ڪتاب جو نالو: ڌرتيءَ ڌيءُ
مصنف: بينظير ڀٽو / حسين بادشاھ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 10 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 590 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 108 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا Daughter of the East جو سنڌيڪار حسين بادشاھ آھي. ھي آتم ڪٿا آھي جبر، ڏاڍ ۽ مارشلا اڳيان جدوجھد ۽ ثابت قدميءِ جي، ھڪ نياڻيءَ جي آتم ڪٿا جنھن کان سنگينن ۽ بندوقن وارا ڊڄندا ھئا، اھا نياڻي پوءِ پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڌرتيءَ ڌيءُ
  • اخبارن جا ويچار
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • نئين ڇاپي جو مهاڳ
  •   4 اپريل 1979ع : منهنجي والد جو قتل
  •   پنهنجي ئي گهر ۾ قيد
  •   جمهوريت ۽ منهنجي پهرين آزمائش
  •   آڪسفورڊ جا مينارَ
  •   ضياءَ جي غداري
  •   بابا جو عدالتي قتل
  •   مارشل لا سان جمهوريت جو مقابلو
  • هيڪلائپ، سکر جيل ۾
  •   ڪراچي سينٽرل جيل ۾
  • اڪيلائي جا ٻيا ٻه ورهيه ننڍي جيل ۾
  • آمر سان مقابلو 1984ع کان 1988ع تائين : جلاوطنيءَ جا سال
  • ادا جي شهادت
  • لاهور ڏانهن واپسي ۽ آگسٽ 1986ع جو ڪوس
  • منهنجي شادي
  • جمهوريت جي نئين اميد
  • آگسٽ 1988ع : عوام جي سرسي
  • وزيراعظم ۽ پُڄاڻي
  • تصويري البم

  • ڌرتيءَ ڌيءُ

    محترمہ بينطير ڀٽو جي لکيل آتم ڪھاڻيءَ
    Daughter of the East جي نئين ڇاپي جو سنڌي روپ




    بينظير ڀٽو
    حسين بادشاھھ






    روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
    2008ع

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    اخبارن جا ويچار

    ”هيءَ ڪتاب سچائي، پريم، جاکوڙ، هلچل ۽ سُورما پرستيءَ جو ڳوڙهو چُرندڙ پُرندڙ داستان آهي.“
    - ’ايوننگ اسٽئنڊرڊ‘

    ”هوءَ انتهائي سخت ۽ ويڙهاڪ عورت آهي … اِهو ڪتاب هُن جي آتم ڪٿا آهي، جيڪو پنهنجائپ ۽ موهيندڙ انداز سان لکيل آهي.“
    - ’انڊپينڊنٽ‘

    ”هيءُ شهيد گهراڻي ۽ ان شاندار ڏيهه جي بهادر عورت جو انمول چُرندڙ پُرندڙ ۽ للڪاريندڙ داستان آهي، جيڪو وحشي دٻاءَ ۽ اڳرائيءَ آڏو آزاديءَ واري آتما جي برقراريءَ لاءِ جاکوڙ پيو ڪري.“
    - ’سنڊي ٽائيمز‘


    ارپنا

    بلاول، بختاور ۽ آصفه
    ۽
    پاڪستان جي سمورن ٻارن لاءِ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌيءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا Daughter of the East جو سنڌيڪار حسين بادشاھ آھي. ھي آتم ڪٿا آھي جبر، ڏاڍ ۽ مارشلا اڳيان جدوجھد ۽ ثابت قدميءِ جي، ھڪ نياڻيءَ جي آتم ڪٿا جنھن کان سنگينن ۽ بندوقن وارا ڊڄندا ھئا، اھا نياڻي پوءِ پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي. ھوءَ مھاڳ ۾ لکي ٿي:
    ”مون جيڪي سياسي جنگيون وڙهيون، سي سدائين ڪنهن مقصد لاءِ هيون. مُقصدَ آزادي ۽ سماجي انصاف تي ٻَڌل هئا. ۽ اُهي قدرَ واقعي ايڏا مُلهائتا آهن، جو سندن لاءِ ويڙهه به وڙهي سگهجي ٿي. پر مونکي ڀروسو آهي ته منهنجي سياسي جاکوڙ وڌيڪ للڪاريندڙ رهي آهي، ڇو ته آئون عورت آهيان. ظاهري طور جديد سماج ۾ عورت لاءِ اهو سڀ ايڏو سولو نه آهي، پوءِ ڀلي اُها ڪٿي به رهندي هجي. اسان کي اُن جي ثابتيءَ لاءِ اڃا واڌُو ميل هلڻو پوندو ته، اسان مردن جي برابر آهيون. اسان کي گهڻن ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻو پوندو ۽ وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون. ۽ اسان کي جذباتي طور پاڻ کي ناانصافيءَ توڙي پنهنجي خاندان جي مرد ڀاتين طرفان ڪيل اڪثر ڇِتن حملن خلاف بچاءُ ڪرڻو پوندو. ڏُک جي ڳالهه اها آهي ته، هينئر به ڪيئي ماڻهو اهو ويساهه رکن ٿا ته، مردن سندن جيون ۾ آيل پنهنجين عورتن جي رکوالي ڪن ٿا ۽ اُنهن مختلف ماڻهن کان بچائين ٿا، جيڪي هوند کين دٻائين.“
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست امين ڀٽيءَ جا جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان سھيڙي ھن کي ڪتابي شڪل ڏئي اسان ڏانھن موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    پنهنجي پاڻ کي سنڌوماٿريءَ جي ڌيءُ سڏرائيندڙ ۽ لاڙڪاڻي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ جي آس رکندڙ شهيد بينظير ڀُٽو لوڪشاهيءَ ۾ ويساهه رکندڙ عالمي ۽ قومي سياسي اڳواڻ هئي، جنهن پنهنجي نظريي تي عمل ڪندي، عوامي جدوجهد دؤران شهادت ماڻي. ماڻهن ۾ ۽ سندن فيصلي ۾ پُورو ڀروسو رکندڙ بينظير ڀُٽو، کاٻيءَ ڌُر جي اڪثر جماعتن ۽ اڳواڻن جيان نظرين ۾ مُنجهيل نه، پر عملَ ۽ اُڀريل حالتن پٽاندر عوام تي جان نڇاور ڪندڙ باشعور فرد هئي، جنهن اُهو 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ عوامي ميڙ دؤران شهادت ماڻڻ سان ثابت به ڪري ڏيکاريو.
    تاريخ جي شاگرد هئڻ سبب، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان نظرياتي اختلاف هوندي به، مون سدائين اُن جماعت کي سنڌ جي ٻين جماعتن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ مناسب جماعت ڀانئيو آهي، ڇو ته شهيد بينظير ڀُٽو تاريخي طور اُن نظريي ۾ يقين رکندي هئي، ته پاڪستان ۾ چار قومون رهن ٿيون، جن جا سنڌوماٿريءَ جي سڀيتا کان پاڻ ۾ لاڳاپا ۽ سُٻنڌ رهندا آيا آهن، جن جو اهو مُقدر آهي، ته اُهي مُلڪ جون واڳون پاڻُ سنڀاليندي جمهوريت آڻين، ته جيئن کين حق پلئه پئجي سگهن. تنهنڪري مُلڪ تي ڏاڍائيءَ سان مَڙهيل اسٽيبلشمينٽ جي اقليتي گروهه کي اُهو حق هرگز نه آهي، ته اُهي پاڪستان جي عوام مٿان پنهنجو فيصلو مڙهين.
    پر مخالفن ۽ دهشتگردن کي اُها ڳالهه نه وڻي، جنهنڪري پاڻُ ۾ جُٽ ٿي، انهن سازش پٽاندر سنڌ لاءِ اَملهه خزانو جي حيثيت رکندڙ بينظير ڀُٽو کي شهيد ڪرايو. اُن رتوڇاڻ واري انتهائي واقعي کان پوءِ، هر اک مان ڳوڙها وهڻ لڳا هئا. هر ڪو سوڳوار ڏسڻ ۾ پئي آيو، پر هڪڙي ڳالهه اچرج واريءَ هئي، ته اُهو ڏُک ۽ سوڳ گهر جي ڪنهن وڏڙي يا ويجهي مائٽ کان ٿورڙو نرالو به هو. اُن ڏُک ۽ احتجاج ۾ پنهنجائپ سان گڏ پنهنجي مستقبل بابت ڪاوڙ گاڏڙ ڳڻتي ظاهر ڪيل هئي.
    سنڌ ۾ 2004ع ڌاري پاڪستان پيپلز پارٽي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو بابت ڪافي مونجهارا ڦهلايل هئا، جيڪي سوچ تي ٻڌل نه هئا. تنهنڪري منهنجي اها ڪوشش هئي، ته مٿين موضوعن تي ڪتاب ترجمو ڪري/ ڪرائي مارڪيٽ ۾ آندا وڃن، ته جيئن اڻڄاڻائيءَ سبب ٿيل غلط فهميون دُور ٿي سگهن، ۽ شعور ۾ واڌارو ٿئي. انهيءَ ڏس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جا توڙي سندس متعلق ڪجهه منهنجا ترجمو ٿيل ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندا، جنهن جا سُٺا نتيجا سامهون آيا. ان ئي سلسلي جي ڪڙيءَ طور شهيد بينظير ڀُٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت کي سامهون رکندي، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري جي اصرار تي ڪتاب Daughter of the East جي نئين وڌايل ڇاپي جو ترجمو ڪيو ويو، ارادو اهو هو ته، هي ڪتاب شهيد بينظير ڀُٽو جي حياتيءَ ۾ ڇپرايو وڃي، پر ڪجهه لاپرواهيءَ سبب اُن ۾ دير ٿي، جو نيٺ دهشتگردن هٿان بينظير ڀُٽو جي شهادت جو واقعو ٿيو.

    محمد حُسين بادشاهه


    نئين ڇاپي جو مهاڳ

    مون هيءَ سياسي زندگي پاڻ نه گهُري هئي، پر اُن مونکي چونڊيو هو.
    ڄمندئي منهنجو جيون، پاڪستان جي ڏُکن ڏوجَهرن، هاڃن ۽ سوڀن جو اولڙو آهي.
    پاڪستان تي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دُنيا جون اکيون کُتل آهن. اسلام جو نالو واپرائيندڙ دهشگردَ، اُن جي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻيل آهن. لوڪشاهي قوتون ويساهه رکن ٿيون ته، آزاديءَ جي اصولن جي واڌاري ۽ اؤسر سان دهشتگرديءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو. فوجي آمريت، دوکي ۽ سازش جي جوکائتي راند کيڏي ٿي. ڪو فوجي آمر پنهنجي اقتدار وڃائڻ جي ڊپ سبب، جنهن کي ڇڏڻ کان هو سدائين، نٽائيندي وقت وڃائي ٿو ۽ جدت توڙي نواڻ آڻيندڙ طاقتن کي ڪناري تي لڳائي ٿو، تنهن مهل دهشتگرديءَ جا اُلا اُٿن ٿا.
    پاڪستان ڪو رواجي ڏيهه نه آهي ۽ منهنجو جيون به ڪو رواجي جيون نه آهي. منهنجي بابا ۽ ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو ويو. منهنجي ماءُ، مُڙس ۽ آئون پاڻ جيل جا باندي رهيا آهيون. مون جلاوطنيءَ ۾ ڪيئي ورهيه گهاريا آهن. پر آئون ڏکيائين ۽ پيڙائن ڀوڳيندي به، پاڻ کي سڀاڳي سمجهان ٿي. آئون پاڻ کي سڀاڳي سمجهان ٿي، ڇو ته آئون مسلمانن جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم ٿي، روايتن جا پنجوڙ ٽوڙي سگهي آهيان. عورت کي وزيراعظم چُونڊڻ وارو اُهو عمل، اسلام ۾ عورت جي ڪردار بابت مسلمان دنيا ۾ ڪاوڙائيندڙ ڇتي بحث جو مُک نُقطو بڻجي ويو هو. اُن مان اهو ئي ثابت ٿيو ته، مسلمان عورت وزيراعظم چونڊجي سگهي ٿي، ڪنهن مُلڪ تي حڪومت ڪري سگهي ٿي، ۽ اُن کي مردن توڙي عورتن طرفان اڳواڻ طور قبولي سگهجي ٿو. آئون پاڪستاني عوام جي ٿورائتي آهيان، جن مونکي اهو اعزاز بخشيو.
    ۽ جيئن ته هينئر جِدت پسندن ۽ انتها پسندن وچ ۾ بحث لڳاتار جاري آهي، پر منهنجي 2 ڊسمبر 1988ع تي وزيراعظم جي عهدي جي قسم کڻڻ کان سڄيءَ مسلمان دُنيا جون عورتون، وڏيون ٻرانگهون ڀري اڳتي وڌيون آهن.
    هن دنيا ۾ رُڳو ڪجهه ماڻهن کي ئي سماج ۾ تبديليءَ آڻڻ ۽ ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ جديد دؤر آڻڻ جو وجهه ملي ٿو، جنهن ۾ رڳو بنيادي سماجي ڍانچو موجود هُجي ٿو، ته جيئن عورتن جي ڪردار بابت روايتي ويچارن ۽ ڪُڌن سوچن کي ٽوڙيو وڃي ۽ نيٺ اُنهن لکين عورتن کي تبديليءَ جي آسُ ڏني وڃي، جن وٽ ان کان اڳ ۾ ڪابه آسُ نه هئي.
    هيءَ پاڻمرادي اُها زندگي نه آهي، جنهن کي آئون پاڻ چونڊيان ها، پر اها موقعن، ذميدارين ۽ مقصدن جي پُورڻتا واري زندگيءَ رهي آهي. ۽ آئون ڀانئيان ٿي ته، مستقبل وٽ اڃا به ڪي اڻ ڳڻيون للڪارون آهن، جيڪي شايد منهنجي مُلڪ ۽ مونکي پاڻ ڀوڳڻيون پون.
    منهنجي زندگيءَ جي اؤسر مهل ويهه ورهيه اڳ – منهنجي بابا جو قتل، منهنجي قيد، سندس سياسي جائنشيني سنڀالڻ سبب- مون وٽ پنهنجي ذاتي خوشين جي ڳولا، محبت، شادي ۽ ٻار ڄڻڻ جي ٿورڙي اُميد هئي. انگلينڊ جي راڻيءَ ايلزبيٿ جيان، جنهن مون جيان قيد ڀوڳيو هو ۽ ڇَڙي رهي هئي، مون سوچيو ته آئون سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به شادي نه ڪنديس. پر منهنجي ذاتي زندگيءَ انهن محدود اُميدن کي للڪاريو ۽ کين نه مڃيو. مون ڏکين حالتن هوندي به شاديءَ ڪئي ۽ منجهانئس خوشي ۽ لُطف مليم. مون کي پنهنجي مُڙس جي همت ۽ وفاداريءَ تي فخر آهي، جيڪو شاديءَ جي اوڻيهن ورهين ۾ هميشه مون سان گڏ بيٺو رهيو. هُو اُنهن ورهين ۾ وزيراعظم هائوس ۾ رهيو، يا وري منهنجي سياسي ساک ۽ داءَ لاءِ سياسي قيديءَ طور يرغمال رهيو، ۽ مون ڏٺو ته جسماني جُدائيءَ ۽ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جي ڪوششن هوندي به اسان جا لاڳاپا وڌيڪ سگهارا ٿيا.
    نه، زندگي اُها نه آهي، جنهن جي آئون اڳڪٿي ڪريان ها، پر آئون نٿي ڀانئيان ته آئون تاريخ ۾ ڪنهن عورت سان ڀيٽ کائينديس.
    آئون اُها عورت آهيان، جنهن کي پنهنجي ثقافتي ۽ مذهبي ورثي تي فخر آهي. آئون سَهپ ۽ سچي وحداني اسلامي مذهب بابت پنهنجي اُن ويساهه واري خاڪي پٽاندر خاص ذاتي ذميدارين کي سمجهان ٿي، ته دهشتگردن اُن مذهب کي اغوا ڪري ورتو آهي. مونکي ڄاڻ آهي ته آئون اُها علامت آهيان، جنهن کان جُڙتو ’جِهادي‘ يعني طالبان ۽ القائدا وارا گهڻو ڊِڄن ٿا. آئون پاڪستان ۾ جِديديت، ڀائيچاري وارن لاڳاپن، تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ آڻڻ لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي اڳواڻ آهيان. مونکي ڀروسو آهي ته جمهوري پاڪستان ئي دنيا جي اُنهن هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي اُميدن جي علامت بڻجي سگهي ٿو، جن کي ماضيءَ ۽ مُستقبل جي طاقتن وچ ۾ چُونڊ ڪرڻي آهي.
    مون جيڪي سياسي جنگيون وڙهيون، سي سدائين ڪنهن مقصد لاءِ هيون. مُقصدَ آزادي ۽ سماجي انصاف تي ٻَڌل هئا. ۽ اُهي قدرَ واقعي ايڏا مُلهائتا آهن، جو سندن لاءِ ويڙهه به وڙهي سگهجي ٿي. پر مونکي ڀروسو آهي ته منهنجي سياسي جاکوڙ وڌيڪ للڪاريندڙ رهي آهي، ڇو ته آئون عورت آهيان. ظاهري طور جديد سماج ۾ عورت لاءِ اهو سڀ ايڏو سولو نه آهي، پوءِ ڀلي اُها ڪٿي به رهندي هجي. اسان کي اُن جي ثابتيءَ لاءِ اڃا واڌُو ميل هلڻو پوندو ته، اسان مردن جي برابر آهيون. اسان کي گهڻن ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻو پوندو ۽ وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون. ۽ اسان کي جذباتي طور پاڻ کي ناانصافيءَ توڙي پنهنجي خاندان جي مرد ڀاتين طرفان ڪيل اڪثر ڇِتن حملن خلاف بچاءُ ڪرڻو پوندو. ڏُک جي ڳالهه اها آهي ته، هينئر به ڪيئي ماڻهو اهو ويساهه رکن ٿا ته، مردن سندن جيون ۾ آيل پنهنجين عورتن جي رکوالي ڪن ٿا ۽ اُنهن مختلف ماڻهن کان بچائين ٿا، جيڪي هوند کين دٻائين.
    بهرحال، اسان کي ٻِٽن معيارن بابت شڪايتن بجاءِ مٿن ضابطي لاءِ تيار رهڻ کپي. اسان کي ايئن ڪنهن عمل يا ڪم لاءِ تيار رهڻ کپي. ڄڻ اُهو ڪنهن مرد لاءِ ايڏو سخت ۽ ٻيڻو ڪم آهي. آئون امڙ جي ٿورائتي آهيان. جنهن مونکي اهو سيکاريو ته ڳرڀوتيءَ ٿيڻ، حياتياتي حالت آهي، جيڪا زندگيءَ جي رواجي وهنوار ۾ رنڊڪ يا رُڪاوٽ نٿي وجهي. هُن جي اُميدن پٽاندر رهڻ جي ڪوشش ڪندي، آئون پنهنجي ڳرڀوتيءَ هئڻ مهل طبعي يا جذباتي حدبندين جي ڪنهن به اشاري کان گهڻو لنوائيندي هئس. پر مونکي شِدت سان شعور هو ته، جنهن ڳالهه کي ڪنهن ڪُٽنب جو ذاتي مامرو ٿيڻ کپي ها، سو فوجي مرڪز کان ايڊيٽوريل بورڊن تائين شديد سياسي بحثن وارو موضوع بڻجي ويو هو. اُها ڳالهه ڄاڻندي، مون پنهنجي ڳِرڀ واري مامري کي ڳڄهو رُکيو. آئون سڀاڳي هئس، جو ڊاڪٽر فريڊي سيٽنا وسيلي سُٺي طبي چڪاس ۽ علاج مليو، جنهن اسپتال ۾ منهنجي اچڻ وارن موقعن کي ڳُجهو رکيو.
    منهنجا ٽي ٻار – بلاول، بختاور ۽ آصفه آهن. هنن مون کي ڏاڍي خوشي ڏني آهي ۽ مون کي مٿن ڏاڍو فخر به آهي. جڏهن 1988ع ۾ مونکي پهريون ٻار بلاول ڄائو هو، تڏهن فوجي آمر پارليامينٽ کي ٽوڙيو ۽ عام چونڊن جو اعلان ڪيو هو. هُن ۽ سندس فوجي جنتا کي ڀروسو هو ته ڪا ڳرڀوتي عورت چونڊ مُهم نٿي هلائي سگهي. اُهي غلط هئا. مون پهرئين ٻار کي جنم ڏنو ۽ چونڊ مُهم به هلائي. مون 21 سيپٽمبر 1988ع تي بلاول جي جنم کان هڪدم پوءِ چونڊون کٽيون. بلاول جو جنم منهنجي جيون جي خوشين سان ڀرپور ڏيهاڙن مان هڪ هو. اُن سال اُهي چونڊون کٽي، مون اُها اڳڪٿي غلط ثابت ڪئي ته، ڪا مسلمان عورت ماڻهن جي دلين کي جيتي ۽ عوام جي ذهن کي کٽي نٿي سگهي.
    منهنجي وزيراعظم ٿيڻ کان ٿورڙو پوءِ، امڙ مونکي چيو، ”تڪڙ ڪر ۽ هڪ ٻيو ٻار به ڄڻ.“ هُن جو ايمان هو ته، ماءُ کي ڪُٽنب جي پالنا جي ذميدارين کي سمجهندي ۽ ٻين ذميدارين جي پُورڻتا کان اڳ ٻار ڄڻڻ ۾ تڪڙ ڪرڻ کپي. مون هُن جي مشوري تي عمل ڪيو.
    جيئن ته منهنجو ٻيو ڳِرڀ به اڃا ڳُجهو هو، تنهنڪري فوجي جنرلن مونکي پاڪستان ۾ اُتاهينءَ چوٽيءَ سياچن گليشر تي وٺي وڃڻ ۽ فوجي ڄاڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان ۽ هندستان سياچن تي 1987ع ۾ اٽڪل وڙهي چُڪا هئا (۽ وري ٻيهر 1999ع ۾ به پاڻُ ۾ ڄڻ جنگ وڙهيا هئا) مونکي ڳڻتي هئي ته اُنهن اوچن جابلو ٽڪرين تي آڪسيجن جي کوٽ سان منهنجي ڳرڀ ۾ پيل ٻار تي اُبتو اثر ٿي سگهي ٿو. منهنجي ڊاڪٽر مون کي پڪ ڏني ته، آئون اُتي وڃي سگهان ٿي. هُن ٻُڌايو ته آڪسيجن جي کوٽ پهرين ماءُ کي متاثر ڪري ٿي، جنهن کي آڪسيجن ماسڪ ڏيئي سگهجي ٿو ۽ ٻار محفوظ رهندو. آئون انهن خاطرين هوندي به ٿورڙي ڳڻتيءَ سان اوڏانهن ويس.
    پنهنجي وزيراعظم کي پاڻ سان گڏ سياچن گليشيئر تي ڏسي، اسان جي فوجين ۾ وڏي همت پيدا ٿي هئي. ۽ اُهو ڏاڍو ٺاهوڪو ماڳ هو. چؤڌاري برف جي اڇن جبلن جي اَڇاڻ هئي، جيڪا سانت سان آڪاش جي نيراڻ ۾ ڳري وهندي پئي وئي. اُنهن برفاني چوٽين تي ڌرتيءَ جي گوڙ جي غير موجودگيءَ سبب آڪاش جي ماٺار نئين معنيٰ ڏني. ڪجهه پرڀرو مون هندستاني فوجي چوڪيون به ڏٺيون. انهن ثابت ڪيو هو ته امن جي موجودگيءَ وارو عمل، دوکو ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو.
    جڏهن سياسي مخالفن کي منهنجي ڳرڀوتي هجڻ جو پتو پيو ته، اُهي پنهنجيون سموريون لُچائيون ڪَتب آڻڻ لڳا. هنن صدر ۽ فوجَ کان مونکي حڪومت تان لاهڻ جو مطالبو ڪيو، هنن دليل ڏنو ته، پاڪستان جا سرڪاري قائدا قانون ڳرڀوتي وزيراعظم کي ماتاپڻيءَ واري موڪل تي وڃڻ جي اجازت نٿا ڏين. هنن چيو ته ٻار ڄڻڻ مهل آئون سرڪاري ڪمن يا سرگرمين کان لاچار ٿي سگهان ٿي، تنهنڪري سرڪاري مشينري اوڏيءَ مهل ٽُٽي ڇڙوڇڙ ٿي ويندي. هنن جي ويچار ۾ اهو عمل غير قانوني هو، تنهنڪري صدر تي دٻاءُ وڌائون ته، هو فوج جي پُٺڀرائيءَ سان وزيراعظم کي عهدي تان لاهي ۽ نين چونڊن لاءِ عارضي سرڪار جوڙي.
    مون مخالف ڌُر جي مطالبن کي اهو ڄاڻائيندي رد ڪيو، ته ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ ماتاپڻي وارا قائدا ضابطا، قانون ۾ موجود آهن. (بابا ماتاپڻيءَ واري موڪل کي قانوني بڻايو هو) مون دليل ڏنو ته، اُهو ضابطو مڪمل طور وزيراعظم تي به لاڳو ٿئي ٿو، ڀوءِ ڀلي اهو سرڪاري ڪاروهنوار تي عمل لاءِ ضابطن ۾ نه به ڄاڻايل هجي. منهنجي سرڪار جا رُڪن اُهو چوندي مون سان گڏ ٿي بيٺا، ته جڏهن مرد ڪو اڳواڻ ڪنهن سرڪاري سرگرميءَ کان عارضي لاچار هُجي، ته اُن عمل مان آئيني گهوٽالي جو مطلب نه ورتو وڃي. ۽ نه ئي اهو عورت اڳواڻ جي لاچاريءَ تي لاڳو ٿيڻ کپي.
    مخالفن مشڪل سان راضي ۽ ماٺ ٿيندي، سرڪار ڊاهڻ لاءِ صدر تي دٻاءُ وجهڻ خاطر هڙتالن جي رٿا جوڙي. مونکي به پنهنجا منصوبا جوڙڻا پيا. بابا مونکي سيکاريو هو ته، سياست ۾ وقتائتي چال ۽ منصوبا گهڻو اهم ٿين ٿا. مون پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو، جنهن مونکي خاطري ڏني ته منهنجو ٻار پوري وقت تي ڄمندو. تنهنڪري هُن جي اجازت سان مون هڙتال واري ڏينهن آپريشن وسيلي ٻار ڄڻڻ جو فيصلو ڪيو.
    مون ڪنهن به اهڙن روايتي ويچارن جي پُٺڀرائي نه پئي گهُري، ته ڳرڀوتيءَ وارو عمل، ڪنهن ڪارڪردگيءَ ۾ رنڊڪ وجهي ٿو. تنهنڪري ان حالت ۾ به مون بلڪل ايڏو سخت ڪم ڪيو، ۽ شايد ايترو گهڻو جيترو شايد ڪو مرد وزيراعظم ڪري سگهي ها. ڳرڀ جا ڏينهن پُورا ٿيڻ مهل، مون راڄڌانيءَ ۾ ڪابينا گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي ۽ پوءِ ڪراچي رواني ٿيس. آئون صبح ساجهر اُٿيس، ۽ پنهنجي ساهيڙيءَ سان ڪار ۾ گڏ اسپتال رواني ٿيس.
    اُها ننڍڙي ڪار هئي، جيڪا سرڪاري ذميدارين لاءِ واپرائجندڙ ڪاريءَ مرسيڊيز کان ٿوري مختلف هئي. حفاظت لاءِ مقرر پوليس وارن ورلي ڪا اُن ڪار ڏانهن ٻي جهاتي پاتي هئي. انهن گهر مان ويندڙ گاڏين بجاءِ ايندڙ گاڏين تي ڌيان پئي ڏنو.
    اسان جيئن اسپتال پهتاسين ته منهنجي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، جتي ڊاڪٽر سيٽنا اسان جي اوسيئڙي ۾ هو. آئون جيئن ڪار مان لٿيس، ته مون اسپتال عملي جي مُکڙن تي اچرج جا پارَ ڏٺا. مونکي پتو هو ته، موبائيل فونن ۽ پيجر وسيلي (ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ پاڪستان پهريون مُلڪ هو، جتي اسان جي سرڪار موبائيل فون پهرين آندا هئا) اسان جي چُرپر واريءَ خبر تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳندي. آئون تڪڙو آپريشن ٿيئٽر ڏانهن وڃڻ لڳيس. مونکي پتو هو ته، امان ۽ منهنجو مُڙس به اسپتال ۾ پهچڻ وارا هوندا. جيئن اسان اڳ ۾ پاڻ ۾ رٿيو هو، منهنجي اسپتال جي ريڙهيءَ کي جيئن ٿيئٽر مان نجي ڪمري ڏانهن آندو پئي ويو ته، مونکي نشيدار دوا جي گهيرٽ مان ٿورڙي سُجاڳي ٿي، ته مون پنهنجي مڙس کي اهو چوندي ٻُڌو، ”ڇوڪري ڄائي آهي.“ مون امڙ جو مُکڙو خوشيءَ وچان ٻهڪندي ڏٺو. مون پنهنجي ڌيءَ کي ’بختاور‘ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي: جيڪا سُٺو ڀاڳ آڻي. ۽ هُن اِهو ڀاڳ آندو به. هڙتال ڦُسي پئي، ۽ مخالف هلچل ناڪام ٿي.
    مونکي سڄيءَ دنيا مان واڌائين جا هزارين نياپا آيا. حڪومتي اڳواڻن ۽ عام ماڻهن خوشيءَ ۾ شامل ٿيندي، مونکي واڌائين جا خط لکيا. ڪنهن عورت طرفان گهڻي للڪاريندڙ اڳواڻپ واريءَ ۽ اُتاهين حيثيت تي ڪم ۽ ٻار به ڄڻي سگهڻ واريءَ ڳالهه جي ثابتيءَ وارو عمل خاص طور نؤجوان عورتن لاءِ فيصلائتي گهَڙي هئي. ٻئي ڏينهن آئون سرڪاري دستاويز پڙهندي ۽ سرڪاري فائيلن تي صحيحون ڪندي، پنهنجي ڪم تي موٽي آيس. مونکي پوءِ اهو پتو پيو ته آئون تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت جي پهرين اڳواڻ عورت هئس، جنهن پنهنجي عهدي تي هوندي ڪنهن ٻار کي جنم ڏنو هو. مستقبل ۾ وزيراعظم بنجندڙ عورتن کي اڃا پنهنجي ڪارڪردگين پٽاندر انتهائي چوٽين تي پهچڻو پوندو.
    بختاور جنوري 1990ع ۾ ڄائي هئي. ستن مهينن کانپوءِ 6 آگسٽ تي، صدر غير جمهوري طريقي سان منهنجي سرڪار کي تڏهن ڊاهي ڇڏيو، جنهن مهل دنيا جو ڌيان عراق طرفان ڪويت جي والار ڏانهن ٿي ويو هو. منهنجي مُڙس کي گرفتار ڪيو ويو ۽ منهنجي ماءُ کي صلاح ڏني ويئي هئي، ته آئون پنهنجا ٻارڙا پرڏيهه موڪليان. بلاول کان ڌار ٿيڻ واريءَ گهڙي دِل کي جهِٻي آئي هئي، جيڪو تڏهن سيپٽمبر 1990ع ۾ ٻن ورهين جو ٿي چُڪو هو، پر بختاور اڃا هڪ ورهيه جي مَس هئي. لنڊن ۾ رهندڙ منهنجي ڀيڻ اُنهن ٻارڙن کي پنهنجي گهر ۾ رهائڻ لڳي. منهنجن ساهرن تي لنڊن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو دٻاءُ وڌو ويو. هيڏانهن اُن گهر ۾ آئون ڀوائتن سَپنن ۽ هيڪلائين ۾ رهڻ لڳيس، جتي آئون پنهنجي لاءِ پنهنجي ٻارڙن جون ڪُوڪون ۽ رڙيون ٻُڌندي هئس. منهنجي ڀيڻ اسان جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه مهل مونکي ڪا ڳڻتي نه ڪرڻ لاءِ چوندي هئي. پر اُها ويڳاڻپ الوپ نه ٿي.
    منهنجي سرڪار ڊاهڻ سان، بندرگاهي شهر ڪراچي ڇُڙواڳي ۽ انارڪيءَ جي وَر چڙهي ويو. دهشتگرديءَ جو رواج بڻجي ويو. بيگناهه ماڻهن کي گاڏيون هلائيندي يا سندن گهرن ٻاهران يا آفيسن ۾ عام قتل ڪيو پئي ويو. مونکي پتو هو ته منهنجي ٻارن لاءِ لنڊن ۾ هئڻ ٺيڪ هو، پر مونکي راتين پُٺيان راتيون ورلي ڪو ننڊ پئي آئي، ۽ رُڳو ڀوائتا ۽ ڊيڄاريندڙ سَپنا پئي آيا.
    امڙ ۽ آئون هاڻي گهڻو وقت راڄڌانيءَ شهر اسلام آباد ۾ رهڻ لڳاسين. 1990ع جي چونڊن ۾ کٽيل منهنجي مُڙس کي پارليامينٽري ويهڪن مهل به اسان جي گهر ۾ نظربند رکيو ويو هو. مون امڙ ۽ مُڙس کي ڀروسي ۾ ورتو ته، ٻارڙن جو مونکان پري رهڻ سبب مونکي ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳڻي پئي پوي. مون ڀانئيو ته آئون کين تياڳي رهي آهيان، ۽ ڳڻتيءَ ۾ هئس ته اهو عمل سندن جذباتي صحت توڙي واڌ کي هاڃو رسائي سگهي ٿو.
    بلاول 1991ع ۾ لنڊن جي ڪوئينز گيٽ علائقي ۾ ٻارڙن جي ابتدائي اسڪول ۾ وڃڻ لڳو هو. بختاور اڃا هڪ ورهيه جي مس هئي: مون پاڻ کي آٿت ڏنو ته آئون کيس پاڪستان ۾ پنهنجي گهر ۾ ٺيڪ طريقي سان لڪائي رکي سگهان ٿي. آئون لنڊن پهتيس ۽ پنهنجي ڀيڻ جي فليٽ تائين پهچڻ ۾ ڪا دير نه ڪيم. جيئن دروازو کُڙڪايم ته، مون پنهنجي ڌيءُ جي رڙڻ جو اُهو ساڳيو آواز ٻُڌو، جيڪو مون پنهنجي سَپنن ۾ ٻُڌو هو. مون هڪدم هُن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو ۽ پنهنجي پُٽ کي پاڻُ ڏانهن ڇِڪي ڇاتيءَ سان لاتم. مون ڀيڻ کي ٻُڌايو، ”مون بختاور کي پاڻُ سان گڏ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ هُن سُک جو ساهه کنيو، ۽ چيائين. ”آئون توکي ڳڻتيءَ ۾ وجهڻ نٿي چاهيان، ته هن مهينن کان روئڻ بند نه ڪيو آهي.“
    لفظن ڳالهائڻ کانسواءِ، اهو سمجهه ۾ پئي آيو ته، ٻنهي ٻارڙن کي پتو هو ته، ڇا ٿيڻ وارو آهي. آئون پنهنجي حياتيءَ ۾ اُهو لقاءُ هرگز وساري نه سگهنديس، جنهن مهل بلاول ڀِت ڏي پٺيءَ ڏيئي اڱڻ جي فرش تي، پنهنجي اڇيءَ قميص، نيريءَ پٽيدار سُٿڻ، اڇن جورابن ۽ ڪارن جوتن ۾ ويٺو هو. مون جيئن بختاور کي پاڻ سان گڏ کنيو ۽ بلاول کي پوئتي ڇڏيو ته، هُو ماٺ ڪيو مون ڏانهن چِتائي نهارڻ لڳو هو. ڪنهن به ماءُ کي پنهجي ٻن ورهين جي پُٽ کي ڪڏهن به پوئتي نه ڇڏڻ کپي. ڪڏهن به ڪنهن ٻار کي اهو سمجهڻ جي اجازت نه ڏيڻ کپي، ته هُن جي ماءُ هڪڙو ٻار ته پاڻُ سان گڏ کڻي وئي آهي، پر ٻئي کي وري پوئتي ڇڏي وئي آهي.
    بختاور کي پنهنجي ٻانهن ۾ سوگهو جهلي، آئون هيٿرو ايئرپورٽ ڏانهن رواني ٿيس. هوءَ سانت سان منهنجي هنج ۾ ويٺل هئي. آئون پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ۾ چڙهيس ۽ وڃي پنهنجيءُ سِيٽ تي ويٺيس. نَون ڪلاڪن جي اُڏام ۾، بختاور هڪ ڀيرو به رڙ نه ڪئي. هُن پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪُلهن تي لاڙيو ۽ سُمهي رهي. پاڪستان جي شاندار ۽ ڀلوڙ ڳائڻي مادام نورجهان به اُن اُڏام ۾ چڙهيل هئي. هُن منهنجي اڳيان ويٺي، اُن وڻندڙ ڇوڪريءَ کي شاباس ڏني، جنهن پنهنجي ماءُ کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه پئي ڏني. هُن چيو ، ”مون پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ڪنهن اُڏام دوران ڪنهن به ٻارڙيءَ کي ايڏيءَ سانت سان ويٺل نه ڏٺو آهي.“
    منهنجي سُهري ۽ سَسُ لنڊن ۾ ترسڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن اُهي منهنجي ڀيڻ سان بلاول جي سنڀال ۾ هٿُ ونڊائي سگهن. مونکي آٿت هئي ته، بلاول سان گڏ سندس ڪُٽنب هو، جيڪو پنهنجو ڌيان هائيڊ پارڪ ۾ پَنڌ ڪندي، بدڪن ۽ نوريئڙن کي چوڳو کارائڻ سان مٽائي چُڪو هو.
    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي 1990ع ۾ حڪومت ڊهڻ، اليڪشن مهم، پنهنجن ٻارڙن کان جدائي، پارٽيءَ ۽ ڪُٽنب خلاف سازشن سبب منهنجو گهڻو وزن گهٽجي ويو. 1992ع جي بُهار رُت ۾ مون ڀانئيو ته مونکي ٻيو ٻار ٿيڻو آهي. اسان چئن مان هڪڙو وڌيڪ هئڻ واريءَ ڳالهه ڄاڻندي مونکي ڏاڍي سُرهائي ٿي ته، اسان جو ڪُٽنب وڌندو ويجهندو. پر اُهو غير يقينيءَ وارو وقت هو. ڪراچيءَ ۾ فوجي آپريشن جو حُڪم ڏنو ويو هو. نسلي جماعت مهاجر قومي موومينٽ رت جي هولي کيڏندي، ماڻهن کي رَت ۾ وهنجارڻ لڳي هئي. نواز سرڪار اُن عمل کي مُلڪ ٽوڙڻ ۽ جناح پُور جي نالي سان الڳ رياست جوڙڻ جي سازش ڪوٺيو. فوجَ جيئن آپريشن شروع ڪيو ته، رٿيل جناح پُور رياست جا نقشا ملڻ لڳا. پر گهرو ويڙهه ۽ رتوڇاڻ کان بيزار اڪثر شهرين سُک جو ساهه کنيو ته، هاڻي ايم ڪيو ايم جي رياست منجهه رياست واري عمل کي روڪيو پيو وڃي.
    فوجي ٽئنڪون جيئن چُرپر ۾ آيون ۽ ايم ڪيو ايم طرفان ماڻهن کي سوگهو ۽ قابو رکڻ لاءِ گهٽين جي مُنهن وٽ جوڙيل مضبوط دروازن کي ٽوڙڻ لڳيون ته، پاڪستان گهري گهوٽالي ۾ هليو ويو. وزيراعظم سعودي حُڪمرانيءَ واري سرشتي ۾ موهت هو. هُن پاڪستان کي مذهبي رياست ۾ بدلائڻ ۽ ملڪ ۾ مُلاپڻي جي مضبوطيءَ واري مقصد خاطر پارليامينٽ وسيلي هڪ بِل آڻڻ چاهيو ٿي. منهنجيءَ جماعت سينيٽ ۾ اُن بل تي تنقيد ڪئي. پر وقت پنهنجي گهوٽالي واري گهڙيءَ تي پهچي چڪو هو. وزيراعظم کي جيڪر 1994ع وقت سينيٽ ۾ اڪثريت هجي ها، ته هو پاڪستان کي مسلمان مذهبي رياست بڻائي ڇڏي ها.
    پاڪستان کي مذهبي رياست ۾ بدلائڻ واريءَ ڪوشش جي اڪثر پاڪستانين مخالفت ڪئي . اُهي پاڪستان جي باني محمد علي جناح طرفان سيڪيولر رياست بابت ڄاڻايل تصورَ جا قائل هئا. بهرحال، فوجي جنتا ۾ اُڻ مضبوط فوجي عنصرَ وزيراعظم جي پُٺڀرائي ڪئي، جنهن سندن پُٺڀرائيءَ سان پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻي ورتي هئي.
    مالياتي بدعنوانين عام شهرين جي زندگين تي موتمار اثر ڇڏيو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت طرفان بجليءَ جي بنديءَ وارو ختم ڪيل عمل وري نروار ٿيو. رشوت ۽ بدعنوانين جا مامرا اخبارن ۾ وڏين سُرخين ۾ ڇپجڻ لڳا. سرحدن کان ٻاهر هندستان ۾، ممبئي ۾ ٿيل بم ڌماڪن ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن ۾ ڏڦيڙ وڌو. نئين دهليءَ سرڪار انهن بم ڌماڪن جي تُهمت اسلام آباد تي مَڙهي. 1993ع ۾ نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي پهريون حملو ٿيو. پاڪستان دهشتگرد رياست ڪوٺجڻ جي ڪنڌيءَ تي پهچي چُڪو هو.
    مُخالف جماعتن پاڻُ ۾ گڏجي هڪڙو مُک اتحاد جوڙيو، جنهن کي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس (پاڪستان جمهوري اتحاد) جو نالو ڏنو ويو، ۽ 18 نومبر 1992ع تي راولپنڊيءَ ۾ احتجاجي گڏجاڻيءَ ڪوٺائي ويئي.
    آئون تنهن وقت سنهڙي هيس، تنهنڪري ڪنهن کي به اهڙو شڪ نه ٿيو ته، مونکي ڪو ٻار ڄمڻو آهي. وزن گهٽجڻ يا شايد ٻار سبب، مون پاڻُ کي صحتمند ۽ متحرڪ ڀانئيو. اسان جي احتجاج واري سڏ سان مون ۾ وڌيڪ ڦُڙتي آئي. سڄي ملڪ مان عوام ڀرپور موٽ ڏني. پاڪستان جي چئني صوبن مان پنهنجي عوامي طاقت جي نماءَ خاطر قافلا راولپنڊيءَ ۾ گڏجڻ لاءِ روانا ٿيڻ لڳا. اُن عمل جو مقصد جمهوريت جي بحالي، مذهبي رياست جي روڪٿام ۽ عوام جي عام ڪاروهنوار ۽ زندگيءَ جي گهُرجن کي منهن ڏيڻ هو.
    احتجاجي گڏجاڻيءَ واري ڏينهن اسان ٻُڌو ته حڪومت اسان جي گڏجاڻيءَ جي روڪ لاءِ ظالماڻي طاقت واپرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ”اُن جو مطلب آهي ته حڪومت شايد ڳوڙها گئس واپرائيندي.“ مون پنهنجي سياسي سيڪريٽري ناهيد خان کي چيو. آئون پنهنجي ڳرڀ ۾ پيل ٻار لاءِ ڳڻتيءَ ۾ هئس. ناهيد خان اسان لاءِ اکين ۾ وجهڻ وارا ڦُڙا وٺڻ واسطي رواني ٿي. ڪجهه ماڻهن فوجَ جيان مُنهن تي پائڻ لاءِ واپرائجندڙ کوپا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر اُهي ٻئي صبح جو اُن واعدي تي پُورا نه لٿا. تنهنڪري اسان پاڻُ سان گڏ پُسيل ٽُوال کنيا. عوامي ميڙ منهنجي گهر ٻاهران سڄي رات بيٺل رهيو. ٻئي ڏينهن صبح جو اسان اُٿڻ مهل گهر ٻاهران لوهي تارُون لڳل ڏٺيون. آئون جيئن جماعت جي اڳواڻن سان گڏ اڳئين دروازي ما ٻاهر نڪتيس ته، اسان تي لَٺيون وسايون ويون. مونکي بچائيندڙ ۽ لوهي تارن تي چڙهي اُڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پارٽيءَ جي اڳواڻن کي به لٺيون هنيون ويون.
    اسان مان ننڍڙو ميڙ لوهي تارون اُڪرڻ ۽ هڪڙي گاڏيءَ جهلڻ ۾ سوڀارو ٿيو، تنهنڪري اسان راولپنڊيءَ کان اسلام آباد ڏانهن روانا ٿياسين. مختلف جڳهين تي اسان کي ڳوليندڙ پوليس گاڏين سان مُکاميلو ٿيو، ۽ اسان گاڏيون آهستي هلائي پنهنجا مٿا هيٺ ڪري ٿي ڇڏيا. ته جيئن سُڃاڻپ ۾ نه اچي سگهون. اسان کي هڪڙي گاڏي ڇڏڻي پئي، جيڪا لوهي تارُن ۾ ڦاسي پيئي هئي. اُتي بند ٿيل رستن تي به ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان منجهانئن هڪڙيءَ گاڏيءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڪاهيو، جيڪا ڪنهن همدرد جي گاڏي هئي. هُن اسان کي جيپ ڏني. نيٺ آئون، پاڪستان مسلم ليگ (قاسم گروپ) جو اڳواڻ ملڪ قاسم، ايئر مارشل اصغر خان، هاڻوڪو پرڏيهي وزير خورشيد قصوري، منهنجي سياسي سيڪريٽري ناهيد خان، سندس مُڙس سينيٽر صفدر عباسي ۽ منهنجو سيڪيورٽي آفيسر مُنور سهروردي (جنهن کي 2004ع ۾ قتل ڪيو ويو) هڪڙي جيپ ۾ چڙهياسين.
    لوهي تارن جي روڪَ رُڳو اسلام آباد جي چؤڌاري هئي. هڪ ڀيري جڏهن اسان راولپنڊي ۽ سندس سوڙهين گهٽين ۾ داخل ٿياسين ته، ماڻهو خوشيءَ وچان هوڪرا ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ لڳا. اُهي نعرا هڻندي اسان جي گاڏين چؤڌاري گڏجڻ لڳا. اسان لياقت باغ پارڪ راولپنڊي ڏانهن روانا ٿياسين، جتي اسان جي گڏجاڻي رٿيل هئي.
    پوءِ پوليس مونکي ٻُڌايو ته جڏهن راولپنڊيءَ ۾ منهنجي موجودگيءَ جي رپورٽ انهن ڏانهن موڪلي وئي، ته اُهي ڏاڍو کِليا هئا، پر ڪجهه منٽن ۾ کين ڪيئي فونَ آيا. ته هنن، پاڻُ اُن کي مُنهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هنن کي رپورٽ صحيح لڳي. هاڻي راولپنڊيءَ جي گهٽين ۾ چريائپ واريءَ ڇِتي ڳولا شروع ٿي ويئي. اسان جي اڪيلي جيپ تي چؤڏس ڳوڙها گئس جا گولا وسايا ويا. پري کان پوليس سائرن جا آواز ٻُڌڻ ۾ پئي آيا. هاڻي لِڪ ڇِپ واري راند شروع ٿي چُڪي هئي. ڪارن جي ڀڄ ڀڄان جيمس بانڊ فلمن يا شايد بالي ووڊ فلمن جيان ٿيڻ لڳي هئي.
    عوامي ميڙ پوليس گاڏين ۽ اسان جي جيپ وچ ۾ ايندو رهيو. پوليس ڳوڙها گئس جا گولا اُڇلائڻ لڳي، ۽ پنهنجي ننجا جهڙي پوشاڪ پائي ٻاهر اچڻ لڳي ۽ عوام کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن لٺيون وسائڻ لڳي. جيئن ڳوڙها گئس جو گولو ڦاٽو ٿي، ۽ منجهانئس دونهون نڪتو ٿي ته، اسان پنهنجو طرف مٽايو ٿي يا وري فُٽ پاٿ تي چڙهي ٿي وياسين ۽ وري ٻيءَ گهٽيءَ ۾ روانا ٿي ٿياسين. عوامي ميڙ اسان کي شاباس ڏيڻ لڳو، ۽ سندن نعرا هوا ۾ ٻُريا پئي. وڌ ۾ وڌ پوليس تعداد کي گهُرايو ويو ۽ پوليس ڪارن ۽ جيپن سان گهٽيون بند ڪيون ويون. هاڻي پوليس سڌو سنئون ڪار جي مُک شيشن ۽ اسان تي ڳوڙها گئس جا گولا هڻڻ لڳي. گاڏيءَ جا مُک شيشا ٽُٽي پيا. نيٺ اسان جو ڊرائيور ساڻُو ٿي پيو هُن گاڏيءَ کي بيهاريو ۽ ڪار مان ٽِپ ڏيئي نڪتو ۽ دونهي ۾ الوپ ٿي ويو. پوليس اسان کي گهيري ۾ آڻي، سڀنيءَ کي گرفتار ڪيو. پوءِ اسان کي ڇڏيو ويو، پر اُن ڏينهن جي واقعن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.
    اُن ڳوڙها گئس واقعي کان پوءِ، جيتوڻيڪ اهي ٻيئي واقعا پاڻ ۾ ڌار هجن، پر مونکي پتي جي تڪليف ٿي پيئي. آئون هوميوپيٿڪ دوائون کائڻ لڳيس، پر سُور ختم نه ٿيو. اهو اڪثر ڏاڍو ايذائيندڙ هوندو هو. جيڪڏهن آئون اُها ڪڍائڻ لاءِ آپريسن ڪرايان ها، ته مونکي پنهنجي ٻار ضايع ٿيڻ جو جوکو هو. مون اُهو جوکو کڻڻ نٿي چاهيو. سُور جيئن ويتر وڌندو ويو، ته آئون لنڊن هلي ويس. ڊاڪٽرن مونکي مشورو ڏنو ته مونکي تُرت ننڍڙي سُوراخ واري آپريشن وسيلي پِتو ڪڍرائڻ گهُرجي. 3 فيبروري 1993ع تي پورٽليند اسپتال ۾ منهنجي ننڍڙي ڌيءُ آصفه ڄائي. مون پنهنجي پياريءَ ڌيءُ کي ڀاڪر پاتو.
    مونکي جيتوڻيڪ اُن وقت اها سُڌ نه هئي، ته آصفه جي جنم سان منهنجو ڪُٽنب مڪمل ٿي چُڪو آهي. تُرت 24 آڪٽوبر 1993ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ چونڊن ۾ ٻيهر کٽي آئي. پاڪستاني سياست جي ورجائجندڙ چڪر ۾، ٻيءَ حڪومت کي غير جمهوريءَ طور 1996ع ۾ ڊاهيو ويو ۽ منهنجي مُڙس آصف کي گرفتار ڪيو ويو. پر افسوس ته جڏهن آصف کي 2004ع ۾ آزاد ڪيو ويو، تڏهن منهنجي عمر وڌيڪ ٻار ڄڻڻ کان وڌي چُڪي هئي.
    جڏهن اسان آصفه جو جنم ڏينهن ملهايو، ته مونکي ٿورڙي ڄاڻُ هئي، ته منهنجي ماءُ پنهنجي اُن ذهني سُستيءَ ۽ ناقابل تصور زوال واريءَ بيماريءَ ڏانهن قدم رکي چُڪي هئي، جيڪا طبي طور الزهيمر جهڙي بيماري آهي. هُن جي ذهني زوال ۽ موڳائپ واري بيماريءَ سان ويڙهه جو گَسُ حقيقت ۾ اُن ظالماڻي مارڪُٽ ۽ پهتل گهاوَن ڏانهن وڃي ٿو، جيڪي 16 ڊسمبر 1977ع تي جنرل ضياءَ جي ٺڳن لاهور ۾ کيس رسايا هئا، جڏهن اسان ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ ويا هئاسين. هنن اسان تي لٺيون وسايون هيون ۽ منهنجي ماءُ کي وحشياڻي طريقي سان مارڪُٽ ڪئي وئي هئي، جنهنڪري هُن کي مٿي ۾ گهرو ڌَڪُ لڳو هو. اُن واقعي کان پوءِ، هُوءَ ڪڏهن به ساڳي نه رهي. پر سندس ذهني هاڃو ۽ اَگهائي لڳاتار وڌندي رهي.
    مون پنهنجي سُندر، خوش پوشاڪ ۽ موهيندڙ ماءُ کي ڏٺو آهي، جيڪا آهستي آهستي ڪمزور ۽ هِيڻي ٿي ويئي هئي. فوجي آمريت سان وڙهندڙ ۽ عورتن جي حقن جو بنياد بنجندڙ اُها مضبوط عورت هاڻي مشڪل سان ڪنهن کي سُڃاڻي ۽ ساڻس ڪجهه ڳالهائي ٿي. هوءَ مونکي اهو به نٿي ٻُڌائي سگهي ته، هوءَ بُکايل آهي يا وري کيس ڏندن ۾ ڪا تڪليف به آهي. اهو منهنجي لاءِ هنيانءُ ڏاريندڙ عمل آهي، ته ڪيئن نه منهنجي اَورچ امڙ لاچار بڻجي وئي آهي. پر آئون سڀاڳي آهيان، جوهن جي جِند اڃا به مون سان جڙيل آهي. هُن جي رڳو موجودگي به مونکي سگهه بخشي ٿي. هُن جو مون سان جيئرو جاڳندو ناتو آهي، جيڪو ڄمندڙ ڪُٽنب، اسان جي مُقدمن ۽ پريم جي ناتن سان جُڙيل آهي، اهو اهڙو ناتو آهي، جنهن کي اسان پاڻُ ۾ گڏجي گهرائپ سان اُڻيو هو، جنهن پٽاندر اسان گڏجي دليريءَ سان ڏکيائين ۽ خوشين کي مُنهن ڏنو هو.
    آصف جي ڊگهي وقت تائين نظربنديءَ اسان جي ڪُٽنب لاءِ ڏُکاري هئي.منهنجن ٻارن لاءِ ننڍپڻ ۾ پنهنجي شخصيت کي ٺاهڻ ۾ سندس والدين جي موجودگيءَ کان انڪار سَهپ کان ٻاهر هو. پهتل نقصان کي موٽائي نٿو سگهجي، پر مونکي يقين آهي ته، اهو هڪڙو ٻيو انوکو مثال آهي، جيڪو اڃا به سماج ۾ ڦهليل ۽ ڇانيل آهي. ڇا ڪنهن زال کي ، سندس مُڙس جي سياسي سرگرميءَ خاطر، ڪنهن شاهديءَ يا سزا کانسواءِ اٺن ورهين تائين جيل ۾ رکيو وڃي ٿو؟ بيشڪ، نه پر اهو سڀڪجهه ٿيو آهي، جيڪو اسان کي ڀوڳڻو پيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان هڪدم پوءِ، آصف کي ’اٽڪل موتمار‘ دل جو دؤرو پيو، ۽ هُو ڄڻ موت جي منهن ۾ هو.
    آئون پرڏيهه مان پنهنجي ڏيهه جي حالتن تي نهاريندي سمجهان ٿي ته، پاڪستان اڳ کان هاڻي وڌيڪ داءُ تي لڳل آهي. مونکي پڪ آهي ته، جيڪڏهن اولهندي سرمايدار دُنيا پاڪستان ۾ آزاديءَ کي دٻائيندڙ فوجي حڪمرانن جي پُٺڀرائي ڪندي رهي، ته طالبان ۽ القائدا کان پوءِ دهشتگردن جو هڪڙو پُورو جائنشين نسلَ اُڀري نروار ٿيندو، جيڪي اسلام جو نالو واپرائي، سرمايدار دُنيا سان رتوڇاڻ وارو جهيڙو جوٽيندا رهندا. اهو رڳو پاڪستانين جو ڪم يا مقصد نه آهي ته، اُهي پاڪستان ۾ آزاديءَ ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پرواهه ڪن، پر اهو مقصد سڄي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن جو هئڻ گهُرجي، جيڪي ’تهذيبن جي ٽڪراءُ‘ کان بچڻ چاهين ٿا.
    مونکي لنڊن ۾ اهو لکڻ مهل ضرور مڃڻ کپي، ته منهنجي زندگي وڻندڙ هئڻ سميت ڏاڍي ڏُکي به آهي. آئون هڪ سُوٽ ڪيس کان ٻيو سُوٽ ڪيس کڻي، سڄي دنيا جو سفر ڪندي، يونيورسٽين، واپاري جماعتن، عورتن جي تنظيمن ۽ پرڏيهي پاليسي ٺاهيندڙ دانشورن اڳيان اسلام، جمهوريت ۽ عورتن جي حقن لاءِ ليڪچر ڏيندي رهان ٿي. آئون لڳاتار انگلينڊ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن سان به ڪچهريون ڪيان ٿي. آئون هينئر به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن آهيان. آئون منهنجي مُڙس سان ملان ٿي، جيڪو نيويارڪ ۾ طبي علاج ڪرائي پيو. آئون پنهنجن ٻارن کي دُبئيءَ ۾ امتحان جي تياري ڪرايان ٿي. ۽ آئون پاڪستان ۾ سيڪيولر سياسي جماعتن جي گڏيل جمهوري مخالف ڌر جي 2007ع ۾ پاڪستان جي آئين ۾ اختياريءَ طور ڄاڻايل آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ وڙهندي اڳواڻي ڪريان ٿي. اهو شايد ڪنهن ڀريل ٿالهيءَ کان گهڻو ڀانئجي، پر اهو منهنجي زندگيءَ جو ڪاروهنوار آهي، ۽ آئون اُن کي مڃان به ٿي. ڪتاب جي پُڄاڻيءَ ۾ ڄاڻايل بيان ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته آئون ڪيئن اُن نتيجي تي پهتيس، جو مون پنهنجي پڇاڙڪي بابُ جو نالو ”وزيراعظم ۽ پُڄاڻي“ رکيو، جنهن ۾ منهنجيءَ پهرين ڀيري ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ کان پوءِ وارا سمورا واقعا سموهيل آهن.
    منهنجي عزت ڪئي وڃي ٿي، ۽ مون تي الله جا ٿورا به آهن ته عوام جون دُعائون به مون سان گڏ آهن، ۽ آئون سڀاڳي آهيان. الله جي مرضيءَ سان، آئون پنهنجي وطن ۾ موٽي اينديس، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر آمرن جي ڦٻايل اختيارن، جنرلن ۽ انتها پسندن خلاف چونڊ ميدان ۾ جمهوري طاقتن جي اڳواڻي ڪنديس. اهو منهنجو مُقدر آهي ۽ جيئن آمريڪي صدر جان ايف ڪئنيڊيءَ هڪ ڀيري چيو هو، ”آئون ڪنهن ذميداريءَ کان نٿو نٽايان، پر کيس کِلي کيکاريان ٿو.“


