلي ڇور جي گهٽين ۾ ماڻهو شر ۽ شيطان کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، گڏ هلندي ڏسي، آڱريون کڻي چوندا هيا ته، ڏسو ڪيئن، هڪ ٻئي کي ڳولي لڌو اٿن!!!.ٻڌو اٿم ته اهو شيطان سنگھ اڃان سڻوهيءَ ۾ آهي، رب ڪر شال ٻچڙن سوڌو خوش هجي.
    گوپال سنگھ ۽ ڪمل سنگھ جي ڳالهين تان ياد آيم، ته ميان نوازشريف جي دور ۾ هندن جي مالي سهائتا جي نالي سان قومي اسيمبليءَ جا هندو ميمبر، غريبن کي سُکيو لاءِ ڪروڙن جا ڊرافٽ آڻيندا هيا، انهيءَ سهائتا جي سانگي سان تڏهوڪن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جا گهڻا تڻا خدمتگار ڪک پتيءَ مان لک پتي ٿي، صوبائيءَ جواليڪشنون وڙهندي ڏٺاسون، پر گوپال سنگھ جهڙو تتڙينگ هيو، جڏهن وطن جا وڻ ڇڏي اڪيلي پٽ وٽ ساھ ڏيڻ لاءِ هندستان ويو تڏهن تائين تهڙو ئي تتڙينگ رهيو.
    تن ڏينهين نئون نئون عمرڪوٽ آيو هجان، اڃان ڪنهن راجپوت سوڍي سان پالو ڪونه پيو هجيم. جو هڪڙي ڀيري راڻي چندرسنگھ جي ڀاءُ اندر سنگھ جو فون آيو. هن جُوءِ جا جملي سوڍا، پنهنجي تر ۾ وَسين لڳي ماڻهن سان ڍاٽڪيءَ ۾ ڳالهائيندا هيا، اڳلو سمجهي يانه سمجهي، ڀلي ته جواب سنڌيءَ يا اردو ۾ ڏيندو اچي، پر سوڍا ڍاٽڪيءَ کي ٻُنگِيو ايندا. سو ڳالھ پئي ڪيم، اندر سنگھ جي فون جي، مون سان به ڍاٽڪيءَ ۾ ئي ڳالهاڻو.ڀلو ٿئي وڏڙن جو جن سڄي ڄمار مينگهواڙن جي ڳوٺ ۾ گذاري، ان ڪري ڍاٽڪي فر فر ڳالهائيندو هيس. ٻروچ کي ڍاٽڪي ڳالهائيندو ٻڌي، سوڍو وڌيڪ خوش ٿيو. ڪجھ ڪم ڪار ڏسيائين، گڏوگڏ ٻروچڪي غيرت ۽ همت جو به حوالو ڏيندو ويو، ۽ بس وري ڪڏهن ڪونه مليو، نه ئي وري ڪڏهن ڳالھ ٿي.
    هڪ ڀيري راڻو چندر سنگھ ٿري هِندُن کي پنهنجي هٿن سان مالي مدد ڏيڻ لاءِ اسلام آباد مان چڱو موچارو ڊرافٽ، حبيب بينڪ عمرڪوٽ تي ٺهرائي آيو هيو، تن ڏينهين نئون نئون عمرڪوٽ آيو هجان.هڪ ڏينهن معمول موجب شام ويلي بينڪ بند ڪري ٻئي ڏينهن جي سرڪاري موڪل سبب ڳوٺ هلياوياسين. راڻو صاحب سج لٿي مهل عمرڪوٽ پهتو هيو ۽ ان مهل ئي گوپال سنگھ کي بينڪ موڪليائين ته وڃي ڊرافٽ جي رقم وٺي اچ ته صبح جو ٿر ۾ هلي ورهائي اچون. گوپال سنگھ جڏهن بينڪ بند ڏٺي ته کيس فون تي اطلاع ڏنائين، راڻي صاحب نه ڪئي هم نه تم ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي فون ڪري حڪم ڏنائين ته هينئر جو هينئر بينڪ کولائي رقم جو بندوبست ڪري ڏئي.اعجاز منگي ان وقت عمرڪوٽ جو ڊپٽي ڪمشنر هيو، سمجهدار ماڻهو به هيو، خبر به هيس ته صبحاڻي موڪل آهي، مينجر توڙي اسٽاف پنهنجي پنهنجي ڳوٺ هوندا. ان هوندي به منهنجا ڏس پتا پُڇائي مير پورخاص جي ڊپٽي ڪمشنر کي فون ڪري چيائين ته مان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سان فون تي ڳالهايان. تنهن زماني ۾ موبائل فون ڪونه هوندا هيا، اسان جي حد جو ٿاڻو پراڻي ميرپور هوندو هيو. رات جا ڏه کن ٿيا هوندا جو پراڻي ميرپور جي موبائل ايس ايڇ او سميت مون کي ڳوليندي اچي پهتي.