ڪتاب جو نالو: پنهون
مصنف: منظور ٿهيم
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 06 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 778 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 313 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھڪ سياسي پر خاص ڪري مسنگ پرسنس جي موضوع تي لکيل ھن ناول جو ليکڪ محترم منظور ٿھيم آھي. ھو لکي ٿو:
”مان پنهنجي پهرين ناول’گذري وئي برسات‘ ۾ به پنهنجي دل جي مسرتن ۽ خواهشن کان هٽي ڪري وڌيڪ مذاحمتي رهيس، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي دل جي دنيا کان وڌيڪ پاڻ کي زمين ۽ ماڻهن ڏانهن ذميوار سمجهيو آهي ۽ پنهنجي دل کي ان لاءِ قائل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويو آهيان. منهنجي روح کي جيڪا ڳالهه وڌيڪ محسوس ٿي آهي اها آهي پاڪستاني رياست جو ماڻهن سان ظالمانه رويو پوءِ اهو رويو سنڌ جي نوجوان سان يا بلوچستان جي نوجوان سان روا رکي مون لاءِ انتهائي تڪليفده رهيو آهي. ڪنهن به انسان جي آزادي هڪ منٽ لاءِ صلب ڪئي وڃي. اهو سوال هڪ رائيٽر کي مذاحمتي بنائي ٿو. ناول ’پنهون‘ انهن نوجوانن جي پٽيشن آهي جيڪي مسنگ پرسن آهن، هي ناول بلوچ تحريڪ جو ڊاڪيومينٽ به آهي“.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • شروعاتي نوٽ : انسان هڪ آزاد وجود آهي
  • عشق جي اکين ۾ لٿل خواب
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • 28
  • 29
  • 30
  • 31
  • 32
  • 33
  • 34
  • 35
  • 36
  • 37
  • بئڪ پيج

  • ارپنا

    پنھنجيءَ امڙ سائڻ
    ۽
    دنيا جي مڙني مائرن
    جي نانءُ



    منظور ٿھيم


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پنھون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھڪ سياسي پر خاص ڪري مسنگ پرسنس جي موضوع تي لکيل ھن ناول جو ليکڪ محترم منظور ٿھيم آھي. ھو لکي ٿو:
    ”مان پنهنجي پهرين ناول’گذري وئي برسات‘ ۾ به پنهنجي دل جي مسرتن ۽ خواهشن کان هٽي ڪري وڌيڪ مذاحمتي رهيس، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي دل جي دنيا کان وڌيڪ پاڻ کي زمين ۽ ماڻهن ڏانهن ذميوار سمجهيو آهي ۽ پنهنجي دل کي ان لاءِ قائل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويو آهيان. منهنجي روح کي جيڪا ڳالهه وڌيڪ محسوس ٿي آهي اها آهي پاڪستاني رياست جو ماڻهن سان ظالمانه رويو پوءِ اهو رويو سنڌ جي نوجوان سان يا بلوچستان جي نوجوان سان روا رکي مون لاءِ انتهائي تڪليفده رهيو آهي. ڪنهن به انسان جي آزادي هڪ منٽ لاءِ صلب ڪئي وڃي. اهو سوال هڪ رائيٽر کي مذاحمتي بنائي ٿو. ناول ’پنهون‘ انهن نوجوانن جي پٽيشن آهي جيڪي مسنگ پرسن آهن، هي ناول بلوچ تحريڪ جو ڊاڪيومينٽ به آهي“.

    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 20017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿھيم جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شروعاتي نوٽ : انسان هڪ آزاد وجود آهي

    پنهنجن مونجهارن ، مايوسين، کي هڪ پاسي ڪري پاڻ سڀني کي هاڻ ان حقيقت سان منهن مقابل ٿيڻ گهرجي ته انسان هڪ آزاد وجود آهي ۽ انجي آزادي واري حق لاءِ پوري حياتي وڙهڻ گهرجي.
    اهو ئي احساس هو جنهن مونکي پنهون ناول لکڻ تي مجبور ڪيو، پنهون دراصل آزاد انسان جو نالو آهي جنهن ۾ اسين سڀ موجود آهيون. جنهن کي رياستي ادارا کنڀي گم ڪري ڇڏن ٿا، هڪ رائيٽر کي بياني، احساساتي ۽ مذاهمتي هئڻ گهرجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو پاڻ کي موضوع ۾ ائين شامل ڪري ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه ان سان ئي ٿي رهيو آهي، اهو احساس ئي دراصل ڪلاسڪ ادب کي جنم ڏئي ٿو، مان پنهنجي پهرين ناول گذري وئي برسات ۾ به پنهنجي دل جي مسرتن ۽ خواهشن کام هٽي ڪري وڌيڪ مذاهمتي رهيس ، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي دل جي دنيا کان وڌيڪ پاڻکي زمين ۽ ماڻهن ڏانهن ضميوار سمجهيو آهي ۽ پنهنجي دل کي ان لاءِ قائل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويو آهيان. منهنجي روح کي جيڪا ڳالهه وڌيڪ محسوس ٿي آهي اها آهي پاڪستاني رياست جو ماڻهن سان ظالمانه رويو پوءِ اهو رويو سنڌ جي نوجوان سان يا بلوچستان جي نوجوان سان روا رکي مون لاءِ انتهائي تڪليفده رهيو آهي. ڪنهن به انسان جي آزادي هڪ منٽ لاءِ صلب ڪئي وڃي. اهو سوال هڪ رائيٽر کي مذاهمتي بنائي ٿو. ناول پنهون هي انهن نوجوانن جي پٽيشن آهي جيڪي مسنگ پرسن آهن، هي ناول بلوچ تحريڪ جو ڊاڪيومينٽ به آهي.
    مان هتي پنهنجن دوستن ۽ ساٿين جي محبت جو ذڪر ضرور ڪرڻ چاهيندس جن پنهون ناول لکڻ واري مرحلي دوران منهنجي رهنمائي ڪئي، مان شڪرگذار آهيان، پنهنجي عزيز دوست رئوف نظاماڻي جو جنهن سان ناول جي خيال ۽ موضوع تي مسلسل گفتگو رهي، سائين مير محمد علي ٽالپر، پناه بلوچ، ڊاڪٽر اشو ٿاما، ننگر چنا، عزيز گوپانگ، دين محمد ڪلهوڙو، جيڪي محبت ۽ عزت سان ناول جي لکڻ واري مرحلي دوران مون سان گڏ رهيا پنهنجي عقل ۽ دانش سان قيمتي مشورا ڏيندا رهيا.مان هتي پنهنجي عزيز دوست اي آر آزاد جو به سدائين شڪر گذار رهندس جنهن منهنجي ناول لاءِ انتهائي محبت ۽ پنهنجي آرٽسٽڪ سمجهه سان ٽائيٽل ڊزائن ڪري ڏنو. مان هتي روشني پبليڪيشن جي نوجوان وڪي گهانگرو جنهن ننڍي ڀاءُ جيان ضميواري سان ڪتاب جي ڇپائي ۾ سرگرم رهيو ۽ پنهون کي ڇپائڻ جي حامي ڀري ۽ توهان تائين پهچايو، مان قدرت اڳيان پنهنجو سر هميشه نوائي رکندس جنهن منهنجي زندگي کي آسان بنائڻ ۾ منهنجي ڪيترن طرفن کان مدد پئي ڪئي آهي ، ان ۾ منهنجي جيون جي ساٿي ڊاڪٽر سيما منظور ۽ منهنجي نياڻي ايما آفتاب جن جي نه وسرندڙ ساٿ سان ئي مون هن ناول جي شرعات ڪئي ۽ ان کي لکي پورو ڪيو انهن جي ساٿ کانسواءِ شايد مان اهو ممڪن ٿي نه سگهي ها. انهن مسلسل پنهنجي توجهه ۽ پيار سان منهنجو خيال رکيو، مان اهي پل ڪڏهن به نه وساري سگهندس.


    منظور ٿهيم
    حيدرآباد


    عشق جي اکين ۾ لٿل خواب

    ڪو ماڻهو ايترو به ديوانو ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي ڪنهن خيال کي پکين جيان پالي، سندن خيال رکي،کيس پنهنجن خوابن۽ اوجاڳن جا داڻا ائين آڇي جيئن ڪو هاري هيج مان ٻارين ۾ ٻج ڇٽيندو آهي يا ڪو ٻار آڳرين جي بُل تي پوپٽ ويهاريندو آهي.
    منظور ٿهيم سان ملڻ ۽ کيس سڃاڻڻ کان پوءِ مونکي محسوس ٿيو ته اهڙا ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي ٻاهر جي دنيا ۾ به ايترو ئي رهندا آهن جيترو اندر جي دنيا ۾ . سندن سيني ۾ دل سان گڏ اُهي هزارين دلبريون به ڌڙڪنديون آهن جيڪي آزاد ديسن جي سُرمئي شامُن جو سرمايو هونديون آهن. دنيا جهان جي مظلوم ماڻهن جي خوابن کي لوڙهندڙ نديون سندن اکين ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن ۽ اهڙن آزاد ديسن جا سُهاڻا صبح ڏسڻ لاءِ سندن اکيون اهڙن اوجاڳن مان گذرنديون آهن جيڪي اوجاڳا عاشقن جي اکين مان گذري سفيد ڪبوترن۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
    عشق جي اڪيلي پنڌ ۾ پيرن کان وڌيڪ دليون پٿون ٿينديون آهن، وصل ۽ هجر هڪڙي ٽاري تي ٽڙندا آهن،زندگي موت کانپوءِ ۽ موت حيات کان اڳ جي معني وٺندا آهن، زلفن جا بند زنجيرن جيان ڪمند وجهندا آهن، راحت ۽ روح جي وچ۾دنيا جهان جي غريب۽ محڪوم ماڻهن جي اُها بک اچي بيهندي آهي جيڪاهڪ ئي وقت سندن چهرن کان ماس ۽ اکين کان سپنا ڌار ڪري ڇڏيندي آهي.
    منظور اهڙي ئي قبيلي جو ماڻهو آهي، جيڪو قبيلوماڻهن جي ابدي پيار ۽ پکين جي آزاد اڏار لاءِ پنهنجن خوابن جون سڀئي موڙيون گروي رکندو آهي. جيڪو قبيلو دل ۽ دنيا جي وچ۾ اهڙي پل جوڙيندو آهي جتان پنهنجي مفادن جي ڪا به مال گاڏي ناهي مٽيندي. جيڪو قبيلو ٽڪٽڪين تي جهوليندڙ سرفروشن جي لاشن ۽ ٽاري تي ڪومايل بهار جي پهرين گلابن تي ساڳيو مرثيو لکندو آهي. پنهنجن مٽن مائٽن ، دوستن احبابن ۽ پيارن لاءِ گهڻا ئي ماڻهوڏکندا هوندا پر اُهي ماڻهوجيڪي اجنبي ماڳن ۽ مڪانن جي ماڻهن لاءِ به ايترو ئي درد رکندا هجن، جيترو درد ماڻهو پنهنجي گهاءُ ۾ محسوس ڪندو آهي، سَي مان ڀانيان ٿو منظور جهڙا ئي هوندا، ريشمي رُوح ۽ اڇي هرک جهڙي خواب جهڙا ماڻهو.
    لفظ آزادي هڪ ڪائنات جي وسعت رکي ٿو، جنهن ۾ انسان جي ابدي حقن ۽ فرضن جي يقيني حفاظت رکيل هوندي آهي،انهي لفظ جي حرمت ۽ تقدس جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ جاکوڙيندڙ سرفروش ماڻهو ڪڏهن فتح ۽ ڪامراني سان همڪنار ٿيا ته وري ڪڏهن دارورسن جي سفاڪ ريتن ۽ رسمن جي ور چڙهي ويا.
    منظور به اهڙن ئي سرفروش ۽ ديواني قبيلي جو فرد آهي جنهن جي اکين ۾ انسانيت جي آجپي ۽ مظلوم طبقن جي ابدي نجات واراگلابن جهڙا خواب ٽڙن ٿا.
    اوهانجي هٿن ۾ موجود سندس هي ناول پڙهڻ دوران مونکي لڳو ته هي منظور کان وڌيڪ “ پنهون” آهي جيڪو ناڪرده گناهن جي پاداش ۾ کنڀيو کنيو ويو آهي.
    رياستي جبر ۽ سرمائيداري نظام جي بي رحمي تي لکيل سندس هي ناول هن ملڪ ۾ ٿيندڙ مظلوم ماڻهن ۽ قوميتن جو اهو داستان آهي جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ حق ۽ ناحق جي وچ وارو اهو فاصلو نظر ايندو جيڪو اڄ به لکين ڪروڙين ماڻهن کان اوجهل آهي. هي ناول اهڙي درد جي ڪهاڻي آهي جنهن جي دوا ڪنهن نظريي جي دوڪان تان نه پر انهي گڏيل جدوجهد ۽ شعور ۾ پنهان آهي، جنهن کان اڄوڪو معاشرو وانجهيل نظر اچي ٿو.
    هن ملڪ جي اشرافيه جي هٿان انسانيت جي ڪيتري تذليل ٿي آهي، هي ناول انهي تذليل۽ جبرجو هڪ دستاويز آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمنٽ هٿان زوري گم ڪيل ماڻهن جي جدائي ۽ انهن مان ڪيترن ئي بيگناه انقلابين جي روڊن تي ڦٽو ڪيل چچريل لاشن جا اکين ڏٺا احوال آهن.
    منظور جو هي ناول“ پنهون” عالمي ضمير جي ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اهڙي پٽيشن آهي جنهن جي پهرين ٻڌڻي تائين الاءِ جي اڃان ڪيترا گلابن جهڙا ماڻهو ٽارين تان ٽوڙيا ويندا.
    هي ناول ايندڙ وقت ۾ جڏهن بلوچستان جي درسگاهن ۾ پڙهايو ويندو تڏهن انهي دور جي نسل کي سڀ ستم ياد ايندا جيڪي سندن ابن ڏاڏن مٿان حڪمرانن به روا رکيا ته سردارن به!


    عزيز گوپانگ


    1

    ڪالهوڪي بارش جي ڪري پهاڙن جو رنگ هلڪو سُرمئي ٿي ويو آهي ۽ هر طرف کان زندگي ڄڻ جاڳي پئي آهي، اڪيلو چڪور ئي نه هو جيڪو ڳائي رهيو هو ان سان ڳائڻ وارن جو ميلو متل هو، تيز هوا ۾ انهن جا گيت قدرت جي سنگيت جو شاهڪار هئا، هن موسيقي جو خالق يقينن ڪٿي ويٺو اهو سڀ ٻڌي رهيو هوندو، پر هو هڪ ٻئي مسافر کي به ڏسي رهيو آهي جيڪو ماڻهن جي هجُوم کان ٽٽي هتي اچي پهتو آهي.
    ڄام دُرڪ حيرت جي حد تائين ٿڪل ٿي نظر آيو. هن جا پير مٽي سان لٽجي ويا هئا. هوا تازي ۽ ٿڌيري هجڻ جي باوجود هُن جو جسم گرم ۽ پگهر ۾ شَل ٿي ويو هو. پري پري تائين هي اڪيلو ئي هو جيڪو پهاڙن جي هڪ سلسلي جي سامهون بيٺو هو، زندگي رقص ۾ هجڻ جي باوجود هڪ شور هو جيڪو هن جي اندر ئي اندر ۾ ويو ٿي وڌندو، پهاڙن جي ڪڇ کان سنئون سڌو پَٽَ پري تائين ڦهليل هو، جنهن مان هي اهو اندازو ڪري رهيو هو ته شايد هن کي هتي ئي ڪٿي رات گذارڻي پوندي، جڏهن ته هن چاهيو ٿي رات کان اڳ هي ڪنهن انساني آبادي تائين پهچي وڃي ڇاڪاڻ ته پهاڙ رات جو وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃن ٿا،
    هي اڪيلو آهي ته ڇاٿيو، ڄام دُرڪ پاڻ سان ڳالهايو، هي پهاڙ ئي ته هن جي زندگي آهن، راه به ته روشني به، هنن جي درميان ته هي وڌيڪ محفوظ آهي.
    پر پوءِ نه ڄاڻ ڪهڙو خوف هن کي بيچين ڪري رهيو هو، دراصل هي هن علائقي کان اڻ واقف آهي، اجنبيت جو احساس هن کي خوفزده ڪري رهيو آهي.
    ڄام دُرڪ بيهڻ کانسواءِ مسلسل هلڻ جو فيصلو ڪيو، هن کي اميد هئي ته شام ٿيندي ٿيندي هي ڪنهن وسنهه تائين پهچي ويندو، پر مسلسل هلڻ جي باوجود نه هن کي وسنهه نظر آئي نه ئي رات کي روڪي سگهيو، هلڪي اوندهه هن جي مٿان ڇانئجڻ لڳي ته هن کي اهو ڏسي راحت ملي ته چنڊ هن مٿان بيٺو پنهنجي سفيد شفاف روشني جي بارش ڪري رهيو آهي، چنڊ ڪنهن نيڪ دل بزرگ جيان هن جي رهنمائي ڪندو ٿي ويو، پر پوءِ به هي اڪيلو ئي هو جيڪو ويران رستي جي وچ ئي وچ مان هلندو ٿي ويو .
    هن جي مٿي جا وار وکريل ۽ بي ترتيبيءَ سان وڌيل هئا ۽ ڏاڙهي جو رنگ چنار جي وڻ جهڙو زرد مائل ٿي ويو هو، هن جا ڪلها هيٺ جهڪيل هُئا پر انُ جي باوجود هُن جي قدمن جي رفتار ۾ ڪا ڪمي نه آئي هئي، هي هلندو به پئي ويو ته پاڻ سان ڳالهائيندو به پئي ويو.
    غير معمولي طور تي چنڊ اڄ وڌيڪ روشن ٿي ويو هو، اهو ڄام دُرڪ جو خيال هو يا حقيقت پر اها حقيقت هئي، چنڊ جي روشني سبب زمين جي وصف ته واضع ٿي وئي هئي پر ساڳئي وقت ڄام دُرڪ جي چهري جا نقش به واضع ۽ چٽا ٿي پيا هئا.
    هي ڪو پنجويهه _ ڇويهه سالن جو مضبوط ۽ قدآور بلوچ نوجوان آهي، جنهن جو روح تنهائي جي درد کان نه پر ڪنهن حادثي جي سبب بيچين آهي، هن ان مان نجات حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،
    هي جتان وڃي رهيو آهي پري پري تائين لئي ۽ کجي جا وڻ بيٺل آهن، ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ زمين تي ماڻهن جو ميلو لڳل آهي جيڪي پاڻ ۾ ڳالهائيندا، ٽهڪ ڏئي کلندا ٻانهون فضا ۾ لهرائيندا خوش ٿي رهيا آهن. تيز هوا جي گُهلڻ جو رڌم پيرڪ جي سارنگي جي لازوال موسيقي جيان ٿي لڳو.
    ۽ رکي رکي پيسو ، ڳيري، پاريهر، چنڊول ۽ چڪور جو آواز هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ٿي ڪيو جنهن کي ڏسڻ، سُڃاڻڻ ۽ ٻُڌڻ لاءِ ڪا گهڙي بيهي ٿي رهيو.
    ڄام دُرڪ هتي ڪيئن پهتو؟
    چملانگ جي زرخيز وادي هن جو گهر ئي نه هو هن جي زندگي هئي. جتي ڪالي مندر کان وهندڙ آبشار چملانگ جي پوري وجود لاءِ ان قدر لازم هو جو هر ماڻهو ان جي احترام ۾ مندر کان پنهنجو سر نوائي گذرندو هو. هر ماڻهو ڄڻ چملانگ سان جڙيل هو، هتي جڙيل هجڻ جي معني نڀائڻ ۽ محبت ڪرڻ آهي، انهن جو پنهنجو پاڻ سان، قدرت سان ۽ چملانگ سان رشتو ابدي هو، هميشه کان ، اهو رشتو هڪٻئي جي احترام سان جڙيو هو.
    وادي چملانگ هميشه کان ديس جي ماڻهن کي سهارو ڏنو ۽ خوراڪ جي ڪيترن ئي ذريعن جو بندوبست ڪري مقامي آبادي کي پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ڏنو، هي ماڻهو به هميشه انجي عقيدت ۾ گيت، ڀڄن ڳائيندا ان جي عظمت کي سلام پيش ڪندا رهندا هئا، ڄام دُرڪ نهايت ئي فرمانبردار ۽ بهادر شخص جنهن وادي چملانگ ۾ پنهنجو ٻالڪپڻ ائين گذاريو، ڄڻ ڪنهن ڀڳشو پهاڙ جي ڪنهن خاموش ترين حصي ۾ عبادت ڪئي هجي، هتي ڪنهن به انسان جو پنهنجو ڪجهه به ناهي هڪ ‘ڪميُون’ سماج جيان، مال مويشي ڪنهن جي به نگراني کانسواءِ چري ٿو ۽ واپس پنهنجن وٿاڻن تي اچي ٿو، پکي هن وادي جي ماڻهن جي ۽ ماڻهو پکين جا گهر ڀاتي آهن، هن وادي جي ماڻهن کي هڪ ئي جنون آهي سارنگي کي سُر سان وڄائڻ جو، چانڊوڪي رات ۾ ته اهو سلسلو پوري رات جاري رهندو هو، ٻڌڻ وارا به ان محفل ۾ ان قدر شامل ٿي ويندا هئا جو انهن کي ڪنهن ڳالهه جي سڌ ئي نه رهندي هئي، هي پنهنجن روايتن ۽ من جي آسودگي کي وادي چملانگ جي تخليق ۽ انجي مهربان هٿن جي سخات جو تسلسل سمجهندا هئا، هڪ عظيم وادي جنهن جون شاندار بلند چوٽيون، هموار ۽ زرخيز ميداني علائقا شيوو جي حفاظت ۾ آهن ۽ مهاپُرش چملانگ جا داستان ٻڌائي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا هئا ته سڀني جو سر فخر کان اوچو ٿي ويندو هو.
    ڄام دُرڪ جو ڏاڏو مير سالار خان جنهن پنهنجي زندگي ڪنهن عشقيه نظم جيان گذاري، هن کي پهاڙن ۽ پنهنجي ديس جي ماڻهن سان عشق هو، سدائين سفر ۾ رهندڙ هي شخص خان قلات جي درٻار جو اهم فرد هو، قلات ان وقت پوري بلوچستان جي گادي جو هنڌ هو.
    مير سالار تي سڀ جو ڀروسو هو، پوري هندوستان ۾ جڏهن انگريزمخالف تحريڪ مذهبي ، نسلي ۽ علحدگي جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي ته انهن علائقن لاءِ ڏکي گهڙي جي شرعات ٿي جيڪي ان وقت نسلي ۽ مذهبي خون خرابي کان محفوظ هئا، قلات به انهن مان هڪ هو، ايران ۽ افغانستان هڪ مخلص پاڙيسري جو فرض نڀائڻ بجاءَ شاطر پوڙهي وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳا، انهن رياستن جي بادشاهن هڪ عرصي تائين پنهنجي زمين ۽ ماڻهن لاءِ خدا پاران موڪليل والي سڏائڻ کانپوءِ انهن مٿان راڄ جي حق کي محفوظ ڪري ورتو هو، جنهن کي سياسي ۽ مالي سگهه انگريز سامراجيت ڏني ٿي، مير سالار جي ايران ۽ افغانستان جي سياست تي خاص دسترس هئي ۽ سياست جي مختلف نظرين تي هڪ خاص نقطه نظر رکندو هو، هن جي خيال ۾ ايران ۽ افغانستان جون رياستون پنهنجي داخلي بحران جو شڪار آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ختم ٿي وينديون،
    مير سالار خان بلوچستان جي قومي ۽ خودمختيار رياست جو حامي هو ۽ بلوچستان کي ڪنهن به رياست سان ڳنڍيل هُجڻ بجاءِ آزاد ۽ خودمختيار هُئڻ جو حامي هو، هن کي پنهنجن ماڻهن جي صلاحيت تي ڀروسو هو، هن کي بلوچستان جي سرزمين هيٺان پنهنجي گذر سفر جي وسيلن جي پروڙ هئي ۽ انهن جي حفاظت جو به احساس هو ۽ اهو به احساس هو ته پاڪستان جي وجود اچڻ سان هو وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويا آهن، 1947 ۾ پاڪستان جي پيدائش وقت قلات کي زبردستي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته مير سالار جو موقف قلات جي خان کان به وڌيڪ سخت هو، ان کي اُنهيءَ جو اندازو هو ته پاڪستان پنهنجي ابتدا کان هڪ نسلي ۽ مذهبي علحدگي جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ رياست آهي جيڪا اڳتي هلي مقامي قومن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي، هن خان قلات کي واضع طور چيو ته هن رياست مان چڱائي جي ڪا اميد نه رکي، مير سالار خان ان وفد ۾ به شامل هو جيڪو انگريزن سان بلوچستان جي خودمختياري جا معاملا طئي ڪرڻ لاءِ دهلي ويو هو، ته ٻئي طرف ڪجهه نام نهاد بلوچن جي حمايت سان بلوچن کي زبردستي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، مير سالار خان وفاق ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
    هڪ ڏينهن سج لهڻ کان ڪجهه دير اڳ ۾ چملانگ جي وادي مٿان اوچتو ظاهر ٿيندڙ پاڪستان ۽ ايران جا گن شپ هيليڪاپٽر تيزي سان آيا ۽ هزارين ٽن بارود اڇلائي ڪيترن ئي عورتن، ٻارن ۽ واديءَ جي سورمن جو خون ڪري هليا ويا، ڄام دُرڪ اڃان معصوم هو، هي انهن خوشنصيب ٻارن مان هڪ هو جيڪي بچي ويا هئا، بلوچن کي مرضي کانسواءِ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو، طاقتور بي رحمي سان بلوچن کي ماريندو سندن زمين تي قبضو ڪندو ويو، آزادي انسان لاءِ ضروري آهي، ان کي قائم تڏهن رکي سگهجي ٿو جڏهن آدرش جا حصول واضع ۽ چٽا هجن، مير سالار چملانگ جا زرخيز ميداني علائقا ڇڏي باران لڪ جي پهاڙي سلسلن جو رخ ڪيو، وادي چملانگ هن کي پنهنجن ٻانهن ۾ لڪائي نڪرڻ جو محفوظ رستو ڏنو ان وعدي سان ته هو وري موٽندو.


    2

    بلوچن کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اهو يڪطرفه فيصلو هو، پاڪستان ۾ انساني ۽ قومي آزادي بي معني ٿي وئي، وفاق خود سان مقامي آبادي خلاف جنگ جا رستا کوليا، چملانگ جي سورمن کي وقت نئين آزمائش لاءِ تيار ڪري رهيو هو، وقت گذرڻ سان ڄام دُرڪ چملانگ وادي جي روح کي وڌيڪ ويجهو ٿيندو ٿي ويو.
    سمورا انسان تبديل ٿيندڙ حالتن جو نتيجو آهن؟ ڄام دُرڪ پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو، آزادي جي ڪهڙي معني آهي؟ ڇا هي اصل کان انسان جي وجود سان گڏ جنم وٺي ٿي؟ دک درد جيڪڏهن غلامي جي پيداوار آهن ته ان ۾ انسان لاءِ داخلي تعمير واسطي ڪهڙي ڳالهه پوشيده آهي؟ اهڙا ۽ اهڙي قسم جا سوال ڄام دُرڪ کي باران لڪ جي پهاڙن جي درميان سوچڻ تي مجبور ڪندا هئا، هتي هي اجنبي هجڻ جي باوجود باران لڪ جي پهاڙن سان همڪلام ٿيندو هو ۽ صبح سوير انهن جي قدمن کي ڇهي انهن جي سرگوشين کي غور سان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، هو پنهنجي داخلي احساسن کي پهاڙن جي بلندي ڏيڻ لاءِ پاڻ کي زمان ۽ مڪان کان آزاد ڪري ڇڏيندو هو، هو پنهنجا سمورا خيال باران لڪ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي نَوَن خيالن ۽ احساسن لاءِ خالي ڪندو هو ته جيئن قدرت ان ۾ نئين طرح سان پنهنجا رنگ ڀري سگهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هي پنهنجي اندر جي خوف مٿان حاوي ٿيندو ويو، اهو خوف جيڪو هن کي پاڪستان جي فوجين جي گولا باري ۽ گولين جي خوفناڪ پڙاڏن جي صورت ۾ پنهنجي ٻالڪپڻ کان مليو هو.
    ڄام دُرڪ وقت کان ڪجهه فاصلي تي رهڻ ۽ ان کي پنهنجو تابع ڪرڻ جي بجاءِ ان کان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، هن لاءِ ائين ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو، هڪ انسان جڏهن پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي زمين وڃائي ٿو ته هو وقت جي گرفت کان آزاد ٿي پنهنجو جيون گذارڻ چاهي ٿو، ڪائنات جو هڪ ننڍڙو يونٽ جنهن جي هستي ۾ وقت جي ڏور هجڻ گهرجي، ٻين جي هٿن جو محتاج رهي ٿو.
    ڄام دُرڪ پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ پُل بنجڻ چاهي ٿو، انجو دماغ آفاقي ۽ لافاني آهي، هن ۾ ڄاڻڻ جي ڪلا آهي ۽ تبديل ڪرڻ جو حوصلو، پر انسان ۽ وقت جي وچ ۾ هڪ خلا ان کي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اجنبي بنائي ڇڏيو آهي، ڄام دُرڪ هن دکي ديس جي ماڻهن لاءِ اجنبي ٿي ويو آهي، اجنبيت کي هي ڪيئن پار ڪري، ڪيئن باران لڪ مان رستو ٺاهي جيڪو هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر وادي چملانگ جي زرخيز ميداني علائقن ڏانهن وٺي وڃي.
    ويدانيت ۾ لکيل آهي ته انسان پنهنجي وجود ۾ حاضر به آهي ته غائب به، موجود به آهي ته عدم به، هي ٻنهي ۾ برابر تقسيم ٿيل آهي، هي پنهنجي شعور مان جن شين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، حقيقت ۾ انهن جو روپ ڪجهه ٻيو آهي، هي شين کي پنهنجي نظر سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڪنهن به نتيجي تي نه ٿو پهچي، هِن جي سمجهه تمام گهڻي مختصر آهي، انسان صدين کان سنسار کي سمجهڻ جي ڪو شش ڪندو اچي ٿو مگر اُن جي حصي ۾ ته چند ڪڻا ئي آيا آهن.
    ڀڳوت گيتا ۾ ڪرشن چيو، ڪائنات جو وهنوار انسان جي عمل تي هر طرح کان اثر انداز ٿئي ٿو، پر انسان راڄ ڪرڻ جي خيال کان ائين سمجهي ٿو ته،
    مان آهيان ۽ سدائين لاءِ آهيان
    ڄام دُرڪ جو چهرو باران لڪ جي پهاڙن اڳيان جهڪيل آهي، هن کي پنهنجي شناخت ٿي گهرجي، هي ڪنهن طرح ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن کي وادي چملانگ کان ڇو ڌار ڪيو ويو، هي پنهنجي گهر جي هوندي جلاوطني جي زندگي گذراڻ تي ڇو مجبور آهي؟
    ڄام دُرڪ پنهنجي دل ۽ دماغ کي ان ڳالهه لاءِ پختو ڪرڻ لڳو ته وادي چملانگ جا زرخيز ميداني علائقا هُن جا آهن، جن ڏانهن هن کي هاڻ واپس وڃڻ گهرجي، جتي هن پنهنجي جيون جا قيمتي پل گذاريا جتي چملانگ وادي جي ٻانهن جي سهاري گهري نيري آسمان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن پنهنجو ڪنڌ نوائي باران لڪ جنهن ڪنهن رهبر جيان هميشه هن جي رهنمائي ڪئي، هَن گوڏن ڀر جهڪي سندس احسان مڃيو جنهن هنجي ورهايل وجود کي هڪ احساس ۾ سموئي انکي تنهائي کان محفوظ رکيو.
    پنهنجي وجود ۾ ورهايل ڄام دُرڪ کي اهو به احساس آهي ته باران لڪ جي پرپيچ رستن ۽ طلسماتي زندگي هن جي بي چين روح کي چين ڏنو، هن کي ڌيان ڏنو ته جيئن هي پهاڙن جي لافاني حقيقت کي ڄاڻي سگهي، ٻولي ڏني ته جيئن هي پنهنجي تشريح ڪري سگهي،
    پرهي هاڻ پنهنجي ديس چملانگ جي زرخيز وادي ڏانهن سفر ڪرڻ چاهي ٿو، جتي هن پنهنجا ٽهڪ ڇڏيا هئا جيڪي شايد اڃان تائين ٽڙندا هجن اهي سمورا چهرا جن سان هن جي انسيت هئي، جيڪي سڀ هن جا مائٽ هئا، هن کي نظر اچي رهيا آهن، هن جي ڪنن ۾ سارنگي جو آواز گونجندو رهي ٿو، هي ڪنهن طرح پاڻ کي ان حادثي کان هڪ پل به الڳ ڪري ناهي سگهيو ۽ پاڻ کي ان نقطي تي اچي بيهاري ٿو ته هي تيار ٿئي چمانگ وادي جي زرخيز ميداني ۽ سرمئي پهاڙن ڏانهن واپس ٿيڻ جي لاءِ ۽ هاڻ هن کي باران لڪ کي خدا حافظ چوڻ گهرجي.


    3

    ڄام دُرڪ ذهني طور تي سخت بي ترتيبي ۽ اضطراب ۾ آهي، هن کي ڪا خبر ڪانهي ته هي ڪاڏي وڃي رهيو آهي، هي پهاڙن کان هيٺ لهي هڪ نئين دنيا ڏسي رهيو آهي، هن کي معلوم نه هو ته هي ڪهڙو علائقو آهي، پر هن کي ان ڳالهه جو احساس هو ته هي جيڪو هن جي سامهون آهي، کليل ميدان، آسمان ۾ جُهولندڙ چنڊ، ڄڻ هنجي پنهنجي وجود جو حصو آهن، هنن کي ڄڻ هي ازل کان ڄاڻي سڃاڻي ٿو، پر رکي رکي هن کي اهو خيال به ستائي رهيو هو ته هي ڪنهن وٽ وڃي رهيو آهي هتي ته هن کي ڪوبه نه سڃاڻي، هن کي ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان جي فوج پوري بلوچستان تي قبضو ڪري ورتو آهي، ۽ ڪيترن نوجوانن کي جيڪي آزادي جي حق لاءِ وڙهيا، گم ڪيا ويا آهن، هي مقامي حالتن کان بيخبر آهي.
    زندگي جو فلسفو پنهنجي ليکي روح جي راحت به آهي ته اذيت به، ان چڪر کان ڪو به پاڻ کي آزاد ڪري ناهي سگهيو، اهو فلسفو جيڪو انسان کي سفر ۾ رکي ٿو ۽ ڪنهن جمود کانسواءِ جاري رهي ٿو، ڄام دُرڪ ان پوري سفر کان محروم رهيو، هن کي پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پنهنجو ديس تياڳڻ تي مجبور ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچ سماج ۾گهوڙي سواري ڪرڻ، بندوق کي جسم جو حصو سمجهڻ، خنجر جي ڌار تيز رکڻ، هڪ سورمي واري زندگي گذارڻ، شامياني کي مهمانداري لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ سارنگي مان لازوال سُر ڪڍڻ جهڙا هنر سيکاريا ويندا آهن، بلوچ سماج ان فلسفي جي آڌار تي بيٺل آهي. ظاهر آهي ته اهو سڀ انسان کي ان ڪري سيکاريو وڃي ٿو ته جيئن منجهس مقابلي ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي، هو جڙي وڃي پنهنجو پاڻ سان، ماڻهن سان ۽ زمين سان، اهو رستو بيحد ڏکيو ۽ آزمائش ڀريو هوندو آهي پر هڪ بلوچ اهو ڪم فخر سان ڪري ٿو.
    ڄام دُرڪ ته ٻالڪپڻ کان پهاڙن جي حفاظت ۾ هليو ويو، هن لاءِ سماجي لڳ لاڳاپا، قومن ۽ نظرين سان جڙڻ ۽ انهن جي تاريخي حيثيت وارا سمورا تجربا ته اڌورا رهجي ويا، هن پنهنجي چوڌاري محدود دنيا ڏٺي ۽ رُڳو پهاڙن سان همڪلام رهيو، جنهن هن کي خيالن جي بلندي ته ڏني پر هي مختلف علائقن ۽ ماڻهن جي نفسيات کي سمجهڻ جهڙن تجربن کان محروم رهيو.
    ڄام دُرڪ ان ڀروسي تحت رستي جي وچ ئي وچ مان تيز تيز وڃي رهيو هو ته جيئن هن کي ڪٿي ڪو ماڻهو نظر اچي يا ڪو گهر ته جيئن هي معلوم ڪري سگهي ته هي ڪٿي آهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.هن کي پري پري تائين ڪجهه به نظر نه ٿي آيو، هي پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، هن کي سخت بک لڳي هئي، هن جا پير به زخمي ٿي پيا هئا، هن وڌيڪ هلڻ جي بجاءِ اُتي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو، هن هميشه پهاڙن جي ٻانهن ۾ پنهنجي زندگي جون راتيون سمهي گذاريون هيون، هي زندگي جي نون تجربن مان گذري رهيو هو،
    زمين لاءِ چنڊ جي تخليق خدا جي ڪيترن رازن مان هڪ راز آهي، رامائڻ ۾ چيل آهي ته چنڊ قدرت جي جوڙيل تصويرن کي چٽو ڪري ٿو، هي ڪنهن سمنڊ مٿان روشن ٿئي ٿو ته هر انسان قدرت جي ان شاهڪار تخليق کي ڏسندو ئي رهي ٿو، اهڙا ڪيترا منظر چانڊوڪي ۾ روشن ٿي وڌيڪ چٽا ٿي وڃن ٿا. هن اهڙيون ڪيئي راتيون پهاڙن جي وچ ۾ رهندي گذاريون پر ميداني علائقي جي زرخيز زمين تي هي چنڊ کي مختلف انداز ۾ ڏسي رهيو آهي، پري پري تائين ڦهليل ميداني علائقو پنهنجي اندر ڪنهن به شي کي لڪائي ناهي سگهيو، هر شي ظاهر آهي، زمين جو حسن، اُن جو لباس، سندس چهري جون وصفون، ڪنهن نوجوان ناري واري چال ۽ جادو جي حد تائين هوا جو رڌم ۽ ان تي پکين جو مدهوش ڪندڙ ناچ، ڄام دُرڪ پنهنجن اکين سان اهو سڀ ڏسي رهيو آهي ۽ ان محفل جو انتظام ڪندڙ آهي آسمان جو روشن چنڊ.
    هي ڪيڏي نه فخر جي ڳالهه آهي ته اهو سڀ آزادي جي احساس سبب آهي، پر رياستون ۽ ماڻهو به پنهنجي طاقت کي ٻيڻي ڪرڻ جي خيال کان ان جي درميان ديوار بيهاري ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ان لاءِ ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ بيحد سفاڪي جو مظاهرو ڪندي ماڻهن جو خون ڪن ٿا.
    ڄام دُرڪ اهڙن ۽ اهڙي قسم جي ٻين انيڪ سوالن تي سوچيندو، غور ڪندو سمهي رهيو ۽ ڪيڏي مهل هن کي ننڊ اچي وئي هن کي ان جي ڪا سُڌ ئي نه رهي.


    4

    ڄام دُرڪ کي گهري ننڍ اچي وئي، ڪائنات جي هر شي ڄڻ خاموش ٿي وئي، سموريون ڪهاڻيون جيڪي هن کي بيچين ڪري رهيون هيون گهڙي کن ۾ غائب ٿي ويون، هڪ هوا ئي هئي جنهن کي سانت نه آئي، زمين تي هن جي ڇيرن جي ڇمڪار وڌي وڃي ٿي، ڄڻ ڪيتريون گوپيون هڪ ئي وقت محوِ ئي رقص هجن، امن ۽ سڪون جو رقص، ڪائنات به ڄڻ پنهنجي صدين جي درد کي وساري هن رقص جو حصو ٿي وڃي ٿي.
    سج جي اڀرڻ کان به گهڻو اڳ ڪو هٿ ڄام دُرڪ جي ڪلهي کي ڇُهي ٿو ۽ هن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هن پاسو ورائي ڪجهه سمجهڻ ۽ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کي ائين محسوس ٿيو ته ڪو شخص هن مٿان بيهي هن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. توڙي جو هن جو چهرو چنڊ جي روشني جي باوجود پوري طرح چٽو نظر نه ٿي آيو پر هن جي سهڻي سڀاءُ مان لڳي پيو ته هي سهڻي دل رکندڙ عزت ڀريو شخص آهي.
    ڄام دُرڪ يقين ڪرڻ جي حالت ۾ هن اجنبي جو هٿ پڪڙي اٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ان کي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن يقين ڪري سگهي ته هي ڪنهن خواب ۾ نه پر حقيقي ماڻهو جي سامهون آهي، ڄام دُرڪ اٿي بيٺو، هن اجنبي ڏانهن نهاريو هن جو خوبصورت چهرو چنڊ جي روشني ۾ وڌيڪ ٽڙيل کليل ڪنهن ڪنول جيان ٿي لڳو، نرواڻ حاصل ڪيل چهرا اهڙا ئي هوندا آهن هن پاڻ سان ڳالهايو.
    “توهان ڪير آهيو ۽ هتي ڪيئن پهتا ؟”
    اجنبي ڪجهه گهڙي ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    ڄام دُرڪ پنهنجي دل ۽ دماغ کي هڪ جاءِ تي آڻيندي پنهنجو تعارف ڪجهه هِن طرح سان ڪرايو،

    منهنجا دوست،
    مان ڄام دُرڪ
    باران لڪ کان هليو آهيان
    وڃان ٿو
    چملانگ وادي جي زرخيز ميداني علائقن ڏانهن
    جتي منهنجي وجود جا ڪيئي حصا هر طرف پکڙيل آهن،
    منهنجي
    ٻالڪپڻ جو چيخون به،
    جيڪي چملانگ وادي جي سيني ۾ اڃان به تازيون آهن،
    مون پنهنجي اندر ۾ ڪيترن سالن جي خاموشي کي
    روڪي رکيو هو،
    ته جيئن وقت جي رفتار کي سمجهي سگهان
    چملانگ وادي
    جنهن ۾ رهندڙ ڪيترن ئي خاندانن،
    عورتن، ٻارن مٿان بارود ڪيرايو ويو،
    جنهن جي سورمن جا قصا فارسي جي مشهور شاعرن ڳايا.
    جن جي سارنگي جو آواز پوري وادي کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿي
    اهي سڀ انڪار جي نذر ٿي ويا
    ماريا ويا ، جلاوطن ڪيا ويا
    پاڪستان کان انڪار،
    جنهن بلوچن جي سڃاڻپ ٿي کسي.
    انسان بي معني ناهي
    نه ئي غلام
    جنگ، بندوق هلائڻ يا قبضو ڪرڻ جو نالو ناهي
    جنگ آدرش به آهي،
    پنهنجي زمين لاءِ جنگ
    مان وريو آهيان
    چملانگ وادي جي زرخيز ميدان ڏانهن
    ته جيئن مان انجي زخمي روح جي غم کي مٽائي سگهان
    هي زندگي غير رواجي ۽ پٿريلي آهي.
    مان ڄام دُرڪ هن راه ۾ توسان هم ڪلام ٿيو آهيان
    منهنجا دوست.


    اجنبي، ڄام دُرڪ جي تعارف کانپوءِ پنهنجو تعارف به ڪجهه ان انداز سان ڪرايو.

    چملانگ وادي جا سپوت
    توکي مونسان گڏ گذرڻو آهي، کليل ميدانن ۽ پهاڙن مان .
    رتڙي جي بي رحم ريت
    انسان کي پنهنجي سڃاڻپ ڏئي ٿي،
    ان آزمائش لاءِ تيار رهجان
    پنهنجو حوصلو سنڀالي، سرحدن مان گذرجان .
    پنهنجي منزل جو مان رکجان.
    پياسي ۽ غير آباد ڌرتي کي تنهنجو صبر ٿو گهرجي،
    توڪلي جي منزل ۽ راه .
    ڏور پهاڙن طرف آهي.
    جانداران پهاڙ جي بلندي توکي رقص لاءِ سڏي ٿي.
    ان جي کليل چهري جي چمي وٺجان.
    پهاڙ جانداران جون گهريون ترايون، کايون ۽ ڏک سک
    اُس ۽ ڇانو جا زرخيز ميداني علائقا.
    خاص ڪري مخماڙ جي وادي، انجي ڪنارن کي
    پاڻي سان لبريز ڪجان.
    منهنجا دوست! غم جي رواني کي گذرڻ ڏي
    ۽ نئين صبح جو استقبال ڪر
    توکي مونسان گڏ گذرڻو آهي، کليل ميدانن ۽ پهاڙن مان.


    ڄام دُرڪ پنهنجن پيرن تي سڌو ٿي بيٺو، توڪلي هنجي چهري جي بي ترتيبي کي ڏسي رهيو هو،
    هنن ٻنهي جي گفتگو مان سندن ڪردار، هڪٻئي لاءِ احترام ۽ محبت جو خاڪو واضع ٿي ويو هو.
    “منهنجا عزيز دوست! تون ته اسانجو پنهنجو آهين، تنهنجو سفر نهايت ڪٺن آهي، مان تنهنجي نرم دل جي قريب رهي تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو؟ توڪلي، ڄام دُرڪ جي ڪلهي تي هٿ رکندي پاٻوهه مان کائونس پُڇيو.
    “توڪلي منهنجو نالو آهي” توڪلي پنهنجو نالو ٻيهر ٻڌايو.
    هي رستو سڌو منهنجي ڳوٺ ماڻڪ بند ڏانهن وڃي ٿو، تون هن وقت مري قبائل جي علائقي ۾ سفر ڪرين پيو.
    منهنجو ڳوٺ ماڻڪ بند جتي دل جي آسودگي ۽ راحت حاصل ڪرڻ جي خيال کان ڪيترا ئي انسان هڪ عظيم نظميا واري زندگي گذاري رهيا آهن، هي ڳوٺ پرجوش نوجوانن جو سهارو آهي جيڪي پنهنجي زندگي جون ڪيتريون بهارون ان مقصد لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته هي قوم هميشه آزادي سان ۽ خودمختاري سان زنده رهي. هي سرزمين ڪمزور ماڻهن کي سهارو ڏئي ٿي ته بهادرن کي هميشه ياد رکي ٿي.
    ڄام دُرڪ جي دل توڪلي جي اهڙي اظهار بيان تي جوش منجهان ڀرجي وئي،
    مون توکي جنهن حالت ۾ زمين تي ليٽيل ڏٺو، ان مان مونکي اهو گمان ٿي رهيو هو ته شايد تون هن دنيا ۾ ناهين رهيو. توڪلي ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو.
    تنهنجا وار وڌيل ۽ بي ترتيب آهن ۽ ڪپڙن جي حالت به خراب ٿي وئي آهي، ائين لڳي ٿو، تون چملانگ وادي جي تلاش ۾ رستو ڀلجي ويو آهين.
    پر جي قدرت توکي منهنجي قريب اچي بيهاريو آهي ته هاڻ پهرين تون منهنجي ڳوٺ ماڻڪ بند هلندين. توکي منهنجو ڳوٺ چملانگ وادي جهڙو ته شايد نه لڳي پر اتي رهڻ سان توکي راحت ملندي، ماڻڪ بند تنهنجي هٿن جي چمي وٺي تنهنجو آڌرڀاءُ ڪندو.
    تون پاڻ ڏانهن نهار ۽ ڏس ته خوراڪ جي ڪمي جي ڪري تنهنجي جسم جو رنگ سرمئي ٿي ويو آهي، جيڪا ڪنهن به انسان لاءِ سٺي علامت ڪونهي، توکي آرام ۽ خوراڪ جي ضرورت آهي. منهنجو گهر ننڍڙو سهي پر تنهنجي مهمانوازي لاءِ گهڻو ڪشادو آهي، اسين جديد بلوچي ادب ۽ سياست تي به گفتگو ڪنداسين، تون چاهين ته پوري حياتي رهين سگهين ٿو، توڪلي پنهنجي ذات جي فصاحت ۽ صداقت سان ڳالهائيندو پئي ويو .
    ڄام دُرڪ، توڪلي جي مهمانوازي قبول ڪئي ۽ هو ٻئي، وڏا وڏا قدم کڻندا ماڻڪ بند طرف روانا ٿي ويا.
    هت ويهه منهنجا دوست! توڪلي ڪمري ۾ داخل ٿيندي بسترو سڌو ڪندي ڄام دُرڪ کي چيو.
    ”هڪ مختصر وقت ۾ هڪ اجنبي شخص، جنهن کي نه تون ڄاڻين سڃاڻين، پنهنجي دل سان قبول ڪندي آرام لاءِ بسترو ڏنو، حفاظت لاءِ گهر، مان تنهنجي آڏو پنهنجو سر هميشه نوائي هلندس، منهنجا دوست“ ڄام دُرڪ نهايت شڪرگذار ٿيندي چيو.
    ”مان ڪڏهن نه چاهيندس ته تنهنجو سر ڪنهن به ڳالهه تي جهڪي“ توڪلي فراخدلي سان چيو، هي هميشه پهاڙن وانگر قائم ۽ اوچو رهندو ۽ سڄي دنيا هڪ ڀيرو وري تنهنجو مقرر ٿيل اوچو مقام توکي واپس ڪندي، اسين سڀ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي ٿي پيدا ٿيون ٿا، اسان مان ڪنهن جو به ڪو مقرر دائرو ڪونهي، ائين به ممڪن هو تنهنجي جڳهه تي مان هجان ها ته تون به ائين ڪرين ها جيئن مون ڪيو، هڪ اجنبي شخص لاءِ لازوال محبت ۽ عزت منهنجي فرض ۾ شامل آهي،
    منهنجا دوست! مونکي ته تون منهنجو پنهنجو ٿو لڳين، هي زمين تهذيب ۽ تمدن جي شاندار تاريخ جو تسلسل آهي، اسان کي پنهنجو خيال ڪرڻ بجاءِ هڪٻئي جو خيال ڪرڻ گهرجي، اسانجا چهرا ٿوري فرق سان ساڳيا آهن، اسان ته پنهنجي سوچ جي ڪري هڪٻئي کان مختلف آهيون، تنهنجي سونهري ۽ ڀوري رنگ وارين اکين ۾ ته محبت جا آبشار وهندي نظر اچن ٿا ۽ تنهنجو هي دانائي وارو چهرو ته ڪنهن به مُئل ماڻهو کي جيئاري سگهي ٿو، انسان جيڪڏهن پنهنجي اصول ۽ ضابطي ۾ رهي ته سمورا چهرا تو جهڙا دانائي ۽ محبت ڀريا ٿي سگهن ٿا.
    منهنجا دوست! مون آڏو اها ئي مختصر حقيقت آهي.


    5

    صبح ٿيڻ جي باوجود ڄام دُرڪ بستري تي ليٽيل آهي، هُنجو ذهن پنهنجي سفر جون حدون طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪيتريون اکيون هن کي ڏسي رهيون آهن، چملانگ جي زخمي وادي ۽ انجا هڪ ٻئي مٿان سٿيل پهاڙ سڀ ڪجهه هن کي ياد اچي رهيا آهن، گهاٽين مُڇن وارو جمال خان، معصوم اکين وارو لشڪر خان،سهڻي دل وارو فيض الله ۽ داستان گو محراب خان، جن کي پاڪستان جي فوج بارود اڇلي ماريو، هي سڀ ڄڻ هن ڏانهن نهاري رهياآهن، جن جي پيرن کي ڇهڻ کانپوءِ هن کي عجيب حرارت ملندي هئي، هي انهن سڀني کي پوئتي ڇڏي آيو هو، جن کي شايد زمين جو ڪفن به نه مليو هجي، ڄام دُرڪ پنهنجي ڏکاري دل سان اٿي بيٺڪ کان ٻاهر نڪري آيو، سج جي آمد اڃان نه ٿي هئي، پکين سُرن ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيا، هر صبح جو آغاز انهن ننڍڙن پکين جي گيتن سان ٿئي ٿو جن جي گيتن ۾ زمان مڪان جي ڪا حد ناهي هوندي، بي خبري ۽ بي فڪري واري زندگي جا گيت، جيڪي هي اهڙي مستي سان ڳائن ٿا جنهن جو اندازو ڪو حُسناڪ انسان ئي ڪري ٿو سگهي.
    ڄام دُرڪ جيئن ئي بيٺڪ جي دروازي مان ٻاهر آيو، ماڻڪ بند جو خوبصورت ڳوٺ هن اڳيان پري تائين ڦهلجي ويو، ساڄي کان ڪوه سر جو سرمائي پهاڙي سلسلو هن جو آڌرڀاءِ ڪري ٿو ته کاٻي کان گذڪي ۽ اسيل کجي جا ننڍا ننڍا ٻوٽا ڪوه سليمان جي پهاڙن تائين ڦهليل آهن.هن کي ائين محسوس ٿيو ته ڳوٺاڻي زندگي ۾ ڪافي بدلاءُ اچي ويو آهي، گهرن جي تعمير ۾ فن جو استعمال ٿيڻ ڪري ڳوٺ جي صورت ئي تبديل ٿي وئي آهي، تمام ٿورا ڪچا گهر آهن جن جا آڳند به پڪين سرن سان پڪا ڪيا ويا آهن، پهاڙن جي هن پار بي شمار آبشار ۽ ندي نالا لاتعداد پکين ۽ ماڻهو جو سهارو بنيل آهن، انسان جي محنت ۽ صلاحيت ڪڏهن به نظرن کان اوجهل نه ٿي رهي سگهي.
    دراصل ماڻڪ بند پنهنجي چوڌاري هڪ ئي وقت ڪيترن تهذيبن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿو، اتر کان افغانستان ۽ ايران جا ڪنارا آهن ته اولهه ۾ سندس ئي ديس کوئٽا ۽ مستونگ جهڙا شاندار شهر آهن . ماڻڪ بند جي سرسبز زمين کي هتان جي پهاڙن پنهنجن ٻانهن ۾ ورتو آهي ۽ اهي ئي هن کي سرسبز ۽ خوشحال رکن ٿا. ڄام دُرڪ اڃان قدرت جي هن شاندار ڳوٺ جي پوشاڪ کي ڏسي رهيو ه پري پهاڙن کان توڪلي جو آواز آيو ، هو ڄام دُرڪ کي آواز ڏئي پاڻ ڏانهن سڏي ٿو .
    ڪوه سر جي پهاڙن طرف ڌنار پنهنجي ننڍڙي ڌڻ سان وڃي رهيو آهي.هن جي رڍن ۽ اُٺن جي ڪڙڪن ۽ چڙن جو آواز موسيقي جي شاندار رڌم تخليق ڪري رهيو هو . هي انهن سمورن منظرن کي ڏسندو ڪجهه ئي گهڙين ۾ توڪلي وٺ پهچي ويو ، جيڪو ڪنهن ويڪري پٿر تي ويٺو ڪجهه ڳائي رهيو هو، ڄام دُرڪ هنجي ڀرسان ويهي رهي ٿو.
    “تو ڪڏهن پهاڙن جي گفتگو ٻڌي آهي؟ جيڪا هر صبح هتي اچي مان ٻڌندو آهيان، مونکي ان سان راحت ملي ٿي ۽ جيئڻ جو حوصلو ملي ٿو، توڪلي ائين چئي خاموش ٿي ويو .
    “مون شعور سنڀاليو ته پنهنجي زمين ۽ وادي چملانگ کان ڌار ڪيو ويس” ڄام دُرڪ وراڻيو، مون جلاوطني واري زندگي گذاري آهي، مون جلاوطني کي ڀوڳيو آهي، منهنجي ذهن جي وسعت ۾ آزادي ناهي رهي، مون محدود دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مان هڪ پهاڙ کان ٻئي پهاڙ واري محدود زندگي گذاري آهي،
    منهنجا دوست! توڪلي پهاڙن سان منهنجي گفتگو، ساغر جي لهرن وانگر رهي آهي، مُون کن پل جي هِن دنيا کي ڏٺو ئي ڪهڙو آهي جو ان متعلق سوالن تي غور فڪر ڪيان، منهنجا دوست انسان جي داخلي ۽ خارجي دنيا ۾ جيترو گهڻو فرق هوندو آهي اوترو انسان بيچين ٿئي ٿو، ۽ وڌيڪ سوالن تي غور فڪر ڪري ٿو، هڪ خيال جي تخليق اهو ئي انسان ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪيترن ئي خيالن جي درميان رهندو هجي ، مان ته هڪ محروم شخص آهيان، پنهنجي شناخت کان به محروم، منهنجا دوست تون مونکي پهاڙن جي گفتگو کان واقف ڪر مون اڄ تائين انهن سان ڳالهايو آهي پر ڪنهن مسافر جيان،
    دنيا کي ڏسڻو آهي ته هميشه پهاڙن جيان پنهنجو سر کڻي ڏسجان، توڪلي، ڄام دُرڪ سان مخاطب ٿيندي چيو،
    ڏاهپ ۽ ڏک مسافرن جي حصي ۾ اچن ٿا، پاڻ کي ڏک ۽ سک جي حصن ۾ ويرهائڻو پوندو، اسان ڪنهن به طرح قدرت کان فرار ٿي نه ٿا سگهون، قدرت آغوش به آهي ته تتل ريت به، ان کي هميشه جيان ڄاڻڻ جو جنون هڪ طرح سان اسانکي اڻ مڪمل ئي رکي ٿو، قدرت کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ انجي احترام ۾ سر نوائڻ سان انسان پنهنجن ئي ڇرڪائيندڙ خوابن کان ٻاهر نڪري سگهي ٿو، اسان مان هر ماڻهو ظرافت واري زندگي گذارڻ چاهي ٿو، پر انسان قدرت کي پنهنجي طاقت ٺاهڻ بجاءِ پنهنجي سمجهه کي طاقت سمجهي ويٺو آهي، . وادي چملانگ کي پنهنجي طاقت ٺاهه. هي روشني آهي جيڪا تنهنجي بيقرار روح کي نئين سگهه ڏيندي”
    پهرين ته تون وهنجي سهنجي پاڻ کي صاف سٿرو ڪر شام جو دوستن سان ملاقات آهي، تنهنجي موجودگي لازمي آهي منهنجا دوست. توڪلي، ڄام دُرڪ سان مخاطب ٿيندي اٿيو،


    6

    ڪيترن سالن کان ڄام دُرڪ جي زندگي ڪجهه اهڙي خاموش رهي آهي جو تمام گهٽ ماڻهن سان کليل طرح سان ڳالهائي سگهيو آهي، هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن انسان سان هي کُلي دل ۽ اعتماد سان ڳالهائي رهيو آهي، توڪلي سان گفتگو ۾ هن کي راحت ملي ٿي.
    شام جا ست ٿيا آهن، توڪلي ۽ ڄام دُرڪ کان علاوه ٻه دوست ٻيا به آهن، جن مان هڪ جو نالو محراب خان آهي ۽ ٻئي جو نالو شهداد خان آهي. هي ٻئي توڪلي جا دل گهريا دوست آهن. توڪلي پنهنجن دوستن سان ڄام دُرڪ جو تعارف ڪرايو، محراب ۽ شهداد ، ڄام دُرڪ سان ڀاڪر پائي ملڻ لاءِ اٿي بيٺا ۽ سندس هٿن کي چميائون. شهداد خان پنهنجي ڳالهه جي آغاز ۾ ماڻڪ بند ۾ ٿيندڙ ان واقعي جو ذڪر ڪيو، جنهن پوءِ سڀني جي چهري کي غمزده ڪري ڇڏيو.
    ”شهداد! اسان کي واقعي جو تفصيل ٻڌاءِ “ توڪلي، سنجيده ٿيندي پڇيو.
    بلوچستان يونيورسٽي جي ٿڪائيندڙ ڪلاسن کانپوءِ ڪجهه دوستن ماڻڪ بند گهمڻ جو فيصلو ڪيو جتان پوءِ هنن کي پنهنجن مٽن مائٽن سان ملڻ لاءِ ڪيچ مڪران وڃڻو هو،
    هي چار نوجوان هئا، هنن جون عمريون ويهن کان ٻاويهن سالن جي وچ ۾ هيون، هي منهنجي ڀاءِ جي پٽ سان هتي ماڻڪ بند آيا، جيڪو به هنن جو ڪلاس فيلو هو، هي دوستي جي رشتي ۾ ان قدر جڙيل هئا جو اهو اندازو ڪرڻ مشڪل هو ته هنن مان ڪير ننڍو آهي ڪير وڏو.
    هي عام طور تي شام جو ريلوي اسٽيشن يا ويجهي ڪنهن پهاڙن جي ٽڪري تي چڙهي ويندا هئا. هي پاڻ ۾ هر وقت ڳالهائيندا کلندا ڀوڳ چرچا ڪندا رهندا هئا، هو پنهنجن شرارتن کان واقف هئا ۽ انهن کان ٻاهر نه پئي ويا، هو ريل جي پٽڙين تي ڊوڙڻ جو مقابلو ڪندا هئا ۽ ان چال ۾ ايترو ته مگن رهندا هئا جو هنن کي ان ڳالهه جو به احساس نه رهندو هو ته پويان ٽرين اچي رهي آهي، پنهون ته ڪپڙن سميت تلاءِ ۾ گهڙي ويندو هو يا تيزي سان وڻ تي چڙهي اتان ٽپو ڏيندو هو، حقيقت ۾ هي انهن لمحن کي انجواءِ ڪري رهيا هئا جن کان ڪو ٻار محروم رهجي ويندو آهي، هو هر روز پاڻ ۾ ويهي سر سان گيت ڳائيندا هئا، راڳ تخليق ڪندا، فنڪارن جي نقل ڪندا، زور سان چيخون ڪري آواز جو مقابلو ڪندا هئا. پنهنجون ٻانهون فضا ۾ بلند ڪري ۽ پيرن کي زمين تي زور سان هڻي رقص ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پکين جي آواز کي غور سان ٻڌڻ کانپوءِ انهن جهڙو آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. منهنجي سمجهه مطابق هنن هر شي کي وسارڻ ٿي چاهيو جيڪي شيون ڪالهه هنن لاءِ اهم هيون جيئن تعليمي نصاب، ڊسپلن، وقت جي پابندي، ڪاميابي جي ڊوڙ، اعليٰ آفيسر ٿيڻ جو فضول دٻاءُ ۽ بيزار ڪندڙ استادن جا دڙڪا ۽ امتحان، اهي سڀ ڄڻ هنن لاءِ ان وقت بيڪار جون شيون هيون. ماڻڪ بند ۾ رهندي هنن نوان فنڪار تلاش ڪري ورتا، هنن ڪيترن ماڻهن کي دعوت ڏئي گهرايو، انهن ۾ شاعر، لوڪ فنڪار، مصور، ليکڪ، ساز وڃائيندڙ، سارنگي نواز ۽ شايد ٻيا به هئا، اها هڪ انوکي محفل هئي پوري رات مختلف فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ادب ۽ شاعري تي به ڳالهايو ويو، سارنگي ته پنهنجا اهڙا سر وکيريا جو دير تائين سڀني جي واتان واه واه جا آواز گونجندا رهيا، هنن جي موجودگي سان ڄڻ ماڻڪ بند جاڳي اٿيو، ماڻهن جي من ۾ جيڪا ٿوري گهڻي اداسي هئي هنن نوجوانن جي ڪري غائب ٿي وئي.
    “هڪ هفتي بعد اهڙو واقعو ٿيو جنهن سڀني کي ذهني تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو” شهداد خان حيرت مان ڳالهائيندو ٿي ويو.
    مون جيئن اڳ ۾ چيو ته نوجوانن کي ماڻڪ بند کان پوءِ ڪيچ مڪران وڄڻو هو، پر اوچتو کين احساس ٿيو ته پنهون بيٺڪ واري جڳهه تي موجود ناهي ، ڪجهه ئي دير اڳ هو دوستن کان پنهنجي استعمال جون ضروري شيون وٺي جلد واپس ٿيڻ جو چئي ويو پر ٽي چار ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به واپس نه ٿيو، سڀ دوست پريشان ٿي ويا ته پنهون دير ڇو ڪئي آهي. پريشاني واجب هئي، دوستن کيس هر هنڌ ڳوليو ، هنن شهر جي هر هڪ دوڪان واري کان پڇيو . پر ڪٿان به کين ڪو تسلي بخش جواب نه مليو . سڀني دوستن کي اچي خوف ورايو ته،
    آخر پنهون ويو ته ڪيڏانهن ويو؟
    وقت گذرندي ٿي ويو پر پنهون واپس نه ٿيو. سڀني دوستن چيو پئي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پنهون دوستن کي ڪجهه ٻڌائڻ کانسواءِ ائين گم ٿي وڃي . پنهون اهڙو سنجيده مذاق به ته نه ٿو ڪري سگهي، هو ته سڀني دوستن ۾ وڌيڪ ذميوار وڌيڪ باشعور ۽ سمجهه ڀريو آهي، پوري ڏينهن جي تلاش کانپوءِ به جڏهن پنهون جي خبر نه پئي ته منهنجي ڀاءُ مون ڏانهن نياپو موڪليو، مان جڏهن اتي پهتس ته مون نوجوانن جي چهرن تي عجيب خوف ڏٺو انهن جا چهرا ڪومائجي ويا هئا، بيٺڪ وارو پورو ڪمرو شهر جي ماڻهن سان ڀريو پيو هو،
    پنهون جي اوچتو غائب ٿيڻ جي ڪري منهنجو ڀاءُ سخت پريشان هو، ڪنهن طرح هو پاڻ کي به ان واقعي جو ذميوار سمجهي رهيو هو ، ڇاڪاڻ ته ڪوئٽا جا نوجوان هنجي پٽ جا مهمان ٿي آيا هئا. مون کيس آٿت ڏني ۽ کيس مشورو ڏنو ته پنهون جي والد کي فوري طور اطلاع ڪجي ۽ ٻيو ته انجي گمشدگي جو اطلاع پوليس کي به ڏجي، وڌيڪ انجي والد جي اچڻ کانپوءِ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
    پنهون جي اوچتي گم ٿيڻ ڪري دوست خوف مان ڏڪي رهيا هئا.مون کين دلجاءِ ڏني، هڪ نوجوان اڳتي سُري آيو مونکي ٻڌايائين ته چاچا اسانجو ته خير آهي پر پنهون جي امڙ کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پوندي، هو ته چري ٿي ويندي. پنهون جي دوستن کي هڪ ٻيو شڪ ستائي رهيو هو، جنهن جو ذڪر هنن پوءِ مونسان ڪيو .
    حالانڪ مان انهن سان ان ڳالهه تي سهمت نه ٿيس، هنن کي اهو شڪ هو ته ممڪن آهي ته، پنهون کي تاوان جي مقصد سان اغوا ڪيو ويو هجي.
    مون پنهنجي ڀائٽي سان ڳالهايو،جنهن وٽ هي نوجوان ترسيل هئا، هي انتهائي خوفزده هو، ۽ مونکي چئي رهيو هو، خدا ڏئي پناه جي ائين آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
    مون هن اڳيان پنهنجو شڪ مختلف طرح جو ڏيکاريو.
    مون پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجي خدشي کان واقف ڪيو ،
    مون پنهنجي ليکي پنهون متعلق جيڪا ڄاڻ حاصل ڪئي تنهن منهنجي شڪ کي وڌيڪ پختو ڪيو ٿي، مونکي معلوم ٿيو ته، پنهون ننڍي عمر جي باوجود پُختيون ڳالهيون ڪندو هو ، هن جو جنم ڪيچ مڪران ۾ ٿيو، جتي اڄ به هن جا مائٽ رهن ٿا، ماڻڪ بند کانپوءِ هنن کي اوڏانهن وڃڻو هو،
    هن جو والد وچولي درجي جو واپاري آهي، واپار خاطر هي ڪيچ مڪران کان ڪوئٽا لڏي آيو، جتي هن پنهنجو ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪيو، هن جو والد پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ سنجيده هو، ان ڪري هُن انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ خيال رکيو ته ٻار بهتر تعليم حاصل ڪن. هن جو هڪ وڏو ڀاءُ به آهي هڪڙي ڀيڻ به آهي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ پڙهي لکي گريجويٽ آهي.
    پنهون تي پنهنجي ڀيڻ جو وڏو اثرهو. پنهون جوشيلي طبيعت وارو ضرور هو پر هنجي ڀيڻ جي تربيت ڪري هن ۾ ٻيا به ڪيترا گُڻ پيدا ٿي پيا. مثلن، هي پنهنجي ڪلاس ۾ ڪيترن هم ڪلاسين سان ٺهي نه هلندو هو، انجو سبب ڪو ٻيو نه پر انهن دوستن جون اهي سطحي ڳالهيون هونديون هيون جيڪي هن کي جذباتي ڪري ڇڏينديون هيون، هن ڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيو پر انجي باوجود هنجي سڃاڻپ هڪ جذباتي نوجوان جي طور تي ٿي هئي. جڏهن ته هو غير معمولي خاموش طبيعت وارو نوجوان هو. هن پنهنجي ڀيڻ جي تربيت هيٺ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪيو هو ، هي جوشيلو ته اڳ ئي هو پر هاڻ هن ۾ هڪ فلسفي وارا ويچار به اچي ويا هئا. هاڻ هو ڪلاس ۾ پنهنجن دوستن سان ڪنهن ڳالهه تي اٽڪڻ بجاءِ صبر سان انهن کي ويهي ٻڌندو هو ۽ آخر ۾ پنهنجي اهڙي پختي راءِ رکندو هو جو سڀ لاجواب ٿي ويندا هئا. هن ۾ اها تبديلي دوستن جي دلين ۾ سندس لاءِ گهري عزت ۽ محبت پيدا ڪئي ۽ هر ڏينهن هن جي گرد دوستن جو حلقو وڌڻ لڳو. هي پنهنجن دوستن ۽ استادن سان تاريخ جي موضوع تي مختلف طرح جو بحث ڪندو هو . هو قومن جي لڏ پلاڻ تي ڳالهائيندو هو ته ان سان انهن جي سياسي معاشي ۽ نفسياتي ترقي تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. هو بلوچ قوم جي تاريخ کي موجوده تدريسي تاريخ کان مختلف سمجهندو هو ، هن جا دوست هن جي ڳالهين کي دلچسپي سان ٻڌندا هئا. ڪيترا دوست اهو سمجهندا هئا ته پنهون کي ڪيترن سوالن جي ڄاڻ آهي پر انجي اظهار کان خوف زده آهي. هو شايد پنهنجي امڙ ۽ والد جي ڪري احتياط ڪندو هو.
    سندس والد ۽ امڙ کي پنهون جي خيالن جي خبر پئي ته هنن کي خوف ورائي ويو، هنن جي پنهنجي پٽ سان بي حد محبت هئي ۽ هنن کي ان ڳالهه جو به احساس هو ته تاريخ جي موضوع تي ڳالهائڻ کان وڌيڪ قومن جي لڏپلاڻ. قومن جي آزادي خوشحالي تي ڳالهائڻ وڌيڪ خطرناڪ آهي. بلوچستان ۾ ته ڄڻ باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي.
    پُٽ جي اهڙين ڳالهين ڪري پنهون جي امڙ خوفزده رهڻ لڳي، ايستائين جو هن جي دليلن کي ٻڌي هنجون هارڻ لڳي.
    پنهون، امڙ جي حالت کي ڏسندي ڪجهه وقت لاءِ ته خاموشي اختيار ڪئي، پر هو خاموشي ۾ رهندي اڳي کان وڌيڪ فڪر وارو ٿيندو پئي ويو.
    هي حقيقت آهي ته جڏهن هنن گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ته هنجي امڙ ان لاءِ راضي نه هئي، ڇاڪان ته بلوچستان جون حالتون ڪجهه سالن کان وڌيڪ خراب ٿي ويون هيون، بلوچ نوجوانن جي گم ٿيڻ جا اطلاع وڌي ويا هئا ۽ هر طرف خوف جوعالم هو، پر بعد ۾ پرگرام ۾ ڪيچ مڪران کي شامل ڪرڻ کانپوءِ کيس امڙ اجازت ڏني ته پنهنجي اباڻي وطن وڃي رهيو آهي ته مان کيس نه روڪينديس،
    هو وري متحرڪ ٿي ويا آهن. هنن جو طريقه واردات ساڳيو آهي، مونکي اهو اندازو ٿي ويو هو ته بلوچستان جي ٻين شهرن جيان ماڻڪ بند ۾ به هاڻ وحشياڻي طرز جي مار ڌاڙ شروع ٿي ويندي، محراب خان راءِ ڏيندي چيو.
    ”تڏهن هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ توڪلي سخت پريشاني ۾ سوال ڪيو.

    شام ٿيندي ٿيندي پنهون جو والد به ماڻڪ بند پهچي ويو . شهداد ٻڌائڻ لڳو
    هو بيحد خوف ۾ ورتل هو، پنهون جا دوست هن کي واقعي جو تفصيل ٻڌائي رهيا هئا، مان به ان ڏکاري گفتگو ۾ شريڪ هوس . شهداد وراڻيو.
    ” پنهون ڪاڏي ويو، هن توهان کي ڪجهه ته ٻڌايو هوندو؟“ پنهون جي والد جي سوال ۾ بيچيني ، ڏک ۽ خوف واري ڪيفيت هئي.
    پنهون جا دوست خاموش هئا،
    “مونکي به ڪو اندازو ڪونهي” منهنجي ڀاءُ وراڻيو، باوجود انجي ته پنهون سمجهه وارو آهي ۽ هو اهڙي ڪنهن به مذاق جو سوچي به نه ٿو سگهي. مون هن کي پنهنجن دوستن جي پويان پويان ڊوڙندي ڏٺو آهي، هو دوستن جي پاڇي کان به پري نه ٿو وڃي سگهي، ويهه قدم به پري نه، منهنجي ڀاءُ جون اکيون ڀرجي آيون، شهداد ڏکارو ٿيندي ڳالهايو.
    پنهون جي والد جي انتهائي ننڍڙي دنيا آهي، هي ڪڏهن به اهڙي صورتحال مان ڪو نه گذريو هو، هنجي چهري مان بي وسي ظاهر هئي . هن منهنجي ڀاءُ کي ٻانهون ٻڌيون ته منهنجي پٽ کي هٿ ڪري ڏيو ، هن جون سفيد ضعيف اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿي ويون هيون . هي چئي رهيو هو ته توهان شهر جا مقامي ۽ پراڻا رهواسي آهيو توهان کي ته خبر هوندي ته اهڙي قسمِ جي مسئلن کي ڪيئن منهن ڏجي .
    ”مان فقط پري کان ٻنهي جي بي وسي ڏسي رهيو هوس“ شهداد جي ڳالهين پوري ماحول کي غم زده ڪري ڇڏيو هو،
    پنهون جي والد کي ماڻڪ بند ۾ چار ڏينهن اچي ٿيا هئا، انهن چئن ڏينهن ۾ هو بي حد ڪمزور ٿي ويو هو ، ان دوران هن پوليس ٿاڻي تي پنهنجي پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، تر جي ڪن خاص ماڻهن سان مليو ۽ ڏس پتا وٺي ڏوهارين سان به جيڪي ڀُنگ وٺي ماڻهو واپس ڪرائينداآهن، پر هن کي هر طرف کان مايوسي ٿي. شهداد جيڪو شڪ پنهنجن دوستن سان ظاهر ڪيو هو، انجو ذڪر به هاڻ آهستي آهستي ۽ بي حد احتياط سان ٿيڻ لڳو .
    مسلسل اٺن ڏينهن جي اوجاڳي ۽ ٿڪاوٽ ڪري پنهون جو والد سخت مايوس، غمزده ۽ پوءِ بيمار ٿي پيو ، هن جون سڀ راهون بند ٿي ويون هيون، هن پنهنجي ليکي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ڪٿان به هن جي پٽ جي ڪا خبر ملي ڪا نشاني ملي يا ٿوري به آٿت پر هن کي هر طرف کان مايوسي ٿي ۽ نهايت سادگي سان پنهنجي روحاني پريشاني سميت سڀني کان موڪلائي واپس کوئٽا روانو ٿي ويو.
    هن ويندي ويندي محض ايترا لفظ چيا ته ” پنهون اوهان لاءِ به اولاد برابر آهي، ان جي ڪنهن ريت ڪا خبر ملي ته مونکي ٻڌائجو ، انجي امڙ سخت تڪليف ۾ آهي منهنجو ان سان هجڻ ضروري آهي“
    توڪلي، محراب خان ۽ شهداد جيئن جيئن پنهون جي معاملي تي گفتگو ڪندا ٿي ويا، هنن کي يقين ٿيندو ٿي ويو ته پنهون گُم ڪيو ويو آهي.

