ڪتاب جو نالو: آئيني جي اوٽ
مصنف: اصغر پتافي
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 482 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 116 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ : حُسناڪ ڪهاڻين جي دلربا مهڪ
  • ڌوڏ هِن سماج کي
  • جون2017ع همون جي ماڳ تي سرجيل ڪهاڻيون
  • سماج جو آئينو
  • ليکڪ پاران
  • ڪهاڻيون

  • اُڌاري رات
  • آئيني جي اوٽ
  • خوشبوءِ جي خودڪشي
  • شـام جــا پــاڇـا
  • فريبي اکيون...!
  •   کُليل دروازو
  • ڪارو ڏينھن
  • گونگي ڪهاڙي
  •   وڏو ڏوهاري
  • محبت کي آخري اعزاز
  • محبتون کسجي وينديون آهن
  •   بيوسيءَ جو زهر
  •   نابين اکين جا لڙڪ
  •   غداري ءَ جي پُل تي بيٺل ڇوڪري
  •   جوڀن رُت جا ڇڻيل پن
  •   رَکيل

  • ارپنا

    پنهنجي شهيد ماسات محمد رمضان پتافي جي نالي
    جنهن کي ايم آر ڊي تحريڪ دوران ملڪ جي رکوالن ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائيندي ڳوٺ محمد جمن پتافي ۾ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي کيس پنهنجي ئي ڪکن ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو...
    سميت سنڌ وطن جي سمورن ڳاڙهن گھوٽن جي نانءُ جيڪي پنهنجي محبوب ديس جي حقن لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويا.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آئيني جي اوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪھاڻيڪار اصغر پتافي آھي.
    اصغر پتافيءَ جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي.۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري غلام شبير لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    جديد سنڌي ادب جو وهڪرو پنهنجي مڪمل جوڀن سان محو رقصان آهي. اسان جي اداري جي اها اهم سوڀ ٿو سمجهان ته اسان جو جديد ليکڪ پنهنجو پورهيو اسان سان ونڊي اڳتي وڌائي رهيو آهي، سامروٽي پبليڪيشن ادب جي مختلف صنفن سان گڏ تحقيق ۽ تاريخ تي پڻ ڪتاب منظرعام تي آڻي پنهنجي ڪم جو حصو شامل ڪيو آهي.
    نوجوان اُڀري آيل بهترين ڪهاڻيڪار اصغر پتافي ڪجهه عرصي کان جديد سنڌي ڪهاڻي جي ميدان ۾ نه رڳو موجود رهيو آهي پر هو پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي مڪمل توجهه ڇڪائڻ ۾ به ڪامياب ويو آهي. سندس ڪهاڻين جو هي پهريون خوبصورت ڪتاب “آئيني جي اوٽ” کي پڌرو ڪندي دلي سرهائي ٿي محسوس ڪجي، اصغر پتافي جي جديد ڪهاڻين جا موضوع جيترا خوبصورت آهن اوترو ئي انهن جي پيش ڪش به منفرد آهي. هي ڪهاڻيون سماجي بُراين کي نروار ڪن ٿيون ته محبتن جون ترجمان به آهن. سماجي اٿل پُٿل سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون اهميت جوڳيون آهن.ويساهه آهي ته هي ڪاوش مانائتي موٽ ماڻيندي ۽ سنڌي ڪهاڻي جي سفر کي اڳتي وڌائيندي.

    پرڪاش ڪرمواڻي
    03333173584


    مهاڳ : حُسناڪ ڪهاڻين جي دلربا مهڪ

    ڪهاڻي تجسس جو ٻيو نالو آهي، ان ڪري به جو زندگي خود ڪهاڻي آهي. ڪردار مصروف رهن ٿا، مري وڃن ٿا،يادگيريون ڪهاڻيون ٿي ڦٽن ٿيون. ان حقيقت تي ڪوبه ڪارو ڪپڙو نٿو ويڙهي سگھجي ته ڪهاڻي تاريخ جي شعور جي دانهن آهي. ڪهاڻي زندگي جي ڳولا آهي. ڪهاڻي مشاهدن جي تندور مان احساس جي اُڌاريءَ ورتل تپش آهي! ڪهاڻي ڪپيل ٻانهن جي وارث آهي! اهو به سچ آهي ته ڪهاڻي ادب جي ڪنوار صنف آهي، جيڪا عروج ۽ زوال جي گردش مان گذرڻ باوجود مري ناهي سگھي. ڪهاڻي ان ڪري به زنده رهڻي آهي جو اها زندگي جي سچ جي ترجمان آهي. نوجوان باصلاحيت ڪهاڻيڪار طور اُڀريل دوست اصغر پتافي جي ڪهاڻين جي ڪتاب “آئيني جي اوٽ” تي مهاڳ لکندي دل چاهي ٿي ته سنڌي ڪهاڻي جي اتهاس تي ٻه اکر لکڻ بجاءِ اڄ جي ادبي روين، اڄ جي سرجندڙ جديد ڪهاڻي جي ڳالهه ڪجي، جنهن لاءِ اسان وٽ سنجيدگيءَ موڪلائي وئي آهي. “تاريخ” لفظ ذهن ۾ گونجندي ئي اهو تاريخي ڀوڳ محسوس ٿئي ٿو ته دنيا جي قديم ترين سنڌيءَ ٻولي ۾ سنڌيءَ ڪهاڻي جو جنم انگريزن جي سنڌ تي قبضي واري وقت ۾ ٿيو. ان کان اڳي جديد سنڌيءَ ڪهاڻي ڪونه لکي وئي هُئي، اسان لوڪ داستانن تي پئي گذارو ڪيو. جيڪي اسان جي عظيم ڪلاسيڪل شاعرن شاعريءَ ذريعي ڳايا هئا. سنڌ ۾ الف ليلوي قصن جي ڳالهه هئي، ڇا به هجي پر اها اهم ۽ دلربا حقيقت چٽي آهي ته ٿورڙي ئي عرصي ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي عروج ماڻي عالمي ڪهاڻي سان ڪلهو وڃي ملايو آهي. “پيراڻي” کان “ٽيون وجود” تائين “بلو دادا” کان “جي تو سوريءَ چاڙهيون” تائين “ڌرتيءَ ڌڪاڻا” کان “قبرستان ۾” تائين جديد سنڌيءَ ڪهاڻي جي حُسناڪيءَ جي آفاقيت اوچو ڳاٽ ڪري پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. ڳالهه رڳو اُتي ڇيهه نٿي ڪري پر اها ڀيانڪ تاريخ به پڌري ٿي ٿئي ته جديد سنڌيءَ ڪهاڻي کي رَت ست ڏئي جواڻ ڪندڙ ڪن عظيم ڪهاڻيڪارن جي پڄاڻي به ڪنهن المياتي ڪهاڻي جيان ٿي آهي. ڪڏهن ڪا بيرحم گوليءَ نسيم کرل جي وجود مان گذري آهي ته ڪڏهن ڪو ڳاڙهو ڪارتوس ملڪ آگاڻي جو سينو به پروڻ ڪري ويو آهي، پر جديد سنڌي ڪهاڻي کي ڪا گولي ماري ناهي سگهي، ها، ويجهڙ ۾ سنڌي ڪهاڻي سان جيڪو غيرسنجيده رويو اُڀريو ۽ نظر آيو آهي ان ضرور مايوس ڪيو آهي. ائين به چئي سگھجي ٿو ته جديد سنڌي ڪهاڻي جو قافلو نه فقط سُست پر ڪجهه ڪمزور به ٿيو آهي. اڄ جڏهن ڪن مئگزينن ۽ اخباري صفحن ۾ چند جملن ۾ لکيل ڪا فضول ڪهاڻي يا نثري نظم ٽائپ ڪهاڻي پڙهجي ٿي ته ان غيرسنجيدگي واري رويي تي اچرج اچي ٿي ته هي ڇا پيو ٿئي؟ جواز اهو ٿو ڏنو وڃي ته “دنيا مختصر ڪهاڻي کي قبولي رهي آهي، ڪنهن وٽ وقت آهي جو ڊگھيون ڪهاڻيون پڙهي!” منهنجي خيال ۾ ائين ناهي، اهي جواز جان ڇڏائڻ لاءِ گھڙيا ويا آهن. فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا جي اثر اسان مان محنت ڪرڻ وارو عنصر خارج ڪري ڇڏيو آهي. اسان سنجيدگي کي پاسيرو ڪري چڪا آهيون. ماڻهو اڄ به سٺي ڪهاڻي پڙهڻ چاهين ٿا. اڍائي سئو صفحن جو ناول به ماڻهو پڙهڻ لاءِ تيار آهن، پوءِ اهي کوکلا جواز ڇا ٿا ثابت ڪن؟ اها ادبي تباهي هاڻ اعلى سنجيدگيءَ جي گھرج ڪري ٿي. اسان کي پنهنجي ادب لاءِ دوستيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.
    لاڙ سان تعلق رکندڙ نوجوان اصغر پتافي تخليقي ڪهاڻيڪار آهي. هن وٽ ڪهاڻي لکڻ جو بهترين فن موجود آهي. هن جي ڪهاڻي ۾ تخليقي لفظيات ججهي نظر اچي ٿي. هن وڻندڙ اسلوب ۾ ڪهاڻيون رچيون آهن. ان باوجود پزيرائي کان پاسيرو رهڻ جو وڏو سبب اهو ٿو نظر اچي جو هو ادبي ڌارا کان ڪٽيل رهيو آهي. هُن پارٽ ٽائيم طور ڪهاڻي لکي آهي. هُن جي ڪهاڻي جي تجزيي کان اڳ ۾ ادبي وايو منڊل جو تجزيو پيش ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي، جنهن ۾ اهي ڪهاڻيون تخليق ٿيون آهن. اصغر جون ڪُل سورنهن ڪهاڻيون هتي آيل آهن، جن مان اڪثر 1999ع کان 2004ع تائين جون لکيل آهن. باقي ٻه ٽي ڪهاڻيون ويجهڙ جون آهن. سن 2000ع ڌاري اصغر پتافي به ٻين نوجوان ليکڪن سان گڏجي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ ڊائجيسٽن ۾زور شور سان لکيو، انهن کي خوب ڇاپيو به ويو. اُن ڌارا ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري ٻئي اثر ظاهر ٿيا. هاڪاريءَ اثر اهو هو جو نوجوانن کي ڇپجڻ لاءِ حوصلاافزائي ملي ۽ پليٽ فارم مهيا ٿيو. ناڪاريءَ اثر اهو ٿيو جو معيار جو تعين ڪٿان ڪونه ٿيو، هر ڪچيءَ ڦڪيءَ لکڻي ڇپجي ٿي وئي. ڪو لاڙو معتارف ٿي سامهون ڪونه آيو. نتيجي ۾ نوجوان ليکڪ صنفن جي بنيادي حُسناڪين تائين رسائي ڪونه ماڻي سگھيا. انهن ان دؤر جي سٺن ادبي مخزنن ۽ رسالن سان لهه وچڙ ڪونه رکي يا نالي ماتر رکي، جنهن ڪري انهن جي اوسر اڌوري رهجي وئي. اصغرپتافي بهترين ڪهاڻي لکڻ جي باوجود نشانبر نه ٿي سگھيو، جڏهن ته هُن وٽ صلاحيتن جي ڪابه کوٽ ناهي رهي. جلد ئي هو ڪهاڻي جو ميدان ڇڏي ٽي ي چينل ميڊيا جو ماڻهو ٿي ويو جتي هُن ڊراما لکيا. اوچتو ڪجهه سوچي هُن موٽ کاڌي آهي، هن ٻيهر ڪهاڻي سان اکيون اڙايون آهن.“آئيني جي اوٽ” سري سان پنهنجو هُن خوبصورت ڪهاڻين جو ڪتاب آڻڻ جو وقتائتو قدم کنيو آهي.
    اصغر پتافي جي ڪهاڻين کي پڙهي پروڙ پوي ٿي ته هو آرٽسٽ ذهن رکندڙ بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هو ڪهاڻين جي روح تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. موضوع جي چُونڊ کان ڪهاڻي جي پُڄاڻي جي ڪلائيميڪس کي ڇهڻ تائين جي ڪاريگريءَ سان هُو سرشار آهي. ڪهاڻي کي گھرائي ڏيڻ جو فن هن وٽ موجود آهي. هن لفاظي ڪهاڻيون نه پر موضوعاتي دلفريب ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي متاثر ڪندڙ آهن، اِهي ڪهاڻيون شهريءَ زندگي جون به ترجمان آهن، ته ٻهراڙيءَ جي زندگين کي به روح سان اُجاگر ڪندڙ آهن. هن جو اسلوب جاندار آهي، ٻوليءَ بيحد حسين ۽ نراليءَ آهي. هُن پراڻي ۽ اڳ گھڻو لکيل موضوعن تي به نئين سري سان ڪهاڻيون لکيون آهن ته ڪن نئين موضوعن کي به هُن نئون رنگ ڏنو آهي. هُن جون سموريون ڪهاڻيون پختي شعور جون عڪاس آهن. هُن جي ڪهاڻين ۾ ڪابه مصنوعيت نظر نٿي اچي، اهي ڪهاڻيون جيئريون جاڳنديون حقيقتون لڳن ٿيون. ڪهاڻي لکڻ جو هُن جو پنهنجو منفرد ڊڪشن، انداز سچ ته دل کي موهي وڃي ٿو. “آئيني جي اوٽ” جي ڪهاڻين کي ڏسجي ته اهي هن ريت آهن : اُنهن جو سهڻو تت هي آهي :
    • اُڌاري رات : بهترين رومانوي ڪهاڻي آهي. هن موضوع تي اڳ به سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکيون آهن، پر هن ڪهاڻي جي پختگيءَ ۽ سگهاري ٻوليءَ توجهه ڇڪائيندڙ آهي.
    • آئيني جي اوٽ : ٽائٽل ڪهاڻي بنا شڪ جي منفرد ۽ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي، هڪ پُراڻي نفسياتي موضوع کي نئون لباس ڏيئي ڪهاڻيڪار دلڪشي ڏني آهي، جنسيات ۽ نفسيات جي ميلاپ سان رڱيل هي ڪهاڻي وڻندڙ آهي.
    • خوشبوءِ جي خودڪشيءَ : اصغر پتافي جي بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن کي تجسس جي چانڊاڻ اوڍيل آهي. هڪ ناچڻي ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۽ رومانس کي ڪمال ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. احساساتي جملن هِن ڪهاڻي کي سگهه ڏني آهي.
    • فريبي اکيون : هڪ جاندار ۽ شاندار جديد ڪهاڻي آهي. فريب کي ڪهاڻيڪار نه رڳو روح سان پيش ڪيو آهي، پر جاندار ڪردارن خود ڪهاڻي کي دلڪش بڻايو آهي. ڪهاڻي ۾ سمايل درد دل سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. منهنجي نظر ۾ هي هڪ يادگار ۽ لاجواب ڪهاڻي آهي.
    • شام جا پاڇا، هر حوالي سان ميچوئر ۽ حسين ڪهاڻي آهي. موضوع ڏاڍو منفرد ۽ اڇوتو آهي. هڪ بيمار شاعره جي زندگيءَ جي هي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. هِن کي هڪ ڪامياب ڪهاڻي چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هن دلچسپ تخليقي ڪهاڻي کي اجهل ۽ دردوند ڪيفيتن حقيقت جا اهم رنگ ڏنا آهن. ڪهاڻي پڙهندڙ جي آڱر جهلي اُن کي ڪنهن رات ڏي ڌڪي وٺي وڃي ٿي.
    • کليل دروازو : ڪهاڻي ذهني ڪشمڪش ۽ انتشار جي ترجماني ڪندڙ آهي، پر بي نتيجي ڪهاڻي لڳي ٿي، هن ڪهاڻي جو موضوع ڪمزور لڳي ٿو.
    • ڪارو ڏينهن : لاجواب ڪهاڻي آهي، هي ڪهاڻي کان وڌيڪ ايم آر ڊي تحريڪ جو هڪ حقيقي ورق آهي. اهو واقعو جهڏي شهر ويجهو ٿيو هو، تڏهن آئون شاگرديءَ واري دؤر ۾ هوس، هِن رهزن ڪاروائي ۾ منهنجو پيءُ به گرفتار ٿيو هو. اهو ڏينهن سچ به ڪارو ڏينهن هو. بيحسيءَ جي اها حد آهي جو جنهن تحريڪ لاءِ ماڻهن رت ست ڏنو، اها تنظيم اها جمهوريت خود اونداهي ۾ بدلجي وئي. هِي ڪهاڻي هر حوالي سان بهترين ڪهاڻي آهي.
    • گونگي ڪهاڙيءَ : اصغر جي شاهڪار ڪهاڻي آهي. هي حقيقت جي گواهه آهي. مڙس پاران ڇڏيل نوجوان عورت جي هن ڪهاڻي ڪاروڪاريءَ جي ناسور کي جنهن گھرائي سان پڌرو ڪيو آهي، ان حقيقت هن ڪهاڻي کي سگهارو بڻايو آهي. فني ۽ فڪري حوالي سان مڪمل هن قسم جي ڪهاڻين سنڌي جديد ڪهاڻي جو حسناڪ پاسو روشن ڪيو آهي.
    • وڏو ڏوهاري : هڪ دلچسپ نراليءَ علامتي ڪهاڻي آهي. هِن ڪهاڻي ۾ روح آهي. سماج تي تنقيدي اُڇل آهي. عزرائيل جي ڪردار کي هن ڪهاڻي ۾ اڀاريو ويو آهي. بنيادي طور تي هن کي اصلاحي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو.
    • محبت کي آخري اعزاز : رواجي ڪهاڻي آهي پر موضوع ۽ ڪردار ۾ ورائٽي ضرور آهي. ڪهاڻي پنهنجي ڪشش ڪٿي به وڃائي نٿي.
    • محبتون کسجي وينديون آهن : هي دلفريب ڪهاڻي آهي، جيڪا زندگي جي درد ۽ زهر سان ڀريل آهي. مجبورين جي تماشن کي اصغر مهارت سان پيش ڪيو آهي.
    • بي وسيءَ جو زهر : بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انسان جي غربت کي ننگو ڪري پيش ڪري ڏيکاريو ويو آهي، غربت مان ئي بي وسيءَ جنم وٺي ٿي، اهو سچ هن سٺي ڪهاڻي جو تت آهي.
    • نابين اکين جا لڙڪ : اصغر پتافي جي سڀ کان وڌ حسين ۽ يادگار ڪهاڻي آهي، غضب جي عشقيا ۽ سماجي موضوع سان سلهاڙي هي ڪهاڻي لکي وئي آهي، هي ڪهاڻي ثابت ڪري ٿي ته اصغر پتافي لاجواب ڪهاڻيڪار آهي، هو نوجوانن ۾ نمائينده ڪهاڻيڪار سڏجڻ جو حقدار آهي.آئون هن خوبصورت ڪهاڻي کي سنڌي جديد ڪهاڻي جي دنيا جي هڪ اهم ۽ شاندار ڪهاڻي سمجهان ٿو. هن ڪهاڻي مان اصغر جي شعور جي بلندي ۽ فني پختگي چٽي ٿئي ٿي. هي ياد رهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي.
    • غداري جي پل تي بيٺل ڇوڪريءَ : شهريءَ زندگيءَ تي لکيل پياري ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪردارن جي نفسياتي فرسٽريشن کي وائکو ڪري ٿي. ڪهاڻي پنهنجي موضوع سان مڪمل انصاف ڪري ٿي. بيوفائي هن ڪهاڻي جو دلچسپ حصو آهي. ڪهاڻيڪار ڪيفيتن سان واه جو ورتاءُ ڪيو آهي.
    • جوڀن رُت جا ڇڻيل پن : عام رواجي ڪهاڻي آهي، موضوع به ڪو خاص ناهي،
    • رکيل : انتهائي خوبصورت ۽ احساساتي ڪهاڻي آهي، هڪ سُريت جي وارتا کي ڪهاڻيڪار دلربا انداز سان پيش ڪيو آهي، هي ڪهاڻي قيمتي ڪهاڻي ان ڪري به آهي جو ڪهاڻي جي پُڄاڻي هانءُ ۾ هٿ وجهندڙ آهي.

     ڪهاڻين جي هن مختصر تجزيي کان علاوه هنن ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ليکڪ جي پختيءَ ذهينيت ۽ اعلى مشاهدي جو رنگ هنن ڪهاڻين ۾ شامل آهي. روشن خيال ڪهاڻيڪار خاص مقصد ذهن ۾ رکي هنن قيمتي ڪهاڻين کي سرجيو آهي. ڪٿي بيانيا طور داستاني ۽ ڪٿي ڊائلاگيا انداز کي گڏائي هنن بهترين ڪهاڻين جا بُت تراشيا آهن. ان ڪري اُهي بيحد متاثر ڪن ٿيون.
     اصغر پتافي جي هنن ڪهاڻين ۾ انيڪ ناياب، نفيس، ۽ دلربا جملا به ستارن وانگي پکڙيل آهن. اهڙن جملن جي ڪري به هنن ڪهاڻين کي وڏي خوبصورتي ملي آهي. مثال طور هتي ڪجهه جملا پيش ڪجن ٿا، جيڪي دل ۾ رکڻ لائق آهن.
    • مان ازل کان اُڌارين ۽ خيراتي راتين جو سوداگر رهيو آهيان!
    • ڳالهه عارضي وڇوڙيءَ جي آهي، جنهن جي پل پل ۾ ابديءَ وڇوڙي جو ڀيانڪ خواب چُڀندو رهندو آهي!
    • انتظار منهنجي نه پر مان انتظار جي وس آهيان، انتظار جڏهن به ٿڪو ته منهنجي هنج ۾ آرامي ٿي پوندو!
    • ماڻهو سڀ ان واريءَ هيٺان ڍڪجي ويندا، ڪو رڙ به ڪونه ڪندو، اڄ مون چاچي سانوڻ وارين رڍن جون رڙيون ٻُڌيون آهن، لڳي ٿو ڄڻ ته هو هاڻ واريءَ کائي کائي ڀرجي پيون آهن!
    • کيس خيال آيو هو ته رئيس رسول بخش جي قبر جي آليءَ مٽيءَ جي چپٽيءَ ڀري پنهنجي پيٽ ۾ وجهي پنهنجي لاءِ ڪو وارث پيدا ڪري پر ائين هاڻ ڪٿي ممڪن هو!
    o هڪ نئون اُڀريل ڪهاڻيڪار هوندي به هي ڪتاب پڙهندي اهو نٿو محسوس ٿئي ته ڪو اصغر پتافي سنڌي ڪهاڻي جو بنهه نئون ڪهاڻيڪار آهي، جڏهن ته هُن جون ڪهاڻيون پڙهي لڳي ٿو ته هو مڪمل ميچوئر ۽ پختو بهترين ڪهاڻيڪار آهي، ۽ آئون سمجهان ٿو ته اهو تاثر اصغر جي ڪامياب ڪهاڻيڪار هجڻ جي گواهي آهي. باوجود ڪهاڻين ۾ ڪي ڪمزوريون هئڻ جي اهو واضع آهي ته اصغر جو نه فن ڪمزور آهي، نه فڪر ڪمزور آهي، هُن کي اڃان به نئين جديد سنڌي ڪهاڻي تراشي نروار ڪرڻي آهي، کيس اها ذميواري ضرور محسوس ڪرڻي پوندي. ڇو جو هي ڪتاب هُن کي هڪ سٺو ۽ سنجيده ڪهاڻيڪار ثابت ڪري ٿو. اصغر جون هي ڪهاڻيون ثابت ڪن ٿيون ته هن وٽ منفرد ڏات ۽ ڏانءُ آهي.
    o هي ڪامياب ڪتاب نه رڳو اصغر کي هڪ باشعور باصلاحيت ڪهاڻيڪار طور سٺي پزيرائي ڏيندو، پر گڏوگڏ نئين اڀري آيل شانائتي قلمڪار طور نئين سڃاڻپ به بخشيندو. هي ساراهه جوڳو پورهيو ويساهه آهي ته گھڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو. هن ڪاوش جي آجيان ٿيڻ گھرجي، ڇو جو سنڌي جديد ڪهاڻي کي ڪميٽيڊ نئين نسل جي ليکڪن جي ضرورت آهي.

    ايوب کوسو
    جون 2017ع


    ڌوڏ هِن سماج کي

    ادب جون جيتريون به صنفون آهن سي بنيادي طرح هن سماج سان وابسطه ڏکن، سورن، پيڙائن، انياءُ، ناانصافين جي ڏکوئيندڙ منظرن کي مختلف اندازن سان بيان ڪرڻ سميت بغاوت ۽ مزاحمت جا ذريعا سمجهڻ گھرجن. اهو دارومدار ڏات ڌڻيءَ جي انداز بيان جو ڪمال فن تي آهي ته هو انهي صنف ۾ سماج جي دردن جي منظرڪشي ڪيئن ڪري ٿو؟ ان درد کي هزارين دليون پنهنجو درد ڪيئن سمجهن؟ ڏات ڌڻيءَ هن سماج جي ترجماني ڪيئن ڪري سگهندو؟ جنهن ڏات سان انهن اندر جي اڌمن کي ڪڏهن نظم ۾ پيش ڪري ويندو آهي ته ڪڏهن نثر ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اصغرپتافي پنهنجي مزاج جو ماٺيڻو قلم ڌڻيءَ آهي جنهن جو قلم اونڌاهي ٻاٽ ۾ روشني جي لاٽ بڻجي جرڪيو آهي. هو زهر جهڙي خاموشي ۾ هن سماج کي ڌوڏيندڙ ڳالهيون نهايت ئي ماٺار ۾ ڪري ويندو آهي. جيڪو ڳالهيون ادب جو رومال نه هجي ته قطئه نه ڪري سگهجن ها برابر هن ڪرڀناڪ شور ۾ آهون، دانهون، ڪوڪون ۽ سسڪيون رڳو محسوس ڪرڻ به معجزي کان گھٽ ناهي.
    اصغر پتافي گھڻ طرفو ڏات ڏڻي آهي. جيڪو ڪنهن هڪ صنف تي ليڪو ڪڍي بيهه نه رهيو آهي. پر هن اُن ڏات ذريعي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ڪڏهن هن سماج جا درد نظم ۾ بيان ڪيا آهن ته ڪڏهن اصغر پتافي پي ٽي وي تي ڊرامه لکي هن سماج کي آئنو ڏيکاريو آهي. ته ڪڏهن هو سڪرات ۾ پيل ڪهاڻي ۾ روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڪڏهن هو ناول جي چيچ پڪڙي ٿو. يعني هن جو قلم مسلسل جاڳ ۾ آهي. جڏهن ته مسلسل جاڳڻ ئي هن سماج ۾ بغاوت جي علامت آهي. هن اهڙي بغاوت ڪئي آهي. جنهن سبب هو مسلسل ڀوڳنائن جا رڻ اُڪاري ٿو، هو روز هن سماج جي ٽارچر سيل جو سختيون سهي ٿو، هن سماج جا رويا روز هن کي مارڻ، ساڙڻ، ٻارڻ، ڌڪارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن پر هو روز نئون جنم وٺي مقابلي جي ميدان تي ثابت قدمي سان بيٺو آهي. هو روز نئون انسان بڻجي اُڀري ٿو، هو روز نوان خيال، جذبا ۽ سوچن جا سمنڊ اُٿلائي ٿو. هو هن سينواريل سماج کي پنهنجن نثر ۽ نظم جي ذريعي نوان گس، چارا، رُخ، رمزون ۽ راز ڏي ٿو. هُن فقير ڪڏهن پنهنجي قلمي پورهيي جو ليکو چوکو ئي نه ڪيو آهي ته نه ئي هن ڪڏهن پويان نهاريو آهي ته هي “اڪ ڪارا ڪرڻ” سان ڇا مليو ڇا پلئه پيو، ڇا حاصل ڪيو، ڇا وڃايو؟ سماج جي آلوده روين هن شيشي جهڙي نازڪ ماڻهو جي من کي زخمي ڪيو هوندو. اهو سڀ اصغر پتافي تاريخ تي ڇڏيو آهي. واقعي اهو ڪم به تاريخ جو ئي آهي. تنهنڪري اهو فيصلو تاريخ جو بي ريا منصف ئي انصاف سان ڪري سگھندو. سٺو اهو ٿيو جو اصغر پتافي ادب جي ميراٿن ريس ۽ ادبي قدبت ماپڻ واري قطار ۾ ڪونه بيٺو . ماڳين اُتان پاسو ڏيئي به ڪونه گذريو.
    اصغر پتافي جي ڪهاڻين جو ڪتاب “آئني جي اوٽ” ۾ شامل ڪهاڻيون ليکڪ الڙ وهي ۾ بي هنري سان سرجيون هيون. جيڪي ان دور ۾ وڏي موٽ ماڻي چڪيون هيون. سنڌ ۾ نئين پڙهندڙن جو وڏو حلقو کيس شوق سان پڙهندو هو. پر اصغر پتافي ڊرامن جي دنيا جو رُخ ڪري ڪهاڻين کان ڄڻ منهن موڙي ڇڏيو هو. اڄ انهن مشهور ڊرامن جا وٽس اسڪرپٽ به نه آهن پر ڪهاڻيون وري به سندس سڃاڻپ بڻيل آهن. تنهنڪري آئون دوست اصغر پتافي کي هجت ڪندي عرض ڪندس ته يار! ڇڏ ڊرامن جي رنگين دنيا کي اچ وري واپس پنهنجي ڪهاڻي طرف، اچ وري ناول طرف، وري نئين سر پنهنجيون اڻپوريون ڪهاڻيون ۽ ناول مڪمل ڪر جيڪي تنهنجا منتظر آهن. اڄ به تنهنجي هن قلمي پورهيي جي اها ئي اهميت ۽ افاديت آهي جيڪا ڊائجيسٽ جي عروج واري زماني م هُئي. اصغرپتافي جي ڪهاڻين جو مجموعو “آئني جي اوٽ” جس لائق ادبي ڪاوش آهي. اميد ته ڪهاڻين جي دنيا ۾ هي ڪتاب پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهيندو.

    محب ڀيل


    جون2017ع همون جي ماڳ تي سرجيل ڪهاڻيون

    اصغر پتافي جون ڪهاڻيون 17، 18 سال اڳ ماهوار رسالي هالار ۾ پڙهيون هئم. اهو رسالو بند ٿيڻ بعد هن به ڪهاڻيون ڇپرائڻ بند ڪري ڇڏيون. اصغر جو ڳوٺ ملڪاڻي شريف آهي هو جڏهن به ٽنڊي باگي ايندو هو ته روبرو ڪچهري ٿيندي هئي يا فون تي رابطو ٿيندو هو ته آئون کيس سندس ڪهاڻين ۽ سندس ناول “محبت ڇڻيل گلن جو منظر” کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ لاءِ زور ڀريندو هئس. خوشي ٿي ته نيٺ هن ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ اهي ڪهاڻيون “ آئيني جي اوٽ” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
    اصغر پتافي ڪهاڻيڪار به آهي. ناول به لکيا اٿس، شاعر به آهي ۽ ڊراما رائيٽر به آهي. هن پي ٽي وي، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي لاءِ ڊراما لکيا ۽ هاڻي ڌرتي ٽي وي جي لاءِ ڊراما لکي پيو. جنهن ڪري کيس ڪافي ڏينهن ڳوٺ کان پري ڪراچي ۾ رهڻو پوي ٿو. هن صحافت به ڪئي ۽ سچ لکڻ ڪري ڏاڍن جي اک ۾ ڪٽر بنجي ويو. ان ڏس ۾ کيس جيڪي تڪليفون ۽ پريشاني پلئه پيون انهي کي مڙس ٿي منهن ڏنائين.
    هن جون ڪهاڻين جا ڪردار اوپرا ناهن. اهي ڪردار ڄامشوري جي هوائن، حيدرآباد جي رستن، جهڏي گدام جي ڦاٽڪ ۽ ملڪاڻي جي انهي ڳوٺڙي ۾ گهمندا نظر اچن ٿا. هن ڪرڀ مان گذرڻ کان پوءِ اهڙيون ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ درد جو درياءَ ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو. ته سڏڪا، آهون، دانهون، لڙڪ ۽ اداسين جا ڊگها پاڇا به ملن ٿا. سندس ڪهاڻين جا پلاٽ سگهارا آهن. هن جون ڪهاڻيون طويل ضرور آهن پر وقت تي ڊائيلاگ جي بهترين ادائيگي سبب پڙهندڙ بور ڪون ٿو ٿئي. اهو هن جو ڪمال آهي.
    اصغر جي ڪهاڻين ۾ سماج جي بي وس ماڻهن جا لڙڪ جي محسوس ڪري سگهجن ٿا. سندس ڪهاڻي “بي وسي جو زهر” طبقاتي سماج جي منهن تي چماٽ آهي. هن رڳو ان ۾ شفن کي مرندي ناهي ڏيکاريو پر انسانيت جي به موڪلاڻي ڏيکاري اٿس. يا سندس ڪهاڻي “رکيل” ۾ به سماجي برائي ۽ اخلاقيات جو ڏيوالو نڪرندي ڏيکاريو اٿس. ايم آر ڊي تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي “ڪارو ڏينهن” ۾ پڻ سنڌي ماڻهن جي بهادري سان گڏ بي گناهه وهيل رت جا دٻا نظر اچن ٿا.
    اختر حفيظ ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪندو آهي ته ادب ۾ ڪنهن جو قد ڪڇڻ، ننڍ وڏائي جون سندون ورهائڻ بجاءِ اهو فيصلو ايندڙ وقت تي ڇڏي ڏيو. اصغر پتافي جي آئون ڪنهن سان ڀيٽ نه ڪندس ۽ مون جهڙو ننڍڙو لکندڙ ڪا ڀيٽ ڪري به ڪئين ٿو سگهي. بس آئون ايترو چوندس ته عشق هن کان لکرائي ٿو ڇو ته هو ان ماڳ تي رهي ٿو، جتي ڪڏهن همون جي حُسن جا تجلا ۽ عشق جا جلترنگ هئا. ان عشق جي ئي تاثير جو ڪمال آهي جو هن جو مامو نياز پتافي “بزم مان نڪتل بيگانو، نڪي اچڻ جهڙو نڪو وڃڻ جهڙو” جهڙا گيت لکي ٿو ۽ خالد پتافي سنگيت جا سُريلا سُر ڇيڙي ٿو ۽ اصغر رات جو دير تائين چانهه جا ڍڪ ڀريندي نئين ڪهاڻي کي ڪاغذ جي وجود تي لاهي ٿو. هن جو گذر انهن واٽن تان ٿئي ٿو جتي ڪڏهن “محراب جو شهر” آباد هو. جتي “ٻنگار” جي شهر جا ٽڙيل آثار آهن. ۽ پراڻ جي ڪنڌي تي به شامون گذاريون آهن.
    اصغر مونکي پڪ ڏني آهي ته سندس ڪهاڻين جي ڪتاب “آئيني جي اوٽ” کان پوءِ هو ناول ۽ شاعري جا ڪتاب به ضرور ڇپائيندو. مونکي يقين آهي ته اصغر پتافي جو قلمي پورهيو ضرور سڦل ويندو. ۽ پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

    غلام شبير لغاري
    جون 2017ع


    سماج جو آئينو

    سنڌ سميت پرڏيهي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون هر خطي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هر سماج ۾ انهن جا عڪس لوڪ ادب ۾ چٽا نظر اچن ٿا. سنڌ جي لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون ۽ نيم تاريخي داستانن جي پنهنجي تاريخ آهي. قيام پاڪستان بعد سنڌ ۾ جديد عالمي ادب سميت جيڪا سياسي اٿل ۽ پٿل ٿي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارن تان اديبن جي جدوجهد سميت ون يونٽ دوران سنڌي اديبن جيڪو شاندار ڪردار ان دوران سنڌي ادب ۾ پڻ نوان لاڙا پيدا ٿيا. شيخ اياز وڄون وسڻ آيون ڪتاب ۾ جيڪي تخليقون تخليق ڪيون. جن ۾ سهندو ڪير ميار جهڙي هڪڙي طرف شاعري پي تخليق ٿي ٻي طرف ثمرين زرين، خيرالنساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه، علي بابا، رسول بخش پليجو ۽ ٻين جون ڪهاڻيون هيون. جن سون تي سهاڳي وارو ڪم پي ڪيو. انهي تسلسل واري آئيني جو عڪس پراڻ جي ڪنڌي تي همون ۽ دولهه درياءَ خان جي عشق واري پڊن تي پيدا ٿيل اصغر پتافي جي ڪهاڻين ۽ سندس صحافتي لکڻين ۾ پسي سگهجي ٿو. هن جا مختلف ٽي وي چئنلن لاءِ لکيل ڊراما هجن يا سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “آئيني جي اوٽ” ۾ ڏنل ڪهاڻين مان “بي وسي جو زهر” “رکيل” سميت ٻيون ڪهاڻيون پڙهيم ته هن موجوده سماج جو آئينو ائين چٽيو آهي جيئن ڪنڀارڪي دلي تي چٽيل چٽ هوندا آهن. هن جي ڪهاڻين جا عڪس سماج جو آئينو آهن. هن وقت گل محمد ڪلهوڙو، جمن احمداڻي، عادل لغاري ۽ اصغر پتافي اهڙا نوجوان ڪهاڻيڪار آهن جن جون ڪهاڻيون پڙهندي لڳي ٿو ته جن چيو پي ته سنڌي ڪهاڻي آخري پساهن ۾ آهي. سي ڀليل هئا. اصغر پتافي جون ڪهاڻيون آئيني جي اهڙي اوٽ آهن جيڪي پڙهندي پڙهندڙ ڳوڙهن جي سمنڊ ۾ لهي وڃي ٿو. غلام شبير لغاري ۽ الهبچايو راهوڪڙو پڻ جديد ڪهاڻين تي ٿيندڙ دوران اصغر پتافي جي ڪهاڻين جا حوالا ڏيندا رهندا آهن. واقعي اصغر جي ڪهاڻين ۾ هن سماج جا اهڙا اولڙا پسجن ٿا جيڪي پئي پراڻو نه ٿئي وکر جهڙا آهن. سندس ڪهاڻيون ور ور ڏيئي پڙهڻ جهڙيون آهن.

    عثمان راهوڪڙو
    جون 2017ع


    ليکڪ پاران

    پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ مون هن ڪائنات جون سموريون حسناڪيون ۽ سمورا منظر پنهنجي اندر ۾ سمائي ڏٺا آهن. مون ڪڏهن پاڻ کي موهن جو ڌڙو ته ڪڏهن ڀنڀور جو ڀڙو به محسوس ڪيو اٿم. مون ڪڏهن پاڻ کي ٿر جون اڃاريون ڀٽون ته ڪڏهن ڪاڇي جي ڪوسين هوائن ۾ اُڏامندڙ اُهي ڪک ڀانيا اٿم جيڪي چاهيندي به ڪنهن جو ڇانورو نه ٿي سگهيا آهن. مون پاڻ کي منڇر به محسوس ڪيو آهي ته ڪيٽي بندر جو اهو ملاح به سمجهيو اٿم جنهن جي هوڙي تي هاڻ واڳون چڙهي ويٺو آهي. مون پاڻ کي لاڙ ۾ سُڪندي ۽ اُتر ۾ ٻُڏندي به ڏٺو آهي.آئون گهڙي پل لاءِ پاڻ کي سُڪي ويل سنڌو لڳو آهيان. مونکي پنهنجو وجود ظالم شڪاري جي ڇيرن سان پروڻ ٿيل پکي جي ڦٿڪندڙ وجود جهڙو محسوس ٿيندو آهي. ڪڏهن ته مون پاڻ کي مختلف انساني درجن،مذهبن،ذاتين ۽ قومن کان بلڪل آجو آزاد پنڇي جيئن محسوس ڪيو آهي جيڪو مندر، مسجد ۽ ڪليسا تي ويهي ٿو.
    آئون ڪڏهن ڪڏهن پارڪر جي پٽن تي پارڪريو ٿي رولان ٿو ته ڪڏهن منهنجي وجود ۾ ڌرتيءَ جو دراوڙ ڀيل پنڌ ڪر ي ٿو. منهنجو من ڪڏهن ڪڏهن گاڏوليو لوهار بڻجي ڀٽڪي ٿوجنهن جون باه جي اُلي تي ٺپيل ڪهاڙيون اهو حوصلو ڏينديون آهن ته هاڻ وطن جي ويرين جا ڪنڌ ڪپڻ گھرجن
    اُهي سموريون شيون منظر، ڪيفيتون ۽ ڪردار منهنجي جسم جي مٽيءَ ۾ سمايل آهن تنهنڪري سمورين شين کي ڇڏي پاڻ کي هڪ ڪردار ۾ فٽ ڪري نٿو سگهان. جيڪو ڪجهه توهان کي نا پسند هوندو اُهو سڀ منهنجي اندر ۾ موجود آهي.منهنجي اندر جون ڪيئي ڪيفيتون ڪيئي رنگ آهن، مون هن سماج ۾ شودر قرار ڏنل معصوم انسانن سان گڏ کاڌو ۽ پيتو آهي جنهنڪري “مهذب” سمجهيو ويندڙ سماج مونکي نفرت جي نگاه سان ڏسڻ جو ثواب کٽي رهيو آهي. نفرتن ۽ ڪرهتن جا دُکندڙ سگريٽ منهنجي روح جي جسم تي اُجھاڻا آهن آئون سوين راتيون جاڳيو آهيان اونڌاهين ۾ لڪي لڪي رُنو آهيان ته چانڊوڪين ۾ چند کان سوال ڪندي ڪندي ڀنو آهيان.آئون ڪوسي ڪاڙهي ۾ ٿوڻي تي اُهو نڌڻڪو ٻار ٿي به لڏيو آهيان جنهن جي ماءُ اڌ ٿڃ پياري اڌ ننڊ ۾ سمهاري پاڻ لاباري تي هلي وئي. دوستو آئون ڳوڙهو ڳوڙهو ٿي ڳڙيو آهيان ۽ وڇوڙو ٿي وڇڙيو آهيان.
    آئون پنهنجي ان محبوب کان به وسري چُڪو آهيان جنهن منهنجي چپن کي روهيڙي جي گل جيان رتو ڪندي چيو هو “تون وڃ تنهنجي منزل اڃان به اڳتي آهي جيستائين تون موٽندي نه تيستائين تنهنجي محبت جو ڳاڙهو گُل منهنجن چپن تي ڦڙڪندو رهندو” آئون زمانن پڄاڻا موٽيو آهيان پر ڏٺو اٿم هن جي چپن جي لالي لهي چُڪي آهي، هو مونکي وساري چُڪي آهي. پر مونکي هن جي اُها پهرين ۽ ڪنواري چُمي اڃا وسري ناهي سگهي جيڪا هن منهنجي ڳل تي ڏيندي وڏي فخر سان چيو هو هي باک اٿئي هن کي سنڀائي رکجان هي تنهنجي زندگي ۾ روشني آڻيندي تنهنجي جسم جي رڳ رڳ ۾ عشق جا نوان باغ پوکيندي.
    مون هن بي وفا جي ڳالهه تي زندگي جون ڪيتريون ئي موسمون مٽايون ڪيتريون ئي بهارون لٽايون آهن، نوان باغ ته ٺهيو پر عشق جا پراڻا باغ به ڀيلجي ويا، منهنجي جسم تي جتي چميون ڦٽڻيون هيون اُتي هاڻ رڳو پٺاڻن جي بٺن جون چمنيون دکي رهيون آهن آئون سرن جيان سيڪجي ۽ ٻري رهيو آهيان آئون دونهو ٿي رهيو آهيان آئون دز ٿي رهيو آهيان ۽ ائين ديس جي هوائن ۾ وکري رهيو آهيان.
    منهنجي واٽن تي ڪانڊيرا ڦٽا آهن انهن کي لڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته پنهنجا هٿ رت ڪيا اٿم ظالم وڏيراشاهي جي ظلمتن جو شڪار ٿيو آهيان. تذليلون ۽ صعوبتون برداش ڪيون آهن. اگهاڙن پيرن سان ڪراچي جي رتائين روڊن جا پنڌ ڪيا اٿم، گولين جا آواز ٻُڌا اٿم، ماڻهو ڪرندي پنهنجي اکين سان ڏٺا اٿم، ڳاڙها رت اورانگهيا اٿم، گولين جا خالي کول ٽپيا اٿم.آئون صوفين جي پيلي پوشاڪ ٿي نچيو آهيان، آئون ڀڳتن جي ڀڳتي تي ڪُڏيو آهيان. ڪيترائي دفعا مونکي پنهنجي بدن تي بدنصيبي جي مر چهٽيل محسوس ٿي آهي. اها مر لاهڻ لاءَ آئون ڪيترائي دفعا سمنڊ تي ويو آهيان پر سمنڊ جي هر ڇولي مونکي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي. مون واريءَ سان پير اُگهيا اٿم پر هر ڪوڏ ۽ سپي منهنجي پيرن جون آڱريون ڦٽيون آهن. جڏهن آئون اُهي سڀ تجربا ڪري چُڪو آهيان ۽ ڪجهه حاصل ٿيڻ بجاءَ گهڻو ڪجهه وڃائي چُڪو آهيان ته سوچن جي تسلسل واري هڪ اهڙي باه جي آوي ۾ اچي پيو آهيان جتي ڀڄي ڀُري سيڪجي رهيو آهيان.اهو قلم جيڪڏهن هاڻ ڪنهن کي تير تلوار يا ڪات ڪهاڙو محسوس ٿئي ٿو ته ڀل ٿئي. آئون هاڻ هن قلم جي نب کي تلوار جي ڌار جهڙو تکو ۽ تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس. هن قلم سان هاڻ گهڻن حرام خورن جا سر ڪٽڻا آهن. منهنجي ڪهاڻين جو پهريون ڪتابي مجموعو “آئيني جي اوٽ” منهنجي معمولي ادبي ڪوشش آهي. ڪتاب "آئيني جي اوٽ" ۾ شامل منهنجون سموريون ڪهاڻيون لڳ ڀڳ ويهه سال اڳ جون لکيل آهن جيڪي ان وقت جي نڪرندڙ مشهور رسالن هالار،سنڌ رنگ،۽ عبرت مئگزين ۾ ڇپيون هُيون. ان وقت طويل ڪهاڻيون لکيون ۽ پڙهيون وينديون هيون اسان جيڪو پڙهيو ۽ ڏٺو پوءِ ان جهڙوئي لکڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهنڪري منهنجي هن مجموعــــــــي ۾ گهڻيون ڪهاڻيون طويل آهن ۽ هن وقت پڙهڻ وارن جو معيار ڏيڍ سِٽ واري ڪهاڻي تي اچي بيٺو آهي
    ڏيڍ سِٽ واري ڪهاڻي لکڻ وارو ڏيڍ سِٽ لکي پنهنجن ڪُلهن تان معاشري جي اوڻاڻين جا سمورا بار لاهي هڪدم ٿانيڪو ٿي ويهي ٿو ۽ پڙهڻ وارو به هڪ ئي ساهي ۾ پڙهي وڏو ڪمال ڪري ڏيکاري ٿو. آئون اهڙي ڪهاڻي لکڻ ۽ پڙهڻ واري کي رد ڪيان ٿو. جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته اسان جي ماڻهن وٽ هاڻ ٽائم ناهي. تنهن ڪري اسان ڏيڍ سِٽ تي اچي بيٺا آهيون. ائين سمجهو ته ڏيڍ ڄنگھه تي اچي بيٺا آهيون ۽ منڊا ٿي پيا آهيون.
    طويل ۽ ڏيڍ سٽ واري ڪهاڻي بابت منهنجو خيال آهي ته ڪهاڻي اها آهي جيڪا پڙهندڙ جو ڪجهه وقت وٺي پڙهندڙ کي پنهنجي ڪردار ۾ گم ڪري ڇڏي، ۽ پڙهندڙ ڪهاڻي جي سمورن رنگن ۽ احساسن سان رچي پوي ته اها ڪهاڻي چئبي آهي. آئون هروبرو اها دعوى ڪونه ٿو ڪريان ته مون ڪهاڻي سان باقائدي نڀايو يا اهڙيون ڀلوڙ ڪهاڻيون لکيون آهن. ان جهڙيون ڪير ٻيو ڪونه لکي سگهندو؟ آئون ڪهاڻين جي دنيا ۾ بلڪل ئي نئون ماڻهو آهيان. هن مجموعي “آئني جي اوٽ” شامل منهنجيون سموريون ڪهاڻيون تجرباتي بنياد تي لکيل آهن. ڪهاڻين ۾ ڪيئي ڪچايون ڦڪايو شامل هونديون. آئون هنن ڪهاڻين جي هر سٽ ۽ جملي ۾ ٿڙيو ۽ ٿاٻڙيو هوندس .
    اسان جي سنڌي ميڊيا ۾ ڪي ٽي اين جي اچڻ کان پوءِ آئون ڪهاڻين واري فيلڊ کي ڇڏي چمڪ ڌمڪ واري فيلڊ ۾ آيس. منهنجو پهريون ڊرامو ڪي ٽي اين تي هليو ان کان پوءِ جيئن ٻيا سنڌي چينل کلندا ويا ۽ آئون انهن تي به ڊراما لکندو تجربا ڪندو ويس، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ ڌرتيءَ ٽي وي تي مون ڪيترائي ڊراما لکيا آهن. جن ۾ سوپ سيريل، سيريل، مني سيريل، سولو پلي، عيد پلي ۽ ڪاميڊي پلي شامل آهن. مون ريڊيوپاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي به ڊراما لکڻ جو تجربو ڪيو. مون پي ٽي وي تي به ڊرامو “روشني” لکي مزو وٺي ڏٺو. پر ڊرامي جي دنيا مون کي گھڻي ڦِڪي لڳي. مون ڊرامي جي اندروني دنيا ويجهي کان ڏٺي آهي. جتي ڊرامي سان زوري زنا ڪيو وڃي ٿو. آئون هاڻ اهڙي دنيا ۾ نه چاهيندي به لاڳاپيل آهيان.
    ادب ۾ ڪهاڻي منهنجي پسند جي صنف آهي جنهن ۾ مون ٻيهر جهاتي پاتي آهي. ڪچاين ڦڪاين سان هي ڪتاب توهان جي نظر ڪرڻ جي هجت ڪري رهيو آهيان. جس هجي ليکڪ دوست غلام شبير لغاري کي جنهن ڪتاب جي نظرثاني ڪرڻ سان گڏ مون تي ٻه اکر به لکيا. آئون پياري دوست ۽ ڀلوڙ شاعر، نثرنويس محترم ايوب کوسو صاحب جو به تمام گھڻو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي قيمتي گھڙين مان ڪجهه گھڙيون مون لاءِ ڪڍي منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو. آئون سينئر صحافي ۽ بهترين ليکڪ محترم عثمان راهوڪڙو ۽ ليکڪ دوست محب ڀيل جو ٿورائتو آهيان جن مون کي ان لائق سمجهي مون تي ٻه اکر لکيا. آئون هن وقت جي ننڍي عمر وراري وڏي ڪهاڻيڪار دوست اختر حفيظ جو به تمام گھڻو شڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي هن ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل لکيو. ان سان گڏ آئون سامروٽي پبليڪيشن جي دوست پرڪاش ڪرمواڻي جو به تمام گھڻو احسانمند آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب کي شايع ڪرائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو.

    نيڪ تمنائن سان

    اصغر پتافي
    03033105371
    ڳوٺ گل محمد پتافي بدين،
    سنڌ هائوس، گلستانِ جوهر ڪراچي


