ڪتاب جو نالو: سنڌباد جو سفر
مصنف: علي بابا
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 1993
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 02 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 445 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 105 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علي بابا لکي ٿو:
مون ھي ٻالڪ ناول ”سنڌ باد جو سفر“ نومبر 1992ع کان لکڻ شروع ڪيو. سچ تہ انھيءَ ناول مون کي ڇٺيءَ جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي. پوءِ بہ مان محسوس ڪريان پيو تہ مان ان ناول سان بلڪل نڀائي نہ سگھيو آھيان. ڪٿي تہ برابر مون انھيءَ ناول کي ھڪ ننڍڙي ٻار جيان لکيو آھي تہ ڪٿي وڏو ماڻھو ٿي ويو آھيان. ڪٿي ٻولي ٻاراڻي آھي تہ ڪٿي علي بابا جو قلم ھلي ويو آھي. سڄي ناول ۾ مون پاڻ کي وچ ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو آھي. ان ڪري اھا ڳالھ ٻارڙن تي ٿو ڇڏيان تہ ھو انھيءَ ڳالھ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن؟ ناول ۾ مون سنڌ باد سيلانيءَ کي سنڌي ڏيکاريو آھي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم تہ باقي سڀ ڪردار بہ سنڌ سان تعلق رکندڙ ھجن!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  •   ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مھاڳ
  •   سنڌ جو راجا ۽ سنڌباد سيلاني
  •   سنڌ جي راجا جو شرط
  •   گراٺ مٺڙي ۽ ڪارو مور
  •   سنڌباد جو وچن
  •   ڪارونجھر جبل جو ڏھڪاءُ
  •   ھوٿل پري ۽ گوڪان ڏائڻ
  •   گوڪل ديو ۽ سنڌباد سيلاني
  • گوڪان ڏائڻ ۽ پيئڻ بلا
  •   مھمان ۽ ڪٺ پتلين جو ناچ
  •   ھوٿل پريءَ جي ڪچھري
  • گوڪان ڏائڻ جو جادو
  •   خوفناڪ پيئڻ بلا ۽ باز پکي
  •   ھوٿل پريءَ کان موڪلاڻي
  •   پاراشر رشي ۽ سنڌباد
  •   ڀونءِ ترو کنڊ جو سفر

  •   ارپنا

    سائين جي ايم سيد جي نالي

    ــــ علي بابا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌباد جو سفر“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن لاءِ لکيل ھن ناول جو ليکڪ علي بابا آھي. ھو لکي ٿو:
    مون ھي ٻالڪ ناول ”سنڌ باد جو سفر“ نومبر 1992ع کان لکڻ شروع ڪيو. سچ تہ انھيءَ ناول مون کي ڇٺيءَ جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي. پوءِ بہ مان محسوس ڪريان پيو تہ مان ان ناول سان بلڪل نڀائي نہ سگھيو آھيان. ڪٿي تہ برابر مون انھيءَ ناول کي ھڪ ننڍڙي ٻار جيان لکيو آھي تہ ڪٿي وڏو ماڻھو ٿي ويو آھيان. ڪٿي ٻولي ٻاراڻي آھي تہ ڪٿي علي بابا جو قلم ھلي ويو آھي. سڄي ناول ۾ مون پاڻ کي وچ ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو آھي. ان ڪري اھا ڳالھ ٻارڙن تي ٿو ڇڏيان تہ ھو انھيءَ ڳالھ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن؟ ناول ۾ مون سنڌ باد سيلانيءَ کي سنڌي ڏيکاريو آھي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم تہ باقي سڀ ڪردار بہ سنڌ سان تعلق رکندڙ ھجن!
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 1993ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان ڪتاب کي سھيڙي فيسبوڪ گروپ آنلائين ڪتاب گھر ۾ شيئر ڪيو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مھاڳ

    مون تمام ننڍڙي وھيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، ڏھن ٻارھن سالن جي عمر ۾. ان وھيءَ ۾ اديب بنجڻ جو مون وٽ چٽو، پختو ۽ واضح خيال ھو. مون وٽ ڪڏھن بھ وڏو آفيسر، انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نھ ھو. اديب ٿيڻ جي شونق ۾ آئون پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو ھئس. ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ايندي ھئي تھ پنا ڦاڙي وري نئين سر لکڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. منھنجو اھو سلسلو سالن جا سال ھليو. چاچو ڀٽو خان سنڌي ۽ گورمکي لکي پڙھي سگھندو ھو. سندس ٻئي ڄنگھون گوڏن کان مٿي وڍيل ھيون. ٺيڪيداري ڪندو ھو. سڄو حساب ڪتاب گورمکي ٻوليءَ ۾ ھو. مون سان ڏاڍي دل ھيس. پٽ ڪونھ ھئس، ان ڪري مان سندس حوالي ھئس. مون اکيون ئي سندس ڪڇ ۾ پٽيون ھيون. مان سمھندو ئي ساڻس گڏ ھئس. روب تاب وارو ماڻھو ھو. اخبارون ۽ ناول وڏي شونق سان پڙھندو ھو ۽ فلمون بھ گھڻيون ڏسندو ھو. وڏي حيرت انگيز شخصيت جو مالڪ ھو. ايڏو ارڏو خوددار ماڻھو اڄ تائين منھنجي نظر مان نھ گذريو آھي. منھنجا لکيل ڪاڳر وڏي دلچسپيءَ سان پڙھندو ھو. منھنجي ماءُ کي چوندو ھو تھ علي محمد ھڪ ڏينھن تمام وڏو ماڻھو ٿي ويندو. شاھ لطيف وارا ڪم اٿس. الله خير ڪندو ۽ سدائين منھنجي ھمٿ افزائي ڪندو ھو.
    مان وڏو ماڻس ٿيس يا نھ؟ پر اڄ مان اديب آھيان ۽ گذريل چاليھن ٻائيتالھن سالن کان لڳاتار لکي رھيو آھيان ۽ وڏن لاءِ لکي رھيو آھيان. ان سڄي عرصي ۾ مون وٽ ننڍڙن ٻارڙن لاءِ لکڻ جو تصور ئي نھ آيو! مون ڪڏھن بھ ٻارڙن جو ادب نھ لکيو. بلڪھ سوچيو ئي نھ. انھيءَ جو نفسياتي سبب ڇا ٿي سگھيو ٿي؟ ڇا ٻارڙن لاءِ ھر ڪوئي لکي سگھي ٿو؟ مان سمجھان ٿو تھ اِھا ڳالھھ مون سان لاڳو نھ ھئي.
    چاچي ۽ امان مون کي الاھين ڪھاڻيون پڙھي ٻڌايون ھيون، جي آئون وڏي شونق سان ٻڌندو ھئس ۽ پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس، جھڙوڪ: حاتم طائي، قصو چئن درويشن جو، يوسف زليخا، سيف الملوڪ، عمر عيار، امير حمزو، سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالھھ، ممتاز دمساز ۽ ٻيون جنن پرين جون ڪيتريون ئي آکاڻيون. ان کان سواءِ مون ٻارڙن جون ڪيتريون ئي فلمون ڏٺيون ھيون، جھڙوڪ: صابوءَ واري بغداد جو چور، گليور جو سفر، علي بابا ۽ چاليھھ چور، چور شھزادو، اونداھو آفريڪا، يوليسيس، ٽارزن، ڪيپٽن مارول، سپرمين، شھزادو جيسين ۽ سنڌباد سيلاني ۽ ٻيون اھڙيون ڪيتريون ئي فلمون. اھي فلمون، ناول ۽ ڪھاڻيون اڄ بھ مون کي ايترو ئي وڻندا آھن، جيترو وڏن جو ادب. اڄ تائين مون کي ٻارڙن لاءِ فلمايل ڪلاسڪز، ڪامڪز ۽ جادوئي ڪھاڻيون وڌيڪ وڻنديون آھن. اھي ڪھاڻيون ڪيڏي محنت ۽ خرچ سان فلمايون وينديون آھن، انھيءَ جو اسين تصور بھ نٿا ڪري سگھون. اھي ذھن تي ڇانئجي ويندڙ فئنٽاسيز آھن، جيڪي فقط سجاڳ ۽ آزاد قومن جي ٻارڙن جو ورثو ئي ٿي سگھن ٿيون. مون کي عجب لڳندو آھي تھ ايڏي پسنديدگيءَ جي باوجود بھ مون ٻارڙن لاءِ ڇو نھ لکيو؟ اڄ جڏھن سوچيان ٿو تھ اھا ڳالھھ اڄ مون کي عجب جھڙي پئي لڳي.
    گذريل سال اڪبر جسڪاڻي جي زور ڀرڻ تي مون ”گل ڦل“ رسالي لاءِ ھڪ ڪھاڻي لکي، پر مون جلد محسوس ڪيو تھ اھا ڪھاڻي ٻارڙن جي نھ آھي. مون موھن ڪلپنا جو ٻالڪ – ناول ”سرڳ جي ڳولا“ بھ پڙھيو. موھن ڪلپنا جي انھيءَ ناول کي اسين سنڌي ٻوليءَ جو شاھڪار ناول تھ چئي سگھون ٿا، پر ٻالڪ – ناول نٿا چئي سگھون. اھو ناول مون کي ٻارڙن بدران وڏن جو ناول لڳو ۽ مون شدت سان محسوس ڪيو تھ ٻارڙن لاءِ لکڻ بلڪل ھڪ جدا فن آھي. ليکڪ ڀلي ڪيڏو بھ وڏو ڇو نھ ھجي، ضروري نھ آھي تھ اھو ٻارڙن جو ادب بھ اوڏو ئي ڀرپور انداز سان لکي سگھي. شايد شروع کان وٺي شعوري طور مون کي ان ڳالھھ جو اندازو ھو تھ ٻارڙن لاءِ لکڻ تمام ڏکيو ۽ رت ولوڙيندڙ ڪم آھي. ٻارڙن جو ادب لکڻ لاءِ ٻار ٿي وڃڻ اولين شرط ھوندو آھي.
    مون ھي ٻالڪ ناول ”سنڌ باد جو سفر“ نومبر 1992ع کان لکڻ شروع ڪيو. سچ تھ انھيءَ ناول مون کي ڇٺيءَ جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي. پوءِ بھ مان محسوس ڪريان پيو تھ مان ان ناول سان بلڪل نڀائي نھ سگھيو آھيان. ڪٿي تھ برابر مون انھيءَ ناول کي ھڪ ننڍڙي ٻار جيان لکيو آھي تھ ڪٿي وڏو ماڻھو ٿي ويو آھيان. ڪٿي ٻولي ٻاراڻي آھي تھ ڪٿي علي بابا جو قلم ھلي ويو آھي. سڄي ناول ۾ مون پاڻ کي وچ ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو آھي. ان ڪري اھا ڳالھھ ٻارڙن تي ٿو ڇڏيان تھ ھو انھيءَ ڳالھھ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن؟ ناول ۾ مون سنڌ باد سيلانيءَ کي سنڌي ڏيکاريو آھي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم تھ باقي سڀ ڪردار بھ سنڌ سان تعلق رکندڙ ھجن! جيئن ھوٿل پري، گوڪل ديو، پاراشر رشي تھ جيئن ناول اصلوڪو ۽ سنڌي لڳي. سڄي ناول ۾، مون ڪٿي بھ ڪردارن ھٿان رت وھائڻ جي ڪوشس نھ ڪئي آھي. حقيقي زندگيءَ ۾ سنڌ ۾ ايترو تھ رت وھايو ويو آھي، جو ان جي گنجائش ئي نھ رھي آھي. اسان پنھنجن ٻارڙن کي ڪتابن ۾ بھ رتو ڇاڻ ڏيکاريون تھ سنڌ باد جي تلوار جي ھڪ ڌڪ سان ٻن سرين واري راڪاس جون ٻئي سسيون پري وڃي ڪريون.
    ھن سڄي ناول ۾ مون رڳو پيئڻ بلا کي باز ھٿان مارايو آھي. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ ان کي بچايان، پر پيئڻ بلا کي ڪو عزرائيل کنيو بيٺو ھو ۽ مان کيس بچائڻ ۾ ناڪام رھيس. سچ، ان ڳالھھ جو مون کي افسوس آھي. مان ٻئي پارٽ ۾ ڪوشش ڪندس تھ ائين نھ ٿئي.
    مون کي يقين آھي تھ ھي ناول الاھين ڪچاين جي باوجود بھ سنڌ جي ٻارڙن توڙي پوڙھن کي گھڻو پسند ايندو. جيتوڻيڪ ھي ناول سنڌباد سيلاني جو پھريون ڀاڱو (Part One) آھي، پر پنھنجي جڳھھ تي مڪمل آھي. جي ٻارڙن کي منھنجي اھا ڪوشش وڻي تھ مان انھيءَ جو ٻيو حصو جلد پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
    سنڌي ٻارڙن جي ادب لاءِ منھنجي اھا پھرين ڪوشش آھي. مون انھيءَ ڪم کي چئلينج طور قبول ڪيو آھي. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ انھيءَ جا ٽي باب ھلي چڪا آھن. ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا ھجن ھا تھ آئون ان تي آزاد ٿي لکان ھا ۽ آرٽسٽ کان پنھنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺھرائي ناول ۾ سھڻي نموني ڏيان ھا تھ ناول وڌيڪ اثرائتو ٿي پوي ھا.
    ڇپائيءَ ويل تصويرن جو مسئلو پئدا ٿي ويو. پراڻن رسالن مان جيڪي تصويرون تڙ تڪڙ ۾ ملي سگھيون، اھي ڏنيون اٿئون. ايترا پئسا اسان وٽ نھ ھئا جو پنھنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺھرايون.
    ھي ڪتاب ڇپائڻ ويل ڪمپيوٽر آپريٽر راڻو ميگھواڙ جو آئون نھايت شڪر گذار آھيان، جنھن مون سان ڇپائي ويل ڏاڍو تعاون ڪيو ۽ سڄي ڪمپوز ٿيل ڪتاب ۾ نئين سر تصويرن لاءِ جڳھھ ڇڏيائين. اھو وڏي محنت جو ڪم ھو. سچ، راڻو ميگھواڙ جو مان انتھائي شڪر گذار آھيان. چوندا آھن تھ جڙي کي جس آھي. جو ڪجھھ بھ آھي، ڪتاب اوھان آڏو حاضر آھي. منھنجي ھيءَ محنت ٻارڙن کي وڻي تھ آئون انھيءَ کي قدرت پاران وڏو انعام سمجھندس.

    علي بابا


      سنڌ جو راجا ۽ سنڌباد سيلاني

    ھڪڙو ھوندو ھو مھاراجا، سو بھ سنڌ ملڪ جو مھاراجا. ڏاھن ۾ ڏاھو، وڏو وير، ڳالھين جو ڪويسر ۽ وڏو طاقتور راجا. اھڙو جو ڪنھن ڀرپاسي واري راجا کي زور وٺڻ ئي ڪين ڏيندو ھو. پري پري ولاتن ۾ سنڌ جو جھڙوڪر ڏونڪو پيو وڄندو ھو. ڀلا سنڌ ھڪ سڪارو ملڪ، پوري وچ مان سون تي سھاڳي جيان سنڌو درياھ پيو وھيس. پھاڙن تان جتان نھار، ماٿريون ئي ماٿريون. سنڌ سڳوريءَ جا ماڻھو بھ وڏا محنتي، زالين مڙسين سھڻا، پڙھيا ڳڙھيا، ناد، نگد ۽ ٻيا ويد پراڻ ۽ منتر ورايو ورايو پيا پڙھن. پوکون پيا پوکين، سرون پيا ٺاھين، نار پيا ھلائين، ڍڳي گاڏين جا رينگٽ، گھر گھر ڏس تھ چرخو پيو ھلي. چريو بھ ڏسي تھ کانڀاڻي کنيو جھار پيو ڪلي. وھيو وھيو پيو ڪري. جي جنگ ڪن تھ بھ دشمن جي لشڪر مٿان کانڀاڻين ۾ شيھي جا گولا ڀريو پيا سٽڪا ڪرائين. امن توڙي جنگ ۾ سنڌ ڏس تھ نغارن سان پئي گڙي.
    مھاراجا جو وڏي ۾ وڏو شونق ڏس تھ ٻيڙا پيو ٺھرائي. منتري چونس: ”سائين ڇا ٿا ڪريو؟ ائين تھ خزانو کٽي ويندو!“ راجا ڪنڌ کي ڌوڻا ڏيو چي: ”خزانو، کٽي ويندو تھ پورت ڪري وينداسين. ٻيڙن کان سواءِ ڪم ڪين ھلندو. ڪيئن سنڀالي سگھنداسون ھيڏي وڏي ملڪ جون سرحدون؟ سنڌ جو وڏو حصو آھي ئي سمونڊ. ان تان ھٿ ڪيئن کڻبو؟ اڙي منتري ڇا تون، ڇا تنھنجا منتر. توکي ملڪ جي سرحدن جي ڪيھي خبر؟ ويچارا ماڻھو ڇا کائي ڇا کائيندا؟ ٻيڙا ھوندا تھ مڇي بھ جھجھي جھينداسون. عوام جيڪو کاڌو کائيندو، سو تھ ھر حال ۾ حاضر ڪري ڏبو.“ اھو ھوندو ھو، راجا جو جواب. ڪڏھن ڪڏھن راجا ڪاوڙجي ڪاوڙجي دھل ٿي پوندو ھو ۽ چوندو ھو تھ کيس اونڌيون متيون ڏيڻ بند ڪيون وڃن.
    سنڌ جي ان راجا جو پيءُ سؤ سالن کان بھ وڏو ٿي، گذريل سال چالاڻو ڪري ويو ھو. سنڌ جا ماڻھو ڍڪون ڀري رنا ھئا.
    عام ماڻھو پنھنجي ان پوڙھي راجا سان ڏاڍو پيار ڪندا ھئا. ڇا تھ راجا جا شونق ھئا! ان جھوني راجا جو وڏي ۾ وڏو شونق باز ۽ چيتا پالڻ ھو. جڏھن ڏس تھ باز سندس تخت جي سوني پاڳي تي سينو ڪڍيو بيٺو آھي ۽ محل ۾ چيتن جي جوڙي ٻلين وانگي پئي ھلي. بادشاھ انھن کي ڏسيو خوش پيو ٿيندو ھو. چي: ”باز تھ ننگر ٺٽي جا. چيتا تھ کير ٿر جبل جا.“ ڪڏھن وري ڏس تھ آکاڙي ۾ چيتا ۽ گينڊا پيو ويڙھائي.
    پر چوندا آھن تھ انبن جون سڪون ڪي انبڙيون لاھينديون ڇا! ھن راجا ۾ پيءُ واري ڳالھھ ڪٿي، ھن راجا جا وري شونق ئي پنھنجا. ٻيڙا پيو ٺھرائي. ھڪ ھڪ ٻيڙي کي ست ست سڙھ! ڪڏھن ڏس تھ راجا لوھرن سان ڪچھريون پيو ڪري ۽ مترڪي سان سانڌاڻ تي ڌڪ پيو ھڻي. ھڪڙو شونق راجا جو اھڙو جو ڪنھن کي ٻڌائي نھ سگھجي. اھو ھو ڄامڙا پالڻ. ڪو واپاري آيو، ڪي وڻجارو، ڪي ڇا. ھن راجا کي سوکڙيءَ طور ھڪ گراٺ مٺڙي ڏني، تئي جي تري جھڙي ڪاري، گھنڊيدار وارن واري ڄامڙي، جيڪا اڃا ننڍي ٻار ھئي. راجا بھ کڻي ڪڇ تي کنيس. اھڙي وڻيس جو ان کان سواءِ رات جو راجا کي ننڊ ئي نھ اچي. ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا ويا. جيئن جيئن ڄامڙي ارھ ڪڍيا ۽ اچي سامائي تھ راجا کي اچي ڄامڙيءَ جي شاديءَ جي ڳڻتي لڳي. ھاڻ راجا اھڙو گراٺ مٺڙيو، گھونڊيدار وارن وارو ڪٺ ڪارو گھوٽ ڪٿان آڻي! سو کڻي ملڪ ۾ پڙھو گھمارايائين تھ: ”ھن ڄامڙيءَ جو گھوٽ جيڪو مون کي آڻي ڏيندو، ان کي ٿالھھ ٽڪا ڏيندس. مالا مال ڪري ڇڏيندس ان ماڻھوءَ کي.“
    راجا کي انصاف جي ڪرسيءَ کان سواءِ ملڪ جو ٻيو ڪوبھ اونو ڪونھ ھو. پوءِ تھ بس راجا جو سڄو راڄ ڀاڳ ان ڄامڙيءَ مان اچي ڦاٿو. سو راجا جي سڄي ملڪ جو سرشتو ئي ڄڻ ڊانواڊول ٿي ويو. ماڻھن کي اچي ٽڪن جي لالچ کنيو، سو جيڪو لئيءَ مان لٺ ڀڄي، ان کي ڏس تھ ڄامڙيءِ لاءِ گھوٽ ڳولڻ پيو وڃي، دھري دان جي لالچ ۾ ماڻھن پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي ڏنا.
    راجا جي وڏي منتريءَ جڏھن ڏٺو تھ ملڪ ٿو ڦٽي، سو چار چڱا ۽ ديوان داڙا وٺي، راجا کي سمجھائڻ لاءِ محل ۾ گھڙي آيو. ساڻس گڏ سنڌباد نالي ھڪ مالھي ٿان (ملتان) شھر جو ھڪ نوجوان ھو، جنھن کي راجا سان ملڻ جي ڏاڍي اڪير ھئي.
    ان ويل راجا محل جي ھڪ وڏي ڪمري ۾ ويٺي پاليل ڄاھن کي ڪڻڪ جي ڪٽي کارائي. فرصت جي وقت ۾ راجا وري اھڙا ڪم ڪندو ھو. منتري نھ سر جو سانگو ڪيو نھ ڇا. اچي راجا جي مٿان بيٺو.
    ”منتري، خير تھ آھي؟“ راجا مڙسن جو ڊنب ڏسي کيس ڀليڪار ڏني.
    ”وڏا ڀال اوھان جا، اسان تي شال سدائين راجا جي مھر ھجي. آئون اوھان کي ڪي چيتارڻ آيو آھيان، جيئندان ملي تھ ڳالھھ ڪريان.“
    ”ڪھڙي ڳالھھ چيتارڻ آيو آھين؟“
    ”راڄاڻ، اوھان پڙھو گھمائي غضب ڪيو آھي.“
    راجا چيس: ”منتري، ڳجھارتون نھ ٻڌاءِ، ڪھڙو غضب ڪيو اٿم.....؟“ منتريءَ جي ڳالھھ تي ويچارو راجا ڪجھھ وائڙو ٿي ويو ھو تھ منتري چوي ڇا پيو!
    ”راڄاڻ! اوھان کان ڀل ٿي وئي آھي. اوھان پنھنجي رعيت کي وڏن ٽڪن جي لالچ ڏئي ڀل ڪئي آھي. مھرباني ڪري پنھنجو اھو اعلان موٽائي وٺو.“
    منتريءَ جي ڳالھھ تي راجا ڏمرجي پيو. اکيون کڻي ڪرڙيون ڪيائين، ڪڙڪ تي چيائين:
    ”اڙي منتري، چريو تھ ڪين ٿيو آھين! ڪي نشو سوايو ڪيو اٿئي. ھڪ راجا جو اعلان قدرت جي قانون جيان ھوندو آھي. جيڪو چيو، سو ٿيو، ختم....... سر جو خير گھر منتري. اٿئي ڪو عقل؟“
    ”جيئندا قبلا، گھرجي بھ خير.“ منتري اصل مڙيو ئي ڪونھ. سر جو سانگو ئي نھ ڪيائين. ڊنو ئي ڪين، حجت ڪندي راجا کي چيائين:
    ”منتري راجائن جا ساٿاري ۽ يار ھوندا آھن. ٻاڏائيندڙ ٻانھا، جيئن خدا جا پرھيزگار ٻانھا پنھنجي خدا کي راضي ڪري ڇڏيندا آھن، تيئن پنھنجي راجا کي ھميشھ حق چوڻ اسان جو فرض آھي ۽ جيسين حيات ھونداسين، حق سچ چوندا رھنداسين.“
    منتريءَ جي اھا ڳالھھ ٻڌي راجا جا ٺپ ئي ٺري ويا. پوءِ بھ ڏک ڪندي چيائين:
    ”منتري، ڪا عقل جي ڳالھھ ڪر. ڀلا اسين پنھنجي اعلان تان ڪيئن ڦرنداسين؟ خلق کلائڻي آھي ڇا؟ ڀل قيام اچي وڃي، انھيءَ اعلان تان نھ ڦربو.“
    راجا جو ضد ڏسي منتريءَ کي عقل کان ڪم وٺڻو پيو، سو چيائين:
    ”منھنجا حاڪم! اوھان کي ڍنڍورو ڦيرائڻ سان مطلب آھي يا ڄامڙيءَ لاءِ گھوٽ ڳولڻ سان مطلب؟“
    ”ظاھر آھي، اسان کي ڄامڙيءَ سان گھوٽ ڳولڻ سان مطلب آھي.“
    ”تھ پوءِ ڍنڍورو ڏيڻ بند ڪرايو. ھي نوجوان پاڻھي ڄامڙيءَ لاءِ گھوٽ ڳولي ايندو.“
    تڏھن راجا غور سان منتريءَ جي ڀر ۾ بيٺل نوجواڻ ۾ نھاريو. راجا لاءِ اھو نوجوان نول ماڻھو ھو. راجا کيس اڳي ڪڏھن ڪين ڏٺو ھو.
    ”ڪير آھي ھي؟ ڪنھن جو پٽ آھي؟ ڇا ڪندو آھي ھي؟......“ سدا سھڻي نوجوان ۾ نھاريندي راجا ھڪ ئي ساھيءَ ۾ ڪئين سوال ڪري ويو.
    ”جيئندا قبلا! جيئندان ملي. ھي نوجواڻ اوھان جي رعيت مان آھي. ايڏڙي ننڍڙي وھيءَ ۾ ناد ۽ نگد پڙھيا اٿائين. ويھارو کن ملڪن جون ٻوليون ٿو سڻي ۽ سمجھي، واڍڪو ڪم مالھي ٿان ۾ پنھنجي پيءُ کان سکيو آھي. درياھي ٻيڙين جي ڪم ۾ مھارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھاڻ پاتال بندر ۾ آيو آھي ۽ چوي ٿو تھ وڏا سامونڊي ٻيڙا ٺاھيان ۽ نوان نوان ملڪ وڃي پسان. نيت جو بھ سونو ماڻھو آھي.“
    ”جيءَ آيو، ڀلي ڪري آيو، اسان جون اکيون ٿڌيون.“ راجا ڏاڍو سرھو ٿي کيس ٻيھر ڀليڪار ڏني ۽ پڇيائين:
    ”اڳ ڪھڙا ڪھڙا ملڪ ڏٺا اٿئي؟ ڪھڙا سمونڊ، اپ – سمونڊ؟ ڪھڙيون ڍنڍون، ڪھڙا بندر بازارون ڀيٽيا اٿئي؟“
    ”مھاراجا جا لک لائق، منھنجو نالو سنڌباد آھي.“
    ]۽ سنڌ بار راجا کي وڏا ڪورنش ڪري ٿو.[
    ”ھن کان اڳي ڪنھن بھ ملڪ جو سير نھ ڪيو اٿم، ڇو تھ اڃا رڳو پئي ويدن جو اڀياس حاصل ڪيم، جتان اھا خبر پيم تھ ھيءَ پرٿوي وڏن وڏن کنڊن ۾ ورھايل آھي، جنھن جي وچ ۾ سمونڊ پيا ٿا ڇلن. وري ھڪ ھڪ ڪنڊ ۾ الائي ڪيترا ملڪ آھن. ھاڻ دل جو ڪاڍو چوي تھ بس اھي ملڪ وڃي ڏسان.“
    ”ان مان فائدو؟......“ راجا نوجوان جون ڳالھيون ٻڌي منجھس دلچسپي وٺڻ لڳو.
    ”فائدو ئي فائدو آھي راڄاڻ! دنيا جا شيل ڪندي ئي خبر پوندي آھي تھ دنيا ڪيڏي وڏي آھي؟ دنيا ۾ گھڻا ملڪ آھن؟ ڪھڙا ملڪ آسودا ۽ ڪھڙا ڏڪاريا؟ ڪھڙي ملڪ جو راجا عادل آھي ۽ ڪھڙي جو ظالم؟ انھيءَ شيل ڪرڻ سان ملڪن جي تواريخ ۽ جاگرافي ۽ جنگي مھارت جي خبر پوندي ۽ اھا بھ خبر پوندي تھ ڪھڙي ملڪ ۾ ڪھڙا اناج ۽ ڪھڙا ميوا اپڙن ٿا؟ انھن ملڪن جا مذھب ۽ ريتون رسمون ڪھڙيون آھن؟ ڌرتيءَ جي ڪھڙن ملڪن سان ڪيئن ۽ ڪھڙو واپار ڪجي؟ ڪھڙن ملڪن کي ڇا ڏجي ۽ ڇا وٺجي؟ اھو سمورو عقل ۽ علم شيل ڪرڻ سان ٿو ملي.“ نوجوان سنڌباد جون اھي ڳالھيون ٻڌي راجا ريجھي پيو. خوشيءَ کان مک ئي ٻھڪي ويس. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ چيائين:
    ”تنھنجي ڳالھين اسان کي موھي وڌو آھي. اسان کي تو جھڙي ڏاھي نوجواڻ جي ضرورت ھئي. ھيئن ڪر، سڀاڻي مانجھاندو اسان سان گڏ ڪر. ڪچھري بھ ڪنداسين. تون وڏو ڪارائتو نوجواڻ آھين. بس ائين سمجھھ تھ ھاڻ تون شاھي مھمان آھين. جيئن تون چوندين، تيئن ٿيندو.“
    راجا ۽ سنڌ بار جي وچ ۾ اھي ڳالھيون ٿيون. منتري ۽ ٻيا ديوان داڙا سنڌ باد جون اھي ڳالھيون ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا ھئا. پوءِ راجا کيس پنھنجي محل جي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.
    اھڙي ريت نوجواڻ سنڌ باد پنھنجي ڄاڻ ۽ ڏاھپ سان راجا جي دل جيتي چڪو ھو.