    ”مان پنهنجي يقين سان چوان ٿو ته پنهون ايجنسين وٽ ئي آهي، اسان کي ٻئي پاسي سوچڻ نه گهرجي “ محراب خان چيو .
    ”پاڻ انجي آزادي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ “ ڄام دُرڪ جي سوال تي سڀني ۾ خاموشي ڇانئجي وئي.
    ”هي ڳالهه آسان ڪانهي انهن جي نتيجن کان به پاڻ آگاه آهيون . جي پنهون ايجنسين وٽ آهي ته جلد ئي انجو لاش ڪنهن ويران رستي تي ملندو، اسان کي ان لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي، پوءِ اهو ڪڏهن ۽ ڪٿي ملي ٿو انجي ڪا خبر ڪانهي“ محراب خان يقين سان اها ڳالهه ڪري ويو .
    ”انجو اهو مطلب آهي ته اسين ڪجهه به نه ڪيون ۽ ويهي انجي لاش جو انتظار ڪيون “ توڪلي، دوستن ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”منهنجو مطلب اهو ناهي،“ محراب وراڻيو، مون پنهنجي گفتگو اوهان آڏو هڪ عام راءِ بجاءِ هڪ يقين واري انداز ۾ رکي ۽ ان لاءِ مون وٽ ڪيترا ئي دليل آهن. محراب خان پنهنجي گفتگو جي انداز کي واقعاتي منظر نگاري واري انداز ۾ پيش ڪندي چيو.
    ”مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته پنجگور جي هڪ سياسي ڪارڪن وحيد بلوچ کي دوستن جي موجودگي ۾ ايجنسي وارا کڻي ويا، پوري واردات جا دوست شاهد هئا، هنن مظاهرا ڪيا، پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ شاهدن ججن جي اڳيان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا . اهي ججن جي اڳيان رڙيون ڪري چئي رهيا هئا ته هي ڪا عام واردات ڪانهي وحيد ايجنسين وٽ آهي جنهن جا اسين پاڻ شاهد آهيون، جج هڪ منٽ ۾ انهن جا بيان وٺي ايندڙ ٻن مهينن جي تاريخ ڏئي ڪورٽ کي برخاست ڪري اُٿي ٿي ويا، جتي رياست اندر رياست قائم هجي اتي پاڻ کي مختلف انداز سان سوچڻ جي ضرورت آهي، اهڙي رياست ۾ مظلوم قومن خلاف وحشياڻا طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن، پوري هڪ مهيني کانپوءِ وحيد بلوچ جو لاش سبي جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ مليو.
    منهنجي راءِ اها آهي ته، اسان کي جو به ڪجهه ڪرڻو آهي بلوچستان جي آزادي ۽ علحدگي لاءِ ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي، محراب خان سڀ ڏانهن نهاريندي چيو.
    سڀني جون نگاهون محراب خان ڏانهن کڄي ويون،
    جذبات ۾ محراب خان جي چهري جو رنگ سرخ بڻجي ويو هو ، هن پنهنجي ڳالهه جي شروعات ان طرح ڪئي ڄڻ هي ڪنهن جلسي کي خطاب ڪري رهيو آهي.
    هڪ ظالم فيڊريشن ۾ رهڻ جو مقصد هڪ هڪ بلوچ کي پنهنجي روح ۽ جسم کان ماري ختم ڪرڻو آهي.اهڙي صورتحال ۾ علحدگي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي، محراب خان جوش ۾ اچي ويو هو، هن جي ڳالهائڻ ۾ هڪ قسم جي رواني اچي وئي هئي .
    ”تنهنجو علحدگي واري خيال تي ڪيترو اعتبار آهي“ ؟ توڪلي سنجيده موضوع تي ڳالهائيندي محراب خان کان سوال ڪيو.
    تون اعتبار ڪر اهو خواب اسان سڀني جي شرڪت سان تڪميل تي پهچندو. محراب خان مخاطب ٿيندي چيو. ڇاڪاڻ ته آزادي جو سوال جيترو پراڻو آهي اوترو ئي ان ۾ نواڻ ايندي ٿي وڃي، هاڻ هي جوش ڀريو قدم نه پر فڪر ۽ حڪمت عملي جو سوال آهي، ڇاڪاڻ ته فڪر کي پنهنجو رستو ٿئي ٿو جيڪو عمل سان چٽو ٿيندو وڃي ٿو ۽ هر ڏينهن عوام جي شرڪت وڌندي رهي ٿي.
    ”تون دوست يا ڀاءُ ٿيڻ بجاءِ، ماڻهن کان علحده ٿيڻ پسند ڪندين؟“ توڪلي کاوءنس سوال ڪيو.
    ”شهداد ! تون ٻڌين ٿو محراب خان ڇاٿو چوي؟“ توڪلي وڏي آواز ۾ شهداد خان ڏانهن منهن ڪندي وراڻيو
    ”هائو!“
    محراب خان چوي ٿو ته، “قومون، ملڪيت ، مساوات، برابري، ٻولي، ادب ۽ فلسفي جا سوال وڃي پون کڏ ۾”
    “هي ائين چاهي ٿو” شهداد، محراب خان ڏانهن نهاريندي چيو.
    “ڪيئن به هجي پر حق ۽ خيرات ۾ فرق آهي” محراب خان ڳالهائڻ شروع ڪيو. هتي ڪير به ڪنهنجو ڀاءُ ڪونهي ، هن دنيا ۾ انسان ايڏو ته ڪريل آهي جو دوستانه گفتگو ڪندي پُٺي ۾ ڇرو وهائي ڪڍندو. هي مقابلي، انساني ۽ قدرتي وسيلن جي استحصال جو دور آهي. دنيا ۾ رشتن جو بنياد به هاڻ اهو ئي آهي. ڇا پاڪستان، چائنا، رشيا، ايران، سعودي عرب وچ ۾ ڪي برادرانه رشتا آهن، چائنا کي ڏنل سينڊڪ پراجيڪٽ جنهن مان دنيا جو قيمتي ڌاتو سون ۽ ڪاپر نڪري ٿو، تنهن جو هڪ سيڪڙو به بلوچستان تي خرچ ڪو نه ٿو ٿئي.چائنا پاڻ کي ڪميونسٽ ملڪ سڏائي ٿو پر انجي بک جي ڪا حد ڪانهي، ان لاءِ انسانيت ۽ ڀائپي ڪهڙي معني رکي ٿي؟ اهي ساڳيا ماڻهو هاڻ وري ترقي جي نالي تي گوادر تي قبصو ڪرڻ چاهن ٿا . ٺولڪ ڀرسان جيڪو خُضدار کان 55 ڪلوميٽر تي آهي.ڪيترن بلوچ نوجوانن کي ماري اجتمائي قبرن ۾ دفنايو ويو. ڇا ائين هو ته هي نوجوان دوستي ۽ ڀائپي جي لائق نه هئا؟ ڇا توکي ان حقيقت تي اعتبار ڪونهي ته بلوچستان جي سُئي لاهور ۽ کاريان ته وڃي ٿي پر ٺولڪ ڪو نه ٿي وڃي، اسانجي دور جي انسانيت هاڻ هڪ مذاق بنجي وئي آهي، آسودگي جو سوال اهو آهي ته ٻين جو استحصال ڪيو، پورو يورپ ، مڊل ايسٽ ۽ ويندي انسان بحيثيت فرد جي ائين ڪري ٿو، بلوچ کي سستو ليبر سمجهي عربن ۽ انگريزن لاءِ پئسه ٺاهيندڙ مشين ٺاهيو ٿو وڃي ته ان مان ڪٿان به ڪا ڀائپي نطر اچي ٿي ڇا؟ محراب خان پوري جوش سان ڳالهائيندي ٿي ويو. ٻين کي ڌڪاريو ۽ پنهنجن سان محبت ڪيو اسرائيل ۽ آمريڪا جو جنون ان ئي ڳالهه تي قائم آهي.اهڙي حالت ۾ پاڪستاني سڀ ڀائر آهن پهرين نظر ۾ دوکي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ پوري مسلم اُمه جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. باقي هن ملڪ جون قومون ۽ ماڻهو وڃي پون کڏ ۾ . اهڙي حالت ۾ مان علحدگي واري رستي کي ئي بهتر سمجهان ٿو. بلوچستان جي هي زمين مون لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي جنهن جي ڪُک ۾ بلوچن لاءِ شاندار آسودگي ۽ خوشحالي پوشيده آهي، هي زمين بهادري جي ڪارنامن ۽ عشق جي داستانن ۽ شاعرن جي رس ڀري شاعري سان ڀريل آهي. جي خدا گهريو ته آزادي کانپوءِ باقي قومن سان اسان جا تعلقات ڀائرن وارا هوندا. محراب خان پنهنجي گفتگو ختم ڪئي.
    ”علحدگي جو مطلب آهي ته طاقتور سلامت رهندو ۽ پنهنجي لاءِ خود ئي طئي ڪندو ته ان کي ڪيتري دولت ۽ زمين ٿي گهرجي“ توڪلي محراب خان ڏانهن نهاريندي چيو.
    هو پنهنجي لاءِ دولت جا ڍير گڏ ڪري ته ڪير به ان کان پڇڻ وارو نه هجي ته هي تون ڇا ويٺو ڪرين.اها ئي گهڙي هوندي جڏهن علحدگي جي تحريڪ بي معني ٿيندي نظر ايندي. توکي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪابه بورجوا رياست ڪڏهن به قومن جو سوال حل ڪري ئي نه ٿي سگهي.پاڪستان جهڙي رياست ته بلڪل به نه، بحث ۾ سنجيدگي اچي وئي هئي.
    “زندگي اڳتي وڌي رهي آهي” توڪلي وراڻيو. هن وقت قومن سان گڏ بيهڻ جو سوال آهي، سائنسي ۽ سماجي انقلاب ماڻهن ۽ قومن لاءِ نيون راهون کوليون آهن. ماڻهن جي معيارِ زندگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ قومن سان سياسي ۽ معاشي تعلقات جوڙڻا پون ٿا، پنجاب کان گيس جي بدلي ۾ ڪڻڪ به ته خريد ڪيون ٿا، دراصل بورجوا رياست اهو ڪم جبرن ڪندي آهي ۽ سوشلسٽ رياست رضاڪارانه ۽ هڪ ٻئي جي احترام ۽ اجازت سان.
    قوميت جي بنياد تي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ پهرين اهو سمجهڻ گهرجي ته ان مان مقصد ڇا آهي؟ توڪلي وڌيڪ ڳالهائيندو ويو ،
    هڪ تاريخي حقيقت تي ڳالهائڻ کان پهرين عام طرح قوميت کان وڌيڪ انسانيت جي تاريخ جو سوال اهم آهي. قوميت جي بنياد تي ويڙهه جو مقصد آهي باقي قومن ڏانهن سخت ۽ نفرت ڀريو رويو . جي ائين آهي ته پوءِ مان ائين سمجهان ٿو ته هي رياست نفرت جي هڪ هڪ سر تي قومن جي وچ ۾ ڊگهي ۽ وڏي ديوار ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي . اهو ته ڪنهن طرح سان اسان به ساڳيو ڪم ڪري رهيا هونداسين جيڪو ڪم هي رياست ڪرڻ چاهي ٿي. مون کي تون ٻڌاءِ ته بلوچستان جي تاريخ جيڪا سردارن جي ڪردارن سان ڀري پئي آهي ان ۾ عام بلوچ جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ تاريخ هميشه طاقتور طبقي جي ڪاميابين ۽ انهن جي شاندار زندگي ، شجاعت ۽ جرات جي قصن ۽ ڪهاڻين سان ڀري پئي آهي. پر آزادي جي تحريڪن ۾ ويڙه ته عام ماڻهو جي آهي . هي جنون کان مٿي ڪجهه به ناهي ته پنهنجي طبقي جي ويڙه اسان ڪنهن سردار جي مفاد لاءِ وڙهون. توڪلي پنهنجي ڳالهه کي مختصر ڪندي ڳالهه ختم ڪئي.
    ”مان توسان متفق نه آهيان“ محراب خان پنهنجي من جي بيچيني پوري ريت پاڻ کي ضابطي ۾ رکندي نهايت ڌيرج سان وراڻيو.
    ”جيڪڏهن تون منهنجي راءِ پڇندين ته مان چوندس ته توڪلي جو موقف درست آهي“ شهداد وچ ۾ ڳالهائيندي چيو.
    توکي سڄي حقيت کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته بلوچ سردارن جي اڪثريت هڪ عرصي تائين رياست جي نظام جو حصو هئا. هاڻ به سرداري نظام کي رائج ڪرڻ ۽ ان کي جيئن جو تيئن رکڻ واقعي به هن دور ۾ عجيب آهي ، پر انجي باوجود اهو اڄ به مضبوط ۽ محفوظ آهي، هي انسان جي آزادي آڏو وڏو سوال آهي ته فرسوده نظام دراصل ذهنن کي بي وقوف بڻائڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهن .
    مان توهان کي پنهنجو واقعو ٻڌايان ٿو. شهداد ڪاوڙ واري ڪيفيت مان چيو ، مان پنهنجي دوست سان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو هوس ته رستي ۾ مون ٻن ڊبل ڪيبن گاڏين کي ڪراس ڪيو، جنهن جي پويان ڪجهه ماڻهو هٿيارن سان ويٺا هئا. مون جيئن ئي انهن گاڏين کي ڪراس ڪيو ته اوچتو اسانجي پويان هڪلون ٿيڻ لڳيون ته بيهي رهو، بيهي رهو. مان ته پنهنجي رستي وڃي رهيو هئس ۽ پنهنجي رفتار سان ويندو رهيس . ايتري ۾ تيزي سان ٻنهي گاڏين منهنجي سامهون اچي بريڪون هنيون، ٻه ماڻهو گاڏي جي اندران لٿا ۽ اچڻ سان اسان ٻنهي کي ٿڦڙن سان شروع ٿي ويا هڪ ماڻهو جي هٿ ۾ لڪڻ هو جنهن سان هن به ڪٽڻ شروع ڪيو ، هي ڄڻ ڪنهن انسان کي نه جانور کي ماري رهيا هئا. اسين دانهون ڪندا پڇندا رهياسين ته اسان کي ڇو ٿا ماريو اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي، هي ماريندا رهيا ۽ چيائون ته .
    ”تون سردار جي گاڏي کي ٿو ڪراس ڪرين ، تون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو.“
    مون چيو، مونکي ڪا خبر ڪانهي، هنن مونکي وڌيڪ ڳالهائڻ ئي نه ڏنو، ايستائين ماريندا رهيا جيستائين هوٿڪجي نه پيا. اسان کي بيهوشي جي حالت ۾ اتي ڇڏي هليا ويا. شهداد جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا . هن محراب خان ڏانهن منهن ڪندي ڳالهائيندي چيو.
    ”مونکي تون ٻڌاءِ بلوچستان جي آزادي ڪهڙي مقصد لاءِ، انهن فرسوده روايتن لاءِ، سردارن جي لاءِ، جيڪي توکي ۽ مونکي انسان به سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. مان پنهنجي روح کان سردارن کان نفرت ڪيان ٿو، سردار هڪ فريب آهي“
    ”تون اڃان به اسان سان متفق ناهين“ توڪلي، محراب خان کان پڇندي چيو.
    ”نه ! مان اڃان به متفق ناهيان، پراهو بحث ڪنهن ٻئي وقت ڪنداسين“ محراب خان ائين چئي اٿي بيٺو.


    7

    ڄام دُرڪ، محراب ۽ شهداد جي گفتگو کانپوءِ پنهنجي اندر ۾ زبردست تبديلي محسوس ڪئي، هن پنهنجي اندر مان ڄڻ وادي چملانگ کي ظاهر ٿيندي ڏٺو، هي جيڪو خزان جي پتن جيان وکري ويو هو، پنهنجي مدار ۾ موٽڻ لڳو. توڪلي هنجي چهري جا لفظ پڙهي ورتا.
    منهنجو گهر تنهنجي مهمانوازي جي لاءِ تمام ننڍو آهي، توڪلي ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو، ۽ شايد ايترو سينگاريل به ڪونهي، هوا به رُڪجي رُڪجي اچي ٿي.
    توڪلي، جي اهڙي ڳالهه تي ڄام دُرڪ جون اکيون ڀرجي آيون ، هن توڪلي ڏانهن سڪ ۽ محبت مان نهاريندي چيو، مون وٽ ڪي اهڙا لفظ ئي ناهن جو تنهنجي مهمانوازي جي ساراه ڪري سگهان، تنهنجي سهڻي سڀاءُ جي مان ڪهڙي تعريف ڪيان، تنهنجي دل جنهن سادگي سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ، هڪ اجنبي شخص تي اعتبار ڪيو ۽ منهنجي من جي مونجهارن کي عزت ۽ احترام ڏنو، ان لاءِ مان تنهنجو هميشه شڪرگذار رهندس. منهنجا دوست توڪلي، تنهنجي موجودگي ڪري منهنجي دل کي هڪ قسم جو اطمينان حاصل ٿيو.
    “تون پنهنجن شاندار قدمن سان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي زندگي جو سفر جاري رکي سگهندين” توڪلي، ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو.
    “تون مونکي پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ ” ڄام دُرڪ، توڪلي سان مخاطب ٿيندي چيو.
    توڪلي جي چهري تي عجيب خوشي ۽ غم جي گڏيل سڏيل ڪيفعت ڇانئجي وڃي ٿي. هن ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ هن جي واتان ازخود لفظ نڪرندا ويا .

    سمو زين جي پهاڙن تي پپر جو وڻ آهي.
    سمو وڻن جو ميوو آهي
    سمو غزل ڪوهستاني آهي.
    سمو ڏاڙهون جو کَليل گُل آهي
    سمو انڌيرن جو روشن ڏيئو آهي
    يا بارش کانپوءِ ڦٽندڙ ٻُوٽي
    سمو ويڪرن پتن وارو انجير آهي
    اهڙو وڻ جيڪو مشڪل رستن ۽ ندين ڪنارن تي ٽڙي
    جنهن جو مقام پهاڙن جي بلندي تي آهي
    ڪنهن هوا جي مجال! جو هن وڻ کي لوڏي

    توڪلي جون اکيون چمڪڻ لڳيون، هن جو چهرو بي خودي وچان جرڪڻ لڳو،هن سمو جو ذڪر ڪري ڄڻ خدا جو ذڪر ڪيو، هن ڄڻ ڪائنات جو ذڪر ڪيو، هن ڄڻ پنهنجو ذڪر ڪيو، جنهن جي ازل ۽ ابد جي ڪنهن کي ڪا خبر ڪانهي، هر شي فاني آهي سواءِ سمو جي، ڄام دُرڪ، توڪلي کي نئين طرح سان ڏسي رهيو هو، هن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي نه هو ته توڪلي ڪنهن انسان کي ان حد تائين به چاهي ٿو، اهو توڪلي ڪو ٻيو هو جنهن محراب خان ۽ شهداد خان سان سنجيده گفتگو ڪئي ٿي.
    توڪلي پنهنجي من جي صداقت سان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، مان جڏهن به پهاڙن جي درميان هوندو آهيان ته خوشي، محبت ، نفرت ۽ انقلاب جهڙن سوالن ڏانهن ڇڪجي ويندو آهيان، جيترو به مان ان طرف ڇڪجي وڃان ٿو منُهنجي اندر آزادي جو احساس وڌيڪ پختو ۽ مضبوط ٿي وڃي ٿو، هي نهايت اهم ڳالهه آهي ته آزادي جو احساس انسان جي اندر کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو .
    منهنجو هي ننڍڙو ڳوٺ ماڻڪ بند ۽ هنجي چوڌاري ڦهليل ڪوه سليمان جي وادي منهنجي وشال دنيا آهي، ظاهر آهي ته هن وشال دنيا جون خوشيون ئي مون لاءِ سڀ ڪجهه آهن. مان سڀني ڳالهين کان وڌيڪ انسان جي خوشي کي اهم سمجهان ٿو، ماڻهن جو مفلس هجڻ واري سوال تي مان جڏهن بلوچستان جي ماڻهن جي گفتگو ٻڌان ٿو ته ائين محسوس ڪندو آهيان ته انهن ماڻهن جي لفظن ۾ بي انت تڪليفون ۽ درد پوشيده آهن.
    توڪلي گهڙي کن رُڪندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. منهنجي زندگي جو وڏو حصو ڪوه سليمان جي پهاڙن جي وچ ۾ گذريو آهي. مون انهن کي محسوس ڪيو آهي ڪنهن پختي ڏاهي استاد وانگر ، ڪنهن اڪيلي اجنبي وانگر، ڪنهن وفادار مخلص دوست وانگر ته ڪنهن نهايت تيز نظر رکندڙ پوڙهي وانگر، مون هن کي ڪن ڳالهين ۾ پاڻ کان به بلند، عجيب راز پوشيده رکندڙ ڀانيو آهي.
    مو ن پوري حياتي هن جي اهڙي گفتگو ٻڌي آهي جيڪا شايد آءَ ٻئي هنڌ ڪٿي به نه ٻڌي سگهان ها. هنجي صحبت ۾ مون کي پنهنجي قدر قيمت معلوم ٿي . حقيقت ۾ ڪوه سليمان منهنجي درسگاه آهي. مون هتي ڪنهن به ڏک ۽ رنج کي پنهنجي اندر مان ائين ختم ٿيندي ڏٺو آهي ڄڻ انجو ڪو وجود ئي ڪونهي، هن جي درميان وڌيڪ پيار وڌيڪ اعتبار ۽ وڌيڪ خيال ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.
    سمو منهنجي روشني آهي، جنهن هڪ لمحي لاءِ به مونکي هڪ عام ۽ رواجي انسان ٿيڻ کان محفوظ رکيو، توڪلي سمو متعلق ٻڌائڻ لڳو. مان سمو جي معاملي ۾ ٻاراڻيون حرڪتون ڪري سگهيس ٿي پر هن منهنجي اهڙي انجام کان نه صرف بچايو پر نئين طرح جي راه ڏيکاري. هن مونکي جيڪا ضروري ڳالهه سمجهائي ته انسان جو روح سجاڳ آهي ته جسم انجو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي. انسان کي پنهنجي اصلي حالت ۾ هجڻ گهرجي، ڪائنات جي سمورين شين کي اسين پنهنجي عقل جي آڌار تي سمجهي نه ٿا سگهون . پر ان سان رقص ڪري سگهون ٿا.
    “جسم به ته هڪ سچائي آهي” ڄام دُرڪ، توڪلي جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ کانپوءِ چيو.
    “اها ڳالهه سمجهڻ جي آهي دوست! جسم جي خوبصورتي وڏي ڳالهه آهي ان کان اسين سڀ متاثر ٿيون ٿا، ائين آهي نه” توڪلي وراڻيو.
    ها ائين آهي! پر تون انجي ڪيئن تشريح ڪندين؟ ڄام دُرڪ توڪلي ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    “بيٺل پاڻي جيان”
    جاڳيل روح جو مطلب آهي رواني،
    ”سمو ڪٿي آهي؟” ڄام دُرڪ توڪلي کان پڇيو.
    گهڙي کن لاءِ عجيب خاموشي ڇائنجي وئي.
    حقيقت ۾ هي هڪ احساس آهي، راحت ۽ زندگي ڏيندڙ.
    جنهن کي مان هميشه تازو رکڻ چاهيندس، مان انجي تشريع ڪجهه ان طرح سان ئي ڪري سگهان ٿو، توڪلي شعر ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو.

    انجي ڳالهين جي خوشبو،
    ائين جيئن گُلِ لاله ٻوٽي
    پوري پهاڙ کي مهڪائي ٿي
    منهنجو روح!
    ان دلفريب صورت جي ڳالهين سان ائين مهڪي پوي ٿو،
    ۽ خواب ڪيئن نه ڊوڙي اکين ۾ اچن ٿا،
    انهن نيڻن ڏانهن جن کي هن تراشيو مڪمل ٿيڻ واري لمحي لاءِ
    ۽ ڪيئن نه نيڻن،
    ڪجهه به چوڻ ۽ سمجهڻ جي ڪيفيت کان ڏور
    ان صورت کي چٽيو حيراني سان،
    ۽ ڪيئن نه محبوب جي حصي جو اوجاڳو
    روحن کي جلا بخشي ٿو
    ۽ پوءِ،
    بادل!
    زمين کان مٿي اُٿي، آسمان جي ڪُک تائين وڃن ٿا،
    وسن ٿا ۽ وري ڊوڙن ٿا زمين ڏانهن،
    تڏهن زندگي،
    عجيب نظارن مان نڪري نروار ٿي بيهي ٿي
    عطر انبير کان به وڌ انجي خوشبو ،
    محبوب جا سلام پهچائيندي
    ڪنهن عاشق جي اعتبار کي، وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي
    هوا جي ٿڌن جهونڪن سان هم ڪلام ٿي
    پنهنجن پيارن هٿن جو سلام پيش ڪري ٿي.

    توڪلي شعر ختم ڪري خاموش ٿي ويو .

    سمو سان ملاقات هڪ عجيب اتفاق هو، جنهن کانپوءِ منهنجي زندگي ۾ هڪ عجيب موڙ آيو، جنهن پوءِ منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي، ڪوهه سليمان جا سُرمئي پهاڙ منهنجي بيچين روح جو چين آهن، مون پنهنجي زندگي جا خوبصورت ڏينهن هتي گذاريا، هتي مون بيداري جي اصل معني ۽ مفهوم سکي، توڪلي جي گفتگو جو انداز حيرتناڪ ٿي ويو هو، هن وڌيڪ چيو، سمو، پهاڙن مان وهندڙ جهرڻي جيان پرشور ، شفاف آهي.هو منهنجي زندگي ۾ هوا جي ٿڌي جهونڪي جيان آئي گذري وئي، مان ان سان اهڙي موقعي تي هم ڪلام ٿيس جڏهن مون دنيا کي تياڳڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پوءِ هڪ ڏينهن اهڙي طوفاني بارش پئي جنهن منهنجي زندگي جي سمورين نراسائين کي وهائي ڇڏيو، ڄڻ مونکي نرواڻ حاصل ٿيو، مان اڄ تائين بارش هيٺان بيٺو سمو کي ڏسي رهيو آهيان،
    ”ڇا تنهنجي ان سان محبت ٿي وئي آهي ؟“ ڄام دُرڪ توڪلي کان پڇيو .
    ”هائو “ مان ڪيئن چوان ته منهنجي ان سان محبت ناهي . توڪلي پنهنجي چهري کي ڄام دُرڪ ڏانهن موڙيندي چيو .
    مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ بارش نه ٿي هئي، پر مٽي جاڳي هئي، مٽي جاڳندي آهي ته پوري ڪائنات مهڪي پوندي آهي، مٽي پنهنجي اندر ستل ٻجن کي جاڳائيندي آهي ته جيئن صدين جي سلسلي کي جاري رکي سگهجي ، مان به ڄڻ پنهنجي اندر کان جاڳي پيو هُئس، توڪلي پنهنجن هٿن کي هوا ۾ لهرائيندي شاعراڻي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو .
    مان ڄاڻا ن ٿو ته
    قدرت جا فيصلا ڪنهن پوشيده راز جيان هُوندا آهن
    ترتيب ۽ بي ترتيب
    موجود ۽ غائب
    تخليق ۽ تخريب
    ظاهر ۽ باطن
    ذات ۽ صفات
    مطلق ۽ تعلق
    طئي ڪيو وڃي ٿو هر ماڻهو لاءِ الڳ سان
    منهنجي حصي جي بي ترتيبي،
    ان کان بهتر مون لاءِ ٻيو ڪو فيصلو ٿي ئي نه ٿو سگهي.
    مان ترتيب ۾ رهي ڪري بي ترتيبي کي سمجهي ئي نه ٿو سگهان
    مان پاڻ کي جلائيندي پنهنجي خاڪ ۾ خوش رهڻ چاهيان ٿو.
    اهو وڌيڪ چڱو آهي ته مان لاڏائو ماڻهن جيان ڦرندو رهان،
    زمين جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين
    ڪنهن حيران ڪندڙ خواب جيان
    ۽ وڌيڪ شيون ڏسي سگهان.
    مان ائين رهي ڪري حياتي جون وڌيڪ حقيقي شيون ڏسي سگهندس.
    ”توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان“ توڪلي، ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو.
    ”اسين ٻن الڳ الڳ ڪنارن تي بيٺل شخص هئاسين.“
    هو ته گُلِ لاله جيان آهي جيڪو ڪوه سليمان جي پهاڙن کي مهڪائي ٿو،
    توڪلي آهستي آهستي اُٿيو ۽ بيٺڪ جي دروازي کان ٻاهر هليو ويو.


    8

    جڏهن کان توڪلي سمو جو حصو ٿي ويو آهي، تڏهن کان هن پاڻ کي ماڻهن، زمين ۽ انهن جي حقن سان جوڙي ڇڏيو آهي،هي ائين ڪري پنهنجو پاڻ کي ڄڻ سمو سان جوڙي ٿو،
    توڪلي پنهنجي ڏک کي هميشه پوشيده رکيو، هي روايتي بلوچ ئي رهجي وڃي ها، پر پوءِ هن اهڙي روشني ڏٺي جنهن مان ڪائنات جو جنم ٿيو، مخماڙ جي وادي کان ڪوهه سليمان جي پٿريلي ۽ مشڪل گذرگاهن، رستن ۽ پيچرن تي سمو جو حسن وکريل آهي، هي ان حسن ۾ وکري وڃڻ، گم ٿي وڃڻ چاهي ٿو، پر پوءِ پنهنجي ڀاءُ دَلنڙ جي موت کانپوءِ جيڪو مري بگٽي قبائلي جنگ جي دوران ماريو ويو ، بي نيازي واري زندگي کان نڪري آيو ۽ سرداري روايتن جي خلاف ٿي بيٺو، ته هڪدم هن ماڻهن جي توجهه حاصل ڪري ورتي ۽ هن جي گرد ڪيترا ئي محروم ۽ سردارن جا ستايل ماڻهو جمع ٿيندا ويا، ڪجهه اهڙا به جيڪي بلوچستان جي آزادي لاءِ وڙهي رهيا هئا،
    مان جڏهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ماڻڪ بند جي ڳلين مان گذرندو هئس ته مسجد مان اذان جو آواز ٻڌي بيهي رهندو هئس، توڪلي، ڄام دُرڪ کي پنهنجي شروعاتي زندگي جو واقعو ٻڌائي ٿو.
    منهنجي ننڍڙي جسم اندر ايڏي ته ڪشادي دل هئي جو مون کي ڪڏهن خيال ئي نه آيو ته هي اذان ڪنهن سُني جي يا ڪنهن شيعي جي آهي، مان پنهنجي روح جي اطمينان سان اذان ٻڌڻ لاءِ بيهي رهندو هئس، منهنجي اندر ڪو اهڙو سوال ئي ڪونه هو جيڪو مون کي ڪنهن مشڪل، نفرت ۽ اضطراب طرف موڙي. جڏهن مان ڪوئٽا پڙهڻ لاءِ ويس ۽ اردگرد جي ماڻهن سان تعلق ٿيندو ويو ته تڏهن مونکي محسوس ٿيو ته اسين سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي پنهنجي مذهب، نسل، رنگ ۽ پوءِ قبيلي کان سڃاتا وڃون ٿا. اسانجن چهرن ۾ تڏهن هزارين گهنج پئجي وڃن ٿا جڏهن ڪو ڪنهن جي نسل ۽ مذهب تي ڳالهائي ٿو.
    پوءِ ڇا ٿيو پورو جو پورو ڪوئٽه سني ۽ شيعي جي باه ۾ ٻرڻ لڳو. منهنجي من جو اطمنان ختم ٿي ويو .
    مون توسان پنهنجي ڳالهه ان ڪري ڪئي ته مون هميشه ائين سمجهيو آهي ته دنيا ۾ فساد. ويڙهه جو سبب انسان جو جنون آهي، مان شيعو ۽ سني نه هجڻ جي باوجود مذهب کان شديد طور تي متاثر ٿي رهيو آهيان، هڪ ڀيري ڪنهن دعوت ۾ ويٺا هئاسين ته ڳالهه حرام ۽ حلال جي نڪتي هڪ سُني مُلي چيو ته مان حلال کانسواءِ ڪجهه کاوان ئي ڪو نه ته ميزبان کي ان ڳالهه جو شديد ڏک ٿيو هن ڇا ڪيو جو ماني جو اڌ ٽوڙي ملي کي چيائين ان مان ايترو کاءُ جو حلال هجي.
    مون پنهنجي تعليم جي دوران اها ڳالهه سکي ته حرام ۽ حلال جو اصول غربت سان ڪيئن ٿو لاڳو ٿي سگهي، جناح جي اسلام ۽ گانڌي جي روحانيت پويان زمين جو سوال نه هو ته ٻيو ڇا هو؟ اها دراصل ناقص قسم جي اڳڪٿي هئي ته مسلمانن کي پنهنجو جُدا وطن گهرجي. هندوستان جا ماڻهو ته هڪ هزار سالن کان هڪ ئي وطن ۾ گڏ رهندا ٿي آيا، مونکي اهو پڙهي حيرت ٿي ته جناح اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ته برطانيه سندس نئين ملڪ وارو مطالبو مڃي ورتو آهي، مون سوچيو جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ ڇا سندس نئين ملڪ جو مطالبو رڳو سوديبازي ذريعي وڌيڪ مراعتون حاصل ڪرڻ هو، هندستان جي ماڻهن 47 کان پوءَ پنهنجو وطن وڃايو جنهن جي سزا اسين سڀ ڀوڳي رهيا آهيون.
    “هاڻ تون ڳالهاءِ مان ڏسان ته تنهنجا ڪهڙا خيال آهن” توڪلي، ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو
    ڄام دُرڪ اطمينان سان توڪلي کي ٻڌڻ کانپوءِ بيٺڪ جي ليپيل ديوار کي ٺيڪ ڏئي چيو، وادي چملانگ جي بلوچن جو ڪهڙو جرم هو جو انهن معصوم ماڻهن جي مٿان باروود اڇلايو ويو، زمين جو رشتو سمورن رشتن کان وڌيڪ عزيز ٿئي ٿو ۽ اهو قدرت پاران اصل رشتو آهي، هر ماڻهو ان رشتي سان نڀائي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو قدرتي آهي، وادي چملانگ جا سمورا ماڻهو پنهنجي حصي جو اهڙو ڪم ضرور ڪندا هئا جيڪو ٻئي کي سک ڏئي، ميويدار وڻ لڳائڻ، رستن کي صاف رکڻ، وڏڙن لاءِ عزت، پنهنجن ٻارن کي اِهو سيکارڻ ته انسان سڀ کان اول آهي، پنهنجي شهر جي حفاطت ڪرڻ ۽ اهڙا ڪيترا ننڍا ننڍا ڪم ڪري هُنن پنهنجو رشتو زمين سان مضبوط ڪيو هو، هن رياست اسان کي ان احساس کان محروم ڪيو، مان هن رياست ۾ ته هڪ پَل به نه رهڻ چاهيندس، مان محراب خان جي ڪيترن ڳالهين سان متفق آهيان، هي جنگ هاڻ سردارن جي ناهي، هي آزادي جي جنگ آهي جنهن جو فيصلو هاڻ بلوچ نوجوانن کي ڪرڻو آهي،
    يعني تون هڪ ٻي ديوار کڙي ڪرڻ چاهيندين، اهڙيون ننڍيون ننڍيون ديوارون بلوچستان ۾ اڳ ئي کوڙ آهن، تون هڪ ٻي جو به اضافو ڪرڻ چاهين ٿو“ توڪلي، ڄام دُرڪ سان مخاطب ٿيندي چيو،
    ”اها ديوار مون کڙي ناهي ڪئي“ ڄام دُرڪ کيس ادب مان وراڻيو،
    هلو مڃون ٿا، ته ڪنهن پٺاڻ يا پنجابي کڙي ڪئي پر پوءِ تو ۾ ۽ هُن ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟ توڪلي وراڻيو،
    فرق آهي، ڄام دُرڪ وراڻيو، مان فرد نه پر قوم آهيان ۽ هزارين سالن کان پنهنجي زمين جو مالڪ آهيان مونکي اهو حق آهي ته پنهنجي زمين بابت پاڻ فيصلا ڪريان. ڪنهن سان گڏ رهڻ يا نه رهڻ جو به حق رکان.
    توکي معلوم آهي ته 1973 ۾ بلوچ سردارن اليڪشن ۾ حصو وٺي پاڪستان کي قبول ڪيو، توڪلي ڳالهايو، ۽ راڄ ڪرڻ جي خيال کان وزير ۽ مشير به ٿيا.
    ها مونکي ياد آهي، ڄام دُرڪ وراڻيو.
    ان ئي زماني ۾ ڄام غلام قادر جي قيادت ۾ بيله. خاران ۽ مڪران رياستن جا والي ، خان قلات جو پٽ ۽ اوسي پاسي جا سمورا خان، سردار اقتدار واري پيپلز پارٽي ۾ شريڪ ٿي ويا. هي سڀ دراصل پنهنجي سرداري نظام کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن مسلم ليگ ته ڪڏهن پيپلز پارٽي ۾ شريڪ ٿيندا رهيا ته ڪڏهن قوم پرست ٿيڻ ۾ به دير نه ٿي ڪيائون .
    تو ڪڏهن غور ڪيو آهي ته آزادي جي راه ڪيئن ٿيندي آهي؟ ۽ انجي ڪهڙي معني آهي؟ توڪلي اهم نقطي تي ڳالهائڻ لڳو
    ” مان توکان سمجهڻ چاهيندس“ ڄام دُرڪ وراڻيو.
    ”چڱو ائين آهي ته قومپرستي ، اهو شاندار جذبو آهي ، هن ملڪ ۾ اهو ئي رستو سڀ جي اڳيان کليل آهي،
    ائين آهي؟
    ها ائين آهي! ڄام دُرڪ وراڻيو،
    سياست ۾ سردارن لاءِ قومپرستي جو سوال، بلوچستان جي سرزمين ۽ ماڻهن مٿان مضبوط عملداري کان اڳتي ڪا معني رکي ٿو. تون ان باري ۾ ڇا چوندين، توڪلي، ڄام دُرڪ کان سوال ڪيو،
    ”ائين برابر آهي“ ڄام دُرڪ وراڻيو.
    “منهنجي خيال ۾ سردارن لاءِ اهو زمانو گذري ويو، جڏهن هر بلوچ جي قسمت جو فيصلو سردار ڪندو هو” ڄام دُرڪ ٻيهر وراڻيو.
    جيتوڻيڪ اهو تنهنجو خيال آهي پر هي رياست انهن ماڻهن ۽ ان ڪلاس لاءِ تخليق ڪئي وئي آهي، اهو ڪلاس هن رياست کي آساني سان توهانجي حوالي ڪري، اهو ڪيئن ممڪن آهي، مون ڪيترن پاسن کان ان ڳالهه تي ويچاريو آهي ته، گهڻي دير تائين پهاڙ ن جي سهاري اسين هي جنگ نه ٿا کٽي سگهون، بلوچستان جي نوجوان لاءِ هي سوال ضروري آهي ته موجوده تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ پنهنجو پاڻ کي سياسي ۽ تنظيمي طور بهتر ڪري ۽ پاڻ کي مستقبل جي چئلنج لاءِ تيار ڪري .
    “بلوچستان جو نوجوان ائين سوچي ٿو.؟” ڄام دُرڪ توڪلي کان پڇيو.
    “بلڪل ائين سوچي ٿو، بلوچستان جو نوجوان ان خيال کان پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهي” توڪلي وراڻيو.
    ماڻڪ بند ۾ ڪيترا نوجوان مونسان ملڻ ۽ ڳالهائڻ ايندا آهن، هنن جي دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن تي نظر آهي، هنن کي سردارن جي قومپرستن مان ڪو اتساه ڪو نه ٿو ملي ، هي بلوچستان جي سياسي، معاشي خودمختياري تي يقين رکن ٿا ۽ اليڪشن جي ذريعي فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻ چاهن ٿا، هنن جي نظر ۾ ان سان ئي بلوچستان کي بچائي سگهجي ٿو، جنگ جي پراڻن طريقن مان نڪرڻ جي ضرورت آهي، قومپرستي جي اصطلاح کي علاقائي ۽ جاگرافيائي تبديلي واري معني ۾ ئي ڇو ڏسڻ گهرجي.
    تڏهن مان هنن کان پڇندو آهيان ته، “بلوچستان آزاد ٿي وڃڻ کانپوءَ اسين اهڙو نظريو ڪٿان آڻينداسين، جيڪو ڪمزورن کي سگهه ۽ توانائي ڏئي سگهي”
    “ڄام دُرڪ خبر اٿئي ته نوجوان ڪهڙو جواب ڏيندا آهن.”
    “هو چوندا آهن ته بلوچ پوڙهن کي کڻي اها سمجهه ۾ نه اچي پر اها سگهه ۽ توانائي دنيا جي قومن ۽ فردن جي وچ ۾ عزت ۽ احترام سان ئي ممڪن آهي”
    هاڻ رات ڪافي ٿي چڪي آهي تون آرام ڪر توڪلي موڪلائڻ لاءِ اٿيو، پر مان چاهيان ٿو ته تون مونسان ڪوئٽه هل ، تون نون ماڻهن سان ملندين ته توکي بلوچستان جي تحريڪ کي سمجهڻ جو موقعو ملندو،
    ان کانپوءِ پاڻ چملانگ به هلنداسين، ڄام دُرڪ پنهنجي دوست کان انڪار ڪري نه سگهيو.


    9

    تقريبن ٻن ڏينهن کانپوءِ توڪلي ۽ ڄام دُرڪ ريل گاڏي ذريعي ڪوئٽه لاءِ روانا ٿيا. ڄام دُرڪ ٽرين جي دري مان بلوچستان جي چهري کي ڏسي رهيو آهي ، هي هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پهاڙن مٿان بادلن جو تهه خاموشي سان ڪنهن اُداس پوڙهي جيان چُريا ٿي. زمين جو رنگ ڀوري ناسي مان اوچتو سائي رنگ ۾ تبديل ٿي وڃڻ ڪري اهو اندازو ڪرڻ مشڪل هو ته زمين جو ڪهڙو رنگ آهي. گاڏي جي ٻنهي پاسن کان ۽ چوڌاري ٽڪرين، وڻن، پکين، ٻڪرين، رڍن ۽ اٺن جو ن قطارون ريل سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ۾ پوئتي رهجي ٿي ويون، هي زمين جي پنهنجي حيات آهي، جنهن تي بلوچن کي هميشه فخر رهيو آهي، ٽرين کان پري جا منظر ته ڄڻ ڪنهن مصور جا پينٽ ٿيل آهن، ٻاهر جي هوا ۾ عجيب تازگي،آهي، ڄام دُرڪ حيران هو هي هڪ ئي وقت سڀني شين کي ڏسي رهيو هو، هي ته ائين هو جيئن ڪو ماڻهو هڪ ئي وقت بادلن، پهاڙن، هوائن، گلن ۽ وڻن جي نمونن کي پنهنجن اکين ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي .
    پر هي ڇا؟! هي ته ڄام دُرڪ جي خالي اکين ۾ ڄڻ خود به خود ايندا ٿي ويا ڪنهن بي قرار روح کي تسلي ڏيڻ لاءِ يا ڪنهن اڃايل اکين جي اُڃ اجهائڻ لاءِ، ڄام دُرڪ اهو سڀ پنهنجي اکين ۾ قابو ڪري وٺڻ کانپوءِ پنهنجن اکين کي خود به خود بند ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن ان مان راحت حاصل ڪري سگهي پنهنجي زمين جي رنگ ۾ رنگجي وڃي، هي موٽي رهيو آهي پنهنجي اصل طرف، پنهنجي حصي طرف، هن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو، قدرت هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر وري موٽائي ڏئي رهي آهي، قدرت هر ماڻهو کي ڪجهه موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ ڄام دُرڪ جهڙا انسان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي باوجود نيٺ ٻيهر سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي ويندا آهن، هي زندگي جي بقا لاءِ بيحد ضروري به آهي، زمين جي تهه تي ۽ انسان جي اندر ۾ زندگي جا تازا پن وري ڦٽن ٿا، بادلن جي تمنا ۾ وسڻ ٿئي ٿو، نيرو آسمان، پکين کي اڏام لاءِ سڏي ٿو ۽ جاڳائي ٿو انجي روح کي، ڪيئن چئجي ته اهو زور خود قدرت پاران نهايت قيمتي سفر ڏانهن نڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي.
    ڄام دُرڪ جو روح ڪنهن اندروني احساس سبب خوش به هو ته ڏکارو به هو، هن اکيون بند ڪري وري کوليون، اکيون بند ڪرڻ سان هو پنهنجي ماضي ڏانهن هليو ٿي ويو، جيڪو بي حد دردناڪ آهي، هن ٽرين جي اندر جهاتي پاتي ڊٻو مسافرن سان ڀريل هو، سامهون واري سيٽ تي بلوچ فيملي جا ٻار پنهنجي ماءُ سان چنبڙيا ويٺا آهن، هي اڳتي وڃي رهيا آهن يا پوئتي، ٻار دري کان اندر اهو ڏسي حيران آهن، هنن جو معصوم روح بلوچستان جي ڏکن کان بي نياز پنهنجي امڙ جي اکين جي ڏکن کي به سمجهڻ کان قاصرآهي، جيڪا پنهنجي سيٽ تي خاموشي سان ويٺل آهي ۽ ڪنهن مهل عجيب نظرن سان مسافرن ڏانهن ٿي نهاريائين، ٻن ٻارن مان هڪ جي عمر 8 ۽ ٻئي جي 12 سالن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ مسلسل ماءُ کان پڇي رهيا آهن ته گهر ڪيڏي مهل پهچنداسين، سندس ماءَ بار بار تسلي ڏئي چئي رهي آهي ته اجهو پهتاسين، هو ڀر ۾ پيل هڙ مان ٽُٽَل بسڪوٽ ڪڍي ٻارن کي کارائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ريل گاڏي انهن سڀني ماڻهن، ٻارن کان بي پرواهه اڳيان لُوهه ڪندي وڌندي ٿي وئي، ڄام دُرڪ پوري سفر ۾ پنهنجي نئين زندگي تي سوچيندو رهيو، هي پنهنجي ماضي سميت نئين زندگي ۾ نئين مقام ڏانهن نڪري پيو هو. ائين کڻي چئجي ته زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر هن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    توڪلي ۽ ڄام دُرڪ پنهنجا سفري بيگ سنڀالي ڪوئٽا جي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيا.


    10

    سيپٽمبر جو مهينو ويندي ويندي پوئتي سخت گرم ڏينهن ڇڏي وڃي ٿو ، لاهور جا روڊ رستا تيز ۽ چُڀندڙ اُس ڪري تپي باهه ٿي وڃن ٿا. منجهند تائين لاهور ماڻهن کان خالي ٿي وڃي ٿو . ماڻهو يا گهرن ۾ يا وري تلائن ۽ شاخن جي پاڻي ۾ تڙڳڻ وڃن ٿا. تيز گرم هوا ۽ ڍير سارو دونهون ڇڏيندڙ گاڏين لاهور جي فضا کي آلوده ڪري ڇڏيو آهي، هلڪي دز جا ذرا ماڻهن جي ناسن ۽ وات ۾ ڌوڪيندا ٿي ويا. پورهيت، ڪونوڪارپس، نم ۽ سرينهه جي وڻ هيٺان ڏينهن جي ٺرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. گرمي جي ڏينهن ۾ دريائن جو وهڪرو تيز هئڻ ڪري شاخون به تار وهن ٿيون. هر عمر جا ماڻهون، ٻار، عورتون روز ٻه چار ٽٻڪيون ڏئي راحت محسوس ڪن ٿا، اسڪول ۽ ڪاليج جا شاگرد ته ٽولين ۾ اچي پاڻي ۾ پون ٿا ۽ پورو پورو ڏينهن ٻاهر نڪرڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. اهڙي بي رونق تتل موسم ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي پراڻي طرز تعمير واري ٿڌي عمارت جا ڪلاس روم به اُٻس ڪري گرم ٿي ويندا آهن ۽ هر طرف کان نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پنهنجي سفيد سنهن ڪپڙن جي باوجود بيزار بيزار لڳندا آهن ۽ ڪلاسن مان ٻاهر اچي وڻن جي ڇانو هيٺان هِتان هُتان جو ڳالهيون ڪري پنهنجي بيزاري تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
    نيشنل ڪاليج آف آرٽس پوري پاڪستان ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جو واحد ڪاليج آهي، جنهن ۾ پوري ملڪ جا نوجوان آرٽس جو هنر سکڻ اچن ٿا ۽ پنهنجي آواره روح کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته دنيا انهن جي آرٽ ۽ ڊزائن جي شاهپارن کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندي، حيرت ۾ پوڻ بجاءِ هن ڪاليج جي نوجوانن مٿان ته بلاسمي جو ڪيس ٿي ويو، هنن مان ٻن نوجوانن پائلو ڪولو جي ناول تي پينٽنگ ڊزائن ڪئي ۽ ڪاٺ جو اسٽيچو ٺاهي ڪاليج جي آڳند تي آويزان ڪيو، جنهن ۾ ٻه جُهلندڙ جسم، پنهنجون ٻانهون هڪٻئي جي چيلهه ۾ وجهي چمي رهيا آهن، جنهن کي ماڻهو بيهي ائين ڏسندا آهن جيئن انهن ٻنهي مان ڪو هڪ هي پاڻ آهن، هر ڳالهه کان بي نياز هو هڪٻئي کي چمي رهيا آهن ۽ حيران ڪرڻ جي حد تائين هڪٻئي ۾ سمائجي ويا آهن، بي آواز ۽ بي حرڪت جهومندي هنن پنهنجا صبح شام جهولندي ۽ هڪٻئي جي چپن جو رس وٺندي گذاريو ۽ ڪيستائين نه ڄاڻ ائين جهولندا رهندا.
    هي ته اسلامي تعليمات جي خلاف آهي، هي ته کلئي عام فحاشي جو اظهار آهي، هي ته سماج جو بگاڙ آهي، هي ته سزا جا مرتڪب آهن، هي بلاسمي جو ڪيس آهي، ۽ پوءِ بلاسمي جو ڪيس داخل ٿي ويو، هن ڪاليج جا ريسرچ جنرل بند ڪيا ويا، پينٽنگ ليف ليٽ بڪ اسٽورن تان گم ڪيا ويا، جماعت الدعوه جي مفتي هنن مٿان بيحوده الزام هنيا، ۽ ڪورٽ ۾ به هنن خلاف ڌُر ٿي بيٺا،
    سليمه هاشمي کي ڪجهه ان طرح جا ميسج ايندا رهيا، جيڪا ان وقت ڪاليج جي پرنسپال هئي، ته “تون مارجي ويندين ، توکي ڪير به بچائڻ نه ايندو، توکي پنهنجي زندگي پياري ناهي”
    تڏهن به هن ڪاليج جا استاد ۽ شاگرد بهادري سان اظهار آزادي ۽ تخليقي عمل لاءِ هر قسم جو جوکو کڻڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا،آرٽس لاءِ ڪهڙا نه تڪليف ڏيندڙ ڏينهن هئا،هن ئي ڪاليج جي آڳند تي دنيا جا اعلي پائي جا آرٽسٽ گل جي، صادقين ۽ فتاح هاليپوٽو رنگن ۽ خيالن جي تلاش ۾ آيا ۽ پنهنجون شامون هن جي پلئو ۾ ٽوپي ويا.
    خديجه ۽ ساٿي ان پوري تڪليفده دور ۾ ڪاليج جي زندگي بچائڻ واسطي بيٺا رهيا، هي ٻن سوچن ۽ خيالن جي ويڙه آهي جيڪا پنجاب جي اندر سدائين وڙهي وئي آهي، پنجاب جو تصوف ۽ اسلام ڪيترو نه هڪٻئي کان پري ٿيندو پيو وڃي، جيڪر ائين چئجي ته اسلام گهڻو پوءِ هن زمين تي ڦهليو، ان کان به اڳ تصوف هن سرزمين کي پنهنجي سحر ۾ وٺي رکيو هو،جنهن جي نتيجي ۾ هن سرزمين بابا فريد، باهو ، بُلي شاه ۽ دُلا ڀٽي جهڙن ڪردارن کي جنم ڏنو، پنجاب جي اهڙي روح کي پاڙان اکيڙن لاءِ اسلام کي سختگير ۽ بي رحم ٿيڻو پيو، بلڪه ان کي ائين پيش ڪيو ويو، پنجاب جو ايليٽ ڪلاس ۽ فوجي حڪمت عملي ان طرح جي اسلام کي ڦهلائڻ ۾ مددگار ٿي،
    خديجه ان جدوجهد ۾ سڀ کان نمايان هئي، سڀ کان الڳ، هن پنجاب جي ماڻهن کي جاڳايو ۽ تصوف جي روح کي مسخ ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، چولستان جي هن مٽي جي خوشبو هر طرف ڦهلجي وئي، هن جي ڳالهين ۾ سرائڪي ٻولي واري مٺاس ۽ هنجي خيالن ڪاليج جي شاگردن ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ڏسندي خديجه جي اردگرد شاگردن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ٿي ويو.
    خديجه جي زندگي ۾ رواني آهي، پر هڪ انسان ڪڏهن ڪڏهن اداس به ٿئي ٿو، هي ڪنهن پڇتاءُ ڪري اداس نه پر پنهنجي ديس جي ماڻهن جي ڏکن کي ڏسي ڪري اداس ٿي وڃي ٿي، روح جي جاوداني هي ڄڻ پنهنجي جنم کان کڻي آئي آهي. هو پنهنجي ڪم کي خود مشڪل ڪري ڇڏي ٿي، ته جيئن ان جي گهرائي تائين لهي سگهي .
    خديجه جو تعلق روهي چولستان سان آهي، چولستان کي قدرت لڙڪن جي پاڻي سان ٺاهيو آهي ۽ روهي جا شاعر بهشت جي دروازن کان وڌيڪ محبوب جي دروازن تي وڃڻ چاهيندا آهن. خديجه جيتري ٻڌڻ ۾ تيز آهي، ڳالهائڻ ۾ اوتري سُست . پر جي هن جي دل وٽان موضوع آهي ته شاندار دليلن سان آغاز ڪندي، هن ڪنهن هم گيرماڻهو جيان پنهنجو پاڻ کي ڏک سک لاءِ تيار ڪري ورتو آهي لاهور شهر ۾ رهندي هو پوري ريت ڪميونسٽ رنگ ۾ رنڱجي وئي آهي. هي پنهنجي دل کان ڪنهن چولستاني ڳوٺاڻي عورت جيان نرم ۽ انتهائي شفيق آهي ، ويزنري آرٽ ۾هن جا موضوع سادا پر دل کي ڇُهندڙ آهن. خديجه پنهنجن دوستن ۾ فقط ان ڪري نه سڃاتي ويندي آهي ته هو هڪ سٺي آرٽسٽ آهي، پر ان ڪري به ته هو هميشه جيان سڀ جو خيال رکندڙ ڪامريڊ آهي. ، طلعت ، تصور، رتنا ۽ ٻيون ڪيتريون هن جو ن آرٽسٽ دوست آهن. جيڪي هر وقت هن سان چنبڙيل رهن ٿيون.


    11

    نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي آڳند تي، خديجه پنهنجن دوستن، طلعت ۽ رتنا سان گفتگو ڪري رهي آهي.
    هتي رتنا ۽ طلعت جو تعارف ان ڪري ضروري آهي ته جيئن انسان جي ذهني، جسماني ۽ روحاني ڪيفيتن ، حادثن، حقيقتن ۽ رشتن کي سمجهي سگهجي، انسان جڏهن پنهنجي جيون تي ڳالهائي ٿو ته ڄڻ ڪائنات جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي،
    رتنا ڪماري جي زندگي جو اهو پهريون وڏو فيصلو هو، جنهن جي نتيجن کان به آگاه هئي،
    هن جو والد سيٺ مولچند ڪوهستاني ٿاڻي بولا خان جو امير، ڪاروباري شخص آهي، هن معاشيات ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو پورو ڌيان ڪاروبار ڏانهن ڏنو، هن حيدرآباد کي پنهنجو ڪاروباري مرڪز ٺاهيو ۽ اتي ئي بنگلو اڏي رهي پيو ته جيئن پنهنجن ٻارن کي به اعليٰ تعليم ڏياري سگهي، سيٺ مولچند پنهنجي ڪاروبار کانسواءِ باقي سڀني معامرن کي واهيات حقيقتون ۽ غير ضروري ڳالهيون سمجهندو آهي، هي اهڙي طرح ڏيکاءَ ڏيندو آهي ته ڄڻ هي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، هي اهڙي ريت فقط اها ئي ڳالهه سمجهي ٿو ته پئسو ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي، هي پنهنجي اولاد کي به ائين سمجهائيندو رهي ٿو ته پئسو طاقت آهي باقي سڀ واهيات حقيقتون آهن، جنهن لاءِ هن پاڻ خود سان ڪجهه دليل به گڙي رکيا آهن، سيٺ مولچند پڙهيل هجڻ جي باوجود پئسي کي طاقت سمجهي ٿو ، ان مان هن جي قابليت جي خبر پئي ٿي.
    سيٺ مولچند پنهنجن ٻارن متعلق جيڪو طئي ڪيو هو، اهو هن ڪري به ڏيکاريو، هن پنهنجن چئن ٻارن مان هڪ کي ڊاڪٽر ۽ هڪ کي بئنڪر جي تعليم ڏياري ۽ پوءِ پئسو ڏوڪڙ هلائي نوڪري به وٺرائي ڏني. هن رتناکي به ڊاڪٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر هڪ ڀيري رتنا سڀني اڳيان پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چئي ڏنو ته،
    “هو فائن آرٽس جي فيلڊ جوائن ڪندي”
    رتنا آرٽس جي فيلڊ کي جوائن ڪري، سيٺ مولچند، ان ڳالهه کي ته پنهنجي توهين ٿي سمجهيو
    “هن جي فيملي ۾ ته سڀ ڊاڪٽر آهن يا بئنڪ آفيسر، هي ڪيئن ٿي قطعي فيصلو ڪري سگهي” سيٺ مولچند جذبات ۾ ڳالهائيندو ٿي ويو.
    هو گهڙي لاءِ اهو وساري ويٺو ته گول معصوم چهري واري رتنا، جيڪا هاڻ ٻاويهه ورهين جي بي وقوف سمجهي ويندڙ نوجوان عورت ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي ، پنهنجي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قابل ٿي وئي آهي ، قدرت اهڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه الڳ ئي فيصلا ڪري ٿي.
    سيٺ مولچند، رتنا سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ان کي سمجهائي سگهي ته ماڻهو پنهنجي ڪاميابي لاءِ ڪنهن به مونجهاري جو شڪار نه ٿئي.
    “توکي ايترو وقت ڪٿان مليو، جو تون پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري سگهين” سيٺ مولچند تنبيهه ڪندي رتنا کي چيو .
    “مان ڪنهن به بحث ۾ پوڻ نه ٿو چاهيان ، توکي ميڊيڪل جي فيلڊ جوائن ڪرڻي آهي” سيٺ مولچند، رتنا کي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو.
    ڇا توکي پنهنجو مستقبل عزيز ڪونهي؟ ڇا تنهنجو اهو خيال آهي ته تون آرٽسٽ جي فيلڊ کي جوائن ڪري خوشحال ۽ آسودي زندگي گذاري سگهندينءَ، مان توکي اجازت نه ڏيندس ته تون پنهنجو فيوچر پنهنجن هٿن سان برباد ڪرين، تون اڃان پرائمري جي ڪلاسن ۾ هئين ته مون تو کي ڊاڪٽر بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو .
    مان پڇان ٿو ته تو ڪهڙي خيال کان آرٽسٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو؟ ڇا تون وان گاگ کان متاثر ٿي ڪري اهو فيصلو ڪيو؟ جنهن پنهنجن محرومين کي پنهنجن تڪليفن ۾ ٿي تلاش ڪيو ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ مري ويو . هاڻ جي ان جون تصويرون لکين ڊالرن ۾ وڪامجن ٿيون ته ڪهڙي ڪم جو ن، هو ته پاڳل شخص هو، جنهن پنهنجو ڪن وڍي پنهنجي بي وفا محبوبه ڏانهن تحفو ڪري موڪليو، جنهن جي همدردي لاءِ هو پوري حياتي سڪندو رهيو. تو غربت جو تڪليفون ڏٺيون ئي ڪهڙيون آهن. اڄ جيڪڏهن وان گاگ حيات هجي ها ته ان کي پنهنجي فيصلي تي ضرور ندامت ٿئي ها. توکي هي قبول ڪرڻ گهرجي ته مون پوري حياتي توکي مهانگن اسڪولن ۾ پڙهايو ته جيئن تون اڳتي جي ڪامياب زندگي گذاري سگهين ، تون پنهنجن ڀائرن کي ڏس ڪيئن نه آسودي زندگي گذاري رهيا آهن.
    رتنا جي والد پهرين ته رتنا کي نرمائي سان سمجهائڻ لڳو ، پر پوءِ آهستي آهستي هن جي رويي ۾ سختي ۽ تلخي به اچي وئي. هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڳاڙهو ٿي ويو ٿي. رتنا ڏانهن هُن جي نهار ۾ ڏک ۽ نفرت واري حالت پيدا ٿي وئي هئي، هو ايترو ته جذباتي ٿي ويو هو جو رتنا کيس نهاري به نه ٿي سگهي. هو ڳالهائيندو ٿي ويو پر پوءِ اوچتو هن جون نگاهون هڪ منٽ لاءِ رتنا جي چهري تي ڄمي ويون. جيڪا اهڙي سڪون سان هن ڏانهن نهاري رهي هئي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي.
    هو اڃان تائين هن بيباڪ ڇوڪري کي سمجهائڻ جو ڪو رستو نه ڪڍي سگهيو هو، هن آخر ۾ رتنا تي غير ضروري تنقيد شروع ڪري ڏني، مون کي تون ٻڌاءِ، تو ڪهڙي مقصد لاءِ آرٽس جي فيلڊ جي چونڊ ڪئي آهي. اسانجي خاندان ته ڪڏهن ڪو آرٽسٽ پيدا ناهي ڪيو.
    ڏس بي وقوف ڇوڪري ! منهنجو نظريو هميشه صاف ۽ سادو رهيو آهي، سيٺ مولچند هاڻي پوڙهي شاطر وانگر ڳالهائڻ شروع ڪيو، اڙي ڇوري! تنهنجي هن بيوقوفي واري فيصلي سان منهنجو نالو سڀ ڪنهن وٽ بدنام ٿيندو. مون هميشه ڪامياب ماڻهن کي اڳتي وڌندي ڏٺو آهي. تون آرٽ کي ڀلي پنهنجو مشغلو ٺاهه پر ان کي پنهنجو آئيندو سمجهڻ واري غلطي نه ڪر، تون اعتبار ڪر ، اهڙي حالت ۾ ته تو لاءِ ڪو رشتو به نه ايندو ، تنهنجي زندگي بيشمار مشڪلاتن سان ڀرجي ويندي، تون اهو ڇو نه ٿي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرين جنهن کي مان چڱي ريت ڏسان ٿو.
    “تون ڳالهائين ڇو نه ٿي نادان ڇوڪري” سيٺ مولچند خفا ٿيندي چيو.
    “اوهان وڌيڪ ڄاڻندا هونداپرمنهنجي گفتگو کي رواجي بدتميزي طور ڏسڻ جي بجاءِ منهنجي ذات جي پسند، جنهن کي مون پنهنجي لاءِ چونڊيو آهي جنهن لاءِ مان پاڻ ذميوار رهندس، تنهن کي قدر جي نگاه سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيو” رتنا، جيڪا ڪافي دير کان پنهنجي والد جي گفتگو کي سنجيدگي سان ٻڌي رهي هئي، نهايت سڪون سان وراڻي ڏني، مون آرٽس جي فيلڊ کي چونڊڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان لاءِ مون وٽ ڪي سبب به ٿي سگهن ٿا پر جيئن ته شايد اهي توهان کي سمجهه ۾ نه اچن ان ڪري انهن تي بحث اجايو آهي. مان صرف ايترو چوندس ته انسان ڪنهن ٻئي جهڙو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، مان ڪنهن ٻئي انسان جهڙي ڪيئن ٿي سگهان ٿي، جڏهن ته قدرت مونکي پنهنجي سمجهه سان ٺاهيو آهي، منهنجا ڀائر ڪامياب زندگي گذارين ٿا ته انجو منهنجي زندگي سان ڪهڙو تعلق، مان ته انهن کي وڌيڪ خوش ڏسڻ چاهيندس پر انهن کي پنهنجي فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي اجازت ته نه ڏيندس، مونکي پنهنجي سمجهه سان وڌڻ ڏيو.
    “تون ڪير ٿيندي آهين، پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرڻ واري؟”سيٺ مولچند، پنهنجن پيرن کي سڌو ڪيو، رتنا کي وڏي آواز ۾ مخاطب ٿيندي چيو ، “جي تون ائين چاهين ٿي ته پوءِ مان پنهنجي مُوڙي تون مٿان برباد نه ڪندس، مان توکي ان لاءِ خرچ نه ڏيندس ته تون فضول ڪم ڪندي وتين” هن جا چپ ڏڪي رهيا هئا.
    رتنا ! اهو تصور ئي نه پئي ڪيو ته سندس بابا ان حد تائين ويندو، هن پيءُ جي ڏڪندڙ هٿن کي پنهنجن سنهڙن هٿن ۾ ورتو ، رنج ۽ ڏک جي ڪيفيت مان هڪ ڀرپور نگاه پنهنجي پيءُ جي چهري تي وڌي، هنجي هٿن کي چميو ۽ خاموشي سان اُٿي وئي.
    هي صحيح آهي ته، هر انسان ٻئي انسان جي پُٺي تي چڙهي سفر ڪري ٿو ، ائين طلعت ۽ رتنا هڪ ٻئي جي پٺين تي چڙهي نيشنل ڪاليج آف آرٽس پهتيون.
    طلعت جي ڳالهائڻ، روين ۽شخصيت جي گڏيل اظهار مان ڪو به اندازو ڪري سگهي ٿو ته هن جي تربيت سندس ڪٽنب کان وڌيڪ نظرياتي پارٽي هيٺ رهي آهي.
    اُها ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي،.
    طلعت ميز جي سامهون ويٺي پنهنجي امڙ ۽ والد جي فولادي لفظن کي ٻڌي هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر اهو ڪم هن لاءِ انتهائي مشڪل ثابت ٿيو ، ٻئي زال مڙس يعني هنجي امڙ ۽ بابا ميز تي رکيل جڳ مان پاڻي پيئندا ڳالهائيندا ٿي ويا،
    “هو توکي تازگي ڏيندو ،آرام ۽ سُک به ، تون ڪو به خوف نه ڪر، تنهنجي قسمت سُٺي آهي جو تنهنجي لاءِ فوج جي ڪيپٽن جو رشتو آيو آهي” طلعت جي والد پنهنجي ڪوٽ جي ساڄي کيسي مان ڪيپٽن جي تصوير ڪڍندي طلعت کي ڏيکارڻ چاهي، جيڪا هنجي کاٻي طرف کان ويٺي هئي. ڪيپٽن جنهن کي فوجي ڊريس پيل هئي ۽ مٿي تي ڪيپ به رکيل هئس ۽ تصوير ڏسڻ واري کي ائين گُهوري نهاري رهيو هو ڄڻ هي دستور موجب ڪو ڪم اڪلائي رهيو آهي ۽ ڪنهن اوچتو هن جي ڪنهن پوشيده ڪيس جي تحقيقات ۽ جانچ ۾ خلل وڌو هجي.
    هن جي چهري مان ٿي لڳو ته هو ڪو ٽيهن سال جو پُرسرار شخص آهي.
    طلعت جو تعلق ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان آهي، جنهن جا وڏڙا 47ع ۾ پاڪستان جي ڦُٽي نڪرڻ کان پوءِ بِهار ۾ ٿيندڙ هندو ، مسلم فسادن جي ڪري مائيگريٽ ڪري ڪراچي آيا، هو پنهنجن جا لاش پوئتي ڇڏي ۽ پنهنجي هٿن جو خون ڌوئي جيڪي هنن جي هٿان ٿيا، مهاجرن جيان نئين سر زمين تي قدم رکيو ته غير متوقع طور تي هنن جي اکين مان اطمينان ظاهر ٿيڻ لڳو، هنن لاءِ ڄڻ گهڙي ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو، سندن سموري بي چيني ۽ خوف ختم ٿيندو ويو، هي هاڻي مذهب جي نالي تي قائم ٿيندڙ نئين اسلامي ملڪ پاڪستان ۾ نئين طرح جي زندگي جي شروعات ڪرڻ لڳا، هي مقامي ماڻهن جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا.
    سنڌ جي اصلوڪن رهواسين موٽ ۾ هنن کي ڪڏهن به ائين نه چيو ته مهاجر ڀائرو ! ٿورو صبر ڪيو، هتان جا اصلوڪا سنڌي هندو پنهنجي ڇڏيل ملڪيت سنڌ جي ماڻهن وٽ امانت رکي ويا آهن، هو ورندا پنهنجي ماتر ڀومي ڏانهن تيستائين توهان کي انتظار ڪرڻ کپي يا سرڪار توهانجي رهائش جو الڳ انتظام ڪري. پر اها ڳالهه سنڌ جي ماڻهن جي روايتي مهمانوازي ۽ سندن دين جي خلاف ٿئي ها، ليڊرن اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عام سنڌي ته حيران هو ته انجي پُر امن پاڙيسري کي ڪهڙي ڪارڻ لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، ليڊرن ان ڳالهه کي همٿايو ٿي ۽ لڏي ايندڙ مسلمانن جي دل کولي مرحبا ڪئي ٿي، هنن ڄڻ پنهنجي طرف کان طئي ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ ڪنهن جي به واپسي ناهي ٿيڻي ، تهذيب تمدن سدائين لاءِ دفن ٿي وئي.
    آيل مسلمان سنڌي ٿيڻ بجاءِ پنهنجي شناخت مهاجر ئي رکڻ چاهي، ان مان هنن کي وڌيڪ رعايتون ۽ همدرديون حاصل ٿي سگهيون پئي. مسلمان ته هو اڳ ئي هئا هاڻي ته مظلوم به ٿي پيا. هنن ان خيال کان سماج ۽ زمين سان پنهنجا رشتا جوڙيا ۽ ڏسندي ڏسندي سڀني کان اڳيان نڪري ويا، مقامي سنڌين کان به جيڪي اڄ تائين به جاگيرداري جي ڇانو هيٺ ساه کڻن ٿا.هاڻ هنن جي ٻي جنريشن جيڪا اڳين جنريشن کان وڌيڪ پڙهي لکي ۽ روشن خيال آهي زندگي جي ان رفتار ۾ شامل ٿي وئي آهي. جيڪا هاڻ جناح ۽ گانڌي تي بحث ڪرڻ بجاءِ آءِ ٽي، ماس ڪميونيڪيشن، طب، فلاسافي، ادب ۽ ڪميونسٽ فلاسافي تي بحث ڪري ٿي ۽ ملڪ کان ٻاهر جي دنيا تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
    طلعت جو تعلق به اهڙي جنريشن سان آهي. پر هن سان هڪ ٻي به چڱائي ٿي.
    اردو سائنس ڪاليج ڪراچي جي عمارت، پراڻي ۽ ديوارن پنهنجو اصلي رنگ ختم ڪري ڀوري رنگ جون ٿي وڃڻ جي باوجود هميشهه جيان جوان آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪاليج جون ديوارون ۽ فضائون نوجوانن جي ٽهڪن ۽ سڏڪن کي جنريشن کان جنريشن تائين ٻڌنديون ۽ ڏسنديون اچن ٿيون. هي عمارت ڪيئن ٿي پوڙهي ٿي سگهي. زندگي پنهنجي معمول کان هٽي ڪري هتي هر روز ڪجهه نئون ڪري ٿي، هر روز هن ڪاليج جا نوجوان ڪجهه نئون سوچن ٿا، هن ڀيري ڪاليج جي شاگردن جي هڪ گروپ، طلعت به جنهنجو حصو آهي، ڪاليج ۾ ”دستڪ“ گروپ جي نالي سان ٿيٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو مقصد سماج کي ٿيٽر ذريعي انقلابي پيغام ڏئي تبديل ڪرڻ هو، ان سلسلي جو پهريون ٿيٽر هنن پنهنجي ڪاليج ۾ ڪرڻ جو پلين ڪيو جنهن جو عنوان هو،
    “کهول آنکهه زمين ديکهه”
    طلعت پنهنجي زندگي جي ترتيب ڪجهه ان طرح رکي هئي، جو ڪاليج کان گهر ۽ گهر کان ڪاليج، ان کان وڌيڪ اڳتي جي دنيا هن لاءِ بي معني هئي، انجي درميان جا ڪجهه ٻيا پل، زندگي جون حقيقتون ، ڏک سک، هن ڪائنات ۾ انسان جو چرندڙ روح هن لاءِ بي معني هو، سردي ۾ هنجو جسم ڏڪندو هو، پر ان احساس کان خالي ته ڪيترا انسان اهڙي ڄمائيندڙ سردي ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪندا هوندا جن کي نه پوري ڇت آهي نه گرم ڪپڙن جو صحيح انتظام ، هي برسات ۾ نچي ٿي ڪُڏي ٿي پر پاڻ کي ڏيکارڻ لاءِ .
    ادبي ڪتابن سان ته هن جي پوري سوري سڃاڻپ هئي پر تاريخ جي ڪتابن سان هن جو خاص لڳاءِ هو، ايلس البينيا، رچرڊ ايف برٽن، هينري پاٽنجر ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪجهه ڪتابن کي پڙهي چڪي هئي. ڪڏهن ڪڏهن گُرومندر جي روڊن تي مٽر گشت ڪندي مصيبت ماريل چهرا هن آڏو اچي ويندا هئا ته معمولي جنبش کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هن کي محسوس نه ٿيندو هو، هن زندگي کي رواني ۾ ڏسڻ بجاءِ ان کي صرف پنهنجو آڌرڀاءُ ڪندي ڏٺو ، هن پنهنجو پاڻ کي زندگي جي معمولي راحتن ۽ خوشين لاءِ وقف ڪري رکيو هو، سچ اِهو آهي ته هن جو ائين هجڻ به هڪ حقيقت آهي، ڇاڪاڻ ته سماج هر طرف کان، ماڻهو کي ائين ئي ڏسڻ چاهي ٿو، پنهنجي دنيا ۾ خوش رهڻ ۽ مري وڃڻ . هن ائين سمجهي ورتو هو ته خوش رهڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي، هونئن به ڪنهن کان ڪير پُڇي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم شي ڪهڙي آهي ته ٻين جا رايا ڪهڙا به هجن پر طلعت ائين چوندي ته، خوش رهڻ سڀ کان وڌيڪ قيمتي آهي جيڪا ڳالهه ماڻهو جي پنهنجي وس ۾ آهي.
    ان ڪارڻ ئي هنجي چهري تي هميشهه مسڪراهٽ رهندي هئي ۽ زندگي جي ننڍڙين ننڍڙين شين تي ائين خوش ٿيندي هئي ڄڻ انهن جو وجود هن واسطي آهي،ممڪن آهي ته طلعت جي صحيح عمر ويهه کان ٻاويهه سال هجي پر هي پنهنجن دوستن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش ۽ ڳالهين ۾ دوستاڻو لهجو رکندي هئي، حالانڪ طبقاتي بيهڪ جي حساب سان طلعت جي فيملي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ لبرل خيالن جي آهي، هن جي والد جي دل هميشه ان ڳالهه تي ر وئندي رهي ته هندوستان کان مائگريٽ ڪري آيل مهاجرن کي پاڪستان تمام گهٽ ڏنو ، هي ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي آيا، بلڪه هنن جو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار آهي ، هنن ته پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو، طلعت جو والد پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي، هنن جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي ائين ئي آهي جيئن شهر جي ٻين ماڻهن جي، شان کان خالي به شانائتي به . هن جي والد جي ديرينا خواهش هئي ته طلعت پنهنجي ڪلاس ۾ لڳاتار پوزيشن کڻندي رهي ۽ پنهنجن دوستن ۾ وڌيڪ لائق ۽ ذهين سمجهي وڃي، بلڪ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پهرين پنهنجا تعارف ۽ تعلقات ان قدر وڌائي جو سندس نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي، جيڪا هنن جي وڏي ضرورت آهي، طلعت جو چهرو جيتوڻيڪ خوبصورت ناهي پر سياڻپ وارو به ناهي، هي ته معصوم چهرو آهي جنهن تعليم کي به ڪڏهن سنجيده نه ورتو، سمورا شاگرد اکيون بند ڪيو استادن جي ليڪچر تي پيا ڪنڌ لوڏيندا هئا، ته ساڳيو ليڪچر طلعت جي دل ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو هو. مثلن، ڪنهن استاد پنهنجي ليڪچر ۾ چيو ته پاڪستان مسلمانن جي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو يا محمد بن قاسم هڪ فاتح مسلمان هو، جنهن سنڌ ڌرتي کي اسلام جي روشني سان منور ڪيو ، يا وري پاڪستان جي ڪري مسلمانن جي سماجي حيثيت هڪ دم بلند ٿي وئي، اُهي ۽ انهن جهڙا ٻيا خيال هن جي دل ۾ هلچل مچائي ڇڏيندا هئا ته تاريخ ۾ ان قدر غلط بياني ڪئي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته تاريخ جو استاد داستان ٻڌائي پورو ڪندو هو ته هي پنهنجي سيٽ تان اٿي بيهي سوال ڪندي هئي ته محمد بن قاسم هڪ فاتح مسلمان هو ته انجو فرقو ڪهڙو هو؟ يا ان کي ڦورو چوڻ بجاءِ فاتح ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ ته استاد هن کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي پري کان ئي ويهڻ جو اشارو ڪندا هئا. پر ڪلاس جا باقي شاگرد هن جي ابتن سبتن سوالن جي تعريف ڪندا هئا، ڇوڪريون ته ڄڻ هن جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي ويون هيون، سڀئي هاڻ هجوم جي صورت ۾ رهڻ لڳيون ۽ نئين طرح جي خيالن مان گذرندي ٿي ويون. هن جي صحُبت ۾ رهندڙ شاگردن ڪاليج جي علم کان علاوه آس پاس جي زندگي کي به پنهنجي بحث جو موضوع بنايو ، طلعت جي دلچسپي به وڌڻ لڳي، هنجي جي آس پاس جي دنيا ۾ وڏو شور هو ، تعصب، تنگ نظري، نفرت، استحصال کان علاوه بدترين فوجي راڄ هو، طلعت کي انهن ڳالهين ڪري سخت تڪليف ٿيڻ لڳي ، جيئن جيئن هي پنهنجي دل جي اندروني خاموشي سان رابطي ۾ ايندي وئي ته وڌيڪ حساس ۽ متحرڪ ٿيندي وئي.
    هنن جڏهن ٿيٽر شروع ڪيو ته هڪ هجوم هنن سان گڏجندو ويو ۽ اهي سڀ ماڻهو جيڪي مختلف ذاتين ۽ نسلن جاهئا، انهن ۾ ڪاليج جا پرفيسر، شاگرد، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نوجوان ، سائنسدان۽ اردو ۽ سنڌي ٻولين جا اسڪالر به شامل ٿي ويا، هي سمورا تنگ نظري، تعصب، جهالت ، ناانصافي، ۽ سماجي نابرابري جي خلاف گڏ ٿي بيٺا هئا ۽ پنهنجا خيال ٿيٽر ذريعي ماڻهن تائين پهچائڻ ٿي چاهيا.
    ڊسمبر جي سياري ڪراچي جي ڪيترن ماڻهن کي ڄمائي ماري ڇڏيو، حڪومت روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي انهن جي مرڻ جي تعداد کي پوشيده رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ان وقت دستڪ ٿيٽر پنهنجو پهريون ڊرامو ، حڪومتي بي حسي جي پسمنظر ۾ پيش ڪرڻ ٿي چاهيو.
    جيڪا ڳالهه ڪرڻ هتي نهايت ضروري آهي ته طلعت کي پنهنجي ڊرامي جي موضوع لاءِ شهر کان ٻاهر جي زندگي جو اڀياس ڪرڻو هو، ته جيئن موضوع کي جامع ۽ حقيقي بنائي سگهي. هن کي اهو احساس هو ته گهر ويٺي ائين نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري هن ابراهيم حيدري کان مهاڻن جي هڪ ڳوٺ ڏانهن سفر ڪيو . هي جڏهن مهاڻن جي ڳوٺ پهتي ته هن اتي هڪ عجيب ئي دنيا ڏٺي ، هن جي جنهن پهرين ماڻهو سان ڳالهه ٿي اهو ايترو پوڙهو نه هو، هلڪي ڏاڙهي سان چاليهه سالن جو ٿي لڳو، هنجي جسم تي مهاڻن جهڙي پراڻي ۽ اڇي رنگ جي بنا ٻانهن واري گنجي پيل هئي، جنهن کي هٿ سان ٽوپيل ٻه کيسا به لڳل هئا. جيڪا ساندهه استعمال ڪرڻ ڪري بيحد ميري ٿي وئي هئي، جنهن جو سفيد رنگ ڪٿان به نظر نه ٿي آيو. هن ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ڏه کان ويهه گهر هئا. جيڪي مڪمل ڪکاوان ۽ جهوپڙين جيان ٺهيل هئا، جن مان ته ڪجهه سڙيل به هئا. پوڙهي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ رات جو اوچتو باهه لڳڻ ڪري سڙي ويا آهن، طلعت جهوپڙين جي اندر جي زندگي صاف طرح ڏسي رهي هئي، اندر ڪجهه اڌ اگهاڙا ٻار هئا، موت جهڙي خاموشي هئي، سامان ۾ هڪ لوهه جي صندوق کانسواءِ ٻي ڪابه شي نظر نه ٿي آئي، زندگي ته ٻاهر به نه هئي، هڪ دم گهٽيندڙ خاموشي ۽ آڱند تي مڇين جا ڇلُر ۽ بدبو ائين پکڙيل هئي ڄڻ ڪڏهن ڪابه صفائي نه ٿي هئي، جيئن هو ٿورو اڳتي وڌي ته هن کي ڪجهه عورتون به نظر آيون، جيڪي پنهنجن اڌ اگهاڙن ٻارن کي اُس تي کنيون بيٺيون هيون، هنن مان ڪجهه نوجوان به هيون جن جي جسماني حالت کي ڏسي ڪري اندازو نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن جون عمريون ڪيتريون هونديون .هي وٽامن سي جي ڪمي جو شڪار ٿي لڳيون ۽ ڏند آئرن جي اضافيت ڪري پيلا ٿي ويا هئا. طلعت سامهون بيٺل عورت سان ڳالهائڻ لاءِ اڳتي وڌي جيڪا سڀني کان قد ۾ ڊگهي ، ڀريل هڏن واري ۽ سندس منهه گول ۽ نڪ اُڀو هو، ٻانهن تي اڌ اگهاڙو ٻار کنيو بيٺي هئي، جيڪو جهوپڙين جي پاسي جي ٿڌي هوا ڪري ڏڪي رهيو هو ۽ سندس ننڍڙا معصوم هٿ سي کان نيرا ٿي ويا هئا،
    هي جيئن ان عورت وٽ پهتي ته عورت جي چهري مٿان مُئل قسم جي مرڪ آئي ۽ ختم ٿي وئي. طلعت، ٻار مٿان رحم جي نگاه وڌي، هن کي چيائين .
    “پنهنجي ٻار کي گرم ڪپڙا اوڍي ٿڌ کان بچاءِ! توکي پنهنجي ٻار جو خيال ڪونهي، ڏس ته ٿڌ ۾ هنجا هٿ ڪيئن ٺري ويا آهن”
    طلعت ٻار جي هٿن کي پنهنجن سنهڙن هٿن ۾ جهليندي عورت کي چيو. عورت جو ڪوبه عجيب جواب نه هو، هن انتهائي سادگي ، معصوميت ۽ دل جي غبار مان وراڻي ڏني
    “ڪالهه هنجي جهوپڙي سڙي وئي، هن رات ٻارن کي گرم رکڻ لاءِ باهه ٻاري جيڪا هن کي وسائڻ وسري وئي، جنهن پوءِ گهر ساڙيو، اسين ته ڪنهن طرح بچي نڪري وياسين پر پوءِ منهنجا ۽ ٻارن جا ڪپڙا، هڪ اڌ سوئيٽر به هو سو به سڙي ويو، گهر اندر جيڪا ٿوري گهڻي موڙي هئي سا به سڙي وئي. هاڻ جيستائين ڪو ذريعو ٿئي تيستائين مان پنهنجي ٻار کي پاڻ سان گڏ کڻي هلان ٿي ته جيئن منهنجي جسم جي گرمائش کيس ملندي رهي”
    “تون مونکي اهو ٻڌاءِ ته توهان پڪا گهر ڇو نه ٿا اڏيو؟”
    ڪکائن جهوپڙين کي ته ڪيڏي مهل به باهه لڳي سگهي ٿي، تون پنهنجي ٻار کي پنهنجي کير کان علاوه ڇاٿي ڏين؟
    توهان سڀ هڪٻئي جي مدد ڇو نه ٿا ڪيو؟ مڇي جي ڪمائي مان توهان ڪجهه ته بچائيندا هوندا، انهيءَ بچت کي ڪاڏي ٿا ڪيو؟
    توهان پنهنجي خوراڪ تي توجهه ڇو نه ٿا ڏيو؟ توهانجا چهرا مُرجهايل ڇو آهن؟“ جيتوڻيڪ طلعت محسوس ٿي ڪيو ته هنجا سوال بي معني ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙآهن، هن جي سوالن ۾ بي چيني ته هئي پر اها ان لاءِ ته اهي بنيادي شيون هنن کي حاصل ڇو ناهن.
    مهاڻا، طلعت جا بي چين ڪندڙ سوال ٻُڌي پريشان ٿي ويا، گول چهري واري مائي روئي ڏنو. هن پنهنجي ٻار کي سنڀاليو ، ۽ طلعت جي ويجهو ايندي چيائين.
    “اسين غريب آهيون، روز جي آمدني مان جيترو ڪري سگهون ٿا ڪيون ٿا ، پيسه ايترا ڪونهن جو بچائي سگهون، پئسو بچي ئي ڪونه ٿو ته پڪا گهر ڪٿان اڏيون. هو روئي به رهي هئي ۽ ڳالهائي به رهي هئي. اسان جي زندگي اهڙي آهي جيئن تون ڏسين ٿي، مرد پوري حياتي ڪمائي ڪمائي مري وڃن ٿا، اسان جون تڪليفون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون، توهان شهر ۾ رهو ٿا خوشنصيب آهيو، هتي ته ڪيئي عورتون ويم جي تڪليف ۾ مري وڃن ٿيون ۽ ٻار پيچس ، ڪالرا ۽ دم جي بيماري ۾ مريو وڃن، ڪو بچيو ته غربت ۾ گذاري مري ويندو. هتي ته ڪا اسپتال ڪانهي اسان مان ڪو بيمار ٿئي ٿو ته خدا جي حوالي”
    اها عورت جوش مان ڳالهائي رهي هئي کيس اکين ۾ ڳوڙها آيا، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو،
    “اسانجا ٻار رلندا وتن ٿا اسان تي مهرباني ڪر اسان کي اسڪول کولرائي ڏي؟” هن جو سوال عجيب نه هو، اها عورت شايد اڳ ۾ به ڪيترن ئي شهر کان آيل عورتن کان اهو مطالبو ڪري چڪي هوندي، جيڪي غير سرڪاري تنظيمن جي وڏين گاڏين ۾ ايندا آهن ۽ هنن معصوم عورتن جي اکين۾ ڪجهه خالي خواب ٽوپي ويندا آهن پر پوءِ پوئتي وري ڪڏهن نه موٽندا آهن،
    “اسڪول ته سرڪار کي کولڻو آهي” طلعت ان عورت کي وراڻيو،
    “سرڪار ڪٿي آهي؟” عورت معصومت مان پڇڻ لڳي،
    “سرڪار ته فقط خاص ماڻهن لاءِ آهي، عام ماڻهو ته خدا جي سهاري آهي” طلعت عورت کي چيو، جيڪا سوال مٿان سوال ڪندي پئي وئي.
    توهان فقط جيئڻ ئي ڇو ٿا چاهيو؟ هن عورت سان ڳالهايو، اهو ته توهانجو حق آهي، توهان منظم ٿي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪيو؟
    توهان ڪنهن وڏي گاڏي واري ماڻهو تي ڇو ٿا ڀاڙيو، پنهنجي ليکي ڇو نه ٿا ڪيو؟
    اسڪول اسپتال روڊ رستا ٺهندا ته توهانجي مارڪيٽ تائين به رسائي ٿيندي، توهان خود پنهنجي مڇي پاڻ وڪڻي سگهندا، جيڪو ناڻو ڪنهن وچين ماڻهو ڏانهن وڃي ٿو، ان تي توهانجو حق ٿيندو، توهان ۾ ان طرح خوشحالي ايندي، هي جيڪي مصيبتون جيڪي توهان پنهنجن ٻارن سميت برداشت ڪري رهيا آهيو، ختم ٿينديون.
    هي مصيبتون ڇا آهن؟ ان تي سوچيندا ته انجو حل به نڪري ايندو، اجتماعيت ۾ طاقت آهي، ٻَڌي جا ٻيڙا ٻڏن نه ٿا، ڇاڪاڻ ته خدا به ائين چاهي ٿو، توهان پنهنجي اندر جي طاقت کي سگهه ۾ بدلايو پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، زندگي ۾ ان طرح اڳتي وڌي سگهجي ٿو، پنهنجن گهر وارن ۽ ڀائرن کي به اها ڳالهه سمجهايو، هتي ڪير به توهان وٽ نه ايندو، توهان متحد ٿيندا، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ تنظيم ڪندا ته سڀ ماڻهو توهان وٽ ايندا، توهان ائين ڪري ڏسو، مان پنهنجي يقين سان چوان ٿي ته انجا نتيجا شاندار ۽ ڪامياب هوندا.
    طلعت هڪ ڪلاڪ ان ڳوٺ ۾ رهي ۽ عورتن سان ڳالهائيندي رهي، طلعت جو روح ڄڻ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، هن پنهنجي ديس جي ماڻهن جي اهڙي زندگي کي ڏسي سرڪار سان گڏ هن پاڻ کي به انهن جو ڏوهاري ٿي سمجهيو، هن کي پنهنجو وجود پاڻ تي بار ٿيندي محسوس ٿيو، واپسي جي سفر ۾ هن بار بار پنهنجا ڳوڙها ٿي اگهيا.
    هن پوءِ ان حقيقت کي قبول ڪيو ته هن جا سوال ڪيترا نه بيوقوفي تي ٻڌل هئا. هن کي اهڙا سوال ڪرڻا ئي نه هئا ، هن جي سوالن تي هڪ غريب عورت پنهنجي اندر ۾ ڪيڏو رني هوندي ۽ اڪيلائي ۾ ته هن خبر ناهي پاڻ سان ڇا ڳالهايو هوندو. هن پاڻ کي انسانن جي دائري ۾ ئي نه آندو هوندو، پر هن ائين، ايترو ڪيئن ڳالهايو،جيتوڻيڪ هي ڪا خاص مُقرر به ناهي. هنجي ڳالهين کي مهاڻين عورتن ڪيترو سمجهيو ، اهو ڏسڻ لاءِ هي هڪ ڀيرو ٻيهر ايندي. طلعت پاڻ سان ڳالهايو.
    هن واقعي کانپوءِ طلعت جي زندگي ۾ عجيب موڙ آيو ، هن هاڻ ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي پنهنجي دل جي صداقت سان.
    طلعت پوءِ پاڻ سان طئي ڪيو ته دستڪ جي ڪردار کي ڪجهه ان طرح جو بڻائيندي جو اهو ماڻهو جي غمزده حالت کي بيان ڪري ۽ ماڻهن جي غمزده زندگي کي پنهنجي راهه بنائي، هن مٿان ان ڳالهه جو بي حد اثر ٿيو ته هي جنهن معاشري ۾ رهي ٿي انجي ته ڪنهن به پاسي کان ڪو انصاف ڪونهي ، هن پنهنجي خيالن کي مضبوطي سان ان ڳالهه لاءِ تيار ڪيو ته هن کي سماجي تبديلي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.طلعت سادگي سان بغاوت جو اعلان ڪيو . هن پنهنجي زندگي جي ترتيب تبديل ڪري ڇڏي.
    ”مان توسان ٿو ڳالهايان، تون خاموش ڇو آهين“ طلعت جي والد، هن کي ڪيپٽن جي تصوير ڏيکاريندي چيو.
    طلعت اوچتو پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيٺي. هن پنهنجي بابا کي صاف لفظن ۾ چيو ته هي ڪيپٽن سان شادي نه ڪندي.
    بلڪه هن جو في الحال شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ئي ڪونهي.طلعت ائين چئي ٻاهر هلي وئي.
    طلعت جو اهو فيصلو هنجي والد کي قبول نه هو ، طلعت جو ائين چوڻ هن کي ڏاڍو ڏکيو لڳو، هن جو چهرو نفرت وچان ڳاڙهو ٿي ويو هو ، هُو خالي خالي نگاهن سان دروازي ڏانهن نهاريندو رهيو ، جتان طلعت گذري وئي هئي. سندس چهري مان نا اميدي ۽ شڪست ظاهر پئي ٿي.ڄڻ ته چوڌاري ماڻهو سندس مٿان کلي رهيا هئا، هن جيڪو سوچيو هو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. ، هي اٿيو ۽ در کان ٻاهر نڪري ويو.
    ان ڳالهه جي هڪ ڏينهن کانپوءِ طلعت جي والد پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي طلعت کي چيو ، توکي هي گهر رهڻ لاءِ ڇت ضرور ڏيندو پر تنهنجي ڪا به مالي ۽ تعليمي مدد نه ڪندو.
    طلعت لاءِ ته اها وڌيڪ خوشنصيبي هئي، هي ته ٻئي شيون ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي. پر هن کي مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت ملي، ان کان وڌيڪ هن لاءِ ٻي ڪهڙي خوشنصيني ٿي سگهي ٿي. طلعت پنهنجي اندر غير معمولي قوت جي سبب اهو طئي ڪيو ته هو هاڻ مشڪل حالتن ۾ پنهنجي جيون کي پنهنجي مرضي سان گذاري سگهندي. هن کي زندگي پنهنجي جاوداني جا سڀ جلوه ڏيکاريندي جيڪا هن اڳيان ائين رقص ڪندي رهي ٿي جيئن هوا صحرا ۾ رقص ڪري ٿي. طلعت انجو آڌرڀاءُ ڪري ٿي .
    هن کي خبر هئي ته هن کي هاڻي ڇا ڪرڻو آهي، هن انگريزي اخبار جي ملازمت حاصل ڪري ورتي، جتي هنجي ملاقات رتنا سان ٿي، جيڪا به پنهنجي والدين جي رويي ڪري ڪراچي منتقل ٿي وئي ۽ اخبار جي ملازمت اختيار ڪئي، هن ئي موڙ تي هي هڪٻئي جو سهارو ٿي بيٺيون، هي اهڙي موڙ تي هڪٻئي سان مليون جڏهن واقعي به هنن کي هڪٻئي جي ضرورت هئي،
    ڪوهيڙي واري هڪ شام هي ٻئي پنهنجي سامان سميت لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽ جي هاسٽل اچي پُهتيون . هنن جي ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي، هي ٻئي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون هيون،