    ڪهاڻيون

    اُڌاري رات

    راجپوتانه اسپتال جي مين گيٽ وٽ ملي ويا هئاسين. تنهنجو هٿ مين گيٽ جي شيشي واري هينڊل ۾ ڀڪوڙجي ويو هو ۽ منهنجا قدم ٽن ڏاڪڻ واري چاڙهي جي پهرئين ڏاڪي تي ئي کُپ ٿي ويا هئا. ڪجهه لمحن لاءِ ٻنهي جون نظرون نظرن ۾ اٽڪي پيون هيون، ساهه منجهي پيا هئا، دل ڍري ٿي وئي هئي، پر بعد ۾ هڪدم ئي چپن تي هلڪڙي مرڪ تري آئي هئي. اهو سڀ ڪجهه مون ائين ئي محسوس ڪيو هو. يقين ڄاڻان ٿو ته ان وقت تنهنجي به اها ئي ڪيفيت هئي. ڇو ته مان تنهنجي هر هڪ وصف کان چڱي طرح واقف هئس. گذريل ٻن سالن کان اڳ تو ۽ مون جيڪي ٻه سال گڏ گذاريا هئا، تن جو هر هڪ لمحو اڄ به دل جي دائري ۾ شهيد جي مڙهه جيان دفن ٿيل آهي. هڪ هڪ ساهه هڪ ٻئي لاءِ کڻڻ هڏڪين جي ڇڪ ۾ نرم نانوَ چپن تي آڻي جيئڻ، منهنجي خيال ۾ پنهنجي پيار جي تاريخ ۾ اهي عظيم لمحا ڳڻي سگهجن ٿا..........
    چپن تي هلڪڙي مُرڪ آڻي “هيلو ساحل.............” چئي هيٺ لهي آئي هئينءَ. سچ پڇين ته مان منجهي پيو هئس، ٻن سالن پڄاڻا تنهنجي نرم چپن تان “هيلو ساحل” ٻُڌي سوچڻ لڳو هئس، تنهنجي انهن لفظن جي موٽ ڪهڙن لفظن سان ڏيان......................؟ توکي ويلڪم ڪيئن چوان؟ سڏڪا ۽ گونگا ڳوڙها وهائي تنهنجي ياد تازي هئڻ جو ثبوت ڏيان؟ گهڻي ڪوشش بعد پيلي مُرڪ چپن تي وکري ۽ وري گم ٿي وئي هئي.
    “ڪيئن آهين پرهه ؟” توکان پڇيو هيم.
    “بلڪل ٺيڪ ٺاڪ....................” وراڻيو هيئي. ايتري ۾ هڪ الشهباز ايمبولينس سائرن سان گڏ پيلي بتي ٻاريندي منهنجي پُٺي وٽان اچي بيٺي هئي. هڪ لمحي لاءِ نگاهه ايمبولينس ڏانهن اڇلي هيم. ڏٺو هيم هڪ نوجوان جو زرد وجود زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ايمبولينس جي اسٽريچر تي ڦٿڪي رهيو هو. خوف منجهان دل سوڙهي ٿيڻ لڳي هئي، ان کان اڳ جو ان جو اظهار مان توسان ڪيان، پاڻ اتان کسڪي پارڪ ڏي هليا ويا هئاسون. بڙ جي ان وڻ هيٺان هلي ويٺا هئاسون، جتي ٻه سال اڳ اداس شامون ۽ ڪڏهن ڪڏهن نيرين راتين جون گهميل هوائون جهٽيندا هئاسون.
    “اٺ نو مهينا اڳ منهنجي هڪ ڪزن نرسنگ جو ڪورس ڪرڻ لاءِ هتي آئي هئي، پر گذريل ٽن مهينن کان ان جي ڪابه خبر نه هئي، نه خط، نه فون، آنٽي هرو ڀرو مون کي تنگ ڪيو ته تون حيدرآباد وڃ ۽ باک جي خبر وٺي اچ”
    “ پوءِ ملي ..............؟”
    “نه، خبر پئي آهي ته هن چوري ڪنهن ڊاڪٽر سان لؤ ميريج ڪئي آهي ۽ هينئر هو ڪراچي ۾ پيا رهن................” تنهنجي ڳالهه پڄاڻان دل جي نس نس ڏکي پئي هئي، سوچيو هيم “ ڪاش تون به جيڪر ائين ئي ڪرين ها ۽ پوءِ اسان به دنيا جي ڪنهن ڳجهي ڪُنڊ ۾ هنن جيان گم ٿي وڃون ها.” پر فقط سوچيو ئي هيم.
    “۽ تون هتي ڪيئن؟” جلدي ئي ورائي مون کان پڇيو هيئي. تنهجي پڇڻ تي ڪا هچڪ منهنجي چپن تي لهي آئي هئي، سوچڻ لڳو هئس ته توکي ڪيئن ٻڌايان ته مان هتي جاب جي سلسلي ۾ آيو هئس. توکان لڪايان به ته ڇا، سڀ ڪجهه ئي ته تون منهنجي باري ۾ ڄاڻيندي هئينءَ. محبت جي آخري ڏهاڙي ۾ توکان ڳالهه ڪا به لڪائي ڪونه سگهيو هئس ته تو پڄاڻان مان خودڪشي ڪندس.”
    چپن تي آيل هلڪي هچڪ ۽ ڪومايل آواز ۾ وراڻيو هيم “مان هتي جاب جي سلسلي ۾ آيو هئس. تنهنجو ڪنڌ ٿورو جهڪي ويو هو، چپن تي مايوسي جون لڪيرون اُڀري آيون هيئي. محسوس ڪيو هيم، سوچڻ لڳي هئينءَ “اهو سڀ ڪجهه منهنجي ڪري ٿيو آهي، نه ته ساحل ڪنهن نه ڪنهن منزل تي ضرور پهچي وڃي ها...............” منهنجو هٿ پڪڙيندي انتهائي گهرائپ مان پڇيو هيئي، “تو واقعي جاب ڇڏي ڏني هئي ساحل...........”
    “ها......” وراڻيو هيم “مون وٽ رهيو ئي ڇا هو؟ سڀ ڪجهه ئي ته تون پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئينءَ.” تون ماٺ رهي هئين......ڳالهائيندو رهيو هئس “اسپتال جي اسٽاف روم کان وٺي، ايسٽ وارڊ جي ڪنڊ ڪُنڊ تائين، تنهنجو يادون هيون. ڪنٽين کان وٺي هاسٽل تائين ۽ پارڪ کان وٺي، ڄامشوري روڊ تائين، تنهنجو يادون هيون ۽ پوءِ اتي اڪيلو ڀٽڪندي ڀلا مان ڇا ڪيان ها؟” ڄاڻان ٿو، آخري رات ٽرين جي انتظار ۾ ويٽنگ هال ۾ سيمينٽ جي ٺهيل بئنچ تي ويهي، منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي ڳوڙها ڳاڙيندي تو چيو هو ، “مون کي پنهنجي وڇوڙي کان وڌيڪ تنهنجي وکري وڃڻ جو خوف آهي. پليز پليز ساحل، مون کان پوءِ تون اهڙو ڪوبه غلط قدم نه کڻجان، جنهن مان تنهنجي جان جسم کي ڪونقصان پهچي. پليز ساحل توکي منهنجو قسم.” اهو ئي ته تنهنجو قسم هو، جنهن مون کي گهڻو ڪجهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ٻيو ته ڪجهه ڪري نه سگهيو هئس پر جاب ڇڏي ڏني هيم، تون مايوس ۽ پريشان ٿي وئي هئينءَ. ڪنڌ ڪلهي تي لاڙي ڪنهن غمگين سوچ ۾ ٻڏي وئي هئينء، تنهنجي چهري جا زرد رنگ ڏسي، ڳالهه جو موضوع بدلائڻ چاهيو هيم.............ڇا پيئندينءَ؟ پڇيو هيم.
    “تنهنجي مرضي.” وراڻيو هيئي. توکي خبر هئي مان ڪوڪ جون بوتلون گهڻيون پيئندو هئس. توکي اهو به اندازو هو ته ٻن سالن پڄاڻان ٻيهر هڪ ڀيرو ڪوڪ جون بوتلون گهرائي اڳي جيان ٻنهي بوتلن جا پهريان ڍُڪ توکي آڇيندس...................ميڊيڪل اينڊ جنرل اسٽور تان ڪوڪ جون بوتلون گهرائي ورتيون هيم. پر الاءِ ڇو ان ڏينهن توکي ٻنهي بوتلن جا پهريان ڍُڪ آڇي نه سگهيو هئس. ماٺ ماٺ ۾ ڪوڪ جون بوتلون پيئڻ لڳا هئاسين. پهرين ۽ ٻي ڍُڪ ڀرڻ کان پوءِ ڳالهايو هيئي................. “ پنهنجن روايتن کي چئنج ڪري ڇڏيو اٿئي؟”
    مان پاڻ به اڃان بدليو ناهيان، پوءِ روايتن ۾ چئنج ڪٿان ۽ ڪيئن ايندو؟ مان اڄ به اهو ساڳيو ساحل آهيان، جيڪو ٻه سال اڳ هئس. ساحل ڪڏهن به بدليا ناهن ۽ نه ئي پنهنجين روايتن کي بدلائي سگهندا آهن. ڄاڻان ٿو اهو جملو تو ان ڪري ڳالهايو هو، جو هڪ ڀيرو ٻيهر توکي ڪوڪ جي ٻنهي بوتلن جا پهريان ڍُڪ آڇي ڪونه سگهيو هئس. مڃان ٿو اهي سڀ ڳالهيون مون کي چڱي طرح ياد هيون، پر الاءِ ڇو ڪنهن جهجهڪ مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر هر فعل دهرائڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ڪوڪ جي بوتلن پيئڻ بعد توکان پڇيو هيم. “هتي ڪڏهن آئي آهين..........؟”
    “ ڪلهه شام جو.......... ”
    “ ۽ واپسي جو پروگرام ڪڏهن آهي؟”
    “سڀاڻي فجر جو پنج بجي واري گاڏي ۾ هلي ويندس..........” ڪجهه لمحن لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو هئس. توئي خود پڇيو هو . “ڇا پيو سوچين................؟”
    “تنهنجي باري ۾ ....”
    “منهنجي باري ۾....................”
    “ها........................توکان هڪ رات اُڌاري گهرڻ چاهيان ٿو...........ڇا تون خيرات ئي سمجهي مون کي اڄوڪي رات ڏيئي سگهين ٿي؟”
    “ڪڏهن ڪڏهن ڪو انسان جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو خالي ڪشڪول ڀري نٿو سگهي، ته به خالي موٽائي ناهي سگهندو. اڄوڪي رات مان توکي ڏيان ٿي.....................” دل ۾ هلڪڙي خوشي ڪتڪتائي ڪرڻ لڳي هئي. روح کي راحت جو راڳ ٻُڌڻ ۾ آيو هو. تڏهن ئي ته ڀڙڪو کائي اٿيو هيس. گاڏي پارڪ مان موٽر ڪڍي اسٽارٽ ڪئي هيم ۽ توکي کڻي هليو هئس پنهنجي فليٽ ڏانهن................وچ رستي ۾ تو فقط فليٽ جو ئي پڇيو هو.
    “هينئر فليٽ ڪٿي اٿئي................؟”
    “قاسم آباد ۾ اهو ئي ساڳيو فليٽ.” وڌيڪ پوءِ نه تو ڳالهايو نه مون، فليٽ تائين پهچي، اندر داخل ٿيندي. تنهنجي نظر سامهون ديوار تي لڳل تنهنجي ئي ان تصوير تي پئي هئي، جيڪا ٽي سال اڳ تو پنهنجي هٿن سان ويلنٽائن ڊي جي هڪ خوشگوار شام جو لڳائي هئي. تو پڄاڻان ان ئي تصوير کي اڄ تائين به منهنجا ڪجهه ادبي دوست ڏسي مون کان اڪثر پڇندا آهن ته “هي ڪهڙي فلم جي هيروئن آهي........؟ ” ۽ مان هميشه هڪ ٿڌو ساهه ڀري وراڻيندو آهيان. اڪثر ڪري هر فلم جي وائينڊ اپ ۾ هيرو ۽ هيروئن پاڻ ۾ ملي ويندا آهن. پر هي ان فلم جي هيروئن آهي، جنهن جي وائينڊ اپ ۾ هيرو ۽ هيروئن پاڻ ۾ ملي نه سگهيا هئا ۽ فلم فلاپ ٿي وئي هئي................” تنهنجو ڪنڌ ٻاجهر جي ٽٽل سنگ جيان نمي پيو هو. ڄاتو هيم درد جو هڪ ڀالو توکي دل ۾ چُڀي پيو هو. توکي اندر ڪارپيٽ ٿيل فرش تي ويهڻ لاءِ چيو هيم. اهو ئي ساڳيو فليٽ هو، اهو ئي ڪارپيٽ ٿيل فرش، نه پلنگ، نه ڪرسي..........نه صوفا، نه ٽيبلون.................هميشه جيان پراڻيون اخبارون ڪتاب ۽ رسالا ڪمري جي ڪنڊ ۾ وکريل، ايش ٽري هوندي به اڪثر سگريٽن جا ٽوٽا روم جي گيٽ تي ڄڻ ته سانت جي احتجاج ۾ پيل..........محسوس ڪيو هيم، ڪارپيٽ ٿيل فرش تي ويهندي تون ڪجهه حيرت ۾ پئجي وئي هئينءَ. ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو هيئي............پکي تي وري ويل ڪٽ، اڪثر روم جي ڪنڊن ۽ ڇت تي چهٽل ڄارو نظر آيو هيئي.
    “ايڏو لاغرض ڪڏهن کان ٿي ويو آهين؟”
    “تڏهن کان جڏهن زندگي جي قوت مري وئي هئي.” چيو هيم ، “ خير ٻڌاءِ ڇا پيئندينءَ؟”
    “مون کي پيئڻ کان وڌيڪ تنهنجين ڳالهين جي ضرورت آهي.”
    “۽ توکي خبر آهي مان رکيون ڳالهيون ڪونه ڪندو آهيان، مان گڏوگڏ ڊرڪنگ ڪندو آهيان. ياد اٿم توسان جڏهن به ڪي دل جون ڳاليهون ڪندو هيس، تڏهن ڪوڪ جي بوتل هٿ ۾ جهلي، يا ڪڏهن ڪڏهن چانهه جو ڪوپ آڱرين ۾ جهلي..................پر تو پڄاڻان مون بلڪل هڪ نئون تجربو ڪيو هو، وسڪي جو پيگ هٿ ۾ جهلي، تنهنجي سامهون لڳل تصوير سان ڳالهيون ڪندو هئس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ خبر اٿئي مان اڌ پيگ پيئندو هئس ۽ اڌ هارجي ويندو هو ۽ اڄ مان پراڻين روايتن کي ورجائڻ چاهيان ٿو.
    “مان چانهه پيئنديس................” ۽ مان ٽپ ڏيئي اُٿي ڪچن ڏي هليو ويو هئس. نٿو ڄاڻان مون پويان تنهنجي ذهن ۾ ڪهڙيون سوچون آيون هيون، ڪهڙا آئيڊياز ۽ ڪهڙي محسوسات پر جڏهن ٻه گرم چانهه جا ڪپ هڪ شيشي جي پليٽ تي رکي تنهنجي سامهون ڪارپيٽ تي رکيا هيم، تڏهن تنهنجي چپن تي هلڪڙي مسڪراهٽ جو هڪ جهوٽو نمودار ٿيو هو ۽ چانهه جو ڪپ کڻندي پڇيو هيئي “تنهنجا ممي ڊيڊي ڪيئن آهن؟”
    “ٺيڪ آهن، پر ممي کي هاڻ منهنجو الڪو گهڻو رهندو آهي. شايد پوڙهي ٿي وئي آهي، تڏهن.............” ۽ مون به چانهه جو ڪپ آڱرين ۾ جهليو هو، توسان گڏ سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳو هئس، ٽئين ۽ چوٿين سپ ڀرڻ کان پوءِ توکان پڇيو هيم “تنهنجي ممي ۽ تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ عروج ڪيئن آهن؟” تنهنجي ڊيڊي جو انهي لاءِ نه پڇيو هيم، ڇو ته مون کي اڳ ئي خبر هئي ته تنهنجو ڊيڊي پنج سال اڳ هڪ بس حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو.
    “ٺيڪ آهن، عروج هينئر سيون ڪلاس ۾ داخلا ورتي آهي ۽ ممي جي ته هينئر نظر صفا گهٽ ٿي وئي آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن مون کي عروج ۽ عروج کي پرهه ڪري سڏيندي آهي.” ان سمي اهي ڏينهن اهي منظر، اهي ڳالهيون ياد اچي ويون هيم. جڏهن اڪثر اسپتال جي ايسٽ ۽ ويسٽ وارڊ جي وچ ۾ پيل ويڪري هال جي اترئين دريءَ کوليندي توکي چوندو هئس “توکي مون سان شادي ڪرڻ لاءِ لاهور ڇڏڻو پوندو.” ۽ تون اڪثر چپن تي هڪڙي مُرڪ آڻي چوندي هئينءَ “نه، توکي مون سان شادي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ڇڏڻو پوندو.” اُهي به پنهنجا روايتي جملا هئا. جن ۾گهڻو مقدار کوکلائپ، طنز ۽ مذاق جو هيو. جن کي اڪثر پاڻ ايسٽ وارڊ جي وزيٽنگ دوران ٽهڪ ڏيئي، نازڪ لفظن سان نندي ۽ چٿي ڇڏيندا هئاسين. ڪڏهن انهن تي نه تو سوچيو، نه مون ته اهي ڪيڏا گهرائپ جي معنيٰ رکندڙ سنجيده لفظ هئا. جن تي پاڻ ٽهڪ ڏيئي کين ڪو ڇيڳرو مذاق سمجهي ڇڏيندا هئاسين.
    پر پوءِ انهن ئي لفظن پاڻ کي زندگي جي هڪ اهڙي چؤڪ تي اچي بيهاريو. جتي ٽرئفڪ جام هئي ۽ روڊ بلاڪ هو. فيصلي جي سگنل تي مسلسل پيلي بتي ٻري رهي هئي. هڪ ٽڪ سائي بتي ۾ اکيون وجهي ڇڏيون هيم، انتظار جا سمورا ڪومل پل ميڻ بتي جيان وگهرڻ لڳا هئا ۽ اوچتو ئي اوچتو ڳاڙهي بتي ٻري پئي هئي. سوچيان ٿو ڪيڏي ويڌن ٿي هئي. ان وقت مون سان جڏهن تنهنجي ساٿ جي گاڏي زندگي جي ڪليئر روڊ تي ترڪندي گم ٿي وئي هئي ۽ مان ٻيهر فل ٽرئفڪ جي وچ ۾ رهجي ويو هئس. جتان ڪو به شارٽ ڪٽ نه هو. ياد اٿم انهن روايتي جملن تي هڪ ڏينهن غور سان سوچيو هيم، سوچي سوچي دماغ کوکلو ٿي پيو هو. ذهني قوت جا سمورا جزا ايڪسپائر ٿي ويا هئا. ڪيڏو بي سگهو ٿي پيو هئس. هڪ ئي وارڊ جي هڪ ئي اسٽاف روم ۾ ڪم ڪندي الاءِ ڇو؟ توکي اهو سڀ ڪجهه روبرو نه چئي سگهيو هئس، جيڪو توکي چوڻ ٿي چاهيم...........فقط شام ويل موڪل مهل توکي هڪ خط هٿو هٿ ڏنو هيم. حيراني مان پڇيو هيئي “هن ۾ ڇا آهي ؟” وراڻيو هيم “هن ۾ ٻه فائل آهن، هڪ لاهور جي سوزو پارڪ جو ۽ ٻيو حيدرآباد جي لاوارث راڻي باغ جو............................” نه سمجهندڙ انداز ۾ اکين جي ماڻڪين کي ڇڪي ۽ وري ڍرو ڪيو هيئي، مان ڪنڌ نمائي خاموش خاموش ڍرن قدمن سان هليو ويو هئس.
    ٻئي ڏينهن صبح ويلي اسٽاف روم ۾ اڪيلا اڪيلا چانهه پيئندي، هٻڪي هٻڪي ڳالهه کي ڇيڙيو هيئي...................“ ڪڏهن ڪڏهن انسان چاهيندو آهي ته وڏو ٻڌ ڏيئي اوچن ديوارن تان هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽپي وڃجي..............وشال سمنڊ جون قاتل لهرون لتاڙي ٻي پار هليو وڃجي.............ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته چنڊ کي ڀاڪر ۾ ڀري لازوال ۽ بي مثال محبت جو جهنڊو عرش ۾ ڦڙڪائجي، پر ان کان اڳ ڪي مجبوريون انسان جي پيرن ۾ زنجيرون وجهي ڇڏينديون آهن. جيڪي ابدي هونديون آهن.............انهن مجبورين ۾ مان به جڪڙجي چڪي آهيان، توکي خبر آهي ته پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ عروج جو مان فقط واحد ئي سهارو آهيان، جن کي ڪٿي رولڻ جو گمان ئي مون کي گهائي وجهندو آهي.”
    ڳالهندي رهي هئينءَ، تنهنجي ڪوپ ۾ پيل چانهه جون آخري سپون ٺرڻ لڳيون هيون ۽ مان فقط ٻڌندو ئي رهيو هئس. “تنهنجي طرفان موڪليل ٻه فائل.............سچ پڇين گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ به مان ڪنهن هڪ تي سگنيچر ڪري ناهيان سگهي..............۽ ڪنهن هڪ تي سگنيچر ڪرڻ مان پنهنجي توهين ٿي سمجهان ۽ ڪٿي توکي به شڪ پيدا ٿي پوندو ته مان پنهنجي نه پر رنگين پارڪن جي آهيان، گلن جي آهيان، آزاد هوائن ۽ فريش ماحول جي آهيان....البته مجبورين جي ڪوڙهه هيٺان دٻيل منهنجو وجود حيدرآباد جي ٿڌين هوائن جي ڀاڳ ۾ ناهي،” تنهنجي ڳالهه جي ختم ٿيڻ تي هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو هيم. ڪوپ ۾ رهجي ويل چانهه جون آخري چسڪيون اندر ۾ اوتي نه سگهيو هئس. ڪوپ ساسر تي رکي ڇڏيو هيم. مون کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيئي. مطمئن نه ڪيو هيئي، ڄڻ ته سڌو سنئون سيني تي نائيف بورڊ گيم کيڏي هيئي، پنهنجا سمورا لڙڪ پنهنجا سمورا ڏک ڄڻ ته ورلڊ ڪپ جي ميدان ۾ مون کي هزارين تماشاين جي سامهون ڪنهن ڪپ جيان ڏنا هيئي. ڪيڏي سادي سودي ڇوڪريءَ ٿي پئي هئينءَ ان مهل تون چپ چاپ ۾ سوزو پارڪ جي مٿان سائن ڪري فائل رجسٽرڊ ڪري لاهور جي ٽرين ۾ هلي وڃين ها ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ مان تنهنجو موڪليل سوزو پارڪ وارو فائل ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري هوائن ۾ اڏائي ڇڏيان ها ۽ توکي سمجهي ڇڏيان ها هڪ ڪوڙي، فريبي ۽ دغاباز ڇوڪريءَ، پر تو چالاڪي جو مظاهرو ڪري مون کان اهو حق به کسي ورتو هو . بي خودي ۾ سامهون ٽيبل تي پيل پيڊ تي ڪاري بال پوائنٽ سان ليڪا ڪڍڻ لڳو هيس، “ڏک ٿيو اٿئي نه........................؟” پڇيو هيئي.
    “ها............جڏهن به ڪي انساني ناتا لانگ بوٽن جي هيٺان چيڀاٽيا ويندا آهن يا ڪومل لفظن سان چٿيا ويندا آهن، تڏهن ڏک ٿيندو اٿم. “
    “انگريزي جو کوکلو لفظ ورجائڻ نٿي چاهيان، مون کي ان لفظ جي مفهوم کان بوءَ ٿي اچي، باقي تون ۽ مان ابدي جدا ناهيون. اسان عارضي وڇوڙي جي وهڪري ۾ لڙهي ويا آهيون. ”
    “ابدي جدا ڪير ٿيو آهي ڪنهن کان؟ ڳالهه عارضي وڇوڙي جي آهي. جنهن جي لمحي لمحي ۾ ابدي وڇوڙي جو ڀيانڪ خواب اکين ۾ چڀندو رهندو آهي.”
    “مون کان وسري نه سگهندين..............” اندر ڀرجي آيو هيئي، روئي پئي هئينءَ، ڳوڙها تنهنجي اکين مان ٽمڻ لڳا هئا، پر هڪدم ئي ٽشو ۾ جذب ڪري ورتا هيئي. انهي لاءِ ته هو اسٽاف روم هو. ڪا پارڪ نه هئي، ڪو روڊ جو فٽ پاٿ، ڪنهن گهميل رات جو ڪو چوري ڪيل اداس پهر نه هو ، نه ته شايد تنهنجا لڙڪ لامحدود ٿي وڃن ها ۽ منهنجي دل جي تاريخ ٿي وڃن ها..جانان جيڪڏهن تون حيدرآباد جي لاوارث راڻي باغ جي فائل تي سگنيچر ڪرڻ کان ڪيٻائي وئي هئينءَ پر مون ته ڪڏهن ڪيٻائڻ سکيو ئي نه هو. مان هڪ ڀيرو ڇا...........سئو ڀيرا لاهور جي سوزو پارڪ تي سائن ڪري ڇڏيان ها پر جيڪڏهن سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ تسليم نه ڪيان ها، جيئن تو پنهنجي پوڙهي ماءُ کي ڇڏڻ نٿي چاهيو ، تهڙي ريت مون به پنهنجي امر ماءُ کي وسارڻ نٿي چاهيو.
    انهن ئي ڪجهه ڏينهن ۾ مان ڪيڏو اداس اداس رهڻ لڳو هيس. جنهن جو اندازو خود توکي به ٿي چڪو هو. پراڻي پينٽ شرٽ، شيوَ وڌيل، اڪثر ڊيوٽي تان غائب رهڻ، خاص ڪري ٻيا اسٽاف وارا مون کان اهو پڇندا هئا ته ساحل توکي هي ڇا ٿي ويو آهي؟ ساڳي ئي پئنٽ شرٽ، وڌيل شيوَ ۽ تنهنجن ڳاڙهين اکين جا اجڙيل منظر ڇا ٿا ظاهر ڪن؟ ۽ مان هميشه اغوا ڪيل مرڪ چپن تي آڻي کين ڪونه ڪو مزاحيا جواب ڏيئي ڇڏيندو هئس. اڪثر ڊيوٽي تان غائب رهڻ سبب ڊاڪٽرن جون جٺيون به سٺيون هيم ۽ پوءِ سچ پڇين مون اسپتال ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو.آّخري ڏهاڙي توکي الوداع ڪرڻ لاءِ اسپتال جي مين گيٽ تي وڃي بيٺو هيس پر تو اچڻ سان ئي ڌيمي ۽ ٻڏل آواز ۾ ڳالهايو هو.............! ٽرين تائين ڇڏڻ نه هلندين؟
    “موٽ ۾ ڪهڙيون مُرڪون کڻي ايندس؟ اهي ئي ساڳيا لڙڪن جا ٻُڪ، محروميون، اداسي ۽ بدبخت ڀاڳ جون لامحدود طنزون..........تنهن ڪري مان توکي هتي ئي خالي هٿ لوڏي الوداع ٿو ڪري ڇڏيان.............”
    “نه توکي ٽرين تائين هلڻو پوندو؟” نه چاهيندي به تنهنجي خواهش کي مان ڏيندي مان توسان گڏ ريلوي پليٽ فارم تائين گڏجي آيو هئس. ٽرين اڃا چند منٽ ليٽ هئي، تنهن ڪري تون ۽ مان ويٽنگ هال ۾ ٺهيل سيمنٽ جي بئنچ تي اچي ويٺا هئاسين. سمجهائيندي چيو هيئي “پاڻ کي برباد ڪرڻ جو قسم کنيو اٿئي.....................؟”
    “نه................” مختصر وراڻيو هيم.
    “پوءِ هي حال......”
    “تنهنجي وڇوڙي جي سوڳ جو نتيجو آهي...............”
    “۽ سوڳ وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن تائين ملهايو ويندو آهي.”
    “ها................پر اهو مري ويل ماڻهو لاءِ، زندهه رهجي ويل انسان لاءِ سڄي زندگي سوڳ ٿي ويندي آهي.”
    “چريائي واريون ڳالهيون نه ڪر، تون ۽ مان جدا ٿورئي آهيون، تون ۽ مان ته هڪ آهيون. زندگي جي لمحي لمحي ۾ اسان کي پنهنجي پيار جي خوشبوءِ محسوس ٿيندي رهندي. اسان هميشه هڪ ٻئي کي هڏڪين جي ڇڪ ۾ ساريندا رهنداسون.” ڏٺو هيم تنهنجي اکين ۾ لڙڪن جو لڙهيون لڙڪڻ لڳيون هيون، خاموش ٿي ويو هئس. يڪو خاموش........ ايستائين جو ٽرين پليٽ فارم تي اچي بيٺي هئي. توکي بيگ کڻائي ٽرين ڏانهن وڌيو هئس. تنهنجي سيٽ به مون بُڪ ڪئي هئي. تنهنجو بيگ به برٿ تي مون رکيو هو ۽ تون فقط سيٽ تي اچي ويٺي هئينءَ. مان ٽرين مان لهي تنهنجي سائيڊ واري دري کان اچي بيٺو هئس. ڪي پل ائين ئي هڪٻئي کي آلين اکين سان تڪيندا رهيا هئاسين ۽ پوءِ ٽرين جي سيٽي وڳي هئي. ڄڻ ته ائٽم بم منهنجي دل جي اونهائي ۾ پنجاهين فوٽ تي ڌماڪو ڪيو هو ۽ دل جي چاغي پهاڙي باهه باهه ٿي پئي هئي....... ٽرين آهستي آهستي هلڻ لڳي هئي. تنهنجا لُڙڪن مان آلا ٿيل هٿ آهستي آهستي اُڀا ٿيا هئا ۽ منهنجا خالي هٿ توکي الوادع ڪرڻ لاءِ لُڏي پيا هئا....”
    چانهه پيئندي ان سوچ ۾ ٻڏي ويو هئس ته توکان اُڌاري ورتل رات ڪٿي گذارجي. ڊفينس فيملي پارڪ، لاوارث راڻي باغ، ڪنهن چائنيز هوٽل جي ايئرڪنڊيشن روم، روڊ تي رلندي يا فوٽ پاٿ تي ڊوڙندي گذاري ڇڏجي ، پر تو وچ ۾ ڳالهائي منهنجي سوچ ۾ دخل اندازي ڏيئي ڇڏي هئي. ڳالهايو هيئي “ پنهنجو فليٽ اڃا نه بدلايو اٿئي؟”
    “مان پاڻ به اڃا بدلجي ناهيان سگهيو........... اُهي ئي ساڳيون سوچون.........ساڳيا خيال....ساڳي زندگي، ساڳيا درد ۽ هونءَ به هن فليٽ کي مان بدلائڻ به نٿو چاهيان. هن فليٽ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ تنهنجون يادون آهن. تنهنجن ٻانهن ۾ گهاريل راتين جي حسين پلن جا عڪس آهن، تنهنجن ٽهڪن، تنهنجي مرڪ جي خوشبوءِ آهي. تنهنجو ڪنڌ گهڙي پل لاءِ جهڪي پيو هو. محسوس ڪيو هيم تون ماضي جي مونجهاري ۾ ڦاسي پئي هئينءَ، گڏ گهاريل هڪ هڪ رومانٽڪ سين تنهنجي ذهن جي اسڪرين تي گهمڻ لڳو هو. تنهنجي اهڙي ڪيفيت ڏسي ڳالهايو هيم. “اٿ ته ٻاهر هلون.”
    “ ٻاهر ڇا هوندو ؟” خالي ڪوپ شيشي جي پليٽ تي رکندي پڇيو هيئي.
    “ٻاهر سڀ ڪجهه هوندو.............قاسم آباد جا سنڌي ۽ سادڙا ماڻهو، گهٽين ۾ کيڏندڙ ٻار ڄامشوري کان موٽي خوشبوءِ آڻيندڙ هوائون ۽ سرمئي شام جا ڪومل پل هوندا........اچ ٻاهر هلون.”
    پوءِ ٻئي اٿيا هئاسين. فليٽ بند ڪري هيٺ لهي آيا هئاسين. گهٽي ۾ کيڏندڙ ٻارن جي وچ مان لنگهي روڊ تي هلي چڙهيا هئاسين. روڊ تي ٽرئفڪ جي اچ وڃ جو هلڪو گوڙ، ڄامشورو کان موٽندڙ هوائن جا لذيذ جهٽڪا، پاڻ ٻئي فوٽ پاٿ تي هلندا رهياسين. فوٽ پاٿ تي هلڻ دوران پنهنجين ڳالهين جو مرڪز حيدرآباد هو. حيدرآباد جي شامن، هوائن، روشنين ۽ گهميل راتين جي اداس پهرن جي باري ۾ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون. ...... ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ نه ڄاڻ ڪٿان ڪٿان کان ٿيندا راڻي باغ هلي نڪتا هئاسين. راڻي باغ جو گيٽ ٽپندي توکي چيو هيم. “هي اٿئي حيدرآباد جو اهو لاوراث راڻي باغ...............جنهن جي فائل تي سگنيچر ڪرڻ کان تون ڪيٻائي وئي هئينءَ” ڳالهه جو موضوع بدلائيندي چيو هيئي. “ تون اڪثر راڻي باغ کي لاوراث ڇو ٿو چئين؟ جڏهن ته راڻي باغ لاوراث ڪونهي. راڻي باغ جا وارث کوڙ آهن. هي جانور ، هي نظارا، هي چنبيلي جهڙا ٻارڙا، هي سڀ رنگين جوڙا، تون ۽ مان به هن باغ جا وارث آهيون.
    “هن باغ جو ڪوبه وارث ناهي. هاڻ هن جو هر نظارو اُجڙي رهيو آهي، پڃرن ۾ قيد پکي ۽ جانور اُڃ ۽ بُک وگهي مري رهيا آهن، وڻ سُڪي رهيا آهن، پارڪون ويران ٿيڻ لڳيون آهن. جيڪڏهن هتي ڪي رنگين جوڙا اچن ٿا ته هو صرف نه گذرندڙ وقت کي انجواءِ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، ڪوئي ڪنهن کي ڳولڻ ڪوئي ڪنهن کي وڃائڻ ايندو آهي. ڪوئي ڪنهن سُڪل وڻ کي پٺا ڏيئي ماضي جي سندر وقت جون حسين يادون دهرائڻ ايندو آهي پر باغ جي اجڙڻ، سڪي ويل وڻن ۽ مري ويل جانورن ۽ پکين تي ڪو به تحقيق ڪرڻ نه ايندو آهي.”
    ٻئي هلندا پارڪ ۾ هڪ وڻ هيٺان هلي ويٺا هئاسين، راڻي باغ تي ڳالهائڻ دوران منهنجي ذهن ۾ لاهور جي مختلف پارڪن متعلق ڪيئي خيال آيا.........توکان پڇيو هيم “لاهور جو سوزو پارڪ ڪيئن آهي؟”
    “ڏاڍو زبردست.”
    “گهڻو ڪري روزانو ويندي هوندينءَ”
    “نه........ توکان پوءِ وڃڻ ڇڏي ڏنو اٿم.”
    “پوءِ جِهلو پارڪ ضرور ويندي هوندينءَ”
    “نه.”
    “پوءِ پڪ چڙيا گهر ضرور ويندي هوندينءَ.”
    “نه مان چڙيا گهر به نه ويندي آهيان، دل جڏهن به گهڻو اداس هوندي آهي، تڏهن مان گهر جي ڇت تي چڙهي پروين شاڪر جا اداس شعر پڙهندي آهيان يا گلين ۾ کيڏندڙ ميرن ٻارن کي ويهي ڏسندي آهيان، لاهور جي پارڪن جي ذڪر تي مون کي اهي سموريون اداس شامون ياد اچڻ لڳيون هيون، جيڪي مون توسان گڏ لاهور جي مختلف پارڪن ۽ واگها تي گذاريون هيون. ٻه سال اڳ حيدرآباد اسپتال ۾ فري ٽائيم دوران جڏهن به لاهور جي مختلف پارڪن جو ذڪر ٿيندو هو، تڏهن تون چوندي هُئين تون اچ اسان ٻيهر لاهور جي هر هڪ پارڪ کي پنهنجي زندگي جون ڪي اداس شامون ارپينداسين................چڙيا گهر جي ٽڪري تي چڙهي هڪ ٻئي جي اکين ۾ رُلي پيار جون نه کٽندڙ ڳالهيون ڪنداسين ۽ واگها تي انڊين عورتن جو پاڪستاني ماڻهن لاءِ تڙپ جو اظهار ڏسنداسين.”
    پر اڄ جڏهن لاهور جي مختلف پارڪن جو ذڪر ٿيو، تڏهن تنهنجو ڪنڌ ٻاجهر جي ٽٽل سنگ جيان نمي پيو هو. ڀانيو هيم تنهنجن سمورن رنگين انويٽيشن ڪارڊن جي ڊيٽ ايڪسپائر ٿي وئي هئي . ڄڻ ته تنهنجا هٿ خالي هئا.......... ۽ مون به ان موضوع کي ورجائڻ نٿي چاهيو، تنهن ڪري اتان اُٿي پارڪ جي مختلف نظارن ڏانهن هليا ويا هئاسين.
    شام جو ننڍاکڙو سج ڄامشوري جي ٽڪرين جي هنج ۾ ڊهي پيو هو. هلڪي هلڪي رات ڦهلجڻ لڳي هئي. سڀ رنگين جوڙا سج پڄاڻا ڦهلجندڙ رات جي نرم جهونڪن ۾ وڌيڪ انجواءِ ڪرڻ لڳا هئا. باغ ۾ ٽهڪ هئا، خوشبوءِ هئي، مرڪون هيون ۽ شايد ڪٿي ڪي لڙڪ به هئا. تون ۽ مان به باغ جو چپو چپو گهمياسين. آخر ۾ جهولن وٽ ڪولڊ ڪارنر تان ٻه آئسڪريم وٺي آيو هئس ۽ پوءِ آئسڪريم کائيندا کائيندا باغ کان ٻاهر هليا آيا هئاسون. رات جو ٿڌو ڇانورو ۽ ڇانوري سان گڏيل رنگين روشنيون، ٿڌي سڙڪ جا فوٽ پاٿ، واڌو واهه جا ڪپ................ڊفينس روڊ،ڊفينس پارڪ ۽ پوءِ اسٽيٽ بئنڪ وٽان ٿيندا صدر ڏانهن هليا ويا هئاسون ، صدر ۾ آئسڪريم ۽ فالودا جي دڪان اندر گهڙي ويا هئاسين. هڪ ئي ٽيبل تي آمهون سامهون ويهندي توکان پڇيو هيم “آئسڪريم ته هينئر ئي کاڌي اٿئون، باقي هتي جا فالودا ۽ چانهه ڏاڍي زبردست ملندي آهي، ٻڌاٰءِ ڇا گهرايون؟”
    “فالودا کائينداسين.” ويٽر کي ٻه فالودا آڻڻ جو چئي توڏانهن نهاريو هيم. تنهنجي چپن تي هلڪي مرڪ هئي.
    “مون کان پوءِ زندگي جو ڪو اهم فيصلو ڪري سگهي آهين يا نه................؟” توکان پڇيو هيم.
    “ها....................”
    “اهو خوشنصيب ڪير آهي؟”
    “پنهنجي ئي برادري جو هڪ ڇوڪرو آهي، هينئر ايم اي سوشيالاجي ۾ فائنل ڪري رهيو آهي.
    “ڏاڍو سٺو..............” نه چاهيندي به توکي مطمئن ڪرڻ لاءِ زبردستي جملو اُڪلايو هئم. تو سمجهيو هو ته مان توسان مطمئن ٿي ويو آهيان. تو پڄاڻا تنهنجي فيصلي سان اتفاف ٿي ويو آهي پر ائين نه هو، اندر خالي رهيو ۽ روح کي ڄڻ ته ڏينڀوءَ ڏنگي ويا هئا. اوچتو ويٽر ٻه فالودا سامهون ٽيبل تي اچي رکيا هئا. ٻنهي فالودن جي گلاسن ۾ پيل آئسڪريم ۽ فالودن کي گلاسن ۾ پيل پلاسٽڪ جي نالي سان کائيندي ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. گهڙي پل کان پوءِ فالودا کائڻ دوران تو وچ مان مون کان پڇي ورتو هو.
    “۽ تو شادي ڪئي.........؟”
    “نه..........”
    ”ڇو................؟ پنهجي طرفان نه پڇڻ جهڙو سوال پڇي ورتو هيئي. اهو پڇڻ جو تو وٽ ڪو به حق ڪو به جواز نه هو، پوءِ به تنهنجو پڇڻ “ڇو..............؟” جي توکي ڏکيو نه لڳو هو ته موٽ ۾ اهڙو ئي جواب ڏيڻ مون کي به ڏکيو نه لڳو هو. موٽ ۾ وراڻيو هيم “مون کي تو جهڙي ڪا ڇوڪريءَ نه ملي آهي، جنهن سان مان تنهنجون سموريون يادون دهرائي سگهان ها..........” منهنجي پيشاني ۽ ڪلم ڏانهن ڏسندي چيو هيئي ، “ تنهنجا وار هاڻي اڇا ٿيندا ٿا وڃن................” اڃان ڪيستائين مون جهڙي ڇوڪريءَ جو انتظار ڪندين......؟”
    “انتظار جون ڪي به حدون مقرر ٿيل ناهن هونديون................انتظار منهنجي نه پر مان انتظار جي وس آهيان، انتظار جڏهن به ٿڪو ته منهنجي هنج ۾ آرامي ٿي پوندو.”
    “تون ڊائلاگ باز ڪري منهنجي هر ڳالهه کي نندي ڇڏيندو آهين. مان توکي هاڻ ڪجهه به نٿي چئي سگهان.”
    “توکي ڪجهه چوڻ جو ڪو حق به ناهي............... سڀ حق توئي ته کسيا آهن.” منهنجي جملي جي اُڇل تي تون ڇرڪي پئي هئينءَ. وات ۾ پيل فالوده واري نلي ڪڍي نظرون جهڪائي ڇڏيون هيئي پر مون به ڪوبه بحث مباحثو ڪا به تحقيق ڪرڻ نٿي چاهي. فالوده کائي ڪائونٽر تي بل ڏيئي ٻاهر هليا آياسين. ٻيهر روڊن تي رلندي، صدر جي گلين جي ڇڙواڳ هوائن جا جهونڪا جهٽيندا، سڌو پارس سينيما کان هلي نڪتا هئاسين. سينيما بلڊنگ جي ٻاهرين گيٽ تي پاڪستاني فلم جو هڪ وڏو خونخوار بورڊ لڳو پيو هو، بورڊ ڏانهن ڏسي توکان پڇيو هيم. “فلم ڏسندينءَ؟”
    “تنهنجي مرضي................” مون کي منهنجي مرضي تي ڇڏيو هيئي. منهنجي مرضي اها بلڪل ئي نه هئي ته هڪ اونداهي پنڊال جي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ خاموش ويهي اڄوڪي رات جا اهي ٻه ٽي عظيم ڪلاڪ وڃائي ڇڏجن، منهنجي مرضي هئي ته اڄوڪي رات حيدرآباد جي گهٽي گهٽي ۾ رلجي، بي درد روحن جيان گلي گلي ۾ ڊوڙجي ۽ توکان اُڌاري ورتل اڄوڪي رات کي تاريخ بڻائي ڇڏجي. سو موٽ ۾ ائين ئي ڪيو هئوسين. حيدرآباد جي گهٽي گھٽي، گلي گلي ۾ رليا هئاسين، آخر ۾ توکي ريشم گلي ۾ شاپنگ ڪرائڻ لاءِ وٺي هليو هئس پر تون ضد ٻڌي بيٺي هئينءَ ته مون کي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت ناهي.”
    ڄاتو هيم تون گهٻرائجي وئي هئينءَ، توکي ڪجهه نه ڪجهه وٺي ڏيڻ وارو منهنجو اٽل فيصلو توتي قابض ٿي وڃڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو هو. “ ٻيو نه ته حيدرآباد جون چوڙيون مشهور آهن، سي ته ڀلا وٺ...............” ڀڳل من سان اڻپورو رايو ڏيکاريو هيئي ته مان توکي هڪ چوڙي جي دڪان تي گهلي آيو هئس. توکي رنگين چوڙيون وٺي ڏنيون هيم. آخر ۾ هڪڙي ٻي به خواهش هئي ته توکي ڪنهن فارين ڪنٽريز جو ڪو سٺو پرفيوم وٺي ڏيان پر الاءِ ڇو تو وڌيڪ خريداري کان ٺهه پهه انڪار ڪري ڇڏيو هو. منهنجو ضد تهنجي هوڏ اڳيان بي معنيٰ ٿي پيو هو . ريشم گلي مان واپس آيا هئاسين. ٻاهر روڊ تي ٽرئفڪ جي گوڙ گهمسان ۾ منهنجو مٿو چڪرائجڻ لڳو هو. مان اڪثر اهڙي گوڙ گهمسان ۾ ڪنن تي هٿ ڏيئي ڀڄندو آهيان. تنهن ڪري اتان به کسڪي هليا هئاسين. گاڏي کاتي ۾ سوچيو هئم ته هاڻ ڪنهن سٺي هوٽل تي ماني کائجي پر تنهنجي چوڻ مطابق ته “ايتري ڪا خاص بک ڪانهي، ڪنهن ريڙهي تان چڪن تڪا يا ڪباب ئي کائي ٿا وٺون.” تنهنجي خواهش مطابق ڀرسان ئي بيٺل هڪ پوڙهي بابا جي ريڙهي ڏانهن وڌي هليا هئاسين. جيڪو چڪن تڪا ۽ ڪباب تيار ڪري رهيو هو. چڪن تڪا ۽ ڪباب کائي پاڻ پوءِ رڪشا ذريعي قاسم آباد پنهنجي فليٽ تي هلي نڪتا هئاسين. ڪمري جو در کوليو هئم. سامهون ديوار تي لڳل وال ڪلاڪ رات جا ٻارنهن ٻڌائي رهيو هو. تون ڏاڍي ٿڪي پئي هئين. ڪمري اندر داخل ٿيندي تو پرس جو بيلٽ ڪلهي مان ڪڍي ڪارپيٽ ٿيل فرش تي ليٽي پيئي هئينءَ. مان به پنهنجن پيرن جا جوراب لاهڻ لڳو هئس. مون جوراب لاهي بوٽ اسٽينڊ ڏانهن اُڇليا هئا ۽ پوءِ تنهنجي ڀر ۾ ليٽي پيو هئس. ڪي گهڙيون ٽيبل ليمپ جي زرد روشني ۾ چمڪندڙ تنهنجي اکين ۾ نهاريندو رهيو هئس ۽ پوءِ منهنجو هڪ هٿ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويجهو ئي پيل ٽيبل ليمپ جي بٽڻ ڏانهن وڌي ويو هو....................
    ڪمري ۾ گهٻ اونداهه، تنهنجي ساهن جي ڇڪ ڇڪي وئي. مون کي ٻن سالن پڄاڻا تنهنجي آتو روح منهنجو ماندو من هڪ ٻئي کي سڪ جي وقت جون ميارون ڏيڻ لڳا. خوشبوءِ جهڙي تنهنجي گفتگو ، منهنجا ڀاڪر تنهنجي ٻانهن جون ولڙيون.............
    پر ڪنهن ڪنهن لمحي انهن سمورن عارضي رنگن جو فضا ۾ وکرڻ جو خيال.... تنهنجي بدن جي خوشبوءِ جو هوا ۾ تحليل ٿيڻ جو خوف سموري لُطف کي بي مزي ڪرڻ لڳو هو. پر پوءِ به چاهتن جا گل ٽڙندا رهيا. چنڊ لڙندو رهيو، رات هوريان هوريان ويندي رهي، ڪنهن لمحي اوچتو ڇرڪ ڀري چيو هيئي “ساحل ليمپ ٻار......................” تنهنجن ٻانهن کان ڌار ٿي، مون ٻانهن ڊگهيڙي ٽيبل ليمپ ٻاري هئي. ٽيبل ليمپ جي زرد روشني سڄي ڪمري ۾ ڦهلجي وئي هئي. تنهنجون ۽ منهنجون گڏيل نظرون وال ڪلاڪ ڏانهن کڄي ويون هيون، سوا چار ٿي رهيا هئا.............
    ڀڙڪو کائي اٿي هئينءِ “ساحل مون کي پنج بجي واري گاڏي ۾ وڃڻو آهي ” تنهن لمحي دل چاهيو هو مان رات جو ڪارو ڪفن ڦاڙي سج کي تلوار سان شهيد ڪري ڇڏيان. وقت جا ڪانٽا بيهي وڃن، نه ڏينهن ٿئي، نه رات کٽي پر ائين ممڪن نه هو. مان ڪوئي ديوَ، ڪوئي آسماني فرشتو نه هئس. مان آدم هئس ۽ منهنجا هٿ خالي هئا. توکي روڪڻ لاءِ من ماندو ٿي پيو هو پر روڪڻ لاءِ مون وٽ ڪو به جواز نه هو. تنهنجي خواهش مطابق توکي ان سمي پنهنجي پراڻي موٽر تي کڻي ريلوي پليٽ فارم تي پهتو هئس. فليٽ کان ريلوي پليٽ فارم تائين نه تو ڳالهايو هو ۽ نه وري مون اها همت ساري هئي. ڳالهائڻ لاءِ باقي رهيو به ڇا هو. سڀ ڪجهه ئي ته تنهنجو وڇوڙو ڳيهي ويوهو. گاڏي کي اڃا ڪجهه ليٽ هئي، تنهن ڪري تون ۽ مان ويٽنگ هال ۾ ٺهيل سيمنيٽ جي بئنچ تي اچي ويٺا هئاسين. تنهنجو ننڍڙو بيگ پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ پيو هو ۽ پرس جو بيلٽ تنهنجي ڪلهي ۾ پيل هو. تو پرس جي زپ کولي هٿ ۾ پيل ٽڪيٽ پرس ۾ رکيو هو ۽ زپ وري بند ڪري ڇڏي هيئي..................... مون ڏانهن ڏٺو هيئي اڻڀا وار چپن تي صدين جي پياس برقرار................اکين جي واري دڙن ۾ التجائن جا نوان اُڀرندڙ ڪونڀٽ....................... گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندي به چئي نه سگهي هئينءَ. شايد توکي خدشو هو ته مان ٻيهر ڊائلاگ بازي ۾ مبتلا ٿي، تنهنجي هر ڏُکي ڳالهه کي نندي ڇڏيندس، پر ان وقت مون ۾ تنهنجي ڪنهن به لفظ کي نندڻ جو حوصلو نه هو. تون چري ٿي وئينءَ. توکي ته ڳالهائڻ جا کوڙ حق هئا پر تو به پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا.فقط ٻه چار گونگا ڳوڙها تنهنجن اکين جي ڪنارن تي اٽڪي بيهي رهيا هئا. توکي ٻڌائڻ بغير ئي مان اُٿيو هئس ۽ ويجهو ئي پليٽ فارم تي هڪ ڪئبين ڏانهن اچي نڪتو هئس، جنهن تي مسافرن جي ضرورت جون تقريبن سموريون شيون پيل هيون. مان اتان کان ٽشوز جو دٻو وٺي آيو هئس، جيڪو توکي اچي ڏنو هيم.
    “هي ڇا آهي..............؟ ” اکيون مٿي کڻي پڇيو هيئي.
    “تنهنجن سمورن لڙڪن کي دفن ڪرڻ جي قبر...............” نه چاهيندي به ٽشو جو دٻو وٺي هنج ۾ رکيو هيئي. اوچتو ٽرين جي سيٽي وڳي هئي. پليٽ فارم جي ويٽنگ هال ۾ ويٺل سمورن مسافرن ۾ چرپر پيدا ٿيڻ لڳي هئي. اندر کامي پيو هيم. لڇندي تنهنجو بيگ کنيو هيم. ٽرين آهستي آهستي اچي بيٺي هئي. ڪيئي مسافر لهڻ چڙهڻ لڳا هئا پر لهڻ وارن کان چڙهڻ وارن جي شرح وڌيڪ هئي. هن ڀيري توکان اڳ ٽرين جي دٻي ۾ نه چڙهيو هئس، توکي بيگ ڏيئي مان سائيڊ دري کان ئي بيٺو رهيس. تون ان ڏينهن به سائيڊ واري سيٽ تي اچي ويٺي هئينءَ. پنهنجا موتي جهڙا لڙڪ ٽشو ۾ جذب ڪندي ڳالهايو هيئي “منهنجي هڪڙي خواهش به هئي ته پنهنجو ڪنڌ تنهنجي ڪلهي تي لاڙي ڪيئي ڳوڙها ڳاڙيان پر جرئت نه ساري سگهيس. هاڻي تنهنجي ڏنل ٽشوز ۾ حيدرآباد کان لاهور تائين جذب ڪيل پنهنجا سمورا ڳوڙها توکي ٽي سي ايس پوسٽ ڪري ڇڏيندس.”


    “توتي ڪا به ميار ناهي، مان ازل کان اُڌارين ۽ خيراتي راتين جو سوداگر رهيو آهيان، ٻه سال اڳ به توکان اڌاريون ورتل ست سئو ويهه راتيون توکي واپس ڏيئي ڇڏيم ۽ اڄوڪي اُڌاري رات به توکي ائين ئي واپس ٿو ڪري ڇڏيان.” ڪنڌ خم ۾ هڻي ڇڏيو هيئي. پليٽ فارم کي ويجهو ئي ڪجهه مسجدن مان فجر جي اذان اچڻ لڳي هئي. رات جي ختم ٿيڻ ۽ ٿيندڙ صبح جي شاهدي ڏيندڙ آڪاش ڏانهن چاهيندي به نهاري نه سگهي هئينءَ. اوچتو ٽرين جي سيٽي وڳي هئي. وجود چوويهه جنوري جي صبح جيان ڌڏي پيو هيئي. ٽرين آهستي آهستي چري هئي.آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو هيئي، مان توکي آلين اکين سان الوداع ڪري رهيو هئس.


    آئيني جي اوٽ

    .....۽ جڏهن رات جي اوڻٽيهه اونداهي ماحول کي پنهنجي دامن ۾ ويڙهي لڪائي ڇڏيو هو. اتر جي واءُ جون تيز تيز سرگوشيون................ بجلي نه هئڻ ڪري سڄي ڳوٺ ۾ گهٻ اونداهه ....پور سياري جي سخت سرد رات......ماڻهن جو ڪو آواز ڪو ڳالهائو نه.....رکي رکي ڳوٺ جي الهندي پاسي کان ڪتن ۽ گدڙن جون اوناڙون ماحول جي خاموشيءَ ۾ دخل ڏيئي رهيون هيون، وڏيرو جانو اڄ شراب جا ٻه پيگ پي پنهنجي بيڊ تي ليٽي پيو هو. خالي خالي......تنها تنها.......اڄ کيس ڪو پکي نه مليو هو. سندس ٻانهون وڻن جي سڪل ٽارين جيان ويران هيون. چپ ۽ اهي ڏند جيڪي معصوم ڳلن ۽ معصوم ارهن کي پٽيندا هئا، سي اڄ رکي رکي اتريئن دريءَ مان لنگهي آيل سيءَ جي سخت جهولن ۾ ٿڙڪڻ لڳا هئا. سڄو وجود ڪنبڻ لڳو هئس. الئه ڇو اڄ ٻه پيگن پيئڻ کان پوءِ به کيس ننڊ نه آئي هئي، سڄو وجود اُٿل پُٿل ۾ بدلجي پيو هئس. ڪنهن ڪنهن ٽائيم نظرون بيڊ روم جي ڇت تان گذري پنهنجي ئي هيڪلي وجود تي کپجي ٿي ويس. ڪنهن ڪنهن سمي اوچتو سيءَ جي لهر تي ڏندن ۾ سيسڙاٽيون پائڻ ٿي لڳو ته ڪنهن ڪنهن ٽائيم وري اندر مان جاڳندڙ احساسن سان اڀامي ٿڌا شوڪارا ڀرڻ ٿي لڳو “مار هيءَ رات الائي ڪيئن گذرندي؟ شل ڪو لونگ کي باهه لڳي، شل ڪو نانگ کائيس. پنج سئو وٺي ويو پر ماڻهو نه موڪليائين. سڀائي ملي ته ٺاهي ٿو رنگ ڏيانس. ڀاڙيو ڀيڻسان ٽڪي جو ڪم ڪونه ڪيائين” پنهنجن چپن ۾ ڀڻڪندو رهيو ۽ الائي ته ڇا ڇا چوندو رهيو. ڪنهن سمي تڙپندي تڙپندي ننڊ اچي ويس ۽ پوءِ صبح جو وڏي ڌيءَ شهناز ان ٽائيم اچي جاڳايس، جڏهن سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو. هر ڪو ماڻهو سيءَ کان آجو ٿي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو هو. منهن ڌوئي ٻه ڪوپ چانهه جا پي اوطاق تي اچي ويٺو هو. اڄ منهن ڦٽل ڦٽل لڳي رهيو هو. بدن اکڙيل اکڙيل محسوس ٿي رهيو هئس. صوفي جي ٽيڪ تي ويهندي ڪمدار کي سڏيائين،
    “ڪمدار؟”
    “جي سائين .” ڪمدار ٻئي هٿ ٻڌي اڳيان اچي بيٺس.
    “لونگ ڪٿي آهي؟” رعب مان پڇيائين.
    “سائين لونگ جي ڪا خبر ڪانهي.” لونگ بابت ڪا خبر نه ٻڌي وات ٺپ ٿي ويس، ڪي گهڙيون مٿي تي هٿ رکي سوچيندو رهيو.
    “سائين؟” ڪمدار اوچتو ڀڻڪيو.
    “هون....” سندس سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو.
    “ لونگ ۾ ڪو ڪم اٿؤ ڇا؟”
    “هون......ها...ها ” سندس ذهن اڃان به سوچن ۾ منڌل هو.
    “پوءِ سائين لونگ کي وڃي ڳولي اچان ؟”
    “نه ڇڏينس کڻي.”
    “جيئن توهان جي مرضي.”
    “ٺهيو ڀلا پاڻي ڏي.” ڪمدار پاڻي جو گلاس جڳ مان ڀري ڏنس، واسڪيٽ جي هڪ پاسي واري کيسي مان بلڊ پريشر جون گوريون ڪڍي وات ۾ وڌائين، ٻه ڍڪ پاڻي جا پي منهن بڇڙو ڪري گلاس وري واپس ڪمدار جي هٿ ۾ ڏنائين. ٿڌي پاڻي هئڻ ڪري سندس ڏند پاڙان نڪرڻ لڳس،
    “ ڏاڍو ٿڌو پاڻي آهي.”
    “ ها سائين رات پارو به ڪريو آهي، فصلن ۽ ڪکن تي برف به ڄمي پئي هئي.”
    “ برف؟ اڙي هاڻ ته ماڻهن جو رت به ڄمڻ لڳو آهي.”
    “رت سائين؟” حيرانيءِ منجهان ڪمدار جون اکيون ڇڪجي آيون ۽ واڇون ڦاٽي ويس.
    “ها ها رت” اوچتو اوطاق جو بيل وڳو ٽن ....ٽن....ٽن...
    “ڏس ڪمدار، ڪير آهي؟”
    “ها سائين” ڪمدار تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويو ۽ واپس وريو.
    “سائين لالو ٽانگي وارو آيو آهي.”
    “اڙي.....ها سڏي وٺينس ” ڪمدار ٻانهن مان جهلي اندر وٺي آيس.....
    “سائين سلام عليڪم ” لالو سلام وراڻيو.
    “وعليڪم السلام” لالو پٽ تي وڇايل قالين تي ويهڻ لڳو. “نه، نه.”
    “ ڇو سائين؟” هڪدم ڀڙڪو کائي اٿيو.
    “تون هيڏي ويهه، منهنجي ڀرسان صوفي تي.” هٿ جي اشاري سان چيائينس.
    “نه نه سائين” لالو پيلو ٿي، عجيب ڪشمڪش ۾ فقط وڏيري کي ڏسندو رهيو.
    “ وڃ لالو وڃ” ڪمدار پٺي ٺپريندي چيس. لالو آهستي آهستي ڊڄي ڊڄي وڏيري جي ڀرسان صوفي تي اچي ويٺو. صفا سوڙهو سوڙهو ٿي اندر ۾ ويڙهجڻ لڳو.
    “ڏي خبر لالو ڪيئن آهين؟” وڏيري جانو ڪلهي تي هڪ هٿ رکي پڇيس.
    “بس سائين پئي زندگي گذري!”
    “پئي زندگي گذري .......سٺو آ اهو به سٺو آ ” لالو ماٺ ئي رهيو. وڏيري ٿورو ترسي وري پڇيس “ڀلا شهر جي خبر ڏي؟”
    “سائين شهر زور آ زور..........” لالو هاڻ بي ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو “سيٺياڻي ڪئين آهي؟”
    “اصل ٻئي گدرا مٺ ۾ اٿس”
    “اهو ڪيئن؟” وڏيري تعجب منجهان پڇيو .“ سائين هڪ واپاري ۽ هڪ مختيارڪار کي ڦاسايو اٿس؟
    “نه.....نه؟”
    “سچ سائين”
    “ پوءِ سمجهون ته اسان جو ڦيٿو ڪونه ڦرندو؟”
    “سائين اوهان لاءِ ته آتي آهي، جڏهن ٿي گڏجي ته اوهان جو ضرور ٿي پڇي”
    “سچ؟”
    “ها سائين!”
    “ڇا ٿي پڇي؟”
    “اهو ته سائين جا ڪهڙا حال آهن؟سائين ڪڏهن ايندو؟ سائين ڇا ٿو چوي؟”
    “پر اسان پڇون ئي ڪونه”
    “ڇو سائين؟”
    “هاڻ ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي، اجايا ٿي انگل ڪري، صفا ڪي ٻارن وانگي ....۽ ٻيو جنهن تنهن سان اک ملائڻ.”
    “ها سائين هاڻ ته مون کي به نٿي وڻي”
    “پوءِ ڀلا ٻيو ڪو پکي هٿ ڪيئي يا نه؟”
    “سائين شهر ۾ هينئر هڪ ماڻهو جي پويان آهيان پر ڪجهه دير ٿيندي.”
    “دير ٿيندي پر اها آهي ڪير؟”
    “ ڪاليجي ڇوريءَ آهي، روز ٿي منهنجي ٽانگي تي چڙهي، آهستي آهستي ريجهايانس پيو ، پر ڪجهه دير ضرور ٿيندي.”
    “ٺهيو ٻيو ڪو؟”
    “في الحال شهر ۾ نه”
    “ڳوٺ ۾؟”
    “ڳوٺ ۾ سائين دريا خان واري ڇوريءَ به هاڻ تيار آهي، انو واري ڇوري رفيق جي پويان سڄو ڏينهن ٿي هلي.
    “ڇوريءَ ٿي ڇوڪري جي پويان هلي؟” اتي وڏيري جانو جي نراڙ ۾ وڌيڪ گهنج پئجي ويا. اکيون ڇڪي لالو کي گهورڻ لڳو.
    “ها سائين رفيق واري وڏي ڀيڻ سان اٿس سنگت، سو انهيءَ بهاني سڄو ڏينهن اتي ئي پئي هوندي آهي.”
    “انهيءَ تي هلاءِ ڪو ڌاڳو.”
    “سائين............پر..........ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي؟”
    “مان ٿو ڏيانءِ” ائين چئي وڏيري جانو پاسي واري کيسي ۾ هٿ هنيو، پنجن سون جا ٻه نوٽ ڪڍي، هن جي تريءَ تي رکيائين.
    “هاڻ دير نه ٿيڻ کپي.”
    “سائين وڌ ۾ وڌ هفتو.”
    “ وڌيڪ ڏينهن لڳا ته ؟”
    نه مان واعدو ٿو ڪيان .”
    “ٺيڪ آهي پر هاڻ ٻڌاءِ، ٻين جي خبر....ڪهڙي ڪنهن سان ڦٽل آهي، ڪهڙي ڪنهن سان ؟”
    “سائين اصل ڇيهه لڳا پيا آهن. درو واري ننهن به هاڻ ڇورا پئي ڊوڙائي....... مڙسنهس ڪلهه مار به ڪڍي هيس، پر رات جو کيس به سُتي سرمو وجهيو وڃي. باقي مائي حليما هوءَ ته جنهن تنهن سان ڦٽ آهي.”
    “مائي حليما ته اسان جي ڇورن کي به خراب ڪري ڇڏيو آهي. حرام جو ڇورا ٽڪو پئسو به بچائين.”
    “ڌوڙ وڃي پائي مئي......ايڊس ٿيئس يا ڪينسل.”
    لالو به ٻه منٽ لاءِ وري خاموش ٿي ويو.....
    نظرون جهڪائي قالين تي چٽيل رنگين گلن کي ڳڻڻ لڳو.
    “پوءِ وري ڪڏهن ايندين لالو؟” وڏيري جانو پڇيس.
    “ ٻئين ڏينهن تي”
    “ٺيڪ آهي پر اچجان ضرور....”
    “نه سائين توهان سان دوکو ڪونه ڪبو” لالو ٽانگي وارو ائين چئي اٿيو . ٻاهر نڪتو ته ٽانگي تي چڙهي سوچڻ لڳو “شل ڪا پٽڪي ڌوڙ ٿيئس. اڄ ته ٽڪو ئي ڪونه ڏنائين.” گهوڙي کي تيز هلڻ جو اشارو ڏئي، وري پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳو. “مار پويس رب جي، رڳو ٿو ڳالهيون پڇي؟ ڪهڙي ڪنهن سان ڦٽل آهي، ڪهڙي ڪنهن سان؟ پڇي وري چانهه جو ڪوپ به ڪونه. اڄ وري پاڻ سان گڏ ويهاريائين، ڪيئن نه خوشامت پئي ڪيائين، ڄڻ ڪي آئون به ڪو هن جي برابر جو رئيس هجان. “لالو ڀڻڪندو ڀڻڪندو شهر هليو ويو. لالو ويو ته پويان لونگ اچي وڏيري جي ور چڙهيو، پهريان قدم اوطاق ۾ رکيائين ته وڏيري جانو به پٽي گار ڏنس. “لونگ بيڻسانءِ جوءِ جا.........ٻڏي مرڻ کپي توکي جرڪس شاخ ۾................ڀيڻا ڪميڻا.............” لونگ ماٺ ماٺ ۾ ڪنڌ جهڪائي سموريون گاريون ٻڌندو سهندو رهيو.
    “ڀيڻان لوسي، ماڻهن سان دوکا ٿو ڪرين؟”
    “نه سائين اوهان سان دوکو ڪونه ڪبو.” لونگ ٻئي هٿ ٻڌي چيس.
    “ پوءِ ڪلهه.....؟”
    “سائين پکي ڪونه مليو.”
    “ڇو؟”
    “ هڪ جو انڌو منڊو آسرو هو، سو به اچڻ مهل جواب ڏئي ڇڏيائين.”
    “ڇو؟”
    “چيائين ته اڄ طبعيت ٺيڪ ڪانهي.” وڏيري جانوءَ کان ٽهڪ نڪري ويو. پوڙهين گهنجيل واڇن کان ڪجهه گِگُون به ڪري پيس. ساڄي هٿ جي آڱرين سان گِگُون اگهي آڏين نظرن سان ڀڻڪيو “پوءِ اڄ رات؟”
    “ها سائين اڄ رات......” لونگ منهن کولي وڏي رڙ ڪئي. “ بندوبست ڪيو اٿم.”
    “شهر يا ڳوٺ ۾؟”
    “سائين ڳوٺ ۾”
    “ڪهڙو ماڻهو آهي؟”
    “سائين اهو ئي جنهن جي توهان کي سڀ کان وڌيڪ سڪ رهي آهي. مس مس اڄ ها ڪئي اٿس پر هڪڙي شرط سان....چوي ٿي ته رئيس کي چئو ته راڊو وٺي ڏي.
    “چوينس ته تنهنجي لاءِ سر به حاضر آهي.”
    “پوءِ سائين اڄ ملايانس ڪانٽو؟”
    “ها ها ڇو نه هو جي اچي ته پوءِ اسان کي ڇا کپي.”
    “ٺيڪ آهي. سائين اڄ رات وٺي ايندس.”
    “ها............ پر ٻڌ؟”
    “جي سائين.”
    “گهر نه وٺي اچجانءِ هتي ئي اوطاق تي. ”
    “ٺيڪ آهي، سائين لونگ ائين چئي ڪجهه شرمائڻ لڳو.
    “سائين پر؟” سندس اکيون ۾ حياءُ هيس.”
    “پر جو مطلب سمجهان ٿو.” هن ايئن چئي پاسي واري کيسي ۾ هٿ هنيو ته هڪ ڳاڙهو نوٽ، نڪري آيو. وڏيري ڳاڙهو نوٽ کڻي هن جي هٿ ۾ ڏنو لونگ خوش ٿي نوٽ کيسي ۾ هڻندي وڏيري کي پڪ ڏئي هليو ويو.
    رات ٿي ته وڏيرو جانو پنهنجي اوطاق جي خفيه ڪمري ۾ اڄ نئين جسم جو انتظار ڪرڻ لڳو. اهو جسم جنهن جي کيس صدين کان پياس رهي هئي. بار بار سامهون ديوار تي لڳل وال ڪلاڪ کي ڏسندو رهيو. شراب جا ٻه پيگ ٺاهي ننڍڙي ٽيبل تي رکي نظرون ڪمري جي دروازي تي کپائي ڇڏيائين. ڪنهن ٽائيم دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، ڀڙڪو کائي اٿي اچي دروازي جي ڪنڍي کوليائين. ڇا ڏسي سامهون هن جي خواهش پري بيٺي هئي، سندس حسن جي آب تاب نه سهندي رڙ نڪري ويس. “او پري!”
    پري مرڪي زيرو بلب جي هلڪڙي روشني ۾ پنهنجا وار سيٽ ڪيا.
    “اچ، اچ پري لڏندي ڊيل جيان قدم کڻندي اندر آئي. هن ٻيهر دروازو بند ڪري ڪنڊي ڏئي ڇڏي. پريان رکيل صوفي ڏانهن وڃڻ لڳي “نه، نه هيڏي اچ.”
    “نه صوفي تي ويهنديس.”
    “ضد ٿي ڪرين؟”
    “نه”
    “پوءِ پلنگ تي ويهه نه.”
    “في الحال نه.”
    “ڇو ڀلا ؟”
    “ڪجهه ڪچهري صوفي تي ويهي ڪنداسين.”
    “جيئن تنهنجي مرضي اسان ته مجبور آهيون.” وڏيري جانو ائين چئي هن جي ڀر ۾ اچي بيٺو. پري صوفي تي ويهي پنهنجو پرس کولي ان مان هڪ ٽيسٽي ڪڍي کائڻ لڳي. وڏيرو جانو به هن جي ڀر ۾ اچي ويٺو،
    “اڄ ڪيئن رحم پيئي؟”
    “بس تنهنجي چمچي اچي تنگ ڪيو.”
    “سُٺو ٿيو رحم ته آيئي.” پري کلي پئي. وڏيري جانو وڌي اڳيان ننڍڙي ٽيبل تي پيل شراب جا ٻه پيگ کنيا، هڪ هن ڏانهن وڌائيندي چيائين، هيءُ پيگ تنهنجي لاءِ ئي ٺاهيو هئم. ”
    “نه مان نه پيئنديس.” منهن بڇڙو ڪري نهڪر ڪيائين.
    “ٿورو؟”
    “صفا نه.”
    “ڇو ڀلا محفل کي بي رنگ بنائڻ ٿي چاهين؟”
    “محفل ڪهڙي محفل ؟مان صرف تو وٽ ڪلاڪ کن جي لاءِ آئي آهيان؟
    “ڇو” سندس منهن ڳاڙهو ٿيڻ لڳو. پري جي منهن ۾ ڏسي ڪجهه لمحن لاءِ ٻئي پيگ واپس ٽيبل تي رکي ڇڏيائين.
    “تون پنهنجو پيگ پي وٺ” پري چوڙين جي ڇڻ ڇڻ وارو هٿ وڌائي وري هڪ پيگ هن کي کڻي ڏنو. وڏيرو جانو پيگ پيئندي پيئندي هن جي ڊگهن ڪارن زلفن ۾ هٿ ڦيرائڻ لڳو. سندس روح ڪچو ڪچو ۽ من ماندو ٿيڻ لڳس. ڪنهن ٽائيم هن جا پوڙها ۽ گهنجيل هٿ پري جي ڪپهه جهڙن ڪچڙن ۽ ڳورن ڳلن ڏانهن وڌي ٿي ويا. ٿوري دير کان پوءِ هن شراب جو پيگ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ پري کي ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي پلنگ تائين وٺي آيو. هن پلنگ تي ليٽائي پري کي پنهنجن ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيو. ڪجهه لمحن لاءِ ٻنهي جي دلين جو ڌهڪو وڌي ويو ۽ پوءِ ڪنهن ٽائيم وڏيري جانو جو هڪ هٿ پري...........“ڇڏ في الحال نه” نهڪر ماڻا ڪرڻ لڳي.
    “نه هينئر ئي” وڏيري جو ڏڪندڙ آواز گهٽيل نڙيءَ مان رڙي رڙي نڪتو. پري ماٺ ٿي وئي. سندس وجود گرمي مان ڀرجي پيو. ٻيهر وڏيري جو هٿ وڌيو. ٻنهي جي دلين جي ٽڪ ٽڪ ڪمري جي ماٺار ۾ رخنو وجهڻ لڳي.
    اوچتو دروازي تي ٻاهران زور زور سان ٺڪ ٺڪ ٿي، وڏيري به هيڪر پٽي گار ڏنس “ڀيڻان ....ماءُ جا........ڀيڻ جا.............ڪير آهين؟” ڪجهه لمحن لاءِ ٻنهي جا جسم ٺري ٿڌا ٿي ويا.
    “مان آهيان چوڪيدار علي بخش، سائين دروازو ته کوليو؟”
    “ڪو ڪم هجئي ته ٻاهران ئي ٻڌائي ڇڏ!”
    “سائين..............وڏي ويڌن ٿي وئي پر توهان ٻاهر ته اچو؟”
    “رب جي ڪا مار پونئي....ويڌن وري ڪهڙي ٿي اٿئي؟” وڏيرو ائين چئي اگهاڙي بدن سان اندران دروازي وٽ اچي بيٺو. هن دروازي جي ڪنڍي لاهي دروازي جوهڪ تاڪ هٽايو. ٻاهر چوڪيدار علي بخش بيٺو هو، جيڪو هن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي ڦڪو ڦڪو ٿيڻ لڳو هو.
    “ڇا ٿو چوين؟”
    “سائين توهان......،...توهان؟”
    “سائين توهان........سائين توهان ڪميڻا ڦاٽين ڇو نٿو؟”
    “سائين توهان جي ڌيءَ شهناز ڀڄي وئي.”
    “ڇا؟” وڏيري کان هڪ تيز رڙ نڪري وئي . هن هڪ زوردار چماٽ علي بخش جي منهن تي وهائي ڪڍي ۽ پاڻ تڪڙو تڪڙو ڪپڙا پائي ٻاهر وڃڻ لڳو....علي بخش جو منهن ڳاڙهو ٿي پيو هو، پوءِ سندس وات مان ڪجهه ٽهڪ نڪري پيا.....پري ماٺ ماٺ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌندي رهي. کيس تاريخ خراب ٿيڻ جو وڏو ڏک هيو. هوءَ اکيون ڇنڀيندي وار ٺاهيندي دروازي تي آئي ۽ پوءِ وڏيري جانوءَ کي گاريون ڏيندي رات جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي وئي.


    خوشبوءِ جي خودڪشي

    منهن ڦٽائي، منهن گهنجائي ڇڏيائين چيائين “ڪنجوس به ڏاڍو آهين.”
    وراڻيم “ڪهڙي معاملي ۾؟”
    رعب مان رڙ ڪري چيائين “پئسن ڏيڻ جي معاملي ۾ ٻيو وري ڪهڙي معاملي ۾”
    کيس چيم، “مان دل ڏيڻ جي معاملي ۾ به دير ڪو نه ڪندو آهيان، تون پئسن جي ڳالهه ٿي ڪرين”
    چيائين “اڄ تائين ڪنهن کي دل ڏني اٿئي ؟”
    وراڻيم “تو جهڙي حُور” چپن تي هلڪي مرڪ وکري پيس، ڪنڌ خم ۾ هڻي ماٺ ٿي وئي ۽ مان سندس حجابي لهجو جهڪي پيل چڳن جون گنهگهور گهٽائون هڪ ٽڪ ڏسندو رهيس، کن ترسي ڳالهه بدلائيندي چيائين “تون واقعي به ڪنجوس آهين.”
    وراڻيم، “ڪنجوس مان نه پر منهنجي ڏاڏي نوران آهي. 1947ع ۾ جڏهن ڀاڄ پئي هئي، تڏهن هڪ جهور واڻئي مکي درياني مل ڏاڏي نوران کي هڪ ٽيجوڙي ٻه روپيه ٽن آنن ۾ وڪڻي ڏني هئي، جيڪي هن وقت ۾ اهي ٻه روپيه ٽي آنا گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن سَون جي برابر ٿيندا..... منهنجي ڏاڏي ان وقت ۾ خوشنصيب به ڏاڍي هئي. تڙ تڪڙ ۾ واڻئي کي هڪ خانو کولڻ ئي وسري ويو، جنهن ۾ هڪ سون جي نٿ، ٻه سُون جون ڪيوٽيون ۽ ٻارنهن آنا سڪن جي صورت ۾ لڪائي رکيا هئا. جيڪي بعد ۾ منهنجي ڏاڏيءَ کي هٿ آيا ۽ ڏاڏي نوران اڄ تائين اهو سون ۽ اهي ٻارنهن آنن وارا سڪا ساڳي ئي خاني ۾ لڪائي رکيا آهن، جيڪي اڄ تائين به ڪنهن کي ڏنا نه اٿس.”
    هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي چيائين “تون ته بلڪل ئي پنهنجي ڏاڏيءَ تي ويو آهين.”
    وراڻيم “مان پنهنجي ڏاڏيءَ تي بلڪل ئي نه ويو آهيان، چپ پيءُ جهڙا اٿم، نڪ ماءُ جهڙو ۽ اکيون نانيءَ جهڙيون اٿم.........” ڪاوڙجي پئي، منهن ڦٽائي منهن ڦيري ڇڏيائين، سندس ريشمي هٿن جون ڳاڙهن ننهن واريون ڊگهيون آڱريون پنهنجي هٿن جي آڱرين ۾ جڪڙيندي چيم “خوشبوءِ”
    “هو ماٺ رهي”
    ٻيهر ڀڻڪيم “خوشبوءِ؟”
    “ هون.” ڀڻڪيائين.
    “ناراض ٿي پئي آهين؟” پُڇيم.
    چيائين “مون تي طنز ٿو ڪرين.”
    چيم “خوشبوءِ طنز جي معنيٰ ڄاڻين ٿي؟” روح کي رانڀوٽا پائيندڙ نظرن جي تيز وار کي منهنجي منهن تي اڇل ڏيئي بغير ڳالهائڻ جي ئي ٻيهر منهن ڦيري ڇڏيائين.
    کيس چيم “خوشبوءِ طنز مذاق جو ٻيو روپ اٿئي، ٺيڪ آ، مان آئينده لاءِ توسان مذاق نه ڪندس.” مان هٿن ۾ سندس جهليل هٿ ڇڏي گهڻو سنجيده ٿي ويس...... اوچتو ڀڙڪو کائي مُرڪي ڏنائين وراڻيائين “تنهنجي مذاق ۾ اتساهه آهي. مان تنهنجي مذاق کان ڌار ٿي نه سگهنديس.”
    چيم “پوءِ ماڻا ڇا لاءِ ٿي ڪرين؟”
    چيائين “توکي گهڻو سنجيده ڏسڻ ٿي چاهيم.”
    “ڇو؟” پڇيم.
    چيائين “سنجيدگيءَ ۾ مون کي توتي گهڻو رحم ٿو اچي ۽ اهو رحم جيڪو منهنجي پيار کي اتساهي ٿو ” موٽ ۾فقط اڇا ڏند ڪڍي کلي پيو هئس. هن بهار رت جهڙي شام جي منظر ۾ پوپرين هوائن جي هلڪن ڇڇڪن ۾ نرگس جي گل جيان لڏي روح کي لوڏي وڌو هو.
    خوشبوءِ هڪ ميراثي ڇوڪري هئي. ننڍي هوندي کان ئي سونهن جي ڪنهن ڳالهه ۾ ڪمي ڪانه رکي هئس پر جڏهن کان سرمئي جوڀن جي پهرين ڏاڪي تي پهريون قدم رکيو هئائين ته چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪي پئي هئي. ائين ڄڻ ته ڪنول جو ڪو تازو نسريل گل ماڪ ڦڙن مان ڌوپي نڪتو هجي، ڳورو رنگ، گول بيضوي چهرو، ٻه وڏيون ڪاريون اکيون، جاڙا ڀرون، ڪنڍڙو نڪ، صوف جهڙا گول شوخ ڳاڙها ڳل، سنهڙا ناسي چپ، موتين جهڙن ڏندن جي قطار...... هيٺان کاڏي وٽان ڪڻڪ جي داڻي جيترو ڪارو تر، جڏهن به کلندي هئي ته اهو ڪارو تر جشن ملهائيندو هو. ڊگهن ڪارن وارن واري خوشبوءِ جڏهن به ڪنڌ جي هلڪي ڌوڻ سان پنهنجن زلفن کي هلڪو جهٽڪو ڏيندي هئي ته سندس زلف ڪنهن رهزن طوفان جيان اڀري وري ماٺ ٿي ويندا هئا. شادين ۾ عورتن ۽ گهريلو مردن جي اڳيان ڊانس ڪرڻ سندن اباڻو ڌنڌو هو پر هو ان ڌنڌي مان خوش نه هئي. شادين ۾ ڊانس ڪرڻ تي سندن مائٽن جو زور هو، نه ته هو هڪ سٺي زندگيءَ جي خواهشمند هئي پر جڏهن ڊانس ڪرڻ سندس مجبوري بڻجي پئي هئي. تڏهن ڪجهه وقت لاءِ دلي طور هو آماده به ٿي پئي هئي ۽ هاڻ هن باقاعده ڪجهه عرصي لاءِ ڊانس ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي، سندس ڊانس ۽ سونهن جي هاڪ پري پري تائين پکڙجي وئي هئي.
    ماڻهو سندس هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ آتا هوندا هئا، کيس دعوتون ڏيئي پنهنجي ڪاڄن تي وٺي ويندا هئا. جڏهن به هوءَ رات جو راڳ رنگ جي رُت ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ پيل ڇيٽي تي پنهنجا ڊگها وار کولي پدمڙن ۾ ڇيرون ٻڌي ڊانس ڪرڻ شروع ڪندي هئي ته هن سان گڏوگڏ سندس ڊگها وار به سندس ئي پيرن جي پشم جهڙين کڙين تي ڊانس ڪرڻ لڳندا هئا. مردن جون دليون پاڻي پاڻي ٿي پونديون هيون. جڏهن به مرڪي سهڻي جسم کي لوڏو ڏيئي کانئن روپئي روپئي جا نوٽ وٺندي هئي ته ماڻهن جا وجود لڏي پوندا هئا، جڏهن ڇاتي جي ماسيرن ارهن کي هلڪو ڇڇڪو ڏيئي گهوماٽيون کائيندي هئي ته ڪيترن جي روح کي ڇڇڪو اچي ويندو هو، ذهن ذهن گهوماٽيون کائي ويندو هو. ڇير جي ڇم ڇم جي مڌم راڳ تي مرد کيسن منجهان پئسا نه پر ڄڻ ته پنهنجي جسم منجهان دل ڪڍي پنهنجي هٿ تي رکندا هئا ۽ خوشبوءِ به ڄڻ ته اهي پئسا نه پر انهن مردن جون دليون کڻي هلي ويندي هئي......۽ تقريبن ڪلاڪ کن ۾ ئي ماڻهن جا کيسا خالي ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ پنهنجن کيسن ۾ هٿ هڻندا خالي هليا ويندا هئا.
    اسان جي ملاقات منهنجي چاچي جي هڪ شادي ۾ ٿي هئي. سندس سونهن ۽ ڊانس جي هاڪ ٻڌي، ان ڏينهن مان به پٽ سٽ ڪري پنهنجا کيسا روپئي روپئي جي نوٽن سان ڀري آيو هئس، پهريون ڀيرو ڪاري وڳي ۾ چنڊ جهڙو بدن ڍڪي ميڪ اپ ڪري ڪارن زلفن کي پنهنجن ڪلهن تي کليو ڇڏي، پدمڙن ۾ ڇيرون ٻڌي، جڏهن سامهون اچي بيٺي هئي. تڏهن مون کي خدا تي شڪ ٿي پيو هو. ڀانيو هئم خدا سواءِ ٻڌائڻ جي هڪڙي حور کي ڌرتيءَ جي ٻيٽ تي انسانن جي جهنگل ۾ لاهي ڇڏيو آهي. پهريون ڀيرو ڊانس جي لوڏن ۾ نمي مرڪي منهنجي هٿ منجهان روپئي جو نوٽ کنيو هئائين، تڏهن ائين ڀانيو هئم ڄڻ ته هوءَ منهنجي هٿ مان ڪاغذ جي ريت مان ٺهيل هڪ روپئي جو نوٽ نه پر منهنجي دل کسڪائي ويئي آهي. سندس گهور وجهندڙ نيڻن جو گهايل ٿي پيو هئس. روح کي ڇڪ اچي وئي هئي. ان ئي ويل پنهنجو پاڻ کي ڦرائي ويٺو هئس، پئسا، دل، سک چين ۽ سڀ ڪجهه جڏهن ماڻهن جا کيسا خالي ٿي ويا هئا ۽ پنهنجن پنهنجن کيسن کي هٿ هڻندا، پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن اسهي ويا هئا، تڏهن مان اتان اٿي گهر جي ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ لڳل هن جي بستري تي ويٺل اڌڙوٽ عمر هن جي ماءُ ٻن ٻين پوڙهين ۽ هن جي سامهون اچي ويٺو هئس،تڏهن هن جي ماءُ پتيءَ وارو پان وات ۾ ڦيرندي چيو هو “ابا پئسا واپس وٺڻ آيو آهين ڇا ؟” ان کان اڳ جو مان ڪو جواب ڏيان خوشبوءِ کان هڪ سنهڙو ٽهڪ نڪري پيو هو، اهو ئي سندس پايل جي آلاپ جهڙو مٺڙو ٽهڪ، سينو چيري منهنجي دل ۾ لهي ويو هو، گهڙي پل لاءِ اندر جو ساهه معطر ٿي موٽ کائي آيو هو. ماءُ ۽ ساڻس گڏ ٻه ٻيون پوڙهيون کريل نوٽن کي ٺاهي ٺاهي ڳڻي رهيون هيون ۽ ان وقت هن جي خوبصورت هٿن جي خوبصورت آڱرين ۾ گرم چانهن جي ڀريل هڪ ڇل هئي ۽ هو ان ڇل کي پنهنجي ڳاڙهن ڳٽن تائين آڻي سپ سپ ڪري چانهه پي رهي هئي. ان ويل مان سندس بدن تي پهريل ڪاري وڳي جي ريشمي تند تند پويان سج جي پهرئين ڪرڻي جيان جهوٽون پائيندڙ چنڊ جي چانڊاڻ جيان لياڪا پائيندڙ بدن کي گهور گهور سان ڏسي رهيو هئس......مون ڏي نهاريندي پڇيو هئائين “ ڇا ٿو ڏسين؟”
    “ڪجهه به نه.......” وراڻيم هئم.
    هوءَ وري سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳي هئي ۽ مان وري به کيس ائين جو ائين ئي تڪڻ لڳو هئس،
    چيو هئائين “پيسا کلا ٿو ڪرائين؟”
    “نه”
    “پوءِ؟”
    “چانهه پيئندس” وراڻيو هئم، لپ اسٽڪ ٿيل لبن تي هلڪي مرڪ وکيري هٿ ۾ جهليل چانهه جي ڇل مون ڏانهن وڌائي هئائين ۽ مان بي ڌڙڪ سندس هٿ منجهان چانهه جي اڌ ٿيل ڇل جهپي اتي پنهنجا ٺريل چپ رکي چانهه پيئڻ لڳو هئس، جتي پهرين هوءَ پنهنجا رتا چپ رکي چانهه پي رهي هئي، ان ويل مون کي چانهه منجهان چانهه جي خوشبوءِ نه پر خوشبوءِ جي خوشبوءِ اچي رهي هئي ۽ ڇل جي وٽ تي رکيل پهرئين خوشبوءِ جا لپ اسٽڪ ٿيل چپ جتي هينئر منهنجا چپ رکيل هئا، مون کي ڄڻ ته خوشبوءِ جي چپن جو آسيس ملي رهيو هو...... چانهه ختم ڪري خالي ڇل سندس اڳيان رکندي، سندس سمنڊ جهڙين گهرين اکين منجهه گهورڻ لڳو هئس.
    چيو هئائين “اڃا پيئندين؟”
    “ها .” وراڻيو هئم ، هلڪي کل کلي ٿرماس منجهان چانهه جي ٻي ڇل ڀري هئائين.
    وراڻيم هئم “مان چانهه جو نه پر شراب جو موالي آهيان.”
    چيوهئائين “پر هيءَ ته چانهه آهي”
    وراڻيو هئم “تنهنجي هٿ جي چانهه پيئندي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته مان تنهنجي ئي نيڻن جو شراب پي رهيو هجان.........” هڪدم شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين، هڪ وار سندس ماءُ ۽ ٻن پوڙهين جا نوٽن ۾ هلندڙ هٿ رڪجي پيا هئا. ٽنهي جي وات ۾ ڦرندڙ پتي وارا پان هڪ لمحي لاءِ ڳاڙهي زبان تي بيهي ٻيهر هلڻ لڳا هئا ۽ سچ پچ ان ئي وقت مان سندس نيڻن جي پيالن منجهه ڇلڪندڙ شراب جا وڏا وڏا ڍڪ ڀري مدهوش ٿي پيو هئس. ان ئي وقت مون پنهنجي دل کسڪندي محسوس ڪئي هئي. سوچيو هئم پنهنجي دل خوشبوءِ جي دل منجهه رکي ڇڏيندس، کيس ساهه منجهه سمائي ڇڏيندس ۽ کيس روح منجهه رلائي ڇڏيندس، ان ڏينهن جڏهن هن منهنجي دل چوري ڪري ورتي هئي ۽ بدلي ۾سندس دل چوري ڪرڻ لاءِ مان هن کي تمام گهڻو ويجهو ٿي پيو هئس ۽ هاڻ ته باقاعده هنن جي گهر به اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڏنو هئم. هڪ ڏينهن سندس ئي اڳيان سندس سونهن جي تعريف ڪندي چيو هئم “تون ڪنهن حور کان گهٽ ناهين.”
    وراڻيو هئائين “ايڏي تعريف نه ڪر.”
    “ڇو؟”
    “مٿو خراب ٿي ويندم.”
    هلڪو ٽهڪ ڏيئي کيس چيو هئم “تنهنجو مٿو خراب ٿي نه سگهندو، تون ٻين جا مٿا خراب ڪندي آهين. “ شرير نگاهن سان گهوري حجابي اکڙين کي ڦيري ڇڏيو هئائين تڏهن کيس چيو هئم “تنهنجي اها ادا مون کي وڻندي آهي.” ڳالهه بدلائيندي چيو هئايئن “تون هتي روز روز ڇو ٿو اچين؟”
    “توکي ڏسڻ. ”
    “ مون کي.........؟” حيرت منجهان هڪ هٿ پنهنجي ڇاتيءَ تي رکي چيو هئائين “مون ۾ ڇا رکيو آهي؟”
    “ اهو سڀ ڪجهه جيڪو مون کي ٻيو ڪٿي نظر نٿو اچي”
    چيو هئائين “وڏو ڪو پلستر آهين”
    کيس موٽ ۾ چيو هئم “ تون منهنجي روح جي راڻي..........دل جي دنيا آهين. ”
    حجابي مرڪ نارنگي جي ڦار جهڙن رسيلن چپن تان اٿلي پئي هئس، ڪنڌ جهڪائي ڪلهن تي وکريل وارن کي هڪ هٿ سان ٺاهيندي چيو هئائين “مان هلان ٿي؟”
    “ڪيڏانهن.....؟”
    “شهر ۾ شاپنگ ڪرڻ ”
    “مان هلان؟“
    “هل”
    “دل سان ٿي چئين؟”
    “نه وات سان....” هڪ هلڪڙو ٽهڪ چپن تان ڇڻي پيو هئم، خوشبوءِ اٿي بيٺي هئي، ڪاري رئي جو نقاب هڻي چيو هئائين “هلين ٿو نه ؟”
    تڏهن اٿندي وراڻيو هئم “توکي اڪيلو ڇڏڻ منهنجي زندگيءَ جي پهريئن بيوقوفي هوندي” ۽ پوءِ مان خوشبوءِ سان گڏ يوٽيلٽي اسٽور ويو هئس وچ رستي ۾ کيس چيو هئم “تون ڊانس ڇو ٿي ڪرين؟”
    وراڻيو هئائين “مجبوري اٿم ”
    “ڪهڙي مجبوري؟”
    “پوڙهي امان ۽ پوڙهي بابا کي پالڻ هاڻ مون تي فرض ٿي ويو آهي.”
    کن ماٺ رهڻ کان پوءِ چيو هئم “ انهن کي مان پاليندس.”
    جهڪيل ڪنڌ اڀو ٿي پيو هئس، اکيون حيرت منجهان ڦاٽڻ لڳيو هيون.
    وراڻيو هئائين “خبر اٿئي مان ساليانو بابا وارن کي ڪيترو ڪمائي ڏيندي آهيان؟”
    “نه پر ڪيترو ڪمائيندي آهين.......؟”
    چيو هئائين “گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ۾ مان لک ڏيڍ ڪمائي وٺندي آهيان، جن مان هڪ سال جو خرچو آسانيءَ سان ٿي ويندو آهي.”
    چيو هئم “اهي توکي مان ئي ڏيئي سگهان ٿو.”
    وراڻيو هئائين “ماڻهو ڇا چوندا؟”
    چيو هئم، “مون ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ سکي ناهي.” موٽ ۾ هو ماٺ ماٺ گونگيون وکون کڻندي اڳتي وڌندي رهي هئي، ٿوري دير ماٺ رهڻ کانپوءِ ڀڻڪيو هُئس.“پر توکي ڊانس ڇڏڻي پوندي.” پر هوءَ پوءِ به ماٺ رهي هئي، ٿورو اڳتي هلي کيس ٻيهر چيوهئم “خبر اٿئي جڏهن تون ڊانس ڪندين آهين، جڏهن تنهنجي پيرن جي ڇير وڄندي آهي، تڏهن ماڻهن جون دليون وڄي پونديون آهن ۽ تنهنجون مرڪون ورهائجي وينديون آهن.”
    تڏهن ڀڻڪي هئي “اهي مرڪون جعلي نوٽن جهڙيون هونديون آهن، جن کي ماڻهو ڏسي گهڙي پل لاءِ خوش ته ٿي سگهي ٿو پر اُن مان ڪجهه خريد نٿو ڪري سگهي.”
    چيو هئم “پر مون کي اهو سڀ ڪجهه پسند نٿو اچي ته تون ماڻهن سان مرڪين ۽ ماڻهو توسان مرڪن.”
    چيو هئائين “اجايو شڪ نه ڪر، تنهنجي حصي جون مرڪون توکي ملنديون.”
    چيو هئم “مان تنهنجي ڊانس جي ڳالهه ٿو ڪريان، جنهن کان پوءِ تنهنجون مرڪون خودبخود پس پرده ٿي وينديون.” پر پوءِ به هو ان وقت مون کي ڪو يقين ڏياري نه سگهي ته آئنده لاءِ ڊانس ڇڏي ڏيندس يا ڊانس ڪندي رهنديس. يوٽيلٽي اسٽور تان شاپنگ ڪرائڻ کان پوءِ جڏهن واپس موٽيا هئاسين، تڏهن چيو هئائين.
    “ساگر منهنجو مڱڻو اڳ ئي ٿيل آهي.”
    تڌهن وجود لرزي پيو هئم، ڌرتي پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ڪئي هئم. حيرت منجهان اکيون ڦاڙي کيس چيو هئم “تو اڳ ته مون کي نه ٻڌايو آ.”
    وراڻيو هئائين “ ٻڌائي ڇا ڪنديس، ان خصيص شخص جو نالو ئي زبان تي نٿي آڻڻ چاهيان.”
    “ڇو؟”
    “هو شرابي، نشائي، لوفر آ، منهنجي ڪمائي جو انگ ٻڌي ڇتو ٿي پيو آهي، چاهي ٿو ته جلد شادي ٿي وڃي.”
    “پوءِ تو ڇا سوچيو آ ؟”
    “مان ان ڪميڻي شخص سان شادي هرگز ڪرڻ نه ٿي چاهيان، مان چاهيان ٿي ته ڪو اهڙو سٺو جيون ساٿي ملي، جنهن جي پيار جي ڇانوري ۾ رهي مان ڊانس ناچ گاني کي وساري ڇڏيان........” مان ماٺ ئي رهيو هئس. ٿوري دير لاءِ هو به ماٺ ئي رهي هئي، ائين خاموش خاموش اڳتي وڌندا رهيا هئاسون، ٿورڙو اڳتي هلي خاموشيءَ جي تند ٽوڙيندي چيو هئائين.
    “تون منهنجن مرڪن جي تحفظ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟”
    “ها” وراڻيو هئم.
    چيو هئائين “ڇا تون مون کي اهو تحفظ ڏيئي سگهين ٿو ؟” لرزي پيو هئس. وجود ڌڏي پيو هو، روح کي سٽ اچي وئي هئي، ڪنڌ هيٺ ڪري ماٺ ٿي ويو هئس.
    ڀڻڪي هئي “ماٺ ڇو ٿي ويو آهين ؟”
    وراڻيو هئم، “ تون ڪهڙي لحاظ سان ٿي چئين؟”
    چيو هئائين “ان لحاظ سان جنهن سان منهنجن مرڪن کي حقيقي تحفظ ملي سگهندو.”
    “مطلب؟” ڳالهه سمجهندي به ڄڻ ته اڻڄاڻ ٿي چيو هئم.
    “ هاڻ ايڏو به صفا ڪو ٻار ناهين؟” اکيون ڪڍي ڪاوڙ منجهان چيو هئائين، کيس چيو هئم “ڪڏهن ڪڏهن اسان سمجهندڙ ڳالهه کي به نه سمجهي سگهندا آهيون.”
    سندس گهر طرف مڙندي چيو هئائين .“تون مون سان شادي ڪري ڇڏ.” دل شروع ۾ هڪ تيز ڌڌڪو کائي ۽ پوءِ ٻيهر پنهنجي اصل رفتار تي اچي بيٺي هئي، ساهه سر سر ڪري نڙي منجهه اٽڪڻ لڳو هو. ڪنڌ خم ۾ هڻي ماٺ ئي رهجي ويو هئس، کيس ڪجهه چئي نه سگهيو هئس، ٻيهر هو به پڇي نه سگهي هئي. ماٺ ماٺ سندس گهر منجهه پيل کٽ تي اچي ويٺا هئاسين، چند لمحن بعد هوءَ اٿي منهنجي لاءِ هڪ اسپيشل چانهه جو ڪپ ٺاهي کڻي آئي هئي. سپ سپ ڪري چانهه پيئندو رهيو هئس ۽ سوچيندو رهيو هئس خوشبوءِ جي باري ۾، پر خوشبوءِ مون کان ايترو مٿي هي جيترو ڌرتي کان آسمان، ايترو پري هئي جيترو سج کان چنڊ....... چانهه ختم ڪري خالي ڪوپ کٽ جي ايس تي رکي اٿندي کيس چيو هئم “مان هاڻ هلان ٿو.”
    خم ۾ پيل سندس ڪنڌ اڀو ٿي ٻيهر جهڪي ويو هو، اکڙيون اداس هيون، ڪجهه چوڻ چاهيندي به ڄڻ ته ڪجهه چئي نه سگهي هئي، مان هلندو گهر جي دروازي جي چائنٺ تي اچي بيٺس، پٺيان کان ڀڻڪائين “ساگر.......”
    “هون.” وراڻيم.
    “تو مون کي ڪا ورندي نه ڏني ؟”
    ترسي ترسي کيس چيو هئم “خوشبوءِ نه تون منهنجو نصيب، نه مان تنهنجو مقدر آهيان.........” چيو هئم “مان تنهنجو ٿي نه سگهندس”. پير ٺپ ٿي ويا هئس، وجود ڪنبي پيو هئس، اندر جي سمنڊ مان اڀري آيل سڏڪن جي طوفان کي نڙيءَ منجهه روڪي کيس ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳي هئي ۽ ٻري ٻري جيئڻ لڳي هئي. ساهه منهنجو به منجهڻ لڳو هو، دل گهٻراهٽ جو غم کڻي نه سگهي هئي ۽ ريزه ريزه ٿي وکري پئي هئي. وڌيڪ هو ڪجهه پڇي نه سگهي هئي. ڪجهه چئي کيس مان نه سگهيو هئس ۽ ائين ئي ماٺ ماٺ جي مئل سمنڊ جون گونگيون ڇوليون لتاڙيندو هليو آيو هئس.
    ان ئي ڏينهن منهنجي سسٽر بيمار ٿي پئي هئي، جنهن کي حيدرآباد کڻائي ويو هئس، ڏيڍ مهيني کان پوءِ جڏهن واپس آيو هئس، تڏهن خبر پئي هئم ته خوشبوءِ جي شادي ٿي رهي آهي، پڄري پيو هئس، روح رهڙجي رهڙجي سڏڪڻ لڳو هو، پر ان جرم جو مجرم مان پاڻ هئس، ان ڏوهه جو ڏوهي مان پاڻ هئس. گلا ڪجي ته ڪنهن سان؟ شڪوه شڪايت ڪجي ته ڪنهن سان؟ ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر ويس، ان ڏينهن هوءَ ونواهه ۾ ويٺل هئي، سندس گهر جي هڪ ڪنڊ ڄڻ ته هن لاءِ هڪ ننڍڙي قبر هئي، جنهن ۾ هن پنهنجون مرڪون هڪڙي پاسي رکي ڇڏيون هيون. سندس هئڊو چهرو خزان رت جي پونياڙي ويل جهڙو اداس منظر ڀانسي رهيو هو.
    چيو هئائين “ ڇو آيو آهين؟”
    “توکي ڏسڻ ” وراڻيو هئم.
    “مان هاڻ تنهنجي ڏسڻ لائق ناهيان.” موٽ ۾ ڪجهه ڪڇي نه سگهيو هئس، فقط ماٺ ئي بيٺو رهيو هئس.
    چيو هئائين “وساري سگهيو آهين؟”
    کيس چيو هئم “وسارڻ چاهيندي به توکي وساري نه سگهندس.” سندس پيلن چپن تي طنزيه مرڪ اچي ويئي هئي چيو هئائين” نه وسارڻ جو سرٽيفڪيٽ کڻي آيو آهين؟”

