ڪتاب جو نالو: چچريل زندگين جا قافلا
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سکر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1981
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 08 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 574 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 193 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. امر جليل ان وقت رسول ميمڻ لاءِ لکيو ھو:
”ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏي هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ساهه ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائي لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • تعارف
  • ممتاز مهر : رسول ميمڻ (اڀياس)
  • مرد – نامرد
  • چچريل زندگين جا قافلا
  • ناچو
  • هڪ رات جو عذاب
  • بارش کانپوءِ
  • ديپڪ
  • هيرڻ جو پن
  • آخري خواهش

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: چچريل زندگين جا قافلا
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ: رسول ميمڻ
    ڇاپو: پهريون
    ڇپجڻ جي تاريخ : 1981ع
    قيمت: 6 روپيا

    ڇپائيندڙ: رشيد ڀٽي، صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چچريل زندگين جا قافلا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. امر جليل ان وقت رسول ميمڻ لاءِ لکيو ھو:
    ”ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏي هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ساهه ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائي لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي.“
    هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سکر پاران 1981ع ۾ سکر شاخ جي صدر محترم رشيد ڀٽيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    تعارف

    ”1981ع“ سنڌ ۾ ساهت سال ڪري ملهايو ويو. سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ ننڍي توڙي وڏي پيماني تي ساهت ڪانفرنسون ۽ ميڙ مجلسون ڪوٺايون ويون، ادبي جماعتن ۽ ادارن، اشاعت گهرن ۽ فردن ڪتاب ڇپرايا،. هن سال سٺو چهچٽو ٿيو ۽ ڪافي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا.
    اهو سڀ ڪجهه ذاتي طرح ۽ نجي ادارن طرفان ٿيو. هن سال به سرڪار ان ڏس ۾ ڪو خاص پاڻ نه موکيو. همت افزائي ۽ ٺلهي تعاون جي حد تائين به نه! ادبي انجم سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن به ساهت سال جي سلسلي ۾ اڳتي وڌي ڪم ڪيو. ڪراچيءَ واري ”شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽيءَ“ ساهت ڪانفرنس منعقد ڪئي، جا گذريل ڏهن پندرهن سالن جي عرصي جي يادگار ۽ مثالي گڏجاڻي آهي. سڀ کان وڌيڪ جنهن جماعت هن ڪارج ۾ وڌون وڌ حصو ورتو سا ”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ آهي.
    هميشه جيان هن جماعت جي سکر شاخ به پٺتي نه رهي آهي. ”لطيف سال“ جي موقعي تي سگا سکر اختتامي ”لطيف ڪانگريس“ سکر جي جيمخاني ميدان ۾ منعقد ڪئي هئي، جا پنهن جو مٽ پاڻ هئي ۽ نه وسرندڙ نقش ڇڏي ويندڙ محفل هئي. ”ٻارن جو سال“ جي موقعي تي سکر شاخ سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ شاخ جي سرگرم رڪن ادل سومري جو ٻارن لاءِ شاعري جو ڪتاب ”چنڊ پشم گولو“ ڇپرايو هيو. هن سال به اختتام وقت اسين سکر جي نوجوان ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جي نون افسانن جو مجموعو ”چچريل زندگين جا قافلا“ ساهت سال جي ڀيٽا طور پيش ڪري رهيا آهيون.
    رسول ميمڻ هن وقت، سکر توڙي سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون نالو نه آهي، هن مهل تائين سندس ٻه ڪهاڻين جا مجموعا ”امن جي نالي“ ۽ ”ڪافر ديوتا“ شايع ٿي چڪا آهن. سندس هڪ شعري انتخاب ”اوشا جي آشا“ به پڙهندڙن وٽ پهچي چڪو آهي. رسول ميڻ جي ذڪر ۽ فن بابت راقم الحروف ۽ دوست امر جليل، سندس اڳين ٻن مجموعن جي مهاڳن ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، سندس پهرين مجموعي ”امن جي نالي“ تي لکندي مون راءِ ڏني هئي:
    ”جيترو قد ۾ مٿي اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ اونهو آهي. هي حليم سڀاءَ وارو نوجوان هن وقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد آهي، مڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي، سو ته مان نه ٿو چئي سگهان، پر سماج جي جيئري جاڳندي افسانن ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو. ڏاڍو اونهو آهي ۽ گهرو پڻ. حساس به ته حقيقت پسند به.... رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جا فرسوده ۽ انسانن دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسان جي عظمت جو داعي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري. هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي.... وٽس موضوع به آهي ته مقصد به وٽس منظر ڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به. وٽس مشاهدو به آهي ته ان جو اظهار به. هن وٽ سوچ جي سيبتائي به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به. وٽس لفظن جي چونڊ به آهي ته تشبيهن جي ترائي به.
    رسول ميمڻ جي ساڳي ئي ڪتاب تي هلال پاڪستان جي ڪالم ۾ لکندي، امر جليل چوي ٿو:
    ”ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏي هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ساهه ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائي لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي“.
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي ٻي مجموعي ”ڪافر ديوتا“ (1979ع) جي مهاڳ ۾ امر هن لاءِ لکي ٿو: ”اوشا جي آشا“ پڙهڻ کان پوءِ شدت سان محسوس ڪيم ته رسول بنيادي طرح فڪشن جو ليکڪ آهي، ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندس لاڙو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن جن کي نظم توڙي نثر تي هڪ جهڙي قدرت آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي تري آيا آهن. هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمر شهباز... رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي.... مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدردي سان پڙهيا وڃن، رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن، جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن”.
    مٿين حوالن ۾ رسول جي افساني تي هڪ جامع راءِ جو اظهار ملي ٿو. سندس هن مجموعي جا افسانا به ان ئي راءِ ۽ معيار تي ٺهڪندڙ آهن، جيڪي ان عرصي دوران اسان کي سندس سوچ ۽ شعور ۽ فڪر و فهم ۾ نمايان واڌارو ۽ اوسر نظر اچي ٿي. فڪري طور هي افسانا سندس اڳين افسانن کان اڳتي وکون آهن. پر اظهار جي پنهن جي مخصوص شاعراڻي طريقي کي الوداع چئي رسول ان راه ۾ نثراڻي (خالص) اظهار جو تجربو ڪيو آهي. ان ڪري، منهن جي خيال ۾ هو ڪن افسانن جي موضوع کي نڀائڻ يا پلاٽ سان انصاف ڪرڻ ۾ اهڙو اثرائتو ثابت نه ٿيو آهي. جهڙو هونءَ اڳين ۾ ٿيو آهي، منهن جي اها راءِ ڪا حتمي نه آهي نه ڪي سند. پڙهندڙ پاڻ پڙهي فيصلو ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ جا مجاز آهن.
    آخر ۾ هڪ ڳالهه لاءِ پنهن جي پاران پڙهندڙن کان معافي جي طلب ٿي ڪجي. ڇپائي جي اڻ پوري ۽ ناقص انتظامن سبب اسين هي ڪتاب ڇپائي ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان، ليکڪ ۽ سندس فن و فڪر جي معيار مطابق، پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهيون، اميد ته مواد جي بهتري ان ڪمتريءَ تي حاوي پوندي.

    رشيد ڀٽي

    صدر
    س-گ-ا، سکر (شاخ)
    بئريج روڊ سکر سنڌ
    20 ڊسمبر 1981ع


    ممتاز مهر : رسول ميمڻ (اڀياس)

    نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رسول ميمڻ 1975ع کان باقاعدگي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ ٽن سالن جي دوران ايتريون ته ڪهاڻيون لکائين جو انهن جا ٽي مجموعا تيار ٿي ويا آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”امن جي نالي“ 1977ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”ڪافر ديوتا“ 1979ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو ”چچريل زندگين جا قافلا“ (اجهو هاڻي) ڊسمبر 1981ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. يعني ته هن انهن ٽن سالن جي دوران اٽڪل 25 معياري ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان ڪي ته واقعي سٺيون ڪهاڻيون آهن ۽ گهرو تاثر قائم ڪن ٿيون. جهڙوڪ ڪهاڻي ”ورکا“ ۽ ڪهاڻي ”مرد-نامرد“ رسول ميمڻ جي ڪن ڪهاڻين جو رنگ فلسفيانه آهي. جهڙوڪ ”ڪافر ديوتا“، ”ڪارو پهاڙ“ انهن ڪهاڻين جو انداز بيان شديد نوع جو آهي ۽ شدت بيان پلاٽ تي حاوي نظر ايندو، ته سندس ڪجهه ڪهاڻيون مثلا ”گوڊو جو جنم“ گهڻيون تبليغي لڳنديون. رسول ميمڻ ڪم عمري ۾ ئي پنهنجي ڪهاڻين ۾ اهڙن تي ڳوڙهن ۽ ڳنڀير مسئلن کي کنيو آهي جو عام طرح پڙهيل ڳڙهيل نوجوان اهڙن مسئلن تي سوچيندا به ناهن. هڪ طرح سان رسول ميمڻ انهن مسئلن ۽ موضوعن کي ڪهاڻين ۾ آڻي انهن بظاهر پڙهيل ڳڙهيل پر ذهني طرح ڪور چشم ماڻهن کي للڪاريو آهي جن کائڻ پيئڻ ۽ ذاتي فائدن جي حصول کي زندگيءَ جو مقصد سمجهيو آهي.
    رسول ميمڻ ننڍپن کان ذهين ۽ حساس رهيو آهي، ويتر جو جوانيءَ جي پهرين مرحلي ۾ جڏهن سندس هم عمر ساٿي ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري ٻڌڻ ۾ وقت گذاريندا هئا، تڏهن هو سکر جي معصوم شاهه لائبريري ۾ روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي سنڌي ادب سميت عالمي ادب جو اڀياس ڪرڻ لڳو ته سندس دوست به ڪتاب بنجي ويا. هن ليو ٽالسٽاءِ، نيٿيل هاٿورن، اسٽين بيڪ، ارسڪن ڪاڊويل، خليل جبران، قرت العين حيدر، هينرخ بوئل ۽ امر جليل جي فن ۽ فڪر مان اتساهه وٺي ڪهاڻيون ۽ شعر رچڻ شروع ڪري ڏنا.
    هڪ ڳالهه واضح آهي ته هو گهڻن ئي ليکڪن، خاص طرح خليل جبران کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿو، پر هن جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ اظهار بيان، پنهنجو آهي. رسول ميمڻ جي فن ۽ فڪر سان مالا مال ڪهاڻيون به لکي ٿو ته خوبصورت ۽ پر اثر اميجري وارا شعر به رچي ٿو. ڪهاڻين جي مذڪوره ٽن مجموعن کان علاوه هن جو هڪ شعري مجموعو ”اوشا جي آشا“ 1979ع ۾ڇپيو آهي. جمالياتي حض ڏيندڙ سندس فڪر انگيز شاعري ۽ فلسفيانه موضوع وارين توڙي خالصا معروضي حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ هيءُ فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته هو ڪهڙي صنف ۾ وڌيڪ ڪامياب آهي... ڪهاڻيءَ جي صنف يا شاعريءَ جي ميدان ۾! ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هو ٻنهي صنفن کي ڪاميابيءَ سان نڀائيندو آيو آهي.
    مثال طور سندس فڪر انگيز شاعريءَ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو!
    انڌا
    ڪير ٿو چوي
    انڌن کي اکيون
    نه هونديون آهن.
    انهن کي ته،
    صاف ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
    آس پاس جي هر شيءِ
    هر لقاءُ-
    اهي ڏسي سگهندا آهن
    ۽ محسوس ڪندا آهن
    پر -
    اوندهه ۾ جنم وٺندا آهن
    اوندهه ۾ رهندا آهن
    ۽ اوندهه ۾ مري ويندا آهن.
    منهنجي خيال ۾ سندس مٿيون شعر جديد سنڌي شاعريءَ جو بهترين نمونو آهي ته وري سندس نثر نگاريءَ جو هڪ بهترين نمونو هن جي ڪهاڻي ”ورکا“ جي هيٺين هڪ پئراگراف مان پسي سگهجي ٿو: ”هن قبرستان ۾ نظر ڦيري، هن ڏٺو، چانڊوڪي ڄڻ بيوه رن هئي جنهن پيلي منهن تي لپاٽون هڻي پار پئي ڪڍيا. پريان هڪ ڪنڊيءَ جو اگهاڙو وڻ بيٺو هيو، جنهن جي سموري ساواڻ سرديءَ پي ڇڏي هئي ۽ اهو ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن ٻانهون ڦهلائي خيرات وٺندڙ فقير جي اگهاڙي بدن ۾ ڳنڍيون پئجي ويون هجن ۽ هو اتي ئي سڪ ٿي ويو هجي. کبڙ روئي رهيا هيا ۽ انهن جي پتن تي ڄميل ڳوڙها هر هر هيٺ ٿي ڇڻيا. وچ قبرستان ۾ بيٺل ڪچي مسجد جا منارا هن کي بي جان لڳا ۽ قبرن جا ڪتبا هن کي کائڻ لاءِ ڄڻ وات کولي بيهي رهيا“.
    هڪ پرڏيهي نقاد شاعر جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته:
    “He looks Right into the patterns for the feelings Behind them.”
    رسول ميمڻ جي نثر ۾ شاعرانه حسن ۽ تخيل آهي ته وري سندس شعرن ۾ نثري قوت ۽ وسعت سمايل آهي، تنهن ڪري رسول ميمڻ پنهنجي شعري مجموعي ”اوشا جي آشا“ جي مهاڳ ۾ درست لکيو آهي ته: آءُ سمجهان ٿو ته دنيا جي هر سٺي ڪهاڻيڪار وٽ شاعريءَ جا عڪس ضرور آهن. پوءِ انهن کي الڳ نموني چٽي ٿو يا نه، اهو هن تي منحصر آهي.
    رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي نئين مجموعي ”چچريل زندگين جا قافلا“ ۾ شامل ڪهاڻيون سندس ٻين ٻن مجموعن ۾ شامل ڪهاڻين جي موضوعن ۽ انهن جي ٽريٽمينٽ کان مختلف آهن. هن جي نئين مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عام سماجي مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي. اهي ڪهاڻيون مجموعي طرح سماجي حقيقت نگاريءَ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿيون. جڏهن ته سندس اڳ وارن مجموعن جون ڪهاڻيون مجموعي طرح عام سماجي مسئلن جي بجاءِ ميٽافزيڪل موضوعن تي آڌار رکن ٿيون، تنهن ڪري هن جي لکڻين ۾ ويرائٽي ملندي.
    جيستائين مقصد ۽ نظريي جو تعلق آهي ته رسول ميمڻ جي فلسفيانه ۽ نيم فلسفيانه ڪهاڻين ۾ مقصد ۽ نظريو تبليغ ۽ پرچار جي حد تائين چٽو نظر ايندو، جڏهن ته سندس سماجي حقيقت وارين ڪهاڻين ۾ تبليغ ۽ پرچار جو عنصر نظر ڪو نه ايندو. بهرحال سماجي حقيقت واريون ڪهاڻيون، جن ۾ رسول ميمڻ جون ان قسم جون ڪهاڻيون شامل آهن، مقصد ۽ مطلب کان عاري ڪو نه هونديون آهن. چوڻ جو مقصد هي آهي ته سندس نئين مجموعي جي ڪهاڻين ۾ نظريو فن تي حاوي ڪونهي، جڏهن ته سندس ٻين گنڀير موضوعن وارين ڪهاڻين ۾ مقصد ۽ نظريو فن تي حاوي نظر ايندو. سندس ڪهاڻي ”ورکا“ (جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان) جي ٽريٽمينٽ اهڙي ته خوبصورتي سان ڪئي وئي آهي جو ان ۾ ڀيٽ ڪيل نظريي ۽ ڪهاڻيءَ جي اسٽرڪچرل تاڃي پيٽي ۾ توازن نظر ايندو. رسول ميمڻ جي ڪهاڻي ”ورکا“ خارجي ۽ داخلي حقيقت نگاري ۽ خوبين واري صورتحال جي امتزاج جو اعليٰ نمونو آهي.
    دنيا جي ڪنهن به سڄاڻ اديب ڪا هڪ به سٽ بنا مقصد ۽ مطلب جي ڪا نه لکي آهي. هر تخليق جي پٺيان ڪو نه ڪو مقصد مطلب ضرور هوندو آهي. سوال فقط هيءُ هوندو آهي ته ڪنهن ليکڪ ڪيتري حد تائين ان مقصد ۽ مطلب کي فني طرح سان نڀايو آهي. سو رسول ميمڻ جي لکڻين ۾ مقصد ۽ مطلب ڪٿي واضح ته ڪٿي ڳجهو پر آهي ضرور. ان سان گڏ موجوده دور جي ٻين نوجوان ۽ روشن دماغ ليکڪن وانگر آزاد طبع آهي هو پنهنجي تخليقي اظهار کي ڪنهن به ضابطي جو پابند بنائڻ پسند ڪو نه ڪندو آهي. تنهن ڪري سندس لکڻيون گهڻ رنگي ۽ وسيع ڪينواس رکن ٿيون ۽ لڳي ٿو ته هو پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي فن ۽ فڪر جي انهن بلندين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، جتي (بقول سارتر) پهچڻ بعد فنڪار پنهنجي تخليق تي حيرت کائيندي بي اختيار چئي ڏيندو آهي ته: ”ڇا هيءَ تخليق منهنجي آهي؟“