    12

    باران بلوچ ڪاليج جي آڳند ڏانهن نهاريو جيڪو سخت گرمي ڪري ويران هو .
    هي جيئن ڪلاسن ڏانهن وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون چڙهندو ڪاريڊور وٽ پهتو ته خديجه پنهنجي دوستن سان بيٺل نظر آئي.
    خديجه جيئن باران کي ڏٺو، مسڪرائيندي هوا ۾هٿ لوڏيا.
    “ ڀلي ڪري آئين ، پر ٻڌاءِ ته سهي ڪوئٽا ۾ اهڙو ڇا ٿيو جو وڃين ويهي رهئين.” خديجه، باران ڏانهن نهاريندي پڇيو،
    “ها! هڪ واقعي جي ڪري دير ٿي وئي.” باران وراڻيو .
    ڪهڙو واقعو؟
    بلوچ نوجوان پنهون جي گم ٿيڻ جو. باران وراڻيو،
    هو پنهنجن يونيورسٽي جي دوستن سان ماڻڪ بند ويو ته وري نه موٽيو، اسان کي واقعي جا تفصيل ٻڌاءِ، خديجه، باران ڏانهن نهاريندي چيو،
    پنهون سڀني دوستن ۾ سڀ کان ننڍو ذهين ۽ سمجهدار آهي. انجي گفتگو ۾ ٻاراڻي معصوميت به آهي ته ڪنهن پختي ماڻهو واري ڏاهپ به، هو پنهنجي ۽ آزادي متعلق صاف صاف ڳالهيون ڪندو هو. پر پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو جيئن هو گهر جي بيٺڪ کان ٻاهر ويو ته وري نه موٽيو. دوستن هن کي پورو ڏينهن ڳوليو ڪوه سليمان جي پرپيچ تراين ۽ گهيڙ گهٽن تائين به پر پنهون ڪٿي به نه مليو، هاڻ ته مان ان لاءِ ائين ئي چئي سگهان ٿو ته شل هو زنده هجي.
    ايتري تلاش جي باوجود پنهون جي ڪا خبر نه پئجي سگهي، ته پوءِ آخر ڪاڏي ويو، باران تنهنجو ڪهڙو خيال آهي، خديجه باران ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    بلوچستان اندر جيڪا انسرجنسي آهي، هي واقعو به انجو تسلسل ٿي سگهي ٿو، باران پنهنجا خدشا دوستن آڏو رکيا، ان پر اسرار طاقت جو اهڙو مظاهرو هر روز ٿيندو رهي ٿو، اهو سڀ بلوچستان اندر ٿيندڙ انهن واقعن جو تسلسل ٿي سگهي ٿو، جيڪي ڪافي عرصي کان بلوچ نوجوانن کي گم ڪرڻ جي حوالي سان ٿيندا رهن ٿا، هڪ مهينو اڳ به سبي ريلوي اسٽيشن تي پنجگور جي هڪ سياسي ڪارڪن جو لاش مسخ شده حالت ۾ مليو ، ماڻڪ بند ۾ پنهون جي گم ٿيڻ جو هي ٻيو واقعو آهي.
    ”هي ته فاشزم آهي“ خديجه وراڻيو.
    ”اهڙا واقعه ته هاڻ روز جو معمول آهن“ باران فڪرمند ٿيندي چيو.
    ڪلاس کانپوءِ ڪو به ڪاڏي نه وڃي، اسين پنهون واري واقعي تي گفتگو ڪنداسين، ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.


    13

    سمورا دوست، باران جي گرد پلٿي هڻي ويٺل آهن، باران جي چهري مان بي چيني جو احساس ظاهر هو، باران، پنهون واري واقعي کي تفصيل سان بيان ڪرڻ لڳو، هن چيو ته الميو هي آهي ته اهڙين واقعن ۾ اڪثر نوجوانن جي عمر ٻاويهه کان پنجويهه سالن جي هوندي آهي، هي بلوچستان جا اهي نوجوان آهن جيڪي سماج جي ٻين ڌرين کان روشن خيال ۽ متحرڪ آهن، رياست انتهائي هوشياري سان اهڙن نوجوانن جي چونڊ ڪري ٿي جيڪي پنهنجن اکين ۾ بلوچستان جي ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحالي جا خواب کڻي هلن ٿا،
    باران فڪرمند ٿيندي چيو، ٻه هزار کان مٿي نوجوان گم آهن، ڪيترن جا لاش ان قدر مسخ هئا جو سڃاڻپ ۾ ئي نه ٿي آيا، نوجوانن جي چهرن کي مسخ ڪرڻ به دراصل ثبوت مٽائڻ جو طريقو آهي
    هي ته انتها درجي جي سفاڪي آهي، رتنا وراڻيو،
    اسين ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪنداسين، خديجه ڄڻ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو.
    “ڪورٽن ۾ مسنگ پرسن متعلق اڳيئي ڪيترا ڪيس هلندڙ آهن، ڪورٽ ڪنهن هڪ ماڻهو کي به بازياب ناهي ڪرائي سگهي” خديجه وراڻيو.
    “ٺيڪ آهي پر ڪنهن نه ڪنهن اداري تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. انسان ڪا حقير شي ته ڪانهي،جو ماري اڇلائي ڇڏجي” خديجه سنجيده ٿيندي چيو.
    ڀروسو؟ بلوچستان ۾ ان تي يقين ڪرڻ بيڪار آهي،
    انسان کي حقير ڪري پيش ڪرڻ کانپوءِ، ڀروسو پنهنجي معني وڃائي ويهي ٿو.
    “ڏس باران ” خديجه باران سان مخاطب ٿي،
    اسانکي ائين نه سوچڻ گهرجي، هڪ ڏينهن ايندو ماڻهن جي وچ وارو ڀروسو قائم ٿيندو، ۽ اهي ئي ماڻهو اسانجو ساٿ ڏيندا. اسان کي پنهون جي معاملي ۾ ڪي سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.
    خديجه جو اسرار هو ته پنهون جي والد کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪري ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪجي، ان مقصد ۾ وڪيلن جون تنظيمون ۽ انساني حقن وارا ادارا به اسان جي مدد ڪندا. خديجه جي ڳالهائڻ ۾ جوش هو، هن ڄڻ پنهنجي فيصلائتي راءِ ڏئي ڇڏي هئي. پر باران ان کي چريائپ ٿي سمجهيو ، هن کي ان ڳالهه جو احساس هو ته اهو عمل معمولي نوعيت جو ناهي، ايجنسين جي خلاف وڃڻ جو مقصد بلوچستان اندر موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هوندو،
    “تنهنجي ڳالهه درست آهي” باران، خديجه سان مخاطب ٿيو. بلوچستان جي صحيح صورتحال جي توکي خبر ناهي. اتي بي رحمي ئي فقط حقيقت آهي، اسين مارجي به سگهون ٿا، تنهنجي اتي هجڻ سان عجيب شڪ پيدا ٿي سگهن ٿا، بلوچستان جو ماڻهو سواءِ بلوچ جي ٻئي ڪنهن به ماڻهو تي ڀروسو نٿو ڪري، اهڙي ماڻهو تي ته بلڪل به نه جنهن جو تعلق پنجاب سان آهي، ايجنسيون الڳ پويان پئجي وينديون.مان نه ٿو چاهيان ته اسين سڀئي دوست ڪنهن مشڪل ۾ پئون. اسين پنهون جي بازيابي لاءِ ڪي ٻيا آپشن سوچيون.
    “ٻيا ڪهڙا آپشن؟” خديجه، باران کان پڇيو.
    “ڇا! اسان لاءِ ائين ممڪن آهي ته هٿيار کڻي پنهون کي آزاد ڪرائي اچون. مطلب ته مُهذب ۽ قانوني رستو ڪهڙو آهي؟ مان ائين به سمجهان ٿي ته ڪورٽ مان ڪو رليف ناهي ملڻو پر اسانجي پٽيشن اجائي نه ويندي ان سان وڏو ڌمچر مچي ويندو، عدليه سميت، پريس، انساني حقن جا ادارا به متحرڪ ٿي ويندا، ايجنسين کان اهي ڳالهيون هضم نه ٿينديون، اسين انصاف لاءِ وڙهنداسين اهو اسانجو بنيادي حق آهي، هتي انصاف پاڻ ڪجهه به ناهي ان کي جنجهوڙڻو پوندو” خديجه جوش مان ڳالهائيندي وئي.
    “مان به ائين ئي ٿو سمجهان پر اهابه حقيقت آهي ته ايجنسين جي نسبت باقي ادارن جي حيثيت ٻُڙي برابر آهي” باران دفاع ۾ اچي ويو هو.
    “باران تون پنهنجي دليل تي ڀروسو ڪر، اجائي خوف جو شڪار نه ٿي” خديجه باران سان مخاطب ٿي.
    “مان ڪنهن خوف جو شڪار ناهيان” باران جواب ۾ چيو، مان بلوچستان اندر انهن غمزده ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي ابتدائي زماني کان مصيبت ۾ آهن ، هنن سردارن کي پنهنجو خدا ٺاهيو، انهن به هنن کي غربت ۽ جهالت ۾ وڃي اڇليو، رياستي ادارن پنهنجا سمورا سياسي اخلاقي فرض ختم ڪري هن صوبي جي ماڻهن جو رت پيتو، هنن حالتن ڪري بلوچستان جو ماڻهو جيڪو اڳ ئي سختگير هو وڌيڪ بي رحم ٿي ويو آهي، هي هاڻ هر غير ماڻهو کي شڪ جي نگاه سان ڏسي ٿو ۽ فقط انهن ماڻهن تي ئي ڀروسو ڪري ٿو، جن سان هن جو پراڻو واسطو آهي.
    “هن معاملي ۾ پروفيسر بهادر کان ٿا مشورو وٺون” رتنا، پنهنجي راءِ رکي ۽ سڀئي دوست اوڏانهن روانا ٿي ويا.


    14

    پروفيسربهادر جي ڪمري ۾ مانڌاڻ متل هو، خديجه ۽ باران پنهنجي پنهنجي موقف تي پختا دليل ڏئي رهيا آهن.
    پروفيسر بهادر جي زندگي ۾ رنگ آهن، زندگي جا رنگ جنهن کي هن پنهنجي هٿن سان پينٽ ڪيو، هي برش ۽ رنگن سان پنهنجن دشمنن سان وڙهندو رهيو آهي جنهن سان هن جون آڱريون زخمي به ٿيون آهن، انجي باوجود هن پنهنجي زندگي ماڻهن سان ان طرح گذاري آهي، جيئن سياري ۾ باه جي گرد گرمائش وٺڻ لاءِ ماڻهو جمع ٿي ويندا آهن. هن جي آفيس ۽ هن جو گهر علمي نوجوانن ۽ ماڻهن سان ڀريل رهي ٿو ، ڪاليج ٽائيم تي اڪثر شاگرد هن کان ڪجهه سکڻ لاءِ هر وقت موجود رهن ٿا، هن جو آفيس جو ڪمرو رنگين پينسلين ، هارڊ بورڊ شيٽس ، ڪاٺ جي فريمن ، ۽ ڪاغذن سان ڀريل هوندو آهي، انهن جي وچ ۾ پروفيسر بهادر پنهنجن بي ترتيب وارن سان ويٺو پڙهندو يا شاگردن ۽ مهمانن سان ويٺو ڳالهائيندو. هن جي گفتگو ۾ ادب ، فلسفو، سياست، آرٽ ۽ ڊيزائن جهڙا دلچسپ موضوع هُوندا آهن. ڪپڙن جي سادگي ، بي ترتيب وار ڌيرج سان ۽ سمجهه سان گفتگو ڪرڻ ڪري ئي هن بابت شاگردن ۾ اهو تاثر آهي ته پروفيسر بهادر سڌارٿ جو ٻيو روپ آهي. ٻاهر شاگردن جو شور پر جڏهن پرفيسر بهادر جي آفيس ۾ گهڙيا ته بلڪل خاموش، ائين جيئن ڪنهن مندر يا ڪليسا ۾ پير پاتو هُجين. هر شاگرد پنهنجو مذهب، رنگ، نسل، ذات پات ڪمري کان ٻاهر ڇڏي اهڙي حقيقت جي تلاش ڪرڻ اچي ٿو جيڪا ٻاهر جي دنيا ۾ ڪٿي گم ٿي وئي آهي.
    خديجه پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيڻ لاءِ ائين ٿي چيو ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته بلوچستان جو حالتون خراب آهن، پر انجي باوجود اهڙا کوڙ سارا ماڻهو به ته آهن جيڪي انصاف جي ويڙهه وڙهندا هوندا، اسان کي به انهن سان گڏ بيهڻ گهرجي، جڏهن اسان انهن سان بيٺا رهنداسين ته هو به اسان سان بيهندا، مان ان خوف جو شڪار ڇو ٿيان جنهن کي مان پاڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿي سمجهان، ماڻهو خوف جو شڪار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه هجي. اسان ته خالي هٿين آهيون، اسانجي جدوجهد اجائي نه ويندي، خالي هٿين جي ويڙهه معمولي ناهي، انجا پنهنجا شاندار نتيجا هوندا آهن.
    باران، پروفيسر بهادر تي نظر وڌي جيڪو خاموشي سان هنن جي دليلن کي ٻڌي رهيو هو، باران دوستن ڏانهن منهن ڪندي چيو،
    “مونکي خديجه جي ڳالهين ۽ جذبن لاءِ احترام آهي پر اهي حقيقت کان گهڻو پري آهن، هن رياست مان انصاف ناممڪن آهي، خديجه کي خوابن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي، جن ڪورٽن ملٽري کي هميشه نظريه ضرورت سمجهي قانوني قرار ڏنو ، انهن مان اسان ڪهڙي ٿا اميد رکون”
    “چڱو ! جيستائين تون سامت ۾ اچين ، طلعت کان ٿا پڇون.
    “ڇا! پنهون جي حق ۾ بيهڻ سان بلوچستان جا ماڻهو اسانجي خلاف ٿي بيهندا ؟ ڇا هي ائين چوندا ته هي ڪير ٿينداآهن اسانجي نوجوانن کي بچائڻ وارا، هن ۾ ڪٿي به توکي پنجابي ۽ بلوچ جو مسئلو نظر اچي ٿو؟ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي.
    ”اسان سڀئي ان شرمناڪ افواه ۽ تاثر لاءِ جوابدار آهيون“ طلعت بردباري مان وراڻيو.
    ڄاڻو ٿا ته جڏهن مان هتي پهتي هئس ته منهنجي هٿ ۾ باران بلوچ جي نالي جي چٺي هئي جيڪا مونکي ڪراچي جي دوستن ڏني هئي، مونکي باران بلوچ جو ڪو اندازو ڪو نه هو ته هي ڪيئن هوندو، انجو مونسان رويو ڪيئن هوندو، مان سڀ قدرت تي ڇڏي ڏنو هو، مونکي اهو به يقين هو ته هي ڪامريڊ ساٿين مان آهي، اسان لاءِ اهو ئي رشتو سڀ کان اول ۽ سڀ کان اتم آهي پر انجي باوجود اجنبيت ۾ وڏو خوف ٿئي ٿو، مان اهڙي خوف ۾ مبتلا هئس.
    مان هميشه باران جي شڪرگذار رهنديس، جنهن منهنجي ذات، قبيلي ۽ نسل جي تفصيل ۾ وڃڻ جي بجاءِ منهنجي پنڌ کي آسان بنايو ۽ پنهنجي روايتي مهمانوازي سان منهنجو شاندار آڌرڀاءَ ڪيو.منهنجي رهائش جو بندوبست ڪيو ۽ هڪ ذميوار ڪامريڊ جو فرض نڀايو نه صرف ايستائين پنهنجي شاندار گفتگو ۽ خديجه جهڙن دوستن سان واقف ڪرايو ۽ ڪڏهن به اهڙو تاثر نه ڏنو ته مان ڪا غير آهيان. حالانڪ ڪنهن اجنبي ۽ نامعلوم ماڻهو کي ڏسي هي لنوائي سگهيو ٿي، پنهنجي صحبت مان ٻاهر ڪڍي سگهيو ٿي، پر هن ائين ڪرڻ بجاءِ هڪ بهترين دوست جيان پنهنجي دل ۽ دماغ کي مون لاءِ کوليو .
    ” آخر به اهڙي قسم جي افواه جو ڇا مطلب آهي؟“ طلعت سنجيدگي مان وراڻيو.
    اهڙي افواهه جو مطلب، رياست انهن سڀني شاندار ماڻهن کي جيڪي بلوچستان جي زمين ، آزادي ، خوشحالي سان جڙڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا، انهن سڀني کي ڪنهن صورت ۾ بلوچستان کان ٻاهر رکڻ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي محبت، صحبت، دردن کان هميشهه ڏور رکڻ جي سازش ڪن ٿا. طلعت اتساه مان ڳالهائيندي وئي.
    “اِهو شرمناڪ افواه خود رياست جو پيدا ڪيل آهي. خديجه وراڻيو
    اهڙو انتظام هن خود ڪيو آهي.
    بلڪهه هي افواه کان وڌيڪ سفاڪي آهي ته جيئن بلوچستان جا وسيلا چورائي سگهجن. پنهون جو گم ٿيڻ ڪو هڪ واقعو ناهي، اهڙا واقعا هر روز ٿين ٿا، انهن مان ڪنهن هڪ واقعي جي به ڪا عدالتي جانچ ناهي ٿي ۽ نه وري ڪو ادارو ان ڳالهه جي جانچ ڪرڻ جي تڪيلف ڪري ٿو ته آخر اهي نوجوان ڇو ماريا پيا وڃن ۽ ان جو ڪير ذميوار آهي؟ جي ڏسجي ته جيڪا ڌر خود اهڙن واقعن ۾ ملوث هجي ته انهن لاءِ جانچ جي ڪهڙي ضرورت، اهڙن حالتن ۾ مشڪل هي آهي ته رياست ۽ انجا نشرياتي ادارا ڪنهن بلوچ نوجوان جي خون تي ڳوڙها ڳاڙڻ بجاءِ ان کي باغي، دهريو، ايجنٽ، فراري ۽ علحدگي پسند جهڙي ڪوڙي پروپگنڊا ڪري انهن جي زندگي کي مشڪل بڻائن ٿا، بلوچن خلاف اهڙي افواه جو هڪ ٻيو سبب به آهي ته بلوچستان جو اميج ڪجهه اهڙو ٺاهجي جو باقي قومن جا ماڻهو هن صوبي کي غير محفوظ ۽ خطرناڪ سمجهن اهو تاثر ڪالونيل دور جي پيداوار آهي امريڪين، جپانين سان ائين ڪيو ۽ پوري دنيا ۾ انهن جو اهڙو اميج ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻ جي سانڀر ۾ امريڪين عراق تي حملي لاءِ اهڙي صورتحال ٺاهي، ان خوفناڪ ڪوڙ جي اسان کي پرواه نه ڪرڻ گهرجي،
    اسانکي بلوچستان وڃڻ گهرجي، پنهون جي دوستن، ساٿين ۽ خاندان سان گڏ بيهڻ گهرجي.
    پروفيسر بهادر، پوري طرح خديجه ۽ طلعت جي دليلن سان سهمت هو،
    “حياتي ۾ ڪجهه ڪم اهڙا هوندا آهن جيڪي باقي ماڻهو نه ڪري سگهندا آهن” پروفيسر بهادر پنهنجي راءِ ڏني،
    ان هوندي به هڪ ڀوائتو خوف دل ۾ جاڳي ٿو ته ڪٿي غير متوقع صورتحال پيدا ٿي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهڙي صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ تي ضابطي رکڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي بچندو، توهان اڄ جيڪو فيصلو ڪيو ٿا انجا نتيجا ڪجهه به ٿي سگهن ٿا، پر هڪ احساس ته رياست خلاف ويڙهه نه بلوچن جي آهي نه سنڌين يا پنجاپين جي، اها ويڙه مجموعي طور تي قومن جي سياسي، سماجي ۽ مقامي حقن جي ويڙه آهي،اهو ئي پيغام کڻي توهان کي بلوچستان وڃڻو آهي، مونکي اميد آهي ته هي وقت به گذري ويندو،
    پروفيسر بهادر، باران جي بيچين چهري مٿان نگاه وڌي ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيو. “جي تون حقيقت تي پهچڻ چاهيندين ته هي موقعو تنهنجي ذات جي حقيقي رهنمائي ڪندو، تون بلوچستان وڃڻ کان انڪار ته ڪونه ٿو ڪرين پر ڄڻ ائين محسوس ٿئي ٿو توکي پاڻ تي ڀروسو ناهي، رياست هميشه ظلمت تي ٻڌل هوندي آهي، توکي ڪنهن پاسي هجڻ گهرجي تون انجو درست فيصلو نه ٿو ڪري سگهين، ڏس ته سهي خديجه جو پنهون سان ڪهڙو واسطو، اها حقيقت توکي تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن پنهنجي دل ۽ دماغ مان خوف کي ڪڍي ٻاهر ڪندين، تون شايد دوستن جي باري ۾ فڪرمند ٿين ٿو، پر اهڙي ڪيفيت ۾ تنهنجو پنهنجو خوف به ڪٿي پوشيده آهي، جنهن کي تون صحيح طرح ڏسڻ چاهين ته نظر ايندئي، پنهنجن خيالن کي مضبوطي ڏي، پروفيسر بهادر هر هڪ لفظ ڌار ڌار ڪري ڳالهائي رهيو هو، بلڪل وضاحت سان.


    15

    ڪوئٽا ايڪسپريس واءُ مينهن ٿي وئي، هنن دوستن آخر بلوچستان وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هن قافلي ۾ باران، خديجه، طلعت ۽ رتنا آهن، پروفيسر بهادر ڪوئٽه جي دوستن توڪلي ۽ پيرڪ کي هنن جي اچڻ جو اطلاع ڪري ڇڏيو آهي، هنن مشڪل سان باران کي راضي ڪيو، جيڪو رياست جي ظلمت کان واقف آهي اهو ئي خوف هن کي ستائي رهيو هو ته ڪٿي هن جا دوست ڪنهن مشڪل جو شڪار نه ٿي وڃن، هن کي احساس هو ته هي ۽ هن جا دوست جنگ جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن، جنهن جو اظهار باران جي هن مختصر گفتگو ۾ نظر ايندو جيڪا سفر دوران هن خديجه سان ڪئي،
    “تڏهن هي سڀ تون پنهنجي روح جي بيقراري کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪري رهي آهين، تون شايد رحم دل ملائڪن جو درجو ٿي چاهين” باران مسڪرائيندي خديجه کي چيو،
    “مون ته اهڙيو ڪجهه به نه ڪيو آهي” خديجه وراڻيو،
    ائين ضرور آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي روح کان سجاڳ هوندو آهي ته، اهو ڪائنات جي وشالتا ۾ سڀ کان نمايان هوندو آهي.
    “ مان ئي شايد خوف جو شڪار ٿي ويو آهيان”
    “توکي خبر هوندي” خديجه، باران ڏانهن نهاريندي چيو،
    “انسان جي دل ڇا چاهيندي آهي، ڪاميابي يا ناڪامي؟” باران، خديجه ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    “ڪاميابين کي پنهنجي تصور ۾ ڇو ٿو آڻين، ممڪن آهي هي توکي غرور ۾ مبتلا ڪن يا توکي پنهنجي روح کان ڪمزور ڪن،” خديجه ۽ باران جي گفتگو معني خيز ٿيندي پئي وڃي.
    “يعني! ڪاميابي جي خواهش اجائي آهي؟” باران چيو.
    “مان وري چوان ٿي پاڻ کي خواهشن جي ڄار کان ٻاهر ڪڍ، سچ پچ هي انسان جي روح کي آلوده ڪن ٿيون، انسان کي ڪاميابين ۽ خواهشن کي جانچڻ جو پنهنجو طريقو هجڻ گهرجي، هي ڳالهه ڪنهن به ريت انصاف ڀري نه چئبي ته ماڻهو اسان تي محض ان ڪارڻ اعتبار نه ڪن ته اسين ڪنهن ڪاميابي ۽ پنهنجن ڪمزور خواهشن آڌار زندگي گذاريون ٿا ۽ ان طرح سوچون ٿا” خديجه لفظن کي رواني سان ادا ڪندي چيو.
    رتنا، خديجه جي ڀر ۾ ويٺل آهي، هن خديجه ۽ باران جي گفتگو کي ٻُڌو ويٺي، هن ڪيڏي مهل ٽرين جي دري مان ٻاهر ٿي نهاريو ته ڪڏهن وري هنن جي گفتگو کي ٿي ٻڌو، جيڪا سوالن جوابن تي ٻڌل هئي، هن انهن جي گفتگو مان بيزار ٿيندي، سريلي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته سمورا مسافر ڪنڌ ورائي کيس نهارڻ لڳا، ڇا ته رتنا جو آواز هو، هر ڪنهن واه واه ٿي ڪئي، هن سُر مارئي مان شاه عبدالطيف جي وائي ڳائي.

    منهنجو هينئڙو سَنگهارَن ساري ،
    هوءِ جي ويجها رَهَن وَس کي
    آءُ هَمير! ڀَڃُ زنجير، هيئَن نه سَگهان گهاري ،
    هوءِ جي ويجها رَهَن وَسَ کي
    قَلبُ مُنهنجو ڪوٽَ ۾ ، گهايَلُ ٿو گهاري
    هوءِ جي ويجها رَهَن وَس کي ،
    اِلاهِي عنَايتَ سين، شالَ، کِينءَ مَران کِينڪاري ،
    هوءِ جي ويجها رَهَن وَس کي،
    وَڃان شالَ وطن ڏي ، پَر پِڄاڻِي پاري ،
    هوءِ جي ويجها رَهَن وَس کي،
    مَران شَال مَلير ۾ ، گولَنِ ساڻُ گُذاري
    هوءِ جي ويجها رَهَن وَس کي.

    رتنا، وائي ڳائي ختم ڪئي تڏهن به هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ائين سڌو ٿيو ويٺو هو، ڄڻ اڃان به رتنا ڳائيندي، هنن ڄڻ پنهنجو ساه به بند ڪري رکيو هو، ته متان هڪ سِٽ به ٻڌڻ کان رهجي وڃي، رتنا جون اکيون ڀرجي آيون هيون هن کي پنهنجو ديس ياد ٿي آيو،
    واهه واهه! هڪ مسافر پنهنجي جاءِ تان اٿندي واڪو ڪري چيو ، ڀيڻ تو اسانجي من کي جيئاري ڇڏيو، تنهنجي آواز ۾ ته ڪيترن سنگيتن جو سُر ڀريل آهي، تون ته مئل ماڻهو ۾ ساه وجهي سگهين ٿي، اهو ئي مونکي چوڻو هو. طلعت جو چهرو ته ڳوڙهن سان تر ٿي ويو هو، رتنا جي سريلي آواز هن جي دل تي اهڙو ته اثر ڪيو جو تڙپي پئي،
    “تو ته سڀني کي روئاري ڇڏيو”
    خديجه رتنا سان مخاطب ٿيندي چيو، جيڪا اڃان به دري ٻاهران نهاري پنهنجن لڙڪن کي ڪِرڻ کان روڪيو ويٺي هئي،


    16

    شام جا پاڇا گهرا ڪارا ٿيندا پيا وڃن، جهرڪين جا ولر اسٽيشن جي گهاٽن وڻن منجهه بهتر جڳهه ماڻڻ لاءِ زور آزمائي ڪري رهيا آهن ۽ نه ختم ٿيندڙ شور ڪري رهيا آهن .ماڻهن کان وڌيڪ فقيرن جي چهل پهل ۽ صدائن جي آواز ۽ ڳائڻ جي ڪري اسٽيشن جا پليٽ فارم مشهور ته آهن پر ڪوئٽه جي اسٽيشن فقيرن ۽ بي گهر ماڻهن جو ڪامن گهر آهي، جتي هي پنهنجن اڊڙيل خوابن کي ٽوپين ٿا. جيڪڏهن ڪير ڄاڻي سگهي ته ريلوي اسٽيشن جا پليٽ فارم ماڻهن جي الوداع جي سڏڪن ۽ آڌرڀاءُ جي مسڪراهٽن سان هر وقت مهڪندا رهن ٿا، بلڪه ٽرين سان گڏ ڊوڙين ٿا، هتي هر روز زندگي نئين طرح سان جاڳي ٿي ۽ ڪنهن موسيقي جيان ماڻهن جي دلين ۾ لهي وڃي ٿي. هتي جو شور ۽ خاموشي ٽرين جي اچڻ وڃڻ سان آهي، ٽرين جي اچڻ سان هڪ دم پليٽ فارم ماڻهن جي گوڙ، هلڪن آوازن، چانهه وڪڻندڙن جي هوڪن، قُلين جي بارهيٺان اچي ڪنجهڻ، مسافرن جي کلڻ ۽ سڏڪن جي آواز سان گونجي پوي ٿو، پر وري ڪجهه دير۾ هڪ دم خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي، اهڙي خاموشي جو سُئي ڪرڻ جو آواز به ٻُڌي سگهجي.ڪوئٽا جي ريلوي اسٽيشن پاڪستان جي قديم ڪالونيل دور جي شاندار نشاني آهي جيڪا انگريزن فوجي نقل حرڪت لاءِ ٺاهي جنهن کانپوءِ ماڻهن کي به آسان سفر جي سهولت ملي،
    ڪوئٽه دراصل پشتون لفظ آهي جنهن جي معني آهي قدرتي قلعو، ڪوئٽه جو روپ ڌارڻ کان اڳ هي شال ڪوٽ هو، ٻن حصن ۾ ورهايل هي شهر سرياب کان شال ۽ موجوده ڇانوڻي وارو علائقو ڪوٽ آهي جتي خان قلات جي ماڙي هاڻ تائين به موجود آهي، قدرت هن شهر کي پهاڙن جي درميان ٺاهيو آهي، هي چلتن، مُردار، زرغون پهاڙن جي بلڪل وچ ۾ آهي بلڪل قلعي نما، محمود غزنوي جي گهوڙن هن کي لتاڙيو، ته مغلن به راڄ ڪيو، انگريز هتي 1876 ۾ آيا، تڏهن هندوستان جي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ “پاڪستان هڪ الڳ رياست” جو نعرو هنيو ويو ته بلوچستان جي قاضي محمد عيسيٰ به مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري، پاڪستان جي تحريڪ جو سرگرم حصو ٿي ويو، هن جو والد پشتون هو ۽ امڙ هزاره نسل جي هئي.
    بلوچستان، پاڪستان تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي ڳري قيمت چڪائي آهي ، هن ملڪ جي جنرلن، ايوب، يحيٰ، ضياء ۽ مشرف جا هٿ هن ملڪ جي نوجوانن، ۽ سياسي اڳواڻن جي خون سان رنڱيل آهن.
    ڪوئٽه ايڪسپريس، پليٽ فارم تي اچي بيهي ٿي، مسافر زور سان ڳالهائي رهيا هئا، هي ٽيئي هيٺ بينچن تي اچي ويٺا، باران کي توڪلي ۽ پيرڪ جو انتظار هو ، پيرڪ، توڪلي جو ڀاءُ آهي ٻئي ڪوئٽا ۾ رهن ٿا،
    هي ڪجهه گهڙيون بينچ تي ويٺا رهيا، هڪ بلوچ فيملي به هنن جي ڀر ۾ اچي ويٺي.
    هنن جي عورتن کي بلوچي لباس پهريل هو، رنگين ۽ سهڻي ڊيزائن جو ڀرت ٿيل چولو ويڪريون ۽ لڙڪندڙ ٻانهون، ڪجهه بلوچي ٻولي ۾ ڳالهائيندابه پئي ويا ۽ وقت به ڏسندا پئي ويا، رتنا هنن جي چهرن کي غور سان ڏسي ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    خديجه ! ڏس ته سهي، بلوچستان جوڪلچر اسانجي ڀر ۾ ويٺو آهي، هنن کي به ڪنهن جو انتظار آهي.رتنا هنن ڏانهن ڏسندي چيو
    خديجه ! ڏس ته هن فيملي جي چهري، لباس ، چپلن مان ائين لڳي ٿو ته هنن جو تعلق بلوچستان جي ڪنهن ڏورانهين علائقي سان آهي رتنا خديجه ڏانهن نهاريندي چيو .
    “بلوچستان جي آبادي جو وڏو حصو ٻهراڙي ۾ ٿو رهي، منهنجي آرٽسٽ ڀيڻ! اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، توکي خبر ناهي ته ٻي ڳالهه آهي، بلڪ ائين چئجي ته بلوچ مڊل ڪلاس ته اڃان پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي” خديجه، رتنا ڏانهن نهاريندي چيو .
    “هاڻ ته بلوچن جا نوجوان نوڪرين ۾ آهن، ڪاروبار به ڪن ٿا، گذريل 20 سالن ۾ مڊل ڪلاس ته پيدا ٿيو هوندو” رتنا، باران کان معلوم ڪندي پڇيو.
    “منهنجو خيال آهي ته بلوچن جووڏو تعداد اڃان تائين به جانور پالڻ، هارپو ڪرڻ ۽ گهريلو دستڪاري سان؟ڳنڍيل آهي، بلڪه هڪ وقت تائين ته بلوچ پوڙهن تعليم ۽ علم کي انسان جي ڪمزوري ٿي سمجهيو ۽ ائين ٿي چيائون ته تعليم انسان کي عورت جي پويان هلڻ سيکاري ٿي ۽ هٿيار نه هلائڻ جي ڪري زنگجي وڃن ٿا” باران مسڪرائيندي چيو.
    “يعني هنن جي نزديڪ علم بيڪار جي شي آهي” ر تنا چيو.
    “موجوده نسل ائين نه ٿو سمجهي” باران وراڻيو.
    بلوچستان ۾ ٻه جدا جدا جنريشن هڪٻئي خلاف پيشقدمي ڪري رهيا آهن ته ساڳي وقت هي هڪٻئي جي قريب به آهن .نئين جنريشن کي پراڻي جنريشن جي تجربن جي ضرورت آهي ته پراڻي جنريشن کي نئين جنريشن جي سياسي شعور ۽ مهذب قدرن جي ضرورت آهي.
    پراڻي جنريشن جو تجربو ۽ نئين جنريشن جو شعور ڪاڏي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته مون پوري سفر ۾ ڪنهن به ماڻهو جو مڪمل گهر نه ڏٺو، روڊ رستا ته مونکي ننڍن شهرن ۾ به نظر نه آيا، پهاڙن جي درميان جيڪڏهن مونکي ڪي ماڻهو نظر آيا ته اهي خانه بدوش ۽ لاڏائو ماڻهو هئا جيڪي پنهنجن اُٺن ۽ رڍن کي چاريندي نظر آيا، معدني وسيلن سان مالامال صوبي جي ماڻهن جي خوشحالي ڪٿي آهي، ان مان ظاهر آهي ته پراڻي ۽ نئين جنريشن جي سماجي حالت ۾ ڪو وڏو فرق ناهي آيو.
    “ها! اِها به حقيقت آهي” باران تصديق ڪندي چيو.
    مسافرن جي پيهه مان اوچتو توڪلي، پيرڪ ۽ ڄام دُرڪ هنن جي سامهون اچي بيٺا، هنن پنهنجا سفري بيگ سنڀاليا ۽ ڪوئٽه جي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيا.


    17

    سرياب روڊ جي هڪ پراڻي طرز تعمير جي گهر ڀرسان هنن جي ٽيڪسي اچي بيٺي، جديد ۽ قديم طرز تعمير جي گهرن تي مشتمل هي علائقو ڪوئٽه جو خوبصورت علائقو سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هي خاموش روڊ پنهنجي ماضي کان زخمي به آهي.1935 واري زلزلي پوري ڪوئٽه کي زمين دوز ڪري ڇڏيو هو ۽ هزارين ماڻهو ان جي هيٺان اڃان به دٻيل آهن. جن جي تدفين جو ڪم اڃان رهيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪي ايترا هٿ ئي ڪونه هئا جيڪي انهن جي خاموش جسمن کي غسل ڏئي، دعائن جا لفظ اچاري زمين کي موٽائي ڏين.ان وقت جي گزيٽ مطابق سٺ هزار ماڻهو زمين دوز تي ويا.
    هن علائقي ۾ مختلف قومن جا ماڻهو رهائش پذير آهن ۽ هڪ جهڙي پوشاڪ، شلوار قميص پهرين ٿا ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ پشاوري ڪيپ به رکن ٿا، جيڪا سنڌين وانگر سڌي ۽ هيٺان کان ڪجهه جهڪيل هجڻ بجاءِ پاسيري رکن ٿا. . روڊ جي ٻنهي پاسن کان اڀا بيٺل صنوبر جا وڻ ايندڙ ويندڙ مسافرن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن، روڊ جي ڪنارن تي پکڙيل خشڪ پتن جا ميڙ ڄڻ ڪا دل جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ روڊ تي سُري آيا ٿي وري اوچتو گاڏي جي گذرڻ سان روڊ کان هيٺ وڃي ڪريا ٿي.
    گهر جي هيٺين منزل تي پيرڪ جي فيملي رهي ٿي، مٿين منزل دوستن جي محفلن ۽ پارٽي ميٽنگس لاءِ وقف ٿيل آهي، پيرڪ، توڪلي جو ننڍو ڀاءٌ آهي ۽ ڪيتري عرصي کان ڪوئٽه ۾ رهائش پذير آهي. پيرڪ جو هي گهر پراڻي طرز تعمير ڪري سڀ کان مختلف ۽ ڪشادو آهي، هڪ وقت تائين هي گهر ملڪ جي فنڪارن ۽ آرٽسٽن جو مرڪز هو . خود پيرڪ سارنگي جو ماهر آرٽسٽ آهي، هي جڏهن سارنگي وڄائي ٿو ته زمين جي هر جيو جي واتان واه واه جا لفظ نڪرن ٿا ۽ زمين اندر ستل ٻج بارش جي انتظار کان اڳ ڦٽي پون ٿا ۽ مکڙيون ٽڙي پون ٿيون. پيرڪ جي سارنگي ۾ اها طاقت پنهنجي زمين سان پيار ۽ سڪ ۾ ڳنڍجڻ ڪري آهي. پيرڪ جو گهر بلوچستان جي فنڪارن لاءِ پناهگاه ۽ پارٽي جي ڪل وقتي ڪارڪنن جي گڏجڻ جو مرڪز به آهي، جتي جدلي ماديت کان ويندي بلوچستان فريڊم موومنٽ تي بحث ٿيندا آهن، غريب فنڪارن لاءِ ته هي گهر مستقل پناه گاه آهي. فنڪار ريڊيو يا ٽيلي ويزن تي پروگرام ڪرڻ اچن ته رهائش لاءَ ٻئي هنڌ ڇو وڃن هي گهر ته امڙ جي ڪشادي جهولي جيان هر ڪنهن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي ٿو، رات جو گهر جي ڇت مٿان طبلي تي استاد خداداد، هارمونيم تي استاد دلنواز ۽ سارنگي تي پيرڪ پاڻ سنگت ڪن ٿا.
    ڇا ته آوازن جو تال ميل جڙي ٿو آسمان جا تارا به ڄڻ ان سنگيت تي رقص ڪن ٿا.
    توڪلي ۽ پيرڪ ڪهي آيل دوستن جو آڌرڀاءُ ڪيو . پيرڪ جا ٻار ڊوڙندا آيا ٻار به هن گهر جي مهمانن سان ائين مانوس آهن ڄڻ اُهي مهمان نه پر گهر جا ڀاتي هجن، خديجه هنن کي سڏيو پنهنجي ڀر ۾ ويهاري انهن جي معصوم ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    گهر جيترو ٻاهران خوبصورت هو اندران به اوترو ئي خوبصورت آهي. گهر جون ڇتيون ڪاشي جي سرن سان ٺهيل آهن جن مٿان گُلابي شاندار گُلڪاري ٿيل آهي، ديوارن کان هيٺان جي گهري نيري بارڊر لائن تي سفيد چٽ سالي ۽ هلڪا عکس ديوار کي بيحد سونهن بخشي رهيا آهن . گهر جي فرش تي سفيد ۽ هلڪي ڪاري رنگ جو ماربل اهڙي ته خوبصورتي سان لڳل آهي، ڄڻ گهر جي آڳند تي آسمان جا سفيد بادل لهي آيا آهن،هي گهر فنڪارن جي آمد ڪري به شايد وڌيڪ خو بصورت نظر اچي ٿو. پيرڪ چوندو آهي ته منهنجي زندگي جو ڪو اهڙو هڪ به ڏينهن نه هوندو جنهن ڏينهن اسان ساز نه وڃايا هجن يا ڪنهن ڏينهن ڳائڻ ڇڏيو هجي. اسين ڳايو آهي هن گهر رقص ڪيو آهي اسين رنا آهيون ته هن مهربان ماءُ جيان پرچايو آهي. هي اهڙو درد ۽ اهڙي راحت آهي جنهن جي ڪا پڄاڻي ڪانهي، هي گهر اسان سڀني فنڪارن جي زندگي ۾ ائين شامل آهي جيئن رستي لاءِ پنڌ ۽ پنڌ لاءِ پيار .
    پيرڪ مهمانن کي گهر جي مٿين حصي تي اچي ويهاريو .جيڪو ڪافي هوادار ۽ سڪون وارو هو.
    رات جي ماني کان فارغ ٿي سمورا دوست گهر جي مٿين منزل تي بلوچستان جي سياست ۽ ادب تي به ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳا.
    توڪلي کي جيئن ته دوستن جي آمد جو اطلاع هو ان ڪري هن پنهنجي گفتگو جي شروعات به انهن ڳالهين سان ڪئي .هن ٻڌايو ته پروفيسر بهادر توهان متعلق اطلاع ڪيو هو ، سچ اهو آهي ته ان ڳالهه جي مونکي بي حد خوشي ٿي آهي ته پنجاب جا ڪامريڊ مسنگ پرسن واري معاملي تي ان قدر سنجيده آهن، ان سان بلوچستان جي ماڻهن جو پنجاب جي ماڻهن ڏانهن بهتر رويو جڙندو.
    توڪلي، خديجه سان مخاطب ٿيندي چيو پروفيسر بهادر توهانجي همت ۽ جرات جي گهڻي تعريف ٿي ڪئي توهان ڪٿان جا آهيو؟
    منهنجو خوبصورت وطن روهي چولستان آهي ، خديجه وراڻيو، هي نهايت ئي تعجب جي ڳالهه آهي ته هتي انسان مشڪلاتن ۾ رهڻ جو عادي آهي. هي شهر گهڻو ڪري روهي چولستان جي هوائن ڪري اونهاري ۾ سخت گرم ۽ سياري ۾ سرد رهي ٿو پر بهار جي موسم ۾ هي شهر قدرتي رنگن سان رنڱجي وڃي ٿو . بسنت جي شروع ٿيڻ سان زمين جا رنگ ڄڻ ته انسان جي جسم ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. بازارن ، دڪانن ۽ هوٽلن تي رکيل ڊگهين بينچن تي رش وڌي وڃي ٿي، گهرين نارنگي، گلابي ، پيلن ۽ گهرن آسماني رنگن وارا ويس ڍڪيل ويڪرن مهانڊن ۽ ويڪرن ڇاتين واريون چولستاني عورتون پنهنجن اکين ۾ زندگي جا خواب سجائي جڏهن بازار مان گذرن ٿيون ته وقت ڄڻ بيهي ٿو رهي. نوجوان واڪا ڪري هڪ ٻئي کي سڏين ٿا . ڏينهن جي روشني ختم ٿيندي ٿيندي سڀ ڪجهه صبح تائين خاموش ٿي وڃي ٿو. انسان جو پورو ڏ ينهن ڄڻ هڪ پل ۾ گذري وڃي ٿو، ماڻهن جون حسرتون ۽ مدت کان انتظار جا پل ائين گذري وڃن ٿا ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو. پر دراصل ان شور پٺيان خاموشي سان گهڻو ڪجهه ٿي به ويندو آهي .
    خديجه جو انداز سادو ۽ بياني هو، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن ڀيري هن جي ڳالهائڻ ۾ گهرو درد هو.مان جڏهن اکيون بند ڪري روهي جي خيالن ۾ گم ٿي ويندي آهيان ته انجي عجيب دنيا ڏانهن هلي ويندي آهيان . مون هڪ طرف چولستان جي درد کي ڏٺو آهي ته ٻئي طرف انجي حسن کي، چولستان جي خودداري ڏٺي ته محبت لاءِ مرندي مٽجندي ڏٺو . مون پاڻ کي چولستان ۾ وڃائڻ چاهيو ته جيئن پاڻ کي تلاش ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته مون ڄاتو ٿي ته زندگي جي وڏي حقيقت ۽ تخليق هنجي قدمن ۾ ويهڻ سان ئي حاصل ٿي سگهندي، ڪيترا ماڻهو اڄ تائين ان کان محروم آهن، چولستان جي مٽي محبت جي جذبي سان سرشار آهي ان جو ادراڪ ته هو پر ان ڳالهه جو احساس نه هو ته هي مٽي حياتي جي رازن کان به واقف ڪري ٿي.
    مون ان ڳالهه تي بار بار سوچيو ته، اسانجي محبت، قدرت جي شاندار مظهرن مان هڪ آهي يا اسانجي اندر جي ڪنهن خوف يا سمجهه ۽ شعور جي ڪري آهي ۽ ڇا اسين قدرت جي فيصلن جي آڌار رهون ٿا، ڇا قدرت جيڪو طئي ڪري ٿي اهو ئي ٿي رهي ٿو، جيئن مون هن وقت تائين مذهبي واعظن ۽ درسي ڪتابن ۾ ٻڌو ۽ پڙهيو آهي، مون پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ جيڪي تصور جوڙيا هئا، اهي دراصل روهي جو پاڇو هئا ۽ مون پنهنجن خوابن جي تشڪيل به ائين ڪئي، مون پنهنجي اندر جي بدلاءُ کي روهي جي ٺهراءُ سان جوڙيو ائين جيئن ڪجهه ماڻهو ذهني طور هڪٻئي جا ٿي ويندا آهن، انجو نتيجو اهو نڪتو ته مان پنهنجي دل ۽ دماغ کان بي خوف، بي زر ۽ مزاحمت ڪار ٿي ويس.
    “مان مستقبل جي خدشن ۽ خوف کان بي خوف ٿي ويس، روهي مونکي ائين سيکاريو ته محبت سمورا خوف ختم ڪري ٿي.
    جي ڏسجي ته اسين سڀ جا سڀ مختلف قسمن جي خوف ۾ مبتلا آهيون. محبت کان به خوف کائي رهيا آهيون، ان ڪري پنهنجي دل دماغ کي عجيب خدشن ۽ وسوسن سان ڀري ڇڏيو آهي. سمورا دوست خديجه جي گفتگو ٻڌي حيرت ۽ فخر واري احساس ۾ گهيرجي ويا
    تو ته پوئٽڪ انداز سان روهي جي تشريح ڪئي،
    خديجه موضوع تبديل ڪندي توڪلي کان سوال ڪيو ته بلوچ قومي تحريڪ کي عوام ڪيئن ٿي ڏسي؟ ان باري ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي.
    توڪلي پوري ڌيان سان ان سوال کي ٻڌو ، هي اهم سوال آهي جنهن سان بلوچستان جي سياست ۽ سماجيات کي سمجهي سگهجي ٿو،
    “مان اوهان جو ڌيان بلوچستان جي ڪجهه تلخ حقيقتن ڏانهن ڇڪائيندس” توڪلي جواب ۾ ڳالهائڻ لڳو،
    جنهن کان پوءِ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته بلوچستان جي قومي تحريڪ کي عوام جي ڪيتري حمايت حاصل آهي. توڪلي چيو ته بلوچستان مختلف قبيلن وارو صوبو آهي جنهن جي معيشت جو دارو مدار زراعت ۽ جانور پالڻ تي آهي، هنن ماڻهن جي اها ئي دنيا آهي پر گذريل ويهن سالن کان بلوچستان پنهنجن معدني ذخيرن ڪري مشهور ٿيو. ۽ سرمائيداري پنهنجا پير کوڙڻ لڳي، قديم ۽ جديد سماجي سياسي ۽ اقتصادي رشتن ۾ تضاد ته ٿيئڻو ئي هو . پر جيئن ته عام ماڻهو ٻنهي جي ترجيحات ۾ ڪڏهن نه رهيو ، ان ڪري هن تحريڪ کي ڪڏهن سردار ته ڪڏهن سرمائيدار استعمال ڪندا رهيا، هن وقت جيئن ته پاڪستان جي ڪاروبار ۾ پاڪستان جي فوج وڏي حصيدار آهي، ان کان اڳ سردار اقتدار ۽ ڪاروبار ۾ گڏ به هئا. پر هاڻ ائين ڪو نه ٿو ٿئي، وري به سوال اهو ٿو رهجي ته عام بلوچ ڪٿي آهي؟ انجا حق ڪٿي آهن؟ عام ماڻهو سردارن جي وڌيڪ قريب آهي ان ڪري اهو پنهنجي وفاداري سردارن جي جهولي ۾ اڇلي ٿو، منهنجي نظر ۾ بلوچستان جي قومي تحريڪ طبقاتي تحريڪ ۾ تبديل ٿيڻ بجاءِ نسلي تحريڪ ڏانهن وڃي رهي آهي، اهو ڪم پاڪستان جي رياست انتهائي سياڻپ سان ڪيو آهي. بلوچستان جي هزارن کي رڳو شيعو هجڻ ڪري نه پيو ماريو وڃي پر اهو اهڙو ڪلاس آهي جيڪو سماجي ۽ معاشي طور تي مستحڪم ۽ لبرل آهي، ايجنسيون انهن سڀني طبقن کي غير مستحڪم رکڻ چاهين ٿيون جيڪي بلوچستان جي معيشت ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
    “قومي تحريڪ ۾ هاري مزدور فرنٽ طورآهن؟” طلعت، توڪلي کان سوال ڪيو.
    “قومي تحريڪ طبقاتي تحريڪ ناهي انهي لاءِ ان ڳالهه جي ضرورت ئي ڪانه ٿي رهي ” توڪلي وراڻيو،
    توڪلي ٻڌائڻ لڳو ته سُئي گيس بگٽين جي علائقي سُئي مان نڪري ٿي، هنن اڪبر بگٽي کي به ان ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيو . بگٽي وقت به وقت ان سوال کي قومي سوال چئي رعايتون وٺندو رهيو، پر ان سوال تي باقي قبيلن جا سردار هن سان ڪڏهن به گڏ نه بيٺا. ڇاڪاڻ ته سئي گيس جو مسئلو بگٽي ۽ رياست وچ ۾ هو، ان ڪري قومي سوال هجڻ جي باوجود باقي قبيلن جي سردارن ڪڏهن به ان تي اسٽينڊ نه ورتو، جڏهن ته بلوچستان جو جهل، ڊيره مراد، سبي، اوسته، جعفرآباد، وارو علائقو زرعي پيداوار ڪري خوشحال ۽ زرخيز آهي، هنن علائقي اندر قومي تحريڪ جي سوال کان وڌيڪ طبقاتي تحريڪ جو سوال اهم سمجهيو وڃي ٿو، هنن ئي علائقن ۾ مان طبقاتي جدوجهد، هاري تحريڪون اڀريون ۽ جذباتي بنيادن تي قومي تحريڪ سان لڳاءُ جي ڀيٽ ۾ طبقاتي تحريڪن کي وڌڻ ويجهڻ جو وڌيڪ موقعو مليو، ڇاڪاڻ ته هنن علائقن ۾ هاري ۽ زميندار جو سوال هو.
    بلوچستان جو هڪ ٻيو رخ به آهي، اهو آهي هزاره ۽ پشتون ڪميونٽي جو ، جيڪي هڪ وڏي تعداد ۾ ڪيتري عرصي کان رهندا اچن ٿا، بلوچن ۽ پشتونن جون ته پاڻ ۾ مائٽيون آهن، پر انجي باوجود ڪميونٽي جا ووٽ پشتون ۽ هزاره ليڊرن جا آهن ۽ کٽرائي اسيمبلين تائين به پهچائي ٿي، هي شيون بلوچستان جي تبديلي سان تعلق به رکن ٿيو ته اهم به آهن، هي ڳالهه وڌيڪ اهم آهي ته بلوچستان جو بلوچ اقليت ۾ ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي هي پنهنجي قبائلي سردار جي جڪڙ کان پاڻ کي آزاد ڪرائي ناهن سگهيا ته ٻئي پاسي پختون ۽ هزارا آهن جن جو بلوچستان جي سياست ۽ معيشت تي ڪنٽرول آهي، هي بلوچ جي نسبت پئسي ڏوڪڙ ۾ به آسوده ۽ مقامي سرمائيدار آهن، مان هن حالت ۾ ائين چوندس ته قومي تحريڪ جو سوال بلوچن کي افرادي قوت ته فراهم ڪري ٿو پر نظرياتي ۽ طبقاتي سوال حقيقت ۾ هنن کي وڌيڪ تنها ڪري ٿو،
    بلوچستان جي قومي تحريڪ، مختلف رجحان ۽ خيال رکڻ جي باوجود ماڻهن جي هڪ وڏي حلقي ۾ اتساه جو وسيلو به آهي، اها ڳالهه اسان سڀني کي مڃڻ گهرجي، بلڪه هي تحريڪ ماضي جي نسبت وڌيڪ ريڊيڪلائيز ٿي آهي؟
    “تون اڃان به پنهنجي ڳالهه کي واضع ڪر، تنهنجو سوال مونجهارا ٿو پيدا ڪري“ طلعت، توڪلي کان سوال ڪيو.
    ”توکي خبر آهي ته اوڻويهين ۽ ويهين صدي مختلف سياسي ۽ سماجي رجحانن سان ڀري پئي آهي“ توڪلي، طلعت ڏانهن نهاريندي چيو.
    فلسفي جي سوال کي ئي کڻي ڏس ان ۾ ڪيترن مختلف رجهانن هڪ ٻئي کي پئي لتاڙيو آهي. مثاليت يا روحانيت پسند ، عقيدت پسند ۽ پوءِ ماديت پسند، هي فلسفي جون عمارتون هڪڙيون ڊهيون آهن ته ٻيون ٺهيون آهن،. مثلن، برڪلي ۽ گورڪي ٻه رجحان هئڻ جي باوجود هڪ سچائي آهن، هڪ مستقل روحانيت پسندي جا ويچار رکي ٿو ته ٻيو پڪو ماديت پسند آهي. پر ٻنهي ۾ مشترڪه نقطو وحديت جو آهي، هي ٻئي رائيٽر زندگي جي سوال کي قدرت جي نعمت ۽ مهرباني به سمجهندا هئا ته سماج جي اندر انقلاب جي به ڳالهه ڪندا هئا. دوستو وسڪي جي لکڻي به ان خيال سان ڀري پئي آهي انجو ناول “ڪرامازوف ڀائر” پورو ڪليسا جي خُطبن سان ڀريل آهي ۽ ائين لڳندو ته هي ڪو مذهبي جماعت جو نمائندو هجي پر ساڳي وقت هي چوي ٿو ته،
    “منهنجو عقيدو هن نظريي تي آهي ته هي ٻه شيون يعني ڪليسا ۽ رياست جيڪڏهن گڏ رهن ته کين ابديت حاصل ٿي ويندي جيتوڻيڪ هي به ناممڪن ٿو نظر اچي، هن ناول جي آخر ۾ ڪيڏي سٺي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن رياست کي ڪليسا ۾ ضم ڪري ڇڏجي ته اهو خالص مذهبي تعصب ٿيندو“
    وري سائنس جي دنيا دريافت ۽ معلومات جا پنهنجا هڪ الڳ رجحان پيدا ڪيا آهن، هر رجحان ۽ خيال کي اهو حق ملڻ گهرجي ته هو پنهنجي سچائي ثابت ڪري پنهنجي عمل سان. عوام ئي دراصل بهتر منصف آهي جيڪڏهن هو سياسي ۽ باشعور آهي ته . بلوچستان جي قومي تحريڪ کي به ائين ڏسڻ گهرجي، هن اندر صحت مند سياسي رجحان آهن ، هي سامراجيت مخالفت جو رجحان رکي ٿي ، پنهنجي جوهر ۾ سيڪولر ۽ آزادي پسند آهي، مذهبي فرقيوارت جي خلاف آهي ۽ اهم ڳالهه ته بلوچ پنهنجي ڌرتي جي سوال لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن، قومي تحريڪون طبقاتي تحريڪن ۾ تبديل ٿي ناهن سگهنديون ڇاڪاڻ ته اهي قومي سوال جي هڪ نقطي يعنيٰ علحدگي تائين محدود هونديون آهن پر ائين ممڪن ٿيو آهي ته اهي تحريڪون طبقاتي تحريڪن جي ويجهو ۽ نزديڪ ترين ساٿاري ٿي سگهن ٿيون، توڪلي پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.
    “ بلوچستان ڪيئن تبديل ٿي رهيو آهي، هتي تبديلي جي ڪهڙي معني آهي؟” رتنا، سوال ڪيو.
    “هڪ مڪمل خيال پيش ڪرڻ کان اڳ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي صورت جو ادراڪ لازمي آهي” توڪلي وراڻيو، هي ڳالهه واضع آهي ته پاڪستان بورجوا جمهوريت جي دور کان گذري پيو، اهڙي جمهوريت کي ضرورت هوندي آهي لبرل سرمائيڪاري جي، چائنا ۽ پاڪستان ان خيال جا آهن، 46 ارب ڊالرن جو ميگا منصوبو لبرل سرمائيداري جي صورت آهي، ان سان دنيا جي بدنام زمانه ڪمپنين کي به موقعو ملندو ته پاڪستان جي قدرتي وسيلن مان ترقي جي نالي تي ڊالر ڪمائن.
    “باقي قومن ۽ عوام جا مفاد وڃين پون کڏ ۾” رتنا وري ڳالهايو.
    “حقيقت اها آهي ته اسين پوري طرح پنهنجن فرسوده روايتن مان ئي نه نڪري سگهيا آهيون، ملڪ جي هڪ اڪثريت محروم آهي، جن به هن وقت تائين هارين ۽ مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ته اها به ويجز، بٽئي، وڌ ۾ وڌ اجرت ۽ اصلاحات جي حد تائين”
    خديجه ڪجهه دير جي خاموشي کانپوءِ وري ڳالهايو، هن وري ڳالهائڻ جي اجازت ورتي.
    “ملڪيت جو مفاد هڪ بي رحم عمل آهي، انسان کان ڪجهه به ڪرائي ٿو . بورجوا جمهوريت ان کي تحفظ فراهم ڪري ٿي جنهن جو ذڪر توڪلي ڪري رهيو آهي. هن وقت جمهوريت جي نالي ۾ ملڪ جا سمورا جاگيردار، وڏيرا، چوڌري منظم آهن، هي جيترو عرصو اقتدار ۾ رهندا وڌيڪ خطرناڪ ۽ چورن وانگر سياڻا ٿيندا ويندا، انهن کي پوءِ شڪست ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو، هندوستان جا ماڻهو هڪ هزار سالن کان گڏ رهندي ٿي آيا، پر پوءِ ان ڪلاس انهن ماڻهن سان ڇا ڪيو، هولين ۽ عيدن جي تهوارن تي رت وهڻ لڳو، هنن پنهنجي ماضي ۽ شاندار تهذيب، تصوف کي وساري ڇڏيو، تقسيم جي خيال کان انهن کي وڌيڪ ملڪيتون ملڻيون هيون، اهي سڀ ڪجهه وساري وحشي ٿي بيٺا، مغل سلطنت به ائين ڪيو، هي به خدا جي زمين کي ڦٻائڻ ۽ راڄ ڪرڻ جي بک جو شڪار ٿي ويا، ان ۾ هي ايترا ته ڪمزور ٿي ويا جو هڪ خوشحال ۽ آزاد زمين تي انگريزن حملو ڪري ان تي پنهنجو جهنڊو کوڙيو، انگريز ڪمزور رياستن تي ٿي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن رياستن پنهنجو سمورو ڌيان عوام جي بجاءِ پنهنجي راڄ ڌاني کي قائم ڪرڻ تي ڏنو هو، پر جيئن هندستان جي تقسيم جي ڳالهه ٿي ته ڄڻ انسان جي اندر جو ستل حيوان جاڳي پيو، هي ان خيال کان وڌيڪ خونخوار ٿي پيو ته لڏپلاڻ جي عيوض ان کي وڏي ملڪيت هٿين چڙهڻي آهي، ورهاڱي واري سوال تي منهنجي دل ڏکاري ٿي ويندي آهي، رتنا جي خاندان هن تقسيم جي درد کي ڀوڳيو آهي، هنجي خاندان جا هڪڙا فرد راجستان ۾ آهن ته ٻيا ڪوهستان ۾ ، هي زمين پنهنجن ٻارن ۾ ورهائي پئي آهي ۽ خبر ناهي ته اهو چڪر ڪيترن نسلن تائين جاري رهي، ورهاڱي دوران جيڪي خاندان تقسيم ٿين ٿا پناهگير ٿي وڃن ٿا، هڪڙا اُهي جن پنهنجي مرضي سان وطن ڇڏيو، ٻيا اهي جن جبرن وطن ڇڏيو . مونکي پنهنجي وطن ۾ جي ڪو شرنارٿي چوي ته مان اهڙي ورهاڱي کي ڪيئن قبولينديس، بي وطني جو درد نهايت تڪليفده وارو ٿئي ٿو.
    خديجه رتنا ڏانهن نهاريندي چيو، منهنجي ڀيڻ تون ئي ٻڌاءِ ! “طاقت ۽ نفرت کي عوام ۾ جوش سان ڪنهن اڀاريو، ورهاڱي جي سياست ۽ تشريح، ملڪيت کان اڳتي ڪجهه هئي ڇا؟ مونکي تون ٻڌاءِ ماڻهن جي نگاهن ۾ رحم جي بجاءِ نفرت کي ڇالاءِ ڀريو ويو ۽ ان قدر انتقام تي ڇو لاٿو ويو، ماڻهن، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ وارن آفاقي رشتن کي ڪيئن وساري ڇڏيو، پنهنجن ئي ماڻهن جي پيٽ ۾ خنجر هڻڻ مهل ان هڪ لمحي لاءِ به نه سوچيو ته ڪجهه وقت اڳ هن ئي ماڻهو سان هن پنهنجو ڏک سک ونڊيو هو . خودغرضي اندر ئي اندر ۾ ماڻهو کي بزدل ڪري ٿي، جيڪڏهن ڪجهه ٿي به رهيو آهي ته انجي پرواه ڪرڻ بجاءِ هو پنهنجي ذات لاءِ سوچيندو رهندو ڪنهن کي ماري ، لتاڙي به.
    منهنجو يقين آهي هن وطن جا ماڻهو وري هڪ ڀيرو گڏبا، ۽ پنهنجي تلخ ماضي تي ملامت ڪندا ۽ پنهنجي زمين تي پنهنجو حق تسليم ڪرائيندا، ڪو به انسان هميشه اهڙي زندگي گذاري سگهي ٿو ڇا؟پاڪستان جي قومن جي تبديلي جو سوال انهن ڳالهين ۾ ئي پوشيده آهي، هي ئي اهي سوال آهن جيڪي اسان کي بي چين ڪن ٿا.
    “بلوچ گوادر جي معاملي کي اتان کڻڻ چاهين ٿا جتان اڪبر بگٽي جي شهادت ٿئي ٿي يا ڪنهن ٻئي طرح سان کڻن چاهين ٿا” طلعت پيرڪ کان پڇيو،
    گوادر جو ڪنٽرول صوبي وٽ هجڻ گهرجي اهو اسانجو مطالبو آهي، پيرڪ وراڻيو، اسان ۽ بگٽي جي وچ ۾ اهو فرق هو ته هو ورڪ پرمٽ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، اسان مقامي وسيلن جي حفاظت جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، مشاهد حسين ۽ شجاعت حسين سان نواب اڪبر بگٽي جون ڳالهيون بي معني ٿيڻ جا سبب هئا. ڇاڪاڻ ته، ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ ڪيئن ٿيون ماپي سگهن، نواب بُگٽي پهاڙن تي چڙهي وڃڻ جي روايت کي جاري رکڻ ٿي چاهيو، هن کي اهو به اندازو هو ته فوجي هٿيارن جي مقابلي ۾ هن جا هٿيار پراڻا ۽ بيڪار آهن، اسين کيس اها ڳالهه سمجهائي رهيا هئاسين پهاڙن تي چڙهڻ بجاءِ سياسي رستو اختيار ڪجي، هوڏانهن فوج به هن کي ڳالهين ۾ رکڻ ٿي چاهيو، ته جيئن عام ماڻهو ائين سمجهي ته هي ڄڻ بگٽي ۽ فوج جي وچ ۾ رائلٽي تي جهيڙي جو معاملو آهي،
    “گوادر جي ترقي جو حق ته صوبي وٽ ئي هجڻ گهرجي ظاهر آهي پنهنجي زمين ۽ ماڻهن کي بچائڻ جو اهو ئي مناسب طريقو آهي” طلعت چيو.
    دراصل حقيقت هي آهي ته بلوچستان سرمائيداري جي لاءِ بهترين راهداري جو ذريعو آهي ۽ مستقبل ۾ ميگا پروجيڪٽ شروع ٿيڻا آهن جنهن سان وڏو پئسو بلوچستان ۾ اچڻو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جنرلن ۽ سردارن جي وچ ۾ خال وڌيو آهي، جيئن ته جنرل جمهوري سرشتي جي نسبت پنهنجي خيالن ۽ عمل ۾ آمرٿين ٿا ان ڪري هر مسئلي کي هي ان انداز سان حل ڪرڻ چاهيندا آهن. هنن ته ڪڏهن صوبائي حڪومتن کان پڇڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهي ڪئي.
    چاغي جي حيات کي جلائڻ جو حق هنن کي ڪنهن به نه ڏنو هو انجي باوجود هنن ائٽمي تجربي لاءِ بلوچستان جي چونڊ ڪئي، هنن ظالمن ، ملڪي دفاع ۽ نام نهاد ايٽمي طاقت جي نالي ۾ پهاڙ سميت پوري نباتات، حياتيات کي ساڙي ڇڏيو ۽ ڪيتري عرصي تائين پهاڙ جلندو رهيو ۽ 100 ڪلوميٽرن تائين انجي تابڪاري جي اثرن جي ڪري ماڻهو دم، اکين ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا رهيا، انهن مان ڪيترا اسپتالن جي بي حد گندن وارڊن ۾ مري ويا
    ملڪ جا حڪمران عام ماڻهو کي ترقي جي رفتار ۾ شريڪ ڪرڻ بجاءِ ، مرندڙ سرداري نظام ۾ جيئارڻ چاهي ٿو، اهڙي حالت ۾ عام ماڻهو سرداري نظام جي چونڊ ڪري ٿو ته ان وٽ انجا سبب آهن. توهان جڏهن عام ماڻهو ۽ بلوچستان جي پڙهيل لکيل جنريشن سان ملندوء ته هو سرداري نظام کي سٺو نه سمجهڻ جي باوجود ان کي اسلام آباد جي حڪمرانن کان بهتر ٻُڌائيندو. بلڪه هو ڄڻ طئي ڪري ويٺو آهي ته فيڊريشن جو ڪردار ظالمن جهڙو آهي.
    “سرداري نظام پنهنجي ڪلچر ۾ هن وقت ڪٿي بيٺو آهي” رتنا پيرڪ کان معلوم ڪيو.
    “قبائلي ليگيسي جي صورت ۾ قائم آهي” پيرڪ وراڻيو،
    “قبائلي سردار؟ انجي حقيقت کي تون ڪيئن بيان ڪندين” رتنا، پيرڪ کان سوال ڪيو،
    “مان ان کي وحشياڻي صورت ۾ پنهنجي گرد ڏسان ٿو، هي ايترو سگهارو نه هو پر پاڪستان ان کي توانائي ڏني، هي ڪلاس آهي جنهن کي پاڪستان نظام جي شڪل ڏني،مان ان حقيقت کي ڄاڻان ٿو ته انسان جي آزادي جو سوال برابري جي حق سان مشروط آهي . انجي باوجود جي ڪو انسان ڪنهن سبب ڪري پنهنجي لاءِ ڪجهه حدون طئي ڪري ٿو ۽ ان طرح سوچي ٿو ۽ قبائليت ۾ هو پنهنجي لاءِ هڪ قسم جي زندگي ڏسي ٿو ته ان لاءِ ان کي آزاد ڇڏي ڏجي، جيستائين هو انهن بنيادي حقيقتن کان واقف نه ٿو ٿئي، هر ڪنهن کي پنهنجي مرضي سان سوچڻ جو حق هجڻ گهرجي پر ٻئي ماڻهو تي راڄ ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به نه هجڻ گهرجي،
    پيرڪ جوش مان چوندو پئي ويو ته، سردار ماڻهن کي مرڻ لاءِ هڪٻئي جي سامهون آڻي بيهارين ٿا. بُگٽي ۽ مري قبيلن کي پاڻ ۾ ويڙهائي هنن هزارين ماڻهن کي بي گناه مارايو. سو به هڪ موتمار قبائلي سردار جي مفاد لاءِ ۽ ان کان به وڌيڪ ظالم رياست جيڪا انسان جي آزادي کي محدود رکڻ واسطي هميشه پنهنجي خنجر جو رت تازو رکي ٿي.
    بلوچن ۾ مري، بگٽي، رند ۽ ٻيا قبيلا جن ۾ الڳ قوميت وارو تصور مضبوط ڪيو ويو آهي، هڪ قوم جو حصو ٿي آزادي جي ويڙهه وڙهندا، اڇا اِهو ممڪن آهي؟ رتنا سوال ڪيو
    ماڻهن کي سياسي تصور ڏيڻ جي ضرورت آهي، ۽ عملي طور ماڻهن سان گڏ بيهڻ جي ضرورت آهي، مان ائين سمجهان ٿو ته بلوچ پنهنجي روايتي قبائلي صُورت مان نڪري ايندو، سردار انجي گهڻي دير تائين حفاظت نه ٿا ڪري سگهن، ماڻهو جڏهن رياست سان مُنهن مقابل ٿينداته اها ڳالهه سمجهندا ويندا ته اصل لڙائي طبقاتي آهي،
    هاڻ رات ڪافي ٿي چڪي آهي، آرام به ڪرڻ گهرجي.
    سڀاڻي 10 وڳي پنهون جي والد سان سندس گهر ۾ ملاقات رکيل آهي ان کانپوءَ جا پرگرام توهانجي مشوري بعد طئي ڪيا ويندا.


