ڪتاب جو نالو: امن جي نالي
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: پارس اشاعت گهر، ڀٽا روڊ سکر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1977
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 04 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 376 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 172 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. رشيد ڀٽي لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسودا ۽ انسان دشمن قدر، هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي، هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو، هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري، هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي، هو چئي ٿو پيٽ وڏي شي آهي بک ئي اهو چشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون. بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا مصنف وٽ محفوظ آهن
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • غدار
  • چنڊ ۾ ستارا
  • امن
  • پارس هٿ
  • امن جي نالي
  • انسانيت، دونهو ۽ لاش
  • بستيون ۽ پستيون
  • شينهن جو ٻچو
  • سڪون ڪٿي آ !!
  • هاڃو هاڃو، هاءِ حياتي!
  • هيءَ سين نه ڏيندي چين

  • سڀ حق ۽ واسطا مصنف وٽ محفوظ آهن

    پهريون ايڊيشن جون 1977ع

    قيمت ٽي روپيا، پنجاهه پئسا




    AMUN JAY NALY (Short stories) in sindhi by Rasool Memon.
    Published by Ayaz Gul, Editor Paras Publishing House Bhutta Road Sukkur Sindh_1st Edition 1977

    ڇپائيندڙ: اياز گل-پارس اشاعت گهر، ڀٽا روڊ سکر سنڌ
    ڇپيندڙ: ”همدرد“ پرنٽنگ پريس، ڀٽا روڊ سکر سنڌ


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”امن جي نالي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. رشيد ڀٽي لکي ٿو:
    ”رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسودا ۽ انسان دشمن قدر، هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي، هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو، هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري، هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي، هو چئي ٿو پيٽ وڏي شي آهي بک ئي اهو چشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون. بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.“
    هي ڪتاب ھمدرد پرنٽنگ پريس، سکر وٽان 1977ع ۾ محترم اياز گُل پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    ڪنهن دوست پئي چيو ته سنڌي ادب تي جمود آهي، سنڌي ادب جي تلاءَ ۾ ماٺ آهي، ضرورت آهي ته ان ۾ پٿر اڇلائي چرپر آڻجي، مون ساڻس اختلاف ڪيو هيو، نه رڳو ان ڪري جو مون ڏٺو پئي ته سنڌي ادب تي جمود نه هيو، ۽ وائٺو پئي ته ادب جي ساگر ۾ ڇوليون اڀري رهيون هيون، پر ان ڪري به ته، مان ان ڳالهه جو قائل آهيان، ته تخليق جو عمل نه ٽٽندڙ، سدا هلندڙ ۽ جاري ساري عمل آهي، ڪڏهن اهو عمل تڪڙو ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڍرو، پر ختم يا بند ڪڏهن به نٿو ٿئي، ان عمل لاءِ خالق جون ڪيفيتون ۽ سندس داخلي ۽ خارجي حالتون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
    ائين برابر آهي ته گذريل پنجن سالن دوران، ملڪ جي تڪڙين تبديل ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن سبب، اڪثر اڳ لکندڙ اديب ۽ شاعر مونجهارن جي دنيا ۾ رهيو آهي، جنهن ڪري سندس تخليقي پيداوار ۽ ان جي اوسر جو عمل ضرور متاثر ٿيو آهي، ٻي پاسي رسالن ۽ اشاعتي سلسلن تي بندش پوڻ سبب سندس اها تخليق پڙهندڙ آڏو به نه اچي سگهي آهي، پر ان جي باوجود، اها حقيقت آهي ته ان دوران به سندس تخليقي قوت ماٺ ۾ نه رهي آهي، ٿورو ڪي گهڻو، هو لکندو ئي رهيو آهي ۽ لکندو ئي رهي ٿو، اهو ان ڪري جو ان وٽ لکڻ لاءِ موضوع ۽ مقصد جي ڪڏهن به تنگي يا کوٽ نه رهي آهي، هن ڌرتيءَ انسان، انسانيت، ديش، عوام ۽ انهن جي مسئلن کان منهن نه موڙيو آهي، انهن کان راءِ فرار اختيار نه ڪئي آهي، جيستائين فنڪار وٽ موضوع آهي، فن ۽ تخليق جو مقصد آهي، تيستائين هن جي تخليقي عمل جو سلسلو ختم نه ٿو ٿي سگهي.
    ان عرصي دوران ٻي خاص همٿائيندڙ حقيقت اها اڀري آئي آهي ته، ان وچ ۾ سنڌي زبان جي اديبن ۽ شاعرن جو نئون نسل ڀرپور نموني اُسري آيو آهي. انهن جي تخليقن پڙهڻ کانپوءِ، کين سنگت جي ميڙن ۽ ادبي اجتماعن ۾ ٻڌڻ کان پوءِ، منهن جي آس ۽ اميد وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، هاڻي آءُ انهن نراسائيءَ ۽ نااميديءَ جي شڪار ٿيل دوستن ۽ ساٿين سان وڏي واڪ ويهي ڳالهائي سگهان ٿو، جي ادب ۾ جمود ۽ ماٺ جا وهم ۽ گمان ظاهر ڪري، ان جي حال ۽ مستقبل کان مايوس ٿي ويا آهن. اسان جي نئين نسل وٽ فن به آهي ته فڪر به، وٽن سوچ آهي ۽ سلجهيل دماغ پڻ. وٽن مشاهدو به آهي ته سندن من ۾ مانڌاڻ به آهي. هنن وٽ ان سوچ ۽ لوچ کي پيش ڪرڻ جو انداز به ججهو آهي. هنن کي قومي ۽ بينالاقوامي مسئلن جي پروڙ آهي، هنن وٽ انسان ۽ انسانيت جي مسئلن جي به پوري پوري پرجهه آهي. هو نه رڳو مسئلن کي ڄاڻن ٿا ۽ انهن جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا، پر هڪ ماهر سرجن جيان، انهن جي وڍ ڪٽ به ڪري سگهن ٿا. هو کنيل موضوع کي مقصد ۽ آدرش آهر نڀائڻ به ڄاڻن ٿا. پر انهن ۾ رڳي، اڪيلي اوڻائي اها آهي ته هو نوان ۽ ننڍڙا اديب آهن، ۽ وڏن مڃيل اديبن جي منجهن اک ڪا نه ٿي ٻڏي، جنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته سنڌي ادب تي جمود آهي ! اهو ڏسڻ ۽ وسهڻ جي تڪليف نٿي ڪئي وڃي ته مٿين تهه جي هيٺان مهي ولوڙ آهي. ارتقا جي عمل ۾ ائين ٿيڻ ڪنهن حد تائين سڀاويڪ به آهي. هڪ لقاءُ جي بي لقاءُ ۾ منتقل ٿيڻ واري نڪتي تي رسڻ کان اڳ، اوسر جي ان عمل ۾، ائين محسوس ٿيندو آهي، ۽ ٻيءُ گهڙي، ان نڪتي تي رسڻ سان ئي نئون لقاءُ ۽ نئين شي وجود وٺي ظاهر ٿيندي آهي، اها گهڙي ويجهي آهي، ان ڪري مان، سنڌي ادب جي حال يا مستقبل کان، نااميد نه آهيا. مون لاءِ نااميدي ڪفر برابر آهي، مان نئين اسرندڙ نسل کي ڏٺو آهي ۽ سمجهيو آهي، رڳو سکر ۾ گذريل ان عرصي دوران چڱا چوکا فنڪار ادبي دنيا ۾ اسري آيا آهن: رفيق سومرو، ادل سومرو، اياز گل، رسول ميمڻ، رحمان جافرادي، سداحيات ۽ سيف ٻنوي وغيره وغيره.
    رسول ميمڻ گذريل ٻن سالن کن کان افسانو لکي رهيو آهي. ڪڏهين ڪڏهين شعر تي به هٿ هلائي ٿو، ٽيڙو ۽ وائي تي سٺي ۽ سهڻي پهچ اٿس. سنگت جي ڪچهرين ۾ سندس افساني تي به ايترو ئي داد ملندو آهي، جيترو شعر تي، ان ڪري في الوقت چئي نه ٿو سگهجي ته هو اڳتي هلي هڪ اعليٰ ۽ عظيم ڪهاڻيڪار ٿيندو يا شاعر. جيترو قد ۾ مٿي ۽ اوچو آهي، اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ ۽ اونهو آهي هيءُ حليم سڀاءَ وارو نوجوان ميڊيڪل جو شاگرد آهي، مڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب آهي، سو ته آءُ نه ٿو چئي سگهان پر سماج جي جيئري جاڳندي انسان ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو، ڏاڍو اونهو آهي، ۽ گهرو پڻ حساس به ته حقيقت پسند به .
    رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسودا ۽ انسان دشمن قدر، هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي، هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو، هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري، هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي، هو چئي ٿو پيٽ وڏي شي آهي بک ئي اهو چشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون. بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.
    اهي ئي ساڀيائون، اهي ئي سپنا ۽ اهي ئي آدرش اسان کي رسول ميمڻ جي هن مجموعي ” امن جي نالي“ ۾ شامل افسانن ۾ ملن ٿا، ” انسانيت دونهون ۽ لاش“ ۽ ” امن جي نالي“ افسانن ۾ جنگ جي ميدان جي پس منظر ۾ هن انسان جي جذبن، آدرشن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پنهنجي هٿان پنهنجن جي نسل جي تباهي ۽ بربادي انسان کي سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته آخر هيءَ جنگ ڇو ؟ ٻيا به ڪيترائي محاذ آهن جنگ لاءِ ! آخر انسان انهن محاذن تي منهن ڇو نه ٿو ڏئي؟ مفلسيءَ سان جنگ، اندر سان جنگ، براين ۽ سماج جي ناسورن سان جنگ !.....ماڻهو ڇو نه اهڙي حقيقت سان وڙهي، جي ان تباهه ڪن لڙاين کي جنم ڏين ٿيون.
    ”هاڃو هاڃو هاءِ ! حياتي “ ۽ ” سڪون ڪٿي آ “ ۾ رسول ميمڻ گناهه جي فلسفي جو اپٽار ڪيو آهي. طبقاتي سماج ۾ اقتصادي غيربرابري ۽ غير يقينيءَ سبب پيدا ٿيندڙ بک ۽ مجبوري ئي گناهه جو سرچشمو آهي. “بک بڇڙو ٽول آ، جا داناءَ ديوانا ڪري ڇڏي.” يا شاهه سائينءَ چواڻي. “ڍو بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃهه ساهه جي.” انهن اڻ مٽ ۽ سچين چوڻين کي رسول ميمڻ نهايت ئي ڪاريگريءَ ۽ فني مهارت سان افسانن ذريعي نڀايو آهي. بک سڀ احساس مٽايو ڇڏي، مذهبي تقدس ۽ اخلاقي پابنديون، سماجي نيم ۽ انساني حدبنديون، بک لحظي ۾ لتاڙيو وڃي. رسول جو خيال آهي ته بک ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ گهنڊ آهي جيڪو دنيا جي ديول تي هميشه لڏندو رهندو، ان ۾ فنڪار جي نراسا جي جهلڪ ملي ٿي، جا سندس ٻين افسانن ۾ پٽيءَ ڪا نه آهي، يا اڻ لکي آهي.
    ”بستيون ۽ پستيون“ افسانو، رسول ميمڻ جي منظر ڪشيءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو نادر نمونو آهي، هن افساني ۾ اهڙيءَ بستيءَ جو منظر چٽيو ويو آهي، جتي بک، بي روزگاريءَ، مفلسيءَ ۽ مجبوريءَ جو راڄ آهي. جتي نه رڳو گند ۽ ڪچري جا ڍير آهن، پر انساني سماج جي بڇڙاين ۽ گندگين جا انبار آهن، انسان، ان جي ماحول، ڇيهون ڇيهون ٿيل زندگيءَ جي عڪاسي، رسول ميمڻ جي مشاهدي جي قوت ۽ حساس دليءَ جو چٽو ثبوت آهي، ائين ٿو لڳي ته، نه رڳو فنڪار ان بستيءَ ۾ رهي ٿو، پر اتان جي واسين جي دلين جي گهٽين گهيرن مان به گهمي آيو آهي، ان بستيءَ جي رهواسين جي ڪردار نگاريءَ ۾ رسول پنهنجو اندر اٿلائي رکيو آهي، اکين آڏو خاندوءَ، راهوءَ ۽ پٽهنس جون جيئريون جاڳنديون چرندڙ پرندڙ مورتون اڀري ٿيون اچن، ”پارس هٿ“ انسان جي عظمت جو دليل آهي، انسان جو هٿ پارس آهي، جنهن کي ڇهي هو سون ٿئي، قدرت ۽ قسمت انساني هٿ جي ڇهاءَ جو ٻيو نالو آهي. انسان جو هٿ ئي قدرت کي جنم ڏئي ٿو يا مڪمل ڪري ٿو، انسان محتاج نه آهي، پر پاڻ مالڪ آهي، مقدر ۽ بخت مجبور نه آهي، پر محنت جو ٻيو نانءُ آهي، ماڻهو مقدر آڏو مجبور نه آهي، پر پنهنجي محنت جو محتاج آهي.
    ”هيءَ سين نه ڏيندي چين“ افساني ۾ پراڻي ۽ قابل بحث موضوع جي جرئت ڪئي آهي، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ ئي زندگيءَ جي امرتا جو راز آهي پنهنجي لاءِ جيئڻ بي معنيٰ آهي، پنهنجي ذهن تائين ۽ خواهشن تائين محدود سوچ رکندڙ فنڪار ئي نراسا جو شڪار ٿئي ٿو، فراريت جي ڦند ۾ ڦاسي ٿو، سنسار لاءِ سوچيو، جڳ جي جهوري جيءَ کي لايو، انسان جي احياءَ، عظمت ۽ ڇوٽڪاري لاءِ جدو جهد ڪندڙ فنڪار ئي امر ٿي سگهي ٿو، ۽ نراسا کان جان ڇڏائي سگهي ٿو، فن جي قيمت ناڻو يا ٺلهو داد نه آهي، پر سماج ۽ ان جي قدرن جي تبديلي آهي، ان آدرش سان ئي فنڪار تخليق جو عمل جاري رکي سگهي ٿو، آس جي دولت سان مالا مال ٿي سگهي ٿو، ذهني مونجهارن مان پار پئجي سگهي ٿو، امرتا ماڻي سگهي ٿو.
    اهو ئي تاتپرج ۽ تاڃي پيٽو آهي رسول ميمڻ جي انهن اٺن افسانن جو، جي هن مجموعي ۾ شامل آهن، سندس هيءُ مجموعو پهريون ۽ شروعاتي مجموعو آهي، انهن افسانن ۾ جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان، نه رڳو فڪر آهي، پر فن به آهي، سندس نئين گهڙيل قلم انهن افسانن کي فني نڪته نظر کان به سينگارڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪي زبان ۽ گرامر جا ماهر ۽ گهاگهه سندس لکٿ مان وڏون ڪڍن، پر جي اهي به سندس عمر ۽ تجربي جي لحاظ کان ان تي نظر وجهندا ته کين رسول جي نثر ۾ اهي سڀ خوبيون ڏسڻ ۾ اينديون جي افساني لاءِ گهربل هونديون آهن، يا سٺي نثر لاءِ ضروري هونديون آهن. وٽس موضوع به آهي ته مقصد به، وٽس منظر ڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به، وٽس مشاهدو به آهي ته ان جو اظهار به، هن وٽ سوچ جي سيبتائي به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به، وٽس لفظن جي چونڊ به آهي ته تشبيهن جي ترائي به، سندس ٻوليءَ ۾ رواني به آهي ته مٺاس به، پنهن جي هن پهرين ۽ اوائلي ڪوشش ۾ جا هن ڪاميابي ماڻي آهي، ان جي آڌار تي، چئي سگهجي ٿو ته اسان جو هي نوجوان ۽ نئين نسل جو فنڪار، اڳتي هلي، پنهن جي فن ۽ فڪر ۾ پختگي پائي، سنڌي ادب ۾ ۽ خاص ڪري افساني جي دنيا ۾ نمايان ۽ منفرد مقام ماڻيندو، فن ۽ ان جي تخليق هڪ مسلسل ۽ اڻ کٽ جدوجهد آهي، ۽ ان جي شروعات رسول ميمڻ سٺي ۽ سڦل نموني ڪئي آهي، مون کي اميد آهي ته هن ساٿيءَ کي اها سين چين نه ڏيندي ۽ هو جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکندو، ۽ پنهن جي جيون جو آدرش اوس ماڻيندو.

    رشيد ڀٽي
    بئراج روڊ سکر
    1 مئي 1977


    غدار

    رات جي سناٽي ۾
    فضائن جي جهولندڙ
    نظر جي حد تائين
    دونهي جهڙي
    اوندهه ئي اوندهه ۾
    منهنجي جيئري لاش جي چپن مٿان
    رکيل هن جو ڪونئرو ڪونئرو
    ويڻيءَ ۾ پاتل
    رابيلن جي واس جهڙو هٿ
    ٻنجو ڏئي بيٺو آهي
    منهنجي صدائن کي، آهن کي،
    ڪٿي به ڪو آواز نه آهي
    سڏڪي سڏڪي
    ئي ويو آهي الوپ
    انڌيارن مان اٿندڙ
    خزان جي سڙيل پنن جي
    ڪرڻ جو آواز
    شايد مڙهه ئي مڙهه آهن
    انڌريان جي ڪفن پويان
    اهڙي سانت ۾
    ڪنهن ڪوٺيو
    هن رابيلن جي گجرن واريءَ کي
    ظالم، ڊڪٽيٽر
    جيڪا ڏئي بيٺي آهي
    منهنجي چپن تي هٿ
    دٻايو ٻيٺي آهي
    منهنجي صدائن کي
    پر او، حساس
    ۾ سادي دل وارا عوام
    تون ڇا ڄاڻين ؟
    ته مون ڏني آهي
    هن جي نرم تريءَ تي
    هڪ ڊگهي
    زندگيءَ جيڏي چمي
    توهان ڀل سمجهو هن کي
    ظالم، ڊڪٽيٽر
    پر ڪهڙي خبر
    متان آءُ ئي غدار هجان !!


    چنڊ ۾ ستارا

    سنڌوءَ ڪنارو
    چپ چپات
    چانڊوڪيءَ ۾ وهتل وادي
    هيڊي هيڊي
    ڪاريهر مڻ
    وئي اوندهه جو زهر چهي
    هير هلي ۽ ٿي ويا سڀ
    لهرون لهرون،
    وڻ ٽڻ پاڻي
    من تي چڙهيا مڌ جا سرور،
    ڪي هيٺ لهن،
    ڄڻ مٿي چڙهن
    وچ پاڻيءَ ۾ وهنجي چنڊ
    امرت ڌارا ڌوئي بدن
    نچندي ڪڏندي
    مونکي چڙائي ساري رات
    مون به هن کي ڇيڙڻ خاطر
    مرڪي اڇلايو
    ڳاڙهو ڳاڙهو
    هن ڏي ڏاڙهونءَ ڦول
    گهيرا گهيرا ٿي ويو سنڌو
    لهرن ڪٿي
    ڪنڌ تي ڪِت ڪِتائي
    ٽڪرا ٽڪرا هو پوءِ چنڊ
    ۽ لهرن ۾لڙهيا پئي
    سوين ستارا......


    امن

    پرينءَ جي نيڻن ۾
    کپائي نيڻ،
    ائين مدتن کان
    ويٺو آهيان
    وجود جي جوت جلائي
    سوچان ٿو،
    سونهن ئي حياتي آهي
    سونهن ئي مماتي آهي
    سونهن ئي سڀ ڪجهه آهي
    هن جي نيڻن مان وهي
    منهنجي نيڻڻ ۾ اچي ٿي
    حياتيءَ جي ڌار
    ائين ئي مسلسل آهي
    وجودن جو تسلسل
    هن جا نيڻ سلامت آهن
    اسانجو وجود
    آهي موجود
    پر او، وقت جي ظالم ڌارا
    نه ڪر اهي ڌماڪا
    جو ڇنڀي ويهندو
    هو اکڙيون پنهنجيون
    ۽ اسانجو روح
    ويندو ڪري پرواز
    ڇرڪي اڏامندڙ ڪبوترن سان
    آڪاش ڏانهن.....


