ڪتاب جو نالو: ابابيل جي آخري اڏام
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1993
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 01 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 577 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 243 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علامتي ڪھاڻين جي لکيل مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي.
جنھن رسول ميمڻ کي ھڪ دفعو پڙھيو سو کيس ڪڏھن بہ وساري نہ سگھندو. ڇاڪاڻ ته هو، جيڪي لکي ٿو ان ۾ ماڻهن جي دردن جون ڪهاڻيون هونديون آهن ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي دردن جو ڳالهيون لکڻ واري کي آسانيءَ سان وساري نه سگهندو آهي. ھو موجودھ دور جي لکندڙن ۾ گھڻو پڙھيو ويندڙ ليکڪن جي فھرست ۾ مٿئين درجي وارو ليکڪ آھي، جنھن قلم ذريعي سماج کي سنوارڻ جو ڪم ڪيو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  •   سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • علامت نگاري
  •   آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس
  • مالهه ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جي ڏند ڪٿا
  • ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي
  • امن جي اهڃاڻ خاطر
  • ابابيل جي آخري اُڏام
  •   وسري ويل ماڻهو
  • روئندڙ ٻار جو الميو
  •   جنت ۽ دوزخ جي وچ تي
  • مليريا
  •   ڌرتي آسمان جي ميلاپ وٽ
  •   بند ڪمري جو راز
  • اڻ کٽ چميءَ جو انت
  • نوجوان پوڙهو

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ابابيل جي آخري اڏام
    موضوع : علامتي ڪهاڻيون
    ليکڪ: رسول ميمڻ
    ڇاپو: پهريون
    ڇپجڻ جي تاريخ: جولاءِ 1993ع
    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ: نصير ڪاتيار
    ۽ علي شير قريشي

    سنڌي ساهت گهر-ڪتاب نمبر ٽيهٺ (63)
    قيمت /40 (چاليهه روپيا فقط)

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ابابيل جي آخري اڏام“ اوهان اڳيان پيش آهي. علامتي ڪھاڻين جي لکيل مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي.
    جنھن رسول ميمڻ کي ھڪ دفعو پڙھيو سو کيس ڪڏھن بہ وساري نہ سگھندو. ڇاڪاڻ ته هو، جيڪي لکي ٿو ان ۾ ماڻهن جي دردن جون ڪهاڻيون هونديون آهن ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي دردن جو ڳالهيون لکڻ واري کي آسانيءَ سان وساري نه سگهندو آهي. ھو موجودھ دور جي لکندڙن ۾ گھڻو پڙھيو ويندڙ ليکڪن جي فھرست ۾ مٿئين درجي وارو ليکڪ آھي، جنھن قلم ذريعي سماج کي سنوارڻ جو ڪم ڪيو آھي.
    هي ڪتاب سنڌي ساھت گھر، حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    رسول ميمڻ، سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن ۾ شامل آهي، جن ٿوري وقت ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. هن جو پهريون ڪتاب ”امن جي نالي“ 1977ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ڪتاب ادبي دنيا جي مايوس ماڻهن کي ويساهه ڏنو ۽ اهو يقين ڏياريو ته رسول ميمڻ جو نالو، سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ سٺي نالي جو واڌارو آهي.
    ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ 1979ع ۾ هن جي شاعري جو مجموعو ”اوشا جي آشا“ ۽ ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”ڪافر ديوتا“ شايع ٿيا ۽ انهن ٻنهي ڪتابن سان سنڌي ادب جي پڙهندڙن وٽ رسول ميمڻ وڌيڪ مقبوليت ماڻي.
    ٻن سالن جي ٻئي وقفي کان پوءِ 1981ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو ”چچريل زندگين جا قافلا“ شايع ٿيو. ان کان پوءِ ستن سالن جي وڏي عرصي کان پوءِ 1988ع ۾ دنيا جي مشهور شخصيتن تي سندس هڪڙو ترجمو ٿيل ڪتاب ”ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن“ شايع ٿيو ۽ تقريبن پنجن سالن جي وقفي کان پوءِ سندس علامتي ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو ”ابابيل جي آخري اڏام“ شايع ٿي رهيو آهي، مون کي خاطري آهي ته ايتري عرصي جي وقفن کان پوءِ هن جي ڪتابن شايع ٿيڻ تي هو پڙهندڙن وٽ وسري ويل قلمڪار نه هوندو. ڇاڪاڻ ته هو، جيڪي لکي ٿو ان ۾ ماڻهن جي دردن جون ڪهاڻيون هونديون آهن ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي دردن جون ڳالهيون لکڻ واري کي آسانيءَ سان وساري نه سگهندو آهي.

    ناز سنائي

    20-صائمه پلازه-هالا ناڪو
    حيدرآباد سنڌ،
    17-جولاءِ 1993ع


    علامت نگاري

    (سنڌي ادبي سنگت پاران ڏنل ليڪچر)

    علامت نگاري ادبي طرح وضاحتي ادب نه پر ڪنهن شيءِ کي علامت ڏئي اڀارڻ يا اڳتي آڻڻ آهي جنهن جو مقصد سوچن کي نئي معنيٰ ڏئي پيش ڪرڻ آهي، اهي سوچون جيڪي وڄ جي اوچتي چمڪڻ جيان دماغ ۾ پيدا ٿي هڪ الهامي صورت اختيار ڪن ٿيون پر اهي سوچون اسان جي حواسن جي حدن کان ٻاهر نه آهن ۽ خارجي طرح لاڳاپيل آهن، علامت نگاري هڪ تحريڪ جي صورت ۾ فرانسيسي شاعري اندر 1880ع ۾ منظر عام تي آئي جڏهن اتان جي ٽن وڏن شاعرن بودلئر، ملارمي ۽ ورلن ان کي نئين علامتن ۽ اشارن سان موسيقيت ۽ روانيءَ واري انداز ۾ پيش ڪري مقبوليت ڏياري. اها تحريڪ اسان کي 1890ع ۾ پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي، روسي ادب ۾ علامت نگاريءَ جو عروج 1892ع کان 1910ع تائين وارو دور آهي، ان دور ۾ اها فرانسيسي شاعري کان متاثر رهي پر ان علامت نگاريءَ جو بنياد ان وقت جو روسي سماج آهي. روس ۾ ان جي ابتدا هڪ فلسفي سولويوف جي ذريعي ٿي پر ان کي اڳتي آڻڻ ۾ برسوف، بلاڪ، بيلي، بلمونٽ ۽ ايوانوف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ويهينءَ صديءَ جي شروع تائين علامت پسندي جي تحريڪ جو عروج رهيو جنهن کان پوءِ اها تحريڪ بلڪل انڌيرن ۾ غائب ٿي وئي ان جو وڏو سبب ان تحريڪ جو غلط هٿن ۾ وڃي استعمال ٿيڻ هو، اهڙا شاعر جيڪي ان تحريڪ سان انصاف ڪري نه سگهيا ۽ انهن ان کي پنهنجي ذات جي وضاحت جو نشانو بڻايو.
    ادب جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته علامت نگاري هونئن ته تمام قديم آهي پر اوڻويهي صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ علامتن کي هڪ نئين فڪر سوچ ۽ انداز سان پيش ڪيو ويو: اهي علامتون جيڪي ديومالائي يا لوڪ داستانن مان استعمال ڪيون وينديون هيون انهن کي بلڪل بدلائي نئين انداز ۾ ايجاد ڪيو ويو، جنهن ڪري علامت نگاريءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو جيڪو هڪ تحريڪ جي صورت ۾ هرطرف ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڦهلجي ويو، اهو سڀ جديد علامت نگاريءَ جي ٻن شاعرن اسٽيفن ملارمي ۽ پال ورلن جي تخليقن جو ئي ڪمال هو.
    اسٽيفن ملارمي 1842ع ۾ فرانس ۾ پيدا ٿيو جيڪو علامت نگاريءَ جي تحريڪ کي پنهنجي عروج تي کڻي ويو، سندس شاعريءَ جو مشهور ڪتاب پوئيسز (POESIS) 1887ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ٻيو ڪتاب ورسز ايٽ پروز 1893ع ۾ منظر عام تي آيو، اهي ٻئي ڪتاب ان جي زندگيءَ ۾ ڇپيا. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي جو تاثر آهي جيڪو علامت نگاريءَ جو خاص ڪمال آهي، ڇو جو علامت نگاريءَ کي لفظن جي موسيقي چيو وڃي ٿو جيڪا جيئن ڪو خواب ۾ ٻڌندو هجي. هن جي وفات 1897ع ۾ ٿي. علامت نگاريءَ جي ٻي وڏي بانيءَ پال ورلن 1844ع ۾ فرانس ۾ جنم ورتو، هن جي زندگيءَ جو باب ڏاڍن دکدائڪ واقعن سان ڀرپور آهي. هن پنهنجي زال، گهر ٻار ۽ نوڪري ڇڏي راهه فرار اختيار ڪئي. هو ويراڳين جيان ڀٽڪندو رهيو هن کي ڪٿي به سڪون نصيب نه ٿيو. هن جو موت انتهائي مفلسيءَ جي حالت ۾ ٿيو. هن جي زندگيءَ جو حال اردو افسانه نويس سعادت حسين منٽوءَ جي حياتيءَ کان مختلف نٿو نظر اچي. هو شراب جو وڏو شوقين هو ۽ شراب پيئندي ئي هن دم ڏنو. هن 1894ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جي خاص ڳالهه ان ۾ موجود موسيقيت ۽ رواني آهي، جيئن ته اڄ جو موضوع صرف علامت نگاري آهي. ان ڪري آئون صرف ان لفظ جي وصف جي وضاحت ڪندس. آئون پنهنجو موضوع فلسفيانه طور ۽ طريقن سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. جيستائين علامت نگاريءَ جي وصف جي مڪمل وضاحت نه ٿي وڃي آئون ڪوشش ڪري ڪنهن به شعر يا ادب جي صنف کي ان ۾ حوالي طور پيش ڪرڻ کان پاسو ڪندس. ڇو جو منهنجي نظر ۾ هتي ٿيل بحث اڃا اڻ پورو ۽ نامڪمل آهي. آئون علامت نگاريءَ جي نفسياتي پهلوئن تي پڻ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس، اسان کي سڀ کان پهريون ڏسڻو پوندو ته علامت نگاري وضاحتي ادب جو ضد آهي ان ڪري آئون وضاحتي ادب يا (Descriptive Literature) تي ڪجهه ڳالهائڻ پسند ڪندس. وضاحتي ادب عام فهم ۽ سڌي سنئين پيرائن ۾ لکيل اهڙو مواد آهي جنهن ۾ هر شيءِ جي وضاحت ٿيل هجي. هڪ اهڙي رستي جيان جنهن کي ڪو به موڙ يا چوراهو نه هجي، اهڙو رستو جيڪو راهه کان اڻ سجهيل ماڻهو کي جيڪڏهن سمجهائجي ته ان لاءِ ڪا به وضاحت نه ڪجي سواءِ ان جي ته جتي اها واٽ کٽي ٿي، اتي سندس منزل آهي. وضاحتي ادب ۾ وڌيڪ ڪنهن وضاحت جي ڪا به ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ادب وڌ کان وڌ لکيو ويو ته اهو وضاحتي ادب آهي، جيتوڻيڪ وضاحتي ادب اسان کي حقيقت نگاري (Realism) جو حصو نظر اچي ٿو پر جڏهن اسان لفظ حقيقت نگاري استعمال ڪريون ٿا ته دنيا جون سڀ حقيقتون ان ۾ سمائجي وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته علامت نگاريءَ جو سڀ کان وڏو تصادم حقيقت نگاريءَ سان ٿيو پر آئون چوندس ته حقيقت نگاري علامتن ۾ تبديل ٿي وئي پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جي شعور جا ڪرڻا ان مادي ۾ ڪيتري حد تائين اندر گهري گهرائيءَ تائين پهچن ٿا. حقيقت هر شيءِ ۾ سمايل آهي، ان کي ڳولهڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسين ڪائنات جي هر شيءِ کي ڏسون ٿا ته اهي شيون واقعي ئي موجود آهن، دنيا وهم (Illusion) نه آهي جيڪو جڏهن ڏسون ٿا ته آهي ۽ اکين بند ڪرڻ کان پوءِ تبديل ٿيو وڃي. آخر اسان جا ٻيا حواس به ته موجود آهن يا ڊيڪاريٽ جي فلسفي موجب ته هر شيءِ کي شڪ جي نگاهن سان ڏٺو وڃي سو اسين اکين بند ڪرڻ کان پوءِ واقعي ئي ان مونجهاري ۾ مبتلا ٿي وڃون ته واقعي هاڻي دنيا موجود نه آهي، پوءِ بند ٿيل اکيون کولي پنهنجي ڀرسان واري کان پڇون ته جڏهن آئون اکيون بند ڪيون ته دنيا موجود هئي. هي وڻ ٽڻ، آسمان ۽ پاڻي ڇا انهن جو رنگ ساڳيو هيو جيڪو هاڻ نظر اچي ٿو ۽ ڀرسان وارو جواب ڏئي “ٻه چار ڏينهن بيهه آئون توکي سوچي ٻڌائيندس” ڏسو فلسفو ڪيڏو نه مذاق ۾ تبديل ٿي ويو پر ائين نه آهي، اسان کي هر ڳالهه کي شڪ ۾ رکي حواسن جو هڪ جلدي رد عمل پيدا ڪرڻو پوندو آهي، جنهن تحت اسين زندگيءَ جا فيصلا ڪري سگهندا آهيون. خود علامت نگاريءَ جي وصف ۾ سوچن جو حواسن جي حدن کان ٻاهر نه هجڻ گهرجي. ان ڳالهه جي وضاحت آهي، علامت نگاري جو حواسن کان ٻاهر هجڻ ان کي تباهي ۽ زوال جي طرف گهلي ويندو، هڪ اهڙي سوچ تحت ويهين صديءَ جي شروع ۾ ان تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو پر جڏهن حواسن کان ٻاهر پاڳل پڻي ديوانگيءَ جون ڳالهيون ڪري انهن کي وري معنيٰ خيز ڪوٺيو ويو.
    اسين سڀ پنهنجي حواسن سان (Perceive) ڪيون ٿا، اها ٻي ڳالهه آهي ته فرد جا اهي احساس ڪيتري قدر گهرا يا تيز آهن. اها نعمت فطرتي طرح ڪيتري قدر ان فرد جي حصي ۾ آئي آهي، اها ان کي ڪيتري گهرائي يا تيز نظر بخشي ٿي. هڪ انڌو شاعر دنيا کي وسيع نظرن سان ڏسڻ جي صلاحيت رکي سگهي ٿو، هو جڏهن پنهنجي ڏيک کي لفظن جي صورت ۾ آڻي ٿو ته اکين وارا به حيرت ۾ ئي پئجي وڃن ٿا، هڪ شاعر جي اک جيڪو ڏسي ٿي اها عام اک نه ٿي ڏسي، اسين هڪ چنڊ کي لکين تشبيهون ڏئي چڪا آهيون، ڌرتي هوا ۽ پاڻيءَ کي جيئن اسين محسوس ڪريون ٿا، اها ڪيفيت جيڪڏهن عام فرد تي مڙهي وڃي ته هڪ نواڻ کان جنهن ۾ ڌرتيءَ جو پنهنجو رنگ، هوا ۽ پاڻيءَ جي پنهنجي ٿڌاڻ، مطلب ته هر شيءِ جي نئي صورت کان ڄاڻ ان کي هڪ نئي لذت سان همڪنار ڪري ڇڏي.
    جيڪڏهن علامت نگاريءَ کي هميشه لاءِ جيئرو رکڻو آهي ته ان کي سائنسي بنيادن تي تبديل ڪرڻو پوندو. علامت نگاريءَ جي وصف جي وضاحت ڪندي مٿي چئي آيا آهيون ته اها حواسن ذريعي خيالن کي نئون روپ ڏئي ٿي. سج ڌرتيءَ جي چوگرد ڦري ٿو، اسان کي بلڪل ائين ئي نظر اچي ٿو پر اسين سائنسي بنيادن تي پنهنجي حواسن کان پڇون ته ڇا اهو واقعي ئي برابر آهي. سچ ته آرٽ کان وڌيڪ ڪا سائنس ئي نه آهي، اسين آرٽ ۽ سائنس الڳ ڪري نه ٿا سگهون، اسان جي تعليمي نظام ۾ اسان جي ننڍڙن ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري وڃي ٿي ته آرٽ ۽ سائنس ٻه الڳ شيون آهن، سچ ته اسان کي گمراهه ڪري اهڙي واٽ تي ڇڏيو وڃي ٿو، جتي اسين باقي سفر مونجهاري واري ڪيفيت ۾ ڪيون ٿا. جديد فلسفي ۾ سائنس کي وڏي اهميت حاصل آهي. سائنسي فلسفي جي ابتدا ڪندڙ هزرلس چواڻي فلسفي کي شعوري هجڻ گهرجي، ان کي مذهبي يا روحاني طور طريقن مان ٻاهر آڻي سائنسي معيارن تي پرکي واضح ۽ اجرو ڪجي جيئن اهو موجود سائنسي ترقيءَ جو ساٿ ڏئي جيئرو رهجي سگهي. هسل جيڪو فرائيڊ جو همعصر هيو ان فلسفي ۽ نفسيات تي ڳالهائيندي چيو، نفسيات انسان جي داخلي ۽ فلسفو ان جي خارجي دنيا سان لاڳاپيل آهي، سو جڏهن ڪا شيءِ سچائي سان پيش ڪجي ته اها امر ٿي وڃي ٿي. هسل جو فلسفي کي خارجي دنيا سان ڳنڍڻ ان کي امر ڪرڻ آهي. اهڙي طريقي سان اڳتي هلي هن (Phenomenology) جي وضاحت ڪئي ۽ چيو اها شعور جي بناوٽ آهي، جڏهن اسين فلسفي کي خارجي دنيا سان لاڳاپيل چئون ٿا ته اسان کي جديد سوچن ۽ ضرورتن موجب سوچڻو پوندو. ڊيڪارٽ جنهن جي روحاني فلسفي هزرل کي اڳتي آڻڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري فلسفي جي نئين راهن ٺاهڻ ۾ مدد ڏني، تنهن چواڻي ته توهان هر شيءِ کي شڪ جي نگاهن سان ڏسو، اهو شڪ توهان کي اهڙي سچ ڏانهن وٺي ويندو جنهن ۾ شڪ جي ڪا به گنجائش نه هوندي. اسان دنيا جي چوگرد جڏهن سج جي گردش کي شڪ جي نگاهن سان ڏٺو ته تجربن ثابت ڪيو ته واقعي ئي ڪڏهن ائين نه به هوندو آهي جيئن نظر ايندو آهي. اهڙن ئي پوءِ فلسفي جي ڳالهين جي وضاحت لاءِ يورپ ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون، جن ۾ هڪ انسان جي ٻئي انسان تي نفرت، خوف ۽ پيار جي احساسن کي سائنسي بنيادن تي پرکي جديد فلسفي جو آغاز ڪيو ويو. آئون توهان کي علامت طور استعمال ٿيل ٻه لڪيرون سمجهايان ٿو جنهن کي ملرليئر جو گمان يا(Illusion) چيو وڃي ٿو.
    توهان انهن ٻن لڪيرن کي ڏسندا ته اهي توهان کي هڪ وڏي ۽ ٻئي ننڍي نظر ايندي توهان ٿوري شڪ جي گنجائش پيدا ڪريو، وري غور سان ڏسو، انهن ٻنهي لڪيرن جي ماپ ساڳي آهي، اسان کي هڪ لڪير ان ڪري ڊگهي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو ان جي ڇيڙن وٽ ٻشانگيون اسان جي نظرن کي هيٺ طرف کڻي وڃن ٿيون جڏهن ته ٻئي لڪير ۾ ان جي ڇيڙن وٽ پهچي اسان جون نظرون پوئتي موٽ کائن ٿيون اسان کي پنهنجن حواسن کي سائنسي طريقن سان بدلائڻو پوندو.
    علامت نگاري اهڙي سوچ کي اڀاري ٿي جيڪا اسان کي هيٺ گهرائيءَ تائين نهارڻ تي مجبور ڪري ٿي. اها هر صورت ۾ نواڻ کي جنم ڏئي ٿي ۽ ورجاءَ جي ان ۾ ڪا به گنجائش نه ٿي بچي. ان ۾ هڪ سڏ سمايل ٿئي ٿو يا اها انسان جي اهڙين سوچن کي جاڳائي ٿي جن سان ان جو شعور پهريون آشنا نه ٿيو آهي. وضاحتي ادب پڙهندي هڪ عام پڙهندڙ ڏاڍي پرفڪر پر آرام ۽ آسانيءَ واري صورت ۾ ويٺل نظر اچي ٿو پر جڏهن سڀ صورتون علامتن ۾ بدلجي وڃن ٿيون ته هن لاءِ ذهني اضطراب ۽ پيڙا واري ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي، پوءِ اهو ان ڳالهه تي منحصر آهي ته ان ۾ ڳالهه کي جذب ڪرڻ جي ڪيتري سگهه موجود آهي، انساني حواسن جو معيار ساڳيو نه رهندو آهي، ان ۾ وقت سان گڏ تبديلي رونما ٿيندي آهي. هڪ کيڙيل ۽ زرخيز زمين جو مثال وٺو، ڪيترو به مينهن وسي پر اهو ان ۾ جذب ٿي ان لاءِ طاقت جو سبب بنيو آهي پر ٻي جيڪا سم ۽ ڪلر سان ڀريل آهي، مينهن ته ان لاءِ وڌيڪ گندگي ۽ عذاب جو سبب بنجي ويندو. وهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪن ۾ انساني ذهن تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. وضاحتي ادب سڪي ويل ڍنڍ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي جتان ڪو به ساهه وارو پنهنجي اڃ اجهائي نه سگهندو ته ادب جون ٻيون شاخون جن ۾ ذهن کي اڀارڻ، اڳتي آڻڻ يا سڏڻ جي سگهه آهي، اهي بي حد ضروري ٿي پيون آهن، اسان وٽ گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان ماڻهن جو سياست ڏانهن لاڙو ۽ ادب کي سياست کان پوءِ سمجهڻ، ان ڳالهه جي گواهي آهي ته ادب ۾ ساڳيو روايتي وضاحتي ورجاءُ رهيو. نوجوانن پنهنجن اڳين هم عصر اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي بنايل مضبوط بنيادن کي مٿي نه کنيو پر ڄڻ اهي نامڪمل عمارت جي اڌ ڀتين تي ٿڪيل مسافرن جيان چڙهي ويهي رهيا. اسان وٽ نثر ۾ وضاحتي ادب ذريعي هڪ سٺي ابتدا جو بنياد ته پئجي ويو پر خود اڳتي هلي اسان جي وڏن ۽ ناميارن اديبن اڳيان به ڄڻ هڪ نامڪمل ۽ بند ٿيل رستو اچي ويو، جتي انهن اسان کي بهترين وضاحتي ادب ڏنو، اتي سواءِ شاعريءَ جي صنف جي وقت سان گڏ ڪا ارتقائي تبديلي عمل ۾ نه آندي، جنهن ڪري هڪ پڙهندڙ ۽ لکندڙ جو رشتو ٽٽي پيو.
    ادب ۽ شاعري فلسفي جون سڀ کان سگهاريون قوتون آهن، مضمون نگاري، ادب ۽ شاعريءَ جي سج جا اهي ڪرڻا رهي آهي جيڪي انهن جي تخليق مان ڦٽي نڪرن ٿا، جيڪڏهن سارتر وجوديت جي فلسفي کي اڳتي وڌايو ته هن مضمون نگاري نه ڪئي، هن ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون. ڪاميو سان به ساڳي شيءِ لاڳو آهي. ساتر جو (Nausea) (اوڪارا) يا ڪاميو جو سسيفس جي ڏند ڪٿا يا (ڌاريو) اهي ئي ناول آهن جيڪي جديد وجوديت جو بنياد بڻيا. ان کان پوءِ مضمونن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو تنقيد نگارن جي حصي ۾ آيو. وجوديت جو فلسفو ڪيئن به سهي فرانس جي اڳتي وڌيل معاشري ان کي جذب ڪيو ۽ هڪ پراڻي ڳالهه کي نئين انداز ۾ پڙهي ان مان لطف اندوز ٿيو، پوءِ اها لطف اندروزي آپگهات تي ختم ٿي يا انساني زندگي تي منحصر آهي ته اسين مواد کي ڪهڙي ڪنڊ کان جاچيون ٿا، هڪ ٽيڏو ڦڏو مواد آهي، هر ڪنڊ کان ان جي هڪ نئين صورت آهي پر اهو مواد اهڙوئي آهي جهڙو ان جو وجود موجود آهي، جيڪڏهن سسيفس هڪ سزا واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي ته اهو علامت آهي اسان انسان ذات جي جيڪي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهيون ۽ ائين اسان تي هڪ مايوسي واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. (Nausea) ۾ دنيا نفرت ۽ اوڪارن جي علامت آهي، جڏهن انهن علامتن ۽ اشارن کي سمجهجي ٿو ته لڳي ٿو انساني سوچ ۽ شعور سڀ ڪجهه آهي، دنيا هڪ الڳ ٿلڳ شيءِ اهي جيڪا ذهن کان گهڻو پري آهي پر ڇا سسيفس جي ڪيفيت اسان کي بغاوت تي نه ٿي اڀاري، هاڻي هڪ پڙهندڙ تي آهي ته هو ڪيئن (Perceive) ڪري ٿو، هو بزدل ٿي پوي ٿو يا انفرادي آزاديءَ لاءِ سماج سان ٽڪرائجي پوي ٿو، سچ ته اهو آهي جڏهن اسين پنهنجين ذلتن تي سوچيون ٿا ته هڪ نئي انقلاب جي راهه هموار ڪريون ٿا، اسين ائين ڪڏهن به نه ٿا چئي سگهون ته ڪرڪ گارڊ، هسل، هيگر، سارتر يا ڪاميو اسان کي نظرياتي طرح مايوسي ڪيو پر اهي ته سڀ زندگيءَ جون حقيقتون آهن جن کان ڪنهن به صورت ۾ اسين منهن موڙي نه ٿا سگهون، جڏهن آئون پنهنجن ميرن ڪپڙن ڏانهن نهاري ان ڳالهه جو اقرار نه ڪندس ته اهي واقعي ئي ميرا آهن ته ڀلا انهن کي ڌوئڻ جو خيال منهنجي ذهن ۾ ڪيئن ايندو، ته اهو سڀ اسان جي perception تي منحصر آهي ته اسين ڳالهين کي ڌيان ۾ ڪيئن آڻيون ٿا. آئون ان جي مٿي ڄاڻايل ادبي بحٿ کي وائٽ هيڊ جي نظرين سان ڀيٽائي perception يا ادراڪ ۾ آڻڻ جي نفسيات متعلق ڪجهه ڳالهائيندس، وائٽ هيڊ پنهنجي ڪتاب “علامت نگاري ان جي معنيٰ ۽ اثر“ ۾ لکي ٿو، خيال علامتن جو مجموعو آهي، جيئن ڪا ٻولي يا ان جا گهڙيل لفظ. آئون چوان ٿو ته آئون هڪ ڪتاب ڏسي رهيو آهيان، جڏهن ته ٿي سگهي ٿو آئون ڪا ڳاڙهي قسم جي مستطيل شڪل جهڙي شيءِ ڏسي رهيو هجان ته لاڳاپن جي عمل يا Transectionsism ان عمل کي اڳتي وڌائي پيش ڪيو، جيئن آئون پنهنجو پاڻ سان شرط رکندو هجان ته جيڪا شيءِ آئون ڌيان ۾ آڻيان ٿو اها ائين ئي آهي جيئن آئون سوچيان ٿو، جيئن ته مون کي دنيا ۾ رهڻو ۽ ڪم ڪرڻو آهي ان ڪري آءُ اهڙيون شرطون دل ئي دل ۾ رکندو اچان ٿو. Transectionism جو موجد هزل آهي جنهن چيو ته perception ماحول سان لاڳاپي جو نالو آهي، اها صرف اکين کولڻ جو عمل نه آهي ته پوءِ اسين اهڙين علامتن ۽ اشارن کي ڪيئن Perceive ڪريون ٿا جيڪي شاعري يا ادب جي صنف ۾ موجود آهن، اهو اسان جي ذهني معيار ٿي منحصر آهي. جيڪڏهن ڪو علامتن جو غلط مطلب ڪڍي پاڻ تي مايوسي واري ڪيفيت طاري ڪري سمنڊ جو رخ ڪري ٿو ته ان ۾ ڪاميو يا ٻئي ڪنهن جو ڏوهه نه آهي. يورپ ۾ اهڙيون ليبارٽريون قائم ڪيون ويون جن ۾ تجربا ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته اسين جيڪو perceive ڪيون ٿا ان ۾ هزارين غلط فهميون ۽ دوکا سمايل آهن. اهو سڀ ائين نه آهي جيئن اسان کي نظر اچي ٿو. هڪ فوٽو گراف جيڪو هڪ ستل انسان جي پيرن واري پاسي کان ڪڍيو ويو آهي ان جو ڏيک ڪجهه اهڙي نموني جو ٿيندو جو هن جا پير هن جي باقي جسم جي نسبت اسان کي ڪجهه وڏا نظر ايندا. هڪ ٽڪنڊي نما ڪمرو جنهن کي ”بگڙيل روپن وارو ڪمرو“ جي نالي سان سڏيو ويو، جڏهن ان جي هڪ پاسي سوراخ ڪري ان اندر بيٺل ڊگهي مرد ۽ ٻار کي ڏٺو ويو ته پريان انهن ۾ واضح فرق نظر آيو، پر جڏهن ٻار ۽ مرد کي جاءِ مٽائڻ لاءِ چيو ويو ته ٻار جو قد ڊگهي مرد کان به وڏو ڏسجڻ ۾ اچڻ لڳو، ته اهي ئي تجربا هئا جن جي بنيادن تي يورپ ۾ جديد تجريدي آرٽ جو بنياد رکيو ويو، ڇو جو اهڙا عمل اسان جي زندگيءَ جو ئي حصو آهن، جن کي اسين پنهنجي ذهن ۾ نه ٿا آڻيون، پر هڪ فنڪار دنيا کي ٻئي نموني ڏسي ٿو، جيڪڏهن پڪاسو جي ڪا ٺاهيل تصوير اسين ڏسون ته اها ڏنگين ڦڏين لڪيرن جو مجموعو نه آهي، پر ان پويان سوين تجربا لڪليل آهن، جيڪي اسان کي عام رواجي زندگيءَ ۾ ڳولهڻا پوندا. اهو سڀ ڄاڻي واڻي يا (Intentionally) نه ڪيو ويو آهي پر دنيا جا عڪس هڪ فنڪار جي ذهني آئيني سان ٽڪرائجي بگڙيل صورت ۾ موٽ کائن ٿا جنهن ڪري اهي حقيقت کان پري نه آهن، اهي سڀ ماحول سان لاڳاپيل آهن يا Transectionism جو حصو آهن، اهي اهڙين علامتن جيان آهن جن ۾ زندگي ساڳي رنگ ۾ موجود آهي، جيئن حقيقت ۾ آهي.
    علامت نگاري جي وصف ۾ جيڪا خاص ڳالهه آهي اها آهي ڪنهن سوچ يا فڪر جو وڄ جي چمڪي جيان اوچتو پيدا ٿي پوڻ، آئون ان کي الهامي چوڻ کان ٿورو محتاط رهندس، ڇو جو اهو سڀ هڪ فنڪار يا مفڪر جو ئي دماغ آهي، جنهن ۾ سوچون بادلن جيان هر وقت ذهن تي پاڇو ٺاهيون بيٺيون آهن، ٿوري به ذهن ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿئي ٿي، سوچ جا بادل تيزي سان هيڏانهن هوڏانهن سفر ڪري پاڻ ۾ گسي اوچتو ڪنهن نئين خيال کي وڄ جي چمڪي جيان پيدا ڪري وجهن ٿا پر اهو سڀ ڪجهه ائين نه هوندو آهي جو اسين جڏهن چاهيون پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن نئين خيال کي جنم ڏئي وجهون، پين کڻون ۽ سٺو شعر لکي وجهون پر هڪ سچي فنڪار يا مصور جي مسلسل ذهني آنڌ مانڌ جيڪا هن ۾ لاشعوري طور جاري رهندي آهي اهو سڀ ڪمال ان جو ئي هوندو آهي، جو ڪڏهن رستي ويندي چانهه پيئندي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهائيندي اوچتو اها وڄ چمڪي پوندي آهي ۽ اسين ڪاغذن تي ان کي منتقل ڪري وجهندا آهيون، تازو هڪ مريض مون وٽ اسپتال ۾ طبعيت ڏيکارڻ آيو، جيڪو سرديءَ کان ڏڪي رهيو هو، آئون ڏٺو ته ان کي معمولي مليريا هئي جيڪا اسان وٽ هڪ عام بيماري آهي، اهڙا مريض هڪ عام رواجي ڳالهه آهي پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ نسل پرستي هيٺ ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو هو ۽ هڪ ڏهڪاءُ واري صورت حال هئي مون کي ائين محسوس ٿيو اهو شخص مليريا کان نه پر حالتن ۽ ماحول جي خوف واري ڪيفيت کان ڏڪي رهيو آهي، جنهن جي اثر هيٺ آئون ”مليريا“ نالي ڪهاڻي لکي ويٺس، جنهن ۾ هر شخص هڪ اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي جيڪا هن کي ڏڪڻ تي مجبور ڪري ٿي ته اهو سڀ ڪجهه منهنجي ذهن ۾ آنڌ مانڌ جيان موجود هيو، پر اهو خيال آءُ ڄاڻي واڻي پيدا نه ڪيو ته مون کي ائين سوچڻ گهرجي ته اهڙيون سوچون خود لاڳاپن واري عمل يا Transectionism جو حصو آهن.
    اهي ڳالهيون صرف ادب سان نه پر سائنس سان به لاڳو رهيون، نيوٽن جيڪڏهن (Law of gravity) کي ڳولي لڌو ته اهو (Intentional) يا ڄاڻي واڻي نه هيو. هن جي ذهن ۾ ڀريل سائنسي آنڌ مانڌ جا بادلن هڪ صوف جي وڻ مان هيٺ ڪرڻ سان وڄ جي چمڪي جيان جاڳي پيا، اهڙا سوين مثال تاريخ ۾ ڀريا پيا آهن، ڇا ارشميدس اٽلي جي راڻيءَ طرفان ڏنل هڪ سائنسي مسئلي جي اوچتي حل ٿي وڃڻ تي شهر جي گهٽين مان رڙيون ڪندو ائين چوندو نه پئي ويو ته هن کي ملي ويو.... ملي ويو؟
    انسان جو اهڙو ذهني عمل نواڻ کي جنم ڏئي ٿو، جيڪا بظاهر ته ڏاڍي سادي سودي آهي پر ان ۾ گهرائپ ۽ وڏي سوچ جو خزانو موجود آهي. ادبي علامت نگاري ان لحاظ کان ورجاءَ کان پري رهي ٿي. هر دفعي تخليقڪار جو ذهن هڪ نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿو. اهڙي طرح هڪ علامت نگار پيغمبر آهي، جنهن وٽ پنهنجي سوچ جا صحيفا موجود آهن، جيڪي الهامي نه پر هن جي ذهن جي مسلسل آنڌ مانڌ جو نچوڙ آهن، جنهن ۾ اهي سوچون ماحول سان لاڳاپي جي صورت ۾ نازل ٿين ٿيون، جن تي خود مفڪر يا سائنسدان خود حيران رهجي وڃي ٿو ته آخر هن سوچيو ڇا؟ ۽ ٿي ڇا پيو؟ هو پنهنجي اهڙي تخليق تي خوشي ۽ حيرانگيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
    دراصل اسين شدت سان ڪنهن شيءِ کي ذهن ۾ قيد ڪريون ٿا ته اها هڪ ٻئي صورت ۾ تبديل ٿي آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر اهو سڀ اسان جي حواسن جي ئي پيداوار ٿئي ٿو جيڪا علامت نگاريءَ جي پڻ وصف اهي ته اهڙيون سوچون الهامي هوندي به اسان جي حواسن کان ٻاهر نه آهن.
    آءُ مثال لاءِ توهان اڳيان مختصر لفظن ۾ هڪ علامتي منظر پيش ڪريان ٿو، ڪو شخص آهي جيڪو شينهن جي خوف کان ڀڄندو وڃي کوهه جي مالهه ۾ ٽپو کائي چنبڙي ٿو، شينهن اتي ئي کوهه جي ڪناري تي ماڻهوءَ جي ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ ويهي رهي ٿو. مالهه ۾ لڙڪيل شخص کوهه ۾ ان سان گڏ هيٺ مٿي ٿيندو خوف کان اٽڪيو رهي ٿو، کوهه مٿان ماکيءَ سان ڀرپور هڪ مانارو آهي جنهن مان ماکيءَ جا قطرا ٽمي هن جي وات ۾ ڪري غذا فراهم ڪن ٿا ۽ هو جيئرو رهڻ جي قابل رهي ٿو، هڪ نوريئڙو آهي جيڪو مالهه جي واڍ کي هڪ هڪ تند جي صورت ۾ ٽڪيندو رهي ٿو ۽ اها واڍ وقت سان ڪترجندي رهي ٿي. خوف کان جڏهن اهو شخص هيٺ پاڻي ۾ ڏسي ٿو ته هن کي هڪ ازدها نظر اچي ٿو جيڪو وات کوليون هن جي هيٺ ڪرڻ جي انتظار ۾ ويٺو آهي، اهو شخص ائين اتي جيئندو رهي ٿو.
    اهي سڀ ڳالهيون اسان کي پنهنجي حواسن کان پري ۽ بڪواس معلوم ٿن ٿيون. ضرور هڪ سوال اڀري ٿو ته آخر ان ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڄاڻايو ويو آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي. ظاهري طرح اهو سڀ اڻ هوندو ۽ ناممڪن جي دائري ۾ نظر اچي ٿو پر توهان کي ان کي علامت نگاريءَ جي وصف سان پرکي ڏسو توهان اهو Transectionism جو حصو يا ماحول سان لاڳاپيل نظر ايندو .ڇا منظر يا سوچ وضاحتي آهي؟ پر ان ۾ وضاحت بدران هڪ مونجهارو پيو محسوس ٿئي پر ڏٺو وڃي ته اهو منظر زبردست (Evoking) آهي. انساني سوچ کي روايت پسنديءَ کان پري وٺي هن جي ذهن کي ڪنهن نئين ڳالهه تي جاڳائيندڙ ۽ ذهن جهوريندڙ آهي، بلڪل ائين جيئن ڪو ساڳيو فوٽو گراف ڏسندو هجي جيڪو هن جي پيرن واري پاسي کان ورتل آهي يا جيئن بگڙيل روپن واري ڪمري اندر نهاريندو هجي، ڇو جو ان منظر کي اسان جا حواس قبول نه ڪن پيا؟ پر هن منظر تي ظاهري طرح ماڻهوءَ جا حواس ئي خطا پيا ٿي وڃن جيئن نظر اچي پيو واقعي ئي هڪ ڏاڍو ڊيڄاريندڙ پرخطر ۽ انساني سوچن جي حواسن واري دائري اندر نه ايندڙ منظر آهي پر توهان پنهنجي وجود تي سوچيو ان ۾ ڪا به ڇرڪڻ جي ڳالهه نه آهي ته اهو مالهه ۾ ڦاٿل وجود توهان جو آهي، هن جو آهي ۽ منهنجو آهي، ڪجهه به نه آهي هڪ عام رواجي انساني زندگيءَ جو منظر آهي، جنهن مان هر ڪو گذري رهيو آهي، صرف زندگيءَ جي مشاهدن کي علامتون ڏنيون ويون آهن، بلڪل ائين جيئن جڏهن دنيا وجود ۾ آئي هوندي ته ان جي هر شيءِ صرف علامت ۾ هوندي ۽ ٻوليءَ جي تخليق هر علامت کي شيءِ ۾ تبديل ڪيو هوندو. هتي انسان جي حياتيءَ جي پڄاڻيءَ کي موت بدران شينهن جي علامت آهي، جيڪو هميشه انسان جي ڪڍ آهي، کوهه جي مالهه دنيا جي گردش جي علامت آهي، وڻ مان ٽمندڙ ماکي روزگار جي علامت آهي، مالهه جي واڍ کي ڪتريندڙ نوريئڙو ويندڙ وقت جي علامت آهي ۽ هيٺ وات کولي انسان کي ڳڙڪائڻ جي انتظار ۾ ويٺل ازدها قبر جي علامت آهي. اسين سڀ ڌرتيءَ جي گردش ۾ لڙڪيا پيا آهيون، موت اسان لاءِ خوفناڪ ۽ ڪنهن وقت به حملو ڪندڙ آهي، جدوجهد جي صورت ۾ ڪجهه کائي جيئرا آهيون، حياتيءَ جا ڏينهن کٽندا وڃن پيا ۽ هڪ ڏينهن قبر حوالي ٿي وينداسون. اهو ته سڀ ڪجهه آهي جيڪو اسان مٿان گذري پيو، هن مٿان تو مٿان ۽ مون مٿان ته پوءِ ان ۾ ڪهڙي ڳالهه خوفناڪ ۽ حواسن کي خطا ڪندڙ آهي.
    سچ ته علامت نگاري ان آني جيان آهي جيڪو اسان جي دماغ ۾ موجود رهي ٿو. جيستائين اهو ماحول جي گهٽ وڌائي سان لهه وچڙ ۾ اچي (Fertilised) ٿي هڪ (Embryo) کي جنم ڏئي پر ان جي جنم جو ڪو به وقت مقرر نه آهي، ٿي سگهي ٿو ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا پيدا ٿي پوي يا انساني پيدائش کان به گهڻو وقت وٺي.
    علامت نگاري جو خارجي پهلوئن سان لاڳاپيل هجڻ لازمي آهي، اهو ئي خاص سبب آهي جو علامت نگاريءَ جو ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ زوال اچي ويو، ان جو عروج جيڪو پنجويهن ٽيهن سالن تي مشتمل آهي، اهو ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ نه رهيو ان جو وڏو سبب ان تحريڪ جي داخلي يا شاعر جي پنهنجي ذات تائين محدود ٿي وڃڻ هيو، جنهن ڪري اها صنف ڌڪجي ادب جي ٻين صنفن پويان هلي وئي پر اهو غلط آهي ته اها تحريڪ فنا ٿي وئي. ڪجهه سالن کان يورپ ۾ ڪن شاعرن ان تحريڪ کي هڪ دفعو وري نئون جنم ڏنو آهي، جن ان کي ملارمي ۽ ورلن جي طرز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن ۾ خارجي عنصر نمايان طور موجود آهن، اهڙي طرح جيئن اها تحريڪ غلط هٿن ۾ وڃي تباهيءَ سان همڪنار نه ٿي. هاڻي وري هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان ماڻهن جي ڏکن ۽ پيڙائن مان نئين سونهن ۽ سچائي جو روپ ڌاري اڀري رهي آهي.


      آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس

    مينهن گهڻو نه وسيو هو، بس پري پري تائين رستن ۽ ميدانن ۾ ڇڻڪار ٿي ويو هيو، مينهن کان پوءِ تيز لڳندڙ هوا مٽيءَ جي نه اڏامڻ ڪري صاف ۽ شفاف هئي، ڪچن رستن تي ٿوري چيڪڙ ٿي پئي هئي ۽ هر طرف مٽيءَ جي خوشبو ڦهلجي وئي هئي، آسمان ۾ گهاٽو جهڙ هوائن جي زور تي پراڻي ڪپڙي جيان ڦاٽندو پئي ويو، اهو ڪٿي ڪارو هيو ڪٿي ناسي ۽ ڪٿي اڇو کير جهڙو، مان ۽ منهنجو پٽ سامي مينهن جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ گهران نڪتاسين ۽ کيرٿر واهه جي ڪناري هلندا سنڌوءَ ڏانهن وڌڻ لڳاسين، منهنجو پٽ سامي ننڍي هوندي کان ئي خطرناڪ حد تائين (Illusionist) رهيو آهي، هن جي ويچارن ۽ انديشن تي مون کي حيرت به لڳندي آهي ته ڪاوڙ به ايندي آهي، ڇو جو هن جي منجهيل سوالن جو جواب ڪڏهن مون وٽ به نه هوندو آهي، مثال هو چوندو آهي ته جيڪڏهن آسمان ڪري ته ڇا ٿيندو؟ ۽ اهڙا انيڪ سوال جن جو جواب مون وٽ نه هوندو آهي، جن کان لنوائي آءُ ماٺ ٿي ويندو آهيان ته هو پنهنجي شعور مان ان جو اڻ عمل ٿيندڙ اهڙو جواب ٺاهي ڏئي ڇڏيندو آهي جنهن تي مون کي کل اچي ويندي آهي ”اڙي ڀوڪ آسمان ته وڏو آهي، اهو ته ڪائنات جي اڻ لڀ سرحدن جيان آهي، اهو ڪريو ته سڀ ڪجهه فنا ٿي ويندو“.
    ”نه“ هو چوندو آهي ”سامي هائوس جي مٿين منزل ان کي روڪڻ لاءِ ڪافي آهي“. هڪ اهڙي (Illusionist) سان وقت گذارڻ ڪيترو نه ذهن کي جهنجهوڙيندڙ آهي اهو آئون ٻڌائي سگهان ٿو. آئون ساميءَ کي ان ڳالهه تان ڪڏهن به هٽائي نه سگهندو آهيان ته اهڙين بيڪار ڳالهين تي سوچڻ وقت برباد ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي هو ڪڏهن به نه مڙيو آهي. سامي هائوس جيڪو هن جي نالي پويان کيرٿر واهه جي ڪناري ڀرسان ٺهيل آهي هو ان جي ڪمرن جي ڇڻندڙ پراڻي رنگ جي ڪري اڪرجي ويل ڌٻن ۾ اڪثر رات جو بستري تي ليٽي ڪجهه نه ڪجهه ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ پيو هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ڪري ڏسندو آهي. هو ڀتين جي ڇڻيل رنگ وارن ڌٻن مان ويٺو مورتيون ٺاهيندو آهي. ”هو ڏس“ مون کي چوندو آهي ۽ پوءِ ڀت تي لٿل رنگ واري ڪنهن ڌٻي ڏي اشارو ڪندي چوندو آهي ”هو ٻه مٿان ڪن اٿس، پويان پڇ ۽ هيٺان چار ٽنگون..... ڏس بلڪل سهڙ آهي”.
    مان ان ڌٻي ڏي غور سان ڏسڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان، پهريون ته اهو مون کي غير واضح ۽ عام قسم جو داغ نظر ايندو آهي، پر پوءِ آهستي آهستي ڪا شبيهه ٺهي بيهي رهندي آهي.
    ”پڇ ٿورو وڏو اٿس“ مان چوندو آهيان ”سهڙ جو پڇ ايڏو وڏو نه هوندو آهي“، هو ٿوري دير وري ڀت ڏانهن چتائي ڏسندو آهي.
    ”ها پڇ ته واقعي گهوڙي جي منڍي ٿي ڏسڻ ۾ اچي“. هو چوندو آهي، “اهو سهڙ ته ابتي پاسي کان ٿورو ٿورو گهوڙو به پيو ڏسجي“.
    پوءِ اسان ٻئي ڌٻي ڏانهن ڏسندا آهيون، اهو ڌٻو جيڪو اسان کي پهريون سهڙ نظر اچي رهيو هيو، ان جي منڍي گهوڙي جو پڇ ٿي پوندي آهي، ان جي ڌڙ هيٺان ساڳين چئن ٽنگين جي پويان ان جو ٿورو ڊگهو ۽ ڇيڙي وٽان ويڪرو پڇ گهوڙي جي منڍي ٿي پوندو آهي.
    اهڙا هزارين عڪس هن جي ننڍڙي ذهن ۾ ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن جن ۾ هن لاءِ انسانن، وڻن ٻوٽن ۽ استعمال جي هر شيءِ کان وٺي ويندي هر عڪس سمايل هوندو آهي جنهن جو اولڙو دنيا ۾ موجود آهي پر انهن سڀني ۾ وڌيڪ عڪس جانورن ۽ پکين جا هوندا آهن ڇو جو هن کي دنيا ۾ جيترو جانورن ۽ پکين سان پيار آهي ايترو شايد ڪنهن سان هجي، هڪ دفعي هو مون کان ان ڪري رسي ويو ڇو جو مون کپر نانگ کي ماري ٻاهر ڦٽي ڪيو هيو، هو ان جي وڻندڙ چٽڪٻري چمڙي کي ڏسي ڏاڍو رنو هيو، هن وٽ رنگبرنگي طوطن جا پڃرا آهن ۽ ڪجهه وقت اڳ هڪ چيڪو نسل جو ڪتو هيو جنهن کي پاڙي وارن زهر ڏئي ماري ڇڏيو، موسمن مان هن کي مينهن جي موسم وڻندي آهي ۽ مينهن بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جون اکيون کيرٿر واهه جي ڪڙ تي ست رنگ ريکا انڊلٺ کي ڳولينديون آهن.
    ان ڏينهن به مينهن بند ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏهن آئون ۽ سامي کيرٿر واهه جي بند تان هلندا سنڌوءَ ڏي وڃي رهيا هياسين ته هن جون اکيون آسمان ۾ رنگن کي ڳولي رهيون هيون پر اتي ڪو به رنگ نه هيو. سواءِ جهڙ جي ٻن ٽن مختلف ۽ غير واضح رنگن کان سواءِ جن ۾ انڊلٺ جهڙي سيبتائي ۽ تسلسل نه هيو، انڊلٺ ريکا ۾ ساميءَ کي مور پکي نظر ايندو هيو، جيڪو ڄڻ ساڌ ٻيلي ۾ ڇٽ هڻي نچندو هجي. ان ڏينهن هن پنهنجي ننڍڙي قد کي ٿورو ڳچي ۽ پيرن کي مٿي ڪري وڏو ڪندي چوطرف نهاريو پر هن کي آسمان ۾ ناچ ڪندڙ مور پکيءَ جا رنگ ڪٿي به نظر نه آيا ۽ هن مايوس ٿي مون ڏانهن نهاريو.
    ”شايد انڊلٺ جلدي ڊهي وئي“ هن چيو،
    ”نه اها اڃا نه نڪتي آهي“ مون هن لي دلجاءِ ڏيندي چيو ”لڳي ٿو مينهن اڃا به وسندو“ هن ليڙون ليڙون ٿيندڙ جهڙ ڏانهن نهاريو.
    ”جهڙ ته وڃي رهيو آهي“، هن جواب ڏنو.
    ”ان کي بيهڻ ۾ ڪهڙي دير لڳندي“، مون هن جو حوصلو وڌائيندي چيو، هو خوشيءَ مان کلڻ لڳو.
    ”الله سائين مينهن وساءِ، گوڏي جيڏي گپ ڪراءِ“ هو چوندو، مستيءَ ۾ جهومندو هلندو رهيو.
    بئريج ٽپي جڏهن اسان لبي مهراڻ ۾ داخل ٿياسون ته هرطرف ڏينهن جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ سائو گاهه ڦهليل هيو ۽ هوا تي لڏندڙ وڻن مان پاڻي پئي ڇڻيو، سنڌو ڪنهن اڌ وهيءَ جي شخص جيان ڪنهن به جذبي ۽ جوش کان عاري پئي ڏٺو، بهار جي مند ۾ ان جي چال ۾ هڪ نرمتا ۽ ماٺ ڇانيل هوندي آهي جيڪا گرمين جي مند شروع ٿيڻ سان سانوڻ جي گجگوڙن وانگر پنهنجو رويو هڪدم تبديل ڪري دهشتناڪ ٿي پوندي آهي ۽ رات جو سنڌوءَ جون رانڀون پري کان پوڙهي شينهن جي گاج جهڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
    مان ۽ سامي سنڌوءَ جي ڪناري سائي گاهه مٿان رکيل بينچ تي ويهي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳاسون، سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ آسمان ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي بيٺل جهڙ جو عڪس لهرن ۾ لڏي رهيو هيو. ساميءَ اوچتو مٿي نهاريو، جهڙ جي هيٺان آڙين جو ولر ٻوليندو، هڪ شور مچائيندو قطار ۾ لنگهي ويو هن جون نظرون ڪنهن حد تائين آڙين جي ولر پويان انهن جي ڪڍ ويون ۽ پوءِ اهي ٽڪ ٻڌي آسمان ۾ بيهي رهيون. سامي گهڻي دير جهڙ جي انهن ٽڪرن ڏانهن نهاريندو رهيو جيڪي هوا جي سمنڊ ۾ آهستي آهستي ترندا پئي ويا.
    ”هو ڏس گهوڙو“ هن چيو ۽ پوءِ آسمان ڏانهن اشارو ڪندي جهڙ جي هڪ ٽڪري ڏانهن ڏسندي چيو، ”اڳيان منڊي، چار ٽنگون ۽ پڇ“.
    مون هن جي آڱر جي سڌ ۾ بيٺل ان جهڙ جي ٽڪر ڏانهن نهاريو، جيڪو آهستي آهستي اتر کان ڏکڻ ڏانهن اڏامندو پئي ويو، مونکي ان جهڙ جي ٽڪري جي بيهڪ ڪنهن حد تائين گهوڙي سان مشابهه ضرور نظر آئي پر ٿوري ئي دير ۾ اڃا نهاريو ئي پئي ته جهڙ جو اهو گهوڙو پٺيءَ وٺان ڊگهو ٿيندو عجيب و غريب شڪل ۾ تبديل ٿي ويو.
    ”هاڻي ڏس گهوڙي جي پٺيءَ تي ماڻهو ويٺل اٿئي“ ساميءَ چيو.
    ”نه“ مون چيو، ”ان ماڻهوءَ جي ٺهڻ کان پوءِ گهوڙي جي شڪل تبديل ٿي ڪنهن سنهڙي ٻڪر جهڙي ٿي وئي آهي“.
    ساميءَ ان عڪس کي غور سان ڏٺو ۽ کلي پيو.
    ”ها واقعي ئي ائين پيو لڳي جيئن ماڻهو سنهڙي ٻڪر کي سڱن کان وٺي ڪهڻ لاءِ دسيندو هجي“. هن چيو ۽ پوءِ جهڙ جي ٻين ٽڪرن ڏانهن ڏسڻ لڳو. سمورو آسمان جهڙ جي انهن ننڍن وڏن ٽڪرن سان سٿيو پيو هيو، جيڪي بهار جي مينهن کان پوءِ لڳندڙ هير ۽ هڪ ٻئي پويان قافلو ٺاهي آسمان جي ڪنواس تان ايندا ۽ ويندا پئي ويا. جيئن آسمان هڪ لامحدود پردو هيو، جنهن تي هڪڙي عڪس کان پوءِ ٻيو عڪس چٽجي نروار پئي ٿيو.
    ”هو ڏس ڪنهن فقير وانگر آهي“ ساميءَ جهڙ جي هڪڙي ٽڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، جيڪو هڪ ڊگهو ۽ هڪ پاسي کان بي ترتيب جهڙ جو ٽڪر هيو، بي ترتيبيءَ واري پاسي کان ائين ٿي لڳو جيئن اهي ڪنهن جا ڊگها وار آهن ۽ هيِٺان منهن، ان جي ڊگهي کاڏي ڪنهن جي وڌيل ڏاڙهيءَ وانگر ٿي ڏٺي، ان جا هٿ اڳتي وڌيل هڪ ڪشڪول جهڙي ٽيڏ کاڌل نشان ۽ ٻئي ۾ ڏنگي ڦڏي لٺ، باقي هيٺ هڪ جهڙو وڌيل جهڙ جو ٽڪرو جيئن ان فقير کي پيرن تائين الفي پاتل هجي. ٿوري دير ۾ هوا جي زور تي اهو فقير ڳچيءَ وٽان ڊگهو ۽ سنهڙو ٿيندو بلڪل ڪنگ پکيءَ جهڙو ٿي ويو ۽ ان جي لٺ وڻ جي لام وانگر ٿي وئي جنهن تي ڄڻ ڪنگ پکي ويٺو هجي ۽ پوءِ ان ڪنگ پکيءَ جا پر کلي ويا ۽ ان جي اڏام کان اڳ اهي هن جي جسم کان الڳ الڳ ٿي هوا ۾ تحليل ٿي ويا. ننڍڙي ساميءَ جي اهڙين (Illusionist) حرڪتن تي منهن جو ذهن مڪمل طرح انهن جهڙ جي ترندڙ بي ترتيب ٽڪرن ڏانهن مائل ٿي ويو. مان غور سان ٻاڦ جي انهن پاڇن ڏانهن نهارڻ لڳس.
    ”هيءُ اٿئي غار ۾ رهندڙ ننگو انسان“. مون هن کي جهڙ جي هڪڙي ٽڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، هو ڏس ان جي هٿ ۾ پٿر جو هڪ هٿيار آهي جنهن سان هو هڪ ڍڳي تي حملو ڪري ان جو شڪار ڪري رهيو آهي ۽هو ڏس ڪيترائي انسان گڏجي ڍڳي کي پچائڻ کان پوءِ گڏجي کائي رهيا آهن”. ساميءَ هڪ ٻئي پويان ڪيترن ئي جهڙ جي ٽڪرن کي ڏسندي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو. سامي اڃا انهن کي ڏسي ئي رهيو هيو ته تيز هوا ۾ جهڙ جا ڪي ٽڪرا ڊگها ٿي ويا ته ڪي ويڪرا، ڪي سسندا ننڍا ٿي ويا. ڪي عڪس ڪائنات جي پهرين هستي، مادر ڪائنات وانگر اسان آڏو بيهي رهيا. اموي دور جي مورتين جهڙا جن جي فرجن Vulva مان ٻوٽا ڦٽي رهيا هيا، ڌرتيءَ تي حڪمراني ڪندڙ عورتن جا عڪس جيڪي ڌرتيءَ تي ٻج پوکڻ ۾ رڌل هيا ۽ ڪن عڪسن جا گرڀ ٻاهر نڪتل هيا، ڪائنات جي عظيم مادر ارض جا عڪس جيڪي ان جي ويم کان پهريون جي عڪسن سان مشابهه هيا، جڏهن مرد سست ۽ ڪم چور هوندو هيو ان لاءِ شڪار ۽ عورت سان همبستري کان سواءِ ڪو به ڪم نه هوندو هيو.
    هوا جي جهوٽن تي اڏامندڙ نوان عڪس جن ۾ مرد جي طاقت جو ظهور ۽ عورت جو زوال سمايل هيو، شڪار ڪندڙ طاقتور مرد جي جسم هيٺان وڏن سڱن وارو ڦاڙهو اکيون ٻاهر ڪڍي هن کي نهاري رهيو هيو ۽ پوءِ طاقتور مرد جي وحشي هٿن ۾ سمايل انيڪ جانورن جون تصويرون جن کي هو ڌڻ جي شڪل ۾ ڪاهيندو ڪنهن چراگاهه جي ڳولا ۾ سرگردان پئي نظر آيو. پهاڙن ۽ غارين مان نڪري سرسبز وادين جو رخ ڪري هلندڙ عڪس ۽ پوءِ وادين ۾ وسندڙ پراڻين قومن جو نون آيل سان ٽڪراءَ جا منظر، ڪجهه تيزيءَ سان ڀڄندڙ عڪس ڊهندڙ عڪس ۽ نون آيل ماڻهن جي تهذيب جو آغاز، ڌرتيءَ جي نجي ملڪيت جو دور ۽ ان تي زراعت جي ابتدا.
    سامي هڪ ٻئي پويان جهڙ جا سمورا عڪس ڏسندو ويو، مون هن جي اکين ۾ نهاريو جهڙ هن جي اکين جي ماڻڪين ۾ نظر اچي رهيو هيو پر جهڙ جا ٽڪرا هن جي ننڍڙين اکين ۾ هڪٻئي کان الڳ نه هيا. شايد هن جي ننڍڙين ماڻڪين ۾ ايتري وسعت نه هئي جو اهي جهڙ کي ٽولين جي صورت ۾ ظاهر ڪري سگهن. اهي جهڙ جون ٽوليون هڪ نڪتي جيان هن جي اکين ۾ سمايل هيون .جهڙ جا ٽڪرا پاڻ م ملي ڪجهه وڏا ٿي ويا ۽ اهي ديو وانگر سج کي ڍڪيندا اسان جي مٿان ٿئي لنگهيا.
    ”اهي تاريخ جا ديوتا اٿئي“ مون ساميءَ کي چيو ۽ سامي حيرت مان مون ڏانهن نهاريو. اهي ڀڳوان (ڀاڱيوان) جيڪي وستيءَ ۾ ٿيندڙ روز آمدنيءَ کان چاهي اها شڪار جي صورت ۾ هجي يا اناج جي صورت ۾ سڀ هڪ جيترو ڀاڱو ڏيڻ وارا. يونان جي ڏند ڪٿائن جا هيرو طاقتور ۽ ڀرپور عڪس ۽ هو ڏس ديوتائن جي ياد ۾ ٺهيل مندر ۽ انهن جا پروهت، خوبصورت ديوداسيون ۽ خراج ڏيندڙ هيڻن انسانن جا هڏائن پڃرن جهڙا وجود، پروهتن ۽ شهنشاهن جي تسلط جا عڪس، هنر مندن جي هيڻائي جا عڪس ۽ سڀ کان پوءِ لاتعداد غلامن جا سلسلا.
    ”هو ڇا آهي؟“ ساميءَ جهڙ جي ٽڪرن جي هڪ مجموعي ڏانهن اشارو ڪندي چيو، مون غور سان اوڏانهن نهاريو.
    ”اهو وقت جي ڏاهي سقراط جو لاش آهي جيڪو ان جي شاگردن جي ڪلهن تي رکيل آهي، ڏس جهڙ جو ٽڪر هن جي منهن هيٺان هوا ۾ سندس ڏاڙهيءَ جيان لهرائي رهيو آهي ۽ سج جي ڪرڻن ان عڪس کي ڪجهه ڳاڙهسرو ڪري ڇڏيو آهي، جيئن زهر پيئڻ کان پوءِ ان رت جي الٽي ڪئي هجي، اهو تاريخ جو زهر اٿئي جنهن ان جي ورقن کي ڌوئي ڪورو ڪري ڇڏيو آهي“.
    ”۽ هو ڇا آهي؟“ ساميءَ هڪ ٻئي جهڙ جي ننڍن وڏن ٽڪرن جي مجموعي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”اهو وقت جي جابر نمرود جو عڪس آهي، هو ڏس ان پنهنجي تخت تي ويهي ان جي چئن پاسن کان گوشت جا ٽڪر اٽڪائي تخت کي ڳجهن جي جسم سان ٻڌي ڇڏيو آهي. ڳجهون ان جي تخت کي اڏارينديون پيون وڃن ۽ اهو خدائيءَ جو دعويدار مرڪندو پنهنجي تخت تي ويهي هيٺ ماڻهن ڏانهن حقارت ڀريل نظرن سان نهاري رهيو آهي“.
    پوءِ نمرود جي حصي کان به وڏو هڪ عڪس آسمان ۾ ڦهلجي ويو، جنهن کي ڄڻ باهه جي سمنڊ ۾ اڇلائڻ جون تياريون ٿينديون هجن پوءِ ڪجهه ننڍا وڏا سفيد رنگ جي جهڙ جا ٽڪرا مقدس پيغمبرن جيان قطارن ۾ هڪ طرف کان ٻئي طرف ويندا رهيا ۽ فنا ٿيندڙ فرعونن جا اهرام ڪروڙين انسانن جي ڪلهن تي رکيل پٿرن مان نروار ٿيندا ويا. دنيا جي پهرين قانون جي ڪچيءَ مٽيءَ مان ٺهيل لوح خداوند مُردڪ جي هٿن مان ڇڏائجي هيٺ بابل شهر جي مٿان ڪرندي ڄڻ ڌرتيءَ جي سون تهن هيٺان دٻجي ختم ٿي وئي ۽ جهڙ جو هڪ ٽڪرو حضرت نوح جي ٻيڙيءَ جيان ترندو هڪ پاسي ڏانهن هليو ويو.
    اڀ جي وسعتن مان ڄڻ ڪيترن ئي انسانن جون آهون اٿنديون هرطرف ڦهلجنديون ويون، ڪيترن ئي طوفانن، سيلابن ۽ زلزلن جو قهر وقت به وقت انسانن کي چيچلائيندو رهيو، گهوڙن جي سنبن جا آواز، تير ڪمانين، تلوارن ۽ وڍجندڙ انسانن جي آهن جا آواز، هر دور ۽ لنگهيندڙ هر عڪس ۾ مٿين طبقي جي ظلم ۽ ڏاڍ کان پيسجندڙ عام انسانن جون رڙيون هرطرف اڀ ۾ گاج جيان سمائجڻ لڳيون، جهڙ جا ڪجهه ٽڪر پرامن قومن جي نقشن جيان ترندا پئيا ويا ۽ انهن پويان ظالم قومن جا ٻيڙا ترندا انهن کي ڳوليندا پئي ويا.طبقاتي، لساني، علائقائي ۽ مذهبي دهشتگردن جا ٽولا پنهجن نيزن تي انساني کوپڙيون چاڙهي رمندا پئي ويا. سرعام غلامن جي نيلام کان پوءِ پورين قومن جي غلاميءَ جا سلسلا اڀ ۾ هرطرف مظلوم انسانن جي وجودن جهڙا ڏنگا ڦڏا ۽ غير واضح دربدر گهمندڙ جهڙ جا عڪس جيڪي وحدانيت جي آواز سان اڀ ڦاڙي روئڻ لڳا ۽ ساميءَ جي اکين جا گهيرا ويڪرا ٿي ويا، هن حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ مون ڏانهن نهاريو.
    ”هيءُ ڇا؟ ساميءَ چيو ”ڪيترا نه تيز آواز آهن“.
    مون ڏور سنڌوءَ جي پريان وار کولي ماتم ڪندڙ کجين جي جهنڊن ڏانهن نهاريو انهن کان گهڻو تمام پري گاج ڪندا، وڄ جي باهه ڪڍندا ڪيترائي گهاٽا بادل بلند ٿي رهيا هيا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهي چئني پاسن کان ڦرندا مٿي کڄندا ويا.
    ”ڏس“ ساميءَ چيو ”اهي بند ٿيل مُٺ جي ٻانهن جهڙا آهن“ پوءِ هن ڪيترن دونهي جهڙن اڀرندڙ ڪارن بادلن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”اهي ٻانهون بلند رهيون آهن، انهن ٻانهن جي بند ٿيل مٺين ۾ ڏاٽا آهن، هٿوڙا آهن، پانا، ٽيڪم ۽ هر آهن“.
    بادل تيز هوا ۾ گجگوڙ ڪندا مٿي ٿيندا بلڪل اسان جي مٿان اچي ويا ۽ وڄ تيزيءَ سان چمڪڻ لڳي.
    ”هو ڏس“ ساميءَ آسمان جي وچ ۾ بيٺل جهڙ جي ننڍن ٽڪرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”اهي هٿ انهن عڪسن ڏانهن وڌي رهيا آهن، اهي انهن کي مٽائي ڇڏيندا“.
    ”ها مون چيو“ اهي هٿ تاريخ جي جابر جي وجود کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندا.”
    وڌندڙ جهڙ هرطرف ڦهلجي انهن عڪسن مٿان بيٺو.
    ”انهن جو وجود وڍجي رهيو آهي“ مون رڙ ڪئي ”ڏس خون انهن جي جسمن مان رسجي هيٺ ڪرڻ وارو آهي“.
    ساميءَ مٿي نهاريو ته هن جو منهن آسمان مان ڪرندڙ بوندن ڪري آلو ٿي ويو، انهن عڪسن جو رت گاج ۽ طوفان ۾ هيٺ ڪرندو هرطرف ڦهلجي ويو. مان ۽ ساميءَ سنڌوءَ جي ڪناري تان ڊوڙي وڃي تيز هوا ۾ جهولندڙ گلمور جي وڻ هيٺان پناهه ورتي.


    مالهه ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جي ڏند ڪٿا

    ”ڪائنات جيڏي وسيع جهنگ ۾ هڪ دفعي ڪو شينهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڊڪائيندو ڀڄندو ٿي ويو، دهشت ۽ خوف کان ڀڄندڙ ماڻهوءَ جي گف ٿي ڳڙي ۽ هو پوئتي ڏسڻ کان سواءِ پنهنجو ڀرپور زور لڳائي ڄنگهن کي تيزيءَ سان حرڪت ڏيندو اڳتي ڀڄندو پئي ويو، ڪافي اڳتي ڊوڙڻ کان پوءِ ان ماڻهوءَ کي جڏهن لڪي جان بچائڻ لاءِ ٻي ڪا به جاءِ نظر نه آئي ته اهو ٽپو ڏئي هلندڙ کوهه جي مالهه ۾ وڃي چنبڙيو ۽ مالهه ۾ ٻڌل ڪينگرين سان گڏ گول ڦرندو رهيو، شينهن ٻي ڪا واٽ نه ڏسي اتي ئي کوهه جي ٻني تي چوڌاري ڦرڻ لڳو ۽ مالهه ۾ ٽنگيل انسان کي ڏسي ڏند ٻاهر ڪڍي زور سان گاجيون ڪرڻ لڳو. خوف جو ماريل ماڻهو مالهه جي رسيءَ ۾ ائين چنبڙي پيو جيئن ڪو بکايل ٻار ماءُ جي ڇاتيءَ کي چهٽي پوندو آهي. گهڻي دير گذرڻ کان پوءِ جڏهن شينهن کوهه جي ٻني تي ڦيرا ڏئي ٿڪجي پيو ته اتي ئي ويهي ڳاڙهيون اکيون ڪري ماڻهوءَ جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، جيئن هو ان کي کائي پنهنجي بک ماري سگهي پر جڏهن هيسيل ماڻهوءَ ڏٺو ته شينهن اتي ئي کوهه جي ڪناري تي ويهي رهيو آهي، سو هو به کوهه کان ٻاهر نڪرڻ جو خيال مٽائي اتي ئي مالهه ۾ ٽنگيو رهيو“.
    پوڙهي صوفيءَ ڳالهه شروع ڪئي ته ريڍار هڪ هڪ لفظ غور سان پئي ٻڌو ”پوءِ ڇا ٿيو صوفي“؟ ريڍار هن کي ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو.
    ”پوءِ.....“ صوفي ائين چئي کنگهي پنهنجي خشڪ ڳلي کي صاف ڪيو. ڪجهه پنڌ تي اڌ وهيءَ واري ان ريڍار جون رڍون چري رهيون هيون. هن صوفيءَ کان ڪجهه دير جي معافي ورتي ۽ هو ڊوڙندو انهن رڍن پويان ڀڄندو ويو. رڍون گهڻو پري پراڻي قبرستان جي کٻڙن ۾ وڃي نڪتيون هيون، گرميءَ جا ڏينهن هيا ۽ نٽهڻ اس ۾ هر شيءِ رجيل چانديءَ جيان پئي جرڪي. جيستائين ريڍار موٽي اچي، صوفي جيڪو بڙ جي ڇانو ۾ پلٿ ماريون ويٺو هيو ان پاڻيءَ مان ٺڪر جو پيالو ڀري وات تي چاڙهيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري ڏاڙهيءَ کي ڇنڊيو. اهو صوفي ڪيترن سالن کان اتي بڙ جي ڇانو ۾ ائين ويٺل نظر ايندو هيو، ڪن جو چوڻ هو اهو ڪنهن وڏي زميندار جو پٽ هو جنهن پنهنجي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سموري ملڪيت غريب ماڻهن ۾ ورهائي دنيا کي تياڳ ڪيو هيو، اهو ان ساڳيءَ جاءِ تي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو هيو. بڙ جي هيٺان ئي هڪ ڪکن ڪانن جي جهوپڙي هئي جنهن ۾ اهو پوڙهو صوفي رات جي وقت آرام ڪندو هيو نه ته باقي وقت هو ان بڙ جي ڇانو ۾ اکيون بند ڪري ڪن خيالن ۾ گم ويهي گذاريندو هيو. ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ٽن ويلن جي ماني ڏيندا هيا جنهن تي هن جو گذر سفر ٿيندو هيو. هن جا نه ته ڪي عقيدتمند هيا ۽ نه مريد، هو اڪيلائي پسند ۽ انهن سڀني ڳالهين کان دور هيو جيڪي هن جي خيالن جي پاڪيزگي ۾ رخنو وجهنديون هيون. وقت سان گڏ هن جي صرف ان ريڍار سان دوستي ٿي سگهي هئي جيڪو هن وانگر آبادين کان ڏور جهنگ ۾ جانورن سان زندگي گذارڻ جو عادي هيو. ريڍار ٿوري دير کان پوءِ موٽيو ته هو سهڪي رهيو هيو. گرمي ڪري هن جو سمورو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويو هيو. هن هيٺ نوڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڻي پيتو ۽ پوءِ صوفيءَ جي ڀرسان پنهنجي لٺ رکي ويهي رهيو.
    پري پري تائين گرميءَ ڪري ڌرتيءَ جي سيني مان ڄر پئي نڪتي جنهن ۾ هر شيءِ جا عڪس پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ پاڇي جيان پئي لڏيا، خاص ڪري قبرستان واري پاسي کان ٺوٺ سڪل کٻڙن جا وڻ هيبتناڪ شڪليون ٺاهي ڄڻ تيز سج ڏي نهاري رهيا هئا، اهي انساني هڏائن پڃرن جيان روز مرهه جي مختلف عملن جي صورت ۾ ڪجهه ڊوڙندي، ڪجهه ويهندي ۽ ڪجهه غمن ۽ ڪجهه خوشين جي تصوير بڻيا بيٺا هيا. انهن وڻن جي شاخن تي ويٺل ڳجهون اڃا به ڄڻ انهن جو ماس چٻاڙي رهيون هيون ۽ قبرون تيز گرميءَ ڪري ڌرتيءَ جي جسم تي پونءِ جي ڳوڙهن جيان اڀريل ٿي نظر آيون. هر شيءِ سنسان ۽ ويران ٿي نظر آئي، بي روح جسم جيان ساڪت ۽ بيمار جيان ڏٻري، رڍون انسانن جيان دربدر ڌرتيءَ جي رڻ تي رلي رهيون هيون ۽ اڌ وهيءَ جو ريڍار حسرت ۽ رحم جي نظرن سان انهن ڏانهن ڏسي رهيو هيو. صوفي چپ هيو ۽ ان جي چپ ڪنهن دردناڪ دانهن کان به طاقتور هئي، نيٺ ريڍار سانت کي ٽوڙيو. ”پوءِ ڇا ٿيو؟“. هن چيو.
    ”پوءِ ڪيئي سال گذري ويا ۽ شينهن ان کوهه جي ڪناري تي ويٺو رهيو“. صوفيءَ ڳالهه کي اڳتي چوريو ۽ ريڍار هن جي لفظن ۾ گم ٿي ويو. ”کوهه جي مالها ڦرندي رهي ۽ ماڻهو به ان سان گڏ هيٺ مٿي ٿي گول ڦرندو رهيو، پهريون ته اهو سڀ هن جي لاءِ تڪليف جو باعث هيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هن محسوس ڪيو جيئن هو گول ڦري نه رهيو آهي پر هڪ هنڌ ساڪت آهي. هن جو ڦرڻ صرف هڪ دوکو آهي جنهن جي ڪا به حيثيت نه آهي. حالانڪه مالهه ڦري رهي هئي ۽ ان جا چيڪاٽ پري پري تائين ٻڌجي رهيا هئا، پر ماڻهوءَ جا ڪن انهن آوازن سان ايڏا ته مانوس ٿي ويا جو اهي آواز پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا ۽ انهن جو ڪو به وجود نه رهيو، شينهن کي به ڪناري تي ويٺي ڪافي عرصو لنگهي ويو ۽ هن کي دنيا جي ڪا به حاجت محسوس نه ٿي. هو صرف مالهه ۾ ڦاٿل ان ماڻهوءَ کي ڏسندو رهيو جيڪو هن جو سڀ کان وڏو شڪار هيو ۽ ماڻهوءَ جي ٻاهر نڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هيو. ماڻهو جڏهن مالهه سان ٿورو گهڻو مانوس ٿي ويو ته هن کي بک محسوس ٿي، هن ڪنڌ مٿي ڪري کوهه کان ٻاهر نهاريو ته هن کي کوهه مٿان بيٺل ٽاريءَ جي وڻ ۾ هڪ وڏو ماکيءَ جو مانارو نظر آيو جيڪو ماکيءَ جي جهجهي هجڻ سبب ڪنهن ڍاول ماڻهوءَ جي پيٽ جيان ڦوڪيو بيٺو هيو، ٽاريءَ جون لامون ايتريون ته هيٺ لٽڪي رهيون هيون جو هن هٿ وڌائي انهن کي ڌونڌاڙيو ته ماناري مان هيٺ ماکيءَ جون ڪجهه بوندون ڇڻي هن جي وات ۾ اچي پيون، هن کي تمام گهڻي لذت محسوس ٿي ۽ خوش ٿيو. هو خوشيءَ مان مالهه جي نوڙين ۾ باندر جيان ٽپا ڏئي جهولڻ لڳو. هاڻي هن جو وقت آرام سان گذري رهيو هيو، هو ڪناري تي ويٺل شينهن کي به وساري ويٺو، هن جي ذهن مان هر شيءِ جو عڪس ڊهي ويو جنهن جو ماضيءَ ۾ هن سان تعلق هيو، هاڻي کوهه ۾ ڦرندڙ اها مالهه ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي، هن کي کائڻ لاءِ ماکيءَ جهڙي شيءِ ملي وئي جنهن کي هو ٿوري محنت ڪري ٽاريءَ جي لامن کي هٿن سان لوڏي هر وقت حاصل ڪري پئي سگهيو.
    ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو کوهه جي مالهه جون رسيون جيڪي هن جي ٻانهن جي ويڻي کان به ٿلهيون هيون ڪمزور پيون ٿينديون وڃن، هن مالهه جي رسين ۾ جڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي، هن ڏٺو ته هڪ نوريئڙو آهي جيڪو آهستي آهستي مالهه جي رسين جي تاندورن کي پنهنجي سنهن ڏندن سان ويٺو ڪتري، هن رڙ ڪري ان نوريئڙي کي ائين ڪرڻ کان هڪل ڪئي، هن مختلف آواز ڪڍي ان کي ائين ڪرڻ کان روڪيو پر نوريئڙي هن ڏي ڏٺو به ڪو نه، اهو پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو، مالهه جي رسيءَ جي هڪ هڪ تند ان جي سنهن ڏندن هيٺان اچي ڪتربي رهي، نوريئڙو ان ماڻهوءَ کان ايترو به پري نه هيو جو هو ان کي پهچي نه سگهي، پر ڪنهن اڻ ڄاتل توانائي کان هو اهو سڀ نه ڪري سگهيو، هن جي دل چاهيو ته هو اڳتي وڌي ان نوريئڙي کي پڇ کان وٺي ٻاهر ڦٽي ڪري پر هو اهو سڀ نه ڪري سگهيو ۽ هن جي کوهه جي مالهه جي رسيءَ جون تندون هڪ هڪ ٿي ڪتربيون رهيون، اهو ماڻهو پنهنجي انجام کان واقف ٿي ويو، هو ڄاڻڻ لڳو ته ان کوهه جي مالهه ۾ هن جي حياتي ڪجهه سالن جي مهمان آهي، رسيون ڪيتريون به ٿلهيون ڇو نه هجن پر آخر هڪ ڏينهن اهو نوريئڙو پنهنجو ڪم پورو ڪندو ۽ پوءِ هو ڇڳل مالهه جي رسين سان گڏ کوهه جي تري ۾ پاڻيءَ اندر غرق ٿي ويندو، اهو سوچي هن هيٺ کوهه جي پاڻيءَ ۾ نهاريو ته هن کي ڪا شيءِ هيٺ تمام هيٺ پاڻي جي گهرائي ۾ ترندي نظر آئي. ”اوهه خدا..“ هن جي وات مان خود بخود نڪري ويو، هن ڏٺو هڪ وڏو ارڙ نانگ پنهنجو وات کولي هيٺ پاڻيءَ ۾ ستو پيو آهي، هو پنهنجي وهشتناڪ انجام تي سوچي ڏڪي ويو، هن جو انگ انگ اڀو ٿي ويو، سڪون ۽ قرار ختم ٿي ويو، هو رسين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽپا کائي ڪڏهن نوريئڙي ڏي ڏسندو رهيو ته ڪڏهن هيٺ گهري پاڻيءَ ۾ ارڙ نانگ جي کليل وات طرف جنهن ۾ هن جو پورو وجود آسانيءَ سان سمائجي پئي سگهيو.
    اهو سڀ ڪجهه هوندي به هو ان کوهه جي مالهه سان ايترو ته دل کي لڳائي ويٺو جو هن جو دماغ سڀ ڪجهه محسوس ڪندي به اتي رهڻ لاءِ آماده هيو، هن کي ماکيءَ جو ذائقو ايترو ته پسند اچي ويو هيو جو هو ڪنهن به صورت ۾ ان تان هٿ کڻڻ نه پيو چاهي هن سوچيو مالهه جي رسي ايتري ته ٿلهي آهي جو ان کي ٽڪيندي ٽڪيندي نوريئڙي جا ڏند ڀڄي پوندا ۽ اهو وقت ڪڏهن به نه ايندو جو هو ان ارڙ نانگ جي وات ۾ ڪري ان جو کاڄ ٿي سگهندو، پوءِ هن هيٺ ڪنڌ ڪري ان ارڙ نانگ تي ٺٺولي ڪئي ”اڙي بند ڪر پنهنجو وات مردود... مان ان ۾ ڪڏهن به نه ڪرندس“ هن رڙ ڪري ارڙ نانگ کي چيو، ارڙ نانگ اکيون بند ڪيون هيٺ گهري پاڻيءَ ۾ وات کوليو سمهيو پيو هيو، ان کي هن جا آواز ٻڌڻ ۾ نه آيا ۽ هن جي نظر جڏهن به ان نانگ تي پوندي هئي ته هو رڙيون ڪري ان کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چوندو هيو پر ارڙ نانگ پٿر جي بي جان بت جيان هڪ هنڌ ڪنهن به حرڪت کان سواءِ وات کوليون پيو هوندو هيو، ماڻهو ڪڏهن هشڪر ڏئي نوريئڙي کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر نوريئڙو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مست هوندو هو جو ان کي هن ماڻهوءَ ڏانهن ڏسڻ جي فرصت به مشۡڪل سان ملندي هئي، ماڻهو ڪڏهن بيزار ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن تمام گهڻي خوشيءَ مان ابتيون سبتيون قلابازيون کائي مالهه جي رسين ۾ پيو جهوليندو هيو ۽ ائين ان جو صبح شام گذرندو رهيو.
    ڪڏهن ماڻهوءَ جي دل چوندي هئي ته هو ٽپو کائي کوهه مان ٻاهر نڪري ڀڄي وڃي پر ڪناري تي جڏهن هن جي نظر شينهن تي پوندي هئي ته هو هيسجي ويندو هيو، شينهن ساڳي طاقت ۽ توانائي سان ڪناري تي اکيون ڳاڙهيون ڪيو ويٺو هوندو هيو ۽ ڪڏهن بيزار ٿي کوهه جي ٻني تي گول چڪر هڻي وري اچي پنهنجي جاءِ تي ويهندو هيو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان ان ماڻهوءَ ڏي ڏسي وڏيون گاجيون ڪري پيو هر شيءِ کي ڏڪائيندو هيو. شينهن جي ڄڻ هاڻي اها روزمره جي زندگي ٿي وئي هئي. هو ان ماڻهوءَ کان سواءِ ڪنهن به شيءِ کي پسند نه پيو ڪري ۽ صرف ان جو ئي شڪار ڪري هو سرخرو ٿيڻ پيو چاهي پوءِ چاهي ان عمل ۾ هن جا ڪيترا سال يا صديون ڇو نه لڳي وڃن، ماڻهو ڪڏهن پريشان ٿي شينهن سان اکيون اکين ۾ ملائي ان کي گاريون ڏيندو هيو ۽ شينهن ڪناري تي بيهي گاج ڪري هن کي پري کان چنبو اولاريندو هيو. کوهه جي مالهه شينهن جي پهچ کان پري هئي هن جي وس ۾ اها ڳالهه نه هئي ته هو ماڻهوءَ وانگر ٽپو کائي ان کاهيءَ کي پار ڪري وڃي ان مالهه جي رسين ۾ چنبڙي، ماڻهو ڪڏهن ماکي کائي خوشيءَ مان ڪاوڙيل شينهن کي پيو چيڙائيندو هيو ۽ ڪڏهن قلابازيون کائي نوريئڙي تي نظر پوڻ سان اداس ٿي ويندو هيو ۽ پوءِ هيٺ کوهه جي گهري پاڻيءَ ۾ ارڙ نانگ کي ڏسي روئي پوندو هيو. ڪڏهن هو خوش هوندي اهڙو ته سريلو آواز ڪڍي ڳائڻ شروع ڪندو هيو جو کوهه جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿي جلترنگ وڄائڻ لڳنديون هيون ۽ ڪڏهن درد جي ڪري اهڙيون دانهون ڪندو هيو جو ڳوڙها هن جي اکين مان ٽمي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪري درد جو ساز وڄائيندا هيا.”
    گهڻي ڳالهائڻ ڪري صوفيءَ جو وات خشڪ ٿي ويو هيو. هن گرمي ۽ اڃ کي اجهائڻ لاءِ ٺڪر جو پيالو پاڻيءَ سان ڀري منهن تي چاڙهيو، ريڍار خاموشيءَ سان ٽڪ ٻڌي صوفيءَ ڏي نهاري رهيو هيو ۽ شدت سان انتظار ڪري رهيو هيو ته صوفي اڳتي ڳالهه شروع ڪري، صوفيءَ پاڻي پي ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ اکيون بند ڪري ڪجهه دير لاءِ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو، هن ڪجهه گهرا ساهه کنيا جيئن هو گهڻو هلڻ ڪري سهڪي پيو هجي، جڏهن هن ڪجهه آرام محسوس ڪيو ته پوءِ اکيون کولي ريڍار ڏي نهاريو، ريڍار هن ڏانهن تجسس ۽ حيرت مان نهاري رهيو هو.
    ”ها صوفي پوءِ ان ماڻهوءَ جو انجام ڇا ٿيو؟“ ريڍار هن کان پڇيو.
    ”پوءِ“ صوفي گهري سوچ ۾ موٽندي چيو. ”ماڻهوءَ جي ان سهاري جنهن تي ان جي حياتي منحصر هئي، اها مالهه هڪ هڪ تاندورو ٿي ٽڪجندي رهي ۽ هيٺ هن جي ڪرڻ کان پوءِ ارڙ نانگ جو وات هن جي هڙپ ٿيندڙ وجود جو انتظار ڪندو رهيو. ماڻهو پنهنجي ابتدا ۽ انتها کي ڄاڻيندي به خوش ۽ مزي سان حياتي گهاريندو رهيو، وقت سان گڏ هن جا روپ بدلجندا رهيا، هو ڪڏهن پاڻ کي عاشق سڏائڻ لڳو ته ڪڏهن محبوب، ڪڏهن هاري ٿي ويو ته ڪڏهن زميندار، ڪڏهن ظالم ٿي ويو ته ڪڏهن مظلوم، مالهه ۾ ڦاٿل هن جو وجود مختلف روپ ڌاري هن جي اڳيان ايندو رهيو، هو ڪڏهن ڌاڙيل جي روپ ۾ اچڻ لڳو ته ڪڏهن ڀاڳي جي روپ ۾، هو ڪڏهن وڏو عالم ۽ سخي ٿئي ٿي ويو ته ڪڏهن جابر ۽ مغرور، ڪڏهن عام انسان جي روپ ۾ ٿي نظر آيو ته ڪڏهن ولي ۽ پيغمبر جي روپ ۾، ڪڏهن حڪمران ته ڪڏهن محڪوم، ڪڏهن آقا ته ڪڏهن غلام. ڪڏهن عظيم قائد رهيو ته ڪڏهن غدار ۽ بزدل. ڪڏهن سخي ۽ بزرگ ته ڪڏهن ڪنجوس ۽ حاسد، ڪڏهن بيمار ته ڪڏهن تندرست، ڪڏهن سرمائيدار ته ڪڏهن مزدور ۽ محنت ڪش. هو زندگيءَ جا مختلف روپ کڻي ان مالهه تي چنبڙي حياتيءَ جا ڏينهن گذاريندو رهيو، مختلف روپن ۾ هوندي به اهو ئي مالهه ۾ ٽنگيل ماڻهو جنهن جي مٿان رسيءَ کي ٽڪيندڙ نوريئڙو ويٺو هيو ۽ هيٺ وات ڦاڙي هن جي وجود جو انتظار ڪندڙ ارڙ نانگ.
    ڪيئي سال لنگهي ويا ماڻهوءَ جي حياتي ان چرخي سان چرندي رهي، هن وقت سان گڏ محسوس ڪيو، هن جي عضون ۾ هاڻي اها شڪتي ۽ توانائي نه رهي آهي جيڪا هو پهريون محسوس ڪندو هيو، مالهه جي واڍ ۾ لڙڪندي لڙڪندي هن جي جسم جي چمڙي ڍلي ٿي وئي هئي ۽ هٿ سخت، ٿڪاوٽ کان هن جو ڪرنگهو هيٺ جهڪي ويو هيو ۽ هن جو سنڌ سنڌ سور کان ڀڄي رهيو هيو، هن جو هر عضوو ڏڪي رهيو هيو، هن جي جسم کي هاڻي ان ماکيءَ جي به گهڻي ضرورت نه رهي هئي جيڪا پهريون جيان پنهنجي ڀرپور مقدار ۾ هن مٿان لڙڪي رهي هئي، هن کي هاڻي گهڻي بک محسوس نه ٿيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ٻانهن مٿي ڪري ان ٽاريءَ جي لامن کي لوڏي ماکي حاصل ڪرڻ ۾ هن کي تڪليف محسوس ٿيندي هئي، سور ۽ درد کان هن جو ڏيل ڏٻرو ٿي ويو، اکين جي روشني پهريون کان گهٽجي وئي، هو ڪنڌ مٿي ڪري ڪڏهن ان نوريئڙي کي نهاريندو هيو ۽ محسوس ڪندو هيو ته نوريئڙو پنهنجو گهڻو ڪم ڪري ويو آهي، ٻانهن جي ويڻي جيڏي ٿلهي رسيءَ جون باقي ڪي ڪجهه تندون وڃي بچيون آهن جن تي هن جو وجود لڙڪي رهيو آهي ۽ جڏهن هو ڪنڌ ورائي هيٺ ڏسندو هيو ته ارڙ نانگ جيڪو هن کي پهريون پٿر جيان ساڪت نظر ايندو هو اهو هاڻي اکيون ڦاڙي پڇ لوڏي وڏو وات ڦاڙي هن جي هيٺ ڪرڻ جو انتظار ڪندو نظر ايندو هيو. جڏهن هو شدت سان ان ڳالهه کي محسوس ڪندو هيو ته هاڻي هن جي موت ۾ ڪي گهڙيون وڃي بچيون آهن ته هو تيز آواز ۾ خدا کي ياد ڪري ان کي مدد لاءِ پڪاريندو هيو. ”اي خدا تون هن ارڙ نانگ جي چنبي کان بچاءِ، تون پنهنجو رحم ڪر ۽ هن تڪليف کان پناهه ڏئي“. هو ڍاڍيون ڪري خدا کان پنهنجي حياتي ۽ مصيبت کان دور رهڻ جون دعائون گهرندو رهيو. هن جي دردناڪ رڙين تي کوهه جي ڪناري تي ويٺل شينهن به ڪڏهن گهٻرائجي هيجسي ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجن چنبن تي منهن رکي اکيون بند ڪري ڇڏيندو هو. آخر اهڙو وقت به آيو جو نوريئڙي پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، ان مالهه جي رسيءَ جي ڇڏڻ سان ماڻهوءَ جي هڪ اڀ ڏاريندڙ رڙ پيدا ٿي، پوءِ کوهه جي پاڻيءَ ۾ هڪ ڇٻڙڪو ٿيو، ارڙ نانگ پڇ لوڏي پنهنجو وڏو وات کڻي بند ڪيو ۽ پوءِ هرطرف خاموشي ڇائنجي وئي“.
    صوفيءَ ڳالهه ختم ڪري ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ ريڍار ڏي نهاريو، ريڍار اڃا به هن ڏانهن اکيون کڻي حيرت ۽ عجب مان نهاري رهيو هيو.
    ”پر اهو ماڻهو ڪير هيو؟“ ريڍار سوال ڪيو.
    ”اها هڪ راز جي ڳالهه آهي، آئون توکي اهو راز نه ٻڌائيندس، ڇو جو آئون سمجهان ٿو ته ٿوري سوچڻ کان پوءِ ان راز کان وقف ٿي ويندين ۽ اها ڳالهه تنهنجي لاءِ نئين نه رهندي“. صوفيءَ چيو، شام ٿي چڪي هئي ۽ سج لڙي چڪو هيو، صوفي پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ آهستي آهستي قدم کڻندو بستيءَ واري پيچري کي لتاڙيندو اوڏانهن وڌڻ لڳو.
    (مرڪزي خيال ورتل)


    ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي

    سج تۡخليق ٿيو ته ان جي پهرين ڪرڻن سان گڏ ٻه ٽهڪ سفر ڪندا اچي ٻرندڙ ڌرتي تي ڪريا. اهي ان ڌرتي جي هر شي ۾ سمائجي ويا. هوائن ۾، پاڻي ، پهاڙن ، سرسبز ميدانن ۽ ريگستانن بيابانن ۾ اهي ٽهڪ جن ۾ هڪ ٿلهي آواز وارو هيو هڪ سنهي آواز وارو اهي ڌرتي جي هر حصي ۾ گونجندا رهيا . سج ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي وجود ورتل ڪائنات جي ڌرتي وارو حصو ، جنهن جي تهن مان ٻاڦ ۽ دونهون سدائين ڪنهن وسري ويل خواب جيان پيو مٿي بلند ٿيندو هيو ، هر طرف هڪ گرم ڪوهيڙو هيو جنهن مان اهي ٻه ٽهڪ اڏامندا هڪ طرف کان ٻئي طرف ڏانهن پئي هليا ويا، نظر نه ايندڙ ٽهڪ جن کي نه ڳلو هيو، نه زبان، نه ڏند ۽ چپ، بس اهي هيا جن سان ڌرتي ڏاڍي امن ڀري ۽ شانت ٿي ڏٺي، اهي ٽهڪ ڪڏهن ڪنهن پهاڙ تان ٻڌڻ ۾ ايندا هيا ته ڪڏهن اڏامندا ڪنهن ريگستان طرف هليا ويندا هيا، ڪڏهن وقت سان گڏ ٿڌي ٿيل برف جي تهن ۾ موجود هوندا هئا ته ڪڏهن ڌرتيءَ جي ڪنهن وهندڙ درياهه جي ڪپ تي رڻ هيٺان ٻڌبا هيا، اهي ٽهڪ ئي هيا جن جي سهاري ڌرتي تيزيءَ سان سرسبز ۽ شاداب ٿيندي وئي، ان جي باهه ٿڌي ٿيندي وئي ٻرندڙ جبل اجهامندا ويا، زلزلن ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ ڌرتيءَ جي سونهن ۾ اضافو ٿيندو ويو، گندگي صاف ٿيندي وئي ۽ ان جي ماحول ۾ خوشگوار تبديلي ايندي وئي، ڌرتي جي چوگرد اوزون تهه گهري ۽ گهاٽي ٿيندي وئي جيئن اهي ٻه ٽهڪ اتي هميشه لاءِ قيد ٿي وڃن ۽ ڪائنات جي ٻئي حصي ڏانهن منتقل نه ٿين. اهي ٽهڪ جيڪي خوشين، امن ۽ محبت جي صورت ۾ پيا ڌرتيءَ جي ان واديءَ ۾ ڊوڙون پائيندا هيا، تن کي ڪئي سال لنگهي ويا، اهي ائين ئي موجود رهيا، ڪنهن به وجود کان سواءِ اهي پنهنجو احساس ڏياري ڌرتيءَ کي خوشحالي ۽ امن ڏانهن وٺي ويندا هئا، سوين سالن جي سفر ۾ نه ئي اهي ٽهڪ مئا ۽ نه ئي مري جيئرا ٿيا، اهي ڄڻ ڌرتيءَ جو حصو بنجي ويا.
    هڪ ڏينهن اهي ٻئي ٽهڪ جن مان هڪ سمنڊ جي گاج جيان ٿلهو ۽ پروقار هيو ۽ ٻيو گلاب جي ڏانڊين سان صبح جي گسندڙ هير ڪري پيدا ٿيندڙ نرم ۽ نازڪ آوازن جهڙو هيو، سي ڪنهن پهاڙ جي دامن ۾ گونجي رهيا هيا ته اوچتو ڪاري لباس ۾ ملبوس هڪ سڙيل گوشت وارو جسم اچي انهن اڳيان نروار ٿيو، ان جي هڪ هٿ ۾ بديءَ جي عصا هئي ۽ ٻيو هٿ خالي هيو جنهن سان هن مختلف اشارا ڪري ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، اهو ائين هيو جيئن رات ويندي ويندي پنهنجي ڪارنهن جو ٽڪرو وساري وئي هجي، ان جي سڙيل چمڙي ۽ ڪاري لباس ۾ ڪو به فرق نه هيو، چمڙي ڪٿان ٿي شروع ٿي ۽ لباس جسم جي ڪهڙي حصي کي ڍڪيون بيٺو هيو ان جي ڪا به حد مقرر نه پئي ڪري سگهجي. ان جو جسم تپيل پهاڙ وانگر ٿي ڏٺو جنهن جي مٿي ۽ جسم مان ڄر پئي نڪرندي هجي ان ڳالهايو ته ان جي وات مان باهه نڪتي.
    ”توهان خوش آهيو..... تمام خوش“ ان ٻنهي ٽهڪن کي چيو، ”آءُ چاهيان ٿو ته توهان جي خوشين ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ڪريان“.
    پهريون اهي ٻئي ٽهڪ چپ ٿي ويا جيئن ڊڄي ويا هجن پر ان سڙيل چمڙيءَ واري جڏهن ڏاڍي پيار مان انهن کي سمجهايو ته انهن ٽهڪن جو آواز موٽي آيو.
    ”آئون توهان جو دوست آهيان، مون کان توهان کي ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، مان به توهان جيان هن واديءَ ۾ آيو هوس، توهان جيان منهنجو به ڪو وجود نه هيو، هيءُ سڙيل جسم نه هيو، زبان، اکيون، ڪن ۽ جسم جا ٻيا عضوا نه هيا، توهان جيان هڪ آواز هوس، ٽهڪ نه هوس هڪ سڏڪو هوس، جيڪو ڌرتيءَ جي هن واديءَ ۾ پيو سڏڪندو هيو، هڪ ڏينهن باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته منهنجو وجود ظاهر ٿي پيو، منهن جا عضوا وجود ۾ اچي ويا ۽ سڙيل چمڙيءَ وارو هڪ جسم ٿي پيس“.
    ٽهڪ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا رهيا، اهي ڪڏهن گونجندا رهيا ته ڪڏهن چپ رهيا. سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو رهيو ”مان چاهيان ٿو ته توهان سان دوستي ڪري توهان کي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايان جيڪا توهان لاءِ بيحد فائدي واري آهي“. ٽهڪ چپ ٿي ويا جيئن اهي هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ راضي ٿي ويا هجن.
    ”مان چاهيان ٿو ته توهان هن ڌرتيءَ جي لذت جو فائدو وٺي سگهو“ سڙيل چمڙيءَ واري ڳالهايو ”هي جيڪي ٿڌي پاڻي جا آبشار آهن، وڻن ۾ لڙڪندڙ ميوا ۽ زمين ۾ ٿيندڙ سبزيون، ڪڻڪ جا داڻا ۽ مختلف اناج آهن، هي جيڪي ڪپهه، سون ۽ معدنيات جون کاڻيون آهن، هيرا ۽ جواهرات آهن، چاهيان ٿو اهي سڀ توهان جي ڪم اچي سگهن، توهان انهن کي استعمال ڪري وڌيڪ سکي رهي سگهو“.
    ٽهڪ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندا رهيا ۽ بلڪل چپ ٿي ويا.
    ”اهي سڀ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي هڪ ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن مان هڪ سڏڪو هوس ۽ باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي هڪ جسم ٿي پيس، تيئن توهان ٻنهي کي مٽيءَ جي ڌٻڻ ۾ وهنجڻو پوندو، توهان جا جسم به ظاهر ٿي پوندا“.
    خاموش ٽهڪن جيئن هن جي ڳالهه تي ڪجهه چوڻ چاهيو هجي جنهن کي سڙيل چمڙيءَ وارو سمجهي ويو.
    ”نه مون جهڙا سڙيل ۽ بدصورت جسم نه، پر اهي خوبصورت ۽ وڻندڙ جسم ٿي پوندا جن تي باهه جو ڪو به داغ نه هوندو“.
    ٽهڪ ان ڏينهن کان پوءِ چپ رهيا جيئن اهي ڪجهه سوچيندا هجن، سڙيل چمڙيءَ وارو روز انهن وٽ پهچي ويندو هيو ۽ سمجهائي پنهنجي عصاتي سوار ٿي اڏامي هليو ويندو هيو، ٿورا ڏينهن گذريا ته اهي ٻئي ٽهڪ ان ڳالهه تي راضي ٿي ويا ته هو مٽيءَ جي ڌٻڻ ۾ ضرور وهنجندا. هڪ ڏينهن سڙيل چمڙيءَ وارو انهن کي ڌرتي جي اهڙي حصي وٽ وٺي ويو جتي پاڻيءَ جو هڪ ميرو تلاءُ هيو جنهن ۾ ان پنهنجي عصا گهمائي ته ان ۾ چيڪي مٽي حل ٿي وئي، اهو هڪ ڌٻڻ جهڙو ٿي پيو، جنهن کان پوءِ هن انهن کي هٿ جي اشاري سان ان ۾ گهرڻ لاءِ چيو، ٻئي خاموش ٽهڪ ان ۾ اندر لهي ويا ۽ جڏهن ٽٻي هڻي مٿي اڀريا ته اهي انسان ٿي پيا، هڪ ڪاري چمڙيءَ وارو مرد ۽ ٻئي اڇي ڀوري چمڙيءَ واري عورت، انهن جا سڀ عضوا وجود ۾ اچي ويا، انهن جون زبانون ٺهي پيون، اهي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سنگهڻ لڳا، جڏهن اهي ڌٻڻ مان وهنجي ٻاهر نڪتا ته انهن کي بک محسوس ٿي، انهن وڻن مان لڙڪندڙ ميوا کائي جڏهن ڍئو ڪيو ته انهن کي اڃ محسوس ٿي، انهن وهندڙ آبشارن جو ٿڌو پاڻي پئي جڏهن هڪٻئي کي نهاريو ته ڏاڍا خوش ٿيا، ٻه اگهاڙا جسم جن کي پنهنجي عريانيت جو ڪو به احساس نه هيو، اهي اهڙائي پاڪ هيا جهڙا پهريون ٽهڪن جي صورت ۾ هيا، انهن ويجهو اچي هڪٻئي کي ڇهي ڏٺو، انهن کي پهريون ته يقين ئي نه ٿي آيو ته اهي واقعي ظاهر ٿي پيا آهن، مٽيءَ جو رنگ انهن جي نظر نه ايندڙ وجود تي چڙهي ظاهر ٿي پيو آهي پر پوءِ جڏهن انهن هڪٻئي کي ڇهي محسوس ڪيو ته انهن کي پنهنجي ظاهر ٿيڻ جو يقين اچي ويو، اهي به ڌرتيءَ جي هر ظاهر نظر ايندڙ شيءِ وانگر ٿي پيا، اهي گهميا پئي ته انهن جي پٺيان پاڇا پئي ٺهيا، اهي پاڻيءَ ۾ ٿي گهريا ته اوتري مقدار ۾ پاڻي هٽي ٿي ويو، انهن ساهه ٿي کنيو، سرديءَ گرميءَ کي ٿي محسوس ڪيو، طوفانن ۽ زلزلن کان انهن کي خوف ٿي ٿيو، مينهن ۽ تيز اس انهن لاءِ هڪ مسئلو بنجي پئي، جتي انهن جي وجود وٺندڙ جسمن کي ڪي فائدا پهتا اتي انهن لاءِ ڪجهه مسئلا به پيدا ٿي پيا. آخر هڪ ڏينهن انهن واديءَ ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي تيز آواز ۾ ان سڙيل چمڙيءَ واري کي پڪارڻ شروع ڪيو، پر سڙيل چمڙيءَ وارو ظاهر نه ٿيو. اهي ٻئي وجود ۾ ايندڙ ٽهڪ طوفانن، زلزلن، مينهن ۽ تيز اس جو مقابلو ڪندا جيئندا رهيا. آخر مجبور ٿي انهن پهاڙ جي دامن ۾ هڪ غار اندر دنيا جو پهريون گهر ٺاهيو، جتي اهي ٻئي رهڻ لڳا ۽ پاڻ کي جيئري رکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا، مرد غار کان پري پري تائين وڃي شڪار ڪيو ۽ عورت زمين کيڙي ان ۾ اناج اپايو، انهن جي زندگي جو اهو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڏينهن عورت غار ۾ اڪيلي هئي ته سڙيل چمڙيءَ وارو اچي ان اڳيان ظاهر ٿيو، عورت جنهن جو منهن پهريون کان ڪافي مرجهائجي ملول ٿي ويو هيو، اها ان سڙيل چمڙيءَ واري کي سامهون ڏسي روئڻهارڪي ٿي پئي ”او سڙيل چمڙيءَ وارا تون ڪٿي هئين؟“ عورت ان کي چيو، ڇا تون اسان جا سڏ نه ٻڌا؟ ڇا تو کي ٻڌڻ جي سگهه نه آهي؟ يا تون اسان جي ٻولي نه پيو سمجهين؟“ سڙيل چمڙيءَ وارو ٽهڪ ڏئي کليو.
    ”مان سڀ ڏسان ۽ ٻڌان پيو“. ان چيو ”دراصل توهان جو امتحان وٺي رهيو هوس. ڏسي رهيو هوس ته توهان حاصل ڪيل زندگيءَ کي ڪهڙي نموني ٿا گهاريو، پر عورت تون مون کي سخت مايوس ڪيو“ ان پنهنجي عصا سان هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”تون جيڪا بي انتها خوبصورت ۽ ڀوري چمڙيءَ واري آهين، سا هڪ وحشي، ڪاري چمڙي ۽ ٿلهن چپن واري مرد سان زندگي ڪيئن گذاري رهي آهين؟ ڇا تون ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾ ماٺي پاڻي مٿان بيهي ان ۾ پنهنجو عڪس ڏٺو آهي؟ ڇا تون ڪڏهن پنهنجي گلابي چپن کي ڇهي انهن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي آهي؟ ڇا تون پنهنجي سونهري وارن ۾ شام جو سج لهندي ڏٺو آهي؟ تون ڪيڏي نه نازڪ ۽ ملائم آهين، صبح جي ماڪ جيان تازي شاداب آهين، تنهنجي گوري چمڙيءَ مان ئي ته سياري جو پهاڙن مٿان ڪرندڙ اڇي برف جنم ورتو آهي، چانڊوڪي تنهنجي وجود جوئي ته پاڇو آهي، تون ايڏي حسين هوندي ان ڪاري چمڙي واري کي ڪيئن برداشت ڪري رهي آهين، جنهن جي جسم ۾ غلاظت ۽ بدبوءِ آهي، ان جي کهري چمڙيءَ ۾ نفرت جهڙي ڪاراڻ ڀريل آهي، آخر تون ان سان حياتيءَ جا ڏينهن ڪيئن گذاري رهي آهين“. عورت سڙيل چمڙيءَ واري جي ڳالهين تي حيران رهجي وئي.
    ”اهو ڪيئن ممڪن آهي“. ان چيو ”مان ان کان سواءِ جيئڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان“. سڙيل چمڙي واري کي ٿوري مايوسي ٿي.
    ”ته پوءِ مان وڃي رهيو آهيان“ سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”جڏهن توکي منهنجي ضرورت پوي ته ضرور ياد ڪجان“.
    ان کان پوءِ هو پنهنجي عصا تي سوار ٿي اڏامندو هليو ويو ۽ عورت سوچيندي رهجي وئي.
    شام ٿي ته مرد هڪ جانور کي شڪار ڪري غار ۾ کڻي آيو، انهن گڏجي پٿر جي اوزارن سان ان جي ماس کي وڍي باهه ۾ پچايو ۽ گڏجي کاڌو، رات گهري ٿي ته مرد عورت جي ويجهو آيو عورت کي پهريون دفعو ان جي وجود مان بوءِ آئي، ان جي اگهاڙي جسم کان شرم محسوس ٿيو، عورت منهن پري ڪري بيهي رهي، مرد هن جي اها حالت ڏسي پريشان ٿي ويو، هن عورت ڏانهن حيرت ڀريل نظرن سان ڏسندي ڪجهه پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي پنهنجي پاسي ۾ ويهارڻ لاءِ جڏهن ان جي ٻانهن کي جهليو ته اها ٻانهن ڇڏائي ٻئي پاسي ڏانهن هلي وئي، مرد اها سموري رات جاڳندي گذاري.
    صبح ٿيو ته عورت پهريون دفعو ماٺي پاڻيءَ جي چشمي تي وڃي ان ۾ پاڻ کي نهاريو، صبح جي ڪوهيڙي ۾ ان جو منهن جهڙ ۾ لڪندڙ ۽ ظاهر ٿيندڙ چنڊ جهڙو هيو، هن هٿ هڻي پنهنجن وارن کي ڇنڊيو ته انهن جون تارون سون جيان جرڪي پيون، هن پنهنجي هر انگ ۽ گوري چمڙيءَ کي ڇهي محسوس ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي جسم جي اگهاڙن نازڪ حصن کي نرم پنن ۽ ڪکن سان ويڙهي لڪائي ڇڏيو، مرد جي ڪاري چمڙي هن کي وجود ۾ ڪنڊن جيان چڀندي محسوس ٿي.
    ان ڏينهن کان پوءِ مرد محسوس ڪيو ته عورت ۾ ڪجهه تبديلي اچي وئي آهي، اها هن سان سنئين منهن سان ڳالهائڻ کان لنوائي رهي آهي. هن کان پري پري رهڻ لڳي آهي، ان ۾ هن لاءِ موجود گرمجوشي ٿڌي ٿي وئي آهي. مرد ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ اداس رهڻ لڳو، هوصبح جو شڪار جي ڳولا ۾ نڪري ويندو هيو ۽ سڄو ڏينهن پريشاني ۽ ڏک جي حالت ۾ گهمندو رهندو هيو. هڪ ڏينهن جڏهن هو اهڙي ئي حالت ۾ نديءَ جي ڪناري ويٺو سوچي رهيو هو ته سڙيل چمڙيءَ وارو اچي ظاهر ٿيو ۽ هن جي حالت تي ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
    ”بيوقوف مرد“. ان سڙيل چمڙيءَ واري چيو ”آخر هڪ ڪمزور عورت توکي اداس ڪري ڇڏيو، هڪ نرم گوشت ۽ هيڻن هڏن جي مٺ، جنهن کي تون پنهنجي پير جي مضبوط کڙي سان چيڀاٽي مهٽي سگهين ٿو. آخر اها تنهنجي طاقت تي غالب اچي وئي، هڪ ڪمزور جسم واري عورت جيڪا توسان ڳالهائڻ به پسند نه ٿي ڪري، آخر تون ان کي ڪيئن برداشت ڪري رهيو آهين؟ ڇا تون ڪڏهن پنهنجن مضبوط ٻانهن ۽ طاقت ور جسم کي ڏٺو آهي. ڇا تون ڪڏهن پنهنجي سگهه محسوس ڪئي آهي، تون چاهين ته پنهنجي طاقت وسيلي صرف حڪم ڪري سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهين ٿو، تنهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ ناممڪن آهي، آخر هن اداسي ۽ غمگينيءَ جو ڪهڙو سبب آهي، توکي پنهنجي سگهه استعمال ڪري، ان عورت کي زير ڪرڻو پوندو“.
    سڙيل چمڙيءَ وارو ڳالهائيندو ويو ۽ مرد هن جي هر ڳالهه غور سان ٻڌندو ويو.
    ”طاقت سان نفرت کي محبت ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي“. مرد ان کي چيو ”مان چاهيان ٿو هن جي دل ۾ مون لاءِ سچي محبت هجي“.
    مرد جي ڳالهه تي سڙيل چمڙيءَ وارو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو جنهن کان واديءَ ۾ پڙاڏا پيدا ٿيا جيئن هر شيءِ هن سان گڏ ٽهڪ ڏيندي هجي.
    ”اهو ناممڪن آهي ته اها عورت توسان سچي محبت ڪري سگهي“. سڙيل چمڙي واري چيو، “ڇا تون ڪڏهن پنهنجي بدصورتي کي محسوس ڪيو آهي، پنهنجي ڪاري چمڙي تي نظر ڦيرائي ان کي ڏٺو آهي، پنهنجن ٿلهن چپن ۽ بي ڍولي منهن کي جاچيو آهي، آخر تو ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو اها عورت توسان پنهنجي پيار کي جاري رکي سگهي، تنهنجي چڱائي ان ۾ آهي ته تون پنهنجي طاقت جو فائدو وٺ. ان کي استعمال ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ جو آغاز ڪر يا ٻئي صورت ۾ ان عورت کان الڳ ٿي وڃ“.
    سڙيل چمڙيءَ واري چيو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندو پريشان مرد کي پنهنجي حال تي ڇڏي عصاتي چڙهي اڏامندو هليو ويو.
    مرد غار ۾ موٽيو ته عورت جيڪا هن جو انتظار ڪندي هئي، اها اتي موجود نه هئي، هن نظر ڦيرائي واديءَ ۾ نهاريو ته اها هن کي مٺي پاڻيءَ جي چشمي وٽ پنهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائي انهن کي سنواريندي نظر آئي. هو اڳتي وڌيو ۽ اچي ان مٿان بيٺو، عورت هن ڏانهن نهارڻ کان سواءِ پنهنجي ڪار ۾ مشغول رهي، هن هر هر پاڻيءَ ۾ نهاري ٿي پاڻ کي ڏٺو ۽ مرد جو عڪس ان ۾ نظر اچڻ جي باوجود نه ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ ڦيرايو، مرد هيٺ جهڪي هن کي ٻانهن کان ورتو ۽ عورت اهي سٽ ڏئي ڇڏائي پري هٽي وئي. ”تون بدصورت آهين“ عورت چيو ”تنهنجي چمڙي ڪاري ۽ کهري آهي“.
    ”نه مان طاقتور آهيان“ مرد چيو، ”مون ۾ تنهنجي مٿان حڪمراني جي طاقت آهي“، عورت جو ڇرڪ نڪري ويو، هن پهريون دفعو هن جي ڪاري چمڙي تان نظر هٽائي هن جي طاقتور جسم کي ڏٺو، عورت کي خوف محسوس ٿيو ۽ دل ۾ هن لاءِ نفرت وڌي وئي.
    ”تون منهنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش نه ڪر“ عورت چيو، ”تون هتان هليو وڃ، مون کي تنهنجي وجود مان بدبوءِ اچي رهي آهي“.
    مرد عورت جي چوڻ تي اتان هليو وڃڻ بجاءِ اڳتي وڌي هن وٽ آيو ۽ دهشت مان هن کي وارن کان جهلي هيٺ ڇڪي منهن کي آسمان طرف ڪري ڇڏيو، عورت جي رڙ نڪري وئي.
    ”هاڻي ٻڌاءِ“ مرد چيو، ”توکي پنهنجي ڪهڙي برتري تي ناز آهي“.
    عورت چپ رهي هن ڪجهه نه ڳالهايو، صرف خوف مان هن ڏانهن منهن مٿي ڪري ٽيڏيءَ اک سان نهاريندي رهي.
    مرد آخر هن کي وارن کان ڇڏي ڌڪو ڏنو ۽ هوءَ پري وڃي ڪري.
    ”توکي هن واديءَ ۾ ائين جيئڻو پوندو جيئن مان چاهيندس“ مرد غار ڏانهن ويندي مڙندي هن کي چيو.
    ”مون کي توکان نفرت آهي“ عورت چيو، ”مان تنهنجي ڪاري چمڙي کان نفرت ڪريان ٿي“.
    مرد ويندي ويندي رڪجي هن ڏانهن ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان ڪجهه دير سوچيو.
    ”جيڪڏهن توکي مونکان نفرت آهي ته مون وٽ به تنهنجي لاءِ پيار نه آهي“. هن چيو ۽ پوءِ تيز وکون کڻندو هليو ويو.
    هو ٻئي الڳ ٿي ويا، مرد طاقت کي استعمال ڪرڻ جو سوچي به ان کي استعمال نه ڪري سگهيو ۽ عورت هن کان پري هڪ ٻئي غار ۾ وڃي پناهه ورتي جتي اها الڳ ٿلڳ رهڻ لڳي، وادي جنهن ۾ ٽهڪ پيا گونجندا هيا، موت جهڙي چپ ۾ بدلجندي وئي، ڄڻ وڻن جي پنن ۽ هوا ۾ ڪو به آواز نه بچيو هجي، انهن جي زبان ڪٽجي وئي هجي، نه اتي آبشارن جي ڪرڻ جو آواز هيو ۽ نه ئي ڪن چرندڙ چپن جو آواز. پوري وادي هڪ اهڙن رنگن سان ٺهيل تصوير ۾ تبديل ٿي وئي جنهن ۾ نظارا ڄميل هوندا آهن، سج جيڪو روز خوشي مان ٻهڪندو اوڀر کان طلوع ٿيندو هيو، اهو ڄڻ ٻن ٽهڪن کي نه ٻڌي اداسيءَ مان سفر ڪري اولهه ۾ وڃي ڪرندو هيو، شام رات جو غمگين ڪارو چولو پائي ستارن جي هجوم سان ماتم ڪندي هلي ويندي هئي ۽ چنڊ ڪنهن فلسفيءَ جي زرد منهن جيان ڪن خيالن ۾ گم ڄڻ وڃايل رستن ۾ پيو ڀٽڪندو هيو. ائين ڪئي سج اڀريا، شامون آيون، راتيون لنگهي ويون ۽ چنڊ رمندا رهيا پر اهي پاڻ ۾ نه مليا، انهن جي دورين ۾ اضافو ٿيندو ويو، وقت سان گڏ انهن جي نفرت درد ۾ بدلجي وئي، اڪثر راتين جو گدڙ جي اونائين جيان ڪي سڏڪا بلند ٿيند اهيا ۽ چانڊوڪي کي ڇرڪائي وجهندا هيا، عورت جيڪا پنهنجي گوري چمڙيءَ تي فخر ڪندي هئي ان وقت سان گڏ محسوس ڪيو ته اها ڪنهن قدردان کان سواءِ غير ضروري ۽ بيڪار آهي جيستائين ان کي ڪو چمڻ ۽ ڇهڻ وارو نه آهي، اها ڪنهن ڪم جي نه آهي، ڪو ته هجي جيڪو آخر هن جي خوبصورتي جي تعريف ڪري، هن جي چپن تي ٻرندڙ گلابي باهه کي چمي سگهي، هن جي هر انگ کي پيار ڪري سيني سان لڳائي. عورت جيئن سوچيندي وئي هن جي من ۾ پيار جاڳندو ويو ۽ هوءَ بيقرار ٿي وئي جنهن کان هوءَ روئڻ لڳي.
    مرد جيڪو عورت جي وڇڙڻ کان پوءِ هيڪل وياڪل ٿي ويو هيو ۽ اڪثر پريشانيءَ جي حالت ۾ پيو وادي جي پٿرن سان مٿو ٽڪرائي سڏڪا ڀريندو وتندو هيو، تنهن محسوس ڪيو ته هن وٽ دل ۾ عورت لاءِ ڪا به نفرت نه آهي، هن دل ۾ پاڻ کي ننديو پئي ته آخر هن عورت تي پنهنجي زور آزمائي ڪري ان کي وارن کان ڇو ڇڪيو؟ ان تي هٿ ڇو کنيو؟ ان سان نفرت جو اظهار ڇو ڪيو؟ آخر هو ان کان سواءِ ڪيئن جيئي سگهي ٿو، هن جو اڪيلو جسم ڪهڙي ڪم جو آهي، پيار کان سواءِ هن جيئري رهڻ جو تصور ڪيئن ڪيو. هن جي دل چاهيو ته هو ڊوڙندو وڃي ان کي سيني سان لڳائي پيار ڪري ۽ واپس غار ۾ وٺي اچي.
    سج اڀريو ته دنيا جي ڪاراڻ برف جيان رجي ڏينهن ۾ تبديل ٿي وئي پر هڪ پهاڙ تي ڪاراڻ جو هڪ ڌٻو ائين جو ائين رهجي ويو جيڪو ڪارو چوغو پاتيون بديءَ جي عصا هٿ ۾ کنيو بيٺو هيو، سج مٿي اڀريو ته اهو ڪاراڻ جو دٻو گهرو ٿيندو ويو ۽ دل ئي دل ۾ ٽهڪ ڏيندو رهيو. ڪجهه وقت گذريو ته عورت سڏڪا ڀريندي ان وٽ آئي ۽ سڙيل چمڙيءَ واري هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي هن کي تسلي ڏني.
    ”توکي روئڻ جي ڪا ضرورت نه آهي“. ان عورت کي چيو، “مان چاهيان ٿو ته هن واديءَ ۾ ساڳيا ٽهڪ گونجن جيئن پهريون گونجندا هيا. مان مرد جي دل ۾ تنهنجي لاءِ نفرت کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرايو آهي، هو تو سان ملڻ لاءِ بيتاب آهي ۽ توکي ڳوليندو هاڻي هاڻي اوڀر طرف ويو آهي“.
    سڙيل چمڙي واري جي ڳالهه ٻڌي عورت جي منهن تي سرهاڻ اچي وئي ۽ بي خوديءَ مان مرد کي پڪاريندي، ان کي ڳوليندي اوڀر طرف هلي وئي. ڪجهه دير گذري ته مرد پريان آهون ڀريندو ظاهر ٿيو، غم ۽ بيوفائيءَ هن جي حالت خراب ڪري ڇڏي هئي، هن جو مضبوط جسم ڏٻرو ٿي ويو هو جنهن کان هو لاچاريءَ ۾ هلندي پئي نظر آيو، اهو جڏهن سڏڪا ڀريندو سڙيل چمڙيءَ واري وٽ آيو ته سڙيل چمڙي واري هڪ گهرو ساهه کڻي انتهائي درد مان هن ڏانهن نهاريو.
    ”تون پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي“. سڙيل چمڙيءَ واري چيو “تون پاڻ کي سنڀال، ڳوڙها اگهه ۽ تسلي ڪر، عورت توسان ملڻ لاءِ ڏاڍي بيقرار آهي، مون ان جي دل مان تنهنجي لاءِ موجود هر نفرت کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو آهي، اها توسان ملڻ چاهي ٿي ۽ هاڻي هاڻي اولهه طرف توکي ڳوليندي هلي وئي آهي“.
    مرد جو خوشيءَ مان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو ۽ هن جو هيٺ جهڪيل ڪرنگهو واپس موٽي ايندڙ سگهه کان بلڪل سڌو ٿي ويو، هن بيقراريءَ مان اولهه طرف نهاريو ۽ پوءِ تيزي سان عورت کي پڪاريندو اوڏانهن وڌي ويو.
    جڏهن عورت اوڀر طرف ۽ مرد اولهه طرف هليا ويا ته سڙيل چمڙي وارو ٽهڪ ڏئي کلي پيو ۽ چيو ”بيوقوف انسان“ ۽ پوءِ هو وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو رهيو، “توهان جيڪي دنيا جي تخليق سان گڏ وجود ۾ اچي الڳ ٿيا آهيو هاڻي دنيا جي ختم ٿيڻ تائين هڪٻئي کي ڳوليندا رهندا“.
    سڙيل چمڙيءَ وارو خوشيءَ مان ڳالهائڻ لڳو، ”توهان هڪٻئي کي ڪڏهن به ڳولي نه سگهندا، توهان دنيا جو ڀٽڪيل نسل آهيو، وقت توهان کي هڪ ٻئي کان پري ڪندو ويندو، توهان جي دورين ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ توهان هڪٻئي کان سواءِ تڙپي اڪيلائين ۾ مري ويندا، توهان ڪڏهن به هڪٻئي کي نه ٿا ڳولي سگهو“. سڙيل چمڙي وارو خوشيءَ مان نچڻ لڳو.
    پر آءُ جيڪو سڀني جي نظرن کان اوجهل گم سم هڪ پهاڙي جي دامن مان ويٺو اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هوس، سڙيل چمڙي واري جي ان ڳالهه تي مرڪي پيس ”بيوقوف ڪنهن جاءِ جا“ مون دل ۾ چيو ”توکي شايد خبر نه آهي ته ڌرتي گول آهي، هيءُ جيڪو هڪ اولهه طرف ۽ ٻيو اوڀر طرف هڪٻئي کي ڳوليندو نڪتو آهي، انهن جو ميلاپ ضرور ٿيندو، ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي جتي انسانن جو هڪ پرامن ۽ ترقي پسند نسل جنم وٺندو“.