      سنڌ جي راجا جو شرط

    ٻئي ڏھاڙي سنڌ جي راجا وڏي ڌام ڌوم سان سنڌباد جي دعوت جھلي. سڀ راڻيون، وڏا منتري، ويد، ديوان، ڪوي محل ۾ اچي گڏ ٿيا. وڏا وڏا ناکئا ۽ سامونڊي ودوان گھرايا ويا. جڏھن سنڌباد راجا جي محل ۾ پيھي آيو تھ سنڌباد جي سونھن ڏسي ديوان ۽ ٻايون حيرت ۾ پئجي ويون. ڏندين آڱريون اچي وين، ڄڻ تھ ڪو پريزاد اچي ويو ھو. سنڌ باد راجا آڏو ترار اونڌي کوڙي، گوڏو ڀڃي، سيس نوائي ڪورنش ڪندي چيو:
    ”شال سنڌ جي راجا جو سخت سڀنيھان اونچون ۽ مان مٿانھون ھجي، شال پرجا مٿان سدائين اوھان جو مھر ڀريو ھٿ سوايو ھجي، آئون سنڌباد پنھنجي راجا مھيرامڻ آڏو ڪورنش ڪريان ٿو.“
    ”ڀلي آئين، جيءَ آئين، تنھنجي ڏاھپ جي ڳالھين ۽ دانائيءَ اسان جو من موھي وڌو آھي، پر اڃا ڦنڊو ھنئين، تو ڳلن مان رت نڪري. ڪا ڄاڻ اٿئي تھ کارو کيڙڻ[1] ڪيڏي جان جوکم جو ڪم آھي. نيڊوءَ ۾ سدائين نانھن لڳي پئي آھي، جت لھرن جي لپاٽ سين ٻيڙا ٻھ اڌ ٿيو پون. وڏا وڏا ڊينگ ڍريو پون. ڪيھي خبر تھ انھيءَ سمونڊ ۾ ڪيھا ڪيھا مڇ ٿا پڇ ھڻن. ڪھڙا مانگر ٿا ٻيڙا اٿلين ۽ شارڪ شوڪٽ ڪن. ويل مڇي سمونڊ ۾ ڪھڙا ويل ڪندي آھي. سسي ڳاڙھي سمونڊ ۾ ھوندي اٿس تھ پڇڙي ڀونچ سمونڊ ۾. سو سنڌباد، ساھ پيارو اٿئي تھ انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ، باقي راڄ ڀاڳ ۾ جيڪي عھدا گھرين، سي ڏيانءِ.“
    راجا جي اھا ڳالھھ ٻڌي ويچاري سنڌباد جي منھن جو پنو ئي لھي ويو، سوکم کائيندي چيائين:
    ”راجا...... شونق جو ڪو ملھھ ئي ڪينھي. جڏھن اجل ايندو آھي تھ جتيءَ ۾ ھڻ کڻ ويھي ويندي آھي. ڀلا موت جيڪو اچڻو ئي اچڻو آھي، انھيءَ کان ڪيترو پاڻ بچائبو؟ ڇتي ڪتي جي چڪ کان سٺو آھي تھ ماڻھو ميڪر[2]منھن وڃي. چوان تھ انھيءَ ڇولان ڇول سمونڊي جي ڇاتيءَ تي ڪو نشان ڇڏي وڃان، ڪو يادگار قائم ڪري وڃان. راجا، راضي ٿيءُ، منھنجو عرض اگھاءِ.“
    ”وھ ڙي واھ سنڌباد! واھ جي ڳالھھ ڪيئي. بروبر ڇتي ڪتي جي چڪ کان سٺو آھي تھ ماڻھو ميڪر وات وڃي. دليريءَ جي ڳالھھ ڪري دل خوش ڪري ڇڏيئي. ھاڻ جھڙا چوندين، اھڙا ڏان ڏيندوسانءِ، اھڙا ھوڙھا ۽ ٻيڙا ڏيندوسانءِ، جو ستن سالن ۾ ست ئي وڏا سمنڊ پار اڪري وڃين. پر ھا، ھڪڙو سو منھنجو ڪم توکي ڪرڻو پوندو، پر اھو ڪم سمونڊ پار ڪرڻ کان بھ اھکو آھي.“
    ”راجا، ماڻھوءَ جي پاڻ سچو ھجي تھ پوءِ دنيا جو ڪوبھ ڪم اھکو آھي ئي ڪونھ، سڀ ڪم سھکا آھن.“ ”تھ پوءِ ڪن ڏئي ٻڌ سنڌباد!“ اتي سنڌباد ڏٺو تھ اوچتو راجا جون اکيون ڪاوڙ کان چنجھيون ٿي ويون ۽ مٽون ڦوڪجي ويو. راجا چيو: ”سنڌباد، پوٽاميا[3] جي راجا تي اسان جون وڏيون باھيون آھن. وڏي غيرت آ اسان کي. جيڪا ڪنوار اسان کي وڻي، سا بھ اھو راجا وڃي پرڻيو ۽ اسين چپ چٽيندا رھياسين، ڇا تھ عجب عورت ھئي! ٿيڻو تھ ھئس سنڌ ملڪ جي راڻي، پر الائي ڇا وڃي ٿي!.......“
    اھا ڳالھھ راجا وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريندي چئي ۽ وڏي ڪروڌ مان ڳالھائيندي ترار تي ھٿ مھٽيندي چيائين:
    ”وري منھنجو پيءُ راجا ڀنڀو مھيرامڻ گذاري ويو، ڪونھ آيو. منھنجي تخت نشينيءَ تي بھ ڪونھ آيو، وري مٿان ٽوڪ تھ سنڌ جي راجا کي راجائيءَ جي ڪيھي خبر؟ سنڌ جو راجا وڃي جھار ھڪلي. سو ھاڻ چوان تھ نھڙنيانس. تاج ۽ تخت سڀ اونڌو ڪري ڏيانس. کاڄي ڇا سان.“ سنڌباد، راجا جي اھا ڳالھھ ٻڌي وائڙو ٿي ويو، سو پريشان ٿيندي چيائينس:
    ”راج ڌڻي، پوءِ آئون ڇا ڪريان؟ انھيءَ ڳالھھ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ اھو تھ اوھان جو ذاتي مسئلو آھي.“
    راجا، سنڌباد جي ڳالھھ اڌ ٻڌي ڪندي چيو:
    ”سڄو ڪم ئي توکي ڪرڻو آھي سنڌباد!“
    ”ڪھڙو ڪم؟“ – سنڌباد حيران ٿي ويو ھو.
    ”ٻڌايانءِ ٿو...... ٻڌايانءِ ٿو........ تنھنجو ڪم ڇا آھي؟ اڪ مان ماکي لاھڻي آھي. بس تون پوٽاميا وڃي پتو لڳائجانءِ تھ پوٽاميا جي راجا جي ڪل فوج گھڻي آھي؟ ھڪ، پيادي فوج گھڻي اٿس؟ ٻھ، اٺن ۽ خچرن ۽ گھوڙن جا ڪيترا جٿا اٿس؟ ٽي، اھو تھ آرياٿان[4] واري ھرنامس نار[5] ۾ سندس ھوڙھا ۽ ٻيڙا ڪيترا آھن؟ ملڪ جي مالي حالت ڪھڙي آھي؟ ملڪ ۾ ڏڪار اٿن، ڪي سڪار؟ بس پوءِ تون ڇٽو آھين. ڏس تھ پوءِ ڪيئن ٿو واڄٽ وڄايانس. اصل دوناڙ ڀڃندوسانس، جيئن مايون چونديون آھن: ڏوئي سان ڏند ڀڃندي سانس.“
    راجا جي ڳالھھ ٻڌي سنڌباد جا ڄڻ ڇيھھ ڇڄي پيا، سو سر تان آھو کڻندي، ٺھھ پھھ چيائينس:
    ”راڄ ڏڻي، سمجھو تھ اھو ڪم بھ ڪين ٿيو. اھڙو ڪڌو ڪم مون کان اصل ڪين ٿيندو.“
    ”ڇو؟... ڇو نھ ٿيندو، اھو ڪم توکان؟“
    ”ڇو تھ آئون ھڪ سيلاني آھيان نھ گپت[6].“
    ”تون سيلاني آھين ڪي گپت، ڇو نھ ڪندين تون اھو ڪم؟ لاڦون تھ وڏيون ٿو ھڻين.“
    ”ڇو تھ ھڪ سيلاني گپت ٿي نٿو سگھي. دنيا ۾ اھڙو ڪو مثال آھي ئي ڪونھ. راجا، سيلاني جو ڪم دشمن ملڪن کي دوست بنائڻ آھي، جدا جدا ملڪن جي علم ۽ فلسفي کي ھڪ ٻئي سان روشناس ڪرائن آھي، سڄي دنيا جي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپا پئدا ڪرڻ ۽ ھنرن جي مٽا سٽا ڪرائڻ آھي، جيئن سڄي دنيا ھڪ بھشت بڻجي پوي. ھڪ سيلانيءَ جو ڪم اھو ناھي تھ ھو ستل نارين ۽ ٿڃ پياڪ ٻارڙن مٿان گھل چاڙھي اچي ۽ سندن پر امن ملڪ ۾ مانڌاڻ وجھرائي ڇڏي. نھ راجا، اھو ڪم مون کان اصل ڪين ٿيندو.“
    ”ھاٿيءَ جي پيٽ ۾ سبرائي ڇڏيندوسانءِ. اسان جي ڏمر کان ڏڪ، سوچي سمجھي جواب ڏي، سنڌباد! مارائي ڇڏيندوسانءِ.“
    ”مرضيءَ جو مالڪ آھين راجا!“ سنڌباد کي جيڪي چوڻو ھو سو چئي ڏنائين. تڏھن راجا خوش ٿي چيس:
    ”وھ ڙي واھ سنڌباد! توکي جھڙو ٻڌوسين، تھڙو ڏٺوسين. اسان تنھنجو امتحان پئي ورتو. پوٽاميا جو راجا اسان جو وڏو يار آھي، دوست ملڪ آھي اسان جو. تون پنھنجي پيشي سان ايڏو تھ سچو آھين، جو ڪنھن بھ ملھھ توکي خريد ڪري نٿو سگھجي ۽ نھ ئي موت جو ڊپ ڏئي توکي ھيسائي سگھجي ٿو. تو کٽيو، ھاڻ تون جيئن چوندين، تيئن ٿيندو. اسين توکي اھڙا ھوڙھا ڏينداسين جن جا اولا عاج جا ھوندا. اھڙا ٻيڙا، جي مھا سنڌو ساگر کان سواءِ ٻين ملڪن ڏٺا ئي نھ ھوندا.“
    پوءِ راجا سنڌباد کي شاھي دسترخوان تي وٺي آيو، جتي طرحين طرحين طعام ۽ ميوا سجايل ھئا ۽ سنڌباد راجا، راڻين، منترين ۽ سڀني مھمانن سان گڏجي کاڌو کائڻ لڳو. سڀ ڏاڍا خوش پئي ڏسڻ ۾ آيا.


      گراٺ مٺڙي ۽ ڪارو مور

    سنڌ جي راجا ناکئن کي ٽي وڏا ٻيڙا، پاتال بندر جي ٻار ۾ لاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ھو. ٽنھي ٻيڙن جي سڙھن تي واڳون جا نشان ھئا. مھاڻن ٻيڙن کي مانگر مڇ جي چرٻيءَ سان پئي مک ڏنا ۽ تن پئي تنيا.[1] ڇا تھ ٻيڙا ھئا! جھڙاڪر چانديءَ جا چيخلا. عاج جا اولا. مٿان وري امن جي اڇن ۽ گيڙو سڙھن جو سٽاءُ. ٽالھيءَ جو ڪاٺ، مٿان ميڪر جي چرٻيءَ جو مک. سنڌ جي ماڻھن اھڙا ٻيڙا سمونڊ ۾ دنگندي اڳي ڪڏھن بھ ڪين ڏٺا ھئا.
    سج اڀرڻ سان گوديءَ مٿان ماڻھن جا حشام مڙي آيا ھئا. ٻيڙا ڏسيو ماڻھو ڏاڍا خوش پئي ٿيا. ٻارڙن ٻيڙا ڏسيو سمونڊ ڪناري رانديون پئي ڪيون، ڄڻ وڏو ڪو جشن جو ڏينھن ھو. پھلوانن ملھون، ٻلھاڙا ۽ ڪوڏي ڪٻل پئي ڪئي. مڱڻھارن دھل ۽ ناد پئي وڄايا، نارين ناچ وڌا، ٻارڙين چيڪلي پايو پئي پير گسايا تھ ٻئي طرف ڇوڪرن جي ھنبوڇي لڳي پئي ھئي. اصل سٽ ڪٽ.
    ملاحن ٽئين وڏي ٻيڙي ۾ نوح نبيءَ جي ٻيڙي لاءِ چيريل ٽالھيءَ جو چريل ڪاٺ پئي چاڙھيو جو سوکڙي طور نوح نبيءَ ڏانھن کڻي وڃڻو ھو.
    اھو سمورو لڪاءُ راجا، راڻي ۽ سنڌباد محلات جي اونچي مناري تان بيٺي ڏٺو ۽ پاڻ ۾ ڏاھپ جون ڳالھيون پئي ڪيائون. راجا ڳالھائي تھ ڀانءَ راجا ڏاھو آھي،. سنڌباد ڳالھائي تھ ڀانءِ سنڌباد وڌيڪ ڏاھو آھي. پر چوندا آھن تھ: ”راجا، راجا ھوندو آھي.“ نبين کان پوءِ علم راجائن جي حصي ۾ مڙيوئي سرس ايندو آھي. سندن ذھنن مٿان قدرت پاران ڏاھپ ۽ دانائيءَ جي سدائين پالوٽ پئي ٿيندي آھي. سو راجا وڏي سوچ ويچار سان پئي ڳالھايو: ”سنڌباد – ھي ڌرتيءَ جو گولو ھڪ وڏي ڳجھارت آھي. ان جا اسرار ئي پنھنجا آھن. ھن سڄي سرڳڌام[2] جي ھيٺان حيات سان ڀرپور ڌرتيءَ جھڙو ٻيو ڪو گرھ آھي ئي ڪونھ، جنھن تي رھن ٿا انسان، جن، پريون، ديو ۽ ٻيا ساھ وارا، جن ۾ ھڪڙيون آھن آتمائون[3] ۽ ٻيون آھن نر آتمائون.[4] نر آتمائون پنھنجو وقت پورو ڪرڻ سان فنا ٿي وينديون آھن. نشٽ ۽ ڀسم ٿي وينديون آھن. باقي آتمائن کي ڪي بقا آھي. سي ڪنھن نھ ڪنھن روپ ۾ نظاري نروار ٿين ٿيون. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ نوح نبي پئدا ٿيڻو آھي، اھا ڳالھھ مون کي منھنجي ابي راجا مھيرامڻ ٻڌائي ھئي ۽ منھنجي ابي مون کي اھو بھ ٻڌايو ھو تھ دنيا جا راجا ڇا بھ چون، تون نوح نبيءَ جو پاسو وٺج. سچ جو پاسو. اھو نوح نبي ھڪ وڏي مھا پرلئھ[5] جي اڳڪٿي ڪندو. اھو نبي سڳورو پاپ ۽ ڪلاپ خلاف وڙھندو. ھڪ تمام وڏو ٻيڙو ٺھرائيندو ۽ ڌرتيءَ تي انسانن، جانارن، پسن، پکين، جيتن، سرڻن، وڻن ٽڻن ۽ ٻوڙن جا نسل بچائيندو، نھ تھ پرٿوي تي ڪابھ شيءِ باقي نھ رھندي. پھاڙ ۽ پوٺا حيات کان خالي ٿي ويندا. اھو نوح نبي خدا جي ھيڪڙائيءَ جو پيغام ڏيندو ۽ پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو.“ ڳالھھ ڪندي راجا وڏو گھرو، اونھو ساھ کنيو ۽ وري ڳالھھ جاري رکندي چيائين تھ: ”سنڌباد، سچ پڇين تھ اسان کي نوح نبيءَ ۾ وڏو ويساھ آھي. راجا، پرجا جا قيدي ھوندا آھن. سدائين کين پرجا جو اونو ھوندو آھي تھ پرجا خوش آھي، ڪي ناخوش؟ پر سيلاني ڪنھن جا بھ تابع نھ ھوندا آھن. اھي فقط پنھنجي ضمير جا تابع ھوندا آھن، جيئن تون آھين. سو ڳالھھ ٿي ڪيم تھ سامونڊيڪا سيل ڪندي کارو کيڙيندي جي ڀاڳ ڀيڙو ڏي ۽ تون نوح نبيءَ جي درٻار تائين پھچي وڃين تھ پوءِ انھيءَ نبي سڳوري کي منھنجا ڪوڙين جھار[6] چئيج ۽ مون پاران نوڙت ڪج ۽ منجھس نمي کمي نھارت ۽ ٽالھيءَ جي چيريل ڪاٺ وارو ٻيڙو مون پاران کيس تحفي ۾ ڏيج ۽ چئيج تھ سنڌ – واسين جو اوھان ۾ پڪو ويساھ آھي ۽ جيڪي سلام ڏينئي، اھي سمورا ياد ڪري مون کي آڻي ڏيج. بس اھا ڳالھھ مون تو سان ڪرڻ پئي گھري.“ راجا جي اھا ڳالھھ ٻڌي سنڌباد راجا سان وچن ڪيو تھ ھو راجا جي اھا ڳالھھ اکين سين پاريندو.
    پوءِ راجا ۽ راڻي سنڌباد کي وٺي مناري جي ڏاڪن تان ھيٺ لھڻ لڳا. راجا چيس: ”سنڌباد، اڄ ھل تھ آئون توکي پنھنجي پيءُ راجا مھيرامڻ جو محل گھمايان ۽ پنھنجي ابي پاران توکي اھڙيون شيون ڏيان جو سامونڊي سفر ڪندي توکي ڪم اچن.“
    پوءِ راجا ۽ راڻي سنڌباد کي مھيرامڻ جي انگاس محل ۾ وٺي ويا. محل جا در ڄڻ جادوءَ سان پئي کليا ۽ بند ٿيا. سنڌباد ڏٺو تھ محل ۾ شينھن جون گجگوڙون آھن. سوني تخت جي پاون تي وڏي نسل جي باز جو جوڙو ويٺو ھو ۽ ڪيھر شينھن محل ۾ ٻلين جيان پئي ڦريا ۽ رکي رکي ٽاڙھون پئي ڏنائون. پئي گڙا ۽ گريا. سنڌباد کي ڪيھر شينھن جي ٻچن جي ھڪ جوڙي ڏاڍي وڻي.
    راجا چيس:
    ”سنڌباد، ھي کيرٿر پھاڙ جا ڪيھر اٿئي. ھيءَ جوڙي ھاڻ ڇھن مھينن جي ٿي وئي آھي. ھي پاڻ سان کڻيو وڃج. اھي سامونڊي توڙي ميدانن ۾ نراتمائن جي حملن کان توکي بچائيندا. اھڙي تکي حملاور شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪا آھي ئي ڪانھ.“ پوءِ راجا کيس سوني تخت جي پاون تي ويٺل تيتري باز جي جوڙي وٽ وٺي آيو ۽ چيائين:
    ”ھي ننگر ٺٽي جا باز آھن – ڪينجھر جا شڪاري باز. ھي دنيا جا سڀ کان تيز رفتار پکي آھن. جڏھن ڇاڙون ۽ ڇڇ اڪرندي تون تڙ توائي ٿي ويندين ۽ تنھنجا ٻيڙا سمونڊ ۾ اولو ٿي ويندا تھ ھي اڏامي توکي سمونڊ سونھون ڪندا ۽ قطب ٻڌائيندا ۽ توکي خوفناڪ ڏائڻين ۽ راڪاسن ۽ ٻين بلائن کان بچائيندا. ھي دشمن جي اک تي حملو ڪندا آھن. ھنن جو وار ڪڏھن بھ گسندو نھ آھي.“ سنڌباد باز ۽ ڪيھر شينھن جي جوڙي حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. اوچتو ھڪ مينا اڏامندي راڻيءَ جي ڪلھي تي اچي ويٺي ۽ چيائين:
    ”راڻي ماءُ، ھيءَ نوجوان ڪير آھي؟“ ”راڻيءَ چيس تھ ”ھي سنڌباد آھي، دنيا جي سفر تي نڪتو آھي.“
    ”راڻي ماءُ، ھڪ انگل ڪريان؟“
    ”تون سؤ انگل ڪر منھنجي لاڏڪي.“ راڻي کيس ڪلھي تان لاھي چمڻ ۽ پيار ڪرڻ لڳي. مينا چيس:
    ”راڻي ماءُ، دنيا جي شيل تي باز بھ وڃي ٿو، ڪيھر بھ وڃن ٿا. الله مون کي بھ اکيون ڏنيون آھن، آئون بھ تھ ڪي شيل ڪريان. مون کي ھي نوجوان وڻيو آھي. مون کي بھ اھڙي آگيا[7] ملي تھ آئون بھ شيل ڪريان. راجا ڀنڀي مھيرامڻ کان پوءِ ھاڻ تھ مھل کائڻ ٿو اچي.“ ۽ پوءِ راجا ڏانھن نھاري چيائين:
    ”راجا، راضي ٿيءُ تھ مينا ملڪ گھمي.“
    ”ھا، ھا، تون ڀلي وڃ. ھيکلائي ۾ سنڌباد کي چرچا ٻڌائجانءِ. سنڌباد سان تنھنجو گڏ وڃڻ تمام ضروري آھي.“
    ”سنڌباد، توکي منھنجي ھلڻ تي عار تھ ناھي؟“ مينا جي ڳالھھ تي سنڌباد کلي چيو: ”تو جھڙي مٺڙي مينا مون سان گڏ ھوندي تھ پوءِ منھنجو وقت سڻائو گذرندو.“
    ”آئون توکي جنن ۽ پرين جون ٻوليون سيکاريندس.“
    مينا حاصل ڪري سنڌباد خوش ٿي ويو، پر ساڳئي وقت کيس ڪا ڳالھھ پريشان ڪري رھي ھئي، سو راجا ڏانھن نھاري چيائين:
    ”اي راجا، جڏھن توکي ھنن پکين ۽ جانورن جي ايڏي ڄاڻ آھي تھ پوءِ توھان اھي راجائي شونق ڇو ڇڏيا؟ اھڙا شونق جي توکي تنھنجي ابي راجا مھيرامڻ کان مليا.“ سنڌباد جي انھيءَ ڳالھھ تي راجا ڏاڍو ڏکوئجي ويو، راڻي درماندي ٿي وئي. راجا وراڻيو:
    ”سنڌباد – ان پٺيان ڪو سبب آھي، ڪا ڳالھھ آھي. سڀ کان وڏو شونق اولاد جو آھي، چوان تھ آئون بھ پيءُ ٿيان. پر ھاءِ ھاءِ..... مون کي اولاد آھي ئي ڪونھ. اھڙيءَ نعمت کان آئون وانجھيل آھيان. الائي ڇا ڇا ڇڏيو وتان، نھ تھ جيڪر آئون بھ چوان تھ ڌرتي جا شيل ڪريان، سمونڊ ماپيان تھ ڪٿي ڪيڏو پاڻي آھي ۽ ڪٿي ڪيڏو؟ منھنجي دل بھ چوي تھ سنڌو جي ماٿرين ۾ پرجا سان گڏ جشن ملھايان، باز اڏاريان، ڪيھرن کي ٽاڙھون ڏياريان، گھوڙا ڊوڙايان، اٺ نچايان، ڏاند گاڏيون ھڪليان، مينھون ۽ گايون ڏھان، ڪماند پوکيان ۽ ڪڻڪون لڻا، پر اولاد کان سواءِ روح ئي مئو پيو آھي. ھڪ ڏينھن وڏي سجدي مان اٿيس تھ ھڪ سيلاني مون کي مليو. ان وٽ ھڪ گراٺ مٺڙي ھئي، ڄامڙي شيدڻ چئن سالن جي. ان سيلانيءَ چيو تھ راجا، توکي اولاد تڏھن ٿيندو، جڏھن تون ھن ڄامڙيءَ کي خوش ڪندين. جڏھن ھن ڄامڙيءَ جي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙھا نڪرندا ۽ انھن ڳوڙھن جو پاڻي تنھنجي راڻي پيئندي، تڏھن توکي پٽ ڄمندو!“ راجا پنھنجي ڳالھھ کي جاري رکندي چيو:
    ”تڏھن چيومانس تھ اي درويش خدا جا، ڪھڙين ڳالھين تي ھيءَ خوش ٿيندي؟ تڏھن درويش وراڻيو تھ ھيءَ ڄامڙي ڪاري ولات ھمباشا جو جن آھي. ھن جي ملڪ تي راڪاسن جو قبضو آھي. ھيءَ ڄامڙي پنھنجي گھوٽ کان وڇڙي وئي آھي. جي ھيءَ پنھنجي گھوٽ سان نھ ملندي تھ پوءِ ھن جو گھوٽ نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙھڻ کان رھجي ويندو ۽ اھو گناھ ٿيندو. پوءِ اھو سيلاني فقير انھيءَ ڄامڙيءَ جي گھوٽ جي تلاش ۾ نڪري ويو. سال ٿي ويا آھن، اھو سيلاني نھ موٽيو آھي. ھاڻ تھ اھا ڄامڙي اچي سامائي آھي. پنھنجي گھوٽ سان ملڻ جي فراق ۾ بيمار ٿي رھي ۽ گھائل ٿي گھاري.“ بادشاھ اھا ڳالھھ ڪري ڏاڍو پشيمان ٿي ويو ھو. سنڌباد چيس:
    ”راجا، اوھان مون کي ان ڄامڙي سان ملايو. متان منھنجي ڳالھين سان کيس ڪا شڪتي ملي ۽ ھوءَ خوش گھاري. آئون اوھان سان وچن ٿو ڪريان تھ آئون سڄو سامونڊ ڇاڇولي، انھيءَ گراٺ مٺڙي کي ھٿ ڪندس ۽ خدا جي حڪم ۽ اوھان جي دعائن سان ھي نوح نبيءَ جي ٻيڙي تي چڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.“ پوءِ راجا کيس پنھنجي محل ڏانھن وٺي وڃڻ لڳو، جنھن ۾ اھا گرانٺ مٺڙي رھندي ھئي.