    پارس هٿ

    ڏاتو گذريل ٻن ڏينهن کان پياسو هيو، هن پاڻيءَ کي چکيو نه ڇا ڏٺو به ڪين هيو، اهو سڀ ڪجهه ڪوهستان ۾ گذريل سال کان برسات نه پوڻ ڪري ٿيو هيو، ڍنڍن ۾جمع ٿيل پاڻي ختم ٿي چڪو هيو، هر ڪنهن جون اکيون آڪاش ڏانهن هيون، ”ڄاڻ مينهن وٺو، ڄاڻ مينهن وٺو.....“ هر ڪنهن جي چپن تي ساڳيا جملا هيا، صرف هڪ ٻئي کي دلداري ڏيڻ لاءِ، ننڍڙن ٻارن جي آهن کي گهٽائڻ لاءِ. هر ڪو نيڻ مٿي کڻي آڪاش کي پڪاريندو رهيو خدا کان پنهنجو حق گهرندو رهيو، ”او خدايا بادلن کي حڪم ڪر ته اهي اسان جي اڃ اجهائين... او خدايا رحم ڪر“ پر بادل ڪڏهن نه وسيا، آڪاش ڏي نهاريندي نهاريندي ماڻهن جا ڪنڌ ٿڪجي پيا، هنن نا اميد ٿي اکين کي هيٺ جهڪائي ڇڏيو.
    ڪوهستان ۾ پري پري تائين ڪنهن به ساهواري جو نانءُ نشان نه هيو، سواءِ هن هڪ قبيلي جي جيڪو پڻ لڏڻ لاءِ سوچي رهيو هيو، ٻيا سڀ ڪوهستاني آهستي آهستي ٿي اٿي ويا هيا ۽ هي اڃان ٿوري آس لڳائي ٽيڏيءَ اک سان آڪاس ڏي نهاري رهيا هيا، ڏاتوءَ جو خاندان به ان قبيلي مان هڪ هيو، هو پنهنجي ٻارن جي پٺيءَ لڳل پيٽن ۽ پياس کان بي آواز نڙين کي سهي نه سگهيو، هن پڪو پهه ڪيو ته هوڪٿان نه ڪٿان پنهنجي ٻارن لاءِ ماني ۽ پاڻيءَ چڪو ضرور هٿ ڪري ايندو، اهو سوچي هو ڏور نيري آڪاش هيٺان گم ٿي ويو، ماڻهن جون هن ۾ گهڻيون اميدون هيون، ڇو جو هو قبيلي وارن جو روحاني پيشوا هيو ۽ هنن کي پڪ هئي ته خدا ڏاتوءَ کي خالي هٿين نه موٽائيندو ۽ اڄ ڏاتو ٻن ڏينهن کان ڪوهستان جي پهاڙي لاهين چاڙهين جي وچ ۾ ڀٽڪي رهيو هيو، هن پنهنجا ٻئي هٿ بلند ڪري خدا کان پنهنجي ڪيل گناهن جي معافي ورتي، هن جي ڏمر کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڳوڙهن جو نذرانو پيش ڪيو، پر ڪجهه نه وريو، ساڳي پياس، ساڳيا آدم خور جي ڏندن جهڙا پهاڙ، نظر جي حد تائين گرم ڪوهستاني هوائن جا وچوڙا، دل کي ڏڪائيندڙ پهاڙن جي دامن سان گسي پيدا ٿيندڙ هوائن جا گهوگهٽ، ڏاتو تيز فضا ۾ ڦڙ ڦڙائيندڙ پنهنجي اڇي چادر جي پاند کي ڳچيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي قابو ڪيو ۽ هن چچيون اکيون ڪري، ڪنهن بيواهه جي جسم جيان سڪتي ۾ بيٺل خاموش پهاڙن کي ڏٺو. ڪوهستاني هوائن جي تيزيءَ ڪري هن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا ڊگها وار هيڏي هوڏي بک کان ڦٿڪندڙ ٻار جي جسم جيان لرزي رهيا هيا، ڏاتو کي خبر هئي ته اهو سڀ ڪجهه هن جي گناهن جو سلو آهي، جنهن جي رد عمل ۾ خدا جو ڏمر نازل ٿيو، ڏاتوءَ کي ڪوهستاني زندگيءَ سان پيار هيو، هو نه پيو چاهي ته ڪو هنن بلند پهاڙين کان ڏور زندگيءَ جي هڪ گهڙي به گهارجي ۽ اهو ئي سبب هيو، جو اڄ هن جا هٿ خدا آڏو بُلند هيا، هن جي چپن تي آرزيون نيزاريون هيون ۽ هنجي اکين ۾ ڪوهستاني گرم هوائن جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڳوڙها ڀريل هيا، ڏاتوءَ کي پڪ هئي ته هن جو خدا هڪ نه هڪ ڏينهن هن جون دعائون ضرور قبول ڪندو، هڪ نه هڪ ڏينهن آسمان مان ڪرندڙ پاڻي هنن بلند پهاڙن تان ريلا ڪري ضرور وهندو، هي ڪوهستان بادل جي بوندن سان ضرور وهجندو ۽ هن تصور ئي تصور ۾ برساتي گجگوڙ ٻڌا، اوندهه ۾ وڄ جا چمڪاٽ ۽ ان چمڪي جي روشنيءَ ۾ هن ڪروڙين برساتي چمڪندڙ بوندون ڏٺيون، جيڪي ڦڙڦڙ ڪري بلند پهاڙن جي چوٽين تي ڪري، ريلا ڪري ندين جي صورت ۾ وهي رهيون هيون، انهن ڏاتوءَ جي من ۾ عجيب هلچل مچائي ڇڏي.” ائين ضرور ٿيندو... پاڻي ڌرتيءَ جي پياس ضرور اجهائيندو “ ۽ اهو سوچي هنجي چپن تي گهري مرڪ ڊوڙي وئي، پر ڏاتوءَ جون سڀ دعائون، آشائون ۽ تصور هنجي دعائن جيان کوکلا هيا، خدا تي هن جي آهُن جو ڪو به اثر نه ٿيو، پر ڏاتوءَ به خدا کي نه بخشيو، هو هڪ بلند پهاڙ جي چوٽيءَ تي چڙهي پنهنجا ٻئي هٿ بلند ڪري گوڏا کوڙي ويهي رهيو، ڏاتوءَ خدا سان ضد ڪيو، هو پنهنجي وجود کي قدرت جي ترازيءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪجهه ڦڙن جي عيوض تورڻ لاءِ تيار ٿي ويو، يا منهنجي لاش ۾ڳجهن جون چهنبون هونديون يا تنهنجي وسايل بادلن جي پاڻيءَ سان ڪوهستان ۾ نديون وهنديون، هن خدا کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏي، هنجي اندر ۾ ڀرجي آيل جوش کان هنجي نڪ جي آس پاس منهن جي چمڙي ڏڪي رهي هئي، هن جون ٻئي اکيون زور سان بند هيون، هٿ عرش ڏانهن بلند هيا، اوچتو پري کان اڇن بادلن جون چوٽيون ظاهر ٿيون جيڪي ٻرندڙ جبل جي دونهي جيان اڳتي وڌي آسمان تي قبضو ڪرڻ لڳيون، ڏاتوءَ اکيون کولي آڪاش ڏي نهاريو، هن جي من جي هڪ ڪنڊ ۾ خوشيءَ ڪَر کنيو، پر هن ڄاڻي واڻي ان کي دٻائي ڇڏيو، متان ان ڀرپور خوشيءَ جي اظهار جو منهنجي دعائن تي نه اثر پوي ۽ هڪ دفعو وري هو اکيون بند ڪري دعا گهرندو رهيو، آهستي آهستي خوشي هنجي جوش مٿان غالب پئجي وئي هن جي دل چاهيو ته هو اکيون کولي خوب ٽهڪ ڏيئي کلي ۽ انهن بادلن کي ڏسي دل وندرائي جن ۾ هنجي اڃ کان مرندڙ قوم جو روح سمايل هيو، ڏاتوءَ جي رڳ رڳ ۾ ڄڻ شراب سمائجي ويو، هن جي اندر ۾ ڄڻ برف جو ٿڌو طوفان گهلڻ لڳو، جنهن کان هن جو اندر ڦاٽو ٿي، ڏاتوءَ خوشيءَ سان پنهنجون ٻئي اکيون کولي ڇڏيون، پر هن جي اڳيان ڪجهه نه هيو، ڪجهه گهڙيون پهريون وڌندڙ اڇا اڇا کير جهڙا ڪڪر هوا تي ٽٽي هيڏي هوڏي پکڙجي ختم ٿي چڪا هيا، ڏاتوءَ جي حالت ان ماءُ جهڙي ٿي وئي جنهن جو ٻار تازو تازو هن جي سامهون ڪنهن ڦاٽندڙ جبل جي وڏي ٽڪر هيٺان جهڙو دفنائجي ويو هجي، هن جو هر خيال ريزا ريزا ٿي هن جي اميد مٿان ڪريو، هن جون سڀ خوش فهميون دٻجي ختم ٿي ويون، خدا مان ٿوري دير لاءِ هن جو اعتماد کڄي ويو، هن خدا کي حد درجي جو ڪنجوس تصور ڪيو نااميديءَ هن جي مقصد کي ايڏو نه ايذايو جو هو خودڪشيءَ تي راضي ٿي ويو ، هن جي دل چاهيو ته هو هن پهاڙ تان ٽپو کائي سورن کان نجات حاصل ڪري، پر هنجي قوم جيڪا اميد جو جذبو کڻي هن جي انتظار ۾ بيٺي هوندي، ان جو ڇا ٿيندو ؟ ۽ اهو سوچي ڏاتو ڍاڍيون ڪري روئي پيو، “ڇا ڪريان، مان پنهنجي مقصد کي ڪهڙي نموني عملي جامو پهرايان، تنهنجو در ڇڏي ڪنهن جي چائٺ تي سر نوايان؟”
    ڪوهستان جي خاموش واديءَ ۾ ڏاتوءَ جي روئڻ جو آواز ڦهلجي اس ۾ سڙندڙ پهاڙن جي دل ڪمزور ڪرڻ لڳو، نوجوان پٽن جي طعنن کان منهن موڙي پوڙهي پيءُ جي ريزا ريزا ٿيل دل جيان خاموش پهاڙ ڏاتوءَ سان گڏ ڄڻ پاڻ به سڏڪا ڀرڻ لڳا، پر خدا کي ڪو رحم نه آيو، ڪيترا ڏينهن گذري ويا ڏانو خدا کي ٻاڏائي ٻاڏائي ٿڪجي پيو، پر روز قدرت جو هن سان ساڳيو مذاق، اڇا بادل منڍي ڪڍي هن جي ڇڳل دل تي ٽهڪ ڏئي وري لڪي پوندا هيا، ڏاتو بلڪل نا اميد ٿي ويو، هن پنهنجي قوم کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏنو، دنيا ۾ هن کي بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي، هر ڪا شيءِ هن کي اوپري محسوس ٿي، هو هر شيءِ مان تنگ ٿي ويو، هو پاڻيءَ لاءِ ايترو ته رنو هيو جو هو جيڪڏهن پنهنجا ڳوڙها جمع ڪري ڪنهن معصوم ٻار جي وات ۾ وجهي ها ته هوند هو ٽهڪ ڏيئي ماءُ جي سيني مان چمبڙي، بس اهي ئي اکر چوي ها ته ”امان مونکي ٻيو ڪجهه نه گهرجي، منهنجي اڃ ختم ٿي وئي“.
    گهڻن ڏينهن جي پياس کان هاڻي ڏاتوءَ جي نڙيءَ ۾ اها طاقت به نه رهي هو وڏي آواز سان پاڻيءَ لاءِ پڪاري سگهي، هو پنهنجا ٻئي چپ الڳ ڪري ڪجهه چوڻ پيو چاهي، پر آواز بدران هن جي زبان خشڪ تارونءَ سان ٿي لڳي، ڏاتوءَ سوچيو! ڇا هيءَ ئي آهي زندگي جنهن لاءِ انسان کي خلقيو ويو؟ ڇا هيءَ ئي آهي دنيا؟ قدرت جي محتاج دنيا، جو هن کي پاڻيءَ چڪو به خدا کان ٿو گهرڻو پوي، آخرڪار انسان جي ٻانهن ۾ ايتري طاقت ڇو نه آهي؟ جنهن سان هو فطرت جي منهن تي لپاٽ هڻي پنهنجا حق ڦري وٺي، جيڪر انسان هر ڪنهن اڳيان جهڪي وٺڻ کان ڳاٽ اوچو ڪري وٺي ها، انسان قدرت جو محتاج نه هجي ها، قدرت جو ڪوئي وجود نه هجي ها.” ڏاتو پنهنجي ذهن ۾ باغي خيالن کي جنم ڏيندو رهيو، هن پاڻ کي ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ محسوسو ڪيو حالانڪه هن جون ٻانهون ۽ جسم هر ڪنهن ڏوريءَ کان آزاد هيا، پر تڏهن به هن پاڻ کي ان اڏرندڙ لغڙيءَ جيان ٿي محسوس ڪيو جنهن جي ڏور نچائڻ واري جي هٿ ۾ هوندي آهي، هو پاڻ کي هر دور ۾ ڪمزور نظر آيو، پر اڄ هن جي ذهن ۾ باغي خيال ڪَرَ کڻي بيهي رهيا هيا، پوءِ اهو سڀ ڪجهه گذريل ڏينهن جي افراتفريءَ جو رد عمل هيو يا خدا کي ڌمڪائڻ جو هڪ طريقو، جيئن خدا هن جا رخ ڏسي ڪجهه رحم ڪري، بادل آڻي، مينهن وسائي، اوچتو ڏاتوءَ کي ائين محسوس ٿيو جيئن سج اڳيان ڪو ديوءُ اچي ويو هجي، اونهاري جي اس ۾ سڙندر پهاڙن تي جنت جهڙو ٿڌو عڪس ڇائنجي ويو هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو، ڪڪر تيزيءَ سان سڄي آسمان کي ويڙهي رهيا هيا، ڏاتوءَ پهريائين ان کي قدرت جو مذاق سمجهيو ۽ هن جي دل ۾ ڪا به خوشي نه جاڳي پر هن کي رکي رکي پڪ ٿي وئي ته برسات ضرور پوندي هڪ دفعو وري خوشيءَ اچي هن جي من ۾ واسو ڪيو، خدا جي لاءِ سوچيل باغي خيال هن جي خوشيءَ جي طرفان سان اڏامي ويا، ڏاتوءَ هٿ بلند ڪري خدا کان پنهنجي گمراهيءَ جي معافي ورتي، بادل آهستي آهستي سڄي آسمان ۾ پکڙجي ويا، هر طرف بهار جي شام جهڙو منظر ڪرُ کڻي بيهي رهيو، ناسي پهاڙ جن تي پهريون اس جو عزرائيل سوار هيو، هاڻي ڄڻ انهن ۾ روح جي گردش شروع ٿي وئي، ڏاتوءَ جي اڳيان پنهنجي قوم جا مرڪندڙ مُک ڦري ويا، ننڍا ننڍا معصوم ٻار نظر آيا، جيڪي برسات جي بوندن ۾ پنهنجا سڙيل سڪل اگهاڙا ڍانچا ڪڍي وهنجي رهيا هيا، خوشيءَ مان ٽپا ڏيئي کيڏي رهيا هيا.” ڄاڻ مينهن وسيو، ڄاڻ مينهن وسيو، خدا تنهنجا لک شڪرانا، خدا تون عظيم آهن.” وادين مان ڄڻ آواز اچڻ لڳا، ڪارا رُمُ آسمان مان مينهن وسائڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي بيهي رهيا.
    دنيا جي هر شيءِ ڄڻ ساهه روڪي ان گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي، جڏهن مينهن جي پهرين بوند پوندي ۽ هر ڪا شيءِ وڏو واڪو ڏيئي جاڳي پوندي، هر انگ ۾ مستي سمائجي ويندي ۽ پوءِ لڳاتار بوندون وسڻ شروع ٿي وينديون، ڇڻ ڇڻ ٿي ويندي، چلهه مٿان لاٿل تئي تي پاڻيءَ جيان هر ڪنهن شيءِ مان سوڪاٽ نڪري ويندا، ” مولا جلدي مينهن وساءِ.... مولا جلدي مينهن وساءِ....“ ڏاتوءَ جي اندر مان ڄڻ آواز نڪرڻ لڳا، پر اوچتو هڪ تيز هوا جو جهوٽو لڳو ۽ سڀ ڪڪر ڏاتوءَ جي اميدن جيان ڇڏي ٽڪر ٽڪر ٿي ويا! هر ڪنهن شيءِ اڀو ساهه کڻي آسمان ۾ڦهليل ذرا ذرا ٿيل ڪڪرن کي ڏٺو، هر ڪنهن جي حالت ان بکايل پينو ٻار وانگر ٿي وئي، جنهن رلي پني مانيءَ جو ٽڪر هٿ ڪيو هجي ۽ ان کان ٻيو ڪو ڏاڍو فقير چماٽ هڻي کسي ويو هجي ۽ ننڍڙو فقير جنهن پيٽ تي هٿ گهمائي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏاڍي فقير کي ويندي نهاريو هجي.
    ڏاتوءَ کي هاڻي پڪ ٿي وئي ته قدرت هن سان مذاق ٿي ڪري، هن کان ڌرتيءَ تي رهڻ جو ڪرايو ٿي وصول ڪري، هن کي پنهنجي ڪمزوريءَ تي ڏاڍا خار آيا، هن پاڻ کي هوائن تي اڏرندڙ ڪِول محسوس ڪيو، آخر هو ايڏو ڪمزور ڇو آهي ؟ هو ڪيترا ڏينهن پاڻيءَ چڪي لاءِ رنو آهي، خدا آڏو هن هڪ هنڌ ويهي دعائون گهريون آهن. پر هن کي محروم رکيو ويو اهي، آخر ان جو سبب ڇا آهي ؟ ڇا خدا اسان کي نه ٿو ڏئي، مقدر، تقدير، بخت، ڇا اهو سڀ ڪجهه بڪواس آهي؟ ڏانو خار مان اٿيو، هنجي رڳ رڳ جوش سان ٽمٽار هئي، هن اٿڻ سان هڪ وڏي پٿر کي پنهنجي هٿن ۾ بلند ڪري هيٺ پٿر يالي زمين تي هنيو، هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ پٿر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو، ڏاتو صفا چريو ٿي ويو هيو، هن کي دنيا جي ڪا به خبر نه ٿي پئي، هڪ دفعو وري هن وڏو پٿر کڻي زمين تي ٺڪاءَ ڪرايو ۽ پوءِ ديوانن وانگر هو هڪڙا پٿر کڻندو رهيو ته هڪڙا هڻندو رهيو، تان جو زمين مان پاڻي رسجي نڪتو، ڏاتوءَ ان کي به قدرت جو مذاق سمجهيو ۽ هن جي عمل ۾ شدت اچي وئي، ڏاتو چرين وانگر پهاڙن سان کيسٽ ڪندو رهيو، هن جي ساهن ۾ حد درجي جي تيزي اچي وئي، وات مان گگ ڳڙڻ لڳس، جڏهن هو ٿڪو ته هڪ پهاڙ جو سهارو وٺي بيهي رهيو هيو، جڏهن هن کي ڪجهه هوش آيو ته هن ڏٺو، مسلسل پٿرن لڳڻ واريءَ جاءِ تان واقعي پاڻي بڙ بڙ ڪري رسجي رهيو آهي، ڏاتوءَ کي يقين نه آيو پر هن اڳتي وڌي، آڱر سان ان پاڻيءَ کي ڇهيو ته ڄڻ هن جي آڱر کي ڏنڀ اچي ويو، ٿڌو برف جهڙو پاڻي! ڏاتوءَ جي چپن تي هڪ غمگين مرڪ اچي وئي، هن کي اعتبار نه پئي آيو آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو، پر پوءِ هن جون نظرون پنهنجي هٿن تي اڀريل ڳاڙهين لڦن تي وڃي ڄميون هن کي پنهنجو ماضي هڪ گندي گار محسوس ٿيو، هن کي قدرت، آهون، مقدر، بخت، قسمت سڀ بڪواس محسوس ٿيا، هن هڪ دفعو وري ڳاڙهن لڦن کي چميو ۽ وڏا وڏا پهاڙي پٿر کڻي هو پاڻيءَ واري جاءِ تي هڻندو رهيو، پٿريالي زمين ٽٽڻ ڪري، پاڻيءَ جو وهڪر تيز ٿي نهر جي صورت ۾ وهندو اڳتي وڌڻ لڳو، ڏاتوءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، چپن تي مرڪ ڇائنجي وئي، هو تيزيءَ سان چشمي جو منهن ويڪرو ڪندو رهيو، پاڻيءَ جي ندي جيڪا هن جي بستيءَ جو رخ ڪري وهي رهي هئي.