سمورو ڳوٺ پريشان ٿي ويو، ڇو جو ڳوٺ ۾امن ۽ شانتي ايتري هوندي هئي جو ڪڏهن ڪا پوليس ڪونه آئي هئي. صوبيدار به اهڙو ته ڏاهو، اڪابر۽ عقلمند هيو جو ضد ڪري بيهي رهيو ته هينئرئي موبائل ۾ هلي شهر مان ڊي سيءَ سان ڳالهاءِ. اڳيان آئون به ضد ڪري بيهي رهيس ته آئون ڪو چور ته ناهيان جو موبائل ۾ پويان ويهي وڃان. تو پنهنجو ڪم ڪيو، مون کي نياپو مليو، هاڻ تون وڃي ڌُر ڌڻين کي ٻڌائي ڇڏ ته هيءَ ورندي ملي اٿم. پوليس ته وئي هلي پر پريشانيءَ ۾ مون سميت گهر جي جملي ڀاتين کي رات جو ننڊ نه آئي.صبح ٿي ته سوچيم ته ميرپورخاص مان وڃي ڊپٽي ڪمشنر سان فون تي ڳالهايان. بسن ۾ ڌڪ کائي جڏهن ميرپورخاص پهچي ساڻس فون تي ڳالهايم ته اعجاز منگيءَ پريشانيءَ مان چيو ادا تنهنجي مجبوري پنهنجي جاءِ تي، پر هن” راجپوت سوڍي“ کي ڪير سمجهائي ته موڪل جي ڏينهن هئڻ ڪري بينڪ ڪونه کلندي، تون مهرباني ڪري ڪا ٽيڪسي به ڪري هتي پهچ ته منهنجي به جان آجي ٿئي.
    راڻي چندر سنگھ جي طبيعت بابت مونکي ڪجھ ڏينهن اڳ۾ هڪڙي دوست ٻڌايو هيو، جيڪو تازو ئي يو بي ايل جو مينجر ٿي، راڻي صاحب کان ڊپازٽ وٺڻ لاءِ سندس بنگلي تي ويو هيو ۽ کيس چاچا چئي پنهنجو تعارف ڪرايو هيائين. هن پاران چاچا چوڻ تي، راڻي صاحب پهريائين ته ڀر ۾ ويٺل پُٽ حمير سنگھ ۽ ڀائيٽي راجوير سنگھ کان سوال ڪيو، ته منهنجو اهڙو به ڪو ڀاءُ آهي ڇا جنهن کي توهان نه سڃاڻيندا هجو؟ ٻنهي پاران انڪار ڪرڻ کان پوءِ ويٺل ماڻهن کان پڇيائين ۽ سڀني پاران انڪار تي، هن فوري طور يو بي ايل جي صدر کي فون ملايو، اهو ته ڀلو ٿيو مينيجر جو يو بي ايل جو صدر فون تي نه مليو، نه ته هن جو ڪم لهي وڃي ها. هوڏانهن مينيجر پريشان ٿي ويو ته هن کان ڪهڙي غلطي ٿي جو نوڙ ڪنڌ ۾ پيو پوي، همراھ ماٺڙي ڪري کِسڪيو. ڪجھ وقت بعد ڪنهن ٻڌايس ته تون ذات جو خاصخيلي آهين ۽ ٺَڪُر، خاصخيلين کي بجير چئي نوڪرن وارو ڪم وٺندا آهن، تنهنجو کيس چاچا چوڻ هن جي راجپوتيءَ کي گار محسوس ٿي، تڏهن ايترو گرم ٿيو. سو ان ڊپ سبب آئون به ٽيڪسي ڪري پهتس، بينڪ عملو گهرائي ڊرافٽ پاس ڪري رقم گوپال سنگھ کي هٿ ۾ ڏيندي چيم ته توهان مون کي پوليس معرفت گهرائي منهنجي بيعزتي ڪئي آهي. ان جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي. گوپال سنگھ جيتو ڻيڪ پراڻو ڪامريڊ هيو ۽ اسان جو يار به هيو، ته به کانئس منهنجو جملو هضم نه ٿيو۽ ٻاهر وڃي راڻي صاحب کي فون ڪري منهنجي ڪاوڙ بابت ٻڌائي آيو. گهڙي نه گذري جو راڻي صاحب جو بينڪ ۾ فون آيو ۽ مون کي ڍاٽڪيءَ ۾ حڪم واري انداز ۾ چيائين ته مينيجر تُون هِيڻا رو هِيڻا گوپِيئي ڀيڙو مَانهنجِي ڪوٽڙِي تي آ. راڻو صاحب گوپال سنگھ کي پيار مان گوپيو چوندو هيو. هاڻي منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هجي، سوچيم شايد ڪامريڊ ئي ٻاهر وڃي ڪي مرچ مصالحا ملائي ٻڌاياهوندا. گوپال سنگھ کان پڇيم ته هن به ڇاتي ٺوڪي چيو، ها مون کيس سڀڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آهي. ان ويل ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿيم، هاڻي الائي ڇا ٿيندو؟ گوپال سنگھ سان علي نواز واري ڳالھ ڪيم ته چيائين، چريا!! ٻروچ، هُو خاصخيلي هيو تون ٻروچ آهين، اسين ٺَڪُر، ٻروچن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهندا آهيون. توسان راڻو صاحب ايئن ڪونه ڳالهائيندو، جيئن علي نواز سان ڳالهايو هيائين.سندس پاران دل ٻَڌائڻ تي همت ڪري، راڻي صاحب وٽ حاضر ٿيس. رسمي خوش خير عافيت کان پوءِ سامهون پيل صوفا تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين.گڏوگڏ ناراض ٿيڻ جو سبب پڇيائين. ته همت ڪري ڏڪندڙ زبان سان چيم، سائين اوهين راجپوت آهيو، ته آئون به ٻروچ آهيان، اوهان منهنجي در تي پوليس موڪلي مون کي گهرايو آهي، منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن سمجهيو ته آئون بينڪ مان ڪا چوري ڪري آيو آهيان, ان ڪري پوليس منهنجي پويان آئي آهي، ان جو ڏک ٿيو اٿم.
    يڪدم ڍاٽڪيءَ چيائين، ٻروچ هائين اسانجي غلطي اهي، هي اوهين اسانجي غلطي رو ڏنڊ سُڻائو تو ڀران.
    آئون اڃان سوچي ئي رهيو هيس ته گوپال سنگھ وچ۾ ٽپ ڏيئي چيو ته راڻا صاحب ڏنڊ ۾ ٻروچ جي ڳوٺ ۾ فون لڳرائي ڏيو. راڻي صاحب فوري طور پي ٽي سي ايل جي چيئرمين خوشي محمد ڀٽو کي فون ڪري منهنجي ڳوٺ ۾ وي ايڇ ايف جو پي سي او لڳائڻ جو حڪم ڏنو.حيرت جي حد اها ٿي جو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ منهنجي گهر ۾ پي سي او لڳي ويو. جنهن جي ڊمانڊ نوٽ کان وٺي، ٻيا جملي اخراجات الائي ڪنهن ڀريا، مون کي ڳوٺان فون ڪري ٻڌايو ويو ته هي منهنجي گهر جو نمبر آهي.
    موجودھ راڻي، حمير سنگھ سان کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون هيون، سادگيءَ جو مثالي نمونو هوندو هيو، پاڻ ئي هلي اچي بينڪ ۾ ڪچهريون ڪري ويندو هيو، سندس سوٽ راجويرسنگھ، سان ته چـڱي موچاري دوستي ٿي وئي هئي.جڏهن به ايندو هيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو هوندو هيو، سياست جي موضوع تي وڏا وڏا بحث ڪندو هيو، پوئين دور ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو، هاڻ ته الائي سڃاڻي به يا نه؟ بحرحال ڪجھ به هجي امراڻي جي آس پاس جي سوڍن جو اڳيون اوج هاڻي نه رهيو آهي ۽ بدلجندڙ سياسي، سماجي، معاشي۽ معاشرتي حالتن ۾ وري سندن ساڳي اوج اچڻي به ناهي. اهي قصا هاڻ صرف ۽ صرف ماضيءَ جون يادون رهجي ويندا. هاڻ جڏهن به امراڻي وڃڻ ٿئي ٿو ته امراڻي جي انهن جُنگ جوانن کي ساري ٿڌي آھ نڪريو وڃي ٿي ۽ لطيف سرڪار جي هيءَ سٽ ياد اچيو وڃيم.
    نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
    پَسيو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
    الرحيم ٽرانسپورٽ سروس جو مالڪ لال محمد آريسر، هاء اسڪول ڇور جو هيڊ ماستر هئڻ سان گڏ، زميندار ۽ پيپلز پارٽيءَ جو همدرد به هيو، ايئن کڻي چئجي ته ڇور جي پيپلز پارٽي هيو ئي لال محمد آريسر، ته به ڀانيان ٿو ته انهيءَ ۾ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. يا ايئن کڻي چئجي ته ڇور جو شهر آباد ئي لال محمد آريسر جي نياز سان هيو ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو. سموري شهر جا ماڻهو وٽس صلاح ثواب لاءِ ايندا هيا. شهر جوهرهڪ ماڻهوکيس سائين ڪري سڏيندو هيو. وڏي ڳالھ ته انهن ۾ جماعتي جوان به شامل هوندا هيا. سائين لال محمد ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين ڏاڏي پوٽي ۽ ٻي حيدرآباد جي اردو ڳالهائڻ واري هئي. سندس ٻي گھر واري ٻارن سميت حيدرآباد ۾ رهندي هئي.سندس ٻئي وڏا پٽ ڪاروبار ۽ زمينداريءَ ۾ تمام گهٽ چاھ رکندا هيا. تنهن ڪري سندس ڀائيٽا نظر محمد ۽ عطامحمد گھڻو تڻو ڪاروبار سنڀاليندا هيا. نئين شهر ۾ مون لاءِ رهائش جو مسئلو هيو.ان ڪري پهرئين ڏينهن ئي سائين لال محمد مون کي پنهنجي اوطاق آڇي. جتي عارضي طور رهڻ لڳس. ٿر جي گيٽ وي هئڻ ڪري سندس اوطاق ۾ ٿر جي مختلف علائقن جا مسافر ماڻهو ايندا هيا.جن سان ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. منجهن سُگھڙائپ ۽ دانائپ ڀريل هوندي هئي. انهن مان ڳوٺ ٻانڌو جو رهاڪو مرحوم وڏيرو عبدالحميد سميجو به هڪ هيو.جنهن سان وڏيون وڏيون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ٽيڀري ڀنڀرا ۾ بينڪ جي اسٽاف مير محمد ۽ سندس ڀاءُ سلطان وٽ وڃڻ ٿيندو رهندو هيو.
    25 آگسٽ 1992 جو هٿ سان هينڊل گھمائڻ واري ڪاري فون تي ميرپورخاص مان ڪال آئي، اڳيان ڳالهائڻ وارو ڀانئيان ٿو ته تارو ميگهواڙ هيو، ٻڌايو هيائين ته پٽ ڄائو اٿم.ان خبر تي تمام گهڻو خوش ٿيس، پاڻ اڪيلو هئڻ سبب سوچيندو هيس ته خدا ڪري خادم کي به ڪو ڀاءُ هجي!. ڏهن سالن جي وڇوٽيءَ بعد پٽ ڄائو ته ڏاڍو خوش ٿيس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وڏو خرچ ڪيم، يعني سڄا سارا ڏهه ڪلو لڏُون وٺي ڳوٺ پهتو هيس.مبارڪون ئي مبارڪون هجن.ان وقت بابا ۽ امان ياد آيا ته اکڙين مان لڙڪ لارون ڪري هليا. انهي پٽ جو نالو به بابا جو ئي يعني اڪبر رکيم.اڪبر جي جنم وارو سال منهنجي زندگي جي اهم تبديلين وارو سال ثابت ٿيو.جيتوڻيڪ غربت ۽ڏکن جو ماريل هيس، پر ان سال مالي، معاشي ۽ معاشرتي حوالي سان خوشحالي ۽ خوشين منهنجي در تي گھڙي گھڙي د ستڪ پئي ڏني ۽ مسلسل ڏينديون اچن. ڊسمبر ڌاران جڏهن اڪبر جو ختنو ڪرائڻ وقت دعوت ڪيم ۽ پنهنجن جملي دوستن کي سڏيم ته اوڙي پاڙي وارا اڪوءَ جي پٽ جي ايڏي واسطي کي ڏسي حيران ٿيا.