      سنڌباد جو وچن

    راجا ۽ راڻي سنڌباد کي پنھنجي خاص محل جي سمھڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيا. اھو ڪمرو جھڙوڪر جادوگرن جو ٺاھيل ھو. محل جي درين ۽ دروازن تي ٻھڪندڙ رنگا رنگ لونگيءَ جا پردا پئي لڙڪيا. محل جي ٿنڀن ۽ ڀتين تي ھيرن جواھرن جو جنسار ٿيل ھو. فرش تي رنگا رنگ غاليچا وڇايل ھئا. محل جي منگھن مان سرھاڻين ڀريل ٿڌي ھوا پئي گھلي ۽ جلترنگ جھڙا آواز پئي آيا.
    راجا ۽ راڻي جي سمھڻ واري ڪمري ۾ ڄامڙيءَ لاءِ سون ۽ چاندي جي منارن سان ھڪ ننڍڙي محلات ٺھيل ھئي، جنھن جي دروازن ۽ درين جي ڪنارين تي ڳاڙھي لعل جو ڪم وڏي ھنرمندي سان ڪيو ويو ھو. ان ننڍڙي محلات آڏو خوبصورت باغ ھو، جنھن ۾ ھڪ اداس ڪارو مور ويٺو ھو. ان ويل اھا ڄامڙي محل جي دروازي وٽ ڏاڍي نراس ۽ اٻاڻڪي بيٺي ھئي. سنڌباد جي اک جڏھن ان ڄامڙيءَ تي پئي تھ کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ھو ڪنھن طلسم ۾ اچي ويو ھو. لعل ۽ ھيرن جي روشنيءَ ۾ شيدڻ ڄامڙيءَ جو رنگ ڄمون جيان پئي ٻھڪيو. جھڙي ننڍڙي گڏي، جيڪا جيئرن ماڻھن جيان پئي ھلي ۽ چلي. سنڌباد کي ڏسي ھن حيا کان ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو. راجا ڏاڍي پيار سان کيس کڻي پنھنجي تريءَ تي رکيو ۽ کيس ڏڍ ڏيندي چيائين:
    ”پياري ڌي! ھي سنڌباد آھي. ھي تنھنجي گھوٽ جي ڳولا ۾ سڄي پرٿوي ووڙيندو ۽ سمورا سمونڊ ڇاڇوليندو. خوش ٿي. منھنجي دل شاھدي ٿو ڏئي تھ ھي نوجوان تنھنجي گھوٽ کي ڳولي لھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. خوشيءَ مان ھن کي آشيرواد ڏي ۽ دعا ڪرينس تھ ھي پنھنجي سفر ۾ ڪامياب ٿئي.“
    راجا جي ڳالھھ ٻڌي ڄامڙي سنڌباد کي کيڪارڻ لاءِ ريشمي پوتي جو پلئھ ھٿ جي تري تي ڏئي، سر جھڪائي ننڍڙو ھٿڙو سنڌباد ڏانھن وڌايو. سنڌباد پنھنجو وڏو وڏو ھٿ ھوريان ڄامڙي جي مٿي تي رکي، پوءِ سندس ننڍڙي ھٿ سان پنھنجو ھٿ ملايو ۽ چيائينس:
    ”تنھنجي گھوٽ جي ڪا نشاني توکي ياد آھي؟“
    ”ھا، ھن جي کاٻي ڳل تي ھيٺئين چپ وٽ ڀورو تِر آھي.“
    ”ٻي ڪا نشاني....؟“
    ”ھن جھڙو ٻيو ڪو ماڻھو دنيا ۾ آھي ئي ڪونھ. اسان جي پاڻ ۾ نھ ملياسين تھ اسان جو نسل ھميشھ لاءِ ختم ٿي ويندو.“ اھا ڳالھھ چوندي ڄامڙي جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. اھا ڳالھھ ٻڌي سنڌباد جي ھمدردي ساڻس ويتر وڌي وئي. چيائينس:
    ”آئون توسان وچن ٿو ڪريان تھ آئون تنھنجو گھوٽ ڳولي لھندس، ڀلي ھو دنيا جي ڪھڙي بھ ڪنڊ ۾ ھجي.“
    ”توکي يقين آھي تھ تون ھن کي ڳولي لھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين؟“
    ”ھا – ڇو تھ مون کي اھا ڄاڻ آھي تھ جيڪو بھ ڪم ماڻھو سچي دل ۽ نيڪ نيت سان ڪندو آھي تھ قدرت ان جو ساٿ ڏيندي آھي.“ سنڌباد جي واتان اھي گفتا ٻڏي، ڄامڙي جي دل کي ڄڻ آٿت اچي وئي.
    ان کان پوءِ راجا، راڻي، ڄامڙي ۽ سنڌباد گڏجي ماني کاڌي. جڏھن سنڌباد سمھڻ لاءِ پنھنجي ڪمري ۾ وڃڻ لڳو تھ ڄامڙي چيس تھ: ”سنڌباد، سامونڊي سفر ڪندي توکي الائي ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون آڏو اچن. مون وٽ جادوئي سرمو آھي، جنھن کي اکين ۾ پائڻ سان ماڻھو پاڻي ۾ ڏسي سگھندو ۽ ساھ بھ کڻي سگھندو. ٻيو تھ ھي ڪارو مور مون کي پنھنجي ساھ کان بھ وڌيڪ پيارو آھي. اھو مور منھنجو اڏام کٽولو بھ آھي. ھي ڏاڍو سٺو ٽھوڪندو آھي، پر جڏھن کان اسين وطن کان وڇڙي ويا آھيون، ھن ٽھوڪڻ ڇڏي ڏنو آھي. سڄو ڏينھن ڳاٽ زمين سان ٽڪايو، الائي ڪھڙا پور پيو پچائيندو آھي. تون ھن مور کي پاڻ سان وٺيو وڃ. جنھن بھ ملڪ ۾ ھي ٽھوڪي، سمجھھ تھ منھنجو گھوٽ ۽ ھن جي ڪاري ڊيل انھيءَ ملڪ ۾ آھي. بس ھي مور تنھنجي رڳو ايتري مدد ڪري سگھندو.“ سنڌباد کي عجب لڳو تھ وطن کان جدا ٿي ماڻھو ڇا، پکي بھ پساھ ٽوڙڻ لڳندا آھن. ڄامڙيءَ جون ڳالھيون ٻڌي سنڌباد پاڻ بھ ڏاڍو ڏکوئجي ويو ھو. راڻي جي اکين ۾ بھ پاڻي اچي ويو ھو. راجا چپ ھو ۽ مور جو ڳاٽ ھيٺ جھڪيل ھو. ڌرتيءَ تي سڌو سڌو ڳاٽ رکيو، ڪارو مور ڄڻ بيمار پئي لڳو. سنڌباد کي مور جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھن انھيءَ ڪاري مور کي پيار مان کڻي ڪڇ ۾ ڪيو مٿانئس ھٿ ڦيرائڻ کان پوءِ کيس فرش تي ڇڏيائين ۽ پوءِ راجا ۽ راڻيءَ سان گڏ محل مان نڪري ويو.


      ڪارونجھر جبل جو ڏھڪاءُ

    اتر جون ٿڌڙيون ھوائون گھلڻ لڳيون ھيون. سرن جا پانڌ نسري پيا ھئا. پوھ جي پھرين جو چنڊ ڏسي، راجا ۽ راڻيءَ سنڌباد کي سمونڊ جي سفر جي موڪل ڏني. پاتال بندر جي ماڻھن وڏي ڌام ڌوم، ٺٺ ۽ اڊمبر سان سنڌباد جي ٻيڙين اسھڻ جو جشن ملھايو. گوديءَ تي ملھون ۽ ٻلھاڙا کيڏيا ويا. راڻيون، دايون ۽ ٻايون سمونڊ کي موکا ڏيڻ لاءِ پکا وجھڻ لڳيون، ڪنواريون ناچ ڪرڻ لڳيون، سمونڊ ڪناري چوڏس دھل ۽ دمام ھئا. ناکئن کوھا کولڻ جا ناد وڄايا.
    ايلي آلا ايسو.
    زور لڳايو ھيسو.
    ايلي آلا ايسو. مھاڻا وڏاندرا ونجھھ ھڻندا ٽنھي ٻيڙن کي اونھي عميق ڏانھن ڪاھيندا ٿي ويا. سنڌباد جي کاٻي ٻانھن تي باز ويٺو ھو. ھو ساڄي ٻانھن لوڏي راجا، راڻيءَ، ڄامڙيءَ ۽ بندر تي آيل سڀني ماڻھن کان موڪلاڻي پئي ورتائين. ٻار[1] ۾ ٻيڙن جا اڇا، گيڙو ۽ ھيڊا سڙھ، ھوائن ۾ ڦوڪجندا، مٿي کڄندا ٿي ويا. شراپ.... شڙاپ.... شڙاپ.... ٽئي ٻيڙا چنگھندا پاڻيءَ کي چيريندا، پنھنجي پٺيان گاج[2] جا وڏا ليڪا وجھندا پئي ويا.
    ھو – نيدوءَ ۾ ناتاري
    ايسو ..... ھيلي الا ھيسو .....
    ھو – سمونڊ آ ساٿاري ايسو .....
    زور لڳايو ايسو ..... ھيسو .....
    ايلي آلا ھيسو ..... ايسو
    زور لڳايو ايسو ..... ھيسو
    سمونڊ ۾ ٻيڙا موج ۾ ھلندا پئي ويا. سنڌو درياھ جي ٽنھي ڇاڙن وٽان گذرندي سنڌباد ۽ سندس ساٿي سنڌو درياھ جا نظارا ڏسي حيران ٿي ويا. اکين کي ڄڻ ڍءُ ئي نھ پيو ٿئي. سنڌو درياھ جي آرسيءَ جيان شفاف پاڻيءَ ۾ جلپريون ۽ ٻلھڻيون تڙٻيون کايو ڏاھيالي راند پئي کيڏيون ۽ سامونڊي گھوڙا، ھاٿي، ھرڻ، ڦاڙھا، گينڊا ۽ روجھون ميدانن ۾ پئي چنا. سنڌباد جي ڪيھر شينھن جي جوڙي حيران ٿي انھن جانارن ۾ نھاري رھي ھئي ۽ باز اڏامي سڙھ جي چوٽيءَ تي وڃي ويٺو ھو. ناکئا ۽ مھاڻا ھوڙھا ھاڪاريندا ٿي ويا.
    ھيلي آلا ھيسو ..... ھيسو
    زور لڳايو ھيسو ..... ايسو
    ھو – سڀ ڇاڙون ۽ ڇڇ
    اڪري وينداسون .....
    ھيسو ..... ايلي الا ايسو .....
    ھيسو ..... ھو، ھر مشڪل سان .....
    نبري وينداسين ..... ايسو
    زور لڳايو ايسو ..... ھيسو
    ايلي آلا ھيسو ..... ايسو
    ناکئا ھوڙھا ھڪليندا پئي ويا. سج پئي لٿو ۽ اڀريو. جيستائين نھار ٿي ويئي، ڇولان ڇول مھا سنڌ ساگر ڇلي رھيو ھو. ڇولين جا ڇڇڪا ھئا. چوٿين ڏھاڙي ئي اوڀر کان سج ڪني ڪڍي تھ نوجوان ملاحن جي واتان رڙيون نڪري ويون. وٺي خوفناڪ دانھون ڪيائون:
    ”خبردار! پڪ ئي پڪ اسين ڪنھن مصيبت ۾ ڦاسڻ وارا آھيون.“
    ”ھي لقاءُ تھ ڏسو، سمونڊ کي باھ لڳي پئي آھي....! اسين ڪنھن وڏي جادوءَ ۾ ڦاسڻ وارا آھيون.“ ٻئي ملاح رڙ ڪئي ھئي. تڏھن سنڌباد ڊوڙندو ٻيڙي جي آڳل تي آيو. ڏسي تھ اڀرندي پار ڏي سمونڊ ۾ نيڻ نھار تائين پکڙيل ٽانڊي جو پھاڙ آھي، جيڪو پيو ٻري ۽ ٻاڦون ڇڏي.
    ”خبردار! موٽ کائو نھ تھ اسان جو موت آھي.“ ٻين جي ٻيڙين مان بھ اھڙا آواز اچي رھيا ھئا. ٽنھي ٻيڙين ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ھو. سڀ اکيون ڇنڀڻ کان سواءِ خوف مان انھيءَ ٻرندڙ باھ جي جبل ڏانھن نھاري رھيا ھئا. تڏھن سنڌباد وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين:
    ”ساٿيو، اڃا ڳالھھ ڪٿي پئي آھي. اڃان تھ اسين پنھنجي وطن ۾ آھيون. پارا ڇر رشيءَ[3] جي ديس ۾. اعتبار ڪيو تھ اھو ٽانڊن جيان ٻرندڙ جبل جنن ۽ ديون جو اسٿان نھ پر ڪارونجھر جبل آھي. اراولي جبل جو پاھڻ ائين سج جي روشني پوڻ تي ٽانڊن جيان تجلا ڏيندو آھي.“ تڏھن ھڪ نوجوان ملاح رڙ ڪندي چيس:
    ”سنڌباد، اسين ڊڄون پيا. متان ڪا آفت مٿان اچي ڪڙڪي.“ ملاح جي انھيءَ ڳالھھ تي سنڌباد دلاسو ڏيندي چيس:
    ”ناکئا! ڀانيان ٿو تھ انھيءَ پار تون پھريون ڀيرو سفر ڪري رھيو آھين، تڏھن پيو ھيڻو ٻولين.“
    ”ھا..... مان سمونڊ جي سفر تي پھريون ڀيرو نڪتو آھيان.“ سنڌباد ناکئي جي ڳالھھ ٻڌي چيو:
    ”مون ناد ۽ نگد ۾ پڙھيو آھي تھ اھو ڪارونجھر پھاڙ وڏن رشين ۽ سامين جو ماڳ آھي. اھو ڏاڍو پاڪ پھاڙ آھي. انھيءَ پھاڙ جي چوٽين مٿان ڪابھ پراسرار طاقت پر نٿي ھڻي سگھي. ان پھاڙ جي پرئين پار ننگر – پارڪر جا محل ۽ ماڙيون آھن. ھلو تھ اڄ انھيءَ ڀلاري جبل جا سير ڪريون ۽ ساھي پٽيون. انھيءَ ڀلاري ڀونءِ تان رڳو ائين ٺلھو گذري وڃڻ سٺو نٿو لڳي.“ سنڌباد جون اھي ڳالھيون ٻڏي پوڙھي ناکئي چلم مان بُڙڪو ڀريندي چيو:
    ”بلاشڪ سنڌباد، تون ڌرتي جو ڄاڻو ماڻھو آھين! علم کان سواءِ ماڻھو انڌو ۽ بيڪار آھي. ائون ان ڪري چپ ويٺو ھئس تھ ڏسان تھ تون ڇا ٿو چئين؟ توکي جس آھي. مون کي ياد آھي، آئون اڃا ڳڀرو ھئس. آئون راجا مھيرامڻ سان گڏ ڪارونجھر گھمڻ آيو ھوس. اتان راجا ايسن جي پٽ جيسن جو ٻيڙو اچي لانگھائو ٿيو تھ ھو ڊڄي ويا. دھشت نھ جھلي سگھيا تھ الائي ڇا آھي، ڪھڙو جادو آھي. اھو آھي ڪارونجھر جو نظارو.“ پوڙھي ناکئي جي ڳالھھ سنڌباد وڏي غور سان ٻڌي.
    ”تھ چئبو تو راجا ايسن جي پٽ جيسن کي بھ ڏٺو؟“
    ”ھئو.... شينھن مڙس ھو. اصل مٿير! ايڏو وڏو سيلاني اسان اڳ ٻڌو ئي ڪونھ. نھ ماءُ ڄڻيو، نھ ڄڻيندي.“
    ”ناکئا.... اڄ رات ننگر پارڪر ۾ گذارينداسين.“ سنڌباد جي ڳالھھ تي پوڙھي ناکئي ھائوڪار ڪئي ۽ خوش ٿي حقي کي بڙڪو ڪڍائيندي چيائين:
    ”واھ جي ڳالھھ ڪيئي. انھيءَ پھاڙ ۾ پارا شر رشي چلا ٿو ڪڍي، ويد ٿو رچي. اھو پاڻ کي سمونڊ جون ڪئين ڳالھيون ٻڌائيندو. انھيءَ رشي کان آشيرواد وٺي پوءِ ٻيڙا اڳتي ھاڪارينداسين. پوءِ سمجھھ تھ پنھنجا ٻيڙا پار آھن. جوکو ٿئي م جھاج کي.“
    ”ناکئا، جيڪا تنھنجي صلاح.“ سنڌباد ناکئي جون ڳالھيون ٻڌي ڪارونجھر جي چوٽين ڏانھن نھاري رھيو ھو. جيئن جيئن ٻيڙا پھاڙ ڪارونجھر کي ويجھا ٿيندا ٿي ويا، ڪارونجھر جي چوٽين مان مورن جي ٽھوڪن جا ازغيبي آواز وڌندا پئي ويا. پوڙھي ناکئي جي حڪم سين ملاح ٽنھي ٻيڙن کي ننگر پارڪر جي گوديءَ ڏانھن ھاڪارڻ لڳا ھئا.
    ھيلي الا ھيسو ..... ايسو زور لڳايو ھيسو ..... ايسو
    نيڊوءِ ۾ ناتاري ..... ھيسو ....
    ھو – سمونڊ آ ساٿاري ..... ھيسو زور لڳايو ھيسو .....
    ايسو ...... ھيلي آلا ايسو ..... ھيسو ......
    ٻيڙا گوديءَ تي لنگر انداز ڪرڻ لاءِ ملاحن وڏاندرا ونجھھ پئي ھنيا. ان ويل مينا اڏري اچي سنڌباد جي ڪلھي تي ويٺي ۽ چڻ چڻ ڪري مٺيون لاتيون لنوندي، ٻوليون ٻوليندي، سنڌباد کي چوڻ لڳي:
    ”سنڌباد، مون کي موڪل ملي. آئون ھلان ٿي ملڪ جو واءُ سواءُ وٺڻ.“
    سنڌباد چيس: ”توکي موڪل آھي، تون ڀل وڃي ملڪ جو واءُ سواءُ وٺ.“ سو مينا خوشي مان اڏاڻي ۽ سنڌباد جي ڏسندي ئي ڏسندي دور ڪارونجھر جبل جي چوٽين مٿان پر ھڻندي نيري نڀ ۾ گم ٿي وئي.