    امن جي اهڃاڻ خاطر

    اها بهار جي مند هئي، ويگن رستي تي ڊوڙندي پئي وئي، هوا ۾ ٿڌ جو تاثر هاڻي هلڪو ٿي چڪو هيو، سيارو ويندي ويندي پويان مينهن ۽ جهڙ جا عڪس اڀ ۾ چٽيو پنهنجي منزل طرف هليو ويو هيو، تنهن هوندي به هن ٿڌي هوا جو واس وٺڻ لاءِ ڊرائيور کي دريءَ جو شيشو ٿورو هيٺ ڪرڻ لاءِ چيو. ٿڌي هوا جو جهوٽو جيئن ئي زوڪٽ ڪندو اندر گهڙي آيو ته هن کي ائين محسوس ٿيو، جيئن بيٺل پاڻيءَ ۾ ترندڙ هن جي جسم جي چوگرد تيز تازي پاڻي جي لهر گذري وئي هجي، جنهن جي اڇل کان هن جو وجود مٿي لهرن کان مٿي ترندو هجي.
    هو ميڊيڪل جو شاگرد هيو، اٽڪل چئن سالن کان هو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ائين ئي سفر ڪندو رهيو هيو، ٻه چار مهينا اڳ اهو نئون رستو ٺهي تيار ٿيو هيو جنهن تي هو هاڻي ويگن ۾ سفر ڪري رهيو هيو. نه ته پراڻو رستو شڪارپور کان ٿيندو هڪ وڏو چڪر هڻي ان ٻئي شهر ٿي پڳو، اهو سفر هاڻي هن لاءِ پهريون کان آسان ٿي پيو هيو هو، هر هفتي ان روڊ تان لنگهندو هيو، ور وڪڙ کائيندڙ ڪاري ڏانڀر مان ٺهيل ڪنهن ڪاريهر جيئن ڊگهو رستو، جيڪو نئون هجڻ ڪري ڪيترن ڪلوميٽرن تائين ويران ڏسڻ ۾ ايندو هيو، رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪلراٺي زمين ۽ ان جي آسپاس سم جي پاڻيءَ جا دٻا ائين محسوس ٿيندا هيا جيئن اڇي برف پگهرجي پاڻي ٿي وئي هجي، رستي جي ٻنهي پاسي ايترا وڻ به ڪو نه هيا تنهن هوندي به ڪيترائي پکي سرديءَ جي موسم ۾ ڏورانهين ڏيهن کان سفر ڪري ان واديءَ ۾ اچي لهندا هيا ۽ بهار جي آخر تائين روڊ جي پاسن کان ننڍن کاٻن ۾ پيا تڙڳندا هيا. پوءِ گرميءَ جي موسم ۾ ائين لڳندو هيو ڄڻ سمورا پکي گرمي جي تپش ۾ رجي هوا ۾ تحليل ٿي ويا هجن ۽ انهن جي جسم جو ڪو به حصو باقي نه رهيو هجي. اهڙن پکين ۾ سڀ کان وڏو تعداد انهن ڳيرن جو هوندو هيو جيڪي ڪنهن ٽريفڪ يا گاڏيءَ جي پرواهه ڪئي ڌاران وچ روڊ تي ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. ميرانجهڙي رنگ وارا اهي پکي روڊ جي پاسن کان اڏامندا اچي ڪاري ڏامر تي ويهندا هيا ۽ ڪنهن جي پرواهه ڪيئي بنا پيا هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهندا هيا، انهن کي اها خبر نه هئي ته جنهن واديءَ ۾ اڄ کان ٻه چار مهينا اڳ اهي ايندا رهيا هئا، اتي انسانن پنهنجي حد مقرر ڪرڻ لاءِ روڊ جو هڪ ڪارو ليڪو پائي ڇڏيو هيو پر انهن وسيع ذهن ۽ دماغ وارن پکين وٽ ان ڪاري ليڪي جي ڪا به اهميت نه هئي. هو اڄ به ڪنهن شيءِ جي پرواهه ڪئي بنا پيا ان کي پنهنجي ننڍن پيرن سان، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي لتاڙيندا هيا، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ويگن تيز رفتاريءَ سان هلندي انهن لاپرواهه پکين جي ٽولن مٿان پوندي هئي ۽ جيئن ئي اهي مٿي اڏامندا هيا زوم سان ويگن جي اڳين شيشي سان ٽڪرائجي پري وڃي ڪرندا هئا. ويگن جا مسافر ان اوچتي جهٽڪي تي ويگن ۾ اندر ننڊ جا جهوٽا کائيندي ڇرڪ ڀري اکيون پٽيندا هيا پر ان کان اڳ ئي ويگن انهن رتوڇاڻ ٿيل پکين کي پوئتي ڇڏي ڪافي اڳتي نڪري ويندي هئي.
    هو اڄ به ساڳي روڊ تي سفر ڪري رهيو هو. ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ تي وهندي هن اڀ ڏانهن نهاريو، بهار جي موسم ۾ بادل بلڪل ائين لڳندا آهن جيئن ڪا نوجوان عورت ڪپڙا بدلائڻ لاءِ ڪارن پردن واري ڊريسنگ روم ۾ هلي وئي هجي، يا ڌرتيءَ پنهنجي سونهن لڪائڻ لاءِ آسمان کان پردو ڪيو هجي. هو نوجوان شاعر هيو، ٻاويهن سالن جو خوبصورت ۽ جذباتي، هو عمر جي ان حصي مان گذري رهيو هيو، جڏهن هرڪو پاڻ کي ويهن محبوبائن جو عاشق سمجهندو آهي پر هڪ شاعر جي حيثيت ۾، هن جون محبوبائون ٻين کان مختلف هيون، هو امن ۽ آشتيءَ جو عاشق هو.
    ويگن دڙي کان مدئجي طرف اڳتي وڌي چڪي هئي. هو ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ تي ٽيڪ ڏيو اڳتي روڊ ڏانهن نهاري رهيو هيو، ڳيرن جا ڪيترائي ولر روڊ جي پاسن کان ڦڙڪي رهيا هئا، ويگن ڪيترائي دفعا انهن سان ٽڪرائجندي ٽڪرائجندي بچي هئي. هو اهو سڀڪجهه هن مهل تائين خاموشيءَ سان ڏسندي پئي آيو. ڊرائيور ڪنهن به پرواهه کان سواءِ تيزيءَ سان گاڏي هلائي رهيو هيو، هن کي انهن ڳيرن جي ڪا به پرواهه نه هئي. ويگن هڪ دفعو وري ڳيرن جي هڪ ولر مٿان وڃي پئي، ڳيرا ڦُر ڪري اڏري گول چڪر هڻي ڏور اڏامي ويا، هن خونخوار نظرن سان ڊرائيور ڏي نهاريو.
    ”گاڏي خيال سان هلاءِ“
    ڊرائيور پهريون ڀيرو هن سان نظرون ملائي کيس ائين ڏٺو، ڄڻ ان کي سندس ڳالهه تي اعتبار نه آيو هجي.
    ”ڇو؟ ڇا ٿيو هوش ۾ ته آهين نه؟“ ڊرائيور چيو ۽ پوءِ وري هو ساڳي تيز رفتاريءَ سان گاڏي هلائڻ ۾ مهو ٿي ويو.
    ”امن“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو، ”هي ڳيرا جيڪي امن جي علامت آهن، جن جو رنگ بلڪل ڌرتيءَ جهڙو ميرانجهڙو آهي، اهي جيڪڏهن ماريا ويا ته اها امن جي گهٽتائي ٿيندي، دنيا جيڪا هيل تائين ڪيترين عظيم جنگين جي ڀوائتي شڪل ڏسي چڪي آهي جن ۾ ڪيئي انسان موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن، هڪڙن انسانن هٿان ٻين انسانن جو خون، ڇا اسان کي ان ڳالهه تي آمادهه نه ٿو ڪري ته اسان امن جي اهڃاڻ ان پکيءَ جو قدر ڪيون ۽ امن جي عزت ڪريون، امن جي اهڃاڻ کي بچائي امن کي بچايون“.
    هو سوچن ئي سوچن ۾ هاسٽل جي ان ڪمري ڏانهن هليو ويو، جتي انور رهندو هو، جيڪو هن جي نظرين جي شديد مخالفت ڪندو هيو. هو هن جي امن جي ان فلسفي جو شديد مخالف هيو ته ڪو امن هٿيارن جي ڊوڙ سان ختم ٿي سگهي ٿو. هن سوچيو ڄڻ انور هن کي چوندو هجي، ”تون جنهن پکيءَ کي امن جو اهڃاڻ سمجهين ٿو، اهو بيوقوف آهي، ان وٽ هڪ اهڙي بندوق جو هجڻ لازمي آهي، جنهن سان هو تيزيءَ سان ويگن هلائيندڙ ڊرائيور کي ختم ڪري سگهي“. هن کي انور جي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آئي.
    ”ڊرائيور جو موت يا ڳيري جو موت، اهو سڀ بدامنيءَ جي علامت آهي، هر صورت ۾ جنگ آهي“. پوءِ ڄڻ تصور ئي تصور ۾ هن جو انور سان بحث ڇڙي پيو.
    ”دنيا مان جنگ تيستائين ختم نٿي ٿي سگهي، جيستائين هر انسان وٽ پنهنجي بچاءَ جا مڪمل وسيلا نه ٿا مهيا ٿي وڃن، دنيا ۾ هٿيارن جي برابري انسان کي هر جنگ کان آجو رکي سگهي ٿي“. انور چيو ۽ هو جذباتي ٿي ويو.
    ”گهر ۾ رکيل بم به، ڪاليج جي ڇوڪريءَ جي ڪيل عشق جي ڳالهه وانگر ڪڏهن به ڦاٽي سگهي ٿو، جنهن سان پرايو گهر ته ڇا پر پنهنجو گهر به تباهه ٿي سگهي ٿو. هٿيار هر صورت ۾ تباهيءَ جي نشاني آهن“.
    هن جي ڳالهه تي انور سوچيو ۽ پوءِ چيو، ”تون اتفاقي ڳالهين کي ان وچ ۾ نه ٿو آڻي سگهين اهو ته ائين آهي جيئن ڪو رات جو راهه ويندو کوهه ۾ ڪري پئي، اصل مقصد انسان جي نفسيات، خواهشون ۽ ان جو وحشي پڻو آهي. انسان موقعو ملڻ تي ڪنهن به ٻئي انسان تي ڌاڙي هڻڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي. دنيا جي تاريخ ۽ موجوده حالتون تنهنجي سامهون آهن. ڏکڻ آفريڪا جا ڪارا شيدي، لبيائي عوام، وچ اوڀر جا هيسيل انسان ۽ هر اسرندڙ ملڪ، ڇا اهي مثال تو لاءِ ڪافي نه آهن؟“.
    ”پر جيڪڏهن دنيا جا طاقتور ملڪ متفق ٿي پنهنجي هٿيارن ۽ بارود جا انبار تباهه ڪري ڇڏين ته ڇا دنيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي؟“ هن چيو.
    ”انسان ۾ حڪمراني ۽ اقتدار جي لالچ هن کي وحشي بڻائي ڇڏيو آهي“. انور چيو، ”دنيا ۾ آدم جي ڌرتي تي اچڻ کان پوءِ امن، هابيل قابيل جي جنم سان، ختم ٿي چڪو آهي، صرف خوف ئي هڪ اهڙي قوت آهي، جنهن سان انسانن کي هڪٻئي کان ڊيڄاري پري رکي سگهجي ٿو. انسان جنهن به شيءِ کان بيخوف هوندو آهي، ان تي هڪدم حملو ڪندو آهي. ان جو حل اهو آهي ته گڏ ٿي اهڙين طاقتن سان جنگ ڪجي، جن جو خوف ختم ٿي چڪو آهي“.
    انور جي وات مان جنگ جو لفظ ٻڌڻ شرط هن جي جسم ۾ باهه لڳي وئي. ”جنگ جو تصور انسانذات لاءِ خطرناڪ آهي، ماضيءَ ۾ انسان جي گهڻي ئي نسل ڪشي ٿي چڪي آهي، هر انسان پاڻ کي امن جو علمبردار سمجهي ٻئي تي حملو ڪيو آهي! پر ڇا دنيا ۾ ڪڏهن جنگ جي ذريعي امن قائم ٿي سگهيو آهي، سڀ کان بهتر شيءِ انسان جي ضمير ۽ شرم کي سجاڳ ڪرڻو آهي، عيسيٰ جيان جيڪڏهن ڪو هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته، ٻئي ڳل ڏيڻ سان هن جي شرم ۽ ضمير کي ضرور جهنجهوڙي سگهجي ٿو”. هن چيو ۽ انور انتهائي مايوس ٿي ويو. هو هر صورت ۾ پنهنجي ڳالهه کي مڃائڻ لاءِ ڳت ڏئي بيهي رهيو، ڪاوڙ مان هن جي جسم جو هر عضوو ڏڪڻ لڳو، هو اٿي بيٺو ۽ ڀر ڪري هن کي ڳٽي واري چماٽ وهائي ڪڍيائين ”ته پوءِ هيڏي ڪر ٻيو به ڳل“ انور چيو.
    هن محسوس ڪيو ته هو درد جي درياءَ جي لهرن ۾ غوطا کائيندو واپس اچي ويو هجي. ويگن ساڳي رفتار سان روڊ تي ڊوڙي رهي هئي. هو غمگين ٿي ويو. هن جي ڳالهه کي سمجهڻ وارو ڪوئي به ڪو نه هيو. هن سوچيو هو امن کي ضرور بچائيندو، ان جو علمبردار ٿيندو. ويگن تيزيءَ سان هلندي ڳيرن جي هڪ ولر مٿان وڃي پڳي هئي هن کي پڪ ٿي وئي ته هڪ نه هڪ ڳيرو گاڏيءَ جي شيشي سان ٽڪرائجي ضرور مرندو، ان کان اڳ جو گاڏي انهن سان ٽڪرائجي، هن ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان پير وڌائي بريڪ تي پنهنجي پوري قوت سان زور ڏنو. گاڏي چرڙاٽ ڪندي وچ روڊ تي بيهي رهي. ڳيرا گول دائري ۾ چڪر هڻي اڏامندا ويا. ٿوري دير ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو. هن کي ائين لڳو ڄڻ پويان ڪا شيءِ زور سان ٽڪرائي هجي، ڪيترن ئي ماڻهن جي چيخن ۽ ڪنجهڻ ڪرڪڻ جا آواز آيا. هو ۽ ڊرائيور تيزيءَ سان دروازو کولي هيٺ لٿا. پويان ويگن سان، ڪنهن گاڏيءَ جي ٽڪرائجڻ ڪري ٻه ماڻهو مري چڪا هئا.


    ابابيل جي آخري اُڏام

    شهر جنهن ۾ هڪ قهر متو پيو هيو. ان جا در، دريون ۽ چوسول رت سان رنگجي ڳاڙهي ٿي ويا هيا. خوف تيز گرم هوا جيان پئي گهليو، هر اک مان حيراني ڦاٽي ٻاهر ٿي نڪتي، وات عجب مان ڦاٽي پيا هيا، جن ۾ خشڪ ۽ بي آب زبانون ڏڪي رهيون هيون، هر منهن ويران کنڊر جيان اداس ۽ ڦٽيل هيو، موت بکايل سرڻ جيان هر هر آسمان مان هيٺ لامارا ٿي هنيا. سڙيل ٽائرن جون دونهون ڪاري ديو جيان شهر مٿان اڏامندو رهيو. انسان انسان جو ويري ٿي پيو، ڪيترن کي ڪٺو ويو چوکنڀو جيئري باهه ۾ ساڙيو ويو، گوليون هڻي ماريو ويو ۽ ڇري سان پيٽ ڦاڙيو ويو. رت جو هڪ درياهه هيو جنهن ۾ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ هر ڪو تڙڳي هٿ پير هڻي جان بچائڻ لاءِ ڪو ڪنارو ڳولهي رهيو هيو. شهر جي انسانن جي نه ختم ٿيندڙ هڪ ويڙهه هئي، هڪ وهشت هئي جيڪا دهشت جي روپ ۾ موت جي ڌمال وڄائي هر گهٽي گهيڙ مان رقص ڪندي پئي وئي ۽ هو اڌ روٽ عمر وارو مفڪر جنهن جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار اڃان ڪنهن اهڙي اماس رات جيان ڪارا هيا جنهن ۾ اميد جا اڇا ستارا نه هوندا آهن، اهو انسانن جو انسانن مٿان ٿيندڙ ايڏو قهر ڏسي صفا ڀڄي ڀري پيو، هن جي اندر جي شهر ۾ موجود سڀ عمارتون کنڊر ٿي ويون، هن جي دل جي درين ۽ دروازن جا شيشا ڀڄي پيا، هن جي سيني ۾ موجود انسان ڪنهن گهاءَ کان ڇڙيون هڻي ڦٿڪڻ لڳو، هن سوچيو ته هو شهر ڇڏي جهنگ ڏانهن ڀڃي وڇي، جتي پنهنجي سموري زندگي مايوسين ۾ گذاري ڇڏي پر جهنگ ۾ قانون کي وڻن جيان ڪٽي صاف ڪيو ويو هيو، ڌرتيءَ تي جيئن وڻن کي ڪٽبو آهي ائين قانون کي ڪٽيو ويو هيو، رهزن هيا جيڪي پنهنجي ڌرتي واسين کي تنگ ڪري لٽي رهيا هيا، انهن جي لڄن، ملڪيت ۽ جان لاءِ عذاب بنجي پيا هيا. ڪٿي سر لڪائڻ لاءِ ڪو پاڇو نه بچيو هيو، مفڪر مجبور ٿي نيٺ سمنڊ جو رخ ڪيو، هن پنهنجي لاءِ ڪجهه ضروري سامان کنيو ۽ دل ئي دل ۾ ان شهر جي رهزنن، ڌاڙيلن دهشتگرد قاتلن کي گاريون ڏيندو ننديندو اهو سوچي هلندو پئي ويو ته هو واپس موٽي وري انسانن جي وستيءَ ۾ نه ايندو، هو ڪٿي سنسان ٻيٽاريءَ تي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن گذاري مايوسين ۾ مري ويندو. هو گهر کان نڪتو ته هن جو ڪتو جنهن کي هن سان بي پناهه پيار ۽ اُنس هيو، اهو هن جي ڪڍ لڳو ۽ پڇ لوڏيندو هن پويان تيز ڀڄندو پئي آيو، مفڪر محسوس ڪيو ته اهو هن پويان اچي رهيو آهي تنهن هن کي هٿ جي اشاري سان موٽي وڃڻ لاءِ چيو، پر ڪتو نه موٽيو ۽ ڪجهه فاصلي تي ويهي پڇ لوڏي زبان ڪڍي هن ڏانهن ڏسندو رهيو، مفڪر اڳتي هليو ته وري ڪتو ڪنهن ضدي ٻار جيان هن جي ڪڍ لڳي پيو.
    “مان چوان ٿو تون موٽي وڃ هن رڙ ڪندي چيو ”مونکي مايوسين جي دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ڏي، جتي مان انسانن جي ڪميڻائپ تي جڪ کائي اڪيلو مري وڃان، تون موٽي وڃ انسان توکي ڪو به ڏک نه پهچائيندا ڇو جو تون ڪتو آهين. هن شهر ۾ کائڻ لاءِ توکي گوشت ۽ چٽڻ لاءِ رت جام ملي ويندو، آخر تون مونسان گڏ فاقن ۾ ڇو ٿو مرڻ چاهين. هن شهر ۾ جڏهن هر ڪو هڪ ٻئي جو ساٿ ڇڏي ويو آهي، توکي منهنجي ساٿ نڀائڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي“.
    ڪتو پريان ويهي پڇ لوڏي هن ڏانهن نهاريندو رهيو پوءِ جيئن هو اڳتي وڌيو ته اهو به هن سان هلڻ لڳو ۽ آخر مجبور ٿي مفڪر هن کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ وٺي اڳتي وڌيو. هو بي امن شهر جي ظالم رستن تي هلندو سمنڊ طرف وڌڻ لڳو، هن اڳيان رستن تي لاوارث گوليون لڳل لاش پيا هيا، ڪٺل معصوم ٻارن جون منڍيون پيون هيون، عزت لٽيل اڌ اگهاڙيون عورتون سڏڪا ڀرينديون هن آڏو لنگهي رهيون هيون. رستن جي رت کي هو پنهنجن قدمن سان لتاڙيندو ڪتي کي ساڻ ڪري سمنڊ ڏانهن وڌندو رهيو، هن کي پنهنجيءَ جان جو ڪو به خوف نه هيو، هو مايوسيءَ جي واٽن جو راهي هيو، هو گولين ۽ نفرت جي طوفانن مان ٿيندو، ويران شهر جي گهرن گهٽين ۽ روڊن کي پوئتي ڇڏيندو جڏهن ڪناري ويجهو پهتو ته هن کي پريان هڪ سنسان روڊ جي ڪناري ڪو پکي ڦتڪندو نظر آيو، هو جڏهن وڌي اتي پهتو ته هن ڏٺو اهو ابابيل پکي هيو، ننڍڙو ڪمزور ڪارسرو پکي جيڪو پنهنجي زخمي پر سبب اڏامڻ چاهي پيو پر اڏامي نه پيو سگهي، ان جي اڏام ڦٿڪڻ ۾ ٿي بدلجي وئي، اهو پنهنجيون معصوم گول اکين کڻي اڀ ڏي نهاري پيو ۽ بي وسيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري وري اڏامڻ جي ڪوشش ڪري پيو، مفڪر کي ان ڦتڪندڙ پکيءَ تي رحم اچي ويو ۽ هن ان پکيءَ کي هٿن ۾ کڻي ان جي کنڀڙاٽين کي کولي ڏٺو، رت جو ڳاڙهو نشان هيو جيڪو ڪاري پر ڪري ڏاڍو غير واضع ٿي ڏٺو. هن هٿ هڻي ان جي آلاڻ کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ مٿي نهاريو، سواءِ سرڻين جي سڀ پکي اڀ ڇڏي ڀڄي ويا هيا، شهر ۾ پوليس جي هوائي فائرنگ ۾ ڪٿي پکي مئا هيا ۽ ڪٿي زخمي ٿيا هيا جن مان اهو ابابيل پکي به هڪ هيو، جيڪو مفڪر جي هٿن ۾ ٿي ڏڪيو ۽ دهشت مان پنهنجي پرن جو زور لڳائي، ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
    ”هائو ڪارڙا ڪمزور پکي” مفڪر پکيءَ سان ڳالهايو“ مون کي خبر آهي تون به هن وستيءَ وارن جو ستايل آهين، شايد انهيءَ ڪري پرن جو زور لڳائي منهنجي گرفت مان نڪرڻ چاهين ٿو پر هن ظالم شهر جي روڊن تي تون ڦتڪي بي گناهه چچرجي مري ويندين، اچ مان توکي هڪ اهڙي پر امن جاءِ تي وٺي هلان جتي گوليءَ جو ڪو به ٺڪاءُ نه هجي، انسان ۽ دهشت نه هجي، جتي تون آزاد فضائن ۾ پرواز ڪري سگهين ۽ قدرتي موت تائين بي خوف جئي سگهين. هن ابابيل کي پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان جهليو ۽ پوءِ ڪتي کي هڪل ڪري هو سمنڊ جي ڪناري تي اچي پهتو.
    جڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ته هن وٽ ضرورت جون سڀ شيون موجود هيون، ڪتو جيڪو ٻيڙيءَ جا ڪنارا سنگهي سمنڊ ڏي ڏسي رهيو هيو ۽ هيسيل زخمي ڪمزور ابابيل هيو جنهن کي هن ٻيڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڇڏي ڏنو جتي اهو هيسجي ويهي رهيو ۽ پوءِ هو ٻيڙي هلائيندو سمنڊ ۾ ڪاهي پيو. سمنڊ جنهن جي نيراڻ ختم ٿي وئي هئي، ان جي پاڪيزگي غلاظت جي ڍيرن هيٺان دٻجي وئي هئي، سمنڊ جنهن جي ڪناري کان مخلوق ڪوهين ميل ڏور وچ سمنڊ ۾ ڀڄي پناهه ورتي هئي. اتي ڪا به پاڻيءَ مان ٻاهر ٽپو ڏئي ٽٻي هڻندڙ ٻلهڻ نه هئي، ترندڙ ڊگهي ڳچيءَ وارا اڇا پکي نه هيا، سڙيل تيل هيو جيڪو سج جي روشني ۾ ستن رنگن ۾ ورهائجي سمنڊ جي مٿاڇري تي پئي تريو. ”دنيا ۾ جڏهن بي امني وڌندي آهي ته انسان دنيا جي هر شيءِ کي گندو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ڇو جو هن کي ان دنيا جي سلامتي ۽ باقي رهڻ جي ڪا به ضمانت نه هوندي آهي“. مفڪر سوچيو ۽ پوءِ گندي پاڻيءَ مان ٿيندو جڏهن هو صاف نيري پاڻي ۾ پهتو ته ٻلهڻ پاڻيءَ مان مٿي ٽپو کائي وات مان ڪو آواز ڪڍي ٽٻي هڻي هلي وئي.
    ”شايد ان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو“ مفڪر سوچيو ”يا شايد مون انسان جي اوڏانهن اچڻ تي اعتراض ڪيو پر مان هيءُ سمنڊ جهاڳيندو هليو ويندس، پنهنجي سڪون خاطر.... انسان کان نفرت خاطر.... جتي مان انسان ۽ دنيا جي تباهيءَ لاءِ خدا کان دعائون گهرندو رهندس“.
    هو ٻيڙيءَ کي هلائيندو سوچيندو سمنڊ جي ڇولين ۽ تيز هوا جو مقابلو ڪندو اڳتي وڌندو ويو، انسانن جي وسنديءَ کان سوين ميل ڏور پنهنجي وفادار ڪتي ۽ زخمي ابابيل سان آخر هڪ اهڙي خشڪ ٻيٽ تي وڃي نڪتو جيڪو سمنڊ جي وچ ۾ ننڍن وڏن پٿرن جو هڪ ڍير هيو. جيڪو ڪنهن وڏي برباد ٿيل ٻيڙي جيان سمنڊ جي مٿاڇري تي پئي لڙهيو، اتي ننڍا وڏا پهاڙ جا ٽڪر هيا جيڪي سمنڊ جي تهه ۾ ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري ڄڻ ان جي مٿاڇري تي اڀري آيا هيا، اتي ڪو به سرسبز ٻوٽو نه هيو، پاڻيءَ جو آبشار يا ساهه وارو موجود نه، لامحدود سمنڊ جي جسم تي اهو ننڍڙو ٻيٽ ناسور جي ڳوڙهي جيان مٿي اڀريل هيو، جنهنجي بي ترتيب ڦهليل ننڍڙن پهاڙن کي ڏسي ائين ٿي لڳو جيئن اهو وڌندو ويندو ۽ وقت سان لامحدود ٿي سڄي سمنڊ مٿان ڇائنجي ويندو ۽ سمنڊ جو پاڻي پوئتي ڌڪجي آبادين ۾ گهڙي اتي وڃي جڳهه والاريندو. هر شيءِ کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ بي امنيءَ جي دنيا ۾ موجود رت جي رنگن کي ڌوئي صاف ڪري نيراڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. جڏهن هن جي ٻيڙيءَ ڪناري کي ڇهيو ته سڀ کان پهريون ڪتو ڊڪي ٽپو ڏئي هيٺ لٿو ۽ خوشيءَ مان پڇ لوڏي زبان ڪڍي پنهنجي مالڪ جي لهڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. مفڪر ٻيڙيءَ مان سمورو سامان لاهي هيٺ رکيو ۽ هن زخمي ابابيل کي کڻي هڪ پٿر جي ڇانو ۾ ڇڏي ڏنو.
    هو واري لتاڙي مٿي ٻيٽ تي چڙهي آيو ۽ هن ٻن وڏن پٿرن جي وچ ۾ هڪ اهڙيءَ جاءِ ڳولهي لڌي جتي مٿان هڪ وڏو پٿر ڇت بڻيو رکيو هيو، اتي اس جو تاءُ نه هيو ۽ اٿڻ ويهڻ لاءِ ڪافي خلاصي جاءِ هئي، هن ڪتي کي اتي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ زخمي ابابيل پکيءَ کي کڻي ان جي زخم کي سمنڊ جي لوڻاٺي پاڻيءَ سان ڌوئي پنهنجي ضروري سامان مان ٿورو کاڌ خوراڪ ڪڍي، ڪجهه ان پکي اڳيان اڇلائي ڏنو، ڪجهه پاڻ کاڌو ۽ ٿورو ڪتي اڳيان رکي ڇڏيو. ٿڪاوٽ ڪري هن ايندڙ رات ڏاڍي ننڊ ۽ آرام ۾ گذاري، صبح ٿيو، جڏهن هن جي اک کلي ته هن جي نظر ڪتي تي پئي جيڪو ٻيٽ جي ڪنارن تي ڪن کڙا ڪري ڊوڙي مستيءَ مان تيز رفتار سمنڊ جي ڇولين کي پهاڙ جي پٿرن سان ٽڪرائي چڻنگون ٿيندي ڏسي ابتا سبتا ٽپا ڏئي رهيو هيو، ابابيل هڪ پٿر تي ويٺو پنهنجا کنڀ ڇنڊي چنهب سان زخمي پر کي کنهي رهيو هيو، مفڪر کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي زخمي ابابيل جي بهتر ٿيندڙ حالت هن لاءِ سرهائي جو پيغام کڻي آئي، هن اتي وڌي جڏهن ان کي پنهنجي هٿ سان پڪڙڻ چاهيو ته اهو ابابيل ڪنهن پوپٽ جيان هيٺائين اڏام ڪندو هن کان پري ڀڄي ويو.
    ”ته پوءِ تنهنجي پرن جي سگهه واپس ايندي پئي وڃي“. مفڪر ان کي چيو ”پر مونکان ڊڄڻ مان ڇا فائدو، هاڻي باقي زندگي ته توکي هن ٻيٽ تي ئي گذارڻي آهي، مونسان ۽ هن وفاداري ڪتي سان، اسان ٽنهي کي هن ٻيٽ تي دوستن جيان جيئڻو آهي، پيارا ابابيل ڊڄڻ مان ڇا فائدو، اچ ۽ اسان سان اچي شامل ٿي“ هو ڳالهائيندو ابابيل جي ڪڍ ان کي پڪڙڻ لاءِ تيز هلندو رهيو ۽ ابابيل ڀڙڪو کائي هن کان پري هڪ پٿر تان اڏامي ٻئي پٿر تي ويهندو ڀڄندو رهيو.
    ”ته پوءِ جيڪا تنهنجي مرضي“ هن ابابيل کي چيو ”پر توکي آخر نيٺ اسان جي ساٿ جي ضرورت پوندي“ هن چيو ۽ پوءِ پٿرن جي وٿيءَ ڏانهن هليو ويو جتي ڪتو ڊوڙندو هن وٽ آيو. پڇ لوڏي هن جي پيرن کي نوسڻ لڳو، هن ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهن وجهي ان جي منهن تي هٿ ڦيريو ۽ ڪتو زبان ڪڍي ڪنڌ لوڏي هن جي هٿ کي چٽڻ لڳو.
    ”هو ڏس جهنگلي ابابيل پکي“ هن ڪتي سان ڳالهايو ”مونکان ڪيڏو ڊڄي رهيو آهي“ هن انتهائي ڏکوئيل آواز ۾ چيو ”ها بيشڪ هن جو ڊڄڻ واجب آهي، انسانن ان آزاد پکيءَ کي زخمي ڪري هيٺ ڪيرائي وڌو، اهو پکي انسان ذات کان سٺي نموني واقف آهي، هن کي خبر آهي ته انسان جو انسان کي قتل ڪري ٿو ان وٽ هن جهڙي ڪمزور پکيءَجي ڪهڙي حيثيت هوندي“.
    ڪتو مفڪر جي ڳالهين تي ڪڏهن اکيون بند ڪري ڪڏهن کولي پڇ لوڏي ٻڌندو رهيو.
    ابابيل پکي جيڪو وقت سان بهتر پئي ٿيندو ويو، سو هر هر پنهنجا کنڀ سهائي کليل سمنڊ ڏانهن ڏسي ڄڻ اڏامڻ لاءِ پئي تيار ٿيو. آخر اهڙو وقت به آيو جو اهو وٺي اڏاميو ۽ ٻيٽ جي چوڌاري هڪ چڪر هڻي وري اچي هڪ پٿر جي چوٽيءَ تي ويهي رهيو، جيئن هن جي اڏام کي هلندڙ تيز هوا روڪي ڪاغذ جيان ڦيرائي اچي واپس اڇلايو هجي. هن جا ڪارا کنڀ تيز هوا ڪري هڪ ٻئي کان جدا ٿي ڏڪي رهيا هيا. هن ننڍڙين اکين سان پري سمنڊ ۾ ڄڻ ڪنهن کي ڳولهيو پئي پر سمنڊ ئي سمنڊ هيو جيڪو سوين ميلن جي فاصلن ۾ پيو لهرون ٿي هيٺ مٿي ٿي رهيو هيو. ابابيل مفڪر جي ويجهو ڪڏهن به ڪو نه آيو هن کي ڪتي کان خوف محسوس ٿيندو هيو جيڪو اوچتو ڪٿان ٽپو ڏئي اچي هن جي ڀرسان بيهي هن جو ڇرڪ ڪڍي ڇڏيندو هيو ۽ هن جي اوچتي اڏام کان پوءِ چرين جيان مستيءَ ۾ هن جي ڪڍ وٺي ڊوڙندو هيو. ڪتو خوش هيو ۽ مالڪ جو ڳڀو کائي پيو ان جا هٿ چٽيندو هيو ۽ مفڪر خيالن ۾ گم هوندو هيو ۽ بي زاريءَ مان ڪڏهن رڙيون ڪري ڪنهن سان ڳالهائڻ شروع ڪندو هيو، هو هوائن سان ڳالهائيندو، سمنڊ جي تيز موجن سان، ابابيل سان يا ڪتي کي ڳچيءَ ۾ ٻانهن وجهي پيو ان سان ڪچهري ڪندو هيو.
    هڪ ڏينهن جڏهن ابابيل سمنڊ جي تيز هوا سان مقابلو ڪندو مٿي اڏامي رهيو هيو ته اوچتو هو پري ڄڻ ڪنهن شيءِ کي ڳوليندو هليو ويو پر مايوس ٿي اهو ٿڪجي وري واپس ٻيٽ جي چوڌاري چڪر هڻي هڪ پٿر تي ويهي رهيو، مفڪر محسوس ڪيو ته اهو پکي واپس وستيءَ جا رستا ڳولهي رهيو آهي جتي اهو موٽي وڃڻ چاهي ٿو.
    ”او ڌرتيءَ جا جهنگلي پکي“ مفڪر ابابيل کي چيو، “مون کي خبر آهي توکي ڌرتيءَ جا ماڻهو پڃري ۾ وجهي پالڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن، تون دنيا جو آخري امن پسند پکي آهين، تون ڪنهن به حد ۽ پابنديءَ کي نه قبوليندو آهي، تون انسانن جي ڄار ۾ آسانيءَ سان نه ڦاسندو آهين، توکي دنيا ۾ شايد ئي ڪنهن پڃري ۾ وجهي قيد ڪري رکيو هجي ۽ شايد ئي تون ان پڃري کي قبول ڪري ان جي ڄارين سان مٿو ٽڪرائي پاڻ کي زخمي ڪرڻ بجاءِ خاموشي سان ان ۾ عمر گذاري ڇڏي هجي پر پيارا ابابيل توکي خبر هجڻ گهرجي ته هيءُ ٻيٽ انسانن جي وسنديءَ کان سوين ميل ڏور آهي توکي هن ٻيٽ کي ڇڏي واپس وسنديءَ ڏانهن ورڻ جو تصور به نه ڪرڻ گهرجي، تنهنجا ڪمزور کنڀ ٿڪجي پوندا، توکي واپس هن ٻيٽ ڏانهن موٽڻو پوندو“.
    مفڪر جي ڳالهه تي ابابيل ڄڻ ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ ساهه پٽي پنهنجا ڪمزور پرڙا کولي وري وٺي اڏاميو ۽ تمام پري سمنڊ ۾ هڪ گول چڪر هڻي چهنب کولي سهڪندو وري واپس اچي هڪ پهاڙ تي ويهي رهيو، مفڪر خوراڪ جا ڪجهه ذرا هن ڏانهن اڇلائي ڏنا ۽ چيو ”توکي موڪل آهي، تون هن محدود ٻيٽ کان لامحدود سمنڊ ڏانهن اڏام ڪندو رهه پر توکي ڪا به وسندي نه ملندي ۽ توکي هن ٻيٽ ڏانهن واپس موٽڻو پوندو، بيوقوف پکي“ پوءِ هن رڙ ڪري چيو ”توکي ان وسنديءَ مان آخر ڇا حاصل ٿيندو، ساڳيا زخم، آسمان ڏانهن اڀرندڙ سڙندڙ ٽائرن جو ڪارو دونهون، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا بادل، مٿي اٿندڙ گوليون، انسانن جي خون جي هوا ۾ مليل بدبوءِ انهن جون پرواز ڪندڙ دانهون، آهون، فريادون.... تون اها سموري جدوجهد آخر ڪهڙي مقصد لاءِ ڪري رهيو آهي“ هن چيو ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا، هو روئندو ڪتي وٽ آيو ۽ ان کي ڀاڪر پائي چمي ڏني ”پيارا ڪتا تون وفادار آهين“ هن ڪتي کي چيو، مان توکي ڇڏڻ چاهيو پر تون ساٿ نڀائڻ لاءِ منهنجي پويان ڊوڙندو آئين، پر هو ابابيل پکي منهنجين وفادارين جو ڪو به قدر نه ڪندي واپس وسنديءَ جو رستو ڳولهي رهيو آهي، هو ڪمزور پکي جنهن جي زخمن تي مون مرهم رکي، قوت لاءِ خوراڪ ڏني ۽ جيئڻ لاءِ آزادي ڏني. اهو مون کي ڇڏي وڃڻ جون تياريون پيو ڪري. پيارا ڪتا تون وفاداري آهين، تون ان انسان کان چڱو آهين جيڪو انسانن کي قتل ڪري ٿو، پوءِ هو ڪتي اڳيان روئيندي انتهائي جذباتي ٿي ڳالهائيندو ويو. ”پيارا ڪتاب تنهنجون اکيون ان محبوبا جي اکين کان خوبصورت آهن جنهن جي دل ۾ بي وفائي ۽ گمان آهي، تون دنيا جي اها عظيم مخلوق آهين جيڪا هڪ ٻئي کي قتل نه ٿي ڪري، جنهن جي پوري نسل وٽ هڪ زبان آهي، اها هڪ انداز ۾ ڀونڪي ٿي. جنهن جو ڪو مذهب قوميت ۽ پوشاڪ نه آهي، نقشن جي ڪا به حد بندي ۽ مخصوص جهنڊو نه آهي. پيارا ڪتا تون دنيا جو اهو عظيم دانشور آهين، جنهن اڄ ڏينهن تائين انقلاب جو ڪو به نظريو نه ڏنو آهي. هڪ هٿان ٻئي کي مارائي دنيا جي نه ختم ٿيندڙ انقلاب جو ڪو به بنياد نه وڌو آهي، پيارا ڪتا دنيا جا سڀ انقلاب تو ۾ اچي ختم ٿين ٿا، تنهنجو فلسفو ڪنهن به نئين انقلاب جو پيغام ڏئي ڪنهن کي جذباتي نه ٿو بنائي، ڌرتي جي سيني تي ڪيڏا انقلاب آيا پر تنهن هوندي به هر ڪو انقلاب جون ڳالهيون ٿو ڪري، جنهن ۾ پيارا تنهنجو ڪو به هٿ نه ٿو ٿي سگهي ڇو جو تون پر امن ۽ وفادار آهين، تون ان ادب ۽ شاعري کان تمام مٿاهون آهين جيڪا عيسيٰ کان جنم وٺي اڄ ڏينهن تائين انسانن جي حيوانيت کي ختم نه ڪري سگهي، تون ان موسيقيءَ کان سٺو آهين جيڪا انسان ذات جي دل ۾ ڪا به نرمي پيدا ڪري نه سگهي، پر مان توکي سياستدان چئي تنهنجي گهٽتائي بيان نه ڪندس، ڇو جو تنهنجي جاءِ ان حڪمران کان مٿاهين آهي جيڪو انسانن کي تحفظ نه ٿو ڏئي سگهي، تون بي انتها حسين ۽ خوبصورت آهين پر توکي شهزادو نه چوندس جيڪو بادشاهه بنجي اڃان به ڌرتيءَ تي انسانن کي پنهنجو ذاتي غلام سمجهي انهن جا حق غضب ڪري ٿو“.
    مفڪر هڪ وجداني ڪيفيت ۾ جذباتي ٿي روئيندو ۽ ڳالهائيندو ويو، ڪتي وات مان همدرديءَ جهڙا آواز ڪڍي زبان سان هن جي منهن ۽ ڳوڙهن کي ٿي چٽيو، جڏهن مفڪر ڳالهائي ٿڪو ته ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ ڪتي کي پاڻ کان پري ڪيو، “معاف ڪجانءِ پيارا ڪتا تون ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿجانءِ ڇو جو تون آخر ڪتو آهين“. هن چيو ۽ پوءِ پناهه گناهه ۾ ليٽي پيو. سج آسمان جي آخري حد کي پهچي اڀ جي زخمي سيني مان ڳاڙهي بوند جيان ٽمي هيٺ سمنڊ ۾ ڪري پيو ۽ هر طرف ڳاڙهو سمنڊ جوش ۾ تيز ڇوليون هڻندڙ وير جيان مٿي پهاڙن تي چڙهي آيو. ابابيل جا ڪارا کنڀ ڦهلجندڙ اوندهه سان ملي هڪ ٿي ويا، ڪتو ڪن کڙا ڪري هوشيار چوڪيدار جيان ٻيٽ تي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو رهيو . مفڪر جيڪو اکيون ٻوٽي جاڳي رهيو هيو تنهن پناهه گاهه مان ڪنڌ ورائي مٿي نهاريو، اڀ ۾ ستارا خوف ۽ حيرت ۾ ڀريل ڪاري رات جي نرڙ تي پگهر جي بوندن جيان ٿي چمڪيا. هن جڏهن ابابيل کي نهارڻ چاهيون ته اهو ننڍڙو پکي هن کي ڪنهن به پهاڙ جي چوٽيءَ تي نظر نه آيو، پر هو مرڪيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته اهو ڪارو پکي، اوندهه ۽ سرمئي پهاڙن سان ملي هڪ ٿي ويو آهي، اهو ضرور موجود هوندو. هو مرڪيو، پوءِ وري ليٽي اکيون بند ڪري جاڳندو رهيو. اولهه ۾ پاڻيءَ اندر ڪريل سج ساري رات سمنڊ ۾ ترندو جڏهن اوڀر طرف پهتو ته وري مٿي اڀريو ۽ عرش جي چاڙهيءَ تي چڙهندو مٿي ٿيندو ويو. اوندهه ڪنهن سڙيل ڄار جي رک جيان ڇڻي سمنڊ ۾ ڪري پئي. آسمان نيرو ٿي ويو ته سمنڊ جي نيراڻ به موٽي آئي جيئن آسمان لامحدود آئيني جيان مٿي ڦهليو پيو هجي جنهن ۾ سمنڊ جو عڪس ۽ رنگ جذب ٿي ويا هجن. اڀرندڙ سج سان هر شيءِ جاڳي پئي، ٻيٽ جا پهاڙ اکيون مهٽي سمنڊ ۾ ڪنڌ کڻي بيهي رهيا، مفڪر هڪ ڊگهي غنودگيءَ سان اٿي کڙو ٿيو، هن ڪتي ڏي نهاريو جيڪو صبح جي هير ۾ پنهنجون اڳيون ٽنگون ڊگهيڙي انهن تي منهن رکي اکيون بند ڪيو پيو هيو. ابابيل پنهنجا صحت مند ٿيندڙ کنڀ سهائي رهيو هيو. ان رکي رکي زور سان پنهنجي جسم کي ٿي ڇنڊيو جنهن کان هن جا ڪارا کنڀ زلزلي جيان ٿي لڏيا.
    پکي وري تيز ڀڙڪو کائي اڏاميو جنهن کان مفڪر جو ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪاوڙ ۾ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، هو نفرت ڀريل نظرن سان ان پکيءَ جي صبح جي هير ۾ اڏام کي ڏسندو پنهنجي اکين ۽ ڪنڌ کي ان جي مٿي اڏرندڙ وجود سان ڦيريندو ويو، مفڪر کي اکين ۾ ڪاوڙ کان خون جي لالي ڀرجي آئي هو تيز وڏا ساهه کڻي ان کي نهاريندو جوش ۾ ڳالهائيندو ويو.
    ”او جهنگلي ابابيل اڄ کان وٺي منهجو تو سان واعدو آهي“ هن رڙ ڪري ٻيٽ مٿان ڦيريون پائيندڙ ابابيل کي چيو ”جيڪڏهن تون هيءُ سمنڊ پار ڪري وسنديءَ تائين پهچي وئين ته مان تنهنجي پوئواري ڪندي هن پرامن ٻيٽ کي ڇڏي تنهنجي ڪڍ وسنديءَ تي پهچي ويندس، تو سان اهو واعدو ان لاءِ ڪري رهيو آهيان ڇو جو مونکي پڪ آهي اهو ڪم تو لاءِ نه صرف مشڪل آهي پر ناممڪن آهي، جيڪڏهن توکي رهندڙ دنيا تائين ڇڏيو وڃي تڏهن به تون پنهنجن ڪمزور پرن سان اهو سوين ميلن ۾ ڦهليل سمنڊ نه ٿو جهاڳي سگهين“.
    مفڪر ٽهڪ ڏئي کليو ۽ ابابيل ڪارا کنڀ هڻندو سمنڊ جي مٿاڇري تي اڏامندو ڪڏهن پري پئي هليو ويو ته ڪڏهن پريان چڪر ڏئي وري ٻيٽ جي مٿان لنگهندو ٻئي پاسي ڏانهن سنهڙا پر هڻندو نظرن کان اوجهل ٿي وري ظاهر ٿي ٿيو ۽ ائين اهو ڪڏهن ٻيٽ جي هڪڙي ڪنڊ ڏانهن بدحاليءَ جا چڪر هڻي وري سهڪندو اچي ٿي ڪنهن پهاڙ تي ويٺو، ان ابابيل جي هر اڏام تي مفڪر ٽهڪ ٿي ڏنو ۽ ابابيل هر ٽهڪ تي هڪ تازي ۽ نئين اڏام جي شروعات ٿي ڪئي ۽ وري ساڳيو ٿڪجي وات کولي ٿي اچي ٻيٽ جي پهاڙن تي ساهي پٽي ۽ ان ابابيل پوءِ حيرت مان اکيون ڦاڙي ڄڻ اهو ٿي سوچيو ته آخر ايڏي وسيع ڌرتي ڪٿي گم ٿي وئي آهي؟ ايڏو بي انت پاڻي جنهنجي ڪٿي کٽڻ جو ڪو امڪان ئي نه آهي ڪٿان آيو آهي؟ شايد ان ڌرتي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ ڌرتي ڪٿي به نه رهي آهي، پوءِ ان ابابيل ڪر کڻي پري ٿي نهاريو، ڏور آسمان ۽ سمنڊ جي ڪنڊ وٽ هن کي ريگستان جي رڃ جيان هڪ سڌي لڪير ۾ سمنڊ جو انت پئي نظر آيو پر هن جي اوڏانهن اڏام کان پوءِ آسمان ۽ سمنڊ جي ڪنڊ وٽ موجوده اها لڪير به اڏامندي هن کان ڏور ٿيندي پئي وئي ۽ آخر هن کي واپس موٽڻو ٿي پيو. پکيءَ کي ان بي قراريءَ ۾ چڪر ڪاٽيندي ڪئي ڏينهن لنگهي ويا. مفڪر جيڪو پهريائين ان پکيءَ ڏي ڏسي پيو ٽهڪ ڏيندو هيو، ان هاڻي پکيءَ متعلق اهو چئي سوچڻ ڇڏي ڏنو ته اهو بيوقوف پکي پاڻهي ٿڪجي هارجي پاڻ ۾ تبديلي آڻي انهن حرڪتن کان مڙي ويندو. مفڪر ان بيقرار ۽ جوشيلي پکيءَ کي ذري گهٽ وساري ڇڏيو.
    آخر هڪ ڏينهن اهو آزاد پکي پنهنجا ڪارا ۽ نازڪ پر هڻندو ان ٻيٽ کان ايڏو ته ڏور اڏامي ويو جو وري واپس نه موٽيو. ٻيٽ جتي ان جي هر اڏام سان هڪ چرپر ڏسبي هئي اهو ڄڻ خالي ۽ چپ ٿي ويو. ننڍڙي اداس پکي کان پوءِ اهو ٻيٽ ڄڻ نامڪمل رهجي ويو، ڪنهن جي نه هجڻ جو احساس وڌي ويو جنهن کان جڏهن مفڪر پنهنجين اکين تي هٿ ڏئي تيز اس ۾ مٿي پهاڙن ۽ آسمان طرف نهاريو ته اس جي تيز ڪرڻن ڪري هن جي اکين ۾ پيدا ٿيندڙ ڪارن ترورن کان سواءِ هن کي ڪجهه به نظر نه آيو. ابابيل هن کي ڇڏي ڏور اڏامي ويو هيو، هو اڻ کٽ سمنڊ کي مات ڏئي پوئتي ڇڏي ويو هيو. مفڪر پريشانيءَ جي حالت ۾ هيٺ ويهي رهيو. هن سوچيو ”ڇا اهو ڪمزور پکي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو، هو ايڏو وسيع سمنڊ جهاڳي پار پئجي ويو، ان جي زخمي پرن ۾ ايڏي طاقت پيدا ٿي وئي جو هو رت ۽ وڍيل گوشت جي بي امن دنيا ۾ موٽي ويو“ هو جيئن سوچيندو ويو هن کي پڪ ٿيندي وئي ”ها اهو ابابيل هن ٻيٽاريءَ کي ڇڏي ڏور اڏامي ويو، اهو هاڻي ڪڏهن به واپس نه موٽندو“ مفڪر سوچيندو ويو ۽ هن کي پنهنجو ڪيل واعدو ياد اچي ويو ”مون هي ڇا ڪيو جتي مان هن ٻيٽ تي اچي زندگيءَ جي هار کي کٽي ورتو هيو، اتي هڪ ننڍڙي ۽ ڪمزور پکيءَ کان مات کائي ويس، اهو زخمي پکي ويندي منهنجي تصورن ۽ گمانن کي به ٽوڙي زخمي ڪري هليو ويو. پر مان صبح تائين ان پکيءَ جي واپس ورڻ جو انتظار ڪندس جيڪڏهن اهو نه آيو ته پوءِ مان ان جي ٺاهيل واٽ تي هلي ان جي پوئواري ڪندس“. مفڪر اهڙي سوداگر جيان ڪناري تي ويهي واريءَ کي هٿن جي مٺين ۾ ڀيڪوڙي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو، جنهن جو ٻيڙو طوفان ڪري سمنڊ ۾ ٻڏي ويو هجي ۽ ان ڪاٺ جي تختي تي ويهي جان بچائي هجي. اها سموري رات هن اڏري ويل پکيءَ جو انتظار ڪيو پر اهو پکي اهڙو ته گم ٿيو جيئن ان ٻيٽ تي هيو ئي نه.
    سج اڀريو ته هن هارايل شخص جيان بي دليءَ مان اٿي سمنڊ، آسمان ۽ پهاڙن ڏانهن نهاريو. هن کي ابابيل نظر نه آيو، اوچتو هن جو وفادار ڪتو پريان ڊوڙندو آيو، اهو جڏهن هن جي ڀرسان پهتو ته ڀونڪي وات سان هن جي لڙڪندڙ قميص ۾ چڪ وجهي هن کي ڇڪڻ لڳو، جڏهن ڪتي محسوس ڪيو ته مالڪ هن جي ڳالهه سمجهي ويو آهي، ته هن قميص مان وات ڪڍي اڳيان ڊوڙڻ شروع ڪيو، مفڪر پريشانيءَ ۽ تجسس جي حالت ۾ ان پويان ڊوڙندو ويو، ڪتو ان کي ساڻ ڪري ٻيٽ جي ٻئي پاسي ڏانهن آيو. مفڪر سمنڊ ۾ ٿورو پري نهاريو، ته هن کي ڪا شيءِ اتي سمنڊ جي ڇولين ۾ هيٺ مٿي ٿيندي نظر آئي. مفڪر ڊوڙندو هيٺ ڪناري تي بيٺل ٻيڙي ڏانهن هليو ويو. هو ٻيڙي کي سمنڊ ۾ هڪاليندو جڏهن اتي پهتو ته خوف ۽ ڏک کان هن جي رڙ نڪري وئي ”آخر تون مري وئين“ هن بي خوديءَ مان چيو، “ڪمزور ابابيل پکي تون آپگهات ڪري ڇڏيو، تون ته منهنجي تصور کان به مضبوط ايڏي ڏورانهين ٻيٽ ۾ وڃي پناهه ورتي جتان ڪو به نه موٽيو آهي، بيشڪ تنهنجو موت سڀ لاءِ وڏو ڇوٽڪارو آهي”، پوءِ مفڪر تمام درد ڀري آواز ۾ چيو ”مان توسان ڪيل واعدو نڀائيندس. تون جيڪا راهه ڏيکاري آهي ان تي ضرور هلندس ڇو جو تنهنجو مقصد موت تي اچي ختم ٿئي ٿو، موت ئي اهڙو ٻيٽ آهي جتي روح سڪون ۽ امن سان رهي سگهن ٿا. موت جو ٻيٽ هن خشڪ ٻيٽ کان وڌيڪ سٺو سرسبز آهي، جتي روح اڃايل ۽ غمگين نه ٿا رهن، موت ئي آهي جنهن ۾ هر ساهه وارو پناهه وٺي امن ۽ سڪون سان جيئي سگهي ٿو“.
    ان کان اڳ مفڪر سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي هن سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهندڙ ابابيل جي لاش کي کڻي پنهنجي تريءَ تي رکي ڏٺو. مسلسل اڏام ڪري ڄڻ هن جا پر کسي ويا هيا. پاڻيءَ جي آلاڻ ڪري اهي کنڀ هڪٻئي سان چهٽي جهڳٽا ٿي پيا هيا، جن جي وٿين مان هن جو اڇو هيڊو گوشت پئي ظاهر ٿيو. اهو پکي اڃا مفڪر جي هٿ تي هيو ته ڄڻ ان جي چهنب مان ڪو آواز نڪتو ”بي وقوف مفڪر تون غلط سوچي رهيو آهين، مان جنهن مقصد لاءِ مئو آهيان اهو آپگهات نه آهي، منهنجي جدوجهد ته جيئري رهڻ لاءِ هئي پر اڻ کٽ سمنڊ مون کي ٿڪائي وڌو. مان هيٺ ان جي لهرن تي ڪري پيس ۽ موت مون تي غالب اچي ويو پر تون مون کان سوين دفعا سگهارو آهين. تون آخر ڪهڙيءَ طرح منهنجي جدوجهد ۽ مقصد کي آپگهات جو نالو ڏئي سگهين ٿو، او مفڪر تون پنهنجو واعدو ياد ڪر ۽ ان کي پاڙيندي منهن جي اڻ پوري اڏام پويان هلندو ان کي مڪمل ڪري ڇڏ“.
    مفڪر اهو آواز ٻڌو جيڪو مئل پکيءَ جي چهنب مان نه پر ڄڻ هن جي پنهنجي اندر مان ٿي بلند ٿيو. هن چيو ”بيشڪ ابابيل پکي اها منهنجي سڪ هئي، منهنجي نفرت هئي ۽ منهنجي محبت هئي جنهن تنهنجي صورت ۾ هر هر سمنڊ مٿان زخمي اڏام پئي ڪئي، اهو تون نه هئين اهو مان هئس، اهي منهنجي زخمي دل جون اڏامون هيون“.
    هن ڪتي کي سڏي ٻيڙي ۾ ويهاريو، پوءِ هو ابابيل جي اڻپوري اڏام طرف ٻيڙيءَ کي هلائيندو سمنڊ ۾ ڏور ٿيندو ويو.


