ڪتاب جو نالو: پيار درياھ
مصنف: اسحاق انصاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 28 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 462 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 191 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO: 99
    پيار درياهه
    (ناول)
    ناولنِگار: اسحاق انصاري
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه: 250/- روپيه


    PYAAR’U DARYAAH’U
    (Novel)

    By: Ishaque Ansari
    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 250/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    انهن محبتن جي نانءُ
    جيڪي
    پوريون هوندي به
    اڻپوريون رهجي ويون.

    ــــــ اسحاق انصاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پيار درياھ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪھاڻيڪار، سفرناما نگار ۽ ناول نگار اسحاق انصاري جو لکيل ناول آھي.
    اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    اسحاق انصاريءَ جي لکيل پهرين ناول ”خالي بينچ“ پڙهندڙن ۾ ايتري مقبوليت حاصل ڪئي جو، ان ناول جا هڪٻئي پٺيان ٽي ڇاپا شايع ٿيا ۽ هٿو هٿ وڪامي به ويا. اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي.
    ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي. اسان کي پڪ آهي ته سندس هي ناول پڻ پڙهندڙن، خاص ڪري نوجوانن ۾ سندس پهرين ناول وانگر مقبول ٿيندو ۽ هن ناول جا به هڪ کان وڌيڪ ڇاپا سامهون ايندا. اها به پڪ اٿئون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي حوالي سان جيڪا ڏڪر واري صورتحال آهي، انهيءَ صورتحال ۾ هي ناول ٿڌڙي هير جي جهوٽي جو احساس ڏياريندو.



    قربان منــــــگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    پنهنجي پاران

    منهنجي زندگي سدائين سفر ۾ رهي آهي ڪڏهن اها من اندر جي سفرن ۾ ته ڪڏهن مختلف ماڳن، مڪانن ۽ ملڪن جي ڌوڙ لتاڙيندي گذري آهي. منهنجي زندگيءَ جو خوبصورت حصو 1990 کان وٺي 1995 تائين چيڪوسلوواڪيا ۾ گذريو، جتي مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيس. اهو ملڪ به مون کي پنهنجو پنهنجو لڳو ته ماڻهو به، هونئن به مان سنڌوءَ جي چيڪي مٽيءَ مان جڙيل هيس ته هو وري ڊينيوب ۽ ولتاوا جي لٽ سان لٽيل هيا. اتان جي زندگيءَ جي واقعن، مشاهدن، سکن، ڏکن، دوستين (دشمنيون ته اسان ڪيون ئي نه)، پيارن، مهڻن، ماڻن، نازن،اندازن، مرڪن، ٽهڪن، رشتن ۽ ناتن جو هڪ قرض منهنجي مٿان هو ته مان انهن جي باري ۾ لکان. لکڻ ڪاڻ ته مان اتان جي ڊائري به لکي پئي سگھيس، آتم ڪٿا جو هڪ ڀاڱو ڪري به لکي پئي سگھيس، يا سفرنامو به ڪري پيو سگھان. پر مون سوچيو ته انهن سڀني طريقن سان ته ڪهڙي وقت به، ڪڏهن به ۽ ڪهڙي نموني به لکي سگھان ٿو. پر مون چاهيو پئي ته انهن سڀني کي امر به بڻايان. ان لاءِ مون وٽ ايتريون ته ڳالهيون هيون، راز ۽ نياز هيا، مورتون ۽ صورتون هيون جو اهي منهنجي آڏو ڪنهن ناول جو قصو يا ڪردار ٿي نچيا پيا. تنهن جي ڪري اهو ضروري هو ته انهن کي ڪنهن ناول جي صورت ۾ آڻيان. ان ڪري مون هن ناول جي صورت ۾ اهي مشاهدا ۽ تجربا توهان جي آڏو آندا آهن. هر تخليق ۾ ليکڪ پاڻ موجود هوندو آهي پر ان جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته سئو سيڪڙو اهي تجربا يا مشاهدا سندس ئي هوندا آهن پر ليکڪ ان ۾ پنهنجي من اندر جي ڪيفيتن، واقعن ۽ ڪردارن کي به افسانوي انداز ۾ تحرير ڪندو آهي. سو هن ناول ۾ حقيقت ۽ افساني (تخليق) جو مرڪب ملندو.
    منهنجي لکڻين ۾ ۽ زندگيءَ ۾ به رومانس ۽ پيار جي پالوٽ پسي سگھجي ٿي. مان مختلف هنڌن تي اهو چوندو رهندو آهيان ته زندهه رهڻ لاءِ دل ۾ هڪ ڇيت هر وقت چڀندي رهڻ کپي. شڪر آهي جو منهنجي دل ۾ ڇيت چڀندي رهي ٿي ۽ ان ڪري جيئرو به آهيان.
    جيئرو رهڻ ئي هڪ وڏو ڏکيو ڪم آهي پر لاڀائتي ۽ سهڻي نموني جيئرو رهڻ هر ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. خوشين جا ٽانگر ڪڏهن به اوهان جي اڱڻ تي پاڻ مرادو اچي ڪونه اڀرندا. خوشبوئن جا پوپٽ ڪڏهن به اوهان جي ارد گرد نه اڏمندا. نه وري رنگن جي انڊلٺ اوهان جي اندر جي آسمان تي پاڻ مرادو نمودار ٿيندي. ائين ئي رشتن ۾ به آهي ڪڏهن به پيار جا رشتا پاڻ اچي اوهان جي دلين جا در ڪونه کڙڪائيندا، جي کڙڪائن به صحي پر انهن کي نڀائڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ اهڙو بڻجڻو پوندو آهي. سو صحيح نموني جيئڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پنهنجي سر ڪوششون وٺڻيون پونديون آهن. رنگن کي، منظرن کي پسڻ لاءِ جھنگن جھرن، سمنڊن، صحرائن، عمارتن ۽ ماڻهن جي جھنگن، فضائن ۾ ڄاڻي واڻي گھمڻو ۽ رلڻو پوندو آهي.
    اهڙي ريت پيار کي پسڻ لاءِ ماڻهن جي اندر جا جهان جھاڳڻا پون ٿا. انهن جي جهانن کي پنهنجي اندر جي جهان ۾ سموئڻو پئي ٿو. ٻن مان هڪ ٿيڻو پئي ٿو تڏهن ئي پيار جا ڪجھه پل پائي سگھجن ٿا.
    ها! حاصل تڏهن ئي ڪري سگھجي ٿو جڏهن انهن محبتن تي ڪائناتون قربان ڪجن. پر اهو ڏکيو ڪم آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪجھه وڃائڻ کان بغير سڀ ڪجھه حاصل ڪري وٺون اهو سڀ ناممڪن آهي. وڃائڻ ئي اصل پائڻ آهي. جنهن اهو سمجھي ورتو، ان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري ورتو.
    سونهن، سچ، ڪوڙ، پيار ۽ عشق جيان حاصل يا حاصلات به رليٽو ٽرم آهي. هر هڪ وٽ انهن جي لاءِ پنهنجيون پنهنجيون وصفون، ماپا ۽ ماڻا آهن. ان ڪري ڪنهن کي اها حاصلات لڳندي آهي ته ڪنهن کي اهو وڃائڻ لڳندو آهي.
    پنهنجي هر لکڻيءَ جيان هي ناول مون ڪنهن آفيشل اسائنٽميٽ جيان نه لکيو آهي. 1995 کان وٺي، 16 سال اهو روڳ اندر ۾ پاليندو رهيس. پنهنجو پاڻ اوڳر ڪندو رهيس، تان جو هڪ وقت اهو آيو جو منهنجي اندر مان ڪنهن لاوا جيان لفظ نڪرندا ويا ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي لکبا ويا، لکبا ويا ۽ لکبا ئي ويا.
    هن ناول لکڻ وقت، ڪڏهن مرڪيو به آهيان ته کليو به آهيان. رُنو به آهيان ته ڏکويل به ٿيو آهيان. ڇو جو هي ناول مون لکيو ناهي پر اوڳاڇيو آهي. ان ڪري ان ۾ جيڪي به جذبا آهن اهي پنهنجي پوري سچائيءَ سان بيان ٿيل آهن. ان ڪري مون کي يقين آهي منهنجي پڙهندڙ وٽ به اهي جذبا، لفظن وسيلي اهو ئي مانُ ماڻيندا جيڪو مانُ انهن جو مون وٽ آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي دوست پڇندا آهن ته مان سدائين سونهن، پيار، عشق ۽ جذبن تي ئي ڇو لکيو آهي. منهنجو کين اهو جواب هوندو آهي جنهن ماڻهوءَ وٽ جيڪو وکر هوندو ته اهو ئي وڪڻندو نه! شل منهن جو هي وکر اوهان وٽ قبوليت ماڻي.


    اسحاق انصاري
    ڪراچي
    6 ڊسمبر 2016


    ناول

    1

    البانيا جي عائده، ورڪشاپ شروع ٿيڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ پهتي هئي. جڏهن عائده ڪلاس ۾ آئي ته سڀ کان پهرين هن جي رس ڀريل چپن ۽ وڏين اکين آيانَ جي توجهه ڇڪائي هئي. انهن اوچاين جي آڏو عائده جو ننڍو قد لڪي ويو هيو. عائده ڄڻ هائيڪو هئي. خوبصورت اکيون، رسيلا چپ ۽ مٺڙو بدن .
    ورڪشاپ جو شيڊيول ڏاڍو مصروف هيو. صبح جو ساڍي اٺين کان وٺي شام تائين ڊيموگرافيءَ جا دُڪا هنن جي اندر ۾ اوتيا ويندا هيا. انڪري ڪلاس ۾ ڇوڪرن ڇوڪرين جي پاڻ ۾ ميل ملاقات گھٽ هئي، سندن وچ ۾ هڪ وڇوٽي ۽ ڌاريائپ هئي.
    پهريائين ٽي ڏينهن ته ايئن ئي گذري ويا. هونئن به آيان اڇل ڏئي دوستي رکڻ وارن مان نه هيو. هُنکي واقفيت وڌائڻ ۾ وقت کپي. ٽئين ڏينهن ڪلاس کانپوءِ هنن سڀني کي محل جي ويجھو ان ٻيلي ۾ بار بي ڪيو پارٽي ڏني وئي، جيڪو آيان کي ڪمري مان نظر ايندو هو ۽ جتي هو جاگنگ ڪرڻ ويندو هو
    اتي هڪ وڏو مچ ٻاريو ويو، مچ جي چوڌاري ويٺلن جي چهري تي پوندڙ باهه جي گھٽ وڌ روشني ۽ شيڊ، سهڻو منظر پيش ڪري رهيا هئا. مچ تي گوشت به گرل ٿيندو رهيو، ان سان گڏ بيئر ۽ وائين پيڻ جو دور به هلندو رهيو. جڏهن امرت رس جا ڍڪ اندر جي اونهاين ۾ اوتبا ويا ته ٽهڪن ۽ مختلف ملڪن جي لوڪ گيتن جون ڪهڪشائون چوڏس ڦهلبيون ويون. ڌاريائپ ۽ ٺاهه ٺوهه وارا پردا ڪري پيا. پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، پروفيسر به ساڻن فري ٿي ڳالهائي رهيا هيا. هڪ ٻئي سان چرچا ڀوڳ به ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيائون. ڇوڪرن ۾ جيڪڏهن ٽهڪن ۽ چرچن ۾ آيان اڳرو هيو ته ڇوڪرين ۾ وري عائده جا ٽهڪ سڀني تي حاوي هيا. جيئن جيئن مچ جون ڪاٺيون سڙي ٽانڊا ٿينديون پئي ويون تيئن تيئن هُنن جي اندر جي آڳ ۽ گرمجوشي وڌندي پئي وئي. باهه جي چڻنگن جيان آيان جا ٽهڪ به وڻن جي ٽارين کي ڇهڻ لڳا ته سڀ هن ڏانهن متوجه ٿيا. سڀ کان پهريائين بلغاريا جو زدراوڪو ۽ بيلورشيا جو دميتري آيان جي ويجھو آيا ۽ هو پروفيسرن کان ٿورو پرڀرو وڃي ڪچهري ڪرڻ لڳا. هڪٻئي کي لطيفا به ٻڌائي رهيا هيا ته پنهنجا پنهنجا تجربا به ٻڌائي رهيا هيا. ڇوڪرن جون ڳالهيون ۽ ٽهڪ ڇوڪرين جي من اندر کي به ڇهڻ لڳا هئا. سڀ کان پهريائين رومانيا جي ديلا آئي ۽ پوءِ آيان جي ٽهڪن جي ستار سان عائده جي ٽهڪن جي ٿاپ به شامل ٿي وئي. ان کان علاوه رومانيا جي ڊائنا به هنن وٽ هلي آئي. پر ان وقت سڀني ڇوڪرين مان عائده ئي وڌيڪ انجواءِ ڪري رهي هئي.هن وٽ مزاح جي حِس ٻين کان سرس هئي. ان ڏينهن عائده کي ڪارو ريمپر پاتل هيو ۽ آيان پنهنجو پاڻ کي هنجي اکين ۾ گرل ٿيندي محسوس ڪيو هيو.
    ان ئي رات هنن سڀني پنهنجن تعارف سان گڏ وڏن ۽ ڏکين نالن کي سنهنجو ڪري نئون روپ ڏنو هيو، جيئن روزي، ديلا، تيلا، ديانا پر عائده پنهنجي مختصر جسم جيان عائده ئي رهجي وئي. آيان جي من اندر ۾ عائده جي مختصر نالي جا ڪئين روپ سرجڻ لڳا هئا.

    ******

    آيان بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو. هن سامهون ڀت تي لڳل گھڙيال ۾ ڏسي، فلائيٽ شيڊيول واري بورڊ تي نظر ڊوڙائي،

    Flight Fl.Number From Estmited time Remarks
    Ok 501 Tirana 10.00 Delayed

    پراگ ايئر پورٽ جي Arrival لائونج ۾ آيان فلائيٽ ليٽ هجڻ ڪري هُنَ پاسي سان رکيل بينچن تي ويٺي پنهنجيون يادگيريون سنڀاليون ته پنهنجي منهن ئي مرڪي ويٺو.
    هن کي وري ياد آيو ته ٻه سال اڳ چارلس يونيورسٽيءَ طرفان ڪيل ورڪشاپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پراگ آيو هو . کين پراگ کان تقريبن چاليهه ڪلو ميٽر پري هڪ ننڍي ڳوٺ ”زهرادڪي“ ۾ رهايو ويوهو. جنهن جي چوڌاري سايون سايون ٻنيون هيون، پري پري ڪٿي گھر هيا ۽ مٿان نيرو آسمان. کيس اهو لينڊ اسڪيپ سهڻو لڳي رهيو هو. بس کين اوائلي رينيسنس (Renaissance) آرڪيٽيڪچر واري شاندار محل (Castle) وٽ ڇڏيو. اهو محل ڪنهن پراڻي نواب جو هيو ۽ ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ حڪومت چارلس يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو هيو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي ڪانفرنسن، ورڪشاپن ۽ ميٽنگن لاءِ استعمال ٿيندو هيو. محل هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي وڻن جي جھڳٽي ۾ گھيريل هيو، ان جي چوڌاري لوهي گرل لڳل هئي .بس جي بيهڻ شرط سڀ پنهنجو پنهنجو سامان بيگن ۾ لڳل ڦيٿن ذريعي ريڙهيندا، هڪ شاهي گيٽ مان اندر داخل ٿيا ته وڏي آڳر هنن جي آجيان ڪئي، جنهن جي وچ تي پٿر جو خوبصورت ڦوهارو ۽ چوڌاري وڪٽورين اسٽائيل جون بينچون لڳل هيون. سامهون هڪ خوبصورت عمارت هئي، جنهن جو ڪاٺ وارو وڏو دروازو اڪري، ونگن واري ورانڊي ۾ پهتا. دخل تان ڪمري جي چاٻي وٺڻ دوران، آيان پنهنجن ساٿين جو جائزو ورتو، هنن جي گھڻائي کانئنس ننڍي عمر جي هئي.
    کيس ڪمرو پهرين فلور تي مليو، ڪمرن کي قديم ۽ جديد طرز تي سينگاريو ويو هيو. آيان ڪمري ۾ داخل ٿي سوٽ ڪيس کي الماريءَ ۾ رکي ڪمري جو پردو هٽايو، ته سندس منهن تي مُرڪ اچي وئي، ڪمريَ جي ڄاريءَ واري پردي مان دريءَ کان ٻاهر ٻيلي جا سر سبز وڻ نظر اچي رهيا هيا. کيس اهو سمورو ماحول ڏاڍو رومينٽڪ ۽ ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ جي منظر نگاريءَ جھڙو لڳي رهيو هيو. هُن خوش ٿي سوچيو ته: ”ورڪشاپ لاءِ آيو آهيان يا ڪنهن شهزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوئمبر ۾ حصو وٺڻ پهتو آهيان“.

    ******


    آيان جڏهن ڪلاس ۾ پهتو ته ڪلاس ۾ ڪرسيون “U” شيپ ۾ رکيل هيون، هرڪو پنهن جي نيم پليٽ پڙهندو ان هنڌ ويهندو ويو، آيان هڪ لائين جي آخري ڪنڊ واري ڪرسيءَ تي پنهنجا فائيل رکيا. سندس ڀر ۾ ليٿوينيا جو ڇوڪرو ويٺل هو.
    جيستائين ڪوآرڊينيٽر اچي هن هم ڪلاسين تي نظر ڊوڙائي.
    گروپ جو جينڊر ريشو 1:4 (Gender Ratio) هيو. جن ۾ گھڻائي ايسٽ بلاڪ جي ڇوڪرين جي هئي. آيان سميت رڳو پنج مرد هيا.
    آيان کي يورپ جي ايسٽ بلاڪ جو عورتاڻو حسن سدائين موهيندو رهيو آهي. يورپ جي ان حصي جي عورتن جا قد پائينز جي وڻ جيان ڊگھا، اکيون ڀوريون ڄڻ بادلن سان ڀريل آسمان يا وري سمنڊ جھڙيون نيريون، وار ماکيءَ رنگا، ناسي يا سونهري. خاص ڳالهه ته نوي سيڪڙو سڀني وصفين سهڻيون، باقي ڏهه سيڪڙو، شڪل ۾ موچاريون لڳن پر انهن جا بت به وينس جون سڪون لاهين. هنن وٽ عورتاڻي نفاست ۽ نزاڪت ملي ٿي، جيڪا ٻين يوروپين عورتن وٽ گھٽ آهي.
    ڪوآرڊينيٽر، جي اچڻ سان سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. سڀ کان پهريائين هر ڪنهن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اهو به چيو ويو ته هرڪو پنهنجو نڪ نيم به ٻڌائي ۽ ان کان علاوه پنهن جي لاءِ ڪا علامت به ٻڌائي جنهن سان کيس سڃاتو وڃي.
    تعارف ڪرائڻ دوران پتو پيو ته بلغاريا مان هڪ ڇوڪرو ۽ وڏن ڪارن وران واري هڪ ڇوڪري، اسپين مان گھنڊيدار وارن واريون ٻه ڇوڪريون، يوڪرائين مان اڏڙوٽ عمر جون ٻه مايون، جن کي ڏسي آيان خوش به ٿيو ته گھٽ ۾ گھٽ هنن نوجوانن ۾ ڪو هن جي عمر کان وڏو به آهي. ان کان علاوه، رومانيا جون ٽي ڇوڪريون، ايسٽونيا جي، هِڪَ ڇوڪري مولدوويا جي هِڪَ ڇوڪري، بيلو رشيا جو هڪ ڇوڪرو، لتويا جي هڪ ڇوڪري، ليٿونيا جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، چائنا جو هڪ ڇوڪرو جيڪو جرمنيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو، انڊونيشيا جو هڪ ڇوڪرو ۽ ٻيون چيڪ جون ڇوڪريون هيون.
    آيان پنهن جي لاءِ نڪ نيم ”ڪاشي“ ۽ سمبل ٻانهون ٻڌڻ جو ٻڌايو ۽ ان جي باري ۾ هنن کي ٻڌايائين ته سندس ڌرتي امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ ٻانهون ٻڌڻ اهنسا ۽ ٻي کي عزت ڏيڻ جي علامت آهي. ٻين سڀني به پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو، پر لنچ تائين سڀني کان هڪ ٻئي جون علامتون وسري ويون رڳو ياد رهجي ويون آيان جو ٻانهون ٻڌڻ، ۽ ڊيلا جي فلائنگ ڪِس، ان کان پوءِ سڀ هُن کي ٻانهون ٻڌي کيڪار يندا هيا.
    ڪوآرڊينٽر پوري ورڪشاپ جي باري ۾ تفصيل ٻڌايا. جنهن کان پوءِ ليڪچرس جو سلسلو شروع ٿي ويو.
    آيان کي ڪلاس ۽ رهائش، ڪينٽين ۽ ڳوٺ وڻڻ لڳو هو. پر جيئن ته هو به ڪُڏ ڏئي دوستي رکڻ وارو نه هو، ٻيو ته هو پنهنجو پاڻ کي هنن جي هم عمر به نه پئي سمجھيو، سواءِ يوڪرائين جي ٻن ماين جي جيڪي عمر ۾ هن کان به وڏيون هيون. پر هو خوش ضرور هو ته سندس هم ڪلاسي ڇوڪريون سهڻيون ضرور هيون. کيس اهڙي ماحول ۾ حسين ماڻهن جو ساٿ مزو ڏئي رهيو هو.

    ******

    پارٽيءَ جي ڪري صبح جو ڊائننگ هال جو ماحول مختلف هو. هرڪو چهڪي رهيو هيو. ڌاريائپ جون ديوارون ڪري پيون هيون، سڀ پاڻ ۾ گھلي ملي ويا هيا.
    آيان جيئن ئي هال ۾ داخل ٿيو ته عائده کيس سڏ ڪري پنهنجي ٽيبل تي ويهڻ لاءِ چيو. دريءَ مان ايندڙ روشني عائده جي اکين کي وڌيڪ اجرو ڪري رهي هئي ۽ هن جو چهرو تازي سورج مکيءَ جيان ٻهڪي رهيو هيو. آيان پاڻ کي سورج مکيءَ جي ٻنيءَ ۾ بيٺل محسوس ڪيو هو.
    پارٽيءَ کان پوءِ ڪلاس جو ماحول به دوستاڻو ٿي ويو هو. سڀني شاگردن، خاص ڪري عائده ۽ آيان جا ليڪچر دوران شاگردي اسٽائيل وارا ڪمينٽس، چٺين جي صورت ۾ شروع ٿي ويا. سندن اکيون به داستان گو بڻجي ويو هيون.
    شام جو جاگنگ ڪرڻ کانپوءِ، آيان وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي هيٺ لٿو ته جيئن دميتري ۽ ييٽي سان گڏ پب وڃي سگهي ته ڦوهاري وٽ کيس عائده ملي وئي، جنهن کائنس پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، جواب ۾ هن کيس پب جو ٻڌايو ۽ کيس به هلڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. اهو ان ننڍڙي ڳوٺ جو ننڍڙو پر خوبصورت پب هو، اتي اڇن ميز پوشن واريون پنج ٽيبلون هيون ۽ ديوارن تي ڪاٺ جا مختلف ڊيڪوريشن پِيس لڳل هيا. روشني به هلڪي هلڪي هئي. ٻه ٽيبلون ته اتان جي مستقل گراهڪن لاءِ ڄڻ مخصوص هيون پر ٽين ٽيبل به هاڻي هنن لاءِ مخصوص ٿي وئي هئي.
    پب ۾ هنن جي ڪچهري هلندي رهي، هو گھڻي دير تائين اتي ويٺا رهيا، ڇو جو اڳلو ڏينهن ڇنڇر هجڻ ڪري هنن کي موڪل هئي، باقي منجھند جو هنن کي بس ذريعي پراگ وڃڻو هو، جتي يونيورسٽيءَ ۾ کين پريڪٽيڪلز ڪرڻا هيا. ان ڪري آيان، فهد کي به فون ڪري زهرادڪي اچڻ کان منع ڪيو هيو.
    منجھند جو بس پهتي ته هر ڪو ان ۾ وڃي ويٺو. اسٽوڊنٽس بس تيزيءَ سان رستي جي ٻنهي پاسن کان لڳل پائينز جي ڊگھن وڻن کي پوئتي ڇڏيندي پئي وئي. عائده، آيان کان اڳ واري سيٽ تي چيڪ ڇوڪري ليونا سان ويٺي هئي. بس ۾ ٽهڪ گونجي رهيا هيا. ٿوري دير کانپوءِ عائده بس بيهارڻ لاءِ چيو، ڇو جو کيس الٽي پئي آئي. آيان به هُن سان گڏ لٿو ۽ الٽي اچڻ جو سبب پڇيو ته عائده وراڻيو ته کيس بس جي سفر ۾ اها تڪليف ٿيندي آهي. ان تي مرڪندي آيان کيس چيو ته: يا الٽي اچڻ جو ڪو ٻيو سبب آهي؟ هوءَ کلي ويٺي.
    آيان بس ۾ اچي سڀني کي خوشخبري ٻڌائي. عائده جي بس ۾ داخل ٿيڻ شرط سڀني تاڙيون وڄائي کيس مبارڪ ڏني. عائده کي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. ڊرائيور روزيءَ کي ننڍو ويهاڻو ڏنو. روزي ۽ ليونا عائده کي ليٽڻ لاءِ ويهاڻو ڏنو. عائده حيرانيءَ مان هنن کي ڏٺو ۽ پڇيو ته هي سڀ ڇاهي؟ هنن کيس چيو
    ”اسان کي سڀ خبر آهي ته تون ڳورهاري آهين“.
    عائده هڪدم ڪاوڙ مان آيان کي ڏٺو جيڪو کلي رهيو هو ۽ پوءِ هوءَ پاڻ به کلي پئي ۽ سڄي بس کي حقيقت ٻڌائي ته اها تڪليف کيس بس جي سفر ڪري ٿيندي آهي.
    پراگ ۾ آيان، يونيورسٽيءَ طرفان ڏنل هاسٽل ۾ رهڻ بجاءِ فهد جي فليٽ تي رهيو. هُن جي عائده سميت ٻين شاگردن سان ملاقات صرف پريڪٽيڪلز مهل ٿيندي هئي. آيان شام جو پراگ جي ٻين دوستن ۽ فهد سان گڏ پراڻن ٿاڪن تي وقت گذاري پراڻي زماني کي ياد ڪندو هيو. ويڪ اينڊ تي هو ۽ فهد گڏجي ڪڏهن اولڊ ٽائون اسڪوائر تي، ته ڪڏهن چارلس برج تي، ته ڪڏهن واتسلاو اسڪوائر تي واتسلاو جي مجسمي جي ڇانو ۾ ويهي ڀرسان گذرندڙ حسن جا پيگ اکين وسيلي اندر ۾ اوتيندا هيا ته ڪڏهن وري ولتاوا جي ڀر وارين گھٽين ۾ گھمندا هيا. انهن ڏينهن ۾ هو ٻئي ڄڻا وري پنهن جي پراڻي زماني وارين موجن ۾ پهچي ويا هيا، جڏهن آيان ڏهه سال اڳ اتي Ph.D ڪرڻ آيو هيو.
    آچر جي شام جو بس واپس زهرادڪي اچڻي هئي ۽ بس اسٽاپ تائين فهد، هن کي ڇڏڻ آيو. هُو بس ۾ سامان رکي ٻاهر ان خيال کان بيهي رهيو ته جيستائين سڀ اچن ۽ بس رواني ٿئي تيستائين فهد سان ڪچهري ٿي وڃي. ڪجھه دير ۾ عائده ٻين ڇوڪرين سان گڏجي بس وٽ پهتي ۽ آيان کي ڏسي هن طرف وڌي آئي ۽ آيان کان پڇيائين:
    ”توهان ڪٿي هيئو؟ توهان کي ڏاڍو مِس ڪيوسين“.
    ”بس پراڻن دوستن سان هياسين“.
    ”يا پراڻين گرل فريندز سان؟“.
    ”نه ايئن نه هيو“.
    ”اهو سچ هجي ته سٺو. اسان کي به دوستن جيان گڏ رکو ها“.
    عائده لمڪو ڏيندي واپس ويندي چيو.
    آيان جي من ۾ چڻنگائي تيليون ٻرڻ لڳيون. فهد کيس ڪک ۾ ٺونٺ هڻي اک ڀڳي.
    آهستي آهستي سڀ پهچندا ويا ۽ بس ڀرجڻ لڳي، آيان کان فهد موڪلايو ته هو به بس ۾ وڃي ويٺو.
    بس ۾ عائده، آيان جي ڀرمان لنگھندي چيو:
    “What I said, I mean it”
    آيان جي من جي ڪليسا جا گھنڊ وڄڻ لڳا. ان سان گڏ کيس لڳو ته پراگ جي سڀني گرجائن جا گھنڊ به گونجڻ لڳا هئا.

    ******


    2

    آهستي آهستي هنن جو هڪ گروپ بڻجي ويو هو ۽ ان گروپ ۾ آيان کان علاوه بيلورشيا جو دميتري، ليٽويا جو ييٽي(جنهن کي اهو نالو سنگت ڏنو هو ان ڪري جو هو ڊگھو هو ان کان علاوه سندس رشين نالي جي معني به هئي ”جبلن ۾ رهندڙ شخص“)، بلغـاريا جو زدراوڪو، بلغـاريا جي ئي روزي، رومانيا جون ڊائنا، ديلا، ۽ ديتلينا ۽ البانيا جي عائده شامل هئي.
    دميتريءَ جي انگلش، ”ييس، نو“ تائين محدود هوندي هئي، پر کيس گھڻا لطيفا ياد هوندا هيا. جن جو ترجمو ييٽي ڪري ٻڌايندو هيو. ييٽي ڪمپيوٽر جو ماهر ۽ انگلش ميوزڪ جو شوقين هيو. بلغـاريا جو زدراوڪو سٺو اسپورٽسمين ۽ اسڪنگ جو انسٽرڪٽر هيو، هو لاابالي طبيعت جو هو، سندس دلچسپي ڊائنا ۾ هوندي هئي. ڊائنا هڪ ڊگھي ۽ سلم ڇوڪري هئي. هن جا سونهري وار وڏا ۽ اکيون نيريون هيون، جن تي سونهري فريم واري عينڪ هوندي هئي. سندس چپ لپ اسٽڪ کان بغير به ڳاڙها هوندا هيا. روزي خاموش طبيعت هوندي هئي. هن جي بلغارين نالي جي معني گلاب هئي، جنهن ڪري هوءَ سڀني لاءِ روزي هئي، هن جا ڪارا ڊگھا وار هن جي چيلهه تي جھومندا هيا. ديلا ٿوري ٿلهي هوندي هئي، پر سندس نقش معصوم ٻار جهڙا هوندا هيا ۽ ديتلينا سنهي سڪڙي پر سندس ڪمپني مزو ڏيندڙ هئي.
    ان گروپ ۾ آيان جي دلچسپيءَ جو محور ڊائنا هئي ۽ ديلا جي نظرن ۾ وري آيان نچندو رهندو هيو. گروپ جو لوگو هو: ”هيئر وي آر“.
    بور ليڪچرن ۽ بحثن مان واندا ٿي سڀ گڏجي ان ننڍي ڳوٺ جي سر سبز پيچرن تي واڪ ڪندا هيا، ته ڪڏهن سائيڪلن تي نيري ڍنڍ تي ويندا هيا ته ڪڏهن ڳوٺ جي ويجھي ننڍي شهر ۾ چڪر ڏيندا هيا. پر جيئن ئي سج لڙندو هيو، ڳوٺ ۽ محل تي رومينٽڪ اوندهه پکڙبي هئي، ته اهو ٽولو اتان جي ننڍي پر خوبصورت پب ۾ گڏ ٿيندو هيو. ڇوڪرا بيئر جي بوتلون خالي ڪندا هيا ته ڇوڪريون وري ريڊ وائين جا چسڪا ڀريندي ڳل ڳاڙها ڪنديون هيون. پب کان واپسيءَ تي خاموش ماحول ۾ ٿڌ جي ڪري، هو ڪيلاش قبيلي جي ڊانس جيان هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي، وات مان ٻاڦ اوڳاڇيندا، گانا ڳائيندا، پنهنجي محل ڏانهن واپس ورندا هيا ۽ شاهي ڪاريڊورس ۾ الوپ ٿي ويندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن عائده ۽ آيان محل جي اڱڻ ۾ رکيل وڪٽورين بينچ تي ويهي ڳالهيون ڪندا هيا. اهڙي ئي هڪ ڪچهريءَ ۾ عائده آيان کي ٻڌايو هيو ته هن جو البينين دوست کيس ڇڏي ويو هو، جنهن ڪري عائده ڏاڍي ڊسٽرب هئي. ان وچ ۾ کيس هن ورڪشاپ جي انويٽيشن اچي وئي، پر هُن نه پئي اچڻ چاهيو. سندس والدين زوريءَ موڪليو هيس ته جيئن هنجو من وندري پئي. عائده آيان سان ڳالهيون شيئر ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندي هئي.

    ******

    ان ڏينهن سج چمڪي رهيو هيو، عائده ۽ آيان ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ سائيڪلون کڻي ڳوٺ جي ڍنڍ ڏانهن نڪري ويا هيا. عائده کي ڪاري نيڪر ۽ بسنتي رنگ جي ٽي شرٽ پهريل هئي ۽ آيان کي وائيٽ نيڪر ۽ گري ٽي شرٽ پهريل هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان حد نظر تائين سايون سايون ٻنيون هيون ۽ نيرو آسمان. ڪناري جي ٻنهي طرفن کان ڊگھا ڊگھا وڻ هيا. آيان کي ماحول، جان ڪانسٽيبل جي ڪنهن لينڊ اسڪيپ پينٽنگ جيان لڳي رهيو هو. هو جڏهن ڍنڍ تي پهتا ته سج لهي رهيو هيو. عائده ۽ آيان ڪناري تي سائيڪليون بيهاري پاڻيءَ ۾ اندر تائين ٺهيل ڪاٺ جي پليٽ فارم تي ويٺا. هنن کان علاوه اتي ڳوٺ جو هڪ نوجوان جوڙو به ويٺو هيو، جن لهندڙ سج کي ڏسي چمي ڏني ۽ تيستائين هڪ ٻئي سان چهٽيل رهيا، جيستائين سج لهي نه ويو. آيان ۽ عائده هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪي پيا هيا. هو گھڻي دير تائين اتي ويٺا رهيا، ٻئي خاموش هيا نيٺ آيان کانئنس پڇيو:
    ”ايتري خاموش ڇو آهين؟“.
    ”حقيقت ۾ خاموش ناهيان. منهنجي ذهن ۽ دل ۾ هڪ ئي وقت الائي ڪيتريون ڳالهيون هُري رهيون آهن پر زبان تي نه ٿيون اچن، پر اهو تو کي ضرور ٻڌايان ته تنهن جي ويجھي ويهڻ سان مون کي تحفظ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪو مان وڃائي چڪي هيس، تون ئي مونکي نئين سِر جيئڻ جو اتساهه ڏنو“.
    ”ٿينڪس فار ڪامپليمينٽس“.
    ”نه ٿينڪس جي ضرورت ناهي،مون مان زندگيءَ جو موهه نڪري ويو هو. هڪ شخص منهنجن ٽهڪن جي آڏو ڊيم ٻڌي ڇڏيو هو. منهنجي خود اعتماديءَ جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿي پيا هيا، پر تون منهنجي لاءِ ريسڪيو بڻجي آيو آهين“.
    ”اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي؟!!“.
    ”ڪجھه ڏينهن توکي اڳ ٻڌايو هيم ته منهنجو البانيا ۾ هڪ دوست هوندو هيو. اسان اسڪول جي زماني کان دوست هياسين. اسان جي گھر وارن کي به ڪو اعتراض نه هوندو هو. هڪٻئي جي گھر ايندا ويندا هياسين. اونهاري جون موڪلون به گڏ گھاريندا هياسين، اسڪنگ تي به گڏ ويندا هياسين، ته وري بيچ تي به گڏ. نه رڳو البانيا ۾ پر ٻين ملڪن ۾ به گڏ گھمڻ ويندا هياسين“.
    ”پر تون ته رومانيا ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهين ٿي، ۽ هو؟“.
    ”هو البانيا ۾ ئي انجنيئرنگ پڙهندو هو، پر تڏهن به اسان جو ملڻ عام جام ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو رومانيا ايندو هو، نه ته عام طور تي موڪلن ۾ آءُ البانيا ويندي هيس، باقي فون تي ته روز ڳالهائڻ ٿيندو هو“.
    ”توهان جو ته تمام سٺو جوڙو لڳندو هوندو“.
    ”ها سڃاڻو سڀ ايئن چوندا هيا، نه رڳو سڃاڻو پر جيڪي اسان ٻنهين کي گڏ ڏسندا هيا، اهي به تعريف ڪندا هيا“.
    ”پوءِ......“
    آيان جي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري هوءَ پنهن جي ئي ڌن ۾ ڳالهائيندي وئي:
    ”هو، ڊگھو هو، هن جا وار سونهري ۽ گھنڊيدار، بدن ورزشي...... هو سٺو تارو به هو، ان کان علاوهه هو فوٽبال جو به سٺو رانديگر هوندو هو. مطلب ته هڪ آئيڊيل ڇوڪري واريون سڀ خوبيون هيون ان ۾، پر بس الائي ڇا من ۾ اچي ويٺس جو مون کان منهن موڙيندو ويو. پهريائين ته مون کي رومانيا ۾ ٽيليفون ڪرڻ گھٽائي ڇڏيائين..... پنهنجو پاڻ کي دلاسو ڏيندي رهيس ته ائين ٿي ويندو آهي. پوءِ وري جڏهن مان اونهاري جي موڪلن ۾ گھر ويس ته روز ملندڙ ماڻهو، مون سان ملڻ ۾ وقفو وجھڻ لڳو. ڪڏهن هڪ ڏينهن ته ڪڏهن ٻَه ڏينهن“.
    ”تون هن کان سبب نه پڇيو؟“.
    ”پڇيومانس ته هو لنوائڻ لڳو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ٿورو مصروف آهي، پرمون کي سندس رويي مان سڀ ڪجھه صاف ظاهر پئي ٿيو“.
    عائده جي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. هن وري پنهن جي ڳالهه جاري رکندي چيو:
    ”منهنجي ته دنيا ئي بدلجي وئي هئي، هر وقت ڳلي ۾ ڄڻ ڳوڙهو محسوس ٿيندو هو، اکين مان هر وقت ڳوڙها وهندا رهندا هيا“.
    هو سڏڪن ۾ پئجي وئي. آيان هن جي هٿ کي وٺي پنهن جي هٿ ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. عائده کيس ٻڌايو:
    ”هڪ ڏينهن ته مان هڪڙي پارٽيءَ ۾ بيهوش ٿي ويس. ڇو جو ان پارٽيءَ ۾ هو به آيو هو پر ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان ۽ مون وٽان گذرڻ مهل مون کي نظرانداز ڪندو هو اڳتي وڌي ويو ته منهنجو مٿو ڦري ويو ۽ وڃي پٽ تي ڪريس“.
    هوءَ اوڇنگارن ۾ پئجي وئي.
    ”مان پنهن جي دوست کي چريائپ جي حد تائين چاهيندي هيس، خير ان لاءِ ”دوست“ لفظ ته نه پر ”محبوب“ چوڻ کپي. پر هن جنهن نموني مون کي دوکو ڏنو ۽ مون کي ڇڏي وڃي ڪنهن ٻي سان مليو ته منهنجو محبوب ته نه رهيو نه“.....
    آيان خاموشيءَ سان عائده کي ٻڌندو رهيو ۽ هُن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ سوگھو ئي رکيو.
    ”نيٺ خبر پئي ته ڇا جي ڪري توکي ڇڏي ويو؟“.
    ”ها، پر اهو توکي پوءِ ٻڌائينديس“.
    هن روئيندي، آيان جي ڳلي ۾ ٻانهون وجھي ڇڏيون.

    ******

    آيان ۽ عائده گھڻو وقت گڏ گھارڻ لڳا هيا. سندن اهو معمول ٿي ويو هيو ته ڏهين وڳي واري چانهه هجي يا شام واري ڪافي، هو ٻئي اڱڻ ۾ ڪيفي جي رکيل امبريلا هيٺيان ويهي پيئندا هيا. عائده سگريٽ به پف ڪندي رهندي هئي. منجھند جي ۽ رات جي ماني به هڪ ئي ٽيبل تي ويهي کائيندا هيا. ان کان علاوهه ڪمپيوٽر ليب ۾ به گڏ هوندا هيا ته وري ٽيبل ٽينس به گڏجي کيڏندا هيا. مڪس ڊبل ۾ به هوءَ سندس پارٽنر هوندي هئي. ان کان علاوهه ٻيلي ۾ جاگنگ تي گڏ ويندا هيا، عائده ته جاگنگ نه ڪندي هئي پر هو ڪنهن وڻ هيٺيان ويهي، آيان جي ورڻ جو انتظار ڪندي هئي. شام جو وري ڦوهاري وٽ ڪچهري ڪندي نظر ايندا هيا. سندن ان وڌندڙ قربت کي ٻين به محسوس ڪيو هيو، خاص ڪري ديلا، جيڪا ڪنهن ٻي ڇٽيءَ هيٺيان ويهي کين تڪيندي رهندي هئي.
    رات جي مانيءَ کانپوءِ پب تي به گڏجي ويندا هيا. ان ڏينهن سندن گروپ جي هڪ ميمبر ييٽيءَ جي سالگرهه هئي. سڀ کان پهريائين ته ديلا جو آندل ڪيڪ ڪٽيو ويو. ان کان پوءِ کيس تحفا ڏنا ويا. پوءِ ٿيو ڊرنڪس جو دور شروع. سڀ کان پهريائين ييٽيءَ وڏي ٺڪاءَ سان شيمپين جي بوتل کولي. ييٽيءَ جي صحت جي نالي سان سڀني اٿي بيهي ٽوسٽ ڪيو.
    اتان جي پارٽيءَ جي دستور موجب جيڪو به مهمان ايندو آهي ته پاڻ سان گڏ تحفو ۽ پيڻ لاءِ ڪا بوتل به کڻي ايندو آهي. سو ان ڏينهن به هنن واري واري سان مختلف ڊرنڪس پئي گھرايون، جيڪي پيئڻيون به سڀني کي هيون. جنهن ڪري ستت ئي سڀ همراهه مزي ۾ اچي ويا.
    جڏهن دميتريءَ جو وارو آيو ته هن پنهنجي ٿيلهي مان بيلورشيا مان آندل وودڪا ڪڍي ته سڀني هڪدم رڙ ڪئي ”اوهه نو“.
    ڪنهن به ان وقت وودڪا پيڻ نه پئي چاهي پر دميتريءَ جو ضد هو ته اسان وٽ ڪا به تقريب تيستائين مڪمل نه مڃي ويندي آهي، جيستائين ان ۾ وودڪا شامل نه هجي. انڪري پيڻي ته ضرور پوندي.
    ٻين سميت،عائده به گھڻو پيتو هيو. هن جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هر هر وڏا ساهه کڻي رهي هئي. دميتريءَ رشين اسٽائيل ۾ نرڙ تي گلاس رکي ڊانس ڪري، مدهوشيءَ ۾ پنهنجي هوش وند هجڻ جو ثبوت ڏنو. عائده، آيان کي ٻڌايو هو ته هوءَ گھٽ پيئندي آهي پر جيڪڏهن کيس ڪنهن ڏينهن گھڻو پيئڻو به پوندو آهي ته اها پڪ ڪري پيئندي آهي ته کيس سنڀالڻ وارو ڪو موجود آهي. شيمپين ۽ وودڪا جا جام چاڙهڻ کان پوءِ عائده جي اکين ۾ خمار اچي ويا هيا. هُن کي مونجھه پئي ٿي ۽ هوءَ ٻاهر نڪري وئي.
    جڏهن گھڻي دير تاين هوءَ واپس نه آئي ته آيان به هن جي ڪڍ ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري ويو. هوءَ گيٽ کان ٻاهر کليل هوا ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏئي، وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. ٿوري دير اڳ ڪا برسات به پئي هئي، جو هوا گھميل هئي ۽ رستا به آلا هيا.
    ”ٺيڪ ته آهين نه؟“ آيان هن کان پڇيو .
    ”ها. ٺيڪ آهيان پر ڪجھه مونجھه پئي محسوس ڪيم ان ڪري ٻاهر نڪري آيس ته جيئن کليل هوا ۾ ڪجھه دير رهان“.
    ”پوءِ هاڻي ڪيئن آهين؟“
    عائده هُن جي ڳلي ۾ ٻانهن وجھي ڀت کي ٽيڪ ڏيندي چيو:
    ”ٺيڪ آهي پر لڳي ٿو ته گھڻو پي وئي آهيان، منهنجو خيال رکجان“.
    ٿوري دير کان پوءِ عائده بهتر محسوس ڪرڻ لڳي ۽ هو ٻئي اندر هليا آيا.
    ٿوري دير ۾ ئي هنن کي اتان اٿڻو پيو جو گھڻي وقت گذري وڃڻ ڪري ٻيا سڀ همراهه وڃي چڪا هيا، سواءِ هنن جي گروپ جي. پب وارن به ٽيبل تي ڪرسيون اونڌيون ڪري رکڻ شروع ڪيون هيون. هي سڀ اٿيا ۽ پنهنجي محل طرف اچڻ لڳا.
    هو سڀئي هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي ڪڏهن ڪهڙي ملڪ جو، ته ڪڏهن ڪهڙي ملڪ جو لوڪ گيت ڳائي رهيا هيا، جيڪو سڀني کي سمجھه ۾ نه ايندي به سڀ ان سان سُر ملائي رهيا هيا. ٿوري دير ۾ عائده جي رفتار ڍري ٿي وئي ته آيان به ساڻس گڏ هلڻ لڳو. کيس عائده چيو:
    ”منهنجو خيال رک“.
    عائده پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي ڍرڪائي ڇڏيو ۽ هن جي ٻانهن جو وراڪو عائده جي چيلهه کي ڏنل هيو.
    ”مون کي مزو ته اچي ٿو پر گڏو گڏ ڪڏهن ڪڏهن مٿي کي ڦيراٽي به اچي ٿي“.
    ”ڪا ڳالهه ناهي ٿوري دير ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو“.
    ”ها، ٺيڪ ٿي ويندو. پر سڀڪجھه نه“.
    ”سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو“.
    عائده نشي واري حالت ۾ ٿوري وڏي آواز سان چيو
    ”چيم نه سڀڪجھه صحيح نه ٿيندو. هو وري واپس مون وٽ نه ايندو“.
    آيان سمجھي ويو ته هوءَ پنهن جي البينين دوست جي باري ۾ ڳالهائي رهي هئي.
    هن جي آهستي هلڻ جي ڪري هو ٻين ساٿين کان گھڻو پوئتي رهجي ويا هيا.سندن ڳائڻ جو آواز به آهستي آهستي پري ٿيندو پئي ويو.
    عائده، آهستي آهستي آيان سان وڌيڪ چهٽندي وئي. هن آيان جي ڪلهي کي چميو، پوءِ هن جا چپ، ڪنڌ، ڇاتي ۽ چپن تائين پهتا. عائده جي مست ساهن، ماحول ۾ برسات جي خوشبو ۽ رسيلن چپن جي گرمي ۽ نرميءَ آيان کي به مست ڪري ڇڏيو. هو به عائده جي چپن، ڳلن، ڪنڌ ۽ ڪنن کي چمندو رهيو. هنن جي مٿان وڻن مان ٽِمندڙ برسات جون ڪڻيون ڪرنديون رهيون. ايئن کين ڳپل عرصو گذري ويو. سندن ساٿي اوجھل ٿي چڪا هيا. عائده وڌيڪ مدهوش ٿي چڪي هئي.
    هو جڏهن محل وٽ پهتا ته عائده اهڙي حالت ۾ ڪمري ۾ وڃڻ نه پئي چاهيو ۽ آيان کي چيائين:
    ”ڪجھه دير هتي ويهون ٿا“.
    ۽ هو ٻئي ڄڻا فائونٽين ڀرسان وڪٽورين بينچ کي اگھڻ کان پوءِ ويٺا.
    ٿوري دير کان پوءِ عائده ، آيان جي جھوليءَ ۾ مٿو رکي ليٽي پئي ۽ کيس چيو:
    ”اڄ توکان ڌار ٿيڻ تي دل ئي نه ٿي چاهي“.
    ”پوءِ نه ٿي نه“.
    ”ها رات هتي ئي ٿا گذاريون“.
    ”جيڪڏهن ٻيهر برسات نه پئي ته“.
    ”پيار به برسات جيان آهي، جتي ضرورت آهي، اتي ماڻهو هڪ ڦُڙي لاءِ به سڪندا ٿا وتن..... ته ڪٿي وري پئي ٿي وسي“.
    وچ وچ ۾ عائده ۽ هو هڪٻئي جي چپن مان امرت رس به پيئندا رهيا.
    اکيون ٻوٽڻ سان عائده کي ننڊ اچي وئي. هو ڪافي دير ائين ئي بي سُڌ، آيان جي جھوليءَ ۾ سمهيل رهي.
    اوچتو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ، ڀڙڪو ڏئي اٿي بيٺي ۽ چوڻ لڳي:
    ”مونکي غلط نه سمجھجانءِ“.
    هن جي سهڻين اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. آيان به اٿي بيٺو.
    ” آءٌ توکي غلط ڇو سمجھندس؟“.
    عائده وري چيو:
    ”مونکي الائي ڇا ٿي ويو هيو؟ مونکي خراب نه سمجھه“.
    ” آءُ توکي خراب نه ٿو سمجھان“.
    آيان هُن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لڳو ته عائده تيزيءَ سان چيو:
    ”اچ ته هلون“.
    هو ٻئي ڪاريڊور ۾ ڌار ٿي ويا، عائده ندامت ڀريل قدمن سان وڃي رهي هئي. هو حيرانيءَ مان کيس ڏسندو رهيو.
    هُن کي عائده سمجھه ۾ نه آئي.