      ھوٿل پري ۽ گوڪان ڏائڻ

    ھاڻ ڇڏيون ٿا سنڌباد کي، وٺون ٿا ھوٿل پري کي، جا سونھن جي کاڻ ھئي. پراسرار علمن ۽ ڪاري جادوءَ جي کيس وڏي ڄاڻ ھئي. علم نجوم ۾ سندس ڪو ثاني نھ ھو. جيڪا سالن کان ننگر پارڪر ۾ وڏا ٽڪساٽ سجايو ويٺي ھئي. ڪئين ديو، جادوگرياڻيون ۽ ڏائڻيون سندس سڳي ۾ ٻڌل ھئا. ھوٿل پريءَ جي ڪنھن تي اک ئي ڪانھ ٻڏندي ھئي.
    ان ويل ھوٿل پري جادوئي آرسيءَ آڏو بيٺي سمونڊ جو سارو لقاءُ ڏسي رھي ھئي. ٽئي ٻيڙا سندس اکين آڏو ھئا ۽ جادوئي آرسيءَ ۾ چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. اڳئين ٻيڙي جي آڳل تي بيٺل نوجوان تي ھن جون اکيون کپي ويون ھيون. انھيءَ نوجوان جي کاٻي چمڙا بند ٻانھن مٿان خوبصورت باز پکي ويٺل ھو. انھيءَ نوجوان جي سونھن ڏسي ھوٿل پريءَ جو عقل ئي خرچ ٿي ويو ھو ۽ ھوءَ جادوئي آرسيءَ آڏو بيٺي الائي ڇا ڇا سوچڻ لڳي ھئي. سنڌباد ۾ نھاريندي ھوٿل پري جادوئي آرسي اڳيان ھڪدم ھٽي وئي ۽ ھوءَ ڪنھن کي وڏي واڪي سڏ ڪرڻ لڳي ھئي:
    ”گوڪان...... ڏائڻ گوڪان...... گوڪان.......“ ھوٿل پري تڪڙي تڪڙي پنھنجي محل اندران سڏ ڪندي، محل اندران ھلندي ٿي وئي. محل جي دروازن جا پڙدا ھلڪي ھوا تي پئي لڏيا. محل جي پوئين پاسي پھاڙي غفائون ھيون. ھوٿل پريءَ جي سڏن جي پڙاڏي تي ھڪ غفا مان گوڪان ڏائڻ ڊوڙندي آئي ۽ وڏي ڏھڪاءَ کان دھلجندي ھوٿل پريءَ جي پٺيان پٺيان ھلڻ لڳي. مھيري ماين جو اڻيل، سندس اوني ڪارو کٿو سندس مٿي ۽ چيلھھ کان ھيٺ پيرن تائين لڙڪندو محل جي فرش سان گھربو پئي آيو. گوڪان ڏاڍي ڊناڻي ھئي. ھن جي رڳو ڪاڻيءَ اک ۾ سرمو پيل ھو. ھوٿل پريءَ جي سڏن تي ھوءَ ايترو تڪڙو آئي ھئي جو ٻيءَ اک ۾ سرمو وجھڻ ئي کيس وسري ويو. ھوٿل پري محل ڏانھن موٽ کاڌي ھئي ۽ گوڪان ڏائڻ سندس پٺيان لڙڪندي گھربي پئي آئي. ھوٿل پري ڄڻ پنھنجي منھن ڳالھائيندي ٿي وئي:
    ”گوڪان! اڄ گوديءَ تي وڏا ٻيڙا لنگرجي رھيا آھن. الائي ڪھڙي ولات جا ٻيڙا....!“
    ”سائڻ، ٻيڙا تھ روز پيا گوديءَ تي لنگربا آھن. ان ۾ عجب جي ڪيھي ڳالھھ آھي؟“
    ”آھي ڳالھھ عجب جي! گوڪان، مان عجب ۾ آھيان تھ انسان ايڏو سھڻو ٿيندو آھي! سچ جادوئي آرسيءَ ۾ انھيءَ نوجوان کي ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منھنجو روح ڌوپجي اجرو ٿي پيو ھجي.“
    ”سانئڻ، ڀلا مون ڪارو جادو پڙھندڙ بدروح ڏائڻ کي ڪھڙي خبر تھ روح ڪيئن ڌوپندو آھي ۽ روح آھي ڇا؟ اھي ڳالھيون اسان بي روح ڏائڻين جي ڀاڳ ۾ ڪٿي!“
    ھوٿل پري سندس ڳالھھ ڄڻ ٻڌي ئي ڪانھ. ھوٿل پريءَ کي تھ بس پنھنجيءَ لنءُ جي لوري لڳل ھئي، سو گوڪان کي چيائين:
    ”گوڪان! آئون چاھيان ٿي تھ اھو واپاري مون وٽ مھمان ٿئي. ننگر پارڪر جا منارا ۽ ڪارونجھر جون چوٽيون اھڙيون تھ وڻي وڃنس جو پنھنجو وطن ئي وسري وڃيس. گوڪان ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ور ڪنديس تھ اھو ڪنديس، نھ تھ ٻيو ور ڪنديس ڪانھ. بس، اھو ئي نوجوان آھي، سالن کان مون کي جنھن جو انتظار ھو. اڄ آئون ڏاڍي خوش آھيان. وڃ، گوڪل ديو کي چئھ تو گوديءَ جو ڳرو ناڪو اڳاڙڻ جي مھرباني سان انھيءَ نوجوان واپاريءَ کي ريھي ريبي منھنجي شاھي محل ۾ وٺي اچي. ھاڻ آئون ھار سينگار ڪنديس. تون وڃ ۽ اھو ڪم وڃي پورو ڪر.“
    ”جيڪو حڪم سانئڻ.... حڪم جي پيروي ڪبي.“ گوڪان ڪارو کٿو ٻانھن سان جھوليندي، ڳاٽ جھڪائي ھوٿل پري آڏو ڪورنش ڪيا ۽ ڪارو کٿو لڙڪائيندي، شاھي محل مان ھلندي، غفائن ڏانھن وڃڻ لڳي.
    ”گوڪل.... او گوڪل......“ اونھين غفائن ۾ گوڪان ڏائڻ گوڪل ديو کي سڏ ڪرڻ لڳي. ھڪ غفا مان پلاءُ جي خوشبو پئي آئي، تڏھن گوڪان ڏائڻ کڻي اوڏانھن منھن ڪيو ۽ منڊڪائيندي، گھرجندي، سڏ ڪندي، انھيءَ خوفناڪ اونھيءَ غفا ۾ ھلندي ٿي وئي، جنھن ۾ وڏا ڀالا ۽ موتمار ھٿيار ٽنگيل ھئا.
    انھيءَ اونھي غفا ۾ ھاٿي جي ٻچي جھڙو ٿلھو ٿنڀرو گوڪل ديو پلاءُ جي ديڳ مٿان ويٺو وڏي ڏوئي سان ديڳ مان پلاءُ ڪڍي، ڏاڍي مزي سان ھڙپ ھڙپ ڪندو کائيندو ٿي ويو ۽ پلاءُ کائيندي، گوڪان ڏائڻ جا سڏ ٻڌي ڪاوڙ مان سڄي سڄي دھل ٿي پيو ھو. سو وڏي ٻوٽي مان چڪ ھڻندي چيائين:
    ”گوڪان، سؤ ڀيرا چيوٿمانءِ تھ جڏھن آئون پلاءُ کائيندو ھجان، تھ مون کي سڏ نھ ڪندي ڪر، نھ ايندي ڪر منھنجي غفا ۾. ڏوئي سان مٿو ٻھ اڌ ڪري ڇڏيندو سانءِ، ڏند ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ گوڪل جي انھيءَ ڪاوڙ تي گوڪان بھ کنڊا ڏند ڪڍي ٽھڪ ڏنو ۽ خوشيءَ مان ڪيڪراٽ ڪري اڃا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي:
    ”گوڪل، جيڪو کاڌئي سو کاڌئي. آئون سمجھان پئي تھ ھاڻ تنھنجي کائڻ جا ڏينھن کٽي ويا. سچ چيو اٿن تھ جيڪو گھڻو کائي ٿو، سو پنھنجي عمر گھٽائي ٿو.“ گوڪان ڏائڻ اڃا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳي.
    ”مٿو ڇا تي ڦريو اٿئي گوڪان؟ اڄ ڏاڍا پئي ٽيڪراٽ ڪرين.“
    ”گوڪل، جيڪا ٻوٽي کاڌئي سا کاڌئي. ھوٿل پريءَ حڪم ڏنو آھي تھ ھينئر جو ھينئر گوديءَ تي وڃ.“
    ”ڇو؟ گوديءَ تي ڇو وڃان؟“
    ”گوديءَ تي نوجوان واپاريءَ جا ٻيڙا لنگرجي رھيا آھن. آئون خوش آھيان، زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ھوٿل پريءَ کي ڪو آدم زاد وڻيو آھي. پھريون ڀيرو سندس من ۾ پيار جي اٿل آئي آھي. ھاڻ ھوءَ ڏک سک مون سان سليندي. عورت عورت جو کاڄ آ. ھاڻ سندس اولا ڪم آئون سولا ڪنديس. گوڪل تنھنجو لڳڙ ڪاٽا ٿي ويو. ھوٿل پريءَ حڪم ڏنو آھي تھ گوڪل کي چئھ تھ ڪٽڪ جو جٿو وٺي ڳرو ناڪو اڳاڙڻ جي بھاني سان انھيءَ واپاري کي شاھي محل ۾ وٺي اچي. جلدي حڪم جي پيروي ڪر، نھ تھ تنھنجو خير ڪينھي. پلاءُ جون ديڳيون تھ ڇا، پوءِ ھڏا ڳولئي بھ ڪونھ ملندءِ.“ گوڪان ڏائن جي واتان اھي اکر ٻڌي گوڪل ديو کي ڄڻ تپ چڙھي ويو ھو. اڃان پلاءُ جي ديڳ بھ ھن ڪانھ کاڌي ھئي ۽ سندس کاٻي ڪک ئي اڃان ڪانھ ڀري ھئي جو ھيءَ ڏائڻ ھوٿل پريءَ جو حڪم کڻي، مٿان اڇي موت جي سڏ جيان نازل ٿي ھئي.
    ”وڃان ٿو، وڃان ٿو....“ گوڪل ديو اھو چوندي ٻھ چار ڏوئا پلاءُ جا ڳڙڪائي ورتا ۽ ديڳ ۾ حسرت مان نھاريندي، ھٿ ڇنڊي، اٿي کڙو ٿيو.
    گوڪل ديو ۽ گوڪان ڏائڻ جو اھو سمورو جھيڙو مينا پکيءَ غفا جي مٿاھينءَ جڳھھ تان پئي ڏٺو. مينا پلاءُ جي خوشبو تي آئي ھئي. گوڪل ۽ گوڪان جو جھيڙو ڏسيو ڏاڍي پئي خوش ٿي ۽ ڏاڍي بک محسوس ڪندي گوڪان کي ھڪل ڪيائين:
    ”گوڪان ڙي گوڪان.....“ از عيبي آواز تي گوڪل ۽ گوڪان ۾ ٿرٿلو پئجي ويو تھ ھي ڪنھن جو آواز آھي؟ اھو ڪير آھي جو ھنن جي غفائن ۾ گھڙي آيو آھي؟ مينا وري ڳالھاين:
    ”ھيڏانھن. ھيڏانھن..... آئون ھتي ويٺي آھيان. پلاءُ جي سرھاڻ آيم تھ لھي پيس.“ مينا پکيءَ کي ٻوليندي ڏسي، تڏھن ٻنھي ۾ وڃي ساھ پيو، نھ تھ اصل جھڙوڪر ڊڄي ويا ھئا.“
    ”ڀلي ڪري آئين مينا، اسين چئون تھ ھي آواز ڪٿان آيو؟“
    ”مون کي بک لڳي آھي. چار ڪڻا مون کي ڏيو تھ چوڳو ڪري وٺان.“ تڏھن گوڪان ڏائڻ ھڪ ڏوئي پلاءُ جي ڀري، خوبصورت تڏي تي کڻي ڦھلائي ۽ مينا مزي سان چانور چڻڻ لڳي ۽ مزي مزي سان گوڪان سان ڳالھائيندي بھ پئي رھي. ڄڻ گوڪان ڏائڻ کيس وڻي وئي ھئي. ڪاڻي اک ۾ سرمي جي لپ سان.
    ”آئي گوڪان! ھي بي سونڍ ھاٿي تنھنجو ڇا ٿئي؟ جو ھيڏا روب پيو رکي.“
    ”اھو نڀاڳو ڪونھون[1] منھنجو مڙس آھي.“ جواب ٻڌي مينا کلي کلي کيري ٿي پئي. سندس مڌر ٻولين جا آواز غفائن سان ٽڪرائجندا شاھي محل ۾ پئي پڙاڏيا.
    ”ڇا ڪندو آھي تنھنجو مڙس؟“ مينا بھ ڪچھري جي ڪا ڪوڏي ھئي.
    ”شھر ننگر پارڪر جو ڪوٽوار آھي.“
    ”ڪوٽوار...! سمجھي ويس. معنيٰ ڪوٽوار تنھنجي اڌ برابر بھ ناھي. توھان جي ڳالھين مان ئي مون کي خبر پئجي وئي تھ تون يعني مائي گوڪان، ننگر پارڪر شھر جي راڻيءَ جي صلاحڪار آھين....!“
    ”دعا کپي مينا، ھي شھر منھنجي حڪم تي ھلندو آھي. ھتي ھر جاءِ منھنجي جادوءَ جا منڊ منڊيل آھن. اھڙا ڪئين گوڪل ڍينڍا منھنجي حڪم سان ماني کائيندا آھن. آئون ھن شھر جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪياڻي آھيان.“
    ”مينا ۽ گوڪان ڏائڻ جي ڪچھريءَ جو فائدو وٺندي گوڪل ديو زرھ بھ پئي ٻڌي ۽ اک وٺي ديڳ مان چانورن جا لبا بھ پئي ھنيا، جنھن جو گيھھ سندس واڇن کان ھيٺ ڏاڙھي کان پئي ڳڙيو.
    ”گوڪل ديو.....“ اوچتو گوڪان ڏائڻ باھ ٿي وئي. ”توکي ھينئر ڪٽڪ سميت غفا کان ٻاھر نڪري وڃڻ گھرجي ھا، گودي ڏانھن!“
    شرمسار ھيساڻو گوڪل ديو چانورن مان آخري جھٽ ھڻي، لوھي ٽوپ مٿي تي پائي، ترار کڻي غفا مان نڪرڻ لڳو ھو. گراھ ڳوريندي ھن مڙي نھاريو بھ ڪين.
    ”ڇا نالو آھي ھن شھر جي راڻيءَ جو؟“ مينا ڪڻو ڳڙڪائيندي چيو.
    ”ھوٿل پري.“
    ”دل جي ڪيئن آھي؟“
    ”ڏاڍي سھڻي.“
    ”شونق ڪھڙا اٿس؟“
    ”پنھنجي سونھن کي روزان روز وڌائڻ. کير ان گڏ ھلڪا کاڌا کائڻ. سينگار ڪري، راڳ ٻڌڻ ۽ ھيرا موتي ميڙڻ.“
    ”واھ..... واھ..... راڻي تھ اھا، شوق تھ اھي، ڀلا ظالم آھي ڪين رحم دل؟“
    ”اھا ڳالھھ اسين ڪنھن کي بھ ٻڌائي نٿا سگھون. اسان جا وات منڊيل آھن. جيئن جوڳين وٽ ڪاريھر ۽ ڪلا ڌاري نانگ منڊيل ھوندا آھن.“
    ”جنگجو آھي ڪي امن پسند؟“
    ”چيم نھ تھ انھن ڳالھين جي اسان کي ڄاڻ ڪانھي.“ گوڪان، مينا آڏو ٺڪرائين باسڻ ۾ پاڻي رکندي چيو. پاڻي پي مينا جي دل کي آسيس اچي وئي. ٿڌو ساھ ڀري گوڪان کي چيائين:
    ”گوڪان راڻي، ھرڪو پنھنجي قبر ڀريندو. کائي وات، شرمائن اکيون. ملائڪ گواھ آھن تھ آئون گپتن يا جاسوس نھ آھيان. ڪنھن لب لالچ تي ھتي جي ڳالھھ ھتي وڃي ڪرڻ پاڻ کي ڪانھ اچي. غيبت ۽ چغل خويءَ کان رب پاڪ امن ۾ رکيو اٿم. باقي ھڪڙي ڳالھھ، سا آئون چوان ٿي تھ تون مون کي وڻين آھين. تنھنجو اھو پاڻيءَ جو ڪپو ۽ چار چانور مون کي قيام نھ وسرندا.“ مينا جي ڳالھھ تي گوڪان ڏائڻ کان ٽھڪ نڪري ويو. چيائين: ”نور ڇا کائيندو؟ ٻھ ٻير. ڇا تون ڇا تنھنجو قوت! ھي ڪارونجھر آھي، سدائين سامونڊي ڇاٽ ۾ پيو وسندو آھي. اھو تھ تنھنجو گڻ آھي جو ھيڏا ميدان، ٻيلا، وڻڪاريون ڇڏي مون وٽ آئي آھين.“
    ”مھرباني..... چڱو ھاڻ آئون ھلنديس. خوش ھجين شال.“ ائين چئي مينا گوڪان ڏائڻ آڏو ٻوليون ٻوليندي اڏاڻي.
    گوڪان عجب مان کيس آسمان ڏانھن اڏامندو ڏسندي رھي. غفا مان ڪٿان سج جو ڪرڻو گوڪان جي سرمي واري اک تي اچي پيو ھو. گوڪان جي سرمي ھاڻي اک، جنھن ۾ ماڻڪي نھ ھئي، اڇي اڇي ھئي. گوڪان جي اک، آسمان ۾ کتل، سوچ ۾ ٻڏل اک.


      گوڪل ديو ۽ سنڌباد سيلاني

    ”ھي، ھم ھي.... ھي، ھم ھي.... ھي، ھم ھو....“
    ”ھٽو پري ٿيو – ڪوٽوار جو قافلو گذرندو.“
    ”دڳ ڇڏي بيھو – ڪوٽوار جا اٺ ٿا اچن. ھي ھم ھو......“ گوڪل ديو جي مھري اٺن جي اڳيان پٽيل ۽ سندس جت جھنڊا کنيو، پيادا ھوڪا ڏيندا ٿي ھليا. پٽيل جي ھٿ ۾ شاھي فرمان ھو. اھي سڀ ماڻھو اٺن جون مھارون جھليو، اڳيان تکا تکا ھلندا پئي ھليا ۽ گوڪل ديو جي اٺن جا ڳاٽ ھيٺ مٿي ٿيندا پئي ويا. گوڪل ديو جو اٺ جيڪو سڀني کان ڀاري، ڀلو، ٿلھو ۽ متارو ھو، سڀني اٺن اڳيان گڙندو پئي ھليو ۽ اٺ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽکو ڊڙم ڊڙم وڄندو ٿي آيو. سڀني اٺن جي سنڌ سنڌ تي گھنگھرو، ڇمڪا ۽ ٽلا ٻڌل ھئا، جنھن سان ھوا ۾ وڻندڙ آواز پئي پئدا ٿيا.
    شھر جي ماڻھن بھ حيرت مان پئي گوڪل ديو جي الستي اٺن جي قافلي ۾ پئي نھاريو. ھنن کي حيرت لڳندي ھئي تھ اھو اٺ انھيءَ پٻ جھڙي ڊنڊڻ گوڪل ديو کي کڻي ڪيئن ٿو سگھي؟ نھ تھ جھڙي تھڙي اٺ تي گوڪل ديو ويھندو ھو تھ اٺ اٿي نھ سگھندو ھو، پر ھي اٺ تھ گوڪل ديو کي ڄڻ اڏائي کڻي ويندو ھو ۽ ماڻھو چوندا ھئا تھ جھڙا اٺ تھڙا لوڏا. ڀل ڀلان جو ڇيھھ آھي ئي ڪونھ، پر گوڪل ديو جي اٺن جو آواز لکن ۾ پڌرو. ڊنڊڻ گوڪل ديو کي ماڻھو ڀائيندا ھئا، ڇو تھ گوڪل ديو پھرئين جوڙ جو آڙي ڪاپ ملھھ ھو. ڪو ملھھ کانئس چڙھندو ئي ڪين ھو. جڏھن ھو ملاکڙي جي ميدان ۾ سورھن وال سٿڻ جا ور کڻي سندرو ٻڌيو، ڍڍ ڪڍيو پيو ھلندو ھو تھ ماڻھو کيس ڏسيو پيا ٺرندا ۽ خوش ٿيندا ھئا.
    ھڪڙي ڀيري ھڪ اترادي ملھھ کيس سندرو ٻڌندي، لاڦ ھئين ۽ گوڪل کي چيائين تھ اڄ مان توکي وارا پٽي اھڙي ملھھ ھڻندس جو ٻڏي ويندين. ماڻھو تريون ھڻي ساھھ وجھندءِ. بس انھيءَ ڳالھھ تي گوڪل ديو اچي آ ڦڙيو، سو ڪاوڙ ۾ اچي پيٽ کي اھڙو تھ وٺي ڦوڪيائين جو ٽڙھ سان سندرو ٽٽي ويو! پوءِ تھ ھوڪرو مچي ويو. ماڻھن وٺي واھ واھ ڪئي. اھو اترادي ملھھ ايترو تھ ڊنو جو پاڻ کي کڻي گوڪل ديو جي پيرن ۾ اڇلايائين. انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪو ملھھ گوڪل ديو سان وڙھن لاءِ ستجندو ئي ڪونھ ھو. انھيءَ ڪري ماڻھو اڄ بھ گوڪل ديو کي ڏسيو، ڏاڍو خوش پئي ٿيا.
    ”گوڪل ديو جو خير......“
    ”گھرجي بھ خير.....“
    ”گوڪل ديو جو خير ھجي......“
    ”خير ئي خير، بابا خير ئي خير......“ ماڻھن کي ائين رستن ۾ سلام ڪندو ڏسي گوڪل ديو ڪجھھ مڙئي ڦوڪجي ويندو ھو. ان ويل ماڻھو کيس ننڍڙا ننڍڙا گوڏي جيڏا ڏسڻ ۾ ايندا ھئا. گوڪل ديو ڏاڍي ٽانءِ مان، آڱرين سان شھپرن کي تاءُ ڏئي، اڃان مٿي ٽاٽ ڪندو ويندو ھو.
    ”ھو. ھي ھم ھي..... ھي ھم ھي.....“ سندس جت ھوڪا ڏيندا ھلندا ھئا.
    گوديءَ تي وڏي اچ وڃ لڳي پئي ھئي. واپارين نيلام جون ٻوليون پئي ڏنيون. ڪي وري اھڙا واپاري بھ ھئا، جن سان گڏ زالون ۽ ننڍڙا ٻار بھ ھئا. ڏاڍا خوش پئي گھميا. حملان ھڪڙي ٻيڙي مان مال لاٿا پئي تھ ٻين ٻيڙن ۾ چاڙھيائون پئي. پر گوڪل ديو جو انھن سان ڪوبھ واسطو نھ ھو. گوڪل ديو انھن تي اک بھ ڪانھ ڇنڊي. ھن جي نظر ۾ فقط سنڌباد جا ٽئي ٻيڙا ھئا. اھڙا ڍينگ ٻيڙا جو اھڙا ڍينگ ٻيڙا اڳي ھن ڪڏھن بھ ڪين ڏٺا ھئا.
    ”ناڪو ڇا! پھرين تھ انھن جي ٻيڙن جي جھڙتي وٺبي. ڪھڙي خبر انھن ٻيڙن ۾ لشڪر ۽ ھٿيار ھجن ۽ رات جو اسان مٿان حملو ڪن. اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي. ڪو ائين ڇڏيندوسانءِ ڇا؟..... واھ ميان واھ، ڳالھھ آھي.“ گوڪل ديو ڳالھائيندو ٿي ھليو. گوڪل ديو دلير ھو. نوراني جبلن جو ڄائو ڀلي ڪھڙا بھ ڪٽڪ ھجن، گوڪل ديو اڪيلي سر سندن جھڙتي وٺندو ھو، ڀلي سامھون ڪير بھ ھجي.
    انھيءَ مھل باز پکي عمارتي ڪاٺ واري ٻيڙي جي اونچي چيخلي مٿان گوڪل ديو کي ڪو اک ۾ ڪيو ويٺو ھو. سنڌباد، جھونو ناکئو ۽ سندس ڪجھھ ساٿي ننگر پارڪر جو شھر گھمڻ لاءِ ڪاٺ جي وڏن ڦٽن مٿان ھلندا، ھيٺ گودي تي لٿا تھ سنڌباد جي ھڪ ساٿيءَ پري کان گوڪل ديو کي ڏسي رڙ ڪئي: ”مار پويس، ھيءَ تھ ڪا وڏي پٻ آھي!“
    ”ھئو، وڏي ڪا بلا آھي! انھيءَ ڪري چوندا اٿئي ڊنڊڻ.“ جھوني ناکئي بھ مشڪيو. ھتان ھي مڙس تھ ھتان ھو مڙس ھلندا ھڪ ٻئي کي سامھان اچي ٿيا.
    ”خبردار! جتي آھيو اتي بيھجي وڃو. شھر جو ڪوٽوار گوڪل ديو اوھان سان ڳالھائيندو.“ پٽيل اچي سنڌباد کي نياپو ڏنو. شاھي فرمان پٽيل جي ھٿ ۾ ھو. ايتري ۾ گوڪل ديو بھ دھلن دمامن سان مڇ کي تاءُ ڏيندو ھاٿي جيان ڌم ڌم ڪندو، وڏي پيٽ سان ھلندو آيو ۽ سنڌباد کي چيائين:
    ”ڪير مڙس آھين؟ ڪھڙي ملڪ جو واپاري؟“
    ”منھنجو نالو سنڌباد آھي، اسين واپاري نھ، سيلاني آھيون.“
    ”اوھين ڪير بھ آھيو، آئون ٻيڙن جي جھڙتي وٺندس.“ گوڪل ديو جيئن ئي ٻيڙن ڏانھن وڌيو تھ باز پکي اڏامندي اوچتو لوھي ٽوپ مٿان جھٽ ھنيس. ٿوري دير لاءِ گوڪل ديو جا تھ ھوش ئي اڏامي ويا. اڏامندڙ باز ۾ ڪاوڙ مان نھاريندي، شاھي ٽوپ سنڀاليندي چيائين:
    ”ھي باز پکي اوھان جو آھي؟“
    ”ھئو سائين، اھو باز اسان جو آھي.“
    ”ھون....“ گوڪل ديو ڪاوڙ مان اکيون ڦوڏاري مڇ کي آڱرين سان تاءُ ڏيندي مڇ کي ڇنڊڪو ڏنو. ”جي مون کي رانڀوٽو لڳي وڃي ھا يا منھنجو شاھي ٽوپ، جيڪا منھنجي پڳ آھي، ڪري پوي ھا تھ پوءِ؟“ گوڪل جي انھيءَ ڳالھھ تي سنڌباد ھيٺاھين وٺندي چيس: ”ائين ڪو ٿيندو ڇا سرڪار! ھي جھنگلي نھ پر ڀوڳائي پکي آھي. جيڪو ماڻھو ھن کي وڻندو آھي، انھيءَ سان راند ڪندو آھي.“
    ”واھ جي راند ٿو ڪري. جي منھنجو شاھي ٽوپ لھي پوي ھا تھ آئون جيڪر اوھان جون اکيون ڪڍي ٻلين کي کارايان ھا. ھلو اڳيان ٿيو. آئون تلاشي وٺندس. ڇا آھي ٻيڙين ۾....؟“
    ”سرڪار، ڳالھھ تھ ٻڌو. سنڌباد تڪڙو پٺيان وڌي چيس.
    ”ڪابھ ڳالھھ ڪانھ ٻڌبي. پھرين جھڙتي وٺبي، پوءِ ناڪو....“ گوڪل ديو سنڌ باد جي ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين ھو. ھو ڌم ڌم ڪندو ٻيڙي ۾ چڙھڻ لاءِ ڪاٺ جي ڦٽن تان جيئن ٿي مٿي وڌيو تھ ڪيھر شينھن جي ٻچن جي جوڙي، ٻيڙي مان مٿانھس رومڙ ڪئي. انھيءَ اوچتي حملي تي گوڪل ديو جا ڪاٺ جي ڦٽي تان پير اکڙي ويا ۽ ھو ڌو وڃي سمونڊ ۾ ڪريو. ڌڙام.... ھيٺ تري ۾ ھليو ويو. سنڌباد ڏٺو تھ مڙس ٿو ماڳھين ٻڏي. سو ھڪدم ساٿين کي ھوشيار ڪري، سمونڊ ۾ مڇي جيان کڻي ٽپ ڏنائين ۽ ٻڏندڙ گوڪل پٺيان ٽٻيءَ ۾ ترندو تري تائين ھليو ويو. گوڪل ديو جي پٺيان سندري ۾ ھٿ وجھي، پوري طاقت سان پربت جھڙي گوڪل ديو کي مٿي ڇڪيندو آيو. گوڪل ديو پاڻ بھ ڪجھھ مڙسي ڪئي. الاھي دير کان پوءِ سنڌباد ۽ گوڪل ديو پاڻيءَ مان سسيون ڪڍيون. سنڌباد جي ساٿين پاڻي ۾ کڻي رسا اڇلايا، جيڪي سنڌباد گوڪل ديو جي چيلھھ ۾ ٻڌا. پوءِ تھ سنڌباد جا ساٿي زور لڳائي گوڪل ديو کي مٿي ڇڪڻ لڳا. وڏن زورن سان مڙس کي ڇڪي کڻي مٿي ٻيڙي جي آڳي تي ليٽايائون. گوتا اچڻ ڪري گوڪل ديو ڪجھھ مڙئي ساڻو ٿي پيو ھو. شينھن جا خوفناڪ ٻچا ڏسي، پٽيل ۽ گوڪل ديو جا ٻيا ساٿي مٿي جھاز ۾ چڙھيا ئي ڪونھ ھئا. شينھن جا ٻئي ٻچا گوڪل ديو جو ٻوٿ چٽي رھيا ھئا. ھوش ۾ ايندي ئي گوڪل ديو ترار سنڀالي ھڪل ڪئي:
    ”پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا......“ شينھن جي جوڙي ڇرڪ ڀري ھٽي وئي. شينھن چٽي چٽي گوڪل ديو جي مڇ ئي لسي ڪري ڇڏي ھئي.
    ”پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا.“ ايتري جٺ ٿيڻ کان پوءِ بھ گوڪل ديو جي گجگوڙ لڳي پئي ھئي. تلوار سڌي ڪري، پسيل بُت کي ڇنڊڪو ڏئي اٿي کڙو ٿي بيھي رھيو ھو ۽ ھن ٻيڙن جي تلاشي وٺندي، سنڌباد کي چيو:
    ”ڏسو منھنجا بابا! اسان جو اوھان سان ڪو جھيڙو جھٽو ڪينھي. باقي گودي جو ناڪو اوھان کي ڏيڻو پوندو. ٽنھي ٻيڙن جو ناڪو ڪل ملائي پنج سؤ تولا سون ٿيندو......“
    ”پنج سؤ تولا سون......!“ سنڌباد جي وات مان دانھن نڪري وئي.
    ”ھا – پنج سؤ تولا سون. جيستائين اوھين اھا رقم جمع نھ ڪرائيندا، اوستائين اسين اوھان کي ھتان وڃڻ نھ ڏينداسين.“
    ”جي اسين رقم نھ ڏينداسون تھ پوءِ.......؟“ سنڌباد جي ساٿي ھي آواز تي گوڪل ڪڙڪ ٿي وراڻيو:
    ”رقم تھ اوھان جا وڏا بھ ڏيندا.“
    ”پر اسين تھ سيلاني آھيون، ايڏي وڏي رقم اسان وٽ آئي ڪٿان؟“
    ”سرڪار، چيوسون تھ اسين واپاري ناھيون.“ جھوني ناکئي بھ لاچار ڳالھايو.
    ”آئون ڪجھھ بھ چئي نٿو سگھان. راڻي ھوٿل پري جو ناڪو آھي، سو اوھان کي ڀرڻو آھي.... ھش..... پري ٿي ٻلي جا ٻچا........“ گوڪل ديو ڳالھايو بھ پئي ۽ تلوار سان شينھن جي ٻچن کي پاڻ کان پري پئي ڪيو.
    ”پر ايڏو ناڻو اسين آڻينداسون ڪٿان جو ڀري ڏينداسون؟“ جھوني ناکئي جي ڳالھھ تي گوڪل ديو مڙيوئي ڪجھھ ٿڌو ٿيو ۽ سوچيندي چيائين:
    ”يار، اوھين مڙس آھيو ڀلا. آئون اوھان کي ھوٿل راڻي ڏانھن وٺيو ٿو ھلان. اھا جي اوھان کي ناڪو معاف ڪري تھ پوءِ ڪو ڦڏو آھي ئي ڪونھ.....“
    ”پري ٿيو ٻلي جا ٻچا...... ھش پري پري.......“ گوڪل شينھن جي ٻچن کي ھڪلون ڏيو، پاڻ کان پري پئي ڪيو.
    ”ٺيڪ آھي، اسين ھوٿل پري وٽ ھلڻ لاءِ تيار آھيون.“ سنڌباد چيو.
    ”تھ پوءِ منھنجي پٺيان اچو......“ ائين چئي گوڪل ديو ساڳئي ڏکي سان ٻانھون سيٽيو، تلوار لوڏيندو، جھاڙ مٿان ڪاٺ جي ڦٽي تان ھيٺ لھڻ لڳو. سنڌباد ۽ سندس ساٿي گوڪل ديو پٺيان ھلندا، ھوٿل پريءَ جي شاھي محل ڏانھن وڃڻ لڳا.