    18

    خديجه، توڪلي ۽ باقي دوست پنهون جي والد ڏانهن منهن ڪيو ائين ويٺا آهن ڄڻ ڪو هو پُراسرار هستي هجي پر هو ته پنهنجي دل جي اٿاهه درد کي چهري تي اُڀري اچڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، هو صاف سٿرن لفظن ۾ چئي ويو ته ان جي ڪنهن سان به دشمني ڪانهي ته پوءُ هن جو پٽ ڪاڏي گم ٿي ويو.
    “توهان کي ڪنهن قسم جي ڪا اجنبي فون يا ڪو پيغام مليو آهي ڇا؟” توڪلي، پنهون جي والد کان معلوم ڪيو.
    ”جي نه! پر مان توهان کي ٻڌائيندس ته منهنجو ڪهڙو خيال آهي؟” پنهون جي والد جي گفتگو شڪ ۽ يقين جي گڏيل تاثر سان هئي.
    “بلوچستان يونيورسٽي جي وي سي جو ايڊوائيزر آيو هو. هن ڪجهه واقعا ٻڌايا، هن جي بقول پنهون ري ايڪشنري ٿي ويو آهي، مون پڇيو اها ڇا هوندي آهي؟ ته هن چيو نوجوانن کي ڀڙڪائڻ، سياست ڪرڻ. مونکي بحرحال هن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر سياست جي لفظ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ خوف واري حالت کي پيدا ڪيو “
    ”هن ٻيو ڇا چيو، اسان کي سندس ڳالهين جو هڪ هڪ لفظ ٻڌايو خديجه هن کان پڇيو،
    “ پنهون رياست سان وڙهڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو. هو طوفانن جي ڳالهه ڪري ٿو، هن ائين به چيو ته هو پنهنجي قد کان وڌيڪ سوچي ٿو، هن ڪالهه ڪاليج ۾ جلوس جي اڳواڻي ڪئي، هنن جي هٿن ۾ ڪارا ڳاڙها جهنڊا هئا ۽ آزادي جا نعرا هڻي رهيا هئا. ايڊوائيزر مونکي ڏسي چيو ته هاڻ تون ئي سوچ اهڙي حالت ۾ يونيورسٽي جي ڊسپلين جو ڇا ٿيندو؟ هو ائين چئي هليو ويو” پنهون جو والد ڪجهه گهڙين لاءَ خاموش ٿي ويو.
    “ پنهون جي امڙ کي مون جڏهن ان جون ڳالهيون ٻڌايون ته هو وڌيڪ فڪرمند ٿي وئي” پنهون جي والد وڌيڪ ڳالهائيندي چيو،
    “جيڪڏهن ائين آهي ته پنهون سان صاف صاف ڳالهائڻو پوندو” پنهون جي امڙ ورندي ڏيندي چيو،
    اسين هن کي پابند ڪنداسين ته هو پاڻ کي صرف تعليم لاءِ وقف ڪري ۽ ڪامياب زندگي گذاري، ائين به ممڪن آهي ته هو نوجوانن ۾ پاڻ کي پاڏائڻ ۽ بهادر ڏيکارڻ لاءِ ائين ڪندو هجي جيئن عام طور تي نوجوان ڪندا آهن، مان يقين سان چوان ٿي ته پنهون کي سمجهائينداسين ته هو واقعي به سمجهي ويندو” پنهون جي امڙ پاڻ کي تسلي ڏيندي چيو،
    اسين جڏهن پنهون سان ڳالهايو ته هن پنهنجي بچاءُ ۾ چيو.
    “هن توهان سان ان رقم بابت ڪونه ڳالهايو، جيڪا هن کي هاسٽلس جي مينٽيننس ۽ اسٽوڊنٽس جي ويلفيئر لاءِ ملي آهي. جنهن مان هن هڪ رپيو به انهي تي خرچ ناهي ڪيو ، اسين انجو حساب گهريو ته ناراض ٿي رسٽيڪيشن جا دڙڪا ٿو ڏئي، هن هاسٽلس جي گيٽ تي FC جا اهلڪار بيهاري ڇڏيا آهن، هن انتقامي طريقا اختيار ڪيا آهن، هي پنهنجي عزت وڃائي ويٺو آهي”
    توکي ته هن ڪا تڪليف ناهي پهچائي. مون کيس سمجهائيندي چيو.
    تنهنجو هنن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو، تون پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏي،
    مونکي ته هن کان ڪجهه به نه کپي، پنهون وضاحت ڪندي چيو.
    مون هميشه پنهنجي تعليم تي ئي ڌيان ڏنو آهي ۽ اهو ئي منهنجو مقصد آهي ان خيال کان ئي مون پنهنجي زندگي گذاري آهي.
    “پر هي ان لائق ڪونهي” هن بيحد اتساه ۽ ڪاوڙ مان انجو اظهار ڪيو.
    “مان توهانکي ٻڌايان ٿو” پنهون وضاحت ڪرڻ لڳو،
    “جڏهن هن سان سندس ئي آفيس ۾ مسئلن ۽ هاسٽل جي رقم جو ذڪر ڪيو ۽ پڇيو ته اها ڪاڏي وئي؟ته هن ڪيڏي بيهودگي سان اسانکي دڙڪا ڏنا ۽ چوندو رهيو ته منهنجا مٿي تائين تعلقات آهن. هي پنهنجن تعلقات جو ذڪر ڪري اسانکي خوفزده ڪري رهيو هو، آفيس اندر صرف انجو ئي آواز هو، هن ڪنهن کي به نه ٿي ڳالهائڻ ڏنو . سندس وات مان لفون اسانجن ڪپڙن تي ٿي ڪريون. ناشائسته ۽ هلڪي طبيعت هن جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿي پئي، هي پنهنجن ٻانهن کي هوا ۾ لهرائيندي ۽ پنهنجا چپ ڀڪوڙيندي ائين ڳالهائي رهيو هو ڄڻ ته وڙهندو هجي.
    “پر هاڻ تون ٻيهر ائين نه ڪندين” پنهون جي امڙ هن ڏانهن معصوميت سان ڏسندي چيو هو.
    “توهان چاهيو ٿا ته هر ڪنهن کي اجازت آهي ته جيئن وڻي ڪري ته مان اڳتي ڪنهن کي ڪجهه به نه چوندس” هي ائين چئي اٿي ويو.
    ان کانپوءِ ڪافي عرصي تائين خاموشي ٿي وئي، ان دوران ماڻڪ بند ۽ ڪيچ جو پروگرام ٺهيو
    هي ڪو پکي ته ڪونه هو جو ڦڙڪو ڏئي اڏري ويو، پنهون جي والد غم جي ڪيفيت مان چيو.
    توهان ان انتظار ۾ آهيو ته پنهون پاڻ ايندو؟ خديجه پنهون جي والد کان پڇيو
    ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي، حقيقت هي آهي ته مان هر ان ماڻهو وٽ ويو آهيان جنهن ۾ ٿوري به اميد سمجهي اٿم. پنهون جي والد وراڻيو،
    اسين سڀ دوست چاهيون ٿا ته پنهون جي لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪيون، توڪلي، پنهون جي والد سان ڳالهائيندي چيو.
    پر ان سان ڇا ٿيندو؟
    “ڪورٽ، پنهون جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ ايجنسين کي پابند ڪندي، پنهون جا دوست ان سلسلي ۾ وڏي مدد ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پنهون انهن جي درميان رهندي گم ٿيو آهي” توڪلي وضاحت ڪئي
    “مان توهان سان هينئر ڪو انجام ڪو نه ٿو ڪيان، پر جي توهان سڀني همت ڪري منهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪئي ته مان ڪورٽ کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس” پنهون جي والد ڪجهه گهٻرائيندي چيو.
    توڪلي، پنهون جي والد جي لفظن کي ڌيان سان ٻڌو ۽ پنهنجو هٿ هن جي ڪلهي تي رکندي چيو، “هو تنهنجو پٽ آهي، هو هن وقت ڪهڙين حالتن ۾ آهي اسان کي ڪا خبر ناهي، بلڪه ڏٺو وڃي ته سخت تڪليف ۾ هوندو، اسان جي تڪليف ان جي ڀيٺ ۾ ڪجهه به ناهي. اسان کي فقط هي خيال ڪرڻ گهرجي ته جيڪي به جائز وسيلا آهن ۽ جهڙا به حق عام ماڻهو کي هن ملڪ ڏنا آهن، انهن جي دائري ۾ رهندي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو دفاع ڪيون ۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهون”
    “هائو! جيڪر مان ائين ڪري سگهان! منهنجا فرشته صفت مهمان . مون پنهنجي ڳالهه ڪجهه ٻئي نموني ۽ هتان جي حالتن کي سامهون رکندي ڪئي ٿي، منهنجو گهر، منهنجي ننڍڙي ڪاروبار تي هلي ٿو، ڪورٽ ڪچهري ڄڻ عام ماڻهو لاءِ ڦاسي جو ڦندو آهي ۽ مان ان خيال کان به پريشان ٿي وڃان ٿو ته انجا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، هن نظام عام ماڻهو جي تڪليفن کي وڌائڻ ۾ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي . گم شده نوجوان، مسخشده لاش، اغوا براءِ تاوان، خود ڪش حملا روز جو ڄڻ معمول آهن، اخبار ته انهن خبرن سان ڀري پئي آهي” پنهون جي والد غم جي ڪيفيت ۾ وراڻيو.
    “ گهر جي آڳند جو فرش سيمنٽ جي بلاڪ سان ٻڌل هجڻ ڪري هر ماڻهو جي قدم جو آواز ٿي آيو ، پر هن ڀيري خاموش قدمن سان ڪا عورت منهن تي هلڪو نقاب ويڙهيل، هنن ڏانهن ٿي آئي هن اچڻ سان سلام ڪندي چيو،
    “مان هتي ويهان” هن خديجه ڏانهن نهاريندي چيو،
    “ها ها اچ منهنجي ڀر ۾ ويهه” خديجه اُڪير مان هن کي چيو،
    “هي منهنجي نياڻي آهي ۽ پنهون جي وڏي ڀيڻ”
    “تنهنجو نالو ڇا آهي؟” خديجه ڀرسان ويٺل پنهون جي ڀيڻ کان پڇيو،
    “ فرزانه”
    خديجه فرزانه کي غور سان ڏٺو! هن جي اڌ ڍڪيل چهري مان هن کي پنهنجي ڀاءُ لاءِ بيحد پيار جو احساس نظر ٿي آيو.


    19

    فرزانه، کي گهر ۾ هر ڪو فَري ڪري سڏي، ٻن ڀائرن جي اڪيلي لاڏلي، ان ڪري به هي پنهنجي راه ۽ رسم ۾ شاندار فيصلن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن دنيا کي پنهنجي نظرن سان ڏٺو آهي، جانچي پروڙي نه سهي، پر ان کان چڱي ريت واقف ضرور آهي. فَري لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ئي پنهون جو دماغ خراب ڪيو ، بي لوث ٿي وڙهڻ ۽ مثالي ڪم ڪرڻ جو سبق هن ئي ان کي سيکاريو، هن جي انهن ڳالهين مان هن جي زندگي جي هڪ پاسي کي چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿو. ڀائرن کي هن هميشه سڀني شين کان مٿاهون رکيو ۽ انهن اڳيان پاڻ کي به بلند رکيو ، اهو سڀ سندس خوداعتمادي جي ڪري ٿيندو هو. هن جي اکين جا سمورا خواب ڀائرن لاءِ آهن. دنيا لاءَ هي هڪ اموشنل ڇوڪري آهي، انجي باوجود هن پنهنجن ڀائرن کي پڙهايو، لکايو ۽ پوري ريت مڪمل آزاد انسان ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي.
    خديجه، فرزانه سان پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو تعارف ڪرايو،
    “فرزانه تون اعتبار ڪندينءَ ته جڏهن باران بلوچ، پنهون جو تعارف ڪرايو ۽ انجي اوچتو گم ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ته ائين لڳو ڄڻ هي اسان مان ۽ اسان جو حصو آهي” خديجه، فري سان مخاطب ٿيندي چيو،
    اسان سڀني مان باران کي پنهون جي ڳڻتي وڌيڪ هئي، هن چيو ٿي ته پنهون پنهنجي خيالن ۾ اُتم آهي، هي قيمتي زندگي رهڻ گهرجي، اسين سڀ قرب ۽ محبت جي داڳي سان ٻڌل آهيون.
    اسين تنهنجي غم کي محسوس ڪيون ٿا، تون ڀاءُ جي غير موجودگي جي ڏک کي ڀوڳي رهي آهين، پر مون تنهنجي باري ۾ قابل احترام گفتگو ٻڌي آهي، تون پنهنجو پاڻ کي سنڀال، جيئن اسين هڪٻئي کي سنڀاليو اچون ٿا، اسانجو تعلق مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ رنگ ۽ نسل سان آهي، جيڪا ڳالهه ڪيترن ماڻهن لاءِ ته حيراني جو باعث ٿي سگهي ٿي پر اسان لاءِ اِها فّخر واري آهي اسان اهڙيون سموريون ديوارون ٽوڙي هتي آيا آهيون .
    پنهون کي اسان مان ڪنهن به ناهي ڏٺو، سواءِ باران جي، پر جيئن ته زمين تي رهندڙ سڀني ماڻهن جو هڪ ٻئي سان ڪو نه ڪو رشتو هوندو آهي. جيڪو عالمگير ۽ لازوال آهي، جي اسان سڀ ائين نه سوچينداسين ته زمين تي رهندڙ انسانن لاءِ بدترين حالات پيدا ٿي سگهن ٿا. پوءِ اهي ذاتي هجن يا قومي، اسان کي هي به ڄاڻڻ گهرجي ته اسان سڀاڻي تائين جيئرا رهنداسين به يا نه، صبح جو سج ڪير ٿو ڏسي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر سڀ کان ڏکي شي ذلت واري زندگي آهي، جنهن لاءِ اسان جا ويچار واضع ۽ فيصلائتا هجن.
    “تون اسان کي ٻڌاءِ ته اسان پنهون لاءِ اهڙو ڇا ڪيون جو هوعزت سان اسان ڏانهن وري موٽي اچي ۽ باقي زندگي گذاري سگهي.”
    خديجه، فرزانه ڏانهن نهايت پاٻوه سان نهاريندي چيو .
    “مان توهان کي ٻڌايان ٿي” فرزانه پنهنجي چوڌاري ويٺل ماڻهن ڏانهن ڏسندي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “بلوچستان جا ماڻهو پسمانده هجڻ جي باوجود دولت سان پيار ناهن ڪندا. هنن جي سادگي اها آهي ته پاڻ کائڻ کان رهجي ويندا پر مهمانن کي پيٽ ڀري کارائيندا. اسلام آباد جا حڪمران اڄ به هنن کي وحشي ۽ خانه بدوش سمجهن ٿا، پر ساڳي وقت هنن جي وسيلن تي قبضو به ڪن ٿا، ڇا هي سچ ناهي ته پنجاب جي اشرافيه ۽ پنجابي فوج پوري دنيا ۾ هڪ ڦورو ۽ ڪارباري فوج واري شهرت رکي ٿي، جيڪا پئسن لاءَ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.
    هي بلوچستان جا معدني وسيلا ٻاهرين ٺيڪيدارن کي ڪنهن جي اجازت سان ٿا ڏين. هي چون ٿا ته پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي، پر منهنجي لاءِ انجي ڪا ٻي معني آهي. اسلامي رياست جو کٽيو پنجاب گذريل ڪيترن سالن کان پيو کائي ته ٻئي طرف پنهنجن ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۽ بعد ۾ قتل ڪري انهن کي پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن جي رستن تي اڇلڻ،جهڙا بيهوده ڪم به ڪن پيا، اسين پنهنجي ديس ۾ گهمي ڦري به نه ٿا سگهون، اسين خوف ۾ رهڻ ڪري پنهنجي ٻالڪپڻ کي وساريندا ٿا وڃون”
    فرزانه بيحد جوش ۾ هئي هن ڳالهايو پئي ۽ پنهنجي لفظن ۽ خيالن جي حفاظت به ڪئي ٿي، پر هن اهي ڳالهيون خديجه جي اڳيان ائين ٿي ڪيون ڄڻ پنجاب جي ڪنهن نمائندي سان مخاطب هجي.
    “دنيا جا سمورا انسان پنهنجي رنگ ، نسل ۽ ٻولي سان سڃاتا وڃن ٿا، فري، ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، منهنجي زمين، ٻولي مون لاءِ عبادت مثل آهي ۽ سڀئي ٻوليون احترام لائق آهن، اسين جيڪڏهن ائين نه هجون ته شايد زمين تي رهندڙ سڀني ماڻهن لاءِ بدتر هجون . بيشڪ اسان مان هر ڪو سڄي انسان ذات ۽ زمين مٿان رهندڙ پاڻ جهڙن انسانن لاءِ لازوال محبت جو اظهار ڪري ٿو. پر اهو به ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي طاقت ۽ نفرت سان قومن کي فتح ڪرڻ چاهين ٿا انهن جو ڇا ڪجي؟ جيئن عام طور پاڪستان ۾ ٿئي ٿو. مونکي بلوچ هجڻ تي فخر آهي ۽ هيٺين درجي جا بلوچ قابل عزت آهن جيڪي حيران ڪرڻ جي حد تائين پنهنجي قول ۽ فعل جا سچا آهن. ان کانپوءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بلوچ نيشنلزم پنهنجي رويي ۾ سخت مذاحمت پسند ٿيندي پئي وڃي، هي ڀاڱيڀائيواري نه ٿا چاهين مڪمل خودمختياري ٿا چاهن، هنن گڏ رهڻ جي و ڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسانجن نوجوانن جا لاش توهان کان وسري ويندا اسان کان ڪڏهن به نه وسرندا، اسان پنهنجن نوجوانن جي تربيت ڪنداسين علم ذريعي دنيا ۽ دنيا جي عظيم آزادي پسند نظرين کان واقف ڪنداسين ۽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي آزادي جي ڳالهه ڪنداسين، ان لاءِ وڙهنداسين،
    فرزانه، سلسليوار اهي ڳالهيون ڪيون جن سان گهڻو ڪري سڀئي دوست سهمت هئا،
    خديجه هن موقعي تي ڪو بحث نه ٿي چاهيو ۽ نه وري اهڙو موقعو هو، هن خاموشي سان پنهنجو ڪڌ ڌوڻي فري سان پنهنجي سهمت هجڻ جو اظهار ڪيو ۽ جواب ۾ ڪجهه به نه ڳالهايو،
    منهنجي نهايت لائق ڀيڻ، مان ڪجهه ڳالهيون رکڻ جي اجازت وٺندس، هي موقعو ناهي، پر جيئن تو هڪ مهربان ڀيڻ جيان اسان سان گفتگو ڪئي، مان به ائين ڄڻ پنهنجي قابل عزت ڀيڻ سان مخاطب ٿي ڳالهايان ٿو باران لفظن جي ڌڪار بجاءِ ڌيرج جو مظاهرو ڪندي، فري سان مخاطب ٿيو، جنهن جي ضرورت به هئي، سڀ دوست خاموشي سان ڪجهه به ڪڇڻ کانسواءِ خاموش ٿي ويا،
    “مونکي بيحد فخر آهي ته تو بلوچستان جي غمزده ماڻهن جي نمائندگي ڪندي ڳالهايو. ڇاڪاڻ ته هي غمزده انسان معمولي حيثيت ناهي، هي باعزت قوم آهي. جيڪا زمين تي حڪمرانن اڳيان ڪيڙن ماڪوڙن حيثيت به نه ٿي رکي. تون درست آهين ته ملڪ جا حڪمران ۽ فوج ئي دراصل مصيبت آهن . فوج ۽ سويلين حڪمران مان هر ماڻهو اها معني وٺي ٿو ته “پنجاب جو راڄ”. ڪنهن حد تائين اهو درست به آهي ڇو ته انسان پري وڃڻ ڇو چاهيندو، هو ته پنهنجي اردگرد جي حالتن کي ڏسي فيصلو ڪري ٿو. پر ائين ته ناهي جو اسان کي اهو ئي سيکاريو ويو آهي ته،
    هي تنهنجو دين آهي، هي تنهنجو نسل آهي، هي تنهنجي ذات آهي ۽ هي تنهنجي زمين آهي، ان لاءِ ئي مر ۽ جي.
    تاريخ ۾ ڪيڏو غلط ٿئي ٿو، انگريز سرڪار سڌو سردارن ۽ نوابن سان وڙهڻ بجاءِ انهن جي ملڪيتن کي بحال رکيو، قومن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ سياسي ، سماجي ۽ اقتصادي رابطه اهم هوندا آهن، جنهن سان ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪلچر، سياسي شعور ۽ زندگي جي تجربن مان سکي ٿو، سردارن ، نوابن، وڏيرن ۽ چوڌرين انجي ابتڙ ماڻهن جو ماڻهن سان ربط ۽ هر قسم جو رابطو ختم ڪري انهن کي ذهني غلام بنائي ڇڏيو، اسين سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح جا غلام آهيون، مثلن، ان وقت سنڌ ۽ بلوچستان جو تعليمي نظام پوري هندوستان ۾ بهترين سمجهيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ بلوچستان جو تعليمي سرشتو بمبئي سان جڙيل هو جيڪو وڌيڪ انسان دوست ۽ زمين دوست هو، پر اهڙي نصاب کان به هنن ماڻهن کي محروم ڪيو ويو ۽ بلوچن سميت ٻين قومن کي به اردو پڙهڻ جو پابند ڪيو ويو، مان هتي وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ نه چاهيندس جو اهڙو موقعو به ناهي . پر ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته آخر هن ملڪ جي ماڻهن سان ڇا ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو ۽ ان مان ڪنهن کي ڪيترو فائدو ٿيو. اسانجو نوجوان آزادي جي جوش ۾ اهي ڳالهيون وساري ويهي ٿو، پر جي ڪو ماڻهو ائين سمجهي ٿو ته هو ڪنهن سوچ ۽ سمجهه کانسواءِ زمين تي رهڻ جي قيمت آزادي جي لاءِ وڙهندي ادا ڪري ته ان مان ڪنهن کي ڪجهه به حاصل ناهي ٿيئڻو.
    فرزانه خاموش رهي، هن ڪجهه به نه ڳالهايو، بلڪه هن کي پاڻ تي غصو هو ته هن جذبات وچان نهايت ڪمزور ڳالهيون ڪيون،
    تنهنجي مضبوط ارادي ۽ آزادي جهڙي شاندار فڪر تي اسان سڀني کي فخر آهي.خديجه، فري ڏانهن نهاريندي چيو.
    تون ائين ئي هُج جيئن تون سوچين ٿي ۽ جيئن تون سمجهين ٿي، ان مان ئي ٻيا رستا نڪرندا، ڪاوڙ کي نفرت ۾ تبديل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي روح ۽ دل کي روشن ڪر، ڪمزور روح جو ڪو دليل ماڻهو ٻڌڻ نه چاهيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙي روح جي وس ۾ ئي نه هوندو آهي ته آزادي ۽ سرفروشي جهڙي انعام کي حاصل ڪري سگهي، قدرت جي ڪيترن رازن مان تون به هڪ راز آهين، جنهن جي دل انساني آزادي لاءِ ڌڙڪي ٿي، اهڙي دل جي تقاضا آهي ته انڌي تقليد جي بجاءِ جاودان زندگي جو آڌرڀاءُ ڪجي، مان ائين به چوان ٿي ته پيار انسان کي ٻاراڻي سطح واري دل ڏانهن کڻي وڃي ٿو، جيترو خدا پراسرار آهي پيار به اوڏو پراسرار آهي، هي ٻئي پنهنجو پاڻ حد کان لاحد طئي ڪن ٿا ۽ انوکا تجربا ڪندا رهن ٿا، توکي پيار ئي آزادي جي حقيقي معني سمجهائي سگهندو، اهو ئي هڪڙو رستو آهي جيڪو توکي انسانن لاءِ مٿاهون ٿي سوچڻ لاءِ اُتساهه ڏيندو.


    20

    جيڪي دوست ماڻڪ بند جي سفر ۾ پنهون سان گڏ هئا، انهن مان ميران بخش ٻڌايو ته گذريل هفتي هي ڪوئٽا جي آءَ جي سان مليا هئا، جنهن جي سموري گفتگو نصيحتن سان ڀريل هئي.
    “آءِ جي سان توهانجي ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي؟” خديجه، ميران بخش کان معلوم ڪيو .
    “ٻه ٽي ڪلاڪ جي جانچ پڙتال ۽ شناختي ڪارڊ جمع ڪرائڻ کانپوءِ آءِ جي جي آفيس جي سامهون وڃي بيٺاسين ۽ خاموشي سان انهن ماڻهن جي ڀر ۾ ويهي رهياسين جيڪي هن صاحب سان ملڻ لاءِ اڳ ئي اتي ويٺل هئا. ڪجهه ئي دير ۾ سيٽيون وڄڻ شروع ٿي ويون جيڪو اشارو هو ته آءِ جي اچي رهيو آهي،. آءِ جي، جي گاڏي دروازي تي پهچي وئي. سندس شخصيت ڏسڻ جهڙي هئي، گهريون وڏيون مڇون جيڪي وات مٿان ائين وريل هيون جو وات ڄڻ نظر ئي نه ٿي آيو. کاڏي وڌيل . ڏاڙهي شيو ٿيل. قد جو پورو پنو، جسم هيٺ ڦهليل جاڙا ۽ اڀا ڀرون، پنهنجي شان ڏيکارڻ لاءِ ٻانهون هڻندو اتان گذريو، جتي صبح کان وٺي ماڻهن جو ميڙ هو ڪن جا ته ميرا ڪپڙا ٻڌائي رهيا هئا ته هنن پنهنجو پاڻ ڏانهن شايد ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. هڪ وڏي عمر جو ماڻهو کيس ملڻ لاءِ هڪدم ڊوڙيو ، پر پوءِ گارڊکيس جهلي ورتو ته هر ڪو واري واري سان ملندو .گارڊ ائين چئي سڀني کي ويهڻ جو چيو. اسين ته پنهنجي جڳهه تي ويٺا رهياسين پر ڪيترا نوجوان ۽ پوڙها بيچيني سبب اٿيا ٿي وري ويٺا ٿي، هنن جو اکيون آءِ جي جي آفيس کان پري هٽيون ئي نه ٿي.
    آخرڪار اهو وقت به آيو جو اسان کي سڏ ٿيو، اسان ٽئي ڄڻا آفيس ۾ گهڙي وياسين ۽ هنجي سامهون وڃي بيٺاسين، پهرين ته هن اسانجو جائزو ورتو، هن اسان کي ويهڻ جو چيو، مون ويهڻ سان پنهون جو ذڪر ڪيو . مون کيس ٻڌايو ته اسين سندس يونيورسٽي جا دوست آهيون، اسين کيس واقعي جو تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيو .
    “واقعو پوليس کي رپورٽ ٿيل آهي؟”هن اسان کان پڇيو.
    “ها رپورٽ ٿيل آهي.” اسين وراڻيو
    هن چيو ته مان پرسنلي دلچسپي وٺي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو . توهان پوليس سان ڪانٽيڪٽ ۾ رهو.
    “پوليس ان معاملي ۾ اسانجي ڪابه مدد نه ٿي ڪري” مون کيس صورتحال ٻڌائڻ چاهي مون کيس چيو “منهنجو خيال آهي ته پنهون کي اغوا ڪيو ويو آهي. ڪهڙي مقصد لاءِ؟ انجي اسان کي ڪا خبر ناهي . پر هڪ اندازو آهي ته جي پئسي ڏوڪڙ جي لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي ته هن وقت تائين ته انهن جو رابطو ٿي وڃڻ گهرجي ها”
    “توهانجو شڪ ڪنهن تي آهي.” آءِ جي مون کان پڇيو.
    “اسين يقين سان ڪجهه به نه ٿا چئي سگهون، مون کيس ورندي ڏني پر ڪافي عرصي کان بلوچستان ۾ نوجوانن ۽ سياسي ورڪرن جو اوچتو گم ٿي وڃڻ ۽ پوءِ انهن جا لاش ملڻ مان بلوچن ۾ اهو تاثر عام آهي ته اهو ڪم ايجنسين جو آهي.”
    “تون ڪهڙي خيال کان ائين چوين ٿو” آءِ جي، جي چهري جو رنگ تبديل ٿي ويو.
    “تون ٻين جي خيالن کي منهنجي اڳيان پيش ڪرڻ آيو آهين” آءِ جي، منهن گنجهائيندي چيو،
    “ڪهڙن بيوقوفن سان تنهنجي دوستي آهي، توکي هي سبق ڪنهن ڏنو، تو ائين ڪيئن سوچيو ته اهو ڪم ايجنسين جو آهي” آءِ جي غصي وچان ڳاڙهو ٿيندو ويو، هنجي مڇن ۾ لِڪل وات مان لفظ تيزي سان نڪرندا ٿي ويا
    “هي ڳالهه سمجهي ڇڏ، ته مان اڪثر بلوچ نوجوانن تي افسوس ڪندو آهيان ته هو اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ پنهنجي پڙهائي تي توجهه ڏيڻ بجاءِ انقلاب ۽ آزادي جا طرفدار ٿي رهيا آهن، جنهن سان انهن جي حالت هر ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. اجائي خودداري ۽ اجايو فخر انهن جي اندر ڪيترن ئي خامين ۽ ڏوهن کي جنم ڏئي رهيو آهي، ان سان ته هي ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندا، پوءِ ان لاءِ ڇو نه سموري حياتي جدوجهد ڪندا رهن. ماڻهو ته ڪجهه به چوندا رهندا آهن.پر ڇا اهڙا ماڻهو رحم جي لائق آهن جيڪي ملڪ دشمن ڪارواين ۾ ملوث آهن. اسان کي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جو مفاد عزيز هئڻ گهرجي ۽ توهان به جذباتي ڇوڪرن جيان پنهنجو وقت اجاين ڳالهين ۾ وڃائڻ جي بدران پڙهائي ڏانهن توجهه ڏيو” آءِ جي نهايت تڪڙ مان اٿندي چيو،
    “مان ڏسان ٿو ته توهانجي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو” هي ائين چوندو ٻاهر نڪري ويو.
    آءِ جي، جي رويي ڪري اسان سڀني کي ان قدر مايوسي ٿي جو سمورا دوست پنهون کي ياد ڪري پنهنجون ٻانهون هڪ ٻئي جي ڳلن ۾ وجهي ڪيتري دير تائين هڪٻئي کي آٿتون ڏيندا رهيا.
    ميران بخش هڪ ٻيو ذڪر به ڪيو هن چيو ته هڪ هفتو اڳ اسين پنهون جي گهر آيا هئاسين ته گهر ۾ مون ڪجهه عجيب چهرن وارا ماڻهو ڏٺا، جن جي چهرن جون وصفون بلوچن مان نه ٿي لڳيون، مون جڏهن چاچا کان معلوم ڪيو ته هي ڪير آهن؟ ته چاچا چيو ڪنهن سرڪاري اداري جا ڪارندا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ به آيا هئا پنهون جي گمشدگي متعلق رپورٽ وٺڻ، مون ان دوران گهر جي اندران پنهون جي امڙ جي سڏڪن ۽ پوءِ روئڻ ۽ رڙين ڪرڻ جا آواز به ٻُڌا هو چئي رهي هئي. پنهون اڃان ڇو ناهي موٽيو، هو هڪ هفتي جي موڪل وٺي ويو هو، هو ڪٿي آهي، مان سڄو ڏينهن انجو انتظار ڪندي رهان ٿي. هو ڪٿي آهي؟ مونکي ڪجهه ٻڌايو ڇو نه ٿا؟
    ميران بخش جو آواز ڏک مان ڳرو ٿي ويو، هو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو، ماحول مٿان عجيب ڏک واري ڪيفيت ڇائنجي وئي،
    پنهون جي والد پنهنجي روئڻ کي روڪي ورتو هو. فرزانه جون اکيون لڙڪن ۾ ٻُڏي ويون هيون،
    سڀني جي دل ميران بخش جي ڳالهين تي بيقرار ٿي وئي.


    21

    سيشن ڪورٽ ڪوئٽا جي ڪاريڊورز ۾ ماڻهن جي زبردست رش آهي، عام ماڻهو ، وڪيل، ڀينر، ڀائر ۽ والدين سرڪار جي جوڙيل عدالتي سرشتي سان سهمت نه هجڻ جي باوجود ان ڏانهن رحم جي نظرن سان ڏسن ٿا، بظاهر ته هنن ڪورٽن اندر ويٺل ججن جا هٿ صاف سٿرا ۽ شڪ کان پاڪ آهن پر جيل جي اندر جي قيدين مان اڪثر ائين چوندا آهن ته ججن جي دل ۽ دماغ جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، هنن جا فيصلا انهن ماڻهن لاءِ زبردست معني رکن ٿا جيڪي ڏوه ڪرڻ کان اڳ بچاءُ جي طريقن جو انتظام ڪن ٿا، هي اهو پڪ ڪري ڏوه ڪن ٿا ته هنن گواهن ۽ شاهدن کي پوري ريت سمجهائي ۽ ڪنهن حد تائين ڪمزور ايف آءِ آر لکڻ جو پورو انتظام ڪري ورتو آهي، جڏهن ٻئي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي سماجي معاشي خوف ۾ مبتلا رهندي ڏوهه ڪن ٿا ۽ پنهنجي بچاءُ جو انتظام نه هجڻ ڪري هميشه ڦاسي تي لٽڪايا وڃن ٿا. سيشن ڪورٽ نمبر 4 جي دروازي وٽ پنهون جو والد منجهيو بيٺو آهي، هن جي پٽ جي حياتي جو سوال آهي، هي ان کان اڳ ڪڏهن به ائين مظلومن وانگي نظر نه آيو هو ، هن جي ڀر ۾ بيٺل فري جو چهرو رئي سان ڍڪيل هجڻ جي باوجود پرجوش ۽ توانو آهي. هن ڄڻ پنهنجي زندگي جي ابتدا هڪ ننڍڙي ويڙه سان ڪئي آهي. هن جي زندگي جو هي عجيب موڙ آهي. هن کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه هو ته هي پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ان طرح پنهنجي زندگي جي ابتدا ڪندي. وقت ۽ حالتون ڪنهن ماڻهو کي ڪهڙي وقت ۽ موقعي لاءِ تيار ڪن ٿيون ڪنهنکي ڪهڙي خبر، قدرت جا فيصلا به ڄڻ هڪ راز جيان آهن. هن جي دل ۾ سوين وسوسن، خوف ۽ ذلتن جو احساس پيدا ٿيڻ فطري آهي جو آخر هي به انسان آهي ۽ هڪ اهڙي معاشري جي عورت جنهن جي معاملي ۾ هر طرف کان اونده پکڙيل آهي ۽ آڇڻ لاءِ هر ماڻهو جي هٿن ۾ باهه آهي. هي ٻئي پيءُ ۽ ڌي ڪنهن امڪاني خطري کان خوفزده آهن پر هنن جي سوچڻ جو انداز بلڪل هڪٻئي کان مختلف آهي، پنهون جو والد ان ڪري مُنجهيو بيٺو هو ته هن جي خاندان لاءِ اڃان به ڪي ٻيون مصيبتون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ فري شايد ائين سوچيندي هجي ته هي ويڙهه بلوچستان جي آئيندي جي ويڙه آهي. جنهن لاءِ اڃان اڳتي ڪيترن ئي ٻين مصيبتن کي منهن ڏيئڻو پوندو .
    “سلام منهنجي ڀيڻ” توهان اچي ويون! فرزانه، خديجه ڏانهن نهاريندي چيو .
    توڪلي ۽ باران اڳتي وڌي پنهون جي والد کي سلام ڪيو. هنن جي اچڻ تي پنهون جي والد جي چهري تي سُرهاڻ پکڙجي وئي. توڪلي سان گڏ انساني حقن واري ڪميشن جا ٻه وڪيل به گڏ هئا. جن پنهون جي گمشدگي متعلق دليل به تيار ڪري ورتا هئا. پنهون جا دوست به ڪورٽ پهچي ويا هئا. حقيقت ۾ هڪ عجيب ماحول پيدا ٿي پيو هو، هنن پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي پياري دوست ، ڀاءُ ۽ پٽ جي بازيابي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهن، جيڪا هو پوري حياتي وڙهي سگهن ٿا.
    “تو هن وقت تائين جنهن صبر ۽ جرات سان حالتن کي ڀوڳيو آهي، ان لاءِ توکي شابس هجي” خديجه، فَري سان مخاطب ٿيندي چيو،
    هي ڪورٽ انجا سرڪاري وڪيل ۽ جج توکان تنهنجي ۽ پنهون بابت گهڻا کُهرا ۽ چِڙ ڏياريندڙ سوال ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ تون پاڻ کي قابو ۾ رکجان، جتي توکي سچ چوڻ جي ضرورت پوي ته نه گهٻرائجان، وڏي ڳالهه ته اسان کي هنن کان ڊڄڻ نه گهرجي.
    وڪيل، پنهون جي خاندان ۽ دوستن سميت ڪورٽ جي جج جي سامهو وڃي بيٺو. هن ڪيس ۾ پٽيشنر جيئن ته فرزانه هئي ان ڪري جج فرزانه سان ئي ڳالهائي رهيو هو. جج لڳ ڀڳ رٽائرڊ ٿيڻ جي عمر ۾ هو. هو جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ ٿڪل ٿي لڳو پر انجي باوجود هنجي گفتگو جو انداز حاڪماڻو هو. هن جي چهري جا گهنج ٻڌائي رهيا هئا ته هي ڪو ورلي کلندو مسڪرائيندو هوندو، هنجي اکين ۾ تيزي هئي ۽ ماڻهو کي ائين گهوري رهيو هو ڄڻ هو ڪا ڳالهه هن کان لڪائي رهيوآهي. ائين جيئن شڪي ماڻهو ڪندا آهن.هنجي سامهون ٻيا جيڪي ماڻهو ويٺا هئا ڄڻ پنهنجو ساه بند ڪري ويٺا هئا ۽ ڪمري ۾ وحشت جهڙي خاموشي ڦهليل هئي. رکي رکي ٻاهر قاصد جي رڙ سڀ کان ڇرڪ ڪڍرائي ٿي ڇڏيو .
    جج، سرڪاري وڪيل کان ڪجهه ضروري ڳالهيون پڇيون ۽ پوءِ اجازت ڏني ته پٽيشنر فرزانه کان سوال ڪري.
    “آخري ڀيرو تنهنجي، پنهنجي ڀاءُ سان ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي” سرڪاري وڪيل فرزانه کان سوال ڪيو.
    “هو پنهنجي اباڻي شهر ڪيچ وڃڻ تي خوش هو” فَري مختصر جواب ۾ چيو
    “منهنجو مطلب آهي ڪا ڳالهه ٻولهه، ڪنهن امڪاني خطري جو احساس، جنهن جو هن ذڪر ڪيو هجي” سرڪاري وڪيل پڇيو.
    “نه! اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي هئي.” فري وراڻيو.
    “هو وڙهڻ ۽ آزادي جي ڳالهه ڪندو هو، توکي اها خبر آهي” سرڪاري وڪيل
    “جيئن عام طور نوجوان چوندا آهن پر هو خالي هٿين ڪيئن ٿي وڙهي سگهيو، هي پنهنجي تعليم سان سنجيده هو، باقي شين تي هن جو ادراڪ سمجهڻ جي حد تائين هو” فَري وراڻيو.
    “هن جي تعليم ۾ ادب ۽ تاريخ جا موضوغ هئا” سرڪاري وڪيل سوال ڪيو،
    “باقي شاگردن جيان هي به اهي سبجيڪٽ پڙهندو هو” فَري جواب ڏنو
    “منهنجو مطلب آهي ته هي پاڪستان جي تاريخ تي چٿرون ڪندو هو ۽ ائين چوندو هو ته اها مسخشده ۽ بيمار آهي،”
    “ها! پر هي اها ڳالهه ڪتابن جا حوالا ڏئي ڪندو هو، جيڪي مارڪيٽ ۾ موجود آهن.” فَري.
    “هو توکان وڏو آهي” سرڪاري وڪيل.
    “مونکان ننڍو آهي”
    “تنهنجي ڪيتري تعليم آهي” سرڪاري وڪيل فَري کان معلوم ڪيو.
    “گريجوئيشن” فَري مختصر جواب ڏنو.
    “ڇا! تنهنجي گهر ۾ سياست تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي” سرڪاري وڪيل هاڻ پنهون جي والد کان سوال ڪيو.
    “ها ٿيندي آهي”
    “سياست ۾ ڪير وڌيڪ جذباتي هوندو آهي“ وڪيل، پنهون جي والد جي اکين ۾ ڏسندي چيو.
    پنهون جو والد اهڙي سوال لاءِ تيار نه هو ،هن ڪجهه دير جي خاموشي کانپوءِ چيو.
    “اڪثر شام جو اسين سمورا گهر ڀاتي گڏ ويهي مختلف واقعن ۽ گهريلو معاملن تي ڳالهائيندا آهيون، ان ۾ سياست جو به موضوع هوندو آهي، پر اهو ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي خيال کان نه پر ملڪ جي ڀلائي جي خيال کان هوندو آهي.”
    “ تو کي پنهون جي متعلق ڪي شڪايتون مليون ته هو يونيورسٽي ۾ شاگردن کي ملڪ خلاف ڀڙڪائي ٿو.”سرڪاري وڪيل
    “نه مونکي اهڙي ڪا شڪايت ڪانه ملي هئي“ پنهون جي والد جواب ڏنو.
    “تو وٽ يونيورسٽي جو ايڊوائيزر پنهون جي شڪايت کڻي آيو هو” سرڪاري وڪيل پڇيو.
    “ها! آيو هو،”
    “هن ايڊوائيزر کي سبق سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي هئي” سرڪاري وڪيل پڇيو
    “نه! پنهون ائين ڪري ئي نه ٿو سگهي” پنهون جي والد وراڻي ڏني.
    “توکي پنهون جي ڳالهين مان ڪڏهن بغاوت محسوس ٿي” سرڪاري وڪيل جو عجيب ۽ ڪجهه ذاتي قسم جو سوال هو، پر انجي باوجود پنهون جي والد ڳالهايو .
    “هڪ والد جي حيثيت ۾ منهنجي لاءِ اهو مشڪل آهي، پنهنجن ٻارن جو ڳالهيون ياد رکڻ، ڇاڪاڻ ته اسانجو هڪٻئي سان ڳالهائڻ روز جو معمول آهي، لفظن جي تڪ تور ڪرڻ سان ٻارن اندر ڪيتريون ئي نفسياتي بيماريون جنم وٺن ٿيون، ٻار کي آزادي سان ڳالهائڻ ڏجي ته جيئن زندگي جي قدرن، حقيقتن ۽ روين کي سمجهي سگهي، لفظن جي تڪرار ۾ پوڻ سان ٻارن جي اندر جي آزادي ۽ سچ ڳالهائڻ جي جرات مري وڃي ٿي. منهنجو ننڍڙو ڪاروبار آهي ان ناتي منهنجو روزانه ڪيترن ماڻهن سان واسطو رهي ٿو، جيڪي اڪثر پنهنجي اولاد متعلق عجيب ڌُڪار جو اظهار ڪندا رهنداآهن، انهن جي ننڍڙين ۽ معمولي ڳالهين کي وٺي ڪري انتهائي درجي جي بدگماني جو شڪار هونداآهن، پر مان سوچيندو آهيان ته ڇا سچ پچ هي جيڪي پنهنجن ٻارن جو شڪايتون ڪري رهيا آهن، اُهي سندن پنهنجي ذهني سطح ۽ بلاغت جي ڪمزوري جي ڪري ته ناهن، حقيقت ۾ اسانجا ٻار هن ڪائنات لاءِ نئين حياتي جيان آهي، هنن کي اسانجي اڳيان هجڻ گهرجي هڪ ليڊر ۽ رهنما جيان، هنن کي ئي سڀاڻي جي تعمير ڪرڻي آهي، ۽ اسانجي مڙهه کي ڪلهو ڏيڻو آهي،
    اوهان ٻارن کي خودداري ۽ هستي کان محروم ڇو ٿاڪرڻ چاهيو انهن کي باغي ڇو ٿا سمجهو؟
    هائو! هو بي پرواهي رکن ٿا ۽ خوددار به آهن، اهي جيڪڏهن غلط هنڌ، ماحو ل، فرسوده ظالم ۽ جابر نظام ۾ پيدا ٿيا آهن ته انهن جي سزا انهن کي ڇو ملڻ گهرجي؟ اها ئي ڳالهه آهي جيڪا اسانکي منجهائي ٿي ۽ پنهنجن ٻارن ڏانهن رقابت ۽ پيڙا جو سبب به آهي، اهي ساڳيا سوال نوجوانن جي بي ترتيب دماغ کي جيئن پوءِ تيئن آزارين ٿا، اسانجون دليون ۽ دماغ هنن لاءِ صاف ئي ڪونهن ته هي اسان کي ڪهڙي شي موٽائي ڏيندا، هنن جي اڳتي وڌڻ جا سمورا گس ته اسان بند ڪري رکيا آهن، هنن جي ٻالڪپڻ جون مستيون، آزاد فضائن ۾ اڏرڻ جو جنون، انهن جا هُل هنگاما ۽ ڌمچر اسانجي سهپ کان ٻاهر آهن ته پوءِ توهان درست آهيو ته اهڙا ٻار زنده رهڻ جي قابل ئي ناهن، انهن کي کڻو، گم ڪيو ۽ ماري اڇلائي اچو.
    مان هتي اها ڳالهه زور ڏئي چوان ٿو ته محبت ۽ عزت وارا رشتا ڪا عمر ۽ ڪا حد ناهن ڏسندا، ان کانسواءِ سمورا رشتا خود به خود مري وڃن ٿا، اسان کي پنهنجن ٻارن جي سيني تي ڇُري وهائڻ جي بجاءِ انهن جي اندر جي خوابن جي پوئيواري ڪرڻ گهرجي، انهن کي ائين رهڻ ڏجي جيئن حقيقت ۾ هو آهن، انهن جي سچ ڳالهائڻ ۽ نج خالص جذبن ۽ خيالن جو احترام ڪرڻ گهرجي، پر اسين ائين سمجون ٿا ته اسانجا ٻار رياست ۽ اسان وڏڙن جي فرسوده ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. هاڻي مان پنهون جي ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس، ڇاڪاڻ ته توهان اهو سوال ڪري ڄڻ مون ۾ اها ڳالهه ڪرڻ جي جرات پيدا ڪئي آهي ته اڄ جو نوجوان ڪيئن سوچي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي شعوري بلاغت جي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي، ائين نه ٿي سگهيو ته سڀ ڪجهه تباه ٿي ويندو.
    پنهون جون ڳالهيون عام رواجي ماڻهن جهڙيون نه هيون، اها ڪيفيت خوف يا خوشي جي آهي مان بيان ڪري نه ٿو سگهان. توهان جيئن ته انصاف ڪندڙ آهيو، توهان ئي ان جو درست اندازو ڪري سگهو ٿا. مثلن، مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ته پنهون پاڻ کي ڪنهن ڳالهه لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. هن جي تياري جو انداز ائين هو ته هو گهڻو پڙهندو هو ۽ پوءِ پنهنجن دوستن ۽ ڀائرن سان بحث ڪندو هو، هو بيشڪ آزادي جي ڳالهه ڪندو هو، پر ان وٽ پنهنجن ماڻهن جي خوشحالي جا خواب به هئا، هو پنهنجن ڳالهين ۾ عمر کان وڏو لڳندو هو ، هن وٽ زندگي کي جيئڻ جو فن هو ۽ هر ماڻهو ملڻ کانپوءِ هن کي پنهنجو رهبر سمجهندو هو، بلڪه هن جي صحبت کي پاڻ لاءِ برڪت سمجهندو هو، دوستن وٽ هن لاءِ بي حد عزت ۽ احترام هو، هي جيڪي هن جا دوست اوهان آڏو بيٺا آهن ۽ هميشه پنهون سان گڏ رهيا آهن، ٻڌائي سگهن ٿا ته هو ڪيترو نه ڀروسي لائق دوست آهي، هو پنهنجي امڙ جو لاڏلو پُٽ آهي، هن جي امڙ هتي موجود ناهي ان ڪري شايد توهان کي انجي لازوال پيار جو سهي اندازو نه ٿي سگهي، مون ڪيئي ڀيرا پنهون کي روڪيو ته تون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، پر هنجو جواب مونکي روحاني طور قائل ڪري ڇڏيندو هو، هو انتهائي سادي نموني چوندو هو ته منهنجي عمر فقط 20 سال آهي وڌ ۾ وڌ 50 سال ٻيا زنده رهڻ لاءِ ملندا، مان ان مختصر حياتي جو فڪر ڪرڻ بجاءِ هميشه رهندڙ زندگي جو فڪر ڪيان.
    مان کاونس پڇندو هئس ته اها هميشه رهندڙ واري زندگي ڪهڙي آهي؟ ته چوندو هو . بلوچستان جي ماڻهن جي آزادي. خوشحالي ۽ برابري.
    هي ڳالهيون ته فخر جي لائق آهن، پر مون لاءِ خوف پيدا ڪندڙ، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي سزا موت آهي، اسين سڀ پنهون سان بيحد پيار ڪندا آهيون، ان ڪارڻ ئي هن جي خيالن جي شفتگي جي باوجود مون کي هڪ والد هئڻ جي ناتي هميشه خوف رهندو هو.
    پنهون جي والد پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي، ڪمري اندر چوڌاري ماٺ ٿي وئي،ٻُڌڻ وارن جون نظرون مٿس کتل هيون، هن سادگي سان ۽ پوري اعتماد سان ڳالهايو، هن ٻارن متعلق جيڪي ڳالهيون ڪيون سي ٻڌڻ ۾ سچيون ٿي لڳيون، خاص طور پنهون جي اها ڳالهه جيڪا هن کي پنهنجي ديس جي نوجوانن کان مٿاهون رکي ٿي، ان ڳالهه نوجوانن ۾ اتساه پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ اها ئي ڳالهه بنيادي هئي.
    “ پنهون جا دوست ڪهڙا آهن؟” سرڪاري وڪيل نوجوانن ڏانهن منهن ڪندي پڇيو.
    “اسين آهيون” ميران بخش ۽ دوستن هڪ ئي وقت چيو.
    “توهان کي ياد آهي ته پنهون ڪهڙي وقت غائب ٿيو” سرڪاري وڪيل پڇيو
    “اهو شام جو وقت هو” ميران بخش وراڻيو. هن کي پنهنجي استعمال جي ڪجهه شين جي ضرورت هئي، اسان مان هر ڪو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو نڪري ويندو هو ، ان شام به هي ائين چئي ٻاهر ويو ته هو ڪجهه ئي گهڙين ۾ واپس اچي ٿو، ڪافي دير تائين انتظار ڪرڻ کانپوءِ به هو نه موٽيو ته اسين سڀ پريشان ٿي وياسين ۽ هن جي تلاش ڪرڻ لاءِ سڀ نڪري پياسين، شهر جي هر دڪان واري کان معلوم ڪيو، اوسي پاسي جي گهرن کان پڇيو، پهاڙن ۾ تلاش ڪيو، پر پنهون جي ڪا خبر نه ملي.
    “هو پنهنجي ليکي اڪيلي سر ڪيڏانهن ٿي وڃي سگهيو، توهانجو ڪهڙو اندازو آهي” سرڪاري وڪيل پڇيو.
    پهرين ته اسان سمجهيو، پنهون، پهاڙن جي هن پار جي چشمن ڏانهن خود ئي اڪيلو هليو ويو هوندو، جنهن جو ذڪر ان ڏينهن ٿيو هو ، جيڪي ماڻڪ بند کان ٽي چار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهن، اسان اتي به وياسين پر پنهون نظرنه آيو، هنجو موبائل به بند هو، اسين اها پوري رات پنهون جي اوسيئڙي ۾ گذاري، صبح تائين ان جي ڪابه خبر نه هئي، بلوچستان جا ننڍڙا شهر ۽ ان کان به ننڍا انهن جا ڳوٺ آهن، هتي موبائل نيٽ ورڪ به ٺيڪ ڪم نه ٿا ڪن ان ڪري ماڻهو پنهنجي سفر لاءِ پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي آگاه ڪري نڪرن ٿا، ائين ممڪن ئي ڪونهي ته پنهون بغير ڪنهن اطلاع جي نڪري وڃي، جي نڪري به ويو هجي ها ته شهر ايڏا وڏا ڪونهن جو ڪنهن ماڻهو کي هٿ ڪري نه سگهجي، اسان لاءِ هاڻ هي ڳالهه سڌي ٿي بيٺي ته پنهون گم نه بلڪه اغوا ٿيو آهي ۽ اهو به اهڙي عجيب انداز ۾ جو ڪا خبر ئي نه پوي، ائين کڻي چئجي ته اها حقيقت ان ڳالهه کان الڳ نه ٿي ڪري سگهجي ته پنهون انهن مسنگ پرسنس مان هڪ آهي، جن کي ملڪ جون ايجنسيون بنان ڪنهن اطلاع جي کڻي وڃن ٿيون،
    “اهڙن معاملن ۾ عام طور حد کان وڌيڪ بغض ۽ ملڪي سلامتي جي ادارن کان نفرت جي ڪري، ائين سمجهيو ويندو آهي، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته پنهون کي رقم لاءِ اغوا ڪيو ويو هجي” سرڪاري وڪيل ميران بخش کي چيو.
    “هن وقت تائين اهڙو ڪو به نياپو ناهي مليو” ميران بخش بردباري مان وراڻيو.
    “تنهن هوندي به مان اهو چوڻ چاهيندس ته، جيڪڏهن منهنجي شڪ ۽ گمان جو بنياد بغض تي آهي يا ملڪي سلامتي جي ادارن ڏانهن نفرت جو شڪار ٿي ويو آهيان ته اهو بلڪل سڀاويڪ ۽ حقيقت تي مبني آهي” ميران بخش جوش مان ڳالهائيندو ويو.
    “ڇوڪرا تو کان جو پڇيو وڃي اهو ٻڌاءِ ، هي ڪورٽ آهي جلسه گاهه ڪانهي، سوالن جا جواب سنوان سڌا ڏي، غير ضروري ڳالهين کان پاسو ڪر” جج سخت چتاءُ ڏيندي ميران بخش کي چيو.
    “سائين مان ان لاءِ معافي چاهيان ٿو” ميران بخش وراڻيو، مان جڏهن هيڏانهن اچي رهيو هوس ته اڳواٽ منهنجي ذهن ۾ هتي بيهي ڳالهائڻ جو ڪو تجربو نه هو ۽ نه وري ڪو اهڙو اندازو ته توهانجي اڳيان ڪيئن ڳالهائجي ۽ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي، مان خوش گفتار جي هام نه ٿو هڻان پر مان سرڪاري وڪيل آڏو پنهنجو اهو خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته بلوچستان ۾ ڇا پيو وهي واپري.
    هتي سوال اهو ٿو اٿي ته پنهون کان اڳ جيڪي نوجوان گم ٿيا انهن جو هن سرڪاري وڪيل وٽ ڪو تفصيل آهي؟ ميران بخش ڳالهائيندو ويو.
    اسان کي ته پوءِ خبر پوي ٿي ته انهن جو لاش ڦاٽڪ جي ڪنهن ڪنڊ اڇليو ويو آهي، اها خوني راند آهي جيڪا اسان نوجوانن سان کيڏي وڃي ٿي، پر ان لاءِ اسين توهان کان پڇنداسين ته پنهون سميت انهن نوجوانن جي گم ٿيڻ جو ذميوار آخر ڪير آهي؟
    پوري ملڪ جا محروم ماڻهو ائين چون ٿا ته، رياست انجي ذميوار آهي. توهان ان الزام کان ڪيئن بچي سگهندا؟ توهان عوام جي نفرت ڀريل ۽ سواليه اکين کان پاڻ کي ڪيئن بچائي سگهندا، اها عجب جهڙي ڳالهه ناهي ته رياست ظاهري طرح ملڪ جي عوام ڏانهن همدردي رکي ٿي ۽ وري اندروني طرح پنهنجي بزدلي جو مظاهرو ڪندي ذليل قسم جي انتقام، لاپرواهي ۽ بي هوده استحصال جو مظاهرو به ڪري ٿي . بلوچستان جي عوام سان همدردي جو راڳ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ، پر ساڳي وقت رياست نوجوانن مٿان ملڪ دشمني وارن الزامن کي هوا ڏئي سندن خون به ڪري ٿي،
    “تنهنجو انهن ڳالهين مان ڪهڙو مطلب ؟ تو کي ته پنهنجي پڙهائي ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي، هاڻ تون مونکي هن آخري سوال جو جواب ڏي، هي جيڪي تو ڳالهيون هن وقت ڪيون اُهي تو ڪٿان سَکيون؟” سرڪاري وڪيل جو سوال غير ضروري هجڻ ڪري هُن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.
    “مان انهن گهڙين کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهان” ميران بخش تفصيل سان جواب ڏيڻ لڳو، جڏهن مان پنهنجي ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پهتس ته مون وٽ داخلا فيس جيترا به پئسا ڪو نه هئا، منهنجو بابا سدائين مغرور سردار جو قرضي رهيو، هنجو ڪلهو ڪم ڪري ڪري هيٺاهين طرف جهڪي ويو هو.مون پڙهڻ چاهيو ٿي، مان ايڊوائيزر جي آفيس اندر گهڙي ويس، آفيس اندر پنهون به موجود هو، مون ايڊوائيزر سان فيس معاف ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ نهايت صاف گوئي سان پنهنجي غربت جو ذڪر ڪيو، ان حقيقت کي ٻڌائڻ ۾ مونکي پنهنجي اندر ندامت ٿيڻ لڳي پر مون وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ته مان جيئن آهيان ائين ئي پنهنجي تشريح ڪريان، اهو سچ به هو، اڃان مان ڳالهائي رهيو هوس ته ايڊوائيزر جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، هن ڪريل لفظن جو استعمال ڪندي منهنجي بيعزتي ڪرڻ شروع ڪئي، هن ايترو ته ڏاڍيان ٿي ڳالهايو، جو ٻاهر تائين آواز ٿي ويو، هن کي في معاف نه ڪرڻ جو حق هو پر هن کي اهو حق نه هو ته منهنجي بيعزتي ڪري، هنجو رويو حقارت آميز هو، انسان جي عزت نهايت قيمتي آهي، هن انجي پرواه نه ڪئي، هي جنهن فرض نڀائڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿو، ان کي معصوم شاگردن سان اهڙو رويو روا رکڻ سونهين ٿو؟ اسان مان اوهان پوءِ ڪهڙي توقع رکو ٿا؟ ميران بخش پنهنجو بيان اڃان پورو نه ڪيو هو ته سرڪاري وڪيل هن کي ويهڻ لاءِ چيو، هن دانهن ڪئي ۽ ڀريل آواز ۾ چيو ،
    “هي ڪهاڻي اڃان پوري ناهي ٿي”
    ان کانپوءِ ڇا ٿيو اهو ڌيان ڏئي ٻڌڻ جهڙو آهي، ميران بخش جج جي اجازت کانسواءِ ڳالهائن شروع ڪيو، مان مستقبل جي خوابن کي ترڪ ڪري ، نهايت ڳرا قدم کڻندو واپس وڃي رهيو هوس ته پنهون منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، مون پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو، هن کي سفيد شلوار قميص پيل هئي، ڪلهي تي هينڊ بيگ لڙڪيل هئس، هنجي اکين جي روشني مونکان ڪڏهن به نه ٿي وسري سگهي، هنجي چهري مان ذهانت ۽ سهڻو سڀاءُ عيان هو. هن پنهنجو تعارف پنهون جي نالي سان ڪرايو ۽ منهنجي هٿ تي پئسا رکي چيائين، داخلا لاءِ هي رقم وٺ، مان سڀاڻي پنهنجي داخلا ڪرائيندس، هن پنهنجا پئسا مونکي ڏئي ڇڏيا، جيڪي هن پنهنجي داخلا واسطي آندا هئا، مان هن جي عزت ۽ احترام ۾ ڪهڙي ريت هن آڏو جهڪي ويو هوس مان بيان نه ٿو ڪري سگهان، هي اهڙي حقيقت آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي نه ٿو ٿي سگهي، هن منهنجي زندگي جا رستا روشن ڪري ڇڏيا، پنهون نه هجي ها ته منهنجو ڪو وجود نه هجي ها، هن پوءِ هڪ ڏاهي استاد جيان، منهنجي رهنمائي ڪئي.
    اڄ به اهو بدبخت ۽ بزدل ايڊوائيزر اتي ئي موجود آهي ۽ پنهون گم ڪيو ويو آهي، ميران بخش پنهنجي ڪهاڻي ختم ڪئي، آڏي پُڇا وڌيڪ نه هلي، ميران بخش بي جان جسم سان ويهي رهيو.
    جج، پنهون جي وڪيل کي دليل ڏيڻ لاءِ سڏيو،
    سڀ پنهنجن پنهنجن جاين تي سڌا ٿي ويٺا، هنجي نالي جي ته ڪنهن کي به صحيح خبر ناهي پر هي وڪيل کيتران جي نالي سان مشهور آهي، جيتوڻيڪ هن جو وڪالت جي پيشي ۾ ڪو گهڻو تجربو نه هو، پر جڏهن هو دليل ڏيڻ بيهندو هو ته ٻڌڻ وارن جون نظرون منجهس کُتل هونديون هيون، هي ڳالهه کي ڊيگهه ڏيڻ جي بجاءِ سادگي سان ۽ پوري اعتماد سان جملن جي چونڊ ڪندو، پنهنجن دليلن کي پختو ۽ ويساه جوڳو بنائيندو ويندو هو، هر ڪو ان احساس ۾ گهيرجي ويندو هو ته هن جا دليل هڪ معصوم انسان جي جان بچائي وٺندا، هي عام طور تي انساني حقن متعلق اهڙن قيدين جي بچاءُ ۾ پيش ٿيندو آهي، جن کي رياستي جاسوسي ادارا ڪنهن به ثابتي ۽ ثبوت کانسواءِ اوچتو گم ڪري ڇڏيندا آهن. هي انهن جي مدد ڪندو ۽ مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪندو رهندو آهي، ان ڪري هن کي اهڙن ڪيسن جي پوري ڄاڻ هوندي آهي ته اُهي ماڻهو ڪيئن گم ٿين ٿا ۽ انهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙن دليلن جي ضرورت پوي ٿي،
    پنهون جي ڪيس جي معاملي ۾ به هن سڌو ڳالهه جو ڳاٽو جهليو.
    هن پهرين ته ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته جڏهن ڪيس جي وارتا اخبارن جي پهرين صفحي تي ڇپي ، تنهن ۾ ڪجهه اهڙو ڏٺم جنهن مونکي تيار ڪيو ته هن ڪيس جي به مان پاڻ پيروي ڪيان، مونکي پڪ هئي يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙو احساس ضرور هو ته هن ڪيس ۾ هڪ نوجوان کي عجيب مونجهاري ۾ وجهي کاونس زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته هو ماڻهن جي تڪليف جي وقت ۾ انهن سان گڏ بيهندوهو. مون ان کي نه ڪڏهن ڏٺو نه هن سان ڪڏهن مليس، پر هن متعلق هنجي فيملي ۽ دوستن جيڪي ڳالهيون هتي ڪيون آهن، ان کانپوءِ مون لاءِ اهو اندازو ڪرڻ آسان آهي ته پنهون بلوچستان جي ماڻهن کي ڪنهن ڀوائتي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو هو، هو فطري طور تي بهادر ۽ پنهنجن دوستن، ماڻهن ۽ زمين سان پيار ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ جيڪو حد کان وڌيڪ چاه مون هتي ان لاءِ ڏٺو، ان کانپوءِ اسان سڀ کي اها حقيقت قبول ڪرڻ گهرجي ته پنهون جيڪو هنن جي دل اندر دڙڪي ٿو ان کي جي هنن کان الڳ ڪيو ويو ته انجا تمام ڀوائتا نتيجا نڪرندا ۽ هڪ ئي وقت ڪيترا پنهون پنهنجو وير وٺڻ لاءِ بلوچستان جي پهاڙن ۽ گهٽين مان نڪري پوندا. شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران مون آڏو اها حقيقت کُلي نروار ٿي بيٺي ته پنهون انهن مسنگ پرسنس مان هڪ آهي جن کي رياستي ادارا بنا ڪنهن ڏوهه جي کڻي گم ڪري ڇڏين ٿا.
    “هي ڳالهه پاڻ وڌيڪ عجب ۾ وجهڻ جي آهي ته رياست جا محافظ ادارا هن ڪيس جي معاملي ۾ جنهن بيحسي ۽ لاتعلقي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ان مان اهو اندازو ڪرڻ ڪافي آهي ته انهن ادارن ئي اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. پنهون جي وڪيل اها ڳالهه مڪمل ذميواري سان چئي.
    “واقعي به اهو انتهائي اهم سوال آهي؟” وڪيل کيتران دليلن جي ابتدا ڪندي چيو. جنهن جي تهه تائين وڃڻ جي ضرورت آهي ته بلوچستان اندرڪم ڪندڙ ايجنسين کي اهڙي قسم جي ذميواري ڪنهن ڏني آهي؟ يا ائين ته ناهي انهن جي ذهني حالت ۽ رويي جو اهو اظهار آهي جيڪا هي گذريل ڪيترن سالن کان هن ملڪ جي مظلوم قومن خلاف ڪندا اچن ٿا؟
    ٻه مهينا اڳ سبي جي ريلوي ڦاٽڪ جي ڪناري جنهن بلوچ نوجوان جو لاش مليو هو، توهانکي ياد آهي ته ان ڪيس جي پيروي به مون ٿي ڪئي، نوجوان جو ڪو ڏوهاري رڪارڊ نه هجڻ جي باوجود هن کي پنهنجي گهر مان کنيو ويو، پنجگور جا ماڻهو هاڻ به ان کي ياد ڪندي ائين چون ٿا ته اسانجن پُٽن کي بي ڏوهي ماريو پيو وڃي، پر جي هنن سچ پچ ڪو ڏوهه ڪيو به آهي ته عدالتون ۽ ڪورٽون ڪهڙي ڪم جون آهن؟ ڪنهن معصوم شهري کي ڪوبه ڏوهه ثابت ڪرڻ کانسواءِ خون ڪرڻ کي فاشزم نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟
    هنن اڄ تائين جن بي ڏوهي نوجوانن کي کنيو آهي، تن جي سڃاڻپ هڪ نارمل ۽ سدائين پُر اميد زندگي گذاريندڙن نوجوانن جيان رهي آهي، هي ڏوهاري ڪڏهن رهيا ئي ناهن ته ايجنسيز انهن جي ڏوهه کي ڪيئن ٿيون ثابت ڪري سگهن؟ لهذه پنهنجي وحشت جو اظهار ڪرڻ لاءِ هي نوجوانن جو خون ماورائي عدالت ڪن ٿا، مونکي ياد آهي ان نوجوان جي کيسي مان سهڻن اکرن سان اردو ۾ لکيل هڪ خط به مليو هو ، جنهن کي جيڪڏهن منظر عام تي آندو وڃي ته رياست جو بلوچن ڏانهن نفرت جو اندازو به آساني سان لڳائي سگهجي ٿو.
    مان اهڙن ڪيترن ئي ڏکوئيندڙ واقعن کي هتي دهرائيندس ته توهان ثبوت آڻڻ جي ڳالهه ڪندا، بلڪ توهان اڳواٽ ئي طئي ڪري ڇڏيو آهي ته مقدس رياست خلاف ڳالهائڻ جو ڪنهن کي ڪو حق ڪونهي ته پوءِ اهو سڀ واجب آهي جيڪو ملڪ جا دفاعي ادارا هتان جي نوجوانن سان ڪري رهيا آهن، پر هڪ عام انسان ائين سمجهي ٿو ته انصاف ڏيڻ جي سموري ذميواري توهانجي ئي آهي، توهان کي به ان ڳالهه جي پوري ڄاڻ هوندي ته اهڙن واقعن پويان ڪي به ثبوت ناهن هوندا جو عدالت کي پيش ڪري سگهجن، پر جيڪڏهن واقعي به عدالت تر جيترو به انصاف ڪرڻ چاهي ٿي ته پنهون جي گم ٿيڻ جا نشان به ان طرف وڃن ٿا جتان پنجگور جي نوجوان کي کنيو ويو ۽ انجو لاش سبي جي اسٽيشن تان مليو.
    توهان چوندا ته ماڻهو پئسي ڏوڪڙ ۽ ذاتي دشمني ۾ به اغوا ٿين ٿا، تڏهن پوءِ اوچتو انهن نوجوانن جي لاشن ملڻ بعد توهان ڪهڙو انصاف ڪري سگهندا؟ توهان ته اڳواٽ ئي طئي ڪري ڇڏيو آهي، انصاف جي تقاضا آهي ته انهن بدنصيبن جا لاش ملڻ کان اڳ انهن جي عزت سان بازيابي جو انتطام ڪجي، اسين سڀ هن گهڙي رڳو هڪڙي ڳالهه سوچي رهيا آهيون ته اهي ماڻهو آخر ڪير آهن؟ جيڪي نوجوانن کي کڻي گم ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جا لاش اڇلائي چون ٿا جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو. پنهون جي وڪيل دليل کي اڳتي وڌائيندي چيو،
    توهانکي ائين نه ٿو لڳي ته تاريخ لکندڙ جڏهن انهن واقعن جو اڀياس ڪرڻ لڳندا ته توهان متعلق ڪهڙي راءِ قائم ڪندا، پنهون جي وڪيل سامهون ويٺل جج ڏانهن نهاريندي چيو. ڇو ته اهو اڀياس ئي اڳتي هلي طئي ڪندو ته هي موجوده عدالتون ۽ جج صاحبان، ماڻهن جي بنيادي حق انصاف لاءِ ڪنهن قدر سنجيده هئا.
    هن وقت تائين ته عدليه اهڙن واقعن جو سراغ لڳائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، پنهون جي وڪيل جي هن دليل ويٺل ماڻهن ۾ هلچل مچائي ڇڏي ، هو هوريان هڪٻئي سان ڳالهائڻ لڳا، ته جج سڀني کي خاموش رهڻ جو دڙڪو ڏنو ۽ پنهون جي وڪيل ڏانهن نهاريندي چيو،
    “ڇا مطلب آهي تنهنجو؟ تون پنهنجي هوش ۾ ته آهين! تون وڪيل آهين، پنهنجن جذبات کي قابو ۾ رک، اها ڳالهه ڪنٽيمپٽ آف ڪورٽ جي دائري ۾ ٿي اچي” جج تلخ لهجي ۾ پنهون جي وڪيل کي چيو.
    “مان اڪيلو ئي ناهيان ۽ نه ئي مان ڪنهن اياڻپ کان ڪم وٺي رهيو آهيان، اها ڳالهه هاڻ عام ٿيندي پئي وڃي ۽ هر ٻيو ماڻهو ائين چوي ٿو ته موجوده عدليه کي ثبوتن جو انتظار ڪرڻ بجاءِ انهن ڀوتن کي ڳولي هٿ ڪرڻ گهرجي جيڪي اسانجي نوجوانن سان خطرناڪ راند کيڏي رهيا آهن” وڪيل کيتران جو جواب وڌيڪ تلخ ٿيندو ويو، وقت اچي ويو آهي ته تاريخ مان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪريون يا گهٽ ۾ گهٽ ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهون جي وڪيل پنهنجي تقرير ختم ڪئي.
    جج رومال سان پنهنجي پيشاني اگهي.
    پندرنهن ڏينهن کانپوءِ جي تاريخ ڏئي، جج چيمبر ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو.


    22

    هي ته بيحد تعصباڻو رويو هو، خديجه ڪورٽ جي پوري ڪاروائي تي تبصرو ڪندي چيو.
    “مان چوان ٿو ته ڪورٽن جي ڪا اهميت هجي ها ته نوجوان ائين گم ڇو ٿين ۽ ڇو بي وجھه ماريا وڃن” ميران بخش دوستن ڏانهن ڏسندي چيو.
    فَري، جو شروع کان اهو خيال هو ته ڪورٽ ان معاملي ۾ ڪا به مدد نه ڪندي، هي توڪلي سان ڳالهائيندي چوندي پئي وئي ته هي سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪ ٻئي جي مفادن جا محافظ آهن، هي پراڻا پاپي چاهن ته ملڪ جي سڀني پنهون جهڙن نوجوانن کي هڪ ئي ڏينهن گوليون هڻي مارڻ جو اعلان ڪن، فري جي دل پنهنجي ڀاءُ جي غم ۾ ٻڏل آهي ۽ هن کي رکي رکي اهو خيال خوفزده ڪري رهيو هو ته ڇا هو هاڻ ڪڏهن به پنهنجي ڀاءُ سان نه ملي سگهندي.
    پنهون جا دوست جيئن پوءِ تيئن پنهنجي روح کان بيچين ٿيندا پئي ويا، هنن ائين ٿي سمجهيو ته ڪورٽ پنهون جي زندگي کي بچائي وٺندي پر هن ته اهڙو ڪجهه به نه ڪيو، پنهون ڪيئن موٽي؟ ان سوال جو هنن وٽ ڪو جواب نه هو، هنن جون اکيون پنهنجي دوست کي ڏسڻ چاهن ٿيون پر هو ڪٿي آهي؟ انهي غم هنن کي جنجهوڙي ڇڏيو هو.
    توڪلي، خديجه، ڄام دُرڪ ۽ رتنا جيتوڻيڪ پنهنجي مضبوط ارادي سان پنهون جي والد کي دلجاءِ ڏيندا چوندا ٿي آيا ته ڪورٽ مان ڪجهه به نه ملڻ جي باوجود اسين هر حاضري تي پيش ٿينداسين ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن به صورت ۾ ڪيس جي هيئرنگ ٿيندي رهي. فَري کي فقط ان ڳالهه تي اطمينان هو ته پنهون جي لاءِ جدا جدا هنڌن کان دوست پهتل هئا. جيڪي پنهون جي بازيابي جي جدوجهد ۾ شامل هئا.
    پريس به هن ڪيس کي گهڻو کنيو ۽ پوري سنجيدگي سان رپورٽنگ ڪئي، هن کي حيراني ٿي ته ڪيترن ماڻهن عدالت جي احاطي ۾ پيرين ڀر بيهي ڪيس جي ڪاروائي ٻُڌي ۽ پنهون جي وڪيل کي شابس ڏيندا رهيا، اهو دراصل پنهون سان يڪجهتي ۽ محبت جو اظهار هو.
    هن ان ڳالهه کي چڱي ريت محسوس ڪيو ته دنيا ۾ ڪجهه رشتا دل ۽ دماغ سان جُڙن ٿا، اهي ئي خيال فَري کي پنهنجي اندر جي ڪمزوري دور ڪرڻ ۾ مدد رهيا هئا ۽ ان ۾ غير معمولي جوش ۽ تازگي پيدا ڪري رهيا هئا، هن کي پنهون جي عظمت تي فخر ٿيڻ لڳو، ۽ جنهن طرح دوستن ۽ وڪيل کيتران پنهون کي لفظن جي ڀيٽا ڏني واقعي به شاندار هئا، هن کي خديجه ۽ ساٿين تي به فخر ٿيڻ لڳو، ۽ خديجه جي دليل کي درست سمجهڻ لڳي ته هٿين خالي ويڙهه کي به پنهنجي طاقت ٿئي ٿي، رياست نوجوانن کي ته روڪي گم ڪري سگهي ٿي پر خيالن جي طوفان کي ته روڪي نه ٿي سگهي، هن ڪيترن موقعن تي پاڻ لاءِ سرڪاري وڪيل جو بيحد ڪڙو رويو محسوس ڪيو، پرهن پنهنجي اندر ۾ ائين به طئي ڪيو ته هي وڙهندي، نه ته هي ظالم رياست ۽ انجا نام نهاد ادارا ڪنهن معصوم انسان کي ملڪ جي دفاع جي نالي تي ڪڏهن به ڪٿي به خون ڪندا رهندا.