      وسري ويل ماڻهو

    جيستائين نظر ٿي کٽي تيستائين نيراڻ هئي، سمنڊ جون ڇوليون مرگهيءَ جي مريض جيان ڇڙيون هڻي ٿي ڦٿڪيون، پاڻيءَ مٿان ترندڙ گج ڄڻ انهن جي وات مان ٿي نڪتي، هر طرف هڪ لڙ هيو جيڪو تيز هوا جي گهو گهاٽن مان اٿي سمنڊ جي ڇولين جي ٽڪرائڻ جي آوازن سان ملي هڪ ٿي ٿي ويو، ٻيڙي زلزلي ۾ ڦاٿل شهر جيان ٿي لڏي پر تنهن هوندي به هر ڪو خوشين ۽ ٽهڪن جي ڌن ۾ مگن هيو، ڪنهن تيز آواز ۾ پئي ڳالهايو ته وري ڪنهن چپن کي گول ڪري سيٽيءَ ۾ ڪنهن پراڻي ڌن جا سر پئي ڇيڙيا، هر ڪو اڳتي وڌي پنهنجي زندهه دلي جو ثبوت ڏئي رهيو هيو پر هو الڳ ٿلڳ سمنڊ جي لهرن ڏانهن منهن ڪيو ڏسي رهيو هيو، هن جون نظرون هيٺ مٿي ٿيندڙ لهرن ۾ ڄڻ ڪنهن کي ڳولهي رهيون هيون ۽ ڄڻ نيراڻ مان ڪو مٿي ٿي هن ڏانهن ليئو پائي وري هيٺ ٿي ويندو هجي. سمنڊ جا پکي گهڻو پري ڪناري تي رهجي ويا هيا، آسمان ۾ ڪو به هنج نظر نه ٿي آيو، جهڙ جا ٽڪر هيا جيڪي ڳڀا ڳڀا ٿيا پيا هيا جن مان مينهن نه ٿي ٽميو، آسمان ڪمانيءَ جيان چٻو ٿيو سمنڊ مٿان ڪريو پيو هيو ۽ سمنڊ آسمان وٽ کٽڻ بدران مٿي چاڙهي ڏانهن ماٺي پاڻي جو نيرو آسمان ٺاهيندو ڦرندو ٻئي طرف ٿي هليو ويو. ڪائنات اڌ گول جيان هئي جنهن ۾ سمنڊ مانڌاڻ مچائي ڏني هئي. ان کان وڌيڪ مانڌاڻ ان لڏندڙ لمندڙ ٻيڙيءَ ۾ هئي جيڪا آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهي هئي، ان ۾ ڪيترائي هر دل عزيز ماڻهو هيا جن جي سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ جي قوت بي تهاشا هئي اهي هڪ ٻئي سان سر ملائي رهيا هيا ۽ هر ڳالهه ۾ ڪنڌ کي ها ۾ لوڏي ٻين سان هٿ هٿ ۾ ڏئي جهومي رهيا هئا، اهي اديب هيا، شاعر، رانديگر، اداڪار ۽ آرٽسٽ هيا، انهن ۾ سرڪاري ڪامورا ۽ عام ماڻهو هيا، هو سڀ يڪراءِ هيا، متفق ۽ هڪجهڙا هيا، پر هو انهن ڏي پٺ ڪيو ڏور خلائن ۾ نهاري رهيو هيو جتي ڪو به پکي نه هيو، جهڙ هيو جيڪو آسمان جي چمڙيءَ تي اڇن وارن جيان ٿي لڙڪيو. وسڻ لاءِ مينهن جو ڦڙو به نه بچيو هيو، جيئن ڪروڙها سال اڳ اهو وسي چپ ٿي ويو هيو، جنهنڪري سمنڊ وجود ۾ اچي چڪا هيا جيئن لوڻاٺو مينهن وسيو هيو جيڪو اڄ ڪلهه نه ٿو وسي. هن کي خبر هئي ته اک مان ٽمندڙ ڳوڙهو لوڻاٺو ڇو هوندوآهي، ڪئي دفعا اهو هن جي ڳلن تان ترڪي چپن ۾ اچي چوسجي ويو هيو، اهو ڳوڙهو نه هيو سمنڊ جو پاڻي هيو، جڏهن ڪروڙين سال اڳ حياتي سمنڊ مان وجود وٺي ٺوٺ ڌرتيءَ تي ڊوڙڻ شروع ڪيو ته انسان جي موجودا صورت ۾ سمنڊ جي اها لوڻاهٺ ڳوڙهن ۾ ئي وڃي بچي هئي، هن پري ڏسندي سوچيو ۽ ڪنڌ کي سمنڊ سان ڳالهائيندي ها ۾ لوڏيو، بيشڪ اسان جي رت، پگهر ۽ جسم جي هر پاڻياٺ ۾ لوڻاهٺ آهي جيڪا سمنڊ جي اسان جي وجودن ۾ بچيل آخري سوکڙي آهي. هو نظارن سان ڳالهائيندو مرڪندو پئي ويو، ڪٿي ڪنهن گٽار جي تارن تي ٽونگو هڻي ڪڍيو ۽ ان مان دانهن بلند ٿي جيئن ڪنهن ابهم ٻار اونهاري جي منجهند جو ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڇانو ۾ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پاڻيءَ جي صدا هنئين هجي، ان زور سان ماءُ کي پڪاريو هجي، گٽار جي آواز تي هن جي وجود مان ڌرڙي نڪري وئي ۽ هن ڪنايو، واهه واهه جو آواز آيو ڪا پراڻي چورايل ڌن هئي جنهن تي ڪيترائي کڙيون گسائي نچيا پئي ۽ عظيم عظيم جا نعرا پئي هنيا، ڪنهن اداڪار غير فطري انداز ۾ حڪومت پئي ڪئي، سڀ فنڪار هڪٻئي کي وڻائڻ جي ڪوشش ۾ ساراهون ڪري رهيا هيا. هن سڀ محسوس ڪندي منهن مٿي کڻي سج سان اکين ملائڻ جي ڪوشش ڪئي سج اگهاڙو هيو، ان اڳيان جهڙ جي ڪا به چادر نه هئي هن جون اکيون جلندي بچيون ۽ شرم کان هيٺ ٿي ويون، ٻيڙي اڳتي وڌندي رهي.
    هو به ٻين جيان سياح هيو پر مختلف هيو، هو فطرت جو ڄاڻو ۽ ان کي خوبصورت لفظن جي تصويرن ۾ محفوظ ڪندڙ هڪ خاموش ڪلاڪار هيو، هن لاءِ نظارا وڏي اهميت جا مالڪ هيا جنهن ڪري سياحت هن جو مشغلو هئي، هو به ٻين سان ساڳي ٻيڙيءَ ۾ ان ٻيٽ ڏانهن وڃي رهيو هيو جنهن ۾ ٻيا به ڪيترائي سياح موجود هئا. هن ٻيٽ جي وڏي تعريف ٻڌي هئي، هو ان جي نظارن کي پنهنجي اک ۾ سمائي لفظن جي روپ ۾ ورجهائڻ پيو چاهي. ان ٻيٽ ڏي وڃڻ لاءِ صرف اها ٻيڙي ئي هڪ ذريعو هئي جيڪا صبح جو رواني ٿي سج لهڻ کان ٿورو پوءِ ان ٻيٽ کان واپس وري ڪناري ڏانهن موٽي ايندي هئي، هو به انهن زندهه دل انسانن سان آهستي آهستي ان ٻيٽ طرف وڌي رهيو هيو جتي هن کي سارو ڏينهن گذاري وري واپس ڪناري ڏانهن موٽڻو هيو پر هن جي طبيعت هن کي ڏاڍو غيراهم بنائي ڇڏيو هيو، هو ڪنهن به صورت ۾ انهن زندهه دل انسانن جهڙو ٿي نه سگهيو، هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هو به مصنوعي ٿي انهن جيان داد حاصل ڪري پر اهو هن جي فطرت جي خلاف هيو. هو ان ٻيڙيءَ ۾ ويٺو ته هيو پر ڄڻ هيو ئي ڪو نه. هن پاڻ کي ڪڏهن محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هو هوا جيان هيو جيڪا بي حد اهم هوندي به نظر نه ايندي آهي پر اها پنهنجو وجود محسوس ڪرائڻ لاءِ تيز هلڻ شروع ڪندي آهي، پاڻ سان گڏ مٽيءَ جا ذرا کڻي اڏامڻ شروع ڪندي آهي.
    هو ظاهري طرح غيراهم هيو هن تي نه ڪنهن سوچيو ۽ نه وري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سموري سفر ۾ صرف هڪ پوڙهيءَ هن جي ڀرسان ويهي پنهنجي ڏندن بنا مهارن سان نرم صوف چٻاڙيندي هن کي هڪ دفعو مخاطب ڪيو. اهو ٿيو هيئن جو ان پوڙهيءَ صوف کي چار ڦارون ڪندي هڪ پاڻ کاڌي ۽ جڏهن ٽي ڦارون ٻين ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو هٿ لاشعوري طور هن ڏانهن وڌي ويو. ان هن کي صوف جي ڦار ڏني. هن اها ورتي ۽ ڪنڌ کي لوڏي ان پوڙهيءَ جي مهرباني مڃي، صوف جي ڦار کائڻ شروع ڪئي.
    ”تون هن ملڪ جو نه پيو لڳين“ پوڙهيءَ هن کان پڇيو ”ڪٿا آيو آهين؟“ هن ڪجهه پريشان ٿي ان کي ڏٺو.
    ”مان به هن ئي ملڪ جو باشندو آهيان“. هن چيو ۽ پوءِ روئڻ جهڙي آواز ۾ کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پوڙهيءَ ڪجهه دير هن جي نامڪمل جواب جو انتظار ڪيو ۽ پوءِ هن جي اکين ۾ رحم جهڙين نظرن سان ڏسندي هلي وئي.
    ڪچڙي منجهند ٿي ته سمنڊ جي گجگوڙن ۾ پکين جا آواز به شامل ٿي ويا. اڇيءَ گج ۾ ڇولين تي هيٺ مٿي ٿيندڙ پکي وڏو فساد مچايون ٻيٽ جي آسپاس موجود هيا. هڪڙا ولر اڏريا پئي ته ٻيا لٿا پئي. پري کان پهريون ناريل جي وڻن جون چوٽيون ظاهر ٿيون ۽ ان کان پوءِ انهن جا ٿڙ سمنڊ مان مٿي نڪرندا ظاهر ٿيندا ويا، هر طرف نيراڻ ساوڪ ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن ٻيڙي ان ٻيٽ جي ڪناري وٽ اچي بيٺي ته ٻين سان گڏ هو به هيٺ لٿو ۽ چوڌاري نهاريو، سڀ سياح ڪناري تي ڦهلجي پکڙجي ويا ۽ هو به سونهن جي ڳولا ۾ هڪ طرف الڳ ٿلڳ هليو ويو.
    ٻيٽ جون ننڍيون وڏيون ساوڪ سان ڀرپور ٽڪريون انهن مان ڦٽندڙ ننڍا وڏا مٺي پاڻيءَ جا چشما، هرطرف ڦهليل سرسبز ٻوٽا ۽ وڻ، گاهه ۽ ان تي ويٺل اڏامندڙ لهندڙ خوبصورت پکي،اهو سڀ ائين هيو جيئن سمنڊ جون بوندون مٿي اڏامي سج جي روشنيءَ اڳيان ستن رنگن ۾ ورهائجي ويون هجن.
    هر ڪو پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان ٻيڙيءَ مان لاهي ان ٻيٽ جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو، هو به فطرت جي ڳولا ۾ ٻيٽ اندر گهڙي ويو. هو اڪيلو هيو، هن جو ڪو به ساٿي يا دوست نه هيو، ماڻهو هن لئي غير اهم ٿي چڪا هيا، ٻيٽ ۾ اندر هلندي هن ڏٺو گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ پاڇو به هن جو ساٿ ڇڏي ويو، پاڇي کي نه ڏسي هن کي پنهنجي وڇڙيل محبوبا ياد اچي وئي جيڪا اڃان به هن جي سوچن جو مرڪز هئي، هر نظاري ۾ ان جي تصوير هئي، هر منظر ۾ اها موجود هئي، تنهن جا لفظ هن کي ياد آيا.
    ”تون دنيا جو ڪڏهن به وڏو ڪلاڪار نه ٿو ٿي سگهين، تون ڪيترو به سٺو سوچيندڙ ۽ لکندڙ ڇو نه هجين جيستائين تون ماڻهن سان ها ۾ ها نه ملائيندي تيستائين ماڻهو تو سان ها ۾ ها نه ملائيندا“.
    هو پنهنجي محبوبا جي ان ڳالهه تي مرڪيو هيو.
    ”نه ائين نه آهي“ هن اختلاف ڪيو هيو ”انسان جي حياتيءَ جي هڪ حد مقرر آهي جتي ان کي ختم ٿيڻو آهي، پوءِ صرف فن ئي آهي جيڪو وڃي رهندو، ماڻهن سان لاڳاپن واري اهميت به حياتيءَ جي حد تائين محدود آهي، جڏهن ته دنياکي اسان جي حياتيءَ کان پوءِ رهڻو آهي بلڪل اسان جي فن جيان، مان تنهن ڪري اهڙي اهميت جو ڪڏهن به خواهشمند نه رهندس جيڪا منهنجي حياتي جي ختم ٿي وڃڻ سان ختم ٿي وڃي“.
    هن جي محبوبا هن کان ناراض ٿي وئي.
    ”ته پوءِ تون اڪيلو رهجي ويندين“ ان چيو هيو.
    ”ها“ هن جواب ۾ چيو هيو ”سچ ته خدا به اڪيلو آهي جو ان جهڙو ٻيو ڪو به نه آهي“.
    ”ته پوءِ تون اڪيلو ئي ٺيڪ آهين.“ هن جي محبوبا آخري دفعو چيو هيو، ”مان وڃي رهي آهيان، ڇو جو توکي اهميت جي ضرورت نه آهي“. پوءِ اها هن کي هميشه لاءِ ڇڏي هلي وئي ۽ هو اڪيلو رهجي ويو.
    وڻن جي ڇانو مان جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن جو پاڇو ظاهر ٿي پيو ۽ هو ان کي ساڻ ڪري هڪ ننڍڙي سرسبز ٽڪريءَ تي چڙهي ويو جتي هڪ آبشار هيو ان جي ڪرندڙ پاڻيءَ ۾ ڪي آواز هيا جن کي هن ڪنائڻ شروع ڪيو ۽ انهن سان مخاطب پڻ ٿيو، هو ويٺو ته پاڇو به ويٺو ۽ هو سمهيو ته پاڇو به هن سان گڏ سمهي پيو. ٻيٽ جيڪو ڪجهه دير اڳ انسانن کان خالي هيو هاڻي اتي چپ چري رهيا هيا، رکي رکي ڪٿان ڪي ٽهڪ ٿي اڀريا ۽ عرش ڏانهن ويندي آتش بازيءَ جي ڦٽاڪي جيان ڦاٽي چڻگون ڇڏيندي هيٺ ٿي ڪريا. سڀ هٿ هٿ ۾ ڏئي ٿي نچيا ۽ ڪناري جي واريءَ تي هيڏانهن هوڏانهن پئي ڊوڙيا، گٽار جي تارن ڄڻ ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي پئي ماتم ڪيو، گريبان کليل رانديگر ڪنهن ايندڙ ٽورنامينٽ تي تبصرو ٿي ڪيو ۽ هر دل عزيز اداڪار هر ڳالهه ۾ پاڻ کي مصنوعي ڪري پئي پيش ڪيو، دانشور هڪ ٻئي تي واهه واهه ڪري رهيا هيا، ڪامورا جتان ٿي لنگهيا تاڙيون پئي وڳيون، عام ماڻهوءَ هر ڪنهن آڏو آٽوگراف بوڪ ٿي ڦهلايا، سڀ خوش ٿي ڏٺا، اهي پي رهيا هيا ۽ کائي رهيا هيا، جيئن وقت ڏينهن کي کائي رهيو هيو جيئن نوريئڙا وڻن کي ٽڪي رهيا هيا، وقت گذرندي گذرندي ٿڪيل سج جو وجود رتوڇاڻ ٿي ويو، اٻهرو سج جيڪو اڀرڻ ۽ لهڻ وقت تڪڙو هوندو آهي باقي وچ آسمان جو سفر آهستگيءَ سان ڪندو آهي، وڍيل سج جي وجود مان ٽمندڙ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ کان اڳ ئي ٿڌو ٿي ويو، جيئن انسان قبر ۾ لهڻ کان پهريون مري وينديو آهي، ٻيٽ جي وڻن جا پاڇا قداور ٿيندا ويا، آسمان مان هلڪي اوندهه ڇڻڻ لڳي، سڀني پنهنجا سامان ويڙهيا ۽ ٻيڙيءَ تي پهچي ويا.
    ”سڀ پورا آهيو؟“ ٻيڙيءَ جي ملاح رڙ ڪري پڇيو:
    ”ها.....بلڪل.“ سڀني هڪ آواز ۾ چيو.
    آس پاس هيڏي هوڏي نهاريو، ٻيٽ خالي هيو اتي اوندهه واسو ڪري رهي هئي ڪنارا سنسان هيا، پکين بدران ڪارنهن سمنڊ ۾ ڪري ڪناري کي ٿي لڳي. سمنڊ جي آلاڻ، لالاڻ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ سج پاڻيءَ ۾ وهنجي رهيو هيو، فنڪار، اديب، شاعر، اداڪار، ڪلاڪار، رانديگر، ڪامورا ۽ عام ماڻهو سڀ ٻيڙيءَ ۾ موجود هيا ”ٻيڙي کي اڳتي وڌايون؟“ ملاح رسو ڇوڙيندي هڪ دفعو وري پڇيو.
    ”هائو بيشڪ“ وري سڀني گڏيل آواز ۾ چيو ۽ ٻيڙي جهوليندي لهندڙ سج اڳيان اٿندڙ ڇولين ۾ هلڻ لڳي، اها هلندي رهي، اڳتي وڌندي رهي، تان جو ٻيٽ تي بيٺل ناريل جي وڻن جون چوٽيون به گم ٿي ويون ۽ پوءِ ٻيٽ تمام پري رهجي ويو، ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ اچي پهتي.
    پوڙهي عورت کي ڪجهه بک محسوس ٿي هن ڇليءَ ۾ هٿ وجهي ان مان صوف ڪڍي ان جون چار ڦارون ڪيون، هڪ پاڻ کاڌي باقي ٽي جڏهن ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”اسين هن کي ٻيٽ تي وساري آياسون“. هن وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي ڪنهن کي ڳولهيندي چيو ”ها....اهو خاموش شخص... جيڪو هن ڪنڊ ۾ ويهي سمنڊ کي نهاري رهيو هيو“.
    سڀ حيران پريشان ٿي ويا.
    ”هتي ٻيو ڪير به نه هيو“. ڪنهن ٿڪيل شخص چيو، ”توکي وهم آهي، اسين سڀ پورا آهيون“. ان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”نه... اهو هيو توهان ان کي وساري رهيا آهيو.... مون پاڻ هن سان ڳالهايو هيو”، پوڙهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.
    سڀني پنهنجي ٿڪيل ذهنن سان سوچيو
    ”هائو بيشڪ هڪ الڳ ٿلڳ شخص هيو جيڪو ٻيڙيءَ جي هن ڪنڊ وٽ ويٺو ڪجهه سوچي رهيو هيو“. ڪنهن چيو
    ”ته پوءِ ڇا اسين سچ پچ ان کي وساري آيا سين“. ٻيڙيءَ ۾ چوٻول پئجي ويو.
    ”پر اسين ٻيٽ ته ڪافي پوئتي ڇڏي آيا آهيون، هاڻي ته ڪنارو به اچڻ وارو آهي“ ڪنهن بيزاريءَ مان چيو.
    ملاح ٻيڙيءَ کي روڪيو ۽ سڀ چپ ٿي ويا.
    ”منهنجو خيال آهي ته ان کي ڇڏي ڏيو.... اسان سڀني کي دير ٿي رهي آهي“ اداڪار چيو.
    ”هائو بيشڪ ڪهڙو وري چڱو مڙس آهي؟“ رانديگر چيو.
    ”ڇا فائدو هڪ غيراهم ۽ الڳ ٿلڳ ماڻهوءَ لاءِ پريشانيءَ مان“ دانشورن چيو، ”هلو اڳتي منزل جي طرف وڌو، هاڻي منزل گهڻي ڏور نه آهي. تيز قدم وڌايو“.
    جڏهن سڀني پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني ته ٻيڙيءَ جو ملاح ڪاوڙجي پيو.
    ”مون ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ توهان سڀني کان پڇيو هيو ته سڀ پورا آهيو ته پوءِ توهان ڇو ها ڪئي هئي“. هن زور سان ڳالهائيندي چيو. توهان جي بهتري ان ۾ هئي ته توهان چپ رهو هان مان ماڻهو ڳڻي پنهنجو حساب پورو ڪري وٺان هان... سڀ منهنجي جوابداري هئي پر توهان سڀ لوفر ۽ جاهل آهيو، جن ڳالهين جو توهان کي علم نه هوندو آهي انهن تي به ها ڪري پنهنجي ڪوڙي ڄاڻ جو ثبوت ڏيندا آهيو، جيڪڏهن رات جو ان وساري آيل شخص کي ڪو خوني يا زهريلو جانور ماري ويو ته اها ڪيڏي نه بدنصيبي ٿيندي”
    ”اسان جو فرض هيو ته ٻيڙي روڪي ٿوري دير ان شخص جو انتظار ڪريون ها“ پوڙهي عورت چيو ”جيڪڏهن هو پوءِ به نه پهچي ها ته ننڍڙي ٻيٽ ۾ ان کي ڳولي اطلاع ڪرڻ آخر ڪهڙو ڏکيو ڪم هيو“.
    سڀني مايوسيءَ مان ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاريو.
    ”اسان جي بهتري ان ۾ آهي ته واپس هلي ان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري وٺي اچون“. ملاح چيو “جيڪڏهن اهو رات مري ويو ته ان جي موت جا ذميوار اسين سڀ ٿينداسين.”
    آخر سڀ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ٻيڙيءَ کي واپس ڪري ٻيٽ تي پهچي ان کان معافي وٺجي ۽ پوءِ واپس آڻجي.
    ٻيڙي واپس مڙي ته ڪافي اوندهه ٿي چڪي هئي، ستارا چمڪي رهيا هيا ۽ اڌ چنڊ آسمان ۾ بيٺو هيو.
    ٻيڙي ڳورهاري عورت جي چال جيان چنگهندي جڏهن واپس ٻيٽ جي ڪناري وٽ پهتي ته اهي حيران ٿي ويا، انهن سوچيو هيو ته اهو شخص ضرور ڪناري تي پريشانيءَ جي حالت ۾ بيٺل هوندو پر اتي ڪير به ڪو نه هيو، هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڪو به انساني پاڇو چرپر نه ڪري رهيو هيو. ملاح ٻيڙيءَ کي هڪ پاسي ڏانهن بيهاريو ۽ وسارجي ويل شخص جي حياتيءَ لاءِ دعا گهرڻ لڳو، ”خدا ان کي محفوظ رکجان“ هن چيو ۽ سڀ مايوس ٿي ويا.
    “لڳي ٿو اهو شخص مري چڪو آهي،” ڪنهن چيو، “نه ته اهو ضرور پريشانيءَ جي حالت ۾ اسان کي ڳولهيندو ملي ها.”
    سڀ روئڻهارڪا ٿي ويا.
    ”اها سڀ تنهنجي خطا آهي“ هڪ دانشور ٻئي کي چيو، “ٻيڙي جڏهن ٻيٽ جي ڪناري کي ڇڏي ٿورو اڳتي هلي هئي ته تون مونکي شرارت مان اک هڻي چيو هيو ته اسين ان کي ڇڏي آياسين... ان غيراهم ماڻهوءَ کي ڀلي ان کي سزا هجي جيئن اهو پنهنجي طبيعت ۾ تبديلي آڻي... ڏس هاڻي ان ڳالهه جو نتيجو“. دانشور جذباتي ٿيندي چيو.
    ”ته پوءِ تون خبر هوندي به ٻيڙي ڇو ڪو نه روڪائي.“ ٻين ان جذباتي ٿيندڙ دانشور کي چيو.
    ”مان سمجهي رهيو هوس ته ان ڳالهه جي توهان سڀني کي خبر آهي، توهين سڀ ڄاڻي واڻي ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو“ هن جي ڳالهه تي سڀ خاموش ٿي ويا.
    ”هاڻي ڳالهين ڪرڻ مان ڇا فائدو، هلو جلدي ڪريو ان کان اڳ جو اهو ڪنهن جانور جو شڪار ٿي وڃي، ان کي ڳولهي لهو“.
    سڀ اڌ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌيا، هنن وات جي چوگرد هٿن کي ڏئي هن کي پڪارڻ شروع ڪيو، هو پڪاريندا رهيا پر ڪٿان ڪو به جواب نه آيو، انهن جا سڏ پڙاڏو ٿي هڪٻئي سان ٽڪرائبا رهيا ۽ انهن کي پڪ ٿي وئي ته اهو زندهه نه آهي ضرور مري چڪو آهي.
    ”جيڪر اسين ان کان معافي وٺي سگهون“. ڪنهن چيو ”جيڪر اهو اسان کي ملي وڃي ته ڏوهه بخشرائي سگهون“.
    هو وڻن جي اونداهي جهنڊ مان ٿيندا جڏهن هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي مٿي پهتا ته پري کان انهن کي چنڊ جي روشنيءَ ۾ ڪو انسان آبشار ڀرسان گاهه تي ڪريل نظر آيو.
    ”اوهه اهو مري چڪو آهي“. ڪنهن روئندي چيو، ”ڏسو اهو ان جو لاش پيو آهي“.
    سڀ تيزيءَ سان اوڏانهن وڌيا.
    اهي جڏهن ان جي مٿان پهتا ته انهن ڏٺو اهو شخص بي سڌ ٿيو سڌو سنئون ليٽيل هيو، هنن جڏهن ان جي منهن ۾ نهاريو ته هن جون اکيون کليل هيون جيڪي ڄڻ آسمان ڏي نهاري رهيون هيون.
    ”ها هيءُ مري چڪو آهي“. ملاح چيو ”هاڻي توهان خدا کان ئي معافي وٺي سگهو ٿا“.
    جڏهن سڀني کي پڪ ٿي وئي ته اهو مري چڪو آهي تڏهن اداڪار پهريون دفعو عام رواجي انسان جيان اڳتي وڌيو ۽ هن ان شخص جي سيني کي ڇهي دل جي حرڪت کي محسوس ڪرڻ چاهيو. جڏهن اهو ان جي مٿان جهڪيو ته اوچتو ان شخص جي جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽ اهو اکيون ڇنڀي ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهيو. هن مٿان بيٺل سڀني ماڻهن جي واتن مان ذري گهٽ رڙيون نڪري ويون، پر پوءِ انهن جي منهن تي سرهاڻ اچي وئي، جڏهن انهن محسوس ڪيو ته نه اهو جيئرو آهي، ان کان اڳ جو اهي سڀ هن کان معافي وٺن هن ڳالهايو. ”دراصل مان اکيون کولي چنڊ ۾ ڪنهن کي ڳولي رهيو هوس“ پوءِ هن هٿ ٻڌي سڀني کان معافي وٺندي چيو، ”نظارن ۾ مان ايترو ته گم ٿي ويو هوس جو مان توهان سڀني کي وساري ويٺس... دوستو مون کي معاف ڪجو“.