    3

    صبح جو عائده جو رويو ئي بدليل هيو. هن جي چهري تي گهري اداسي ڇانيل هئي، اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس.آيان، حيرانيءَ مان کيس ڏٺو. هنن ٻنهي ٽيبل تي ويهي ناشتو گڏ ڪيو پر عائده رڳو ڪافي پيتي ۽ سندن وچ ۾ ڪا گفتگو نه ٿي.آيان هڪ ٻه دفعو ڪوشش ڪئي پر عائده جي مختصر جوابن هن کي چپ رهڻ تي مجبور ڪيو.
    ان کانپوءِ عائده جا ٽهڪ الائي ڪهڙين گفائن ۾ گم ٿي ويا، هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ بند ٿي ويو. عائده پب تي وڃڻ به ڇڏي ڏنو هيو. گروپ جا ميمبر آيان کان ئي هن جي ان رويي جي باري ۾ پڇڻ لڳا. آيان لاءِ اهو خوبصورت ماحول ۽ جڳهه ڪنهن ڀوائتي فلم جو سيٽ بڻجي ويو. اکين اکين ورا نياپا بند ٿي ويا، ٻسي ٻسي ٿي وئي زندگي.
    آيان کي مزو نه پئي آيو ۽ هن ڪيترا ڀيرا ان ڪورس کي ختم ڪري فهد وٽ وڃڻ چاهيو ۽ کيس فون به ڪئي هئي پر هُن کيس سمجھايو هو ته اهو ڪورس ۽ موقعو آيان جي ڪيريئر لاءِ بهتر آهي. فهد اها حالت ڏسي هڪ رات اچي هُن وٽ رهيو هو، ٻئي پب ۾ ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ اچي آڳر واري بينچ تي ويٺا هيا، فهد کي پنهن جي اداس هجڻ جو سبب ٻڌائيندي هو ڍنڍڪرون ڏئي رنو هو.
    آيان، ٽي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ سونهري شام جو من جي مونجھه مٽائڻ لاءِ اڪيلو ئي اڪيلو جاگنگ ڪرڻ ٻيلي ڏانهن هليو ويو. تازي گھميل هوا ۽ سج جي روشني جھٽي جڏهن هو واپس وريو ته عائده ٻاهر فائونٽين جي ڀرسان بينچ تي ڪاري مني اسڪرٽ ۽ ڳاڙهي بلائوزر ۾ سگريٽ جي دونهين ۾ گم ويٺي هئي. آيان به هن جي ڀرسان اچي ويٺو. ٻنهي هڪٻئي کي رسمي مرڪ سان وش ڪيو. صدين جي وقفي کان پوءِ آيان هُن کان پڇيو:
    ”ڇا ڳالهه آهي؟“.
    ”ڪجھه به نه“.
    عائده بغير ڪنهن تاثر جي جواب ڏنو.
    ”ڪجھه ته آهي، جو تون ايترو خاموش ۽ سنجيده ٿي رهين؟“
    ”سبب جي تو کي خبر آهي؟“.
    عائده رکو جواب ڏنو.
    آيان، عائده جي ڀر ۾ رکيل پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍيو ته عائده حيرت مان کيس نهاريو ڇو جو هُن کي خبر هئي ته آيان سگريٽ نه ڇڪيندو آهي.
    آيان سگريٽ کي چپن ۾ سوگھو ڪندي چيو:
    ”جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مون کي ڪا خبر ناهي“
    ”ها، هر ڏوهي ايئن چوندو آهي“.
    ”ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي مون؟!“ آيان حيرت مان هن کان پڇيو.
    عائده طنزيه مرڪ سان چيو ”جي، اصل ڏوهي ته مان آهيان“.
    ”تون ڇا ان رات واري ڳالهه ٿي ڪرين ڇا؟ “.
    ”ها، بس مون کي ان ڏينهن الائي ڇا ٿي ويو هيو“.
    ايئن چوڻ سان عائده جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا ۽ هُنَ سگريٽ اجھائي ڇڏيو.
    پل جي خاموشيءَ کان پوءِ عائده وري هن کان پڇيو:
    ”سچ ٻڌاءِ، ان ڏينهن ڇا ٿيو هو؟“.
    ”ڪجھه به ته نه“ آيان حيرانيءَ مان جواب ڏنو.
    آيان ڏانهن اداس نگاهن سان نهاريندي عائده چيو:
    ”آءُ اڃان تائين ڪنواري رهي آهيان. منهنجو بواءِ فرينڊ به مون کي انڪري ڇڏي ويو هيو جو مون کيس سنجوڳ ڪرڻ نه ڏنو هيو“.
    ”ته ان ڳالهه جو مون سان ڪهڙو تعلق آهي“.
    ”مونکي ان ڏينهن جي ڪا به خبر ناهي منهنجي دل توسان سنجوڳ پئي ڪرڻ چاهيو، پر مونکي ڪجھه به ياد ناهي“.
    آيان هُن کي يقين ڏياريندي چيو:
    ”يقين رک ان ڏينهن ڪجهه به نه ٿيو هو تون اڃان تائين ڪنواري آهين“.
    آيان جھٽ رکي وري چيو:
    ”تون ڪنواري آهين. سواءِ چمين جي ڪجھه به نه ٿيو هو. اهي به تون شروع ڪيون هيون ۽ مان فرشتو ناهيان“.
    ”بس آءُ عجيب ڇوڪري آهيان. تون سمجھندو هوندين ته يوروپين هجڻ ناتي سيڪس منهنجي لاءِ مسئلو نه هجڻ کپي پر منهنجي خواهش آهي ته پهريون ڀيرو پنهنجي مڙس سان سيڪس ڪيان. هونئن به البانيا جا ڇوڪرا ڪنواري ڇوڪري پسند ڪندا آهن“.
    ”عائده گھٽ ۾ گھٽ مونکان پڇين ته ها. اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. ٽهڪ گم ٿي ويا ٿي. تون پريشان آهين ته مونکي هر ڏسا ۾ خزان ٿي ڀاسجي“.
    هو ٻئي خاموش ٿي ويا. عائده جي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. آيان سندس پشم جھڙو هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن جي وچ ۾ رکيو.
    آيان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”تنهنجو ايئن سنجيده رهڻ مونکي پشيمانيءَ جو احساس ڏياري ٿو. من ڏکوئي ڇڏي ٿو. منهنجي ڪري هڪ ٽهڪن سان ڀرپور آسمان جهڙي خوبصورت ڇوڪري اداس رهي، اهو احساس هن خوبصورت محل کي ڀوائتو ۽ ليپا جي وڻن کي بدصورت بڻائي ٿو ڇڏي“.
    وري هنن ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي ويهي رهي.
    آيان هُن کي ڏسڻ کان لنوائيندي چيو:
    ”تون جي ايئن رهندينءَ ته آءُ هي ورڪشاپ ڇڏي هليو ويندس. توکي اداس ڏسي نه ٿو سگھان“.
    عائده جي چهري تي هڪدم حيرت ظاهر ٿي ۽ آيان جي اکين ۾ گھوريندي پڇيو:
    ”سچ ٻڌاءِ تون واقعي به ايئن ڪندين؟“.
    ”ها، مون وٽ ورڪشاپ کان وڌيڪ تنهنجن احساسن جي اهميت آهي“.
    ”صرف ان ڪري هليو ويندين جو آءُ اداس آهيان؟“.
    عائده پنهنجو ٻيو هٿ هن جي هٿ مٿان رکندي چيو:
    ”ها بلڪل“
    عائده وري ڄڻ يقين ڪرڻ لاءِ آيان کان پڇيو:
    ”واقعي به هي سڀ ڪجھه صرف مون لاءِ ڇڏي وڃين سگھين ٿو؟“.
    ”ها، مون وٽ تنهنجي اهميت آهي، تنهنجن احساسن جي اهميت آهي، انڪري هتان هليو وڃڻ مون لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهي بس تون خوش رهه“.
    آيان کي ڳلي ۾ ڳوڙهو محسوس ٿيو ۽ سندس اکين ۾ آلاڻ اچي وئي.
    عائده آيان جي اکين ۾ نهاريندي چانڊوڪيءَ جھڙي مرڪ سان چيو:
    ”پر مان تنهجي گرل فرينڊ ته ناهيان، جو تون اهو سڀ ڪجھه ڪندين؟“.
    ”ناهين، پر آءُ ڪنهن کي اداس ڏسي نه سگھندو آهيان ۽ اداسيءَ جو سبب به آءُ هجان ته اهو مون لاءِ عذاب آهي نسورو عذاب“.
    آيان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
    عائده حيرت مان آيان جي وهندڙ ڳوڙهن کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ هن جي هٿ کي چمندي چيو:
    ”مان پهريون ڀيرو ڪنهن مرد کي روئندي ڏسي رهي آهيان، مون کي وڌيڪ ڳترا ڳترا نه ڪر. I believe you“.
    عائده آيان جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.
    مٿان فرسٽ فلور تان دري کولي هنن جا ساٿي گھڻا ڀيرا کين سڏي چڪا هيا. اڄ، ڪلاسين پنهنجي طرفان پارٽي رکي هئي ۽ سيپٽمبر هوندي به ان پارٽيءَ جو نالو هنن ”ويلنٽائين پارٽي“ رکيو هو، جو هنن کي يقين هو ته ويلنٽائين تي وري ڪونه ملي سگھندا. پر ان کان اڳ ۾ عائده به شايد آيان جيان پارٽيءَ ۾ وڃڻ نه پئي چاهيو. پر هاڻي جڏهن وري دوستن کين سڏ ڪيو ته هنن هڪٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪ فيصلو ٿي ويو. وڃڻ کان اڳ مرڪندي، آيان کانئنس پڇيو:
    “توکي پنهنجي جسم مان به خبر نه ٿي پئي ته ڪنوارپڻو موجود آهي يا نه؟”
    عائده به کلندي کيس چيو:
    ”تجربو جو ڪونهي“.
    هو ٻئي پارٽيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪپڙا مٽائڻ پنهنجي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليا ويا.
    عائده نکري پئي هئي پارٽي ۾ به اها اڳ واري عائده موٽي آئي. هنن ٻنهي جي چرچن ۽ ٽهڪن سان پارٽي ٻهڪي پئي هئي.
    ڊانسنگ فلور تي عائده جو ساڄو هٿ ،آيان جي کاٻي هٿ ۾ هو ۽ هُن جو ساڄو هٿ عائده جي چيلهه کي وراڪو ڏيون بيٺو هو. آرڪسٽرا جي وڄايل والز تي هُو ٻئي هنجن جي جوڙي جيان ڊانسنگ فلور تي ترڪندا رهيا.
    رات جو ٻين وڳي جڏهن ٻئي ڳهرجي سگريٽ پيئڻ لاءِ ڪاريڊور ۾ اچي بيٺا عائده ڪجھه پڇڻ ٿي چاهيو پر تيز ميوزڪ جي ڪري ٻڌي نه پيو سگھجي، ته هو ٻئي ڄڻا هال جي ڀرسان، آيان جي ڪمري ۾ آيا. بيڊ تي ٻئي ڄڻا ٽيڪ ڏئي ويٺا، عائده پنهنجو پاسو آيان سان لڳائي ويٺي. اتي ڳالهيون به ڪندا رهيا ۽ عائده سگريٽ به پيئندي رهي. هنن جي ڪنن ۾ هال مان وڄندڙ ميوزڪ وڄندي رهي. سگريٽ پيئڻ کان پوءِ آيان، عائده کي چميوته عائده به وراڻي ڏني ته هڪ وڄ ٻنهي جي بدن ۾ لهي وئي، پاڻ ۾ چهٽي پيا. بيڊ تي ليٽائي آيان، هن جي چپن، ڳلن ۽ ڪنڌ کي چمندو رهيو. عائده هڪدم اٿي چيو:
    ”اچ ته هلون“.
    هو ٻئي هال ۾ واپس آيا. ان وقت آرڪسٽرا، آسٽرين موسيقار اشترائوس جي ڌن Blue Danube وڄائي رهيو هيو، جنهن تي ڊانس ڪندي هنن پنهنجو پاڻ کي ڊينيوب جي پاڻيءَ تي ڦيراٽيون پائيندي محسوس ڪيو. آيان، عائده جي ڪن جي ڀرسان پنهنجا چپ آڻيندي چيو:
    ”اڄ ته هوش ۾ آهين نه؟ ائين نه ته سڀاڻي وري ٻوٿ سڄائي گھمين“.
    عائده مرڪي، آيان کي ڏٺو ۽ هن جي ڪنن جي پاپڙيءَ کي پنهنجن ساهن سان آلو ڪندي چيو:
    ”ايئن ناهي، اڄ ئي ته هوش ۾ آئي آهيان“.
    ان وقت موسيقيءَ جي لهر هنن ٻنهي کي کنڀي وئي.


    ******


    اڳلي ڏينهن تي ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ، شام جو عائده ۽ آيان سائيڪلون کڻي سر سبز ٻنين جي وچ مان پيچرن تان گذرندا، نيري ڍنڍ تي نڪري ويا هيا ۽ اتي بيٺل ننڍي بتيلي ۾، عائده آيان جي سامهون ويٺي ۽ پوءِ هو ٻئي پاڻيءَ ۾ لهندڙ سج جي لامن ۾ ترندا رهيا. ڍنڍ جي وچ تي بتيلو بيهاري هو ٻئي پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويا. جڏهن ڌار ٿيا ته عائده پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي رکي هڪ البينين لوڪ گيت ڳايو، جنهن جو مقصد هيو ته ٻن دلين جي وڇوڙي کانپوءِ ملڻ ايئن آهي جيئن لهندڙ سج جون لهرون پاڻيءَ جي چپن کي چمنديون آهن. هو ٻئي سج، پاڻيءَ ۽ هڪٻئي کي پنهنجي اندر ۾ لاهي، اتان سج لٿي موٽيا هيا ۽ سج لهڻ مهل هڪ گهري ۽ ڊگھي چمي هڪٻئي کي ڏنائون، جيڪا تيستائين جاري رهي، جيستائين سج گم نه ٿي ويو.
    هو ٻئي گھڻن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي گروپ سان گڏ پب ۾ ويٺا ته هڪ ننڍي پارٽي ملهائي وئي.
    پب مان واپس اچڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر روم هليا ويا جتي عائده کي پنهنجي ڪنٽري پريزنٽيشن تيار ڪرڻي هئي ۽ عائده آيان کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو هو. آيان ڪمپيوٽر تي هن جي لاءِ گراف تيار ڪري رهيو هيو ۽ عائده جو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي ڍرڪيل هيو. ڪجھه دير کان پوءِ پروفيسر توماش به آيو ۽ هو ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هُو ڪٿان ڊرنڪ ڪري آيو هيو ۽ ڏاڍي رومينٽڪ موڊ ۾ عائده سان ڳالهيون ڪري رهيو هيو. هن جڏهن اٿڻ جو نالو نه پئي ورتو ته عائده، آيان جي چپن تي ڀرپور ڪس ڪئي ۽ هن حيرانيءَ مان ڪجھه وقت لاءِ ٻنهي کي ڏٺو، ۽ پر پوءِ ٿوري دير خاموش ويهڻ کان پوءِ اٿندي آيان کي چيو:

    “If I would be young like you, I would be living with her
    forever and never let her go to somewhere”.
    ڪمپيوٽر مان واندا ٿي هُو ڏاڪڻين تي ويهي ڳالهيون به ڪندا رهيا. کين هڪٻئي مان ڍوءَ ئي نه پئي ٿيو ته آيان کيس پنهنجي ڪمري ۾ رات رهڻ لاءِ چيو پر عائده لنوائيندي رهي. هُو هڪٻئي کان ڌار نه پئي ٿي سگهيا. ۽ آيان جي مسلسل اسرار تي عائده هن جي ڪمري ۾ رهڻ لاءِ تيار ٿي. عائده پنهنجي ڪمري ۾ ڪپڙا مٽائڻ هلي وئي. آيان ڪمري تي اچي ميڻ بتيون ٻاريون، ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل ليمپ آن ڪئي ۽ شوپنهار جي ميوزڪ ٽيپ ۾ هنئين. هو اڪيلو رهندو هو ۽ انتظاميه کي چيو هيائين ته ڪنهن کي به سندس ڪمرو الاٽ نه ڪيو وڃي، جو هو ڪنهن سان به گڏ رهي نه سگھندو آهي. عائده پولينڊ جي ڇوڪري جوانا سان گڏ رهندي هئي.
    عائده کي باڪسر(لوز نيڪر) ۽ ڳاڙهي شرٽ پيل هئي ۽ هوءَ آيان جي ڪمري جي در کي آهستگيءَ سان کولي روشنيءَ جيان ڪمري ۾ داخل ٿي. آيان کيس خوش آمديد ڪندي هن جي چپن تي ڪس ڪئي ته عائده جي آلن وارن ۽ هن جي وات مان پيسٽ جي ايندڙ خوشبوءِ آيان جو آڌرڀاءُ ڪيو. پوءِ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي گلن واري باغ ۾ محسوس ڪري رهيا هيا ته ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾ نديءَ جي لهرن تي هيٺ مٿي ٿي رهيا هيا ته ڪڏهن وري پاڻ کي سورج مکي جي ٻنيءَ ۾ بيٺل محسوس ڪري رهيا هيا. هنن هڪٻئي کي ايترو چميو هو جو رات به ٿڪجي پئي هئي.
    ان رات هنن ٻنهي شايد ئي ڪو پهر ننڊ ڪئي هجي، بس هنن جا جسم ڪپڙن کان آزاد هيا ۽ چميون هيون پر عائده سنجوڳ کان انڪار ڪندي رهي. آيان به هُن جي خيال جو احترام ڪيو ڇو جو عائده ڪنواري رهڻ پئي چاهيو.
    ان کان پوءِ هنن ٻنهي جو ڏينهن ته اڳ جيان گذرندو هو پر رات ٻنهي جي گڏ گذرندي هئي. عائده ڪنهن ڳوٺاڻي وينگس جيان رات جو دير سان آيان جي ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ صبح ڀنڀرڪي ويل پنهنجي ڪمري ۾ واپس ويندي هئي. خبر ناهي عائده ڇو ان ڳالهه کي مخفي رکڻ پئي چاهيو.

    ******

    هڪ پيلي شام جو جڏهن سج جا پاڇا ڊگھا ٿي ويا هيا، هوٻئي اٺ ڪنڊي ڪمري جنهن جي ڀتين جي جڳهه تي چوڌاري شيشي جا پينل لڳل هيا، ۽ پهاڙيءَ جي بلڪل ڪناري تي ٺهيل هو، ۾ ٽيبل ٽينس کيڏي رهيا هيا. آيان، عائده کي ٻُڙيءَ تي راند هارائي ۽ هو ٻئي جڏهن پاسو تبديل ڪري رهيا هيا ته ٽيبل جي وچ وٽ عائده، آيان کي ڪس ڪندي چيو:
    ”ڏاڍي جارحانه راند آهي تنهنجي“.
    هُن مرڪي وراڻيو: ”ها، رڳو راند ۾ ئي ته سخت آهيان“.
    ”بلڪل صحي، نه ته گھڻو ڪري پنهنجن هٿن جيان سافٽ آهين“.
    عائده آيان جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ۽ ٽيبل تي بيٽ رکي دريءَ وٽ اچي سج لهڻ جو منظر ڏسڻ لڳا. عائده کيس چيو:
    ”آءُ صحيح ٿي چوان ته تون ڏاڍو نرم آهين، ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته آءُ تنهن جي نرم دليءَ جو ناجائز فائدو وٺي رهي آهيان“.
    پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو:
    “ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته آءُ توسان زيادتي پئي ڪيان پر منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو سيڪس آهي، منهنجو مطلب آهي ڪنهن سان سيڪس انجواءِ ڪرڻ. آءُ في الحال ڪنهن سان به نه ٿي ڪري سگھان، توسان به نه. ۽ آءُ اهو سمجھان ٿي ته اها توسان زيادتي آهي. تون هڪ مڪمل مرد آهين، تنهن جون به خواهشون هونديون، انڪري جيڪڏهن چاهين ته مون سان ناتو ٽوڙي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان دوستي رکي سگھين ٿو“. عائده جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
    ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تنهنجي بدن جي لاهين چاڙهين کي ڏسندي، خوبصورتيءَ کي پسندي ۽ تنهنجي پگھر کي پيئندي، پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر تنهنجي خواهش کي ڏسندي ان کي مانُ ڏيڻ مون لاءِ وڏو مسئلو نه آهي“.
    ”شايد ايئن هجي پر منهنجي البينين دوست جي لاءِ اهو وڏو مسئلو هيو، انهيءَ ڪري ته ڇڏي ويو“.
    ”مان ايشين آهيان، اسان وٽ جذبن جو احترام آهي. هونئن به اسان گھڻو ڪري پلوٽنڪ (Platonic) پيار ڪندا آهيون“.
    ”تون عجيب ماڻهو آهين، تنهن جي مون کي خبر نه ٿي پئي“.
    ”ڇا مطلب؟“.
    ”تنهنجو مون سان سڀاءُ، مون سان پيار، منهنجو خيال رکڻ، ۽ ٻين شين جي باري ۾ رويو بلڪل نرالو آهي. سچ ٻڌايانءِ ته مونکي اڃان تائين اهڙو پيار ڪرڻ وارو نه مليو آهي“.
    ” ۽ تنهنجا اهي سڀ رومينين ۽ البينين چاهڻ وارا؟“.
    ”اهي سڀ ايئن ئي آهن. ٻاراڻي سوچن وارا“.
    ”شايد انڪري ته مان وڌيڪ ميچوئر ۽ توکان پندرهن سال وڏو آهيان“.
    ”نه نه منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو. اصل ۾ هُو جڏهن ڳالهائيندا آهن ته مونکي خبر هوندي آهي ته سندن اڳلو جملو ڇا هوندو؟ پر تنهن جي خبرئي نه ٿي پئي“.
    ”مان ته بلڪل کليل ڪتاب آهيان“.
    ” ها، پر تنهن جي رويي، تنهنجي اٿڻ ويهڻ ۾ هڪ پراسراريت آهي“.
    ان ڳالهه تي آيان کلندي کيس چيو:
    ”هاڻي مونکي ڊريڪولا نه بڻائجان يا وري ڪو بد روح“.
    ”الائي ڇو، اصل ۾ آءُ توکان خائف رهندي آهيان“.
    ”اهڙو ڀوائتو ته ناهيان“. آيان کلندي کيس چيو:
    ”نه مان شڪل جي ڳالهه نه ٿي ڪيان“.
    ”خبر نه ٿي پئي ته ڪيئن توکي سمجھايان يا ٻڌايان“.
    ٿوري جھٽ رکي وري عائده پاڻ ئي چيو:
    ”منهنجو مطلب اهو آهي ته تنهن جي چهري مان اهو اندازو لڳائي نه سگھندي آهيان ته تنهنجو ايندڙ جملو يا ورتاءُ ڪهڙو هوندو؟ الائي ڇو مون کي لڳندو آهي ته تون ڪڏهن ماٺيڻي ندي ته ڪڏهن وري گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ آهين“.
    عائده وري آيان کي پيار ڪندي چيو :
    ”شايد ان ڪري ئي تو سان گھڻو پيار ڪرڻ لڳي آهيان“.
    ”سچي ڳالهه اها آهي ته مون به اهو نه سوچيو هو ته ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪا دوستي يا پيار ٿي سگھي ٿو. پر ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڪمپني ضرور چاهيان پيو، ڇو جو هن خوبصورت جنت ۾ حوا کان بغير آدم لاءِ رهڻ ڏکيو آهي“.
    ”ڇا خيال آهي ڊائنا جي باري ۾؟“. عائده شرارت مان چيو:
    ”ها منهنجو خيال ته هن ڏي ئي هو پر تون وچ ۾ اچي وئينءَ“
    ”حڪم ڪر ته نڪري وڃان“. عائده اڃان مذاق واري موڊ ۾ هئي.
    ”هاڻي ڪهڙو فائدو؟“. آيان مرڪندي چيو.
    عائده مرڪي، ڳراٽڙي پائي پنهنجا رسبريءَ جهڙا چپ هن جي چپن تي رکي ڇڏيا.


    4

    جمعي جي منجھند جو رسيپشنسٽ ڪلاس ۾ آئي ۽ آيان کي فهد جي نالي واري چٺي ڏني. فهد ۽ آيان کي ويڪ اينڊ تي برنو ۾ رهندڙ دوست جي پٽ جي سالگرهه ۾ وڃڻو هيو. انڪري آيان اڳ ئي ڪوآرڊينيٽر کي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هن کان اڌ ڏينهن جي موڪل به وٺي ڇڏي هئي. انڪري ڪمري تان رڪ سيڪ کڻي هو عمارت کان ٻاهر آيو.
    آيان، فهد سان ملي کيس ڪيفي جي رکيل ڇٽيءَ هيٺيان ويهاريو ۽ دخل تي پنهنجي ۽ هن لاءِ ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. عمارت جي گيٽ طرف آيان جي پٺي هئي، کيس فهد ٻڌايو ته ڪا ڇوڪري ٻه دفعا گيٽ مان ڏسي واپس هلي وئي آهي. آيان اندازو لڳايو ته اهو عائده کان سواءِ ڪير به نه ٿو ٿي سگھي. هن، فهد کي چيو ته اها ئي ته عائده آهي.
    جنهن تي مرڪندي فهد کيس چيو:
    ”جنهن جي ڪري سائين جن هي ورڪشاپ تياڳڻ وارا هيا“. آيان به کلي ويٺو.
    ڪجھه وقت کان پوءِ عائده وري آئي. کيس پيلي شرٽ ۽ ڪارو مني اسڪرٽ پيل هيو. جنهن مان هنجيون ڳاڙهيون سڊول ٽنگون ۽ انهن جي سنهي ٻُرٻُر سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون. آيان، عائده جو تعارف فهد سان ڪرايو. عائده جو چهرو اداس هو ۽ اکين ۾ پاڻي هيو. عائده ڪجھه ڳالهائڻ پئي چاهيو پر خاموش رهي. فهد، پنهنجي ڪافي پوري ڪندي، هنن ٻنهي کي اڪيلو ڇڏيندي آيان کي چيو :
    ” تون آرام سان اچ، مان تيستائين گاڏيءَ جو پاڻي چيڪ ٿو ڪيان“.
    عائده پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ آيان جي هٿن کي پڪڙيندي چيو :
    ”پليز نه وڃ. ڇو ٿو وڃين؟“
    آيان کيس ڳراٽڙي پائيندي چيو :
    ”آءُ پاڻ توسان گڏ رهڻ چاهيان ٿو. پر ان موقعي تي سڀ پراڻا دوست گڏ ٿيندا ۽ منهنجي لاءِ اهو سٺو موقعو آهي ته سڀني سان ملاقات ڪيان. هونئن به ته رڳو ويڪ اينڊ جي ڳالهه آهي“.
    عائده، آيان کي پيار ڪندي چيو:
    ”دل ته نه ٿي چاهي پر تنهن جي مرضي. پر مون سان فون تي ڳالهائيندو رهجانءِ“.
    عائده اٿي آيان کي ڀاڪر پائيندي چيو :
    ”مان وڃان ٿي، توکي ويندو نه ٿي ڏسي سگھان“.
    ڪس ڪري، محل جي شاهي در ۾ ڪنهن الف ليلوي شهزاديءَ جيان، هوءَ گم ٿي وئي.
    هو به اتان اٿي پاڻ سان آندل رڪ سيڪ کڻي وڻ هيٺيان بيهاريل فهد جي ڪار ۾ ويٺو. هو ڪجھه دير خاموش رهيا، ڪار رستي جي منظرن کي پوئتي ڌڪيندي وڃي رهي هئي.
    فهد ۽ آيان جي ملاقات ان وقت ٿي هئي، جڏهن آيان هتي پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيو هيو. اهو آيان جو پهريون هفتو هيو. فهد سان سندس ملاقات حميرا ڪرائي هئي، آيان جڏهن پهريون ڀيرو پراگ ايئرپورٽ تي پهتو هو ته هُن سمجھيو هو ته کيس منسٽري يا ايمبيسي جو ڪو ماڻهو وٺڻ ايندو، جيئن ٻين ملڪن ۾ اسڪالرشپ وارن کي وٺڻ ايندا هيا. پر اتي ڪو به نه هو. هو پريشان ٿي ويو، نه ئي کيس سندن ٻولي پئي سمجھه ۾ آئي، نه وري کيس ڪا سُڌ هئي ته ڪٿي وڃي. هڪ ڪائونٽر تي ويٺل رسيپشنسٽ کي هُنَ چيو ته پاڪستان ايمبيسيءَ جو نمبر هٿ ڪري، انهن کي فون ڪري. هن ڇوڪريءَ نمبر ته ملايا، پر ٻي طرف کان ڪو به جواب نه هو. هاڻي آيان پريشان ٿيو، ته هن اوپري ديس ۾ ڇا ڪري؟! جنهن تي ان رسيپشنسٽ آيان کان پڇيو ته هتان جو ڪو ليٽر هجي ته اهو ڏيکار ته متان ان تي ڪا ايڊريس يا فون نمبر هجي. آيان ليٽر ڪڍي هن کي ڏنا جن مان هڪ ته پاڪستاني گورنمينٽ جو هو، ٻيو چيڪوسلوواڪيا حڪومت جو هو، جنهن ۾ اسڪالرشپ جي باري ۾ لکيل هو ۽ ان ۾ ئي هڪ ايدريس هئي جنهن تي چيڪوسلوواڪيا پهچڻ کانپوءِ رابطي ڪرڻ لاِءِ لکيل هو. ان عورت کيس ٻڌايو ته اها شاگردن جي هڪ هاسٽل آهي، ۽ هو اتي وڃي. پوءِ هن ان ايڊريس کي چٽو ڪري ٻي پني تي لکي آيان کي چيو ته اهو ڪاغذ ٽيڪسي واري کي ڏيکاري، جيڪو کيس ان هاسٽل تي وٺي ويندو. آيان، پنهنجي ملڪ جي ٽيڪسي وارن جا افعال ڏٺا هيا، انڪري هن رسيپشنسٽ کان پڇيو ته اندازن ڪرايو ڪيترو ٿيندو، جواب ۾ هن 100 ڪرائون ٻڌايا. آيان بينڪ مان ڊالر مٽائي، ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتو. ٽيڪسي واري کانئنس اشارن ۾ پڇيو ته هن کيس ايڊريس ڏيکاري جنهن تي هن آيان جي هٿ مان ڳري بيگ وٺي ڊگيءَ ۾ رکي، پر وري به آيان کانئنس ڪرايو پڇيو، ته هن انگن ۾ 100 لکي ٻڌايا ۽ هو هاسٽل ڏانهن روانا ٿيا هيا. هڪ هاسٽل تي پهچڻ کان پوءِ ٽيڪسيءَ واري کيس اشاري سان گيٽ طرف اشارو ڪيو ۽ هو بيگ کڻي هاسٽل اندر داخل ٿيو. جتي رسيپشن تي هڪ ڪراڙي وراتنيڪ(رسيپشنسٽ) ويٺي هئي، جنهن کي انگلش نه پئي آئي، پر هُن آيان جو پاسپورٽ ڏسي مائڪروفون تي چيڪ ٻوليءَ ۾ ڪجھه چيو ۽ آيان کي هٿ جي اشاري سان انتظار ڪرڻ جو چيو. ٿوري دير ۾ هڪ وڏن گهنڊي وارن واري سمارٽ ڇوڪري جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ آئي، آيان سان اردوءَ ۾ ڳالهائڻ لڳي، هُن وراتنيڪ سان به ڳالهايو، جنهن ٻڌايس ته آيان جي باري ۾ کين ڪا به معلومات ڪونهي، پر اها معلومات آفيس مان ملندي جيڪا هن وقت بند آهي. اها رات حميرا، آيان کي پنهنجي ڪمري ۾ رهايو ۽ پاڻ ڪنهن ٻي ڪمري ۾ سمهڻ هلي وئي. حميرا کيس ٻڌايو ته هوءَ ڪراچي جي هڪ ڪامريڊ جي ڌيءُ آهي، هتي پڙهڻ لاءِ پارٽيءَ جي اسڪالرشپ تي آئي آهي. آيان کي پهريون ڀيرو ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ رهڻ جو عجيب احساس پئي ٿيو. ڪمري ۾ ڪپڙن کان وٺي سڀ اهڃاڻ ڇوڪرين وارا هيا. هُن اڌوگابري ننڊ ڪئي، صبح جو حميرا هُن کي آفيس وٺي وئي جن ٻڌايو ته آيان جي داخلا، سلوواڪيا جي گاديءَ جي هنڌ براتيسلاوا، جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي آهي، پر پهريان کيس ٻوليءَ جي اسڪول وڃڻو پوندو. منجھند جي ٽرين ۾ اسٽيشن تي کيس هڪ چيڪ ڇڏڻ آيو، جنهن اشاري سان کيس گھڙيءَ طرف چئن ڪلاڪن تي اشارو ڪري ٻڌايو، ته ٽرين چئين وڳي براتيسلاوا پهچي ته اتي لهي پئي ۽ کيس هڪ پني تي ايڊريس لکي ڏنائين ته ٽيڪسي تي اتي هليو وڃي.
    واقعي به ريل پوري ٽائيم تي هڪ اسٽيشن تي پهتي. هن دٻي ۾ ويٺل هڪ ماڻهوءَ کي ايڊريس ڏيکاري پڪ ڪئي ته ساڳي اسٽيشن آهي ته هن ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي.
    وري ساڳي نموني، ٽيڪسي ڪرائي ايڊريس ڏيکاري ٻوليءَ واري اسڪول پهتو. آيان کي ٻوليءَ واري اسڪول ۾ رهايو ويو. سندس روم ميٽ يمني هو. جنهن کيس ٻڌايو ته ڪلاس هفتي کان پوءِ شروع ٿيندا ۽ کيس اهو به ٻڌايائين ته هو ٻن ڏينهن کان پوءِ پراگ ويندو. آيان به کيس گڏ وٺي هلڻ جو چيو. ڇو جو حميرا کيس ٻڌايو هو ته هڪ سنڌي فهد نالي پراگ ۾ رهي ٿو.
    پراگ ۾ حميرا، کيس فهد سان ملايو. هُن جي فهد سان ملاقات ان وقت ٿي هئي، جڏهن کيس چيڪ يا سلوواڪ زبان نه ايندي هئي، جڏهن کيس هتان جي بريڊ خليبا(Chleba) جي ٽيسٽ اگري لڳندي هئي. جڏهن سندس بوٽن تان اڃان سنڌ جي مٽيءَ جي دز نه لٿي هئي ۽ نه ئي اکين مان سنڌ ۽ سنڌ واسين جا عڪس ڌنڌلا ٿيا هيا. جڏهن کيس ان ڌارئي ماحول ۾ ڪنهن پنهنجي جي ضرورت هئي. هو قد جو ننڍو، نفيس پر دل جو وڏو شخص. هر ڳالهه تي ٽهڪ ۽ ٽهڪ به اهڙا جيئن تاترا جو پهاڙي سلسلو. هڪ ٽهڪ جي پڄاڻيءَ تي وري ٻيو شروع. ٻکين پيا ته ڄڻ ٻنهي ڄامشوري جي هوا کي ڀاڪر پاتو هجي.
    فهد ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي طرفان چيڪوسلوواڪيا پڙهڻ آيو هو. سويت يونين ۽ ٻين ايسٽ يورپ جي ملڪن ۾ مختلف سوشلسٽ ملڪن، خاص ڪري لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جا شاگرد تعليم پرائڻ ايندا هيا. جن ملڪن ۾ سوشلسٽ حڪومتون نه هيون، اتان جي پارٽين طرفان شاگرد موڪليا ويندا هيا. پاڪستان مان ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي اتحادي جماعتن جا شاگرد موڪليا ويندا هيا. پر افسوس جو اتي به ميرٽ کي نظر انداز ڪيو ويندو هيو ۽ صرف ڪجھه فيميلن جا ماڻهو هتي پڙهڻ ايندا هيا، جن وٽ پوري نظرياتي پختگي به نه هئي. آيان کي افسوس ٿيندو هو ته ڪيترائي نظرياتي دوست جيل جي اونداهين۾ گم ٿي ويا، پر سک ۽ سهولتون ٻين ماڻيون.
    آيان کي فهد پهرين ڏينهن کان وڻي ويو هو. يورپ ۾ رهندي به هو ساڳيو سٻاجھو سنڌي هو. هنن ٻنهي پهرين ڏينهن ئي پراگ جي گھٽي گھٽي گھمي هئي. آيان گھڻو انجواءِ ڪري رهيو هو ته فهد کيس چيو:
    ”تون منهنجو پهريون پاڪستاني دوست آهين، جنهن پراگ ۾ من موهڻين جي هر نقش کان وٺي، گھٽين جي فرشبندي ۽ عمارتن جي آرڪيٽيڪچر کي انجواءِ ڪيو آهي“.
    آيان جي يونيورسٽي، سلوواڪيا جي گاديءَ براتيسلاوا ۾، ته فهد جي وري پراگ ۾ هئي.پراگ ۽ براتيسلاوا جي وچ ۾ چئن ڪلاڪن جو سفر هيو، پر اهي فاصلا هنن ٻنهي لاءِ وڏا نه هيا. هر خوشيءَ ۽ غم جي موقعي تي ملندا هيا. ملڻ ڇا هيو، رڳو هيو کلڻ ۽ ڊانسون. ڪڏهن پراگ جي وچ مان گذرندڙ ولتاوا نديءَ تي ڪنهن فيري ۾ Smetana جي سيمفني ”ولتاوا“ تي ڪنهن حسينا جا وار سنواربا هيا ته ڪڏهن شويڪ جي ڪردار واري پب ۾ آرگن تي لوڪ ڌنون ٻڌبيون هيون، ته ڪڏهن ڪافڪا جي محبوبا “Mlena” جي نالي سان ٺهيل ڪيفي ۾ ڪافيءَ جا سپ ڀربا هيا ته ڪڏهن وري Karlovari ۾ ٿيندڙ عالمي ميلي جي پريس ڪورنگ ڪندي، حسين اداڪارائن سان گڏ ڊنر ڪبي هئي، ته ڪڏهن تاترا جي هل اسٽيشن تي گھمبو هو، ته ڪڏهن ديوين قلعي تي چڪر هڻبا هيا.
    فهد هر عمر جي عورتن ۾ مقبول هو. کيس ريجھائڻ جا گُر ايندا هئا. جوانڙين سان پوڙهيون پڪيون به سندس دوست هيون.
    اسٽڊي ختم ڪرڻ کان پوءِ ايشيا جا گھڻا شاگرد نون ايندڙ واپارين جا پئسا کائي پاڻ واپاري بڻجي، ڪڇا ۽ گنجيون وڪڻڻ لڳا هيا، يا وري ٻيا ٻاهرين ماڻهن کي غير قانوني بارڊر ڪراس ڪرائيندي لک پتي بڻجي ويا، پر فهد پنهنجي سچائيءَ سان نوڪري ڪندو رهيو.

    ******

    فهد ڪار ۾ هلندڙ مائي ڀاڳيءَ جي لوڪ گيت “لهرن مان لڙهندي اچي...” جي آواز کي وڌايو ته آيان سوچن مان واپس ڪار ۾ اچي ويو ۽ فهد پنهنجي گاڏي هڪ موٽيل تي بيهاري، جنهن تي ماضيءَ ۾ به اڪثر اسٽاپ ڪندا هيا. چوڌاري بسن ۽ ڪارين ۾ آيل ٻيا مسافر به ويٺل هيا. هو به وڻن هيٺان رکيل ڪاٺ جي بينچن تي ويٺا. فهد هُن لاءِ بيئر ۽ گاڏي ڊرائيو ڪرڻ ڪري پنهنجي لاءِ ڪولا وٺي آيو هو. هو پنهنجي چوڌاري بيٺل وڻن جي چوٽين کي به ڏسي رهيا هيا ۽ پنهنجن پراڻن دوستن جي باري ۾ به ڳالهيون ڪري رهيا هيا. فهد هن کان ايريڪا جي باري ۾ پڇيو ته هن سان سندس رابطو آهي يا نه؟.
    آيان کيس اهو ٻڌائي حيران ڪري ڇڏيو ته هوءَ ته هُن وٽان لاڙڪاڻي مان به چڪر هڻي وئي آهي پر هاڻي هوءَ گذاري چُڪي آهي. پوءِ کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي.
    هنن ٻنهي ڄڻن وري پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ هن ڀيري فهد سلوواڪ ڳائڻي ماريڪا گمبيتووا جي ڪيسيٽ هلائي. کيس خبر هئي ته هوءَ آيان جي پسنديده ڳائڻي آهي. هن جي مڌر آواز تي آيان ماضيءَ ۾ پهچي ويو. هوءَ ڳائي رهي هئي:
    ”منهنجي من ۾ هڪ خالي جڳهه آهي“.
    آيان جي ذهن ۾ ايريڪا جي ياد تازي ٿي وئي، هُن سان سندس ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن هو پنهنجي ايشين روح کي يورپ جي زمين تي رهڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هيو ۽ ايئن هيو جيئن ميلي ۾ به تنها تنها. ان وقت تائين کيس يوروپين چپن جي سواد جي خبر نه هئي.
    هو جيئن ئي پاڪستان مان سلوواڪيا پهتو هو، کين براتيسلاوا جي شولتيسووي(Soltesovej) اسٽريٽ جي ٻوليءَ واري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هيو. هنن جي پهرين يا ايئن چئجي ته سندن نظرن جي پهرين ملاقات به ٻوليءَ وارن ڪلاسن ۾ ٿي هئي. هوءَ ڊگھي، سنهي سيپڪڙي، شولڊر ڪٽ سونهري وارن واري ننڍي عمر جي جرمن ڇوڪري هئي ۽ هن کي گول شيشن وارو فلاسفرن جيان چشمو پاتل هيو. ڪلاس ۾ هن کي ۽ آيان کي انگلش پئي آئي. جنهنڪري هنن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه سٺي هئي. هن سان آيان جي ملاقات جو سلسلو شروع ٿيو ته ڄڻ هڪ نئين دنيا آباد ٿي وئي، اڻڄاتل يورپ پنهنجو ٿي ويو. هو ٻئي ڄڻا اڪثر گڏجي ڊرامن، بيلي ۽ آرٽ ايگزيبيشن تي ويندا هيا. آيان جي ڪمري تي به هن جو حق وڌي ويو هيو. سندن گھڻو ٽائيم گڏ گذرڻ لڳو..
    هڪ ڏينهن هو ٻئي ڄڻا نيشنل آرٽ گيلري ۾ ايگزيبيشن ڏسي ڊينيوب جو ڪنارو ڏئي SNP پل جي ٻي ڇيڙي تي ٺهيل ٽاور جي مٿين حصي ۾ گھمندڙ Revolving ريسٽورنٽ ۾ ويٺا هيا ۽ چوڌاري لڳل شيشي جي درين مان ڊينيوب ۾ ترندڙ ٻيڙين کي پسي، بيئر جا ڍڪ ڀري رهيا هيا. ايريڪا، آيان کان پڇيو :
    ”خبر ٿي ته SNPجو مطلب ڇا آهي، جنهنجي نالي سان هي ريسٽورنٽ به آهي ته اها آرٽ گيلري جنهن ۾ هليا هياسي، ان جو نالو به اهو آهي“.
    آيان نهڪر ڪئي ته ايريڪا کلي چيس:
    ”اها اسان جي ڪري آهي، اسان ٺهرائي آهي“.
    ”مطلب؟!“. آيان مرڪندي پڇيس
    ”اسان جرمن جي ڪري اهو سڀ ڪجھه ٿيو آهي“. ايريڪا به مرڪندي کيس چيو ۽ پوءَ تفصيل سان کيس ٻڌايو ته:
    ”ٻي جنگ عظيم ۾ سلوواڪيا جو هڪ سياستدان تيسو، جرمن نازين سان ملي ويو ۽ هتي انهن جي مدد سان حڪومت قائم ڪئي هيائين، پر هتان جا ماڻهو ان جا ۽ جرمنيءَ جا مخالف هيا، پوءِ هنن اندران ئي اندران بغاوت ڪئي ۽ مختلف هنڌن تي گوريلا وار شروع ڪئي. جرمن فوجين تي، حڪومتي مشنريءَ تي حملا ڪيا ويندا هيا، ان تحريڪ کي سلوواڪ ٻوليءَ ۾ ”Slovenské národné povstanie (سلواوڪ ناروديني پوستاويني)“ سڏيندا آهن جن جو مخفف SNP ٿئي ٿو. هاڻي ڏي خبر اسان ئي ٺهرايون نه اهي شيون؟“. هوءَ کلي پئي.
    آيان پڇيس: ”هاڻي جرمن ماڻهن جي سوچ يا نفسيات ڪهڙي آهي؟“.
    ”اڳي واري ساڳي، يعنى پنهنجو پاڻ کي مٿانهون سمجھڻ. پر هاڻي اها ڳالهه ظاهر نه ٿا ڪن. باقي اندر ۾ اهڙا ئي آهن. مان جرمن آهيان پر مون کي گھڻا نه وڻندا آهن؟“.
    ”ڀلا فيملي سسٽم ڪيئن آهي؟“.
    ”فيملي سسٽم گھٽ هر ڪو پنهنجي زندگي ٿو گذاري“.
    ايريڪا وري آيان کان پڇيو ته هنن وٽ فيملي سسٽم ڪيئن آهي؟! ته جواب ۾ آيان چيو:
    ”اسان وٽ اڃان تائين فيمليءَ جو ادارو سگھاري طرح موجود آهي“.
    آيان کيس پنهنجي ڪٽنب جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو. هوءَ حيرت مان کيس ڏسندي رهي. ايريڪا چيو ته هنن وٽ ڪٽنب ڪمزور ٿي رهيا آهن. هن پنهنجي فيمليءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته هو ٻه ڀينرون پنهنجي ماءُ سان گڏ رهنديون آهن. هن جي پيءُ جوانيءَ ۾ خود ڪشي ڪئي. هن کي پنهنجي پيءُ سان ڏاڍي محبت هئي.
    ان خود ڪشيءَ واري ڏينهن به هن جو پيءُ ايريڪا سان کيڏي رهيو هو. هن کي چمي، پنهن جي ڪمري ۾ ويو جتان پستول جو ٺڪاءُ ٿيو، جڏهن سڀ ڀڄندا اتي پهتا ته هن جي پيءُ جو بدن فرش تي پيو هيو، جيڪو اسپتال تائين پڄندي پڄندي ٿڌو ٿي ويو. هوءَ ان وقت ڇهن سالن جي هئي. ايريڪا جا ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. آيان هن جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ مضبوط ڪيو. هن ٻڌايو ته کيس شڪ رهيو آهي ته سندس پيءُ جي خودڪشيءَ جو ڪارڻ سندس ماءُ به آهي، ان ڪري کيس ماءُ کان نفرت آهي. سندس جرمنيءَ کان هتي اچي داخلا وٺڻ جو وڏو مقصد به اهو آهي ته جيئن گھر کان پري هجي“.
    هوءَ روئڻ لڳي......
    ”تون منهنجو سٺو دوست آهين تنهن ڪري توسان شيئر ٿي ڪريان“.
    هن ٽيبل تي جھڪندي آيان کي پيار ڪيو ته هن جي چوڌاري بهار جي خوشبوءِ ڦهلجي وئي ۽ کيس ڊينيوب ۾ ترندڙ ٻيڙيون، Aqua Balletڪندي نظر آيون. پوءِ اها خوشبوءِ سندس ڪمري ۾ هر وقت رهندي هئي.
    ”جرمنيءَ ۾ مون کي هڪ سٺي سهيلي آهي، جنهن سان هر ڳالهه ڪندي آهيان. هوءَ ڄڻ هاڻي پوري ڪٽنب جي دوست ٿي وئي آهي. امڙ کي به جيڪڏهن ڪجھه مون کي چوڻو هوندو آهي ته هن جي ذريعي ئي چوندي آهي“.
    ”ڇو تنهنجي ماءُ توکي سڌي ريت چئي نه ٿي سگھي ڇا؟“.
    “شايد نه، اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي ناهي، توکي ٻڌايم نه ته مان هن کي ڏوهي سمجھندي آهيان، انڪري سندس هر عمل مون کي برو لڳندو آهي“.
    ”پر نيٺ ته تنهنجي ماءُ آهي.....“
    ”اهو گھٽ آهي ته ساڻس گڏ رهان ٿي“
    آيان کي ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ بيڪار لڳو. انڪري خاموش رهيو. ريسٽورنٽ تان اٿي پيدل ئي پيدل پنهن جي اسڪول آيا ته ايريڪا کيس چيو:
    ”اچ ته پيانو وڄايون“.
    آيان کيس چيو ته هو پنهنجي ڪمري مان ٿي اچي ٿو.
    ايريڪا سٺو پيانو وڄائيندي هئي. هو ٻئي اسڪول جي بيسمينٽ ۾ رکيل پيانو وڄائيندا/ٻڌندا هيا، وڄائيندي هوءَ هئي ۽ آيان رڳو ٻڌندو هيو. آيان ڪمري مان ٿي بيسمينٽ ۾ آيو. هال جون سڀ بتيون بند ڪري، هُنَ پاڻ سان آندل ميڻ بتيون ٻاريون ۽ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کيس تڪڻ لڳو. ايريڪا کي ڪارو بلائوز ۽ سائو اسڪرٽ پيل هيو. ان ڏينهن هن موزارٽ جي ”Minor K 457“ وڄائڻ شروع ڪئي. آيان کي خبر نه هئي ته ايريڪا جون فيلنگس ڪهڙيون هيون، پر هُن لاءِ ميوزڪ جي لاهن چاڙهن سان هال ۾ موجود سڀ ڪجھه تحليل ٿي ويو ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ پاڇولو محسوس ڪري رهيو هو. ايريڪا جڏهن آخر ۾ ٻئي هٿ پياني جي keys تي هنيان ۽ هڪدم ميوزڪ بند ٿي وئي ته آيان به هن دنيا ۾ واپس اچي ويو. آيان به ڏٺو ته هوءَ به سحر ۾ هئي هنن ٻنهي نه ڳالهايو ۽ هو ٻئي ٻانهن ۾ ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي ڪمري ۾ آيا ۽ هن ڪمري ۾ ٻرندڙ ٽيبل ليمپ جي روشنيءَ ۾ بستري تي وڇيل اڇي چادر تي ايريڪا کي ويهاريو ۽ ٽيپ ۾ روي شنڪر جي ستار هنئين. ان ڏينهن سندن زبانن ڪجھه نه ڳالهايو، پر جسم جي هر عضوي زبان بڻجي ڏاڍو ڳالهايو...... يا شايد ڪجھه به نه ڳالهايو.