    امن جي نالي

    جيئن جيئن رات گهري ٿيندي وئي تيئن سرديءَ ۾ به واڌارو اچي ويو، هو ان وقت پنهنجي ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر سان گڏ ويٺو هيو، هن جي ڪيمپ محاذ کان اٽڪل نوَ ميل پري هئي، جنهن ۾ ٻئي فوجي سامان سان گڏ ڪارتوسن ۽ بندوقن جو به وڏو ذخيرو موجود هيو، ان جو هو محافظ هيو، ان وقت هو هڪ عجيب قسم جي بي چينيءَ کي دٻائي ڊاڪٽر سان ها ۾ ها ملائي رهيو هيو، ڊاڪٽر ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين گرم ڪپڙن ۾ ملبوس هيو ۽ فوجي پنهنجن مخصوص گرم ڪپڙن ۾ چيڙهيل وارن ڪري ائين لڳي رهيو هيو جيئن هن کي ڪنهن دسي مار ڏني هجي. سردي هن کي جسم تي ڪيولين جيان گهمندي محسوس ٿي رهي هئي، هن وٽ ويڙهڻ لاءِ ڪجهه به نه هيو، بسترو به نه هيو، جيڪو ڄاڻي واڻي هن کي ان لاءِ نه ڏنو ويو هيو ته جيئن هو رات جاڳي گذاري ۽ هٿيارن جي پوري طرح حفاظت ڪري سگهي، هو پنهنجي ڏڪڻيءَ کي قابو ڪري پر سڪون ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هيو، رکي رکي محاذ تان وڏن ڌماڪن جو آواز آيو ۽ ان مان گڏ ٽينڪن ۽ بندوقن جا آواز هنن کي پاڻ کان ڪجهه فاصلو پري ٻڌڻ ۾ آيا، هو ٻئي پر سڪون هيا، ڄڻ انهن اهي ڌماڪا ٻڌا ئي نه هجن، پر فوجيءَ جي جسم ۾ ڏڪڻيءَ بدران جوش جي لهر اڀري هن جي نويل ڪنڊي کي سڌو ڪري ڇڏيو، ” چئبو انهن حملو ڪري ڏنو ؟“ ڊاڪٽر اداس آواز ۾ چيو.
    ”انهن نئين حملي جي تياري ڇا وري شروع ڪري ڏني هئي.“ فوجيءَ چيو ۽ هن جون سوچون ڌماڪن ڏانهن کڄي ويون، جيڪي آهستي آهستي ڪيمپ ڏانهن وڌي رهيا هيا.
    ”مونکي ان حملي جي تياريءَ جي خبر منجهند ئي وئي هئي“. ڊاڪٽر چيو ” جڏهن مان محاذ تي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوس“.
    ”اڄ پندرهون ڏينهن آ.... اڃا تائين ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو....“ فوجيءَ جذباتي ٿيندي پنهنجا هٿ مهٽيندي چيو ، ” ڪڏهن اسان جون فوجون اڳتي آهن ته ڪڏهن هنن جون. ٻڌو آ اسان وٽ به نون حملن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.؟“
    ”ها....“ ڊاڪٽر چيو ” اهو ته لازمي آ.“
    هو ٻئي خاموش ٿي ويا ڌماڪن جو آواز هنن ڏانهن وڌندي وڌندي شايد هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيو، فوجيءَ جي بدن جو سڄو سيءَ جوش جي گرميءَ سان غائب ٿي ويو ۽ هن جي جسم ۾قوت ڀرجي آئي ڊاڪٽر اڃان به پرسڪون هيو.
    ”توکي خبر آ، جنگيون ڇو لڳنديون آهن؟“ ڊاڪٽر پڇيو،
    ”بس مون کي ته اها ئي خبر آ، وطن جو بچاءُ ڪندي ڪڏهن جان به ڏيڻي پوندي آ“.
    ” ها واقعي ئي تو صحيح آن “ ڊاڪٽر چيو ” انسان جوهر رد عمل هنجي موت خلاف جدوجهد آ.“
    فوجيءَ ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو.
    ڊاڪٽر جڏهن به هن سان ڪي منجهيل جملا ڳالهائيندو هيو ته هن وٽ بيزاريءَ جي احساس کي دٻائي، ڪنڌ لوڏڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هيو، هن کي ڊاڪٽر جي واتان ئي خبر پئي هئي ته هن جو وڏو مطالعو آهي، جنگ کان اڳ هن جو وڏو مشغلو ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ هوندو هيو، ڊاڪٽر جڏهن به پنهنجي باڪس هٿ ۾ ڪري محاذ کان موٽيندو هيو ته پهريون هن جي ڪيمپ جو رخ ڪندو هيو، ۽ جڏهن به هنجي پسند جي گفتگو نڪرندي هئي ته هو ڄڻ پلٽجي پوندو هيو، دل کولي ڳالهائيندو هيو.
    ”تون ڏس نه ....“ ڊاڪٽر هميشه وانگر جذباتي ٿيندي گفتگو کي وڌايو، ”دشمن جي ملڪ تي حملي سان نه رڳو ٻين جي وجود کي خطرو محسوس ٿيو، پر تنهنجي کي به ٿيو ۽ ان جي رد عمل ۾ تون پنهنجي وجود جي حفاظت ڪرڻ لاءِ محاذ تي هليو آئين.“ پوءِ هن پنهنجي ليکي ڀڻڪو کائي بدليل لهجي ۾ چيو ، ” اها ٻي ڳالهه آهي ته انسان ڪڏهن موت جو مقابلو به موت سان ڪندو آهي“.
    ”هون ..... هون....“ فوجيءَ چيو، پر هن جو ڌيان محاذ مان ايندڙ ڌڪامن جي آوازن ۾ کتل هيو، شايد مخالفن جو حملو پوري طاقت سان روڪيو ويو هيو، فوجيءَ جي جسم ۾ هاڻي ساڳيو جوش نه رهيو، هڪ دفعو وري رات سان گڏ وڌندڙ ٿڌ هن جي ورديءَ مان گهڙي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ڪرڻ لڳي ۽ هو ان کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڊاڪٽر ڳالهائيندي ڳالهائيندي محسوس ڪيو ته فوجي سرديءَ کان ٿورو ڌڪي رهيو آهي.
    ”توکي سردي محسوس ٿي ٿئي، لازمي تون جسم کي گرم رکڻ جي ڪوشش ڪندين، ته اهڙيءَ طرح منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انسان جو هر رد عمل هنجي موت خلاف جدوجهد آهي، انسان هن دنيا ۾ صرف موت سان مقابلو ڪرڻ آيو آهي ۽ هر انسان آخر موت کان شڪست کاڌي آهي، يقين ڪر پيارا جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ تون زندگيءَ تي سوچين ته پيءُ ٿيڻ جي تمنا تنهنجي سيني ۾ ڇڙهيون هڻي هڻي مري وڃي، هر ماءُ ٻار کي ڄڻي ماري ڇڏي، آخر ڪار ڇو نه.. حياتي پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ۽ آخر موت هٿان شڪست، موت کانپوءِ آهي ئي ڇا؟ جو انجي سهاري زندگي گذاري ڇڏجي...“ ڊاڪٽر پنهنجي ليکي وڦلندو ويو ۽ فوجيءَ جون اکيون هن ڏانهن هجڻ جي باوجود به ذهن محاذ ڏانهن مائل هيو، جتان ڌماڪن جا آواز هاڻي ابترا چٽا نه ٻڌجي رهيا هيا، فوجيءَ پنهنجي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي ۽ هو بلڪل ڏڪڻ لڳو.
    ”آس پاس جي اثر ۽ احساس جي ڪري جسم جو رد عمل زندگيءَ کي برقرار رکڻ جو قدرتي ذريعو آهي.“ ڊاڪٽر ڳالهائيندو ويو، ” تنهنجو ڏڪڻ توکي ٻڌائي رهيو آهي ته، سردي آهي مونکي گرم رک، ساڳي ئي وقت توکي جو ڪجهه محسوس ٿئي ٿو اهو احساس چاهي ڪيترو به عذاب ڏيندڙ ڇو نه هجي، تنهنجي حق ۾ آهي، سواءِ انهن احساسن جي جن کي انسان زوريءَ ذهن ۾ سمائي ٿو،جيڪي فطر تي نه پر هٿ ٺوڪيا آهن، پنهنجو پاڻ پيدا ٿيندڙ نه، زوريءَ پيدا ڪيل آهن جيئن برتريءَ جو احساس. بدامنيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب به اهو ئي آهي ته انسان پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ سمجهي، امن قائم ٿيندو، جڏهن ذهني ارتقا عروج تي پهچندي ۽ انساني وحشي پڻونفسياتي طرح ختم ٿي ويندي“.
    ڌماڪن جا آواز ڪيمپ کان ڪافي ڏور ٿي چڪا هيا، سيءَ کان فوجيءَ جي چيلهه ٻاهر نڪري آئي ۽ هن جا ڪلها مٿي ٿي ويا، هن کي هاڻي ڊاڪٽر جي گفتگوءَ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، ڪلاڪ کان مٿي ٽائيم گذري چڪو هيو ۽ اڃان ڊاڪٽر ساڳي جوش سان ڳالهائي رهيو هو.
    ”توکي ٻڌائي چڪو آهيان ته انسان جو هر رد عمل هن جي موت خلاف جدوجهد آهي ۽ انسان مان اڃان وحشي پڻو ختم ڪو نه ٿيو آهي ته موجوده حالتن ۾ امن قائم رکڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته اهڙيون مخصوص حالتون پيدا ڪيون وڃن، جيئن انسان موت خلاف جدوجهد ڪندي امن کي اپنائي ويهي، جيئن مذهب جي ڪوڙ، انساني نفسيات ۽ وحشيپڻي کي سمجهيو ۽ انسان کي خوش فهميون ۽ دڙڪا ڏئي هڪ مخصوص واٽ تي هلائيندو آيو، ته امن کي اهڙين حالتن جو رخ ڏنو وڃي جيئن اهي حالتون انساني زندگي جي جدوجهد جو حصو بنجي پون“
    ”مثلا ڪهڙيون حالتون؟“ فوجيءَ ڪَرَ ڀڃي اوٻاسي ڏيندي چيو.
    ڊاڪٽر منجهي پيو.
    ان کان اڳ جو ڊاڪٽر جواب ڏئي، ٻاهر ڪنهن گاڏيءَ جو آواز ٿيو ۽ هنن جو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو، هڪ فوجي ڪيمپ جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿيو ۽ هن ڊاڪٽر کي سلام ڪيو.
    ”ڇا زخمي جنگي قيدين جي ڪيمپ ۾ ٽن ڄڻن جيتري جاءِ هوندي ؟“ هن چيو ۽ ڊاڪٽر پنهنجي سوچن کي گڏ ڪري ٿوري دير کانپوءِ وراڻيو، ” منهنجي خيال ۾ اتي ٻن قيدين جيتري جاءِ مس آهي...“ ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو ۽ وري هن گفتگوءَ کي پاڻ ئي کنيو.
    ”توهان هيئن ڪيو ٻه زخمي ڪيمپ ۾ رکو ۽ هڪڙي کي هتي ئي ليٽائي ڇڏيو...“ ۽ پوءِ هن وري سامهون ويٺل فوجيءَ کي مخاطب ٿي چيو ” منهنجي خيال ۾ توکي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو“ .
    فوجيءَ زوريءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”نه .... نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي... بيشڪ بيشڪ“ گاڏيءَ ۾ آيل فوجي هڪ زخمي جنگي قيديءَ کي اسٽريچر تي سمهاري ڪيمپ ۾ رکي هليا ويا، ويٺل فوجيءَ ڪاوڙ مان منهن ۾ گهنج وجهي ان دشمن فوج جي زخميءَ کي نهاريو، جيڪو هيٺ گلم تي بيهوش پيو هيو، جنهن جو سٿر کان هيٺ سڄو سوٽ رت ۾ آلو هيو، ان کي شايد ڄنگهه ۾ گولي لڳي هئي، فوجيءَ کي ڊاڪٽر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن جي دل چاهيو ته هو ڊاڪٽر کي ڌڪا ڏي ڪيمپ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي، پر هو سور پي ويو ۽ وڌندڙ ٿڌ ۾ ڏڪڻ لڳو.
    زخمي جنگي قيدين جي ڪيمپ به هن جي ڪيمپ کان ٿورو پري ڊاڪٽر جي ڪيمپ جي بلڪل ڀڪ ۾ هئي، هي پهريون ئي واقعو ٿيو هيو جو زخمين جي ڪيمپ ڀرجي وڃڻ ڪري هڪڙي زخميءَ کي هن جي ڪيمپ ۾ رکيو ويو هيو، انهن زخمين کي چوويهن ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو گڏ ڪري صبح سان شهر جي اسپتال ڏانهن اماڻيو ويندو هيو، ان عرصي ۾ ڪيمپ زخمين سان ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪيترا فوجي وقت کان پهريون ئي ٿڌ ۾ ٺري مري ويندا هئا.
    ”هن کي ته بخار آهي...“ ڊاڪٽر بيهوش قيديءَ جي زخمي بدن کي ڇهندي چيو، ”ڏاڍو سخت بخار“. ان کانپوءِ هن باڪس کولي قيديءَ جي زخم تي مرهم هڻي پٺي وڙهيندي اڌ ۾ ڇڏيل تقرير کي وري شروع ڪيو” ته ها... مان توکي امن جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هوس“.
    ”ڇا جو امن ؟... بند ڪر بڪواس “. فوجيءَ پڄري پڄري نيٺ ڦاٽ کاڌو، ”پندرهن ڏينهن کان مٿو ئي کائي ويو آهين..... توکي خبر آهي مون انهن ڏينهن هڪ رات به ننڊ نه ڪئي آهي، مان ڪاٿي به دشمن کي ڏسندم ته ان جي سيني ۾ پنهنجي بندوق جي جيستائين سنگين نه هڻندم، مون کي چين نه ايندو، بس منهنجي لاءِ اهو ئي امن آهي“.
    ڊاڪٽر بلڪل خاموش ٿي ويو، هن جي منهن ۾ رت ڀرجي آيو ۽ گهنجن هن جي منهن کي بڇڙو ڪري ڇڏيو، هو فوجيءَ ڏي ڏسڻ کانسواءِ پٽي ڪندو رهيو. فوجي ڪجهه دير خاموشيءَ سان هلڪا هلڪا ساهه کڻي سهڪندو رهيو، سرديءَ سان گڏ جوش به هنجي ڏڪڻيءَ ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو، هن ڪاوڙ ۾ زور سان ڳالهائيندي هڪ دفعو وري ڊاڪٽر کي ڇڻڀيو ”مان ٿو چوانءِ نه ڪر انجي پٽي.... نڪري وڃ منهنجي ڪيمپ مان.“
    ڊاڪٽر قيديءَ جي پٽي مڪمل ڪري چڪو هيو فوجيءَ کي ڏسڻ کان سواءِ ئي باڪس بند ڪري ڪيمپ مان ٻاهر هليو ويو.
    مخالف فوجن هڪ دفعو وري حملو ڪري ڏنو هيو، ڌماڪن جا آواز ڪيمپ کان ڪجهه فاصلو پري ٻڌجي رهيا هيا، فوجي ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ بلڪل اڪيلو ويٺو هيو، جيئن جئين ڌماڪن جا آواز هنجي ڪيمپ جي ويجهو ايندا ويا، هنجي ڏڪڻي گهٽجي وئي، هو نفرت سان بيهوش قيديءَ جي زرد منهن ۾ ڏسندو رهيو، هن جي من ۾ جوش ڀرجي آيو، هن چاهيو ته هو پنهنجي بندوق جي سنگين ان جي پيٽ ۾ گهپي ڇڏي، وقت گذرندو ويو، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ فوجيءَ ائين محسوس ڪيو جيئن جنگ هنجي ڪيمپ جي بلڪل ٻاهران هلندي هجي، ڌماڪن جي آوازن کان هن جا ڪن ڦاٽجڻ لڳا، هو بلڪل هوشيار ٿي ويو، هن پنهنجي جان ۾ فوت محسوس ڪئي، سيءَ کان هيٺ جهڪيل جسم سڌو ٿي ويو ۽ هو بندوق کڻي ڪيمپ کان ٻاهر نڪري آيو، هڪ ميل پري هر طرف ڌماڪن سان گولا ۽ باهه جا الا بلند ٿي رهيا هيا، هن ڪيمپ کان ٻاهر مورچي ۾ پوزيشن سنڀالي، هاڻي جنگ هن کان اڌ ميل پري هئي، ٽينڪن جا گولا محاذ کان بلند ٿي هن جي آس پاس ڪري رهيا هيا، فوجيءَ پنهن نرڙ تي سنها سنها قطرا محسوس ڪيا، هن جا هٿ بندوق ۾ سڪ هيا، فوجون جڏهن هن کان ٻن فرلانگن جي فاصلي تي پهتيون ته هن کان پگهر وهي نڪتو ۽ هو فائرنگ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو.
    اوچتو زبردست ڌماڪن جا آواز ٿيا، ڄڻ هڪ وڏي جنگ ڇڙي پئي هجي، هر طرف باهه ئي باهه ڦهلجي وئي، هو مورچي ۾ اندر ٿي ويو ۽ جڏهن هن مورچي کان ٻاهر نهاريو ته دشمن جي فوجن پوئتي هٽڻ شروع ڪري ڏنو هيو، انهن تي زبردست حملو ڪيو ويو هيو، فوجي ساڳي پوزيشن ۾ هيو، ٿوري دير کان پوءِ جنگ آهستي آهستي هن جي ڪيمپ کان پري هٽندي وئي، هڪ دفعو وري ٿڌ هن تي باهه جيان حملو ڪيو، جيئن هو لوهي ٽينڪ ۾ويٺل هجي ۽ ان کي چوڌاري ڪنهن باهه ڏني هجي، هن جو پگهر هڪڙي گهڙيءَ ۾ سڪي ويو، هن جو جوش بلڪل ٿڌو ٿي ويو ۽ آهستي آهستي هن ائين محسوس ڪيو جيئن هو برف جي قبر ۾ دفن ٿيندو وڃي، هو بي انتها ڏڪڻ لڳو هن کي پاڻ تي خار۽ تعجب آيو، هو تڪڙو تڪڙو ڪيمپ ۾ موٽي آيو ۽ چرين وانگر هيٺ قلابازيون کائڻ لڳو، هن ٻانهن کي سيني سان ٻڌي زور ڏنو، هن جا ڪلها مٿي ٿي ويا، ڪُٻ ٻاهر نڪري آئي هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري سرديءَ کان جان ڪيئن ڇڏائي، هن بي هوش قيديءَ ڏانهن نهاريو ۽ خبر نه هن ڇا سوچي هن جي جسم کي هٿن ۾ وٺي جهنجهوڙڻ شروع ڪري ڏنو، هن کي قيديءَ جي بي هوشيءَ تي ڄڻ ڪاوڙ آئي، هن هيٺ پيل بندوق جي سنگين ڏانهن نهاريو، ڪجهه سوچي ڪيمپ کان ٻاهر آيو ۽ هن ڊاڪٽر جي ڪيمپ جو رخ ڪيو، ڪيمپ ۾ اندر مڪمل اوندهه هئي هن پردي وٽ بيهي ڪناڻڻ شروع ڪيو اندران ڊاڪٽر جي گهونگرن جو آواز اچي رهيو هيو، هو موٽي ڪيمپ جي دروازي تي آيو ۽ نظر ڦيري چئني پاسن ڏانهن نهاريو، اتي ڪوئي به ڪو نه هيو، باهه جا الا ڪافي اڳتي وڌي چڪا هيا، هو اطمينان سان ڪيمپ ۾ گهڙي آهستي آهستي زخمي جي مٿان آيو ۽ هن ان جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي زور ڏنو، اهي حد کان وڌيڪ گرم هيا ۽ ان کان پوءِ هن قيدي کي پنهنجي ٻانهن ۾ سمائي ڇاتي سان لائي ڇڏيو، پندرهن راتين کان اوجاڳو ڪندڙ فوجيءَ کي اهڙي ته ننڊ اچي وئي جو هو هلندڙ جنگ کان به بي پرواهه ٿي ويو.