    بينظير ڀُٽو
    لنڊن
    اپريل، 2007ع


      4 اپريل 1979ع : منهنجي والد جو قتل

    هنن 4 اپريل 1979ع شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ، بابا کي راولپنڊي سينٽرل جيل ۾ قتل ڪري ڇڏيو. اتان ٻه ٽي ميل پري سهالا جي ويران پوليس ٽريننگ ڪئمپ ۾، آئون پنهنجي ماءُ سان گڏ قيد هيس، جتي مون بابا جي لاڏاڻي جي ان گهڙيءَ کي گهڻو ڀوڳيو. امان جيتوڻيڪ اُن ساهه نپوڙيندڙ رات گهارڻ جي ڪوشش لاءِ، مونکي نِنڊ جون گوريون کارايون هيون، پر اوچتو ٻه وڳي رات جو آئون نِنڊ مان ڇِرڪ ڀري پنهنجي هنڌ تي اٿي ويٺيس. ”نه“! منهنجي نڙيءَ مان رَڙ نڪتي. ”نه“! آئون ساهه به کڻي نه پئي گهيس، ۽ نه ئي مون ساهه کڻڻ گهريو ٿي. بابا! بابا! آئون سڄي ٿڌي ٿي ويس. اونهاري جي مُند هوندي به ايتري ساڻِي ۽ ٿڌي ٿي وئي هئس، جو ڏڪڻي بند ئي نه پئي ٿي. امان ۽ مون وٽ ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي، جنهن جي ٻولڻ سان اسين هڪٻئي کي ڪو ڏَڍُ ڏئي سگهون ها. انهن ويران پوليس ڪوارٽرن ۾ اسان هڪٻئي ڀرسان ويهي اهي ڪلاڪ گهاريا. فجر جو اسين بابا جي ميت سان گڏ پنهنجي اباڻي قبرستان ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين.
    ”آئون عدت ۾ آهيان ۽ ڪنهن به ڌارئي ماڻهوءَ سان ڳالهائي نٿي سگهان. تون هُن سان ڳالهاءِ“ امان، جيلر جي اچڻ تي مونکي چيو. هُن جي بيواهه هئڻ سبب، ڌارين کان پاڻ بچائڻ واريءَ چئن مهينن ۽ ڏهن ڏينهن جي مُدت شروع ٿي وئي هئي. آئون اُن ڪمري ڏانهن وڌيس، جنهن جي سيمنٽ واري فرش ۾ ڏار پيل هئا ۽ جيڪو اسان جي ويهڻ جو ڪمرو به هو. اُن مان ساڙي جي ڌَپُ پئي آئي.
    ”اسين وزيراعظم سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار آهيون“. مون ننڍي جيلر کي چيو، جيڪو منهنجي اڳيان بيٺي ڏڪيو پئي.
    ”اُهي اڳواٽ ئي هُن کي دفنائڻ لاءِ کڻي ويا آهن.“ هن ٻڌايو. مون ڀانيو ڄڻ هن مونکي ڌڪ هڻي ڪڍيو هجي. ”هُن جي گهر ڀاتين کانسواءِ؟“ مون کانئس سختيءَ سان پڇيو. ”فوجي راڄ ۾ ڏوهاري به ڄاڻن ٿا ته، اهو اسان جي خاندان جو مذهبي فرض آهي ته هُن جي ميت سان گڏ وڃجي، جنازي نماز پڙهجي، دفنائڻ کان اڳ سندس منهن ڏسجي. اسان جيل سپرنٽينڊنٽ کي درخواست ڏني هئي … …“
    ”اُهي هن کي کڻي ويا.“ هُن منهنجي ڳالهه ڪَٽيندي چيو.
    ”ڪيڏانهن کڻي ويا؟“
    جيلر ماٺ ڪيو بيٺو هو.
    ”اهو عمل ڏاڍي سانت ۾ ٿيو هو.“ هن نيٺ وراڻيو. ”آئون اُهي شيون کڻي آيو آهيان، جيڪي اُتي رهجي ويون هيون.“
    هُن مونکي اُهي ڏکوئيندڙ شيون ڏنيون، جيڪي بابا جي موت واري ڪوٺڙيءَ مان هُو پاڻُ سان گڏ کڻي آيو هو: اُنهن شين ۾ بابا جي شلوار، قميص، هڪ ڊگهي ۽ ڍِري پتلون، جيڪا کيس آخري وقت تائين پاتل هئي، ڇو ته بابا سياسي قيدي هجڻ سبب سزا کاڌل ڏوهارين جي لباس پائڻ کان بلڪل نابري واري هئي، کاڌي جو ٽفن باڪس، جو هن آخري ڏهه ڏينهن کائڻ کان انڪار ڪيو هو، بسترو، جنهن جي کيس تڏهن اجازت ڏني وئي هئي جڏهن کٽ جي ٽٽل واڻُ پُٺن ۾ وَڍ وجهي ڇڏيا هئا ۽ پاڻي پيئڻ جو پيالو …
    ”هُن جي مُنڊي ڪٿي آهي؟“ مون جيلر کان نيٺ پڇيو.
    ”هن وٽ مُنڊي هئي ڇا؟“
    آئون هن کي چتائيندي رهيس، جو هن پنهنجي ڳوٿريءَ ۽ کيسا چڪاسڻ لاءِ ڪيئي بهانا ٿي ڪيا. نيٺ هُن مونکي بابا جي مُنڊي ڪڍي ڏني، جيڪا پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هُن جي ڪمزور آڱر مان کِسڪي هيٺ ڪِري پوندي هئي.
    ”سانت، ڏاڍي هئي.“ هُو ڀڻڪندو رهيو.
    ڦاسيءَ وقت سانت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
    اسان جا خانداني بورچي بشير ۽ ابراهيم اسان سان گڏ جيل ۾ هئا، ڇو ته اختياريءَ وارا اسان کي کاڌو ڪونه ڏيندا هئا. اهي ٻئي ڪمري ۾ آيا. بابا جا ڪپڙا سڃاڻڻ سان ئي بشير جي مُنهن جو پَنو لهي ويو.
    ”ياالله! يا الله! هنن صاحب کي قتل ڪري ڇڏيو! هنن هُن کي قتل ڪري ڇڏيو!“ هُن دانهون ڪيون. پوءِ اسان جي روڪڻ کان اڳ ۾ ئي هن جهَٽ ڏئي پيٽرول جو دَٻو کڻي پاڻ تي هاريو ۽ پاڻ کي ساڙڻ تي هو، جو منهنجي ماءَ ڊوڙندي ٻاهر نڪتي ۽ هُن کي پاڻ ساڙڻ کان روڪيائين.
    آئون اچرج ۾ وڪوڙجي بيٺي رهيس. مونکي ويساهه ئي ڪونه پئي آيو، ته بابا سان ڇا ٿيو هو. ۽ مون ويساهه ئي نه پئي ڪرڻ گهريو. اهو بلڪل ناممڪن هو ته ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو پهريون وزيراعظم، جنهن کي عوام پاڻ چونڊيو هو، سو مري ويو هو. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ سان ئي اتي جنرلن جي حڪومت جُڙي وئي هئي، جنهن ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر جو راجُ هو. اُن ملڪ ۾ بابا پهريون اڳواڻ هو، جنهن لوڪشاهي آندي هئي.جتي عوام ائين رهندا هئا، جيئن صدين کان پنهنجي قبائلي سردارن ۽ زميندارن جي آسري تي رهندا پئي آيا. هُن اهڙي ڏيهه ۾ مُلڪ جو پهريون آئين ٺاهيو، جنهن ۾ قانوني بچاءُ ۽ شهري حقن جي ضِمانت ڏنل هئي، جتي جنرلن کي جمهوري حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ لاءِ ڏاڍ ۽ رتوڇاڻ ڪرڻو ٿي پيو. ۽ اُن آئين ۾ شهري حڪومت جي پارلياماني سرشتي جوڙڻ ۽ هر پنجن ورهين کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ جي ضمانت ڏني هئي.
    نه، اُهو ممڪن ئي نه هو. ”جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو!“ جڏهن پهرئين سياستدان طور هو پاڪستان جي ڏورانهن ڏتڙيل ڳوٺن ۽ وسندين ۾ ويو هو، ته لکين ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو. جڏهن هن جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت ۾ اچڻ جو ووٽ مليو هو، ته هُن ملڪ ۾ نوان سڌارا آڻڻ جي شروعات ڪئي هئي. هن اُها زمين هزارين هارين ۾ ورهائي هئي، جنهن تي ڪيترن ئي نسلن کان ڪجهه ٿورڙن جاگيردارن جو قبضو هو. هُن لکن ماڻهن کي تعليم کان واقف ڪيو هو، جيڪي جهالت سبب آزاديءَ کان محروم هئا. ملڪ جي وڏين صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو هو، مناسب اُجرت ۽ نوڪريءَ جي ضمانت ڏني وئي هئي، ۽ عورتن ۽ اقليتن سان متڀيد وارو رَويو رکڻ کان روڪيو ويو هو. هُن پنهنجيءَ حڪومت جي ڇهن ورهين ۾ 5 جولاءِ 1977ع جي فجر تائين، اونداهي ملڪ ۾ روشني پکيڙي هئي.
    ضياءَ الحق، بابا جو ظاهري طرح وفادار فوجي اڳواڻ هو. هُو اهو جنرل هو، جنهن آڌيءَ رات جو پنهنجا سپاهي موڪلي، بابا جي لوڪشاهي حڪومت جو تختو اونڌو ۽ ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو هو. ضياءَ الحق فوجي آمر، جيڪو پوءِ پنهنجين بندوقن، ڳوڙها آڻيندڙ گولن ۽ فوجي قانون ذريعي به بابا جي مشهوري روڪڻ ۾ ناڪام ٿيو هو، ۽ بابا کي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو رکڻ کان پوءِ به سندس ارادن کي لوڏڻ ۾ سوڀارو ٿي نه سگهيو هو. ضياءُ الحق، بُڇڙو، ڀوائتو ۽ جوکائتو جنرل، جنهن اجهو هينئر منهنجي بابا جو انت آندو هو. ضياءُالحق اهو جنرل، جيڪو ايندڙ نَو ورهيه پاڪستان تي بيرحميءَ ۽ ڪٺورتائيءَ سان راڄ ڪندو.
    آئون ننڍي جيلر آڏو ويڳاڻي بيٺي هيس ۽ منهنجن هٿن ۾ اها ننڍڙي هَڙ هئي، جنهن ۾ بابا جون ڇڏيل سڀئي شيون شامل هيون. هنجي ڪپڙن مان سندس پسند جي شاليمار عطر جي سُڳنڌ اڃا به آئي پئي. مون هُن جي شلوار کي پنهنجي سيني سان لاتو، ته اوچتو مونکي ڪيٿلين ڪينيڊي ياد اچي وئي، جنهن پنهنجي سينيٽر پيءَ جي قتل کانپوءِ ريڊڪلف ۾ هُن جو ڪوٽ پاتو هو. سياست سبب اسان جي ٻن خاندانن جي سدائين پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي ويندي هئي. هاڻي اسان جي وچ ۾ هڪ نئون ۽ ڀوائتو ٻَنڌڻ ٿيو هو ان رات ۽ ٻين ڪيترين ئي راتين جو، سمهڻ وقت پنهنجي ويهاڻي هيٺان بابا جي قميص رکي، مون پڻ پنهنجي پيءُ جي ويجهو رهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    مون پاڻ کي بلڪل سَکڻو ڀانئيو هو. منهنجي زندگي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي هئي. بابا خلاف ضياءَ جي فوجي ٽولي جيڪي ڪوڙيون تهمتون ۽ الزام هنيا هئا، ان سلسلي ۾ پورا ٻه ورهيه هنن سان مقابلي کان سواءِ مون ڪجهه به نه ڪيو هو. مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان انهن چونڊن جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو هو، جن جو فوجي بغاوت وقت ضياءَ واعدو ڪيو هو ۽ پوءِ اسان جي ڪاميابيءَ کي سمجهندي، هُو انهن چونڊن کان ڦِري ويو هو. فوجي ٽولي مونکي ڇهه ڀيرا گرفتار ڪيو هو ۽ فوجي اختياري وارن مونکي ڪراچي ۽ لاهور ۾ پير رکڻ کان ڪيئي ڀيرا منع ڪئي هئي. منهنجيءَ ماءُ کي به اهو ئي چيو ويو هو. بابا جي نظربنديءَ واري زماني ۾ امان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائم مقام چيئرپرسن هئي، جنهن حيثيت ۾ هن کي اَٺ ڀيرا نظربند ڪيو ويو هو. اسين گذريل ڇهه هفتا، سهالا ۾ ۽ ان کان اڳ ڇهه مهينا راولپنڊي ۾ نظربند هيونسين. ان هوندي به ڪالهه تائين آئون پاڻ کي يقين نه پئي ڏياري سگهيس، ته جنرل ضياءَ سچ پچ بابا کي قتل ڪندو.
    اها خبر منهنجن ننڍن ڀائرن کي ڪير ٻُڌائيندو، جن سياسي جلاوطنيءَ ۾ لنڊن مان بابا جي موت جي سزا خلاف ويڙهه پئي ڪئي؟ ۽ منهنجي ڀيڻ صنم کي ڪير ٻُڌائيندو جيڪا هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پڙهائيءَ جي آخري سال ۾ هئي؟ مونکي خاص ڪري صنم جي ڏاڍي ڳڻتي هئي. هُن جو سياست سان ڪو ناتو ئي ڪونه هو. پر اسان سڀني سان گڏ هن کي به اُن المناڪ صورتحال ۾ گهِلي آندو ويو هو. ڇا هاڻي هوءَ اڪيلي هئي؟ مون دعا پئي گهري ته هوءَ ڪو اهڙو بيوقوفاڻو قدم نه کڻي.
    مون اهو سمجهيو، ڄڻ منهنجو جسم بنهه ٽُڪر ٽُڪر ٿي ويو هجي. آئون هاڻي اڳتي ڇا ڪري سگهنديس؟ اسان ڪوششن کان پوءِ به بابا جي زندگي بچائڻ ۾ ناڪام ٿيا هئاسين. مون پاڻ کي ڏاڍو هيڪلو پئي ڀانئيو. ”اوهان کانسواءِ آئون پنهنجي مدد ڪيئن ڪري سگهنديس؟“ مون بابا کان سندس موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ پڇيو هو. مونکي سندس سياسي نصيحت جي گهُرج هئي. جيتوڻيڪ ان لاءِ مون هارورڊ ۽ آڪسفورڊ مان سَندون ورتيون هيون، پر آئون سياستدان نه هيس. ڀلا هُو ڇا ٿي چئي سگهيو؟ هُن لاچاري ۽ بيوسي ڏيکاري هئي. هڪ ڏينهن اڳ مون بابا کي آخري ڀيرو ڏٺو هو. اُن گڏجاڻيءَ جي پِيڙا سَهپ کان ٻاهر آهي. هُن کي ڪنهن به اهو ڪونه ٻڌايو هو، ته ايندڙ ڏينهن فجر جو کيس ڦاسي ڏني ويندي. اها ڳالهه انهن عالمي اڳواڻن کي ڪنهن به نه ٻڌائي هئي، جن سرڪاري طرح فوجي ٽولي کي رحم جي درخواست ڪئي هئي، جن ۾ جمي ڪارٽر، مارگريٽ ٿيچر، ليونڊ برزنيف، پوپ جان پال ٻيو، اندرا گانڌيءَ ۽ ٻيا به ڪيترائي، سمورا اسلامي ملڪ- سعودي عرب، عرب امارات، ۽ شام شامل هئا. ضياءَ جي ٽولي مان ڪنهن به ملڪن يا ماڻهن کي بابا جي ڦاسيءَ جي تاريخ جو اطلاع ڪونه ڏنو هو، ڇو ته پنهنجي وزيراعظم جي قتل تي عوام جي ردعمل جو کين گهڻو ڊَپُ هو. رڳو منهنجي ماءَ ۽ مونکي ڄاڻُ هئي ۽ اها به اسان کي اتفاق سان سُڌ ملي هئي.
    2 اپريل تي صبح سوير آئون پنهنجي کَٽ تي ليٽيل هيس، ته اوچتو ڪمري ۾ امان گهڙي آئي. ”پِنڪي“، هُن مونکي خاندان جي پيار واري نالي سان سڏيو، پر سندس لهجو ٻُڌڻ سان ئي منهنجو سمورو جسم سِيٽجي ويو. ”ٻاهر فوجي عملدار آيا آهن، جيڪي چون ٿا ته پاڻ ٻئي اڄ هلي تنهنجي بابا سان ملاقات ڪريون. اُن جو مطلب ڇا آهي؟“
    اُن ڳالهه جي مونکي بلڪل صحيح ڄاڻ هئي. اها ڄاڻ هن کي به هئي. پر اسان اُن کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئاسين. اُن ڏينهن امان جي ملاقات جو وارو هو، جنهن کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاقات جي اجازت مليل هئي. منهنجي ملاقات ان هفتي پوءِ ٿيڻي هئي. هنن جي ان خواهش جو مطلب ته اسين ٻئي وڃي ملاقات ڪريون. رُڳو اهو ئي هو ته اها آخري ملاقات هئي. ضياءَ بابا کي قتل ڪرڻ وارو هو.
    منهنجو ذهن ڊوڙڻ لڳو. اسان کي اها ڳالهه پڌري ڪرڻي هئي. عالمي برادريءَ ۽ عوام کي آخري سَڏ ڏيڻوهو. وقت نڪري ويو هو. ”هنن کي ٻڌايو ته آئون ٺيڪ نه آهيان.“ مون امان کي تڪڙو تڪڙو چيو. ”هنن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اها آخري ملاقات آهي، ته پوءِ آئون بلڪل اينديس، پر جيڪڏهن ڪانهي ته پوءِ اسين سڀاڻي هلنديونسين.“ جڏهن امان پهريدارن سان ڳالهائڻ وئي، ته مون جَهٽ هڻي اهو نياپو کولي ڦاڙي ڇڏيو، جيڪو مون اڳواٽ ويڙهي رکيو هو. مون هڪ نئون نياپو لکيو. ”آئون سمجهان ٿي، ته هنن اسان کي آخري ملاقات ڪرائڻ لاءِ گهرايو آهي.“ مون ٻاهر هڪ ساهيڙيءَ کي تڪڙ تڪڙ ۾ ان اميد تي لکيو، ته هوءَ پارٽي اڳواڻن کي خبردار ڪندي، جيڪي وري ٻاهرين ملڪن جي سفيرن کي اطلاع ڪندا ۽ عوام کي تحريڪ ۾ آڻيندا. عوام اسان جي آخري اُميد هو.
    ”هيءُ حڪم ياسمين تائين پهچاءَ“ مون پنهنجي وفادار ملازم ابراهيم کي چيو، اهو ڄاڻندي به ته اهو وڏي جوکم جو ڪم هو. هُن وٽ ايترو وقت ئي ڪونه هو، جو ڪنهن همدرد پهريدار جي ڊيوٽيءَ تي اچڻ جو اوسيئڙو ڪري ها. ممڪن هو ته هن جي جهڙتي ورتي وڃي ها ۽ اُهي سندس ڪَڍ لڳن ها. هن ۾ اڳ ويچارڻ جي اهليت ئي ڪين هئي. خطرو تمام وڏو هو. ”وڃ ابراهيم وڃ!“ مون هن تي زور آڻيندي چيو. ”پهريدارن کي چئو ته تون منهنجي لاءِ دوائون وٺڻ وڃين پيو.“ ۽ هُو وٺي ڀڳو.
    مون دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ته فوجي لشڪر ۾ هڪ ٻئي سان مشورا پئي ٿيا. پوءِ هنن پنهنجي وائرليس سيٽ تي نياپو اماڻيو ته، آئون بيمار آهيان ۽ جواب اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا. انهيءَ مونجهاري ۾ ابراهيم دروازي تي پهتو. ”مونکي بينظير ڀٽو صاحبا لاءِ جلدي دوا آڻڻي آهي. جلدي!“ هُن اُنهن پهريدارن کي چيو، جن منهنجي بيمار هجڻ جي ڳالهه ٻُڌي ورتي هئي. ڄڻ معجزو ٿيو جو هنن ابراهيم کي وڃڻ جي اجازت ڏني. اهو سڀ ڪجهه منهنجي ڪمري ۾ امان جي اچڻ کان پنج منٽ پوءِ ٿيو هو. منهنجن هٿن ڏڪڻ ئي بند نه ٿي ڪيو. مونکي سمجهه ۾ به نه ٿي آيو ته ڇا اهو نياپو آساني سان پهچي به ويندو؟
    دريءَ کان ٻاهر وائرليس سيٽ جي کڙکڙ ٿي. ”جيئن ته اوهان جي ڌيءَ جي طبيعت چاڪ ڪانهي، تنهنڪري اوهين سڀاڻي ملاقات ڪري سگهو ٿيون.“ اختياري وارن نيٺ امان کي ٻڌايو. اسان بابا جي حياتيءَ جا ٻيا چوويهه ڪلاڪ ماڻي ورتا هئا. پر ابراهيم جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن ڪمپائونڊ جا دروازا هڪدم بند ڪيا ويا، تڏهن اسان ڀانئيو ته ڪو ڀوائتو بدسوڻ ٿيڻ وارو هو.
    مقابلو. اسان کي مقابلو ڪرڻو هو. پر ڪيئن؟ مون پاڻ کي ڏاڍو بيوس پئي ڀانئيو. آئون مورچابند ڪمري ۾ بند هيس، جڏهن ته بابا جي موت جا پَل گهٽجندا پئي ويا. ڇا منهنجو نياپو پهچي ويندو؟ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ بند هئا. ساڳيءَ طرح هزارين همدرد به بند هئا، جن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتون به شامل هيون. ٻين بيشمار ماڻهن تي ان ڏوهه ۾ ڳوڙها آڻيندڙ بم اڇلايا ويا ۽ کين ڪوڙا هنيا ويا، جو هنن بابا جو نالو ورتو هو.هنن جي اڌ اگهاڙن جسمن تي ايترن ڪَوڙن جا نشان نقش ٿي ويا هئا، جيترا ڪوڙا کين هنيا ويا هئا. ڇا عوام نااميديءَ جي ان آخري سڏ تي ڌيان ڏيندا؟ ڇا اهي اهو ٻڌندا به؟
    رات جو سوائين اَٺين وڳي امان ۽ مون بي بي سي ايشيا رپورٽ اسان جي ريڊيي تي ٻُڌي منهنجي جسم جي هرڪا مُشڪ ڀِيڙجي وئي هئي. آئون اُن اُميد تي اُڀي ٿي ويٺيس. جيئن بي بي سيءَ تان اها خبر آئي، ته مُون قيد مان نياپو موڪليو آهي، ته سڀاڻي 3 اپريل تي بابا سان اسان جي آخري ملاقات ٿيندي. اسان جو نياپو پهچي ويو هو! آئون بي بي سيءَ تان اسان جي اُن سڏ جي اعلان ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس، ته عوام احتجاج لاءِ ٻاهر نڪري اچن. پر اهو اعلان ڪونه ٿيو، اُٽلندو بي بي سي اهو ٻڌايو ته ان خبر جي جيل سپرنٽينڊنٽ تصديق نه ڪئي آهي. ”هوءَ ڊڄي ويئي آهي.“ ريڊيو بابا جي هڪ اڳوڻي وزير جو اهو حوالو ڏيندي ٻڌايو. امان ۽ آئون هڪٻئي ڏانهن ڏسي به نه سگهيوسين. اسان جي آخري اميد به ختم ٿي وئي هئي.
    هڪ تڪڙي هلندڙ جيپ، سيڪيورٽي فوجَ پٺيان ماڻهن جا انبوهه ڊَپُ ۾ پنڊ پهڻ ٿيو بيٺا هئا، جن کي پنهنجي وزيراعظم جي مقدر جي ڪابه خبر نه هئي. جيل جا دروازا تيزيءَ سان کليا ۽ بند ٿي ويا. جيل جون سپاهي عورتون منهنجي ۽ امان جي وري جهڙتي وٺن پيون، پهرين اسان جي سهالا جيل مان نڪرڻ وقت ۽ پوءِ وري ان وقت جڏهن اسين راولپنڊي ۾ جيل پهتيون هيونسين.
    ”اوهين ٻئي هتي ڇو آيون آهيو؟“ بابا پنهنجي جهنم جهڙي ڪوٺڙيءَ جي اندران پڇي ٿو.
    امان ڪوبه جواب نٿي ڏئي.
    ”هيءَ آخري ملاقات آهي ڇا؟“ بابا پڇي ٿو.
    امان جواب ڏيڻ جي همت ئي نٿي ساري.
    ”شايد ائين ئي آهي.“ آئون چوان ٿي.
    هُو جيل سپرنٽينڊنٽ کي سڏي ٿو، جيڪو ويجهو ئي بيٺو هو. اهي ڪڏهن به اسان کي بابا سان اڪيلو نٿا ڇڏين.
    ”هي آخري ملاقات آهي ڇا؟“ هو کانئس پڇي ٿو.
    ”ها.“ جواب ملي ٿو. حڪومت جا منصوبا ٻڌائڻ مان لڳي ٿو ته جيل سپرينٽينڊنٽ کي شرم ٿو ٿئي.
    ”تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي ڇا؟“
    ”سڀاڻي فجر جو،“ سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو.
    ”ڪهڙي وقت“
    ”پنجين وڳي، جيل جي قاعدن مطابق.“
    ”توکي اها خبر ڪڏهن پهتي؟“
    ”گذريل رات،“ هو ڪيٻائيندي ٻڌائي ٿو.
    بابا هن ڏانهن ڏسي ٿو.
    ”مونکي گهر ڀاتين سان ڳالهائڻ لاءِ ڪيترو وقت مليل آهي؟“
    ”اڌ ڪلاڪ.“
    ”جيل قاعدن مطابق اسين هڪ ڪلاڪ جا حقدار آهيون.“
    ”اڌ ڪلاڪ“ سپرنٽينڊنٽ وراڻي ڏئي ٿو. ”مونکي اهو ئي حُڪم مليو آهي؟“
    ”ته پوءِ انتظام ڪر ته آئون وهنجان ۽ ڏاڙهي ٺاهيان.“ بابا کيس چوي ٿو. ”هي دنيا ڏاڍي سُندر آهي، جيڪا آئون اُجرائي ۽ سُٿرائيءَ سان ڇڏڻ گهران ٿو.“
    اڌ ڪلاڪ، اُن شخص کان موڪلائڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ، جنهن کي آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيار ڪريان ٿي. منهنجي سيني ۾ سُور جون سِيٽون اُڀرن ٿيون. مونکي هرگز دانهڻ نه گهرجي. مونکي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. مونکي بابا جي آزمائش کي ويتر ڏُکيو بنائڻ نه گهرجي.
    هو فرش تي هڪ تڏي تي ويٺل آهي، جنهن کانسواءِ ڪوٺڙيءَ ۾ ٻيو ڪوبه سامان پيل ڪونهي. هن جي ميز، ڪرسي ۽ بسترو به کڻي ويا آهن.
    ”هي وٺ“. هو مونکي اُهي رسالا ۽ ڪتاب ڏيندي چوي ٿو، جيڪي مون اڳ سندس لاءِ آندا هئا. ”آئون نٿو چاهيان ته اُهي منهنجين شين کي ڇُهن.“
    هو مونکي اهي ٻٽي سِگار به ڏئي ٿو، جيڪي سندس لاءِ وڪيلن آندا هئا. ”آئون هڪڙو سِگار اڄ رات لاءِ رکان ٿو.“ هو چوي ٿو. هو شاليمار عطر جي شيشي به پاڻ وٽ رکي ٿو.
    هو مونکي پنهنجي مُنڊي لاهي ڏيڻ گهري ٿو، پر امان کيس ائين ڪرڻ کان روڪي ٿي. ”هينئر نٿو لاهيان، پر پوءِ منهنجي مرضي آهي ته اها بينظير کي ملي.“ هو امان کي چوي ٿو.
    ”مون ٻاهر نياپي موڪلڻ جو انتظام ڪيو آهي.“ آئون ڀڻڪان ٿي، ڇو ته جيل اختياريءَ وارا هر لفظ ٻڌڻ لاءِ آتا آهن. آئون تفصيل ٻُڌايان ٿي ۽ هن جي مُک تي سانت ڏسجي ٿي. ”هن سياست جا اصول سمجهي ورتا آهن.“ هن جي چهري مان اها ڳالهه بَکي ٿي.
    موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ روشني ڏاڍي جَهڪي آهي. آئون هن کي چٽيءَ طرح ڏسي نه پئي سگهان. ٻيءَ هر ملاقات وقت اسان کي ڪوٺڙيءَ ۾ گڏجي ويهڻ جي اجازت هوندي هئي، پر اڄ اها اجازت ڪانهي. امان ۽ آئون هن جي ڪوٺڙيءَ جي دروازي جي لوهي سِيخن سان چُهٽي، ساڻس جهِيڻو پيا ڳالهايون.
    ”منهنجي طرفان ٻارن سان پيار ڪجو.“ هو امان کي چوي ٿو. ”مِير، صَني ۽ شاهه کي چئجو، ته مون هڪ سٺي پيءُ ٿيڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ مون گهريو ٿي ته اوهان کان موڪلايان.“ امان ڪنڌ لوڏي ٿي، پر ڳالهائي نه ٿي سگهي.
    ”اوهان ٻنهي ڄڻين ڏاڍيون تڪليفون سَٺيون آهن.“ هو چوي ٿو، ”هاڻي جڏهن رات هو مونکي قتل ڪرڻ گهرن ٿا، سو آئون به اوهان کي آزاد ڪرڻ چاهيان ٿو. جيئن ته آئين معطل آهي ۽ ملڪ ۾ فوجي راڄ قائم آهي، تنهنڪري جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته اوهين پاڪستان مان نڪري وڃو. جيڪڏهن اوهين ذهني سُڪون ماڻڻ ۽ نئين زندگيءَ شروع ڪرڻ گهرو ٿيون، ته پوءِ اوهان شايد يورپ وڃڻ پسند ڪنديون. آئون اوهان کي پنهنجي طرفان اجازت ڏيان ٿو. اوهان وڃي سگهو ٿيون.“
    اسان جي دلين ۾ وَڍ پيا پون. ”نه، نه.“ امان چوي ٿي. ”اسين نٿا وڃي سگهون. اسين ڪڏهن به نه وينديونسين. جنرل اهو هرگز نه سمجهن ته سندن سوڀُ ٿي آهي. ضياءَ وري چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پر الاءِ هو چونڊون ڪرائڻ جي سگهه به ساري سگهندو يا نه؟ جيڪڏهن اسين وينديونسين ته اُن پارٽيءَ جي اڳواڻي لاءِ ڪوبه ڪونه هوندو، جيڪا اوهان ساٿين سان گڏجي ٺاهي آهي.“
    ”۽ تون، پِنڪي.“ بابا مونکان پُڇي ٿو.
    ”آئون ته ڪڏهن به ڪونه وينديس.“ آئون جواب ڏيان ٿي.
    هو مُرڪي ٿو. ”مونکي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي. توکي ڄاڻ ڪانهي ته آئون توکي ڪيترو ڀانيان ٿو. مون توکي سدائين ڪيترو نه پيار ڪيو آهي. تون مونکي گهڻي پياري آهين. تون سدائين، مونکي عزيز آهين.“
    ”وقت پورو ٿيو.“ سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو. ”وقت پورو ٿيو.“
    آئون لوهي سِيخن کي سوگهو جهليان ٿي.
    ”مهرباني ڪري ڪوٺڙيءَ جو در کوليو.“ آئون هن کي چوان ٿي. ”آئون پنهنجي پيءَ کان موڪلائڻ گهران ٿي.“
    سپرينٽينڊنٽ انڪار ڪري ٿو.
    ”مهرباني ڪر.“ آئون چوان ٿي. ”بابا پاڪستان جو چونڊيل وزيراعظم آهي. آئون هن جي نياڻي آهيان. هيءَ اسان جي آخري ملاقات آهي. آئون هن کي ڀاڪر پائڻ گهران ٿي.“
    سپرينٽينڊنٽ وري به نهڪار ڪري ٿو.
    آئون سِيخن مان بابا تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي. هو مليريا، دَستن ۽ بُکن سبب ڳري ڪَنڊا ٿي ويو آهي. پر هُو پاڻ کي ڇڪي اُڀو ڪري ٿو ۽ منهنجي هٿ کي ڇُهي ٿو. ”اڄوڪي رات آئون آزاد ٿي ويندس.“ هو چوي ٿو. هن جو چهرو ڪنهن روشنيءَ سبب ٻَهڪڻ لڳي ٿو. ”اڄ آئون پنهنجي ماءَ ۽ پنهنجي پيءَ سان وڃي ملندس. اڄ آئون لاڙڪاڻي ۾ پنهنجن وڏڙن جي ڌرتيءَ ڏانهن واپس ويندس، ته جيئن آئون اتي جي مٽيءَ جي سُڳنڌ ۽ هوا جو اَٽُوٽ ڀاڱو ٿي سگهان. منهنجي چؤڌاري راڳ ئي راڳ هوندا. آئون اتي جي ڏندڪٿا جو حصو بڻجي ويندس.“ هو مُرڪي ٿو. ”پر لاڙڪاڻي ۾ ڏاڍي گرمي آهي.“
    ”آئون مقبرو جوڙائيندس.“ آئون ڪوشش ڪري چوان ٿي.
    جيل اختياري وارا اندر ڪاهي پون ٿا.
    ”الله واهي، بابا.“ جيئن امان سِيخن مان هٿ وڌائي کيس ڇُهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته منهنجي واتُ مان اهي لفظ نڪرن ٿا. اسين ٻئي ڌپاري اڱڻ مان واپس وڃون ٿيون. آئون ڪنڌ ورائي ڏسڻ گهران ٿي، پر مون کان اهو ٿي نٿو سگهي، آئون ڄاڻان ٿي ته آئون پاڻ جهلي نه سگهنديس.
    ”ان وقت تائين جڏهن پاڻ وري ملنداسون.“ آئون هن جو آواز ٻڌان ٿي.
    منهنجون ٽنگون ڪنهن نه ڪنهن طرح چُرن ٿيون، پر آئون کين محسوس نٿي ڪريان. آئون پنڊ پهڻ ٿي وئي آهيان، پوءِ به آئون گهلبي وڃان. جيل اختياريءَ وارا اسان کي جيل وارڊن مان واپس وٺيو پيا وڃن، جيل جو اڱڻ فوجين جي تنبوئن سان سَٿيو پيو آهي. آئون سوڳ جي حالت ۾ پئي هلان. مونکي رڳو منهنجي مٿي جو احساس آهي. منهنجو ڳاٽ اوچو هجڻ ضروري آهي. هو سڀئي مون ڏانهن چتائي پيا ڏسن.
    ڪُلف لڳل دروازن اندر ڪار بيٺل آهي، ته جيئن ٻاهر ماڻهن جا بيٺل انبوهه اسان کي نه ڏسن. منهنجو جسم ته ڳؤرو ٿي ويو آهي، جو ڪار ۾ چڙهڻ وقت مونکي ڏکيائي پئي ٿي. ڪار جيل جي دروازي مان تيزيءَ سان ٻاهر نڪري ٿي. ان کي ڏسي ماڻهن جو انبوهه اسان ڏانهن وڌي ٿو، جنهن کي سپاهي ڏاڍي سختيءَ سان پٺتي هٽائين ٿا. ان انبوهه ۾ اڳيان آئون پنهنجي ساهيڙي ياسمين کي ڏسان ٿي، جيڪا بابا کي ماني پهچائڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺي آهي. ”ياسمين! هو اڄ رات هن کي قتل ڪري ڇڏيندا!“ آئون ڪار جي دريءَ مان ڪوشش ڪري رڙ ڪريان ٿي. ڇا هن منهنجو آواز ٻڌو؟ ڇا منهنجي منهن مان ڪو آواز نڪتو به يا نه؟
    پنج به ٿي ويا. ڇهه ٿيا. مون جيڪو به ساهه کنيو ٿي، تنهن مونکي بابا جي پڇاڙڪن ساهُن جي ياد ٿي ڏياري. ”يا الله، شل ڪو معجزو ٿئي.“ امان ۽ مون گڏجي ٻاڏايو. ”ڪجهه ته ٿئي.“ اُن ڇڪتاڻ جو احساس منهنجي ٻليءَ ’چن چن‘ کي به ٿيو، جنهن کي آئون لڪائي پاڻ سان قيد خاني ۾ کڻي آئي هيس. هن ته پنهنجن پلونگڙن کي به ڇڏي ڏنو هو. اُهي اسان کي ڪٿي به نظر نه آيا.
    پوءِ به اسان نِراس نه ٿياسين. سپريم ڪورٽ يڪراءِ سفارش ڪئي هئي، ته بابا جي موت واريءَ سزا کي جنم ٽِيپ جي سزا ۾ بدلايو وڃي. ٻيو پاڪستاني قانون هيٺ، ڦاسيءَ جي تاريخ جو اعلان ان تي عمل کان هڪ هفتو اڳواٽ ضروري آهي. اهڙو اعلان به ڪونه ڪيو ويو هو.
    پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي اڳواڻ ملڪ کان ٻاهر هئا، تن پڻ خبر موڪلي هئي، ته ضياءَ سعودي عرب، عرب امارات، ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان واعدو ڪيو هو، ته هو بابا جي موت واريءَ سزا کي بدلائيندو، پر ضياءَ شروع کان ئي واعدا ٽوڙيا هئا ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي کاتي واري وزير ۽ لبيا جي وزيراعظم انجام ڪيو هو، ته جيڪڏهن ڦاسي ڏيڻ جي تاريخ جو اعلان ٿيو، ته اُهي ملڪ ۾ پهچي ويندا. ڇا هنن بي بي سيءَ تان منهنجو نياپو ٻڌو هو؟ ڇا هتي پهچڻ لاءِ هنن وٽ وقت آهي؟ اسلام آباد ۾ چين جو هڪ وفد آيل هو. بابا پاڪستان جي چين سان دوستيءَ جي شروعات ڪئي هئي. ڇا اُهي بابا لاءِ ضياءَ تي زور رکندا؟
    سهالا جي سخت گرميءَ ۾ آئون ۽ امان ڳالهائڻ کان سواءِ پنڊ پهڻ ٿيو ويٺيون هيونسين. ضياءَ اهو به ظاهر ڪيو هو، ته هو معافيءَ جي حجت رُڳو بابا طرفان يا سندس خاندان يعني اسان طرفان مڃيندو. پر بابا ان جي منع ڪئي هئي.
    موت جي اوسيئڙي ۾ اُهي گهڙيون ڪيئن ٿيون گذرن؟ آئون ۽ امان ماٺ ڪيو ويٺيون هيونسين. ڪنهن وقت اسان رڙ به ڪئي ٿي. جڏهن اسان ۾ ويهڻ جي سگهه نه رهي، تڏهن اسين بستري تي ويهاڻن مٿان ڪِري ٿي پيونسين. هو هن جي حياتي جي ڏوري وڍي ڇڏيندا. آئون سوچيندي رهيس. ان ڪوٺڙي ۾ ڪنهن کي به پنهنجي ويجهو نه ڏسي، هو ڪيڏي نه اڪيلائي ڀانئيندو هوندو. هن ڪي به ڪتاب پاڻ وٽ ڪونه رکيا هئا. هن ڪابه شئي نه رکي هئي. هن وٽ رڳو اهو هڪڙو سِگار هو. منهنجي نڙي ايتري ته ٺوٺ ٿي وئي هئي، جو مون گهريو ٿي ته ان کي ڦاڙي کوليان. پر منهنجي مرضي نه هئي ته اهي پهريدار، جيڪي سدائين اسان جي دريءَ پٺيان پيا کِلندا هئا ۽ ڳالهائيندا هئا، سي منهنجيون رڙيون ٻُڌي خوش ٿين. ”امان، مون کان سَٺو نٿو ٿئي، آئون سَهي نٿي سگهان.“ ڏيڍ وڳي رات جو آئون وري ويٺيس. هوءَ نِنڊ جون گوريون کڻي آئي. ”ڪوشش ڪري ننڊ ڪر.“ هن چيو.
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آئون هنڌ ۾ اُڀي ٿي ويٺيس ۽ مون پنهنجي ڳچي ۾ پنهنجي پيءَ جو ڦَندو پيل ڀانئيو.
    اُن رات آسمان برف جا ڳوڙها ڳاڙيا ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسان جي خانداني زمينن تي ڳڙا وسيا. ويجهو ئي اسان جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي خانداني قبرستان ۾ فوجي گاڏين جي گوڙ گهمسان سبب، ڳوٺاڻا جاڳي اٿيا. اها پيڙا ۽ عذاب واريءَ رات مون ۽ امان جيل ۾ پئي گذاري، ته هوڏانهن بابا جي ميت کي ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنائڻ لاءِ ماٺ ميٺ سان هوائي جهاز ۾ کڻي ويا. فوجي حڪومت جو پهريون انتظامي جَٿو اڳواٽ ئي ڳوٺ پهچي ويو هو، جتي هنن اسان جي ڳوٺاڻي ڪمدار نظر محمد تي، جنهن جي خاندان وارن ڪيترن ئي نسلن کان اسان جي خاندان سان گڏجي ڪم ڪيو هو، ميت کي دفنائڻ جي بندوبست لاءِ گهڻي سختي ڪئي هئي.

    نظر محمد جو بيانَ:
    4 اپريل تي آئون پنهنجي گهر ۾ سُتو پيو هوس، ته اٽڪل ٽين وڳي ڌاري رات جو منهنجي اک کُلي ۽ مون ڳوٺ ٻاهران پنجاهه کان سٺ کن فوجي گاڏين جي تيز روشني ڏٺي. پهرين مون سمجهيو، ته هو وري ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ دفنائڻ جي ايئن مشق ڪندا، جيئن هنن ٻه ڏينهن اڳ ڪئي هئي. تنهن وقت هنن چيو هو، ته اسين عام فوجي مشقَ پيا ڪريون. ڳوٺ جي ماڻهن ۾ خاص ڪري تڏهن هراس پکڙجي ويو هو، جڏهن پوليس وارا ڀٽي خاندان جي قبرستان ۾ گهڙي خبرداريءَ سان چڪاسڻ لڳا. ان اوڦٽي وقت پوليس جڏهن مونکي پنهنجي گهر مان ٻاهر گهرايو، تڏهن سڀئي ڳوٺاڻا، پوڙها، جوان، مرد ۽ عورتون پنهنجن پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. سڀني کي ڊَپُ هو، ته ڀٽي صاحب کي اڳواٽ ئي ڦاسي ڏني وئي آهي يا جلد ڏني ويندي. هر طرف روڄ راڙو ۽ واويلا هئي ۽ سندن مُنهن مان مايوسي پڌري هئي.
    ”ڀٽي صاحب کي دفنائڻ جو هڪدم بندوبست ڪيو وڃي.“ فوج ۽ پوليس جي عارضي هيڊ ڪوارٽر ۾ هنن مونکي چيو، ”اسان کي قبر جي جاءِ ڏيکار.“ مون رُنو پئي. ”اوهان کي قبر جي جاءِ اسين ڇو ڏيکاريون؟“ مون هنن کي چيو. ”اسين پاڻ هن جون آخري رسمون ڪنداسون. ڀٽو صاحب ته اسان جو آهي.“
    مون هنن کي چيو، ته مونکي اجازت ڏيو ته قبر کوٽڻ لاءِ اسين پنهنجا ماڻهو وٺي اچون، ڪَچيون سِرون کڻائي اچون، قبر لاءِ ڪاٺ جا تختا وڍيون ۽ پنهنجيون مذهبي رسمون پوريون ڪريون. هنن مونکي ان ڪم ۾ مدد لاءِ رُڳو اٺن ماڻهن جي اجازت ڏني.
    اسين اڃا اُن دل ڏاريندڙ ڪم ۾ رڌل هئاسين، ته فوج ۽ پوليس جي گاڏين نه رڳو سڄي ڳوٺ جو گهيرو ڪيو، پر هر ننڍي وڏي گهٽيءَ جو رستو به بند ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مان ڪير به ٻاهر نڪري نه پئي سگهيو، ۽ نه ئي وري ڪير ڳوٺ ۾ اچي ٿي سگهيو. اسين هر طرف کان گهيري ۾ هئاسين. صبح جو اٺين وڳي ڳوٺ ڀرسان رستي تي ٻه هيليڪاپٽر لٿا، جتي هڪ ايمبولينس بيٺي هئي. مون ڏٺو ته ڏوليءَ کي لاهي ايمبولينس ۾ رکيو ويو، جيڪا قبرستان ڏانهن هلي. ”هيءُ گهر خالي ڪريو.“ فوج جي ڪرنل قبرستان جي ڏاکڻي ڪُنڊ واري هڪ ننڍڙي رهائش: گهر ڏانهن اشارو ڪندي مونکي چيو. جتي قبرستان جي سنڀال ڪندڙ ۽ پيش امام پنهنجن ٻارن سميت رهي ٿو. مون ان ظلم ۽ ان سبب پيش امام ۽ سندس ٻارن کي ٿيندڙ تڪليف تي احتجاج ڪيو. پر ڪرنل نه مُڙيو. پوءِ ان گهر جي ڇت تي ويهه فوجي چڙهي ويا ۽ پنهنجين بندوقن جا مُنهن قبرستان ڏانهن ڪري ويٺا.
    مرهيات جي ويجهن مائٽن لاءِ لازمي هو، ته اهي سندس مُنهن پڇاڙڪو ڀيرو ڏسن. قبرستان سان لڳولڳ ڳڙهيءَ ۾ ڀٽي صاحب جا سئوٽ رهندا هئا. ڀٽي صاحب جي پهرين گهر واريءَ پڻ ويجهي ڳوٺ نئين ديري ۾ رهندي هئي. گهڻي کِٽراڳ ۽ حُجت کان پوءِ اختياري وارن نيٺ مونکي اجازت ڏني، ته آئون هن کي وٺي اچان. هوءَ جڏهن اتي پهتي تڏهن اسان ڏوليءَ کي کولي، ميت کي منجهانئس ڪڍي، واڻ جي اُن کٽ تي رکيو، جيڪا مون پنهنجي گهران آندي هئي. ڀُٽي خاندان جون عورتون پردي ۾ رهن ٿيون ۽ اوپرن ماڻهن اڳيان نٿيون اچن. خاندان جي مردن کان سواءِ ڪنهن به ڌارئي ماڻهوءَ کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. پر فوج جا ماڻهو شرافت جا سڀئي لِيڪا لتاڙي زوريءَ اندر ڪاهي آيا هئا.
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن ميت ٻاهر کڻي آيا، تڏهن مون ڪرنل کان قسم کڻائيندي پڇيو، ته مذهبي حڪمن ۽ دفنائڻ جي روايتن مطابق ميت کي غسل ڏنو ويو هو يا نه. هن قسم کڻي اُن جي تصديق ڪئي. مون چڪاسي ڏٺو، ته ميت کي سوٽي ڪپڙي جو اَڻ سبيل ڪفن پيل هو.
    اسان ميت جي ڌَڙ کي ڏسي نِراس ۽ وياڪل ٿي وياسين. مونکي پڪ ڪانهي ته اُهي کيس ڏسڻ جي اجازت ڏين ها، ڇو ته سندن ڪرتوت پڌرا ٿي پون ها. پر هُن جو مُنهن موتيءَ جيان پئي ٻهڪيو، ۽ سندس منهن موتي جهڙو هو. هو اهڙو پئي لڳو جهڙو سورهن ورهين جي ڄمار ۾ هوندو هو. هن جي چمڙيءَ جا رنگ به گهڻا ڪونه ٿي ڏٺا. نه وري هن جون اکيون ۽ ڄِڀ ٻاهر نڪتل هئي، جيئن مون انهن ماڻهن جي تصويرن ۾ ڏٺو هو، جن کي ضياءَ ماڻهن جي وچ ۾ ڦاسيون ڏنيون هيون. مذهبي رسم مطابق مون ڀٽي صاحب جو منهن اولهه ڏانهن مڪي طرف ڪيو. هن جو ڪَنڌ ان پاسي لڙي ڪونه ڪِريو. هن جي ڪرنگهي واري هڏيءَ ٽٽل ڪين هئي؛ البت سندس نڙگهٽ تي سرڪاري مُهر جهڙا عجيب ڳاڙها ۽ ڪارا ٽُٻڪا هئا.
    ڪرنل ڏاڍو ڪاوڙجي پيو هو. ڳوٺ جا چوڏهن کان پندرهن سؤ تائين ماڻهو ڌوڪيندا ڏوليءَ ويجهو آيا ۽ شهيد جي مُنهن جو تَجلو ڏسڻ لڳا. سندن روڄ راڙي دل ۾ وَڍ ٿي وڌا. ڪرنل دڙڪا ڏنا ته جيڪڏهن ماڻهو اتان هڪدم هٽي پري نه ٿيندا، ته مٿن لٺيون وَسايون وينديون.
    ”ميت کي هڪدم دفنايو وڃي.“ هن چيو. ”جيڪڏهن گهُرج پئي ته اُن لاءِ اسين ڏنڊي کان به ڪم وٺنداسين.“
    ”اُهي ماتم پيا ڪن ۽ هنن کي گهڻو سوڳ آهي.“ مون هن کي ٻڌايو. پوءِ بندوق جي زور تي اسان تڪڙ ۾ جنازي نماز پڙهي ۽ بعد ۾ مرحوم جي شانَ پٽاندر اسان سندس ميت لحد ۾ لاٿي. ان وقت هڪ طرف قرآن شريف جي تلاوت پئي ٿي، ته ٻئي پاسي گهرن مان عورتن جي ماتم جو آواز پئي آيو.
    بابا جي وفات کانپوءِ سهالا ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين آئون کائي يا پي نه ٿي سگهيس. آئون پاڻيءَ جو ڍُڪ پيئندي هيس، ته اٻڙڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي هيس. مون کان ڪا شيءَ ڳڙڪي نه سگهندي هئي، ۽ نه وري آئون سُمهي سگهندي هيس. جڏهن به مون اکيون بند ٿي ڪيون، ته مون هڪڙو خواب ٿي ڏٺو. آئون ڊسٽرڪٽ جيل اڳيان بيٺي آهيان. ان جا دروازا کليل آهن. ڏسان ٿي ته ڪو شخص مون ڏانهن پيو اچي. ”بابا!“ آئون ڊوڙي هن ڏانهن وڃان ٿي. ”اوهين ٻاهر نڪتا آهيو! اوهين ٻاهر آيا آهيو! مون سمجهيو هو ته هنن اوهان کي قتل ڪري ڇڏيو. پر اوهين ته جيئرا آهيو!“ پر هن تائين پهچڻ کان اڳ ئي منهنجي اک کلي ويندي هئي، ۽ مان هڪ ڀيرو وري ڀانئيندي هئس، ته هو هن دنيا مان هليو ويو آهي.
    ”تون ماني ته کاءَ، پِنڪي. توکي ضرور کائڻ گهرجي.“ امان سُوپ آڻيندي چوندي هئي. ”اسين جڏهن هتان ٻاهر نڪري چونڊن لاءِ تياري ڪنداسين، تڏهن توکي طاقت ۽ قوت جي گهُرج ٿيندي. جيڪڏهن تون پنهنجي بابا جي اصولن خاطر وڙهڻ گهرين ٿي، تون هن وانگر وِڙهڻ گهرين ٿي، ته پوءِ کاءُ. توکي ضرور کائڻو پوندو.“ ۽ آئون ٿورو کائيندي هيس.
    تعزيت جا جيڪي نياپا لِڪ ڇپ ۾ اسان تائين پهچندا هئا، سي آئون پاڻ زور سان پڙهندي هيس. ”منهنجي پياري چاچي ۽ بينظير.“ 5 اپريل تي لاهور مان اسان جي هڪ خانداني ساهيڙيءَ لکيو، ”مون وٽ پنهنجو ڏک ٻُڌائڻ لاءِ لفظ ئي ڪونه. جيڪي به ٿيو آهي تنهن لاءِ سڄي قوم تنهنجي جوابدار آهي. اسين سڀئي ڏوهاري آهيون… هر هڪ پاڪستاني ڏکويل، مايوس، ساڻُو ۽ غير محفوظ آهي. اسين سڀئي ڏوهاري آهيون ۽ گناهه هيٺان دٻيل آهيون.“
    اُن ساڳئي ڏينهن راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ ڏهه هزار ماڻهو گڏ ٿيا. اتي ئي ڏيڍ سال اڳ امان قيدي بابا طرفان چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ جلسو ڪرايو هو، جنهن ۾ ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿيا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اها مشهوري ڏسي ضياءَ چونڊون رد ڪري ڇڏيون ۽ بابا کي موت جي سزا ڏنائين. هاڻي هن جي پوئلڳن جڏهن جنازي نمازون ٿي پڙهيون ۽ بابا جي حق ۾ نعرا ٿي هنيا، ته پوليس وري مٿن ڳوڙها آڻيندڙ بم ٿي اڇلايا. انهيءَ تي ماڻهو مڇرجڻ لڳا ۽ پوليس وارن تي سِرون ۽ پٿر اڇلائڻ لڳا، جيڪي لٺين سان مٿن ڌُوڪيندا آيا ۽ کين گرفتار ڪرڻ لڳا. ياسمين، سندس ٻه ڀينرون ۽ ماءُ ان جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيون هيون. اتي منهنجي هڪ ساهيڙي امينا پراچا به هئي، جنهن سپريم ڪورٽ ۾ بابا جي مقدمي لاءِ وڪيلن جي مدد ڪئي هئي. اتي امينا جون ٻه ڀينرون، ڀائٽيون ۽ سندس ستر ورهين جي ڪراڙي آيا به هئي. انهن سڀني ڏهن عورتن کي ٻين سون ماڻهن سميت گرفتار ڪري ٻن هفتن لاءِ قيد ڪيو ويو هو.
    هڪدم بابا جي موت بابت افواهه پکڙجڻ شروع ٿيا: جلاد چريو ٿي ويو؛ بابا جي ميت کي جنهن جهاز ۾ ڳڙهي خدا بخش موڪليو ويو هو، تنهن جي پائليٽ کي جڏهن خبر پئي، ته جهاز ۾ ڪير آهي، تڏهن هو ايترو ته گهٻرائجي ويو، جو هن کي جهاز هيٺ لاهڻو پيو ۽ هڪ ٻئي پائليٽ کي گهرائڻو پيو هو. بابا جي آخري وقت بابت اخبارون ڏکارن تفصيلن سان ڀريون پيون هيون. هن کي ايترا ته عذاب ڏنا ويا هئا، جو هو مرڻ تي هو ۽ سندس رَڳ تمام آهستي پئي هلي ۽ هن کي اسٽريچر تي کڻي ڦاسيءَ گهاٽ تائين پهچايو ويو هو. ٻيءَ پختي رپورٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي، ته بابا موت ڪوٺڙيءَ ۾ جهيڙي ۾ مري ويو هو. فوجي عملدارن هڪ اقرارنامي تي صحي لاءِ مٿس زور رکيو هو، جنهن ۾ لکيل هو، ته هن پاڻ فوجي انقلاب آندو هو ۽ ضياءَ کي دعوت ڏني هئي، ته ملڪ جون واڳون سنڀالي، جيڪو بيانَ حڪومت کي پنهنجي جائز هجڻ جي ثبوت ۾ گهربل هو.
    اُن بيان مطابق هڪ عملدار بابا کي گهڻي زور سان ڌِڪو ڏنو هو، جنهن سبب هن جو مَٿو ڪوٺڙيءَ جي ديوار سان وڃي لڳو ۽ هو ڪِري پيو ۽ پوءِ وري هوش ۾ ئي ڪونه آيو هو. کيس ساهه کڻڻ لاءِ ڊاڪٽر کي گهرايو ويو هو، هن جي دل جي مالش ڪئي وئي هئي ۽ نڙيءَ ۾ نلڪي وڌي وئي هئي، جنهن سبب نظر محمد کي هن جي ڳچيءَ تي اهڙا نشان نظر آيا هئا. پر اُهو سڀ ڪجهه اجايو هو.
    مون اُن ڳالهه تي ويساهه ڪيو هو. ڀلا بابا جي جسم تي ڦاسيءَ جا جسماني نشان ڇو نه ٿي ڏسڻ ۾ آيا؟ آئون ڇو رات جو ٻين وڳي جاڳي اٿيس، جڏهن ته هن کي ڦاسيءَ ڏيڻ جي وقت ۾ اڃا پورا ٽي ڪلاڪ هئاادفجڪاجدلفج؟ هڪ ٻئي سياسي قيدي جنرل بابر مونکي ٻڌايو، ته هو پڻ اوچتي سياٽي سبب ٻين وڳي جاڳي پيو هو. اهڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل ٻين دوستن ۽ سياسي همدردن به ائين ئي ڀانئيو هو. لڳو ٿي ته بابا جو روح انهن سڀني وٽان ٿيندو پئي ويو، جن جو ساڻس پيار هو.
    ۽ افواهه ويتر وڌندا ويا.
    ”لاش قبر مان ڪڍائي اُن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو.“ بابا جي سئوٽ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي اڳواڻ ممتاز ڀٽي سهالا ۾ فون تي تعزيت ڪندي مون تي زور رکيو. ”اُهو ڪم اسان کي سياسي فائدو ڏيندو.“ سياسي فائدو؟ بابا گذاري ويو هو. سندس لاش کي قبر مان ڪڍڻ سبب هو جيئرو ٿي ڪونه پوندو.
    ”هن کي قتل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ به هنن کيس آرام سان رهڻ نه ڏنو هو.“ مون چاچي ممتاز کي ٻڌايو. ”هاڻي هو آجو ٿي ويو آهي. هن کي آرام ڪرڻ ڏيو.“
    ”اُن جي جيڪا تاريخي اهميت ٿي سگهندي، سا تون نٿي سمجهين.“ چاچو ممتاز ضد ٻَڌي بيٺو.
    مون پنهنجو ڪَنڌ لوڏيو. ”تاريخ هن جي زندگيءَ بابت فيصلو ڏيندي. هن جي موت جا سببَ اهم ناهن.“ مون چيو ”آئون هن جو لاش قبر مان نه ڪڍائينديس. هن کي آرام جي گهُرج آهي.“
    امان جي ڀاڻيجي ۽ منهنجي ننڍپڻ جي ساهيڙي سميعا وحيد کي اجازت ڏني وئي، ته سهالا ۾ اچي اسان جي ڏُک ۾ شريڪ ٿين. هنن کي اهو ڏسي اطمينان ٿيو هو، ته جيتوڻيڪ اسين بيحد ڏُکاريون هيونسين، پر اسان مايوس نه هيونسين. ”اسان ته اهو به ٻڌو، ته تون ايتري مايوس هئينءَ جو آپگهات ٿي ڪيو؟“ سميعا هڪ ٻئي افواهه جو ذڪر ڪندي چيو، جيڪو حڪومت پکيڙيو هو.
    فخري، جيڪا ڏاڍي جذباتي آهي، تنهن ڊوڙي اچي امان کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس آٿت ڏيندي فارسيءَ ۾ چوڻ لڳي ته، ”نصرت، ڪاش آئون اِهي ڏينهن ڏسڻ کان اڳ ئي مري وڃان ها.“ هن رڙيون ڪيون. ”ماڻهو چون ٿا ته ضياءَ کي ڦاسيءَ ڏني وڃي.“ فخري مونکي پڻ ڀاڪر پاتو. هو پهرين عورت هئي، جنهن هڪ سال اڳ مون تائين بابا جي موت جي سزا واريءَ خبر پهچائي هئي. ان وقت آئون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ نظربند هيس ۽ هوءَ پوليس کان نظر بچائي مون تائين پهتي هئي. آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هيس، ته سامهون واري دورازي مان هوءَ اوچتو ڌوڪيندي اندر آئي ۽ ڪمري جي فرش تي ڪِري رڙيون ڪرڻ لڳي. ۽ ڏک وچان پنهنجي پيشاني فرش تي هڻڻ لڳي. اڌ ڪلاڪ اندر فوجي اختياريءَ وارا خود فخري جي نظربنديءَ جو حڪم کڻي آيا هئا، جنهن کي سياست جي الف ب جي به خبر نه هئي ۽ جيڪا ماهه- جونگ ۽ برج رانديون رهي پاڻ وندرائيندي هئي. هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ننڍڙن ٻارن کان پري هڪ هفتي تائين مون سان گڏ قيد هئي.
    هاڻي اسان گڏجي روئڻ شروع ڪيو. هُن اسان کي ٻڌايو، ته ڪراچيءَ ۾ اسان جي باغ ۾ سوين ماڻهو- پورهيت، ٽئڪسي ڊرائيور، گهورڙيا ٽيجهي جي ڏينهن تي اچي گڏ ٿيا هئا. ڪيترائي هفتا اڳ هر رات ڪيتريون ئي عورتون، بسن ۾ چڙهي اسان جي گهر اينديون هيون ۽ قرآن شريف پنهنجن مٿن تي رکي، بابا لاءِ دعائون گهرنديون هيون.
    فوجي لباس، جيڪو سدائين اسان جي قومي فخر جو اُهڃاڻ رهيو هو، تنهن تي هاڻي ٺٺولي ڪئي ٿي وئي. فخريءَ اسان کي اهو به ٻڌايو. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز ۾ سفر ڪندي هن ۽ سميعا فوجي لباس پاتل ڪنهن به شخص ڀرسان ويهڻ کان انڪار ڪيو هو. ”قاتل.“ هنن رڙيون ڪندي چيو هو. ٻين مسافرن کين ڏک ۾ ڏسي، عزت خاطر پنهنجا ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيا هئا. ڪنهن به ڪو لفظ نه ڪُڇيو. هر هڪ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
    اسان اختياريءَ وارن کي درخواست ڏني هئي، ته ٽيجهي تي اسان کي بابا جي مزار تي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.
    7 اپريل تي صبح جو ستين وڳي اسان کي ٻُڌايو ويو، ته اوهين پنجن منٽن ۾ تيار ٿي وٺو. اسان وٽ ماتم جا ڪارا ڪپڙا ڪونه هئا، تنهنڪري قيد ۾ جيڪي ڪپڙا موجود هئا، اهي اسان پاتا. اسين هوائي اڏي وڃڻ لاءِ ڪار ۾ ويٺيونسين، ته فوجي حڪومت جي هڪ عملدار زور ڏيندي چيو، ”جلدي ڪريو! جلدي ڪريو!“ اهي سدائين اسان کي تڪڙو تڪڙو وٺي ويندا هئا، جو کين ڊپ هوندو هو ته متان عوام اسان کي ڏسي، هٿ لوڏين، دلداري ڪرائين يا ڪنهن به نموني نفرت ڏيکارين.
    پر فوج جا سڀئي ماڻهو ظالم ۽ ڪَٺورڪو نه هئا. اسين جڏهن هوائي اڏي تي پهتيونسين، تڏهن فوجي جهاز جي عملي اسان جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو. هنن جا ڪنڌ جهُڪيل هئا. جڏهن امان ڪار مان ٻاهر نڪتي، ته انهن کيس سلامي ڏني. اهو ان شخص جي بيواهه جي عزت جو اشارو هو، جنهن نوي هزارن کان وڌيڪ سندن ساٿي سپاهين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائي واپس آندو هو. اها ڳالهه سڀني ڪين وساري هئي. ان مختصر سفر ۾ هنن اسان کي چانهه، ڪافي ۽ سينڊوچ جي آڇ ڪئي. سندن منهن مان حيرت ۽ ڏک پڌرو هو. ڪجهه ماڻهن جو گناهه ڪيترن ئي جو ڏوهه ٿي پيو هو.
    اسان جو جهاز ڳڙهي خدا بخش ويجهو موئن جي دڙي هوائي اڏي کان پوري هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي جيڪب آباد ۾ لٿو. مڪاني فوجي اختياري وارن وري هوائي اڏي کان ڳوٺ تائين انهن سِڌن ۽ نون رستن تان وڃڻ مناسب نه سمجهيو، جيڪي بابا ٺهرايا هئا. اُٽلندو ڪار ڪچين گهٽين مان جهوپا ۽ لوڏا کائيندي هلي ۽ ڊرائيور عام رستي تي وڃڻ کان پاسو ڪندو رهيو، ته متان ڪار جي درين تي ٿلهن پردن هوندي به اسين ماڻهن کي نظر نه اچون. نيٺ اسين پنهنجي خانداني قبرستان جي دروازي وٽ پهتيوسين، ته اسين پگهر ۽ مٽيءَ ۾ ڀَڀوت ٿي پيون هيونسين.
    آئون جيئن سوڙهي ڦاٽڪ ڏانهن وڌيس، ته هڪ فوجي عملدار به مون سان گڏ وڌيو، آئون بيهي رهيس.
    ”نه، تون اندر نٿو وڃين سگهين. اوهان مان ڪوبه اندر وڃي نٿو سگهي.“ هُن مونکي حُڪم ڏنو.
    مون چيو. ”هيءُ اسان جو قبرستان آهي. تون ڌاريو آهين.“
    ”اسان کي حڪم مليل آهي، ته اوهان تي نظر رکون“ هن مونکي چيو.
    ”تنهنجي اندر وڃڻ سان هن پاڪ جاءِ جي گُستاخي ٿيندي، جنهن جي آئون توکي هرگز اجازت نه ڏينديس.“ مون وراڻيو. ”اوهان منهنجي بابا کي قتل ڪيو. اوهان هن کي هتي اماڻيو. اسين هن جي ماتم لاءِ آيا آهيون، اڪيلائي ۾.“
    ”اسان کي حڪم مليل آهي، ته هر وقت اوهان سان گڏ هجون.“ هن زور رکندي چيو. ”ته پوءِ اسين قبر تي ئي نٿا وڃون. اسان کي واپس وٺي هل.“ امان ڪار ڏانهن ويندي چيو. هو پٺتي هٽي ويو ۽ اسين قبرستان جي در وٽ پنهنجيون جُتيون لاهي اندر وياسين.
    ڪيڏي نه سانت هئي اُتي ۽ ڪيتري نه ڄاتل سڃاتل. اتي ڀُٽن جي نسل جا وڏڙا دفنايل هئا، جن شاندار زندگي گذاري هئي. منهنجو ڏاڏو سر شاهنواز خان ڀٽو، جهونا ڳڙهه رياست جو وزيراعظم هوندو هو، جنهن کي هندستان جي ورهاڱي کان اڳ برطانيا جي سرڪار، بمبئي پريزيڊنسيءَ لاءِ ڪيل خدمتن خاطر ’سر‘ جو خطاب ڏنو هو. هن جي زال ليڊي خورشيد، منهنجو چاچو سڪندر ڀٽو ۽ سندس ناميارو ڀاءُ امداد علي، جنهن لاءِ چون ٿا ته ايترو سُهڻو هوندو هو، جو ڪراچي جي اهم واپاري مرڪز ايلفنسٽن اسٽريٽ مان جڏهن گاڏيءَ ۾ لنگهندو هو، تڏهن انگريز عورتون هن کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر ڊوڙي اينديون هيون. اتي ٻيا ڪيترائي مائٽ پڻ دفن ٿيل آهن ان مٽيءَ ۾، جنهن اسان کي جنم ڏنو هو ۽ جنهن ۾ اسين مرڻ کان پوءِ موٽي وينداسين. 1969ع ۾ جڏهن آئون پاڪستان مان هارورڊ يونيورسٽي پئي ويس، ته وڃڻ کان اڳ بابا مونکي ان قبرستان ۾ وٺي ويو هو. ”تون گهڻو پري آمريڪا پئي وڃين. تون اتي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ڏسندينءَ جيڪي توکي اچرج ۾ وجهي ڇڏينديون. پر تون ياد رک، تون ڇا به ٿين، توکي نيٺ هتي موٽي اچڻو پوندو. تنهنجي جاءِ هتي آهي، تنهنجيون پاڙُون هتي آهن. لاڙڪاڻي جي مِٽي، ڌُوڙ، گَپ ۽ گرمي تنهنجين رَڳن ۾ آهي ۽ هيءَ ئي اِها جاءِ آهي جتي توکي دفنايو به ويندو.“
    تنهن وقت منهنجين اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ آئون هن جي قبر کي ڳوليندي رهيس. مونکي اها به خبر نه هئي ته هن کي ڪٿي دفنايو ويو هو. پر جڏهن مون قبر کي ڏٺو، ته مونکي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. اها مٽيءَ جي هڪ ڍير وانگر ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڪچي مٽي، جنهن تي گلن جا پَن ڇٽڪاريل هئا. آئون ۽ امان قبر جي پيرانديءَ کان ٿي ويٺيونسين. مونکي يقين ئي نه پئي آيو، ته ڪو منهنجو پيءُ ان قبر ۾ هوندو. آئون هيٺ ڪِري پيس ۽ ان هنڌ جي مٽيءَ کي چُمڻ لڳس، جتي منهنجي خيال مطابق هُن جا پير هئا.
    ”بابا، جيڪڏهن مون اوهان کي ڪو ڏک پهچايو هجي، ته مونکي معاف ڪندا.“ آئون ڀڻڪيس.
    اڪيلي، مون پاڻ کي ڪيترو نه هيڪلو ٿي ڀانئيو. سڀني ٻارن وانگر مون سمجهيو ٿي ته بابا موجود آهي. پر هاڻي آئون جڏهن هن کي وڃائي ويٺي هيس، تڏهن مون اهڙي سَکڻائي پئي ڀانئي، جيڪا ڪڏهن به ڀَرجي نه ٿي سگهي. پر مون رُنو نه هو، ڇو ته مسلمان هجڻ سبب منهنجو ايمان هو، ته ڳوڙها ڪنهن آتما کي ڌرتيءَ تي ڇڪيو ٿا آڻين ۽ پوءِ هن کي ڪونه ٿا ڇڏين.
    منهنجي پيءُ پنهنجي آزادي ماڻي هئي. هن کي اهو آرام ۽ سُک ڏاڍو مهانگو پيو هو. هن جي پيڙا ۽ ڀؤڳنا ختم ٿي وئي هئي. ”سڀ ساراهه اُن هستيءَ جي، جنهن جي قبضي ۾ سڀئي شيون آهن، اوهين سڀيئي هن ڏانهن موٽي ويندا.“ مون قرآن شريف جي سوره ياسين پڙهي، منهنجي بابا جو روح الله وٽ بهشت ۾ هو.
    هو وري اسان کي ڏکين ۽ وڌيڪ اڙانگن رستن تان تڪڙو تڪڙو هوائي اڏي ڏانهن وٺي هليا. پر اتي اهو هوائي جهاز جو ساڳيو عملو اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ موجود هو. سهالا جي درن وٽ ۽ انهن ڀوائتن ڪمرن ۾، جتي اسين نظربند هيونسين، اسان جي جيڪا جهَڙتي ورتي ويندي هئي، تنهن ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو هو. پر مون ۾ امن ۽ هڪ نئين ڀروسي ۽ ويساهه جي سوچ جاڳي پئي هئي.
    اُٿ ۽ کين للڪارينس. هنن جو مقابلو ڪر. ڀوائتن ڏکيائين سان جنگ جَوٽ. دشمن کي ماري ماتَ ڪر. ننڍڙي وهيءَ ۾ بابا اسان کي جيڪي آکاڻيون ٻڌائيندو هو، تن ۾ بديءَ تي نيڪيءَ جي سدائين سوڀ ٿيندي هئي.
    ”اوهان کي وجهه ملي يا اوهين اهو وڃائي ڇڏيو، اوهين تيز ۽ ويچارن سان ڀرپور هجو، اوهين زبردست باهمت هجو يا ڊڄڻا، اهي سڀيئي ڳالهيون اوهان جي اختيار ۾ آهن.“ هو سدائين اسان کي سمجهائيندو هو.“ اهو اوهان جي هٿ وس آهي ته اوهان ڪهڙيءَ منزل تي پهچڻ گهرو ٿا.“
    هاڻي جڏهن پاڪستان هڪ ڀوائتي اوڙاهه ۾ ڪِري پيو آهي، تڏهن مونکي ئي ان کي بچائڻو آهي. بابا جي قبر ڀَرسان بيٺي مون اهوئي سمجهيو هو. مون هن جي روح ۽ ڪامل ڀروسي کي پاڻ ۾ ڇوليون هڻندي ڀانئيو هو. ان گهڙيءَ مون پنهنجي پاڻ سان پختو وچن ڪيو، ته اوستائين آرام نه ڪنديس، جيستائين پاڪستان ۾ جمهوريت نه ايندي. مون واعدو ڪيو، ته اُميد جي جيڪا روشني هُن ٻاري هئي سا قائم رهندي. هو پاڪستان جو پهريون اڳواڻ هو، جنهن فوج ۽ خاص طبقي لاءِ نه، پر سڀني ماڻهن لاءِ آواز اُٿاريو هو.
    بابا جي ٽيجهي کان پوءِ امان ۽ مونکي سهالا ڏانهن واپس وٺي پئي ويا، ته اسان جي گهر 70 ڪلفٽن جي باغ ۾ سپاهين انهن سَون ماڻهن تي ڳوڙها آڻيندڙ گولا پئي وسايا، جن بابا جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ اتي دعائون پئي گهريون. اها گوليبازي ايتري ته شديد هئي، جو اتي چبوتري جي ڇِت کي باهه وڪوڙي وئي هئي. ماڻهن جو ساهه ٻُوساٽجڻ لڳو ۽ اهي قرآن شريف سيني سان لائي ٽِڙي پکڙي ويا هئا.