    مرد – نامرد

    وڌندڙ رات سان گڏ هنن جي شهوت ۾ به اضافو ٿي ويو هو ڪجهه دير لاءِ ماحول جي هر شيءِ کان غافل ٿي ويا. راهو خانيءَ کي نيپوڙيندو رهيو ۽ خانيءَ وات کولي ٿڌا ساهه کڻندي رهي، راهوءَ جا هٿ هن جي چيلهه تان ترڪندا هر هر ڇاتين تي رڳڙجي رهيا هئا. هوءَ هن جي ڪنڌ ۾ ٻانهون ورايو بي سڌ پئي هئي.
    وقت گذرندو ويو. هو پنهنجي ڪچيءَ جاءِ جي ڇت تي ائين ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيا رهيا. هنن جي جاءِ به ٻين ڪڙمين جي جاين جي ڀڪ ۾ وڏيري زوراور خان جي ماڙي جي بلڪل هيٺان هئي. جتان چنڊ به نظر ايندو هيو ته ائين جيئن ڪنهن وڏو گولو ٻاري وڏيري جي ماڙيءَ جي پلوڙي تي رکي ڇڏيو هجي. ان رات به آڌيءَ ويل تيرهينءَ جو چنڊ ائين ئي وڏيري جي ماڙيءَ مٿان بيٺو هو. هو ٻئي ڪيتري دير پاڻ ۾ ڳنڍيا رهيا. راهوءَ سٽ ڏئي خانيءَ جو اڳٺ کوليو ئي مس ته خاني جي بدن مان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو، جيئن هن کي ڪنهن پٺيءَ ۾ ڪلي وهائي ڪڍي هجي، راهو جي پٺي تي آڱريون گسائيندي، هن اوچتو مٿي نهاريو ته هن کي تيرهينءَ جي چنڊ هيٺان، مٿان بيٺل اڇي ماڙيءَ تي وڏيري زوراور خان جو ڦلوسڻي جهڙو منهن نظر آيو، جيڪو پنهنجي وڏين مڇن تي هٿ ڦيري هيٺ نهاري رهيو هيو. خانيءَ اشاري سان راهو کي مٿي نهارڻ لاءِ چيو، راهوءَ جيئن ئي مٿي نهاريو ته هن کي ڦهليل چانڊوڪيءَ ۾ وڏيري جو مڪار منهن نظر آيو ۽ هن خانيءَ جي چيلهه مان ٻانهون ڪڍي پاڻ کي سڌو ڪري ڇڏيو. وڏيرو هيٺ نهاريندي لنوائي ڪنڌ کي ائين پاسيرو ڪري ويو جيئن ان ڪجهه ڏٺو ئي نه هجي. راهو ۽ خاني ائين ئي حيران بستري تي سڌا ٿيا پيا هيا. انهن کي محسوس ٿي رهيو هيو، جيئن ڪجهه ٿيو ئي نه هجي، هنن هڪ ٻئي، کي ڀاڪر پائي ٿڌيون آهون به نه ڀريون هجن. هو اڃان به حيرت مان چانڊوڪي ۾ وهتل پنهنجي مٿان بيٺل ديو جيڏي رئيس جي ماڙي کي نهاري رهيا هيا، جيئن اها ماڙي نه پر ڏائڻ هجي جيڪا ڪجهه وقت اڳ هنن جي ڍلن ۽ بي سڌ جسمن مان سڀ ڪجهه چوسي وئي هجي. هو هاڻي کوکلا ٿي چڪا هيا. هڪ ٻئي مان بيزار ۽ خوف کي ذهن ۾ سانڍي اڀ ۾ نهاريندڙ ڍانچا.
    اها انهن لاءِ نئين ڳالهه نه هئي. هر روز وڏيرو زوراور خان ماڙيءَ مٿان منڍي ڪڍي پيو انهن جي اوگهڙ ڏسندو هيو. هو اونهاري اچڻ کان پوءِ هڪ رات به سڪون سان نه ستا هيا. هنن کي پنهنجي مٿان بيٺل وڏيري جي ازدها جيڏي ماڙي پاڻ تي ڪرندي محسوس ٿيندي هئي. هو هلندڙ اونهاري ۾ هڪ ٻئي کي ڪڏهن به مطمئن نه ڪري سگهيا هيا. هو سمهندا هيا ته هنن کي پنهنجي وچ ۾ خوف جي ڊگهي ديوار محسوس ٿيندي هئي، جيڪا ڄڻ هنن جي کڏ کان وٺي وڏيري جي ماڙيءَ تائين بلند هئي ۽ هو اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪندي به چپ هيا.
    صبح ٿيو ته راهو هميشه جيان سڀ ڪجهه وساري ڏاندن جي جوڙي ڇوڙي ٻنين ڏانهن هليو ويو ۽ شام جو لهندڙ پاڇولن سان ٿڪجي، ڏاندن کي ڳٽڪارون ڏيندو ڳوٺ ڏانهن وڌيو. لهندڙ سج ڪري اڀ ۾ بيٺل ڳاڙها پاڇولا تراين ۾ آيل تازي پاڻيءَ کي رنگي رهيا هيا. وڻ ماٺ هيا ۽ سڄي ماحول تي هٻس ڪري مونجهه ڇانيل هئي. هو هلندي هلندي آڍي شاهه جي مقبري کي ويجهو ٿيو ته هن جي گوڏ پٽ تي پيل ڪنڊيءَ جي سڪل ٽاري ۾ اٽڪي. هن بيهي ان کي ڇڏائڻ لاءِ هٿ ئي ڊگهيڙيو ته هن جي ڪن تي ڪنهن عورت جي کلڻ جو آواز پيو. ”ڇڏ....ڇڏ“ اها کلي ڪنهن کان پاڻ ڇڏائي رهي هئي. هن کي آواز ڄاتل سڃاتل محسوس ٿيو. هو ڳٽڪار سان ڏاندن کي بيهاري ڪلراٺي زمين تي آرام سان پير رکندو آهستي آهستي اوڏانهن وڌيو ته هن جي نظر خانيءَ تي پئي، جا کلي مولوءَ کان پنهنجيون ٻانهون ڇڏائي رهي هئي، مولوءَ جي چپن تي مرڪ هئي. جنهن کان هن جون وڏيون مڇون اڃان به وڏيون ٿي ويون هيون، هر هر خانيءَ کي پڪڙي سيني ڏانهن وڌائي رهيو هيو، خاني اڪ جي ڦليءَ جيان ٽڙيل هئي، هن جي چپن جي سرخي ۽ چپن هيٺان چمڪندڙ ڏند، ان جي گواهي ڏئي رهيا هيا ته هن کي جيئن پيار ۾ پهريون دفعو خوشي ملي هجي.
    راهو انهن کي ڏسندو رهيو ۽ هن جي دل بيهڻ لڳي هلڻ لڳي. هن جي من چاهيو ته هو رڙ ڪري، ڪنڊين جي اوٽ مان نڪري انهن تي حملو ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏي، پر هن وٽ ان وقت ڪو به هٿيار نه هيو ۽ هو ائين ئي دل ۾ پڄري انهن کي ڏسندو رهيو. مولو خانيءَ کي ڀاڪر تائين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. خانيءَ جو ڪونئرو بدن هن جي طاقتور ٻانهن ۾ اچڻ کان پوءِ، هن جي ڏورن جي دٻاءَ کان ڄڻ سسي ويو. هن هيٺ ڪنڌ ڪري ڳٽي کي مولوءَ جي ڇاتيءَ تي رکي ڇڏيو، مولوءَ بي قراريءَ سان هن کي ڀاڪر پائي هلڪا زور ڏيندو رهيو.
    ”راهوءَ مان ڪڏهن مزو آيئي؟“ هن پڇيو.
    خانيءَ ڪنڌ کي نه ۾ ڌوڻي، وات سان به ڳٽڪار ڪري ”نه“ ڪئي ۽ پاڻ چيو ”اهو ته نامرد آ“ ۽ ٻنهي کان کل نڪري وئي.
    راهوءَ ڪنڊين پويان ڏسندي ڪنڌ ٻئي پاسي ڏانهن لاڙي ڇڏيو. هن جي دل پڄري رهي هئي. هو روئڻ پيو چاهي. هن کي خانيءَ جي بي وفائيءَ تي ڏاڍا خار آيا ۽ هن پڪو پهه ڪيو ته هو خانيءَ ۽ مولوءَ کي جيئرو نه ڇڏيندو.
    رات گهري ٿي وئي هئي. هو اڪيلو ڪوٺي تي اکيون آسمان ۾ کپائي، خاموشيءَ سان ليٽيو پيو هيو. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جو هن کي ڪو اونو نه هيو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هيا ۽ انهن ڳوڙهن ۾ آسمان ۾ بيٺل ستارن جا عڪس جهرمر ڪري رهيا هيا. هو خانيءَ جي بي وفائيءَ تي سوچيندو رهيو. هن وٽ چين نه هيو، سڪون نه هيو، هڪ مسلسل بيزاري هئي، جيڪا هو مدتن کان پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪري رهيو هيو. پهريون هو ڪنهن اڻ ڄاتل خوف کان راتيون جاڳي گذاريندو هيو ۽ هاڻي هن لاءِ ڄڻ پورو جيون هڪ اڻ کٽ ڪاري رات هئي، جنهن جو ڪو انت نه هيو، هن کي حياتيءَ جي پوري رات جاڳي گذارڻي هئي.
    ڪجهه گهڙيون گذريون ته خاني پير پير ۾ ڏئي مٿي آئي. هن جي هلڻ ڪري سٿرن سان گسي پراڻي ريشمي سلوار جا سرڙاٽ ٿيا. راهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي به ائين ئي اڀ ۾ اکيون کپايو خاموشيءَ سان پيو هيو. خاني ڏڪندي ڏڪندي هن جي ڀڪ ۾ آئي.
    ”ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟” هن ائين ئي اڀ ۾ ڏسندي سوال ڪيو.
    ”ماسيءَ ڏي“
    هن پهريون دفعو اڀ مان اکيون هٽائي هن کي نهاريو. ”تنهنجو منهن ڇو پيلو ٿي ويو آ؟“
    هوءَ چپ رهي ۽ هن اکيون هيٺ جهڪائي ڇڏيون.
    ”سچ ٻڌاءِ ڪهڙي نانگ ڏنگيو ٿي؟“
    هوءَ اڃا به چپ هئي ۽ هيٺ جهڪيل ڪنڌ سان ئي اکين جا ڇپر مٿي کڻي هن کي نهاريندي رهي.
    ”سڄو بدين پيلو ٿي ويو ٿي... ۽ اڃا جيئري آن؟“ هن چيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ پاڻ ئي ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو ”توکي مري وڃڻ کپي“.
    هو ڳالهائي ڳالهائي خاموش ٿيو ته هوءَ پاسو وٺي هن جي ڀر ۾ سمهي پئي. راهوءَ کي محسوس ٿيو هن کي خانيءَ مان مولوءَ جي بدبوءِ ايندي هجي. هن چاهيو ته هو ڇري کڻي هن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏي پر اوچتو هن جي نظر مٿي وڃي پئي، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ هن کي وڏيري زوراور خان جو منظر نظر آيو جيڪو مڇن تي هٿ ڦيري اکيون ڦاڙي پنهنجي ماڙيءَ تان هيٺ نهاري رهيو هيو.
    صبح ٿيو ته هن هر سان گڏ ڪهاڙي به ساڻ کنئي ۽ ڏاندن کي ورائيندو اچي ٻنيءَ ڀيڙو ٿيو.
    جڏهن سانجهي ٿي ۽ ڪونجون قطارون ڪري نيري اڀ ۾ بيٺل ڳاڙهن بادلن سان گسنديون وٿاڻن ڏانهن وريون ته هن به ڪهاڙيءَ کي ڳن کان وٺي سٽ سان کڻي ٻاهر ڪڍيو. واهيءَ تي هٿ منهن ڌوئي قميص پائي ٻني تي بيٺل انبن جي وڻن کي اورانگهي ڪلراٺي زمين تي قدم رکندو آڍي شاهه جي مقبري کي ويجهو ٿيو. هن پاسو وٺي ڪنائڻ شروع ڪيو. اتي لڏندڙ ساين ڪنڊين پويان هن کي سڙٻاٽ ٻڌڻ ۾ آيا ۽ هو پير پير ۾ ڏئي وڃي ڪنڊين جي اوٽ ۾ بيٺو.
    ”رات ڏاڍو هتو تتو ويٺو هيو... مئو“.
    راهوءَ کي آواز آيو ۽ هن ڪنڊيءَ جي لامن کي پاسيرو ڪري اندر نهاريو.
    هن کي خانيءَ ۽ مولو هيٺ ڀوري گاهه تي ليٽيل نظر آيا. مولوءَ جون ٻئي ٻانهون خانيءَ جي چوڌاري ويڙهيل هيون.
    ”نامرد آ ته پوءِ توکي طلاق ڇو نه ٿو ڏئي؟“
    مولوءَ چيو.
    ”مئي کي زماني ۾ پنهنجو ڀرم به ته رکڻو آ نه“.
    مولوءَ هن جي ڳل تي چمي ڏني، راهو وڌيڪ دير ڏسي نه سگهيو هن جا هٿ ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ مضبوط ٿي ويا. هو وار ڪرڻ لاءِ بالڪل تيار ٿي ويو.
    ”توکي راهوءَ مان ڪڏهن مزو نه آيو؟“
    ”پوري اونهاري ۾ هن مون کي هڪ دفعو به آرام نه ڏنو“. خانيءَ درد گاڏڙ آواز ۾ چيو.
    اوچتو راهوءَ جي همت پست ٿي وئي. هو اکيون کپائي انهن کي ڏسندو رهيو. هن ۾ اها همت ئي نه رهي جو هو اڳتي وڌي انهن جو خاتمو ڪري. هن خانيءَ جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪيو. هن خانيءَ کي واقعي ئي ڏنو ڇا هيو؟ هو هڪ دفعو به خانيءَ سان ڊپ کان آجو ٿي نه سمهيو هيو. هن خانيءَ کي جوانيءَ جو لطف ئي ڪهڙو ڏنو هيو. هن کي ياد آيو هڪ دفعو جڏهن هو چانڊوڪي رات ۾ خانيءَ سان ستو پيو هيو ته هن جا هٿ خانيءَ جو اڳٺ کوليندي ڪيئن نه ڏڪي رهيا هئا. هن محسوس ڪيو هيو جيئن وڏيرو زوراور خان خانيءَ جي اوگهڙ ۾ منهن هڻي بيٺو هجي. هن پوءِ به ان رات خانيءَ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هر خوف کي ٿڏي هن کي جوانيءَ جو مزو ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي، هو جڏهن انتها کي پهچڻ وارو هيو ته اوچتو وڏيري ماڙيءَ تان منهن ڪڍي هيٺ نهاريو هيو ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو هيو جيئن هن جو بدن بي سڌ ٿي پاڻيءَ جي نديءَ ۾ ڪريو هجي ۽ بڙ بڙ ڪندو ان جي تري ۾ هميشه لاءِ ٿڌو ٿي ويو هجي. هو سڀ ڪجهه سهڻ جي باوجود وڏيري کي ڪجهه نه چئي سگهيو هيو. هن کي وڏيري جي ظلم ۽ ستم جي خبر هئي ان رات مجبور ٿي هن ڍاڍيون ڪري روئڻ چاهيو هيو، پر رات لڙڻ کان پوءِ جاڳندي جاڳندي ڀنڀرڪي ويل هن خانيءَ جا سڏڪا ضرور ٻڌا هيا.
    راهوءَ جا هٿ ڪهاڙي مان ڍلا ٿي ويا. هن منهن تي ٻانهن ڏئي مٿو ڪنڊي جي ڏار سان هڻي روئي ڏنو. هو پنهنجي سڏڪن تي ضبط ڪري رهيو هو. جيئن خانيءَ ۽ مولوءَ هن جي وجود کي محسوس نه ڪري سگهن. هن خانيءَ کي بيگناهه سمجهيو هن کي وڏيري تي ڏاڍا خار آيا. هن جا هٿ هڪ دفعو وري ڪهاڙيءَ ۾ سوگها ٿي ويا ۽ هو رات جو سينو چيريندو وڃي وڏيري جي حويليءَ کي ويجهو ٿيو. هن چپ چپ ڪري چوڪيدار کان نظر بچائي، حويلي جي ٻاهرين ڀت ٽپي وڃي ڏاڪڻ تي پير رکيو.
    ڏاڪڻيون اورانگهيندو جڏهن هو مٿي ماڙيءَ تي پهتو ته هن جي سامهون وڏيرو ۽ وڏيري ٻئي پلنگ تي اگهاڙا پيا هئا. هو ڏاڪڻ جي ڀت جي اوٽ ٿي نهارڻ لڳو. هن ڏٺو هو ٻئي هر شيءِ کان بي نياز زندگيءَ جو سڪي سڪي مزو وٺي رهيا هيا.
    وڏيري ۽ وڏيريءَ جي بي پناهه سڪون کي ڏسي راهوءَ اڳيان خانيءَ جو اڳٺ کولڻ وقت پنهنجا ڏڪندڙ هٿ ڦري ويا. ڪيڏو نه فرق هيو هن ۽ وڏيري ۾. راهو وڌيڪ دير ترسي نه سگهيو. هو هڪل ڪري ڏاڪڻ جي اوٽ مان نڪتو ۽ اکيون ڦوٽاري، ڪهاڙي اڀي ڪري وڃي انهن تي ڪڙڪيو. کن پل ۾ هن ٻنهي جا ٽوٽا ڪري ڇڏيا. انهن جي ماڙيءَ کي رت سان آلو ڪري ڇڏيو. انهن کي مارڻ کان پوءِ هن محسوس ڪيو، جيئن هن جي بدن ۾ ڍلائي اچي وئي هجي. سڪون کان هن جي انگ انگ ۾ مستي سمائجي وئي هجي. جيئن هن هنن جي موت کان پوءِ خانيءَ کي جوانيءَ جو لطف ڏنو هجي. هن کي جوانيءَ جي مزي کان آگاهه ڪيو هجي، جيئن هن خانيءَ کي يقين ڏياريو هجي ته هو نامرد نه آهي.... مرد آهي......وحشي مرد.