    موٽ ۾ ڪجهه چئي نه سگهيو هئس، فقط ڪنڌ خم ۾ ڏيئي ويران مندر جي خاموش مورتي جيان خاموش خاموش رهجي ويو هئس. چيو هئائين “تنهنجي حصي جون مُرڪون اڳ ئي توکي ڏيئي ڇڏيون اٿم، هاڻ واپس هليو وڃ.”
    کيس چيو هئم “خوشبوءِ مان پنهنجن واعدن مطابق نه لٿو آهيان ان جي هڪ مجبوري به هئي.”
    “ڪهڙي مجبوري هئي توسان..........؟”
    “مان اڳ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو مڱيندو مقرر ٿي چڪو آهيان.”
    چيو هئائين “هاڻ اجايا قصيدا بيان نه ڪر، مان سمجهان ٿي، مان هڪ گهٽ ذات واري ميراثي ڇوڪريءَ هئس.
    “تڏهن.................؟”
    کيس چيو هئم “تنهنجن مرڪن جو قسم گهٽ ذات جي ڳالهه ناهي، مون کي تنهنجي قوم سان به ايترو ئي پيار آهي، جيترو توسان.”
    ماٺ رهجي وئي هئي، ڪي پل ائين ئي ماٺ ماٺ ۾ هڪ ٻئي جا چهرا تڪيندي گذاري ڇڏيا هئائين، ٿوري دير بعد چيو هئائين “ تنهنجي لاءِ هڪڙو تحفو رکيو اٿم.”
    “ڪهڙو تحفو؟” کانئس پڇيو هئم هو ماٺ ماٺ ڪنڊ مان اٿي هئي ۽ ڪاٺ جي الماڙي جو هڪ خانو کولي ۽ ان مان خاڪي رنگ جي هڪ ڪاغذ سان پئڪ ٿيل هڪ پئڪيٽ ڪڍي ڏيندي چيو هئائين “هن کي گهر وڃي کولجانءِ.”
    “ هن ۾ ڇا آهي؟” سندس هٿن مان اهو پئڪيٽ وٺندي چيو هئم.
    “ڪجهه به آهي پر گهر وڃي کولجانءِ.” چيو هئائين ۽ پوءِ ٻيهر هو مئل قدمن سان پنهنجي اونڌاهي پناهه گاهه ڏانهن هلي وئي هئي.
    مون سندس چوڻ مطابق گهر اچي اهو پئڪيٽ کوليو هو، جنهن مان روپئي روپئي جي نوٽن جون ويهه دستيون نڪتيون هيون ۽ هر دستي هڪ سئو روپين جي هئي......ان مان اها خبر پئي ته هن مون کي منهنجا پئسا موٽائي ڏنا آهن، جيڪي مون هن کي سياري جي مند ۾ اتر جي سرد جهولن ۾ جهومندڙ مختلف شادين ۾ ڏنا هئا. دل باهه منجهان ڀڙڪو کائي اٿي. سوچيم کيس سڀئي نوٽ واپس موٽائي ڏيندس پر مان ائين ڪري نه سگهيو هئس، ٻيهر سندس در جي چائنٺ ۾ ٻڌل ڳاڙهي ڳاني کي لڏندو ڏسڻ جيتري همت نه هئم، سندس ڪينجهر جهڙين اکين جي ٽٽي پيل بندن مان وهڪرو ڪري ڳلن تي گسجندڙ لڙڪن جي سامهون بيهڻ جيتري جرئت نه هئم......هن جي شادي ٿي وئي، هو پوپرين هوائن جي ريشمي گيتن جهڙي نفيس ڇوڪري جي پيلي ڌنڌ جهڙي منظر ۾ ويڙهجي وئي. ڪجهه نه ڪرڻ چاهيندي به اهو ڪجهه ڪرڻ لڳي، جنهن کان هن کي نفرت هئي، هن جي ڊانس ٻيهر شروع ٿي وئي، هن جون مرڪون ٻيهر ورهائجي ويون. اهو هو سڀ ڪجهه پنهنجي رضا خوشيءَ سان نه پر پنهنجي مڙس جي دٻاءُ هيٺ دٻجي ڪرڻ لڳي، جنهن کيس ٻيهر سختيءَ سان ان عمل ۾ سرگرم ڪري ڇڏيو هو. گهڻن ڏينهن پڄاڻان هو مون کي پنهنجي ئي شهر جي ان يوٽيلٽي اسٽور جي شيشي لڳل در مان پار ٿيندي ملي هئي، جتان ڪڏهن ڪڏهن مان کيس شاپنگ ڪرائي موٽندو هئس، گهڻن ڏينهن پڄاڻان ائين لڳو ڄڻ ته هوءَ قبرستان جي ڪنهن پراڻي قبر مان اٿي آئي آهي. سندس وار اڻڀا هئس، اکيون آخري پساهن ۾ دم کڻندڙ ڏيئي جهڙيون مايوس نگاهون آڇيندڙ هيون........سندس چهري جي رنگت ۽ بدن جي مائونٽ ايورسٽ چوٽين تي وکريل برف ڄڻ ته آهستي آهستي وگهري ڳري وئي هجي، دل کي يقين نه آيو. حيرت منجهان کانئس اکيون ڦاڙي پڇيم “تون خوشبوءِ آهين؟”
    ڪنڌ هيٺ ڪري سڏڪي پئي..........سندس سڏڪن جا سوڳوار آواز منهنجي روح ۾ لهي ويا.....کيس ٻيهر چيم “خوشبوءِ تنهنجي هيءَ حالت؟ ڇا ٿيو اٿئي؟”
    وراڻيائين “توکي پڇڻ جو ڪو حق ناهي.”
    چيم “ ڪنهن کان پڇڻ هر ڪنهن جو حق آهي، مان توکان پڇڻ جو حق رکي سگهان ٿو.”
    چيائين “مان توکي حق نٿي ڏيان.”
    چيم “دنيا ۾ ڪنهن جي حق غضب ڪرڻ جي الزام ۾ کيس ظالمن ۾شمار ڪيو ويندو آهي.”
    هوءِ منهنجي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري اڳتي لنگهي وئي. ٽريفڪ جي شور ۾ روڊ جي ڦوٽ پاٿ تي ڪنڌ جهڪائي ائين هلندي رهي ڄڻ ته هو وک وک تي پنهنجا سوڳوار لڙڪ ڳڻي هڪ هڪ ڪري رکندي ويندي هجي، ساڻس گڏ گڏ هلندي چيم “خوشبوءِ تو ۾ هاڻ اها خوشبوءِ ناهي، جيڪا پهرين هئي.”
    وراڻائين “اها خوشبوءِ هاڻ ماڻهن جي ذهنن ۾ تحليل ٿي وئي آهي.”
    چيم “انهيءَ خوشبوءِ جي تحليل ٿيڻ وارو داستان ٻڌڻ ٿو چاهيان.”
    چيائين “ٻڌي سگهندين؟”
    چيم “ٻڌڻ جيتري سگهه نٿو رکان، پر پوءِ به ٻڌڻ فرض ٿو سمجهان.”
    چيائين “منهنجو مڙس........” هن داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو “هڪ انتهائي بي غيرت لالچي انسان آهي، هن کي پنهنجي نشي پوري ڪرڻ لاءِ فقط ۽ فقط پئسا گهرجن، جيڪي هو مون مان وصول ڪندو آهي. مختلف شادين لاءِ اڳواٽ پئسا وٺي شاديون بڪ ڪري ڇڏيندو آهي. جتي ڊانس ۽ ناچ گاني ڪرڻ لاءِ مون کي وٺي ويندو آهي. محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ هو مون کي وڏيرن جي اوطاق تي وٺي ويندو آهي. جتي وڏيرا شراب پي سڄي سڄي رات منهنجي جسم سان کيڏندا رهندا آهن ۽ هو منهنجو مڙس بي غيرت جو پٽڪو ٻڌي در جي ٻاهران بيهي ساوا ڳاڙها نوٽ ڳڻيندو رهندو آهي.”
    هوءَ سڏڪي پئي، سندس زهر جهڙا سڏڪا نڙيءَ کي چيريندا جيءَ کي جهيرون پائيندا ويا.......منهنجو وجود لرزڻ لڳو. اکيون ٽمڻ لڳيون، سندس درد جو پلئه جهلي ساڻس به وکون به گڏ هلي نه سگهيس. وري ڪڏهن هو پنهنجي پوڙهي ماءُ جي گهر ننڍپڻ جو سندر يادون دهرائڻ نه آئي. هن جو نه اچڻ کيس نه ڇڏڻ جو پڪو ثبوت هو.......... گهڻي عرصي پڄاڻان سندس اوپري شهر جو گهٽيون گليون، روڊ رستا ماڻهو ۽ ديوارون ڏسندو سندس گهر ڏانهن وڌي رهيو هئس، ان ڏينهن ساڻس ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ جذبن جا جهول هئا. لفظن جا گلاب ۽ احساسن جون ڪنواريون مکڙيون هيون، سوچيو هئم اڄ خوشبوءِ کي پنهنجي هئڻ جو احساس ضرور ڏياري ايندس.
    ڀر مان لنگهندڙ هڪ نوجوان هڪ ڪراڙي کي چيو “خوشبوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.” منهنجي هوش کي جهٽڪو لڳي ويو، رڙ ڪري کانئس پڇيم “ڪهڙي خوشبوءِ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟”
    چيائين “ان دريا خان واري ڇوڪري جي جيڪا شادين ۾ ڊانس ڪندي هئي.” منهنجي ذهن کي ڦيراٽيون اچڻ لڳيون، پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي ۽ مان ڦهڪو ڪري هيٺ ڪري پيس ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيتري دير کان پوءِ مون کي آهستي آهستي هوش آيو. ڏٺم پنهنجي پاڻ کي ماڻهن جي هڪ ميڙ جي وچ ۾. مان آهستي آهستي اٿيس، ماڻهن جو ميڙي چيري اڳتي وڌيس، مٿي نگاهه کڻي ڏٺم آسمان سڄو رت جيان ڳاڙهو لڳو پيو هو. ڳجهون ۽ ڪانوَ ڏور ڏور آسمان تي اڏامي رهيا هئا. ڳاڙهو سج شاهه زمان شاهه قبرستان جي وڏن وڻن مٿان لهي رهيو هو ۽ ڪانڌي خالي کٽولو کڻي واپس موٽي رهيا هئا.


    شـام جــا پــاڇـا

    ان رات اونداهي اُڀ تي جڏهن سالن جي ڇنل ڪارن ڪڪرن جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿيو هو. تڏهن ڳپل وقت هو هڪ ٻئي جي ڪلهن تي پنهنجا ڪنڌ لاڙي رنا هئا ۽ جڏهن نيڻن جا ڇپر ٽم ٽم ٿي ٽمي پيا هئا. تڏهن دردن جو پاڻي يڪساهي بنَجر زمين تي بيٺل وڻن گلن ۽ ٻوٽن تي ڪريو هو ۽ اها ئي انهن جي وڏي ڪاميابي هئي جو هو بادلن جي لڙڪن ۾ ڀنا هئا ۽ پوءِ هر هنڌ صبُح جو پرينءَ جي ڳلن جهڙي تازگي وکري پئي هئي. هينئي تي هڳاءُ وکيريندڙ پرهه جهڙي هير گهلي پئي هئي ۽ گلن جو ڀنل بند مکڙيون ڪنواري ڇوڪريءَ جيان پوپٽن کي واس وٺڻ لاءِ صدائون ڏيئي رهيون هيون.............ان وقت مٿان کان ڇانيل ڪارن ڪڪرن جي گهاٽي ڇانوري هيٺ ٻارَ چڊيون پائي گهرن کان ٻاهر نڪري رستن ۽ روڊن جي گپ چڪ ۾ ڊوڙڻ لڳا هئا.......... عام ماڻهو رستن روڊن جي چؤڪن ۽ چوراهن تي گڏجي سارين راند کيڏي رهيا هئا ۽ شاعرانه طبعيت رکندڙ ماڻهو خوبصورت پارڪن ۾ ٿڌڙي هير ۾ جهومندڙ گلن جي ڀر ۾ ويهي پاڻي جي ڀريل کڏن ۾ پنهنجا اگهاڙا پير پسائي ذهن ۾ سُندر سوچن جا گلاب پوکي نين تخليقن کي آڇون ڏيئي رهيا هئا. ان وقت شاعره پروين شاهه به پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪري گهر جي سامهون هڪ ننڍڙي رنگين پارڪ ۾ اچي ويٺي، سندس هڪ هٿ ۾ هڪ ننڍڙي خوبصورت ڊائري هئي ۽ ڊائريءَ جي وچ ۾ هڪ بند ٿيل قلم رکيل هو. هو ان وقت چنبيلي جي ٻوٽي جي ڀر ۾ اچي ويٺي، جنهن جون سنهيون سنهيون ٽاريون ساون پنن ۽ اڇن گلن سان هن جي ڀر ۾ پٽ تي وکريل هيون، هن هڪ ڀيرو مٿي نظرون کڻي اڀ ۾ ڏٺو، جتي ڪارا ڪڪر چؤطرف اڀ تي گردش ڪندي نظر آيا، کيس ائين لڳو ڄڻ ته سندر ڪارانيڻ هجن، درد جي اڻ کٽ داستانن سان ڀريل............لڙڪن جي لوڻياٺي زهر سان ڀريل...............۽ صدمن جي سولي تي لٽڪيل............آهه ڀريندي اکيون جهڪايائين، سندس آهه سان گڏ درد جي پيڙا مان اٿندڙ لڙڪن جو سمنڊ اکين ۾ ڇلڪي پيس ۽ ڊائري کولي ٻه لڙڪ ڊائري جي ڪوري پني تي دفن ڪرڻ چاهيائين پر ائين ڪري نه سگهي، قلم هٿن ۾ ٿڙڻ لڳس، کيس کنگهه وڌي وئي، هڪ ٻه ۽ پوءِ هو ٽي دفعا زور زور سان کنگهي، نڙيءَ جون رڳون ڦوڪجي پيون، درد جون دونهاٽيل اکيون لال ٿي ٻاهر نڪري آيون ۽ ساهه ڦڦڙن جي ٿوهر ۾ اٽڪي آنڌ مانڌ مچائڻ لڳو. اوچتو ليمي جي وڻ کان سپنا نڪتي، سپنا جيڪا هن جي شاعريءَ ۾ شاگرد هئي، کيس گهڻو پيار هو، هو اڪثر ڪري هن کي پيار عزت ۽ احترام ۾ جيجي ڪري سڏيندي هئي ۽ جڏهن سپنا کيس پهريون ڀيرو جيجي ڪري سڏيو هو، تڏهن کيس موٽ ۾ چيو هئائين“سپنا!تون منهنجي زندگيءَ جو ٻيو حصو آهين”. ان ڏينهن کان وٺي سپنا هن جي زندگيءَ جو هڪ حصو بنجي وئي هئي، اڪثر ڪري هن وٽ گهڻو ايندي ويندي هئي ۽ کائنس شاعريءَ جي سکيا پڻ وٺندي رهندي هئي............ اڄ جڏهن سپنا پهرين هن جي گهر وئي گهر خالي نظر آيس ته سڌو ٻاهر پارڪ ۾ آئي، جيجي جي کنگهه ٻڌي کانئس پري کان ئي ڇرڪ نڪري ويو..........“او جيجي توهان؟” کيس ٻڏل نظر سان ڏٺائين.
    سپنا ڊوڙ ڪري هن جي ڀر ۾ اچي ويٺي، هن جا ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ ڀيڪوڙيائين ته کائنس هڪ تيز ڇرڪ نڪري ويو “او جيجي ڏسو، ڏسو اوهان جا هٿ ڪيڏا نه ٺري برف ٿي ويا آهن، صفا ڄڻ ته ڪوهه مري جي جبلن جي برف..........پليز توهان واپس گهر هلو نه ته...................؟
    پروين هڪ ڀيرو زور سان کنگهي ۽ پوءِ هٿ جي اشاري سان گڏ لڙهيل آواز ۾ چيائين “نه سپنا نه، مون کي ڪجهه گهڙيون هتي رهڻ ڏي، هي قراقرم جبل جي چوٽي تي وکريل برف جهڙا ٿڌا ڏينهن به اسان جي خوابن جو هڪ رنگ هوندا آهن ۽ پوءِ باقي زندگي خبر ناهي ڪيترا تتل سج هوندي؟”سپنا پنهنجو هٿ هن جي ڪلهن تائين آڻيندي چيو “نه جيجي نه، ڏسو هاڻ توهان جي کنگهه به وڌي رهي آهي ۽ توهان جي طبعيت تي هيءَ سرد موسم تمام گهڻو اثر انداز ٿي سگهي ٿي .............پليز توهان جلد گهر هلو” سپنا ائين چئي کيس ٻانهن جو سهارو ڏئي گهر وٺي آئي. ان دوران هن جي طبعيت تمام گهڻو خراب ٿي چڪي هئي، سڪي کنگهه ۾ ڪافي واڌارو اچي ويو هو ۽ سنهون سنهون بخار به بدن ۾ لهي آيو هو. سپنا هن کي اندرئين ڪمري ۾ هڪ گرم بستري تي ليٽائي ڇڏيو، هڪ سيرپ مان کيس ٻه چمچا دوا جا پياري سامهون الهندي طرف جي ديوار ۾ لڳل دري جا پردا هٽائي، دري کولي ڇڏي........هلڪي ٿڌڙي ٿڌڙي هير ڪمري اندر ڌوڪي آئي ۽ سڄي ڪمري جي اداس ماحول جي منهن تي تازگي وکيري ڇڏي............سپنا هن جي سامهون هڪ ڪرسيءَ تي ويهي هن جي ئي شاعري جو مجموعو “انتظار ۾ رهجي ويل اداس ڇوڪري” کڻي پڙهڻ لڳي......آهستي آهستي ٻاهر بارش شروع ٿي وئي. وڏ ڦڙن واري بارش جنهن ۾ وڻن جا پن وڄندا آهن......گهرن جو ڇتيون ڇيرن جيان آواز الاپينديون آهن ۽ هر ڦڙي بيٺل پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻي خودڪشي جو گيت ڳائيندي آهي، ها جڏهن اهي سڀ شيون هن جي اڱڻ ڪهي آيون، تڏهن هن جو ڀڳل من اٿلي پيو.
    چيائين “سپنا ٻاهر مينهن وسي پيو؟”
    “ها” سپنا مجموعو بند ڪري هن ڏانهن نهاريندي چيو.“ته پوءِ مونکي ٻاهر وٺي هل...............ڏس برسات ڪيئن وسي رهي هوندي......ڀنل وڻ هوا ۾ جهلي رهيا هوندا، پکي وڻن جي ٽارين تي ويهي وهنجي ۽ مٿان کان ڪرندڙ هر ڦڙي کي جهٽي رهيا هوندا..........نارا مٿان کان هيٺ ڪيئن وهي رهيا هوندا؟ ۽ ڏس هو ڦڙين جا آواز ٻڌين پئي نه ؟”
    “ها”
    “ته پوءِ مون کي ٻاهر وٺي هل سپنا، مان رهجي ويل انهن منظرن جو درد به پرائڻ چاهيان ٿي” هو ائين چئي اٿڻ لڳي، سپنا هڪدم ڪتاب ٽيبل تي رکي هن جي مٿان اچي بيٺي ۽ سندس نيڻن ۾ گهوريندي چيائين “ڏس جيجي مان مڃان ٿي ته توهان جا خيال ان موسم سان مڪس ٿي سگهن ٿا، پر توهان خود ان ۾ ايڊجسٽ نٿيون ٿي سگهو. هي سرد لهرون توهان جي طبيعت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن، توهان پليز سُمهي رهو. سپنا ائين چئي کيس ٻيهر بيڊ تي سمهاري ڇڏيو . بيڊ تي سڌو ليٽندي هن سامهون ديوار تي ٻرندڙ هڪ ڌنڌلي بلب ڏي ڏٺو ۽ پوءِ کليل دري مان ٻاهر تيز بارش ۾ جهومندڙ سفيدي جي ڊگهن وڻن ڏانهن ڏسندي پنهنجو ئي شعر سندس ئي زبان تي تري آيو!
    شعر چئي هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريائين ته کيس ياد آيو سڀاڻي شام جو شيخ اياز جو هڪ ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن تي سنڌ جي بهترين شاعرن جو هڪ مشاعرو پڻ ٿي رهيو آهي ۽ کيس دعوت به آهي.......... اهو سوچي لڙهيل اکين سان سپنا سان مخاطب ٿي “ٻڌ سپنا؟”
    “هون”
    “شيخ اياز جو ڏهاڙو سڀاڻي ملهايو ويندو نه ؟”
    “ها جيجي سڀاڻي شام جو .”
    “هون”
    “ پر جيجي توهان کي دعوت؟”
    “ها آهي ” ڦٽل چپن تي پيلي مُرڪ آڻيندي چيائين.
    “ پر جيجي توهان جي طبعيت؟”
    “صحيح ٿي ويندي” هُنَ ائين چيو ۽ پيلي مُرڪ چپن تان ترڪي سندس چهري تي وکري وئي.
    ٻئي ڏينهن مهراڻ ادبي سنگت وارا کيس ڪوٺڻ آيا........................هو سپنا کي ساڻ ڪري................هنن سان گڏ ويئي. پهرين شيخ اياز جي مزار تي گل هاري پوءِ Arrange ٿيل پروگرام ۾ داخل ٿي...............ان دوران ٻيا سڀئي شاعر اسٽيج تي گڏ ٿي چڪا هئا. هڪ پاسي اسٽيج تي مهان شاعرن جي ڪونجن جهڙي قطار.........ٻئي پاسي اياز جي پانڌيئڙن ۽ سڪن وندن جو چڱو خاصو ٽولو پنڊال ۾ گڏ ٿي چڪو هو. جڏهن مشاعري جي باقاعدي شروعات ٿي ته سڀ کان پهرين ميزبان پنهنجا ٻه غزل پڙهيا ۽ پوءِ هن کي پنهنجو شعر پڙهڻ جو چيو ويو. ان وقت هن کي ٿوري ٿوري کنگهه به شروع ٿي چڪي هئي......۽ مٿي ۾ لرزش وچڙي چڪي هئي، بهرحال هن سيٽ ٿي هڪ اڇو ڪاغذ پنهنجي هٿ ۾ جهليو ۽ مائڪ کي ٿورو ويجهو ڪري پنهنجو شعر پڙهڻ شروع ڪيو.
    نيٺ ڦِٽل زندگيءَ جي پڄاڻي به ٿي ويندي، وري داستان جهڙي هيءَ هڪ ڪهاڻي به ٿي ويندي.
    “واهه واهه ميڊم واهه..............وري ٻڌايو.”.........وري ٻڌايو. “سندس تعريف لاءِ سڀني مهان شاعرن جا وات کلي ويا............هن کي ٿوري کنگهه ٿي ۽ پوءِ سڀني جو هٿ جي اشاري سان شڪريو ادا ڪندي چيائين. “مهرباني، مهرباني..................“ ۽ پوءِ وري شعر پڙهڻ شروع ڪيائين:
    نيٺ هن ڦٽل زندگيءَ جي پڄاڻي به ٿي ويندي
    داستانن جهڙي هيءَ هڪ ڪهاڻي به ٿي ويندي
    جـيئري ڀــل نه مــرڪي ڏسـن هـو يـار اسـان ڏي،
    مگر موت منهنجي تي هر اک پاڻي به ٿي ويندي.
    سندس تعريف لاءِ مهان شاعرن جا ٻيهر وات کلي ويا ۽ اڃان به اڇاتري تعريف لاءِ هڪدم کين لفظ نه پئي مليا..................هن کي کنگهه شروع ٿي وئي، زور زور سان کنگهه..................جنهن سبب اکيون ڀرجي لال ٿي آيون، نڙيءَ ۾ تلوار جي ڌار جهڙو تکو درد اٽڪي پيس. ڏڪڻ لڳي...........
    “ميڊم.........ميڊم.............“جا آواز اچڻ لڳا، کين هٿ جو اشارو ڏئي چپ ڪرايائين ۽ پنهنجي پرس مان هڪ پيلي رنگ جو ٽشو پيپر ڪڍي آلين اکين کي صاف ڪيائين.......ٻيهر ڪجهه سيٽ ٿي اداس مرڪ سان چيائين. “معاف ڪجو!” ۽ پوءِ وري پنهنجو غزل نئين سر پڙهڻ شروع ڪيائين. سندس آواز ڀرجي ويو، ٻيهر زور زور سان کنگهه شروع ٿي وئي، هو پنهنجو مڪمل غزل پڙهي ڪانه سگهي.........
    “ميڊم...............ميڊم............؟” جا آواز اچڻ لڳا. سپنا پنڊال مان اٿي ڊوڙ ڪري اسٽيج تي چڙهي آئي ۽ کيس ٻانهن جو سهارو ڏيئي اٿاري چوڻ لڳي “بس جيجي بس، توهان واپس هلو........” هو ائين چئي پروين کي اسٽيج تان لاهي پوئين گيٽ مان ٻاهر وٺي وئي...........ڪجهه وقت لاءِ پنڊال ۾ ويٺل اياز جي پانڌئيڙن ۽ مهمان شاعرن جي چهرن تي پريشانيءَ جا تاثر رقص ڪرڻ لڳا........... ڪجهه وقت لاءِ محفل ماٺ جي موت حوالي ٿي وئي...........پر پوءَ ٻيهر شروع ٿي وئي.
    ان ڏينهن کان پوءِ سندس طبعيت تمام گهڻي خراب ٿي پئي هئي..........کيس ٽي بي جي بيماري هئي......سڄي عمر ان درد جي درياهه کي جهاڳيندي رهي. جوڀن ڏينهن ۾ جيون راهه تي نه کيس ڪو ڇانورو مليو نه ڪو سهارو...........ٽٽل زندگي لاءِ ننڍڙي لٺ جو سهارو هو ته فقط هن لاءِ سپنا جو سهارو ئي هو. جنهن کي هوءَ پنهنجي زندگي جو ٻيو حصو سمجهندي هئي، ان ڏينهن نه چاهيندي به سپنا هن کي هڪ پرائيوٽ اسپتال ۾ ايڊمٽ ڪرايو.........جتي هو موت جي بستري تي ليٽي زندگيءَ جا ڊگها ساهه کڻڻ لڳي.......شام جو پهر هو، جڏهن طبيعت ۾ ڪجهه فرق آيو هئس ته ان وقت سپنا دل جهلي کانئس پهرين دفعي ذاتيءَ زندگي بابت هڪ گمنام سوال ڪري وڌو.......
    “جيجي توهان شادي ڇو نه ڪئي آ ؟” سپنا جو سوال کيس دل ۾ ڀالي جيان لڳو، اکيون ڀرجي آيس، ڪنڌ وهاڻي جي ٻئي طرف لاڙي جنجهوڙيل آواز ۾ وراڻيائين، “تو اهو سوال ڪيئن ڪيو؟ ”.
    “بس جيجي مون چاهيندي به توهان جي اڳيان ڪڏهن به اها جرئت نه سمجهي آهي ته مان توهان جي زندگيءَ بابت ڪو ذاتي سوال ڪيان؟ پر اڄ مان توهان کان ان سوال جو جواب پڇڻ چاهيان ٿي..........۽ ها مون وٽ هڪ ٻيو به سوال آهي؟“
    “توهان پنهنجي ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر نياز جي نانوَ ڪئي آهي، مون ته ڪڏهن ان جو نالو نه ٻڌو آهي....... ٻڌايو جيجي اهو ڊاڪٽر نياز ڪير آهي؟ “سپنا جوهڪ ٻيو تير جهڙو سوال سندس من کي چيري پاتال ۾ لهي ويو. هو فقط ڳوڙهن سان آلين اکين کي ڇنڀيندي ڇت ۾ گهوريندي رهي..........ڪجهه لمحا ترسي هڪ ڊگهو ساهه ڀريندي چيائين، “سپنا ! مون وٽ انهن سوالن جو فقط هڪ ئي جواب آهي........نانگ جي زهر جهڙو..........تلوار جي ڌار جهڙو ۽ درد جي ڊگهي واردات جهڙو...”
    “جيجي زهر کي اوڳاڇي ڇڏيو.........تلوار جي ڌار کي وَهڻ ڏيو.......۽ درد جي ڊگهي واردات کي وڌڻ نه ڏيو................ان جو انت جلدي اچي ويندو.”
    هن هڪ ڀيرو ٽٽل نظرن سان مڙي سپنا کي ڏٺو، ان سمي سپنا جو چهرو سواليه نشان جهڙو هو........ هڪ طويل ساهه کڻي ماضي جي غفائن ڏانهن هلي وئي، ۽ ٿڌو ساهه ڀري ٻُڌائڻ لڳي “مان ۽ ڊاڪٽر نياز ڪاليج ۾ ٻئي گڏ پڙهندا هئاسين، مان ڪجهه غريب هوندي هئس ۽ ڊاڪٽر نياز هڪ پئسي واري سياسي ليڊر رياض الرحمان جو پٽ هو. هو به ڪاليج ۾ هڪ قومپرست تنظيم جو ليڊر هو ۽ مون کي به سياسي ليڊر ٿيڻ جو تمام گهڻو شوق هو. مون هن جي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي، ان وقت ڪاليج ۾ هن جي پارٽي ۾ پندرنهن ڇوڪرا ۽ ٻه اسان ڇوڪريون هيونسين. ٻي ڇوڪريءَ جو نالو رضيه هو، جيڪا بعد ۾ اسلام آباد ۾ شفٽ ٿي وئي. جڏهن 1979ع ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي هئي. تڏهن اسان هڪ وڏو جلوس ڪڍيو هو، جنهن جي اڳواڻي مون ۽ ڊاڪٽر نياز ڪئي هئي. اسان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارا بينر کڻي رستن تي ڊوڙيا هئاسين. ضياءَ حمايتي پارٽي جي ڪارڪنن جي گهرن تي حملو ڪيو هوسين، سرڪاري عمارتن جي ديوارن تي ڪارن اکرن سان چاڪنگ ڪئي هئيسين..... تڏهن پوليس جا اٽالا اسان جي پويان لڳا هئا.......ڏنڊا وسايا ويا هئا......آنسو گيس اڇلائي ويئي هئي......جلوس ۾ شريڪ ماڻهن ۾ ڊوڙ پئجي چڪي هئي، پر مان ۽ ڊاڪٽر نياز هڪ ٽرڪ جي مٿان چڙهي عوام کي خطاب ڪيوسين. ضياءَ کي گاريون ڏنيونسين، پوليس تي ٿڪون اڇليونسين...... تڏهن پوليس اسان کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي هئي ۽ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هئن........ اُن وقت نياز مون کي ڪُلهن وٽان جهلي اکين ۾ گهوريندي چيو هو، پروين تون ڪيڏي نه بهادر آهين.......سچ ته سنڌ لاءِ عورت ذات جي ڪردار جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، تو منهنجي هر جذبي جو ساٿ ڏنو آهي......... مان ڪيئن چوان ۽ مان ڪيئن چوان ته تون مائونٽ ايورسٽ آهين، تون هماليه جهڙي مضبوط آهين.”
    ان وقت مون به کيس اکين ۾ اکيون وجهي چيو هو، “نياز جيستائين تنهنجو آواز بلند رهندو، تيستائين مان هوا بنجي کيس ڏور فضائن ۾ وکيريندي رهنديس.” هو مرڪي پيو هو، خوشيءَ مان جهومڻ لڳو هو ۽ منهنجو هٿ جهليندي چيو هئائين.“جڏهن مان ڄائو هئس، تڏهن منهنجي زندگيءَ جو هڪ حصو گم هو، لڳي ٿو ته اڄ مون اهو حصو ڳولي ورتو آهي......”
    “ڇا تون مونکي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائيندين؟” مون هڪ پل لاءِ ساهه روڪي کيس نيڻن ۾ گهوريندي پڇي ورتو هو.
    “ ها مان توکي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائيندس......اڄ کان پوءِ تون منهنجي زندگيءَ جو هڪ حصو آهين........پروين تون منهنجو چاهه.........تون منهنجو ساهه، تون منهنجو ساٿ.......تون منهنجو روح، تون منهنجي زندگي آهين؟” ان وقت مون کي ائين لڳو هو ڄڻ ته مون چنڊ کي ڀاڪر ڀري ورتو آهي ۽ ڪائنات جون سموريون ڪهڪشائون منهنجي جهوليءَ ۾ لهي آيون آهن.... ان ڏينهن شام جو پوءِ جيئن نياز جي والد رياض الرحمان کي خبر پئي هئي ته هو پوليس جي منهن تي بجو رکي اسان کي ڇڏائي گهر وٺي آيو هو.........ان ڏينهن ئي اسان جي پيار جي ابتدا ٿي هئي، ان ڏينهن کان نياز روزانو ڪار تي منهنجي گهر وٽان گلي مان لنگهندو هو، منهنجي در تي پهچي هو هارن ڏيندو هو ته مان ڪتاب کڻي امان کان موڪلائي ٻاهر نڪري ايندي هئس، پوءِ اسان ٻئي گڏ ويهندا ٻاهر پارڪن ۾ گڏ گهمندا ڦرندا هئاسين، هو واپسي ۾ وري مون کي پاڻ ئي ڊراپ ڪري ويندو هو. انهن ڏينهن ڪاليج ۾ اسان جي پيار جي تمام گهڻي هاڪ هلندڙ هئي...... هر ڇوڪريءَ ۽ هر ڇوڪري جي چپن تي اسان جا ئي قصا هئا، ايستائين جو پٽيوالن کان وٺي ليڪچرارن، پروفيسرن ۽ ڪاليج جي پرنسپال تائين به اها ڳالهه پهچي چڪي هئي.
    هڪ ڏينهن پرنسپال مون کي پنهنجي آفيس ۾ اڪيلو گهرائي چيو،“مون ٻڌو آهي ته توهان جو نياز سان پيار ٿي ويو آهي؟”
    “ها سر سچ آهي!” مون سچ ڳالهايو هو.
    “ها پر........هن چيو “تون هڪ غريب ۽ سادي سڌي ڇوڪري آهين ۽ هو هڪ پئسي واري سياسي ليڊر جو پٽ آهي، ڇا تون ان سان ايڊجسٽ ٿي سگهندين؟”
    “سر ڳالهه دولت، سياست يا غربت جي ناهي، هيءَ ٻن دلين جي احساسن جي انڊر اسٽينڊنگ ۽ ٻن دلين جي ميلاپ جي ڳالهه آهي.......اهي ناتا ماڻهو خود ڪو نه جوڙيندو آهي، جڙي ويندا آهن”
    چيو هئائين “ ۽ ٽٽي به ويندا آهن؟”
    “سر!” هڪدم چيو هئم. “اهو ئي ته محبت جو اصل مقصد آهي، محبت ۾ وڇوڙا ميلاپ هڪ وڏي حقيقت آهن، اهو ڪير آ جيڪو هنن ڳالهين کان واقف نه هجي پر پوءِ به اهي شيون ماڻهو کان گهڻو ڪجهه کسي گهڻو ڪجهه ڏئي به وينديون آهن!” هو منهنجي اها ڳالهه ٻڌي بي جوابو ٿي پيو، وڌيڪ ڪڇڻ لاءِ ڪوبه لفظ نه بچيو هئس، فقط منهنجي چهري ۾ ئي گهوريندو رهيو ۽ مان کيس الوداع چئي آفيس مان ٻاهر نڪري آيس.
    اها سياري جي موسم هئي، سياري جو به جوڀن هو....اتر جي هوا به تيز هلي رهي هئي. اڪثر ڪري مون کي سياري جو ٿڌيون شامون تمام گهڻيون وڻنديون هيون، مان انهن شامن ۾ اڪثر ڪري ٻاهر نڪري ويندي هيس گهمڻ لاءِ..........! ان ڏينهن نياز به مون سان گڏ ٻاهر هلڻ لاءِ تيار ٿيو....... اسان ٻئي مختلف پارڪن مان ٿي ريلوي اسٽيشن تي آياسين، ڪاٺ جي تختن ۽ ريلوي لائين تي وڇايل پٿرن تي هلڻ لڳاسين، بعد ۾ جهڏو شهر جي ڀر مان لنگهندڙ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي آياسين. ان وقت سج لهي رهيو هو، شفاف نيري گگن تي فقط رت هاڻي شفق ئي وکريل هئي........ اتر جي هوا تيز هلي رهي هئي. پراڻ جي ڪپ تي بيٺي تيز هوا ۾ اسان جا ڪپڙا ڦڙڪي رهيا هئا...... ان وقت ڪٿي ڪٿي ڪو ٻار ٻوڪانين ۾ ويڙهجي افغاني گڏن جيان لڳي رهيو هو........ پراڻ جو شفاف نيرو پاڻي آهستي آهستي وهي رهيو هو. اها شام منهنجي خيالن ۾ سياري جي سڀني ڏينهن مان مست شام هئي، ان وقت مون کي ٿورو ٿورو سيءُ به محسوس ٿي رهيو هو.
    “نياز هاڻ هلڻ گهرجي” نيٺ مون نياز کي چيو.
    “نه بلڪل نه”
    “ڇو؟”
    “اڄ مان پنهنجي پيار جي انتها ڪندس.” ها سچ ان ڏينهن واقعي هن پيار جي انتها ڪئي، جڏهن ٿوري ٿوري رات پئجي چڪي هئي، تڏهن هو منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏئي روڊ وٺي واپس هلڻ لڳو......مرچ منڊي وٽان لنگهندي هن چيو، “ٻڌ پروين!”
    “هون؟”
    “سرد راتين جو ليليٰ ۽ مجنون به بلڪل ائين ئي رستن تي ڊوڙندا هوندا.”
    “ها.......پر هو؟” مان بلڪل جملو چئي ڪانه سگهيس، اڳتي جو زهريلو لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.
    “پر....هو ڇا ؟” هن هڪدم روڊ تي منهنجي سامهون بيهي پُڇي ورتو. “پر....... هو وڇوڙي جي وَر به چڙهي ويا هئا نه چاهيندي به مون جملو پورو ڪري ڇڏيو........هو ماٺ ئي رهيو، اسان خاموش خاموش رستن تي رولاڪ مسافرن جيان ڊوڙندا رستي تي وکريل پٿرن کي ٿڏا هڻندا هڪ بڙ جي وڻ هيٺ آياسين، جتي هينئر جهڏو جي سول اسپتال ٺهيل آهي، ان وقت ۾ ان بڙ جي وڻ جي جواني هئي. سندس چوٽيءَ تان ٿوريون پاڙون لهي هيٺ زمين ڏي اچي رهيون هيون، ۽ هيٺ هڪ تمام سٺو ميدان ٺهيل هيو. جتي بڙ جي وڻ جا سڪل ڇڻيل پن ڇڊا ڇڊا وکريل هئا، اماس رات ۽ سرد لمحن ۾ مون کي بڙ جي ٿڙ جي اوٽ ۾ ويهاريندي چيائين، “اڪثر ڪري اکيون رات جي تنهائي واريون جايون ڳولينديون آهن ۽ اڄ پاڻ هيءَ جاءِ ڳولي ورتي آهي، پروين هي وڻ، هي رات جو تنها ٽائيم هي سرد هوائون پنهنجي پيار جي شاهدي ڏينديون” ان وقت هو ٿڙ جي ٽيڪ ۾ ويٺل هو ۽ مان هن جي جهوليءَ ۾ ليٽيل هئس، هن جا هٿ منهجي وارن ۾هئا ۽ منهنجا هٿ هن جي ڪنڌ ۾ هار جيئان پهريل هئا، پر مان خاموش هئس. مسلسل خاموش هئس ، رات جي پوئين پهر جهڙي خاموشي منهنجي اندر ۾ گهمي رهي هئي. هن پنهنجا ٻئي هٿ منهنجي ٻنهي ڳلن تي رکي ڇڏيا ۽ چيو “پروين؟”
    “هون!”
    “ خاموش ڇو آهين؟”
    “بس”
    “بس جو مطلب؟”
    “ پر تنهنجا هٿ صفا ٺري ويا آهن ، ڏس صفا ڄڻ ته مٿن يخ برف ڄمي وئي هجي. مون هن جي هڪدم خيالن جي سنڌو جو رخ ٻئي طرف موڙي ڇڏيو، هن هڪدم منهنجي هٿن کي پڪڙيندي چيو، ها پر تنهنجا هٿ به ڪالام جو پاڻي ٿي ويا آهن، بحرين جي برف ٿي ويا آهن”
    چيائين “نه پر تنهنجا هٿ گهڻا ٺري ويا آهن” مون چيو “هٿ ٿڌا ٿا لڳن ائين نه ؟”
    “ها” چيم “ٿڌا ٿا لڳن ڄڻ ته تو پنهنجي هٿن تي برف جون سِليون رکي ڇڏيون هُجن ۽ پوءِ هن پنهنجا هٿ هڪدم هٽائي منهنجي ٻنهي ڪلهن رکي ڇڏيا ۽ هڪ طويل گرم ساهه کڻندي چيائين، “پروين تون منهنجي زندگي آهين” کيس موٽ ۾ چيم “تون منهنجو جيون، تون منهنجو روح، تون منهنجو چين، تون منهنجو ساهه، تون منهنجو وجود آهين!” کلي پيو هو. منهنجن ڪلهن کي هلڪو زور ڏيندو چيو هئائين، “پروين تون جنگ کٽي وئينءَ، تون مون کي کٽي وئينءَ.”
    “مون ته سمجهيو هو جيون راهه ۾ ڪابه ڇوڪريءَ ايترو مون کي کٽي ڪا نه سگهندي، مون سان نڀائي ڪونه سگهندي پر سچ تو اڄ انتها ڪري ڏيکاري آهي. “ان وقت مون کيس چيو هو، “نياز مون تو کي پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو آهي، اڄ کانپوءِ پاڻ هڪ جسم هڪ روح آهيون. پنهنجي پيار جي ڪٿا زمين کان اُڀ تائين جي فاصلي جيتري ڊگهي هوندي، تڏهن هن جهڪي منهنجي کٻي ڳل تي هڪ چمي ڏني هئي، سندس گرم چپ ڳل تي ائين لڳا هئا ڄڻ ته ڳل تي ڪنهن گرم ڳڙو رکي ڇڏيو هجي. ان وقت منهنجو ساهه منجهي پيو هو، مون پنهنجو هڪ هٿ دل جي مٿان رکيو، مون کي ائين لڳو ڄڻ ته منهنجي دل فضائن ۾ اڏامندي تيز تيز قلابازيون کائيندي هجي، ٻي وار مون نياز جي اکين ۾ نهاريو، يقينن ٻاٽ اونده هئي، پر پوءِ به سندس اکيون اوڻٽيهه رات جي ستارن جيئان چمڪي رهيون هيون. جن مون کي گهڻي حد تائين ديوانو ڪري ڇڏيو هو، مان سندس هر اشاري تي موهجي پئي هئس، سچ ته اها ئي منهنجي ۽ نياز جي پيار جي انتها هئي.
    ان رات سردي به پنهنجو جوڀن ڏيکاريو هو، پارو ڄميو هو ۽ برف ڪري هئي وڻن جي پنن تي گاهه ۽ سڪل ڪکن تي صبح جو ڄميل برف ڏٺي وئي هئي. سچ ته گذريل ڏهن سالن مان حد کان وڌيڪ سرد رات هئي، جنهن گهڻين زندگين کي سرد ڪري ڇڏيو هو، ان رات امان به گهڻو بيمار ٿي پئي هئي، کيس ٽي بي هئي، ان رات سندس کاڌل ڇاتيءَ تي برف ڄمي پئي هئي، صفا برف جنهن ساهه جي ڇڪ کي سخت ڪري ڇڏيو هو. رڳن جي رت کي ڪافي ٿڌو ڪري ڇڏيو هو، ان صبح امان مون کي فقط اهو چئي سگهي هئي ته “ڌيءَ نياز جو ساٿ برقرار رکجانءِ” ۽ پوءِ سندس اکيون بند ٿيڻ لڳيون، ساهه منجهي منجهي بيهڻ لڳو. نيٺ ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٿڌي ۽ طويل ساهه بعد سندس جسم جو روح اُڀ ڏانهن پرواز ڪري ويو.
    ان وقت پروين جو آواز ڀرجي آيو. دونهاٽيل اکين ۾ غمگين ڳوڙها ترڻ لڳس، هوءَ فقط ڇت ۾ لڳل سلو رفتار ۾ هلندڙ پنکي کي گهوريندي رهي، ڪجهه لمحن کان پوءِ اندر جي درد کي اندر ۾ ئي دٻائيندي نهايت ئي غمگين ۽ اداس آواز ۾ چيائين “اها رات منهنجي پيار جي ڪاميابيءَ سان گڏوگڏ منهنجي محبت جي برباديءَ جي رات به هئي، جنهن مون کي دردن جي دنيا جو سفير بڻائي ڇڏيو، ٻڌ سپنا منهنجي ڪٿا ٻڌ، ڪيتري نه زهريلي آهي. مان لڳاتار ڏهن ڏينهن تائين ڪاري ويس ۾ امان جي پٿر تي ويٺي رهيس، روئيندي رهيس پر......... پر نياز نه اچڻو هو، نه آيو. مان ويتر تنها رهجي ويس، دنيا جي گولي تي بيٺل ان اڪيلي ٻار جيان پنهنجي پاڻ کي ڀانئڻ لڳس، جنهن جو ڪوبه سهارو ناهي هوندو، جنهن جي ڪابه منزل ناهي هوندي.........يارهين ڏينهن مون پهريون قدم پنهنجي دنيا کان ٻاهر رکيو ۽ نياز ڏانهن آيس. ان وقت نياز پنهنجي بيڊ روم ۾ موجود هو. مون دروازو کوليو، ان وقت هو بيڊ تي ويٺل هو. هن جي نظرن آڏو هڪ رسالو پيل هو ۽ هن جي ڀر ۾ ڪجهه ٻيا رسالا وکريا پيا هئا، جيڪي سياسي رسالا هئا، مون کي ڏسي هن کان هڪ تيز ڇرڪ نڪري ويو “پري تون؟” هو اڪثر ڪري مون کي پري سڏيندو هو. ان وقت مون کي مٿي کان بدن تائين ڪارو ڪپڙو ويڙهيل هو، منهنجو چهرو غم زده هو، لڙڪ اکين ۾ لڏي رهيا هئا. مان گهڻي حد تائين مايوس هئس، ٽٽل آواز ۾ چيم “ها مان آهيان تنهنجي پري” هڪدم بيڊ تان اٿي ڪمري جي پوئين دريءَ وٽ وڃي بيٺو ۽ ڪجهه کري آواز ۾ چيائين “تون ڇو آئي آهين هتي؟” .
    مان آهستي آهستي هن جي پويان اچي بيٺس ۽ چيم “تون مون وٽ نه آيو هئين، ان جو اهو مطلب ته ڪونهي ته مان به تو وٽ نه اچان ها” هو خاموش ٿي ويو، ڄڻ ته مٿان ڇپ ڪري پئي هجيس، فقط دري منجهان ٻاهر نهاريندو رهيو.
    مون آهستي ڪري پنهنجو هڪ هٿ هن جي ساڄي ڪلهي تي رکي چيو “ ٻڌاءِ نياز تون مون وٽ ڇو ڪونه آيو هئين؟” سٽ ڏيئي منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ سان پٽيندي چيائين “هاڻ تون مون وٽ نه اچجانءِ. منهنجو من اڌو اڌ ٿي پيو. لفظن جو خنجر اندر ۾ پار ٿي ويو، ساهه منجهڻ لڳو.
    “ڇو نياز ڇو؟” ڀڳل ۽ ڀُريل آواز چيم.
    چيائين “مون کي اها خبر ڪانه هئي ته تنهنجي ماءُ کي ٽي بي جي بيماري آهي، نيٺ هو مري ويئي ۽ اهڙي طرح هاڻ اها وائرس تو ۾ به موجود هوندي ۽ تون.........”
    هن جي جملي پوري ٿيڻ کان اڳ مون چيو “بس نياز بس.” منهنجو آواز ڀرجي آيو. مان روئي پيس ۽ سڏڪڻ لڳس. سڏڪندي چيم “توکي جيڪڏهن مون کي جدائين جي ور چاڙهڻو هو ته پوءِ تو وٽ ٻيا به ڪيئي رستا هئا. ائين.......ائين مون کي امان جي بيماري جا طعنا ڏئي نه جدا ڪرين ها؟ ڪٿي آ تنهنجي زندگي ؟ ڪٿي آهن تنهنجا قول قرار......؟. ڪٿي آهن تنهنجا واعدا؟” مون احتجاج ڪندي چيو. “اوهان مرد آهيو ئي اهڙا ٻن ڏينهن جي ڪوڙي پيار عيوض عورتن کي خريد ڪري کين انب جيان چوسي اڇلي ڇڏيندا آهيو............اوهان مرد دغاباز آهيو، دوکيباز آهيو، اوهان کي سمجهڻ لاءِ عورت ازل کان وٺي ناڪام رهي آهي. منهنجو هيئانءَ ڦاٽڻ لڳو، مان زور زور سان سڏڪڻ لڳيس. هو خاموش خاموش ٻاهر دريءَ مان نهاريندو رهيو، مون محسوس ڪري ورتو. منهنجن سڏڪن جو ان تي ڪوبه اثر نه پيو هو، مان آهستي آهستي هلي دروازي وٽ اچي بيٺس ۽ کائنس آخري ڀيرو ڀنل آواز ۾ پڇيم “تنهنجو اِهو آخري فيصلو آهي؟”
    “ها” چيائين منهنجا چپ ٻيهر ٽٽڻ لڳا، سڏڪن جو گهيراؤ مون کي گهيرو ڪري بيهي رهيو، مان سڏڪندي سڏڪندي هن جي ڪمري کان ٻاهر آيس ۽ ويران رستن تي هلڻ لڳيس، ان ڏينهن منهنجي من جو موتي ڀڄي پيو، مون شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، اهو واقعي سچ آهي ته عورت هڪ دفعو ڪنهن کي چاهيندي آهي ته پوءِ سڄي زندگي ان جي نانوَ تي گذاري ڇڏيندي آهي” هو اکيون ڇنڀڻ لڳي، ڳوڙهن کي اندر ئي اندر ۾ ڌوڪڻ لڳي، اوچتو تيز ۽ ڪڙڪ کنگهه جو هڪ جهٽڪو آيس. کنگهڻ لڳي، کنئون............کنئون...... بلور جهڙيون اکيون ٻاهر نڪري آيس، نڙيءَ جو رڳون ڦوڪجي ڦاٽڻ لڳيون، سپنا هڪدم اسٽول تي پيل پاڻيءَ جي جڳ مان هڪ گلاس پاڻي جو ڀري هن جي مٿان اچي بيٺي، “جيجي، جيجي پاڻي” هٿ جو اشاري سان انڪار ڪيائين، ڀر ۾ پيل ٽشو پيپر جي دٻي مان هڪ پيلي رنگ جو ٽشو ڪڍي منهن صاف ڪري ٽشو پيپر هيٺ اڇلي ڇڏيائين. ڪجهه لمحن کان پوءِ ڳالهايائين، “سپنا مون سڀ ڪجهه ڊاڪٽر نياز جو نانوَ ڪري ڇڏيو، زندگي جي ارپنا......ڪتاب جي ارپنا...........۽ باقي هيءُ زندگي جا آخري دم به ڊاڪٽر نياز جي نانوَ ڪيان ٿي...........
    ٿي وئي زندگي تنهنجي نانوَ،
    تون ڀلي نه آءُ ڇپر بنجي ڇانوَ،
    هي هِيئانءَ ، کڻي سڏي پيو سڏڪن ۾ .
    هي شعر پڙهڻ سان سندس اکين ۾ ٻيهر لڙڪ لهي آيا، اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، سپنا اٿي دروازو کوليو، ٻه چار ڄڻا مهراڻ ادبي سنگت جا ڪارڪن مهمان اديب، شاعر اندر ڌوڪي آيا ۽ هن جي بيڊ جي ٻنهي طرفن کان اچي بيٺا.
    “ڪيئن آهيو پروين؟” سڀني پڇيو.
    “پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.”
    “توهان جي بيماريءَ جو ٻڌي اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، جڏهن اها خبر پئي ته توهان هتي هن اسپتال ۾ ايڊمٽ آهيو ته اسان هڪدم هليا آياسين”
    “اچڻ جي مهرباني”
    “ميڊم اسان جي همدرديءَ جا احساس اوهان سان گڏ آهن، اسان جي ڪوشش ڪري حڪومت کان اهو مطالبو ڪنداسين ته اوهان جو علاج سرڪاري خرچ تي ٻاهرين ملڪ ۾ ٿئي.”
    “ نه دوستو، نه............... زندگيءَ جون ٻه چار گهڙيون مان هن ديس جي ديوارن ۾ گُهٽجي مرڻ چاهيان ٿي، آخري پساهه به هن مٽيءَ جي وڻن جي اوٽ ۾ ڏيندس. “آخري دم تي سندس آواز ۾ لرزش هئي، زهر جهڙو درد سندس اکين جي سمنڊ ۾ جهاڳي رهيو هو.......مهراڻ ادبي سنگت جا سڄاڻ شاعر دوست سندس همدريءَ لاءِ ٻه چار الفاظ چئي هليا ويا، جنهن بعد کيس گهري ننڊ اچي وئي، جنهن ڪجهه قدر هن جي مروٽيل من کي سڪون به ڏنو هو ، شام ٿي هئي.......رات ٿي هئي.......جنهن بعد صبح به ٿيو هو ۽ اهو ڳاڙهو صبح جنهن ۾ سندس زندگيءَ جي سورج جو گولو ڊگهين تمنائن جي مائونٽ ايورسٽ مٿان لڙي چڪو هو، احساسن جي برفاني آبشارن تي رات جهڙي تاريڪي هوريان هوريان قابو پائڻ لڳي هئي. سندس چپن جي ريت تي صدين جي پياس جهڙا ٿوهر ڦٽي نڪتا هئا، هيسيل هرڻيءَ جي اکين جهڙيون اکيون خوفناڪ بنجي چڪيون هيون، آواز جي زنجير ٽٽي پئي هئي، ڇڳل لفظ ....ڇڳل ڀڻڪا.....هاڻ سندس نڙيءَ جي ٿوهر ۾ اٽڪي پيا هئا....... صبح کان شام تائين سندس عيادت لاءِ اديب ٽائپ ماڻهو گل ۽ فروٽن جون ٿيلهيون کڻي ايندا ۽ ويندا رهيا. جڏهن ماڻهن جي اچ وڃ ۾ ڪجهه ماٺار آئي ته شام جو پنجين بجي ڌاري هڪ موسيقار آيو، ساڻس همدرديءَ جا لفظ ڳالهائڻ کان پوءِ چيائين “ميڊم جيئن توهان جي طبعيت ناساز ٿي آهي، تيئن ماڻهو توهان جي ڪا نئين تخليق ٻڌڻ لاءِ سڪي ويا آهن، ماڻهن جي ايتري قدر ڊمانڊ وڌي وئي آهي، جو مان خود توهان کان هن حال ۾ ڪا نئين تخليق وٺڻ لاءِ آيو آهيان. ”
    پروين ڪنڌ لاڙي پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکيو ۽ ٽٽل آواز ۾ ڀڻڪي ، “سپنا” سپنا هن جي کاٻي پاسي کان اچي بيٺي، ڦاٽل اکيون سپنا ڏانهن ڦريندي چيائين “سپنا تون هن کي اهو غزل ڏي.......” اڳتي سندس دم ڀرجي پيو، آواز ڳلي مان غائب ٿي ويو، هڪ لمحو ترسي هڪ طويل ساهه کڻندي ڇڳل آواز ۾ چيائين “جيڪو مان ان ڏينهن مشاعري ۾ پڙهي ڪانه سگهي هيس”. ڊگهي ڇڪ کان پوءِ جملو پورو ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيائين پر پوءِ به لڙڪ سندس پنبڻين مان وهي وهاڻي ۾ جذب ٿي ويا. سپنا موسيقار کي اهو مڪمل غزل لکي ڏنو، موسيقار ويو ته بعد ۾ پبلشر آيو، چيائين“ميڊم توهان جي پهرين مجموعي “انتظارن ۾ رهجي ويل اداس ڇوڪريءَ” کي جيتري قدر عوام پسند ڪيو آهي، سچ اها ڪاميابي آسمان جي بُلندين جي ڇهڻ جي برابر آهي، ٻي شماري جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به عوام جي ڊمانڊ اڃان پوري نه ٿي آهي. تنهن ڪري ٽئين شماري جي ڇپائيءَ جو ڪم به چوٿين ڏينهن کان پوءِ مون مڪمل طور تي شروع ڪرائي ڇڏيو آهي....هاڻ جيڪڏهن ڪو نئون ڪتاب لکي ورتو هجيو ته اهو ڏيو ته مان عوام کي هڪ نئين سوکڙي ڏيان ته جيئن عوام جون دعائون اوهان سان گڏ ٿين ۽ اوهان جلد صحتياب ٿي وڃو.” هو ٿوري دير لاءِ رات جي خاموشيءَ جيان خاموش ٿي وئي بعد ۾ سيرانديءَ وٽان هڪ ڊائري ڪڍي هٿ ۾ کڻي چيائين “جڏهن....... مان............مري وڃان ته...............ته...........هن ڊائريءَ کي ڪتاب جي شڪل ڏئي ڇڏجان” سندس اکين ۾ هئڊ جهڙي پيلاڻ ڊوڙي رهي هئي، مَنڌل ساهه ٻوساٽجڻ لڳو هئس. اکيون بند ڪري ڊائري ڇاتيءَ تي رکي ڇڏيائين، پبلشر خاموش خاموش پيرا کڻي هليو ويو. چند لمحن کان پوءِ اکيون کوليندي سپنا کي چيائين ته “سپنا......تون ....ڪجهه گهڙين لاءِ.......ٻاهر.....وڃ ته.......مان زندگيءَ جي......آخري تخليق کي مڪمل ڪري وٺان.....”
    سپنا خاموش خاموش هٿ ۾ گذريل ڏينهن واري پراڻي اخبار کڻي ڪجهه گهڙين لاءِ ٻاهر هلي وئي.....هو ڪجهه گهڙيون مٿي سي وارڊ ۾ چڪر هڻي ٻاهرين ڏاڪڻ تان لهي هيٺ پارڪ ۾ هلي وئي....... هو اتي ڪجهه مختلف گلن ٻوٽن ۽ وڻن کي ڏسندي رهي، جنهن بعد گيٽ جي اولهندي طرف ريڙهي تي ويٺل افغاني پٺاڻ وٽ آئي، جيڪو ريڙهي تي ڏهن سالن جا پراڻا بادام ڪتل جهڙي ڪشمش، سڙيل ڪارا ڀڳڙا ۽ مڪس ڀڳڙا رکي ويٺو هو..... لالي کان ڏهن رپين جا مڪس ڀڳڙا وٺي، ڪاغذ جي ٽڪري مان ٻي تري تي ٻه ٻه ٽي ٽي داڻا ڪري لاهيندي کائيندي اسپتال اندر داخل ٿي.....آهستي آهستي اڌ کليل ڪمرن جو جائزو وٺندي پروين جي ڪمري تائين آئي...دروازو کوليائين ته سندس پير فرش تي کُپي ويا........... پروين بيڊ تي سڌو سڌو ليٽيل هئي، سندس ڇاتيءَ تي ڊائري کليل هئي، جنهن ۾ هن جا ٻئي هٿ مضبوط هئا، ڊائري جي اوٽ ۾ سندس چهرو لڪل هو....سپنا آهستي آهستي دروازو بند ڪري ٻيهر واپس موٽي وئي، هو مڪس ڀڳڙا کائيندي ڪمري جي آسپاس هلندي رهي ۽ گهڻو ڪجهه سوچيندي رهي.......سامهون ئي هڪ سٺ پنجهٺ سالن جو پوڙهو پئنٽ شرٽ سان لٺ تي هلندو اچي رهيو هو. ڪلين شيو، اکين تي چشمو، هڪ هٿ ۾ پروين شاهه جو مجموعو “انتظارن ۾ رهجي ويل اداس ڇوڪري” ۽ مجموعي ساڻ ٻه گلاب جي گلن جون ٽاريون آهستي آهستي هلندو اچي پروين جي روم جي سامهون بيٺو هو، هڪ هٿ سان چشمو سيٽ ڪري مٿي نظر ڪري روم نمبر ڏٺائين ۽ پوءِ سپنا ڏانهن نهاريندي پڇيائين “شاعره پروين شاهه جو روم هيءُ آهي؟”
    “جي ها ” پڇيائين “پر توهان ڪير آهيو؟”
    “مان .......” دروازو کوليندي چيائين “ڊاڪٽر نياز آهيان.”
    “ڊاڪٽر نياز؟” سپنا کان ڇرڪ نڪري ويو، هو اندر ڌوڪي آيو، سندس دل تيز ڌڙڪڻ لڳي، ڪنبڻ لڳو.......پروين جو چهرو ڊائريءَ جي اوٽ ۾ لڪل هو ۽ سندس هٿ ڊائريءَ جي ٻنهي طرفن کان مضبوط هئا. “پري.........” پاڻ کي جهلي جهلي ڀڻڪيو، پروين جي طرفان ڪا به موٽ نه ملي......هو ڪجهه قدم ويجهو ٿيو، “پري مونکي معاف ڪري ڇڏ........ مون ڏاڍو پڇتايو آهي، مان اڄ تو وٽ وري آيو آهيان، پنهنجا زهر جهڙا لفظ، ڏنل ايذاءُ اڄ سڀ موٽائڻ آيو آهيان........جڏهن تو سڀ ڪجهه مون کي ارپي ڇڏيو، تڏهن کان مون تنهنجي تلاش جو سفر جاري رکيو آهي.......مون توکي گهٽيءَ گهٽيءَ گليءَ گليءَ ۾ رلي ڳوليو آهي.......مون پراڻ جا ڪپ پڇايا آهن.....مون ان بڙ جي وڻ کان به تنهنجو پڇيو آهي، جتي پاڻ هڪ سرد رات جو ڪجهه لمحا گذاريا هئا.........مون کي معاف ڪري ڇڏ پري............ مون کي معاف ڪري ڇڏ...........مان تنهنجو ڏوهي آهيان...مون پنهنجي ڪئي جي تمام گهڻي سزا ڀوڳي آهي....تمام گهڻي....پر وري به تنهنجي هٿن ۾ سُرهي ٿيڻ لاءِ تو وٽ وري آيو آهيان.....تو ڳالهاءِ ته سهي....... فقط هڪ ڀيرو ئي سهي.....واعدو ڪيان ٿو تون جي چاهيندينءَ ته مان وري به توکان گهڻو ڏور هليو ويندس....پري ....اوپري.....تون واقع خوشنصيب آهين.......تون ڪيڏي نه وڏي شاعره بنجي ويئي آهين. مون تنهنجيا گيت لنڊن ۾ به ٻڌا هئا، آمريڪا ۾ به ٻڌا هئا...ڏس ته سهي ڪيڏي نه تنهنجي گيتن ۾ ڪشش آهي، جو وري به مون کي تو وٽ وٺي آيا آهن....... پري او پري ......تون ڳالهائين ڇو نه ٿي؟” نياز يڪ ساهي پروين سان پنهنجي منهن ڳالهائيندو ويو. سندس آواز ڀرجي آيو، اکڙين مان لڙڪن جي لار شروع ٿي ويس، ڪنڌ جهائي ڇڏيائين، سپنا هن جي پويان بيٺل هئي، هوءَ آهستي ٻه قدم کڻي پروين سان مخاطب ٿي “جيجي توهان هن سان فقط هڪ ڀيرو ته ڳالهايو” پر سندس چيل لفظ بي معنيٰ ٿي سندس منهن ۾ لڳا........دل جي ڌڙڪن وڌي ويس “جيجي ......” پر جيجي گهڻو وقت اڳ سڏ ورائڻ کان وڏي ٿي چڪي هئي، ڊاڪٽر نياز سڏڪي سندس پيرن تي ڪري پيو...........ڊاڪٽر نياز جي ڊائري ۾ رکيل اها رنگين تصوير جيڪا چند لمحا اڳ پروين جي پياسن چپن تي رکيل هئي، پر هينئر اها تصوير نياز جي ئي پيرن هيٺان پئي هئي.


    فريبي اکيون...!