    5

    ايريڪا ۽ آيان جو ٻين معاملن ۾ به ساٿ رهيو. چيڪو سلوواڪيا ۾ 1989 ۾ سوشلسٽ حڪومت کي انقلاب (جنهن کي ميڊيا ”Velvet انقلاب“ سڏي ٿي)، ذريعي ختم ڪيو ويو ۽ جمهوري نظام آندو ويو، پر جمهوريت کان وڌيڪ انارڪي اچي وئي. هو جنهن وقت لينگويج اسڪول ۾ پڙهندا هيا، ان وقت تائين نئين نظام کي پنج ڇهه مهينا مس گذريا هيا اهو ٽرانزٽ وارو دور هيو. عام ماڻهوءَ تي اڳ ۾ ڳالهائڻ کان وٺي، گھمڻ تائين گهڻيون پابنديون هيون، امريڪين يا ويسٽرن شيون استعمال نه ڪري سگھندا هيا. اهڙين پابندين کان هُو جڏهن آجا ٿيا ته پوءِ هنن وٽ آزاديءَ جي ڪا حد نه هئي. هو رستي تي ڪاغذ کي ڦٽي ڪرڻ، ڇٻر تي ليٽڻ، مغرب ۽ آمريڪا جي هر سٺي ۽ خراب شي جي اهل ڪرڻ کي آزادي سمجھندا هيا.
    سوشلسٽ حڪومت، عوام کي هر سهوليت ڏيڻ جي ذميوار هئي. پڙهائڻ، نوڪري ڏيڻ ۽ شاديءَ کان پوءِ گھر ڏيڻ، ايستائين جو شادي جي مُنڊي به حڪومت ڏيندي هئي. پر جڏهن مارڪيٽ اورينٽيڊ حڪومت آئي ته هنن واڌو ماڻهن کي بي روزگار ڪيو، شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون، آمدني اهائي رهي ته ماڻهن ۾ بي روزگاريءَ ۽ بک جي ڪري بيچيني پکڙي، جنهن جي ڪري ڪرائيم وڌيا ۽ احتجاج شروع ٿيا. جرمنيءَ مان Neo Nazism، اسڪن هيڊز جي صورت ۾ امپورٽ ٿيو. اسڪن هيڊز جا مٿا ٺوڙها، ڊريس ڪمانڊوز جھڙي، هٿن ۾ بيس بال جي بيٽ يا زنجير هوندي هين کين لانگ بوٽ پهريل هوندا هيا. هنن جو خاص نشانو جپسي ۽ ڪارا ناسي شاگرد هيا. هنن وٽ صرف هڪ نسل(يوروپين) قابل قبول هيو. هميشه ٽولن جي صورت ۾ گھمندا هيا ۽ جيڪو به کين هٿ لڳندو هيو، ان جا هڏا گڏا ڀڃي ڇڏيندا هيا. ٻوليءَ جي اسڪول جي به ڪجھه شاگردن تي، شهر جي مختلف جڳهن تي حملا ٿيا هيا. پر هڪ ڏينهن هنن اسڪول تي حملو ڪيو ته هڪدم گيٽ بند ڪئي وئي ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. تڏهن به اسڪن هيڊز گھڻي دير اتي بيٺا رهيا پر پوءِ پوليس جي گاڏين جا سائرن ٻڌي هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
    ان واقعي ٻاهرين شاگردن جي ذهنن ۾ غير محفوظ هجڻ جو احساس پيدا ڪيو ته هو ته پنهنجي گھر(هاسٽل) ۾ به محفوظ ناهن. انڪري هنن صلاح ڪري ٻي ڏينهن تي اسڪول ۾ ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪيو. اڳواڻن ۾ آيان ۽ ايريڪا به شامل هيا. جڏهن ته يوروپين هجڻ ڪري اهو يريڪا جو مسئلو نه هيو. ٻن ڏينهن جي مسلسل هڙتال کان پوءِ وزارت تعليم جو هڪ نمائندو ڳالهين لاءِ آيو. ميٽنگ ۾ هو شاگردن کي احتياط سان گھمڻ ڦرڻ جا مشورا ڏيڻ لڳو، جنهن تي آيان کيس چيو ته، اسان کي مشورا ڏيڻ بجاءِ اهو ٻڌائي ته هو شاگردن جي حفاظت لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺي سگھي ٿو؟!. ان کان پوءِ سڀني شاگردن ان ڳالهه تي زور ڏنو. هن پوليس چوڪي بيهارڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوليس کي شهر ۾ به سخت حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي لاءِ اعلان ڪيو.
    پر انهن واقعن ۾ گھٽتائي نه آئي. هو جڏهن ٻوليءَ وارو اسڪول ڇڏي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهڻ ويا، تڏهن به هنن جي مٿان اهڙا حملا ٿيندا رهيا ۽ سندن هڪ ڪلاس فيلو، جيڪو آفريڪا جي بينين ملڪ جو هيو، کي قتل ڪيو ويو. اسٽوڊنٽس هاسٽلن، بسن ۽ ٽرامن تي به حملا ٿيندا رهيا.
    جڏهن ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل دروجبا(دوستي) تي اسڪن هيڊز حملو ڪري عرب شاگردن کي ماريو ته براتيسلاوا ۾ رهندڙ سڀني ٻاهرين شاگردن سلوواڪيا جي پارليمينٽ جي آڏو ڌرڻو هنيو. اها سڄي رات هنن روڊ تي ويهي گذاري. ايريڪا هاسٽل تان ڪمبل ۽ سينڊوچ کڻي آئي ۽ آيان سان گڏ ڪمبل ۾ پوري رات ويٺي رهي. صبح جو شاگردن جو وفد ،جنهن ۾ آيان به شامل هيو، سلوواڪيا جي ڊپٽي پرائيم منسٽر سان مليو، جنهن شاگردن جون ڳالهيون ٻڌي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ اسڪن هيڊز جي خلاف سخت قدم کڻڻ جو واعدو ڪيو. ان کان پوءِ آيان هڪ تنظيم S.O.S جي نالي سان ٺاهي، جنهن جي پليٽ فارم تان هنن اتان جي انٽيليجينشيا کي پاڻ تي ٿيندڙ حملن جي باري ۾ ٻڌايو. ان کان علاوه مختلف انٽرنيشنل فورمز تي پنهنجو ڪيس پڄايو. سلوواڪيا جي ادبي ۽ قومپرست تنظيم “Matica Slovenka” (سلوواڪ ماءُ) هنن سان يڪجهتي ڏيکارڻ لاءِ هڪ شام ملهائي ۽ کين پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائي. انهن قدمن جي ڪري شاگردن کي ٿورو گھڻو رليف مليو.
    آيان ۽ ايريڪا جي وچ ۾ وڇوڙو ان وقت اچي ويو، جڏهن هوءَ نيترا(Nitra) جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ وئي. ان وچ ۾ سندن ڪو رابطو نه رهيو ۽ ان کي سال کان به مٿي وقت گذري ويو.
    گھڻي عرصي کان پوءِ آيان براتيسلاوا جي هاسٽل دروجبا ويو ته پٺيان اچي ڪنهن سندس اکين تي هٿ رکيو ۽ ڪنڌ کي چميو. خوشبو مان آيان سڃاتو ته ايريڪا آهي. هن کيس ٻڌايو:
    ”ڪمري ۾ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مان شڪيس ته اهو ته تنهنجو آواز آهي. پوءِ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتيس ته سچ پچ ۾ تون هتي دوست سان بيهي ڳالهائي رهيو هئين، ٻه ڏينهن ٿيا آهن هتي آئي، هن ويڪ اينڊ تي تو ڏانهن اچڻ جو پروگرام هيو“.
    ايريڪا ڏاڍي خوش نظر اچي رهي هئي ۽ هن کي ڪافي پيارڻ پنهنجي ڪمري تي وٺي وئي.
    هوءَ وري براتيسلاوا ۾ پڙهڻ آئي هئي. انهن ڏينهن ۾ آيان جي ڏينهن ۽ راتين جي مالڪڻ هڪ ٻي سلواڪ ڇوڪري هئي. پر جڏهن به ايريڪا اداس هوندي هئي، يا آيان جو من وياڪل هوندو هيو، ته هو ٻئي پاڻ ۾ ملندا هيا ۽ هنن جي ملڻ جو هنڌ ٻنهي جي هاسٽل جي وچ تي ٺهيل ڪاٺ جو خوبصورت ريسٽورنٽ/پب “Koliba” هوندو هيو. اهو ريسٽورنٽ ڏاڍو آرٽسٽڪ هوندو هو، اصل ۾ ڪوليبا جي معني آهي ”ريڍار جي جھوپڙي“ ۽ هنن اندر به اهڙي ڊيڪوريشن ڪئي هئي، ۽ بيرن کي به سلوواڪيا جي لوڪ ڊريس پهريل هوندي هئي. هن جو مالڪ آيان جو واقفڪار ٿي ويو هو، جنهڪري کيس VIP ٽريٽمينٽ ڏني ويندي هئي. آيان ۽ ايريڪا ان پب جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل ۽ ڊم لائيٽ ۾ ڪچهري ڪري تازا توانا ٿي ويندا هيا. اڪثر ڪري هنن ٻنهي جا بحث اختلافن تي ختم ٿيندا هيا، جنهن جي سبب جي خبر نه هئي، پر ايريڪا جي ننڍي عمر هڪ سبب ضرور هيو. ان کان پوءِ هوءَ پنهن جي ملڪ ٽرانسفر ڪرائي وئي ۽ اتي پڙهڻ لڳي. پر هوءَ ڪنهن نه ڪنهن موقعي جو فائدو وٺي آيان سان ملڻ ضرور ايندي هئي. آيان جو جڏهن پي ايڇ ڊيءَ جو ڊفينس ٿيو ته هوءَ پنهنجي سهيليءَ سان گاڏيءَ ۾ براتيسلاوا آئي ۽ شام جو ٿيل سيليبريشن ۾ ساري رات نچندي رهي. آخر ۾ هوءَ روئڻ لڳي ۽ آيان کي چوندي رهي:
    ”تون منهنجو بهترين دوست هئين ۽ مان جڏهن به اداس ٿيندي هيس ته تو وٽ هلي ايندي هيس ۽ تو وٽان هڪ نئين سگھه کڻي واپس ورندي هيس“.
    پارٽيءَ کانپوءِ آيان جڏهن کيس ٻاهر ڇڏڻ آيو ته ٻاهر برفباري ٿي رهي هئي، ايريڪا کيس ڳلي ۾ ٻانهون وجھي، چمندي، ٻاهرين ٿڌ جو احساس ختم ڪري ڇڏيو هو.
    آيان جڏهن پاڪستان واپس آيو ته هوءَ کيس وقفي وقفي سان خط لکندي رهي. سندس خط ڏاڍا سٺا لکيل هوندا هيا. هوءَ جڏهن گھڻي وقت کان پوءِ پراگ وئي هئي ته هن آيان کي اتان خط لکيو:
    ”..... آءُ گھڻي وقت کان پوءِ ان قابل ٿي آهيان ته توکي هي خط لکي سگھان. مون کيپنهنجن احساسن جي اظهار جو ڪو مناسب طريقو نه پئي سُجھيو. گھڻو عرصو سرديون رهيون ۽ آءُ به پنهنجو پاڻ کي برف سان ڍڪيل محسوس ڪري رهي هيس. هاڻي اها برف پگھرجي رهي آهي. آءُ بهار جو انتظار ڪري رهي هيس ۽ جڏهن بهار آيو ته مون برلن کان پراگ ۽ پراگ کان پوءِ براتيسلاوا ڏانهن سفر شروع ڪيو. پراگ ۾ گھاريل هيءُ ڏينهن مونکي سڄو سال يا شا يد سڄي ڄمار سج جي روشنيءَ سان روشن رکندو. جڏهن آسمان ۾ ڪڪرن جو نالو نشان نه هيو ۽ نيري آسمان ۾ سج پنهنجي پوري آب تاب سان چمڪي رهيو هيو ته مان ولتاوا نديءَ جي ڪناري واري ڇٻر تي ليٽي پيس ۽ خبر ناهي ته ڪيترو وقت ايئن ئي ليٽيل رهيس. نديءَ جي پاڻيءَ ۾ پراگ شهر پنهنجن سوين ٽاورن ۽ گرجائن سان سهڻو منظر پيش ڪري رهيو هيو. جڏهن ٻارهين وڳي سڀني چرچ جا گھنڊ هڪئي وقت وڄڻ لڳا ته مان پنڊ پهڻ ٿي ويس ۽ مون ان لمحي محسوس ڪيو ته منهنجي اندر ۾ به برف جو ڇپون پگھرڻ لڳيون هيون.
    توکي ٻوليءَ جي اسڪول وارو آفريڪي ته ياد هوندو، جيڪو مون سان محبت ڪندو هيو، هن ڀيري به هو مليو ۽ هن مون کي شادي ڪرڻ لاءَ زور ڀريو. پر آءُ هن ڀيري ان قابل هيس ته هن کي اهو چئي سگھان ته منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڪا جڳهه ناهي. توکي خبر هجڻ کپي ته مان هاڻي اهو ريئلائيز ڪري رهي آهيان ته مان تبديل ٿي رهي آهيان يا ايئن کڻي چئجي ته مان هڪ مٿاهين ڏاڪي تي پهچي وئي آهيان.....“ روح ۽ ڪردار جي ترقيءَ واري ڏاڪي تي”. هاڻي مان شين کي سڃاڻي، انهن جي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪيان ٿي. جيئن مون هُن کي سچ سچ چيو. هاڻي آءُ هر ڳالهه کي سنجيده ۽ ايمانداريءَ سان محسوس ڪري، ان کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي نه ڪي ان سان کيڏان ٿي.
    هڪ ڳالهه جو مونکي افسوس رهندو ته مون ڪڏهن به براتيسلاوا ۾ رهندڙ دوستن جي اهميت کي محسوس ڪندي انهن جي تعريف ۽ قدر نه ڪيو ۽ خاص ڪري تنهنجو. ايئن ناهي ته مون توکي اهميت نه ڏني يا سمجھيو نه، پر مون تنهنجي حيثيت مطابق تنهنجو خيال ۽ قدر نه ڪيو. جڏهن تون هتي ناهين ته مون تنهنجو خيال رکڻ شروع ڪيو آهي. اهو به سڀ ڪجھ منهنجي روح ۽ ڪردار جي ترقيءَ سان تعلق رکي ٿو، پر تنهنجي معاملي ۾ دير ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ته ان جي معافي به ممڪن ناهي... سو خط دير سان لکڻ جو اهو سبب هيو ته مون لاءِ اڳ ۾ شيون ۽ ڳالهيون واضح نه هيون ۽ اهو به ڄاڻان ٿي ته سڀ معاملا واضح ٿيڻ به ناممڪن آهن، ڇو جو اها ته ڊگھي سفر جي هڪ ننڍي شروعات آهي... هڪ بهترين دوست هجڻ جي ناتي مان هي لفظن مان جڙيل خط نه پر اصل ۾ آءُ توکي پراگ جي مٿان چمڪندڙ سج موڪلي رهي آهيان.....“
    ان کانپوءِ ايريڪا ڪجھه عرصي لاءِ ميڊيڪل جي هائوس جاب لاءِ سوڊان ۽ اسرائيل وئي، جتان هن آيان کي فون به ڪئي ۽ خط به لکيا. هن جي شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ بالغيت ايندي وئي، هن اسرائيل مان لکيو :
    ”ٿوري دير اڳ آءُ هڪ ڪيفي ۾ ويٺي هيس. پر هاڻي هي خط توکي پنهن جي فليٽ جي بورچيخاني مان لکي رهي آهيان. اتي ڪيفي ۾ مونکي هڪ عورت جي اچڻ ڪري خط لکڻ بند ڪرڻو پيو. هن اچڻ سان پڇيو:
    ”تون جرمن آهين؟“.
    مون کيس ”ها“ ڪندي پڇيو ته: ”توهان ڪيئن سمجھيو؟!“.
    جنهن تي هن جواب ڏنو ته صرف جرمن ئي ڪيفي ۾ ويهي خط لکندا آهن. هوءَ پاڻ جرمن هئي ۽ ڇهن سالن کان اسرائيل ۾ رهي ٿي. ساڻس ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو. مونکي اسرائيل آئي اڃان ٽي ڏينهن ٿيا آهن. پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي پر هي يهودي ڏاڍا کهرا آهن. مان هتي دوستن کي مس ڪيان ٿي. آءُ سوچيان پئي ته يهودين پنهنجي قوم ٺاهي آهي ۽ اڃان تائين ٺاهن پيا..... ڪنهن جو خيال رکڻ کان بغير. ايستائين جو ڇهن سالن کان رهندڙ هوءَ عورت به پنهنجو پاڻ کي اڃان ڪميونٽيءَ جي چانئٺ تي اندر اچڻ جي اجازت جي انتظار ۾ بيٺل محسوس ڪري ٿي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪوشش ڪندي آهيان ته تصور ۾ آڻيان ته تون پاڪستان ۾ ڪيئن رهندو هوندين؟ پر اهو ناممڪن بڻجيو پئي. ان لاءِ لڳي ٿو ته تو وٽان چڪر هڻان ته جيئن تصور ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. آءُ جڏهن به ڪو ماڳ گھمندي آهيان ته سوچيندي آهيان ڪنهن سان گڏ گھمندي ڪيڏو نه مزو ايندو، ٻي ڪنهن سان نه پر توسان.
    ... مونکي هتان جي ماڻهن کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، پوءِ اهي يهودي هجن يا فلسطيني مسلمان. ان جو وڏو سبب هنن جو ڪٽرپڻو به ٿي سگھي ٿو. هتي رواداري ۽ سهپ جي ڏاڍي کوٽ آهي، ان ڪري ئي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.
    گذريل ڇنڇر تي بيت اللحم وئي هيس، تون يقين ڪر ته مان مذهبي ناهيان، پر اتي ماڻهو هڪ قسم جي پاڪائپ ۽ سڪون محسوس ڪري ٿو. مونکي حضرت عيسى جي جنم ڀومي پسند آهي. اتي هڪ سڪون آهي، اٿاهه سڪون. حالانڪ ٻاهر مسلمانن ۽ يهودين جو جھڳڙو هلي رهيو هيو. شايد ان جھڳڙي جي ڪري مونکي چرچ آف هولي نيٽوٽي ۾ وڌيڪ سڪون مليو ۽ جيڪو مونکي گھربل به هيو. اسرائيل اچڻ کان پوءِ پهرين اها اهم گھڙي هئي، اتي مان ميڻ بتيون ٻاريون ۽ هڪ خاص تنهن جي لاءِ.
    مونکي اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن اسان براتيسلاوا جي هڪ چرچ ۾ ويا هياسين ۽ تون اتي خاموش بت بڻيو ويٺو هئين ۽ ڪنهن عرب دوست توکي طنزيه چيو هو ته تون هن چرچ ۾ ڇا پيو ڪرين؟ جواب ۾ تون چيو هو ته: ”الله ته هر هنڌ موجود آهي“. مون اهو سڀ ڪجھه ان ميڻ بتيءَ ۾ منتقل ڪيو هو. مون اتي محسوس ڪيو هو ته اهي سڀ جھڳڙا ۽ ڳالهيون نه صرف چرچ کان ٻاهر هيون، پر مون کان به ٻاهر هيون.
    قلم تازو: آءُ هن ملڪ کان نفرت ٿي ڪيان ۽ ٻيهر نه اچڻ جو قسم ٿي کڻان، خبر ٿي ڇو؟. ڇاڪاڻ جو اسرائيل وارن تو ڏانهن هن خط کي پوسٽ ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته پاڪستان ۽ اسان ٻئي دشمن آهيون. اها حد آهي ان ڪري هن ملڪ کان نفرت ڪيان ٿي. آءُ انهن ملڪن جي عزت نه ٿي ڪري سگھان، جتان توسان رابطو نه رکي سگھان.....“
    آيان کي هن جو ٻيو خط سوڊان مان مليو ۽ اسرائيل وارو خط به هن آيان کي سوڊان مان موڪليو هيو. هن خط ۾ به هن لکيو ته:
    ”..... مختلف خيالن ۽ سوچن سان ذهن ڀريل آهي، جنهن ڪري توکي هي خط لکندي ڏکيائي محسوس ڪري رهي آهيان. آءُ ڇهه هفتا گھر کان پري رهي آهيان ۽ مون کي هوم سڪنيس ٿي پئي آهي. تنهنڪري پڙهائي ختم ڪري ٻاهر رهڻ وارو منهنجو جيڪو پروگرام هيو، ان کي ختم ڪرڻو پوندو. مونکي اها خبر ئي نه هئي ته مان پنهنجي ملڪ (جرمنيءَ) سان ايتري لاڳاپيل آهيان. سڀني مسئلن هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ کي چاهيان ٿي. تو لاءِ شايد اندازو لڳائڻ ڏکيو هجي ته آءُ ان پل جو ڪيڏي نه شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان جڏهن جهاز لينڊنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ برلن جي مٿان ڦيرا پائيندو. پر اڃان ته مونکي هتي ٻه مهينا رهڻو آهي ۽ مان انهن لمحن، هرمنٽ جي سٺ سيڪنڊن مان هر سيڪنڊ کي انجواءِ ڪرڻ چاهيان ٿي. هونئن مونکي اها پڪ آهي ته هن ٽرپ مان آءُ کوڙ سگھه حاصل ڪري سگھنديس. سڀ کان اهم آهي پنهنجي رهڻ جي طريقي کي ڇڏي، ٻي طرز ۽ ٻي ڍنگ سان رهڻ. اها سگھه جيڪا ٻئي معاشري جي تجربن، ريتن ۽ رسمن مان حاصل ٿيندي، اها مون کي سگھارو بڻائيندي. مون کي اميد آهي ته اها سگھه مون کي انهن شين کي گھرائيءَ ۾ جاچڻ جي اهليت ڏيندي. آءُ اهو به سمجھان ٿي ته اهو سڀ ڪجھه منهنجي لاءِ ڪجھه مسئلا ۽ مشڪلاتون به آڻيندو، ڇو جو هنن ماڻهن جي ۽ منهنجي سوچڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هتان جي رهڻي ڪهڻي ۽ منهنجي جرمن اسٽائيل رهڻي، ضرور ٽڪر کائينديون، پر ان لاءِ مان Curious (اتاولي) به ڏاڍي آهيان.
    ڇا تون اهو تصور ڪري سگھين ٿو ته هي سڄو سفر يا ان لاءِ ڪاٽيل تڪليفون مون ڪنهن سان ملڻ لاءِ ڪيون هجن؟...... اهو ماڻهو جنهن کي مان پنهنجو روحاني ڀاءُ سمجھان ٿي. اسان اهو محسوس ڪيون ٿا ته اهوسڀ ڪجھه اڻڄاتل طريقي سان طئي ٿيل هو. هن کي مان پنهنجو روحاني ڀاءُ سمجھان ٿي. اسان اهو محسوس ڪيون ٿا ته اهو سڀ ڪجھه ڄڻ اڳ ۾ طئي ٿيل هيو. آءُ ان دوستيءَ جي رشتي کي پوري ريت لفظن ۾ ظاهر نه ٿي ڪري سگھان ۽ نه ئي وري مان ڪوشش ڪنديس ڇو جو اهو لفظن جو زيان هوندو ۽ ان کان پوءِ به تون شايد اهو صحيح طرح سمجھي نه سگھين.
    پر هڪ ڳالهه جيڪا مون هن کان سکي آهي ته هن مون کي ”پڇڻ“ سيکاريو، جيڪو مان تقريبا وساري چڪي هيس. سوال ڪرڻ سيکاريا، عام رواجي سوال نه، پر اهي سوال جيڪي ذهن ۾ مانڌاڻ مچائن، ان ڪري مون پنهنجي روح ۾ دفن کوڙ ساتريون ڳالهيون ڳولهي لڌيون، جيڪي منهنجي من پاتال ۾ دفن ٿي چڪيون هيون. مونکي ته ائين لڳو ته آءُ پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ئي ڪين هو. يا ائين ٿو لڳي ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ کان لنوائي رهي هيس. خير ان جو هڪ سبب ٻيو اسان جو معاشرو به ٿي سگھي ٿو. ڇو جو اسان پنهنجن ڪمن ۾ ايترا مصروف آهيون جو پنهنجو پاڻ کي ريوائنڊ ڪرڻ، پرکڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي. پر جيڪڏهن ڪڏهن ملي به ٿو ته هٿ سان ان موقعي کي ضايع ڪري ڇڏيون ٿا. ڇو جو ڊڄون ٿا ته اسان جي اندر جي ڪاراڻ اسان جي اڇن چهرن کي ڪارو نه ڪري ڇڏي.
    انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي ۽ پنهنجو پاڻ کي پرکي ۽ ڦلهورڻ کان پوءِ، ان نتيجي تي پهتي آهيان ته مون گھڻو ٽائيم زيان ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھه اڳ ڪيو هجي ها ته گھڻو ڪجھه وڃائڻ کان بچي سگھان ها. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مٿاڇري سوچ جي ڪري، سالن کان گڏ رهندڙ ماڻهن کي به چڱيءَ ريت نه سڃاڻي سگھيس ۽ خاص ڪري توکي.
    مونکي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته مان ڄڻ هائبرنيشن ۾ هيس يا هڪ ڊگھي ننڊ ستل هيس ۽ هاڻي هر نئين ڏينهن وڌيڪ سجاڳ ٿي رهي آهيان. مونکي ياد آهي ته گھڻو وقت اڳ توکي چيو هيم ته، مان هاڻي گھمڻ شروع ڪيو آهي. ڪيتري نه سچائي هئي ان ۾. اهو بلڪل ان ريت آهي ته توهان ڪنهن پهاڙ جي چوٽي سر ڪرڻ لاءِ ان تي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ وري توهان کي اهو احساس ٿئي ته اصل چوٽي اها ته نه پر هڪ ٻي چوٽي آهي. پر يقين رک مان ٿڪجي نه ويٺي آهيان ۽ نه ويهنديس پر هر گل هر منظر جو مزو وٺندي اڳتي وڌندي رهنديس. ان لاءِ جو مان اصل تائين پهچڻ چاهيان ٿي، سچ تائين پهچڻ چاهيان ٿي، حق تائين پهچڻ چاهيان ٿي.
    منهنجي خواهش آهي ته اهي سڀ ڳالهيون مان توکي منهن سامهون ٻڌايان پر ڪيڏي نه بد نصيب آهيان. سوچيان ٿي ته پاڻ وري ٻيهر ملي به سگھنداسين يا نه؟ ۽ جڏهن ملنداسين ته خاموش رهي سگھنداسين؟ ڪڏهن به نه!
    اسرائيل کان پوءِ هاڻي سوڊان پهتي آهيان هتي منهنجو مقصد گھمڻ آهي نڪي اسپتالن ۾ اسپرٽ جي خوشبوءِ ۾ ويهڻ. انلاءِ ته منهنجي سڄي عمر پئي آهي. هونئن هتي گھمڻ به مسئلو آهي، هڪ ته ملڪ وڏو، ٻيو مٿان وري بسن جي حالت جري، جنهن ڪري چاهيندي به گھڻو ڪجھه نه ڏسي سگھنديس.
    اڄ ٻيڙيءَ تي نيل ندي گھمڻ ويس. منهنجو پنهنجو اهو خيال آهي، ڪنهن به نديءَ کي محسوس ۽ پيار ڪرڻ لاءِ ان سان، ننڍي هوندي کان واسطو هجڻ ضروري آهي. جيئن منهنجو رائين نديءَ سان، تنهنجو سنڌوءَ سان آهي. پر نيل نديءَ، سان اهو شرط لاڳو نه ٿو ٿي سگھي. ڏاڍي پياري ندي آهي. اها مون کي پنهنجي پنهنجي لڳي ۽ مون کي يقين آهي ته تون به جڏهن نيل ندي ڏسندين ۽ ان کي محسوس ڪندين ته اها به توکي اهو پيار ڏيندي ۽ پيار گھرندي، جيڪو تون سنڌونديءَ سان ڪندو آهين، يا هوءَ توکي ڏيندي آهي.
    آءُ اڃان گھڻو ڪجھه لکڻ چاهيان ٿي، پر هاڻ ٿڪجي پئي آهيان. وري ٻي ڀيري.
    تون ڄاڻين ٿو ته خط جي آخر ۾ ڇا لکڻ گھرجي.....“


    6

    پاڪستان ۾ ايريڪا، آيان وٽ گھمڻ آئي. ايئرپورٽ تي جڏهن هوءَ سندس ويجھو پهتي، ته ساڻس ٻکين پئجي. گھڻو وقت روئندي رهي. هن سان گڏ سندس سهيلي به آئي هئي. گھر تائين پهچندي هن الائي ڪيترون ڳالهيون ڪيون. سندس بت ڪجھه ڀريو هيو، جنهن ڪري هن جي سونهن وڌيڪ نکري پئي هئي.
    هنن ٽنهي ڄڻن سنڌ جي مختلف شهرن کي گھمي ڏٺو. ڪراچيءَ جي سينڊس پٽ کان وٺي ابراهيم حيدريءَ جي سامونڊي ڪنارن تي هڪ ٻئي جون خوشبوئون جھٽيون. انکان پوءِ هوءَ ۽ هن جي سهيلي ناردرن ايريا گھمڻ ويون، جتي به آيان جي دوستن هنن لاءِ انتظام ڪيو هو. هو ٻئي ڄڻيون ڪراچيءَ واپس آيون ته هڪ ٻه ڏينهن رهي، ايريڪا جي سهيلي مارتينا واپس جرمنيءَ هلي وئي. آيان، کيس چيو هو :
    ”تون اڳ بڪنگ ڇو ڪرائي آهي؟ هفتي کان پوءِ ايريڪا سان وڃين ها.....“
    ”هوءَ، تو سان ڪجھه ڏينهن اڪيلو رهڻ چاهي ٿي. ان ڪري ئي هن مون کي چيو هو ته هفتو اڳ جي بڪنگ ڪرايان“. هوءَ مرڪندي رهي ۽ آيان خاموش ٿي ويو.
    ان کان پوءِ، آيان ۽ ايريڪا مڪلي، موهن جو دڙو ۽ ڄامشورو گھمڻ ويا. موهن جي دڙي ۾ چانڊوڪيءَ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور کين صوفياڻا ڪلام ٻڌائيندو رهيو. جن جو مطلب آيان کيس ٻڌائيندو رهيو. عشق جي ذڪر هن جي ڳلن تي ڳاڙهاڻ آڻي ڇڏي هئي. هنن ٻنهي جي ساهن ۾ موهن جي دڙي جي دز بخور جو ڪم ڏيندي رهي.
    ڄامشوري ۾ هو ٻئي يونيورسٽيءَ جي رستن تي گھمندا رهيا. ايريڪا پنهنجي منهن ڳالهائيندي چيو :
    ”ڏس! هن يونيورسٽيءَ جي اوندهه ۽ خاموشيءَ ۾ ڪيڏي نه موسيقيت آهي، جيڪا اسان کي سلوواڪيا جي يونيورسٽيءَ ۾ نه ملي. حالانڪ تون ۽ مان اتي به ايئن ئي گھمندا هياسين يا هاسٽل جي ڀرسان واري ٻيلي ۾ ڪيتريون راتيون باهه تي گڏ گذاريوسين ۽ اتي آزادي به وڌيڪ هئي“.
    هن آيان ڏي مرڪندي معنى خيز نگاهن سان ڏٺو. هُن جواب ۾ مرڪي کيس چيو:
    ”مون سمجھيو هو ته اسان سنڌي شاگردن جو هن يونيورسٽيءَ سان پيار هجڻ ڪري ايئن محسوس ٿيندو آهي. اسان جو نوجوان ته ڄامشوري کي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهم ۽ رومينٽڪ موڙ طور ياد رکندو آهي. پر تون به ايئن محسوس ڪرين ٿي ته مون کي يقين آهي ته هن ڌرتيِءَ ۾ ئي رومانس موجود آهي“.
    آيان کيس حليم باغيءَ جي شاعريءَ مان سٽون ٻڌائي ان جو ترجمو ڪيو:
    اڙي شهر جانان! ڪي توکي سنڀارون
    ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون

    ۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
    کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون

    تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
    جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون ٻه ڌارون

    ايريڪا ننڍي ساهيءَ کان پوءِ سگريٽ جو هڪ وڏو پف هڻندي، آيان کي چيو:
    ”مان خوشنصيب آهيان، جو هتي آئي آهيان، توکي ڏٺو اٿم، تنهنجي گھر ۽ تنهن جي ڏينهن رات جي مصروفيتن کي محسوس ڪيو اٿم. هاڻي مون کي تنهنجو تصور ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. توسان من ئي من ۾ ڳالهائڻ ۾ ڪا ڌاريائپ نه رهندي“.
    ”تون منهنجي جيون کي به هڪ نئون رنگ ڏئي ٿي وڃين. عام طرح اهو چيو ويندو آهي ته يوروپين جي دوستي صرف ٿوري وقت لاءِ هوندي آهي پر تون ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو آهي“.
    ”اهو ڪنهن حد تائين صحيح به هوندو، پر تون به ته ٻيو آهين، عام ماڻهن جيان نه آهين. خبر ٿي ڪراچيءَ مان جڏهن فون ڪري امڙ کي پنهنجي خيريت جو ٻڌايو هيم، ته هاڻ مان آيان وٽ پهتي آهيان ته هُن ٿڌو ساهه کڻي شڪر ڪيو هو ۽ چيو هيائين ته هاڻي مون کي تنهنجو فڪر ناهي. تون محفوظ هٿن ۾ آهين“.
    هُن جھٽ رکي چيو:
    ”جيڪڏهن مان هتي رهي پوان....؟!“
    ”مون کي ڪو اعتراض ناهي، رهي سگھندينءَ؟!“
    ”ها پر هڪ شرط تي، ته تون مون سان گڏ هوندين ۽ پوءِ ڄامشورو هجي يا ناردرن ايريا، پنهنجي زمين وٺي پوکي ڪنداسين ۽ گڏ رهنداسين. مان تو سان رهڻ ٿي چاهيان“.
    ”هتي رهڻ جو سبب؟!“.
    ”تون“.
    ”اتي مان تو سان گڏ ناهيان؟“.
    ”آهين قريب ۽ ناهين به“.
    ”مان ته سمجھان ٿو ته مان اتي به توسان ايترو قريب آهيان“.
    ”ها پر مون کي تنهنجو ڇهاءُ کپي، مون کي تحفظ کپي، مان پنهنجي پيءُ جي خودڪشيءَ کان پوءِ غير محفوظ رهي آهيان“.
    ايريڪا روئندي چيو:
    ”خبر ٿي مون کي امڙ تو ڏانهن زور ڪري موڪليو آهي، هاڻي منهنجو هُن سان اختلاف نه رهيو آهي، هوءَ ڪينسر جي مريضه آهي. خبر ناهي ڪيترو وقت زنده رهي. هُن چيو آهي ته توکي وٺي جرمني اچان يا هتي تو وٽ مان رهي پوان“.
    ”پر...“.
    ”پر مون کي خبر آهي ته هتي تون بهتر آهين. جرمنيءَ ۾ تون نسل پرستن جو شڪار ٿي ويندين. تنهنڪري مون کي اجازت ڏي ته تو وٽ رهي پوان. پر مان امڙ جي وفات کان پوءِ اينديس“.
    ”پر تنهنجي لاءِ به هتي رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. مونکي خبر آهي ته يوروپين جو رهڻ، اهو به اسان جهڙي هيٺين مڊل ڪلاس جي روين ۽ حالتن ۾، انتهائي ڏکيو آهي. ڪجھه وقت رهڻ کانپوءِ تون به يڪسانيت جو شڪار ٿي چڙچڙي ٿي پوندينءَ. هتي اها به آزادي ناهي. شايد مان ئي حالتن کي ڏسندي ڪي بندشون مڙهيان. تڏهن به تون ڏکي ٿيندينءَ. توکي ته منهنجي سڀ خبر آهي جيڪڏهن ڪنهن يوروپين کي هتي رهائڻو هجي ها ته سلوواڪيا ۾ ڪنهن کي نه وٺي اچان ها. هنن کي تون به ڄاڻين ٿي. پر مان اهو سڀ ڪجھه سمجھندي ڪنهن کي به دوکي ۾ نه رکيو، ڪنهن کي به شاديءَ جو دلاسو نه ڏنو“.
    ”اهو زمانو ٻيو هو. ان وقت مان به ٻي هيس. هاڻي ٻي آهيان. بلڪل تبديل ٿيل. بس في الحال ڪجھه نه چئو. امڙ کان پوءِ ڏسنداسين“.
    ايئن چئي هوءَ روئڻ لڳي. آيان ڪجھه به نه چيو بس کيس ڳلي لڳائي ڇڏيائين.
    ايريڪا ايئر پورٽ تي روئندي موڪلايو.
    ڪجھه وقت کان پوءِ آيان کي هُن جي فون آئي، روئندي کيس ٻڌايائين:
    ”امڙ گذاري وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته مان به هُن سان گڏ دفن ٿي وئي آهيان. هاڻي منهنجي لاءِ به زنده رهڻ نه رهڻ هڪ ئي ڳالهه آهي. مان شام جو ڪمري ۾ ٽي تصويرون رکي، ميڻ بتي ٻاري عبادت ڪندي آهيان. هڪ بابا جي، هڪ امڙ جي ۽ ٻي تنهن جي.“
    ”تون ته واعدو ڪيو هو ته مون وٽ ايندينءَ، ڪڏهن ٿي اچين؟“
    ”نه توکي ڪنهن تڪليف ۾ وجھڻ نه ٿي چاهيان“.
    ”مونکي تڪيلف نه ٿيندي. جي تون راضي آهين، تون ته سڄو ماحول ڏسي وئين آهين. ضرور اچ“.
    ”هاڻي مان انهن ضرورتن کان مٿاهين ٿي وئي آهيان، خير مان ڪوشش ڪنديس“. هن روئندي فون رکي ڇڏي.
    ڪجھه ڏينهن کان پوءِ آيان وٽ، ايريڪا جي سهيليءَ جي ايميل آئي:

    “I am sorry to inform you that Erica is no more alive, she was very disturb in her last days and found dead in her flat with a bullet of a pistol(of his father) in her head and hugging three pics in her arms, one of her father, one of her mother and one of you”

    (مونکي ڏاڍي ڏک سان توکي اهو اطلاع ڏيڻو ٿو پئي ته ايريڪا هاڻي نه رهي آهي. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ مئل لڌي، سندس مٿي ۾ (سندس پيءُ جي) پسٽل جي گولي لڳل هئي، پسٽل سندس هٿ ۾ هو ۽ سندس ڀاڪر ۾ ٽي تصويرون هيون. هڪ ماءُ جي، هڪ پيءُ جي ۽ هڪ تنهنجي).
    آيان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هُن ڪمپيوٽر ۾ رکيل ايريڪا جي مرڪندڙ تصوير کي اسڪرين تي آندو ۽ ان تصوير جي اڳيان ميڻ بتي ٻاري ڇڏي.


    ******

    گاڏي هڪ چيڪٽ سان هڪ گھر آڏو بيٺي ته آيان حيرانيءَ مان فهد کي ڏٺو.
    ”زوزانا جو گھر آهي هن سان ملندا ٿا هلون“.
    ”هنن کي ٻڌايو هيئي ڇا؟“.
    ”نه، سرپرائيز گفٽ“.
    ”سرپرائيز ته آهي باقي گفٽ جي خبر ناهي .....“.
    زوزانا، فائين آرٽس جي شاگردياڻي هئي. هوءَ جوان، ڏاڍي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري هئي. فهد واري هاسٽل ۾ ئي رهندي هئي، سندس فهد سان سٺي دوستي هوندي هئي. فهد، پنهنجي پاڪستاني دوستن مان رڳو آيان سان ئي کيس ملائيندو هو، جو زوزانا ئي کيس چيو هو ته ٻيا پاڪستاني ته رڳو بيئر پيئڻ کان پوءِ کائڻ ٿا اچن. آيان ۽ هوءَ ٻئي آرٽ تي ڳالهائيندا هيا. آيان سندس پينٽنگز تي تبصرو ڪندو هيو، هن ۾ ترميمون آڻڻ جون صلاحون ڏيندو هيو، جيڪي اڪثر ڪري زوزانا کي پسند اينديون هيون. جي ممڪن هوندو هو ته هن کي تبديل به ڪندي هئي. هڪ ڀيري جڏهن چيڪ آرٽ جي ڳالهه نڪتي ۽ آيان ان تي تفصيل سان ڳالهايو ته هو حيرانيءَ مان کيس ڏسندي رهي، ته هڪ ماڻهو جنهن جو سبجيڪٽ آرٽ به ناهي، آهي به ٻاهريون، اهو ايتري تفصيل سان هن جي ملڪ جي آرٽ تي ڳالهائي سگھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته جي فهد مصروف هوندو يا ڪا کيس يونيورسٽيءَ جي اسائينمينٽ هوندي هئي ته هي ٻئي ڄڻا پراگ شهر گھمڻ نڪري ويندا هيا. هڪ ڀيري هو، ولتاوا جي ڀرسان نيشنل ٿيئٽر جي سامهون واري ان ڪيفي ۾ ڪافي پي رهيا هيا، جنهن ۾ پراگ جا آرٽسٽ، اداڪار، ليکڪ، ۽ سياستدان ايندا هيا. اتي زوزانا،آيان کي ٻڌايو:
    “ مخملي انقلاب ۾ هي اهم جڳهه هوندي هئي. هتي اچي روز شام جو سڀ فنڪار ڪٺا ٿيندا هيا ۽ ايندڙ ڏينهن جي منصوبه بندي ڪندا هيا، جيڪا اصل رٿابنديءَ کان مخلتف هوندي هئي. اصل رٿابندي ته هو، ٿيئٽر ۾ ويهي ڪري ايندا هيا. هتي ته رڳو جاسوس پوليس جي اکين ۾ سرمو وجھڻ لاءِ رٿا بندي ڪندا هيا ۽ بيئر پيئندا هيا، جيڪا ان وقت ئي حڪومتي ادارن وٽ پهچي ويندي هئي، پر جڏهن ٻي ڏينهن تي سرزمين تي پهچندا هيا ته ڳالهه ئي ٻي هوندي هئي. هن کيس ٻڌايو ته صدر واتسلاو هاول به اتي ئي اچي ويهندو هو ۽ بيئر جا پيپ پي اٿندو هو“.
    تنهن تي آيان کلي کيس چيو:
    ”تڏهن ته سندس مشهور زمانه ڊرامو ”آڊيئنس“ به ڪنهن بريوري يا پب ۾ بيئر پيڻ وارن ڪردارن، انهن جي مُٽڻ، واش روم ۾ ريح ڪڍڻ ۽ هنن جي بدمزه ڊائلاگن تي ٻڌل آهي“.
    آيان کيس ٻڌايو:
    ”اهو ڊرامو ٿيئٽر ۾ ڏٺو ته سهي، پر مون کي مزو نه آيو. ان ۾ ڪا به آرٽ نه هئي، سواءِ سوشلسٽ حڪومت کي ٻن ٽن گارين ڏيڻ جي. ان کان ته نوجوان ليکڪن جا ڊراما سٺا آهن“.
    ”ها تون صحيح آهين، پر آمريڪا ۽ انهن جي اتحادين کي ڪو ته مهرو کپندو هو ۽ ان کي باغي ڪري ته پيش ڪرڻو هو. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاول جي بنياد وڌل تنظيم يا اتحاد، چارٽر 77 ئي اصل ۾ ان حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو”
    جنهن تي آيان چيو:
    “ان کان ته جنگ عظيم دوارن لکيل ياروسلاو هاشيڪ جو ناول جنهن تي پوءِ ڊراما به ٺهيا ۽ فلم به. مذاحيا انداز ۾ هڪ وڏي طنز آهي جنهن ۾ حقيقتن کي هڪ آرٽ جي نموني ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.”
    ”ها، پر ڪميونسٽ مخالف ماڻهن ۽ حڪومتن جون پنهنجون ترجيحون آهن، نه ته مون کي ته ميلان ڪنڊيرا به نه وڻندو آهي، بس ماڻهو هن کي انڪري پسند ڪن ٿا ته هن جي ناولن ۾ ٿوري ايروٽڪ آهي ۽ ٻيو ڪميونسٽن خلاف پروپيگنڊا“.
    ”خير پروپيگنڊا ته نه چئون اهي حقيقتون آهن“.
    ”ها حقيقتون آهن پر جهڙي نموني ميلان ڪنڊيرا کي چيڪ ادب جو نمائندو ٿو سمجھيو وڃي، ايئن ته ناهي. مون کي يا ٻين چيڪ ماڻهن کي بوهوسلاو هربل وڌيڪ وڻندو آهي“.
    ”اڄ ڀلا رڳو ادب کي کنيو ٿي....“. آيان کيس چيو. جنهن تي زوزانا وراڻيو:
    ”اڄ منهنجو چريو يار ساڻ ڪونهي نه، هو وري انهن مامرن ۾ ايتري دلچسپي نه رکندو آهي“.
    زوزانا ڪافيءَ جا زوريءَ پيسا ڏنا ۽ آيان کي چيائين ته:
    ”هل اڄ توکي هڪ ٻيو جهان ٿي ڏيکاريان“.
    سج لهي چڪو هو. پراگ جون روشنيون ٻري چڪيون هيون. ولتاوا نديءَ ۾ انهن روشنين جا اولڙا پئجي رهيا هيا. سامهون پريزيڊنسي جون بتيون ٻري چڪيون هيون. ان گاٿڪ عمارت جي روشنين سان سجايل اولڙا به پاڻي ۾ پئجي رهيا هئا.
    هو ٻئي ولتاوا واري ندي، پل ذريعي پار ڪري ٻي ڀر آيا ته زوزانا کيس ان پل جي ٻي ڇيڙي تي هيٺ وٺي وئي، جتي وڃي آيان حيران ٿيو، هو ڪڏهن به اتي نه آيو هو. اهو حصو ڄڻ ته يورپين جوانن ۽ جوانڙين جي جنت هو. ڪي هپي ٽائيپ هيا، ڪي وري پنڪ، ته ڪي وري ڪيئن ته ڪي وري ڪيئن. انهن جي گھڻائي يورپ کان گھمڻ آيل سياحن جي هئي. اهو ڄڻ ته هڪ ميلو هو. ڪٿي کائڻ جا اسٽال هيا، ته ڪٿي بيئر جا، ڪٿي وري ٿئيٽر هو، ته ڪٿي وري ڪو گٽار وڄائي رهيو هو. آيان کي لڳو ته هو ڪنهن نئين دنيا ۾ اچي ويو آهي. زوزانا چيو:
    ”هل ٿئيٽر ڏسون“.
    آيان کيس چيو:
    ”پهريائين هن ماحول ۾ ايڊجسٽ ته ٿيڻ ڏي“.
    زوزانا سواليا نگاهن سان هن ڏانهن ڏٺو، ته آيان کيس چيو :
    ”ڪجھه پي ڪري هنن جي ليول ۾ ته اچڻ ڏي تڏهن ته هنن جي ڳالهه سمجھي سگھنداسين“.
    آيان پيپر گلاس ۾ پنهن جي لاءِ بيئر ورتو ۽ زوزانا لاءِ ڳاڙهو وائين ۽ هو نديءَ ڪناري اچي پيئڻ لڳا، پراگ جو بتيون ولتاوا جي پاڻي ۾ترورا ڪري رهيون هيون.
    هنن پوءِ بليڪ ميجڪ ٿئيٽر ڏٺو ۽ رات جو دير سان هاسٽل واپس وريا هيا. جتي فهد پنهنجي هٿ سان ٺاهيل مرغي ۽ ڊبل روٽي رکي، هنن جو انتظار ڪري رهيو هو.
    زوزانا، جو ننڍي هوندي کان هڪ دوست هيو، جنهن سان هُن جو مڱڻو به ٿيل هو، پر هوءَ جڏهن يونيورسٽي پهتي ته سندس دوستي فهد سان ٿي، جيڪو کيس ڏاڍو سٺو لڳو، پر هو ٻئي سٺا دوست رهيا ۽ زوزانا جي شادي پنهنجي دوست سان ٿي وئي. فهد سندن فيميلي فرينڊ رهيو.
    ڏاڪڻيون چڙهي فهد ڊور بيل وڄائي ۽ در کلڻ سان سامهون زوزانا پنهن جي پوري حسن ۽ قرب سان آڏو بيٺي هئي. حيرانيءَ مان ٻنهي کي ڏٺائين کن پل لاءِ ڄڻ ساهه کڻڻ وسري ويو هجيس. سامت ۾ اچڻ کانپوءِ هن کين ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو. سندس گھر جي سجاوٽ هن جي آرٽسٽ هجڻ جو ثبوت هئي. هن گھڻيون ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ گھڻي قدر فهد جي بي رخيءَ جون شڪايتون هيون. زوزانا، رهڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو، پر جڏهن کيس ٻڌايو ته پارٽي ۽ انکان پوءِ جلدي واپس وڃڻو آهي. تڏهن به هن ضد ڪيو ته واپسي ۾ ضرورو اچن. هن آيان کي چيو:
    ”توکي ڏيکارڻ لاءِ هڪڙي جڳهه آهي جتي تنهنجو وڃڻ ضروري آهي“.
    ”پوءِ ته ڪوشش ضرور ڪبي، پر هڪڙو واعدو تون به ڪر“. آيان کيس چيو.
    ”ڪهڙو؟“.
    ”ته اسان کي وقت تي واپس ورڻ ڏيندينءَ ۽ رات رهڻ لاءِ نه چوندينءَ“.
    زوزانا مرڪندي چيو: ”اصل مقصد ته اهو هو پر جيئن توهانجي مرضي“.
    واپسيءَ ۾ جڏهن هو زوزانا وٽ آيا هيا، هوءَ ۽ سندس مڙس کين ان ننڍي شهر جي ڀرسان هڪ ميوزيم ۾ وٺي ويا، جيڪا اوپن ميوزيم هئي ۽ ان ۾ هڪ پراڻي ڳوٺ کي محفوظ ڪيو ويو هو. اهي ئي گھر، ان گھر ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ سندن پوشاڪون ۽ رهڻي ڪهڻي بلڪل پراڻي زماني جي. دڪان به اهڙا، ڪٿي سٽ پيو ڪتجي ته ڪٿي اُن، ته ڪٿي وري آڏاڻو پيو هلي. ڪٿي وري پوڙهيون عورتون آر ۽ ڀرت ڀري رهين هيون. آيان کي تمام گھڻو مزو آيو.
    هن زوزانا کي داد ڏيندي چيو:
    ” واقعي به هي جڳهه ڏسڻ جهڙي آهي، مون کي ته ڏاڍو مزو آيو، ڀلا هي جيڪا پراڻي ثقافتي ڊريس آهي، ان جو ڪو خاص نالو آهي؟“.
    ”ها، ان کي ”ڪروئي“ سڏيندا آهن“.
    ”ڇوڪريون ته ان ۾ ڏاڍيون خوبصورت ٿيون لڳن“.
    فهد وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ته سڀني هن کي حيرت مان ڏٺو ته ان ۾ کل جوڳي ڪهڙي ڳالهه آهي. جنهن تي فهد چيو:
    ”آيان! هونئن ته تون چوندو آهين ته ڇوڪري، ڪپڙن کان بغير ئي سٺي لڳندي آهي توکي“.
    آيان، جي منهن تي ڦڪي مرڪ ڦهلجي وئي ۽ هاڻي ٻيا سڀ کلڻ لڳا.
    زوزانا پنهن جي ٺاهيل هڪ تصوير آيان کي گفٽ ڪئي، جيڪا هڪ گلاس پينٽگ هئي، جنهن ۾ ڇوڪريءَ جي اندر جي ڪيفيتن جو اظهار ٿيل هيو.


    7

    برٿ ڊي پارٽيءَ ۾ آيان جا ڪافي پراڻا دوست مليا. پارٽي هاسٽل جي ڀرسان واري ٻيلي ۾ رکي وئي هئي. وڏي مچ جي چوڌاري ويهي ميوزڪ سان گڏ دوستن سان ڪچهريون به هلي رهيون هيون ۽ سئو ليٽر واري بيئر جي ڊرم کي خالي به ڪري رهيا هيا. ڪجھه دوست موج ۾ اچي ڇوڪرين سان ڊانس به ڪري رهيا هيا. جڏهن انيا به اتي آئي ته آيان کي ۽ هُن کي حيرت انگيز خوشي ٿي ڇو جو اهو ٻنهي لاءِ سرپرائيز هيو. هن آيان کي ٻڌايو ته هوءَ انڊيا وئي هئي پر هاڻي وري هوءَ واپس چيڪ ريپبلڪ ۾ آئي آهي، ڪنهن فرم ۾ ڪم ڪري ٿي.
    انيا سان آيان جي پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هوءَ ڪوشيتسي(Kosice) مان پنهنجو ٻوليءَ وارو اسڪول ختم ڪري براتيسلاوا(Bratislava) ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ پڙهڻ آئي هئي. انيا وڏين اکين واري خوبصورت ۽ سلڇڻي ڇوڪري هئي. آيان جي هن سان گھڻي هم آهنگي هئي، هن کي ڌيئرن جهڙو پيار ڏيندو هيو. هڪ ڀيري راکيءَ واري موقعي تي اداس هئي، آيان هن ڏانهن پنهن جي ٻانهن وڌائيندي چيو:
    ”مان تنهنجو پيءِ به آهيان ته ڀاءُ به“.
    ان رات آيان راکيءَ سان گڏ گھر کي ياد ڪندي انيا جا سُڏڪا به ٻڌا هيا.
    ڪوشيتسي ۾ پڙهڻ دوران ئي هن جو راجستان جي مهيندر سان پيار ٿي ويو هيو. مهيندر به سلجھيل ڇوڪرو هيو. هو دوستن سان محبت ڪرڻ وارو ۽ پنهن جي پڙهائيءَ سان ڪافي سنجيده هيو. هن هڪ ڀيري ڪچهريءَ دوران آيان کي چيو هيو:
    ”اسان وچولي طبقي جا آهيون، انڪري اسان جي لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ اها به انڪري وٺون ٿا جو اسان کي نوڪري ملي“.
    ”ها، گھڻو ڪري ماڻهو ان ڪري پڙهن ٿا“. آيان کيس چيو.
    ”منهنجي دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ عجيب خوف پيدا ٿيندو آهي ته مان شايد تعليم پوري نه ڪري سگھان“.
    ”نه، نه اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، تون محنت ڪرين ٿو ۽ تنهنجا گريڊ به سٺا آهن“ آيان سندس همت وڌائيندي چيو.
    ”پر الائي ڇو هڪ خوف آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري مان ڊگري نه وٺي سگھيس، ته وري واپس وڃي ڪڏهن به راجستان جي ريت تي ويهي راڳ نه ٻڌندس. دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندس“.
    ٻين شاگردن جيان انيا به ڪڏهن ڪڏهن پارٽ ٽائيم جاب ڪندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ هڪ انڊين واپاريءَ وٽ ڪم ڪندي هئي. اهو ڀارتي واپاري اتي پڙهندڙ ٻين هندوستاني شاگردن سان به اٿندو ويهندو هو. ان ڪري مهيندر به هن وٽ ايندو ويندو هو.
    هڪ ڏينهن خبر پئي ته ان واپاريءَ کي ڪو چاقو هڻي، مرڻينگ ڪري ويو آهي. جلدئي خبر پئي ته هنن اهو الزام مهيندر تي هنيو آهي ۽ پوليس وٽ به رپورٽ ڪرائي هئي.
    پر آيان ۽ هُن جي ٻين دوستن کي يقين نه پئي آيو. ڇو جو مهيندر ڪڏهن به جذباتي نه ٿيندو هو، هو ته هر وقت مسڪرائيندو رهندو هو.
    اها خبر به پئي ته پوليس مهيندر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻڻ لڳي هئي، جنهن ڪري هن هاسٽل تي رهڻ ڇڏي ڏنو ۽ روپوش ٿي ويو. پر ان هوندي به هو ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل تي انيا کي فون ڪندو هو.
    ان دوران هن آيان کي به فون ڪئي ۽ پنهنجو ڏوهه مڃيندي کيس ٻڌايو:
    ”ها مون اهو قدم کنيو آهي، پر پوليس کي هٿ ڏيڻ کان اڳ توهان سان ملڻ چاهيان ٿو. مون انيا کي به چيو آهي، پر خبر ناهي هوءَ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي هلي. هن جو اهو چوڻ آهي ته آءَ پهريائين پوليس کي هٿ ڏيان، پوءِ اتي اچي ملاقات ڪندي. توهان کيس سمجھايو“.
    ”ها. مان کيس سمجھايان ٿو، جتي به تون چوندين اتي اينداسين“.
    ”ٺيڪ آهي آيان جي ! آءٌ ڪو مناسب شهر يا ڳوٺ ڏسي، پوءِ فون ڪري ڏينهن ۽ وقت ٻڌائيندس“.
    ”ٺيڪ آهي، فڪر نه ڪر“.
    ”مهرباني“.
    جيستائين مهيندر جي ٻي فون اچي ته ان وچ ۾ خبر هُلي ته مهيندر ريل هيٺان اچي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو آهي. ان خبر جي صداقت لاءِ هُن جا دوست ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ان وچ ۾ پوليس جي به فون آئي ته هو انيا کي لاش ڏيکاري تصديق / شناخت ڪرڻ چاهي ٿي. انيا کي مهيندر جي وفات جي خبر ٻڌائڻ جي ڊيوٽي آيان تي رکي وئي. آيان انيا کي ساڻ وٺي کيس هاسٽل جي ڀرسان واري ٻيلي ۾ گھمائڻ وٺي ويو. هِتان هُتان جون خبرون چارون ڪرڻ کانپوءِ آيان انيا کي چيو :
    ” هڪ خبر آهي“.
    انيا هڪدم ڇرڪ ڀري چيو :
    ”مهيندر ڏي ته خير آهي نه؟“.
    ”نه ساڻس هڪ حادثو پيش آيو آهي“.
    ”جيئرو ته آهي؟“.
    آيان جي ذهن ۾ هڪدم ”ها“ ۽ ”نه“ جا ڪيئي بم ڪريا. آيان جڏهن ڏٺو ته هاڻي ”ها“ به ”نه“ بڻجي ويندي. هُن کيس بغير جواب ڏيڻ جي ڀاڪر پاتو ۽ ٻئي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا.
    گھڻي وقت کان پوءِ انيا چيو :
    ”آءُ سندس منهن ڏسڻ چاهيان ٿي ۽ اوهان به مون سان هلندئو“.
    آيان کيس ها ڪئي. هو ٻئي بي مقصد رستن تي رلندا رهيا. هاسٽل تي پهتا ته پوليس جو نياپو آيل هيو ته انيا اچي لاش جي سڃاڻپ ڪري. هو ٻئي رات جو ٽرين ذريعي ڪوشيتسي لاءِ روانا ٿيا.
    اتي پهتا ته مهيندر جي بنگالي دوست، آيان کي پاسي تي وٺي وڃي چيو:
    “انيا کي لاش نه ڏيکاريو وڃي ته بهتر..... ڇو جو ڏاڍي بُري حالت ۾ آهي. اسان دوستن جي ئي حالت خراب ٿي وئي هئي“.
    آيان، انيا کي چيو ته هو پاڻ وٽ مهيندر جو مرڪندڙ چهرو رکي ته بهتر، جنهن به ان ڳالهه کي مڃيو.
    هو جڏهن پوليس اسٽيشن ويا ته آفيسر انيا کي چيو:
    ”لاش جي سڃاڻپ ته ٿي چڪي آهي، باقي جي اوهان لاش ڏسڻ چاهيو ته اوهان جي مرضي“.
    جنهن تي هُنن ٻنهي انڪار ڪيو.
    پوليس مهيندر جي باري ۾ انيا کان معلومات ورتي. ان کان پوءِ پوليس انيا کي ٻه هنديءُ ۾ لکيل خط ڏنا. پوليس ان جو ترجمو پاڻ وٽ رڪارڊ ۾ پئي رکڻ چاهيو. هڪ خط مهيندر پنهنجي ماءُ کي لکيو هيو ۽ ٻيو هن انيا لاءِ لکيو هو، جيڪو هوءَ ترجمو ڪندي پڙهندي پئي وئي:
    “...تون چوندي هئينءَ نه ته منهنجيون اکيون نه چمندو ڪر ڇو جو اکيون چمڻ وارا پري هليا ويندا آهن. سو مان به توکان اڄ پري وڃي رهيو آهيان. تون مڃين يا نه پر مان ان ٺڳ واپاريءَ کي ان ڪري ماريو، جو هو پيئڻ کان پوءِ تنهنجي لاءِ گاريون ڪڍي رهيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن تون هن سان هڪ رات گذارين ته هيءَ دنيا هن لاءِ سرڳ بڻجي ويندي. پهريائين ته مون کيس گھڻو سمجھايو پر هو ويتر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ منهنجو راجستاني خون بي قابو ٿي ويو ۽ ڪچن مان ڇري کڻي کيس ماريو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هو ڪمينو بچي ويو.
    ...مان هي وڏو قدم ان ڪري کڻي رهيو آهيان جو هتان جي حڪومت مون کي سزا ڏيڻ کان پوءِ پڙهڻ ۽ ڊگري وٺڻ کان بغير گھر واپس موڪلي ڇڏيندي ۽ مان نٿو چاهيان ته منهنجا ماءُ پيءُ اهو صدمو سهن. ڇاڪاڻ جو اهو صدمو ۽ طعنو سڄي عمر سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو. پر منهنجو موت کين ڪجھه وقت روئاريندو ۽ پوءِ بس. ها مان توکي پنهنجي نالي جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪيان ٿو. خوش گذارجانءِ ۽ مون کي وسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ..... پر توکي هڪ وينتي ٿو ڪيان ته جنهن سان به دوستي رکين کيس پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون چمڻ نه ڏجانءِ. ڇو جو اکين چمڻ وارا واقعي به پري هليا ويندا آهن ۽ ڏاڍو پري ...“.