    چچريل زندگين جا قافلا

    ڪڪڙن دس هنيا ۽ باک ڦٽي پئي، ڪاراڻ جو سينو چيري، سج جي پهرين ڪرڻن اڀ ۾ نيراڻ پکيڙي ڇڏي. ستارا الوپ ٿي ويا ۽ اڀ ۾ بادلن جهڙا اڇا پکي زندگي کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۾ ٽيئون ٽيئون ڪندا اڏامندا ويا. صبح جي ٿڌي هير ۾ ٽڙندڙ وڻن جي ٽامن کي ماڪ ڦڙا وهنجارڻ لڳا ۽ هو به هٿ منهن ڌوئي پنهنجي لوڙهي جو در ٽپي، ٻنين ڏانهن ويندڙ ڪڙمين جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو. هر ڪلهي تي هر هيو ۽ اڳيان صبح جي هير جهڙا پوتر وڄندڙ ٽنگ ٽنگ جا آواز، جيڪي ڳٽڪارن تي پڇ لوڏي جهومي جهومي هلندڙ ڏاندن جي ڳچيءَ ۾ پاتل چنگن مان بلند ٿي رهيا هئا. هر ڪو ڪکائن جهوپڙين مان نڪرندو ويو ۽ ڪلهي تي هر رکي، پيچرن جي ڌوڙ اڏائيندو قافلي ۾ شامل ٿيندو ويو. ڏٻرا، پيڙيل انسان ۽ انهن تي هرن جو وزن، جن کان لڙ کڙائي هلندڙ انسان، ائين ٿي محسوس ٿيا جيئن هو ڪلهن تي جنازي جو سامان سجائي قبرن جي ڳولا ۾ نڪتا هجن. هر مک تي نراسائي هئي ۽ زور سان چيپيل چپن ۾ ڦاٿل چنگهه، ائين ٿي لڳو جيئن راهو به ان قافلي پويان ڪنڌ جهڪايو پئي هليو. هن جي ڪلهي تي به هر هيو ۽ اڳيان چنگ وڄائي، جهومي جهومي هلندڙ ڏاندن جو جوڙو. ڀنڀي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو راهو، جنهن جي ڏاڙهيءَ جا وار سدائين سڌا، سخت هوندا هيا. جن کي گهوگهٽ ڪري هلندڙ اونهاري جا جهولا ڪڏهن به ڇڙ وڇڙ نه ڪري سگهندا هيا. اهي ڪنهن ٻلوان جي سيني جيان سخت هيا. هن کي مٿي تي پوتڙو ويڙهيل هيو ۽ ململ جي ڊگهي قميص هيٺان گوڏن کان مٿي ٻڌل انگوڇو جنهن مان هن جون گهاٽن وارن سان ڍڪيل ڄنگهون هميشه ظاهر هونديون هيون ۽ اهي هن جي جسم جي داٻ ڪري ڌڌڙ ۾ پنين تائين اونهيون هليون وينديون هيون.
    قافلو وڌندو ويو ۽ ڳوٺ جا پوئتي ڇڏيل جهوپا اڳتي وڌندڙ قافلي جي قدمن جي ڌوڙ ۾ ڌنڌلڪا ٿيندا وڻن پويان گم ٿي ويا ۽ اڳيان ميلن ۾ ڦهليل، ساون وڻن جي جهنڊن ۾ لڪل ٺوٺ سڪل زمين جا ٻارا، انهن اڳيان نروار ٿي بيهي رهيا.
    راهوءَ منجهند تائين هر ڪاهيو ۽ هو سج جي وڌندڙ تپش جو تاب نه سهي کيڙيل زمين جي وڏن وڏن ڀترن تي قدم رکندو اچي واهه جي ڪناري تي ويٺو. هن پاڻيءَ جو ٻڪ ڀري وات ۾ وڌو ۽ لڳاتار پاڻيءَ جا پنج ڇهه ٻڪ پي ويو. هن اونهو ساهه کڻي ڀنڀي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن ۾ لڙڪندڙ پاڻي جي بوندن کي ٻانهن هڻي مهٽيو ۽ پنهنجي آلين ٻانهن کي قميص جي پاند سان اگهندو، ٻنيءَ جي بند تي بيٺل ٻٻر جي ڇانو ۾ اچي ويٺو. هن ڪجهه گهڙيون اکيون ٻوٽي پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ اکيون کولي سامهون ڦهليل ڌرتيءَ کي نهاريو. ناسي ڀوري ڌرتي تي پاتل هر جا تازا ليڪا ۽ ڪاٿي ڪاٿي بيٺل ٽوها. هن کي اها ڌرتي ڄانڱري ٻير جيان محسوس ٿي. جنهن مان هو ڦل حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ وڌائيندو ۽ اهي زخمي ٿي پوندا. هن سوچيو کيس ان ڌرتيءَ تي گهمڻ مهل قدم قدم تي زهري ڪنڊا محسوس ٿيندا هيا. هن کي ان ڌرتيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجائپ محسوس نه ٿي هئي. اها اوپري هئي تڏهن ته هن کي رسولو چوندو هو ته ”راهو، ڇا تون جنهن ڌرتيءَ تي ڌر تتيءَ بکون ۽ تڪليفون ڪاٽي هر هلائين ٿو اها توکي ڪڏهن پنهنجي محسوس ٿي آهي“.
    هو سڀ ڪجهه سمجهندي به پنهنجي وڏن واتان ٻڌل جملو چوندو هيو ”ڌرتي وڏيري جي آهي، اهو مالڪ آهي، اسان کي ڀلا ڪهڙو حق ٿو پهچي ته پرائي ملڪيت تي قبضو ڪريون؟“ پر اڄ هن کي احساس ٿي رهيو هيو، رسولي سان هن جون ڪيل ڪچهريون هاڻي رنگ ڏيکاري رهيون هيون، هن جو يار رسولو جيڪو خبر نه هڪ ڏينهن ڪٿان اچي ڳوٺ ۾ وارد ٿيو ۽ پيٽ پالڻ لاءِ وڏيري وٽ ڌنار ٿيو هو. سنهڙو ۽ خوبصورت شڪل وارو جيڪو ڌنار گهٽ ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرو وڌيڪ لڳندو هيو. هو هر ڳوٺاڻي سان زوريءَ ڪچهري ڪندو هيو. انهن سان عجيب قسم جون سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ڪندو هيو.
    اهو پوءِ، هن راهوءَ کي ٻڌايو هيو ته هو شهر مان صرف انهن کي پنهنجي حقن ۽ وڏيري جي ظلم جو احساس ڏيارڻ آيو آهي، هو لکيل پڙهيل آهي ۽ هن جا ٻيا ساٿي به آس پاس جي ڳوٺن ۾ ٻين هارين سان گڏ ٻنين تي ڪم ڪري رهيا آهن. رسولو هوندو ڏاڍو بي باڪ هيو، ٻڪريون چاريندي موج ۾ اچي سيٽيون گهڻيون وڄائيندو هيو، سيٽي هن جي اچڻ جي مخصوص نشاني هوندي هئي، ان کان پوءِ هو ڪلهن ۾ لٺ لٽڪايو، موج ۾ جهومندو، وڻن جي جهنڊن مان ظاهر ٿيندو هيو. هو وڏيري جي سخت خلاف هيو، هو چوندو هيو ”هي زمينون انهن جون آهن جيڪي انهن کي آباد ڪن ٿا. ڪوئي ڪنهن جو مالڪ نه آهي. هر انسان پنهنجي زندگيءَ ۽ محنت جو پاڻ مالڪ آهي ڪوئي به ڪنهن جي زندگي کي استعمال ڪرڻ جو حق نه ٿو رکي، سڀ برابر آهن“. ڳوٺ جا ڪراڙا هن کي چريو سمجهندا هيا، هو جڏهن به مستيءَ ۾ سيٽيون وڄائيندو، ڪلراٺي زمين تي هلندو وڻن جي پويان ظاهر ٿيندو هيو ته منجهند جي وقت، ٿڪاوٽ ۽ گرميءَ کان چور چور ٽاپ تي ٿڌي پاڻيءَ جي مٽ تي چوڌاري ويٺل، ڪراڙا هن کي پريان ڏسي کلي پوندا هيا.
    ”اچيو ٿو چريو“ هو چوندا هيا ۽ پوءِ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا هيا. پهريون پهريون رسولي انهن ٻڍن سان چڱي مٿي ماري ڪئي هئي. پر ان ڳالهه کي هميشه بيوقوفي تصور ڪندا هيا ته هو پنهنجي زندگي پاڻ تي استعمال ڪرڻ جا مستحق آهن. پوءِ رسولي به انهن کي ڪن هڻن ڇڏي ڏنو. هو راهوءَ کي واڇ چٻي ڪري ڪلهن ۾ لٽڪيل لڪڻ ۾ هٿ اٽڪائي هيٺ جهڪي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هيو. ”ڪراڙا موت کان سواءِ ٻيو سوچي به ڇا ٿا سگهن؟“ هو نوجوانن ۾ يقين رکندو هيو پر آخري وقت تائين هو پنهنجي ڀر جو هڪ نوجوان به ٺاهي نه سگهيو. نوجوان اڪثر ڇڙواڳ هيا، هو ڇوڪرين جي ڳالهين کان سواءِ ڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻ لئي تيار نه هوندا هيا ۽ خاص ڪري سردين ۾، جڏهن ساوا چڻا ناسي ٿي ويندا هيا ۽ پوهه جا پارا ڦٽي نروار ٿيندا هيا، ته ٽوليون ٺاهي، ڪنهن پيهي هيٺان باهه ٻاري ڏڌڙي پچائيندا هيا ۽ هٿ سيڪي مزي مزي سان ڳوٺ جي جوانڙين جون ڳالهيون ڪندا هيا ۽ ڏڌڙي چٻاڙي راتيون بسر ڪندا هيا. ڪڏهن راهو به انهن جيان هو، پوري رات هو خانيءَ جي تصورن ۾ بسر ڪندو هيو ۽ ائين ئي پيهي هيٺان پوهه ۾ ٻرندڙ باهه ۾ ڏڌڙيءَ تي ڪچهريون ڪندي هن جو وقت بسر ٿيندو هيو. پر جڏهن پڻس گذاري ويو ۽ بيواهه ماءُ ۽ يتيم ڀائرن جو ٻوجهه اچي سندس ڪلهن تي پيو ته هو پنهنجي جاءِ تي اچي وڏيري جي زمين جو هاري ٿيو هو. رسولي سان هن جي ملاقات به اتي ئي ٻنيءَ تي ٿي هئي ۽ پوءِ هو هن جي بي باڪ شخصيت کان متاثر ٿي هن سان گهرو ٿي ويو هيو. رسولو راهوءَ کي هميشه ان ڳالهه تي اڪسائيندو هيو ته ڪيئن به ڪري وڏيري کان زمين کسجي، ۽ اها ڳوٺ جي هارين کي ورهائي ڏجي. ڪڏهن ڪڏهن راهوءَ کي رسولي کان خوف محسوس ٿيندو هيو، جيئن هو ڳوٺ ۾ وڏيري کي قتل ڪرڻ آيو هجي هن جي ياري هڪ قاتل سان هجي، پر تڏهن به هن کي رسولي جي ڳالهين ۾ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو هو ۽ هن جي عزت ڪندو هو.
    هڪڙي ڏينهن هو رسولي سان گڏ سرور شاهه جي مقبري جي ٻاهران مٽيءَ جي ٿلهي تي ويٺو هيو. سنجها جو ٽائيم هيو ۽ مقبري مان ايندڙ پاريهرن جي ڳٽڙون ڳون، ڳٽڙ گون جا آواز بلند ٿي رهيا هيا، سرمئي انڌيرن ۾ ڳاڙهو شفق، افق ۾ جذب ٿي ويو هيو. هاري ڪلهن تي هر کنيو ڍونڍا ٿيا، ڏاندن کي ڳٽڪارون ڏيندا وٿاڻن ڏانهن وري رهيا هيا. وڻ خاموش هيا ۽ هوا ۾ اوٻر ڪري هٻس سمايل هيو. ڳالهين ڳالهين ۾ رسولي هن کي شهر جو هڪ واقعو ٻڌايو هو. هن چيوهو ته ”راهو، شهر جي پوليس هڪ اهڙي ٽولي کي پڪڙيو آهي، جيڪو ٻارن کي اغوا ڪري پٿر ڍوئائيندو هيو ۽ انهن کي زوريءَ پنائيندو هو“.
    ”اڇا!“ راهو جون اکيون ويڪريون ٿي ويون هيون ۽ هن چيو هو ”پوءِ پوليس انهن کي ڇا ڪيو؟“
    ”پهريون پوري ڳالهه ٻڌ نه“ رسولي چيو هو ۽ پوءِ ساڳي مخصوص انداز ۾ واڇ چٻي ڪري ڳالهه جاري رکي هئي. ”اهي انهن ٻارن جي ڪمائي پاڻ کڻندا هيا، انهن کي مارون ڏيندا هيا ۽ ڳٽن کي ڏنڀ ڏئي انهن جي منهن کي خراب ڪري ڇڏيندا هيا. جيئن انهن کي مائٽ نه سڃاڻي سگهن“.
    ”انهن کي کارائيندا پياريندا به پورو سارو هيا؟“ راهوءَ ٻار جيان بي چين ٿي سوال ڪيو هو.
    ”انهن کي کارائيندا به پورو سارو هيا بس جيئن اهي جيئرا رهي سگهن ۽ انهن لاءِ ڪمائي سگهن.“ رسولو ڪجهه دير خاموش ٿي ويو هو، جيئن پنهنجي سوچن کي گڏ ڪندو هجي، پوءِ هن ڳالهه کي پورو ڪندي چيو هو ”هڪڙي ڏينهن پوليس ڇاپو هڻي ان ٽولي کي پڪڙيو ۽ جيل اماڻي ڇڏيو“.
    ”بس ڇڙو جيل اماڻي ڇڏيو؟“ راهوءَ ڪاوڙ ۾ چيو ”جيڪڏهن مان پوليس وارو هجان ها ته انهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيان ها.“
    جوش کان راهوءَ جي ڳلن ۾ سرخي ڀرجي آئي هئي ۽ هن جي ڀنڀي ڏاڙهيءَ جا وار سڌا ٿي سخت سوئي جهڙا ٿي ويا هئا. رسولي ڪجهه دير راهوءَ کي نهاريو هيو ۽ پوءِ هن جي منهن ۾ گنڀيرتا ڀرجي آئي هئي، سنجها هن جي ڳوڙهن کي لڪائي ڇڏيو هو.
    ”راهو، هڪ ڳالهه چوانءِ ناراض ته نه ٿيندي؟“ رسولي چيو هو ۽ راهوءَ ٺهه پهه وراڻيو هيو ”چئه“
    رسولي ڀريل آواز ۾ چيو هيو ”تون انهن ظالمن کي ان ڪري ڦاسيءَ تي چاڙهين هان جو انهن معصوم ٻارن جي زندگي تباهه ڪئي هئي، انهن تي ظلم ڪيو هيو؟“
    راهوءَ عجب مان هن کي نهاريو هيو ۽ لاشعوري طور چيو هيو.
    ”ها ها....“
    ”تون انهن کي ان ڪري نه بخشين هان جو انهن ڪن انسانن جي زندگيءَ کي استعمال ڪري انهن کي تباهه ڪيو، پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهيو؟”
    ”ها ها.... اڳتي چئه“
    ”راهو زندگي انسانن کي هڪ دفعو ملندي آهي، جيڪڏهن انسان دنيا ۾ هڪ دفعو اچي اها زندگي به ڦرائي وڃي ته ان کان وڌيڪ دوکو ڪهڙو آهي”.
    ”ها ها بابا سمجهيم... اڳتي چئه نه.”
    راهوءَ بيزار ٿي چيو هيو ۽ سيني ۾ ڪنهن اٿندڙ درد کان رسولي جون اکيون ڀرجي آيون هيون. هن جي بي باڪ آواز ۾ پهريون ڀيرو لرزش اچي وئي هئي ۽ اهو ڳورو ٿي ويو هيو. هن چيو هيو ته ”پوءِ راهو هي جو روز هزارين هاري دوکو کائي پنهنجي زندگي ڦرائي رهيا آهن، سندن زندگيءَ جو پورهيو وڏيرو ڌاڙو هڻي، ڦري وڃي ٿو، ڇا اهو ظلم نه آهي، تون زمين تي هر هلائين ٿو، ڪيترن مهينن جي محنت کان پوءِ، جڏهن کيتن ۾ ساوا سلا اڀري سونهري ٿين ٿا، ته وڏيرو تنهنجي محنت تي قبضو ڪري کڻي وڃي ٿو ڇا تون پاڻ ڪڏهن پيٽ ڀري کاڌو آهي؟ تنهنجي زندگي ڇا زندگي نه آهي؟ ته پوءِ اها زندگي ڪيئن وڏيري جي ڪم اچي ٿي. تون جيئن چيو ته مان انهن ظالمن کي ڦاسيءَ تي لڙڪائي ڇڏيان ها، جيڪي معصوم ٻارن جي زندگين کي ڦري، پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهين ٿا، ته ڇا وڏيرو هزارين هارين جي زندگين کي استعمال ڪري پنهنجو ڀڀ نه ٿو ڀري؟ اسان جي سماج ۾ هو هزارين زندگين کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ حق بجانب آهي؟ راهو توکي مڃڻو پوندو ته ماءُ جي پيٽ مان هر انسان هڪجهڙو ايندو آهي. ڌرتي ڪنهن جي ميراث نه هئي نه آهي، ته پوءِ ڪيئن هڪ شخص ڪنهن ٻئي شخص جي زندگيءَ کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو حق رکي ٿو. ڇا تون ان شخص کي ڦاسي نه ڏيندين جيڪو هزارين زندگين جو مالڪ سڏائي، انهن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ به سزا جو حقدار نه آهي؟”
    راهو صفا سسي ويو هيو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو هيو ”يار توکي ته سڄو ڏينهن اهي ئي ڳالهيون آهن، هروڀرو بيزار ڪيو ٿي“. ائين چئي هن اوٻاسي ڏئي ڪنڌ ٻئي پاسي ڏانهن لاڙي ڇڏيو هيو ۽ رسولو اڃا به ائين ئي هيٺ ڪنڌ ڪيو ويٺو هيو. سنجها ڦري رات ٿي هئي ۽ هنن جا عڪس اوندهه ۾ گم ٿي ويا هيا.
    ان ڏينهن کان پوءِ، راهوءَ ڪڏهن به رسولي جي سيٽين جا آواز نه ٻڌا. هن جو مستيءَ ۾ اچي ڪلهن ۾ لڪڻ ڦاسائي هلڻ نه ڏٺو. چپن چپن ۾ اها ڳالهه وڃي وڏيري جي ڪن پئي هئي ته هن جو ڌنار رسولو ماڻهن کي هن جي برخلاف ڀڙڪائي رهيو آهي. ان ڏينهن کان پوءِ وڏيرو رسولي جي ڪڍ پيو ۽ اهڙو موقعو هٿ ڪرڻ لڳو جو ان فتني کي پاڙن کان پٽي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏجي. پر رسولو ان کان اڳ ئي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو هيو. ٻيلن ۾ وڄندڙ هن جون سيٽيون خاموش ٿي ويون هيون. ڌڻ جي ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڙين جا آواز بند ٿي ويا هئا ۽ هر ڪنهن هن کي وساري ڇڏيو هيو. پر هو راهوءَ کي اڃا به ياد هيو. هو هن جي ٻڌايل هڪ هڪ لفظ تي غور ڪندو رهيو ۽ هاڻي هو به سوچي رهيو هيو. هن جي ٻني پچي راس ٿيندي ته وڏيرو جهار جيان اچي ان تي حملو ڪندو ۽ جهٽ پٽ ۾ ان کي ڀڀ ۾ سمائي ڇڏيندو. هو ان کي ڪجهه چئي به نه سگهندو، هن کي محسوس ٿيو، جيئن هو وڏيري جو زرخريد غلام هجي. هن جي زندگي پنهنجي زندگي نه هجي. جيئن هن جو وجود وڏيري لاءِ هجي. هو پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ٿيو. هن سوچيو. هن ننڍ وڏائي واري سماج ۾ زندگي جهڙي اهم شيءِ به غريبن لاءِ نه آهي، ٻين شين سان گڏ زندگي به اميرن لاءِ آهي هڪ غريب به اميرن لاءِ آهي”.
    هن کي ٻٻر جي ڇانو ۾ سوچيندي سوچيندي سنجها ٿي وئي ۽ شفق جي لالاڻ افق ۾ جذب ٿيڻ لڳي. هن هر کڻي ڪلهي تي رکيو ۽ ڏاندن جي جوڙي کي ڳٽڪارون ڏيندو ٻين ڪڙمين سان اچي ساڻ ٿيو. هر ڪنهن جي ڪلهي تي هر هيو، هر ڪو ٺوٺ زمين جي ٻارن مان نڪري نروار ٿيندو ويو. هر ڪو ڪلهي تي صليب جهڙو هر سجائي، پيچرن جي ڌوڙ اڏائيندڙ قافلن ۾ شامل ٿيندو ويو. راهوءَ پويان ڪنڌ کڻي ڏٺو. ڏور اولهه ڏي، ڦهليل شفق جي لالاڻ اڳيان ڪلهن تي صليبن جهڙا هر سجائي، ڪارا ڪارا پاڇولا، اڳتي وڌي رهيا هيا. پاڇولا، جن جي جيئرو هوندي به زندگيءَ جو وجود نه هيو پر اهي اڳتي وڌي رهيا هئا. جن جي سامهون، لهرائيندڙ کيت هيا ۽ انهن جي قدمن چمڻ لئي بيتاب، ڌرتي ۽ آسمان جي ميلاپ وٽ، شفق جي لالاڻ.