    گوڪان ڏائڻ ۽ پيئڻ بلا

    ھوٿل پري جادوئي آرسي ۾ گوڪل ديو جي اٺن جي ايندڙ قطار ڏسي خوشيءَ کان ٻھڪي پئي ھئي. ھڪڙي مھري اٺ تي ڪجاوي مٿان اھو نوجوان واپاري ويٺل ھو، جنھن جو انتظار ھوءَ ڄڻ صدين کان ڪري رھي ھئي. ھاڻ اھو راڄاڻ سندس شاھي محل ۾ اچي رھيو ھو.
    ٻانھين شاھي محل کي سينگارڻ ۾ دنگ ڪري ڇڏيا. محل جا پڙدا ئي مٽجي ويا. نوان پلنگ ۽ پٿراڻيون وڇائجي ويا. محل جو ڏيکاءُ ئي اور ٿي پيو. سڄي محل کي لوبان ۽ اگر جو ڌوپ ڏنو ويو ۽ کٿوريءَ جي خوشبوءِ سان ڄڻ سڄو شھر واسجي ويو. ھوٿل پريءَ جي ڄڻ من جي مراد پوري ٿيڻ واري ھئي. ھوءَ جادوئي آرسيءَ اڳيان ھئي، پوءِ پنھنجي جواھرن جڙيل تخت تي اچي ويٺي. سندس حاضريءَ ۾ بيٺل گوڪان ڏائڻ بھ سندس پٺيان سڌريل پالتو ڪتي جيان ڊگھو ڊگھو ڪارو کٿو جھوليندي، سندس پٺيان اچي بيٺي ھئي.
    ”گوڪان – مون کي کٽڪن کڻي ڏنو آھي. اھو واپاري ڪو عام ماڻھو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. سڄو ڏينھن جادو جي لٻاڙ پئي لڳندي اٿئي، ٻڌاءِ تھ ھاڻ انھيءَ حسناڪ نوجوان کي آئون ڪيئن پنھنجو ڪنديس؟ ڪيئن سندس دل ۾ پنھنجي لاءِ جڳھھ پئدا ڪنديس؟ ٻڌاءِ نھ تھ ڪھڙو ڪامڻ ڪنديس، جو ھو سدا لاءِ مون وٽ ترسي پوي ۽ مون سان شادي ڪري؟“ ھوٿل پري پنھنجي دل ۾ دھڪو محسوس ڪري رھي ھئي.
    اھا سڄي ڳالھھ ھن گوڪان ڏائڻ کي ھڪ ساھيءَ سان چئي ھئي. ھوٿل پريءَ جي ڳالھھ تي گوڪان ڏائڻ کنڊا ڏند ڪڍي کلڻ لڳي ھئي. سندس سرمي واري ڪاري اک وڏي ٿي چمڪي پئي ھئي. گوڪان ڏائڻ آڱرين سان چپٽي وڄائيندي چيو:
    ”ھيئن سانئڻ، اجھو ھيئن. اھو تھ منھنجي چپٽي جو کيل آھي، کاٻي ھٿ جو کيل. ھي ٿر آھي، پيئڻ بلا جو گھر آھي. پيئڻ بلائون جي ھڪ ڀيرو ڪنھن ماڻھو جو ساھ پي وڃن تھ يا عمر اھو ماڻھو موت جي کٽولي تان اٿي نھ سگھندو. انھيءَ ماڻھو جو موت آھي سانئڻ ...... موت ........“
    ”آئي نڀائي ندوري، تيرھن تالي ڏائڻ، اھا ڪھڙي بڪ لاتي اٿئي. ھھڙي سڀاڳي ڏينھن بھ توکي موت ياد آھي.“
    ”ھا سانئڻ! ڏائڻ جا ٿيس. موت تھ برحق آھي. زندگيءَ ۾ ماڻھو کي موت کان سواءِ ٻيو ملڻو ئي ڇا آھي.“
    ”ڪار زباني، وات بند ڪر! نھ تھ زبان ڏنڀيندي سانءِ. خوشين جون ڪي خبرون ٻڌاءِ. ٻڌاءِ تھ ڪھڙو ڪامڻ ڪريان جو ھي واپاري مون وٽ گھر ڪري ويھي رھي. منھنجو ساڻس وھانءُ ٿي وڃي ۽ سدائين ساڻس چؤياريون ھجن.“
    ”تون ڇٽي آھين سانئڻ. ھي گوڪان ڏائڻ باقي ڪھڙي مرض جو علاج آھي؟ مان جيڪا نيري پيئڻ ڀلا پاليندي ٿي اچان، اھا ڪڏھن تھ کاڌو پيتو ملھائيندي. ڏاڍي پيار مان تاتيو اٿمانس. گوڪل ديو کي ئي ڏس، جواڻ جماڻ ڏٽو مٽو ڪيئن مون پڃرا پوڙھيءَ جي ڪوڙڪي ۾ قابو آھي. اٿس ڪو امان ابو ياد ۽ ھن شھر جي راجا جو ڇا حال ٿيو؟ جنھن جي جاءِ تي تون اڄ پئي حڪم ھلائين. ٻڌاءِ، ڪٿي آھي اڄ اھو راڄ ڌڻي؟ ڀٽن ۾ پيو ڀٽڪي. ٻيو تھ ٺھيو، پنھنجو نالو ئي ياد ڪينھينس. ڪھڙا ڪھڙا ڪامڻ ويھي ياد ڏياريانءِ؟“ اھو چئي گوڪان ڏائڻ وري پنھنجي شيطاني کل ۾ لڙھي وئي. سڄو محل سندس ڀوائتن ٽھڪن سان گونجي ويو.
    ”گوڪان – مڪريلي ڪلاپڻ! تون پنھنجي ڳالھين کي وڌاءُ ڏئي رھي آھين. ننگر پارڪر جو راجا تھ پنھنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري چريو ٿي ويو. ھن پاراشر رشيءَ جھڙي ڀلاري اوتار سان وير وڌو ۽ ان جو ڪتاب نگد[1] ساڙائي ڇڏيو ۽ اھا ئي ڳالھھ ھن جي تباھيءَ جو ڪارڻ بڻي. ماڻھن پٿر ۽ ڏنڊا ھڻي راجا جو مٿو ڦاڙي وڌو ۽ ھو پاڳل ٿي ويو. ڏائڻ گوڪان! ياد رک، پنھنجي گھڻي واکاڻ ڪندڙ ماڻھو ٿوڪارجي ويندو آھي.“
    ”سانئڻ، آئون ڪٿي ٿي پاڻ واکاڻيان. بس مون تھ اھو پئي چيو تھ ھي ڪم ذات گوڪان سدا لاءِ جي اِھو واپاري تنھنجو ڪري ڏئي تھ پوءِ؟“
    ”تھ پوءِ منھنجي ھيءَ سنڌ آھي تھ آئون توکي آزاد ڪري ڇڏينديس.“
    ”تھ پوءِ ھن گوڪان ڏائڻ جو وچن آھي تھ رات جو مان اھڙو ڪامڻ ڪنديس، جو جڏھن اھو واپاري سجاڳ ٿيندو تھ ھو اڳيون پويون سڀ يادون وساري چڪو ھوندو. ھو تنھنجي پاڇولي جيان تنھنجي پٺيان پٺيان ھلندو.“
    شاھي محل جون ٻانھيون مھمانن جي سوارين اچڻ جا گھنڊ وڄائڻ لڳيون. گھنڊن جي مڌر آوازن تي ھوٿل پريءَ جي دل ۾ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. ھن ھڪدم گوڪان ڏائڻ کي حڪم ڏنو:
    ”گوڪان، ھاڻ تون ڀلي وڃي پنھنجو ڪم ڪر. آئون پنھنجي مھمانن جي خذمت پاڻ ڪنديس.
    ”اوھان جو حڪم اکين تي سانئڻ..... اوھان جو حڪم اکين تي.“ ڏائڻ گوڪان ھوٿل پري آڏو الاھي ڀيرا ڳاٽ جھڪايو ۽ ڪنڌ لوڏيندي، گڏڪ گڏڪ ڪندي، ھلندي ڪاروڙ لڙڪندڙ کٿو گھريندي، محل مان نڪري غفائن ڏانھن وڃڻ لڳي ھئي. سندس ٽھڪن جا شيطاني آواز غفائن ۾ گونجندا ٿي ويا.
    ۽ ٻاھر، شاھي محل جي وڏي آڳنڌ ۾ گوڪل ديو جي اٺن اچي کوپا کوڙيا ھئا. ھاٿي جھڙو گوڪل ديو ڏاڍو سرھو ھو، ڄڻ کيپ کٽي موٽيو ھو.


      مھمان ۽ ڪٺ پتلين جو ناچ

    سنڌباد ۽ سندس ساٿي شاھي محل آڏو اچي حيران ٿي ويا ھئا. اھڙو حيرت زدہ محل ھنن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪين ڏٺو ھو. اوچتو سنڌباد جي نظر مٿي مھل جي ھڪ مناري تي پئجي وئي. ڏٺائين تھ مناري جي چوٽيءَ تي مينا سندس باز جي ڪن ۾ الائي ڇا پئي چيو.
    گوڪل ديو جي پٺيان سنڌباد ۽ سندس ساٿين جي ايندي ئي محل جا انگاس دروازا پاڻھي چيڪٽ ڪندا کلندا ٿي ويا ۽ اندريان ريشمي پڙدا بھ پاڻھي سرڪندا ٿي ويا. شاھي محل ۾ ھر طرف ٻانھن ۽ ٻانھين ادب سان سندس شان ۾ ڳاٽ نوايو پئي ڀليڪارون ڏنيون.
    ”سنڌباد، مون کي تھ ڊپ پيو لڳي. آئون ڊڄان پيو. پڪ ئي پڪ ھي جادوئي محل آھي.“ جھوني ناکئي ڀڻڪو ڪيو. گوڪل ديو ڀاري قدم سان محل ۾ ھاٿيءَ جيان ڌم ڌم ڪندو ھلي رھيو ھو. الاھين وڏا ڪمرا گذرڻ کان پوءِ کين ھوٿل پريءَ جو سونو تخت نظر آيو. ھوٿل پري پنھنجي شاھي تخت تي وڏي شان سان ويٺل ھئي. گوڪل ديو ھوٿل پريءَ جي آڏو اچي وڏا ڪورنش ڪيا، پر پيٽ تمام وڏو ھئڻ جي ڪري ھن جو رڳو ڳاٽو ھيٺ ٿي جھڪيو.
    ”اي ھوٿل راڻي، ننگر پارڪر جي مالڪياڻي! ھي آھن اھي آپ – زورا ماڻھو، جي گودي جو ناڪو ڏيڻ کان انڪار ڪري رھيا آھن.“
    ”ٺيڪ آھي، ھاڻ تون ڀلي ڇوٽي ڪر.“ گوڪل ديو وري ادب مان ڳاٽ جھڪايو ۽ وڏي لاڦ ۽ ٽيش مان سنڌباد ۽ سندس ساٿين ڏانھن ڪرڙيون اکيون ڪري ڏٺائين ۽ محل مان ائين موٽڻ لڳو، ڄڻ وڏي جنگ کٽي آيو ھجي.
    ھاڻ ھوٿل پري، سنڌباد ۽ سندس ساٿين ڏانھن واري واري سان نھاريو ۽ اکين ۾ ڏاڍا الماس ڀري سنڌباد کي چيائين:
    ”ڪھڙيءَ ولات جا واپاري آھيو اوھين؟“
    ”اسين واپاري نھ، سيلاني آھيون. سمونڊ جي شيل تي نڪتا آھيون.“
    ”تو منھنجي ڳالھھ جو صحيح جواب نھ ڏنو آھي. مون توکان ولات جو پڇيو آھي.“
    ”اسين سنڌ ملڪ جا ماڻھو آھيون. سمونڊ جي شيل تي نڪتا آھيون.“
    ”پر سيلاني تھ ايڏا وڏا بار کڻي ڪين ھلندا آھن! اوھان جو ھڪ ٻيڙو تھ سڄو اناج سان ڀريل آھي ۽ ٻئي ٻيڙي ۾ ايترو تھ عمارتي ڪاٺ آھي جو ايترو مون سڄي ڄمار ۾ نھ ڏٺو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن ٿا چئو تھ اوھين واپاري نھ آھيو؟“ ھوٿل پريءَ جي ان ڳالھھ تي سنڌباد سڄي ڳالھھ سمجھي ويو. سو چيائينس:
    ”راڻي ھوٿل پري، اوھان جو گمان بھ ڪنھن قدر صحيح آھي. حقيقت ۾ اھو اناج ۽ عمارتي ڪاٺ وڪري لاءِ نھ آھن. اھو اناج ٻين ملڪن ڏانھن اسين جنس طور کڻي وڃي رھيا آھيون، ٻين حڪومتن لاءِ سوکڙي طور.“
    ”۽ ھي ھيڏو سارو عمارتي ڪاٺ! اھو ڪھڙي ملڪ لاءِ تحفي طور کڻي وڃي رھيا آھيو؟“
    ”اھو عمارتي ڪاٺ ڪنھن راجا يا ملڪ لاءِ نھ آھي. اھو ڪاٺ سنڌ جي مھاراجا مھيرامڻ پاران نوح نبيءَ جو تحفو آھي.“
    ”ھاڻ سمجھيس! پر نوح نبي تھ پاڻ وڏو اوتار آھي. انھيءَ جا ڪم تھ قدرت وارو پاڻ سولا ڪندو آھي. ان کي ٻئي جي مدد جي ڪھڙي ضرورت؟“
    ”اوھين سچ ٿا چئو. پر دلي محبت – حب اڪير ۽ ويساھ جي بھ تھ ڪا حقيقت آھي. مھاراجا مھيرامڻ جي دل جيئن چوندي آھي، تيئن ڪندو آھي. نوح نبيءَ ۾ سندس ويساھ آھي ۽ ھو نوح نبيءَ جو پر پٺ جو يار آھي.“
    ”لاشڪ مھاراجا مھيرامڻ پاڻ بھ ھڪ پاڪ روح، نماڻو ۽ سچيت راجا آھي. شال سندس من جون مرادون پوريون ٿين. الائي انھيءَ طوفان مان ڪير چڙھي ڪير ٻڏي؟ منھنجي ماڻھن، توڙي مون اوھان کي نھ سڃاتو ۽ اوھان کي تڪليف ڏني، انھيءَ لاءِ آئون سخت لڄيندي آھيان ۽ انھيءَ ڳالھھ جي آئون معافي ٿي گھران. اوھين جيترا ڏينھن ننگر پارڪر ۾ رھندا، منھنجا مھمان ھوندا ۽ ماني مون سان گڏ کائيندا.“ ھوٿل پريءَ جي ڳالھھ تي وڏي ناکئي ادب سان چيو:
    ”اي مھربان راڻي! اسان جو پنڌ ڏاڍو پرانھون آھي. اسين ھتي فقط ھڪڙي رات ٽڪي سگھنداسين. ننگر پارڪر ۾ اسان جو مقصد فقط پاراشر رشيءَ کان آشيرواد وٺڻ آھي. اسان کي اميد آھي تھ اوھين اسان جي جلدائيءَ کي نظر ۾ رکي، اسان کي ھتي وڌيڪ ترسائڻ جو اسرار نھ ڪندا.“
    ناکئي جي ڳالھھ تي ھوٿل پريءَ جي دل ئي ڄڻ سسي وئي.
    ”ٺيڪ آھي، جيڪا اوھان جي صلاح، پر اڄ رات اوھين منھنجا مھمان ھوندا. منھنجي ڪامڻڪور ٻانھي پدمڻي پنھنجي ڪامڻ سان ڪارچن تي اوھان کي ڪٺ پتلين جو ناچ ڏيکاريندي. اميد تھ اوھين منھنجي انھيءَ سھڻي صلاح کي نھ موٽائيندا.“
    ”ٺيڪ آھي، اوھان جي دل رکڻ لاءِ اسين رات رھي ٿا پئون. ڪٺ – پتلين جو ناچ ڏسي اسان کي خوشي ٿيندي. صبح جو سويري اسين پاراشر رشيءَ کان آشيرواد وٺي ھتان ھليا وينداسين.“
    ھوٿل پريءَ کي سمجھھ ۾ نٿي آيو تھ من اندر جي ڳالھھ ڪنھن سان ڪري، ڪيئن ڪري؟ صبح جو سنڌباد جي ھليو وڃڻ جي تصور کان سندس جيءَ جھري رھيو ھو. پر پوءِ بھ ھن اھا ڳالھھ ڪنھن کي محسوس ڪرڻ ڪانھ ڏني. ھوءَ خوشيءَ سان مھمانن جي خاطري ڪندي رھي. چلھھ ۾ وڃي، پھرين سڀ کاڌا پاڻ ٿي چکي ڏٺائين ۽ پوءِ ٿي مھمانن آڏو رکيائين.
    رات جو ساز سرود ۽ راڳ جي وڏي محفل متي. وڏا وڏا گويا ۽ گائڪائون[1] پنھنجي فن جو مظاھرو ڪرڻ لڳا. راڳ جي آشيرواد کان پھرين ڪامڻڪور پدمڻي پنڊال[2] تي آئي. ھوءَ ڪاري ھئي ۽ نڪ منو ھيس ۽ ھن ھٿ ٻڌي سڀني اڳيان سيس نوائي، ڪورنش ڪيا ۽ چيائين:
    ”لاکيڻا مھمانو، ھاڻ آئون اوھان کي پنھنجي جادوئي ڪٺ – پتلين جو ناچ ڏيکاريان ٿي. اوھان جون اکيون دوکو کائي وينديون تھ اھي ھڏ ماھ جون ساھ کڻندڙ نچڻيون آھن، جيئريون جاڳنديون آھن. پر حقيقت ۾ اھي ڪٺ – پتليون آھن، ڪاٺ جون.“ ايترو چئي اھا ناٽڪڻ پدمڻي ڪورنش ڪندي، پنڊال جي روشنين ۾ گم ٿي وئي.
    سارنگين ۽ چنگ چڙن جي مڌر آوازن تي پنڊال جي ڇت مان ڄڻ اڏامندڙ چوڙيليون اپسرائون[3] لھي پنڊال تي ناچ ڪرڻ لڳيون. جھمريون پائي ڪڏھن ڪڏھن ھو سڀ گڏجي ھڪ وڏي مور جي شڪل اختيار ڪري ٿي ويون. سنڌباد کي حيرت ۾ ڏسي، ھوٿل پري ٽڙي ٿي پئي.
    ”ھھڙو عجب ناٽڪ تھ مون ڪڏھن ڪونھ ڏٺو!“ جھوني ناکئي حيرت مان چيو.
    ”ھي تھ ساھ پيون کڻن.“ سنڌباد جي ٻئي ساٿيءَ چيو.
    ”ھھڙيون سھڻيون اکيون تھ پرين جون بھ نھ ھونديون!“
    ”ڇا ھي سڀ جادو آھي يا حقيقت.....؟“ سنڌباد کان بھ رھيو نھ ٿيو. ھن ڀر ۾ سوني تخت تي ويٺل ھوٿل پريءَ کان پڇيو.
    ”نھ، ھي سڀ انھيءَ ڪامني پدمڻيءَ جي ھٿ جو ٽڪساٽ آھي. وڻي پيو نھ توکي اھو ڪٺ – پتلين جو ناچ...؟“
    ”ھا، ائين تھ رڳو خواب ۾ ڏسبو آھي. جي اھو سڀ ھٿ جو ٽڪساٽ ۽ ڪارچي جو ڪمال آھي تھ پوءِ دنيا ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل ٿي پوندو.“
    ”ھا، منھنجي اِھا ڪارڙي ڪوجھڙي پدمڻي پنھنجي فن ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي.“ ھوٿل پريءَ ۽ سنڌباد اڃان پاڻ ۾ ڳالھايو پئي تھ اڳواڻ ڪٺ – پتلي سرڻ جيان اڏامندي آئي ۽ گلن جو ھار سنڌباد جي ڳچيءَ ۾ وجھي، وري پنڊال ڏانھن ھلي وئي ۽ ساٿي ڪٺ پتلين سان گول دائرا پائي نچڻ لڳي. پوءِ سڀ ڪٺ – پتليون گول ڦيرا پائيندي، اوچتو پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي ويون ۽ پنڊال تي ھڪ وڏو سورج مکيءَ جو گل ٺھي ويو. واھ واھ ٿي وئي. سنڌباد ۽ سندس ساٿين کي اکين تي ڄڻ اعتبار ئي نھ پئي آيو. پوءِ جيئن ئي پنڊال جون روشنيون جھڪيون ٿيون تھ سنڌباد ۽ سندس ساٿين ڏٺو تھ انھن ڪٺ پتلين کي ڳچي، ھٿن، ٻانھن ۾ پٽ جا سنھڙا ڌاڳا ٻڌل ھئا جي گھڻي رنگا رنگ روشنيءَ پوڻ ڪري ڏسڻ ۾ نھ پئي آيا ۽ ھاڻ ڪٺ – پتليون پڌريون ٿي پيون تھ اھي ڪاٺ جون بي جان مورتيون ھيون، جن جي ڌاڳن جا سرا مٿي ڇت ڏانھن ھئا، جن کي ڪامڻڪور پدمڻي مٿي ڇڪي رھي ھئي ۽ اک ڇنڀ ۾ سڀ ڪٺ – پتليون مٿي ڇڪجي ويون ۽ پنڊال خالي ٿي ويو. ڪٺ – پتلين جو اھو ناچ اھڙو تھ حيران ڪندڙ ھو جو کن لاءِ سنڌباد جي ڄڻ وائي ئي بند ٿي وئي ھئي. اھا سڄي ھٿ جي ڪاريگري ھئي، انھيءَ ڪارڙي ڪوجھي پدمڻي جي.