    ******

    برنو مان آيان ۽ عائده جون فون تي ڳالهيون ٿينديون رهيون. عائده جي کيس اها ئي التجا ته هو جلدي واپس زهرادڪي اچي. جڏهن آيان زهرادڪي پهتو، ته عائده ساڻس چنبڙي پئي ۽ نيڻن مان نير وهائيندي چيائين:
    ”الائي ڇو توکان بغير سڀ ڪجھه ٻُسو ٻُسو هيو. ويڪ اينڊ تي ڊسڪو به وياسين پر آءُ رڳو ميڻ بتيءَ جي لاٽ کي ڏسندي رهيس. حالانڪ سڀني مون سان ڊانس ڪرڻ پئي چاهي پر منهنجي دل ايئن ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿي“.
    عائده ٽشوءَ سان نڪ صاف ڪندي ۽ ماڻو ڪندي چيو:
    ”پر توکي ته منهنجي پرواهه ئي ناهي. I hate you“
    ايئن چئي عائده پنهنجيون کڙيون مٿي ڪري، آيان کي ڪس ڪئي ۽ آيان جي مظبوط ٻانهن ۾ هنجو ڪومل بدن لڇڻ لڳو.
    ان شام جو عائده گروپ جي سڀني ميمبرن کي پنهنجي طرفان دعوت ڏني. اتان کان واپسيءَ ۾ عائده ڪمري بجاءِ ٻاهر اڱڻ ۾ ويهڻ پسند ڪيو. هو ٻئي ليپا جي وڻ هيٺيان وڪٽورين بينچ تي ويٺا. عائده، آيان جي هنج ۾ ڪنڌ رکي ليٽي پئي ۽ هن جا هٿ سندس وار سنواريندا رهيا. عائده چيو:
    ”تون منهنجي ضرورت بڻجي ويو آهين. ڪنهن به شخص سان ايترو جلدي ويجھو نه ٿيندي آهيان. مون ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته آءُ ايئن محسوس ڪنديس“.
    عائده ڀڻڪندي رهي:
    “Honey I love you, Baby I love You”

    عائده وري ليٽيندي چيو:
    “آءُ هتي اچڻ کان اڳ، ڏاڍي اداس هيس. مان ته هتي اچڻ به نه پئي چاهيو. منهنجو دوست مون کي ڌوڪو ڏئي ڌار ٿي ويو هو. پر امان بابا مون کي زوريءَ موڪليو ته جيئن منهنجي دل وندري پئي. پر تون مون کي هتي نئين زندگي ڏني آهي“.
    آيان، کيس ڳراٽڙي پاتي. عائده ٿورو چڙندي چيو:
    ”تون ڇو نه ٿو ڳالهائين؟ سدائين آءُ ڳالهائيندي رهندي آهيان؟ تون به ڪجھه ٻڌاءِ“.
    ”مان توکي محسوس ڪري رهيو آهيان“.
    ”پر، تڏهن به ڪجھه ته پنهن جي باري ۾ ٻڌاءِ“.
    آيان هُن کي چيو:
    ”جيڪو تون پڇين اهو ٻڌايانءِ“.
    عائده پنهنجي منهن تي مُرڪ آڻيندي چيو:
    ”چڱو تون مون کي پنهنجي هتان رهڻ واري زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ. اهو ٻڌاءِ ته توکي هتي سڀ کان گھڻي ڪهڙي شي وڻندي هئي؟“
    ”سچ پڇين ته سڀ کان گھڻو هتان جون ڇوڪريون ۽ بيئر وڻندو آهي“.
    عائده آيان جي نڪ کي پڪڙيندي چيو:
    ”مون کي تو مان اها ئي اميد هئي، تو مان ڪا ٻي اميد رکڻ ئي اجائي آهي. هاڻي به ته دوڏا ڦاڙي هنن کي ڏسندو آهين“.
    ”نه يار! تنهن جي هوندي نظر پري وڃي ئي نه ٿي“.
    ”چڱو ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڇوڪري توکي گھڻو وڻندي هئي؟“.
    ”هتي منهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ ڇوڪريون آيون ۽ هر ڪنهن جي پنهنجي خوشبو هئي“.
    ”اهڙي ڪا جيڪا توکي حاصل نه ٿي هجي“.
    ”ها“.
    آيان جو ذهن ماضيءَ ڏانهن موٽي ويو.
    ”هوءَ اسان جي هاسٽل ۾ رهندي هئي. سندس بيضوي چهرو، سنهو نڪ، گلاب جي پتين جهڙا چپ، سونهري ڊگھا ۽ گھنڊيدار وڏا وار، جيڪي سدائين هن جي چيلهه تي جھومندا رهندا هيا ۽ وڏيون خوبصورت پر اداس اکيون. هن جي سونهن ۽ سوڀيا ڏسي ڄڻ لوڪ ڪهاڻين جي ڪا شهزادي تصور ۾ ايندي هئي ۽ هن جي اداس اکين ڪري مون کي لڳندو هيو ته هوءَ ڪا شهزادي آهي، جنهن کي ڪنهن ديو وٽ قيد ڪيو ويو هجي. هن کي ڏسندو ئي رهندو هيس. هن جي آڏو مان گونگو ٿي ويندو هيس ۽ ڪڏهن به اظهار ڪري نه سگھيس. اظهار ته پوءِ جي ڳالهه آهي، کيس ڪافيءَ جي دعوت به نه ڏئي سگھيس. هوءَ جڏهن به لنگھندي هئي مون ڏي ڏسي مرڪندي ويندي هئي“.
    ”اهڙو لڄارو لڳين ته نه ٿو؟“.
    عائده وچ ۾ ٽوڪيندي چيو، پر آيان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
    ”صرف هڪ ڀيرو هن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو. لاطيني آمريڪا جي شاگردن طرفان شام ملهائي وئي هئي اتي. هت اهو رواج آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن جون تنظيمون پنهنجا ڏهاڙا ملهائينديون آهن. ان شام ۾ هوءَ ڪاري بلائوز ۽ ڪاري اسڪرٽ ۾ آئي هئي. سندس سونهري وار ڪاري بيڪ گرائونڊ ۾ وڌيڪ سهڻا لڳي رهيا هيا. مون سميت هوءَ گھڻن نگاهن جو مرڪز هئي. جڏهن سلو ڊانس جو وارو آيو ته مون پنهنجي پوري همت سان کيس ڊانس ڪرڻ لاءِ هٿ اڳيان وڌايو، هوءَ مرڪي هڪ شاهاڻي انداز سان اٿي، مون سان گڏ ڊانس ڪرڻ لڳي. جيئن توکي خبر آهي ته سلو ڊانس ۾ ماڻهو سرٻاٽين ۾ ڳالهه ڪري سگھي ٿو، مون سندس حسن جي تعريف ڪندي کيس ٻڌايو ته مان هن کي ڪيترو چاهيان ٿو. هوءَ مرڪي ۽ وراڻيائين ته هُن منهنجين اکين مان پنهنجي لاءِ پسنديدگي پرکي ورتي هئي. هن اهو به ٻڌايو ته هن جي ايندڙ مهيني شادي ٿيڻ واري آهي. اها هڪڙي ڇوڪري هئي جنهن سان چاهيندي به محبت جو اظهار نه ڪري سگھيس ۽ حاصل نه ڪري سگھيس“.
    ”چڱو ٿيو، توکي به ته خبر پئي ته ڪنهن جي پيار ۾ تڙپڻ ڪيڏو نه اذيتناڪ آهي!“.
    آيان مُرڪي عائده ڏانهن ڏٺو. جيڪا اڃان تائين سواليه نظرن سان ڏسي رهي هئي.
    ”هڪ ٻي ڇوڪري هوندي هئي، نه ايئن چئجي ڇوڪري نه پر عورت هوندي هئي.هتي يا ائين چئجي ته دنيا ۾ اها مصيبت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت پنهنجي جوانيءَ واري عمر ۾ شادي نه ڪئي، ان جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي، ته پوءِ هوءَ اڪيلي رهجي وڃي ٿي. مرد کي پوءِ به ٿورا گھڻا موقعا ملندا. اها سائيڪاٽرسٽ به يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ پنهنجي ڪيريئر ٺاهڻ جي چڪر ۾ گم هئي. پوءِ وري کانئس اهي موقعا گم ٿي ويا. هوءَ ملي به اتفاق سان هئي. اصل ۾ ٻوليءَ واري اسڪول جي ڀرسان هڪ گھر هوندو هو، هڪ ڏينهن جڏهن مان اتان ٻاهر نڪتس ته پنجيتاليهه، پنجاهه جي وچ واري عمر جو هڪ سلوواڪ مليو، سندس ملڻ جلڻ ڏاڍو سيبائتو هو. ان کيس چيو ته مان سندس مدد ڪيان. مون کانئس پڇيو ڪهڙي مدد ته هن تفصيل سان ٻڌايو ته ڪنهن دوست کيس ٻاهرين ملڪ مان پيسا موڪلڻ جو چيو آهي، جو کيس رنگين ٽي وي وٺڻي آهي پر هو ٻاهرين ڪرنسي وارو اڪائونٽ کولي نه ٿو سگھي، جي مان سندس مدد ڪيان ته هو منهنجي اڪائونٽ ۾ پيسا گھرائي. مون به کيس ها ڪئي. ڪجھه ڏينهن ۾ هن جا پيسا آيا، جيڪي مون کيس بينڪ مان ڪڍائي ڏنا. ان کان پوءِ وري هو مونکي پنهنجي گھر ماني کائڻ جي دعوت ڏيڻ آيو، مون گھڻو لنوايو پر هن جي زور ڀرڻ تي مون پنهنجو راضپو ڏيکاريو. ان مانيءَ واري دعوت ۾ سندس گھر واري، ننڍي ڌيءُ جنهن پيانو تي خوبصورت ڌنون ٻڌايون هيون ۽ اها سائڪاٽرسٽ ملي هئي. جيڪا سندس گھر واريءَ جي سهيلي هئي. ان کان پوءِ منهنجو ملڻ جلڻ هن سان شروع ٿي ويو. هوءَ سٺي سائڪاٽرسٽ هئي. سڄو ڏينهن مريضن کي خوش گذارڻ جا ڀاشڻ ڏئي، رات جو منهن جي سيني جي وارن سان کيڏندي، پنهنجي تنهائي ۽ زندگيءَ جي بي مقصد هجڻ تي روئيندي هئي.
    مان توکي صرف انهن ڇوڪرين جي باري ۾ ٻڌايان ٿو جن سان غير رواجي راهه هئي. هڪڙي تانيا ڏاڍي سٺي، سهڻي ۽ ذهين ڇوڪري هئي، هوءَ ميوزڪ جي اسٽوڊنٽ هئي. هن جي ڪنسرٽ ۾ جڏهن ويندو هيس ته هوءَ مون ڏانهن تڪيندي بانسريءَ تي سُر ڇيڙيندي هئي. اسين راتين جون راتيون ٽيبل ٽينس کيڏندا هياسين، ڪنسرٽس تي ويندا هياسين. مون کي مغربي موسيقيءَ جي باري ۾ ڄاڻ هُن ڏني ته اوپيرا ڳائڻ واري جي خاص ڳالهه ڪهڙي آهي؟، موزارٽ ۽ بيٿوين جي موسيقيءَ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟.
    شاگرد هجڻ ڪري هن وٽ پئسا گھٽ هوندا هيا، هڪڙي ڀيري منهنجي برٿ ڊي تي هوءَ لڄي لڄي ٿيندي مون وٽ آئي ۽ مبارڪ ڏيندي وراڻيائين ته کيس گفٽ جي لاءِ پئسا ڪونه هيا ۽ هن منهنجي هٿ ۾ گفٽ پيپر ۾ ويڙهيل هڪ نارنگي گفٽ ۾ ڏني. مون کي هن جي سادگيءَ تي ڏاڍو پيار آيو. هوءَ مون کي ڏاڍو پيار ڏيندي هئي. هن جي خواهش مون سان شادي ڪرڻ جي هئي جيڪا مون نه پئي ڪرڻ چاهي تنهن ڪري مون کان ڌار ٿي وئي“.
    ”شادي نه ڪرڻ جو سبب؟“.
    ”هڪ ته عمر ۾ مون کان ننڍي هئي، تو کان به ننڍي، ٻيو ته مان شادي ڪري يورپ ۾ رهڻ نه پئي چاهيو ۽ هن کي پاڻ وٽ وٺي وڃي ڊسٽرب نه پئي ڪرڻ چاهيو. بهر حال هڪ ڀيري مان ڏاڍو ڊسٽرب ٿيو هيس، اسان جي فيڪلٽيءَ جي پروفيسر پنهنجي خاتي، (”خاتو“، سلوڪ ۾ ان ڪاٽيج کي سڏيندا آهن، جيڪو هنن جي ٻهراڙيءَ واري باغ ۾ هوندو آهي). ۾ اسان جي دعوت ڪئي، مون سان گڏ منهنجو پروفيسر ۽ ٻيا ڪجھه پي ايڇ ڊي جا شاگر د به هيا. اسان جڏهن کائي پي موجن ۾ آياسين ته پروفيسر جو پٽ به اتي پنهنجي فيمليءَ سان آيو ۽ منهنجي آڏو تانيا آئي، هن پروفيسر جي پٽ سان شادي ڪئي هئي، اها رات اتي رهڻ منهنجي لاءِ عذاب واري هئي، هن جي اکين ۾ ڏاڍا ڏوراپا هيا“.
    عائده خاموشيءَ سان آيان کي ٻڌندي رهي، ٿوري جھٽ کان پوءِ هُن وري پڇيو :
    ”هاڻي ايتري عرصي گذرڻ کان پوءِ تون ڇا ٿو سمجھين تو غلط فيصلو ته نه ڪيو، توکي هن سان شادي ڪري وٺي وڃڻ کپي ها؟!“.
    ”نه مان اڄ تائين سمجھان ٿو يوروپين جو اتي رهڻ ڏکيو آهي“.
    عائده مرڪندي چيو:
    ”ان جو مطلب آهي ته مان به اميد نه رکان“.
    آيان کيس ڏٺو ۽ عائده وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو:
    ”پريشان نه ٿي، مون ته مذاق پئي ڪئي“.
    آيان پنهنجين ڳالهين کي اتي روڪي ڇڏيو.


    8

    زهرادڪيءَ ۾ گروپ کي آخري ڊنر ڏني وئي، باقي فائينل ليڪچر ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب لاءِ کين پراگ وڃڻو هيو. ڊنر جي موقعي تي چيڪ فوڪ ميوزڪ جي ٽولي کي به گھرايو ويو هيو. آيان جيئن ئي هال ۾ داخل ٿيو ته مختلف ٽيبلن تان دوست کيس سڏڻ لڳا، هو سڀني کي هٿ لوڏيندو، عائده جي آڏو پهتو. هُن سان مرڪي پنهنجو هٿ ملائي، سندس هٿ کي ڪِس ڪري اکين تي رکيو.
    هال ۾ شينڊلر (Chandler) روشن هيو ۽ ٽيبلن تي ميڻ بتيون ٻريل هيون.
    گروپ پولڪا وڄائي رهيو هيو. آيان، آمريڪن پروفيسر جي گھر واريءَ کي ڊانس جي دعوت ڏني، هنن ٻنهي جي ڊانس ختم ٿيڻ تي سڀني تاڙيون وڄائي کين داد ڏنو. جڏهن سلو ميوزڪ جو وارو آيو ته رومانيا جي ديلا آيان وٽ آئي، هو ٻئي ڊانس ڪرڻ لڳا. هن پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي رکيو ۽ عائده پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪاوڙ مان ڪٽون کائيندي رهي. عائده، زدراوڪو سان ڊانس ڪرڻ لڳي ۽ هنن جي ڀرسان پهچي عائده، زدراوڪو جو هٿ ديلا جي هٿ ۾ ڏنو ۽ پاڻَ آيان سان ڊانس ڪرڻ لڳي. هن جو گرم ساهه آيان جي سيني جي وارن کي آلو ڪندو رهيو.
    ان کان پوءِ شاگردن طرفان آيان کي پروفيسرس جو ٿورو مڃڻ جو چيو ويو. آرگنائيزرس ۽ ڪجھه ڇوڪرين سڀني ڪلاس فيلوز جا ٽائٽل رکيا، جيڪي هنن اتي ٻڌايا. هنن آيان جو ٽائيٽل هلاريس (Hillarious) يعني ”وڏن ٽهڪن ڏيڻ وارو“ رکيو هيو.
    آرڪسٽرا تانگو (Tango) وڄائڻ شروع ڪيو. ان ڊانس ۾ عورت ۽ مرد پاڻ ۾ هٿ ملائي هڪ ٻانهن کي سڌو رکندا آهن ۽ ٻيو هٿ چيلهه ۾ وجھندا آهن. ڊانس ۾ ڪافي جرڪ ايندا آهن. ٽي قدم سڌا کڻي پوءِ عورت کي ڦيري کارائي ان جي ٻنهي ٽنگن ۾ مرد پنهن جي ڄنگھه وجھي، چيلهه جي هيٺيان هٿ ڏئي هن کي ليٽائي وري هڪ جھٽڪي سان ڊانس شروع ڪندا آهن. عائده آيان سان اها ڊانس ڪرڻ چاهي، هُن کيس ٻڌايو به هُن کي اها ڊانس نه ايندي آهي پر هوءَ اسرار ڪندي رهي. آيان جي ڊانس تي سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا ۽ پوءِ سڀني ڇوڪرين اها ڊانس ساڻس ڪرڻ چاهي ڇو جو ان عمل کي به هو سندس مذاق جو حصو سمجھڻ لڳا هيا. ٽيبل تي ويهڻ کانپوءِ آيان، عائده کي چيو :
    ”اها ڊانس ڏاڍي ٽيڪنيڪل آهي، توکي ٻڌايم ته مون کي نه ايندي آهي“.
    ”مون سمجھو ته ٿوري گھڻي ته ايندي هوندءِ“.
    ”باقي آهي، ڪم واري ڊانس“ آيان مرڪندي کيس چيو:
    ”ها، ان جا گھڻا قسم آهن. پر اڄڪلهه جيڪو هلي ٿو ان ۾ پارٽنرس جون ڇاتيون مليل ٿين ٿيون ۽ اها Lead and Follow واري اصول تي هلي ٿي. اصل ته ليٽن امريڪا جي آهي پر پوءِ يورپ ۾ به آئي. شروع ۾ ان کي شرفاء جي ڊانس نه سمجھيو ويندو هو“.
    ”سچ ۾ به ايتري ويجھڙائي ۽ جيڪي ايڪٽ ۽ جرڪس اچن ٿا، اهي ته ڏاڍا ڪم وارا آهن“. آيان اک ڀڃندي، عائده کي چيو.
    عائده کلندي کيس چيو:
    “انڪري ته تو سان اها ڊانس پئي ڪرڻ چاهيم“.
    ”جي، پر اچي ها ته ٻه ٽي رائونڊ ضرور ڊانس ڪيون ها، ڊانس جي ڊانس، مزي جو مزو“.
    عائده ٽهڪ ڏيندي کيس چيو:
    ”اڃان لاطيني امريڪا واري لمبادا ڊانس نه ڪئي اٿي“.
    ”ها، هڪ ڀيرو ڪئي هئي. ارجنٽينا جي هڪ سهڻي ڇوڪري اسان جي ٻوليءَ واري اسڪول ۾ هوندي هئي. اتي ڪا پارٽي ٿي، ته سڀ ڊانس ڪرڻ لڳا. مان نئون نئون آيو هيس، مون کي ڪا به ڊانس نه ايندي هئي، باقي هٿ کڻي پنهنجي ملڪ جي ڊانس ايندي هئي. جنهن ۾ ڪا گھڻي مهارت نه هئي. اسان وٽ ناچ ته گروپ ۾ هوندي به اڪيلو اڪيلو ٿيندي آهي. هتي ته سڀ ناچ جوڙي جوڙي جي شڪل ۾ آهن. سو مان ان پارٽيءَ ۾ خاموش ويهي ٻين کي نچندي ڏسي رهيو هيس ته اها ڇوڪري مون وٽ آئي. نچڻ لاءِ دعوت ڏنائين. مون کيس ٻڌايو به ته مون کي نچڻ نه ايندو آهي. جنهن تي هن چيو ته هوءَ مون کي سيکاريندي، ايتري ۾ ميوزڪ به تبديل ٿي وئي. هوءَ مونکي ڊانسنگ فلور تي وٺي آئي ۽ ٻڌايائين ته ان ميوزڪ تي لمبادا ڊانس ٿيندي. پوءِ هن مونکي ويجھو ڪري، نهائين نهائينءَ سان ملائي، پولهه لوڏڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي پيرن کي چوريندي به رهي. منهنجي ته حالت خراب ٿي وئي“.
    عائده زور زور سان کلندي رهي. آيان چيو:
    ”مون کي والز وڌيڪ وڻندي آهي، رومينٽڪ به آهي ته شانائتي به“.
    صبح جو چئين وڳي محفل پوري ٿي. هو ٻئي واپس ڪمري تي آيا. پراگ جي لاءِ بس منجھند جو هئي. عائده چيو ته اڄ آخري رات سمهي نه گذاربي ۽ هنن هڪ ٻئي کي سمهڻ ئي نه ڏنو. صبح جو سج نڪرڻ سان ئي هو ٻئي سائيڪلون کڻي ڍنڍ تي هليا ويا.
    عائده چيو:
    ”خبر ٿي مان هتي ڇو پئي اچڻ چاهيو؟“.
    ”ان لاءِ جو هن کان وڌيڪ رومينٽڪ جڳهه هتي ٻي ڪا ناهي“. آيان چيو:
    ”ها ايئن به آهي، پر تو کي ياد آهي ته جڏهن اسان جي رسڻ کان پوءِ وري دوستي ٿي هئي ته هتي آيا هياسين ۽ منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ پيار پيدا ٿي پيو هيو. اڄ جڏهن هتان هلون ٿا ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هن ملڪ مان به هليا وينداسين، ته مان چاهيان پئي ته هن منظر ۽ هن ماڳ کي پنهنجي من اندر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان“.
    عائده کڙيون کڻي آيان کي پيار ڪيو ۽ صبح جي ٿڌڙي هير هنن ٻنهي جي بدنن کي ڇهندي، پاڻي تي لهرون پيدا ڪندي رهي. عائده جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هيا.


    ******


    پراگ ۾ هنن کي هاسٽل ڏني وئي. آيان ۽ عائده جو ڪمرو هڪٻئي سان گڏ هيو. آيان اڪيلو ڪمرو ورتو هيو ۽ عائده جي پارٽنر پولينڊ جي جوانا هئي. ان شام جو ۽ باقي ڏينهن هنن ٻنهي پراگ جي رومينٽڪ شهر ۾ گھمندي گذاريا.
    پراڻي شهر جي هڪ سوڙهي گھٽيءَ جي فرشبندي ٿيل رستي تي گھمندي جڏهن عائده ۽ آيان هڪ ڪاٺ جي خوبصورت دروازي جي اُڪر (Carving) کي ساراهي رهيا هيا. هنن ٻنهي جي ڄڻ عادت ٿي پئي هئي ته ڪو خوبصورت مننظر هجي يا ڪا خوبصورت جڳهه، يا ڪو ماڳ، هو هڪٻئي کي ڪس ڪندا هيا. ڇو جو عائده چيو هيو ته ان نموني انهن منظرن کي ياد رکڻ لاءِ، انهن لمحن کي امر ڪري رهيا هيا. هو ٻئي اتي جڏهن هڪٻئي کي چهٽيا پيا هيا ته زهرادڪيءَ ۾ ليڪچر ڏيندڙ امريڪن پروفيسر، پنهنجي زال سان گڏ اتان گذريو ۽ ان پيار واري حالت ۾ هنن ٻنهي کي ڏسي حيران ٿيو. پوءِ ان جوڙي کين ڀرسان واري Vinaren ۾ وائين پيئڻ جي دعوت ڏني. اها بار به هڪ پراڻي بلڊنگ ۾ ٺهيل هئي. اندر جي ڊيڪوريشن ڏاڍي خوبصورت هئي. هو سڀ هڪ ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺا، پروفيسر وائين جي بوتل جو آرڊر ڏنو. جڏهن بيرو وائين جي بوتل کڻي آيو ۽ رسم مطابق هڪ جام ۾ ٿورو وائين وجھي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پروفيسر کي ڏنو، ته هن انڪار ڪندي آيان کي ڏنو ۽ چيو :
    ”توهان اسان جا مهمان آهيو، توهان پسند ڪيو“.
    آيان عائده کي ڏنو، جنهن ڍڪ ڀري پنهنجي وات ۾ ٿورو گھمايو ۽ ڪنڌ لوڏي پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. پروفيسر ان وائين جو آرڊر ڏنو. عائده، باقي بچيل وائين جو ڍڪ آيان کي ڏنو ته پروفيسر مرڪي پيو ۽ چيائين:
    “It must be sweet ”
    “Yes sir, more than sweet”
    سڀ مرڪي پيا هيا. پروفيسر چيو:
    ”اوهان کي گڏ ڏسي حيرت سان گڏ خوشي به ٿي“.
    هن وري ڳالهه جاري رکندي چيو :
    ”ايترن ڏينهن ۾ اوهان اهڙو ڪو به اشارو clue نه ڏنو جنهن مان خبر پئي ته اوهان جي وچ ۾ اهڙو رشتو آهي“.
    هو ٻئي مرڪندا رهيا. پروفيسر جي گھر واريءَ چيو:
    ”پر ان ڏينهن توهان کي پارٽيءَ ۾ ڊانس ڪندي ۽ توهان ٻنهي جو مذاق ڪرڻ ۽ ٻين کي اڪموڊيٽ ڪرڻ ۽ عزت ڏيڻ واري رويي کي ڏسي، مون وليم (پروفيسر) کي چيو هيو ته ڪيڏو نه سٺو جوڙو آهي ۽ اڄ توهان کي ڏسي خوشي ٿي“.
    عائده ۽ آيان سندن مهرباني مڃي. پروفيسرکين ٻڌايو ته هنن کي به ان ڪورس ۾ اچڻ جو ڏاڍو مزو آيو. پراگ جي خوبصورتيءَ جي به تعريف ڪري رهيا هيا.
    اتي ڪجھه دير ترسڻ کان پوءِ هنن کانئن موڪلايو ته پروفيسر کين ڊنر ڪرڻ لاءِ چيو، پر هنن سندن مهرباني مڃيندي اجازت ورتي. پروفيسر ۽ سندس گھرواري اتي ئي ويٺا رهيا.
    آيان ۽ عائده، هنن کان موڪلائي ، هڪٻئي جي ساهن جي سرهاڻ وٺندا ولتاوا تي ٺهيل چارلس برج تي آيا. هو چارلس برج تي ٺهيل هر هڪ بت جي آرٽ ۽ تاريخ مان محظوظ ٿيندا اڳتي وڌندا ويا. هڪ هنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسٽريٽ ڊارمو ڪري رهيا هيا، جيڪو انسان جي اڪيلائي ۽ ڪيفيتن کي ظاهر ڪري رهيوهو. جيڪو تحفو انسان کي، اڄ جي دور جي تيزيءَ ۽ حالتن ڏنو آهي. سڀني پنهنجو ڪردار ڏاڍو سهڻي نموني ادا ڪيو هو. اڳتي هلي هو سينٽ جان آف نيپومڪ جي مجسمي جي آڏو بيٺا، هنن کي ڪجھه دير انتظار ڪرڻو پيو. ان مجسمي تي سدائين رش هوندي هئي. ڇو جو مجسمي جي ڀر ۾ پٿرن مان ٺهيل پل جي ڪٽهڙي تي هڪ نشان ٺهيل آهي جنهن تي ستارا ٺهيل آهن ۽ مشهور آهي ته جيڪو به ان نشان تي هٿ رکي دعا گھرندو ته اها اگھامبي. سينٽ جان آف نيپومڪ کي ان وقت جي بادشاهه ان هنڌ سزا طور ولتاوا نديءَ ۾ اڇلائي مارايو هو. ڪي چون ٿا ته هن جي گھر واري پادريءَ کي چاهيندي هئي ته ڪي وري چون ٿا ته اهو بادشاهه ڪٽر مذهبي خيالن جو نه هو. تنهنڪري هن جي چوڻ تي خصوصي عبادت ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو. ٻيو بادشاهه اهو به چاهيو پئي ته سندس راڻي، پادريءَ وٽ جيڪا ڪنفيشن(عيسائي پادريءَ کي پنهنجا ڏوهه ٻڌائيندا آهن) ڪئي هئي اها به هن کي ٻڌائي، پر پادريءَ کيس ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن تي ڪاوڙجي هن ڪو ڪوڙو الزام هڻي سزا ڏياري ، پادريءَ کي ٻڌي ان هنڌ تان ولتاوا نديءَ ۾ اڇلرايو هو.
    هاڻي اتي ماڻهو، خاص طور تي نوان جوڙا پنهنجو هٿ ان هنڌ تي رکي دعا گھرندا آهن. عائده ۽ هن به اتي هٿ رکي دعا گھري.
    هو ٻئي ڄڻا پوءِ پراڻي پل تي آيا. آيان، عائده کي پل جي پاسي ۾ وٺي ويو، جتي وڻن جا جھڳٽا هيا ۽ پل جي سڪل درن هيٺيان وڃڻ لڳا ته عائده پڇيو:
    ”ڪيڏانهن ٿا هلون؟“.
    آيان کيس چيو:
    ”اچ ته توکي هڪ نئين دنيا گھمايان“.
    ٿورو اڳتي هليا ته پوري يورپ مان آيل نوجوانن جا ٽولا نظر آيا ۽ خاص ڪري اهي جيڪي بوهيمين اسٽائيل ۾ زندگي گذاريندا آهن. ڪي هپي اسٽائيل ،ته ڪي وري پنڪ، ڪي آرٽسٽ، هرڪو پنهنجي دنيا ۾ مگن، هنن به هڪ اسٽال تان بيئر جا گلاس ورتا ۽ مختلف هنڌن تي ٽولن جي صورت ۾ ويٺل جوانن ۽ جوانڙين جا گٽار تي گيت ٻڌندا اڳتي ويا، ته هڪ وڏو پڌر آيو، جتي اسٽيج لڳل هئي ۽ اهو ئي ٿئيٽر ڏسڻ لاءِ آيان هُن کي وٺي آيو. اهو بليڪ ٿئيٽر هو جيڪو چيڪ جي مشهور ٿيئٽرس مان آهي. هن ٿئيٽر ۾ اداڪارن کي لائيٽ جي ذريعي ڏيکاريو ويندو آهي. گھڻيون شيون ان نموني ڏيکاريون وينديون آهين ته لائيٽ پويان آهي ۽ سنهي پردي جي پويان اداڪاري ڪندا آهن ۽ انهن جو عڪس ان پردي تي پوندو آهي. ان کان علاوه، هنن جي جسمن تي اهڙي قسم جا رنگ لڳل هيا جيڪي لائيٽ رفليڪٽ ڪندا آهن. عائده به انجواءِ ڪيو، خاص ڪري اتان جي ماحول کي، جنهن ۾ ڪا به بناوٽ نه هئي.
    پوءِ هنن اها رات اتي ئي گذاري. هو به انهن يورپين جوڙن جيان هڪ گٽار وڄائيندڙ ۽ ڳائندڙ ٽولي جو حصو ٿي ويا، عائده پنهنجو مٿو، آيان جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو.


    9

    سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب، چارلس يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ رکي وئي هئي، جيڪا پراگ جي اولڊ ٽائون ۾ هئي، لائبريريءَ جي بلڊنگ گاٿڪ آرڪيٽيڪچر جي هئي، تمام خوبصورت عمارت هئي. اندر به تمام سٺي هئي. يونيورسٽيءَ جي ريڪٽر، سڀني ۾ سرٽيفيڪٽ ورهايا. چيڪ ڇوڪري ليونا ۽ آيان کي بهترين پريزنٽيشن تي هڪ ٻيو سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو.
    سرٽيفڪيٽن ورهائڻ کان پوءِ هڪ پُرتڪلف پارٽي، لائبريريءَ جو انتظام Celler (تهه خاني) ۾ ڪيو ويو هو. پارٽيءَ ۾ کائڻ ۽ پيئڻ جون ڪافي ويرائٽيون رکيل هيون. کاڌن جي پريزنٽيشن به سٺي هئي. آيان، ڳاڙهي وائين جي جام کي چپن سان لاتو ته لڳو ڄڻ هُو عائده کي اندر ۾ اوتي رهيو هو. عائده ان ڏينهن ڳاڙهو بلائوزر ۽ لانگ اسڪرٽ پائي آئي هئي. هرڪو ننڍن ننڍن گروپن جي صورت ۾ ڪچهري ڪري رهيو هو. پروفيسر توماش به عائده سميت ٻين ڇوڪرين جي ٽولي سان ڪچهري ڪري رهيو هو. چارلس يونيورسٽي جي ريڪٽر جي سيڪريٽري، پنهنجو وائين کڻي اچي آيان سان ڳالهائڻ لڳي. ڇو جو سڀني مهمانن مان رڳو آيان کي ئي چيڪ سمجھه ۾ پئي آئي ۽ هن کي وري انگريزي نه پئي آئي. هنن ٻنهي، ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ ڏنا ته عائده جي اکين ۾ حسد ظاهر ٿيو ۽ هوءَ اتان هنن ٻنهي وٽ آئي ۽ عائده، سيڪريٽريءَ کي چيو ته کيس پروفيسر سڏي رهيو آهي. هوءَ جيئن ئي وئي ته عائده، آيان کي ڌمڪي ڏيندي چيو:
    ”اهي پنهنجا اڇا ڏند سنڀالي رک ته هڪ ڌڪ سان ڪڍي نه ڏيانءِ هٿ ۾. ڇا ڏٺو ٿي ان کوڳ ڏائڻ ۾؟“.
    آيان هن جي ڪاوڙ کي انجواءِ ڪندي چيو:
    “She is not old, she is only in 30’s”
    عائده، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي هئي.
    “It is o.k, take care of yourself honey”.
    آيان، کيس هٿ کان پڪڙيندي چيو.
    عائده به پُرسڪون ٿي وئي ۽ چيائين:
    “I am sorry, I think I was jealous”
    “You were not only jealous, but horrible too”
    اهو ٻڌي، هوءَ پيلو راڳ واري سرگم ۾ کلي پئي هئي.

    ******


    شام جو هنن جو گروپ، U fleka پب ۾ گڏ ٿيو هو. آيان هنن کي ٻڌايو ته هي پب وڏو آهي، هن جا ٻه ٽي هال آهن، ۽ ان کان علاوه آڳر ۾ ليپا جي وڻ هيٺان ٻه بينچون رکيل آهن. پب کي پراڻي اسٽائيل ۾ ئي رکيو ويو آهي. چوندا آهن ته هن پب ۾ نپولين به بيئر پيتو هو. ان گروپ به ٻن وڏين بينچن تي قبضو ڪيو هو. ويٽر، گول ٿالهه ۾ بيئر جا ڀريل گلاس سرو ڪندو رهيو. رومانيا واريون ڇوڪريون اداس هيون، ڇو جو اڄ رات هنن جي واپسي جي ٽرين هئي. ڊائنا ۽ ديلا جي اکين ۾ رکي رکي ڳوڙها پئي آيا.
    ييٽي ۽ دميتري، لطيفا ٻڌائي رهيا هيا. پر ڪنهن کي به هنن جي لطيفن ۾ مزو نه پئي آيو. شايد جدائيءَ جي ڪري. ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ عائده هڪ رٿ ڏني ته هر ڪو ڄڻو سچائيءَ سان پنهنجا تاثرات ٻڌائي ته هت اچڻ کان اڳ، هت رهڻ دوران ۽ هاڻي وڃڻ وقت سندس احساس ۽ تاثُرَ ڪهڙا آهن. سڀني کيس چيو ته پهرين هوءَ شروعات ڪري، پر هوءَ نٽائي وئي ته هوءَ آخر ۾ ٻڌائيندي. ڪو ٻيو به رضاڪارانا طور تيار نه ٿيو. نيٺ سڀني جي صلاح اها بيٺي ته بيئر جي خالي بوتل ليٽائي ان کي ڦيرايون ٿا، جنهن جي سامهون ان جو منهن اچي اهو ٻڌائي. سڀني کي اها ڳالهه پسند آئي. بوتل ڦيرائڻ جو ذمو زدرواڪو کي ڏنو ويو، هن بوتل ڦيرائي ته اتفاق سان پهريون ئي هن جي طرف اشارو آيو، سڀئي کلڻ لڳا. زدراوڪو، بيئر جو ڍڪ ڀريندي چيو:
    ”مان هڪ قسم جو لابالي شخص آهيان. مان اسپورٽس مين آهيان. اسڪنگ ڪندو آهيان ۽ سيکاريندو آهيان. انڪري گروپن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن جبلن تي برف ۾ ٻه ٽي هفتا رهڻو پوندو آهي، جنهنڪري منهنجي لاءِ ڪنهن گروپ ۾ رهڻ ڪو نئون تجربو نه هو، پر پڙهائيءَ جي ڪري ايترو وقت رهڻ منهنجي لاءِ نئين ڳالهه هئي ۽ چيڪ ريپبلڪ ۾ اچڻ به پهريون ڀيرو آهي. پر سچي ڳالهه اها آهي ته جي مونکي هي گروپ نه ملي ها، ته ڪڏهوڪو مان هتان هليو ويو هجان ها، ڇاڪاڻ جو اسان جي پاڻ ۾ چرچي گھٻي ۽ گھمڻ ڦرڻ جي ڪري جيڪا هم خيالي ٿي، ان مونکي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو. ها مان هڪ معافي به وٺندس ته ان ڏينهن جڏهن پوري ڪلاس سميت ڊسڪو تي ويا هياسي ته مان گھڻو پي ويو هيس، ان ڪري شايد مان سڀني ڇوڪرين کي پاڻ سان نچڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هيس“.
    ان وچ ۾ ديلا ڳالهايو:
    ” “رڳو اها ڳالهه هجي ته به خير پر تون ته ان وقت سڀ ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار هئين، دوستو مطلب سڀ سمجھو ٿا نه“. سڀني ٽهڪ ڏنا.
    آيان کين چيو:
    ”خير ان ڏينهن مان ان ڊسڪو ۾ نه هيس، برنو ويو هيس، پر جڏهن ويچارو معافي وٺي ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي نه“.
    سڀني تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ييٽي، هن کان پڇيو: ”ڏي خبر ڀلا ڪا ڇوڪري وڻيئي؟“.
    سڀ کلي ويٺا.
    هن پنهنجي ساڄي هٿ کي کولي اڳيان ڪري ڄڻ قسم کڻندي چيو:
    ”مان قسم کڻان ٿو ته جنهن ڇوڪريءَ کي مون قريب پئي آڻڻ چاهيو، ان مونکي لفٽ ئي نه ڏني. پر گلاب جي پنهنجي خوشبو آهي“.
    ان تي سڀني روزيءَ ڏانهن ڏٺو جنهن جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا هيا ۽ مرڪي رهي هئي.
    دميتري چيو، زدرواڪو شروعات ڪئي آهي، هاڻي سڀني کي اهي نقطا ٻڌائڻا پوندا.
    بوتل کي ڦيراٽي ڏني وئي، هن ڀيري بوتل ديلا وٽ آئي.
    ”مونکي اچڻ ۾ ڪو عار نه ٿيو، جو اسان ٽي ڄڻيون هڪ ئي يونيورسٽيءَ جون..... ها ٽي نه پر چار، عائده ڀلي البانيا جي هجي، پر پڙهي ته بخارسٽ ۾ اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ ٿي نه. سو اهو مسئلو منهنجي لاءِ نه هو. ٻيو وري هتي ڪمپني به سٺِي ملي وئي. باقي جي هالينڊ وارو پروفيسر نه هجي ها ته وڌيڪ سٺو“.
    ان تي ييٽيءَ هن کان پڇيو:
    ”اهو ڀلا ڇو؟“.
    ”هڪ ته هو پڙهائي به سٺو نه پيو ٻيو ته تنگ به گھڻو پيو ڪري“.
    سڀني رڙ ڪئي:
    ”ڪيئن پيو تنگ ڪري؟“.
    ”بس سمجھي وڃو نه“. ديلا کلندي چيو ته سڀ کلي ويٺا.
    ”ڀلا، ڇوڪرن مان؟“ روزيءَ پڇيو.
    ”پاڻ ڏسو ڇوڪرا ٿيا ڇهه، جن مان هڪ نور هادي انڊونِيشيا جو، جيڪو ٿو رڳو واڳن جي ڳالهه ڪري، ته اهي انڊونِيشيا ۾ روڊن تي نڪري ايندا آهن“.
    سڀ کلڻ لڳا.
    ”ٻيو ٿيو اسان جو چائنيز ، جنهن کي لڳي ٿو ته ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه ٿي اچي. لطيفو ٻڌايونس ٿا ته اسان جي منهن ڏي ٿو ڏسي ته ان ۾ کل جي ڪهڙي ڳالهه آهي، باقي رهيا چار جيڪي هتي موجود آهن. هاڻي انهن جو مان نالو کڻي ڳالهه نه ڪنديس، پر ائين ٻڌائينديس. خير توهان پاڻ سمجھي ويندئو“.
    سڀني کيس زور ڀريو پر هن چيو ته:
    ”نه نالا نه ٻڌائينديس جي ائين ڪندئو ته ڪجھه به نه ٻڌائينديس“. سڀني کيس چيو جيئن سندس مرضي. پر ٻڌاءِ ضرور.
    ”هڪ ته ٿيو ڪمپيوٽر ۽ انگلش گانن حوالي، هن کي لڳي پيو ته ڪنهن ٻي سان دلچسپي هئي ئي ڪونه، باقي رهيو اهو جنهن کي رڳو لطيفا ٻڌائڻ جو شوق ته انگلش نه اچڻ ڪري هو نڪري ويو لائين مان، هونئن به هن هم زبان ڳولهي لڌي. باقي رهيا ٻه جوان. ٻئي شڪاري“ .
    ديلا جي جي ائين چوڻ تي سڀ کلڻ لڳا. هڪٻئي سان تاڙا ملائڻ لڳا. زدراوڪو ۽ آيان ڦڪي کل کلي رهيا هيا.
    ”انهن مان به وري هڪ تمام گھڻي ڪشادي دل وارو، ڏسي هڪڙيءَ کي، ڪافي ڪنهن ٻيءَ سان پيئي، ڪلاس ۾ مرڪي ڪنهن ٽئينءَ کي ڏسي، ته وري چور نگاهن سان چوٿينءَ کي ڏسي. سڀ خوش، اڃان سڀ خوش آهن انهن مان. آءُ به هڪ آهيان. پر لڳي ٿو ته جوان ڪنهن چنبي ۾ اچي ويو آهي، پر منهنجي دعا آهي ته ايئن نه هجي، گھٽ ۾ گھٽ دل ته خوش رهندي“.
    سڀني تاڙيون وڄائي ديلا کي داد ڏنو، ڪجھه گھڙيون ته رڳو ٽهڪڙا هجن، تاڙا هجن.
    سڀني وري هڪ ڀيرو گلاس مٿي ڪري ”نازردراويئي“ چيو.
    بوتل ڦرڻ لڳي، هن ڀيري دميتريءَ جو وارو آيو ته هن کلندي ييٽيءَ کي ڏٺو، جيڪو سندس ڳالهه کي ترجمي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ته ان وقت سڀني هوڪرا لڳايا:
    ”لانگ لِو مولدووا، نيخ جيي مولدووا، مولدووا زندهه باد“.
    دميتري کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو:
    ”چڱو هڪ ڳالهه ته اوهان کي خبر پئجي وئي، باقي مون کي اچڻ کان اڳ اهو ئي مسئلو درپيش هو ته ڪورس انگريزيءَ ۾ آهي، منهنجو ڇا ٿيندو؟... ڳالهه سمجھه ۾ اچي ته پئي پر سمجھائڻ ڏکيو هو. پر ييٽيءَ جي مهرباني. شڪر اهو آهي جو رشين مادري زبان آهي ۽ مولدوويا وارن کي به رشين ايندي آهي نه ته ييٽي اتي الائي ڪهڙو ترجمو ڪري ها...پر..“.
    ائين چئي دميتري روئڻ لڳو، سڀ حيران ٿي ويا ته هن هر وقت کلندڙ شخص کي ڇا ٿيو؟! ......
    ”مان توهان سڀني کي مس ڪندس. لو يو آل“.
    هن کي دوست پرچائڻ لڳا، ماحول سنجيده ٿي ويو .ان وقت پب جو هڪ فنڪار وائلن وڄائيندو، هنن جي بينچ جي ڀرسان آيو، جنهن ڪا اداس ڌُن ڇيڙي ان ڪري سڄو گروپ وڏيڪ اداس ٿي ويو. پر، دميتريءَ اکيون اگھندي کيس پولڪا وڄائڻ لاءِ چيو ۽ سڀئي اٿي ڊانس ڪرڻ لڳا. ٻيا ويٺل مهمان به تاڙيون وڄائڻ لڳا. جيئن ئي ڊانس ختم ٿي سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائي هنن کي داد ڏنو ويو. انڪري ماحول ڪجھه ٺيڪ ٿي ويو.
    سڀ ڳالهين ۾ لڳي ويا ته ديلا رڙ ڪئي ته:
    ”اها نا انصافي آهي، ٻيا رهيل به پنهن جي ڳالهه ٻڌائن“.
    بوتل ڦرڻ لڳي، رخ ڊائنا ڏي آيو. هن پنهنجي سونهري فريم واري چشمي کي صاف ڪندي چيو:
    ”مان پروفيشنل ڊيموگرافر ٿيڻ چاهيان ٿي. انڪري منهنجي هن پروگرام ۾ سنجيدگي به هئي، اهو توهان پاڻ به ڏٺو هوندو. مونکي اسان وارو گروپ پسند آيو انڪري ان کي چونڊيو، ڇو جو هن ڳوٺاڻي ماحول ۾ پڙهائي ۽ پوءِ وري ساڳيا ڪمرن ۾ بند هجون، اها ڳالهه مون کي مزو نه پئي ڏي، ها پهرين ڏينهنً ۾ ڍنڍ تي ويندي، سائيڪل تان ڪرڻ جي ڪري ٻانهن ۾ ڌڪ لڳو، جنهن ڪري ڪجھه گڙ ٻڙ ٿي ، پر سهيلين جي ساٿ ۽ آيان جي همدردي ۽ انڊين بام سان مساج ڪرڻ ڪري اها تڪليف جلد ئي ختم ٿي وئي“.
    ان تي سڀني وڏي آواز سان چيو: ”اوووووه، وائو“.
    زدرواڪي کلندي چيو: ”اها اسان کي خبر ئي نه هئي ته ٽريڊيشنل مساج ڄاڻيندڙ اسان ۾ موجود آهي، نه ته مون کي به مُري ۾ ڌڪ لڳو هو، مان به سندس خدمتون حاصل ڪيان ها“ .
    ان تي ڊائنا ئي چيو” نه هن مون کي ٻڌايو هو ته هو اها خدمت رڳو ڇوڪرين کي ڏيندو آهي“. سڀئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
    ”مان پنهنجي ڳالهه کي اهو چئي ختم ڪنديس ته مون وڏي غلطي ڪئي آهي، شروع ۾ جن نظرن ۾ منهنجي لاءِ پيار هوندو هو، مون ان کي محسوس ڪندي به لنوائي ڇڏيو ۽ اهو ڪنهن ٻي جي جھوليءَ ۾ اچي ويو...مان اهو ڏک سڄي زندگي محسوس ڪنديس ۽ اهو به سِکيو اٿم ته هڪ پل، هڪ گھڙي فيصلي واري هوندي آهي، نه ته پوءِ ماڻهو ان فيصلي، ان موقعي جي تاڙ ۾ زندگي آسري ۾ گذاري ڇڏي ٿو“. ڊائنا پنهنجو چشمو لاهي ڳوڙها اگھيا.
    بوتل وري پنهنجو سفر شروع ڪيو، هن ڀيري ان جو رخ عائده ڏانهن هو. هن چيو:
    ”مان سڄو سچ نه ڳالهائي سگھنديس، ڇو جو ايئن ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ کي اگھاڙو ڪري ڇڏينديس، جيڪو منهنجا دوست به نه چاهيندا. آءُ هتي اچڻ لاءِ بنهه راضي نه هيس، پر منهنجي والدين مون کي هتي موڪليو ته متان هتي مان مصروف ٿي پنهنجي ان ڏک کي وساري سگھان. جنهنڪري مان خودڪشي ڪرڻ واري هيس. شروع ۾ هي ڳوٺ، هيءَ رهائش مون کي ڊپريسنگ لڳي، مان چاهيان پئي هُل هنگامو هجي، جنهن ۾ مان گم ٿي وڃان پر هت اهڙو ڪجھه به نه هو. هونئن به رومانيا ۾ بخارسٽ جهڙي شهر ۾ رهان، ته وري البانيا جي گاديءَ واري هنڌتيرانا ۾، اهي مصروف شهر آهن، پر هتي سڃ، مون لاءِ اهي ڏينهن گھارڻ ڏکيا هيا. پر ڀلو ٿئي آرگنائزرن، جو جن پهرين ڏينهنً ۾ ئي بار بي ڪيو پارٽي رکي، اتي سڀني سان ملاقات ٿي. جيئن ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڌار ٿيڻ وارا آهيون ، مان اوهان کي ٻڌايان ٿي ته اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ ۾ اهم ڏينهن آهي جو ان ڏينهن جي ڪري مون کي هڪ اهم دوست مليو، جنهن منهنجي زندگيءَ جي معنى ئي بدلائي ڇڏي، ان کي توهان ٻي معنى ۾ نه وٺجو. هو دوست آهي، محبوب نه . اها اجازت هوءَ مونکي نه ٿو ڏي ۽ مان به اڃان پڪ نه ٿي ڪري سگھان.
    پر اهو يقين رکو ته هڪ مئل ڇوڪري هتي آئي هئي، ۽ هڪ نئون اتساهه ۽ جيئڻ جي سگھه هتان کڻي واپس وڃي رهي آهي. مان ديلا ۽ ڊائنا کان معافي ٿي وٺان جو مان هنن جو حق چورايو، مونکي خوشي آهي ته آيان منهنجو دوست آهي“.
    هن آيان کي پيار ڪيو.
    بوتل ڦري، ييٽيءَ جو وارو آيو.
    ”ڏسو مان توهان سڀني ۾ ننڍو آهيان، منهنجي دنيا ڪمپيوٽر آهي، ميوزڪ آهي، مان ان دنيا ۾ رهندو آهيان. ها گيم به کيڏندو آهيان ڪمپيوٽر تي، پر اهو توهان کي ٻڌايان ته هتان، سوچن ۾ بالغ ٿي گھر پيو وڃان. اهو سڀ ڪجھه اوهان جي ڪري ٿيو“.
    بوتل ڦري، آيان جو وارو آيو.
    ”مونکي جيڪو ڳالهائڻو هو، اهو عائده چئي وئي، ديلا چئي وئي ۽ ڊائنا چئي وئي. اهو سڀ توهان ٻڌي چڪا آهيو. مان هتي آيو هيس رڳو ان ڪري ته هڪ ڀيرو ان ملڪ ۾ وڃان جتان مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. منهنجي سپروائيزر اهو بندوبست ڪيو. پر هتي منهنجي دنيا ئي تبديل ٿي وئي. مون کي لڳي ٿو ته هي مختصر عرصو منهنجي پوري عمر تي محيط رهندو. مان توهان سڀني سان پيار ڪيان ٿو، اوهان جي ڪمي محسوس ٿيندي“.
    ”معنى توهان مڃو ٿا ته جيڪو به ڊائنا چيو، عائده چيو يا ديلا چيو اهو سڀ سچ آهي....“. ديتلينا چيو.
    ”ها. بلڪل سئو سيڪڙو سچ آهي“. آيان مرڪندي کيس جواب ڏنو.
    بوتل نه ڦري، ڇو جو رڳو ديتلينا رهجي وئي هئي. هن چيو:
    ”توهان ڏٺو هوندو ته مان پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي آهيان، بس توهان سان مزو آيو انڪري ته گڏ رهياسين. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان کي اهميت نه ٿي ڏيان. هي عرصو منهنجي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت باب آهي. خير وڌيڪ خوبصورت ٿي پئي سگھيو؟“. ايئن چئي خاموش ٿي وئي.
    عائده کانئنس پڇيو: ”ڪيئن وڌيڪ خوبصورت ٿئي ها؟“
    ”جي ڪجھه ڇوڪرا وڌيڪ هجن ها ته اسان کي به چانس ملي پئي ها...“. ايئن چئي ديتلينا کلڻ لڳي.
    سڀني وري هڪ ڀيرو گلاس مٿي ڪري ”نازردراويئي“ چيو.
    جيئن ته رومانيا جي ڇوڪرين جي ٽرين جو ٽائيم ٿيڻ وارو هو ۽ کين اڃان ڪمرن تان سامان به کڻڻو هو. انڪري انهن کي اٿڻو پيو. موڪلائڻ وقت ڊائنا، عائده کي ساري ڪندي، آيان کي ڪس ڪندي چنبڙي پئي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي هلي وئي. آيان کي اک ۾ ڊائنا جي چشمي جي ڪنڊ لڳي وئي جنهنڪري سندس اکين مان پاڻي وهڻ لڳو ته عائده سميت ٻيا کيس چيڙائڻ لڳا ته ڊائنا جي ڪري روئي ٿو. هن کلندي وضاحت ڪئي پر هو ته مستيءَ ۾ هئا، ڪٿي ٿا هن جي ڳالهه مڃن.
    ڪجھه وقت ويهڻ کان پوءِ ٻيا به سڀ اتان نڪتا. هرڪو پنهن جي پروگرام سان نڪري ويو.
    عائده ۽ آيان، پنڌ ئي پنڌ نڪتا، گھٽين جي فرشبندي هن جي هِيل جي آواز هيٺ هئي. عائده، آيان جي هپ پاڪيٽ ۾ هٿ وجھي هلي رهي هئي. رستي تي لاطيني آمريڪا جو گروپ ميوزڪ وڄائي رهيو هو. خاص ڪري هنن جو مخصوص ساز زمپونا وڌيڪ مزو ڏئي رهيو هو. سندن رکيل ٽوپلي ۾ هنن ڪجھه ڪرائون رکيا ۽ ويهي هنن جي ميوزڪ ٻڌڻ لڳا. هڪ ڄڻي پنهنجي بيئر جي بوتل هنن کي ڏني جيڪا عائده ۽ آيان واري واري سان پيئندا رهيا. ان گروپ پنهنجو اڳلو گانو هنن ٻنهي جي نالي ڪيو. هُن ٻنهي جي ذهنن ۾ به ڪئين ڌنون ڇڙي پيون هيون. هو ٻئي اتان اٿي واتسلاو اسڪوئر طرف وڌڻ لڳا. رستي تي بيٺل خوبصورت وئشائون سيڪسي لباس ۾ “Do you want business?” جا هوڪا ڏيڻ لڳيون. هڪ ڪيبن تان هُنن، هاٽ ڊاگ ۽ بيئر ورتو. رستي تي هڪ اٽالين گروپ ڳائي رهيو هو. ظاهر آهي ته ايتري ڊرنڪ هجڻ کان پوءِ سريلو ٿيڻ ناممڪن هو، پر مزو ڏنائون پئي. عائده آيان جي ڪلهي تي ڪنڌ ڍرڪائيندي چيو : “Honey, I want to walk with you forever”
    ” چاهيان ته آءُ به اهو ٿو پر ممڪن ناهي“ .
    ”ڇو؟“.
    ”هڪ ته تون يورپين ۽ مان ايشين. تون اتي رهي نه سگھندينءَ ۽ مان هتي رهڻ نه ٿو چاهيان. هتي رهڻو هجي ها ته هتان وڃان ئي نه ها“.
    ”پر تون پاڻ ٻڌايو ته ايريڪا جي جڏهن ماءُ جي وفات ٿي هئي ته تون هن کي فون تي چيو هو ته ڀلي تو وٽ اچي رهي!“
    ”ها، پر مونکي يقين هو ته هوءَ نه ايندي، ڇو جو هوءَ ذهني طور تي جرمنيءَ کي پسند ڪندي هئي، ڪجھه وقت ته هن کي ٻاهر رهڻ ۾ مزو ايندو هو پر وري کيس گھر جي ياد ستائيندي هئي. هو ڪڏهن به مون وٽ مستقل رهڻ نه اچي ها. مون ته ان وقت کيس ان حالتن مان ڪڍڻ پئي گھريو. هوءَ سخت ڊپريشن ۾ هئي. جي هوءَ ڪجھه وقت اچي رهي ها ته ٺيڪ ٿي وڃي ها، پر هن کي ته ڪا گھڻي تڪڙ هئي“.
    ”هون“.
    آيان جھٽ رکي وري کيس چيو:
    ”هڪ ٻي ڳالهه به آهي .... “.
    ”ڪهڙي؟“.
    ”تون مون کان ننڍي آهين. ايئن نه ٿئي ته ڪجھه سالن کان پوءِ مان آفيس وڃان ته پويان پاڙيسري در تي ٺڪ ٺڪ ڪندا رهن“.
    عائده هڪ ڀرپور ٽهڪ ڏنو.