    ناچو

    هوءَ نچي ته نه پئي، پر ڪهين ٻئي ڪهين، سينگاريل اسٽيج تي رنگ برنگي ڪپڙا پائي جڏهن هوءَ شم شم ڪندي ماڻهن جي سامهون آئي ته هر ڪنهن جي وات مان شوڪارا نڪري ويا. ڀريل متناسب جسم تي اوڍيل رنگ برنگي ڪپڙا ۽ خوبصورت ڀريل گول منهن تي ڪنهن آديسيءَ جي راهه تي انتظار ڀريل اکين جيان وڇايل زيور، جن جا موتي اسٽيج جي رنگ برنگي ٻرندڙ بلبن جي لائٽ ۾ پردي جي پٺيان بيهي کلي ليئا پائيندڙ شرميلي محبوب جيان چمڪي رهيا هئا.
    جڏهن هن ناچ شروع ڪيو ته هر ڪنهن جي جسم مان ڄڻ ڌرڙيون نڪري ويون ماڻهو ڏندن کي زور ڏيئي، ڪرسين تي ڦٿڪي ڦٿڪي هن جي مست جسم کي ڏسڻ لڳا. سازن جي لهه وچڙ تي جڏهن هوءَ مست هرڻيءَ جيان ڇال ڏيئي کلي رهي هئي ته ماڻهو هن جي مٿان گهور گهور ٿي رهيا هئا. هوءَ نچي نه پئي پر ڄڻ سڀني جي روح کي نچائي پئي.
    وڏيري الهداد جو ته آواز ئي اڻڀو ٿي ويو. ڪمدار رحمو جيڪو هن جي ڀرسان ئي ويٺو هيو ان کي آهستگيءَ سان چيائين، ”ٻيلي رحمو، دلڙي ته هٿن مان نڪتي ٿي وڃي، هاڻي هلاءِ ڪو حيلو“.
    ”ڀوتار فڪر ئي نه ڪيو، هي اسٽيج جون پتليون ته نچنديون ئي پئسي جي ڌاڳي تي آهن. هاڻي ٿو بلو ڪريان“.
    ”وارو ڪر ڀيڻان“
    رئيس الهداد ٿورو کلندي خشڪ آواز ۾ چيو ۽ وري هو اسٽيج تي نچندڙ عورت ۾ اکيون کپائي ويهي رهيو.
    شو ختم ٿيو ته رئيس الهداد به مڇ کي وڪڙ ڏيئي گهڙي پيو ان ساڳي نچڻيءَ جي ڪمري ۾. هن اتي هڪڙي خوبصورت جوان کي آئيني جي اڳيان ڦڻي ڏيندي ڏٺو. هو تمام خوبصورت هيو، رئيس سمجهيو شايد ان نچڻيءَ جو ڀاءُ آهي.
    نوجوان جڏهن اڌ وهيءَ جي وڏي پٽڪيدار شخص کي ڪمري ۾ گهڙندو ڏٺو ته هن ٿورو ڇرڪي پٺتي نهاريو، ”ڪير آهيو توهان؟“
    ”اڙي ڀائو مان آهيان ته رئيس پر آيو هن جي تلاش ۾ آهيان“
    ”ڪنهن جي تلاش ۾؟“
    ”هن، جنهن هاڻي هاڻي ٿلهي تي جهمر پاتي.”
    نوجوان ٿورو ڦڪو ٿي ويو.
    ”ڪهڙو ڪم آ تنهنجو ان ۾.”
    ”بس هي نوٽ پيش ڪرڻا آهن.” رئيس ڏهن هزارن جا نوٽ ٻاهر ڪڍندي چيو.
    رئيس جي ڳالهه تي نوجوان ڪجهه سوچيو.
    ”ته پوءِ اهي تون فنڊ ۾ ڏيڻ گهرين ٿو شايد؟”
    ”فنڊ!“ رئيس چيو ”ڇا جو فنڊ؟”
    ”شايد توهان کي خبر نه آهي ته هي اسٽيج شو شاگردن جي ٺاهيل انقلابي پارٽيءَ جي فنڊ جمع ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هيو”.
    رئيس جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا.
    ”پر هوءَ نچڻي؟“
    نوجوان ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    ”اها نچڻي مان هيس رئيس صاحب. دراصل اسان کي فنڊ جي سخت لوڙ هئي، ٻيو ڪو رستو نه ڏسي لازمن مون کي ائين نچڻو پيو“.
    خود غرض رئيس جون اکيون چچيون ٿي نوجوان جي پروقار چهري جو جائزو وٺڻ لڳيون.