گڏوگڏ ڪي ته چڱا موچارا مهانڊا پريشان به ٿيا ۽ ٻن لکن جي جي اندر مبارڪ به ماڻهن لاءِحيرت جهڙي هئي. ان دعوت ۾ ئي اسان جي زونل چيف شبير سيتائيءَ اچي لاهور جي ڪنهن سيمينار ۾ حبيب بينڪ جي نمائندگي ڪرڻ جو ليٽر هٿ ۾ ڏنو هيو. ان ڪري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هوائي جهاز جو سفر ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي هيم. عمرڪوٽ وارو يار سليم مهر به گڏ هليو هيو، پر پنهنجي خرچ تي. حيدرآباد جي هوائي اڏي تان اسان جي فوڪر جهاز جي اڏام لاهور کان ٿيندي اسلام آباد وڃڻي هئي. لاهور جي هوائي اڏي تي رام بچومل منهنجو کپري جو يار اسان کي وٺڻ لاءِ آيو هيو.رام بچومل اسان کي انهيءَ هوٽل تي پهچايو جتي بينڪ جي پاران انتظام ڪيا ويا هئا. پوءِ هرروز صبح جو آئون ۽ راٺوڙ بينڪ جي سيمينار ۾ ويندا هياسين ۽ سليم مهر رام جي معرفت لاهور جي هيرا منڊيءَ ۾ پيو لامارا ڏيندو هيو.جيئن ته منهنجو هوائي جهاز جو اهو پهريون سفر هيو، جنهن لاءِ پوري حياتيءَ ۾ ڪڏهن تصور به ڪونه ڪيو هيم، ته ڪو ان منزل تي پهچندس جو سرڪاري ڪاروهنوار سان مفت ۾ هوائي جهازن ۾ چڙهندس.ان ڪر جهاز ۾ ويهندي ئي اکين مان لڙڪ لڙيا هيم. مون سمجهيو هيو ته مون اڪيلي سان اها حالت هوندي پر مونکي راٺوڙ ۽ سليم مهر ٻڌايو ته هو به غريبن جا ٻار آهن ۽ ٻئي هڪ ڀيرو اڳ به جهاز جو سفر ڪري چڪا آهن..لاهور جي انهي سفر ۾ رام مونکي اهو شاهي قلعو خاص طور تي منهنجي فرمائش تي ڏيکارڻ هليو هيو، جنهن جي ٽارچر سيلن ۾حسن ناصر شهيد ٿيو هيو۽ ڄام ساقي اهي عذاب ڀوڳي وريو هيو. جيتوڻيڪ ٽارچر سيل جي ان حصي تي اڃان به جوڌن جو قبضو هيو۽ اسان ان پاسي ته ڪونه وڃي سگهياسون، پر ان علائقي ۾ گهمندي ڦرندي مونکي هزارين مظلوم نوجوانن جون آهون ۽ دانهون لاهور جي فضائن ۾ پڪارن جيان ٻڌڻ ۾ پئي آيون. اهڙيون بيوس پڪارون جن جو ڪو اوهي واهي نه هجي جن جو ڪو ڌڻي سائين نه هجي. پنهنجي پر ۾ مون هزراين بيگناھ ماريل جوڌن جي روحن کي ان قلعي جي آس پاس چڪر ڪاٽيندي ڏٺو هيو.


    21

    انهن ڏينهن ۾ رام، مون کي سوزو پارڪ جي رستي تي واگھ بارڊر طرف وٺي ويو هيو. جيئن جيئن واگھ کي ويجها پئي ٿياسون، تيئن تيئن هندستان ڏانهن ويندڙ ماڻهن جون ۽ ٽرڪن جون قطارون ڏسي، بي اختيار رام کان پڇيو هيم ته هي ماڻهو ۽ هي ٽرڪون ڪيڏانهن پيون وڃن؟ هن وراڻيو هيو ته اهي مزدور آهن جيڪي انهن ٽرڪن ۾ لوڊ ٿيل ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيو سامان ٽرڪن مان لاهي پرينءَ ڀر پڄائيندا. ڏي