      ھوٿل پريءَ جي ڪچھري

    سنڌباد ۽ سندس ساٿين آڏو طرحين طرحين جا کاڌا ۽ شربت رکيا ويا. کاڌو کائڻ ويل ھوٿل پري سنڌباد جي بلڪل سامھون ويٺي ھئي. کاڌو کائيندي، پاڻ ۾ ڪچھري بھ پئي ڪيائون. سنڌباد ڪا ڳالھھ سوچيندي چيو:
    ”آئون اوھان جي انھيءَ پدمڻي ٻانھيءَ جي حرفت تي حيران آھيان. ھونئن ڪيڏي نھ سادڙي ٿي لڳي؟ اعتبار نٿو اچي تھ اھو سمورو ناٽڪ انھيءَ ڪارڙي ڪوجھڙي ٻانھين جو ھنر ۽ حرفت آھي......!“ تڏھن ھوٿل پريءَ چيس:
    ”سنڌباد! سھڻا ٽوھ تھ پٽن ۾ بھ پيا آھن. انھن مان گدري جو سواد ٿوروئي ملندو. سچي سونھن تھ ماڻھو جي اندر ۾ ھوندي آھي. قدرت ڪنھن کي بھ سونھن کان نھ سڪايو آھي. قدرت انھن ٻانھين کي اڇيري چمڙي بدران رنگا رنگ ذھن ڏئي ڇڏيو آھي، جيڪو پيو پاڻ پسائي ۽ نظارا ڏيکاري.“ ٿڌا شربت پيئندي سڀني جي اکين تي ڄڻ کيپ چڙھندا ٿي ويا.
    ”تنھنجي وات ۾ گلاب! ھوٿل راڻي جو اھڙي سچي ۽ سھڻي ڳالھھ ڪئي اٿئي. وڏا ڀاڳ اسان جا جو گوڪل ديو جھڙو ڳوڀ اسان کي ھتي وٺي آيو ۽ ھتي اچي اھڙا عقل جا گفتا ٻڌاسين.“ جھوني ناکئي چيو.
    ”ڏاڏا سائين، تنھنجو نانءُ ڇاھي؟ سمجھان پئي تھ اوھان وڏا جھان ڏٺا ھوندا.“
    ”اڍو.“ جھوني ناکئي کير جي وٽي مان ڍڪ ڀريندي، اونھون ساھ ڀريو. ”آئون سون مياڻيءَ جو مھاڻو آھيان. ڪلاچ واري سون مياڻي.“
    ”ڪھڙا ڪھڙا سمونڊ ڏٺئي.....؟“
    ”ماڻھو ويچارو ڇا ڏسي ڇا ڏسندو. جوڳيءَ وارو ڦيرو. سڄو سنڌ ساگر، ڀونءَ وچ سمونڊ، ڳاڙھو، اوڪاري سمونڊ تائين. دنيا ۾ اڃا الائي ڪيترا کنڊ ۽ اپ – کنڊ آھن، جن جي اسان کي اڃان ڪل ڪانھي.“
    ”اڍا سائين!“ ھوٿل پري ڳالھائيندي، ڪنھن سوچ ۾ پئجي وئي ھئي.
    ”سائين، مون پئي چيو تھ اھڙو ڪو کنڊ جتي پڄڻ کان پوءِ تو محسوس ڪيو ھجي تھ تنھنجي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي ويو ھجي؟ جتي پھچي تو ھر پل کي قيمتي محسوس ڪيو ھجي؟ جتي جي سونھن تنھنجي ذھن تي پڪا چٽ ڇڏيا ھجن؟“
    ”ھائو.....“ جھوني ناکئي اڍي پٽڪي واري ڪنڌ کي ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. جھونو ناکئو ھوٿل پريءَ جي اھڙي سوال تي پاڻ بھ سوچ ۾ پئجي ويو ھو.
    ”سنڌ جھڙي سونھن ڪٿي! پر اھو ڀونءَ وچ سمونڊ ئي ھو. ھڪ سيلاني سان گڏ اتي آئون الائي ڪيئن وڃي نڪتو ھئس، پر آئون ان جي باري ۾ ڪجھھ بھ ڪونھ ٻڌائيندس. ڳالھيون پيٽ ورن ۾ ئي دفن سٺيون آھن.“ جھونو ناکئو چپ ٿي ويو ھو.
    ”اڍا سائين، آئون اڃا ھڪڙي ڳالھھ پڇڻ جي حجت ڪنديس.“
    ”ڀلي پڇ....“
    ”جنھن کي اسين سونھن چئون ٿا، سا آھي ڇا؟ ڇا ۾ آھي سونھن....؟“
    ”سونھن مون ۾ ۽ تو ۾ آھي سانئڻ! جي اسان جو اندر اجرو آھي تھ سونھن ئي سونھن آھي. پر جي اسان جو اندر ڪارو آھي تھ پوءِ سونھن آھي ئي ڪانھ. پوءِ بدامني ۽ بدصورتي آھي.“
    ”ڳالھھ کي ڀڃي ڇڏيئي اڍا سائين.“ جھوني ناکئي اڍي جي ڳالھين سان ھوٿل پريءَ جو ڄڻ روح ئي ٽڙي پيو ھو. ھوءَ مرڪي تھ ڏند چمڪڻ لڳس، جھڙا ڪر موتي ٻري پيا.
    ”ڀلا عورتون وڌيڪ سھڻيون ٿينديون آھن يا پريون؟“
    ”اھا عورت ھئي يا پري؟ پر مون ھن کي عورت جي روپ ۾ ڏٺو ھو!“
    سنڌباد ٻنھي ۾ پئي ڏٺو. ھو حيران ھو. ھوٿل پريءَ کي پر ڪين ھئا، پر پوءِ بھ ھوءَ پري پئي لڳي. نھ تھ سندس عاج جي سون ۽ ھيرن جڙيل ٻانھين بھ عام راڻين جھڙي پئي لڳي.
    ”تون مون کي ڏاڍي وڻي آھين. اھڙي سھڻي مھماني لاءِ مھرباني. اھا رات آئون پنھنجي ڄمار ۾ ڪڏھن بھ وساري نھ سگھندس. ڪاش اسين ترسي سگھون ھا! سمونڊ جي ھر ڇوليءَ جو شپڪو نوان پيغام پيو ڏئي. منھنجو وچن آھي تھ ڪٿي بھ ھوندس، زندگيءَ ۾ ھڪڙو ڀيرو تو وٽ موٽي ايندس.“ کن لاءِ درين مان ايندڙ سمونڊ جي ڇولين جي آواز تي سڀ چپ ٿي، سمونڊ جو آواز ٻڌڻ لڳا. چنڊ جي چوڏھين جي سمونڊ جا آواز.
    ”صبح جو پرھ ويل، اسان کي پاراشر رشيءَ جي اسٿان تي پھچايو ويندو. اوھين ھاڻ ڀلي بي الڪا ٿي سمھي رھو.“ ائين چئي ھوٿل پريءَ عاج جي ٻانھين واري ھٿ جي اشاري سان نوڙت ڪندي، کانئن موڪلائي محل جي انھيءَ ڪمري مان نڪري وئي.


    گوڪان ڏائڻ جو جادو

    انھيءَ رات، جڏھن سنڌباد سيلاني ۽ سندس ساٿي ھوٿل پريءَ جي محل ۾ مٺي ننڊ ستا ھئا ۽ عجيب عجيب خواب پئي ڏٺائون ۽ سندن سپنن ۾ جادوئي ڪٺ – پتليون پئي نچيون تھ ان ويل گوڪان ڏائڻ جاڳي پئي. گوڪان ڏائڻ جي ڄڻ ننڊ ڦٽي وئي ھئي، ڇو تھ گوڪان ڏائڻ ھوٿل پريءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ اھڙو جادو ٿي پڙھڻ چاھيو، جو سنڌباد کي سڄي ڄمار جي يادگيري وسري وڃي ۽ ھو سدا لاءِ ھوٿل پريءَ جي حڪم ۾ ٻڌجي وڃي. انھيءَ ڪري گوڪان ڏائڻ ڏاڍي خوش ھئي. سندس ماڻڪيءَ کان خالي، اڇي اڇي ڪاڻيءَ اک ۾ مڪر ۽ فريب ڀريل ھو. سنڌباد سيلانيءَ کي گھريءَ ننڊ ۾ الوپ ڏسي، ھوءَ محل جي پراسرار تھھ خانن جي سرنگھن مان ڪارو کٿو جھوليندي، خوفناڪ ٽھڪ ڏيندي، پاڻمرادو ڳالھائيندي، پنھنجي جادوئي غار ڏانھن ھلندي ٿي وئي. ھي ھي ھي ...... انتر منتر ڪال ڪلنتر. ھي ھي ھي ...... رکي رکي غفائن ۾ سندس خوفناڪ ۽ پراسرار ٽھڪن جو پڙادو پئدا ٿي ويو ٿي.
    انھيءَ ويل ڊنڊڻ گوڪل ديو سندليءَ تي پلاءُ جي گرم گرم ديڳ مٿان ويٺو پلاءُ بھ کائي رھيو ھو ۽ ننڊ جا جھوٽا بھ کائي رھيو ھو. اوچتو گوڪان ڏائڻ جي شيطاني ٽھڪن جي آواز تي ھو ننڊ جي جھوٽي مان جاڳي، تڪڙو تڪڙو ھڙپ ھڙپ ڪري پلاءُ کائڻ لڳو ھو ۽ پلاءُ جي ديڳ مان وڏا وڏا گوشت جا ٻوٽ ڪڍي، چڪن سان ڇني، گوشت ويو ٿي ڳڙڪائيندو. ڏسڻ ۾ تھ گوڪل ديو پلاءُ کائي رھيو ھو، پر سندس سڄو ڌيان گوڪان ڏائڻ ڏانھن ھو، ڇو تھ گوڪان ڏائڻ جڏھن بھ ائين ٽھڪ ڏيندي ھئي تھ گوڪل ديو کي خبر پئجي ويندي ھئي تھ گوڪان ڏائڻ اڄ ڪو وڏو خوفناڪ، ڪڌو ڪم ڪرڻ واري آھي. جڏھن گوڪان ڏائڻ ٽھڪ ڏيندي، سرنگھن مان ھلندي، گوڪل ديو جي غفا ۾ پھتي تھ کيس ڏسي گوڪل ديو جي وات مان بھ ٽھڪ نڪري ويو. گوڪل ديو جي ان طرح ٽھڪ ڏيڻ تي گوڪان ڏائڻ کي شڪ پيو، سو ڪاوڙ مان ھڪل ڪري چيائينس:
    ”ڇو ڙي مئا ڏئوت! تون ڇو پيو کلين؟“ گوڪان ڏائڻ جي ڪاوڙ تي گوڪل ديو ھيسجي ويو ۽ وڏو وڏو گراھ ڳوريندي، دل جھلي وراڻيائين:
    ”گوڪان! آئون سمجھندو ھوس تھ توکي موت ايندو ئي ڪونھ، پر ھاڻ ائون محسوس پيو ڪريان تھ تنھنجو موت، تنھنجي مٿان اچي بيٺو آھي. دنيا ۾ تون ڪجھھ ڏينھن جي مھمان آھين.“
    ”وات نھ ھڻ!“ موت جي نالي کان گوڪان ڏائڻ ڊڄي وئي ۽ وڏو ڪڙڪو ڪندي گوڪل ديو کي چيائين:
    ”ٻڌاءِ، اڄ تو اھڙي منحوس وائي ڪيئن ڪڍي؟ توکي ايڏي ھمٿ ڪيئن ٿي؟“ گوڪان ڏائڻ گوڪل ديو آڏو ڪاڻيءَ اک سان ڄن ڪاٺي بڻجي بيھي وئي ھئي. تڏھن گوڪل ديو ڊڄندي، ھٻڪندي چيس:
    ”گوڪان! مان محسوس پيو ڪريان تھ تون پنھنجي مھمان سنڌباد سان ڪو فريب ڪرڻ واري آھين، جيڪا ڳالھھ تو لاءِ سٺي نھ ٿيندي. ان ڪري توکي چتاءُ پئي ڏنم.“
    ”ھون.... غداري....... غداريءَ جي بوءِ. گوڪل ديو، تون لالچ ۾ اچي ويو آھين. پڪ ئي پڪ انھيءَ سنڌباد توکي ڪا وڏي لالچ ڏني آھي.“
    ”نھ گوڪان! سنڌباد منھنجي جان بچائي آھي، نھ تھ اڄ مون سمونڊ جو ترو وڃي ورتو ھو. جي سنڌباد منھنجي مدد نھ ڪري ھا تھ آئون ٻڏي وڃان ھا. مون دل ۾ پڪو فيصلو ڪيو آھي تھ جيستائين جيئرو ھوندس، سنڌباد جو وفادار رھندس.“
    ”ھون..... غداريءَ جي بوءِ....... مون سان غداري، ھوٿل پريءَ سان غداري......! جن جو کائين پيئين ٿو، انھن سان غداري ڪندين.....؟ ۽ سنڌباد سان وفاداري؟“
    ”گوڪان! تون انھيءَ کي غداري سمجھين يا ڇا بھ. آئون توکي اڳواٽ چتاءُ ٿو ڏيان تھ جي تو سنڌباد کي ٿورو بھ نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ پوءِ تنھنجو خير نھ آھي. سنڌباد ھڪ ڀلارو ماڻھو آھي، ان کي نقصان رسائڻ سان ملائڪ ڏمرجندا.“
    ھي ھي ھي ....... ھي ھي ھي ....... ملائڪ ڏمرجندا! ھا ھا ھا ........ ملائڪ ڏمرجندا. گوڪل، ائين ڇو نٿو چئين تھ ھاڻ تنھنجو بول ڀرجي ويو آھي. ھاڻ تون پيٽ ڀرائيءَ جون ڳالھيون ٿو ڪرين. کائي کائي ھاڻ تنھنجو بول ڀرجي ويو آھي. ڇا ڏيڏري، ڇا ڏيڏريءَ جا ڏند..... گوڪل، ياد رک! جي منھنجي ۽ ھوٿل پريءَ جي وچ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندين تھ چيڀاٽجي ويندين. ڪو پاڻي ڪونھ پياريندءِ.....“ ڪاوڙ کان گوڪان ڏائن جو منھن ٽامڻي ھڻي ويو ھو. ھوءَ ڪاوڙ مان ڏڪندي، ڪرڙين اکين سان گوڪل ديو ۾ نھاري رھي ھئي. گوڪل ديو ڊڄي ويو ھو.
    ”گوڪان! تون اجايو پئي ڪاوڙ ڪرين. مون تھ تنھنجي ڀلائيءَ لاءِ پئي چيو.“
    ”ڀلائي! ھھڙا تھڙا، تون ٿو مون کي ملائڪن کان ڊيڄارين. آئون جيئن چاھينديس، تيئن ڪنديس، سنڌباد ڀلارو ماڻھو آھي ڪي گلارو، اڄ رات منھنجي پيئڻ بلا سندس ساھ پي ويندي. ھي ھي ھي ....... ھي ھي ھي ....... ھاڻ ٻڌاءِ تون ساڻس ڪھڙيون وفاداريون ٿو ڪرين؟ تون – تون فقط پنھنجي پيٽ سان وفادار آھين. اونھن..... منھنجو ڪتو مون تي ڀونڪي. ھي ھي ھي ....... ھي ھي ھي .......“ گوڪل ديو کي دڙڪا ڏيڻ کان پوءِ گوڪان ڏائڻ غفا ۾ رکيل بُجڪي مان خوفناڪ ڳوھ جھڙي چئن پيرن واري پيئڻ بلا ڪڍي مٿس جھاڙ پڙھڻ لڳي ۽ جادوئي مرلي وڄائڻ لڳي.
    ”انتر منتر، ڪال ڪلنتر
    جادو جنتر، شو شو شو......
    آمڻ ڪنديس، ڪامڻ ڪنديس
    ڪارو جادو، شو شو شو......
    ساھ پئندي، ڪونھ ڇڏيندي
    نانگڻ جوڳڻ، شو شو شو......
    جال جلنتر، انتر منتر
    ڪال ڪلنتر شو شو شو......“
    گوڪان ڏائڻ جي ائين جادو پڙھڻ سان پيئڻ بلا ۾ ڄڻ ساھ پئجي ويو ۽ پيئڻ بلا ٻھ منھين زبان ڪڍي، گوڪان ڏائڻ ۾ نھاري ڦوڪارو ھڻڻ لڳي. ”شو..... شو...... شو....“ گوڪان ڏائڻ پيئڻ بلا مٿان ڪئين ڀيرا منتر پڙھيا. ستل بلا ڄڻ سجاڳ ٿي ڦوڪارا ھڻڻ لڳي.
    ”ھي ھي ھي..... ھي ھي ھي.......“ گوڪان ڏائڻ پيئڻ بلا کي ڏسي ٺريو ٿي پئي ۽ وڏا ٽھڪ ڏيندي، بلا کڻي، غفائن سان وڃڻ لڳي. انھيءَ محل ڏانھن جنھن ۾ سنڌباد ستل ھو.
    ”گوڪان! آئون توکي وري چتاءُ ٿو ڏيان تھ انھيءَ خوفناڪ ارادي کان مڙي وڃ.“ پر گوڪان ڪانھ مڙي. ھوءَ پيئڻ بلا کڻي ڊگھو ڊگھو ڪارو کٿو جھوليندي، گڏڪ گڏڪ پراسرار سرنگھن مان ھلندي ٿي وئي.
    انھيءَ وقت پلاءُ کائيندي، گوڪل ديو پاڻ کي ڏاڍو بيوس محسوس ڪري رھيو ھو. ھن ڪاوڙ مان پلاءُ جي ديڳ اونڌي ڪري ڇڏي ۽ ڪروڌ ۾ اچي باھ مان ھڪ وڏي بنڊي ڪڍي، گوڪان ڏائڻ پٺيان اڇلائي. سڄي غفا ۾ ٽانڊا ئي ٽانڊا پکڙجي ويا ۽ گوڪل ديو پنھنجي لاچاريءَ تي ٻئي ھٿ مٿي تي ڏيئي ويھي رھيو تھ ھاڻ ڇا ڪريان؟ ”آئي ھائي ھائي....... گوڪل ديو ھي ڇا ڪيئي! آخر ڪھڙي ڳالھھ تان تڪرار ٿيو......؟“ اوچتو ازغيبي آواز تي گوڪل ديو ڊڄي ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو تھ ھي آواز ڪٿان پيو اچي؟
    ”ڊڄ نھ گوڪل ديو آئون مينا آھيان، او ھتي ويٺي آھيان.“ مينا کي ڏسي گوڪل ديو کي مڙئي ساھ پيو.
    ”ڇو سائين گوڪل! راڪاس برڙ باڪاس لڳو پيو آھين. تنھنجي ھڪڙي ڦوڪ سان اھا سنھڙي شپڪڙي رن اڏامي وڃي، انھيءَ ھڏن جي پڃري کان ٿو ڊڄين! حيف ٿئي ڙي گوڪل، حيف ٿئي. اسان پرڏيھي پکي سچ نھ چونداسين تھ ٻيو ڪير چوندو؟“
    ”مينا، توکي ڪھڙي خبر تھ اھا گوڪان ڏائڻ ڪيڏي نھ حرفتڻ آھي. انھيءَ جي خوفناڪ جادوءَ کان منھنجو ھيانءُ ٿو ڏڪي. ھاءِ ھاءِ منھنجي قسمت! جنھن ٻڏندي منھنجي جان بچائي، اڄ آئون ان جي ڪابھ مدد نٿو ڪري سگھان.......“ گوڪل ديو روئڻھارڪو ٿي ويو.
    ”توکي ڪھڙي مدد کپي، نيٺ ٿيو ڇا آھي......؟“ مينا گوڪل ديو جي ڳالھھ تي حيران ٿيندي چيو.
    ”مينا، توکي خبر ناھي! اھا خونڻ گوڪان ڏائڻ سنڌباد سيلانيءَ تي پنھنجي پيئڻ بلا سان جادو ڪرڻ وئي آھي. سنڌباد جڏھن سجاڳ ٿيندو تھ ھو چريو ٿي ويندو. سنڌباد جي زندگي خطري ۾ آھي.“
    ”ھاءِ ھاءِ ھاءِ، ھي ڪھڙيون ڳالھيون پيو ڪرين؟ مان ڇا ڪريان......؟ ڪيڏانھن وڃان......؟“ اوچتو مينا وٺي ڀڙڪو کاڌو ۽ غفا کان مٿي اڏامي باز پکي کي سڏ ڪرڻ لڳي:
    ”گرڙ..... او مئا گرڙ، جھٽ اچ. سنڌباد کي خطرو آھي. جھٽ اچ، نھ تھ گوڪان ڏائڻ سنڌباد کي ماري وجھندي.“ مينا جي آواز تي باز پکي پنھنجا خوبصورت پک ھوا ۾ پکيڙيا.
    ”جھٽ ڪر، منھنجي پٺيان اچ.“ مينا جي ڳالھھ تي باز پکي تيزيءَ سان مينا پٺيان اڏامندو، گوڪل ديو جي غفا ۾ داخل ٿي ويو. غفائن جي اندر سرنگھن ۾ ٻنھي جي اڏام جو پڙاڏو پئدا ٿي ويو. کين سمجھھ ۾ نٿي آيو تھ گوڪان ڏائڻ ڪھڙيءَ ڳجھيءَ سرنگھھ ڏي وئي آھي؟ ديوڪل ديو سندن مدد لاءِ ڊوڙندو پئي آيو. مينا ڦڙ ڦڙ ڪري اڏامندي گوڪل کي رڙ ڪندي چيو:
    ”گوڪل، ڪھڙي پاسي کان سندس پيڇو ڪريون....؟“ گوڪل ديو سھڪندي حيران ٿيندي وراڻيو! “مينا، مون کي پاڻ انھن جادوئي سرنگھن جي ڄاڻ ڪانھي. منھنجي اکين آڏو اوندھ اچي وئي آھي. ھاڻي جي ائون اڳتي وڌندس تھ مرندس. ھاءِ ھاءِ، ھاڻ تھ مون کي ڪابھ شيءِ ڏسڻ ۾ ڪانھ ٿي اچي.“ گوڪل ديو اتي ئي مٿي تي ھٿ ڏئي ويھي رھيو، پر مينا ھمٿ ڪانھ ھاري. ھوءَ اڳيان ۽ باز پکي پٺيان، ٻئي تيزيءَ سان ڦڙ ڦڙ ڪندا ويا ٿي اکٽ اِنگڙ ونگڙ سرنگھن مان اڏامندا.