    صبح جي وقت آفيس ۾ گهڙندي ئي بندري ڪلارڪ ڪياڙي کنهندي ڳالهايو “مجنون اچي ويو.” ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هيم پر ڪاوڙ کي ڳيتون ڏيئي پي ويو هئس. صبح جو ٽائيم هو ڏهاڙي خراب ڪرڻ نٿي چاهيم. سڀني سان دعا سلام ڪري اڃان پنهنجي ڪرسي تي ويٺس ئي مس ته ڊيمبو ڪلارڪ ٽپ ڏيئي منهنجي ٽيبل تي چڙهي آيو، مٿي جي ونگن وارن کي ساڄي هٿ سان سنواريندي چيائين. “اڙي مجنون...........................! تو واري نوشي ته رات فهيم وٽ ويٺي هئي.” سندس جملي ڳالهائڻ جي ڍنگ ۽ اندر ۾ طنز جي رنگ ۾ جيڪو زهر ڀريل هو سو ان ويل منهنجي نڙيءَ جي پيئڻ کان ڳرو هو. کيس اشاري سان گڏ چيم، “توکي اسان جي پرسنل معاملن ۾ پوڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. تون چپ چپ ڪري هتان ٽيبل تان لهي وڃ نه ته مان تنهنجي مٿي تي ونگن وارن کي سڌو ڪري ڇڏيندس.” جملي ڳالهائڻ وقت مون پنهنجون اکيون به ڦوٽاريون هيون، هو منهنجن اکين کان ڊنو هو يا ڳالهايل جملي کان پر بهرحال ٽيبل تان ٽپ ڏيئي پنهنجي ٽيبل ڏانهن هليو ويو هو ۽ ماٺ ماٺ ۾ پنهنجي ڪم کي لڳي ويو هو ۽ مون به پنهنجي ٽيبل جو خانو کولي فائل ڪڍي رکيو. ايتري ۾ هميشه دير ڪري ايندڙ اسان جي هن آفيس جو آخري ڪلارڪ رب ڏنو سلام ورائيندي اندر داخل ٿيو. سندس هٿ ۾ ڪجهه ڪاغذ هئا جيڪي هو پنهنجي ٽيبل تي رکي مون ڏانهن وريو، هٿ ملايئندي چيائين “ناڪام مجنون.”
    “ڇو......؟؟ کانئس پُڇيم.
    وراڻيائين..................“ڪلهه شام تو واري نوشيءَ فهيم سان گڏ سول لائين وڃي رهي هئي................” ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هيم، اٿي اکيون ڦوٽاريندي سندس گريبان ۾ جهلي چيم،“توهان کي ڪهڙي ضرورت آهي، اسان جي ذاتي مسئلن ۾ پوڻ جي........
    خبر اٿؤ نوشي ڪير آهي؟ منهنجي محبوبا ٻين لفظن ۾ منهنجي ٿيڻ واري زال ۽ مان پنهنجي ٿيڻ واري زال جي باري ۾ ڪو به اهڙو بدفضيلتو لفظ ٻڌڻ نٿو چاهيان. آئنده جيڪڏهن ڪنهن به اهڙي فضول ڳالهه ڪئي ته مان ان جو خون پي ويندس.” کيس ٺيلهو ڏيئي گريبان مان هٿ ڪڍيو هئم. هو فضلوءَ جي ٽيبل تي ڪرندي ڪرندي ذري گهٽ وڃي بچيو هو. هڪدم پنهنجا وار ۽ ڪالر ٺاهيندي پنهنجي ٽيبل ڏانهن هليو ويو هو، مون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي ڪنڌ جهڪائي اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. ڪنهن لمحي صاحب آيو سڀ اٿي بيٺا. صاحب لنگهي ويو ۽ مون کي ڪل ئي نه پئي. اوچتو بيل وڳي صاحب جي آفيس مان ڇرڪي ڪنڌ مٿي کنيم، پٽيوالو ڪالو ڊوڙندو اندر ويو ۽ هڪدم موٽيو ٻڌايائين “بلال توکي صاحب سڏي پيو....
    “مون کي !؟” ڇرڪي اٿيس فائيل هٿ ۾ کڻي صاحب ڏي اندر ويس.........سلام ڪري خاموش خاموش بيٺو رهيس. صاحب سگريٽ دکائڻ جي عمل مان واندو ٿي هڪ وڏو ڪش هڻي، دونهون نڪ جي ناسن مان ڪڍندي چيو “ توکي ڇا ٿيو آهي.............؟ ” اندر ۾ مونجهه ۽ زبان تي هٻڪ محسوس ٿي. صاحب کي ڇا چوان..........؟
    اوچتو چپ چريا ۽ زبان مان نڪتو “طبعيت ٺيڪ نه اٿم سائين...............”
    “بخار اٿئي...........؟
    “نو سر.........”
    “پوءِ..............؟”
    “سائين مغز پُڄري پيو آهي ۽ دل ۾ سور آهي..........” مون کي پنهنجي ڪوڙي ڳالهه تي قائم رهڻو پئجي ويو.
    “دل ۾ سور..........؟؟” صاحب سگريٽ جو ڪش اڌ ۾ ڇڏي حيراني مان ڇرڪي پيو، “ مون کي خبر هئي ته صاحب دل جو مريض آهي. کيس ٽي ڀيرا اٽيڪ ٿيو آهي پر هر ڀيري مرندي مرندي بچي ويو آهي. سو هڪدم چيائين “ ته پوءِ هتي ڇا پيو ڪرين..........................؟”
    “ سر ڪجهه نه..............”
    “وڃ وڃي دل جي ڪنهن سُٺي اسپيشلسٽ کي ڏيکار................”
    “ييس سر.........” افسوس صاحب مون کي غلط سمجهيو ۽ هڪ نيڪ صلاح سان گڏ موڪل به ڏيئي ڇڏيائين. ان ڏينهن هونءَ به بدفضيلتن ڪلارڪن سان منهن ماري ڪرڻ کان پوءِ دل نٿي چاهيو ته آفيس ۾ انهن جي سامهون ويهي ورڪ ڪجي ۽ ٻيو ته صاحب خودبخود هڪ نيڪ صلاح سان گڏ موڪل ڏيئي ڇڏي هئي. آفيس مان نڪرڻ وقت نوشيءَ جو خيال ذهن ۾ آيو هئم، “هوءَ فون ڪندي...............” نوشي جيڪا موڪل وارن ڏينهن کان سواءِ هر روز آفيس فون ڪري مون سان ڳالهائيندي هئي. سوچيو هئم هوءَ اڄ به آفيس فون ڪندي مون سان ڳالهائڻ لاءِ............. پر ان ويل نوشيءَ تي غصو گهڻو ٿي ويو هيم، ذهن جهٽڪا هڻي رهيو هو، دل پُڄري رهي هئي. هلندي هلندي سوچيو هئم................ اڄ نوشي سان جهيڙو ڪندس وڙهندس ۽ پوءِ کانئس ڪاوڙجي ويندس................ ڪاوڙ مان هٿن جون مٺيون ڀيڪوڙيندو ڀڻڪندو رهيو هئس. هلندي فوٽ پاٿ تي اچي بيٺو هئس، ڪنهن سوزڪيءَجي انتظار ۾. سوزڪي دير ڪري رهي هئي. وري هلڻ لڳو هئس، پئنٽ جي کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو هئم. وڏا وڏا ڪش هڻي سوچون ڀوڳڻ لڳو هيس....... سوچون کوڙ هيون ڀوڳيندڙ ذهن هڪڙو هو. پهرين سوچ نوشي جي هئي. جنهن جا تجلا آئيني جي اولڙي جيان ذهن جي کوکلين ديوارن سان ٽڪرائجي.................. منهنجي ستل جذبن کي جاڳائي رهيا هئا ۽ غصو وڌائي رهيا هئا، پر ان غصي ۾ پيار جي نظر جا جهڪا پاڇا به موجود هئا. ٻي سوچ بابا جي هئي. ننڍڙي ادا جو ڪنبدڙ آواز ڪنن ۾ گونجيو هو، “ادا بابا کي دست ۽ الٽي ٿي پئي آهي. پئسا ڪونهن مان بابا کي سول اسپتال جي لاوارث وارڊ ۾ ڇڏي آيو آهيان. تون پئسا کڻي جلدي اچ.................” سوچڻ لڳو هيس مان پئسا کڻي ڳوٺ ڪونه ويو آهيان. “بابا مري ويو هوندو.......” نه اڃا حيات هوندو...............نه مري ويو هوندو.............نه حيات هوندو، جيڪڏهن مري ها ته ضرور ڄاڻ ڪن ها..........................” پر بابا کي ته مرڻ ئي گهرجي............. سئو ورهيه پورا ڪيا اٿس، اڃا جيئندو ته آزار ۾ وجهي ڇڏيندو ۽ ٻيو ته هونءَ به بابا جي زندهه هوندي نوشي سان شاديءَ جو هن جنم ۾ ٺهيو پر ٻي جنم ۾ به سوچي نٿو سگهان..............ان ويل بابا جي زندهه هئڻ جو سوچي مان ڪنبي ويو هيس. ذهن ۾ سخت پيڙا محسوس ٿي هئي. بيهي رهيو هيس....... ساڄي هٿ جي ٻن آڱرين ۾ رهجي ويل ۽ وسامي ويل سگريٽ جي فلٽر کي روڊ تي اڇليو هيم. ٻيو سگريٽ ڪڍي دکايو هيم. هڪ ڳاڙهي سوزڪي ڀر ۾ اچي بيٺي هئي. ڪلينر مون کي هلڻ جو اشارو به ڪيو هو. سوزڪي سڄي ماڻهن سان سٿي پئي هئي. ڪو نه چڙهيو هيس. سوزڪي هلي وئي هئي سوزڪي جي وئي پڄاڻا اوچتو ثاقب اچي پنهنجي ڪار جي بريڪ منهنجي پيرن ۾ هنئي. ڪار جو سائيڊ شيشو کولي پڇيو هئائين “ڪيڏانهن پيو وڃين..............؟”
    “قاسم آباد....................”
    “مان به اوڏانهن ٿو وڃان هل توکي ڊراپ ڪندو هلان.................”
    سوچيم انڪار ڪري ڇڏيان، ان کان اڳ هن ڪار جو در کولي مون کي سائيڊ فرنٽ سيٽ تي ويهڻ جي آفر ڪئي ۽ مان سندس ڪار جي فرنٽ سيٽ تي ويهي رهيو هيس. سيٽ تي ويهڻ کان پوءِ هن مون کان حال احوال پڇيا هئا. موٽ ۾ پنهنجا حال ٻڌائڻ تي هو کليو هو. کلڻ بعد هن نوشيءَ جو ذڪر ڪيو هو. چيو هئائين. “بلال ٻڌو اٿم ته اڄڪلهه تنهنجو نوشي نالي هڪ ڇوڪريءَ سان ڏاڍو رومانس هلي رهيو آهي...............؟” سندس منهن ۾ نهاريندي فقط ڦڪي مرڪ ئي مرڪيو هئس. هو سمجهي ويو هو ۽ مرڪي ڏنو هئائين. مرڪ پڄاڻان ڳالهايو هئائين، “نوشي اها ئي نه جيڪا ڪڏهن ڪڏهن فهيم وٽ ويهندي آهي.” ڇرڪي پيو هئس، فهيم جي نالي ٻڌڻ سان اندر ۾ سگري دکي پئي هئي، هڪ عدد ڳنڀير ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيم هيم “ توکي ڪيئن خبر پئي.............؟”
    “فهيم منهنجو دوست آهي، مان ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويندو آهيان، پر هڪ ڏينهن شام جو هو ٻئي مون کي راڻي باغ ۾ مليا هئا. فهيم تعارف ڪرائيندي چيو هو. “هي نوشي آهي، منهنجي سُويٽ فرينڊ...................” گاڏي جواسٽيرنگ پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکندي هو ڳالهائي رهيو هو. “تنهن بعد نوشي ٿورو اڳتي نڪري وئي هئي. فهيم مون کي ٻڌايو هو ته هڪ ڇڇورو ڪهاڻيڪار بلال هُن جي پويان اچي پيو آهي. هو جيڪڏهن نه مڙيو ته مان سندس خون ڪندس..........” پوءِ مون تنهنجي باري ۾ کيس ٻڌايو هو ته..............هو اهڙو ماڻهو ڪونهي. مان کيس سمجهائي ڇڏيندس.......................” هڪ لمحي لاءِ ونڊ اسڪرين تان نظرون هٽائيندي چيو هئائين، “تون کيس ڇڏي ڇو نٿو ڏين.” نه ڄاڻ ثاقب ڪهڙي گفتگو ڪري منهنجو اندر ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو هو. کيس ڪو جواب نه ڏيئي سگهيو هيس. دل ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويو هو. ڪار جا شيشا کليل هوندي به ڏاڍي گهٽ محسوس ٿي هئي. کنيل ڊگها ساهه اندر ۾ وڍ وجهڻ لڳا هئا. شاهنواز بيڪريءَ وٽ کيس چيو هيم “گاڏي روڪ.......... ثاقب گاڏي سلو ڪندي ڏاڍي حيراني مان پڇيو هو.............“ڇو..............ڇو تون ته عبدالله سينٽر لهندين نه...................؟”
    “نه مان اتي ئي لهندس..................” وراڻيو هيم، ثاقب سائيڊ ڪري گاڏي روڪي هئي ۽ مان کيس خدا حافظ چئي لهي پيو هئس. ثاقب هليو ويو ۽ مان روڊ تي پيل مينگو جوس جي خالي پاڪيٽ کي ٿڏو هڻي، سائيڊ گهٽيءَ ۾ لهي پيو هئس ۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪٿان ڪٿان کان ڪهڙين ڪهڙين گلين مان ٿيندو پنهنجي فليٽ تي اچي پهتو هيس. روم جو در بند ڪري صوفي تي اچي ڪريو هيس ۽ ڪيا هيم سگريٽ پيئڻ شروع، گولڊ ليف جي هڪ عدد سگريٽ سان. هر ڪش تي سوچڻ چاهيو هيم، ڪو فيصلو ڪرڻ چاهيو هيم، نوشي جي باري ۾، پر نوشيءَ جو هر خيال، هر سوچ دماغ جي بند ڪمري ۾ سگريٽ جي دونهين جيان وکري وئي هُئي، سگريٽ ختم ٿي ويو هو. پاڪيٽ مان ٻيو سگريٽ ڪڍي ٽوچن ڪيو هئم ۽ پهرين سگريٽ جو رهجي ويل فلٽر ايش ٽري ۾ وجهڻ بدران ٽيبل تي اڇلي ڇڏيو هيم. اوچتو فون جي رنگ وڳي هئي ۽ وڄندي رهي هئي. اٽينڊ نه ڪئي هيم، پڪ هيم اها فون نوشي جي هوندي.............سوچيو هيم رنگ بند ٿي وئي هئي ۽ مان سگريٽ پيئندو رهيو هيس، رنگ ٻيهر وڳي هئي . ڏاڍو غصو آيو هئم، نوشي سان ڪونه ڳالهائيندس...............رنگ وڄندي رهي هئي. زندگي جي ڪنن ۾ موت جي سائرن جيان............ڪاوڙ مان سگريٽ ٽيبل تي ڦٽو ڪندي اٿيو هيس. رسيور ڪريڊل تان کڻي زور سان چيو هئم “سوري رانگ نمبر...............” ۽ رسيور ٻيهر زور سان ڪريڊل تي رکي ڇڏيو هيم، واپس موٽيو هيس صوفي ڏي پر صوفي تي ويهڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري رنگ وڳي هئي ۽ مون وڃي رسيور ڪريڊل تان کڻي هيٺ اڇلي ڇڏيو هو. صوفي تي اچي ڊٺو هئس اکيون بند ڪري سوچڻ لڳو هيس نوشي جي باري ۾ هر سوچ منجهي وئي هئي. ذهن جي ٽرئفڪ ۾ .................ٽائيم الاءِ ڪيترو گذري ويو هو، ڪا ڪل ئي نه پئي هيم. اوچتو ڪال بيل وڳي هئي، ڇرڪي اٿيو هيس نظر سامهون ديوار تي لڳل وال ڪلاڪ تي وڃي پئي هئي. ڏينهن جا پورا ٻه ٿيا هئا. ڪال بيل هڪ ڀيرو وري وڳي هئي. دروازو اچي کوليو هيم................سامهون نوشي بيٺي هئي. ڪنڌ ڪلهي تي لاڙي مسڪرائي رهي هئي. پر مون مرڪ جو جواب دونهاٽيل چپن، ڦاٽل اکين ۽ مُئل قدمن جي موٽ سان ڏنو هو.
    “بلال آر يو آل رائيٽ...........؟” تعجب مان ڪجهه پريشان ٿي پڇيو هئائين. مان خاموش ئي رهيو هيس. ڊوڙ ڪري وڌي هئي پرس جو بيلٽ ڪلهي مان ڪڍي پرس کي ٽيبل تي اڇليو هئائين ۽ منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هئائين، “مون کي تنهنجي ڇهڻ جي ضرورت ناهي............” ڀڙڪو کائي کائنس ٻانهن ڇڏائي هيم.
    هوءَ هڪ قدم مون کان هٽي بيٺي هئي.“تون پاڳل ته ناهين ٿي ويو.............؟؟”
    “ها مان پاڳل ٿي ويو آهيان، مان چريو ٿي ويو آهيان ۽ مان مري به ويو آهيان...............” حيران ٿي وئي هئي. منهن مايوسيءَ مان مرجهائجي ويو هيس. لپ اسٽڪ لڳل چپ دونهاٽجي ويا هئس. هڪ عدد ٿڌو ساهه کڻندي چيو هئائين. “ناراض آهين..........؟”
    “ها...................” ڏانهس ڏسي ڪاوڙ مان چيو هئم ۽ ڪنڌ وري ڦيري ڇڏيو هيم.
    “سبب........؟؟”
    “توکي پهرين چيو هئم تون فهيم وٽ وڃڻ ڇڏي ڏي يا مون وٽ اچڻ ڇڏي ڏي...............چيو هئم يا نه.................”
    “ها چيو هيئي................” جهڪي پيل ڪنڌ سان ڳالهايو هئائين.
    “پوءِ ڪلهه شام جو تون فهيم وٽ ڇو وئي هئينءَ........................۽ اڄ مون وٽ ڇا لاءِ آئي آهين..........؟.”
    “او ماءِ گاڊ...............؟؟ يعني ته توکي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آهي.........” چپن تي هلڪي مرڪ ڦهليل هئس، ٿورو ويجهو ٿي چيو هئائين، “ آءِ ايم ساري بلال.........”
    “ساري ساري ڇاهي ساري؟؟ ڇا ساري چوڻ سان سڀڪجهه ختم ٿي ٿو وڃي؟ انسان هزارين غلطيون ڪري ٿو پنجن حرفن جو هڪڙو لفط “Sorry” چئي ڇا انهن سمورين غلطين جو ازالو ڪري سگهي ٿو. نه نوشي نه.................. هڪ ڪوڙو مڪار ۽ فريبي لفظ ڳالهائي مون ۾ تون ويساهه گهاتيءَ واري خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر....... گهڙي پل لاءِ ماٺ ٿي ويو هئس، گلو خشڪ ٿي ويو هئم. هوءَ ڪنهن مندر جي مورتي جيان منهنجي پٺيان ماٺ ماٺ بيٺل هئي. وري ڳالهايو هئم، “نوشي اها خبر اٿئي ته اڄ مون کي ڪيترن ماڻهن ٻڌايو آهي ته نوشي ڪالهه فهيم وٽ ويٺي هئي ۽ اها خبر اٿئي ته ان وقت منهنجي پوزيشن ڪهڙي هئي. فقط ۽ فقط ان جي ڪري اڄ مان پنهنجي جگري يار جو گريبان پڪڙي آيو آهيان ۽ فقط ان ڪري اڄ مان آفيس ۾ صاحب سان ڪوڙ ڳالهائي موڪل ڪري آيو آهيان.........”
    جيءُ کي جهٻي اچي وئي هيس، اندر سوڙهو ٿي پيو هئس. ٻنهي ڪلهن وٽان پڪڙيو هئائين. خشڪ چپن سان وراڻيو هئائين “رليڪس بلال..................بليو مي بلال............بليو مي..........اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي مان توکي سڀ سمجهائيندس...............”
    “مون کي ڪجهه به سمجهائڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي مان ڪنهن کان وضاحت طلب ٿو ڪريان” پٺيرو ٿيندي ٿورو هٽي بيٺو هيس. مايوس اکيون جهڪائي ڇڏيون هئائين. نڙي خشڪ ٿي پئي هيس.گهڙي پل لاءِ پٿر جي مورتي بنجي وئي هئي. ڄڻ ته ان سمي هوءَ خاموشي جو زهر ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندي هجي...............پير وري چريا هئس ٻه وکون کڻي منهنجي ساڄي ڪلهي تي هٿ اچي رکيو هئائين، “بلال................؟”سسڪي سسڪي زبان کان چپن تائين نٻيل آواز آندو هئائين................
    “هون................؟” وراڻيو هئم. اندر جي باهه ڪجهه ماٺي ٿي پئي هئي. ڪجهه حوصلو مليو هئس ڳالهائڻ لاءِ.............
    “بلال مان واعدو ڪيان ٿي اڄ کان پوءِ تون مون کي فهيم سان گڏ ڪونه ڏسندين..........”
    “ريئلي................؟” کانئس پڪ لاءِ پڇيو هيم.
    “ريئلي.................” موٽ کائي سندس سامهون ٿيو هيس.کيس ٻنهي ڪلهن وٽ پڪڙيندي چيو هئم “واعدو.........................؟”
    “واعدو..............” وراڻيو هئائين............ موٽ ۾ خشڪ گلو آلو ٿي پيو هئس، چپ چمڪي پيا هئس، ٻئي مرڪي صوفي تي اچي ويٺا هئاسين. صوفي تي ويهڻ دوران سندس نظر ٽيبل تي پيل سڙيل سگريٽن جي ڍير تي پئي هئي، ڇرڪي پئي هئي.....“هي سگريٽ سڀ تو پيتا آهن”
    “ها...........” وراڻيو هيم.
    “تون ايترا سگريٽ ڇو پيئندو آهين..........؟”
    “عادت ٿي وئي آهي..........”
    “اها به ڪا عادت آهي.............؟؟”
    “ها.............” گهڙي ماٺ رهڻ کان پوءِ ڳالهايو هئائين..............ٻڌ.....................!!”
    “هون.......”
    “ اڄ مون تنهنجي آفيس به فون ڪئي هئي..................”
    “پوءِ...................؟”
    “ٻڌايائون ته بلال جي طبعيت ٺيڪ نه هُئي موڪل ڪري ويو آهي..............ڇا ٿيو هيئي........؟”
    “ اهو نه پڇ............”
    “ڇو........”
    “بس.........”
    “صبح جو تو منهنجي فون به رسيو نه پئي ڪئي ڇو............؟”
    “ان جو سبب به تون هئينءَ..........................”
    “ماڻهوءَ کي ايترو گهڻو غصو به نه ڪرڻ گهرجي............”
    “۽ جي ماڻهو پنهنجا واعدا وچن ٽوڙي ته.................؟؟” هڪ لمحي لاءِ سندس چپن تي وکريل مرڪ غائب ٿي وئي هئي ڪنڌ جهڪي ويو هيس.........
    “ٻڌاءِ ڇا پيئندينءَ.............؟ مون ئي ڳالهايو.
    “تون ڇا پيئندين.......................؟”
    “چانهه.......”
    “مان به چانهه، پر اڄ چانهه مان ٺاهينديس، تو ويٽ ڪر.....................”
    “تنهنجي مرضي................” هو پنهنجو پرس صوفي تي رکي ڪچن ڏانهن هلي وئي هئي ۽ منهنجون نظرون سامهون ديوار تي لڳل هڪ پورٽريٽ ڏي کڄي ويون هيون، اها پورٽريٽ هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪريءَ جي هئي. ڇوڪرو جيڪو هڪ وڻ جي هيٺان هڪ الهڙ ڇوڪريءَ جي ٻنهي ڳلن کي ٻنهي هٿن جي ترين سان جهلي منهن ٿورڙو مٿي ڪري ڇوڪريءَ جي ڳاڙهن ڳٽن کي چمي رهيو هو ۽ ڇوڪري ڪنهن سرور جي ساعت ۾ سوڙهي ٿي اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، پورٽريٽ ڏسڻ دوران ئي سگريٽ دکايو هئم. پهرين ڪش هڻڻ کان پوءِ سوچيم هئم ان پورٽريٽ تي. جيڪڏهن فوٽوگرافر هوندو ته دوکيباز هوندو، جيڪڏهن چترڪار هوندو ته فريبي هوندو. انهن ئي ماڻهن اسان کي رومانس جي ڌٻڻ ۾ وجهي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. رومانس جي ابتدا کان وٺي انتها جي خدائي جو جيڪڏهن ڪو نئون خدا هجي ها ته مخالف ڌر جومان اهو پهريون ۽ واحد فرد هجان ها، ابليس جيان انڪاري ٿيان ها..................منڪر ٿيان ها................ ايتري ۾ نوشي چانهه سامهون ٽيبل تي اچي رکي هئي. سگريٽ کي ايش ٽري ۾ ڦٽو ڪري مرڪي چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ کنيو هئم ۽ پوءِ پيئڻ لڳا هئاسين. سپ سپ ڪري چانهه جا ڪوپ سپ سپ ڪري چانهه پيئندي ڳالهايو هئائين .
    “بلال...........؟“
    “هون..........”
    “مان سڀاڻي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ڪراچي پئي وڃان سوچيم توکي ٻڌائي ڇڏيان.........”
    “ڇو.........؟”
    “منهنجي ماروٽ صفيه بيمار آهي کيس ڏسڻ ..............”
    مان ماٺ ئي رهيو هئس چانهه ختم ڪري ڪوپ ٽيبل تي رکندي چيو هئائين. “بلال مان هاڻ وڃان...............”
    “تنهجي مرضي.....................” کلي پئي هئي وارن جي ڇڏيل چڳ کي ڪنڌ جي جهٽڪي سان پٺ تي واري پرس جو بيلٽ ڪلهي ۾ وڌو هئائين.
    “اوڪي باءِ بلال...........”
    “باءِ.................” هوءَ هلي ويئي هئي هن جي وئي پڄاڻان پاڻ کي اڪيلو ۽ تنها سمجهيو هئم ته ڪمري جو در ڏيئي ميوزڪ ٻڌڻ لڳو هيس. اوچتو فون جي رنگ وڳي هئي. رڪارڊ پليئر کي بند ڪري فون رسيو ڪئي هيم، “ هيلو ڪير.........؟”
    “بلال مان ايڊيٽر شهباز ٿو ڳالهايان..........” آواز سڃاڻندي چيو هئائين.
    “هيلو شهباز ڇا حال آهن............؟”
    “حال ٺيڪ آهن.........پر ٻن ڏينهن کان اچين نه پيو ڇو................؟”
    “بس ائين ئي..........”
    “ٻڌ، بلال مون وارو خاص نمبر صرف تنهنجي ڪري ئي روڪيو پيو آهي، ڪهاڻي جلدي لکي ڏي نه.................”
    “سوري شهباز مان هينئر لکڻ جي موڊ ۾ ناهيان.”
    “ڇو...........؟”
    “الاءِ ڇو...........................؟”
    “ٺهيو ڀلا ڇڏ ڪهاڻي کي ، بلال مون توتي وري هڪ ٻيو ڪم رکيو آهي......”
    “ڪهڙو...........؟”
    “سڀاڻي ڪراچيءَ ۾ شيخ اياز جي ياد ۾ هڪ ادبي ميڙاڪو ٿي رهيو آهي، مان چاهيان ٿو تون ۽ بابر ان جي رپورٽنگ لاءِ وڃو................”
    “ڇو محمود ڪيڏانهن ويو..........”
    “محمود بيمار پيو آهي..................ايندين نه..........؟”
    “ها مان صبح جو ايندس....................” شهباز سان ڳالهائڻ بعد رسيور اڃا هٿ ۾ ئي پيو هو. سوچيو هئم ته نوشيءَ کي ٻڌائي ڇڏيان ته صبح جو مان به ڪراچي هلندس............ڊائل ۾ آڱريون وجهي نمبر ڊائل ڪرڻ لڳو هيس. چار نمبر ڊائل ڪري پنجين نمبر تي منهنجي آڱر رڪجي وئي هئي. “سٺو نٿو لڳي” سوچيو هئم. ڪو نه ٿو ٻڌايانس. رسيور رکي ڇڏيو هئم. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير مان شهباز جي آفيس آيو هئس، صبح جو شهباز مون کي ۽ فوٽو گرافر بابر کي خرچ پکو ڏيئي ڪراچي روانو ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن اسان ڪراچي هڪ بجي پهتا هئاسين. ڪراچيءَ جي موسم ڏاڍي رومانٽڪ هُئي، آسمان تي هلڪا هلڪا سليٽي ڪڪر ڇانيل هئا، ٿڌڙي ٿڌڙي هير لڳي رهي هئي.
    پيلس لڳ علي مرزا هوٽل تي ماني ۽ ڪولڊ ڊرنڪ کان پوءِ مون ۽ بابر فيصلو ڪيو ته اڄ اسان کي سمنڊ ڪناري ضررو وڃڻ گهرجي.......................اونهاري جي موسم ۾ مون کي سمنڊ ڏاڍو وڻندو آهي. مان جڏهن به ڪراچي ويندو آهيان، تڏهن سمنڊ ڪناري ضرور ويندو آهيان. مون کي سمنڊ جي نيري پاڻيءَ جي مست ڇولين ۾ لڏندڙ ٻيڙيون ڏاڍيون وڻنديون آهن. ڪارن ڪڪرن مان لهندڙ سج ۽ سج ڏانهن ڪهي ويندڙ پکين جون قطارون ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون آهن.
    ڪناري تي کيڏندڙ ٻار ۽ اڌ پائنچا پسائي هلندڙ ڇوڪريون خوبصورت لڳنديون آهن. تڏهن مان ٿڌي واريءَ تي شاهه لطيف جا بيت لکندو آهيان. واريءَ جا گهر ٺاهيندو آهيان ۽ واريءَ جي هر گهر ۾ اُميدن جا ڏيئا ٻاري رکندو آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ جون بي رحم ڇوليون کين ٻوڙي ڇڏينديون آهن. تڏهن مان ناڪاميءَ جا اداس گيت ڳائيندو اتان اٿي هليو ويندو آهيان. ان ڏينهن به موسم ۽ موقعو ڏسي مان ۽ بابر شام جو سمنڊ ڪناري ويا هئاسين. ان ڏينهن موسم جون مست هوائون نه ڄاڻ ڪيترن پريمي جوڙن کي سمنڊ ڪناري ڇڪي آيون هيون. اهي سڀئي رنگين موسم ۾ انجواءِ ڪري رهيا هئا. ان ويل سوچيو هئم ڪاش اڄ نوشي مون سان گڏ هجي ها. مان سندس ڪنڌ ۾ پنهنجي ٻانهن جا هار وجهي پنهنجي تصوير سندس اکين جي سمنڊ ڪناري لڙهندي ڳوليان ها، پر افسوس ان ڏينهن مون سان گڏ نوشي نه بابر هو. ان سمي مان ۽ بابر هڪ سوزڪي ڪار جي پوئين پاسي اچي بيٺا هئاسين. مون پنهنجي شرٽ لاهي ڪلهي تي رکي هئي. تنهن سبب بابر ضد ڪرڻ لڳو هو ته تنهنجي هڪ عدد تصوير اُن ئي پوزيشن ۾ ڪڍجي تصوير ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ڪئميرا پنهنجن اکين تي رکي هُيس ته اوچتو سامهون منهنجي نظر نوشي تي پئجي وئي هئي. اکيون ڦاٽي ويون هيم، پنهنجي جڳهه تان چريو هئس. بابر ڪئميرا جي آئي پيس تان اک هٽائي رڙ ڪئي هئي. “او بلال، اهو ڇا ڪيئي.....؟” مان بابر کي اڻ ٻڌو ڪري ٿورو اڳتي وڌيو هئس ۽ پوءِ پير ساحل جي آلي واريءَ تي ڄمي ويا هئا. نوشي جيڪا فهيم جي هٿ هٿ ۾ ڏيئي پسيل پائنچن سان آلي ريت تي رنگ برنگي ٽولن جي وچ ۾ هلي رهي هئي. ان ويل ساهه منجهي پيو هئم. دل شڪست کاڌل گهوڙي جيان پوئتي رهجي وئي هئي. اکيون بند ڪري منجهيل ساهه جي سُٽ کي ٽوڙڻ چاهيو هئم پر ساهه نڙيءَ ۾ ڦاٿل ٿوهر جي بي رحم ڪنڊن ۾ اٽڪي پيو هو. بابر کي چيم، تون انهن ٻنهي جو پيڇو ڪر جتي به موقعو ملي تصوير ڪڍي وٺجان.........................” بابر ڊوڙندو ڊوڙندو انهن ٻنهي جي پويان هليو ويو هو ۽ مان هارايل جواري جيان ٿڌي واريءَ تي گوڏا کوڙي ويهي رهيو هئس. ذهن پنهنجن رستن تي خيالن جا الاءِ ڪهڙا ڪهڙا گل پوکيندو کين تيليون ڏيندو ويو ۽ خيالن جي سڙندڙ گلن جي خوشبوءَ دماغ کي ڀنواٽيون ڏيندي رهي، ٿوري دير بعد بابر ڪئميرا ڪنڌ ۾ لٽڪائيندو ۽ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ لوڏيندو مون ڏانهن آيو، مون وٽ پهچندي چيائين،بلال ڪير هئا............؟” بابر کي بغير جواب ڏيڻ جي ئي اکيون بند ڪري هڪ ٿڌو ساهه کنيو هيم، بابر وري ڳالهايو هو .“مون انهن جي ڪجهه پاڻ ۾ ڪيل گفتگو به رڪارڊ ڪري ورتي آهي.............”
    “ڇا................؟؟ رڙ نڪري وئي هيم.
    “ها.........”
    “ڪٿي آهي...............؟” بابر ننڍڙي ٽيپ رڪارڊر کي ريورس ڪري پلي بٽڻ دٻايو هو ته اندران آواز اچڻ لڳو هو. اهو آواز فهيم جو هو مون پڪ سڃاتو هو. اهو فهيم ڳالهائي رهيو هو، آخر تون بلال کي مڱڻي جي مُنڊي واپس ڇو نٿي ڪرين..............؟”
    “فهيم منهنجي ايڊونچر ڊرامي کي اينڊ تائين ته پهچڻ ڏي.................” نوشي ڳالهائي رهي هئي.
    “بس هاڻ تنهنجي ڊرامي جو سين گهڻو ڊگهو ٿي ويو آهي. ختم ڪري ڇڏينس....................”
    “مان پاڻهي ئي ڪو موقعو ڏسي منڊي واپس ڪري ڇڏيندس ۽ کيس اهو به ٻُڌاءِ ڇڏيندس ته..............”
    “ته ڇا................؟”
    “ته مان تنهنجي نه پر فهيم جي آهيان................” ۽ پوءِ ڏنا هئا ٻنهي گڏجي غائبانه طنزيه ٽهڪ، جيڪي ان ويل ننڍڙي ٽيپ رڪارڊر جي ننڍڙي اسپيڪر مان نڪري منهنجي ٻنهي ڪنن کي چيري ڦاڙي رهيا هئا. اندر جهري پيو هئم. روح کي رهڙون ڏيئي ويندڙ نوشي جو طنزيه آواز دماغ جي ديوارن سان ٽڪرائجي پڙاڏو بنجي رهيو هو. هڪدم بابر کي ساڻ ڪري سمنڊ تان واپس موٽي آيو هئس. ان ڏينهن مون ڪراچي ۾ شيخ اياز جي ياد ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪو به اٽينڊ نه ڪيو هو. ان ڏينهن مان ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل جي ڊبل بيڊ روم ۾ وڃي ڪريو هيس، پيتا هيم سگريٽ کوڙ. صبح جو ڪراچيءَ مان موٽندي ئي سڌو پنهنجي فليٽ تي هليو آيو هئس. اونڌاهي روم جي تنهائي ۾ مون کي کوڙ ساريون سوچون آيون هيون. انهن سوچن ۾ خودڪشيءَ جي سوچ به هئي، سوچيو هئم خودڪشي ڪري ڇڏيان........خودڪشي ها................؟.............پوءِ خودڪشي تي ذهن کي ور ور ڏيئي سوچيو هيم ......۽ پوءِ ذهن ۾ هڪ سوچ ٻي به آئي هئي سوچيو هئم. “ڇا پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري مان ٻين کي زندهه رهڻ جو موقعو ڏيندس؟؟ نه ائين نٿو ٿي سگهي مان انهن کي ٽهڪ ڏيڻ جو موقعو نٿو ڏيئي سگهان، جن مون کي برباد ڪيو ۽ پوءِ مون هڪ فيصلو ڪري ورتو هو. اوچتو ٽيليفون جي رنگ وڳي هئي ۽ وڄندي رهي هئي. فون به رسيو نه ڪئي هيم، رنگ وڄندي وڄندي بند ٿي وئي هئي. ان ئي رات نوشي مون سان ملڻ لاءِ فليٽ تي آئي هئي. ڪاش مون کي اها خبر هجي ها ته نوشي در جي ٻاهران ڪال بيل جي بٽڻ تي پنهنجي وڏن ننهن واري آڱر رکي مون کي دروازو کولڻ لاءِ ڪاشن ڏيئي رهي آهي ته مان روم جو در لاڪ ڪري چاٻيون روشندان مان ٻاهر اڇلي ڇڏيان ها پر افسوس مون کي ڪا خبر نه هئي ۽ در کولي ڇڏيو هئم، در جي کلندي ئي نوشي پهريون جملو ڳالهايو هو “هيلو بلال هائو آر يو.......................؟” بغير جواب ڏيڻ جي ئي واپس موٽيو هئس، هوءَ به منهنجي پويان وڌي هئي. مان ڪمري جي اولهندي کاٻي کليل دري وٽ اچي بيٺو هئس ۽ دريءَ جا ساوا پردا منهنجي ساڄي هٿ ۾ هئا. محسوس ڪيم هئم سندس تڪڙا کڄندڙ قدم ڍرا ٿي پيا هئا. لپ اسٽڪ لڳل چپ گڏ ٿي ويا هئا. ڪجهه پريشان ٿيندي پڇيو هئائين. “آر يو ال رائيٽ...................؟؟” ڪو به جواب نه ڏنو هيم ، خاموش ئي رهيو هئس. ڳالهايو هئائين.“ بلال اڄ مان تنهنجي لاءِ هڪ انمول گفٽ وٺي آئي آهيان............” پٺيان کان ٻانهن وڌائي گفٽ جو پئڪيٽ منهنجي نظرن جي سامهون وڌايو هئائين. گفٽ وٺي سندس منهن ۾ هڻي ڪڍيو هئم “ نه گهرجي مون کي تنهنجو گفٽ...................”
    “واٽ...........؟؟؟” تڪڙو ۽ تيز لفظ وات مان نڪتو هيس. جنهن پٺيان پڙاڏي جيان کوڙ سارا سوال هئا. ڇيهون ڇيهون ٿيل اندر مان لفظ ڪنبي ڪنبي ٻاهر نڪتا هئا. ڳالهايو هئم. “نوشي پيار جي ڊوڙ ۾ فهيم جو گهوڙو مون کان اڳ نڪري ويو آهي. مان تماش بينن جي واتان نڪرندڙ شڪست ۽ ٽوڪن جا پٿر نه سهي هيٺ ڪري پيو آهيان ۽ مون کي منهنجو ئي گهوڙو چيڀاٽي هليو ويو آهي...............نوشي مون تنهنجن اکين ۾ پنهنجي تصوير ڳولڻ چاهي هئي پر افسوس مون کي تنهنجي اکين ۾ فهيم جي مسڪرائيندڙ تصوير نظر آئي آهي. نوشي تو مون سان ڌوڪو ڪيو آهي. سڌو سنئون ڌوڪو. تون منهنجي مڱڻي جي منڊي پنهنجي چيچ ۾ پائي پنهنجي ئي چيچ جي بيوقوفيءَ جو مذاق اڏائيندي آئي آهين ۽ مون تنهنجي ان مذاق کي اڄ سمجهيو آهي. تڏهن جڏهن مان صفا ڪنگلو ٿي ويو آهيان، تڏهن جڏهن مان تنها ۽ وائڙو ٿي ويو آهيان..............”
    “تون هي ڇا چئي رهيو آهين بلال................؟”
    “مان سچ چئي رهيو آهيان نوشي، مون تنهنجي ان واعدي جو ڀرم رکندي پنهنجي ان ڳوٺ کي به وساري ڇڏيو آهي. ان ڳوٺ کي جنهن ۾ منهنجي هڪ پوڙهي ماءُ به رهندي آهي، جنهن مون کي شهر اچڻ وقت کوڙ ساريون دعائون ڪيون هيون ۽ هڪڙي مون تي فرمائش به رکي هيس ته تو وٽ جڏهن گهڻا پئسا ٿين ته مون کي هڪڙو وڳو ڇيٽ جو وٺي ڏجان........” ۽ مون ان کي اڄ تائين ڪجهه به ناهي وٺي ڏنو...........نوشي ان ڳوٺ ۾ منهنجو هڪ ڪراڙو پيءُ به رهندو آهي. جنهن مون کي شهر اچڻ کان روڪيو هو چيو هئائين “تون شهر وڃي مون پوڙهي پيءُ کي وساري ڇڏيندين.” ۽ مون سندس اڇي پڳ جو قسم کائي چيو هو ، “نه بابا مان توکي ڪونه وساريندس”۽ اڄ مون ان کي به وساري ڇڏيو آهي. ان ئي ڳوٺ ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ڀاءُ به رهندو آهي، جنهن کي پٽي جا الف بي جا اکر مان پڙهائيندو هئس ۽ ٽهڪ ڏيندو هيس. اهي ٽهڪ جيڪي بکن جا پها هوندا هئا ۽ شهر ۾ مون تنهنجن ڇيڳرن ٽهڪن ۾ گم ٿي، انهن ٽهڪن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي..............۽ ها نوشي ان ڳوٺ ۾ منهنجي هڪ مڱ به رهندي هئي، جنهن مون سان سچي پيار جو وچن ڪيو هو. سندس چاچو جيڪو اسان جي ملڻ ۾ ناخوش هو ۽ اسان کي ڪارو ڪاريءَ جي روپ ۾ قتل ڪرڻ لاءِ ڪهاڙي پنهنجي ڪلهي تي رکيو سنڀريو پيو هلندو هو، پر پوءِ به هوءَ رات جو لوڪ ستي لڪي ڇپي مون وٽ ايندي هئي ۽ دل جون کوڙ ساريون ڳالهيون ڪندي هئي. شهر ڏي اچڻ کان هڪ رات اڳ هوءَ مون وٽ آئي هئي. مون کي شهر اچڻ کان روڪيو هئائين. پنهنجي اک جا موتيءَ جهڙا ڳوڙها منهنجي ڪلهي تي وهايا هئائين ۽ سڏڪي چيو هئائين . “تون شهر وڃي مون کي وساري ڇڏيندين.” مون سندس ڀنل اکين جو قسم کائي چيو هو ، “مون کي تنهنجن اکين جو قسم مان توکي ڪونه وساريندس” پر اڄ مون ان کي به وساري ڇڏيو آهي. هن ڳوٺ ۾ منهنجي لاءِ ٻه سال انتظار ڪيو هو. ماءُ پيءُ جون گاريون سٺيون هئائين، ڳوٺ وارن جا طعنا برداشت ڪيا هئائين پر منهنجي لاءِ ڪانگ اڏائيندي رهي هئي. ڪجهه ڏينهن پهرين هوءَ نااميدي جي سمنڊ ۾ لڙهي وئي هئي ۽ سندس پيءُ کيس ويهن هزارن ۾ هڪ ڪراڙي کي وڪڻي ڏيئي ڇڏيو آهي. نوشي اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو منهنجي ڀاڙيائپ منهنجي بزدليءَ جي تاريخ بنجي ويو آهي ۽ اها تاريخ مان چاهيندي به مٽائي نٿو سگهان،
    نوشي تو مون کي پنهنجن ٻانهن جي ولڙين ۾ قيد ڪري چنڊ راهه جو ڏس ڏيئي ڪوڙا خواب منهنجي اکين ۾ اوتيا هئا. تو پنهنجن اکڙين جي آئيني ۾ منهنجي ڌنڌلي تصوير ٺاهي، بيڪ سائيڊ تي ايڊونيچر ۽ نو چانسز جا ٺپا هنيا هئا، تو مون کي پنهنجي چپن جي چسڪين ۾ پٿر بڻائي ڇڏيو آهي. اهو پٿر جيڪو لاوو آهي نوشي ........ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي نوشي صرف ڪجهه ڏينهن جي ڳوٺان ننڍڙي ادي جو فون آيو هو، روئندي روئندي ٻڌايائين ته بابا کي دست ۽ الٽيون ٿي پيون آهن، پئسا نه هئڻ ڪري مان بابا کي سول اسپتال جي لاوارث وارڊ ۾ ڇڏي آيو آهيان، تون پئسا کڻي جلدي پهچ. نوشي اڄ منهنجو پوڙهو پيءُ لاوارث ڪئين ٿيو.........................؟” بابا جو وارث آئون به آهيان، بابا جو وارث ادا منير به آهي ۽ بابا جي وارث منهنجي ڪراڙي ماءُ به آهي. پوءِ به بابا لاوارث وارڊ جي ڀڳل بستري تي ڦٿڪيو هوندو، صرف انهيءَ لاءِ ته پئسا نه هئا ۽ ادا منير جي فون کان ٺيڪ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ تون آئي هئين ۽ اها مهيني جي پهرين تاريخ هئي، تو مون کان پنهنجي معمول مطابق پنج هزار روپيه ورتا هئا ۽ تون اهو هميشه چوندي آئي آهين ته مان هي پئسا سڀ جمع ٿي ڪيان. شادي کان پوءِ اسان هني مون ملهائڻ لاءِ ڪوهه مري ۽ اسلام آباد وينداسين. مون تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو هو نوشي. پنهنجن رت جي رشتن ناتن کي قتل ڪري مان بابا جي پوڙهي پڳ اورانگهي، مان امان جون دعائون چيڀاٽي ۽ نوريءَ جون ڀنل اکيون لتاڙي تو ڏي آيو هئس، پر تو مون کي پنهنجي پيار جي ڪوڙي آڇ ۾ انڌو ڪري لٽيو آهي. تو مون کي بيوقوف بنائي ڦريو آهي ۽ تو مون سان دوکو ڪيو آهي، نوشي تو مون سان دوکو ڪيو آهي.
    “بلال...........بلال تون هي ڇا چئي رهيو مان تو سان ائين ڪڏهن به نٿي ڪري سگهان.توکي غلط فهمي ٿي آهي........................” صفائي لاءِ ڳالهايو هئائين. مون پنهنجي پئنٽ جي کيس ۾ هٿ وڌو هو. ننڍڙي ٽيپ رڪارڊر جي پلي بٽڻ کي دٻائڻ سان گڏ اها تصوير به سامهون ڪئي هيم فهيم سان گڏ پنهنجي تصوير ۽ پنهنجو آواز ٻڌي اندر ۾ ڀري پئي هئي. ڪنڌ ڳاٽي کان ڀڄي پيو هئس. غصو منهنجي رڳ رڳ مان باهه جي شعلي جيان ڀڙڪي اٿيو هو. انتقام جون ريهون منهنجي دماغ جي رڳن تي حاوي ٿي چڪيون هيون، کيس رڙ ڪري چيو هئم “او شهر جي فريبي ڇوڪري! تو مون کي ڦريو آهي، تو مون کي لُٽيو آهي. اڄ مان تنهنجو خون ڪندس...........”
    “خون................؟؟” حيرت مان چپ ڦاٽي ويا هيس ۽ آواز پڙاڏو بنجي ڪمري جي بند ماحول ۾ ڦرڻ لڳو هو. پوئتي هٽڻ چاهيو هئائين،پوئتي هٽندي هٽندي هوءَ اترئين ديوار کي وڃي لڳي هئي. مون ور مان پسٽل ڪڍي ورتو هو،. هوءَ ڪنهن بُزدل نوجوان جيان هٿ مٿي ڪري رڦڻ لڳي هئي، ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندي به ڳالهائي نه سگهي هئي. سوچيو هئم پهرين گولي سندس ساڄي اک ۽ ٻي گولي سندس کاٻي اک ۾ هڻندس، جن مون کي پنهنجي ڌنڌلي تصوير ڏيکاري ڪوڙي عشق جو جام پياريو هو. ٽين گولي سندس دل ۾هڻندس، اها دل جيڪا فريب جو پردو اوڍي ٻين رستن تي هلي هئي. جنهن منهنجي پيار ۽ سڃائپ کي مذاق سمجهيو هو. سوچيو هئم چوٿين گولي سندس دماغ ۾ هڻندس. جنهن مون سان فريب جو سوچيو هو. جنهن فهيم لاءِ سوچيو هو . سوچيو هئم پنجين ۽ ڇهين گولي هن جي ٻنهي هٿن ۾ هڻندس، جن پنهنجن ترين تي منهنجو نالو پاڻيءَ جي ليڪن سان لکيو هو. جن مون ڏي فون جا ناجائز نمبر ڊائل ڪيا هئا. جن مون ڏي گفٽ آندا هئا پر انهن گفٽن ۾ طنز هيو ٽوڪون هيون ۽ برباديءَ جو بارود هو. سوچيو هئم ستين ۽ اٺين گولي هن جي ٻنهي پيرن ۾ هڻندس، جن مون ڏي فريب جو خيال تاڻي ناجائز ۽ اجايا پنڌ ڪيا هئا. جيڪي زندگي ۽ محبت جو پيغام فهيم ڏي کڻي ويا هئا ۽ سوچيم هئم آخر ۾ هڪ گولي پنهنجي دل کي به هڻي ڇڏيندس، جنهن مون کي بيوقوفي جي ڀونحال تي چاڙهي ڌڪو ڏيئي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هو، سوچي پسٽل جو منهن ساڄي اک ڏي ڪيو هئم نوشي اندر مان اٿندڙ معافي ۽ اعترافي جي هزارين خيالن کي اوڳاڇڻ چاهيندي به لاڳيتو ڳيتون ڏيئي واپس اندر ڌوڪڻ لڳي هئي. هٿ ڪنبڻ لڳا هئس، چپ ڦڙڪڻ لڳا هئا، پسٽل جي ٽريگر دٻائڻ لاءِ بدن جي قاتل قوت منهنجي ساڄي اشهد آڱر جي آخري حصي تي گڏ ٿي چڪي هئي. اکيون بند ڪري ٽريگر دٻايو هئم خالي ٽچ ٿي هئي. سندس کاٻي اک ڏي پسٽل کي ڦيري ٽريگر دٻايو هئم، ٻيو ڀيرو به خالي ٽچ ٿي هئي ۽ پوءِ لاڳيتو ٽريگر دٻائيندو ويو هئس ۽ ٽچ ٽچ ٿيندي وئي هئي. چهرو پگهر سان شل ٿي ويو هو، پسٽل کي زور سان فرش تي اڇليو هئم ۽ نوشي فاتحانه ٽهڪ ڏيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي هئي.


      کُليل دروازو

    سگريٽ دکائي هو ڪرسيءَ تي اچي ويٺو، هڪڙي اڌ ڪش هڻڻ کانپوءِ هن ڪرسي تي مٿو ٽيڪي اکيون بند ڪري ڇڏيون. اڌو اڌ ٿيل اندر مان اڌما اٿڻ لڳا هئس، درد ۽ غمن سندس اندر رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو هو، کيس محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ايڏي وڏي دنيا ڇڪجي ڇڪجي سوڙهي ٿي وئي آهي. بنهه هن جي ڪمري جيان ۽ هن جو ڪمرو وڌ ۾ وڌ هم چورس ٽيهن فوٽن جو ٿيندو....
    هيڏي سڄي دنيا جا ماڻهو ڄڻ ته سڀ هڪ ئي ڪمري ۾ هجن، هڪٻئي مٿي سٿا سٿ، هڪ ڊگهو کوڙ، هڪ ڊگهو انبار ۽ هي ان انبار جو پهريون ماڻهو ......ساهه جو گهٽجڻ پوءِ ريهون چيخون ۽ هر چيخ ايڏي خوفناڪ ۽ تيز جا ڪمري جي ديوارن کي لرزائيندي هجي پر ڪنهن به انساني ڪن کي لوڏيندي نه هجي، رتورت ٿيل هن جي هر چيخ دٻجي دٻجي سسڪي سسڪي مرڻ لڳي ٿي. اوچتو سڙيل سگريٽ جو گرم ڦلو هن جي آڱرين تي ڊهي ٿو. کيس هلڪو سيڪو محسوس ٿئي ٿو. هڪدم سگريٽ واري هٿ کي ڇڪي ٿو. ازخود سندس وات مان نڪري ٿو.
    “سنجها.....سنجها ڪٿي هئي.......سنجها هئي هتي......سنجها هوندي اتي آسپاس.....نه سنجها ڪونه هوندي.........” ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو، پڪ ڪرڻ لاءِ کليل دروازي تائين اچي ٿو، ٻنهي پاسي دروازي جي نهاري ٿو، سامهون نهاري ٿو پر ٻاهر ڇا هو؟ ڪجهه به نه......ٺاپر هئي خالي هوا جا گهوگهٽ هئا. ڪوبه وجود ڪو به آواز ڪونه هو.....ڪو به پير ڪو به نشان ڪو نه هو.......ٿڌو شوڪارو ڀري واپس موٽي ٿو اچي ڪمري اندر.......اوچتو سنجها جي خط جو لفظ لفظ سندس ذهن ۾ واسو ڪندو ٿو وڃي.......شام جو ئي ته سنجها جو خط مليو هئس........سنجها لکيو هئس.....
    “نه ڄاڻ ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن جو ملي ڪونه سگهيا آهيون پر ملون به ڪيئن......! مون تي بند ڪوٽ ۾ پهرا ۽ تنهنجي پيرن ۾ موت جي ڌمڪين جو زنجيرون، ڄاڻان ٿي ته توکان سونهن جيان سنجها کسڻ لاءِ معاشري هڪ نئين سازش کي جنم ڏنو آهي پر مان سنجها کان بيتاب کسڻ قطعي نه ڏيندس. تون حوصلو رکجان مان اڄ رات اينديس توسان ملڻ...... ضرور اينديس ، تون دروازو کليل رکجان......ها دروازو کليل رکجان.........” اوچتو سنجها جو اهو جملو سندس ذهن ۾ چڀي ٿو پوي، ڇرڪي دروازي ڏانهن نهاري ٿو ، دروازو کليل هو سوچي ٿو.
    “هو ايندي ضرور ايندي، دروازو کليل آهي” هو ڪرسي تي اچي ويهي ٿو. سامهون رائٽنگ ٽيبل تي ڪتاب هڪٻئي مٿان سٿيا پيا آهن. ڪلپ بورڊ ۾ ڦاٿل سفيد پنا......خالي بال پئنون ...مختلف رسالن جا الڳ الڳ فائل.....جنهن ۾ پيل هر رسالي ۽ هر ڊائجسٽ ۾ سندس ڇپيل ڪا نه ڪا ڪهاڻي، سگريٽن جي ڦلهيار ۽ ٽوٽن سان ڀريل ايش ٽري ۽ ڪجهه ٻيو سامان، ٽيبل جي هڪ ڪنڊ تي رکيل سندس ئي مجموعي جون ڪجهه ڪاپيون، هو انهن ڪاپين مان هڪ ڪاپي کڻي ٿو، رنگ برنگي ٽائيٽل تي نظر وجهي ٿو. ٽائيٽل وشال سمنڊ جي ڳجندڙ ڇولين مٿان پريان ڏور ڳاڙهو سج لهي ٿو پيو، آڪاش ڏانهن پکين جو وڳر اڏامندو ٿو وڃي ۽ آلي ساحل تي ڪو ڪارو پاڇو گوڏن ۾ منهن وجهيو ويٺل آهي، ڄڻ ته پنهنجي مقدر تي روئيندو هجي. ان ڪاري پاڇي جي هيٺ ٿورو هيٺ لکيل آهي.
    “بيتاب” کيس لڳي ٿو هي ئي اهو پاڇو آهي، واحد ۽ اڪيلو سو به ڪارو پاڇو، جنهن جي نه شڪل نه سونهن آهي، جيڪو نه ته سڃاتو ويو آهي نه ته سڃاڻي سگهجي ٿو. هڪ سج، هڪ هو، هڪ آسمان ۽ هڪ سمنڊ جنهن جون بکيون ڇوليون ڄڻ ته ان واحد ڪاري پاڇي جي درد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رنڀنديون ۽ رڙنديون هجن پر ڪنارو ڄڻ ته.......ڄڻ ته...کين گهوگها ڏيندو هجي ۽ سندن هر رڙ کي چٿيندو هجي، کيس لڳي ٿو هي اهو ڪارو پاڇو آهي، جنهن جو ڪنارو به ڪونهي، جنهن جو ڪير به ڪونهي.
    لمحي لاءِ هو ٽائيٽل تان نظرن هٽائي ٿو. هڪ گرم ۽ گهرو ساهه اندر مان ڇڪي ٻاهر اڇلي ٿو ۽ ٻيهر ڪتاب تي نظرون آڻي ٽائيٽل اٿلائي ٿو، پهرين پني اٿلائڻ کانپوءِ سندس نظر “ارپنا” تي پوي ٿي. ارپنا سونهن جي نالي ٿيل هئي. سونهن جو نالو پڙهي هڪدم اندر ڀرجي آيو هئس.
    “سونهن....سونهن....منهنجي مٺي سونهن......منهنجي زندگي........منهنجي محبت.........منهنجي ڪل ڪائنات........منهنجي سونهن.....نانءُ تي هن جو نظرون اٽڪي ٿيون پون. هو سونهن جي نانءُ تي آڱريون ڦيرڻ ٿو لڳي. کيس لڳي ٿو سونهن جو حقيقي وجود هن جي سامهون آهي ۽ آڱريون ڦيريندو ٿو رهي.....سونهن جي ڳلن تي آڱريون......سونهن جي اکين تي آڱريون ۽ پوءِ سونهن جي چپن تي آڱريون ۽ پوءِ هوريان هوريان هٿ سونهن جي زلفن ڏانهن هليو ٿو وڃي ۽ هي اوچتو جهڪي پوي ٿو. ڄڻ ته سونهن جي چپن کي چمندو هجي پر سونهن جا چپ ڪٿي هئا. هڪ ڪتاب، هڪ ڪاغذ جي ڳٺڙي جنهن ۾ صرف هڪڙو ڀيرو لکيل “سونهن” منهن ۾ ڪتاب ٿو لڳيس. هڪدم منهن مٿي ڪري ڪتاب ۾ ٿو نهاري .
    “سونهن ڪٿي هئي.....سونهن هئي هتي......سونهن هوندي اِتي آسپاس” سونهن کي ڳولڻ ٿو لڳي....... هيڏي هوڏي.....ڪتاب ۾، ارپنا واري پني تي پر سونهن ڪٿي هئي.....سونهن جو ته فقط نانءُ لکيل هو. وجود ته ڪڏهوڪو مٽي جو ڍير بڻجي ويو هو. اکين مان لڙڪن جي لار ڪري ٿي پويس. سڏڪندڙ چپن سان ٿڙڪندڙ نانءُ “سونهن” چئي خاموش ٿي وڃي ٿو....ائين جيئن سندس ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ جا ڪانٽا هڪ سال کان ٺپ ٿي ويا آهن.....ڪجهه لمحن بعد هو وري ڪتاب جو ٻيو پنو اٿلائي ٿو. سندس نظر ڪتاب جي مهاڳ تي پوي ٿي جيڪو ڪنهن وڏي ليکڪ سندس فن ڏانو. سندس ذاتي شخصيت ۽ سندس مختلف ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تعريف ڪندي لکيو هو. مهاڳ جو لفظ لفظ ڄڻ ته سندس دل ۾ ٿري ناٿ ٿري جي ٻرندڙ گولين جيان زوزاٽ ڪندو لهندو ٿو وڃي.
    “بڪواس .......سڀ بڪواس ڪوڙ سراسر ڪوڙ.....هن بڪواس ڪئي آهي. ڪيڏو ڪوڙ......ها ها مان ڪٿي آهيان وڏو ليکڪ......منهنجي شخصيت.......؟ مون وٽ فن...... مون وٽ ڪوئي ڏانوَ ڪونهي..... هي سڀ بڪواس آهي. هي سڀ ڪوڙ اهي، جيڪڏهن .... جيڪڏهن مون وٽ فن هجي ها ته مان سونهن کي مرڻ نه ڏيان ها. ها مان سونهن کي بچائي وٺان ها........” اها سونهن جيڪا هن جي زال هئي پر زال کان وڌيڪ هن جي سٺي دوست هئي. هن جي زندگي هن جو پيار هئي. هن جي آڻپوري خواهش هن جو اڻپورو خواب هئي، جنهن کي بلڊ ڪينسر هو ۽ هي چاهيندي به کيس بچائي نه سگهيو هو.
    اڙي..... مون ته ان گونگي عورت تي به لکيو هو جنهن سان ڪو به جوان مرد شادي نه ڪرڻ چاهيندو هو. مجبورن سندس مائٽن سٺ سال جي هڪ پوڙهي کي پرڻائي ڏني هئي ۽ شادي جي ٻي رات ان گونگي عورت گهر ۾ جيت مار دوا پي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو هو....مون ته رئيس جي ان وڏي ڌيءَ جي سگريٽ جي ڦليءَ جيان ڇڻندڙ وهي تي به لکيو هو. جنهن جي حصي جي ملڪيت جي ورهاست واري خوف سبب سندس پيءُ سندس شادي خاندان کان ٻاهر نه ڪرڻ چاهيندو هو ۽ ان جي خاندان ۾ ڪو اهڙو ڇوڪرو هو ئي ڪونه ۽ ائين سندس گلاب جي ڳاڙهن گلن جهڙو جوڀن خزان جي زرد پتن جيان هوريان هوريان ڇڻي ويو.....
    اڙي.....اڙي مون ته ڏٻرين اکين واري پوڙهي ماءُ جي ان واحد سهاري تي به لکيو هو، جنهن کي پوليس وڏيري جي چرچ تي ڌاڙيل قرار ڏئي مارائي ڇڏيو هو....... مون ته معاشري جي هر ڪردار تي لکيو هو. اهو معاشرو.....ها اهو معاشرو جيڪو منهنجي سونهن کي بچائي نه سگهيو ......منهنجي مٺي سونهن کي.....ان ئي معاشري جي فرد دوست رجب وٽ به ويو هئس، جيڪو سڀ کان وڌيڪ منهنجي تخليقن جا گڻ ڳائيندو هو. کيس هٿ ٻڌي چيو هئم “پليز ........پليز رجب منهنجي مدد ڪر، مان سونهن جو مرڻ نه ٿو ڏسڻ چاهيان ....مان سونهن کي بچائڻ چاهيان ٿو....... وراڻيو هئائين.
    “ٻي جيڪا به مدد چئين حاضر آهيان پر پئسو ڪونه اٿم...... دوست نواز به اهو ئي جواب ڏنم هئم.....اڙي حيف هجي انهيءَ دوستي کي..... ڀلا ٻي مدد سان....اڙي معاشرا......اڙي جسم جي ناسور ڦٽن جهڙا معاشرا توکي....... هر اداري جي پيرن تي مٿو رکيو هئم. هر ڊاڪٽر کي منٿون ايلاز ڪيون هئم پر ڪنهن به منهنجي ڪونه ٻڌي ۽ سونهن.......۽ سونهن اکيون بند ڪري.....“هڪ لمحي لاءِ ٻيهر ان سموري عذاب مان گذري ٿو وڃي، جڏهن سونهن سسڪي سسڪي هن جي هٿن ۾ دم ڏئي وئي هئي ۽ هي چاهيندي به کيس بچائي نه سگهيو هو....
    هڪ ڊگهو ساهه ڀري ٿو ۽ اکيون ڇت جي ان پراڻي پنکي تي وجهي ٿو، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڏسندي کيس خيال ايندو هو ته هو ان ئي پنکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ٽنگي ڦاهي ڏئي ڇڏي..... پر هن ويل سندس ذهن ۾ ڪالهوڪي ڳالهه ڦرڻ لڳي هئس.....ماهوار رسالي جي ايڊيٽر وٽ ويو هو....... کيس چيوهئائين.
    “سائين شرٽ هاڻ گسي صفا اٽو ٿي وئي آ، مان هاڻ هن کي وڌيڪ نه ٿو پائي سگهان، ٻيو ته بوٽ جا ترا به صفا ٽٽي ٽڪر ٽڪر ٿي ويا آهن، موچي ته هاڻ ڳنڍڻ مهل به شرمندو ٿا ڪن چون ٿا صاحب! جيڪڏهن ڪا چانس ملي وڃئي ته بوٽ جا نوان ترا ضرور لڳرائجو....” ايڊيٽر کليو هو. ٻيهر چيو هئائين “سائين گذريل ٻن شمارن ۾ ڇپيل منهنجن ٻن ڪهاڻين جو معاوضو ڏيو ته نئين شرٽ ۽ نئون بوٽ وٺان .....” ايڊيٽر ٽهڪ ڏئي وراڻيو هئس
    “اڙي يار بيتاب معاوضو..... هان معاوضو توکي ته خبر ئي آهي ته ادارو گذريل اٺن مهينن کان خساري ۾ آهي. اسان في الحال هر ليکڪ کي معاوضو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. بس هاڻ ئي ڪجهه ڪمپينن اشتهار ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪجهه اشتهار مليا ته تو کي معاوضو......” ايڊيٽر مرڪي ساڄي اک کي مٿي ڇڪيندو ڳالهه کي معاوضي واري لفظ تي منجهائي کٽائي ڇڏيو هو. بيتاب جي اندران غصو ور وڪڙ کائي ٻاهر نڪتو هو.
    “سائين اسان اشتهارن سان ٻڌل ناهيون، ڪهاڻيون شايع ڪيون اٿؤ ته اسان کي معاوضو ڏيو..... ” بيتاب جي اها ئي گرمي ايڊيٽر برداشت نه ڪري سگهيو هو. ٻئي بحث ۾ پئجي ويا هئا ۽ اهو بحث جيڪو بعد ۾ منهن ماري ۾ بدلجي ويو هو. اوچتو مٿان ليکڪ سرفراز ساگر اچي پهتو هو. جنهن هنن ٻنهي کي ماٺ ڪرائي هئي پر بيتاب ان ئي ويل ايڊيٽر کي هميشه لاءِ خيرآباد چئي هليو آيو هو.
    هو وري سوچي ٿو....“هي ڪهاڻيون هي تخليقون جيڪي مون پنهنجي روح جو چين نپوڙي تخليق ڪيون آهن، اهي سڀ بڪواس آهن، سڀ بڪواس آهن پر هڪ نانءُ ضرور ڏينديون آهن، حيثيت ڀلي ئي نه....... ها پر اهو نانءُ ڪهڙي ڪم جو، جيڪو پنهنجي محبت کي بچائي نه ٿو سگهي. ها اها تخليق ڪهڙي ڪم جي جا پيٽ نه ٿي ڀري سگهي. جا ٽٽل بوٽن جا ترا به ٿي وجهرائي سگهي.
    جا گٺل شرٽ نه ٿي بدلائي سگهي ...نانءُ.....نانءُ ته هڪ رنڊي به ڪمائيندي آهي. جيڪا هر رات هر نئين بستري تي چند پئسن عيوض ڪنهن نئين مرد جي هٿان پنهنجي عزت ليڙون ليڙون ڪرائيندي آهي..... اڙي نانءُ ته اهو ڌاڙيل به ڪمائيندو آهي، جيڪو نه ڄاڻ روز ڪيترين خواهشن ڪيترن خوابن ۽ ڪيترن سهارن جو قتل ڪندو آهي. اڙي نانءُ ته اهو سياستدان به ڪمائيندو آهي، جيڪو پوري ملڪ جي عوام کي بيوقوف بڻائي قومي خزاني کي لٽيندو آهي. .....پر ......هو پيٽ ته ڀري سگهندا آهن ۽ پئسو ايترو جو هر خواب خريد ڪري سگهبو آهي ۽ هي معاشرو انهن کي سائين سائين...وڏا......وڏيرا...رئيس ۽ هڪڙو ليکڪ جو سچ لکي ٿو، جيڪو هر ويڌن تي پنهنجو مٿو پاڻ سان ٽڪرائي ٿو، سو ان جو اندر ايڏو بکيو. غير محفوظ ۽ بي سهارا ڇو......؟ آخر ڇو.........؟ ! هي سڀ بڪواس آهي.........ها.....ها هي سڀ بڪواس آهي. مون معاشري کي ڇا ڇا ڏنو؟ ۽ معاشري مون کي ڇا ڏنو؟ ها ڇا ڏنو!؟ بکيون تخليقون هڪ بي حيثيت نانءُ ۽ اهو نانءُ جيڪو منهنجو بکيو پيٽ ڪونه ڀري سگهيو......جيڪو منهنجي محبت کي زنده ڪونه رکي سگهيو.........ها...ها هي ڪهاڻيون هي تخليقون ۽ هي نانءُ بڪواس آهي، سڀ بڪواس آهي.......هو جنون ۾ اچي ڪتاب کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري هيٺ اڇلي ڇڏي ٿو....اوچتو سنجها جا لفظ سندس ذهن ۾ ماڪوڙن جيان چهٽي پون ٿا.
    “دروازو کُليل رکجان مان ايندس ضرور ايندس” هو ڀڙڪو کائي ڪرسي تان اٿي ٿو ۽ دروازي تائين هلي اچي ٿو. ڪجهه لمحن لاءِ دروازي جي چائنٺ کي جهلي بيهي ٿو ۽ سامهون نهاري ٿو.....نهاريندي نهاريندي پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿو.....“سنجها......چري ڇوڪري...دروازو کليل رکجان، مان ايندس ........صفا چري ڇوڪري.............”
    هڪ ڊگهو ساهه کڻي ڪمري ڏانهن واپس موٽي ٿو...........موٽندي ئي سنجها جي وڏي ڀاءُ رئيس انور جي اها ڌمڪي سندس ذهن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳي ٿي ته “آئنده جيڪڏهن هن ٻنهي کي ڪٿي ملندي ڏٺو ته ٻنهي کي قتل ڪندو......”
    “او............” ڇرڪ نڪري ٿو وڃيس.
    ڪٿي............ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنجها به مون کان سونهن جيان...............نه........نه..هوءَ ايندي ئي ڪونه............ڪو نه ايندي.........پر جي آئي ته.............ته.............نه هن کي اڄ رات ڪو نه اچڻ گهربو هو......” هو هلي وري ڪرسيءَ تي اچي ويهي ٿو .
    سوچڻ لڳي ٿو معاشرو......آخر معاشرو ڇا آهي..........ڇا آهي معاشرو........” ڇا ڏنو آ معاشري ۽ هاڻ ته مون کان منهنجي سنجها به کسڻ ٿو چاهي......پر مان ته سنجها نه ڏيندس...........مون سونهن ڏني هئي.......ها پر مان سنجها نه ڏيندس. هو وري کليل دروازي ڏانهن نهاري ٿو ۽ پوءِ يڪ ٽڪ نهاريندو ئي رهي ٿو. ڪنهن لمحي اوچتو هن جي ڪمري کان ٿورو ڏور هڪ بندوق جو فائر رات جي سانت کي چيريندو هن جي ڪنن ۾ لهي وڃي ٿو...........هو ڌڏي وڃي ٿو، کيس لڳي ٿو ڪجهه ٿي ويو آهي....ڪجهه نه پر گهڻو ڪجهه........ ڌرتي ڦاٽي وئي آهي......رات جي پرسڪون سناٽي ۾ خنجر ٽنبيو ويو آهي ۽ روشني کي گل ڪيو ويو آهي......سنجها ڪٿي سنجها......؟ نه ائين نه ٿو ٿي سگهي ...سنجها.....سنجها ” هو ڀڙڪو کائي ڪرسي تان اٿي ٿو ٿڙندو......ٿاٻڙندو...
    “گولي منهنجي سيني ۾ لڳي آهي...هي ٿڙان ٿاٻڙان ڇو پيو.....ڪٿي منهنجون ٽنگون ...ڄڻ ته ڌرتي ڌٻي رهي آهي.............هو ٿڙي ٿڙي ڪمري جي دروازي تائين اچي ٿو. رت ۾ ليٿوڙيل سنجها پنهنجو زخمي وجود گهليندي هن جي پيرن ۾ اچي ڪري ٿي..........“سنجها”
    “بيتاب.........” بيتاب جي واتان نڪتل رڙ کانپوءِ سنجها جا سڪل چپ چريا هئا..............“بيتاب سنجها کي ڀاڪر ۾ ڀري ڪمري اندر گهلي اچي ٿو....مون کي بچائي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو. هڪ ننڍڙي صندوق..هڪ ٽيبل هڪ ڪرسي هڪ رديءَ جي ٽوڪري هڪ جهولڻ جهڙي کٽ ....ٽٽل دري ڀڳل دروازو ۽ پوءِ ڪمري جي ڇت ڏانهن نهاريندي سنجهاکي چئي ٿو .
    “ نه سنجها نه، مان توکي پناهه ڏئي سگهان ٿو، نه تون مون کي پناهه ڏئي سگهين ٿي. هڪ وڏو هڪ وسيع معاشرو........جنهن جا مرڪندڙ جنهن جا آزاد اربين کربين وجود فقط هڪ وجود کي پناهه ڪونه ڏئي سگهي..........اتي ان ئي معاشري جو هڪ ننڍڙو گهر پاڻ کي پناهه ڪٿي ٿو ڏئي سگهي..........ڪٿي ٿو.....پر پوءِ به سنجها کي ڇڏي کليل دروازي کي بند ڪرڻ لاءِ هو ڀڙڪو کائي اٿي ٿو پر تيسين ٻي فائر جا ٻرندڙ ڇيرا سندس سيني ۾ لهي وڃن ٿا ۽ کليل دروازي جيان سنجها جون ۽ سندس اکيون هميشه هميشه لاءِ کليل ئي رهجي ويون.


    ڪارو ڏينھن

    تن ڏينهن ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. مُلڪ ۾ هر جڳهه تي جيالن جا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هئا، ڪاري قانون جي ڪاري ڪوٽ کي ڪيرائڻ لاءِ ماڻهن جا جٿا سر تي ڪفن ٻڌي روڊن تي نڪتا هئا. روڊ ماڻهن سان سٿيا پيا هئا تڏهن انهن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ قانون جي لٺ کي ٻه مٿا ٿي پيا هئا. رات جي اونڌاهي ۾ روز جيالن جي گهرن تي چڙهايون، ڇاپا، ٻڌ ٻڌان جسمن تي ڦٽڪا، ڪوڙا ۽ لانگ بوٽن جا ٿڏا، پوءِ جيلن جون جيلون ڀرجي ويون پر احتجاج ۽ انقلاب لاءِ اٿيل آواز ۾ ذري به لرزش پيدا ڪانه ٿي. تحريڪ جيئن پوءِ تيئن زور وٺندي پئي وئي، هاڻي ته جهرجهنگ ۾ به باهه ٻري چُڪي هئي، هر وڻ تي جهنڊا ڳاڙهي ڪاري ۽ سائي رنگ جا ٿي ڦڙڪيا ته گهرن ۾ سرمد جا گيت ٿي گونجيا...........انهن ڏينهن ۾ جمن رمضان ۽ خيرل کي اڃان سياسي انقلاب جي هوا ڪانه لڳي هئي. هُنن اڃان پنهنجي ٻني ۾ سياسي انقلاب جي گلن بدران پنهنجي پيٽ جي بُک اُجهائڻ لاءِ ڪڻڪ جا داڻا ٿي ڇٽيا ۽ شهر کان گهڻو ڏور پنهنجي نمن واري ڳوٺ ۾ پنهنجي سادي زندگي جا مزا پئي ورتا پر اُن اڀاڳي ڏينهن الاءِ ته ڪهڙي قهر جو بادل هنن جي گهر جي مٿان اچي بيٺو دروازي تي زور زور سان ٺُڪ ٺُڪ ٿي، اها ٺُڪ ٺُڪ اڄ تمام گهڻو مختلف هئي. اڳي پاڙي ۾ جيڪو به سندن گهٽي ۾ ايندو هو هلڪي ٺُڪ ٺُڪ سان گڏ آواز ڏئي سڏيندو هو.
    پر اڄ آواز غائب هو ۽ ٺُڪ ٺُڪ ڏاڍي اوپري لڳي رهي هئي، چُلهه جي ڀر ۾ لاٿل چانهه جي ديڳڙي جي ڀر ۾ ويٺل خاتون جُمن جي چانهه ڪوپ ۾ ڀرڻ کان اڳ جمن ڏانهن ڏٺو، جمن دروازي ڏانهن ڏسي کٽ تان اُٿڻ جي ڪئي ته ٻيهر زور زور سان ٺُڪ ٺُڪ ٿي ۽ دروازي کي لتن لڳڻ جو آواز به آيو. جمن تڪڙي وڃِي دروازو کوليو ته هڪ رائيفل جو نال هن جي ڇاتي تي اچي بيٺو ٻه سپاهي تڪڙا اندر گهڙي آيا، باقي ٻيا اٺ ڏهه ڄڻا هٿيارن سان ليس ڪوٽ جي چئوگرد گهيرو ڪري بيهي رهيا. جمن جو ساهه اندر جو اندر ۽ ٻاهر جو ٻاهر رهجي ويو. خاتون کان ڇرڪ نڪري ويو “هاءِ گهوڙا” .
    ايتري ۾ هڪ پوليس واري جمن کي ٽنگ ۾ ٿڏو هڻندي چيو “ٻڌائي ڪامريڊ ماڻهو ڪٿي لڪايا اٿئي.............؟
    “ماڻهو.........ٰ پر ڪهڙا ماڻهو............؟؟ جمن خوف ۽ حيرت مان ڳالهايو. ٻي پوليس واري کيس ڇاتي ۾ رائيفل جو ڪنڌاق زور سان هڻي ڪڍندي چيو “ماڻهن کي گهرن ۾ پناهه ٿو ڏين ۽ وري اسان کان ٿو پُڇين ڪهڙا ماڻهو..........؟؟ اڙي اُهي ماڻهو جيڪي نبي سر روڊ تان جلوس مان ڀڄي هيڏانهن آيا آهن. جلدي ڪر گهر مان ماڻهو ٻاهر ڪڍ نه ته سموريون گوليون تنهنجي سيني ۾ لاهي ڇڏينداسين” جُمن کي ڇاتي ۾ ڪنڌاق واري ڌڪ صفا ٻوڙي وڌو هو، هُو ڪجهه ڳالهائي ان کان اڳ خاتون ڊوڙي هنن وٽ آئي ۽ پنهنجي رئي جو پلاند وجهندي چيائين “ادا مون نياڻي جو هي پلاند اٿؤ.............جمن کي ڇڏيو اسان جي گهر ۾ ڪوبه ماڻهو ڪونهي...............” خاتون هنن جي اڳيان پلاند ڇا جهليو هو ڄڻ ته هنن کي ماءُ تي گار ڏئي ڪڍي هئي. هڪڙي پوليس واري اکيون ڦڙڪائيندي خاتون جي جهليل پلاند کي جهلي ڌڪو جو ڏنو ته خاتون ٿڙي ٿاٻڙي ڀر ۾ پيل ٽٽل کٽ جي پائي کي وڃي لڳي ۽ هن جي نرڙ مان رت نڪري آيو ۽ خاتون کي ٻوڏار اچي ويا. جمن خاتون جي نرڙ تي رت ڇا ڏٺو، بس هن جي جسم جي وار وار جي پاڙ غيرت مان ٻرڻ لڳي هئي، اکين مان ٽانڊا لهي آيا هئا. هاڻي هن جو خوف غيرت ۾ تبديل ٿي چڪو هو. هن پنهنجي ڇاتي تي رکيل پوليس واري جي رائفيل جو نال زور سان هٽائيندي، اُن جي گلي ۾ وڃي هٿ وڌا................“اڙي ڪميڻا.....بي شرم.....اوهان کي اسان جي عزتن جو به حيا ڪونهي ڪو...........”
    جُمن پوليس واري جي گلي مان جهلي ڏاڍو ڌنڌوڙيو هو. ڀر ۾ بيٺل ٻي پوليس واري هن تي ڪنڌاقن جو وسڪارو لاهي ڏنو هو، ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا پوليس وارا به اندر ڪُتن جيان ڊوڙي آيا. سڀني ڄڻن گڏجي جُمن کي لتن مُڪن ۽ ڪنڌاقن سان ڪُٽيو، جمن رڙيون ڪيون “اڙي رمضان اڙي خيرل.......وارو ڪريو، آئون ڪُتن هٿان مارجي ويس.” گهر ۾ سُتل بُخاريل رمضان پيءُ جمن جي رڙين تي کٽ تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ ٻاهر آيو، ٻاهر پيءُ کي پوليس وارن جي هٿان ڪٽجندي هيٺ ڏسي هن رڙ ڪئي ۽ هن جا هٿ پوليس واري جي وردي ۾ پون، اُن کان اڳ هڪ فائر ٿيو ۽ گولي جمن جي ڪلهي ۾ لهي وئي. جُمن رڙ ڪري اُڀ ڏانهن ڏٺو “هاءِ الله مارجي ويس.” جمن جي ان دانهن خيرل کي به جاڳائي وڌو، جيڪو پنهنجي گهر ۾ گهري ننڊ ۾ سُتل هو، خيرل ڊوڙي ٻاهر آيو ڀاءُ جمن کي رت ۾ لت پت ڏٺائين. هن جو هانوَ اڌواڌ ٿي پيو. هن ڀاءُ جمن کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻڻ چاهيو پر پوليس واري جي هڪ اهڙي لت لڳس جو پٽ تي وڃي ڦهڪو ڪيائين. رمضان نوجوان هو هن کي مُڇن جي سانول اڃان هاڻي آئي هئي، تنهنڪري هن جو جوان رت غيرت مان ٽهڪي اُٿيو، هن جي اکين مان باهه جا شعلا ٻري ٻاهر نڪرڻ لڳا...... گهر ۾ ڪوبه هٿيار رکيل نه هو. تنهنڪري هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ورانڊي جي ڪُنڊ ۾ پيل هڪ کاهو هن کي نظر آيو. هن ڊوڙ ڪئي جيستائين موٽي تيستائين هڪ ٻيو فائر ٿيو، جنهن ڀر ۾ ڪکن جي ٺهيل منهي ۾ سُتل پوڙهي ڏاڏي خدابخش جي هڏن مان چيچاٽ ڪڍائي ڇڏيا......پوڙهي رڙ ڪئي “اباڙي” ۽ پوءِ ٽيون فائر ٿيو، جيڪو ديوي جي هيٺ ٻڌل هڪ ڀلوڙ مينهن جي جسم مان آرپار ٿي ويو........مينهن رنڀ ڪئي ۽ ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪري زمين ڌُڏي.......هاڻي ته گهر ۾ ريهون ۽ ڪيهون هُيون. خاتون جُمن کي اچي چهٽي جيڪو گهڻي رت وهڻ سبب هاڻي بيهوش ٿي چڪو هو.........خيرل کي لڳو سندس ڀاءُ جمن مري چڪو آهي. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڏنڊو هٿ ۾ کنيو ايتري ۾ پريان کان رمضان کاهو کڻي وريو ۽ هڪ پوليس واري کي مٿي ۾ هڻي ڊاهي وڌائين. خيرل به گهٽ ڪانه ڪئي، هڪ پاسي کاهو ۽ ڏنڊو ۽ ٻي پاسي رائيفلن جا کُليل منهن................ پوءِ ته گولين جي بوڇاڙ شروع ٿي وئي، من ڏاريندڙ آواز بارود جي بدبوءُ........
    ڪيئي گوليون رمضان جي ڪچڙي وجود مان آرپار ٿينديون گهر جي ڪچي ديوار ۾ گم ٿينديون ويون. ڪچو اڱڻ رت جو تلاءُ ٿيندو ويو. ماءُ خاتون جي منهن تي سندس رت جا ڇنڊا ڪرندا ويا پر هن کي ڪا ڪل ئي نه پئي ته سندس جسم ٻرندڙ گولين سان پروڻ ٿي چڪو آهي. هو وڙهندو رهيو کاهي تي کاهو هڻندو رهيو ائين ڄڻ ته سندس ٻني مان ڪرڙ ڪانڊيرن ۽ ڪنڊين جا لاهه ڪڍندو هُجي. ڪجهه ئي دير ۾ هن ۽ خيرل ڪيترائي پوليس وارا ڦٽي ۽ ڊاهي وڌا ڏنڊي ۽ کاهي اڳيان هو هٿيارن سوڌا هيڻا ٿي ۽ پنهنجا زخمي ساٿي کڻي وٺي ڀڳا. رمضان هنن جي پويان لڳڻ جي ڪوشش ڪئي پر هاڻ سندس جسم ٿڌو ٿيڻ لڳو هو. هن جا پير ٿڙڻ لڳا هئا. پيٽ ۽ هينئي ۾ لڳل گولين کان پوءِ رت هاڻ سندس وات ۽ نڪ مان اچڻ لڳو................هن رت جي گُرڙي پٽ تي ٿُڪي ۽ کاهي کي اُڇلايو....................شديد سور جي سٽ هن کي پيٽ تي هٿ رکرائي ڇڏيا. هُو ٿڙيو، ٿاٻڙيو پوءِ به هليو ۽ اچي اندر رلي وڇايل کٽ تي ڪريو، هن جي اکين اڳيان هاڻي اونڌهه ڇائجڻ لڳي. ٻاهر پٽ تي ڪريل ۽ رت ۾ ٻُڏل جُمن کي خيرل پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر خيرل جي ٻانهن ۾ به هاڻي ست ڪٿي رهي هئي. سندس هڏ هنڌان هنڌان ٽٽي چُڪا هئا. خاتون مٿي اگهاڙي ٿي منهن مٿو پٽيندي چرين جيان رڙيون ڪندي هيڏانهن هوڏانهن ٿي ڀڳي پر ڪير هو جو سندس رڙيون ٻُڌي ۽ ڳوٺ کي ڄڻ ته ماٺ جو ڪڙو لڳي ويو هو ڄڻ ته ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جو زبانون خوف پنهنجي ترار سان ڪپي ڇڏيون هيون، ڪنهن به هنن جي دانهن ۽ ٻارن جي ڪيڪاٽن کي ڪونه ٻڌو.......خاتون ۽ خيرل بيوس هئا، چرين جيان ڊوڙيا ۽ رُنا ٿي، اوچتو خاتون کي ياد آيو رمضان ڪيڏانهن ويو...............؟ رمضان جيڪو هن جو ڪونڌر ۽ جوان پُٽ هو. جنهن لاءِ هن نوان موڙ ٺهرائي رکيا هئا ۽ سندس شادي لاءِ نوان ڳيچ سکيا هُئا. هن کي ڳولڻ لاءِ خاتون هيڏاهن هوڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پٽ تي رت هاڻن ڳوڙهن پير جا نشان ڏٺا، خاتون ڳاڙهن پيرن تي ڊُڪي ۽ رانڀاٽ ڪندي اندر آئي. اندر رمضان کٽ تي ٻئي هٿ پيٽ ۾ وجهو اونڌو ليٽو پيو هو. کٽ هيٺيان زمين تي ڳاڙهي رت ٽُٻڪ ٽُٻڪ ڪري دُٻو ٺاهي ڇڏيو هو ماءُ خاتون “ابا رمضان” چئي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ منهن پنهنجي طرف ڪيو ته هن کان اُڀ ڏاريندڙ رڙ نڪري ويئي “هاءِ خدا ڦُرجي ويس” رمضان جو منهن ۽ اکيون هاڻي رت مان ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. ساهه جون آخري هڏڪيون هاڻ هن جي نڙي ۾ اچي اٽڪيون هُيون.
    “ابا رمضان............ ابا رمضان تون ٺيڪ ته آهين نه...............” ماءُ خاتون هن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀري وڏي قرب سان مان پُڇي ورتو هو. پر رمضان جي زبان ۾ هاڻي ست ڪٿي رهي هُئي جو ماءُ کي ورندي ڏي. هن رڳو اُجهامندڙ اکين سان ماءُ جي اکين ۾ ڏٺو. جن مان پاڻي نه بلڪ رت جا ڳوڙها ٽمي رهيا هئا، جن ۾ رڙيون هيون دانهون هيون. “آهي ڪو منهنجي رمضان کي اسپتال ڀيڙو ڪري، منهنجي ڪونڌر کي بچائي وٺي” پر هنن لاءِ ڄڻ ته ڪير به نه هيو. شديد سور سبب رمضان جي هيٺين ڌڙ اوچتو بُل کاڌو ۽ نڙي جون رڳون ڇڪجي آيون، اکيون ٻاهر نڪري آيون ۽ پوءِ اکيون اُتي پٿرائجي ويون. هن جو جسم ٿڌو ٿي ويو، ماءُ خاتون هن کي ڀاڪر ۾ ڀري رڙيون ڪيون، اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪيون پر رمضان هاڻي هن جي جهولي ۾ هوندي هن کان جُدا ٿي چڪو هو.....کٽ جي هيٺيان پٽ تي رت جي دٻي ۾ رت اڃان ٽُٻ ٽُٻ ڪري ٽمي رهيو هو ڄڻ ته رمضان شهادت جو جام پيءَ رهيو هو. ٻاهر اڱڻ تي جمن ۽ خيرل ڌار ڦٽيا پيا هئا ۽ هنن کي کڻڻ وارو ڪير به نه هو.................