    انسانيت، دونهو ۽ لاش

    ”انسانيت لاش آهي.“ هن کي اندر مان آواز آيو ”پر ان جو روح مان آهيان.“ هن پنهنجي اندر کي جواب ڏنو.
    ”پوءِ انسانيت مئل ڇو آهي.“
    ڇو جو مان ان کان الڳ آهيان
    هو پنهنجي اندر سان بحث ڪندو اڳتي وڌندو رهيو. هو ڊاڪٽر هو ۽ هن کي جنگ جي ميدان ۾ زخمين جو علاج ڪندي اڄ پورا ٻه مهينا گذري چڪا هيا، جنگ اڃا پنهنجي عروج تي هئي، هن جي ملڪ جي فوج دشمن جا سپاهي ماريندي، انهن کي ڌڪيندي ڪافي اڳتي هٽائي وئي هئي ۽ هاڻي پوئتي ڇڏيل ميدان ۾ سواءِ مٽي ۽ دونهي جي غبارن ۾ ويڙهيل لاشن، ڀڳل ٽئنڪن ۽ جهازن جي ڍانچن کان سواءِ ڪجهه به نه هيو، ڊاڪٽر انسان جي ان ڪردار تي حيران هيو، هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخرڪار هو هڪ ٻئي جو خون ڇو ٿا وهائين، هو سڀ انسان آهن. ته پوءِ هي نفرت ڇا جي ؟ هي جنگ ڇا جي، هڪ طاقتور ڌر انسان جي ٻي ڪمزور ڌر تي حملو ڪري پنهنجي چري هجڻ جو ثبوت ڪيئن ٿي ڏئي، آخرڪار جنگ ڪرڻ لاءِ ٻيا به ته محاذ آهن، مفسلي جي جنگ اندر سان جنگ، براين ۽ سماج جي ناسورن سان جنگ. هيءَ انسان جي انسان سان جنگ ڇو ؟ ڊاڪٽر سوچيندو ۽ زخمين جو علاج ڪندو اڳتي وڌندو رهيو.
    ”منهنجي خيال ۾ انسانيت بندوق جي نالي آهي.“
    هن کي اندر مان آواز آيو.
    ”نه، انسانيت بندوق جي لبلبي آهي.” ڊاڪٽر اندر کي جواب ڏنو، “جيڪا جڏهن اڳتي آهي ته انسان محفوظ آهي، پر جڏهن آڱر سان ان کي پٺتي ڇڪيو ٿو وڃي ته ڌماڪي سان گڏ انسان به رت وهائيندو پٽ تي ٿو اچي ڪري .“
    ”تون ڪوڙو آهين، بارودي سرنگهه آهين پاڻ به ڦاٽندين ۽ ٻين کي به تباهه ڪندين، مان ٿو چوان انسانيت بڪواس آهي، ڪوڙ آهي. ”
    پنهنجي اندر جي ڳالهه تي ڊاڪٽر کان ٽهڪ نڪري ويا ۽ هو پيٽ تي هٿ رکي گوڏن ڀر ٽهڪن ۾ منجهي ويو، ٿورو پريان هڪ جهاز سيٽيون وڄائيندو آيو ۽ ان ئي مهل هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، ڌڌڙ سان گڏ هوا ۾ دونهي جو غبار بارود جي ڌپ سان ٽهڪ ڏيندڙ ڊاڪٽر جي ساهن ۾ شامل ٿي ويو. هن جا ٽهڪ کنگهه ۾ بدلجي ويا، هو ايڏو ته زور سان کنگهڻ لڳو جو ان جي ڇڪ کان سندس چيلهه جا پاسا سوڙها ۽ ويڪرا ٿيڻ لڳا، جڏهن ڪجهه کنگهه ڍري ٿيس ته هن هڪ اونهو ساهه کڻي ميري ٻانهن اکين تي گهمائي انهن مان پاڻي صاف ڪيو ۽ اڳتي وڌي ويو.
    اولهائين محاذ تي هر طرف کان باهه جا الا ۽ دونهي جي غبارن سان گڏ ڌماڪن جا آواز ڌرتي کي ڌوڏي رهيا هيا، پريان ٻه جهاز هڪ ٻئي تي گوليون وسائيندا ابتيون سبتيون ڦيراٽيون پائيندا ڊاڪٽر جي مٿان سرڙاٽ ڪندا اوجهل ٿي ويا.
    ”ڀلا انسانيت جهاز آهي.” هڪ دفعو وري سندس اندر مان آواز آيو.
    ”نه.“ ڊاڪٽر اندر کي جواب ڏنو، ”انسانيت جهاز جي ٽانڪي ۾ پيٽرول آهي.“
    ”چئبو انسانيت نيپام بم آهي.”
    ”ها واقعي نيپام بم آهي.” ڊاڪٽر پنهنجي منهن وراڻيو، “پر اهو اڃا استعمال نه ٿيو آهي اهو هڪ بم پوري نفرت جي ديوار کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندو، پوءِ ڪا به جنگ نه لڳندي، ڪو به انسان نه مرندو، دشمن جو لفظ تباهه ٿيل نفرت مان دونهي جو روپ ڌاري ڌرتي تان اڏري ويندو، هميشه لاءِ.”
    ”پر اهو ڪڏهن استعمال ٿيندو؟”
    اندر مان آواز اڀريس “جڏهن تون مون سان ساٿ ڏيندين.”
    ”ناممڪن آهي.” اندر چيس
    ڊاڪٽر خود اعتمادي سان اڳتي وڌي ويو.
    ”منهنجي خيال ۾ انسانيت ٻن ملڪن جي وچ ۾ ٺاهيل بارڊر لائين آهي، جيڪا انهن کي ڳنڍيون بيٺي آهي.“ هڪ دفعو وري اندر ڳالهايس.
    ”نه.“ ڊاڪٽر چيو ”بارڊر بي عقلي آهي، انسانيت سمنڊ جيان آهي ۽ انسان ڌرتي جيان. سمنڊ اڻ کٽ ڌرتي کي ملائيندڙ بهترين ذريعو آهي.”
    ”تنهنجي مٿي ۾ دماغ بدران ڪلوروفارم ڀريل آهي، تون ٽيڏو توبچي آهين.” هن پنهنجي اندر کي جواب ڏنو.
    ”توکي مڃڻو پوندو.”
    ”ڇا؟”
    ”انسانيت سنگين ۾ ٽنبيل معصوم ٻار جي منڍي آهي.”
    ”نه ، انسانيت معصوم ٻار جو ٽهڪ آهي”
    ”بڪواس آهي، اندر چيس، انسانيت گدلي ٻار جي گِگ آهي.”
    ”مان ٿو چوان انسانيت ٻار جي معصوم سوچ آهي، وڙهڻ وري اتي ئي کلي کيڏڻ.”
    هن جي اندر کي چپ نه آئي ۽ هو هن سان جنگ ڪندو رهيو.
    ”ڀلا انسانيت ٻانڀڻ جي چوٽي آهي.”
    ”نه، انسانيت چوٽيءَ لاءِ ڪينچي آهي.”
    “ڀلا انسانيت ملان جي ڏاڙهي آهي.”
    “نه، انسانيت صابڻ ۽ پاڪي آهي.”
    “تنهنجو دماغ خالي بندوق آهي.”
    “تنهنجو سوچون دونهي ۾ مليل انسان جي سڙيل گوشت جي ڌپ جهڙيون آهن.”
    “تون جاهل آهين، ڪمينو آهين، زندگي کان مار کائيندين.”
    “تون پيٽرول جي ٽانڪي ۾ باهه لڳل جهاز جي پائلٽ جهڙو آهين، ٿوري دير ۾ تباهه ٿي ويندين.”
    ڊاڪٽر پنهنجي اندر سان زبردست بحث ۾ ئي هو ته هن جي ڪنن تي ڪنهن انسان جي دٻيل دٻيل دانهن جو آواز پيو. هو هر ڳالهه کي نظر انداز ڪري انهن آهن ڏانهن متوجه ٿي ويو، جيڪي ٿورو پري دونهي جي غبارن ۾ لڪل مورچن جي ڀرسان اچي رهيون هيون، هن پنهنجي پيتي سنڀالي ۽ آهستي آهستي وکون کڻندو هٿ سان دونهي کي پاسي ڪندو اوڏانهن وڌي ويو، هن ڏٺو ته اتي هڪ سپاهي پنهنجي ڄنگهه کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي زمين تي تڪليف کان ليٿڙيون پائي رهيو هو، ڊاڪٽر ويجهو پهچي ان جو جائزو ورتو، اهو هن جي دشمن فوج جو سپاهي هيو، هن ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ پنهنجو باڪس کولي ان مان مرهم ٻاهر ڪڍڻ لڳو، هڪ دفعو وري ان کي اندر مان آواز آيو، ”ڏس چڱو ٿو چوانءِ جيئڻ سک.“
    “انسانيت ڊاڪٽر آهي.” هن باڪس مان اڇيون پٽيون ۽ مرهم ٻاهر ڪڍندي چيو “۽ ڊاڪٽر جي زندگي مرهم آهي، جيڪا جيڪڏهن ڪنهن جي زخم ۾ جذب ٿي ان کي شفاياب ٿي ڪري ته ان جهڙو ڪو به جيئڻ نه آهي، اها زندگي امر آهي.”
    “مرهم تون جيان گونگي آهي.” اندر وراڻيس “ان کي دشمن ۽ سڄڻ جي ڪا به سڃاڻ نه آهي، احتجاج نه آهي.”
    ”ته پوءِ مون کي اهڙي زندگي قبول آهي، جنهن ۾ مرهم جيان دشمن جي زخم تي قربان ٿيندي احتجاج نه هجي.”
    ڊاڪٽر پنهنجي اندر کي جواب ڏئي زخمي جي اڌ پٽي اڃا پوري ئي ڪري رهيو هيو ته اوچتو زور سان گڙپ ڪري هڪڙي سنگين هن جي وردي کي ڦاڙيندي پيٽ ۾ گهڙي وئي، ايذاءَ ۽ تڪليف کان هن جي جان مان ڌرڙيون نڪري سڄي جسم تان ڪول جيان گهمنديون منهن ۽ نڪ وٽ اچي ختم ٿي ويو، هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هن پنهنجي قاتل کي ڏسڻ چاهيو، پر لڙڪن پٺيان هن کي هلڪي ڌنڌ کان سواءِ ڪجهه به نظر نه آيو.
    ٿوري دير ۾ سنگين سٽ مان هن جي پيٽ مان نڪري ويئي ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها هيٺ ڪري پيا، ڊاڪٽر جي اڳيان ڌنڌلو منظر چٽو ئي بيهي رهيو، هن ڏٺو ساڳيو دشمن فوج جو سپاهي جنهن جي هو مرهم پٽي ڪري رهيو هو، سنگين کي مٿي ڪري ٻئي وار ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، اهو منظر ڏسي هن مرڪڻ چاهيو، پر هن جي مرڪ چنگهه ۾ بدلجي وئي.
    “بيهه، دوست بيهه.” ڊاڪٽر هڪ هٿ پيٽ کي ڏئي ٻئي سان هن کي روڪيندي چيو ، “تون مون کي خوشي مان ماري ڇڏجان، پر مرڻ کان اڳ مان تنهنجي اڌ ۾ رهيل پٽي ته مڪمل ڪري وٺان.”
    ڊاڪٽر تڪليف ۾ مرندي هن جي زخم جي ويجهو آيو ۽ سپاهي سنگين سڌي ڪري هن جي مٿان بيهي رهيو.
    “انسانيت لاش آهي”، هن جي اندر مان آواز آيو.
    “پر ان جو روح مان آهيان”، هن اندر کي جواب ڏنو.
    “پوءِ انسانيت مئل ڇو آهي ؟”
    “ڇو جو مان ان کان الڳ آهيان.”


    بستيون ۽ پستيون

    ننڍڙا ٻار ور ور ڪري ڍونڍ تي ويٺل ڳجهن ۽ ڪانون کي پٿر هڻي رهيا هئا، ڳجهون ۽ ڪان هڪ شور مچائيندي اڏريا ٿي ۽ بستي جي مٿان هڪڙو گول چڪر لڳائي وري وڃي ڍونڍ جي ٻئي پاسي کان ٿي ويٺا اهو ئي هيو انهن جي سڄي ڏينهن جو مشغلو يا ته هو شهر ۾ رلندا پنندا هيا يا ڍونڍ جي ٻئي پاسي کاهي ۾ جتي اڃا گند نه ڀريو ويو هيو، سڄو ڏينهن جوئا کيڏندا هيا، ٿوري ٿوري ڳالهه تي سروٽا هڻي هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا هيا، ٻارن جي جهڳڙي جي ڪري ڪيترا دفعا وڏن جو به جهڳڙو ٿي پيو هيو، باقي کاهي جي پريان ڪني پاڻي جي ڌٻڻ هئي، جنهن ۾ سڄي شهر جو پاڻي اچي گڏ ٿيندو هيو ۽ ڌٻڻ جي بلڪل اولهه ۾ ڊگها کجي جا وڻ هيا جن مان اونهاري ۾ سڄي بستي جا ٻار پٿر هڻي سڪ ڏوڪا لاهي کائيندا هيا، بستي به ڇا هئي ٻه چار فقيرن جا خيما هيا ۽ انهن جي آس پاس مزدورن ۽ گاڏي وارن جا ڪجهه ڪچ سرا گهر جيڪي شهر کان ڏور پراڻي ڦاٽڪ جي پريان اڏيا ويا هيا، انهن جهوپن مان هڪڙو جهوپو پوڙهي خاندو جو به هيو اڇي ڪاري ڏاڙهي وارو لنگڙو خاندو، جيڪو سڄو ڏينهن شهر ۾ پني شام جو زندگي جو بار کڻي بستي ڏانهن موٽندو هيو ۽ اڄ به هو جڏهن ريل جون پٽڙيون اورانگهي ڦاٽڪ کان ٿيندو بستي کي ويجهو ٿيو ته ٿڪ کان هن جو ساهه نڪرڻ وارو ئي هيو. گهوڙين تي ٺڙڪ ٺڪ ڪري هلندي هن کي ڪلاڪ کان مٿي ٽائيم گذري چڪو هيو ۽ ٻيو ته ڪستي ۽ ميري ڪوٽ جو وزن جن ۾ هن جون چتيون لڳل پراڻيون رنگ برنگي گودڙيون به شامل هيون پر انهن سڀني کان وڌيڪ گهوڙين تي هن جو پنهنجو بوج. هو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيو زندگي به ڇا آهي ؟ ڪني پاڻي جي ڌٻڻ مان اٿندڙ بدبو آهي، جنهن کي خبر نه آهي نفس ڪيئن ٿو پسند ڪري، بستي ڏي وڌندي هن نظرون کڻي چو طرف نهاريو، ڌنڌ مان ظاهر ٿيندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون جهوپڙيون جن مان هلڪو هلڪو دونهو فضا ۾ ائين بلند ٿي رهيو هيو، جيئن ڪنهن جي اندر جا درد پڄري روح جو روپ ڌاري ٻاهر نڪتا هجن ۽ انهن جهوپن جي ڀرسان ڪني پاڻي جي ڌٻڻ لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ جي ڪري تازي هاريل رت جو ڏيک ٿي ڏنو، جنهن جي مٿان ڊگهيون کجيون ڄڻ وار کولي ماتم ڪنديون هجن. هو بستيءَ ۾ گهڙيو ته ڍونڍ تي ويٺل ڳجهون ۽ ڪانءَ آخري دفعو اڏاڻا ۽ لامارا ڏيندا گورنمينٽ ڪاليج ڏانهن گم ٿي ويا، ٻه ٻار رستي تي بيهي هڪ ٻئي کي مٽي جا ٻڪ ڀري هڻي رهيا هيا ۽ ٿو ٿو ڪري وات مان مٽي ڪڍندي پيار مان هڪ ٻئي کي گاريون ٿي ڏنائون، خاندوءَ انهن کي ڪجهه نه چيو ۽ هو پاسو وٺي لنگهي ويو. بستي ۾ گهڙڻ سان ئي هن جي نظر راهو جي ماءُ تي پيئي، جيڪا پٽ جي خيمي جي ٻاهران اڃان به روئي رهي هئي، هو جڏهن صبح شهر پنڻ لاءِ وڃي رهيو هيو ته هن ان کي ان ئي حالت ۾ ڇڏيو هيو ۽ هوءَ اڃان به ائين ئي وڏي آواز سان پار ڪڍي پٽ کي پاراتا ڏيئي رهي هئي. هن کي اهڙي سياري ۾ پائڻ لاءِ هيو ئي ڇا ؟ ڦاٽل سٿڻ ۽ ميرو چاڪن وٽان چيريل چولو، جنهن جي ڍلي ڳچيءَ مان هن جا ڇڇڙي جهڙا ارهه هميشهه پيا نظر ٿيندا هيا. ٿڌ جي ڪري هن جي نڪ مان گوبو وهي رهيو هيو. ۽ هو مسلسل ڍاڍيون ڪري روئي رهي هئي، خاندوءَ راهو جو خيمو لتاڙيو ئي مس ته هن کي شبوءَ جو گڏهه گاڏو نظر آيو، جيڪو گهٽي مان مٽي اڏائيندو خيمن جي ٻئي پاسي ڏانهن گم ٿي ويو، هو هن بستي جو سکيو ستابو ماڻهو ته هيو ان کي گهٽ ۾ گهٽ کائڻ لاءِ پورو ساترو ملي ويندو هيو، باقي راهو هيو، شرابي راهو، جيڪو سڄو ڏينهن کاهي ۾ ويهي جوئا گرن کان نال اڳاڙيندو هيو، هو چاقو کولي زمين ۾ کوڙي ڇڏيندو هيو ۽ پاڻ مٽيءَ جي ڀنجوءَ کي ٽيڪ ڏيئي ٻيڙي جا سوٽا هڻندو هيو، جوئا گر هن کي هر داءَ تي نال ڏيندا هيا ان مان اڌ ته واپس هو جوئا ۾ ئي هارائي ڇڏيندو هيو باقي اڌ پئسن جو ڪيٽرو پي زال کي مار ڏيندو هيو، چاقو کولي گهٽي ۾ بيهي هر هڪ کي ڊيڪائي پوندو هيو، ۽ ايندڙ ويندڙ جي اکين ۾ اکيون وجهي لڳاتار نهاريندو رهندو هيو. خير نه آهي هن جو پنهنجي ڪراڙي ماءُ سان ڪهڙو وير هيو؟ ڪڏهن به ڪهڙي تهڙي ڳالهه تي ته هو هن کي اڇن وارن کان وٺي پيهي کان ٻاهر گِهلي اهڙيون ته لتون وهائي ڪڍندو هيو جو هن ۾ اٿي خيمي ۾ واپس وڃڻ جيتري سگهه به ڪو نه بچندي هئي. هو زال کي قسمين قسمين عذاب ڏيئي هڪ قسم جو جنسي آٿت ماڻيندو هيو. هن جو ستن سالن جو پٽ هيو جنهن کي مٿي کان وٺي هيٺ تائين هڪڙو ئي ميرو چولو پاتل هوندو هو، جنهن مان هن جون گوڏن تائين ڊاٻ ۾ ڀريل ڄنگهون هميشه پيون ظاهر ٿينديون هيون، راهو هن کي چوندو ئي ڪتيءَ جا پٽ هيو، هو هن کي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوندو هيو، “ڪتيءَ جا پٽ، جيڪڏهن اڄ وڌيڪ پئسا نه پني آئين ته شراب جي بوتل جو هڪ هڪ شيشو جسم ۾ گهيڙي ڇڏيندوسان.”
    هن جو پٽ هميشه ماٺ ۾ هن کي ڏسندو رهندو هيو ۽ نڪ ۾ آڱر ڦيرائي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيندو هيو. ان کانپوءِ هو سڄي شهر ۾ پنندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو جوئا ۾ پيسا هارائي پيءُ وٽ ايندو ته پڻس ڳاڙهيون اکيون ڪري هن کان پڇندو هيو “ اڙي گهڻا پسئا پني آئين ڪتي جا پٽ؟”
    هو چپ هوندو هيو ۽ نڪ ۾ آڱر ڦيرائي ان کي ڏسندو رهندو هيو.
    “چپ ڇو آهين ڙي ڪنڃر؟”
    ساڳي نڪ ۾ آڱر.
    “ها ته سمجهي ويس”، پوءِ هو اٿندو هيو هن کي وارن کان وٺي بولاٽيون کارائي پٽ تي اڇليندو هيو، جنهن کان هن جون اکيون ويڪريون ٿي وينديون هيون پر هو رنو ڪڏهن به نه، هو صرف پيءُ جي اکين ۾ ڏسندو ئي رهندو هيو پڻس ماري ماري هن جي چمڙي اڊيڙي وجهندو هيو ۽ آخر پاڻ ئي مجبور ٿي چوندو هيو، “جيڪڏهن اڳتي پئسا نه آندئي ته ماري وجهندو مان ڪتيءَ جا پٽ.”
    هو نڪ ۾ آڱر وجهي پيءُ کي ويندو ڏسندو هيو ۽ پوءِ ماڻس هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي روئندي هئي، ڍاڍيون ڪري هن کي سيني سان لائي چمندي هئي، جڏهن هو وري پيءُ کي تمام گهڻا پئسا آڻي ڏيندو هيو ته پڻس هن کي خوشي مان چيلهه واري مڪ وهائي ڪڍندو هيو، “شاباس ڪتي جا پٽ،” هڪ ٽهڪ ڏيندو هيو ۽ ڪنهن فلمي گاني جي ڌن چپن ۾ جهونگاريندو نشي ۾ لڙکڙائيندو پڪي سڙڪ ڏانهن هليو ويندو هيو.
    اها هئي انهن جي زندگي جي هڪجهڙائي جنهن کي مسلسل اپنائي اپنائي هو ان جا هيراڪ ٿي ويا هيا، نسل در نسل گندگين ۽ ظلمن ۾ پرورش پائيندي اهي شيون انهن جي زندگي جو حصو بڻجي ويون هيون انهن کي اها ئي خبر هئي ته جيئڻ اهو ئي آهي جيئن اسان جئون ٿا ۽ سک هيا جن تي هنن سوچيو به ڪو نه هيو.
    رات مٿان اچي چڪي هئي، سردي ڄڻ دنيا کي گهڻو ڏئي گوڙ گهمسان کي دٻائي ڇڏيو، راهو جي ماءُ جون رڙيون پهريون کان وڌيڪ چٽيون ٿي ويون، خاندو پنهنجي خيمي ۾ پهچي چڪو هيو، هن ڏيئي جي وٽ کي روشن ڪري مٿي سوريو، گودڙين ۽ ڪستي کي لاهي مٿي پنڃر ۾ ٽنگي ڇڏيو، باقي پراڻو ڪوٽ هن کي اڃان به پاتل هيو جيڪو هن کي گوڏن تائين لڙڪي رهيو هيو. هن هٿ هڻي ڏاڙهي کي ڇنڊيو ۽ هيٺ وڇايل بستري تي لت ڏيئي ويهي رهيو. هن کي آس پاس هڪ عجيب بدبو محسوس ٿي. زندگي ڀر بدبو ۾ رهندي رهندي هن جي ذهن مان بدبو جو اثر ختم ٿي چڪو هيو، پر اڄ هن کي تمام تيز بدبوءِ محسوس ٿي رهي هئي. هو جهوپڙي کان ٻاهر آيو ۽ هن ڪني پاڻي جي ڌٻڻ جي آس پاس نظر ڦيرائي ڏٺو ڪجهه فاصلو پري سرمئي روشني ۾ هن کي ڪا مئل شي نظر آئي، هن نڪ کي هٿ ڏئي ويجهو وڃي ڏٺو، اهو ڪتي جو لاش هيو جنهن جي ڦاٽل پيٽ ۾ هزارين جيت چري پري رهيا هيا، هن جي ڄنگهن جو ماس پٽيل هيو، جيڪو شايد ڳجهون ۽ ڪانو کائي ويا هيا. هن ان کي اتان هٽائڻ به پسند نه ڪيو ۽ واپس اچي جهوپڙي ۾ ليٽي پيو هن کي ڪتي جي بدبو کان الٽي اچڻ لڳي ۽ هو بدبوءِ کان جاڳندو رهيو. رات گهري ٿي ته مڇرن به اچي بستي تي ڀرپور حملو ڪيو، هن کي ڀرسان واري جهوپڙي مان ٻار جي روئڻ جو آواز آيو ۽ ان کان پوءِ هاجران جو جيڪا ٻار کي پرچائي رهي هئي، ٻار رڙيون ڪري روئي هيو هيو ۽ ٿورڙي دير کانپوءِ هاجران جي مڙس اڪوءَ ڳالهايو، جيڪو شايد زال کي گاريون ڏئي رهيو هيو، هاجران به هن سان بڪ بڪ ڪئي ۽ ٻئي زور سان ڳالهائيندا رهيا، خانووءَ بستري تي ڪر ورائي منهن ٻئي پاسي ڏانهن ڪري ڇڏيو، هو رکي رکي هٿ کي ڪن جي آس پاس هڻي رهيو هيو مڇر ڀون ڀون ڪندا هن جي سوڙ ۾ گهڙي آيا ۽ هن لت هڻي سوڙ کي پري ڪري ڇڏيو، ڪتي جي بدبو کان هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو ۽ هن الٽي ڪري ڏني هن جو روح خراب ٿي ويو ۽ هو بسترو کڻي جهوپڙي کان ٻاهر آيو هن سوچيو من هوا جي ڪري بدبوءِ گهٽجي وڃي پر هوا جي جهوٽن سان هن کي بدبوءِ جو احساس وڌيڪ ٿيڻ لڳو هن کي اوڪارا اچڻ لڳا، هن سوڙ کي منهن مٿان وجهي ڇڏيو، ٿوري دير کانپوءِ هن سوڙ کي پاسي ڪري ڏاڙهي کي کنهيو، راهوءَ جي ماءُ جي روئڻ جو آواز اڃان به اچي رهيو هيو. هن کي ان جي روئڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هن جي دل ۾ ان لاءِ موجود سڀ همدرديون ختم ٿي ويون، هن چپن ئي چپن ۾ هن کي گار ڏني. سٽ ڏيئي بستري تان اٿي جهوپڙي ۾ هليو ويو. هن گودڙي مان ڀريل سگريٽ ڪڍيو جيڪو هن صبح لاءِ بچائي رکيو هيو. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ هو شهر ۾ اڏي تان چرس پي پوءِ موٽندو هيو ۽ صبح جي لاءِ اڳواٽ ئي ورتيون ايندو هيو‏ ڇو جو هن کي خبر هئي ته صبح جو چرس پيئڻ سان سڄي ڏينهن جي بک مري ويندي آهي، هن ٻاهر اچي سگريٽ کي چپن تائين آڻي دکايو ۽ هلڪا هلڪا ڪش هڻي مزي سان پيئڻ لڳو، هن دل ئي دل ۾ شهر وارن کي گار ڏني حرام زادن کي شرم ئي نه ٿو اچي، پوري شهر جي گندگي جا ڄڻ اسين رکوالا آهيون، ڪتي جا ڦر پنهنجي پيءُ کي به هتي ٿا اڇلي وڃن.
    هن کي جيئن نشا چڙهندا ويا بدبو جو احساس گهٽبو ويو. اڪوءَ ۽ هاجران خاموش ٿي ويا هيا پر انهن جي ٻارجي روئڻ جي آواز ۾ ٻين ٻارن جي روئڻ جا آواز به شامل ٿي ويا هيا، راهوءَ جي ماءُ جو روئڻ ۽ سڀ گوڙ گهمسان ملي ڪري هاڻي هن کي ڪو نه ستائي رهيا هيا. هن بدن ۽ دماغ کي ڍلو محسوس ڪيو ۽ بستري تي پاڻ کي ڇڏي ڏنو مڇر هن جي ڪنن ڀرسان ڀون ڀون ڪندا رهيا پر هن هٿ هڻي انهن کي هڪليو به نه.
    بدبو ۽ گوڙ گهمسان هوندي به هو ننڊ جي وادين ۾ کوئجي ويو ۽ ان رات هن خواب ۾ ڏٺو راهوءَ جي ماءُ روئندي روئندي مري ويئي آهي هن جي پيٽ ۾ جيت پئجي ويا آهن ڄنگهن جو ماس ڳجهون ۽ ڪان کائي ويا آهن، بدبو کان هن جو مٿو ڦاٽي رهيو آهي، رکي رکي اوڪارا اچي رهيا آهن هو ۽ بستي وارا لاش کي ٽنگا ٽولي ڪري شهر ۾ وڏين وڏين عمارتن جي وچ ۾ ٺهيل هڪڙي صاف سٿري چوسول تي اڇلي آيا آهن، هو ڏاڍا خوش آهن، بي انتها خوش.