    10

    هو ٻئي واتسلاو اسڪوائر جي گھوڙي واري مجسمي هيٺيان ويٺا، هنن جي آڏو، هيٺاهينءَ تي ڪشادو رستو هيو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان رستا ۽ فوٽ پاٿ هئا ۽ وچ ۾ پيدل گھمڻ وارن لاءِ ڪشادو رستو هو، جيڪو رنگ برنگي گلن سان سينگاريل هو. بينچن ۽ فرش تي چوڪڙين جي صورت ۾ چيڪ ۽ فارينر ويٺل هئا. عائده پنهنجي ٻانهن جو ونگ، آيان جي ٻانهن ۾ وجھندي چيو:
    I will remember this view, this time and you forever” “
    موٽ ۾ آيان کيس پيار ڪيو ۽ هُن ڏانهن بوتل وڌائي. عائده ڍڪ ڀريو ته آيان هُن کي اتان اٿاري، روڊ ڪراس ڪرائي، ميوزيم جون ڏاڪڻيون چاڙهي مٿي وٺي آيو. هُن سندس اکين تي هٿ رکيا ۽ ميوزيم جي مٿاهين هنڌ تي وٺي اچي هن جون اکيون کوليون ته عائده پنهنجي آڏو ڦهليل روشنين ۽ منظر کي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ خوشيءَ مان هُن کي ڀاڪر پاتو. هو ٻئي ڄڻا اتي ڏاڪڻين تي ويهي رهيا. سندن ساڄي هٿ تي فري يورپ ريڊيو جي بلڊنگ هئي. ان ريڊيو سرمائيدار ملڪن جي مدد سان جرمني ۽ آسٽريا مان ڪميونسٽن خلاف وڏي پروپيگنڊا ڪئي ۽ ماڻهن کي ڀڙڪايو. ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ هنن پراگ جي ان بلڊنگ ۾ پنهنجي اسٽيشن ٺاهي. سامهون هڪ عمارت جي بلڊنگ جي بالڪونيءَ ڏانهن اشارو ڪندي کيس ٻڌايو ته جڏهن مخملي انقلاب آيو هو ته ان ئي بالڪونيءَ مان بيهي سياستدان تقريرون ڪندا هئا ۽ ماڻهو هيٺ ٻيهي سندن تقريرون ٻڌندا هئا. عائده، آيان جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهي هئي، عائده چيو:
    ”مون هڪ پراڻي تصوير ڏٺي هئي، جنهن ۾ لڳي ٿو ته هي ساڳيو رستو ئي هو، جتان روسي ٽينڪن جي آڏو ماڻهو ماڻهو بيهي رهيا هئا“.
    ”جي بالڪل ساڳي ئي رستو هو. پراگ اسپرنگ دوران، وارسا پيڪٽ واريون فوجون جڏهن هتي داخل ٿيون هيون ته ماڻهن احتجاج ڪيو هو ۽ هن ئي هنڌ تي اچي ٽينڪن جي آڏو بيهي رهيا هئا. مزي جي ڳالهه ٻڌايانءِ ته جڏهن روسي فوجون داخل ٿيو ن هيون ته هتان جي ماڻهن رستن تي لڳل مائيل اسٽونس تان سڀڪجھه مٽائي ڇڏيو هو ۽ اتان واپسي واري رستي ڏانهن تير هڻي لکيو هو ”ماسڪو“، مطلب ته ماسڪو واپس وڃو، اڳتي توهان لاءِ ڪو رستو ناهي“.
    آيان ٿوري دير رکي وري عائده کي چيو:
    ”پر تون ته اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻيندي هوندينءَ، ڇو جو توهان جو ملڪ به ذري گھٽ اهڙين حالتن مان گذريو آهي“.
    “ها پر اسان ته سويت يونين جا وڌيڪ ڳيجھو هياسين، اسان جا حڪمران گھڻو ڪري اتان ملندڙ حڪمن جي پابندي ڪندا هئا. پر ڇڏ انهن ڳالهين کي هن وقت، هن ماحول ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪبيون آهن ڇا؟“.
    هن آيان کي ڳراٽڙي پاتي.
    هو رات جو گھڻي دير تائين اتي رهيا. واپسيءَ ۾ اليڪٽرڪ ٽرام ۾ چڙهيا، ته عائده کيس سيٽ تي ويهاري هن جي ڪڇ ۾ ويهي رهي ۽ ٻنهي ڄڻن چپن ئي چپن ۾، گھڻيون ڳالهيون ڪيون.

    ******

    ان رات عائده گھڻي اداس هئي، هن آيان کي ڀيڪوڙي ڇڏيو هو. سنگل بيڊ وڌيڪ سوڙهو ٿي ويو هو.
    آيان کي الائي ڪهڙي وقت ننڊ اچي وئي. کيس جڏهن ڪجھه وقت کان پوءِ سجاڳي ٿي ته هن ڏٺو ته عائده سندس ڀر ۾ ڪو نه هئي. هُن ڏٺو ته عائده بالڪونيءَ ۾ بيهي سگريٽ ڇڪي رهي هئي ۽ روئي رهي هئي. هو اٿي وڃي عائده وٽ بيٺو. عائده آيان کي ڳراٽڙي پائيندي چيو:
    ”مون کي پاڻ کان ڌار نه ڪر. مان مري وينديس“.
    ”چري آهين ڇا؟ اهو ڇا ٿي ڪرين؟“.
    “ اهو سوچي ئي منهنجي دل ٻڏي ٿي وڃي ته تون مون کي ڌار ٿو ڪرين“.
    ”ڌار مان ته نه ٿو ڪيان، پر اسان کي ٿيڻو آهي“.
    ”مان فلائيٽ ٽائيم ڪيئن گذارينديس، رستي ۾ ئي نه مري وڃان“.
    ”ڏس نه اهو ته صاف ظاهر آهي ته اسان کي ڌار ٿيڻو آهي، پوءِ چاهي اڄ ٿيون يا سڀاڻي، ٻيو، وري ملي سگھون ٿا، اڄڪلهه ته ڪميونيڪيشن ايڏي تيز آهي ۽ رابطا به رکي سگھون ٿا“.
    ”جيئڻ جي سگھه ڏئي، وري آڪسيجن ماسڪ هٽائي ٿو ڇڏين ..... “.
    ”نه مون توکي ٻڌايو هو ته تون منهنجي لاءِ هر وقت اهڙي ئي رهندينءَ، اسان جي لاءِ جسماني ملڻ کان وڌيڪ، ذهني ملڻ اهم آهي. پيار هوندو آهي ته پوءِ فاصلا اهميت ناهين رکندا “.
    ”پر، منهنجي زندگي ۽ روزمرهه جي معاملن مان تون ٻاهر هجين، مان اهو سوچي ئي نه ٿي سگھان“.
    ”ٺيڪ آهي، هاڻي هلي سمهه، وري سڀاڻي ڳالهائينداسين“. عائده هن جي سيني تي چهرو رکي چيو:
    ”ڀلا هڪڙو ڪم ته ڪر نه ..... “.
    ”ڪهڙو؟“.
    ”مان توسان ڪجھه ڏينهن وڌيڪ گھارڻ چاهيان ٿي“.
    ”پوءِ ڪيئن ڪيون؟“.
    ”مان، پنهنجي فلائيٽ پوئتي ٿي ڪرايان، توسان گڏ ڪجھه ڏينهن وڌيڪ گهارينديس“.
    ”پر، مونکي ته پرينهنءَ سلوواڪيا وڃڻو آهي!“.
    ”پوءِ مان به هلنديس،. ڪو اعتراض؟“.
    ”نه اعتراض ته ڪونهي“.
    ”مون کي الائي ڇو خوف آهي ته تون هتان وڃڻ کان پوءِ منهنجي حصار مان نڪري ويندين، ان لاءِ جيترو ٿي سگھي ته گڏ گھاري وٺون“.
    ”مون چيو نه ته ٺيڪ آهي“.
    عائده مرڪي آيان کي ڪس ڪئي. ان وقت پرهه ڦٽي رهي هئي ۽ هن جو چهرو به ان جو حصو لڳي رهيو هو.

    ******

    صبح جو هو سڀ کان پهرين ٽرڪش ايئر لائن جي آفيس آيا، جتي عائده پنهنجي فلائيٽ تبديل ڪرائي. ان کان پوءِ هُو اولڊ ٽائون اسڪوائر ويا، جتي هنن يان هُس جي مجسمي جي ڀرسان فهد سان ملڻ جو ٽائيم رکيو هو. ان چونڪ تي آيان کي هميشه مزو ايندو هو. اتي جون عمارتون مختلف آرڪيٽيڪچر جا شاهڪار نمونا هونديون هيون، هو پنڌ ئي پنڌ ان هنڌ تي پهتا، فهد جي اچڻ ۾ اڃان پندرهن منٽن جو وقت هو. ان اسڪوائر جي وچ تي ٺهيل هڪ وڏي بت جي ڪاري رنگ کي ڏسي، عائده، آيان کان ان جي باري ۾ پڇيو ته آيان کيس ٻڌايو:
    ”هي يان هُس آهي. پادري هو، پر هن ان وقت جي چرچ جي معاملن ۾ سڌارا پئي ڪرڻ چاهيا، جنهن تي هميشه جيان، مذهبي ڪٽر ماڻهو ۽ حڪومت سندس مخالف ٿي بيٺا، ۽ هن کي زندهه جلايو ويو، انڪري هن مجسمي جو رنگ به هنن دونهاٽيل رکيو آهي“ .
    هو ٻئي، ڪيفي ملينا ۾ آيا، جيڪو ڪافڪا جي محبوبا جي نالي سان ٺهيل آهي، ان ڪيفي ۾ گھڻو ڪري آرٽسٽ يا آرٽ پسند ماڻهو ايندا آهن تنهن ڪري آيان کي اتي ويهڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف آرٽ ڌارائن يا لکڻين تي بحث ڇڙي پوندو هو ته آيان به ان ۾ بهرو وٺندو هو. انڪري فهد ۽ هو ان ڪيفي جو چڪر ضرور لڳائيندا هئا. جيئن نپولين واري پب او فلائيڪا يا وري شويڪ وارو پب .
    آيان، عائده کي چيو: ”تون هي ڪيفي به ڏٺي ۽ سامهون وارو گھر به ڏٺو ۽ ان ٻاهران ڪافڪا جو لڳل بسٽ به ڏٺو، باقي توکي هن جو ٻيو گھر جيڪو زلاتي اوليتسا يعني سونهري گھٽيءَ ۾ آهي، اهو ڏيکارڻ هلندس ۽ ظاهر آهي پاڻ به ڏسندس. ٻيو، ڪافڪا جي قبر به هتان گھڻي پري ناهي، جيوش ڪوارٽرس ۾ آهي. انکان علاوهه هڪ ٿئيٽر به آهي، جتي رڳو ڪافڪا جا ڊراما اسٽيج ٿيندا آهن. اهو به ضرور ڏسبو يا هيئن ڪنداسين ته هڪ ڏينهن پورو ڪافڪا جي نالي ڪري ڇڏينداسين“.
    ”ها، ضرور، مان هن جي فين آهيان، پر يار ڪڏهن ڪڏهن ايڏو ٿو ذهن تي سوار ٿئي جو لهي ئي نه ٿو جيئن هن جو هڪ ڪردار ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي ويهي ٿو ته لهي ئي نه ٿو. انڪري جڏهن ڊپريسڊ هوندي آهيان ته ڪافڪا کي نه پڙهندي آهيان، وڌيڪ مونجھارن ۾ پئجي ويندي آهيان“.
    ”ٻيا ڪهڙا پسند جا ليکڪ اٿي؟“.
    ”مون کي البانيا جا ليکڪ پسند آهن، جن ۾ اسماعيل ڪادري، فتوس ڪنگولي، يا دريتوري انگولي آهن“. عائده چيو ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌايو:
    ”آءُ پڙهندي گھٽ آهيان پر ميوزڪ وڌيڪ ٻڌندي آهيان، اوپيرا ڏسندي آهيان، ٿيئٽر ڏسندي آهيان، تنهنڪري گھڻو ڪري سڀني سٺن ليکڪن جا ڊراما ڏسي چڪي آهيان.. اوپيرا ۾ مونکي ”عائده“ پسند آهي“.
    آيان کانئس حيرانيءَ مان پڇيو :
    ”عائده، اوپيرا آهي. مون ته سمجھيو ته رڳو نالو آهي ۽ نالو به ڪو عربي پيو لڳي. جيئن ان سان ملندڙ جلندڙ عابده نالو آهي. چڱو ان نالي جي هجي لکي ڏيکار“.
    عائده، پنهن جي پرس مان پين ڪڍي، ڪافي ميٽ تي لکيو: “AIDA”.
    اهو ڏسڻ سان آيان هڪدم رڙ ڪئي:
    ”ها. ها اهو ته گائوديءَ جو ڊاريڪٽ ٿيل آهي نه. پر مون ڏٺو ناهي“.
    ”ها ان جو ٿيل آهي کيس پهريون ڀيرو اهو مصر جي نئين تعمير ٿيل ٿيئٽر ۾ پيش ڪرڻو هو. پر فرينچ ۽ پرشين جنگ جي دوارن، فرانس جي محصور ٿيڻ ڪري ان زماني ۾ اهو پيش نه ٿي سگھيو، پوءِ اهو پهريون ڀيرو 1871 ۾ پيش ٿيو“.
    ”ها ان باري ۾ ٿوري گھڻي ڄاڻ آهي“.
    ”ڀلا، ڪهاڻيءَ جي خبر اٿئي؟ يا اها خبر اٿئي ته عائده ڪير آهي؟“.
    آيان نَهڪر ڪئي ته عائده ٻڌايو:
    ”اصل ۾ اها ڪهاڻي مصر جي آهي. جنهن جو هڪ مشهور سپهه سالار هوندو هو،رداميس. اهو وري هڪ جنگي قيد ٿيل ايٿوپيا جي حسين شهزادي عائده کي پسند ڪندو هو ۽ هوءَ ته کيس تمام گھڻو چاهيندي هئي، پر عائده پنهنجي اصليت ڪنهن تي به ظاهر ڪرڻ نه ڏني هئي ته هوءَ ڪا شهزادي آهي، نه ئي وري سپهه سالار کي خبر هئي.
    مصر جي بادشاهه جي ڌيءُ، ايمينرس به ان سپهه سالار کي چاهيندي هئي. بادشاهه رداميس کي ايٿوپيا جي جنگ تي به موڪليو ته جڏهن هو فاتح ٿي واپس ٿيندو ته هن جي شادي شهزاديءَ سان ڪرائي ويندي.
    شهزاديءَ کي اها پروڙ هئي ته عائده ۽ سپهه سالار هڪ ٻئي کي چاهن ٿا. پر هن کي ان ڳالهه جي پڪ نه هئي، سو هڪ ڏينهن هن عائده کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس ڪُوڙ ٻڌايو ته رداميس جنگ ۾ مري ويو آهي. جنهن تي عائده ڏاڍو رني ۽ هن سپهه سالار سان پنهنجي عشق جي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو. جنهن تي شهزادي ايمينرس سڙي وئي.
    هوڏانهن جنگ ۾ ايٿوپيا کي شڪست آئي ۽ ڪافي جنگي قيدي بڻايا ويا. جنهن ۾ عائده جو پيءُ يعني بادشاهه به هو پر هو به هڪ عام سپاهيءَ وانگر وڙهي رهيو هو. انڪري هن جي به ڪنهن کي خبر نه هئي ته هو بادشاهه آهي. جڏهن اها خبر عائده کي پئي ته هن پنهنجي پيءُ کي بچائڻ پئي چاهيو.
    فتح جي جشن وقت، بادشاهه ريمفس، سپهه سالار کي چيو ته اڄ هو جيڪو به گھرندو، اهو کيس ڏنو ويندو. ان تي هن، بادشاهه کي عرض ڪيو ته ايٿوپيا جي جنگي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، بادشاهه سندس اها ڳالهه ٻڌي.
    سپهه سالار، ۽ شهزادي ايمينرس جي شاديءَ جي تياري ٿي وئي، پر جنهن ٽيمپل ۾ شادي ٿيڻي هئي، عائده انجي ٻاهران بيهي رهي ته جيئن رداميس سان ڳالهائي سگھي. ان وچ ۾ عائده ۽ ان جي پيءُ ڀڄڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. جيئن ئي سپهه سالار اتي پهتو ته هن عائده سان واعدو ڪيو ته، هو. ساڻس شادي ڪندو. عائده کيس چيو ته هو ساڻس بيابان ڏانهن ڀڄي هلي. ان تي رداميس کي چيو ته ها هو ساڻس ڀڄي هلندو ۽ ڪو محفوظ رستو ڳولهي ڪڍندو ڇو جو هن کي خبر آهي ته سندس فوجون ڪٿي آهن ۽ ڪهڙي هنڌ تي حملو ڪرڻ واريون آهن. اهو ٻڌي، عائده جو پيءُ ، جيڪو لڪيو ويٺو هو، اهو به نڪري آيو، ان تي رداميس کي ڪاوڙ آئي ڇو جو عائده جي پيءُ کيس ٻڌايو ته هو بادشاهه آهي. سپهه سالار کي ڪاوڙ انڪري آئي جو هو پنهنجي دشمن جي آڏو، پنهنجي فوج جي پوزيشن ٻڌائي چڪو هو. ايتري ۾ بادشاهه ريمفس ۽ سندس ڌيءُ ايمينرس اتي پهچي ويا، بادشاهه، رداميس کي دشمنن سان ائين ڳالهائيندي ڏسي، ڪاوڙ ۾ هن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو. عائده کيس چيو ته هو ساڻن گڏ ڀڄي هلي، پر رداميس انڪار ڪيو. هن کي گرفتار ڪيو ويو. هن کان ڪافي سوال پڇيا ويا پر هو خاموش رهيو. هن تي جيڪي الزام مڙهيا ويا، هن ان جو ڪو به بچاءُ نه ڪيو. حالانڪ ڪيس هلندي کوڙ ڀيرا شهزادي ايمينرس کيس چئي چڪي هئي ته هو سڀني الزامن کان انڪار ڪري، پر هن اها ڳالهه نه مڃي. سپهه سالار کي جڏهن پڪ ٿي ته هن وقت تائين عائده پنهن جي ملڪ پهچي چڪي هوندي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته کيس سزا ڏني وڃي هو سڀني الزامن کي مڃي ٿو. ۽ پوءِ هن کي سزا ڏني وئي.
    کيس تهخاني ۾ نيو ويو. هن هڪ ڊگھو ساهه کنيو ته گھٽ ۾ گھٽ عائده ته پنهنجي ملڪ پهچي وئي، ان وقت هن ان بنديخاني ۾ ڪنهن جي ساهه کڻڻ ۽ هلڻ جو آواز ٻڌو. عائده هن جي سامهون آئي، هن پنهنجو پاڻ کي ان هنڌ لڪائي ڇڏيو هو ته جيئن رداميس سان گڏ مري سگھي. محل ۾ ايمينرس رڙيون ڪري روئي رهي هئي. بنديخاني ۾ رداميس جي ٻانهن ۾ عائده ۽ هو ابدي آرام ۾ هئا“.
    ”ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي“.
    ”ها، مون به جڏهن ڏٺو هو ته روئي پئي هيس“.
    ”واقعي ٽريجڪ آهي“.
    ”پر توکي اها خبر هجڻ کپي ته، تون منهنجو رداميس آهين ۽ مان تنهنجي عائده آهيان“.
    آيان هڪ عجيب احساس سان، عائده کي ڏٺو.
    آيان ڳالهه کي لنوائيندي چيو:
    ”اهو اوپيرا شايد يونان جي کنڊرن ۾ به ٿيندو آهي. ان جا فوٽو ڏسي، ڪردارن جي پوشاڪون ڏسي ، منهنجي خواهش آهي ته هڪ ڀيرو اهو ضرور ڏسان ۽ اهو به يونان ۾“.
    ”ها، اتي به ٿيندو آهي، ان کان علاوهه اسرائيل ۾ هڪ پراڻي ٽيمپل وٽ ڪندا آهن. اوپيرا هونئن ئي سٺو آهي پر اتي ته وڌيڪ مزو ڏيندو“.
    آيان چيو:
    ”اسٽيج ۽ اصل لوڪيشن ۾ فرق آهي. مون به هڪڙو اهڙو اوپيرا سلوواڪيا جي پراڻي قلعي ديوين ۾ ڏٺو هو. جنهن ۾ ڪردارن کي پراڻيون ڊريسون پهريل هيون، ڪهاڻي به آڳاٽي هئي ۽ جڏهن ڪو ڪردار ان قلعي جي ڪنهن دريءَ مان پنهنجي ڪردار مطابق ڳائي رهيو هو ته ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. لڳو پئي ته ڪهاڻي نه پر اصل واقعو آهي“.
    ٿوري دير ۾ فهد به پهچي ويو. فهد چيو:
    ”اڄ پاڻ، پراگ کان 35 ڪلوميٽر پري هڪ ڍنڍ، جيڪا اصل ۾ هڪ ڊيم به آهي، اُتي هلنداسين. اوڏانهن فيري رستي به وڃي سگھجي ٿو ولتاوا ۾ ، پر اهي رڳو ويڪ اينڊ تي هلنديون آهن. انڪري ، منهنجي گاڏيءَ ۾ ٿا هلون“.
    فهد وٽ، ون ڊور، فيئٽا هئي. هُنَ پنهنجي گاڏي گندرف ٽاور کان پري بيهاري هئي، ڇو جو پراڻي شهر جو اهو علائقو، پيڊسٽرن زون هو. هو گھمندا ڦرندا گاڏيءَ تائين پهتا.
    فهد چيو: ”يار! کائڻ لاءِ ڪجھه وٺي هلون“.
    آيان کيس چيو:
    ”اڙي چيڪ ڇو ٿو ٿين؟، هو به هلندا ته گھر مان کائڻ لاءِ. شيون کڻي هلندا اتي هلون ٿا ضرور ڪجهه نه ڪجھه ملي ويندو، نه ته ڪهڙو پري آهي، واپسيءَ ۾ اچي کائينداسين“.
    ”ادا! وڙهين ڇو ٿو؟!“. فهد سنڌي ۾ چيو ته آيان کان کل نڪري وئي،
    عائده پڇيو ته ڇا تي ٿا لِکو. ته فهد کيس انگريزي ۾ ٻڌايو ته هوءَ به مرڪي پئي.
    گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ، عائده چيو ته هوءَ اڳين سيٽ تي ويهندي جو کيس بس يا ڪار جي سفر ۾ الٽي ايندي آهي.
    آيان چيس :
    ”پويان ويهه ته بهتر“.
    جنهن تي فهد کيس چيو :
    ”يار! ڳالهه سمجھندو ڪر. منهنجي ڪار ون ڊور آهي. پويان دري به ڪونهي. کيس اڳيان ويهڻ ڏي ته جيئن هو آرام سان ويهي سگھي ۽ طبعيت خراب ٿيس ته دري کولي سگھي“.
    ”برو بر، بس ادا ڳالهه لڳي ته ڏکي ٿي، پر هتان جو ڊرائيونگ لائسنس ڪونهي، مڙئي پارت ٿي“.
    فهد پنهنجي نان اسٽاپ ٽهڪن کي روڪي نه سگھيو.
    گاڏيءَ ۾ جيئن ئي عائده سيٽ بيلٽ پائڻ لڳي ته آيان کيس پويان سيٽ سميت پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري چيو:
    ”هاڻي سيٽ بيلٽ جي ضرورت ناهي منهنجون ٻانهون تنهنجون محافظ آهن“.
    فهد به کليو. عائده به چيو: ”صحيح آهي“.
    فهد رڙ ڪري چيو:
    ”يار! ايئن نه ، چالان ته نه ڪراءِ“.
    هو جيئن ئي هموار روڊ ڪراس ڪري، مٿي ننڍڙي پهاڙيءَ تي چڙهڻ لڳا ته کين ٻن ٽن هنڌن تي گاڏي بيهارڻي پئي، ڇو جو عائده جي طبيعت خراب پئي ٿي. نيٺ هو مٿي پهتا ته هنن کي ڏاڍو مزو آيو.
    هيٺ نديءَ ۾ سڙهه واريون ٻيڙيون، آگبوٽ ۽ ننڍيون اسپيڊ بوٽس نظر آيون. اهو منظر ڪنهن سٺي آرٽسٽ جو لينڊ اسڪيپ لڳي رهيو هو.
    آيان، فهد کي چيو ته:
    ”عائده جي وڃڻ کان پوءِ اداس ٿي ويندس ته مون کي هتي ڇڏي وڃجان، ٻه ٽي ڏينهن رهي پوندس، غم غلط ڪندس“.
    عائده کلندي چيو:
    ”اچجان اڪيلو، پر تون اهڙي خوبصورت جڳهه تي اڪيلو رهي ئي نه سگھندين. پر خير آ..... وڏي دل واري آهيان. توکي اجازت آهي“.
    اتي ڪجھه دير ويهڻ کان پوِ هو هڪ ريسٽورنٽ تي آيا. ريسٽورنٽ جي آڏو وڏو ميدان هو، پوءِ ڍنڍ. ريسٽورنٽ پڪو نه پر ڪاٺ ۽ وڻن جي ٽارين مان ٺهيل هو، جنهن ڪري وڌيڪ مزو ڏئي رهيو هو. هنن اتي لنچ ڪئي. لنچ سرو ڪرڻ واريون چيڪ ڇوڪريون هيون. اهي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان آيان سان ته ڪڏهن وري فهد سان ڳالهائي رهيون هيون. اهو به پڇي رهي هيون ته رات اتي رهندا يا واپس ويندئو؟!. آيان ڏٺو ته عائده جون اکيون ڪرڙيون ٿي ويون هيون.
    ٿوري دير کان پوءِ بهاني سان عائده اچي آيان جي جھوليءَ ۾ ويٺي، جڏهن ويٽريس آيون ته هڪ جو منهن لهي ويو......۽ عائده جي منهن تي مرڪ پکڙجي وئي. آيان جي منهن تي به عائده جي رد عمل جي ڪري مرڪ پکڙجي وئي.

    ******


    11

    سلوواڪيا وڃڻ لاءِ هو ٻئي ڄڻا فلورينس بس اسٽاپ تان براتيلسلاوا لاءِ بس ۾ ويٺا ته آيان، عائده کي دريءَ واري پاسي کان ويهڻ لاءِ چيو. عائده انڪار ڪندي مرڪندي چيو:
    ”اصولن ته نئين ملڪ ڏسڻ لاء مونکي دريءِ واري پاسي ويهڻ کپي، پر مان اهو ملڪ تنهنجن اکين ۽ تنهنجي چهري جي تاثرن ذريعي ڏسڻ چاهيان ٿي“.
    آيان ٻنهي جيڪٽس کي بس جي مٿئين خاني ۾ رکيو ۽ دريءَ واري پاسي کان ويٺو ته عائده سندس ڀر ۾ ويهندي، پنهنجو هٿ سندس هٿ ۾ ڦٻائي ڇڏيو.
    بس، اسٽاپ جي حدن مان نڪرندي، ميوزيم وٽان گذري ته عائده هٿ مٿي ڪندي فوجي انداز ۾ ميوزيم جي بلڊنگ کي سيليوٽ ڪندي چيو:
    ”آءُ انهن لمحن کي پوري زندگي نه وساري سگھنديس“.
    هن جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي، آيان سندس پيشانيءَ تي ڪس ڪري هُن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.
    فورم هوٽل ۽ دوم ڪُولتوري وٽان مٿاهينءَ تي ٺهيل هڪ فلاءِ اوور کي ڪراس ڪندي عائده چيو:
    ”جي هن پل تي اها گرل لڳل نه هجي ته هيٺان جو منظر ڏسڻ ۾ گھڻو مزو ڏي ها“.
    آيان، کيس ٻڌايو :
    ”ان پل جي پاسن کان اها اٺ ڏهه فوٽ ڊگهي گرل اڳ ۾ لڳل نه هوندي هئي، پر ٿيو ايئن ته جنهن کي به خود ڪشي ڪرڻي هوندي هئي ته ان هنڌ تان ڪندو هو. جنهن ڪري پوءِ ان کي گرل هنئين وئي“.
    عائده چيو :
    ”اسان وٽ تيرانا ۾ به اهڙو هنڌ آهي“.
    ”اسان وٽ به ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي پل ۽ ڄامشوري ۾ انڊس تي پل آهي“ .
    عائده مرڪندي چيو:
    ”مون کي خودڪشي ڪرڻي هوندي ته تو وٽ اچي ڪنديس“.
    آيان ڪجھه چوڻ ٿي چاهيو ته عائده چيو:
    ”ڪنهن پُل تي نه، پر تنهنجي انهن ننڍين اکين ۾ ڪنديس“.
    ”اهي ايتريون ننڍيون آهن جو تون انهن ۾ ٻڏي نه سگھندينءَ..... ها مان تنهنجين اکين ۾ ضرور مري سگھان ٿو...... يا اڃان به تنهنجي پيار جي آڳ ۾ خود سوزي به ڪري سگھان ٿو“.
    عائده پيار مان آيان کي ڪس ڪندي چيو:
    ”اهي چميون ته مئل کي به جياري ڇڏينديون“.
    بس، هاڻي هاءِ وي تي پهچي چڪي هئي، رستي جي پاسن کان چيل جا بيٺل وڻ ۽ ان کان پوءِ ٻنيون نظر اچي رهيون هيون، هن وقت انهن ٻنين ۾ ڪڻڪ جو سونهري فصل بيٺل هو، جنهن ڪري نيري آسمان جي بيڪ گرائونڊ ۾ سونهري فصل ۽ فور گرائونڊ ۾ وڻ هڪ سهڻو لينڊ اسڪيپ ٺاهي رهيا هيا. عائده کي ننڊ اچي رهي هئي، هُن پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو. هو سندس وارن کي سنواريندو رهيو. ٻاهر جا منظر ڏسڻ سان گڏ هن جون سوچون به ماضيءَ جو سير ڪري رهيون هيون. کيس ياد آيو ته اهڙي ئي نموني هُن سان گڏ سندس سلاوڪ دوست ڪيترينا به سفر ڪندي هئي. سندس سنهري وارن ۽ ناسي اکين ۾ هڪ خمار هوندو هو. هن سان آيان جي ملاقات نئين سال جي پارٽيءَ ۾ ٿي هئي، جتي هو پنهنجن ڪجھه دوستن سان ويل هيو ۽ هوءَ به پنهنجين ڀينرن سان اتي آيل هئي. ڊسڪو ڊانس ڪندي جڏهن رومينٽڪ سلو سانگ هليو ته آيان پنهنجو هٿ، هن جي آڏو ڪري کيس ڊانس ڪرڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. ڊانس ڪندي هڪٻئي کي حال احوال ڏيندي، هن آيان کي ٻڌايو ته هوءَ فائين آرٽس جي شاگرد آهي ۽ سندس اسپيشلائيزيشن اسڪلپچر آهي. هوءَ براتيسلاوا جي آهي، جنهن ڪري هاسٽل نه پر گھر ۾ رهندي آهي. جيئن ميوزڪ ختم ٿي ته آيان کيس هن جي ٽيبل تائين ڇڏڻ ويو.
    ان کان پوءِ آيان بيئر پيڻ ۾ مشغول ٿي ويو، پر وچ وچ ۾ ڇوڪريءَ کي ڏسندو به رهيو ۽ هُن محسوس ڪيو ته هوءَ به کيس ڏسي رهي هئي. ساڻس ڊانس ڪرڻ لاءِ ٻن ٽن ڇوڪرن کيس آفر ڪئي پر هن کين منع ڪري ڇڏيو. جڏهن سلو سانگ جو رائونڊ ٿيو ته آيان وري کيس ڊانس جي آفر ڪئي، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. هاڻي وري هن آيان کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا، آيان جڏهن کيس پنهنجي هاسٽل جو نالو ٻڌايو ته، هُنَ چيو ته، هوءَ اتي پنهنجي هڪ دوست سان ٽيبل ٽينس کيڏڻ لاءِ ايندي آهي. جنهن تي آيان کيس مرڪندي ٽيبل ٽينس کيڏڻ جي چيلينج ڏني. جيڪا هن به مرڪندي قبول ڪئي ۽ ايندڙ شام جو هاسٽل تي اچڻ جو چيو.
    ٻي ڏينهن تي آيان جي ڪمري تي ناڪ ٿي هُن در کوليو ته هوءَ پنهنجي ڀرپور حسن سان گڏ بيٺل هئي. اڄ کيس جينز ۽ هاءَ نيڪ سان گڏ چمڙي جي جيڪٽ پاتل هئي. آيان کيس ڪمري ۾ ويهاري، کانئس ڪجھه پيئڻ جو پڇيو. هن چيو ته کيس ڪافي پيئڻي آهي. آيان، چيلينج قبول ڪرڻ تي هُن جي مهرباني مڃي ته هن چيو:
    ”مون کي ڪا ايڏي سٺي ٽيبل ٽينس کيڏڻ نه ايندي آهي، پر تنهنجي آفر کي ٺڪرائي نه پئي سگھان“.
    ”ڇو ڀلا؟“. آيان مرڪندي کيس چيو
    ”تون هڪ مڪمل جينٽلمين لڳين تنهن جي ڊانس جو شريفاڻو انداز، نه ته ٻيا ڇوڪرا ته منٽ کان پوءِ پنهنجا هٿ ڇوڪريءَ جي هپس تي ڦيريندا آهن، ان کان علاوه ڊانس کان پوءِ عزت سان مون کي ٽيبل تائين پڄائڻ سٺو لڳو“ .
    شرمائيندي چوڻ لڳي: ”ها، تنهنجين ٻانهن جا مسلز ۽ سخت ڇاتي به مون کي وڻي“.
    ”مهرباني، پوءِ ڀلا چيلينج قبول آهي؟!“.
    آيان مرڪندي هُن کان پڇيو ته ڪيترينا وراڻيو:
    ”ان ڪري ته هتي آهيان“.
    هو ٻئي اٿي اچي هيٺ لابيءَ ۾ رکيل ٽيبل تي کيڏڻ لڳا، ڪرسمس ۽ نئين سال جي موڪلن جي ڪري لوڪل ڇوڪرا ته هتي ڪو نه هئا رڳو ڪجھه فارينر رهيل هئا، ٽيبل ٽينس کيڏندي وقفي ۾ اتي ئي رکيل مشين مان ڪافي ۽ چاڪليٽ ڪڍي پيئندا رهيا.
    ان کان پوءِ آيان ۽ هن جون ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. هوءَ هاڻي آيان لاءِ ڪيترينا مان رڳو ڪيٿي رهجي وئي هئي. هوءَ آيان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي. گھڻو ڪري راتين جو به سندس ڪمري ۾ رهي پوندي هئي. هوءَ پيئڻ جي گھڻي شوقين نه هوندي هئي، تنهنڪري ويڪ اينڊ تي آيان جڏهن دوستن سان بيئر پيئڻ لاءِ پب ويندو هيو ته هوءَ ڪمري تي پينٽنگ ڪندي هئي يا ڪو اسڪلپچر ٺاهيندي هئي ۽ واپسيءَ ۾ هنن سڀني لاءِ رات جي ماني به ٺاهي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڊرنڪ هئڻ جي صورت ۾ جوتا لاهي، آيان کي سمهاريندي به هئي. مطلب ته هن سان آيان جي گهرائپ هڪ شادي شده جوڙي جيان هئي.
    هڪ ڀيري، ٿئيٽر تان موٽندي، هو پنهنجي هاسٽلن تي موٽڻ لاءِ ريڊيو بس اسٽاپ وٽ ”39 بس“ جو انتظار ڪري رهيا هئا ڪيٿي، آيان جي ٻانهن ۾ ڦاٿل هئي ۽ اتان ٻه ٽي ٽين ايجر سلوواڪ گذريا، جن آيان کي ڏسندي ڪاوڙ مان چيو
    ”اشڪاريدي(بدصورت)“
    ان تي ڪيٿيءَ هنن کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ آيان کي ڀاڪر ۾ ڀري پنهن جي گھڻو ويجھو ڪري ڇڏيو آيان جي منع ڪرڻ تي هن چيو:
    ”مان هنن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته تون هنن کان وڌيڪ خوبصورت آهين“.
    پهرين مئي تي هوءَ آيان جي ڪمري تي منجھند جو ڌوڪيندي آئي، موڪل هجڻ ڪري هو اڃان ننڊ جي خمارن ۾ هيو، هن وٽ ڊپليڪيٽ چاٻي هئي ۽ سڌو هن جي بستري ۾ گھري اچي کيس پيار ڪرڻ لڳي. هوءَ ”آءِ لويو.....“ به چوندي رهي.
    آيان به مرڪندو هن جي پيار جي موٽ ڏيندو رهيو. گھڻي دير کان پوءِ هن چيو :
    ”مان تنهنجي ان ڳالهه تي ڏاڍي خوش ٿي آهيان، مون کي زندگيءَ ۾ اڄ پهريون ڀيرو ماياليس جو مزو آيو آهي“.
    ماياليس، پهرين مئي تي ملهائي ويندي آهي، ڪميونسٽن جي زماني ۾ ته اهو ڏينهن عيد جي ڏڻ جيان ملهايو ويندو هو. ان ڏينهن هر ننڍي وڏي شهر ۾ ريلي نڪرندي هئي، جنهن ۾ ٻار کان وٺي ٻڍي تائين، عيد جيان نوان ڪپڙا پائي شريڪ ٿيندا هئا، ريليءَ کان پوءِ ڪلچرل پروگرام ٿيندا هئا. شهر جي وچ ۾ هڪ وڏو وڻ، مختلف رنگن جي ربنن سان سينگاريو ويندو هو. جنهن کي ماياليس سڏيو ويندو هو. ماياليس، گھڻي وقت کان وٺي ملهائيندا آهن، اڳي جڏهن ڪو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو هو ته ان ڏينهن تي پنهنجي محبت جي اظهار طور رات جو دير سان، گھر وارن جي بي خبريءَ ۾ هنن جي باغ يا آڳر ۾ اهڙو وڻ پوکي ايندو هو.
    آيان به رات جو دير سان ڪيٿيءَ جي گھر جي ٻاهران واري لان ۾ اهڙو وڻ هڻي آيو هيو. جنهن تي هوءَ ايتري خوش هئي.
    هن آيان کي جلدي تيار ٿيڻ لاءِ چيو جو اڄ گرائونڊ ۾ ماياليس جو پروگرام هو. گرائونڊ ۾ وڏن اسپيڪرن تي ميوزڪ لڳل هئي، ڀرسان بيئر، گرم وائين، هاٽ ڊاگ جا اسٽال لڳل هئا. ان وقت اسٽيج تي ڏهه کن ڇوڪريون بيٺيون هيون، انائونسر اعلان ڪيو:
    ”اسان جي ججن هنن ڏهن ڇوڪرين کي فائينل لاءِ چونڊيو آهي. باقي پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر عوام تي ڇڏيل آهي“.
    ڇوڪرا، ڇوڪريون نشي جي مستيءَ ۾ سرشار هئا. اسٽيج تي ڇوڪرين کي ٽي شرٽ پيل هئي، ۽ مختلف پوز هڻي پنهنجي جسم جي نمائش ڪري رهيون هيون. هيٺيان هر پوز تي هُوڪرا هئا. آخر ۾ انائونسر هر هڪ ڇوڪريءَ تي هٿ رکندو ويو...عوام جي هوڪرن ۽ تاڙين مان ان ڇوڪريءَ جي رينڪ جي خبر پئجي رهي هئي. پهرين نمبر تي اچڻ واري ڇوڪريءَ کي ان جي بواءِ فرينڊ پنهنجن ڪلهن تي کڻي سڄي گرائونڊ جو چڪر هڻايو. اهڙا ٻيا به مقابلا ٿيا، جن ۾ گھڻي اشپاگيتي کائڻ، گھڻا بيئر پيئڻ وغيره شامل هو. پوءِ سڄو ڏينهن ڊسڪو ٿيندو رهيو. سڄي گرائونڊ ۾ کل خوشيءَ جا ٽهڪڙا هجن. خبر ئي نه پئي ته رات ٿي وئي. يارهين ڌاري اعلان ڪيو ويو ته هاڻي پروگرام ختم، هاڻي سڀ ”ماياليس“ هڻڻ هلندا. سڀئي ماڻهو وڏي ۾ وڏي هاسٽل ”اشتورا“ ڏانهن هليا، جنهن جي سامهون اڳ ۾ ئي هڪ وڏي کڏ کوٽي وئي هئي ۽ ڀرسان هڪ وڏو سڪل وڻ هو جنهن ۾ هر ڪنهن اچي ربن ٻڌي، ان کان پوءِ وڻ کي ان کڏي ۾ سڌو ڪري بيهارڻو هو. سڀ همراهه نشي ۾ هجن ۽ وڻ به وڏو هو، تنهنڪري ان جو توازن رکڻ ڏکيو هو. ڪڏهن هڪ طرف ڪرڻ پئي لڳو ته ڪڏهن وري ٻي طرف. جنهن طرف نِويو پئي ته ماڻهن وٺي ڊڪون پئي ڀريون. نيٺ ڪاميابي ٿي، کڏي ۾ مٽي ۽ پٿر وجھي وڻ کي مضبوط ڪيو ويو. جيئن ڪم پورو ٿيو ته هر بواءِ فرينڊ، پنهن جي ڇوڪريءَ کي چمي ڏني، جيڪي فرينڊ نه به هئا ته ٻکين پئجي ويا. گھڻن موالن ته ماياليس کي جھنڊو سمجھي فوجين جيان سلامي ڏني.
    عائده پنهنجا چپ آيان جي چپن تي رکيا ته هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. بس به هاڻي براتيسلاوا جي چڙيا گهر وٽان گذري رهي هئي. بس اچي اسٽاپ تي پهتي. آيان دريءَ مان هيٺ نهاريو ته هن جا دوست کين وٺڻ آيا هئا.

    ******

    بس اسٽاپ تي پاڪستاني علي، ضيا، اعجاز، انڊين اڪشي، بنڌنا، انيتا، بنگالي شوڪت، شومن، عراقي علي، سليمه، افغاني فيروز، عليم، سلمى، عائشه، سلوواڪ پيتر، ماريا، مارتا، فنڪووا زوزانا، آندري، کين وٺڻ آيا هئا. سلواڪيا جي همراهن کان علاوهه ٻيا سڀ فارينرس، تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي سيٽل ٿي مختلف ڪمن ڪارين ۾ مشغول هئا. ڪي بزنس ته ڪي وري نوڪري ڪري رهيا هئا. هو جيئن ئي بس مان لٿا ته سڀ کيس ملڻ لاءِ وڪوڙي ويا، آيان، سڀني سان عائده کي به ملايو، جنهن تي افغاني ڇوڪري سلمى جو منهن لهي ويو، جنهن کي محسوس ڪري آيان کي به ڏک پهتو، اها ڳالهه عائده به محسوس ڪئي.
    دوستن رهڻ جو بندوبست ان هاسٽل ۾ ڪيو، جنهن ۾ آيان رهندو هو. اها هاسٽل شادي شده اسٽوڊنٽس ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن لاءِ هوندي هئي.
    هاسٽل ۾ داخل ٿيندي ئي آيان اها ساڳي خوشبوءِ محسوس ڪري هڪ وڏو ساهه کنيو، هونئن هر جڳهه جي پنهنجي هڪ خوشبو ٿيندي آهي. جيئن ئي اندر داخل ٿيو ته رسيپشن تان ڪراڙو پروفيسر ”ويتائچي(خوش آمديد)“ ڪندو ساڻس اُڪير سان مليو. آيان جي هڪ خوبي هوندي هئي ته مختلف رسيپشنسٽ سان رات جو دير تائين ڪچهري ڪندو هو. اهو پروفيسر يونيورسٽيءَ ۾ ڪميونسٽ فلاسافي پڙهائيندو پر 89ع واري مخملي انقلاب کان پوءِ هن کي بي روزگار ڪيو ويو هو ۽ پوءِ هو هاسٽل تي رسيپشنسٽ ٿيو هو. پروفيسر هر وقت اخبارن لاءِ مضمون لکي موڪليندو رهندو هو. جيڪي شايع نه ٿيندا هئا. ڇو جو هاڻي اهي ڳالهيون ماڻهن جي پسند جون نه رهيون هيون. ان کان علاوه هو هڪ ڪتاب لکي رهيو هو جنهن جي باري ۾ آيان سان بحث ڪندو هو ۽ کيس تفصيل سان ٻڌائيندو هو ته هن ملڪ ۾ نئون حڪومتي سسٽم ڪهڙو هجڻ گھرجي. ان ئي پروفيسر کيس ٻڌايو هو ته سندس پراڻا سُودرو (ڪامريڊ) هر آچر تي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجا سڀ ئي ٻلا ۽ اعزاز ورديءَ تي سجائي گڏ ٿيندا آهن ۽ پراڻي زماني جون ڳالهيون ياد ڪري ۽ ڪلوباسا کائي ۽ بيئر پي خوش ٿيندا آهن. هو ماڻهن جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪندي لينن کي ياد ڪندي چوندا آهن ”ڪيتري وڏي سياسي آزادي به بکايل عوام کي مطمئن نه ڪري سگھندي“.
    ان شام جو يونيورسٽيءَ جي ڀر واري ٻيلي ۾ پڪنڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سڀ باهه جي چوڌاري ويٺل هئا ۽ سندن ڀر ۾ وائين جون بوتلون، بيئر جا پيپ، ۽ ساسيجز ۽ بريڊ پيل هئا.
    بيئر جي ڊرم ۾ هڪ نلڪي وڌي وئي هئي، جنهن جي هڪ ڇيڙي تي سائيڪل جو پمپ لڳل هو. جنهن ۾ هوا ڀري پوءِ گلاس کي ڀريو پئي ويو ته جيئن بيئر ڊرم مان پريشر سان نڪري سگھي.
    ان کان علاوه جنهن کي به بک پئي لڳي ته هو وڻ جي ڪنهن ٽاري کي پٽي ان ۾ ساسيج وجھي باهه تي سيڪي بريڊ يا ان کان بغير کائي پيو.
    آيان کي اعجاز تي حيرت ٿي جيڪو بيئر جا گلاس ڏوگھي رهيو هو. اعجاز هيو ته پاڪستاني پر هنجو پيءُ سعودي عرب ۾ انجنيئر هو ۽ هُن کي سيلف فنانس تي ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ سلوواڪيا موڪليو هئائين. آيان کي ياد آيو ته سندس الوداعي پارٽيءَ ۾ دوستن پهريون ڀيرو اعجاز کي بيئر پياريو هو ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڊانس ڪرائي هئي. کين ٻي ڏينهن تي خبر پئي هئي ته جيئن ئي رات جو پروگرام پورو ٿيو هو ته اعجاز پاڻ کي ايڏو ڏوهي پئي محسوس ڪيو جو رسو هٿ ڪري پنهنجو پاڻ کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ ان ئي ٻيلي ۾ آيو هو، پر شوڪت کي جيئن ئي ڀڻڪ پئي هئي ته هُنَ ٻين دوستن کي گڏ ڪري، ٻيلي ۾ پهچي، هُن کي ڳولهي، کيس پڪڙيو هو. اعجاز شوڪت سان ڳلي ملي ڍڍڪرون ڏئي رنو هو ۽ شوڪت کي چيو :
    ”مان زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، منهنجي سڄي عمر جي پرهيزگاري داغدار ٿي وئي. مون کي شراب کان ايتري نفرت آهي، بس الائي ڪيئن غلطي ڪري ويٺس. مون کي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ٻيو جيڪڏهن والدين کي خبر پوندي ته هو ڇا سوچيندا، هو به ته مري پوندا“.
    ”ڏس، غلطي ٿي ويندي آهي، ۽ توکي خبر آهي ته رب پاڻ رحيم آهي، تون ان کي ٻاڏائي معافي وٺ. باقي رات وارا اهي فوٽو جنهن ۾ تون هوندين، اهي نيگيٽو سميت توکي ڏيندس ته انهن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏ“.
    اعجاز اڃان به سڏڪا ڀري رهيو هو، شوڪت کيس چيو:
    ”ڇا ڀلا خودڪشي حرام ناهي؟ اهو تون وري ڪهڙو سٺو ۽ اسلامي عمل ڪري رهيو آهين“.
    ڪنهن نه ڪنهن نموني راضي ڪري شوڪت هُن کي ڪمري تي وٺي آيو.
    پر اڄ اعجاز نه رڳو بيئر ڏوگھي رهيو هو، پر پاڻ سان هڪ ڇوڪري به وٺي آيو هو جنهن جي مڌ به پي رهيو هو.
    ٽيپ رڪارڊ تي ڪنهن ڪيسٽ لڳائي هئي، فاسٽ ميوزڪ هئي. سڀ اٿي ڊانس ڪرڻ لڳا، جڏهن ساڻا پئي ٿيا ته ويهي ساهي پٽي وري پيا سڀني جي پيرن جي سُر سان سُر ملائن. وقفي وقفي سان سلو رومينٽڪ سانگ به هلن پيا. جڏهن هڪ رومينٽڪ سانگ هليو ته سلمى، آيان وٽ آئي ۽ پنهنجي هٿ اڳيان وڌائيندي کيس ناچ جي آڇ ڏني. جڏهن ته اهو ڪم ڇوڪرو ڪندو آهي. آيان، عائده کي ڏسڻ کان پوءِ اٿي بيٺو ۽ سلمى جي چيلهه ۾ کٻو هٿ ورائي ۽ ساڄِي هٿ ۾ سلمى جوکاٻو هٿ وٺي نچڻ لڳو. هوءَ سندس گھڻو ويجھي اچي پنهنجو مٿو آيان جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو هو. ٿوري دير کان پوءِ آيان محسوس ڪيو ته سندس ڪلهو ڀڄِي ويو آهي، هُن سلمى جو منهن پنهنجي منهن جي سامهون آندو ته سلمى جي اکين مان ڳوڙها ستار جي ڪنهن ڌن جيان وهندي نظر آيا. آيان وري هُن جو مٿو پنهنجي ڪلهي تي رکي پنهنجا چپ سلمى جي ڪن ڀرسان آڻي پڇيو
    ”اهو ڇا آهي؟“.
    ”معاف ڪجان پنهنجي وس ۾ ناهيان“.
    ”ها پر، اهو سڀ ڇو؟“.
    ”توکي وڃائي. مان ڏاڍو ڀوڳيو آهي“.
    ”پر اڳ ته تون ڪڏهن ائين نه چيو هو نه وري مان محسوس ڪيو هو“.
    ”ها غلطي منهنجي هئي، اهو روڳ مون پاڻ پاليو هو“.
    ”اهو وري ڪيئن؟“.
    ”توکي چاهيندي ته ٻوليءَ واري اسڪول کان وٺي هيس، پر تنهنجو مون سان واسطو شفاف هوندو هو ۽ ڪڏهن به تنهنجن اکين ۾ پنهنجي لاءِ ڪو احساس محسوس نه ڪيو هو، ان ڪري ڪڏهن به توسان اها ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه ٿي. پر تون ويو آهين ته منهنجي دنيا مان زندگي نڪري وئي آهي“.
    ”پر ايترا سال؟“.
    ”ها ايترا سال، مون توکي پوڄيو آهي، مون کي پڪ هئي ته هڪ ڀيرو تون ضرور ايندين، پر اڄ آئين به ڪنهن ٻي سان...“.
    هوءِ روئڻ لڳي ۽ پوءِ وري سرٻاٽ ڪيائين:
    ”هڪ ڳالهه چوان، جي خراب نه لڳئي ته؟“.
    ”ها چئه“.
    ”مون وٽ تون هر وقت گڏ هوندو آهين. ياد ٿي!، پهريون ڀيرو تون منهنجي هاسٽل جي ڪمري تي آيو هئين. مون چانور ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ ٺاهيو هو. توکي ڏاڍو وڻيو هو. مون کي خوشي ٿي هئي. ان ڏينهن واري پليٽ، تنهنجو مروڙيل ٽشو پيپر ۽ مرغيءَ جي ران واري اها هڏي مون وٽ محفوظ آهي“.
    ”اڙي چري...!“.
    ”ييس آءِ ايم....“.
    ”پوءِ، هاڻي ته ڪو حل به ناهي“.
    ”ها، مان سڀ سمجھان ٿي“.
    ”پر توکي ته هو افغاني عمر جو چاهيندو هو، جيڪو ڪراٽي جو انسٽرڪٽر هو“.
    ”وڏو بدمعاش هو، هو منهنجي ڪڍ هو، ليلڙاٽيون ڪندو هو، هن مونکي ڌمڪي به ڏني هئي ته جي اهو پاڪستاني وري تنهنجي ڪمري ۾ ڏٺو اٿم ته توهان ٻنهي جو خير نه هوندو. تون ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، پوءِ مون توکي ڪمري تي اچڻ جي دعوت نه ڏني هوندي، انڪري نه ته مان ڊڄان پئي پر مون کي تنهنجي عزت جو خيال هو. تون هتي سڀني ۾ عزت وارو هئين. شايد اهو ئي هڪ سبب به هو تو ڏانهن توجهه ڏيڻ جو. سڀ ڪو تنهنجي ڳالهه ڪندو هو. هر ڪو تنهنجو نالو عزت سان وٺندو هو. خير تون به ته سڀني کي عزت ڏيندو هئين. توکي ياد ناهي ته اسان ڇوڪريون ڪيترا ڀيرا تو وٽ يا ڪنهن سفر ۾ توسان گڏ رهنديون هيونسين. ڇو جو اسان کي خبر هئي ته تون ڪنهن کي به مجبور نه ڪندين. هوءَ ويٽريس ياد ٿي؟ جيڪا اسان واري هاسٽل ۾ هوندي هئي. جنهن جي ڪڍ سڀ ڇوڪرا هوندا هئا پر هوءَ ڪنهن کي به لفٽ نه ڏيندي هئي. ان به هڪ ڀيرو مون کي چيو هو ته مان توکي ٻڌايان ته هوءَ توکي چاهي ٿي. هن توسان سنگت پئي رکڻ چاهي، مون کانئنس اهو پڇيو ته ايترا ڇوڪرا جيڪي آيان کان عمر ۾ به ننڍا آهن سمارٽ آهن، ڪجھه ته سلوواڪ به آهن، ته انهن کي ڇو نه ٿي موٽ ڏين. جنهن تي هن جواب ڏنو هو ته راجا سڀني کي عزت ڏيندو آهي، ڪنهن جي بي عزتي نه ڪندو آهي..... نه ته هتي ته ٻن پيگن کان پوءِ الائي ڇا ڇا اسان کي چوندا آهن .....“.
    ”اهو راجا وري ڪير آهي؟“. آيان سلمى کان پڇيو.
    ”هوءَ توکي راجا چوندي هئي، چوندي هئي هي ائين ٿو ورتاءَ ڪري ڄڻ ڪنهن رياست جو راجا هجي“.
    ”اڇا“.
    ”جي، پر مونکي معاف ڪجان.... مان تنهنجي شام خراب ڪئي“.
    ”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي“.
    ”وقت ملئي ته مون کي ٻه منٽ خلاصا ضرور ڏجان“.
    ”ڪوشش ڪندس“.
    سلميٰ وري روئڻ لڳي. تيز موسيقي وڄڻ تي هو هڪٻئي کان ڌار ٿيا. هوءَ پنهنجا ڳوڙها لڪائڻ لاءِ اونده ۾ هلي وئي. عائده، آيان جي ڪلهي تي پنهنجو مٿو رکندي پڇيو:
    ”واٽ از پرابلم وٿ هر؟“.
    ”ڊونٽ نو“.
    ”بٽ، آءِ نو“.
    ”واٽ؟؟!“
    ”ايني وي، هوءَ توسان پيار ڪري ٿي“.
    ”شايد ...... “.
    ”پر مان به ڪيان ٿي، خبر ناهي تو ۾ ڇاهي؟!“.
    ”ڪجھه ڪونهي منهنجو دماغ خراب نه ڪر، مان ڪجھه به ناهيان، نه خوبصورت آهيان، نه وري ڪو سقراط آهيان، نه وري راجا اندر آهيان، نه راسپوٽين آهيان. مان هڪ خصيص ماڻهو آهيان. ڄٽ آهيان، مون کي ته لڳي ٿو ته مان هڪ وڏو فراڊي آهيان، مان ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏان ٿو. مونکي ڪو حق ناهي ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ جو. ضرور مون ۾ ئي ڪا خرابي هوندي جو ڇوڪريون ايئن سمجھن ٿيون، منهنجو ئي ڪو اهڙو عمل هنن کي ايئن سوچڻ تي مجبور ڪندو هوندو. مان ڏوهي آهيان، مان ڪرمنل آهيان“.
    عائده، حيرت مان هن کي ڏسندي رهي. هوءَ سوچڻ لڳي ته آيان کي ڇا ٿيو آهي؟!..... آيان اڃان ڪجھه چوڻ پئي چاهيو ته عائده جي چپن هن کي ڪجھه چوڻ کان روڪي ورتو.