    گونگي ڪهاڙي

    ڏهين تاريخ جو منو چنڊ کلندڙ مک سان آڪاش جي سيني تي بيٺل آهي، ۽ ان جي هلڪي هلڪي روشنيءَ جا مقدم ڪرڻا سڄي گهر جي ماحول کي خوبصورت بنائي رهيا آهن. ڪچن ٻن گهرن جي آڳر تي ٿوري ٿوري مفاصلي تي پنج کٽون رکيل آهن. اوڀر طرف واري هڪ کٽ تي پوڙهو خيرو ۽ ان جي ڪراڙي زال راڻي ستل آهن، ٻن ٽن وکن جي فاصلي تي ڌيءُ نوري جي کٽ رکيل آهي. جنهن تي نوري سڌي سنئين ستي پئي آهي. اولهه طرف چئن پنجن وکن جي فاصلي تي نوري جي وڏي ڀاءُ لڪو جي کٽ رکيل آهي. جنهن تي هو پنهنجي زال سان گڏ ستل آهي ۽ ان کان پوءِ ان کٽ سان لڳ ئي ٻه ٻيون کٽون رکيل آهن. جنهن تي لڪو جا پنج ٻار اگهاڙن پٺن سان ستل آهن. واهوندي جي هوا جا هلڪا هلڪا جهوٽا سمورين کٽن مٿان گذري هليا وڃن ٿا. پوڙهو خيرو جاڳي رهيو آهي ۽ ستي ستي کٽ تي پن جي ٻيڙي پي رهيو آهي، هن جي ڪراڙي زال راڻي به چنڊ ۾ اکيون اٽڪايو پئي آهي، پوڙهو خيرو پن جي ٻيڙي جو هڪ وڏو ڪش هڻي ٿو. ڪارا دونهان نڪ ۽ وات مان لاٽون ڪري واهوندي جي هلڪن جهوٽن سان ملي وڃن ٿا. هڪ لمحي لاءِ هو کنگهي ٿو ۽ پوءِ نڙي مان روڙ ڏئي هڪ وڏو کانگهارو نوري ۽ هنن جي کٽ جي وچ واري فاصلي تي اڇلائي ٿو. ۽ پوءِ پنهنجي ساڄي ٽنگ کڻي پنهنجي ڪراڙي زال راڻي جي ٽنگن تي رکي ٿو.
    “جاڳين پئي؟ ”
    “ها ” راڻي هن ڏانهن منهن ڪري چئي ٿي.
    “ڌيءَ نوريءَ......؟” ٻيڙي جو ڪش هڻندي سنهڙي آواز ۾ چئي ٿو.
    “الائي....؟” چئي ٿي ۽ پوءِ پنهنجو ڪنڌ آهستي آهستي مٿي ڪري ڌيءَ نوري کي ڏسي ٿي، وري ڪنڌ وهاڻي تي رکندي چئي ٿي “ڀانيان ٿي ننڊ پئي آهي” پر نوريءَ کي ننڊ نه آهي. هن جون اکيون بند ضرور آهن. پر هوءَ اهو ڪجهه ڏسي رهي آهي. جيڪي ڇوڪريون ڦوهه جواني ۾ سياري جي سرد راتين ۾ ٿڌن بسترن تي اڪيلائي ۾ تڙپندي تڙپندي پاسا ورائينديون آهن. هن جا ڪن وائرليس جيان هجن ٿا. ٿوري به ٺڪاءُ، ڌڪ، ڳالهاءُ يا ڀڻڪ کي جهٽي وٺن ٿا.
    “ٻڌ.....” خيرو ٻيڙي جو آخري ڪش هڻي کٽ جي ايس تي ٻيڙي وسائيندي چئي ٿو.
    “هون” راڻي وراڻي ٿي.
    “ڌيءَ لاءِ ڇا سوچيو اٿئي.......؟ خيرو هلڪي کنگهه کنگهندي چئي ٿو.
    “ڇا سوچيو اٿم........جيسين حياتي آ پنهنجي تيسين پئي ٽڪر کائيندي.”
    “نه......پنهنجي منهن تي اها ڳالهه نٿي پئي.”
    “ڇو نٿي پئي......پوءِ اسان زوري ته ڪونه وڃي شمون جي هٿ ۾ ڏئي اينداسين.”
    “ٻڌ.........”
    “هون”
    “اڄ ٻني تي مون کي رئيس علي مراد مليو هو چيائين ته مون شالي واري ڇوري شمون کي ٿُڪ بُجو ڪيو آهي، چئي ٿو ته هاڻ مان نوري کي ويهاريندس.”
    “اهو رئيس زور ڀريو هوندس، تڏهن اها ڳالهه ڪئي هوندائين.”
    “نه.......هو هاڻ ڦڪو ٿيو آهي تڏهن ها ڪئي اٿس.”
    “پوءِ”
    “نوري کان پڇيو اٿئي؟”
    “نه مون کي اڳ انهي ڳالهه جي خبر نه هئي”
    “پوءِ صبح جو پُڇجانس.”
    “ها.......پُڇنديس”
    “ پر.............جي نوري وئي ته پوءِ هي ٻئي هڪ ئي گهر ۾ ته نه رهنديون؟”
    “ پاڻهي ڪو نئون گهر ٺهرائي ڏيندس” راڻي ٽنگ ڏوڙي ڪري ٽنگ تي کنهندي چئي ٿي.
    “پر جيسين گهر ٺهرائي ڏي تيسين ته نوري اسان وٽ رهندي.”
    “چڱو هاڻ مان ننڊ ٿو ڪيان، صبح جو نوري کي اها ڳالهه سڻائجئين.”
    “ ٺيڪ آهي ” راڻي وراڻي ٿي ۽ هن جو مڙس خيرو هلڪي کنگهه کنگهندي راڻي جي ٽنگن تان پنهنجي ساڄي ٽنگ لاهي، پاسو بدلائي اکيون پوري سمهي رهي ٿو. راڻي به اکيون پوري گوڏا اڀا ڪري سمهي پوي ٿي.....نوري جنهن کي ستل سمجهيو وڃي ٿو. سا اڃا جاڳندي رهي ٿي. ۽ بدن کي کٽ تي سنئون سڌو ڪاٺ ڪري ڇڏي ڏي ٿي، پر هن جي ڪنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي ورتيون آهن. جيڪي هن جي مائٽن هن جي باري ۾ ڪيون آهن. هو ٿڌو شوڪارو ڀري پاسو بدلائي ٿي ۽ اولهه طرف منهن ڪري اکيون کولي ڇڏي ٿي. سامهون آڪاش تي ڏهين جو معمولي لڙي ويل چنڊ چمڪي رهيو هوندو آهي. چهري کي ٿورو ڦيري پنهنجي ساڄي ٻانهن تي چنڊ کي سامهون رکي سمهي رهي ٿي. ڪي گهڙيون هوءَ بستري تي تڙپندي اندر جا سور چنڊ سان ونڊيندي رهي ٿي. گذري ويل اڌ جواني جا ٻهڪندڙ خالي خالي ڏينهن يادن جو ويس اوڍي ذهن جي رڻ لهي اچنس ٿا ۽ پوءِ هن جون ڪجليون ڪاريون اکيون وڏ ڦڙي جيان وسي پون ٿيون. روئيندڙ سڏڪندڙ لڙڪ هن جي ڳوري ٻانهن کان ٿيندا هيٺ وهاڻي ۾ جذب ٿيندا وڃن ٿا. ڏهين جي چنڊ جا هلڪا روشڻ ڪرڻا هن جي لڙڪن جي ڦڙن سان ٽڪرائجن ٿا ته لڙڪ ويتر چمڪڻ لڳن ٿا ۽ لڙڪن جي هلڪي هلڪي خوشبوءِ واهوندي جي ڌيمن ڌيمن جهوٽن سان ملي وڃي ٿي. ڳپل ٽائيم هو ائين ئي لڙڪ هاريندي رهي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن ٽائيم هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي. رات پنهنجي رفتار سان گذري وڃي ٿي ۽ صبح ٿئي ٿو. بدن کي سٽ ڏئي کٽ تان اٿي ٿي. آرس موڙي اکيون مهٽي ٿي ۽ پوءِ اٿي رڌڻي ڏانهن هلي وڃي ٿي. منهن ڌوئي ٿانوَ ٺڪر چلهه جي ڀر ۾ ميڙي گڏ ڪري ٿي ۽ پوءِ ٽانڊو ٻاري چانهه جي ديڳڙي چلهه تي رکي ٿي. ايتري ۾ هن جي ماءُ راڻي هنڌ مان اٿي اکيون مهٽيندي رڌڻي ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ هڪ مٽ مان گلاس پاڻي جو ڀري دڪي تي ويهي منهن ڌوئي واپس رڌڻي ۾ اچي ٿي. خالي گلاس ڌيءَ نوري جي اڳيان رکي پاڻ ڀت ۾ لڳل جاري تي پيل هڪ پن جي ٻيڙين جي جهوڙي مان هڪ ٻيڙي ڪڍي ٿي ۽ پوءِ چلهه جي ٻي پاسي هڪ ڪاٺ جي ٺهيل منجي تي ويهي رهي ٿي چلهه ۾ ٻرندڙ ٽانڊن مان هڪ چڻنگ کڻي ٻيڙي دکائي ٿي ۽ پوءِ اها چڻنگ وري واپس چلهه ۾ رکي ڇڏي ٿي. پهريون وڏو ڪش هڻندي هو پنهنجي نظرن جا پاڇا نوري جي چهري تي اڇلائي ٿي. اڄ هن کي نوري جو چهرو ڪجهه بدليل بدليل ۽ جهڪيل نظر اچي ٿو.
    “ڌيءَ اڄ ٺيڪ ناهين ڇا؟”
    “ٺيڪ آهيان” جهڪيل ئي ڪنڌ سان وراڻي ٿي ۽ پوءِ پٽ تي اڱارن جا ليڪا ڪڍندي رهي ٿي.
    “مون کي اڄ صحيح نٿي لڳين؟” ماءُ راڻي ٻيڙي جو ٻورو چلهه جي ڪني سان هيٺ ڪيرائيندي چئي ٿي .
    “نه ........مون کي ڪجهه نه ٿيو آهي.” هو ڪنڌ مٿي ڪري چئي ٿي ۽ پوءِ ٻڙڪندڙ چانهه ۾ کير ملائي ٿي.
    “ڪالهه تنهنجي پيءُ کي رئيس علي مراد ٻني تي گڏيو هو چيائين ٿي ته مون شمون کي ٿُڪ بجو ڪيو آهي، هاڻي چئي ٿو ته مان نوري کي ويهاريندس” تڏهن نوري جو جهڪيل ڪنڌ ايورسٽ جيان اُڀو ٿئي ٿو. هن جون اکيون ڇڪجي اچن ٿيون. ڀروئن جو وار وار هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃي ٿو. هن جي بدن مان سيڙاٽ نڪري پون ٿا، نرڙ ۾ گهنڊ وجهي ڪڙي نظر ماءُ جي چهري تي اڇلائيندي چئي ٿي. “ٻارنهن سال مري ويو هو ڇا؟ هن جي ماءُ ڪوبه جواب ڏئي نه سگهي، فقط پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ٻيڙي کي چلهه جي ڪني سان گسائي وسائي ڇڏيو هن ٻيهر خود ئي چيو. “هو مون کي خوشي مان ويهارڻ لاءِ تيار ڪونه آهي، هو ماڻهن جي تهمتن کان بچڻ لاءِ ائين ٿو ڪري. ” تڏهن هن جي ماءُ راڻي جو ڪنڌ آهستي آهستي اُڀو ٿئي ٿو ۽ چپ کلي پون ٿا. پر...........ڌيءُ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟” “مان” منهن ڦيري جهيڻي آوازچئي ٿي. “هاڻ شمون وٽ نه وينديس.” “پر ڌيءُ.......ماءُ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڪرٽيندي چئي ٿي “ها ....امان.......پر منهنجا ان سان سڀ رشتا ناتا ٽٽي چڪا آهن. ٻارنهن سال مان نڪاح جو ڪفن اوڍي جنهن قبر ۾ رهي آهيان، ڇا ان جو شمون کي احساس نه هو.....؟ ڇا ان جو توهان کي احساس نه هو......؟ ڇا ان جو........ باقي لفظ نڙي جي ٿوهر جي تکن ڪنڊن ۾ اٽڪي پون ٿا. نيڻن ۾ پاڻي ڀرجي اچي ٿو، ۽ هو پنهنجو ڪنڌ هيٺ پنهنجن گوڏن ۾ لڪائي ڇڏي ٿي، ماءُ ئي چانهه جي ديڳڙي پنهنجي رئي جي پلئه سان هيٺ لاهي هن جي اڳيان رکندي چئي ٿي. “اسان تنهنجا دشمن ڪونه آهيون. ڏس ڌيءَ جيڪو تون سمجهين ٿي سو غلط آهي . اسان تنهنجي ڀلي لاءِ ٿا ڪيون. ڇورو تنهنجو پنهنجو سئوٽ آ..............نڀاڳي کي الائي ڪهڙي ڪاريهر ڏنگيو جو توسان ٺاهه نه ڪيائين ۽ وڃي ٻي شادي ڪيائين. پر ڌيءَ پنهنجا پوءِ به پنهنجا آهن. جتي پنهنجن کي سيڪ لڳندو، اتي پراون کي ڪونه لڳندو . ڇوري کان جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي آهي ته تون کڻي هاڻي ضد ڇڏ......گهر وڃ هو پوءِ به تنهنجو مڙس آهي.” ماءُ سمجهائڻ جي انداز ۾ چئي ٿي، “ نه امان ” پنهنجي رئي جي پلئه سان لڙڪ اگهندي چئي ٿي “مان هاڻ شمون وٽ نه وينديس” پوءِ سڄي عمر ائين ئي ويهي گذاريندين؟پنهنجن اڇن چاندي جهڙن وارن جي جهڳٽي کي جهلي وارن کي هڪ هڪ ڪري ڇڏيندي چئي ٿي “اڇن وارن ۾ ته وڪوڙجي وئي آهيان.” هو ائين چئي چانهه لاءِ ٻه پيالا ڌوئي ٿي ۽ پوءِ ٻنهي ۾ چانهه ڀري هڪ پيالو چانهه جو چلهه مٿان ماءُ کي ٽپائي ڏئي ٿي ۽ پوءِ ٻيو پيالو پنهنجي هٿن ۾ جهلي پنهنجي چپن تائين آڻي ٿي ۽ آهستي آهستي سپ سپ ڪري چانهه پيئندي رهي ٿي. هن جي ماءُ به خاموش خاموش سپون ڀريندي چانهه پيئندي رهي ٿي نوري پاران ڏنل اهڙي جواب تي هن جي گهنجيل پيشاني تي پريشانين جا تهه لهندا ۽ چڙهندا وڃن ٿا. بار بار پنهنجي پوڙهي وجود جي ڪاري پاڇولي ۾ ڪڙين نظرن سان نهاريندي رهي ٿي ۽ پنهنجن پيرن کي سوريندي رهي ٿي ڄڻ ته سوين ماڪوڙيون پيرن هيٺيان چهٽي ويون هجنس. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ گرم گرم چانهه جو پيالو جلد ئي پنهنجي اندر جي کاڻ ۾ هاري ڇڏي ٿي. سپ سپ جو آواز ختم ٿئي ٿو ۽ خالي پيالو ڌيءَ نوري جي اڳيان پيل ديڳڙي جي ڀر ۾ اڇلي ٿي ۽ اٿي کڙي ٿئي ٿي. پيالو جست جي ديڳڙي سان ٽڪرائجي ٿو هڪ هلڪي قسم جو آواز پيدا ٿئي ٿو ۽ پيالو ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهائجي ڪچي پٽ تي وکري وڃي ٿو . نوري کي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هو پيالو نه پر پاڻ ڪنهن سان ٽڪرائجي ٽٽي ڀور ڀور ٿي وئي آهي. نوري پنهنجن نظرن جا سڏڪندڙ شعاع ماءُ جي ڪاري دونهاٽيل چهري تي اڇلائي ٿي. ماءُ بگڙيل شينهڻ جيان پنهنجا ڪٽيل ڪارا ڏند ڪڍندي چئي ٿي “مان وڃان پئي ادي رمضان وارن جي پاسي ڪپها (ڪپهه) تي تون جلدي وڃ، ماسي ڦاپان وارن کان ڏڌُ لپ وٺي اچ متان پوءِ ورهائجي نه وڃي” .
    “ها امان” هو هلڪي آواز ۾ وراڻي ٿي ۽ پوءِ ٿانوَ ٺڪر ميڙي رڌڻي جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي، باقي چانهه جي ديڳڙي وري واپس چلهه ۾ پيل ٽانڊن تي رکي پيءُ جو انتظار ڪري ٿي. جيڪو کٽ تان اٿندي ئي ٻاهر هليو ويو هو. ٿوري ئي دير کانپوءِ هن جو پيءُ کنگهندو کنگهندو اچي ٻاهرين کٽ تي ويهي ٿو. هي چانهن جو هڪ پيالو ڀري پيءُ کي ڏي ٿي ۽ دکي ڌوئي ڪڇ تي رکي هلي وڃي ٿي ماسي ڦاپان وارن جي گهر. ان وقت صبح جا اڃان اٺ ٿيا هئا. ماسي ڦاپان ڏڌُ (لسي) ولوڙي رکي هئي پر پاڻ نه هئي. گهر ۾ ٻيو ڪير به نه هو سواءِ ماسي ڦاپان جي جوان پٽ رجو جي، اڄ جڏهن رجو، نوري کي سويري سويري اڪيلو ايندي ڏٺو ته من ۾ ٽِليون وڄڻ لڳس، چپ خوشيءَ منجهان مرڪ جي پاڻي ۾ ڀرجي آيا “ نوري تون.....؟ ”
    “ها” هيڏي هوڏي نظرن جا پاڇا ڊوڙائيندي چئي ٿي “ پر ماسي ڪيڏانهن وئي؟” “امان چاچي محمد وارن جي گهر وئي آهي....ڇو؟ پُڇي ٿو “ڏڌُ نه ولوڙي اٿس” ڳيت ڏئي پڇي ٿي.
    “ولوڙي اٿس” هٿ جي اشاري سان چئي ٿو “او هن پرئين ڪمري ۾ پئي آهي” نوري مٿي تان رئي جو پلئه ٺيڪ ڪندي بنان ڳالهائڻ جي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي، “هل ته ڏڌُ ڪڍي ڏيائين” رجو هڪ قدم اڳتي کڻندي چئي ٿو. “نه تون ڪڍي اچ” “ڊپ ٿو لڳئي؟ ترڇي نظر سان ڏسندي چئي ٿو. “نه” پوءِ.........؟ ” “بس ڪجهه ڪونهي” نوري رئي جو پلئه ڏندن ۾ چٻاڙيندي چئي ٿي “هل ڀلا ڪڍي ڏي” “هل رجو هٿ جو اشاري سان چئي ٿو ۽ پوءِ ٻئي گڏجي هلندا پرئين گهر ۾ گهڙي وڃن ٿا. رجو نوري جي هٿ مان دکي وٺندي آهستي آهستي چئي ٿو “ٻڌ نوري” “هون” نوري وراڻي ٿي. “ڪالهوڪي ڳالهه جي ڪنهن کي خبر ته ڪونه پئي نه ؟” “نه” “پوءِ” پڇين ٿو” اڄ نه ايندينءِ؟” “نه” نوري ڪنڌ جهڪائي چئي ٿي. “ڇو؟” “بس سڀاڻي ايندس” دري مان ٻاهران جهاتي پائي آهستي آهستي چئي ٿي. “پر رات جو” بڙ جي هيٺ” “رات جو ڇو؟ اڄ گاهه تي نه ويندينءِ ڇا ؟” “ويندس.......پر مون کي توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون آهن” شرمائيندي چئي ٿي “دل جون ڳالهيون” تڏهن رجو جو چهرو ٻهڪي پوي ٿو، چپ سڌا ٿي وڃنس ٿا، ڏندن جون قطارون موتين جيان چمڪڻ لڳنس ٿيون من ۾ وڃن ٿا راحت جا رباب ۽ خوشيءَ جون ٽليون، جيءُ ۾ جهومريون پائيندي پٽ تي ويهي ٿو ۽ پوءِ نوري جي هٿ مان دکي وٺي ڏڌُ واري ڪني مان ڪجهه ڏڌُ نوري کي ڪڍي ڏي ٿو. نوري نوڙي هن جي هٿ مان ڏڌُ واري دکي وٺي ٿي ته پٽ تي ويٺل رجو جون نظرون نوري جي سڄي سنڊول جسم تي ٿينديون هيٺ جهڪي پيل گلي مان پيدا ٿيل وٿي مان گُذري هيٺ لڙڪي پيل گول گول ۽ ماسيري ڇاتي سان ٽڪرائجن ٿيون. اندر جي ڪال ڪوٺڙي مان جوان رت جا گرم احساس ڪر موڙي اٿي پون ٿا. اکيون پور نماسي چنڊ جيان روشن ٿي وڃن ٿيون. هڪ وار هن جي ڳنڀير بدن جي نس نس ۾ اهڙي ڏڪڻي اڀري ٿي جو هن جو اکيون ڪنهن گاڏي جي اوچتو بند ٿيندڙ لائيٽن جيان جهٽڪو هڻي وسامي وڃن ٿيون ۽ پوءِ وري هڪدم روشن ٿي وڃن ٿيون. نوري مرڪي چيلهه کي موڙو ڏئي واپس وڃڻ لڳي ٿي. “وڃين پئي نوري؟” اکيون ڇڪي نوري کي ننهن کان چوٽي تائين ڏسندي چئي ٿو، “ها” نظرن جا تير رجو جي وجود تي چٽيندي چئي ٿي “مان وڃان پئي” سڀاڻي رات جو پڪ سان ايندين؟” ڄڻ ته نوري جي واعدي تي ويساهه ئي نه هجيس “ها..........مان ضرور ايندس” رجو وراڻي ٿو ۽ پوءِ نوري پنهنجن پيرن ۾ پيل رٻڙ جي چمپل مان ڦٽ...ڦٽ..... جا آواز ڪڍائيندي گهر مان نڪري وڃي ٿي.
    ......اهو وچ وارو ڏينهن هنن ٻنهي لاءِ الائي ڪيئنءَ گذريو هو. ڄڻ ته اهو هڪ ڏينهن نه پر هزار سال جيڪي هنن اوسيئڙي جي اڳ ۾ جلندي گذاريا هئا. ٻي ڏينهن شام ڌاري سويري ئي نوري وهنجي سهنجي پنهنجا ڪپڙا بدلائي ڇڏيا هئا مٿي جا ڪارا ڀؤنر وار ڌوئي صاف ڪري ڇڏيا هئس ۽ وارن کي کلو ئي ڇڏي ڏنو هئس. تنهن ڪري اڄ هن جا اڌ ڪارا وار هوا جي مست لهرن سان لهرائي رهيا هئا. اڄ اهو پهريون ڏينهن هو جو هن پنهنجن وارن کي کلو ئي ڇڏي ڏنو نه ته هو اڪثر پنهنجن وارن کي سڳيءَ يا ڪنهن بڪل جي زنجير سان ٻڌي ڇڏيندي هئي. تنهن ڪري اڄ هن جا وار آزادي جي ڏينهن جو جشن ملهائي رهيا هئا ۽ خوشي جو ڀرپور فائدو وٺي رهيا هئا. هوا جي مست جهوٽن سان هو لهرائي بار بار هن جي سڳنڌ ڀريئي چهري کي چميون ڏئي رهيا هئا ۽ ڳڀرو چهري جي ماس ۾ پيدا ٿيندڙ ڪتڪتائين هن جي وارن کي پٺتي هٽائڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو ۽ هن پنهنجن وارن کي ساڄي هٿ جي ڊگهين ڊگهين اڱرين کي ڪنگي طور استعمال ڪندي پوئتي ٿي هٽايو پر وار وري به هن جي چهري کي چمڻ لاءِ هن جي چهري تي گسي رهيا هئا.
    جيئنءَ ئي سج لٿو هو ۽ رات پنهنجا پر پکيڙي ڌرتي جي وجود کي چمڙي جيان چهٽي وئي هئي ته نوري جي دل جو دهڪو آهستي آهستي وڌندو ويو. ڇو ته هي اها پهرين رات هئي، جنهن رات هن کي گهر مان نڪري ٻاهر رجو تائين پهچڻو هو. هونءَ ته اڪثر ڪري هو ٻئي پاڻ ۾ ملندا رهيا هئا پر ڏينهن جو رات جو هنن ڪڏهن به هڪ ٻئي سان ملڻ جو به نه سوچيو هو، پر اڄ الائي ڪيئنءَ نوري ڀلجي رجو کي ٻاهر بڙ جي هيٺيان انتظار ڪرڻ جو واعدو ڏئي ويٺي هئي. جيئن ئي هو رات جي ماني کائي ٻين ڀاتين جيان پنهنجي بستري تي ليٽي هئي ته هن پنهنجي نظرن جون واڳون پولارن پاتالن تائين ڇڏي ڏنيون هيون. هن جي چهري تي پريشاني جي رنگن جا تهه لهندا ۽ چڙهندا وڃن ٿا. پگهر جا هلڪا هلڪا ڦڙا هن جي چهري تي اڀري اچن ٿا. پنهنجي ساڄي هٿ جي مدد سان ماڪ جي سنهڙن سنهڙن ڦڙن جيان اُڀري آيل سڀني ڦڙن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي ٿي، جڏهن سڀئي ڦڙا ڦيسوڙ ڦروڙين جيان ڦسي وڃن ٿا. تڏهن هن جو چهرو چنڊ جي روشن ۽ سونن ڪرڻن سان ٽڪرائجي وڌيڪ خوبصورت لڳي ٿو. سوچ جا سوين قافلا ڪر موڙي جاڳي پون ٿا ۽ شام ويلي ڪنهن ڍنڍ ڪناري پاڻي جي اڇ تي لهندڙ ڪانئرن جي ولر جيان والارون ڪري ذهن جي وڻن تي لهي اچن ٿا. هو سوچي ٿي “مان آڌي رات گهر مان لڪي ڇپي ٻاهر وڃان........ هي اهو سڀ ڪجهه ڪيئنءَ ٿيندو ٻارهين جي چنڊ جي روشني تي جيڪڏهن ڪنهن بسترو خالي ڏٺو ته منهنجي ڳولا ضرور ڪندو......پوءِ ڄڻ ته .......نه ......ائين ڪڏهن به نه ٿيندو......پر....پر.....جي......ٺهيو.....جي ٻاهر رجو وٽ نه ويس ته رجو به مون کي ڪوڙي جو نالو ڏيندو. ۽........۽.........پوءِ مون کان رسي به ويندو....مان وينديس ضرور وينديس. پوءِ چاهي موت به ڇو نه اچي وڃي”. هو اهو سوچي ٿي ته اندر جي آنڌ مانڌ وڄ جيان وراڪا ڏئي سندس ئي بدن کي اُٿل پٿل ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. هو هيڏي هوڏي ٻنهي پاسن کان پيل ٿوري ٿوري فاصلي تي ماءَ پيءُ جي کٽ ۽ ڀاءُ جي کٽ تي نظر جا پاڇولا اُڇلائي ٿي سڀئي ڍڪيل گوشت جيان رلين ۾ ويڙهيا پيا آهن. اٿي ٿي ۽ آسپاس جو جائزو وٺي ٿي. جڏهن ڪوبه هن کي خطرو خوف محسوس نٿو ٿئي، تڏهن هو آهستي آهستي ڊيل جي قدمن جيان قدم کڻندي باربار پٺتي نهاريندي لوڙهي واري گهٽي کان ٻاهر نڪري سڌو واٽ ويندڙ وونئڻن واري ٻاري ۾ لهي پوي ٿي. چوٿ واري ٻني تي وونئڻن جي ٻوٽن ۾ پاڻ لڪائيندي، سڌو وڏي واٽر واي ڪپ تي چڙهي ٿي، وهندڙ پاڻي ۾ چنڊ جي روشني تي پنهنجو ڪارو پاڇولو ڏسي ٿي، پنهنجي پاڇولي کان خوف ٿيڻ لڳيس ٿو. ائين ڀائين ٿي ڄڻ ته هن جي پويان ڪو هجي ۽ لڪي لڪي هن جو هر وک جي جاسوسي ڪندو هجي ۽ هي جيئن پوءِ تيئن تکا تکا قدم کڻندي ان بڙ جي وڻ وٽ پهچي ٿي. جت اڳ ئي رجو پنهنجو نظرون هن جي راهه تي وڇايو ويٺو هو. هن کي ڏسندي ئي رجو جو وات کلي وڃي ٿو. “نوري اچي وئينءَ” “ها” نوري خوف جي مخصوص خول ۾ رهندي پٺتي نهاريندي چئي ٿي “اچ ويهه” رجو ٿورو رسڪي وڇايل چادر تي ويهڻ لاءِ چئي ٿو. هو جتي لاهي آهستي آهستي هن جي ڀر ۾ ويهي رهي ٿي. “ايندي ڪنهن ڏٺئي ته ڪونه” “نه” هو مختصر وراڻي ٿي.“ٻڌاءَ اڄ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندينءَ؟” رجو نوري جي هٿن کي جهلي زور ڏيندي چئي ٿو. نوري کي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته سياري جي سرد رات ۾ ٺري ويل ڪنهن غريب هاري جي هٿن کي اوچتو ڪا گرمائش ملي وئي هجي ۽ هو وري پنهنجي اصل حالت ۾ اچي ويا هجن. “خبر اٿئي شمون ڇا ٿو چوي؟” ڇا ٿو چوي؟ “چوي ٿو ته مان هاڻ نوري کي ويهاريندس” “پوءِ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟” “ٻڌاءِ ڀلا هاڻ مان ڪيئن شمون وٽ وڃان.....شادي جي مهندي ئي هٿن تان نه لٿي هئي ته هو مون کي بابا جي گهر ڇڏي ويو هو. مان ان آس تي جيئندي رهي هئس ته شمون نيٺ ضرور مون کي وٺي ويندو......پر....پر هن جلد ئي ٻي شادي ڪري ڇڏي ، تنهن ڏينهن کان مون پنهنجي من ۾ دکندڙ آس جي ڏيئي کي ڦوڪون ڏئي وسائي ڇڏيو هو. اڄ جڏهن پنجن ٻارن جو پيءُ ٿيو آهي ۽ سڀئي اڇون ڏاڙهيون، اڇي ڏاڙهي کي ٿُڪون بُجا ڪن ٿيون، تڏهن چئي ٿو ته هاڻ ڀلي نوري اچي......” هن جو آواز ڳورو ٿيندو وڃي ٿو “ٻڌاءِ رجو .....ٻڌاءِ رجو” هن جو آواز سڏڪن جي سبز رنگن سان ملي ڪنهن گلوڪاره جي مڌر اَلاپن جيان رات جي رهزن وجود کي چيريندي ستارن سان ملي وڃي ٿو ، اکڙين جا ڇپر ٽم ٽم ڪري ٽمي پون ٿا ۽ سوين لڙڪ موتين جي مالها جيان لائينون ٺاهيندا هيٺ پٽ تي وڇايل چادر تي ڪري پون ٿا. رجو جو منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ اکڙيون گرم پاڻي سان سرشار ٿي اچن ٿيون. رجو کي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته نوري جي سڏڪن هن جي من ۾ ڇرو هڻي ڪڍيو هجي ۽ پولارن پاتالن تائين ڪرندو هجي ڳاڙهو رت ڦڙا ڦڙا ٿي. هو پنهنجي پاسي واري کيسي مان هڪ رومال ڪڍي ٿو. ڀرت ڀريل جيڪو نوري ئي هن کي پنهنجن هٿن جي محنت جو تحفو ڪر ڏنو هو. هڪ هڪ ڪري هن جا سڀئي لڙڪ اگهي وٺي ٿو. هوا جي مست لهرن سان لهرائيندڙ هن جي کليل مست وارن کي پاڻ ئي پٺتي واريندي چئي ٿو“نوري ائين روئيندي نه ڪر، خبر اٿئي جڏهن تون روئيندي آهين نه ته منهنجو هنياوَ ڦاٽڻ لڳندو آهي. “نه ....... هاڻ نه روئينديس” هو ڄڻ ته وچن ڪندي چئي ٿي “مان هاڻ پڪي ٿي وئي آهيان. ....مان.......مان هاڻ ڪنهن لاءِ به نه روئينديس” “پر نوري تون به هاڻ ايترو نه ڀوڳيندينءَ مون بابا ۽ امان سان ڳالهائي ڇڏيو آهي هاڻ جيئنءَ ئي تون شمون کان طلاق وٺندين ته اسان تنهنجن مائٽن کان تنهنجو سڱ گهرنداسين” اهي لفظ جيئن ئي هن جي ڪنن جي پردن تي ٽڪرائجن ٿا ته هن جي سڪل چپن جي ماس ۾ مرڪ جو رس لهي اچي ٿو. چهرو گلاب جي پنکڙي پنکڙي جيان ٽڙي پوي ٿو. ڪارا ڀؤنر وار هوا جي ٿڌين لهرن سان هن جي چهري کي چميون ڏيندا واپس موٽي وڃن ٿا.
    “سچ؟” هو ڄڻ ته ويساهه وٺڻ لاءِ چئي ٿي.
    “ها” هو پنهنجو ڪنڌ نوري جي هنج جي هندوري ۾ رکندي چئي ٿو “ اسان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي پر تون شمون کان ڪڏهن طلاق وٺندين؟”.
    “مان هاڻ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اها ڳالهه هڪ پاسي ڪري وٺندس” هوءِ پنهنجن ٻنهي نرم نرم هٿن کي رجو جي وارن ۾ ڪنگي طور استعمال ڪندي چئي ٿي.
    “پر ٻڌ نوري دير نه ڪجان؟”
    “نه هاڻ اها ڳالهه سالن مان گذري ڏينهن تي اچي بيٺي آهي..... ۽ هاڻ اهو فيصلو منهنجي هٿ ۾ آهي.” نوري ائين چئي جهڪي هڪ مٺي رجو جي نرڙ تي ڏي ٿي ۽ پوءِ ٻه مٺيون ٻنهي هٿن تي ڏي ٿي، جيڪي هن جي ٻنهي هٿن جي رنجيرن ۾ قيد هئا. رجو کي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هن جي گرم ۽ تتل وجود تي ڪنهن برف رکي ڇڏي هجي. هو آهستي آهستي مڙي سڌو ٿي پنهنجن ٻانهن جي زور سان نوري کي هيٺ پٽ تي وڇايل چادر تي ليٽائي ڇڏي ٿو. ۽ پوءِ پنهنجو ڌٻندڙ وجود به هن جي وجود مٿان وڇائي ڇڏي ٿو.هٿ ڪنهن جيت جيان نوري جي سڄي بدن تان سرڪندي آخر ۾ سنهڙي چيلهه ۾ ڪنهن چائنه جي تالي جيان بند ٿي وڃن ٿا. نوري جي هٿن جي وڻ ويڙهي به رجو جي چيلهه ۾ ويڙهجي وڃي ٿي. ٻنهي جي دلين جو دهڪو وڌي وڃي ٿو، گرم گرم ساهن جي ڪڙڪ خوشبو هوا ۾ وکرندي وڃي ٿي. ٻنهي جي جسم ۾ جذبن جون وِڄون تجلا هڻنديون رهن ٿيون. هڪ لمحه ٻنهي جون اکيون بند ٿي وڃن ٿيون. ايتري ۾ ٻارنهين جي چنڊ جي روشني تي چمڪندڙ تلوار جهڙي تکي ڪهاڙي هوا جي ٿڌن جهوٽن ۾ لهرائيندي ٻنهي جي سينن کي ڌار ڪري ڇڏي ٿي. ۽ پوءِ مسلسل گونگي ڪهاڙي جا وار هنن جون سِسِيون ڌڙن کان ڌار ڪري ڇڏي ٿي ۽ هنن جون سسيون رت جي تلاءُ ۾ لڙهنديون هڪ قدم اڳتي هليون وڃن ٿيون. اهو ڪهاڙي جو وار ڪندڙ نوريءَ جو ڀاءُ لڪو هو، جنهن نوري جو خالي بسترو ڏٺو هو ته پڪ ٿي وئي هئس ته نوري ٻاهر ئي هوندي ۽ پوءِ هو نوري جا قدم کڻي وونئڻن جي ٻوٽن ۾ پاڻ لڪائيندو اچي اتي پهتو هو. هو هڪ وار ڪهاڙي زور سان بڙ جي ٿڙ ۾ هڻي ٿو ته جيئن ڪهاڙي صاف ٿي وڃي پر ڪهاڙي صاف نٿي ٿئي هو آهستي آهستي هلندو اچي واٽر جي ڪپ تي ويهي ٿو. ڀر ۾ بيٺل ڇٻر جا ڪجهه ٻوٽا پٽي ڪهاڙي کي ڌوئي صاف ڪري وري ساڳيو رستو وٺيو گهر ڏانهن هليو وڃي ٿو. گهر ۾ سڀني کي ستل ڏسي هو زال کي جاڳائي ٿو ۽ پوءِ ٻئي اونداهي ڪمري اندر سس پس ڪندا هليا وڃن ٿا.


      وڏو ڏوهاري

    شام جو ٽائيم هو. مان پنهنجي بيڊ روم ۾ پلنگ تي سڌو سڌو ليٽيو پيو هوس. نيسلي پيور لائيف منرل واٽر جي بوتل هڪ شيشي جي گلاس سميت منهنجي ڀر ۾ ئي پئي هئي. منهنجو ٻيو نمبر نوڪر مولا بخش عرف مولو (جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن مان چمچو به سڏيندو آهيان) مون کي ٽنگن ۽ پيرن تي هلڪا هلڪا زور ڏيئي رهيو هو. پر مون کي الائي ڇو سندس زور بي مزا لڳي رهيا هئا. شايد انهيءَ ڪري جو اڳي اهو ڪم منهنجي پرسنل سيڪريٽري مس نائمه ڪندي هئي ۽ اڄ صبح جو فون تي ٻڌايائين ته اڄ هوءَ ڪونه ايندي.تنهن ڪري مجبورن پنهنجي عادت پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻي نمبر نوڪر مولابخش عرف مولو کي هن ڪم تي لڳايم پر سندس ڪم مان مطمئن ناهيان. هٿ هٿ جو فرق آهي نه ته عورتن کان وڌيڪ طاقت مردن ۾ هوندي آهي. مون هڪ وار ڪڙي نظر مولو تي وڌي ته مولو جا هٿ ڪنبڻ لڳا. ساهه سڪڻ لڳس، ڪوشش ڪري هٿن کي تڪڙو هلائڻ لڳو پر ناڪام ويو. مون کي اڳي جھڙو سڪون پهچائڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. مون ڪاوڙ منجھان هن کي ٿُڏو هڻي چيو... وڃ، چمچا وڃي ڪنهن شهزاديءَ کي وٺي اچ، هي ڪم تنهنجي ڪرڻ جو ناهي.مولو ڏڪي ڏڪي اٿي بيٺو ۽ هٿ جوڙيندي چيائين حاضر سائين حاضر مان اجھو ٿو ڪنهن کي وٺي اچان. ائين چئي هو ٿورو اڳتي وڌيو منهنجي پهرين نمبر گارڊ دروازو کوليو هو ٻاهر هليو ويو۽ دروازو پهرين جيان لاڪ ٿي ويو. بدن تي بي چيني جو وڏو قبضو هو. پاڻ ڇڏائڻ جي ڪابه راهه نه هئي ۽ ائين پوري پلنگ تي اٿلي پٿلي رهيو هوس، ايتري ۾ دروازي جي ٻاهران ٺڪ ٺڪ ٿي دروازو کليو ۽ منهنجي ٽيون نمبر گارڊ رائفل سميت اندر داخل ٿيو ۽ جھڪي عرض ڪندي چيائين؛ سائين ٻاهر هڪ فقير گھوڙي تي چڙهي آيو آهي، جيڪو توهان سان ملڻ ٿو چاهي.
    چيم کيس چوينس تون در ڀلجي آيو آهين. خيرات هتان ڪونه ٿي ملي، سامهين در مان ٿي ملي، جنهن جو مالڪ حاجي غلام الله آهي. جنهن ست حج ڪيا آهن. ٽي مسجدون ۽ ٻه مدرسا ٺهرايا اٿائين. ان کان علاوه غريب عورتن جي اوگھڙ ڍڪي اٿائين. بکايل ماڻهن کي ماني کارائي اٿائين ۽ بيمارن جي مدد ڪندو آهي.... گارڊ اهو ٻڌي هليو ويو. مون اکيون پوري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي. گارڊ وري آيو ۽ چيائين، سائين هو چئي ٿو ته مان صاحب سان روبرو ملڻ چاهيان ٿو.
    مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي گارڊ کي چيم ته پوءِ وٺي اچينس ڏياريانس ٽنگن تي زور... پر ها پهرين مڪمل تلاشي وٺجانس. گارڊ هليو ويو.۽ ٿوري دير کان پوءِ ان فقير کي وٺي بيڊ روم ۾ داخل ٿيو. ان فقير جي شڪل اکين ۽ ڪپڙن کي ڏسي مون کي ائين لڳو ته پڪ سان هيءَ فقير ٻهراڙيءَ جو ڄٽ آهي. ساڻ هڪ پڃرو به هوس. جنهن جي مٿان هڪ اڇو ڪپڙو ڏنل هو. منهنجي مڪمل جائزي وٺڻ تائين نه هن مونکي سلام ڪيو ۽ نه وري ڳالهايائين.. مون کي ڪجھه ڪاوڙ لڳي، اٿي پلنگ تي وهاڻي جي ٽيڪ تي ويهندي چيم،
    تو مون کي سلام ڇو نه ڪيو آ.
    چيائين اسان سلام فقط خدا کي ڪندا آهيون. چيم هن ملڪ جا سمورا ماڻهو مون کي سلام ڪندا ۽ پير چمندا آهن پر تون ڪهڙي ملڪ جو آهين؟
    هو منهنجي بغير چوڻ جي ئي ڏاڍي اطمينان سان اولهندي ديوار لڳ ايراني صوفي تي ويٺو ۽ پڃرو ڀر ۾ ڏاڍي احتياط سان رکندي چيائين،
    “مان خدا جي ملڪ مان آيو آهيان.”
    چيم “نالو ڇا اٿئي؟”
    چيائين، “نالو ٻڌي تنهنجو ساهه ذري گھٽ لُڪيءَ (نڙي) تي اچي بيهندو” مون کان هڪ طنزيه ٽهڪ نڪري ويو.
    چيم، پڪ سان وتائي فقير جو وڏو ڀاءُ آهين، نه ته حافظ غلام الله جو ننڍو ڀاءُ پڪ سان آهين.
    چيائين، ڀليو آهين. مان انهن ٻنهي مان نه آهيان، مان انسانن مان به ناهيان.
    مون کي ڪجھه شڪ ٿي پيو. اکين منجھه گھوريندي کيس چيم. تون خدا ته ڪونه آهين؟
    چيائين مان حضرت عزرائيل آهيان..... منهنجو ساهه وجود جي پڃري ۾ ڦڙڪي هڻي وجود جي الئي ڪهڙي حصي ۾ گم ٿي ويو. مان رڦڻ لڳس، ايتري ۾ منهنجي پهرين نمبر گارڊ مون کي نيسلي منرل واٽر جي بوتل مان پاڻي جو گلاس ڀري ڏنو. پاڻي پي مون ٿڌو شوڪارو ڀريو ته ساهه وري آهستي آهستي منهنجي پوري وجود ۾ ڦهلجي ويو.حضرت عزرائيل کان پڇيم؛
    “تون هن وقت مون وٽ ڇو آيو آهين؟”
    چيائين “تو سان ملڻ لاءِ، تنهجي وڏي هاڪ ٻڌي هيم.”
    چيم ته پوءِ پڪ سان توکي خدا مون وٽ موڪليو هوندو.
    چيائين، نه خدا کان چوري آيو آهيان. تڏهن سمجھيم ته پڪ سان هيءُ منهنجو ساهه قبض ڪرڻ نه بلڪه هڪ عظيم انسان جي حيثيت ۾ مون کي ڏسڻ آيو آهي. تڏهن پنهنجي پاڻ تي فخر محسوس ڪيم ۽ هوڏ مان کيس چيم؛ خدا جاڪهڙا حال آهن؟چيائين “خدا کي پنهنجي بادشاهي تي ناز آهي ۽ پنهنجي عظيم انسانن تي فخر آهي”.
    چيم؛ “تون انهن عظيم انسانن جا نالا مون کي ٻڌائي سگھين ٿو؟”
    چيائين؛ انهن نالن جي لسٽ خدا فقط پاڻ وٽ رکندو آهي. تڏهن مون کي ڪجھه سرهائي محسوس ٿي ۽ هوڏ منجھان کيس چيم؛
    “پڪ اٿم ته انهن عظيم ٻانهن جي نالن جي لسٽ ۾ هڪ نالو منهنجو به هوندو.”
    مون زندگي جي هن ٿوري عرصي ۾ وڏا ثواب جا ڪم ڪيا آهن. ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ خلاف سنڌين جو وڏو ساٿ ڏنو اٿم. ايڏو وڏو ماڻهو هجڻ بوجود به جلسن جلوسن ۾ شريڪ ٿيو آهيان. هن علائقي جي سمورن ماڻهن جون شڪوه شڪايتون ٻڌيون اٿم. وي آئي پي هوٽلن ۾ ناجائز ۽ ڳرن بلن خلاف هڪ رپورٽ حڪومت کي موڪلي اٿم ۽ هينئر تازو اسلامي جماعت وارن سان گڏجي شريعت بل پاس ڪرائڻ لاءِ هڪ سٺو ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
    ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، منهنجي پهرين نمبر گارڊ دروازو کوليو، منهنجو ٻيو نمبر نوڪر مولا بخش عرف مولو هڪ الهڙ ۽ خوبصورت ناري کي وٺي اندر داخل ٿيو... ان خوبصورت ناري مرڪي نهايت ادب منجھان مون کي سلام ڪيو، مون سندس اکين ۾ ٻڏي کيس چيو؛ سهڻي نه.... هينئر نه تون ڊرائنگ روم ۾ منهنجو انتطار ڪر، جيئن ئي فارغ ٿيس تو کي سڏائي وٺندس.
    ڇوڪريءَ جو منهن آهستي آهستي ڳاڙهو ٿيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳي، سائين مجبوري ۾ آئي آهيان، اڄ منهنجي ماءُ گھڻي ٺيڪ ڪونهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. مون کي گھڻن پئسن جي ضرورت آهي پر اهو به جلدي... ڇوڪريءَ ائين چئي روئڻ لڳي.
    نه نه، تون روءِ نه مان توکي پئسا ڏيندس، پر تون ڊرائنگ روم ۾ هلي انتظار ڪر، مان اجھو ٿو تو کي گھرايان.
    ڇوڪريءَ منهنجو اهو حڪم ٻڌي پنهنجو هئنڊ بيگ کڻي پنهنجون پُسيل اکيون اگھندي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ۽ مان ذري ساعت ماٺ رهڻ کان پوءِ ٻيهر حضرت عزرائيل سان مخاطب ٿيس.
    معاف ڪجانءِ حضرت عزرائيل اهڙن ننڍڙن ۽ ضرورت مند ماڻهن کي به وقت ڪڍي منهن ڏيڻو ٿو پوي.
    حضرت عزرائيل بغير ڳالهائڻ جي ئي خالي ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ منهنجي ڪمري جو پوري طرح سان جائزو وٺڻ لڳو، ان دوران منهنجي ذهن ۾ هڪ ننڍڙو سوال اڀريو.
    حضرت عزرائيل کان پڇيم؛ “مان خدا کي ضرور ياد هوندس؟”
    وراڻيائين، جيڪو خدا کي ياد ڪندو آهي خدا ان کي به اوترو ئي ياد ڪندو آهي.
    تڏهن خوشيءَ منجھان ڀڙڪو کاڌم ۽ چيم؛
    مون خدا کي ڏاڍو ياد ڪيو آهي، روزا نمازون ۽ حج ادا نه ڪيا اٿم ته اها ٻي ڳالهه آهي. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته ... “روزا ۽ نماز، اي پڻ چڱو ڪم.... او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرين کي.”
    اهڙي طرح مون به خدا کي ٻي رستي ۾ ڏاڍو ياد ڪيو آهي... حضرت عزرائيل ڪجھه حيران ٿيو ۽ پوءِ چيائين اهو ڪهڙو رستو آهي؟
    چيم؛ اهو رستو عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، مون عوام جي ڏاڍي خدمت ڪئي آهي تڏهن ته هر اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بنا کٽڪي چڙهي ويندو آهيان. حيراني جھڙي ڳالهه اها آهي ته مان ورڪ به ناهيان ڪندو ۽ هر اليڪشن ۾ مخالف پارٽي کي وڏي شڪست ڏيندوآهيان. انهيءَ مان سنئون سڌو نتيجو اهو ٿو نڪري ته مون کي عوام دل جي گھراين سان چاهي ٿي ۽ جڏهن عوام مون کي ايترو چاهي ٿي ته خدا به ضرور مون کي چاهيندو هوندو.... منهنجي اهڙي حقيقي ڳالهه ٻڌي حضرت عزرائيل کي نرڙ تي پگھر اچي ويو. مون گارڊ کي چيو؛ حضرت عزرائيل کي روز پيٽل جي دٻي مان هڪ ٽشو پيپر ڪڍي ڏي.
    ان کان اڳ جو گارڊ حضرت عزرائيل کي دٻي مان ٽشو پيپر ڪڍي ڏي، حضرت عزرائيل هٿ جي اشاري ساڻ چيو؛ مون کي ٽشو پيپر جي ضرورت ڪانهي. گارڊ ٿورو چري ۽ وري پنهنجي جڳهه تي کپ ٿي ويو. مون وري گارڊ کي اشارو ڪيو، “ٿڌو کڻي اچ” حضرت عزرائيل ٿڌي لاءِ به انڪار ڪيو چيائين؛
    “مون کي ٿڌو به نه کپي.” هو ائين چئي ڪنڌ جھڪائي ڪنهن وڏي سوچ ويچار ۾ پئجي ويو. مون کان رهيو نه ٿيو. ڳالهايم.
    “قيامت جي ڏينهن خدا کان قومي اسيمبلي جو ٽڪيٽ وٺندس، جي مخالف شيطانن جي پارٽي کي وڏي شڪست ڏئي چڙهي ويس ته جنتين جي خدمت ڪندس.”
    چيائين: “هوڏ ٿو ڪرين.”
    چيم: “هوڏ نه پيو ڪريان سچ ٿو چوان عوام جي ايڏي خدمت ڪئي اٿم، ان جو صلو خدا ضرور مونکي ضرور ڏيندو.”
    چيائين “مون کي تنهنجي خدمت خبر نٿي پوي تو عوام جي الائي ڪهڙي نموني سان خدمت ڪئي آهي ۽ خدا کي الائي ڪهڙي نموني سان راضي ڪيو اٿئي.”
    هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي وهاڻي جي ٽيڪ تي سولو ٿي ويهندي چيم.
    خبر به ڪيئن پوندي، حافظ غلام الله وانگي جي بکايلن کي مانيون کارايان ها. ڏيکاءُ لاءِ غريبن جا اگھاڙا انگ ڍڪيان ها، مسجدون مدرسا ٺهرايان ها، روزا نمازون حج ۽ زڪواتون ادا ڪيان ها ته پوءِ تون ڇا پر خدا جي هر ننڍي وڏي ملائڪ کي منهنجن ڪمن جي چڱي طرح ڄاڻ هجي ها پر مون ائين نه ڪيو، ائين ڪرڻ وارا فقط ڏيکاءُ ڪندا آهن.... حضرت عزرائيل منهنجي ڳالهه ٻڌي صفا چُپ ٿي ويو، چپ ٺري ويس. مون نيسلي جي بوتل ۾ هٿ وڌو، پاڻي بوتل سميت گرم ٿي چُڪي هُئي.
    مون بوتل واپس بيڊ تي اڇلائي ۽ گارڊ ڏانهن ڪُرڙيون اکيون ڪري ڏٺم. گارڊ سمجھي ويو، ڪمري جو در کولي ٻاهر هليو ويو. منهنجي اها به خوشقسمتي رهي آهي ته منهنجن سمورن نوڪرن ۽ گارڊن کان وٺي پرسنل سيڪريٽري مس نائمه تائين سڀ جا سڀ هٿ وات ۽ اک جا اشارا جلدي سمجھي ويندا آهن. منهنجو پهريون نمبر گارڊ فرج مان نيسلي جي بوتل ڪڍي آيو. بوتل جو ڍڪ لاهي ائين جو ائين ٻوٿ تي رکيم. پهرين ٻي ۽ ٽئين ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ بوتل واپس بيڊ تي رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر حضرت عزرائيل سان مخاطب ٿيس.خير هن سال ڪوشش ڪري به وقت ڪڍي خدا جي درٻار ۾ هڪ دفعو ضرور ايندس. ننڍڙن ننڍڙن گناهن جو بار لاهي ثواب جون ڀريون ٻڌي ويندس. جي خدا ملئي ته چئي ڇڏجانس. حضرت عزرائيل خالي ڪنڌ لوڏيو ۽ مٿي تي هٿ ڏيئي وري ڪنهن گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ايتري ۾ منهنجو ٽيون نمبر گارڊ تڪڙو ڪمري ۾ داخل ٿيو چيائين.
    سائين ڇوڪريءَ ڏاڍي تڪڙي آهي.
    چيم “تڪڙي آهي ته پوءِ وٺي اچينس”. گارڊ ويو ۽ ٿوري دير ۾ ئي ان ڇوڪريءَ کي وٺي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ڇوڪري اندر ڇڏي پاڻ واپس موٽي ويو. ڇوڪري وري به پهرين جيان پنهنجو پرس شوڪيس جي مٿان رکي منهنجي پلنگ تي چڙهي آئي چيائين: سائين ڪرڻو ڇا آهي؟ چيم توکي فقط ٽنگن، پيرن، رانن ۽ منهنجن ڪلهن تي زور ڏيڻو آهي. مان ٽنگون سڌيون ڪري ليٽي پيس، هوءَ منهنجي ٽنگن تي زور ڏيڻ شروع ٿي وئي. سندس ڪومل هٿن جي لذيذ ڇهاءُ دل کي جھٽڪا هڻڻ شروع ڪيا. دل ۾ چيم ته کائنس پنهنجي وجود جي انگ انگ تي زور ڏيارانس پر حضرت عزرائيل جي منهن تي ڪُڇي نه سگھيس. اکيون بند ڪري هڪ ڊگھو شوڪارو ڀري وري حضرت عزرائيل ڏانهن ڏٺم. حضرت عزرائيل جيڪو مسلسل بنا اک ڇنڀڻ جي ان ڇوڪريءَ جي اکين ۾ گھوري رهيو هو.
    “ڇا ٿو ڏسين حضرت ؟”
    چيائين “مان هن ڇوڪريءَ جون اکيون ٿو ڏسان، مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هن ڇوڪريءَ جي اکين ۾ لڙڪن جو هڪ وڏو طوفان آهي. جنهن کي هو اندر ئي اندر نپوڙي ڀسم ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ڪو لڙڪ ٻاهر نڪري متان سندس ڳاڙهين ڳلن تي زوري ٿڦيل ميڪ اپ جي تهه کي لوڙهي ڇڏي.”
    چيم: “نه، هي پنهنجي ماءُ جي ڪري پريشان ٿي لڳي.”
    چيائين “مون هن ڇوڪري کي به سڃاتو آهي، هي اُن عورت جي ٻي نمبر ڌيءَ آهي. جيڪا هن وقت سول اسپتال جي ليڊيز جنرل وارڊ جي هڪ بستري تي لاوارث ٿي زندگيءَ جا آخري ساهه کڻي رهي آهي. هاڻ مان هتان کان پوءِ سڌو ان اسپتال ويندس، جتي ان عورت جو به روح قبض ڪندس....”
    ڇوڪريءَ کان رڙ نڪري وئي ۽ هڪدم منهنجي رانن مان هٿ ڪڍي اٿي بيهي روئڻ شروع ڪيائين. مان ڀڙڪو کائي وهاڻي جي ٽيڪ تي سڌو ٿي ويٺس. ڇوڪريءَ کي چيم تون روءِ نه، منهنجي ٻي نمبر گارڊ کان پئسا کڻي جلدي اسپتال پهچ. مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته مان حضرت عزرائيل کي ائين ڪرڻ نه ڏيندس.
    ڇوڪريءَ لڙڪ اگھي ڀڙڪو کائي پلنگ تان هيٺ لٿي ۽ تڪڙي تڪڙي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي. پريشاني ۾ هن کان پنهنجو پرس به وسري ويو. مون حضرت عزرائيل کي چيو، “تون گھٽ ۾ گھٽ اڄ ائين نٿو ڪري سگھين.”
    چيائين: “مون لاءِ خدا جو حڪم آهي، مان ٽائيم کان هڪ سيڪنڊ به ليٽ نه ٿيندس.”
    چيم “ان جي روح کي ڪهڙو ٽائيم ڏنو اٿئي.”
    چيائين “اڄ شام ستين بجي جو”... مون کي دل ۾ ڪجھه خوشي محسوس ٿي ۽ هوڏ منجھان چيم:
    اها به تنهنجي مهرباني جو ايترو وقفو ته ڏيندين جو منهنجن ڏنل پئسن مان ان عورت جي ڪجھه نه ڪجھه دوا ته ٿيندي. ته ھڪ وڏو ثواب منھنجي کاتي ۾ لکيو ويندو.”
    چيائين“خبر اٿئي ان عورت جي روح کي توکان شڪايت آھي” حيرانيءَ منجھان ڀڙڪو کائي چيم :
    “ان عورت جي روح کي ........مون کان شڪايت؟ اھو تون ڇا ٿو چئين؟”
    چيائين “جڏھن سندس جوان ڌيءَ شمائله کي ھڪڙي رات تو سان نه گذارڻ جي ڏنڊ ۾ تنھنجن ماڻھن رات جو ٻارنھن بجي سندس گھر ۾ گھڙي سندس عزت لٽڻ بعد جڏھن ھن جي سيني ۾ گولي ھنئي ھئي. تڏھن مون کي خدا آسمان تان ھيٺ موڪليو ھو ۽ مان سندس تڙپندي روح کي قيد ڪري جڏھن خدا وٽ واپس پھتو ھئس، تڏھن ان روح خدا اڳيان تنھنجي خلاف ڏاڍو دانھيو ھيو ۽ سندس ماءُ جو روح ان جوان ڌيءَ جي وڇوڙي تي اڄ تائين تڙپندو رھيو آھي، اڄ سندس روح جي تڙپ جو آخري ڏينھن آھي، جڏھن ان کي به قيد ڪري مان خدا وٽ حاضر ٿيندس ته اھو روح به تنھنجي خلاف ڀرپور شاھدي ڏيندو ۽ دانھيندو.........”
    چيم “نه ائين ٿي نٿو سگھي، جيڪڏھن ڪنھن گلاخور روح منھنجي خلاف شاھدي ڏني به ھوندي ته خدا ان کي رد ڪري ڇڏيو ھوندو.....”
    چيائين “خدا ڪنھن به روح جي شاھدي رد نٿو ڪري پر ھون به توکان ڪنھن ھڪ نه پر گھڻن روحن جي شڪايت آھي”
    مون کان گھڻن روحن کي شڪايت؟ ” مون حيرانيءَ مان چيو.
    چيائين “خدا تعالى اڄ مون کي جن ماڻھن جي روحن کي قيد ڪرڻ جي لسٽ ڏني ھئي، ان ۾ تقريبن سمورن روحن کي توکان شڪايت آھي.”
    چيم، “انھن روحن جا نالا ٻڌڻ ٿو چاھيان.”
    “چيائين مان تو کي انھن روحن سان مخاطب ٿو ڪيان، تون ھاڻ چگي طرح انھن کي ٻڌجان.” حضرت عزرائيل ائين صوفي تي ساڻس ڀر ۾ رکيل پڃري ڏانھن ھٿ وڌايو ۽ چپن ۾ ڪجھه چيائين ته پڃري مان آواز آيو:
    “تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ “مون کي آواز بلڪل حافظ حاجي غلام الله جي آواز جھڙو لڳو چيم:
    “لڳي ٿو ته تون حافط حاجي غلام الله جو روح آھين، پر صبح جو ته ھو ٺيڪ ھو، اوچتو ھيءُ ڇا ٿي ويس.”
    وچ ۾ حضرت عزرائيل ڳالھايو “خدا کي ضرورت پئي سڏائي ورتائينس. “مان حضرت عزرائيل جي ڳالھه ٻڌي حافظ حاجي غلام الله جي روح سان مخاطب ٿيس “ڏٺئي حافظ ۽ حاجي ٿيڻ مان تو کي اھو فائدو ٿيو، ھونئن به تون مون کان ويھه سال ننڍو ھُئين پر اڄ مون کان پھرئين تون پيو وڃين، ننڍي ھوندي بابا مرحوم مون کي به ائين چوندو ھو ته تون وڏو ٿي حافظ ۽ حاجي ٿجانءِ، مدرسه ۽ مسجدون ٺھرائجان، پر مون ائين ڪونه ڪيو جي ائين ڪيان ها ته هينئر مون وٽ ڇا هجي ها؟ هينئر مون وٽ سڀ ڪجهه آهي، جي تون به مون وانگر سياست ۾ اچي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪرين ها، ملڪ جي تقريبن هر وڏي شهر ۾ پنهنجو بنگلو رکين ها ۽ هر بنگلي ۾ چار چار نوڪر چار چار گاڏيون رکين ها ته تنهنجو اسٽينڊر ٺهي ها ۽ شايد تون ويهه سال مون کان به پوءِ مرين ها..............”
    حافظ حاجي غلام الله جي روح هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائين “مون خدا کان ڏور وڃڻ نٿي چاهيو......”
    چيم “مان وري ڪهڙو خدا کان ڏور ويو آهيان، مان اڄ به خدا جي تمام ويجهو آهيان، خدا جي وڏي مهرباني آهي، جيڪو چاهيندو آهيان اهو جلدي ملي ويندو آهي.”
    چيائين “ پر مون کي توکان هڪ شڪايت رهي آهي”
    “ڪهڙي شڪايت؟” کانئس ورائي پڇيم.
    چيائين “مان هڪ دفعي پنهنجي اڇي ڏاڙهي کڻي تو وٽ آيو هيس، مدرسي لاءِ توکي ڪجهه قرآني سپارن جو عرض ڪيو هيم، توکي ڪجهه دين اسلام جون ڳالهيون ٻڌايون هيم ۽ عياشي ڪرڻ کان روڪيو هئم. تڏهن تون مون کي موٽ ۾ پنهنجن گارڊن جي هٿان بي عزتو ڪري روانو ڪيو هو ۽ هڪ دفعو تو مون تي قاتلاڻو حملو به ڪرايو هو پر ان ڏينهن منهنجو خدا مون سان گڏ هو ۽ تنهنجا ڀاڙيتا ڪتا منهنجو وار ونگو به نه ڪري سگهيا هئا.”
    “خاموش...رڙ ڪري چيم”
    “ذليل ڪميڻا تون ڪوڙو آهين، تون ڪوڙو آهين..........” مان سڄو ڳاڙهو ٿي پگهر ۾ شل ٿي ويس.حافظ حاجي غلام الله جو روح ماٺ ٿي ويو، هڪدم مون کي پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي هئڻ جو احساس ٿيو ته دل ۾ ڪجهه خوشي محسوسي ٿي ۽ فخر منجهان ڪنڌ کي لوڏي مون ڀر ۾ بيڊ تي پيل نيسلي پيور لائيف واٽر جي بوتل ۾ هٿ وڌو. بوتل جو ڍڪ لاهي ٻه ٽي ڍڪ پاڻي جا سڪل نڙيءَ ۾ لاهي، مون بوتل واپس بيڊ تي رکي ۽ پلنگ جي تختي تي رکيل روز پيٽل ٽشو پيپر جي دٻي مان هڪ گلابي رنگ جو ٽشو پيپر ڪڍي مون پنهنجي چهري جو پگهر صاف ڪيو ۽ پوءِ ناڪاره ٿي ويل ٽشو پيپر ردي جي ٽوڪريءَ ۾ اڇليندي حضرت عزرائيل ڏانهن ڏٺم، جنهن جي اکين ۾ ڪاوڙ جا عڪس ڏسجي رهيا هئا، اندر ۾ ڄڻ ته باهه ٻري رهي هئي، چيائين “اڃان به ٻه اهڙا روح مون وٽ آهن جن کي توکان شڪايت آهي.”
    مون ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيم “انهن جو شڪايتون به ٻڌڻ ٿو چاهيان........” حضرت عزرائيل وري پنهنجو هٿ ان پڃري ڏانهن ڪيو ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين ته پڃري مان هڪ عورتاڻو آواز آيو “تون مون کي سڃاڻين ٿو؟”
    “مان حيرانيءَ ۾ پئجي ويس، ڪجهه سوچي چيم نه مان توکي نٿو سڃاڻان؟”
    چيائين “افسوس آهي، اڄ تون مون کي نٿو سڃاڻين، جڏهن تون مون سان راتيون گذاريندو هئين، تڏهن سڃاڻيندو هئين ۽ اڄ نه ڇو؟ مان ڪال گرل ڪائنات جو روح آهيان....”
    “ڪائنات............؟؟” سندس ڳالهه جاري هوندي به وچ ۾ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    “ها ائين سمجهه ته مان ڪائنات ئي آهيان، شروع شروع ۾ مان ڏاڍي سٺي ۽ اشراف ڇوڪري هيس. جڏهن کان تنهنجي ڪوڙي پيار ۾ ڦاسي پئي هئس تڏهن کان تو مون سان روحاني محبت جي بجاءِ جسماني محبتون وڌيڪ وڌائي ڇڏيون هيون ۽ منهنجي جسم کي ڪمند جي ڳتري جيان چوسي چوسي ڇوڏو ڪري اڇليو هو....... تڏهن کان غير مردن سان جسماني لاڳاپا قائم رکڻ منهنجي مجبوري ٿي پئي هئي، جڏهن مان اهڙن ڪمن ۾ ڪاهي پئي هئس ته ماڻهو مون کي ڪال گرل جي نالن سان سڏڻ لڳا هئا، چند پئسن جي عيوض پنهنجي بکئي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ مون سوين ماڻهن جي هٿان پنهنجي عزت نيلام ڪرائي آهي. مان دوزخ ۾ ته وينديس ئي سهي پر خدا اڳيان پنهنجن سمورن ڏوهن جو اصل مجرم توکي قرار ڏيندس...........ها تو کي قرار ڏيندس.”
    “ماٺ ڪر..........” مون ببر شير جيان رنڀي رڙ ڪئي “تون هي ڇا ٿي چئينءَ” تون بڪواس ٿي ڪرين........تون به ڪوڙي آهين ، ها تون به ڪوڙي آهين.” منهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پگهر مان سڄو شل ٿي ويس، ڀر ۾ پيل ٽشو پيپرن جي دٻي مان وري هڪ ٽشو پيپر ڪڍيم، چهرو صاف ڪري نيسلي پيور لائيف واٽر جي بوتل مان ٻه ٽي ڍڪ پاڻي جا ڀري ڪجهه ٿڌو ٿيس ۽ وري حضرت عزرائيل ڏانهن ڏٺم چيائين “ تون مڃين نه مڃين پر هڪ روح اڃا به تنهنجي خلاف شاهدي ڏيڻ چاهي ٿو.”
    چيم “ انهيءَ کي به ٻڌندس .” حضرت عزرائيل وري پنهنجو هڪ هٿ ان پڃري ڏانهن ڪيو ۽ چپن ۾ ڪجهه چيائين ته ان پڃري مان وري هڪ ننڍڙي تمام معصوم ٻار جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو “ تون مون کي سڃاڻين ٿو؟”
    وراڻيم “لڳي ٿو ننڍڙو ٻار آهين ، پر مان توکي سڃاڻي نٿو سگهان.”
    چيائين “مان تنهنجي ٻي نمبر ڌيءَ فرخ جو اهو معصوم پٽ آهيان ،جنهن کي هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ تنهنجي ڌيءَ دوائن جو زهر ڏيئي مون کي واپس موڪلي ڇڏيو.”
    رڙ ڪري چيم “ هي تون ڪهڙي ٿو بڪ بڪين منهنجي ڌيءَ ته اڃان ڪنواري آهي............”
    چيائين “نڪاح نه ڪيو اٿس ته اها ٻي ڳالهه آهي، رت جي رشتن جي حوالي سان بنگلي جو نوڪر لالڻ خان منهنجو بابا....................” سندس جملي پوري ڪرڻ کان اڳ مون رڙ ڪئي خاموش.......” مٿي کي چڪراٽيون اچڻ لڳيون، وجود جي رڳ رڳ ۾ باهه جا شعلا ٻرڻ لڳا، مون کي ائين لڳو ڄڻ ته مان ڪنهن گهري کاهي ۾ ڪري پيو هجان، لڙڪن جي ٽم ٽمان ۾ مان حضرت عزرائيل جي پيرن تي اچي ڪريس ۽ کيس چيم مون کي معاف ڪري ڇڏ. ها مان وڏو ڏوهاري آهيان، ها مان وڏو ڏوهاري آهيان، چئي سڏڪي پيس، سڏڪندي سڏڪندي ڪنهن دم اک پٽيم ڏٺم ته حضرت عزرائيل غائب هو، منهنجي چئني گارڊن جا هٿيار منهنجي ڀر ۾ پيا هئا، مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي ڪنڌ ۾ ڪا رسي پيل آهي، اها گوگهي واري رسي جنهن کي مان ڇڪڻ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو پر اها جيئن پوءِ تيئن ڊگهي ۽ سوگهيءَ ٿيندي ٿي وڃي.