    هڪ رات جو عذاب

    جنوريءَ جون پويون تاريخون هيون. سرديءَ جو ٿڪايل سج اڀ ۾ مختصر وکون کڻندو اولهه وڃي پهتو هيو. ڪونجن جا ولر وٿاڻن ڏانهن وري چڪا هئا ۽ هاڻي سانجهيءَ جي نيراڻ انڌيري ۾ جذب ٿيڻ لڳي هئي. وڌندڙ ٿڌ ڪري هرطرف خاموشي ڦهليل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اوندهه ۾ اجرڪ جي ٻٽ هنيو، ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻي کنگهندو، پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي لنگهيو ٿي، نه ته اها ئي چپ چاپ هئي. خاموش جهنگ ۽ شاهه جي پڙ تي پنهل جي هٽ اڳيان ٻرندڙ هيڊي شعلي وارو فانوسو.
    رات گهري ٿي ته خاموشيءَ ۾ اڃا به اضافو ٿي ويو. ٻنين ٻاهران بيٺل پاڻيءَ ۾ ڏيڏرن جي ٽان ٽان تيز ٿي وئي، ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن خاموشي هڪ ڌماڪي سان ڦاٽندي ۽ اوندهه جون چڳون ٽڪرا ٽڪرا ٿي پٽ تي ڇڻي پونديون. ٿڌ ڪري هر ڪو وڃي بستري ڀيڙو ٿيو هيو ۽ سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي ننڊ ۽ سپنن سان دور ڪري رهيو هيو.
    خبر نه پئي ته اوچتو سم واهه جي ڪڙ تان بندوقن جا ٺڪاءَ ٿيا. هڪ .... ٻه ..... ٽي .... ۽ پوءِ ته سانده ڪيترا فئر ٿيا. سڄو ڳوٺ ڇرڪ ڀري، سوڙيون سوري جاڳي پيو. خوف ۽ سيءَ سبب هر ڪنهن جي جان مان ڌرڙيون نڪري ويون. سرڙاٽ نڪري ويا، همراهه وارو وارو ڪندا ڪانڊيرن کي لتاڙيندا اڳتي وڌندا ويا، جڏهن سم واهه تي پهتا ته ڏٺائون ته ڪير اونڌي منهن ڪڙ تي جيپ ڀرسان ڌڌڙ ۾ ليٽيو پيو آهي. پهريون ته اونڌي هئڻ ڪري سڃاتائون ڪو نه پر پوءِ جڏهن اونڌي منهن کي سهارو ڏئي سڌو ڪيائون ته همراهن جي زبان اچي ڏندن سان لڳي. چي ”اڙي ميان هي ته پنهنجو رئيس مٺڻ خان آهي”.
    پوءِ ته هوءِ هوءِ ٿي وئي. ٻن همراهن کڻي ڄنگهن کان سهارو ڏنس باقي ٻيا جنبي ويس ٻانهن ۽ چيلهه کي. رئيس جي ٿلهي جسم کي سهارو ڏيندا، چنگهندا سيني تي هٿ هڻندا، اچي ڳوٺ پهتا هر ڪنهن کي خبر پئي ”رئيس وڏي کي گوليون لڳيون آهن.... رئيس وڏي کي گوليون لڳيون آهن“
    ”اڙي ڪهڙا هيا اهي ...... مونکي ڏس ته ڏيو؟”
    پوڙهو قادن هٿن مان پئي نڪتو ويو، جوش ۾ سڄو پئي ڏڪيو. ”اڙي وڏيرو ماتو ابو.... سو به اسان جي تڪ ۾ زوراوري ڪري ويا....“
    سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر سيلاب وانگر ڦهلجي وئي ته رئيس مٺڻ خان کي گوليون لڳيون آهن. هر ڪو ياحسين ياحسين ڪندو لوڙهن مان نڪتو ۽ اچي شاهه جي پڙ تي گڏ ٿيو، ٻن ٽن همراهن سٽ ڏيئي پنهل جي دوڪان مان کٽ ڪڍي اتي ئي کڻي رئيس وڏي کي ليٽايائون، پريي مڙس قادن کان اهو ڪو نه پڳو ان اتان ئي رڙ ڪئي. ”اڙي ميان ههڙي پاري ۾ هن کي اتي ڇو ٿا سمهاريو. منهنجي پکي ڏي کڻي هلوس“ اها ڳالهه سڀني کي دل سان لڳي. چئن همراهن کٽ کي ڪلهو ڏنو ته کٽ جا چرڙاٽ ئي نڪري ويا. ڄاڻ ڀڳي ڙي .... ڄاڻ ڀڳي. سڄو ڳوٺ پوش پوش ڪندو اچي قادن جي لوڙهي ٻاهران گڏ ٿيو. رئيس وڏي جي کٽ ڪلهن تان لاهي اندر پکي ۾ رکي وئي.
    پکي کي چوڌاري پترون ڏنل هيون ۽ مٿان گاهه جي ڇت، جنهن جا ڪک سياري جي هوا ۾ سرڙ سرڙ ڪري پيا ڏڪندا هيا ۽ پکي جون ڪانن واريون پترون هوا کي ڪڏهن به روڪي نه سگهنديون هيون.
    گهڙي گذري ته حڪيم پيرل پنهنجي اڇي چادر ۾ ڏڪندو ڏڪندو پريان ظاهر ٿيو. هن جي اڳيان لونگ ماڇي هيو، جيڪو تيز وکون کڻندو پڙ ڏانهن وڌي رهيو هيو. ”اچو حڪيم سائين اچو“ هو رکي رکي پوئتي نهاري ٻڍي حڪيم کي چئي رهيو هيو.
    حڪيم پيرل هتان کان ميل پري کوهارن جي ڳوٺ ۾ رهندو هيو پنهنجي تڪ جو هڪڙو ئي مشهور حڪيم هيو، ڏاڍو محنتي ۽ جفاڪش مجال جو اڌ رات جو به ڪنهن کي موٽائي، ڪو به چائٺ تي ويس ته اڪيلو نه موٽائيندس. اونهارو هجي يا سيارو. آنڌي هجي يا مينهن هو پنهنجي خاص اڇي چادر ۾ ضرور بيمار جي گهر پهچندو ۽ هاڻي هو رئيس وڏي جي مرهم پٽي ڪرڻ آيو هيو. رستي سان ايندي، لونگ هن کي ٻڌايو هيو ته وڏيري تي کوسن حملو ڪيو آهي ۽ هن کي کٻيءَ ڄنگهه جي پاسي ۾ گولي لڳي آهي. سڄي ڄنگهه رت ۾ لال ٿي وئيس اٿس.
    لونگ حڪيم پيرل کي ساڻ ڪري، قادن جي لوڙهي وٽ پهتو ته هن کي ويهارو کن همراهه مليا، جيڪي هيڏي هوڏي ڪڏهن اڱڻ ۾ ته ڪڏهن پکي ۾ پريشان ۽ بي حال ڦري رهيا هئا. مال اڃان به ڪر کنيو رانڀاٽ ڪري رهيو هيو. لونگ حڪيم کي ساڻ ڪري پکي ۾ گهڙيو ته هيٺ پٽ تي ڪڇن ۾ ٻار جهلي ويٺل عورتن سري پري هن کي رستو ڏنو ۽ ڳالهائڻ بند ڪري ڳٽي تي آڱر رکي پهريون حڪيم کي نهاريو ۽ پوءِ رئيس جي منهن ۾ ڏٺو. جيڪو اکيون بند ڪيو، بيهوش پيو هيو.
    حڪيم بسم الله پڙهي سوڙ مٿي کنئي ۽ رئيس جي ڄنگهه کي نهاريو. سڄي سٿڻ پاچي کان وٺي ابداڻي تائين رت سان رسجي وئي هئي. ويٺل عورتن جي دل ڪچي پڪي ٿيڻ لڳي، سڀني جي بدن مان سرڙاٽ نڪري ويا ”اڙي ابا.....هائي هائي“ انهن ٿڌا ساهه ڀريا، حڪيم رئيس جي پاچي کي مٿي ڇڪي کڻي زخم ظاهر ڪيو. گامڻ ڇت مان چمني لاهي، کڻي زخم جي ويجهو آيو حڪيم زخم کي تپاسيو ۽ نرڙ ۾ گهنج وجهي، کيسي مان دوا جي دٻي ۽ ميرو ڪپڙو ڪڍي ٻه چار لپريون ٺاهي کڻي رئيس جي زخم کي ٻڌيون. الله ڪندو ته ڀلو ٿيندو.... هن چيو ۽ ڇڪي کڻي سوڙ کي ٻيهر رئيس جي مٿان وجهي ڇڏيو.
    گهڙي کن گذري ته رئيس به آهستي آهستي اک پٽي. هن جي پهرين نظر وڃي پکي جي ڇت تي پئي، لڙڪندڙ پلال جا تاندورا جيڪي هوا تي هيڏي هوڏي لڏي رئيس کي ويچارا ڪڍي رهيا هئا. هن اک ٽيڏي ڪري آس پاس نهاريو پٽ تي عورتون ويٺل هيون جيڪي افسوس ۽ غم مان هن ڏانهن نهاري رهيو هيون. ڀرسان ئي قادن هٿ ۾ لٺ جهليو بيٺو هيو ۽ هن ڏي ائين نهاري رهيو هيو جيئن هو رئيس جي اک کلڻ جو انتظار ڪندو هجي.
    ”اڙي ماتو ابا رئيس هاڻي فرحت ته آهي نه...... اڙي اڪيلو سمجهي وار ڪري ويا... پرواهه نه ڪر رئيس پنهنجا همراهه به موڪليا اٿم کوسن جي ڪڍ ڀڻان نه ته ڀڄن ها، ڪيون ته ها ڳڀا ڳڀا.... اصلي فڪر ئي نه ڪر“.
    قادن ڪجهه دير چپ ٿيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تازو تازو همراهه ڊوڙائي حڪيم پيرل کي گهرايو هوم، سوچيم خان کي ڪجهه ته آرام ايندو نه، هاڻي فرحت ته آهي نه ابا.... پيرل حڪيم آهي معشوق“.
    پريو مڙس قادن ڳالهائيندو ويو ۽ رئيس اڃا پنهنجي هوش ۾ نه هيو. هن جون اکيون هر هر پاسن ڏانهن ٿي ڦريون. هن کي ماحول ڏاڍو اوپرو ٿي لڳو. رکي رکي هن کي ڄنگهه مان سور جون سٽون اڀرندي پئي محسوس ٿيون، جن کان هو ٻيڻو پئي ٿي ويو. هن همت ڪري آهستي آهستي هٿ وڌائي زخم کي ڇهيو. ان تي ٿلهيون ڪپڙي جون لپريون ٻڌل هيون، جن جي اندر ڀريل نرم نرم مرهم کي محسوس ڪري هن کي ڏاڍي بڇان لڳي. هن جو زخم ڪري رهيو هيو جنهن کان هن جي بيهوشي ختم ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ هن محسوس ڪيو جيئن هن جو پورو جسم ڪرندو هجي.
    ”پاڻي“ هن چيو.
    گامڻ هڪدم هيٺ ويٺل مائين کي سوري ڪنڊ ۾ رکيل دلي مان مٽيءَ جو ڪپو ڀري، رئيس کي پٺيان سهارو ڏئي، ٿورو اٿاري، کڻي وات تي رکيس، مٽيءَ جو ڪپو ۽ کوهه جو بدبودار پاڻي، رئيس کان هڪ ڍڪ به هيٺ نه لٿو ۽ هن پهرين ڍڪ سان ئي گرڙي ڪري کڻي سوڙ کي آلو ڪري ڇڏيو،. هن ڪاوڙ مان گامڻ کي نهاريو، پٺيءَ سان زور ڏئي سمهڻ جي ڪئي گامڻ هن کي سهارو ڏئي آهستي آهستي سمهاريو ۽ باقي پاڻي کي اتي ئي کٽ هيٺان هاري ڇڏيو.
    قادن پنهنجي پر ۾ ڏاڍو ڇڪي ٿيو، هن وٽ رئيس کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هيو، هن وٽ سٺو برتن به ڪو نه هيو، جنهن سان هو پاڻي آڇي رئيس جي دل خوش ڪري سگهي. رئيس کي جيئن جيئن هوش ايندو ويو تيئن تيئن هن جو زخم پهريون کان به وڌيڪ ڪرڻ لڳو. هن دل ئي دل ۾ حڪيم پيرل کي گار وهائي ڪڍي ڀيڻسان ڪتي جو پڇ زخم تي مرهم رکي ويو آ. ڪن زهر ٻرڪي ويو آ. رئيس کان رهيو نه ٿيو ۽ هن اکيون مٿي ڪري قادن کان پڇيو.
    ”مان واري ڳوٺ ماڻهو موڪليو اٿو نه؟“
    ”هائو هائو سائين.... اهي ته همراهه پڳا به وڃي.... ابا هي به ته پنهنجو پکو ٿي... دل جاءِ ڪر“، قادن قرب مان ڳالهائيندي ٿورو ٿورو ڏڪيو به ٿي.
    رئيس مٺڻ خان کي مٿان پاتل سوڙ مان بدبوءِ اچي رهي هئي هن ٿورو ڪنڌ ورائي هيِٺان رکيل وهاڻي کي نهاريو. ميرو اصلي صفا ڪارو، جنهن تي تيل جي سڻپ ڪري، مٽيءَ چڪا ڄميل هئا. رئيس کي الٽي ايندي ايندي سيني ۾ اٽڪي پئي.
    ”اڙي ماتو سڃي جا پٽ گهر ۾ ڪا سٺي سوڙ به نه هيئي جو هيءَ منهنجي مٿان وڌي اٿئي. اڙي هي وهاڻو ته ڏس اچئي ٿو شرم“.
    رئيس کي اهڙي ڪاوڙ آئي جو زخم مان اٿندڙ سور ئي وسري ويس. آواز ٿلهو ٿي ويس جهڙو ٻڪر. هيڊو منهن ڳاڙهو ٿي ويس لال. قادن رئيس جا اکر ٻڌي پيرن تائين ڏڪي ويو. هن اڱڻ ۾ وڃي زوار کي سڏ ڪيو. زوار ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندو تيز تيز وکون کڻندون هن وٽ اچي پهتو.
    ”جي پريا مڙس“.
    ”اڙي ابا تو وٽ ڪا سوڙڙي آهي، رئيس کي ميري سوڙ ڏيندي ته پاڻ کي شرم ٿو اچي. تو وٽ ڪا چڱيرڙي آهي ته کنيو آ“.
    قادن وات تي هٿ رکي زوريءَ کنگهيو. زوار اجهو اجهو ڪندو لوڙهي جو در ٽپي پڙ ڏانهن وڌيو ته قادن پويان رڙ ڪيس ”ايڏانهن ڪو سٺو وهاڻو به کنيو اچجانءِ“.
    ”هائو هائو“ زوار چيو ۽ پوءِ هو چانڊوڪيءَ ۾ اوجهل ٿي ويو. جهوپي کان ٻاهر سم ۽ پوک لاءِ گڏ ڪيل پاڻيءَ جا دٻا هيا جن تي سدائين مڇرن جا ٽولا پيا ڀون ڀون ڪندا هيا. سڄي ڳوٺ جي گندگي به انهيءَ پوسل ۾ اچي پوندي هئي. گڏ ٿيل ڪاري پاڻيءَ مان سدائين بدبوءِ پئي ايندي هئي، جنهن سان ڳوٺ جا ماڻهو هيراڪ ٿي ويا هيا، ڍنڍن جي آس پاس پيل گند ڪچرو ۽ بدبوءِ ڳوٺ وارن کي ڪو نه آزاريندي هئي. هو به مڇرن جيان گندگيءَ مان ڦٽي نڪتا هئا. مڇرن جي ڏنگن جي هنن لاءِ ڪا به حيثيت ڪو نه هئي پر اهي سڀ شيون رئيس لاءِ نيون هيون. پکي جو گهٽيل ماحول، اتي رکيل دلن مان پيدا ٿيندڙ چيڪڙ جو احساس، ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل مال جون رانڀون ۽ گندگيءَ مان اٿندڙ بدبوءِ. مڇرن جا ولر، جيڪي ڀون ڀون ڪندا گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڀٽڪي رهيا هيا ۽ پکي ۾ ٻرندڙ هيڊي شعلي واري بتيءَ جي اڻپوري روشني، جنهن کان رئيس کي گهٽ محسوس ٿي رهي هئي، هو ته انهن سڀني شين کان ڏور ڄايو هيو، جتي چمڪ ئي چمڪ هئي. روشني ئي روشني هئي. صفائي ئي صفائي هئي. هن کي ڪهڙي خبر ته بدبوءِ ڇا ٿيندي آهي، ڪکائن جهوپن ۾ راتيون ڪيئن بسر ٿينديون آهن. بدبودار بسترن ۾ سک جا سپنا ڪيئن ڏسبا آهن ۽ وڏي ڳالهه اها ته ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ڍڪيل مفلس انسانن سان زندگيءَ جون گهڙيون ڪيئن گذاربيون آهن. هو صاف سٿرن هوادار بنگلن جو هيراڪ هيو، هن کي ڪهڙي خبر ته مڇرن جا ولر انسانن تي حملو ڪيئن ڪندا آهن. زخم کائڻ کان پوءِ حڪيم جي لپرين تي ڦٽ ڪيئن ٺرندا آهن. رئيس عذاب ۾ ڦتڪندو رهيو.
    زوار گهران سوڙ ۽ وهاڻو کڻي آيو، پر رئيس جو اڃا به بدبوءِ کان مٿو ڦاٽو ٿي ويو. هن کي مڇر ڏنگي رهيا هيا. هن جي آس پاس ڀون ڀون ڪري، هن کي ستائي رهيا هيا. ٻوسٽ وڌندو ويو ۽ هن کان رهيو نه ٿيو نيٺ هن قادن کي چيو ”مون کي اسپتال کڻائي هلو“.
    قادن صفا ککو وکو ٿي ويو.
    ”اڙي صدقي وڃانءِ رئيس اسپتال ته هتان ڏهه ميل پري آهي، جي چوين ته تيار ڪرايون ڏاند، پوءِ الهه واهي جڏهن گاڏي پهتي“.
    رئيس جو پارو چڙهي ويو ۽ هن ڳالهه ورائيندي چيو ”اڙي اڃا ڪو نه پهتا منهنجي گهر وارا؟“
    ”بس سائين اجهو ڪي اجهو آيا“. قادن چيو ۽ پوءِ هن روئڻ هارڪي آواز ۾ چيو ”ڇورن چنڊن کي ته سوير ئي موڪليو هوم... الائي ڪاڏي گم ٿي ويا”.
    گهڙي کن ماٺ ٿي.
    ”ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي اٿو؟” رئيس هڪ دفعو وري ڳالهايو.
    ”سائين ٿاڻو ته ٻارهن ميل پري آ. ڇا ڪجي؟” پريو مڙس قادن ڏک ۾ ذري گهٽ روئي پيو.
    سياري جي قيامت جيڏي رات آهستي آهستي لڙندي وئي. چانڊوڪي وقت سان گڏ گهري ٿي وئي. ڊڀن مان لنگهندڙ پيچرا وڌيڪ چٽا ٿي ويا. شاهه جي پڙ تي هاڻي ڪو به همراهه نه هيو، سڀ آهستي آهستي ٽڙي پکڙي ويا هيا. ڪي گهرن ڏي وڃي ستا هيا ته ڪي اڃا به پريي مڙس جي اڱڻ ۾ ٽولو ٺاهي ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هئا. پڙ تي فانوسو اڃا به ٻري رهيو هو. هر طرف سانت ڇانيل هئي ۽ انهيءَ سانت کي چيريندڙ، تڏن جي ڪرڙڪت ڪرڙڪت ۽ ڏيڏرن جي ٽان ٽان.
    وقت سان گڏ رئيس وڏي جي حالت خراب ٿيندي وئي. هن جو من پيو چاهي ته هو اٿي ڀڄي وڃي. مونجهه کان هن جو اندر ڦاٽو ٿي ويو.
    قادن تڙ تڪڙ ۾ رئيس لاءِ ماني به تيار ڪرائي هئي، شابس هجي ويچاري زوار کي جنهن اڌرات جو ننهن کي تڪليف ڏئي، رئيس لاءِ جوئر جي ماني تيار ڪرائي هئي ۽ کير ڏهايو هيو. پر رئيس پنڊيءَ کي لامارو ڏئي هڪ ڏنو. کير جي لوٽيءَ سوڌو ماني به وڃي پري پئي.
    ”اڙي ڪتي جا پٽ، اسان وري جوئر جي ماني کائيندا آهيون، آڇيندي شرم به نه ٿو اچئي؟”
    قادن ويچارو جيڪو پهريون ئي ڏڪيو پئي، ان جي وات مان ته هڪ اکر به نه نڪتو، ويچارو صفا چپ ٿي رئيس اڳيان ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو.
    بدبوءِ کان رئيس کي الٽيون اچڻ لڳي، هن رکي رکي ڏاڪيو ٿي. هن کي پنهنجي آس پاس بيٺل ماڻهن مان بڇان ٿي آئي. مڇرن هن جي منهن جا ريپٽ لاهي ڇڏيا هيا. آس پاس ڦهليل گندگيءَ ڪري هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو هو، هو ڏاڪيندو رهيو. هن وڏي آواز ۾ رڙيون ڪري پريي مڙس کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون. ”تنهنجي ماءُ کي..... تنهنجي ڀيڻ کي.....تنهنجي زال کي.....“
    قادن ويچارو ڏڪي ويو. ڇڙو پيو ابا ابا ڪري نيٺ رئيس وڦلي وڦلي بيهوش ٿي ويو ۽ قادن اکين مان ڳوڙها اگهي سوڙ سوري هن جي مٿان وجهي ڇڏي.
    الله الله ڪري اسر ٿيو ته ڪڪڙن به دس هنيا، رئيس وڏي جي ڳوٺ وارا جيپ ڪاهيو، واويلا ڪندا پهچي ويا. هيڏيون ڪيلي جي ڦرهي جيڏيون مڇون ۽ گول مٽول ڳٽا. هر ڪو نرڙ ۾ گهنج وجهي ٽپو ڏئي جيپ مان لٿو ۽ پرين مڙس جي پکي ۾ گهڙي ويو.
    ٿوريءَ دير کان پوءِ جيپ ڳوٺ جي سوڙهن پيچرن تان ترڪندي، وڻن جي ٽارين سان گسندي، سم واهه جي ڪپر ڏانهن گم ٿي وئي.
    ان ڳالهه کي ڪيترا مهينا گذري ويا. رئيس مٺڻ خان چڱو ڀلو ٿي ويو. هو هاڻي خير سان گهمندو ڦرندو به هيو. پريو مڙس قادن ۽ ٻيا ڳوٺ وارا خوش هيا ته هنن پنهنجي وت آهر ڏکي وقت رئيس مٺڻ خان جي چڱي خدمت چاڪري ڪئي. آئي وئي کان پئي خان جا پار پتا پڇندا هيا. ”ڏي خبر ڀائو....هاڻي رئيس مٺڻ خان خوش آ.... چڱو ڀلو، الهه خوش رکيس”.
    وقت گذريو ته هڪ ڏينهن رئيس مٺڻ خان جي جيپ اچي ڳوٺ جي ٻاهران رڪي. هن جي ڀرسان چار پنج همراهه دونالي بندوقن کي ڪڇ ۾ سوگهو جهليو مڇون وٽي رهيا هيا. رئيس مٺڻ خان ڏاڍو ٿڪل هيو. پلئه ڪرڻ لاءِ کوسن کي ڳوليندي ڳوليندي هڪ دفعو وري اچي ان ننڍڙي ڳوٺ ڀرسان پهتو هيو. ساڳيا جهوپا، سم ۽ پوسل، گندگيءَ جا ڍير ۽ ميرا ماڻهو سانجهيءَ جو ٽائيم هيو ۽ شاهه جي پڙ تي پنهل جي هٽ اڳيان شيشن وارو فانوسو هميشه جيان پئي ٻريو. رئيس مٺڻ خان پنهنجي ڌڌڙيل مڇن جي وارن کي وٽيو ۽ پوءِ ڪجهه سوچيندي جيپ ۾ ويٺل همراهن کي اشارو ڏنو ”اڙي ڏيو انهن جهوپن کي باهه“
    ”پر سائين انهن ته توهان کي ڏکئي وقت ۾ پناهه ڏني هئي“.
    رئيس جي انگ انگ مان ڌرڙيون نڪري ويون بدبوءِ، گندگي، مڇرن جا ڏنگ، حڪيم جي لپري، جوئر جي ماني، بستري جي ڌپ، ميرا انسان ۽ مونجهه ئي مونجهه.
    ”اڙي ٻڌو نه ٿا ڪمينهءِ ڏيو جهوپن کي باهه“.
    ٻه چار همراهه بندوقون سڌيون ڪري، لانگ ورائي جيپ مان لٿا ۽ هوائي فئر ڪندا، ڪاهي پيا ڳوٺ ۾. جهٽ پلڪ ۾ هيڊا هيڊا شعلا بلندا ٿيا ۽ پوءِ سڄو ڳوٺ ٻرڻ لڳو. هوءِ هوءِ ٿي وئي. ڀڄ ڊڪ لڳي وئي. وارو ڙي وارو. همراهه ساڳيا ئي هوائي فئر ڪندا اچي واپس جيپ ۾ ويٺا. رئيس ٿڌو ساهه کڻي مرڪيو جيئن هن کوسن سان پلئه ڪيو هجي.