      خوفناڪ پيئڻ بلا ۽ باز پکي

    گوڪان ڏائڻ ڪارو کٿو جھوليندي، خوفناڪ ٽھڪ ڏيندي، ڳجھن سرنگھن مان ھلندي ٿي وئي. سندس ھٿ ۾ خوفناڪ زھريلي نيري پيئڻ بلا ھئي. ”ھي ھي ھي ..... ھي ھي ھي .......“ سرنگھن ۾ گوڪان ڏائڻ جو خوفناڪ پڙادو پئدا ٿي ويو ٿي ۽ سندس ڪاڻي پراسرار اک ويتر وڏي ٿيندي ٿي وئي.
    اوچتو سرنگھن ۾ ھلندي، ھڪ جادوئي دروازو خوفناڪ آوازن سان کلي ويو. انھيءَ دروازي جي ٻئي طرف سنڌباد سيلانيءَ جو ڪمرو ھو. انھيءَ ويل محل جي انھيءَ ڪمري ۾ سنڌباد وڏي شاھي پلنگ ۽ پٿرانين مٿان گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ ھو. سنڌباد کي ائين گھري ننڊ ۾ ڏسي، خوشيءَ کان گوڪان ڏائڻ جون واڇون ٽڙي پيون.
    ”ھي ھي ھي...... ھي ھي ھي ......“ گوڪان ڏائڻ ھٿ ۾ جھليل زھريلي پيئڻ بلا کي پيار سان ڏسندي، جادوئي منتر پڙھڻ لڳي:
    ”انتر منتر، ڪال ڪلنتر
    جادو جنتر، شو شو شو......
    آمڻ ڪنديس، ڪامڻ ڪنديس
    ڪارو جادو، شو شو شو......
    ساھ پئندي، ڪونھ ڇڏيندي
    نانگڻ جوڳڻ، شو شو شو......
    جال جلنتر، انتر منتر
    جادو جنتر، شو شو شو......“
    گوڪان ڏائڻ وڏا منتر پڙھڻ کان پوءِ، پيئڻ بلا مٿان شو شو شو ڪري ڪئين شوڪارا ھنيا. پيئڻ بلا ڳاڙھيون اکيون ڦاڙي گوڪان ڏائڻ ۾ نھارڻ لڳي ۽ خوفناڪ شوشراٽ ڪرڻ لڳي.
    ساھ پئندي، ڪونھ ڇڏيندي
    نانگڻ جوڳڻ، شو شو شو......
    منھنجي پيئڻ، شو شو شو......“
    گوڪان ڏائڻ جي شوڪارن تي پيئڻ بلا بھ ڪر کڻي زھريلا ڦوڪارا ھڻڻ لڳي. پوءِ گوڪان ڏائڻ پيئڻ بلا کي ستل سنڌباد جي پلنگ تي ويھاري، منتر پڙھندي رھي. سنڌباد کي ڏسي پيئڻ بلا شوڪاري سان ڦڻ ڪڍي، سنڌباد ڏانھن وڌڻ لڳي ۽ جيئن جيئن پيئڻ بلا سنڌباد جو ساھ پيئڻ لاءِ، ستل سنڌباد جي منھن ڏانھن بنا آواز سرندي ٿي وئي تھ اوچتو محل اندر پکين جي اڏام جي ڦڙ ڦڙ جي آواز تي گوڪان ڏائڻ کان ڇرڪ نڪري ويو. ھوءَ سرنگھھ جو در بند ڪرڻ ڀلجي وئي ھئي. مينا ۽ خوفناڪ باز کي ڏسي گوڪان ڏائڻ جو ساھ ئي سڪي ويو. باز پکي ايندي ئي پيئڻ بلا مٿان جھٽ ئي ھڪڙو ھنيو ۽ خوفناڪ چنبن سان پيئڻ بلا کي کڻي وڃي پٽ تي سٽيائين ۽ تيز خونخوپار نھن سان کيس چيري ڦاڙي، اٺ ٽڪر ڪري اڇلائي ڇڏيائين. اھو خوفناڪ منظر ڏسي، گوڪان ڏائڻ ڪاري کٿي ۾ منھن لڪائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باز پکي ھڪڙي ئي لاماري سان مٿان وڃي ڪڙڪيس. گوڪان ڏائڻ در جي چائنٺ سان آٿڙي، وڏي دانھن سان پٽ تي وڃي ڦھڪو ڪيو ۽ خوف کان اکين مٿان ٻئي ٻانھون ڏئي ڇڏيائين. باز جي پوري ڪوشش ھئي تھ ھو گوڪان ڏائڻ جي ٻي اک ڪڍي، کيس انڌو ڪري ڇڏي. گوڪان ڏائڻ ساھ ۽ اک بچائڻ لاءِ وٺي رڙيون ڪيون ۽ واري واري سان باز جي چنبن آڏو ٻانھون ڏئي، پنھنجي سڄي اک بچائي ٿي وئي. سندس ڪيھون آسمان تائين ٿي ويون. ھوءَ فرش تي پٺيءَ ڀر ڪري، ليٿڙيون پائي رھي ھئي ۽ مٿان باز پکي مٿانئس خوفناڪ حملا ڪري، خوفناڪ چنبن سان کيس پٽي رھيو ھو. گوڪان کي ائين ڦٿڪندو، ڪيھون ڪندو ڏسي مينا کي ڪھڪاءُ اچي ويو، سو گوڪان ڏائڻ کي ڇڏائڻ لاءِ وٺي رڙيون ڪيائين:
    ”مئا نڀاڳا گرڙ! گوڪان کي ڇڏي ڏي. ھاءِ ھاءِ ھاءِ ....... ماري ڇڏيائين ويچاريءَ کي، رت ڪڍي ڇڏيائين ويچاريءَ جي...... ھاءِ ھاءِ ...... خون خون ...... ظالم ڇڏ ويچاريءَ کي. وارو ڪيو، ڊوڙي اچو. ھي مئو گرڙ گوڪان جو لاش کڻائي ڇڏيندو..... بچايو....... بچايو..... خون...... خون.... خون......“
    باز جي شوشارن، گوڪان ڏائڻ جي خوفناڪ ڪيڪراٽن ۽ مينا جي دانھن تي پاسي وارن ڪمن ۾ ستل سنڌباد جا ساٿي، ٻانھيون ۽ ٻانھا بھ جاڳي پيا ۽ سڀ وٺي سنڌباد جي ڪمري ڏانھن ڊوڙڻ لڳا. ھوٿل پري ۽ ڪٺ پتلين واري ڪامڻڪور بھ سجاڳ ٿي سنڌباد جي ڪمري ڏانھن ڊوڙنديون ويون تھ ماجرا ڇا آھي؟ مينا جي ريھھ لڳي پئي ھئي.
    ”ھائي.... بچايو، بچايو!....... خون...... خون...... خون....... ھاءِ ھاءِ...... ھي مئو ڇِتو خوني باز گوڪان جو ساھ ڪڍي ڇڏيندو...... خون..... خون..... خون.......“ سنڌباد کي نھ جاڳندو ڏسي، مينا ڪاوڙ مان سندس ڳٽي تي ٺونگو ھڻي ڪڍيو. سنڌباد کي پيئڻ بلا اھڙي ڪا ڦوڪ ھڻي ڇڏي ھئي جو ھن جو عقل ئي نھ پيو جاءِ تي اچي تھ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟ سو ھڪدم باز کي حڪم ڏنائين:
    ”گرڙ! ھي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇڏ انھيءَ پوڙھيءَ کي....!“ سنڌباد جي ھڪل تي باز کڻي گوڪان ڏائڻ جي ٻانھن مان چنبا ڪڍيا. گوڪان سڄي رتو ڇاڻ ٿي وئي ھئي. ايتري ۾ سنڌباد جا سڀ ساٿي، ٻانھا، ٻانھيون، ھوٿل پري ۽ ڪامڻگر پدمڻي ڊوڙندا آيا ھئا.
    ”پاڻي..... پاڻي....... ھائي منھنجو ساھ ٿو نڪري. مون کي بچايو، پاڻي..... پاڻي.....“ گوڪان ڏائڻ ٺوٺ سڪل نڙيءَ سان خوف کان دانھون ڪري، پاڻي گھرڻ لڳي. سنڌباد جو ھڪ ساٿي ڊوڙي پاڻيءَ جو ڪپو ڀري آڻي سندس وات تي رکيو، جو گوڪان ڏائڻ ڏوگھي وئي. تڏھن ڌپي ڌپي وڃي منجھس ساھ پيو.
    ھائي ھائي...... مون کان خطا ٿي وئي. مان توبنھن تائب ٿيس. مون کي بچايو..... ھاءِ ھاءِ، گوڪل ديو مون کي منع بھ ڪئي، پر مون سندس چوڻ ئي ڪونھ ورتو. منھنجو سڄو جادو ڪوڙو ٿي ويو. چوندا آھن تھ جيڪو سچ چوي، ان کي ٻڌجي ۽ مڃجي........“ زخمن کان چور گوڪان ڏائڻ اڃا دانھون پئي ڪيون. سڀ سندس مٿان حيران پريشان بيٺا ھئا تھ آخر ھي قصو ڇا آھي....؟
    اتي ھوٿل پريءَ جي واتان بھ دانھن نڪري وئي:
    ”ھاءِ ھاءِ! لعنت آھي مون تي جو اھڙي ڪڌي ڪم لاءِ گوڪان ڏائڻ کي ھرکايم ۽ پنھنجي مھمانن جي مٺي ننڊ ڦٽايم. ھاءِ ھاءِ، منھنجو ضمير مون کي ڪڏھن بھ معاف نھ ڪندو. حرس ۽ ھوس ۾ اچي ماڻھو ڪيڏا نھ نيچ ڪم ٿو ڪري.“ ھوٿل پري اوڇنگارون ڏئي ڍڪون ڀري روئڻ لڳي. ھوٿل پريءَ جي انھيءَ ڳالھھ تي سڀ حيران ٿي، ھوٿل پريءَ ۾ نھارڻ لڳا.
    ”ھوٿل راڻي، اھو اوھين ڇا پيو چئو؟ ڇو پيا پاڻ تي ملامت ڪريو؟ سچ، اوھان جي ائين روئڻ ۽ آھ زاري ڪرڻ تي اسان کي ڏاڍو ڏک پيو ٿئي.“ سنڌباد روئندڙ ھوٿل پريءَ کي سھارو ڏنو. ھوٿل پريءَ ڳوڙھا ڳاڙھيندي چيس:
    ”سنڌباد! گوڪان ڏائڻ جو ڪوبھ ڏوھ نھ آھي. گوڪان تھ حڪم جي ٻانھي آھي. اصل برائي جي جڙ تھ آئون پاڻ آھيان. سچي ڳالھھ تھ اِھا آھي تھ جادوئي آرسيءَ ۾ توکي ڏسي منھنجي نيت ۾ خرابي اچي وئي ھئي. مون دل ۾ پڪو پھھ پچايو ھو تھ آئون توسان اھڙو فريب ڪنديس، جو تون پنھنجو سڄو فرض وساري، سدا لاءِ مون وٽ ترسي پوين ۽ سدا لاءِ گوڪل ديو ۽ گوڪان ڏائڻ جيان منھنجي حڪم ۾ حاضر ھجين، پر تنھنجي نيڪ نيت ۽ سچائيءَ اڳيان منھنجو ڪوبھ جادو نھ ھليو. سچ ڪوڙ کي ڪينچيءَ جيان ڪتري ڇڏيندو آھي. تو کٽيو، مون ھارايو. ھاڻ اوھان جيڪا بھ سزا چاھيو، مون کي اھا ڏيو. جيستائين مون کي پنھنجي ڏوھ جي سزا نھ ملندي، اوستائين منھنجو ضمير مون کي کائيندو رھندو.“ ھوٿل پريءَ کي ائين روئندي ۽ پڇتاءُ ڪندي ڏسي، جھوني ناکئي اڍي جي دل بھ ڪونئري ٿي وئي. تنھن ھوٿل پريءَ کي چيو:
    ”ھوٿل راڻي، تون رڳو مون کي ايترو ٻڌاءِ تھ تو اھو ڪڌو ڪم ڇو ڪيو؟ ڇا تنھنجي دل ۾ سنڌباد لاءِ ڪا دشمني اڀري ۽ تو ڪو کيس وڏو ڇيھو ٿي رسائڻ چاھيو.....؟“
    ”نھ نھ..... خدا نھ ڪري. اھڙي ڳالھھ تھ آئون سوچي بھ نٿي سگھان. مان تھ اھو سڀ ڪجھھ سنڌباد جي پيار ۾ ڪري رھي ھيس. سچ...... مون تھ سنڌباد سان شادي پئي ڪرڻ چاھي. مون تھ اھو پئي چاھيو تھ سنڌباد ھميشھ منھنجي اکين آڏو ھجي. ھاءِ ھاءِ، ننگر پارڪر ۾ ھاڻ ڪھڙو منھن کڻي ھلنديس......“
    ”بس، ڳجھارت ڀڄي پئي ھوٿل راڻي! تو اھو سڄو ڪم سنڌباد سان دشمنيءَ جي ڪري نھ، پيار جي ڪري ڪيو. اھو تنھنجو ٻالپڻو ھو. پيار ۾ ماڻھوءَ کان الائي ڪھڙيون ڪھڙيون خطائون ٿي وينديون آھن، جيڪي رب پاڪ بھ معاف ڪري ڇڏيندو آھي. جڏھن تنھنجي اندر ۾ اسان لاءِ ڪينو نھ ھو تھ پوءِ تنھنجو پڇتاءُ اجايو آھي. ھاڻ پنھنجا اھي ڳوڙھا اگھي ڇڏ.“ جھوني ناکئي جي ڳالھھ تي ھوٿل پريءَ جي دل تي ڪجھھ ڇنڊو پيو. سو ڪجھھ خوشي ٿيندي چيائين تھ: ”ڇا اوھان سڀني مون کي معاف ڪري ڇڏيو.....؟“
    ”ھا، اسين تھ ان کي خطا ئي نٿا سمجھون. تون دلجاءِ ڪر، اسان جي دل ۾ تو لاءِ سدائين نيڪ خيال رھندا.....“ سنڌباد جي واتان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ھوٿل پري خوش ٿي وئي ۽ ھن پنھنجا لڙڪ اگھي ڇڏيا ۽ سرھو ٿيندي چيائين:
    ”پرھ ڦٽيءَ جي مھل اچي ٿي آھي. اڄ وڃان وڃان نھ ڪريو. ھڪ ٻھ ڏينھن مون کي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو. سچ، اوھان سڀني جي خدمت ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“ سندس ڳالھھ تي جھوني ناکئي چيو:
    ”ھوٿل راڻي! اسان جو پنڌ ڏاڍو پرانھون آھي، اڄ اسين پاراشر رشيءَ جو ديدار ڪري ھليا وينداسين.“
    ”چڱو، جيڪا اوھان جي مرضي. پر نيرڻ ڪرائڻ کان سواءِ آئون اوھان کي ھتان وڃڻ جي مور نھ ڏينديس.“
    ”ھا، اسين نيرڻ ضرور ڪنداسين.“
    ٻانھيون ۽ ٻانھا رڌ پچاءَ ۾ لڳي ويا. سنڌباد ۽ سندس ساٿي وھنجي سھنجي، نيرڻ ڪرڻ لاءِ ھوٿل پريءَ جي دسترخوان تي اچي گڏ ٿيا.


      ھوٿل پريءَ کان موڪلاڻي

    صبح جو سويري، سنڌباد ۽ سندس ساٿي ھوٿل پريءَ جي محل ۾ وھنجي سھنجي، نوان وڳا پھري، نيرن جي دسترخوان تي آيا، جتي ھوٿل پري ڪامڻڪور پدمنيءَ سان گڏجي ماکيءَ، مکڻ ۽ ڦلڪن سان نيرن ڪيائون ۽ مٺا شربت پي تن تازا ڪيائون. جڏھن کائي پي ڍوءُ ڪيائون تھ ھوٿل پريءَ سنڌباد کي چيو تھ: ”آئون نويڪلائي ۾ توسان ڪجھھ ڳالھائڻ ٿي چاھيان. مھرباني ڪري منھنجي پٺيان اچو.“ سنڌباد ھوٿل پريءَ جي پٺيان ھلندو، ھوٿل پريءَ جي خاص سمھڻ واري ڪمري ۾ آيو، جنھن ڪمري ۾ اھا جادوئي آرسي رکيل ھئي. ھوٿل پريءَ سون ۽ چاندي جي تاڪن واري ڪٻٽ جو دروازو کولي، ھڪ گول ھيرن مڙھيل ننڍڙي آرسي ڪڍي، سنڌباد کي ڏيندي چيو:
    ”سنڌباد! دنيا مشڪلاتن ۽ حادثن جو گھر آھي. آئون چوان تھ توکي ڪوسو واءُ بھ نھ لڳي. تون جتي بھ ھجين، آئون توسان گڏ ھجان. دل تھ گھڻو ئي ٿي چوي، پر آئون توسان ھلي نٿي سگھان. ڇو تھ ننگر پارڪر مٿان سدائين بدنيت ڌاريا خونخوار ڏئوت ۽ راڪاس حملا پيا ڪندا آھن. ھي منھنجو ملڪ آھي، وطن آھي، آئون ان جي حفاظت نھ ڪنديس تھ ٻيو ڪير ڪندو؟ ان ڪري توکي چاھڻ جي باوجود بھ آئون توسان گڏ نٿي ھلي سگھان. مون کي خبر آھي، کارو کيڙيندي توکي الائي ڪھڙيون ڪھڙيون مشڪلاتون آڏو اچن، انھيءَ ويل ھيءَ ننڍڙي جادوئي آرسي توکي ڏاڍو ڪم ايندي. انھيءَ وقت تون ھن آرسيءَ کي ھيئن حڪم ڏيندين:
    آرسي ڙي آرسي
    او ٽڪل ٻڌل آرسي
    سمونڊ جي تري جيڏي آرسي
    ھن آر، ڪي ھن پار
    ڪير اچي پيو، ڪير وڃي پيو
    ڪھڙا ٿين پيا ٿا واپار
    سڀ ڏيکار......
    نھ تھ ٽڪرا ٿيندينءَ چار
    آرسي ڙي آرسي
    او ٽڪل ٻڌل آرسي
    سمونڊ جي تري جيڏي آرسي
    ڪھڙا دشمن، ڪھڙا دوست،
    ڪھڙا مانگر، ڪھڙا ڪن،
    ڪھڙا وڙھندا، ديو ۽ ڪوراڙ
    سڀ ڏيکار......
    نھ تھ ٽڪرا ٿيندينءَ چار
    آرسي ڙي آرسي
    او ٽڪل ٻڌل آرسي
    سمونڊ جي تري جيڏي آرسي...... پوءِ انھيءَ ۾ توکي مان ڏسڻ ۾ اينديس. توکي منھنجي جيڪا بھ مدد گھربي تھ آئون ھڪدم حاضر ٿي، تنھنجي مدد ڪنديس. سنڌباد ھوٿل پريءَ کان اھا آرسي وٺي ڏاڍو خوش ٿيو.
    ٻاھر، اٺن جي دڪي تي گوڪل ديو خوبصورت ڪجاون سان سجايل اٺن جي قطار، دڪي آڏو اچي ھشائي ھئي. گوڪل ديو جو منھن لٿل ھو. ھن جي دل پئي چاھيو تھ سنڌباد ڪجھھ ڏينھن ترسي پوي تھ ھو سندس خدمت ڪري، ڪچھريون ڪري ۽ کيس ڪارونجھر جبل جا سير ڪرائي، پر اڄ سنڌباد پنھنجي سفر تي روانو ٿي رھيو ھو.
    اٺ جون قطارون دڪي لڳ ھشائي گوڪل ديو تڪڙو تڪڙو دالان ۽ ورانڊا لتاڙيندو، ھاٿيءَ جيان ڌم ڌم ڪندو شاھي محل ۾ ھوٿل پريءَ آڏو آيو ۽ ڪورنش ڪندي چيائين:
    ”شاھي مھمانن جي سواري تيار آھي.“ گوڪل ديو جي ڳالھھ تي سنڌباد ۽ سندس ساٿي ھوٿل پريءَ ۽ ڪامڻڪور پدمڻيءَ کان موڪلائي محل کان ٻاھر آيا ۽ ھلندا اچي ھشيل اٺن جي ڪجاون مٿان وڏي ٺٺ ۽ اڊمبر سان اچي ويٺا. جتن اٺ کڙا ڪيا. ھاڻ سندن قافلو پاراشر رشيءَ جي اسٿان ڏانھن ھلندو ٿي ويو.