    محبت کي آخري اعزاز

    شهر ڇڏڻ وارو فيصلو رد ڪري اها رات پنهنجي ڪمري ۾ ئي گذارڻ چاهي هئم. سوچيو هيم تنهنجي تصور کي ذهن تان ميسارڻ لاءِ سگريٽ پيئندس، وسڪي پيئندس ۽ پوءِ تنهنجي تصور کي ذهن تان ٿڏي ڇڏيندس. ائين ڪرڻ لاءِ پهرين سگريٽ پيئڻ شررع ڪيا هئم. سگريٽ پيئندو ويو هئس. پئيندو ويو هئس. ڪي اڌ سڙيل سگريٽ ڪن جا رهجي ويل فلٽر ڀر ۾ پيل ايش ٽري ۾ وجهڻ بدران ڪمري جي فرش تي ئي اڇليندو ويو هئس. سگريٽن جو پاڪيٽ ختم ٿي ويو هو، خالي پاڪيٽ زور سان فرش تي اڇليو هئم. پر الئه ڇو وسڪي جو ڀريل ۽ ڇلڪندڙ جام ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ مون کي پنهنجي بچپن جون اهي سندر يادون ذهن تي تري آيون هيون. جڏهن تون ۽ مان ننڍڙا هئاسين تڏهن گڏ رانديون رهندا هئاسين، ڳوٺ جي گهٽين ۾ مٽيءَ جا گهر ٺاهيندا هئاسين، ۽ پوءِ انهن گهرن ۾ گڏين راند رهندا هئاسين. ياد اٿم چانڊوڪين راتين ۾ گهڻو ڪري پاڻ لڪ لڪوٽي راند رهندا هئاسين.
    پاڻ سان گڏ ڳوٺ جا ڪجهه ٻيا ٻار به راند رهندا هئا. پر پاڻ سڀني جا وڏ ڌوڙي هئاسين. ياد اٿم هڪ ڀيرو پاڻ جڏهن لڪ لڪوٽي راند رهندي شفو کي پڙ ۾ ڇڏي پاڻ ٻئي ڏاڏي واري گوندي ۾ هلي لڪا هئاسين. گوندي جي تري ۾ پيل پراڻي ان سبب پاڻ کي گهٽ محسوس ٿي هئي ۽ کنگهه به ٿي هئي. ٻاهر نڪرڻ جي ڪئي هئي سين پر نڪري نه سگهيا هئاسين. دانهون ڪيون هيون سين، رنا هئاسين، ڊپ وڪوڙي ويو هو. الئه ڇا ٿيندو ......؟ايتري ۾ بابا ڊوڙي ڊوڙي آيو هو ۽ پاڻ ٻنهي کي گوندي مان ڇڪي ڪڍيو هئس ۽ پوءِ ڏنيون هيس مون کي گاريون. ڪميڻا ڇورا ڀيڻا مري وڃو ها ته پوءِ.....؟ پاڻ مرين ها ٺهيو پر رئيس جي ڇوريءَ کي به گڏ مارين ها. جي رئيس جو ڇوريءَ مري ها ته رئيس اسان جي ستن پيڙهين کي پيو ڪٽائي ها. هل ڀيڻا ڪميڻا. “بابا مون کي ٻانهن مان جهلي گهر ڏي وٺي ويو هو. مان روئي پيو هئس ۽ ڳوڙها توکان به به وهي نڪتا هئا. پر الئه ڇو پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جي ڳوڙهن کي سمجهي ڪونه سگهيا هئاسين. ڪهڙو اٽوٽ رشتو هو تنهنجي ڳوڙهن جو منهنجي ڳوڙهن سان؟ جو منهنجن ڳوڙهن کي ڏسي تنهنجا ڳوڙها رهي نه سگهيا هئا. يا بچپن جي انهن معصوم ڏينهن ۾ اهي ڳوڙها پنهنجي پر ۾ مستقبل جي ڪنهن مهان رشتي جي تربيت ڪري رهيا هئا.
    ڇا به هو پر ٻئي هڪ ٻئي جي ڳوڙهن کي سمجهي ڪونه سگهيا هئاسين. مون کي اهو وقت به چٽي طرح ياد آهي اونهاري جي موسم ۾ نيري اُڀ تي جڏهن ڪو ڪارو ڪڪر ڏسندا هئاسين، تڏهن اچي چادر جو جهول ڪنڌ ۾ وجهي “ڪارڙو ڪمارڙو ان پاڻي ڏي مولا مينهڙو وسائي....” جو گيت ٻالڪ آواز جي مٺي ترنم ۾ ڳائيندا هئاسين ته گهٽي گهٽي مان ٻارن جون قطارون نڪري اينديون هيون. سڀ جا سڀ پنهنجي پويان ٿيندا هئا ۽ ڪاروڙ ڪمارڙو ڳائيندا هئا، کلندا خوش ٿيندا ۽ ڪڏندا هئا. ٻارن جي قافلي سان گڏ گهٽي گهٽي تي بيهي ڪارڙو ڪمارڙو ڳائيندا هئاسين ته ماڻهو پاڻ کي ان جا لوٽا ڀري ڏيندا هئا ۽ پاڻي جا ٿڌا دلا پنهنجي مٿان هاريندا هئا ته پاڻ سان گڏ سمورا ٻار کلندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ پوءِ ان سموري ان جا ڳُڙ وارا مٺا ڪول چاڙهيندا هئاسين ۽ پوءِ جست جي ٿالهين ۾ وجهي اڱڻ جي ڀت تي قطارون ڪري ويهي کائيندا هئاسين. ياد اٿم اسڪول به گڏ ايندا ۽ گڏ ويندا هئاسين، اهو به ياد اٿم اسڪول ۾ پاڻ ٻئي هڪ ئي بئنچ تي ويهندا هئاسين. ننڍڙي ئي عمر ۾ شرارتن جا ته پاڻ شيطان هوندا هئاسين. ياد اٿم هڪ ڀيرو سائين ڍينگانو ڪلاس کا ٻاهر ويو هو ته پنهنجي ٽوپي ٽيبل تي ڇڏي ويو هو ۽ پوءِ اها ٽوپي پاڻ ٻنهي گڏجي چوري چوري کڻي چوري شفو جي ٿيلهي ۾ ويجهي ڇڏي هئي.
    سائين ڍينگاڻو جڏهن ڪلاس ۾ واپس آيو هو ته ٽيبل تان پنهنجي ٽوپي غائب ڏسي پڇيو هئس “منهنجي ٽوپي ڪنهن لڪائي آهي” سڄو ڪلاس خاموش هو ٻيو ته ڪنهن کي به خبر ڪونه هئي پر توکي ۽ مون کي خبر هئي . تون ۽ مان ٻئي اندر ئي اندر ۾ کلڻ لڳا هئاسين ۽ پوءِ سائين سڀني جا ٿيلها ڦلهوريا هئا. ٿيلها ڦلهوريندي اها ٽوپي نيٺ شفو جي ٿيلهي مان نڪتي هئي ۽ پوءِ سائين ڍينگاڻي شفو کي لٺين سان ڳاڙهو ڪري رکيو هو. پاڻ ٻئي کليا هئاسين، نه رڳو پاڻ پر پاڻ سان گڏ سمورو ڪلاس به شفو تي کليو هو. سڀني ٽهڪ ڏنا هئا، شفو روئي پيو هو ۽ پاڻ وڌيڪ کليا هئاسين. ڳچ ڏينهن کان پوءِ اها خبر سائين ڍينگاڻي کي الائي ڪيئن پئجي ويئي ته اها ٽوپي شفو نه لڪائي هئي بلڪ اها پنهنجي شرارت سان شفو جي ٿيلهي ۾ وئي هئي. ان ڏينهن ڍينگاڻي مون کي ابتي هٿ جون ٻه لپاٽون وهائي ڪڍيون هيون ۽ توکي ڇڏي ڏنو هئس. شايد انهيءَ لاءِ ته تون ڇوڪريءَ هئينءَ تڏهن . مون کي انهيءَ وقت جون اهي سڀ سندر يادون اڄ به ياد آهن، پر چٽيون ياد آهن پرائمري جي پهرين درجي کان وٺي مئٽرڪ جي ڏهين درجي تائين پاڻ زندگي جون ڏهه بهارون گذاري چڪا هئاسين ۽ انهن ئي ڏهن بهارن سان گڏ پنهنجي پوري زندگيءَ جون پنڌرنهن بهارون گذري چڪيون هيون . يعني پاڻ بچپن جي حد اورانگهي جوانيءَ جي انهيءَ ڏاڪي تي پهريون قدم رکي چڪا هئاسين. جتي عشق ۽ سونهن جا باب پڙهيا ويندا آهن، جتي جواني جي چاهت ۽ سپنن جي ساڀيان پٺيان نيڻ رلندا آهن. اها به پنهنجي ڪيڏي نه خوشقسمتي هئي جو ڪاليج ۾ به گڏ پڙهيا هئاسين. ڪاليج ۾ به ڪڏهن ڪڏهن تنهنجن ننڍڙين ننڍڙين شرارتن مان مون کي بچپن جي خوشبوءِ ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تون مون سان عشق، سونهن ۽ محبت تي بحث ڪندي هئينءَ. ياد اٿم تون مون سان ليليٰ مجنون جي ڪردارن تي بحث ڪندي هئينءَ. هير رانجهي جي ڪردار تي بحث ڪندي هئين. ياد اٿم عمر مارئي ۽ سسئي پنهون جي ڪردارن تي بحث ڪندي هئين ۽ انهيءَ ئي وقت ۾ پنهنجي عشق ۽ محبت جو بحث خود بخود ٿيڻ لڳو هو ۽ ڄاڻندي به اڻ ڄاڻائي ۾ تو منهنجي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ۾ رنگ ڀري پنهنجي اکين جي فريم ۾ ٽنگي ڇڏيو هو ۽ مون تنهنجي چري دل کي پنهنجي دل جي قيد خاني ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو.
    پر الئه اهو ڪهڙو ڪنوارو حجاب هو، جو تون مون کي اهو چئي ڪونه سگهي هئين، ته تنهنجي گم ٿي ويل بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ۾ رنگ ڀري مون پنهنجي اکين جي فريم ۾ اها تصوير ڦٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ الئه ڇو مان به توکي اهو چئي ڪونه سگهيو هئس، ته تنهنجي گم ٿي ويل دل منهنجي دل وٽ قيد آهي. تون مون سان محبت ڪرڻ لڳي هئين ۽ مان توسان عشق ڪرڻ لڳو هيس. پر اقرار ۽ اظهار جي همت نه تو ۾ هئي ۽ نه وري مون ۾ ...... پوءِ اهو ڪهڙو رشتو هو، پنهنجو ڪهڙو سٻنڌ، ڪهڙو عشق ۽ ڪهڙي محبت هئي پنهنجي؟ جنهن جو اظهار پنهنجي وات بدران ڪاليج جي ٻين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي واتان ٿيو هو. ياد اٿم اهو ڏينهن اهو لمحو جڏهن ڪاليج جي ڪمپائونڊ وال تي اياز جو شعر لکندي تو مون کي چيو هو “شهڪي ڪاليج جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڇا ٿا چون.......؟
    “ڇا ٿا چون.......؟” پڇيو هئم.
    “چون ٿا ته ..........” اڳتي تنهنجي زبان اٽڪي پئي هئي . ڪا هچڪ تنهنجن چپن تي لهي آئي هئي . توکان ورائي پڇيو هئم......ته.........”
    “ته.........ته تون ۽ مان ٻئي هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا.......” تنهنجي چپن تي شرميلي مسڪراهٽ هڪ ٽهڪ ڏنو هو ۽ منهنجي دل اندر جي ميدان تي فوٽ بال جيان گدون کائڻ لڳي هئي. ان ويل مون به توکي چئي ڇڏيو هو ته تنهنجي گم ٿي ويل دل مون وٽ آهي ۽ تو به اکيون اکين ۾ وجهي ٻڌائي ڇڏيو هو ته تنهنجي وڃائجي ويل بليڪ ايند وائيٽ تصوير ۾ رنگ ڀري مون منهنجي اکين جي فريم ۾ رکي ڇڏيو آهي .ياد اٿم انهيءَ ئي ڏينهن کان پوءِ تون ۽ مان ڪاليج ۾ ليليٰ ۽ مجنونءَ سڏجڻ لڳا هئاسين ۽ اهو ڏينهن ياد اٿم جنهن ڏينهن تو سيريس ٿي چيو هو ته “شهڪي بابا کي پنهنجي پيار جي خبر پئجي وئي آهي.
    “ته ڇا ٿيو.......؟”
    “ڇا ٿيو.......؟ خبر اٿئي مون کي ڇا چيو اٿس.”
    “ڇا چيو اٿس......؟”
    چيو اٿس ته ٻڌو اٿم ته تون ڪاليج ۾ شهڪي سان گڏ گهڻو هلندي ڪندي آهين، تون ان جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏ نه ته ڪاليج وڃڻ بند ڪري ڇڏيندو سانءِ.”
    “ته پوءِ تو ڇا چيو....؟”
    “مان خاموش رهي هيس.....” ۽ پوءِ مون ڏنا هئا ٽهڪ ۽ دل هنيون هيون هُندون زماني سان چئلينج ڪرڻ لاءِ. پر زماني سان چئلينج ڪونه ڪيو هئم. چئلينج پنهنجي پاڻ سان ڪيو هئم ۽ چئلينج زماني جي ڪوڙين ريتن رسمن سان ڪيو هئم، سوچيو هئم مان عشق جي مائونٽ ايورسٽ چوٽي تي چڙهي فرسوده ريتن ۽ دقيانوسي سوچن جي ڪاري ڇمر کي ٽوڙي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندس ۽ هڪ زنده فضا جو بنياد رکندس. پر ونٽر جي ان وئڪيشن پڄاڻان تو چيو هو “شهڪي منهنجو مڱڻو ٿي ويو آهي، منظر نالي منهنجي ان ڪزن سان جيڪو آمريڪا ۾ پڙهندو آهي ۽ چون پيا هو پهرين تاريخ ايندو ۽ پنڌرنهن تاريخ تائين اسان جي شادي به ٿي ويندي......” تو اهي لفظ نه ڳالهايا هئا ڄڻ ته شيهو منهنجي ڪنن ۾ پلٽايو هو. ڄڻ ته تو منهنجي دل تي لفظن جا ائٽم بم ڪيرايا هئا ۽ محسوس ٿيو هئم پنهنجو وجود پاڻ کي ريزه ريزه ٿيندي. ان ويل محسوس ٿيو هئم پنهنجو چئلينج پاڻ تي چٿرون محسوس ڪيو هئم. پنهنجي چئلينج کي ڪنبدي ۽ وائڙو ٿيندي........ پر ڍرڪي پيل ڪنڌ کي اميدن جو سهارو ڏيئي چيو هئم توکي “ چري انهيءَ ۾پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي....... تنهنجو ۽ منهنجو رشتو ته آسمان تي جڙيو آهي. توکي ۽ مون کي ڪو جدا نٿو ڪري سگهي. جي تو چاهين ته اسان پنهنجي دل جون سموريون اميدون پوريون ڪري سگهون ٿا. ۽ ياد اٿم ان ڏينهن منهنجا موتي جهڙا لڙڪ مٽي ۾ ملندي ڏسي تون خاموش رهي نه سگهين هئين. تون پنهنجي گهر جي چؤديواري اندر پنهنجي پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ خلاف جنگ لڙڻ لڳي هئين. تون احتجاج ڪرڻ لڳي هئين. پيءَ جي دهشت ڀرين اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو. ڪمرو بند ڪري اونداهيءَ جي ڪکُ ۾ سڏڪڻ به تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو . رات ڏينهن ماني نه کائڻ ۽ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ به تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو ۽ مڃان ٿو ته نه وهنجڻ، نه وار سنوارڻ ۽سڄو سڄو ڏينهن جگجيت جا اداس غزل ٻڌڻ به تنهنجي احتجاج ۾ شامل هو ۽ مڃان ٿو ته پنهنجي خودڪشي ۽ سهاڳ رات منظر کي زهر ڏيڻ واري تنهنجي اها ڳالهه به احتجاج ۾ شامل هئي. پر انهن سمورن احتجاجن جي ٽوڙ فقط منهنجو قسم هو جيڪو ڏنو هو توکي تنهنجي ماءُ...... جنهن تنهنجي احتجاجن ۾ نرمي پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان ڏينهن شام جو تو هڪ ننڍڙي ٻار جي هٿان مون ڏي هڪ چٺي ڏياري موڪلي هئي. چٺي ۾ لکيو هيئي. “مون کي ڏنو آهي منهنجي ماءُ تنهنجو قسم سمورن احتجاجن کي ختم ڪرڻ لاءِ چئو مان تنهنجي قسم جو ڀرم رکان ۽ سمورا هٿيار انهن جي قدمن ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيان، يا چئو مان آخري دم تائين وڙهان، مان وڙهندي رهان ۽ پوءِ پنو هٿ ۾ نپوڙجي ويو هو. ڄڻ ته تنهنجو ۽ منهنجو رشتو نپوڙجي ويو هو ۽ پوءِ توکي سمورا هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو هئم ۽ چيو هئم اسان هڪ ٻئي جي دلين ۾ جيئنداسين، اهي سموريون سندر يادون منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيون هيون ۽ ذهن جي پردن تي ڪنهن پڪچر جي سينن جيان بدلجي رهيون هيون، وسڪي جا جام پيئڻ جو واعدو ڪري ويٺل مان الئه ڇو هٿ وسڪي جي جام ڏانهن وڌائي ڪو نه سگهيو هئس. بي چيني ٿيڻ لڳي هئي. بدن ۾ گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي هئي ڪمري ۾ اٿي دري کولڻ چاهي هئم اها دري جنهن منجهان مان ڪڏهن ڪڏهن پري کان تنهنجو ديدار ڪندو هئس. ۽ ڪڏهن ڪڏهن تون ان دري مان مون کي ڏسندي هئين. دري کولي هيم، تازي هوا جي ڪجهه جهونڪن سان تنهنجي شادي ۾ وڄندڙ شرناين دهلن ۽ تنهنجي خوشي ۾ ڳائيندڙ تنهنجي سهيلين جي ڳيچن جا مٺڙا آواز منهنجي ڪنن جي پردن سان ٽڪرايا هئا. جيءُ کي جهٻي اچي وئي هئي. سامهون تنهنجي گهر جي بلڊنگ تارن جي ڇانوَ ۽ رات جي اوندهه ۾ رنگين بلبن جي جهرڪڻي روشني ۾ عجيب منظر پيش ڪري رهي هئي. پر اها منهنجي لاءِ قيامت سمان هئي، جنهن منهنجي اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو هو دري بند ڪري ڇڏيان......نه.......دري بند نه ڪري سگهيو هئس. دهلن شرناين ۽ ڳيچن جا هي مٺڙا آواز مسلسل منهنجي ڪنن تي پئجي رهيا هئا. دريءَ کان واپس موٽيو هئس. فرش تي وکريل سڙيل سگريٽن کي لتاڙيندو بڪ شيلف ڏي وڌي آيو هئس. شيلف جي هڪ خاني مان ڊائري ۽ هڪ قلم ڪڍيو هئم.....سوچيو هئم اڄوڪي اذيت ڀري رات ۾ عذاب مان ٻڏل زهريلو لفظ لفظ جيڪو ذهن اوڳاڇي سگهيو سو لکندس. ڊائري کولي پندرهين تاريخ جي اڀاڳي رات جي بي رحم وارتا لکڻ لڳو هئس پر الئه ڇو منهنجن اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن جيان قلم جي نوڪ مان ڪاري مس جا ٻه وڏا ڦڙا ڪري پيا هئا. اکيون بند ڪري ڇڏيو هئم. مان جيئان.......؟؟ نه مون کي جيئڻ نه گهرجي.
    اهڙي سچوئيشن ۾ جي مان زماني جي چٿرن جو محور بنجڻ نٿو چاهيان. مون کي خودڪشي ڪرڻ گهرجي. ها مون کي دريءَ منجهان ٽپو ڏيڻ گهرجي. اهو سوچي مان اٿيو هئس، ذهن ۾ هڪ خيال آيو هو توکي آخري چٺي ۾آخري لفظ لکيا هيم، اسان هڪ ٻئي جي دلين ۾ جيئنداسين، ڇا مرڻ کان پوءِ اسان هڪ ٻئي دلين ۾ جيءَ سگهنداسين......؟؟ جواب ان ويل ئي پنهنجي ذهن کان مليو هيم. “دلين ۾ ته مري ويل ماڻهو ئي جيئندا آهن ۽ اهو خيال آيو هئم ته چوندا آهن ته عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن مان عشق ۾ شهيد ٿيڻ چاهيان ٿو ته پوءِ پڪ آهي مان موٽي ايندس، ڇو جو مان عاشق به هوندس ۽ مان شهيد به هوندس. سوچي مان دري وٽ وڃي بيٺو هئس کليل دري منجهان سامهون تنهنجي گهر جي چراغان ٿيل بلڊنگ هئي ۽ منهنجي ڪنن تي پوندڙ تنهنجي شاديءَ ۾ وڄندڙ دهلن شرناين ۽ تنهنجي سهلين جي ڳيچن جا مٺڙا آواز هئا. رات ويلي هوا جا نرم ۽ ڪنوارا جهونڪا هئا، جيڪي منهنجي خودڪشي جي راهن ۾ گل وڇائي رهيا هئا. ذهن کي مضبوط ڪري مان دري منجهان ٽپو ڏيڻ وارو ئي هيس جو اوچتو پنهنجي ساڄي ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ رکجندي محسوس ڪيو هئم. ڪنڌ ورائي ڏٺو هيم منهنجون اکيون ڦاٽي ويون هيون.حيرانيءَ جا سارا پاڇا ڊگها ٿي ويا هئا. سامهون تون بيٺي هئين. ڪنوار جي روپ ۾. ڄڀ وات ۾ اٽڪي پئي هئي “سومي تو.....؟؟؟ تون خاموش هئين. هندن جو ڀڳوان جيان، تنهنجي اکين ۾ لڙڪ هئا ستارن جهڙا ۽ تنهنجي چپن تي شهيد ٿي ويل احتجاجن جا ارمان هئا اڌورا. ان ويل لڳي هئين مون کي تون خزان جي رهزن رُت ۾ پريت جي لبن تي بيٺل ان وڻ جيان جنهن جا سمورا رنگ بي ڏوهي جي روح جيان پرواز ڪري ويندا آهن. جنهن جا گوئچ جنهن جون معصوم شاخون جنهن جا ڳاڙها گل فلسطيني ٻارن جيان شهيد ٿي ويندا آهن . ڳالهائڻ بنا ٻانهون ڦلهوري ڪنڌ منهنجي ڪلهي تي لاڙي سڏڪي هئينءَ ۽ منهنجون اکيون سانوڻ رت ۾ ڪنهن ڇيڳري بادل جيان برسي پيون هيون. تنهنجي چپن تي زوري ٿڦيل رت هاڻي ڳاڙهي لپ اسٽڪ جي رنگ کي اورانگهيندا تنهنجا سڏڪا زهر جي قطري قطري جيان منهنجي دل جي تهه خاني ۾ جمع ٿيڻ لڳا هئا. ڪي پل ائين ئي سڏڪندا رهيا هئاسين. ٻئي ۽ پوءِ ڌار ٿيا هئاسين. هڪ ٻئي جي ٻانهن مان ڌار ٿيندي مون تنهنجي اکين مان ڳوڙهن وسيلي لڙهي آيل ڪاري ڪجل جا ڪارا ليڪا تنهنجي ڳاڙهي ڳلن تان پنهنجي هٿ جي آڱرين سان ڊاهيا هئا ۽ تنهنجي نراڙ جي ساڄي پاسي وٽان ڍرڪي پيل سوني نٿ جي بيلٽ کي سڌو ڪيو هيم. تون خاموش هئين اڃا به تنهنجي هٿ پڪڙيندي ڳالهايو هئم “اڄ رات تون هت ڪئين آئين.....؟”
    “توسان ملڻ......” اندران سڏڪي ڳالهايو هيئي.
    “اڄ رات توکي هت ڪو نه اچڻ گهربو هو ،اڄ رات ته تنهنجي شادي جي هئي.......؟”
    “منهنجون ٻه سهيليون مون سان ٻڌل آهن مان پڪو بندوست ڪري آئي آهيان.”
    “تون ڪنهن جي لاءِ هتي آئي آهين؟”
    “مان تنهنجي لاءِ آئي آهيان شهڪي مان تنهنجي لاءِ آئي آهيان، مان هينئر تنهنجي سامهون آهيان، تون چاهين ته اسان هي شهر ڇڏي .....” جملي پوري ڪرڻ کان اڳ مون تنهنجن سنهڙن چپن تي پنهنجون آڱريون رکي ڇڏيون هيون.
    “اسان بزدل محبت جيئڻ نٿا چاهيون، مون کي خبر آهي سومي اسان جي وڏڙن جي پوڙهن پٽڪن جي ورن ۾ ورهين کان لڪيل جيڪي ريتون ۽ رسمون آهن سي اسان جون قاتل آهن، توکي ۽ مون کي انهن جا ڪتا جبلن جي ٻرن مان به ڳولي ڪڍندا ۽ پنهنجي جسمن جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيندا، جي بچي به وياسين ته به هڪ خوف پاڻ سان گڏ جيئندو جيڪي خوشي جي لمحي لمحي جي پيرن ۾ زنجير وجهندو، پوءِ اهي خوشيون ڀلا توکي ۽ مون کي ڇا ڏينديون سومي.......؟؟
    “ تون واپس موٽي وڃ ، سومي ڊاڪٽر منظر جون خوشيون تنهنجون منتظر آهن.
    “۽ تون.....؟؟؟”
    “۽ مان......تنهنجي خوشين کي جٽادار بنائڻ لاءِ دعائون گهرندس .انهيءِ جذبي سان ته اسان جسماني طور هڪ نه ٿي سگهياسين ته ڇا ٿي پيو. اسان دلي طور اسان روحاني طور ته هڪ ٻئي سان گڏ آهيون. اسان هڪ ٻئي جي دلين ۾ جيئنداسين، سئو صديون ۽ هڪ ٻئي کي هڏڪين جا تحفا ڏيئي سارينداسين، هزارين سال....” هڪ لمحي لاءِ تنهنجي چپن تي اداس مرڪ وکري ۽ وري گم ٿي وئي هئي.....ڳالهايو هيئي “شهڪي.....
    “هون....؟”
    “مان اڄ پنهنجي محبت کي آخري اعزاز ڏيڻ آئي آهيان”
    اسان جون هڪ ٻئي جي بخت جي بابن ۾ چٽيل تصويرون ڌنڌليون ٿي ويون آهن، اسان جا هٿ خالي ٿي ويا آهن، اسان محبت کي آخري اعزاز ڪهڙو ڏيئي سگهون ٿا....؟ اکين ۾ ڳوڙها هوندي به مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هيئي، اسان محبت کي آخري اعزاز ڏيئي سگهون ٿا بلڪ مون محبت کي آخري اعزاز ڏيئي ڇڏيو آهي، تو وٽ شادي رات ڪنوار جي روپ ۾ اچي....... مان خاموش ئي رهجي ويو هئس. ڳالهايو هيئي “تنهنجي دل ۾ منظر جي باري ۾ نفرتون کٽڪي رهيون هونديون.....؟”
    “منهنجي منظر جي خوشين سان ڪهڙي دشمني آهي، ڏک آهي ته بس تون ۽ مان هڪ ٿي نه سگهياسين.....پر.....سومي تون جلدي واپس موٽي وڃ.......”
    “مان هڪ شرط سان وينديس....”
    “ڪهڙي شرط.....؟”
    “توکي منهنجي شادي جي رسم ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو.....”
    “تون جي دل سان چئين ٿي سومي ته مان ايندس، صبح جو دل تي پٿر ٻڌي اکين جا لڙڪن سان ڀريل جام هاري ۽ چپن تي تنهنجي خوشي جو تصور ڌاري.......” کلڻ جي ڪوشش ڪئي هُيئي، پر کلي نه سگهي هئين. فقط ڪمزور مرڪ جي هلڪي جهلڪ تنهنجن چپن تي اچي ۽ وري گم ٿي وئي هئي. ٻيهر تون منهنجن ٻانهن ۾ ڪري پئي هئين سڏڪي هئين ۽ توسان گڏ مان به سڏڪيو هئس ۽ پوءِ تنهنجا لڙڪ اگهڻ جي رسم ڪيڏو نه درد ناڪ منظر هئي، جنهن جي سيڪنڊ سيڪنڊ ۾ پاڻ واري جي مٺ جيان اندارن وکريا هئاسين ۽ ڪچي ميڻ جي ڪچي وجود جيان وگهريا هئاسين ۽ پوءِ تو وڃڻ جي ڪئي هئي. ويندي دروازي وٽ بيهي پُٺ ڏي مڙي تو ڳالهايو هو “تون صبح جو ايندين نه محبت کي آخري اعزاز ڏيڻ....؟”
    “ها......” چيو هئم ۽ پوءِ تون هلي وئي هئين، ٻه چار مئل قدم کڻي دروازي وٽ اچي بيٺو هئس پر توکي هيٺ ڇڏڻ لاءِ ڪونه لٿو هئس، ڇو جو منهنجي جسم ۾ سگهه ڪونه هئي. چاڙهي جا 15 ڏاڪا چڙهڻ جي ڪي پل دروازي تي ئي بيٺو هيو هئس، ۽ پوءِ دروازو بند ڪري پلنگ تي اچي ڪري پيو هئس. انهيءَ آس ۽ انهيءَ جذبي سان ته مان صبح جو سومي ۽ منظر جي نڪاح جي رسم ۾ شريڪ ٿيندس. سومي کي هڪ خوبصورت گفٽ ڏيندس ۽ هڪ گفٽ منظر کي به ڏيندس ۽ منظر کي ڀاڪر پائي شاديءَ جون واڌايون ڏيندس. کلندس ۽ خوش ٿيندس ۽ پوءِ ائين محسوس ڪندس ڄڻ ته مون به محبت کي آخري اعزاز ڏيئي ڇڏيو آهي............


    محبتون کسجي وينديون آهن

    اونداهيءَ رات جو پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي بيٺو هئس. اهو سانجهي جو ٽائيم هو. مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو رات جو پنهنجي گهر جي ڇت تي ڇو چڙهيو هئس. انهيءَ لاءِ ته خودڪشي ڪندم، خودڪشي ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو هئم ڇو ته اڄ بهار جي مائٽن طرفان صاف صاف انڪار آيو هو ته ان چرئي ليکڪ کي بهار جو سڱ ڪونه ڏينداسين، ٻيو ته ان جي ماءُ کي ڪينسر آهي، اسان جي ڌيءَ ان بيمار مريضه جي ڦٽن تي لپريون رکڻ نه ويندي”.
    اهي لفظ بهار مُند جي گلابي ٻوٽن ۾ پيدا ٿيل ڪنڊن جيان لڳا هئا. تڏهن سوچيو هئم ته انهن ڪنڊن کي پنهنجي آتن هٿن ۾ چڀڻ ڏيندس رت وهڻ ڏيندس پر گلاب جو گل ضرور حاصل ڪندس، جيڪو منهنجي مرجهايل من جي مهڪ ٿيندو.......نه ڄاڻ ڪيترن ڏينهن تائين بهار جو انتظار ڪندو رهيو هئس پر بهار جي ديدار جو هڪ جهوٽو به نه مليو هئم.
    تڏهن مون کي زندگي دٻي ۾ بند ناڪام فلم جيان لڳي هئي. ماچيس جي ننڍي کولي ۾ بند ان ڪاٺ جي تيلي جيان لڳي هئي، جنهن جي سيني ۾ مچ جو بارود ڀريل هوندو آهي، تڏهن سوچيم هئم ته حقيقت کي حقيقت ۾ تبديل ڪجي، فاصلن کي مٽائي ڪونه سگهبو ۽ وقت کي موٽائي ڪونه سگهبو........ساهن جي سر سر سيني ۾ سڏڪي رهي هئي گهٽجندڙ احساس التجائون ڪري واپس موٽي ويا هئا ۽ لڙڪ ڦاٽل اکين جي ٽٽل ڪنارن تي احتجاج جا جهنڊا کڻي ريهون ۽ ڪيهون ڪرڻ لڳا هئا، پر مون ڪجهه وڌيڪ ڪجهه بي مقصدو سوچڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ اڄ گهر جي ڇت تي چڙهي بيٺو هئس. سڄو ڳوٺ بلبن جي روشنيءَ سان مهڪي رهيو هو. ڪٿي ٽيپ رڪارڊ وڄي رهيا هئا. ڪٿي ٽي ويون هلي رهيون هيون ته وري ڪٿي هڪ بئنڊا ريڊيا وڄي رهيا هئا پر منهنجي گهر ۾ ماٺ هئي. ماٺ به ڪيئن نه هجي امان به مون جيان زندگي جي هٿان شڪستون کائي چڪي هئي. بابا گهڻو ڪري گهر نه رهندو هو. باقي هڪ ٻه ڀاءُ اٿم جيڪي به پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ غائب هئا. مون اڄ ڪنهن جو به نه سوچيو فقط پنهنجي ارادي تي اٽل هئس ته اڄ مان خودڪشي ڪندس......آپگهات ڪندس ۽ هي دنيا ڇڏي ٻي دنيا ڏانهن لڏي ويندس جتي ڏک نه هوندا، جتي انڪار نه هوندا...............جتي عيب، جتي ٺوڪرون، جتي للڪارون نه هونديون، هڪ وار لڙڪن سان سرشار نيڻن کي هڪ جهٽڪو ڏنو هئم. ڪجهه بي مندائتا لڙڪ پڪل ٻيرن جيان هيٺ ڇڻي پيا هئا. ڏندن ۾ آڱر ڏيئي سوچيو هئم ته “اسان انسان پيار ڇو ڪندا آهيون، محض انهيءَ لاءِ ته بدنام ٿيون، ناڪام ٿيون ۽ پنهنجن خوبصورت زندگين کي الوادع چئي هميشه هميشه لاءِ پنهنجن راهن ڏي واپس موٽي وڃون؟
    پيار ۾ هميشه ماڻهو بدنام ٿيندو آهي، ذليل ۽ هڪ ٽڪي جو ٿيندوآهي. هن دنيا جي ساڳي انسانن مجنون ۽ فرهاد به پيار ڪيو هو، کين عشق جي آڳ وڪوڙي وئي هئي، تڏهن هو پيار ۾ سڀ کان وڌيڪ برباد ٿيا هئا. انهن جي حالتن جي تاريخ شاهد آ پر مان اڄ پنهنجي بربادي لاءِ وشال آڪاش کي شاهد بڻائيندس، ستارن کي شاهد بڻائيندس.
    رات جي سناٽي کي شاهد بڻائيندس ته واقعي مون به محبت ڪئي هئي. مجنون ۽ فرهاد جيان بدنام ۽ برباد ٿيو هئس. منهنجي محبت جي تاريخ به مجنون ۽ن فرهاد جي پيار جي پراڻي تاريخ جيان زوال تائين زندهه رهندي. مون کي به ناڪام پيار ڪندڙن ۾ شمار ڪيو ويندو ۽ جڏهن انهن جو ذڪر ٿيندو ته منهنجو نالو به مجنون ۽ فرهاد جي نالن جي پويان هوندو. مون عزم ڪري ڇڏيو ته من جي ميدان جي دکندڙ مچ تي لڙڪن جو پاڻي ڪونه هاريندس. وڏن ساهن جي ڦوڪن سان مچ کي ڪونه وسائيندس. مون عزم ڪري ڇڏيو ته سوڙهي بوٽ ۾ بند زندگي کي خلاصو ڪو نه رکندس. ڀل ته هو ٻوساٽجي ٻوساٽجي ڪنهن جي پيار ۾ دم ٽوڙي. اها ئي منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي فخر جي ڳالهه آهي. مان آهستي آهستي اٿيس ۽ گهر جي ڇت جي پوئين پاسي کان اچي بيٺس. پوئين پاسي کان ان ڪري بيٺو هئس ته گهر جي پوئين پاسي کان تمام وڏو هڪ کڏو آهي جنهن ۾ ٻٻرن ۽ ديوين جا ڪنڊا پيل آهن. مون کي پڪ هئي ته اتي ڪرڻ سان مان ڪڏهن به بچندس ڪونه، جلد مري ويندس. منهنجي خواهش پوري ٿي ويندي، پر جلدي ڪنهن کي خبر به ڪونه پوندي، جيسين وڃي لاش ڌپ نه ڪندو ۽ ڳجهون ڦيرا نه پائينديون. مون اکيون پوري جيئن ئي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇت وٽان ڳڙکن مان مون کي امان جا ڪمزور ۽ سست آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هوءَ مون کي سڏي رهي هئي، “جواز پٽ، پٽ جواز” امان جي ان آواز ۾ هاڻ ڪافي حد تائين ڏڪڻي ۽ لرزش پيدا ٿي چڪي هئي. جنهن تي منهنجي دل رحم کائي وئي هئي. منهنجي اٽل فيصلو به اڄ امان جي هڪڙي چنگهه تي ٽٽي پيو. سوچن تي محور جي نئون تصور چٽجي ويو ۽ مان سڄو پيلو ٿي، هڪدم گهر جي ڇت تان هيٺ لهي آيس. سامهون ورانڊي جي ڪنڊ ۾ پيل ڀڳل کٽ تي امان چنگهي رهي هئي. هن جو چهرو هاڻ هئڊو ٿي ويو هو. اکين ۾ ٻڏل لڙڪ آهستي آهستي عيان ٿيڻ لڳا هئس. شايد هينئر تڪليف جو شديد دورو پيو هئس، تڏهن هن مون کي سڏڻ ۽ چنگهڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر آواز ۾ ڪافي درد جو زهر لهي آيو هو. اهو انهيءَ ڪري ته امان کي پهرين پهرين ڪينسر ٻٽيهه جي هيٺئين ڏاٺ ۾ ظاهر ٿي پوءِ آهستي آهستي سڄي ڄاڙي وڪوڙي وئي ۽ هاڻي نڙي ۾ هيٺ لهي آئي هئي، تنهن ڪري امان جو کائڻ پيئڻ ته حرام ٿي چڪو هو پر ڳالهائڻ ۾ به ڪيئي رنڊڪون پيدا ٿي چڪيون هيون. اڪثر هو منجهندي ۽ اٽڪندي هئي، جيڪو هينئر مون پري کان ئي محسوس ڪري ورتو هو. مان ڊوڙ ڪري امان جي سيرانديءَ کان اچي بيٺس . “امان......امان ڇا ٿي ويو؟” امان کان تڪڙو تڪڙو پڇي ويو هئس.
    “ پٽ ................پٽ نڙي ۾ سور آ” امان جي آواز سان گڏ اکڙين ۾ لڙڪن جي ڌنڌ اڀري پئي هئي.
    “امان نڙيءَ ۾ سور پنهنجو هٿ امان جي نڙي تي رکندي پڇيو هئم. امان ڍري ڪنڌ سان هاڪار ڪئي هئي. مون هڪدم ڀر ۾ ٽيبل تي پيل هڪ دوائن جي ڳوٿري کڻي ورتي، اُن مان هڪڙي سيرپ جو ڍڪ لاهي ٻه چمچا دوا جا امان کي پياريم.
    “پٽ......پٽ......ڪڙي آهي.”
    “امان” چيو هئم . “زهر کي زهر ئي وڍيندو آهي” امان ماٺ ٿي وئي هئي. ڪڙي ۽ زهريلي دوا هئڻ ڪري امان جي ڦاٽل اکين جي ٽڪر ٽڪر ۾ لڙڪن جا بادل ٺهي پيا هئا. دوائن جي ڳوٿري واپس ٽيبل تي رکندي امان جي سيرانديءَ کان اچي ويٺس ۽ پنهنجو هڪ هٿ امان جي ٺريل پيشانيءَ تي رکي ڇڏيم.
    “پٽ......ڪيڏانهن ويو هئين؟”
    “مان” چيم “مرڻ ويو هئس” امان سڪل ۽ پيلا دوڏا ڦيري مون ڏانهن ڏٺو ايئن محسوس ٿيم ته امان جون ليلائيندڙ اکيون مون کي روڪينديون ۽ مان رڪجي ويندس.
    “پٽ مون کي مارڻ جون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟”
    “امان.........” چيم “مان توکي مارڻ جون ڳالهيون ڪو نه ٿو ڪريان، مان پنهنجي اندر جي آڳ اُجهائيندس.........” امان روئڻهارڪي ٿي پئي هئي . پنهنجي پيشاني تي پيل منهنجي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکندي چيو هئائين “مون کي هن حال ۾ ڇڏي ڏيندين؟” ٿورو هٻڪي اکيون ڇنڀندي وري چيائين “يا مون مان بيزار آهين؟” انهيءَ جملي اوڳاڇڻ سان سندس ڏٻرين اکين جا لڙڪ وهي وهاڻي ۾ جذب ٿي ويا.
    “نه نه امان نه........مون کي قسم آ تنهنجو مان بيزار ڪونه ٿيو آهيان، مان بيزار ڪونه ٿيو آهيان ” انهن لفظن تي منهنجين اکين ۾ ڳوڙها جاري ٿي پيا هئا. وڏ ڦڙن جيان وسندي چيم “امان تون مون کي غلط نه سمجهجانءِ، سچ اها حقيقت آ ته مون کي پنهنجي زندگيءَ سان ڪو چاهه ڪونهي!”
    “پر...............پر تون ائين ته نه ڪندين نه ؟” اهو امان جو ليلائيندڙ آواز هنيانوَ ۾ چڀي پيو هو. امان جي وکريل وارن کي پوئتي هٽائيندي چيو هئم “نه امان هاڻ مان ائين نه ڪندس.....” مون پنهنجو ئي ڪيل اٽل فيصلو پاڻ ٽوڙي ڇڏيو. مون کي پڪ هئي ته امان جو ليلائيندڙ آواز منهنجي فيصلي ۾ دخل ڏيندو ۽ منهنجو اٽل فيصلو ڪنهن ناچو جي ڇير جيان ٽٽي ڪڙي ڪڙي ٿي پوندو. امان سرهي ٿي پئي هئي، منهنجي هٿ کي زور (اهو هلڪو ناڪام زور) ڏيندي چيو هئائين “پٽ شل سدائين زندهه هجين” .
    “نه امان..........” چيم “ مون کي دعائون نه ڏيندي ڪر. دعائن جي ضرورت ته توکي آ.”
    “مون کي دعائون ڪير ڏيندو؟” امان نهايت ئي اداس لفظن ۾ وراڻيو هو.
    چيم “امان توکي دعائون مان ڏيندس.....رات ڏينهن جاڳندس پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي جهوليون جهليندس. روئي رڙي الله اڳيان احتجاج ڪندس پر تنهنجي تقدير جي لکئي کي ضرور بدلائيندس........... “امان ماٺ ٿي وئي هئي.ڪجهه گهڙين تائين اندر ۾ گونگا لڙڪ پيئندي رهي هئي. نيٺ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيائين “ڏس پٽ هاڻ رات ڪافي گذري وئي آهي، تون ڀلي وڃي آرام ڪر. مون کي سور ۾ هاڻ ڪجهه فرحت آهي.”
    “ٺيڪ آهي امان” چيم هئم ۽ اچي پنهنجي ڪمري ۾ ستو هئس. ٻي ڏينهن صبح جو سويري چانهه ٺاهي ٺاري امان وٽ کڻي ويس، ٺريل چانهه چمچي سان آهستي آهستي امان جي وات ۾ وجهڻ لڳس، هڪ ڪوپ کن چانهه جو امان کي پياري خالي ڪوپ جاري تي رکي وري امان جي ڀرسان ويهي رهيس. امان اداس نظرن سان مون ڏي نهاريندي چيو. “پٽ بهار هاڻ ڇو ڪونه ٿي اچي؟” چهرو سڄو هئڊو ٿي ويو هئم، ٿڌو ساهه نڪري ويو هئم، اکيون بند ڪري وري کوليندي چيو هئم.“امان بهار هڪ موسم هئي جيڪا منهنجي دل جي گلشن مان گذري وئي. هاڻ جون اونهاري جي موسم آئي آ، جنهن ۾ منهنجا نيڻ بادل ٿي وسندا ۽ پوءِ جڏهن سرءُ جي موسم ايندي تڏهن پيلن پنن جيان پن پن ٿي ڇڻي ويندس ۽ ريت ۾ وکري ويندس”
    “پٽ بهار وري به ته اچي ٿي” تڏهن فقط امان جي روڙيل دونهانٽيل چهري تي مايوس نظرن جو پاڇو اڇلي ماٺ ٿي ويو هئس. سوچيم ته امان کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ کيس چوان ته امان هر بهار ٻي بهار کان الڳ هوندي آهي. سالن پڄاڻان سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي.هوائون......موسمون سڀ بدلجي وينديون آهن، ماڻهو بدلجي ويندا آهن ماڻهن جون تقديرون بدلجي وينديون آهن، پوءِ به تون اڃان مون کي ان آس تي زندهه رکڻ ٿي چاهين”؟ پر امان جون پيليون نظرون ۽ ليلائيندڙ آواز منهنجي آواز تي قابض ٿي پيو هو. مون سمجهيو هو هر ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويندي آ، انسان به خدا تعاليٰ جو هڪ شاهڪار ۽ حسين تخليق آ، جيڪا خود ڪڏهن ڪڏهن خدا جي هٿان ناڪام بنجي ويندي آ، ۽ پنهنجي لاءِ عذاب بنجي ويندي آ، سوچن جو ساگر ايڏو ته وسيع آهي جنهن جي نه ڪا شروعات آ ۽ نه ئي وري ڪا پڄاڻي......تنهن ڪري مان سوچن جي ساگر ۾ لهرن سان ٺهلجڻ کان اڳ ساحلن سان اچي ٽڪريس. مون اکين کي هلڪو جهٽڪو ڏنو ۽ امان جو هٿ پڪڙي ورتم جيڪو صبح جي ٿڌي پهر ۾ ڪافي حد تائين ٺري ٿڌو ٿي ويو هو. مان امان جا ٻئي هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ پڪڙي هلڪا هلڪا زور ڏيڻ لڳس، امان واجهائيندڙ نظرن سان مون کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ ٿوري ئي دير کان پوءِ روئڻ شروع ڪري ڇڏيائين.
    امان جي اکين جا لڙڪ اگهندي چيم “امان تون روئين ڇو ٿي؟” امان ڏک منجهان ڪو جواب ڏئي نه سگهي هئي. ٻيهر خشڪ گلي کي آلو ڪندي پڇيو هئم “امان تون روئين ڇو ٿي ؟” تڏهن ڀڻڪي هئي “پنهنجن تي ڏک اٿم”.
    چيم “امان ڪيترن جا ڏک ڳائبا، تون ٻين تي ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏي....هن ديس جو هر ماڻهو ڪو به ڪنهن جو نه آ، هر ڪنهن کي اڪيلي سر زندگيءَ جو بار ڍوئڻو ٿو پوي.” تڏهن امان ماٺ ٿي وئي هئي ڄڻ ته اندر جي طوفان ۾ ماٺار اچي وئي هجيس، اکيون پوري ڏٻرين اکين جي سڪل ٽٽل ڪنارن تي احتجاج لاءِ نڪري آيل لڙڪن کي ماٺو ڪرڻ لڳي هئي. درد جي داستان کي چپ چپ پڙهڻ لڳي هئي ۽ دٻجي ويل احساسن کي پري کان رهجي ويل نظرن سان ڏسڻ لڳي هئي. ڪي گهڙيون غم جو زهر پي سڪل نڙيءَ ۾ ڳيتون ڏيندي چيو هئائين “مون کان ماڻهو پُڇڻ ڇو ڪونه ٿا اچن؟” “امان ماڻهو خود غرض ٿي ويا آهن. نفرتن جا نانگ دلين جي کارين ۾ پاليندا آهن. تن کي ياد ڪرڻ ڇڏي ڏي.”
    “ماڻهو مون کان نفرت ڇو ڪندا آهن؟” امان ڏکاري لهجي ۾ اچي هڪ ٻاراڻي ڳالهه ڪري ورتي هئي، جنهن جو مون وٽ ڪو جواب نه هو.دل چيو ته کيس ڪيئن سمجهايانس ته امان توکي وات ۾ ڪينسر آهي. تڏهن ماڻهو توکان نفرتون ڪندا آهن......پر ڪجهه چئي ڪو نه سگهيو هئس. خاموش خاموش هينئي ۾درد جا ڀالا چڀندي محسوس ڪندي رهي هئي.
    چيائين “ مون اڄ بهار ڏي نياپو ڪيو آهي” .
    تڏهن مٿي تي هٿ رکي اکيون پوري منهن ۾ گهنج وجهي ڪاوڙ مان چيم “ ڇو ٿي امان بيوس ماڻهو کي مجبور ڪرين؟”
    “ڇو بهار ڪا نه ايندي، پيليون اکڙيون ڏوريندي چيو هئائين “ايندي ضرور ايندي” مان ائين چئي ڪاوڙ مان هليو ويو هئس، ٻاهر سامهون بيٺل وڏن ٻٻرن ڏانهن جن جي ڇڊي ڇڊي ڇانوَ جو ڊگهو پاڇو صبح ويلي ڳپل ٽڪر تائين پکڙيل هو ۽ جهرڪيون ،ڪبوتر، ڪانو ۽ ڳيرا زمين جي اڀريل ڌوڙ ۾ چهنبون هڻي چڳي رهيا هئا. ڌوڙ ۾ رانديون کيڏي رهيا هئا. ٽولا ٽولا پکين جا محبتن جي ٻنڌڻي ۾ ٻڌجي هڪ ٻئي سان چهنبون ملائي پنهنجن مٺين، ٻولين جا گيت جهونگاري رهيا هئا. مون اهو ڏسي هڪ ٿڌو ساهه ڀريو. اکين جي ڪٽورين تي اڀري آيل ڳوڙهن کي ڊاٿو ۽ پولارن ڏانهن ڊٺل نظرون کڻي آهون ڀريندي چيم “اي خدا جڏهن هن ڌرتي تي پاڪ محبتن جا سفير پکي موجود هئا ته پوءِ انسان جهڙي ناپاڪ چيز کي تخليق جو روپ ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. محض انهيءِ لاءِ ته نفرت جا ٻج پوکي اختلافن جي ويڙهه ۾ پٽجي مري ۽ مٽجي وڃن” مون نظرون وري جهڪايون، ناڪام تمنائن تي ماتم ڪيو ۽ هار جي حالت ۾ مقدر جا پنا ڦاڙيندو وري گهر ڏانهن روانو ٿيس. ان دوران امان جي پيغام تي بهار به اچي چڪي هئي. بهار امان جي کٽ جي ڀر ۾ پيل هڪ ڪرسيءَ تي ويٺل هئي ۽ هن جي ٻنهي هٿن ۾ امان جون ڪمزور ۽ هئڊيون آڱريون جڪڙيل هيون ۽ امان جون بي قرار نظرون کيس چمڻ لاءِ آتيون هيون. مان خاموش خاموش قدمن سان امان جي پيرن کان اچي بيٺس، اوچتو بهار پنهنجي چهري تي وکريل وارن جي چڳ کي هٽائيندي مون ڏانهن ڏٺو ۽ هن جي ذهن جي ڪينواس تي هزارين سوال جنم وٺي خلا ۾ گم ٿي ڪنهن ٽٽل تاري جيان گردش ڪرڻ لڳا کيس ڇا چوان؟ چوان ته بهار ڇو آئي آهين؟ چوان ته بهار اميدن جي تربت تي ٿڌي پاڻي هارڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو آهي؟ چوان ته بهار تمنائن جي مزار تي گلابن جي چادر چاڙهڻ سان دفن ٿيل تمنائن جي روح کي ڪا راحت ڪا نه ايندي آهي؟ چوان ته بهار پنهنجي ڇٽل وارن جي چڳ کي لوڏي وڌيڪ بيوس ۽ ابدال ڪرڻ نه ايندي ڪر........ڇو جو هاڻ تو مان منهنجن خواهشن جون چمنيون وسامي چڪيون آهن. چوانس ته بهار........چوانس ته بهار.....؟؟ پر ڪجهه ڪو نه چئي سگهيو هئس، خالي ٻانهون لوڏي ڪڇن ۾ وجهي بيٺو رهيس. بهار صوف جهڙن ڳلن کي شوخ ڪندي چيو “اچي وئين جواز؟”
    “ها”
    “ڪيئن آهين؟”
    “ائين جيئن سمنڊ جي ڇولين کان آجي بلڪل اَجي ڀڳل ۽ ٽٽل سپي هوندي آهي .“ماٺ ٿي وئي هئي، ائين جيئن ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جي ڊگهين ڇولين ۾ ماٺار اچي ويندي آهي. جيئن ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون اوچتو خاموش ٿي وينديون آهن. ائين جيئن ڪڏهن ڪڏهن تاڙي جي پياسي تنوار ۾ لڙڪ لهي ايندا آهن ۽ آواز ڳلي مان ئي غائب ٿي ويندو آهي........ اکيون جهڪائي ڇڏيائين. ڪنڌ نمائي ڇڏيائين، ائين جيئن شام ويلي ڊگهي ٽالهي جون سنهيون سنهيون ڪامون ليٽي پونديون آهن. فقط امان جي ڦٽل وارن کي ئي سنواريندي رهي.
    “ڪيڏي مهل آئي آهين بهار؟” مون نه چاهيندي به هن کان پڇي ورتو. ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو ڏئي بلوري اکين تي وري وارن جي چڳ کي هٽائيندي چيائين “هينئر ئي” .
    “امان کي ڏسي ڇا پئي محسوس ڪرين؟”
    “منهنجي خيال ۾ اڳي کان ڪجهه بهتر آهي.” ٿورو ترسي وري پڇيو هئائين.
    “توهان ڪيئن ٿا ڀانيو؟”
    “مان به ائين ئي ٿو محسوس ڪيان .” مون ڪلهن کي هلڪو جهٽڪو ڏيندي وراڻيو.
    “پٽ ويهه نه ؟” امان مون کي پنهنجي مٿان بيٺل ڏسي وراڻيو.
    بهار ڪرسي تان اٿي هڪدم امان جي سيرانديءَ کان وڃي بيٺي.هن شرير نگاهن سان مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪئي. مان به ڍرا قدم کڻي ڪرسيءَ تي اچي ويٺس. بهار امان جي سيرانديءَ کان اچي ويٺي.
    “ڏس پٽ بهار اچي وئي نه ؟” امان بهار ڏي ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
    “ها، امان ڇو ڪونه ايندي؟” مون آڏين نظرن سان بهار ڏي ڏٺو. جنهن تي بهار جي گلابي ڳلن تي صبح جهڙي تازگي وکري وئي هئي، اکين ۾ انڊلٺ جهڙيون شرير چمڪون لڏڻ لڳيون هئس ۽ لبن تي ڪنواريون مرڪون رقص ڪرڻ لڳيون هئس.
    “ڌي اڄ تنهنجي هٿ جي چانهه پيئندس.” امان بهار کي اڃان به گهڻو خوش رکڻ چاهي رهي هئي، جيڪو هن جي خواهش مان عيان ٿي رهيو هو بهار اٿڻ جي ڪئي. مون هڪدم اٿي هن جي ٻانهن مان جهلي ورتو، ڇرڪي پئي. هڪ قسم جي گهري ڏڪڻي اڀري سڄي سنڊول جسم ۾ لهي ويس، چيم اڄ چانهه مان ٺاهيندس.”
    “نه مان ٺاهينديس”
    چيم “مان مهمانن جي خدمت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪندو آهيان.”
    “مان مهمان نه آهيان.”
    “ڪوڙ نه ڳالهائيندي ڪر” چيم مون کي خبر آهي، اڄ تون منهنجي گهر آخري ڀيرو آئي آهين......۽ ان کان پوءِ تون مون کان پنجاهه سال اڳتي نڪري ويندينءَ ۽ مان توکان پنجاهه سال پوئتي رهجي ويندس.” خاموش ئي رهجي وئي هئي. ان ديوارن جيان جنهن جا ڪن ته هوندا آهن پر زبان نه........ان وڻ جي ٿڙ جيان جنهن مان ڦٽڻ جي ڪا اميد ناهي هوندي، مان هليو ويس ڪچي رڌڻي ڏانهن ، ڪچي چلهه ۾ ڪاٺيون ۽ سڪل ڇيڻا وجهي ٽانڊو ٻاريم پوءِ ڪنٽر ڌوئي ٽن چئن ڪوپن جيترو پاڻي وجهي ڪنٽر کي کڻي چلهه تي رکيم، تجربي مطابق کير کنڊ پتي وجهي ڪاٺين کي اڳتي ڌڪي ڪجهه گهڙيون رڌڻي جي چائنٺ تي اچي بيٺس. هڪ هٿ ڪڇ ۾ ڏئي ۽ ٻئي هٿ جي اشهد آڱر ڏندن ۾ ڏئي سوچڻ لڳس “انساني زندگيءَ جي ڪهڙي بقا آهي؟ ڪهڙي خبر ته وقت جو ظالم هڪ پل منهنجي امان مون کان کسي وٺي.......... ڪهڙي خبر ته هوا جو هڪ جهوٽو بي درديءَ سان امان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ۽ منهنجي روح تي هزارين ڏنڀ ڏيئي وڃي، امان جي طبعيت هاڻ ڏينهنون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. جن ماڻهن کي ڪينسر وات، نڙي، رت يا وري ڪنهن نازڪ عضوي ۾ ٿيندي آهي، تن کي پيڙي پيڙي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
    امان مون کي ڇڏي ويندي........پر......پر مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس.مان احتجاج ڪندس،خدا اڳيان، مان رڙندس مان روئيندس، مان جهوليون جهليندس پيرن ۽ فقيرن اڳيان ۽ امان جي زندگيءَ جي خيرات گهرندس، امان جي تقدير بدلائيندس، مقدر جي محور تي گردش ڪندڙ زندگي جي ٽٽل تاري کي نئين موڙ ڏانهن موڙيندس، ڦٽل بخت سان بحث ڪندس پر رات کي رات ۾ تبديل ٿيڻ ڪونه ڏيندس، امان کي مٽي جي آغوش ۾ سمهڻ ڪونه ڏيندس، اوچتو چلهه تي چڙهيل چانهه جو ڪنٽر شون شون ڪري اٿلڻ لڳو. ڊوڙ ڪري چانهه جو ڪنٽر چلهه تان لاٿم. ٽي ڪوپ ڌوئي شيشي جي پليٽ تي رکي منجهن چانهه لڳائي بهار ڏانهن کڻي آيس ، مون مرڪي چانهن واري شيشي جي پليٽ بهار جي اڳيان جهلي، مرڪي چانهه جو ڪوپ کڻندي “ٿينڪ يو” وراڻيائين مان هڪ ڪوپ پنهنجو کڻي باقي هڪ ڪوپ امان لاءِ پليٽ سوڌو جاري تي رکي ڇڏيو ته جيئن چانهه ٺري وڃي ڇو ته گرم چانهه پيئڻ سان امان کي وات ۾ تڪليف ٿيندي هئي.تنهن ڪري هو ٺريل چانهه ئي پيئندي هئي.
    گرم چانهه سان بهار جي سنهڙن نازڪ چپن مان سپ سپ جا آواز ڦٽڻ لڳا. ٻي ٽي ۽ چوٿين سپ ڀرڻ کان پوءِ چيائين “ماشاءَ الله بورچي سٺو آهين” وات ۾ پيل گرم چانهه جي سپ کي اڳتي ڌڪيندي چيم “چرين سان ڀوڳ ٿي ڪرين” وات ۾ پيل چانهه سوڌو ٽهڪ نڪري ويس . چانهه جو ڦوهارو نڪري هٿن ۽ ڪپڙن تي هارجي ويس، ظالم دوڏا ڇڪيندي چيائين “وڏو ڪو احمق آهين؟“
    ٽهڪن ئي ٽهڪن ۾ چيم “آهيان ڪو نه اڄ سڀاڻي سمجهه ته ايڪيهن صديءَ ۾ سڀ کان پهرين جوڙ جو هوندس.”
    “ٻيو توکان ڇا پڄندو ؟” ٻيهر کٽ جي ايس تان رکيل ڪوپ کڻي وارن جي چڳ کي هٽائيندي چيائين ۽ وري سپ سپ ڪري چانهه پيئڻ لڳي. تڏهن ٿڌو ساهه کڄي ويو هئم. ٿڌي ساهه کڄڻ سبب اندر ۾ ڀرتي ٿي پئي هئم. دکندڙ سگريٽ جيان دکندي چيو هئم. “ها بهار تون سچ ٿي چئين مون کان ڪجهه ڪونه پڳو آهي. مان توکي به ته پنهنجو ڪري ڪونه سگهيو آهيان نه” اهي بي قرار لفظ سندس ڪنن مان بي وقتائتي خبر جيان گذري ويا هئس. چانهه جو ڪوپ هٿ مان ڇڏائجي ويو هئس. ڪنڌ بيد مشق جي ڊگهين پاڇن جيان نمي پيو هئس، اکين ۾ لهندڙ سج جي پيلن ۽ اداس پاڇن جيان پاڇا لهرائڻ لڳا هئس، امان جي چهري تان پنهنجون سنهڙيون ۽ ڊگهيون آڱريون ڦيريندي چيائين “چاچي مان هلان ٿي.
    “پٽ ويهه نه ” امان التجائون ڪرڻ لڳي هئس.
    “نه چاچي”
    “وري ڪڏهن ايندين؟” امان پڇيو هئس ماٺ ئي رهجي وئي هئي، اندر مان اٿندڙ طوفاني لهرن کي دٻائڻ جو ڪيو هئائين، پر ناڪام وئي هئي ٻه ٽي هلڪا ڳوڙها روڪيندي به اکين جي پلڪن مان ڪري پيا هئس.
    “بهار ڪڏهن ايندين؟” نه چاهيندي به مون پڇي ورتو هو.
    “هه............هه.......هاڻي.......شايد.......؟” اندر جي ڳالهه اندر ۾ ئي ڪُتر ڪُتر ٿي وئي هئس پر مون کان اڳ امان ڳالهه کي سمجهي ورتو هو. اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي هئي . بهار جي هٿ جي ڊگهين اڱرين کي زور سان پڪڙيندي چيو هئس “ڌيءَ تون منهنجي آهين، تون منهنجي آهين...”
    مون سٽ ڏئي امان جي ڪمزور هٿن ۾ جڪڙيل بهار جون آڱريون ڇڏائيندي چيو هو “ڇو ٿي امان بيوس ماڻهن کي مجبور ڪرين؟ ڀلا ڪڏهن پراوا ماڻهو پنهنجا ٿيا آهن؟ بهار مون ڏي ڏسندي روئي پئي هئي، پنهنجي رنگين چوڙين ۾ جڪڙيل ڳوري ٻانهن مون ڏانهن وڌائيندي چيو هئائين “هل جيڏانهن وٺي هلڻ چاهين ٿو، وٺي هل مون کي......ها وٺي هل مون کي مان تيار آهيان، “ اندر جي سڏڪن کي جهلي کانئس پٺيرون ٿيندي چيو هئم “نه بهار نه، دنيا جي تاريخ شاهد آ ته سچي محبت ڪڏهن بزدل ناهي ٿي. اسان پنهنجن پٺن تي بزدليءَ جا ٺپا هڻائي جيئڻ نٿا چاهيون....”
    ماٺ ئي ماٺ ۾ بيٺي رهي هئي. سوچون گهيرو ڪري ائين گهيري ويون هئس، جيئن سڪل پوڙهي ٻٻر کي بي پاڙي ويڙهي ويندي آهي. “بهار مون دنيا ۾ فقط ٻن ماڻهن سان محبت ڪئي آهي. هڪ امان سان ۽ ٻيو توسان.....مون کي خبر آهي اسان جون جذباتي محبتون اسان کان ائين ڦرجي وينديون آهن، جيئن ننڍڙي ٻار کان ڪانوَ ماني ڳڀو ڦري ويندا آهن، پر پوءِ به جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻ ۾ اسان جهڙن مردن جو خاصو حصو رهيو آهي.......مون به جتن ڪيو هو، هاڻ جيئندس يا مرندس، اهو فيصلو اڃان قسمت ڪري ڪا نه سگهي آهي.”
    بهار روئي سڏڪي پئي هئي، سندس هر سڏڪو دلين جي تهن کي ٽوڙيندو اندر لهندو ٿي ويو نه ڄاڻ ڪيترا پل ورانڊي جي گهٽيءَ ۾ ڪچي پيلر کي ڀاڪر ۾ ڀري روئيندي رهي هئي، جڏهن روئي ڀرجي پئي هئي، امان به روئي ڏنو هو، ان ڳالهه جو امان کي ڏاڍو ارمان ٿيو هو. پر امان ڇا ٿي ڪري سگهي. ڪي پل خاموش ڳوڙها هاريندي رهي هئي ۽ پوءِ ڳاڙهن اکين کي ڇنڀندي چيو هئائين. “پٽ جواز مون کي دعا ڪر ته مان ٺيڪ ٿيان، پوءِ مان توکي بهار ضرور وٺي ڏينديس، ضرور وٺي ڏيندس.....هيءُ ڏس ! ” پنهنجي مٿي جي اڇي سينڌ تي هٿ رکندي چيائين “هيءُ ڏس منهنجي عورتاڻي سينڌ آ، مان توکي بهار ضرور وٺي ڏينديس. “ناڪام حسرتن سان امان ڏي ڏٺو هئم، مون کي امان جي ويران اکڙين ۾ ناڪاميءَ جي رک اڏرندي نظر آئي هئي. رڳو ٺلها دلاسا،دل کي آٿتون ۽ سڪون لاءِ سوچون محسوس ڪيون هئم، تڏهن روئي پيو هئس، جهلي جهلي لڙڪن کي پيئڻ لڳو هئس ۽ سچ مون اهي لڙڪ ئي پيتا هئا، جن مون کي ڳچ مڌ جيترو نشو ڏئي ڇڏيو هو، کٽ تي ڪري پيو هئس ۽ ننڊ وڪوڙي وئي هئم. اها ظالماڻي ننڊ مون کي منهنجي گهر ۾ ايندڙ طوفان جي اطلاع کان محروم رکيو هو ، جنهن مون کي ايندڙ زلزلي جي خبر کان بي خبر رکيو هو، ڪيڏي نه اها ظالم ننڊ هئي، جنهن مون کي ايڏي ڏک جي سيلاب ۾ به ڳولي لڌو هو. ڪيڏو نه بدنصيب هئس، ڪيڏو نه بدبخت هئس....۽ پوءِ جڏهن هوش جي هوا لڳي هئي تڏهن منهنجي دنيا مون کان وڇڙي چڪي هئي. منهنجي جيجل امان مون کان ڌار ٿي چڪي هئي......مون کي افسوس آ، پنهنجي هر ڳالهه، پنهنجي هر هڪ واعدي تي جيڪي مون امان سان ڪيا هئا. مون خدا اڳيان احتجاج ڪونه ڪيو هو، مون پيرن فقيرن کي ڪون ستايو هو، مون امان جي تقدير جي لکئي کي ڪونه بدلاليو. مون رات کي رات ۾ تبديل ٿيڻ کان ڪونه روڪيو........مطلب ته ڪجهه ڪونه ڪري سگهيو هئس، ان سڄي رات عذر خواهي لاءِ پاڙي جا ماڻهو ايندا رهيا هئا. صبح کان وٺي شام تائين به اها ئي حالت رهي هئي.....جڏهن شام ٿي هئي هر ڪو ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪو هو. سج پنهنجي ٿڪل پاڇن جا پيلا احساس ڇڏي جڏهن زمين جي هنج ۾ آرامي ٿيڻ وارو هو، تڏهن بهار سج جي اداس ڪارن پاڇن ۾ پاڻ لڪائيندي مون وٽ آئي هئي..... ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ وڇايل تڏي تي مان ويٺل هئس............ هو مون کان تڏي تي ڌار ڌار ويٺي هئي. ڪاري کٿي ۾ ويڙهيل هن جو ڪنڌ جهڪيل هو....نه ڄاڻ ڪيتري دير تائين ٻئي گونگا ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا هئاسين. چپ چپ، خاموش خاموش ۽ پوءِ جڏهن ٽائيم ڀرجي آيو هو، تڏهن ڪاري کٿي ۾ پاڻ لڪائيندي اٿي هئي. گهڻو ئي چاهيندي روڪي ڪونه سگهيو هئس. ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئم، ٿوري دير کان پوءِ ڏٺو هئم هو سامهون بيٺل وڏن ٻٻرن جي هيٺيان اڪيلي ئي وڃي رهي هئي.