    12

    آيان، ننڊ مان اٿيو ته سندس مٿو ڳورو هو، اکيون اڃان، خماريل هيس. رات شايد وڌيڪ پي ويو هو. هن ڏٺو ته عائده هن سان گڏ ستل نه هئي. هوءَ هيٺ قالين تي ستل هئي. آيان جي چر پر تي هوءَ به سجاڳ ٿي.
    ”گڊ مارننگ“.
    ”گڊ مارننگ“.
    ”هائو دو يو فيل نائو؟“.
    ”بهتر“.
    آيان هن کان هيٺ سمهڻ جو سبب پڇيو ته عائده چيو:
    ”تون ٿڪل هئين، رات تنهنجي طببيعت خراب هئي. هتي توکي اڪشي اچي سمهاري ويو. تون سمهڻ سان کونگھرا هڻڻ لڳين، وري ٿوري دير کان پوءِ ننڊ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيئي، ڄڻ ڪنهن سان وڙهندو هجين، پر ڳالهايئه انگريزيءَ يا هتان جي ٻوليءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻي ٻولي ۾ پئي. ٿي سگھي ٿو تنهنجي مادري زبان هجي. انکان علاوهه، پاسا پئي بدلايئي. انڪري مان هيٺ سمهيس ته جيئن آرام سان سمهي سگھين“.
    آيان کي ياد نه هو ته هو ڪهڙي ريت هتي پهتو هو. پر کيس اهو ضرور ياد هو ته هن پيتو گھڻو هو. هُو هڪ غصي ۾ هو. هاڻي هن کي شرمندگي ٿي رهي هئي.آيان، عائده کان پڇيو:
    ”مان ڪا غلط ڳالهه ته نه ڪئي رات؟!“
    ”نه، بس تون ڪاوڙ ۾ هئين شايد، پر رات تون پيتو گھڻو هو“.
    ”ڪنهن سان وڙهيس ته نه، ڪنهن کي گاريون ته نه ڏنيون؟“.
    ”نه بس، خاموش هئين، انڪري سڀ فڪر ۾ پئجي ضرور ويا ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ ڇو جو سڀ چون پيا ته تون اهڙو ورتاءُ ڪڏهن به نه ڪيو آهي“.
    “اوهه، واقعي زندگيءَ ۾ ايئن نه ٿيو آهي ته مان ايئن مدهوش ٿيو هجان“.
    “ها سڀ ائين پيا چون. پر هنن سڀني جو اهو خيال هو ته تون ٿڪيل هئين، ننڊ به گھٽ ڪئي هوندئي، تنهنڪري ائين آهين“.
    عائده وڌيڪ چيو: ”مون به کين اهو چيو ۽ سچي ڳالهه ٻڌايم ته سمورو عرصو اسان کي ننڊ جو موقعو گھٽ مليو آهي. ورڪشاپ جي ڪري به، ٻيو دوستن جي ڪري به. اهو به چيم ته رات به ٽين وڳي ستا هياسين ۽ صبح جو وري بس هئي. مان ته بس ۾ سمهي رهيس پر آيان جاڳندو رهيو“.
    ”مهرباني“.
    ”مهرباني جي ڪهڙِي ڳالهه آهي، مون کين سچي ڳالهه ٻڌائي“.
    ”اها به مهرباني ته دوست ڪنهن دوست جو ڍڪ رکي“.
    ”ڌارين وانگر ڇو ٿو ڳالهائين؟ اڃان تائين ناراض آهين؟“.
    ”نه ناراض ڇو ٿيندس؟“.
    ”رات ته هئين؟“.
    ”مطلب؟“.
    ”رات تون جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهي تون اڳ ڪڏهن نه ڪيون آهن. جيترو تون نرم رهيو آهين، اهي ڳالهيون تنهنجن انهن سڀني تنهنجن روين کان، ڳالهين کان مختلف هيون“.
    ”ڇا چيو مون؟!“.
    ”ڪا خراب ڳالهه نه هئي پر ان ۾ ڪاوڙ ضرور هئي“.
    ”ها پر مونکي ياد ڪونهي. پليز ٻڌاءِ مون ڇا چيو؟“.
    ” تون چيو، ڪجھه ڪونهي منهنجو دماغ خراب نه ڪر، مان ڪجھه به ناهيان، نه خوبصورت آهيان، نه وري ڪو سقراط آهيان، نه وري راجا اندر آهيان، نه راسپوٽين آهيان. مان هڪ خصيص ماڻهو آهيان، ڄٽ آهيان، مون کي ته لڳي ٿو ته مان هڪ وڏو فراڊي آهيان، مان ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏان ٿو. مونکي ڪو حق ناهي ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ جو. ضرور مون ۾ ئي ڪا
    خرابي هوندي جو ڇوڪريون ايئن سمجھن ٿيون، منهنجو ئي ڪو اهڙو عمل هنن کي ايئن سوچڻ تي مجبور ڪندو هوندو. مان ڏوهي آهيان، مان ڪرمنل آهيان“.
    آيان خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. چيائين:
    ”مون ائين چيو؟!“.
    ”جي“.
    آيان گھڻي دير چپ رهيو پوءِ چيائين:
    ”سچ ڳالهه اها آهي ته مان ان وقت الائي ڪهڙي موڊ ۾ هيس، مون کي ياد آهي ته تون ڪجھه چيو هو، ان جي جواب ۾ مان ائين چيو هوندو. پر ان کان پوءِ ياد ناهي. مان بي اختيار ٿي ويو هيس. اهڙو واقعو اڳ به آيو هو، جڏهن منهنجي ماءُ جي وفات جي خبر مون تائين پهتي هئي ته مان الائي ڪهڙي حالت ۾ اچي ويو هيس. سمجھان پيو ته سڀ ڪجھه غلط ٿو ڪيان، ڳالهايان غلط ٿو، پر مان پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول نه پئي ڪري سگھيس. منهنجو ڊاڪٽر دوست، جنهن مون کي انجيڪشن هڻي سمهارڻ پئي چاهيو، ان کي مون چيو ته مان سڀ ڪجھه سمجھان ٿو، مان سمهڻ نه ٿو چاهيان، مان ٺيڪ ٿي ويندس. پر مان پنهنجو پاڻ تي ضابطو نه ٿو رکي سگھان.، ڄڻ مان ڊرنڪ هجان...... چاهيندي به ڪجھه نه ٿو ڪري سگھان“.
    ”ڪالهه به اهڙي ڪيفيت هئي“.
    ”ڪا ڳالهه ناهي“.
    ”نه گھڻي خراب آهي“.
    ”پر مان اهو پڇي سگھان ٿي، اهڙو ڇا ٿيو هو ڪالهه، جو تون ساڳي ڪيفيت ۾ اچي وئين اهڙي ڪيفيت ۾، جڏهن دنيا ۾ پنهنجي سڀ کان وڌيڪَ محبوب شخصيت وڃائي هيئي“.
    آيان، گھڻي دير سوچيندو رهيو،پوءِ چيائين:
    ”اصل ۾ هڪ ڳالهه مون کي اهو محسوس ڪرايو، ته مان زندگيءَ ۾ فلرٽ ڪندو رهيو آهيان. مون سان جيڪي ڇوڪريون واسطو رکن ٿيون، انهن سان مان فلرٽ ڪندو رهيو آهيان. مان نه ڪو خوبصورت، نه شاهوڪار، نه ناميارو ۽ نه وري ڪو فلاسافر. ته پوءِ اهي سڀ ڇوڪريون، جن جو تعداد گھڻو آهي، اهي جي مون کي چاهين ٿيون.... يا مان ايئن چوان ته هو ، مون مان ڪي اميدون رکن ٿيون.... ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته..... جڏهن مون ۾ اهڙيون ڪي به خصلتون ناهن، جيڪي مون چيو.... ته ان جو مطلب اهو ٿيو..... ته مون ۾ ڪائي خرابي آهي، ڪائي بدمعاشي آهي.ضرور منهنجو ڪو نه ڪو ڪم ته اهڙو هوندو جيڪو هنن کي ان ريت سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو هوندو. جڏهن ته مان پنهنجي دل ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه محسوس نه ٿو ڪيان“.
    ”اجازت هجي ته هڪ سوال پڇان؟“.
    ”جي“.
    ”پر اهو سڀ تنهنجي ذهن ۾ ڪالهه ئي ڇو آيو؟“.
    آيان گھڻي دير چپ رهيو، پر عائده هن ڏي نهاريندي رهي. آيان چيو:
    ”آهي ته امانت ۾ خيانت، يا ڪنهن جي شخصيت جي باري ۾ غلط تاثر ڏيڻ وارو، پر جيئن ته ان جو ردعمل مون خراب ڪيو آهي، جنهنجو مان انتهائي شرمسار آهيان، انڪري ٻڌائڻ ضروري آهي“.
    ”اهو يقين رک ته مان ان جي مشهوري نه ڪنديس، اهو سڀ منهنجي من ۾ دفن ٿي ويندو. پر جي سمجھين ٿو ته مان اڃان ان لائق نه ٿي آهيان ته اها ڳالهه ٻڌان ته پوءِ ڇڏينس“.
    ”نه اهڙي ڳالهه ناهي، پر ٻي جي لڄ ۽ عزت کي به ڏسڻ منهنجو فرض آهي، خير“.
    آيان هڪ وڏو ساهه کڻي ، خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين:
    ”رات جيڪا افغان ڇوڪري مون سان نچي پئي، هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙو احساس نه ڏياريو ته هوءَ مون کي چاهي ٿي، پر ڪالهه اوچتو هن اهڙو اظهار ڪيو، ان کان علاوهه هڪ ٻي ڇوڪريءَ جو به ذڪر ڪيائين، جنهن جي به مون کي خبر نه هئي. پوءِ مون کي محسوس ٿيو، ڪجھه غلط آهي، ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ڪجھه غلط آهي. پوءِ مان ان نتيجي تي پهتس ته غلطي منهنجي آهي، جيڪڏهن مان اهڙو ڪو به اشارو، ڪو به عمل يا رد عمل نه ڪيان، ته اهو سڀ ڪجھه نه ٿئي ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي منهنجي اک عاشق ۽ آرٽسٽ اک آهي. هوءَ ڪا به سهڻي شئي پوءِ اها بي جان هجي يا جان واري، ان جي پٺيان رهي ٿي ۽ جڏهن ڪنهن هنڌ به اها ملي ٿي، ان کي پسنديدگيءَ جي نگاهه سان ڏسي ٿي. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اهو ئي غلط آهي، جڏهن اڳلو جاندار اهو محسوس ڪري ٿو ته پوءِ هن جي من ۾ به ڪي خواهشون ڪنهن باک جيان ڪر موڙي پيدا ٿين ٿيون. جڏهن اهي پاڻ وٽ انهن جو قيدي سمجھي انجي پويان هلن ٿيون ته مون وٽ پهچن ٿيون يا منهنجي تصور تائين پهچن ٿيون.
    پر ڳالهه اها آهي ته ان سڄي عمل جو بنياد ته منهنجي ڪنهن عمل جي ڪري ٿيو نه. ته پوءِ مان ئي ڏوهي آهيان. انڪري ئي شايد ڪالهه تنهنجي ڪنهن سوال جي جواب ۾ اهو سڀ ڪجھه چيو هو. پر ان چوڻ سان مان هڪ عجيب ڪيفيت ۾ اچي ويو هيس، منهنجي من ۾ واچوڙا هيا، طوفان هئا، زوڪاٽ هئا. پوءِ مون کي خبر ناهي مون ان ڪيفيت ۾ ڇا ڪيو، ڇا نه ڪيو!“.
    آيان، هڪ ڏوهاريءَ جيان ، ڪنڌ جھڪائي ويهي رهيو.
    عائده، هيٺان اٿي، بيڊ تي آئي آيان کي پنهنجي ڇاتيءَ تي ليٽائي چيائين:
    ”آءُ تنهن جي ان مفروضي يا نظرئي کي مڃان هان، پر تيستائين جيستائين تو سان نه ملي هيس. پر هاڻي جڏهن مان پنهنجو مثال وٺان ٿي ته ان ۾ تون ان حوالي سان ڪٿي به ڏوهي نه ٿو لڳين، اها ٻي ڳالهه آهي اڃان ڏوهي مان ٿي لڳان. انڪري پنهنجي ذهن مان اهي ڳالهيون ڪڍي ڇڏ“.
    آيان جي اکين مان ڳوڙها نڪتا. هن عائده کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.

    ******

    ذڪاءَُالله، صبح جو پنهن جي گاڏيءَ ۾ سلوواڪيا جي هِل اسٽيشن، ”تاترا“ ڏانهن وڃڻ لاءِ، آيان ۽ عائده کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ آيو هو. جيئن ئي اسٽيشن تي پهتا ته ذڪاکين ريسٽورنٽ وٺي ويو، ڇو جو گاڏي اچڻ ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ هو. هنن اتي ويهي ڪافي پيتي. ذڪا، آيان کي يادگيري ڏياريندي چيو :
    ”ياد ٿئي پاڻ پهريون ڀيرو تاترا ڏانهن ٻوليءَ واري اسڪول ۾ ايسٽر جي موڪلن تي هليا هياسين، ڪل ملائي اٺ ڄڻا هياسين. ڏاڍو مزو آيو هو. اسان ٻنهي کي سلوواڪ نه پئي آئي پر اسان سان گڏ جيڪي يمني دوست هليا هئا انهن کي اچي پئي، ڇو جو هو هڪ سيمسٽر اڳ ۾ پڙهي چڪا هئا. پر اسان جو مزو ڪرڪرو ٿي ويو هو جو اسان جي الجيرين دوست برف تان ترڪي پيو هو کيس فريڪچر ته نه ٿيو هو، پر سندس پير سڄي پيو هو ۽ هو منڊڪائي پئي هليو انڪري اسان پنهنجو دورو مختصر ڪري واپس براتيسلاوا آيا هياسين“.
    ذڪا اڃان به ڳالهين جي موڊ ۾ هيو، پر ان وقت لائوڊ اسپيڪر تي گاڏيءَ جي اچڻ جو اعلان ٿيو. هن اتان ڪجھه بيئر جون بوتلون وٺي آيان کي ڏنيون. جنهن تي آيان کيس چيو :
    ”اها تڪليف ڇو ڪيئي، گاڏيءَ ۾ به بار، ريسٽورنٽ آهي“.
    ”ڀلي هجي، پر سفر ۾ پنهنجو ثمر ساڻ هجڻ ضروري آهي“.
    هو ٽئي پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن وڌيا. آيان ۽ عائده، پنهنجين سيٽن تي وڃي ويٺا ۽ آيان دريءَ جي شيشي کي هيٺ سرڪائي هٿ لوڏي ذڪا کان موڪلايو ته گاڏي به چرڻ لڳي.
    عائده ۽ آيان پنهنجا جيڪٽ لاهي مٿي رکيا. ٻن سيٽن ۽ ٻن برٿ واري ان ڪُوپي ۾ هنن سان گڏ هڪ سلوواڪ پوڙهي به ويٺي هئي. هو ٻئي هڪ سيٽ تي ٿي ويٺا.
    ڪجھه دير هو خاموشيءَ سان ٻاهر ڏسندا رهيا. ان کان پوءِ عائده، آيان جي جھوليءَ ۾ مٿو رکي سمهي پئي. آيان، دريءَ کان ٻاهر ڏسندو رهيو. ان وچ ۾ پوڙهي ءَ پنهن جي ٿيلهي مان گھر جا ٺهيل سينڊوچ ڪڍي کائڻ لڳي ۽ آيان کي به دعوت ڏنائين پر آيان انڪار ڪندي کيس چيو:
    ”نه مهرباني!“.
    پوڙهيءَ هن ڏي ڏٺو ۽ پڇيائينس:
    ”وِي ويئيچي سلووينچينا“. (اوهان سلوواڪ ڄاڻو ٿا؟)
    ”آنو“. (ها)
    ”تا تو يي واشا منجلڪا؟“. (اها اوهان جي گهر واري آهي؟).
    ”نيئي، پراتيئلڪا“. (نه، محبوبا آهي).
    ”ڪراسنا يي“. (خوبصورت آهي).
    ”جيڪوئييم“. (مهرباني).
    لڳي پيو ته پوڙهيءَ کي به ڳالهيون ڪري سفر ڪاٽڻو هو، پر آيان کي به ان تي ڪو اعتراض ڪو نه هو.
    ”ڪام ايديئچي“. (ڪيڏانهن پيا وڃو؟).
    ”تاترا“.
    ”اليهه پريسني گجي“. (هاڻي پر ڪٿي؟)
    پهريان ته استاري سموڪوويتس ۾ رهنداسين، پوءِ وري سڄي تاترا ۾ پيا گھمنداسين
    هاڻي وري آيان کانئنس پڇيو:
    ”اوهان ، براتيسلاوا ۾ رهندا آهيو؟“.
    ”نه، هتي پٽ رهندو آهي، هونئن اسان پوپراد شهر جا آهيون“.
    پوءِ ان پوڙهيءَ جنهنجو نالو مگدا هو . کيس ٻڌايو ته هوءَ پٽ وٽ آئي هئي، ٻه ٽي ڏينهن رهي هاڻي گھر پئي وڃي. هن جو مڙس مري ويو هو، کيس صرف هڪ پٽ هو، جيڪو ڪنهن اسڪول ۾ استاد آهي. هوءَ پاڻ به استاد هئي، هاڻي رٽائر آهي. سندس مڙس ٻه سال اڳ جيري جي ڪينسر ۾ مري ويو. آيان کانئس پڇيو ته پوءِ هوءَ پٽ سان گڏ ڇو نه ٿي رهي. ان تي هن چيس: ”اسان وٽ اهو رواج گھٽ آهي، شايد توهان وٽ هجي ته بزرگ والدين پنهنجن ٻارن سان گڏ رهن. هتي والدين وٽ جي گھر هجي ۽ اتي ٻار شادي ڪرڻ کان پوءِ به رهڻ چاهين ته والدين اجازت ڏيندا آهن پر ايئن گهٽ ٿيندو آهي ته والدين ڪنهن شادي شده ٻار وٽ وڃي رهن. هر هڪ جو پنهنجو ڪٽنب آهي. هو جيئن پنهنجن ٻارن جي تربيت ڪرڻ چاهين، تيئن ڪن. زال مڙس جيئن پاڻ ۾ رهڻ چاهين تئين رهن. هڪ نسل جو فرق وڏو ٿئي ٿو. اسان جو وقت ٻيو هو، اسان جي سوچ به اها هوندي ته هاڻي مان ڪيئن پنهنجي پٽ کي صلاح مشورو ڏئي سگھنديس يا هن کي ڪجھه چئي سگھنديس يا وري پوٽي کي ڪجھه سمجھائي سگھنديس. مونکي ڪمپيوٽر جي ڪهڙي ڄاڻ. آيان ان پوڙهيءَ جون اهڙيون منطقي ڳالهيون ٻڌي سوچڻ لڳو ته اسان جي ڪا پوڙهي هجي ها ته ننهن جي گلا ته ضرور ڪري ها. روئي به ضرور ها، ته هن عمر ۾ ٻار سندس خيال نه ٿا رکن. مگدا وري کيس ٻڌايو ته هوءَ پوپراد جي ڀرسان پنهنجي گھر ۾ رهي ٿي کيس ڪچن گارڊن به آهي، جنهن ۾ هوءَ اونهاري ۾ ڀاڄيون پوکي ٿي. جنهنڪري کيس پٽاٽا، پيز، گوبي، بند گوبي پنهنجي ٿئي، جنهنکي هوءَ وري برنين ۾ حفاظت سان رکي سڄو سال استعمال ڪندي آهي ۽ گھڻو ڪجھه پنهنجي پٽ ڏانهن به موڪليندي آهي. ٻيو ته سندس سهيليون به ان ڳوٺ ۾ آهن. اتي رهڻ ڪري هاڻي ان جي زندگي اها ئي آهي.
    پوءِ هن آيان کي زوري ساسيجز ڏنا ته اهي سندس گھر جا ٺهيل آهن. ان کان علاوه کيس هڪ بوتل به ڏني ۽ چيو ته هي ”سلووويتسا“ (آلوبخاري جو شراب جيڪو گھڻو تيز هوندو آهي) تاترا جي سردي ۽ محبوبا جي موجودگيءَ ۾ کيس گهڻو ڪم ايندو. هن جي گھڻي زور ڀرڻ تي آيان اهي شيون پاڻ وٽ رکيون. ان پوڙهيءَ کيس پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چيو پر آيان کيس چيو ته هو اڳ ئي تاترا جي مختلف هنڌن تي رهڻ جي جڳهن جي بوڪنگ ڪرائي چڪو آهي. پر پوڙهي به ڪا مڇڏو هئي يا ايڏي قربدار هئي جو آيان کي پنهنجي ايڊريس ۽ ٽيليفون نمبر ڏيندي چيائين ته واپسيءَ ۾ جي کين وقت ملي ته هن وٽ هڪ ٻه ڏينهن رهي پون.
    ڪجھه دير خاموشي ٿي وئي ۽ ٻئي ٻاهر نهارڻ لڳا. عائده اڃان ننڊ ۾ هئي. پوڙهيءَ آيان کان پڇيو ته هو ڪهڙي ملڪ جو آهي آيان کيس پاڪستان جي باري ۾ ٻڌايو، ته هن وري عائده جي باري ۾ پڇيو جنهن تي آيان کيس ٻڌايو ته هوءَ البانيا جي آهي. جنهن تي عورت پڇيس ته ، ٻئي محمدن (مسلم) آهيو؟! آيان کيس ٻڌايو ته هو آهي. باقي عائده عيسائي آهي. جنهن تي عورت حيران ٿيندي کيس چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آيان کيس چيو ته پيار ۽ عشق جي ڪري سڀ ممڪن آهي.
    پوپراد پهچڻ وارا هئا ته آيان کي مهندر ياد آيو. جيڪو به جڏهن پوليس کان ڀڳل هو ته ته هن شهر جي ڪنهن هوٽل ۾ رهيل هو، جتان وڃي پوءِ هن خودڪشي ڪئي هئي ۽ پوليس کي لکيل خط ۾ پوپراد جي هوٽل جي بار ي ۾ لکيل هو. پوپراد، ان شهر ڪوشيتسي کان گھڻو پري ناهي جتي مهيندر پڙهندو هو. اهو حصو ”اوڀر سلوواڪيا“ سڏبو آهي.
    آيان، عائده کي اٿاريو ته اسٽيشن اچڻ واري آهي. هو ٻئي اسٽيشن تي لٿا. پوڙهي کين پيار ڪري موڪلائي وئي. هو وري اسٽيشن جي ڪائونٽر طرف ويا جتان هنن استاري سموڪوويتس لاءِ ٽڪيٽ ورتي، اتان کين ٻي ٽرين کڻڻ واري هئي، جنهنکي ڪيبل ٽرين پئي سڏيو ويو، جيڪا ننڍي گيج جي هئي. اها ڪيبل ٽرين به بجليءَ تي ئي هئي پر ان جي هيٺان هڪ لوهي رسو به هو جنهن سان جڙيل هجڻ ڪري هو مٿاهين ڏانهن وڃي پئي سگھي.
    پوپراد جي اسٽيشن به خوبصورت ٺهيل هئي، جنهن مان اهو پئي بکيو ته ڪنهن پهاڙي علائقي جي اسٽيشن آهي. آيان کي ياد آيو ته ان علائقي ۾ سڀ اسٽيشنون اهڙيءَ ريت ٺهيل آهن جتان ان علائقي جي ثقافت جي ڄاڻ پئي ٿي. انهن هنڌن تي ڪاٺ جو به گھڻو استعمال ٿيل آهي، جو پراڻي زماني ۾ انهن هنڌن تي ماڻهو ڪاٺ جو جھوپڙيون ۽ گھر ٺاهي رهندا هئا.
    هو ٻي پليٽ فارم تي آيا. جتان هنن جي ٽرين وڃڻي هئي. ان کان اڳ ۾ آيان هڪ فوڊ اسٽال تان سينڊوچ ورتا. بوگيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ هنن ڪا خلاصي سيٽ پئي ڳولهي. هونئن گاڏيءَ ۾ گھڻا ماڻهو ڪو نه هئا. ان ريل ۾ سيٽن تي نمبر به ڪو نه هئا. جنهن کي جتي وڻي اتي ويهي. ٽرين هلڻ لڳي. شهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ خوبصورت منظر شروع ٿي ويا. ٻاهران ننڍا ڳوٺ، سر سبز ٻنيون. آيان ۽ عائده بيئر پيئڻ لڳا ۽ سينڊوچ به کائڻ لڳا. ان وچ ۾ ننڍيون اسٽيشنون به پئي آيون، جن تي ڪي مسافر لٿا پئي ته ڪي وري چڙهيا پئي. آيان، عائده کي ٻڌايو ته کيس تاترا هل اسٽيشن ڏاڍي وڻندي آهي، انڪري جڏهن به ڪجھه ڏينهن موڪل هوندي هئي ته هن طرف نڪري ايندو هو. ڪڏهن دوستن سان ته ڪڏهن اڪيلو، کيس هتان جون خوبصورتيون، وڻن جي خوشبوءِ، ٻيلي ۾ کنڀيون ميڙڻ ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. هن کيس ٻڌايو ته هڪ ڀيري هو اڪيلو ئي هن طرف نڪري پيو هو. ڇو جو سندس دل تنها رهڻ پئي چاهيو. هو پاڻ سان ڪتاب ۽ موسيقيءَ جون ڪيسيٽون کڻي آيو هو. ان وقت هن ڪنهن به هوٽل يا ريسٽ هائوس ۾ بوڪنگ نه ڪرائي هئي. هن جو خيال هو ته جتي سندس دل چوندي ته ان اسٽيشن تي لهي پوندو، جتي هن جي دل چاهيندي اتي رهي پوندو. جڏهن اوندهه ٿيڻ لڳي هئي ته ِ هو “پود ليسوم” (ٻيلي هيٺان) اسٽيشن تي لهي پيو هو. ان ننڍڙي اسٽيشن تي لٿو ته ماڻهو کيس حيرت مان ڏسي رهيا هئا. ڇو جو ان هنڌ تي گھڻو ڪري سياح لهندا ئي ناهن جي ايندا به آهن ته سياري ۾ اسڪنگ جي لاءِ. پر انهن ۾ به هنن ڪڏهن ناسي يا ڪارو سياح نه ڏٺو هو، باقي نه ته رڳو هتان جا يا ويجھڙ جي ڳوٺن جا ماڻهو لهندا هئا. هو سڌو ٽڪيٽ ڪائونٽر تي ويو ۽ اتي ويٺل ڇوڪريءَ کان پڇيو ته هتي رهڻ لاءِ کيس ڪا جڳهه ملي سگھندي؟!، ڇوڪريءَ پهريائين ته کيس حيرت مان نهاريو پوءِ ٻڌايائينس ته اهو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي پر وري به ٻه اهڙيون جڳهون آهن جتي رهي سگھجي پيو پر جيئن ته هاڻي ٽوئرسٽ سيزن ناهي انڪري انهن جي به مرمت پئي هلي. اها ڳالهه ٻڌي، آيان پريشان ٿي ويو. هن وري کانئس استاري سموڪوويتس لاءِ ٻي ٽرين جو پڇيو. جنهن تي هن کيس ٻڌايو ته اها آخري ٽرين هئي جنهن مان هو لٿو هو. ان تي آيان وري پريشان ٿيو. هن کي پريشان ڏسي ان عورت کيس چيو ته اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ رات رهي سگھي ٿو، صبح جو جيئن ٽرين اچي ته هو پوءِ ڀلي وڃي.آيان سندس لک ٿورا مڃيا. ان عورت کيس ويٽنگ روم کولي ڏنو. آيان پنهنجو رڪ سيڪ ڪمري ۾ رکي پاڻ ٻاهر اچي، ان ساڳي عورت کي پنهنجو تعارف ڪرايو، ان به پنهنجو نالو سِويتلانا ٻڌايو . آيان کيس چيو:
    ”آءُ ڳوٺ ۾ وڃي ڪجھه کائي پي اچان، پوءِ اهو روم کليل هوندو يا ڪا چاٻي ڏيندئو؟!“
    جنهن تي سويتلانا، کيس ٻڌايو:
    ”آءٌ هتي ئي رهنديس، مان به ٻي ڳوٺ جي آهيان، هاڻي واپسي نه ٿيندي. جڏهن منهنجي اهڙي ڊيوٽي هوندي آهي ته رات هتي ئي رهي پوندي آهيان، تنهنڪري جنهن وقت واپس اچو ته ڪمري جو در کڙڪائجو“.
    آيان سندس مهرباني مڃيندي. کانئنس ريسٽورنٽ تان ڪجھه وٺي اچڻ لاءِ پڇيو. جنهن تي هن انڪار ڪيو. هن کيس ڳوٺ جي ڪرچمي(پب) جو ڏس ڏنو.
    آيان اسٽيشن مان نڪري گھٽين ئي گھٽين مان ان پب ڏانهن وڌيو. کيس ننڍڙو ڳوٺ سهڻو لڳي رهيو هو. گھٽيون ڪشاديون، گھر سهڻا، درين ۾ گلن جون ڪونڊيون رکيل، گھڻن گھرن تي ٻاهران فانوس لڳل هئا. هو پب ۾ داخل ٿيو. اتي دونهين ۽ آوازن جو انبوهه هو. هن ڏٺو ته ان ننڍي پب جون سڀ ميزون ڀريل هيون. هن جي داخل ٿيڻ تي سڀني هن ڏانهن حيرت مان ڏٺو پر وري پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي ويا. آيان ڪائونٽر جي سامهون رکيل هڪ اسٽول تي وڃي ويٺو، بارمين سندس ويجھو آيو ۽ کيس چيو
    ”دوبري ويچر“. (گڊ ايوننگ).
    ”دوبري ويچر“. آيان کيس وراڻي ڏئي کيس پنهنجي لاءِ بيئر جو آرڊر ڏنو.آيان پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي ته پب ۾ کيس وچولي عمر وارن ۽ پوڙهن جي گھڻائي نظر آئي. انهن ۾ به گھڻا هاري يا مزدور لڳي رهيا هئا.جيڪي وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هن جي ڀر ۾ ٻي اسٽول تي به هڪ ڪراڙو ويٺل هو. جڏهن آيان جو بيئر آيو ته ان پوڙهي کيس چيئرس ڪيو. آيان ٻن ٽن بيئرس کان پوءِ بارمين کان کاڌي لاءِ پڇيو ته هن ٻڌايس ته هن وٽ رڳو بند گوبيءَ جو ۽ مٽرن جو سوپ آهي. آيان کيس مٽرن جي سوپ جو آرڊر ڏنو. هن کي اهو سوپ دال وانگر لڳندو هو.
    ٿوري دير ۾ بارمين، سوپ ۽ هڪ ننڍي ٽوڪريءَ ۾ دسترخوان ۾ ويڙهيل ناسي بريڊ رکي. آيان اها کائڻ لڳو.
    واپسيءِ ۾ آيان هڪ ڳاڙهي وائين جي بوتل ۽ بيئر جون بوتلون ورتيون.
    اسٽيشن تي آيو، هن دروازو کڙڪايو ته سِويتلانا، دروازو کوليو ۽ آيان کي ويٽنگ روم جي چاٻي ڏنائين. سِويتلانا، پنهنجي يونيفارم لاهي، سليپنگ سوٽ پاتو هو. آيان کيس، وائين جي بوتل ڏيندي چيو :
    ”هي اوهان جي لاءِ“.
    ”مون ته اوهان کي منع ڪئي هئي“.
    ”منهنجي دل چاهيو“.
    ائين چئي آيان چاٻي کڻي ويٽنگ روم جو دروازو کولي اندر هليو ويو. هن پنهنجي رڪ سيڪ مان جاگنگ سوٽ ڪڍيو، جنهنکي هو سمهڻ جي ڊريس طور استعمال ڪندو هو. ايتري دير ۾ دروازي تي کٽ کٽ ٿي، آيان ڏٺو ته سِويتلانا هئي جنهن جي هٿ ۾ وائين جي بوتل ۽ ٻي هٿ ۾ ٻه گلاس هئا.
    ”جي وٺي آيا آهيو ته پوءِ اچو ته پيئون“.
    آيان هن جي اندر اچڻ لاءِ در کوليو ته سِويتلانا کيس چيو:
    ”نه ٻاهر ورانڊي ۾ ٿا ويهون“.
    آيان دروازو بند ڪري ٻاهر آيو ۽ هو ٻئي ورانڊي ۾ رکيل هڪ بينچ تي ويهي رهيا. ڳوٺ ۾ خاموشي هئي پريان ڪٿان ڪٿان ڪنهن ڪتي جي ڀونڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
    سِويتلانا، هڪ گلاس ۾ وائين وجھي ٻي ۾ وجھي رهي هئي ته آيان کيس منع ڪندي چيو:
    ”مان بيئر پيتو آهي، اهو ئي پيئندس“.
    هن بيئر جي بوتل کنئي ته سِويتلانا، آفيس مان ٻجي کولڻ لاءِ اوپنر کڻي آئي.
    سِويتلانا، هن کان پڇيو ته هو هن هنڌ ڪيئن رهي پيو؟! ان تي آيان کيس ٻڌايو ته بس ڪجھه ڏينهن کان هو بي چين هو، کيس تبديلي کپندي هئي. پر هن اڪيلو پئي رهڻ چاهيو، انکان علاوهه پنهنجي زندگيءَ مان ترتيب ڪڍي ڪجھه گھڙيون حالتن جي حوالي سان گھارڻ پئي چاهيون. انڪري هن اهو ارادو ته ڪيو ته کيس تاترا وڃڻو آهي، پر هن اهو فيصلو نه ڪيو هو ته رات ڪٿي گذاريندو؟!.
    ”توهان کي گرل فرينڊ ناهي؟“.
    ”آهي، پر هن دفعي ان کي به ساڻ کڻڻ نه پئي چاهيم جنهن تي هوءَ مون کان چڙي به سهي“.
    ”بي چيني ڇو؟“.
    ”بس اها خبر هجي ها ته اها بي چيني ختم نه ڪري ڇڏيان ها“. ويرم رکي وري چيائين:
    ”بس پنهنجو پاڻ کي ڳولهڻ پئي چاهيم“.
    ”اڄ تائين ڪنهن پنهنجو پاڻ کي ڳولهي لڌو آهي، ڪنهن به نه“.
    ”ائين ناهي، اسان وٽ صوفين، هندو ۽ ٻڌ ڌرم ۾ رشين، ساڌوئن، ڀڪشوئن پاڻ کي ڳولهي لڌو آهي“.
    سِويتلانا، کلي ته آيان کي لڳو ته هُن تي وائين اثر ڪري رهيو آهي. سويتلانا چيو:
    ”منهنجي خيال ۾ ته ايئن ناهي، هو ته ٻي کي ڳولهيندا آهن، خدا کي ڳولهيندا آهن، ايشور کي ڳولهيندا آهن، ٻڌا کي ڳولهيندا آهن. پر اهو ڳولهيندي ڳولهيندي هنن تي اهو راز کلندو آهي، ته هو جنهن کي ڳولهين پيا اهو ته هنن جي اندر ۾ موجود آهي، سو هو ڳولهين ٻين کي پيا پر لڀي پاڻ ۾ پين“.
    ”پنهون پنهون ٿي ڪيم پنهون هيس پاڻ“.
    ”رب رب ڪردي فران..“.
    ”ڇا چيو توهان؟“.
    ”توهان واري ڳالهه جي تصديق پئي ڪيم، اسان وٽ صوفي شاعر ائين چئي ويا آهن. پر اڃان تائين به منهنجو من نه ٿو مڃي. مان سمجھان ٿو ته مون وٽ ڪو دليل ناهي پر اهو ضرور چئي سگھان ٿو ته جيستائين ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نه ٿو ڳولهي سگھي، تيستائين ٻي ڪنهن کي ڪيئن ڳولهي سگھندو؟!“.
    ”مون اهو سڀ ڪجھه ائين نه چيو آهي، مون ٿيالوجي پڙهي آهي، مسٽسزم پڙهي آهي، هندو ڌرم کي پڙهيو اٿم، ٻڌ ڌرم جو پيرو کنيو اٿم، اوشو جي ڪتابن کي ولوڙيو اٿم. تڏهن ان نتيجي تي پهتي آهيان جيڪو نج منهنجو پنهنجو نظريو آهي“.
    ”توهان يونيورسٽي ۾ اهو سبجيڪٽ کنيو هو ڇا؟“.
    ”يونيورسٽي پاس هجان ها ته هن ننڍي اسٽيشين تي ٽڪٽ وڪڻندڙ هجان ها. مان ته رڳو جمنازيم پاس ڪئي آهي، يونيورسٽي ڪٿي پڙهي سگھيم؟! خواهش ته ڏاڍي هئي. باقي اهو سڀ ڪجھه پڙهڻ جو موقعو به هن نوڪريءَ جي ڪري مليو. اڄ توهان اتفاق سان رهي پيا آهيو، نه ته هفتي ۾ منهنجي ٽي دفعا ٻٽي ڊيوٽي هوندي آهي. پوءِ مون کي هتي رهڻو پوندو آهي. هتي اڪيلي، هوندي آهيان، پهريائين ته موسيقي ٻڌندي هيس، ڪنهن پنهنجي سهيلي يا دوست کي هتي رهڻ لاءِ چوندي هيس. پر ڪيستائين؟! ان ڪري اڪيلي رهڻ لڳيس. ان خاموشيءَ، ان گھڻي وقت مون کي سوچڻ جو موقعو ڏنو. پهريائين ته عجيب سوچون هونديون هيون. سيڪس جون، سڦل جيون گذارڻ جون، ٻي ڪنهن کي هارائي پاڻ کي کٽرائڻ جون. پر پوءِ مون کي لڳو ته اهو سڀڪجھه اجايو آهي. انڪري مون دنيا جي تخليق کان وٺي انسان جي تخليق تي سوچڻ شروع ڪيو، پوِ اهو سوچيو ته هن جي تخليق جو مقصد ڪهڙو آهي؟“.
    ”ان عمل ۾ ڪو استاد يا رڳو توهانجي سوچ هئي؟!“.
    “منهنجي پنهن جي سوچ هئي. هتي ته سوشلسٽ حڪومت ۾ اهڙي سوچ رکڻ گناهه هو. انڪري اهو اندر ۾ لڪائي پئي جيئندي هيس. پوءِ هڪ منهنجي سهيلي مون کي ٻڌازم تي ڪتاب آڻي ڏنو. هوءَ ايسٽ جرمني وئي هئي ۽ اتي ڪنهن دوست جي گھر ۾ اهو ڪتاب ڏسي منهنجي لاءِ وٺي آئي هئي. اهو پڙهيم. پوءِ اهڙي ريت جستجو وڌندي وئي. مون گھڻي پڙهائي 1989 جي انقلاب کان پوءِ ڪئي. جڏهن سرحدون کليون ته جيڪي دوست ٻاهر جرمني، آسٽريا يا ڪن ٻين ملڪن ۾ ويندا هئا ته هنن کي ڪتاب لکي ڏيندي هيس..... ڪتاب ته نه پر مذهبن جا نالا، اوشو جو نالو، اهڙي ريت مون وٽ ڪتاب پهچندا ويا ۽ منهنجي دنيا محدود مان لامحدو ٿي وئي پر وري محدود ٿي وئي“.
    ”اها ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي!!“.
    ”سمجھه ۾ ايندءِ به نه، جي ڪنهن جي سمجھائڻ سان اها ڳالهه سمجھه ۾ اچي ها ته دنيا ۾ ايڏا وڳوڙ نه هجن ها“.
    ”هاڻي توهان مطمئن آهيو؟“.
    ”مطمئن ڪوئي ڪڏهن به ڪو نه هوندو آهي پر طمع مري وئي آهي“.
    ”ڇا جي؟“.
    “سُک جي، خواهشن جي مڪمل ٿيڻ جي. پنهنجو پاڻ کي امر ڪرڻ جي“.
    ”ٻار آهن؟“.
    ”هئا؟“.
    ”مطلب؟“.
    ”مڙس ڇڏي ويو، ٻارپاڻ سان وٺي ويو“.
    ”ڇو ڇڏي ويو؟“.
    ”چيائين تون هاڻي ، فرج جيان ٿڌي ٿي وئين آهين. مون کي رسپانس نه ٿي ڏين“.
    ”بس انڪري؟!“.
    ”ها انڪري“.
    ”پوءِ ٻار ڇو وٺي ويو؟“.
    ”اها مون کي پاڻ سمجھه ۾ نه آيو. شايد، هميشهه لاءِ مون مان جان پئي ڇڏائڻ چاهيائين نه ته ڪو نه ڪو رابطو ته رکڻو پئيس ها“.
    ”پوءِ؟“ .
    ”شادي ڪري ڇڏيائين، ٻار هن جي ماءُ سان گڏ رهن ٿا“.
    ”توهان ڪو ڪيس نه ڪيو عدالت ۾؟!“.
    ”نه، مون کي الائي ڇو يقين هو ۽ آهي ته ٻار منهنجا آهن، ڪٿي به رهن منهنجا آهن ۽ مون ڏي ورندا ضرور“.
    ”هاڻي ايندا آهن؟!“.
    ”هڪڙو ته ننڍو آهي پر وڏو ڇوڪرو پيءُ کان لڪي مون وٽ ايندو آهي، کيس جام پيار ڪندي آهيان، هو رڳو منهنجن هٿن کي چمندو ۽ سنگهندو رهندو آهي، ۽ چوندو آهي ته مون اهڙي خوشبو ڪٿي نه سنگھي آهي“.
    آيان جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، کيس پنهنجي ماءُ جي هٿن جي خوشبو ياد اچي وئي.
    ”هو مون ڏي ئي ورندا، پر الائي ڇو يقين اٿم ته منهنجو مڙس به مون ڏانهن ورندو. جڏهن سندس جنسي خواهشون ڍريون ٿينديون، جيڪي ضرور ٿيڻيون آهن“.
    ”جنس يا سيڪس گناهه ته ڪونهي؟ اوشو به ايئن چيو هو“.
    “ها، پر ان تي مون کي اوشو سان اختلاف آهي، سيڪس کي گناهه نه سمجھجي پر ان کي پنهنجي مٿان مڙهڻ نه ڏجي“.
    ”خير اهو وقت طلب بحث آهي“.
    سِويتلانا، هن کان پڇيو:
    ”يوگا ڪندا آهيو ڇا؟“.
    ”ها پر پابنديءَ سان نه“.
    ”ڇو جو توهان ڳالهائيندي ڳالهائيندي اڻڄاڻائيءَ ۾ پدم آسڻ ۾ ويهي رهيا“.
    آيان کليو.
    ”ها ايئن ڪرڻ سان منهنجو ٿڪ ڀڄندو آهي“.
    ”پر لڳي ٿو ته يوروپين ۽ انڊين سب ڪانٽينٽ جي ايناٽاميءَ جو فرق آهي. اسان کي ان لاءِ ڏاڍي رياضت ڪرڻي پوندي آهي ته ٻنهي پيرن کي سٿرن جي مٿان ڪيئن رکون پر توهان آسانيءَ سان ڪري ويندا آهيو“.
    ”شايد، ائين هجي مون کي خبر ناهي“.
    ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آيان پنهنجي بيئر جون بوتلون خالي ڪري ويو. کيس اڃان ٻاڙ ٿي. ٻيو هن جي اندر جي بيچيني به وڌندي پئي وئي ته اهڙي خوبصورت ماحول ۾ سهڻي عورت ساڻ هوندي به هن کي پيار نه پئي ڪري سگهيو.
    سِويتلانا، هن ڏانهن پنهنجي وائين جي اڌ بوتل وڌائيندي چيو:
    ”هي پيئو، باقي ٻيو ڪم ٿي نه سگھندو“.
    آيان شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيو ته هن سندس سوچن کي ڪيئن پڙهي ورتو.
    ”پر، آءُ اوهان کي ڀاڪر ۾ ڀري سگھان ٿي، توهان کي اڪيلي پڻ جي احساس کان نجات ڏيارڻ لاءِ“.
    هن آيان کي ڀاڪر پاتو. آيان کي اها خوشبو، پنهنجي پنهنجي لڳي.
    هو گھڻي دير اتي ويٺا رهئا.
    آيان کي هڪ ڳالهه جي حيرت لڳي ته هن جي ڀاڪر ۾ به هوندي جيڪا هڪ سهڻي عورت به آهي، هن جي من ۾ سيڪس جي خواهش ڪر ڇو نه کنيو. ان تي سوچڻ لڳو ته کيس سِويتلانا چيو:
    “پنهنجو پاڻ کي ٿڪايو نه، توهان گھڻا ٿڪيل آهيو، جڳن جا ٿڪيل آهيو، اکيون بند ڪري، ڏسو ته توهان ڪيئن نه جهرڻي جي هيٺيان بيٺا آهيو. پاڻيءَ جي موسيقي محسوس ڪيو. محسوس ڪيو توهان هڪ پوپٽ ۾ تبديل ٿي ويا آهيو. تو هان اڏامي هڪ گل تي ويهو ٿا....“.
    اهو ٻڌندي ٻڌندي، آيان کي ننڊ اچي وئي. صبح جو اٿيو ته ڏٺائين ته هو سِويتلانا جي هنج ۾ ستو پيو هو. هوءَ به ستي پئي هئي سندس ڪنڌ بينچ جي پٺيءَ تي هيو، هن جا سونهري وار سندس سيني تي پکڙيل هئا.
    آيان جي چرپر جي ڪري سويتلانا به سجاڳ ٿي وئي. هو ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ويا.
    ٿوري دير کان پوءِ آيان جي ڪمري جو دروازو کڙڪيو. هوءَ ڪافي کڻي آئي هئي. ان سان گڏ مکڻ ۽ گھر جي ٺهيل جيم لڳل بريڊ به.
    آيان تيار ٿيو، هن کي پنهنجي اندر ۾ هڪ تبديلي محسوس ٿي.ٻاهر استاري سموڪوويتس وڃڻ لاءِ اسپيڪر تي انائونسمينٽ ٿي. هن پنهنجو رڪ سيڪ کنيو. سِويتلانا، به ٻاهر بيٺي هئي. آيان بي اختيار جھڪي سندس پيرن تي هٿ رکيا ۽ هن سندس پيشانيءَ کي چميو. آيان کي لڳو ته اها چمي سندس نرڙ تي چمڪي رهي هئي.
    گاڏي چرڻ شروع ٿي، ٻنهي جا هٿ لڏندا رهيا ۽ ماڻڪين جا لينس ڌنڌلا ٿيندا ويا.


    13

    آيان کي پيشانيءَ تي چمي محسوس ٿي، اها عائده هئي جنهن کيس هن حالت ۾ واپس ورايو ۽ چيائين:
    ”ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڪٿي گم ٿي وئين، پر مون ڏٺو ته تون پنهنجي ڌن ۾ مگن هئين انڪري تو کي ڊسٽرب نه ڪيم“.
    آيان خاموش رهيو. ٽرين آهستي آهستي رڪي رهي هئي.
    استاري سموڪوويتس جي اسٽيشن اچي وئي هو ٻئي اتي لٿا. عائده کي اسٽيشن جي عمارت وڻي، ڇو جو اها پراڻي ۽ ثقافتي انداز ۾ ٺهيل هئي. ٻاهر نڪتا ته آيان پنڌ ئي پنڌ هلڻ لڳو ته عائده کانئنس پڇيو ته ٽيڪسي تي هلبو؟! جنهن تي آيان چيو:
    ”ان تي به هلي سگھجي ٿو پر پيادل به پري ناهي. مان ايئن ويندو آهيان“.
    ”ته پوءِ ٺيڪ آهي“.
    هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي سنسان روڊ سان هلندا ويا. عائده کي اهو ننڍو شهر ته نه پر ننڍو ڳوٺ سٺو لڳي رهيو هو. ڪجھه دير کان پوءِ هو روڊ ڇڏي ٻيلي ۾ هلڻ لڳا. آيان کيس ٻڌايو ته هتي اڪنامڪس يونيورسٽي جو ريسٽ هائوس آهي. جيڪو هن جي سپروائزر هنن لاءِ بوڪ ڪرائي ڇڏيو آهي. ان طر ف هلون ٿا. عائده مرڪي کيس ڏٺو. هو هڪ هنڌ پهتا. اهو ئي سندن مسڪن هو. هڪ ٻن منزلن وارو گھر هو. هو پنهنجي ڪمري تي ويا. سامان رکيائون ڪچن جو جائرو ورتائون گيس، فرج ، ٿانو موجود هئا. ڪجھ دير آرام ڪرڻ کان پوءِ گھمڻ نڪتا. اوندهه ٿي چڪي هئي. رستي جون فوگ لائٽس ٻري رهيون هيون. هو انهن پيچرن تان هلندا مين روڊ تي آيا. آيان کيس ان طر ف وٺي ويو، جتي ريسٽورنٽ هئا.
    پر ان کان اڳ ۾ آيان عائده کي چيو ته ناشتي لاءِ ڪجھه وٺڻو هجي ته وٺي ڇڏ، جو پوءِ دڪان بند ٿي ويندا. عائده خريداري ڪئي بل آيان ڏنو.
    پوءِ هڪ ريسٽورنٽ تي آيا، جتي بيئر پيڻ به لڳا ۽ اتي ئي هنن بيف اسٽيڪ جو آرڊر ڏنو. جيڪو کائڻ کان پوءِ هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي انگريزي فلمن جي گھوڙن جيان وات مان ٻاڦ اوڳاڇيندا پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيا.
    عائده چيو:
    ”مون کي هي سڀ هڪ خواب ٿو لڳي، ايتري رومينٽڪ جڳهه هي وڻڻ مان برسات کان پوءِ ڪرندڙ قطرا، پائينس جي خوشبوءِ، تنهنجي خوشبو، اڪيلا رستا، پيليون روشنيون،۽ تنهنجو ساٿ“.
    ”انڪري ئي توکي هن طرف وٺي آيس. مان هي جڳهه پسند ڪندو آهيان“.
    ” پر مان ان کي پيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي“.
    سردي وڌي رهي هئي. هو اندر گھر آيا، ٽي ويءَ واري ڪمري ۾ هڪ فيملي ويٺي هئي، زال مڙس ۽ سندن هڪ ٻار هو. هنن انهن کي شام جو سلام ڪيو. هنن به کين وراڻي ڏني. هي ٻئي مٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيا.
    سندن بيڊ سان گڏ، ئي شيشي جي وڏي دري هئي. جنهن تي سنها اڇا ريشمي پردا، ۽ انهن جي اڳيان وري ناسي ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل پردا لڳل هئا. عائده ڳرا پردا هٽائي ڇڏيا، دريءَ مان ٻاهر ٻيلي جو منظر پئي نظر آيو. آيان ڪمري جي لائيٽ به بند ڪري ڇڏي ته جيئن ٽيوب لائيٽ جي دريءَ جي شيشي تي رفليڪشن نه پئي.
    رڳو هڪ خوشبوءِ واري ميڻ بتي جيڪا هن دڪان تان خريد ڪئي هئي، اها ٻاري.
    هو ڀاڪر ۾ ويٺا، پنهنجي مٿان ڪمبل وجھي ڇڏيائون. ٻاهر هلڪي روشني هئي. عائده البينين ٻوليءَ ۾ هڪ نغمو ڳائڻ شروع ڪيو. آيان خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو، جڏهن عائده اهو ڳائي پورو ڪيو ته پاڻ ئي ان جو ترجمو ٻڌائڻ لڳي:
    In this world, love lives no more
    Time has no time for us anymore, no
    Noo, oh
    Noo... oh...
    Time has no time for us anymore
    (هن دنيا ۾ پيار گهڻو
    وقت نه ٿو رهي،
    وقت کي اسان لاءِ وڌيڪَ
    وقت ناهي ...... ناهي)
    My airplane lands
    On your souls's unlit runway.
    They elbow their way and rise today,
    Those who couldn't live yesterday.
    (منهنجو جهاز ،
    تنهن جي روح جي اونداهي رن وي تي لٿو
    اهي مڙيا ۽ جاڳي پيا
    جيڪي ڪالهه زندهه رهي نه سگھيا)
    But yesterdays have no importance
    they were devoured by stormy seas.
    Oh, tomorrows won't bring anything,
    Only hope without hope and madness...
    (پر ڪالهه کي ڪا اهميت ناهي
    اهي ختم ٿي ويا طوفاني سمنڊن ڪري
    اوهه، سڀاڻو ڪجھه به نه کڻي ايندو
    رڳو اميد، اميد بنا ۽ چريائپ..)
    Let me cry... cry... cry...
    Cause this is the best I can do now
    Cause this is the best I can do now
    (مون کي روئڻ ڏي
    ڇو جو هن وقت اهو ئي ڪم چڱي نموني ڪري سگھان ٿي)
    اهو ٻڌڻ کان پوءِ آيان، عائده کي چيو: ”مون ته سمجھيو ته ڪو رومينٽڪ گانو ڳائيندينءَ، هن مهل جهڙو، هن موسم جهڙو، پر ڳايئي به ته اداسيءَ وارو، ڏک ۽ ڪاوڙ وارو“.
    ”ان جو مون وٽ ڪو خاص سبب ڪونهي، بس دل ائين چيو ته مان به ڳائي ويٺيس. تون سنجيده نه ٿي“.
    هو ٻئي خاموش رهيا.