    روئندڙ ٻار جو الميو

    ٻار روئندو رهيو، ان بس ئي نه پئي ڪئي.
    ماڻهن جو هجوم هيو جيڪو اتي اچي ڪٺو ٿيو هيو. هر ڪنهن پنهنجي ڳالهه پئي ڪئي.
    ”ان کي پڪ سان پيٽ ۾ سور آهي“. ڪنهن ڳالهايو ”ڊاڪٽر کي ڏيکاريوس“.
    هجوم ٻار کي کڻي ڊاڪٽر وٽ پهتو. ڊاڪٽر ٻار کي تپاسيو، ان جي پيٽ ۾ هٿ سان رگها هنيا.
    ”منهنجي خيال ۾ ٻار جو پيٽ ٺيڪ آهي“. ڊاڪٽر ڪجهه غير يقيني انداز ۾ چيو ”هن سان ٻئي ڪا واردات آهي“.
    ماڻهن جي هجوم ۾ سناٽو ڇانئجي ويو.
    ”ٿي سگهي ٿو ان کي ڪن ۾ سور هجي“. ڪنهن وري ڳالهايو.
    ڊاڪٽر ٻار جا ٻئي ڪن تپاسيا.
    ”منهنجي خيال ۾ اهي ٺيڪ آهن“. هن وري غير يقيني انداز ۾ چيو.
    هجوم ۾ وري چپ ڇائنجي وئي، هر ڪو هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسندو رهيو.
    ”بابا توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟“ هڪ عورت اڳتي وڌي ٻار کي ٻئي عورت کان وٺي پنهنجن هٿن ۾ جهولڻ لڳي. هن معصوم ٻار سان اهو سمجهندي به ته ڪجهه ڏينهن جو ڄايل آهي، ڳالهايو ”بس بابا.... بس“ هن ان کي چمي ڏئي وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻار روئندو رهيو.
    ”لڳي ٿو ٻار کي هوڙ ۾ سور آهي“ ڪنهن چيو ۽ هجوم ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
    ”اڙي ٻار جي عمر کي ڏس..... ان کي ڏند ئي ڪو نه آهن ته هوڙ ڪيڏانهن آئي؟“ ڪنهن جواب ڏنو.
    ”اچو ته هن کي ڪو سٺو رانديڪو ٿا وٺي ڏيون“. ڪنهن چيو،
    ”ان کي رانديڪي جيتري سمجهه نه آهي. هيءُ ته بلڪل ابهم آهي“. هجوم مان ڪنهن عورت ڳالهايو.
    ”مون کي ڏيو ته مان ٿو پرچايانس“ ڳوٺ جي مسخري ماڻهن جي هجوم کي چيريندي ٻار تائين پهچندي چيو. هن ٻار کي عورت جي هٿن مان وٺي ان اڳيان جانورن جون عجيب ۽ غريب شڪليون ٺاهي ان کي ريجهائڻ جي ڪئي، پر ٻار روئيندو رهيو. مسخري ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ٻار کي پيٽ ۽ پٺيءَ تي ڪتڪتايون ڏنيون، ٻار جي روئڻ جو آواز اڃا به وڌي ويو. هجوم پريشان ٿي ويو.
    ٿوري دير گذري ته ڳوٺ جو مذهبي پيشوا اچي اتان لنگهيو. مذهبي پيشوا کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي سڀ ماڻهو پري هٽي هن کي وچ ۾ جاءِ ڏئي آڻي روئندڙ ٻار جي مٿان بيهاريائون ۽ هن کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيائون.
    ”ٻار کي سخت بک لڳي آهي“. مذهبي پيشوا خود اعتمادي سان ڄڻ آخري فيصلو ٻڌايو.
    ”هن کي جيڪڏهن کير نه مليو ته ٻار تڙپي مري ويندو“. هن ڳوٺ جي نوجوان عورتن ڏانهن منهن ورائي چيو. ”هن ٻار جي ماءُ ڪير آهي جيڪڏهن هن ٻار جي دعويٰ ڪنهن به عورت نه ڪئي ته پوءِ هن ٻار کي قتل ڪيو ويندو؟ مذهبي پيشوا چيو ”هن ٻار کي ڳوٺ ۾ گناهن ۽ بي حيائيءَ جي نشاني سمجهي ڪڏهن به جيئڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.... هيءُ ٻار اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ تباهي ۽ بي غيرتي جو سبب ٿي پوندو... هن کي ڪنهن به صورت ۾ قتل ڪيو ويندو“. ڳوٺ جي عورتن جي وات مان ٿڌا شوڪارا نڪري ويا.
    مذهبي پيشوا پنهنجي کيسي مان پاڪ ڪتاب ڪڍي هر عورت آڏو ڦهلائي ان کان ان ڳالهه جي گواهي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻار ان جو نه آهي. هر عورت هٿ وڌائي پاڪ ڪتاب تي رکندي وئي. ”مون کي پاڪ ڪتاب جو قسم آهي ته مان پاڪدامن آهيان، ٻار منهنجو نه آهي“. هر عورت هڪ ٻئي پويان چوندي وئي ۽ جڏهن سڀني عورتن پنهنجي پاڪدامنيءَ جو قسم کڻي پورو ڪيو ته مذهبي پيشوا پريشان ٿي ويو.
    ”ته پوءِ هن ٻار کي ڪنهن جنم ڏنو آهي؟“ مذهبي پيشوا چيو ۽ سڀ ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا. ايتري ۾ پري کان ڳوٺ جو مسخرو نظر آيو. هو جڏهن هجوم جي ويجهو آيو ته گهڻي سهڪڻ ڪري هن جي وات مان لفظ ئي نه پئي نڪتا، جڏهن اهو ٿوري دير سهڪي سامت ۾ آيو ته هن پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيري هجوم کي مخاطب ٿي چيو ”ڳوٺ جي کوهه ۾ هڪ عورت جو لاش پيو آهي..... مون پنهنجين اکين سان ان لاش کي ڏٺو آهي؟“
    ”هن جي ڳالهه تي يقين نه ڪجو.... هيءُ اهڙا ڀوڳ ڪندو رهندو آهي“ هجوم مان ڪنهن چيو.
    ”پوءِ هلو ان لاش کي پاڻ ڏسي پڪ ڪريون“ مذهبي پيشوا چيو ته پورو هجوم ان جي پويان هلندو اچي ان کوهه جي مٿان بيٺو. هر ڪنهن کوهه ۾ هيٺ نهاريو. کوهه جي تري ۾ ڪنهن عورت جو لاش پاڻي ۾ تري رهيو هيو. سڀني مردن ۽ عورتن جي واتن مان سيسراٽ نڪري ويا، خوف کان هر ڪنهن جا چپ اڇا ٿي ويا. هجوم جي ڪجهه فردن ان لاش جي منهن کي چتائي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. مذهبي پيشوا گهڻي دير تائين ان عورت جي لاش کي ڏسندو رهيو. هن جي اکين مان ڳوڙهن جا ڦڙا هيٺ کوهه جي پاڻيءَ ۾ ڪري پيا. هن جو منهن لهي ويو ۽ چپ ڏڪڻ لڳا ائين محسوس ٿيڻ لڳو. جيئن هن کي مرگهيءَ جو دورو پوڻ وارو آهي. نيٺ هن پاڻ تي ضبط ڪري اکين کي اگهيو.
    ”گناهگار کي ان جي سزا ملي وئي“ پوءِ هن هجوم ڏي منهن ڪري چيو ”هن ڳوٺ جون عورتون سچيون آهن، انهن پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ڪوڙي گواهي نه ڏني هئي. هاڻي شڪ جي ڪا به گنجائش نه رهي آهي. کوهه ۾ ترندڙ عورت جو لاش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان عورت ٻار کي جنم ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي ضمير جي هٿان مجبور ٿي خودڪشي ڪئي. ڳوٺ جون عورتون توهان واقعي ئي پاڪدامن آهيو“.
    ڳوٺ جي سڀني عورتن ۾ ڄڻ ساهه موٽي آيو، انهن دل ئي دل ۾ خدا کان شڪر جي دعا گهري جنهن انهن کي ان وڏي امتحان مان صحيح سلامت گذرڻ ۾ مدد ڪئي.
    ڳوٺ جا مرد مرجهايل منهن سان اڃان به ڪجهه سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا، انهن جا منهن لٿل ۽ جسم ڍلا هيا، انهن مان ڳالهائڻ جي شڪتي نڪري وئي هئي هو سڀ خاموش هيا.
    ”پر ٻار جو ڪنهن به صورت ۾ جيئرو رهڻ اسان جي معاشري لاءِ بهتر نه آهي“. مذهبي پيشوا جو دکدائڪ ۽ ڏڪندڙ آواز هڪ دفعو وري گونجيو ”هن کي ختم ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي“ ان کان اڳ جو مذهبي پيشوا ٻار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي، هجوم ۾ بيٺل عورتن ۾ بيچيني وڌي وئي.
    ”عورت کي ته ان جي گناهن جي سزا ملي وئي پر آخر اهو ڪهڙو مرد آهي جيڪو ان سان ڏوهه ۾ شريڪ ٿيو، ٻار کي قتل ڪرڻ کان اڳ ان کي سزا ڏني وڃي“ هجوم مان ڪنهن عورت ڳالهايو. مذهبي پيشوا ڪجهه دير سوچ ۾ پئجي ويو، هن جي نرڙ جا گهنج گهاٽا ٿي ويا. هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا جنهن ڪري ان جي ٻانهن ۾ پيل روئندڙ ٻار جو جسم به لرزڻ لڳو. ڳوٺ جا مرد شڪ جي نگاهن سان هڪ ٻئي کي ڏسي هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيا.
    ”ها ضرور....“ مذهبي پيشوا جو روئڻ جهڙو آواز اڀريو، ”انصاف جو تقاضو ضرور پورو ڪيو ويندو.“
    پوءِ هو اڳتي وڌيو ۽ هن ڳوٺ جي مردن ڏانهن نهاريو.
    ”توهان مان جيڪو گناهگار آهي.....اهو ٻاهر نڪري نروار ٿئي نه ته هر مرد کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ان ڳالهه جو اقرار ڪرڻو پوندو ته اهو بي گناهه آهي“.
    مذهبي پيشوا ٿوري دير انتظار ڪيو پر هجوم مان ڪو به مرد ٻاهر نه نڪتو، هو هڪ دفعو وري پاڪ ڪتاب ڪڍي مردن ڏانهن وڌيو.
    ”توهان کي هن ڪتاب تي هٿ رکي پنهنجي بي ڏوهي هجڻ جو ثبوت پيش ڪرڻو پوندو“. هن چيو ۽ پوءِ پاڪ ڪتاب کي هر مرد آڏو ڦهلائيندو ويو. سڀ مرد هڪ هڪ ٿي ان ڪتاب تي هٿ رکندا ويا.
    ”اي مذهبي پيشوا هن پاڪ ڪتاب جو قسم آهي مان بي گناهه آهيان“ هر ڪو مرد هڪ ٻئي پويان ساڳيو جملو چوندو ويو. سڀ کان آخر ۾ جڏهن ڳوٺ جي مسخري جو وارو آيو ته هن پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ان کي چمي ڏني ۽ پوءِ مذهبي پيشوا جي ٻانهن ۾ پيل روئندڙ ٻار جي مٿي تي هٿ گهمائي ان کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”خبردار تون پنهنجي ڪڌي مذاق سان پاڪ ڪتاب جو تقدس پامال ڪري رهيو آهي، تون هڪ ئي مهل پاڪ ڪتاب ۽ ٻار کي ڇهي نه ٿو سگهين“. مذهبي پيشوا چيو ۽ مسخرو ڏڪي ويو. ڳوٺ جي مذهبي پيشوا قهر ڀريل نظرن سان مسخري کي نهاريو ۽ پوءِ هن جون اکيون ڳوٺ جي سڀني مردن ڏانهن کڄي ويون.
    ”ته ڇا توهان مان ڪو به ان ڳالهه جو اقراري نه آهي ته اهو ڏوهي آهي؟“ هن سوال ڪيو
    ”اسين بي گناهه آهيون“ ڳوٺ جي سڀني مردن هڪ آواز ۾ چيو.
    ”ته پوءِ هن ٻار جو وجود ڪيئن پيدا ٿيو“ هن هڪ دفعو وري پڇيو
    سڀ چپ ٿي ويا ۽ صرف روئندڙ ٻار ڏانهن نهاريندا رهيا.
    ”کوهه جي تري ۾ پيل لاش مريم جو ته نه آهي“؟ ڳوٺ جي مسخري ڳالهايو.
    ”بڪواس بند ڪر بدبخت مسخرا تون واجب القتل آهين..... توکي نه بخشيو ويندو“. مذهبي پيشوا اکيون ڳاڙهيون ڪري ان ڏانهن نهاريو، مسخرو ڊڄي ويو ۽ هن جا هٿ ڪنن تائين اچي ويا.
    ”منهنجو اهو مطلب نه هيو، مون پئي چوڻ چاهيو ته متان کوهه جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن مرد جو لاش به پيو هجي، ڇو جو ڳوٺ جي ڪنهن به مرد ان ڏوهه جي ذميواري پنهنجي سر تي نه کنئي آهي“.
    ڳوٺ جي مذهبي پيشوا هڪ دفعو وري کوهه ۾ نهاريو.
    ”نه صرف اتي عورت جو لاش آهي“ هن وڏي آواز ۾ چيو ”پر ان گناهگار مرد کي ضرور سزا ملندي“.
    ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جڏهن ته ڪو به مرد پاڻ تي اها تهمت کڻڻ لاءِ تيار نه آهي“.
    هجوم مان ڪنهن عورت ڳالهايو.
    ”منهنجو خدا ۾ يقين آهي، اهو گناهگار کي ڪڏهن به نه بخشيندو“.
    مذهبي پيشوا چيو ۽ هن جو سڄو جسم ڪنهن خوف کان ڏڪڻ لڳو.
    ”پر ٻار بي قصور آهي“ ڪنهن عورت چيو. ”ان کي سزا ڏيڻ بي واجبي آهي“.
    ”توکي اهو جملو چوڻ جي ڏوهه ۾ سنگسار به ڪري سگهجي ٿو، ڳوٺ جي بي وقوف عورت“ مذهبي پيشوا چيو.
    ”ته پوءِ ٻار کي قتل ڪرڻ کان اڳ ان مرد کي ڳولي سزا ڏني وڃي، انهن جي گناهه جي عيوض اهو ٻار مصيبت ۾ گرفتار ٿيو“ ڪنهن عورت وري ڳالهايو.
    ”خدا ان کي ضرور سزا ڏيندو، پاڪ ڪتاب جي جنهن به بي حرمتي ڪئي آهي ان تي ضرور قهر نازل ٿيندو“.
    مذهبي پيشوا جو جسم وري ڏڪڻ لڳو.
    ”ته پوءِ ڪير آهي جيڪو اڳتي وڌي هن ٻار جي ناپاڪ جسم کي روح کان الڳ ڪري خدا آڏو سرخرو ٿيندو“ مذهبي پيشوا چيو ۽ پوءِ هو هجوم ڏانهن نهارڻ لڳو، سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا. مذهبي پيشوا ڳوٺ جي رهزن ڏانهن نهاريو. ”مون زندگيءَ ۾ گهڻن ئي انسانن کي پنهنجن هٿن سان قتل ڪيو آهي، پر مون ۾ اها قوت نه آهي جو ان ٻارکي قتل ڪري سگهان“ ڳوٺ جي رهزن وڏي آواز ۾ چيو.
    ”ته پوءِ هن کي قتل ڪرڻ بدران کوهه ۾ اڇلايو ويندو“ مذهبي پيشوا چيو ۽ هو روئندڙ ٻار کي پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪري وڃي کوهه جي ڪناري تي بيٺو، ٻار وڏيون وڏيون رڙيون ڪري روئڻ لڳو. ڳوٺ جي مسخري کي پهريون دفعو ماڻهن آڏو اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ ڳوٺ جون عورتون رئي جا پاند ڏندن ۾ وجهي بيهي رهيون.
    ”اسان اهو منظر نه ڏسي سگهنداسون“ ڳوٺ جي رهزن چيو ”ٿوري دير بيهه اسان منهن پري ڪري بيهڻ ٿا چاهيون“.
    مذهبي پيشوا ٿوري دير بيهي رهيو ۽ هن ڳوٺ جي ماڻهن کي منهن پري ڪري بيهڻ جي اجازت ڏني، ڳوٺ جا سڀ مرد عورتون منهن ٻئي طرف ڪري بيهي رهيا. خاموش وايو منڊل ۾ روئندڙ ٻار جون رڙيون هرطرف ڦهلجي ويون، ٻار وڏيون وڏيون رڙيون ڪري ڄڻ ڪنهن کي سڏڻ لڳو. هيٺ کوهه جي تري ۾ پيل عورت جو لاش پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو ۽ ڪائنات جي هر شيءِ ان گهڙي جو انتظار ڪرڻ لڳي جڏهن کوهه جي پاڻي ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز پيدا ٿيندو ۽ روئندڙ ٻار جو آواز گهٽجندو خاموش ٿي ويندو.
    ٿوري دير گذري ته کوهه جي پاڻيءَ ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو آواز پيدا ٿيو، ڳوٺ جي مردن ۽ عورتن جا ڇرڪ نڪري ويا. انهن جي وات مان آهون نڪري ويون، ڳوٺ جي رهزن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ مسخرو ڍاڍيون ڪري روئي پيو، انهن پنهنجا ڪنڌ سڌا ڪري کوهه ڏانهن نهاريو، انهن جي حيرت جي انتها نه رهي، انهن ڏٺو مذهبي پيشوا گم هيو ۽ کوهه جي ڪناري تي ليٽيل ننڍڙو ٻار روئي رهيو هيو.


      جنت ۽ دوزخ جي وچ تي

    ”هو ڏس شايد ڪارو نانگ آهي“ عورت چيو ”ڪيئن نه وڻ جي ٽاري ۾ پڇ سان وڪڙ هڻي ڦوڪارا پيو ڇڏي“.
    هن ڪنڌ کڻي ڏٺو.
    ”ها واقعي اهو به ڪنهن بديءَ جو روپ آهي، اسان جي راهن ۾ اڃا به اهڙيون ڪيئي بلائون اينديون، جن کي ٿڏي اسان کي منزل تي پهچڻو آهي“.
    هن قدمن تي زور ڏيندي تيز هلندي چيو.
    ”پر مان ٿڪجي پئي آهيان“ عورت جواب ڏنو ”هيءَ راهه ڪيتري نه ڏکي ۽ ڪٺن آهي شايد منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي اسان دم ڏئي ڇڏيون“.
    هن جي ڳالهه تي مرد ڪجهه حيرت مان هن ڏانهن نهاريو.
    ”اهو ڪيئن ممڪن آهي، جتي اسان جا ساهه کٽندا اها ئي اسان جي منزل هوندي“.
    ”پر منهنجو اڳتي هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي“ عورت نماڻائيءَ سان چيو ”ڇو نه هوءَ ٻي واٽ وٺون جيڪا گلن ٻوٽن سان سينگاريل، هر بلا کان دور، سڌي ۽ هموار آهي“.
    مرد ڪجهه خفي ٿيندي هن کي ڇڻڀيو.
    ”نه ان جو انت خراب آهي“.
    هو ٻئي تيزيءَ سان اڳتي وڌندا رهيا، راهه جي هر بلا کي ٿڏيندا ۽ ٿاٻڙندا، ناهموار رستي جي هر وڪڙ، لاهن چاڙهن کي پنهنجي پيرن سان ٿڏيندا وڌندا رهيا.
    انهن جي زندگي جو ويهون ڪلوميٽر شروع ٿي چڪو هيو پر انهن جي منزل اڃا ڏور هئي.
    جڏهن انهن ٻنهي جي تخليق ٿي هئي ته انهن اڳيان ٻه رستا رکيا ويا هيا، هڪ ناهموار ڏکيو ۽ خطرن سان ڀرپور رستو ۽ ٻيو آسان صاف ۽ گهٽ پيڙا وارو رستو جن مان هڪ تي هلي انهن کي پنهنجي منزل تي رسڻو هيو. ڏکي ۽ ناهموار رستي جو انت هڪ اهڙي دنيا تي هيو جيڪا خوبصورت ۽ آرام واري هئي، ان ۾ زندگيءَ جي ضرورت جي هر شيءِ موجود هئي، باغن ۽ گلن سان ڀرپور هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ماکيءَ جون نديون هيون، ميوا هيا ۽ شراب پياريندڙ خوبصورت عورتون هيون، جڏهن ته هموار ۽ آسان رستو هڪ اهڙي دنيا تي ٿي کٽو جتي باهه ئي باهه هئي، کائڻ لاءِ ٿوهر هيو ۽ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي، خوبصورت عورتن بدران بدصورت بلائون هيون، هر طرف ڄر هئي ۽ ڄر ۾ سڙندڙ سهل پسند انسانن جون چمڙيون هيون.
    جڏهن هو وجود ۾ آيا هئا ته تخليقڪار ٻه چاٻيون مرد جي حوالي ڪيون هيون ۽ حڪم ڏنو هيو ته ”وڃو ٻئي راهون توهان لاءِ کليل آهن، هر راهه جي پڄاڻي تي هڪ دروازو آهي ۽ انهن دروازن تي اڇن ۽ ڪارن پرن وارا دربان آهن، توهان جيڪا راهه چونڊي اتي پهچندا ته اهي چاٻيون انهن جي حوالي ڪري پنهنجي پنهنجي ڀوڳنا جو ڦل وصول ڪندا، هر واٽ جو ڦل پنهنجو پنهنجو آهي، هڪ واٽ جي نصيب ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون آهن ته ٻئي جي نصيب ۾ ٿوهر ۽ ٽهڪندڙ پاڻي. سڀ توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، توهان جيڪي چاهيو اختيار ڪيو“.
    پوءِ هو ٻئي زندگيءَ جي پهرين ڪلوميٽر تي هيا، ريڙهيون ڏيندا ان راهه تي هلڻ لڳا جيڪا هڪ سٺي انتها تي ختم ٿي ٿئي. ڪجهه اڳتي هليا ته جانورن جيان چئن پيرن تي بانبڙا پائي رڙهندا رهيا، اڃا اڳتي هليا ته سڌا ٿي ماڻهو بنجي ويا ۽ پوءِ انهن جي زندگيءَ جو ويهون ڪلوميٽر شروع ٿي ويو.
    ”هو ڏس شايد ڪو شينهن آهي“ عورت رڙ ڪري هن کي چيو.
    ”نه“ مرد جواب ڏنو ”اهو تنهنجي اکين جو دوکو آهي، نظر اچي پيو پر آهي نه“ عورت ساڻي ٿي پئي، هن جي پيرن ۾ هلڻ جي سڪت باقي نه رهي.
    ”جڏهن انسان بي همٿ ٿي پوندو آهي ته خوف هن تي غالب ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ هن کي اهو ڪجهه نظر ايندو آهي جيڪو دراصل نه هوندو آهي“.
    ”مان ڪجهه دير آرام ڪرڻ چاهيان ٿي“، عورت چيو.
    ”هائو منهنجيون ٻانهون حاضر آهن“.
    مرد ٻئي ٻاهون هن ڏانهن پکيڙي، هن کي ڀاڪر پائي سيني سان لائي ڇڏيو.
    ”ڪيڏو نه آرام آهي تنهنجين ٻانهن ۾“. هن اکيون بند ڪندي مرد جي ڇاتيءَ تي سمهندي چيو.
    ”پيار ئي آهي جيڪو اسان جي هر مشڪل آسان بنائي ٿو“.
    مرد هن جي وارن ۾ هٿ ڦيري ڳل تي چمي ڏني ۽ هو سمهي پيا. زندگي جي پنجويهين ڪلوميٽر تي پهچي اوچتو ڄڻ عورت جي اک کلي پئي.
    ”مان ٻئي راهه اختيار ڪري رهي آهيان، منهنجن پيرن ۾ ڪنڊن سهڻ جي وڌيڪ همت نه رهي آهي“. هن چيو ۽ مرد جي ٻانهن مان الڳ ٿي وئي.
    ”اها تنهنجي وڏي ڀل ٿيندي توکان سواءِ وياڪل ۽ برباد ٿي ويندس“. هو عورت جي ويجهو اچي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو، ڏس تون ۽ مان زندگي ڀر لاءِ گڏ رهڻ جو قسم کنيو هيو. مون کي ڇڏي نه وڃ هن زندگي جي رڻ ۾ اڌ ٿي ويندس. آخر تون منهنجو اڌ حصو آهين. توکان سواءِ منهنجو وجود بيڪار ٿي ويندو. آخر ڪو ماڻهو هڪ ڄنگهه سان ڪيترو هلي سگهي ٿو؟ هڪ هٿ سان ڇا ڪري سگهي ٿو؟ اڌ دماغ سان ڇا سوچي سگهي ٿو؟ ۽ هڪ اک سان ڪهڙو ڏسي سگهي ٿو؟ مون سان مل ۽ مونکي مڪمل رهڻ ڏي.
    عورت ڦڪائيءَ سان منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
    ”دراصل تنهنجي وجود جي تڪليف ئي منهنجي وجود جي تڪليف آهي، تو ۾ مان آهيان، تنهنجي وجود جي ڀوڳنا منهنجي وجود لاءِ عذاب آهي، تنهنجي جسم جي تڪليف مون کي پيڙا ڏيندڙ آهي ۽ تنهنجي ٿڪاوٽ منهنجي ٿڪاوٽ آهي، تنهنجي وجود ۾ چپندڙ ڪنڊا منهنجو وجود ڏکائين ٿا جيڪو برداشت ڪري نه ٿي سگهان. ان ڪري بيوفائيءَ جي تيز ڌار آلي سان ان کي مان ٻن حصن ۾ ورهايان ٿي. مون کي خبر آهي ان ڪار ۾ مون کي پيار جو رت وهائڻو پوندو، روح تي هڪ گهاءَ جو عذاب سهڻو پوندو پر اهو سڀ زندگي ڀر جي پيڙا ۽ درد کان بهتر آهي“. مرد جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هو عرش ڏي منهن ڪري روئڻ لڳو. جڏهن هو روئي روئي ساڻو ٿيو ته هن عورت کي هٿ جي آڱر سان تنبيهه ڪندي چيو ”ڏس جيئن هن آڱر جي ٽن هڏين مان ٻه جدا ڪري ڇڏجن ته ان جو ڪو وجود نه رهندو اهڙي طرح تون ۽ مان الڳ ٿي انسانيت جي دائري مان نڪري وينداسون، توکي مونکان الڳ ڪرڻ لاءِ صرف مونکي ئي وڍڻو نه پوندو پر پاڻ کي به ٻه اڌ ڪرڻو پوندو، ٻنهي جي بقا ان ۾ آهي ته جيئرا رهون ۽ الڳ نه ٿيون“.
    ”نه“ عورت کهرائيءَ سان چيو ”مان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي منزل جي چاٻي منهنجي حوالي ڪري ڇڏ“
    مرد جون اکيون مٿي کڄي ويون. عورت مرد ڏانهن وڌي هن کي پاڻ سان گڏ ان راهه ڏانهن ڇڪڻ لڳي جنهن ڏانهن هوءَ وڃي رهي هئي.
    ”نه“ مرد چيو “سهل راهن تي پيار جو ڪهڙو ڪم، پيار ته ٿيندو ئي انهن راهن تي آهي. جيڪي پيڙا درد ۽ خوف سان ڀريل هجن، پيار جو رستو هر آفت کي ٿڏڻ لاءِ هوندو آهي، ڪٺن زندگيءَ کي آسان بنائڻ لاءِ هوندو آهي، دردن کي ۽ پيڙائن کي ورهائڻ لاءِ هوندو آهي. ڀلا جنهن راهه تي زندگي کي هر آسائش ۽ ڪو به خوف نه هجي ان راهه تي پيار جو ڪهڙو استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان راهه تي انسان الڳ الڳ کٻي ۽ سڄي پاسي کان ئي هلي سگهي ٿو.”
    ”ته پوءِ تنهنجيون ۽ منهنجيون راهون الڳ آهن“ عورت چيو ”منهنجي اعمالن جون چاٻيون منهنجي حوالي ڪر. مان ٻئي رستي کي چونڊي ڇڏيو آهي“.
    ”پر اهو پيار“ مرد التجا ڪندي چيو ”توکي منهنجي لاءِ دل ۾ ڪو به درد محسوس نه ٿي رهيو آهي“.
    عورت جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هن پنهنجا اگهاڙا پير کڻي مرد کي ڏيکاريا ”انهن ۾ هاڻي هلڻ جي ڪا به سڪت نه رهي آهي“.
    هن پنهنجا هيڊا هٿ کڻي هن آڏو ڪيا.
    ”انهن ۾ پيار کي گرمائڻ لاءِ رت جو ڪو به دورو نه رهيو آهي“.
    هن پنهنجي خشڪ چپن کي آڱر سان ڇهيو.
    ”انهن ۾ چمڻ جي ڪا به توانائي نه رهي آهي“.
    هن پنهنجون ڏرا ڏئي ويل اکيون مرد آڏو گهوريون.
    ”تنهنجو چهرو ڌنڌلو ٿي ويو آهي، منهنجي وجود جو هر حصو بيڪار ٿي ويو آهي“.
    مرد کي ڄڻ هن تي رحم اچي ويو. هن هٿ وڌائي تخليقڪار کان مليل ٻنهي چاٻين مان هڪ هن جي حوالي ڪري ڇڏي.
    ”ته پوءِ تون وڃ مان تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ دعاگو آهيان“.
    عورت ڏڪندڙ هٿن سان چاٻي ورتي ۽ هن کان الڳ ٿي وئي. هو زندگيءَ جي پنجويهين ڪلوميٽر تي هڪ ٻئي کان وڇڙجي ويا. مرد موڪلائڻ وقت نه ئي هن کي پنهنجي ڇاتي سان لائي الوداع چيو ۽ نه ئي عورت ان جي ضرورت محسوس ڪئي. بس هو ٻئي خاموشيءَ سان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا، جيئن سڪتي ۾ هجن صرف انهن جون اکيون کليل هجن ۽ جيڪي ڪجهه ٿيندو هجي ان کان اڻ ڄاڻ هجن.
    عورت ٿورو هلي پٺي ورائي هن کي ڏٺو، هن جي من چاهيو ته هوءَ موٽي ڊڪندي وڃي هن جي ڇاتيءَ سان لڳي پر هن ۾ ڊوڙڻ جي سڪت نه رهي هئي. هن کان سڏڪو نڪري ويو، هٿ بي اختيار اکين ڏانهن کڄي ويا ۽ هوءَ پري منهن ڪري هلندي آهستي آهستي هن جي نظرن کان ڏور ٿي وئي، مرد ٻه ٽي وکون کڻي پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌيو ۽ پوءِ اهڙي نموني ويهي رهيو جيئن هو ڪري پيو هجي.
    ”مان ڪيترو نه ٿڪجي پيو آهيان“ هن پهريون دفعو چيو.
    هو اٿيو ۽ هلڪا قدم کڻي اڳتي وڌندو رهيو.
    هو اڪيلو زندگيءَ جي هر ڪلوميٽر تي هر آفت سان منهن ڏيندو اڳتي هلندو رهيو. هن جي رستي تي پيل غربت جا نانگ، بي روزگاري جا لاش، حڪمرانن جا رت ۾ ٻوڙيل پروانا، ناانصافين جا ڦاها، هن جي چمڙيءَ جي هر حصي تي پاتل ظلم جي ڦٽڪن جا ابتا سبتا ليڪا، وقت جي جلاد جا قيد خانا ۽ ڪتن جيان ڀونڪندڙ بندوقن جي وسندڙ گولين جا آواز هن جي قدمن تي وچڙندڙ سرمائيدار جي چڪيءَ ۾ پيجسي ويل مزدورن جا اڌ اگهاڙا لاش، هارين جا ظلم جي هر سان چيرجي ويل سينا، انهن جو گوشت نچوڙيندڙ پٽڪا پاتل ڳجهون نئين سماج جي اڏاوت جا بلند ٿيندڙ نعرا، باهه ئي باهه، هو رت ۽ باهه جي درياهه ۾ ترندو اڳتي وڌندو رهيو.
    جڏهن هو زندگيءَ جي آخري ڪلوميٽر تي پهتو ته سهڪي رهيو هيو، شايد هو دمڪشيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو هيو يا شايد گهڻي هلڻ ڪري هن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي. هن جي چيلهه جو ڪنڊو ٻاهر نڪري آيو هيو ۽ هو لٺ جي سهاري هلي رهيو هيو. هن جو جسم ڏڪي رهيو هيو، شايد گذريل زندگيءَ جي خوفناڪ گهڙين جو ان تي اثر ٿيو هيو، هن جيڪي ڪجهه ڏٺو هيو اهو هڪ دهشت جي صورت ۾ هن جي دماغ تي حاوي ٿي ويو هيو. شايد رستي جا اهي ڦاهيون ۽ ڦندا هن جي ڳچي ۾ وڌا ويا هئا، جنهن کان هن جي ڳچي سنهي ٿي وئي هئي ۽ هڏا ٻاهر نڪري آيا هيا، يا شايد اهي ڦٽڪا هن جي وجود تي لڳا هيا، جنهن کان هن جي چمڙيءَ ۾ گهنج پئجي ويا هيا، يا شايد اهي گوليون هن جي اکين جو نشانو بنائي هنيون ويون هيون، جنهن کان اهي ڏرا ڏئي ويون هيون يا شايد اهي حڪمرانن جا پروانا هن جي ڪنن ۾ شيهي جيان گرم ڪري وڌا ويا هيا جنهن کان اهي ٻوڙا ٿي ويا هيا، يا شايد پٽڪا پاتل ڳجهون هن جو گوشت نچوڙي کائي ويون هيون جنهن ڪري هن جي جسم جا هڏا وڃي بچيا هيا.
    جڏهن هو زندگي جي سفر جي آخري ڪلوميٽر تي پهتو ته هن کي پري کان هڪ وڏو دروازو نظر آيو، هن جي منهن تي گهڻي وقت کان پوءِ مرڪ تري آئي، هن جي منزل اچي چڪي هئي، هن جو پنڌ سجايو ٿيڻ وارو هيو، هن کي عورت ياد آئي، ها عورت جيڪا بيوفا هئي، هن جي وجود جو حصو هوندي به هن کان الڳ ٿي وئي، جيڪا هن وانگر پنهنجي منزل تي پهچي چڪي هوندي،جنهن کي هاڻ پنهنجي بيوفائيءَ جو ڦل ملڻ وارو هوندو. جنهن جي اڳيان پڻ هڪ دروازو هوندو ۽ ان دروازي پويان ٻرندڙ نفرت جي باهه ۽ بي وفائي جو ڪڙو ڳردار ٿوهر. مرد اهو سوچي مرڪيو، پر وري اداس ٿي ويو.
    هو اڳتي وڌي ان دروازي اڳيان ٺهيل چانٺ تي ويهي رهيو، هو بي انتها ٿڪجي پيو هو ۽ پوءِ هو اتي ئي ليٽي پيو. هن ڪنڌ ورائي دروازي تي بيٺل اڇن کنڀن واري دربان کي ڏٺو ۽ پوءِ دروازي ۾ لڳل ان تالي کي جنهن جي چاٻي هن وٽ محفوظ هئي. هن کي منزل تي پهچڻ جي دلجاءِ ٿي وئي ۽ هن ٿوري دير پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    ڪجهه دير گذري ته ڪنهن هن کي مٿان اچي جاڳايو.
    ”اٿ مسافر تنهنجي منزل اچي وئي آهي، وڃ هن دروازي جي پويان هڪ نئين ۽ عاليشان زندگي تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي“.
    هن اکيون کوليون ته هڪ فرشتي جهڙو دربان هن سان مخاطب هو، ”پر مونکي اهو ته ٻڌاءِ اتان جو حڪمران ڪير آهي؟ اتي ڦاهيون آهن؟ ڦٽڪا آهن؟ هاري آهن؟ مزدور آهن؟ غربت آهي؟ ظالم جا مڙهيل فرمان آهن؟ جيڪڏهن مليون ۽ زمينون آهن ته ڪنهن جي ملڪيت آهن؟ ڇا بي وفا محبوبائون ته نه آهن؟
    ”مان پهريون توکان سوال ڪندس؟“ ان چيو
    ”ڪهڙو؟“
    ”ڇا تو وٽ هن تالي جي چاٻي آهي“. ان دروازي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”ها“ هن جواب ڏنو
    ”ته پوءِ هتان جو حڪمران تون آهين، هتي ڪو به ظالم ۽ مظلوم نه آهي، هتان جي زمينن جو مالڪ تون آهين، هتي وفادار حورون آهن، کير ۽ ماکيءَ جون نديون آهن ۽ باغات آهن، پوشاڪون آهن، رهڻ لاءِ محلات آهن ۽ اهي سڀ تنهنجي لاءِ آهن“.
    ”ته پوءِ وٺ هي چاٻي ۽ کولي ڇڏ ان دروازي کي“. هن مدتن کان سانڍيل چاٻي دربان جي حوالي ڪري هن کي حڪم ڏنو. دربان هن جي ڏڪندڙ هٿن مان ڪٽ لڳل چاٻي وٺي ان کي صاف ڪيو ۽ پوءِ هو دروازي ڏانهن وڌي ويو. هن چاٻي تالي جي سوراخ ۾ وجهي ان کي گهمايو.... تالي مان ڪڍي صاف ڪري وري گهمايو.... وري گهمايو... پر تالو نه کليو.
    هو جيڪو دروازي جي ٿلهي تي ليٽي دروازي کلڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، ان جڏهن گهڻي دير ٿي ته رڙ ڪري دربان کي چيو ”ايڏي دير.... هن دروازي جي چانٺ تي وفائن جي صلي ملڻ ۾ ايڏي دير....“
    پوءِ هن اکيون مٿي ڪري وڏي آواز ۾ چيو ”تخليقڪار تو وٽ به ايڏي دير ايڏو انڌير.“
    جڏهن دربان تالي ۾ چاٻي هڻي هڻي ٿڪجي پيو ته واپس موٽي هن جي مٿان آيو.
    ”مونکي حيرت آهي“ هن ٿڪيل آواز ۾ چيو ”هيءَ چاٻي تالي کي نه لڳي رهي آهي...مون کي حيرت آهي.... مون کي حيرت آهي؟”
    هو هر هر ساڳيو جملو ورجائيندو مايوس ٿي هن جي ڀر ۾ مجبور ٿي بيهي رهيو، ڪيتري دير تائين هو ٻئي خاموش ۽ حيرت مان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
    ”شايد تو کان ڪٿي نه ڪٿي زندگي جي رستي ۾ غلطي ٿي آهي“. درٻان هن کي مايوس لهجي ۾ چيو. ”تون سوچ... ٿورو سوچ“.
    هن جي ڳالهه تي مرد پنهنجي اکين جا پنبڻ بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن کوليا ته انهن مان بي اختيار پاڻي وهي هن جي منهن جي پاسن کان هيٺ ڪري رهيو هو، جيئن ڪنهن درياهه جا بند ڀڄي پيا هجن ۽ طوفان سڏڪن جو روپ وٺي هن جي وجود کي ويڙهي ويو هجي، هن جي وجود ۾ وڄ چمڪي جنهن کان اهو چير چير ٿي ويو، رت هن جي زخمي جسم مان وري مينهن جيان ٽمڻ لڳو. جڏهن هو روئي روئي ساڻو ٿيو ته هن نهايت ئي نماڻائيءَ سان دربان ڏانهن نهاريو.
    ”ها تنهنجو ڪوئي قصور نه آهي“ هن چيو ”مون کي ياد آهي زندگي جي پنجويهين ڪلوميٽر تي منهنجي چاٻي منهنجي محبوبا جي چاٻيءَ سان مٽجي وئي“!
    هن چيو ۽ پوءِ وري اکيون بند ڪري ڇڏيون ڄڻ اتي ئي مري ويو هجي.