    23

    “پنهون جي متعلق ڪجهه ٻڌاءِ،” خديجه، فري ڏانهن نهاريندي چيو.
    “هي ڳالهه ان کان ٻه ڏينهن اڳ جي آهي جڏهن پنهون پنهنجن دوستن سان هڪ هفتي جي لاءِ ماڻڪ بند ۽ پوءِ ڪيچ وڃڻوهو، مان هن جي اتساه ۽ جوش کي ڏسي سگهيس ٿي، هو مونکي آپي ڪري سڏيندو هو،” فَري اتساه مان ڳالهائڻ لڳي.
    ان ڏينهن هن مونکي چيو، “آپي، مون ان کي صاف چئي ڏنو ته هن جي لاءِ پنهنجن خيالن کي بدلاءِ”
    “ڪنهن جي لاءِ” مون پڇيو.
    “ان پوڙهي لاءِ جيڪو انجو پيءُ آهي” پنهون وراڻيو.
    “ڪنهنجو پيءُ” مون پڇيو.
    “ ياسين بلوچ جو، هو جيڪو اسانجي پاڙي ۾ ٻه ڳليون ڇڏي پراڻي گهر ۾ رهي ٿو، هن جو والد ڊيره بگٽي ۾ ٿو رهي ۽ پاڻ هتي يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿو ،اسين ڪاليج جا دوست آهيون،اها ڳالهه هن مونکي تڏهن چئي جڏهن هن فيصلو ڪري ورتو هو، پر پوءِ به هن مونکان راءِ گهري”
    پنهون اتساه مان وراڻيو.
    پنهون پوءِ مونکي ياسين جي باري ۾ پوري ڪهاڻي ٻڌائي فَري ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي.
    “ياسين جو والد هڪ نيڪ دل انسان آهي، پر پراڻن خيالن جو آهي، جيئن عام طور قبائلي بلوچ هوندا آهن، روايتي ۽ ضدي.
    گذريل سال ياسين جي ڀيڻ ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي ته هن جي والد ان کي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ بجاءِ تعويذ ڪرائيندو رهيو، ڇوڪري ٺيڪ ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ ڪمزور ٿيندي وئي،
    ياسين ان ڳالهه جو ذڪر پنهون سان ڪيو. ياسين چيو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود اهڙين موقعن تي دنبو يا ڪو جانور وڪڻي به علاج يا دوا درمل جو انتظام ڪندا آهيون. پر بابا ائين نه ڪيو . بلوچ سماج ۾ شايد عورت جي نسبت جانور جي اهميت وڌيڪ آهي. پنهون کي ياسين ٻڌايو ته ڪيترن موقعن تي هن اهو محسوس ڪيو آهي ته اسين هن زمين تي هڪجهڙا ناهيون ۽ نه وري زمين تي رهندڙ ماڻهن سان انصاف ڪري سگهون ٿا. هي نهايت ئي عجيب آهي ته عورت کي اسين هيٺاهين درجي جي به اهميت ڪونه ٿا ڏيون پوءِ کڻي اهو اولاد جو رشتو هجي. هن چيو ته جانور جي بيمار ٿيڻ تي ته بابا کي مون پريشان ٿيندي ڏٺو پر سندس نياڻي بيمار آهي ان لاءِ مون کيس گهڻو پريشان ٿيندي نه ڏٺو، ان معاملي ۾ ياسين همت ڪندي ڀيڻ کي ڪوئٽه وٺي آيو، ان لاءِ هن کي سخت مذاهمت کي منهن ڏيڻو پيو، پر پوءِ ياسين پنهنجي ڀيڻ کي اسپتال کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ان ڏينهن کان هنن جو هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ بند آهي.
    “پنهنجن خيالن کي بدلاءِ ان طرح سان پراڻيون روايتون ختم نه ٿينديون. قديم روايتن ۾ رائج ڪجهه قدر ۽ ضابطا بلوچن لاءِ ان قدر اهم آهن جو اهي ان تي ڪنهن به قسم جو سمجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان لاءِ وڏي صبر ۽ تحمل جي ضرورت آهي، مون کيس سمجهائيندي چيو،
    “پوءِ تو ان کي ڪهڙو مشورو ڏنو” مون پنهون کان پڇيو.
    “مون ياسين کي چيو بابا کان معافي وٺ، ڇاڪاڻ ته تنهنجو فيصلو درست ئي سهي پر انجي مرضي جي خلاف هو ۽ بلوچ روايتن ۾ ان ڳالهه کي خراب سمجهيو وڃي ٿو.
    “تون سمجهين ٿو ته تنهنجو اهو مشورو درست هو؟”مون ناراض ٿيڻ جي انداز ۾ چيو.
    “ آپي درست مشورو نه ڏئي سگهان ها ته توکان ضرور پُڇان ها پر مونکي پنهنجي ڳالهه تي پورو ويساه هو ته منهنجو مشورو اجايو نه ويندو. پنهون مونکي چيو، مونکي بلوچ روايتن ۽ ڪمزورين جو احساس آهي. هن واضع طور تي چيو ته پهرين مان پاڻ خيال ڪندو هئس ته پراڻين روايتن سان بيهي مقابلو ڪجي پر پوءِ مون ڏٺو ته هتي ته هر ٻيو ماڻهو پراڻين روايتن ۾ ساه کڻي رهيو آهي.هن چيو ته جديد دور جو بلوچ قديم روايتن ۾ زنده آهي انجو وڏو سبب عام بلوچ غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيو آهي. دراصل غربت ئي سمورن بيمارين جي پاڙ آهي. عام ماڻهو ته غربت جي هٿان اڳ ئي ذلت واري زندگي گذاري رهيو آهي، ان کي جاهل ۽ ڪٺور چئي وڌيڪ ذليل ڪجي ، مان پنهنجي زمين جي ماڻهو سان پيار ڪيان ٿو ، ان تي مان ڪيئن ٿو ملامت ڪري سگهان، پوءِ کڻي ڇو نه هو جهالت وارو رويو رکي.
    “هائو! مان به ائين ٿي خيال ڪيان، پر اها ته دشمني چئبي جو ان جي ڪمزورين تي پردو رکجي، محض ان ڪري ته منهنجي زمين يا قوم جا آهن” مون پنهون کي وراڻيو.
    “آپي تون پنهنجي دل کي مطمئن رک، مون وٺ اهڙي ڳالهه چوڻ جو پورو سبب آهي” پنهون چيو.
    “چڱو ٻڌاءِ” مون هن کي چيو .
    مون سمجهيو هو ته هن سوال تي هن کي ڪجهه حيرت ۽ مونجهارو ٿيندو پر هن جي چهري تي عجيب شفتگي ظاهر ٿي ۽ هي چوڻ لڳو،
    “آپي، مان توسان انسان جي قدر قيمت جي باري ۾ ڳالهايان ته ان جا تو وٽ ڪهڙا دليل هوندا؟”
    فَري پنهنجي ڀاءُ جي غير معمولي ڳالهين کي بيان ٿي ڪيو. هي ڀاءُ کي ياد ڪري ڏُکاري ٿي وئي، هن لاءِ وڌيڪ ڳالهائڻ ڏکيو ٿي پيو هو ، ڏک جي ڪيفيت جي ڪري هن جو آواز ڀرجي ٿي آيو.
    اسين هميشه شاندار گفتگو ڪندا هئاسين، فَري پاڻ کي سنڀالي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “مون کيس چيو اهو به ڪو سوال آهي، انسان جي قدر قيمت کي ماپڻ جو پئمانو ته هر ڪنهن وٽ مختلف ٿئي ٿو.
    “مان توکان ٻڌڻ چاهيان ٿو؟” پنهون چوڻ لڳو.
    “انسان، ڇاڪاڻ ته رفتار، وقت، پسند ۽ ناپسند جي دائري ۾ رهي ٿو ان ڪري انجي سوچ به تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ هي انجو قيدي ٿيندو پيو وڃي.
    ها!ائين ضرور آهي ته انسان پنهنجو پاڻ سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان سان انجو ڪارج ڪنهن مشين جيترو ٿيندو پيو وڃي. اهو انسان جو وڏو الميو آهي، ان سان هي اڪيلو ٿيندو پنهنجو قدر مٽائيندو پيو وڃي، هي باقي مخلوق سان ڇا ڪري رهيو آهي انجو اندازو انجي وڌڻ جي رفتار مان لڳائي سگهين ٿو، هي پنهنجي فطري اهميت کان محروم ٿيندو پيو وڃي.
    گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ شاندار ندين ۽ جهرڻن جي ڀيٽ ۾ انساني سوچ پنهنجي ئي ڦهلايل گندگي کان متاثر ٿي رهي آهي،هر طرف لوهه ۽ ڪنڪريٽ جو جنگل کڙو ٿيندو پيو وڃي. انسان جي ڪهاڻي جي شروعات انجي جنم کان نه پر شروع ٿئي ٿي انجي ڪلچر، رهڻي ڪهڻي جي معيارن ۽ مروج قدرن کان، انسان کي زمين تي جيڪو ڪجهه سيکاريو وڃي ٿو اهو ئي ان جو سرمايو هوندو آهي، هزارين انسانن جو هر ڏينهن موت ٿئي ٿو ۽ هر ڏينهن ڪيترن انسانن جو جنم ٿئي ٿو، ڪنهن وٽ به انجو ڪو حساب ڪونهي،مون کي حساب ناهن ايندا، ورنه مان توکي حساب لڳائي ٻڌايان ها شايد اهو به مناسب نه آهي جو مونکي انسان جي تاريخ ۽ ارتقا جو پورو علم ناهي، پر مان اها ڳالهه ڄاڻان ٿي ته زمين ئي انسان جو آفاقي درجو مقرر ڪري ٿي.
    “آپي! توهان جي ڳالهه درست آهي پر نفسيات، انساني قدر، منطق جا اصول ۽ انهن جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ انسان کي حقيقت پسند ٿيڻو پوندو، انسان جي سماجي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ رياست جي مروج قانونن کي به ته سمجهڻ جي ضرورت آهي” پنهون ڳالهائيندي چيو.
    آپي، مونکي ٻڌاءِ ته بلوچ ادب ۾ جديد شاعري ۽ پاڪستان جي اسڪولن ۾ هر صبح ڳايو ويندڙ ترانو جنهن ۾ استقلال ، غيرت، محبت سخاوت، مهمانوازي، قول، اقرار، قوم، ملڪ،عزم، قوت اخوت ۽ مرڪز تي يقين جهڙا پاٺ روز دهرايا وڃن ٿا. ان سان ماڻهن جي زندگي ۾ ڪهڙو بدلاءُ آيو؟ پر منهنجو سوال هي آهي ته اهڙن ئي بيڪار خيالن ۾ هن قوم کي جڪڙي رکڻ جو خيال در اصل رياست ڏانهن ماڻهو جي غلامانه طرز زندگي کي قائم رکڻ آهي ۽ هر روز ساڳيا سبق دهرائڻ جي باوجود هن فرسوده سماج ۾ انهن جي ڪا هڪ ڳالهه به نظر ڪانه ٿي اچي. ڪجهه به ڪونهي جنهن جو ذڪر اسين قومي تراني ۾ ٻڌون ٿا. انسان جون راهون ته بند ڪيون پيون وڃن.
    “چڳو ! تون پاڻ ان سوال جي تشريح ڪر” مون کيس چيو.
    “آپي!؟ توکي ياد آهي ته مان توسان اڪثر پنهنجي سائنس جي استادن جي باري ۾ ذڪر ڪندو آهيان” پنهون ان ڳالهه جو جواب ڪجهه ان انداز ۾ ڏيڻ لڳو. جيڪي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ مهارت رکڻ جي باوجود ارتقا جي اصولن کي سائنسي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ معلوم ۽ نامعلوم جي وچ ۾ رهن ٿا، جيتوڻيڪ هنن کي سائنس جي علم تي ڀروسو آهي پر تڏهن به هو انجو اظهار کليل طرح سان ناهن ڪري سگهندا. ڪڏهن بي ربط ڳالهيون ڪنداآهن ۽ ڪڏهن ته غير واضع.
    ڪيترا ڊاڪٽر معائني ڪرڻ ۽ علاج ٻڌائڻ کانپوءِ پنهنجن سرگوشين ۾ پنهنجي اهليت ۽ قابليت تي شڪ ڪندا آهن، دعائون پيا دهرائيندا آهن. اسين ڪنهن نه ڪنهن طرح عقيدي جي معاملي ۾ ڏاڍا حساس ٿيون ٿا. اهو ئي احساس دراصل نسل در نسل منتقل ٿيندو رهي ٿو. دنيا ۾ تمام ٿورا انسان هوندا آهن جيڪي ڪجهه طئي ڪري سگهندا آهن ۽ ان تي بيهندا آهن، هي ڪائنات ۽ انجو علم هڪڙي قسم جي ڳجهارت جيان آهي ڪڏهن ڪڏهن ته پوري حياتي ان کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ وارن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي پر نهايت معمولي قسم جا ماڻهو، اهي شيون ڏسندا۽ سمجهندا آهن، مون اها ڳالهه عام انسانن کان سمجهي جيڪي مونسان گڏيا، پراڻين کٽارا بسن جي سفر دوران، پهاڙن ۾ تومن* کوڙي ويٺل معمولي ساڌن انسانن کان جن کي ڪڏهن انسان سمجهيو ئي نه ويو آهي،سچ پچ بهترين خيال جيڪي اڳي ڪڏهن منهنجي دماغ ۾ نه آيا مونکي انهن کان مليا.جيڪي بلڪل سادا ۽ واضع هئا، هڪ ڀيري زرغون پهاڙ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺل هڪ سگهڙ سان منهنجي اهڙي گفتگو ٿي، جنهن مونکي سادي ۽ معني سان ڀرپور، انسان جي قدر و قيمت جي تشريح ڪري ٻڌائي.
    “تو ڪڏهن غور ڪيو آهي ته تنهنجو وجود خواب نه پر هڪ حقيقت آهي، توکي انجو ادراڪ آهي؟” هن جو سوال عجيب هو.
    “مونکي انجي گهڻي خبر ڪانهي،” مون کيس چيو، مان ائين چئي هنجي ڀر ۾ ويهي رهيس. هن چيو تو ڪڏهن ائين محسوس ڪيوآهي ته جنهن زمين تي تون هينئر ويٺو آهين تنهنجي روحاني ۽ جسماني حرارت جو ذريعو آهي، ۽ تنهنجي حقيقي زندگي اها آهي”
    مون حيرت مان چيو ، “ائين ڪڏهن به ناهي سوچيو” ۽ تو ڪڏهن ائين به ناهي سوچيو ته آسمان جي بلندي ۽ پکين جي آواز جي موسيقي تنهنجي حقيقي زبان ۽ طئي ٿيل ذهانت آهي، تون انهن جي روپ مان هڪ آهين” هُن چيو ،
    هن ڳالهه کي سمجهه ته سج جا ڪرڻا زمين جي روح کي گرمائن ٿا ۽ زمين انسان جي روح کي حرارت ڏئي ٿي، انسان رڳو گوشت پوست جو جسم ناهي هي اهڙي حقيقت آهي جنهن جي اهميت انجي فنا ۾ پوشيده آهي، فنا جو مفاصلو ائين آهي جو ان کي پنڌ ڪري پورو ڪري نه ٿو سگهجي، هي هنڌ زمين سان جڙڻ ۽ ان سان پيار ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو،

    *خيمي جو قسم


    خيال توکي ڊوڙڻ تي مجبور ڪندا آهن زمين توکي سانت ڏئي ٿي، آسمان جا بادل ۽ پوءِ بارش تنهنجي رڳن جي خون کي رواني ڏين ٿا ۽ پکين جي موسيقي تنهنجي سمجهه، ڏاهپ ۽ مروت جا در کولي ٿي، توکي خبر آهي ته پهاڙ صبح جو ڪيئن جاڳندا آهن، هي ڳائيندا آهن، رقص ڪندا آهن، سمورا خوف ۽ خطري کان آزاد هوائن ۾ اڏرندا آهن، هنن ئي مونکي اڏرڻ سيکاريو، اُڀرڻ ۽ اُلهڻ جي معني سيکاري.
    “ها! مون کي ياد ٿو اچي هن وجود جي ڳالهه پئي ڪئي” پنهون وراڻيو.
    “ها! هي هڪ قسم جي صداقت آهي جنهن کي ڪير پروڙڻ جي ڪوشش ئي ڪونه ٿو ڪري” هُن پهاڙي سُگهڙ مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
    “مان ڏسان ٿو ته ڪيترا ماڻهو انساني وجود کي گناه سان تشبيهه ڏين ٿا” هن مون ڏانهن نهاريندي چيو.
    “ڪيترا ان کي زمين تي بار سمجهن ٿا، جي حساب لڳائيندين ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوبه هن کي حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي، هي ڄڻ فنا ٿي ويندڙ وجود ۽ خواب کان اڳتي ڪجهه به ناهي، هي ڪنهن اهڙي سُگهڙ جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن جنهن زندگي کي ۽ انجي وجود جي اهميت کي ڪنهن منمبر جي واعظ کان ناهي سکيو، هي اهڙي انسان کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن جنهن جي سماجي درجه بندي ۾ ڪا حيثيت ناهي، شايد ان ڪري مذهبي دعويدار پنهنجي سماجي رتبي ۽ حيثيت ڪري ماڻهن سان جيئن چاهن تيئن ڪن ۽ پنهنجن خيالن کي خدائي ڪتابن سان ڀيٽي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن جي ڪا اهميت ئي ڪانهي. خدا مونکي هنن کان محفوظ رکي، مان پنهنجي موسيقي سان ڳايو ويندڙ شخص آهيان. مونکي چيو ويندو آهي ته اهڙي ترتيب واري زندگي گذار جيڪا هي سڀني ماڻهن لاءِ طئي ڪن ٿا، ائين نه ڪرڻ تي مون مٿان بهتان هڻن ٿا.
    منهنجا دوست! زندگي فقظ هڪ لڪير تي هلڻ جو نالو نه آهي ۽ نه وري ذهانت ۽ نه وري طئي ٿيل ترتيب جو نتيجو آهي، مون زمين سان پيار ڪيو آهي ۽ انجي حرارت مان پرايو آهي. پهرين ته مون اهو سکيو ته حياتي اهم آهي، اسان مان جڏهن ڪو چڱو ۽ نياءُ وارو ڪم ڪري ٿو ته حياتي ڪيڏي سٺي لڳي ٿي.
    هن وڌيڪ چيو ته “مان دنيا لاءِ نه خلقيو ويو آهيان ۽ نه دنيا رڳو منهنجي خاطر آهي، مان ۽ تون پوري ڪائنات جو پاڇو آهيون، انجي حقيقت جي ڪنهن کي ڪا خبر ڪانهي، سمورا انسان ۽ مذهب نامعلوم جي پويان ڊوڙي رهيا آهن.هڪ ٻئي جي پويان مندر ۽ مسجد تعمير ڪندا نامعلوم جو درس ڏيندا وڃن ٿا.
    مذهب، انسان جي نفي آهي، خدا جي تشريح لاءِ پيار ۽ عشق ٿو گهرجي،
    مان وري ورجايان ٿو ۽ پنهنجي گفتگو هتي ختم ڪيان ٿو ته زمين کان مٿي جو ڪجهه آهي اها مڃيل ذهانت آهي جڏهن ته زمين جي حرارت اسان کي مروت ۽ ٻاجهه ڀريو ٺاهي ٿي ۽ عزت ڀري زندگي جي معني سيکاري ٿي، زمين جي حرارت اسانجي اندر پوشيده ڪيترن ئي حقيقتن کي نروار ڪري ٿي، هي شيون رڳو انسان اندر ئي ناهن پر پوري ڪائنات ۾ آهن، ندين ۽ پهاڙن جي آبشار جو پاڻي جڏهن وهي هلي ٿو ته ڪيترن پوشيده رازن مٿان پردو هٽائيندو وڃي ٿو، اهو تعلق ڪنهن طئي ٿيل ذهانت جو نتيجو نه آهي.” سگهڙ ايترو ڳالهائي اُٿي بيٺو ۽ پهاڙن جي پيچرن ۾ گُم ٿي ويو. پنهون پنهنجي گفتگو ختم ڪئي،
    “هو مونکان گهڻو بهتر آهي” فَري، مختصر خاموشي کانپوءِ چيو، مان اڪثر هنجي خيالن لاءِ منتظر رهندي هئس جيڪي گهڻو ڪري خودپسندي کان هٽي ڪري نهايت عقل ۽ ڏاهپ وارا هوندا هئا. منهنجي تعريف ڪرڻ تي هو شرمائيندي چوندو هو،
    “آپي، مان به ٻين وانگر ئي آهيان ۽ ٻين وانگر ئي سوچان ٿو”
    “هائو ڀلي ٻيا کڻي ائين ڇو نه هجن پر تون فقط پنهنجي ساز ۽ سلوڪ ۾ رهجان” مان کيس چوندي هيس
    “ آپي! ائين ڪيئن ممڪن آهي، مان عام ماڻهن جيان سوچيان ٿو انهن جي اندر جيڪو ڪجهه آهي منهنجي اندر انهن کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي مان فقط قدرت جي شين مان اتساه وٺان ٿو”
    “تون مختلف آهين اهو ئي سچ آهي ۽ تنهنجو مختلف هجڻ ئي تنهنجي وجود ۽ تنهنجي خيالن جي رواني لاءِ ضروري آهي” مون کيس چيو.
    “مان انهن مان نه هوندس ته منهنجا خيال ڪير ٻڌندو ۽ پوءِ اهي خيال ڪهڙي ڪم جا، انسان کي سمجهڻ لاءِ اهم آهي ته انهن جهڙو ٿجي يا انهن جو حصو ٿجي.” هن اتساه مان وراڻيو.
    “اهو عجيب ناهي ته تون پنهنجن خيالن لاءِ ٻين جو محتاج ٿين” اها ڳالهه تسلي جي حد تائين ته صحيح آهي پر حقيقت ۾ تنهجي خيالن کي تڏهن ٻڌو ويندو جڏهن تون سڀني کان مختلف هجين ۽ پاڻ بابت ڪنهن مونجهاري جو شڪار نه هجين، اسين جڏهن ڪو فيصلو نه ڪري سگهندا آهيون ته ٻين ڏانهن رجوع ڪندا آهيون” مان ساڻس ڳالهائيندي ويس.
    “ آپي تو ئي ته سيکاريو آهي ته زندگي ۾ اسان جيڪو ڪجهه سکون ٿا اهو هڪ ٻئي جو ڏنل آهي، تنهنجي حياتي مون لاءِ ڪنهن نعمت ۽ برڪت کان گهٽ ڪونهي مان ڪو پيغمبر ناهيان جو ٻين کان پاڻ کي مختلف رکان مان هڪ عام انسان آهيان، اسان ڪيترن ڳالهين ۾ هڪ جهڙا آهيون اسانجون هڪجهڙايون ئي اسانجي غمن جو علاج آهن.
    پنهون واقع به رواجي انسان ناهي باوجود انجي جو هو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو.
    “ان سُگهڙ جي ڳالهه به هڪ طرح سان ڄڻ ڳوٺاڻي ڪهاڻي جيان آهي” مون کيس چيو،
    “ها! ائين لڳي ٿو، پر آپي هي ڳالهه ڪنهن کي متاثر ڪرڻ ۽ ڪنهن کي فتح ڪرڻ جي خيال کان ته ڪانهي” پنهون وراڻيو،
    “انسان جي هستي ۽ انجو وجود ۽ هزارين اهڙي قسم جون ڳالهيون سچ پچ زندگي لاءِ نهايت ئي اهم آهن” پنهون وراڻيو.
    “سرمائيدارانه ترقي ته انسان کي لاتعداد خواهشن ۾ جڪڙي رکيو آهي” مون کيس چيو،
    “انسان کي ڪيئن ٿو جانچي سگهجي، اهڙو ته ڪو به اوزار ڪونهي، ۽ انسان جي تور تڪ ڪرڻ سان به ته حقيقتون سامهون نه ٿيون اچن، جن کي اسين مقدس سمجهون ٿا سڀاڻي اهي ڪجهه ٻي حقيقت طور سامهون اچن ٿيون، دراصل انسان جي خواهشن کي قابو ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، قدرت انسان کي ساڌن طريقن سان هلائڻ چاهي ٿي جڏهن ته سرمائيدارانه ترقي ان کي هڪ بازاري ۽ بيهوده شيطان جو روپ ڏيڻ چاهي ٿي، مون کيس چيو.
    “آپي! تون ڄاڻين ٿي ته عام طور انسان ناخوش ۽ رنجيده حالت ۾ رهي ٿو” پنهون ڳالهائڻ لڳو، هي پنهنجي ڪردار ۽ وجود جي ڪٿ نه ڪري سگهيو آهي، جنهن جو ذڪر ان پهاڙي سُگهڙ ڪيو؟ پنهون جو جواب بيچين ڪندڙ هو.
    ”انسان جي ذهني حالت سندس وس ۾ ناهي، ان ڪري شايد پنهنجي ڪَٿ ڪري ناهي سگهيو” مون کيس چيو،
    “انسان پنهنجي زندگي جا بهترين لمحا دولت کي ميڙڻ ۽ ماڻهن تي راڄ ڪرڻ جي چڪر ۾ وڃائي ٿو، پنهون ڳالهائڻ لڳو، انجي باوجود ڪيتريون خواهشون اڌوريون رهجي وڃن ٿيون، حرص، انجي سک ۽ چين کي تباه ڪري ٿو، هن وقت کي اهڙي رفتار ڏئي ڇڏي آهي جيڪو ڪنهن جي قابو ۾ ئي نه ٿو اچي، هن پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ هزارين ٻين حياتين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي چهرن جي مسڪراهٽ کسي رکي آهي، تڏهن مونکي پهاڙي سُگهڙ جي هي ڳالهه درست لڳي ٿي ته، انڪار سان سراسر انسان پنهنجي سمي ۾ هلڻ کي ترجيح ڏيندو ۽ پنهنجي ذهانت کي خواهشن مٿان قربان نه ڪندو”
    “توکي هاڻي ننڍ ٿي اچي وڃي سمهي رهه،” مان هن کي ويندي ڏسي رهي هيس، مون سمهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، رکي رکي هن جا سوال ۽ جواب منهنجي ننڍ کي اڏائي ٿي ويا.


    24

    فَري، ڀاءُ لاءِ سخت پريشان هجڻ جي باوجود ڪوئٽا پريس ڪلب ٻاهران گُم شده ماڻهن واسطي لڳايل احتجاجي ڪئمپ ۾ هر روز شامل ٿئي ٿي، هو پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي جا خواب کڻي اچي ٿي پر جڏهن ڪيمپ تي باقي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پنهنجن پيارن لاءِ مشڪل ۽ اذيت ۾ ڏسي ٿي ته هن کي پنهنجو ڏک وسري وڃي ٿو ۽ هو جوش مان ڀرجي وڃي ٿي.ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي خيالن ۽ آدرشن جي حاصلات لاءِ چئلنج قبول ڪري ٿو. ۽ هڪ ڪمزور انسان ڪيڏو نه حوصلي ۽ همت وارو ٿي پوي ٿو.
    ڪنهن آدرشي انسان لاءِ هي هڪ محاذ آهي، جنهن لاءِ قدرت ۽ حالتن انجي چونڊ ڪئي آهي، جدا جدا ماڻهو پنهنجي پنهنجي شور ۽ خاموشي ۾ زنده رهن ٿا.فري ته انهن عورتن مان آهي جيڪا ٻانهون ڊگهيري برسات جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي، ڪڏهن ته فَري پورو پورو ڏينهن ڪرسي کي ٺيڪ ڏئي پنهنجي منهن پنهنجي بيقرار دل سان انهن انديشن تي سوچيندي رهي ٿي جيڪي لاڳيتو هن جي خيالن کي انهن حقيقتن متعلق آگاه ڪندا ٿي ويا جيڪي هن مٿان اڳ ۾ راز وانگر هئا. فري پنهنجن خيالن جي اڏام کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي اهو ڏسڻ لاءِ ته انسان جي ساز سلوڪ جو تڏهن ڇا ٿو ٿئي جڏهن انسان بيقرار ٿئي ٿو.
    چئن ورهين جو ٻار کلي ٿو، روئي ٿو ۽ پنهنجي ضرورت جي خوراڪ کائي سمهي رهي ٿو. هو ڪنهن خاص طرح جي زندگي کان اڻ واقف ٿئي ٿو. هن جون اکيون حيرت سان سڀ ڪجهه ڏسن ٿيون ان لاءِ نه ته اهي قدرت ۽ انسان جي ڪيڏي شاندار تخليق آهن پر ان لاءِ ته انهن کي پنهنجي روز مره جي زندگي جي تجربي ۾ آڻي، هو پنهنجو وقت تخليق جي عمل ۽ اهميت تي سوچيندو رهي ٿو. ائين نه جيئن ورڊس ورٿ سوچيندو هو يا ائين نه جيئن بلاسڪي1 سوچيندي هئي. پر هو ائين سوچيندو آهي ته انهن مان ڪنهن کي پنهنجي وس ۾ آڻي سگهي، تنهن کانپوءِ هو اٿيو، هليو ۽ پنهنجي پيرن هيٺان زمين کي لتاڙيندو ، پنهن جي قد کي بلند ڪندو . نفرت واري هلت هلندو ۽ فتح ڪرڻ جي جنون ۾ مبتلا ٿيندو ، ڊيڄاريندو سڀ ڪجهه تباه ڪندو ماريندو ۽ مرندو وڃي ٿو.
    فَري هاڻ بلڪل الڳ سوچي رهي آهي، هن کي اها ڳالهه سوچيندي ڇرڪ نڪري ويا ته هر ماڻهو پنهنجي انت کان واقف آهي پر انجي باوجود هو هڪ ٻاجهه ڀريو ۽ رحم دل رکندڙ انسان ٿيڻ پسند نه ٿو ڪري، هن کي اهڙي خوف جو انتظار رهي ٿو ته ڪنهن وقت به اچي ڪو هن جو خون ڪري ان کان اڳ هي ٻئي کي ماري پاڻ کي محفوظ ڪري، هن لاءِ ضروري آهي ته پنهنجن اکين ۾ نفرت جمع ڪري اهڙو فيصلو هي ٻين جي نفرت آميز ڳالهين کي ٻڌڻ کانپوءِ ڪري ٿو، جيڪي هن کي اسڪول جي تدريسي ڪتابن کان ويندي سماج جي حاڪماڻي طرز واري زندگي مان حاصل ٿيو آهي. هاڻ اها ئي هن جي سڃاڻپ آهي. هي پنهنجي ضمير جو آواز ٻُڌڻ ڇڏي ڏئي ٿو، هي جي ائين نه ڪري ته ڪيئن زنده رهي سگهندو.
    “گهٽ ۾ گهٽ اسان سڀ جي گهڻائي ائين ئي سوچي ٿي ۽ ڪري به ٿي” فَري پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ٿي وئي.
    اکين ئي اکين ۾ ڪنهن خوف ۽ ڪنهن گهڙي جو انتظار هن کي بي چين ڪري رهيو هو، هن کي دنيا جا ماڻهو ڄڻ مارڻ لاءِ اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هن کان هنجي خيالن ۽ هنجي نسل کان نفرت ڪن ٿا، هن کي مارڻ سان هو پنهنجو هڪ دشمن گهٽائڻ چاهن ٿا.
    “نه! مونکي ڪير به ماري نه ٿو سگهي” فري، دل جي ڪشادگي ۽ مضبوطي مان اوچتو رڙ ڪري چيو. هنجو بي خودي مان ائين چوڻ واجب هو. شايد هي خيالن جي سخت ڪشمڪش جو شڪار ٿي وئي هئي. هن پاڻ کي خيالن جي قيد مان آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو. فَري پاڻ سان ڳالهائڻ ۽ اجائي قسم جي خيالن ۽ موت جي سلسلن ۽ سببن تي سوچي ٿڪجي پئي هئي. هن هاڻ پنهون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو جيڪو ڪنهن دوست وانگر ڄڻ هنجي ڀر ۾ ويهي هنجي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي سڪون ۾ رهڻ لاءِ چئي رهيو آهي.
    فَري اڃان تائين ڪرسي تي سڌو ٿيو ويٺي آهي. هن کي پنهنجي ڀاءَ جي خبر ناهي ته ڪٿي آهي، پر هن کي اعتبار آهي ته هو ڪٿي ڪنهن محاذ تي وڙهي رهيو آهي.

    1 بلاسڪي، روسي رائيٽر ، بارش جي موسم ۾ پاڻ سان گڏ سفر ۾ هميشه گلن جا ٻج کڻي هلندي هئي ۽ رستن کان گذرندي زمين تي اڇليندي ويندي هئي، هو چوندي هئي ته بارش جي موسم آهي. مونکان اڳ جن ماڻهن گل پوکيا انهن جو مان قرض چڪايان ٿي.

    مونکي خبر آهي ته ننڍ نه ڪرڻ جي ڪري تنهنجون اکيون سڄيل هونديون ۽ ڪيترن ڏينهن جا ڪپڙا به ميرا ٿي ويا هوندا بلڪه بدبودار ٿي ويا هوندا ۽ بخار جهڙو گرم جسم ڪيترن ڏينهن کان پاڻي نه ڏسڻ ڪري ڪاري مٽي سان ڀرجي ويو هوندو. تنهنجا سنهين آڳرين وارا هٿ بار بار تنهنجي اکين ڏانهن وڌندا هوندا، ڳوڙها اگهڻ لاءِ نه پر چهرن جي زخمن کي جانچڻ لاءِ ، پوءِ هو وري وري ائين ڪندا هوندا . تون بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي مون ڏانهن منهن ڪري مونکي ياد ڪندو هوندين، پنهنجن دوستن ۽ يونيورسٽي جي آڳنڌ کي ياد ڪندو هوندين جتي تنهنجا دوست تنهنجي دير سان اچڻ تي توسان جهيڙيندا هوندا، تنهنجا دوست ڪلاسن ۽ ڪتابن اندر دنيا جي سکن ڏانهن ڊوڙندي ڊوڙندي ٿڪي ٽٽي لان تي پاڻ کي اچي اڇليندا ته تون انهن مان ڪنهن هڪ کي ائين چوندين ته “خيال رک متان ڪو ڌڪ نه لڳئي”
    فَري پنهنجي دل جي غبار کان بي اختيار اهو ڪجهه سوچيندي ٿي وئي، جيڪو هن پنهون لاءِ محسوس ٿي ڪيو، جيئن هن ان کي ڏٺو هو. هي پنهنجي ڀاءُ جي هر پهلو تي سوچي رهي آهي، انجي خوبصورت ڳالهين کان ويندي انجي بي حد حسين سڀاءُ تائين.
    ان کانپوءِ هو بنا ڪنهن سوچڻ جي ڪرسي تان اٿي گهر وئي، گهر جي ڪمري مان فَري جي سڏڪن جا آواز ٿي آيا .


    25

    “پنهون بابت فَري جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي اڃان به محدود آهن” خديجه، طلعت، رتنا ۽ باران سان ڳالهائيندي چيو.
    پنهون پنهنجو پاڻ کي مذاحمت لاءِ تيار ڪري رهيو هو، هن متعلق اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته هو آدرشن واري زندگي گذاڻ جو قائل هو.
    “ها ! ائين آهي” طلعت وراڻيو،
    هن کي بلوچستان جي حقن جو فڪر هو، ان ڪري ئي عمر ۽ خيالن جي ٿوري فرق باوجود هن جو حلقه احباب وڌندو ٿي ويو ، هي پنهنجي آدرشن آڌار نوجوانن کي پاڻ سان جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، توکي ياد آهي هنجا دوست هنجي گمشدگي کان پوءِ هن کي ياد ڪندي ڪيئن ٿي رنا.
    “ها! تون صحي ٿو چوين” طلعت وراڻيو، حقيقت هي آهي ته پنهون پنهنجي خيالن ۽ آدرشن ۾ پڪو ۽ پختو ماڻهو ثابت ٿيو هو، باران تصديق ڪندي چيو، هو ڪجهه اهڙو ڪري رهيو هو جيڪو عام طور ٻيو ڪير به نه ڪري سگهندو آهي. هو خاموش ۽ شرميلو ضرور هو، پر هي پنهنجي اندر جي حقيقت کي ڌيان ڏئي ٻڌي رهيو هو . اهو ڌيان جو عمل ئي هو جنهن هن کي ان اهم ڪم لاءِ تيار ٿي ڪيو. باران چئي رهيو هو ته هن قديم ادب ۽ فلسفي کي پنهنجي شروعاتي عمر ۾ ئي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ درجي بدرجي ان کي پنهنجي ذاتي زندگي سان گڏ کڻي هلڻ لڳو عالمي تاريخ مان هن هڪ ڳالهه ضرور سکي هوندي ته انساني اتهاس جنون ، طبقاتي ٽڪراءُ ۽ استحصال کانسواءِ ڪجهه به ناهي . سڀني انسانن جي جسم جو رت سرخ هجڻ جي باوجود هڪٻئي جو خون ڪرڻ واري ڳالهه هن سمجهي ورتي هئي.
    “اهو سچ آهي”رتنا پنهنجي راءِ ڏيندي چيو . پر مونکي ائين به محسوس ٿيندو آهي ته بلوچستان جا ڪجهه اهڙا سوال به آهن جيڪي عام ماڻهو ويندي پنهون جي نظرن کان پڻ غائب آهن، جنهن تي صاف گوئي سان ڳالهايو نه ويو آهي يا انهن کي سمجهڻ جو ادراڪ گهڻو گهرو ڪونهي، جڏهن اسان ڪنهن تاريخي حقيقت تي ڳالهائيندا آهيون ته عام طور مروج سماجي ۽ سياسي اثر جو شڪار ٿي ويندا آهيون، مثلن بلوچ نيشنلزم جو مقصد جاگيرداري نظام جي بحالي، اشرافيه ۽ مذهب جي پشت پناهي به آهي، توهان کي ائين نه ٿو لڳي ته اهو سوال پوشيد آهي يا نظر انداز ٿي رهيو آهي، مان ائين سمجهان ٿي ته بلوچستان جي سردار جو موقف آزاد خيال بورجوا وارو آهي، جيڪو پاڪستان جي رياست ۽ انجي جديد صورت ۾ پاڻ کي تلاش ڪرڻ ۽ ان ۾ موجود رهڻ جي لاءِ نيشنلزم کان پُل جو ڪم وٺي ٿو، منهنجو ته هڪ اهو به خيال آهي ته علحدگي پسندن کان به وڌيڪ هڪ وڏو حلقو ملڪ جي جمهوري ڌارا سان جڙڻ چاهي ٿو، انجو سبب بلوچستان ۾ پيدا ٿيندڙ مڊل ڪلاس ۽ انجي نسلي ۽ ثقافتي انفرا اسٽرڪچر آهي،


    26

    خديجه ۽ ٻين دوستن بلوچستان يونيورسٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هنن ڏسڻ چاهيو ٿي ته بلوچستان جو نوجوان ڪيئن ٿو سوچي، ميران بخش به هنن سان گڏ آهي، توڪلي، يونيورسٽي جي ٽيچرس سان به ملاقات ارينج ڪري ورتي آهي.
    هي جڏهن يونيورسٽي پهتا ته ڪاريڊور شاگردن جي قدمن ۽ ٽهڪن جي آواز سان گونجي رهيو هو ، يونيورسٽي جا شاگرد وئيڪيشن کانپوءِ واپس اچي ويا آهن. مختلف شبيهن ۽ رنگن وارا نوجوان جن جون عمريون 22 کان 25 سالن جي لڳ ڀڳ آهن، هنن جي سامهون پکين جي ولرن جيان بيخود آيا ۽ گذري ٿي ويا. هنن مان ته ڪيترا نوجوان ملڪ ۽ قوم جي خدمت جا خواب ڏسندا هوندا ته ڪن پنهنجون حياتيون به وڃايون هونديون.
    هي ملڪ جو اهو ڪلاس آهي جيڪو تيز ۽ تلخي وارو بحث ڪري ٿو، ڳالهه ڳالهه تي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، هي پنهنجي پيدائش کان ڏک سک نفعو نقصان هار جيت گڏ کڻي هلي ٿو. هي خواب به تمام گهڻا ڏسڻ جو عادي آهي، سٺي نوڪري جا خواب ، پنهنجي ذاتي گهر جا خواب، گهڻي آسودي ٿيڻ جا خواب، يورپ وڃڻ جا خواب، قسمت ساٿ ڏنو ته ٻين کان پنهنجين محرومين کي چڪائڻ جا خواب، ڪڏهن ته پوري پوري رات جاڳي خوابن پويان ڊوڙندڙ هي نوجوان تلوار جي ڌار تي هلڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو. پر وري جڏهن اوچتو ڪي خواب ٽٽي ڀورا ٿين ٿا. ته هي ائين چئي اٿي بيهي ٿو ته،
    “ڇا ٿي پيو اڃان ته زندگي پئي آهي”
    در اصل زندگي آهي به ائين، جيڪي حقيقتون سمجهي نه ٿيون سگهجن تن کي سمجهڻ ۾ جلدي ڪهڙي ۽ اهڙي مصنوعي فڪر جي ضرورت ڪهڙي جنهن کي ڏسڻ لاءِ اکيون عادي ئي ناهن، حاصل جو غم بي حد مشڪل ٿئي ٿو.
    خديجه ۽ ساٿين پوري ڪاريڊور جو چڪر لڳايو ، هنن انهن قدمن کي سلام ڪيو، جيڪي هن ڪاريڊور کان ڪڏهن گذريا جن کي هاڻ شايد ڪير به ياد ڪرڻ وارو نه هجي. سج جي روشني جا ڪرڻا ڪاريڊور جي ڪنارن سان لڳل ڄارين مان اندر آيا ٿي ۽ فرش تي عجيب قسم جو طلسم ٿي پيدا ڪيائون، فرش ڪيترن ئي مسافر شاگردن جي قدمن ڪري گسجي ويو هو ۽ ڪٿي ڪٿي ته انجي اندر جون ننڍڙيون ننڍريون پٿريون ظاهر هيون، خديجه بي حد ڌيان سان ديوارن کي ڪن ڏئي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن منجهان آزادي ۽ انقلاب جا نعرا آيا ٿي ۽ وري ڪنهن اجنبي مسافر جيان گم ٿي ويا ٿي. هن کي يونيورسٽي جون زخمي ديوارون ڪجهه ٻيون حيرت ۾ وجهندڙ ۽ اسرارن سان ڀريل ڪهاڻيون ٻڌائڻ چاهن ٿيون ۽ پنهنجن ڏکن ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿيون پر خديجه اهڙي جرات ساري نه سگهي ، هي شايد نه ٻڌي سگهي ها اهو سڀ جيڪو هنن ديوارن ٻڌو ۽ ڏٺو. خديجه ڪاريڊور کان ٻاهر نڪري آئي. سامهون لان تي ويٺل ڪجهه نوجوانن کي سلام ڪندي ويهڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جي اجازت گهري،
    “توهان ڪهڙي سال جا شاگرد آهيو” خديجه هنن کان معلوم ڪيو.
    ”چوٿين سال جا“ شاگردن وراڻيو.
    ”توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندو“ خديجه هنن کي چيو
    ها! بلڪل “مان آهيان بجار هي منهنجي ڀر ۾ آهي زاهدبلوچ ۽ هنجي ڀر ۾ ويٺل آهي گهرام”
    ”توهان جون موڪلون ڪيئن گذريون “ خديجه ابتدا ۾ بجار کان سوال ڪيو.
    “ڪي خاص نه” بجار پنهنجن دوستن ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
    “ڇو! انجو ڪو خاص سبب”
    “ويئڪيشن جي ڏينهن ۾ اسين بابا جو هٿ ونڊائيندا آهيون” بجار وراڻي ڏني،
    “هي ئي ته عُمر آهي توهانجي گهمڻ ڦرڻ جي” خديجه بجار کي چيو،
    “اسان سڀ پنهنجن وڏڙن جي مرضي جا پابند آهيون.“ زاهد بلوچ وراڻيو.
    “توهان کي خيال ايندو آهي ته پوري ملڪ جو سفر ڪجي يا ايڊونچرازم ڪجي؟” طلعت هنن کان سوال ڪيو.
    “ها! پر اسين ايترا آسودا ناهيون، ائين ممڪن ناهي” بجار وراڻي ڏني،
    “بلوچستان ڪيترو گهميا آهيو ۽ انجي ڪهڙي شي توهان کي متاثر ڪيو؟” رتنا، بجار کان سوال ڪيو.
    بجار پنهنجن ڪلهن کي جهٽڪيو ۽ ڪجهه ياد ڪندي چيو ” مان ته سبي ، پنجگور ۽ اوسته تائين ويو آهيان ، سنڌ به ڏٺي آهي، توهان شايد بلوچستان کي انجي پهاڙ ن جي صورت ۾ ڏٺو هجي، پر مون ٻيون به ڪيتريون شيون ڏٺيون آهن، مثلن، بلوچستان جو ماڻهو تڏهن پنهنجو هوش وڃائي ويهندو آهي جڏهن کيس ڪو ڌڪارڻ چاهيندو آهي ۽ جيستائين منهنجو اندازو آهي ته هُو جنون جي حد تائين غصي، نفرت ۽ خوني رجحان رکندي، هڪ منٽ به پنهنجو بدلو چڪائڻ ۾ دير نه ڪندو، پهاڙن تي رهندڙ ماڻهن جي هڪ ٻي نفسيات به ٿئي ٿي ، اهي ٻئي ڪنهن تي ڀروسو ناهن ڪندا ۽ هميشه وهم پرستي ۾ مبتلا رهن ٿا ۽ ڪنهن به معمولي برادراڻي احساس ۽ سلوڪ جي هنن کي ڪڏهن پرواهه ئي ناهي رهي، هنن بابت ماڻهن جي راءِ بهتر نه هجڻ جي باوجود مون هنن ۾ هڪ اهڙي شي ڏٺي آهي جنهن مونکي سچ پچ متاثر ڪيو آهي، بلوچ قول . اقرار، دوستي ۽ دشمني کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو، مونکي پنهنجو بابا چوندو آهي ته بجار، تون اها ڳالهه هميشه ياد رک ته خدا انسان جي دل ۾ ٻه شيون وڌيون آهن هڪ آهي انسان جو قول ۽ اقرار ۽ ٻيو آهي دوست، جنهن کي خدا توڏانهن موڪليو آهي ته جيئن تون پنهنجي دل کي نرم ڪري سگهين، جيڪا شيءَ تون پاڻ مرادو نه ٿو ڪري سگهين دوست جي هوندي ڪري سگهين ٿو، ڇاڪاڻ ته دوست ارادن کي مضبوط ڪري ٿو، اونداهي ۾ روشني ٿئي ٿو.”
    “هاڻ توهان ٻڌايو ته ڪهڙين شين کان متاثر ٿيا” بجار، زاهد ۽ گهرام ڏانهن نهاريندي چيو ،
    “بيشڪ مان پورو بلوچستان ته ناهيان گهميو، پر مون هتي هر طرف جوش ۽ جنون کي ڏٺو آهي” زاهد چيو.
    بلوچستان جو ماڻهو هوش وڃائي ويهي ٿو ، اهو رڳو ڌڪار ڪارڻ ائين ناهي پر هن پاڻ کي ڪڏهن تلاش ڪرڻ جي به ڪوشش ناهي ڪئي، اهو ڪم به هن سردارن تي ڇڏي ڏنو آهي، جنون جا به قسم ٿين ٿا، مثلن، فرسوده رواجن جو جنون، اجائي خيالن ۾ رهڻ جو جنون ۽ عجيب قسم جي قبائلي فوقيت جو جنون، منهنجو خيال آهي ته بلوچستان جي ماڻهن جي گهڻائي ان جنون ۾ مبتلا آهي، مونکي بلوچستان جي ڪنهن به شيءَ متاثر ناهي ڪيو، هتي ڇا آهي جنهن کان متاثر ٿجي؟ ٺيڪ آهي پنهنجي زمين سان محبت جو احساس هئڻ گهرجي پر ادراڪ کانسواءِ اهو جنون هڪ ڏينهن هوا ٿي ويندو“ زاهد بلوچ پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.
    “مون بلوچستان جا اهم شهر ڏٺا آهن، بلوچستان جا پهاڙ خوبصورت آهن ۽ بلوچ ماڻهن جي ڪارين اکين جي روشني به مون ڏٺي آهي، مان انهن جي سونهن کان متاثر آهيان” گهرام پنهنجي راءِ ڏيندي چيو، بلوچستان هاڻ جوان ٿي ويو آهي، بلوچ نوجوان جيڪو ڪڏهن سردارن جي ملڪيت هو ، هاڻ خودمختيار آهي، توڙي جو هن رياست نوجوانن سان ڪراهت وارو رويو رکيو، انجي باوجود هن پنهنجو پاڻ کي ڏکين حالتن لاءِ تيار ڪيو، ۽ مضبوط خيالن سان قوم جي نمائندگي ڪئي آهي، هي اسان سڀني لاءِ نهايت فخر جي ڳالهه آهي.
    پاڪستان جي رياست جو بلوچ نوجوانن سان ڪراهت وارو رويو ڪيئن آهي؟ خديجه گهرام کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
    “اهو تمام مشڪل آهي.اسين ڪو خاص سبب ڄاڻائي نه ٿا سگهون، پر اسين ائين محسوس ڪيون ٿا”
    “اُن مونجهاري مان نڪرڻ گهرجي ۽ رياست جو بلوچ ڏانهن ڪراهت جو سبب به تلاش ڪرڻ گهرجن، توهان ائين سمجهو ٿا؟” رتنا گهرام ڏانهن ڏسندي چيو.
    “ها! اها ڳالهه سڀ کان مقدم آهي” ڪڏهن ڪڏهن اسين ڪو فيصلو ڪري نه سگهندا آهيون، سردارن جو زمانو گذري ويو پر تڏهن به اسين انهن کي ئي پنهنجن مسئلن جو ذميوار سمجهندا آيا آهيون، سردار خطرناڪ آهي پر ان کان وڌيڪ رياست خطرناڪ آهي اها ڳالهه اسان چاغي جي سڙڻ کانپوءِ سمجهي، سردار جي اٿارٽي هاڻ معمولي نوعيت جي مسئلن تائين محدود ٿي وئي آهي، بلوچستان جو مقدمو سردارن جي ڪري منجهيل ڪونهي پر رياست جي طبقاتي بيهڪ ۽ انجي بک ڪري آهي، رياست جو مطلب پنجاب آهي” حقيقت ۾ گهرام اهي ڳالهيون ٿي ڪيون جيڪي هن جيئن جو تيئن سمجهيون آهن.
    “مان اها ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهيان ته بلوچستان حاڪم بلوچن جي مسئلن جا سنوان سڌا ذميوار ڪيئن ناهن؟ صوبائي حڪومتون ته مقامي بلوچن جون آهن” رتنا، گهرام کان پڇيو.
    “مان ڪيترن واقعن جو شاهد آهيان ته سردار محض روايتي ڪلچر جو حصو وڃي رهيو آهي، بلوچستان جا ڪيترا ماڻهو ته ائين به سمجهن ٿا ته هاڻ رياست کي انهن سردارن جي به ضرورت ڪانهي فوج هاڻ سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، مان توهان کي ٿو ٻڌايان ته هنن پوڙهن سردارن جو هاڻي ڪهڙو ڪم رهيو آهي
    سردار پنهنجي قبيلي جي غريب ماڻهن جا فيصلا ڪري ٿو، جنهن مان کيس چڱي آمدني ٿئي ٿي، فيصلي کانپوءِ بلند آواز ۾ دعا پڙهي ٿو، جنهن ۾ انسان لاءِ عذاب جا تفصيل ڄاڻايل هوندا آهن. جنهن ذريعي هو ثابت ڪرڻ چاهيندو آهي ته خدا ئي انسان لاءِ غذاب طئي ڪري ٿو ۽ ڪن ماڻهن کي نجات جو ذريعو ٺاهي ٿو ، جنهن جو مطلب اهو هوندو آهي ته سردار ئي توهانجي نجات جو ذريعو آهي. مان توهان کي پنهنجي دوست جو واقعو ٻڌايان ٿو . قبيلي جي ڪجهه ماڻهن منهنجي دوست عزيز احمد تي چوري جو الزام مڙهيو. دراصل ڳالهه اها هئي ته عزيز احمد پنهنجي بابا کي ششڪ ڏيڻ کان منع ڪيو هو جيڪو سرداري محصول آهي .
    سردار جي ماڻهن کي جڏهن خبر پئي ته عزيز احمد ششڪ جي خلاف ڳالهائيندو ٿو رهي ۽ والد کي به منع ڪيو اٿس ته هنن عزيز احمد مٿان چوري جو الزام مڙهي ڇڏيو، هن جي والد کي چيائون ته باه جي ساک وٺنداسين، باه جي ساک جو مطلب باه جي ٽانڊن مٿان گذرڻ عزيز احمد سان جڏهن هنجي والد ذڪر ڪيو ته هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي! ان سان سردار جي اٿارٽي قائم ٿي ويندي، مان ته ائين نه ڪندس پوءِ کڻي ڪجهه به ٿي پوي، هن نه ٿي چاهيو ته اهڙي رسم جو حصو ٿئي جنهن جو بنياد ئي جهالت ۽ وحشت تي ٻڌل آهي. توهانکي مان ٻڌايان ته سردارن جا ڇوڪرا بيڪار ، آواره ۽ پهرين درجي جا بدمعاش آهن پر ڪڏهن به ڪنهن کان باه جي ساک نه ورتي وئي آهي، اها باه صرف عام ماڻهو جي ٻارن لاءَ دکائي وئي آهي ته جيئن سردار جي طاقت جو اثر رهي. عام ماڻهو اهڙين تڪليفن کي برداشت ڪرڻ جو عادي ٿي ويو آهي، عزيز احمد جي بابا کي خبر هئي ته هن سان خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي، هن جي دل جي تڪليف ان احساس ڪري وڌندي پئي وڃي ته جي هي عزيز احمد کي ڪنهن به طرح راضي ڪري وٺي، تڏهن به ميڙ ۾ گهڻائي سردار جي ماڻهن جي هوندي، جيڪي ڪنهن به ريت عزيز احمد کي سزا ڏيارڻ چاهيندا، ڇاڪاڻ ته عزيز احمد سردار جي خاص آمدني يعني ششڪ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي، افسوس ته هي روايت اڄان به جاري آهي پر جيئن مون چيو ته سردار کي اهڙي ننڍڙي ڪم جي اجازت مليل آهي ته هو پنهنجن ماڻهن سان ائين ڪري سگهي ٿو، مون سان جڏهن عزيز احمد ذڪر ڪيو ته، اسين مقامي انتظاميه سان ملياسين جنهن سنئون سڌو اسان کي چيو ته جي توهان بي ڏوهي آهيو ته ان فيصلي کي قبول ڪيو،
    اسان چيو ته سردار کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته پوءِ توهان هي ادارا ڇو کوليو ويٺا آهيو؟ توهان اسان کي ۽ انهي ڌر کي تفتيش ۾ شامل ڪيو جنهن جي چوري ٿي آهي، هن چيو ته هتي اسان کان وڌيڪ سردار طاقتور آهي، هن ڳالهه تي اعتبار ڪندا ته عزيز احمد جي بابا پنهنجي ملڪيت وڪڻي سردار جو ڏنڊ ڀريو، هن کي خبر هئي ته اوائلي دور کان قائم سرداري نطام خلاف هي بيهي نه سگهندو.ڇاڪاڻ ته رياست عام ماڻهو جي بجاءِ سردار جي پويان بيٺل آهي، گهرام ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    رياست اجها هي آهي، جنهن سردار کي هڪ سائيز ۾ آڻڻ لاءِ ان کي ڪجهه رعايتون ڏنيون ته ڪجهه معاملن ۾ ان کان ڪجهه حق کسيا آهن. مثلن، پراپرٽي جو حق، زمين جيڪا ڪنهن وقت سردار جي ملڪيت سمجهي ويندي هئي هاڻ رياست جي آهي، مقامي راهدار جو حق به ائين آهي ته ٻيا ڪجهه معاملا به هاڻ سردارن وٽ ناهن رهيا.
    “چڱو، هاڻ مان اهو پُڇي سگهان ٿي ته، جديد دور جي تقاضا ۽ حقيقت ڪهڙي آهي ۽ توهان ان کان ڪيترا باخبر آهيو؟” رتنا هنن ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    بجار ۽ سندس دوست اهڙي سوال لاءِ تيار نه هئا، بجار پنهنجي آواز کي جائيتو ڪيو ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “اسان لاءِ هي سوال نهايت دلچسپ آهي” بجار وراڻيو، بجار هنن سڀني کان عمر ۾ ننڍو هو پر انجي باوجود هجڻ جي باوجود سڀني هن ڏانهن ٿي ڏٺو ، هن جي مختصر جواب جي ڪري سڀئي ڏانهس نهارڻ لڳا جنهن جو ظاهري طور تي مطلب اهو ئي هو ته سوال جو جواب به بجار ئي ڏئي.
    “ٿي سگهي ٿو ته منهنجيون ڳالهيون توهانجي سوال جي فقط ڪجهه پاسن کي ئي واضع ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته ان سوال لاءِ اسان ڪڏهن به سنجيدگي سان سوچيو ئي ڪونهي” بجار جي گفتگو، سنجيده هئي ۽ ان ۾ هلڪي مسڪراهٽ به شامل ٿي وئي هئي، ، جنهن سبب انجو چهرو وڌيڪ دلڪش ٿي پيو هو، جيتوڻيڪ اهو سوال معمولي نوعيت جو هو پر هنن کي ڄڻ ڪنهن ڳجهارت جيان ٿي محسوس ٿيو، جنهن هنن کي وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.
    “مون توهانجي اچڻ کان ٿورو اڳ پنهنجن دوستن سان به ان نقطي تي ڳالهايو هو، ايتري قدر جو اسين بلوچستان جي عجيب حالتن ۽ نوجوانن جي زندگي ۽ ملازمت جي معاملن تي به گفتگو ڪئي، اسين ان ڳالهه تي وڌيڪ سوچيو ته بلوچستان هميشه اهڙي حالت ۾ ته نه ٿو رهي سگهي، اسين پنهنجي مستقبل جي خوفائتي ڏينهن کي ڪنهن به طرح ختم ڪرڻ ٿا چاهيون، اهڙي قسم جي گفتگو، مان ڪلاس ۾ به ڪندو آهيان، توهان کي اعتبار ايندو ته انهن دوستن مان ڪجهه شاگرد جن کي عمده لباس پهريل هوندا آهن، منهنجن ڳالهين تي کلندا آهن ۽ ڪجهه ته وري پنهنجو ڌيان موبائل جي اسڪرين کان هٽائيندا ئي ناهن ۽ منهنجي گفتگو کي ڪنهن کاتي ۾ ئي نه آڻيندا آهن، انهن مان ڪجهه اهڙا به نوجوان آهن، جن جي دل کڻي سٺي هجي پر دماغ کان هو ان ڳالهه کي سمجهي ئي نه ٿي سگهيا ته مان ڇا پيو ڳالهايان ۽ ڪهڙي موضوع تي پيو ڳالهايان، مان پنهنجي ارد گرد جي دنيا ۾ هڪ طرف مذهب کي ته ٻئي طرف بيگانگي کي وڌندي ڏسي رهيو آهيان. بلوچستان جي نوجوان جي زندگي خطرناڪ حد تائين جهادي ۽ جوشيلي طرز واري ٿيندي پئي وڃي.
    هن ڪجهه سوچيندي چيو ته بلوچستان جديد دور جي تقاضائن ۽ حقيقتن کان گهڻو ڏور بيٺل آهي، اڃان ته بلوچستان جو ماڻهو پاڻي ، صحت، خوراڪ ۽ سرداري نظام جهڙن مسئلن کان ئي ٻاهر نڪري ناهي سگهيو، بيشڪ موجوده نسل کي ان نقطي تي سنجيده ٿيڻ گهرجي ۽ موجوده حالتن مطابق پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، مان ائين سمجهان ٿو ته اسان کي پنهنجي شين جو خيال رکڻ گهرجي، بلوچستان جي ادب، ٻولي، ۽ ڏاهپ ۾ نوان خيال آڻڻ گهرجن ۽ سياسي تحريڪن کي ماڻهن جو محافظ ٿيڻ گهرجي، بجار پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.
    “يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ هڪ عام تاثر اهو آهي ته هنن جو پڙهڻ ڏانهن گهٽ ۽ بائيڪاٽ تي زور گهڻو آهي، شاگرد ڪلاسن ۾ وڃن ئي ڪونه ۽ نه وري تعليم سان انهن جي ڪا دلچسپي ڇا ائين آهي؟” خديجه هنن کان سوال ڪيو.
    ها! ڪجهه ائين به آهي پر اسين اڄ تائين اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا آهيون ته انهن ئي شاگرد کي انتظاميه ۽ استاد پنهنجن آفيسن ۾ گهرائي ڪيڪ بسڪٽ کارائن ٿا، انهن جي چاپلوسي ڪن ٿا انهن جون غير ضروري ۽ غير قانوني ضرورتون پوريون ڪن ٿا . انهن کي سيٽون ڏين ٿا هاسٽلن جا ڪمرا ڏين ٿا، بلڪه پوري هاسٽل انهن جي حوالي ڪن ٿا ته پنهنجي مرضي جا شاگرد رهائن، يونيورسٽي انتظاميه شاگردن سان گڏجي ڇا ڇا ڪري ٿي، انجي ته اڃان اسانکي خبر ئي ڪانهي، اسين هتي عام شاگرد کي ٿا ڏسون ته اهو سخت تڪليف ۾ آهي، هي تعليمي خرچ جي بوجهه کان به پريشان آهي ته وري انتظامي نااهلي جو به شڪار آهي”
    “توهانجو تعلق ڪنهن اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن سان آهي” رتنا، معلوم ڪيو
    “جي ها”
    “ان مان توهان ڇا سکيا آهيو؟” رتنا ٻيهر سوال ڪيو.
    “مون ان مان ائين سکيو آهي ته سياست ذهني قابليت جو به نالو آهي“ بجار وراڻيو
    رتنا گهرام ڏانهن نهاريندي ان کان پڇيو؟
    “شاگرد سياست مان مون اهو سکيو ته، مان قوم جي عظيم سماجي توڙي سياسي مقصد لاءِ ڪارائتو ٿي سگهان ٿو ۽ مونکي اها جديد دنيا جي تقاضائن کان واقف رکي ٿي ۽ تعليمي حقن ڏانهن سنجيده ڪري ٿي” گهرام وراڻي ڏني،
    “ڪيترا ماڻهو شاگرد سياست کي خراب سمجهن ٿا، پنهنجن ٻارن کي روڪين ٿا، حڪمران به اهڙن خيالن جا آهن، توهان ڇا چوندو؟“ خديجه بجار کان سوال ڪيو.
    ”شاگرد سياست جو پروگرام اصلاحي نوعيت جو ٿئي ٿو” بجار وراڻيو، پر پاڪستان جهڙن ٻين ڪيترن ملڪن ۾ هن جو ڪردار ان ڪري سياسي ٿي وڃي ٿو ته رياست نوجوانن کي تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم رکي ٿي، نوجوان جي جدوجهد سياسي نوعيت جي ٿي وڃي ٿي، اسٽوڊنٽس فيڊريشن پوءِ ان ذريعي ثابت ڪرڻ چاهيندي آهي ته رياست ڪهڙي طبقي جي نمائنده آهي.
    آخر ڪهڙي سبب جي ڪري، هڪ رياست ماڻهن کي ذهني جسماني غلام رکي ٿي، مون ان سوال کي تڏهن سمجهيو جڏهن مان شاگرد سياست جو حصو ٿيس، هڪ شاگرد جا ڪهڙا حق آهن، ان سوال کي سمجهڻ لاءِ شاگرد سياست ڪرڻي پوي ٿي، مثلن، بلوچستان جي سياست ۾ هڪ رجحان اهو آهي ته فيڊريشن بلوچن جي دشمن آهي، مان ان سوال کي جيترو سمجهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو اوترو مون آڏو اها ڳالهه کُلي نروار ٿيندي وڃي ٿي ته، ڪالونيل دور جا پيدا ڪيل نظام پنهنجي متضاد صورت مان گذرن ٿا، انهي دور جا نظام ۽ رياستون عوام جي حقن کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ طبقن ۽ خاندانن کي تحفظ ڏين ٿيون. مان ائين سمجهان ٿو ته ڪالونيل دور جو خرابيون وڌيڪ چٽيون ٿينديون ۽ اسان کي جدوجهد ڪرڻ لاءِ درست رستي جي چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
    “بلوچ نوجوان پنهنجي ماحول کان نڪرڻ جي ڪوشش نه پيو ڪري ڇا ائين آهي؟ رتنا، بجار کان سوال ڪيو.
    ها! اهو فقط ڪنهن حد تائين، اجتمائي احساس، طبقاتي شعور اسان کي ٻين ڪيترن ئي پهلوئن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. پر جيئن ته ماڻهو پنهنجي ماحول مان ئي سکي ٿو، ان ڪري اهو صحيح آهي ته اسين پنهنجي ماحول کان متاثر آهيون، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي پوري تاريخ ويڙهه تي مشتمل آهي، بلوچستان جي ماڻهن جي محب وطني هن زمين سان وابسطه آهي توڙي جو هو ڪنهن فلاسافي کان واقف ناهي پر هن کي پنهنجن پهاڙن سان عشق آهي، هن پنهنجي زندگي جي ابتدا انهن جي درميان رهندي ڪئي آهي، ان ڪري مون هن ۾ بي رحمي به ڏٺي آهي ته رحمدلي به.”
    “يونيورسٽي اندر ڪيتريون شاگرد تنظيمون ڪم ڪن ٿيون؟” رتنا معلوم ڪيو.
    “ 8 کان 10” بجار وراڻي ڏني.
    “انهن جو هڪٻئي سان رويو ڪيئن آهي؟” رتنا معلوم ڪيو.
    “موقعي پرستي وارو، بلڪه هنن پاڻ کي ائين رکيو آهي،” بجار وراڻيو.
    “مطلب” رتنا وراڻيو.
    “شاگرد تنظيمون پنهنجي پروگرام کي ڪابه اهميت نه ٿيون ڏين هي انتظاميه کان رعايتون وٺن ٿيون ۽ ان بنياد تي شاگردن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿيون”
    ”ادب، ڪتاب رسالا وغيره پڙهو ٿا“ رتنا معلوم ڪيو.
    ”ڪجهه سال اڳ بلوچستان يونيورسٽي اندر پروگريسو اسٽوڊنٽس سياست جو چڱو خاصو اثر هو، جيڪو هاڻ تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي، افغانستان جي حالتن هن علا ئقي جي جاگرافيائي سياست تبديل ڪري ڇڏي آهي . مائيگريشن جيئن ته بنياد پرستي ۽ مذهبي جنونيت کي وڌائي ٿي، هتي به ائين ٿيو آهي، افغان مهاجرن جي اچڻ سان پرگريسو سياست جي جڳهه تي ڪٽر پڻو مضبوط ٿيو آهي.”
    “انجا ڪهڙا نقصان ٿيا آهن” خديجه پڇيو
    “تمام وڏا نقصان ٿيا آهن” بجار وراڻيو.
    “اسانکي هي حقيقت پوءِ سمجهه ۾ آئي ته ترقي پسند فڪر جي نسبت، قومپرستن کي مذهب پرستي ڇو ٿي ڀلي لڳي. بلوچستان ۾ ته اسين ائين ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، قومپرستن پوءِ هتي نسلي بنياد تي ڪجهه استادن کي يونيورسٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، هنن ائين ڪري ڄڻ بلوچستان لاءَ علم ۽ فهم جا دروازا بند ڪيا ۽ مذهبي جنونيت لاءِ دروزا کوليا، پوءِ ته جماعتين کي به موقعو مليو ته يونيورسٽي ۾ پنهنجا پير ڄمائين”
    “بلوچستان يونيورسٽي کي ڪيئن هئڻ گهرجي، ان لاءِ توهانجو ڪو ڪردار آهي” توڪلي شاگرد کان سوال ڪيو.
    “ها! مونکي ڏک ٿئي ٿو، جڏهن مان پنهنجي ڪردار تي سوچيان ٿو” گهرام چوڻ لڳو، حقيقت هي آهي ته اسانجو ڪردار گهڻو مثبت ڪونهي،
    پر مونکي اڃان ڪجهه ٻيو لڳي ٿو ، هي ذهني قابليت جو ته مسئلو ناهي، هي پهريون دفعو ناهي، هر دفعي ڪنهن عظيم مقصد لاءِ مان پاڻ کي ڪارائتو سمجهان ئي ڪونه ٿو، انجو مطلب اهو آهي ته منهنجي ذهني قابليت به سطحي آهي، مان شايد گهڻي وقت تائين ان حقيقت کان انڪار ڪندو رهيس، پر هاڻ شايد ان حقيقت کي مڃڻو پوندو ته بلوچستان جا ماڻهو اجتمائي احساس وارا ماڻهو ناهن، هنن ڪڏهن به پاڻ کي اهڙو ثابت ناهي ڪيو، هن فقط پنهنجي راڄ ڀاڳ مال ملڪيت جو ئي سوچيو آهي، سڀ ائين ئي سوچين ٿا، ان ڪري عجيب قسم جي خود فريبي ۾ مبتلا آهن، هي وزير اعلي عجيب مسخرو آهي، جنهن کي پنهنجي قبيلي جي تاريخ کان علاوه ٻي ڪنهن شي جي خبر ئي ڪانهي، هن کي ماڻهن کان نفرت آهي ۽ ماڻهو هن کي پنهنجو سردار سمجهي فخر ڪن ٿا، هي ماڻهن جي بيعزتي ڪندو رهي ٿو، انجي باوجود هنن کي ڪير چوڻ وارو ڪونهي، هي سڀ شيون ظاهر ڪن ٿيون ته اسانجي قابليت به سطحي آهي، گهرام جوش مان ڳالهائيندي ٿي ويو، هي چون ٿا ته آزادي جا رستا پهاڙن مان نڪرن ٿا. پرپاڻ گوادر جي زمين ڌارين کي وڪڻي ڏين ٿا، يونيورسٽيز ڪٿان نئون انسان پيدا ڪنديون، هي پاڻ بيمار ماڻهن جي سهاري تي هلن ٿيون، هي وائيس چانسلر فوجين جو گماشتو ، انهن جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ويٺو آهي، هي چوڪيدار جن کي ته ڪير بلوچستان جي کاڻين ۾ مترڪي سان پٿر ڪٽڻ لاءِ به نه رکي، هي عليٰ تعليمي ادارن جا چانسلر آهن، هنن ۽ اهڙن ڪيترن ماڻهن بلوچستان کي داغ دار ڪري ڇڏيو آهي. هنن جي ڪارڻ ڪيترا نوجوان تعليم جي حق کان محروم رهن ٿا.
    بيشڪ اسان ئي بلوچستان جي سڀاڻي جا ذميوار سمجهيا وينداسين، اسان وٽ ڪو جواب نه هوندو جڏهن نوجوان اسان کان پڇندا ته توهان ان وقت ڇا پئي ڪيو جڏهن بلوچستان مصيبت ۾ هو.گهرام روح جي گهرائي مان ڳالهائي رهيو هو.
    “علحدگي ئي انهن مصيبتن جو حل آهي، عام ماڻهو ائين سمجهي ٿو؟” رتنا گهرام کان سوال ڪيو.
    “عام ماڻهو جو سوال مختلف آهي” گهرام وراڻيو، علحدگي جو سوال سردارن جي دل وٽان آهي يا مڊل ڪلاس جي رومانوي انداز واري سياست ڪرڻ وارن جو هي محبوب مشغلو آهي، عام ماڻهو جي زندگي ۾ جهاتي پائيندوء ته هو هر طرف کان ٽٽل ڦٽل، محروم ۽ انتهائي بد تر حالت ۾ آهي، ان کي معاشي طور سردار، ششڪ جي صورت به لٽي رهيو آهي ته حڪمران ٽيڪس جي صورت ۾ ، پري پري تائين نه انهن جي ٻارن لاءِ اسڪول آهن نه اسپتال نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، تاريخ جو استاد پنهنجي ليڪچر جي شروعات ئي اُتان ڪري ٿو ته پهاڙن جو پاڻي ۽ خانه بدوشي بلوچن جي ثقافت آهي، هي انسان جي انتهائي غمزده حياتي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهي، هي ڄاڻي واڻي نوجوانن کي معاشي سوال ۽ بيداري جي سوال کان ڏور رکن ٿا. هي اهڙيون ڳالهيون ڪري نوجوانن کي ذهني طور غريب رکڻ چاهين ٿا، مزي جي ڳالهه ته اهو سڀ اهي ماڻهو چئي رهيا آهن، جيڪي هاڻ شهرن ۾ سيٽل ٿي چڪا آهن ۽ ڪنهن طرح سرڪاري خزاني مان مناسب حصو وٺن ٿا. سيرينا هوٽل جي ايئرڪنديشن هال ۾ ثقافت تي ڀاشڻ ڏين ٿا ۽ اين جي اوز جي کاتي مان پئسه وصول ڪن ٿا.
    “گوادر جي ترقي متعلق توهان نوجوانن جي ڪهڙي راءِ آهي” رتنا شاگردن کان سوال پڇيو
    “ها ! ترقي ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گهڻي وقت تائين ترقي کي روڪي نه ٿو سگهجي، پر بلوچن جي خدشن کي دور ڪرڻ کانسواءِ ائين ٿيو ته انجا نتيجا خراب نڪرندا” بجار وراڻيو.
    “ڪهڙا خدشا ؟” خديجه پڇيو.
    “هي رڳو معاشي ترقي جو سوال ناهي، پر ساڳي وقت انساني حقن ۽ مقامي وسيلن جي حفاظت جو سوال به آهي” بجار گرمجوشي مان وراڻيو،
    انهي حقيقت کان ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهجي ته بلوچستان جي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه آهي بلوچن جو آهي، ڪير ائين سوچي ٿو ته بلوچن کي ماري انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري سگهجي ٿو ته اهو ناممڪن آهي، خدا هر ماڻهو جي قدمن هيٺان انجي زندگي جي گذر سفر جا به ذريعا رکيا آهن، ۽ ان کي ان کان باخبر به رکيو آهي، جنهن لاءِ هو سدائين وڙهيو آهي ۽ اڳتي به وڙهندو، جيڪڏهن ڪنهن ان کي انجي ان حق کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته انجا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، اسان بلوچ زير زمين ڏنل خزانن تي هميشه خدا جا شڪرگذار رهيا آهيون، هُن ڪنهن جي مُحتاجي کانسواءِ اسان لاءِ چشمن جي پاڻي جو بندوبست ڪيو، فصل لاءِ زرخيز زمين ڏني ، پهاڙن جو قيمتي پٿر ڏنو ، انهن کي بيشمار معدنيات سان ڀري ڇڏيو . خدا جا فيصلا هر ماڻهو لاءِ شاندار معني رکن ٿا. انهن سڀني تي حق به مقامي ماڻهن جو آهي، ان مان هنن کي ڪير به بيدخل نه ٿو ڪري سگهي.”
    ”علم ڇا آهي؟” معاف ڪجو مان توهان کان سمجهڻ چاهيان ٿو،ڄام دُرڪ سڀني ڏانهن نهاريندي سوال ڪيو.
    “علم ، ضرورتن مان هڪ ضرورت آهي” گهرام جو خيال هو.
    “علم ،آگاهي آهي” منهنجي خيال ۾، بجار وراڻيو.
    “علم ، انسان جي اندر جي طوفان کي گهٽائي ٿو ۽ زنده رهڻ ۾ مدد ڪري ٿو” زاهد بلوچ جو تبصرو هو .
    “توهان پنهنجي راءِ ڏيو” بجار، ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو.
    مونکي عجب ٿو لڳي ته مان علم تي پنهنجي راءِ ڏيان، مون ته توهان کان سکڻ ٿي چاهيو، توهان علم ۽ علمي ماڻهن جي درميان رهو ٿا، مون لاءِ توهانجي راءِ اهم آهي پر تڏهن به مان ائين سمجهان ٿو ته علم ڪڏهن مڪمل ٿئي ئي ڪونه ٿو“ مونکي مٿس ڪڏهن به اعتبار ناهي رهيو، منهنجي سامهون انجو هڪ روپ هوندو آهي ته ٻئي لمحي انجي حقيقت ڪجهه ٻي هوندي آهي. هي تبديل ٿيندڙ حالتن سان تبديل ٿئي ٿو، علم جي حقيقت اها آهي ته هو نه ڪڏهن ختم ٿئي ٿو نه وري توهان کي سڪون سان رهڻ ڏئي ٿو. ائين ممڪن ئي ڪونهي ته مان هن کانسواءِ ڪٿي به رهي سگهان، هن کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، هن جون مهربانيون شاندار آهن، تيز دماغ هن ذريعي راڄ ڪن ٿا ته معصوم دليون هنجي هٿان مارجن ٿيون.
    “خدا توهان کي سلامت رکندو، توهان سان شاندار گفتگو رهي” خديجه ۽ سندس ساٿي ائين چئي اُٿي بيٺا
    خديجه ۽ سندس دوست فيڪلٽي آف آرٽس ڏانهن روانا ٿي ويا.