      بيوسيءَ جو زهر

    اڄ تاريخ پوري ٿيڻ تي سيٺ رحيم چاليهه روپيه هٿ ۾ ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. مان اهي چاليهه روپيا پنهنجي ساڄي هٿ جي مٺ ۾ نپوڙي گھر ڏانهن روانو ٿيس. منهنجو گھر اتان کان ٿورو ئي پري آهي. هلندي هلندي سوچڻ لڳس ته “سڄو ڏينهن اُس ۾ بيهي رازن سان گڏ ڪم ڪيم، جُتي لاهي پيرين اگھاڙو پسيل سيمنٽ ۾ بيهي تغاريون کنيم، سڄو ڏينهن پنهنجو پگھر وهايم پر پوءِ به سيٺ مون کي فقط چاليهه روپيا ڏئي روانو ڪري ڇڏيو...چاليهه روپين مان ڇا ٿيندو؟ اٽو وٺندس ته کنڊ چانهه ڪونه ٿيندي. جي کنڊ چانهه وٺندس ته اٽو ڪونه ٿيندو. ٻيو ته اڄ شفن به صبح کان وٺي گھڻو بيمار هو. الائي ڪهڙي حال ۾ هوندو.... مان ته گھران سيما کي اهو چئي نڪتو هوس ته شام جو تاريخ پوري ڪري ڪجھه پئسا کڻي ايندس. شفن جي دوا به ڪرائينداسين ۽ ڪجھ سامان سڙو به وٺنداسين... هو به ته هاڻي منهنجي انتظار ۾ هوندي ته ڪٿان ٿو اچي. پر ... پئسا بچن ئي ڪونه پيا.... انهن چاليهه روپين مان شفن جي دوا جي هڪ شيشي به ڪونه ٿيندي... ۽ سامان... ڇا ڪيان... ڇا ڪيان...؟ اهو سوچيندي سوچيندي مان پنهنجي گھر پهچي ويس. گھر ۾ قدم رکندي ئي منهنجي نظر سيما تي پئي، جيڪا ٽن پاون واري (جنهن کي چوٿين هنڌان سرون ڏنل آهن) ڀڳل کٽ تي ويٺل هئي. جنهن جي هنج ۾ منهنجو ننڍڙو پٽ شفن هو. هو روئي رهي هئي، هلڪا هلڪا ڳوڙها هن جي اکڙين جي ڪنارن کان ٿيندا هيٺ پئي ڪريا.... هن جي ڀر ۾ کٽ تي هڪ جست جو وٽو پاڻي جو اڌ ٿيل هو ۽ ان ۾ ڪجھه سفيد ڪپڙي جون اڳڙيون پيل هيون، هو واري واري سان اهي اڳڙيون پاڻي ۾ پسائي شفن جي نرڙ تي رکي ۽ وري لاهي رهي هئي. اهو ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڊوڙ ڪيم، سيما جي ڀر ۾ بيهندي شفن ڏانهن چتائي ڏٺم. شفن جون اکيون بند هيون. هن جا سنهڙا سنهڙا چپ معصوم چنبيلي جي پنکڙين جهڙا سندر چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. هن جي سڄي چهري تي ڪاراڻ لهي آئي هئي. هن جي معصوم بدن جي نس نس چمڙي کان ٻاهر نڪري آئي هئي. هو وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل ساڄي ٽنگ کي به لوڏي رهيو هو. مون يڪدم وري پنهنجو ساڄو هٿ اڳتي وڌايو ۽ هٿ جي چئن آّڱرين جي پٺي وارو پاسو شفن جي نرڙ تي رکيم، مون کي ائين لڳو ڄڻ ته شفن جي ننڍڙي معصوم وجود جي رڳ رڳ ۾ رت نه پر باهه جا شعلا ڊوڙي رهيا هجن. مون ان جي ننڍڙي وجود کي ٽانڊي تي سيخن ۾ ڀڄندڙ گوشت جيان محسوس ڪيو هو. يڪدم سيما جي هنج مان شفن کي کڻي ورتم۽ پنهنجي ڇاتي سان لائي روئي پيس. اکين جا وارياسا بند ڀڄي پيا ۽ لڙڪن جون لارون ٽم ٽم ڪري ٽمي پيون. شفن جي نرڙ ۽ ڳلن تي مٺيون ڏئي شفن کي وري ماءَ حوالي ڪيم. پنهنجي هٿن جي آڱرين سان لڙڪ اگھندي چيم، سيما جلد تيار ٿي وٺ ته شفن کي ڊاڪٽر رامچند مور جياڻي وٽ کڻي هلون.
    سيما پنهنجي رئي جي پلئه سان لڙڪ اگھندي چيو. ڊاڪٽر آهي ئي ڪونه.
    ڪيڏانهن ويو؟ منهنجون اکيون ڇلڪي آيون.
    هنن جي هولي آهي سو مائٽن وٽ اوڏنهين انڊيا ويل آهن.
    اهو ٻڌي منهنجي نڙي جون نسون ڦوڪجي آيون. وجود جو سنڌ سنڌ جلڻ لڳو. دل جي ڌڙڪن وڌندي وئي. ڇاڪاڻ جو اسان جي ننڍڙي شهر ۾ فقط اهو ئي هڪ ڊاڪٽر رهندو آهي. باقي ٻيا ڊاڪٽر ڪونه آهن. ۽ حڪيم ٻه رهندا آهن، جن مان هڪ جو نالو افٽ مار ۽ ٻي جو گھٽ مار آهي. جيڪي واڳون وانگر وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهن جي نظر مريض تي گھٽ کيسن تي وڌيڪ هوندي آهي. ته اهي ڪيترا طاقتور آهن. تنهن ڪري هاڻ هن سجاڳي جي دور ۾ ماڻهو هنن وٽ ڪونه اچن پر تنهن ڪري به جيڪڏهن ڪو اڻ واقف هنن وٽ ڀلجي سلجي اچي ڦاسندو آهي ته اُن کي به ڦري کڻي چٽ ڪندا آهن. باقي فائدو.... فائدو ته ٺهيو پر مرڳو الٽيون ، جلاب اهڙا ٿيندا اٿن جو مرڻ ڪنڌي تي وڃي لڳندا آهن. تنهنڪري اسان اهڙن حڪيمن کان دوا وٺون ئي ڪونه... هاڻي ته آئون وڌيڪ پريشان ٿي ويو هئس ته شفن کي ڪيئن ڪيان؟ ڪيڏانهن کڻي وڃان؟ اوچتو سيما جھيڻي آواز ۾ چيو “جي ڊاڪٽر ناهي ته مولوي محمد رحيم وٽ کڻي وڃينس ۽ ڦيڻا رکائي اچينس” مان خاموش ئي رهيس، چپ چچرجي ويا. ڏند هڪ ٻئي ۾چڪ پائيندا ويا. هٿن جون مٺيون پاڻهي بند ٿي پاڻهي کلنديون ويون، آڱرين جا ننهن تپي گرم ڏوڙا ٿي ويا.. مون وري هڪ نظر سيما جي چهري تي اڇلائي.هن جي چهري تي رت ۽ پونءَ ڀريون ننڍڙين ننڍڙيون ڦرڙيون اڀري آيون هيون ۽ وري انهن ڦروڙين مٿي گرم ڳاڙهن لڙڪن جا سنها سنها ڦڙا ٽڪي بيهي ويا هئا. هن هڪدم جھڪيل ڪنڌ اڀو ڪيو ۽ نظرون نظرن جي ڇيڙي سان ملائيندي چيائين “کڻي وڃينس نه” هنن لفظن ۾ ڪو درد هو، ڪا تانگھه هئي. اها تانگھه منهنجي وجود ۾ به هئي. اهو درد منهنجي سيني جي سمنڊ ۾ طوفاني لهرن جيان ڇوليون هڻي ڪپرن کي کائي رهيو هو ۽ اها دل جتي سورن جون سگريون دُکي رهيون هيون، جتي آلي ڪاٺي جي دونهين جيان دردن جا دونها بادل ٺاهي ناسن کي چيري ٻاهر نڪري رهيا هئا. مون ڳيت ڏئي اٿاهه لڙڪن جي سمنڊ مان ڪي ٻڪ لڙڪن جا پي پنهنجا هٿ ڪنبي ڪنبي اڳتي وڌايا ۽ سيما آهستي آهستي شفن جو ننڍڙو پتڪڙو معصوم ۽ ڏکايل وجود منهنجي ٻانهن ۾ وجھي ڇڏيو.۽ مون جھڪي شفن جي نرڙ تي هڪ مٺي ڏني ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ ته مون پنهنجا چپ دکندڙ اڱارن تي رکي ڇڏيا هجن... مونکي روئڻ اچي ويو، پر دل تي پٿر رکي ڇڏيم، اگر مان روئي پوان ها ته سيما به روئي پوي ها ۽ ايتري قدر روئي ها جو وري ماٺ به نه ڪري ها. تنهنڪري مان ٿڪل ٿڪل پيرن سان گھر کان ٻاهر نڪري آيس ۽ پوءِ پيرن تي زور رکي سڌو مسجد ڏانهن وڃڻ لڳس، جيڪا اسان جي پاڙي جي ٻي گھٽيءَ ۾ ڏکڻ طرف هئي. جتي مولوي محمد رحيم رهندو هو. هو ننڍڙن ننڍڙن معصوم ٻارن جي دردن ، تڪليفن کي مٽائڻ لاءِ ڦيڻا جھاڙون وغيره رکندو آهي پر پئسا به گھري وٺندو آهي ۽ فائدو.... فائدو به وري گھڻن کي ڪونه ٿئي پر مون لاءِ ته هاڻي آخري راهه اها ئي بچي هئي. تنهن ڪري مان شفن کي پنهنجي ٻانهن جي هندوري ۾ لوڏيندو لوڏيندو هن ڏانهن هليو آيس. ان وقت مولوي محمد رحيم پنهنجي اڇي مٿي ۽ اڇي ڏاڙهي کي مهندي لڳايو ويٺو هو. هن جي قميص لٿل هئي ۽ هن کي هڪ گري ٽوال جي گوڏ ٻڌل هئي. هڪ رٻڙ جو ڪوئنرو پاڻي سان ڀريل هن جي ڀر ۾ پيل هو. هن جو ڪنڌ جھڪيل هو ۽ هو پنهنجن ڪارن پيرن کي ڪِلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مان تڪڙُو تڪڙو وڃي هن جي مٿان بيٺس، هن پنهنجو جھڪيل ڪنڌ اڀو ڪيو ۽ مون تڪڙو تڪڙو چيو ، “سائين... سائين منهنجي پٽ شفن تي ڦيڻو رکو.”
    “ڇا ٿيو آ تنهنجي پٽ کي؟” هن ڏاڍي بيزاري مان وراڻيو ۽ وري پنهنجو ڪنڌ جھڪائي پنهنجي پيرن کي صاف ڪرڻ لڳي ويو.
    “سائين شفن کي ڪجھ ڏينهن کان وٺي تيز بخار آهي، ڪالهه کان هن پنهنجي ماءٌ جي ٿڃ به ناهي پيتي ۽ ڳالهائيندو به گھڻو ناهي، مون هن جي اڳيان ويهندي چيو.
    چڱو پرين بئنچ تي هلي ويهه مان اچان ٿو. هن پيرن مان هٿ ڪڍي سامهون پيل ڀڳل بئنچ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪندي چيو ۽ مان بئنچ تي وڃي ويهي رهيس. مون هڪ نظر وري پنهنجي هنج ۾ ستل شفن جي چهري تي وڌي، هن جون اکيون هاڻي پيليون پيليون ٿيڻ لڳيون هيون. چپ سڪل ٺڪر جيان ٿي ويا هئس، مون پنهنجي اشهد آڱر جي چوٽي وارو حصو شفن جي سڪل چپن تي رکيو ۽ چيم شفن..شفن تون ڳالهائين ڇو نٿو... ٻڌاءِ تون ڳالهائين ڇو نٿو؟ پر شفن اک به نه کولي. شفن هڪ وڏو ساهه به نه کنيو. جيڪو اڃا جيئڻ جو دلاسو ڏي ها... مون کي ائين لڳو سچ پچ شفن هي دنيا ڇڏي ويو آهي... هو سيما کي ڇڏي ويو آهي... هو مونکي ڇڏي ويو آهي. هن پنهنجي مٿي تي زندگي جو بار کڻي دنيا جي ڪڙين ڏکين راهن تي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي... پر... پوءِ هن پنهنجي ساڄي ٽنگ کي ٿورو چوريو، منهنجي جان ۾ ساهه پيو. ايتري ۾ مولوي محمد رحيم گوڏ سوڌو مون ڏي آيو. هن جي هڪ هٿ ۾ هڪ گلاس پاڻي جو هو ۽ ٻي ۾ هڪ قلم ۽ ڪجھ اڇي ڪاغذ جو ٽڪرو هو، هن ڀر ۾ بئنچ تي ويهندي ئي چيو ڇوڪري کي ڪجهه ويجھو ڪر، مان شفن سوڌو ويجھو ٿيس ۽ پوءِ هن پنهنجي ساڄي هٿ ۾ شفن جو ساڄو هٿ پڪڙيو ۽ چهري ۾ گھوريندي ڪجھه پڙهندو رهيو. ڪجھه لمحن تائين هو ائين پڙهندو رهيو ۽ پوءِ هن شفن جي چهري جي ويجھو هڪ وڏو ڦوڪو هنيو ۽ پوءِ شفن جو هٿ ڇڏي ڏنو.ڀر ۾ پيل پاڻي جي ڀريل گلاس مان هن پنهنجي ساڄي هٿ جو پنج ئي آڱريون ٻوڙيون ۽ پوءِ هن شفن جي چهري تي ڇنڊي ڇڏيون ان کان پوءِ هن اهو گلاس پاڻي جو پٽ تي رکيو ۽ هڪ تعويذ لکڻ شروع ڪيو. هن اهو تعويذ لکي مون کي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائين گھر وڃي جلد ئي ڇوڪري کي هن تعويذ جي پاڻي مان وهنجاري ڇڏجئين.”
    چيم “جي سائين،” هن قلم بند ڪري پنهنجي چيلهه وٽان گوڏ جي وٽ ۾ هڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ترڇي نظر سان ڏسندي چيائين ، هاڻي ڀلا چانهه.....؟
    مون هن جي ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو ها....سائين، گھڻا ڏيانو....؟
    هن وات ۾ زبان ڦيريندي چيو، چاليهه رپيا.
    مون شفن کي پنهنجي هڪ ٻانهن تي ليٽائي ٻيو هٿ پنهنجي پاسي واري کيسي ۾وڌو.. اهي ئي وٽيل سٽيل چاليهه رپيا کيسي جي ڪنهن ڪنڊ مان نڪري آيا. مون اهي چاليهه روپيه پنهنجي مُٺي ۾ پڪڙي هڪ نظر هن جي مهندي لڳل ڏاڙهي تي وڌي. جيتوڻيڪ هن جي ڏاڙهي جو ڪو به وار ظاهر نه هو پر تنهن هوندي به مون کي ائين لڳو ڄڻ هن جي سڄي ڏاڙهي جا وار شرمائي لڪي ويا هجن، پر پوءِ به هن جي اکين ۾اهي نظرون گھمي رهيون هيون، جيڪي ڄڻ ته ڪنهن کي ڳولي رهيون هجن. ڪنهن ڪچڙي معصوم وجود کي.ڪنهن حساس بدن کي، مون ٻيهر ان کي ننهن چوٽي تائين ڏٺو ۽ پوءِ هڪ نظر شفن جي چهري تان گھوري مون اها چاليهن روپين واري مٺ هن ڏانهن اڳتي وڌائي. هن پنهنجي ٻنهي هٿن کي هڪدم ٿورو ويجھو وڌايو. مون مٺي کولي اهي چاليهه روپيا هن جي هٿن ۾ رکيا.۽ پوءِ مان شفن کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي سڌو گھر هليو آيس. مان جيئن ئي گھر پهتو هئس ته سج لهي چڪو هو. هلڪي هلڪي ميرانجھڙي اونڌهه ڌرتي جي وجود کي ڍڪڻ لاءِ آسمان تان هيٺ لهي آئي هئي. ان وقت سيما گھر جي گھٽي تي بيٺل هئي. هن جون نظرون راهن تي وڇايل هيون.مون کي ڏسندي ئي ڊوڙ ڪيائين ۽ شفن کي منهنجن ٻانهن مان کسي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيائين، شفو....شفو ڪيئن آهي..... شفو ٺيڪ ته آهي..............؟.هن مون کان آلين اکين سان تانگھ واري لهجي ۾ پڇيو.
    اڃا ڪو فرق ڪونه پيو آهي. مان نا اميدي مان وراڻي گھر اندر هليو ويس. هو اڃا شفن جي اها حالت ڏسي ڇرڪي پئي. هن جي ڀنل سڏڪن جو آواز منهنجي ذهن جي پردن تي ٽڪرائڻ لڳو. مان گھر مان واپس ٻاهر نڪري آيس.... منهنجن اکين مان لڙڪ ٽم ٽم ڪري ٽمي پيا. مان سيما جي ويجھو آيس، هٿ هڻي پنهنجي کيسي مان اهو تعويذ ڪڍي ڏيندي چيم ، “شفن کي هن تعويذ مان وهنجاري ڇڏ.خدا ڪندو ته فائدو ٿي ويندو.”
    سيما پنهنجا لڙڪ اگھندي منهنجن هٿن مان اهو تعويذ کنيو ۽ پوءِ شفن کي کٽ تي وڇايل هڪ رلي تي سمهاريندي چيائين تون هن جي ڀر ۾ ويهه ته مان تعويذ وارو پاڻي ٺاهي وٺان. هو ائين چئي رڌڻي ڏانهن هلي وئي.۽ رڌڻي مان هڪ ديڳڙي کڻي رڌڻي جي اڳين پاسي پيل هڪ دلي مان پاڻي ڀريائين ۽ پوءِ اهو تعويذ وارو ڪاغذ انهيءَ پاڻي ۾ وجھي ڇڏيائين. ڪجھه دير تائين هو ڪاغذ کي مهٽيندي رهي.. جڏهن ڪاغذ جا اکر ڊهي ويا، جڏهن ڪاغذ جو وجود ذرو ذرو ٿي پاڻي ۾ ملي ويو تڏهن هو شفن طرف آئي. شفن کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي وڃي ان پاڻي مان وهنجاريائين ... ڪجهه دير کانپوءِ هو واپس آئي. شفن کي نوان ڪپڙا پهرائي، هن پنهنجي ٿڃ پيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر شفن اڃا پنهنجي ساڳي حالت کان نه موٽيو. هو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بخار ۽ بيماري ۾ گھيرجندو ويو. مان پنهنجي مٿي تي هٿ ڏئي سوچڻ لڳس ته هاڻي ڇا ڪيان؟ ڪيڏانهن کڻي وڃانس ... کيسي ۾ ٽڪو ئي ڪونهي. جيڪي چاليهه روپيه مليا هئا سي به مولوي محمد رحيم ڦري ويو ۽ فائدو ... فائدو ته وري به ٽڪي جو ڪونه ٿيو. شفن جي ته مرڳو وڌيڪ حالت خراب ٿي وئي آهي.... مان اڃا اهو ئي سوچي رهيو هوس ته مغرب جي اذان کانپوءِ مولوي محمد رحيم ساڳي ئي مسجد جي لائوڊ اسپيڪر تان اعلان ڪندي چيو ته منهنجا پيارا ڀائرو؛ السلامُ عليڪُم، هڪ اعلان آهي جنهن کي غور سان ٻڌجو. هن علائقي جو ايم پي اي جناب الهداد ٽالپر صاحب سڀاڻي صبح جو 10 بجي وڏيري هيبت خان جي اوطاق تي اچي غريبن ۽ مسڪينن ۾ امداد ورهائيندو، تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي سمورن ماڻهن کي اتي گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪجي ٿو..... اعلان پورو ٿيو اهو ٻڌي جان ۾ ڪجھه ساهه پئجي ويو. چپن تي ڦڪي مرڪ آڻيندي سيما کي چيم ، “ٻڌئي سيما .. سڀاڻي سائين الهه داد صاحب ٿو وڏيري جي اوطاق تي اچي... پوءِ ته سڀاڻي... ڪجھه پئسا به جڙي پوندا.... پوءِ....پوءِ پاڻ شفن کي کڻي شهر هلنداسين ۽ اتي هلي علاج ڪرائينداسين” “ٺيڪ آهي، پر اڄوڪي رات الائي ڪيئن گذرندي؟” سيما مايوسي مان وراڻيو.
    بس الله خير ڪندو. مون اُڀ ڏانهن اکيون ڇڪيندي چيو.۽ پوءِ اها سڄي رات شفن اک نه کولي هئي. شفن جيئڻ جو دلاسو نه ڏنو هو. سڄي رات ائين شفن جي مٿان ويهي اٻاسيون ڏيئي گذاري ڇڏيسين. صبح ٿيو ته مان سوير ئي وڏيري هيبت خان جي اوطاق ڏانهن هليو ويس. آهستي آهستي ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا تقريبن صبح جو ڏهين بجي ڌاري ڪافي ماڻهو گڏ ٿي چُڪا هئا ۽ تقريبن ڏينهن جو يارهين بجي ڌاري پورو هڪ ڪلاڪ ليٽ سان ايم پي اي صاحب جناب الهداد ٽالپر هڪ پيجارو مان لٿو هن سان ٻيا به ڪافي ماڻهو گڏ هئا. جيڪي پنهنجن پنهنجن گاڏين ۾ آيا هئا. هڪ ٻه گاڏي پوليس جي به هئي. وڏيرو هيبت خان هن جي آجيان لاءِ ٻاهر بيٺو هو. هن کي ڏسندي ئي هن ڏانهن وڌيو ۽ ڀاڪر پائي هن کي پنهنجي اوطاق اندر وٺي ويو ۽ پوءِ اوطاق جي هڪ ڪمري جو اندران در بند ڪيو ويو. ٻه پوليس وارا رائيفلون سڌيون ڪري ناسون ڦونڊاري اکيون ڦاڙي سيٽجي بيهي رهيا. تقريبن هنن جي پاڻ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين گپ شپ هلندي رهي. تنهن کانپوءِ هنن هڪ هڪ نمبر وار حاجت مند اندر گھرائڻ شروع ڪيو. اڳ ۾ جيڪي 50 ماڻهو اندر ويا هئا، سي لٿل چهري سان خاموش خاموش واپس ايندا ويا. منهنجو ايڪونجھائون نمبر هو، جڏهن مان اندر ويس ته ايم پي اي صاحب وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ چيائين هيبت خان تنهنجي ننڍڙي شهر جا اهڙا ماڻهو به ڇتا ٿيا آهن ڏس ته سهي...جڏهن ٿا امداد ورهائڻ جو ٻڌن ته ڀڳا اچن. وڏيري به ٻاڪو ڦاڙي ٽهڪن سان ٽهڪ ملائيندي چيو هائو....هائو جڏهن پرائو ملي ته پنهنجي کي ڇو کائن هروڀرو اچي رت بتال ٿيو اٿن. منهنجو چهرو اڌ لهي ويو. مون پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي. ڀڳل ڪنڌ جيان منهنجو ڪنڌ هيٺ جھڪي ويو. دل چاهيو ته ساڳي ئي قدمن سان واپس وري وڃان پر اندر ۾ مجبوري جي چهنڊڙين مون کي چٿي ڇڏيو. مون بي شرمي جو سرمو اکين ۾ پائي پنهنجون اکيون سڌيون ڪري کيسي مان هڪ درخواست ڪڍي ۽ ٿڪل قدمن سان وڃي اها درخواست ايم پي اي صاحب جي اڳيان ٽيبل تي رکندي، ٻئي هٿ ٻڌي عرض ڪندي چيم “سائين .... سائين منهنجو ننڍڙو پٽ شفن ڪجھه ڏينهن کان وٺي سخت بيمار آهي... خدا جي واسطي منهنجي ڪجھه مدد ڪريو نه ته هو مري ويندو.”
    “مري ويو ته ڇا ٿي پيو ؟” ايم پي اي الهداد پنهنجي ڇٻر جھڙين مڇن کي وٽيندي چيو، منهنجي رڳ رڳ ۾باهه ڀڙڪي پئي. وجود جو وار وار اڀو ٿي پيو. چهري جون رڳون چمڙي مان ٻاهر نڪري آيون ... دل چاهيو ته ٻنهي جي چهرن تي ٿڪي ڇڏيان... ٻنهي کي گلي مان جھلي وٺان... ٻنهي کي گھٽو ڏئي ڇڏيان پر ... پر مان اکيون بند ڪري بي وسي جو زهر پي ويس. پنهنجي چپن کي سبي ڇڏيم۽ خاموش خاموش واپس ٻاهر وڃڻ لڳس ته ايم پي اي صاحب منهنجي درخاست جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري منهنجي پٺن ۾ هڻي ڪڍيا... مان ويهي درخواست جا ٽڪرا پنهنجي جھولي ۾ ميڙي کڻي ٻاهر هليو آيس ۽ پوءِ ٿڪل قدمن سان پنهنجي گھر هليو آيس... گھر پهچندي ئي سيما مون کان پڇيو، امداد ملي وئي؟ مون پنهنجي جھولي مان انهيءَ درخواست جي ٽڪرن جي مٺ ڀري هوا ۾ اڇلي ڇڏي. ڪاغذ جا اهي ٽڪرا هوا ۾ لڏندا لهرائيندا پٽ تي ڪري وکري ويا. سيما جي چهري تي ڪاراڻ لهي آئي چپ لُڏي ڪنبڻ لڳا. اکين مان ڳوڙها ٽم ٽم ڪري ٽمي پيا. روئي پئي، سڏڪي پئي. مان به روئي پيس گرم گرم ڳوڙها منهنجي ڇاتي تي ڪرڻ لڳا. مان لڙڪن جو مينهن وسائيندو شفن طرف هليو ويس، جيڪو ڪاٺ جي پينگھي ۾ مري ويل ٻار جيان پيو هو. مون جھٽ ڪري شفن کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو ڪجھه گھڙيون مٿس روئيندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو رهيس ۽ پوءِ شفن جي سڪل چپن کي چمندي چيم، پٽ شفن... توکي هن دنيا ۾ اچڻ نه کپندو هو. هي دنيا ڏاڍي پٿر دل اٿئي...هتي جو هر ماڻهو تنهنجي ڪچڙي ماس جو ڳولهائو آهي. هتي ڪنهن کي ڪنهن جو احساس ناهي..... هتي تو جهڙا هزارين ٻار زندگيءَ کي الوداع چئي واپس موٽي ويا آهن... مان ائين چئي وڌيڪ روئي پيس ۽ ٿوري دير کان پوءِ سيما منهنجي ويجھو آئي ۽ چيائين ته مان ماسي حياتان وٽ وئي هئس. ان مون کي پندرنهن ڏينهن لاءِ پنجاهه روپيه اڌارا ۽ هڪ سئو روپيا وياج تي ڏنو آهي. هل ته هاڻي شفن کي شهر کڻي هلون. مان اهو ٻڌي سوچڻ لڳس ته ڏيڍ سئو مان ڇا ٿيندو، اسپتال جي فيس ڏيندس يا شفن جي دوا وٺندس يا وري ڊاڪٽرن کي ڏئي جان ڇڏائي واپس گھر ايندس ... پر مون کي وڃڻ ته کپي، پوءِ چاهي مان پاڻ سڄي عمر گروي ڇو نه ٿي وڃان....شفن تي ساهه به ڏيندس ، مون اهو سوچي سيما کي چيو ته ڇوڪريءَ کي کڻ ته هلون شهر. سيما اهو ٻڌي يڪدم شفن کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ چيائين، هلو، ان کانپوءِ اسين شهر آياسين شهر جي هڪ وڏي سول اسپتال جي ٻارڙن جي وارڊ ۾ شفن کي داخل ڪرائي مان ٻاهران بيٺل (نرسنگ) اسٽاف روم ڏي آيس. ان وقت اسٽاف روم ۾ فقط هڪ ئي نرس ڪرسيءَ تي آهليل هئي. هن جون اکيون بند هيون. ڄڻ ته ڪرسي تي ويٺي ئي ساهه نڪري ويو هجيس. مون هن جي ڀر ۾ بيهندي پٽ تي جُتي جو داڦوڙو هنيو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. اکيون کولي ڪرسي تي سڌو ٿي ويهندي ۽ اکيون مهٽيندي چيائين.ڇا هي....ڇا هي.
    ڀيڻ ڊاڪٽر ڪٿي آهي؟ مون ڊڄي ڊڄي پڇيو.
    مٿي آرام پيو ڪري ...ڇو؟ هن چيو.
    ڀيڻ ڇوڪرو ڏاڍو بيمار اٿم... جي توهان.....؛ ڳالهه کي اڌ مان ڪٽيندي چيائين... هو هينئر ڪونه ايندو.. توهان وڃو منهنجو آرام ٿو ڦٽي... هن بيزاريءَ واري لهجي ۾ چيو۽ پوءِ وري اکيون بند ڪري ڪرسي تي آهلي پئي. مان جھڪيل ڪنڌ سان خاموش خاموش قدم کڻي اسٽاف روم مان ٻاهر نڪري آيس. ديوار جي ٽيڪ تي بيهي ڪجھه وقت سوچڻ کان پوءِ مان خود ئي مٿي ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ لڳس.. مئل مئل قدمن سان اڃا سيڙهي جا پنج ڇهه ڏاڪا مٿي چڙهيس ته ٻارڙن جي وارڊ مان ريهون ٻڌڻ ۾ آيون. سڄي اسپتال ۾ اهي ريهون گونجڻ لڳيون. مون اهو آواز سڃاڻي ورتو.... اهو سيما جو ئي آواز هو. مان هڪدم واپس هيٺ لهي آيس ۽ ڊوڙ ڪري وارڊ اندر هليو ويس. مون ڏٺو سيما شفن جي وجود تي پنهنجو مٿو رکي روئي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي ... شفو... شفو تون اسان کي ڇو پيو ڇڏي وڃين. هن جو اهو آواز سڄي وارڊ ۾ گونجڻ لڳو هو. سڄي وارڊ جا معصوم ٻارڙا اهو آواز ٻڌي سڏڪي پيا هئا.۽ هنن جون دليون ڦاٽڻ لڳيون هيون.تڏهن مون ڊوڙ ڪئي ۽ اچي پنهنجي ننڍڙي شفن جي مٿان بيٺس هو واقعي سيما کي ڇڏي ويو هو. هو واقعي مون کي ڇڏي ويو هو۽ هن دنيا کي ڇڏي ويو هو. اهو ڏسي مون کان رڙيون نڪري ويون.... شفو... شفو وڌيڪ ڪجھه نه چئي سگھيس. باقي سڀ لفظ نڙي جي اونداهي غار ۾ لهي ويا. نيڻن جا نارا وهڻ لڳا. مان ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪري پيس. منهنجو مٿو پڪي ديوار سان ٽڪرائجي ويو. سور جو هڪ هلڪو جھٽڪو محسوس ٿيو ۽ پوءِ رت ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ پٽ تي جمع ٿيڻ لڳو......


      نابين اکين جا لڙڪ

    جون مهيني جو ڳاڙهو ۽ گرجندڙ سج جڏهن ٿر جي سمورن ويران علائقن جي مڙني مٿان ڪوسين لُڪن واري لت رکي تڙپائي تڙپائي، جڏهن ڪراچيءَ واري وشال سمنڊ جي بي رحم ڇولين حوالي ٿي وڃي ٿو. تڏهن رات جو وجود ڪنهن پنجابي هيروئن جيان آهستي آهستي پائل ڇم ڇم ڇمڪائيندو، سڄي علائقي کي پنهنجي اوڍ ۾ اوڍي ڇڏي ٿو، تارا سر سر ڪري اڀ جي اکين ۾ چمڪڻ لڳن ٿا. پهرين تاريخ جو ڀڳل چوڙيءَ جهڙو چنڊ هڪدم لهي وڃي هليو ٿو. واهوندي جي ڪجهه ٿڌي هوا آهستي آهستي چُرڻ لڳي ٿي، هڪدم ئي کيس ڀِٽن جي ريزي ريزي مان نڪتل گرم اُٻ لُڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي. ڪنڊين، ڪرڙن ۽ سڪل ٿوهرن جون ٽاريون، تنبوري جي تارن جيان وڄڻ لڳن ٿيون. زميني جيت جيتامڙا، نانگ ۽ بلائون پنهنجي ٻرن مان نڪري ڪجهه وقت لاءِ کليل هوا جهٽڻ لاءِ وارياسي ريت تي ٻولڻ لڳن ٿا. رات جي هڪ عجيب منظر ۾ چؤطرف خوف ئي خوف ڀاسڻ لڳي ٿو، سڀئي ماڻهو سانجهي جو ئي پنهنجن گهرن جي کٽن ۽ پيهن تي ليٽي پون ٿا. سڄو ڏينهن مال جي پويان لُڪن ۾ جلندڙ ماروئڙن کي ٻاجهر جي ماني ۽ ڏڌ جي هڪ وٽي کائڻ تي ننڊ اچي وڃي ٿي. ڪنهن ٽاڻي گل پنهنجا پاوا کڻي پنهنجي لانڍيءَ جي اڀرندي ڪنڊ کان کسڪي ٻاهر هليو وڃي ٿو. لانگ بوٽ هيٺان لنڊيون لتاڙيندو هو سڌو هڪ واريءَ جي ننڍڙي دڙي تي اچي ٿو ، انهي دڙي جي مٿي پلٿي هڻي ويهي ٿو ۽ پوءِ پاوا وڄائڻ شروع ڪري ٿو.
    “ کڙي نيم ڪي نيچي هون تو هيڪلي........” انهيءَ ڌن تي سندس پاون جي سُرن جو لهرون هڪ ٻئي پٺيان لهنديون رات جي رهزن وجود کي چيرينديون رات جي ئي ڪچڙي روح ۾ لهي وڃن ٿيون. ڀٽون ڄڻ ته چوري چوري سانت ۾ ئي کيس ٻڌڻ لڳن ٿيون. هوا گهڙي پل لاءِ بي ست ٿي وڃي ٿي. ڪرڙن ۽ سڪل ٿوهرن جون سڪل ڊگهيون ٽاريون مٺڙي آواز جي رڌم تي لڏڻ لڳن ٿيون. هو وڄائيندو رهي ٿو. مسلسل وڄائيندو رهي ٿو، جيئن پوءِ تيئن ويتر مڱن مست ٿيندو وڃي ٿو. کيس اها خبر به ڪونه ٿي رهي ته مان ڪٿي آهيان ۽ ڇا ڪري رهيو آهيان! ڪنهن ويل جمنا هن جي سامهون اچي ٿي ۽ هن جي پاون جي سرن جي مڌم لهرن تي رقص ڪرڻ لڳي ٿي. جڏهن سندس ڪلهن کان وٺي هٿن تائين گداز ٻانهن ۾ پيل اڇن چوڙن سان گڏوگڏ رنگين چوڙين جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿئي ٿو ۽ ڇن ڇن جو آواز پيدا ٿئي ٿو، تڏهن هن جي پاون جي سرن جو نشو ٽٽي پوي ٿو........هڪدم پاوا بند ڪري ٿو ۽ تڪڙ ۾ پڇي ٿو.
    “جمنا آهين......؟”
    “........ها مان جمنا آهيان پر............” اڳتي سندس چپ، چُپ ٿي وڃن ٿا.
    “ پر وري ڇا.........؟”
    “پر.......پر ڀاوا ڇو بند ڪري ڇڏيئي.....؟”
    “هونءَ.........”
    “مون کان وڌيڪ توکي پاوا ٿا وڻن....؟”
    “گل پاوا به ته تنهنجا ئي آهن...... جيڪي مون کي ننڊ مان جاڳائي تو وٽ هتي وٺي ايندا آهن.” هو لاجواب ٿي ويو. هلڪي کل کليو ۽ پوءِ چيائين. “جمنا ويهه نه .........” جمنا هن جي ڀر ۾ اچي ويٺي هن جي هيانوَ کي هوا لڳي پڇيائين، “ايندي ڪنهن ڏٺئي ته ڪو نه........؟”
    “نه.............” وراڻي ٿي سندس گداز ٻانهن ۾ ڀريل رنگين چوڙين کي ڇڇڪو اچي ٿو. هڪ هلڪي قسم جي ڇن ڇن جو آواز اڀري ٿو ۽ گُل جي دل جي ڌڙڪن جي تسلسل ۾ لهي وڃي ٿو. کانئس ٿڌو ساهه نڪري وڃي ٿو، اهو ٿڌو ساهه جنهن جي پڄاڻيءَ تي ڪڇي ٿو، “ٻڌ جمنا.....؟”
    “هون.........”
    “مون کي تنهنجين ٻانهن ۾ پيل چوڙين جو آواز وڻي ٿو......”
    “....................۽ مون کي تنهنجن پاون جو آواز.......” ٻئي کلي پون ٿا. چند لمحن لاءِ ٻئي خاموش ٿي وڃن ٿا. اوچتو هڪ گرم هوا جو جهوٽو ٻنهي جي چهرن تي سڪل واري جو تهه ڇڏي اڳتي لنگهي وڃي ٿو. ذهن جي ڪينواس تي پيڙاءُ جي هڪ قسم جو شديد احساس اڀري ٿو. کيس ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هو ٻئي دوزخ جي دريءَ تي ويٺل هجن............... ٻيهر هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀري اماس رات جي سانت ۾ خاموشيءَ جي ڪچي ديوار کي ڊاهيندي چئي ٿو.........“جمنا....؟”
    “هون.....؟”
    “اڄ گرمي ڏاڍي هئي.....”
    “هائو..............اڄ سج ڄڻ ته هيٺ لهي آيو هو...........زمين ڏاڍي تپي هئي.
    “پوءِ ڪو ڪڪر ڪين ڪيائين.......................؟”
    “نه گل آسمان صاف آهي. تارا چمڪن پيا..............۽ هينئر ڏس هي گرم هوا به لڳي ويئي آهي..........”
    “ها جمنا هن سال ڏڪار منهن ڪڍيو آهي، ٿر سڄو ڪاري ڏڪار جي چنبي ۾ سڏڪي رهيو آهي....... ڪو سڻائو واءُ لڳي ئي ڪين ٿو...............”
    “ها گل اسان جي گيتا ٻڌايو آهي ته هن سال مينهن ڪونه وسندو................”
    “ته پوءِ واري ته ضرور وسندي.........ماڻهو سڀ ان واريءَ جي هيٺان ڍڪجي ويندا. ڪو رڙ به ڪين ڪندو.......... اڄ مون چاچي سانوڻ وارين رڍن جون دانهون ٻڌيون آهن، ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هو هاڻ واري کائي کائي ڀرجي پيون آهن...... مورن جون رڙيون به ٻڌيون اٿم سندن هر رڙ ۾ لڳي ٿو موت سندن گلي ۾ اٽڪيل آهي. ڪوئل جي ڪوڪ به ٻڌي اٿم، ڄڻ ته نااميدي جي جهول ۾ ڪري سڏ ڪندي هجي........تاڙن جي تنوار به ٻڌي اٿم ڄڻ ته سندن نڙيءَ ۾ هڪ ڪڙي ۽ ڊگهي درد جي ريڙهه اٽڪيل هجي.............۽.................۽ اڄ ماڻهن جي ڀُريل هڏن جا چيڪاٽ به ٻُڌا اٿم، ڄڻ ته هو گرم ڀٽن جي سانت ۾ گم ٿيڻ چاهيندا هجن...................پر جمنا ڪڪرن کي پوءِ به قياس ڪين پيو..........” سندس آواز ۾ مٺو مٺو درد لهي آيو ، نابين اکين جي اونڌهه ۾ لڙڪ ڦيرا پائڻ لڳا. اندر جي ڊگهي پيڙاءُ ڪجهه لمحن لاءِ کيس سانت جي گهري ساگر ڏانهن گهلي وئي. ڪيئي گرم هوا جا ٻرندڙ جهولا سندس منهن تي واري جا تهه ڇڏيندا ويندا رهيا. جمنا سندس ڀر ۾ رات جي اوندهه۾ واريءَ تي ليڪا ڪڍندي رهي................. گل پنهنجي چهري تي ڄمي ويل واريءَ کي اگهڻ چاهيو، جمنا جي ساڙهيءَ جي هڪ پلئه کي ڇڪائين. ڇڪ سان گڏ جمنا جو رٻڙ جي گڏيءَ جهڙو نرم بدن به هن ڏانهن ڇڪجي آيو. ٻانهن ۾ ڀري ورتائين کيس چهري تان واريءَ جا تهه اگهڻ وسري ويا................ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳا. جمنا پنهنجو ڪنڌ هن جي ڪلهي تي لاڙي پنهنجي دل هن جي دل جي مٿان رکي هن جي دل جي هڪ هڪ ڌڙڪن کي سمجهڻ چاهيو، پر سمجهي ڪانه سگهي. ڊگها ساهه سندس بدن اندر اُڀامڻ لڳا ، گل جي هٿن جي لذيذ ڇهاءُ سندس بدن کي ننڊ اچڻ جهڙو نشو ڏيئي ڇڏيو.......................هوءَ بي ست بي سُڌ ٿي هن جي بدن تي وکري وئي............. ڳچ دير تائين هوءُ گل جي ٻانهن مان آزاد ٿي نه سگهي ............ماٺ ئي ماٺ ۾ هڪ ٻئي کان چپن جون چسڪيون وٺندا رهيا..........چاهت جا گل ٽڙندا رهيا. محبت جو من مهڪندو رهيو گرم ساهن جا سهڪا وڌندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي هوءَ گل جي ٻانهن مان سرڪي آجي ٿي، وارن ۽ ساڙهيءَ کي ٺيڪ ڪندي چيائين.
    “پاڻ ائين ڪيستائين ملندا رهنداسين...............؟”
    “جيستائين مينهن نه وسندو..................”
    “۽ جي مينهن نه وٺو ته پوءِ...................؟”
    “پوءِ................پوءِ.......؟” هو منجهي پيو ، هڪدم زبان تان مستقبل جو فيصلو اوڳاڇڻ سمجهه ۾ نه آيس ماٺ ٿي ويو ٿوهرن جيان...............
    “ها ٻڌاءِ پوءِ...........؟”
    “پوءِ......................پو. پاڻ....؟ ٻيهر سندس چپ ٺري ويا. هو اڳتي ڪجهه چئي ڪونه سگهيو، جمنا جي دل ۾ هڪ قسم جي رونڊ اڀري پڇيائين. “پوءِ پاڻ وڇڙي وينداسين......؟” گل کي جهٽڪو لڳي ويو. هٿ جون آڱريون هڪدم هُن جي ٺريل چپن تي رکي چيائين. “الله نه ڪري ،جمنا تون ۽ مان وڇڙي وڃون. تون ۽ مان ته هڪ جان، هڪ روح آهيون، هڪ قسم هڪ ساهه آهيون، پاڻ ته ٿر جي تاريخ ۾ سچي ۽ ڪامياب محبت جا افسانا بڻباسين، پاڻ ته پيار جا پيغامبر ٿينداسين.......”
    سندس لفظن جمنا جي ڪبندڙ دل تي پها رکي ڇڏيا ۽ پاڻ اندر جي رگهه ۾ ڦٿڪندڙ الڪي جي ٿڙڪندڙ آواز کي دٻائي ڪين سگهي. هڪ پل لاءِ اندر ۾ کڄي آيل ساهه کي اندر ۾ ئي روڪيندي چيائين.“ گل تون هڪ مسلمان ڇوڪرو آهين ۽ آئون هڪ هندو ڇوڪريءَ.......! ڇا پاڻ کي هي معاشرو قبوليندو.......؟”
    “ها.......جمنا جڏهن تون مسلمان ٿي ويندينءَ، تڏهن پاڻ کي هي معاشرو قبوليندو......”
    “گل مان مسلمان ٿيان يا نه............پر پاڻ کي هن سماج جون انڌيون رسمون ڪڏهن به ڪونه قبولينديون. پاڻ ڪڏهن به هڪ نٿا ٿي سگهون. شبانا ۽ پوَن به هڪ ٿي ڪونه سگهيا هئا. هن ئي مٽيءَ جي کٻڙن مان جنم وٺندڙ عارف ۽ رتو ٻائي به هڪ ٿي ڪونه سگهيا هئا........................... مون کي پڪ آهي گل! پاڻ ڪڏهن به هڪ ٿي نٿا سگهون. هن مٽيءَ جا وڏيرا ارباب پنهنجي هڪ ٿيڻ کان اڳ پنهنجو خون پي ويندا. پاڻ ٻئي هنن ڀٽن جيان سانت جا ڍير ٿي وينداسين..........” سندس اندر ڦارون ڦارون، ڪڙا سڏڪا سندس زبان جي نرم وجود ۾ چڀي پيا، چنبيلي پنکڙين جهڙا سنهڙا چپ رتا ٿي ڦڙڪي پيس، روئڻ لڳي، سندس سڏڪن جون سوڳوار لهرون گل جي دل جي پاتال ۾ لهي ويون، گهڻي حد تائين کيس لوڏي ڇڏيائون، لڇي پيو پر سڏڪڻ کان اڳ وکريل حواس ميڙي ورتائين، پنهنجو هڪ هٿ جمنا جي ڪلهي تي رکندي چيائين، “چري آهين ڇا.......؟ سفر کان اڳ منزل کان اڳ تون ايترو جلدي نا اميديءَ جي جهول ۾ لهي وئي آهين........... پنهنجو جهڪيل ڪنڌ اڀو ڪندي چيائين “گل هي کاريون حقيقتون آهن، تون تسليم ڇو نٿو ڪرين....................؟” چيائين “مان مڃان ٿو...............پر مونکي قسم آ تنهنجي گلابي بدن تي ويڙهيل انهي سائي ساڙهي جو................... تنهنجي پيرن ۾ پيل پائل جو............... تنهنجي چيچ ۾ پيل منهنجي ڇلي جو......................تنهنجي نڪ ۾ پيل سونهري ڦلڙيءَ جو مان توکي پنهنجو ضرور بڻائيندس. تون منهنجن ٻانهن جي قيدي ضرور ٿيندينءَ.....“ساهه جا گرم ۽ تکا جهولا اندر جي ساون وڻن کي لوڏيندا رهيا. هوءَ خاموش ٿي وئي. مسلسل خاموش......رات جي سانت جهڙي گهري خاموشيءَ هن جي اندر ۾ لهي وئي، فقط واريءَ تي کاٻو پير سوريندي رهي................ڪنهن مهل گل پنهنجي هٿ سان هن جي ڪلهي کي هلڪو جهٽڪو ڏنو. سندس خاموشيءَ جو خواب ٽٽي پيو ڀڻڪي “هون....؟”
    “خاموش ڇو ٿي وئي آهين.......؟”
    “بس.............ائين ئي.........”
    “ائين خاموش نه رهندي ڪر..........”
    “ڇو.................؟”
    “تون ئي ته منهنجي آخري روشن دنيا آهين. تنهنجي ئي آواز سان ته آئون پنهنجي اونڌاهي اندر ۾ ليئا پائي ڏسندو آهيان، جي تون ائين خاموش ٿي ويندينءَ ته پوءِ آئون ٻوساٽجي ٻوساٽجي مري ويندس.....”
    “نه هاڻي تنهنجو قسم ائين نه ڪنديس.....”
    کن ترسي وري چيائين ، “ هاڻ رات الاهي گذري وئي آهي........................ڪتيون به الاهي مٿي چڙهي آيون آهن....................گل هاڻ مان وڃان ٿي........................”
    “وڃين ٿي.................؟”
    “ها.................” چيائين ٻئي اٿي بيٺا. ڳالهه وسري وڃڻ سبب گل جي جهوليءَ ۾ پيل پاوا هيٺ ڪري پيا. هلڪي آواز سان گڏ کيس پاوا ياد اچي ويا هو هيٺ ويهي زمين تي هٿوراڙيون هڻڻ لڳو پر هڪدم جمنا پاوا کڻي هٿ ۾ ڏنس ۽ وسري ويل لٺ به کڻي هٿ ۾ ڏنائين.ٻئي اڳتي وڌيا ، دڙي کان ٿورو هيٺ لهندي جمنا ڳالهايو.
    “گل! هاڻ هليو وڃ.........”
    “گل ! هاڻي ڀل هليو وڃ....”
    “نه گهر تائين ڇڏي اچئين..........؟”
    “نه..................هاڻ مان هلي وينديس...........پر تون ڌيرج سان گهر وڃجان...........”
    “ مون کي ڊپ ڪونهي ، تون ڪُتي جو خيال ڪجان..........................”
    “ها.........ها...........” هوءَ ائين چئي هلي وئي. پاڻ واريءَ ۾ لٺ کوڙي کُپ ٿي ويو، ڪن ڏيئي ايستائين جمنا جي ٻانهن ۾ پيل چوڙين جي ڇن ڇن جو آواز ٻڌندو رهيو، جيستائين هوءَ لوڙهي جي گهٽيءَ تان ڏاڪڻ وارو در کولي پنهنجي کٽ تي نه ستي هئي................۽ پوءِ دلجاءِ ٿيس، پاڻ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنهنجي آستاني ڏانهن هليو ويو.
    ٿر جي ويرانيءَ جي ڏيک تي ڪڙڪ هوائن ۽ دوزخي جهولن ۾ جنم وٺندڙ هنن جي پيار جي ڪٿا به عجيب هئي. ٻئي ارباب شاهنواز خان جي ڳوٺ ۾ ٺهيل هڪ پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا. ٻئي آخري سال يعني پنجين ڪلاس جا شاگرد هئا. جمنا ته ننڍي هوندي کان ئي ڪنهن پريءَ کان گهٽ ڪونه لڳندي هئي، ويتر جو جوانيءَ جي پهرئين ڏاڪي تي پير رکيو هئائين ته سونهن ۽ سندرتا جون سموريون ڪهڪشائون هن جي سنهڙي سنڊول جسم ۾ لهي آيون هيون. وڏيون ڪاريون اکيون، جاڙا ڀرون ڪُنڍڙو نڪ، چنبيلي جي سفيد پنکڙين جهڙا سنهڙا لذيذ پر ڳاڙها چپ................ چپن جي وچ ۾ موتين جهڙن ڏندن جي قطار.......ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ جهڙو رنگ، کاڏيءَ وٽان کاٻي پاسي کان ڪڻڪ جي داڻي جيترو ڪاري رنگ جو تر.............سنهڙي ڳچي...............اڀارن ارهن وٽان ساڙهيءَ جو ڇڪيل ڪپڙو...........سنهڙي چيلهه ۽ گهاٽا ڪارا زلف جڏهن سائي يا گلابي رنگ جي ساڙهيءَ تي هوا جي جهونڪن تي لهرائيندا هئا، تڏهن هوءَ ٿر جي ويران ڀونءَ تي ڪوهه ڪاف جي پريءَ جهڙو ڏيک ڏيندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ ٿر جون کسيل سڀئي حسناڪيون ۽ مرڪون وري واپس موٽي آيون هجن.
    .............جڏهن صبح جو هوءَ اسڪول ڏانهن ويندي هئي ته ماڻهو سندس حسن جي هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ آهني بهاني چؤنرن ۽ لانڍين مان ٻاهر نڪري رستن تي اچي بيهندا هئا. جڏهن هوءَ ڪتاب ڇاتي تي رکي ۾ کڻي هنن جي وچان گذري ويندي هئي. تڏهن کانئن ٿڌا ساهه نڪري ويندا هئا. اکيون پوري اندر ۾ ٿڌا ساهه ڀريندا هئا ته اندر جا ستل احساس لڇي پوندا هئن. گهڙي کن لاءِ سڀ ڪجهه وسري ويندو هئن. ائين سندس سونهن جي هاڪ وڌندي وئي، آسپاس جي ڳوٺن کان ويندي ڀر واري شهر تائين به هاڻ سندس سونهن جا چرچا هلڻ لڳا هئا. اڪثر ڪري مٺيءَ جي شهر ۾ اتر واري سائيڊ کان بازار کان ٿورڙو سائيڊ تي ٺهيل ماما مولا بخش واري هوٽل تي سندس سونهن ۽ جوانيءَ جي نڪور ادائن جون ڪهاڻيون نوجوان طبقو پيو ڇيڙيندو هو. اڪثر ڪري شام جي ٽائيم تي ماما مولا بخش واري هوٽل جي ڀڳل ٽٽل بئنچن تي جڏهن نوجوان اچي گڏ ٿيندا هئا، تڏهن هڪ ٻئي کان پڇندا هئا،
    “ڀلا ڏي خبر ڊيل جي.........؟”
    “ڊيل جي ڳالهه ئي نه پڇ.....؟”
    “ ڪيئن ٿو ڀائين..........؟”
    “بابا رس ڀري آهي........”
    “وڃ خدا جي قدرت.............اڙي ڇا ڇوريءَ جي ذات، ڇا ڇوريءَ جي سونهن، اصل حور ٿي لڳي حور.............” تڏهن ويٺلن جا وات پٽجي ويندا هئا. ٿڌا ساهه ڀري چوندا هئا، “هئي ڙي قسمت............هئي......” ماما مولا بخش چانهه جي اڌڙي سندن اڳيان بئنچ تي رکي وات ۾ پيل پان کي ڦيري چوندو هو، “ابا ڇو ٿا ٿڌا ساهه ڀريو اها به مقدر جي ڳالهه آهي، مولا جنهن کي کارائي........” تڏهن هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن ۾ ٽهڪڙو مچي ويندو هو ۽ ڳالهه وڃي اڀ کي رسندي هئي. اهڙي طرح سندس سونهن جي هاڪ ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. وڏيرو ارباب شاهنواز خان به هن جي ادا تي پنهنجا پوڙها گهنجيل چپ چٽڻ لڳو هو. مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي اڇن وارن کي مهندي هڻي وارن کي ڳاڙهو ڪيو پيو هلندو هو، پر هڪدم ئي هو جمنا جي ڳاڙهي جواني کي ماڻڻ لاءِ بدلجي ويو. مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي ڳاڙهن وارن کي غير مصنوعي ڪاري رنگ ۾ لڪائڻ لڳو. مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي ٽڪن سان ڀريل ٽوپي پائي ڪارن شهپرن کي تيل جي شيشي مان ٻوڙي ۽ وٽ ڏيئي جمنا جي ساڙهي جي ڪنهن پلئه ۾ ويڙهجڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر جمنا هميشه کيس ڏاڏي جيان ڀائيندي هئي. کائنس ايترو ته ڊپ ٿيندو هيس جو هو پريان کان ارباب شاهنواز خان کي ايندو ڏسندي هئي ته ڪنبي پوندي هئي. سندس دل لڏي پوندي هئي ۽ هيسل هرڻيءَ جيان ڇالون ڏيئي ڏور ڀڄي ويندي هئي. هوءَ ڪڏهن به............ڪڏهن به هن کي ويجهو نه آئي ۽ نه ئي هن کي ويجهو اچڻ ڏنائين..............هوءَ فقط من جي ميدان تي کوڙ تمنائن جا ميلا مچائي چپ چٽيندو رهيو، جمنا جي بدن تان گذري ويل هوا جي جهونڪن کي ٿڌا ساهه ڀري جهٽيندو رهيو.................۽ ائين ڏور ڏور ئي رهجي ويو...........
    انهيءَ اٺين ڪلاس جي آخري ڏهاڙن ۾ ماستر مولابخش به هن تي فدا ٿي پيو. هن جي گهڻو ويجهو اچي ويو . هن جي سونهن ۽ جوانيءَ کي ڪجهه پلن لاءِ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڪلين شيو ٿي رومانٽڪ طبعيت م تبديل ٿي ويو. پنهنجي پر ۾ جمنا جا خواب پنهنجن نيڻن جي آرسين ۾ سجائڻ لڳو..........سڪيءَ واريءَ جي مٿان اڇرائي ريت تي شاهه جا بيت چٽڻ لڳو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جمنا جي سوچن جي ساگر ۾ لڙهي پاتال ۾ لهڻ لڳو.............
    هڪ ڏينهن جمنا کي ڪلاس ۾ اڪيلو ويٺل ڏسي هو اوطاق مان نڪري هن ڏي هليو آيو. جمنا بي وقتو ۽ اوچتو هن کي پنهنجي مٿان بيٺل ڏسي ٿڙڪي اٿي، سندس چپ لڙڪي پيا هو خوف جي واچوڙي ۾ ويڙهجي وئي..............ماستر هن جي قريب اچي ويو صفا قريب هڪ ٻئي جي دلين جون لرزشي ڌڙڪنون هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون، جمنا صفا رڦي پئي...........
    “سائين..............سائين...............؟” سندس زبان اٽڪي پئي، اڳتي جو هر لفظ کيس للڪارڻ لڳو.
    “ها منهنجي جان جمنا ڇا ٿي چئين.............؟” ماستر کلي کيس بي ڌڙڪ چئي ڏنو ۽ ٻانهون ڦولاري جمنا کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر جمنا ڀڙڪو کائي سندس ڪڇ مان نڪري وئي. جمنا ڪاٺ جي ڀڳل ٽٽل بئنچن تان ٿڙي وئي، سندس کاٻو پير بئنچ جي هڪ جنگهه ۾ وچڙي پيو. منهن ڀر ٻين بينچن تي وڃي ڪري. سندس نارنگي جي سنهڙي ڦار جهڙو هيٺيون چپ ٽڪجي پيو. هلڪي آهه نڪري ويس. روئي پئي........سڏڪي پئي، ماستر رڦڻ لڳو..........اوچتو گل هنن جي مٿان اچي بيٺو، ڳالهه کي پهرين ڌڪ ۾ سمجهي ويو. ماستر پير ڊاهڻ جي ڪئي ته هن کيس گلي مان جهلي ورتو..............“ڪتا ڪميڻا.....بي غيرت...........توکي شرم نٿو اچي.............______ گڏهه جا ڦر.............” گل گاريون ڏيئي، جهنجوڙي، جهنجوڙي هن کي هيٺ ڪيرائي وڌو، ماستر خاموش خاموش هن جي ڌڪن لتن ۽ مڪن جا وار سهندو رهيو. اوچتو گل جي نظر ڀر ۾ پيل ٽيبل تي ڪونڀٽ جي پاڙ مان پٽيل هڪ سنهي پر پڪي لٺ تي پيئي، جهٽڪو هڻي لٺ هٿ ۾ کڻي ورتائين..........۽ پوءِ اها لٺ ماستر مولا بخش جي بدن تي ڄڻ ته تلوار جيان وهندي رهي. هو ريهون ڪرڻ لڳو.........اڃايل ڍڳي جيان رنڀڻ لڳو ته ٿوري ئي دير ۾ .............. پنهنجي ئي رت جي تلاءُ ۾ ٻڏڻ لڳو.............. گل هاڻ هوش مان نڪري چڪو هو اڄ کيس پورو ئي ڪري ڇڏي ها...........هن تي وحشت طاري ٿي چڪي هئي................. سندس اکيون بگڙيل شينهن جيان ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون................پر ماستر جي رڙين تي ڪجهه اسڪولي ٻارن ۽ اوطاق تي ويٺل ڪجهه ٻين ماڻهن ماستر کي اچي ڇڏايو...........جمنا اڃا ڪلاس جي اترئين ڪنڊ ۾ سڏڪي رهي هئي، رت سندس ڄاڙي کان وهي ڦڙا ڦڙا ٿي هيٺ پٽ تي ڪري رهيو هو...........ماڻهن جي پڇڻ تي گل سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. ماستر جي اهڙي حال تي به اسڪولي ٻار ۽ عام ماڻهو ماستر تي ملامت ڪرڻ لڳا کيس اهڙي حالت ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا ڇو ته ماستر سندن ڳوٺ جي سونهن کي غليظ ارادن سان ڇهڻ چاهيو هو . ماستر اتي بي هوش ٿي پٽ تي ڦٿڪندو رهيو............. گل ، جمنا کي پاڻ سان وٺي اسڪول کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي جمنا جي مائٽن وٽ آيو ۽ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين. اُن ڏينهن کان پوءِ جمنا کي پڙهڻ کان روڪيو ويو. هن ڪتابن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏيو.................
    ماستر مولابخش جڏهن ارباب شاهنواز خان کي دانهن ڏني ته هو مڇرجي پيو...............ڇو ته جمنا تي هن کي هونءَ ئي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. تنهنڪري گل به هاڻ هن جي عقابي نظرن جي ور چڙهي ويو. هڪدم ئي گل کي ٻڌرائڻ لاءِ پوليس کي حڪم ڏنائين. وڏيري جي سڻڀن ٽڪرن تي پليل اها پوليس وڏيري جي حڪم جي تڪميل ڪيئن نه ڪري؟ نيٺ رات جو ڏهين بجي پوليس جي هڪ اٽالي گل جي گهر جي لوڙهي واري گهٽي جي ڏاڪڻين واري در کي ٺڙڪايو اچي. گل جو پوڙهو پيءُ لٺ هٿ ۾ کڻي کنگهندي کنگهندي اٿيو گل به ڪهاڙي کڻي پيءُ جي پويان نڪتو ته سندس جهور ماءُ به ڇرڪي اٿي. پوليس ڏسي ڊڄي ويا، سندن پيرن هيٺيان زمين ئي نڪري وئي، هڪ سپاهي جي پڇاءُ تي گل پنهنجو نالو ٻڌايو ته ٻي سپاهي واري کڻي ٻڌس........گل جو پيءُ پڇندو رهيو ۽ لڇندو رڙندو رهيو، سندس ماءُ واري تي ڦٿڪندي رهي پر پوليس گل کي وٺي هلي وئي. ڇهن مهينن تائين هو جيل جا پاروٿا ٽڪر کائيندو رهيو. ڇهن مهينن کان پوءِ جمنا جي مامي اچي ڇڏايس........اها مينهن جي مند هئي، سانوڻ جو مهينو هو.......انهيءَ ڏينهن ۾ برسات به تمام گهڻي پئجي رهي هئي. ٿر سڄو ٻهڪي پيو هو. چؤطرف سر سبز گاهه ڦٽي نڪتا هئا ته ماڻهو همرچو ڳائي دل وندرائڻ لڳا هئا. گل جو هاڻ اهو مشغلو ٿي چڪو هو ته هر رات هو پاوا کڻي گهرن کان سامهون وڏي ڀٽ جي ڀر ۾ واري جي هڪ ننڍي دڙي تي ويهي پاوا وڄائيندو هو. جڏهن به سندس پاون جا مڌم سر رات جي ماٺار ۾ وکري جمنا جي ڪنن تي پوندا هئا ته جمنا جو من ڀڄي پوندو هو. صفا لڇي پوندي هئي...... گل جي پاون جا سر هوريان هوريان جڏهن سندس دل جي دامن ۾ لهي ڌڙڪن جي هوائن ۾ لهرائڻ لڳندا هئا ته هو کٽ تان اٿي هوريان هوريان پنهنجا پدمڙا پير ٺريل واري تي ڇاپي اچي گل جي سامهون بيهندي هئي، تڏهن اجاڙ راتين جو ڏٺل گل جا سڀئي سپنا پورا ٿي ويندا هئا.
    ائين هنن جون گهڻيون راتيون گذري ويون. گل جيئن پوءِ تيئن هن جي عشق ۾ مست و مگن ٿيندو ويو.........مذهب جون حدون اورانگهي هو پيار جي الوٽ وشال ترائي جي تري ۾ لهي ويا.........گهڻا سج گهڻا چنڊ اڀري لهي ويا گهڻيون ڪتيون گهڻا ٽيڙو ٽڙي ٽڙي تپي ويا پر هنن کي ڪا خبر ڪانه پئي............ هڪ ڏينهن جمنا جي مڱڻي لاءِ ڇاڇري کان ماڻهو آيا گل جڏهن اها خبر ٻڌي تي صفا سسڪي پيو. ان رات هو ساڳي ئي دڙي تي ويهي پاوا وڄائڻ لڳو پر اڄ الئه ڇو سندس پاون جا ڊگها ۽ مٺا سر جمنا کي هن وٽ آڻي نه سگهيا. هو جيئن پوءِ تيئن مست ٿيندو ويو، سندس سرن ۾ جذباتي عشق جو هڳاءُ وکريل هو..................جمنا کي پتو هو........جمنا کي پتو هو ته سندس من جو ميهار ساڳي ئي پڙي تي منڊلي مچائي عشق جي آب و تاب تي ويٺل آهي...........هو سڄي رات بستري تي لڇندي رهي، ڪيئن هو گل جي پاون جي سرن ڏانهن اڏامي وڃي، ڇو ته اڄ گهٽي تي سندس ٿيڻ وارا ساهورا ستل هئا. اڄ هو ان جي سرن تارن تي نچي ڪونه سگهي.............جهومي ڪونه سگهي........فقط کٽولي تي لڇي ئي سگهي................سڄي رات هو ائين وهاڻي جي ڪپهه تي لڙڪ هاريندي رهي ۽ گل کي ساريندي رهي................ان رات اسر ڌاري گل جي پاون جي سرن جي تار نيٺ ته ٻي ماني ٿي ڇڄي پئي................پاوا ڀر ۾ رکي آهلي پيو نڀاڳي ننڊ سندس بدن تان هوريان هوريان سرڪي اکين ۾ لهي وئي............رات پنهنجن آخري پساهن ۾ هئي. ڪنهن ٽائيم هڪ پيئڻ بلا سُتي زهر ڦوڪي وئي، ڇرڪ ڀري جاڳيو، هلڪو هلڪو سور مٿي ۾ جهٽڪا هڻڻ لڳو. هو رڙيون ڪري گهر ڏانهن ڀڳو، تيز ڀڄڻ سان زهر سندس ساري جسم ۾ ڦهلجي ويو. هو بي هوش ٿي ويو، سج اڄ هن لاءِ اوندهه جو ٺڪر کڻي اڀري آيو. هن کي هڪدم ئي ڪنهن ويجهي اسپتال ۾ ايڊمٽ ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي گهڻي ڪوشش جي نتيجي ۾ هن جي زندگي ته بچي وئي پر سندس اها زندگي اونڌاهي جو ڪفن بڻجي هن جي جسم تي چهٽي وئي. پاون جا مڌم سر وکري ويا............۽ هو لٺ جو سهارو وٺي زندگي جي ڊگهي سفر ۾ اڳتي تڳڻ لڳو............... پاون جا وکريل سر ٻيهر سميٽي ورتائين ته هن جي عشق ۾ شدت اچي وئي...............هن سماجي ريتن رسمن کي ٿڏي ڇڏيو. اونداهي زندگي جا ڪارا پل جمنا جي ٻانهن جي چوڙين مان پيدا ٿيندڙ ڇن ڇن جي آواز ۾ گهارڻ چاهيائين................. چاهيائين ته هو هميشه هميشه لاءِ جمنا جي دل جي پهرين خاني ۾ دفن ٿي وڃي.........هاڻ هو رات جي رهزن وجود ۾ رونڊون پائڻ لڳو................ ٿوهرن جا ٿلها لتاڙڻ لڳو. لنڊين ۽ نانگن جا مٿا چيڀاٽڻ لڳو ۽ اندر جي ساري اوندهه کي پاون جي سرن مان ڌوڪڻ لڳو. پاڪ محبتن جا پرڪشش پيالا پيئندي پيئندي. هن جو اندر اجرو ٿي ويو. صفا چوڏهين رات جهڙو.................. ڪڏهن ڪڏهن جمنا جڏهن پٽ تي هن کي ڪنهن شيءَڳولڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندي ڏسندي هئي ، تڏهن گهڻي ڏکاري ٿي ويندي هئي. ڪنڌ ٻاجهر جي ٽٽل سنگ جيان نمي پوندو هئس. چوندي هئي “گل تنهنجي اکين جون وسامي ويل ڏياٽيون مون کي ڪاري موت جيان لڳنديون آهن..........” گل بجاءِ مايوس ٿيڻ جي چپن تي هلڪي مرڪ ڦيري چوندو هئس “مون کي ان ڳالهه جو افسوس ضرور آهي پر چري منهنجي دنيا اونداهي ڪانهي ڇو ته تنهنجي محبت جا چراغ منهنجي دل ۾ روشن آهن............” تڏهن جمنا جي دل تي وکريل ويساهه جا ٻه چار ڇنڊا ڪرندا هئا ته هو صفا ماٺ ٿي ويندي هئي.........۽ گل هن جي ماٺ تي نئين ڌن وڄائيندو هو ته هوءَ اٿي نچندي هئي ۽ واري جي ڇيرن کي چميون ڏيندي هئي..........پوري هڪ سال جا ڪانٽا ڄڻ ته منٽن ۾ تبديل ٿي ويا. اڄ هو هن وٽ چنڊ جي ڇهين رات آئي. ساڳي وقت جاءِ تي...........سندس پيرن جي آهٽ ٻڌي هن پاوا بند ڪري ڀر ۾ رکي ڇڏيا..............
    “جمنا آهين............؟” پڇيائين.
    “ها.......”
    “اچ ويهه............؟”
    “ها................” وراڻي هن جي ڀر ۾ اچي ويٺي، ايترو جو سندس گهنگهور گهٽائن جهڙين زلفن جون چوٽيون گل جي چهري کي هوا جي لهرن سان گڏ ڇُهي هليون ويون............ گل جي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ جا رنگ وکري ويا. چيائين جمنا! ڇا تنهنجا زلف به واقع مون سان ايڏي محبت ڪن ٿا................؟”
    “ها...............”
    “ته ٻڌ جمنا ! منهنجي پاون جا سر به توسان ايتري ئي محبت ڪن ٿا.................”
    “ها.............پر گل! پاڻ رڳو لڪل محبت تائين ته محدود ڪونه رهنداسين.......................”
    “ها سچ ٿي چئين.................پر هاڻي ڇا ڪيون؟”
    “ٻڌو اٿم هو (ساهرا) مٿين چنڊ جي پهرين تاريخ تي منهنجي شادي جا ڏينهن ٻڌڻ لاءِ اچي رهيا آهن................”
    “سچي...........؟؟” هو ويساهه وٺڻ لاءِ پڇي ٿو.
    “ها................” هو وراڻي خاموش ٿي وڃي ٿي سندس منهن جو رنگ گهڻو بدلجي وڃي ٿو، ساڄي ٻانهن ۾ پيل چوڙين کي کاٻي هٿ سان ٺاهڻ لڳي ٿي. زلفن جون ڪڪور چوٽيون سندس ئي ڳلن تي کيڏي هوا جي جهوٽن سان واپس موٽي وڃن ٿيون. گل به سوچن جي ساگر ۾ لهي وڃي ٿو. ڪنهن ٽائيم هو جهٽڪو کائي سوچن جي ساگر مان ٻاهر اچي ٿو...........۽ ڀڻڪي ٿو “جمنا!.............”
    “هون............؟”
    “تون رُٺي آهين ڇا............؟”
    “نه................”
    “ پوءِ چپ ڇو ٿي وئينءَ.........................”
    “بس ائين ئي................”
    “ڀلا هاڻي ڇا سوچيو اٿئي............؟؟”
    “منهنجي سوچ تون آهين............”
    “ها پر...........تون هتان نڪرڻ کان پوءِ جو سوچ..............ڇا سڄي عمر هن انڌي جو ساٿ ڏيئي سگهين ٿي...........؟
    “ها.........گل ويساهه نه اٿئي جا.......................؟”
    “ويساهه اٿم..................پر هي زندگي جو مسئلو آهي تنهنجي زندگي جو.............”
    “منهنجي زندگي تون آهين..............”
    “تون اوندهه کي قبوليندينءَ.........؟”
    “تون اوندهه ناهين..............جي آهين ته آئون تنهنجو چنڊ آهيان ۽ توکي روشن ڪنديس.
    “ڪيئن.........؟”
    “پاڻ اکين جو سودو ڪنداسين...............” گل کان ڇرڪ نڪري ويو هن جو وجود ترڪي جي شهر ازمت جيان لڏي پٽ پئجي ويو. ڪاوڙ جي رنگ جا رنگين تهه هن جي چهري تي چڙهي ويا..........چيائين “جمنا تو اهو ڪئين چئي ڇڏيو............؟”
    “گل تون منهنجي عشق ۾ پنهنجون اکيون وڃائي سگهين ٿو ڇا مان تنهنجي محبت ۾....................” جمنا جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ گل هن جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي ڇڏيون............هو ماٺ جي ماڳ ڏي هلي وئي.....................
    جمنا اسان ائين نٿا ڪري سگهون......مون توکي پهرين چيو هو ته مون وٽ اکيون ناهن ته ڇا هي منهنجو اندر تنهنجي محبت سان روشن آهي، مان سڀ ڪجهه ڏسي سگهان ٿو............
    “پر پاڻ هتان نڪري آخر ڪيڏانهن هلنداسين.............؟”
    “شهر ڏانهن..........”
    “سڃاڻپ اٿئي ڇا.........؟”
    “نه...............”
    “پوءِ ڪنهن وٽ رهنداسين................؟
    “ڪنهن وٽ به نه پنهنجو ڪو گهر ٺاهينداسين................”
    ۽ ڌنڌو.............؟”
    “ها........مان شهر جي چؤنڪ چؤنڪ گهٽي گھٽي ۾ پاوا وڄائيندس، ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ڏيندا نه........................”
    “اهو ٺيڪ آهي ، پر گل ! مون کي مسلمان به ڪندين نه................................؟”
    “ها جمنا ! سڀ کان پهرين ته مان توکي مسلمان ڪندس. ٻيون ڳالهيون سڀ پوءِ...........” جمنا کي ويساهه اچي ويو، هو ڊيل جيان ٽونڪي گل جي هنج ۾ ڪري پئي........گل ٻانهن ۾ ڀڪوڙي ورتو، ٿڌا ساهه کڻي هوريان هوريان گل جي دل جي تهه خاني ۾ لهي وئي................
    جمنا جي شادي جا ڏينهن به چٽا ٿي ويا، ٻنهي دلين ۾ ٿرٿلو مچي ويو..............۽ پوءِ مئي مهيني جي اها رات هئي..........جنهن رات هنن ريتن رسمن، قومن ۽ مذهبن جون سموريون ديوارون ڊاهڻ چاهيون. اوچ نيچ ۽ ذاتين پاتين جا فيصلا ٽوڙڻ چاهيا، ويهين مئي جي اُجا رات جڏهن پورو ٿر اُڀ مان ڪرندڙ سال جي پهرين بارش جون سنهيون سنهيون ڦڙيون جهٽڻ لڳو هو ...........۽ اڀرندي جي ٿڌڙي هوا جي جهوٽن تي لڏڻ لڳو هو............تڏهن اها ئي رات هنن جي فراريت جو وڏو موقعو به بنجي پئي هئي.....ڇو ته ان ڏينهن صبح کان وٺي هلڪي هلڪي بارش پئجي رهي هئي. تنهن ڪري ڪٿي پيرن جو لڳڻ ممڪن ئي نه هو. هو اڄ بلڪل پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ پنهنجي مٽيءَ جي ڀونءِ کي ڇڏي، ڏور ڏور وڃڻ لڳا.......... بارش جي ٿڌين ڪڻين ۾ ڀڄندا ڀٽن جون “مائونٽ ايورسٽ” جهڙيون اوچون چوٽيون لتاڙيندا ٿوهرن جي سرد ڪنڊن جي چڀڻ جا ڊگها درد سهندا اڳتي هلندا ويا. آهستي آهستي بارش وڌندي وئي. طوفاني هوائون سمنڊ جو سير لتاڙي هوريان هوريان هن مٽي جو ڀونءِ ڏي پي ڪهي آيون.........رات جي راز ۾ سامونڊي هوائون طوفاني روپ وٺي نه ڄاڻ ڇو پوري سنڌ کي برباديءَ جو ڍير ڪرڻ آيون........................تيز بارش سان گڏوگڏ طوفاني هوائن جا تکا تير ڀٽن جي صدين کان اڃايل ۽ بکيل وجود ۾ لهڻ لڳا. جهانگيئڙن جا جهوپا جهري پيا، ماڻهو، مال، پکي پکڻ سڀ هوائن ۾ ڇڄڻ لڳا. قاتل هوائون کين گهلڻ لڳيون. اچي هڪ ٿوهر جي پاڙ ۾ پناهه ورتائون.......................پر اهو ٿوهر هنن کي پنهنجي ڳجهه ۾ لڪائي نه سگهيو. سندس پاڙون واريءَ جي پولي روح کي پڪڙي نه سگهيون. رات جو جلاد وجود بارش سان گڏ تيز طوفاني هوائن جي وار ڪندو رهيو. اهو وار جنهن جي سٽ اهو ٿوهر به سهي نه سگهيو...............هو هوا جي هڪ تيز سرڙاٽ سان گڏ هنن ٻنهي کي پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو . هنن جي هٿن جا سهارا ڇڄڻ لڳا.............. ڪيهون گونجڻ لڳيون، پر هوا ڪانه مڙي. رات جو روح ڪونه ٽريو ڀٽون ڪونه ڦاٽيون، اڀ ڪونه رڙيو، اها ڪٺور هوا هنن کي هڪ هڪ ڪري الائي ڪٿ ڪٿ اڇلائي ڇڏيو. گل ته الائي ڪٿ ڪهڙي پار ڏانهن هوا سان گڏ ڌوڪجي ويو، جمنا جو وجود ڇيهون ڇيهون ٿي هڪ سڪل ٿوهر جي ٽارين ۾ اٽڪي پيو، سندس سونهن ٿوهرن جي ڪنڊن سان زخمي ٿي وئي، مينهن جي پاڻي ۾ وهڪري جيان لڙهي ويو. صبح جو سج شرمسار ٿي مک تي ڪڪرن جو نقاب پائي جڏهن ڪافي مٿي چڙهي آيو، تڏهن هوائون پنهنجي سموري سگهه لاهي بيهي رهيون. مينهن بند ٿي ويو، تڏهن ان علائقي جو ڪو ڳوٺاڻو گهرن کان ٻاهر نڪتو جائزي وٺڻ لاءِ . گهرن کان ٿورو پنڌ پري سندس نظر هڪ ٿوهر ۾ اٽڪيل جمنا جي وکريل وجود تي پئي.ڇرڪ نڪري ويس، هڪدم پوئتي هٽي ويو.......۽ پوءِ سانت سانت ۾ اها ڳالهه اچي ان ڳوٺ جي هڪ اڌڙوٽ عمر جي ارباب جان محمد سان ڪيائين، چيائين “سائين......سائين پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ٿوهر ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو لاش اٽڪيو پيو آهي......................” پر اهو لاش نه هو، هوءَ اڃا زندهه هئي، زندگي جي شهر ۾ آخري ٺريل ساهه کڻي رهي هئي..............ارباب جان محمد هڪ دم ٻه چار ماڻهو وٺي اتي پهتو لاش کي ڏسڻ لاءِ......پر اتي جمنا جي ڀر ۾ بيهندي هنن کي پتو لڳي ويو ته هوءَ اڃا زندهه آهي ۽ زندگيءَ جا آخري ساهه کڻي رهي آهي. ارباب جان محمد هڪدم هن کي پنهنجي حويليءَ ۾ کڻائي ويو. باهه جا شعلا ٻاري هن جي ٺريل بدن کي گرمي ڏنائين. ڊاڪٽر گهرايائين. تقريبن رات جي اٺين بجي ڌاري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ پيل وجود ۾ چرپر اچي وئي، هوءَ ڦٿڪڻ لڳي. سندس زندگيءَ جي واپسي هن جي جسم ۾ روح ڦوڪڻ لڳي. رات جو نوين بجي ڌاري جڏهن اکين جا بند در کليا تڏهن هوءَ روڙيل ۽ مئل آواز ۾ “گل ! گل !........” ڪري پڪارڻ لڳي، پر گل هن کان ڪڏهوڪو وڇڙي چڪو هو. الائي ته ڪٿ ڪهڙي پٽ جي پويان رهجي ويو. سندس پاوا ۽ پاون جا سر الائي ته ڪهڙي ڀٽ جي ڏهر ۾ وکري ويا..........................هوءَ گل گل پڪاريندي رهي، پر گل هن جي نظرن کان اوجهل ٿي چڪو هو. جڏهن مڪمل هوش ۾ آئي تڏهن ارباب جان محمد جي پيرن تي ڪري منٿون ڪيائين. ايلاز ڪيائين ته هو ان کي واپس پنهنجي ماڳ پهچائي ڇڏي، پر ارباب جان محمد پنهنجي عقابي نظرن سان جڏهن اهڙي سونهن سان مخاطب ٿيو. تڏهن پيريءَ جا سمورا پوڙها پل گهڙي ۾ وسري ويس. ڄڻ ته ٻيهر جوانيءَ جي جاڳ مٿس فدا ٿي پئي هُئي، هو جمنا جا صوف جهڙا ڳاڙها ڳل ۽ رسيلا چپ ڏسي پنهنجا پوڙها ۽ ڪارا چپ کنڊري زبان سان چٽڻ لڳو. گهڙي پل لاءِ سموريون جنسي خواهشون بدن ۾ اُڀري کيس مروٽڻ لڳيون، هو ٿڏا ساهه ڀري جمنا کي مخاطب ٿيو “تو جهڙي پري ته اسان کي خدا ڏياري آهي، هاڻ تون واپس نٿي وڃي سگهين....”
    هوءَ اهو ٻڌي رڙڻ لڳي. هن جي پيرن تي ڪري پئي، پنهنجي مٿي جا وار هڪ هڪ ڪري پٽڻ لڳي ۽ هن اڳيان احتجاج ڪرڻ لڳي، پر اهي پرزور احتجاج هن بادشاهه جي پٿر دل کي گهڙي پل لئه به لرزائي نه سگهيا.......ارباب جان محمد اهو چئي هڪدم ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ته “صدين کان وٺي اسان جي اها ريت رسم هلندي پئي اچي ته جيڪا به شيءَ هڪ ڀيرو اسان وٽ اچي ويندي آهي ته پوءِ اها واپس ڪونه ٿيندي آهي. هاڻ هتان مري نڪرندينءَ.................هن جي پيرن هيٺيان زمين ئي نڪري وئي مغز کي چڪراٽيون اچي ويس.............هوءَ ڪري پئي..............هاڻ هوءَ حويلي جي بند ڪوٽن۾ رهڻ لڳي. ڪيئي سج ڪيئي چنڊ اڀري لهي ويا، چئين مهينن جو مُدو هن لاءِ ڄڻ ته صديون ٿي گذريو هو. هاڻ هوءَ صفا سڪي ڪنڊا ٿي وئي. سندس سونهن جو گلدستو پنکڙي پنکڙي ٿي حويليءَ جي آنگاس ڪارين ديوارن جي اونداهين ڪنڊن ۾ وکري ويو.........هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي ڪمري جو شيشي وارو ننڍڙو گلدستو هٿ ۾ کڻي صاف ڪري رهي هئي. اوچتو هن جي ڪنن تي پاون جو آواز ڪريو. سندس هٿ مان اهو گلدستو ڪري پٽ تي ڀورا ڀورا ٿي ويو. هوءَ ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتي ته پير ۾ هڪ شيشي جو ننڍڙو ٽڪر چڀي پيس رت ڦوهارا ڪري پٽ تي ڳاڙهو ليڪو ٺاهيندو ويو. پر هن محسوس ئي نه ڪيو بي ڌڙڪ اڳتي هلندي وئي. هوءَ ڪمري اندران نڪري ٻاهر آڳر تي اچي بيٺي، هاڻ هن جي ڪنن تي بنا رڪاوٽ پاون جا اهي سُر وکرڻ لڳا. ٿڙڪڻ لڳي. سندس روح لرزڻ لڳو. ڀرسان پٽ تي ٻهاري ڏيندڙ ماسيءُ کي چيائين.
    “ماسي ارباب صاحب جن ڪيڏانهن ويا آهن.؟ ”
    “جيجي ! اڄ هو ڪراچي ويو آهي.” هو ائين وراڻي وري ٻهاري ڪڍڻ ۾ لڳي وئي. هن وري ڳالهايو.
    “ماسي! ٻاهر ڏس ڪير آهي.....”
    “ها امان!................” هوءَ ٻهاري اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر هلي وئي، هڪدم ئي واپس وري چيائين،
    “جيجي ڪو انڌو ۽ چريو فقير آهي......”
    “ڇا.....................؟؟؟” اهو ٻڌي هن کان وڏو ڇرڪ نڪري ويو هن جو دماغ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڪنهن پلي جيان تيز تيز جهٽڪا هڻڻ لڳو. ڪنبي ڪنبي ڪوٽ جي وڏي دروازي تي آئي. لوهي دروازي جي ننڍڙي دري آهستي آهستي هٽائي ٻاهر ڏٺائين ته سندس پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي. دماغ جي ڌنڌلي وادي ۾ ڄڻ ته ائٽم بم ڪري پيو، رک ٿي فضائن ۾ اڏامڻ لڳي. سندس چپ ڦڙڪي پيا، دل جو دهڪو سئو کان به مٿي هليو ويو. “گل گل گل...........” هڪ نالو، هڪ آواز هن جي ذهن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳو. دري کلڻ جي آواز تي گل پاوا بند ڪري ڀڻڪيو ڪير..........ڪير..........صدين جو غم سندس آواز ۾ لهرائڻ لڳو. جمنا جا نيڻ ٽم ٽم ٿي ٽمي پيا. کانئس سڏڪو نڪري ويو پر سڏڪي کي اڌ ۾ روڪي ورتائين، اڌ سڏڪي جي زهر جهڙو تکو آواز گل جي دل جي تهه خاني ۾ لهي ويو، ڀڙڪو کائي اٿيو “ت ت ت.............تون..............” سندس جملو پورو ٿي نه سگهيو. جمنا جا ٽٽل چپ لڙڪي پيا چيائين “گل!................تون.............”
    “ها آئون گل آهيان، پر تون جمنا آهين نه.....................؟سندس آواز سڃاڻي ورتائين. هوءَ سڏڪي پئي چيائين “ها مان تنهنجي بدنصيب جمنا آهيان.............” هو اهو ٻڌي لڙهي ويو.........کن ترسي چيائين “جمنا تون هتي ڪنهن وٽ رهندي آهين ۽ ڪيئن پهتي آهين..............؟” هوءَ ان وقت جي حقيقي وارتا پهرين ٻڌائي نه سگهي، فقط دري پويان گل جي نابين اکين مان وهندڙ لڙڪن کي ڏسندي رهي، جيڪي هن جي وڏي ڏاڙهي کي به پنهنجي گرفت ۾ ويڙهي کين پسائي رهيا هئا. گل ٻيهر ڳالهايو
    “جمنا تون ڪڇين ڇو نٿي.................؟”
    “ڪڇان ته ٻُڌين سگهندين.............؟” جمنا ڳالهايو “ها اڄ توکي ٻڌائڻ ۽ تنهنجا درد ٻڌڻ لاءِ ئي ته آيو آهيان..............”
    “ته ٻڌ..............” جمنا پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي “مون کي جڏهن هوش آيو، تڏهن پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڏٺم. رات ٿي چڪي هئي. منهنجو دماغ ڦرڻ لڳو. آئون ڪٿي آهيان، آئون ڪٿي آهيان؟ زور سان رڙيون ڪري چيم. اوچتو منهنجي مٿان هڪ اڌڙوٽ عمر جو همراهه اچي بيٺو چيائين، تون هاڻ ارباب جان محمد جي قبضي ۾ آهين، هاڻ تون هتان نڪري نٿي سگهين. منهنجي پيرن هيٺان زمين ئي کسڪي وئي. رڙيون ڪيم منٿون ڪيم ته مون کي واپس پنهنجي ماڳ پهچائي ڇڏ..................پر منهنجي هڪ به نه ٻڌائين................ائين هن مون کي پاڻ وٽ هن حويلي ۾ قيد ڪري ڇڏيو..................” هوءَ روئندي رهي، نيڻن جي ٽم ٽمان ۾ ڳالهه بيان ڪندي رهي” ۽ پوءِ هن مونسان هڪ مڙس وارو رويو رکي ڇڏيو..ڏينهن جو الائي ڪيڏانهن غائب هوندو آهي.........۽............ هو رات جو موٽي ايندو آهي................
    مون کي مسلمان به ڪو نه ڪيو اٿس ۽ نه ئي مون سان نڪاح ڪيو اٿس. ائين هر رات هو شراب پي منهنجي بستري ۾ ايندو آهي..............۽..............۽..........!” پوءِ جي هوءِ زهريلي وارتا ٻڌائي نه سگهي. سندس آواز جون لڙهيون ٽٽي ويون. غم جو زهر رڳ رڳ ۾ باهه جي شعلي جيان ٻرڻ لڳو. سڏڪن کي اڌ ۾ روڪيندي چيائين.............۽ هي...........۽ هي چوٿون مهينو مون کي پيٽ آهي......................ٰ!”
    “ ڇا.................ڇا.........؟؟؟؟!!!” گل جا ڇرڪ ڇرين جيان پنهنجي ئي وجود ۾ ٽنبجي ويا......ٿڙڻ لڳو ٿڙي ڪوٽ جي ديوار سان وڃي لڳو. مٿو ديوار سان ٽڪرائجي ويو پر صفا بي ست ٿي ويو چيائين
    “ جمنا هاڻ مون سان ڪونه هلندينءَ؟”
    “توسان گڏ هلڻ لاٰءِ هاڻ مون وٽ ڇا رهيو آهي، ڪجهه به ته نه، لٽجي لٽجي هاڻ هي بدن تنهنجي لائق رهيو ئي نه آهي............” هو ماٺ ٿي ويو ڄڻ هن جي مٿان ڪا ڇپ ڪري پئي هجي. ٿورو ترسي چيائين “ٻار جو نالو ڇا رکندينءَ.........؟”
    “جي ڇوڪريءَ ڄائي ته ان جو نالو گلان رکنديس، جي ڇوڪرو ڄائو ته ان جو نالو گل رکنديس......”
    “گل ڇو...........؟ سڄي دنيا کوڙ نالن سان ڀري پئي آهي..”
    “انهيءَ لاءِ ته تنهنجون يادون زندهه رهن، تون هر پل مون کان وسري نه سگهين، ٻئي جنم ۾ به تون ياد هجين......” هو ماٺ جي موت حوالي ٿي ويو. فقط پٽ تي آڱر سان ليڪا ڪڍندو ۽ ڊاهيندو رهيو...... ٿورو ترسي هن پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وڌو مٺ سڪن جي ڀري جمنا ڏانهن وڌايائين “جمنا اچي هي سڪا وٺ ، پنهنجي ننڍڙي کي ڏجائين هو هن سان کيڏندو...........” جمنا کان ڇرڪ نڪري ويو، ڪنبي پئي چيائين “گل ڇا تون پنندو هئين...........؟!” هڪ طويل ۽ ڊگهو ساهه ڀريندي گل چيو “ها جمنا............! منهنجي زندگي به تنهنجي زندگيءَ وانگي بچي هئي.......... ۽ پوءِ مان گهٽي گهٽي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پاوا وڄائيندي رليو آهيان، فقط تنهنجي تلاش ۾ ۽ ماڻهو مون کي خيرات به ڏيندا هئا، پر اڄ منهنجي تلاش پوري ٿي وئي، اچي هي سڪا وٺ نه........” هن سڪن سان گڏ پاوا به جمنا ڏانهن وڌايا ۽ چيائين “هي پاوا به رکي ڇڏ جي گل ڄمي ته ان کي ڏجان...............هو انهن کي وڄائيندو ۽ منهنجي روح کي راحت ملندي.” جمنا نه چاهيندي به هٿ هن ڏانهن وڌايو. هن سڪا ۽ پاوا جمنا جي هٿ ۾ وجهي ڇڏيا. جمنا سڏڪي پئي. هي آهستي آهستي لٺ جي سهاري سڌو ٿيو ۽ چيائين “جمنا ڳوٺ ۾ ڪنهن کوهه جي دڳ لائي ڇڏ..........” ڇو.........؟” جمنا پڇيس “مون کي ايتري پياس آهي، جو اهو کوهه ئي پياس لاهي سگهي ٿو.............” جمنا چيو “گل سڌو سڌو هليو وڃ..........” هو آهستي آهستي وڃڻ لڳو. جمنا چاهيندي به هن کي روڪي نه سگهي. فقط مينهن وانگي وسندي رهي. هو هليو ويو.......
    ٽن ڏينهن کان پوءِ کوهه جو پاڻي گندو ٿي ويو، ڌپ ٿي ويس. ماڻهو بيمار ٿي پيا. ارباب جان محمد ان جي صفائي لاءِ ماڻهو موڪليا...جمنا گندي پاڻيءَ سبب ڪلهه کان وٺي پاڻي به نه پيتو هو. اڄ صبح جو جيئن ئي اُڃ ڏاڍي لڳس ته نه چاهيندي به گلاس ڀري پاڻي پيئڻ لڳي. پهرين ٻئين ۽ ٽئين ڍڪ کانپوءِ هن کي ڌپ محسوس ٿي. روح ڪچو ڪچو ٿيڻ لڳس. اوچتو ماسي خاتون در کولي هن ڏانهن وڌي ۽ رڙ ڪري چيائين “جيجي! چون ٿا ته کوهه مان هڪ انڌي جو لاش نڪتو آهي.....” “ڇا........؟” هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ پوءِ اوڪاري سان گڏ سموري جسم جو پاڻي روڙجي ٻاهر اچي ڪريو ۽ هوءَ بي هوش ٿي وئي.