      پنهنجي ئي گهر ۾ قيد

    بابا جي وفات کان سَت هفتا پوءِ مئي 1977ع جي پڇاڙيءَ ۾ امان ۽ مونکي سهالا مان آزاد ڪيو ويو. اسين ڪراچيءَ ۾ پنهنجي خانداني گهر 70 ڪلفٽن ۾ موٽي آيونسين.
    اتي هر ڪا شيءِ ساڳي هئي. 70 ڪلفٽن جي وڏي در تي نالي واري پِتل جي تختيءَ تي ’ذوالفقار علي ڀٽو، بار ائٽ لا‘ لکيل هو. ان مٿان پِتل جي ٻي تختي هئي جيڪا وقت گذرڻ سبب ٿوري ڦِٽي وئي هئي، ان تي منهنجي ڏاڏي جو نالو سر شاهنواز ڀٽو اُڪريل هو. 1953ع ۾ منهنجي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ ڏاڏي اهو ٻماڙ وڏو بنگلو جوڙايو هو. اسين ٻه ڀينرون ۽ ڀائر اتي عربي سمنڊ جي ٿڌين هوائن ۾ پلجي وڏا ٿياسين، جيڪو اتان چوٿائي ميل تي آهي. ان سانت ۽ امن امان واري گهر تي، جيڪا مصيبت ۽ پيڙا ڪِرڻ واري هئي، سا ڪنهن جي گُمان ۾ به نه هئي.
    اُتي باغ ۾، جتي ناريل، کجيءَ ۽ انبن جا وڻ ۽ ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ مان ڏاڍيءَ سِڪ سان آندل ڳاڙهن ۽ هيڊن گلن جا ٻوٽا هئا، روزانو سوين ماتمي اچي گڏ ٿين ٿا. ٻيا سوين ماڻهو پنهنجي اڳواڻ جي خاندان سان تعزيت لاءِ ٻاهر اوسيئڙي ۾ بيٺا آهن. امان اڃا تائين عدت ۾ آهي ۽ ڌارين ماڻهن اڳيان اچي نٿي سگهي. هوءَ پنهنجي بدران مونکي هنن جي آڌر ڀاءَ لاءِ موڪلي ٿي.
    گهر ۾ هجڻ جي سوچ اسان جي ڀوائتي سَپني کي ويتر وڌيڪ اگرو بڻائي وڌو هو. بابا کي ڦاسي ڏيڻ کان ٻه راتيون اڳ 70 ڪلفٽن تي فوج ٻيو ڀيرو چڙهائي ڪئي هئي ۽ هنن ڇت ۽ باغ جي جهَڙتي ۽ بابا جي ڪپڙن وارن ڪٻٽن ۾ ڦڙڦوٽ وڌي هئي. اسان جي ملازمن ٻڌايو. ”اوهان وٽ جهَڙتي وٺڻ جو ڪو وارنٽ به آهي؟“ هنن اهو سمجهندي ته شهري قانون موجود آهي، هنن کان پڇيو. ”آئون جهَڙتي وٺندڙ ٽولي سان گڏ آهيان، تنهنڪري ڪنهن به وارنٽ جي ڪابه گهُرج ڪانهي.“ فوجي عملدار وراڻيو، جيڪو پوليس سان گڏ آيل هو. هنن ڏهن ڪلاڪن تائين اسان جي گهر جي جهَڙتي ورتي هئي. منهنجي سمهڻ واري ڪمري مان منهنجا ڪيترائي ذاتي خط ۽ ٻه ڪارا بريف ڪيس به کڻي ويا هئا، جن ۾ بئنڪ آرڊر ۽ رد ٿيل چيڪ پيل هئا، جيڪي مون بابا خلاف حڪومت جي هنيل تهمتن جي رد لاءِ ثبوت ۾ گڏ ڪري رکيا هئا.
    ”هتي ڳجها ڪٻٽ ۽ ڳجها رستا آهن، سي به اسان کي ڏيکاريو.“ ملازمن کي فوجي عملدارن حڪم ڏنو ۽ جڏهن هنن ٻڌايو ته هتي اهڙي ڪا شيءِ نه آهي، تڏهن کين مارڪٽ ڪئي وئي ۽ جهَڙتي وٺندي سڀني ملازمن کي استقبالي ڪمري ۾ بند ڪري، کيس ڪُلف هنيو ويو هو. صبح جو سويل کير وارو آيو، ته هن کي به ٻين سان گڏ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. اخبارون کپائيندڙ سان به اهائي جُٺ ڪئي وئي. فوج ڇِتي ٿي پئي هئي. ”هن ڪاغذ تي صحيح ڪر.“ هڪڙي عملدار اسان جي هڪ ملازم کي چيو. هن انڪار ڪيو. ”تو ڏٺو ته تنهنجي صاحب جو ڪهڙو حشر ٿيو.“ عملدار هن کي ڌمڪي ڏني. ”جيڪڏهن تون صحيح نه ڪندين، ته تنهنجو به اهڙو ئي حال ڪنداسين.“ اسان جو ماڻهو اهڙو ڊنو، جو هن کڻي صحيح ڪئي.
    جڏهن جهَڙتي مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو، ته هڪ ٽرڪ ڦاٽڪ مان اندر آئي. سپاهين اُن مان هڪ ڳاڙهو غاليچو لاهي وڇايو ۽ مٿس ڪيترائي دستاويز پکيڙي رکيا، جيڪي پڻ ٽرڪ مان لاٿا ويا هئا. پوءِ اخبارن وارن کي گهرائي انهن جا فوٽا ڪڍي، بابا خلاف ”ثبوت“ هٿ ڪيا ويا. ڪيترن ئي اهو ٿي سمجهيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي يڪراءِ سفارش مطابق هن جي موت جي سزا کي جنم ٽيپ ۾ ڦيرايو ويندو، ته حڪومت بابا خلاف هڪ ٻيو مقدمي گهَڙڻ جي ڪوشش ڪندي. ٽپهريءَ جو جڏهن جهَڙتي وٺندڙ وڃڻ لڳا، ته پنهنجي ”ثبوت“ سان گڏ اسان جو به ڪيتريون ذاتي شيون کڻي ويا، جن ۾ بابا جو گڏ ڪيل پراڻن نقشن جو ذخيرو به هو.
    هاڻي 70 ڪلفٽن تي آئون بابا جي مزار تي حاضريءَ لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻ جي تياري ڪريان ٿي.حڪومت کي خبر پوي ٿي، ته اُهي هوائي جهاز جي اڏامن کي روڪين ٿا، جنهنڪري آئون ريل ۾ وڃان ٿي. هر اسٽيشن تي عوام جا وڏا ميڙ مون سان ملن ٿا. جنهن هنڌ ڪا اسٽيشن ڪانهي، ته اتي ماڻهو ريل جي پَٽن تي سمهي ريل گاڏيءَ کي روڪائين ٿا. ”پلئه ڪبو! پلئه ڪبو!“ هجوم وڏي واڪي چوي ٿو. ”اسان کي پنهنجي اُن سوڳ ۽ ڏک مان اها سگهه پيدا ڪرڻي آهي، جنهن سان اسين چونڊن ۾ ضياءَ کي هارايون.“ ايڏي انبوهه کي ڏسي منهنجي همت وڌي ٿي ۽ آئون هنن کي چوان ٿي: ”عوام جا اهي انبوهه اسان جي سياسي مخالفن لاءِ بهترين جواب آهن، جيڪي کلم کلا اعلان ڪندا وتن ته ’ڀٽو جي طاقت هن جي قبر ۾ دفنائي وئي آهي ۽ ان سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقت به.“
    ڪراچيءَ ۾ واپس ايندي، آئون صبح جو نائين کان رات جو نائين بجي تائين ۽ وچ ۾ ڏهن منٽن جي وڇوٽيءَ سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ حامين سان ملاقات ڪريان ٿي. هر ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ آئون اتان اٿي باغ ۾ وڃي پنهنجي بابا جي ساٿين جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿي. مونکي ۽ امان کي ڏسي، جنهن جي عدت جو مُدو پورو ٿي ويو آهي، هنن جي اکين ۾ چمڪ پيد اٿئي ٿي. ماڻهن کي اها اميد ئي نه هئي، ته اسين ٻئي نظربنديءَ ۾ بابا جي وفات واري غم کي جالي به سگهنديون سين يا نه. ڇو ته اسان هنن جي سخت ۽ ڏکي زندگيءَ بجاءِ وڌيڪ سُکي ۽ آرام واري حياتي گذاري هئي. پر اسان کي پنهنجين ئي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي، ته هنن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي آهي. باغ مان ماڻهن جو هڪڙو گروهه وڃي ٿو، ته ٻيو گروهه اچي ٿو.
    رات جو آئون پاڻ انتظامي ۽ پاليسي معاملن، شڪايتن ۽ سياسي گرفتارين جي مسئلن ۾ جُنبي وڃان ٿي ۽ انهن جو امان جي پڙهڻ لاءِ تَت ٺاهيان ٿي. آئون ڀانيان ٿي، ته آئون اهي ڪم پنهنجي اسڪولي ساهيڙين سميعا ۽ انهن ٻن نوجوان عورتن – امينا ۽ ياسمين جي مدد کانسواءِ پورو ڪري نه سگهنديس، جيڪي بابا جي موت جي سزا خلاف اپيل جي جنگ ۾ منهنجيون ساٿياڻيون هيون ۽ جن منهنجو ساٿ ڏنو هو.
    بابا کي موت جي سزا ڏيڻ واري حُڪم کان اڳ ماڻهن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ جنرل ضياءَ هڪ ڀيرو وري واعدو ڪيو، ته هُو چونڊون ڪرائي ملڪ ۾ فوجي آمريت بجاءِ شهري حڪومت جوڙيندو. پر سوال اهو هو، ته ڇا هو پيپلز پارٽي کي سوڀارو ٿيڻ جي اجازت ڏيندو؟ هن کِلم کلا چيو هو، ته هُو حڪومت جو واڳون انهن کي ڪونه ڏيندو، جن کان هن اُهي ورتيون آهن. ۽ هن رُڳو انهن چونڊن کي مڃيو ٿي، جن جا هن جي پسند مطابق نتيجا ٿي نڪتا.
    1977ع ۾ بابا جي حڪومت ڊاهڻ کان تُرت پوءِ ضياءَ اُن ڏُکي صورتحال ۾ ڦاسي پيو هو، چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جي ڊَپ کان هن تنهن وقت چونڊون رد ڪري، پارٽيءَ جي سڀني اڳواڻن کي گرفتار ڪيو هو. هن ڀيري هو ڇا ڪندو؟
    سيپٽمبر ۾ پهرين مڪاني چونڊون ٿين ٿيون، جيڪي پيپلز پارٽيءَ کٽي ٿي. پوءِ قومي چونڊون ٿيڻيون آهن، جن ۾ کيس ڪاميابي ماڻڻ جي سخت گهُرج آهي، ته جيئن پنهنجي حڪومت کي جائز ثابت ڪري سگهي. اهو ڄاڻندي ته ان بابت قاعدن ۽ قانونن ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي. اسان جي پارٽيءَ جا اڳواڻ 70 ڪلفٽن ۾ گڏ ٿي ان معاملي تي ويچارين ٿا، ته قومي چونڊن ۾ حصو وٺجي يا سندن بائيڪاٽ ڪجي. ”چونڊن جي ويڙهه ۾ ميدان ڪڏهن به کُليل نه ڇڏجي.“ بابا مون کي جيڪي چيو هو، اُهو ياد ڪندي آئون دليل ڏيان ٿي. ان راهه ۾ کڻي ڪهڙيون به تڪليفون پيش اچن، کڻي قاعدا قانون ڪيترا به ڪُوڙا ڇو نه هجن، پر سدائين مخالف ڌر تي چڙهت ڪجي. اسان جيئن اميد پئي ڪئي، تيئن ئي ٿيو، جو پيپلز پارٽيءَ جيئن چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪري ٿي، ته ضياءَ قاعدن کي ڦيرائي ڇڏي ٿو.
    ”پاڻ کي سياسي جماعت طور ۾ رجسٽرڊ ڪرايو، نه ته اوهان حصو نٿا وٺي سگهو.“ حڪومت اسان کي اطلاع ڪري ٿي.
    اسين انڪار ڪريون ٿا. رجسٽرڊ ڪرائڻ جو مطلب ضياءَ جي فوجي حڪومت کي مڃڻ آهي.
    ”اسين آزاد اميدوار طور حصو وٺنداسين.“ اسين مخالفت ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ اسان کي ڄاڻ آهي، ته اُن سبب ووٽ تي اسان جي پارٽيءَ جي نشان نه هجڻ سبب اسين ان سماج ۾ هڪ وڏو خطرو مڃيون، جنهن ۾ سرڪاري طرح پڙهيلن جو تعداد ستاويهه سيڪڙو ۽ غير سرڪاري طرح اَٺ سيڪڙو آهي.
    حڪومت حد رکي ٿي، ”آزاد اميدوارن لاءِ 51 سيڪڙو ووٽ کڻڻ لازمي آهي.“ نئون قانون چوي ٿو.
    ”ڏاڍو سُٺو. اسين چئون ٿا. ”اسين اُهو سيڪڙو کڻنداسين.“
    پر چونڊن ٿيڻ جي تاريخ کان هڪ مهينو اڳ 15 آڪٽوبر 1979ع تي پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن جي درخواست تي پيپلز پارٽيءَ جو ميڙ ڪَٺو ٿئي ٿو. چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو سوال ٻيهر اُٿي ٿو. پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي. ”بائيڪاٽ ڪريو! بائيڪاٽ ڪريو!“ 70 ڪلفٽن جي ڪانفرنس واري ڪمري ۾، جيڪو پهرين کاڌي جو ڪمرو هوندو هو، پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ امان تي زور ڀرين ٿا. مونکي خبر آهي، ته هنن مان ڪي نجي گڏجاڻين ۾ مونکي ’مُورک ڇوڪري‘ سڏين ٿا، پر آئون وري ڳالهايان ٿي. ”قاعدن کي لاڳيتو ڦيرائڻ مان لڳي ٿو، ته ضياءَ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺو آهي.“ آئون دليل ڏيان ٿي. ”پر اسان کي پنهنجو اعتماد بحال رکڻ گهرجي. اسان مڪاني چونڊون کٽيون آهن ۽ اسين قومي چونڊن ۾ به سوڀُ ماڻينداسين.“ رات وڏي ٿي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو بحال رکي ٿي.
    ٻئي ڏينهن جڏهن ضياءَ کي اسان جي ارادي جي سُڌ پوي ٿي، ته هو وائڙو ٿي وڃي ٿو. چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر 1977ع وارو پنهنجو فيصلو ورجائيندي، چونڊون بلڪل رد ڪري ٿو. هڪ ڀيرو وري پنهنجا سپاهي 70 ڪلفٽن ڏانهن اماڻي ٿو.
    ”گهر جو گهيرو ڪيو ويو آهي.“ آڌيءَ رات جو اسان جي ملازمن مان هڪ ڄڻو مونکي ٻڌائي ٿو. آئون تڪڙ ۾ سڀئي سياسي دستاويز- پارٽيءَ جا ڪاغذ، ميمبرن جو لسٽون، خط، قيد ٿيل ماڻهن جون فهرستون- کڻي وڃي غسلخاني ۾ ساڙي ٿي ڇڏيان. آئون حڪومت کي بيوس ڪرڻ گهران ٿي. ٿورن ئي منٽن ۾ سپاهي گهر ۾ داخل ٿين ٿا ۽ امان کي ۽ مونکي بندوق جي زور تي لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گهر المرتضيٰ وٺي وڃن ٿا. اسين اتي ڇهن مهينن لاءِ نظربند رهنديونسين.
    آئون المرتضيٰ جي ڪمرن اڳيان هلندي ٿي رهان. جيتوڻيڪ ٻه ورهيه اڳ فوجي انقلاب کان پوءِ امان جي اها نئين سياسي نظربندي آهي ۽ منهنجي ستين آهي، پر آئون اُن زوري اڪيلائيءَ سان پاڻ کي هيرائي نٿي سگهان. هر قيد منهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌائي ٿي. شايد منهنجي ڄمار ۾ خاص ڪري المرتضيٰ ۾ نظربند هوندي، ان کانسواءِ ڪي ٻيو سوچي نٿي سگهان.
    المرتضيٰ اسان جي خاندان جو مرڪز هو: هي اهو گهر جتي اسين سياري جي موڪلن، رمضان جي سدوري مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ عيد ملهائڻ، بابا جي جنم ڏينهن ملهائڻ، خانداني شادين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن ڪيترن ئي مائٽن سان ملڻ لاءِ، جيڪي صدين کان اسان جي خانداني زمينن تي رهندا پئي آيا، دنيا جي چئني ڪُنڊن مان ڪَهي ايندا هئاسين. هاڻي حڪومت المرتضيٰ کي منهنجي ۽ امان لاءِ سب جيل ڪوٺيو ويو آهي.
    حڪومت اولهندي ملڪن جي اخبارن کي ٻڌائي پئي، ته اسين ’گهر ۾ نظربند‘ آهيون. پر اُهو غلط آهي. ”گهر ۾ نظربنديءَ جو دنيا ۾ ڪو دستور ئي ڪونهي. نظربند شخص کي اجازت هجي ٿي، ته هُو دوستن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات ڪري، اخبارن کي انٽرويو ڏئي، شهر ۽ شهر کان ٻاهر ٽيليفون تي ڳالهائي، ڪتاب رکي، ۽ ورلي موٽرڪار ۾ تڪڙو سير ڪري اچي يا ٻاهر گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿئي. سب جيل جي قاعدن هيٺ المرتضيٰ کي جيل سمجهيو ويو آهي، جتي جيل مينوئل جي قاعدن تي عمل ٿئي ٿو. اسان جو ٽيليفون ڪٽيل آهي. مونکي ۽ امان کي ڪمپائونڊ مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڪانهي ۽ اتي ڪنهن به ملاقاتي کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي. البت ڪڏهن ڪڏهن صنم کي ملڻ جي اجازت ملي ٿي.
    اسان جي گهر جي چؤديواريءَ اندر ۽ ٻاهر فرنٽيئر فورس جا سپاهي، جيڪي سرحد صوبي جا قبائلي پٺاڻ آهن، پَهرو ڏين ٿا، بابا جي وقت ۾ المرتضيٰ جي پهري لاءِ خاص ڪمانڊوز رکيل هئا. فرنٽيئر فورس هتي رڳو ان ڪري موجود آهي، ته جيئن هن جي بيواه ۽ نياڻيءَ کي اتان ٻاهر نڪرڻ نه ڏين. ضياءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته، ملڪ ۽ دنيا وساري ڇڏي، ته ڀٽو نالي ڪو خاندان هو به يا نه.
    پاڪستان ۾ اخبارون اسان جو نالو ورلي ٿيون ڇپين. 16 آڪٽوبر 1979ع کان جنهن ڏينهن ضياءَ ٻيو ڀيرو چونڊون ڪرائڻ کان ڦِري ويو هو ۽ هن امان ۽ مونکي گرفتار ڪيو هو، تڏهن فوجي ضابطن جي وڌندڙ فهرست ۾ هڪڙو واڌارو اهو به ٿيو، ته اخبارن تي مڪمل بندش وڌي وئي. فوجي قانون جي حڪم نمبر 49 مطابق هر ان تحرير جو ايڊيٽر جيڪو ’پاڪستان جي حڪومت، سالميت ۽ سلامتيءَ، يا عوام جي اخلاقي ۽ سماجي امن لاءِ خطرو ثابت ٿيندو، تنهن کي ڏهه ڦٽڪا هنيا ويندا ۽ پنجويهه سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ويندي.‘
    اسان جي پارٽيءَ جي اخبار ’مساوات‘ کي، جنهن جون رڳو لاهور شهر ۾ هڪ لک ڪاپيون وڪامجن ٿيون، بند ڪيو ويو آهي ۽ اُن جون پريسون ضبط ڪيون ويون آهن. ٻين اخبارن کي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن يا جيڪڏهن اُهي حڪم جي تعميل نه ڪنديون، ته انهن کي ملندڙ سرڪاري اگهن تي ڪاغذ ۽ اشتهار روڪيا ويندا. ايندڙ ڇهن ورهين لاءِ بابا، امان ۽ منهنجيون تصويرون اخبارن ۾ ورلي ڇپيون وينديون. نه وري انهن ۾ اسان جي نالن کي ڪا سٺي جاءِ ملندي. جيڪڏهن ڪنهن اخبار ۾ اسان سان ٿوري به همدرديءَ واري خبر فوج کي نظر آئي، ته اهڙو صفحو ئي اخبار مان الڳ ڪيو ويندو. هر اخبار جو مواد ڇپجڻ کان اڳ فوج کان منظور ڪرائڻ ضروري آهي. ڪنهن وقت ته اخبار جا سڀئي ڪالم خالي ڇڏيا وڃن ٿا. اهو اخبار وارن جو هڪ طريقو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي، ته ڪنهن ڇپجڻ لائق خبر کي سينسر وارن ڪڍي ڇڏيو آهي.
    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقت، ضياءَ کي پنهنجين ظالماڻين سياسي سختين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي لاچار ڪيو آهي. 1977ع ۾ فوجي انقلاب کان پوءِ جيڪو به ماڻهو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو، تنهن کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا. پر آڪٽوبر 1979ع کان فوجي حڪومت حڪم ڪڍيو آهي، ته خود سياسي جماعتون غير قانوني آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، حڪومت جي ڪوشش آهي ته بابا جي پاليسين جي عوامي پُٺڀرائيءَ کي سدائين لاءِ ختم ڪيو وڃي. ’پاڪستان ۾ سڀئي سياسي جماعتون پنهنجين سڀني شاخن، گروهن ۽ ٽولين… سميت ختم سمجهيون وينديون.‘ جنرل ضياءَ جي فوجي قانون جي حڪم نمبر 48 ۾ صاف صاف چيو ويو آهي. هاڻي ڪنهن به سياسي جماعت جو ڪوبه رڪن، يا ڪوبه ٻيو ماڻهو، جيڪو خانگي گفتگو ۾ به اهڙو اظهار ڪندو، ته ان کي چوڏهن سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ويندي. ان حڪم جي جاري ٿيڻ جي گهڙيءَ کان ئي اخبارن ۾ ’پاڪستان پيپلز پارٽي‘ لفظن جي اڳيان ’ڪالعدم‘ لفظ ڄاڻائڻ لازمي آهي. اهڙيءَ ريت اسان جي حيثيت کي گهٽايو ويو آهي ۽ امان ۽ آئون ڪالعدم جمهوريت ۾، هڪ ڪالعدم جماعت جون ڪالعدم اڳواڻ آهيون.
    1931ع ۾ لنڊن ۾ جيڪا هندوستانين جي گول ميز ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن ۾ منهنجي ڏاڏي جي تصويرن، منهنجي بابا جي ڄمڻ جي سالگره جي جشن جي تصويرن ۽ المرتضيٰ ۾ اسان جي خانداني تاريخ جو پاڙُون کتل آهن. بابا ۽ هن جون ٽي ڀينرون هتي ڄايون هيون. عورتن جي رهائش لاءِ منهنجي ڏاڏي، جيڪي ڪمرا ٺهرايا هئا، انهن ۾ اهي ٻار ڄاوا هئا ۽ کين ڄڻائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڀرسان موجود هڪ ڳوٺ مان دائي آئي هئي. جيتوڻيڪ پراڻي گهر جي جاءِ تي هڪ وڌيڪ جديد گهر ٺاهيو ويو آهي، پر اهو احساس قائم آهي ته المرتضيٰ ئي ڀُٽن جو صحيح گهر آهي.
    وڏي در جي پاسن وارين ڀتين تي آسماني ۽ اڇي ٽائلز جي سِرن تي، 2500 قبل مسيح جي زماني جي گهڻي سُڌريل سنڌو سڀيتا جي ڦِٽل آثارن، موئن جي دڙي جي مردن ۽ عورتن جون تصويرون ٺهيل آهن. ننڍي هوندي آئون سمجهندي هيس ته ان کي ’منهنجو ديرو‘ ٿا سڏين. منهنجن ڀائرن، ڀيڻ ۽ مونکي ڏاڍو فخر هوندو هو ته، اسين موئن جي دڙي جي ڇانوَ ۾ پلجي وڏا ٿيا آهيون، ۽ اسين ان سنڌوءَ جي ڪناري تي رهون ٿا، جيڪو وقت جي شروع ٿيڻ کان وٺي هن ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو رهي ٿو. ٻئي ڪنهن به هنڌ اسان کي ماضيءَ سان اهڙي لاڳيتي لاڳاپي جو احساس نٿو ٿئي، ڇو ته 712ع ڌاري هندستان تي مسلمانن جي ڪاهه کان اسان جي وڏن جو سلسلو ملي ٿو. اسان جي خاندان بابت اسان جي هڪ بزرگ پنهنجين ياداشتن ۾ تفصيل لکيا هئا. اهي يادداشتون منهنجي پڙڏاڏي جي وقت ۾ هڪ وڏيءَ ٻوڏ ۾ ڌوپجي ويون هيون. پر ننڍي هوندي اسان کي ٻڌايو ويو هو، ته اسين هندستان جي ان هندو ويڙهاڪ طبقي راجپوت جي نسل مان آهيون، جيڪو مسلمانن جي ڪاهه وقت مسلمان ٿيو هو، يا وري اسين فاتح عربن جي نسل مان آهيون، جيڪي هندستان ۾ اسان جي سنڌ صوبي مان داخل ٿيا هئا، جنهن کي هنن ”باب الاسلام“ جو نالو ڏنو هو.
    سڄي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڀٽي قبيلي جا سوين هزارين ماڻهو رهن ٿا، جن مان گهڻا سنڌ ۾ آهن. اُهي هاري به آهن ته زميندار به. اسان جي خاندان جي ڇاڙ سنڌي ڀُٽن جي مشهور قبائلي سردار، سردار دودي خان جي آڪهه مان هئي. اُتر سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ- ميرپور ڀٽو، جتي چاچا ممتاز جو خاندان رهي ٿو، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، جتي منهنجي پنهنجي خاندان جو قبرستان آهي- اسان جي بزرگن جي نالن تي آهن، جيڪي صوبي جي تمام وڏين زمينن جا مالڪ هوندا هئا ۽ جن جو صدين کان اتي جي سياست ۾ اثر رسوخ رهيو هو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ويجهو نئين ديري ۾ منهنجو پنهنجو خانداني گهر آهي، جتي عيد جي ڏينهن تي بابا ۽ ڀائر ويندا هئا ۽ پنهنجن مهمانن کي روايتي کاڌو – کنڊ ۽ گلاب جي خوشبودار پاڻيءَ ۾ رڌل چانور- کارائيندا هئا. پر منهنجي ڏاڏي جي وقت کان اسان جي خاندان جو صحيح مرڪز لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ رهيو آهي.
    1958ع ۾ پهرين زرعي سُڌارن کان اڳ، صوبي ۾ ڀُٽن وٽ گهڻي ۾ گهڻا هاري هوندا هئا. سنڌ ۾ ٻين زميندارن جيان اسان جي زمين جي ماپ ايڪڙن ۾ نه، پر ميلن ۾ هئي. ننڍپڻ ۾ اسين ٻار 1843ع ۾ سنڌ جي انگريز فاتح چارلس نيپيئر جي اِها حيرت جهڙي ڳالهه ڏاڍي چاهه سان ٻُڌندا هئاسين. ”اهي ڪنهن جون زمينون آهن؟“ صوبي جي گشت ڪرڻ وقت هن پنهنجي گاڏي واري کان پڇيو هو. ”ڀٽن جون زمينون آهن.“ جواب مليو. ”جيڪڏهن اهي زمينون ختم ٿين ته پوءِ مونکي ننڊ مان اٿارجان.“ هن حڪم ڏنو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن هو پاڻ ئي جاڳي اٿيو، تڏهن هن کي حيرت وڪوڙي وئي. ”انهن زمينن جو مالڪ ڪير آهي؟“ هن پڇيو. گاڏي واري ساڳيو جواب ڏنو. ”ڀٽو.“ صوبي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريز فوجي اختياري وارن کي هن لاطيني ٻوليءَ ۾ جيڪو نياپو (I "Peccavi" have Sinned) يعني مون گناهه ڪيو آهي، موڪليو ته ان سبب هن جي ڏاڍي مشهوري ٿي هئي. ننڍي هوندي اسين سمجهندا هئاسين، ته اهو ٻِٽي معنيٰ وارو لفظ نه پر ڏوهه جو اقرار هو.
    بابا اسان کي خاندان جون ٻيون ڳالهيون به ڏاڍي چاهه سان ٻڌائيندو هو. ”اوهان جو پڙڏاڏو مير غلام مرتضيٰ ڀٽو ڏاڍو سهڻو، نڊر ايڪيهين ورهين جو جوان هو.“ بابا اسان جي پسند جي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. ”سنڌ جون ڪيتريون ئي عورتون کيس پسند ڪنديون هيون. انهن ۾ هڪ جوان انگريزياڻي به شامل هئي. انهن ڏينهن ۾ ٻئي مذهب جي پوئلڳ سان شاديءَ کي حرام سمجهيو ويندو هو. پر انگريزياڻي پنهنجي دل جي ڳالهه کي لڪائي نه سگهي. هڪ انگريز فوجي عملدار ڪرنل ميهيوُ کي جڏهن انهن حرام لاڳاپن جي خبر پئي، تڏهن هن اوهان جي پڙڏاڏي کي پاڻ وٽ گهرايو.
    انگريز عملدار کي اُن ڳالهه جي پرواهه نه هئي، ته هو ڀُٽن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ هن کي اُها به پرواهه نه هئي، ته جيستائين نظر وڃي سگهي ٿي اوستائين ڀٽن جون زمينون پکڙيل هيون. اسان جي خانداني ورثي جو انگريزن کي گهٽ احترام هو. هنن کي رڳو اسان جي ڀُوري چمڙي نظر آئي.
    ”توکي هڪ انگريز عورت جي پيار ماڻڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟“ جڏهن اوهان جو پڙڏاڏو هن جي اڳيان ويو، ته هن کيس تنبيهه ڪندي چيو، ”آئون توکي اهڙو سبق سيکاريندس جو ياد ڪندين.“ اهو چئي ڪرنل چهبڪ کنيو، پر جيئن ئي غلام مرتضيٰ کي چهبڪ هڻڻ لاءِ ڪرنل هٿ مٿي کنيو، ته اوهان جي پڙڏاڏي، عملدار کان چهبڪ ڦري هن کي وهائي ڪڍيو. ڪرنل رڙيون ڪندو هڪڙي ميز هيٺان ان وقت تائين وڃي لڪو جيستائين غلام مرتضيٰ سندس آفيس مان ٻاهر نه نڪتو. پوءِ غلام مرتضيٰ جي مائٽن ۽ دوستن کيس اتان ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ چيائونس ته، ”انگريز توکي ماري ڇڏيندا.“ تنهنڪري اوهان جو پڙڏاڏو پنهنجن ڪجهه ساٿين ۽ انگريز عورت سان، جنهن ساڻس گڏ وڃڻ تي ضد ڪئي هئي، لاڙڪاڻي مان نڪري ويو.
    انگريز هڪدم هُن جي ڪَڍ لڳا. غلام مرتضيٰ پنهنجن ساٿين کي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي صلاح ڏني. ”هڪڙو حصو مون سان هلي. باقي ٻيا انگريزياڻيءَ سان گڏ وڃن. پر هن کي ڪنهن به صورت انگريزن جي هٿ چڙهڻ نه ڏبو. اهو عزت جو معاملو آهي.“ ۽ پوءِ هو گهوڙن تي چڙهي جدا جدا طرفن ڏانهن روانا ٿيا ۽ پٺيان ايندڙ انگريزن کي ٺڳڻ لاءِ سنڌو درياءَ جي آرپار ٿيندا اڳتي وڌندا رهيا. انگريز وڏو جوکو کڻندي ان گروهه ويجهو اچي پهتا، جن ۾ انگريزياڻي به هئي. ڇو ته هوءَ تيزي سان سفر نه پئي ڪري سگهي. ان گروهه جي ماڻهن جلدي جلدي هڪ سرنگهه کوٽي ۽ ان ۾ لڪي ويٺا ۽ ان جو مُنهن وڻن جي پنن سان ڍڪي ڇڏيو. پر جڏهن انگريز هنن کي ڳولهيندي سرنگهه تائين اچي پهتا، ته اوهان جي پڙڏاڏي جا ماڻهو مايوس ٿي ويا. هنن غلام مرتضيٰ سان انجام ڪيو هو، ته ڇوڪريءَ ڪنهن به حالت ۾ انگريزن جي هٿ نه چڙهندي. اُهي ڇوڪريءَ کي دشمن کي سونپڻ جي بيعزتي سَهي نه سگهيا ۽ انگريزن کي پنهنجي ويجهو پهچندي ڏسي، اوهان جي پڙڏاڏي جي ماڻهن هن کي قتل ڪري ڇڏيو.“
    اُهو ٻُڌي اسان جون اکيون ڦاٽي ويون هيون. پر ڳالهه ته هاڻي شروع ٿي هئي. منهنجو پڙڏاڏو کِسڪي بهاولپور جي آزاد رياست ۾ وڃي لِڪو، پر جڏهن انگريزن رياست جي ضبطيءَ جي ڌمڪي ڏني، ته منهنجي ڏاڏي نواب جي مهمانوازيءَ جا ٿورا مڃيندي وري، سنڌو درياءَ پار ڪيو ۽ افغانستان ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي هو شاهي گهراڻي جو مهمان ٿي رهيو. انگريزن ڪاوڙ ۾ اچي هن جون سڀيئي زمينون ضبط ڪري ڇڏيون. اسان جو خانداني گهر نيلام ڪيو ويو. اسان جا ريشمي غاليچا نيلام ڪيا ويا. اسان جا ڪوچ، جن ۾ پراڻي زماني جو ٻاهران گهرايل ريشم، اطلس ۽ بخمل لڳل هوندو هو، اسان جا خالص سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل ٿانو، مذهبي ڏينهن تي اسين پنهنجن هزارين مٽن مائٽن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ جن وڏين وڏين ديڳين ۾ کاڌو تيار ڪرائيندا هئاسون اهي ديڳيون شاديون وغيره جي لاءِ تنبو ۽ خيما، جن تي زريءَ جو سُهڻو ڀرت ڀريل هوندو هو، اهي سڀئي وڪامجي ويا. غلام مرتضيٰ کي سزا ڏيڻي هئي ۽ تمام سخت سزا ڏيڻي هئي. ڇو ته ڪنهن به انگريز جي بيعزتيءَ جو سوچي به نه پيو سگهجي. هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ ته ڪنهن به ڏيهي ماڻهوءَ کي ان رستي تي به هلڻ جي اجازت نه هوندي هئي، جنهن تي انگريز هلندو هو. ڌڪ هڻڻ ته ڇا، ڪنهن انگريز کي جواب به نه ڏئي سگهبو هو.
    نيٺ انگريزن سان ٺاهه جي راهه نڪري آئي ۽ غلام مرتضيٰ واپس لاڙڪاڻي موٽي آيو. پر هن جي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا هئا، هو بيمار ٿي پيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڳرندو ويو. حڪيم زهر جو شڪ ڏيکاريو، پر ڪنهن کي به خبر پئجي نه سگهي، ته زهر ڪنهن ڏنو هو. اسان جي پڙڏاڏي وٽ چڪاس جا اهڙا اوزار هوندا هئا، جن ذريعي کاڌي ۽ پاڻيءَ ۾ زهر جي خبر پئجي ويندي هئي، پر زهر پنهنجو اثر ڏيکاريندو رهيو ۽ ان سبب نيٺ هو ستاويهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن جي وفات کان پوءِ خبر پئي، ته اهو زهر حُقي ذريعي ڏنو ويو هو، جيڪو هو رات جي ماني کائڻ کان پوءِ ڇِڪيندو هو.
    آئون اُهي خانداني ڳالهيون ايئن ڏاڍي چاهه سان ٻُڌندي هيس، جيئن منهنجا ڀائر مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ٻڌندا هئا. اسان جي وڏڙن جن مصيبتن کي مُنهن ڏنو هو، سي اسان لاءِ ڄڻ اخلاقي سبق هئا. بابا جي به اها ئي خواهش هئي: وفاداري، عزت، آبرو، اصول.
    غلام مرتضيٰ ڀٽي جو پُٽ، منهنجو ڏاڏو سر شاهنواز ڀٽو پهريون شخص هو، جنهن انهن جاگيرداري طور طريقن کان پاڻ ڇڏائڻ جي شروعات ڪئي، جن سبب سڄي سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻُوسٽ هئي. سندس زماني تائين، ڀٽي خاندان جا مرد ڀٽي خاندان ۾ ئي پنهنجين سئوٽ يا ماروٽ ڇوڪرين سان شاديون ڪندا هئا. اسلام عورتن کي ورثي ۾ ملڪيت ڏيڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ زمين کي پنهنجي ئي خاندان ۾ رکڻ جو واحد طريقو شادي هو. بابا جي پنهنجي سئوٽ امير بيگم سان اهڙي ’ڪاروباري‘ شادي ان وقت ٿي هئي، جڏهن پاڻ رڳو ٻارهن ورهين جو هو ۽ هوءَ اٺن يا نون ورهين جي هئي. هن ان شاديءَ کان پهرين ته انڪار ڪيو، پر منهنجي ڏاڏي هن کي انگلينڊ مان ڪرڪيٽ راند جو سمورو سامان گهرائي ڏيڻ جي لالچ ڏني، ته هو راضي ٿي ويو. هنن جي شاديءَ کان پوءِ امير بيگم واپس وڃي اباڻي گهر ۾ رهي ۽ بابا اسڪول هليو ويو. پر عورتن جي خاندان ۾ ان زوري شاديءَ ڪرائڻ جهڙي ناانصافيءَ جو اثر هن جي ذهن تي نَقش رهيو.
    جيڪڏهن گهراڻي ۾ ڪو مناسب سڱ نه ملندو هو، ته ڀٽي خاندان جون عورتون ڪنواريون ئي ويٺيون هونديون هيون. تنهنڪري منهنجون پُڦيون، جيڪي منهنجي ڏاڏي جي ٻيءَ زال جون ڌيئرون هيون، سڄي ڄمار ڪنواريون ئي رهيون. خاندان جي سخت مخالفت هوندي به منهنجي ڏاڏي پنهنجي ٻيءَ زال جي ڌيئرن کي ڌارين ۾ شاديءَ جي اجازت ڏني هئي. جيتوڻيڪ اهي پيار جون شاديون نه، پر مائٽن طرفان ڪرايل هيون. هڪ نسل پوءِ منهنجي ڀيڻ صنم پهرين ڀٽو عورت هئي، جنهن شاديءِ جو فيصلو پاڻ ڪيو هو. منهنجين اميدن برخلاف آئون پاڻ روايتي طريقي پٽاندر مائٽن جي پسند موجب شادي ڪنديس.
    بهرحال، منهنجي ڏاڏي کي ڏاڍو ترقي پسند سمجهيو ويندو هو. هن پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ۽ ڇوڪرين کي پڻ اسڪولن ۾ موڪليو. اها اهڙي ڳالهه هئي جنهن کي ٻيا زميندار خواري ڀانئيندا هئا. ڪيترائي جاگيردار ته پنهنجا پُٽ به ڪونه پڙهائيندا هئا. ”منهنجن پُٽن وٽ زمين آهي، سندن پڪي پختي آمدني آهي، تنهنڪري اُهي نه ڪڏهن نوڪريون ڪندا، ۽ نه وري ٻين جو پورهيو ڪندا. منهنجين ڌيئرن کي به ورثي ۾ زمين ملندي ۽ هنن جي سنڀال سندن مُڙس يا ڀائر ڪندا. تنهنڪري تعليم جو ڪهڙو لاچار آهي؟“ جاگيردارن جي هڪ خاصيت اها به هئي.
    انگريز حڪومت واري زماني ۾ منهنجو ڏاڏو بمبئي سرڪار جي ملازمت ۾ هو، جتي هن پڙهيل هندن ۽ شهري مسلمانن جي ترقيءَ جا سامان پاڻ ڏٺا هئا. سر شاهنواز ڀٽي پنهنجن ٻارن کي پڙهائي، ٻين سنڌي زميندارن لاءِ هڪ مثال جوڙيو هو، ته جيئن 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي ۽ آزاد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي سماجي ترقي رڪجي نه وڃي. پنهنجي پيرن مرشدن جي اعتراضن هوندي به هن بابا کي تعليم پرائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ اماڻيو هو. بابا هن کي مايوس ڪونه ڪيو. هن بي. اي. آنرز برڪلي جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان پاس ڪيو ۽ پوءِ آڪسفورڊ جي ڪرائسٽ چرچ ۾ قانون پڙهيو ۽ لنڪنس اِن مان بئريسٽر جي ڊگري وٺي، پاڪستان موٽيو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو.
    ٻئي طرف منهنجي ماءُ شهري صنعتڪارن جي نئين طبقي مان هئي، جنهن جا ويچار زميندار طبقي کان وڌيڪ ڪُشادا ۽ روشن هئا. جڏهن ته ڀٽي خاندان جون عورتون اڃا تائين پردي ۾ رهنديون هيون ۽ پنهنجي گهر جي چؤديواري مان ورلي ٻاهر نڪرنديون هيون ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرنديون هيون تڏهن به ڪاري برقعي ۾ ويڙهجي نڪرنديون هيون. پر امان ۽ سندس ڀينرون بُرقعي کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ پنهنجون موٽرڪارون پاڻ هلائينديون هيون. سندن پيءُ ايراني واپاري هوندو هو. هنن ڪاليج ۾ تعليم ورتي هئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عورتن جي پئرا مليٽري فوج، نيشنل گارڊ ۾ آفيسر ٿي رهيون هيون. ڀٽو خاندان جي عورتن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ممڪن ئي نه هيون.
    1951ع ۾ جڏهن بابا ۽ امان جي شادي ٿي، تڏهن امان ٻين ڀٽو عورتن وانگر پردو ڪيو ۽ پهرين کيس هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجن مائٽن سان ملڻ جي اجازت هوندي هئي، پر اهي پراڻا طريقا سڀني لاءِ ورچائيندڙ ٿيندا پئي ويا. جڏهن منهنجي ڏاڏي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر مان ڪنهن ٻئي پاسي ويندي هئي، ته ڊرائيور جي غير موجودگي ۾ هوءَ اڪثر امان کي ڪار هلائڻ لاءِ چوندي هئي. وري جڏهن گهر جا ڀاتي المرتضيٰ ۾ وڃي رهيا، ته بابا مرداڻي حصي ۾ رهڻ بدران زناني حصي ۾ امان سان گڏ رهڻ جي خواهش ڏيکاري. 70 ڪلفٽن جڏهن جُڙي راس ٿيو، ته اتي عورتن جي رهڻ لاءِ ڌار ڌار ڪمرا ڪونه هئا. جيتوڻيڪ ڏاڏا اُن گهر سامهون هڪ ٻيو گهر ورتو هو، جتي هو پنهنجن ملاقاتين سان ملندو هو. پاڪستان ۾ هڪ نئون ۽ وڌيڪ روشن دماغ نسل اُڀريو پئي.
    اسان جي مرداڻي سڀيتا ۾ ڇوڪرن کي سدائين ڇوڪرين کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي ۽ نه رڳو کين پڙهايو لِکايو ويندو هو، پر ڪي مثال اهڙا به ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جو ماءُ ۽ ڀينرن کان پهرين هنن کي ماني ڏني ويندي هئي. اسان جي خاندان ۾ اهڙي قسم جي متڀيد بلڪل ڪونه هئي. هر موقعي تي منهنجو خاص خيال رکيو ويندو هو. آئون چئن ٻارن ۾ سڀني کان وڏي هيس. منهنجو جنم 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. منهنجي چمڙيءَ جو رنگ ايترو ته گُلابي هو، جو مون تي هڪدم پيار جو نالو ”پِنڪي“ رکيو ويو. منهنجو ڀاءَ مير مرتضيٰ مون کان هڪ ورهيه پوءِ ڄائو هو. صنم 1957ع ۾ ۽ شاهنواز 1958ع ۾ ڄائو هو. پهريون ٻار هجڻ سبب شروع کان ئي خاندان ۾ مونکي هڪ خاص ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي حيثيت مليل هوندي هئي.
    آئون تڏهن رڳو چئن ورهين ۽ بابا اٺاويهين ورهين جو هو، جڏهن صدر اسڪندر مرزا کيس گڏيل قومن جي اداري ۾ موڪليو هو. بعد ۾ جڏهن بابا، ايوب خان جي صدارت هيٺ ستن ورهين تائين وزير تجارت، وزير توانائي، پرڏيهي کاتي جو وزير ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جهڙن عهدن تي رهيو هو، تڏهن هو ۽ امان گهڻو وقت گهر کان پري رهندا هئا.
    مون بابا کي اخبارن جي پهرين صفحن تي ۽ روبرو ڪيترائي ڀيرا ڏٺو هو: گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان ۽ ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ تقريرون ڪندي، 1960ع ۾ سوويت يونين سان مالي ۽ فني امداد جا ٺاهه ڪندي ۽ 1963ع ۾ منع ڪوٺيل بيجنگ مان واپس ايندي، جڏهن هن اتي چين سان سرحد بابت ٺاهه ڪيو هو. امان گهڻو ڪري هن سان گڏ سفر ڪندي هئي ۽ ٻار گهر ۾ گهرو ملازمن ۽ منهنجي سنڀال ۾ هوندا هئا. ”تون ٻين جو خيال رکجانءِ.“ بابا ۽ امان مونکي چوندا هئا. ”تون سڀني ۾ وڏي آهين.“
    منهنجي ڄمار اَٺ ورهيه کن هوندي، جو بابا ۽ امان جي غيرموجودگيءَ ۾ گهر جو سمورو انتظام مونکي سونپيل هو. گهر جي خرچ پَکي لاءِ امان مونکي جيڪي پئسا ڏيندي هئي، سي آئون پنهنجي ويهاڻي هيٺان لڪائي رکندي هئس. جيتوڻيڪ مون اڃا اسڪول ۾ حساب سکڻ مس شروع ڪيا هئا، پر امان جي غير حاضريءَ ۾ آئون روز رات جو بورچيخاني ۾ هڪ اسٽول تي چڙهي ويهندي هيس ۽ اسان جي پراڻي ۽ وفادار ملازم بابوءَ سان گڏ، جنهن کي اسين ميجر ڊومو به چوندا هئاسين، حساب ڪتاب ڪندي هيس. انگ صحيح ايندا هئا يا نه، اهو مونکي ياد ڪونهي. خوش قسمتي سان گهٽ پئسا خرچ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سڄي گهر لاءِ کاڌي جو سامان ڏهن رپين يا اٽڪل ٻن ڊالرن ۾ ايندو هو.
    اسان جي گهر ۾ تعليم کي گهڻي اهميت هوندي هئي. ڏاڏي جيان بابا به اسان کي مثالي اولاد ٺاهڻ گهريو ٿي، جيڪو پاڪستانين جو پڙهيل، سِکيل ۽ روشن خيال ٻيو نسل ٿيڻ وارو هو. ٽن ورهين جي ڄمار ۾ مونکي ليڊي جيننگس نرسري اسڪول ۾ ويهاريو ويو ۽ پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي سڀني کان سٺي اسڪول ”دي ڪنوينٽ آف جيزس ايند ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو. ان اسڪول ۾ تعليم جو ذريعو انگريزي ٻولي هئي، جيڪا اسين پنهنجي والدين جي ٻولين- سنڌي يا فارسي يا قومي ٻولي اردوءَ بجاءِ گهر ۾ گهڻي ڳالهائيندا هئاسين. اسڪول ۾ جيڪي آئرش راهبائون پڙهائينديون هيون، انهن اُتي جي پُراڻن شاگردن جي درجن جا نالا ڏاڍا اتساهه ڏياريندڙ رکيا هئا، جهڙوڪ ”تنظيم“، ”مروت“، ”جدوجهد“ ۽ ”خدمت“، پر هنن ڪڏهن به اسان کي عيسائي ٿيڻ جي ترغيب نه ڏني. اهو اسڪول انهن عيسائي مبلغن جي آمدنيءَ جو سٺو ذريعو هو، جن ڪافي امير ۽ دورانديش مسلمانن جي انهن ٿورن خاندان کي پنهنجي مذهب کان ڦيرائڻ جو خطرو کنيو هو، جن پنهنجا ٻار اتي تعليم پرائڻ لاءِ موڪليا هئا.
    ”آئون اوهان کي رُڳو هڪڙي ڳالهه چوندس، ته اوهين چڱيءَ طرح سان پڙهو.“ بابا اسان کي هر ڀيري اهوئي چوندو هو. جڏهن اسين وڏا ٿياسون، تڏهن اسان لاءِ استاد رکيا، جيڪي اسان کي اسڪول مان اچڻ کان پوءِ، ٽپهريءَ جو رياضي، جاميٽري، الجبرا ۽ انگريزي جي سکيا ڏيندا هئا. بابا دنيا ۾ جتي به هوندو هو، اتان ٽيليفون تي اسڪول رپورٽن جي ڄاڻ وٺندو رهندو هو. خوش قسمتيءَ سان آئون سٺي شاگردياڻي هيس ۽ منهنجي لاءِ هن جا اوچا ارادا هئا ۽ آئون ڀٽو خاندان جي پهرين ڇوڪري هيس، جنهن ٻاهرين ملڪ ۾ تعليم ورتي. ”اوهين سڀئي پنهنجا پنهنجا سُوٽ ڪيس ٺاهي رکو. آئون پاڻ اوهان کي هوائي اڏي تي وٺي هلندس ۽ جهاز ۾ چاڙهي روانو ڪندس.“ جيتري قدر مونکي ياد اچي ٿو، ته هن اسان چئني ٻارن کي ننڍي هوندي کان چوڻ شروع ڪيو هو. ”پِنڪي هتان ننڍڙي گدلي ٻارڙي وانگر ويندي، پر اتان ساڙهيءَ ۾ سُندر مُلوڪ عورت جيان واپس ايندي. شاهنواز پنهنجا ايترا ته ڪپڙا کڻندو، جو هن جو سوٽ ڪيس بند ئي نه ٿي سگهندو. اسين لاچار ٿي بابوءَ کي سڏينداسون، ته ان تي چڙهي ويهي، ته جيئن اهو بند ٿئي.“
    اسان جي ڪُٽنب ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٻُڌبي هئي، ته زندگيءَ ۾ اسان کي پنهنجن ڀائرن جهڙا وجهه ڪونه ڏنا ويندا، ۽ نه وري اسلام ۾ اهڙي اجازت هئي. اسان ننڍي هوندي ئي اهو سکيو هو، ته اسلام جي مردن جيڪا تشريح ڪئي ٿي، ان مطابق عورتن تي پابنديون پيل هيون، جيتوڻيڪ اسان جو مذهب اهو نه ٿو چوي. شروع کان ئي اسلام ۾ عورتن لاءِ ڏاڍي ڪشادگي ڏيکاريل هئي: قديم وقت ۾ عرب پنهنجن ڌيئرن کي ڄمندي ئي قتل ڪري ڇڏيندا هئا، پر اسان جي پيغمبر حضرت محمد ﷺ جن اُن جي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ۽ هنن کي پڙهڻ ۽ ورثي ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏنو هو. مغرب ۾ عورتن کي اهي حق گهڻو پوءِ مليا آهن.
    بيبي خديجا ﷦، جنهن پهرين اسلام مڃيو هو، بيواهه عورت هئي. هوءَ پنهنجو ڪاروبار پاڻ هلائيندي هئي ۽ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اڃا ننڍيءَ ڄمار جو هو ته کيس پنهنجي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيائين ۽ پوءِ ساڻس شادي به ڪيائين. مسلمانن جي شروعاتي لڙائين ۾ اُمه عماره مردن سان گڏجي ڪافرن سان وڙهي هئي ۽ هن پنهنجي بهادريءَ سان حضور ﷺ جن جي جان بچائي هئي. ڏکڻ هندستان جي رياست احمد نگر جي حڪمران چاند بيبي، مغل شهنشاهه اڪبر کي شڪست ڏئي، کيس پاڻ سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. شهنشاهه جهانگير جي راڻي ۽ هندستان جي حقيقي حڪمران نورجهان ملڪي انتظامي معاملن جي ماهر سمجهي ويندي هئي. اسلامي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون ملن ٿيون، جن ملڪي معاملن ۾ مردن وانگر ڪاميابي ماڻي هئي. اهڙي راهه ورتائڻ لاءِ اسلام نه هنن کي منع ڪئي هئي ۽ نه مونکي منع ڪري ٿو. قرآن شريف ۾ سوره عنڪبوت ۾ فرمايل آهي ته ”مون هنن تي حڪمرانيءَ لاءِ هڪ عورت ڏني آهي، ۽ هن کي سڀئي شيون گهڻي انداز ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ هن جو تخت تمام طاقتور آهي.“ سوره النساء ۾ وري اهو چيو ويو آهي ته ”مردن کي سندن ڪمائيءَ جو حصو ڏنو ويو آهي ۽ عورتن کي سندن ڪمائيءَ جو.“
    روزانو ٽپهريءَ جو اسڪول جي ڪمن کان پوءِ اسان کي قرآن شريف جون اُهي ۽ ٻيون سورتون مولوي صاحب پڙهائيندو هو، جيڪو اسان کي ديني تعليم ڏيڻ لاءِ رکيل هو. قرآن شريف عربيءَ ۾ پڙهڻ ۽ اُن جا سبق سمجهڻ سڀ کان اهم ڪم هوندو هو. اسان جو ڪيترو ئي وقت ڏُکيو عربيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ ويندو هو، جنهن جي الف – ب ساڳي اردو الف – ب جهڙي هئي، پر جنهن جو صرف نحو ۽ معنيٰ اهڙيءَ طرح مختلف هئي، جيئن انگريزي، فرانسيسي کان مختلف هجي ٿي.
    ”بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.“ مولوي اسان کي سيکاريندو هو ۽ قرآني احڪام ٻڌائيندو هو ته، ”سدائين پنهنجي ماءَ پيءُ جي عزت ڪريو ۽ سندن حڪم مڃيو.، امان به اسان کي اُهوئي چوندي رهندي هئي. مولوي اسان کي اُهو به سيکاريو هو ته، ”هن دنيا ۾ اسين جيڪي عمل ڪريون ٿا، تن جو اجورو مرڻ کان پوءِ ٻيءَ دنيا ۾ ملندو. اوهان کي باهه جي ماٿريءَ مٿان وار جهڙي سنهيءَ پل تان لنگهڻو پوندو. اوهان کي خبر آهي ته وار ڪيترو سنهو ٿئي ٿو؟“ هو هڪ اچرج ۾ وجهندڙ انداز سان چوندو هو. ”جن ماڻهن ڏوهه گناهه ڪيا آهن، سي ان دوزخ جي باهه ۾ ڪِري سڙي ويندا. پر جن چڱا ڪم ڪيا هوندا، اهي اها پل اُڪري بهشت ۾ ويندا، جتي کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهن ٿيون.“
    امان وري مونکي عبادت جا ارڪان سيکاريا هئا. هوءَ پنهنجي عقيدي جي ڏاڍي پابند هئي.هوءَ دنيا ۾ کڻي ڪٿي به هوندي هئي يا ڇا به ڪندي هئي، پر روزانو پنج وقت نماز ضرور پڙهندي هئي. جڏهن آئون نون ورهين جي هيس، ته هوءَ منهنجي ڪمري ۾ اچي مونکي فجر جي نماز پاڻ سان گڏ پڙهائيندي هئي. اسين ٻئي وضو ڪري، مصلي تي قبلي سامهون ويهي، الله جي حضور ۾ سجدو ڪنديون هيونسين.
    منهنجي امان شيعا فرقي جي هئي، جيئن اڪثر ايراني آهن، جڏهن ته اسان جي ڪُٽنب جا باقي ڀاتي سُني هئا. پر اُن سبب ڪوبه کِٽراڳ نه ٿيو. شيعا ۽ سُني هزارين ورهين کان گڏوگڏ رهندا پيا اچن. هنن هڪ ٻئي ۾ سڱاوتيون به ڪيون آهن. اسان جا اختلاف ٿورڙا هئا. اصل اصول اهو هو ته سڀئي مسلمان پوءِ کڻي سندن فرقو ڪهڙو به هجي الله جي اڳيان ڪَنڌُ جهڪائين ٿا. هنن جو ايمان آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ محمد ﷺ جن آخري پيغمبر آهي. قرآن شريف ۾ هڪ مسلمان جي اها ئي تعريف ڪيل آهي ۽ اسان جي خاندان ۾ ان کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
    محرم جي مهيني ۾، جڏهن پيغمبر جي پوٽي حضرت امام حسين ﷦ کي ڪربلا، عراق ۾ شهيد ڪيو ويو هو، آئون ورلي ڪارا ڪپڙا پائي امان سان گڏجي، عورتن جي مجلس ۾ ويندي هيس. ”ڌيان سان ٻُڌجانءِ.“ امان مونکي چوندي هئي، ڇو ته شيعن جون اهي مذهبي رسمون سُنين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت هونديون هيون. آئون مجلس پڙهندڙ کي ويچار سان ڏسندي هيس، جيڪا ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ ان غمگين واقعي جو بيان ڪندي هئي، جنهن ۾ حضرت امام حسين ﷦ ۽ سندس ڪجهه ساٿي، غاصب يزيد جي فوجن جي گهيري ۾ اچي، بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا هئا. امام حسين ﷦ جو ڪَنڌُ مبارڪ قلم ڪيو ويو ۽ هن جي ڀيڻ بيبي زينب کي اگهاڙي مٿي يزيد جي درٻار ۾ آندو ويو، جتي هن پنهنجي ڀاءُ جي سِر سان، ظالم کي راند رهندي ڏٺو هو. هنن جو نسل جيڪو اڄ شيعا ٿو سڏجي، انهن ڪڏهن به ڪربلا جي ان ڏکائتي واقعي کي وساريو ڪونهي.
    ”ٻُڌو معصوم ٻار پاڻيءَ لاءِ پيو روئي.“ ذاڪرياڻي ڏک ڀرئي جذباتي آواز ۾ چوندي هئي. ”ٻار جي روئڻ جو آواز ٻُڌي هن جي ماءُ جو ڇا حال ٿيو هوندو. هوڏانهن هن سُهڻي مرد کي ڏسو، جيڪو گهوڙي تي چڙهيو پاڻي کڻڻ پيو وڃي. هو واهه جي ڪناري وٽ جهُڪي ٿو. اسين هن کي جهُڪندي ڏسون پيا. ڏسو! ڏسو! سپاهي هن تي ترارن سان حملا پيا ڪن…“ هن جي ان چوڻ تي عورتون پنهنجي ڇاتين تي غم وچان هٿڙا هڻي ماتم ڪنديون هيون. اهو بيان ايترو ته چٽو ۽ اثرائتو هوندو هو، جو آئون به اڪثر روئي ڏيندي هيس.
    بابا پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ٻارن کي ويهين صديءَ ۾ آڻڻ جو پختو ارادو ڪيو هو. ”ڇا ٻار خاندان ۾ شاديون ڪندا؟“ هڪڙي ڏينهن مون امان کي بابا کان اهو پُڇندي ٻڌو. ان جي جواب ٻُڌڻ لاءِ آئون ساهه روڪي بيٺس. ”منهنجي مرضي ڪانهي ته منهنجا پٽ پنهنجين سئوٽن سان شاديون ڪري، کين گهرن جي چؤديوارين ۾ ڇڏي ڏين ۽ نه وري پنهنجين نياڻين کي پنهنجن ئي مائٽن جي گهرن جي چؤديواري اندر دفن ٿيڻ کي آئون پسند ڪندس!“ اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو اطمينان ٿيو. ”پهرين هنن کي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ گهرجي. پوءِ هو پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪري سگهندا.“
    هن جو اُهو جواب مونکي ان ڏينهن وڌيڪ وڻيو هو، جڏهن منهنجيءَ ماءُ مونکي پهريون ڀيرو برقعو پارايو هو. اسين ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي ويندي مهل ريل گاڏيءَ ۾ هئاسين، جو امان پنهنجي بيگ مان هڪ سنهو ڪارو برقعو ڪڍي، ان ۾ مونکي ويڙهيو. ”هاڻي تون ٻار ڪونه آهين.“ هن ٿورو ڏکائتي انداز ۾ مونکي چيو. پراڻن خيالن وارن زميندار خاندانن جي ڌيئرن جي صديون پراڻي ان رسم کي جيئن امان پورو ڪيو، ته مون ننڍپڻ جي وهيءَ مان نڪري جوانيءَ جي دؤر ۾ پير رکيو. پر اهو ڪيترو نه نراس ڪندڙ دؤر ثابت ٿيو. آسمان، وڻن ٽڻن ۽ گلن جا رنگ جهَڪا پئي نظر آيا. منهنجين نظرن اڳيان هرڪا شيءِ لڙاٽيل هئي. ريل گاڏيءَ مان جيئن ئي آئون لٿيس، ته مٿي کان وٺي پيرن تائين چادر ۾ ويڙهيل هجڻ سبب آئون هلي نه پئي سگهيس. گهُٽ سبب منهنجي مُنهن مان پگهر وهڻ لڳو.
    ”اڄ پِنڪي پهريون ڀيرو بُرقعو پاتو آهي.“ المرتضيٰ پهچڻ تي بابا کي امان ٻڌايو. گهڙيءَ کن لاءِ بابا ماٺ ٿي ويو هو. ”هن کي برقعو پائڻ جي ڪا گهُرج ڪانهي.“ بابا نيٺ وراڻيو. ”پاڻ سڳورن ﷺ جن خود فرمايو آهي ته بهترين پردو اکين جو پردو آهي. ڇڏيو ته کيس سندس اخلاق ۽ ذهن مان سڃاتو وڃي ۽ نه سندس لباس مان.“ پوءِ آئون ڀٽو خاندان جي پهرين عورت هيس، جنهن دائمي مُنهن اونداهيءَ مان ڇوٽڪارو ماڻيو هو.
    بابا سدائين مونکي اُن سچائيءَ جي پَرک ڏَسيندو هو، ته آئون به هن مهان دنيا جو حصو آهيان، جيتوڻيڪ ورلي هن جا سبق مونکي سمجهه ۾ ئي ڪين ايندا هئا. 1963ع ۾ پرڏيهي کاتي جي وزير جي خانگي ريلوي گاڏي ۾ مون هن سان گڏ سفر پئي ڪيو، ته هن مونکي ننڊ مان جاڳائيندي چيو، ”هي سمهڻ جو وقت ڪونهي.“ هن تاڪيد ڪندي چيو. ”ڏاڍو المناڪ حادثو ٿيو آهي. آمريڪا جي جوان صدر کي گولي هنئي وئي آهي.“ جيتوڻيڪ منهنجي ڄمار اٽڪل ڏهه ورهيه هئي ۽ آمريڪا جي صدر بابت مون گهڻو ڪي ڪونه ٻڌو هو، تڏهن به صدر جان ايف ڪينيڊيءَ جي حالت بابت تازي خبر ملڻ تائين هن مونکي پنهنجي ڀرسان ئي ويهاريو هو. بابا صدر ڪينيڊيءَ سان وائيٽ هائوس ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس آزاد سماجي خيالن سبب هن جو مداح هوندو هو.
    پاڪستان ۾ جڏهن ٻاهرين ملڪن جا وفد ايندا هئا، تڏهن اڪثر بابا اسان ڀينرن ڀائرن کي ساڻن ملاقات ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. هڪڙي ڏينهن هن جڏهن اسان کي ٻڌايو ته، اڄ اوهان کي چين جي ”مهانَ شخصيت“ سان ملاقات ڪرڻي آهي ته آئون ڏاڍي اُتاولي ٿي هيس. بابا اڪثر چيني انقلاب ۽ ان جي اڳواڻ مائوزي تنگ جي ڏاڍي واکاڻ ڪندو هو، جنهن پهاڙن ۽ ريگستانن مان پنهنجين فوجن جي اڳواڻي ڪندي، پراڻي راڄ جو اَنت آندو هو. مونکي پڪ هئي ته انهن مان هڪ شخص ضرور مائو هوندو، جنهن جي ٽوپي، چيني انقلابيءَ جي ذاتي سوکڙي، بابا جي ڪپڙن واري ڪمري ۾ رکي هئي. ان موقعي تي مون اهو لباس پاتو هو، جيڪو هر سال بابا نيويارڪ جي ”سيڪز ففٿ اوينيو“ مان آڻيندو هو، جتي اتي جي عورت ملازم وٽ اسان جي بدن جي ماپ هوندي هئي. پر مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، جڏهن انهن ”اهم چيني ماڻهن“ ۾ مائو شامل ڪونه هو، پر چيني وزيراعظم چو اين لائي ۽ هن جا ٻه وزير چن يي ۽ ليو شائوچي هو، جيڪو پوءِ ثقافتي انقلاب جي ڏينهن ۾ جيل ۾ وفات ڪري ويو هو.
    منهنجين اميدن مطابق رڳو چو اين لائي ڪراچيءَ ۾ ’اڪيلو مهمان‘ ڪونه هو. حقيقت ۾ اسان جي ملاقات رڳو هن سان ڪين ٿي هئي. امان کي خبر هئي ته رات جي مانيءَ تي هڪ اهم شخصيت اچڻ واري آهي، ڇو ته گهر جي ٻاهرين ديوار تي روشنيءَ جي جهُومر لڳي پئي هئي. جڏهن هڪ لموزين دروازي مان اندر آئي، ته اسان مٿان ماڙيءَ جي درين مان ڏٺو، ته صدر ايوب خان ۽ هڪ آمريڪي معزز 70 ڪلفٽن ۾ آيا آهن. اسان شهر ۾ جيڪي فلمون ڏٺيون هيون، انهن پٽاندر مون هڪدم آمريڪي شخص کي سڃاڻي ورتو. ”اوهان کي باب هوپ سان ملي ڪا خوشي ٿي؟“ ٻئي ڏينهن مون امان کان لاپرواهيءَ مان پُڇيو. ”ڪير؟“ امان وراڻيو. ”باب هوپ“ مون چيو. ”تون ڪا ڀورڙي آهين.“ هن مونکي ٻڌايو، ”اهو آمريڪا جو نائب صدر هربرٽ همفري هو.“ بعد ۾ مونکي خبر پيئ، ته هربرٽ همفري ڪوشش ٿي ڪئي، ته ويٽنام ۾ آمريڪي فوجين لاءِ بيڊمنٽن راند جا ريڪٽ موڪلي پاڪستان، آمريڪا جي حمايت ڪري. پر بابا، جيڪو ويٽنام جي گهرو جنگ ۾ ٻاهرين شرڪت جو مخالف هو، تنهن ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.
    جڏهن منهنجي ڄمار ڏهه ورهيه ۽ صنم جي ست ورهيه ٿي، تڏهن اسان کي ملڪ جي اُتر ۾ ديال جي وڻن سان ڍڪيل اڳوڻي انگريز هل اسٽيشن مريءَ جي رهائشي اسڪول ۾ موڪليو ويو. اسان جي نگران ماسترياڻي تڪڙو چتاءَ ڏئي انگلستان وڃڻ واري هئي. رهائشي اسڪول جو تڪڙو سُلجهاءُ هو ۽ بابا جي به اها مرضي هئي، ڇو ته هن جو خيال هو ته اتي جي پڙهائيءَ مان اسان کي سٺو تجربو ٿيندو. مونکي پهريون ڀيرو پنهنجو هنڌ وڇائڻو پيو هو. پنهنجيون جُتيون پاڻ پالش ڪرڻيون پيون هيون ۽ وهنجڻ ۽ ڏندن ڏيڻ لاءِ ڪمري ٻاهران نلڪي مان پاڻي آڻڻو پيو هو. ”منهنجن ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر جيان سمجهجو.“ بابا راهبائن کي چيو هو ۽ واقعي هنن اهوئي ڪيو ۽ سخت قاعدن جي ڪنهن به ڀڃڪڙيءَ تي صنيءَ (صنم) ۽ منهنجي ڪَن مَهٽُ ڪئي هئي.
    بابا پنهنجن خطن ذريعي مريءَ ۾ اسان جي سياسي سِکيا جاري رکي. جڪارتا ۾ جيڪا غير وابستا ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن مان واپس اچڻ کان پوءِ هن اسان کي هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن ۾ هن گڏيل قومن جي اداري ۾ وڏين طاقتن جي ٻيائيءَ ۽ نتيجي ۾ ٽين دنيا جي ملڪن کي ڪا اهميت نه ڏيڻ جي موضوع تي تفصيل سان روشني وڌل هئي. هڪڙي راهبا، صنم ۽ مونکي اسڪول جي باغ ۾ هڪڙي بئنچ تي ويهاري اهو سڄو خط اسان کي پڙهي ٻڌايو. جيتوڻيڪ اسان کي ان جي مضمون جون تمام ٿورڙيون ڳالهيون سمجهه ۾ آيون هيون.
    مريءَ ۾ اسان جي ٻئي ۽ آخري سال ۾ صنم ۽ مون سياست جا شروعاتي سبق سِکيا. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڪشمير جي معاملي تي هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي. ڪشميري عوام جي حق خوداختياريءَ لاءِ ۽ هندستان جي ڏاڍائيءَ خلاف ڳالهائڻ لاءِ بابا جڏهن گڏيل قومن جي اداري ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن ڪنوينٽ آف جيزس ائنڊ ميري جي راهبائن، ڀارتي حملي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجين شاگردياڻين کي تيار ڪرڻ شروع ڪيو. مريءَ مان رستو سِڌو ڪشمير وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن اهو پئي سوچيو ته ڀارتي فوجون پاڪستان ۾ ڪاهي اچڻ لاءِ اهوئي رستو استعمال ڪنديون.
    جتي اسين پهرين رات جي ماني کائڻ کانپوءِ راند رهنديون هيونسين يا ائنڊ بلائٽن جا ڪتاب پڙهنديون هيونسين. اتي هاڻي اوچتو هوائي حملي کان بچاءَ جون مشقون ڪرڻ لڳيونسين. اُتي بليڪ آئوٽ به ٿيندو هو. راهبائن اسڪول جي وڏين شاگردياڻين تي ذميداري رکي، ته اُهي پنهنجين ننڍڙين ڀينرن کي پناهه گاهن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ڪن. ۽ مون وري صنيءَ کي ٻڌايو، ته رات جو پنهنجا سليپر پيرن سان ٻڌي ڇڏي، ته جيئن انهن کي ڳولڻ لاءِ سنديس وقت خراب نه ٿئي. اسان جي اسڪول جون ڪيتريون شاگردياڻيون سرڪاري ڪامورن ۽ فوجي عملدارن جون ڌيئرون هيون ۽ اسان دشمن جي هٿ چڙهڻ جي صورت ۾ وڏي اتساهه سان هڪ ٻئي تي ڪُوڙا نالا رکيا هئا. ٻاراڻي جوش ۾ اسان سڀني کي اهو پئي لڳو، ته اسان کي اتان ڀڄائي جبلن ۾ کڻي ويندا. سترهن ڏينهن جي جنگ ۾ حملي جو اهو ڊپ ڏاڍو حقيقي ۽ خوفائتو ڀانئبو هو.
    پاڪستان ۾ حالتن کي آمريڪا ويتر بگاڙي ڇڏيو. اهو ڄاڻندي ته هنن ڪميونسٽن جي خطري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي جيڪي هٿيار ڏنا هئا، سي هندستان خلاف واپرائجن پيا، ته جانسن جي حڪومت سموري ننڍي کنڊ کي هٿيار ڏيڻ تي بندش وجهي ڇڏي، پر هندستان، سوويت يونين وٽان هٿيار ورتا پئي. اسان جا سپاهي 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي اداري طرفان جنگبنديءَ جي اعلان تائين ڪاميابيءَ سان جنگ ڪندا رهيا. لڳو ٿي ته ملڪ کي سوڀ ٿي آهي. اسان نه رڳو ڀارتي فوجن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو هو، پر هنن جي ڀيٽ ۾ اسان سندن وڏي علائقي تي قبضو پڻ ڪيو هو.
    پر اسان جي آڪڙ جٽاءُ نه ڪيو. روس جي ڏاکڻي شهر تاشقند ۾ ٺاهه لاءِ جيڪي ڳالهيون ٿيون هيون، تن ۾ صدر ايوب خان اهي سڀيئي شيون وڃائي ڇڏيون، جيڪي اسان جنگ جي ميدان ۾ ماڻيون هيون. تاشقند ٺاهه مطابق ٻنهي ملڪن پنهنجن فوجن کي جنگ کان اڳ واريءَ جاءِ تي واپس موڪلڻ مڃيو. بابا کي بڇان لڳي ۽ هن پرڏيهي کاتي جي وزير واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ٺاهه تي صحيحن کان پوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن هندستاني وزيراعظم لال بهادر شاستري دل بيهڻ سبب گذاري ويو، تڏهن بابا ٽوڪَ وچان چيو، ته هن جي دل ضرور خوشيءَ سبب بيهي رهي هوندي.
    اُن ٺاهه جي شرطن جي جڏهن ماڻهن کي خبر پئي، تڏهن پنجاب ۽ سنڌ صوبن ۾ وڏا مظاهرا ٿيا، جن ۾ پوليس طرفان ڏاڍيون سختيون ڪيون ويون. ان هوندي به اهي مظاهرا ٿيندا رهيا ۽ ڀٽو ڪُٽنب جي زندگي سدائين لاءِ بدلجي وئي.
    جون 1966ع ۾ ايوب خان نيٺ بابا جي استعيفيٰ منظور ڪئي. ايوب ۽ بابا وچ ۾ جيڪي اختلاف هئا، سي هاڻي پڌرا ٿي پيا هئا ۽ هڪ سياسي اڳواڻ طور بابا جي عوامي حمايت گهڻي وڌي وئي. پرڏيهي کاتي واري وزير جي ذاتي ريلوي گاڏيءَ ۾ اسان لاڙڪاڻي تائين آخري سفر ڪيو، تڏهن ماڻهو وڏي جوش ۽ اتساهه وچان اسان جي ريل سان گڏ ڊوڙندا رهيا ۽ گاڏي جي هٿين کي جهلي ان تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا . اهي گاڏيءَ جي ڇت تي ۽ ريل جي پَٽڙين ويجهو عمارتن تي چڙهي ويٺا ۽ نعرا هڻڻ لڳا. ”فخر ايشيا زنده باد، ڀٽو زنده باد.“
    لاهور ۾ بابا ريل گاڏيءَ مان لهي پنجاب جي گورنر وٽ ٻنپهرن جي مانيءَ تي ملاقات لاءِ ويو هو. آئون تنهن وقت ڏڪي وئي هيس، جڏهن ڪنهن رڙ ڪري چيو هو، ته ڀٽي صاحب جي قميص تي رَت جو نشان آهي. منهنجي دل ان وقت تائين ڄڻ بيهي رهي هئي. جيستائين بابا ماڻهن جي انبوهه مان مشڪندو ۽ هٿ لوڏيندو واپس نه آيو هو. هن جي قميص ڦاٽي پئي هئي ۽ جسم تي ٿوري رَهڙ جو نشان هو. سندس ٽاءِ به ڪانه هئي. پوءِ خبر پئي ته اها هزارين رپين ۾ نيلام ٿي هئي. جڏهن هو پرڏيهي کاتي جي وزير جي گاڏي ۾ چڙهي آيو، ته ماڻهن سڄي ريل گاڏيءَ کي لوڏڻ شروع ڪيو ۽ اهي لوڏا ايترا ته وڌندا ويا، جو اسان سمجهيو ته اسين ريل مان هيٺ ڪِري پونداسين.
    نيٺ اسين سلامتيءَ سان گهر پهتاسين، ته سياست جون وڌيڪ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. اسان ننڍن ٻارن کي هاڻي ’سرد جنگ‘ ’هٿيارن تي پابندي‘ جهڙا اصطلاح ٿورڙا سمجهه ۾ اچڻ لڳا. اسان کي گول ميز ڪانفرنس ۽ سربراهي گڏجاڻين جي ڳالهين ٻُڌڻ جي ائين واقفيت ٿي وئي هئي. جيئن ٻين ٻارن کي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ اسڪور سان واقفيت هوندي هئي. پر 1966ع ۾ جڏهن بابا، ايوب خان کان ڌار ٿيو، تڏهن ”شهري آزادي“ ۽ جمهوريت“ جا لفظ اڪثر ٻڌبا هئا، جيڪي پاڪستان جي اڪثريت لاءِ غير حقيقي هوندا هئا، جن کي ايوبي دؤر ۾ سياست ۾ حصي وٺڻ کان پري رکيو ويندو هو. نيٺ بابا 1967ع ۾ پنهنجي هڪ جماعت ’پاڪستان پيپلز پارٽي‘ ٺاهي.
    ”روٽي، ڪپڙا، مڪان“ اُهي سادا واعدا هئا، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلسن جلوسن ۾ نعري طور ڪتب اچڻ لڳا، جن کان پاڪستان جا لکين ماڻهو محروم هوندا هئا. مسلمان الله آڏو پنهنجو ڪَنڌُ نوائين ٿا. پر اسان جي ملڪ جو غريب عوام اڃا تائين اميرن جي اڳيان پاڻ جهڪائي ٿو. ”اٿي کڙا ٿيو! ٻين اڳيان ليٿڙون نه پايو! اوهين انسان آهيو ۽ اوهان جا به حق آهن!“ بابا پاڪستان جي ڏورانهن ۽ نڌڻڪن ڳوٺن ۾، جتي اڳ ڪوبه سياستدان ڪونه ويو هو، ماڻهن جي انبوهه کي ٻڌائيندو هو: ”جمهوريت جي گهُر ڪريو، جنهن ۾ غريب جي ووٽ جو به ايترو ئي وزن آهي، جيترو امير جي ووٽ جو آهي.“
    ”ڀٽو ڪير آهي؟ ڀٽو ڇا آهي؟ ماڻهو ڇو ٿا چون، ته هن کي ٻُڌڻ لاءِ هرڪو ماڻهو وڃي ٿو. جڏهن ته رڳو ٽانگي وارا، رڪشا وارا ۽ ريڙهي وارا هن جي جلوس ۾ هجن ٿا.“ ايوب خان جي هڪ گورنر سرڪاري اخبارن ۾ سوال اٿاريو. اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، جو منهنجي اڳيان هڪ مقصد هوندو هو. جيتوڻيڪ اسان پنهنجن گهرن ۾ بچاءُ واري حياتي گذاري ٿي ۽ وڏن ۽ خاص اسڪولن ۾ تعليم ٿي پرائي، پر مون ماڻهن کي پيرن اُگهاڙو ۽ پٺڻ اگهاڙو ڏٺو هو. وارن ۾ چيڙهه پيل ڇوڪرين کي ۽ سُڪل سڙيل ٻارن کي ڏٺو هو. ڇا غريبن کي ماڻهن ۾ به شمار نٿو ڪري سگهجي؟ قرآن شريف جي تعليم مان اسان کي خبر پئي هئي، ته اسلام جي تعليم مطابق سڀئي ماڻهو الله آڏو برابر آهن. اسان جي والدين پڻ اسان کي اهو سيکاريو هو ته: هر هڪ ماڻهوءَ جو ادب ۽ احترام ڪريو ۽ ڪنهن کي به پنهنجي اڳيان جهُڪي، پنهنجن پيرن ڇُهڻ يا پٺئين پيرين وڃڻ جي اجازت نه ڏيو.
    ”اهو ڪو الله جو قانون ڪونهي، ته هتي پاڪستان ۾ رڳو اسين غريب هجون.“ بابا غريب عوام جي انبوهن کي ۽ اتي بيٺل شرميلين عورتن جي ميڙن کي لاڳيتو ٻڌائيندو رهيو. ”اسان جو ملڪ شاهوڪار آهي. اُن ۾ گهڻا وسيلا ۽ ذريعا آهن، ته پوءِ منجهس غريبي، بک ۽ بيماري ڇو آهي؟“ اهو هڪڙو اهڙو سوال هو، جيڪو ماڻهو هڪدم سمجهي ويندا هئا. ايوب پاڪستان جي اقتصادي حالتن کي سُڌارڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو نه ٿيو هو. جڏهن ته هن جو گهراڻو ۽ ٻيا ٿورا خاندان امير ٿي ويا هئا. ايوب جو گروهه پاڪستان جي هر بئنڪ، انشورنس ڪمپني ۽ وڏي صنعت جو مالڪ ٿي ويو هو. ان ظلم ۽ تعديءَ سبب پهرين سوين ۽ پوءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو بابا جي جلسن ۾ ڇڪجي ايندا هئا، جيڪو سماجي ۽ معاشي سُڌارن جي ڳالهه ڪندو هو.
    70 ڪلفٽن ۾ اسان جي گهر جي پهرئين طبق تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو دفتر ڪم ڪرڻ لڳو. يارهن ۽ چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ منهنجي ڀيڻ ۽ مون وڏي اتساهه سان چار چار آنا فيءَ ڏيئي، پارٽيءَ جي رڪنيت ورتي، ته جيئن اسين پڻ پنهنجي ميجر ڊومو بابو جي مدد ڪري سگهون، جيڪو ماڻهن جي وڌندڙ تعداد کي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وٺي ايندو هو، جيڪي روزانو ٻاهر دروازي تي قطارن ۾ بيٺا هوندا هئا. پر روزاني جي ان ڳڻپ ۾ اسان اهو به ٻڌو ته ايوب حڪومت، بابا کي تمام وڏي رشوت جي آڇ ڪئي آهي. ”تون جوان آهين، ۽ تنهنجي لاءِ اڃان سڄي ڄمار پئي آهي. تون ايوب کي هن جو وارو پورو ڪرڻ ڏي ۽ پوءِ تنهنجو وارو ايندو. تون اسان سان ڪم ڪر، نه ڪي اسان خلاف ۽ اسين توکي سهوليتون ڏينداسون.“ ايوب ۽ هن جا ساٿي بابا کي چوندا هئا. اهڙائي ساڳيا لفظ پوءِ مونکي به هڪ ٻئي آمر جي ايلچين کان ٻڌڻا پيا هئا. جڏهن ايوب جي رشوتن جي آڇ بابا کي ماٺ نه ڪرائي سگهي. تڏهن هن کي موت جا دڙڪا ملڻ شروع ٿيا.
    اُن وقت مونکي ڏاڍ ۽ ڏمر جي دنيا جي ڪا سُڌ ئي نه هوندي هئي. هڪ پاسي سياست جي دنيا هئي، جنهن ۾ بابا رهندو هو ۽ وري ٻئي پاسي ٻارن جي دنيا هئي: اسڪول ۽ رانديون، سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙون ۽ ٽهڪڙا. پر اهي ٻئي دنيائون تڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جڏهن بابا تي خوني حملي جون خبرون اسان تائين پهچڻ لڳيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي مقبول بنائڻ لاءِ بابا جڏهن رحيم يار خان، سانگهڙ ۽ ٻين جاين تي ويو، ته ايوب جي حامين مٿس گوليون هلايون. شڪر آهي جو هنن جا نشانا خطا ٿي ويا. سانگهڙ ۾ بابا جي ساٿين اڳتي اچي، سندس جان بچائي ۽ پاڻ گولين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا.
    اسان جي گهر ۾ هِراس پکڙجي ويو، پر مون پنهنجي ڊَپُ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن مان ڪهڙي چڱائي ٿيندي؟ پاڪستان ۾ سياسي زندگي گذارڻ جا اهي ئي نتيجا هئا: موت جا دڙڪا، رشوت ۽ ڏاڍ ڏمر. اُها ئي مُلڪ ۾ حالت هئي. مون پاڻ کي ڊڄڻ جي اجازت ڪين ڏني. حقيقت ۾ مون ڪوشش ڪئي هئي، ته آئون ڪجهه به نه ڀانئيان. ۽ ان وقت به جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٺهڻ کان يارهن مهينا پوءِ ايوب، بابا ۽ پارٽيءَ جي ٻين وڏن اڳواڻن کي گرفتار ڪري قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. آمرن جو اهوئي طريقو آهي، جتي به احتجاج ٿئي ان کي چيڀاٽيو وڃي. جتي به اختلاف ڪندڙ هجن، کين گرفتار ڪيو وڃي. ڪهڙي قانون هيٺ؟ اسين پاڻ قانون آهيون.
    1968ع جا اهي رتوڇاڻ ۽ جهيڙيندڙ واقعا رڳو پاڪستان ۾ ڪونه ٿيا هئا. سڄي دنيا ۾ انقلاب جي لهر پکڙجي وئي هئي: پيرس، ٽوڪيو، ميڪسيڪو شهر، برڪلي ۽ راولپنڊي جي ڪاليجن ۾ شاگردن فساد پئي ڪيا. پاڪستان ۾ اهي دنگل ان خبر سبب پکڙجي ويا هئا، ته بابا کي گرفتار ڪري پاڪستان جي خوفناڪ ميانوالي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. اتان هن کي ڪڍي وري ساهيولا جيل ۾ رکيو ويو، جتي سندس ڪوٺڙيءَ ۾ ڪُوئن جو ڏاڍو آزار هوندو هو. وڳوڙن کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيون.
    انهي عرصي ۾ مونکي پنهنجي تعليمي زندگي جو ڏکيو وقت ڏسڻو پيو هو. مونکي گذريل ٽن ورهين جي پڙهائيءَ سميت او ليول جي امتحان ڏيڻ ۽ ريڊڪلف ۾ داخلا لاءِ امتحان جي تياري ڪرڻي هئي. مون بابا کي چيو ته، مونکي برڪلي ۾ پڙهڻ جي درخواست ڏيڻ جي اجازت ڏي، جتي هو پاڻ پڙهيو هو. پر هن اها ڳالهه نه مڃي. ”ڪيليفورنيا جي آبهوا سٺي آهي.“ هن سمجهايو هو. ”پر ميساچوسٽس جي برف ۽ ٿڌاڻ توکي پڙهڻ تي مجبور ڪندي.“
    امتحان نه ڏيڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو، ڇو ته اُن جو انتظام انگلينڊ مان سال ۾ هڪ ڀيرو ڊسمبر مهيني ۾ ٿيندو هو. ”تون ڪراچي ۾ ئي رهه ۽ امتحان جي تياري ڪر.“ امان مونکي چيو ۽ پاڻ ننڍن ٻارن سميت لاهور رواني ٿي وئي، جيئن اتي هاءِ ڪورٽ ۾ بابا جي غير قانوني نظربنديءَ خلاف درخواست داخل ڪري سگهي. آئون 70 ڪلفٽن ۾ اڪيلي هيس، جنهن کان پري ڪاروباري مرڪزن ۾ جهيڙا ۽ ڦَڏا پئي ٿيا.
    بابا جي جيل ۾ هجڻ جي ڳڻتيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ آئون پاڻ پڙهائي ۾ جُنبي ويس. مون پنهنجن انهن استادن جي رهنمائيءَ ۾ هر مضمون کي بار بار پڙهيو، جيڪي روزانو گهر ۾ ايندا هئا. شام جو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر ويجهو سنڌ ڪلب ۾، جيڪا ڪنهن وقت رڳو انگريزن لاءِ هئي ۽ جتي ڏيهي ماڻهن ۽ ڪُتن کي اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ جيڪا هاڻي امير پاڪستانين جي راند رهڻ جي ڪلب هئي، آئون پنهنجين ساهيڙين فيفي، تهمينا، فاطما، ۽ سميعا سان ملڻ ويندي هيس. اتي اسين اسئڪاش راند رهنديون هيونسين ۽ تلاءُ ۾ ترنديون هيونسين، جيتوڻيڪ اسان سڀني کي اها به خبر هئي ته حالتون ايتريون سٺيون ناهن، جيتريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جڏهن کان ايوب سان بابا جي اڻبڻت شروع ٿي هئي، تڏهن کان منهنجين ساهيڙين کي هنن جي مائٽن ۽ سڄڻن حڪومت جي چُرچ تي خبردار پئي ڪيو، ته ڀٽو وارن سان سُڃاڻپ خطري کان خالي ڪونهي. سميعا جي بابا کي انسپيڪٽر جنرل تنبيهه ڪئي هئي، ته سندس ڌيءُ جي مون سان ڏيٺ ويٺ سبب سندس خاندان ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندؤ. سميعا ۽ ٻين ساهيڙين ڏاڍي بهادريءَ سان منهنجو ساٿ ڏنو، جيتوڻيڪ مون ڏٺو ته اسڪول جي ٻين شاگردياڻين اسان کي پاسو ڪرڻ شروع ڪيو هو.
    ”او ليول امتحان ۾ تنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ آئون دعاگو آهيان.“ بابا 28 نومبر تي ساهيوال جيل مان مون کي خط لکيو هو. ”مونکي سچ پچ فخر آهي ته منهنجي ڌيءَ اهڙي ذهين آهي، جو پندرهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي، جيڪي مون ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ڏنا هئا. ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“
    جيتوڻيڪ هو اڪيلائپ جي قيد ۾ بند هو، پر بابا مونکي يقين ڏياريو ته کيس خاص ڳڻتي منهنجي تعليم جي هئي. ”آئون ڄاڻان ٿو ته تون گهڻو پڙهين ٿي، پر تون ادب ۽ تاريخ ٿورڙو وڌيڪ پڙهه.“ هن جي خط ۾ لکيل هو. ”تو وٽ اهي سڀيئي ڪتاب آهن، جن جي توکي گهُرج آهي. تون نيپولين بوناپارٽ بابت پڙهه، جيڪو جديد تاريخ جو بيحد مڪمل انسان هو. تون آمريڪي انقلاب ۽ ابراهام لنڪن بابت پڙهه. جان ريڊ جو ڪتاب ’ڏهه ڏينهن جن دنيا کي لوڏي ڇڏيو’ پڙهه، بسمارڪ ۽ لينن، اتاترڪ ۽ مائوزي تنگ بابت پڙهه، اوائلي دؤر کان هندستان جي تاريخ پڙهه ۽ سڀ کان وڌيڪ اسلام جي تاريخ پڙهه.“ جيل جي ڪاغذ تي صحي هئي: ’ذوالفقار علي ڀٽو‘
    مون پنهنجي خاندان سان گڏ لاهور ۾ رهڻ ٿي چاهيو، پر اهو ناممڪن هو. صنم مونکي ٽيليفون تي ٻڌايو، ته هر ٻئي يا ٽئين ڏينهن امان، بابا جي گرفتاريءَ خلاف عورتن جي احتجاجي جلوسن جي اڳواڻي پئي ڪئي. هن اها به خاطري پئي ڪئي، ته احتجاج ڪندڙ هر عورت وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ پُسيل ٽوال هجڻ گهرجي، ته جيئن ايوب جي پوليس جي اڇلايل ڳوڙها آڻيندڙ گولن کان بچاءُ ٿي سگهي. پوليس ڪيترائي ڀيرا انهن جلوسن تي لٺيون هلائي، کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندي هئي. تڏهن به اهي مظاهرا جيئن جو تيئن وڌندا پئي ويا. ايوب فوج کي حڪم ڪيو، ته ٻاهر نڪري احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو، پر سپاهين عورتن جي گرفتاريءَ کان انڪار ڪيو ۽ هٿ لوڏي هنن جي همت وڌائي. ايوب جي زماني ۾ به عورتن جي عزت رکي ويندي هئي.
    نيٺ جڏهن ڊسمبر ۾ امتحانن ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن ڪنوينٽ آف جيزس ائنڊ ميري ڪلفٽن ۾ ئي ويٽيڪن سفارتخاني ۾، اسان کان امتحان وٺڻ جو بندوبست ٿيو. ڪراچيءَ جي ڪاروباري مرڪز کان پري هجڻ ۽ اُن جي تقدس سبب اهو سلامتيءَ وارو هنڌ هو. برطانيا ۾ شاگردن ڪيترائي ڏينهن صاف سُٿرن ڪمرن ۾ ويهي امتحان ڏنو ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ رومي چرچ جي مرڪز ۾ اسين پي آياسين ۽ وياسين.
    انهيءَ وچ ۾ جهيڙا هلندا رهيا ۽ ايوب خلاف عوام جي ڪاوڙ تنهن وقت چوٽ چڙهي وئي، جڏهن پوليس مظاهرو ڪندڙن تي گوليون هلايون، جن ۾ ڪيترائي موت جو کاڄ ٿي ويا. هاڻي سڄي پاڪستان ۾ احتجاج ڪندڙن هڪ آواز ٿي گهر ڪئي، ته ايوب استعيفيٰ ڏي ۽ بابا ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي.
    بابا جي گرفتاريءَ کان ٽي مهينا پوءِ پاڪستان ۾ ايتري افراتفري پکڙجي وئي، جو ايوب خان لاچار ٿي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو. ايتري ۾ افواهه پکڙيا ته جنهن جهاز ۾ بابا کي لاهور مان سندس گهر لاڙڪاڻي ۾ آڻڻو هو، تنهن کي ڪيرائي بابا کي قتل ڪيو ويندو ۽ ظاهر ڪيو ويندو ته اهو حادثو اتفاق سان ٿيو. انهي تي امان هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ان سازش کي پڌرو ڪري، ان کي ناڪام ڪري ڇڏيو. جهاز بدران بابا کي ريل گاڏيءَ ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو. آئون پنهنجيءَ ڄمار ۾ اڳ ڪنهن کي به ڏسي ايترو خوش نه ٿي هيس. پر ايوب جي خلاف جدوجهد ته اڃان شروع ٿي هئي.
    بابا جي آزاد ٿيڻ کان تُرت پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ڪاميابيءَ جو جلوس نڪتو. ”هيٺ لهو،“ بابا رڙ ڪري مونکي ۽ صنم کي چيو. اسان جي کليل ڪار ماڻهن جي گوڙ مان آهستي پئي هلي، جن ”جيئي ڀٽو“ ۽ ”گرتي هوئي ديوار ڪو آخري ڌِڪا دو“ جا نعرا پئي هنيا. ايتري ۾ ايوب جي هڪ گماشتي بابا تي سِڌي گولي هلائي. هڪ معجزو ٿيو. گولي هلي نه سگهي، پر عوام معاف ڪندڙ نه هو.
    مون بابا جي ٻانهن مان جهاتي پائي اُن نؤجوان کي پئي ڏٺو، جنهن کي ماڻهن ڏاڍو ماريو هو. هر طرف کان ماڻهن هن جي ڳچي، مٿو، ٻانهون ۽ ٽنگون پئي ڇڪيون ۽ سندس وات مان گهڻو رَت پئي وهيو. ”تون نه ڏس،“ بابا مونکي هيٺ ڌِڪيندي ڪاوڙ مان چيو. آئون گوڏن ڀَر اوڪڙو ٿي ويٺيس ۽ بابا ماڻهن کي رڙ ڪندي چيو ته، ”قاتل کي نه ماريو، هن کي جيئرو رهڻ ڏيو.“ لاچار ٿي هنن کيس ڇڏي ڏنو، پر اهو نظارو ڪيترن مهينن تائين منهنجين اکين اڳيان پئي ڦريو.
    اُن وقت به منهنجي اها ساڳي حالت ٿي هئي، جڏهن مون بابا کي ايوب خان جي آمريت ۽ ڏاڍائيءَ جي طاقت خلاف لاڳيتو احتجاج ڪندي، بک هڙتال ۾ ڳرندي ڏٺو هو. هُن کي ڏينهون ڏينهن بدن ۾ لهندو ڏسي لاڙڪاڻي جا سڀيئي ماڻهو ڊَپُ ۾ وٺجي ويا هئا. ’مهرباني ڪري بابا جي ڳالهه مڃ.‘ آئون دل ئي دل ۾ ايوب خان کي چوندي هيس. مونکي اهو به عجب لڳو، ته بابا سان گڏ ٻيا ويٺل ماڻهو ايترا تندرست ڇو ٿا ڏسجن. ”اهي رات جو جڏهن پنهنجن ڪمرن ۾ واپس ٿا اچن، ته ماني گهرائي ٿا کائين.“ اسان جي ملازمن مان هڪڙي مونکي اُن جو راز ٻڌايو. ”پر پنهنجي پيءُ کي نه ٻُڌائجان.“
    بک هڙتالين جا اهي گروهه کنڀين وانگر سڄي پاڪستان ۾ وڪيلن جي انجمنن اڳيان ۽ شهرن جي رُڌل رستن تي ڏسڻ ۾ پئي آيا. روزانو ماڻهن جا انبوهه انهن بک هڙتالين جي اخلاقي پُٺڀرائي ۽ ايوب جي استعيفيٰ جي گهُر ڪندا هئا. اهو سمجهندي ته پاڻ سندس پوليس به ان صورتحال تي ضابطو نٿي آڻي سگهي. ايوب نيٺ 25 مارچ 1969ع تي اقتدار تان هٿ کنيو. پر اها سوڀُ ڪُوڙي هئي. اقتدار قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي سونپڻ بدران، جيئن پاڻ هن جي پنهنجي آئين ۾ لکيل هو، ايوب خان پنهنجيءَ فوج جي چيف آف اسٽاف کي پاڪستان جو نئون اڳواڻ مقرر ڪيو. هڪ ڀيرو وري پاڪستان هڪ فوجي آمر جي چنبي ۾ اچي ويو هو، جنهن هڪدم سڀئي شهري قانون معطل ڪري، ملڪ ۾ فوجي قانون لاڳو ڪري ڇڏيو.
    منهنجي ماءُ مونکي ٻڌايو ته، ”ريڊڪلف مان تنهنجي لاءِ خط آيو آهي.“ مون ڏڪندڙ هٿن سان کانئس اُهو لفافو ورتو. آئون سچ پچ وڃڻ گهران ٿي؟ ڪاليج وارن بابا کي چتاءَ ڏنو هو ته، ريڊڪلف ۾ داخلا لاءِ سورنهن ورهين جي ڄمار ننڍي آهي، تنهنڪري مونکي اُن لاءِ هڪ ٻيو سال اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي. پر مونکي ترسائڻ لاءِ بابا کي ڪوبه سبب نظر ڪونه آيو. هن پنهنجي هڪ دوست جان ڪينٿ گيلبرائٿ کي مدد لاءِ چيو، جيڪو هندستان ۾ سفير رهي چڪو هو ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ اقتصاديات جو پروفيسر هو. مون لفافو کوليو. مونکي اجازت ملي هئي، ته 1969ع جي سرءُ ۾ آئون اتي وڃان.
    روانگيءَ وقت بابا مونکي سِپ جي کَل سان ڍَڪيل هڪڙو سُهڻو قرآن شريف سوکڙيءَ ۾ ڏنو. ”آمريڪا ۾ تون ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ڏسندينءِ، جيڪي توکي اچرج ۾ وجهي ڇڏينديون، ته ڪي وري توکي ڏڪائي به ڇڏينديون.“ هن چيو. ”پر مونکي خبر آهي ته تو ۾ سرچاءُ جي سگهه آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي، ته تون پنهنجو ڌيان پڙهائيءَ ڏانهن رکجانءِ. پاڪستان ۾ گهٽ ماڻهو آهن، جن کي اهڙو وجهه ملي ٿو، جيڪو توکي مليو آهي، ۽ تون ان مان ضرور فائدو وٺجانءِ. تون اهو ڪڏهن به نه وسارجانءِ، ته توڏانهن اتي جيڪي پئسا موڪلبا سي زمين جي اُپت مان هوندا. اهي انهن ماڻهن وٽان هوندا، جيڪي انهن زمينن تي پگهر وهائين ٿا ۽ محنت ڪن ٿا. اهو هنن جو توتي قرض هوندو. اهڙو قرض جيڪو الله جي مهربانيءَ سان هنن جي زندگيءَ کي سُکيو بنائڻ لاءِ تون پنهنجي تعليم کي ڪَتب آڻي لاهيندينءَ.“
    آگسٽ جي پڇاڙيءَ واري هڪ ڏينهن آئون 70 ڪلفٽن جي هڪ اُڪريل ڪاٺ جي دروازي وٽ بيٺي هيس، جڏهن امان منهنجي مٿي تي منهنجي نئين قرآن شريف جو ڇانوَ ڪيو. مون قرآن شريف وٺي چُميو ۽ اسين ٻئي آمريڪا وڃڻ لاءِ هوائي اڏي ڏانهن روانيون ٿيونسين.