    شينهن جو ٻچو

    گهوڙن جي سنبن مان نڪرندڙ ٽاپ ٽاپ جا آواز مٽيءَ جي غبارن سان گڏ اٿندا سڄي وادي ۾ پکڙجي ويا، شهر کان ڏور هڪ واچوڙو، هڪ لڙاٽ جنهن جي پٺيان لڪل هن جو پروقار ڊوڙيندڙ لشڪر، گهوڙن جي هڻڪارن پٺيان لڪيل انسانيت تي ٽهڪ مياڻن ۾ لڪيل تلوارن جي بي چين چمڪ.
    گهوڙن جي اڳتي وڌڻ سان سنبن مان نڪرندڙ ٽاپ ٽاپ جا آواز وڌيڪ گهرا ٿي ويا، ڪائنات جي هر شي ڪنڌ کڻي ايندڙ وقت جو جائزو ورتو ۽ خوف کان ڏڪي هيٺ ڪنڌ ڪري لڪي پئي، شهر جي ماڻهن ايندڙ تيز واچوڙي کي نهاريو، ٽاپ ٽاپ جي آوازن کي ڪنائيندي هنن کان ڇرڪ نڪري ويا، اصلي جسم مان ست ئي نڪري وين، ڏڪڻي وٺي وين. نه سوچڻ جي سگهه نه ڀڄڻ جي پچار، اوچتو هڪ ٻڍڙي رن کان دانهن نڪري وئي، “گهوڙا ڙي، ڀاڄ ڙي، گهوڙا ڙي.” هن جو وڄندڙ ٿلهو آواز آس پاس هر ڪنهن جي ڪن تي پيو. سڀني لڙاٽ پويان تيزي سان وڌندڙ گهوڙن کي ڏٺو ۽ اچي شهر ۾ ڀاڄ پئي، “ڀڄو ڀڄو، شينهن جي ٻچي حملو ڪيو آ، ڀڄو ڀڄو” ماڻهن وٺي کڙين تي زور ڏنو، حملي جو ڀوءُ پنهنجي جان جو خطرو، پنهنجي ٻچن جي جان، گهر مال، اچي هر ڪنهن ۾ ڦڦڙي پئي، ڪير ڪنهن کي سڃاڻي؟ اصلي قيامت، وڏن جي لتن ۾ چيڀاٽجندڙ ننڍڙا ٻار، مائن جي هوءِ هوءِ ٻارن جون چيٽان، ڪو هيڏي ڀڄي ته ڪو هوڏي ڀڄي. ماڻهن تي خوف جو زبردست حملو پاڻ ۾ ٽڪرائي ڪرن، وري اٿن، وري ڀڄن تان جو خبر نه پئي ته گهوڙن جي هڻڪار هنن جي منڍين مٿان هئي، شينهن جي ٻچي پهچڻ سان ئي قتل عام جو حڪم ڏٺو، مياڻن مان تلوارون نڪري ويون وٺ سٺ ٿي ويئي، تلوارن جي چمڪ لهوءَ هيٺان لٽجي وئي، ڪٽڪٽان لهو ۾ ٻوڙجي مٿي کڄندڙ تلوارن جا منهن ۾ پوندڙ ڇانڊارا، ڄڻ فتح جو جشن لشڪر جون همبوشيون، نيزن ۾ ٽنگيل منڍيون، ماڻهن ۾ ويتر ڦرڦوٽ، هيڏانهن ڇڏائجي هوڏانهن ڀڄن ته اڳ ۾ ئي نيزو تيار، خبر نه پوي ته ٺڪاءَ اچي سيني ۾ “هوءَ ڙي” بس هڪ ئي آواز جيئن انسان جو وجود ان ئي آواز جو غلام هجي، هڻ هڻان جو دورو هلندو رهيو عجيب بدحواسي جنهن ۾ ڦاٽل سڄي شهر جا ماڻهو ڏڪن به ته ڀڄن به بغير زمين ڌڏڻ جي زلزلو. معصوم عورتن جي وارن ۾ پوندڙ چنبا، هيٺ ڪريل معصوم ٻارن جي پٽن تي پوندڙ گهوڙن جا سنب، آنڊا گونڊا ٻاهر بس هڪ چيٽ، هڪ احتجاج، انسانيت کي گهڙندڙ سنکي مان ٻڏل تيز تير، لولا لنگڙا انسان، ڦتڪن به ته گهمن به ،جسمن جي پٽ تي ڌٻ ڌٻ، هڪ ڪريو ئي نه آهي ته ٻيو اڳ ۾. هر طرف کان الله اڪبر جو نعرو لڳي ويو، حمله آور رت ٻڏل تلوارون عرش ڏي بلند ڪري نعرا هڻندا رهيا، جو شيلا منهن اکين جا گول وڏا گهيرا، منهن تي رت ڇنڊا نڪ ۽ نرڙ وٽ گهنج، ڪفر کي ختم ڪرڻ جو نئون نئون شوق اصل ڀانءِ ته دنيا کي سچو رستو ڏيکاريندا.
    سج کي تير لڳو اولهه ۾ وڃي ڪريو، شينهن جي ٻچي نئون سج اڀارڻ لاءِ سڄي شهر کي وٺي باهه ڏياري، اصل ڏينهن ٿي ويو، زرد ڏينهن ڄڻ ته انسانيت جو سج اڀري آيو.
    شينهن جي ٻچي بهادري سان سڄو شهر فتح ڪري رکيو، گهڻي دير هڻ هڻان هن کي هڻي ٿڪائي ڇڏيو. نيٺ لهوءَ ٻڏل تلوار سان ڪو جنت کٽڻ سولو ڪم ته نه آهي محنت ٿي ڪرڻي پوي.
    اڄ کان ويهه سال اڳ شهزادي، شينهن جي ٻچي جي پيءُ شينهن پڻ ان شهر کي حملو ڪري فتح ڪيو هيو پر وقت سان گڏ اهو هن جي سلطنت کان ڇڏجي ڌار ٿي ويو ۽ اڄ شينهن جي ٻچي ان شهر کي هڪ دفعو وري پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ زبردست حملو ڪري فتح ڪيو هيو، هن کي اوڀر طرفان اڃان وڌيڪ حملا ڪرڻا هيا، اڃان وڌيڪ ماڻهو مارڻا هيا.
    خيما کوڙجي ويا، سپاهي باهه تي گوشت ڀنڻ ۾ مشغول ٿي ويا، ڪيترا سپاهي ٽوليون ٽوليون ٺاهي شرناين تي رقص ڪرڻ لڳا، هلڪا هلڪا دف ۽ ان سان گڏ ڇير جو ڇمڪو، جهنگل ۾ منگل ٿي ويو، شينهن جو ٻچو مرڪندو پنهنجي شاهي خيمي ۾ هليو ويو، وزير لونجهه لونجهه ڪندا شرنايون ٻڌندا، دفن وڄائيندڙن وٺان ٿيندا پنهنجن پنهنجن خيمن ۾ گم ٿي ويا.
    ٿوري دير مس گذري ته شهر جون نوجوان ۽ خوبصورت عورتون شينهن جي ٻچي جي اڳيان پيش ڪيون ويون. شينهن جي ٻچي ڪرڙي اک سان هر هڪ عورت جو جائزو ورتو، عورتون به ڇا هيون ؟ قيامت هيون، ڄڻ سڄي دنيا جي حسن کي هن جي خيمي ۾ قيد ڪيو ويو هجي.
    آخر ڪار شينهن جو ٻچو اڳتي وڌي هڪ عورت جي سامهون آيو، هن کي اها عورت سڀني عورتن کان مختلف نظر آئي، ان جهڙي شايد اتي ٻئي ڪا به عورت نه هئي، ڀريل سيڊول جسم جنهن تي بادشاهه کي پيش ڪرڻ کان اڳ جهرمر ڪندڙ سونهري لباس پهرايو ويو هيو، سيني وٽان لباس جي چستيءَ ڪري هن جا اڀار سخت ۽ اڀريل نظر اچي رهيا هيا سيني جي اڀارن کان پيٽ ڏانهن ويندڙ چيلهه جهرمرڪندڙ لاهي هيٺ وري اڀريل ڊاڪون، جن هڻي شينهن جي ٻچي کي ٻڪريءَ جو ٻچو بڻائي ڇڏيو، آخرڪار هن اڳتي وڌي عورت جي ڳاڙهي ڀوري ڳٽي تان ڪارن وارن جي چڳ کي پاسي ڪندي پڇيو، “تنهنجو نالو؟”
    “شينهن جي ڌيءَ ”، شينهن جي ٻچي جي اڱر ائين هٽي وئي جيئن ان کي وڇونءَ ڏنگيو هجي، ڪجهه گهڙيون هو اکيون چچيون ڪري عورت جي نفرت ڀريل منهن کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ کلي پيو، “عجيب اتفاق آ، تون شينهن جي ڌي ۽ مان شينهن جو ٻچو، منهنجي خيال ۾ تون موزون آهين.”
    شينهن جو ٻچو مرڪندي هڪ دفعو وري هن جي ڳاڙهي ڳٽي کي پنهنجي آڱر سان ڇيڙڻ لڳو، عورت هن جي ان حرڪت تي ڪو به رد عمل نه ڏيکاريو سواءِ ان جي هوءَ ڪاريهر وانگر وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي ۽ هن جي سيني جا اڀار ڦوڪجي سخت ٿي ويا. “تخليه.” شينهن جي ٻچي تاڙي وڄائيندي چيو.
    سپاهي ٻين عورتن کي ساڻ ڪري خيمي مان ٻاهر نڪري ويا، هاڻي خيمي ۾ شينهن جي ٻچي ۽ شينهن جي ڌي کان سواءِ ڪو به ڪو نه هيو.
    “شينهن جي ڌي،” “شينهن جي ٻچي روبدار آواز ۾ پڇيو، “تنهنجو پيءُ جو نالو ڇا هيو؟”
    عورت هن جي سوال تي اکيون مٿي کنيون.
    “شينهن” هن مختصر جواب ڏنو
    ۽ هو هڪ دفعو وري کلي پيو.
    “منهنجي پيءُ جو نالو به شينهن هيو،” هن اڳتي وڌي عورت جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ان کان اڳ جو عورت ڦتڪي، لڇي ڇاتيءَ وٽان هن جو سونهري چولي جو ٽڪر شينهن جي ٻچي جي چنبي ۾ هيو، عورت جا قيد ڦاٽل اڀار سيٽجي ٻاهر نڪري بيهي رهيا، شينهن جي ٻچي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ عورت کي ٻانهن ۾ قابو ڪري جهنجوڙيندو. هيٺ وڃي ڪريو.
    خيمي کان ٻاهر وڄندڙ شرنائين جا آواز هر ڪنهن آواز تي غالب اچي ويا، سپاهي ڇيرون پائي دفن تي رقص ڪندا رهيا، تان ته هڪڙو نئون زخمي سج اچي هنن جي منهن ۾ پيو، جيڪو اولهه ڏي ويندي واٽ تي دم ڏئي ڪري پوندو، شينهن جو ٻچو اوٻاسي ڏئي ڪَر ڀڃندو پنهنجي خيمي مان ٻاهر نڪتو، تيستائين سفر جو سڄو بندوبست مڪمل ٿي چڪو هيو، گهوڙن تي سڀ سامان رکجي چڪو هيو، سپاهي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار هيا.
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ شينهن جي ٻچي جو لشڪر بجليءَ جي تيزي سان مٽي جا غبار اڏائيندو اوڀر طرف گم ٿي ويو. گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز آهستي آهستي ختم ٿي ويا، شينهن جي ڌي لاشن ڀريل ميدان کي ڏسي هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهي.
    ويهه سال گذري ويا ڪڏهن به گهوڙا ڙي جو آواز نه اٿيو، ماڻهن اجڙيل شهر کي هڪ دفعو وري آباد ڪري ڇڏيو، شينهن جي ٻچي جا لڳايل زخم هر انسان جي دل تان آهستي آهستي وقت سان گڏ ڌوپچي صاف ٿي ويا. شهر ۾ ساڳي رونق ڊوڙي آئي. دنيا ان مختصر عرصي ۾ چڱي ترقي ڪئي، انسانيت جي تحفظ جا نعرا لڳا، گهڻو ڪجهه ٿيو، شينهن جي ڌي وقت سان گڏ ڊوڙندي رهي. هن ۾ هاڻي اها جواني نه رهي. اهو حسن نه رهيو، شينهن جي ٻچي جي وڃڻ کان نو مهينا پوءِ هن کي هڪڙي خوبصورت ڌي ڄائي، نالو رکيائين“ شينهن جي ٻچي جي ڌي” شينهن جي ٻچي جي ڌي اڃان جوان ئي مس ٿي ته ماڻس، شينهن جي ڌيءَ موڪلائي وئي. ان وقت هن جي عمر اوڻويهه سال هئي، خوبصورت ماءُ کان به، ٻه ٽي وکون اڳتي. آخر ڇو نه ؟ خون ڪنهن جو هئي ؟ ڪنهن اهڙي تهڙي ماڻهوءَ جي ڌي ته نه هئي ؟
    اڄ هن کي پورا ويهه سال ٿيا هيا ڪجهه ماءُ جا مهانڊا ڪجهه پيءُ جا تاثر، ٻنهي ملي جهلي هن کي لاجواب بڻائي ڇڏيو هيو، ڪوئي ڏسيس ته اصلي سسڪيون نڪري وڃينس، گهمي ته ماڻهو ڪٻڙا ٿي زمين تي ويهي رهن، قهر هئي، اصلي قهر، پنهنجي پيءُ جي ظالماڻي حملي جو يادگار هئي، ماڻهن کي ڪهي پئي ڪهي، سڄو شهر پنهنجي هلچل ۾ مشغول هيو هڪڙن جي اچ، هڪڙن جي وڃ، تان ته خبر نه پئي ڪٿان هڪ دفعو وري ڪنهن ٻڍڙي رن جو آواز گونجيو “گهوڙا ڙي ڀاڄ ڙي گهوڙا ڙي.” ماڻهن ڪنڌ ورائي اولهه طرف نهاريو ساڳيو مٽيءَ جو غبار ساڳي ڀاڄ. ساڳي هو هو. “ڀڄو شينهن جي ٻچي جي ٻچي حملو ڪيو آ، ڀڄو. ”
    ماڻهن ۾ ساڳي ڦرڦوٽ، تان ته خبر نه پئي شينهن جي ٻچي جي ٻچي ماڻهن تي اچي وسڪارا ڪري ڏنا، ساڳي لاشن جي ڌٻ ڌٻ ساڳي. ٻني ساڳيا ڏاٽا، لڱن جي لڻ لڻا، تلوارن جي هڻ هڻان، “اباڙي گهوڙا ڙي، رحم ڙي.” ڪير ٻڌي ڪنهن جي؟ گهوڙن جي هڻڪارن ۾ دٻيل چيٽون سنبن ۾ سسڪندڙ معصوم تلوارن جو لهو ۾ سنان، ساڳيو دور ويهه سال پهريون وارو، شهر کي باهه ڏني وئي، اجالا ڪيا ويا، جشن مچي ويا، شرنايون وڄي ويون، دڦن جي ڌن تي ڇير جي ڇمڪ ڇمڪ، نچندڙ ساقي. جام جو جام سان ٽڪراءَ ، ڌم، رت جي چيڪڙ تي ٿڙڪندڙ جسم، شينهن جي ٻچي واقعي ئي ڪمال ڪري ڇڏيو پنهنجي پيءُ کان به گوءِ کڻي ويو، اک ڇنڀ ۾ ڪفر جا ڳڀا لاهي رکيائين، ايڏي سچائي ايڏو ايمان ، الله شل ڪنهن کي نصيب ڪري.
    شينهن جي ٻچي جو ٻچو ٿڪيل هاريل، گوشت ڀنندڙ، شرنائيون وڄائيندڙ ۽ دڦن جي ڌن تي ڇير پائي رقص ڪندڙ ٽولين وٽان ٿيندو مرڪندو، کيڏندو ڪڏندو، پنهنجي شاهي خيمي ڏانهن هليو ويو.
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ شهر جون خوبصورت عورتون هن جي سامهون هيون حد درجي جون خوبصورت، اڳي کان به خوبصورت. هن اڳتي وڌي سڀني عورتن جو جائزو ورتو هو کي انهن عورتن مان هڪ عورت جي اڳيان اچي بيٺو. هن آڱر وڌائي عورت جي ڳاڙهي ڀوري ڳٽي تان وارن جي ڪاري چڳ کي هٽائيندي پڇيو، “ تنهنجو نالو”
    “شينهن جي ٻچي جي ڌي”، شينهن جي ٻچي جي ٻچي پنهنجي آڱر کي ائين هٽايو جيئن ان کي وڇون ڏنگيو هجي. هن ڪجهه گهڙيون عورت جي منهن کي ڏٺو، پوءِ کلي پيو. ”
    “عجيب اتفاق آ تون شينهن جي ٻچي جي ڌي ۽ مان شينهن جي ٻچي جو ٻچو، منهنجي خيال ۾ تون موزون آهين. ”
    شينهن جي ٻچي جو ٻچو مرڪي عورت جي بلڪل ويجهو آيو ۽ هڪ دفعو وري هن جي ڪارن سهڻن وارن سان کيڏڻ لڳو، عورت ڪو به رد عمل نه ڏيکاريو، هوءَ سهڪي به نه، صرف پر وقار نظرن سان بادشاهه جي منهن ۾ نهاريندي رهي.
    “تخليه.” هن ٻنهي هٿن سان تاڙي وڄائيندي چيو.
    سپاهي ٻين عورتن کي ساڻ ڪري خيمي مان ٻاهر نڪري ويا. هاڻي خيمي ۾ هنن ٻنهي کانسواءِ ڪو به نه هيو.
    “شينهن جي ٻچي جي ڌي”، هن رعبدار آواز ۾ چيو، “ تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا هيو ؟”
    “شينهن جو ٻچو”، هن مختصر جواب ڏنو.
    شينهن جي ٻچي جو ٻچو هڪ دفعو وري کلي پيو.
    “منهنجي پيءُ جو نالو به شينهن جو ٻچو هيو”، هن اڳتي وڌي عورت جي ٻانهن کي هٿن ۾ قابو ڪندي چيو ۽ انهن کي زور ڏنو، عورت جا ڪلها سوڙها ٿي ويا، ڇاتين جا اڀار نڪري آيا، هڪ چيڪٽ ٿيو ۽ سونهري قميص جو ٽڪر هن جي هٿ ۾ هيو، عورت ڇاتي کان وٺي پيرن تائين اگهاڙي ٿي وئي، گورا گلابي پستان، سونهري چيلهه، ڍاڪن ڏي ويندڙ لاهي، جنهن شينهن جي ٻچي جي ٻچي کي هڻي رڍ جو ٻچو بئائي رکيو، ڪجهه گهڙين کانپوءِ عورت هن جي هيٺان هئي.
    خيمي کان ٻاهر وڄندڙ شرنائين جا آواز هر ڪنهن آواز تي غالب اچي ويا، سپاهي ڇيرون پائي دفن تي رقص ڪندا رهيا، تان ته هڪڙو نئون زخمي سج اچي هنن جي منهن ۾ پيو، جيڪو اولهه ڏي ويندي واٽ تي دم ڏئي ڪري پوندو، شينهن جي ٻچي جو ٻچو اوٻاسي ڏئي ڪر ڀڃندو پنهنجي خيمي مان ٻاهر نڪتو، تيستائين سفر جو سڄو بندوبست مڪمل ٿي چڪو هيو، گهوڙن تي سڀ سامان رکجي چڪو هيو، سپاهي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار هيا.
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ شينهن جي ٻچي جو ٻچي جي لشڪر بجليءَ جي تيزي سان مٽي جا غبار اڏائيندو اوڀر طرف گم ٿي ويو. گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز آهستي آهستي ختم ٿي ويا، شينهن جي ٻچي جي ڌي لاشن ڀريل ميدان کي ڏسي هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهي.
    نو مهينا گذريا، ڌڙام ڪري هڪ ٻار اچي هن جي جهوليءَ ۾ ڪريو، “شينهن جي ٻچي جي ٻچي جي ڌيءَ”، ڪٿان ڪو آواز پڙاڏا ڪندو آيو، هن ان آواز کي ٻڌڻ لاءِ اوڀر طرف ڪنن کي موڙي ڇڏيو، رکي رکي ڪنهن ڪراڙي رن جو آواز ٿيو، “ گهوڙا ڙي ڀاڄ ڙي، گهوڙا ڙي”، عورت کان ڇرڪ نڪري ويو، هن تارا ڦوٽاري، ڪنڌ ورائي اوطرف نهاريو پر اتي مٽي جو ڪو به غبار نه هيو، شايد ٻڍڙي رن خواب ۾ ڇرڪ ڀري رهي هئي، هن ۾ ته اڃان ويهه سال دير هئي، پر نه هن سوچيو ان ظلم جو انت ٿيڻ وارو آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته ايندڙ دنيا مظلومن جي آهي.