    ******

    تاترا جي سير ۽ براتيسلاوا ۾ آيان جي گائيڊ پروفيسر سان ملڻ کان پوءِ هُو پراگ واپس آيا. سلوواڪيا مان واپسيءَ جي ٻي ڏينهن تي عائده جي واپسيءَ جي فلائيٽ هئي،
    واپس اچڻ کان پوءِ هنن ٻنهي کي هڪ اداسي وڪوڙي وئي. هنن کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ کپندو هو، جو هنن وٽ وقت ٿورو هو، پر ائين پئي لڳو ته هو جي ڳالهائيندا ته روئي ويهندا. انڪري ٻئي خاموش ئي رهيا.
    پراگ جي پراڻي شهر ۾ هو جڏهن ”اورلي پراها“، جيڪو ستارن جي علم جي حساب سان ٺهيل ٽاور آهي، جنهن ۾ وقت سان گڏ، گرهن جي چر پر به معلوم ڪري سگھجي ٿي، پهتا ته ان وقت ڏينهن جا يارهن وڄڻ وارا هئا، هو به ٻين سياحن جيان ان ٽاور وٽ اچي بيٺا. گھنڊ لڳڻ شروع ٿيو. ٽاور جون دريون کليون، ان مان ڪاٺ مان ٺهيل مختلف مذهبي شخصيتن جا مجسما نظر ايندا ويا ۽ آخر ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني ۽ هڪ هڏائون پڃرو ڪري پيو. ان وقت سڀني سياحن جون ڪيمرائون ڪلڪ ڪلڪ ڪرڻ لڳيون. آيان به پنهنجي ايسٽ جرمن ڪيميرا پريڪتيڪا سان فوٽو ڪڍيا. پر ان وقت به هو خاموش رهيا.باقي هو ٻانهن ۾ ٻانهن وجھي گھمي رهيا هئا. اتان ٿي هو پيدل ئي پيدل چارلس برج تي آيا. هڪڙي مجسمي جي اڳيان عائده بيهي رهي ۽ ان مجسمي جي پاڙ ۾ هيٺ ٽي چار ماڻهو، شيخن واري ڪوٺڙي ۾ بند هئا، ۽ مٿان هڪ ماڻهو پٽڪي سان بيٺل هو ۽ هڪ ڪتو انهن باندين تي باهي رهيو هو. عائده، آيان کان پڇيو ته هي ڪنهن جا بت آهن ڇا کي ٿا ظاهر ڪن؟
    آيان کيس ٻڌايو: ”اهي باندي عيسائي آهن جيڪي سلطنت عثمانيا وٽ قيد آهن. اهو پٽڪي وارو ماڻهو ترڪ سپاهي آهي. هي مٿي جيڪي مجسما آهن، اهي يان آف ماٿا، فليڪس آف واليس۽ ايوان جا آهن. سينٽ ايوان، جيڪو سلاو قوم جو سرپرست آهي، ان جو مجسمو هتي سمجھه ۾ نه ٿو اچي، باقي ٻئي ٻيا سينٽ، عيسائيت جا پرچارڪ رهيا آهن ۽ معاف ڪرڻ ۽ آزادي ڏيارڻ وارا به آهن. ڇو جو اهي ترڪن وٽ غلام بڻايل عيسائين کي خريد ڪري آزاد ڪندا هئا. هي جيڪي ماڻهو هيٺ بنديخاني ۾ آهن، اهي به ان ئي آس سان هنن کي پڪاري رهيا آهن ته جيئن کين به آزادي ڏيارين“.
    ”انهن ترڪي وارن وڏا ّظلم ڪيا آهن، هتان ٻار کڻي ويندا هئا جن کي پاڻ وٽ رهائي انهن کي ٽريننگ ڏئي جنگ ۾ يورپ سان وڙهائيندا هئا ته جيڪڏهن مرن ته ٻنهي پاسن کان اهي ئي مرن. البانيا تي به انهن جي حڪومت رهي آهي، اسان وٽ به هنن جي تاريخ ڪا سٺي نه رهي آهي“.
    ان مجسمي تان هٽي هو سينٽ جان آف نيپومڪ جي مجسمي جي ڀرسان آيا. آيان، کيس ان جي باري ۾ ٻڌايو ته عائده، پنهنجو هٿ پل تي ٺهيل نشان تي رکي چپن ئي چپن ۾ دعا گھري ۽ پوءِ پنهنجي سيني تي هٿن جي اشاري سان صليب جو نشان ٺاهيو.
    چارلس پل پار ڪري هو مالا استرانا طرف آيا، ان جي ڇيڙي وٽ پراڻي زماني جي هڪ پاڻيءَ تي هلندڙ چڪي به لڳل هئي ۽ ان کان علاوهه هڪ ننڍو واهه ولتاوا نديءَ مان ڪڍيو ويو هو، جيڪو پوءِ وري ڦيرو کائي ڪجھه مفاصلي کان پوءِ ساڳي ولتاوا سان مليو پئي. اهو هنڌ آيان کي ڏاڍو وڻندو هو، جو ان واهه جي ٻنهي طرف گھر ٺهيل هئا، جن پنهنجي دڪين تي گلن جون ڪونڊيون رکيون هيون، جيڪي سهڻيون لڳي رهيون هيون ۽ هن کي اهو پاسو وينس جي ڪنهن گھٽيءَ جهڙو لڳندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ ننڍا بتيلا به هلندا هئا، جيڪي ماڻهن جا خانگي هئا. اتي پهچڻ سان هڪدم عائده چيو ته :
    ”هي ته ڄڻ وينس جي ڪا گھٽي هجي“.
    ”ها، مونکي به لڳندو آهي. جڏهن ته مان وينس رڳو فوٽن ۾ ڏٺي آهي“.
    ”آءُ ته اتي وئي آهيان، هڪ ڀيرو ته پنهنجي البينين دوست سان به وئي هيس، پر اتي وڃي لڳو ته مان غلطي ڪئي هئي. ڇو جو ان ٽوئر ۾ ئي اسان جا اختلاف وڌيا هئا، جنهن ڪري ئي پوءِ علحدگي ٿي وئي“.
    ”اوهه“. آيان افسوس جو اظهار ڪيو ته عائده موٽ ۾ وراڻيو:
    ”نه افسوس جهڙي ڳالهه ناهي، ان وقت ظاهر آهي ته مان ٽٽي پئي هيس، پر هاڻي پاڻ سنڀالي وئي آهيان. يا ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته سنڀاليندي سنڀاليندي وري وکري وئي آهيان“.
    ”نه ائين ناهي، اسان ته رڳو هتان وڇڙون ٿا..... پر دلين کان ته نه ٿا جدا ٿيون، اهي مفاصلا اڃان اسانجو قرب وڌائيندا“.
    ”ان بحث ۾ پوڻ نه ٿي چاهيان. تو وٽ ان لاءِ پنهنجو منطق آهي، مون وٽ پنهنجو.آءَ اڄ وارو ڏينهن خراب ڪرڻ نه ٿي چاهيان، انڪري تو سان ڪو به بحث ڪرڻ نه ٿي چاهيان. انڪري ئي پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪيو هو. جو هڪ ته ڳالهائيندي روئي پوڻ جو خوف ٿو رهي، ۽ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پوڻ جو به جنهن تي اسان پاڻ ۾ ڪاوڙجي پئون يا ٿورو به چڙي پئون“.
    آيان ڪجھه ڳالهائڻ پئي چاهيو ته هن جا چپ جڪڙجي ويا ۽ هن جي ساهن ۾ ولتاوا ۽ ليپا جي خوشبو پکڙجي وئي.
    هو جڏهن گھٽين مان ٿيندا، هرادچاني(صدارتي محل) پهتا ته ان وقت فوجين جو هڪ جٿو پنهنجي ڊيوٽيءَ تي وڃي رهيو هو. انهن کي ڏسڻ لاءِ سڀ سياح بيهي رهيا ۽ هنن فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا. جنهن تي عائده، هن کان پڇيو :
    ”هتي واقعي به صدر ويهندو آهي ڇا؟“.
    ”ها، هڪ پاسو صدارتي آفيس آهي ٻيو سياحن لاءِ کليل آهي“.
    هو ٻئي ڄڻا چوڏهين صديءَ ۾ جڙيل گاٿڪ طرز تعمير واري چرچ جي فوٽو ڪڍڻ کان پوءِ ان ۾ داخل ٿيا. اها چرچ پٿر جي ٺهيل هئي. اندر به اوچيون ڇتيون، وڏا وڏا ٿنڀا ۽ شيشي جي درين تي تصويرون ڏاڍيون سهڻيون لڳي رهيون هيون. عائده هڪ بينچ تي اکيون ٻوٽي ويهي رهي. آيان تيستائين چرچ جي مختلف هنڌن جي فوٽوگرافي ڪندو رهيو .
    اتان نڪرڻ کان پوءِ عائده وري هڪ ڀيرو خاموش رهي. هو ڪجھه دير محل جي ٻاهران بيهي هيٺ نظر ايندڙ پراگ کي ڏسي رهيا هئا. وري اتان ئي هيٺ ويندڙ هڪ گھٽي، جنهن ۾ هر ڏهن ٻارهن ڏاڪن کان پوءِ ٿلهو هو. اها گھٽي آيان کي ڏاڍي وڻندي هئي، جو ان طرف گھٽ ماڻهو هوندا هئا پر اتان هيٺ يا مٿي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. هڪ ڀيري ته هو اتي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو، جڏهن ان جي وچ تي هڪ عورت تمام وڏي سر ۾ اوپيرا ڳائي رهي هئي. هو ڏاڪا چڙهندو اتي پهتو ، ڏٺائين ته اها عورت انڌي هئي. هو ڪجھه دير ته هن کي ٻڌندو رهيو، پوءِ هن جي آڏو وڇايل رومال ۾ ڪجھه پيسا رکيائين.
    هيٺ لهي هو بس اسٽيشن تي بيٺا رهيا. ٿوري دير کان طئي ٿيل وقت مطابق فهد به پهچي ويو.
    هو ٻئي ڄڻا فهد جي ڪار ۾ پراگ ڀرسان سلاپي ويا. هو ان ساڳئي هنڌ تي پهتا، جتان پهاڙيءَ کان هيٺ، نديءَ ۾ سڙهه واريون ٻيڙيون بيٺل نظر اچي رهيو هيون ۽ پريان گھاٽا گھاٽا وڻ هئا، هڪ خوبصورت منظر هو. هو ٻئي اداس هئا، آيان، هُن کي پنهنجي اڳيان بيهاري ڇڏيو هو. هُو ان خوبصورت منظر کي ڏسي رهيا هئا، پر هنن ٻنهي جو ڳالهائڻ ۾ ڪو چاهه نه هو. بس هو انهن منظرن کي، انهن گھڙين کي پنهن جي حافظي ۾ محفوظ ڪري رهيا هئا.
    رات به هنن اتي ڪيمپنگ ڪئي. باهه ٻاري، وائين پيئندي، ساسيجز گرل ڪندي، هڪٻئي کي پيار ڪندي گذاري.
    رات جو عائده روئندي رهي، آيان کي به هر وقت ڳلي ۾ ڳوڙهو محسوس ٿي رهيو هو.

    ******

    صبح جو هاسٽل تان تيار ٿي ايئرپورٽ آيا، جتي به پورو وقت عائده، آيان کي ڳراٽڙي پائي روئندي رهي. ڊپارچر وقت، بورڊنگ ڪارڊ وٺندي، هُن ايترا ڳوڙها ڳاڙيا جو بورڊنگ ڪارڊ ڏيندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ به پاڻي اچي ويو هو ۽ آيان کي چيو هيائين:
    ”شي لوس يو ٽو مچ“. جنهن تي آيان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هو.
    عائده روئندي، اميگريشن ٽپي اندر هلي وئي ۽ هُن جي پٺيان در بند ٿي ويو.
    آيان اداس ٿي سوچيو ته شايد هن قصي جو ئي انت ٿي ويو.
    پر ايئن نه ٿيو.
    ٻئي ڏينهن تي آيان جي ڪمري تي عائده جي البانيا مان فون آئي، جيڪا روئي آيان کي چئي رهي هئي:
    ”آءُ توکان سواءِ رهي نه ٿي سگھان“.
    هوءَ زور زور سان روئندي رهي. ٻي پاسي کان آيان کيس پيار مان سمجھائيندو رهيو، پر هوءَ بس ڪرڻ واري نه هئي. عائده کيس چيو:
    ”تون مون سان ڇو ملئين؟!، تنهنجو ملڻ منهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي“.
    آيان وٽ خاموشيءَ کان وڌيڪ ڪو سٺو جواب نه هو. هوءَ روئيندي کيس چوندي رهي:
    ”ڪِس يو، ڪس يو.... آءِ هيٽ يو، آءِ لو يو.... “.
    ان کان پوءِ هوءَ روزانه آيان کي فون ڪندي هئي.
    آيان ڪجھه ڏينهن پراگ ۾ رهي، جڏهن پاڪستان پهتو، ته سندس ان باڪس ۾ عائده جون ايميلز انتظار ڪري رهيو هيون.
    ”..تون منهنجي ميسيج جو جواب ڇو نه ٿو ڏين؟ ڪيئن آهين تون؟ مان تنهنجي لاءِ پريشان آهيان ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ اها به پڪ ناهي ته صحيح سلامت پهتو به آهين يا نه؟ مهرباني ڪري مون کي جواب ڏي. پليز... آءُ چري پئي ٿيندي وڃان“.
    ”مان ٺيڪ آهيان پر هڪ شئي جي ڪمي آهي. اهو آهين تون. مون کي دوست آهن، هر پارٽيءَ ۾ به وڃان ٿي پر توکي وسارڻ ڏکيو آهي. پنهنجن لاڳاپن کي وسارڻ ڏکيو آهي“.
    ”ڪرسمس ويجھو آهي، پاڻ ٻئي گڏ هجون ته ڪيڏو نه سٺو“.
    ”پر اهو به سٺو آهي ته نه ملون ڇو جو آءُ هڪ ڀيرو ٻيهر توکان ڌار ٿيڻ جي سگھه شايد ساري نه سگھان، جلدي جواب ڏي، مِس يو ۽ ڪس يو“.
    آيان کيس جواب لکيو ته هو ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان پهتو هو ۽ هُن جي لاءِ به هتان جي زندگي عجيب عجيب پئي لڳي. لڳي ٿو ته هو پنهنجي جسم ۽ روح جو ڪجهه حصو اتي وساري آيو آهي.

    ******


    14

    رات جو ٽيچرس بيچلر هاسٽل جو پٽيوالو، آيان جي روم تي ٻڌائڻ آيو ته هُن جي فون آئي آهي. هن جيئن ئي فون تي ”هيلو“ چيوته پريان عائده جي آواز جي موسيقي وڳي. آيان جي من اندر ۾ هزارين روشنيون ڦُٽي پيون.
    هوءَ ڳالهائي رهي هئي، کلي رهي هئي، چمي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي:
    ”تنهنجي ايميل ملي، آءُ خوش آهيان ته تون مون کي نه وساريو آهي. حالانڪ اسان ڏاڍو مختصر عرصو گڏ گذاريو، پر توکي وسارڻ ڏکيو آهي“.
    ”ها، مون کي به ايئن ٿو لڳي، هاڻي ته خيرپور جون کجيون به تنهنجو اڀي پير انتظار ڪندي نظر اچن ٿيون. منهنجي ڪمري جي هر ڪنڊ ۾ تون ٿي نظر اچين“.
    ”مان سينيما ٿي وڃان ، ٿيئٽر ٿي وڃان ، ڊسڪو ٿي وڃان ، هر هنڌ لڳي ٿو ته تون مون سان گڏ آهين، تنهن ڪري ٻي ڪنهن ڇوڪري کي ويجھو آڻي ئي نه ٿي سگھان، جيتوڻيڪ تون صلاح ڏيندو ٿو رهين. آءُ هر روز تو کي وڌيڪ مِس ڪيان ٿي“.
    ”ڏس، مان وري به توکي اهو ئي چوندس ته پنهنجي لاءِ ڪو دوست ڏس. نه ته اڪيلائي تو کي ڏکيو ڪندي“.
    ”پر اهو مون لاءِ تيستائين مشڪل آهي، جيسيتائين ڀيٽ لاءِ تون موجود آهين. تنهن جي آڏو هر ماڻهو ننڍو ۽ خسيس ٿو لڳي“.
    ”ائين هرڀرو ناهي، ان نموني ته تون اڪيلي ٿي ويندينءَ، مون کي يورپ جي معاشري جي خبر آهي، ان ۾ دوستي رکڻ تمام ضروري آهي نه ته ماڻهو اڳلي کي ايبنارمل سمجھندا آهن“.
    ”ته آءٌ وري ڪهڙي نارمل آهيان؟“. ائين چئي عائده کلڻ لڳي.
    آيان اڃان ڪجھه چوڻ پئي چاهيو ته چمين جي روشنيءَ ۾ فون بند ٿي وئي.

    شام جو ايميل، آيان جو انتظار ڪري رهي هئي.
    ”مان وري ٻيهر توکي صرف ”گُڊ نائيٽ“ چوڻ لاءِ ميل ڪئي آهي. ڪاش مان توسان گڏ ساڳي بستري تي هجان ها ۽ سوين ڀيرا تو کي چمان ها ۽ يقين اٿم ته تون به ايئن ڪرين ها. مان ان اڻ ڏٺل عورت سان حسد ٿي ڪيان، جيڪا تو سان سمهندي. ڇو جو تو صرف منهنجو آهين“.
    آيان، عائده جي چري محبت تي سوچيندو رهيو. هن سوچيو ته هوءَ جيتري سهڻي ۽ جوان آهي ته هُن لاءِ ته ڪيترا ئي محبت ڪندڙ هوندا پر هوءِ ڇو هن لاءِ ايڏو انتظار ٿي ڪري؟! اهو انتظار جيڪو اڻ کٽ آهي.

    ******

    آيان، يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي ڊپارٽمينٽ پهتو، ته سندس ٽيبل تي هڪ خط انتظار ڪري رهيو هو.
    ”...تون جيڪو به وقت مون سان رهين، اهو مان وساري نه ٿي سگھان. مون کي خوشي آهي ته تون به مون کي نه وساريو آهي، مون کي اهو به يقين آهي ته تون مون کي چاهين ٿو، ڇو جو مان تو کي شدت سان چاهيان ٿي.
    بس هڪ شيءِ کان نفرت آهي اها آهي اسان ٻنهي جي وچ ۾ وڏو مفاصلو.
    آءُ جڏهن پراگ ڇڏيو هو ته اندر ئي اندر ۾ فيصلو ڪيو هيم ته تنهنجي باري ۾ نه سوچينديس، پر ايئن ڪري نه سگھيس. جڏهن تنهنجين سوچن جو بار وڌي ويو، ته مان پنهنجي هڪ سهيليءَ کي ان باري ۾ ٻڌايو. جيڪا پڻ اسان جي پيار تي حيران هئي. سچ ته اهو آهي ته مان پاڻ سوچيان ٿي ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڇا هيو؟ ايتري مختصر عرصي ۾ ايڏيون شديد فيلنگس. آءُ جڏهن توکان پراگ مان موڪلائي جهاز ۾ آيس، ته سموري سفر ۾ روئيندي رهيس ۽ منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ اٽالين جوڙو منهنجي حالت تي افسوس ڪندو رهيو.
    گھر موٽڻ جي خوشي ٿي، پر جڏهن هو مون کان پراگ جي باري ۾ پڇن ٿا ته مان کين اهو چئي چپ ٿي ڪرايان ته اهو سڀ ايترو سٺو هو، جو وسارڻ مشڪل آهي.
    منهنجي ماءُ ڏاڍي پريشان آهي ته آءُ ايتري چپ ۽ سنجيده ڇو آهيان؟! هُن ويچاريءَ کي ڇا ٻڌايان ته مون کي ڪهڙو روڳ لڳل آهي؟!!
    خبر ٿي ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ نئين لپ اسٽڪ ورتي اٿم ۽ ان جو نالو ڇا آهي؟.
    نالو اٿس ”ٿائوزنڊ ڪسز اسٽي آن“ مون جڏهن ڏٺي ته اهو سوچيو ته ڪاش اها توسان ملڻ وقت مون وٽ هجي ها ته اسان ٻنهي کي پرابلم نه ٿئي ها. نه منهنجا چپ بغير رنگ جي هجن ها ۽ نه ئي تنهنجا ڳل ۽ چپ ڳاڙها ٿين ها. هاڻي جڏهن مان هي لفظ لکي رهي آهيان ته توکي پنهن جي ڀر ۾ محسوس ڪيان ٿي. آءٌ سوچيان ٿي ته مون کي پنهنجي پهرين ۽ آخري ناول ”ماءِ ڊيئر“ جي پهرين باب جي پڄاڻي ڪرڻ کپي.
    ڪِس يو مور اينڊ مور.

    آيان، عائده کي خط لکيو:
    ”زندگيءَ جي مختصر لمحن ۾ ڪنهنجو ملڻ، ايڏو گهرو ٿيڻ، هڪ حد تائين ته ناممڪن ٿو لڳي، پر اسان ان ناممڪن کي ممڪن بڻايو آهي، پر جي ايئن چوان ته تون ان کي ممڪن بڻايو آهي ته بهتر ٿيندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيئن تون فيصلو ڪيو هو ته پراگ مان وڃڻ کانپوءِ تون مون کي وساري ڇڏيندينءَ، مون کي به يقين هو ته پراگ ايميگريشن جي سلائيڊنگ دروازي بند ٿيڻ سان ان باب جي پڄاڻي به ٿي. پر ايئن نه ٿي سگھيو. خاص ڪري تنهنجي فون، ايميل ۽ خط ته ان جي نفي ڪري ڇڏي. پر سچي ڳالهه ٻڌين ته توکان پري رهڻ کان پوءِ تنهنجي لاءِ منهنجي چاهت وڌي آهي. مونکي لڳي ٿو ته هتي موجود هوندي به مان هتي موجود ئي ناهيان، تو وٽ آهيان. مونکي ڏک به ٿيندو آهي. تنهن جي لاءِ، پنهنجو پاڻ کي قصوروار به سمجھندو آهيان. هڪ پرسڪون زندگي هئي تنهنجي، ان ۾ داخل ٿي مان توکي وڌيڪ پريشان ڪيو آهي. هونئن ڏس نه تون، مونکان ننڍي آهين، مان ته اهڙو سنجيده ٿي سگھان ٿو، تون ڇو پنهن جي جوانيءَ کي روڳ لڳائي جواني ۽ يورپ جي مزي کي ڪرڪرو ٿي ڪرين؟!، تون انجواءِ ڪر، دوست ٺاهه. پنهنجو وري ملڻ ٿئي يا نه. باقي اها حقيقت آهي ته مان توکي وساري نه سگھندس، دليون روز روز ته ڪنهن سان نه جڙنديون آهن.. خبر ٿي جڏهن تنهنجون سوچون مون تي حاوي ٿي وينديون آهن، ته مان فقير وٽ ويندو آهيان، توکي ته رڳو يوگي فقيرن جي باري ۾ ٿوري گھڻي سڌ هوندي. پر ائين سمجھه ته هي فقير به ائين ٿين. اهي پنهنجو رشتو الله سان جوڙيندا آهن پر ڪٽر مذهب پڻي سان نه..... هو سڀني مذهبن جي عزت ڪندا آهن، انهن جو خيال رکندا آهن. هو ڪڏهن به ڪنهن سان مت ڀيد نه رکندا آهن. هونئن اسان جو علائقو پراڻي وقت کان وٺي ائين رهيو آهي، ٻين جو خيال رکڻ وارو ۽ پرامن رهڻ وارو. انڪري ته سنڌ جي پراڻي تهذيب موهن جي دڙي مان به ڪو جنگي هٿيار نه مليو آهي. مان مذهبي ناهيان ۽ نه وري ڪو صوفي آهيان، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مذهبي مت ڀيد کان مٿانهون رهيو آهيان. ماڻهن جي دلين کي ٽوڙڻ وڏو گناهه سمجھندو آهيان. ڪنهن جانور کي تنگ ڪرڻ به عجيب لڳندو آهي، پيار کي پنهنجي زندگيءَ جو مول ۽ متو سمجھندو آهيان. انڪري اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا چاهي پوءِ اهي ڪهڙي به مذهب سان واسطو رکندا هجن، انهن کي پنهنجو سمجھندو آهيان. انهن وٽ ويهڻ سٺو لڳندو آهي. ٻيو ته هو جنهن هنڌ رهن ٿا. ويهن ٿا، اتي هڪ قسم جو سڪون محسوس ٿيندو آهي. انڪري اهڙن هنڌن تي ويندو آهيان. ان سڪون جو سبب هنن جي يڪسوئي ۽ رياضت به ٿي سگھي ٿو.
    سو ان فقير وٽ ويهڻ وقت لڳندو آهي ته مان وڻ جي گھاٽي ڇانو ۾ ويٺو آهيان. انڪري ئي جڏهن تنهن جي ياد گھڻو تنگ ڪندي آهي ته ان طرف نڪري ويندو آهيان“.

    ******

    آيان پنهنجي دل ۾ عائده لاءِ وڌيڪ محبت محسوس ڪري رهيو هو. هُن کي به ڪنهن ڳالهه ۾ ڪنهن شي ۾ مزو نه اچي رهيو هو. اڄ جڏهن سبينا سندس آفيس ۾ آئي هئي، جنهن سان ڪچهري ڪندي کيس مزو ايندو هو، ان جي ڪمپني به کيس بور ڪري رهي هئي. هُن مٿي جي سور جو بهانو بڻائي هُن کان موڪلايو هو. هو موٽر سائيڪل تي درازا هليو ويو هو. کيس ان هنڌ هڪ سڪون محسوس ٿيندو هو. هو جڏهن به ڪنهن مونجھه ۾ يا بي سبب اداس هوندو هو ته هو سچل سائينءَ جي مزار تي هليو ايندو هو. پوءِ هو فقيرن سان ڪچهري ڪندو هو يا منهن مونن ۾ وجھي سوچيندو رهندو هو ۽ ليٽي پوندو هو. کيس تڏي جي خوشبوءِ سڪون ڏيندي هئي. سوچي ٿو ته ڇا عائده، هنن جڳهن کي پنهنجو ڪري سگھندي؟ هتي رهي سگھندي؟ هو پنهنجي آسپاس جي شين کي تڪي توري ڏسي ٿو ته سندس من اداس ٿي وڃي ٿو، جو کيس اندران ئي جواب ٿو ملي ته هوءَ جيڪا يورپ جي رهواسڻ آهي، جنهن پابنديون ڪڏهن ڏٺيون ئي ناهن، ماڻهن جي ڪنهن به معاملي ۾ دخل اندازي نه سٺي اٿائين،. اها ڪئين اهي سڀ ڳٽ قبول ڪري سگھندي؟! يا هن گند ۾ رهي سگھندي؟! اتي ته هر گھٽي ۽ هر گام صاف آهي. هڪ فقير سچل جي مزار آڏو بيهي ڳائي ٿو.

    محبت جي مي ماريو، ڙي مون کي،
    ڪاڪيون ڪنهن سان ورهه وراهيان!
    عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتوسي، عشق ڏنو اولارو،
    اکيان کول ته ظاهر ڏيکين، سير سڄڻ جو سارو،
    پُرجھي پير ايڏاهين پايو، هوت اٿو هاڪارو،
    محبت مون منصور وجھايو، ڳچيءَ جي وچ ڳارو،
    سنبر سچيڏنا! ڇڙ سانباها، ورهه جيو جان وارو.

    آيان، پنهنجي کيسي مان عائده جو صبح پهتل خط ڪڍي.، پڙهڻ شروع ٿو ڪري ته کيس لڳو ته هوءَ به هُن سان گڏ ان تڏي تي ويٺي آهي ۽ کيس ٻڌائي رهي آهي:
    “مان البانيا مان رومانيا يونيورسٽي پهتي آهيان، هاسٽل تي تنهنجو خط ۽ ڪارڊ مليو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي پر تنهنجو خط مختصر هيو. مون سوچيو ته تون منهنجو ڊگھو خط ڏسي حيران ٿيو هوندين. مون کي خط لکڻ جي عادت ڪونهي پر توسان ملي ۽ وڇڙي مون جيڪو محسوس ڪيو اهو سڀ لکڻ چاهيان ٿي ۽ اهو جذبو ئي ايڏا وڏا خط لکرائي ٿو.
    منهنجا پيارا! مون کي يقين آهي ته مان تو کي ايئن سڏي سگھان ٿي تون اڃان تائين منهنجو آهين ۽ مان تنهنجي سوئيٽ هارٽ(جيئن تون چوندو هئين).
    آءُ هي خط ڪلاس هلندي لکي رهي آهيان، هڪ بور ليڪچر هلي رهيو آهي. ها تون به ته ليڪچرر آهين پر مون کي يقين آهي ته تو کي شاگرد چاهيندا هوندا ۽ خاص ڪري شاگردياڻيون. تو ۾ عورتن لاءِ اٽريڪشن آهي.
    جيستائين منهنجي ذاتي زندگيءَ جو تعلق آهي ته آءُ اڃان تائين اڪيلي آهيان ۽ رهڻ چاهيان ٿي. ان جو سبب تون آهين. تون ئي منهنجي دل ۾ وسين ٿو ۽ هونئن به توکي خبر آهي ته جسماني ۽ جنسي طرح مان اهو سڀ ڪجھه ڪري نه ٿي سگھان جيڪو ٻيا چاهين ٿا.
    هونئن توسان مون ڏاڍي زيادتي ڪئي آهي، مان سوچيندي آهيان ته نارمل ناهيان. پر مان اهو پڪو پهه ڪيو آهي ته ٻيهر جڏهن به توسان ملنديس ته مان توسان سڀڪجھه ڪنديس. ڇو جو مان چاهيان ٿي ته، جنهن کي آءَ چريائپ جي حد تائين چاهيان ٿي اهو ئي مون کي ڇوڪريءَ مان عورت بڻائي.
    مون توکي ٻڌايو هو ته منهنجا گھڻا دوست رهيا آهن، پر منهنجو پيار ٻن سان رهيو آهي. هڪ البانيا جو ۽ هڪ چريو پاڪستاني. سو ايندڙ سال جڏهن پراگ ۾ ملنداسين، ته مان سڀ ڪجھه توکي ارپينديس.
    مون کي تو ٻڌايو هو ته تون شادي ڪرڻ چاهين ٿو پر مهرباني ڪري اسان جي ٻيهر ملڻ تائين نه ڪجانءِ. مون لاءِ اهو عذاب سٺو نه ٿيندو. هونئن به مان سوچي ڇڏيو آ ته جڏهن تون شادي ڪندين ته مان توسان ناتا ٽوڙي ڇڏينديس، ڇو جو تون منهنجو محبوب آهين. تو کي دوست واري جڳهه ڏئي نه ٿي سگھان.
    تون ڪڏهن سوچيو آهي ته مون سان ملڻ هتي اچين؟ منهنجي ڪمري ۾، منهنجي بيڊ تي، منهنجي باٿ روم ۾..... اوهه اهو سوچيندي ئي مون کي محسوس ٿئي ٿو ته تون اتي ڪٿي آهين. ڏس منهنجو ساهه به تنهنجي ساهه سان ٽڪرائڻ لڳو آهي. منهنجا هٿ تنهنجي ڇاتيءَ جي وارن تي گھمڻ لڳا آهن...“

    خط پوري ٿيڻ سان آيان، عائده کي پنهنجي قريب محسوس ڪري ٿو. مزار جو فقير سندس قريب اچي ٿو ۽ سندس روئندڙ اکين کي ڏسي چئي ٿو:
    ”بابا! ڇا ٿيو آهي؟ جو روئين ٿو؟!“.
    آيان خاموشيءَ سان پنهنجا ڳوڙها اگھيا، فقير وري کيس چئي ٿو:
    ”بابا گريو ته عاشق ڪندا آهن، مون تو کي اڳ ۾ ڪڏهن ان حالت ۾ نه ڏٺو آهي“.
    آيان،جي نيڻن مان نير بند ئي نه ٿا ٿين،ٻانهون ٻڌي فقير کي چئي ٿو:
    ”سائين! مون کي سمجھه ۾ ڪجھه نه ٿو اچي“.
    ”سڀ سمجھه ۾ اچي ويندو، هر ڳالهه جو وقت متعين آهي“.
    “ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سمجھايان ٿو، ڪڏهن انکي وقت جي وهڪري ۾ آيل هڪ پل ٿو سمجھان ته ڪڏهن وري ان پل کي ئي زمانو ٿو سمجھان“.
    ”ڪهڙي پل جي ڳالهه ٿو ڪرين؟“.
    “اهو پل، جنهن پل هن من اندر ۾ رنگن جون معنائون، خوشبوئن جون شڪليون، ۽ آوازن جا احساس هڪ نئين رنگ ۽ روپ سان ظاهر ٿيڻ لڳا“.
    ”ڪنهن پيار جي ڳالهه ٿو ڪرين؟“.
    ”سائين! لڳي ٿو ته محبت ٿي وئي آهي“.
    فقير، کيس گھوريندي چئي ٿو:
    ”پوءِ اڃان جيئرو آهين؟“.
    آيان حيراني ۽ سواليا نگاهن سان فقير کي ڏٺو، جنهن تي فقير کيس چيو:
    ”بابا! محبت ۾ ته پاڻ مارڻو پوندو آهي“.
    آيان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو. فقير وڌيڪ کيس چيو:
    ”بابا! محبت ۾ ته ڪائنات قربان ڪرڻي پوندي آهي“.
    فقير مرڪي کيس چئي ٿو.
    ”مون کي پڪ آهي، ته ڪائنات جو مفهوم ته سمجھين ٿو نه؟“.
    آيان کيس ورندي ڏي ٿو:
    ”جي سائين!“.
    فقير کيس چيو:
    ”پُٽ! اڃان ان ڏاڪي تي نه پهتو آهين. اصل محبت اها آهي ته مون سميت، سڀ شيون تو کان وسري وڃن. اها ڪهڙي محبت چئبي جو تو کي هر ڪم لاءِ وقت ملي ٿو!“.
    آيان هڪ گهري سوچ ۾ گُم آهي. فقير اٿندي سندس پٺي ٺپيندي چئي ٿو:
    ”پر خيرآهي بابا! ڪا ڳالهه ناهي، مان نماز پڙهي وٺان. تون ننگر کائي پوءِ وڃجان“.

    ******


    15

    شام جي اونداهي پکڙجڻ سان آيان جي اداسي به گھري ٿيندي وئي. هُن عائده سان ڳالهائڻ پئي چاهيو. هُن وٽ عائده جي هاسٽل جو فون نمبر هو پر ان تي ڳالهائڻ کيس اجايو لڳو. ڇو جو ، هاسٽل جي ڪاريڊور ۾ رکيل فون ڪو شاگرد يا شاگردياڻي کڻي ها، اهي رومينين ٻولي ڳالهائين ها. آيان کي اها ٻولي نه ايندي هئي ۽ اتي انگلش گھٽ سمجھي وڃي ٿي، ان ڪري عائده کي روم تان سڏائڻ مسئلو ٿئي ها. آيان، اڳ ۾ به اهو ڀوڳي چڪو هو. هو هاسٽل جي لان ۾ گل مهر وڻ جي هيٺيان ويٺو هو ته لان ۾ ئي سرينهن جي وڻ هيٺيان رکيل فون جي گھنٽي وڳي، هُن جي دل چاهيو ته الله ڪري اها عائده جي فون هجي. جنهن پروفيسر فون کنئين هئي ان آيان کي سڏ ڪيو. ٻي طرف کان وائلن جهڙو آواز وڳو، عائده هئي:
    ”آءِ لو يو، منهنجن انهن لفظن تي يقين رک“.
    آيان خوش ٿيندي کيس چيو:
    ”چڱو ٿيو جو تون فون ڪئي. اڄ ڏاڍو اداس هيس، توکي مِس پيو ڪيان“.
    ”توکي اداس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو جو تنهنجي يورپين محبوبا هر وقت تنهنجي باري ۾ سوچي ٿي“.
    هوءَ روئڻهارڪي انداز ۾ چئي ٿي:
    ”مان جڏهن تنهنجو خط پڙهيو ته ڏاڍي رنس، ڇو جو منهنجي لاءِ اهي لکيل لفظ نه هئا پر ائين پئي لڳو ته تون مون سان ڳالهائي رهيو آهين“.
    ”تنهنجي ڪا سهيلي ڪونهي ڇا؟ يا ڪوئي دوست؟ پنهنجو پاڻ کي بزي رک“.
    ” رومانيا ۾ مون کي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ گم ٿيڻ لاءِ کوڙ بهانا آهن. پر اهو خيال ئي ڏاڍو ڏکيو آهي ته ان شخص کان بغير رهجي جنهن سان بيحد محبت هجي“.
    ”اهو ته آهي پر اها به حقيقت آهي ته اسان هڪ ٻئي کان پري آهيون ۽ پري ئي رهنداسين“.
    ”اها مون کي به خبر آهي، پر تون جيڪڏهن مون سان پيار ڪرين ٿو ته مون کي خط لکندو رهه، ته جيئن مون کي گذارو ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. آءُ تنهنجو آواز ٻڌڻ ٿي چاهيان، توکي ڳلي لڳائڻ ٿي چاهيان، پر جي تون ناهين ته مون کي ڪير سمجھندو؟ ڪير آهي منهنجو؟“.
    عائده روئڻ لڳي ته آيان کيس چيو:
    ”نه روءُ، اڄ منهنجي دل به اداس آهي“.
    ”هڪ تنهنجي پيار جي تڙپ، ٻي هيءَ مشڪل پڙهائي، خبر نه ٿي پئي ته ان سان منهن ڪيئن ڏيان؟! مون کي لڳي ٿو ته هاڻي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر مون کي پيار نصيب ئي نه ٿيندو“.
    “ايئن ناهي، ڏس! هن وقت به تنهنجو پيار، توسان ڳالهائي ٿو ۽ هر وقت تو ساڻ رهي ٿو. هي مفاصلا جسماني طرح ته آهن. پر ذهني ۽ دلي طرح ويجھو آهن“.
    ”متان ڪارڊ ختم ٿي وڃي، فون بند ٿي وڃي. مان وري پوءِ ڪڏهن توسان ڳالهائينديس، پر منهنجي اي ميل پڙهي، ان جو جواب ضرور ڏجانءِ. نه ته مون کي ننڊ نه ايندي. لو يو ...“.
    آيان فون رکي، ڪمپيوٽر ڊپارٽمينٽ فون ڪئي ته شام جي ڪلاسز ڪري اتي سندس دوست اڃان موجود هيو. هو ان وٽ ويو ۽ کيس ايميل چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هُن کيس ٻڌايو ته اڄ سڄو ڏينهن، سکر کان ورتل انٽرنيٽ ڪنيڪشن خراب رهيو آهي. پر وري به ڏسون ٿا.
    پر اتفاق سان ان وقت ڪنيڪشن ملي ويو ۽ آيان ايميل کولي ان ۾ عائده جي ميل هئي.
    ”مون کي يقين آهي ته تون خوش هوندين. اصل ۾ مان به خط لکڻ ۽ ايميل ڪرڻ وقت خوش هوندي آهيان، ڇو جو مون کي لڳندو آهي ته مان توسان ڳالهائي رهي آهيان. يا ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته مان ڳالهائي رهي آهيان ۽ تون ٻڌي رهيو آهين. ڇو جو جڏهن پاڻ گڏ هوندا هياسين ته مان ئي ڳالهائيندي هيس ۽ تون رڳو ٻڌندو هئين ۽ خاموش رهڻ جو سبب پڇڻ تي تون وراڻيندو هئين، ته تون مون کي محسوس ڪرڻ چاهين ٿو.
    تون پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ؟ مون کي خبر آهي ته تون مصروف آهين، پر پنهنجي پياريءَ لاءِ ڪجھه گھڙيون ڪڍي سگھين ٿو. تنهنجو خط مون کي ڏاڍو وڻيو. ايئن محسوس ٿيو ته تون مون کي پنهنجن هٿڙن سان ٿڌڙا ڪڍندو هجين.مون کي محسوس ٿيندو آهي ته تون منهنجي اندر موجود آهين.
    هڪ ڳالهه مون کي هميشه تنگ ڪندي آهي، اها آهي پنهنجي گڏ گھارڻ وارن ڏينهن ۾، تنهنجي هر معاملي ۾ پرفيڪٽ هوندي به، بستر ۾ تو سان کيڏندي هيس ۽ توکي مون سان گڏ هوندي به سڀڪجھه هوندي به سيڪس ڪرڻ نه ڏيندي هيس. ڪيڏي نه بيوقوف هيس، ڪيڏو نه توسان ظلم ڪندي هيس. پر تون منهنجي مجبوري کي سمجھندي مون کي اهو چئي مطمئن ڪندو هئين ته: ”ڪا ڳالهه ناهي“. اهو صرف تون ئي ڪري سگھين ٿو. ٻيو ڪوئي به نه. توسان هوندي مون کي لڳندو هو ته مان جنت ۾ آهيان، پر سچ پڇين ته مان جهنم جي لائق آهيان. تو جهڙي شخص سان زيادتي ڪرڻ جي ڪري. يقين ڄاڻ ته مون کي اهو سڀ ڪجھه سهڻ ڏکيو لڳندو هو، مان پاڻ به توسان سيڪس ڪرڻ چاهيندي هيس پر منهنجا آدرش انهن ڳالهين جي اجازت نه پيا ڏين. پر جي تون زور ڪري مون سان سنجوڳ ڪرين ها ته اهو تنهنجو منهنجو آخري ڏينهن هجي ها ۽ توکي ڪڏهن به معاف نه ڪري سگھان ها.
    آءُ هتي پنهنجن دوستن سان گھمڻ ڦرڻ ويندي آهيان، ڪڏهن ڪو ڇوڪرو مون ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندو آهي ته مان کيس اهو چئي بريڪ هڻائيندي آهيان ته منهنجي مڱڻي ٿيل آهي. ڪالهه به مان پنهنجي سهيلي ۽ هن جي بواءِ فرينڊ سان هڪ ڪيسينو ۾ وئي هيس. اتي هنن جو هڪ ٻيو واقفڪار به مليو، جنهن ڪافي پيسا کٽيا ۽ مون کي چئي پيو ته آءُ هُن جي لاءِ ڀاڳ بڻجي آئي آهيان، جڏهن ته مون کيس چيو ته تنهنجي ڪري منهنجو ڀاڳ نه ٿو کُلي. اسان پوءِ ڊنر ڪئي، هو مون کي هاسٽل تائين پنهنجي گاڏي ۾ ڇڏڻ آيو. هُن جڏهن منهنجي اڪيلي هجڻ جو سبب پڇيو، ته مون کيس وراڻيو ته منهنجو بواءِ فرينڊ پاڪستان ۾ آهي. هُن حيرانيءَ مان مون ڏي ڏٺو ۽ حقارت سان چيو:
    ”تون بواءِ فرينڊ به ڪيو ته اهڙي ملڪ جو.... ۽ يقين نه ٿو اچي ته تون ڪنهن مسلمان سان پيار ڪيئن ٿي ڪري سگھين؟!“.
    مون کيس جواب ڏنو:
    ”مون کي ته توهان تي حيرت آهي، ها پهرين ته پنهنجي زبان سنڀاليو، مون کي تون نه پر توهان ڪري مخاطب ٿيو“.
    مون کي هُن جو چهرو ڪنهن شيطان جيان لڳي رهيو هو ۽ کيس چيو:
    ”پاڪستان ۾ رهندڙ شخص، منهنجو عشق آهي ۽ عشق جي ڪا عمر، مذهب يا ملڪ نه هوندو آهي“.
    هن جي گاڏيءَ مان لهندي کيس چيم:
    ”هاڻي توهانجو چهرو مون کي ڪنهن شيطان جيان لڳي ٿو، اڃان به رومانيا جا اصلي ڊراڪولا ٿا لڳو. مون سان ملڻ جي ڪڏهن ڪوشش نه ڪجو“.
    اهو ٻڌي هُن جي چهري جا تاثر ئي بدلجي ويا. مون کي هُن کان ان لمحي ئي نفرت ٿي وئي.

    ******

    سبينا، پنهنجي حسين چهري تي اداسي ويڙهيون، آيان جي آفيس ۾، هُن جي آڏو ويٺي هئي. هُن آيان کان پڇيو:
    ”اڄ ڪلهه توهان خاموش رهو ٿا؟ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“.
    ”نه اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي“.
    ”مون محسوس ڪيو آهي ته جڏهن کان توهان ٻاهران واپس آيا آهيو، تڏهن کان اداس، سدائين سوچن ۾ گُم ۽ ذهني طور تي غير حاضر آهيو“.
    “مون چيو نه ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي“. آيان بيزاريءَ مان وراڻيو.
    “هاڻي ته توهان کي منهنجي ڳالهائڻ تي چڙ به اچي ٿي، بيزار ٿي پيا آهيو؟“.
    آيان کيس ڪو به جواب نه ڏنو ته سبينا کيس چيو:
    ”معاف ڪجو، ڪنهن انگريزياڻيءَ کي ته دل نه ڏئي آيا آهيو؟“.
    آيان چڙ مان وراڻيو:
    ”جي ايئن هجي به، ان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟“.
    سبينا اکين ۾ آيل پاڻي کي لڪائيندي ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو:
    ”خبر ناهي، واسطو آهي به يا نه؟ جي سمجھو ته وڏو واسطو آهي، نه سمجھو ته ڪو به واسطو ناهي“.
    هُن جي اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. آيان کي ٿوري پشيماني ٿي ۽ ٿڌي لهجي ۾ کيس چيائين:
    ”بس ڪا ڳالهه ناهي، مون کي پاڻ سمجھه ۾ نه ٿو اچي“.
    ”مون کي ٿورو گھڻو سمجھه ۾ اچي ٿو ۽ مان توهان جي دوست آهيان، ڀلي کڻي توهان ڪڏهن به نه مڃيو آهي. جي مان اوهان جي ڪا مدد ڪري سگھان ته حاضر آهيان. مان توهان ڏي آيل ايميلز پڙهيون آهن ۽ انهن مان اوهان جيڪي نه پڙهيون آهن، انهن جي پرنٽ ڪڍي آئي آهيان“.
    آيان حيرانيءَ مان سبينا کي ڏسي ٿو، پر کيس ڪجھه چئي نه ٿو، ڇو جو يونيورسٽيءَ ۾ گھڻو ڪري انٽرنيٽ نه هلندو هو ۽ آيان پاڻ ئي پنهنجو پاس ورڊ کيس ٻڌايو هو ته جيئن سبينا سکر ۾ ايميل چيڪ ڪري سگھي پر ان کان اڳ ته هن جون ايميلز رڳو اڪيڊمڪ هونديون هيون. آيان خاموشيءَ سان سبينا کان پيپر وٺيِ پڙهڻ شروع ڪيا:
    منهنجا پيارا دوست!
    مون کي ڏاڍي کل آئي جڏهن مون سوچيو ته تون منهنجو دوست آهين. مون توکي شروع کان ٻڌايو آهي ته آءُ تنهنجي دوست ٿي نه ٿي سگھان. مان صرف ۽ صرف تنهنجي محبوبا ۽ تون منهنجو محبوب ٿي سگھين ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته مون پنهنجي زندگيءَ سان ڇا ڪيو؟ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو مون کي خدا سزا ڏئي رهيو آهي؟ مون کي پيار ڏنائين ۽ سڀ کان سٺو محبوب ڏنائين وري ان کي مون کان کسي ايڏو پري ڪري ڇڏيائين، ڇا مان ان لائق آهيان؟ يا مان حوا آهيان جو جنت جهڙي زمين تي آدم کان سوين ڪوهه پري ڦٽو ڪري ڇڏيائين. خبر ناهي وري ملنداسين به يا نه؟
    مون کي پنهنجي سڄي ڏينهن جو پرگرام وقت سميت لکي موڪل ته تون ڇا ڪندو آهين؟ ته جيئن مان تصور ڪري سگھان ته هن وقت، هن مهل ڪٿي هوندين، ڪهڙو ڪم ڪندو هوندين ۽ ڪيئن لڳندو هوندين؟!
    تنهنجا خط ۽ ايميل دير سان ايندا آهن ته پنهنجو پاڻ کي مارڻ تي دل چاهيندي آهي، اهو سوچي ته ڇا تون مون سان پيار ڪرين به ٿو يا نه؟ پر جڏهن وري تنهنجو خط يا ايميل ايندي آهي ته هڪ هِير گُھلي ويندي آهي من اندر ۾ ۽ يقين ايندو اٿم ته تون مون کي چاهين ٿو. پر هيءَ دوري مون کي نهوڙي وجھندي آهي. مان ته تو کي ڇهڻ چاهيان ٿي، تو کي چمڻ چاهيان ٿي، تو سان ڳالهائڻ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ چاهيان ٿي، جيئن تون ۽ مان پراگ ۾ ڏيندا هياسين.
    منهنجا محبوب آءُ تو سان نفرت ڪيان ٿي. تون مون کي ايڏو پيار ڏئي ۽ وري وڇوڙو ڏئي گھر موڪلي ڇڏيو. ايئرپورٽ تي اچي مون کي موڪلڻ بجاءِ پاڻ وٽ رکي ڇو نه ڇڏيئي؟
    آءُ هتي ڪنسرٽ ۾ وڃان ٿي، آرٽ نمائشون ڏسان ٿي، پارٽيز ۾ وڃان ٿي. دوستن سان خوش آهيان پر جڏهن ڪو جوڙو ڏسان ٿي ته اداس ٿي وڃان ٿي. هر ڪو پنهنجي پيار جي ويجھو آهي، باقي آءُ ڇو نه؟
    هاڻي مهرباني ڪري هميشه جيان اها صلاح نه ڏجانءِ ته مان ڪو بواءِ فرينڊ رکان. منهنجي لاءِ ممڪن ئي ناهي. مان هُن کي پنهنجو بُت ڪيئن ڇهڻ ڏينديس؟ جنهن بت تي تنهنجا هٿ گھميا هجن! ڪيئن هُن کي ڪس ڪيان؟ نه نه ...
    ڪالهه فِنلينڊ مان آيل پنهنجن دوستن سان ريسٽورنٽ ۾ پيزا کائڻ وياسين. سمورو وقت انگلش ۾ ڳالهه ٻولهه هلندي رهي ته تون ياد آئين.
    مون کي اهو ئي ڪارو ريمپر پاتل هو جيڪو تو کان وڇڙڻ مهل پاتل هيو. اسان هڪٻئي سان چرچا ڪري رهيا هياسين ته هنن مان هڪ پڇيو ته منهنجي جينز ڪرائون ڪمپني جي آهي. مون کيس ها چيو ته هُن چيو:
    ”تو جهڙي سونهن راڻيءَ کي ڪرائون جينز نه پر اصلي ڪرائون مٿي تي پائڻ گھرجي“.
    اهو ٻڌي مون کي روئڻ اچي ويو. ڇو جو تون مون کي ايئن چوندو هئين. مون کي روئيندو ڏسي هو پريشان ٿي ويا ۽ معافي گھرندا رهيا ته شايد هنن جي ڳالهه مون دل ۾ ڪئي آهي.
    اڳلي ڏينهن تي اسان سڀ ٻن آرٽسٽن جا انٽرويو ڪرڻ وياسين. هو ٻئي ڏاڍا سٺا هئا. مون کي آرٽسٽ وڻندا آهن. جيئن تون مون کي وڻندو آهين. آءُ ٽرانسليٽر جو ڪردار ادا ڪري رهي هيس. هنن مون کي پنهنجي تصويرن جي ڪاپي پنهنجي صحيءَ سان ڏني ۽ اڳتي به اچڻ لاءِ چيو. موڪلائڻ مهل هنن منهنجي هٿ تي ڪِس ڪئي مون کي سٺو لڳو. پر مون کي ان وقت مزو ايندو هو، جڏهن تون منهنجي هٿ تي ڪِس ڪري ان کي پنهجين اکين تي رکندو هئين. مون کي ڏاڍو سُڪون ايندو هو، پر تون ڪڏهن به نه ٻڌايو ته تون اکين تي ڇو رکندو هئين؟ ڪو به ايئن نه ڪندو آهي. تنهنجو هر عمل ايڏو مڪمل هوندو هو، جو آءٌ پنهنجو پاڻ کي بهشت ۾ محسوس ڪندي هيس. پر ڇا اهو سڀ ڪجھه پاڇو هو؟ ڪيڏانهن ويو؟ مان توسان ملڻ چاهيان ٿي پر نه وڇڙڻ لاءِ. پر ڪيئن ۽ ڪٿي.؟
    تون پنهنجو احوال ڏي، ڇا ٿو ڪرين؟ اڃان اڪيلو آهين يا ڪو ٻيو توسان آهي؟ هوءَ ڪيئن آهي؟ مون کان بهتر؟ تو کي جيڪڏهن اهو احساس ٿي وڃي ته تون ڪهڙي ڇوڪريءَ کي وڃايو آهي ته تون مون کي هرگز وڃڻ نه ڏين ها. ڪنهن به تو کي ايترو نه چاهيو هوندو، جيترو مون توکي چاهيو آهي، يا تو کي پوڄيو آهي. ايئن ته ناهي مان غلط آهيان. مون تي کلجانءِ نه، تون هميشه اهڙين ڳالهين تي کلندو هئين. مان ڄاڻان ٿي ته مان تنهنجي لٽل گرل آهيان(جيئن تون چوندو هئين) پر اهو يقين رک ته تنهن جي لٽل گرل توکي گھڻو چاهي ٿي ۽ هوءَ تو کي انهن سڀني کان بهترين ماڻهو سمجھي ٿي جن سان هوءَ اڄ تائين ملي آهي..
    آءُ اسٽنگ جو هڪ گانو ٻڌان پئي ”ميڊ ابائوٽ يو“ ۽ منهنجيون اکيون ڀڄي پيون. ان گاني جي احساسن کي استعمال ڪندي منهنجو ڪجھه اظهار هن ريت آهي:
    مان چانڊوڪيءَ ۾ اڪيلي گھمندي رهيس
    ۽ لکين ستارن جي چمڪڻ تي سوچيو
    منهنجي دل ڪنهن ڏورانهين گرهه تي گم ٿي وئي
    جيڪا اپريل جي چنڊ چوڌار گھمندي رهي
    چوڌار ڦيراٽيون ڄڻ هڪ ڪمان
    مان توکان سواءِ ڪجھه به ناهيان
    مان توکان سواءِ ڪجھه به ناهيان
    حالانڪ منهنجون سڀ بادشاهتون
    واريءَ ۾ تبديل ٿي ويون
    ۽ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويون
    مان تنهن جي لاءِ چري آهيان،
    مان تنهنجي لاءِ چري آهيان