      جمهوريت ۽ منهنجي پهرين آزمائش

    المرتضيٰ ۾ نظربند رهندي امان ۽ مونکي جيئن ٻيو مهينو شروع ٿئي ٿو، ته اسان جي باغ کي ڄڻ سرءُ وڪوڙي وڃي ٿو. بابا جي قيد واري زماني ۾ ۽ سندس وفات کان پوءِ، انهيءَ باغ جي سنڀال ۽ زمين جي صفائيءَ لاءِ اسان وٽ ڏهن ماڻهن جي گهُرج هوندي هئي. پر جڏهن کان المرتضيٰ کي امان ۽ منهنجي لاءِ سب جيل جو درجو ڏنو ويو آهي، ضياءَ جي فوجي حڪومت رڳو ٽن باغائين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني آهي. باغ کي سلامت رکڻ لاءِ آئون به هنن سان گڏجي ڪوشش ڪريان ٿي.
    مون کان گُلن جو ڪُومائجڻ اصل ڏٺو ڪونه ٿو ٿئي، خاص ڪري اهي گل جيڪي بابا جا پوکيل هئا. هو جڏهن به ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جي سفر تان موٽندو هو. تڏهن پاڻ سان گڏ پنهنجي باغ لاءِ اتان جا ٻوٽا کڻي ايندو هو: واڱڻائي رنگ جا گلاب، ڳاڙهاڻ مائل نارنگي رنگ جا گلاب، گلاب جا گل جيڪي ڏسڻ ۾ گلاب جا گل نه ٿي لڳا، پر اهي ايترا ته پوريءَ طرح ڇانٽيل هئا، ڄڻ اهي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيا ويا هُجن. هن جي پسند جو گلاب، نيري رنگ جو هوندو هو، جنهن کي ’امن جو گل‘ چوندا هئا. گلن جي سنڀال نه لهڻ سبب هاڻي انهن ٻوٽن ڪومائڻ شروع ڪيو هو ۽ سندن پَن پيلا ٿي ويا هئا.
    آرهڙ جي چيچلائيندڙ گرميءَ ۾ آئون روزانو صبح جو ستين بجي کان باغ ۾ وڃان ٿي ۽ ولايتي ٽاٽ جا ڳرا نڙا ڇِڪي، هڪڙي ٻاري کان ٻي ٻاريءَ تائين پاڻي ڏيڻ لاءِ باغائين جي مدد ڪريان ٿي. گهر جي ڪُنڊن وٽان فرنٽيئر فورس جا سپاهي مونکي ڏسن ٿا. باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٽي ڏينهن لڳي ويندا هئا، پر اسين اهو ڪم اَٺن ڏينهن ۾ ڪريون ٿا. جيستائين اسين گلن جي آخري ٻوٽن تائين پهچون ٿا، تيستائين پهريان ٻوٽا ڪومائجڻ شروع ٿين ٿا. آئون انهن گلن کي سُڪڻ کان بچائڻ گهران ٿي، ڇو ته مناسب پاڻي ۽ سنڀال نه هجڻ سبب انهن جيئڻ جي جيڪا ڪوشش ٿي ڪئي، تن ۾ مونکي آزادي ڦرجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي جياپي جي جدوجهد ٿي نظر آئي.
    منهنجي زندگيءَ جو گهڻو سُٺو وقت المرتضيٰ جي گلاب جي گلن ۽ ميويدار وڻن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ گذريو آهي. ڏينهن جو سڄي گهر ۾ ’ڏينهن جو راجا‘ گلن جي هُٻڪار هوندي هئي. اهي سهڻا ۽ اڇا گل ڪيترن ئي ٻين پاڪستاني عورتن جيان امان به پنهنجن وارن ۾ هڻندي هئي. سج لهندي ئي سموري هوا رات- راڻيءَ جي خوشبوءَ سان واسجي ويندي هئي، ۽ اسين انهن خوشبودار شامن ۾ گڏجي گهر جي ٿَلهن تي ويهندا هئاسين.
    نَڙا وڌيڪ آندا ويا. پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو. آئون باغ ۾ گهر جي وچ واري حصي مان وڻن جا ڪَک پَن ٻُهاريان ٿي ۽ ڏانداريءَ سان لان صاف ڪريان ٿي. جو نيٺ منهنجيون ٻانهون سُور ۾ وٺجي وڃن ٿيون. هٿن جو تَريون ٺوٺ ٿي وڃن ٿيون ۽ مٿن ڦلوڪڻا ٿي پون ٿا. ”تون اهو ڪم پاڻ ڇو ٿي ڪرين؟“ آئون ٻنپهرن ڌاري جڏهن ڏاڍو ٿڪجي، اُمالڪ ڪِري پوان ٿي ته، امان ڳڻتيءَ وچان مونکان پُڇي ٿي. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ته آهي نه، آئون هن کي چوان ٿي. پر اهو ٿورڙو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن مون ايتري گهڻي محنت ڪئي، جو منهنجي بدن جو هر حصو ٿڪجي پيو، ته پوءِ ٿورو به سوچڻ تي آئون سخت ٿڪجي پونديس. ۽ آئون فوجي راڄ ۾ پنهنجي زندگي وڃائڻ بابت سوچڻ نه ٿي گهران.
    آئون گلن جا ڪجهه نوان ٻارا پاڻ ٺاهيان ٿي ۽ گلاب جي گلن جا قلم هڻان ٿي، پر اُهي لڳن نٿا. امان ڀينڊين، مرچن ۽ ڦودني جي ٻوٽن تي جيڪا محنت ڪئي، تنهن ۾ کيس سوڀُ ٿئي ٿي. روز شام جو آئون سِيٽي وڄائي پاليل ٻگهه پکيءَ جي جوڙي کي سڏيان ٿي ۽ جڏهن اهي پرڙا ڦڙڪائيندا روٽيءَ جا ٽڪر وٺڻ لاءِ مون ڏانهن ڊوڙي ٿا اچن، ته مونکي سرهائي ٿئي ٿي. ڪنهن جانور کي سَڏڻ تي ان جو اچڻ، ڪنهن شيءَ جو پوکڻ کانپوءِ ڦُٽڻ، اهي ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آئون موجود آهيان.
    آئون جڏهن باغ ۾ ڪم نه ٿي ڪريان، تڏهن رڳو وقت کي گذارڻو پوي ٿو. آئون پنهنجي ڏاڏي جي ڪتابن مان ارل اسٽينلي گارڊنر جا ڪتاب ور ور ڏئي پڙهان ٿي، جيتوڻيڪ اڪثر بجلي هلي وڃي ٿي. ۽ امان ۽ آئون ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون اوندهه ۾ گذاريون ٿا. اسان وٽ ٽيليويزن به آهي، پر جڏهن بجلي اچي ٿي ته ان تي به ڏسڻ لاءِ ڪجهه نٿو ملي. بابا جي وقت ٽيليوزن تي ڊراما ڏسبا هئا، فلمون هلنديون هيون ۽ سلسليوار ناٽڪ ٿيندا هئا، انهن سان گڏ ماڻهن کي پڙهڻ سيکارڻ لاءِ تقريرون ۽ ٻيا ادبي پروگرام هلندا هئا. هاڻي جڏهن آئون ٽيليويزن کوليان ٿي، ته ان ۾ ڪي به نظر نه ٿو اچي، رڳو ضياءَ ٿو ڏسجي: ضياءَ ٻي تقرير پيو ڪري، ضياءَ جي تقريرن تي مذاڪرا پيا ٿين، خبرن جا سينسر ٿيل پروگرام، جن ۾ ٻڌائين ٿا ته ضياءِ ڪنهن ڪنهن سان مليو آهي.
    رات جو سوائين اَٺين وڳي امان ۽ آئون روزانو بي بي سي ريڊيي تان اردو خبرون ٻُڌون ٿا. نومبر ۾ رڳو بي بي سيءَ ذريعي اسان کي خبر پوي ٿي، ته ڪاوڙيل ماڻهن اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخانو سڄو ساڙي رک ڪري ڇڏيو، ڇو ته هنن سمجهيو هو ته، مڪي شريف ۾ خانه ڪعبه تي قبضي پٺيان آمريڪا جو هٿ هو. سموري خبر ٻڌڻ کان پوءِ امان ۽ مونکي حيرت لڳي ٿي، ته اسلام آباد ۾ بچاءَ جي سخت انتظام ۽ فوجي قانون هوندي به، بسن ۽ لارين کي اجازت ڏني وئي، ته بنياد پرست شاگردن کي کڻي آمريڪي سفارتخاني تائين پهچائين، جيڪي پوءِ هنن ساڙي ڇڏيو. اهو سفارتخانو اختياري وارن جي اکين اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي سڙيو، جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي احتجاجي جلوسن تي سدائين اک ڇنڀ ۾ اچي ڪڙڪندا هئا. آمريڪي سفارتخانو سڙي ويو ۽ ان ۾ هڪ ماڻهو مري ويو. پشيمان ضياءَ هڪدم ٽيليويزن تي اچي آمريڪن کان کليل معافي ورتي ۽ نقصان ڀري ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر هو ڪهڙيءَ راند ۾ رُڌل هو؟ اهو اڄ ڏينهن تائين هڪڙو راز آهي.
    هڪ مهينو پوءِ بي بي سيءَ وارن جيڪي خبرون ٻُڌايون، سي وڌيڪ ڀڙڪائيندڙ آهن.
    27 ڊسمبر 1979ع تي روسي فوجون افغانستان ۾ ڪاهي پون ٿيون. بي بي سيءَ تي جڏهن امان ۽ آئون اها خبر ٻُڌون ٿا، تڏهن اهو ڄاڻندي ته ان سبب گهڻا سياسي مونجهارا ٿيندا، اسين هڪ ٻئي ڏانهن چتائي ڏسون ٿا. وڏين طاقتن جي جنگ هاڻي بنهه پاڪستان جي در تائين اچي پهتي آهي. جيڪڏهن آمريڪا گهري ٿو، ته روس جي موجودگيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو ملڪ اندروني طرح مضبوط هجي، ته پوءِ هنن کي هڪدم پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن هو اوسيئڙي جو فيصلو ڪن ٿا ۽ ڏسڻ گهرن ٿا ته افغانستان ۾ ڇا ٿو ٿئي، ته پوءِ ضياءَ جي آمريت کي پختي هٿي ملي ويندي.
    مونکي آمريڪا ۾ لوڪشاهيءَ جو پهريون تجربو ٿيو هو ۽ جتي مون پنهنجي زندگيءَ جا خوشيءَ ڀريا چار ورهيه گذاريا هئا. آئون هينئر به اکيون پوري هارورڊ- ريڊڪلف ڪئمپس جي تصوير ذهن ۾ آڻي سگهان ٿي. سرءُ ۾ پِيلا ۽ هئڊي رنگ جا وڻ، سياري ۾ برف جو نرم تهه، بهار ۾ ساون سلن جي ڦٽڻ سبب اسان سڀني ۾ تحرڪ جاڳي اٿندو هو. ريڊڪلف ۾ ئي شاگرد طور مونکي وڏين طاقتن جي خودغرضي ۽ ٽين دنيا جي بيوسيءَ جي ڄاڻ ملي هئي.
    پاڪ- ا-ستان؟ ڪٿي آهي. پاڪ-ا-ستان؟“ آئون جڏهن پهرين ريڊڪلف ۾ پهتيس، ته منهنجي ڪلاس جي ساٿين مونکان پڇيو. ان وقت جواب ڏاڍو سولو هو.
    ”پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي.“ مون وراڻيو. ”پاڪستان جا ٻه حصا آهن، جن جي وچ ۾ هندستان آهي.“
    ”هون، هندستان.“ اطمينان ڀريو جواب مليو. ”اوهان جو ملڪ هندستان ڀرسان آهي.“ هندستان جو جڏهن به حوالو ايندو هو ته مونکي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي، جو ساڻس اسان جون ٻه سخت جنگيون ٿيون هيون. پاڪستان کي آمريڪا جو مضبوط ساٿي سمجهيو وندو هو، جيڪو هندستان ۽ ٻين سرحدي ملڪن – ڪميونسٽ چين، افغانستان ۽ ايران ۾ روس جي اثر رسوخ کي روڪڻ لاءِ هڪ سرحدي ملڪ هو. آمريڪا پنهنجي يو -2 جاسوسي اڏامن لاءِ اتر پاڪستان ۾ اسان جا هوائي اڏا ڪَتب آندا هئا، جڏهن 1960ع ۾ گئري پاورس جو جهاز ڪيرايو ويو هو. 1971ع ۾ هينري ڪيسنجر جي اسلام آباد کان چين تائين ڳجهي اڏام وڌيڪ ڪامياب ٿي هئي، جنهن سبب ٻئي سال صدر نڪسن چين جو تاريخي سفر ڪيو هو. ان هوندي به ائين ٿي لڳو ته آمريڪين کي منهنجي ملڪ جي بلڪل ڄاڻ ڪين هئي.
    اهي ڀٽي خاندان کان پڻ اڻڄاڻ هئا ۽ ان اڻڄاڻائيءَ سبب مونکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اُن سچائيءَ تي کِل آئي هئي. پاڪستان ۾ ڀٽي جو نالو سدائين سڃاڻپ هوندو هو ۽ ان سان گڏ مونکي هڪ حجاب جو احساس ڏياريندو هو. مونکي اها خبر ئي ڪين هوندي هئي، ته ماڻهو مون سان منهنجي لياقت سبب ملندا هئا يا منهنجي خانداني نالي سبب ، هارورڊ ۾ آئون پهريون ڀيرو اڪيلي هيس.
    اتي پهريان ٻٽي هفتا امان مون سان گڏ رهي هئي. هن ايليٽ هال ۾ منهنجي رهڻ لاءِ ڪمري کي ٺاهيو ۽ حساب ڪري مونکي ڪعبي جو طرف ٻڌايو، ته جيئن آئون ان طرف رخ ڪري نماز پڙهان. هوءَ جڏهن هلي وئي، ته منهنجي لاءِ اوني شلوار ۽ قميص ڇڏي وئي. هن اهي ڪپڙا منهنجي لاءِ ڏاڍي محنت سان ٺهرايا هئا، جن جي پاسن کان ريشم لڳل هو، ته جيئن جسم تي اوني ڪپڙي جي رهڙ نه لڳي.
    هن مونکي عبادت لاءِ جيڪي هدايتون ڏنيون هيون، تن جي مون ڏاڍي پابندي ڪئي هئي، پر سندس ڏنل ڪپڙن ڏانهن بنهه ڌيان ڪونه ڏنم، جيڪي اُتي جي مينهن ۽ برفباريءَ ۾ پائڻ جهڙا ڪين هئا. ٻيو ته انهن ڪپڙن ۾ آئون شاگردن ۾ اوپري ٿي لڳيس. مون هڪدم قميص شلوار پائڻ ڇڏي وري هارورڊ مان ورتل جينز ۽ سوويٽ شرٽ پائڻ شروع ڪيا. مون پنهنجا وارَ به ڇڏي ڏنا هئا، ته ڀلي وڏا ٿين. ايليٽ هال ۾ منهنجي ساٿين چاپلوسي ڪري مونکي ٻڌايو ته آئون ’جون بيز‘ جهڙي لڳان ٿي. اتي مون ڪيترائي گيلن صوفن جو رس پيتو هو، برگهام جي آئيسڪريم دڪان تان بيشمار ڪَونَ وٺي کاڌا هئا، بوسٽن ۾ موسيقيءَ جي محفل ۾ وئي هيس ۽ پروفيسر ۽ بيگم گئلبرائٿ جي دعوتن ۾ شريڪ ٿي هيس، جيڪي اتي منهنجي والدين جيان هوندا هئا. آمريڪا جي نواڻ سان مونکي پيار هو.
    اُن وقت جنگ مخالف هلچل اؤج تي هئي ۽ آئون عارضي بندش واري ڏينهن تي بوسٽن ڪامن ۾ هزارين شاگردن سان گڏ وک وک ۾ ملائي هلي هيس ۽ واشنگٽن ڊي سيءَ جي وڏن جلسن ۾ حصو ورتو هئم، جتي مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته مون پهريون ڀيرو ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڏٺو هو. آئون اُن وقت ڏڪڻ لڳيس، جڏهن مون پاڻ تي پهريون ڀيرو ”هاڻي ڇوڪرن کي واپس گهر آڻيو.“ جو نشان هنيو هو. جيڪڏهن آئون ڪنهن سياسي جلوس ۾ بهرو وٺندي جهلجي پوان ها، ته پرڏيهي هجڻ سبب مونکي ملڪ نيڪالي ملي ها. پر مون پنهنجي ملڪ ۾ ويٽنام جي جنگ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ آمريڪا ۾ ان جنگ مخالفت سرگرميءَ ۾ وڌيڪ جوشيلي ٿي پئي هيس. جلوس ۾ مون سان گڏ هلڻ وارن جا ۽ منهنجا ارادا ساڳيا ئي هئا. ايشيائي گهرو جنگ ۾ آمريڪين کي شامل ٿيڻ نه گهرجي.
    پاڪستان ۾ چئن اسڪولن جي ڇهن شاخن ۾ پڙهڻ کان پوءِ، هارورڊ ۾ چئن ورهين جو اهو عرصو مونکي ڏاڍو وڻيو هو. اتي ڏاڍي مشغوليت هوندي هئي. اُن وقت عورتن جي هلچل زور پئي ورتو ۽ هارورڊ جي ڪتاب گهر ۾ عورتن بابت ڪتابن ۽ مخزنن جا ڍير لڳا پيا هئا، جن ۾ ’ڪئمپس بائيبل‘، ڪيٽ مليٽ جو ’سيڪسيوئل پاليٽڪس‘ ۽ Ms مخزن جا پهريان پرچا به هئا. هر رات جو منهنجيون ساهيڙيون ۽ آئون گڏجي مستقبل لاءِ پنهنجين انهن خواهشن تي بحث ڪنديون هيونسين، ته جيڪڏهن اسان شاديون ڪرڻ تي راضي ٿي ويونسين، ته جن ماڻهن سان اسان جون شاديون ٿينديون، انهن سان اسانجن لاڳاپن تي ڪهڙا نوان قاعدا اثر انداز ٿيندا. پاڪستان ۾ منهنجو تعلق ان ٿورائيءَ سان هو، جيڪي شادي ۽ خاندانن کي پنهنجو بنيادي مقصد ڪونه سمجهن. هارورڊ ۾ آئون انهن عورتن جي سمنڊ جي وچ ۾ هيس، جن جي راهه ۾ پنهنجي جنس رُڪاوٽ ڪونه هوندي هئي ۽ مون به اهو ٿي ڀائنيو. تنهنڪري منهنجو اعتماد وڌيو ۽ مون پنهنجي اوائلي ورهين واري حياءُ تي ضابطو آندو.
    پاڪستان ۾ منهنجي ڀيڻ، ڀائر ۽ آئون دوستن ۽ مائٽن جي هڪ ننڍڙي حلقي ۾ رهندا هئاسين، نتيجي ۾ آئون جن ماڻهن کي ڪونه سڃاڻيندي هيس، تن اڳيان ڏاڍي پريشان ٿيندي هيس. هارورڊ ۾ آئون پيٽر گئبلريٿ کانسواءِ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻيندي هيس، جنهن سان ڪاليج جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ سندس والدين جي گهر ۾ سڃاڻپ ٿي هئي. منهنجي حياءُ واري دقيانوسي سوچ ۾ هو ڏاڍو خوفناڪ ٿي ڏٺو. هن جا وار ڊگها هئا، هن کي پراڻا ۽ ميرا ڪپڙا پاتل هئا ۽ هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ اڳيان سگريٽ پئي پيتا. هڪ وڏي سفارتڪار ۽ معزز پروفيسر جو پُٽ هجڻ بجاءِ هو لفنگو پئي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کي هندستان ۾ اڳوڻو سفير پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي آيو هو. ان وقت مونکي اها ڄاڻ نه هئي، ته پندرهن ورهين کان پوءِ پاڪستان ۾ منهنجي نظربنديءَ مان مونکي آزاد ڪرائڻ لاءِ پيٽر ڪهڙو ڪردار نڀائيندو.
    پر پيٽر ته هارورڊ ۾ هزارن شاگردن مان هڪ هو. اتي مونکي اڻڄاڻ ماڻهن وٽ وڃي لائبريري جو، ليڪچر هال جو ۽ ڊمانسٽريشن هال جو رستو پڇڻو ٿي پيو. آئون مُنهن ٻڌي ويهي نه ٿي سگهيس. آئون هڪ عجيب ۽ اوپري کڏي ۾ بنهه تري ۾ اڇلائي وئي هيس. مونکي مٿاڇري تائين اچڻ لاءِ پاڻ ڪوشش ڪرڻي هئي.
    آئون تُرت ئي آرام سان رهڻ لڳيس ۽ پنهنجي پهرئين سال ۾ ئي ايليٽ هال جي سوشل سيڪريٽري ٿيس ۽ پوءِ هارورڊ اخبار ”دي ڪرمسن“ لاءِ مقابلو ڪيم ۽ ڪرمسن ڪي سوسائٽي طرفان نون شاگردن کي يونيورسٽيءَ جا سير ڪرايم. ”هن عمارت جو سرڪاري نالو ’سينٽر آف انٽرنيشنل افيئرس‘ آهي. پر اسان سڀني کي خبر آهي ته سي آءِ اي جو مطلب ڪهڙو آهي.“ آئون نون شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سازشي انداز ۾ چوندي هيس. ان موقعي تي مونکي يونيورسٽي ۾ پنهنجا اوائلي ڏينهن ياد ايندا هئا. جڏهن اتي پهريون ڀيرو سير ڪندي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. هارورڊ جي وزيوئل – آرٽس جي تڪراري عمارت، جنهن جو نقشو فرانسيسي معمار لي ڪوربوزيئر ٺاهيو هو، اهو سٺو ڪونه هو. ان لاءِ هيءُ چرچو مشهور هوندو هو ته ”جڏهن رازن عمارت جوڙي ٿي، تڏهن سندن اڳيان اهو نقشو ابتو رکيل هو.“
    البت ڪي ثقافتي ڦَڏا ٿي پوندا هئا، جن کان پاڻ بچائڻ ڏُکيو هوندو هو. پهرئين سال جڏهن ايليٽ هال ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل پڙهائي ٿي، تڏهن نوجوان ڇوڪرن جي بلڪل ويجهو رهڻ سبب مون کان بنهه سَٺو نه ٿيو هو. جيڪڏهن ڌوٻيخاني ۾ ڪو شاگرد ڏسندي هيس، ته آئون ڪپڙا ڌوئڻ ملتوي ڪري ڇڏيندي هيس. اهو مسئلو ان وقت حل ٿيو هو، جڏهن هارورڊ ڪئمپس جي ايليٽ هائوس ۾ وڃي رهيس، جتي منهنجي ڪمري جي ٻي شاگردياڻي يولنڊا ڪوڊرزيڪي هئي ۽ منهنجا پنهنجا ڪمرا ۽ غسل خانو هو ۽ جتي ڌوٻيخانو ٿورڙو وڏو هو.
    مون سوچيو هو، ته آئون نفسيات پڙهندس. پر جڏهن مونکي خبر پئي ته اُن جي سبقن ۾ حڪمت پڙهڻ ۽ جانورن جي وڍڪٽ ضروري هئي، ته مونکي ڏڪڻي ۽ ڌِڪار ٿيو ۽ مون ان بدران تقابلي حڪومت پڙهڻ قبوليو. بابا ڏاڍو سرهو ٿيو هو. هن ريڊ ڪلف جي صدر ميري بنٽنگ کي هڪ ڳجهي خط ۾ لکيو هو، ته هوءَ ڪوشش ڪري مونکي علم سياست ڏانهن مائل ڪري. پر مسز بنٽنگ مهرباني ڪندي مون کان پڇيو هو، ته آئون زندگي ۾ ڇا ٿي ڪرڻ گهران. هن مونکي اهو ڪڏهن به ڪين ٻڌايو، ته کيس بابا وٽان خط مليو آهي. تقابلي حڪومت پڙهڻ عقلمنديءَ جو فيصلو ثابت ٿيو.
    هارورڊ ۾ حڪومت جي اڀياس سبب مون پاڪستان کي وڌيڪ سمجهڻ شروع ڪيو. ”جڏهن ڪو پوليس وارو رستي تي هٿ مٿي کڻي چوي ٿو ته ”ترسو“، ته هر ڪو بيهي رهي ٿو. پر جڏهن اوهين يا آئون هٿ مٿي کڻي چئون ٿا ته ترسو، ته ڪوبه نه ٿو بيهي. ڇو؟“ فريشمين سيمينار ۾ ”انقلاب“ جي موضوع تي پڙهائيندي پروفيسر جان ووميڪ اسان جي ننڍي گروهه کان پُڇيو. ”ڇاڪاڻ ته پوليس واري کي آئين ۽ حڪومت اختيار ڏنو آهي، ته قانون تي عمل ڪرائي.. هن وٽ ’ترسو‘ چوڻ جو اختيار ۽ حق آهي، جيڪو اوهان وٽ ۽ مون وٽ ڪونهي.
    مونکي ياد آهي ته آئون پروفيسر ووميڪ جي پڙهائڻ واري ڪمري ۾ حيران ويٺي هيس، جتي آئون اڪيلي شاگرد هيس، جنهن آمريت ۾ زندگي گهاري هئي. پروفيسر ووميڪ هڪڙو مثال ڏئي پاڪستان ۾ ايوب ۽ يحيٰ خان جي ڏينهن واري افراتفريءَ ۽ ڪاوڙ تي روشني وڌي. انهن آمرن وٽ حڪومت لاءِ اختيار پنهنجو ڏنل هو. کين اهو حق عوام ڪونه ڏنو هو. مونکي پهريون ڀيرو اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، ته پاڪستان ۾ عوام اهڙي حڪومت کي قبولڻ کان انڪار ڇو نه ڪيو، ان کي ڇو نه روڪيو ويو. جتي به جائز حڪومت نه هوندي، اتي ڏاڍ، انياءُ ۽ وڳوڙ هوندو.
    آئون پنهنجي پڙهائيءَ جي ٻئي سال جي اڌ ۾ هيس، ته پاڪستان ۾ جائز حڪومت جُڙڻ جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. 7 ڊسمبر 1970ع تي يحيٰ خان نيٺ چونڊون ڪرايون، جيڪي تيرهن ورهين ۾ پهريون ڀيرو ٿيون. دنيا جي ٻئي طرف ڪئمبرج ۾ آئون ٽيليفون ڀرسان سڄيءَ رات پڙهندي رهيس. جڏهن امان فون تي مونکي ٻڌايو، ته بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي، اولهه پاڪستان ۾ اتفاق سان چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 138 نشستن مان 82 نشستون کٽي ڪاميابي ماڻي آهي، ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان بنا مقابلي بيٺو هو ۽ هن وڏيءَ اڪثريت ۾ ڪاميابي ماڻي هئي. ٻئي ڏينهن ”نيويارڪ ٽائمز“ اخبار ۾ بابا جي سوڀ جي خبر پڙهي. انهن ماڻهن جن سان اڳ آئون ڪڏهن به نه ملي هيس، مونکي واڌايون ڏنيون هيون.
    پر منهنجي اها خوشي عارضي هئي. مجيب، بابا ۽ اولهه پاڪستان جي نمائندن سان ملي، هڪ نئون آئين ٺاهڻ بدران، جيڪو پاڪستان جي ٻنهي حصن کي قبول هجي ها، آزاديءَ جي هلچل ڀڙڪائي، ته جيئن اوڀر پاڪستان يا اوڀر بنگال کي وفاق کان ڇني ڌار ڪري. پاڪستان کي متحد رکڻ لاءِ، هڪ شهريءَ طور گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ يحييٰ جي فوجي حڪومت ڊاهڻ لاءِ بابا ڪيترائي ڀيرا شيخ مجيب کي منٿون ڪيون. پر نرمي ڏيکارڻ ۽ سياسي گهُرج کي قبولڻ بدران مجيب اهڙي ضد ڏيکاري، جنهن جو منطق اڄ ڏينهن تائين منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. اوڀر بنگال جي باغين هوائي اڏن تي قبضو ڪري، هن جي آزاديءَ جي سڏ جو جواب ڏنو. بنگالي شهرين پنهنجن ٽئڪسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مرڪزي حڪومت جي بنگالي ملازمن هڙتال ڪئي. مارچ تائين گهرو جنگ مٿان اچي ڪَڙڪي.
    بابا سرچاءُ لاءِ اُن اميد تي مجيب سان ڳالهائيندو رهيو، ته پاڪستان متحد رهندو ۽ اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ تي فوجي حڪومت کي ان جو پلاند وٺڻ سولو ٿي پوندو. 27 مارچ 1971ع تي هو اوڀر پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ مجيب سان ڳالهين لاءِ موجود هو، ته کيس جنهن ڳالهه جو ڊَپُ هو، اها ئي ڳالهه ٿي. يحييٰ خان فوج کي حڪم ڏنو هو، ته فساد کي ختم ڪيو وڃي. بابا هوٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو هو، جڏهن هن ڍاڪا کي باهه جي ڀَڙڪن ۾ ٻرندي ڏٺو. جنرلن طاقت جي جيڪو اڻٽڙ حل ڳولي لڌو هو، تنهن تي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ڇهه هزار ميل پري ڪئمبرج ۾ مونکي هڪ ڏکيو سبق سِکڻو پيو هو.
    ڦرلٽ، لڄالُٽ، اغوا، قتل. آئون جڏهن هارورڊ آئي هيس، تڏهن پاڪستان بابت ڪنهن کي به پرواهه نه هئي، پر هاڻي ته هر ڪنهن جي زبان تي اهو نالو هو. سڄيءَ دنيا ۾ منهنجي ملڪ تي ڦِٽڪار پئي ٿي. اوڀر پاڪستان ۾، جنهن کي باغين هاڻي بنگلاديش پئي سڏيو. اسان جي فوج جيڪي ظلم ۽ ڏاڍايون پئي ڪيون، تن جا تفصيل هتي اخبارن ۾ پڙهي، پهرين ته مونکي انهن تي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. منهنجا والدين هر هفتي پاڪستان مان سرڪاري اثر هيٺ نڪرندڙ اخبارون موڪليندا هئا، جن مطابق ان ننڍڙي بغاوت کي ٻُنجو ڏنو ويو هو. ته پوءِ اهي ڪهڙا الزام هئا، ته ڍاڪا کي ساڙي رک ڪيو ويو آهي ۽ فوجي جٿن کي يونيورسٽي ۾ موڪلي اتي شاگردن، استادن، شاعرن، ناول نويسن، ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي؟ مون اَويساهيءَ وچان پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اهي به خبرون هيون ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن ملڪ مان ڀڄڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي پاڪستاني جهازن ويجهڙائي تان گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو، جن جا لاش رستا روڪ لاءِ رکيا ويا هئا.
    اهي ڳالهيون ايتريون ته ڀوائتيون هيون، جو آئون ڪجهه به سوچي نه ٿي سگهيس. ريڊڪلف ۾ پهرئين سال عورتن جي لڄالُٽ تي اسان کي جيڪو ليڪچر ڏنو ويو هو، تنهن تي پهرين ته ويساهه ڪونه آيو هو. آمريڪا اچڻ کان پهرين مون ڪڏهن به عورتن جي لڄالُٽ بابت ڪي به نه ٻڌو هو ۽ ان جي امڪاني ڀَؤ سبب ايندڙ چئن ورهين ۾ آئون ڪڏهن به رات جو اڪيلي ٻاهر نه نڪتيس. ليڪچر کان پوءِ منهنجي لاءِ هارورڊ ۾ لڄالُٽ جو امڪان حقيقي ٿي پيو هو. اوڀر بنگال ۾ لڄالُٽ جو امڪان حقيقي ڪونه هو. مونکي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري بيان ۾ سُڪون نظر آيو، ته مغربي ملڪن جي اخبارن ۾ جيڪي خبرون ڇپجن ٿيون تن ۾ وڌاءُ آهي ۽ هڪ اسلامي رياست خلاف اها ’يهودي سازش‘ آهي.
    هارورڊ ۾ هم ڪلاسين کي مڃائڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ”اوهان جي فوج وحشي آهي.“ الزام لڳندا هئا. ”اوهين بنگالين جو ڪوس پيا ڪريو.“ ”اوهين بنگالين کي قتل پيا ڪريو.“ آئون ان جو جواب ڏيندي ڪاوڙ ۾ بيوس ٿي پوندي هيس. ”اوهين اخبارن ۾ جيڪي پڙهو ٿا، ان تي اوهان کي ويساهه اچي ٿو؟“ هر ڪو اولهه پاڪستان خلاف هو. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن سان ان سال جي شروع ۾ دَر در وڃي اسان اوڀر پاڪستان جي ٻوڏ جي ستايلن لاءِ چندو گڏ ڪيو هو. الزام ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿي ويا. ”اوهين فاشي آمر آهيو.“ مون کان ڳالهائڻ جي ڪوشش به نه ٿي هئي، جڏهن مون خاص ڪري اهو پڙهيو هو، ته هندستان هزارين پناهگير بنگالين کي گوريلا جنگ جي سِکيا ڏئي، سرحد ٽپائي، واپس ملڪ پيو موڪلي. ”اسين اهڙي بغاوت خلاف پيا وڙهون، جنهن ۾ هندستان جو هٿ آهي.“ آئون سختيءَ سان چوندي هيس. ”اسين پنهنجي ملڪ کي متحد رکڻ گهرون ٿا، جيئن اوهان پنهنجي گهرو جنگ ۾ ڪيو هو.“
    پر ملامت کان بچڻ ڏاڍو ڏُکيو ٿي پيو هو، پوءِ کڻي اها اجائي هئي. ”پاڪستان بنگلاديش جي عوام کي سندن راءِ جي حق کان محروم رکيو آهي.“ منهنجي پهرئين سال جي سرءُ ۾ پروفيسر والزر ”جنگ ۽ اخلاقيات“ جي موضوع تي عام ليڪچر ۾ گجگوڙ ڪندي چيو هو. اهو ٻڌي سياسي تقرير ڪئي. ”اهو سمورو بيان غلط آهي پروفيسر.“ مون هن جي اصلاح ڪندي چيو. آئون ڏڪيس پئي. ”بنگال جي عوام پنهنجي راءِ جو حق 1947ع ۾ استعمال ڪيو، جڏهن هنن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.“ سڄي هال ۾ ماٺ ٿي وئي. تاريخي طرح منهنجي ڳالهه صحيح هئي. پر وڌيڪ ڏکائتو سچ اوڀر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ جي مايوسي هئي، جنهن کان مون پاڻ نٽايو هو.
    ان وقت کان مون الاءِ ڪيترا ڀيرا الله کان پنهنجي اُن اڻڄاڻائيءَ لاءِ معافيءَ جي دعا گهري آهي؟ اُن وقت منهنجو اوڏانهن ڌيان ڪونه ويو هو، ته پاڪستان ۾ جمهوري حقن جي سخت ڀڃڪڙي ٿي هئي. بنيادي طرح اولهه پاڪستان جي اقليتي صوبي، اوڀر پاڪستان جي اڪثريتي صوبي کي پنهنجي بيٺڪيت پئي سمجهيو هو. اوڀر پاڪستان جي برآمد جي ايڪٽيهن بلين روپين کان به وڌيڪ محصولن مان، اولهه پاڪستان جي اقليت پنهنجي لاءِ رستا، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ٺهرايون هيون، پر اوڀر پاڪستان ۾ اهڙا ترقياتي ڪم تمام گهٽ ٿيا هئا. اسان جي بيحد غريب ملڪ ۾ نوڪريون ڏيندڙ وڏي ۾ وڏي اداري فوج، پنهنجا نوي سيڪڙو سپاهي اولهه پاڪستان مان ٿي کنيا. سرڪاري نوڪرين ۾ اَسي سيڪڙو ملازم اولهه پاڪستان جا هئا. مرڪزي حڪومت ته مورڳو اردو ٻوليءَ کي اسان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ٻوليءَ کي اوڀر پاڪستان ۾ تمام ٿورا ماڻهو سمجهندا هئا. انهيءَ ڪري سرڪاري ۽ تعليمي نوڪرين وٺڻ لاءِ بنگالين کي مقابلي ۾ وڌيڪ رنڊڪون پيدا ٿيون هيون. جنهنڪري هنن پاڻ کي جدا ۽ مظلوم پئي سمجهيو.
    هارورڊ ۾ ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ آئون ننڍڙي ۽ ڀَورڙي هيس، ته پاڪستاني فوج به ٻيءَ ڪنهن فوج جيان شهري آبادين ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ لڄالُٽ ڪري سگهندي. اها نفسيات اهڙي موتمار ٿي سگهي ٿي، جهڙي 1968ع ۾ هئي، جڏهن آمريڪي فوجن مائيلا جي معصوم شهرين کي قتل ڪيو هو. ڪيترائي سال پوءِ منهنجي اباڻي صوبي سنڌ ۾ به ضياءَ اهڙو ئي ظلم ڪيو هو. هٿياربند فوجن جا سپاهي آپي مان ٻاهر نڪري، شهرين ۾ تباهي پکيڙي سگهن ٿا. اهي شهرين کي ”دشمن“ سمجهي هنن کي گولي هڻي مارين ٿا، کين لُٽين ڦرين ٿا يا هنن جي بيحرمتي ڪن ٿا. ان هوندي به 1971ع جي ان ڏڪائيندڙ بهار جي مُند ۾ منهنجي ذهن ۾ پاڪستاني سپاهين جي ان بهادريءَ جو ٻاراڻو خيال ويٺل هو، جن 1965ع واريءَ جنگ ۾ هندستان جي فوجن جو ڏاڍي دليريءَ سان مقابلو ڪيو هو. اهو هڪ اهڙو خيال هو، جيڪو ڏاڍو آهستي ۽ ڏکائتي نموني سان ختم پئي ٿيو.
    ”پاڪستان لاءِ هن وقت سخت آزمائش آهي.“ بابا مونکي هڪ ڊگهي خط ۾ لکيو، جيڪو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ”عظيم الميو“ جي نالي سان ڇپيو هو. ”پاڪستانين جو پاڪستانين کي مارڻ وارو خوفناڪ خواب اڃا تائين ختم نه ٿيو آهي. خون اڃا تائين به وهايو پيو وڃي. هندستان جي اڳرائيءَ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ جي افراتفريءَ مان جند آزاد ڪرائي، ته پاڪستان بامقصد سلامت رهندو، ٻيءَ صورت ۾ اهي فتني فساد وارا ٿرٿلا اسان کي پوري تباهيءَ ڏانهن گهِلي ويندا.“
    ڦَڏي ۽ گهوٽالي جا اُهي ٿرٿلا نيٺ 3 ڊسمبر 1971ع تي ٿيا، ”نه!“ ايليٿ هال ۾ مون اخبار هيٺ اڇلائيندي رڙ ڪئي. امن قائم ڪرڻ لاءِ پناهگيرن کي هندستان مان واپس گهرائڻ لاءِ، جيڪا ڀارتي فوج آئي هئي، ان اوڀر پاڪسان تي حملو ڪري ڏنو هو ۽ پڻ اولهه پاڪستان تي بم وسايا هئا. ڪراچي بندرگاهه جي لنگر گاهه تي اسان جي سامونڊي جنگي جهازن تي، روس جي ٺاهيل جديد ميزائيلن سان حملا ڪيا پئي ويا. هندستاني جهازن شهر جي اهم تنصيبات تي هيٺاهين تان گولا پئي وسايا. اسان جا هٿيار ايترا ته مُدي خارج هئا، جو اسين جوابي جنگ به نه وڙهي ٿي سگهياسين. هاڻي ته مورڳو منهنجي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو هو.
    ”تون سڀاڳي آهين، جو هتي نه آهين.“ ڪراچيءَ مان سميعا مون ڏانهن لکيو. ”روزانو رات جو هوائي حملا ٿين ٿا ۽ روشنيءَ کي لڪائڻ لاءِ اسان درين تي ڪارا ڪاغذ هڻي ڇڏيا آهن. اسڪولَ ۽ يونيورسٽيون بند آهن، جنهنڪري سڄو ڏينهن ڳڻتيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي. سدائين جيان اخبارن ۾ اسان کي ڪي به ٻڌايو نٿو وڃي. اسان کي ته اوڀر پاڪستان تي هندستان جي حملي جي خبر به ڪين هئي. اها خبر ان وقت پئي جڏهن ڪنهن ماڻهو اسان جو دروازو کڙڪائي رڙ ڪئي ته ”جنگ شروع ٿي وئي آهي!“ جنگ شروع ٿي وئي آهي!“هاڻي ستين وڳي وارين خبرن ۾ ٻُڌايو ويو هو، ته اسان جي فتح پئي ٿي، پر بي بي سيءَ نشريات ۾ چيو ويو، ته اسان کي چيڀاٽيو پيو وڃي. بي بي سي ته انهن ڏڪائيندڙ ڏوهن جون خبرون پڻ نشر ڪيون آهن، جيڪي اوڀر پاڪستان ۾ فوجَ ڪيا آهن. انهن بابت تو ڪجهه ٻڌو؟
    ”ڪراچيءَ ۾ تنهنجو تيرهن ورهين جو ڀاءُ شاهنواز ڏاڍو جوش ۾ آهي. هن شهري دفاع جي تنظيم ۾ حصو ورتو آهي ۽ روز رات جو موٽر سائيڪل تي چڙهي پاڙي ۾ وڃي، سڀني کي چوي ٿو ته بتيون وسائي ڇڏيو. باقي اسين سڀئي ڏاڍا ڊنل آهيون. هڪڙي حملي وقت آئون تنهنجي گهر ۾ صنم وٽ هيس، جتي تنهنجي ماءُ اسان کي هيٺ کاڌي واري ڪمري ۾ وٺي وئي، جنهن ۾ دريون ڪونهن. گهر ۾ آئون پنهنجي ماءُ سان گڏ سمهان ٿي. اسين ٻئي ڏاڍو پريشان آهيون. اسان جي گهر پريان جيڪا گهٽي آهي، اتي ٽي بم ڪريا آهن، پر خوشقسمتيءَ سان اهي ڪونه ڦاٽا. اسان جي باغ ۾ هر طرف شيشن جا ٽڪرا پکڙيا پيا آهن.
    ”هندستان جا جهاز ايترو ته هيٺ اُڏامن ٿا، جو درين مان سندن پائليٽ ڏسي سگهجن ٿا! پر اسان جي هوائي فوج جو ڪوبه جهاز انهن تي حملو نٿو ڪري، ٽي راتيون اڳ ٺڪاءُ ايڏا زوردار ٿيا هئا، جو مون سمجهيو ته هنن اسان جي پاڙيسريءَ جي گهر تي بم هنيو آهي. آئون گهر جي ڇت تي چڙهي ويس ته ڏٺم ته سڄو آسمان ڳاڙهو ٿيو پيو آهي. ٻئي صبح جو خبر پئي ته ڪراچي بندر ۾ تيل جي ٽانڪين کي ميزائيل هنيا ويا هئا. اتي اڃا تائين باهه لڳي پئي آهي. اسين اوسيئڙي ۾ آهيون، ته ڪڏهن ٿا آمريڪي مدد ڪن.“
    آمريڪا مان فوجي امداد ڪڏهن به نه پهتي. پاڪستان جو جيتوڻيڪ آمريڪا سان دفاعي ٺاهه ٿيل هو، پر ڪنهن غلطيءَ سب اهڙو انتظام ٿي نه سگهيو. آمريڪي اسان کي سندن دشمنن، سوويت يونين جي حملي کان بچائڻ لاءِ تيار هئا، پر پاڪستان جو حقيقي خطرو ته سدائين هندستان رهيو هو. هاڻي به روسين خلاف افغان باغين کي جيڪا امداد ڏني وڃي ٿي، تنهن جو وڏو حصو پاڪستاني فوج جي اسلحي خاني ۾ وڃي ٿو، ته جيئن هندستان جو سخت مقابلو ڪري سگهجي.
    1971ع جي گهوٽالي ۾ صدر نڪسن ڄاڻي ٻجهي فوجي مداخلت کان پاسو ڪندي، سفارتي ڪوششن جي پُٺڀرائي ڪئي ۽ اهڙو حڪم ڪيو، جنهن کي پاڪستان جي پُٺڀرائي سمجهيو ويو. 4 ڊسمبر تي، تيرهن ڏينهن جي جنگ جي ٻئي ڏينهن تي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اڳرائين جو سمورو الزام هندستان تي هنيو. 5 ڊسمبر تي گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بنديءَ جي قرارداد آڻڻ جو ان ذمو کنيو. 6 ڊسمبر تي نڪسن انتظاميا هندستان لاءِ واعدو ڪيل پنجاسي ملين ڊالرن جي ترقياتي قرض روڪي ڇڏيو. پر انهن حرفتن مان ڪوبه کڙتيل ڪونه نڪتو. اسان جو آخري مضبوط قلعو ڍاڪا هٿن مان وڃڻ تي هو. هندستاني فوجون سرحد اڪري اولهه پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون هيون. جنگ جي ميدان ۾ هارائيندي ۽ ملڪ کي هٿان نڪرندي ڏسي، يحييٰ خان پاڪستان جي اهڙي چونڊيل اڳواڻ کي مدد لاءِ سڏ ڪيو، جنهن وٽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ اختيار ۽ اعتماد هو: اهو هو بابا.
    ”آئون گڏيل قومن جي اداري ۾ اچان پيو. تون مون سان 9 ڊسمبر تي پيري هوٽل نيويارڪ ۾ مل. ”بابا وٽان مون لاءِ نياپي ۾ لکيل هو. ”ڇا تون سمجهين ٿي ته گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان کي ڌيان سان ٻڌو ويندو؟“ آئون جڏهن بابا سان نيويارڪ ۾ مليس، ته هن مون کان پڇيو.
    ”ضرور بابا.“ مون ارڙهين ورهين جي ڄمار واري يقين سان وراڻيو. ”اُن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، ته هندستان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي، هڪ ٻئي ملڪ تي حملو ڪري، مٿس قبضو ڪيو آهي.“
    ”ڇا تون اُهو به سمجهين ٿي ته سلامتي ڪائونسل هندستان جي نِندا ڪندي ۽ مٿس زور رکندي ته پنهنجيون فوجون ڪڍي وڃي؟“
    ”اهي ڇو نه ڪندا؟“ مون اُمالڪ جواب ڏنو.“ امن آڻيندڙ عالمي اداري طور اها سندن اختيار جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته اهي ڪوبه قدم نه کڻن، جڏهن ته هزارين ماڻهو قتل پيا ٿين ۽ هڪ ملڪ ٽڪرا ٽڪرا پيو ٿئي.“
    ”تون عالمي قانون جي سٺي شاگرد ته ٿي سگهين ٿي پِنڪي، پر آئون هارورڊ ۾ پڙهندڙن شاگردياڻيءَ سان اتفاق نٿو ڪريان.“ هن نرميءَ سان چيو. ”توکي اقتداري سياست جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي.“ گڏيل پاڪستان کي بچائڻ لاءِ بابا چئن ڏينهن تائين جيڪي اجايون ڪوششون ڪيون هيون، تن جا اولڙا اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ سمايل آهن.
    سلامتي ڪائونسل ۾ هن جي پٺيان ٽين قطار ۾ آئون ويٺي آهيان. جنرل اسيمبليءَ ۾ 104 ملڪن ۽ آمريڪا ۽ چين به ووٽ ڏئي هندستان جي نِندا ڪئي آهي. پر روس طرفان ويٽو جي ڌمڪيءَ سبب سلامتي ڪائونسل جا پنج مستقل رُڪن جنگبنديءَ تي به اتفاق نٿا ڪري سگهن. هندستان – پاڪستان جي گهوٽالي تي ستن گڏجاڻين ۽ ڪيئي قراردادن جوڙڻ کان پوءِ به سلامتي ڪائونسل هڪ قرارداد به منظور نه ڪئي. بابا مونکي ٽين دنيا جي ملڪن بابت وڏين طاقن جي حرفتن بابت جيڪي به سيکاريو، سي سڀئي ڳالهيون ان هڪڙي ڪمري ۾ ٿين پيون. وڏين طاقتن جي خودغرضيءَ اڳيان پاڪستان بيوس آهي.
    ”11 ڊسمبر 40-5. اسان جي فوج وڏي دليريءَ سان پئي وڙهي. پر هوائي ۽ سامونڊي فوج جي امداد کانسواءِ ۽ تناسب 6:1 آهي. ڪالهه کان وٺي اها فوج رُڳو 36 ڪلاڪ وڙهي سگهي ٿي.“ آئون هوٽل پيري جي ڪاغذ تي پنهنجا لکيل نوٽ پڙهان ٿي. ٻئي ڏينهن منهنجا لکيل نوٽ بربادي ۽ تباهيءَ جو آئينو آهن. ”6:30 صبح جو سفير شاهنواز فون تي ٻڌائي ٿو، ته صورتحال تمام خراب آهي. ان جو جواب اهو ئي آهي ته آمريڪا کي چين لاچار ڪري ته روس کي ٻنجو ڏي، ته ان ڦڏي ۾ مداخلت نه ڪري. بابا اسلام آباد تار موڪلي چوي ٿو، ته ڇٽيهن ڪلاڪن تائين نه بلڪ ٻاهتر ڪلاڪن تائين جنگ جاري رکو. جنرل نيازي (اوڀر پاڪستان ۾ اسان جي فوج جو ڪمانڊر) چوي ٿو ته آئون آخري سپاهيءَ تائين وڙهندس.“
    12 ڊسمبر تي بابا سلامتي ڪائونسل کي جنگبنديءَ، پاڪستاني ڌرتيءَ تان هندستاني فوجن جي واپسي، گڏيل قومن جي اداري جو فوجن جي قيام ۽ ٻيون اهڙيون تجويزون واپرائڻ لاءِ چوي ٿو، ته جيئن اوڀر پاڪستان ۾ ڪابه انتقامي ڪارروائي ٿي نه سگهي. پر هن جي دليل بازيءَ جو ڪنهن تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي. اُٽلندو مونکي بي اعتماديءَ سان ڪلاڪ کن ڊگهو بحث ٻڌڻو پوي ٿو، ته سلامتي ڪائونسل پنهنجي ايندڙ گڏجاڻي ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي نائين بجي ڪري يا آرام سان يارهين بجي ڌاري ڪري. انهي وچ ۾ جيئن اسان کي خبر آهي. پاڪستان ٽُٽي پيو.
    ”هاڻي اسين يحييٰ کي چئون ته اولهه جو محاذ کولي.“ اسان جي هوٽل جي ڪمري ۾ بابا پاڪستاني وفد کي چوي ٿو. ”اولهه مان اڳرائيءَ وارو حملو، اوڀر پاڪستان تي هندستاني فوجن جي زور کي ٽوڙي ڇڏيندو. ٻيءَ صورت ۾ سڄي پاڪستان ٽُٽڻ جو گهڻو خطرو آهي. آئون يحييٰ سان بابا جي ڳالهه ٻولهه لاءِ پاڪستان ۾ فون ڪريان ٿي، پر يحييٰ جو مليٽري سيڪريٽري ٻڌائي ٿو، ته صدر ستو پيو آهي ۽هن کي اُٿاري نه ٿو سگهجي. بابا فون مون کان ڦُري وٺي ٿو. ”ملڪ ۾ جنگ لڳي پئي آهي! صدر کي اٿار!“ هو رڙ ڪري چوي ٿو. ”هن کي الهندو محاذ هڪدم کولڻ گهرجي. اسان کي اوڀر ۾ زور ٽوڙڻو آهي.“
    هڪ مغربي صحافي لکي ٿو، ته اوڀر پاڪستان ۾ جنرل نيازي هندستاني فوجن اڳيان آڻ مڃي آهي. بابا فون تي پاڪستان ۾ يحييٰ جي مليٽري سيڪريٽريءَ کي رڙ ڪندي چوي ٿو، ڇو ته اڃا تائين يحييٰ ڪونه ٿو ملي. ”جيڪڏهن مون وٽ سوديبازيءَ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، ته پوءِ پنهنجي حق ۾ فيصلي لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري سگهندس.“
    پيري هوٽل ۾ ٽيليفون جون گهنڊڻيون وڄنديون رهن ٿيون. هڪ ٻپهريءَ جو هڪ پاسي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هينري ڪيسنجر جو فون اچي ٿو، ته ٻئي پاسي ٻئي فون تي عوامي جمهوري ملڪ چين جي وفد جو اڳواڻ هئانگ هئا ڳالهائي ٿو. هينري ڪسينجر کي اها ڳڻتي آهي،ته چين پاڪستان جي طرفداري ڪندي فوجي مداخلت ڪندو. بابا کي فڪر آهي ته چيني اهو نه ڪندا. جڏهن بابا يحييٰ کي آخري لاچار طور بيجنگ وڃڻ لاءِ چوڻ جو منصوبو پئي ٺاهيو، تڏهن جيئن مون پڙهيو، هينري ڪسينجر نيويارڪ ۾ سي آءِ اي جي محفوظ گهرن ۾ چينين سان مزيدار گڏجاڻيون پئي ڪيون.
    بابا جي ڪمري ۾ روسي وفد اچي ٿو ۽ وڃي ٿو. چيني اچن ٿا ۽ وڃن ٿا. ساڳيءَ ريت آمريڪا جو وفد جارج بش جي اڳواڻيءَ ۾ اچي ٿو. ”منهنجو پٽ به هارورڊ ۾ پِڙهي ٿو. توکي ڪا گهُرج ٿئي ته مونکي فون ڪجانءِ.“ سفير بُش پنهنجي نالي وارو ڪارڊ مونکي ڏيندي چوي ٿو. انهن سڀني موقعن تي آئون سمهڻ واري ڪمري ۾ فون ڀرسان ويٺي سچا نياپا نوٽ ڪريان ۽ ڪُوڙن کي ڇڏي ڏيان ٿي.
    ”گڏجاڻين هلندي تون مون سان ڳالهاءِ.“ بابا مونکي چوي ٿو. ”جيڪڏهن روسي اچن، ته مونکي ٻڌاءِ ته چيني آيا آهن. جيڪڏهن آمريڪي اچن ته ٻڌاءِ ته فون تي روسي آهن يا هندستاني آهن ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ ته هتي ڪير موجود آهي. شڪ اُڀارڻ حڪمت عمليءَ جو بنيادي سبق آهي؛ پنهنجا سڀئي ارادا ڪڏهن به ظاهر نه ڪجن.“ آئون هن جي هدايتن تي عمل ڪريان ٿي پر هن جو سبق وساري ڇڏيان ٿي. آئون سدائين پنهنجا ارادا ظاهر ڪريو ڇڏيان.
    پوءِ به نيويارڪ ۾ سفارش چالبازيون هڪدم رڪجي وڃن ٿيون. يحييٰ الهندو محاذ ڪونه ٿو کولي. فوجي حڪومت اڳواٽ ئي نفسياتي طرح اوڀر پاڪستان کي هٿن مان نڪرڻ قبوليو آهي ۽ مايوس ٿيل آهي. فوجي حمايت جو بيان ڏيڻ کان پوءِ به چيني مداخلت ڪونه ٿا ڪن. ۽ وقت کان اڳ اسان جي آڻ مڃڻ جي افواهه سخت نقصان رسايو آهي. اُن غلطيءَ جي درستگيءَ کانپوءِ به، هندستانين کي هاڻي ڄاڻ آهي، ته اوڀر پاڪستان ۾ اسان جا فوجي ڪمانڊر جنگ ختم ڪرڻ گهرن ٿا. سلامتي ڪائونسل جا مستقل ارڪان به اهوئي سمجهن ٿا. ڍاڪا تي قبضو ٿيڻ وارو آهي.
    15 ڊسمبر تي سلامتي ڪائونسل ۾ آئون بابا پٺيان پنهنجي مقرر ڪيل ڪرسيءَ تي ويهان ٿي، ته ڪائونسل جي رُڪنن طرفان ڪجهه به نه ڪرڻ سبب، هُن جي صبر جو پئمانو ڀرجي اچي ٿو. ”غير جانبدار جانور جو ڪو وجود ئي ڪونهي. اوهين پنهنجن مفادن جي طرفداري ڪريو ٿا.“ هن خاص ڪري برطانيا ۽ فرانس جي عيوضين ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي چيو، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجن فائدن سبب ووٽ ڏيڻ وقت غائب هئا. ”اوهان کي حق جو پاسو وٺڻو آهي يا وري ناحق جو. اوهان کي ظالم جي طرفداري ڪرڻي آهي يا وري مظلوم جي. غير جانبداريءَ جو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي.“
    جيئن اهي جوشيلا لفظ ڪمري ۾ ٻُرن ٿا ته، آئون لاپرواهيءَ بدران راضپي جو سبق سِکان ٿي. وڏيون طاقتون پاڪستان خلاف پاڻ ۾ متحد ٿي ويون آهن. ڏاهپ اُن ۾ آهي، ته راضپي جي راهه ورتي وڃي. پر وڏين طاقتن جي حق ۾ هٿُ کڻڻ جو مطلب اهو آهي، ته سندس عمل جي پٺڀرائي ڪجي. ”اوهان ڪهڙو به فيصلو ڪريو، ورسليز جي ٺاهه کان به بدتر ٺاهه ڪريو، ظلم کي جائز ڪوٺيو، قبضي کي جائز چئو، ان هر شيءَ کي جائز ڪوٺيو جيڪا 15 ڊسمبر 1971ع تائين ناجائز هئي، پر آئون ان ۾ ڌُر نه ٿيندس.“ بابا گجگوڙ ڪندي چوي ٿو. ”… اوهان پنهنجي سلامتي ڪائونسل پاڻ وٽ رکو. آئون وڃان ٿو.“ ائين چئي ٿو اُٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. چؤڌاري خاموشي پکڙجي وڃي ٿي ۽ آئون تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجا ڪاغذ ميڙي، پاڪستاني ميمبرن جي ٻين ميمبرن سان گڏ سندس پٺيان وڃان ٿي.
    بابا سلامتي ڪائونسل ۾ جيڪي ڳالهايو. تنهن کي ’واشنگٽن پوسٽ‘ اخبار ”جيئرو جاڳندو تماشو“ لکيو. پر اسان لاءِ اهو حقيقي مونجهارو هو،جنهن جو اثر اسان جي ملڪ تي پوندو، جنهن کي جيڪڏهن پاڪستان جي نالي سان سڏيو وڃي. ”اسين کڻي ڍاڪا ۾ فوج ذريعي پيش پئون، پر سياسي شڪست ۾ ڪڏهن به اسان کي ڌر نه ٿيڻ گهرجي.“ هن پوءِ مونکي اُن وقت ٻڌايو جڏهن اسين نيويارڪ جي گهٽين ۾ پئي گهمياسون. ”مون اجلاس مان اٿي اچڻ مان اهو ڏيکارڻ ٿي گهريو، ته جيتوڻيڪ جسماني طور اسان کي چيڀاٽي سگهجي ٿو، پر اسان جي قومي ارادي ۽ فخر کي نٿو جهُڪائي سگهجي.“
    اسين ڪيترو ئي وقت پئي هلياسين ۽ بابا پاڪستان لاءِ ايندڙ تباهيءَ وارن خطرن کي سمجهندي ڏاڍو پريشان پئي ٿيو.
    ”جيڪڏهن ڪو سياسي فيصلو ٿئي ها ۽ گڏيل قومن جي اداري جي نظرداريءَ هيٺ سياسي ريفرينڊم ٿئي ها، ته اوڀر پاڪستان جو عوام، پاڪستان يا ڌار ملڪ بنگلاديش ۾ رهڻ لاءِ پنهنجو ووٽ ڏيئي سگهي ها. هاڻي پاڪستان کي هندستان کان هارائڻ جي خواريءَ کي منهن ڏيڻو پوندو. ان کي خوفناڪ قيمت چُڪائڻي پوندي.“
    ٻئي ڏينهن صبح جو بابا پاڪستان واپس موٽڻ جو سفر شروع ڪري ٿو. آئون ڪيمبرج موٽي ويس. ۽ ڍاڪا تي قبضو ٿي ويو.
    اوڀر پاڪستان جي وڃڻ سبب پاڪستان کي ڪيترن ئي سطحن تي سخت نقصان سَهڻا پيا هئا. اسان جو ساڳيو مذهب اسلام، جنهن لاءِ سدائين اسان جو عقيدو هو، ته اهو هندستان جي هڪ هزار ميلن کان، جيڪي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان کي جدا ڪن ٿا، مٿانهون آهي. اهو پڻ اسان کي گڏ رکي نه سگهيو. هڪ ملڪ طور اسان جي جياپي جو عقيدو ڪونه رهيو هو. اولهه پاڪستان جي چئن صوبن جا ٻنڌڻ ڇڪجي ذري گهٽ ٽٽڻ وارا هئا. پر هندستان کان حقيقي مات ملڻ کان پوءِ به اسان جو حوصلو ڪڏهن به ڪونه گهٽيو هو.
    ٽيليويزن ڪئميرائون جيئن هلڻ شروع ٿيون، ته ڍاڪا جي ريس ڪورس ميدان تي جنرل نيازي پنهنجي هندستاني هم منصب جنرل اروڙا ڀرسان ويو. مونکي پنهنجين اکين تي ويساهه ئي نه پئي آيو، جڏهن مون ڏٺو ته جنرل نيازيءَ ڍاڪا جي فاتح اڳيان تلوار رکي. (اهي ٻئي سينڊهر سٽ ۾ گڏ رهيا هئا) ۽ هن کي ڀاڪر پاتو! جرمن نازين به اهڙي شرمناڪ نموني ۾ آڻ ڪونه مڃي هئي. هڪ هارايل فوج جي ڪمانڊر هجڻ طور جيڪڏهن پاڻ کي گولي هڻي ماري ها، ته سندس وڏي عزت ٿئي ها.
    جڏهن بابا اسلام آباد پهتو، ته سڄي شهر ۾ باهه پئي ٻري. ڪاوڙيل ماڻهن شراب جي انهن دڪانن کي به پئي ساڙيو، جتان يحييٰ خان ۽ حڪومت جي ٻين اهلڪارن ڏانهن شراب ويندو هو. حڪومت جي اُن دعويٰ کان ته ’سندن فتح پئي ٿئي‘ ڪيترائي هفتا پوءِ ٽيليويزن تي پاڪستان جي هندستان اڳيان شڪست کي ڏسڻ سان، عوام جا انبوهه ڪراچي ۾ ٽيليويزن اسٽيشن کي ساڙڻ لاءِ وڃي گڏ ٿيا هئا. هندستاني اخبارن ۾ فسادي ايڊيٽوريل ڇپجڻ سبب پاڪستان جي ويتر تباهيءَ جو خوف پيدا ٿي ويو هو، جن ۾ دعويٰ ڪيل هئي، ته اسان جو پاڪستان ”جُڙتو ملڪ آهي، جنهن کي هرگز وجود ۾ اچڻ نه کپندو هو.“
    ڍاڪا جي زوال جي چئن ڏينهن کان پوءِ 20 ڊسمبر 1971ع تي زبردست عوامي احتجاج کان مجبور ٿي، يحييٰ حڪومت تان لٿو ۽ پاڪستان ۾ پارليامينٽ جي اڪثريتي پارٽيءَ جو اڳواڻ بابا ملڪ جو نئون صدر ٿيو. افسوس اهو ته آئين نه هجڻ سبب هن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجي حڪومت جي اڳواڻ طور قسم کڻڻو پيو هو.
    هارورڊ ۾ هاڻي آئون پاڪستان واري پِنڪي ڪين سڏبي هيس، پر پِنڪي ڀٽو، پاڪستان جي صدر جي ڌيءَ، بابا جي لياقتن تي پنهنجي فخر ۽ پنهنجي شڪست ۽ پاڪستان جي چُڪايل قيمت وچ ۾ مون ٺاهه ڪيو هو. ٻن هفتن واريءَ جنگ ۾ اسان جي هوائي فوج جو چوٿون حصو تباهه ڪيو ويو هو. اسان جي اڌ سامونڊي فوج غرق ٿي وئي هئي. اسان جو خزانو خالي هو. نه رڳو اوڀر پاڪستان هٿان نڪري ويو هو، پر هندستاني فوج اولهه پاڪستان ۾ اسان جي پنج هزار چورس ميل علائقي تي قبضو ڪيو هو ۽ اسان جي ٽيانوي هزار جوانن کي جنگي قيدي ڪيو هو. ڪيترن ئي اڳڪٿي ڪئي هئي، ته پاڪستان سلامت نه رهي سگهندو. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ محمد علي جناح جنهن گڏيل پاڪستان جو بنياد رکيو هو، اهو بنگلاديش ٺهڻ سان ختم ٿي ويو.
    شملا، 28 جون 1972ع: بابا پاڪستان جي صدر ۽ هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ وچ ۾ سربراهي گڏجاڻي. اُن گڏجاڻي جي نتيجي تي سڄي ننڍي کنڊ جي آئيندي جو آڌار هو. بابا جي وري اها مرضي هئي، ته ان گڏجاڻي ۾ آئون به ساڻس گڏ هجان. ”نتيجو کڻي ڪهڙو به نڪري، پر پاڪستان جي تاريخ تي ان جا خاص اثر پوندا.“ آئون جڏهن هارورڊ مان آرهڙ جي موڪلن ۾ آيس، ته هڪ هفتو پوءِ هن مونکي چيو. ”منهنجي مرضي آهي ته تون پاڻ به اتي هج.“
    ڇهه مهينا اڳ گڏيل قومن جي اداري ۾ ماحول ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هئي، سا شملا ۾ چوٽ تي چڙهيل هئي. بابا، اندرا گانڌيءَ سان ڳالهين لاءِ خالي هٿين پئي هليو. سوديبازيءَ جا سڀئي پتا هندستان جي هٿ ۾ هئا. اسان جا جنگي قيدي، مٿن مقدمي هلائڻ جي ڌمڪي ۽ اسان جي علائقي جا پنج هزار چورس ميل. صدر جي هوائي جهاز ۾ جيڪو هندستان رياست چندي ڳڙهه ڏانهن پئي اڏاڻو، بابا ۽ پاڪستاني وفد جا خاص ارڪان ڏاڍا گنڀير هئا. ڇا شملا ۾ اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها ڇڪتاڻ گهٽجي ويندي؟ ڇا اسين هندستان سان امن جو ٺاهه ڪري سگهنداسين؟ يا اسان جو ملڪ تباهه ٿيندو؟
    ”هر مُلڪ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسان جون گڏجاڻيون ڪيئن پيون اڳتي وڌن، تنهنڪري گهڻي خبرداريءَ جي گهُرج آهي.“ بابا مونکي جهاز ۾ هدايت ڪئي. ”تون پنهنجي مُنهن تي مُرڪ نه آڻجانءِ ۽ اهو تاثر نه ڏجانءِ ته تون ڪو خوش آهين، ڇو ته اسان جا سپاهي اڃا تائين هندستان جي ڪئمپن ۾ جنگي قيدي آهن. تون هرگز گنڀير به ڏسڻ ۾ نه اچجانءِ، ڇو ته ماڻهو اُن کي مايوسيءَ جو اُهڃاڻ سمجهندا. تون ڪوبه اهڙو ڏيکاءُ نه ڏجانءِ، جو ڪنهن کي چوڻو پوي ته ’هن جو مُنهن ته ڏسو، گڏجاڻين ۾ ڪابه سوڀُ نه ٿي آهي. پاڪستاني پنهنجا حوصلا هارائي ويٺا آهن. هنن جي ڪاميابيءَ جو ڪوبه اهڃاڻ نه ٿو ڏسجي ۽ لڳي ٿو ته اهي پاڻ ئي رعايتن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا!“
    ”ته پوءِ آئون ڪهڙو ڏيکاءُ ڏيان؟“ آئون کانئس پُڇان ٿي.
    ”مون توکي چيو ته، مايوس نظر نه اچجانءِ ۽ نه ئي خوش.“ بابا وراڻيو.
    ”اهو ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.“
    ”بلڪل ڏکيو ڪم ڪونهي.“
    اُن موقعي لاءِ سندس اهو چوڻ درست نه هو، تنهن وقت مُنهن مان اهڙو غير جانبدار تاثر ڏيکارڻ ڏاڍو ڏُکيو هو جڏهن اسين چندي ڳڙهه ۾ جهاز مان لهي ان هيلي ڪاپٽر ۾ ويٺاسون، جيڪو هماليا جبل جي هيٺين ٽڪرين ۾ شملا ڏانهن اڏاڻو، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ اونهاري ۾ گاديءَ وارو شهر هوندو هو. جڏهن اسان جو هيلي ڪاپٽر اتي فٽ بال جي ميدان تي لٿو ۽ ٽيليويزن ڪئميرائن جي اڳيان مسز اندرا گانڌي پاڻ اسان جو آڌر ڀاءَ ڪيو هو. هوءَ ڪيتري نه ننڍڙي هئي قد جي. مون جيڪي هن جا ڪيترائي فوٽا ڏٺا هئا، انهن ۾ هوءَ جيڏي ڏٺي ٿي ان کان به ننڍڙي ۽ ڪيڏي نه نفيس ان برساتي ڪوٽ ۾ به، جيڪو هن مِينهن کان بچڻ لاءِ پنهنجي ساڙيءَ مٿان پاتو هو. ”السلام عليڪم“ مون هن کي پنهنجي اسلامي طريقي تي کيڪاريو ”نمستي.“ هن مُرڪندي چيو. مون هن کي اُن جو اڌ مُرڪ ڀريل جواب ڏنو.
    ايندڙ پنج ڏينهن بابا ۽ پاڪستاني وفد جي ٻين ميمبرن لاءِ ڏاڍا جذباتي ڏينهن هئا. ”ڳالهيون ٺيڪ ٺاڪ پيون ٿين.“ هڪ ميمبر پهرئين گڏجاڻيءَ جي اڌ ۾ ٻڌايو. ”ڳالهيون ٺيڪ نه ٿيون.“ ٻئي ميمبر اُن ڏينهن شام جو ٻڌايو. ٻئي ڏينهن صورتحال وڌيڪ مونجهاري واري هئي. مسز گانڌيءَ جي اهم حيثيت هجڻ سبب هن هڪ يڪي فيصلي تي زور پئي ڏنو، جنهن ۾ ڪشمير جي تڪراري رياست تي هندستان جي دعويٰ به شامل هئي. پاڪستاني وفد جي مرضي هئي ته علائقي، فوجي قيدين ۽ ڪشمير جي جهيڙي جهڙن مسئلن تي جدا جدا ڳالهيون ڪجن. ڪنهن به زور زبردستيءَ سبب پاڪستان جي نرمي خود پاڪستاني عوام کي نامنظور ٿيندي ۽ هڪ نئين جنگ جا امڪان پيدا ٿي پوندا.
    پر جڏهن انهن ڳالهين ۾ ڪنهن به نقطي تي اتفاق نه پئي ٿيو، تڏهن اُتي جي گهٽين ۾ هڪ عجيب منظر پئي اڀريو. آئون جڏهن به هماچل ڀَون مان، جيڪو پنجاب جي گورنرن جي رهڻ جو اڳوڻو گهر هو ۽ جتي اسين رهيل هئاسين، ٻاهر ٿي نڪتيس تڏهن ماڻهو گهٽين ۾ مِڙي ٿي آيا ۽ مونکي گهورڻ ٿي لڳا. آئون جنهن پاسي کان به ٿي ويس، ته ماڻهن جا انبوهه خوشيءَ وچان آڌرڀاءَ ڪندا منهنجي پٺيان ٿي آيا. پراڻن گهرن ۽ ڳوٺاڻن باغن وٽان لنگهندي، جيڪي ڪيئي سال اڳ پنهنجي وطن کان پري انگريزن اتي پوکيا هئا، گڏين جي ميوزيم، دستڪاريءَ جي مرڪز، دٻن ۾ ميوا بند ڪرڻ جي ڪارخانن ۾ ويندي ۽ هڪ عيسائي مرڪز ۾ ناچ جو پروگرام ڏسندي، جتي آئون پنهنجي مريءَ جي اسڪول جي ڪيترين ئي استاد ماسترياڻين سان مليس. جڏهن آئون مال روڊ تان لنگهيس، جتي انگريز حڪومت جا بالا عملدار پنهنجين زالن سان سير ڪندا هئا، تڏهن اتي ماڻهن جو ميڙ ايترو ته وڌي ويو، جو رستو بند ٿي ويو. ان سبب مونکي ڏاڍي بيچيني ٿي. مون ڇا ڪيو هو جو مون ڏانهن ايترن ماڻهن ٿي ڏٺو؟
    مون وٽ خطن ۽ تارن جا ڍير لڳي ويا، جن ۾ هندستان ۾ اچڻ لاءِ مونکي واڌايون ڏنل هيون. هڪڙي خط ۾ اها تجويز به ڏنل هئي، ته بابا مونکي هندستان جو سفير مقرر ڪري! صحافي ۽ ليکڪ مون کان انٽرويو وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا ۽ مونکي هندستاني ريڊيو تان تقرير جي دعوت ڏني وئي. مونکي چِڙ ان وقت لڳي جڏهن ڏٺم ته منهنجي لباس جو اتي فيشن ٿي ويو، ڇو ته اهو نه رڳو سميعا جي ڀيڻ کان اڌارو ورتل هو ۽ منهنجن ڪپڙن ۾ رڳو قميصون، جينز ۽ سوويٽ شرٽس هيون، پر ڇو ته آئون لباس کي غير متعلق سمجهندي هيس. منهنجو خيال هوندو هو ته، آئون هارورڊ جي پڙهيل روشن ضمير فرد آهيان، جنهن جي ذهن ۾ جنگ ۽ امن جا گنڀير سوال ڀريل آهن. پر اخبار وارا ضد ڪري منهنجي لباس بابت هر هر سوال پڇڻ لڳا. ”فيشن دولتمند ۽ شوقينن جي وندر جو ذريعو هجي ٿو.“ مون نيٺ هڪ انٽرويو وٺندڙ کي ڪاوڙ ۾ چيو. پر ٻئي ڏينهن جيڪا خبر ڇپي، تنهن فيشن جي نئين راهه روشن ڪري ڇڏي.
    بابا ۽ پاڪستاني وفد جي ٻين ميمبرن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، ته نيٺ مون ڏانهن ايترو ڌيان ڇو پئي ڏنو ويو. ”هتي جيڪي ڳنڀير معاملا ويچار هيٺ آهن، تنهنجي سبب سندن اوڏانهن ڌيان هٽي ويو آهي.“ بابا هڪڙي ڏينهن صبح جو اخبارن جي پهرين صفحي تي منهنجيون تصويرون ڏسي، جن ۾ مون ماڻهن جي ميڙن کي هٿ لوڏي پئي کيڪاريو، مونکي چيو. ”ٿوري خبرداري ڪر.“ هن مونکي چيو. ”تون مسوليني جهڙي لڳين ٿي.“
    هن جي اها ڌيان هٽائڻ واريءَ ڳالهه شايد صحيح هئي. ڳالهيون سخت رازداريءَ ۾ پئي ٿيون، جنهن ڪري شملا ۾ سڄي دنيا مان آيل صحافين اڳيان مون کانسواءِ ٻي ڪا خبر ئي ڪين هئي، جنهن تي اهي پنهنجو ڌيان ڏين ها. پر منهنجو جيڪو تمام گهڻو آڌرڀاءَ ڪيو ويو هو، ان جو هڪ ٻيو به سبب هو.
    آئون نئين نسل جي اُهڃاڻ هيس. آئون ڪڏهن به هندستاني نه هيس. منهنجو جنم ته آزاد پاڪستان ۾ ٿيو هو. مون وٽ اهي مونجهارا ۽ بدگمانيون ڪين هيون، جن سبب ورهاڱي جي اوچتي خوني صدمي هندستانين ۽ پاڪستانين کي هڪ ٻئي کان ڇني ڌار ڪيو هو. شايد ماڻهن اها اميد پئي ڪئي، ته نئون نسل اُن دشمنيءَ کان پاسو ڪندو، جنهن سبب ٽي جنگيون لڳيون هيون ۽ پنهنجي وڏن جي ڏکائتي ماضيءَ کي وساري دوستن وانگر گڏجي رهندو. شملا ۾ انهن رستن ۽ گهٽين مان لنگهندي، جتي منهنجي مرحبا ۽ کيڪار پئي ٿي، مون سوچيو پئي، ته ڇا اسان کي نفرت جون ديوارون ٺاهي جدا جدا رهڻو آهي يا اسان جي مرضي آهي، ته يورپ جي پاڻ ۾ وڙهندڙ ملڪن وانگر هڪ ٻئي سان ٺهي وڃون؟
    ان سوال جو جواب انگريزي راڄ جي عمارت جي انهن ڪمرن جي گهرائين ۾ لِڪل هو، جتي ڳالهين جي ڊگهن ۽ بيزار ڪندڙ ڪلاڪن جو ڪوبه نتيجو ڪونه ٿي نڪتو. بابا ان اميد تي اتي وڌيڪ ترسڻ جو فيصلو ڪيو، ته ڪونه ڪو حل نڪري ايندو. پر هو مايوس هو. هندستانين ته مورڳو ڪشمير جي سلسلي ۾ پاڪستان جي ان مطالبي کي به مڃڻ کان انڪار ڪيو، ته ريفرينڊم ڪرائي ڪشميرين کي اجازت ڏجي. ته اهي پاڻ ڪهڙي ملڪ ۾ رهڻ گهُرن ٿا. مسز گانڌي ته هن کي ڏاڍي ڏکي پئي هئي. جيتوڻيڪ هو سنديس بابا وزيراعظم جواهر لال نهرو جووڏو مداح هو، پر بابا جو ويچار هو ته مسز گانڌيءَ وٽ پنهنجي پيءُ جا اُهي آدرش ۽ مشاهدا ڪونهن، جن سبب هن ملڪ کي اهڙو ٺاهيو هو، جو کيس عالمي عزت ملي هئي.
    مسز گانڌيءَ بابت مونکي ڪابه خاطري نه هئي. 30 جون تي هن اسان جي وفد کي رات جي مانيءَ جي جيڪا دعوت ڏني هئي، تنهن ۾ هوءَ مون ڏانهن ڏسندي رهي، جنهنڪري آئون بيچيني ڀانئڻ لڳي هيس.مون هن جي سياسي زندگيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو ۽ آئون سندس اورچائيءَ جي مداح هيس. 1966ع ۾ هن جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ ڪانگريس پارٽيءَ جي جهيڙاڪ ميمبرن سمجهيو هو، ته هنن هڪ سٻاجهي، نهٺي ۽ اُهڃاڻ طور اڳواڻ چونڊي آهي. اهي هن کي پرپٺ ”گونگي گُڏي“ سڏيندا هئا. پر هيءَ ريشم ۽ فولاد جي ٺهيل عورت هنن سڀني کان گوءِ کڻي ويئي. پنهنجي بيچينيءَ کي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مون هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ ڏاڍي ماٺ ۾ هئي. هوءَ هڪ سانت، نويڪلائي ۽ ڇڪتاڻ ۾ ويڙهيل هئي، جيڪا ان وقت ختم ٿي هئي جڏهن هن مُرڪيو هو. منهنجا حوصلا پڻ هڪ جاءِ تي ڪونه هئا، ڇو ته مون اها ساڙي پاتي هئي جيڪا مونکي امان اڌاري ڏني هئي. هن جيتوڻيڪ ان کي پائڻ لاءِ مونکي سٺي طرح سمجهايو هو، پر مونکي رکي رکي ڊَپُ پئي ٿيو، ته اها اوچتو کلي پوندي. ان وقت مونکي رڳو جرمنيءَ جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ چاچي ممتاز جي ساڙيءَ جي ڳالهه ياد پئي آئي. هن جي ساڙيءَ جو دامن ڏاڪڻ ۾ اچي ڇڪجڻ لڳو هو،ته ڪنهن اهو ڏسي بجليءَ واريءَ هلندڙ ڏاڪڻ بند ڪري ڇڏي. ان يادداشت به منهنجي ڪا مدد نه ڪئي ۽ مسز گانڌي مون ڏانهن ڏسندي رهي.
    شايد هن کي اهي سفارتي وفد ياد آيا هوندا، جن ۾ هوءَ پنهنجي پيءَ سان گڏ وئي هئي. مون پنهنجي پاڻ سوچيو. هوءَ مون ۾ هڪ ٻئي سياستدان جو ڌيءَ طور پاڻ کي ته نه پئي ڏسي. ڇا هوءَ پيءُ لاءِ ڌيءَ يا ڌيءَ لاءِ پيءَ جي پيار کي ته ياد ڪين پئي ڪري؟ هوءَ ڪيتري نه ننڍڙي ۽ ڪمزور هئي؟ سنديس مشهور بيرحمي ۽ سختي ڪٿان آئي هئي؟ هن پنهنجي پيءُ جي به پرواهه نه ڪندي هڪ پارسي سياستدان سان شادي ڪئي هئي، جنهن تي هو ڪاوڙيو هو. هنن جي شادي سوڀاري نه ٿي هئي ۽ ٻئي ڌار ڌر زندگي گذارڻ لڳا هئا. هينئر هن جو پيءُ ۽ سندس مڙس ٻئي هن جهان ۾ ڪونه هئا. ڇا هوءَ اڪيلي هئي؟
    مونکي ان تي به اچرج ٿيو، ته شملا ۾ پاڪستاني وفد جي موجودگيءَ سبب هن جي ذهن ۾ شايد ٻيون ڪيتريون ئي يادگيريون اڀري آيون هيون. ان شهر ۾ ئي محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان سان هن جي پيءُ ملاقات ڪئي هئي ۽ هنن مسلمانن جي پاڪستان ۽ هندن جي هندستان جي سرحدن بابت فيصلو ڪيو هو. هاڻي وزيراعظم طور هوءَ پاڻ ان جدا مسلمان رياست جي وجود جي خاطري ڏئي پئي سگهي. يا هوءَ ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. هوءَ ڪهڙي راهه وٺندي؟ ان جو جواب چئن ڏينهن کانپوءِ آيو.
    ”سامان بند ڪر.“ 2 جولاءِ تي بابا مونکي چيو. ”سڀاڻي اسين گهر هلنداسين.“
    ”ٺاهه کانسواءِ؟“ مون پڇيو.
    ”ها، ٺاهه کانسواءِ.“ هن وراڻيو. ”آئون پاڪستان ۾ هندستان جو مڙهيل ٺاهه کڻي وڃڻ بدران خالي هٿين وڃڻ گهران ٿو. هندستان وارا سمجهن ٿا ته ٺاهه کانسواءِ آئون پنهنجي گهر وڃي نه سگهندس ۽ هنن جي مطالبن اڳيان جهُڪي پوندس. اهي جيئن ڪندا آئون به اهو ئي ڪندس. آئون پاڪستان ۾ اهڙي نااميديءَ کي مُنهن ڏئي ويندس، پر اهڙي ٺاهه کي نه قبوليندس، جنهن ۾ اسان جو ملڪ وڪامي وڃي.“
    هماچل ڀَون ۾ ٿڪل ٽٽل وفد تي مايوسي پکڙجي وئي. رڳو ڪاغذن کي هڪ هنڌ سهيڙڻ جو آواز پئي ٻُڌم. هاڻي رڳو اهو ڪم رهيل هو، ته بابا کي مسز گانڌيءَ کان موڪلائڻ لاءِ وٽس ساڍي چئين وڳي وڃڻو هو ۽ رات جو مانيءَ جي دعوت هئي، جيڪا اسان جو وفد ان رات هندستاني وفد جي مانُ ۾ ڏيڻ وارو هو. پوءِ اسين اسلام آباد روانا ٿي وينداسين.
    آئون پنهنجي سُمهڻ واري ڪمري جي فرش تي ويٺي هيس، ته اوچتو بابا دروازي مان نروار ٿيو.”ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ.“ هن اکين ۾ هڪ نئون چمڪ آڻيندي چيو. ”آئون هن آخري گڏجاڻي ۾ هڪ ڀيرو وري مسز گانڌيءَ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي ذهن ۾ هڪڙو خيال آهي. پر ان جا ڪي نتيجا نه نڪرن، ته دل نه لاهجانءِ“ ائين چئي هو روانو ٿي ويو.
    آئون هر هر دريءَ تي وڃي ڏسڻ لڳس، ته هو ڪڏهن ٿو موٽي. اتان مونکي ڪوهيڙو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ٽڪرين تي ديال جي وڻن، ورن وڪڙن وارن جابلو رستن ۽ ڪاٺ جي گهرن کي وڪوڙيو بيٺو هو. شملا بلڪل مريءَ جهڙو آهي، پر سرحد جي ٻنهي طرفن جيڪي ماڻهو رهن ٿا، اهي هڪ ٻئي سان ملاقات به نٿا ڪري سگهن. اوچتو بابا واپس آيو.
    ”اُميد ٿي آهي.“ هن مُرڪندي چيو. ”ٺاهه ٿي ويندو. انشاءَ الله!“
    ”اهو ڪيئن ٿيو، بابا؟“ مون کانئس پڇيو. ڪمرن ۾ پکڙيل ويڳاڻپ جي جاءِ تي هاڻي وفد جي ميمبرن جا ڀُڻڪا ٻُرڻ لڳا.هنن هڪٻئي کي اُها خبر پئي ٻُڌائي.
    ”مون ڏٺو ته اسان جي پهچڻ مهل هوءَ ڪنهن ڇڪتاڻ ۾ هئي.“ بابا مونکي ٻڌايو. ”نيٺ اها ناڪامي رڳو اسان لاءِ هيڃاڪار ته ناهي، پر پاڻُ هن لاءِ به آهي. اسان ٻنهي جا سياسي دشمن اِها ڳالهه اسان خلاف ڪَتب آڻيندا. هن پنهنجي هئنڊبئگ تي هٿ پئي ڦيريو ۽ اهڙو ڏيکاءُ پئي ڏنو، ڄڻ سنديس ڪوپ جي گرم چانهه بيسوادي هجي. اهو ڏسي مون ٿڌو ساهه کنيو ۽ ساڻس اڌ ڪلاڪ تائين لاڳيتو ڳالهائيندو رهيس.“
    اسين ٻئي لوڪشاهي اڳواڻ آهيون ۽ پنهنجي عوام وٽان اختيار مليل آهن. بابا هن کي ٻڌايو. اسين هن خطي ۾ امن آڻي سگهون ٿا، جيڪو ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ هتي ڪونه ٿو ڏسجي، يا اسين ناڪام ٿي پُراڻن گهاون تي لوڻ ٻُرڪينداسين. فوجي ڪاميابيون تاريخ جو حصو آهن، پر اها سياست آهي جنهن کي اُن ۾ دائمي حيثيت مليل آهي. سياست جو مقصد ئي اهو آهي ته، مستقبل تي نظر رکي وڃي ۽ وقت تي اهڙيون رعايتون ڏنيون وڃن جيڪي اڳتي هلي فائديمند ثابت ٿين. فاتح بيشڪ هندستان آهي ۽ نه پاڪستان ۽ امن جي فائدي خاطر ان کي ئي رعايتون ڏيڻ گهرجن.
    ”ڇا هن اها ڳالهه مڃي؟“ مون بابا کان اُتساهه وچان پڇيو.
    ”هن ان کان انڪار نه ڪيو.“ بابا سگار دکائيندي وراڻيو. ”هن چيو ته آهي ته آئون پنهنجن ذاتي صلاحڪارن سان مشورو ڪري اوهان کي رات جي مانيءَ تي جواب ڏيندس.“
    ان دعوت ۾ جام تجويز ڪرڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ خوش خير آفيت پُڇڻ وقت اسان سڀني ڇا ڪيو. ان بابت آئون ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهنديس. ان ڀيري آئون ئي هيس جنهن مسز گانڌيءَ کي پئي چتايو، پر هن جي چهري مان آئون ڪي به پڙهي نه سگهيس. ماني کائڻ کانپوءِ بابا ۽ مسز گانڌيءَ ڀر واري هڪ ننڍي ڪمري ۾ وڃي ويٺا. جڏهن ته وفدن جا باقي ارڪان اتي هڪ وڏي ڪمري بليرڊ روم ۾ بليرڊ ٽيبل جي چؤڌاري ٿي ويٺا. هنن جڏهن به ڪنهن نقطي تي اتفاق ٿي ڪيو يا اتفاق نه ٿي ڪيو، ته وفد مان ڪوهڪ اهي ڪاغذ ننڍي ڪمري ۾ ٻن اڳواڻن جي منظوريءَ يا نامنظوري لاءِ کڻي ٿي ويو.
    اهڙيءَ ريت ٺاهه جو متن ڪَچو ٺهيو، پڪو ٺهيو، ان ۾ درستيون ۽ سُڌارا ٿيا، جن ۾ ڪلاڪ لڳي ويا. اتي ڏسندي ئي ڏسندي صحافين، ٽيليويزن وارن ۽ ٻنهي ملڪن جي عيوضين جو ميِڙ ڪَٺو ٿي ويو. آئون هيٺ انهيءَ ميڙ ۾ ۽ مٿي پنهنجي ڪمري ۾ پئي آيس ۽ ويس. ”ڪو فيصلو ٿيو؟“ مون ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻ تان ٿي پڇيو. ڇو ته سرڪاري طرح ڪنهن پڌرائيءَ کان پهرين ڪوبه اعلان ڪونه ڪرڻو هو، تنهنڪري پاڪستاني وفد انهن ڳالهين جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ ڪي ڳجها لفظ مقرر ڪيا. ”جيڪڏهن ٺاهه ٿي ويو ته چئبو ته پُٽ ڄائو آهي، پر جيڪڏهن ٺاهه نٿو ٿئي ته، چونداسين ته ڌيءَ ڄائي آهي.“ ڪيڏو نه عجيب عقيدو آهي.“ مون راءِ ڏني، جيڪا ڪنهن به نه ٻُڌي.
    ”جڏهن ٺاهه تي صحيحون ٿين، تڏهن تون اُتي ضرور موجود رهجانءِ.“ بابا ننڍي ڪمري ۾ وڃڻ کان اڳ مونکي چيو هو، ”اهو تاريخي موقعو هوندو.“ آئون مٿي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ هيس، جڏهن رات جو 40-12 بجي ”پُٽ ڄائو آهي! پُٽ ڄائو آهي.“ جا لفظ سڄي گهر ۾ ٻُرڻ لڳا. آئون ڊوڙندي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿيس، پر صحافين ۽ ٽيليويزن ڪئميرائن جي گوڙ ۽ پيهه پيهان ۾ آئون وقت تي ان ڪمري ۾ پهچي نه سگهيس، جتي بابا ۽ مسز گانڌي ان ٺاهه تي صحيحون ڪيون هيون، جيڪو پوءِ ”شملا ٺاهه“ جي نالي سان مشهور ٿيو. پر اُن جو ڇا مطلب هو؟ ننڍي کنڊ ۾ هڪ ڊگهو ۽ جٽادار امن شروع ٿيو هو.
    شملا ٺاهه سبب اسان کي پنج هزار چورس ميل علائقو موٽي مليو، جيڪو اسان کان هندستان کَسيو هو. اُن سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڃ ۽ واپار جي بحاليءَ جو بنياد پيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار ۾ پاڪستان يا هندستان جي حيثيت تي ڪوبه اثر نه پيو. ان ٺاهه سبب جنگي قيدين کي جنگي مقدمي جي خواريءَ کان بچڻو پيو، جنهن جا بنگلاديش مان مجيب الرحمان دڙڪا پئي ڏنا ۽ هنن جي واپسيءَ جي راهه کلي وئي. پر ان سبب هنن جي تڪڙي واپسي ڪين ٿي هئي.
    ”مسز گانڌي جنگي قيدي ڇڏڻ يا وري علائقي کي موٽائي ڏيڻ قبوليو.“ بابا پوءِ مٿي آيو ته هن مونکي ٻڌايو.“ توکي خبر آهي ته مون علائقي جي واپسيءَ کي ڇو قبوليو؟“
    ”مونکي سچ ته ڪابه سُڌ ڪانهي، بابا.“ مون اچرج مان چيو. ”جيڪڏهن قيدي آزاد ٿين ها، ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي ڏاڍي سرهائي ٿئي ها.“
    ”اهي ته آزاد ٿيندا.“ هن خاطري ڪرائيندي چيو. ”قيدي انساني مسئلو آهي ۽ ٽيانوي هزار قيدي هجڻ سبب اُن جي اهميت ويتر وڌي وڃي ٿي. هندستان جي اها بيرحمي ٿيندي جيڪڏهن انهن فوجين کي وڏي عرصي تائين پاڻ وٽ رکندو. ٻيو ته هنن کي کارائڻ ۽ رهائڻ جو به هنن لاءِ وڏومسئلو پيدا ٿيندو. ٻئي پاسي علائقو انساني مسئلو ڪونهي. علائقو ملڪ ۾ ملائي سگهجي ٿو. قيدين کي ملڪ ۾ نٿو ملائي سگهجي. 1967ع ۾ عربن جيڪو علائقو وڃايو هو، اهو اڃا تائين واپس وٺڻ ۾ سوڀارا نه ٿيا آهن. زمين جي قبضي تي دنيا جي قومن جو ڌيان ڇڪائڻ ممڪن ڪونهي پر قيدين جي مسئلي تي ممڪن آهي.“
    قيدين کي ڇڏائڻ جي ٺاهه کانسواءِ واپس موٽڻ جو جيڪو فيصلو بابا ڪيو هو، سو ڏاڍو ڏکيو هو، ڇو ته مخالف پاڪستاني سياستدانن ۽ قيدين جي خاندانن طرفان احتجاج جو امڪان هو. شايد ڀارتين هن لاءِ هڪ اڻٽر هنگامو اُڀارڻ ٿي گهريو، ته جيئن هو شرط مڃڻ تي مجبور ٿئي. پر هن اهو قبول نه ڪيو ۽ پوءِ 1974ع ۾ بنگلاديش جي منظوريءَ کان پوءِ اهي ٽيانوي هزار قيدي آزاد ڪيا ويا هئا.
    3 جولاءِ تي اسين جڏهن راولپنڊي واپس ورياسين تڏهن سڀيئي ڏاڍا خوش هئا ۽ اها مايوسي ڪانه هئي، جيڪا هندستان وڃڻ وقت نظر آئي هئي. اسين جڏهن جهاز مان لٿاسين ته هوائي اڏي تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن بابا جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ”اڄوڪو ڏينهن عظيم آهي.“ بابا ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو. ”وڏي سوڀ ٿي آهي. اها منهنجي سوڀُ ڪانهي، ۽ نه وري اها مسز اندرا گانڌيءَ جي سوڀُ آهي. اها سوڀُ پاڪستان ۽ هندستان جي عوام جي آهي، جن ٽن جنگين کان پوءِ امن ماڻيو آهي.“
    4 جولاءِ 1972ع تي شملا ٺاهه کي قومي اسيمبليءَ يڪراءِ منظور ڪيو. مخالف ڌر پڻ اُن جي ساراهه ڪئي. شملا ٺاهه اڄ به قائم آهي. بدقسمتيءَ سان 1973ع وارو آئين، پاڪستان جو پهريون جمهوري آئين، جيڪو عوام جي حقيقي چونڊيل عيوضين ٺاهيو هو، اهو قائم ڪونهي. هڪ سال پوءِ 14 آگسٽ 1973ع تي اسان جي گهر جي سڀني ڀاتين وزيراعظم جي ويهڻ واري ڪمري مان اهو منظر ڏٺو، جڏهن قومي اسيمبليءَ يڪراءِ اسلامي منشور منظور ڪيو هو، جنهن کي عجب آهي ته سڄي قوم، اسان جي علائقائي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ بابا جي مخالفن جي پُٺڀرائي هئي.قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت واري جماعت جي اڳواڻ هئڻ سبب بابا پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
    چار ورهيه پوءِ جڏهن ضياءَ اهو آئين معطل ڪيو، ته اُن وقت تائين پاڪستان جي تاريخ جي پهرئين آئين هيٺ ماڻهن سُک جي زندگي گهاري هئي، ڇو ته اُن ۾ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ۽ سندن بچاءُ جي خاطري ڏنل هئي. 1973ع جي آئين ۾ نسل، جنس يا مذهب پٽاندر متڀيد جي روڪَ هئي. ان ۾ عدليا جي آزاديءَ ۽ ان جي انتظاميا کان جدا ٿيڻ جي ضمانت ڏنل هئي. پاڪستان جي پهرين نمائنده حڪومت کي نيٺ حڪومت جو قانوني سرشتو ملي ويو هو: هڪ منظور ٿيل اختيار، جنهن جي چٽيءَ ۽ سُٺي سمجهاڻي پروفيسر ووميڪ مونکي سندس سيمينار ۾ ڏني هئي.
    1973ع جي بهار جي مُند ۾ جڏهن مون هارورڊ ڇڏڻ جون تياريون پئي ڪيون، تڏهن آمريڪي آئين جي طاقت جو مظاهرو پوريءَ شدت سان ٿيو پئي. هارورڊ يارڊ ۾ راندين ۾ خوشبودار موسم جي هوندي به اسان مان ڪيترائي شاگرد شاگردياڻيون ٽيليويزن تي واٽر گيٽ جي شنوائيءَ بابت پروگرام ڏسڻ لاءِ ويهي رهندا هئاسين. مونکي ته سچ پچ حيرت لڳندي هئي. آمريڪي عوام پنهنجي صدر کي جمهوري ۽ آئيني طريقي سان پيا لاهين. رچرڊ نڪسن جهڙو طاقتور صدر به، جنهن ويٽنام جي جنگ کي ختم ڪيو ۽ چين جو رستو کوليو هو، سو پنهنجي ملڪ جي قانون کان بچي نه ٿي سگهيو. مون سماج ۽ رياست جي خاصيت ۽ ماڻهن جي حقن جي بچاءُ جي گهُرج تي لاڪ، روسو ۽ جان اسٽوئرٽ مِل جا خيال پڙهيا هئا. پر نظريو هڪ جدا ڳالهه آهي. ان کي عمل ۾ ايندو ڏسڻ هڪ بلڪل ٻيءَ ڳالهه آهي.
    واٽر گيٽ جي ڪارروائيءَ سبب مونکي فردن جي مڙهيل خيالي يا آپيشاهي قانون بجاءِ پوريءَ قوم طرفان منظور ٿيل قانونن جي اهميت جو ڳوڙهو احساس ٿيو. هڪ سال پوءِ آگسٽ 1974ع ۾ جڏهن صدر نڪسن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني، تڏهن اقتدار جي منتقلي تمام سانتيڪي ۽ پر امن ٿي هئي. آمريڪا جهڙي جمهوريت ۾ اڳواڻ اقتدار ماڻين ٿا ۽ ڇڏي وڃن ٿا، پر آمريڪا جو آئين قائم آهي. اسين پاڪستان ۾ اهڙا سڀاڳا ڪونه آهيون.
    هارورڊ ۾ گريجوئيشن جا امتحان جيئن ويجهو آيا، ته آئون ڪئمبرج ڇڏڻ ۽ آمريڪا مان وڃڻ جي سوچ کان ڏاڍي اداس ٿيس. مونکي پنهنجن ٻين ڪيترن ئي هم ڪلاسين ۽ پيٽر گئلبريٿ سميت، آڪسفورڊ ۾ داخلا ملي هئي. پر مون وڃڻ ڪونه ٿي گهريو. ڪئمبرج ۽ بوسٽن ۾ آئون هر رستي کان واقف ٿي وئي هيس. اتي جي زمين هيٺان ريلوي رستن جي مونکي ڄاڻ ٿي وئي هئي. آئون ماڻهن کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ لڳي هيس. مون بابا سان حُجت ڪئي ته پاڪستان موٽي اچڻ کان اڳ مونکي ٽفٽس ۾ قانون ۽ سفارتڪاريءَ جي فليچر اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر هن سختي ڏيکاريندي چيو ته، آئون آڪسفورڊ وڃان. ڪنهن هڪ هنڌ چار ورهيه رهڻ وڏو عرصو آهي. هن مون ڏانهن لکيو.جيڪڏهن تون آمريڪا ۾ وڌيڪ وقت رهندينءِ، ته پوءِ اتي تنهنجون جڙون مضبوط ٿيڻ شروع ٿينديون. هاڻي وقت آيو آهي ته تون اتان رواني ٿي.
    مون پهريون ڀيرو ڀانئيو، ته بابا مون تي زور پيو رکي. پر آئون ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ منهنجي پڙهائيءَ ۽ رهائش جو سمورو خرچ هن پئي ڏنو. مونکي فيصلي جو ڪوبه اختيار ڪونه هو ۽ آئون ته هڪ عملي فرد هيس.
    امان گريجوئيشن جي جلسي ۾ آئي هئي، ۽ هن ۽ ادا مير، جنهن تازو هارورڊ ۾ پهريون سال پورو ڪيو هو. منهنجي سامان ٻَڌڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. منهنجي ڪمري ۾ مون سان گڏ رهندڙ ساهيڙي يولينڊا ڪوڊرزيڪي ۽ مون ڪمري جو سامان ڏئي ڇڏيو ۽ ان ۾ لڳل پوسٽر لاهي ڇڏيا. اسان جا ڪمرا خالي پئي لڳا، جيئن هارورڊ يارڊ ۽ ڪتاب گهر جا جارا خالي ٿي ڏٺا. ممڪن هو ته اتان رواني ٿيڻ جو وقت اچي ويو هو.
    لوگن هوائي اڏي تان جيئن ئي جهاز مٿي اڏاڻو، ته آسمان جي پس منظر ۾ بوسٽن جي اوچين عمارتن کي پڇاڙڪو ڀيرو ڏسڻ لاءِ منهنجيءَ دل سَٽ ڏني. فليني جي هيٺين دڪانن ۾ خريداري، ڊيورجن پارڪ ۾ سڀني سان گڏجي کاڌو کائڻ، بوسٽن يونيورسٽيءَ کان هاڪي راند هارائڻ جي غم کي وسارڻ لاءِ ڪاسابلانڪا وڃڻ، اهي سڀئي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. انسان چنڊ تي پهچي ويو هو ۽ مون ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ ۾ چنڊ جي مٽي ڏٺي هئي. منهنجي ذهن ۾ پال ۽ ميريءَ جي گيت جي هن بَند جو پڙاڏو پئي ٿيو: ’آئون جيٽ جهاز ۾ پئي وڃان، ڪابه خبر ڪانهي ته ڪڏهن واپس اينديس.‘
    آئون پنهنجي گهر پاڪستان ڏانهن پئي ويس.