    بارش کانپوءِ

    ان ڏينهن نظرن اڳيان ڌنڌ هيو. آڪاش مان هڪ ٻئي پٺيان ڪرندڙ پاڻيءَ جي بوندن هر شيءِ کي ڌنڌلڪو ڪري ڇڏيو هيو. ڏاند گاڏين ۾ پيل ڀوري پلال تي پاڻيءَ جون بوندون وسي ٻئي پاسي کان ريلا ڪري ٿي وهيون ۽ ان جا ڦيٿا اڌ تائين ڪچي مٽيءَ جي گاري ۾ هيٺ تي لٿا ويا، چيڪڙ سان ڀريل گول ڦيٿا، جن جي تيزيءَ سان هلڻ ڪري گهاٽيءَ مٽيءَ جون ڦينگون اڏامي پري ٿي وڃي ڪريون. ڏاند هيا جو تراين مان ڇپ ڇپ ڪري ڊوڙندا ٿي ويا ۽ هر ڪا شيءِ ڌوتل هئي. ساون وڻن کان وٺي ويندي ولين جي مقبرن ۽ ڪتبن تائين جن جي کڏڙن ۾ ڪبوتر پرن ۾ منهن هنيو ويٺا هيا. گاڏير وسڪاري جو واس وٺي رهيا هيا، انهن پاڻ کي اجرڪن ۾ ويڙهي ڇڏيو هيو، ٻيو پاڻي هيو جو ٽڙڪاٽ ڪندو انهن جي اجرڪن کي آلو ڪندو، ململ جي قميص مان لنگهيندو، انهن کي وهنجاري رهيو هيو. هو سرديءَ کان ڪرنگهي ۾ اٿندڙ ڌرڙين مان لطف وٺي رهيا هيا. هو ڳائي رهيا هئا، هر شيءِ کان بي خود، انهن جي آوازن ۾ڪا به خوف جي لرزش نه هئي، ان ۾ مستي سمايل هئي، جنهن انهن جي آوازن جي گونج کي ڦهلائي ڇڏيو هيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ اهي چپ آهن ۽ انهن جي اندر ۾ ڪو آهي جيڪو وادين جي آلاڻ ۾ پاڻ به گهلڻ ٿو چاهي. ڊوڙندڙ ڏاندن جي ڇڪ کان گپ ۾ پيهجي اڳتي وڌندڙ ڏاند گاڏين جي ڦيٿن مان چرڙاٽ ٿي نڪتا، جيڪي مينهن جي گوڙ گمسان ۽ ڌڌڪن ۾ دٻيل هوندي به منفرد هيا.
    اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪيائين،
    مندائتي مينهن جي، رت نه روڪيائين،
    پلر پلٽيائين، سانگين گهڻا سک ٿيا.
    ۽ هو ڳائيندا ويا هڪ ٻئي پٺيان ڪرندڙ بوندن جي لڙاٽ پويان ڏور ٿيندا تمام ڏور......
    اڌروٽ علي نواز بلوچ جي گهر ۾ ٻيو ڪجهه به نه هيو، سواءِ هن جي زال ۽ ٻن ٻارن جي، جن مان هڪ ڌيءَ هئي ۽ ٻيو پنجن سالن جو پٽ. جنهن جا ڦاٽل ڪپڙا مينهن ڪري آلا ٿي ويا هيا ۽ هو ٿڌ کان ڏڪي رهيو هيو، پر هن کي ڪا به پرواهه نه هئي، هو سرديءَ کان ڏڪندي به پنهنجي شرارتن کان نه ٿي مڙيو. هن هر هر ستن سالن جي لاليءَ کي تنگ ٿي ڪيو، هروڀرو به هن غريب تي رعب ٿي ويهاريو. لاليءَ جهوپي جي ڇت مان ٽمندڙ پاڻيءَ جي بوندن سان آلي ٿيل ڌرتيءَ مان مٽي ٿي پٽي، جنهن تي ماڻس ڇڙٻيو ٿي. پر ڍڍو هيو جو هن جا مٽيءَ مان ٺاهيل سڀ رانديڪا ڊاهيو هر هر ڀڳو ٿي ويو. لاليءَ دانهن ڪري ماءَ کي ٿي سڏيو ۽ ماڻس ڍڍوءَ کي ڇڙٻڻ بدران الٽو لاليءَ کي ٿي ڳالهايو، ”مان ٿي ڇوانءِ گوڙ نه ڪر“ ۽ پوءِ هن نڪتل مٽيءَ ڪري ٺهيل کٻڙي ڏانهن هن جو ڌيان ڇڪائيندي ٿي چيو، ”هو ڏس ڪوٺيءَ ۾ ڪيڏو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي.....اچي پڻهين ته ٻڌايانس ٿي”.
    ماءُ جون ڇٻيون ٻڌي ويچاري لالي هر هر وسامي ٿي وئي. وسندڙ مينهن ماڻس کي ڇتو ڪري ڇڏيو هيو،. ڇت هئي جو ٽمڻ بند ئي نه پئي ڪيو ۽ مينهن گذريل ٻن پهرن کان ساڳي رفتار سان پئي وسيو. هوا بند هئي ۽ وڻ ائين بي جان محسوس ٿي رهيا هئا جيئن گوتم اکيون ٻوٽيون ڌيان ۾ گم هجي ۽ هن کي ڪنهن به مينهن يا طوفان جي پرواهه نه هجي. ٻارين جا ٻنا پسي پلپلا ٿي ويا هيا ۽ ٻنين ۾ چڱو پاڻي دٻا ٺاهيو بيٺو هيو. علي نواز بلوچ جو گهر به انهن ئي ٻنين جي وچ ۾ اوڏڪين ڀتين جي ڪمزور ڪلهن تي رکيل جهوپو هيو ۽ اڳيان اگهاڙو اڱڻ جنهن جون حدون ٽوها ۽ ڪانڊيرا هيا، جيڪي مينهن جي بوندن هيٺان ڌوپجي صفا سانورا ٿي ويا هئا ۽ پورو لوڙهو ائين ٿي لڳو جيئن ڪاري بدن وارو وحشي اکيون ٻوٽي پيو هجي ۽ وسندڙ مينهن ۾ وهنجندو هجي.
    لالي اڃا به مٽيءَ سان پئي کيڏي ۽ ڍڍوءَ هن کي هر هر تنگ ٿي ڪيو، ڇت مان ساڳيءَ ريت پاڻي پئي ٽميو، جنهن جي رفتار ۾ تيزي اچي وئي هئي. هاڻي ڇت مٿان جهڪيل بڙ جون اهي لامون به بي سڌ ٿي نظر آون، جيڪي جهوپي جي ٻئي هنڌ تائين پنهنجون ٻانهون پکيڙيون بيٺيون هيون، پري کان انهن ٽارين جي وچ ۾ بيٺل جهوپڙي ائين نظر ايندي هئي، جيئن بڙ جيڏو مضبوط بلند خدا پنهنجو هٿ ڊگهيڙي جهوپڙيءَ جهڙي ڪمزور ۽ سجدي ۾ پيل هيڻي انسان مٿان ڇانو ڪندو هجي. وقت گذرندو ويو ۽ مينهن وڌندو ويو، ٽپهري وهنجي ته سانجهيءَ به وهنجڻ لاءِ وار ڇوڙيا.
    علي نواز بلوچ اڄ وقت کان پهرين ئي گهر وري پيو هيو، هنجي ڪلهي تي هميشه جيان ڪوڏر رکيل هئي، پر اڄ هن ململ جي قميص لاهي، نيپوڙي هٿ ۾ کنئي هئي. باقي پوتڙو هيو، جيڪو هن کي گوڏن تائين ٻڌل هيو، جنهن مان پاڻي جون بوندون پئي ڳڙيون ۽ هيٺ هن جي پنين تائين گپ سان ڀريل ڄنگهن ۾ جذب ٿي ٿي ويون. پوتڙو آلو هجڻ ڪري هن جي بدن سان چهٽي پيو هيو، جنهن ڪري هن جو انگ انگ صاف ظاهر ٿي رهيو هيو. سيني ۽ بدن جا وار وسندڙ پاڻيءَ ڪري بدن سان ڄمي پينگهي ۾ سمهيل ٻار جيئن سانت هيا. مڇون هيٺ جهڪيل هيون ۽ مٿي جا وار ڳنڍا ڳنڍا، جن هنجي ڪنن کي ڍڪي ڇڏيو هيو، هو جهوپي ۾ گهريو ته اڱڻ ۾ اڃان به نم جون اهي ڏانڊيون اتي ئي پون هيون، جن کي هن صبح ڏندڻ ڀڃي اڇلايو هيو، ڪچڙن ڳاڙهسري گونچن واريون ٽاريون جن جي چوٽين جا سرا هن کي ڏاڍا ڀلا ٿي معلوم ٿيا. هو اندر گهريو ته هن جي گپ هاڻن آلن پيرن ڌرتيءَ تي هن جي قدمن جو ڪو به نشان نه ٺاهيو، ڇو جو ڌرتي به هن جي پيرن جيان آلي هئي.
    هن کي ڏسي لاليءَ اڇل ڏني ۽ پنهنجن مٽيءَ هاڻن هٿن سان هن کي وڃي چنبڙي علي نواز هن کي کنيو ۽ ڳل تي چمي ڏني. لاليءَ جي ڄڻ دل وڏي ٿي وئي، هن ٿڌو ساهه کڻي پيءُ کي ڍڍوءَ جي شڪايت ڪئي. ”بابا ڊڍوءَ نه منهنجا سڀ رانديڪا ڀڃي ڇڏيا”. هن جي منهن ۾ ويچارگي اچي وئي، جيڪا ان وقت هر ٻار جي منهن ۾ اچي ويندي آهي. ڇو جو پيار ملڻ سان انهن جي من جي چلولائي پاڻيءَ جيان رجي انهن جي من کي ڀري ڇڏيندي آهي. علي نواز منهن ۾ گهنج وجهي پٽ کي ڇڙٻيو. پر ڍڍو هن اڳيان سينو ساهي بيهي رهيو، ”نه مڙندم ڇا ڪندين“ هن چيو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ اٻاڻڪو ٿي پيءُ ڏانهن نهارڻ لڳو، پر پڻس ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. هن لاليءَ کي هيٺ لاهي گلان ڏانهن نهاريو، جيڪا جهوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ بيهي هن ڏانهن نهاري رهي هئي، جتي مينهن کان ڪجهه نه ڪجهه بچاءَ ۽ ڇت مٿان سٺي نموني لنبيل هئي، پر هيٺيان ڌرتي آلي هئي، جو پاڻي اوڏڪي ڀت جي پاڙ مان سمي جهوپي ۾ ننڍا ننڍا دٻا ٺاهي رهيو هيو. ”گهر۾ پچائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي؟“ علي نواز پڇيو ۽ گلان ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو.
    ”هتي ته باهه ٻارڻ جي جاءِ نه آهي“ هن چيو
    علي نواز پهريون دفعو ڄڻ جهوپي ۾ نظر ڦيرائي نهاريو. چيڪڙ سان ڀريل ڪچي زمين ۽ پاڻيءَ ۾ پسيل هر ڪا شيءِ پاٿاريءَ تي رکيل بسترا پاڻيءَ جي وزن کان سسي ويا هئا ۽ پکي جي وچ ۾ بيٺل پنڃر جي ٻانهيءَ ۾ ٽنگيل ديڳڙيون ۽ لوٽا ائين ٿي محسوس ٿيا، جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ٿڪ پٽڻ لاءِ ڪجهه منٽ ڪر ڀڳا هجن ۽ ان جي جسم تي پگهر جون هلڪيون هلڪيون بوندون چمڪنديون هجن. پوريءَ جهوپڙيءَ ۾ پلال گاڏڙ مٽيءَ جي هلڪي خوشبوءِ سمايل هئي، جيڪا ڦهلجندڙ اوندهه ۾ ڏاڍي عجيب ٿي لڳي.
    وقت گذريو ته مينهن سان گڏ هنن جي خوف ۾ به اضافو ٿي ويو. خاص ڪري گلان جيڪا اندر ئي اندر ۾ پڄري بخيل ٿي پئي هئي. هوءَ ٻارن کي هر هر ڇڻڀي جهوپڙيءَ جي ان پاسي ڏانهن ڇڪي رهي هئي، جيڪو ٽمندڙ ڇت جي مصيبت کان محفوظ هيو، پر ٻار مينهن مان مزو وٺي رهيا هيا. هو هر هر پاڻ ۾ وڙهيا ٿي ۽ وري پرچي کيڏيا ٿي. علي نواز ڪوڏر سان اوڏڪين ڀتين جي پاڙن ۾ مٽيءَ جا لپا ڏئي انهن کي سهارو ڏئي رهيو هيو، پر مٽي اتي ڄمي ئي نه پئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ هو ضدي ٻار جهڙين ڀتين کي جتن ڪري پرچائي رهيو هيو، پر ڳوڙها هيا جيڪي قطارن جي صورت ۾ انهن تان ترڪيا ٿي ويا ۽ وهندي وهندي انهن جي پاڙن ۾ پيل مٽيءَ جي لپن کي به لوڙهيو ٿي ويا. علي نواز جي محنت جو ايترو ڦل ضرور ٿيو ته هاڻي پاڻي آسانيءَ سان اوڏڪين ڀتين مان رسجي اندر نه ٿي آيو. هو مسلسل ڌرتي کوٽي انهن جي پاڙن کي سهارو ڏيندو رهيو. انڌيري ۾ وڄ چمڪڻ شروع ڪري ڏنو هيو ۽ گاج سان گڏ هن کي پنهنجي اگهاڙي پٺيءَ تي ڪرندڙ بوندن جا ٽڙڪا ائين ٿي محسوس ٿيا، جيئن جهوپي مٿان بيٺل بڙ جي ٽارين مان پاڻي جي بار کان ٺڪاءَ نڪرندا هجن ۽ اهي ڏار ڪرندا محسوس ٿيندا هجن.
    گلان ڏاڍي فڪر مند ٿي وئي هئي. هن کي اوڀر واري جاري مان سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هيو. سانجهيءَ جي لاش کي وهنجاريندڙ بوندون ۽ نيريءَ وڄ جا چمڪاٽ، جيڪي آسمان ۾ ٺڪائن سان گڏ پيدا ٿي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پکڙجي ويا ۽ انهن چمڪاٽن جي روشنيءَ ۾ پري پري تائين بيٺل وڻ، جيڪي ڄڻ پنهنجي ساول وڃائي ويٺا هيا ۽ انهن ۾ موت جهڙي نيراڻ ڀرجي وئي هئي. هوءَ وڄ جي روشنيءَ ۾ انهن پاڻي سان ٽٻ لاهين ۽ تراين کي ڏسي رهي هئي، جن ۾ مينهن جون بوندون ڌڙڪڻ جا آواز پيدا ڪري ڦوٽا ٺاهي رهيون هيون، جن مان ڪجهه ڦاٽي رهيا هيا ۽ ڪجهه ٺهي رهيا هيا.
    هيءُ ايڏو مينهن ته ڪو نه هيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ان کان به وڌيڪ خطرناڪ مينهن ڏٺا هيا، پر پوءِ به هوءَ دلگير ٿي وئي هئي. هن کي رکي رکي ٻارن جو خيال ٿي آيو، جيڪي ٽمندڙ ڇت هيٺان لاپرواهي سان کيڏي رهيا هيا. هوءَ پوريءَ طرح انهن ڏانهن متوجهه ٿي وئي ۽ هن پنهنجي ليکي اکيون ٻوٽي ڀڻڪيو. هوءَ خدا ۽ رسول جا نالا وٺي انهن کي ياد ڪرڻ لڳي.
    ڍڍوءَ ماءَ جي ال ڪئي. ”الا سائين....... کلا سائين....... ملا سائين........“ ۽ پوءِ هو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
    ”چپ ذليل“ ماڻس زور سان چيو ۽ لالي ڳاڙهي ٿي رعب ويهارڻ لاءِ ٻانهون کنجي هن تي چڙهي آئي.
    ”حرامي....... ڪافر ........ الاهه جي نالي....... تنهنجو من وڌي ويو آ”.
    هن جيئن ئي ڍڍوءَ کي پڪڙي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڍڍوءَ اڳ ۾ ئي هن کي منهن واري چماٽ وهائي ڪڍي ۽ هوءَ ڍاڍيون ڪري روئي پئي. لاليءَ کي روئندو ڏسي ماڻس هن کي ڪنڊ ۾ ڇڪي ورتو ۽ ڍڍوءَ ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاري، هن کي پرچائڻ لڳي.
    هر طرف سانت لڳي پئي هئي، ڄڻ وڌندڙ انڌيرو هر گوڙ کي چهي وڌيڪ ڪارو ٿي ويو هيو. هاڻي ته مٿان کان هيٺ ڪرندڙ بوندو به نه ڏسجي رهيون هيون، سواءِ ان وقت جي جڏهن وڄ چمڪي ٿي ۽ ان ۾ نيريون پيليون ڦينگون هڪٻئي پٺيان هيٺ اينديون ٿي نظر آيون، نه ته انهن جا ٿڙڪا پئي ٻڌا ۽ ٻيو گاج جو شور، جيڪو هڪ وڏي ڌماڪي سان ڦهلجي آسمان جي ٻئي ڪنڊ تائين ڊڪندو جهڪو ٿيندو ٿي ويو، جيئن ڪنهن کي عذاب پهچائي. هن جي وات تي هٿ ڏئي، هن جي بلند ٿيندڙ رڙ کي روڪي جهڪو ڪيو وڃي. علي نواز جهوپڙيءَ ۾ ويٺو سهڪي رهيو هيو. هن جون ڄنگهون ڦهليل ۽ وات کليل هيو. هن بدن کي ٻانهن جي سهاري ڇڏي ڏنو هيو، جيڪي هن جي پٺيءَ کان وريل ۽ چنبن ڀر ڌرتيءَ تي کتل هيون، جهوپي ۾ ٻرندڙ چمني جي روشنيءَ ۾ هن جي بدن تان ڳڙندڙ پاڻي هڪ پاسي کان هيڊو ٿي نظر آيو ۽ ٻي کان ڌنڌلڪو. ٻارن کي هاڻي بک به لڳڻ شروع ٿي وئي هئي، هو هر هر مٿو کنهي، کڙين کي زور سان ڌرتي تي هڻي ماءُ کي روئي مانيءَ لاءِ چئي رهيا هيا، ماڻس هر هر انهن جي کاڏين تي هٿ ڦيري دلاسو ٿي ڏنو ۽ علي نواز ڏي ٿي ڏٺو، جيڪو ائين ئي ويٺو اکيون ٻوٽي سهڪي رهيو هيو.
    ”اڙي مينهن بند ٿي ته ماني پچايون ٿا“ هن ويٺي ويٺي ٿڪيل آواز ۾ چيو ”اڙي ميان آهي ته خير“
    ۽ جهوپي ۾ خاموشي ڦهلجي وئي، جنهن ۾ ڇت مان ڳڙندڙ بوندن جا آواز، جهنگ ۾ ٽان ٽان ڪندڙ ڏيڏرن جي آواز سان مشابهت رکي رهيا هيا.
    ”اڄ ته مينهن بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي“ گلان چيو، ”خدا خير ڪري.... ڀتين جون پاڙون ئي ڳري ويون آهن.“ هن سوچيو جيڪر هي جهوپو ڇڏي ڪنهن ٻيءَ جڳهه تي پناهه وٺجي، پر هر طرف پاڻي پاڻي هيو. وڄ جي روشنيءَ ۾ نظر جي حد کان شروع ٿي ٻيءَ حد تائين وڻن جون پاڙون به پاڻيءَ ۾ ٻڏل ٿي نظر آيون. هر طرف پاڻيءَ مان ٺهندڙ ۽ ڦاٽندڙ ڦوٽا هيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ پوري ڌرتيءَ کي ماتا نڪتي هجي ۽ هوءَ عذاب کان دانهيندي هجي. علي نواز گلان جي ڳالهه تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيو هيو. مينهن ۾ سڄو ڏينهن ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ جي ٿڪاوٽ ۽ ڀتين جي پاڙن کي سهارو ڏيڻ جي تڪليف ڪري هن جو سنڌ سنڌ ڏکي رهيو هيو. هن کي گلان جي ڪا به ڳالهه نه ٿي وڻي، هو مينهن کان بي فڪر هيو، آخر هو سوچي به ته ان مصيبت تي ڇو سوچي. آخر هو ڪري به ڇا پيو سگهي. هنن جي ته حياتي ئي انهن ڪچن جهوپن ۾ بسر ٿي هئي. انهن جي پناهه لاءِ هيا ته اهي ئي جهوپا جيڪي پنهنجي ڪمزور ڪچين ٻانهن تي وزني تگارين جهڙين ڇتين کي جهليو بيٺا هيا، علي نواز سمهڻ پيو چاهي ۽ هن کي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا، ٻار پهريون کان به وڌيڪ بي چين ٿي ويا هيا ۽ گلان پنهنجون آڱريون مهٽيندي رهي.
    رات جي ٻئي پهر جڏهن گلان ڪنڊ ۾ پنهنجي ٻنهي ٻارن کي ڪڇ ۾ لڪائي، انهن جي وارن ۾ هٿ ڦيري رهي هئي ۽ ٻئي ننڊا ٻار پنهنجي آلن ڪپڙن ۽ مٽيءَ هاڻن هٿن سان هن جي ڪڇ ۾ اکيون ٻوٽيو ستا پيا هيا ته اوچتو ڀتيون هيٺ جهڪنديون ويون. علي نواز جهوپي ۾ سڌو ٿيو سمهيو پيو هيو، هن جي پيشانيءَ ۾ گهنج هيا، پوءِ به هن جي ساهن کڻڻ جي سلسلي مان ائين ٿي لڳو جيئن هن کي ڪو به فڪر ڪو نه هجي، جيئن چوندو هجي، آخر ڪري به ڇا ٿو سگهجي؟ ڇت هيٺ جهڪندي وئي، پوءِ اوڏڪين ڀتين هڪ ٿلهي سوڙ جيان انهن جي وجود کي مينهن جي بوندن کان بچائي ورتو. جهوپي مان ڪا به دانهن بلند نه ٿي پر ڀتين ۽ ڇت جي ڪرڻ سان دٻڪو ضرور پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ دهلجي ويو. هيٺ ڪريل ڍير مان مٽي دونهي وانگر مٿي بلند ٿي اڏامڻ جي ڪئي پر لڳاتار ڪرندڙ مينهن جي بوندن ان کي پاڻ ۾ سمائي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
    ماحول تي ساڳي سانت هئي وڻ وهنجي رهيا هيا ۽ انهن جون ٽاريون پاڻيءَ جي وزن کان ڳوريون ٿي ويون هيون. هوا ۾ سمايل مٽيءَ جي خوشبوءَ هر ڪنهن کي مست ڪري رهي هئي. هر ساهه وارو خوش هيو، گاڏير سرديءَ ۾ ڏڪندي به وسڪاري جو واس وٺي رهيا هيا، سرديءَ کان ڪرنگهي ۾ اٿندڙ ڌررين مان لطف وٺي رهيا هيا، هو ڳائي رهيا هيا. هر شيءِ کان بي خود، انهن جي آوازن ۾ خوف جي ڪا به لرزش نه هئي، ان ۾ هڪ مستي سمايل هئي جنهن انهن جي آوازن جي گونج کي ڦهلائي ڇڏيو هيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ اهي چپ آهن ۽ انهن جي اندر ۾ ڪو آهي جيڪو وادين جي آلاڻ ۾ پاڻ به گهلڻ ٿو چاهي. ڊوڙندڙ ڏاندن جي ڇڪ کان گپ ۾ پيهجي اڳتي وڌندو ڏاند گاڏين جي ڦٽين مان چرڙاٽ ٿي نڪتا، جيڪي مينهن جي گوڙ گمسان ۽ ڌڌڪن ۾ دٻيل هوندي به منفرد هئا.
    اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪيائين،
    مندائتي مينهن جي، رت نه روڪيائين،
    پلر پلٽائين، گهڻا سانگين سک ٿيا.
    ۽ هو ڳائيندا ويا. هڪ ٻئي پٺيان ڪرندڙ بوندن جي لڙاٽ پويان ڏور ٿيندا ويا. ڏور ...... تمام ڏور.....