    27

    پيرڪ خوشي مان مسڪرائڻ لڳو، هن جو دوست نصير خان هنجي سامهون بيٺو هو. هن جوش مان ڀاڪر پائي سندس ڳل چميا . نصير جون اکيون پيرڪ کي ڏسي چمڪي پيون. هن آڌرڀاءُ جا لفظ ادا ڪندي چيو دوست مون توهانجو ئي پئي انتظار ڪيو. نصير سڀني کي سلام ڪيو ۽ سڀئي دوست نصير جي آفيس ڏانهن روانا ٿي ويا. جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه ليڪچرار ۽ پروفيسر هنن جو انتظار ڪري رهيا هئا.
    پيرڪ، هرهڪ دوست جو تعارف ڪرايو. ۽ هنن جي اچڻ جو مقصد به بيان ڪيو.
    “توهان هتي آيا اسان کي خوشي ٿي” نصير گرمجوشي وچان سڀني ڏانهن نهاريندي چيو.
    “پروفيسر بهادر ڪيئن آهي؟” نصير خان ، باران کان پڇيو.
    “سرفرازي سان قائم ۽ دائم آهي” باران وراڻيو.
    پروفيسر بهادر هتان جڏهن ويو ٿي ته مون سوچيو ته هي شخص لاهور جي تنگ ڳلين ۾ ڪيئن رهي سگهندو، نصير پروفيسر بهادر کي ياد ڪندي چيو، هن جو آواره روح ڪشادي آسمان تي اُڏرڻ جو عادي آهي، هي ڪيئن پنهنجو پاڻ کي سنڀالي سگهندو. پر هو ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، بلڪه هن ائين ڪري ڏيکاريو ته هڪ ڪامريڊ پاڻ کي ڪيئن ضابطي ۾ رکي سگهي ٿو.
    پروفيسر بهادر واقعي به ڪمال جو ماڻهو آهي.خديجه ان لاءِ ٺيڪ چوندي آهي ته انجو روح بلوچستان ۾ اٽڪيل آهي، باران بلوچ، پروفيسر کي ياد ڪندي چيو، لاهور ۾ ته انجو جسم آهي، هنجي ڳالهين جي تازگي ۽ حرارت اڄ به پنهنجي ساڳي توانائي سان برقرار آهي. هي ئي آهي جنهن اسان کي ان قابل ٺاهيو جو اسين پنهنجي ذات کان ٻاهر جي دنيا ۾ نڪري سگهياسين، هن جي موجودگي سبب اسان زندگي جي ڪيترن حقيقتن کان واقف ٿي سگهياسين، هي نه هجي ها ته شايد اسان مان هر ماڻهو مصنوعي حياتي گذاري مري وڃي ها.
    “ها بلڪل” تون صحيح ٿو چوين باران، نصير وراڻيو، مان توکي پروفيسر متعلق هڪ واقعو ٻڌايان ٿو.
    پروفيسر کي ڪنهن ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد وڃڻو هو، باءِ ايئر ٽڪيٽ هجڻ جي باوجود هن فيصلو ڪيو ته باءِ روڊ ويندو، مون کيس تعجب مان پڇيو، ائين ڇوٿا ڪيو، چيائين باءِ روڊ ماڻهن سان ملڻ جلڻ جو موقعو ملي ٿو، عام ماڻهو جي خاموش نگاهن جي اداسي کي سمجهڻ لاءِ انهن جي نزديڪ وڃڻو پوندو، مان ته هنجو هميشه کان شڪر گذار رهان ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ فلسفي کي ٻڌڻ جي قيمت ادا ڪرڻي نه ٿي پوي، هي ته منهنجي ڀر ۾ ويهي بغير ڪنهن معاوضي جي سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندو منهنجي من کي ڇيڙيندو ۽ خاموش ڪندو وڃي ٿو، مان هنجي هر ڳالهه کي سچو سمجهندي ها ۾ ها ملائيندو وڃان ٿو، ڇاڪاڻ ته هنجي گفتگو ڪنهن رياڪار چالباز جيان ڪنهن جي شان ۾ بيان ٿيل يا اُتاريل نه هوندي آهي ، ائين هجي ته شايد مان هنجو هڪ لفظ به سمجهي نه سگهان، هو چوندو آهي ته انسان کي صاف موسيقي جي رڌم جيان هجڻ گهرجي، آبشار جي پاڻي جيان هجڻ گهرجي، ۽ اهڙو هجڻ گهرجي جنهن کي سمجهي سگهجي، پيار ڪري سگهجي. پروفيسر بهادر چوندو هو ته لوڪل ۽ کٽارا بسن اندر هڪ دنيا آباد هوندي آهي ، زندگي جا اصل موضوع اتان ئي ملن ٿا.اهڙا شاندار موضوع، قيمتي خيال ۽ ماڻهو مفت ۾ ملن ته باءِ ايئر جي عياشي ڇو ڪجي مان اهڙا هزارين هوائي سفر انهن ماڻهن مٿان قربان ڪري سگهان ٿو.
    باران توکي خبر آهي ته پروفيسر بهادر جو گهر دنيا جهان جي ماڻهن سان ڀريو پيو هوندو هو ۽ هر ماڻهو کي ڍءُ تي ماني ملندي هئي ، مٿين منزل تي پروفيسر بهادر جو دوست رام جي سنگهاڻي پنهنجي ٻارن سان رهندو هو .
    رام جي سنگهاڻي اهو جنهن جي زمين تي بلوچ قبيلي جي ڪجهه ماڻهن قبضو ڪيو ته هن ڪابه مزاحمت نه ڪئي، هن محض ايترو چيو ته زمين ماءُ آهي هن لاءِ رت وهائجي اِها سٺي ڳالهه ناهي، توهان کي هي کپي ته کڻو ان لاءِ ڪنهن جو خون نه ڪيو ۽ نه رت وهايو.
    مونکي جي سنگهاڻي جو شاداب چهرو ياد آهي، هن هتي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو ، انجي باوجود هنجي چهري تي مون ڪڏهن گهنج نه ڏٺو، پيرڪ، جي سنگهاڻي کي ياد ڪندي چيو.
    توڪلي پيرڪ کي چيو پاڻ جڏهن سنگهاڻي سان مليا هئاسين ته هنجي چهري تي ڪيڏو سڪون هو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو. جي سنگهاڻي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي باوجود پنهنجا ٻار وٺي پروفيسر بهادر وٽ اچي رهيو . هن کي ڪنهن کان ڪا شڪايت نه هئي، هن جي واتان مون هميشه سٺا ۽ سهڻا لفظ ئي ٻُڌا، هي ڪجهه وقت بورڊنگ هائوس ۾ رهيو ، جتي هن ۽ هنجي گهر واري آنند آشرم جي نالي سان بيمار ۽ ضعيف ماڻهن جي علاج ۽ دوا درمل جو مفت ادارو قائم ڪيو، هن جي گهر واري ڊاڪٽر هئي، هن جي هٿن کي خدا ٺاهيو ئي شفا ۽ شفقت لاءِ هو، هن آشرم ۾ جيڪي آيا ۽ جڏهن آيا پنهنجا غم، ڏک ۽ تڪيلفون وساري ويا، هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو هڪ ڪٽر جماعتي جيڪو خود هڪ مهاجر ۽ يوپي مان مائگريٽ ڪري آيو هو تنهن جي سنگهاڻي کي طعنو ڏيندي چيو ته توهان کي ته هاڻ هندوستان لڏي وڃڻ گهرجي، هاڻ توهانجو اهو ئي ته ديش آهي، جي سنگهاڻي ڪڏهن به تکو نه ڳالهايو، هن ڳالهه هن کي سخت تڪليف پهچائي، هن ان کي سڌو چيو مهاجر ته تون آهين، مان ته هتي پنج هزار سالن کان رهندو پيو اچان، مان ڇو وڃان. اهو جماعتي پوءِ ته انجي پويان ئي پئجي ويو، هڪ ڀيري هن جي گهر واري بيمار ٿي پئي، هن جو علاج ڊاڪٽر نرملا ڪيو جنهن مان هو شفاياب ٿي وئي. مونکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ان واقعي هن کي ڪيترين راتين تائين جاڳائي رکيو هوندو، هي شرنارٿي ڪيئن ٿي ٿي سگهيو هنجو پيچ ته هن زمين سان هو، باوجود انجي جو هن جا ڪيترا دوست، ساٿي مائيگريٽ ڪري ويا، هي اڪيلو ۽ تنها به ٿي ويو، ملڪيت تي به ٻين قبضو ڪيو، انجي باوجود هن پنهنجو سنڱ سياپو هن ڌرتي سان جوڙي رکيو،”
    هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪانه ڪئي ، هڪ ڀيري پروفيسر بهادر سندن گهر ويو ته بورڊنگ هائوس جي هڪ ننڍي ۽ بوسيد ڪمري ۾ کين ايڏو خوش ڏٺو ڄڻ دنيا جون بيشمار نعمتون ان ڪمري ۾ ئي هجن، پاڻ ۽ سندس زال ڊاڪٽر نرملا ائين ٿي ڳالهايو ڄڻ گلاب ٿي ٽڙيا، پرفيسر بهادر هنن کي ننڍڙي ڪمري ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندي ٻڌو، هن کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي ته هنن هڪ لمحي لاءِ به هڪٻئي سان معمولي قسم جي ڪا شڪايت نه ڪئي، هنن جي عظمت کي ڏسي پروفيسر بهادر هنن کي چيو توهان مون وٽ هلو، هنن ان دوران ڪو به جواب نه ڏنو . جي سنگهاڻي پروفيسر بهادر کي چيو.
    “ڀائي بهادر! خدا اکيون ڏنيون آهن ڏسڻ جي لاءِ پر ان مان اسين ڇاٿا ڏسون، انجو مدار ته اسانجي عقل ۽ فهم تي آهي، ڏک ۽ تڪليفون اکين جي خوبصورتي وڌائين ٿيون، لڙڪ اظهار هوندا آهن ته توهان مضبوط تعلق سان جڙيل آهيو. عظيم انسان جو ري ايڪشن اکين مان جهلڪندو آهي، تون جي شاعر آهين ته سمجهي سگهين ٿو، ڇاڪاڻ ته اکيون ئي درست ۽ صحيح منصف آهن، عظيم انسانن جا چهرا اکين جي نماڻائي، محبت سان منور دل ۽ سڪون جهڙي نعمت ڪري عظيم هوندا آهن. منهنجون اکيون انهن ماڻهن جي اڳيان ڪجهه به ناهن پر مان ڪوشش ڪيان ٿو ته انهن ماڻهن جي راه تي هلندي پنهنجو پاڻ کي ٻين اڳيان نوايان ۽ پنهنجي باقي بچيل وقت کي ٻين انسانن لاءِ وقف ڪيان، منهنجون اکيون اهو نه ٿيون ڏسن ته ڪمرو سوڙهو آهي، ديوارون رنگ کان محروم آهن، مون لاءِ اهي ڳالهيون ان قدر اهم ناهن ”
    پروفيسر بهادر موٽي آيو . ڪجهه عرصي کانپوءِ بورڊنگ هائوس بند ٿيڻ شروع ٿيا ته جي سنگهاڻي ۽ ڊاڪٽر نرملا پنهنجو سامان کڻي اچي پروفيسر جي گهر جي مٿين پورشن تي رکيو، ان ڏينهن پروفيسر بهادر کي جيترو مون خوش ڏٺو پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هو.
    مسٽر ڪمال ٺيڪ چوندو هو ته مسلمان تلوار ۽ بندوقون هلائي هلائي بي رحم ٿي ويا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي فرقه پرستي، نسل پرستي ۽ هاڻ قوم پرستي ۾ ان قدر ورهايو آهي جو هاڻ هنن جو گڏجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو، هنن پنهنجي اندر ۾ هڪٻئي لاءِ ايترو ته زهر ڀري ڇڏيو آهي جو هنن کي هاڻ هندوستان ، پاڪستان ۽ بلوچستان کان علاوه ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.
    “مسٽر ڪمال ڪير آهي؟” رتنا، نصير کان معلوم ڪيو.
    هو توکي ڪنهن سرڪاري اسپتال جي ڌم جي مريضن وانگر ڪمزور ۽ عاجزي وارو انسان معلوم ٿيندو، سندس پيٽ پُٺي سان لڳل. هو توکي قطعي مرڻ واري حالت جهڙو معلوم ٿيندو، پر دراصل هو بلند ڪردار ۽ هڪ بهادر شخص آهي، هو پنهنجي هاٺي جي ڪري ائين آهي ورنه هو پنهنجي خيالن ۾ ٻلوان آهي، هنجي گفتگو ڪنهن راز جيان کُلي ٿي ۽ پوءِ کُلندي وڃي ٿي،هو بنا ڪنهن ساهي جي ڪيترا ڪلاڪ ڳالهائي سگهي ٿو، سندس چهري جي بناوٽ ته معمولي آهي پر اکين ۾ دوستاڻي چمڪ کيس هر وقت ماڻهن ۽ شاگردن جي نزديڪ رکي ٿي، مٿي جا وار ڊگها ۽ منجهيل هجڻ ڪري ڪيترا ماڻهو هن کي يونيورسٽي جو پروفيسر سمجهڻ بجاءَ ٽي وي ڊرامن جو فنڪار سمجهندا آهن، هي ڪيترن خوبين جو مالڪ آهي، ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به شروعات نه ڪندو آهي، ڳالهائيندڙ کي پورو موقعو ڏيندو آهي ته پنهنجي ڳالهه پوري ڪري، ان کانپوءِ هي پيشقدمي ڪندو آهي، هن مٿان ڪيتريون ئي تهمتون لڳيون، دهريي هجڻ جون ته ڪڏهن بلوچن جي ايجنٽ جون ته ڪڏهن ڪميونسٽ هجڻ جون، هي ائين ته سڀني جو آهي، پر پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ مهل هي ڪنهن جو به ناهي، ان وقت هي تاريخ جو استاد، جديد دور جو رهنما ۽ هڪ سٺو انسان۽ دوست ٿي ڳالهائي ٿو.
    دراصل، مسٽر ڪمال ۽ جي سنگهاڻي جي ڪهاڻي هڪ جهڙي ۽ هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي،” نصير وراڻيو.
    “ماڻهو اگر زنده آهي ته پنهنجي آدرش ۽ پنهنجي فڪر سان، مسٽر ڪمال کي ان طرح جي زندگي گذارڻ کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، هي نه چاهيندي به فيصل آباد شفٽ ٿي ويو
    مسٽر ڪمال بلوچستان يونيورسٽي ۾ تاريخ پڙهائيندو هو، هُو تاريخ جي انسائيڪلوپيديا آهي، هن فلسفي جي تاريخ کي محض ياد رکڻ ۽ وسارڻ کان مٿي سنئو سڌو انسان جي آزادي ۽ قومن جي تبديلي سان جوڙيو، هي ٺيڪ چوندو هو ته، سوشلزم جو مقابلو مذهب ئي ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته سوشلزم ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت آهي، مذهب ائين ناهي، ان ڪري سرمائيداري ماڻهن جي هٿن ۾ اهڙو هٿيار ڏنو جنهن کي اکيون ٻوٽي هلائڻو هو، جيڪو خوب هليو، پروفيسر بهادر جي ذريعي مسٽر ڪمال جي واقفيت جي سنگهاڻي سان ٿي جيڪا پوءِ دوستي ۾ تبديل ٿي وئي، پروفيسر بهادر جي نسبت مسٽر ڪمال بي باڪ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪ جرعت مند انسان هو، هن کان پنهنجا دوست پڇندا هئا ته ڪمال توکي اهڙو سخت موقف رکندي خوف نه ٿو ٿئي، ته هو چوندو هو،
    “تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي، مان ته انسان کي اهي واقعا ياد ڏياريندو آهيان جيڪي ان کان سرزد ٿيا جيڪي هاڻ نه ٿيڻ گهرجن” هو چوندو هو ته،
    “تاريخ ۾ عورت سان ڇاڪيو ويو ۽ مردن ڪيئن شيطان جي جڳهه والاري، ان کي دهرائڻ سان انسانيت دير تائين سلامت رهي نه سگهندي، خدا کي ڪنهن جانور جي قرباني نه کپي، پر هي انسان خدا آڏو ڪيئن بيهي سگهندو جڏهن هي شرمندگي سان پنهنجا گناه ڳڻائيندو ويندو، هن ڳالهه کي ڇڏيو ته توهان هڪ زنده وجود آهيو، پر اهو خيال ڪيو ته زندگي توهانجي هٿن، اکين، قدمن ۽ خيالن کان گذري اڳتي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته زمين تي انسان کي اڇلايو نه ويو هو، پر ان کي تهذيب ۽ تمدن جي آغاز واسطي مرحلي وار ارتقا جي رستي مان گذرڻو پيو.
    هن ڪڏهن به پاڪستان جي تاريخ کي مذهب سان نه جوڙيو، هن ڪڏهن به ائين نه چيو ته پاڪستان جي جنم جو بنياد ڪو مذهب هو، بلڪه هن جو موقف واضع هو ته زمين تقسيم ٿي پر مسلمانن ڇا ڪيو، يوپي ۽ سي پي وارن لاءِ ڪئمپن ۾ ٽئي وقت جي ماني پهچائيندا هئا، اڳتي هلي انهن اهڙيون حرڪتون ڪيون جنهن ڪري هن زمين جا مقامي رهواسي لڏڻ جي مجبور ٿي بيٺا، مذهب ماڻهن جو اکيون ڦيرائي ڇڏيون، هو انسان مان ڦري وحشي ٿي بيٺا، ٻنهي طرف کان مذهب جا واپاري سرگرم ٿي ويا، هڪٻئي کي ماريندا ائين زمين تي اُڇليندا ويا ڄڻ انسان نه، ردي جي ڪاغذ جا ٽڪرا هجن، توهان کي خبر آهي لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ماڻهو لڏيا ۽ ماريا ويا جنهن ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ ٻارن جو آهي، تاريخ جي اها سڀ کان وڏي مائيگريشن هئي، توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پڇندا ته چوندا اهو سڀ پاڪستان لاءِ هو پر مان چوان ٿو ته اهو مخصوص طبقن جي مفادن لاءِ هو. جيڪب آباد، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ٻروچن ته حد ڪري ڇڏي، اهي ٻروچ جيڪي هندن جا مقروض هئا، تقسيم کان پوءِ هڪ دم آسودا ٿي ويا بلڪه تر جا زميندار ٿي ويا، سنڌين، هندن جي ڇڏيل ملڪيت کي امانت ٿي سمجهيو ته بلوچ قبيلن انهن تي قبضو ڪيو،، ڪٿي ته انهن هندن کي ڊيڄاري ڌمڪائي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندن متاع سستي قيمت تي خريد ڪيو، هاڻ هو زمين جي طاقت جي آڌار تي ماڻهن جا فيصلا ڪن ٿا، اسيمبلين جا ميمبر ٿين ٿا ته ۽ سنڌ جي بدقسمتي تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏين ٿا، هو چوندو هو ته جابلو قوم جي نسبت زرخيز ۽ سڌي زمين جا ماڻهو وڌيڪ سفر ڪندا ۽ ڦُربا رهيا آهن،
    هڪ ڀيري مسٽر ڪمال سان ڇا ٿيو، مان توهان کي ٻڌايان ٿو، نصير، توڪلي، خديجه ۽ دوستن سان مخاطب ٿيندي چيو . مسٽر ڪمال تاريخ جو ڪلاس پئي ورتو، ڪلاس ۾ هڪ مذهبي جماعت جا شاگرد به ويٺل هئا مسٽر ڪمال، ايشيا جي سياسي تاريخ تي ڳالهائي رهيو هو، هن کان ڪنهن سوال ڪيو ته بلوچستان جي تاريخ ۽ تهذيب جي ابتدا ڪٿان ٿئي ٿي؟
    مسٽرڪمال جواب ڏيندي چيو، جنهن تهذيب جا اڄ اسين وارث آهيون آريا تهذيب جو تسلسل آهي هن پوري اعتماد سان جواب ڏنو، اسين سڀ انجي پيداوار آهيون، اسانجو اڄ جو مذهب اوائلي هنڌو ڌرم جي پريڪٽس تي ٻڌل آهي، بلڪه ايشيا جي تهذيب آريا تهذيب جي جسم ۽ ذهين جي پيداوار آهي، بلوچستان ۾ اوئلي دور جا ڪُرد ٻروچ باه جي پوڄا ڪندا هئا، پنڌران جي پهاڙي چوٽين تي موجود زرتشتين جا قبرستان ۽ آثار اڃان به موجود آهن، جيڪي باه جي پوڄا ڪندا هئا، چندرگپت ۽ اشوڪ جي زماني کان ٻڌ مت جا آثار ڇلگڙي ۽ تنبو جي علائقن ۾ نظر اچن ٿا. محمد بن قاسم جي اچڻ کان به پهرين 635 عيسوي راءِ خاندان جي بادشاهت جو سال، جنهن سنڌ، ملتان کان بلوچستان جي پهاڙن وارن علائقن کي پنهنجي سلطنت ۾شامل ڪيو، جنهن ۾ بلوچستان جو جهالاوان جو علائقو به شامل هو. اسلام ته گهڻو پوءِ هن خطي ۾ آيو، چيو وڃي ٿو ته هن خطي ۾ اسلام محمد بن قاسم جي ذريعي پکڙيو، سوال آهي ته محمد بن قاسم ۽ راجه ڏاهر جي خونخوار جنگ جو بنياد ڪهڙو هو، راجه ڏاهر دنيا جي باقي بادشاهن جيان سنڌ تي راڄ ڪري رهيو هو، ائين جيئن حجاج بن يوسف بصره تي راڄ ڪري رهيو هو، ته پوءِ آخر محمد بن قاسم کي ڪهڙي مقصد لاءِ سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جيڪڏهن اسلام جو ئي جهنڊو بلند ڪرڻو هو ته پهرين دجله ۽ فرات کان شروع ڪري ها جيڪي هن کي سنڌ کان وڌيڪ نزديڪ جون سرحدون هيون، دنيا جي پوري تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا جي مهذب تهذيبن هميشه ڦورن هٿان ڦربيون رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي خوشحال ۽ امن پسند هيون، تڏهن سنڌ ۾ ڪپهه جو شاندار فصل ٿيندو هو ۽ هاڻ به ٿئي ٿو، جنهن مان دنيا جو قيمتي ڪپڙو ٺهي ٿو، عرب سامراجيت کي سنڌ ۽ بلوچستان جهڙي خوشحال ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ ڪپهه جهڙي شاندار فصل ۽ ان مان ٺهندڙ قيمتي ڪپڙي جي خبر پئي ته لڳا الزام هڻڻ ته راجه ڏاهر تنهنجي علائقي ۾ اسانجا جهاز ڦُريا ويا آهن ، مال موٽرائي ڏي ، تنهن زماني ۾ بحري قزاق قريب قريب سمورن ملڪن جي جهازن کي لٽي فرار ٿي ويندا هئا انهن تي ڪنهن جو اختيار ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو ڪنٽرول نه هو ، اها ڳالهه سڀني کي معلوم هئي انجي باوجود هن راجه ڏاهر ڏانهن ڌمڪي ڏياري موڪلي ته سامان موٽرائي ڏي، مسٽر ڪمال چيو ٿي ته، مونکي ته انهي ڳالهه جو به شڪ آهي ته حجاج بن يوسف جا جهاز ڦُريا ئي ڪو نه ويا هئا ، هن سنڌ تي چڙهائي جو بهانو ڪيو هو. جڏهن ته ٻيو سبب هن چيو ته اهو ٿو معلوم ٿئي ته حجاج بن يوسف بصره جي ٻن اهم صوفي بزرگن جو خون ڪيو هو ان مان هڪ هو عبدالله بن زبير ۽ ٻيو سندس ڀاءُ منصور جنهن جون هن ٽنگون ۽ ٻاهون وڍرايون، هي ٻئي بيبي اُسمه جا پٽ هئا جيڪا حضرت محمد صه جي ويجهي رشتي ۾ هئي، هن واقعي بصره جي ماڻهن ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪئي ۽ هن خلاف عوام ۽ فوج ۾ ڳُجهي مخالفت به ٿيڻ لڳي جنهن کي ماٺي ڪرڻ لاءِ هن کي ڪجهه اهڙو ڪرڻو هو جيئن عوام ۽ فوج جو ڌيان هٽي، ان وقت جو خليفو وليد بن مروان هن جي اشارن تي هلندو هو ۽ هي پاڻ بصره جو گورنر هو، هن ڪوڙيون سچيون ڪهاڻيون گهڙي خليفي وليد بن مروان کي سنڌ تي چڙهائي لاءِ راضي ڪري ورتو، ۽ محمد بن قاسم کي حڪم ڏنو ته سنڌ تي حملي جي تياري ڪري، جنهن لاءِ افواه هئا ته قاسم، حجاج بن يوسف جي حرم جي عورتن تي بُري نظر رکي ٿو، راجه ڏاهر ته بهادري سان وڙهيو پر پوءِ برهمڻ جي هڪ خاص حلقي هن سان غداري ڪئي، ان ڳالهه کي به تصديق ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهڙي قسم جي ڪا غداري ٿي به هئي يا نه، پرڪجهه مورخ چون ٿا ته راجه ڏاهر سان ڪا غداري نه ٿي، پر جيئن ته محمد بن قاسم پاڻ سان 6000 کان به مٿي جنگجو سپاهي آندا جيڪي جنگ جي پوري مهارت رکندا هئا، اهو ئي سبب بڻيو هن جي شڪست جو، راجه ڏاهر جي شڪست کانپوءِ محمد بن قاسم سنڌين سان ڇا ڪيو، تاريخ ان متعلق بلڪل خاموش آهي، ان رهيل چيپٽر کي لکڻ جي ضرورت آهي، پر پوءِ جيڪي نوان مسلمان ٿيا انهن هڪٻئي سان ڇا ڪيو ان تي ڳالهائڻ لاءِ انسان کي تلخ لفظ گهرجن جيڪي مون وٽ ناهن.
    مسٽر ڪمال هاڻ جديد پاڪستان جي سياست ۽ معيشت تي ڳالهائڻ لڳو، پر ان کان اڳ ۾ محمد بن قاسم جو هن اهڙو تعارف ڪرائي هڪ مذهبي جماعت جي شاگردن کي ڪاوڙائي وڌو، سندس سامهون اٿي بيٺا، “تون اسانجي فرشتن جهڙي مجاهد جي خلاف ڳالهائي رهيو آهين”
    “توهان سڀ ويهي رهو، مان توهان کي ٿو ٻڌايان ته هنن فرشتن پوءِ جيئرن انسانن سان ڇا ڪيو، ۽ ان کان به اڳتي محمد بن قاسم سان پوءِ ڇا ٿيو” پر جماعتي شاگردن چيو اسان وڌيڪ پنهنجن رهنمائن جي بيعزتي برداشت نه ڪنداسين ، تنهن تي مسٽر ڪمال هنن کي چيو ته توهان نه ٿا ٻڌڻ چاهيو ته نه ٻڌو ٻيا ته ٻڌڻ چاهيندا، توهان بيشڪ وڃي سگهو ٿا، جماعت جا شاگرد پنهنجي منهن ڳالهائيندا ٻاهر هليا ويا پر هنن اها ڳالهه وساري ڪانه.
    ٻئي دفعي وري مسٽر ڪمال سنڌ ۾ آباد بلوچي قبيلن جي تاريخ ۽ حقيقت تي پئي ڳالهايو، هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ آباد بلوچ ڪلهوڙن جي راڄ ڌاني کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ آباد ڪيا ويا، هن سنڌ جي ڪڇ ۽ حُر تحريڪ ۾ بگٽي بلوچن جي ڪردار تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، هن چيو ته سنڌ جو حاڪم غلام شاه ڪلهوڙو جنهن جا ذاتي محافظ بلوچ هئا، جنهن جي فوج ۾ به وڏو تعداد بلوچن جو هو، جنهن ڪڇ جي راجپوتن تي اسلام ۽ ڪفر جي نالي تي دراصل ان ڪري حملو ڪري ڏنو ته جيئن اهو سرسبز ۽ ساريال علائقو پنهنجي قبضي ۾ آڻي سگهي. ڪڇ کي پاڻي سنڌو ندي مان ملندو هو جيڪو پوءِ هنن درياءِ جو منهن موڙي بند ڪيو ۽ پوري ڪڇ کي ويران ڪري ڇڏيو. راجپوت ڪڇ جا اصولڪا سنڌي هئا. غلام شاه جڏهن انهن تي جنگ مڙهي ته تاريخ ۾ اهڙو واقعو ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪونه ٿو ملي ته راجپوتن پنهنجن گهر وارين ، نياڻين ۽ ٻارن کي خنجر ۽ تلوارون هٿن ۾ ڏئي اهو چئي جنگ تي روانا ٿيا ته جنگ هارائڻ جي صورت ۾ غلام شاه جهڙي ظالم شخص جي هٿين چڙهڻ کان بهتر آهي ته پاڻ کي ماري ڇڏجو . ائين ئي ٿيو راجپوتن جنگ هارئي ته ٻئي طرف عورت ۽ ٻارن جي لاشن جا به ڍير لڳي ويا.
    جيئن سنڌين سان ٿيندو آيو آهي، اسين ته انهن کان اڄ تائين ان ڳالهه جي معافي به ناهي ورتي ته حُر تحريڪ دوران جيڪا انگريز سامراجيت جي خلاف پهرين وڏي منظم ويڙه هئي، تنهن کي ڪچلڻ لاءِ انگريزن بلوچ قبيلن کي سنڌ ۾ جي ايم بئراج ۽ دريائن جي ڪناري جون ززخيز زمينون انعام ۾ ڏئي آباد ڪيو، انهن کي طاقتور ڪيو ته جيئن انگريزن جي حق ۾ حُر تحريڪ جي باغين جي طاقت کي ڪمزور ڪن، هي معمولي ڳالهه ناهي،

    مسٽر ڪمال جي اهڙن ڳالهين ڪري قومپرست به هن مٿان هر وقت چڙيا پيا هوندا هئا، هڪ دفعي هي ۽ جي سنگهاڻي سرياب روڊ جي ڪنهن هوٽل تي ويٺا هئا ته ڪجهه نوجوان مسٽر ڪمال جي انسلٽ ڪرڻ جي مقصد سان هن آڏو اچي بيٺا، هنن هن مٿان هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جي سنگهاڻي ڇوڪرن کي ڌڪي پوئتي ڪيو ۽ مسٽر ڪمال جي اڳيان بيهي هنن کي چوندو ويو، توهان ڪهڙا بهادر آهيو جو هڪ ڪمزور استاد مٿان هٿ کڻو ٿا، جي سنگهاڻي جو ڳلو جوش ڪري خشڪ ٿي ويو هو ، ۽ چهرو سُرخ ٿي ويو هو، اُتي جيڪي ماڻهو ويٺا هئا انهن جي بقول ته جي سنگهاڻي پنهنجي دوست ڪمال جي دفاع ۾ ائين رڙيون ڪندي ڳالهائي رهيو هو ڄڻ اهو واقعو هن سان ٿيو آهي، هن جي اندر جا ڏک يڪجا ٿي ويا هئا، توهان ڀارت ماتا جا ٽُڪرا ڪيا هاڻ انسانيت جا ٽڪرا ڪرڻ چاهيو ٿا، توهان جيترا ڪٽر بلوچ آهيو اوترو مان به ڪٽر بهائي بند آهيان، مان انسان جي ذات سان ٻڌل آهيان . توهان اسان کان ڪڏهن به کٽي نه ٿا سگهو، مان ٿو توهان کي ياد ڏياريان ته توهان وٽ هي جيڪي ملڪيتون ۽ زمينون آهين اسانجن ابن ڏاڏن جون آهن، توهان پنهنجي غرور کي قابو ۾ رکو، مان توهان جهڙو نه ٿي سگهيس ڇاڪاڻ ته مان تهذيب کي مارڻ نه ٿي چاهيو، پر جي توهان ائين چاهيو ٿا ته مان توهانجو مقابلو ڪندس، مان جي ڪمزور ۽ گيدي هجان ها ته هزارين ماڻهن جيان پنهنجي زمين کي ڇڏي شرنارٿي ٿي وڃان ها، پر مون پنهنجي ماتر ڀومي کي نه ڇڏيو، مونکي اعتبار هو ته هي ڏکيو وقت به گذري ويندو، مان ان وقت به بهادري سان اوهان آڏو بيٺل رهيس ته هاڻ به بيٺو آهيان ۽ توهانجي مرده روح کي جاڳائڻ جي همت رکان ٿو . توهان ۾ همت آهي ته مسٽر ڪمال کي هٿ لائي ڏيکاريو. انجو نتيجو اهو نڪتو ته نوجوان پنهنجي منهن ڪجهه ڳالهائيندا واپس هليا ويا.
    “توکي خبر آهي ته جي سنگهاڻي پوءِ ڪاڏي ويو” پيرڪ نصير کان معلوم ڪيو.
    “پروفيسر بهادر جي وڃڻ کانپوءِ، هي به هتان هليو ويو” نصير ڏکاري لهجي ۾ چيو.
    “ڪيڏانهن ويو” رتنا ڀريل اکين سان نصير کان معلوم ڪيو.
    “ان بابت ڪافي عرصي کانپوءِ ڄاڻ ملي ته هو سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي هليو ويو” نصير وراڻيو.
    “مسٽر ڪمال جو ڇا ٿيو” رتنا پڇيو.
    “ فيصل آباد هليو ويو ” نصير وراڻيو
    ”انجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي. مان ان سان جڏهن آخري ڀيرو مليو هئس“ نصير جي ڀر ۾ ويٺل ڪنهن استاد ڳالهايو، هو اڪيلو ٿي ويو هو، جي سنگهاڻي ۾ هنجو ساه هو، هن کي مون پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به خوفزده ٿيندي نه ڏٺو، هو واقعي به بهادر انسان آهي پر جي سنگهاڻي جي وڃڻ کانپوءِ هي ڄڻ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويو هو، مان هن کي ڏسندو هئس هو آفيس جي ڪمري اندر هلندو ۽ ڳالهائيندو هو، ۽ دروازي تي بيهي دادا دادا ڪري سڏيندو هو، مسٽر ڪمال جي سنگهاڻي کي دادا ڪري سڏيندو هو، هڪ ڀيري هو گهڻو ٿڪل ٿي نظر آيو، هنجي خماريل اکين مان لڳو ٿي ته هن پوري رات ننڊ ناهي ڪئي، هي آفيس آيو ته هو پر ڪا بيچيني هن کي ستائي رهي هئي، مان هن جي ڀر ۾ ويٺو هئس ته هن اوچتو ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “هو مونکي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا، مان حقيقتن کي جيئن جو تيئن بيان ڪيان ٿو، مان ائين نه ڪندس ته مري ويندس، مان ڪيئن چاهيندس ته پنهنجن خيالن کي مصنوعي روپ ڏيان ان کان بهتر آهي ته مان مري وڃان يا هتان ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃان، هن کي اهو احساس ستائي رهيو هو ته هي دادا کانسواءِ ڪجهه به ناهي ۽ اها ڳالهه هن کي خوفزده ڪري رهي هئي.”
    “مسٽر ڪمال هڪ غير معمولي انسان آهي، اسان سڀ کي ان ڳالهه جو احساس هاڻ ٿئي ٿو، هو غير معمولي ۽ درست مشورا ڏيندو هو، هن پنهنجي حياتي کي ڪجهه ان طرح جو ٺاهي ڇڏيو هو، هو ڏک سک ۾ جيئڻ وارو انسان هو، هن پنهنجي حياتي ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي فقط ان خاطر گذاري ته پنهنجي گفتگو عام ماڻهو لاءِ آسان ۽ حڪمرانن لاءِ سخت ڪري، هو چوندو هو ته ان سان هن کي راحت ملي ٿي، هن بي چين شخص کي راحت ته خير ڪڏهن به نه ملي پر ان لاءِ هن تڪليفون ضرور ڏٺيون، هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته هن کي ائين يونيورسٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو. هنجي غير موجودگي جو احساس هميشه رهندو،” نصير پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.


    28

    توهان اسان کي جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، سچ پچ ٻڌي سخت ڏکارا ٿي ويا آهيون، خديجه نصير ۽ پروفيسرن سان مخاطب ٿيندي چيو، اسين بلوچستان جي دوستن جا وڃايل خواب، خيا ل ۽ پرجوش زندگي جا لمحا ڳولڻ آيا آهيون ، جيڪي ڪٿي گم ٿيندي نظر اچن ٿا، بلوچستان کي سياسي، سماجي طرح ديوار سان لڳايو پيو وڃي.
    پاڪستان جي حڪمرانن ائين ته چاهيو ٿي ته قومن جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق جا هٿ گرمجوشي کان محروم رهن، اهڙي خاموشي اسان کي مجبور ڪيو ته اسين پنهنجي ليکي بلوچستان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو جائزو وٺون . جيڪي هر ڏينهن خراب کان خراب تر ٿينديون پيون وڃن، منهنجو مقصد انهن واقعن سان آهي جيڪي رياستي ادارن جي جبر ڪري پيدا ٿي رهيا آهن، يعني بلوچستان ۾ مسنگ پرسن وارو سوال ۽ وري جڏهن پنهون جي گمشدگي جو اطلاع مليو ته اسانجي تشويش ۾ گهڻو اضافو ٿي ويو. اسان سڀني لاءِ انسان جي آزادي ۽ حياتي جو سوال سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اهو رڳو سياسي سوال ئي ناهي اهو انسان جو بنيادي حق به آهي. پنهون سميت ڪيترن نوجوانن جو گم ٿيڻ معمولي نوعيت جي صورتحال ڪانهي، جنهن کانپوءِ ئي اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته پاڻ کي بلوچستان وڃڻ گهرجي، اسان سڀني کي هڪٻئي سان ڳالهائڻ گهرجي، ته جيئن اسين شين کي سمجهڻ جا اهل ٿي سگهون.
    اسين اوهان کان ڪجهه سکڻ آيا آهيون، اوهان بلوچستان جي ڪيترن نسلن کي علم ڏنو، هن زمين سان توهانجي گهري وابستگي آهي ، توهان بلوچستان جي مسئلن تي جيڪا راءِ رکندا، سڀ کان وڌيڪ اهم هوندي،
    “مونکي اوهان ٻڌايو ته پنهون کي ڪيئن بازياب ڪرائجي ۽ ڪيئن نوجوانن جي زندگين کي محفوظ ڪجي؟” خديجه پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.
    “هن ملڪ جو اهو دستور آهي ته هي مصيبتون پيدا ڪندو آهي ۽ پنهنجن نوجوانن کي ان مٿان قربان ڪندو آهي” شاڪر بلوچ ڳالهائڻ جي ابتدا ڪندي چيو، شاڪر بلوچ سوشل اسٽڊيز جو ليڪچرر آهي،قرباني جي ٻڪري وانگر، اسان پنهنجن ڪيترن نوجوانن جي زندگين کي وڃايو آهي، اسان سڀني جون اکيون ڳوڙهن سان تر ٿي وڃن ٿيون جڏهن ڪنهن نوجوان جي گم ٿيڻ جي خبر ملي ٿي، مان توهان کي ٻڌايان ته مسنگ پرسن جا واقعا ته 80 جي دور کان ٿيندا پيا اچن، .بلوچستان جي نوجوانن کي مڇي جي ڪنڊن جيان ڪڍي اڇلايو پيو وڃي.
    اهو سڀ هي رياست پئي ڪري ۽ ڪيتري عرصي کان ڪندي پئي اچي، اسين سڀني انهن ڳالهين تي تمام گهڻو ڳالهايو آهي ته اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪجي؟ پر حقيقت هي آهي ته رياست اسانجي تصور کان به وڌيڪ ظالم آهي، هي هر ڪنهن جي ڄاڻ رکي ٿي ۽ مهل مناسبت سان حملو ڪري ٿي، سندس خلاف جيڪي ثبوت آهن انهن جي هوندي به کيس ڪير پڇڻ وارو ڪونهي، هن حقيقت کانپوءِ ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو ته پوليس، عدليه ۽ سمورا سول ادارا هنن اڳيان مُجرمن وانگر خاموش آهن، بلوچستان هينئر ٻن واضع ڌرين ۾ تقسيم ٿيل آهي هڪڙا آهن جيڪي رياست جو حصو آهن ۽ ٻيا اُهي آهن جيڪي انجي خلاف آهن، هتي ٽين ڪابه قوت ڪانهي، بلوچ نوجوانن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪا ڳالهه رهي ئي ڪانهي، انهي حالت ۾ هنن لاءِ مرڻ يا مارڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه ٿو رهي،
    “توهانجي ڳالهه جو مکيه تت اهو آهي ته بلوچستان جي علحد گي ۽ ورهاڳي کان علاوه ڪنهن ٻئي خيال تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي؟” توڪلي، شاڪر کان پچيو.
    “اڄ تائين مان ٻڏ تر ۾ هئس، پر هاڻي پنهنجي پختي يقين سان چوان ٿو ته فيڊريشن سان هاڻ نه ٿو هلي سگهجي، بلوچستان جي نوجوانن جي ذهنن مان پاڪستان ميسارجي ويو آهي، پاڪستان سان جيترو وقت به وڌيڪ گڏ رهياسين انجي اڃان به ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، آزادي کانپوءِ بلوچستان جا مورخ ۽ تاريخ نويس، جڏهن اڀياس ڪرڻ ويهندا ته هو ورهاڱي کي درست قدم قرار ڏيندا۽ بلوچ نوجوانن تي فخر ڪندا جيڪي هن راه ۾ ماريا ويا”
    “باقي قومن کان علحده رهي ڪري ؟” خديجه چيو،
    ”ها! بلڪل مان ائين سمجهان ٿو” شاڪر بلوچ وراڻي ڏني،
    “ڇا ٿيندو جڏهن توهان اڪيلا پاڪستان جي منظم ۽ جديد اسلح سان ليس فوج سان مقابلي ۾ هوندا؟” خديجه. شاڪر کان پڇيو،
    “مان سوچيندو آهيان ته ڪنهن جي حصي ۾ فوج جو تعداد سڀ کان گهڻو هجي ، نوڪرين ۽ وسيلن جي گهڻائي هجي ۽ ٻين صوبن جي نسبت صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو تعداد ٻيڻو هجي ته اهڙي جمهوريت ۽ رياست کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ در اصل اها غير هموار رعايت ئي آهي جنهن پنجاب جي ڪلاس کي طاقتور ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن باقي قومن ۽ انهن جي حقن کي بلڪل پٺتي اُڇلي ڇڏيو آهي.
    پاور پاليٽڪس ۾ پنجاب جي سياسي ۽ عددي حيثيت گهٽ ٿيندي ؟ مونکي ائين ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته فوج جنهن پاڻ کي سياسي ۽ معاشي طرح مضبوط ڪيو آهي پنهنجي عددي حيثيت گهٽائي، ان ئي فوج پويان اسيمبلين ۽ جمهوريت جي نالي تي پنجاب جو ايليٽ بيٺو آهي.اهو فارمولو ته پاڪستان جي وجود سان گڏ استعمال ۾ اچڻ شروع ٿيو ، بنگالين جو اعتراض به اهو هو ته انهن جي ووٽ کي قبول ڪيو وڃي، پاڪستان جي جمهوريت ته ان وقت ئي پنهنجي خونخوار روپ ۾ سامهون اچي وئي هئي. مونکي اوهان آڏو اهو بيان ڪندي ٿورو عجيب ٿو لڳي .پر مان انهن اهم حقيقتن بابت اوهان کي آگاه ڪرڻ ٿو چاهيان ته بلوچستان جو ماڻهو پنهنجي طرفان طئي ڪندو پيو وڃي ته انهن کي هاڻ وڌيڪ فيڊريشن ۾ ناهي رهڻو. فيڊريش کي ان ڳالهه جي پرواه ڪانهي بلڪل ائين جيئن هنن بنگالين جي پرواه نه ٿي ڪئي، پنجاب پنهنجي سطح تي ڪڏهن به باقي قومن کي اچڻ نه ڏيندو اهو ممڪن ئي ڪونهي”
    “بلوچ، پنجاب کان پنهنجي جان آجي ڪري، سردار جي حوالي ڪندو؟” ائين سمجهو ٿا، رتنا، سوال ڪيو.
    “ها! ائين به ٿي سگهي ٿو، پر منهنجي نظر ۾ بلوچن لاءِ اهو سوال بي معني ٿيندو پيو وڃي” شاڪر بلوچ چيو، ڇو ته بلوچ تحريڪ ۾ جيڪو نوجوان شامل ٿي رهيو آهي اهو هڪ ته نظرياتي طرح ميچوئر آهي، ٻيو ته هي تحريڪ ملٽي قبائل جي تحريڪ آهي جنهن ۾ مري، بگٽي سميت ٻين قبيلن جا نوجوان آزادي جي ڪاز تي گڏ آهن جيڪا سردارن جي سو ڪالڊ آزادي جي تحريڪ کان وڌيڪ فڪري ۽ عوام سان اٽيجڊ آهي،
    “ڪنهن هڪ پارٽي يا ليڊر جو نالو ٻڌائيندا، جيڪو سردار نه هجي؟ توهان اها ساڳي غلطي دهرائي رهيا آهيو، جيڪا بنگالين کان ٿي، هنن به ته ان ڳالهه کي اهميت ڪانه ڏني ته زمين جو اصل مالڪ ڪير ٿيندو.؟” طلعت سوال ڪيو.
    “آزادي جي تحريڪن ۾ واقعي به اهو سوال غير اهم ٿي ويندو آهي” شاڪر بلوچ وراڻي ڏني.
    “بلوچستان جي زمين ۽ ان جي هيٺان سون، گيس ۽ پيٽرول جون جيڪي کاڻيون آهن، بلوچن جون هجڻ گهرجن، اهو سوال هينئر جو ڪيئن ناهي” طلعت ٻيهر سوال ڪيو.
    “ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اڻ مڪمل ئي رهنديون، آزادي کانپوءِ شايد اهي مڪمل ٿيڻ طرف وڃن” شاڪر بلوچ وراڻيو.
    “توهان کي خبر آهي ته، جن ملڪن آزادي جي ويڙهه وڙهي ۽ ناڪام رهيا، هاڻ ڪيئن آهن؟” طلعت کين چيو
    “مون پنهنجا دليل اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنا ته بلوچستان اندر ٻه واضع رجحان آهن، ٽيون ڪو به رجحان ڪونهي” شاڪر ڳالهائيندي چيو، “ڪميونسٽ پارٽي به انقلاب لاءَ جيڪي پاليسيون ڏنيون اهي بلوچستان ۾ دم ٽوڙي ويون” شاڪر گفتگو جو انداز تبديل ڪيو، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي انقلاب جي ڳالهه ڪجي ۽ ٻئي پاسي فوجي وردي پاتل ڊيموڪريسي لاءِ ماڻهن کي ووٽ لاءِ اپيل ڪجي ڪا سٺي حڪمت عملي ڪانهي، مان سمجهان ٿو منهنجي روشن خيالي پارٽي جي تربيت ڪري آهي، پر جنهن ڳالهه کي مان اڳ ۾ درست سمجهندو هئس هاڻ ائين ڇو ڪيان؟ جيستائين پاڪستان جي رياست خلاف انقلاب جي ڳالهه آهي، اها جيڪڏهن غير واضع ۽ ڪمزور انداز ۾ بيان ڪيل آهي ته اهو عمل انقلاب دوستي بجاءِ انقلاب دشمني ثابت ٿيندو، اها ئي پارٽي هئي جنهن اسان کي مجبور ڪيو ته نعب جي پليٽ فارم تي ڪم ڪيون، جيڪا بورجوا ڪلاس جي موقعي پرستن جو گروپ هو، اها اميد ئي فضول هئي ته انهن سان گڏجي پارٽي ۽ جمهوريت کي بچائي سگهجي ٿو، هي ڳالهه عيان آهي ته فوج جي پنهنجي هڪ سياسي ۽ معاشي ايجنڊا آهي،
    بيشڪ اسان نه ٿا ٻڌائي سگهون ته هن ويڙهه جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، ممڪن آهي ته بلوچ انقلاب جي راه تي هلندي پنهنجي زمين ۽ پنهنجي شناخت بچائي وٺن ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته فوج ظالمانه ڪاروايون ڪري بلوچن کي وقتي طور تي خاموش ڪري ڇڏي. پر مان ان ڳالهه تي قائم آهيان، فيڊريش جي ديوار ڪرڻي آهي،
    مان ائين به سمجهان ٿو ته بلوچ سماج پنهنجي پيداواري لحاظ کان اڃان پراڻن رشتن تي بيٺل آهي، اسان هتي ماڻهن جي هٿن ۾ هٿوڙا ڪيئن ٿا ڏئي سگهو ن . توهان چوڌاري ڏسندو ته لاتعداد زمين آهي جيڪا زراعت ۽ صنعت کان محروم آهي، ماڻهن جي معاشيات اڃان به هڪ صدي پراڻي آهي، جانور پالڻ وڪڻڻ ئي ماڻهن جي معيشت آهي بلڪه بلوچن کي ان حالت ۾ رکيو ويو آهي، اسان کي سردارن کان ايڏو خوف ڪونهي جيترو پاڪستان کان، توهان کي اندازو آهي ته بلوچستان جا ڪيترا نوجوان ماورا عدالت قتل ٿيا آهن ۽ ڪيترا مسنگ آهن.
    بيشڪ اسين اڳين مورچي واري ويڙهه نه پيا وڙهون پر ان فيڊريشن خلاف آگاهي جي جدوجهد ۾ اسين ڪامياب ٿيا آهيون ، توهان پوري بلوچستان جو دورو ڪري ڏسو، ديوارون شاهدي ڏينديون، ته اها ويڙهه اسان کٽي آهي، بلوچستان جي طاقت ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڌيڪ منظم ڪيو آهي، توهان شايد پنهون جي گفتگو ناهي ٻڌي، هنجي لفظن ۾ گهرائي آهي، سچ اهو آهي ته بلوچستان جو هر ٻيو نوجوان پنهون وانگر ئي سوچي ٿو، هي نوجوان آزادي جي لاءِ ڪنهن به طاقت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڪنهن به تڪيلف کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هي طاقت هزارين عذابن ۽ تڪليفن کانپوءِ به زنده رهڻي آهي، مونکي ان لاءِ ڪو به خوف ناهي آزادي کانپوءِ اسانجي حالت بنگال جيان ٿي ويندي ۽ مونکي ان ڳالهه جي پرواه ناهي ته ڪيترا ماڻهو ماريا ويندا ۽ عورتن جو ڇا ٿيندو ، هي آزادي جي جنگ آهي، ان ۾ اها ڪا حيرت جي ڳالهه نه ٿيندي، ائين ٿيندو يا ان کان به وڌيڪ، جنهن لاءِ اسين ذهني ۽ جسماني طور تيار آهيون، جنهن ڳالهه کان اسين ڊڄي رهيا آهيون، اها هي آهي ته ڪميونسٽ ان تحريڪ ۾ طبقن جي ڳالهه ڪري ماڻهن کي بي وقوف ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه وڃن.
    “ڪميونسٽ تحريڪ کي ان طرح پيش ڪرڻ مان توهانجو مطلب ڇا آهي؟” خديجه شاڪر بلوچ کان سوال ڪيو.
    “هائو! هي ڳالهه گهڻو ڪري قومپرست تحريڪ جي خلاف آهي ته ڪميونسٽ ويهي اسانکي طبقاتي نظام جي تعليم ڏين. مان قبول ٿو ڪريان ته تو کي اها ڳالهه ناگوار گذرندي هوندي ۽ شايد مان ان جي تشريح به نه ڪري سگهان، شاڪر،خديجه ڏانهن نهاريندي چيو، پر مان اها ڳالهه سمجهان ٿو اجتماعيت ۽ بين الاقواميت جو سوال ڪنهن ماڻهو کي راهب ۽ پادري ته ڪري سگهي ٿو انقلابي ڪڏهن به نه. آزادي جي تحريڪ اجتماعيت جي تحريڪ نه ٿي بنجي سگهي . اسين ڪيئن ٿا خواهش ڪري سگهون ته بلوچ آزادي جي تحريڪ پنجاب جي گهٽين ۾ وڙهي ويندي، ائين ممڪن ئي ڪونهي،
    اها ويڙهه بلوچستان جي زمين تي ئي وڙهي ويندي ۽ بلوچ ئي وڙهندا. مان توکي اڃان به اهميت واريون ڳالهيون ٻڌايان ٿو.چاغي جي پهاڙ کي ڪنهن باه لڳائي، سوئي جي گيس ڪنهن جي قبضي ۾ آهي، هرنائي جو ڪوئلو ڪير پيو کڻي، 412 ملين ٽن سوني، چاندي ۽ ٽرامي جا مالڪ ڪير ٿيا ويٺا آهن، انجي باوجود ڪو اسان کي ڀائپي جو درس ڏئي ته اهو اسان لاءِ عجيب ناهي، ڪميونسٽ اسان کي ائين سيکاريندا رهيا ته سوشلزم ئي انهن سڀني مسئلن جو حل آهي، پر اسان اهو تجربو به ڪري ڏٺو . اسان سوشلزم جا نعرا هنيا، رشيا کي پنهنجو ڪعبو ٺاهيو. ان اڳيان پنهنجو سر نوايو، اسٽالن سڀني ماڻهن کي ماري مڃائي سوشلزم جي رستي تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو . پنهنجن ڪامريڊن کي مارائيندو افغانستان تائين اچي پهتو. اسان خوش هئاسين ته هاڻ اجهو ڪي اجهو پاڪستان ۾ به سوشلزم آيو ، سوشلزم ته ڪونه آيو پر بلوچستان ۾ ڀٽو فوج ڏياري موڪلي، بلوچستان جا رشيا نواز ترقي پسند به هميشه افغانستان کان سوشلزم کي ايندي ڏسي رهيا هئا، حقيقت هي آهي ته رشيا نواز سوشلسٽ پنهنجي اندر کان، نواب ۽ سردار ئي هئا، ٺيڪ آهي انهن سردارن جو سوشلزم ڏانهن لاڙو سندن ذاتي حڪمت عملي هئي، پر تون سمجهين ٿي ته ڪميونسٽ پارٽي انهن کي پنهنجو ساٿاري سمجڻ تي ڪيڏو نه خوش ٿيندي هئي، توکي اندازو آهي ته ان سان ڪميونسٽ تحريڪ کي ڪيڏو وڏو نقصان ٿيو، انهن هڪ طرف پاڻ کي ماسڪو نواز سوشلسٽ ٿي سڏيو ته ٻئي پاسي پنهنجو ششڪ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا، مير غوث بخش بزنجو کان پڇندا هئاسين ته سائين توهان سوشلسٽ آهيو ته پوءِ پنهنجي راڄ جي ماڻهن کان ششڪ وٺڻ ته بند ڪيو، ته چوندو هو ته مان ششڪ ڪيئن ٿو بند ڪري سگهان اهو ته منهنجو سرداري حق آهي.
    بلوچستان جي سردارن کي اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته بلوچستان جي ماڻهن کي غلام رکڻ واري ڪم ۾ انهن جو سڀ کان وڌيڪ ڪردار آهي، هنن ته رشيا جي سوشلزم کان ويندي ڀٽو واري سوشلزم کي به آزمايو، بلڪه انجواءِ ڪيو.
    مان توسان هڪ سچائي شيئر ڪيان ٿو، شاڪر بلوچ اتساه مان چيو، اپريل 1976 ڀٽو پنهنجي ڪوئٽه جي دوري دوران سردارن جي وچ ۾ بيهي اعلان ڪيو ته بلوچستان ۾ سرداري نظام جو خاتمو ڪيو وڃي، هن اهو اعلان ان وقت ڪيو جڏهن بلوچستان جو گورنر خان آف قلات هو، جنهن وقت اهو اعلان ٿيو بلوچستان جا ڪجهه سردار پائپ پي رهيا هئاته ٻيا ڀٽي جي تقرير مان لطف اندوز ٿيندا پنهنجن ڏندن جي وٿين ۾ ڦاٿل گوشت جي ٽڪرن کي ڪڍي رهيا هئا، هنن کي خبر هئي ته هنجي تقرير سان سرداري نظام ختم ٿيندو ۽ نه ئي اڳتي ختم ٿيڻو آهي. بلوچستان جا سردار ان وقت ڀٽو سان گڏ هئا، انهن کي اهڙيون هدايتون مليل هيون،
    ان وقت ڄام، لسٻيلي ۽ خاران جو والي سردار هو ۽ پيپلز پارٽي جو ليڊر به هو، مڪران جو چڱو مڙس به پيپلز پارتي ۾ هو، چيف آف ساراوان نواب رئيساڻي به پيپلز پارٽي ۾ هو، چيف آف جهالاوان نواب زهري ۽ پشتونن جو نواب جوگيزئي ۽ سبي جو نواب باروزئي پيپلزپارٽي ۾ شريڪ هئا، ڀٽو جو سوشلزم سردارن جي ذريعي جيڪو قائم ٿيڻو هو سو ته ٿيو، پر انجو ٻيڻو نقصان اهو ٿيو جو سردارن جي legitimacy قائم ٿي وئي. سرداري ٽيڪس ششڪ جيئن جو تيئن قائم رهيو، رائلٽي جو حق انهن وٽ رهيو، جرگه، قبائلي فيصلا، ڏنڊ چٽي جو اختيار انهن وٽ ئي رهيو، ڪي به زرعي اصلاحات ڪو نه ٿيا.
    اهو به ڪڙو سچ آهي ته ماسڪو به انهن سردارن سان ئي ڳالهائيندو هو، سردارن وري پوءِ ٻيو پلٽو کاڌو 1977 وارو آمريت جو اونداهون دور شروع ٿيو، جنرل ضياءَ اقتدار تي قبصو ڪري شب خون جي ابتدا ڪئي ته سمورا سردار ڀٽو کي سولي تي چڙهڻ لاءِ ڇڏي ضيا الحق جي قبيلي ۾ شامل ٿي ويا، هنن ته پنجاب جي اشرافيه جو حصو ٿيڻ لاءِ سنڌي ٻولي کي خيرآباد چوڻ ۾ به دير نه ڪئي ۽ اردو کي پنهنجي تدريسي ٻولي طور اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سردارن چڱائي واري پاسي ڪڏهن سوچيو ئي ڪونه، هنن جي خودداري جو مطلب رياست پاران طئي ٿيل رعايتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي، هي جهالت جي حد تائين خود پسند آهن، اڄڪلهه ته هنن جي قيمت هڪ رڍ برابر به ڪونهي.
    خديجه ۽ ٻين ساٿين لاءِ هي نهايت حيرت جهڙي ڳالهه ٿي ڏٺي ته شاڪر بلوچ پنهنجي پختي فڪر ۽ تجزئي باوجود ڪو واضع موقف اختيار نه ڪري رهيو هو ۽ ڪٿي ڪٿي ته سڀني کي رد ڪندي ٿي ويو ، هي جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو هو ڪيترن ئي نظرياتي اختلافن سان ڀريل هيون. ۽ ائين پئي معلوم ٿيو ته بيشمار خيال ڪنهن هڪ سمت ۾ وڃڻ جي بجاءَ گاڏڙ ساڏڙ ٿي ويا آهن. جيتوڻيڪ هو اطمينان سان ڳالهائيندو ۽ مشڪندو به ٿي ويو . پر هي ڄڻ نظرياتي خيالن جو اظهار ڪرڻ بجاءِ لفظن کي تلاش ڪري رهيو هو.
    “مان توهانجي ڪجهه ڳالهين سان سهمت ناهيان” خديجه، شاڪر بلوچ ۽ ٻين معزز استادن ۽ پروفيسرن ڏانهن نهاريندي چيو،
    “توهان بلوچستان جي سنگين ۽ پيچيده مسئلن تي ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجي سموري گفتگو رشيا نواز سردارن ۽ خيالي اجتماعيت ۽ بين الاقواميت متعلق ڪندا رهيا آهيو، سماج کان ويندي فرد تائين جو دور مسلسل نون تجربن ، خيالن ۽ ڪاميابين ۽ ناڪامين تي ٻڌل هوندو آهي، اهو دور اوستائين زنده رهي ٿو جيستائين ڪي ٻيا خيال نئين طرح سان سامهون نه ٿا اچن، ڪيترا قومپرست نوجوان پنهنجن شروعاتي تعليمي ڏينهن ۾ قوم کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن، پر پوءِ انهن جي اڪثريت ، جمهوريت ۽ بين الاقواميت پسند ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته انسان فطرتن قدرت پاران طئي ٿيل هڪ نه ڏسندڙ سڳي سان ٻڌل آهي ۽ اهو سڳو آهي زمين، زمين تي اسين سڀ انسان برابر آهيون ان حقيقت کي مڃڻ کانپوءِ ئي اسين هتي توهانجي درميان موجود آهيون، ڪي مهينا اڳ باران بلوچ قومپرست هو، هاڻ هو اجتماعيت ۽ بين الاقواميت تي يقين ٿو رکي، انسان جي حياتي جي ڀيٽ ۾ انسان جا خيال تيزي سان تبديل ٿيندا رهن ٿا.
    باران قومپرستي ۽ اجتماعيت وارا خيال ڪڏهن به ڪنهن اسڪول جي بينچ تي ويهي پڙهي حاصل نه ڪيا، پر ان لاءِ ملڪ اندر رهندڙ عام ماڻهو جي زندگي کي پڙهيو ۽ سمجهيو ، بلوچستان جي رنجيده ۽ ڏکايل ماڻهن جي حالتن جو مشاهدو ڪيو جنهن هن جي خيالن کي نئين طرح جي خيالن سان متعارف ڪرايو، اجتماعيت ڪا خراب ڳالهه ڪانهي، خراب ڳالهه ته استحصال آهي، جنهن جون پاڙون بلوچستان جي زمين اندر تمام گهرائي تائين وڃن ٿيون، سردارن جو رشيا نواز ٿيڻ سندن ضرورت هئي، اهو طبقو حالتن جي تبديلي سان ٻڌل ٿئي ٿو، توهان کي خبر هوندي ته ان ڪلاس هڪ عرصي تائين بلوچستان جي ماڻهن مٿان راڄ ڪيو، برطانوي نو آبادي، جاگيردارانه ۽ سردارانه نظام جي ساٿ سان ئي قائم هُئي، جنهن بلوچستان جي ماڻهن کي هڪ قدم به اڳتي وڌڻ نه ڏنو، اهڙي طرح بلوچستان جو معاشرو پنهنجن پراڻن رشتن جون پاڙون اکيڙڻ بجاءِ ان جو محافظ ٿي بيٺو، نو آبادي نظام هڪ طرف استحصال لاءِ نون طريقن تي ڪم ڪري رهيو هو ته ان وقت بلوچستان جو سردار انگريزن لاءِ ڪرايي جي سپاهي جي طور ڪم ڪرڻ لڳو، ترقي جي نالي تي انگريزن انهن علائقن مان ريلوي جو پٽڙيون وڇائڻ شروع ڪيون جتان معدني وسيلا ٿي مليا، سنڌ ۾ به ائين ڪيو ويو اهڙن علائقن مان ريلوي لائن ٿي گذري جيڪي ڪپهه، ٻاجهر ۽ تيلي ٻجن جي پيداوار وارا زرخيز علائقا هئا، ته جيئن انهن کي آساني سان برطانيا جي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي. اوڻويهين صدي هڪ طرف پوري دنيا مان لٽيل ڪچي مال مان صنعتي ترقي طرف وڌي رهي هئي ته ساڳي وقت سرمائيدرانه اجاراه داري خلاف مزدور تحريڪون به منظم ٿي رهيو هيون، پيرس ڪميون يورپ جي پوري معاشري کي جنجهوڙي ڇڏيو ، پر بلوچستان جي معاشري تي انجو اثر ڪٿي به محسوس نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته سردار پنهنجي روايتي طريقن سان عام ماڻهو جي زندگي کي باقي دنيا کان تنها ۽ اڪيلو ڪري رکيو هو، ٻئي طرف ايران جو رضا شاه ۽ ترڪي جو مصطفيٰ ڪمال پنهنجن پنهنجن سماجن کي يورپ جهڙو ٺاهڻ طرف وڃي رهيا هئا، جن هن پوري خطي کي به متاثر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڪلاس انجي نقل ڪري رهيو هو ۽ اهڙي ئي طرز جي زندگي گذاري رهيو هو جيئن ايران جي مخصوص ڪلاس ٿي گذاري، جنهن ڳالهه سخت طبقاتي ڇڪتاڻ کي پيدا ڪيو، بلوچستان ۾ به اهڙي صورتحال جنم ورتو ۽ اڪثر يت ماڻهن جي زندگي جي بنيادي ضرورتن کام محروم ٿيندي وئي ۽ نه ختم ٿيندڙ عذاب ڏانهن ڌڪجندي وئي. رياست ۽ سرداري نظام بلوچستان جي پوري پيداوار ۽ قدرتي وسيلن جو استحصال ڪري عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بيحد هيٺ ڪرائي ڇڏيو، جنهن سبب معيشت تي جمود طاري ٿي ويو، خانه بدوشي واري زندگي گذاريندڙ بلوچ ششڪ ۽ ٻين سرداري ٽيڪس جي ٻيڻي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا، عام ماڻهو جي غصي کي سردار پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ وارو بيهودو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ انجي بدلي انگريزن کان رعايتون وٺڻ لڳو ، انگريزن هنن کي نقدي توڙي انتظامي طاقت مهيا ڪئي.
    اهڙي وقت جڏهن پوري يورپ ۾ هي ڪلاس مري رهيو هو، بلوچستان ۾ هن کي زنده رکيو ويو، بلوچستان جي ماڻهو پنهنجين نه ختم ٿيندڙ تڪليفن مان اها ڳالهه اخذَ ڪئي ته موجوده نو آبادي نظام ئي ڏکن ۽ مشڪلاتن جو ڪارڻ آهي، هي نظام عام ماڻهو جي ڪابه پرواهه نه ٿو ڪري ، پر هنن ان ڳالهه کي ڌيان ۾ نه ٿي آندو ته انگريز جي بچاءُ ۾ بيٺل سردار جو ڇا ڪن؟
    سردار هر ڀيري قومپرستي جي چادر اوڙهي سامهون اچي بيهي ٿو، انهن کان بلوچن کي ڪيئن بچائجي؟ جي هر بلوچ ائين سوچي ته بلوچستان جون حالتون شايد ائين نه هجن ها.
    بلوچ تاريخي طور تي ڊيمو ڪريٽ ۽ محب وطن رهيو آهي، مير چاڪر خان جي چونڊ به جمهوري طريقي سان ٿي باوجود جو هو هيٺين طبقي جو عام ماڻهو هو ، اهو واقعي به ٿڪائيندڙ ڪم آهي ، پر اهو سوال زمين جي منصفانه تقسيم ۽ وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حق سان جڙيل آهي، اسان ائين سوچيندا آهيون ته اهڙي محاذ جي ڪهڙي اهميت آهي، اهڙا تجربا ته اسين اڳ ۾ به ڪري چڪا آهيون،اهو سوال دراصل اسان کي نئين طرح سان سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته، نئين سر پنهنجين صفن کي درست ڪيون، پوري ملڪ جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح هن رياست مان بيزار آهن ۽ وڙهن به ٿا، ۽ ڪي ڳالهيون اهڙيون به ٿين ٿيون جو ماڻهو پنهنجي جان به ڏئي ڇڏين ٿا، هر فلسفو پنهنجي دور جو سچ هوندو آهي پر ٻئي دور لاءِ غلط اڄ اسان کي نعب سان اتحاد ڪرڻ وارو عمل غلط لڳي ٿو پر ڪالهه اها ضرورت هئي، انسان جو عقل ۽ صلاحيت تاريخ جي ڦيٿي جيان گهمندڙ آهي، ان جو بنياد به ان ڳالهه تي هوندو آهي، هر دور، هر قوم ۽ هر رجحان پنهنجي دور جي سچائي ۾ ساه کڻي ٿي، ائين اوستائين رهندو جيستائين ڪا ٻي حقيقت پنهنجي نئين روپ سان نروار ٿي نه ٿي اچي، اها هڪ سادي حقيقت آهي ته خارجي طاقت هڪ پٿر کي به متحرڪ ڪري ٿي، اها حرڪت ان طاقت يا هٿن تي ڇڏيل آهي ته اُهي ڪيستائين ان پٿر کي متحرڪ رکي سگهن ٿا، اهو اصول انساني سماج جي پوري فلسفي جي تشريح ڪري ٿو، پٿر پاڻ ائين سوچي ئي نه ٿو سگهي ته ان کي ڇو پيو هوا ۾ اڇليو وڃي، يا هنجي حرڪت ڪنهن خارجي سبب جي ڪري آهي، هي پنهنجي خواهش ڪري هوا ۾ ڪونه ٿو ڦري، اها ئي ڳالهه انساني آزادي متعلق به چئي سگهجي ٿي، انسان کي پاڻ تي جيڪو فخر آهي، ان جو بنياد ان حقيقت ۾ آهي ته، انسان پنهنجي وجود کان ته باخبر هجي ٿو، پر هو خارجي تبديلين ۽ اثرات کان ناواقف رهي ٿو، جيڪي ان اندر مختلف رجحان پيدا ڪري ٿو، ارڙهين صدي جا ماديت پسند ان حقيقت کي معلوم ڪري چڪا هئاته ماڻهن جا پاڻ ۾ سماجي تعلقات انهن جي شعوري سرگرمي جي نتيجن ۾ ترقي ناهن ڪندا، ڇاڪاڻ ته ماڻهو شعوري طور تي پنهنجن ذاتي ۽ شخصي خواهشن پويان ڊوڙن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته انهن کي خود به خبر ناهي هوندي ته هو اِن قدر بيخبر ماڻهو وانگر ڊوڙي ڇو رهيو آهي، سرمائيداري جي بي انتها بک به ائين هوندي آهي.
    روم جي امير شهرين، غريب هارين جو زمينون خريد ڪري ورتيون، ۽ بي دخل ٿيندڙ هاري شهري مزدور ٿي ويو، انساني حرص جو نتيجو تهذيبن جي تباهي جي صورت ۾ نڪري ٿو يا انقلاب جي صورت ۾ اٽلي جي جمهوريه به پنهنجي اشرافيه جي حرص ۽ بک جي نتيجي ۾ تباهه ٿي وئي، اسان انسان جي فطرت جو جيڪڏهن صحيح مطالعو ڪيو هجي ها ته شايد اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته، سماجي تعلقات جي نوعيت ۽ طريقن جي حد ڪير ٿو طئي ڪري، مارڪس نون معاشي مفادن جي دريافت ڪري ٿو،مارڪس کان به اڳ فرانسيسي فلسفي ان نتيجي تي پهچي چڪا هئا ته معاشرتي صورتحال ۽ ملڪيتي تعلقات، پوري سماجي نظام جا بنياد آهن ان ڪري شهري معاشري جي تشريح سياسي اقتصاديات ۾ تلاش ڪرڻي پوندي.
    مان پڇان ٿو ته انتها پسندي جيڪا هن ملڪ ۾ موجود آهي،جنهن ڪيترن ئي معصوم ۽ بي گناهه انسانن جي زندگي جو زيان ڪيو، ڪيرٻڌائي سگهي ٿو ته اهڙيون حالتون ڪنهن پيدا ڪيون، ڇا رياست ان کان آجي آهي ۽ ان پوري ڪهاڻي پويان ملڪيتي مفاد نه آهن. هي صورتحال اسان کي مختلف انداز ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، هڪ ته اسانجي مقابلي ۾ رياست وڌيڪ منظم ۽ وڌيڪ آرگنائيز آهي ۽ ائين لڳي ٿو اسان جي نسبت انجي منظم ٿيڻ جو انداز ميڪانڪي ۽ آگاهي جا وسيلا اسان کان وڌيڪ بهتر آهن ۽ ٻي اهم ڳالهه ته جتي به ترقي جي رفتار سست هوندي آهي، اتي آگاهي جا وسيلا محدود ۽ استحصال جا ذريعا تيز هوندا آهن، بلوچستان جي صورتحال به ڪجهه اهڙي آهي،
    دوستو! تفصيل سان ڳالهائڻ جو منهنجو مقصد هي آهي ته اسان کي هتي صاف ۽ واضع گفتگو ڪرڻ گهرجي، اسان مان هر ماڻهو پورهيت کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏيڻ ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته آگاهي جي محدودو وسيلن ۽ استحصال جي جديد شڪلين ان سوال کي ايترو ته ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي جو هر ماڻهو غلام هجڻ جي باوجود پنهنجي مالڪ لاءِ دعا ڪندو رهي ٿو.
    هتي ملڪ ته تقسيم ٿيا آهن پر زمينون تقسيم ناهن ٿيون، ڪالهه تائين مون هتي علم ڏٺو، هاڻ نسلي متڀيد ڏسان ٿي، بلوچستان يونيورسٽي جو انساني زندگي جي مختلف پهلوئن ادب، فلسفي ۽ علم سياسات تي اهم تدريسي ڪم هو، هي ئي اها جڳهه آهي جتي تاريخ جا استاد علمي آگاهي ڏيندي بلوچ معاشري کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هئا، علمي بحث ۽ مذاڪرا ٿيندا هئا، جنهن سان شاگردن جي تربيت ٿيندي هئي . توهان مسٽر ڪمال کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ پروفيسر بهادر کي يونيورسٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪجهه جو ته خون به ڪيو، جي سنگهاڻي جي ملڪيت تي قبضو ڪري، توهان ڪيئن ٿا تقاضا ڪري سگهو ته بلوچستان جي ويڙهه پنجاب ۽ سنڌ جي گهٽين ۾ وڙهي وڃي.
    دنيا ڀر جا ڏوهاري بلوچستان ۾ اچي پناهه وٺن ٿا، مذهبي انتهاپسند پوري بلوچستان مٿان پنهنجو غلبو قائم ڪرڻ لاءِ ڪوئٽه جي گهرن ، ڳلين ۽ يونيورسٽين اندر گهڙي آيا آهن، هي هزاره ڪميونٽي جي ماڻهن کي محض ان ڪري ماري رهيا آهن ته اهي شيعا مڪتبه فڪر جا آهن، يا هنن جن پروفيسرن کي نان بلوچ هئڻ جي ڪري ماريو وڃي ٿو، ان پويان ڪهڙا مقصد آهن، ڪوئٽه، پنجگور، سبي ۽ ڊاڊر تائين گوريله ويڙه جي جيڪا رٽ لڳائي پئي وڃي واقعي به اها بلوچستان جي آزادي جي ويڙه آهي. ٻه ڏينهن اڳ اخبار ۾ مون پڙهيو ته آزادي جي ويڙهه لاءِ هو آمريڪا سميت هر ملڪ جي مدد وٺڻ لاءِ تيار آهن. هي واقعا بلوچستان جي حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن ته ملڪيتي مفاد دراصل قومن جي اصل مسئلن کي پوشيده رکي ماڻهن جي آگاهي ۽ بين الااقواميت جي امڪانن کي ختم ڪري استحصال جي جديد شڪلن سان نمودار ٿين ٿا.
    ڇا اهڙي حالت ۾ بلوچستان جي ماڻهن ، پورهيتن ۽ نوجوانن کي قسمت تي ڇڏي ڏجي، مان پوري ريت پنهنجي نطريي جي آڌار ان خلاف بيٺو آهيان ۽ توهان کي به ان خلاف بيهڻ جو چوندس، اسين انهي خلاف جي بيهي رهياسين ته منهنجي خيال ۾ اهو ئي ڪافي آهي. مان اڃان به ان نقطي جي وضاحت ڪرڻ چاهيندس، خديجه رواني سان ڳالهائڻ لڳي
    اسان ۽ توهان کي ان ڳالهه جو ادراڪ هئڻ گهرجي ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي اختتام جو وقت اچي ويو آهي ۽ هي رياست سرمائيداري نظام کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي گوادر ان سلسلي جي ڪڙي آهي، پاڪستان جي فوج سميت ملڪي ۽ غير ملڪي ڪاروباري ادارا سرمائيدارن جي صفن ۾ بيٺا آهن ۽ پاڪستان ڏانهن نهاري رهيا آهن، بلوچستان جا قومپرست ۽ سردار، سرمائيداري جي منفي پهلوئن تي ڳالهائڻ بجاءِ رعايتن تي انحصار ڪري رهيا آهن، جيڪي ته انهن کي ملنديون پر عام بلوچ جو ڇا ٿيندو؟ ان ڳالهه جو انهن کي ڪو ادراڪ ئي ڪونهي، توهان سڀني کي پٽ فيڊر هاري تحريڪ ياد هوندي، تڏهن هي سردار ڪٿي بيٺا هئا، اها ڳالهه اڃان بيان ڪرڻ کان رهيل آهي،
    اسين ممڪن حد تائين پنهنجو ٻيهر جائزو وٺون، سياسي افراتفري مان جان ڇڏايون ، پنهنجن نوجوانن جي بهتر تربيت ڪيون، ۽ انهن ڪمزورين کان پاڻ کي بچايون جيڪي اسان کان سرزد ٿيون۔