      آڪسفورڊ جا مينارَ

    جنوري 1980ع. المرتضيٰ ۾ اسان جي نظربنديءَ جي ٽئين مهيني منهنجي ڪَن جي تڪليف وري شروع ٿئي ٿي. ٽڪ ٽڪ جهڙا 1978ع واري شروعاتي نظربنديءَ وقت جيڪي آواز ٻُڌبا هئا، سي وري ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا.
    تنهن وقت فوجي حڪومت جي اختياريءَ وارن ڪراچيءَ ۾ هڪ ڊاڪٽر موڪليو هو، جنهن تپاسڻ کان پوءِ ڪَن ۽ نَڪ جي وچ واري هڏيءَ جي سوراخ ۾ تڪليف ٻُڌائي هئي، جيڪا هر ٻئي هفتي بابا سان جيل ۾ ملاقات لاءِ هوائي جهاز ۾ سفر سبب وڌي ويئي هئي. هن منهنجي ڪَن منجهه ڪاسٽڪ سان ڏَنڀ ڏنو هو، ته جيئن ڪَنن کان نڙگهٽ ڏانهن ويندڙ ناليءَ جو مُنهن کلي سگهي. هاڻي آئون پنهنجي ڪمري ۾ وري اها ساڳي ڀُڻ ڀُڻ ڀانئيان پئي، جنهن جو زور وڌندو پيو وڃي. شهر جو ڊاڪٽر اچي تپاسي ٿو، پر آواز پوءِ به ٻُڌجن پيا. آئون اختياريءَ وارن کي چوان ٿي، ته اهو ڊاڪٽر گهرايو جنهن ڪراچيءَ ۾ منهنجي آپريشن ڪئي هئي. مونکي اچرج ٿئي ٿو، جڏهن هڪ اهڙو ڊاڪٽر آندو وڃي ٿو، جنهن کي آئون ڪونه ٿي سڃاڻان. هو شريف انسان آهي ۽ هن جو آواز آٿت ڏياريندڙ آهي. ”پريشان نه ٿيءُ، توکي گهڻيون تڪليفون ڏسڻيون پيون آهن.، منهنجو ڪَن تپاسڻ وقت هو مونکي دلاسو ڏئي ٿو.
    ”اون!“ آئون رڙ ڪريان ٿي. ”مونکي تڪليف پئي ٿئي.“
    ”اهو تنهنو رڳو ويچار آهي.“ هو جواب ۾ چوي ٿو.“ آئون تنهنجي ڪَن ۾ پيو ڏسان.“
    ٻئي ڏينهن جڏهن آئون ننڊ مان سجاڳ ٿيان ٿي، ته پنهنجي ويهاڻي تي رَت جا ٽي ڦڙا ڏسان ٿي. ”تو ڪَن جي پردي ۾ سوراخ ڪيو آهي. تو اهو وارن جي ڪانٽي سان ڪيو آهي.“ ڊاڪٽر ڏسي چوي ٿو. وارن جو ڪانٽو؟ آئون وارن جو ڪانٽو ڪَن ۾ ڇو وجهنديس؟ هو نسخي ۾ ٻه دوائون لکي چوي ٿو، ته اهي آئون ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا وٺان.پر اهي گوريون مونکي سمهاري ٿيون ڇڏين. ۽ جڏهن آئون سجاڳ ٿيان ٿي. ته پاڻ کي ڏاڍي گهوماٽيل ڀانئيان ٿي. ٽئين ڏينهن اهو ڏسي امان کي سخت پريشاني ٿئي ٿي،ته آئون نه صبح جو سويل اُٿي باغ ۾ وڃان ٿي، ۽ نه کاڌي ڏانهن ڌيان ڏيان ٿي، ۽ نه ئي وري بُرش سان ڏند صاف ڪريان ٿي.هوءَ ايترو ته پريشان ٿئي ٿي، جو دوائون اڇلائي ڇڏي ٿي.
    پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين سُور وڌي ۽ گهٽجي ٿو. جڏهن ته آواز وڌي وڃن ٿا. ٽَڪ، ٽَڪ، ٽَڪ، آئون سُمهي نه ٿي سگهان. سک سان ويهي نه ٿي سگهان.حڪومت جي موڪليل ڊاڪٽر ڄاڻي ٻجهي ڪَن جي پردي ۾ گهاوَ ته ڪونه ڪيو آهي؟ يا اهو ڪنهن غلطيءَ وچان ٿيو آهي؟ ٽڪ، ٽَڪ، ٽَڪ. منهنجي ڪَن مان لڳاتار آواز اچن ٿا، پر آئون پوريءَ طرح ٻُڌي نه ٿي سگهان.
    آئون پنهنجو ڌيان اُن کان هٽائڻ لاءِ باغ ۾ ڏاڍي محنت ڪريان ٿي. پگهر ٽِمي منهنجي ڪَن جي پردي جي سوراخ ۾ وڃي ٿو. پُوئيءَ ۾ ڦوهاري جو پاڻي به منهنجي ڪَن ۾ ٽِمي وڃي ٿو. آئون سمجهان نٿي، ۽ نه وري ڊاڪٽر ٻڌايو هو، ته مون کي پنهنجو ڪَن خشڪ رکڻ گهرجي، ته ڦاٽل پردي واري ڪَن ۾ پاڻي وڃڻ سبب تڪليف ويتر وڌي سگهي ٿي. ٽڪ ٽَڪ، ٽَڪ.
    رات جو ننڊ نه اچڻ سبب آئون المرتضيٰ ۾ پَسار ڪريان ٿي. 70 ڪلفٽن جيان المرتضيٰ تي ايترا ڀيرا ته پوليس جون چڙهايون ٿيون آهن، جو اتي هرڪا شيءِ ٽِڙيل پکڙيل آهي يا وڃائجي ويئي آهي. بابا وٽ پنهنجن بزرگن جون جيڪي قديم بندوقون هيون، سي حڪومت ضبط ڪري، باغ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ رکيون آهن ۽ اُن جي دروازي تي مُهر هنئي وئي آهي. فوجي حڪومت جا ماڻهو هر هفتي المرتضيٰ اچن ٿا ۽ خاطري ڪن ٿا ته ڪٿي اُن ڪوٺيءَ جي مُهر سان ڪا هٿچراند ته نه ٿي آهي. اهي ماڻهو شايد سمجهن ٿا، ته انهن قديم بندوقن جي مدد سان آئون ۽ امان ٻاهر نڪري وينديونسين.
    آئون هاڻي بندوقن واري ان خالي ڪمري ڀرسان لنگهان ٿي ۽ ان بليرڊ روم ۾ وڃان ٿي، جتي منهنجا ڀائر آڪسفورڊ مان آيل پنهنجي ساٿين کي راند رهڻ لاءِ هُوڪاريندا هئا. بليرڊ روم ۾ هڪ ميز تي هڪ ٿلهي چيني ماڻهوءَ جو ننڍو بوتو رکيل آهي، جنهن جي چؤڌاري ڪيترائي ٻار آهن. حقيقت ۾ اُهو ڊرائينگ روم ۾ هُجڻ کپندو هو. آئون اُن کي کڻي رکي ٿي ڇڏيان. بابا کي اُهو ننڍڙو بوتو ڏاڍو وڻندو هو ۽ هو اڪثر چرچي طور چوندو هو ته، ”مونکي ايترا ٻار هجن، جو آئون ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهيان. پر هن نئين دنيا ۾ يارهن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻي دولت گهرجي. تنهنڪري مون اوهان چئن تي ڪفايت ڪئي آهي.“
    آڪسفورڊ، آڪسفورڊ، آڪسفورڊ. هو اسان سڀني کي اهوئي چوندو رهندو هو. آڪسفورڊ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ سٺي ۽ مانائتي يونيورسٽي آهي. آڪسفورڊ انگريزي تاريخ سان ڀرپور آهي. انگريزي ادب، چرچ، بادشاهت ۽ پارليامينٽ، انهن سڀني جو ڪونه ڪو تعلق آڪسفورڊ سان آهي. آمريڪي تعليم تمام سٺي آهي، پر اها هڪ نرم طريقي سان ڏني وڃي ٿي. آڪسفورڊ اوهان کي نيون نيون راهون ڏيکاريندي ۽ اوهان ۾ ضابطي جي سوچ اُڀاريندي. هن اسان جي ڄمڻ وقت ئي اهو فيصلو ڪيو هو. ڄمار ۾ سڀني کان وڏي هجڻ سبب آئون اڪيلي هيس، جنهن فوجي بغاوت جي افراتفريءَ کان اڳ ۾ ئي آڪسفورڊ ۾ تعليم پرائڻ جو اعزاز ماڻيو هو. مير آڪسفورڊ ۾ ٻئي سال جي شروع ۾ اهو تعليمي ادارو ڇڏي، بابا جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ انگلينڊ ۾ تحريڪ هلائي. جڏهن ته صنم اتي ڪڏهن به وڃي نه سگهي. بابا جي پسند جي مادر علميءَ ۾ منهنجا گذاريل ورهيه هن اڳيان وڏيءَ اهميت وارا هئا.
    ”ٻاويهه ورهيه اڳ آڪسفورڊ ۾ مون پيرن جا جيڪي نشان ڇڏيا هئا، تن تي توکي هلندو ڏسي مونکي ڏاڍو سُٺو لڳي ٿو.“ آئون 1973ع جو سرءُ جي مُند ۾ آڪسفورڊ پهتيس، ته تُرت ئي وزيراعظم هائوس راولپنڊيءَ مان بابا مونکي خط ۾ لکيو. ”ريڊڪلف ۾ تنهنجي موجودگيءَ تي مونکي خوشي ٿي هئي. پر جيئن ته آئون هارورڊ ۾ ڪونه رهيو هوس، تنهنڪري آئون توکي ان ساڳيءَ نظر سان ڏسي نه سگهيس. آڪسفورڊ جي هر دڳ تي اتي جي سرد پٿريلي ڏاڪڻ تي ۽ وڏن وڏن دروازن وارن علمي ڪمرن ۾ تنهنجي موجودگي، مونکي ڄاتل سڃاتل لڳي ٿي. آڪسفورڊ ۾ تنهنجو هجڻ هڪ سَپنو هو، جيڪو سچ ثابت ٿيو آهي. اسين دعاگو آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته، اهو خواب جيڪو حقيقت ثابت ٿيو آهي، ان سبب توکي پنهنجي قوم جي خدمت جو عاليشان وجهه ملندو.“
    هن آڪسفورڊ ۾ جيڪو ڏاڍو سٺو وقت گذاريو هو، اهڙو شروع ۾ مونکي نصيب ڪونه ٿيو. هارورڊ ۾ مونکي ۽ مون سان گڏ رهندڙ ساهيڙيءَ کي ڌار ڌار ڪمرا مليل هئا، پر آڪسفورڊ جي ليڊي مارگريٽ هال ۾ منهنجو ڪمرو بنهه ننڍڙو هو ۽ سڀني لاءِ هڪ غلسخانو وري ڏاڪڻ هيٺان هو. اتي مون وٽ ذاتي ٽيليفون ته ڪونه هو، تنهنڪري آڪسفورڊ جي پراڻي سرشتي تي هلڻو پيو ٿي، جنهن مطابق ڪنهن به نياپي پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن ٿي لڳا. هارورڊ ۾ سُڃاڻپ هڪدم ٿي ويئي ٿي، پر مون سان گڏ پڙهندڙن مان جيڪي آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ لاءِ آيا هئا، تن کي ڳولي لهڻ ۾ مونکي ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. ان وچ ۾ بابا وٽان خط ايندا رهيا. هڪ ڀيري هن مون ڏانهن پراڻي روم شهر جي اها تصوير موڪلي، جيڪا 1950ع ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ سندس ڪمري ۾ لڳل هوندي هئي. ”آڪسفورڊ وڃڻ کان اڳ ۾ هن تصوير جي تو وٽ ڪابه اهميت ٿي نٿي سگهي.“ هن المرتضيٰ مان لکيو. ”هاڻي آئون اها تصوير تو ڏانهن موڪليان پيو، ته جيئن تون اها پنهنجي ڪمري ۾ رکين.“ مون اها ڀت تي ٽنگي ڇڏي، ته جيئن اها مونکي اهو ساندهه احساس ڏياري، جيڪو هاڻي پاڪستان جي مٽيءَ کان آڪسفورڊ جي صاف سُٿرين گهٽين تائين پکڙيل هو.
    بابا مونکي ٻُڌايو هو، ته هارورڊ جي ڀيٽ ۾ آڪسفورڊ مونکي وقت تي ڪم ڪرڻ سيکاريندي. اُن سچائيءَ جي پروڙ مونکي تڏهن پئي هئي، جڏهن سياست، فلسفي ۽ معاشيات جي موضوعن تي هفتي ۾ ٻن گهربل مضمونن لکڻ لاءِ مونکي پاڻ پتوڙڻو پيو هو. هن جو اهو چوڻ پڻ صحيح هو، ته آئون آڪسفورڊ يونين ۾ شريڪ ٿيان.
    آڪسفورڊ جي ڪيترين ئي قسمن جي سڀني سوسائٽين ۾، جن ۾ سماجواد، قدامت پسند ۽ آزاد ويچار سياسي انجمنون، تَرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جون انجمنون اچي وڃن ٿيون، سڀني کان وڌيڪ مشهور ”آڪسفورڊ يونين ڊبيٽنگ سوسائٽي“ هئي، اها يونين انگريز پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنس جي نموني تي 1823ع ۾ جوڙي ويئي هئي، ۽ جنهن کي مستقبل جي سياستدانن جي سکيا جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. سياستدان ٿيڻ جي مونکي خواهش ڪين هئي، جو مونکي سياسي زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ جاکوڙ جي ٿوري ڄاڻ هئي. منهنجي خواهش هئي ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ۾ ڪو عهدو وٺان، پر بابا جي خوشيءَ لاءِ آئون آڪسفورڊ يونين ۾ شريڪ ٿيس. بابا جي خواهشن جي پورائيءَ سان گڏ تقرير جي فن به مونکي پاڻ ڏانهن ڇِڪيو هو. سُٺي تقرير جي فن کي ايشيائي ننڍي کنڊ ۾ سدائين زبردست طاقت سمجهيو ويندو هو، جتي اڪثريت اڻپڙهيل هوندي هئي. مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، محمد علي جناح ۽ بابا جي ڳالهايل لفظن تي لکين ماڻهو جهُومندا هئا. آکاڻي ٻڌائڻ، شاعري ۽ تقرير اسان جي روايت جو حصو هئا. ان وقت مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي هئي، ته آڪسفورڊ يونين ۾ ماڻيل تجربو، پاڪستان جي ميدان ۾ لکين ماڻهن سامهون تقرير ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
    ٽن ورهين تائين سياسيات، فلسفو ۽ معاشيات ۽ چوٿين سال واپس وڃي عالمي قانون ۽ سفارتڪاريءَ جو پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس پڙهڻ وارن ڏينهن ۾، آڪسفورڊ يونين منهنجي زندگيءَ جي اهم ۽ وڻندڙ سرگرمين جو مرڪز هوندي هئي. آڪسفورڊ جي وچ ۾ سندس باغن ۽ عمارتن، اُتي تهه خاني ۾ ان جي ريسٽورنٽ، ٻن لائبريرين ۽ بليرڊ روم مان آئون اهڙيءَ ريت واقف هيس، جيئن المرتضيٰ جي ڪمرن مان، تقريرن واري هال ۾ اسان ڪيترن ئي مقررن – جهڙوڪ عورتن جي طرفدار ليکڪا جرمين گريئر ۽ ٽريڊ يونين جي حمايتي ارٿر اسڪارگل کي تقريرون ڪندي ٻڌو. منهنجي وقت ۾ آڪسفورڊ يونين ۾ ٻه اڳوڻا انگريز وزيراعظم لارڊ اسٽاڪن ۽ ايڊورڊ هيٿ آيا هئا. تقريرون ڪندڙ شاگرد روايتي لباس پائي، ڪوٽن جي ڪالرن ۾ ڳاڙها گل هڻي، مونکي جينز بجاءِ زوري ريشمي لباس پارائيندا هئا ۽ اسين ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ رات جي مانيءَ کائڻ کانپوءِ لفظن جي جنگ ۾ جُنبي ويندا هئاسين.
    قدرت اسان سان ڪهڙا نه کيڏ ٿي ڪري! تقرير بازيءَ جي وڏي ڪمري ۾ اڳوڻن انگريز سياستدانن گلئڊ اسٽون ۽ مئڪملن جي بُوتن جي پاڇي هيٺ، مونکي جنهن پهرين تقرير لاءِ چيو ويو هو، ان جو موضوع هو، ’ملڪ جي چونڊيل اڳواڻ جي معزولي فوج طرفان نه پر آئيني هجڻ گهرجي.‘ ”هن ايوان جي راءِ ۾ نڪسن ڏوهي آهي.“ اها هئي رٿ، جيڪا يونين جي صدر مونکي چيو ته اٿي پڙهه.
    ”اِها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، ته هڪ اهڙو شخص جنهن پنهنجي صدارت کي بچائڻ لاءِ قانون ۽ امن جي اهميت کي ضروري سمجهيو هو، تنهن پاڻ قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري، سموري ملڪ ۾ بيچيني ۽ افراتفري پيدا ڪئي آهي.“ مون پنهنجو بحث شروع ڪيو. ”پر حقيقت ۾ آمريڪي تاريخ اهڙين متضاد ڳالهين سان ڀري پئي آهي، جنهن بابت آئون اوهان کي جارج واشنگٽن ۽ سندس پيءَ جي ڳالهه ٻڌايان ٿي. جڏهن نوجوان واشنگٽن جي پيءُ کي اها ڄاڻ پهتي، ته ڪنهن سندس شاهه داڻي جي وڻ کي وڍي ڪيرائي ڇڏيو آهي، ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن پُڇڻ گهريو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي. نوجوان جارج ڏاڍي بهادريءَ سان اڳتي وڌي چيو ته، ”بابا، آئون ڪُوڙ ڪونه ڳالهائيندس. اهو ڪم مون ڪيو آهي.“ اهڙيءَ ريت آمريڪين جي شروعات هڪ اهڙي صدر سان ٿي هئي، جيڪو ڪُوڙ ڳالهائي نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي هنن جو صدر هڪ اهڙو شخص آهي، جيڪو وري سچ نٿو ڳالهائي سگهي.“
    ويهن ورهين جي ڄمار جي آسان ۽ ڪامل ويساهه سان مون آمريڪي صدر خلاف سزا جوڳين تُهمتن جو وچور ڏنو، جنهن ۾ ويٽنام ۾ ڪانگريس جي جنگي اختيارن جي ڀڃڪڙي، ڪمبوڊيا ۾ ڳجهي بمباري، ٽئڪس گهٽائڻ لاءِ نائب صدارت جي ڪاغذن ۾ تاريخ جي ڦيرگهير، واٽر گيٽ جي معاملي کي لڪائڻ ۾ هٿ هجڻ ۽ سندس سيڪريٽريءَ جي ٽيپن جو پراسرار طريقي تي ميسارڻ جهڙيون تهمتون شامل هيون.
    ”منهنجا دوستو! غلطي نه ڪريو.“ مون پڇاڙيءَ ۾ چيو. ”اهي ڏاڍيون ڳريون ۽ ڳنڀير تهمتون آهن، نڪسن پاڻ کي لاڳيتو قاعدي قانون کان مٿانهون پئي سمجهيو آهي ۽ جيئن وڻيو اٿس تيئن ڪيو اٿس. هڪڙي انگريز بادشاهه اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري پنهنجو سِر وڃايو. جيڪو انگريزن جو آخري بادشاهه هو. اسين اهڙي سخت ته نه، پر اثرائتي سزا تجويز ڪنداسين. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن نڪسن نفسيات جي هڪ ماهر وٽ ويو، جنهن کيس چيو: جناب صدر، تون شڪ وچان ٻين سان نفرت نٿو ڪرين، پر حقيقت ۾ ٻين کي ئي توکان نفرت آهي.“ اڄ نڪسن کي نه رڳو ڌِڪاريو پيو وڃي، پر هو پنهنجي سموري ساک وڃائي ويٺو آهي. پنهنجي ئي عوام ۾ ساک وڃائي نڪسن آمريڪي قوم جي اڳواڻيءَ جو اخلاقي اختيار وڃائي ويٺو آهي ۽ اُهو ئي نڪسن ۽ آمريڪا جو به الميو آهي.“
    قانوني نقطا، ساک، اخلاقي اختيار، اهي سڀيئي جمهوري اصول، جن کي مون مغرب ۾ پنهنجي رهڻ واري زماني ۾ سچ سمجهيو هو، تن لاءِ اِهو امڪان نه هو، ته اُهي پاڪستان ۾ وڃائجي ويندا: آڪسفورڊ يونين ۾ صدر نڪسن جي ڏوهيءَ هجڻ جي ثابتيءَ واريءَ رٿ جي حق ۾ 345 ۽ ان خلاف 2 ووٽ پيا هئا. پر پاڪستان ۾ ووٽ وسيلي نه، پر بندوق جي زور تي بابا کان حڪومت کسي ويندي.
    جڏهن آئون آڪسفورڊ ۾ هيس، تڏهن پاڪستان اتان گهڻو پري هو ۽ جيئن بابا اڳڪٿي ڪئي هئي، ته مون اتي جيڪي خوشيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا، سي منهنجي زندگيءَ جا ڀلوڙ سال هئا. منهنجا دوست مونکي بتيلي ۾ چاڙهي شر ويل نديءَ جو سيئر ڪرائيندا هئا ۽ ووڊ اسٽاڪ ويجهو بلينهائم محل جي ڇانودار وڻن هيٺ ساون ميدانن تي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. هفتي جي موڪل وارن ٻين ڏينهن تي اسين هئڊي رنگ جي ان ايم جي بي ۾ اسٽريٽفورڊ آن ايوان ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما ڏسڻ ويندا هئاسون، جيڪا ريڊڪلف مان گرئجوئشن تي بابا مونکي سوکڙيءَ طور ڏني هئي يا اسين ان ۾ وري لنڊن ويندا هئاسون، جتي بئسڪن روبنس جي نئين کوليل دڪان تي آئون آمريڪي آئيس ڪريم کائي، پنهنجي طلب پوري ڪندي هيس. انهن ڏينهن ۾ جڏهن هر ڪاليج، ٻيڙين جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي خلاف حصو وٺندو هو، ته اسين انهن جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسون. مردن کي ٽوپلا ۽ جيڪٽ پاتل هوندا هئا. جڏهن ته عورتون ٽوپلن ۾ گلدار ڊگهن لباسن ۾ هونديون هيون. امتحانن ۾ روايتي لباس اڇي قميص، ڪارو اسڪرٽ ۽ ٻانهن بنا ڪارو گائون پائبو هو، جنهن کي ڏسي آڪسفورڊ جا ٻيا شاگرد به اسان کي پنهنجي پاسي کان لنگهڻ وقت وڏي واڪ چوندا هئا ”شال ڀاڳ ڀلو ٿئي.“
    هارورڊ ۾ ٻاهرين ملڪن جا ٿورا شاگرد هوندا هئا. ريڊڪلف ۾ انهن جو تعداد رُڳو چار هو، جن ۾ هڪ انگريز ڇوڪري به هئي، جنهن کي پرڏيهي چوڻ تي مونکي عجب ٿيندو هو، پر آڪسفورڊ ۾ گهڻا ٻاهريان شاگرد هئا. ڪرڪيٽ جو پاڪستاني رانديگر عمران خان اتي هو. اتي بهرام دهقاني تفتي پڻ هو، جنهن جو پيءُ ايراني هو. ايران ۾ انقلاب اچڻ کان هڪدم پوءِ مئي 1980ع ۾ بهرام کي قتل ڪيو ويو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيانو وڄائي اسان کي وندرائيندو هو. جيتوڻيڪ آڪسفورڊ ۾ ايشيائين کي البت پرڏيهي فرد سمجهي قبوليو ويندو هو، جيڪي ڪنهن به طبقي يا درجي ۾ ڪونه سمائبا هئا. پر سڀني انگريزن جي اها راءِ نه هوندي هئي.
    1974ع ۾ آئون پنهنجي گهر پاڪستان ويس، اتي لاهور ۾ منهنجي بابا اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جتي آئون گهرڀاتين سان مليس. اتي اسلامي دنيا جو هر بادشاهه صدر، وزيراعظم ۽ پرڏيهي کاتي جو وزيرَ موجود هو، جن اٺٽيهن ملڪن، رياستن، امارتن ۽ بادشاهتن جي نمائندگي ڪئي ٿي. ڪانفرنس جي ميمبرن کي بابا جي چوڻ تي ته بنگلاديش کي سفارتي طور منظور ڪيو وڃي. مجيب الرحمٰن پڻ صدر هوري بومدين جي ذاتي جهاز ۾ اتي آيو هو. سربراهي ڪانفرنس بابا ۽ پاڪستان جي وڏي سوڀُ هئي. مجيب ڏانهن سرچاءُ جو هٿ وڌائيندي بابا انهن پاڪستاني جنگي قيدين جي واپسيءَ جي راهه کولي هئي، جن تي بنگالي اڳواڻ جنگي مقدمن هلائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون.
    آئون ايشيائي سڃاڻپ جي سوچ سان انگلينڊ موٽي آيس، جتي پهچڻ شرط مونکي نسل پرستيءَ جي پهرئين واقعي جو تجربو ٿيو.
    ”انگلينڊ ۾ تو ڪٿي رهڻ جو انتظام ڪيو آهي؟“ اميگريشن آفيس منهنجو پاسپورٽ ڌيان سان پڙهندي مون کان پڇيو.
    ”آڪسفورڊ،“ مون نهٺائيءَ سان وراڻيو. ”آئون اتي پڙهان ٿي.“
    ”آڪسفورڊ؟“ هن پنهنجا ڀِرُون مٿي ڇڪيندي ٽوڪ مان چيو. مون پنهنجي ڪاوڙ روڪيندي هن اڳيان پنهنجيءَ سڃاڻپ جو ڪارڊ اڳتي ڪيو.
    ”ڀٽو، مس بينظير ڀٽو، ڪراچي، پاڪستان.“ هن ڌِڪار ڀرئي لهجي ۾ چيو. ”تنهنجو پوليس ڪارڊ ڪٿي آهي؟“
    ”هي وٺ،“ مون جواب ڏيندي ان تاريخ تائين مڪمل اهو پوليس ڪارڊ هن اڳيان رکيو، جيڪو انگلينڊ ۾ هر ڌارئي کي پاڻ وٽ رکڻو پوي ٿو.
    ”۽ تون آڪسفورڊ جي خرچ ڀرڻ لاءِ ڇا ڪندينءِ“ هن سٻاجهائيءَ سان پڇيو. دل ۾ آيو ته چوانس پاڻ سان پينسلون ۽ ٽين جو هڪڙو پيالو آندو اٿم، پر چيومانس، ”منهنجا والدين پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پئسا موڪلين ٿا. ”مون هن کي بئنڪ جو ڪتابڙو ڏيکاريندي چيو.
    پر اهو گندو ننڍڙو ڪامورو مونکي اتي بيهاريو بيٺو هو ۽ هن وري وري منهنجا ڪاغذ پئي ڏٺا ۽ هڪ ٿلهي متاري ڪتاب ۾ پئي ڏٺو، جنهن ۾ ظاهر آهي ته هن منهنجو نالو ڪونه سُڃاتو هو.
    ”آڪسفورڊ جي تعليم لاءِ هڪڙي پاڪيءَ (پاڪستاني) وٽ ايتري رقم ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ”هن پنهنجا ڪاغذ مون ڏانهن ڌڪيندي نيٺ پُڇيو. مونکي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ آئون تڪڙا قدم کڻندي هوائي اڏي مان ٻاهر نڪري ويس. جيڪڏهن وزيراعظم جي ڌيءَ سان اميگريشن جي عملي جو اهڙو ورتاءِ آهي، ته پوءِ هنن جو ٻين پاڪستانين سان ڪهڙو ورتاءِ هوندو، جيڪي مون جيان انگريزي ٻوليءَ نٿا ڳالهائين ۽ نه مون جيان تيز تِکا آهن؟
    آڪسفورڊ وڃڻ کان گهڻو اڳ بابا مونکي ان ساڙ ۽ ڪِيني بابت ٻُڌايو هو، جنهن جو مغرب ۾ امڪان ٿي سگهيو ٿي. شاگرد طور هن کي پاڻ اهو تجربو ٿيو هو. جڏهن سين ڊيئگو، ڪئليفورنيا جي هڪ هوٽل ۾ اتي جي ڪلارڪ هن کي ڪمرو ڏيڻ کان انڪري انڪار نه ڪيو هو، ته هو پاڪستاني هو، پر هُن جي چمڙيءَ جي رنگ مان هو ميڪيسڪو جو رهاڪو ٿي نظر آيو.
    هن هڪ ڀيرو وري مونکي نسل پرستيءَ جي خطرن بابت ڄاڻ ڏني، جڏهن آڪسفورڊ مان لکيل منهنجن خطن ۽ گهرو حوالن ۾ مشرقي انداز بجاءِ مغربي انداز ظاهر ٿيو هو. آئون سمجهان ٿي، ته هن کي ڳڻتي ٿي پئي هئي، ته آئون شايد مغرب جي رنگينين ۾ سمائجي وينديس ۽ پاڪستان واپس نه اينديس. ”اهي (مغرب وارا) حقيقت ۾ ڄاڻن ٿا، ته تون شاگرد طور سدائين سندن ملڪ ۾ ڪين رهندينءَ.“ هن مونکي لکيو. ”هنن توکي ان لاءِ قبوليو آهي، ڇو ته اهي توکي پناهگير ڪونه ٿا سمجهن. پر هنن کي جيئن ئي ڄاڻ پوندي، ته تون هاڻي پاڪستاني يا ايشيائي ڪونه آهين ۽ هنن جي مهانِ ملڪ ۾ تو پناهه ورتي آهي، ته سندن ورتاءُ هڪدم ڦري ويندو. اهي توکي ڌڪار مان ڏسڻ شروع ڪندا. کين اها ڳالهه هرگز مناسب نه لڳندي، ته ڪاميابيءَ جي ڪنهن ميدان ۾ تون سندن مقابلو ڪرين.“
    هن جون اُهي تنبيهون منهنجي سوچ ۾ ضروري نه هيون، ڇوته مون ڪڏهن سوچيو به نه هو، ته آئون پاڪستان موٽي نه وينديس. اتي ته منهنجي دل هئي. منهنجو ورثو ۽ ثقافت اتي هئي. ۽ مون اميد پئي ڪئي، ته منهنجو مستقبل سفارتڪاريءَ ۾ هو. بابا جي نگرانيءَ ۾ مون اڳواٽ ئي سفارتڪاريءَ جو ٿورو تجربو ماڻيو هو.
    1973ع ۾ پاڪستان کي هٿيارن ڏيڻ تي پيل بندش لاهڻ جي سلسلي ۾ بابا جڏهن سرڪاري دؤري تي آمريڪا آيو هو، ته وائيٽ هائوس جي رات واري مانيءَ جي هڪ دعوت ۾ آئون هينري ڪيسينجر ڀرسان ويٺي هيس. سُوپ پيڻ وقت مون رڳو بي ادب ’هارور لئمپون‘ جي وچئين صفحي تي ان ويڙهيل تصوير بابت پئي سوچيو، جنهن ۾ اهو سگار پيئندڙ سيڪريٽري آف اسٽيٽس پانڊا (رڇ جهڙو جانور) جي کل جي کٿي تي ليٽيو پيو هو. اهو قيمتي پرچو مون هڪدم پاڪستان ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ سميعا ڏانهن موڪليو هو. کاڌو کائيندي مون هارورڊ ۽ ٻين غير تڪراري معاملن بابت هن سان ڪچهري ڪئي هئي، ٻيءَ رات مانيءَ جي هڪ ٻيءَ دعوت ۾ آئون ان وقت بنهه اچرج ۾ پئجي ويئي هيس، جڏهن ڪيسنجر، بابا کي ٺهه پهه چئي ڏنو هو ته ”جناب وزيراعظم، تنهنجي ڌيءَ ته توکان به وڌيڪ ڊيڄاريندڙ آهي.“ بابا اها ساراهيندڙ ٽوڪ ٻُڌي ڀرپور ٽهڪ ڏنو هو.
    1974ع ۾ جڏهن بابا، جارج پامپيدو جي دفنائڻ وارين رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فرانس آيو هو، تڏهن اتي ايٽمي توانائي جي معاملي تي به پلانٽ ماڻڻ واسطي پامپيدو سان غير رسمي ٺاهه ڪيو هو. هاڻي هن اهو ڄاڻڻ گهريو ٿي، ته پامپيدو جو جانشين ان بابت ۾ ڳالهين کي اڳتي به وڌائيندو يا نه. ”تنهنجي ويچار ۾ هاڻي صدر ڪير ٿيندو؟“ بابا هڪ رات دوستن سان گڏ ماني کائيندي مون کان پڇيو. ”جيسڪا ديستان،“ مون فرانس جي سياست جي پنهنجي شاندار اڀياس پٽاندر وراڻيو، جيڪو اُن وقت مون ڪرائيسٽ چرچ ۾ پنهنجي استاد پيٽر پلسر جي رهنمائي ۾ پئي ڪيو. خوشقسمتيءَ سان منهنجو جواب صحيح ثابت ٿيو، ڇوته هينري ڪيسنجر ۽ آمريڪا جي گهڻي زور تي به صدر ديستان ٺاهه کي قائم رکڻ قبوليو.
    ٽي سال اڳ بابا جڏهن اسان سڀني ٻارن کي ڪميونسٽ رياست جي اڀياس لاءِ چين موڪليو هو، تڏهن اتي منهنجو اهڙو اندازو صحيح ثابت ڪونه ٿيو هو. چين جي وزيراعظم چو اين– لائي سان ملاقات ڪرڻ وقت هن مون کان پڇيو هو، ته منهنجي ويچار ۾ آمريڪا جو ايندڙ صدر ڪير ٿيندو. مون خاطريءَ سان وراڻيو هو ته ”جارج مڪگورن“. ان تي هن چيو ته کيس آمريڪي ذريعن مان ڄاڻ ملي آهي، ته ايندڙ صدر، رچرڊ نڪسن ٿيندو. پر مون وري به ”مڪگورن“ جو نالو ورتو هو. ”تون جڏهن آمريڪا واپس وڃين، ته مون ڏانهن پنهنجا تاثر لکي موڪلجانءِ،“ چو اين لائي مونکي چيو. ان تي مون وري به مڪگورن جو نالو ورتو هو. شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ منهنجي سياسي سياڻپ جو اهو حال هوندو هو.
    وري جڏهن 1976ع جي سرءُ جي مند ۾ آئون هڪ سال جو پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس پڙهڻ لاءِ آڪسفورڊ موٽي ويس، تڏهن منهنجو ڌيان پنهنجين صدارتي چونڊن ڏانهن گهڻو هو، جن ۾ وڌيڪ سوڀ ٿي ٿئي. جتوڻيڪ منهنجي مرضي اها هئي، ته تعليمي دنيا کي ڇڏي آئون جلد سفارتڪاريءَ جي نوڪريءَ ۾ شامل ٿيان. پر بابا جي گهڻي خواهش هئي، ته سندس ٻارن وٽ وزيراعظم جو اولاد هجڻ سبب ڪنهن به نوڪريءَ ماڻڻ لاءِ ٻيڻي تعليمي لياقت هجي، ته جيئن ڪير به هن تي يا سندس اولاد تي طرفداريءَ جو الزام هڻي نه سگهي.
    منهنجو ڀاءُ مير مرتضيٰ آڪسفورڊ ۾ پنهنجي پهرئين سال ۾ هو ۽ مون سان وڌيڪ وقت گڏ رهڻ ٿي گهريو. پر آڪسفورڊ ۾ هڪ ٻيو سال رهڻ جو وڌيڪ فائدو مونکي آڪسفورڊ جي يونين جي صدارت لاءِ بيهڻ جي رُوپ ۾ مليو هو. ڪيترن ورهين تائين مون يونين جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ خزانچيءَ طور ڪم ڪيو هو ۽ ان جي صدارت جي پهرئين ڪوشش ۾ مونکي ناڪامي ٿي هئي. هن ڀيري آئون سوڀاري ٿي هيس. ڊسمبر 1976ع ۾ منهنجي سوڀ حقيقت ۾ ان ”مٿين شاگردن جي ڪلبن“ کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو، جتي رڳو ڏهه ورهيه اڳ عورتن کي مٿي گئلري ۾ به وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ جتي اڃا به ميمبرن جوتعداد ستن مردن جي مقابلي ۾ هڪ عورت هئي. ان سوڀ سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو، پاڻ بابا کي به حيراني هئي.
    ”چونڊن ۾ هڪ ڌر کي کٽڻو ۽ ٻي کي هارائڻو پوي ٿو.“ آمريڪا ۾ 1976ع جي صدارتي چونڊن کان ٿورو وقت اڳ، جن ۾ جمي ڪارٽر هٿان جيرالڊ فورڊ کي شڪست ملڻي هئي. بابا مونکي خط ۾ لکيو. ”توکي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي آهي. پر نتيجي کي شانائتي نموني ۾ قبولڻ گهرجي.“ هڪ مهينو پوءِ بابا وٽان بلڪل ٻئي قسم جو نياپو آيو هو. ”آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.“ هن جي تار ۾ لکيل هو. ”تو نهايت سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. تنهنجي شاندار سوڀ لاءِ اسان طرفان دلي واڌايون بابا.“
    صدر طور منهنجو ٽماهي مُدو جنوري 1977ع ۾ شروع ٿيڻو هو. موڪلن ۾ جيئن ئي آئون ۽ مير، هوائي جهاز ۾ پنهنجي گهر پاڪستان پئي وياسون، ته منهنجي افق تي ڪوبه لڙاٽ ڪونه هو.
    ٻئي ڏينهن پوءِ المرتضيٰ ۾ بابا جي جنم ڏينهن جي جشن ۾ هن جي صلاحڪارن مان ڪنهن هڪ مونکي چيو، ”هلي ضياءَالحق سان مل.“ ۽ پهريون ۽ آخري ڀيرو آئون اُن ماڻهوءَ سان سِڌو مليس، جيڪو ڇهه مهينا پوءِ بابا جي حڪومت کي ڊاهي، کيس موت جي مُنهن ۾ موڪلڻ وارو هو.
    مون ٻُڌو هو ته اُن عهدي تي ڪنهن کي ترقي ڏيڻ ۾ ڪي ڏکيائيون سامهون آيون هيون، تنهنڪري بابا جي تجويز ڪيل فوج جي چيف آف اسٽاف سان ملڻ جو مونکي شوق هو. ان اعليٰ عهدي لاءِ ٻين ڇهن جنرلن کي ريٽيو ويو هو، ڇوته فوجي ڳجهي اداري جي ذريعن انهن جي ڪردار مان ڪَنڊا ڪڍيا هئا، ته اهي شراب پيئن ٿا، رنڊيباز آهن، سندن وفاداري شڪي آهي. جنرل ضياءَ ۾ به ڪي خاميون هيون. هن لاءِ افواهه هئا ته هن جا هڪڙي بنياد پرست تنظيم، جماعت اسلاميءَ سان لاڳاپا آهن، جنهن پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ جيڪا ملڪ تي غير مذهبي اڳواڻن بدران مذهبي اڳواڻن جي حڪومت ڏسڻ گهري ٿي. هن لاءِ اسان جي ملڪي سفيرن مان هڪ جي راءِ اها به هئي، ته هو ننڍڙو چور پڻ آهي.
    پر گهڻيون ڳالهيون ضياءَ جي فائدي ۾ هيون. اسان جي ڪيترن ئي فوجي عملدارن جي ڀيٽ ۾ هُو اوڀر پاڪستان جي رتوڇاڻ جي الزامن کان آجو هو، ڇو ته گهرو لڙائي جي ڏينهن ۾، هُو ملڪ کان ٻاهر ويل هو. اها پڻ ڄاڻ هئي ته فوج ۾ هن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. چونڊ جي انهي ڊگهي ۽ ورچائيندڙ ڪارروائيءَ ۾ ٻيو ڪوبه معيار ايترو اهم ڪونه هو. جڏهن فوج جي سڀني ادارن ضياءَ جي فائدي ۾ راءِ ڏني، تڏهن بابا هن کي چونڊيو. ”شهري حڪومت کي ڪڏهن به فوج تي پنهنجي راءِ مڙهڻ نه گهرجي. ضياءَ ڀلي سڀني جهونن عملدارن ۾ شامل نه هجي، پر فوج جا جوان هن کي پسند ڪن ٿا.“ بابا چيو. ۽ 5 جنوري 1977ع تي المرتضيٰ ۾ آئون هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان منهان منهن مليس، جيڪو اڳتي هلي اسان سڀني جي زندگين ۾ وڏيون ڦيريون آڻڻ وارو هو.
    مونکي ياد پوي ٿو، ته هن کي ڏسڻ سان آئون ڇرڪي وئي هيس. هڪ سپاهيءَ بابت منهنجي جيڪا ٻاراڻي سوچ هوندي هئي، ته هو جيمز بانڊ جي فولادي ڏَؤرن سان ڊگهو ۽ کهرو شخص هوندو، پر منهنجي اڳيان جيڪو جنرل بيٺو هو، سو قد جو بندرو، ڏسڻ ۾ پريشان ۽ بي اثرائتو ٿي ڏٺو، جنهن جي تيل لڳل وارن جي وچ ۾ سِينڌ نڪتل هئي. هو اتساهه ڏياريندڙ فوجي اڳواڻ بدران انگريزي ڪارٽون جو وِلين ٿي نظر آيو. ساڳئي وقت هو مونکي ڏاڍو خوشامديءَ ۽ چاپلوس ٿي لڳو، جنهن هر هر اهو پئي چيو، ته ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي مهانَ انسان جي صاحبزاديءَ سان ملي مونکي وڏي عزت ملي آهي بابا بيشڪ ڪنهن ٻئي اثرائتي شخصيت واري جنرل کي چيف آف اسٽاف ڪري ٿي سگهيو. پر مون بابا کي ڪي به ڪين چيو.
    ”آئون وڌيڪ زرعي سڌارن جو اعلان ڪرڻ وارو آهيان.“ هن جي جنم ڏينهن شام جو اسان المرتضيٰ جي باغ ۾ سير پئي ڪيو، ته بابا مون کي اعتماد ۾ وٺندي چيو. ”۽ آئون مارچ ۾ چونڊن ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪريان ٿو. آئين مطابق اهي چونڊون آگسٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، پر آئون اوسيئڙو ضروري نٿو سمجهان. اسان آئين هيٺ جيڪي جمهوري ادارا جوڙيا آهن، سي برقرار آهن ۽ پارليامينٽ ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي ڪم ۾ رُڌل آهن. عوام کان اختيار ملڻ سان هاڻي اسين سولائيءَ سان ملڪي سڌارن جي ٻئي ڏاڪي تي عمل ڪنداسون: جهڙوڪ ملڪ جي صنعتي بنياد ۾ واڌارو، نوان ٽيوب ويل کوٽي جديد زراعت بنائڻ، زرعي ٻج جي گهڻي ورڇ ۽ زرعي ڀاڻ جي پيداوار....“ پسار ڪندي هن ڪيترائي ويچار ظاهر ڪيا ۽ هڪ جديد ۽ پاڻ ڀري پاڪستان جو ويچار ويجهي ۾ ويجهو ٿيندو ويو.
    هن جا ڪيترائي سُڌارا شروع ٿي ويا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي تنظيمي جدوجهد ۾ غريب عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، تن جي شروعات ڪجهه جاگيردارن کان زمينون وٺي، ماڻهن ۾ ورهائي ڏيڻ سان ٿي ويئي هئي. بابا پنهنجن اجتماعي اقتصادي پاليسين تي به عمل شروع ڪري ڏنو هو؛ جن مطابق هن ڪيترين ئي اهڙين صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي انهن جي نفعي کي ملڪ تي خرچ ڪيو، جن تي پاڪستان جي ٻاويهن خاندانن جي هڪ هٽي قائم هوندي هئي. هن جي حڪومت انهن مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪئي، جيڪي صنعتي مالڪن وٽ ملازم هوندا هئا. هن پورهيتن کي پنهنجي يونين ٺاهڻ لاءِ همٿايو، صنعتي انتظاميا ۾ هنن کي نمائندگي ڏني ۽ مستقبل لاءِ نفعو ڏياريو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهي سڀئي ڳالهيون پهريون ڀيرو ٿيون هيون.
    ڳوٺاڻن علائقن جي ڪيترن ئي هنڌن تي بجلي پهچائي ويئي هئي. مردن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ پروگرام ٺاهيا ويا هئا ۽ غريبن لاءِ نوان اسڪول کوليا ويا هئا. شهرن جي ڪچن ميدانن تي پارڪ ۽ باغ لڳي ويا هئا ۽ جتي اڳي پيچرا هوندا هئا، اتي پڪا رستا ٺاهيا ويا هئا، ته جيئن صوبن جي وچ ۾ اچ وڃ جي سهولت وڌي. چين سان هڪ ٺاهه هيٺ هندوڪش جبلن مان هڪ نئون وڏو رستو کوٽي ڪڍيو پئي ويو، جيڪو سڌو وڃي چين جي سرحد سان ملندو. بابا پاڪستاني عوام کي جديد خوشحالي ڏيارڻ جو پڪوپهه ڪيو هو.
    ”هن نئين رستي تي منهنجو گڏهه تِرڪي پوي ٿو.“ بلوچستان ۾ هڪ هاري، بابا کي دانهن ڏني. ”آئون توکي ڀلوڙ گڏهه ڏيکارينديس، جيڪو تنهنجي ڀاڄي ۽ سامانَ جو ٽيڻو بار کڻي تيزيءَ سان مارڪيٽ ۾ پهچائيندو.“ بابا هن کي خاطري ڏياريندي چيو. ٻئي هفتي هن هاريءَ ڏانهن جيپ ڏياري موڪلي.
    بابا جي مخالفت بيشڪ هئي. هو انهن صنعتڪارن کي بنهه ڏٺي به نه وڻندو هو، جن جي ذاتي ملڪيتن کي هن قومي ملڪيت ۾ ورتو هو. نه وري اُهي زميندار هن کي پسند ڪندا هئا، جن جي زمينن کي هن انهن هارين ۾ ورهايو هو، جيڪي انهن زمينن تي يارهن نسلن کان پورهيت ٿي رهيا هئا، ۽ جن کي رڳو پاڻ وٽ ان فصل جو اڌ رکڻ جي اجازت هوندي هئي، جيڪو هو پاڻ اپائيندا هئا. جماعت اسلاميءَ جي رُڪنن، جيڪي گهڻو ڪري ننڍا دڪاندار هئا، انهن بابا جي سماجي سڌارن، خاص ڪري گهر کان ٻاهر ڪم ڪندڙ عورتن ۽ عورت– مرد جي ويڇي ميسارڻ جي قانونن خلاف آواز اٿاريو. بابا جي ملڪي ٻَڌيءَ ۽ مضبوطيءَ جي نيتيءَ ان مفاد پرست ٽولي کي ڪاوڙائي وڌو، جن ملڪ کان جدا ٿيڻ گهريو ٿي؛ بلوچستان ۽ سرحد صوبن جا علحدگي پسند، جن آزادي ٿي گهري، قبائلي سردار جن پنهنجن لکن پوئلڳن سان مرڪزي حڪومت جو نه، پر پنهنجو ذاتي قانون لاڳو رکڻ ٿي گهريو.
    حقيقت اها آهي ته 1947ع ۾ پاڪستان جي ٺهڻ وقت اُهي جيڪي سڀيئي طبقا موجود هئا، انهن جو 1977ع ۾ به وجود قائم هو؛ مرڪزي حڪومت جا مخالف علائقائي سوچ رکندڙ، اشتراڪين خلاف سرمايدار، تعليم يافتا ۽ روشن ضمير سوچ رکندڙن خلاف جاگيردار ۽ سردار، پنجاب جي شاهوڪار ماڻهن خلاف مفلس صوبن جا عوام، نئين سوچ ۽ فڪر جي حامين خلاف بنياد پرست ۽ انهن سڀني کان مٿي وري هڪ طاقتور طبقو فوج جو هو، جيڪو پاڪستان جو اڪيلو منظم ۽ مضبوط ادارو هو.
    ڪجهه مغربي سياسي تجزيو ڪندڙن ۽ پاڪستاني فوج جي ماڻهن جو چوڻ هو، ته اهڙي ڇڙواڳ ۽ ڊانوانڊول آباديءَ لاءِ، جنهن ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد ۽ سالياني آمدني تمام گهٽ آهي، جمهوريت ممڪن ئي ڪانهي. پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهو ته هڪ ٻئي سان ڳالهائي به نٿا سگهن، ڇو ته هر علائقي جي ٻولي ۽ ريتون رسمون جدا جدا آهن. اهڙي آباديءَ کي رُڳو فوجي حڪومت ئي سِڌو رکي سگهي ٿي. پر بابا سوڀ سان جمهوري حڪومت جوڙي، جنهن ۾ فوجي طاقت جي ذريعي نه، پر چونڊن ذريعي فيصلو ٿيو ٿي ته ’ملڪ جي اڳواڻي ڪير ڪندو‘ جهڙي نظريي کي غلط ثابت ڪيو. 1977ع جي سال شروع ٿيڻ وقت ڪنهن جي سوچ ۾ به نه هو، ته هن جي حڪومت کي مارچ ۾ ٻيهر ڪونه چونڊيو ويندو.
    جڏهن بابا پاڪستان ۾ چونڊن ڪرائڻ جي تياري پئي ڪئي، ته آئون واپس آڪسفورڊ وڃي يونين ۾ تقريرن جا مقابلا ڪرائڻ لڳيس. صدر طور مون جيڪو پهريون تقريري مقابلو ڪرايو، تنهن جو موضوع هو ”سرمايداري جي سوڀ ٿيندي.“ ان لاءِ مون يونين جي اڳوڻي صدر ۽ کاٻيءَ ڌر سان تعلق رکندڙ نهايت عزت لائق پاڪستاني طارق عليءَ کي دعوت ڏني، ته ان جي مخالفت ۾ تقرير ڪري. اتر–ڏکڻ ورهاڱي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هڪ ٻئي تقريري مقابلي جو موضوع هو، ’مغرب ٽين دنيا کي نقصان پهچائي گهڻو وقت سلامت رهي نٿو سگهي‘.
    جڏهن پاڪستان ۾ نون جماعتن جو ميڙ، جن ۾ علائقائي، مذهبي بنياد پرستن ۽ صنعتڪارن جون جماعتون شامل هيون ۽ جنهن کي پاڪستان نيشنل الائنس سڏيو ويو، پاڻ ۾ متحد ٿيو هو، تڏهن مون پنجين تقريري مقابلي جو بندوبست پئي ڪيو. آڪسفورڊ يونين ۾ روايتي طرح اهو هڪ مزيدار مقابلو هو، جنهن جو موضوع هو ته ”هي ايوان خوشيءَ ۾ جهومڻ بدران ڏُکارو رهندو.“ سموري مقدس تقريري ڪمري ۾ پهريون ڀيرو راڪ موسيقيءَ جو پڙاڏو ٿيڻ لڳو، جڏهن ميگڊيلن ڪاليج جي ٻن دوستن گڏجي اوچي آواز ۾ يونين بابت ”جيسز ڪرائيسٽ سپر اسٽار“ جي ڌُن ۾ هڪ گيت ڳايو ۽ پوءِ مونکي پنهنجن ڪُلهن تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪتا هئا.
    وري جڏهن آئون آڪسفورڊ يونين جي صدر جي آفيس کي هلڪي نيري رنگ ڏيارڻ ۽ تقريري پروگرامن جي دعوتنامن کي (پاڪستاني جهنڊي جي رنگن) سائي ۽ اڇي رنگ ۾ ڇپائڻ جي ڪم ۾ رُڌل هيس، تڏهن پاڪستان ۾ اصغر خان، پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اڳواڻ ۽ پاڪستان هوائي فوج جي اڳوڻي سرواڻ اعلان ڪيو هو، ته مخالف اتحاد مارچ چونڊن جي نتيجن کي نه مڃيندو، ڇوته انهن ۾ ڪُوڙا ووٽ هلندا. ان الزام تي مون ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، ڇوته مونکي ڄاڻ هئي، ته بابا چونڊن جي ان طريقي تي عمل ڪندو، جيڪو سڀني جمهوري ملڪن ۾ آهي ۽ هن اعليٰ عدالتن جي اختيار هيٺ اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ٽربيونل ۽ چونڊن جا قانون ٺاهيا آهن، ته جيئن خاطري ٿئي ته چونڊون صاف ۽ شفاف، انصاف ۽ ايمانداريءَ سان ٿي سگهن. پر اصغر خان جي اها عجيب حڪمت عمليءَ ٿي لڳي، جنهن ۾ هن ملڪ جي ماڻهن کي ان لاءِ تيار پئي ڪيو، ته چونڊن ۾ پ.ڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڻٽر سوڀ کي مڃڻ کان انڪار ڪن.
    چونڊن جي مهم ۾ ان وقت وڌيڪ مونجهارو پيدا ٿيو، جڏهن اميدوارن جي رجسٽريشن جي آخري تاريخ 18 جنوري تائين انهن سڀني تڪن ۾، جتي بابا ۽هن جا وزيراعليٰ چونڊون وڙهيا ٿي، پاڪستان قومي اتحاد پنهنجو ڪو هڪ به اميدوار ڪونه بيهاريو هو. مون انگلينڊ ۾ جڏهن اها خبر پڙهي، ته مونکي ڏاڍو عجب لڳو هو، ته اهي وزيراعظم ۽ چئن صوبن جي وڏن وزيرن کي مقابلي بنا ڇو ٿا ڇڏين؟ شايد ان ڪري ته پاڪستان قومي اتحاد جي اميدوارن کي ڄاڻ هئي، ته اهي بابا کي هارائي ڪونه سگهندا. تنهنڪري هنن اهڙي خواريءَ کان بچڻ لاءِ اهو ڪيو هو. پر اهو ويچار ڏاڍو عقلمنديءَ وارو ثابت ٿيو. سندس وضاحت نه رڳو کِل جهِڙي هئي پر اخبارن ۾ نمايان طور ڇپي.
    ”اسان کي رجسٽر ٿيڻ کان روڪيو ويو ۽ ڀڄايو ويو.“ مخالف ڌر رڙيون ڪيون ۽ دعويٰ ڪئي ته سندن اميدوارن کي آخري تاريخ گذرڻ تائين پوليس سوگهو ڪري رکيو هو. هنن جي انهن الزامن تي مون کي انگلينڊ ۾ کِل پئي آئي. مونکي پورو ويساهه ئي نه پئي آيو، ته پاڪستان قومي اتحاد جي اميدوارن کي ڪو ڀڄايو ويو هوندو نه وري چيف اليڪشن ڪمشنر اهو الزام مڃيو. جنهن ثبوت نه هجڻ سبب هنن جا اهي الزام رد ڪري ڇڏيا هئا. جيڪڏهن هنن کي ڀڄائي لڪايو ويو هو، ته اها سندن ئي کيڏ هئي، پر اهو سندن هوشياريءَ وارو داءُ هو. پاڪستان ۾ مختلف سببن خاطر اغوا جون وارداتون عام هيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو ويچار هو، ته پاڪستان قومي اتحاد جي اها دعويٰ اجائي آهي.
    انگريزي اخبارن ۽ پڻ پاڪستاني اخبارن ۾، جيڪي هر هفتي منهنجا والدين مون ڏانهن موڪليندا هئا ۽ ايشيا مان نڪرندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ مون چونڊ مهم جون خبرون ڏاڍي ڌيان سان پڙهڻ شروع ڪيون. پاڪستان قومي اتحاد هاڻي وڌيڪ ناراضپو ۽ غير ذميداري پئي ڏيکاري. ڀٽي تي ڪوبه ويساهه ڪري نٿو سگهجي. مخالف ڌر رڙيون ڪرڻ لڳي: ”هاڻي هن جو ارادو آهي ته هر ماڻهوءَ جي ذاتي گهر کي قومي ملڪيت ۾ وٺان ۽ هر عورت جا زيور ۽ جواهرَ ضبط ڪريان. ڀٽو شاهوڪار ماڻهو آهي ۽ هن جو عوام سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هنن ٽوڪبازي ڪئي: ”هو ولايتي سُوٽ ۽ اطالوي بوٽ پائي ٿو ۽ اسڪاچ وسڪي پيئي ٿو.“
    ايوب خان جي وزيرن به اهو ساڳيو الزام مَڙهيو هو. بابا تنهن وقت کين جيڪو جواب ڏنو هو، اُهو ٻُڌي مونکي خوشي ٿي هئي، ڇوته هو سچو انسان هو ۽ هن ڪڏهن به نِجي ڳالهيون عوام کان ڪونه لڪايون هيون. ”آئون انڪار نٿو ڪريان، ته روزانو اڙهن ڪلاڪ ساندهه ڪم کانپوءِ آئون ورلي ٿورو پيئندو به آهيان، ”هن لاهور جي هڪ عام جلسي ۾ هُنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو. ”پر ٻين سياستدانن جيان آئون عوام جو رَتُ ڪونه ٿو پيان.“ چونڊن جي نتيجي تي مونکي ڪڏهن به شڪ ڪونه ٿيو. پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ نه وڏا ماڻهو هئا ۽ نه وري سڳورا. انهن مان گهڻا ته بابا کان به ڄمار ۾ وڏا هئا ۽ پنهنجو وقت گذاري چڪا هئا. هنن بابا جهڙي اعليٰ تعليم نه پِرائي هئي ۽ نه وري وٽن حڪومت ۽ عالمي سفارتڪاريءَ جو هن جهڙو گهڻو تجربو هو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ بابا اهڙو اڪيلو فرد هو.
    فوجي جنرلن جي حڪومت ۾ مجموعي طرح اهم ماڻهو سياست ڏانهن راغب ڪونه ٿيا هئا. طاقت جو مرڪز سول انتظاميا ۽ فوج هوندي هئي يا وري صنعت. بابا جي مخالفن مان ڪيترائي ننڍڙا ۽ صوبائي ذهنيت رکندڙ ماڻهو هئا، جن جي ڄٽپائي پاڪستان کي ماضيءَ ۾ ناڪام ڪيو هو ۽ هاڻي وري آئندي به ڪندي. هنن جا ڪُوڙ ڏينهون ڏينهن بيهودا ٿيندا ويا. اصغر خان ته اها به دعويٰ ڪئي، ته ڀٽو اهڙو خراب مسلمان آهي، جنهن کي هاڻي ڄاڻ پئي آهي ته روزانو پنج نمازون ڪيئن پڙهجن. مونکي پنهنجين اکين تي ويساهه ئي نه پئي اچي سگهيو، جڏهن مون اهو الزام فيبروريءَ ۾ ”فارايسٽرن اڪانامڪ رِويو“ ۾ پڙهيو. مون پنهنجي گهر ۾ اڪثر پنهنجي والدين سان گڏجي نماز پڙهي هئي. پر ان الزام جو بابا جيڪو منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو، اهو به مونکي ڏاڍو وڻيو. جڏهن هڪ صحافي هن کان پڇيو ته، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جو اڳواڻ ياسر عرفات اوهان سان ملڻ لاءِ ڇو پيو اچي، ته بابا ٽوڪ هڻندي چيو، ”هو مونکي نماز سيکارڻ لاءِ پيو اچي.“
    ”نظام مصطفيٰ“ جو نعرو هڻي ان ٽولي جي اڳواڻن سياسي مقصد ماڻڻ لاءِ مذهب کي ڏاڍي بيشرمائيءَ سان واپرايو هو. ”پارٽيءَ خلاف ووٽ ڏيڻ جو مطلب ٿيندو ته اوهان الله خلاف ووٽ ڏنو،“ جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ هڪ ڳوٺ ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو. ”پاڪستان قومي اتحاد کي ووٽ ڏيڻ هڪ لک ورهين جي عبادت برابر آهي.“
    پر مخالف ڌر جي ڪجهه سمجهدار اڳواڻن کي پوري ڄاڻ هئي، ته اهو مذهبي معاملو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري هنن ان کان پاسو ڪيو هو. اها اجائي مذهبي ڇيڙڇاڙ ڪندي به هنن سڀني کي پوري ڄاڻ هئي، ته اسلام سان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي وابستگيءَ تي ڪوبه حرف نٿو آڻي سگهجي. بابا ئي هو جنهن 1973ع ۾ ملڪ کي پهريون اسلامي آئين ڏنو هو ۽ هن ئي پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت جوڙي هئي. هن جي ئي حڪومت جي زماني ۾ سرڪاري طرح قرآن ڪريم جو مڪمل صحيح مَتن ڇپايو ويو. حج تي ويندڙ ماڻهن جي تعداد تي اڳوڻين حڪومتن جي وڌل پابندي لاٿي ويئي، پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ مذهبي تعليم اسلاميات لازمي ڪئي ويئي هئي. بابا جي حڪومت ٽيليويزن تي عربي ٻوليءَ جا پروگرام ڏيکارڻ شروع ڪيا، ته جيئن پاڪستاني قرآن شريف جي ٻولي سِکي سگهن. ۽ رويت هلال ڪاميٽي جوڙي هئي، ته جيئن رمضان مهيني جي شروع ۽ ختم ٿيڻ ۾ ڪو مونجهارو نه ٿئي. بابا جي حڪومت اُن ڳالهه تي زور آندو هو، ته ريڊ ڪراس جو نالو ۽ نشان بدلائي هلال احمر رکيو وڃي، ته جيئن اهو ادارو عيسائيت بدران اسلام سان جُڙيل رهي.
    مخالف ڌر جي انهي مهم ۾ بنيادپرستيءَ جون اهي ڳالهيون پڙهي آئيون ايتري پريشان نه ٿي هيس. منهنجو ويچار هو ته اڪثر عوام کي ڄاڻ هئي، ته بنياد پرستن جي ٻُڌايل شريعت لاڳو ٿيڻ سان انساني حقن ۽ اقتصادي ترقيءَ جا جيڪي هنن فائدا ماڻيا هئا، سي وڃائي ڇڏيندا: مثال طور بئنڪ جو نظام ختم ڪرڻو پوندو، ڇوته اسلامي تعليم هيٺ نفعي وٺڻ کي وياج سڏيو ويو آهي ۽ عورتن کان اها آزادي ڦُري ويندي، جنهن لاءِ کين بابا همٿايو هو.
    هن عورتن لاءِ فارين سروس، سول سروس ۽ پوليس سروس جي راهه کولي هئي. هُن عورتن جي تعليمي واڌاري لاءِ اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي اعليٰ عهدي تي هڪ عورت کي رکيو هو، ۽ هُن سنڌ جي گورنر لاءِ هڪ عورت کي ٿاڦيو هو ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر هڪ عورت ٿي هئي. ٽيليويزن تي عورتن کي پهريون ڀيرو خبرون پڙهندي ڏٺو ويو.
    هن ته امان کي به ملڪي ڪمن ۾ ڀرپور حصي وٺڻ لاءِ همٿايو هو. 1975ع ۾ گڏيل قومن طرفان عورتن جي جيڪا عالمي ڪانفرنس ميڪسيڪو شهر ۾ ٿي هئي، ان ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي هن ڪئي هئي. مونکي ان وقت ڏاڍو فخر ٿيو هو، جڏهن هوءَ ڪانفرنس جي وائيس پريزيڊنٽ چونڊي ويئي هئي. هاڻي هوءَ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصي وٺڻ واري هئي، جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو، ته بابا جو رَويو انهن عورتن لاءِ ڪيترو نه همٿائيندڙ هو، جن سياست ۾ حصو ٿي ورتو.
    پر چونڊن جو ڏينهن جيئن ويجهو آيو، ته پاڪستان قومي اتحاد جا پاڪستان پيپلزپارٽيءَ تي حملا سخت ٿيندا ويا. اصغر خان چيو ته 8 مارچ تي آئون حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان پيپلزپارٽيءَ جي انهن اڳواڻن کي قيدي ڪئمپ ۾ موڪليندس، جيڪي مونکي نٿا وڻن. هن بابا کي مارڻ جون ٻٽاڪون به هنيون هيون.
    ”آئون ڀٽي کي اٽڪ جي پل تي ٽنگي ڦاسي ڏيان؟ يا آئون ڀٽي کي لاهور ۾ بجليءَ جي ٿنڀي ۾ لڙڪائي ماريان؟“ مخالف اڳواڻ چيو هو. حقيقت ۾ ان ڳالهه مونکي لوڏي وڌو هو. افواهه هئا ته اصغر خان جا مائٽ فوج ۾ ننڍا عملدار هئا، جن 1974ع ۾ حڪومت تي قبضي جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. ڇا هن فوج ۾ وري ڦوٽ ٿي وڌي؟
    پر آڪسفورڊ ۾ مون اهو ئي پئي سوچيو. بابا پاڪستان ۾ جمهوريت آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. پر لڳو ٿي ته جمهوريت ۾ پاڻ کي ضابطي هيٺ رکڻ جي جيڪا گهُرج آهي، ان مان سڀئي ماڻهو واقف ڪونه هئا. ڪراچيءَ جي هڪ پاڙي ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اميدوار ڀتين تي اشتهار هڻايا هئا، جن ۾ ڏيکاريل هو ته بابا مشين گن سان پاسي ۾ بيٺل ٻار کي قتل پيو ڪري.
    ”مخالف ڌر جو ورتاءُ گهڻو خراب رهيو آهي، ايتريقدر جو مون جهڙي غير سياسي فرد کي به خبردار رهڻو پوي ٿو.“ فيبروري ۾ ڪراچيءَ مان اسڪول جي هڪ ساهيڙي پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هو.... ”هاڻي ته اڳي کان به وڌيڪ سڄي ملڪ سمجهيو آهي، ته اسان کي تنهنجي بابا جي ڪيتري نه گهرج آهي. الله نه ڪري، پر جيڪڏهن ڪنهن ٻي حڪومت واڳون سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ته آئون سمجهان ٿي ته اها اسان جي قوم کي تباهه ڪري ڇڏيندي.“
    چونڊن جي رات آئون ڪرائيسٽ ڪاليج سامهون مير جي ڪمري ۾ ويس ۽ فون ڀرسان انتظار ۾ ٿي ويٺيس. لنڊن ۾ پاڪستان جي سفير ۽ بابا جي هڪ وزير واعدو ڪيو هو، ته جيئن ئي چونڊن جا نتيجا مليا، ته اسين اوهان کي اطلاع ڪنداسين. مير اندازو ڪري پئي ٻڌايو، ته پيپلزپارٽي قومي اسيمبليءَ جون 150 کان 156 تائين نشستون کٽيندي. فون جي گهنڊڻي وڄڻ تي ڄاڻ پئي ته بابا جو فون آهي. هن جو آواز گهُٽيل هو. هن ٻڌايو ته پيپلزپارٽي 200 نشستن مان 154 نشستون کٽيون آهن. ”مبارڪون هجن بابا. اوهان سبب آئون ڪيتري نه خوش ٿي آهيان.“ مون فون ۾ دانهن ڪندي چيو. پيپلزپارٽيءَ جي سوڀ سبب مونکي جيترو جوش آيو هو، اوتروئي چونڊن جي ڇڪتاڻ کان آجي ٿي ويئي هيس. ايئن ڪونه ٿيو هو.
    اڳ ڏنل ڌمڪيءَ مطابق پاڪستان قومي اتحاد دعويٰ ڪئي، ته قومي چونڊن جي نتيجي ۾ ڦيرڦار ڪئي ويئي آهي؛ تنهنڪري هنن ٽن ڏينهن کانپوءِ صوبائي اسيمبليءَ جي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ ڇڪتاڻ وڌي ويئي.
    اوچتو سڄي ڪراچيءَ ۾ نوجوانن جا جَٿا اسڪوٽرن تي ڊوڙڻ لڳا ۽ سئنيمائن، بئنڪن، شراب جي دڪانن ۽ انهن گهرن کي، جن تي پيپلزپارٽيءَ جا جهنڊا لڳل هئا، باهيون ڏيڻ لڳا. هڪ گهر کي باهه ڏيئي اتي رهندڙ تيرهن ڀاتين کي ساڙيو ويو ۽ جڏهن منجهانئن عذاب ۾ ڦاٿل هڪ ڀاتي پاڻي گهريو، ته غنڊن هن جي وات ۾ پيشاب ڪيو. پيپلزپارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن کي ڦاسي ڏني ويئي ۽ کيس بجليءَ جي ٿنڀي ۾ ٽنگيو ويو، جنهن جو لاش پوليس اچي لاٿو. پيپلزپارٽي جي ڪيترن ئي وزيرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي موت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ سندن ٻارن کي اسڪولن مان اغوا ڪرڻ جا دڙڪا ڏنا ويا هئا.
    ڪراچيءَ ۾ ڀَوء ۽ ڊَپُ پکڙجي ويو هو. آئون روز صبح جو پنهنجي ٽپال جي دٻي مان پاڪستاني اخبارون کڻڻ کان اڳ سينٽ ڪئٿرائين ڪاليج جي ڪامن روم ۾ وڃي انگريزي اخبارون ڏسندي هيس. مير ۽ آئون انهن اخبارن کي پڙهڻ ۾ جُنبي ويندا هئاسين ۽ اسان کي ويساهه ئي ڪونه ايندو هو. اسان آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ جمهوريت ڏٺي هئي، جتي سياسي مخالفن وچ ۾ اهڙي غنڊاگردي ۽ دهشتگرديءَ جو نالو نشان ڪونه هو. پاڪستان قومي اتحاد جي انهن تدبيرن اسان کي ڊيچاري ڇڏيو هو ۽ انهن جي نتيجن بابت اسان جا شڪ شبها وڌڻ لڳا هئا. اهو ظاهر هو ته پاڪستان قومي اتحاد کي چونڊن ۾ ڪابه دلچسپي ڪين هئي. لڳو ٿي ته هنن جي انهن لاڳيتن هنگامن اهڙي راهه ورتي پئي، ته جيئن ملڪ ۾ فوجي حڪومت ٺهي سگهي. فوج کي بنيادي اهميت هئي، پر فوج جي وفاداريءَ تي شڪ جو ڪو سبب ئي نه هو. بابا فوج ۾ ڏاڍو مقبول هو ۽ هن ڇهن وڏن فوجي عملدارن کي ريٽي ضياءَ کي فوج جو سربراهه بڻايو هو، تنهنڪري لڳو ٿي، ته بابا جي ضياءَ به پُٺڀرائي ڪندو. اسان جي تهذيب ۾ پنهنجي مربيءَ ۽ مهربان سان بيوفائي نه ڪبي آهي. پر اصغر خان فوج کي پنهنجي پاسي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پنهنجو اهو خط هر طرف موڪلي ڏنو، جنهن ۾ فوج کي حڪومت تي قبضي لاءِ لکيو هو. پر ان جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. مورڳو بري، بحري ۽ هوائي فوجن جي سربراهن هڪ بيان ڪڍي، بابا جي چونڊيل حڪومت جي پُٺڀرائي ڪئي. پاڪستان قومي اتحاد جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي هئي.
    ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽن هفتن جي هنگامن کانپوءِ پاڪستان قومي اتحاد لاهور ۾ هنگامن ۽ ڦرمار جي ڪوشش ڪئي. هڪ ڀيرو وري ويهن کان ٽيهن ماڻهن جا جٿا اسڪوٽرن تي موڪليا ويا، جن بازار ۾ دڪانن تي پٿر اڇلائي، دڪاندارن کي ڊَپُ ڏياري، پنهنجا دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. غنڊن ڪٿي ڪٿي بئنڪن ۽ بسن تي پيٽرول هاري باهه ٿي ڏني ۽ پوءِ هڪدم اتان ڀڄي ٿي ويا.
    آڪسفورڊ ۾ اخبارن پڙهڻ کانپوءِ مونکي ۽ مير کي پاڪستان قومي اتحاد کان سخت نفرت ٿي، جن هنگامن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جمهوريت مطابق مات مڃڻ بدران انهن پراڻي ذهنيت جي سياستدانن دهشتگردي ۽ افواهن پکيڙڻ تي زور رکيو. ”بيگم ڀٽو پنهنجا سُوٽ ڪيس کڻي هلي ويئي آهي.“ پاڪستان قومي اتحاد هڪ افواهه اهڙو به پکيڙيو.“ ڀٽو به جلد هن پٺيان ويندو.“
    بابا کي پيپلزپارٽيءَ جي قوت جي گهڻي خاطري هئي. هن صوبائي چونڊن ڪرائڻ جي نئين تاريخ ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن انهن ۾ پاڪستان قومي اتحاد کي اڪثريت ملي، ته پوءِ ٻيهر عام چونڊون ڪرايون وينديون. پر پاڪستان قومي اتحاد جي اڳواڻن ته مورڳو هن سان ويهي ڳالهائڻ کان به انڪار ڪيو. هنن کي رُڳو بابا جي استعيفيٰ جي گهُرج هئي. ظاهر آهي ته جمهوري طريقي سان ڪرايل چونڊن ۾ وڏي اڪثريت ماڻڻ کانپوءِ حڪومت ۾ اچڻ سبب هن انڪار ڪري ڇڏيو.
    پاڪستان قومي اتحاد جون دهشتگرديءَ واريون حرڪتون آڪسفورڊ ۾ مون تائين به پهچڻ لڳيون. مارچ جي پڇاڙيءَ ڌاري هڪڙي ڏينهن آئون جڏهن بوڊلين لائبرري مان واپس موٽيس، ته اسڪاٽلينڊ يارڊ جي هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي اوسيئڙي ۾ ڏسي مونکي ڊپ ٿيو هو. ”مس ڀٽو، آئون توکي ڊيڄارڻ نٿو گهران، پر اسان کي اهڙيون خبرون مليون آهن، ته توکي ڪو جوکو رَسي سگهي ٿو،“ انگريز عملدار مونکي ٻڌايو.
    مونکي پڪ ٿي ته ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جو اسڪاٽلينڊ يارڊ وارن ايترو پري آڪسفورڊ ۾ ڪو ماڻهو موڪلي منهنجي ڀلائيءَ جي ڳالهه مون تائين پهچائي هئي. تنهنڪري اُن ڏينهن کان جونَ مهيني تائين، جنهن ڏينهن مون آڪسفورڊ ڇڏي، آئون سندن ڏنل هدايتن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندي رهيس. مثال طور ڪار جي دروازي کولڻ کان اڳ اُن هيٺان ڏسندي هيس، ته ڪا ٺڪاءِ ڏئي ڦاٽڻ واري شيءِ ته رکيل ڪانهي. ڪُلف کي چڪاسيندي هيس، ته متان ان سان ڪنهن هٿ چراند ته نه ڪئي آهي. اسڪاٽلينڊ يارڊ جي هدايتن مطابق آئون پنهنجي اچ وڃ جا وقت به ڦيرائيندي رهيس. جيڪڏهن منهنجو ڪلاس ڏهين بجي لڳندو هو، ته آئون ان لاءِ جلدي ساڍي نائين بجي يا وري دير سان نَوَ لڳي پنجونجاهه منٽن تي ويندي هيس. آئون اڄ به سلامتيءَ جي انهن اپائن تي عمل ڪريان ٿي، جيڪي اسڪاٽلينڊ يارڊ مونکي سيکاريا هئا.
    اپريل جي شروع ڌاري پاڪستان ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن ۾ ٿوري ماٺار آئي هئي. لڳو ٿي ته اهي فساد ختم ٿي ويا هئا. پر اتان پهتل خبرن مان پتو پيو، ته انهن نئين ۽ منحوس صورت ورتي هئي.
    منهنجي ساهيڙي سميعا لکيو ته، ماڻهن وٽ ٻُڪ ڊالرن جا اچي ويا آهن ۽ اهي نوڪريون ڇڏيو پيا وڃن. منهنجي سئوٽ فخري ۽ هن جي ٻين ڄاڻ سڃاڻ وارن جي نوڪرن به اهو ئي ڪيو. ”پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن ۾ شامل ٿيڻ سبب اسان کي سُٺو پگهار ملي ٿو،“ نوڪرن هنن کي ٻڌايو هو. هن اهو پڻ لکيو هو، ته مارچ کان آمريڪي نوٽن جي گهڻائيءَ سبب چور بازار ۾ ڊالرن جي قيمت ٽيهه سيڪڙو ڪِري پئي آهي. ڪراچيءَ ۾ خانگي بسن ۽ لارين جي ڊرائيورن هڙتال ڪئي ۽ ڪارخانن ۾ ملازمن جي نه پهچڻ سبب اتي ڪم جي رفتار گهٽجي ويئي. پر اُهي ساڳيون بسون ۽ لاريون پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن ۾ ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ موجود هيون.
    ايشيائي ماڻهن جو سدائين بغاوتي نظرين ڏانهن جهُڪاءُ رهيو آهي. پر بابا ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ٻين ميمبرن کي پورو ويساهه هو، ته افراتفريءَ جي ان صورتحال ۾ آمريڪا جو هٿ آهي. مون پاڻ اهو سمجهيو هو. جڏهن لارين جا ڊرائيور هڙتال تي ويا هئا ۽ معاشي ابتري جي حالت ساڳي چليءَ جهڙي هئي، جڏهن اتي سي آءِ اي جي آڀارڻ تي فوج، صدر آلندي ۽ هن جي جمهوري طريقي تي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو. اسان جي جاسوسي ادارن، آمريڪي سفارتڪارن ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي ميمبرن وچ اڪثر گڏجاڻين جون خبرون ڏنيون هيون.
    پاڪستان قومي اتحاد جي ڪرايل هڙتالن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ اثرن تي پڻ شڪ هو. بابا جڏهن اقتدار ۾ آيو هو، تڏهن کيس ڄاڻ پئي هئي ته 1958ع ۾ آمريڪين سخت ڳجهه ڳوهه ۾ پاڪستاني فوج سان مشقون ڪري، هنن کي اها سکيا ڏني هئي، ته هڙتال ذريعي حڪومت کي بي اثر ڪيئن ڪبو آهي. انهن مخفي مشقن کي ’وهيل جام آپريشن‘ سڏيو ويو هو. هاڻي پاڪستان قومي اتحاد وارن ملڪي هڙتال جو سڏ ڏنو هو: ’آپريشن وهيل جام‘
    مونکي اهو ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو، ته پاڪستان جي جمهوري طريقي سان چونڊيل حڪومت کي آمريڪا ڊاهڻ ۾ رُڌل آهي. پر مونکي هينري ڪيسنجر جي اها راءِ ياد ٿي آئي، جيڪا هن 1976ع جي آرهڙ ۾ پاڪستان اچڻ وقت بابا کي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڏني هئي. ان وقت مسئلو اهو هو ته بابا، فرانس کان ائٽمي ريپروسيسنگ پلانٽ وٺڻ لاءِ ڳالهين جو پختو ارادو ڪيو هو، ڇو ته ان پلانٽ سبب پاڪستان کي ان وقت توانائي ملي ها، جڏهن تيل جي چوٽ چڙهيل قيمتن، مغربي شاهوڪار ملڪن جي اقتصادي حالتن تي به خراب اثر وڌو هو. هوڏانهن ڊاڪٽر ڪيسنجر به انهن ڳالهين نه ڪرڻ لاءِ بابا کي سمجهائڻ جو پختو ارادو ڏيکاريو هو. لڳي ٿو ته آمريڪي حڪومت سمجهيو ٿي، ته ان پلانٽ ذريعي ائٽمي صلاحيت، جنهن کي بعد ۾ ’اسلامي بم‘ چيو ويو هو، ماڻي ويندي، جيڪا آزاد دنيا جي بهترين مفادن جي بلڪل خلاف هئي.
    اُها گڏجاڻي سوڀاري نه ٿي هئي ۽ جڏهن بابا واپس گهر موٽيو، ته هو ڏاڍو ڪاوڙيل ٿي لڳو. ”هينري ڪيسنجر مون سان ڏاڍي آڪڙ ۽ اَڍنگي نموني ڳالهايو آهي.“ هن مونکي ٻُڌايو. آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽس صاف چيو هو، ته ريپروسيسنگ پلانٽ جو ٺاهه آمريڪا کي قبول ڪونهي. اهو ٺاهه رد ڪرڻ گهرجي يا وري کيس ڪيترن ئي ورهين تائين روڪيو وڃي، جيستائين ائٽمي صلاحيت بدران ڪا ٻي ٽيڪنالاجي هٿ نه اچي. اُن گڏجاڻيءَ ۾ هينري ڪيسنجر بابا کي ذهين مُدبر سمجهي، سڄڻ طور چتاءُ ڏنو ته: فرانس سان ان ٺاهه تي ٻيهر ويچاريو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ ان جي ’خوفناڪ نتيجي جو عبرتناڪ مثال‘ قائم ٿيندو.
    هاڻي اُها گفتگو مونکي ذهن ۾ سمائجي وئي هئي. جيتوڻيڪ ٽي مهينا اڳ جمي ڪارٽر آمريڪا جو صدر بڻيو هو ۽ هينري ڪيسنجر جي جاءِ تي سائرس وانس هاڻي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هو، پر آمريڪي انتظاميا ۾ ڦير گهير جو مطلب اهو ڪونه هو، ته آمريڪا جي سڀني اقتداري ادارن ۾ تبديلي ٿي هئي. مون سياسيات جو ست ورهيه اڀياس ڪيو هو، جنهن پٽاندر مونکي ڄاڻ هئي، ته سي آءِ اي خودمختيار ادارو هو ۽ سندس حڪمت عملي ڪا رات وچ ۾ ڪين ٺهي هئي.
    ڇا اُها هنن جي حڪمت عملي هئي، ته جيڪڏهن اُهي بابا کي ريپروسيسنگ پلانٽ جو ٺاهه رد ڪرڻ لاءِ راضي نٿي ڪري سگهيا، ته پوءِ مورڳو منجهانئس ڇوٽڪارو ماڻين؟ ڇا بابا مقرر تاريخ کان پورو هڪ سال اڳ چونڊن جو اعلان ڪري، بيخيالي ۾ سندن هٿ مضبوط ڪيا هئا؟
    سي آءِ اي وٽ بابا بابت جيڪا مڪمل ڄاڻ هئي، سا آئون ويچارن ۽ سوچن ۾ ڏسي پئي سگهيس: هي اهو ماڻهو آهي، جنهن ويٽنام جنگ هلندي آمريڪي نيتيءَ خلاف ڳالهايو هو؛ جنهن ڪميونسٽ چين سان باقاعدي لاڳاپن کي وڌايو هو، جنهن 1973ع جي جنگ ۾ عربن جي پُٺڀرائي ڪئي هئي ۽ ٽين دنيا جي ڪانفرنس ۾ وڏين طاقتن کان آزادي ماڻهن جي وڪالت ڪئي هئي. ڇا هو ايترو مغرور ٿيندو پيو وڃي؟ جاسوس هڪ ٻي ڳالهه پڻ ٻڌائي. اها اسلام آباد ۾ ٻن آمريڪي سفارتڪارن وچ ۾ ٿيل گفتگو جي ٽيپ هئي. ”پارٽي ختم ٿي ويئي؛ هو به هليو ويو؛“ هڪڙي سفارتڪار بابا جي حڪومت جو حوالو ڏيندي چيو هو. ”سائين، پارٽي ختم ڪانه ٿي آهي.“ بابا قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي انهن کي جواب ڏنو هو. ۽ ”اها اوستائين ختم نه ٿيندي، جيستائين مون هن عظيم قوم لاءِ پنهنجو مقصد نه ماڻيو آهي.“
    انهي وچ ۾ ڀاڙي تي ورتل بنياد پرستن جا رولاڪ ٽولا بنهه هيٺ لهي آيا هئا. ”ڀٽو هندو آهي، ڀٽو يهودي آهي.“ هنن نعرا هنيا هئا. ڄڻ ته ٻئي مذهب هڪٻئي سان ٺهڪجندڙ هئا. جيتوڻيڪ منهنجي مسلمان بابا جو انهن مان ڪنهن به هڪ سان تعلق ڪونه هو.
    ”هتي جيڪا صورتحال آهي، ان بابت سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته ڇا لکان،“ بابا لکيو. مونکي اها ئي ڄاڻ آهي جيڪا آئون اخبارن ۾ پڙهان ٿي ۽ اهي ئي اخبارون تو وٽ به پهچن ٿيون. مارننگ نيوز وڌيڪ صحيح خبرون ڏئي ٿي ۽ تاءُ ڏياريندڙ خبرن کان پاسو ڪري ٿي. تنهنڪري تون به ايترو ئي ڪي ڄاڻين ٿي، جيترو آئون ٿي ڄاڻان.
    ”مون صنم (منهنجي ڀيڻ 1975ع ۾ ريڊڪلف ۾ داخل ٿي هئي) ۽ مير کي خط لکيا آهن، ته هن آرهڙ جي مُند ۾ ڪنهن به دوستَ کي دعوت نه ڏين. الائي هنن کي منهنجا خط مليا به يا نه، ڇو ته ڪيترا خط گم ٿي ويا آهن. جيڪڏهن توکي هيءُ ملي ته هنن کي ٻُڌائيجان.“
    پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ، بابا جي ان آڇ کي ساندهه رد ڪندا رهيا، ته معاملي جو امن ڀريو حل ڳولڻ لاءِ ڳالهيون ڪجن. لٽمار ڪرڻ، باهيون ڏيڻ ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڪيترن ئي حامين کي مارڻ سبب، بابا پاڪستان قومي اتحاد جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ تي مجبور ٿيو هو. اهڙيءَ ريت دهشتگرديءَ کي ٿورو وقت ٻُنجو ڏيڻ سبب شايد ملڪ ۾ ٺاپر ٿئي ها. پر 20 اپريل تي گهڻو وقت اڳواٽ رٿيل ”ڦيٿا روڪ هڙتال“ سبب ڪراچيءَ جي رستن تي هڪ گاڏي به ڪانه هلي هئي. ٽرڪ ڊرائيورن هڙتال ڪئي هئي ۽ دڪان، بئنڪون مارڪيٽون ۽ ڪپڙي جا ڪارخانا بند هئا. 21 اپريل تي بابا آئين مطابق فوج کي شهري انتظاميا جي مدد لاءِ ٻاهر آندو، ته جيئن ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ ٻيهر امن قائم ٿئي. ان سبب هنگاما گهٽجي ويا. 22 اپريل تي پوري ملڪ ۾ مظاهرن ۽ هڙتالن جو جيڪو سڏ ڏنو ويو هو، ان تي عمل بلڪل نه ٿيو. ۽ نه وري هڪ هفتو پوءِ اهو لانگ مارچ ٿيو، جنهن ذريعي پاڪستان قومي اتحاد ۽ 20 لک ماڻهن کي آڻي وزيراعظم جي گهر تي گهيرو ڪرڻو هو. لانگ مارچ جي ان ناڪامي پاڪستان قومي اتحاد جي سدائين لاءِ چيلهه ڀڄي ڇڏي. ۽ جڏهن بابا راولپنڊي جي گهٽين مان ڪار ۾ لنگهيو ته ماڻهن جي انبوهن کيس خوشيءَ وچان کيڪاريو هو.
    پر پاڪستان قومي اتحاد جي هنگامن وڏو نقصان پڻ پهچايو هو: هزارين ڪارون ۽ بسون ساڙيون ويون هيون. ڪراچي ۾ ڪارخانا بند هئا يا پٺ تي پئجي ويا هئا. ڪروڙين روپين جي ملڪيت تباهه ڪئي وئي هئي. ڪيتريون ئي حياتيون ذيان ٿي ويون هيون. مون ان وقت سک جو ساهه کنيو هو، جڏهن 3 جون تي اخبارن ۾ اها خبر ڇپي ته پاڪستان قومي اتحاد وارن نيٺ بابا سان ڳالهين تي راضپو ڏيکاريو آهي. ۽ بابا وري پنهنجي حڪومت کي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو ويچار ظاهر ڪيو آهي.
    لڳو ٿي ته پاڪستانين کي عقل اچي ويو هو. چئن ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ بابا فوج کي واپس گهرائي ورتو ۽ هفتو پوءِ هنگامن مهل جن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جهليو ويو هو، تن کي ڇڏيو ويو. بابا جي ان اعلان کانپوءِ ته نيون چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون، پاڪستان قومي اتحاد جا ڪيترائي ضدي اڳواڻ به مستقبل بابت پر اميد ٿي ڏسڻ آيا. ”مونکي اميد جا ڪِرڻا نظر اچن ٿا. اچو ته دعا ڪريون ته اها رڃ نه هجي.“ نيوز ويڪ جي 13 جون واري پرچي جي لکڻ مطابق مخالف ڌر جي هڪ اڳواڻ بابا سان ملاقات کانپوءِ چيو هو.
    آمريڪا سان پڻ لاڳاپا سڌرڻ لڳا هئا. پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد، آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هائوس سائرس وانس سان ملاقات لاءِ پئرس روانو ٿي ويو. هو پرڏيهي جوڙيل 50 صفحن جي رپورٽ به پاڻ سان گڏ کڻي ويو، جنهن ۾ اسان جي حڪومت کي ڊاهڻ ۾ آمريڪا تي جيڪي شڪ هئا، انهن جا سبب ڄاڻايا ويا هئا. بابا مونکي ٻڌايو ته سيڪريٽري وانس اهي ڪاغذ هڪ پاسي رکندي چيو هو ته، ”نه عزيز احمد، اسين پاڪستان سان نئون باب شروع ڪرڻ گهرون ٿا. اوهان جي ملڪ سان اسان جي جيڪا ڊگهي ويجهي دوستي رهي آهي، تنهنجو اسان وڏو قدر ڪيون ٿا.“
    ڇا بابا جي حڪومت کي ڊاهڻ ۾ آمريڪين ڪو حصو ورتو هو؟ اسان کي ان جو ثبوت ڪڏهن به هٿ نه ايندو. ان وقت کان وٺي مون آمريڪا ۾ پنهنجن دوستن ذريعي ڪوشش ڪئي ته ’فريڊم آف انفرميشن ائڪٽ‘ وسيلي وڌيڪ ڄاڻ وٺان. پر آئون ان ۾ سوڀاري ٿي نه سگهيس. سي آءِ اي ڇهه دستاويز موڪليا، جن مان هڪ ۾ چين ان امداد جو تجزيو ڪيل هو، جيڪا پاڪستان کي 1965ع ۾ هندستان سان جنگ وقت ملي هئي ۽ جڏهن بابا پرڏيهي وزير هوندو هو. هڪ تار هئي جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾ راولپنڊي مان هڪ غير فوجي محافظ قافلي جي چرپر جي ڄاڻ ڏنل هئي، رڳو هڪڙي دستاويز ۾ بابا ۽ پيپلزپارٽي جو ذڪر ڪيل هو، جيڪو به رڳو هن جي 1973ع واري مزاحمت بابت هو.
    ”ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪنهن لکيت بابت تنهنجي درخواست جي جواب ۾ اسين سي آءِ اي جي ڪنهن به اهڙي تحرير جي هجڻ جي نه تصديق ڪري ٿا سگهون، ۽ نه وري انڪار،“ دستاويزن سان آيل خط ۾ لکيل هو. ”اهڙي ڄاڻ جي جيسين تائين سرڪاري طرح تصديق نه ڪئي وئي آهي، تيسين تائين اها قومي سلامتيءَ جي سببن خاطر ڳجهي رکي ويندي. تنهنڪري اسين اهڙي تحرير جي نه تصديق ڪري ٿا سگهون ۽ نه انڪار. ان سبب ذوالفقار علي ڀٽو بابت دستاويزن لاءِ تنهنجي درخواست جي ان حصي کان انڪار ڪجي ٿو....“
    پاڪستان ۾ 1977ع ۾ جيڪي به ٿيو، تنهن جو سبب اهو هو، جو اتي اهڙا ماڻهو هئا جن اهوڪرڻ گهريو هو. جيڪڏهن پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ پنهنجي فائدي بدران قومي فائدي لاءِ ڪم ڪن ها، بابا جي فوج جو سربراهه پنهنجي فائدي بجاءِ قوم جي فائدي ۾ ڪم ڪري ها، ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪونه ٿئي ها. اهو اسان سڀني جي سِکڻ لاءِ اهو سبق هو ۽ آهي. آمريڪا پنهنجي قومي فائدي لاءِ ڪم ڪيو هو، پر اسان مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي سموري تهمت آمريڪا تي مَڙهي پنهنجي جِند آجي ڪن ٿا. اسان ۾ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو نه هجن ها، جن ٻين جا هٿ مضبوط ڪيا هئا، ۽ جن پنهنجي ملڪ جي خدمت بدران پنهنجي لاءِ اقتدار جا وجهه ڳولين ها، ته پاڪستان جي چونڊيل حڪومت کي ڪڏهن به ڪو نقصان نه پهچي ها.
    پر آڪسفورڊ ۾ شاگردياڻيءَ طور مونکي اِها ڳالهه اڃان سمجهه ۾ نه آئي هئي.
    پنهنجي جنم جي چوويهين سالگرهه تي جڏهن صبح جو منهنجي اَک کلي، ته سج پوري طرح سان پئي چمڪيو. جون جي 21 تاريخ واري آرهڙ جي ڏينهن گرم رهڻ جو نياپو ٿي ڏنو ۽ مونکي اڳ ڀانئيندي سرهائي پئي ٿي، ته آئون پاڪستان واپس وڃڻ کان اڳ ڪوئين ايلزبيٿ هائوس جي باغ ۾ سالگرهه جي ۽ موڪلاڻيءَ جي هڪ وڏي پارٽي ڏيڻ واري هيس. منهنجي آڪسفورڊ ائڊريس بوڪ ۾ جن جا به پتا لکيل هئا، انهن سڀني کي دعوت ڏني ويئي هئي ۽ اتي جيڪو ميڙَ ڪٺو ٿيو هو، اُن کي ڏسي ڄاڻ پئي هئي ته سڀئي آيا آهن. اسٽرابيري ۽ ڪِريم جي پيالن تي اسان ماضيءَ جون خوشگوار ساروڻيون ڪيون ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجن پنهنجن گهرن جو ائڊريسون ڏنيون.
    آڪسفورڊ ڇڏڻ تي مونکي ۽ ڪيترن دوستن کي ڏاڍو ڏک هو. مونکي پنهنجي اُن هئڊي رنگ جي ننڍي ڪار ڇڏڻ جو پڻ ڏک هو، جنهن لاءِ مير چيو ٿي، ته سرءُ جي مند ۾ آئون توکي وڪڻائي ڏيندس. چئن ورهين تائين منهنجي اُن ننڍڙي ڪار پنهنجن دوستن جي نياپن لاءِ هڪ نوٽيس بورڊ جو ڪم ڏنو هو. پر آئون پاڻ به پاڪستان ۾ پنهنجي لاءِ اوسيئڙي ۾ ويٺل اميدن واسطي ويچاريو هو، جن ۾ هڪ رٿ اها هئي ته آئون آرهڙ جي مند ۾ وزيراعظم جي دفتر ۾ ۽ پڻ صوبن وچ ۾ عام مفادن واري جوڙيل ڪائونسل ۾ ڪم ڪريان، ته جيئن مونکي عام صوبائي معاملن جي ڄاڻ ملي سگهي. هن مونکي اهو به ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ ويندڙ پاڪستاني وفد ۾ مونکي شامل ڪيو ويندو، جنهن سبب منهنجي چڱي سڃاڻپ ٿيندي، نومبر ۾ آئون پاڪستان موٽي وينديس ۽ ڊسمبر ۾ پرڏيهي وزارت جي ٿيندڙ امتحان لاءِ تياري ڪنديس. منهنجي لاءِ صاف سٿرو ۽ پوريءَ طرح سان رٿيل مستقبل هو.
    ظاهر آهي ته بابا منهنجي موٽڻ تي ايترو ئي سرهو هو، جيترو آئون گهر وڃڻ تي هئس. ”آئون توسان واعدو ڪريان ٿو، ته پنهنجي اختيار مطابق هر ڪوشش ڪندس، ته تون وقت وڃائڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ ٻيهر رهڻ جي هيراڪ ٿي وڃين.“ هن خط ۾ لکيو هو. پوءِ تون ڀلي پنهنجي سر رهجان. البت توکي منهنجن ننڍڙن چرچن ۽ کل ڀوڳ کي سَهڻو پوندو. بدقمستيءَ سان هن ڄمار ۾ آئون پنهنجي طبيعت کي ڦيرائي نٿو سگهان، پر آئون پنهنجي پهرئين ٻار سان سٺي ورتاءُ جي سخت ڪوشش ڪندس. ڏکي ڳالهه اها آهي ته تنهنجو سڀاءُ به مون جهڙو ئي آهي ۽ تنهنجين اکين ۾ به ڳوڙها ائين ڀرجي اچن ٿا، جيئن منهنجن اکين ۾، ڇوته اسين ٻئي هڪڙي ئي هَڏ چَم جا ٺهيل آهيون.
    ”اچو ته هڪٻئي کي سمجهڻ جو پاڻ ۾ پڪو واعدو ڪريون. تون بامقصد فرد آهين. ڪو بامقصد فرد ڀلا اهو ڪيئن چاهيندو، ته رِڻ پَٽ ۾ گرمي نه هجي ۽ جبل برف کان خالي هجن؟ توکي تنهنجن قدرن ۽ ذاتي اخلاقيات ۾ تنهنجي سج جي روشني ۽ انڊلٺ نظر ايندي. پاڻ ٻئي گڏجي هڪ ساراهڻ جوڳي ڪارنامي لاءِ ڪم ڪنداسين. شرط رک ته پاڻ اهو ڪنداسين.“
    25 جون 1977ع تي، بابا ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين سان ملڻ لاءِ مير ۽ آئون هوائي جهاز ۾ راولپنڊي ڏانهن اُسهياسون. شاهنواز سئزرلينڊ جي اسڪول مان ۽ صنم هارورڊ مان گهر واپس پئي آيا. اهو آخري ڀيرو هو جو اسان جي گهر جا سڀ ڀاتي وري هڪ هنڌ گڏ ٿيا هئا.