      پاراشر رشي ۽ سنڌباد

    صبح جو سويري، پرھ ڦٽي ويل، صبح جي لالاڻ ۾ ڪارونجھر جبل رات جي انڌوڪار مان نڪري، سوين رنگ ڌارڻ لڳو ھو ۽ ننگر پارڪر شھر بھ ڄڻ جاڳي پيو ھو. ان ويل سنڌباد ۽ سندس ساٿي ھوٿل پريءَ کان موڪلائي، پاراشر رشيءَ جي پڌام ڏانھن وڃڻ لڳا ھئا. ھڪ سينگاريل مھري اٺ تي گوڪل ديو ويٺو سندن قافلي جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو. سنڌباد ۽ سندس ساٿي ڀلن اٺن مٿان ڪجاون تي ويٺا، جھوٽا کائيندا ننگر پارڪر شھر جا نظارا ڏسندا ٿي ويا.
    صبح جي انھيءَ ويل ننگر پارڪر جي شھر جون چلھيون دونھان ڇڏي رھيون ھيون. مايون رڌ پچاءُ ڪري رھيون ھيون. ڪجھھ گھرن مان اڃا تائين جنڊن گھرڻ جا آواز پئي آيا. مايون ماٽين ۾ ولوڙا ڪري، مکڻ پئي ولوڙيو ۽ مالوند چوپايو مال پھرائڻ ۾ لڳي ويا ھئا ۽ سرن[1] مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جوڙيليون ٻيلھھ ۽ ٽيلھھ دلا کنيو جبل ڏانھن پئي آيون ۽ ويون. مندرن ۽ عبادت گاھن جا گھنڊ ھوريان ھوريان ماٺا ٿي ويا. ڏينھن شينھن ٿي ويو ھو.
    شھر مان گذري، ڳچ پنڌ پٽڻ کان پوءِ جڏھن سندن اٺن جو قافلو ھڪ برساتي نديءَ جي پيٽ اڪري جبل جي اڀرندي پاسي جبل جي پاڙ ۾ اچي بيٺو، جتي اٺن تان لھڻ لاءِ خوبصورت دڪو ٺھيل ھو.
    جبل جي انھيءَ پاڙ ۾ پھچي، سنڌباد ۽ سندس ساٿي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. پٽڪن ۽ ٽوپين کي ھٿ ڏئي، ڳاٽا اڀا ڪري آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ جبل جي ڳاڙھين چوٽين ڏانھن نھارڻ لڳا تھ مٿي ڪيئن چڙھبو؟ ڇو تھ ھي گول، لسڙو، ترڪڻو، رنگا رنگ اراولي پاھڻ ھو.
    سڀ اٺن تان لھي پيا ۽ گوڪل ديو جي پٺيان غفائن مان گذرندا، مٿي جبل جي چوٽيءَ ڏانھن وڃڻ لڳا. رستو ور وڪڙ کائيندڙ، ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻانگو ھو، جيڪو جھونو ناکئو چڙھي نھ سگھي ھا، پر ھوٿل پريءَ جا ماڻھو لاڪس شاھي ڏولي کڻي آيا ھئا، جنھن کي چئن مڙسن ڪلھا ڏئي ٿي کنيو.
    جبل جي چاڙھين کان اڳيان اڳيان گوڪل ديو ھاٿي جيان ھلي رھيو ھو. سنڌباد ۽ سندس ساٿي گوڪل ديو پٺيان آڏا لڪ لتاڙيندا، غفائن ۽ ورن وڪڙن مان گذرندا، مٿي چڙھندا ٿي ويا. تمام گھڻو مٿي، جو ھيٺ نھار تھ مٿو پيو ڦري. جھونو ناکئو ڏوليءَ ۾ آرام سان ويٺو جبل جا نظارا ڏسندو پئي ويو. سڀ پاڻ ۾ ڳالھائيندا منڊڪ مارڪا ڪندا پئي ويا.
    پاراشر رشيءَ جو آستانو ڪارونجھر جبل جي اڀرندي پاسي وارين اتانگھھ چوٽين مان، ھڪ چوٽيءَ مٿان ھو. جتي ھڪ وڏو ويڪرو قدرتي ٿلھو ٺھيل ھو. اتي مٿي جبل جي اتانگھھ چوٽين تي ڪونڀٽن، ٻٻرن، ڪنڊم، کجين، ڄارين ۽ کٻڙن جا وڻ قطارون ڪيو بيٺا ھئا، جتي پھچي، ماڻھو کي ائين ڀاسندو ھو ڄڻ بھشت ۾ پھچي ويو آھي. جبل جي ٻئي پاسي کان مھاسنڌو ساگر ڇوليون پيو ھڻندو ھو. قدرت جا نظارا، ماڻھو ڇا ڏسي ڇا ڏسي!
    پاراشر رشي، پرھ ڦٽي ويل انھيءَ ٿلھي کان بيھي سج اڀرڻ جو چھچٽو ڏسندو ھو ۽ ڌرتي جي اسرارن تي غور فڪر ۽ ويچار ڪندو ھو. پنھنجي علم عرفان، تاريخي ڄاڻ، فلسفي ۽ شعر جي ڪري دور ولاتن ۾ سندس واکاڻ ھئي. پري پري جا راجا ۽ راڻيون سندس آسڻ تي حاضري ڀرڻ ايندا ھئا.
    گوڪل ديو جي اڳواڻيءَ ۾ جڏھن سنڌباد جو قافلو پاراشر رشيءَ جي پڌام تي پھتو تھ اڇيون ساڙھيون پھريل ديوداسين وڏا ڪورنش ڪري سندن آجيان ھئي. ھڪ ديوداسي نھايت ئي ادب مان چيو:
    ”اوھين سڀ ڀلي ڪري آيا. رات جو ھوٿل پريءَ اوھان جي اچڻ جو نياپو موڪليو ھو ۽ صبح اويري اوھان جي مينا اڏامندي آئي ۽ اوھان جي اچڻ جو اطلاع اچي ڏنائين. وڏي ڪچھرڻ آھي، اوھان جي مينا.“ جھوني ناکئي چيس:
    ”ھائو ڪچھريءَ جي ڪوڏي آھي. سندس دل گلاب جي گل جيان نرم ۽ سون کان وڌ اجري آھي. اھي پکي اسان ماڻھن کان گھڻو وڌ ملوڪ آھن.“
    گوڪل ديو جھوني ناکئي کي چيو:
    ”ناکئا! اوھين پاراشر رشيءَ جو درسن ڪري اچو، اسين ھتي بيٺا اوھان جو انتظار ڪريون. اسان جي حد اِھا آھي.“
    سنڌباد ۽ سندس ساٿي جڏھن ديوداسين پٺيان ھلندا، پاراشر رشيءَ جي قدمن ۾ پھتا تھ پاراشر رشي پالڪيءَ ۾ وڏي آسيس ماڻي رھيو ھو. سج جا پھريان سونھري ڪرڻا سندس پيشانيءَ تي پئجي رھيا ھئا. سندس ڊگھي اڇي سونھاري[2] چاندي جيان پئي ٻري ۽ چمڪي. پاراشر رشيءَ ڏاڍي مھربان نيڻن سان ڏانھن نھاريو. کن لاءِ تھ سنڌباد ۽ سندس ساٿي ادب مان ڪنڌ جھڪائي بيھي ويا ھئا تھ ڇا ڳالھايون؟ سنڌباد دل ٻڌي ڳالھايو:
    ”ھي مھارشي! ننڍڙي لاڪي، ماءُ واتان اوھان جو مٺو نالو ٻڌندو ھئس ۽ اوھان جون پوٿيون[3] پڙھندو ھئس. تڏھن دل چوندي ھيم تھ پکي ھجان ھا ۽ اڏامي وڃي اوھان وٽ پھچان ھا ۽ اوھان کي پسان ھا. آئون ڀانيان ٿو تھ ماءُ جي ڪنھن دعا مون کي ھتي پھچايو آھي. منھنجي ماءُ جي دعا ڪا اگھامي وئي ھئي.“ اھا ڳالھھ چوندي سنڌباد جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ھئا ۽ ھو خوشيءَ مان ڳاڙھو ٿي ويو ھو.
    ”ماءُ جي پيرن ۾ بھشت آھي، ماءُ اڌ خدا آھي.“ پاراشر رشيءَ اھا ڳالھھ وڏي سڪون سان چئي ھئي ۽ ڄڻ ڪا ڳالھھ ساري مرڪي پيو ھو.
    ”ھي مھاويد، منھنجو ھڪ مونجھارو ختم ڪريو.“ جھوني ناکئي ھمٿ ڪري ڳالھايو: ”ھي جا سامونڊي مھا پرلئھ پئي اچي، انھيءَ ۾ ڪھڙا کنڊ ٻڏندا ڪھڙا ترندا؟ ڇا ھي ڪارونجھر، ڀڳو ٽوڙھو، کيرٿر، پٻ، ھاڙھو، ھالار، بولان ۽ ڪوھ سليمان، ڪوھ ميرو پربت ۽ ڪوھ ڪاف ڇا انھن سڀني مٿان مھا پرلئھ جو پاڻي وري ويندو.....؟!“
    جھوني ناکئي جي سوال تي پاراشر رشي وڏي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين:
    ”اھا خبر ڪنھن کي بھ ڪانھي، اھو غيب آھي. باقي ھا – ”ناد“ ويد ۾ ھڪڙي ڀيري پڙھيو ھوم.“ پاراشر رشي ڄڻ ڪا ڳالھھ ياد ڪرڻ لڳو ھو. ”ناد“ ۾ لکيل ھو: ”انھيءَ وڏي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ جڏھن نوح نبي ٻيڙو ٺھرائڻ جي تيارين ۾ ھوندو تھ ھڪ پوڙھي مائي سندس ڏاڍي خدمت ۽ چاڪري ڪندي ۽ سدائين پئي ياد ڏياريندس تھ اي نوح نبي، آئون ڏاڍي ھيڻي آھيان. ٻوڏ اچي تھ پوءِ مون کي نھ وسارجانءِ، مون کي پنھنجي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھجانءِ. مان نڌڻڪي آھيان، ڏاڍو ٿي ڊڄان.“ ۽ جڏھن ٻوڏ ايندي تھ نوح نبيءَ کان اھا پوڙھي وسري ويندي. ٻوڏ جي گذري وڃڻ کان پوءِ، جڏھن ٻوڏ جو پاڻي پنھنجي جاءِ والاري ويندو تھ سالن کان پوءِ اھا پوڙھي نوح نبي کي ياد ايندي تھ نوح نبي اتي وڃي پھچندو ۽ ڏسندو تھ اھا مائي انھيءَ ماٿريءَ ۾ پنھنجي رڍن سان ويٺي آھي. پوڙھي سندس چاڪري ڪندي ۽ کير پيارينديس ۽ وري ساڳي ڳالھھ ورجائينديس تھ وڏي ٻوڏ ويل منھنجي پارت ھجيئي. مون کي پنھنجي ٻيڙي ۾ ضرور ويھارجانءِ، آئون ڊڄان ٿي. تڏھن نوح نبي حيران ٿي چوندس تھ توکي ڪابھ خبر ڪانھي؟ ھي ھيڏو پاڻي جو وري ويو.....؟! تڏھن پوڙھي چوندس تھ مون کي ڪابھ خبر ڪانھي! ڪجھھ ڏينھن اڳ گھاٽو جھڙ ٿيو ھو. منڊيون ڪڪريون وسنديون پئي ويون. بس ايترو مينھن پيو ھو جو منھنجي رڍن جي پشم ڌوپجي وئي ھئي - ۽ ”ناد“ ۾ چٽيءَ طرح لکيل آھي تھ غيب جي خبر رڳو خدا کي آھي، جيڪو ھر شيءِ جو خلقيندڙ ۽ پالڻھار آھي. باقي ماڻھو ويچاري کي تھ پنھنجي خبر ڪانھ ٿي پوي. ايئن جيئن تڪليف کان نئين ڄاول ٻار کي خبر ڪانھ ٿي پوي تھ ھو روئي ڇو پيو؟ ھاڻي ڏسو، ھي ٿر جون ڀٽون ھزارين سال اڳي اتي سمونڊ پيو ڇوليون ھڻندو ھو. ھاڻي اتي سمونڊ ڪونھين. اھو اسان رڳو ذھن کان ٿا ڪم وٺون، ڇو تھ انھيءَ واريءَ ۾ سپون ۽ ڪوڏ ملن ٿا. تڏھن چئون ٿا تھ اڳي ھي حصو پاڻيءَ ۾ ھو.“ پوءِ پاراشر رشي چپ ٿي ويو.
    ”ھي مھارشي! آئون ڪڏھن ڪڏھن محسوس ڪندو آھيان تھ ڪنھن دک کان منھنجو مٿو ٺڪاءُ ڪري ڦاٽي پوندو. جي حڪم ھوءِ تھ آئون ٻھ اکر چوان.“ ھڪ ملاح ڇوڪري ڊڄندي عرض ڪيو.
    ”ڀل چئھ، ڇا نانءُ آھي تنھنجو؟“ پاراشر رشي ٽِڪ ٻڌي سنڌباد جي انھيءَ نوجوان ساٿيءَ ڏانھن نھارڻ لڳو، جنھن جي ڇاتي ويڪري، ڏونرا وٽيل ۽ پٺا اگھاڙا ھئا ۽ چيلھھ سان ڏڦو ٻڌل ھئس.
    ”کٽڻ – آئون ڏڦير مھاڻو آھيان.“
    ”ڪھڙي ڳڻتي آھي جا توکي ستائي ٿي.....؟“
    .مون کي وڏي چنتا آھي. مان پوڙھي ماءُ ۽ ڪنواري ڀيڻ ڇڏيو پيو اچان. ھي سنڌباد تھ ڪئين پوٿيون پڙھيو ويٺو آھي. ھي ڪنھن مقصد کي آڏو رکي، سفر ڪري رھيو آھي. ھن جھوني ناکئي اڳيان بھ وڏو مقصد آھي. ھن کي خبر آھي تھ ھي کارو ڇو پيو کيڙي؟ پر آئون سنڌي نھ سمجھان. آئون ڇو ڇيو سمونڊ ڇاڇوليان؟ آئون ڇو سڄي ڪٽنب قبيلي کي پٺي ڏيو لھرن سان پيو لڙان؟ آئون ناڻي لاءِ بھ نھ پيو لوڙيان. ناڻو تھ سون مياڻيءَ ۾ سڀ کان گھڻو آھي. آخر اھا ڪھڙي طاقت آھي، جا مون کي اڻ ڏٺل، اڄاتل سمونڊن ڏانھن گھريو پئي وڃي؟ نيٺ بھ تھ مون کي ڇا پراپت ٿيندو؟ ائون ڇو امڙ ۽ ابو ڇڏي آيو آھيان.....؟“
    ”لوچ، جي لوچين سي لھن. توکي الاھين ڪجھھ پراپت ٿيندو، پر توکي انھيءَ جي ڄاڻ ئي نھ پوندي. ڪھڙي خبر تھ ڪنھن جي مقدر ۾ ڇا آھي؟ باقي قربانيون تھ سھڻن ماڻھن جو مقدر آھن. کٽڻ، منھنجي دل ٿي چوي تھ تون وڏو سڀاڳو ماڻھو آھين.“ پاراشر رشيءَ جي ڳالھھ تي کٽڻ کي ڄڻ سڪون ملي ويو. ھن جلدي پنھنجي ساٿي نوجوان کي ٺونٺ ھنئي. ”مينھان، تون بھ ڪجھھ پڇي وٺ.“ کٽڻ جي ڳالھھ تي ننڍي وھيءَ وارو مينھون گھٻرائجي ويو، چيائين:
    ”ھي مھاويد، مون کي رڳو دعا ڪريج.“
    ”ڌڻي ڪندو تھ ڏکيو ڏينھن نھ ڏسندين، وار ونگو نھ ٿيندءِ، اوھان سڀني کي منھنجي دعا آھي.“
    ”ھي مھاويد، الائي ڇو منھنجي دل پئي چوي تھ آئون پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندس. اسان اوھان جو الاھين قيمتي وقت سيڙاھيو.“ سنڌباد چيو.
    ”اوھين سڀ سڀاڳا ماڻھو آھيو. اھڙا جو اڄ مون کي ”ناد“ ويد جا ورق ياد اچي ويا.“ ان ويل ڦلڙين ڇانيل اڪ جي ٽاريءَ تان مينا رڙ ڪئي:
    ”ھي پاراشر رشي، مون کي ھڪڙي دعا ڪريو تھ منھنجي شادي نھ ٿئي.“ پاراشر رشي مينا ڏانھن نھاري مرڪي پيو.
    ”ڇو، تنھنجي شادي ڇو نھ ٿئي.....؟“ پاراشر رشيءَ جي ڳالھھ تي مينا وراڻيو:
    ”مڙس پنھنجي زالن سان سٺو ڪين ٿا ھلن. مڙسن جو ورتاءُ زالن سان نھايت اڍنگو آھي. ھاڻي ھن ٽڪي جي ڪوٽوار گوڪل ديو کي ئي ڏسو. زال گوڪان تي ائين پيو روب رکي ڄڻ پڻس جي نوڪرياڻي ھجي ۽ اسان جو ڪارو مور.... توبھن..... زال جي جدائي ۾ مڙس ڳاٽو ئي نٿو جھلي سگھي، پر جڏھن زال ملنديس تھ پوءِ ڏسجؤ تھ ڪيئن ٿو ٽيڳر ڪري. چھنب سان ويچاريءَ جي ٺوڙھھ کسائي ڇڏيندو.“ مينا جي ڳالھھ تي سڀ ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳا. ان ويل باز پکي بھ ڪارونجھر جي چوٽين کان اڏامندو ھيٺ آيو ۽ ھن پر پکيڙي ڪئين ڀيرا پاراشر رشي مٿان وڏي پراسرار اڏام ڀري. سندس پرن جو پاڇو ڪئين ڀيرا پاراشر رشيءَ مٿان پيو ۽ پوءِ الھندي طرف پنھنجي ٻيڙن ڏانھن اڏامندو ھليو ويو.
    ٿوريءَ دير لاءِ سڀ ٽِڪ ٻڌي باز پکيءَ جي اڏام ۾ نھاريندا رھيا. سنڌباد ڪا ڳالھھ ياد ڪندي وري ڳالھايو:
    ”اي مھاويد! اڃان بھ ھڪڙي ڳالھھ مون کي اوھان کان پڇڻي آھي. ھيءُ جو سٽاڻو سمونڊ آھي، جنھن ۾ وڏا مانگر مڇ ٿا پڇ ھڻن، جتي ڇوليون پھاڙن جيان ٻيڙن مٿان وري وينديون آھن ۽ ٻيڙا اٿلي ٻڏي ويندا آھن، انھيءَ کي ڪيئن پار ڪجي؟ ڪھڙا گھيڙ وٺي وڃجن....؟“
    سنڌباد جي انھيءَ ڳالھھ تي پاراشر رشي وڏيءَ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائينس:
    ”سنڌباد! مون کي ڪھڙي خبر تھ اوھين ڪھڙا کنڊ – اپ کنڊ ڏسڻ ٿا چاھي – ڪھڙا ٻيٽ – اپ ٻيٽ....؟“
    ”اسين سڄي ڌرتيءَ کي چڪر ھڻڻ ٿا چاھيون. اڀرندي جي ملڪن کان ڦرندا، ڏور اوڀر جي ملڪن ڏانھن وڃڻ ٿا چاھيون، جيئن نوح نبيءَ جي امانت کيس وڃي ڏيون. بس اھو سوچي ڌڻيءَ جو نالو وٺي ڪارن ڪنن ۾ گھڙي پيا آھيون.“
    ”پر جي آئون اوھان کي سھڻي صلاح ڏيان تھ پوءِ؟“
    ”چوندا آھن تھ پڇڻا نھ منجھڻا. سچي ڳالھھ تھ اھا آھي تھ اسين اوھان کان صلاح وٺڻ آيا آھيون.“ جھوني ناکئي اڍي ڳالھايو. پاراشر رشيءَ چيس:
    ”تھ پوءِ ٻڌو! پھرين اوھان ڀونءِ ترو کنڊ ڏانھن ٻيڙا ڪاھي وڃو. انھيءَ پار اڃان ڪوبھ نھ ويو آھي. ڀونءَ ترو کنڊ[4] ڌرتيءَ جو ھيٺاھون حصو آھي، زمين جو ترو آھي. اتي نسورو ناحق آھي. اتي وڃي جانچ لھو تھ آھي ڇا؟ اتي انسانن جون ڪھڙيون تڪليفون آھن؟ اھي دور ڪيو. جي اوھان جو سفر سچ جو آھي تھ پوءِ ڇوليون پاڻ اوھان جون رھبر ٿي وينديون.“ رشيءَ جي واتان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي سنڌباد جا سڀ ساٿي ڏاڍا سرھا ٿيا. سنڌباد چيو:
    ”اھڙي سھڻي صلاح لاءِ مھرباني جو اسان کي ڀونءَ ترو کنڊ جو عقل ڏنو اٿو. ھاڻ اسين سڀ کان پھرين ڌرتيءَ جو اھو ھيٺاھون حصو ڏسنداسين. اتي جي ماڻھن جي مشڪلاتن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ڌرتي جي انسانن لاءِ سٺو پيغام آڻينداسين. ھاڻي الله توھار....“
    ”الله توھار.....“ پاراشر رشيءَ کين دعائون ڏنيون. سنڌباد پٺيان سڀني پاراشر رشيءَ آڏو وڏا ڪورنش ڪيا ۽ پوءِ کانئس موڪلائي، موٽڻ لڳا – اوڏانھن، جتي گوڪل ديو سندن انتظار ڪري رھيو ھو.


      ڀونءِ ترو کنڊ جو سفر

    ڪارونجھر جبل جي پاڙ ۾ اٺن جي دڪي تي اچي سڀ پنھنجي پنھنجي اٺن تي سوار ٿيا. گوڪل ديو جي مھري اٺ پٺيان سڀ اٺ گڙندا، راڙا ڪندا اٿيا. ھان سندن قافلو گودي ڏانھن وڃي رھيو ھو، جتي سنڌباد جا ٻيڙا لنگر انداز ھئا. اٺن جا اوچا ڳاٽ تلا وڄائيندا، گڙڪندا ھم ھم ڪندا پئي ھليا.
    بندر جي دڪي تي اچي گوڪل ديو اٺ ھشايا. اڄ گوڪل ديو ڏاڍو اداس، رنجوڙ ۽ اٻاڻڪو پئي ڏسڻ ۾ آيو. ڄڻ مڙس جي سڄي طاقت ختم ٿي وئي ھئي. منھن ئي ڪارٽيو پيو ھوس. سنڌباد انھيءَ ڳالھھ کي محسوس ڪندي چيس:
    ”ڪوٽوار گوڪل ديو! اسين جڏھن ھتي آيا ھئاسين تھ اوھان جو چھرو ٻھڪيو پئي. ڏاڍي ڦڙتي ھئي اوھان جي ھلڻ ۾. اوھان جي ھلڻ سان ڄڻ ڌرتي ڌٻي ٿي. پر اڄ اوھان ۾ اھا ڦڙتي ڪانھي. اوھين ڪجھھ اداس پيا ڏسڻ ۾ اچو. ڪٿي اسان پاران اوھان کي ڪو رنج تھ نھ پھتو آھي؟ انسان خطا جو گھر آھي. جي اھڙي ڪا ڳالھھ آھي تھ پوءِ اسين توکان معافي ٿا وٺون.“ سنڌباد جي ڳالھھ تي گوڪل ديو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين:
    ”سنڌباد! اوھان جھڙن ڀلارن ماڻھن کان ڀلا ڪنھن کي رنج ملندو؟ اھي تھ اسان جھڙا ھچارا ماڻھو ھوندا، جي ٻين جون دليون ڏکوئيندا آھن. مون کي تھ انھيءَ ڳالھھ جو ارمان آھي تھ آئون اوھان جي خدمت ڪرڻ بدران، اوھان جي رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪندو رھيس. ھاءِ ھاءِ.... ڪتي پيٽ لاءِ زندھ رھڻ ڪيڏو نھ حقير ۽ نيچ ڪم آھي.“ اھا ڳالھھ چوندي گوڪل ديو روئڻھارڪو ٿي ويو ھو. تڏھن جھوني ناکئي چيس:
    ”نھ گوڪل ديو! تون پنھنجو پان کي اجايو پيو گھٽ وڌ ڳالھائين. سچ پڇين تھ اسان جي دل ۾ تو لاءِ وڏي عزت آھي. تون جيڪو کائين ٿو سو ھنڊائين ٿو. تو جھڙن پھلوانن جي ڪري ئي اسان جي ملڪ جو ڳاٽ اونچو آھي. توکي ڪاڻيارو ڪير چوي!“
    ”تھ ڇا سچ پچ اوھين مون کي چڱو ماڻھو ٿا سمجھو؟“
    ”ھائو! تون بي ڊپو، بھادر، فرض شناس ۽ مانجھي مرد آھين. اسان تنھنجو مرتبو سڃاڻون ٿا. باقي کل ڀوڳ، سو اسان سيلانين جي ڳالھھ دل ۾ نھ ڪجانءِ.“
    ”سچ، اھڙيون ڳالھيون ڪري اوھان مون کي لڄيندو ڪري رھيا آھيو. دل چوي ٿي تھ جيڪر مان آزاد ھجان ھا ۽ انھيءَ سفر ۾ اوھان سان گڏ ھجان ھا.“
    ”گوڪل، تون سدائين اسان کي ياد ھوندين.“ سنڌباد ۽ جھوني ناکئي جي ڳالھين سان گوڪل ديو خوش ٿي ويو ھو. منجھس ساڳي ڦڙتي موٽي آئي ھئي.
    سڀ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا، ٻيڙيءَ جي ڪاٺائن ڦٽن تان مٿي ھلندا ٻيڙن ۾ سوار ٿيا. سنڌباد جي شيھن جي ٻچن جي جوڙي راند لاءِ وري گوڪل ديو تي حملو ڪيو.
    ”پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا، ھٽي پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا......“
    گوڪل ديو جي ساڳي ھڪل لڳي پئي ھئي ۽ ساڳئي وقت ھو ھٿ ڦيرائي ساڻن پيار بھ ڪري رھيو ھو ۽ شينھن جا ٻچار بار بار گوڪل ديو سان راند ڪرڻ لاءِ مٿس ٽپا ڏئي رھيا ھئا ۽ گوڪل ديو وڏا ٽھڪ ڏئي رھيو ھو.
    ”گوڪل! شينھن جي ٻچن کان ڊڄين ڪونھ ٿو، پر ھن ڪاٺي جھڙي سڪل زال کان بھ ڪيڏو ٿو ڊڄين.“ مينا جي ڳالھھ تي سڀ کلڻ لڳا. گوڪل ديو مينا کي چيو:
    ”مينا! توکي خبر ناھي. اھا سڪل ٻاندي مڪريل جادوگرياڻي آھي.“
    ”ٺھيو ٺھيو ٺھيو...... اجايو پيو ويچاريءَ کي ٽيڳر ڏين. لاھي پادر ھڻيس تھ سڄو جادو نڪري وڃيس. باز کان نھ ڇڏايانس ھا تھ اڄ تون تنڙ ھجين ھا.“ سڀني جي کلڻ تي گوڪل ديو بھ ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو.
    پوءِ گوڪل ديو سنڌباد ۽ سڀني ساٿين سان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ ٻيڙي جي ڦٽي تان ھيٺ لھي ويو. سنڌباد جا ساٿي ڪاٺ جو ڦٽو ٻيڙي ۾ اندر ڪري پڳھھ ڇوڙي، کوھا کڻي، وڏاندرا ونجھھ ھڻندا ٽئي ٻيڙا ھاڪارڻ لڳا. رکي رکي ٻيڙن جا سڙھ مٿي کڄندا ٿي ويا.
    ”ھيسو ........ زور لڳايو ھيسو ........
    ھيلي آلا ھيسو، ايسو ........
    ھو، موج ۾ مڪڙي ........ ھيسو ........
    ھو، سمونڊ آ ساٿاري ........ ايسو
    ھيسو زور لڳايو ........ ايسو“
    ھاڻ سنڌباد جا ٻيڙا ڀونءَ ترو کنڊ جي اڄاتل منزل ڏانھن وڌي رھيا ھئا. گوڪل ديو بندر تي بيٺو موڪلاڻيءَ لاءِ ھٿ لوڏي رھيو ھو. ايستائين جو ٽئي ٻيڙا ڏور ٿيندا، سندس نھار مان نڪري ويا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 994959
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 333350
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