    مليريا

    هو به ٻين جيان سڄو پئي ڏڪبو. سندس وجود ۾ ڄڻ ڪو زلزلو آيو هيو، ڏند ته سندس جسم جو حصو ئي نه رهيا هيا، هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ٿي کڙڪيا. ”آهه.... آهه” هر هر سندس وات مان آواز ٿي نڪتا جن سان گڏ ٻاڦ شامل نه هئي.
    ”ايڏو سيءُ؟ هن هر هر رڙ ڪري ٻرندڙ سج ڏانهن ٿي نهاريو، جيئن تيز گرم اس ۾ اڇي برف وسندي هجي، هن هر هر هڪ هٿ کي ٻئي هٿ مٿان ٿي وهائي ڪڍيو جيئن کيس ڄمي وڃڻ جو احساس نه ٿئي. هن آڱرين کي ڏندن ۾ آڻي ٿي چڪ هنيو جيئن مري وڃڻ جو احساس نه ٿئي. هن وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ٽپو ڏئي ٿلهي سوڙ واري بستري ۾ اندر گهري ويو. پر سندس وجود ڏڪندو رهيو. هن لاءِ ڪٿي به سڪون جو ذرو نه بچيو هيو. سندس ننڊ حرام ٿي وئي هئي. هن کي رات جو نظر ايندڙ خوابن ۾ ذليل ٿي ڪيو ويو، جڏهن هن جي اک ٿي لڳي ته هن ڏٺو ٿئي هو ڏاڍو غير اهم قسم جو ماڻهو آهي، هو انسانن جي هجوم ۾ سڀ کان پوئتي آهي. هن جي ڳالهه جي ڪا به اهميت نه رهي آهي. ان کان اڳتي وڌي هن ڏٺو ٿئي هو مري ويو آهي سندس مٿان ڪو به روئڻ وارو نه آهي، سواءِ هن جي پنهنجي سجاڳ ٿيندڙ رڙ جي ڪا به اهڙي رڙ نه آهي جيڪا هن جي بي جان وجود مٿان گونججي سگهي.
    وقت هن کي هيڻو ڪري ڇڏيو هيو، وقت جيڪو ڪروڙها صدين کان ڦهليل هيو، هن پويان انساني وجودن جو ٺهيل هڪ رستو هيو جيڪو ڏور سوڙهو ٿيندو دنيا جي سرحدن مان لنگهي چنڊ ۽ پوءِ ننڍن ستارن جي جهڳٽن کان پري اوجهل ٿي ٿيندو ويو. هن کي حيرت هئي ته هو ايڏو ڪروڙها سالن جو سفر ان ڊگهي ۽ اڻ کٽندڙ رستي تي ڏڪندي ڪيئن پار ڪري آيو آهي. هن جو وجود ڪيئن برقرار آهي، هن کي ته هر موڙ تي ڪٽي عضون کي الڳ ڪيو ويو هيو پوءِ هو ڪيئن سلامت آهي، هن سوچيو ”ها هو هڪ وڻ جيان آهي جنهن کي جيئرو رکڻ لاءِ ان جو ٿڙ ڪافي هوندو آهي“ هن کي ياد آيو سندس هاڻوڪي صورت تائين اچڻ ۾ هو هميشه ڏڪندو پئي آيو، ڪٿي به گرمائش نه رهي هئي. سج پنهنجي باهه ۾ پاڻ سڙي رهيو هيو،. تيز اس برف جيان وهندڙ پاڻيءَ تي ڄميل هئي، ڪنهن زماني ۾ وڻن جو رنگ سائو هوندو هيو هاڻي اهو نه رهيو هيو، جيڪي ٻرندڙ واريءَ جا ريگستان هوندا هيا اهي ٿڌن جسمن جون قبرون بڻجي ويا هيا. خشڪ بي آب پهاڙي سلسلن تي ويٺل عقابن جي اکين ۾ برف ڳوڙهن جي صورت ۾ رجي وهي هئي ”ها واقعي ئي“ هن سوچيو ”دنيا ته انسان جي وجود جي ارتقا لاءِ مناسب ئي نه هئي خبر نه آهي زندگي ڪيئن ڦٽي نڪتي آهي. شايد ان جي بقائي ان جي فنا آهي“.
    هن جو بيمار وجود ويدن مان ٿيندو وقت جي وڏن ڊاڪٽرن وٽ پهتو. هڪ ڊگهي سفر ۾ هن جي بيماري هڪ لاعلاج مرض جي صورت ۾ سامهون ٿي ايندي وئي، ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪن ۾ پهريون ته هن جي مرض کي معمولي سمجهيو ويو، هن کي ٻڌايو ويو ته هو هڪ اهڙي مرض مان گذري رهيو آهي جيڪو ڌرتيءَ جي هن حصي تي عام آهي، هن کي نبض تي هٿ رکي چيو ويو ته ”توکي معمولي مليريا آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي ان حصي تي جنهن تي تون جيئي رهيو آهين بلڪل اهڙي عام آهي جيئن موت عام هوندو آهي، اها ائين وچڙي پوندي آهي جيئن انسان کي ڪنهن وقت به موت وچڙي پوندو آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي تنهنجي ڏڪڻي اهڙي بند ٿي ويندي جو تون ڄڻ پٿر ۾ تبديل ٿي ويندين“.
    جنهن کان پوءِ هن کي اسپتال ۾ باقاعدگيءَ سان داخل ڪيو ويو،. هن کي هڪ بند وارڊ ۾ ڪجهه ٻين مريضن سان قيد ڪيو ويو. هن لاءِ اتي داخل ٻيا مريض ڪنهن حيرت جو سبب نه هيا، ڇو جو اهي به هن جيان ڏڪي رهيا هيا، انهن جي وجود مٿان به ٿلها ڪمبل پيا هيا. ڳاڙهي رنگ جا ڪمبل جن هيٺان ڄڻ ڪٺل جانور زندگيءَ جون آخري ڇڙيون هڻي رهيا هيا، ڪمبل ڄميل رت جيان هڪ تهه جي صورت ۾ انهن کي ويڙهيا پيا هيا، اتي هر ڪو ٿي ڏڪيو، هر ڪو ساڳي بيماري ۾ مبتلا هيو، ڪنهن به دوا پنهنجو اثر نه ٿي ڏيکاريو، انهن جي خون جا قسم گڏ ڪري چڪاسيا ويا. پر انهن ۾ ڪنهن به قسم جا جيوڙا نه هيا، هر دوا ۽ هر ايجاد بي اثر ٿي وئي هئي، ڪا به اهڙي صورتحال نه ٿي نظر آئي جنهن سان ان مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي، پر پوءِ به وقت جي طبيب ان ڳالهه تي ٿي زور ڏنو ته اها مليريا آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي هن حصي تي عام آهي.
    وارڊ جي درين کان ٻاهر هن ڪڏهن به نهارڻ جي همت نه ڪئي هن کي خبر هئي ته ٻاهر دروازي وٽ ننڍين ڏاڪڻين هيٺان ڪيتريون ئي ايندڙ ۽ ويندڙ ايمبولينس آهن، جن مان لهندڙ اسٽريچرن کي تيزيءَ سان اسپتال ڏانهن ڊوڙايو وڃي ٿو، انهن مان اڪثر اسٽريچر اهڙا آهن جن جا کڻندڙ ٿڪيل مزدورن جيان آهن، انهن کي تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ جي ڪا به ضرورت نه آهي، انهن کي خبر آهي ته سندن ان اسٽريچر تي سمهيل هڪ اهڙو شخص آهي جنهن جي وجود ۾ ڪا به ڏڪڻي نه آهي، اهو لاعلاج مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويو آهي، اهڙن اسٽريچرن جو انت سرد خاني وٽ اچي ٿئي ٿو، شايد ان لاءِ ته من انهن جي جسم ۾ ٿڌ واسو ڪري جنهن کان انهن کي ڏڪڻي شروع ٿي وڃي پر اهي جسم اتي ڏڪندا نه آهن، پنهنجي اکين ۽ منهن ۾ ساڳي حيرت ۽ عجب کي ڄمائي ستل رهندا آهن، انهن جي جسم ۾ گهرائين تائين سوراخ هوندا آهن جن ۾ لوهه جا ذرا رت ۾ ترڻ بجاءِ ڳاڙهسري ڌٻڻ ۾ پوريل هوندا آهن.
    اهو اتي روز جو معمول هيو، هن کي خبر هئي ته اتي ڪبوترن ۽ ٻين پکين کي وڏين عمارتن تي ويهڻ جي فرصت نه هوندي آهي، اهي ان شهر مٿان سدائين گول دائرن ۾ چڪر هڻندا رهندا آهن، هن کي خبر هئي ته انهن جا پر ٿڪيل آهن پر اهي مجبور آهن ڇو جو ڀڄڻ جون سڀ راهون بند ٿي ويون آهن. هن کي خبر هئي ته اتي ٻئي ڪنهن وارڊ ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن کي هن جهڙي بيماري پنهنجي انتها کي پهتل آهي، انهن جا منهن هيڊا ۽ پير سجيل آهن، انهن جي پيرن ۽ اکين ۾ ڪنڊا لڳل آهن خون انهن جي پيرن مان پگهر جيان ٽمي رهيو آهي، انهن جون ڄنگهون بي انتها ٿڪيل آهن، انهن کان سڀ ڪجهه وصول ڪيو ويو آهي. زندگيءَ جون باقي گهڙيون انهن کي قرض ۽ فاقن ۾ گذارڻيون آهن. انهن جا دماغ ٿڌي بخار ۾ ٻري رهيا آهن، جسم سور کان ٽٽي رهيا آهن، انهن جا وجود ٿلهن ۽ گرم بسترن ۾ برف اندر پوريل جسم جيان ڏڪي رهيا آهن، انهن وارڊن جي آس پاس انهن داخلي شخصن جون آهون ۽ دانهون مکين ۽ مڇرن جيان پر هڻي اڏري رهيون آهن. سڀني جي جسمن مان رت ڪڍي چڪاس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ان ڳالهه تي متفق آهن ته اها سڀ مليريا آهي، جنهن جا جراثيم ڏينهن به ڏينهن نرڄو ٿيندا وڃن ٿا، دوائون پنهنجي اثر نه ٿيون ڏيکارين.
    اهو ئي سبب هيو جو هن وارڊ جي درين کان ٻاهر ڏسڻ ڇڏي ڏنو، اتان ايندڙ هوا هن جي طبيعت کي وڌيڪ خراب ڪري پئي ڇڏي هو بستري جي ڪپهه بنجي ويو جنهن کي ڪو پوش نه هجي ته اها هلڪي هوا تي به اڏامي وڃي.
    هڪ دفعي هن همت ڪئي، هو بند وارڊ جي ڀتين کان ٻاهر نڪري آيو، هو پاڻيءَ کان ٻاهر مڇي جيان پئي ڏڪيو. هو اڳتي هليو تپندڙ ڏينهن ۾ ٿڌ جو احساس هن کي وڪوڙي ويو. روڊ هيا جن تان هر ڪو لنگهيندڙ ڏڪيو پئي، انهن ٿڌ جو احساس گهٽائڻ لاءِ روڊن تي ٽائر ساڙي ڇڏيا هيا، هو ٽاڪ منجهند جو اڳتي وڌي باهه مٿان بيهي پنهنجي ڏڪندڙ جسم کي ان تي سيڪڻ لڳو. هو اسپتال کان ڪافي ڏينهن پري رهيو، هر ڪنهن اهو سوچيو ته هو وري واپس نه موٽندو، رستن جي ٿڌ هن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، پر هڪ ڏينهن جڏهن وارڊ ڏانهن موٽيو ته سڀ هن کي ڏسي حيران ٿي ويا.
    ”اسان سمجهيو تنهنجو جسم سرد خاني ۾ پهچي ويو هوندو“ انهن مان ڪنهن چيو.
    ”نه ائين نه آهي“ هن جواب ڏنو ”دراصل اسان جي وجودن اندر اهڙا سرد خانا موجود آهن جيڪي اسان کي ڳرڻ ۽ سڙڻ کان بچائين ٿا، انهن جي سهاري ئي ته اسان جا جسم ڏسڻ جهڙا آهن نه ته اسين بدبوءِ جا واچوڙا هجون ها“.
    ”اسان جي اندر جي سردخانن ۾ جيڪي آتش دان آباد هيا، انهن هر شيءِ کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو“. هن جي ڀرسان واري شخص ڏڪندي چرين جيان ڳوڙها وهائيندي رڙيون ڪندي چيو ”اسين ڳري رهيا آهيون، اسان جي اندر ۾ لڳندڙ باهه ڪري سردي جسمن مان نڪري ڀڄي رهي آهي، اسين خاڪ ٿي وينداسين اسين ختم ٿي رهيا آهيون.... اسان جي آدمشماري تي هيءُ وبائي حملو هر شيءِ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو، مون اهڙي وبا ڪڏهن تاريخ ۾ نه پڙهي آهي، اسين مري رهيا آهيون“. اهو رڙيون ڪري روئڻ لڳو.
    ان جي رڙين ۽ روئڻ تي ڊاڪٽر ۽ نرسون وڌي ان وٽ آيا.
    ”هن کي آرام جي سئيءَ جي سخت ضرورت آهي“ ڊاڪٽر چيو ۽ پوءِ هڪ نوڪدار سئي وڇون جيان پڇ مٿي ڪري ٺڪاءُ اچي هن جي رڳ ۾ ڏنگ جيان لڳي، هن جي رڙ نڪري وئي ۽ پوءِ هو ڄڻ بيهوش ٿي ويو.
    هو جيڪو ايندي بستري ليٽيو هيو، ڊاڪٽر ان مٿان آيو.
    ”تون ڪافي ڏينهن پنهنجي بستري تان گم هئين“ ڊاڪٽر چيو ”ڪيڏانهن ويو هئين“؟ هن جي ڳالهه تي هو همت ڪري ٿورو مٿي اٿي ٽيڪ ڏئي ويٺو.
    ”مان وقت جي حاڪم وٽ دانهي ويو هوس“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو ”مان هن کي فرياد ڏيڻ ويو هوس ته هيءُ جيڪو وبائي مرض ڦٽڪي نڪتو آهي، ان جي بچاءَ جا ڪجهه اپاءَ وٺي ماڻهن جي جان ڇڏائي وڃي“.
    ”پوءِ .....“ ڊاڪٽر چيو
    ”وڏي جاکوڙ کان پوءِ ان جي ڪرسيءَ کي ويجهو وڃي پهتس“ هن چيو ”مان هن کي ٻڌايو ته هڪ وچڙندڙ مرض ڪري اسان جي پوري قوم سخت ڏڪڻيءَ ۾ مبتلا آهي، باوجود علاج جي به ان بيماريءَ جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي، ڪي اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جيئن ان جي صحيح تشخيص ٿي سگهي جنهن کان پوءِ ان جو علاج ڪري خاتموآڻي سگهجي“.
    ڊاڪٽر هن جي ڳالهه غور سان ٻڌندو رهيو.
    ”بيشڪ هڪ اهڙي وبا ڦهلي آهي جنهن جو علاج اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي“. ڊاڪٽر ڄڻ پهريون دفعو سچ ڳالهائيندي چيو.
    ”مان اهو ئي عرض ڪري رهيو آهيان“ هن چيو ”پر منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ لاءِ وقت جي حاڪم وٽ پهتس ته ان جو جسم هڪ عجيب ڪيفيت کان آڪڙيل هيو، هن جو ڪنڌ هڪ هنڌ سُڪ هيو، جنهن کان هن اک کڻي به مون ڏانهن نه نهاريو، آءُ هن کي چوندو رهيس ته هو منهنجي حالت پنهنجين اکين سان ڏسي پر هن کي مون ڏانهن ڪنڌ ورائيندي تڪليف ٿي محسوس ٿي، هن جي ٿوري چرپر ڪري جڏهن سندس لباس جا گهنج ئي لڏيا ته ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن اهو خاڪي رنگ جي آلي مٽيءَ مان جوڙيو ويو هجي، جنهنجووجود اڃا خشڪ نه ٿيو هجي، هڪ عجيب عذاب کان هن جو سخت آڪڙيل وجود ڊگهي بوٽ ۾ بند ڪيو ويو هيو. يقين ڪر مان پنهنجي بيماري وساري ويٺس ڇو جو هن جي ڪنڌ جي حالت ڏسي مون کي هن جي تڪليف پاڻ کان به وڌيڪ محسوس ٿي، ان حد تائين جو ان کي ڳالهائڻ لاءِ به سخت تڪليف مان ٿي گذرڻو پيو، هن تمام ٿورو ۽ چچريل ڳالهايو. آءُ ان جي اها حالت ڏسي اسپتال ڏانهن موٽي آيس“. ڊاڪٽر هنجي ڳالهه ٻڌي سخت حيرت ۽ عجب مان هن ڏانهن نهاريندو رهيو، ”توکي خبر آهي“ ڊاڪٽر هن کي چيو ”اهو پاڻ بيماريءَ ۾ مبتلا هيو“.
    هن حيران ٿيندڙ ڊاڪٽر ڏانهن تجسس سان نهاريو.
    ”ان کي گردن توڙ بخار هيو“. ڊاڪٽر وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ”خدا هن سڄي قوم کي ڇوٽڪارو ڏئي“. ڊاڪٽر ڪنهن پوڙهي پادريءَ وانگر دعا گهرندي چيو. ڊاڪٽر جي وڃڻ کان پوءِ هن کي محسوس ٿيو جيئن پهريون ڀيرو هڪ گرميءَ جي لهر هن جي جسم مان لنگهي وئي هجي.


      ڌرتي آسمان جي ميلاپ وٽ

    ”تون ڪير آهين؟“.
    ”مان تون آهيان“.
    ”۽ تون؟“
    ۽ مان تون آهيان“.
    وشال آڪاش هيٺيان حد تائين ڦهليل رستن جي ان چوواٽي تي هن جي نظرن جو محور هن جهڙو انسان هيو. هن ان سان اکيون اکين ۾ ملائي ڪيئي سوال ڪيا، ڪيئي سوالن جا جواب ڏنا.
    ”تون هتي ڪيئن؟“.
    ”۽ تون هتي ڪيئن؟“.
    ڄڻ هن جو آواز هن جي وجود جي عمارت جي ديوار سان ٽڪرائجي موٽي ايندو هجي.
    ”مان هن کي ڳولڻ آيو آهيان“.
    ”۽ مان به!“.
    ”ڪنهن کي؟“.
    ”جيڪو روز مون کي پڪاري ٿو ۽ منهنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ گم ٿي وڃي ٿو“.
    ”اهو ڪير آهي؟ مان به ته ان کي ئي ڳولي رهيو آهيان!“.
    ”مان پاڻ ان لاءِ سرگردان آهيان، هن منهنجو سڪون ڇيهون ڇيهون ڪري پريشانيءَ جي ڪانگن حوالي ڪري ڇڏيو آهي“.
    ”هو ملندو، ضرور ملندو“
    رات ٿي ته بي آراميءَ هن جي وجود تي اچي پهرو ڏنو، بي چيني کان سواءِ ڪا به شيءِ هن جي وجود جي قلعي ۾ داخل نه ٿي سگهي. ننڊ کي خوف تيز هٿيار سان ڪٽي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، ننڊ پنهنجو اپاهج وجود کڻي رات جي اوندهه ۾ انڌي جيان ڀٽڪندي رهي ڪنهن جسم جي تلاش ۾ جنهن ۾ هوءَ پنهنجو واسو ڪري سگهي. جسم تڙپندا رهيا ۽ انهن جي وجود مان پگهر جون بوندون ستارا بنجي آسمان مان ڇڻنديون رهيون، هر شيءِ ۾ حد کان وڌيڪ ڳاڙهو شراب اوتجي ويو. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي سُن ٿي وئي، اوندهه جا ذرا هڪ ٻئي کي چهٽي يخ ٿي ويا ۽ رات جو چرڻ بند ٿي ويو. وقت جي گاڏي کي اڳتي ڌڪيندڙ ڪائنات جي ڍڳي جا پير دهشت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا.
    هن کي پڪ هئي اڄ وري هو ضرور ايندو، روز رات جيان ۽ ان جا سڏ ان جي وات جي گهرائين مان پکين جو روپ وٺي اڏرندا هن جي ڪمري ۾ اچي هرطرف هڪ گوڙ مچائيندا، انڌيارن ۾ پر هڻندا تحليل ٿي ويندا. هو اٿيو ۽ هن پنهنجي گهر جو دروازو کولي ڇڏيو جيئن هن کي ٻاهر پهچڻ ۾ دير نه لڳي ۽ هو ان کي آساني سان پڪڙي سگهي. هو در کولي ڪري اڃا آيو ئي مس ته اوندهه جو سينو چيريندا ڪيئي سڏ اچي هن جي ڪنن جي پردي سان ٽڪرايا، هو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ بي خوديءَ مان ان کليل دروازي ڏانهن ڊوڙندو ويو. ”ڪير آهين؟“... ”ڪير آهين؟“ هن جا سوال ڄڻ هن کي سڏيل آوازن جو پڙاڏو ٿي گونجندا رهيا ۽ جڏهن هو ٻاهر پهتو ته اتي ڪير به نه هيو، هر طرف اوندهه هئي جيڪا آسمان ۾ ٻرندڙ ستارن جي ٽانڊن مان دونهون ٿي هيٺ ڇڻي رهي هئي ”مان توکي ڳولي رهندس“ هن چيو ۽ ڪتا سلهه جي مريض جيان ڀونڪي رهيا هيا.
    هو ڪيئي دفعا سڏ ڪري ان جي گم ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڊڪيو به هيو پر هن کي مايوسي ٿي هئي. هر گهٽي هر گهيڙ ان کان خالي هيو، هن هر ماڻهو جي منهن ۾ شڪ جي نگاهن سان ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هن ته ان کي ڏٺو ئي نه هيو، هو ڪيئن پيو سڃاڻي سگهي ته هي اهو ئي آهي، هن کي سڀ ماڻهو ان جهڙا محسوس ٿي رهيا هيا يا شايد هو پاڻ کي انهن آڏو چريو سمجهي رهيو هيو يا اهو سمجهي رهيو هيو ته ماڻهو هن کي چريو سمجهن ٿا پر هن محسوس ڪيو ته هو چريو ٿيندو پيو وڃي. راتين جي مسلسل بي آرامي هن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هيو، اهي حيران ڪندڙ سڏ رات جي ٻٽ ٻڌي هن جي وجود ۾ گهڙي سڪون کي اغوا ڪري ويا هيا هو ان کي هر قيمت تي واپس پيو ڪرائڻ چاهي.
    هڪ رات هو پنهنجي ڪمري ۾ بي چين روح جيان ڀٽڪي رهيو هيو ته هن کي ساڳيا سڏ ٻڌڻ ۾ آيا هو تيزيءَ سان ڊوڙيو ۽ کليل دروازي مان ٻاهر گهٽي ۾ نڪري ويو، هن ڪنهن ڪاري پاڇي کي گهٽيءَ جي منڍ وٽ مڙندي ڏٺو هو ڀڄندو گهٽيءَ جي منڍ وٽ آيو ۽ ان پاسي ڏانهن مڙي ويو جيڏانهن اهو ڪارو پاڇو مڙيو هيو. ٿورو اڳتي وڌيو ته اڻ سلجهيل سوڙهين گهٽين جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ پوءِ ڪي گهٽيون اڳتي وڃي بند ٿي ويون، هو اڻ سلجهيل سوڙهين گهٽين ۽ گهيڙن کي سلجهائيندو ان پويان ڊوڙندو رهيو. چانڊوڪي رات ڪري هر شيءِ نظر ايندي به غير واضح هئي شهر جي هر گهٽيءَ کي چنڊ جو رنگ ڏنل هيو ۽ عمارتن رستن تي نامڪمل پاڇا پئي ٺاهيا. هو هلندو هڪ ميدان ۾ اچي پهتو جتان قبرستان ٿي شروع ٿيو. هن اڳتي وڌي ڏٺو هڪ پاڇو هيو جيڪو هن جي اڳيان بيٺو هيو ۽ پويان ڦهليل قبرستان هيو جنهن ۾ قبرون ساهه کڻي ننڊ ڪري رهيون هيون.هن پاڇي کي روڪڻ لاءِ هٿ وڌايو ”اتي بيهه“ هن چيو پاڇو بيهي رهيو. هن ان سان ڳالهائڻ چاهيو پر پاڇو چپ هيو، ”تون ڪير آهين؟ منهنجو سڪون ڇو برباد ڪيو اٿئي؟ تون ڇا ٿو چاهين؟“ هن ان کان مسلسل سوال ڪيا ”تون ڳالهائين ڇو نه ٿو؟..... ٻڌاءِ“ هن ان پاڇي کي پڪڙڻ چاهيو پر هن جي عقل جا تاڪ نڪري ويا. هو پشيماني ۽ ناسمجهيءَ ڪري پريشان ٿي ويو هن پٺ ورائي ڏٺو هن جي پويان هلڪي هيڊي رنگ جو چنڊ چمڪي رهيو هيو ۽ اڳيان هن جو پاڇو هيو!
    ان رات هو مسلسل پريشان رهيو. ”ڇا اهي سڏ هن جو وهم آهن؟“ هنجي اندر ۾ دٻيل ڪنهن مونجهاري ڦاٽ کاڌو. ”يا سچ پچ اڃا به اهو ڪو شخص آهي جنهن کي هو ان قبرستان جي ڪتبن پويان وڃائي ويٺو ۽ صرف پاڇي سان ئي گفتگو ڪندو رهيو پر هن سوچيو اهو سڀ وهم آهي. هن جي پنهنجي وجود جو ڪو اولڙو آهي، هن جا پاڻ کي ڪيل سڏ آهن جيڪي فضا ۾ ترندا ڪڏهن ڪڏهن هن جي شهر ۽ گهر مٿان لنگهيندا غائب ٿي وڃن ٿا. هن چاهيو ته هو ان کي وساري ڇڏي ۽ پوءِ هو آرام سان سمهي پيو.
    ڪجهه ڏينهن گذريا ته هن کي تمام تيز آواز ۾ سڏ ٿيا، سڏ ايترا ته تيز هيا جو انهن جي شدت کان اوندهه مٽيءَ جي آنڌيءَ جيان هن جي ڪمري ۾ گهري هر شيءِ کي ڪارو ڪري ڇڏيو، هن جي منهن ۽ وارن ۾ اوندهه پئجي وئي، هو بسترو پري ڪري ان مان اٿيو ته هن جي جسم مان اوندهه ڇڻي هيٺ ڪرڻ لڳي، هو تيزيءَ سان ٻاهر ڀڳو، دروازو بند هيو، هن دروازو کوليو ۽ ڏٺو سامهون ڪوئي بيٺو آهي. هڪ انساني شبيهه هئي، هن کي اعتبار نه آيو، هن پهريون دفعو ان ماڻهو کي پنهنجي سامهون ڏٺو هيو جنهن کي هو هو گهڻي عرصي کان ڳولي رهيو هيو. ”تون!“ هن چيو ”اتي بيهه جانءِ مون کي توسان ڳالهائڻو آهي“ هو اهو چئي جيئن ئي ان شخص ڏانهن وڌيو ته اهو شخص هن جي نظرن کان اوجهل ٿي گهٽي جي ٻئي ڇيڙي تائين پهچي چڪو هيو پوءِ هو به اوندهه جو سينو چيريندو ان جي پويان ڀڄندو ويو. ان رات چانڊوڪي به نه هئي آسمان ڪاري گلاب جيان کنڊريو بيٺو هيو جنهن تي ستارن جا پوپٽ چنبڙيا پيا هيا. ”مان توکي سٺي نموني سان سڃاڻي ويو آهيان“ هن چيو هاڻي تون ڪاڏي به ڀڄي نه ٿو سگهين..... مان توکي ماڻهن جي هجوم مان به ڳولي لهندس“. هو ڳالهائيندو اوندهه ۾ ان جي پويان ڊوڙندو ويو. ان سان ملڻ جي آس ۾ هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ستارن جي روشنين جا تير هن جي اکين ۾ ٿي لهندا ويا، هن جو وجود انهن تيرن کي ڌڪيندو ان شخص پويان ڊوڙندو رهيو جيڪو ڪجهه فاصلي تي هن جي اڳيان ڊوڙي رهيو هيو.
    ”او خبيث اتي بيهه مان ٿڪجي پيو آهيان..... اتي بيهه“. هن چيو ”ڇا تون نه ٿڪيو آهين ڇا تون انسان نه آهين؟“ هن مسلسل ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي پر هن ڪو به جواب نه ڏنو.
    هو ڊوڙندو ان شخص جي ڪڍ شهر کان ٻاهر نڪري آيو، اتي نظر جي حد تائين ميدان هيو ۽ ڌرتيءَ جي منڍ وٽ جتي ان سان آسمان ملي رهيو هيو ستارا هيٺ لٿل هيا ۽ ويجهوڪي وڻن جي لامن ۾ ٽنگيل هيا، اتي ڪو به قبرستان نه هيو، هر طرف وسنديون هيون، هلندي هلندي هو هڪ وستيءَ مان لنگهيو، هي ڇا؟ هن ڏٺو اتي پٿر جي دور جو انسان هيو غارين ۾ رهندڙ ۽ هر شيءِ لاءِ وسيلي طور پٿر کي استعمال ڪندڙ. هو اڃا به اڳتي ڊوڙيو ته هڪ ٻئي وستي شروع ٿي وئي، هڪ گڏجي برابريءَ جي حصي ۾ کائيندڙ انسانن جي وستي ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي پويان سوين وستيون، سردارن جون وستيون، غلامن جون وستيون، جاگيردارن جون وستيون ۽ آخر ۾ سرمائيدارن جي وستي مان ٿيندو جڏهن هو تمام ٿڪجي پيو ته صبح ٿيڻ وارو هيو، اهو شخص اڃا به هن جي اڳيان ڊوڙيو پئي ان بيهڻ جو ڪٿي به نالو نه ٿي ورتو، اهو مسلسل ڊوڙي رهيو هيو. شايد ان ڪنڊ جي تلاش ۾ جتي آسمان ڪماني جيان ڌرتيءَ تي نوڙيو بيٺو هيو ۽ ان جا ستارا ڌرتيءَ تي ڇڻي رهيا هيا، يا ان جو ڪو به مڙهه مڪان نه هيو، ڊوڙڻ ان جو مشغلو هيو.
    ”آءُ توکي ڪنهن به قيمت تي وڃڻ نه ڏيندس“. هن پويان ان شخص کي رڙ ڪري ٻڌايو. ”مان توکي قسمت سان ڳولي لڌو آهي...... ٻڌ.......جڏهن ته مان توکي مڪمل نموني ڏسي تنهنجي شبيهه پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏي آهي.... پوءِ ان ڀڄڻ مان ڇا فائدو، تون جتي به هوندين دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۽ ڪنهن به هجوم ۾ آءُ توتي اچي هٿ رکندس...... پر ٻيلي هاڻي ٿوري دير آرام به ڪر..... چڱو ڀلا تون پنهنجي جاءِ تي ڪجهه دير بيهه، آءُ پنهنجي جاءِ تي. اها وٿي آءُ توکي ڏيان ٿو توسان وعدو ٿو ڪريان ته مان بي ايماني نه ڪندس، پنهنجي جاءِ تي بيهي ٿڪ ڀڃندس ۽ تون پنهنجي جاءِ تي. ٿوري دير کان پوءِ تون چاهين ته ڀڄي سگهين ٿو مان توکي نيٺ پڪڙي وجهندس، پر ٻيلي هاڻي ٿوري دير بيهه، مون کي اڃ لڳي آهي..... توکي لڳي آهي الا نه...... ڇا توکي زبان نه آهي ..... ڳالهائين ڇو نه ٿو ..... آهين ته انسان پوءِ هي ايڏوچپ جو روزو ڇو؟.... ايڏو مظلوم آهين..... يا گونگو ته پوءِ پڪ سان تون ٻوڙو به هوندين..... جيڪڏهن ٻوڙو ۽ گونگو آهين ته پوءِ مون کي سڏ ڪيئن ڪندو هئين ٻڌاءِ..... اڙي او خبيث آءُ روئي رهيو آهيان...... ڏس هي ڳوڙها توکي اوندهه ۾ منهنجي اکين ۾ ستارن جيان کڙيل نظر ايندا...... ڏس مان ذري گهٽ مري رهيو آهيان، منهنجي شڪتي جواب ڏئي رهي آهي، جسم ٽٽي رهيو آهي.... چڱو ڀلا ڀڄڻ جي ٿوري رفتار گهٽاءِ.... نه...... ته چڱو مان به توکي ڇڏڻ وارو نه آهيان“.
    هو ان پويان ڊوڙندو اهڙي رستي ۾ داخل ٿيو جتان جي هر شيءِ نرالي هئي، صبح جي راجا ان وستي ۾ داخل ٿي اوندهه جي دجال کي شڪست ڏئي ڪي قدر پوئتي هٽائي ڇڏيو هيو، ڪاراڻ نيراڻ جو روپ ڌاري رهي هئي. ستارا سسندا الوپ پئي ٿيندا ويا. ڌرتيءَ ۽ آسمان جي ميلاپ وٽ ڳورهاري ڀون ماتا سورج کي جنم ڏئي نروار ڪري رهي هئي، هن جو وجود ان وستيءَ ۾ پهچندي چڪنا چور ٿي چڪو هيو، هن کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته هو ڪهڙي هنڌ پهتو آهي، شايد هن جي جسماني ٿڪاوٽ هن جو دماغ مفلوج ڪري ڇڏيو هيو. هن جي سوچڻ جي سگهه هن کان کسي ورتي هئي، هن ڏٺو اهو شخص ان وستيءَ ۾ گهڙي ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي ويو آهي، وستيءَ جا ماڻهو صبح سان گڏ جاڳي پيا هيا ۽ رستن تي انهن جا هجوم گردش ڪري رهيا هيا، هو هلندي شهر کان ٻاهر هڪ ويڪري رستي تي پهتو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي. هن اک کڻي صبح جي اجالي ۾ ان وستيءَ جي عمارتن ڏانهن نهاريو، اهي سڀ عمارتون هڪ جهڙيون هيون، انهن جي اڏاوت، رنگ ۽ بلنديون ساڳيون هيون، انهن ۾ ڪو به فرق نه هيو، سڀ رستا هڪجهڙا هيا ۽ اتي موجود هجومن ۾ هن شخص کي جڏهن ڳولڻ جي خواهش دل ۾ پيدا ڪئي ته هن جون آڱريون ڏندين اچي ويون، اتي موجود سڀ انسانن جون شڪليون به ساڳيون هيون، بلڪل ان شخص جهڙيون جنهن جي پويان هو ڊوڙندو اتي اچي پهتو هيو. هن جي دل چاهيو ته هو ان راز کان واقف ٿي سگهي جنهن ڪري هن جي راتين جو سڪون تباهه ٿي ويو آهي، هو ان شخص کي ڳولي تنگ ڪرڻ جو سبب معلوم ڪري سگهي پر اتي موجود سڀ ماڻهو ان جهڙا هيا. هو ٿڪيل هيو ۽ ٿيڙ کائيندو هڪ ٻئي پويان ماڻهن جي چهرن کي ڏسندو اڳتي وڌندو ويو هن محسوس ڪيو جيئن هو اڳتي وڌي نه رهيو آهي پر اتي ئي ان چوسول تي انهن ئي ماڻهن ۽ عمارتن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جتي ڪٿي اها هڪ جهڙائي هئي، شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڪو به فرق نه هيو، هن گهڻن ئي ماڻهن کان پڇيو، ”ڇا اهو تون آهين جيڪو منهنجي اڳيان ڊوڙندو هن وستيءَ ۾ گم ٿي ويو آهي“ مان ان کي سڃاڻا پيو، هن سوچيو آءُ ڪيترو نه مجبور آهيان جو ان کي سڃاڻڻ جي باوجود ڳولهي نه ٿو سگهان..... ”او خبيث تون ڪاٿي وڃي لڪو آهين“ هن هڪ چوسول تي بيهي رڙ ڪئي ”جواب ڇو نه ٿو ڏئين؟“ ماڻهن جا هجوم هڪ هنڌ بيهي هن ڏانهن نهارڻ لڳا، جيئن اهي هن تي ٺٺولي ڪري رهيا هيا، هن کي چئي رهيا هيا تون ته ان شخص کي سڃاڻڻ جو دعويدار آهين، اچ هاڻي هن مجموعي مان ان تي آڱر رکي ان کي ظاهر ڪري ڏيکار! هو ڄڻ هن تي کلندا رهيا ۽ پوءِ هن کي بيوقوف سمجهي ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
    هو ان جي رستن تي ڪيترائي ڏينهن پريشانيءَ جي حالتن ۾ گهمندو رهيو، هن ڪيترن ئي انسانن کي گريبان کان جهلي ڪئي سوال ڪيا پر هر گريبان هن کي هڪ جهڙو محسوس ٿيو. ان شهر جي ماڻهن جا گريبان به ساڳيا ته پوشاڪون به ساڳيون. آواز به ساڳيو هيو ته قد به ساڳيا، هر انسان ڄڻ ٻئي انسان جي آر سي هيو ۽ پورو شهر ڄڻ هڪ تصوير جي نقاليءَ مان ٺهيل گهڻين ئي تصويرن جو هڪ اهڙو سلسلو جيئن انهن تصويرن کي هڪ ٻئي ڀرسان ڌرتيءَ جي مٿان ڪنهن وڇائي ڇڏيو هجي، نيٺ جڏهن هو انهن راهن تي ڀٽڪي ڀٽڪي مايوس ٿيو ۽ هن کي اهو شخص نه مليو ته هو اداس ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن هن کي شهر ۾ رلندي رلندي هڪ اهڙو انسان سامهون اچي ويو جنهن کي ڏسي هو ذري گهٽ بيهوش ٿي ويو، هن ڏٺو هن جي سامهون بلڪل هن جهڙو هڪ انسان بيٺو آهي، ساڳي شڪل، ساڳين ڪپڙن ۽ بت ڪاٺ ۾ بلڪل هن جهڙو هڪ شخص جيڪو پڻ حيرت مان هن ڏانهن نهاري رهيو هيو، پهريون ته هن کي يقين ئي نه آيو ته ڪو ائين ٿي سگهي ٿو، هن پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو پٿر کڻي ان کي وهائي ڪڍيو، هن جي ان غير فطري عمل کان ٻئي هن جهڙي انسان جي رڙ نڪري وئي، پٿر هن جي جسم جي ڪنهن حصي کي وڃي لڳو ۽ اهو ڪرندي ڪرندي بچيو، پٿر هڻڻ کان اڳ هن سوچيو هيو ته پڪ اهو ڪو بيٺل پاڻي هوندو جنهن ۾ هن جو عڪس نظر اچي رهيو آهي ۽ پٿر لڳڻ سان ان مان لهرون اڀري ان شبيهه کي تحليل ڪري ڇڏينديون يا چوراهي تي رکيل آرسي آهي جيڪا پٿر لڳڻ سان پاش پاش ٿي ويندي، پر هن کي درد کان ڪراهيندڙ ان انسان تي ويساهه ڪرڻو ئي پيو ته هو هن جهڙو هو بهو انسان آهي، هن اڳتي وڌي هن کان پنهنجي غلطي جي معافي ورتي.
    ”مان پاڻ توکي ڏسي اهو عمل ورجائڻ وارو هوس“. جواب ۾ ان انسان چيو.
    ”مون کي يقين نه اچي رهيو آهي ته اهو تون آهين جنهن کي منهنجيون اکيون ڏسي رهيون آهن“.
    ”ها مان اهو ئي آهيان جيڪو توکي نظر اچي رهيو آهيان“.
    ”پر تون هتي ڪيئن؟“
    ”آءُ ان انسان کي ڳوليندي هن شهر ۾ اچي پهتو آهيان جنهن منهنجي زندگيءَ جو هر پل پريشانين جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي“.
    ”پر تون هتي ڪيئن؟“
    ”مان به ان شخص جي ڳولا ۾ سرگردان آهيان جنهن پويان تون هتي ڀٽڪي رهيو آهين“.
    ”پر ٻڌاءِ ته سهي تون ڪير آهين؟“
    ”مان تون آهيان“.
    ”۽ تون؟“
    ”۽ مان به تون آهيان!“
    *