      ضياءَ جي غداري

    المرتضيٰ جي درين مان آئون سپاهين جي بندوقن جي نالين کي ڏسان ٿي، جيڪي فيبروري جي سج جي تَڙڪي تي چمڪن پيون. اسان جي نظربنديءَ کي چوٿون مهينو شروع ٿيندي ئي آئون ڀانئيان ٿي، ته پاڻ گهر کي ئي قيدي بنايو ويو آهي. هن ئي گهر ۾ بابا سان ملاقات لاءِ ٻاهرين ملڪن جا اڳواڻ ۽ عالمي سياستدان ايندا هئا. پاڙيسري ملڪ ايران مان شهنشاهه، ابوظهبي جو حڪمران ۽ عرب امارتن جو صدر شيخ زيد، آغا خان شهزادو ڪريم، آمريڪا مان سينيٽر جارج مِڪگورن. برطانيا جي ڪابينا جو وزير ڊنڪن سينڊيز. بابا اڪثر پنهنجن مهمانن لاءِ شڪار جو بندوبست ڪرائيندو هو. جيتوڻيڪ هن کي شڪار جو شوق ڪونه هوندو هو. البت منهنجا ڀائر تُز نشانيباز هوندا هئا ۽ ورلي مهمانن جو مانُ رکڻ لاءِ ڏاڍي ڏاهپ سان هنن پاران پکين يا هَرڻ کي ڪيرائي وجهندا هئا.
    المرتضيٰ ۾ عام ڏينهن تي به کل ڀوڳ ۽ رونق متل هوندي هئي. بابا گهڻو ڪري ڪجهه نه ڪجهه سنڌي لوڪ گيت يا پنهنجو وڻندڙ مغربي موسيقيءَ جون ڌُنون پيو جهُونگاريندو هو. آئون ته اڃان به هن کي اهي ڌُنون جهُونگاريندي ٻُڌي سگهان ٿي. هڪ گيت جي سِٽ هئي.“ ٿيڻو آهي، اهو ٿيندو، مستقبل ڪونهي اسان جو...“
    اُن اونداهي مستقبل جي اڳواٽ ڪنهن کي سُڌ پئجي سگهي ٿي، جيڪو 5 جولائي 1977ع تي فجر مهل فوجي بغاوت جي روپ ۾ اوچتو هن مٿان اچي ڪَڙڪيو هو ۽ جنهن سبب اسان جي ذاتي الميي ۽ پاڪستان جي پيڙا جي شروعات ٿي هئي.؟
    5 جولائي 1977ع. 1.45 آڌي رات، وزيراعظم هائوس، راولپنڊي.
    ”اُٿ، سجاڳ ٿي، اُٿي ڪپڙا پاءِ. جلدي ڪر.“ امان رڙيون ڪندي منهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ منهنجي ڀيڻ کي ننڊ مان اٿارڻ لڳي. ”فوج قبضو ڪيو آهي، فوج قبضو ڪيو آهي.“
    ٿورن ئي منٽن ۾ آئون ڏڪندي بابا- امان جي سمهڻ واري ڪمري ۾ ويس. مونکي ڪابه سُڌي نه هئي ته ڇا پيو ٿئي. فوجي بغاوت؟ فوجي بغاوت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هڪ ڏينهن اڳ چونڊن جي معاملي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مخالف اڳواڻن وچ ۾ آخري فيصلو ٿي ويو هو. ۽ جيڪڏهن فوج قبضو ڪيو آهي، ته ان جو ڪهڙي ٽوليءَ سان لاڳاپو آهي؟ ٻه ڏينهن اڳ جنرل ضياءَ ۽ ڪور ڪمانڊرَ پاڻ بابا وٽ آيا هئا ۽ هنن کيس فوج جي وفاداريءَ جو واعدو ڏنو هو.
    بابا فون کڻي چوي ٿو، ته کيس چيف آف اسٽاف جنرل ضياءَ ۽وفاقي وزيرن سان ڳالهرايو وڃي. پهريون فون وزير تعليم جي گهر مان اچي ٿو. اتي اڳواٽ ئي فوج پهچي وئي آهي. ”فوجين بابا کي ماريو آهي ۽ کيس پاڻ سان وٺي ويا آهن.“ حفيظ پيرزادي جي ڌيءَ سُڏڪا ڀريندي چوي ٿي، جيڪو ٻٽي ڪلاڪ اڳ فيصلي ٿيڻ جي خوشيءَ واري ڪچهريءَ ۾ بابا وٽ ويٺو هو ۽ پوءِ موڪلائي ويو هو. مون پاڻ اندران پنهنجي ڀيڻ سان کل ڀوڳ ڪندي لان ۾ هنن واري سِگارن جو چَمڪو ڏٺو هو ۽ ٽهڪڙن جو آواز ٻُڌو هو، ”صبر ڪر.“ بابا، پيرزادي جي ڌيءَ کي مظبوط آواز ۾ چوي ٿو. ”پنهنجي خانداني مانُ مرتبي کي ڏس.“ ٻيو فون سرحد جي گورنر ڏانهن آهي، جيڪو اڌ ۾“ ڪَٽجي وڃي ٿو.
    امان جو رنگ هيڊ جهڙو ٿي ويو آهي. هوءَ مونکي ٻڌائي ٿي ته بابا کي فوجي بغاوت جي خبر هڪڙي پوليس واري اچي ڏني هئي، جنهن فوجين کي وزيراعظم جي گهر جو گهيرو ڪندي ڏنو هو. اهو سپاهي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، پيٽ ۽ گوڏن ڀر رڙهندي، وڏي دروازي تائين آيو هو ۽ بابا جي خدمتگار عرس کي تڪڙ ۾ چيائين ته، ”ڀٽي صاحب کي ٻڌايو، ته فوج کيس مارڻ لاءِ پئي اچي. چوينس ته هڪدم لِڪي وڃي، جلدي ڪر.“ ظاهر آهي ته اهو نياپو بابا ڏاڍي صبر سان ٻڌو. ”منهنجي حياتي الله جي هٿ ۾ آهي،“ بابا عرس کي وراڻيو هو. ”جيڪڏهن فوج مونکي مارڻ گهري ٿي، ته اهي مونکي ماري ڇڏيندا. لِڪڻ مان ڪوبه فائدو ڪونهي. نه وري اوهان مان ڪير هنن سان جهيڙو ڪري. هنن کي ڀلي اچڻ ڏيو.“ پوليس واري جي چتاءُ ڏيڻ سبب شايد اسان سڀني جون حياتيون بچي ويون هيون.
    ”وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف سان ڳالهائڻ گهري ٿو،“ بابا صنم جي ٽيليفون تي چوي ٿو، جيڪو هن جو ذاتي فون آهي ۽ جنهن تي هوءَ پنهنجين ساهيڙين سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي رهندي آهي. اتفاق سان اهو فون ڪَٽيل ڪونهي.
    ضياءَ هڪدم ٽيليفون کڻي ٿو ۽ حيران ٿئي ٿو، ته بابا کي فوجي بغاوت جي ڄاڻ پئجي وئي آهي.
    ”مونکي افسوس آهي سر، منهنجي اڳيان ٻي ڪا راهه ئي ڪين هئي،“ ضيا تازو ڀوائتي فيصلي جي حوالي ڏيڻ کانسواءِ ڦاٽ کائي ٿو. ٿوري وقت لاءِ اسين اوهان کي حفاظت ۾ رکنداسين، پر نوي ڏينهن اندر آئون نيون چونڊون ڪرائيندس. يقين آهي ته اوهان هڪ ڀيرو وري وزيراعظم چونڊجي ايندا ۽ سائين آئون وري اچي اوهان کي سلام ڪندس.“
    هاڻي بابا کي ڄاڻ پئي آهي، ته فوجي بغاوت جو اڳواڻ ڪير آهي. هن جون اکيون چُنجهيون ٿي وڃن ٿيون. جڏهن ضياءَ هن کي ٻڌائي ٿو، ته اوهان جتي چوندو اتي اوهان کي وٺي وڃبو، ويجهوئي مريءَ جي وزيراعظم ريسٽ هائوس ۾ يا لاڙڪاڻي ۾ اوهان جي پنهنجي گهر ۾ ڪٿي به. ضياءَ اهو به چوي ٿو، ته باقي ڀاتي هڪ مهيني تائين وزيراعظم هائوس راولپنڊي ۾ ڀلي رهن. اڍائي وڳي رات جو فوج بابا کي وٺڻ لاءِ ايندي.“
    ”آئون لاڙڪاڻي ويندس ۽ منهنجا گهرڀاتي ڪراچي واپس ويندا،“ بابا چوي ٿو. ”هي وزيراعظم هائوس آهي. ڀانئجي ٿو ته آئون هاڻي وزيراعظم ڪونه آهيان، تنهنڪري منهنجا گهرڀاتي صبح جوئي روانا ٿي ويندا،“
    رسيور رکڻ کانپوءِ بابا جي مُنهن تي سختي پکڙجي وڃي ٿي. وري هو جڏهن رسيور ٻيهر کڻي هڪ ٻيو فون ڪرڻ گهري ٿو، ته صنم جو اهو فون به ڪَٽجي وڃي ٿو.
    منهنجا ڀائر مير ۽ شاهنواز ڪمري ۾ ڌوڪي اچن ٿا. اهي تڪڙ ۾ سنبري تيار ٿيا آهن.
    ”اسان کي مقابلو ڪرڻ گهرجي،“ مير چوي ٿو.
    ”فوجي بغاوت جو ڪڏهن به مقابلو ڪرڻ نه گهرجي،“ بابا سانتيڪي آواز ۾ چوي ٿو. ”جنرلن جي مرضي آهي ته اسين سڀئي مارجي وڃون. اسين پنهنجي مارجڻ جو اهڙو ڪوبه بهانو کين ڪونه ڏينداسين،“
    مونکي ٻه ورهيه اڳ بنگلاديش ۾ فوجي بغاوت ۽ صدر مجيب ۽ سندس گهرڀاتين جي قتل ٿيڻ جي واقعي کي ياد ڪندي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. بنگلاديش جي فوج به ڪالهوڪي پاڪستاني فوج جو جدا ٿيل حصو هو. هنن اسان جي فوج جهڙو قدم ڇو نه کنيو هو؟
    ”اها فوجي بغاوت ضياءَ جي حُڪم سان ٿي آهي.“ امان منهنجن ڀائرن کي سمجهائيندي چوي ٿي، جن کي ٿوري ڄاڻ آهي. اصغر خان ۽ پاڪستان قومي اتحاد جا ٻيا اڳواڻ به گرفتار ٿيا آهن. اهڙيءَ ريت پيرزادو، ممتاز، نيازي ۽کر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ضياءَ چوي ٿو ته آئون بغاوت جي ڏوهه ۾ اصغر خان تي ڪيس هلائيندس ۽ نياز ۽ کر کي به ڪونه ڇڏيندس. هو چوي ٿو ته نوي ڏينهن اندر چونڊون به ڪرائيندس.“
    ”ڇا هو اهو سڀ ڪندو ۽ نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائيندو؟“ شاهنواز چوي ٿو، جنهن سڀني کان ننڍي هجڻ سبب ويجهڙائيءَ ۾ ٻين کان گهر ۾ گهڻو وقت گذاريو آهي ۽ سياسي طرح وڌيڪ سڄاڻ آهي. ٻيا به ڪيترائي سوال آهن، جن جو ڪوبه جواب ڪونهي. ضياءَ انهن سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇو چونڊيو آهي؟ اڇا اهو ڪو بهانو آهي؟ ڇا حقيقت ۾ اهي هن سان مليل آهن؟ اسين ننڍين خبرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ته جيئن ان دنيا کي سمجهي سگهون، جتي اوچتو ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
    ”بغاوت لاءِ ضياءَ ايتري وقت اوسيئڙو ڇو ڪيو هو؟ هنگاما ته اپريل ۾ ئي گهٽجي ويا هئا. ڪجهه ڪلاڪ اڳ پاڪستان قومي اتحاد سان ڳالهيون سوڀاريون ٿيون هيون.“
    ”ضياءَ صحيح اندازو ڪونه ڪيو هو.“ بابا چوي ٿو. ”هن سمجهيو هو ته پاڪستان قومي اتحاد سان ڳالهيون ناڪام ٿينديون ۽ هن کي حڪومت تي قبضي جو بهانو ملي ويندو. هن ٺاهه تي صحيحن کان اڳ ۾ ئي ڌَڪ هنيو آهي.“
    ”الاءِ اسان جو حال ڪهڙو ٿيندو؟“ امان هوريان چوي ٿي. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي پنهنجي ٽجوڙيءَ مان رقم کڻي اچي ٿي. ”اوهان جو اڳواٽ ئي صبح جو سويل ڪراچي وڃڻ جو پروگرام آهي، هوءَ منهنجن ڀائرن کي اها رقم ڏيندي چوين ٿي. ”بينظير، صنم ۽ آئون اوهان سان ڪراچي ۾ ملنديونسين. جيڪڏهن اسين شام ڌاري نه پهچون، ته اوهين ملڪ مان نڪري وڃجو.“
    هاڻي رات جا ٻه ٿيڻ وارا آهن. اسين اوسيئڙي ۾ آهيون ته فوجي اچن ۽ بابا کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن. اسان مان ڪوبه پنهنجي وڃڻ جي تياريءَ لاءِ سُمهڻ واري ڪمري مان ٻاهر نٿو نڪري. اسان کي اڃا به ڪا ڄاڻ ڪانهي، ته اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڇا جنرل ضياءَ ان ڪري اوسيئڙو ڪيو هو، ته ڀلي اسين سڀيئي پنهنجي گهر پاڪستان موٽي اچون، ته پوءِ اسان سڀني کي ختم ڪري؟ ڪيڏا نه ڀوائتا ويچار آهن. آئون انهن سوچن کي ڌِڪارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، پر آئون ايئن ڪري نٿي سگهان. مجيب جون ٻه ڌيئرون رتوڇاڻ کان ان ڪري بچي ويون هيون، جو اهي ان وقت ملڪ کان ٻاهر هيون. انهن مان هڪڙي مخالف ڌر جي اڳواڻ ٿي آهي. ڇا پاڪستاني فوج اها ساڳي غلطي اسان سان ته ڪرڻ واري ڪين هئي؟
    منهنجا ڀائر، ڀيڻ ۽ آئون ڌار ڌار گهر پهتا هئاسين: شاهه سئٽزرلينڊ جي اسڪول مان، صنم هارورڊ مان، مير ۽ آئون آڪسفورڊ مان. اتفاقي حادثي جي ڊَپُ کان اسان جا والدين اسان کي گڏ سفر جي اجازت نه ڏيندا هئا. ”الله جو شڪر آهي، ته تو پنهنجي تعليم پوري ڪئي آهي ۽ گهر آئي آهين،“ بابا ڏهه ڏينهن اڳ مونکي کيڪاريندي چيو هو. ”هاڻي تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿي.“
    آئون وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ بابا جي آفيس ويجهو هڪ ڪمري ۾ وڃي ويٺي هيس. مون سرڪاري ڳجهي ايڪٽ هيٺ قسم کنيو هو ۽ آفيس جي فائيلن جي متن جو اختصار ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو. انهن اختصارن تي آئون پنهنجا رايا پڻ لکندي هيس. هڪ هفتي ۾ ڪيتري تبديلي اچي سگهي ٿي. ڪلاڪن ۾.
    امان ريڊيو کولي خبرون ٻُڌڻ گهري ٿي. جيتوڻيڪ آڌيءَ رات کانپوءِ ايترو جلدي ڪٿان به خبرون نشر ٿيڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونهي. ڪٿان به خبرون ڪونه ٿيون ٻُڌجن. فوج جو اوسيئڙو ڪندي لڳي ٿو ته، بابا آرام ۽ فرحت پيو ڀانئي. ”ذميوارين جو بار منهنجن ڪُلهن تان لهي ويو آهي.“ هو چوي ٿو. ”حڪومت امانت آهي ۽ مون ان جي ايمانداريءَ سان حفاظت ڪئي آهي. هاڻي اهو بار مون تي ڪونهي.“
    اسين والدين جي سُمهڻ واري ڪمري ۾ صوفي تي بيوس ٿيو ويٺا آهيون. جڏهن ته بابا ماٺڙيءَ ڪيو پنهنجي ڏيهاڙي جي رواج مطابق انهن فائيلن کي پڙهي پيو، جيڪي سندس ڪرسيءَ پٺيان ميز تي ڍِڳ ٿيا رکيل آهن. هڪ ڪارو فائيل به اتي آهي. جيڪو هو ڪونه ٿو پڙهي، پر منجهس جيڪو به لکيل آهي، تنهن جي تصديق ۾ رڳو صَحي ڪري ٿو. ”وزيراعظم ٿيڻ شرط مون پهريون ڪم اهو ڪيو هو، ته ڦاسيءَ جي سزا وارن ڏوهارين جي سزا گهٽ ڪئي هئي.“ هو ٻڌائي ٿو. ”منهنجو آخري ڪم به اهوئي هوندو. مونکي سدائين اهڙين اپيلن پڙهڻ کان نفرت ٿئي ٿي، جن ۾ رحم جي درخواست ڪيل هجي ٿي.“ آئون ويجهو وڃي هن کي ڀاڪر ٿي پايان، پر هو نرميءَ سان مونکي پاڻ کان پري ٿو ڪري. ”جذباتي ٿيڻ لاءِ وقت ڪونهي،“ هو مونکي چوي ٿو. ”هي وقت هر سختيءَ کي همت سان سَهڻ جو آهي.“
    رات جا اڍائي ٿي وڃن ٿا، ساڍا ٽي ٿين ٿا. بابا کي وٺڻ لاءِ ڪير به ڪونه ٿو اچي. منهنجي بيچيني ۽ بيقراري وڌندي پئي وڃي. فوج ڪهڙي رٿ رٿي آهي؟ چئين وڳي صبح جو بابا جو مليٽري سيڪريٽري اچي ٿو. هن جون اکيون ڳاڙهيون آهن ۽ چهري مان هيبت ظاهر آهي. هو سڌو جنرل هيڊ ڪوارٽرس مان پيو اچي، جتي هن کي جنرل ضياءَ گهرايو هو. هو ٻڌائي ٿو، ”جنرل ضياءَ افسوس سان چيو آهي ته ڀُٽي صاحب کي لاڙڪاڻي روانو ڪرڻ ممڪن ڪونهي. جيڪڏهن ڪا گهڻي ڏکيائي نه ٿئي، ته پوءِ ان بدران کيس مريءَ جي وزيراعظم ريسٽ هائوس پهچايو ويندو، جتي هن جي عهدي جي شانُ مطابق کيس رهايو ويندو. صبح جو ڇهين بجي روانگي جو انتظام ڪيو ويو آهي.“
    ”مونکي اچرج ٿئي ٿو، ته اُهي پنهنجيون رٿون ڇو پيا ڦيرائين.“ صنم پڇي ٿي. ”منهنجي فون ضياءَ کي ڌونڌاڙي ڇڏيو هوندو،“ بابا چوي ٿو. ”هن کي شايد اچرج ٿيو هوندو، ته ساڻس ڳالهائڻ کان اڳ مونکي جوابي حملي لاءِ پنهنجن وفادار عملدارن سان ڳالهائڻ جو وقت ته ڪونه مليو آهي.“
    تنهنڪري اسان کي وري هڪ ٻيو ورچائيندڙ اوسيئڙو ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسان جو هڪ ملازم ٻڌائي ٿو، ته وزيراعظم هائوس جي مينيجر کي ننڊ مان جاڳائي چيو ويو آهي، ته مريءَ ۾ وزيراعظم ريسٽ هائوس ۾ وڃي بندوبست ڪر.“
    جنرل ضياءَ چيو هو ته، سندس ماڻهو اڍائي وڳي مونکي وٺڻ لاءِ ايندا. هاڻي صبح جا ڇهه ٿيا آهن، اڃا ته هنن ريسٽ هائوس به تيار نه ڪيو آهي. هنن باقي رهيل ماڻهو جهلڻ جي رٿ تيار ڪئي هوندي، مون کانسواءِ،“ بابا آهستي چوي ٿو.
    ڪمري جي سانت ۾ انهن لفظن جي اهميت دٻجي وڃي ٿي.
    ”حرامي اسان سڀني کي نِنڊ ۾ مارڻ جو منصوبو ٺاهيو هوندو،“ شاهه مون ڏانهن ڏسندي ڀُڻڪي ٿو.
    ”اوهين وڃي سَنبت ڪريو،“ امان منهنجن ڀائرن کي چوي ٿي. ”اوهان جو جهاز ستين وڳي صبح جو روانو ٿيندو.“
    اسين ريڊيي تي بي بي سيءَ جون صبح واريون اردو خبرون ٻُڌون ٿا، جن ۾ رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ٿو، ته پاڪستان جي حڪومت تي فوج قبضو ڪيو آهي.
    ”تو سڄي دنيا جي حڪومت جو اڀياس ڪيو آهي.“ بابا مون کان پڇي ٿو. ”ڇا تون سمجهين ٿي ته ضياءَ چونڊون ڪرائيندو؟“
    ”ها، بابا آئون سمجهان ٿي. آئون اڃا تائين شاگرد ويچار ۽ ڪتابي منطق جي اثر هيٺ هجڻ سبب چوان ٿي. ”پنهنجي نظرداريءَ ۾ چونڊن ڪرائڻ سبب ضياءَ مخالفن کي اهو وجهه ڪونه ڏيندو، جو اُهي چون ته چونڊن ۾ ڪُوڙا ووٽ پيا آهن ۽ اهي نون هنگامن جا بهانا ڪن.“
    ”بيوقوف نه ٿيءُ، پنڪي،“ بابا هوريان چوي ٿو. ”فوجون اقتدار کي ڇڏڻ لاءِ ان تي قبضو ڪونه ٿيون ڪن. نه وري جنرل ان لاءِ غداري ڪن ٿا، ته چونڊون ڪرائي جمهوري آئين بحال ڪن.“
    آئون لاچار ٿي پنهنجي والدين جي ڪمري مان اٿي وڃي سنبت ڪريان ٿي. بابا اسان کي ڪيترن ئي ورهين کان وزيراعظم هائوس ڇڏڻ لاءِ تيار ڪيو هو، جيتوڻيڪ مون اُهو ڪڏهن به ڪين سوچيو هو، ته اسان کي گوليءَ جي زور تي گهر ڇڏڻو پوندو. اسان کي ٻڌايو ويو هو، ته رهڻ واري ان جاءِ کي پنهنجو گهر نه، پر هڪ سرڪاري عمارت سمجهون. هاڻي جڏهن بابا کي پنهنجي عهدي تان لاٿو ويو هو، تڏهن هن جي مرضي هئي ته اسين اُن سرڪاري گهر مان هڪدم هليا وڃون ۽ کانئس اڳ فوجي اڳواڻ يحييٰ خان جيان نه ڪريون، جيڪو پنهنجي عهدي تان لهڻ کانپوءِ ڪيترن مهينن تائين اتي رهيو پيو هو. ”اوهين پاڻ سان ايترو سامان نه رکو، جيڪو هڪڙي ڏينهن ۾ ٻَڌي نه سگهجي.“ بابا اسان کي سدائين چوندو هو، پر مون ته اهو مُک قاعدو ڀڃي ڇڏيو هو. آئون ٻه هفتا اڳ آڪسفورڊ مان سِڌو راولپنڊي پهتي هيس ۽ مون سان گڏ ڪتابن ۽ ڪپڙن جو ڍير هو. مون سوچيو هو ته آئون اهو سامان سامونڊي جهاز ذريعي پنهنجي گهر ڪراچي موڪلينديس. پر آئون اهو نه ڪري سگهيس. ٻيو ته آئون بابا جي ڏنل ڪم ۾ جُنبي ويس.
    سامان ٻَڌڻ وقت آئون ڏاڍو مونجهارو پئي ڀانئيان ۽ هر هر پنهنجي ۽ والدين جي سمهڻ واري ڪمري وچ ۾ پئي اچان ۽ وڃان: اهو ڏسڻ لاءِ ته منهنجي ڄاڻ کانسواءِ بابا کي وٺي ته ڪونه ويا آهن. آئون پنهنجي ايراني ٻلي شُگر مٿان ٿاٻڙجان ٿي، جيڪا ان ڇڪتاڻ کي سمجهندي ميائون ميائون ڪري ٿي ۽ منهنجن پيرن ۾ وچڙي پوي ٿي. امان جڏهن اندر اچي ٿي ته سڄو ڪمرو خالي ٿي ويو آهي.
    ”اَٺ ٿيا آهن، ”هوءَ چوي ٿي. ”فوج اڃا تائين نه آئي آهي. ملازم ٻڌايو آهي ته اهي اڃا مري ريسٽ هائوس پيا تيار ڪن، پر الاءِ ڇا پيو ٿئي؟ الله جو شڪر آهي ته ڇوڪرن کي وڃڻ جي اجازت ملي.“
    ڏينهن جي روشني پکڙجڻ سبب دل کي ٿوري آٿت آئي آهي. سامان ٻَڌي ڇڏڻ سبب به منهنجي پاڻُ ڇڪتاڻ ٿوري گهٽجي وئي آهي. امان ۽ آئون پاسي واري دروازي مان صنم جي ڪمري ۾ وڃي ڏسون ٿيون، ته هوءَ پنهنجا سڀ ڪتاب، تصويرون ۽ رڪارڊ، البم ۽ ’هارپرز بزار‘ ۽ ’ووگ‘ رسالن جا پراڻا پرچا پڻ ٽرنڪ ۾ پئي بند ڪري. ”مونکي اهو هرگز پسند ڪونه ايندو، ته هو منهنجي ڪنهن به شيءِ کي هٿ لائين،“ هوءَ ڪاوڙ ۾ چوي ٿي. هن کي جينز ۽ سوويت شرٽ پاتل آهي ۽ هن پنهنجن ڊگهن وارن ۾ اڃا تائين ڦڻي نه ڏني آهي.
    ”پنڪي، صَني ڊوڙي اچو. اوهان جو بابا وڃي پيو.“ نَوَ ٿيڻ کان ٿورو اڳ آئون امان جي دانهن ٻُڌان ٿي.
    ”جلدي صاحب وڃي پيو.“ عملي جو هڪ ماڻهو، جنهن کي مٿي تي پَٽڪو ٻڌل آهي، منهنجي ڪمري جي دَر تي اچي چوي ٿو. هن کي وزيراعظم هائوس جي ڳاڙهي ۽ اچي يونيفارم پيل آهي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن.
    آئون به پنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ايندي ڀانئيان ٿي. صنم جون اکيون به ڳاڙهيون آهن. ”ههڙي حالت ۾ پاڻ بابا کي الوداع ڪيئن ڪنديونسين؟“ آئون چوان ٿي. ”جلدي ڪر. مون وٽ اکين ۾ وجهڻ جا ڦُڙا رکيا آهن.“ صنم چوي ٿي. اسين سنديس سينگار واري ڪمري ۾ وڃون ٿيون. پوءِ زور زور سان اکيون ڇينڀينديون، اَڇن ۽ سونهري ڪاٺ جي صُفحن مان ڊوڙنديون، وڏي دروازي تائين وڃون ٿيون. آئون لانَ مان روئڻ جو آواز ٻُڌان ٿي، جتي عملو وڃي گڏ ٿيو آهي.
    بابا اڳواٽ ئي وزيراعظم جي ڪاري مرسڊيز ڪار ۾ ويهي چڪو آهي. جيئن ڪار اڳتي وڃڻ شروع ڪري ٿي، ته صني ۽ آئون روئيندڙ عملي اڳيان ڊوڙنديون پورچ تائين وڃون ٿيون. ”الله توهار، بابا!“ آئون چَرين جيان ٻانهون لوڏي رڙ ڪريان ٿي. هو مُڙي مُنهن تي اڌ مُرڪ آڻي ٿو ۽ ڪار تيزيءَ سان وزيراعظم هائوس مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. ڪار جي لسي پليٽ تي وزيراعظم جي سونيءَ مهر وارا وريل پَن سج جي روشنيءَ ۾ چمڪڻ لڳن ٿا.
    بابا کي فوجي گاڏين جي قافلي ۾ مريءَ نيو پيو وڃي، جتي کيس ’حفاظتي تحويل‘ ۾ رکيو ويو آهي. اهو اصطلاح ضياءَ پنهنجن سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرڻ جو عذر ڏيڻ لاءِ گهَڙِيو آهي. انهن ٽَڪرين تي جتان ڪشمير ڏانهن رستو وڃي ٿو، انگريزن هڪڙو اڇو بيٺڪي ريسٽ هائوس ٺهرايو هو، جنهن ۾ بابا کي ٽن هفتن تائين رهايو ويندو. اتي اسان جي گهر جي سڀني ڀاتين آرهڙ جون موڪلون ملهايون هيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي بيڪار ڦيريون ڏنيون هيون، ۽ دالان ۾ لِڪ لِڪوٽي رانديون رهيون هيون. هاڻي بابا مريءَ ڏانهن فوج جي نظرداريءَ هيٺ پيو وڃي. بابا جي جمهوري حڪومت ختم ٿي وئي آهي. هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۾ جنرلن جو راڄ آهي.
    مونکي اُهو سمجهڻ کپندو هو، ته اِها بغاوت هاڻي بدلائي نٿي سگهجي، ته بابا جي گرفتاريءَ جو مطلب پاڪستان ۾ جمهوريت جو خاتمو هو. 1973ع وارو آئين معطل هو ۽ مارشل لا لاڳو هو. پر آئون پنهنجي مڪتبي دليلبازي ۽ ذاتي سادگيءَ تي ضد ٻَڌيو بيٺي هيس، ته ضياءَ اهي چونڊون ضرور ڪرائيندو، جن لاءِ ڪيترائي ڀيرا قوم سان واعدا ڪيا هئا. ”آئون اهو بلڪل پڌرو ڪرڻ گهران ٿو ته، مونکي ڪابه سياسي لالچ ڪانهي ۽ نه وري فوج کي سپاهگيريءَ جي پيشي کان پري رهڻ جي خواهش ئي آهي.“ ضياءَ فوجي بغاوت واري ڏينهن صبح جو ملڪ ۾ اعلان ڪيو هو. ”منهنجو واحد مقصد اهو آهي ته، آزاد ۽ صاف سُٿريون چونڊون ڪرايان، جيڪي هن سال آڪٽوبر ۾ ٿينديون. چونڊن کان هڪدم پوءِ اقتدار عوام جي چونڊيل عيوِضين کي سونپيو ويندو. آئون پوري سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته آئون ان پروگرام کان ڪونه ڦرندس.“ هن ڪُوڙ ڳالهايو هو.
    مارشل لا جو حڪم نمبر 5: مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي اجازت کانسواءِ ڪوبه مزدور انجمن، شاگرد انجمن يا سياسي جماعت جي گڏجاڻيءَ جو انتظام ڪندو يا ان ۾ شريڪ ٿيندو ته ان کي ڏهه ڦٽڪا لڳندا ۽ پنج ورهيه قيد جي سزا ملندي.
    مارشل لا جو حڪم نمبر 13: تقرير يا تحرير ۾ فوج تي تنقيد ڪندڙ کي ڏهه ڦٽڪا لڳندا ۽ پنج ورهيه جي سزا ملندي.
    مارشل لا جو حڪم نمبر 16: فوج جي ڪنهن به شخص کي چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حڪم عدوليءَ تي ڌُتارڻ جي سزا موت آهي.
    ”ڪوبه شخص ڦرلٽ نه ڪندو.“ فوجي بغاوت واري ڏينهن تي جاري ٿيل مارشل لا جي حڪم نمبر 6 ۾ لکيل هو. ”وڌ ۾ وڌ سزا هٿ وڍيو ويندو.“
    ماڻهن کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ ضياءَ مذهبي بنياد پرستن جي ٽولين کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو. رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان جا ڪجهه مسلمان ذاتي لاچارين سبب روزا ڪونه ٿا رکن. پر ضياءَ جي حڪم سان هوٽل ۽ کاڌي جا دڪان صبح کان وٺي سج لهڻ تائين بند رهندا هئا. يونيورسٽين ۾ ٽانڪين ۽ غسلخانن جو پاڻي بند رکيو ويندو هو، ته متان ڏينهن وقت اتان ڪير پاڻي پي سگهي. بنياد پرستن جون ٽوليون آڌيءَ رات جو گهٽين ۽ رستن تي آزاديءَ سان پيون گهمنديون هيون ۽ دروازا کڙڪائي، ماڻهن کي سحريءَ لاءِ پيون جاڳائينديون هيون. ماڻهن اڳيان سگريٽ پيئڻ، کاڌو کائڻ يا پاڻي پيئڻ واري کي گرفتار ڪيو ويندو هو. پاڪستان ۾ پنهنجي پسند جي ڪابه اجازت ڪين هئي، رڳو مذهبي حڪومت جي سختي هئي.
    بابا جي نظربندي ۽ پاڪستان ۾ اهڙي اوندهه کي ڏسي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا حامي ان وقت 70 ڪلفٽن ۾ اسان جي باغ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، جڏهن اسين راولپنڊيءَ مان اتي واپس آيون هيونسين. مير ماڻهن سان ڳالهائيندو هو، جڏهن ته امان جيڪا انهن ڏينهن ۾ رَت جي گهٽ دٻاءُ جي مريض ٿي پئي هئي، عورتن سان ڳالهائڻ لاءِ مونکي موڪليندي هئي. امان مونکي سمجهايو هو، ته آئون انهن عورتن کي رڳو ايترو چوان ته ”اوهين حوصلو رکو، حوصلو رکو.“ آئون هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ هر عورت کي ٽٽل ڦٽل اردوءَ ۾ اهو ئي چوندي هيس، ڇو ته اَٺ ورهيه ملڪ مان ٻاهر رهڻ سبب آئون اردو پوري طرح سان ڳالهائي به نه سگهندي هيس.
    ضياءَ، بابا جي بدناميءَ لاءِ اخبارن ۾ مُهم شروع ڪئي. ”ڀٽي مونکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي،“ ”ڀٽي مونکي اغوا ڪرايو.“ اخبارن ۾ بابا جي انهن سياسي مخالفن طرفان وڏين سرخين ۾ خبرون ڇپجڻ لڳيون، جيڪي ظاهر آهي ته جيئرا ۽ آزاد هئا. ”بدناميءَ جي ان مهم سان مقابلي لاءِ تون پاڻ کي تيار ڪر، اها ’آپريشن فيئر پلي‘ جو حصو آهي،“ فوجي بغاوت لاءِ ضياءَ جي ڏنل ان اصطلاح جو حوالو ڏيندي بابا مريءَ مان هڪ ڏينهن فون تي چيو. مريءَ ۾ ضياءَ روزانو اتي جي عملي مان هڪ ماڻهو گهٽائيندو ويو. ”ڄڻ ان سبب مونکي تڪليف ٿئي ٿي.“
    بابا جي حوصلا مضبوط هئا ۽ سندس کِل ڀوڳ جي عادت قائم هئي. ”اڄ هڪڙي اخبار واري فون ڪري پڇيو، ته منهنجو وقت ڪيئن ٿو گذري.“ هڪڙي ڏينهن هن مونکي ٻڌايو، ”مون جواب ۾ چيو ته آئون نيپولين تي لکيل ڪيترائي ڪتاب پيو پڙهان، ته جيئن ڄاڻ پوي ته هن ڪيئن جنرلن کي سِڌو رکيو هو، جڏهن منهنجو پنهنجن جنرلن تي ڪو اختيار ئي ڪونهي.“
    بابا جي بلند حوصلن اسان سڀني کي پنهنجا حواس قائم رکڻ ۾ مدد ڪئي. مايوس ۽ نِراس ٿيڻ بدران اسان ۾ وڏو ويساهه ۽ ڀروسو آيو هو. اول ته بابا جيئروهو. ٻيو ته عوام هن جي پُٺڀرائي پئي ڪئي. پيپلزپارٽيءَ به اڳي جيان مقبول هئي. بابا، مير کي لاڙڪاڻي روانو ڪيو، ته اتي سندس تَڪ جي عوام سان ملي. شاهه ۽ آئون وري ڪيترن ئي انهن ماڻهن سان ملاقات ڪندا هئاسين، جيڪي پُٺڀرائيءَ لاءِ روزانو 70 ڪلفٽن ۾ ايندا هئا. اسان جي پارٽيءَ جي اخبار ’مساوات‘ جا عيوضي ۽ فوٽوگرافر هر گڏجاڻيءَ ۾ موجود هوندا هئا. پيپلزپارٽيءَ جي واحد اخبار ’مساوات‘ ٻئي ڏينهن پارٽيءَ بابت خبرون ڏيندي هئي ۽ سرڪاري اخبارن جي ڪُوڙ کي پڌرو ڪندي هئي.
    بابا جي نظربنديءَ کان پوءِ رڳو لاهور شهر ۾ ’مساوات‘ اخبار جو وڪرو ڪجهه هزارن مان وڌي وڃي هڪ لک تائين پهتو هو. جڏهن اخبار جي ايتري طلب وڌي وئي، ته اها وڏي قيمت ۾ وڪامڻ لڳي. ”’مساوات‘ بليڪ مارڪيٽ ۾ ڏهن روپين ۾ وڪامي ٿي.“ مون خوشيءَ وچان بابا کي ٻڌايو هو.
    ”ضياءَ اڄ مون سان ملڻ لاءِ پيو اچي.“ 15 جولاءِ تي بابا مونکي فون تي ٻڌايو. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڇپيل تصوير ۾ بابا جي مُنهن تي جيڪا سختي هئي، ان مان لڳو ٿي ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڳنڀير آهي. ٻئي پاسي ضياءَ، جنهن جو هڪ پوريل هٿ سيني تي هو ۽ چهري تي چاپلوسيءَ واري مُرڪ هئي، ڏوهاري ٿي لڳو. ”ضياءَ پنهنجي اها خواهش ورجائي آهي، ته آئون چونڊون ڪرائيندس ۽ سياسي جماعتن جي وچ ۾ امينَ جو ڪردار نڀائيندس.“ ان گڏجاڻيءَ کانپوءِ بابا اسان کي فون ڪري ٻڌايو. آخر ضياءَ اسان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ڇو ٿي سمجهيو، ته آئون ايماندار ٿي رهندس؟ بابا کي بنهه ويساهه ڪونه ٿي آيو ته، ڪو ضياءَ سچائي ۽ ايمانداري ڏيکاريندو. سرڪاري اخبارن ذريعي بابا ۽ پيپلزپارٽيءَ خلاف حڪومت جيڪا چريائپ جي فضا پکيڙي هئي، ان کي ڏسي اسان کي به ويساهه ڪونه ٿي آيو.
    گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون، جن جي ڪا اميد ئي ڪين هئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جي ٻن اڳين فوجي حڪومتن ۾ پهريون ڀيرو سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو هو؛ انهن ۾ وزيراعظم جو سيڪريٽري افضل سعيد، وزيراعظم جو صلاحڪار رائو رشيد، اسان جي شهر لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر خالد احمد، فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي پنج سؤ جوانن جو اڳواڻ مسعود محمود ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا. سرڪاري ملازمن جو سياست سان ڪهڙو واسطو هو؟ حڪومت جو مقصد ڪهڙو هو؟
    جنرل ضياءَ ڪيترائي ڀيرا انٽرويوءَ ڏيندي چيو هو، ته حڪومت تي قبضي جو اتفاقي منصوبو اڳ ۾ ئي رٿيل هو. اهڙيءَ ريت هو پاڻ مڃي ٿو، ته فوجي بغاوت جو منصوبو گهڻو اڳ رٿيو ويو هو. ان مان اهو پڻ ظاهر ٿيو، ته سرڪاري ملازمن جي گرفتاريءَ جون اڳواٽ تياريون هيون ۽ اهو سوچيل سمجهيل فوجي منصوبي جو هڪ حصو هو. اُن منصوبي پٺيان ڪير هو؟ اسان بابت ڪُوڙيون خبرون گهڙي، اخبارن ۾ ڇپائڻ جو فوجي منصوبو پڻ ڏاڍو پريشان ڪندڙ هو. جيڪڏهن ضياءَ جو ارادو آهي، ته ايمانداريءَ سان صاف سُٿريون چونڊون ٿين ته پوءِ انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي؟
    اُن عرصي ۾ صحافين 70 ڪلفٽن ۾ فون ڪري بابا، پيپلزپارٽي ۽ انهن چونڊن بابت پڇندا هئا، جن جو اڃا تائين ضياءَ واعدو ڪندو هو. ”تون هنن سڀني کي چانهه جي دعوت ۾ گهراءِ.“ بابا صلاح ڏني. مون اهو ئي ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي، ته 70 ڪلفٽن جي کاڌي وارو سڄو ڪمرو ايترو ته ڀرجي ويو هو، جو ايئرڪنڊيشنگ هوندي به اُٻس ٿيڻ لڳي هئي. اتي منهنجي مدد لاءِ منهنجون مائٽياڻيون فخري ۽ لالي ۽ ساهيڙيون سميعا هن جي ڀيڻ به موجود هيون. صحافين جي سوال جا جواب ڏيڻ وقت آئون ڏاڍي پريشان هيس. پر هڪڙي سوال ته مونکي بلڪل ڏڪائي ڇڏيو هو.
    ”ڇا اهو صحيح آهي ته مسٽر ڀٽي ۽ جنرل ضياءَ گڏجي هيءَ فوجي بغاوت ڪئي آهي، ته جيئن مسٽر ڀٽي جي مقبولي وڌي؟“ چانهه ۽ سَنبوسن تي هڪ صحافي مون کان پڇيو.
    ”بلڪل نه.“ آئون ايترو ئي چئي سگهيس. ۽ جنهن رات بابا کي گرفتار ڪيو ويو هو، تنهن جي ڊَپُ ۽ بي يقينيءَ کي سارڻ لڳيس، پر ٻئي ڏينهن جڏهن مون اِها ڳالهه پارٽيءَ جي همدردن سان ڪئي، ته مونکي اهو ٻُڌي ويتر حيرت ٿي، ته هر هنڌ اهوئي افواهه پکڙيل هو، جيڪو ظاهر آهي فوج ان لاءِ پکيڙيو هو، ته جيئن اسان جي حامين ۾ مونجهارو پيدا ٿئي ۽ فوج جي مخالفت گهٽجي. اهو ۽ ٻيا ڪيترائي افواهه پوءِ به ٻُڌڻ ۾ آيا هئا.
    پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي خواندگيءَ جي شرح گهٽ آهي، اتي افواهن ۽ ٻٽاڪن کي سچ سمجهيو وڃي ٿو. افواهه کڻي ڪيترا به غير منطقي ڇو نه هجن، پر منجهن ايتري ته قوت هُجي ٿي، جو اهي مٿئين درجي جي پڙهيل ماڻهن کي به متاثر ڪن ٿا. ”ڇا اهو سچ آهي ته تون سياسي اڳواڻن سان ملاقات وقت اُن ننڍڙي وڊيو ٽيپ ڪئميرا سان فلم ٺاهيندي آهين، جيڪا تنهنجي هئنڊ بئگ ۾ هجي ٿي؟“ منهنجي اسڪول جي هڪ ساهيڙي مون کان پڇيو هو. ”هئنڊ بئگ مان ڪئميرا سان فلم ڪيئن ٿي ٺهي سگهي؟“ مون هن کان پڇيو. ”اڙي، مونکي ته اهو سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو هو.“ هن قبوليو. ”مون اها ڳالهه اخبار ۾ پڙهي هئي.“
    فوجي بغاوت کان ٻه هفتا پوءِ اونهاري ۾ جيڪي سخت مِينهن وسيا هئا، انهن جي تُهمت به بابا تي آئي. ”بنياد پرستن اها ڳالهه هُلائي آهي، ته اهي برساتون ڀٽي صاحب حڪومت تان لهڻ جي پلاند لاءِ وسايون آهن.“ پيپلزپارٽيءَ جي هڪ ماڻهو مونکي ٻڌايو. ڪجهه ماڻهن اُن افواهه کي سچ سمجهيو، جنهن سبب گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا هئا. پر لاهور جو ڏتڙيل عوام، جيڪو پيپلزپارٽيءَ جو زبردست حامي هو ۽ جن کي انهن برساتن ۽ ٻوڏن سبب سخت نقصان پهتو هو، انهن افواهن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو.
    ”تون لاهور وڃ ۽ انهن ماڻهن سان وڃي مل، جن جو برساتن ۾ نقصان ٿيو آهي.“ بابا مونکي چيو. ”اتي ٻوڏ سخت هاڃا ڪيا آهن.“
    آئون پاڻ لاهور وڃان؟ ان کان اڳ منهنجي حوالي پارٽيءَ جو ڪوبه ڪم ڪونه ٿيو هو. پريشانيءَ وچان منهنجو پيٽ ولوڙجڻ لڳو. ”تون وڃ.“ بابا مونکي سمجهايو. چوويهن ڪلاڪن اندر شاهه ۽ آئون لاهور پهچي وياسين.
    هوائي اڏي تي پيپلز پارٽيءَ جا هزارين ڪارڪن موجود هئا، جن پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ نعرا ٿي هنيا. جيتوڻيڪ مارشل لا جي حڪم نمبر 5 مطابق، اهڙين سياسي گڏجاڻين ۾ انهن ۾ شريڪ ٿيڻ تي پنج ورهيه قيد جي سزا رکيل هئي. عوام جي ان ميڙ ۾ ايڏو ته جوش ۽ اتساهه هو، جو شاهه ۽ مونکي هنن جي وچ مان لنگهي ڪار تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿي هئي. ان اوچتي مظاهري کي ڏسي منهنجي ارڙهن ورهين جي ڄمار واري ڀاءُ ۽ مون تي اثر ٿيو هو. اسين ته رڳو وزيراعظم جا ٻار هئاسين ۽ نه سياسي شخصيتون.
    پنجاب ۾ عورتن جي شعبي جي صدر بيگم خاڪواڻي جي بنگلي تي عوام جو وڏو ميڙاڪو هو، جن هن جي وڏي باغ کي لتاڙي ڇڏيو هو. جلدئي اسان کي ملاقات واري ڪمري ۾ ويهاريو ويو، جتي ماڻهن جي گهڻي گوڙ سبب اسين پگهر ۾ ٻُڏي وياسين ۽ ڪئميرائن جي روشنيءَ ۾ اکين اڳيان انڌارو اچي ويو هو، جو ماڻهن اسان جا ڪيترائي فوٽا پئي ڪڍيا. انهي وچ ۾ منهنجي لاءِ فون آيو هو. ”وزيراعظم ڀٽي جو فون آهي.“ ڪمري ۾ اهي لفظ ٻُرڻ لڳا.“ چيئرمين ڀٽي فون ڪيو آهي.“
    فون واري ڪمري ۾ به ڪيترائي ماڻهو اچي مِڙيا هئا. ”ڇا حال آهي؟“ بابا مونکان پڇيو. شاهه ۽ منهنجو جيڪو آڌرڀاءُ ٿيو هو، تنهن جي هن کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. مون جڏهن کيس هوائي اڏي ۽ لاهور ۾ هزارين ماڻهن جي آڌرڀاءُ جو احوال ڏنو، ته هن کي ڏاڍي سرهائي ٿي. ”هنن کي منهنجي طرفان نياپو ڏي.“ بابا چيو. مون فون رکي اوسيئڙي ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏسي چيو. ”بابا انهن سان پنهنجي دلي همدردي ڏيکاري آهي، جن جي گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي.“ مون ٽٽل ڦٽل اردوءَ ۾ چيو. ”پيپلز پارٽي متاثر خاندانن جي امداد جو مطالبو ڪري ٿي.“
    بابا ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اها واضح پُٺڀرائي ڏسي، ضياءَ پاڪستان قومي اتحاد جي مقبوليت ڏيکارڻ جا جَتن ڪرڻ لڳو. تنهنڪري وچ جولاءِ ۾ هُن اعلان ڪيو، ته نظربند اڳواڻن سان ماڻهو ملاقات ڪري سگهن ٿا. پر ان ڳالهه جو ڪو کَڙتيل ڪونه نڪتو. روزانو مريءَ ۾ وزيراعظم ريسٽ هائوس ۾ ماڻهن جا انبوهه هن سان ملڻ لاءِ وڃڻ لڳا، جڏهن ته نظربند مخالف اڳواڻن کي هنن ريٽي ڇڏيو. اهو ڏسي ضياءَ هڪدم ڦيرو کاڌو، ”نظربند اڳواڻن سان ملاقات جي غلط ڪارج سبب اها اجازت رد ٿي ڪجي.“ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر 19 جولاءِ تي اعلان ڪيو.
    فوجي بغاوت ضياءَ جي منصوبي پٽاندر نه پئي وئي. اسان جي روايت آهي ته ملڪ ۾ عوام انهن اڳواڻن کي وساري ڇڏين ٿا، جن وٽ اقتدار نٿو رهي. ۽ انهن جي پُٺڀرائي ۾ لڳي وڃن ٿا، جن کي اقتدار ملڻو هُجي ٿو. پر هن ڀيري ضياءَ بابا کي اقتدار تان لاهي مورڳو پنهنجي لاءِ آزار پيدا ڪيو هو. عوام بابا کي ڇڏڻ بدران هن سان اڳي کان به هزار ڀيرا وڌيڪ وفاداري ڏيکارڻ لڳا. فوجي بغاوت جي ٽن هفتن کانپوءِ جڏهن ضياءَ، بابا ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي آزاد ڪيو هو، تڏهن لکن ماڻهن مارشل لا جي ڀڃڪڙي ڪندي، پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ بابا جي اچڻ تي هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. ايشيا جي جلسن جلوسن ۾ ماڻهن جا جيڪي ميڙ ڪَٺا ٿين ٿا، انهن جيڏا ميڙ مغرب ۾ گڏجڻ ممڪن ڪونهن. بابا جون تقريرون ٻڌڻ لاءِ عوام جا وڏا ميڙ گڏ ٿيندا هئا.
    بابا پهرين ڪراچي آيو هو، جتي هن کي انچ انچ تي ترسڻو پيو هو. ريلوي اسٽيشن کان اسان جي گهر تائين پهچڻ ۾ عام طرح اڌ ڪلاڪ جو وقت لڳندو هو، پر بابا کي گهر تائين اچڻ ۾ ڏهه ڪلاڪ لڳي ويا هئا. 70 ڪلفٽن ۾ پهچڻ تائين هن جي ڪار ۾ گهُٻ پئجي ويا هئا ۽ ان تي رهڙن جا نشان هئا. ماڻهن جي وڏي ميڙاڪي ۾ چيڀاٽجڻ جي ڊپ کان منهنجي ڀاءُ، مونکي ۽ منهنجي ڀيڻ کي وڏي دروازي وٽ وڃي، هن جي آڌرڀاءُ جي همت ئي ڪين ٿي هئي. پر اسان هن جي جلوس کي گهر جي ڇت تي چڙهي ڏٺو هو. ۽ جيتوڻيڪ اسان اڳ به وڏا جلسا ڏٺا هئا، پر ان جهڙو وڏو جلوس اسان اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. هن کي ڏسڻ لاءِ، ڇُهڻ لاءِ ۽ ويجهو وڃڻ لاءِ عوام جو ايڏو ته وڏو هجوم هو، جو ان جي زور سبب اسان جي گهر جي ٻارهن فوٽ اوچي سمينٽ جي چؤديوار ڪِري پئي هئي.
    ”بابا، مونکي ڪيتري نه خوشي ٿي آهي ته اوهين آزاد آهيو.“ رات جو جڏهن اسين سڀئي بابا جي سمهڻ واري ڪمري ۾ گڏ ٿياسين ته مون هن کي چيو.
    ”اها رڳو ٿوري وقت جي آزادي آهي،“ بابا وراڻيو.
    ”ضياءَ وري اوهان جي گرفتاريءَ جي همت ئي ڪين ڪندو.“ مون هن کي چيو. ”هن عوام جو هجوم ڏٺو آهي.“
    ”ماٺ،“ بابا مونکي خبردار ڪندي چيو ۽ پنهنجي آڱر گول ڦيرائيندي اشارو ڪيو، ته ڪمري ۾ ٻُڌڻ جو ڳجهو اوزار لڳل هوندو.
    مون ضد ڪندي چيو ”ضياءَ ڀاڙيو ۽ باغي آهي، هن بغاوت ڪئي آهي.“ مون اهو وڏي آواز ۾ ان ڪري چيو ته ڀلي اهي لفظ هنن تائين پهچن، ڇوته بيوقوفيءَ سبب مون سمجهيو ٿي، ته اها زبردست عوامي پُٺڀرائي بابا کي بچائيندي.
    ”تون ڏاڍي لاپرواهه آهين.“ بابا مونکي تيزيءَ سان چيو. ”تون هينئر مغربي جمهوريت ۾ ڪونه آهين. تون پنهنجي گهر ۾ آهين، جتي مارشل لا آهي.“
    اهو مارشل لا جو پاڇو تڏهن وڌيڪ اونداهو ٿي ويو، جڏهن اسين سڀيئي بابا سان گڏجي پنهنجي گهر لاڙڪاڻي وياسين. هڪ ڀيرو وري لاڙڪاڻي ۾ بابا جي آڌرڀاءُ لاءِ ماڻهن جا وڏا ميڙ ٻاهر نڪري آيا، ان سبب مونکي سلامتيءَ جو ڪُوڙو ڇُهاءُ ٿيو ۽ بابا کي گهرڀاتين جي وچ ۾ ڏسي خوشي وڌي وئي آهي. المرتضيٰ ۾ والدين جي سمهڻ واري ڪمري ۾ هڪ ڀيرو وري اسان سڀني جي موجودگيءَ سبب لڳو، ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ۽ رواج مطابق آهي. پر ائين ڪونه هو. بابا جو هڪ مائٽ اسلام آباد جي وڏي سرڪاري عملدار جو نياپو کڻي آيو. هن جو چوڻ هو ته حڪومت بابا کي قتل جي الزام ۾ ڦاسائڻ گهُري ٿي.
    قتل؟ ڪمري ۾ سڀني ويٺلن کي سِياٽو وڪوڙي ويو. بابا ۽ امان پل کن لاءِ ماٺڙي ڪري هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. ”تون هاڻي ٻارن کي ملڪ کان ٻاهر اسڪولن ۾ واپس موڪلڻ جي تياري شروع ڪر.“ هن امان کي چيو. هنن جا سڀيئي ڪاغذ ۽ بئنڪ بڪس تيار هجڻ گهرجن. الائي ڇا پيو ٿئي.“ امان ڪنڌ لوڏيو ته بابا مونکي چيو، ”پنڪي، تون پڻ ٿوري وقت لاءِ پاڪستان ڇڏي وڃڻ تي سنجيدگيءَ سان ويچار. جيستائين هتي صورتحال صحيح ٿئي، تيستائين ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪو گريجوئيٽ ڪورس وڃي ڪر.“ آئون هن ڏانهن وائڙن جيان ڏسڻ لڳس. ”پاڪستان ڇڏي وڃان؟ آئون اڃا ته هينئر پنهنجي گهر واپس آئي آهيان.“