    سڪون ڪٿي آ !!

    ديول جي خاموش ماحول ۾ هن جون رڙيون وڌيڪ ڀوائتيون ٿي ويون، هو دانهين دانهين هنن کان پنهنجو ٻانهون ڇڏائڻ لاءِ سٽون ڏئي رهيو هو، “ڇڏي ڏيو مون کي ڇڏي ڏيو، مان اڄ ابن مريم کان پنهنجو حق وٺي رهندس، ڇڏي ڏيو.”، هن هر هر دانهون ڪندي مريم جي بت کي ڪنڌ ورائي تي ڏٺو پر پادرين هن کي اهو موقعو ئي نه ٿي ڏنو ۽ هو هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ديول کان ٻاهر گهليندا ويا. “نڪر، دوزخي ڪنهن جاءِ جا، ” ۽ پوءِ اهو آواز ڏور ٿيندو، پوڙهي جي ننڊ ۾ وڦلڻ جهڙو ٿي ويو، جيڪو موت جي تصور کان ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري مڻ مڻ ڪندو آهي.
    ديول جو وڏو پوپ، مسلسل مريم جي بت آڏو جهڪيل هيو، ظاهر ظهور ته هو عبادت ۾ مشغول ٿي نظر آيو، پر هن جا خيالات پوڙهي فقير جي رڙين ڪري مريم جي مجسمي جي اڳيان ٻرندڙ اگر بتين جي دونهي جيان منتشر هئا، ٿوري دير کانپوءِ جڏهن گوڙ جو آواز پري ٿيندو، ٿيندو ٿڪجي پيو ته هن اکيون ٻوٽي هٿ سان سيني تي صليب جو نشان ٺاهيو ۽ هڪ دفعو وري مجسمي اڳيان هٿ ٻڌي، سر جهڪائي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو.
    ديول جو وڄندڙ گهنڊ خاموشي ۾ نئين سوچن جي واس جيان سڄي ماحول تي قابض هو، “ٽنگ ٽنگ ٽنگ ٽنگ” گهنڊ جو آواز، جيئن دنيا جي ڊوڙندڙ ڍڳي جي ڳچي ۾ زنجيرن سان پاتل. وقت جي گهنڊ جا رانڀاٽ. هر طرف کان فنا ۽ ڪفن جا تهه ، انهن ۾ روح ڦوڪيندڙ گهنڊ جنهن جي واڍ ۾ ديول جو خدمتگار پنهنجي ٻانهن کي بلند ڪري وقت سان گڏ جهولي هيٺ مٿي ٿي رهيو هو.
    پوپ پنهنجوڪنڌ مٿي ڪيو ۽ اکيون کولي مريم جي مجسمي کي نهاريو، پر وقار، لهندڙ سج جي ڪرڻن ۾ نظر ايندڙ کنڊرن جيان هن جو بلند پهاڙن جهڙو چهرو، جنهن تي سنجيدگي طاري هئي، جيئن دنيا جاغم سميٽجي هن جي صورت ۾ سمائجي ويا هجن ۽ هن جي ٻانهن ۾ ستل معصوم ابهم عيسيٰ جنهن جي چهري جي مرڪ ويڙهيل چادر ۾ هوا تي جهومندڙ ناريل جي آلن ڦرهن جهڙي هئي، جنهن تي مينهن وسڻ کانپوءِ سج جا ڪرڻا پوندا آهن ته اهو آسمان مان ستارا پٽي هيٺ اڇليندڙ فرشتن جهڙو معلوم ٿيندو آهي.
    فادر مقدس مريم جي قد آور ۽ ويڙهيل چادر ۾ عيسيٰ جي مجسمي کي ڏسندو رهيو، وڄندڙ گهنڊ ۾ اگر بتين جي وجد ۾آڻيندڙ واس ۾ هن جي من چاهيو ته جيڪر هو پگهرجي موسيقي جي لهرن جو روپ ڌاري آڪاس ۾ گم ٿي وڃي ۽ هن پنهنجي ڪرنگهي ۾ اٿندڙ عجيب قسم جون مسحور ڪندڙ لهرون محسوس ڪيون، جن کان هن جو بدن لرزجي ويو، هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ هو گهنڊ جي آواز ۾ کوئجي ويو، ٽنگ....... ٽنگ....... ٽنگ
    هر طرف کان ڦهليل ڌنڌ، جنهن ۾ سج جي مرڻ سان ئي ٿڌ اچي ڌاڙو هنيو هو. هر طرف کان ويران رستو ۽ ٿڌي هوا تي اڏامندر پراڻين اخبارن جا ٽڪرا. پري پري تمام پري قبرستان ۾ ڪنهن وليءَ جي مزار تي ٻرندڙ ڏيئي جهڙي ڪنهن بلب مان نڪرندڙ روشني. رکي رکي ڪنهن جي کنگهڻ جو آواز، جيئن خاموشي پنهنجي لاش جي ڪفن مان منهن ڪڍي ٽهڪ ڏيندي هجي ۽ ان رات هو ديول ۾ مناجات پڙهڻ لاءِ پنهنجي آبنوسي لٺ جي سهاري چونڪ تان ٺڪ ٺڪ ڪندو لنگهي رهيو هو. هن کي ديول کان هڪ فرلانگ پري به وڄندڙ گهنڊ جو مدهم آواز ٻڌجي رهيو هو ۽ هو پنهنجي اکين اڳيان مريم ۽ عيسيٰ جي تصور کي رکندو پنهنجي ڌن ۾ وڃي رهيو هو، چونڪ کان ڪجهه فاصلو پري هن کي هڪ عورت نظر آئي، جيڪا اتي ٽهلي رهي هئي ۽ ان جي جسم تي مٿي کان وٺي پيرن تائين ڪارو جبو اوڍيل هو، جنهن ۾ هن جو زرد ۽ لٿل چهرو چنڊ گرهڻ جهڙو ٿي محسوس ٿيو. جڏهن هو ان عورت جي ويجهو پهتو ته ان هڪ مخصوص انداز ۾ هن کي اشارو ڏنو ۽ مڙي اڳتي وڌي ويئي.
    ڪجهه منٽن کان پوءِ هو عورت سان گڏ هڪڙي تنگ ۽ پراڻي ڪچيءَ جاءِ ۾ هو، جنهن ۾ ٽيبل تي هڪ ميڻ بتي ٻري رهي هئي، جنهن جو شعلو به ماحول ۾ برف جيان هڪ هنڌ ڄميل هو، ڇو جو ان جاءِ مان هوا جي گذرڻ جي ٿوري وٿي به نه هئي.
    “تو ڇا پئي چاهيو؟” هن عورت کان پڇيو.
    “بس ٻن ويلن جي ماني”
    “پر اهو ته ڪو طريقو ناهي ؟”
    “اونهن ،” عورت پنهنجي ٻنهي چپن کي ملائي مرڪندي جهونگاريو
    “هي طريقو آ ”، ۽ هن ڪنڌ وٽان جبي جون ڪنهيون کوليندي چيو.
    “پوپ جي من چاهيو ته هو وڏي لانگ وجهي هڪدم ديول ۾ گهڙي وڃي، پر هن عورت جي منهن تان اکيون هٽائي انهن کي ڇنڀيو ۽ ٿوري وقفي کان پوءِ ڳالهائيندي چيو، “مان تنهنجو مقصد سمجهي ويو، آهيان تون ”.
    ان کان اڳ جو هو وڌيڪ ڳالهائي، عورت هن جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    “ها سچ.......... پر منهنجا ٿڻ هڪ ڏينهن کان سڪايل آهن ”.
    پوپ خاموش رهيو، هن صرف عورت جي منهن ۾ نهاري هڪ دفعو وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آبنوسي لٺ کي مهٽڻ لڳو، هن کي عورت تي ڏاڍي خار ٿي آئي.
    “مون کي صرف ٻن ويلن جي ماني گهرجي، تون هڪ رات لاءِ منهنجي جسم جو مالڪ آهين، ”
    “دوزخڻ ڪنهن جاءِ جي...... ذليل.” پوپ جون واڇون هيٺ لهي ويون ۽ ميڻ بتي جي روشني ۾ نڪ ۽ نرڙ ۾ پوندڙ هن جا گهنج سمنڊ ۾ لهندڙ سج جي اڳيان پيلن لهرن جهڙا ٿي ويا.
    عورت هن جي گارين کي نظر انداز ڪندي، جبي لاهڻ کانپوءِ سيني وٽان پنهنجا بٽڻ کولي ڇڏيا، هن جا ننگا ارهه پوپ جي سامهون هئا، هو ڏڪي ويو ۽ هن جي من ۾ جوش جي جاءِ، خوف ۽ بيزاري اچي والاري، هن پنهنجي ڳچي ۾ پاتل، قميص پويان لڪيل صليب جي نشان کي ڪڍي پنهنجي اڳيان ڏيئي ڇڏيو. عورت ڪجهه ککي وکي ٿي ويئي ۽ پشيمانيءَ مجبوري کان هوءَ روئڻ جهڙي ٿي ويئي، هن پنهنجي ڀرجي آيل ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
    “ دوزخڻ، توکي ابن مريم ڪڏهن به معاف نه ڪندو، بدچال، ماڻهن کي ٺڳيندڙ جاهل ڪميڻي،” پادري ڏڪي ڏڪي اتان پنهنجا قدم پوئتي سوريندو ويو، عورت هاڻي سمجهي ويئي ته هو شهر جي ڪنهن گرجا جو پادري آهي ۽ هن نااميد ٿي قميص جا بٽڻ بند ڪري مٿان ڪارو جبو پائي ڇڏيو. پادري اڃان به وڦلي رهيو هو ۽ هن کان ڪجهه قدم پٺتي هٽي ويو، هن جي اکين ۾ نفرت، جوش ۾ بيوسي ظاهر هئي.
    “پر فادر مان مجبور آهيان.” عورت نماڻائي سان چيو، “ٻن ڏينهن کان بکايل هئڻ ڪري منهنجا ٿڻ سڪي ويا آهن، ڏسو نه ٿا ته کير نه پيئڻ ڪري منهنجي ٻار جو چهرو ئي هيڊو ٿي ويو آهي.” هن ڊڪي وڃي چادر ۾ ويڙهيل ننڍڙي معصوم ٻار کي پنهنجي جهولي ۾ کنيو ۽ پادري اڳيان اچي بيهي رهي. پوپ پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري هن کي ڏٺو، پر وقار لهندڙ سج جي ڪرڻن ۾ نظر ايندڙ کنڊرن جيان هن جو بلند پهاڙن جهڙو چهرو جنهن تي هڪ سنجيدگي طاري هئي، جيئن دنيا جا غم سميٽجي هن جي صورت ۾ سمائجي ويا هجن ۽ هن جي ڪڇ ۾ معصوم ابهم ٻار جنهن جي چهري جي مرڪ ويڙهيل چادر ۾ ، هوا ۾ جهومندڙ ناريل جي آلن ڦرهن جهڙي هئي، جنهن تي مينهن وسڻ کانپوءِ سج جا ڪرڻا پوندا آهن ته اهو آسمان مان ستارا پٽي اڇليندڙ فرشتن جهڙومعلوم ٿيندو آهي.
    ڏور هزارين ميل ڏور ڌنڌ مان اٿندڙ گهنڊ جا آواز هن جي ڪنن ۾ تيز ٿيندا ويا. ٽنگ ٽنگ ٽنگ ٽنگ ۽ هن اکيون کولي مريم جي مجسمي کي نهاريو جنهن جي جهولي ۾ مٺڙي مرڪ وارو عيسيٰ ستل هو، ڪيڏي نه مشابهت هئي، هن سوچيو ڇا يهودين ان زماني ۾ سچ ڳالهايو هيو، هن جون سوچون پري پري تائين ڦهلجي ويون، مريم هئي، پڪ هن ٻن ڏينهن کان وٺي ڪجهه به نه کاڌو هوندو، ڀلا هن کي عيسيٰ ڪيئن ڄائو، ها ها کير پيارڻ پر اوچتو هن جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي، جيئن ڪا ڏائڻ هن جي شهه رڳ ۾ ڏند کپائي سڄو رت چوسي ويئي هجي. هن جون ڦاٽل اکيون مريم جي مجسمي ۾ کپي ويون، هو وائڙن ۽ چرين جيان پنهنجي ذهنيت تي ڪاوڙ کائڻ لڳو، جيئن هن عبادتن ۽ نيڪين جي ڍير ۾ پنهنجي هٿن سان تيلي ٻاري ڌماڪو ڪيو هجي. ۽ هو رڙ ڪري مجسمي اڳيان ڏنل ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ چنبڙي ڍاڍيون ڪرڻ لڳو، سڏڪن کان هن جي پٺي کي جهٽڪا اچڻ لڳا، ديول ۾ بيٺل ٻين پادرين ڇرڪ ڀري هن کي ڏٺو ۽ پنهنجي ڌڙڪندڙ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ چپن ۾ مڻ مڻ ڪري مناجات پڙهڻ لڳا.
    “اوهه معاف ڪر ابن مريم.” پوپ جو آواز گهنڊ جي آواز کان ڳرو ٿي ويو، “مون کي معاف ڪر، هي مان ڇا سوچي ويٺس، تون پاڪ آهين، هر نفس ۽ هر گندگي کان بلند آهين، مون کي خبر نه آهي ڇو سوچيو، اي يسوع مون کي دوزخ کان پناهه ڏي اي مريم منهنجو ڍڪ ڍڪ.” هن روئي سيني تي هٿ سان صليب جو نشان ٺاهيو ۽ اکيون بند ڪري هٿ ٻڌي هن کي ٻاڏائيندو رهيو.” يسوع معاف ڪر، دوزخ کان پناهه ڏي دوزخ کان پناهه ڏي، دوزخ کان پناهه ڏي،“ ٽنگ ٽنگ ٽنگ ٽنگ هن جا آواز گهنڊ جي لئه ۾ سمائجي وڄڻ لڳا ۽ ٿوري دير کانپوءِ هن کي ديول جي ديوارن مان پنهنجي آوازن جا پڙڏا ايندا محسوس ٿيا،” اي يسوع دوزخ ڏي، دوزخ ڏي، دوزخ ڏي، اي خدا مان هن دنيا مان بيزار آهيان پر اي ابن مريم تون ڪيڏو نه عظيم آهين، تون انسان جي گناهن کي پروڙي دوزخ ۾ ڪيڏيون نه رمزون رکيون آهن، توکي گناهن ۽ بک جي لاڳاپي جي خبر آهي جنهن جي ڪري تون سردي کان سڙيل لاشن جي لاءِ باهه، پيٽ بکين فقيرن ۽ گناهگار وئشيائن جي لاءِ ٿوهر جو مٺو ميوو ٿو ڏئين، آخرڪار هڪ انسان کي ان کانسواءِ ڇا گهرجي؟ اي ابن مريم مون کي دوزخ ڏي، مان جيئڻ چاهيان ٿو، بکايل آهيان دوزخ ڏي.”
    ٻڍڙي فقير جي صدا جنهن تي پادرين هن کي ديول مان تڙي ڪڍيو هو ۽ ان جا جملا پوپ جي ڪنن ۾ وڄڻ لڳا، فقير جيڪو ڪجهه دير اڳ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل زنجيرن واري ڪشڪول کي بلند ڪري ابن مريم کان دوزخ پيو گهري. پوپ پنهنجي چپن ۾ وڌيڪ ورجائڻ ڇڏي ڏنو هن کي دوزخ کان نفرت نه هئي، هو مجسمي جي اڳيان اٿيو، “ نڪر دوزخي ڪنهن جاءِ جا، هن کي آواز آيا، هو منهن ورائي مريم جي مجسمي ڏسڻ کان سواءِ هيٺ ڪنڌ ڪري ديول جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو.
    وڄندڙ گهنڊ جو آواز هن کي ايذائڻ لڳو، هن جي جسم ۾ گهڙي روح ۾ سيون ٽنبڻ لڳو، هو نراس ٿي چڪو هيو هن جي ورانگ سان گڏ قدم به تيز ٿي ويا، هو گهنڊ جي آوازن کان ڀڄندي سمنڊ طرف نڪري ويو، جتي ڌرتي کٽي رهي هئي ۽ گهنڊ جو مدهم آواز اڃا به اچي رهيو هو، هن بيزار ٿي پنهنجا ٻئي هٿ ڪنن کي ڏيئي ڇڏيا ۽ گوڏن ڀر هيٺ ويهي رهيو،
    “او بک تون ڪڏهن به نه ختم ٿيندر گهنڊ آهين، جيڪو دنيا جي ديول تي هميشه لڏندو رهندو”، هن چيو ۽ پوءِ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، هن کان ڪجهه فاصلو پري سمنڊ جي لهرن جو شور جيئن ڪنهن انسان جي پيٽ ۾ بک کان پوندڙ ٽچڪا.