    ديپڪ

    اوڻٽيهه سال ٿيا آهن، ويٺو ڳايان ٿو. هي ديو جيڏو تنبورو ڪڇ ۾ ڪري تڙنگ جي تان تي واڇون چٻيون ڪري ويٺو سر سان سر ملايان ٿو. سر مٿان سر، تان مٿان تان، تنبوري جي تارن تي هلي هلي آڱريون ئي گسي ويون آهن، ڳائيندي ڳائيندي نڙي ئي ويهجي وئي آهي. پر مڙاڻ نه ٿو. ٻيلي هڪ نه هڪ ڏينهن انهن آسمان جيڏين جاين کي ضرور باهه لڳندي. منهنجو ديپڪ سر ضرور رنگ لائيندو. منهنجي راڳ سان ڪو انقلاب ضرور برپا ٿيندو. سامراجين جون ڌرتيءَ جي سيني تي هي ڦرڙين جهڙيون اڀاريل عمارتون ضرور سڙي بسم ٿينديون.
    اوڻٽيهه سال گذري چڪا آهن، راڳ رنگ نه لاتو. جوش ۾ شدت اچي وئي، واڇون وڌيڪ چٻيون ٿي ويون، آواز ۾ وڌيڪ گجگوڙ اچي ويو. سڀ عمارتون وڃن ٿيون وقت سان گڏ وڌنديون. من چئي ٿو ”ير! هڪ نه هڪ ڏينهن انهن کي باهه ضرور لڳندي، ديپڪ راڳ ڪوڙو نه ٿو ٿي سگهي، استاد تانسين جو قسم آ. ديپڪ ضرور رنگ لائيندو”.
    ڏسان ٿو منهنجي سامهون ٻن ٽن آسمان جيڏين بلند عمارتن جي درين مان دونهون فضا ۾ پکڙجي رهيو آهي. جلندڙ شين جي ڌپ، دونهي سان گڏ نڪ ۾ داخل ٿئي ٿي. تان ۾ هڪ نئون رنگ ڀرجي ٿو وڃي. اکيون ٻوٽي، هڪ هٿ سان تنبورو وڄائيندي، ٻيو هٿ فضا ۾ ڊگهيڙيندي زور سان راڳ آلاپيان ٿو. باهه وڌندي ٿي وڃي،. دونهين جي جاءِ هيڊا ڳاڙها باه جا الا ٿا اچي والارين. ماڻهن جي هوءِ هوءِ تيز ٿي ٿيندي وڃي. وارو وارو جا آواز ٿا اچن، هو مون کي پڪ ڳوليندا هوندا، هنن کي خبر آهي ته مان اوڻٽيهه سالن کان انهن جي عمارتن اڳيان ديپڪ راڳ ڳائي رهيو آهيان. خوف ۽ خوشيءَ جا تاثر گڏجي منهنجي آواز ۾ نئون جوش ٿا آڻي وجهن.تنبوري جي تان ”ها...... آ“ جي آواز سان چٻيون سئيون ٿيندڙ واڇون، هوا ۾ سر جي تان تي لهرائيندڙ هٿ. اڄ اهي سامراجي ضرور بسم ٿيندا. ديپڪ ڪوڙو نه آهي. استاد تانيس جو قسم اڄ واهه جو لڳو اٿن.
    باهه وڌندي ٿي وڃي، ماڻهن جي هل آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي، شهر جي گهگهن هڪ ئي مهل وڄڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
    اکيون کولي ڏسان ٿو، منهنجي سامهون ڪيتريون ئي عمارتون باهه جي الن جي لپيٽ ۾ آهن. راڳ ڳائڻ بند ٿو ڪريان ۽ سامراجين جي سڙڻ جو مزو ڏسڻ لاءِ لٽا ڇنڊي، اٿي تنبوري کي هٿ ۾ لڙڪائيندو اڳتي ٿو وڌان، ٻرندڙ جاين جي ويجهو ٿو ايندو وڃان، پريان ڏسان ٿو، ڪيترائي همراهه هٿن ۾ باهه جا الا کڻي نعرا هڻن ٿا. هنن جي آوازن ۾ باهه کان وڌيڪ رعب ۽ دهشت ڀريل آهي. هو عمارتن کي باهيون ڏيندا، اڳتي وڌن ٿا. هو مزدور آهن. پنهنجو حق گهرن ٿا. مون کي پنهنجي بڪواس کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي ٿي، پنهنجي خوشفهميءَ تي ڏک ۽ خار اچي ٿي. مون جيڪي اوڻٽيهن سالن ۾ نه ڪيو. اهو هي جوان منٽن ۾ ڪري ويا. تنبوري کي ڏسي، پوءِ خار مان مٿي بلند ڪري، باهه جي الن اندر اڇلي ڇڏيان ٿو. ٽڙڪاٽ ڪري ٻرندڙ ڪاٺين مان هڪ وڏي ڪاٺي کڻي انقلابين جي پٺيان هلندو وڃان ٿو.


    هيرڻ جو پن

    فصل ۾ لابارا پيا، ڪمي ڪاسبيءَ جي گهر ۾ گنديون ڀريون، پيٽ ڀريا. همراهه اوڳرائي ڏيئي ڪر ڀڃي اٿيا، ڪي کيسا ٿمي، ميندي مکي، سرمو پائي، ململ جو چولو ۽ سٿڻ اوڍي، ڳانا ٻڌي، لئيءَ جو لڪڻ هٿ ۾ کڻي، شهر جي بس تي لت ڏيئي چڪلي جي نيت ڪري هليا ويا ته ڪن وري ڪهاڙي تي تيزاب هاري ڪٽ صاف ڪئي.
    ”وارا ڍارا آهن سائين مڙس مارڻ ڪو سولو ڪم ته نه آهي“ خانڻ هيرڻ جي وڻ کي پاڻي ڏيندي دل ئي دل ۾ چيو. اهو هيرڻ هن جي دشمنيءَ جو يادگار هو. ان جيڏو جهونو هيو رات ٿي ته خانڻ به گهر مان ڪهاڙي کڻي نڪتو. گهپ انڌيرو، هٿ هٿ کي نه لهي. آسمان ۾ رڳا ٽم ٽم ڪندڙ تارا، سڀ پيا آهن سڪ ننڊ ۾. خاموشي جي مٿان گهون گهون جو آواز، تڏن جي ڪرڙ ڪرڙ، تلاءَ جي ڀرسان ڏيڏرن جي ٽان ٽان، باقي ڪاري اوندهه. ڪو هجي به ته نظر نه اچي. خانڻ پير پير ۾ ڏيئي علڻ جي گهر جو رخ ڪيو. سيدن وارو محلو ٽپي، گهڙي آيو ڪنب جي پاسي ڏي. تلاءَ ۾ ڏيڏرن جا ٽپا، ڇٻڪ ڇٻڪ، ان کان اڳ جو خانڻ علڻ وارو لوڙهو ٽپي، خبر نه پئي ته چور چور ٿي ويئي. ڀاڄ ڀاڄ ۾ ڄڻ سڄي ڪائنات جاڳي پئي. خانڻ پنهنجو وارو نه وڃايو، ڪهاڙي واڪا ڪندي علڻ جي ٻانهن ۾ گهڙي ويئي. ”ها علڻ تنهنجي زال کي......“ هڪ ڪهاڙي، ٻئي ڪهاڙي، علڻ هوءِ هوءِ مچائي ڏني، ڳوٺ وارا پريان اوندهه ۾ ننڍيون ننڍيون چمنيون ٻاري هٿن ۾ ڊگهيون لٺيون کڻي ڊڪندا آيا. سيدن جو پاڙو اورانگھي اڃان تلاءَ جي ڀرسان پڳا ئي مس ته هنن کي هڪڙو پاڇولو لوڙها ٽپندي نظر آيو.
    ”ڪهڙو آنءِ ڙي؟“
    هڪڙي همراهه پريان ئي رڙ ڪندي چيو.
    خانڻ سيدن جي پاڙي ڏانهن رخ ڪرڻ کان سواءِ، اوڏن جي خيمن جو رخ ڪري، تلاءَ جي مٿين ٽاپ وٺي ڊڪندو تيزي سان اونده ۾ گم ٿي ويو.
    پرڀات ٿي ته اڃان کوسن جي ويڙهي مان هلڪن سڏڪن ۽ رکي رکي پارن جو آواز اٿي رهيو هو، تان جو خبر نه پئي ته صوبيدار رب نواز جي جيپ زوڪٽ ڪندي ميان شاهه واري بند تان ڌڌڙ اڏائيندي کوسن جي پاڙي کي اچي ويجهو ٿي. جيپ بيٺي ته صوبيدار رب نواز خان لانگ ورائي هيٺ لهي پيو، هن مڇ تي هٿ ڦيري آس پاس بيٺل ماڻهن کي نهاريو ۽ پوءِ ڪاريءَ ڏنڊي کي ٻئي هٿ تي ٺوڪيندي ٿلهو ڀڀ ڇلڪائيندي، ويڪري سوٽ سان لڦ لڦ ڪندي اڳتي سري آيو.
    ”اڙي ڪاٿي آ ماتو خانڻ“ هن ٿلهي آواز ۾ چيو.
    ”سائين اهو ته رات لاڪون گم آ“.
    ”اڙي رات لاڪون جا پٽ ماتو ڪهڙو اٿس گهر؟“
    ”سائين هي“. همراهن هٿن سان هڪڙي ننڍي گهر ڏي اشارو ڪندي چيو.
    صوبيدار رب نواز ڪنهن پڇا ڳاڇا کان سواءِ خانڻ جي گهر ۾ گهڙي آيو. ٿوري دير به نه گذري ته صوبيدار جي ٿلهي هٿ ۾ خانڻ جو گريبان هو، ٻاهر گهٽيءَ ۾ وٺي آيس.
    ”اڙي ماتو، گندين ۾ ٿو لڪين، ڪنڃر، ماءَ جا....“
    ”سائين رب جي واسطي قرآن کي مڃ.“
    هڪ چماٽ، ٻئي چماٽ، ٽڙ ٽڙ ٿي وئي.
    ”ماتو معاف ڪريان.... ڀيڻ جا..... اڙي وٺوس... جي .... کي“
    صوبيدار نڙيءَ تي زور ڏيئي سپاهين کي چيو.
    سپاهين جا ٿلها ڏنڊا حرڪت ۾ اچي ويا، ڌٻ ڌٻ ٿي وئي.
    مجموعو لڳي ويو. ڳوٺ وارا ڏڪي ڏڪي خانڻ جو انجام ڏسڻ لڳا.
    ”اڙي صوبيدار، ٻيلي نالو ٿي خدا جو“ اوچتو خانڻ جي نوجوان زال در جي کٿي مٿي ڪري نڪتي ۽ صوبيدار جي اڳيان هٿ ٻڌي روئڻ لڳي.
    ”اڙي ماتو پري ٿيءُ، ماءُ جي.....“
    صوبيدار ٿلهو بوٽ ٺڪاءَ ڪرايو، خانڻ واري زال جي چيلهه ۾ ”هوءِ ڙي“ زال هنس وڃي پري ڪري. سپاهين کوسي کي ڪٽي ڪٽي اڌ مئو ڪري ڇڏيو، پٺيءَ جا ٻيرا ئي لاهي ڇڏيائونس. هڪ هڪ ڏنڊي سان رڙ ته پيو ڪري، اڀ پيو ڏاري.
    ”اڙي منهنجي پيءُ به توبنهن ڪئي. اڙي قرآن کي مڃ“.
    ”گهلي هلوس ڙي ٿاڻي تي.“ صوبيدار ڀڀ تي زور ڏيندي چيو.
    سپاهين خانڻ کي گهلي جيپ ڏانهن سوريو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ تماشي ۾ بيٺل ماڻهو خوف وچان جيپ کي سم واهه جي بند تان مٽيءَ اڏائيندي زوڪاٽ ڀريندي ويندو ڏسي رهيا هئا.
    ٻه ڏينهن گذريا ته خانڻ ڳوٺ ۾ هيو.
    ”اڙي ڇو؟“
    ”اڙي ڀيڻيان ڪو سڃو لڌو اٿو ڇا؟ پورا ڏهه هزار ڏنا آهن آفيسرن کي، هاڻي علڻ جيڪو ڪيس ڪيو ته ڏٺو ويندو“.
    علڻ وارن شهر ۾ ڪيس داخل ڪرايو، هيڏانهن خانڻ به پنهنجي وڪيل سان عدالت ۾ پهچي ويو.
    ”اڙي خانڻ، تو علڻ جي ٻانهن ڇو ڪٽي؟“
    وڪيل سوال ڪيو.
    ”ڇو جو هن منهنجي ڀاءُ جي سسي ڪپي هئي“.
    ”اڙي علڻ تون خانڻ جي ڀاءُ جي سسي ڇو ڪپي؟“
    خانڻ جي وڪيل سوال ڪيو.
    ”ڇو جو ان منهنجي وڏي ڀاءُ کي ڪٺو هيو“.
    ”اڙي خانڻ“ علڻ جي وڪيل چيو، ”تو واري ڀاءُ هن جي وڏي ڀاءُ کي ڇو قتل ڪيو؟”
    ”ڇو جو ان منهنجي بابي کي قتل ڪيو هيو“.
    ”اڙي علڻ، ڀاڻي هن جي پيءُ کي ڇو قتل ڪيو؟“
    ”ڇو جو سائين ان منهنجي بابي کي قتل ڪيو هيو”
    ”اڙي ڇو بابي کي قتل ڪيائين؟”
    ان کان اڳ جو خانڻ ڪو جواب ڏئي. جج ميز تي هٿوڙي کي ٺڪ ٺڪ ڪرايو. ”بيڪار ڳالهين ۾ عدالت جو وقت نه وڃايو. ڪيس کي اڳتي وڌايو“.
    ڪيس هلندو رهيو، ڇهه مهينا گذري ويا ته علڻ جو داد فرياد نه ٿيو. نه خانڻ کي سزا آئي، خانڻ جا فصل مان ڪمايل پئسا آهستي آهستي ختم ٿي ويا. هوڏانهن علڻ سان به اها حالت ٿي، وڪيلن ۽ آفيسرن کي کارائي کارائي پاڻ سنهو ٿي ويو.
    فصل ۾ لابارا پيا، ڪمي ڪاسبيءَ جي گهر ۾ پئسو آيو. ڪي همراهه مڇن کي مکڻ مکي، ڏندن کي مساڳ هڻي لئي جو لڪڻ هٿ ۾ کڻي ململ جا ڊگها چولا ۽ سٿڻون پائي شهر جي بس ۾ چڙهي چڪلي جو رخ ڪري هليا ويا ته ڪن وري ڪهاڙين تي تيزاب هاري ڪٽ لاٿي.
    شام جا پاڇولا لٿا ته علڻ به مڇ کي وڪڙ ڏنو. ”جي خانڻ جا چارئي عضوا نه ڀڳم ته علڻ نالو ئي نه آهي“. همراهه لانگ ورائي لهي پيو لوڙهن جي ٻئي ڀر. رونڊي ٻانهن لڪل هئس چولي ۾، هٿ ۾ ڪهاڙي، پير پير ۾ ڏئي سيدن جي محلي جو رخ ڪيائين. رات جو سناٽو، خاموشي، جهالت جهڙو ڪارو انڌيرو، ڏيڏرن جي ٽان ٽان، تڏن جي تڪ تڪ، ڪڏهن ڪڏهن ڪاريهر جي سينڍ.
    علڻ سيدن جي محلي مان لنگهي اچي کوسن جي ويڙهي کي ويجهو ٿيو، خانڻ به ڪو زال سان گهر ۾ ويٺو هو، پٽ کي دشمنيءَ جا قصا پيو ٻڌائي. خبر نه پئي ته علڻ پريان ئي هڪل ڪئي، ”نه ويندين ڙي خانڻ تنهنجي جوءِ کي....“ اوچتو علڻ لوڙهو ٽپي ڪهاڙي اڀي ڪري پريان ئي الر ڪئي. هوءِ هوءِ ٿي ويئي. ان کان اڳ جو ويڙهي جا مڙس اچن، ڪهاڙي جي ڌٻ ڌٻ ٿي ويئي. علڻ جي ڪهاڙي ڪيترا دفعا زوڪٽ ڪندي خانڻ جي جسم ۾ چڀي وئي. ويڙهي ۾ اچي هل ٿيو، سڄو ڳوٺ جاڳي پيو. علڻ جوانن جي پهچڻ کان اڳ ئي لوڙهي ٽپي ميان شاهه واري بند کان ٿيندو ڪورين جي محلي ۾ گم ٿي ويو. ٿوري دير نه گذري ته ڳوٺ جا ننڍا وڏا خانڻ جي چچريل جسم مٿان هيا. جوڻس ۽ پٽهس مٿان بيهي روئي رهيا هيا. اوچتو خانڻ جي رنگ رنڱيل منهن ۾ جنبش ٿي، اکيون کليون،
    ”اڙي جاڙا“ هن پٽ کي سڏيندي چيو.
    ”ٻيلي مڙس ٿجان، غيرتي آهين، ته خاندان جي غيرت کي نه لڄائجانءِ“
    خانڻ آهستي آهستي ٿورو مٿي ٿيو ۽ هن پٽ کي چيو
    ”اڙي اسان جي دشمني هن هيرڻ جيڏي پراڻي ٿي، ان کي پاڻي ڏجانءِ“.
    خانڻ جي اڳيان هن جي خانداني دشمني جو وڻ هيو. چنبي جهڙا پن، پنج آڱريون، کليل، سڌيون منهن ۾ لعنت ٿي..... لعنت ٿي.... لعنت ٿي.....
    تڪليف کان کوسي جا ڏند ڀڪوڙجي پيا. ڌڙام ڪري ٻيهر ڍڍري هيٺ ڪري پيس.
    اسماعيل حڪيم آيو، پر ڏسڻ کان سواءِ ئي هليو ويو. ڇو جو خانڻ جو روح ڏاڏن جي روح سان وڃي مليو هيو.