    ”شايد گهر جي ملازمن تي به سختيون ٿين.“ بابا ڳالهائيندو رهيو. مارشل لا ۾ ڪوبه محفوظ نٿو هُجي.“ صبح جو هن گهرو ملازمن کي پاڻ وٽ گهرايو. ”شايد اوهان سڀني کي سختيون ڏسڻيون پون.“ هن چيو. ”اوهين جيڪڏهن هينئر اسان جي ملازمت ڇڏي، پنهنجن گهر ڏانهن ويندؤ ته مون کي ڪوبه اعتراض ڪونه ٿيندو، جيستائين حالتون سڌرن. جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ آئون شايد اوهان جو بچاءُ نه ڪري سگهندس.“ ملازمن مان ڪوبه ماڻهو وڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو، نه وري آئون. بابا لاهور هليو ويو.
    جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو! پنجاب جي گادي واري شهر ۾ فوج جي مضبوط ڳڙهه لاهور ۾ عوام جو وڏو ميڙ، ٽيهه لک ماڻهو نڪري آيا هئا. بابا جي سياسي پُٺڀرائيءَ جي خاتمي لاءِ ضياءَ کي ڪابه وِٿي نه ملي سگهي. پوءِ هڪ ٻيو نياپو پهتو. اڳوڻي وڏي وزير جي گهر ۾ ڳجهي اداري جو هڪ عملدار آيو، جتي بابا رهيل هو. ”سائين، جنرل ضياءَ ۽ فوج جو پختو ارادو آهي ته اوهان کي قتل ڪيو وڃي.“ هن ٻڌايو. ”جيڪي سرڪاري ملازم نظربند آهن، انهن تي سختيون ڪيون پيون وڃن، ته جيئن اوهان تي قتل جو ڪُوڙو مقدمو گهَڙي سگهجي.“ هن ڏڪندي بابا کي مِنٿ ڪئي. ”سائين، الله جي واسطي هي ملڪ ڇڏي وڃو. اوهان جي زندگي جوکي ۾ آهي.“ پر بابا دڙڪن ۽ دهشتگرديءَ جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو نه هو. ان رات لاهور مان هن گهر فون ڪيو ۽ ان تازي نياپي بابت اشارو ڏيندي چيو. ”آئون شايد گهڻو وقت آزاد نه رهان.“
    بابا جڏهن 70 ڪلفٽن واپس آيو، ته سياسي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ضياءَ 18 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هن چونڊن جي مهم هلائڻ لاءِ هڪ مهينو اڳواٽ اجازت ڏني هئي، جيڪا 18 سيپٽمبر تي شروع ٿيڻي هئي. بابا هيٺ پارٽي اڳواڻن سان ملندو هو، ته آئون وري مٿي کاڌي واري ڪمري ۾ اردو ٻوليءَ جي سِکيا وٺندي هيس. ”توکي پنهنجي اردو سُڌارڻ گهرجي.“ بابا مونکي چيو هو. ”مونکي پنهنجي طرفان ڳالهائڻ لاءِ تنهنجي گهُرج پوندي.“ آگسٽ مهيني ۾ آئون روزانو ٻه ڪلاڪ اردو اخبارون ڏاڍو ويچار سان پڙهندي هيس ۽ هڪڙي استاد کان سياسي لغت سِکندي هيس. بابا سياسي گڏجاڻين جي وقفي ۾ مٿي کاڌي واري ڪمري جي دَر تي اچي پُڇندو هو، ”ڪيئن پئي پڙهي؟“
    آگسٽ جي پڇاڙيءَ ۾ آئون بابا سان هوائي جهاز ۾ راولپنڊي ويس. ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي بابا جي شاندار آڌرڀاءُ کي ڏسي، ضياءَ هڪ فوجي حڪم ذريعي سياستدانن تي پابندي وجهي ڇڏي هئي، ته اُهي ريل ۾ سفر نه ڪن. راولپنڊي ۾ هن فوج کي گشت ڪرڻ ۽ هوائي اڏي ڏانهن ويندڙ هر رستي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پر ڪيترائي ماڻهو انهن رڪاوٽن ۽ رنڊڪن کان پاڻ بچائيندا، هوائي اڏي تائين رستي جي ٻنهي پاسن تي قطارون ٻَڌي بيٺا ۽ ڪار جي چؤڌاري مِڙي ويا هئا.
    راولپنڊي ۾ جنهن وقت اسان جي ڪار جي چؤطرف ماڻهن جو ڳاهٽ هو، تنهن وقت ڪراچيءَ ۾ هڪ صحافي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي همدرد بشير رياض امان کي بابا جي هڪ ٻئي خطري جي ڄاڻ پئي ڏني. ”آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ته ڀٽي صاحب کي چئو ته ملڪ ڇڏي وڃي.“ بشير رياض امان کي ٻڌايو ”ضياءَ جي هڪ ويجهي ماڻهو، جيڪو منهنجو دوست آهي، تنهن مونکي چيو آهي ته ڀٽي صاحب کي وساري ڇڏ. هو هاڻي ڪڏهن به اقتدار ۾ ڪونه ايندو. ضياءَ هن کي قتل جي تهمت هيٺ مارائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن منهنجي وفاداري خريدڻ لاءِ مونکي خالي چيڪ پڻ ڏنو، پر مون وٺڻ کان انڪار ڪيو.“
    پوءِ ضياءَ پنهنجو گهيرو سوڙهو ڪرڻ لڳو ۽ هن پهريون ڀيرو مونکي اُن ۾ ڦاسايو. راولپنڊيءَ ۾ پهچڻ جي ٻئي ڏينهن آئون پيپلزپارٽيءَ جي حمايتي خاندان کوکرن جي چانهه پارٽيءَ ۾ ويس، ته اتي هڪ سئو کن ٻيون به عورتون موجود هيون. ”اوهان ٻه ٽي لفظ چئو.“ کوکر خاندان جي ٽن ڀينرن مون تي زور رکيو. هنن مان ٻه پيپلز پارٽيءَ جون ميمبر هيون ۽ ٽين ڀيڻ عابده، وزيراعظم هائوس ۾ امان جي اڳوڻي سيڪريٽري هئي. ”حوصلو رکو،“ مون انهن عورتن اڳيان ٻن منٽن جي ياد ڪيل تقرير اردوءَ ۾ ڪئي. جڏهن آئون اتان رواني ٿيس، ته ٻاهرئين دروازي تي پوليس جو هڪ وڏو لشڪر بيٺو هو، جنهن ۾ عورتن جي پوليس به هئي. ”اهو لشڪر تنهنجي لاءِ آيو آهي.“ هڪڙي ڀيڻ مونکي ٻڌايو هو.
    اُن رات آئون وڌيڪ اچرج ۾ پئجي وئي هيس، جڏهن مونکي جنرل ضياءَ، چيف مارشل لاءِ ائڊمنسٽريٽر طرفان هڪ نوٽيس مليو، جيڪو شايد جنرل عارف جي صَحيءَ سان هو، تنهن ۾ مونکي تنبيهه ڪي هئي، ته آئون سياسي سرگرمين کان پاسو ڪريان. مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان رڳو ڏيڍ مهينو پوءِ مونکي جنرل ضياءَ وٽان پهريون سرڪاري چتاءَ پهتو هو. پر مون ان جي بلڪل پرواهه نه ڪئي هئي. آئون اهو بابا جي سمهڻ واري ڪمري ۾ کڻي وئي هيس ۽ کلندي چيو هيم، ”ڏسو ته هنن چانهه پارٽيءَ ۾ منهنجي وڃڻ کي به مارشل لا لاءِ خطرو سمجهيو آهي.“ ”اها ڪا کِل جي ڳالهه ڪانهي.“ بابا آهستي چيو. ”مارشل لا موتمار ۽ ڀوائتي صورتحال آهي.“
    ۽ اها موتمار صورتحال وڌندي وئي. ان وقت تائين سڀني کي پتو هو ته مخالف ڌر وارا چونڊن ۾ ڪڏهن به بابا جي جماعت پيپلزپارٽيءَ کي هارائي ڪونه سگهندا. چونڊن جي مهم شروع ٿيڻ کان ٻه هفتا اڳ، بابا جي ٻيهر گرفتاريءَ لاءِ ضياءَ پنهنجن ڇاڙتن کي موڪليو.
    سيپٽمبر، ٽين ۽ چئين وڳي صبح، 70 ڪلفٽن ڪراچي:
    آئون پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ سُتي پئي آهيان، ته مونکي ڏاڪڻ تي هلڪن قدمن جا چيچاٽ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته رمضان جو مهينو آهي تنهنڪري آئون سمجهان ٿي ته اسان جي ملازمن مان ڪو منهنجي لاءِ سحري پيو آڻي. پر اُٽلندو پنج ماڻهو دروازي مان ڌوڪيندا اندر اچن ٿا، جن کي اڇا ڪپڙا پاتل آهن، هنن جا ڪَرو ڪَٽ وار ۽ مضبوط جسم ڏسي آئون هڪدم کين سڃاڻي وڃان ٿي، ته اهي پاڪستاني فوج جا ڪمانڊو آهن. مون ته هنن کي ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم هائوس ۾ ڊيوٽي ڏيندي ڏٺو هو. پر اهي سادن ڪپڙن ۾ ڇو آهن؟
    هنن پنجن ئي پنهنجو بندوقون مون ڏانهن سِڌيون ڪيون آهن، جڏهن ته ڇهون ڄڻو ٽپ ڏئي سڄي ڪمري ۾ ڦِري، منهنجي سينگار ميز تي رکيل هر شيءِ کي هيٺ اڇلائي ٿو. منهنجا شيلفن تان ڪتاب هيٺ ڪيرائي ٿو ۽ پلنگ جي ڀرواري ميز تي رکيل ٽيليفون جي تار ڇِڪي ٽوڙي ڇڏي ٿو.
    ”اوهان کي ڇا گهرجي؟“ آئون ڊَپُ وچان پڇان ٿي. ”ڪنهن مسلمان عورت جي ڪمري ۾ مرد ڪڏهن به ايئن نٿا گهِڙن.“ ”جيڪڏهن تون جيئرو رهڻ گهرين ٿي، ته ماٺ ڪر.“ هنن جو اڳواڻ چوي ٿو. هو ۽ سندس ماڻهو منهنجي ڪمري جي هر شيءِ کي هيٺ مٿي ڪري، دروازي ڏانهن وڌن ٿا، ”ڇا اوهين بابا کي مارڻ آيا آهيو؟“ آئون ماڻهو کان پڇان ٿي، جنهن منهنجي ڪمري ۾ ٽُپا ڏنا هئا. ڪجهه گهڙين لاءِ لڳي ٿو ته، هن کي مون تي رحم اچي ويو آهي. ٿوري دير جي ٻڏتر کان پوءِ هو چوي ٿو، ”نه.“ پر پوءِ هن جي مُنهن تي سختي اچي ٿي وڃي. ”جيڪڏهن تون پنهنجي چڱائي گهرين ٿي، ته ذرو به نه چُر.“ هو پنهنجو پستول مون ڏانهن ڪندي چوي ٿو. پوءِ دروازو زور سان بند ڪري، ٻين سميت هليو وڃي ٿو.
    آئون هڪدم پنهنجي ٽي شرٽ مٿان فرش تي پيل ڍير مان جيڪو به ڪپڙو ملي ٿو، پايان ٿي. منهنجي ڀيڻ وائڙائپ ۾ ڊوڙندي مون وٽ اچي ٿي. ”نه! نه! تون ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هو اسان سڀني کي مارڻ گهرن ٿا.“ صنم رڙيون ڪري ٿي.
    ”چپ ڪر.“ آئون کيس ٺهه پهه چوان ٿي. ”آئون بابا وٽ وڃان ٿي.“ آئون ڪمري مان ڊوڙندي نڪران ٿي، منهنجي پٺيان صنم به اچي ٿي. اسان جي وڏي ڪمري ۾ هر پاسي اڇن ڪپڙن ۾ فوجي ڪمانڊو جا ميڙا ڏسجن ٿا، جيڪي پنهنجيون بندوقون چؤڌاري پيا ڦيرائين. تُرت اهي اسان سڀني کي هيٺ ملاقات واري ڪمري ۾ وٺي وڃن ٿا، جتي هنن کان به گهڻا ڪمانڊو موجود آهن آئون ڊَپُ ۾ دروازي ڏانهن ڀڃڻ گهران ٿي، ته جيئن ڪمانڊو وٽان ٿيندي ان ننڍي ڪمري ۾ وڃان جتي منهنجا ڀائر رهيل آهن. پر ڪمانڊو مونکي گهيرو ڪريو ٿا وڃن ۽ بندوق جي زور تي مونکي پنهنجي ڀيڻ ڀرسان صوفي تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. انهن ماڻهن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو، ته ڪمري جي هر دروازي تي بندوق سِڌيون جهلي، ٻه ٻه ڄڻا ٿي بيهو.
    مونکي بابا وٽ وڃڻو پوندو. هو جوکي ۾ آهي. مونکي ڪنهن به صورت ۾ هن وٽ پهچڻ گهرجي. ڪمانڊو پنهنجي يونيفارم کانسواءِ آڌيءَ رات جو اسان جي گهر ۾ گهِڙي آيا هئا. اهو سڀ ڪجهه اجايو هو. بابا کي ڪنهن به وقت گرفتاريءَ جي وارنٽ يا مارشل لا جي حڪم سان ماٺ ميٺ ۾ وٺي وڃي پئي سگهيا، پر اُٽلندو هنن اسان کي ڊيڄارڻ ۽ اسان جي بيعزتيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي. هنن جو ڪهڙو مقصد هو؟ شايد هنن گهريو ٿي، ته عوام کي ڪابه ڄاڻ نه پوي، ته بابا سان ڪهڙي ويڌن ٿيڻ واري هئي. پر مون پختو ارادو ڪيو هو، ته اها ڳالهه هن جي ڌيءَ کان نه لڪائي ويندي.
    ”ڇا اوهين فوجي آهيو؟“ آئون رڌڻي جي دَر وٽ بيٺل ماڻهن کان پُڇان ٿي. اهو ٻُڌي اُهي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳن ٿا، پر فوجي ضابطي سبب ڪوبه جواب ڪونه ٿا ڏين. آئون اونهو ساهه کڻان ٿي. ”هنن سپاهين ڏانهن ته ڏس.“ آئون وڏي آواز ۾ صنم کي اردوءَ ۾ چوان ٿي. ”اهي ايترا بيشرم ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ اهو سندن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، جيڪو هنن کي هندستان جي ڪئمپن مان ڇڏائي وٺي آيو هو، جتي سندن ئي جنرلن کين خوار خراب ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو. ۽ ان نيڪيءَ جو اُجورو هنن اهو ڏنو آهي، جو ڪابه پرواهه نه ڪندي هن جي گهر ۾ ڪاهي آيا آهن.“
    آئون پنهنجي اک ٽيڏي ڪري هنن ڏانهن ڏسان ٿي، جيڪي پريشان ٿيندي هڪ ٻئي ڏانهن نهارين ٿا. ”هيءُ ڪنهن جو گهر آهي؟“ هڪڙو اردوءَ ۾ پڇي ٿو. مونکي اوچتو ويچار اچي ٿو، ته هنن مان ڪجهه ڄڻن کي ته اها ڄاڻ ئي ڪانهي ته اسين ڪٿي آهيون ۽ ڇو آيا آهيون؟ ”اوهان کي ڄاڻ ڪانهي، ته اوهين پاڪستان جي وزيراعظم جي گهر ۾ گهڙي آيا آهيون؟“ آئون ڌِڪار وچان هنن کان پڇان ٿي. شرم وچان اهي پنهنجيون بندوقون هيٺ ڪن ٿا. مونکي وجهه ملي ٿو. آئون تيزيءَ سان ڏاڪڻ چڙهي والدين جي ڪمري ۾ وڃان ٿي. مون کي ڪوبه ڪونه ٿو روڪي.
    بابا بستري جي ڪناري تي ويٺو آهي. امان اڃا تائين ليٽي پئي آهي. هن جي کاڏيءَ تائين چادر پيل آهي ۽ هن جي ڪَنن ۾ ٻُوچ پيل آهن، ته جيئن بابا جي دير سان اچڻ سبب هن جي ننڊ نه ڦِٽي. ڪمانڊو هنن کي گهيرو ڪيو بيٺا آهن. اهو ماڻهو جنهن منهنجي ڪمري ۾ ٽپ ڏئي، منهنجون شيون هيٺ مٿي ڪري ڇڏيون هيون، سو هينئر والدين جي ڪمري ۾ چؤڌاري پيو ٽِپ ڏئي ۽ ڪمري جي دَر مٿان ٽنگيل بابا جي ٻن روايتي ترارن کي لاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ”ڇا پيو ڪرين؟“ آئون جڏهن ڪمري ۾ اچان ٿي، ته بابا هن کان پڇي ٿو. بابا جي رعبدار آواز جو واڄٽ ڪڏهن به جهَڪو ڪونه ٿيو آهي. اهو آواز ٻُڌي بيهي رهي ٿو.
    بابا مونکي پنهنجي ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو. اُهو ڏسڻ ۾ کِل جهڙو ٿلهو ٺڳ ماڻهو اسان جي نازڪ آسماني ۽ اڇي زربفت جي لوئي پاتل ڪُرسين مان هڪ تي پيو لُڏي ”ڪير آهي؟“ آئون بابا کان آهستي پڇان ٿي. ”صغير انور، فيڊرل انويسٽيگيٽو ايجنسيءَ جو ڊائريڪٽر.“ بابا وراڻي ٿو. ”تو وٽ گرفتاريءَ جو وارنٽ آهي؟“ بابا ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر کان پڇي ٿو. ”نه.“ هو هيٺ غاليچي ڏانهن ڏسندي اَڍنگي نموني سان جواب ڏئي ٿو. ”ته پوءِ تون ڪهڙي الزام هيٺ مونکي گهر مان وٺي وڃين ٿو؟“ بابا وري پڇي ٿو. ”مون کي حڪم مليو آهي ته اوهان کي فوجي هيڊڪوارٽر وٺي هلان.“ انور چوي ٿو. ”ڪنهن جو حڪم آهي؟“ بابا پڇي ٿو. ”جنرل ضياءَ جو.“ اهو ماڻهو جواب ڏئي ٿو.
    ”جيئن ته هن مهل اوهان جي اچڻ جي ڪا اُميد نه هئي، تنهنڪري مونکي سنبرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ گهرجي.“ بابا ماٺڙيءَ ڪري چوي ٿو. ”منهنجي ملازم کي گهرائي چئو، ته منهنجا ڪپڙا تيار ڪري.“ صغير انور انڪار ڪندي چوي ٿو، ته وزيراعظم سان ڪنهن کي به ملڻ جي اجازت ڪانهي. ”ته پوءِ عُرس کي گهراءِ.“ بابا وري آهستي چوي ٿو. ۽ انور پنهنجي ڪمانڊو مان هڪ کي اشارو ڪري ٿو. مونکي پوءِ ڄاڻ پئي، ته هيٺ آڳنڌ ۾ عُرس ۽ ملازمن جي ٻين ماڻهن کي بندوقون ڏيکاري روڪيو ويو هو.Be quiet! Hands Behind your backs ڪمانڊو هنن کي انگريزيءَ ۾ رڙيون ڪندي چيو هو. جن انگريزي ٻولي نه سمجهندي، حُڪم کان ڪَن لاٽار ڪئي ٿي، تن کي پستول سان ڪُٽيو ويو هو. هنن وٽ جيڪي پئسا هئا ۽ کين جيڪي واچون ٻڌل هيون، سي به ڦُريون ويون.
    ”عُرس ڪير آهي؟“ ڪمانڊو ٻاهر وڃي عملي وارن کان پڇيو. ”آئون آهيان.“ عرس چيو. اُن جواب ڏيڻ تي هن جي مٿي تي پستول جو مُٺيو زور سان هنيو ويو. کل جهڙي ڳالهه اها ته اهو ڪمانڊو قطار ۾ بيٺل سڀني ماڻهن کان اهوئي پڇندو ويو، ته ڇا تون عرس آهين؟ گهڻن ماڻهن جي نهڪار کان پوءِ بابا جي خدمتگار ويجهو ويو، جنهن اُن وقت تائين ڳالهه سمجهي هئي، تنهنڪري هن رڳو ڪَنڌ جو اشارو ڪيو هو. عرس کي ڳِٿر کان جهلي ٽَنگو ٽالي ڪري ڏاڪڻ تان مٿي آندو ويو، جتي بندوقن جي پاڇي ۾ هن بابا جا ڪپڙا ٺاهي، بيگَ ۾ رکيا هئا. پوءِ جڏهن هو اهي بيگون کڻي هيٺ بيٺل ڪار ۾ رکڻ لاءِ ويو هو، ته ڇهه ڪمانڊو پنهنجن خودڪار هٿيارن سان هن جي مٿي ۽ ڇاتيءَ جو نشانو وٺي بيٺا هئا.
    بابا مٿي وهنجي لباس بدلائي ٿي. مونکي هن جي سَهپ ۽ همت تي اچرج ٿئي ٿو اسان جي سڄي گهر ۾ هٿيار ئي هٿيار ڏسجن ٿا. ان کان ٻي وڏي ڀاڙيائپ ڪهڙي چئبي. آئون جڏهن بابا سان گڏ ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لاءِ اٿان ٿي، ته هڪ ڪمانڊو رڙ ڪري چوي ٿو، ”خبردار اتي ويهه.“ آئون هن جي پرواهه نٿي ڪريان. اهي مونکي وڃڻ ڏين ٿا.
    ڏاڪڻ لهي هيٺ اچڻ تي بابا ۽ صنم هڪ ٻئي ڏانهن ڏسن ٿا. ”اوهين بيشرم آهيو، ڀاڙيا آهيو.“ منهنجي شرميلي ڀيڻ انهن فوجين کي رڙ ڪري چوي ٿي، جيڪي بابا کي هڪ ڪار ڏانهن وٺيو پيا وڃن. ”اوهين ڪميڻا ۽ ڀاڙيا آهيو.“
    هڪ ڀيرو وري آئون ڏسان ٿي، ته بابا کي ڪار ۾ چاڙهي وٺي پيا وڃن. مونکي ڪوبه پتو نه آهي ته ڪهڙي پاسي وٺي پيا وڃن. آئون هن کي ٻيهر ڏسي به سگهنديس يا نه. پل کن لاءِ آئون ڌُڏي وڃان ٿي. منهنجي دل وڍجي پئي، ٿڌي ٿي وڃي ٿي، برف جهڙي. ”پِنڪي،“ آئون ڪنهن جو سَڏ ٻُڌان ٿي. آئون آڳنڌ ڏانهن ڏسان ٿي، جتي گهر جي ملازمن سان گڏ منهنجو ڀاءُ شاهنواز به قطار ۾ بيٺو آهي. ”هن کي ڇڏيو.“ آئون سپاهين کي رڙ ڪري چوان ٿي، جيڪي هن کي جهليو بيٺا آهن. آئون پنهنجي ئي آواز جي پڙاڏي کان ڏڪي وڃان ٿي. سپاهي پٺتي هٽي وڃن ٿا.
    اندر گهر ۾ امان جو مُنهن چاڪ جهڙو اڇو ٿي ويو آهي. هن جي رَت جو دٻاءُ ويتر گهٽجي وڃي ٿو. آئون، صنم ۽ شاهنواز واري واري سان هن جي پيرن جون تريون مَهٽيون ٿا، ته جيئن رَت جو دؤرو تيز ٿئي. آئون ڊاڪٽر کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، پر فون جون تارون ڪٽيل آهن. آئون وڏي دروازي تي بيٺل پهريدارن سان ڳالهايان ٿي، ته مونکي ڇڏيو ته آئون ڊاڪٽر کي وٺي اچان. پر اهي مونکي نٿا ڇڏين. پوءِ جڏهن صبح جو اسان جو ميجر ڊومو 70 ڪلفٽن تي اچي ٿو، تڏهن هڪ سنڌي پهريدار جي همدرديءَ سبب هن کي سموري حال جي ڄاڻ پوي ٿي. ۽ اهڙيءَ طرح بابا جي گرفتاريءَ جي ڳالهه ٻين تائين پهچي ٿي. دوست محمد پنهنجي اسڪوٽر تي چڙهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪراچيءَ ۾ ڦيريون ڏيئي، پارٽيءَ جي اڳواڻن کي ڄاڻ ڏئي ٿو. منهنجي ڀاءُ مير کي المرتضيٰ ۾ ٻڌائي ٿو. ٻين مائٽن کي ٻُڌائي ٿو، اخبارن ۾ ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ امان جي ڊاڪٽر کي ٻڌائي ٿو. پر جڏهن ڊاڪٽر اشرف عباسي وڏي دروازي تي پهچي ٿي، ته هن کي اندر اچڻ جي اجازت نٿي ملي، نيٺ حڪومت طرفان هڪ ڊاڪٽر ٻنپهرن جو اچي امان کي اها سُئي هڻي ٿو، جنهن جي کيس سخت گهرج هئي.
    ٽپهريءَ جو فوج جو هڪ ڪرنل خالي ڪاغذ کڻي اچي ٿو. ”جنرل ضياءَ، چيف ماشل لا ائڊمنسٽريٽر حڪم ڪيو آهي، ته تون ۽ تنهنجي ماءَ هن پني تي صحيحون ڪريو.“ ڪرنل چوي ٿو. هن کي فوجي وردي پاتل آهي ۽ سائي خاڪي قميص تي سندس نالو فاروق لکيل آهي. آئون انڪار ڪريان ٿي. ”آئون اوهان کان اُن تي صحيحون وٺندس!“ هو مونکي دڙڪو ڏئي ٿو. هن جا داڻن جهڙا دوڏا وڌيڪ ڀوائتا ٿين ٿا ۽ ننڍڙو وات سخت ٿي وڃي ٿو. ”تون مونکي قتل ته ڪري سگهين ٿو، پر تون مون کان اُن تي صَحي ڪرائي نٿوسگهين.“ آئون پنهنجي آواز جي هڪ نئين انداز ۾ چوان ٿي. ”تنهنجو جنرل ضياءَ به مونکي ان تي صحيح ڪرائي نٿو سگهي.“ اوهان کي پنهنجي ڀلي جي ڪا خبر ئي ڪانهي.“ هو ڏاڍي صاف ۽ سخت آواز ۾ چوي ٿي ۽ پوءِ واپس هليو وڃي ٿو.
    نيٺ شام جو پنجين وڳي گهر مان فوج واپس گهرائي وڃي ٿي. آئون ۽ شاهنواز هڪدم پيپلز پارٽيءَ جي آفيس ڏانهن وڃون ٿا، جتي پارٽيءَ جا ڪجهه ميمبر ڊَپُ ۾ ورتل ڏسجن ٿا. پارٽيءَ جي ڪجهه ميمبرن جو ويچار آهي ته سڄي ملڪ ۾ احتجاجي هڙتالون ۽ مظاهرا ڪجن. پر پارٽي جا اڳواڻ چون ٿا ته ان وقت تائين اوسيئڙو ڪيو وڃي، جيستائين بابا سان نه ملجي. بابا سان ملجي؟ الائي اُن ۾ گهڻو وقت لڳندو؟
    ٻئي ڏينهن امان بابت وڌيڪ خراب ڄاڻ اچي ٿي. هن بابا جي وڪيل سان ڳالهايو آهي. بابا کي جيڪي ڳجها چتاءُ مليا هئا سي صحيح هئا. بابا تي هاڻي قتل جي سازش جو الزام آهي.
    ”قتل؟“ مونکي ته اها ڄاڻ به نه هئي، ته بابا تي قتل جي سازش جو الزام ڪنهن پئي هنيو.
    امان مونکي ٻڌايو ته اهو ننڍڙو سياستدان احمد رضا قصوري نالي آهي، جيڪو جيئرو آهي. ٽي ورهيه اڳ لاهور ويجهو هن جي ڪار تي، جنهن ۾سندس خاندان جي ڪيترن ئي ڀاتين سفر پئي ڪيو، ڪنهن لِڪي حملو ڪيو هو. اُن حملي ۾ قصوريءَ جو رٽائرڊ مئجسٽريٽ پيءُ مارجي ويو هو. پر قصوري جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊجي آيو هو، تنهن جو چوڻ آهي ته اهو حملو هن جي پيءُ کي مارڻ لاءِ ڪيو ويو هو. اهو سياستدان پوءِ مخالف ڌر ۾ شامل ٿيو هو. هو پنهنجن ڪيترين ئي دشمنين سبب مشهور هو ۽ چيو ويو هو ته هن کي مارڻ لاءِ اڳ پندرنهن ڀيرا خوني حملا ٿيا هئا. جيڪا ڳالهه ويساهه جوڳي نه هئي. ان تازي حملي ۾ هن بابا تي شڪ ڏيکاريو هو ۽ هن اهڙي رپورٽ پوليس ۾ لکرائي هئي. ان وقت پاڪستان ۾ جمهوريت ايتري آزاد هئي، جو پوليس ملڪ جي وزيراعظم خلاف رپورٽ درج ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ جاچ ڪرائي، بابا کي ان ڏوهه ۾ شامل هجڻ کان آجو ڪيو هو ۽ ان افسوسناڪ واقعي کي سڀني وساري ڇڏيو هو.
    قصوري وري پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو هو ۽ هن مارچ 1977ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ درخواست ڏني هئي. پر جڏهن پيپلزپارٽي هن بدران ڪنهن ٻئي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن لڳي ٿو ته قصوري وري بابا تي الزام هڻڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. هاڻي چونڊن جي مهم شروع ٿيڻ کان ٻه هفتا اڳ ضياءَ ان پراڻي الزام کي ڪَتب آڻيندي، بابا کي گرفتار ڪرڻ جو بهانو ڪيو هو. پر هڪ ڀيرو وري ضياءَ جي اها تدبير به ناڪام ٿي.
    جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ ٻڌايو، ته مقدمي جي ڪاغذن مان پتو پوي ٿو ته اهي الزام ”هڪ ٻئي خلاف ۽ نامڪمل“ آهن، تنهنڪري ان ڏوهه ۾ بابا جو ڏوهي هجڻ ثابت ڪونه ٿيو هو. هن بابا کي گرفتار ٿيڻ جي ڏهن ڏينهن کان پوءِ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. آئون مستقبل لاءِ پر اميد ٿي ويس. ”جيڪڏهن فوجداري عدالتون وزيراعظم کي آزاد ڪري ٿيون ڇڏين، ته پوءِ مارشل لا حڪم هيٺ هن کي نظربند رکڻ جو مونکي ڪوبه سبب نظر نٿو اچي.“ ضياءَ اخبارن ۾ پنهنجي راءِ ڏني.
    13 سيپٽمبر تي بابا سِڌو پنهنجي گهر ڪراچي پهتو ۽ هن ٻئي ڏينهن صبح سان ئي شاهنواز کي ساڻ کڻي لاڙڪاڻي وڃي، منهنجي ڀاءُ مير سان گڏ اتي رمضان جي عيد ملهائڻ جو ارادو ڪيو. هاڻي گهڻو ڪم وڌي ويو هو. چونڊن جي مهم شروع ٿيڻ ۾ باقي پنج ڏينهن رهيا هئا ۽ بابا مهم جي ٽيهن ڏينهن ۾ نوي گڏجاڻين جو پروگرام ٺاهيو هو. ان رات سدائين جيان اسين والدين جي سمهڻ واري ڪمري ۾ گڏ ٿياسين، جتي اهڙي ڪچهري ٿي، جنهن جي ڪا اميد ئي نه هئي.
    ”نصرت! هاڻي پِنڪي کي شادي ڪرڻ گهرجي.“ بابا سِگار پيئندي اوچتو چيو. هو پلنگ تي ليٽيل هو. ”آئون هن جو گهوٽ پيو ڳوليان.“
    اُهو ٻُڌي آئون صوفي تي اُڀي ٿي ويٺيس. ”آئون شادي ڪونه ڪندس.“ مون احتجاج ڪيو. ”آئون اڃا هينئر ته گهر آئي آهيان.“
    صنم ۽ شاهه کي ٻاراڻو وجهه ملي ويو ۽ ٻئي مونکي ڇيڙڻ لڳا. ”توکي شادي ڪرڻي پوندي. توکي شادي ڪرڻي پوندي.“ هنن گڏجي چيو.
    ”سچ اِهو آهي ته مون اُهو ڇوڪرو ڏٺو آهي، جيڪو مونکي وڻي ٿو.“ بابا پنهنجيءَ ڳالهه ڪندي چيو.
    امان مُرڪڻ لڳي. شايد هن اڳواٽ ئي شاديءَ جو سوچي ڇڏيو هو.
    آئون اڃا شادي ڪرڻ نٿي چاهيان ۽ اوهين مونکي اُن لاءِ مجبور نٿا ڪري سگهو.“ مون بغاوتي انداز ۾ چيو.
    ”تون پنهنجي بابا سان انڪار نٿي ڪري سگهين.“ بابا چيو ۽ شاهه ۽ صنم گڏجي اهي لفظ ورجائڻ لڳا.
    ”نه، نه، نه،“ مون چيو. ايتري ۾ بابا جي کاڌي جي ٽرالي آئي ۽ ان موضوع مان جِند ڇٽي. پر ٻيو موضوع ان کان به وڌيڪ ڊيڄاريندڙ هو.
    ”چيو وڃي ٿو ته ضياءَ مونکي هرگز ڪونه ڇڏيندو ۽ آئون کانئس کِسڪي وڃان.“ بابا ماني کائيندي چيو. ”پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ اڄ مون کان پئسا گهريا آهن، ته جيئن ڀَڄي سگهي. ’تون وڃڻ گهرين ٿو ته ڀلي وڃ.‘ مون هن کي چيو پر آئون ڪُوئو ڪونه آهيان جو ڀڄي وڃان. آئون هتي ئي رهندس ۽ ضياءَ جو مقابلو ڪندس.“
    ”۽ اوهان چونڊن ۾ سوڀ ماڻي جنرل ضياءَ کي غداريءَ جي سزا ڏيندؤ.“ مون وڏي آواز ۾ چيو.
    ”پِنڪي خبردار ٿي.“ بابا وري ڀتين ۾ لڳل ٻُڌڻ جي ڳجهن اوزارن جو اشارو ڏيندي چيو. پر بابا جي قيد مان آزاد ٿيڻ ۽ گهر ۾ موجود هجڻ سبب مون اهي سڀيئي ڳالهيون وساري ڇڏيون هيون ۽ آئون ضياءَ جي مڪاريءَ تي ڇوهه ڇنڊيندي رهيس، تان جو بابا ڪاوڙجي پيو.
    ”ماٺ ڪر.“ هن مونکي سختيءَ سان تنبيهه ڪئي. ”توکي ڄاڻ ئي ڪانهي ته تون ڇا پئي چوين.“
    ڪمري ۾ اسان هڪ ٻئي ڏانهن گهوري ڏٺو. ڪاوڙ وچان آئون ڪمري مان ٻاهر هلي ويس.
    هاڻي مونکي سمجهه ۾ اچي ٿو، ته هن کي ڄاڻ هئي ته معاملا ڪيترا نه خراب ٿيندا پيا وڃن، جو شروع کان ئي هن کي اهي حقيقتون نظر آيون هيون جن کان مون انڪار جي ڪوشش ڪئي هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته جنرل ضياءَ ڪيترو نه ظالم ۽ جابر آهي، تنهنڪري هن مونکي اهڙين ڪاوڙ ڏياريندڙ ڳالهين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر آئون انهن ڳالهين کي ان وقت سمجهڻ کان بلڪل لاپرواهه هيس. ان وقت کان وٺي مون ڪيترا ڀيرا الله جو ٿورو مڃيو آهي، ته لاڙڪاڻي وڃڻ کان اڳ هن مونکي ننڊ مان اٿاريو هو.
    ”مون رات توکي جيڪي چيو هو تنهن جو دل ۾ نه ڪجانءِ.“ هن منهنجي بستري تي ويهندي چيو. ”آئون اهو هرگز نٿو چاهيان ته توکي ڪا تڪليف پهچي.“
    هن مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو.
    ”بابا، آئون سمجهان ٿي ۽ آئون پڻ معافي گهران ٿي.“ مون هن کي چيو ۽ موڪلائڻ مهل هن کي چُمي ڏني. مونکي هن جي خاڪي شلوار قميص ۽ شاليمار سينٽ جي چٽي يادگيري آهي. اهو آخري ڀيرو هو جو مون هن کي آزاد ڏٺو هو.
    17 سيپٽمبر 1977ع، ساڍا ٽي صبح–المرتضيٰ:
    لاڙڪاڻي ۾ اسان جي ملازمن مان هڪ شخص بهاول ٻُڌائي ٿو ته ڇا ٿيو هو، ڇو ته آئون اتي ڪونه هيس.
    رات جو ٻه وڳي ڌاري ستر فوجي ڪمانڊو ۽ پوليس وارا المرتضيٰ جون ڀتيون ٽپي اندر گهڙي آيا. هنن چوڪيدارن کي ماريو ڪُٽيو ۽ گهر ڏانهن ڪاهي پيا.
    ”دروازو کوليو،“ هنن تنهن وقت رڙيون ڪيون ۽ وڏي دروازي تي زور سان مُڪون هنيون، جڏهن آئون ۽ ٻيا ملازم اندران بند دروازي کي جهلي بيٺا هئاسين.
    ”اوهان کي ڇا گهرجي؟“ اسان هنن کان پڇيو.
    ”ڀٽو.“
    ”ترسو اسين هُن کي ننڊ مان اٿاريون ٿا.“
    ”دروازو کوليو،“ هنن رڙيون ڪيون ۽ سڀني گڏجي دروازي کي ايترو ته زور ڏنو، جو اهو چٻو ٿي پيو.
    اُهو گوڙ ٻُڌي مير وڃي ڀٽي صاحب کي جاڳايو. ”هنن کي چئو ته دروازي ڀڃڻ جي گهُرج ڪانهي.“ ڀٽي صاحب، مير کي چيو. ”ٻن عملدارن کي اندر اچڻ ڏيو. مونکي پنهنجي سامان کڻڻ لاءِ وقت گهرجي.“ پر هن کي ڄاڻ هئي ته اهي کيس وري وٺڻ ايندا، تنهنڪري سندس سُوٽ ڪيس اڳ ۾ ئي ٺهيو رکيو هو ۽ بريف ڪيس به.
    ڏهن منٽن کان پوءِ اهي ڀٽي صاحب کي پاڻ سان وٺي ويا. اسان سڀني کي بندوقن جي زور تي گهر ۾ واڙي، ٻاهران ڪُلف ڏنو ويو. گهر ۾ اندر ۽ ٻاهران سپاهين کي بيهاريو ويو. اسين سڀيئي روئڻ لڳاسين.
    مير بابا ته ڏاڍو ڪاوڙيل هو. هن ڪراچي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فون جون تارون وڍيل هيون. صبح جو آئون پهريدارن کان لِڪي ٻاهر کسڪي ويس ۽ هڪ ٻئي گهر مان بيگم صاحبه کي فون ڪيم. اوستائين اها ڄاڻ هر هنڌ پکڙجي وئي هئي ۽ المرتضيٰ ٻاهران سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. هنن اُتي نعرا هڻڻ شروع ڪيا: جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو!
    پوليس هنن کي گرفتار ڪيو.
    بابا کي پهرين سکر جيل ۾ رکيو ويو، پوءِ ڪراچي جيل ۾ ۽ وري پوءِ لاهور جيل ۾. ضياءَ اهو خطرو کڻڻ لاءِ تيار نه هو، ته عوام کي ڄاڻ پئجي وڃي ته هو ڪٿي آهي. هن ڀيري ضياءَ بابا کي سدائين لاءِ ختم ڪرڻ جون پختو ارادو ڪيو هو. هڪ ڀيرو وري بابا تي پراڻي قتل جي تُهمت مڙهي وئي هئي پر هن ڀيري ضياءَ ان جو پُور بندوبست ڪيو هو.


      بابا جو عدالتي قتل

    پهرين مارچ، 1980ع:
    المرتضيٰ ۾ واريءَ جي گهڙيال ۾ وقت ذرو ذرو ٿي پيو کِسڪي آئون ڀانئيان ٿي ته سڀني انساني تجربن کان ڌار ٿيو، ڪنهن جيئري قبر ۾ پُوريل آهيان. امان نظربنديءَ جي انهن ڏينهن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي مُنهن سوچيندي رهي ٿي. المرتضيٰ ۾ پنج مهينا نظربند رهڻ کان پوءِ آئون اڳي کان وڌيڪ بيقرار ٿي پئي آهيان. ڪا ڄاڻ ئي نٿي پوي ته، اسين ڪڏهن شايد آزاد به ٿينديونسين يا نه. ان جو سارو آڌار ضياءَ تي آهي.
    آمريڪي حڪومت پنهنجي پسند جو فيصلو ڪيو آهي. جيئن سيارو ختم ٿي بهار جي مُند شروع ٿئي ٿي، ته ظاهر پيو ٿئي ته آمريڪا جمهوريت آڻڻ بدران ضياءَ جي فوجي آمريت قائم رکڻ جو پهه ڪيو آهي. افغانستان ۾ روسين جي وڌندڙ اثر کي سمجهندي، صدر ڪارٽر مارچ 1980ع ۾ پاڪستان کي چار سؤ ملين ڊالرن جي امداد آڇي ٿو، جنهن کي ضياءَ ”بوهي مُڱ“ چئي رد ڪري ٿو. افغانستان مان پناهگيرن جو وڏو تعداد پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيئن افغانستان ۾ گهرو جنگ تيز ٿيندي، ته هنن جي وڌيڪ ٻوڏ ايندي. اسان جي ملڪ جي دَر تي پناهگيرن ۽ روسي فوجن جي موجودگيءَ سبب ضياءَ لاءِ ٻاهرين امداد جون ٽوڪريون ڀرجي اينديون، جنهنڪري اسرائيل ۽ مصر کان پوءِ گهڻي ۾ گهڻي آمريڪي امداد وٺندڙ ٽيون ملڪ پاڪستان هوندو. افغانستان تي سوويت حملي کي پاڪستان ۾ ”برزنيف طرفان ضياءَ لاءِ ڪرسمس جي سوکڙي“ چيو وڃي ٿو، ۽ امان ۽ آئون المرتضيٰ ۾ قيد آهيون.

    صنم اسان سان ملڻ لاءِ اچي ٿي. هن جو اسان کي ڏاڍو اوسيئڙو هو. هن جي چؤڌاري قيد جي اختياري وارن ۽ فوجين جو گهيرو آهي. فوجي اختياري وارن جي لاڳيتي موجودگيءَ کانسواءِ هڪ ڌيءَ کي به پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان ملڻ جي اجازت ڪانهي. امان رَت جي گهٽ دٻاءُ سبب بيمار آهي ۽ پنهنجي بستري ۾ ليٽي پئي آهي. آئون پڇان ٿي ته ڇا اسان جي ملاقات سرڪاري عملي سان آيل عورت جي موجودگيءَ ۾ ٿي سگهي ٿي. آئون ۽ صنم جيئن زنانن ڪمرن ڏانهن وڃون ٿيون، ته آئون پنهنجي پٺيان ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌان ٿي. اها پوليس واري ڪانهي، پر اُهو فوجي عملدار ڪئپٽن افتخار آهي. آئون هن ڏانهن بي يقيني وچان نهاريان ٿي. زنانن ڪمرن ۾ مائٽن کانسواءِ ڪنهن به ڌارئي مرد کي اندر اچڻ جي اجازت ڪانهي.
    ”جيل قاعدن ۾ به اُهو لکيل آهي ته رُڳو پوليس جي عملي جون عورتون قيدياڻين جي ڪمري ۾ وڃي سگهن ٿيون.“ آئون هن کي تاڪيد ڪريان ٿي.
    ”آئون موجود رهندس.“ هو چوي ٿو.
    ”ته پوءِ اسان جي ملاقات بلڪل نه ٿيندي. آئون پنهنجي ڀيڻ کي سڏيان ٿي.“
    صنم مون کان اڳواٽ ئي امان جي ڪمري ۾ وئي هئي. تنهنڪري آئون زنانن ڪمرن ڏانهن هلندي رهيس، ته جيئن هن کي ۽ امان کي ٻڌائي سگهان ته ملاقات ملتوي ڪئي وئي آهي. پر آئون پنهنجي پٺيان وري آواز ٻُڌان ٿي. ڪئپٽن افتخار اڃا تائين منهنجي پٺيان پيو اچي.
    ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ تون هتي اندر اچي نٿو سگهين“ آئون ٿورو مُنجهندي هُن کي چوان ٿي.
    پر هو ڄڻ ٻُڌي ئي نٿو. ”توکي پتو آهي ته آئون ڪير آهيان؟“هو وڏي آواز ۾ چوي ٿو. ”آئون پاڪستاني فوج جو ڪئپٽن آهيان ۽ آئون جتي به گهرندس اتي وڃي سگهندس.“
    ”توکي سُڌ آهي ته آئون ڪير آهيان؟“ آئون به وڏي آواز ۾ جواب ڏيان ٿي. ”آئون ان شخص جي ڌيءُ آهيان، جنهن ڍاڪا ۾ اوهان جي شرمناڪ مات کان پوءِ اوهان کي واپس آندو هو.“
    ڪئپٽن افتخار مونکي ڌَڪ هڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ مٿي کڻي ٿو. مون هيستائين جنهن ڪاوڙ کان پاسو پئي ڪيو، جنهن ڌِڪار کي لڪايو پئي، اِها ڀڙڪو ڏئي ٻاهر اچي ٿي.
    ”تون پنهنجو هٿ هن گهر ۾ کڻين ٿو بيشرم انسان! تون هن گهر ۾ مون تي اُلر ڪرين ٿو، جنهن تي ان شخص جي قبر جو ڇانوَ آهي جنهن اوهان کي بچايو هو. تون ۽ تنهنجي فوج هندستاني جنرلن جي پيرن ۾ ڪِري پئي هئي. اهوبابا ئي هو جنهن اوهان کي وري عزت ڏني هئي. ۽ تون هن جي ڌيءُ تي هٿ کڻي اُلر ٿو ڪرين؟“
    هو پنهنجو هٿ اوچتو هيٺ ڪري ٿو. ”اسين ڏسي رهنداسين.“ هو ٿُڪ اڇلائي ٿو، ۽ پنهنجين کڙين تي ڦِري آڪڙجي ٻاهر وڃي ٿو. صنم جي ملاقات ملتوي ٿي وڃي ٿي.
    المرتضيٰ ۾ نظربند ٿيڻ کان پوءِ جلد مون ۽ امان پنهنجي ان نظر بنديءَ خلاف جنهن عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، آئون اوڏانهن خط لکان ٿي. 1979ع ۾ مارشل لا هيٺ عدالتن کي اڃا تائين اختيار مليل هئا، ته اهي فوجي قاعدن هيٺ گرفتارين تي نظر ثاني ڪن. اسان جي گهر ۾ جيڪي ٿيو هو اهو سمورو احوال مون خط ۾ لکيو. جنرل ضياءَ اڪثر چادر ۽ چارديواري جي تقدس بابت ڳالهيون ڪندو هو، پر لڳو ٿي ته، هن کي ۽ نه وري ڪئپٽن افتخار کي ان لاءِ ڪو احترام هو. آئون اهو خط جيلر کي ڏيان ٿي. هو واعدو ڪري ٿو ته اهو خط عدالت ڏانهن موڪليندس ۽ هو ان جي مونکي رسيد ڏئي ٿو. هينئر مونکي ڪو پتو ئي نٿو پوي، ته اها رسيد ڪيتري نه ڪمائتي ثابت ٿيندي.
    ”آئون سوچيان ٿو، تنهنڪري آئون آهيان“– مونکي آڪسفورڊ ۾ به ان ڏاهپ واري قول کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي ۽ هاڻي ته پاڻ وڌيڪ ڏکيائي ٿئي ٿي. آئون ان وقت به سوچيان ٿي جڏهن آئون سوچڻ نه ٿي گهران. پر جيئن ڏينهن آهستي آهستي گذرن پيا، مونکي ويساهه ئي نٿو اچي ته منهنجو ڪو وجود به آهي. وجود ۾ هجڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته ڪنهن شيءِ تي اثر ڪجي، ڪو ڪم ڪجي ۽ ڪو ردعمل ڏيکارجي.
    پر بابا جي هدايت مونکي جيئرو رکندي پئي اچي. سَهپ. عزت. اصول. بابا اسان کي ننڍي هوندي جيڪي آکاڻيون ٻڌائيندو هو، انهن ۾ سدائين ڀٽي گهراڻي جي ماڻهن کي اخلاقي سوڀ ملندي هئي. ”ووڊاسٽاڪ جي جهنگ ۾ ريوپرٽ مون تي حملو ڪيو.“ بابا اسان کي ائنٿوني هوپ جي ناولن جي بدڪردار ”هينزائوجي ريوپرٽ“ جي آکاڻي ٻڌائيندو هو، جنهن سان آڪسفورڊ ويجهو سندس مقابلو ٿيو هو. پنهنجن پيرن تي اٿندي بابا پنهنجي خيالي ترار ڦيرائي هئي. ”هو منهنجي ڪُلهي کي وڍي ٿو، منهنجي ٽنگ ڀڃي ٿو، پر آئون وڙهان ٿو ڇو ته معزز انسان مرڻ گهڙيءَ تائين وڙهندو رهي ٿو.“ اسين اچرج ۾ بابا کي پيا ڏسندا هئاسين، ته هو وري خيالي ترار هلائيندو هو. دشمن کي ترار هڻندو هو ۽ ان گهاوَ جي پرواهه به نه ڪندو هو، جنهن مان رَت پيو وهندو هو. اوچتو هو ترار جي هڪ ئي ڌڪ سان ريوپرٽ کي ماري، ساڻو ٿي ڪُرسيءَ تي ڪِري پوندو هو. ”شانائتو نشان.“ هو قميص مٿي کڻي اسان کي پنهنجي اپينڊڪس جو نشان ڏيکاري چوندو هو.
    اُن ۽ خاندان جي اهڙين ٻين آکاڻين کي ٻُڌي مونکي وڏي سگهه ملندي هئي ۽ فوجي بغاوت کان پوءِ مونکي اِها ڳالهه مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونه ٿي نظر آيو، ته بابا فوجي آمر ضياءَ تي ڇو نه سوڀ ماڻيندو. بابا پنهنجين آکاڻين ۾ اسان کي جيڪي اتساهه ڏياريندڙ مقابلن جون ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ اڳتي هلي اسان کي جنهن بديءَ سان منهن ڏيڻو هو، انهن ۾ آئون اڃا تائين فرق سمجهي نه سگهي هئس.

    سيپٽمبر 1977ع: سِرن جون ٿُلهيون ديوارون، جن تي نوڪدار تارون لڳل آهن، انهن ۾ مٿي ننڍڙيون دريون آهن، تن جي سيخن کي ڪٽ لڳي ويو آهي. ڳرا لوهي دروازا. ڪوٽ لکپت جيل. آئون جيئن ان مان لنگهان ٿي، ته دروازي جا ڪَڙڪاٽ ٻُڌجن ٿا. آئون اڳ ڪڏهن به ڪنهن جيل ۾ اندر نه وئي آهيان.
    آئون هڪ ٻيءَ فولادي ديوار ڏسان ٿي، جنهن تي بندوقون جهليو پوليس وارا پهرو پيا ڏين. منهنجي چؤڌاري مرد، عورتون ۽ ٻار آهن، جيڪي دروازي تي ڳاهٽ پيا ٿين. پاڪستاني جيلن ۾ سهولتون ڪونه ٿين. ڪپڙا، بسترو، ٿانوَ ۽ کاڌي تائين جو بندوبست قيدين جي مائٽن کي پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. جن قيدين جا مائٽ اُهي سهولتون پهچائڻ کان لاچار هجن ٿا يا جن کي سخت پورهئي جي سزا مليل هجي ٿي، سي قيدي سي ڪلاس قيد ۾ رکيا وڃن ٿا. هرهڪ کوليءَ ۾ پنجاهه قيدي رهن ٿا، جيڪي جُونءِ ڀريل تَڏن مٿان فرش تي سُمهن ٿا ۽ جن جي پائخاني لاءِ اتي ئي ڪُنڊ ۾ هڪ سوراخ هُجي ٿو. اهڙن قيدين کي پاڻيءَ جهڙي دال جا ٻه وَٽا ۽ هڪ ماني روزانو ملي ٿي. اهي اتي 100 ڊگري گرميءَ ۾ بجلي جي پَکي کانسواءِ رهن ٿا. هنن جي ٿڌڪار لاءِ نه ڦوهارا هجن ٿا، ۽ نه وري کين وهنجڻ جي اجازت هجي ٿي. پوليس وارا بابا سان ملاقات لاءِ مونکي جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ وٺي ٿا هلن.
    ”مون تي قتل جي اُها تهمت ٻيهر هڻي ضياءَ پڌري پَٽ اسان خلاف ٿي بيٺو آهي. ان کان اڳ جو ضياءَ اهو ناممڪن بڻائي، ٻين ٻارن کي هڪدم ملڪ کان ٻاهر هليو وڃڻ گهرجي،“ بابا مونکي چوي ٿو. ”خاص ڪري ڇوڪرا. منهنجي مرضي آهي ته اهي چوويهن ڪلاڪن ۾ هتان نڪري وڃن.“
    ”ها، بابا،“ آئون اهو ڄاڻندي به چوان ٿي، ته مير ۽ شاهه هن وقت وڃڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندا. اهي بابا جي گرفتاريءَ سبب پنهنجي پڙهڻ ڏانهن ڪهڙو ڌيان ڏيئي سگهندا؟ اهي ته لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ انهن چونڊن جي تياريءَ لاءِ رات ڏينهن محنت پيا ڪن، جن جي ڪرائڻ جو اڃا تائين ضياءَ واعدو پئي ڪيو....
    ”تو پنهنجي تعليم پوري ڪئي آهي، پر جيڪڏهن تون انگلينڊ واپس وڃڻ گهرين ٿي ۽ محفوظ زندگي گذارڻ چاهين ٿي ته مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. منهنجي توکي اجازت آهي.“ بابا ڳالهائيندو رهي ٿو. ”جيڪڏهن توکي هتي رهڻ پسند آهي، ته ياد رک ته اسان جو ايندڙ وقت وڌيڪ ڏکيو هوندو.“
    ”بابا، آئون هتي ئي رهنديس ۽ اوهان جي مقدمي ۾ مدد ڪنديس.“ آئون چوان ٿي.
    ”ته پوءِ توکي مضبوط ٿيڻو پوندو.“ بابا ٻڌائي ٿو.

    ٻه ٽي ڏينهن پوءِ لاچار ٿي مير انگلينڊ روانو ٿي ويو. هن وري ڪڏهن به پنهنجي بابا کي ڪونه ڏٺو، ۽ نه وري شاهنواز، جيڪو سئٽزرلينڊ جي اسڪول ۾ واپس وڃڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ وڏو سفر ڪري ڪوٽ لکپت جيل ويو هو.
    ”مونکي پنهنجي پيءُ سان ملاقات جي اجازت ملي آهي.“ شاهه جيل جي پهرئين دروازي تي پهريدارن کي چيو. ”آئون هن کان موڪلائڻ آيو آهيان.“
    ”اسان وٽ اهڙي اجازت نه پهتي آهي.“ پهريدارن جواب ڏنو. ”اسين توکي اندر وڃڻ نه ڏينداسين.“
    ان وقت بابا پنهنجن وڪيلن سان ملڻ لاءِ اندرئين فولادي ديوار جي ڀرسان پئي لنگهيو ۽ هن شاهه کي جيل جي عملي سان حجت ڪندي ٻُڌي ورتو هو.
    ”تون منهنجو پُٽ آهين. هنن کان ڪابه رعايت نه گهُر ڪر.“ هن منهنجي ڀاءُ کي وڏي آواز ۾ چيو. ”تون پنهنجي تعليم لاءِ وڃ ۽ سخت محنت ڪر، ته جيئن آئون توتي فخر ڪري سگهان.“
    ٻن ڏينهن کان پوءِ شاهه ليزن جي آمريڪي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ روانو ٿي ويو. هنن کان پوءِ صنم به جلد ئي هارورڊ واپس هلي وئي. ڏهن ڏينهن کان پوءِ 29 سيپٽمبر 1977ع تي آئون پهريون ڀيرو گرفتار ٿيس.