    هاڃو هاڃو، هاءِ حياتي!

    هن جو هيڊو ۽ اداس منهن وکريل وارن ۾ سرءُ جي پيلي پن جهڙو محسوس ٿي رهيو هيو، هن کي جسم تي ڪاري لوئي اوڍيل هئي پر تڏهن به محسوس ٿي رهيو هيو ته هوءَ ڀريل ۽ غير متناسب جسم جي مالڪ آهي، هوءَ ان وقت پنهنجي ڪچي جاءِ جي ٻئي منزل تي پراڻي ڪاٺ جي دري مان ٻاهر ليئا پائي رهي هئي هن جي اکين ۾ تجسس هيو، پريان هن کي سياري جي سنسان ماحول ۾ ڪنهن ڊڪندڙ انسان جي قدمن جو آواز آيو ۽ پوءِ هن کي گهٽي جي ڦهليل چانڊوڪي ۾ نويل ۽ ڪچين جاين جي وچ ۾ ڪو پاڇو ڀڄندي نظر آيو، جيڪو جان ۾ سنهي هجڻ ڪري قد ۾ ڊگهو نظر اچي رهيو هيو ۽ جنهن پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهايو ٿي، عورت نه ڄاڻ ڇا سوچي، ٻانهن بلند ڪري هن کي هٿ سان اشارو ڏنو.
    “اي هيڏي” ۽ پوءِ هوءَ تيز تيز وکون کڻندي ڏاڪڻ مان ڌٻ ڌٻ ڪندي هيٺ لهي وئي، ڪڙي کلڻ جو آواز ٿيو ۽ ان سان گڏ ئي ڪن ڊڪندڙ قدمن جو آواز گهرو ٿي هڪدم ختم ٿي ويو.
    “ آءُ ” هن چيو
    ڪڙي بند ٿيڻ سان ئي چئن قدمن جو آواز اڳتي وڌندو، ٻئي منزل تي اچي ختم ٿي ويو، اهو واقعي ئي ڏٻري جسم ۽ ڊگهي قد وارو گهٻرايل جوان هيو، جيڪو ڊوڙندي ڊوڙندي ٿڪجي پيو هيو ۽ وات کولي وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هيو، جن کان هن جو هيٺ مٿي ٿيندڙ بدن، ميڻ بتي جي هيڊي روشني ۾ ائين لڳي رهيو هيو جيئن ڪو سردي جو ماريل مسافر ڪجهه منٽ گرمي جهٽڻ لاءِ رستي تي ڦهليل ڪک ۽ ڪانا گڏ ڪندو هجي. هن جي جسم تي ڳاڙهي رنگ جي ڦاٽل بشرٽ ۽ خاڪي سوٽ پهريل هيو جنهن جي ٻنهي کيسن ۾ هن جا هٿ سختيءَ سان پيل هيا. پاچن وٽان لڙڪندڙ ڌاڳن جي ڪري اهو سوٽ ائين لڳي رهيو هيو جيئن ڊگهي سوٽ کي هيٺان ڪٽي ٺاهيو ويو هجي. هن جا ٻڦي سان ڀريل ۽ وکريل وار، کڏن پيل منهن تي ان گوشت جي تنتن جيان ٿي معلوم ٿيا جن کي ڪتو ڍو ڪرڻ کانپوءِ سکڻي هڏي تي بچائي هليو ويندو آهي.
    عورت هڪ دفعو وري دري کان ٻاهر نهاريو
    هن کي اڇي چانڊوڪي ۾ گهٽي ۾ ڦهليل هوا تي اڏرندڙ روڊ جي ڳاڙهن سرن واري ٻوري کانسواءِ ڪجهه به نظر نه آيو.
    “توکي مٿي ايندي شايد ڪنهن به ڪو نه ڏٺو تون محفوظ آهين” ، عورت دري مان نظرون هٽائي، هن ڏانهن نهاريندي مرڪندي چيو. مرد ڪو به جواب نه ڏنو، هو اڃان به ٿورو سهڪي رهيو هيو هن جا تارا هر هر پاسن ڏانهن ٿي ڦريا ۽ هن جو ڪنڌ هڪ هنڌ سڪ هيو، جيئن هن کي يقين نه ايندو هجي ته ڪو ڊوڙندي ڊوڙندي هاڻي ڪنهن جڳهه ۾ خاموش ۽ محفوظ بيٺو آهي. هن جي من ۾ خوشي ۽ دهشت جون لهرون هڪ ئي وقت هڪ ٻئي تي غالب پوڻ جون ڪوشش ڪري رهيون هيو.
    “شايد اها تنهنجي پهرين چوري آ ”، عورت هڪ دفعو وري مرڪندي ڳالهايو جيئن هوءَ گهر ۾ اڪيلي ويٺي ويٺي بيزار ٿي ويئي هجي ۽ هڪ انسان جي ملڻ کانپوءِ دل ڀري ڳالهائڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ چاهيندي هجي، پر مرد خاموش بيٺو رهيو. عورت کي ٿوري مايوسي ٿي ۽ هوءَ ان مايوسي کي مٽائڻ لاءِ پنهنجي وکريل وارن ۾ آڱريون ڦيرائي انهن کي ٺاهڻ لڳي،
    مرد جي جسم ۾ خاموشي کانپوءِ چرپر ٿي، هن جي سوٽ ۾ پيل هٿن ۽ ڊگهن ٻانهن ۾ سختي اچي وئي، هن اونهو ساهه کڻي ڪنڌ ڦيري جاءِ جو جائزو ورتو.
    جاءِ صفا ڪچي هئي ۽ ان جي ڀتين تي لڳل اڇو چونو جڳهه جڳهه تان ڇڻي ڀتين جي بدران ڪوڙهه جي مريض جي جسم جو ڏيک ٿي ڏنو، ڪمري ۾ ڇڳل موڙي، ڪنڊ ۾ سٿيل پراڻن پادرن ۽ ڀت جي پاڙ مان ڪوئن جي کوٽيل مٽي کانسواءِ هن کي ڪليءَ ۾ ڪجهه ميرا ڪپڙا نظر آيا جيڪي اوڀر طرف دري کان ايندڙ هوا تي لڏي رهيا هيا .سمورو ماحول ان خاموشي ۽ ڳيت ڏئي بيٺل زخمي جيان هيو، جنهن جي سيني ۾ گوليون لڳل هجن ۽ جنهن جي ڪنهن وقت به اڀرندڙ دانهن کان خاموشي خوف زدهه هجي.
    “ڇا هن گهر ۾ ٻيو ڪو به نه رهندو آهي ؟” مرد پهريون دفعو حوصلو ڪندي سوال پڇيو، جنهن ۾ هن کي محسوس ٿيو، جيئن دماغ هن جي زبان جو ساٿ نه ڏيندو هجي، دل جي هر ڌڙڪن سان مٿي ۾ دماغ بدران ٿڌو پاڻي ڀريل محسوس ٿيندو هجي.
    “نه”، عورت چيو، “مان اڪيلي رهندي آهيان، ”
    “ته پوءِ تون ڪيئن ٿي جيئن ؟”
    “ڪجهه گهڙيون جسم کي روح جو سهارو ڏيندي آهيان ۽ ڪجهه گهڙيون روح کي جسم جو.”
    عورت ڳالهه وڌائڻ لاءِ ان ۾ مونجهارو پيدا ڪيو.
    “مون نه سمجهيو؟” هن مختصر جواب ڏنو.
    هن جي ڳالهه تي عورت زوري مرڪيو ۽ هن جي سوٽ جي کيسن کي نهاريو، جن ۾ هن جا ٻئي هٿ سو گهائيءَ سان پيا هيا.
    “شايد قيمتي شي چورائي اٿئي ” هن ڳالهه بدلائيندي چيو. مڙد چپ رهيو ۽ عورت جي منهن کي جاچي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، ”
    “نه نه اهڙي ته ڪا ڳالهه نه آهي،” عورت چيو ۽ پوءِ زوري کلڻ ڪري هن جي وات مان روئڻ جهڙو ٽهڪ نڪتو ۽ هن جي ڪلهن جهٽڪو کاڌو. مرد جي منهن ۾ ٿورا گهنج پئجي ويا جيئن هن جي دماغ ماحول جو نئون رخ جاچي سوچڻ شروع ڪيو هجي. آخرڪار هو اڳتي وڌيو ۽ اوڀر طرف روڊ ڏانهن کلندڙ دري وٽ بيهي ٻاهر نهارڻ لڳو، گهٽي سنسان هئي هن کي صرف اڇو ٻلو نظر آيو جيڪو هڪ گهر جي در مان ٻاهر نڪري ڀرسان واري ڪنهن در جي چائٺ ٽپي هليو ويو.
    “هاڻي مون کي هلڻ گهرجي” هن دري کان منهن هٽائيندي چيو.
    “گهر ۾ لڪائڻ لاءِ تنهنجي مهرباني”
    هن اڃان وڃڻ جي ڪئي ئي مس ته عورت ڳالهايو.
    “ٻڌ تون ائين ئي هليو ويندين ؟”
    مرد کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ۽ هن ڪنڌ ڦيري عورت جي ڪاري لوئي ڏي نهاريو.
    “منهنجو مطلب آ.” عورت پنهنجي آڱرين کي مهٽيو، “منهنجو مطلب آ، مان ٽن ڏينهن کان بکايل آهيان.”
    عورت جي ڳالهه تي مرد جي منهن تي پيلاڻ هارجي وئي ۽ گهنج وڌيڪ گهرا ٿي ويا، هن جي نڙي جون مشڪون سيٽجي ويون. عورت وکريل ۽ ککي وکي ٿي وئي.
    “مان تنهنجي ڪا به مدد نه ٿو ڪري سگهان مان مجبور آهيان.”
    هن وڄندڙ آواز ۾ چيو.
    “ڇا تون مون کي هڪ رات جي عيوض ۾ ٽن ويلن جيترا پئسا نه ٿو ڏئي سگهين؟”
    “ڇا تون وئشيا آهين؟” مرد جي آواز ۾ نفرت جو عنصر هيو.
    عورت گهٻرائجي وئي.
    “نه، منهنجي چوڻ جو مقصد آ، ٿي سگهي ٿو هتان نڪرڻ کانپوءِ تون پوليس جي ور چڙهي وڃين. رات آرام سان بسر ڪري صبح جو هليو وڃجان”، ڳالهائڻ کانپوءِ عورت جي من ۾ عجيب پيڙا کان بي چيني وڌي وئي، جيئن هو ڪو گناهه جو ڪم ڪري پڇتائيندي هجي.
    “نه پر مان وڃڻ چاهيان ٿو”
    “ڪمال آ.” عورت چيو ۽ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي، هن من ۾ جوش ۽ ڪاوڙ کان ڦٿڪندي هڪ ڦڪو ٽهڪ ڏنو، جنهن جو پويون حصو گاڏيءَ جي تيز بريڪن لڳڻ ڪري پيدا ٿيندڙ چيڪاٽن جهڙو هيو.
    مرد وڌيڪ دير ترسي نه سگهيو، هن جي من ۾ بي چيني وڌي وئي، هن کي گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي، هن کي ماحول جي هر شي مان خوف محسوس ٿيو ۽ هن جون ڄنگهون پنهنجو پاڻ چريون.
    “مان هلان ٿو،” ۽ هو ڏاڪڻ ڏانهن مڙيو.
    عورت جي نرڙ ۾ گهنج ۽ منهن ۾ رت ڀرجي آيو. دل جي ڌڙڪن وڌي ويس.
    مجبوري ۽ درد کان هن جي چنگهه نڪري ويئي ۽ هوءَ اڳتي وڌي مرد جي ٻانهن ۾ چنبڙي پئي.
    مرد گهٻرائجي ويو.
    “ڇڏ مان چوان ٿو ڇڏ،” هن عورت کان پنهنجون ٻانهون ڇڏائيندي چيو.
    “ نه .... مان توکي نه ڇڏيندس”، هن ڪنجهندي مرد جي ٻانهن کي سوٽ جي کيسن مان ٻاهر ڪڍندي چيو،
    هو ٻئي زور زور سان سهڪڻ لڳا، ٻنهي کان رکي رکي هلڪيون چنگهون نڪري رهيون هيون، جيئن هو پنهنجو آواز دٻائي ماحول ۾ خاموشي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا هجن.
    هو ٻئي ڪيتري دير پاڻ ۾ ڳنڍيا رهيا، عورت هن جي کيسن مان هٿ ڪڍي پئسن حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي، مرد جلد ٿڪجي پيو ۽ وات ڦاڙي ٿيڙ کائڻ لڳو، آخرڪار مجبور ٿي هن عورت کي سٿرن واري لت وهائي ڪڍي هوءَ چيٽ ڪري پٺيءَ ڀر اچي پلنگ جي ٻانهن تي لڳي چيڪاٽ سان گڏڌماڪو ٿيو. ڌڪ پچائي عورت اٿي ئي مس ته هيٺان زور مان ڪڙي کڙڪڻ جو آواز آيو. مرد جو دماغ جهٽڪو کائي سجاڳ ٿي ويو ۽ هو ذري گهٽ دهلجي ويو، هن جي چپن ۾ سوئيدار لهرون پيدا ٿي سڄي جسم ۾ پکڙجي ويون ۽ ڌڙڪن مان گڏ هن جي ساهن جو سلسلو به تيز ٿي ويو.
    هيٺان ڪڙي کڙڪڻ جو آواز مسلسل اچي رهيو هيو، عورت ڳوڙها اگهي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي پنهنجا کنڊريل وار ٺاهيندي ڏاڪڻ ڏانهن وڌي وئي.
    مرد پريشان ٿي ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڀڄڻ جي جاءِ تلاش ڪرڻ لڳو، پر اتي ڀڄڻ جي ته ڇا لڪڻ جي جاءِ به ڪو نه هئي، هو پريشان بيهي رهيو ۽ ايندڙ وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ڏاڪڻ مان چئن قدمن جو آواز اٿي ٻئي منزل تي اچي ختم ٿي ويو، مرد جي اڳيان عورت سان گڏ هڪ پوليس وارو هيو.
    “هيءُ آهي اهو چور، جنهن منهنجي گهر ۾ گهڙي چوري ڪئي آهي.” عورت نماڻائيءَ سان پوليس واري کي مرد طرف اشارو ڪندي چيو.
    مرد جي اکين جا گهيرا وڌي وڏا ٿي ويا، هن ته اهو سوچيو ئي ڪو نه هيو.
    “ڇا چوري ڪيو ٿي ڙي؟” پوليس واري رعبدار آواز ۾ چيو.
    مرد جي جواب ڏيڻ کان اڳ عورت چپ چوريا. “هن منهنجا پئسا، زيور، خبر نه آهي ته ڇاڇا چوري ڪيو آ، ڏسو نه ٿا هن جا هٿ، اڃان به سوٽ جي کيسن ۾ پيا آهن ”
    “ڪڍ ڙي سوٽ مان هٿ”.
    مرد خاموش رهيو ۽ هن جا هٿ اڃان به سوٽ ۾ سوگها ٿي ويا.
    “نه ڪڍندين ڙي ذليل، بيغرت”، پوليس واري اڳتي وڌندي چيو “ڪڍ ڙي ڪڍ”.
    مرد جو منهن لهي ويو ۽ گهٻرائجي ٿورو پوئتي هٽي ويو. پوليس واري اڳتي وڌي هن کي پنين واري لٺ وهائي ڪڍي ۽ هن مجبور ٿي سوٽ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، هن جي هٿن ڪڍڻ سان ئي هن جو سوٽ چيلهه ۽ ڍاڪن کان رڙهندو هيٺ وڃي هن جي پيرن ۾ پيو، هن جا ٻئي هٿ خالي هئا.
    سپاهي هن کي اگهاڙو ڏسي ٿورو شڪي ٿيو ۽ عورت شرم ۾ ڳاڙهي ٿي، اکيون هيٺ جهڪائي ڇڏيون.
    “هاڻي ته توهان کي يقين اچي ويو.” هن هاريل جوئاري وانگر ڀريل آواز ۾ ڳالهائيندي چيوته “مان چوري نه ڪئي آهي مان سوٽ مان هٿ ان ڪري نه پيو ڪڍان جو مان ٽن ڏينهن جو بکايل آهيان ۽ منهنجي چيلهه سنهي ٿي وئي آهي، اها ته لازمي ڳالهه آ ته ٽن ڏينهن کان بکايل ماڻهو جو پٽ ڪيترو نه اندر ڌڪيل هوندو.”
    “پر تون آخرڪار هتي آئين ڇو ؟ ” سپاهي سوال ڪيو،
    “ڪجهه سپاهي رولو سمجهي منهنجي ڪڍ پيا آءُ لڪڻ لاءِ هيڏانهن گهڙي آيس،” هن چيو، سپاهي آخر هن کي سوٽ پائڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ هن کي ساڻ ڪري ڏاڪڻ ڏانهن وڌيو، چئن قدمن جا آواز گونجيا ۽ عورت جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هوءَ ڌڙام ڪري ڇڳل موڙي تي ڪري. هن سوچيو. ڇا جي هن وٽ پئسا هجن ها ته هو مون کي ڏئي ها، بکايل ماڻهو جو پيٽ اندر ۽ چيلهه سنهي هوندي آ، هوءَ اڳتي نه سوچي سگهي، ڇو جو ڪاري لوئيءَ هيٺان هن جو پيٽ نوَ انچ ٻاهر نڪتل هو.