    تون مون سان گڏ ڇو ناهين يا آءُ توسان گڏ ڇو ناهيان؟ گڏ هجون ها، توسان بيڊ ۾ هجان ها، تنهنجي گرم بُت کي ڇهان ها، چمان ها، تنهنجي ساهن جي خوشبوءِ محسوس ڪري سگھان ها ۽ تو کي هر هر چمان ها.
    ٻي ڀيري ٿي سگھي ٿو ته مان پروگريس ڪيان ۽ توسان سنجوڳ ڪيان. يا هن ڀيري تون انڪار ڪندين؟
    ايندڙ ڀيري مان پنهنجي دل کان ”ها “ ڪرائينديس. ڇو جو اها تنهنجي آهي. مان ٻيو ڇا ڪنديس جيڪڏهن تو سان سنجوڳ نه ڪنديس؟ تنهنجو خط مليو آهي. تون ايڏا سهڻا لفظ لکين ٿو جو مان خوش ٿيڻ سان گڏ اداس به ٿي وڃان ٿي. خوش ان ڪري جو، مان تنهنجي آهيان ۽ اداس انڪري جو تو کان پري آهيان. توکي محسوس نه ٿي ڪري سگھان، نه ئي وري تو کي چرين جيان چُمي سگھان ٿي. خير ڪا ڳالهه ناهي. اسين انتظار ڪري سگھون ٿا. مان پاڪستان اچڻ لاءِ پيسا گڏ ڪيان ٿي يا وري پراگ ۾ ملڻ لاءِ.
    مان واعدو ٿي ڪيان ته هن ڀيري مان سٺِي ۽ فرمانبردار ڇوڪري هونديس. تون مون مان ايترو خوش ٿيندين جو مون کي وڃڻ نه ڏيندين.
    مون کي پورو يقين آهي ته تون خوش هوندين ڇو جو تون پنهنجي مُلڪ ۾ پنهنجن سان آهين. هتي مان پرديس ۾ هر شيءِ کان محروم آهيان. گھر کان، والدين کان ۽ وڏي ڳالهه ته تو کان به.
    رات توسان فون تي ڳالهه ٿي مان ته توکي وڌيڪ مِس ڪيان ٿي. توسان گھڻو ڳالهائڻ پئي چاهيو پر لڳي ٿو ته ڪارڊ تي پنهنجيون ڳالهيون پوريون نه ٿي سگھنديون. منهنجا پيسا ايميلز(ڪيفي) ۽ فون تي خرچ ٿي وڃن ٿا. سوچيان ٿي ته هن ڀيري مان پنهنجي والدين کان توڏانهن اچڻ لاءِ پيسا گھران.
    پر وري سوچيان ٿي، ايڏانهن نه اچان. مان وري ٻيهر ايتري سگهه ڪٿان آڻي سگھنديس، ته تو کان ڌار ٿي سگھان. مان وري اهو ڏينهن ڪيئن برداشت ڪنديس؟
    سچ ۾ منهنجي لاِءِ اهو سڀ ڪجھه اذيت ڏيندڙ آهي. توکان ڌار گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خاص ڪري جڏهن مان تو کي ايترو چاهيان ٿي. مان توکي هر گھڙي گڏ ڏسڻ چاهيان ٿي.
    پر هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي آهي، ته مان آهستي آهستي تبديل ٿيندي ٿي وڃان. مونکي حاصلات ۽ نه حاصلات هڪ جهڙي لڳڻ لڳي آهي. مان راتين جون راتيون جاڳان ٿي. مونکي محسوس ٿئي ٿو ته مان اهو سڀڪجھه حاصل ڪيو آهي جيڪو ڪنهن کي زندگيءَ ۾ حاصل ٿيڻ کپي. تنهنجو عشق مونکي هڪ نئين راهه ڏيکاري ٿو. ان ڏينهن ان آرٽسٽ سان ڪچهري ٿي جنهن لاءِ مون توکي اڳ ٻڌايو هو ته هن مونکي پنهنجون ٺاهيل تصويرون به تحفي طور ڏنيون هيون. هن مونکان سوال ڪيو ته ڇا مان به آرٽسٽ آهيان؟ ته مون کيس نهڪر ۾ جواب ڏنو. هن چيو ته منهنجو آرٽ کي سمجھڻ وارو انداز بنهه مختلف آهي، مان پينٽنگ کي ان جي ظاهري رخ کي نه ٿي ڏسان پر ان جي ٻين رخن کي به سمجھان ٿي، جيڪي تمام ٿورا ماڻهو سمجھندا آهن. پوءِ هن مونکان پڇيو ته پڙهڻ يا لکڻ ۾ دلچسپي، جنهن تي مون کيس چيو ته :
    ”ڪتاب پڙهندي ته آهيان پر لکندي رڳو خط آهيان“.
    جنهن تي هن حيران ٿيندي چيو: ”خط“ مون زور ڏيندي چيو: ”ها خط“. پوءِ هن مونکان پڇيو:
    ”جي ٻڌائڻ پسند ڪرين ته ڪنهن کي خط لکندي آهين!“.
    خبر ٿي مان تنهنجو اڪيلي سر بار کڻي کڻي ٿڪجي پئي آهيان جڏهن هن پڇيو ته منهنجين اکين مان بي اختيار ڳوڙها نڪتا ۽ هن حيرانيءَ مان مون ڏي ڏٺو. مون کيس تنهنجي باري ۾ ٻڌايو .
    هو گھڻي دير ته خاموش رهيو، پوءِ وڌيڪ تفصيل سان پڇندو رهيو. اهو پڇيائين:
    ”ڇا هو جسماني ۽ جنسي طرح ايڏو سگھارو آهي ڇا؟“.
    مون کيس وراڻيو:
    ”اها ڳالهه اسان ٻنهي لاءِ ايڏي اهميت نه ٿي رکي. ايترا ڏينهن گڏ هوندي به اسان ڪڏهن ان جي تڪميل يا اوج تي نه پهتاسين. مون وٽ هڪ پنهنجو اصول هو ۽ هو وري منهنجي مانً کي مانُ ڏيندو هو“.
    آرٽسٽ وات پٽي منهنجيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. پوءِ وري تنهنجي وڇڙڻ جو ۽ روز جي رابطي جو ٻڌايم ته هو ڪجھه گھڙيون ته پنهنجي مٿو هٿن ۾ جهلي هيٺ نهاريندو رهيو.
    پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي مونکي چيائين:
    ”يقين نه ٿو اچي، مونکي ته لڳي ٿو ته مان سترهين صديءَ جي ڪِن عاشقن جون خبرون ٿو ٻڌان. يا وري ايئن ٿو لڳي ته ڪنهن مسٽڪ شاعر جو سٽون ٿو پڙهان. ڪٿي آهي اڄڪلهه اهڙو عشق؟!، نه رڳو عشق پر ان جو اهڙو انداز، اهڙيون ڳالهيون، اهڙو پيار، ايڏي شدت، ايڏي تڙپ، ڪير يقين ڪندو ته رومانيا ۾ يونيورسٽي پڙهندڙ ڇوڪري سائنس جي اصولن کي پڙهندي پنهنجي سوچ ۾ ايڏي سگھاري هوندي، جو هو تخيل ۾ پنهنجي هڪ دنيا جوڙي. ان ۾ رهي به ٿي ۽ ان مان سگھه به حاصل ڪري ٿي.
    هن مونکي، به ٽي شعر ٻڌايا، مونکي ڏاڍا وڻيا. مون کانئنس پڇيو ته ڪنهن جا آهن ته هن ٻڌايو ته ترڪي جي مسٽڪ شاعر روميءَ جا آهن.


    You try to be faithful
    And sometimes you're cruel.
    You are mine. Then, you leave.
    Without you, I can't cope.

    (تون وفادار. سچو به رهڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو
    ۽ ڪڏهن تون وري ظالم آهين
    تون منهنجو آهين، ۽ پوءِ تون ڇڏي وئين
    تو بغير، مان جي نه ٿو سگھان)
    And when you take the lead,
    I become your footstep.
    Your absence leaves a void.
    Without you, I can't cope.

    (۽ جڏهن تون اڳواڻي ڪئي
    ته مان تنهجن قدمن تي هليس
    بغير تنهنجي ڪجھه به ناهي
    تو بغير، مان جي نه ٿو سگھان)

    You have disturbed my sleep,
    You have wrecked my image.
    You have set me apart.
    Without you, I can't cope.”
    (تون منهنجون ننڊون وڃائي ڇڏيون
    تون منهنجومان مرتبو ٽوڙي ڇڏيو
    تون مون کي ورهائي ڇڏيو
    تو بغير، مان جي نه ٿو سگھان)

    مون اهي ٻڌا ته مون کي لڳو ته مان به ته ائين ئي ٿي سوچيان پر اظهاري نه ٿي سگھان. ان ڏينهن کان وٺي مون ۾ هڪ خاص تبديلي آئي آهي. مونکي لڳي ٿو ته تون مون ۾ جذب ٿيندو ٿو وڃين. مان، مان نه ٿي رهان تون ٿي ٿي وڃان.
    هاڻي ته خواب به عجيب ٿي ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڏسندي آهيان ته هڪ واچوڙو مونکي اڏائي ٿو وڃي ۽ مان ڪائنات جي رنگينين کي ٿي ڏسان، ڪنهن کيرڌارا جي ڀرسان ٿي گذران، ڪنهن سمنڊ جي گھرائيءَ ۾ ٿي وڃان پر خبر ٿي هڪ عجيب ڳالهه آهي. انهن سڀني ۾ تون آهين. يار، مونکي الائي ڇا پيو ٿيندو وڃي؟ چري ته نه ٿي ٿيان؟.
    ڇڏ انهن ڳالهين کي. خبر ٿي هتي موسم عجيب آهي. ڪڏهن ٿڌ ته ڪڏهن وري ايتري مناسب موسم آهي، جو مان مني اسڪرٽ پائيندي آهيان. مان جڏهن تو وٽ اينديس ته اهڙو لباس پائينديس ته جيئن مون کي تون پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ لاءِ آتو هجين.
    مون کي رستو نه ٿو ملي ته تو وٽ ڪيئن پهچان؟ پر مان ضرور اينديس. مان تو کي جاب تي به وڃڻ نه ڏينديس، رڳو تو کي چمندي رهينديس ۽ پوءِ سرشار ٿي تو کي چونديس ”ييس“. پر مون کي شڪ نه پر يقين آهي ته تون اهو چئي مون کي منع ڪندين ته اهو صحيح ناهي.
    پر آءُ ڪو طريقو ڪڍي تو کي راضي ڪري وٺنديس. ڇا ٿو سمجھين مان ايئن ڪري سگنديس؟.
    آءُ ڪجھه عرصي لاء تو کي خط متان نه لکي سگھان. ڪرسمس لاءِ ترڪي، يونان ۽ البانيا وڃڻو آهي.
    توکي خط لکندي ايئن محسوس ٿيندو آهي، مان ڄڻ ڊائري لکندي هجان. حالانڪ اڄ تائين مان ڊائري نه لکي آهي. پر هاڻي تو آهين مان تو کي لکندي آهيان ۽ تون منهنجو آهين ته ان ڪري ڄڻ مان پنهنجي لاءِ ڊائري لکي رهي آهيان.
    هتي منهنجو هڪ استاد آهي، هو مون ۾ دلچسپي وٺندو آهي. مون کي ڪافيءَ تي به انوائيٽ ڪيو هيائين، هُن مون سان گھڻيون ڳالهيون ڪيون ۽ ان وقت مون سوچيو ته تون به ته ڪنهن اسٽوڊنٽ سان ائين شام نه ملهائيندو هجين.
    هُن مون کان پڇيو ته مون کي پروفيسر ڪيئن لڳندا آهن ته مون تصور ۾ توکي آڻيندي چيو ته ڏاڍا سٺا لڳندا آهن. هو خوش ٿي ويو. هُن وٽ ڪالهه منهنجي واءِ واز به هئي. يقين آهي ته سٺا نمبر ڏيندو، ايئن نه سمجھه ته هو مون کي چاهي ٿو، ان ڪري سٺا نمبر ڏيندو پر منهنجو امتحان به سٺو ٿيو آهي.
    توکي مون تي فخر ڪرڻ گھرجي ته تنهنجي وڇوڙي جو بار سهي به اسٽڊي ڪيان ٿي.
    تون ٻڌايو ته پراگ مان انويٽيشن آئي آهي. مان خوش آهيان ته انتظار ٿي ڪيان ته اهو ڏينهن اچي. پر اهو عرصو ڪيئن گذرندو؟“.

    آيان اي ميل به پڙهندو رهيو ۽ سبينا کي به ڏسندو رهيو ۽ پوءِ کيس چيائين:
    ”معاف ڪجانءِ جيڪو پڙهيو ٿي اهو سچ آهي، عائده مون سان گڏ هئي خبر ئي نه پئي ته ڪيئن ايڏو ويجھو ٿي وياسين“.
    “توهان معاف ڪرڻ جو نه چئو، هونئن به توهان مون کي اها حيثيت ڏني ئي ڪٿي آهي؟!“.
    سبينا روئيندي، آيان کي چيو:
    ”مان ته توهان کي لفظ به نه چئي سگھيس، ڪيڏي نه خوشنصيب آهي اها ڇوڪري جنهن مهيني ۾ توهان جو ايڏو قرب به حاصل ڪري ورتو ته پيار به“.
    آيان ڪنڌ هيٺ ڪري چيو:
    ”مون کي پاڻ خبر ناهي ته هوءَ ڪيئن خوشبوءِ جيان منهنجي حواسن تي ڇانئنجي وئي“.
    آيان ڪنڌ مٿي ڪري سبينا کي چيو:
    ”مان مڃان ٿو ته پاڻ ٻنهي جي سٺي انڊراسٽينڊنگ آهي، ۽ مون کي توسان ڳالهائڻ، ويهڻ ۾ مزو ايندو آهي سڪون ملندو آهي“.
    ”بس اها ئي ته غلطي آهي منهنجي، توهان منهنجي لاءِ گھڻو ڪجھه آهيو، پر توهان کي ڪجھه چئي ئي نه سگھيس ۽ هاڻي به توهان کي وڃائڻ لڳي آهيان. تڏهن ايتري جرئت سان ڳالهايان ٿي“.
    آيان خاموش رهيو.
    ”تون وري به معاف ڪجانءِ، مان واقعي به عجيب ڪيفيتن ۾ آهيان، مون کي ڪنهن جو به رخنو ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. مان صرف عائده سان رهڻ چاهيان ٿو“.
    سبينا کيس چيو :
    “مان ته توهان کي اهو به نه چئي سگھيس ته توهان منهنجا pacemaker آهيو. توهان آهيو ته لڳي ٿو ته مان جيئري آهيان، دل نارمل ڌڙڪي ٿي، نه ته دل ڌڪ گسائي ٿي“.
    آيان اڃان تائين خاموش هو.
    سبينا ڪجھه دير خاموش رهڻ کان پوءِ وري چيو:
    ”توهان منهنجي آڪسيجن آهيو“.
    آيان کيس سختيءِ سان وراڻي ڏني.
    ”پر، توکي اها چڱي ريت خبر پئجي چڪي آهي ته منهنجي آڪسيجن ڪو ٻيو آهي“ .
    سبينا، آيان ڏانهن ڏسندي چيو:
    “پر مون کي هڪ خوف آهي ته توهان 8000 ميٽر کان مٿي نه چڙهي وڃو، جتي آڪسيجن گھٽ هوندي آهي.... ڪِٿي ساهه به نه کڻي سگھو“.
    آيان تيزيءَ مان کيس چيو:
    ”تون مون کي اهڙو بي وفا سمجھيو آهي ڇا؟“.
    ”منهنجو مطلب ڪجھه ٻيو هو“.
    آيان جي چهري تي ڪاوڙ نظر اچي رهي هئي، سبينا کيس چيو:
    ”نه، منهنجو مطلب آهي ته آڪسيجن نه توهانکي ڇڏي وڃي، ۽ زيرو Altitude تي هوندي به توهانکي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي ۽ لڳي ته توهان 8000 ميٽر ليول تي آهيو“.
    ٻئي ڪجھه دير خاموش رهيا.
    سبينا ڳالهايو:
    ”ڀلا هڪ واعدو ڪريو“.
    ”اهي واعدا نه ڪري سگھندو آهيان جيڪي وفا نه ڪري سگھان“.
    ”نه مان اهڙو ڪو به واعدو نه ٿي وٺان جنهن سان توهان کي ڪا ڏکيائي ٿي“.
    ”باقي؟“.
    ”اهو واعدو ڪيو ته جيڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿي پئي، اوهان جي آڪسيجن گھٽجڻ لڳي، ته توهان مون وٽ ضرور ايندئو“.
    آيان، ڪا وراڻي نه ٿو ڏئي پر هن جي منهن مان ”ها“ بکي رهي هئي.
    سبينا پنهجين اکين تان ڳوڙها اگهندي چيو:
    ”پنهنجو پاس ورڊ به بدلائي ڇڏجو“.
    هوءَ آفيس مان تيزيءَ سان نڪري وئي.

    ******


    16

    آيان، ارائيول بورڊ تان هٽي پاسي سان رکيل بينچن تي ويٺو هو، کيس يادگيريون وڪوڙي ويون هيون. اوچتو آيان پنهنجي ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ڪيو، پوئتي مڙي ڏٺائين، فهد هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي کيس ڏسي رهيو هو. هن فهد کي ايميل ۽ فون تي پنهن جي ۽ عائده جي اچڻ جي باري۾ ۽ ورڪشاپ جي باري ۾ ٻڌايو هو. آيان پنهنجي جڳهه تان اٿي هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو، هو ٻئي ڄڻا ڪجھه دير هڪٻئي جي ٻانهن ۾ ئي هئا، فهد کيس چيو:
    ”ويلڪم اگين ٽو پراگ، دي سٽي آف بيوٽي“.
    ”نو نو سٽي آف لورس“.
    ”ها، عاشق جيئڙا! ها....“.
    ”عائده جي فلائيٽ هاڻي ڪهڙي وقت آهي؟!“.
    ”ڏهين وڳي“.
    ”باقي ملڻ جي ٽائمنگ واهه جي رکي ٿي، تون اڌ ڪلاڪ اڳ پهتو آهين ۽ هوءَ ڪلاڪ کان پوءِ، ها ٻي ڳالهه آهي ته فلائيٽ دير ڪري وڌي“.
    ”ها اسان ٻنهي اهو طئي ڪيو هو ته پراگ ۾ هڪ ئي وقت هجون، جيڪڏهن اسان مان ڪو هڪ ڏينهن اڳ يا پوءِ هجي ها ته شايد ٻنهي کي مزو نه اچي ها“.
    هو فلائيٽ جي باري ۾ انائونسمينٽ ٻڌن ٿا، اهو ٻڌي ته تيرانا کان اچڻ واري فلائيٽ اتي جي موسم جي خرابيءُ جي ڪري هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي، فهد کيس ڪافي پيارڻ شاپ تي وٺي اچي ٿو.
    آيان پنهنجي بيگ ٽيبل جي ڀرسان ۽ جيڪٽ لاهي ڪرسيءَ تي رکي. سيلف سروس جي ڪري فهد، آيان ۽ پنهنجي لاءِ دخل تان ڪافي وٺي آيو.
    ڪافي پيئندي هو ٻئي هڪٻئي کي ڏسي مرڪي رهيا هئا.
    آيان، فهد کي پنهنجائپ واري لهجي ۾ چيو:
    ”ادا ! توهان پراگ وارن جي مهرباني جو وري اسان کي هتي گھرايو اٿو“.
    ”ڪا ڳالهه ناهي، پر توهان ٻنهي جو ڪٺو پروگرام ٺهيو اها وڏي ڳالهه آهي“.
    ”ها، جيئن ئي هتان انويٽيشن آئي ته چارلس يونيورسٽي سمر اسڪول جي ڏهين سال تي گذريل سڀني بيچز کي هتي گھرائي رهي آهي، ته اسان سمجھيو ته ملڻ جو اهو سٺو موقعو آهي، انڪري بغير ڪنهن دير جي ٻنهي هيڏانهن اچڻ جو پروگرام ٺاهيو. مون کي يونيورسٽيءَ وارن سرڪاري طرح ان اسڪول جي اجازت نه ڏني، پر مان موڪل وٺي پنهنجي خرچ تي آيو آهيان“.
    ”استاد! تڏهن ته مون توکي عاشق جيئڙو چيو“.
    ايئن چئي ٻئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
    ”پر، اها خراب ڳالهه آهي جو اوهان مون وٽ نه ٿا رهو، سڌو زهرادڪي ٿا وڃو“.
    ”ها، اهو به اسان جو واعدو ۽ خواب هو ته چيڪ ۾ پهريون ڏينهن ۽ رات اتي گذاريون جتي اسان جي پيار جنم ورتو هو“.
    ”واهه“.
    ”پر پوءِ مون وٽ ڪڏهن ايندئو؟“.
    ” جيئن ئي سمر اسڪول پورو ٿيو“.
    ”جيئن توهان جي مرضي“.
    تيرانا کان ايندڙ فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي ته هو ٻئي ارائيول گيٽ طرف آيا. ٿوري دير ۾ تيرانا کان ايندڙ فلائيٽ جي لينڊنگ واري بتي جھرمر ڪرڻ لڳي ٿي، آيان به پنهنجي من ۾ اهڙين لائيٽن جي قطار ۽ جھرمر محسوس ڪري ٿو. کيس اهو وقفو وڏو ڊگھو محسوس ٿي رهيو هو. ويهن منٽن کان پوءِ گيٽ کليو ته پهرين نڪر ڻ واري ، ٻي ڪائي نه عائده هئي. آيان کي ڏسي پنهن جي ٿيلهي کي زمين تي ڦهڪائيندي، هُن ڏانهن ڊڪي. ساڻس ڳلي ملي روئڻ لڳي. آيان سندس وارن ۾ هٿ ڦيريندو ۽ چمندو رهيو. گھڻي دير ايئن رهڻ کانپوءِ آيان، عائده کي پاڻ کان ڌار ڪندي فهد طرف اشارو ڪري چيو:
    ”سائين جن جي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ڇا؟“.
    عائده، لڄي ٿيندي فهد سان هٿ ملايو. فهد کيس پراگ اچڻ تي خوش آمديد چيو. فهد، عائده جو سامان کنيو ته، عائده شرمندگيءَ مان هُن کان سامان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر فهد آيان ڏنهن ڏسندي، کيس مرڪي چيو:
    “هن جي خبر ناهي باقي مان اڃان تائين جينٽلمين آهيان“.
    هو ٽئي ڄڻا ايئرپورٽ جي عمارت مان نڪري، پارڪنگ ۾ فهد جي ڪار ۾ وٽ پهتا. هن ڀيري فهد وٽ نئين ڪار هئي، فهد سندن وڏيون بيگون، ڊگي ۾ رکي، ڄاڻي واڻي ننڍو سامان اڳين سيٽ تي رکي، هنن ٻنهي کي پوئين سيٽ تي ويهڻ لاءِ چيو.
    ”اهو ڇا؟ تون ڪو ڊرائيور ته ناهين، جو اسان پويان ويهون ۽ تون اڳيان“.
    ”ڊرائيور ته ناهيان پر عاشق ضرور آهيان، ان ڪري ڀلي توهان پنهنجي ڪچهري ڪيو ته مان خوش ٿيان“.
    ”وڏا!، تنهنجا وڏا احسان پر...“.
    ”ڇڏ پر کي، ويهين ٿو يا مان پويان ويهان ۽ تون اڳيان“
    ٻنهي کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويا.
    گاڏي پراگ جي رستن تان گذرندي رهي ته هو ٻئي ڄڻا رستن کي گھڻي پيار سان ڏسندا ۽ رکي رکي هڪٻئي کي چمندا رهيا. هو ڪُڇن گھٽ پيا پر سندن هر عضوو هر احساس ڳالهائي رهيو هو.
    پراگ شهر مان نڪري، هاءِ وي تان لهي جڏهن زهرداڪي واري لنڪ روڊ تي آيا، تڏهن به هو ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏئي ٻاهر ڏسڻ ۽ ٻاهرين منظرن سان پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪندا رهيا. کين خبر ئي نه پئي جڏهن فهد جي گاڏي، ان محل جي گيٽ وٽ پهتي. ٻنهي جي اکين ۾ چمڪ اڀري آئي، هو هيٺ لهي هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري، وڏا وڏا ساهه کڻي اتان جي وڻن ۽ ماحول جو خوشبو سنگھي، هڪٻئي کي پيار ڪندا رهيا. گاڏيءَ مان سامان لاهڻ کان پوءِ فهد کانئن موڪلائي ٿو. عائده کيس رهڻ لاءِ چئي ٿي، هن جي انڪار تي کيس گھٽ ۾ گھٽ ڪافي پيڻ لاءِ چئي ٿي، پر فهد کيس انڪار ڪندي چيو:
    ”هڪ بزنس ڊنر آهي، انڪري وقت سان وڃڻ ضروري آهي“.
    ”بزنس ڊنر آ يا...“ آيان کيس مرڪندي چيو ته فهد پنهنجين اک تي هٿ رکندي امالڪ چيو:
    ”الله سُنهن“.
    آيان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو، ڳالهه محسوس ڪرڻ کان پوءِ فهد به پنهنجو سُر هن جي ٽهڪن سان ملائي ڇڏيو. عائده، فهد کان پڇيو:
    ”اکين تي هٿ رکڻ جي معنى ڇا آهي؟“.
    ”اهو اسان خدا جو قسم کڻڻ وقت ڪندا آهيون“.
    ”پر انڊيا وارا ته ڳچي يا ساهه جي نلي تي هٿ رکي قسم کڻدا آهن“.
    ”ها، اهو رڳو اسان جو طريقو آهي“.
    عائده، وري کانئنس پڇي ٿي:
    ”ڀلا، ڪا ٻي شئي چمي، انکي پنهنجين اکين تي رکڻ جو مقصد ڇا آهي؟“
    ”اهو رڳو پيار ۽ احترام ڪرڻ جو طريقو آهي، اسان گلاب جي گل کي به ائين ڪندا آهيون ته جيئن راحت ملي“.
    عائده آيان ڏانهن ڏٺو ته هن تڪڙ ۾ فهد کي چيو:
    ”ابا وڃڻو ٿي ته وڃ، باقي هتي بيهي ثقافت تي ڀاشڻ نه ڏي مٺا!“
    فهد، کلي چيو:
    ”ادا! ڇو ڪا ڪچي ٿي پئي ڇا؟“.
    آيان کلي چيس:
    ”ادا، پراگ وڃڻ وارو رستو سامهون اٿي“.
    فهد ويڪ اينڊ تي ملڻ جو واعدو ڪري، کلندي هنن کان موڪلائي گاڏيءَ ۾ ويهي، سيٽ بيلٽ پائي، اشاري سان سلام ڪري، گاڏيءَ کي محل جي گيٽ کان ٻاهر ڪڍي هليو ويو.
    عائده، آيان کي ڏسندي چيو:
    ”هاڻ خبر پئي ته تون منهنجا هٿ چمي اکين تي ڇو رکندو هئين؟!“.
    فهد، مرڪيو. اهو ئي سندس جواب هو.
    هو پنهنجو سامان کڻي رستي تي ڪريل پنن تان هلندا وشال آڳر ۾ پهتا ته فائونٽين ۽ ان جي ڀر واري بينچ کي ڏسي امالڪ مُرڪي پيا.
    اوچتو عمارت جو دروازو کليو، ان مان زدراوڪو ۽ روزي ڊڪندا هنن ڏانهن آيا ۽ هڪٻئي سان ڀاڪرن ۽ چمين جي روشنيءَ ۾ مليا. اهي ئي کين ٻڌائن ٿا ته هنن جي بيچ مان هن وقت تائين اهي چار ڄڻا ئي پهتا آهن.
    ”چڱو ٿيو ته اوهان پهچي ويا، نه ته اسان ته پريشان ٿي وياسين ته ڇو ڪو به نه پهتو آهي؟!“ روزيءَ چيو.
    ”مون کي ته پڪ هئي ته رومانيا واريون ديلا، ديتلينا ۽ ڊائنا ته ضرور آيون هونديون“. عائده چيو .
    آيان وري هنن کان پڇيو :
    ”ڀلا، هو ٻئي چيڪ ڇوڪريون؟“.
    انهن مان ليونا آئي آهي، اها آرگنائزرس مان هڪ آهي“.
    ”اڇا، انهن سڀني کي ته ضرور هجڻ کپي ها“.
    “ليونا ٻڌايو ته اڳ ۾ جيڪا آرگنائزر هئي، اها پي ايڇ ڊي ڪرڻ امريڪا وئي آهي“.
    ”اوه آءِ سي“. عائده چيو.
    ”جلدي جلدي سامان رکو، سائيڪلون اسپورٽس روم مان کڻو، هلون ٿا پنهنجي ڍنڍ تي“. زدراوڪو کين چيو.
    ”۽ ها عائده روزيءَ سان گڏ رهي ۽ تون مونسان ڪمري ۾ رهندين“
    زدراوڪي، آيان کي مخاطب ٿيندي چيو.
    ”اچو اچو“. زدراوڪي، عائده جو سامان کنيو. دخل تي هنن پنهنجي پهچ جو اطلاع ڏنو ۽ زدرواڪو جي مشوري مطابق، آيان رسيپشنسٽ کي پنهن جي لاءِ زدراوڪي جي ڪمري جو نمبر ۽ عائده، روزيءَ جو نمبر ٻڌايو.
    رسيپشنسٽ، ڪمپيوٽر تي ڏسي کين چئي ٿي:
    ”انتظاميا ته توهان جو ٻين ڪمرن ۾ انتظام ڪيو آهي“.
    ”پر، جي ممڪن هجي ته ائين ٿيندو ته ڀلو ٿيندو“.
    رسيپشنسٽ، ڪمپيوٽر ۾ نهاريندي رهي، مختلف ڪي دٻائڻ کان پوءِ چيو:
    ”ٺيڪ آهي، هُنن کي ٻي هنڌ ايڊجسٽ ڪنداسين، هونئن به هن المنائي سيمينار جو مقصد ئي ڏهن سمر اسڪولن ۾ شريڪ ماڻهن کي پنهنجي نيٽ ورڪ ۾ رکڻ آهي، توهان ته پاڻ اها گھر ڪيو ٿا ته واهه واهه“.
    هو سندس ٿورا مڃيندي، چاٻيون وٺي پنهنجو پنهنجو سامان کڻڻ ڪمري ڏانهن روانا ٿين ٿا. روزي کين چئي ٿي:
    ”توهان سامان رکي فريش ٿي هيٺ اچو، اسان توهان جو ڪيفي تي انتظار ڪيون ٿا“.
    هو پهرين منزل تي پهچي، پنهنجن ڪمرن ڏانهن مختلف ڏسائن ۾ هليا ويا. آيان سوچيو ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جي کيس ساڳي ڪمرو ملي ها، جنهن ۾ ڪجھه سال اڳ هو رهيو هو، پر سندس حيرت جي حد نه رهي جڏهن چاٻيءَ تي لکيل ڪمرو ڳولهيندي ڳولهيندي، ڪمري تي پهتو ته ڏٺائين ته ڪمرو ته اهو ئي آهي، پر ڪمري جو نمبر اڳي کان مختلف هو.
    هن خوشيءَ مان در کولي، اندر گھڙي، سامان در وٽ رکي، ٻيلي واري پاسي جي دريءَ جا پردا هٽايا ۽ دري کولي، منظر ۽ خوشبوءِ کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندو رهيو.
    هو جلد تيار ٿي هيٺ ڪيفي ۾ پهتو. جتي عائده اڳ پهچي چڪي هئي.
    آيان پنهنجي لاءِ پريسو ڪافي جو آرڊر ڏنو. ٿوري دير ۾ ننڍي ڪپ ۾ ڪافي آئي، جيڪا ٻن ڍڪن جيتري هئي، پر ڄڻ ته ڪافيءَ جي بينز جو عرق هو. آيان کي اها ڪافي وڻندي هئي ۽ کنڊ کان بغير پيئندو هو. هن سپ ڀري ته سندس مٿي مان ٽڙڪاٽ نڪتا، هن کي ڪافيءَ جي خوشبو ، ذائقي ۽ ڪيفين توانائي ڏئي ڇڏي. عائده ۽ آيان اسپورٽس روم تان سائيڪلون ۽ هيلمٽ اڌارا وٺي آيا ۽ زدرواڪو ۽ روزيءَ به ڪيفي جي ڀر ۾ رکيل اسپورٽس روم تان ورتل سائيڪلون کنيون .
    هو چارئي ڄڻا، سائيڪلن تي ڍنڍ ڏانهن روانا ٿيا. رستي جي خوبصورتين کي محسوس ڪندا، ٻنين کي پار ڪندا، آسمان جي نيراڻ کي اندر ۾ اوتيندا هو ڍنڍ تي پهتا.جتي هنن پنهجون سائيڪلون، ڪناري تي رکيون، ڪاٺ واري پليٽ فارم تان، ٿيندا، اتي ويٺل پوڙهيءَ تائين پهتا ته آيان کيس چيو:
    ” اسان کي چئڻ ڄڻن وارو بتيلو ڏيو“.
    اتي زدراڪو روزيءَ کي ڀاڪر پائي چمي ڏني ته سڀ مرڪڻ لڳا. هن چيو ته:
    ”اسان هتان وڃڻ کان پوءِ بلغاريا ۾ هڪٻئي کي گھڻو ويجھو ٿي ويا آهيون. انڪري ٻه الڳ لڳ بتيلا وٺون ٿا ته جيئن توهان به مزو ماڻيو ۽ اسان به هن مهل، هن پل، هن خوشبو، کي امر ڪيون“.
    “قبول آ“ آيان رڙ ڪئي.
    هنن پوڙهيءَ کي چيڪ ڪرائون ڏئي بتيلا ورتا. زدرواڪو ۽ روزيءَ کي نيرو ته وري آيان ۽ عائده کي بسنتي رنگ وارو بتيلو مليو.
    هو ٻئي پنهنجن پنهنجن بتيلن ۾ ويٺا، زدراوڪو ۽ آيان بتيلن جي ونجھن کي هلائيندي ڍنڍ ۾ وڌندا رهيا.
    ”اڄ مونکي اهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته خوابن جي به پورائي ٿيندي آهي“.
    عائده، جيڪا بتيلي ۾ آيان جي سامهون ويٺي هئي ، هن آيان جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
    ”مطلب؟!“
    ”مطلب اهو ته منهنجي زندگيءَ ۾ اها خواهش هئي ته گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڍنڍ تي تو سان اچان، توکي محسوس ڪيان، تنهنجن هٿن جي ذريعي ونجھن کي ملندڙ رڌم، پاڻيءَ سان ملي پيدا ٿيندڙ سمفنيءَ کي محسوس ڪري سگھان. اڄ اهو خواب پورو ٿيو آ ته پنهنجو پاڻ تي يقين نه ٿو اچي“.
    ”يقين ته مون کي پاڻ نه ٿو اچي، اسان جهڙن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو ته سوچ ۾ به هي سڀ ڳالهيون افورڊ نه ڪري سگھندا آهيون، ته ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملي. اهو به ان ملڪ لاءِ جتي ڪنهن مخصوص وقت ۽ موقعي تي وڃڻو هجي. عائده، اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ته سفارتخانن ٻاهران پاسپورٽ کڻي، خيرات ملڻ جي هڪ علامت بڻجي ويٺا هوندا آهيون. جتان پوءِ سندن تذليل جو سلسلو شروع ٿيندو آهي، جيڪو لائين ٺهرائڻ وارن کان وٺي، ڊيسڪ تي ويٺل رسيپشنسٽ تائين ته هوندو ئي آهي، جيڪي هوندا ته آهن پنهنجي ئي ملڪ جا، پر هو ان غلاميءَ تي به ناز ڪندي، پنهنجن ماڻهن جي تذليل ڪندا آهن. جيستائين وڃي ويزا ڪائونسلر تائين پهچجي، جي اهو فارينر دل جو سٺو آهي ته ٺيڪ، نه ته بل ڊاگ جهڙا تاثر ڏئي ۽ اهڙوئي آواز ڪڍي سائل کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪندو، ۽ ٻئي جو نمبر ڪائونٽر تي لڳل لائيٽ تي نمايان ٿيندو پر هو جنهن کي ويزا نه ملي ليلڙائيندو، جواز پيش ڪندو. پر ڪجھه نه ورندس. سو اسان ان ملڪ جا آهيون. ويزا ملي وڏي ڳالهه ٿي “
    ”آر يو ڪڊنگ؟!“ .
    ”نو آءِ ايم سيريس“.
    ”ريئلي“.
    ”آف ڪورس“.
    ”مان هتي آهيان، تنهنجي سامهون آهيان، تنهنجي هر ڇهاءَ کي محسوس ڪيو اٿم. چاهيندو هيس، ته مون سان هر وقت گڏ رهي، جيڪا مون سان گڏ ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران ساڻ هوندي هئي، ته وري فقير سان ملندي به مون سان گڏ هوندي هئي، تڏهن ته فقير چوندو هو :
    ”بابا! تنهنجون اکيون هڪ ناهن ٻٽيون آهن“.
    اهو مطلب مان نه سمجھي سگھندو هيس.
    عائده پيار مان کيس ڏسندي رهي ۽ چيائين:
    ”خبر رومانيا جي هاسٽل واري ڪمري ۾، البانيا جي گھر ۾، مان مختلف هنڌن تي فريم ٽنگيا هيا، جن ۾ ڪا تصوير نه هوندي هئي بس اڇو پنو بارڊر سان هوندو هو.، سڀ چوندا هيا ته اها ڪهڙي بي وقوفي آهي خالي فريم ٽنگڻ جي؟!“
    عائده خاموش ٿي پنهنجو هٿ ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ وجهي ٻڪ ڀري منهن تي هڻي چيو:
    ”هنن کي ڪهڙي خبر ته اهو فريم خالي آهي يا ڀريل. منهنجي لاءِ ته تون انهن ۾ هئين“.
    ”حيرت آ“.
    ”حيرت جي ڳالهه ناهي، توکي شايد حيرت لڳي يا نه، پر منهنجي بيڊ تي ٻه ويهاڻا هوندا هيا. هڪ تنهنجو هڪ منهنجو. ڪافيءَ جا ٻه مڳ هوندا هيا. هڪ تنهنجو هڪ منهنجو پر خبر ٿي تو وارو مڳ ڪهڙو هو؟“
    ”نه“.
    ”ان مگ جو هٿيو، ڪًن جيان هو ۽ ان تي وان گوف جو هڪ قول لکيل هيو“.
    ”اوهه، جنهن لاءِ چون ٿا ته هن پنهنجو ڪن ڪٽي محبوبا کي پيش ڪيو هو“.
    ”ها ان ۾ صداقت ڪيتري آهي پر هن جو اهو عمل مون کي وڻندو هو، انڪري تو وارو مڳ اهو رکيو هيم. منهن جو مڳ سادو، بلڪل سادو، ڇو جو منهنجن رنگن تي ته تنهجن احساسن ۽ ڪيفيتن جو اولڙو هوندو هو. منهنجا رنگ ته آهن ئي تنهنجي ڪري.... نه ته مان بي رنگ، ٻُسي ٻُسي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته تون هڪ ڍنڍ آهين ۽ مان ان جي مٿاڇري تي ترندڙ ٻين ٻيڙين جيان هڪ.. ٻيڙي ته اها مهان ٿي سگھي ٿي نه جنهنکي ڍنڍ جو پاڻي چاهي“.
    ”تنهنجو مقصد الائي ڇا آهي. پر مان تنهن جي لاءِ آهيان“.
    ”ڪين وي گو نائو“. (ڇا هاڻي هلون؟).
    زدراوڪي جي آواز سندن گفتگوءَ کي ٽوڙيو.
    آيان به اشاري سان هن کي هلڻ تي رضامندي ڏيکاري.
    ڍنڍ تان موٽڻ کان پوءِ، هو ان ڳوٺ جي ننڍي پب ۾ ويا. سڀ کان پهرين ته هن ويٽر کي پنهنجي ڪيميرا ڏئي فوٽو ڪڍڻ جو چيو. پوءِ اتي ڪچهري ڪندي هڪٻئي سان حال اورڻ لڳا. روزيءِ هنن کي ٻڌايو ته پولينڊ واري جوانا ساڻس رابطي ۾ رهندي هئي، ان کي به هن موقعي جو گھڻو انتظار هو ۽ سڀني سان ملڻ جو شوق هو ته ملي پنهنجيون پراڻيون يادون تازيون ڪنديون. خاص ڪري عائده کي گھڻو پئي ياد ڪيائين، پر هن وٽ سندس ايڊريس يا فون نمبر نه هو. پر افسوس جو هفتو اڳ کيس ڇاتيءَ جو ڪينسر ڊائگنوز ٿيو آهي، جنهنڪري هوءَ اچي نه سگھي. ان وقت ئي سڀني روزيءَ کي فون ملائڻ لاءِ چيو، پر هنن اهو به پاڻ ۾ طئي ڪيو ته کيس اهو احساس ناهي ڏيارڻو ته بيماريءَ جي ڪري هوءَ اسان وٽ ناهي. فون تي سڀني کيس پيار ڏنو سندس ڪميءَ جو احساس ڏياريو. فون بند ڪرڻ کان پوءِ هنن پنهنجو پيگ جوانا جي صحت لاءِ ٽوسٽ ڪيو. ٿوري جھٽ کان پوءِ زدراوڪو، مزي ۾ اچي ويو، هن پنهنجي ٽيبل جي چوڌاري بيري کي چئي وڌيڪ خالي ڪرسيون رکرايون ۽ وچڙندڙ آواز ۾ هر ڪرسي تي نالو رکندو ويو.... ته هن تي دميتري ويٺو آهي، هن تي ييٽي ويٺو آهي، هن تي ديتلينا ويٺي آهي، هن تي ديلا ويٺي آهي، هتي انڊونيشيا جو نور هادي ويٺو آهي.... پوءِ واري واري سان جنهنجو نمبر ڪنهن وٽ هو ان سان ڳالهايو پئي ويو، موبائل آن ڪري ۽ اها ان وقت هن جي ڪرسيءَ تي رکي پئي وئي. آيان لاءِ اها فون نئين ڳالهه هئي، جو پاڪستان ۾ اڃان نه آئي هئي.
    موٽڻ مهل، زدرواوڪو گھڻو پيتل هو، موٽندي هڪ هنڌ رستي تي ته هو ويهي رهيو ته آيان سندس هٿ پنهنجي ڪلهي تي رکي، پنهنجو هٿ هن جي ڪڇن ۾ وجھي کيس مٿي کنيو ۽ هن کي محلات طرف آندو.
    عائده، آيان کي چيو ته روزي چئي ٿي ته زدراوڪي جو انهن ڪمرن وٺڻ جو مقصد اهو هو ته هوءَ ۽ زدرواڪو گڏ رهندا ۽ ٻي ڪمري ۾ اسين. پر هوءَ هن حالت ۾ هن کي پاڻ سان رکڻ نه ٿي چاهي ڇو جو ان حالت مان رڪور ڪرڻ کان پوءِ هو ايگريسو هوندو آهي، انڪري اڄ قانون مطابق سمهون. توهان ٻئي گڏ ۽ اسان ٻئي“.
    آيان کي اها صلاح ته نه وڻي پر مجبورن ها ڪيائين.
    صبح جو افتتاحي تقريب ٿي، جنهن ۾ آرگنائيزرن خير مقدم ڪيو.
    اهو به ٻڌايو ته ڪهڙ اساٿي وڇڙي ويا.
    انهن ۾ آمريڪا وارو پروفيسر وليم سارو به هو جنهن گھر واريءَ سان گڏ پراگ ۾ عائده ۽ آيان کي وائين جي دعوت به ڏني هئي. عائده ۽ آيان کي ڏاڍو افسوس ٿيو.
    هر بيچ جي نمائندي تقرير ڪئي.
    آيان پنهنجي بيچ جي نمائندگي ڪندي چيو:
    ”ان اسڪول گھڻو ڪجھه ڏنو، معلومات، سرٽيفڪيٽ، مختلف قومن جي ماڻهن سان گڏ رهڻ جو سلوڪ. انکان علاوهه، پيار ڪرڻ ۽پيار حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ به ڏنو“.
    ان جملي تي گھڻيون تاڙيون وڳيون. ان کان پوِءِ پورو ڏينهن ڪلاس هلندا رهيا.کين مزو اچي رهيو هو ته هو وري ساڳي پراڻي زماني ۾ پهچي ويا هيا. ان نموني ڪلاس ۾ مذاق، کل ڀوڳ، ڪيفي ۾ ڪافيءَ تي ڪچهريون.شام جو وري ٻيلي ۾ گھمڻ ڦرڻ، شام جو پب ۾ ڪچهريون.
    ان شام جو جڏهن پب تان اٿيا ته ساڳي نموني هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي لوڪ گيت ڳائيندا محل طرف روانا ٿيا.
    ڦوهاري وٽ پهتا ته وڪٽورين بينچ کي ڏسي عائده مرڪي پئي ۽ روزيءَ کي چيائين ته ڪمري تي هلي پوءِ هوءِ اچي ٿي پر زدراوڪي کين چيو:
    ”توهان ٻئي آيان جي ڪمري تي وڃجو. مان روزيءِ واري ڪمري تي وڃان ٿو“.
    عائده، ان بينچ تي ويهندي چيو :
    ”مان هن بينچ کي پيار ڪيان ٿي، انڪري جو اها ئي اسان جي گهرائپ جو سبب بڻي“.
    ”ها، پر ان رات تنهنجو رد عمل ايڏو خطرناڪ هو، جو مان ته ڊڄِي ويو هيس ته تون پنهنجو پاڻ کي ڪو نقصان نه پهچائي وجھين“.
    ”سچ ته اهو آهي ته مون اهو سوچيو به هو، هڪ ٻه دفعو ته مان ٻيلي ۾ به وئي هيس ته ان جي پڄاڻيءَ تي جيڪا هيٺ وڏي کاهي آهي ان ۾ ٽپو ڏئي آنند ماڻيان. پر خبر ٿي روڪڻ وارو به تون هئين. تون منهنجي آڏو اچي ويندو هئين. خيالي نه پر حقيقي، اهو مامرو مون کي ڪڏهن سمجھه ۾ نه آيو. جڏهن ته ان پل کان پوءِ تون وري اتان هليو ويندو هئين“.
    ”مون کي ته خبر ئي ناهي ته مان ڪڏهن ٻيلي ۾ آيو هجان ۽ توکي روڪيو هجي“.
    ”ها، تو کي خبر نه هوندي، ڇو جو اهو سڀ ڪجھه مو ن سان ٿيندو هو. شايد منهنجي سوچ يا تخيل ئي ايڏو سگھارو هو يا وري ٻي ڪا طاقت هئي جيڪا ان نموني اهو عمل ڪندي هئي“.
    آيان خاموشي سان کيس ڏسندو رهي. عائده جھٽ رکي وري چيو:
    ”پر هاڻي سوچيان ٿي ته ڪيڏي نه بيوقوف هيس. مون ته دنيا ڏٺي۽ محسوس ئي پوءِ ڪئي آهي. يقين ڪندين ته منهنجي پگھر جي بوءِ يا خوشبو به تنهن جي پگھر جي خوشبو جهڙي ٿي وئي آهي. انڪري هاڻي ڪو به پرفيوم نه هڻندي آهيان“.
    آيان هن کي ٻڌايو:
    ”مون ۾ به گھڻي تبديلي آئي آهي.هاڻي منهنجي لاءِ به تون اها الهڙ ڇوڪري نه رهي آهين، پر هڪ روشني آهين جيڪا مون سان هر وقت گڏ آهي، مان هاڻي توکي ڪنهن به هنڌ تخليق ڪري سگھندو آهيان. ڪنهن ويران جڳهه تي تو کي پنهنجي آڏو آڻي ويهاريندو آهيان. توسان ڳالهيون ڪندو آهيان، تون ماڻا ڪندي آهين. توکي سمجھائيندو آهيان“.
    هُو ٻئي ڄڻا ڪمري ۾ آيا، آيان سائيڊ ليمپ ٻاري، واڪ مين سي ڊي پليئر کي هلائي ايئر فون ڪڍي ان ۾ ننڍا اسپيڪر لڳايا، ڪمرو ستار جي آواز سان ٻُري پيو. ٻنهي گڏجي سنگل بيڊن کي پاڻ ۾ ملايو. هو هڪٻئي جي ٻانهن ۾ وڃائجي ويا، ندي جيان لهر لهر ٿي اڀريا لٿا. سندن جسم هلڪا ٿي روشني بڻجي ويا. ته وري ڪڏهن خوشبو بڻجي هوا ۾ ٿي گھليا. هو ڪيف ۽ مستيءَ ۾ هيا. جڏهن منزل ماڻڻ جو وقت آيو ته آيان پري ٿي ويٺو.
    عائده حيرانيءَ مان کيس ڏٺو ۽ چيو:
    ”مان ته اهو سمور وقت ان انتظار ۾ ڪاٽيو آهي، پورو عرصو مان پنهنجو پاڻ کي ڏوهي سمجھيو آهي، توکان سواءِ مون کي پنهنجي زندگي هڪ صحرا ٿي ڀاسجي“.
    هوءَ روئڻ لڳي ٿي.
    آيان کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ته هوءَ وڌيڪ روئڻ لڳي ۽ چيو:
    ”مون کي لڳي ٿو مان توسان اڳ ۾ زيادتي ڪئي آهي، منهنجا گھڻا چاهڻ وارا آهن پر مان پنهنجو ڪنوار پڻو توکي ارپڻ چاهيان ٿي، تون ئي ته منهنجو پيار آهين“.
    هو سندس هٿ کي چمي ڏيندي چئي ٿو:
    ”مان سڀ ڪجھه مڃان ٿو، مون تو کي اڳ به اهو چيو هو ته تنهنجو ڏوهه ناهي“.
    ”اهو تون مون کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿو چئين پر مان اهو سڀ ڪجھه چاهيان ٿي“.
    ”ها پر تون پاڻ ٻڌايو هو ته تون شاديءَ تائين ڪنواري رهڻ چاهين ٿي“
    ”چيو آهي نه پر چيو هو“.
    ”پر مان چاهيان ٿو ته تون ڪنواري رهه!“.
    ”ڪهڙو فرق ٿو پئي جڏهن منهنجو سڀ ڪجھه تون آهين ته پوءِ، منهنجو سڀ ڪجھه به تنهنجو هجڻ کپي“
    ”مون توکي اڳ به ٻڌايو هو ته اسان پلوٽنڪ عشق ڪندا آهيون ۽ سڄي ڄمار ڪندا آهيون. مان سڄي عمر توسان عشق ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ اهو به چاهيان ٿو ته تون پنهنجي مڙس لاءِ ڪنواري رهين“.
    عائده رو.ئندي رهي، آيان کيس ڀاڪر ۾ ڀري سندس وارن ۾ هٿ ڦيريندو رهيو. عائده آهستي آهستي سانت ٿيندي وئي.
    ”سڄ ٻڌايانءِ، پهريان مان به ائين چاهيندي هيس ته سنجوڳ توسان ڪيان، توسان وحشي طور تي جنسي عمل ڪيا، سيڪس ڪيا، ان جو مزو ماڻيان. هتي اچڻ يا ڪنهن ٻي هنڌ ملڻ به ان لاءِ چوندي هيس“.
    ”ها مون کي خبر آهي تنهنجين ايميلز، خطن ۽ فون تي ڳالهائڻ مان اهو سڀ ڪجھه بکندو هو“.
    عائده، آيان کي چمي ڏندي چيو.
    ”پر ڪجھه وقت کان وٺي مان به تبديل ٿي رهي آهيان. جنسي ۽ جسماني خواهشون ثانوي لڳن ٿيون. اڳ ۾ وڏن گھرن ۾ راڻين وانگر زندگي گھارڻ خوبصورت ۽ مهانگا ڪپڙا پهرڻ تي دل چاهيندي هئي. پر هاڻي اهي سڀ خواهشون مون کي ٻاراڻيون لڳن ٿيون. مون کي محسوس ٿيو آهي ته اصل خوشي ته اندر جي خوشي آهي، اها انهن شين مان حاصل ٿيڻي ناهي، اهڙي ريت به سيڪس منهنجي لاءِ لست جو وڏو ذريعو هوندو هو، پر هاڻي ان نتيجي تي پهتي آهيان ته اهو به ثانوي آهي، اصل مزو ته پيار ۽ عشق ۾ آهي. سيڪس کان هزار ڀيرا وڌيڪ“.
    ”اها ته سٺي ڳالهه آهي، مان به اهو ئي پيو تو کي چوڻ چاهيان ته مون وٽ به معنائون بدلجي ويون آهن“.
    ”پر اها به حقيقت آهي ته مان اڃان ايتري پختي نه ٿي آهيان. انڪري وري هاڻي ان وهڪري ۾ لڙهي وئي هيس. پر تنهنجي مهرباني“.
    عائده، آيان کي ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳي.
    ”هڪڙو واعدو ڪر!“ عائده آيان کي چيو.
    ”ڪهڙو؟“
    ”مون گذريل دفعي واري ويلنٽائن پارٽيءَ ۾ توکي چيو هو ته تون منهنجو ويلنٽائن آهين. چوڻ اهو ٿي چاهيان ته هاڻي به تون منهنجو ويلنٽائن آهين.“
    عائده هاڻي سڏڪڻ لڳي هئي. آيان کيس ڀاڪر ڀري پرچائيندو رهيو
    ”هاڻي مونکي ڪنهن ٻي سان دوستي رکڻ ۽ شادي ڪرڻ لاءِ نه چئجان“.
    ائين چئي، عائده روئيندي کيس چنبڙي پئي ۽ هنن ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها، ستار جي ڌن تي جرڪي نچڻ لڳا.

    * * *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 994969
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 333351
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