      غداري ءَ جي پُل تي بيٺل ڇوڪري

    هو پنهنجي بيڊ روم ۾ اڪيلو ويٺل هو، کوڙ پريشانين سندس ذهن کي سُن ڪري ڇڏيو هو. ڪيئي زهر جهڙيون سوچون هيون، جيڪي هن جي ذهن کي ڏنگينديون ٿي رهيون. گهڙي گهڙي پل پل هن سوچيو ٿي ته ايڏيون ته خطرناڪ ريهون ڪجن، جو ديوارن کي ڏار پئجي وڃن ۽ ڇت اڏامي وڃي، پر وري هن سوچيو ته “هن جون ريهون ٻُڌندو ڪير......! ڪير هن کي آٿت ڏيندو......؟ ۽ ڪير هن کي دلاسو ڏيندو...........؟؟” ائين هو ڪمري جي چئني ديوارن تي نظرون ڦيرائڻ لڳي ٿو. هر ديوار تي ٽنگيل هڪ ننڍڙي ٻار جي خوبصورت تصوير پر اڄ ڪا تصوير هن تي ڪوبه اثر نه ٿي ڇڏي... ڪجهه وقت اڳ جڏهن ننڍڙي ٻار جي خواهش کيس اندر ۾ ڪتڪايون ڪرڻ لڳي هئي، تڏهن هن هڪ ڏينهن بيڊ روم جي چئني ديوارن تي هڪ ننڍڙي معصوم ٻار جون کلندڙ تصويرون ٽنگي ڇڏيون هُيون، اٿندي ويهندي جڏهن جڏهن به مُرڪندڙ ننڍڙي ٻار جي تصوير ڏسندو هو تڏهن ڪيئن نه من اُٿلي پوندو هئس ۽ ڪيڏو ته خوش ٿيندو هو، ڄڻ ته سندس زندگيءَ ۾ واقع ڪو حقيقي گل ڦٽي پيو هجي، پر ايمن جي بيوفائيءَ ۽ سنگدليءَ کانپوءِ سندس اها عظيم خواهش سسڪي سسڪي مري وئي، ۽ اڄ انهن ننڍڙن ٻارن جون خوبصورت تصويرون کيس لڳن ٿيون، ڄڻ ته هن تي طنز ڪنديون هجن، هن جي بيوسي ۽ اڪيلائي تي ٽهڪ ڏينديون هجن.........هو وري ڪمري ۾ هيڏي هوڏي نهاري ٿو، هر شيءَ پنهنجي جڳهه تان هٽيل، ٽڙيل پکڙيل، مٿن مٽيءَ جي سنهي سنهي دز ڄمي وئي آهي. هو سوچي ٿو. “مان ڪيڏو نه اڪيلو ۽ ڪمزرو ٿي ويو آهيان. هي دنيا ڄڻ ته مون لاءِ اوپري اوپري ٿي وئي آهي....هن بند ڪمري ۾ منهنجو دم ٿو گهُٽجي”
    مان هاڻ هن دنيا ۾ رهي نٿو سگهان...........” اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيتريون ئي سوچون آهن، جيڪي ائين هن جي اندر ۾ ولوڙجنديون ٿيون رهن، پر هو ڪنهن سان به ڪجهه سَلڻ نٿو چاهي. سَلي به ڪنهن سان؟ ڪنهن کي ٻڌائي ته ايمن جي ڪٺور رويي سبب مان هاڻ معذور ٿي ويو آهيان؟ ۽ ڪنهن کان پُڇي ته ايمن جي بيوفائيءَ کي ڪيئن فيس ڪيان............؟؟ هر ڳالهه جو ته هو پاڻ ئي ڏوهاري آهي، هن پاڻ ئي ته ايمن سان پيار جي شادي ڪئي هئي، شروع وارو وقت هنن جو ڪيڏو نه سُٺو گذرڻ لڳو هو، هر شام هنن جي ڪلفٽن سي ويوز يا ڪڏهن ڪنهن رنگين پارڪ ۾ گذرندي هئي، ڪيڏا هو ٻئي زندگيءَ مان خوش ۽ مطمئن هئا، پر گذريل ٻن مهينن کان ايمن جي سئوٽ شيراز آمريڪا مان موٽندي ئي هنن ٻنهي جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا. ايمن اڪثر هاڻ شيراز جي خيالن ۾ گم رهڻ لڳي هئي، اهو ئي سبب هو جو خالد جي شخصيت هوريان هوريان ايمن جي دل مان نڪرڻ لڳي هئي ۽ اها جاءِ هاڻ شيراز جي پُرڪشش شخصيت اچي والاري هئي. ٿورين ٿورين تلخين جو ذڪر هن سان خالد ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو هو، پر هوءَ اڪثر ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي نٽائي ڇڏيندي هئي. اُن ڏينهن نيٺ خالد پاڻ کي مضبوط ڪري هن جي سامهون آندو ۽ چئي ڏنو ته “ايمن تون هاڻ بدلجندي ٿي وڃين.........!”
    “ڇا ٿيو آهي مون کي......................؟” ايمن ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي ۾ پَٺيان بيٺل خالد کي ڏسي رکائپ ۾ چيو هو.
    “تون اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين................؟؟ هڪ لمحي لاءِ هن وارن ۾ هلندڙ ڪنگو روڪي کانئس پُڇيو هو.
    “مون وٽ انهن ڳالهين جو ثبوت آهي.................” خالد ڪمري جي ڇت ڏانهن نهاريندي وراڻيو هئس.
    “ڪهڙو ثبوت......؟ ايمن بدستور وارن ۾ ڪنگو ڪندي پڇي ورتو هو.
    “اهڙيون ڪيتريون ئي شامون آهن، جيڪي مون تنهنجي انتظار ۾ اڪيلي ئي گُذاري ڇڏيون آهن.....؟

    “مان هاڻي گهڻي مصروف ٿي وئي آهيان......” ايمن ائين چئي ڪنگو هيٺ رکي ٽيبل جي خاني مان پن ڪڍي وارن کي قيد ڪرڻ لڳي هئي. “تنهنجي اهڙي ڪهڙي مصروفيت آهي، جيڪا گذريل ڪجهه ڏينهن کان وڌي وئي آهي.........“خالد مصروفيت جو سبب پڇيو هيس. “توکي چيو ڪونه هيم ته منهنجي سهيلي فرح هڪ اين جي او قائم ڪئي آهي، مان هاڻ اُن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهيان.............”
    اهو محض تنهنجو بهانو آهي، حقيقت ڪجهه ٻي آهي.” خالد نيٺ ايمن کي پنهنجي شڪ جو واس ڏئي ڇڏيو.
    “ڇا ........؟؟؟” ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي ۾ پنهنجو چهرو ڏسندي ايمن کي ڄمڻ ته ڪرنٽ لڳي ويو.
    “ صحيح ٿو چوان..........تون ان بهاني شيراز سان ملندي آهين.......” خالد پٺڀرو ٿيندي نيٺ پنهنجي شڪ جو ڀانڊو ڦوڙيو.
    “ته ڇا ٿي پيو، ڪزن اٿم، هما وارن وٽ ايندي ويندي ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي اٿم ته ڏوهه ته ناهي، ۽ هونئن به شيراز توکان ته وڌيڪ تعليم يافته ۽ سُلجهيل ماڻهو آهي........”
    “۽ وڌيڪ دولتمند به آهي.........”
    “ها انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي.........”
    “پر مون کي تنهنجو اُن سان ملڻ سُٺو نٿو لڳي........”
    “ اوهين مرد ته هوندا ئي شڪي آهيو، منهنجو اُن سان ڪوبه اهڙو غلط تعلق ڪونهي.........”
    “ڇا به آهي ايمن، پر...........ڪوبه مرد اهو برداشت نٿو ڪري سگهي ته اُن جي زال سڄو سڄو ڏينهن ڪنهن غير مرد سان ڪار ۾ چڙهي گُهمندي وتي، ۽ هو ڏسندو رهي......!؟
    “شيراز ڪو غير ڪونهي، منهنجو سئوٽ آهي، هڪ اڌ دفعو جيڪڏهن ساڻس گڏ ويس ته ڏوهه ته ڪونه ٿي پيو........؟ ” ايمن جي نڙيءَ جون رڳون تنبوري جي تار جيان تاڻجي آيون هيون.
    “هڪ اڌ دفعو نه، پر ڪيترائي دفعا تون هنن سان گڏ وئي آهين.”
    “اهو تنهنجو الزام آهي......” ايمن هڪ وار خالد جي ڪاوڙ ڀريل چهري ۾ نهاريو، پر نهاري نه سگهي ۽ وڃڻ لڳي،
    “الزام نه پر حقيقت آهي.......” خالد غُصي مان رڙ ڪئي. پر ايمن ڄڻ ته موضوع کي ٽارڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر وڃي چڪي هئي، اهو ئي ڏينهن هو، جنهن کانپوءِ ايمن کانئس گهڻي خفا ٿي وئي هئي، خالد کي نيچ ڪرڻ لاءِ، ايمن هاڻ گهڻو تڻو گهر ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو هو. هوءَ اڪثر روزانو ماءُ يا فرح جو بهانو ڪري سڄو سڄو ڏينهن شيراز سان گڏ ٻاهر گمهڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويندي هئي.
    سندس غير موجودگيءَ ۾ خالد اڪثر آفيس ۾ واندي ويهڻ وقت پنهنجي ساهورن فون ڪري ايمن جو پُڇي وٺندو هو، کيس اڪثر ٻُڌايو ويندو هو ته هوءَ فرح وارن وٽ وئي آهي. اهو ٻڌي خالد کي چڙ اچي ويندي هئي ۽ زور سان رسيور ڪريڊل تي اُڇلي ڇڏيندو هو. هن ڪيترائي ڀيرا فرح کي به فون ڪري چيو هو ته هو ايمن کي لفٽ ڏيئي شيراز سان ملڻ جا ڪي به موقعا فراهم نه ڪري، نه ته ٻي صورت ۾ سڄي ڳالهه جي ذميوار فرح هوندي........ پر فرح هميشه خالد جي ڌمڪين کان وڌيڪ شيراز ۽ ايمن جي دوستيءَ کي ترجيج ڏيندي هئي ۽ هن ڪڏهن به ايمن کي خالد جي باري ۾ نه ٻڌايو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ خالد جي ڌمڪين جو ذڪر پنهنجي ڀاءُ شيراز سان ضرور ڪندي هئي. ائين خالد به وسان ڪونه گهٽايو، ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه تي هنن جون هلڪيون ڦلڪيون چڪريون به ٿيون پر ايمن هميشه کيس غلط فهمين ۾ مبتلا سمجهي مٿس تنقيد ڪندي رهندي هئي انهن ئي چڪرين ٻنهي کي ڪنهن واهه جي ٻن ڪنارن جيان پري پري بيهاري ڇڏيو هو. ان ئي سبب خالد اڪثر هاڻ اپ سيٽ رهڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو آفيس وڃڻ بجاءِ شهر جي سنسان روڊن ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ جڏهن شام جو موٽندو هو. تڏهن ٿڪجي چُور ۽ بيزار ٿي پوندو هو. ڪمري ۾ اچي ڊهندو هو ته کيس ننڊ وڪوڙي ويندي هئي. ٽين ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ شيراز جي شخصيت هاڻ ايمن تي گهڻو حاوي ٿي چڪي هئي، شيراز به وسان ڪونه گهٽايو. پنهنجي گهر،ايمن جي مائٽن جي گهر يا ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ ملڻ بجاءِ هاڻ ته هو سڌو سنئون ايمن سان ملڻ خالد جي گهر به اچڻ لڳو هو. اها ڳالهه ويتر خالد لاءِ جيءُ جلائيندڙ هئي. جڏهن به اها ڳالهه سندس ذهن ۾ قلابازيون کائڻ لڳندي هئي، تڏهن کيس محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ته هو فريب جي ڦندي تي ڦاهي چڙهندو ٿو وڃي ۽ مات جي پاتالن ڏانهن ڌڪبو ٿو وڃي، هو هاڻ اهڙي ڪشمڪش ۾ اچي ڦاٿو هو، جتي هن جا سڀ رستا بند تي چڪا هئا، پر پوءِ به هو انهن وڏين مشڪلاتن کي فيس ڪرڻ چاهيندو هو ۽ هر حالت ۾ پنهنجي محبت کي بچائڻ چاهيندو هو. پر ايمن جيڪا هن جي ازلي محبت هئي، سا بيوفائيءَ جي رستي تي هلندي هن کان ڪوهين ڏور نڪري چڪي هئي. هاڻ ته ايمن بهانا ڪرڻ ۽ نٽائڻ به ڇڏي ڏنو هو ۽ سڌو سنئون شيراز سان اٿڻ ويهڻ اڪيلو اڪيلو ڊرائنگ روم ۾ ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪرڻ يا ڪلاڪن جا ڪلاڪ شيراز سان فون تي ڳالهائڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ هن جو معمول بڻجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته شيراز خالد جي گهر ۾ موجودگيءَ وقت به ايمن سان ملڻ گهر هليو ويندو هو. پوءِ ته هو ڊرائنگ روم ۾ ويهي ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪندا، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا. خالد ڪيترائي ڀيرا ايمن کي چيو هو ته شيراز کي سندن گهر اچڻ کان منع ڪري، خود خالد به شيراز کي فون ڪري چيو هو ته هو هن جي گهر نه اچي پر شيراز نه مڃيو ۽ هو ايندو رهيو. اها ڳالهه خالد جي برداشت کان ٻاهر هئي، ان ڏينهن به جڏهن هو طبعيت ٺيڪ نه هئڻ سبب آفيس نه ويو هو ته پنهنجي ئي بيڊ روم ۾ ليٽيو پيو هو ته ڪنهن مهل کيس شيراز ۽ ايمن جا گڏيل ٽهڪ سندس ڪنن تي پيا هئا، اهو سڀ ڪجهه هن کان برداشت نه ٿيو ۽ هو ڊرائنگ روم ۾ اچي نڪتو هو، جتي کيس اوچتو ڏسي شيراز ۽ ايمن جا چهرا اڌ لهي ويا هئا. خالد وڌي اچي شيراز جي گلي مان جهليو هو، “ڪميڻا، بي غيرت.......توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته منهنجي گهر نه ايندو ڪر.........”
    “هيءَ منهنجي ڪزن جو گهر آهي، مان اچي سگهان ٿو................” شيراز به مٿس اکيون ڦوٽاريون هيون ۽ خالد کان پنهنجو گلو ڇڏائڻ لڳو هو.
    “هي تنهنجي ڪزن جو گهر ناهي، هي منهنجو گهر آهي.........” خالد کيس ڌونڌاڙڻ لڳو هو. ايمن فقط وچ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳي هئي، “پليز خالد.......پليز شيراز.......!! وڌيڪ هو هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهي هئي،
    “مسٽر خالد، تون منهنجي بيعزتي ڪري رهيو آهين، مان توکي ڏسي رهندس.........” شيراز جي نڙيءَ جون رڳون ڦوڪجي آيون هيون، خالد کيس ڌنڌوڙي زور سان ڌڪو ڏيندي چيو هئس، “ڏسي رهجانءَ ڪميڻا.............. نڪر هتان..........” شيراز ذري گهٽ صوفي تي ڪرندي ڪرندي وڃي بچيو هو، “مان توکي زندهه ڪونه ڇڏيندس” شيراز پنهنجي قميص جا ڪالر ٺاهيندي ڌمڪي ڏني هئي ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو ڊرائنگ روم مان ٻاهر هليو ويو هو.
    شيراز جي وڃڻ پُڄاڻان ايمن وڏي واڪي روئڻ لڳي هئي، روئندي روئندي خالد کي چيو هئائين، تو منهنجي ڪزن جي بي عزتي ڪئي آهي، مان هاڻ هتي هڪ منٽ به نه ٿي رهي سگهان. “ايمن ڌمڪي ڏني هئس، نه فقط ڌمڪي پر اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ هوءَ پنهنجي روم ۾ هلي آئي هئي، جتي هوءَ تڪڙ تڪڙ ۾ لڙڪ اُگهندي پنهنجا ڪجهه ڪپڙا، ٻيو ضروري سامان بريف ڪيس ۾ بند ڪري بريف ڪيس گهليندي ٻاهر آئي هئي. خالد صوفي تي مٿو ٽيڪي ڄڻ ته ڪجهه دير اڳ گذريل واقعي تي ڪجهه سوچي رهيو هو، گهلجندڙ بريف ڪيس جي هلڪي آواز تي هن صوفي تي ٽيڪيل ڪنڌ کڻي ايمن ڏانهن نهاريو هو. ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿيل ايمن ڊرائنگ روم جو درکولي ٻاهر وڃڻ لڳي هئي. خالد پٺيان کان ڀُڻڪيو هو، “ايمن .....ڇا اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي.........”
    “ايمن.........مان اهو قطعي نٿو چاهيان ته تون مون کان ڌار ٿي وڃين......مون جيئن توکي پائڻ لاءِ وس ڪيا هئا، ائين ئي توکي وڃائڻ کان بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهيان. پر تون منهنجي هر ڳالهه سمجهڻ کان ناڪام وئي آهين، مجبورن مون اڄ اهو ڪجهه ڪيو ، جيڪو نه ڪرڻ چاهيندو هئس” پر ايمن خاموش بيٺي هئي. خالد ٻيهر ڳالهايو هو، “ايمن ڏس، اسان لوَ مئريج ڪئي آهي، مان چاهيان ٿو ته لَو مئريج جي ان پاڪ ۽ عظيم رشتي کي بدنام ٿيڻ کان بچائي وٺجي، تون اهو ضد ڇڏ ۽ منهنجي ڳالهه مڃي وٺ.......”
    “تو شيراز نه پر منهنجي بي عزتي ڪئي آهي ۽ مان پنهنجي بي عزتي ڪڏهن به برداشت نٿي ڪري سگهان ...........مان وڃي رهي آهيان” ايمن جا سخت لفظ خالد جي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا هئا ۽ ايمن بريف ڪيس گهليندي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي هئي.
    انهيءَ ڏينهن کانپوءِ خالد ڄڻ ته بيمار ٿي پيو هو، ڪافي ڏينهن هو آفيس ئي نه ويو هو. فقط پنهنجي ڪمري ۾ ئي اونڌو ليٽيو پيو هوندو هو . آفيس مان کيس ڪيئي فون اچڻ لڳا. ڪڏهن دل چاهيندي هئس ته فون اٽينڊ ڪندو هو ، نه ته رنگ وڄي وڄي پاڻ ئي بند ٿي ويندي هئي. خالد منجهي پيو هو ته هو هاڻ ڪهڙو فيصلو ڪري، کيس پورو پورو يقين هو ته گهر ڇڏڻ کان پوءِ ايمن جا هاڻ سڀ رستا صاف ٿي ويا آهن. جيڪو شيراز جي ڌن،دولت ، ڪار ۽ بنگلي جو جيڪو نشو ايمن جي اکين تي چڙهيل آهي. سو هن گهر ۾ کيس ڪڏهن به آزاديءَ ۽ محبت سان رهڻ نه ڏيندو . ٻيو ته هو ايمن کي وڃائڻ به نٿو چاهي ، پنهنجي مٽن مائٽن کان وڙهي ته هن ايمن سان شادي ڪئي هئي، اڄ جي هو ايمن کي ڇڏي ٿو ڏي ته ٻنهي طرفن کان وڃي ٿو. ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان علاوه پنهنجا ڪيل غلط فيصلا سڄي عمر لاءِ مٿس غذاب بڻجي ويندا ۽ هو احساس محروميءَ جو شڪار ٿي ويندو . هاڻ هن لاءِ هر ڳالهه ڏکي هئي، هو ڪهڙو فيصلو ڪري ڪهڙو نه، اهو معاملو هاڻ سندس لاءِ ڄڻ ته پهاڙ ڪٽڻ برابر هو، پر پوءِ به هن اهڙي حالت ۾ ايمن جي مائٽن کي فون ڪئي هئي، اُن وقت ڊرائنگ روم ۾ ايمن جي وڏي ڀيڻ ثومن موجود هئي، تنهن اچي فون رسيو ڪيو هو، هيلو ڪير........؟؟”
    “ مان خالد آهيان.......” خالد هوريان وراڻيو هئس.
    “او ادا خالد ڇا حال آهن، خوش ته آهيو نه.......؟ هڪ وار خالد کي لڳو ڄڻ ته ثومن به مٿس طنز ڪندي هجي پر ٻي وار هن سوچيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته ثومن شايد ان ڳالهه کان بي خبر هجي ۽ هن ائين ئي پڇيو هجي. سوچڻ لڳو ته هو ثومن کي ڪهڙي ورندي ڏي، ڇا ڪنهن جي گهر اُجڙڻ کان پوءِ ڪو ماڻهو خوش رهي سگهي ٿو؟ پر محض ثومن جي جملن کي ڳنڍڻ لاءِ وراڻي ٿو. “ ها.........”
    “ٻڌايو ادا ڪيئن فون ڪيو..........؟”
    “ادي توهان کي ته اسان جي معاملي جي پوري پوري خبر هوندي...........” خالد ثومن جي دل جي انت وٺڻ لاءِ پڇيو هو.
    “ها ادا. هتي ته مان رات ئي آئي آهيان ، پر زاهد مون سان رات ڳالهه ڪئي هئي.........”
    “ادي مان نٿو چاهيان ته منهنجو گهر اُجڙي وڃي، مان ته گهر کي آباد ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان، توهان کي ته خبر ئي آهي، اسان جي شادي ڪيئن ٿي هئي، مون ذري گهٽ ايمن لاءِ خودڪشي ٿي ڪئي ۽ ايمن به پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو، تڏهن وڃي اسان هڪٻئي جو پيار پاتو هو. هاڻ جڏهن هو آمريڪي شيراز هتي پهتو آهي ته ايمن سڄي جي سڄي شيراز جي ٿي وئي آهي. ڪزن آهي ته پنهنجي جڳهه تي، پر ان سان ايتري گهرائپ رکڻ جو ڪهڙو مقصد؟ مون ڪافي ڀيرا شيراز کي چيو آهي ته هو ايمن کي لفٽ نه ڏي ۽ نه ئي ان سان ملڻ منهنجي گهر اچي، پر منهنجي ڳالهه مڃڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي........مجبورن جڏهن شيراز کي هڪ دفعي گهر مان بي عزتو ڪري ڪڍيو اٿم ته ايمن هرو ڀرو گهر ڇڏي هلي آئي آهي. ڀيڻ مون ته ايمن کي الف به ڪونه چيو هو........” ٻئي طرفان خالد جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندڙ ايمن جي وڏي ڀيڻ ثومن وراڻيو هو. “ها ادا توهان صحيح ٿا چئو......سچ پڇو ته مان هتي فقط ايمن کي ئي سمجهائڻ لاءِ آئي آهيان. رات کان وٺي سمجهائڻ پئي آهيانس پر منهنجي ته هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اڄ صبح جو جڏهن سندس ڪمري ۾ ويس ۽ توهان جي باري ۾ چيم ته چيائين ته “کڏ ۾ وڃي پئي تنهنجو خالد، مون کي هاڻ اُن سان گڏ رهڻ جو ڪوبه شوق ڪونهي” ادا پوءِ جيڪا پهتم سان ڪيم، پر هن همت ڪري وري ڳالهايو “ ڀلا ڀيڻ چاچي ڇا ٿي چئي.........؟”
    “ادا، امان جي باري ۾ ته توهان کي سڄي خبر آهي هوءَ ته سڄو پاسو ڌيئرن جو کڻندي آهي”
    “ڀلا ڀيڻ ايمن هن وقت گهر ۾ موجود آهي......؟” خالد ٻيهر همت ڪري ايمن جي باري پڇيو.
    “ادا، ٿورو ئي اڳ فرح جو فون آيو هو، سو اوڏانهن هلي وئي آهي.......” اهو ٻڌي خالد کي سخت ڪاوڙ آئي، هو اندر جي باهه ۾ شوڪڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳو ، ٻيهر ثومن جو آواز سندس ڪنن تي پيس ، “ادا ، ٻيو ڪو ڪم ڪار................؟”
    “نه ادي بس ....چڱو خدا حافظ........” خالد تڙ تڪڙ ۾ وراڻيو ۽ رسيور ڪريڊل تي رکي ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويو، پوءِ کيس محسوس ٿيو ته هو ڪنهن به طرح هاڻ پهرين جيان ايمن کي حاصل نٿو ڪري سگهي، ايمن هاڻ هن گهر ۾ واپس نه ايندي، ڪنهن به صورت ۾ ، ايمن کي طلاق گهرجي، پر ان ويل هو به پنهنجي پاڻ سان وچن ڪري ويٺو هو ته مرڻ گهڙي تائين به هو ايمن کي طلاق نه ڏيندو ۽ آخري حد تائين پنهنجي محبت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو. پر وري سوچي ٿو ته ايمن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪندو؟ ايمن هن سان ملڻ لاءِ تيار به ناهي ۽ هن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار به ناهي. پوءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ايمن کي مڃائيندو؟
    ائين ڪيئي سوچون هن جي ذهن ۾ واسو ڪنديون رهن ٿيون ۽ ڪيترائي ڏينهن گذري وڃن ٿا، ائين سوچيندي سوچيندي........
    ۽ اڄ به هو سوچون ڀوڳي رهيو هو، پنهنجي بند ڪمري ۾ تنها ئي تنها ويٺو هو، ڪنهن ڪنهن لمحي هن ڪمري جي چئني ديوارن تي نظرون ٿي ڦيرايون ، ديوارن تي لڳل ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جون خوبصورت تصويرون جيڪي اڳي کيس ڪيڏو سڪون بخشينديون هيون، پر اڄ ڄڻ ته هن جي اڪيلائي ۽ بيوسيءَ تي ٽهڪ ڏينديون هجن، هو ٻارڙن جي خوبصورت تصويرن کي ڏسي نٿو سگهي ۽ اتان نظرون ڦيرائي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو، ڪمري ۾ سمورو سامان ٽڙ پکڙ ٿيو پيو آهي. سگريٽن جا ٽوٽا ڪنهن ايش ٽري بدران ڪارپيٽ ٿيل فرش تي وکريا پيا آهن. بوٽ ۽ چمپلون شوز اسٽينڊ بجاءِ صوفي تي آڏيون اُبتيون پيون آهن، ميرا جوراب ٽيبل ليمپ جي ڀر ۾ پيل آهن ۽ ٻيو سڄو سامان الٽ بُلٽ ٿيو پيو آهي. جن تي هلڪي هلڪي مٽيءَ جي دز ڄمي وئي آهي. هو اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي، پر ننڊ بجاءِ اکين مان ڪجهه لڙڪ نپوڙجي سندس اکين جي ڇپرن کي آلو ڪري ڇڏين ٿا ، پوءِ کيس محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ته بند ڪمري ۾ هن جو ساهه گُهٽجندو هجي،اُٿي پردو هٽائي ڪمري جي الهندي دري کولي ٿو، تازي هوا جا ڪجهه جهونڪا هن جي وکريل وارن کي لوڏي ڪمري اندر ڌوڪي اچن ٿا، پر کيس لڳي ٿو ته ڄڻ هوا هجي ئي نه، ۽ هن جو دم اڃان گُهٽجندو هجي، محسوس ڪري ٿو ته هن جي نڙيءَ ۾ ڪا شيءَ ڦاٿي پئي آهي، جيڪا هن جي ساهه کي گُهٽي رهي آهي. ائين هو دريءَ کان هٽي ڪمري کان ٻاهر نڪري اچي ٿو، ٻاهر هو نه ڄاڻ ڪهڙيون سوچون تاڻي روڊ وٺي هلڻ لڳي ٿو، پوءِ نه ڄاڻ هو سڄو ڏينهن ڪهڙيون گهٽيون ڪهڙا رستا لتاڙيندو شام ڌاري سمنڊ ڪناري اچي نڪري ٿو، ڪراچي جي هر شام ڄڻ ته سمنڊ جي خريد ڪيل هجي.
    کاري پاڻيءَ جي ڇتين ۽ ڪڙڪيدار ڇولين مٿان لهندڙ ڳاڙهي سج جو اُداس منطر................انهن ۾ ويٺل پُرسڪون ملاح ۽ هندوري جيان انهن جا مٺڙا گيت...............پسيل ۽ ٿڌي واريءَ تي اڌ پانچا پُسائي هلندڙ رنگين جهمٽن وارين نارين سان گڏ ڳڀرو جوانن جا مست ٽولا، ٻارن جو ڊوڙون ۽ رانديون..................
    ڪٿي دُور ڪنهن ڪنڊ پاسي ڪو جوڙو پيار جا نوان وچن ڪندڙ..............ڪٿي ڪو جوڙو ڳاڙهي ۽ لهندڙ سج جي گول لولي جهڙي چهري ۾ اکيون وجهي، وڇوڙي جا گيت ڳائيندي نمڪين لڙڪ، کاري واريءَ ۾ دفن ڪندڙ ........۽ هو اُن ماحول ۾ پيرن اگهاڙو هلندو، هر چهري ۾ گهور وجهي نهاريندو ڄڻ ته پنهنجي محبت ڳوليندو ٿو اچي، ڪنهن لمحي سچ پچ سندس نظر ايمن تي پئجي ٿي وڃي. جيڪا لهندڙ سج کي ڏسندڙ شيراز جي هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي ڪنڌ شيراز جي ڪلهي تي لاڙي ڄڻ ته وڏي توجهه سان سندس دل جي ڌڙڪن ٻُڌي رهي هجي. هن کي يقين نٿو اچي . هنن تان نظر هٽائي اکيون ڇنڀي ٿو پر ٻيهر وڏي همت ڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ڏسي ٿو. کيس يقين ٿئي ٿو ته اهي واقعي شيراز ۽ ايمن ئي آهن.......اهو سڀ ڪجهه هن کان برداشت نٿو ٿئي ۽ ڊوڙ ڪري شيراز جي ڳٿڙ مان اچي جهلي ٿو، “ذليل، ڪميڻا .........گهڻا ڀيرا توکي چيو اٿم ته ايمن سان گڏ نه هلندو ڪر..................” خالد جو ڪاوڙ مان تتل ۽ سخت جملو ڄڻ ته شيراز جي ڪنن ۾ ٿري ناٿ ٿري جي ٻرندڙ گوليءَ جيان پڙاڏو بڻائيندو لهي وڃي ٿو. موٽ ۾ شيراز تپي ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ ڇڏائڻ جي ڪري ٿو پر ڇڏائي نٿو سگهي ۽ هيٺ ڊهي پوي ٿو، ايمن خوف منجهان ڪنبڻ ۽ خالد کي پَٽڻ لڳي ٿي.
    “بي حيا، بي شرم.......مان توکي اڄ نه زندهه نه ڇڏيندس.........” خالد ڪاوڙ مان ڏند ڀيڙي کيس ٽنگن ۾ ٿُڏا هڻڻ لڳي ٿو، هو چاهيندي به ڪجهه ڪري نٿو سگهي،ايمن خوف ۽ حراس مان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي.........“شيراز کي بچايو، پليز شيراز کي بچايو. هي ظالم هن کي ماري ڇڏيندو،”
    ايمن جي رڙين تي آسپاس ڦرندڙ ڪجهه ماڻهو هنن ڏانهن وري پون ٿا ۽ وڏي ڪوشش کان پوءِ خالد جي هٿن مان شيراز کي آزاد ڪرائين ٿا. شيراز هڪدم اُٿي ڪپڙا ڇنڊي اکڙيل ڪالر کي ٺاهڻ لڳي ٿو. ايمن به اُن وقت خالد جي طرفداريءَ کان دُور غداريءَ جي پُل تي بيهي شيراز جي پُٺي تي لڳل آلي واريءَ کي ڇنڊڻ لڳي ٿي ۽ هو هڪدم ڪپڙا ڇنڊيندي ڇنڊيندي ماڻهن جي ميڙ کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
    رهجي وڃي ٿو ميڙ کان ٻاهر فقط خالد ئي جيڪو جنونيت جي لهر سبب ڪنهن حد تائين تپي ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. “شرم نٿو اچي، ڪنهن جي پيار ۽ امن واري زندگيءَ جي وچ ۾ ٿو اچين.......پاڻ کي وڏو فلمي ولن ٿو محسوس ڪرائين، هو شريف خاندان جا ماڻهو هئا، تڏهن ڇڏي ڏنائون ، نه ته.......؟”
    ميڙ ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهن جي واتان اهڙا ڪيئي جملا نڪري ڄڻ ته مارٽر گولن جيان خالد جي ڪنن ۾ لهي وڃن ٿا ۽ کانئس سمورو ست کسي وڃن ٿا، هن ۾ هاڻ اها همت نه ٿي رهي جو هو وڏي واڪي رڙيون ڪري ماڻهن جي ميڙ کي ٻُڌائي ته “شرم ڪنهن کي اچڻ گهرجي” مون کي يا انهن کي......؟ فلمي ولن ڪير ٿو محسوس ڪرائي، مان يا هو.....؟ ۽ شريف ڪير هو.....؟؟؟” پر هو ڪجهه چئي نٿو سگهي، فقط ميڙ ۾ بيٺل سمورن ماڻهن جي چهرن تي مايوس نظرون وجهي ميڙ کي چيري ٻاهر هليو اچي ٿو، پر ماڻهن جا تکا جملا سندس پيڇو نٿا ڇڏين..........۽ ور ور ڏئي پڙاڏو بڻجي سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا.
    سندس ذهن ڄڻ ته چاغي پهاڙن جي پٿرن جيان باهه ٿي رک ٿي وڃي ٿو. هو اگهاڙن پيرن هلندو اتي اچي بيهي ٿو، جتي سمنڊ جي هر ڇولي ريهون ڪندي ڪنارن سان مٿو ٽڪرائي خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي سامهون ڏسي ٿو ڳاڙهو سج زخمي ٿيل پکيءَ جيان سمنڊ ۾ ڪري رهيو آهي، هو وري هر ڇوليءَ ڏانهن ڏسي ٿو، گجندڙ هر ڇولي ڄڻ ته کيس سڏيندي ۽ چوندي هجي ته “انهيءَ ظالم دنيا مان تنهنجو هاڻ جيئڻ ختم ٿي ويو آهي، تون اچ اسان توکي پنهنجين پُرسڪون ٻانهن ۾ گهري ننڊ سمهاري ڇڏيون.......” پوءِ هو ڇولين ڏانهن هلڻ لڳي ٿو ۽ هلندو ٿو وڃي. هر ڇولي سندس پير چُمندي اڳتي هلندي ٿي وڃي.
    ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڇوليءَ پٺيان ڇولي ٻانهون ڦهلائي کيس سڏيندي هجي ۽ ڪا مٺڙي لوري ڏيندي هجي ۽ هن جو بي چين روح ڪنهن پُرسڪون منزل جي ڳولا لاءِ ڇولين جي تهه خاني ۾ لهندو ٿو وڃي.


      جوڀن رُت جا ڇڻيل پن

    سلمه پنهنجي ڪمري ۾ ڊريسنگ ٽيبل جي آئني آڏو اچي ويٺي. هن پنهنجي ڪمري جو در اندران واري ڇڏيو هو پر پوءِ به پاڙي ۾ سحر جي شادي جي وڄندڙ دُهل جو آواز هن جي ڪنن تائين چٽو ٻُڌجي رهيو هو. جيڪو هن جي دل تي دُهل جي ڏ‍‌ؤنڪي جيان لڳي رهيو هو. سحر هن جي ويجهي مائٽياڻي هئي، جيڪا هن جي هڪ سُٺي سهيلي به هُئي، سهيلي به ڪيئن نه هُجي، سحر ننڍپڻ ۾ هن جي ئي هٿن ۾ وڏي ٿي هُئي. هن پنهنجي ڪڇ تي کڻي کڻي کيس کيڏائي وڏو ڪيو هو.
    هاڻ جڏهن هُوءَ جوان ٿي هُئي ۽ هن جي عُمر ارڙهن سالن کي پُڳي هُئي ته سندس مائٽن پنهنجي ئي برادري جي هڪ سُٺي پڙهيل لکيل ڇوڪري کي سڱ ڏيئي ڇڏيو هو ۽ اڄ اُن نوجوان سان سندس شادي ٿي رهي هُئي. شادي جي خوشيءَ جو به ڏاڍو عجيب منظر هوندو آهي. دُهل جي ٺُڪ ٺُڪ تي پاڙي جي ماين جا ڳيچ سهرا، هڪجيڏين جا ڇيڳرا ٽهڪ ۽ ناچ....................هر ڪا ڇوڪريءَ هڪ خوبصورت وڳي ۾ ويڙهيل، چهرن تي ميڪ اپ جا تهه چڙهيل، ٻانهن ۾ رنگين چوڙين جي ڇِن ڇِن، هٿن تي مهندي جا ڳاڙها رنگ.........................هر ڪا ڇوڪريءَ پاڻ ئي پئي ڪُنوار لڳندي آهي. گهر ۾ رُڳو خوشبوءَ ۽ خوشي جا رنگ گهر جي ديوارن کي به مُعطر ڪريو ڇڏين. پر اڄ هن کي اهو سڀ ڪجهه وڻي نه رهيو هو.
    ڪجهه دير سَحر جي ڀر ۾ ويهي خاموش خاموش اُٿي هلي آئي هُئي. اڄ هن پنهنجي هٿن تي سحر جي مهندي به نه هَئين هُئي. سحر جي شادي جا اُهي رنگين رنگ ڏسي اڄ هن کي مايوسي جو نانگ سراپي ويو هو. اندر ۾ ڀڄي ڀُري لُڙڪن کي ڳيتون ڏيندي پنهنجي ڪمري تائين پهتي هُئي ۽ اچي ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي آڏو ويٺي هُئي. شيشي ۾ هڪ نظر پنهنجي اُداس شڪل ڏسي نظرون مٿي کڻي ديوار تي لڳل سال جي نئين ڪلينڊر ڏانهن ڏٺو هُئائين. سال 2016 جي فيبروري مهيني جي چوڏهين تاريخ جو ڏينهن هو. “ويلنٽائن ڊي” هن کان اندر ۾ ڄڻ ته سيڙاٽ نڪري ويا. محبت جو هڪ عالمي ڏينهن، جنهن ڏينهن سڄي دنيا جا لکين محبتي جوڙا هڪٻئي کي هڪٻئي جي هُئڻ جو احساس ڏياريندي هڪٻئي کي ڳاڙها گُل ۽ مِٺيون چُميون ڏيئي محبت جي هڪ نئين تاريخ لکندا آهن. گهڙي پل لاءِ اُن ڏينهن جي رومانٽڪ موسم جا سمورا رنگين رنگ هن جي چهري تي وکريا پر وري جهٽ ۾ ئي ذهن جي ڪنهن اونڌاهي ڪُنڊ ۾ ڦاهو کائي مري ويا.
    اهڙي ڀلوڙ ۽ خوبصورت ڏينهن هن لاءِ ته ڪا معنيٰ ئي نه پئي رکي........... معنيٰ رکي به ڪيئن...............؟؟ ڪير هو هِن جو جيڪو هِن کان گُل ۽ چُميون هن جي هٿن تي رکي يا هي اُن جي هٿن تي گُلن جهڙا پنهنجا ڳاڙها ڳل رکي اُن کي محبت جي ڀيٽا ڏي ها...............
    هن اُداس نظر سان ڪلينڊر تي نظرون ڊوڙايون، اڄوڪي تاريخ ۽ سال جا پيرا ليڪي هُو ماضي جي اُن سال تاريخ ۽ ڏينهن تي اچي بيٺي، جڏهن هن جي ماءُ هن کي ٻُڌائيندي هُئي ته جمع جي ڏينهن 14 فيبروري 1980ع ۾ هن جو جنم ٿيو هو. اڄوڪي ڏينهن کان وٺي هن 14 فيبروري 1980ع تائين پنهنجي عمر جو انگ آڱرين تي لڳايو ته اُها عمر ڇٽيهه سالن تي وڃي بيٺي. گهڙي پل لاءِ هن جي هِيانءَ کي باهه لڳي وئي. عُمر جو حساب ڪندڙ هن جون آڱريون سڙڻ لڳيون. نيڻن اڳيان هلڪي ڌُنڌ ڇائنجي وئي. هن اکيون بند ڪري وري کوليون ته هن جي نظر ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي جي سائيڊ کان لڳل قطار ۾ هن جي ئي ڪجهه تصويرن تي پئي. هُو نمبر وار هڪ هڪ تصوير ڏسڻ لڳي.
    هن پهرين تصوير ڏٺي جڏهن جواني هاڻ هن جي چهري تي موهيڙا ڪڍيا هُئا. تڏهن هُو نائين ڪلاس ۾ پڙهندي هُئي. ڳوٺ ۾ گهر جي ٻي گِلي ۾ ويجهو ئي گرلس هاءِ اسڪول هو جتي هو روز ڪارو اسڪارف پائي ڇاتي تي ڪتاب رکي ڳوٺ جي گلي مان لنگهي اسڪول ايندي ويندي هُئي. گلي مان اچڻ واري تصوير، چهري تي ڪارو اسڪارف................ڇاتي تي ڪتاب................چپن تي مُسڪراهٽ جُهڪيل نظرون......وک وک جي وارتا هڪ نئين جهان ڏانهن سفر جو آغاز پئي لڳو. هن کان ٿڌو ساهه کڄي ويو. هن نظر ڦيرائي وري ٻي تصوير کي ڏٺو، جيڪا هن جي ننڍي ڀاءُ جي شادي ۾ نڪتل هُئي. ڳاڙهي وڳي ۾ ملبوس کُليل وار رئو ڪُلهي تي، گهر جي پڌر تي ڀاءُ جي هٿن تي مهندي هڻي ڪيئن نه کلي خوش ٿي رهي هُئي. ڄڻ ته دنيا جون سموريون خوشيون هن جي جوڀن جي پلئي اچي پيون هُجن. هن کي اُها تصوير به خنجر جيان اندر ۾ کُپي وئي، هن ڪنڌ جُهڪائي نظرون هيٺ جُهڪائي ڇڏيون، ڄڻ ته وِيل وهيءَ تي ويچاريندي هُجي .
    پوءِ وري اوچتو هن ڪنڌ اُڀو ڪيو ۽ ٻين تصويرن ڏانهن ڏسڻ لڳي. سڀئي تصويرون جواني ۽ خوبصورتي جو هڪ اثاثو لڳي رهيون هُيون پر هن کي اهو اثاثو بلڪل ئي نه وڻيو. هن شيشي ۾ڏٺو ۽ پنهنجي شڪل انهن تصويرن سان ڀيٽ ڪئي جنهن ۾ ڏينهن رات جو فرق لڳي رهيو هو. هن جون اکيون سڙڻ لڳيون هن پنهنجا ٻئي هٿ کڻي ڳلن تي رکيا. سحر جي شادي ۾ چهري تي ڪيل هلڪي ميڪ اپ کي ٻنهي هٿن جي ترين سان کُرڙڻ لڳي. ٿوري دير کُرڙڻ کان پوءِ هن ٽشو پيپر جي دٻي مان هڪ ٽِشو ڪڍي پنهنجي چهري کي وڌيڪ صاف ڪيو ته هن جو اڃان به وڌيڪ ڀوائتو چهرو ظاهر ٿي پيو. ڦٽي ويل موهيڙن جا ڪارا داغ، ڀريل ۽ ماسيرين ڳلن تي ڇاين جا اڇا نشان، پلڪن جي پڏرن هيٺان ڪارا ٽٻڪا، کاڏي وٽان پيل هلڪا گُهنج................اُهو ڏسي هن جي اندر ۾ وڌيڪ گُهنج پئجي ويا. سُسي سوڙهي ٿي وئي. وري جو اوچتو مٿي جي وارن تي نظر پيس ته هيڪر ئي جيءُ جُهري پيس............ڪڏهن مٿي جا ڪارا وار واسينگن جيان وٽ کائي ڪُلهي تي پيا ڪُڏندا هئا. جن ۾ هاڻ اڇاڻ لهي آئي هُئي. اڌ اڇا اڌ ڪارا وار جيڪي جوڀن ڇڻڻ جي شاهدي ڏيئي رهيا هئا. اهو ڏسي هو سُڏڪي پئي اکين مان ڳوڙها اُڀري ڳلن تان ليڪا ٺاهيندا هن جي بدن تي پهريل ٽِڪن واري گج تي اچي ڪِريا. هِن کي لڳو اُهي ڳوڙها نه بلڪ طنز جا ڪي پٿر آهن، جيڪي هن جي اُڀريل ڇاتي تي عُمر وسايا آهن.
    گهڙي پل لاءِ هُو ماٺ ٿي خاموشي جو بُت بڻجي وئي. اوچتو جواد جو خيال ذهن ۾تري آيس جواد جيڪو هن جي پُڦي جو پُٽ هو قد جو ڊگهو، رنگ جو ڳورو خوبصورت ۽ کِلڻو نوجوان................هُو اڪثر ڪري هنن جي گهر گهٽ ايندو هو. هن جي پيءُ رئيس علي مُراد کان ڏاڍو لهرائيندو هو. پر جڏهن به ايندو هو تڏهن هن کي گهوري گهوري پيو ڏسندو هو. هي به اُن تان ولهار پئي ويندي هُئي، گهڙي گهڙي هن جي اڳيان گُذري نئين نينهن لڳائڻ جون نينڍون پئي ڏيندي هُئي پر جواد ۾ ايتري جُرئت ڪٿي هُئي، جو هُو ان سان اندر جو اظهار ڪري سگهي................جواد رئيس علي مُراد کان ڏاڍو لهرائيندو هو. پاڻ حيثيت ۽ پئسي ۾ هنن کان ڪافي گهٽ هُئا پر دل سلمه لاءِ پئي سڙندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سلمه لاءِ تحفن جون ڀريون ٻڌي ماءَ کي هنن جي گهر موڪليندو هو. سلمه تحفا وٺي ڪيڏي نه خوش ٿيندي هُئي، کيس جواد سان رشتي ٿيڻ جي پوري پوري پڪ هُئي. هڪ ڏينهن رڳو جواد جي ماءُ پنهنجي ڀاءُ رئيس علي مُراد سان سلمه جي سڱ جي ڳالهه چوري هُئي ته رئيس علي مُراد مچي ڀڀڙ ٿي ويو هو ۽ آئينده هن کي ڪوٽ اندر پير رکڻ کان به منع ڪئي هُيس. جنهن کان پوءِ هن جواد کي ڪنهن ٻي جڳهه تان پرڻايو، اڄ جواد چئن ٻارن جو پيءُ لڳو پيو آهي. اُهي سمورا خيال هن جي جسم ۾ سُين جيان ٽنبجڻ لڳا هُئا. هُو ٿوري ڪنبي، هن جي ذهن وري جهٽڪو کاڌو هن کي پنهنجي مامي جو پُٽ مهتاب ياد آيو. چنڊ جهڙو چهرو رکندڙ مهتاب هن کي محبت جي مورتي لڳندو هو. مهتاب جا وڏا وار سندس ڪُلهن تي بيهي ڄڻ ته هن کي سڏيندا هُئا.......... جواد کان پوءِ هاڻ هن کي مهتاب ئي پنهنجو لڳڻ لڳو هو.
    مهتاب جڏهن به پنهنجي پُڦي يعني هن جي ماءُ سان ملڻ بهاني هنن جي گهر ايندو هو ته پهرن جا پهر سلمه جي سِڪ ۾ پٿرائجي، هنن جي گهر ۾ ويهي رهندو هو. سلمه ڪارا وار ڪُلهن تي کولي هر هر پئي هِتان هُتان لنگهندي هُئي ۽ مهتاب کي سندس قدم پنهنجي دل جي پڌر تي کڄندي محسوس ٿيندا هئا. سلمه به خيالن ئي خيالن ۾ ڊيل جيان ڊُڪي وڃي هن جي من جي مور کي ڀاڪرين پوندي هُئي. هُو خيالن ئي خيالن ۾ هاڻ هڪٻئي کي جيون ساٿي چونڊي چُڪا هُئا پر اُهو به الاءِ ڪهڙو اڀاڳو ڏينهن هو جڏهن مهتاب سلمه کي ڪاغذ ۾ ويرهيل چوڙيون ڏئي رهيو هو ته رئيس علي مُراد مٿان اچي بيٺو هو. اُهو ڏسي رئيس لوهار جي تپايل لوهه جيان ڳاڙهو ٿي ويو هو. ۽ سلمه جي ماءُ کي سڏي چيو هئس ته هاڻي جو هاڻي پنهنجي ڀائٽي کي هِتان ڪڍ، جيڪڏهن ٻيهر هِتي آيو ته رت جو ڦڙو به مائٽن کي ڪونه ملندو. اُن ڏينهن کان پوءِ مهتاب ته مائٽي جا سمورا دڳ مٽي وڃي ڏورانهون ديس وسايو پر درد جا چيچڪا سلمه جي دل تي به ڇٽي ويو. جيڪي هاڻ وڌي وڻ ٿي چُڪا هئا، جن هن جو اندر ڇانگي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو هو. گهڙي پل لاءِ اُهي سمورا خيال هن جي ذهن تي زهريلا ڏنگ هڻي هليا ويا. هُو اندر ۾ ڦٿڪي لُڇي........... هن وري پنهنجي شڪل ڊرسينگ ٽيبل جي شيشي ۾ ڏٺي جيڪا لهندڙ سج جيان ڳاڙهي لڳي رهي هئي. اهو ڏسي هي هي سُڏڪي پئي ، اکين مان ڳوڙها ٽُٻڪ ٽُٻڪ ڪري هيٺ ڪرڻ لڳا. هُو سوچڻ لڳي بابا کي اکين ۾ الاءِ ڪڏهن ديد ايندي...............؟؟ ايتري ۾ دروازي کُلڻ جو آواز آيو. هن ڇرڪي پُٺيان نهاريو، هن جي ماءُ دروازو ٽپي اندر اچي چُڪي هُئي، جنهن پري کان رڙ ڪري چيو “ڌيءَ سلمه ڳالهه ٻُڌي اٿئي...................؟؟”
    سلمه مُئل قدمن سان اُٿي ماءُ کي سامهون ٿيندي، مايوس آواز سان وراڻيو “ڪهڙي ڳالهه امان...................؟؟”
    سلمه جي ماءُ روئيندي چيو “تنهنجي پيءُ رئيس علي مُراد جنهن ٻي شادي ڪئي هئي ته اسان جي گهر جو در ئي ٽپڻ ڇڏي ڏنو هُئائين، اسان تنهنجي ڏاڏي ريئس جان محمد کي ڇپر ڇانوَ سمجهي پئي، زندگي جا ڏينهن ڪٽيا پر اڄ تنهنجي پيءُ ٽين شادي ڪري ڇڏي آهي.


      رَکيل

    رئيس رسول بخش جي گُذاريي کي 15 ڏينهن کن ٿي چُڪا هُئا، پر پوءِ به سويرا اڃان بدن تان ڪارا ڪپڙا نه لاٿا هُئا...... ڪارا ڪپڙا بدن تان لاهي به ڪيئن..........؟ هر لمحو رئيس جي موت جو سڏڪو لڳندو هو هِن کي، هر رات ڪاري ۽ سوڙهي قبر جيان لڳندي هئي. هن کي ۽ هر ڏينهن قبير شاهه قبرستان جو گرم ۽ ڪلراٺو پوٺو لڳندو هو هن، کي هُو ڳالهائي به ڪنهن سان................؟ ڪير هو هن جو هاڻي جيڪو هن جي اندر جا سُڏڪا ٻُڌي يا هن جا ڳوڙها اُگهي......؟ بس اڪيلي ئي ته رهجي وئي هئي پنهنجا ڳوڙها پاڻ وهائڻ واري ۽ پنهنجا ڳوڙها پاڻ اُگهڻ واري، هن جي ڪُل ڪائنات ، هن جي دنيا يا هن جو جيڪو ڪجهه هُيو ته رئيس رسول بخش ئي هُيو، جيڪو هن جي پيرن جي ڌرتي به هُيو ته هن جي مٿي جو آسمان به هُيو . هن جي روح جو چنڊ هيو ته هن جي اکين جي ديد جو سج به هُيو، جنهن جي روشني سان هن کي دنيا جي هر شيءَ خوبصورت ۽ روشن لڳندي هئي پر اهو سج لهي ويو ته اڄ هن کي هي هيڏي ساري دنيا بند ڪاري ڪوٺي جيان لڳي رهي هُئي. جنهن ۾ هن جو ساهه گهٽيو ٿي.
    ايڏو وڏو ۽ وشال بنگلو جنهن جي هر رنگين ديوار هر وقت هن جا پئي نيڻ ٺاريندي هئي ۽ بنگلي اندر رکيل بيروني مُلڪن جون قسمين قسمين شيون هن کي جيئري ئي جنت جا تحفا پي محسوس ٿينديون هُيون. هُو رئيس سان کِلي کينچلون ڪندي هُئي ته شيشي وارين درين تي لڳل پردا پاڻ مرادو لُڏندا هئا. هو رئيس سان ملي ٽهڪ ڏيندي هُئي ته بنگلي جون ديوارون سندس ٽهڪن کي پڙاڏو بڻائي اندر جي ماحول کي وڻندڙ ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏينديون هُيون پر اڄ جڏهن رئيس هن جي دل سان ٻڌل محبتن واري ڏوري ڇني وڃي مٽي جي ڪُنڊ ۾ هميشه هميشه لاءِ آرامي ٿيو هو ته هن کي ڄڻ ته بنهه اڪيلو ڪري ويو هو. اڄ هن کي پنهنجن پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي محسوس ٿي رهي هئي آسمان ڄڻ ته هن مٿان ڦاٽي رهيو هو ۽ بنگلي جون ديوارون هڪ هڪ سِر ٿي هن مٿان ڪري رهيون هُيون. اڄ هُو صفا اُٻاڻڪي ٿي پئي هئي دل چيو هُيس ته ڍاڍون ڏئي روئي پر مسلسل 15 ڏينهن روئندي هاڻ ته هن جي نڙي ئي ڇلجي وئي هُئي ۽ اکين جا ڳوڙها ئي سُڪي ويا هئس. اڄ هُو بنهه اڪيلي ٿي پئي هئي رئيس رسول بخش ويو ته هن جا سمورا ناز نياز، محبتون ،خوشيون ۽ خواب ڄڻ ته پنهنجي ڪفن سان ڀري ٻڌي وڃي قبر ۾ سمهي رهيو هاڻي هن جو ڪير هو..........؟ ڪير ئي ته نه هو............
    هُو آئي به ته رئيس رسول بخش وٽ اڪيلي هُئي، ڪير هُئي، ڪٿان جي هُئي، اهو سڀ ڪجهه هُو وساري چُڪي هُئي. پنهنجا مِٽ مائٽ ماري ڄڻ ته سمورا رشتا ناتا لتاڙي رئيس جي هٿ تري تي پنهنجي هٿن جون آڱريون اچي رکيون هُيس. رئيس رسول بخش به تڏهن جواني جي سنگت تي کنيل هو. هن جي جواني ڳوٺ جي هر خوبصورت ڇوڪريءَ کي پئي ٿونا هڻندي هئي ۽ هر ڇوڪريءَ پئي هن مٿان ولهار ويندي هئي پر قسمت ڀُلايس سمن سرڪار جي ميلي ۾ موت جي کوهه تي ڊانس ڪندڙ سويرا سان وڃي اکيون اڙايائين. اکيون ڇا اڙايائين، هن پنهنجي دل اُن مٿان گهور ڪري ڇڏي سويرا به ته صبح جي سج جو هڪ ڪرڻو هئي. ڊگهو قد ڊگهي ڳچي سنهڙو سنڊول جسم، گول بيضوي چهرو، وڏيون ڪاريون اکيون، ڳورو رنگ کاڏي وٽان ڪارو تر، ڏند موتين جي قطار کلندي هُئي ته شوقين جن دليون جسم مان ٻاهر نڪري پٽ تي اچي ڪرنديون هُيون. ڊگها ڪارا وار لوڏي موت جي کوهه تي ڪاٺ جي تختي تي بيهي نچندي هُئي ته گهڻن جا من سمن سرڪار جي ڪلراٺي پوٺي تي سيلاب وانگي وهي ويندا هئا....... رئيس رسول بخش هن جي حسن ۽ جواني مٿان اصل فدا ٿي پيو هو. ميلي جي آخري رات هو موت جي کوهه پويان رهڻ لاءِ لڳل تنبوءَ مان سويرا کي کسڪائي ڳوٺ وٺي آيو هو. ڳوٺ ڇا وٺي آيو هو ڄڻ ته ڀنڀور کي باهه لڳي وئي هئي. سندس پيءُ هيبت خان مڇرجي پيو هو. هن کي گهرائي چيو هئائين “ اسان خانداني ماڻهو آهيون ۽ ميلي جي ناچڻي اسان جي عزت نٿي ٿي سگهي.......... هُو ڪِني مڇي جيان آهي، ڪِني مڇي جنهن تلاءُ ۾ رهندي اُتي ٻين مڇين کي خراب ڪندي” چاچي ڏونگر خان به گهٽ نه ڪئي هُيس. جنهن هن کي پنهنجو ناٺي بنائڻ ٿي چاهيو.
    ڏونگر خان جي جي ڌيءَ گل ناز به رڳو ويٺي رئيس رسول بخش لاءِ سينڌون ڦڻيون، ڪڍندي هئي. مامي محبت خان به مارڻ لاءِ بندوق کنئي هُيس. اُن کي وري پنهنجا سُور هُئا، هن جي ڌيءَ ماروي جوان ٿي رئيس رسول بخش سان لائون لهڻ لاءِ ڏينهن ويٺي ڳڻيا.........پوءِ ته مورڳو شور مان شورڳو ٿي ويو. گهر ۾ ڄڻ ته ماتم متل هو پر رئيس رسول بخش سويرا کي قطعي طور ڇڏڻ نٿي چاهيو. پوءِ مجبورن سڀني گڏجي ويهي اهو فيصلو ڪيو ته رئيس رسول بخش سويرا سان نڪاح نه ڪندو ۽ نه ئي وري ڪو اُن مان اولاد پيدا ڪندو. هُو سويرا کي فقط پنهنجي ٻني واري بنگلي تي رکيل ڪري ويهاريندو. پهرين شادي هو چاچي هيبت خان جي ڌيءَ سان ڪندو ۽ پوءِ ٻي شادي مامي محبت خان جي ڌيءَ ماروي سان ڪندو . ۽ ائين زندگي جو ڪاروهنوار هلائيندو. پوءِ ٿيو به ائين رسول بخش سويرا کي سندس ٻني واري بنگلي تي رکيل ڪري ويهاري ڇڏيو. نڪاح ڪيائين ته گل ناز ۽ ماروي سان وڃي ۽ لائون به انهن سان وڃي لڌائين. باقي رئيس رسول بخش جو پيار سمورو سويري جي ڀاڳ ۾ آيو. ڏينهن ۽ راتين جا گهڻا حصا سويرا جي قربت مٿان صدقي ٿيندا رهندا هئا. هُو گهر جي راڻي لڳي پئي هئي. گهر جا نوڪر چاڪر سڀ هن جي حڪم تي اُٿندا ويهندا هئا.......... اهو ٻڌي ڪڏهن ڪڏهن گل ناز ۽ ماروي کي ساڙ وٺي ويندو هو ته گهر جي نوڪرياڻين هٿان گاريون ڏياري موڪلينديون هُيون پر سويرا جي آڱوٺي کي پرواهه هئي رئيس رسول بخش لاٽون وانگي هن جي هٿ جي تري تي ڦرندو هو..........
    ڪڏهن ڪڏهن هو رئيس رسول بخش کي چوندي هئي ته “سڀ ڪجهه هڪ زال ۽ مڙس وانگر ئي ته ٿي رهيو آهي پوءِ مون سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟
    رئيس کِلي ڳالهه کي ٻي رُخ ۾ بدلائڻ جي ڪندي چوندو هو ته “اسان جي جان جسم ۽ روح هڪ آهي ته پوءِ نڪاح جي ڪهڙي ضرورت آهي.......”
    سويرا ڪجهه اُداس ٿي چوندي هئي “آئون توهان مان ڪو والي وارث پيدا ڪرڻ چاهيان ٿي ته جئين پوڙهائپ ۾ اهو منهنجو ڀرجهلو ٿئي...........”
    رئيس کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هو . سويرا کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو خاص جملو چئي نه سگهندو هو سويرا سمجهي ويندي هئي ته رئيس منهنجي تخم مان ڪو گل پيدا ڪرڻ نٿو چاهي ۽ پوءِ ماٺ ٿي ويندي هئي.
    ۽ پوءِ ائين ڏينهن مان مهينا، مهينن مان ڪيئي سال گذري ويا. رئيس رسول بخش کي ناناڻي ۽ ڏاڏاڻي خاندان مان پرڻايل ٻنهي زالن گل ناز ۽ ماروي مان اولاد ٿيو ٻنهي مان ٽوٽل 6 پُٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. جيڪي هاڻ اچي جوان ٿيون هيون. رئيس رسول بخش جي جواني به اچي هاڻي پوڙهائپ جي ڪپ تي لڏو لاٿو هو. سندس مٿي جا اڇا وار ٽِڪڻ تان ڇڻي هاڻي رڳو ڪنن وٽان وهاڻي جي جهالر وانگي اچي بيٺا هئا. سندس منهن تي عمر جا گهنج شلوار جي اُبتاڻي جيان اچي ظاهر ٿيا هئا. ڏينهن به ڏينهن جسم ٿڪل ۽ ڏٻرو ٿيندو پئي ويو پر هن کي پنهنجي حياتي تي اڃان وڏو ڀروسو هو. پر اهو ڀروسو اوچتو ئي اوچتو هڪ رات جو هڪ وڳي ٽُٽي پيو. رئيس رسول بخش کي وڏي زال گل ناز جي گهر ۾ دل جو دؤرو پيو پُٽ ننڊ مان ئي ڪونه اٿيا ته رئيس رسول بخش جهٽ ۾ وڃي راهه رباني ٿيو.
    رئيس رسول بخش جي موت جي خبر رات جو دير سان جيئن ئي سويرا کي ملي ته سويرا جي مٿان ڄڻ ته اُڀ ڪري پيو هو ڍاڍون ڏئي رُني هئي.........هن کي رئيس رسول بخش جو آخري ديدار به نصيب ڪونه ٿيو. ڇاڪاڻ ته رئيس جي زالن ۽ پُٽن طرفان وڏي گهر اچڻ لاءِ هن مٿان پابندي وڌل هئي............... بس هُو رڳو اڪيلي اڪيلي گونگي ٿي رُني هُئي ۽ روئندي رهي هئي. مسلسل........اڄ کيس پندرهون ڏينهن هو ۽ هاڻ ته سندس اکين جو ڪجلاسر ئي سُڪي ويو هو. چاهيندي به اکين جي ڪنارن تي لُڙڪن جو ڦُڙو به آڻي نه سگهي. الاءِ ڇو اڄ هن کي پنهنجي اکين تان به اعتبار کڄي ويو هو.
    کيس يقين ئي نه پئي آيو ته سندس اکيون به ائين دوکو ڪري ڳوڙهن وهائڻ کان سواءِ پڙ ڪڍي بيهي رهنديون. هُو اکين جو وشواس وٺڻ لاءِ سينگار ميز جي آئيني آڏو اچي بيٺي. ڇا ڏسي سندس اکين ۾ رُڃ پئي نظر آئي. چپن تي خشڪي جون ٺڪريون ڄميل هيون ۽ ڳلن تي وڏي عمر کان پوءِ رئيس جي ڏک وڏيون جهيرون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. اهو ڏسي هن جو اندر ڀڄي ڀُري پيو، هن سُڏڪڻ چاهيو پر سُڏڪي نه سگهي. وري صوفي تي اچي ويٺي سامهون ٽيبل تي اڇي ڪاغذ تي لکيل هڪ نوٽس پيو هو. اهو ليگل نوٽيس هيو جيڪو رئيس رسول بخش جي سمورن پُٽن گڏجي هڪ وڪيل جي معرفت هن کي موڪليو هو ته هو هي بنگلو ٽن ڏينهن اندر خالي ڪري هِتان هلي وڃي، ٻي صورت ۾ زبردستي کانئس بنگلو خالي ڪرايو ويندو يا وري ڪا قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي.
    هن وري اهو نوٽيس کڻي پڙهيو نوٽيس جو لفظ لفظ بندوق جي ڇيرن جيان هن جي اکين جي تارن ۾ لهي ويا. گهڙي پل لاءِ هي هڪ وڏي ڪرب مان گذري ۽ پوءِ سوچڻ لڳي ته هُو ڇا ڪري ڇا نه ڪري...............؟ نه ته هن وٽ رئيس رسول بخش جي زال هئڻ جو ڪو ثبوت هو ۽ نه وري ڪنهن ملڪيت بنگلي زمين زيورن توڙي گاڏين جي ڪاغذن جا ڪي دستاويز هن جي نالي ٿيل هئا.............. هُو هُئي هٿين خالي هُئي، بس رئيس رسول بخش جي محبت ئي هن جو ڪُل اثاثو هُئي هُو ويو ته اُها محبت به پاڻ سان گڏ کڻي ويو . پر هن کي الاءِ ڇو يقين نه پئي آيو. هو اُٿي اچي الماڙي جو در کوليائين. اندر رڳو رنگ برنگي ڪپڙا ئي رکيل هئا. الماڙي سڄي ڪپڙن سان سٿيل هئي.......... هڪ هڪ ڪپڙو ڪري بيڊ تي اُڇلائيندي رهي. ٿوري دير ۾ هن سڄي الماڙي خالي ڪري ڇڏي پر هن کي ڪو به اهڙو دستاويز يا ڪاغذ نه مليو. جنهن ۾ گهر يا ٻي ملڪيت جو ڪجهه حصو هن جي نالي ٿيل هُجي. پوءِ به هن کي وشواس نه آيو، هن وري الماڙي جا خوفيه خانا ڦلهوريا اُتي به ڪجهه نه هو سواءِ مردانگي طاقت وڌائڻ وارن ايڪسپائر ٿيل ڪيپسولن، خالي ٿيل ٽيوبن ۽ ٻين دوائن گورين جي، جيڪي رئيس رسول بخش روز رات جو استعمال ڪري هن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ قرب واريون ڪچهريون ڪندو هو. اُهي سڀ شيون ڏسي گهڙي پل لاءِ هن کي ڏاڍي بُڇان لڳي. هن زور سان الماڙي جا کُليل خانا بند ڪيا ۽ اچي پنهنجي پاڻ کي بيڊ تي پيل ڪپڙن جي ڍڳ مٿان اُڇلايو اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کُپائي هو وري سوچڻ لڳي ته رئيس رسول بخش جي پُٽن کي هو ڪهڙو قانوني جواب ڏي..........؟ پنهنجي بقا جي جنگ قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهي رئيس رسول بخش جي پُٽن سان آخر ڪهڙي آڌار تي لڙي.......؟؟ هُو زبردستي هن ئي گهر ۾ ويٺي رهي يا چُپ چاپ ڪري ڪنهن نئين منزل ڏانهن هلي وڃي. وڃي به ته ڪيڏانهن وڃي.......؟ هن جو ڪير هُيو به ته ڪونه...................
    جواني ۽ حُسن کي دنيا جي بازار ۾ کپائي اها ملڪيت به هاڻ هن وٽ نه رهي هئي. سندس مٿي جي ڪارن وارن ۾ هاڻي پڪي چاندي لهي آئي هُئي.......... هو انهن زلفن جو واپار هاڻي ڪري ته ڪري به ڪنهن سان ۽ هن ٽائيم ڪير به هآڻي هن جي انهن وارن جو خريدار نٿي ٿي سگهيو. هو ڪيتري ئي دير تائين انهن سوالن ۾ ٻڏي بيڊ تي ڪپڙن جي ڍڳ مٿان آهلي رهي. ايتري ۾ ٻاهر مين دروازي تي زور زور سان ٺُڪاءُ ٿيو. جنهن هن جي جسم کي ڇرڪائي وڌو. اوچتو هن کي ياد آيو نوٽيس جي آئي کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ڪٿي رئيس رسول بخش جي پُٽن ته نه اچي دروازو کڙڪايو آهي. هن سوچيو ايتري ۾ ٻيون ڀيرو زور زور سان دروازي کڙڪڻ جو آواز آيو، جنهن هن کي صفا ڌوڏي وڌو. جسم ۾ سگهه نه هُيس، پيرن ۾ ست نه هُيس. پوءِ به اُٿي ۽ ٻاهر اچي بنگلي جو مين دروازو کوليائين ته سامهون رئيس رسول بخش جا ٽي پُٽ جبار خان..... سڪندر خان ۽ انور خان پنهنجن ڪجهه هٿيار بندن سان گڏ سامهون بيٺا هئا. هنن کي اوچتو ڏسي سويرا جي جسم مان ڄڻ ته ساهه ئي نڪري ويو. هن دروازو بند ڪرڻ چاهيو پر جبار خان دروازي کي ٿڏو هنيو ته سڀئي اندر هليا آيا. سڀني جون اکيون دهشت مان ڦڙڪي رهيو هيون. سويرا ڪنبڻ لڳي هئي. ڪنبدي هن ڳالهائڻ چاهيو “آئون اوهان جي ماءُ برابر آهيان.....” سويرا وڌيڪ ڪجهه چئي ها يا نه پر سڪندر خان رڙ ڪري چئي ڏنو “شٽ اپ ................ڪِني رن...........تون اسان جي ماءُ جي پاڇي برابر به نٿي ٿي سگهين ”.
    ايتري ۾ انور به اکيون ڦوٽاري ڳالهائي وڌو “سڄي زندگي تو اسان جي بابي جي ملڪيت اکيون ٻوٽي لُٽي آهي. هاڻي اسين توکي هِتي هڪ منٽ به رهڻ نه ڏينداسين.” جبار خان به ڳالهائڻ کان ڪونه مڙيو رُعب مان چيائين “عزت انهي ۾ اٿئي ته چُپ چاپ ڪري هِتان هلي وڃ نه ته اسان جا گارڊ توکي ڄُنڊن مان جهلي پنجاب جي سرحد ٽِپائي ايندا”
    سويرا وٽ هاڻي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه بچيو هو پر پوءِ به هن وڏي همت ڪري ڳالهايو چيائين “اوهان کي پنهنجي بابي رئيس رسول بخش جي ڇڏيل امانت جي حفاظت ڪرڻ کپندي هئي پر جيڪڏهن صفا نامُراد ٿي بيٺا آهيو ته پوءِ مون کي اتي ئي گولي هڻي ماري ڇڏيو آئون رئيس رسول بخش جي ڀر ۾ وڃي ڊگهي ننڊ سمهڻ چاهيان ٿي............
    پر جبار خان، سڪندر خان ۽ انور خان ته هن کي مارڻ چاهيو ئي نٿي، هنن ته رڳو سويرا کان بنگلو خالي ڪرائڻ چاهيو، تنهنڪري جبار خان ٿورو اڳتي وڃي هٿياربندن کي حڪم ڏنو ته سويرا کي گهلي بنگلي مان ٻاهر ڪڍي دروازي ٻاهران ڦِٽو ڪريو. هٿياربندن دير ئي نه ڪئي. ڪنهن سويرا جي ٻانهن مان پڪڙيو ڪنهن سويرا جي ڄُنڊن مان جهليو گِهلي اچي سويرا کي بنگلي ٻاهران ڦِٽو ڪيائون ۽ پاڻ اندر ويهي رهيا. سويرا روئيندي رهي سُڏڪندي رهي. مٽي مان چنبا ڀري پنهنجن وارن ۾ وجهي ماتم ڪندي رهي پر وريو سريو ڪجهه به نه......................
    شام جو هُو رئيس رسول بخش جي قبر جي ڀر ۾ ويٺي هُئي. ڳچ دير تائين رُني هُئي، لُڙهيل ۽ ٿڪل ٽٽل آواز ۾ رئيس رسول بخش کي سندس پُٽن طرفان ڪيل تذليل جا ڏک ڏوراپا ڏنا هئائين. پر رئيس رسول بخش مڻين مٽي هيٺ دفن ٿيل هو. سو ڪٿي ٿو هن جون ڳالهيون ٻُڌي هن لاءِ دلاسا ۽ آٿتون ورنائي....؟ اُن وقت سويرا کي ڪيل پنهنجون سموريون غلطيون پڇتاءُ وانگي سامهون آيون هيون. گهڙي پل لاءِ کيس خيال آيو هو ته هو رئيس رسول بخش جي قبر جي آلي مٽي جي چپٽي ڀري پنهنجي پيٽ ۾ وجهي پنهنجي لاءِ ڪو والي وارث پيدا ڪري پر ائين هاڻ ڪٿي ممڪن هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 994955
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 333350
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