    آخري خواهش

    هن ڏانهن وڌندڙ قدمن جا آواز گهرا ٿي چڪا هئا. هو اکيون ڦاڙي ۽ چپن کي گول ڪري انهن آوازن کي ڪنائيندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ روشنيءَ جا ڪجهه زرد ڪرڻا هن جي انڌيري ڪوٺڙيءَ ۾ پيا، ۽ پوءِ ديوارن تي لوهي سيخن جو عڪس ٺاهيندا وڌندڙ انسانن جي قدمن سان پٺتي ٿيندا سڄي ڪوٺيءَ ۾ ڦهلجي ويا. چمنيءَ جي لاٽ هن جي اکين کان ڪجهه قدم پري لوهي سيخن جي پويان هئي. هو روشنيءَ جو تاب سهي نه سگهيو ۽ هن جون اکيون چچيون ٿي ويون، نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا، ۽ هن ٻئي هٿ اکين تي ڏئي ڇڏيا.
    ”تنهنجي ڪا آخري خواهش؟“ اوچتو هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ اداس پڙاڏو پيدا ٿيو. هن پنهنجي تڪليف تي ضبط ڪري، اکين تان هٿ هٽائي، ٻاهر بيٺل انسانن کي نهاريو. اهي تعداد ۾ ٽي کن هيا، جن مان هڪ کي ٿلهي جسم تي ڪارو جبو ۽ مٿي تي اڇو ڪپڙو اوڍيل هو. پوءِ هن ٻين شخصن کي ڏٺو جن مان هڪ زرد شعلي واري چمني جهلي بت جيان خاموش بيٺو هيو ۽ ٻيو ان جي پويان ٻانهون ٻڌي ڪن خيالن ۾ گم هيو.
    ”قيدي تنهنجي ڪا آخري خواهش؟“ هڪ دفعو وري آواز آيو ۽ خاموشي ڦهلجي وئي. قيديءَ هنن جي آواز کي محسوس ڪري ڪنڌ کي ناڪار ۾ جهنجهوڙيو، جنهن جي ڪري هن جي ڪڙين مان ”جهڻ جهڻ ” جو آواز اڀريو. ٿوري دير کان پوءِ روشنيءَ جا ڪرڻا ڀتين تي سيخن جا ڊگها پاڇا ٺاهيندا ٻئي پاسي ڏانهن گم ٿي ويا. هو هڪ دفعو وري انڌيرن ۾ پنهنجي وجود کي ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن سوچيو، ”خواهشون به ڇا آهن؟“ ”غلاميءَ جو مفهوم آهن.“ ڇا واقعي هر خواهش غلامي آهي؟ ”انسان جي هر خواهش زندگيءَ کي آسان بڻائڻ جو ذريعو آهي، زندگي ٻوجهه آهي، انسان جي هر جدوجهد حياتيءَ جي گهٽيءَ کي آسان ڪرڻ جو نسخو آهي.“ هن جي دل ۾ ڄڻ دهڪو مچي ويو. هن ڦٿڪي وڏا تارا ڦوٽاري انڌيرن ۾ نهارڻ چاهيو، پر هر طرف بي وسي. خاموشيءَ ۾ وڄندڙ سائون سائون ۽ عجيب نراشا! هن کان ته اهو به وسري چڪو هيو ته هو قيد ۾ گهڻا ڀيرا آيو ۽ گهڻا ڀيرا آزاد ٿيو. هن جي لاءِ پنهنجي آزاديءَ جي ته ڳالهه ئي ڪو نه هئي. هر شيءِ قيد خانو آهي، پوءِ چاهي اهي قيد جون ديوارون هجن يا ٻاهران جو ماحول. هن جي اڳيان ان وقت آزادي جيئري لاش جيان هئي. هن تي انسانن جو وجود ائين محسوس ٿيو، جيئن ان کي زوريءَ غلاميءَ جو ڪفن پارائي سرشتيءَ جي قبر ۾ محض اهو ٻڌائي سمهاريو ويو هجي، ته ننڊ ڪريو ته خواب ڏسي مري وڃو. شروع شروع ۾ هن جو قيد ۾ اچڻ، به عجيب اتفاق هيو، هن جي آس پاس جي هر شيءِ غلام هئي، هن کي جڏهن به آزاد ڪيو ويو، ته قيد کان ٻاهر هن پنهنجن مقصدن سان ياري نڀائي. هن هر انسان کي دوکي جي ديوار سان آشنا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو هن سان تعلق هيو ۽ هو پنهنجي ڪيترن سالن جي محنت جي ڦل سان پوريو پيو هيو. هن جو سرمايو انڌيرا، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ قابو پيو ڪرڻ چاهي، پر آزاديءَ جهڙا انڌيرا جيڪي هن جي هٿن ۾ نه پيا ڦاسن. غلاميءَ جهڙا انڌيرا جيڪي هن جي چوڌاري ڦهليل هئا، جن کي هو اکيون کولي به ڏسي پيو سگهي ته اکيون بند ڪري به. ”غلامي ڇا هي ؟“ هن پاڻ کان سوال ڪيو غلامي .... غلامي......... غلامي ....... دماغ تي پوندڙ ڪنهن ٻوجهه کان هو هيٺ ڍرڪندو ويو. اوندهه ۾ ڄڻ گوڙ مچي ويو. هن اکيون ڦوٽاري دماغ جي رڳن کي سيٽائي پاڻ سنڀاليو ۽ هو ڄڻ پاڻ ۾ موٽي آيو. پڙاڏا، غلامي ....... غلاميءَ مان ڦري اوندهه ۾ سائون سائون ڪري وڄڻ لڳا، ائين، جيئن هزارين ميل ڏور ويرانين ۾ مندر جا گهنڊ زنجير جي ڇڪ سان ڊڙانگ..... ڊڙانگ..... ڪري ڌرتيءَ تي غلاميءَ جو اعلان ڪندا هجن، ڇا اهي گهنڊ آزادي قبول ڪري سگهن ٿا؟ زنجيرن کي ڇني ڇا خود شڪتي پيدا ڪري سگهن ٿا. ۽ هو منجهي پيو. هن وٽ ڪو به جواب ڪو نه هيو. هو انڌيرن کي جاچڻ لڳو. انڌيرا..... انڌيرن سان هو ڪيڏو نه مانوس ٿي ويو هو. انسان ۾ حالتن کي جهٽڻ جي بهترين صلاحيت موجود آهي. هو هر شيءِ کي جلد قبول ڪندڙ آهي. غلامي، انڌيرا، نراسائي محض هر ڪا شيءِ هن کي ياد آيو، جڏهن هو پهريون دفعو انڌيرن ۾ آيو هيو ته هن پاڻ کي ڪارڻ نانگن ۾ ويڙهيل محسوس ڪيو هو، ۽ پوءِ آهستي آهستي جوڳي ٿي ويو. ۽ هاڻي، جڏهن هو روشنين ۾ نڪرندو آهي ته سج جا ڪرڻا هن کي وجود ۾ چڀندڙ محسوس ٿيندا آهن. هن سوچيو، ”سرشٽي جي هر غلامي انسان تي زوريءَ مڙهي وئي آهي ۽ انسان صدين کان انهن غلامين ۾ رهندي رهندي نرڄو ٿي ويو آهي.“ قيديءَ پنهنجون اکيون کڻي قيد جي دريءَ کان ٻاهر نهاريو، رات جا ستارا، اوندهه جو سينو چيريندر لاٽون، روشنيءَ جو مجموعو، آزاديءَ جو امر نشان. پر وقت جي زنجيرن ۾ قيد. ۽ هو ٻاهرين دنيا ۾ کوئجي ويو. هو آزاد هيو ۽ هن جي وطن کي به آزادي ملي چڪي آهي. هڪ ٻيو حڪمران تخت تي ويٺو. ماڻهن ۾ سڪون جي لهر، هنن پنهنجي دل جو وزن هلڪو ڪيو. پهاڙ جيڏين دل تي پيل ڇپن سان ڊڪٽيٽر کي سنگسار ڪيو پر ساڳيو دور- ٻن ڦيٿن واري گاڏيءَ تي رکيل ڪيترائي ٽن وزنن جا چنگهون ڪري ڇڪيندڙ هڏن جو پڃرو. ”هو غلام آهي، آخر ڪنهن جو؟“ ”زندگيءَ جو!“ ”پوءِ آزادي؟ “ ”بڪواس“ ”زندگيءَ جو تعلق ته هن سان ئي آهي، هو بذات خود پاڻ زندگي آهي.“ ”۽ زندگي؟“ ”چند ڪڻن جي محتاج!“ ”ته هو غلام آهي....... پيٽ جو!“ قيديءَ نظرون کڻي شهر جي اچ وڃ کي نهاريو. هڪ جدوجهد نڙيءَ ۾ ڦاٿل هڪ مسلسل چنگهه جنهن جي ختم ٿيڻ سان روح به پرواز ڪري وڃي. انسان دنيا ۾ سڀ ڪجهه جيئڻ لاءِ ڪري ٿو. هن جي جدوجهد حرارت لاءِ آهي، جيڪا هن کي جيئرو رکي سگهي. مسلسل جدوجهد، پر هو پائي ڇا ٿو؟ موت؟ ... ته پوءِ ان جدوجهد جو ڇا مطلب؟ زندگي کي آسان بنائڻ لاءِ، ٽهڪن جو سهارو، روئڻ جو سهارو، جنس جو سهارو، نفس کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هر قدم تي سهارو ئي سهارو. ڪيترو نه معذور آهي انسان. ته پوءِ آزادي؟ غلامي، خلا جيان دنيا کي ويڙهيل ٿلهو زنجير آهي. جنهن جي ڪڙين ۾ ڦاٿل انسان ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل مڇيءَ جيان آهي، يا ته عذاب ۾ ڦٿڪندي زندگي بسر ڪري يا ته آزاديءَ لاءِ ڪنڍيءَ ۾ ڦٿڪندي ڦٿڪندي جان ڏئي. پر هن جو ڇٽڻ مشڪل آهي. هن کي آزاديءَ جو مفهوم سمجهه ۾ ايندو ويو. هن کي پنهنجون رڳون سيٽيل ۽ تپيل سنهيون لوهي تارون محسوس ٿيون، جيڪي هن کي اندر ۾ چڀڻ لڳيون. هن کي پنهنجو جسم سيٽجي ڀرندو محسوس ٿيو. ان عذاب کان هڪ دفعو هو وري پاڻ ۾ موٽي آيو. ستارا هن آڏو الوپ ٿي چڪا هيا ۽ هو وري انڌيرن ۾ هيو، هن صرف اهو محسوس ڪرڻ لاءِ ته، واقعي هو قيد ۾ آهي، پنهنجين ڪڙين کي هٿ هڻي محسوس ڪيو. ٿڌيون، پاروٿي لاش جي جسم جهڙيون. هن کي هر ڪڙي ائين محسوس ٿي، جيئن غلامين جو ڪو سلسلو هجي. ڌرتيءَ کان وٺي ستارن تائين جيئن بذات خود هو آزاديءَ جو غلام آهي. هر آزاديءَ غلاميءَ جي ذرڙن مان ٺهي وجود ورتو آهي. آزادي، دل کي وندرائڻ ۽ زندگي گذرڻ جو خيالي آٿت آهي. ديواني جو خمار آهي. جواڻ غلاميءَ جي موهيڙي مان وهندڙ پونءِ آهي. آزادي بڪواس آهي. انساني تخليق هن جي وجود سان واحيات مذاق آهي. ”پر ڪائنات ۾ ان جا مقصد؟“ ”ڪنهن چرئي جي، ڪاغذ تي پاتل ڦڏين سڌين ليڪن کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. جن جو مفهوم بذات خود هن کي معلوم نه آهي.“ ”ته پوءِ حقيقي آزادي ڇا هي؟“ قيديءَ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو. ”حقيقي آزادي........“ هن چپن ۾ ورجايو ۽ پوءِ هو چرين جيان زور سان ڏڪندي رڙيون ڪندو جيئن ئي قيد جي دروازي ڏانهن ڊوڙيو ته زنجيرن جي ڇڪ کان هن کي جهٽڪو آيو ۽ هو پٺيءَ ڀر ڌڙام ڪري ڪري پيو. ”منهنجي هڪ آخري خواهش آهي............ منهنجي هڪ آخري خواهش آهي...........“ هو رڙيون ڪري شور مچائڻ لڳو، ڪجهه سپاهي ڌم ڌم ڪندا پنهنجن ڳورن بوٽن سان هن ڏانهن ڊوڙندا آيا، ”ڇاهي، ڇو پيو گوڙ ڪرين؟“ انهن مان هڪڙي سوال ڪيو. پوڙهو ڪجهه دير خاموش ٿيو ۽ هن جي اٿڻ ڪري ڪڙين ۾ ڇڻ ڇڻ جا آواز پيدا ٿيا. ”منهنجي هڪ آخري خواهش آهي......“ ”ڪهڙي؟“ ”مون کي آزادي ڏني وڃي.“ هن سخت لهجي ۾ چيو، جنهن ۾بيوسي به هئي ته درد به. سپاهين جا منهن حيرت ۽ عجب کان لهي ويا. ”شايد جيل ۾ مسلسل رهڻ ڪري تنهنجو دماغ صحيح ڪم نه ٿو ڪري؟“ "نه..........“ قيديءَ زور سان رڙ ڪندي چيو، ”دنيا ۾ حقيقي آزادي جسم کان روح جي آزادي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سان هميشه جدوجهد ڪندس. مون کي موت ڏيو........ آزادي ڏيو...... آزادي ڏيو....“ ۽ پوءِ هو زور سان ڍانڍيون ڪري پنهنجي غلاميءَ تي احتجاج ڪرڻ لڳو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 758
    ڪتابن جو مشاهدو: 1275998
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 389482
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