      بند ڪمري جو راز

    ”معاشرو ترقي ڪري رهيو آهي.“ پوڙهي پروفيسر بند ڪمري مان ٻاهر نڪرندي چيو ”هاڻي پهريون کان بهتر ٿي ويو آهي“.
    معاشرو ان ٻار جو نالو هيو جيڪو غلاظت جي ڍير جي پيداوار هيو. هو مفلسيءَ ۾ ڄائو هيو، هن جي آس پاس صرف غربت، بک ۽ جهالت هئي. پوڙهي پروفيسر ان کي گندگي جي ڍير مان کڻي هڪ اهڙي ڪمري ۾ بند ڪيو هيو، جيڪو هر غلاظت کان پاڪ ۽ بک کان پري هيو، اتي جهالت نه هئي هر طرف سونهن، صفائي، پوشاڪ ۽ خوراڪ هئي.
    پوڙهي پروفيسر پنهنجي سوچيل نظريي تحت اهو تجربو ڪرڻ چاهيو ٿي ته جيڪڏهن هڪ ٻار جي پالنا بلڪل مختلف انداز ۾ ڪري هن کي جهالت، بک ۽ برباديءَ کان ڏور رکي ان کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ان جي سڀني کان الڳ پالنا ڪري وڌائي وڏو ڪجي ته هو، دنيا جي لاءِ هڪ سڌريل، ٻاهرين پکڙيل ڇڙواڳيءَ جي سوچن کان پاڪ، هڪ اهڙو انسان ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ڏسي ٻيا انسان به ان جي پٺڀرائي ڪندي اهڙي تربيت شروع ڪندا جيڪا بلڪل هن جي نظريي تي ٺهڪي ايندڙ هوندي.
    ”توهان اسان کي ان ٻار سان ملڻ ڏيو“. پاڙي وارن مان ڪنهن چيو ”اسين ڏسڻ چاهيون ٿا ته ٻار جيئرو آهي يا مري ويو“.
    ان کان اڳ جو پوڙهو پروفيسر ڳالهائي، انهن مان هڪ دروازي وٽ بيهي اندر ڪنائڻ شروع ڪيو.
    ”نه ٻار جيئرو آهي“. ان ڪنائيندڙ شخص چيو ”اندران ڪجهه رانديڪن جي هلڻ جو آواز ۽ ٻار جو ڳالهائڻ ٻڌجي رهيو آهي. ائين جيئن هو ڪنهن مشيني رانديڪي سان دل وندرائيندو هجي“.
    ”مون هن کي وندرائڻ لاءِ دنيا جا خوبصورت رانديڪا ڏنا آهن“. پوڙهي پروفيسر چيو ”هو بي حد خوش آهي“.
    ”پر آخر هن ڪمري جو تالو ڪڏهن کلندو؟“ پاڙي وارن مان وري ڪنهن ڳالهايو.
    ”جڏهن معاشرو دماغي ترقي ڪري ٻاهر نڪرڻ جي قابل ٿي ويندو“.
    ”ته پوءِ پڪ سان اهو جوان ٿي پوءِ ٻاهر ظاهر ٿيندو؟“
    ”نه“ پوڙهي پروفيسر چيو ”اهو ان جي دماغي ترقيءَ تي مدار آهي ان جي جواني يا پوڙهائپ تي نه“.
    سڀ حيران ٿي ويا.
    ”ته پوءِ ٿي سگهي ٿو اهو مرڻ تائين ٻاهر نه نڪري“.
    پوڙهي ڪو به جواب نه ڏنو.
    ”اهو ته سراسر ظلم آهي“. پاڙي جي ڏاڍي مڙس جنهن کي کائڻ پيئڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ميسر هيو تنهن چيو ”مون کي هڪدم ٻار سان ملاقات اجازت ڏني وڃي“.
    ”تون هن کي گمراهه ڪري غربت جي انڌيرن ۾ ڌڪي ڇڏيندين“ پوڙهي پروفيسر جوش ۾ ايندي چيو ”تون هن جي ذهني ترقي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندين، جڏهن ته هو پهريون کان گهڻو خوشحال ۽ مطمئن آهي“.
    ”ها“ پوڙهو پروفيسر ٺيڪ چئي رهيو آهي“ پاڙي جي پيڙهيل رهاڪن هڪ آواز ۾ چيو ”زندگيءَ جون ضرورتون هر انسان کي ميسر هجڻ گهرجن، انسان کي غربت واري زندگيءَ کان الڳ پروفيسر جي نظريي تحت ترقي ڪندڙ معاشري جيان زندگي گذارڻ گهرجي، جتي زوراور ۽ پيٽ ڀريل پاڙي وارن جو ڪو به عمل دخل نه هجڻ گهرجي.
    ”مان توهان سڀني لاءِ ڇوٽڪاري جي واٽ ٺاهي رهيو آهيان“ پوڙهي پروفيسر چيو پوءِ هو ڪمري جي بند دروازي جو تالو کولي ان ۾ اندر هليو ويو ۽ ان در کي اندران مضبوطيءَ سان بند ڪري ڇڏيو. پاڙي وارن غور سان ڪمري کي جاچيو ان ۾ ڪو به سوراخ نه هيو جتان هو اندر ڏسي سگهن، اهو مڪمل طرح ڪبوتر جي آني جيان بند هيو، جنهن ۾ پروفيسر جي چوڻ موجب مستقبل جي امن جو پکي پلجي رهيو هيو. ان ڪمري اندر خاموشي هئي جهڙي ڪنهن وڏي جنگ جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ انسانن جي لاشن ۽ ڊٺل عمارتن جي مٿان هوندي آهي. انهن سوچيو معاشرو مطمئن آهي اهو وڌي وڏو ٿي رهيو آهي.
    ڪيئي سال گذري ويا، پوڙهو روز بند ڪمري مان نڪري ٻاهر بيٺل ماڻهن کي مطمعن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيو ۽ وري واپس ڪمري جو در انتهائي مضبوطيءَ سان بند ڪري هليو ويندو هيو. هن پنهنجا ڪيئي هم خيال پاڙي وارا پيدا ڪري ورتا هيا، هن پنهنجي زيرڪفالت جوان ٿيندڙ معاشري جي خوشحالي جو ذڪر وڏي شان ۽ مان سان ٿي ڪيو. هن ڪيترن سالن تائين هر ڪنهن کي اهو ٿي سمجهايو ته هو بدحالي ۽ غربت مان ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجن پنهنجن معاشرن جون الڳ الڳ دنيائون ٺاهي انهن جي پرورش ڪن. هو پنهنجي مقصد ۾ ڪنهن حد تائين ڏاڍو ڪامياب به ويو. بکايل ۽ پيڙهيل هن ۾ وڏيون اميدون رکي هن جي نظريي جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳا.
    وقت گذريو ته پوڙهو پروفيسر بلڪل هيڻو ۽ لاچار نظر اچڻ لڳو. هو بلڪل پوڙهو ٿي ويو، هلڻ گهمڻ کان لاچار ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ نظر اچڻ لڳو. هن کي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ ڏاڍو ڪمزور ۽ پيلي چهري وارو ڪري ڇڏيو. هن جو وجود ٿورو ٿورو ڏڪڻ لڳو. بند ڪمري جو تالو کوليندي ۽ بند ڪندي هن جي هٿن ۾ پڪڙيل چاٻي هن جي نظر جي گهٽتائي سبب مشۡڪل سان تالي جي سوراخ ۾ ٿي وئي پر تنهن هوندي به هو ڏاڍو مطمئن ۽ پنهنجي ڪم ۾ هميشه جيان مصروف پئي رهندو آيو. هن ماڻهن کي ٻڌايو ته معاشرو هاڻي جوان ٿي چڪو آهي. هو بي انتها طاقتور، ويڪري ڇاتيءَ ۽ مضبوط ٻانهن وارو جوان ثابت ٿيو آهي. پر مان ڏاڍو هيڻو ٿي ويو آهيان شايد ان ڪري جو معاشرو ٻار نه رهيو آهي. هن کي کائڻ، پيئڻ، پائڻ ۽ رهڻ جي هر سهولت ميسر آهي.
    آخر هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو سڀ حيران ۽ پريشان رهجي ويا. بند ڪمري مان پهريائين وڏا دهشت ناڪ آواز پيدا ٿيا، جيئن ان ۾ پڙاڏا هڪ ٻئي کي آواز ڏيندا هجن. ڪئي دل کي چيريندڙ رڙيون پيدا ٿيون. ڪمري جي اندران ڀڃ ۽ ڊاهه جا آواز آيا. ٿوري دير ٿي ته پوري شدت سان اندران ڪنهن لڳندڙ مضبوط لت ڪري ڌماڪي سان ڪمري جو دروازو کلي ويو ۽ ان مان نوجوان، مضبوط جسم ۽ هيڊي منهن سان نروار ٿيو. اهو چرين جيان رڙيون ڪندو ڪمري مان ڀڄندو ٻاهر نڪري آيو. آءُ ان خبيث پوڙهي کي ماري ڇڏيو، ان جو لاش اندر پيو آهي ۽ مان پنهنجا مضبوط هٿ ان جي ڳچيءَ ۾ وجهي ان کي دٻائي ڇڏيو..... مان هاڻي آزاد آهيان“ ان رڙيون ڪري هر ڪنهن کي ٻڌايو، ۽ پوءِ ٿڌي هوا ۾ ساهه کڻي چيو ”آهه...... تازي هوا کائڻ ۾ ڪيڏو نه لطف آهي.....شايد ماني کائڻ ۾ به نه!“


    اڻ کٽ چميءَ جو انت

    جهڙ چيرجي پيو،
    ٻه ستارا ۽ چنڊ ظاهر ٿي پيا،
    تنهنجو چهرو ٺهي پيو.
    تنهنجي چهري ۾
    هڪ چپ تنهنجو هو
    هڪ چپ منهنجو
    تنهنجيءَ مرڪ ۾
    چميءَ جيان هيس.
    مان جنهن کي ڪو ظاهر وجود نه آهي. جيڪو پاڇي جيان به نه آهيان، جنهن ۾ ڪاراڻ به ڀريل نه آهي، ڪو نظر ايندڙ مادو يا نهري خاصيت وارو به نه آهيان مان آواز آهيان جيڪو تنهنجي چپن کان ٻاهر تنهنجي وات جي چانٺ تي بيٺل آهي.
    ”درٻان“ مون چيو ”ڪيترو عرصو ٿي ويو آهي، ڪيتريون لکها صديون گذري ويون آهن، تون هن قلعي جي دروازي تي نيزي بدران چهنبدار قلم هٿ ۾ بلند ڪيو بيٺو آهين، هن قلعي جو دروازو کولي ڇڏي ته جيئن ان ۾ داخل ٿي اوندهه ۾ ڪجهه گوڙ مچائي ستل زبان کي جاڳائي سگهان“.
    درٻان جيڪو هٿ ۾ چهنبدار قلم کنيو اتي بيٺو ننڊ جا جهوٽا کائي رهيو هيو ان گوجندڙ آواز تي اکيون کولي ڪنايو، هن نهارڻ چاهيو ته هن کي ڪجهه نظر نه آيو.
    ”تون ڪير آهين؟“ هن پڇيو. ”مان آواز آهيان جيڪو زبان کان الڳ ڪري ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو آهيان“. مون چيو ”آءُ جيڪو هن قلعي جي ٻاهران بند چپن جي مرڪ ۾ چميءَ جيان سمايل آهيان، مان جيڪو هن جو هيٺيون چپ آهيان ۽ هن جي مٿين چپ سان مليو چمي جي صورت ۾ صدين کان ستو پيو آهيان.
    درٻان پنهنجين ٻنهي اکين کي مهٽي چڻ گهري ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ها مان توکي سڃاڻان ٿو“ هن چيو ”گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو آهين، تنهنجي ڀلائي ان ۾ آهي ته بند چپن ۾ موجود رهه، ان مرڪ کي برقرار رهڻ ڏي، جيئن چپ چپن سان جڙيا پيا هجن ته تنهنجو وجود هڪ چميءَ جي صورت ۾ خوشيون ماڻي سگهي“.
    اهو ناممڪن آهي مون چيو، مان ان اوندهه جي انبوهه، ۾ گهڙي زبان کي ضرور ڳولهي لهندس، جيڪڏهن ستل آهي ته جاڳائيندس ۽ مئل آهي ته جيئرو ڪندس.
    درٻان هڪ ٽهڪ ڏئي کليو.
    ”تون بيوقوف آهين“ هن چيو ”اها سوچ ڇڏي ڏئي، هيءُ قلم جنهن کي آءُ نيزي جيان ڪتب آڻيندو آهيان تون پنهنجي هٿ ۾ وٺ هن ۾ مس بدران رئندڙ ستارن جا ڳوڙها ڀريل آهن، تون هن کي ڪاغذ تي وهاءِ خودبخود شاعري لکجي ويندي، دنيا جا شاهڪار افسانا لکجي ويندا. هن جي چنهنب پني تي گساءِ موسيقيءَ جون عظيم ڌنيون نروار ٿي وينديون، وٺ هن کي پنهنجي هٿ ۾ سنڀال“.
    ”مان تنهنجين ڳالهين ۾ اچڻ وارو نه آهيان.“ مون درٻان کي چيو ”قلعي جو دروازو کولي ڇڏ“.
    ”تون دنيا جي ان نالائق روح جيان ڀٽڪندڙ آهين جنهن کي لڪڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ملندي“ درٻان ڳالهائيندو ويو ”بيوقوفي جون ڳالهيون نه ڪر، ٿورو سوچ اکيون بند ڪر هڪڙا ٻه چپ آهن جيڪي مرڪ جي صورت ۾ بند چمي جيان هڪ ٻئي سان چهٽيا پيا آهن، انهن پويان هڪ بلند ۽ انتهائي مضبوط ڏندن جيان وڏن سخت پٿرن جي ديوار آهي، جنهن اندر لکها صدين جي گڏ ٿيل اوندهه آهي. ان ۾ هڪ زبان آهي جيڪا ظاهر به آهي الاءِ نه، اوندهه مٽي جي صورت ۾ ان کي دفن ڪري چڪي آهي. اتي ستارا نه آهن، اتي ڪڏهن چنڊ نه اڀريو آهي، هڪ گهاٽي اوندهه آهي جنهن جا تهه صدين جي دٻاءَ کان هڪ ٻئي سان چهٽي ڪنهن سخت صورت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ان دهشتناڪ اوندهه ۾ ظلم جا چمڙا آهن جيڪي هيٺ مٿي اڏامندا وڃي ڳلي جي تنگ رستي ڏانهن ڪٿي لڪي پون ٿا، اتي ڪا ئي چڻنگ نه آهي، اتي اکين وارا به انڌا ٿي پون ٿا، تون موٽي وڃ ۽ چپن کان ٻاهر ويهي ڪو درديلو گيت ڳاءِ“ درٻان ڳالهايو ۽ ان جي اکين مان ڳوڙهن بدران خون وهڻ لڳو.
    ”پر مان هڪ آواز آهيان“، مون چيو ”آواز جو رستو ڪو ئي به روڪي نه سگهيو آهي. آواز جيڪو ڀتين جي پار هليو ويندو آهي جيڪو فنا ٿيڻ بدران پولار ۾ ڪبوترن جيان اڏامندو رهيو آهي، آواز جيڪو دنيا جو آزاد پکي آهي جنهن کي ڪو به ڀڃري ۾ قيد نه ڪري سگهيو آهي، آواز جيڪو هوائن ۾ شامل ٿي هر قلعي ۽ قيد جي ڀت اورانگي اندر وڃي سگهي ٿو“.
    آءُ چيو ۽ هڪ زوڪٽ سان درٻان جي اڳيان مضبوط قلعي جي بند ديوار مان اندر گهڙي ويس، ٻه چپ ٻاهر هڪ ٻئي سان جڪڙجي مرڪ جي صورت ۾ چميءَ جيان بند رهيا.
    مان اندر پهتس ته انڌو ٿي ويس، عقل جي لٺ سهاري ٿاڦوڙا هڻي اوندهه ۾ هلندو رهيس، ٿيڙ کائيندو ٺوس اوندهه جا تهه چيريندو اڳتي وڌندو رهيس، اتي ڪو به چنڊ نه هيو، ستارا ۽ آسمان جي نيراڻ نه هئي، روشني جو ڪو به ترورو يا چڻنگ نه هئي. ظلم جا چمڙا هيا جيڪي پر هڻندا رڙيون ڪندا ٿي لنگهيا ته اوندهه جي آنڌي ٿي اٿي، جنهن کان ڪاراڻ ۾ اضافو ٿئي ٿي ويو. آءُ ٿاڦوڙا هڻندو زبان جي ڳولا ۾ اڳتي وڌندو گهڻو پري نڪري ويس، پر اها نه ملي آءُ نيٺ مايوس ٿي عقل جي عصا کي روئي مٿي ڪري هيٺ اوندهه ۾ ٺڪاءُ ڪرايو، اها اونهائي ۾ اندر وڃي ڪنهن نرم شيءِ سان ٽڪرائي ”آهه“ ذريعي گهٽ رڙ ۾ تبديل ٿي ويس ”تون اتي دفن آهين..... منهنجي زبان منهنجي تخليقڪار.....منهنجي ديوي“ آءُ بي خودي ۾ ڳالهائيندو اوندهه کي کوٽيندو ويس، ان کي پري اڇلائي زبان کي نروار ڪندو ويس، جڏهن اوندهه مٿي صاف ٿي ته زبان جيئري دفن ٿيل مردي جيان اٿي مٿي ٿي بيهي رهي. اوندهه ۾ ڄڻ روشني جا ڪرڻا ڦٽي پيا، ڳلي ۾ ڄڻ نئون ساهه پئجي ويو. پوءِ ڪو طوفان اٿيو ۽ اوندهه تيزي سان گهلڻ لڳي. آءُ زبان ۾ سمائجي ويس ته اها ڏڪڻ لڳي، قلعي جي ديوار وٽ ڏندن جيان مضبوط اڇي رنگ جا پٿر سردي ۾ ڪنهن ٻار جي ڄاڙين جيان کڙڪڻ لڳا، آءُ ڪنهن جيئري دفن ٿيل مردي جي رڙ جيان زبان مان نڪري بند قلعي جي کلندڙ ڀتين کان تيزي سان ٻاهر نڪري ويس. زبان جاڳي پئي، مرڪ دانهن ۾ تبديل ٿي وئي، ٻه چپ کلي ويا، هن جي چهري ۾ چميءَ جو انت اچي ويو.
    چهرو جنهن ۾
    ٻه چپ هيا.
    مٿيون چپ تنهنجو هيو.
    هيٺيون چپ منهنجو هيو.


    نوجوان پوڙهو

    راهب، پوڙهو راهب جيڪو پنهنجي زندگي جا ستر سال پورا ڪري چڪو هيو. هن جي ڏاڙهي جا سڀ وارا اڇي ٿي چڪا هيا. اڇي ڏاڙهيءَ پويان هن جي منهن جا گهنج ائين محسوس ٿيندا هيا، جيئن پوئتي موٽندڙ سامونڊي لهر جي اڇي گج مان ناهموار پٿر ظاهر ٿي پيا هجن. هن جي سموري زندگي تجربن جي لاهن چاڙهن سان همڪنار ٿي هاڻي ٿڪجي ٽٽي پئي هئي، هو آس ۽ نراس جو مجموعو هيو، هو پرڀات، سورج ۽ رات جي پاڇولن جي پيداوار هيو، هن جو پل پل ماضي جي ڏکن تجربن جو نچوڙ هيو.
    هن پنهنجي ڪمري جي چوگرد نظر ڦيرائي هر شيءِ کي ڏٺو، الماڙي ۽ انهن جي مٿان رکيل بي ترتيب ڪتابن جا ٿها، ڀتين جو لٿل پلستر جنهن ڇڻيل چوني واري رنگ کي ناهموار بڻائي ڇڏيو هيو. هر شيءِ ائين هئي جيئن ڌوڙ ۾ شام جو ڪم ڪري موٽندڙ مزدور جي پيشاني، خاص ڪري پراڻي گهڙيال هيٺان ٽنگيل هن جي زال جو فوٽو جيڪو زماني گذرڻ کان پوءِ به ائين ئي جوان هيو، هن سوچيو جيڪر حياتي به هڪ حد تي پهچي ڪئمرا جي اک ۾ سمائجي ان حد کي وڌيڪ نه اورانگهي سگهي، جيڪر اها سدا جوان هجي، هن جي زال جيان، ان جي فوٽوءَ جيان شيشي جي خولن ۾ بند ۽ عذابناڪ تجربن جي بي انتها عذاب کي سهڻ جي احساس کان ڏور پر هو خاموش ٿي ويو، زندگيءَ جي وڌندڙ مرحلن هن کي گهڻو ڪجهه سيکاريو هيو، گذريل ڏکن ۽ ڏاکڙن هن جي ماضيءَ جي ڪجهه گهڙين کي هڪ عذابناڪ تجربي جي صورت ۾ آڻي هن آڏو بيهاريو هيو، هڪ پڇتاءُ هيو، اندر ۾ هڪ اونهو خال هيو جنهن کي هو شايد ڪڏهن به پر نه ڪري سگهيو. هڪ شرم جو احساس هيو جنهن هن جي سموري حياتي جي نچوڙ کي ڇڊو ڪري ڇڏيو هيو.
    اڄ کان ٺيڪ چاليهه سال اڳ هن پنهنجي ماضي تي نظر ڊوڙائي، هن کان هڪ وڏي آهه نڪري وئي.
    ”راهب“ خاموش ريگستان ۾ هڪ پڙاڏو ٿيو. ”ٻڌ تون جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهين، توکي ان جو انت ڏاڍو ڏکيو ڀوڳڻو پوندو، تون جوان آهين، جوان جسم جي نسن ۾ هڪ خاص قوت هوندي آهي جيڪا عقل جي ٿڌ کي پاڻ ۾ سمائي ان گرمائش کي وقت کان پهريون ڪڏهن به ٿڌو ٿيڻ نه ڏيندي آهي، جنهن تپش جو تون ۽ تنهنجي جواني حقدار آهن، تون پنهنجي سوچ مطابق صحيح هوندين پر هڪ ڳالهه ياد رک اهو عمل اهو نه آهي، جنهن جو هڪ انسان تي واجب هجڻ ضروري آهي. مان عقل ۽ تجربي جي بنياد تي اها حامي ڀرڻ لاءِ تيار آهيان ته تنهنجو هر ڪرتوت صحيح نتيجن جي طرف نه وڃي رهيو آهي، اهو سڀ توکي وقت ٻڌائيندو، منهنجين ڳالهين کي شايد تون هڪ پوڙهي جو وڦلڻ سمجهين نه پٽ ائين نه آهي جيڪڏهن تون منهنجي تجربن جي بنياد تي عمل جي ابتدا ڪرين ته شايد منهنجي حياتي ۾ شامل ٿي وڃي ۽ ائين تون دنيا جو هڪ وڏي عمر ۽ وڏي ڏاهپ وارو شخص بنجي وڃين، پر منهنجا ٻچا شايد تنهنجو ذهن انهن تجربن تي عمل ڪرڻ کان ان ڪري به نابري واري ويهي ته تنهنجي منهنجي عرصي جي تقاضائن ۽ تجربن جي تخليقن ۾ ماڪ ۽ مينهن جيڏو تفاوت آهي، تنهنجو ذهن جيستائين ارتقائي منزلون ملي ڪري منهنجي بلندين کي نه پهچندو ايستائين تون منهنجن تجربن تان عمل جي راهه نه ٺاهي سگهندين. منهنجن ڇڏيل پيرن جي نشانن کي اڳتي چٽڻ جي آرزو تنهنجي من ۾ ڪا به هلچل نه مچائي سگهندي، پر راهب ياد رک منهنجيون نصيحتون وري به تو لاءِ مشعل راهه اٿئي“.
    راهب هن جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ هو بيزار ٿي ويو. تڏهن هو جوان هيو، سوچڻ هن لاءِ دوزخ جي باهه هيو. هو آزاد ويرانين جي وسندڙ بستي هيو، هو هڪ پورو شهر هيو جنهن جون بازارون سموري رات روشن هيون. هو اڀرندڙ جوان سورج جيان هيو جنهن مان ڪي به تخليق ۽ سوچ جا ڪرڻا نه ٿي ڦٽا ان ۾ صرف جوانيءَ جي لالاڻ هئي. پوڙهي پيءُ هن لاءِ آزار ڪري ڏنو هيو، هن جي نصيحتن ڄڻ وايو منڊل ۾ بي ڊپو ٿي گهمندڙ هن جي احساسن کي جڪڙڻ لاءِ فضائن ۾ ڦندا ڦهلائي ڇڏيا هيا. هن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هيو، هو ان عذاب مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اندر ئي اندر ۾ ڀڄرندو رهيو هن پنهنجي پيءُ جي عزت ڪرڻ چاهي پر هن محسوس ڪيو اها عزت به هن پوڙهي جي جسم اندر موجود روح جيان هن وٽ مهمان هئي، هو سڀ سهڻ جي باوجود به خاموش هيو. ”هڪ ڳالهه ٻڌ راهب“ هڪ دفعو وري آواز واچوڙي جيان هن جي ذهن ۾ پيدا ٿي مٿي اڀرندو پنهنجي گهيري کي ويڪرو ڪندو هن جي مغز جي ٽڪڙن کي اڏائيندو هر طرف ڦهلجي ويو ”مون هر ڳالهه جو انت ڳولي لڌو آهي، آءُ هاڻي زندگي ۽ تجربن جي نچوڙ جي سهاري توکي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته انسان پنهنجي ازواجي ۽ گهريلو زندگي ڪيئن ڀرپور ۽ ڪامياب نموني گذاري سگهي ٿو. آءُ ڄاڻان ٿو ته مذهب ۽ خدا جي حقيقت ڇا آهي. زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ سٺو روزگار ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو. پيار جو اظهار ڪيئن ڪجي جو ان مان سچائيءَ جي نور جون جهلڪيون نظر اچن، مان وٽ حسن کي پرکڻ واريون اکيون آهن، مان وٽ اهي احساس جاڳي پيا آهن ته سونهن رتل چپن جي جهونگار جو حض ڪيئن وٺجي، فضا کي ذرا ذرا ڪري ان مان خوشبوءِ کي الڳ ڪيئن محسوس ڪجي، ذائقن جو لطف ڇا ٿيڻ کپي، ڪهڙي واٽ وٺي اوڏانهن تيزي سان ڊوڙڻ گهرجي، ڏيڻ يا وٺڻ واري آڏو هٿ ڪيئن ڦهلائجي، جنس کي ڪيئن مطمئن ڪجي.
    راهب! منهنجا پٽ راهب! مون پنهنجي سموري زندگي پنهنجي تجربن جي تربت جي چانٺ تي آڻي بيهاري آهي، آءُ ڏسان ٿو موت منهنجي پٺ کان بري نيت سان بيٺو آهي، آءُ ڪجهه گهڙين جو مهمان آهيان، ڪجهه ماڻڻ چاهيان ٿو. آءُ جنس جو حض وٺڻ چاهيان ٿو، سونهن رتل چپن جي جهونگار جو مزو وٺڻ چاهيان ٿو، فضا کي ذرا ذرا ڪري ان جي هر خوشبوءَ کي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو، آءُ هر حواس کي استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو، راهب ڇا تون منهنجي مدد نه ڪندين“. هن جي پوڙهي پيءُ نماڻي آواز ۾ چيو ۽ پوءِ آسمان ڏي ڪنڌ کڻي خدا کان حياتيءَ جي مهلت وٺڻ لاءِ واجهايائين پر هو ٻنهي پاسن کان مايوس ٿيو، راهب به خدا جيان هن آڏو ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هيو. پوڙهو مايوس ٿي ويو ۽ هو نظرين جي تربت ۾ کوٽيل حسرتن ۽ آرزوئن جي قبر ۾ ڄنگهون لڙڪائي ويهي رهيو، ڪنهن هن کي پويان ڌڪو ڏنو ۽ هو ڌو وڃي هڪ اونهي کڏ ۾ ڪريو. راهب ٿڌو ساهه کنيو ۽ پنهنجي هٿن کي ڇنڊيندي هڪ وڏي اطمينان سان هڪ طرف هليو ويو.
    وقت به وڏي ظالم شيءِ آهي، هن جي هر گهڙي موت آهي، اهڙو موت جو جيئڻ جي شدت کي اڃا به تيز ڪيو ڇڏي، تن ڏينهن راهب جوان هيو ڪجهه ڏينهن گذريا ته هن جي شادي ٿي، هن هڪ نئين زندگي جو آغاز ڪيو. هڪ نئين تجربي جي راهه کولي هن کي گهڻو اولاد ٿيو، ٽي پٽ ٻه نياڻيون. هن ازواجي زندگيءَ جي هر سڪون تلاش ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. هن کي اولاد جي حياتي لاءِ مختلف ڪاروباري معاملن مان گذرڻو پيو، هن محسوس ڪيو جيئن هو ماءُ هٿان تازو ڄاول ٻار هجي، هر شيءِ ڄاڻ سڄاڻ جي باوجود به نئي هجي، هن ڪنوارپ تائين ڏٺو ئي ڇا هيو، رڳو پنهنجي پيءُ جي اڇي ڏاڙهيءَ ۾ لڙڪندڙ تجربن جا ڳوڙها يا زندگيءَ جي پڇتاءَ تي وڦلندڙ چپ يا ڪجهه به نه.... پر دنيا جي جهنم جي باهه هن پهريون دفعو محسوس ڪئي، عذابن ۽ هن جي وچ ۾ ڀت جيان بيٺل غم جيڪي هن جي پوڙهي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ واسينگن جيان هن آڏو ڪر کڻي بيهي رهيا، هن جي جوان جسم ۾ جنس ڇڙيون هڻي ٻاهر نڪرڻ لاءِ دروازا کڙڪائڻ لڳي پر هو پنهنجي روح کي مطمئن نه ڪري سگهيو، هن چاهيو ته هو چپن سان گسندڙ چپن جي ڇهاءَ کي روح جي گهرائين سان محسوس ڪري پر جوانيءَ جي جلد بازي ۽ ناتجربي ڪاريءَ هن جي احساس کي هن کان دور رکيو. هن پهريون دفعو ماڻهن سان ڪاروباري معاملن تي وابستا رهي انهن جي رويي کي جاچيو، هن کي انسان اهي انسان نظر نه آيا جن جا بت هن جي بي عمل تخليقن سان ٺهيل خيالن ۾ سمايل هيا، هر انسان نفسا نفسي ۽ زندگيءَ کي برقرار رکڻ جي اهڙي جدوجهد ۾ نظر آيو جنهن جي اثر هيٺ هو شايد ٻئي انسان جو ماس کائڻ ۾ به دير نه ڪندو. وقت گذرندو ويو ۽ راهب جا ڏينهن به هڪ هڪ ٿي موت جي اڏيءَ تي ڪنڌ نوائيندا ويا، هو هڪ هڪ ڏينهن ٿي مرندو رهيو، انسان به ڄمڻ سان مرڻ شروع ڪري ٿو، هن جي شخصيت ماضي حال ۽ مستقبل جي ڪائنات ۾ گهڙين گهڙين جي ڪهڪشائن ۾ ذرا ذرا ٿي سمايل آهي. هر ويندڙ گهڙي موت آهي ۽ هر شخصيت آهستي آهستي ذرا ذرا ٿي هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندڙ هستي. راهب جي شخصيت به ڪجهه حصا وڃي بچي هئي، هو ڪجهه مري چڪو هيو ۽ ڪجهه مري رهيو هيو. هن جي ڏاڙهي جا وار اڇا پئي ٿيندا ويا، منهن جي چمڙي روڳ جيان آهستي آهستي هيٺ ڪري رهي هئي، انت جي خوف کان هن جو انگ انگ ڏڪي رهيو هيو، دنيا جو رنگ پراڻو ٿي ويو هيو الائي هن جي نظر گهٽ؟ ماڻهن جون زبانون بس ٿي ويون هيون يا هن جا ڪن ٻوڙا؟ ڌرتي هن جي بار کي سهي سهي بخيل ٿي پئي، جنهن پنهنجي هٿن سان هر هر راهب جي ڄنگهن کي روڪيو ٿي، راهب ڌرتيءَ جي جذبن کي ڀانئي ويو، هلڻ هن کان محال ٿي ويو، هو هڪ هنڌ ڪريو ٿي ته وري هن ۾ اٿڻ جي آرزو ئي نه ٿي.
    زندگيءَ هن کي گهڻو ڪجهه ڏنو هيو. هن ماضيءَ مان گهڻو ڪجهه پرايو، هن چاهيو پئي ته هو جيڪر پنهنجي زال سان جنهن کي مئي ڪافي ورهيه گذري چڪا هيا هاڻي پنهنجي زندگي مطمئن طريقي سان گذاري پئي سگهيو. انسان جن جي ڏندن کان هو پنهنجو ماس لڪائي جيئندو رهيو، ان جي بچاءَ جا طريقا هن ڳولي لڌا هيا، هن انهن واٽن جو نقشو ٺاهي تيار ڪيو هيو جيڪي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي منزلن طرف وڃي رهيون هيون، هن ٻڌڻ جي معنا سمجهي هئي ۽ ڳالهائڻ جو مفهوم سمجهيو هيو، ذائقن جو معيار مقرر ڪيو هيو ۽ صحيح ڏسڻ جي خواهش پيدا ڪئي هئي. زندگيءَ تندرستيءَ جي رشوت جي صلي ۾ هن کي گهڻو ڪجهه ڏنو هيو، هن وٽ جواني نه هئي تجربن جا انبار ضرور هيا، هن تجربن جي بنياد تي هڪ دفعو وري جيئڻ جي آس پيدا ڪري ڪامياب زندگيءَ جي ابتدا ڪرڻ چاهي، هن وٽ حياتي جو مڪمل نقشو هيو ۽ ڪائنات جي بي انت بحر جي ڪناري تي ٻڌل زندگيءَ جو اجڙيل ٻيڙو جنهن تي چڙهي هن کي سمنڊ جي سدا جوان ڇولين جو مقابلو ڪري هڪ مڪمل حياتي جي ابتدا ڪرڻي هئي. هن ٻيهر ٻيڙيءَ کي نوان سڙهه ٻڌڻ لاءِ هٿ ڊگهيڙيا، هن جي ٻانهن ۾ قوت نه هئي، هن حياتيءَ جي مڪمل نقشي تي نظر گهمائي، ان کي گهورڻ چاهيو نقشو مڪمل هوندي به هن جي بي نور اکين ۾ پورو عڪس ٺاهي نه سگهيو، هن ڪائنات جي بي انت بحر جي ڇولين کي ٻڌڻ لاءِ ڪنائڻ شروع ڪيو. هن کي ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه آيو. ٻه ڳوڙها هن جي بي نور اکين مان ڦٽي نڪتا ۽ هن جي ناهموار منهن تان رڙهندا هن جي چپن مٿان لڙڪي گم ٿي ويا، هن کي انهن جي نمڪيني به محسوس نه ٿي، هو رنو هيو پر هن محسوس ڪيو هو رنو نه آهي.
    رات ٿي ته هن رڙيون ڪري پنهنجي اولاد کي سڏ ڪيو سڀ هن جي بي حس جسم مٿان پهتا، راهب انهن کي ائين ڏٺو جيئن هن جي اولاد جوان هوندي به ننڍي ٻار جيان آهي.
    ”منهنجا ٻچڙئو“ راهب جو آواز سمنڊ جي وير جيان وسيع ٿيندو ويو، ”مان پنهنجي پوري زندگي خرچ ڪري هڪ وڏو خزانو جمع ڪيو آهي“ هن چيو ۽ هن جي جوان اولاد جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي، انهن ۾ وڌيڪ ٻڌڻ جو اشتياق وڌي ويو ”منهنجي هٿن ۾ هڪ نقشو آهي، حياتيءَ جي مڪمل جزيري جو نقشو، جنهن کي مون سڄي عمر زندگيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي ڳولي لڌو آهي، مون پنهنجي سموري حياتي اوهان لاءِ وقف ڪئي آهي، اچو مون کان اها امانت وٺو ۽ جستجو ڪري ان جزيري تي پنهنجا گهر ٺاهي مڪمل زندگيءَ جي ابتدا ڪريو.”
    پوڙهو راهب ڳالهائيندو ويو ۽ هن جي اولاد هن مان نااميد ٿي وئي هر ڪنهن جو نااميدي وچان منهن لهي ويو.
    ”هڪ ڳالهه ٻڌو منهنجا ٻچئو“ راهب ڳالهائيندو ويو. ”مون هر ڳالهه جو انت ڳولي لڌو آهي، آءُ زندگي جي نچوڙ جي سهاري اوهان کي ٻڌائي سگهان ٿو ته توهان پنهنجي ازواجي ۽ گهريلو زندگي ڪيئن ڀرپور ڪامياب نموني گذاري سگهو ٿا، آءُ ڄاڻان ٿو ته مذهب ۽ خدا جي حقيقت ڇا آهي، زندگي برقرار رکڻ لاءِ سٺو روزگار ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو، پيار جو اظهار ڪيئن ڪجي جو ان مان سچائي جي نور جون جهلڪيون نظر اچن. مون وٽ حسن کي پرکڻ واريون اکيون آهن، مون وٽ اهي احساس آهن ته سونهن ڀريل چپن جي جهونگار جو حض ڪيئن وٺجي، فضائن کي ذرا ذرا ڪري ان مان هر خوشبوءَ کي الڳ ڪيئن محسوس ڪجي، ذائقن جو لطف ڇا هجڻ گهرجي، ڪهڙي واٽ وٺي اوڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙڻ کپي، ڏيڻ يا وٺڻ واري آڏو هٿ ڪيئن ڦهلائجي“، منهنجا ٻچئو ”مون پنهنجي زندگي پنهنجي تجربن جي تربت ۾ کوٽيل حسرتن جي قبر جي چانٺ تي آڻي بيهاري آهي، آءُ ڏسان ٿو ته موت منهنجي پٺ کان بري نيت سان بيٺو آهي، آءُ ڪجهه گهڙين جو مهمان آهيان، آءُ چاهيان ٿو ستر ورهين جي عمر ۾ جڏهن آءُ مڪمل ٿيو آهيان ڪجهه ماڻڻ چاهيان ٿو، آءُ حسن جو حض وٺڻ چاهيان ٿو پر ..... فضا کي ذرا ذرا ڪري ان جي هر خوشبوءَ کي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو پر .... آءُ پنهنجي هر تجربي تي عمل ڪرڻ چاهيان ٿو پر ..... پوڙهو راهب پنهنجي لاچار زبان سان هر لفظ کٽڻ کان پوءِ ڄڻ مايوس ٿيندو ويو. ڳوڙها لار ڪري هن جي ڳلن تان وهي رهيا هيا، هن زندگيءَ جي پڪل ڦل جو مزو وٺڻ پئي چاهيو پر هن جي چٻاڙڻ جي قوت محال ٿي وئي هئي هو نه پيو چاهي ته ايتري محنت کان پوءِ حاصل ڪيل شيءِ ائين ئي ضايع ٿي وڃي. هن حسرت ۽ اميد ڀريل نگاهن سان پنهنجي اولاد ڏانهن نهاريو، ”منهنجا ٻچئو توهان منهنجي مدد ڪري سگهو ٿا.“ هن چيو ۽ پوءِ عرش ڏانهن منهن ڪري خدا کان زندگي ۽ جواني ٻيهر ماڻڻ جي دعا گهري. پر هو مايوس ٿي ويو هن ڪاوڙ مان رڙ ڪئي ”وٺو هي حياتيءَ جي جزيري جو نقشو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي نئين جهاز جا سڙهه کولي ڇڏيو، وڃو ۽ منهنجي راهه تي پنهنجي مضبوط قدمن سان ڊوڙندا هڪ سٺي زندگي جو آغاز ڪريو“ هن چيو ۽ پوءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن جا پٽ ۽ ڌيئر هن مٿان ڪجهه دير بيٺا ۽ ڪاوڙ مان هن جي منحوس منهن کي ڏسندا هڪ پاسي ڏانهن هليا ويا.
    پوڙهي راهب ڏٺو هن جا نوجوان پٽ ۽ ڌيئر هن ڏانهن وڌي رهيا آهن، هاڻي هو سمنڊ جي ڪناري تي آهي. نوجوان ڪلها آهن جن تي هن جو جسم رکيل آهي، سمنڊ جي هوا ۾ هن جي ڏاڙهيءَ جا وار اڏامي رهيا آهن، هن جو وجود سمنڊ ڏي وڌي رهيو آهي، نوجوان ڪلها هن کي اڳتي ڌڪي رهيا آهن، هن سمجهيو ته شايد هن جي تجربن جي نچوڙ تي عمل ٿي رهيو آهي پر هو مايوس ٿي ويو، هن ڪجهه گهڙين کان پوءِ ٿيندڙ وحشتناڪ انجام تي سوچيو، نوجوان ڪلها گهري سمنڊ وٽ اچي رڪجي ويا، هو هاڻي ڪجهه گهڙين جو مهمان هيو. هن ڪنڌ کڻي نيري سمنڊ کي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي اولاد کي چيو ”اتي نه“
    ”ڇو؟“ انهن مان هڪ پڇيو.
    ”او هوڏانهن“ راهب ٿورو اڳتي سمنڊ طرف اشارو ڏيندي چيو.
    ”پر ڇو؟“ وري انهن مان ڪنهن پڇيو.
    راهب جو ذهن اڄ کان پنجويهه سال پوئتي هليو ويو، هڪ لاش هن کي سمنڊ جي لهرن ۾ هيٺ مٿي ٿيندو نظر آيو. تڏهن هن چيو ”ان ۾ به هڪ راز آهي!“
    نوجوان ڪلها ڪجهه اڳتي ٿيا ۽ سمنڊ ۾ هڪ ڇٻڙڪو پيدا ٿيو، پوڙهي راهب جو جسم پاڻيءَ ۾ آلو ٿي ويو، هو لهرن ۾ هيٺ مٿي ٿيندو تري ۾ لهندو ويو ساهه کڻڻ سان گڏ پاڻي هن جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندو ويو، ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون ۽ ٿڌ جو احساس جهڪو ٿيندو ويو. صبح ٿيو ته راهب جو لاش ان ساڳي ڪمري ۾ پيو هيو جتي هن جو اولاد رات جو نصيحت ٻڌڻ کان پوءِ ڇڏي ويو هيو، نه هن جو جسم آلو هيو ۽ نه ڦڦڙن ۾ پاڻي. هن جي اڇي ڏاڙهي حياتيءَ جيان خشڪ هئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375264
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406610
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