    هيءَ سين نه ڏيندي چين

    هن جي قيمتي تخليق جلد مڪمل ٿيڻ واري هئي. ڪينواس تي هن جو هٿ هلندو رهيو ۽ خوبصورت رنگ تصوير جي هر حصي کي نمايان ڪندا ويا، رنگن ۾ جذب ٿي هو اڪثر ان عورت جي تصوير بابت سوچيندو هيو. ” هن جي قيمت هزارين نه پر لکين روپيا آهي“.
    واقعي ئي اها تصوير انسان جي ذهن ۾ ٺهيل خوبصورت کان خوبصورت آئيڊل (Ideal) جو اصلاح هئي، جيڪڏهن خدا ڏسي ها ته ضرور ريس ڪري ها ۽ سوچي ها ته اهڙي خوبصورت آئيڊل وارو انسان جيڪر مان اڳ ۾ ئي خلقي ڇڏيان ها.
    شام ٿي ته هن بي چيني محسوس ڪئي، مسلسل پيڙا کان پوءِ وري ڪجهه دل ڏڪائيندڙ گهڙيون، جن جو هن کي اوسئيڙو هيو، هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن ڪينواس تي ٺهيل مورتيءَ جي رنگن ۾ جذب ٿيل هنجو روح هن ۾ آهستي آهستي موٽي دل ڏاريندڙ پيڙا ۾ اضافو ڪندو هجي، هن کي خوف محسوس ٿيڻ لڳو ۽ هو مورتيءَ جي رنگ رنگ مان چوسجي الڳ ٿي ويو، پر پوءِ به هن جو برش لاشعوري طور مورتيءَ جي ڳاڙهي ڳٽي تي رڳڙيو رهيو.
    ٿوري دير کانپوءِ ڪڙي کڙڪڻ جو آواز ٿيو ۽ هو هلڪا هلڪا قدم کڻندو اوڏانهن وڌي ويو، هميشه جيان اڄ به اتي ڪوئي نه هو، هر طرف کان صرف ٿڌ ۽ سردي جي جسم جهڙي خاموشي. دونهون ئي دونهون ۽ هو ان رمتوءَ جي ڳولا ۾ شهر کان ٿيندو، ڏور قبرستان ڏانهن نڪري ويو، نظرون کڻي نائينءَ جي چنڊ کي نهاريو، اڌ گول جهڙو چنڊ هن کي ائين محسوس ٿيو جئين هارياڻيءَ جي ٻانهن جو ڀڳل چوڙو، هن ڪنڌ ورائي هيٺ هيڊي چانڊوڪيءَ ۾ ڦهليل قبرستان کي ڏٺو، انيڪ قبرون، ڌرتيءَ جي سيني جا اڀريل ناسور، جيئن ڌرتيءَ کي هر مرندڙ ٻچڙو هڪ نئون زخم لڳائي ۽ هنجي ڇاتي درد کان سجي پوي،هو اڳتي وڌيو ۽ بک کان سڪل سڙيل انسانن جي هڏن جهڙي ور وڪڙ کائيندڙ کٻڙ جي هڪ ٽاريءَ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو، هن جي سامهون وري هارياڻيءَ جي ڀڳل چوڙي جهڙو چنڊ مرڪي رهيو هو ۽ هو ان جي مرڪ ۾ کوئجي،قبرستان ۾هلندڙ ٿڌين هوائن ۾ تحليل ٿي، انجي گهو گهٽن سان گڏو ڏور هليو ويو. دروازي کڙڪڻ جو آواز ٿيو ۽ هن جو برش ڪينواس تي هلندي هلندي ٻڍڙي جي دل وانگر اوچتو بيهي رهيو، تصوير جو هيڊو رنگ ڄڻ هنجي منهن ۾ ڀرجي ويو، ان ڏينهن به سانجهيءَ کانپوءِ هنجي من ۾ ڪيڏي نه آنڌ مانڌ هئي، ڪيڏي نه آزاريندڙ پيڙا ڪنڌ کڻي بيهي رهي هئي، شروع شروع ۾ جڏهن هن عام فن کان اڳتي سوچڻ شروع ڪيو هيو ته هن جي من ۾ بيزاري ۽ خوف اچي واسو ڪيو هيو ۽ اڄ به هو انهن شين کي من ۾ سانڍي وڄندڙ ڪڙي جي آواز کي خاموشيءَ سان ٻڌي رهيو هيو، ڪينواس تي ٺهيل تصوير ان وقت پنهنجي شروعاتي مرحلن ۾ هئي ۽ هو بت بڻيو ان کي ڏسي رهيو هيو، لڳاتار وڄندڙ ڪڙي جي آواز نيٺ هن کي ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ رمتوءَ کي ڳوليندو ڳوليندو وچ بازار ۾ نڪري ويو.
    هر روز جيان هن ڏي هزارين خالي ڪشڪول بلند ٿيا، پر هو انهن کي ڪلهن سان ڌڪاريندو اڳتي وڌندو ويو، هن کي محسوس ٿيو هزارين ڪڙا هڪ مهل کڙڪندا هجن، هن ڏي بلند ٿيل هر ڪشڪول ۾ آهون ڀريل هجن، اهي پيٽ جهڙا هجن، هو ته هڪ رمتوءَ جي ڳولا ۾ نڪتو هيو، پر هزارين رمتو هن کي پاڻ ڏانهن پڪارڻ لڳا، هو انهن مان ان نامعلوم شڪل کي ڪيئن سڃاڻي جيڪا سانجهيءَ اچڻ کانپوءِ وحشت جو عالم پيدا ڪري، هن کي رنگن کان ڌار ٿي ڪري ڇڏي، هڪ چوسول تي هن کي هڪ عورت نظر آئي جيڪا هڪ لاش تي پنهنجا وار کولي دانهي رهي هئي، ان جا مٽيءَ هاڻا چيڙهيل وار، لاش مٿان ائين ٿي محسوس ٿيا، جيئن بک ۽ مفلسيءَ جا بادل سک ۽ امن جي لاش تي دل کولي جهومندا هجن. هو اڳتي وڌي ان عورت جي مٿان آيو، هن ڏي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، هر ڪو هڪ شور مچائيندو، خشڪ چپن تي زبان ڦيري هڙٻاٽيون نڪتل منهن جي بي نور اکين جا ڳوڙها اگهندو هنجي اڳيان ٿي لنگهيو، هن عورت کان پڇيو ” جڏهن ته هر ڪو ناخوش روحن جي اثر هيٺ مفاد پرستيءَ جي وهڪري ۾ وهي پنهنجي منهن روئي رهيو آهي، ته توکي ڪهڙي پئي آهي جو تون پنهنجي درد ۾ ٻئي جو درد سمائي روئي رهي آهين.”
    عورت ان سوال کي لنوائڻ چاهيو، پر تڏهن به هن ڳوڙهن جي آلاڻ ۾ چنبڙيل وارن وارو منهن کڻي هن کي نهاريو ۽ نڙيءَ تي زور ڏئي زوريءَ آواز کي سيني مان ڪڍندي چيو، ” محبت ۽ عقيدت جي گرمي، من کي حساس ۽ نرم ڪري ٿي، حساس من بي خود ۽ بزرگن جي مزارن تي ٽنگيل گهنڊن جهڙا آهن. ڪو به درد مند اچي، هٿ ڊگهيڙي انهن گهنڊن کي زور سان لوڏي ۽ وڄائي سگهي ٿو”.
    هو عورت جي جواب کان متاثر ٿيو ۽ هن سمجهيو پيار ئي هڪ اهڙو ذريعو آهي جو عام جي دردن تي سوچڻ ۽ چمڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.
    “ هي تنهنجو ڇا ٿئي؟” هن لاش ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
    هي منهنجو مڙس آهي، جيڪو ڪپڙي جي مل ۾ مزدوري ڪندي زخمي ٿي پوڻ ڪري مري ويو“.
    هن کي عورت تي ڏاڍي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پنبڻين تائين ڀرجي آيل ڳوڙهن کي واپس چوسائڻ لاءِ پري ڪنڌ ڪري ڊگهو ساهه کنيو.
    ” پر هاڻي روئڻ مان ڇا فائدو؟“
    عورت جون ڦهليل اکيون لاش ۾ کپي ويون،
    ” هنجي محنت ۽ منهنجي محبت ڪيڏي نه مجبور آهي، جو اها هن کي ٻه وال ڪفن به ڏئي نه سگهي!“
    ۽ هوءَ ڍاڍيون ڪري روئي پئي.
    فنڪار جي ڄنگهن ۽ سيني مان هزارين ڪوليون تيزيءَ سان مٿي چڙهي هنجي منهن ۾ دماغ ۾ گم ٿي ويون، هنجي پنبڻن ۾ اٽڪيل ڳوڙها ڳلن تائين وهي آيا، هن اکيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو، هن کي ڳوڙهن پٺيان چنڊ جون عرش کان وٺي ڌرتيءَ تائين ڪيتريون شعائون سسنديون ۽ وڌنديون محسوس ٿيون، هو ٿڌي هوا ۾ تحليل ٿي، انجي گوگهٽن سان گڏ پنهنجي وجود ۾ موٽي آيو، هنجي اڳيان ساڳيو قبرستان هيو ۽ هارياڻيءَ جي ڀڳل چوري جهڙو چنڊ جيڪو هاڻي پستين جو سفر طئي ڪري بلندين ڏانهن وڌي چڪو هيو.
    اوچتو هن کي قبرستان جي خاموشيءَ مان مِڻ مِڻ جا آواز آيا، ائين جيئن ڪنهن قبر جي پاتال ۾ فرشتن جي پڇڻ تي ڪو روح هڪ ئي سر ۾ لڳاتار تيزي ۽ دهشت مان ڳالهائيندي، انهن جي سامهون پنهنجي روح جي پاڪيزگي بيان ڪندو هجي، هن ڪجهه گهڙيون ان آواز کي ڪنايو ۽ پوءِ هڪ دفعو وري قبرن کي لتاڙيندو، ڪلراٺي زمين تي ايامن کان اڃايل انسانن جي ٿڌي پاڻي پيئڻ ڪري پيدا ٿيندر سپ سپ جهڙا آواز پيدا ڪندو اوڏانهن وڌيو. هن کي ڳچ پنڌ تي هڪ انسان نظر آيو، جيڪو هڪ پٿر جي وڏي دڪي تي جهول ۾ ڪو ڪتاب جهلي بغير ساهي جي مڻ مڻ ڪندڙ آوازن ۾ پڙهي رهيو هيو، هن جي اڇي ڏاڙهي جهول ۾ جهليل ڪتاب مٿان هوا ۾ ڦڙڪي رهي هئي، هو جڏهن اتي پهتو ته هن ڏٺو، ان ڪتاب ۾ عجيب و غريب لڪيرون، پاتل هيون، جيڪي هن کي سمجهه ۾ نه آيون، ٻڍڙي هن جي قدمن جي آواز تي ڪنڌ کڻي هن کي مخاطب ڪيو.
    “ڪنهن کي ڳوليندي ڳوليندي شايد پاڻ وڃائي ويٺو آهين ؟. آءُ توکي سڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان،”
    ٻڍڙي جو آواز پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ڪرندڙ پٿر ڪري پيدا ٿيندڙلهرن جيان چوڌاري پکڙجي ويو،
    “ڪوئي مون کي روز پڪاري ٿو ۽ آءُ جڏهن ان کي ڳوليان ٿو ته مون کي ان جهڙا هزارين ٿا نظر اچن، آءُ سمجهي نه ٿوسگهان مون کي پڪارڻ وارو ڪير آهي ؟ ”
    “اها سڀ نراسائي آهي، سماج جون پستيون ۽ گناهه انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، ۽ انسان جڏهن ڄاڻي واڻي هر سوچ کي لنوائي پنهنجي ذات تائين محدود رهي ٿو ته اهي سوچون آخرڪار انسان جي لاشعور مان ڦاٽ کائي هڪ اهڙي پيڙا کي جنم ڏين ٿيون، جيڪا نراسائيءَ جو رخ اختيار ڪري ٿي، اها پيڙا ئي هڪ پڪار آهي جيڪا هر هر انسان کي ڀٽڪائي ٿي، انسان هميشه پاڻ تائين سوچيندو آيو آهي، هن مفاد پرستيءَ جي ان پٽيءَ کي شايد ڪڏهن به محسوس نه ڪيو آهي، جيڪا هن جي اکين تي سدائين ٻڌل رهي آهي، هو ائين ئي اڻ مٽجهندڙ راهن تي هلي انڌيرن کي ئي زندگي ڪوٺيندو آيو آهي ” ٻڍڙي جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا ۽ هن وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي ڳيت ڏئي هيٺ لاتو، جنهن کان هن جي نڙ گهٽ جو هڏو پراڻين ۽ رجعت پسند سوچن جي خنجر جيان مٿي بلند ٿي جديد ضرورتن جي سيني ۾ لهي ويو.
    فنڪار پنهنجي روح کي ٽچڪندو محسوس ڪيو، “آخرڪار چين ۽ سڪون ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو، نراسائيءَ جو ڪهڙو علاج آهي ؟ ”
    “جيڪڏهن واقعي ئي تون چين ۽ سڪون چاهين ٿو ته توکي ٻين جي چين ۽ سڪون لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، جيڪا اڻ سڌي طرح تنهنجي پنهنجي چين ۽ سڪون لاءِ هوندي، ٻين کي جيئارڻ پاڻ کي امر ڪرڻ آهي، نراسائي تڏهن ختم ٿيندي جڏهن سڀني وٽ چين هوندو. ”
    فنڪار ٻڍي جي ڪنهن به ڳالهه مان مطمعن نه ٿيو ۽ پڇيو،
    “خوشيون تڏهن حاصل ٿينديون جڏهن ٻئي کي خوشيون ڏبيون، بي چيني تڏهن ختم ٿيندي جڏهن سڀني وٽ چين هوندو، پر مان فنڪار آهيان، ڇا مان هزارين روپين جي عيوض پنهنجي ٺاهيل تخليق وڪڻي خوشيون حاصل ڪري نه ٿو سگهان ؟”
    “توکي مان پهريون ئي ٻڌائي آيو آهيان ته پنهنجي ذات تائين محدود سوچ سماج ۾ نراسائي کي جنم ڏئي ٿي” ٻڍڙي پنهنجي ڪفن جهڙي اڇي ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي ڳالهه جاري رکي. حقيقي فن جي قيمت ناڻو نه صرف سماج جي رد بدل هوندي آهي جيڪو فنڪار فن کي عوامي روپ کان موڙي ذهني عياشي جو رخ ڏئي ٿو اهو ان چري وانگر آهي جيڪو پنهنجين خوشين جي لاش مٿان روئڻ بدران بي سرا ٽهڪ ڏئي پاڻ کي مطمعن ڪري ٿو ته خوشيون جيئريون آهن ۽ آءُ جيئان ٿو، نالو چاهيندڙ ان رڙيون ڪندڙ فقير جيان آهي جيڪو وچ بازار ۾ پاڻ کي زوري انڌو سڏي ماڻهن کي متوجه ڪري ٿو. اهو وٺي سگهي ٿو پر ان وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. حقيقي فنڪار عوامي آهي جيڪو عوام جي ڏکن کي تخليقي رنگ ڏئي ٿو ۽ عملي روپ ۾ سڀني کان اڳرو آهي، حقيقي خوشيون ماحول جي اهڙي رد بدل ۾ آهن جيڪي عوام جي سڪون ۽ زندگي جي محسوس سان منور هجن، اهو ئي آهي بيزاري، پيڙا ۽ نراسائي جي ختم ڪرڻ جو طريقو ۽ وڄندڙ ڪڙن جو آواز.”
    فنڪار ٻڍڙي جون ڳالهيون ٻڌي بيزار ٿي ويو، هن کي گرمي محسوس ٿي ۽ من ڪچو پڪو ٿيڻ لڳو، هن آسمان ۾ نظر ڦيري، چنڊ کان ڏور ڇڊا ستارا هر طرف ڦهليل هيا، چنڊ جا پيرا ڪافي اڳتي وڌي چڪا هيا. هو اڳتي وڌيو ۽ هن ڏوراهين ۾ گهوريندڙ ۽ سڪتي جي عالم ۾ ويٺل ٻڍڙي جي هٿن کي هٿن ۾ وٺي چمي ڏني، هن پنهنجا چپ برسات ۾ ڪريل ڪيلي جي آيلن ڦرهن تي محسوس ڪيا، ٿڌا خوشي کان جان ۾ اٿندڙ ڌرڙين جهڙا. هو موڪلائي اڳتي وڌيو ۽ ٻڍڙو هڪ دفعو وري ان عجيب و غريب ڪتاب ۾ کوئجي ويو.
    هن اک پٽي ته شام ٿي چڪي هئي، سڄي رات جاڳڻ کانپوءِ هن سڄو ڏينهن آرام ۾ گذاريو هيو. هو اٿيو ۽ هن جي نظر پنهنجي تخليق تي پئي، هن کي پنهنجي حسين تخليق ڏسڻ کان پوءِ محسوس ٿيو. تياڳ ڪجي، خوش ٿي روئجي. رات قبرستان کان موٽندي هن باقي رات جاڳي ان کي مڪمل ڪيو هيو ۽ اها هاڻي ڀرپور رنگن سان هن آڏو هئي، سج جي ڳاڙهن ڪنولن مٿان پوندڙ شعاعن جهڙو منهن، ٻرندڙ جبل جي مٿان کان هيٺ لهندڙ لاوي جهڙا وار. سمنڊ ۾ لهندڙ سج جهڙيون اکيون ۽ شفق جهڙا چپ. هڪ خوبصورت ۽ لافاني تصوير، هو ان تخليق کي ڏسي ئي رهيو هيو ته روز جيان ڪڙي کڙڪڻ جو آواز ٿيو ۽ هن جي اڳيان راتوڪا منظر ڦري ويا، اڇي ڏاڙهي وارو ٻڍڙو ۽ قبرستان جي هيڊي چانڊوڪي. ڪجهه دير کان پوءِ هن پاڻ کي پر درد دانهن جي هڪدم خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ماحول جهڙين اداس ۽ ويران اونداهين گهٽين ۾ پاتو ۽ هن جون اکيون ڪنهن کي ڳولي رهيون هيون. هو بدمست ايندڙ ۽ ويندڙ جي منهن ۾ جاچيندو اڳتي وڌندو ويو هر طرف کان دونهون ۽ سردي جيئن آهون ۽ درد بخارن جو روپ اختيار ڪري شهر جي مٿان ڌنڌ ٺاهي بيهي رهيا هجن، هلندي هلندي هن کي هڪ ويران گهٽي مان ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هن پٺتي مڙي ڏٺو نقاب ۾ ڍڪيل هڪ عورت وات سان سڏڻ کانپوءِ هن کي اکين جا اشارا ڪري رهي هئي. اها عورت ڪيڏي نه پر ورقار هئي، ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل ڪنهن جي انتظار ۾ ڪٽيل راتين جهڙو ڊگهو بدن. هو پوري طرح ان عورت ڏانهن متوجه ٿي ويو ۽ عورت هن کي پاڻ ڏانهن اشارو ڏنو.
    هو ان عورت پٺيان هلندو هلندو هڪ ويران جاءِ ۾ اچي پهتو عورت هن کي هڪ پراڻي طرز جي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو، پر هو خاموش بيٺو رهيو، هن کي عورت جي ادا ايتري ته وڻي وئي هئي جو هو باقي هر شيءَ کان غافل هيو، هو عورت کي ڏسندو رهيو، عورت شڪي ٿيندي پنهنجي نظرن کي هيٺ جهڪائي ڇڏيو،
    “توهان کي جيڪڏهن منهنجي ضرورت هجي ته آءُ حاضر آهيان”
    عورت جو آواز پراڻي ڪوٺي ۾ گونجيو.
    فنڪار هن جو مطلب سمجهي ويو ۽ سوچيو وئشيا به عظيم آهي، جديد نظريو آهي. هوءَ پنهنجي پيٽ جا ڏک سور گهٽائڻ لاءِ پنهنجي وجود کي وساري پاڻ کي ٻئي جي حوالي ٿي ڪري. ان کي تسڪين پهچائي پنهنجا مسئلا حل ٿي ڪري.
    پر تڏهن به فنڪار نه سمجهڻ واري انداز ۾ عورت کي چيو “ تنهنجو مطلب ڇا آهي ” ؟
    عورت هيڏي هوڏي نهاري پنهنجي آڱرين کي مهٽيو. “پيٽ ڀريل زندگي” هن چيو ۽ پنهنجي منهن تان نقاب هٽائي ڇڏيو، فنڪار بلڪل حيران ٿي ويو هن جي اڳيان ڪينواس تي ٺهيل لکن روپين جي تصوير جي جيئري جاڳندي مورت هئي، سج جي ڳاڙهن ڪنولن مٿان پوندڙ شعاعن جهڙو منهن ٻرندڙ جبل جي مٿان کان هيٺ ڪرندڙ لاوي جهڙا وار، سمنڊ ۾ لهندڙ سج جهڙيون اکيون ۽ شفق جهڙا چپ. هن وچڙيل لفظن ۾ عورت کان لاشعور طور پڇيو، “هڪ رات جي عيوض گهڻا پئسا ؟ ”
    عورت جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي
    “صرف ڏهه روپيا ” هن چيو.
    فنڪار جي اکين اڳيان هزارين ڪارا ترورا اچي ويا، هو اکين تي ٻانهن ڏئي روئي پيو. هن کي پنهنجي شڪست جو اعتراف ٿي ويو، هن جي دماغ ۾ بزرگ جا لفظ پڙاڏا بڻجي جاڳي پيا، حقيقي فنڪار عوامي آهي جيڪو ڏکن کي تخليقي رنگ ڏئي ٿو ۽ عملي روپ ۾ سڀني کان اڳرو آهي، حقيقي خوشيون ماحول جي اهڙي ردبدل ۾ آهن جيڪي عوام جي سڪون ۾ زندگي جي محسوس سان منور هجن، اهو ئي آهي، بيزاري پيڙا ۽ نراسائي جي ختم ڪرڻ جو طريقو ۽ وڄندڙ ڪڙن جو آواز.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1170157
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 371243
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