    29

    “جج آزاد ناهن، وڪيل ڪيترا به دليل ڏئي ڪجهه به ناهي ٿيڻو، هن ظالم رياست کان اسين واقف آهيون، هنن کي ڪنهن به طرح حڪمراني ڪرڻي آهي، پوءَ کڻي پوري قوم کي مارڻو پوي، هنن کي زمين ٿي گهرجي ۽ زمين اندر پوشيده خزانه ٿا گهرجن، هنن چاغي جلايو، ته جيئن انجي خاڪ مان به پئسو ٺاهي سگهن، هو غرور ۾ آهن ۽ باقي قومن کي جاهل ڄٽ سمجهن ٿا، هنن جا فوجي جنرل وار لارڊ جيان زندگي گذارين ٿا ۽ ڪيترن اعزازن سان نوازيا وڃن ٿا، هي ڪڏهن به رٽائر نه ٿا ٿين، سويلين روپ وٺي اسلام آباد جي ڪنهن وڏي عهدي تي برجمان ٿي ويهن ٿا، هنن باقي قومن جي ذهني حالت کي ان قدر مفلوج ڪري ڇڏيو آهي جو ڪو به هنن سان برابري جي تقاضا نه ٿو ڪري. هي چور هجڻ جي باوجود شرمسار ناهن، جي اڃان به اعتبار نه ٿا ڪيو ته مونسان بلوچستان جي روڊن تي سفر ڪري ڏسو”
    شاه حسين مري کي سڀئي ڌيان وچان ٻڌي رهيا آهن، جنهنجو چهرو سفيد پٺاڻن جهڙو آهي ، پر هي پٺاڻ نه، بلوچ آهي،
    شاه حسين مري کي پوڙهو ٿيڻ ۾ ڪا جلدي ڪانهي، سندس اکين ۾ سپنا جرڪن ٿا پر انهن جي حاصلات لاءِ به هن کي ڪا جلدي ڪانهي، هي جيترو ڌيان ڏئي ٻڌي ٿو اوترو ڌيان سان ڳالهائي ناهي سگهندو، ڊگهيون ڳالهيون نه سهي پر گهڻي اختصار مان به ڪم ناهي وٺندو، هن ڪڏهن به اکرن جو سودو ناهي ڪيو ۽ چڱي شيءَ کي عزت ڏني، ڪيترن کي لڳندو آهي ته هي چاليهه ورهين جو آهي پر دراصل هن جي عمر پنجهاه ورهين کان به مٿي آهي، هن پاڻ کي هميشه خوش رکيو پوءِ کڻي ڪهڙا به حالات هجن، سڀئي هن جي عزت ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪوئٽه جي هي انهن پراڻن ڪامريڊن مان آهي ، جيڪي اڄان تائين به بلوچستان جي حالتن جو گهرو سياسي، سماجي ۽ تاريخي ادراڪ رکن ٿا.
    “اهي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مليل آهن، عام ماڻهو وري به انصاف لاءِ ڪورٽن ڏانهن واجهائي ٿو. پر انهن کي درست حقيقت جي خبر ڪانهي ته اصل ۾ هي مختلف چهرا ئي هن نظام جا رکوالا آهن.” شاه حسين مري جي زبان مان نڪرڻ وارا لفظ واضع ۽ چٽا هئا. هن ڪجهه ٻيون ڳالهيون به ٻڌايون.
    “ها ! ائين ممڪن آهي پر ڪهڙي ريت؟ توهان ائين ڪيئن ٿا چئي سگهو ته رڳو بنياد پرست تنظيمون ئي ان سازش جو حصو آهن” رتنا، شاه حسين مري کان سوال ڪيو.
    “پاڪستان جي فوج ۽ ايجنسيز جو بنياد پرست مذهبي جماعتن ۽ تنظيمن کانسواءِ ڪنهن تي به اعتبار ناهي، توکي اعتبار ڪرڻ گهرجي، مان سچ چوان ٿو ته هي بلوچستان کي باهه ڏيڻ لاءِ بنياد پرست جماعتن کي منظم ڪري رهيا آهن، مظلوم قومون، هاڻي هي ڳالهه سوچين ٿيون ته اسان پنهنجو گهر ڪيئن بچايون، مون ڏانهن خير بخش ماڻهو موڪليو هو ته بلوچستان جي صوبائي خودمختياري جي معاملي تي صلاح ڏي ، هنجي بقول ته بنگلاديش وڃائڻ کانپوءِ پاڪستان جي ملٽري ۽ سويلين سرڪار سخت دٻاءُ ۾ آهي، هي بلوچن سان ڪجهه صوبائي خود مختياري جا معاملا طئي ڪرڻ چاهين ٿا، هن ائين سمجهيو ٿي ته هي اسان لاءِ سٺو موقعو آهي ته بلوچستان جا صوبائي حق طئي ڪجن ۽ انهن جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، مون کيس چيو ته اهي ڳالهيون اڳ ۾ به ٻڌايون ويون آهن ۽ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ٻڌايون وينديون،
    “جيڪڏهن مان ڪمزور آهيان ته طاقتور مونکي ڇو حق ڏيندو،”
    خودمختياري ته وڏي ڳالهه آهي، هي ته بلوچن جا بنيادي حق به نه ڏيڻ چاهيندا ۽ اسين به ته صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪيون ٿا ته شام جو ٻي، اسان به ته اهڙو ڪو فصل ڪونهي پوکيو جنهن جو ميوو وٺون، هڪ سردار لاءِ ماڻهو جي اهميت ڪهڙي آهي؟ خودمختياري ماڻهو جو مسئلو آهي ئي ڪونه ، ڪيترن ماڻهن کي انهي ڳالهه جي خبر ئي ڪانهي، ان ڪري خودمختياري جي معاملي ۾ ملٽري سرڪار هڪڙن سردارن کي انگيج رکڻ ٿي چاهي ته ٻين کي بندوق سان مارڻ ٿي چاهي.
    “تنهنجي انهي ڳالهه خير بخش تي ڪهڙو اثر ڪيو هو؟” خديجه، شاه حسين مري کان معلوم ڪيو.
    “هو هميشه سٺيون شيون ڏسندو آهي ڇاڪاڻ ته هو دل جو سٺو آهي” شاه حسين وراڻيو، بلوچستان جو حقيقي سوال ڪهڙو آهي؟ ان متعلق هن جي ايپروچ به سطحي آهي، مون جڏهن کيس چيو ته ماڻهن کي پهرين سردارن کان آجو ڪجي ۽ ماڻهن کي حقيقي زندگي گذارڻ جو حق ڏجي، انهن ۾ ذات جي آزادي جو احساس پيدا ڪجي، پنهنجن نوجوانن کي بيزار ڪندڙ تدريسي طريقن مان ڪڍي نئين دنيا کان روشناس ڪرائجي، ڪيترا ئي اهڙا نوجوان آهن جيڪي چئي رهيا آهن ته بلوچ سماج پنهنجن پراڻن رشتن تي هليو ته ختم ٿي ويندو، اسان کين نون رشتن کي تلاش ڪرڻ جو موقعو ڏيون، ڳُوٺاڻي سطح تائين ننڍڙي پئماني جي صنعتي ترقي سان نون رشتن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو، جنهن سان ماڻهو خوشي ۽ خوشحالي واريون شيون ڏسي سگهندا.
    “ائين ڪوبه سرادر نه ٿو چاهي” شاه حسين اُداس ٿيندي چيو، خير بخش به نه، هنن لاءِ مقدس اهي چند رعايتون ۽ خطاب آهن جيڪي موجوده سرڪار رائلٽي جي صورت ۾ هنن کي ڏئي ٿي. رياست به بدلاءُ نه ٿي چاهي، چون ٿا ته سردار بلوچستان جي ترقي آڏو رڪاوٽ آهن، پر جي ڏسجي ته ڪيترا ئي اهڙا علائقا آهن جتي مضبوط قسم جو سرداري نظام نه هجڻ جي باوجود ترقي جو نالو نشان ڪونهي، جيئن مڪران، گوادر تربت آواران سبي، ڪڇي جا علائقا.
    هي پنهنجن ماڻهن کي آزاد ۽ خوشحال ڏسڻ نه ٿا چاهين، ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو ئي هنن جي طاقت آهن، توکي خبر آهي ته هنن ماڻهن کي ڪيئن نه ذات پات ۽ قبيلن ۾ تقسيم ڪري رکيو آهي، بلڪه هي قبائليت جي نالي تي عام ماڻهن کان خطرناڪ ڪم ڪرائن ٿا، ته جيئن سرداري هڪ نظام جي روپ ۾ قائم رهي.
    توهان سوچيندا هوندا ته هي مان سڀ ڪجهه سردارن جي خلاف ڳالهائي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍڻ ٿو چاهيان!
    “ائين ناهي، مان سردارن جي خلاف آهيان، ڇاڪاڻ ته زندگي ۾ڪابه شي مقدس ناهي هوندي” شاه حسين سنجيده ٿيندي وراڻيو، هن ملڪ انهن سردارن کي مقدس ڪري رکيو آهي، هي ته بيماري آهي، ته سردار جي چوڻ تي بُگٽي مري کي ۽ مري بُگٽي کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هر ماڻهو لاءِ ڪي اهڙيون گهڙيون به ٿينديون آهن جيڪي ان کي نئين طرح سان سوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن، نفرت دائمي طرح ماڻهو جي اندر رهي ئي ڪانه ٿي سگهي، پر مونکي ڪنهن گهڙي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هنن سردارن ماڻهن جي دلين جا دروازا ائين بند ڪري ڇڏيا آهن جو هي ماڻهو اهڙي هجڻ تي فخر ڪن ٿا.
    “شاه حسين، ڇا هي سچ آهي ته هڪ قبيلو پاڻ کي ٻئي قبيلي کان برتر سمجهي ٿو؟” رتنا کاوءنس پڇيو،
    “مون وٽ ان بابت ڪتاب آهن، جن ۾ لکيل آهي ته سڀئي قبيلا ۽ وري سب ٽرائيب جن جون پنهنجون پنهنجون شاخون آهن هر شاخ پاڻ کي ٻئي شاخ کان برتر سمجهي ٿو، انهن جا علائقا به ورهايل آهن، مونکي ئي کڻي ڏس مان پڙهيو لکيو آهيان، قبائلي برتري ۽ روايتن جو قائل ناهيان انجي باوجود بگٽين جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ وقت خوف ۽ وسوسن ۾ گهيرجي وڃان ٿو انهن جي نظر ۾ منهنجو پڙهيو لکيو هجڻ بزدلي جي ڳالهه آهي.
    “تنهنجي اکين مان باهه وسڻ گهرجي ۽ هٿ ۾ بندوق هجڻ گهرجي” هو مونکان ائين پڇندا آهن،
    “چڱو هاڻي اسان کي صلاح ڏي ته پنهون کي ڪيئن بازياب ڪرائي سگهجي ٿو؟” توڪلي کانئس پڇيو.
    مونکي هن باري ۾ خبر پئي ته مون پنهنجي ليکي به معلومات وٺڻ چاهي ته ان دوران ڪيس ڪورٽ هليو ويو، هي ڪينگرو ڪورٽون ڪيتري قدر آزاد آهن انهن جي ته توکي خبر آهي، پر ماڻهو چون ٿا ته جج چاهي ٿو ته وڪيل جي بجاءِ سڌو مونسان رابطو ڪيو، پئسه ڏئي پنهنجو ماڻهو ڇڏائي وڃو نه ته بيشڪ جيل ۾ سڙندا رهو.هي ملڪ اهڙي حالت ۾ پهچي ويو آهي، جتي پاڳل جي تشخيص بجاءِ ان کي مارڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.
    مون پنهنجن دوستن جي مجلس ۾ به پنهون جو ذڪر ڪيو هو، هنن مونکي خطرناڪ مشورو ڏنو، هنن اها ڳالهه واضع طور تي چئي ته پنهون همت وارو ۽ بهادر نوجوان آهي، هي ڪو پاڳل شخص ڪونهي جو ڪنهن کي ڪجهه به ٻڌائي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هجي يا ڪنهن جڳهه تي وڃي لُڪو هجي، اهو ممڪن ئي ناهي، پر مان توکي ڪجهه اهڙا اشارا ٻڌائيندس، جنهن مان خبر پوي ٿي ته پنهون ڪٿي آهي.
    مان توکي ٻڌائڻ گهران ٿو، هڪ ڀيري ميجر عمر مون وٽ ان ڪري آيو هو جو کيس خبر پئي ته مان ڪيپٽن سرور بلوچ جو مامو آهيان، هن مون مان اها اميد ٿي رکي ته کيس پهاڙي گَڊ هٿ ڪري ڏيان، پوءِ هو اڪثر مون وٽ ايندو هو ڪڏهن اڪيلو ته ڪڏهن سرور سان هڪ ڀيري هو تازو سبي کان واپس ٿيو هو، مون کيس پنهون جي متعلق پڇيو هن ڪجهه اشارا ڏنا. تون اعتبار ڪندين، هن جڏهن پنهون جون وصفون ٻڌائيندي چيو ان جهڙو هڪ نوجوان ماڻڪ بند جي اوسي پاسي جي علائقي مان کنڀيو ويو آهي ته مان ڪيهون ڪري روئڻ لڳس، مان سرور کي نياپو ڏياري موڪليو ته ميجر عمر کي چوي ته منهنجي گهر نه اچي؟ ڇاڪاڻ ته هنجي موجودگي ڪري مان ائين سمجهان ٿو ته ڃڻ هن ئي اهو ڪم ڪيو آهي ۽ جي منهنجو تحمل جواب ڏئي ويٺو ته مان هن جو خون ڪري وجهندس، ان ڪري هن کي روڪ ته مون وٽ نه اچي.
    “پوءِ تو ڇا ڪيو؟” توڪلي بي چيني مان کيس ڏسندي پڇيو.
    “مون پنهنجي دوستن آڏو هي ڳالهه رکي” شاه حسين وراڻيو.
    “هنن چيو، هنجو خون ٿي ويندو”
    ”پر ائين ڇو ٿيندو؟“ هن جي عمر ئي ڪيتري آهي، خديجه ڏکاري لهجي ۾ چيو .
    “هائو! منهنجي سٻاجهي ڀيڻ اسين سڀ ان درد جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهيون، جنهن کي تون شدت سان محسوس ٿي ڪرين، ڪير نه ٿو ڄاڻي ته آخر هي ملڪ اسان سان ان حد جي دشمني ڇو پيو ڪري، هنن ڪيترن نوجوانن جو خون ڪري ڪيترن خاندانن کي درد ۽ ڏک جي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، بلڪه انهن کي ذهني طور تي بيمار ڪري ڇڏيو آهي”
    “آخر تون ڪو رستو به ٻڌائيندين؟” توڪلي رڙ ڪري هن کان معلوم ڪيو.
    شاه حسين مري اوچتو توڪلي جي رڙ ڪري ڳالهائڻ تي ڇرڪي پيو،
    “مان ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيس، منهنجي دل زور سان دڙڪڻ لڳي، جڏهن منهنجن دوستن، چيو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي” شاه حسين ڏاڍيان ڳالهائيندي چيو،
    “تون ڪنهن جي ٿو ڳالهه ڪرين؟” توڪلي، شاه حسين کان معلوم ڪيو.
    “هي، مظاهر بلوچ، نهايت دلڪش، بهادر ۽ بيخوف انسان آهي، هو جڏهن خاص حالتن ٿي ڳالهائيندو آهي ته ان جي نتيجن تي ناهي سوچيندو”
    هن جڏهن پنهون جو ذڪر ڪيو ته صاف لفظن ۾ چيائين ته اهو ايجنسين جو ئي ڪم آهي، اسين ڪورٽ جي آسري پنهنجو نوجوان وڃائي وهنداسين، پنهون جي حياتي کي بچائڻو آهي ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. پوءِ هن اها تجويز رکي، هن چيو ته پنهون کي بچائڻ جو واحد رستو اهو آهي ته اسان حڪومت جي ڪنهن خاص ڪارندي کي اغوا ڪيون ۽ انجي بدلي ۾ پنهون جي گُهر ڪيون،
    “تو وٽ ڪا ڪم جي ڳالهه آهي يا هميشه هوا ۾ لٺيون هڻندو آهين؟” مون کيس چيو.
    “تون جي منهنجي جڳهه تي هجين هان ته اڃان به آساني سان ڳالهه کي سمجهي سگهين ها” مظاهر مونکي چيو، پر تون ته هميشه ائين چوندو رهندو آهين ته حقيقي حياتي هڪ خواب جيان آهي، جنهن جي ڪا تعبير ڪانهي، موت کانپوءِ ٻي جهان کي مان ڇاڪندس مونکي ته حال ۾ جيئڻ گهرجي، اهو به شان سان، توکي جي هن زندگي ۾ شان سان جيئڻو آهي ته پوءِ منهنجي اکين ڏانهن نهار انهن جي سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ۽ جي اڃان به ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ته فَري جي چهري ڏانهن نهار جيڪو ڪيترن ڏينهن جي اوجاڳي ڪري ڪومائجي ويو آهي، جي اڄان به توکي پڪ ڪرڻي هجي ته پنهون جي امڙ جي سوالن جو مقابلو ڪر ته توکي حقيقي زندگي جي معني سمجهه ۾ اچي ويندي ته ڪن رشتن لاءِ ماڻهو ڪيڏا اهم هوندا آهن، تون ان خواب مان ٻاهر نڪر، خواب بي جان شين لاءِ ناهن ڏسبا، پنهون هڪ اهڙي جان آهي جيڪا هاڻ اسان سڀ لاءِ اهم آهي، توکي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ان رستي کانسواءِ پنهون کي بچائڻ جو ٻيو ڪو به طريقو ڪونهي، ان کان اڳتي مان ڪا به گفتگو نه ٿو ڪرڻ چاهيان.
    “تون چاهين ٿو ته سڀ ڪجهه تباه ٿي وڃي؟ توکي انجي نتيجن جي خبر آهي” مون مظاهر بلوچ کي چيو،
    “ها مونکي خبرآهي” هن وراڻيو.
    “توکي ڪا خبر ڪانهي” مون کيس وراڻي ڏني، توکي جي انهيءَ ڳالهه جو احساس هجي ها ته اها صلاح نه ڏين ها! تون وسارين ٿو ته هن سان بلوچ سياسي تحريڪون ختم ٿي وينديون، هي ائين ئي ته چاهين ٿا ته اسين ان حد تائين وڃون ته جيئن هو اسان کي دهشتگرد ڊڪليئر ڪن ۽ نوجوانن کي مارڻ آسان ٿي پوي.
    “تون انهن مان ڪهڙي اميد ٿو رکين” مظاهر وراڻيو، هو ته هاڻي به ماري رهيا آهن، مونکي سياسي تحريڪن کان وڌيڪ پنهون جي زندگي جو فڪر آهي، مان ان کي بچائڻ چاهيندس.
    “مان توکي سياسي تحريڪن جي اهميت ۽ حقيقت بابت پنهون جا دليل ٻڌايان ٿو” مون کيس چيو، پنهون چاهيندو هو ته، بلوچستان جي آزادي هڪ سياسي تحريڪ سان ممڪن آهن، اجتماعيت ۾ طاقت هجي ٿي، ماڻهو جڏهن مجموئي طور تي تحريڪ جو حصو ٿيندا ته صحي فيصلا ڪري سگهندا،
    “تون مونسان سوشلزم جي ڳالهه نه ڪر ۽ نه وري ان زنجير ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪر! مان جيڪو چوان ٿو ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر” مظاهر منهنجي دليل کي رد ڪندي چيو، مظاهر ۽ منهنجي وچ ۾ هاڻ ڄڻ بحث ڇڙي پيو، هن وڌيڪ چيو ته هي ڪنهن نظريي جي جنگ ناهي پر پنهون کي زنده سلامت ڪڍي اچڻو آهي ۽ ان کي بچائڻ جو ٻيو ڪوبه طريقو ڪونهي، اسان جيڪڏهن ويهي سياسي تحريڪن ۽ نتيجن جي پرواه ڪنداسين ته دير ٿي ويندي، اها ايذاءُ ڏيندڙ ڳالهه ٿيندي ته ڪيترن نوجوانن جيان پنهون به اسان کي مسخ شده حالت ۾ ملي، مظاهر ڳالهائيندو ٿي ويو.
    “مان ان صلاح کي رد ڪيان ٿو ۽ اهڙي ڪنهن به اُٻهرائي جي اجازت نه ڏيندس” مون کين پنهنجو فيصلو ٻڌايو، مظاهر جون اکيون ڀرجي آيون، هن مونسان ڪجهه به نه ڳالهايو، هو پنهنجي ليکي ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو، جي هن جي وس ۾ هجي ها ته هي شايد ائين ڪري به ويهي ها.
    “ پنهون کي وڃائڻ جو مونکي سدائين ڏک رهندو، مان کين چوندس ته مان ذليل ۽ بزدل ناهيان جنهن پنهون کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، مون کان جڏهن منهنجي تاريخ ۽ منهنجي آئيندي جو نسل پڇندو ته مان کيس واضع چوندس ته سياسي تحريڪ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني.” مظاهر ديوار سان ٺيڪ ڏئي پاڻ سان ڳالهائيندو رهيو.
    مون هن جي اکين مان لڙڪ وهندي ڏٺا، هن کان اڳ جو هي پنهون لاءِ روئي رڙي مان کيس وڃي ڀاڪرن ۾ ڀريو ، هي ڄڻ اندر کان ڦسي پيو ۽ ڪيتري دير تائين سڏڪا ڀري روئندو رهيو، هي جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو ته مون کيس چيو.
    “ٿورو غور ڪر! پنهون کي اسين سڀ ڏسڻ گهرون ٿا هو اسان جي دل ۽ دماغ جو حصو آهي” مون کيس چيو، هن جي آدرش، جدوجهد ۽ قرباني کي سمجهڻ لاءِ تحمل، برداشت ۽ گهري ادراڪ جي ضرورت پوي ٿي، پنهون جو عڪس اسان ۾ سدائين لاءِ رهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهون هڪ عمل جو نالو آهي.
    منهنجا عزيز! ائين ناهي ته مون وٽ فڪر آهي روح ناهي ، مان پنهنجي روح کان پنهون کي ياد ڪري روئان ٿو ۽ پنهنجي فڪر کان ان کي هڪ حقيقت سمجهان ٿو جيڪا سدائين رهڻي آهي، مون جنهن ڳالهه جي تشريح ڪرڻ ٿي چاهي اها طريقيڪار متعلق آهي، قرباني عظيم شيءَ آهي پر ان کان به وڌيڪ سچائي هڪ ٻي آهي، توکي ڪائنات جي اُصولي عمل جو درس ڏيڻ نه چاهيندس جو تون خود ان کان چڱي طرح واقف آهين، پر ان کان به اڳتي جي مان ائين چوان ته بيداري، ڪنهن هڪ شخص کي بچائڻ کان وڌيڪ اهم ٿئي ٿي ته شايد منهنجي اها ڳالهه توکي موقعي پرستي ۽ بزدلي وانگر به لڳي، ۽ شايد تون ائين به چوين ته ان سان ڇا ٿيندو؟ پنهون ته نه موٽندو!؟
    پر جي تو روس جي انقلاب جي تاريخ پڙهي آهي ۽ ان کان به اڳ بلوچ قبيلن جي تاريخ پڙهي آهي ته اتي ڪجهه اهڙا واقعا به توکي نظر ايندا جيڪي هڪ عام ماڻهو لاءِ ناپسنديده ۽ موقعي پرستي جي دائري ۾ اچن پر دراصل ان پٺيان هڪ گهري بيداري ۽ دانائي به پوشيد هوندي آهي، مثلن، چاڪر رند جو پنهنجي ڀاءُ گهرام سان گڏجڻ جنهن چاڪر کي سردار مڃڻ کان انڪار ڪيو هو.
    گهرام هميشه پنهنجي لاشار هجڻ تي فخر ڪندو هو، هن کي اهو ادراڪ نه هو ته انسان جي قيمتي زندگي لاءِ ڪهڙيون شيون اهم آهن، هن کي هميشهه پنهنجي 40 هزار لاشار تي غرور رهندو هو ، پر اهو 40 هزار لاشار گنداواه جي سرحدن تي جڏهن اڪيلو ۽ تنها ٿي ويو ۽ شڪست سامهون نظر ٿي آيس تڏهن چاڪر رند اهڙو فيصلو ڪيو جنهن سڀ کي حيران ڪري ڇڏيو ، چاڪر خان لشڪر وٺي گهرام سان گڏ وڃي بيٺو ۽ گهرام جي شڪست جي انديشن کي ختم ڪري ڇڏيو.
    تاريخ جي اهڙن واقعن کي تون ڪهڙو نالو ڏيندين، پر جي مان ائين ڪرڻ جي توکي اجازت ڏيان جيئن تون چاهين ٿو ته پوءِ انسانيت جو ڇا ٿيندو؟ جيڪا مجموعي طور تي هن سماج جي اذيت کي ڀوڳي رهي آهي، هر ماڻهو پنهنجي پياري لاءِ ان حد تائين وڃي ته پوءِ مجموعي سياسي ۽ سماجي قدر ته تباه ٿي ويندا، هي ظالم معاشرو به اهڙن نتيجن لاءِ ان عمل کي همٿائيندو، ته پوءِ سڀئي شيون غير اهم ٿي وينديون ۽ جنهن کي جيئن سمجهه ۾ ايندو ڪندو وتندو، هڪ انسان کي بچائڻ جي جيستائين ڳالهه آهي، اهو نقطو سڀ کان اهم آهي پر دانائي جي تقاضا ڪهڙي آهي، اسانجو ڪم اتي ته ختم ٿيڻ نه گهرجي، اڳتي جي سفر جو ڇا ٿيندو؟ جڏهن تون ان سفر کان ئي پاڻ کي ٻاهر ڪري ڇڏيندين ته هنن ظالمن کي ته وڌيڪ راڄ ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. مونکي ٻڌاءِ! تون ائين ڪرڻ چاهيندين؟ منهنجو ڀاءُ قتل ٿي وڃي ٿو ته منهنجي دانائي مونکان ڪهڙي ڳالهه جي تقاضا ڪندي، مونکي روايتي طرح جو انسان نه ٿيڻ گهرجي، مونکي ويڙهه جي رستي جي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي، ۽ اهو لازمي به آهي ته ڪهڙي ويڙهه جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، مان بلوچ سردارن وانگر آزادي جي نعري کي مفاد جي حد تائين ڏسڻ نه چاهيندس هي هڪ سنجيده ويڙه آهي جيڪا سياسي تحريڪ ذريعي وڙهي ويندي، ڇاتون چاهيندين ته مان ڪنهن سردار جهڙو ٿيان! تون ائين ڪڏهن به نه چاهيندين، بلڪه تون ائين چاهيندين ته مان ظلمت جي خلاف ماڻهن کي ائين جوڙيان جو دشمن تنها ٿي وڃي، مان ائين نه چاهيندس ته دشمن مونکي اڪيلو ڪري ماري.
    مون مظاهر بلوچ جي چهري کي ڏٺو جيڪو هاڻي ڪافي سڪون ۾ اچي ويو هو، مون هن کي وڌيڪ چيو ته، اسين اهي سمورا محاذ استعمال ڪنداسين جن سان اسانجو سڌو عوام سان تعلق جڙندو، اسين ڪورٽ جي هر حاضري تي پيش ٿينداسين، باوجود انجي جو اسان ان مان ڪا وڏي اميد ڪونه ٿا رکون. شاه حسين مري پنهنجو هٿ پنهنجي چهري مٿان گهمايو ، هن ڄڻ پاڻ کي وڃائڻ کان بچائي ورتو هو .
    مون وٽ اهو ئي آهي، جيڪو هاڻ توهان آڏو بيان ڪيو ، شاه حسين مري ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو.
    شاه حسين جي ڳالهين سڀني جي دل تي چڱو اثر ڇڏيو، ان مان هنجي ذهني قابليت ٿي نظر آئي،
    “آفرين! منهنجا دوست!” توڪلي، شاه حسين سان مخاطب ٿيندي چيو.
    “مظاهر بلوچ ان ڳالهه لاءِ راضي ٿي ويو هوندو” توڪلي، شاه حسين کان معلوم ڪيو،
    “هو خاموش ويهڻ وارن مان ناهي! پر هن ڳالهه تي هو خاموش ٿي ويو، ان مان لڳو ته آسمان صاف ٿي ويو.
    “هي حقيقت پنهنجي جاءِ تي! پر ڪالونيل دور کي ته اسانجو نسل پوئتي ڇڏي آيو آهي، موجوده دور ۾ اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟” رتنا، شاه حسين مري کان سوال ڪندي چيو.
    “منهنجي لاءِ ڪابه هڪ شي انسانيت سان پيار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي” شاه حسين مري جواب ۾ چيو، ڇاڪاڻ ته مان هڪ عام انسان آهيان، مون لاءِ منهنجي سادگي ئي سڀ ڪجهه آهي، زندگي جي فلسفي تي ته مان تڏهن سوچان ٿو جڏهن ڪو مصنوعي عمل منهنجي سادگي سان ٽڪرائي ٿو، جنهن کي پيدا ڪرڻ وارو عام انسان نه پر ڪلاس آهي. گوشت جو اگهه عام ماڻهو نه پر رياست مقرر ڪري ٿي . اٽي کان ويندي ماني جي اگهه تائين هر طرف رياست ويٺي آهي، پر مونکي تعجب ٿئي ٿو ته بلوچ نوجوان رياست خلاف جيڪي شڪايتون رکي ٿو ان کان وڌيڪ جذباتي حد تائين نسلي بنياد تي تقسيم ٿيل آهي، منهنجو تعلق مري قبيلي سان آهي، ان ڳالهه جي حوالي سان مان اوهان کي پنهنجي حقيقت ٻڌايان ٿو ، هتي جڏهن سردار وڙهندا آهن ته پوري جو پورو قبيلو وڙهي ٿو، هتي قبيلن جي ويڙهه ٿيندي آهي، ورهاست ٿيندي آهي ۽ انهي بنياد تي ماڻهو ماريا ويندا آهن، مان اڃان پنهنجي سادگي ۾ رهندي قبيلن ريتن، رواجن تي پورو يقين رکندو هئس. مري سردار جي بگٽي سردار سان ويڙهه هلندڙ هئي، ان ويڙهه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مونکي به موڪليو ويو، تڏهن اها روايت هئي ته نوجوانن کي به شامل رکو ته جيئن قبائلي ريتن رسمن کان واقف ٿي سگهن مون ڏٺو پئي هر عام مري جنهن جي پوري زندگي خانه بدوشي ۾ گذري، جن جي ٻارن جي جسم تي پائڻ لاءِ پورو ڪپڙو به نه هو . پنهنجن روايتن کان به وڌيڪ سردار جي حفاطت ۽ انجي مفاد جي حصول لاءِ ان قدر جذباتي ۽ جوش ۾ هو، جو مون ائين ٿي سمجهيو هنن جي سامهون خدا هجي ته هي خدا کي ڇڏي سردار جي پويان لڳي پوندا. هنن پنهنجو پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪري ورتو هو ته جيڪو ڪجهه آهي اهو ئي آهي، ان کانسواءِ هو هڪ لمحو به زنده رهي نه ٿا سگهن.
    ماڻهن کي اهڙي حالت ۾ رکڻ سان ئي سردار زنده رهي سگهي ٿو. مون پهريون ڀيرو ان ڳالهه تي سوچيو ته جنهن بگٽي کي نه ڪڏهن مون ڏٺو نه وري ان کي سڃاڻان، ان کي مارڻ ، خون ڪرڻ جو مونکي ڪهڙو حق ، مان شايد ان سوال تي ڪڏهن به نه سوچيان ها جيڪڏهن مان اسڪول وڃڻ جو ضد نه ڪيان ها.
    بلوچستان يونيورسٽي ۾ ٽن پروفيسرن جو خون ٿيو ته ڪنهن به سردار انجي مذمت نه ڪئي. شاه حسين مري ڳالهائيندو ويو، پر ان کي ري ايڪشن سان تعبير ڪندي بلوچ مذاحمت کي نسلي رنگ ۾ رنڱيو ويو، مون ان عمل جي مخالفت ڪئي، پر ان کان به وڌيڪ اسلام جي نالي تي شيعه سني تفريق وڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي مذهبي جماعتن پاران ٻارن مٿان انگريزي پڙهڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
    “هي ته نهايت خطرناڪ ڳالهه آهي، بلوچستان جو روح ته ٿڌي مٺي چشمي جيان آهي“ خديجه وراڻيو،
    “ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي محب وطني جي خالي کوکلي احساس سان، پنهنجن ماڻهن سان دشمني ڪري وهندا آهن” شاه حسين مري وراڻيو، هو ائين سمجهندا آهن ته هو دوستي جو فرض ادا ڪري رهيا آهن، شاه حسين پنهنجي گفتگو کي توازن ۾ رکڻ جي باوجود جذباتي ٿي ويو هو، هن چيو ته پروفيسر ڪي سزايافته ، خوني نه هئا جو انهن سان ائين ڪيو ويو. هو ته ڪيتري وقت کان نوجوانن کي تاريخ . ادب ، فلسفو پڙهائي رهيا هئا . علم ۽ علم واري انسان کي نسلن ، فرقن ۽ذات پات ۾ نه ٿو ورهائي سگهجي. هي محب وطني جي ڳالهه ناهي، هي پنهنجي نسل سان دشمني جي برابر آهي، هنن کي مارڻ سان ڇا ٿيو ، مصنوعي فڪر جاءِ والاري.
    ادب ۽ فلسفي کانسواءِ انسانيت سان ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهجي، ماڻهو جي کائڻ، پيئڻ ۽ مري وڃڻ جو ئي ته سوال ڪونهي، ان کي ڪيئن زنده رهڻ گهرجي، ۽ هڪ ڳالهه سڀنيءَ لاءِ ڪيئن ساڳي ٿي سگهي ٿي ۽ انساني سماج جي سياسي، معاشي حقن لاءِ ڪهڙي طرح دنيا جون قومون يڪجا ٿي سگهن ٿيون، ادب ۽ فلسفي جي زبان سان ئي ته ائين ممڪن آهي، هنن کي ڄاڻي واڻي ماريو ويو ته بلوچستان جي نوجوانن کي ان زبان ۽ خيال کان محروم رکجي.
    “توهان کي بلوچستان جي شيعه ۽ سني علائقن ۾ به وڃڻ گهرجي جيڪي توهان کي ياد ڏياريندا ته نسل پرستي ڪيتري نه خطرناڪ ٿئي ٿي ” شاه حسين مري، توڪلي ۽ ٻين دوستن سان مخاطب ٿيندي چيو.


    30

    “مونکي پنهنجو رئو ڪونه ٿو ملي، وقت تي ڪابه شي نه ملندي،” فرزانه رڙيون ڪندي پنهنجي رئي کي ڳولڻ لڳي، هن کي اڄ چوٿون ڏينهن آهي . پنهنجي ڀاءَ جي بازيابي لاءُ پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهي . هن لاءِ ٻين شين سان گڏ مٿي ۽ چهري کي ڍڪڻ به لازمي آهي.ته جيئن بلوچي روايت قائم رهي، هي روايتن جي پابندي کي ڪڏهو ڪو اڇلائي ڦٽو ڪري ها، پر شايد بلوچ معاشري جي مروج روايتن کان پاڻ کي اڃان آزاد نه ڪري سگهي هئي.
    رت ۾ ٻڏل بلوچ معاشري جي روايتن ۾ عورت، جسم ۽ نسل وڌائيندڙ رڍ، ٻڪري کان اڳتي ڪجهه به ناهي. بلڪه روزانه جي استعمال جي ڪيترن شين کان به گهٽ اهميت رکي ٿي.
    فَري، جڏهن به پنهنجي ڀاءُ جي آزادي واسطي بک هڙتال لاءِ روانو ٿي ته سڀني کيس رئو پائڻ ۽ نقاب لڳائڻ جو پابند ڪيو، ڪنهن به هن جي جرات کي ڌيان ۾ ئي نه آندو ۽ نه ڪنهن هن کي ان جرات ۽ همت لاءِ تعريف جا چند لفظ به چيا .
    فَري تعريفي جملن جي ڪڏهن پرواه نه ڪئي ۽ نه وري هن جي حيران ڪندڙ جوش ۾ ڪا ڪمي آئي، هي ته اهڙي رشتي، مقصد ۽ فرض سان جڙيل آهي جنهن جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي.
    حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي تعريف ڪندا ته ٻئي طرف کان هنجي تذليل ڪندي اهو نه سوچيندا ته هي سورمي ڄڻ ڪنهن محاذ تي روزانو وڙهڻ وڃي ٿي، اهڙا ماڻهو پنهنجي ناقص تربيت ۽ جهالت جي ڪري بک هڙتالي ڪئمپ تي وڃڻ واري عمل کي شرمناڪ فعل سمجهندي فري مٿان گند اڇلڻ چاهيندا هوندا، انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هن ۾ حيران ڪن تبديلي آئي آهي، هن پنهنجو پاڻ کي ڏکين حالتن لاءِ تيار ڪيو، بلوچ سماج جي پيچيده رشتن ۾ پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ثابت قدمي سان بيٺي رهي. هن جا ڪيترا ئي اخباري بيانن هن جي سنجيدگي ۽ بهادري کي ظاهر ٿي ڪيو، يونيورسٽي ۽ ڪاليج جون شاگردياڻيون، گُل وڪڻڻ وارا، رانديڪا ۽ چوڙيون وڪڻڻ واريون، اخبارون رسالا وڪڻڻ وارا، سياسي ۽ سماجي ورڪر هن کي ڪامريڊ چئي پُڪارڻ لڳا.
    پر آخر هي به ته انسان آهي، عورت آهي ته ڇا ٿيو، صرف مردن جا ڪلها ئي بار کڻڻ ۽ ذميواريون نڀائڻ لاءِ هوندا آهن ۽ اهي ئي شابس جي لائق هوندا آهن ڇا! هي معاشرو شايد اڃان اها حقيقت نه سمجهي سگهندو ته جيئن اوندهه سڀ لاءِ اوندهه ٿئي ٿي ائين ان کي روشني ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جنس يا عمر جي شرط نٿي رکي سگهجي فَري کي رئي اوڍڻ تي اعتراض ڪونهي پر هن کي ڏک ماڻهن جي رويي ۽ ڪار گذاري ڪري ٿيندو آهي، فري پاڻ سان ڳالهائيندي رئو ڳوليندي رهي ٿي.
    هن معاشري ۾ جيئڻ ڪنهن قدر مشڪل آهي، اهو به عورت لاءِ جنهن جي پوشاڪ، شڪل صورت ۽ رئي جي هيٺ سرڪڻ تي هر وقت ڳالهايو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي عورت جي تعليم، تربيت ۽ آزادي واري سوال تي طوفان کڙو ڪيو وڃي ٿو. چولي جو مٿيون بٽڻ بند ناهي، ٻانهون ننڍيون آهن ، رئو صحيح ناهي، ان کان اڳتي ته ماڻهو سوچي ئي ڪو نه ٿو، هنن جو دوڪان ان ڳالهه تي کلي ٿو ۽ ان تي بند ٿئي ٿو، دراصل اهڙا رويا غربت ۽ جهالت جي ستايل ماڻهن ۾ عام جام آهن، هي ڪلاس امير، شرفاءِ ۽ مالدار طبقي جي نسبت وڌيڪ تهمت پسند، رياڪار، جنوني ۽ سنگين ڏوهن جو شڪار رهندو آهي، هي ئي اهو ڪلاس آهي جنهن وٽ تماڪ ڇڪڻ جيترا پئسه به نه هوندا آهن، هنن کي شرفاءِ ۽ اميرن گهٽ اجرت تي خريد ڪري رکيو آهي ۽ هنن جي کاڌي پيتي، جو انتظام سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اوپن ايئر فوڊ تي هر ڏينهن فقيرن، ريڙهو هلائيندڙ ، معمولي اجرت تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي قطار روزانو ڊگهي کان ڊگهي ٿيندي وڃي ٿي، عام ماڻهو اڳتي سوچي به ته ڪيئن سوچي، اهو سوچڻ جو ڪم به رياست مذهب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، مذهب ئي سوچيندو ته ماڻهو کي ڪيئن رهڻو آهي ، ڇا ڪرڻو آهي ، ٻارن جي تعليم ڪيئن ۽ ڪهڙي مدرسي ۾ ڪرڻي آهي، رياست هنن کي اهڙي دائمي بک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جو ان کان اڳتي هي سوچين ئي ڪو نه ٿا، توهان ڪنهن ڳوٺ ۾ يا اسٽيشن جي پٽڙين جي ٻنهي پاسي کان گٽر نالن مٿان گهر اڏي رهندڙ ماڻهن ۾ نيڪي ڪمائڻ جي خيال کان ڪجهه راشن کڻي وڃي ورهائيندو ته اندازو ٿي ويندو ته هن ملڪ جي ماڻهو جي صبر ۽ برداشت ۽ سندس معراج جي حد ڪٿي بيٺل آهي. اٽي جي ڪلو لاءِ مرڻ ۽ مارڻ تي لهي اچڻ وارن ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه هنن پنهنجي عمر ۾ رڳو بک ئي ته ڏٺي آهي.
    پر جڏهن جنگ وڙهي ويندي آهي ته اهي ماڻهو ناهن وڙهندا ملڪ جا دفاعي ادار ۽ تربيت يافته فوج وڙهندي آهي ۽ ملڪ جو دفاع ڪندي آهي،ان ڪري هي ملڪ باقي ٻين ماڻهن تي ڇو خرچ ڪري، سڀ ڪجهه ملڪ ئي ته آهي، انجا مفاد ۽ انجو انٽريسٽ ئي ته سڀ کان مقدم آهن ان ڪري هي رياست هڪڙو ئي هاٿي پالي ٿي.
    فَري پنهنجي آزادي کي وساري چُڪي آهي، هن پنهنجي ڏک کي لڪائيندي پاڻ کي چيو ، ٺيڪ آهي هاڻي مونکي اجائي خيالن کي ڇڏي ٻاهر نڪرڻ گهرجي جو ڪيمپ تي پهچڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڪيمپ ڏانهن ويندي هن ڪوشش ٿي ڪئي ته ڪنهن کي به نه ڏسي پر هر گذرندڙ ماڻهو هن کي ڏسندو ٿي ويو ، ماڻهن جي نظرن جا سوال سچ پچ هن کي بيحد رنجينده ڪري رهيا هئا. ايستائين جو ڪي ماڻهو ته گهر جي دروازي ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين پنهنجو پورو منهن هن ڏانهن ڦرائي ٿي نهاريو، فَري پنهنجي دل جي حوصلي سان هلندي ٿي وئي، هي پنهنجي ڀاءُ جي غيرموجودگي واري احساس ۾ وڪوڙجي وئي ، هو ڄڻ پنهنجي حال ۾ نه هئي.
    بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچندي پهچندي هن کي ڪجهه دير ضرور ٿي هئي پر هنجي پهچڻ سان سڀني هن کي ڀليڪار چيو، هن ڪيمپ ۾ اُهي ماڻهو ويٺل آهن جن جا ڀائر ، پٽ ۽ مڙس رياستي ادارن پاران کڻي گم ڪيا ويا آهن، جن بابت هن وقت تائين ڪابه خبر ناهي ته ڪٿي آهن. فَري، جي ڀر ۾ ويٺل آهي ڪوئٽه جي نسيمه بلوچ جنهن جي جيون ساٿي جليل بلوچ کي ايجنسي جي ڪارندن اغوا ڪيو، نسيمه، فري کي ٻڌايو ته هنجو سُهرو قدير بلوچ بئنڪ جو رٽائر ملازم آهي ۽ هن جو هسبينڊ جليل ريپپلڪن پارٽي جو انفرميشن سيڪريٽري هو، ريپبلڪن پارٽي بلوچستان جو هڪ ننڍڙو گروپ آهي جيڪو اڪبر بگٽي جي جمهوري وطن پارٽي کان الڳ ٿيو هو، نسيمه ٻڌايو ته هنجي خاوند تي سخت تشدد ڪيو ويو، هنجون ٻانهون پويان ٻڌل هيون، هڪ مهيني کانپوءِ هن جو لاش ويران رستي تان مليو، بابا قدير پنهنجي پٽ جي شهادت جي ايف آءِ آر ، آءِ ايس آءِ جي چيف جنرل شجاع پاشا خلاف درج ڪرائڻ ٿي چاهي پر ڪا به پوليس اسٽيشن ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي.
    جليل کي مون هميشه هڪ ذميوار جيون ساٿي ۽ شفيق والد جي روپ ۾ ڏٺو، هي پنهنجي زمين سان ڪميٽيڊ ماڻهو هو، هن جو پڙهڻ ۽ لکڻ سان جذباتي لڳاءَ هو، ايجنسيون اسانجي ماڻهن کي چونڊي چونڊي مارين ٿيون.
    نسيمه جي ڀر ۾ ويٺل آهي پروين بلوچ جنهن به فَري کي پنهنجي اسٽوري ڪجهه ان طرح سان ٻڌائي ته هنجي جي خاوند قدوس بلوچ کي ٻه سال پهرين FC وارن اغوا ڪيو، جيڪي ٻن اڻ رجسٽرڊ پڪ اپ ۾ آيا، جن ۾ سادن ڪپڙن سان ايجنسين جا اهلڪار ويٺل هئا، اسين مسلسل ٻه سال قدوس کي تلاش ڪندا رهياسين هن سان ٻه ٻيا دوست گڏ هئا جن کي پوءِ آزاد ڪيو ويو ، هنن اسان کي ٻڌايو ته ايجنسين وارا هر ٻئي ڏينهن اهو چئي ڊوڙائيندا هئا ته توهان کي ماريون ٿا ، اسان کي چوندا هئا ڀڄو اسان نه چاهيندي به ڀڄندا هئاسين هو پويان فائر ڪندا هئا، اسين سمجهندا هئاسين ته اسان مان هنن ڪنهن کي ماري ڇڏيو، پر هي خوف پيدا ڪرڻ لاءِ ائين ڪندا هئا، هي هر ڏينهن اها پريڪٽس دهرائيندي هئا، مارڻ جو هنن جو پنهنجو طريقو هوندو هو، هي انهن ماڻهو جي چونڊڪندا هئا جنهن لاءِ هنن کي اها پڪ هوندي هئي ته هي هر لحاظ کان اهم ماڻهو آهي، تنهن کانپوءِ ان کي مارڻ جي بيرحم ڪاروائي ڪندا هئا، گهڻو ڪري ڪارڪنن کي ماري ويران سڙڪ تي اڇليندا آهن يا هلندي گاڏي مان يا ان کان به وڌيڪ بي رحم ڪاروائي ڪندي لاش کي هيليڪاپٽرمان مٿان کان اڇلائي ڇڏيندا آهن. پروين جون اکيون ڀرجي آيون هيون ، هن چيو ته هنن قدوس سان به ائين ڪيو هن جي مٿي تي گولين جا نشان هئا ۽ هلندي گاڏي مان اڇليو ويو هو . مسلسل ٻن سالن جي گمشدگي کانپوءِ اسان کي انجو لاش ڪوئٽا جي ويران رستي تي مليو ، اسين به پنهنجو ڪيس عدليه ۽ انساني حقن جي ادارن وٽ کڻي وياسين ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته قدوس بلوچ کي ڪهڙي ڏوه ۾ ماريو ويو آهي؟ قدوس ڪوبه ڏوهه ڪيو هو ته انجو ٽرائل ڪهڙي ڪورٽ ۾ هليو ؟ اسان کي انجو جواب گهرجي، ڪيس ته ڪورٽ ۾ آهي پر پوري سال کان اسين ڪورٽ جي جواب جي انتظار م آهيو ن، مان سمجهان ٿي ته هي رياستي ادارا ايجنسين اڳيان ڪابه حيثيت ڪو نه ٿا رکن، بلڪه هي انهن جي ئي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا، هنن کي اسان آزمايو آهي، هي ادارا انصاف جي برعڪس نا انصافي تي ٻڌل آهن، ڪوئٽا جا سڀ وڏا واقعا ۽ هنن جي معني خيز خاموشي ان طرف اشارو ڪري ٿي ته هي محض مالدار طبقي ۽ رياست جي بيرحم پاليسين سان وفادار آهن.
    قدوس هنن سڀني کان وڌيڪ محب وطن هو . جنهن ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو ، ڪڏهن ڪنهن سان دوکو نه ڪيو ، هن کي هميشه پنهنجي اٻوجهه ماڻهن جي اذيت ڀري زندگي تي افسوس رهندو هو ، هن کي ماڻهن جي سماجي حالت کي تبديل ڪرڻ جو فڪر هو ۽ هُن سادي نموني سان انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ انقلابي رستي جي چونڊ ڪئي، ڪنهن ماڻهو کي محض ان ڪري مارڻ ته هو سوچي ٿو، سمجهي ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ الڳ رستي جو انتخاب ڪري ٿو ته پوءِ آخر اهڙي رياست جي باقي رهڻ جو ڪهڙو جواز آهي، هن مردود ملڪ کي ته تباهه ٿيڻ گهرجي. پروين جوش مان ڳالهائيندي ٿي وئي، مان ٻاويهه ورهين جي آهيان، هن عمر ۾ مونکان منهنجو خاوند کسيو ويو آهي.
    مونکي اها منحوس رات ياد آهي، شهر جي ڳلين مان اونداهي جا جلوس ٿي نڪتا، ماڻهن جون صدائون، هڪلون، جانورن جو مستيون ۽ ديوارن جا نعره سڀ خاموش ٿي ويا هئا، شهر جو نقشو ويڙهي ڄڻ ڪنهن پنهنجي جيب ۾ رکي ڇڏيو هجي، مان ڪنهن اڻ ڄاتل خوف ڪري حيران هئس ۽ ائين ٿي محسوس ڪيم ڄڻ ڪا مصيبت اسانجي رستي ۾ هجي، اهو احساس واجبي هو، ڇاڪاڻ ته قدوس ائين سمجهيو ٿي رياست خلاف مذاحمت تيز ڪري ئي پنهنجن ساٿين جي زندگي کي بچائي سگهجي ٿو، ايتري ۾ ڪجهه ماڻهو گهر جا دوازا ٽوڙي اندر آيا، انهن مان هڪ رڙيون ڪندي چئي رهيو هو پنهنجا هٿ مٿي ڪريو ۽ هو اشارا ڪري مونکي خاموش رهڻ لاءِ چئي رهيو هو، هنن سٺ ورهين جي بابا کي ڌڪا ڏنا. هنن قدوس کي ٿڦڙون پي هنيون، منهنجي رڙين ڪرڻ تي مون ڏانهن رائفلون سڌيون ڪيون ۽ خاموش ٿي ويهڻ جا دڙڪا ڏيندا رهيا. هنن قدوس کي گاڏي ۾ ائين ڦٽو ڪيو ڄڻ رڍ ٻڪري هجي، مان هتي ڪيمپ ۾ هر روز اچان ٿي، مان اوستائين ايندي رهندس جيستائين مونکي اهو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته قدوس کي ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريو ويو ؟ فرزانه توکي اهو به ٻڌايان ته مونکي ۽ بابا کي مارڻ جون ڌمڪيون ملنديون آهن. ڪنهن اڻ ڄاتل نمبر تان گاريون ڏيندي چوندا آهن ته گهر کان ٻاهر نڪرندينءَ ته ماري ويندينءَ خاموش ٿي ويهه! پر مان ڪڏهن به خاموش نه ٿيندس پوءِ ڇو نه ماري وڃان، مون پنهنجي جيئڻ کي قدوس جي غم ۾ تبديل ڪرڻ بجاءِ ان کي پنهنجي طاقت ۾ تبديل ڪيو آهي. هنن منهنجي زندگي جا دروازا بند ڪيا آهن پر مان پنهنجي تنهائي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه جي نسبت مون پاڻ ۾ وڌيڪ طاقت ۽ همت محسوس ڪئي آهي، اها ئي ڳالهه منهنجي زندگي لاءِ ڪافي آهي، پروين ڏک جي ڪيفيت ۾ وڌيڪ هڪ جملو به نه ڳالهائي سگهي.
    پروين جي پختي ارادي ۽ يقين کي ڏسي فَري به ڄڻ پنهنجي بي ترتيب ۽ الجهيل وجود کي جوڙڻ لڳي، هن هاڻ پروين جي يقين کي پنهنجي طاقت ۾ تبديل ڪيو، ڪئمپ جا سمورا چهرا هن کي پنهنجا سڃاتل ٿي لڳا. هنن سمورن جي ڪهاڻي ۽ درد به هڪ هئا، هنن مان ته ڪيترا اهڙا به آهن جيڪي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن مان آيل آهن ۽ رات جو ڪئمپ جي فرش تي شال اوڙهي سمهي رهن ٿا، هي سڀ ڄڻ هڪٻئي جي گهرجاڀاتي آهن، جيتوڻيڪ انهن جي دلين ۾ دردن جو اڻ کٽ سلسلو هو انجي باوجود ائين لڳندو هو ته، هو صبح جو 6 وڳي کان رات جو 8 وڳي تائين رائفلون هٿ ۾ تاڻيو دشمن جو انتظار ڪري رهيا آهن.
    هي هڪٻئي سان ايترا ته مانوس ٿي ويا آهن جو بنا ڪجهه هڪٻئي کي ٻڌڻ جي هڪٻئي سان گفتگو ڪري سگهن ٿا، هڪٻئي جا ٽهڪ ۽ لڙڪ سنڀالي سگهن ٿا، هي سمورا چهرا ۽ سمورا درد هاڻ مڪمل طور تي هڪٻئي ۾ جذب ٿي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي جو عڪس ٿي ويا آهن، اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ناهي، رشتا جڏهن فائدي ۽ نقصان واري سمجهه کان مٿي ٿي ويندا آهن ته ان ڪيفيت ۾ سڀني ڳالهين جا سمورا پردا هٽي ويندا آهن، سڀني ڳالهين مان اسان ان حقيقت کي ڄاڻون ٿا ته اسان هڪٻئي کي کڻي اهو نه به ٻڌايو هجي، پر اسان سڀ هڪ جهڙو ئي سوچون ٿا ته اسانجن پيارن کي ڪنهن قيد ڪيو آهي ۽ ڪنهن انهن کي شهيد ڪيوآهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هي رياست ئي انهن جي قاتل آهي ۽ اهو روز روشن وانگر ظاهر آهي، فري جوش ۾ ڀرجي وئي هئي، هن پنهنجي سمجهه کان مٿي سوچيو ٿي، تنهن ڪري ئي اهي نشانيون آهن بغاوت ۽ انقلاب جون.


    31

    گذريل هڪ هفتي کان هنن پنهون متعلق ئي ڳالهايو آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح ان ڪيس کي بحث ۾ آندو آهي. اڄ چار وڳي هنن جي ڪوئٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس رکيل آهي، پنهون جي فيملي مان فري به شامل ٿيندي.
    ڪوئٽا پريس ڪلب جي شاندار ۽ ڪشادي بلڊنگ اندر سگريٽن جي دونهين جي ڌپ ڦهليل آهي. پيرڪ ارشاد سان دوستن جو تعارف ڪرايو ارشاد مقامي اخبار جو صحافي آهي ۽ پيرڪ جي ڪامريڊ ساٿين مان آهي. ارشاد هنن سڀني سان هٿ ملايو، ۽ پنهنجو تعارف ڪرايو، هو نهايت ئي خوش شڪل قدآور ۽ مذاج ۾ تيز ٿي لڳو ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کليو ٿي ۽ وري ڪنهن سنجيده ڳالهه تي اها زنده دلي ايترو جلد ختم ٿي پئي وئي ڄڻ هن ڪڏهن ڪو ٽهڪ ڏنو ئي نه هو، ارشاد، پيرڪ جي اصل دوستن مان آهي ۽ ان جي مدد سان ئي پريس ڪانفرنس ترتيب ڏني وئي آهي.
    خديجه، پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو تعارف ڪرايو. هن ابتدا کان ئي ان ڳالهه کي واضع ڪيو ته هي ڪوئٽه ۾ پنهون جي گم ٿيڻ واري مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ آيا آهن، توهانجي مهرباني جو توهان پنهون کي ڳولي لهڻ ۾ اسانجي ۽ پنهون جي فيملي جي اخلاقي مدد ڪري رهيا آهيو،انساني حقن وارو ادارو به اسان کي ان سلسلي ۾ قانوني مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ سياسي پارٽيون به ان معاملي ۾ سنجيده آهن ته رياست بلوچ نوجوانن جو ڳلو گُهٽڻ بند ڪري.
    اسين چار ڏينهن اڳ ڪورٽ جي ڪاروائي کي ڏسي آيا آهيون، ڪورٽ ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو انجي صحيح تشريح ته پنهون جو والد ۽ سندس ڀيڻ فَري ڪري سگهندا، پر ان ڪاروائي کانپوءِ اسان هڪ ڳالهه سکي آهي ته زمين ، ملڪيت ۽ طاقت جا مفاد رياستن کي ڪنهن قدر ظالم بنائين ٿا، ڦورو جو ڪوبه دين ، مذهب، قوم ، نسل ناهي هوندو، محمد بن قاسم به سنڌ ۾ ائين ڪيو ته انگريزن به بلوچستان سان ائين ڪيو.
    “مان بلڪل پڪ سان چئي سگهان ٿي ته موجوده حڪمران بلوچن سان نسورو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن” خديجه پنهنجي گفتگو کي جاري رکندي چيو. هي بلوچن جي وسيلي تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، هي واضع ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته جيڪڏهن گوادر جو پورٽ ڪامياب ٿي ويو ته بلوچستان دنيا جي ترقي يافته خطن مان هڪ ٿي ويندو. اسين هنن کي ائين چوندي ڪافي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون. هنن سنڌ لاءِ به ائين چيو ۽ پنجاب جي زراعت لاءِ به ائين چئي رهيا آهن. دراصل هي بنيادي حقيقت ماڻهن کان پوشيده رکڻ چاهين ٿا ته بلوچستان ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قبضي لاءِ هي ڪنهن به ڪوڙ جي آخري حد تائين ۽ ڪنهن به ظلمت جي انتها تائين وڃي سگهن ٿا. ان مقصد خاطر هي هر ڏينهن پنهنجو بيان تبديل ڪندا رهن ٿا ۽ ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندا وڃن ٿا ، باوجود جو هنن کي اڄڪلهه مقامي طور تي سخت مذاحمت سان منهن ڏيئڻو پئجي رهيو آهي. هنن جو ان ڳالهه سان ڪو تعلق ناهي ته وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪيترن نوجوانن جو خون ڪيو وڃي ٿو. هي پيشه ور قاتل آهن، هنن لاءِ اها ڪا شرم جهڙي ڳالهه به ناهي، هي 71ع ۾ بنگالين سان ائين ڪري چڪا آهن. ۽ پوري دنيا ۾ ائين ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا جيڪڏهن هنن کي ڊالرس جي آفر ٿئي.
    سڀ کان مکيه ڳالهه هي آهي ته بلوچستان جون اهم پارٽيون رياستي ادارن جي ڀيٽ ۾ ڪمزورآهن. ۽ خود بلوچ سردار به نه ٿو چاهي ته عام ماڻهو سياسي طور سگهارو ٿئي . اهو ئي سبب آهي ته بلوچستان جون سياسي پارٽيون بورجوا ۽ فيوڊل رجحان کان شديد متاثر آهن، هارين ۽ مزدورن لاءِ طبقاتي تحريڪ جو پليٽ فارم واقعي به بلوچن جي قومي تحريڪ جي آڏو سوال آهي جنهن تي هي ڪڏهن به سنجيده ناهن ٿيا، مثلن، پٽ فيڊر جي هاري تحريڪ مان اسان وڏي تحريڪ پيدا ڪري ٿي سگهياسين پر ائين ٿي نه سگهيو. نعب ۽ ڀاشاني وارو سوشلزم به بلوچستان ۾ دم ٽوڙي ويو. حالانڪ عوامي ليگ جي نسبت بلوچ تحريڪ ڪافي پراڻي هئي ۽ وڏيون ڪاميابيون ماڻي پئي سگهي، پر ائين نه ٿيو ، جنهن جو سبب ڪٿي اِهو ئي ته ناهي عوامي ليگ جي اڳواڻن جي نسبت بلوچ تحريڪ جا اڳواڻ سردار ۽ نواب هئا ۽ اڃان به آهن.
    خديجه، پنهون جي حوالي سان به ڳالهايو، هن ان ڳالهه کي واضع ڪيو ته پنهون جي گم ٿيڻ جا واضع اشارا ملڪ جي ايجنسين ڏانهن وڃن ٿا. اوهان صحافي دوست هڪ طرح پنهون جي بازيابي ۾ اسانجي مدد ڪيو. هي واقعي به عام رواجي ڪيس ناهي هڪ اهڙي نوجوان جي زندگي جو سوال آهي جيڪو پنهنجي تعليم ۾ پنهنجي ڪردار ۾ ۽ پنهنجي فڪر ۾ هڪ بهترين آدرشي نوجوان آهي.خديجه پنهنجي گفتگو ختم ڪئي .
    پنجاب جو انٽليڪچوئل ڪنهن طرح سان پنهنجي تعلقات جي آڌار، بلوچن سان يڪجهتي جو مذاق ڪندو رهي ٿو، مقامي اخبار جو صحافي سوال ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو، ته جيئن هو ميڊيا جي زينت بنيو رهي، مان اوهان کان پڇان ٿو ته بلوچستان جي بيمار ٻارن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟ جيڪي هر ڏينهن بلوچستان جي دور دراز علائقن ۾ ڪالرا ۽ مليريا ۾ مرن ٿا. پر ان کان به وڌيڪ تعداد انهن نوجوانن جو آهي جيڪي هن سرزمين جو اولاد هجڻ باوجود سڪيورٽي ايجنسيز جي هٿان ماريا وياآهن؟ ڪنهن هڪ واقعي تي به پنجاب جي دانشورن ٻه منٽن جو به احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو. پنجاب جو دانشور، طبقات جي ڳالهه ڪندو آهي ، سوشلزم جي ڳالهه ڪندو آهي، سماجي تبديلي جي ڳالهه ڪندو آهي، پر قومي آزادي جي ڳالهه نه ڪندو ان سان وفاق خطري ۾ پئجي وڃي ٿو . هنن ڪڏهن به قومن جي حقن کي سنجيده ناهي ورتو، بلڪه ڪنهن نه ڪنهن طرح سان انهن جي مخالفت پئي ڪئي آهي، حبيب جالب ئي واحد ماڻهو هو جيڪو بي باڪي سان بيٺو رهيو باقي ڪي آهن ته اوهان ٻڌايو. صحافي پنهنجي ڳالهه ختم ڪري ويهي رهيو.
    خديجه لاءِ صحافي جو رويو حيرت ۾ وجهندڙ نه هو، خديجه کي اهڙي اميد هئي، بلڪه هن کي اهڙي صورتحال کان آگاه ڪيو ويو هو ، هن کي ائين ٻڌايو ويو هو ته جڏهن تون تاريخي حقيقتن تي ڳالهائيندينءَ ته ممڪن آهي ان جي موٽ ۾ توکي نفرت آميز روين سان منهن ڏيئڻو پوي ۽ بلوچ ڪاز لاءِ وڙهندڙ ماڻهو تنهنجي ڳالهين کي نسلي بنياد تي رد ڪن ۽ شايد توکي گهٽ وڌ به ڳالهائين، پر هن کي حيرت ٿي ته صحافي جي ڳالهه ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، سڀني جون نطرون خديجه ڏانهن هيون، سڀئي حيرت مان ڏسي رهيا هئا، خديجه کي لڳو ته ڪنهن ٻي ڪنڊ کان ٻيو ڪو صحافي اٿي بيهندو ۽ ان کان به سخت لهجي سان مخاطب ٿيندو، پر هن کي حيرت ٿي ته جيڪي نگاهون ان صحافي جي چهري تي ڄمي بيٺيون هيون هاڻ کيس حيرت سان نهارڻ لڳيون، خديجه جي چهري جو رنگ ڪڻڪائي مان ڦري ڳاڙهو ٿي ويو، هن کي ڄڻ پورو پورو موقعو ڏنو ويو هو ته پنهنجي فڪر جو دفاءُ ڪري ۽ سندس دل ۾ جيڪو ڪجهه آهي ڪڍي ٻاهر رکي، هن کي ان ڳالهه جو به احساس هو ته بلوچن جي اهڙي هلت واجب آهي، انهن جو تلخ هجڻ درست آهي. هنن کي پنهنجن ئي زخم ڏنا آهن، اهڙي حالت ۾ هنن جي نفرت ۽ تلخي رياست جي ظلم جي نسبت ڪا وڏي ڳالهه ناهي، هنن جي غرور ۽ خودداري کي پاڪستان جي سو ڪالڊ انٽريسٽ مٿان قربان ڪيو ويو آهي.
    ٺيڪ آهي منهنجي موجودگي هنن لاءِ عجيب ۽ ناگوار به کڻي هجي پر انجي باوجود مونکي هتي هجڻ گهرجي، مان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته هن رياست ڏانهن اسان سمورن جا حساب رهن ٿا، جيڪي اسان سڀ کي چڪائڻا آهن، خديجه پاڻ سان ڳالهائيندي وئي ۽ پوءِ هڪ دم پنهنجن پيرن تي زور ڏئي اُٿي بيٺي.
    “چئني صوبن جي ماڻهن جي زندگي هڪ ئي لڪير تي هلندي رهي ٿي ناآشنائي واري لڪير” خديجه اعتماد سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ناآشنائي، جنهن جا اسين سڀ شڪار آهيون. جنهن اسانجي ارد گرد ڪيترن المين ۽ اذيتن کي جنم ڏنو آهي. پنهنجن ماڻهن کان ناآشنائي پوري حياتي جي جدوجهد مٿان پاڻي ڦيري ٿي ڇڏي، بلڪه انسان اندر حيواني عادتن کي جنم ڏئي ٿي جيڪا پوءِ بدگمان ۽ ظالم جنريشن کي پيدا ڪري ٿي، مان جڏهن پنڊي کان ڪوئٽه جي سفر لاءِ ٿي نڪتس ته ڪنهن پنجابي نوجوان کان بلوچستان جي ڪن چئن شهرن جا نالا پڇيا ته هُو نه ٻڌائي سگهيو ۽ اهڙو ئي تجربو مون ڪوئٽا اسٽيشن تي ڪيو ته اُتي به بلڪل اهڙي ئي نا آشنائي معلوم ٿي، مونکي اها ڳالهه چوڻ ڏيو ته اوهانکي مون کان نفرت آهي، پر ساڳي عقيدت ۽ محبت بابا فريد، بلي شاه، فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب سان رکو ٿا؟ انجو سبب آهي ته بلوچ هنن کان آشنا آهن، هنن سان پيار ڪن ٿا، هي هڪٻئي سان آشنائي واري سڳي سان ٻڌل آهن ، هي هڪٻئي جي دردن کي ائين بيان ڪن ٿا ۽ هڪٻئي سان ائين شيئر ڪن ٿا ڄڻ اهي هڪ ئي وقت ٻنهي جا آهن. هنن جو ماڻهو سان رابطو هو، هنن ناآشنائي کي شناسائي ڏني، اسين پاڻ کي ناآشنائي ۾ محفوظ ٿا سمجهون، اهو ئي فرق آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جا ماڻهو هنن سان ائين پيار ڪن ٿا جيئن هو گل خان نصير سان ڪن ٿا، بلڪه ڪن موقعن تي ان کان به وڌيڪ، مان شرطيه چوان ٿي ته هتي جيڪي صحافي ويٺل آهن انهن مان اڪثر کي گل خان نصير کان وڌيڪ فيض ۽حبيب جالب ياد هوندا يا وري فريد يا بلي شاه ياد هوندا، پنجاب جيڪڏهن توهان کي ان طرح سان ياد آهي ته انجو سبب تاريخي آهي ۽ ساڳئي وقت سماجي ۽ سياسي به، پنجاب ۽ سنڌ جا وارياسا ۽ زرخيز ميداني علائقا هميشه تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز رهيا آهن، جنهن ڪري به هنن ٻنهي قومن جي وچ ۾ ثقافتي هڪجهڙائي، احساسن جي فراواني ۽ شاعري ۽ تصوف ذريعي روحن جو هڪٻئي سان ڳنڊجي وڃڻ جو شاندار لقاءُ رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته رياست هنن کي هڪٻئي جي مخالف صفن ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، ساڳئي وقت بلوچن ۽ پٺاڻن جي ثقافت ۾ موجود مهم جوئي پڻ سندن رستي روڪ ڪئي آهي، انجا تاريخي سبب به آهن جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ جي آءُ ضرورت محسوس نه ٿي ڪيان. جنهن سان نه صرف ناآشنايون پيدا ٿيون پر ڪافي حد تائين سياسي توڙي سماجي وڇوٽيون به پيدا ٿيون آهن.
    اسين خوش آهيون ته اسان آزاد آهيون ، خاص طور تي ان وقت اسانجي آزادي ڏسڻ وٽان هوندي آهي، جڏهن اسان سڀني مسئلي جي جڙ يعنيٰ استحصالي نظام کي بدلائڻ جي ڳالهه ڪيون ٿاته رياست ڪنهن اڇوت جيان زندگي کان ئي محروم ڪري ڇڏي ٿي.
    سچ پچ اسين سڀ سخت مونجهاري جو شڪار آهيون، ڇاڪاڻ ته اسين محبت کان، ڏاهپ ۽ دانائي کان ڊنل آهيون. اسان ان حقيقت کي بنگلاديش جي تحريڪ دوران ڏسنداسين تڏهن به اسان کي ائين نظر آيو ۽ اڄ تائين به اسان کي ائين نظر اچي ٿو. عام ماڻهو هر ڏينهن هڪ ٻئي کان ٽٽندو پيو وڃي پوءِ هو گهر ۾ هجي گهر کان ٻاهر يا پنهنجي ذات ۾ ٽٽندو پيو وڃي . مان ائين به چوان ٿي ته هن ملڪ جو عام ماڻهو پنهنجي ذات ۾ ٻئي لاءِ ايترو اوپرو ٿي ويو آهي جو کيس ٻئي نسل ۽ ذات جو ماڻهو ڪا چڱي راءِ يا مشورو به ڏيندو ته هي شڪ پيو ڪندو ته ڪٿي منهنجي نقصان جي ڳالهه ته نه پيو ڪري . خوف جي هڪ بلند ديوار اسانجي چوڌاري کڙي ڪئي وئي آهي. هي هڪ عام نفسيات آهي جيڪا اسانجي سماج جي روح تائين لهي وئي آهي. ان کان وڌيڪ بڇڙي ڳالهه ڪهڙي ٿيندي ته خيال ۽ نظريا جيڪي دنيا کي بدلائن ٿا انهن لاءِ به پنهنجا رستا روڪيا ويا آهن. اهڙي حالت ۾ ڪيئن مطمئن ٿي ويهي رهون ته اسين محفوظ آهيون . مان توهان کي ٻڌايان ٿي ته پنجاب اندر گذريل ڪيترن سالن کان مذهبي جماعتن کي پاليو نپايو ويو آهي، محض ان ڪري ته هي صوبو ڪٿي جمهوريت پسند نه ٿي پوي،
    “مان تاريخ تي سوچيندي آهيان ته مون کي ائين لڳندو آهي ته تاريخ ڪوڙ تي ٻڌل ڪهاڻي کانسواءِ ڪجهه به ناهي”
    مغل دور کي ايشيا جي تاريخي جو شاندار دور چيو وڃي ٿو، پر ان ئي دور ۾ بابر جي گهوڙن سک پنجابين جي ٻارن کي ائين لتاريو جيئن ڪي هو انسان نه پر ڪک ڪانا هجن. انجي باوجود پنجاب جي معاشري انهن جو ڪيئن مقابلو ڪيو اها ڳالهه اڃان بيان ڪرڻ کان رهيل آهي.
    اها بنيادي ڳالهه آهي ته قديم ٻولي ۽ قديم ثقافت جي باوجود اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج تعليمي سرشتو ڌاريو ۽ مقامي ڏاهپ جي ابتڙ آهي، ائين کڻي چئجي ته ڪالونيل دور جي تعليم ۽ اهڙي قسم جي نفسيات کي نئين نسل ۾ اُڀاريو پيو وڃي، هي رياست ۽ خانگي تعليمي ادارا سڀ انهي ڪم سان لڳل آهن. قديم قوم جي قديم ٻولي، ثقافت، سياسي، سماجي ۽ روحاني ترقي روڪي ان کي وڌيڪ بي سمجهه بنائي ڇڏجي. ڪالونيل دور جي ملڪن سان اهو ئي ته ڪيو پيو وڃي، اسين تعليم مان ڏاهپ ڪڍي ان ۾ ڪاروبار کي شامل ڪري ڇڏيو آهي، وقت کي پنهنجي سمي ۽ پنهنجي رفتار ۾ هلڻ جي بجاءِ هڪ پريشان ڪن تيزي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٻار جي معصوميت کسي ان ۾ اهڙي طرح جو حسد ۽ مقابلي لاءِ ڊوڙ جو جنون ڀري ڇڏيو آهي جو هن جي معصوم دل باقي زمين جي حيات لاءِ ڪو قدر، احترام ۽ معني رکي ئي نه، مونکي بلوچستان يونيورسٽي مان پروفيسرن کي ماري ڌمڪائي ڪڍڻ مان اها ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي . جيڪڏهن اسانجي ادارن جي نسلي بنياد تي تقسيم ٿيندي ته اسين پنهنجي قديم ٻولي ۽ قديم قوم کي نين حالتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيئن تيار ڪري سگهنداسين. پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ڏاهپ کي ڪيئن بچائي سگهنداسين؟
    مان يقين سان چوان ٿي ته پنجاب ماضي جي سياسي ۽ جمهوري تحريڪن ۾ سڀ کان اڳيان بيٺو هو. ضياء جي آمريت ۾ هن صوبي شاندار ڪردار ادا ڪيو ، اسين هتي پنجاب جو ڪيس وڙهڻ ناهيون آيا پر ماضي کي ان ڪري اٿلايان پئي ته جيئن معلوم ٿئي ته هن رياست ۽ سامراجيت جي پردي پويان هتان جي مهذب قومن کي ڪيئن نه تباهه ۽ برباد ڪيو آهي.
    هنن ته انتهائي خطرناڪ ڪم ڪيا جنهن جي ته ڪا انڪوائري به ڪانهي ۽ نه ڪنهن کي شرمندگي.
    ها! هاڻي مونکي ڪيڏو نه ڏک ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پنجاب جو دانشور رعايت يافته ٿيندو پيو وڃي ۽ پنهنجي فرض کان لاتعلق ٿيندو پيو وڃي. هو ائين سمجهي پيو ته سڀ ڪجهه پاڻهي ئي ٺيڪ ٿي ويندو ، هنن کي عوام سان بيهڻ گهرجي، جيئن بابا فريد، فيض ۽ جالب بيٺل هئا، پر هي ڪٿي به ناهن بيٺا، ان سان سماج اندر خطرناڪ رجحان پيدا ٿي رهيا آهن.
    جيتوڻيڪ مان ٿورو اڳي ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو هو ته پاڪستان جي فوج تيزي سان هڪ ڪلاس جو روپ اختيار ڪري رهي آهي، هنن پوري پاڪستان ۾ اهڙي طرح سيڙپ ڪئي آهي، جو نظر اچڻ جي باوجود محفوظ ۽ ٽيڪس فري آهي، چاغي ۽ ڪوه سليمان جا پهاڙ بلوچ ڪٽنب جي رهڻ لاءِ بهترين مقام ٿي سگهن ٿا، پر هي ائين نه ٿا سوچين، فوج ان مان معدنيات جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ قبضو ڪيو. هنن کان ڪير پڇي ٿو ته ائين ڇو ٿا ڪيو ته پهرين هي ڪرڙي نگاهن سان ڏسن ٿا پوءِ گولي هڻي ماريندي به دير نه ٿا ڪن. هنن ائين ڪري ڏيکاريو آهي، هنن کي هاڻ پئسو گهرجي، هي پنجابي پوءِ آهن، هنن پنهنجون برايون، سولين ليڊرشپ ذريعي ظاهر ڪري قومن جي وچ وارا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، هي اها ڳالهه سڀني کان چوائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته بلوچن جي حقن جي لڙائي پنجابي ۽ سنڌي ڇو وڙهي؟ يا پنجابين جو پورهيت به سامراج آهي، ان کي مارڻ سان قومي حق ادا ٿي ويندو.
    هي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مقبول اخبارن جا سمورا صحافي روزانه جي تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا، توهان کي يقين نه اچي ته ڪالهه واري جنگ جو صفحو کڻي ڏسو ته مقبول جان، عباسي ۽ شمسي ڪيئن نه دليري سان فوجي راڄن جي حمايت ڪندي نڪ جي پڪائي سان ائين چون ٿا ته فوج جا سربراهه قدم وڌاءِ قوم توسان گڏ آهي. هي خبر ناهي ڪهڙي قوم جي ڳالهه ڪن ٿا.
    مان پنجاب جي دانشورن جي حق ۾ ناهيان پر بلوچستان يونيورسٽي ۾ پروفيسرن ۽ لائق استادن سان جيڪو ٿي رهيو آهي ان سان به سهمت ناهيان. هي مون سميت سڀني شعور رکندڙ ماڻهن لاءِ خوفناڪ واقعا آهن، تاريخ. ادب، ٻولي ۽ سائنس جي پروفيسرن کي محض نسل جي بنياد تي يونيورسٽي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي بلڪه خوفزده ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ ماريا به ويا آهن، اها ساڳي پريڪٽس سنڌ ۾ به ڪئي وئي، جنهن جو نقصان موجوده نسل ڀوڳي رهيو آهي. پروفيسرس ۽ استادن جي صورت ۾ هي اُهي ڪُلها آهن جيڪي قومن جو سهارو آهن، اسان ئي عظيم قوم جا دعويدار انهن سهارن کان پاڻ کي محروم ڪندا پيا وڃون.
    هي ڇا آهي؟ خديجه حيرت مان پڇيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ائين چوي ته علم ۽ ڏاهپ پنجابي آهي يا انگريزي، ان ڪري ان کي حاصل ڪري نه ٿو سگهجي ۽ ان کي سزا طور بي دخل ڪري ڇڏجي، ته توهانجو ڪهڙو ردعمل هئڻ گهرجي؟ ذهن کان بيمار ماڻهو ئي ائين سوچي سگهن ٿا، بلوچ سوسائٽي ان عمل خلاف ڪا وڏي مذاهمت ناهي ڪئي ان جا ڪهڙا سبب آهن توهان مونکي ٻڌائيندا؟ ۽ هڪڙو اهڙو ماڻهو جيڪو بلوچ آهي ۽ تاريخ کي مسخ ڪري پڙهائي رهيو آهي ته انجي نقصان جو توهان کي اندازو آهي؟
    مونکي اها ڳالهه چوڻ ڏيو ته دنيا جي ڪابه ويڙهه محض جسماني طاقت ڪري نه ٿي کٽي سگهجي، ان لاءِ سياسي، سماجي ۽ سائنسي علم لازم ٿئي ٿو، خديجه جي ڳالهائڻ ۾ رواني اچي وئي هئي. خديجه جو آواز ڪجهه دير لاءِ رڪيو ۽ ڪجهه هلڪو ڏکارو به ٿيو، هن پاڻ کي سنڀالي پنهنجي ڳالهه چئي ته ڪنهن استاد ۽ پروفيسر کي مارڻ جو مطلب عقل ۽ ڏاهپ جو خون ڪرڻ آهي، ، هن ملڪ جا حڪمران ته اهڙن ڏاهن استادن کي مارڻ جو ڪم ڪيتري عرصي کان بخوبي ڪري رهيا آهن پر اهو ڪم بلوچستان ۾ ڪڏهن کان شروع ٿيو آهي اهو مونکي اوهان ٻڌائيندا؟
    “مان پنهنجي پوري ڀروسي سان ائين چوندس ته اهو ڪم ڪو بلوچ نه ٿو ڪري سگهي” خديجه يقين سان اها ڳالهه چئي.
    هن تحريڪ ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڌيڪ ذميوار ، روشن خيال ۽ وڌيڪ انقلابي مذاحمتڪار جي طور تي ثابت ڪيو آهي. هن تحريڪ نوجوانن جي اهڙي تربيت ڪڏهن ناهي ڪئي، توڪلي، باران، ڄام دُرڪ، پيرڪ انجو مثال آهي، هي ان تحريڪ جو حصو رهيا آهن، هنن ائين ڪڏهن به ناهي سوچيو.
    خديجه ڪنهن ڏاهي جيان ڳالهائيندي وئي، هن آخري جملا ڪنهن هڪ آدرشي دوست جيان چيا، مان هتي توهان جي درميان آهيان ته پنهنجي شعور ڪري آهيان، مون ۾ اهو احساس پنهنجي شعور ڏنو ته سامراجيت خلاف ويڙه قومن ۽ طبقن جي ويڙه هوندي آهي. جيڪا مونکي بلوچستان جي زمين تي وڃي وڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ گهرجي. سامراجيت تقسيم در تقسيم تي يقين رکي ٿي ۽ شعور جوڙڻ لاءِ رستا هموار ڪندو آهي. جڏهن قوميت جي ڳالهه ٿئي ٿي ته انجو سادو مطلب اهو آهي ته قوم، ٻولي ۽ آزادي جو حق.
    ان ڪري دراصل زندگي ڪنهن طرح اڳتي وڌي ٿي، جيڪا ماڻهن جي گهڻائي کي جيئڻ لاءِ اتساه ڏئي ٿي.
    پر عالمي تاريخ جو مطالعو انسان جي ڪاميابين کي مختلف طريقي سان ڏيکاري ٿو، توڙي جو ٻيا کڻي ائين ڇو نه چون ته قديم قوم، ٻولي ۽ ثقافت اِهي لفظ جنون کان مٿي ڪجهه به ناهن پر منهنجي اڳيان هن جي اهميت اهڙي ريت آهي جنهن کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي نه ٿو وڌي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسين سڀ عادتن ۾ هڪٻئي کان مختلف هجڻ جي باوجود ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪجهڙا آهيون، هڪ ٻئي جي چهرن جون وصفون آساني سان سمجهي سگهجن ٿيون، ۽ روحاني طرح سنهي ، مضبوظ ۽ عمدي ڌاڳي سان جڙيل آهيون، اسانجي شاعري ، ادب ، موسيقي، ۽ آرٽ هڪٻئي سان محبت واري جذبي سان سرشار آهن، جيتوڻيڪ رياست جا قانون ۽ حڪمران ۽ انهن جا پريشان ڪندڙ مفاد، پاڪستان جي قديم قومن جي وچ ۾ نفرت، بغض، حسد، قومي جبر ۽ سخت رنجيده حالتن کي پيدا ڪن ٿا، پر ڇا اسين ايترا ئي ڪمزور آهيون جو ظلمت جي اونداهي رات کي ڪاري چادر سمجهي سدائين لاءِ اوڙهي ڇڏيون؟ ظاهر آهي ته اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون، اسانکي پنهنجون دليون ڪشاديون ڪندي نهايت چاه مان هڪٻئي جو سهارو بنجڻ گهرجي ۽ حڪمرانن سان پنهنجا حساب برابر ڪجن.
    خديجه پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي هن تفصيل سان ڳالهايو، پنهنجي زبان کي مٺاس جي رس سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جيڪو سندس اندر ۾ هئو اُهو ڪڍي ٻاهر رکيو .
    گوادر ۾ وڏي سيڙپ پنجاب جو سرمائيدار ڪري رهيو آهي، توهان ان جي وڪالت ڪرڻ آيا آهيو ڇا؟ حاضرين مان ڪنهن سوال ڪيو.
    خديجه، لاءِ هي سوال اعصابي تڪليف ڏيڻ لاءِ ڪافي هو پر هي هڪ تلخ حقيقت به آهي جنهن لاءِ کاونس وضاحت گهري وئي آهي،
    “هي پنجاب جي سرمائيدار جي وس جي ڳالهه ئي ناهي” خديجه اوچتو فيصلي واري انداز ۾ چيو، سڀاڻي آخر ڇا ٿيندو ؟جڏهن چين يا ٻيو ڪو ملڪ راهداري جي نالي تي پاڪستان جي حڪمرانن کان نوڪرن وارو ڪم وٺندو، مقامي ماڻهن جي لڏپلاڻ لاءِ هٿيار ۽ پئسو ڏيندو ۽ بلوچ سردار اهو ڪم بخوبي ڪندا، اها ڳالهه مونکي پريشان ڪري رهي آهي! مان سڀني ڏانهن خاص ڪري بلوچن ۽ سنڌين ڏانهن نهاريان ٿي، پر ڪو به هن ڳالهه ڏانهن توجهه ڪونه ٿو ڏئي، اسان کي ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته دنيا ۾ سرمائي جا مفاد سرحدون اورانگهي چڪا آهن، سامراجيت بيمار ۽ لاچار رياستن کي هضم ڪري انهن کان چوڪيداري ۽ نوڪرن وارو ڪم وٺندي، ان ۾ پنجاب جو سرمائيدار به سامراجيت لاءِ نوڪرن وارو ڪم ڪندو.
    مان ان جي نتيجن ۽ فائدن تي ڪونه ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته ان معاملي ۾ منهنجي معلومات جا ذريعا محدودو آهن، پر مونکي ان ڳالهه جو تجربو آهي، ته ترقي پنهنجي جوهر ۾ مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ رکي ٿي ، مقامي ماڻهن جي روزگار جي حقن تي ڌاريا ماڻهو قابض ٿي وڃن ٿا، جيڪي مقامي ماڻهن سان بيحد خراب هلت هلن ٿا، انهن کان جيئڻ جو حق به کسي وٺن ٿا، گوادر جي مقامي ماڻهن سان به ائين ٿي سگهي ٿو ائين جيئن سنڌ جي ماڻهن سان ٿيو، هي ملڪ پراپرٽي رکڻ، خريد ڪرڻ جو حق هر ماڻهو کي ڏئي ٿو، ته غريب پنهنجي پراپرٽي وڪڻندا ۽ امير خريد ڪندا، بلوچستان جي قومي تحريڪ کي سامراج دشمن تحريڪ ۾ تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي، هنن کي ترقي جي خلاف وڃڻ بجاءِ زمين، ۽ ماڻهن جي روزگار، صحت ۽ تعليم جي حق لاءِ به وڙهڻ گهرجي.
    خديجه پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي . هن نهايت سادگي سان جواب ڏنا. هن جي گفتگو لاتعلقي ۽ ناآشنائي وارن حالتن ۾ ضرور تبديلي آڻيندي، سمورا دوست خديجه جي گفتگو مان خوش ٿي اٿيا.


    32

    ڄام دُرڪ، توڪلي جي چهري جي خاموشي کي پروڙي ورتو هو، هن توڪلي جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو دوست هن پوري منظر کي جي تون پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪرين ته ڪيئن ڪندين.ڪافي ڏينهن کان تو پنهنجي ڪا شاعري ناهي ٻڌائي . مان سڀني دوستن کي سڏيان ٿو.
    ڄام دُرڪ جي آواز تي خديجه ۽ ٻيا دوست به اٿي آيا ۽ توڪلي جي سامهون ائين ٿي ويٺا ڄڻ مشاعري جي شروعات ٿيڻ واري هُجي.
    “توڪلي کان ڪجهه ٻڌڻ لاءِ دل ٿي چوي” ڄام دُرڪ دوستن کي چيو،
    توڪلي جيڪو ڪجهه دير اڳ ڪيترن حصن ۾ ورهايل هو، پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو، پنهنجن ڇڙ وڇڙ خيالن کي جمع ڪيو، هُن ڪجهه ياد ڪندي دوستن سان مخاطب ٿيندي چيو، هي منهنجو تازو نظم آهي،

    رات جا اوجاڳا ۽ رهجي ويل چميون
    پنهنجن هٿن سان جُهڪي
    تنهنجن قدمن هيٺ رکان ٿو
    ۽ حوالي ڪيان ٿو،
    اُهي سڀ مکڙيون ۽ گل جيڪي ڪونڊين ۾ ٽڙيا ها.
    جن جي جسم جي مهڪ سدائين لاءِ بيهي رهي ٿي فضا ۾ .
    سُرمئي رنگ جا گهرا ڊگها پاڇا،
    جيڪي هڪ هڪ ٿي الوپ ٿي ويا
    روشني جا ڪرڻا به
    جيڪي هڪ هڪ ٿي تنهنجي اونده ۾ ڪرندا گم ٿيندا ويا
    جيتوڻيڪ وارن جي ڳنڍين مان معلوم پئي ٿيو ته،
    ماءُ، هر ڳنڍ ۾ خواب جڳمڳايا ۽ محبت کي
    مضبوطي سان ڳنڍيو هو!
    سندس نڪ جي مٿان، جنهن ۾ تو، ڪي راز پوشيده رکيا هئا،
    هزارين چُميون چَمڪيون ٿي.
    جي ڪنهن شيطان جو شڪار ٿي ويون.
    جڏهن اهي سڀ رات جي گهري اونداهي ۾ کنڀيا ويا

    هو سڀ تنهنجي اشاري سان خاموش ٿي ويا
    آسمان جا پکي ۽ زمين جا جيت جانور به،
    ائين آهي !؟
    ته تون موٽين ٿو انسان ڏانهن،
    پنهنجن ڳالهين کي وري وري دهرائڻ لاءِ ،
    ۽ هر وفا جو حساب رکڻ لاءِ
    تڏهن تون هن ڳالهه کي چڱي طرح ڄاڻين ٿو،
    ته ڪير آهي،
    جنهن کي تون ڳجهارتن ۾ رکين ٿو،
    شيطاني عادتن سميت قبول ڪرين ٿو،
    ان جي لامحدود آرزوئن کي،
    پنهنجي معني خيز خاموشي ڏين ٿو،.
    هاڻي وڌيڪ دير به ٿي وئي آهي ۽ اونده به .
    لوهي سيخن مان ڪنهنجي سڏڪن جا آواز اچن ٿا،
    ٻرندا رهن ٿا اکين جا ديپ
    بيداري جي هر شمع
    سڏڪي ٿي ،
    کولي ٿي روشني جا سمورا در.
    هو ڪير آهي؟
    ڪهڙي خبر ، ڪنهن مهل، جهٽڪي جو آواز اچي ٿو،
    هر دل جي گوشهءِ آرزو جو خون ٿئي ٿو،
    هر ڀيري ان خيال سان جلي ٿو ڪنهن جو جسم ۽ روح
    پراڻي شيشم ۽ چندن جي ڪاٺي جيان
    حسن جون حدون ۽ پيار جون منزلون پار ڪرڻ لاءِ
    ڪنهن جي انتطار ۾ ٿڪل ۽ ننڍاکڙيون اکيون
    بند ٿي وڃن ٿيون.
    تون سمجهين ٿو ته !
    تنهنجي دماغ جا خالي رستا،
    اطالوي ، فرينچ ۽ امريڪن بندوڪون
    تنهنجي وجود کي
    بچائي سگهنديون
    ياد رک
    درياءِ جون طوفاني لهرون، آزادي لاءِ ڪيل پنڌ ۽ مانجهي
    جن جي رڳن ۾ اڃان خون ڊوڙي ٿو
    هڪ ٻيو درياءِ وهائي ايندا.
    اوهين ڪيترا ڏينهن رهندا؟
    غلامي جي، تشريح ڪندو رهه
    بند ڪري ڇڏ سمورا قول قرار
    حق ۽ عرفان
    ڳوٺ جا سمورا رستا ۽ ڳليون
    جتان هميشه کنڀ کولي نچن ٿيون
    اميد ڀريل نگاهون
    جي تون خاموشي ڪرڻ چاهيندين
    ته مان ڪنهن خنجر جيان
    تنهنجي دل ۾ پيوست ٿي ويندس .

    توڪلي نهايت هوريان ۽ ڏکارو ٿيندي پنهنجو نظم پورو ڪيو،
    مان يقين سان چوان ٿو ته تو شاندار لکيو آهي.ڄام دُرڪ، توڪلي ڏانهن نهاريندي چيو
    “اڳتي وڌ ۽ وڌيڪ لک” خديجه ائين چئي اٿي بيٺي ۽ ٻاهر هلي وئي . در کان ٻاهر هنجي سڏڪن جا آواز اچڻ لڳا. باران اٿي خديجه ڏانهن وڃڻ ٿي چاهيو پر هن ائين نه ڪيو ، هن خديجه کي سڏڪڻ ڏنو ، سڏڪڻ سان انسان جي اندر جي ڪمزوري ڌوپجي صاف ٿي وڃي ٿي.


    33

    “پيار ۽ سنگيت هميشه کان انسان کي بادلن وانگر رکن ٿا جيڪي وسڻ مهل ڪنهن جي ذات ناهن پڇندا، سنگيت ڪائنات جي بنيادي ضرورت آهي جنهن کي روشني کان وڌيڪ منور ۽ پاڻي کان وڌيڪ طاقتور ٺاهيو ويو آهي، پيرڪ، ڄام دُرڪ ۽ باران بلوچ پوئٽڪ انداز سان گفتگو ڪري رهيا آهن، ڪنهن به انجي حرارت کي ناهي سمجهيو. سمورا ڏک ان جي نه سمجهڻ جي ڪارڻ ئي آهن، مونکي تون ٻڌاءِ ڪهڙي مقصد لاءِ هڪ شهر ۽ هڪ رياست آباد ڪئي ويندي آهي؟ اهڙي رياست جو ڇا ڪبو جيڪا پيار جي احساس کان ۽ سنگيت جي رڌم کان خالي هجي، مون وٽ زندگي جو عڪس ڪجهه ان طرح آهي دوست! ته جيئن آسمان سج جي روشني سان منور رهي ٿو ائين انسان جو اندر به پيار ۽ سنگيت جي روشني سان منور ٿي وڃي ٿو، پيار ڪمزورن کي طاقت ڏئي ٿو، عورت هجي چاهي مرد هن تي ٻنهي جو برابر ئي حق آهي. پوري ڪائنات اهو ئي ته ڪري ٿي ۽ ائين ئي ته چاهي ٿي ، زمين قسمين قسمين جا فصل ۽ گُل ٻوٽا ڏئي ٿي، آسمان پنهنجي آزادي پکين کي سونپي ٿو ته هو جيستائين چاهين اوستائين اڏام ڪن، رات جو چنڊ پنهنجي مڌم روشني سان زندگي جا ساز ڇيڙي پوري ڪائنات کي جهومائي ٿو ۽ ڏسندي ڏسندي زندگي جو رنگ ئي تبديل ٿي وڃي ٿو، چنڊ جو زمين مٿان چمڪڻ جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، مون ڪيترا ڀيرا ان تي غور ڪيو آهي ته خدا ان کي زمين جي لاءِ ائين ته ناهي ٺاهي رکيو. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت موسيقي چنڊ جي چانڊوڪي سان پيدا ٿي آهي، هن جي سفيد روشني پهاڙن مٿان پوي ٿي ته پهاڙ جاڳي پون ٿا ۽ پوري پوري رات پکي ۽ جيت سر سان ڳائيندا رهن ٿا.
    ڄام دُرڪ توکي خبر آهي ته مان جڏهن سارنگي وڄائڻ ويهندو آهيان ته ڄڻ سفيد روشني منهنجي جسم ۾ داخل ٿي ويندي آهي ۽ هر طرف کان سوين چنڊ روشن ٿي پوندا آهن، آسمان مان رنگن جي برسات شروع ٿي ويندي آهي ، مان ڄڻ ساغر جي لهرن مٿان جهومندو رهان ٿو، مان جڏهن پنهنجو رياض ختم ڪندو آهيان ته تڏهن مونکي معلوم ٿيندو آهي ته روح جو مطلب ۽ معني ڇا آهي؟
    “اهو لمحو جنهن ۾ توهان خوبصورت موسيقي ڏئي رهيا آهيو يا ٻڌي رهيا آهيو” پيرڪ جوش ۽ اتساه مان ڳالهائيندو ٿي ويو
    اهو جيڪو روح آهي مونکي معلوم ناهي ته ڇا آهي، پر مونکي اهو معلوم آهي ته سنگيت سان هي جاڳي ٿو، تخليق جي انت تائين مان پنهنجي پوري عمر سنگيت سان ڳالهايو آهي ۽ مان جنهن ڳالهه ڏانهن تنهنجو ڌيان ڇڪايان ٿو ۽ پوري يقين سان اها ڳالهه چوان ٿو ته هن سنگيت ۾ اهڙي طاقت آهي جو ويراني کي زندگي ۾ تبديل ڪري سگهي، جيئن گل جي مکڙي ٽڙي ٿي سج جي روشني جي ڪري، روشني ئي دراصل موسيقي ۽ روح جي طاقت آهي، جنهن جو آواز ڪنن تائين اچڻ سان خيال به جاڳن ٿا ته روح به، بارش جي رم جهم ظاهر آهي ته زمين ۾ ساه وجهي ٿي، پر جي تو ڪرشنا کي پڙهيو آهي ته توکي بانسري جي سُر جي طاقت سمجهه ۾ اچي ويندي . پکين جي پرن کي هوا اڏائي ٿي ۽ انهن جي روح جي آزادي انهن جي ڳائڻ سان لازم جڙيل رهي ٿي، هو ڪڏهن به اڏري نه سگهن جيڪڏهن ڳائڻ ڇڏي ڏين.
    “ها! ته مون پيار ۽ هم آهنگي تي پئي ڳالهايو”
    “ها! پر تو پيار کان وڌيڪ موسيقي تي ڳالهايو” باران بلوچ مسڪرائيندي چيو.
    “پيار، خدا ۽ سنگيت مان ڪير توکي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چوي ته ڪنهن جي چونڊ ڪندين” ڄام دُرڪ پيرڪ کان پڇيو.
    “سنگيت! ها! مان سنگيت جي چونڊ ڪندس” پيرڪ وراڻيو.
    “ان ڪري جو تون پاڻ سنگيتڪار آهين” ڄام دُرڪ وراڻيو
    “نه ! ان ڪري ته پيار خدا آهي، سنگيت ان ڏانهن سفر جو نالو آهي، اهو سفر ئي مونکي اوستائين پهچائيندو” پيرڪ وراڻيو
    “منهنجا دوست ! تون انجي تشرح ڪر” ڄام دُرڪ چيو
    “هي سڀ ڇا آهي جيڪو تنهنجي آڏو آهي؟” مان پيرڪ پوءِ آهيان . مان هوا، به آهيان ، پاڻي به آهيان ، ۽ مٽي به آهيان ان لحاظ کان ته مان ڪجهه به ناهيان. مٽي ، پاڻي ۽ هوا جوڙي تون ڪڏهن به انسان ته نه ٿو ٺاهي سگهين، محبت واري دل روح کي جيئڻ جو رستو ڏيکاري ٿي ۽ روح موسيقي سان بيدار ٿئي ٿو،هن کان ئي زندگي جون باقي شاخون نڪرن ٿيون.
    پيار، جهڙي نازڪ موضوع تي مان توسان ڳالهائيندي ڌيرج جو مظاهرو ڪندس ، اها اعتبار ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته مون ان کي تمام گهڻو ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي” ڄام دُرڪ اتساه مان وراڻيو، ڄام دُرڪ ماضي جي درد کان پاڻ کي بچائيندي چيو، وادي چملانگ جي نندين مان هڪ هستي منهنجي هٿن کي سنڀالي مونکي پاڻي اندر وٺي ويندي هئي، ته جيئن مان ڇهاءُ کي محسوس ڪري سگهان، انجي سنگيت ۽ ترنم کي ٻڌي سگهان، مون ندي جو سريلو سنگيت ائين ٿي محسوس ڪيو جيئن زمين جو پورو حسن ۽ گلن جو سمورو رس منهنجي اندر ۾ اوتجي ويو هجي، ، پر پوءِ هڪ ڀيانڪ حادثي سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو،
    آءَ جيڪر خوشنصيب هجان ها جيئن تون آهين، ڄام دُرڪ ڌيمي آواز سان پيرڪ کي چيو.
    مان چاهيان ٿو ته ان موضوع تي اڃان به ڳالهايون ته جيئن اسان جا ڏک گهٽجي وڃن ، مان ائين به چاهيان ٿو انهن سمورن ريتن رسمن ، مذهبن ۽ رياستن کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيان جيڪي پنهنجي مڪاري سان سرشار ٿي پيار لاءِ مشڪل پيدا ڪن ٿا،
    “هائو! اسين شايد ائين ڪري سگهون” منهنجا عزيز دوست، پيرڪ، ڄام دُرڪ ڏانهن نهاريندي چيو،
    ڄام دُرڪ پنهنجن بي ترتيب خيالن کي ترتيب ۾ آڻيندي پيرڪ سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،
    “پيرڪ ڇا ٿيندو؟ جڏهن مون وانگر ڪير پنهنجي ذات لاءِ پيار جي چونڊ ڪرڻ کان انڪار ڪري ۽ محبت ۾ گرفتار ٿيڻ بجاءِ سڀ لاءِ پيار جهڙي دنيا ڏسڻ جو حامي هجي؟
    “مان ڄاڻان ٿو ته توکي ڳالهائڻ جي جلدي آهي پر مان اڃان هڪ سوال ٻيو به رکڻ چاهيندس، انسان فطرت جي هن عظيم فرض پيار ۽ سنگيت کان پاڻ کي محروم ڪيئن ٿو رکي، ڄام دُرڪ ڪجهه گهڙين لاءِ اکيون بند ڪري ديوار سان ٺيڪ ڏئي ويهي رهيو.
    مونکي تنهنجي خيالن لاءِ عزت آهي، منهنجا دوست، پيرڪ وراڻيو، مون کي خبر آهي ته تنهنجي ڳالهين ۾ اعتبار ۽ سچائي آهي، تون اهي سوال ڪنهن به خوف ۽ پڇتاءُ کانسواءِ پاڻ کان به ڪري سگهين ٿو، مونکي يقين آهي ته توکي انجا شاندار جواب ملندا.
    يونان جو سقراط ان متعلق جڏهن گفتگو ڪندو هو ته پورو شهر کيس ٻن پيرن تي بيهي ٻڌندو هو، هن پيار کي پنهنجو مقصد ٺاهيو، بلڪه جنون جي حد تائين ان جي تشريح ڪندو هو. انجي تشريح ۾ واه جو شيريني هئي. ان ڪري ئي انجو اهم ڪم پيار متعلق گفتگو ڄاڻائي سگهجي ٿو، منهنجي راءِ اها آهي جنهن کي آءُ ڪڏهن نه بدلائيندس ته پيار ۽ سنگيت انسان کي مڪمل ڪن ٿا ، پر اهو ائين تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن پيار جي حقيقت کي گفتگو ۽ جنون کان وڌيڪ هڪ سمجهه ۽ هڪ حقيقت طور پيش ڪجي ۽ ڏسجي، ڪير ائين به چئي سگهي ٿو ته پيار ۽ حقيقت ٻه الڳ ڪنارا آهن ته مان ان ڏانهن عجب مان نهارڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان،
    هن سچ کي قبول ڪرڻ گهرجي ته “پيار انسان جي سڄي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو پر جيڪڏهن ڪو ان کي ڌيان ڏئي ٻڌڻ، سمجهڻ، محسوس ڪرڻ، ۽ انجي گڻ، اوگڻ کي بي سمجهي سان هٿ ۾ کڻندو ته هو پيار سان نڀائي نه سگهندو، ان ڪري مان ائين چوندس ته پيار جي موضوع کي اسڪولن ۾ رائج ڪيو وڃي اهو پڙهايو ۽ سمجهايو وڃي ۽ ان کي سمجهه ڪري کنيو وڃي، باران بلوچ پيار ۽ سنگيت جي حقيقت تي ڳالهائڻ لڳو،
    پيار کي حقيقت ڪري کڻڻ سان ڇا ٿيندو؟ اهو ئي اهم نقطو آهي اسانجي گفتگو جو
    پيار، حقيقت به آهي ته سمجهه به، انجو مقصد انجي اهميت کي گهٽائڻ نه پر اهڙي سچائي کي بيان ڪرڻ آهي، جنهن مان اسين ڪنهن نه ڪنهن طرح گذريا آهيون، مان خود به، باران بلوچ رواني سان ڳالهائيندو ويو، جڏهن مان لاهور جي ڪاليج آف آرٽس ۾ داخل ٿيس، ته ان دوران بلوچ نيشنلزم سان سرشار هئس، بلوچستان جن حالتن مان گذري رهيو هو، ڪجهه انجي تقاضا هئي ته ڪجهه منهنجي سمجهڻ جو ادراڪ به پورو سورو هو ، مون پنهنجي ذهن ۾ ڪافي عرصي کان ان ڳالهه کي پختو ڪري ڇڏيو هو ته بلوچستان جي سرزمين دنيا جي عظيم ۽ زبردست ماڻهن جي سرزمين آهي، جنهن جي تاريخ ۾ جرات ۽ بهادري جا سمورا داستان موجود آهن. هي سرزمين سون ۽ ڪوئلي جي کاڻين ، مضبوط پهاڙي سلسلن ۽ سامونڊي ڪناري واري سرزمين آهي ، هن جي عظمت تي سوچي مان پنهنجي ذات ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳس، مونکي ائين لڳندو هو ته مان بلوچ دل کڻي پيدا ٿيو آهيان، جيڪا منهنجي اندر اهڙي انسان کي گهڙيءِ ٺاهي رهي آهي جيڪو بلوچستان جي آزادي کانسواءَ ڪنهن ٻي ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. منهنجي دوستي دشمني جا معيار به ان آڌار جڙڻ ۽ ٽٽڻ لڳا، مان ان بدبودار سردار تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي نه هئس جيڪو وڏي عرصي تائين بلوچ هئڻ جي ناتي بلوچستان جي غمزده ماڻهن تي راڄ ڪري رهيو آهي، مان ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ٿي ڪئي ته هڪ ڏهاڪي تائين سردارن، جنرلن ۽ حڪمران بلوچستان جي وسيلن ۽ معصوم ماڻهن کي گڏجي ٿي لٽيو ڦريو، پر پوءِ اوچتو بلوچ سردارن کي ڇاٿيو جو هو محب وطن ٿي ويا.
    مان هتي خديجه جوذڪر ڪرڻ چاهيندس، جنهن منهنجو ڌيان ڪجهه ٻين نڪتن ڏانهن ڇڪايو. مان جوش مان هن کي چئي رهيو هوس ته بلوچستان جي ماڻهن جي سياسي سماجي ۽ اقتصادي بدحالي جو ذميوار پنجابي ئي آهي . مان پنهنجي گفتگو جي سطح کان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ئي ڪانه پئي ڪئي. مان ڪنهن به ڳالهه جي پرواه ڪرڻ کانسواءِ ڳالهائي رهيو هوس، باوجود انجي ته خديجه منهنجي ڪيترن ئي ڳالهين سان سهمت هئي ، ۽ بار بار منهنجي حوصله افزائي ڪري رهي هئي، پر مان ئي هئس جو انجي ڪنهن هڪ ڳالهه کي به سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه پئي ڪئي، هنجي معصوم دل منهنجي تلخ لهجن کي قبول ڪندي هئي پر مان انجي باوجود ساڻس ائين ڳالهائيندو هوس ڄڻ هن منهنجي ملڪيت ڦٻائي هجي هن مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته توانائي ندي جي وهندڙ پاڻي ۾ هوندي آهي، هي ملڪ بيٺل پاڻي جيان بدبو پيدا ڪري رهيو آهي، هتي ماڻهو جي غربت ۽ ذات پات طبقن جي فرق ڪري آهي . عام ماڻهو ۾ ذات پات جو فرق وڌيڪ هجڻ جو سبب هي رياست ۽ انجا قانون آهن. خدا جي قانون ۾ انسان سڀ برابر آهن، ملان ۽ پادري به ائين چوندي نظر ايندا، پر هڪ عرصي تائين ته يورپ جي اندر ڪليسائن ماڻهن کي غلام رکيو ۽ ڪارن باندي بڻايل غلامن کان نه صرف جبري پورهيو ورتو پر ساڳئي وقت غلام عورتن کي پنهنجي حوس جو نشانو بنايو. هي ڳالهه ته حڪمرانن جي من وٽان آهي ته ڪو بلوچ هجي ته ڪو پنجابي ڪو شيعو هجي ته ڪو سني، اهو ئي ته هنن جي لاءِ ڀروسي مند هٿيار آهي، پوري دنيا ۾ هڪ صدي تائين ان هٿيار جو استعمال ٿيندو رهيو. مونکي پنهنجي پنجابي هجڻ تي ڪو فخر ڪونهي مان پنهنجي ذات ۾ مڪمل انسان آهيان، منهنجي لاءِ ٻيو ڪو ڪيئن ٿوطئي ڪري سگهي ته مونکي ڪيئن هجڻ گهرجي، مان پنهنجي زندگي کي ڪنهن جي به خيالن جي پابند ڇو ڪيان، ڪو به خيال سٺو ۽ خراب ٿي سگهي ٿو ان کي قبول ڪرڻ نه ڪرڻ ۾ هر انسان آزاد آهي، مان روايت پسند عورت ڇو ٿيان ۽ توکي به روايت پسند ڇو ٿيڻ گهرجي، ذات جي بيداري ۾ زنده رهڻ وڏي ڳالهه آهي، جنهن کان خوف کائڻ نه گهرجي. اسين سڀ هڪٻئي لاءِ اجنبي به آهيون ته هڪٻئي جا سهارا به آهيون هڪ ٻئي لاءَ مطلق به آهيون ته غير مطلق به ، قدرت جو نظام ان آڌار هلي ٿو،
    منهنجا دوست! مونکي خديجه جا ڪيترا شاندار لفظ ياد آهن ته ڪيترا مونکي هن وقت ياد ناهن، جيڪي خديجه مونکي انسان جي بيداري ، آفاقي خيالن جي گهرائي ۽ ذات جي سرفرازي جي متعلق چيا. مون خديجه کي هڪ پنجاپڻ جي روپ ۾ ڏٺو پر انجو ادراڪ مونکي پوءِ ٿيو ته انجي جسم جي مٽي پوري زمين مان کڻي ڳوهي وئي آهي.
    هن ئي مونکي بيداري جي اصل معني ۽ مفهوم سيکاريو، باران جو انداز گفتگو ٻڌڻ وٽان ٿي ويو هو، هن وڌيڪ چيو ، خديجه پهاڙن مان وهندڙ جهرڻي جيان پرشور ۽ شفاف آهي.خديجه جي معصومانه انداز واري گفتگو ۽ دوستاڻي رويي ڪري مان کيس هميشه هڪ مهربان استاد ۽ قابل اعتماد دوست سمجهيو.
    “ڇا تنهنجي ان سان محبت ٿي وئي آهي ؟“ پيرڪ، باران بلوچ ڏانهن مسڪرائيندي پڇيو .
    “هائو، مان ڪيئن چوان ته منهنجي ان سان محبت ناهي .باران پنهنجي پيشاني کي آسمان ڏانهن مٿي ڪندي چيو .
    پر منهنجي محبت جو سڳو سمجهه، عزت ۽ احترام واري رشتي سان جڙيل آهي،
    مان توهانکي ٻڌايان ٿو، اها هڪ خوشقسمت صبح هئي، سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو باران بلوچ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ڪنهن واقعي کي ياد ڪندي چيو. ٿڌي هوا ميرانجهڙي شهرن جي ڳلين مان گيت ڳائيندي رقص ڪندي ائين گذري رهي هئي ڄڻ هن کي سالن جي تنهائي مان نجات ملي آهي . بارش جو سمان ٺهي آيو. مٽي جي خوشبو بوندن جي انتظار ۾ سوڪهڙي جا ڪشٽ برداشت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو پاسو بدلايو ته پوري ڪائنات مهڪي اُٿي ۽ هڪ دنيا آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ستل ٻجن کي جاڳائڻ لڳي، ته جيئن صدين جي سلسلي کي جاري رکي سگهجي ، پکين ۾ عجيب چر پر اچي وئي هئي . آسمان ڏانهن اڏري وري زمين ڏانهن ائين ٿي موٽيا ڄڻ زمين ۾ ٽٻي هڻي زمين جي هيٺان قدرت جا رنگ کڻي ايندا. اهڙي ئي وڻندڙ صبح جو مان ڪاليج جي ڪاريڊور تي ويٺو آسمان زمين ۽ پکين جي بدلجندڙ رنگن کي ڏسي رهيو هئس ته رتنا ۽ خديجه منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺيون، رتنا مونسان خديجه جو تعارف ڪرايو، اسين ٽئي ڪافي دير تائين ويٺا رهياسين، اسانجي اها پهرين گفتگو هئي جنهن ۾ اسين هڪ لمحي ۾ هڪٻئي جا دوست ٿي وياسين، مان جيئن چيو ته خديجه ڪيترن موقعن تي مونکي هجوم جو حصو ٿيڻ کان بچايو، منهنجن ڪمزورين کي نظر انداز ڪيو ۽ هڪ سچي ۽ مخلص دوست جيان منهنجو ساٿ ڏنو، هو بلوچستان جي انسرجنسي جي سخت خلاف هئي، هي حڪمرانن کي نه پنجابي سمجهندي هئي ۽ نه وري بلوچ هنن کي انگريزن جو نوڪر سمجهندي هئي، هو هڪ ڪميونسٽ آهي، پر مارڪس کان وڌيڪ هن کي بابا فريد ياد آهي، هن ڪميونسٽن جي سخت ڊسپلن کي ٽوڙي تصوف جي راه ورتي هئي، هن تصوف ۾ پاڻ کي تلاش ڪيو جنهن سان هن کي دل جو سڪون ملندو هو.
    سماج اسان کي سڀئي ڳالهيون سيکاري ٿو ائين ناهي ته پيار جي ڪيفيت کي ڪو جنم کان کنيو اچي، باران اڃان ڳالهائي رهيو هو، هن جو بحث پنهنجي عروج تي پهتل هو، ڪو به ماڻهو پنهنجي ليکي ڪجهه به ناهي ڪندو، هو قدرت جي ڏيڻ ۽ وٺڻ جي قانون سان ٻڌل آهي پر ان حقيقت کان انسان کي ڏور اڇلايو ويو آهي. مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته هي ڪائنات ۽ انجو انتظام ان ڳالهه سان ٻڌل آهي ته پيار ۽ سنگيت جي گُل کي پنهنجي ٽاري تي رهڻ ڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي انسان ثابت ڪيو. وڌيڪ جي گهرج ۽ هٻڇ ڪيترن ئي سماجي بيمارين کي پيدا ڪري، انسان کي سندس اعلا گڻن کان محروم ڪري ٿي .
    پيار ۽ سنگيت هر انسان کي آٿت ڏئي ٿو.پر ساڳي وقت اهو به سمجهڻ گهرجي ته هن احساس کي رياست ۽ ويندي مذهب تائين جي ٺيڪيدارن ڪجهه اهڙو رخ ڏنو آهي، جو اهو آگاهي، ڏاهپ ۽ ڪمزور دلين جو هٿيار ٿيڻ بجاءِ شاهوڪار، طاقتور ۽ استحصالي طبقن کان ڌيان هٽائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ وارو ٿي بيٺو آهي. پيار جو والهانه استقبال ڪرڻ وارا ڪيترا دانشور پيار جي نالي تي، تابعداري، تصوف، جرم ، گناه ۽ سزا جهڙن غير رواجي موضوعن تي ڪيترا ڪلاڪ ڳالهائين ٿا، پر هڪ لفظ به انسان جي محرومين ۽ مجبورين تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته رياست ماڻهن کي انڌي قسم جي تقليد تي هيرائڻ لاءِ پنهنجا قانون، قاعدا ، پنهنجو تعليمي نصاب، قومن ڏانهن رويا ۽ معاشي ناهمواري کي اهڙي طرح قائم ڪندي آهي. جو ماڻهو پنهنجن بنيادي حقن کان بي سمجهه ئي رهن ، پيار کي به هو بي سمجهه ئي رهڻ ڏيندا آهن، ايستائين جو يونيورسٽي جي استادن جي به اهڙي ئي چونڊ ڪندا آهن جيڪي سائنسي علوم جو مٿيون درجو پي ايڇ ڊي هئڻ جي باوجود سائنس ۽ مذهب کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪندا آهن. اهڙي تعليم سان ته انسان ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندو ۽ نه پيار جي شاندار فلسفي کي سمجهي سگهندو پيار ۽ هم آهنگي ان وقت حقارت آميز بنجي وڃي ٿي جڏهن اُن جي نالي ۾ ڪنهن جي پورهئي جو استحصال ڪجي ۽ ان کي ائين چئجي ته هميشه پيار ڪندو رهه. ان ۾ ئي نجات آهي.
    باران بلوچ، ڄام دُرڪ ۽ پيرڪ ڏانهن نهاريو ۽ خاموشي سان انجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    “تو ائين ڪيئن سمجهيو ته پيار ۽ انقلاب ٻه الڳ شيون آهن” منهنجا عزيز دوست، پيرڪ، باران بلوچ سان مخاطب ٿيندي چيو،
    شاندار دليون ته هنن ٻنهي جي پرورش ڪن ٿيون، ان هوندي به مان ائين ڪونه چوندس ته تنهنجي خيالن مان مونکي ڪٿان به ڪا ڪمزوري نظر آئي، تو شاندار طريقي سان ڳالهايو، تنهنجي جذبات جو تت پيار ۽ پورهيي جي آزادي سان لاڳاپيل هو، تو خديجه کي عزت ڏني ۽ انجي پيار کي مان ڏنو، سمجهه ڏني، مان ائين چوندو آهيان ته اسانجي ارادن کي خلقڻهار کانسواءِ ٻيو ڪير به سمجهي نه ٿو سگهي، اسان مان هر ڪو زباني ڳالهين تي هڪٻئي کان ناراض ٿئي ٿو، ڪيترا ڀيرا اسانجا سوال اسان کي ڪو جواب نه ڏئي سگهندا آهن، اسانجو دماغ ائين ڪري ئي نه ٿو سگهي جو انهن سوالن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهي ۽ ڪي نتيجه اخذ ڪري سگهي
    جيتوڻيڪ پيار جي گهڻائي باقي ماڻهن جي نسبت اسان جهڙن جذبات سان ڀريل ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي، اسين مسلسل سوالن جي گهيري ۾ رهون ٿا، توکي ياد آهي ته توڪلي جڏهن پنهنجو نظم پڙهي پورو ڪيو هو ته ڪيئن سڀ روئڻ شروع ٿي وياهئا خديجه ٻاهر اڱڻ تي وڃي سڏڪي هئي، تون مونکي ٻڌاءِ اسين ڪيترا ڀيرا ائين ڪندا آهيون، صحيح اندازو ڪونهي پر مان ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا ائين ڪندو آهيان، هي حقيقت آهي ته اسين قدرت پاران ائين ٺاهيا ويا آهيون، مون پنهنجي حياتي ۾ مطلب کان وڌيڪ طلب کي سڀني شين کان وڌيڪ اُتم ۽ دل جي نزديڪ رکيو آهي، مون پنهنجي بابا کي به ائين چيو هو، جڏهن هو مري قبائل پاران پنهنجي سردار جي سڏ تي بُگٽي قبائل خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نڪتو هو ۽ مونکي ساڻ کڻي ويوهو ته جيئن جنگ جي تجربن مان گذران ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي ڪجهه اهڙو ٺاهيان جو مري قبائل کي انجي عظمت ۽ طاقت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي،
    منهنجا دوست مون ڏانهن نهار! منهنجن اکين ۾ جن ۾ وحشت ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، قدرت ان ۾ پهاڙي گيت ڀريا ۽ سارنگي جو سنگيت ڀريو، مون جيئن توسان اهو ذڪر ڪيو ته قدرت ڪجهه ماڻهن کي ٻين کان الڳ طرح جو ٺاهي ٿي، انهن کان اهڙو ڪم وٺي به ٿي، جيڪو ڪم ڄام دُرڪ ۽ باران بلوچ ڪن ٿا اهو سردار نه ٿو ڪري سگهي، ڄام دُرڪ ۽ باران پهاڙن تي راڄ ڪن ٿا ۽ سردار ماڻهن تي راڄ ڪرڻ جو سوچين ٿا، قدرت اهڙو فرق رکي ٿي، حالانڪ منهنجي بابا جي اهڙي ڪا خواهش ۽ نه ئي ڪو اهڙو منصوبو هو، هو ان جنگ ۾ قبائلي روايتن جي آڌار شريڪ هو، هن نه ٿي چاهيو ته هو ڪنهن به اهڙي ماڻهو تي گولي هلائي جنهن انجو ڪو ڏوهه ئي ناهي ڪيو ۽ نه ئي انجي ذهنيت ڏوهارين جهڙي هئي، هو ائين محسوس ڪندو هو پر انجو اظهار نه ڪندو هو ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه بلوچ روايت جي خلاف ٿئي ها، هي اخلاقي طور تي انهن ڳالهين جو پابند هو، هن سان منهنجي گفتگو ائين ٿيندي هئي جو مان پنهنجي دل هن اڳيان کولي رکندو هوس ڪنهن معصوم ۽ سادي ٻار جيان ۽ هي منهنجو ڳالهيون ٻڌي بندوق تي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته متان منهنجن ڳالهين تي هن جي هٿن جي پڪڙ ڪمزور نه ٿي وڃي، هن منهنجي هر ڳالهه کي سمجهيو ٿي پر ان سان سهمت هجڻ جي هن ۾ همت نه رهي هئي، هن پنهنجو پاڻ کي سردار ۽ قبائل کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي سمجهيو، هن وٽ ڀلا ٻي ڳالهه رهي به ڪهڙي هئي.
    مان توکي ٻڌايان ٿو، سياري جي اها سرد شام هئي، پيرڪ جنگ ڏانهن سفر واري واقعي کي بيان ڪري ٿو، پهاڙن جي وچان ڪيترا ئي رستا ٿي نڪتا ۽ قريب قريب سمورا بابا جي قدمن کان واقف هئا، پهاڙن جو هڪ طويل سلسلو هو جيڪي ڪڏهن جهڪيا ٿي ته ڪڏهن اڀا ٿيو بيٺا هئا، مان پنهنجي اندر کان خوف زده ۽ ڊنل هئس پر بابا سڪون سان وڃي رهيو هو، بابا جي عمر پنڌ جي حساب سان وڌي هئي، هو پٿرن مان ائين تيزي سان ٿي هليو جو مونکي ان سان قدم ملائي هلڻ ۾ سخت تڪليف ٿي پهتي، مون کيس بار بار آهستي هلڻ جو چيو ، پر هو چئي رهيو هو ڊگها ڊگها قدم کڻ ۽ تڪڙو هل. مونکي پهاڙن جي پٿريلي رستن مان گذرندي ڏکيائي ٿي رهي هئي ڇاڪاڻ ته ننڍڙا ننڍڙا پٿر منهنجي پيرن هيٺان سِرڪيا ٿي جنهن ڪري منهنجا قدم زمين تي ڦٻي نه ٿي بيٺا ، مون کي خبر هئي ته پهاڙن جو سفر ائين ٿئي ٿو پر مسلسل پهاڙ ن جو سفر نه ڪرڻ جي ڪري منهنجا قدم سڌي لٽاسي زمين تي هلڻ جا عادي ٿي ويا هئا، مونکي علم هو ته بابا اونده ٿيڻ کان اڳ ڪوهه سليمان جي پهاڙن کي پار ڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پهاڙ رات جو دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪري ناهن سگهندا، پر هن کي منهنجي تڪليف جو به احساس هو، بابا پوءِ مون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته جيئن منهنجو ڌيان سفر جي تڪليف کان هٽي وڃي، هن مونکان پڇيو، “تو ڪڏهن پهاڙن سان گفتگو ڪئي آهي” مون چيو بابا مون ته نه ڪئي آهي، هي ته بي جان آهن، هنن سان ڪيئن ٿي گفتگو ڪري سگهجي.
    “تو بارش کانپوءِ پيدا ٿيندڙ گل ۽ خوشبودار پهاڙي ٻوٽيون ڏٺيون آهن” مون وراڻيو ها بابا،
    “انهن کي ڏسي تون ڪيئن محسوس ڪندو آهي” بابا پڇيو،
    “خوشي ۽ جوش ۾ ڀرجي ويندو آهيان ۽ ڪيترا ڪلاڪ حيرانيءَ وچان کين ڏسندو رهندو آهيان.” مون کيس وراڻيو.
    “ان کان علاوه هتي تون ٻيو ڇا ڏسندو آهين” بابا پڇيو،
    “مان خاموش پهاڙن ۾ پکين جو سريلو آواز ٻڌندو آهيان ته جوش ۾ ڀرجي ويندو آهيان، هتي ڪيترا ته پکي آهن ۽ انهن جو آواز بلڪل هڪٻئي کان مختلف، ننڍڙن پکين جي ڳلي مان اهڙا سُر نڪرندا آهن جو مان حيرت ۾ پئجي ويندو آهيان، مان ڳالهائيندو ۽ پنڌ ڪندو ٿي ويس، هاڻ منهنجو سفر آسان ٿيندو پيو وڃي، بابا جي ڳالهين ۾ دلچسپي به وڌندي پئي وئي.
    “انجو مطلب ته پهاڙ توسان ڳالهائن ٿا، تون رڳو انهن جي آواز کي سمجهي نه ٿو سگهين، تون رڳو ٻڌين ٿو محسوس نه ٿو ڪرين” بابا ڳالهائي رهيو هو ۽ مان کيس ٻڌي رهيو هوس،
    “ڇا تون پاڻ سان گل ۽ ڪنڊا ٻئي کنيو ڪونه ٿو هلين” بابا پڇيو،
    “نه بابا مان ته ائين نه ٿو ڪيا“ مون وراڻيو،
    “ظاهري طرح ائين نه هجي پر جي تو پنهنجي ذات تي هڪ ڀيرو غور ڪرين ته توکي ائين نظر ايندو” بابا وراڻيو.
    “مان نه سمجهيم،” مون وراڻيو.
    انسان تڪليف، خوشي ۽ غم جي حالت ۾ رهي ٿو ، ڇاڪاڻ ته قدرت اهو ڏسڻ چاهي ٿي ته انسان پنهنجو رشتو باقي دنيا جي حيات سان ڪيئن ٿو نڀائي، مونکي ائين چوڻ سان خوشي ٿئي ٿي ته اسين پهاڙن جا ماڻهو آزادي پسند به ان ڪري آهيون، ڇاڪاڻ ته پهاڙن جي زندگي ۾ آزادي آهي، جيڪا اسانجي مزاج ۾ رچيل آهي، اسان کي آزادي جو درس پهاڙن کان ملي ٿو، اسانجو باقي جيوت سان تعلق به ان بنياد تي جُڙي ٿو، هي ڳالهيون اسانجي راه کي هموار ۽ آسان بڻائينديون آهن.
    “تون منهنجي ڳالهه سمجهي رهيو آهين،” بابا رکي رکي مون کان پڇيو ٿي،
    “ڪجهه ڪجهه” مون وراڻيو.
    “پهاڙن جي زندگي آهستي آهستي تو کي سڀ ڪجهه سيکاريندي ويندي” بابا چيو،
    “مون پنهنجي گهر ۾ هميشه کان جنگ، قبائلي روايت، بندوق۽ عورت، ان کان اڳتي ته ڪا شيءَ نه مون ٻڌي نه ڏٺي، توهانجي اها زندگي آهي ڇا؟ بابا کان مون سوال ڪيو، بابا ڪجهه وقت لاءِ بيهي مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
    “تنهنجي عمر ئي ڪيتري آهي؟ انسان جون روايتون ڪو شوق ڪونهي” بابا وراڻيو، مون زندگي جون ڪيتريون راتيون اوجاڳا ڪندي گذاريون آهن، هي پهاڙ انجا شاهد آهن ته مون دشمن کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه ڏنو ته هو ڪنهن بگهڙ جيان حملو ڪري، هي پهاڙ دشمن ۽ دوست ۾ فرق ناهن ڪندا، هي ماڻهو کي پوشيده رکندا آهن ته ظاهر به، هن انگريزن کي به رستا ڏنا ته اسان کي به پوشيده رکيو، هنن کي ڪنهن سرڪش گهوڙي جيان قابو ۾ رکڻو هوندو آهي، هن پهاڙي ملڪ ۾ اهي سڀ شيون ٿين ٿيون جنهن جو تو ذڪر ڪيو، پر هي پهاڙ مونکي پهريون سبق اهو سيکارين ٿا ته ، پنهنجي سڃاڻپ، روايت ، ننگ ۽ دنگ جي حفاظت ڪرڻ هڪ بلوچ جو فرض ٿئي ٿو.
    هي منهنجي زندگي جو پهريون موقعو هو جو مون بابا کان ڪي سوال ڪيا هئا، ڪجهه ئي گهڙين ۾ اسين مري قبائل جي علائقي ۾ پهچي ويا سين، اسان کي ڪچي گهر جي اندر ويهاريو ويو، جنهن جي ٻن ديوارن جي وچ ۾ کجي جي ٿڙ جي ڪاٺي لڳل هئي، گهڻو ڪري ماڻهن جي هٿن ۾ بندوقون هيون ۽ چهرا گهري وٽيل ڏاڙهي ڪري پوري طرح ظاهر نه هئا، جسم جا ڪپڙا ميرا ۽ پيرن جون جتيون گپ جي مٽي سان ڀريل هيون، هنن مان هڪ ڪمانڊر الله بخش سڀني کي هدايتون ڏئي رهيو هو، هنجي جسم تي گولين وارو پٽو ڪلهي ۽ پيٽ سان ٻڌل هو، ٿڌ ڪري سڀني کي شالون ويڙهيل هيون، اهي تقريبن نوجوان ۽ ننڍي عمر جا هئا۽ سڀئي ڪنڌ سان هاڪار ڪري رهيا هئا، مون انهن ماڻهن تي نظر وڌي هو ان ڳالهه ۽ جذبات سان سرشار هئا ته هو پنهنجي قبائلي روايات جي پاسداري ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اهو ڪيڏو دهشتناڪ منظر هو، مان اندازو نه ٿو ڪري سگهان ته ان رات مان ڪيڏو پريشان ۽ خوفزده هيس، گهر کان ٻاهر هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتا ڀونڪي رهيا هئا، مان اندر ئي اندر ۾ ڊنس ٿي، منهنجي چوءطرف جنگ جو ماحول هو ۽ هر طرف بندوقون ۽ مشين گنون نظر ٿي آيون، منهنجا خيال جنگ واري موت مار ڪيفيت کي ڏسي رهيا هئا، مون ائين ٿي محسوس ڪيو ته فولاد جا معمولي ٽڪرا انساني عضون کي چيري ڦاڙي رهيا آهن، نوجوان مرندا ۽ ڪرندا ٿا رهن، هُن پاسي به ائين ٿئي ٿو، هن ئي ديس جا ساڳيا ماڻهو آهن، ساڳي ٻولي ڳالهائڻ وارا جيڪي اصل ۾ ڪي پيشه ور سپاهي يا فوجي ته ناهن پر معصوم ماڻهن جو اهڙو لشڪر آهن جنهن مٿان قبائلي روايتن ۽ سرداري نظام کي بچائڻ جو جنون سوار آهي،
    مان صبح تائين جاڳندو رهيس، ڪمانڊر بابا کي چيو تنهنجو ڇوڪرو شايد پوري رات سمهي ناهي سگهيو، هي جيستائين جوش ۽ جنون ۾ ناهي ته ڪيئن اڳين مورچن تان دشمن جي لشڪر تي حملو ڪري سگهندو.
    “هي سردي جي ڪري ائين نظر اچي ٿو” بابا هن کي وراڻيو، هن کي ڪمانڊر جي ڳالهه مان ائين لڳو ته ڄڻ چئي رهيو هجي ته تنهنجو نينگر اصل ٻروچ ناهي. پر حقيقت ۾ مان سردي ڪري ائين نه هئس، مان ته سامهون ڪو دشمن هجڻ ۽ ان مٿان گولي هلائڻ کان انڪار ڪرڻ تي سوچي سوچي ائين ٿي ويو هئس، مان هڪ انسان مٿان ڪيئن گولي هلايان، مون ته ان کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونهي ۽ نه وري ان ڪو منهنجو ڏوهه ڪيو آهي مان ان کي ڇو ماريان،. مان هڪ قسم جي هيبت ۾ مبتلا ٿي ويو هيس،
    ان کان پهرين جو ڪمانڊر مونکي حڪم ڪري، مون بندوق کڻڻ کان انڪار ڪندي بابا کي چيو.
    “مان پنهنجي شهر ماڻڪ بند وڃڻ چاهيان ٿو” بابا مونکي سمجهايو.
    “شروع شروع ۾ هر نوجوان ائين محسوس ڪندو آهي، جيئن تون محسوس ڪرين ٿو. ڪجهه ڏينهن هتي رهندين ته ٺيڪ ٿي ويندين” بابا وراڻيو.
    “مان زمين جي ٽڪري لاءِ يا ڪنهن پهاڙ جي چوٽي کي فتح ڪرڻ جي خيال کان ڪنهن جو خون نه ٿو ڪري سگهان مان وڃڻ چاهيان ٿو” مون بابا کي چيو.
    بابا مونکي اجارت ڏني، مان خاموشي سان ماڻڪ بند هليو آيس، هتي مون سارنگي ۾ پناه ورتي ۽ ان جي سُرن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو،
    پر اهو سسلسلو به گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهيو، ابتدائي زماني ۾ ته مون ائين سمجهيو ته سارنگي ئي منهنجي ننڍڙي دنيا آهي پر پوءِ پٽ فيڊر جي هاري تحريڪ منهنجي فراريت کي ختم ڪيو،


    34

    خديجه ۽ سندس ساٿين غير معمولي برداشت جو مظاهرو ٿي ڪيو، جيتوڻيڪ هنن کي ڪوئٽا ۾ ٻه هفتا ٿي ويا آهن، پر انجي باوجود هنن کي ڪٿان به پنهون جي ڪا سڌ نه پئجي سگهي، هي سچ پچ پنهنجي ارادي جي قوت، ڪوشش ۽ صبر سان عدليه، پوليس، ايجنسيز ، صحافين۽ سياسي ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن جي سهاري تي آهن، جيئن جيئن وقت گذريو، تيئن تيئن رياست ۽ انجي بيمار ادارن ڏانهن هنن جي نفرت ڪراهت ۾ تبديل ٿيندي ٿي وئي، هنن ان دوران ڪيترن ماڻهن سان مشورو ڪيو، ڪيترن ته ان خطرناڪ راند مان نڪري وڃڻ جا مشورا ڏنا ته ڪن، اميدن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيو، ان هوندي به هنن پنهنجي اندر کي ان ڳالهه لاءِ مضبوط ڪري ورتو هو ته هن ملڪ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي قيمت ڪهڙي ئي سهي پر ويڙهه کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانهي.
    “باران، خديجه، طلعت، رتنا ،منهنجا دوستو، مونکي ڌيان ڏيئي ٻُڌو” توڪلي اهڙي طرح گفتگو جو آغاز ڪيو، جو معلوم پئي ٿيو ته هن ڃڻ فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ ٻڌائن جو وقت ٿي ويو آهي.
    “مان، پنهون ۽ ٻين گمشده نوجوانن جي بازيابي لاءِ مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال تي ويهڻ چاهيان ٿو، توهانجي تعليم جو جيئن ته ذيان ٿي رهيو آهي، لهذه توهان واپس لاهور وڃي پنهنجي تعليم مڪمل ڪيو، مان جي زنده رهيس ته ضرور ملنداسين، مان ڪا ايڊونچرزم نه پيو ڪيان ۽ نه وري پنهون مٿان رحم کائي ائين ڪري رهيو آهيان، ڪنهن به طرح مان ائين نه ٿو سوچي سگهان، پر سچ پڇ سدائين منهنجي اهڙي خواهش رهي آهي، مون پنهنجي زندگي لاءِ ائين طئي ڪيو آهي، مونکي ان ڳالهه جي اجازت ڏيو ته مان ان مقصد کي تڪميل تي پهچايان،
    ”مون سڀاڻي کان پريس ڪلب ٻاهران مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي” توڪلي پنهنجو فيصلو ٻڌائي خاموش ٿي ويو، سمورا دوست مڪمل خاموشي ۽ ڌيان سان توڪلي کي ٻڌندا رهيا، سندن جسم مان ڄڻ ساهه ڇڏائجي ويو هو.
    توڪلي جوش ۾ نه هو، هن پاڻ کي سنڀالي، تڪي توري ڳالهايو، ڪنهن به مونجهاري جو شڪار نه هو، هن سڀ ڪجهه واضع ۽ پختي ارادي سان چيو.
    “هي ٿي ئي نه ٿو سگهي” ڄام دُرڪ کيس چيو. تون بيحد جذباتي ٿي ويو آهين، تو ڪيئن طئي ڪيو ته سڀ ڪجهه تنهنجي مٿان گذري، تون ڪنهن ٻئي انسان جي حياتي بچائڻ جي خيال کان ائين سوچين ٿو، پر انجو اڃان اهڙو موقعو ناهي آيو.
    “منهنجا دوست، اسان ڪهڙي معجزي جي انتظار ۾ ويٺا آهيون” توڪلي وراڻيو. مون اهو فيصلو ڪنهن ديوانگي جي حالت ۾ ناهي ڪيو، مون وٽ ان لاءِ ڪيترا دليل آهن، هاڻ پاڻ کي رسمن واري بک هڙتال کان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، مان ائين ڏسي رهيو آهيان ته ڪٿي اسين پنهون کي وڃائي نه ويهون، پاڻ کي ذهني طرح ان مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي،
    توڪلي جيئن سوچي پيو اها نهايت سڀ لاءِ تڪليفده ڳالهه آهي، هي سڀ ائين چاهين به ٿا ته رسمن ۽ علامتن واري بک هڙتال کان ڪجهه وڌيڪ ڪجي، پر ائين ڪرڻ لاءِ توڪلي ئي پاڻ کي پابند ڇو ڪري؟
    خديجه، جنهن پوري گفتگو دوران نه ڳالهايو هو، تنهن توڪلي جي موقف جي تائيد ڪندي چيو، “باوجود انجي جو بلوچستان جي حڪومت ٻين ننڍڙين تحريڪن جيان شايد مرڻ گهڙي واري بک هڙتال کي به اهميت نه ڏئي پر ميڊيا ۽ سياسي سطح تي ان کي بروقت اڀاري سگهجي ٿو، انجا پنهنجا فائدا ۽ نقصان ٿي سگهن ٿا، پر ان سان ائين به ممڪن آهي ته پنهون جي بازيابي ممڪن ٿي وڃي”
    “نه، ٿيڻ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟” مان ائين نه ٿو چاهيان، ڄام دُرڪ پنهنجي راءِ ڏني، توڪلي، وڇوڙي کي موت جيان ڀوڳيو آهي، توڪلي،جي قرباني ڏئي اسين پنهون کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪٿي ٻنهي جو نه نقصان ڪري ويهون، مان توڪلي جي ڳالهين سان سهمت ناهيان، مان هن کي بهادراڻو قدم نه چوندس، توڪلي پاڻ کي سزا جي طور تي پيش ڪري رهيو آهي، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هن اها ڳالهه هينئر چئي ته مان سمو جي غير موجودگي کي وڌيڪ نه ٿو ڀوڳي سگهان، انجو مطلب اهو ٿيو ته هي زنده رهڻ ئي نه ٿو چاهي،جي هي ائين نه ٿو چاهي ته اسين کيس اها ڪيفيت سمجهندي هنجي مدد ڪرڻ بجاءِ هن جي ڪيئن ٿا تائيد ڪري سگهون، مان توڪلي کي ائين ڪرڻ نه ڏيندس. مونکي معاف ڪر منهنجا دوست، اها ڪهڙي گهڙي هئي جنهن توکي منهنجي سامهون اچي بيهاريو، ان رات تون پاسو ڏئي هليو ڇو نه وئين جنهن رات مان پنهنجي ڪمزور ۽ ٿڪل جسم کي رستي جي ڪنهن ڪنڊ تي اڇلي سمهي رهيو هوس، هاڻ جڏهن تون منهنجي اڳيان بيٺو آهين، بلڪل منهنجي سامهون ته مان توکي پاڻ کان ڏور ويندي ڪيئن ٿو ڏسي سگهان، توکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته مان توسان ڪنهن حد تائين پيار ڪيان ٿو، مان پنهنجن لاڳاپن کي عزيز رکندو آهيان، مان توکي هڪ گهڙي لاءِ به نه وڃائڻ چاهيندس. ڄام دُرڪ پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيو هو، هن پنهنجو منهن ٻانهن ۾ هڻي ڇڏيو، پوري ماحول مٿان غم جي لهر ڇائنجي وئي هئي.
    “مان ان حقيقت کي ڄاڻان ٿو منهنجا عزيز دوست ڄام دُرڪ” توڪلي، اُڪير مان وراڻيو، پر حقيقي زندگي جي ڪهڙي معني آهي؟ تون ئي ته سيکاريندو رهيو آهين ته خودي جي برتري کان وڌيڪ انسان جي روح جي آزادي قيمتي شيءَ آهي، روح جي آزادي! هي فقط چوڻ جي ڳالهه ناهي پر هن کي مون تو اندر موجود ڏٺو، جنهن پوءَ منهنجي بي ترتيب زندگي کي ترتيب ڏئي سڌو ڪيو.
    “تون مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن ڏس، مونکان نه پڇندين ته مون اهڙو فيصلو ڪيئن ڪيو” منهنجا عزيز دوست ڄام دُرڪ! منهنجو جسم ۽ روح اڃان به ان بارش هيٺان بيٺل آهي جتي مان سمو سان هم ڪلام ٿيو هيس،هي ته سمو جي عظمت آهي جنهن مونکي هڪ صاف، گهري، ۽ لازوال زندگي عطا ڪئي، مان ته ڪوه سليمان جي پهاڙن ۾ گم ٿي وڃڻ وارو انسان هئس، سمو مونکي بادلن جي بلندي ڏني.
    سمو زين جي پهاڙن تي پپر جو وڻ آهي.
    سمو وڻن جو ميوو آهي
    سمو ڪوهستاني غزل آهي.
    سمو ڏاڙهون جو کُليل گُل آهي
    سمو انڌيرن ۾ روشن ڏيئو آهي
    يا بارش کانپوءِ ڦٽندڙ ٻُوٽي
    سمو ويڪرن پتن وارو انجير آهي
    اهڙو وڻ جيڪو مشڪل رستن ۽ ندين ڪنارن تي ٽڙي
    جنهن جو مقام پهاڙن جي بلندي تي آهي
    ڪنهن هوا جي مجال جو هن وڻ کي لوڏي

    هاڻ منهنجو روح، سمو جي روح سان ملي تحليل ٿيڻ چاهي ٿو، تون ائين نه ٿو چاهين؟مان بارش جي طوفاني رات مان نڪرڻ چاهيان ٿو، تون ائين نه چاهيندين، اهو ئي ته خيال وارو نقطو آهي، جيڪو مان توکي ۽ دوستن کي سمجهائڻ چاهيان ٿو، جنهن جوش ۽ خروش سان تو منهنجي تنهائي کي سر بلندي ڏني ان ئي جوش خروش سان رنج ۽ ملال واري ڪيفيت مان نڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪر.


    35

    ٻئي ڏينهن صبح جو 11 وڳي کان توڪلي مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو اعلان ڪري ڪوئٽا پريس ڪلب ٻاهران ويهي رهي ٿو، توڪلي سان سان گڏ آهن ڄام دُرڪ پيرڪ، فرزانه ۽ ٻيا ڪيترا دوست ۽ ساٿي، باران، خديجه، طلعت ۽ رتنا لاهور واپس وڃن ٿا، اهو هنن جو گڏيل فيصلو هو، هنن پنهنجو ٻيو ميدان اسلام آباد کي ٺاهڻ ٿي چاهيو.
    توڪلي سان ايترا ته گهڻا ماڻهو شريڪ ٿي ويا، جو انتظاميه کي پريس ڪلب وارو پورو روڊ بند ڪرڻو پيو، توڪلي پنهنجي سفر جي ابتدا ڪري ڇڏي، هن جيڪو چاهيو ٿي اهو هن کي ٿيندي نظر ٿو اچي، هن جو انتخاب شاندار آهي پر ان کان به شاندار توڪلي جا هي ناياب پل آهن، جن ۾ هي هن وقت موجود آهي، هر لمحو هنکي روح جي حقيقت ۽ راحت ڏيندو پيو وڃي، صحافين کي خبر آهي ته هي تحريڪ پنهنجا اثر ضرور ڏيکاريندي، سموريون اخبارون چار ڪالم جي خبر هلائن ٿيون، پر ان هوندي به ڪيترن ماڻهن کي اهو خيال خوفزده ڪري رهيو هو ته رياست فاشزم جهڙي روپ ۾ هجڻ ڪري هنن نوجوانن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيندي، پر مسنگ پرسن کي آزاد نه ڪندي، توڪلي سان ماڻهن جي گفتگو جو انداز والهانه هو پر هو پاڻ کي ائين به چئي رهيا هئا ته،
    “هڪ هفتي کانپوءِ خبر پوندي”
    شايد بک ۾ مرڻ جو احساس ماڻهن کي تڪليف پهچائيندو هجي، ان عمل کي هي رڳو وقتي جوش سمجهندا هجن ، هنن شايد ان حالت ۾ مرندي ڪڏهن ڪو ماڻهو ڏٺو به نه هجي ۽ نه وري ڪڏهن ان ڳالهه جو احساس ڪيو هجي ته زندگي جي طويل لمحن ۽ جدا جدا ڪيفيتن ۾ موت کي ايندي بجاءِ ان ڏانهن ويندي جا احساس ڪهڙا ٿين ٿا، توڪلي جي ڪيمپ تي هر روز نه فقط بلوچستان جي وڏن شهرن مان ٿي ماڻهو آيا پر ننڍن ڳوٺن مان آيل مقامي لباس پاتل منهن ڍڪيل بلوچ عورتون به شامل هيون، جن مان ته ڪي عورتون پاڻ سان گڏ پنهنجن مٽن مائٽن، ڀائرن جو تصويرون به کڻي آيون، جن کي ملڪ جي بدنام زمانه ايجنسيز جي اهلڪارن کڻي گم ڪري ڇڏيو، پريس ڪلب ٻاهران ماڻهن جو اهڙو جوش و خروش پهرين ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو، رات جو پيرڪ پنهنجن ساٿين سان سارنگي تي اهڙي سنگت ڪئي جو ماڻهو اُڇنگارون ڏئي رُنا، هر ٻيو ڏينهن گذريل ڏينهن کان تڪليفده ۽ نهايت جوش ۽ محبت سان ڀريل هو. ڪئمپ تي موجود ڪيترا ماڻهو ته پنهنجي ليکي بک هڙتال تي ويٺل هئا، انهن مان ڪنهن کي به ان لاءِ تيار نه ڪيو ويو هو، هنن سڀني ائين چاهيو ٿي ته انهن جي عزيزن، ۽ ڀائرن کي آزاد ڪيو وڃي،ڪيترن ماڻهن توڪلي جي جرات ۽ همت کي به سارايو ٿي، هر ڪو ماڻهو ان ڳالهه جي انتطار ۾ هو ته هو پنهنجن عزيزن کي هاڻ شايد جلدي ڏسي سگهن، اڄ ته بار ڪائونسل جا ناميارا وڪيل به ڪئمپ تي آيا ۽ ڪافي دير تائين ويٺا رهيا هنن پنهنجي حمايت جو اعلان به ڪيو، صحافي ديانتداري سان پنهنجو فرض ادا ڪندا رهيا ۽ روز جي رپورٽ کي پهرين پيج تي جڳهه ڏئي، رياست جي ڪارندن تائين ماڻهن جي تڪليفن کي پهچائڻ ۾ مدد ڪئي،
    توڪلي جي بک هڙتال کي هفتو ٿيو آهي، ان پوري هفتي جي دوران ڪي ته وڏيون ڳالهيون به ٿيون، هي به حقيقت آهي ته توڪلي جي بک هڙتال شهر جي ڪيترن مظلوم خاندانن جي ٻارن ۽ نوجوانن کي موقعو فراهم ڪيو ته هو پنهنجون تڪليفون ڪئمپ ۾ اچي بيان ڪن، صحافي انهن ڪهاڻين ۽ واقعن کي اسٽوري ڪري اخبارن ۾ هلايو، جنهن سماج ۾ هڪ ٻيو بحث ڇيڙي ڇڏيو هو، مثلن، هزاره ڪميونٽي جي نوجوانن هڪ واقعي کي بيان ڪندي ٻڌايو ته هنن جي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ست سالن جي معصوم نياڻي کي جنسي تشدد جو نشانو بنائڻ کانپوءِ انجو ڳلو دٻائي قتل ڪيو ويو، پوليس روايتي طرح تفتيش ڪندي رهي پر ڏوهاري گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، هنن پوليس جي رويي خلاف احتجاج ڪيو، پر ڪو به نتيجو نه نڪتو، هڪ ٻي عورت جيڪا مقامي نياڻين جي پرائيويٽ اسڪول جي مالڪ هئي، ٻڌايو ته تنظيم الااسلام الفرقان جي ڪنهن ڪارڪن فون ڪري ڌمڪي ڏني آهي ته نياڻين جي تعليم جو اسڪول بند ڪر نه ته توکي قتل ڪيو ويندو، پوليس هنن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري، مان جي قتل ڪئي وڃان ته منهنجي قتل جي ايف آءِ آر ان تنظيم مٿان داخل ڪئي وڃي، هر روز حيرت ۾ وجهندڙ ڪهاڻيون ۽ واقعا دهرايا ٿي ويا ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح ماڻهو هن ڪئمپ جو حصو ٿيندا پئي ويا.
    ڊاڪٽر، توڪلي جو بلڊ پريشر چيڪ ڪري ٿو، هن کي پنهنجي رت جي گردش جو اندازو ناهي پر اهو معلوم آهي ته شهر جو هر هڪ ماڻهو ڏانهنس ڏسي رهيو آهي، هي ڳالهه مشهور ٿي وئي هئي ته توڪلي مرندو مري ويندو پر پنهنجي مطالبي ۽ مقصد تان هٿ نه کڻندو، هن جو وزن تيزي سان گهٽجي رهيو هو، انجي باوجود هي پنهنجن دوستن ۽ ڪامريڊن وچ۾ پورو ڏينهن ويٺو هوندو هو، هن جو ائين هجڻ فطري هو ڇاڪاڻ ته هو هڪ ئي وقت ٻن فرضن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هڪ پاسي پنهون هو جنهن کي هن ڪڏهن ڏٺو نه هو پر هي انجي مقصد سان بيٺو هو، جڏهن ته ٻئي پاسي بلند رتبي واري سمو هئي جيڪا هرلمحي هنجي اندر رهي ٿي.
    “ڪو به دليل، توڪلي کي ان ڳالهه تي قائل نه ٿي ڪري سگهيو ته پنهنجي بک هڙتال کي ختم ڪري ۽ انکانپوءِ ڳالهيون ٿين، اهو ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر ٿيندو، هي ائين ڪري ئي نه ٿو سگهي، ماڻهن جو هن مٿان يقين آهي، اهو ته ماڻهن سان دوکو ٿيندو، سرڪار پاران موڪليل ٽن ماڻهن اڳيان هن پنهنجا مطالبه دهرايا ۽ سمورن بلوچستان جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته گم شده ماڻهن کي جيئڻ جو به ايترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن ٻئي انسان کي، انهن ڪو ڏوهه ڪيو به آهي ته انهن کي ڪورٽ آڏو پيش ڪيو وڃي، هن بلوچستان جي ماڻهن کي پنهنجي روزاني جي وقت مان هڪ ڪلاڪ ڪڍي يڪجهتي طور ڪئمپ اچي ويهڻ جي اپيل ڪئي.
    هوڏانهن خديجه، باران، رتنا ۽ طلعت ۽ ٻيا سوين سياسي سماجي ڪارڪن اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ويٺا آهن.
    توڪلي کي اڄ اٺون ڏينهن آهي،
    هن جي گفتگو به هاڻ ڌيمي ٿي وئي آهي، ڪالهه صحافين هن جو انٽرويو ٿي ڪيو ته ڳالهائڻ وقت هنجو تسلسل ٽٽي رهيو هو ۽ جسم جي حرڪت به معمول مطابق نه هئي، انجي باوجود هُن ڪنهن کي ائين محسوس ٿيڻ نه ڏنوته هو ڪمزور آهي، هن پنهنجن حوصلن کي قائم رکيو ڪمال جي حد تائين!
    “عالمي سرمائيدارن جا چوڪيدار ائين سمجهن ٿا ته اسان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪمزور ٿي وينداسين ۽ پنهجن گهرن ڏانهن روانا ٿي وينداسين، هاڻ اهو ممڪن ڪونهي، اسين گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون، هي جنگ حڪمرانن شروع ڪئي ان کي ختم اسين ڪنداسين” توڪلي صحافين کي انٽرويو ڏيندي چيو،
    پر پوءِ ڏهين ڏينهن ڪجهه عجيب ئي ٿيو. شام جو توڪلي ۽ ساٿين کي ٻڌايو ويو ته پنهون کي سڀاڻي ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو، اها ڳالهه ڪيتري سچ آهي ان لاءِ سڀاڻي جو انتظار ڪرڻو پوندو پر پيرڪ پنهنجن باوثوق ذريعن کان معلوم ڪيو ته هن کي ٻڌايو ويو ته اها ڳالهه درست آهي.
    توڪلي سچ پچ جوش ۾ به هو ته اداس به، ان ڏينهن ڪيمپ ۾ ايترا ته ماڻهو جمع ٿي ويا هئا، جو جاءِ جي تنگي سبب ڪيترن کي پيرين بيهڻو پيو، سندن نظرون توڪلي ۾ هيون، ڪيترن ئي ماڻهن جي چهرن مان اميدن جا آثار ظاهر هئا، انهن مان پنهون جي ڀيڻ فرزانه روئڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهي هئي، هنجو ڀاءُ زنده آهي ۽ سڀاڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، توڪلي جون اکيون سُڄيل هجڻ جي باوجود روشن هيون.
    “هي وقت به گذري ويندو“ منهنجا عزيز دوست، ڄام دُرڪ توڪلي سان ڳالهائيندي چيو.
    “اڙي! تون طوفانن جا رخ موڙڻ جي صلاحيت رکين ٿو، انسانيت تنهنجي هجڻ جي احساس ڪري ئي آهي، تون رواني آهين، ماڻهن جو توتي ڀروسو آهي، تو ٻڌو ڪو نه ته ماڻهن ڇا ٿي چيو هنن توکي بلوچن جو اجتمائي شعور ۽ پهاڙن جو گيت ٿي سمجهيو، ماڻهن جي چهرن جي مسڪراهٽ ۽ دلين جي راحت ٿي سمجهيو، ماڻهن جي محبت بي غرض ٿئي ٿي، ۽ لازوال به، انسان جو ڀروسو ان طرح سان ئي ته قائم ٿئي ٿو.
    “تو ن سڀاڻي ڪورٽ ويندين” توڪلي! ڄام دُرڪ ڏانهنس نهاريندي چيو.

    توسان گڏ وڪيل به هوندا، مسٽر کيتران جنهن هن ڪيس ۾ بچاءُ جا شاندار دليل ڏنا مون پاران کيس مرحبا چئجان ۽ سندس قابليت جي ساراه ڪجان، هن شروع کان پاڻ کي عظيم محب وطن ثابت ڪيو، هن ڪيس ۾ ڪيتراخوف خطره هجڻ جي باوجود اسان سان بيٺو رهيو ۽ ڪيترن موقعن تي هڪ سياسي ڪارڪن جيان ڪيمپ تي اسان سان گڏ ويٺو رهيو، هو پنهنجي قابليت آڌار پنهون جي آزادي کي يقيني بڻائيندو،


    36

    ججن جي اچڻ کان اڳ سڄي ڪورٽ ماڻهن سان ڀرجي وئي، هي سڀ اهي ماڻهو هئا جن جا مٽ مائٽ، ڀائر، عزيز گم هئا ۽ ڪيتري عرصي جي ڳولا جي باوجود ظاهر نه هئا، هي هتي پنهون کي پنهنجن پُٽن ۽ ڀائرن جهڙي عزت ۽ محبت ڏيڻ لاءِ آيل آهن، تقريبن هِڪ وڳي، پنهون کي ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو ته ڪورٽ جو عجيب منظر هو، هر طرف کان سڏڪن جا آواز ٿي آيا، فرزانه يقين ۽ غير يقيني جي حالت ۾ پنهون کي پنهنجي سامهون ڏٺو ته هن کي پنهنجن اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو حيرت ۽ خوشي جي مليل جليل ڪيفيت مان کيس ڏسندي رهي، فري ڀاءُ جي چهري کي ڏسي رهي هئي ته ان ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي، پنهون جي مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي وڌيل آهي، ڪپڙا ڌوتل ۽ بغير استري جي پهريل هئس، جسم ڪمزور هجڻ جي باوجود هلڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ غير معمولي جوش هو، اکين ۾ ڪيترن ڏينهن جو اوجاڳو هجڻ جي باوجود کيس ساڳي توانائي، روشنائي ۽ يقين ائين بيٺو هو جيئن بلوچستان جا پهاڙ.
    فري جي اکين ۾ پنهون جي ٻالڪپڻ جون يادون تري آيون ته ڪيئن پنهون جڏهن گهر اندر داخل ٿيندو هو ته پوري جوش سان رڙ ڪري چوندو هو ته “آپي مان اچي ويو آهيان”
    انجي سڏ ۾ ڪيڏي سڪ ۽ ڀيڻ لاءِ ڪيڏي اُڪير پوشيده هوندي هئي، هن کي ياد اچي رهيو هو ته پنهون هن اڳيان جڏهن بلوچستان جي سرزمين انجي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ تقرير ڪرڻ شروع ڪندو هو ته اهو ڃڻ هن کي بيحد فطري لڳندو هو. هو ڪيئن نه مضبوطي سان پنهنجن ڳالهين کي دهرائيندو ۽ دليل ڏيندو ويندو هو ، فري کي ياد آيو ته هو کيس ڏسي چوندي هيس ته وڌيڪ سمجهه سان ڳالهاءِ، دليلن کي پختو ڪر، تڪڙ نه ڪر، ڪنهن به شي کي بيان ڪرڻ کان اڳ انجي حقيقت کي ڄاڻي وٺ، پنهون پوءِ پنهنجن ڳالهين جو جائزو وٺندو هو ، ڇاڪاڻ ته کيس ان ڳالهه جو يقين هو ته پُختن دليلن کانسواءِ هو اڳتي وڌي نه سگهندو. فري کي لڳو ڃڻ هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي.
    ڪورٽ جي ڪمري ۾ موجود مائرن ائين سمجهيو ته پنهون به ڃڻ انهن جو ئي پٽ آهي جيڪو انهن جي سامهون بيٺو آهي، هائو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن بلوچستان جا مکيه ڏاها کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي مائرن جي همت جرعت ۽ محبت تي لکڻ ويهندا ڇو ته اڄوڪي بلوچستان جي دردناڪ تاريخ ۾ مائرن جو حوالو ڏيڻ کانسواءِ بلوچستان جي تاريخ اڻپوري سمجهي ويندي تڏهن اهو اڀياس ئي مڪمل سمجهيو ويندو، انهن جا پُٽ حيات به آهن يا نه پر هڪ ماءُ پنهنجي پٽ جي اچڻ جو انتظار پوري حياتي ڀوڱيندي ۽ پنهنجون اکين جو انتظار ۽ نرڙ جون چميون دروازن جي چوکٽ هيٺان لڪائي رکندي ته جيئن تاريخ ماءُ جي مهانتا کي ياد رکي.
    سرڪاري وڪيل ڪجهه دليل ڏنا، تنهن کانپوءِ جج بچاءُ جي وڪيل مسٽر کيتران کي دليل مڪمل ڪرڻ جو چيو. مسٽر کيتران جڏهن دليل ڏيڻ شرع ڪيا ته ڪورٽ ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، ماڻهن پنهنجا ساه روڪي رکيا هئا، هن پهريان ته ڪورٽ جي وقار تي ڳالهايو جنهن پنهون جي بازيابي کي يقيني بڻايو، ان کان پوءِ هن عرض ڪيو ته آزادي هڪ مهان لفظ جو نالو آهي، هر ماڻهو کي قدرت جيئڻ جو پورو حق ڏئي ٿي ته جيئن هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر کان ڪي اڻ ڏٺل دنيا کي ڳولي ۽ انهن کي سمجهي سگهي، هر انسان پنهنجي ننڍپڻ کان انهن ڳالهين جي تلاش ڪري ٿو ۽ پوري حياتي ائين ڪندو رهي ٿو اها تلاش روحاني طور هنن کي مضبوط ڪري ٿي ته جيئن هي زمين ۽ ماڻهن سان اُتانهين محبت ڪرڻ جي لائق ٿي سگهن، هنن نوجوانن کي ڪا به سزا ڏيڻ وقت انهن واقعن جي پوري ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي جنهن سبب ڪري هي نوجوان حڪمرانن جي پاليسين جو حصو ٿيڻ بجاءِ پنهنجي زمين ۽ ماڻهن جو ڀر جهلو ٿي بيهن ٿا، هڪ نوجوان ۾ سٺي انسان ٿيڻ جون ڪيتريون ئي صلاحيتون پوشيده هونديو آهن پر هڪ رياست انهن تي ويساه ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي جسم ۽ روح کي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، نوجوانن کي صحي نالن سان ۽ صحي مقصد سان نه سڏيو ويو ته بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ خوفناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، مان عدالت کي درخواست ڪيان ٿو جيئن ته پنهون مٿان ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي لهذه هن کي آزاد ڪيو وڃي.


    37

    هن واقعي کي سمجهڻ لاءِ بلوچستان جي تاريخ کي سمجهڻ ضروري آهي، هي ائين آهي جيئن فاشزم مجبورن ڪي معاهدا ڪري ۽ ان کان وري انڪار ڪري، ڪنهن کي شريڪ ڪري ۽ ڪنهن کي ڌار ڪري، بلوچستان جي تاريخ اهڙن نام نهاد معاهدن ۽ انڪارن سان ڀري پئي آهي. پنهون رواني سان ڳالهائيندو پئي ويو، پريس ڪلب ۾ صحافين کان علاوه پنهون جا دوست ۽ ساٿي شريڪ آهن.
    اهو سمجهڻ ڪنهن حد تائين درست آهي ته ورهاڱو ۽ بلوچستان کي جبرن پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ تاريخ جا ٻه وڏا الميا هئا، جنهن جو انجام اسان سڀ ڏسي رهيا آهيون، ورهاڱي کان اڳ هن خطي جون سموريون تحريڪون سياسي تحريڪون هيون جيڪي بعد۾ نئين ملڪ پاڪستان جي وجود اچڻ کانپوءِ ختم ٿي ويون يا مذهبي ۽ نسلي صورت ۾ تبديل ٿي ويون آهن، سرمائيداري هميشه کان هن ملڪ جي جاگيردارن تي ڀاڙيو آهي پر هي پهريون ڀيرو آهي جو رياست سڌي طرح فوج کي واضع طور اختيار ڏئي عالمي سرمايي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آهي، هنن گوادر جي ماڻهن جي زمين سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، ان مان ظاهر آهي گوادر جي ترقي وارو منصوبو مساوات ۽ انصاف تي ٻڌل ناهي، هنن جو قومن ڏانهن رويو ڪجهه اهڙي قسم جو آهي
    بلوچ نوجوان هاڻ مختلف انداز ۾ سوچي رهيو آهي، هن پنهنجن اکين آڏو سڀ ڪجهه ٿيندي ڏٺو آهي. هنن سردارن پاران ٿيندڙ تذليل کي به ڀوڳيو آهي ته رياست جي فاشزم کي به، هنن پنهنجا رشتا دنيا جي فڪري ۽ انقلابي نظرين ۽ تحريڪن سان جوڙيا آهن ته پنهنجي زمين جي ماڻهن جي حقن ۽ مفادن جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ڪئي آهي، مان بلوچستان جي سياسي ۽ انقلابي تحريڪن جي تاريخ رقم ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪا بلاشبه شاندار آهي، جيڪا اسانکي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪندي ته نو آبادي جي زماني ۾ تحريڪن جي صورت ڪهڙي هئي ۽ هاڻ ڪيئن آهي؟ ان سان اسان پنهنجي مستقبل جي تحريڪن جي تعمير ڪري سگهنداسين، مان هتي اها ڳالهه به ڪرڻ چاهيندس ته بلوچ سماج تيزي سان تبديل ٿيندڙ سماج ناهي، هن سان قدم ملائي هلڻ جي ضرورت آهي، هن سماج پنهنجي اندر شاندار ۽ ڪٺور روايتن کي قائم رکيو، جنهن جو رد عمل ان مان ئي تلاش ڪرڻو پوندو، منهنجي دل ۾ بلوچ روايتن لاءِ عزت آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ رواداري، انصاف ۽ جمهوري لاڙا موجود آهن، اها وضاحت ضروري آهي ته اسان جڏهن گل خان نصير جي شاعري جو ذڪر ڪيون ٿا ته ان مان مراد قومن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي آزادي آهي، پنهون آزادي کانپوءِ ڪوئٽا جي صحافين اڳيان پنهنجي پهرين گفتگو ۾ اُهي ڳالهيون
    ڪيون.


    بئڪ پيج

    ڪجهه ماڻهو تهذيبي ۽ ترقي پسند تحريڪن ۾ پنهنجو مقام خود سان طئي ڪرڻ جي بجاءِ پڙهندڙ انجي لکڻين کي پڙهي انجو مقام طئي ڪندا آهن، دراصل اهو ئي ڪنهن رائيٽر جو اصل مقام ٿئي ٿو،
    منظور ٿهيم جي لکڻين ۾ احساس جي شدت، تهذيب، ترقي پسندي، قدرت، فطرت، آزادي جو سڏ ۽ فڪر جي گهرائي جو اظهار ملي ٿو ۽ موجوده خود پرستي ۽ خود غرضي واري دور ۾ اهڙيون لکڻيون ئي عالمگير اهميت اختيار ڪن ٿيون، عالمگيرت جو قطعي اهو مقصد ناهي ته موجوده دور جي رائيٽر ۽ شاعرن کي محبت ۽ عشق جي خوبصورت گيتن کان روڪيو وڃي يا اهڙا گيت جيڪي انسان جي اکين کي ڳوڙهن سان تر ڪن ٿا، پر عالمگيريت جو مقصد آهي، پنهنجن خيالن کي وسعت ڏيڻ ۽ لامحدوديت ۾ حد جو تعين ڪرڻ،
    منظور جي لکڻين ۾ مُحب وطني ۽ عالمگيريت جا ٻئي احساس شدت سان محسوس ٿين ٿا، اهو احساس معجزاڻو يا حادثاتي ناهي اها چونڊ گهڻ مرحلاتي ۽ لڳاتار جاڳ_اجاڳ جو ثمر آهي، فوڪ وزڊم يا عوامي ڏاهپ کان جديد ورچوئل ريئلٽي تائين هڪ رائيٽر جو سماجي شعور ۽ انجي اظهار جي گهڻ رنگي۽ گهڻ رخي ساٿ_ سڏ ماڻهن ۽ ڌرتين جي وسيلن ۽ ورڇ واري ڳانڍاپي کي گهرائي سان سمجهڻ کانپوءِ نکَري ۽ سنورجي ٿو.
    منظور پنهنجي پهرين ناول “گذري وئي برسات” ۾ ڪامل اعتماد سان نظر آيو. زندگي جي مسلسل ڊوڙ، فطري جهان جي نه رڪندڙ وهڪ جيڪا ڪنهن به درجا بندي يا خاني سازي کان مٿاهون هجڻ جي باوجود رائيٽر جي لکڻين کي پڙاڏو ڏئي ٿي
    پنهون به ڃڻ ان عالمگيريت جي احساس جو تسلسل آهي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي گهر ڀاتين جي انتظارن ۾ اوجاڳيل اکين جي درد ڪٿا آهي، هي ناول ماڻهو کي سگهه به ڏئي ٿو ته سمجهه به ۽ هزارين سوال جن جي ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ جي جرعت، صلاحيت ۽ حيثيت نه رياست وٽ آهي نه سردارن وٽ.ڇاڪاڻ ته اهي سوال ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جهڙا آهن.

    اشو ٿاما


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 758
    ڪتابن جو مشاهدو: 1275992
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 389481
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