    ماڻهو. هر طرف ماڻهن جا انبوهه شلوار قميصن ۾ نؤجوانَ وڻن جي ٽارين ۽ بجليءَ جي ٿنڀن سان چهٽيا پيا آهن. بسن ۽ ٽرڪن جي ڇتين تي لڙڪيا پيا آهن. گهرن جا ڀاتي ڏسڻ لاءِ پنهنجين درين، ڇتين ۽ بالڪنين تي بيٺا آهن. ماڻهن جي انبوهه ۾ اهڙي ته سوڙهه آهي، جو جيڪڏهن ڪير بيهوش ٿي ڪِري ته ڪِرڻ لاءِ جاءِ نه مليس. هجوم اڳيان برقعن ۾ ڪيتريون ئي عورتون آهن، جن مقصد خاطر ٻاهر نڪري اچڻ جي همت ڪئي آهي. سندن گرفتار ٿيل وزيراعظم جي ڌيءُ هنن سان ڳالهائڻ لاءِ آئي آهي.
    سياسي جلسي جي ٿلهي تي جيڪا عورت بيٺل آهي، سا ماڻهن لاءِ ايتري اوپري ڪانه ٿي لڳي، جيتري مونکي ڀانئجي ٿي. ننڍي کنڊ ۾ مون کان اڳ به ڪيترين ئي عورتن پنهنجن مڙسن، ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي جاءِ سنڀالي هئي. عورتن سبب ئي سياسي خاندانن جي ميراث ڏکڻ ايشيا جي روايت ٿي وئي هئي. هندستان ۾ اندرا گانڌي، سريلنڪا ۾ سريماوو بندرانائڪي، پاڪستان ۾ فاطمه جناح ۽ خود منهنجي ماءُ، مونکي ڪڏهن ويچار به ڪونه آيو هو ته آئون به ان راهه تي هلنديس.
    فيصل آباد جي صنعتي شهر ۾ ٿوري وقت لاءِ ٺاهيل اسٽيج تي بيٺي آئون ڊَپُ ۾ وڪوڙجي وئي هيس. چوويهن ورهين جي ڄمار ۾ مون پاڻ کي سياسي اڳواڻ نه سمجهيو هو ۽ نه وري ڪا مقرر. پر منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به نه هو، ”مِٺڙي، توکي مُهم هلائڻي آهي. تنهنجي بابا جيڪو پروگرام ٺاهيو هو، سو اسان کي پاڻ ۾ ورهائي کڻڻو آهي.“ هڪ هفتو اڳ امان مونکي ڪراچيءَ ۾ چيو هو. ”پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا ٻيا اڳواڻ نظربند آهن يا وري پنهنجن پنهنجن تَڪن ۾ هوندا. هتي رڳو اسان ٻه ڄڻيون آهيون.“
    ”پر مونکي ته ڪا سُڌ ئي نه آهي ته مونکي ڇا چوڻو آهي.“ مون هن کي چيو هو.
    ”تون ڳڻتي نه ڪر.“ هن وراڻيو. ”اسين توکي تقرير لکي ڏينديونسين.“
    ”ڀٽو آزاد ڪريو!“ عوام نعرا هڻن ٿا. اهي ساڳيا نعرا هڪ ڏينهن اڳ راولپنڊيءَ ۾ امان کي ڏسي ماڻهن هنيا هئا. اسٽيج تي آئون هن پٺيان بيٺي هيس. مون ڏٺو پئي سکيو پئي. ”اوهان دل نه هاريو، جيڪڏهن اوهان جو بابا جيل ۾ آهي، ته اوهان جي امان اڃا آزاد آهي.“ هن عوام جي هجوم کي مخاطب ٿيندي وڏي آواز ۾ چيو. ”مون وٽ نه ٽئنڪون آهن ۽ نه بندوقون، پر مون وٽ مجبور عوام جي اهڙي ناقابل شڪست قوت آهي، جهن جي مدد سان دنيا جي ڪنهن به طاقت سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو.“
    هن جو آواز ڳؤرو هو، پر عوام کي خطاب مهل هن جي هٿن ۾ ٿوري ڏڪڻي هئي. اهو ڏسي مونکي هن سان همدردي ٿي هئي. عوامي زندگي ۾ اچڻ جي هن کي ڪابه خواهش نه هئي، هن اهو به نه ٿي گهريو، ته بابا جي جيل ۾ هجڻ سبب پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪريان. هوءَ اڃا تائين لوبلڊ پريشر سبب بيمار هئي ۽ ڏاڍي ڪمزور هئي. پارٽي جي اڳواڻن ۾ جڏهن پارٽيءَ جي سربراهيءَ تي تڪرار ٿيو هو، تڏهن سڀني جي گڏيل راءِ سان اهو عهدو امان کي ڏنو ويو هو، پر هن انڪار ڪيو. پوءِ جڏهن بابا هن کي اها آڇ قبولڻ لاءِ جيل مان خط لکيو هو، تڏهن هن پارٽيءَ جي فيصلي کي مڃيو. پهريون چونڊون جن لاءِ واعدو ڪيو ويو هو رُڳو ٻن هفتن کان پوءِ ٿيڻ واريون هيون ۽ عوام پيپلز پارٽيءَ جي آڌر ڀاءُ لاءِ هر طرح سان تيار هئا.
    ضياءَ جي ’آپريشن فيئر پلي‘ سازش ملڪ جي اڪثر ماڻهن لاءِ صاف سُٿري ٿيڻ بدران هڪ ٻيو روپ وٺندي پئي وئي. فوجي بغاوت کي اڃا ٻه مهينا به ڪونه ٿيا هئا، ته ضياءَ جي حڪومت اناج ۽ چانورن جا ڪارخانا، جن کي بابا قومي ملڪيت ۾ ورتو هو، انهن جي اصل مالڪن کي موٽائي ڏنا هئا ۽ ٻين صنعتن کي موٽائڻ جو واعدو ڪيو هو. ان خوشيءَ ۾ سڄي ملڪ جي صنعتڪارن، يونين جي اهم عهديدارن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو هو. رڳو لاهور ۾ پنجاهه هزار پورهيت بيروزگار ڪيا ويا هئا. ”اوهان جو پيءُ ڪٿي آهي هينئر؟“ صنعتڪار انهن پورهيتن کي ٽوڪون هڻي چوندا هئا، جيڪي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ماڻيل نوڪريءَ جي ضمانت وڃائي ويٺا هئا.
    ٻين ڪيترن ئي پورهيتن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۽ پگهارن گهٽائڻ جا دڙڪا ڏنا ويا. هارين کي پنهنجي فصل لاءِ، جنهن رقم جي اميد هئي، اُن بدران واپارين پنهنجي مرضيءَ جي رقمن جي آڇ ٿي ڪئي. هڪ ڀيرو وري وڏن زميندارن ۽ ڪارخانيدارن پيداوار جو سمورو نفعو پنهنجي کيسي ۾ ٿي رکيو. 1975ع جي اگهن جي ڀيٽ ۾ بصر پنجوڻي قيمت ۾ ۽ پٽاٽا ٻيڻي قيمت ۾ پئي وڪاڻا. جڏهن ته بيدن ۽ اناج جا اگهه ٽيهه سيڪڙو وڌي ويا هئا. سڄي پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي جلسن ۾ بابا جي نيتين کي بدلائڻ خلاف سخت ڪاوڙ ظاهر پئي ٿي. ”ڀٽي کي آزاد ڪريو. ڀٽي کي آزاد ڪريو.“
    فيصل آباد ۾ آئون اها تقرير سوگهو جهلي بيٺي هيس، جيڪا مون اسلام آباد ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ڪيئي ڀيرا پڙهي هئي. مٿي نهار، هيٺ نه ڏس. ڪمري جي آخري حصي ۾ ڏسي تقرير ڪر. آڪسفورڊ يونين ۾ اهو ڪهڙو نه صاف سٿرو طريقو هو. هينئر راند جي ميدان ۾ منهنجي اڳيان ماڻهن جو اڻکٽ هجوم هو. ”فوجي حاڪمن کي نه چيڙاءِ، متان ضياءَ کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو بهانو ملي وڃي.“ امان مونکي خبردار ڪيو هو. پر عوام جا هجوم بي قابو هئا. ”مونکي ته ويساهه ئي نٿو اچي، ”اتي پارٽيءَ جي مڪاني رڪن پنهنجا ڀِرونءَ اگهندي چيو. ”مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ايڏو وڏو جسلو ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“
    جلسي ۾ ڪنهن منهنجي هٿ ۾ مائڪروفون ڏنو، جنهن جون تارون لائوڊ اسپيڪر ۾ لڳل هيون. انهن تارن مان چڻگون نڪري پئي اڏاڻيون. مون جڏهن ڳالهايو هو، تڏهن اسٽيج تي ويٺل ماڻهن تارن جي چؤڌاري ڪپڙن ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي يا پري منهنجي اڳيان مائڪروفون جهليو بيٺا هئا.
    ”آئون جڏهن بابا سان گڏ هندستان ۾ اندرا گانڌيءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وئي هيس، تڏهن بابا پنهنجي پلنگ تي سمهڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ فرش تي سُمهندو هو.“ آئون پنهنجي اڳواٽ ٺاهيل تقرير کان وڌيڪ چوڻ لڳيس، ”اوهان فرش تي ڇو ٿا سُمهو؟“ مون هن کان پڇيو، ”هندستان ۾ آئون پنهنجي هنڌ تي ڪونه سمهندس،“ هن جواب ڏنو. ”ڇوته ڪئمپن ۾ اسان جا جنگي قيدي به فرش تي سُمهن ٿا.“ اهو ٻڌندي ئي هجوم جوشيلا نعرا هنيا هئا.
    هڪڙي ڏينهن قصور ۾، ته وري ٻئي ڏينهن اوڪاڙا ۾. اسين سرسبز کيتن ۾ وياسين، جتي ڪُڙمين گُڏ پئي ڪئي ۽ پاڻي پئي ڏنو. پنجاب جي زرعي مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو اسان جي آڌرڀاءُ ڪندڙ عوام جي هجومن سبب رستن تي اسان جي رفتار گهٽجي وئي هئي. پنجاب فوجي جوانن جو گهر هو، جيڪي بابا جا جان نثار ووٽر هئا. بابا هنن سان ڏاڍو سُهڻو ورتاءُ ڪيو هو. اولهه پاڪستان ۾ جيڪي سپاهي برفاني خندقن ۾ هوندا هئا، انهن کي گرم پوشاڪون ڏنيون ويون هيون، هنن جا پگهار وڌايا ويا هئا ۽ کين آفيسرن جي عهدن تائين پهچڻ جون گهڻيون سهولتون ڏنيون ويون هيون. هاڻي انهن سپاهين جي خاندانن جا ڀاتي اسان جي پُٺڀرائيءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيا هئا. ضياءَ کي پريشان ڪرڻ لاءِ اسين هن جي ويجهو ٿيندا وياسين.
    ”توسان مئجسٽريٽ ملڻ لاءِ آيو آهي،“ آئون جڏهن 29 سيپٽمبر تي پنهنجي گشت جي ٽئين منزل ساهيوال پهتيس، ته منهنجي ميزبان پريشان ٿيندي مونکي چيو.
    مونکي ته ويساهه ئي ڪونه پئي آيو. اُن گهر جي چؤڌاري پوليس گهيرو ڪري وئي هئي. ٽيليفون جو تارُون ڪٽيون ويون هيون ۽ رکي رکي بجلي ۽ پاڻي به بند ڪيو ويو هو. اُن سڄي پاڙي جي رستن تي پهرو بيهاريو ويو هو، جنهنڪري ماڻهو پنهنجن گهرن تائين نه پئي پهچي سگهيا. آئون جن جي گهر مهمان هيس، اهي زال مڙس به مون سان گڏ نظربند ٿي ويا هئا. اُهي پوءِ پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويا هئا. آئون ڪاوڙ وچان ٽي ڏينهن اتي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ هڪ ڪُنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين هلندي هيس، جنهن جي دروازي تي پوليس جي هڪ عورت کي پهري تي بيهاريو ويو هو.
    مون تي ڪهڙيون تُهمتون هيون؟ مون ته ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي. مون ته رڳو پنهنجي پيءُ پاران چونڊن جي اها مهم پئي هلائي، جنهن جي ضياءَ پاڻ اجازت ڏني هئي. جنهن جوکائتي راند ۾ مونکي به گهِليو ويو هو، ان بابت آئون تنهن وقت ڪيتري نه اَڻڄاڻ هيس. ”منهنجي ڌيءَ قيمتي زيورن پائڻ جي هيراڪ آهي. پر هاڻي قيد جا زنجير پائي، هوءَ فخر ڀانئيندي.“ امان ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو، جتي ماڻهن جو تعداد اڳي کان به وڌيڪ هو. اسان سان عوام جي اَٿاهه پُٺڀرائي ڏسي پيپلز پارٽيءَ کي سياسي شڪست ڏيڻ لاءِ ضياءَ جون سموريون اميدون ڌُوڙ ٿي ويون هيون. ڀٽو چونڊن جي مهم ۾ هجڻ بدران قيد ۾ هجڻ سبب وڌيڪ طاقتور ٿي ويو هو.
    ٻئي ڏينهن ضياءَ ٽيليويزن تي چونڊن جي ملتويءَ جو اعلان ڪيو.
    مون ڀانئيو ته اُن گهڙيءَ کان ملڪ ۾ قانون ختم ٿي ويو هو.

    24 آڪٽوبر 1977ع: بابا تي قتل جي سازش مقدمي جي شنوائي شروع ٿئي ٿي. قتل جي معمولي مقدمن کان ڌار، جيڪي هيٺين عدالتن ۾ هلن ٿا، اهو مقدمو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلايو ويو، جنهنڪري بابا اپيل جي حق کان محروم ٿي ويو هو. بابا کي جنهن جسٽس ڇهه مهينا اڳ ضمانت تي آزاد ڪيو هو، تنهن کي هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا فرض نڀائڻ کان الڳ ڪيو ويو ۽ پنهنجن خاص چونڊيل ججن جي عدالت جوڙي وئي هئي. ججن جي ان نئين عدالت پهريون ڪم اهو ڪيو، جو بابا جي ضمانت کي رد ڪري ڇڏيو. هاڻي هُو چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ضياءَالحق جي حڪم سان فوجداري الزامن هيٺ گرفتار ٿي ويو هو.
    البت آئون آزاد هئس ۽ مون امان سان گڏجي بابا پاران ڪم جاري رکيو. چونڊ جي رد ٿيڻ کان ٿورو پوءَ مونکي نظربنديءَ مان آزاد ڪيو ويو. پارٽيءَ جي هڪ همدرد اسان کي لاهور ۾ اوڌر تي اهڙو گهر ڏنو، جنهن ۾ فرنيچر پيل هو. بابا جي ڪيس جي شنوائيءَ وارن ڏينهن ۾ اسين ان گهر کي پيپلز پارٽيءَ جي گڏجاڻيءَ جو هنڌ ۽ آفيس طور ڪَتب آڻڻ لڳاسين. روزانو اسان مان هڪڙي ان شاندار عمارت ۾ شنوائي تي ويندي هئي، جيڪا 1866ع ۾ انگريزن ٺهرائي هئي. عدالت جي ڪاٺ واري اُڪر ٿيل ڇِت هيٺيان هر هنڌ انصاف جا نشان نظر ٿي آيا ۽ فرش تي ٺاهوڪو غاليچو وڇايل هو. جج جيئن اندر ٿي آيو ته سڀيئي اٿي ٿي بيٺا. هنن جي اچڻ کان اڳ سائي ڪوٽ ۽ اڇي پٽڪي سان چوبدار آيو، جنهن جي هٿ ۾ چانديءَ جي مُٺئي واري ڪاٺ جي عصا هئي. ججن کي ڪارا چوغا ۽ اڇن وارن واريون ٽوپيون پيل هيون. اهي اطلسي ٽنؤرن واري ڇٽيءَ هيٺيان پنهنجن ڊگهين ڪُرسين تي اچي ويٺا هئا. بابا جا وڪيل اڳ ۾ ئي عدالت ۾ موجود هئا، جن کي اڇين پتلونن ۽ ڪَلف لڳل اڇين قميصن تي پاتل ڪارن ڪوٽن مٿان ريشمي جُبا پاتل هئا. عدالت جي ڪمري ۾ ڪاٺ جي بئنچن جي قطارن تي ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن جي وچ ۾ ويٺي مونکي اطمينان رکڻ کپندو هو. ائين ٿي لڳو ته اهو مقدمو انگريزي قانون جي بهتر رواجن مطابق هلايو ويندو،پر ائين ڪونه ٿيو هو.
    بابا خلاف اهو مقدمو پهرين فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود جي مڃتا تي جوڙيو ويو هو. مسعود محمود سرڪاري ملازم هو، جنهن کي فوجي بغاوت کان پوءِ هڪدم گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اسان جي اطلاع مطابق بابا خلاف ڪُوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ هن کي سخت ايذاءُ ڏنا ويا هئا. فوج جي نطربنديءَ ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهڻ کان پوءِ مسعود محمود سُلطاني شاهد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو: يعني هڪ اهڙو سرڪاري شاهد، جيڪو ڏوهه ۾ شريڪ هو ۽ جنهن کي ان واعدي تي معافي ملندي، ته هو ٻين شامل ڏوهارين بابت سچ ڳالهائيندو. هاڻي مسعود محمود دعويٰ ڪئي هئي، ته سياستدان قصوريءَ کي مارڻ لاءِ منهنجي بابا کيس حڪم ڏنو هو.
    مسعود محمود جو اهو بيان ته، ان سازش ۾ بابا جو سِڌو هَٿُ هو، اڪيلي شاهدي هئي. ڏوهه ۾ ٻيا شامل چار ڄڻا پڻ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا ماڻهو هئا، جن تي به اهو الزام هو ته اُهي حملي ۾ شريڪ هئا ۽ جن ڊائريڪٽر جنرل جي حڪم سان اهو حملو ڪيو هو. فوجي بغاوت کان ٿورو وقت پوءِ مسعود محمود جيان اهي سڀيئي گرفتار ٿي ويا هئا. ان ڏوهه جو ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه هو.

    فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا چار جوابدار پنهنجن وڪيلن ڀرسان ويٺا هئا، پر بابا جي چؤڌاري جاسوسن جو گهيرو هو ۽ هو اُن ڪاٺ جي پڃري ۾ ويٺو هو، جيڪو خاص ان مقدمي لاءِ ٺاهيو ويو هو. ”مونکي پتو آهي ته تون ڏاڍي آرام پسند زندگيءَ جو هيراڪ آهين، تنهنڪري مون توکي ويهڻ لاءِ بئنچ بدران ڪُرسي ڏني آهي.“ قائم مقام چيف جسٽس مولوي مشتاق حسين پنجن مهينن تائين هلندڙ مقدمي جي پهرئين ڏينهن بابا کي ٽوڪ هڻندي چيو. مولوي مشتاق، جنهن کي ضياءَ اُن وڏي عدالتي عهدي تي مقرر ڪيو هو، سو ضياءَ جي اباڻي ڏيهه جالنڌر، هندستان جو رهاڪو هو ۽ بابا جو پراڻو دشمن هو. هي اُهو ئي جج هو، جنهن ايوب خان سان اختلاف واري وقت بابا تي مقدمو هلايو هو. جڏهن پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جُڙي هئي، تڏهن هن کي چيف جسٽس جي عهدي تان لاٿو ويو هو ۽ کيس ترقي ڏئي سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ کان انڪار ڪيو ويو هو، ڇو ته وزير قانون، اٽارني جنرل ۽ بابا هن کي ان عهدي لائق ڪونه سمجهيو هو. فوجي بغاوت کان ترت پوءِ ان ضياءَ جي آڇيل چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو قبوليو هو ۽ اهڙيءَ ريت حڪومت جي انتظاميا ۽ عدالتي شعبن وچ ۾ علحدگيءَ تي ٺٺولي ڪئي وئي هئي. هو غير جانبدار ٿي نٿي سگهيو.
    عدالت جو ساڙُ پڌرو هو. مقدمي جي پهرئين ڏينهن فيڊرل سڪيورٽي فورس جو ملازم ميان عباس، جيڪو شريف ۽ بهادر انسان هو، اٿي بيٺو ۽ پنهنجي ڏنل شاهديءَ تان ڦِري ويو. ”مونکي ايذاءُ ڏئي مون کان ڏوهه مڃرايو ويو آهي.“ ان اعلان ڪيو. ٻئي ڏينهن هو عدالت ۾ موجود ڪونه هو. فريادي وضاحت ڪئي، ته هو بيمار آهي.
    بچاءُ واري وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي، ته بابا کي شاهدن جي بيانن جا نقل ڏنا وڃن. چيف جسٽس اُن درخواست جي ”مناسب وقت تائين“ مهمليءَ جو حڪم ڏنو. جڏهن مقدمو اڳتي هليو ته بچاءُ جي وڏي وڪيل مسٽر ڊي. ايم. اعواڻ کي چيف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ گهرايو ۽ هن کي هدايت ڪئي ته ”پنهنجي مستقبل بابت سوچ ويچار.“ جڏهن مسٽر اعواڻ، بابا جي مناسب قانوني بچاءُ تي زور ڏنو، ته چيف جسٽس ان عدالت ۾ هن جي ٻين هلندڙ مقدمن خلاف فيصلا ڏئي، اُن جو وير ورتو. نيٺ مسٽر اعواڻ پنهنجي اصيلن کي ڪنهن ٻئي وڪيل ڪرڻ جي صلاح ڏني.
    منهنجي موجودگيءَ ۾ مسعود محمود جي ڊرائيور جيڪا شاهدي ڏني هئي، سا مولوي مشتاق ابتي ڪري ورجائي، ته جيئن بابا ۽ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ۾ لاڳاپو ثابت ٿي سگهي.
    ”ڇا اهو صحيح آهي، ته تون مسعود محمود کي وزيراعظم سان ملرائڻ لاءِ وٺي ويو هُئين؟“ چيف جسٽس کانئس پڇيو.
    ”نه.“ ڊَپ ۾ ڏڪندي ڊرائيور وراڻيو.
    ”لِک، آئون مسعود محمود کي وزيراعظم سان ملرائڻ لاءِ وٺي ويو هئس.“ مولوي مشتاق عدالت جي اسٽينوگرافر کي حڪم ڏنو.
    ”منهنجو اعتراض آهي، ماءِ لارڊ ”پچاءُ جي وڪيل پنهنجيءَ جاءِ تان اٿندي چيو. ”اعتراض رد ڪجي ٿو.“ مولوي مشتاق اڇن گهاٽن ڀِروئن ۾ گهُنڊ وجهندي ڪاوڙ مان ڇڙٻ ڏني. پوءِ هن شاهد ڏانهن ڏسندي چيو. ”تنهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي، ته توکي ياد ڪونهي. پر تون شايد مسعود محمود کي وزيراعظم سان ملرائڻ لاءِ وٺي ويو هُئين.“
    ”نه سائين. آئون هن کي وٺي نه ويو هوس.“ ڊرائيور جواب ڏنو.
    ”لِک، مسعود محمود پاڻ ڪار هلائي وزيراعظم سان ملڻ ويو هو.“ چيف جسٽس اسٽينوگرافر کي حڪم ڏنو.
    ”مونکي اعتراض آهي.“ بچاءُ جي وڪيل وري اُٿندي چيو.
    ”ويهي رهه!“ مولوي مشتاق رڙڪندي چيو. وري هن ڊرائيور ڏانهن ڏٺو.
    ”مسعود محمود ته پاڻ به ڪار هلائي وزيراعظم ڏانهن وڃي پئي سگهيو. هو ڪونه ٿي وڃي سگهيو ڇا؟“ هن پڇيو.
    ”نه سائين.“ ڊرائيور ڏڪندي چيو.
    ”ڇو نه؟“ مشتاق ڪَڙڪو ڪندي پڇيو.
    ”ڇاڪاڻ ته گاڏيءَ جي ڪُنجي مون وٽ هئي، سائين.“ ڊرائيور ڏڪندي وراڻيو.
    جان ميٿوز، ڪيوسي. جڏهن نومبر ۾ مقدمي جي ڪارروائي ٻُڌڻ لاءِ آيو هو، ته هُو اهي ڳالهيون ٻُڌي وائڙو ٿي ويو هو. ”مونکي خاص طور اُن ڳالهه تي ڳڻتي ٿي هئي، جڏهن شاهد جي فائدي واري جواب جي وچ ۾، عدالت جي ججن طرفان ڳالهائي، رنڊڪ وڌي ٿي وئي، ته جيئن هو پنهنجو جواب اڌ ۾ پُورو ڪري يا ڦيرائي وڃي.“ هن بعد ۾ هڪ انگريز صحافيءَ کي ٻڌايو. ”بچاءُ جي وڪيلن کي ته گهڻي ڳڻتي هئي. مقدمي جي پڇاڙيءَ ۾ شاهدن جي شاهديءَ جو جيڪو 607 صفحن جو رڪارڊ ٺهيو هو، تنهن ۾ هنن جو اُٿاريل هڪڙو اعتراض به نه ڄاڻايو ويو هو، ۽ نه وري شاهديءَ ۾ اختلافي ڳالهين جو ڪو ذڪر هو، جن ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو.“
    اُتي ته غيرجانبداريءَ جو ڪو بهانو به نظر نه ٿي آيو. هڪڙي صبح جو جڏهن آئون عدالت ۾ پهتي هيس، ته مون فيڊرل انويسٽيگيٽو ايجنسيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالخالق کي شاهدن کي اهو سمجهائيندي ٻُڌو هو، ته شاهديءَ ۾ کين ڪهڙيون ڳالهيون چوڻيون آهن. ”هيءَ ڪهڙي قسم جو انصاف آهي؟“ مون وڏي آواز ۾ احتجاج ڪيو. اهو ٻُڌي ماڻهو اچي مِڙيا. ”هن کي وٺي وڃو.“ خالق پوليس کي حڪم ڏنو. ”آئون ڪونه وينديس.“ مون فرياديءَ کي پريشان ڪرڻ لاءِ رڙ ڪندي چيو. ”هن کي وٺي وڃو.“ خالي وري رڙ ڪئي. جيئن پوليس وارا مون ڏانهن وڌڻ لڳا، ته سڄي اڱڻ ۾ ڀُڻڪو ٿيو، ته بابا جيل مان پيو اچي. منهنجي مرضي اها نه هئي، ته بابا اهو ڏسي پريشان ٿئي ته سندس ڌيءَ کي ڌمڪيون پيون ملن ۽ کيس عدالت مان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. تنهنڪري آئون تڪرار کان پاسيري ٿي ويس. پوءِ مون ٻُڌو هو، ته فريادي عدالت ويجهو هڪ گهر مسواڙ تي ورتو هو، جنهن ۾ کاڌي پيتي جي هر ڪا آسائش هئي، ته جيئن شاهدن کي شاهديءَ ڏيڻ لاءِ هدايتون ڏئي سگهن.
    بابا جي عدالتي ڪارروائي ٻُڌڻ لاءِ آمريڪا جو اڳوڻو اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ آيو هو. بعد ۾ هن ان مقدمي بابت ”نيشن“ اخبار ۾ هڪ مضمون لکيو هو. ”فرياد جي اُن مقدمي جو سڄو آڌار ڪيترن ئي شاهدن تي هو، جن کي اوستائين نظربند رکيو ويو هو، جيستائين هنن ڏوهه نه مڃيو هو. شاهدن پنهنجو اقرار ۽ شاهديون هر ڀيري ٻُڌائڻ سان پئي ڦيرايون ۽ وڌايون. اُنهن پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي رد ٿي ڪيو. ۽ مسعود محمود (ايف ايس ايف جو ڊائريڪٽر جنرل) کانسواءِ اهي ئي بيان پئي ڏنا، جيئن ٻين ٿي چيو. گڏوگڏ شاهدن جي شاهديءَ مان چار ڌار ڌار نتيجا ٿي نڪتا، ته ڇا ٿيو هو. انهن کي اکين ڏٺل شاهد، سنئين سِڌي شاهدي يا جسماني شاهديءَ جي بلڪل تائيد نه هئي.“ هن لکيو.
    منهنجو انصاف ۾ ويساهه هو. منهنجو اخلاقيات جي قاعدن ۽ ضابطن، ساک کڻي شاهديون ڏيڻ ۽ قانوني ڪارروائيءَ ۾ ڀروسو هو. پر بابا جي نقلي مقدمي ۾ انهن مان ڪا به هڪ ڳالهه نه هئي. بچاءُ جي وڪيل، فوجي روزنامچو هٿُ ڪري ٻڌايو هو، ته اها جيپ، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته قصوري تي حملي لاءِ ڪَتب آندي وئي هئي، ڄاڻايل ڏينهن تي مورڳو لاهور ۾ ئي نه هئي. ”ان سفري روزنامچي کي صحيح ثابت ڪونه ڪيو آهي.“ فريادي ڌُر اعتراض اٿاريو. جيتوڻيڪ هنن پاڻ مقدمي جي ڪاغذن سان گڏ اهو روزنامچو به عدالت آڏو آندو هو.
    بچاءُ جي وڪيل، فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي سفر جون رسيدون آڻي ڏيکاريون هيون، ته غلام حسين، جنهن تي قتل جي حملي جو انتظام ۽ نظرداريءَ جي تُهمت هئي، اُن ڏينهن ڪنهن ٻئي سرڪاري ڪم سان ڪراچيءَ ۾ هو. حقيقت ۾ انهن رسيدن مان ظاهر هو، ته هو اُن حملي کان ڏهه ڏينهن اڳ ۽ ڏهه ڏينهن پوءِ ڪراچي ۾ ئي هو. ”انهن دستاويزن ۾ ڄاڻي ٻُجهي ڦير ڦار ڪئي وئي آهي.“ فريادي ڌُر پنهنجي بيان تان ڦرندي چيو. جيتوڻيڪ اڳ هنن توڙي ”سلطاني گواهن“ مان ڪنهن هڪ به ان جو ذڪر نه ڪيو هو.
    قتل جو اهو سڄو مقدمو جُڙتو هو، جنهن جي پڪي پختي شاهدي تڏهن ملي، جڏهن بابا جي وڪيلن حقيقي حملي جي آزمائشي رپورٽ جو نقل ورتو هو. حملي ڪندڙن جن طرفن کان گوليون هلائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ڪار ۾ ٿيل گولين جا سوراخ ان طرف ڪونه هئا. اصل قاتل چار هئا ۽ نه ٻه؛ جيئن فريادي ڌُر دعويٰ ڪئي هئي. ٻيو ته سرزمين تي جيڪي خالي ڪاتوس لڌا ويا هئا، سي فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي انهن بندوقن جا ڪونه هئا، جن لاءِ ”سلطاني گواهن“ چيو هو، ته اُهي قتل ۾ واپرايون ويون هيون. ”اسان مقدمو کٽي ورتو آهي.“ بابا جي هڪ وڪيلن جي ڀيڻ ريحانا سرور، جيڪا پاڻ به وڪيل هئي، عدالت جي ڪمري ۾ خوشيءَ وچان مونکي چيو هو.
    چانهه جي وقفي ۾ آئون اهو بابا کي ٻُڌائڻ لاءِ هڪدم وٽس ڊوڙي ويس. اُن وقت سلطاني گواهن کي عدالت جي ڪمري ۾ پنهنجن مائٽن سان ڪچهريءَ جي اجازت ڏني وئي هئي. جڏهن ته بابا کي پوليس گارڊ جي زبردست پهري ۾ ڌِڪي پٺيان هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ويهاريو ويو هو. ”بابا، اسان مقدمو کٽي ورتو آهي!“ اسان جي سوڀ ٿي آهي!“ مون هن سان آزمائشي رپورٽ جو ذڪر ڪندي چيو. منهنجي اُتاولائيءَ کي ڏسندي هن جي مُنهن تي جيڪا مُهر ڀري مُرڪ پکڙجي وئي هئي، سا ڪڏهن به مون کان وسري نه سگهندي. ”توکي پتو ئي ڪانهي، پِنڪي!“ هن ٻاجهاري آواز ۾ چيو. ”اُهي مونکي مارڻ گهرن ٿا. تون يا ڪير ٻيو کڻي ڪهڙو به ثبوت آڻي، ان جي هنن کي ڪابه پرواهه ڪانهي. هو مونکي اهڙي قتل جي ڏوهه ۾ مارڻ گهرن ٿا، جيڪو مون ڪيو ئي ناهي.“
    آئون بنهه وائڙن جيان هن ڏانهن ڏسڻ لڳيس. مونکي هن تي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو ۽ نه وري مون مٿس ويساهه ڪرڻ گهريو ٿي. اُن ڪمري ۾ هن جي وڪيلن سميت ڪنهن به مٿس ويساهه آڻڻ ڪين ٿي گهريو. ”هن کي تڏهن به اها ڄاڻ هئي، جڏهن آڌيءَ رات جو ڪراچي ۾ ضياءَ جا سپاهي کيس جهلڻ لاءِ آيا هئا. ”تون هتان نڪري وڃ.“ هن جي ڀيڻ جڏهن ان قتل جي الزام جا پهريون ڀيرو افواهه ٻڌا هئا، تڏهن هن بابا کي ليلائيندي چيو هو. ٻين به هن تي اهوئي زور کيو هو. پر هن جو جواب سدائين اهو ساڳيو ئي هو، جيڪو هن هينئر ڏنو هو. ”منهنجي حياتي الله جي هٿ آهي، نه ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾.“ هن مونکي ان ڪمري ۾ چيو. ”الله جڏهن به مونکي پاڻ وٽ گهرائيندو، ته آئون هن وٽ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو ضمير اڇو اُجرو آهي. منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه منهنجو نالو آهي، منهنجي عزت آهي ۽ تاريخ ۾ منهنجي حيثيت آهي. تنهنڪري ان لاءِ آئون ضرور وڙهندس.“
    بابا کي اها ڄاڻ هئي: اوهين ڪنهن ماڻهوءَ کي قيد ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن فڪر کي نه. اوهين ڪنهن شخص کي شهر مان نيڪالي ڏيئي سگهو ٿا، پر ڪنهن ويچار کي نه. اوهين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن سوچ کي نه. پر ضياءَ جي اکين تي انڌ جا کوپا چڙهيل هئا ۽ هُن عوام ڏانهن هڪ ٻئي نياپي موڪلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اوهين پنهنجي وزيراعظم کي ڏسو. هو به هر عام انسان جيان گوشت ۽ رَت جو ٺهيل آهي. هاڻي کيس پنهنجن اصولن مان ڪهڙي چڱائي ٿيندي؟ هو به اهڙيءَ طرح مري سگهي ٿو، جيئن اوهين مري سگهون ٿا. ڏسجو ته اسين اوهان جي وزيراعظم سان ڇا ٿا ڪريون. ويچاريو ته اسين اوهان سان ڇا ٿا ڪري سگهون. منهنجي بابا مونکي اهو ٻُڌائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي، ته آئيندي ڇا ٿيڻ وارو آهي. پر لڳو ٿي ته، مون سندس لفظ تمام پري کان پئي ٻُڌا. ۽ مون انهن کي اتي ئي رهڻ ڏنو هو. ٻيءَ صورت ۾ آئون هر ان نئين الزام خلاف ويڙهه نه ڪري سگهان ها، جيڪو هڪٻئي پٺيان هن تي هنيو ويو هو. هن جي عزت بچائڻ جي اها ويڙهه منهنجي پنهنجي ويڙهه ٿي پئي هئي.

    ڪراچيءَ ۾ بابا جي گرفتاريءَ جي ٻئي ڏينهن ضياءَ مارشل لا جو حڪم نمبر 21 ڪڍيو هو، جنهن مطابق قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي حڪومتن جي سڀني ميمبرن کي چيو ويو هو ته 1970ع کان 1977ع تائين (پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وارو عرصو) اُهي سمورا مالي تفصيل حڪومت کي ڏيو، جن ۾ سموري جائداد جي خريداري، زرعي اُپت، مشينري، زيورن، انشورنس پاليسين وغيره جا انگ اکر ڄاڻايل هجن. اُن حڪم جي ڀڃڪڙيءَ لاءِ ست ورهيه سخت پورهئي جي سزا ۽ جائداد جي ضبطي هئي.
    جيڪڏهن فوجي حڪومت سمجهيو، ته اها سمورا جائداد ۽ دولت سياسي اثر ذريعن ٺاهي وئي آهي، يا سرڪاري ملڪيت کي ناجائز ڪَتب آندو ويو آهي، ته اهڙي ڏوهاري ڌر کي، ڪنهن به چونڊيل يا مقرر سياسي عهدي لاءِ نااهلي ڪوٺيو ويندو.
    نااهليءَ جي اُن ڏاڍائيءَ جو ڳٽ ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ واسطي، مارشل لا اختياري وارن اهو نئون قانون، پارليامينٽ جي انهن ميمبرن کي ڊيڄارڻ لاءِ واپرايو، ته جيئن اهي فوجي حڪومت کي مڃين. نااهليءَ جو شڪار ٿيندڙن لاءِ اپيل جو رُڳو هڪڙو رستو کليل هو ۽ اهو هو اها ٽربيونل، جيڪا ان ساڳي حڪومت جوڙي هئي، جنهن هنن کي پهرين نااهل قرار ڏنو هو. البت جن حڪومت سان سهڪار ٿي ڪيو، انهن کي عجب آهي ته ٻيهر اهل ڪو ٻيو ٿي ويو.
    نااهل سياستدانن جي جيڪا پهرين فهرست پڌري ڪئي وئي هئي، تنهن ۾ سڀني کان پهرين منهنجي ماءُ جو نالو ڏنل هو، جيتوڻيڪ هن کي پارليامينٽ جو ميمبر ٿيندي رُڳو ٽي مهينا ٿيا هئا. هن کي ڪيترائي ڀيرا اُن ٽربيونل اڳيان حاضر ٿيڻو پيو هو، جتي هن خلاف ڪنهن به الزام هڻڻ کان حڪومت لاچار هئي. هر ڀيري هُن جي شنوائي مهمل ڪرڻي پئي هئي. پر 1977ع جي سرءُ ۽ سياري جي مُندن ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو نشانو بابا هو، جنهن جي نيڪناميءَ جي خاتمي لاءِ ضياءَ سَندرو ٻَڌيو بيٺو هو.
    ”ڀُٽي پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪنن کي موٽر سائيڪلون ۽ سائيڪلون وٺي ڏيڻ لاءِ سرڪاري فنڊ واپرايا. مسٽر ڀٽي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجن گهرن ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ لڳرائڻ لاءِ سرڪاري پئسا خرچ ڪيا. مسٽر ڀٽي اسان جي ٻاهرين سفارتخانن ذريعي سرڪاري فنڊ مان ذاتي واهپي لاءِ ٿانوَ ۽ ڪپڙا گهرايا هئا.“
    حڪومت بابا تي رشوت، سرڪاري فنڊن جي ناجائز واهپي ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيترائي الزام هڪ ٻئي پٺيان هڻندي وئي، اهو ڄاڻندي ته قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند هجڻ سبب انهن الزامن کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ هن کي ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي، هنن هڪ ٻيو اُپاءُ اهو به ورتو هو، جو هن جي پرسنل سيڪريٽريءَ کي به قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. پر بابا ڪاغذن کي فائيل ڪرڻ جو جيڪو انتظام ڪيو هو، سو اسان خلاف سَٺ کان به وڌيڪ مقدمن ۾ خوفناڪ هٿيار ثابت ٿيو.
    ڪراچيءَ ۾ بابا جي ڪاغذن مان مونکي هر اهو ڪاغذ مليو، جيڪو هن تي هنيل هر تهمت کي رد ڪرڻ لاءِ مونکي گهربل هو. آئون روزانو گهرو حساب ڪتاب جو تفصيل چڪاسي، منجهانئن گهربل نقل وڪيلن ڏانهن هڪدم ڏياري موڪليندي هيس ۽ معلوم ڪندي هيس ته ٻيو ڇا گهرجي. بابا هرهڪ خرچ جو رڪارڊ محفوظ ڪري ڇڏيو هو، ايستائين جو 1973ع ۾ ٿائلينڊ جي سفر ۾ چويهه ڊالرن ۾ ورتل ڪپڙي جي رسيد يا 1975ع 218 ڊالرن ۾ اٽالين وال پيپر پيسٽ جي رسيد به محفوظ هئي. مونکي اهو ڄاڻندي اچرج ٿيو ته هن پڙهڻ جي عينڪ به پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ورتي هئي، جيتوڻيڪ وزيراعظم جي صحت جي سار سنڀال جو ذمو حڪومت تي هو. پر الزامن بابت اسان جو ترديدون ڪڏهن به اخبارن ۾ نه ڇپيون باقي الزام ضرور ڇپبا هئا. اسان اهي ترديدون سائڪلو اسٽائل ڪرائي عوام ۾ ورهايون هيون.
    اسان هڪ ڪتابڙو پڻ لکرايو هو، جنهن کي پوءِ جُلد ٻَڌايو ويو هو ۽ جنهن جو عنوان هو: ”ڀٽو؛ افواهه ۽ حقيقت“. ان ۾ بابا خلاف اٿاريل افواهه ۽ اصل حقيقتون ڄاڻايون ويون هيون. اهڙا ننڍڙا ڪتاب ڇاپي ورهائڻ جوکائتو ڪم هو؛ ڇوته هر اهو مواد، جيڪو بابا جي فائدي ۾ هو، اهو حڪومت موجب ’فتنو فساد‘ هو ۽ جن ماڻهن اهڙي مواد کي ڇاپيو ۽ ورهايو ٿي، تن کي قيد جي سزا ملڻ ۽ اهو مواد ضبط ٿيڻ جو انديشو هو. اهي ترديدون پاڪستاني توڙي پرڏيهي صحافين لاءِ ڪارائتيون هيون، جن کي حڪومت بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف ڪيل پروپئگنڊا ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. پر اڃا به ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي گهُرج هئي.
    ”اسان کي عوام ڏانهن نياپو موڪلڻ گهرجي. ته اُهي هڙتال ڪن، مظاهرا ڪن، ۽ احتجاج ڪن.“ مون نراسائيءَ مان پارٽي اڳواڻن کي چيو، جيڪي اسان جي مسواڙي گهر ۾ رات جو ڳجهي گڏجاڻيءَ ۾ آيا هئا. پر ڀَؤ سبب اهي ڳنڀير ٿي ويا. ”جيستائين پارٽيءَ طرفان ڪو فيصلو نه ٿئي، تيستائين ڪوبه اهڙو ڪم ناهي ڪرڻو.“ هو اهوئي چوندا رهيا. هنن جي اها لاپرواهي ڏسي مونکي ۽ ٻين نوجوان ميمبرن کي ڏاڍي مايوسي ٿي. ”ته پوءِ هلون ته پيرن فقيرن جي مقبرن تي دعائون گهرون.“ مون اهو سوچي صلاح ڏني، ته حڪومت، جيڪا هر هڪ کي مذهبي تعليم ڏيارڻ جا انتظام پئي ڪرائي، سا ڪڏهن به پيرن فقيرن جي مقبرن ۽ درگاهن ۾ اسان کي دعائون گهرڻ وقت گرفتار ڪرڻ جي همت ئي نه ڪندي. اهو ويچار سڀني کي پسند آيو. سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ درگاهن ۾، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن گڏ ٿي، بابا جي ڇوٽڪاري لاءِ قرآن خواني ۽ دعائون گهرڻ لڳا. پر منهنجو ويچار غلط هو. حڪومت مزارن ۽ درگاهن ۾ به اسان کي سخت تڪليفون پهچايون.
    پوءِ گرفتاريون ٿيون ۽ ڪوڙن جا سَٽڪا شروع ٿي ويا. ڊسمبر 1977ع تائين ڪل سَت سؤ ماڻهن کي جهَليو ويو. لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر خالد احمد جي مقدمي مان پتو پوي ٿو ته، فوجي بغاوت کانپوءِ حڪومت مسعود محمود ۽ ٻين سرڪاري عملدارن کان بابا خلاف ڪُوڙيون شاهديون ڏيارڻ لاءِ هنن سان ڪهڙيون نه جُٺيون ڪيون هيون. لاهور ۾ خالد احمد جي گهر فوج جا ٻه ماڻهو ضياءَ طرفان لکيل حڪمنامو کڻي آيا هئا. اها ڳالهه مونکي هن جي زال عذرا ٻڌائي. ”جيڪڏهن آئون سڀاڻي توکي فون نه ڪريان، ته سمجهجانءِ ته ڪا خرابي ٿي آهي.“ هن گهر مان ويندي مهل پنهنجيءَ زال کي چيو. ٻئي ڏينهن هن وٽان ڪابه خبر نه آئي. هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ نيٺ هن جڏهن اسلام آباد ۾ پنهنجي مڙس کي ڳولي لڌو، ته کيس گهڻو صدمو پهتو. ”آئون ان ڏينهن کي وساري ئي نٿي سگهان.“ هن مونکي ٻڌايو ”هن جي مُنهن ڇار جهڙو هو، چَپ خشڪ ٿي ڦاٽي پيا هئا، وات مان اڇي گجي نڪري چَپن چؤڌاري ڄمي وئي هئي، ۽ نازڪ عضون تي بجليءَ جا جهَٽڪا ڏنا ويا هئا. هنن جي مرضي هئي ته هو عدالت ۾ مسٽر ڀٽي خلاف ڪُوڙي شاهدي ڏي.“
    خالد کي پنجن مهينن تائين انڌاري ڪوٺڙيءَ ۾ قيد رکيو ويو. روزانو شام جو عذرا هڪ باغ ۾ ويندي هئي، جتان قيدخاني جو ٿَلهو نظر ايندو هو. ”هن کي ڪسرت لاءِ روزانو اڌ ڪلاڪ جي مهلت ملندي هئي.“ هن ٻڌايو. ”آئون هن جي رڳو هڪ جهَلڪ ڏسڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ بئنچ تي ويٺي هوندي هيس ۽ خاطري ڪندي هيس ته هو اڃا جيئرو سلامت آهي.“
    خالد احمد ۽ شايد ٻين ڪيترن جي زندگي امان جي اُن درخواست سبب بچي وئي، جيڪا هن بابا جي گرفتاريءَ کان هڪدم پوءِ سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي ۽ جنهن ۾ مارشل لا جي ان قانوني اختيار تي اعتراض ڪيو هو، جنهن هيٺ هن کي نظربند رکيو ويو هو. نومبر 1977ع ۾ سپريم ڪورٽ مارشل لا جي قانوني جواز کي بحال ڪندي پڌرو ڪيو، ته اهو قرآني قانون مطابق گهُرج جو قانون‘ آهي،ڇو ته قرآن ۾ اجازت ڏنل آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن مسلمان کي کائڻ لاءِ ڪي به نه ملي، ته جيئري رهڻ لاءِ هن کي سُوئر جو گوشت کائڻ جائز آهي. پر عدالت اهو پڻ پڌرو ڪيو ته، مارشل لا رُڳو ٿورڙي مُدت يعني نَون مهينن لا جائز آهي، جنهن عرصي جي حڪومت کي گهُرج هئي؛ ته جيئن آزاد ۽ انصاف وارين چونڊن جا انتظام ٿي سگهن.
    عدالت جي ججن اُهو پڻ حڪم ڏنو، ته فوجي عدالتون جيڪي فيصلا ڪنديون، تن تي نظرثانيءَ جا جيڪي اختيار اعليٰ ديواني عدالتن کي مليل هئا، سي قائم رهندا. ديواني عدالتن جي ان نظرثانيءَ واري شرط کانسواءِ سياسي ڪارڪنن ۽ سرڪاري ملازمن سميت هزارين ماڻهن کي، جيڪي فوجي انقلاب کان پوءِ گرفتار ڪيا ويا هئا، پنهنجي نظربنديءَ تي نظرثاني لاءِ اپيل جو حق ملي نه سگهي ها. جيتوڻيڪ اهي اپيلون- منهنجي نظربنديءَ وقت ڪيل اپيلن سميت- عدالت ۾ دير سان پهچنديون هيون، پر اُن وقت ديواني عدالتن سبب دادرسيءَ جي ٿوري اميد ٿي هئي.
    ڊسمبر 1977ع ۾ هاءِ ڪورٽ خالد احمد کي آزاد ڪيو، ڇوته هن خلاف ذرڙو به ثبوت نه مليو هو. هن جي گرفتاريءَ جو حڪم به ڪونه هو. ”اسان کي مٿان حڪم مليا هئا.“ فوجي عملدارن چيو هو، پر جيئن ته فوجي حڪومت عدالت جي اُن فيصلي کان پوءِ به بابا کي ٻيهر جهَليو هو، بلڪل اهو ئي هنن خالد سان به ڪيو. هن جي آزاد ٿيڻ کان هڪ هفتو پوءِ ان اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪڙي دوست چتاءَ ڏنو، ته توکي سرڪاري گاڏي ۽ هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ غلط واپرائڻ جي ڏوهه ۾ مارشل لا حڪم نمبر 31 هيٺ وري جهَليو ويندو. هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ! ”مون هن کي منٿ ڪئي، ته ملڪ مان هليو وڃ.“ عذرا اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ٻڌايو. ان رات هن جو مُڙس لنڊن روانو ٿي ويو. هن خلاف مقدما اڃا تائين هلن پيا، جنهنڪري هو ملڪ کان ٻاهر رهڻ تي مجبور آهي. عذرا اڪيلي پنهنجن ٻارن کي نپائي وڏو ڪيو آهي. هن ۽ ٻين ڪيترن ئي خاندانن جي پيڙا جي شروعات ڊسمبر 1977ع ۾ ٿي هئي. جيڪا ٻه هفتا پوءِ هڪدم چوٽ تي پهچي وئي هئي.

    ڳوڙها آڻيندڙ گئس. دانهون ڪُوڪون. ماڻهن جي ڀَڄ ڀڄان. منهنجي ڪُلهي ۾ شديد سُور. ”امان، تون ڪٿي آهين؟ تون ٺيڪ ته آهين نه؟ امان!“

    16 ڊسمبر 1977ع: هندستان اڳيان فوج جي آڻ مڃڻ جي ورسي. قذافي اسٽيڊيم لاهور. امان ۽ مون فيصلو ڪيو آهي، ته ذهن تان مقدمي جو بار لاهڻ لاءِ ڪرڪيٽ مئچ هلي ڏسجي. اسان وٽ عورتن واري حصي ۾ ويهڻ جو ٽڪيٽون آهن. پر اسين جڏهن اتي پهتيوسين، ته سڀئي دروازا بند آهن، رڳو هڪڙو دروازو کليل آهي، جنهن مان اسين اندر وڃون ٿيون. ماڻهو جيئن ئي اسان کي ڏسن ٿا، ته اهي تاڙيون وڄائين ٿا ۽ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. پر ڪرڪيٽ جا رانديگر اوچتو ميدان مان ڀڄي وڃن ٿا ۽ جتي ڪرڪيٽ ٽيم بيٺي آهي، اتي پوليس وارا گوڏن ڀر بيهي رهن ٿا.
    ”شُون.“ منهنجي مُنهن ڀرسان ڪا ڳري شيءِ تيزيءَ سان لنگهي ٿي. ”ڳوڙها گئس!“ ڳوڙها گئس! آئون رڙيون ٻُڌان ٿي. ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ آهي ۽ اُهي ڪُلف ڏنل دروازن ڏانهن ڀڄن ٿا. آئون نه ساهه کڻي سگهان ٿي ۽ نه ڏسي سگهان ٿي. اسان جي پاسي ايندڙ زهريلي گئس جي وڏي دونهين ۾ منهنجو ساهه ٻُوساٽجڻ لڳي ٿو. ڇا ڦڦڙن ۾ گهاوَ ٿي سگهن ٿا؟ منهنجو ڪُلهو؟ ان ڌڪ سبب آئون ذري گهٽ ڪِرڻ تي آهيان. منهنجي چؤڌاري اوندهه ۾ پوليس وارا ماڻهن تي لٺيون وسائيندا، کين زمين تي ڪيرائيندا پيا وڃن.
    ”امان!“ آئون سڏ ڪريان ٿي. ”امان!“
    آئون ڏسان ٿي ته هوءَ لوهي جهنگلي تي جهُڪيل آهي. منهنجو آواز ٻُڌي هوءَ پنهنجو مٿو مٿي کڻي ٿي. هن جي مٿي تي لڳل گهاوَ مان رَت پيو ٽِمي.
    ”اسپتال. امان کي هڪدم اسپتال پهچائڻو آهي،“ آئون رڙ ڪريان ٿي. ”نه.“ ، امان ماٺڙي ڪري چوي ٿي. ”پهرين اسين مارشل لا ائڊمنسٽريٽر وٽ هلنديونسين.“
    رَت هن جي چهري تان هيٺ وهندو سندس لباس تي ڳاڙهيون لِيڪون پيو ٺاهي. اسين ماڻهن جي گوڙ مان اڳتي وڌنديون هڪ ڪار تائين پهچون ٿيون. ”اسان کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي گهر وٺي هل.“ هوءَ چوي ٿي. اتي دروازي تي اسان کي پهريدار ڏسي وائڙا ٿي وڃن ٿا ۽ اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت ملي ٿي. امان جيئن ڪار مان هيٺ لهي ٿي، ته اسان پٺيان جنرل جي جيپ اچي بيهي ٿي.
    ”جنرل توکي اڄوڪو ڏينهن ياد آهي؟“ هوءَ پنجاب ۾ ضياءَ جي رکيل مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اقبال آڏو ويندي چوي ٿي. ”اڄوڪي ڏينهن اوهان ڍاڪا ۾ هندستاني فوجن اڳيان هٿيار ڦِٽا ڪيا هئا ۽ اڄ اوهان منهنجو رَت وهائي پاڻ کي وري شرمندو ڪيو آهي. اوهان کي عزت ۽ مانُ مريادا لفظ جي ڪابه خبر ڪانهي. جنرل اوهان کي رُڳو بيعزتيءَ جي ڄاڻ آهي.“ هو وائڙو ٿيندي امان ڏانهن ڏسي ٿو.
    ”امان وڏي شانُ سان واپس اچي ڪار ۾ چڙهي ٿي. اسين سِڌو اسپتال وڃون ٿيون، جتي هن جي گهاوَ کي بند ڪرڻ لاءِ ٻارهن ٽانڪا هنيا وڃن ٿا. اُن ڏينهن ٽپهريءَ جو مونکي گهر مان ۽ امان کي اسپتال ۾ گرفتار ڪن ٿا.
    ٻئي ڏينهن ضياءَ ٽيليويزن تي نروار ٿئي ٿو ۽ پنجاب جي حڪومت کي اُن واقعي جون واڌايون ڏئي ٿو. بابا جڏهن ان واقعي بابت ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته ”لعنت آهي،“ ته هن کي عدالت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو. ”هن کي وٺي وڃو، جيستائين هن کي ڪا مَت اچي.“ چيف جسٽس چوي ٿو. ٻئي ڏينهن بابا بيجا عدالتي تحقيقات لاءِ درخواست ڪري ٿو. درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.

    لاهور ۾ ضروري گهرو شين کان وانجهيل گهر ۾ آئون گرفتار هيس ۽ امان اسپتال ۾ مونکي پهريون ڀيرو ويچار آيو، ته اسانجا حوصلا چيڀاٽڻ لاءِ ضياءَ ڪهڙي حد تائين وڃي سگهندو. منهنجي ذهن ۾ ذرو به شڪ نه هو، ته ڪرڪيٽ ميچ ۾ اسان تي جيڪو حملو ٿيو هو اهو اڳواٽ ئي رٿيل هو. پوليس پاڻ سڀني دروازن تي تالا چاڙهي ڇڏيا هئا، ته جيئن اسين هنن جي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺين وچ ۾ ڦاسي پئون. مطلب پڌرو هو. عورتن کي ڪڏهن به اهڙي طرح نه سزا ڏني وئي آهي، ۽ نه ڊيڄاريو ويو آهي. اسين هڪ اهڙي دؤر ۾ پئي وياسين، جنهن جهڙو پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪونه آيو هو. سائڪلواسٽائيل مشينن ۽ ٽائيپ رائيٽرن وچ ۾ لاهور جي نظربنديءَ واري ڏينهن حقيقت ۾ ڏاڍا اونداها هئا.
    هڪ هفتي اندر امان به مون وٽ هلي آئي هئي. هن جي مٿي تي پَٽيون ٻڌل هيون، ڇا پيو ٿئي، اسان اَويساهيءَ وچان هڪ ٻئي کان پڇيو. ڇا اسين جيڪي ڏسون پيا سو سچ آهي؟ اسان جا ذهن ان کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئا. پر مونکي پڪ آهي ته ان سموري عرصي ۾ اهوئي اسان جو سهارو هو. هر نئون ظلم اسان لاءِ صدمو هو- ۽ پڪي ارادي جو نئون ڌماڪو هو. منهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ، سوچڻ ۽ پختي ارادي ۾ بدلجي ويو. اهي ڇا ٿا سمجهن. ڇا اهي منهنجي بيعزتي ڪري سگهندا؟ ڪوشش ڪري ڏسن، اها سوچ منهنجي هن تي نقش ٿي وئي.
    مون نئين سال جو پهريون ڏينهن پاڪستان ۾ نطربنديءَ هيٺ گذاريو. هڪ ورهيه اڳ آئون آڪسفورڊ مان واپس پنهنجي گهر المرتضيٰ آئي هيس ۽ بابا جي جنم ڏينهن تي ضياءَ سان ملي هيس. هاڻي پنهنجي جنم ڏينهن تي بابا جيل ۾ بند هو. امان ۽ آئون روزانو پنهنجي پندرهن ڏينهن جي نطربنديءَ واري حڪم کي چڪاسي ڏسنديون هيونسين. امان پنهنجو وقت پنهنجي سِر سوچيندي گذاريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيليويزن ڏسندي هئي، جيڪا اسين آوازَ ٻُڌڻ لاءِ کولي ڇڏينديون هيونسين.
    بابا سان منهنجي مقرر ملاقات جو ڏينهن آيو ۽ گذري ويو ۽ مونکي ڏاڍو اداس ڪري ويو. هن کي ڏسي ۽ هُن وٽان هيڊن ڪاغذن تي منهنجي لاءِ لکيل هدايتون وٺي مونکي سدائين خوشي ٿيندي هئي، جيڪي هن پنهنجي کوليءَ ۾ گڏ ڪري رکيون هيون. ان وقت هن جي کولي مونکي ڏاڍي خراب لڳندي هئي، ڇوته ان جو فرش گندو هو ۽ اتي پاڻيءَ جو پُورو بندوبست به نه هو. مونکي گهٽ خبر هئي ته اڳتي هلي هن کي ان کان به وڌيڪ خراب ۽ گندين کولين ۾ رهڻو پوندو.
    اختياريءَ وارن هن کي ذهني مريضن ڀرسان رهايو هو، جيڪي سڄي رات رڙيون پيا ڪندا هئا. هنن اها به خاطري ڪئي هئي ته بابا انهن سياسي قيدين جا آواز چٽا ٻُڌي سگهي، جن کي قيدخاني جي اڱڻ ۾ ڪُوڙا هنيا ويندا هئا. ڪڏهن ته انهن قيدين جي وات اڳيان مائڪرو فون رکيو ويندو هو. پر حڪومت هن جا حوصلا ٽوڙي نه سگهي. ”منهنجا حوصلا مضبوط آهن،“ قيد ۾ هن سان هڪ ملاقات وقت بابا مونکي خاطري ڏيندي چيو. ”آئون ڪاٺ جو ٺهيل ڪونه آهيان، جيڪو سولائيءَ سان سڙي وڃي.

    پر قيد کان ٻاهر ظلم ۽ ڏاڍ جي باهه جا ڀَنڀٽ ٻرڻ لڳا هئا، جڏهن جنوري 1978ع جي اوائلي ڏينهن ۾ حڪومت ڪيترن ئي ماڻهن جو پهريون عام قتل ڪيو هو. امان ۽ منهنجي گرفتاريءَ کان اڳ، پاڪستان پيپلز پارٽي بابا جي جنم ڏينهن 5 جنوريءَ تي جمهوريت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. ملتان ۾ ڪالوني ٽيڪسٽائيل مل جي پورهيتن، جن کي مل جي مالڪن سدائين کان ملندڙ بونس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، تن هڙتال ڪئي هئي ۽ اُن ڏينهن تي مظاهري جو فيصلو ڪيو هو. پر کين اهو وجهه ڪڏهن به ملي نه سگهيو.
    جمهوريت جي ڏينهن کان ٽي ڏينهن اڳواٽ ئي فوج ڪارخاني جي دروازن کي ڪُلف ڏئي بند ڪري ڇڏيو ۽ ڇِت تي چڙهي هيٺ انهن پورهيتن تي گوليون هلايون، جيڪي اتي ڦاٿا پيا هئا. ننڍي کنڊ ۾ اهڙو بدترين قتل عام اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. اسان کي ٻڌايوويو هو، ته سوين ماڻهومارجي ويا هئا. ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي ته ڪيترا ڪجهه ماڻهن چيو ته ٻه سئو. ڪن وري ٻڌايو ته ٽي سئو مئل ماڻهن کي ٻنين ۽ گندين نالين ۾ اڇلايو ويو هو. ضياءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پُٺڀرائي ڪندڙ پورهيت طبقي جي ماڻهن کي چتاءُ ڏنو هو ته”جهڪي وڃو يا موت قبوليو.“
    جمهوريت جو ڏينهن ظلم ۽ ڏاڍ جو بدترين ڏينهن ثابت ٿيو هو. سڄي ملڪ مان پيپلز پارٽيءَ جي هزارين حامين کي جهَليو ويو هو ۽ سموري ملڪ کي بيرحمي وڪوڙي وئي هئي. جنهن به ماڻهو ”جيئي ڀٽو،“ يا ”جمهوريت زنده باد“ چيو ٿي ته ان کي ڪوڙا ٿي هنيا ويا.
    جنهن به ماڻهوءَ پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو ٿي چاڙهيو، تنهن کي ڦٽڪا ٿي لڳا. ڪوڙا هڪدم هنيا ٿي ويا، اڪثر سزا ملڻ جي هڪ ڪلاڪ اندر. ڇو ته اڃا تائين ديواني عدالتن کي اپيلن ٻُڌڻ جو اختيار هو. ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيدين جون ٻانهون ٽنگون ڇِڪي، هنن کي نوڙيءَ سان ڪاٺ ۾ ٻَڌو ويندو هو. پوءِ ڊاڪٽرن کي گهرائي هنن جي نبض چڪاسي ويندي هئي، ته جيئن مرڻ جي حالت تائين پهچڻ کان اڳ ڪُوڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن. قيدين کي اڪثر هوش ۾ آڻڻ لاءِ لُوڻ سُنگهايو ويندو هو، ته جيئن سزا جا مقرر ڪوڙا، جيڪي گهڻو ڪري ڏهن کان پندرهن تائين هوندا هئا، هڻي سگهجن.
    جيل کان ٻاهر به عام ماڻهن اڳيان ڪَوڙن جي اها سزا عام ٿيڻ لڳي هئي. فوج جون گهمندڙ عدالتون، جن ۾ هرهڪ ۾ مارشل لا جو هڪڙو عملدار هوندو هو، بازارن ۾ پيون گهمنديون هيون ۽ ٿڏي تي فيصلو ڪري انهن واپارين کي سزائون ڏينديون هيون، جيڪي تور ۾ گهوٻي هڻندا هئا، وڌيڪ قيمت وٺندا هئا يا خراب مال وڪڻندا هئا. سکر ۾ هڪ فوجي عملدار حڪم ڏنو، ته منهنجي اڳيان ڪوبه هڪڙو ماڻهو حاضر ڪريو. ”ڪَوڙن هڻڻ لاءِ اسان کي ڪونه ڪو ماڻهو گهرجي. هن چيو. دڪاندار مُنجهي پيا هئا ته ڇا ڪجي. نيٺ اهي ان عملدار کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ وٽ وٺي ويا، جنهن تي شڪ هو ته هو کنڊ ڳري اگهه ۾ وڪڻي ٿو. جيتوڻيڪ بازار ۾ هرهڪ دڪاندار اهڙي ڏوهه جو ڏوهاري هو، پر ان ماڻهوءَ کي جهلي اتي جو اتي عام ماڻهن جي وچ ۾ ڦٽڪا هنيا ويا.
    مون اهڙي ظلم ڏسڻ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اُميد نه ڪئي هئي. مون سماج جو جيڪو روپ آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ ڏٺو هو ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي 1973ع جي آئين هيٺ جيڪو تجربو ٿيو هو، اهو سمورو غائب ٿيندو پئي ويو.
    جنهن ڏينهن اسان جي نظربنديءَ جو مُدو ختم ٿيو، ان ڏينهن ان گهر جا دروازا کولي مئجسٽريٽ کي اندر اچڻ ڏنو ويو هو. پر اسان کي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هئي. هن آزاديءَ بدران اسان کي پندرنهن ڏينهن جي نظربنديءَ جو هڪ نئون حڪمنامو ڏنو. هڪ ٻيو قانوني مثال ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. بابا جي شهري حڪومت واري دؤر ۾ نظربند رکڻ جا حڪم تمام گهٽ نڪرندا هئا. ڪنهن کي به هڪ سال جي عرصي ۾ ٽن مهينن کان مٿي نظربند نه رکيو ويندو هو ۽ چوويهن ڪلاڪن اندر عدالتن ۾ درخواستن جي شنوائي ٿيندي هئي. هاڻي پاڪستان جي هڪ نئين ڀوائتي تاريخ قلمبند پئي ٿي.
    آزادي. نظربندي. شهر نيڪالي. نظربندي، بابا جي مقدمي جي سموري وقت ۾ حڪومت پنهنجا ڏاڍائيءَ وارا اختيار واپرائڻ سبب امان ۽ مونکي ڏڪائي ڇڏيو هو. هنن اسان کي آزاد ڪري وري هڪدم نظربند ٿي ڪيو، جنهن سبب ڪنهن به قسم جي رٿا ٺاهڻ ممڪن نه هو. 1978ع جي پهرين ڪجهه مهينن ۾ مونکي هر هر نظربند رکيو ويو. ائين ٿي لڳو ته حڪومت کي به ڄاڻ نه هئي ته آئون اچان پئي يا وڃان پئي.
    جنوريءَ جي وچ ڌاري امان ۽ مونکي لاهور ۾ اسان جي نظربنديءَ مان ڇڏيو ويو. آئون هڪدم هوائي جهاز ذريعي ڪراچي پهتيس، جتي مونکي انڪم ٽئڪس اختياريءَ وارن اڳيان حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو هو. الزام ڪهڙو هو؟ منهنجي ڏاڏي جي ملڪيت ۽ قرض جو تفصيل ڏيڻ، جنهن تڏهن وفات ڪئي هئي، جڏهن منهنجي ڄمار چار ورهيه هئي. آئون ته هن جي وارث به ڪين هيس ۽ ڪنهن به شهري يا فوجي قانون هيٺ پنهنجي ڏاڏي جي جائداد بابت سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ آئون جوابدار ڪونه هيس. پر اختياريءَ وارن کي ان جي پرواهه نه هئي. نوٽيس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنل هو،ته ڀڃڪڙيءَ سبب منهنجي خلاف پاڻمُرادو هڪ طرفو فيصلو ڏنو ويندو. آئون 70 ڪلفٽن ۾ آڌيءَ رات جو پهتيس.
    ”ٺا! ٺا!“ آئو رات جو ٻين وڳي هنڌ مان ڇِرڪ ڀري اٿيس. ”ڇا آهي اهو؟“ مون سخت پريشانيءَ وچان رڙ ڪئي. چار مهينا اڳ منهنجي ڪمري ۾ ڪمانڊو جي اوچتو گهڙي اچڻ سبب مون جيڪا ڦڙڦوٽ ڀانئي هئي، حقيقت ۾ اُن مان اڃا تائين منهنجي جِند آزاد نه ٿي هئي. ”پوليس سڄي گهر کي گهيرو ڪري وئي آهي.“ دوست محمد پري کان رڙ ڪري مونکي ٻڌايو. آئون ڪپڙا بدلائي هڪدم هيٺ لٿيس.
    ”اسان صبح جو ستين بجي لاهور ويندڙ جهاز ۾ اوهان جي سِيٽ بُڪ ڪئي آهي. ”پوليس عملدار ٻڌايو. ”اوهان کي سنڌ صوبي مان نيڪالي ڏني وئي آهي.“
    ”ڇو؟“ مون پڇيو. ”آئون ته هتي اجهو هاڻي پهتي آهيان، ته جيئن اوهان جي حڪومت طرفان مڙهيل تُهمتن جا جواب ڏئي سگهان.“
    جنرل ضياءَ انگلينڊ جي وزيراعظم ڪئلهان کي ڪرڪيٽ مئچ ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو آهي.“ عملدار ٻڌايو.
    هڪ ڀيرو وري منهنجي وات مان ڪو لفظ ئي نه نڪتو. ”اُن عمل سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟“ مون هن کان پڇيو. ”مونکي ته اها به ڄاڻ ڪانهي، ته ڪا ڪرڪيٽ مئچ به ٿيڻي آهي.“
    ”چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ڪنهن به گڙٻڙ کي پسند ڪونه ڪندو. اوهين شايد اها مئچ ڏسڻ وڃو، تنهنڪري هن اوهان جي شهر نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو آهي.“ عملدار وراڻيو. ڇهين وڳي صبح جو پوليس جي پهري ۾ مونکي هوائي اڏي تي پهچايو ويو ۽ لاهور ويندڙ جهاز ۾ چاڙهيو ويو. ان ڏينهن مونکي ڪراچيءَ ۾ ڇونه روڪيو ويو هو؟
    ٻه ڏينهن پوءِ لاهور ۾ مون پنهنجين ساهيڙين سان ٻنهپرن جي ماني پئي کاڌي، ته پوليس ان گهر کي گهيرو ڪري وئي. ”توکي پنجن ڏينهن لاءِ نظربند ڪجي ٿو.“ گرفتار عملدار مونکي ٻڌايو. ”ڇو؟“ مون هن کان پڇيو.
    ”اڄ داتا صاحب جو عُرس آهي.“ عملدار ٻڌايو- ان جي مونکي به ڄاڻ هئي، جو داتا صاحب اسان جو بزرگ ولي آهي. ”تون شايد هن جي مزار تي حاضري ڏين.“
    وري آئون پنهنجي ماءَ سان گڏ نظربند رهيس. امان پنهنجن ئي سوچن ۾ ويٺي هوندي هئي، ته آئون ڪمري ۾ پَسار پئي ڪندي هيس. اسان جي ٽپال روڪي وئي هئي. اسان جو فون ڪَٽيل هو. فيبروريءَ جي شروع ۾ جڏهن مونکي آزادي ملي، ته آئون هڪدم بابا سان ملاقات لاءِ ويس، ڇوته نظربنديءَ جي انهيءَ مُدت ۾ آئون اهڙيون ٽي قيمتي ملاقاتون وڃائي ويٺي هيس. پر مون عدالت جي ڪابه شنوائي نه گسائي هئي.
    جيتوڻيڪ چيف جسٽس دنيا جي اخبارن کي خاطري ڏني هئي، ته مقدمي جي ڪارروائي ”ڏينهن جي پُوري روشني ۾ ٿيندي.“ پر 25 جنوريءَ تي بابا جي شاهدي شروع ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪمري ۾ ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه هئي. دنيا کي قانوني ڪارروائي ٻُڌڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، پر بچا جو بيان ٻڌڻ لاءِ اتي ڪوبه ڪونه هو. عدلت جي ساڙ کان مايوس ٿي، بابا اڳواٽ ئي پنهنجا وڪيل واپس ورتا هئا. هاڻي هن بيان ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو هو، ۽ باقي ڪارروائيءَ وقت ۾ ماٺ ڪيو ويٺو هو. پنجاب جي ان چيف جسٽس ان ڳُجهي ڪارروائيءَ جو فائدو وٺندي، سنڌين خلاف پنهنجي نسلي ڪِروڌ جو اظهار ڪيو، ڇو ته بابا جو لاڳاپو پڻ سنڌ سان هو. ان ساڙ سبب بابا ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ اختياري وارن مقدمي جي ٻيهر ٻُڌڻيءَ جو مطالبوڪيو. پر اُن جو ڪو نتيجو نه نڪتو.
    انهن ڏينهن ۾ مون مقدمي جي سلسلي ۾ ڪم پئي ڪيو، ته امان وري قصور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وئي هئي، جتي هن بابا بُلهي شاهه جي درگاهه تي دُعا گهري هئي. ”منهنجي مرضي آهي ته اوهان سنڌ ۾ وڃو.“ بابا ڪوٽ لکپت جيل ۾ مونکي چيو هو. ”تون ۽ تنهنجيءَ ماءُ پنجاب ۾ گهڻو وقت گذاريو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي برک ڪارڪنن کي چئو، ته اوهان جي گشت جو انتظام ڪن.“
    ڪراچيءَ مان لاڙڪاڻي ڏانهن وڃڻ لاءِ سَنڀرندي مونکي ڏاڍي ڳڻتي ٿي هئي. مون بهانو ڪيو، ته آئون پنهنجن بزرگن جي مزارن تي دعائون گهرڻ لاءِ وڃان ٿي. امان مون ڏانهن ڪراچيءَ ۾ هڪ نياپو موڪليو هو، جنهن ۾ مونکي خبردار رهڻ لاءِ چيو ويو هو. ”ضياءَ کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ، نه هن تي تنقيد ڪر. پنهنجو ڌيان مهانگائي جهڙن مسئلن تي رک. اتي تنهنجي هٿ ۾ پارٽيءَ جو جهنڊو هوندو ۽ توکي ئي پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻي پوندي.“ هوءَ لڪ ڇپ ۾ ملتان وئي هئي، جتي هن ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ قتل عام ۾ مارجي ويل پورهيتن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي هئي. هن مون ڏانهن انهن خاندانن جا نالا موڪليا هئا،جن جا مرد ڀاتي گرفتار ڪيا ويا هئا. هن مونکي انهن خاندانن وٽ وڃڻ لاءِ لکيو ۽ انهن کي سندن ٻارن جي تعداد مطابق رقمون ڏيڻ لاءِ پئسا موڪليا. ”جيڪڏهن ڪارڪن اڪيلو ڪمائيندڙ آهي، ته هن جي گهر جي ائڊريس هٿ ڪر، ته جيئن سندس آزاد ٿيڻ تائين، اسين هر مهيني ڪا رقم هن جي گهر ڀاتين ڏانهن موڪلي سگهون.“ هن لکيو ۽ آخر ۾ هن صلاح ڏني ته، ”تون مرسڊيز ڪار ۾ سفر ڪجانءِ. اها ڪار مضبوط، هلڻ ۾ تِکي ۽ ڀروسي واري آهي. پنهنجي سموري پيار سان، تنهنجي امان.“
    ’مساوات‘ اخبار منهنجي روانگيءَ ۽ انهن شهرن جي نالن جو اعلان ڪيو، جتي مونکي وڃڻو هو. آئون 14 فيبروريءَ تي سنڌ جو پهريون گشت ڪرڻ لاءِ رواني ٿيس. مون سان گڏ هڪ تقريرون لکندڙ، هڪ صحافي ۽ ’مساوات‘ اخبار جو فوٽو گرافر هو. پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي عورت شعبي جي اڳواڻ بيگم سومرومنهنجي بچاءُ لاءِ مون سان گڏ هلي.
    ٺٽو، جتي سڪندراعظم پنهنجي فوج سميت ترسيو هو ۽ حيدرآباد، جتي جي مَنگهن مان هوا گذري گهرن کي ٿڌو ڪري ٿي؛ سموري رستي تي اسان جي ڪار چؤڌاري عوام جا ميڙ هئا. ضياءَ عام سياسي جلسن تي پابندي وجهي ڇڏي هئي، تنهنڪري جتي به اسان کي وڏا گهر ٿي مليا، ته اسان اتي چؤديواريءَ ۾ اهڙا جلسا ٿي ڪيا. مون هرهڪ گهر جي ڇت تي چڙهي هيٺ پڌر ۾ عوام جي ميڙ تي نظر ٿي ڪئي ۽ چيو ٿي، ”منهنجا ڀائرو ۽ بزرگو،“ جيئن ته حڪومت مائڪروفون ۽ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي وڌي هئي، تنهنڪري مونکي وڏي سڏ ڳالهائڻو پيو ٿي. ”آئون چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو طرفان اوهان کي سلام ڪريان ٿي. هن خلاف غيرقانوني ڪارروائي عوام خلاف غيرقانوني ڪارروائي آهي.“ ٿرپارڪر، سانگهڙ جتي به ممڪن هو، مون وڪيلن جي ڪائونسلن ۽ صحافين کي پڻ خطاب ڪيا ۽ حڪومت جي بيقاعدگين ۽ بابا ۽ پيپلزپارٽيءَسان ٿيندڙ ناانصافين جي موضوعن تي تقريرون ڪيون.
    سانگهڙ مان روانگيءَ کان پوءِ اوچتو فوجي لارين اسان جي ڪار اڳيان ۽ پٺيان رستو روڪي ڇڏيو. اسان کي بندوقون ڏيکاري هڪ گهر ۾ وٺي ويا، جتي اسان کي رات جو ترسايو ويو.
    ”اوهان کي اڳتي سفر ڪرڻ جي اجازت ڪانهي.“ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسان کي ٻڌايو.
    ”تنهنجو اهو حڪمانو ڪٿي آهي؟ مونکي اهو لکيت ۾ گهرجي.“ مون هن کي چيو. هن وٽ لکيت ۾ ڪجهه به نه هو.
    ”حڪومت هن کي رڳو اسان جي ڊيڄارڻ لاءِ موڪليو آهي.“پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ چيو، جيڪو اسان سان سفر ۾ گڏ هو. ”هلو ته اڳتي هلون.“ ٻئي ڏينهن اسين نوابشاهه ڏانهن روانا ٿياسين. جتي وڏي ۾ وڏو جلسو ٿيڻو هو. اسان جي ڪار جيئن خيرپور- نوابشاهه جي سرحد تي پهتي، ته اتي سپاهين رستو بند ڪري ڇڏيو هو. هينئر هنن وٽ لکيت ۾ حڪم هو.
    18- فيبروريءَ تي مونکي نوابشاهه مان نيڪالي ڏئي، ڪراچي موڪليو ويو ۽ شهر ڇڏڻ جي منع ڪئي وئي. هڪ ڀيرو وري مون بابا سان پندرهين ڏينهن واري ملاقات گُسائي ڇڏي.

    مارچ 1978ع ”مونکي ضياءَ جي هڪ ماڻهوءَ ٻڌايو آهي، ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڀُٽي صاحب کي موت جي سزا ڏيندي.“ ڪراچيءَ ۾ هڪ صحافي مونکي ٻڌايو. عادت مطابق مون اها ڄاڻ لاهور ۾ امان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي اڳواڻن کي پهچائي. جيتوڻيڪ مون ان ڳالهه تي ويساهه آڻڻ ڪونه ٿي گهريو، پر اهڙا اهڃاڻ هر هنڌ نروار ٿيڻ لڳا.
    مارچ جي اوائل ۾ ٽن ڏوهارين کي، جيڪي سياسي قيدي ڪونه هئا، لاهور ۾ عام ماڻهن اڳيان ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. عام ماڻهن اڳيان ڦاسي! ان سزا جا اعلان سڀني اخبارن ۽ ٽيليويزن تي ڪيا ويا. اهي ڦاسيون کليل ميدان ۾ ڏيڻيون هيون، جن لا ايترا ته ڍنڍورا ڏنا ويا، ڄڻ ڪو تماشو ٿيڻ وارو هجي. اهو ڀوائتو ڏيک سڏڻ لاءِ، جنهن ۾ ڪارا ٽوپ پاتل ٽي ماڻهو ڦاهيءَ جي رَسيءَ ۾ پئي لڙڪيا. ٻه لک ماڻهو اچي مِڙيا هئا. آئون هاڻي سمجهان ٿي، ته تنهن وقت حڪومت بابا کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ کي نفسياتي طرح تيار ڪرڻ گهريو ٿي. پر مون ان کي رڳو بد سنئوڻ ليکيو. مونکي رڳو اها ڳالهه ياد رهي، جڏهن هڪ سال اڳ چونڊن جي مهم هلائيندي اصغر خان واعدو ڪيو هو ته، ”آئون ڀٽي کي اٽڪ پُل ۾ ٽنگي ڦاسي ڏيان يا بجلي جي ٿنڀي ۾؟“
    عدالت جي فيصلي لاءِ ميدان تيار پئي ٿيو. سڀني سرڪاري عمارتن ۽ بئنڪن تي سادن ڪپڙن ۾ سپاهي مقرر ڪيا ويا. سپاهين سان ڀريل فوجي گاڏيون راولپنڊيءَ ۾ پهرو ڏيڻ لڳيون. سنڌ جي گهٽين ۽ رستن تي توبن واريون ٽرڪون ڦِرڻ لڳيون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ گرفتاري شروع ٿي وئي، جيڪي بيڏوهي هئا ۽ جن کي رُڳو ان لاءِ اڳواٽ سوگهو ڪيو ويو هو، ته متان بابا جي سزا جو اعلان ٻُڌي، اهي ڪا بدامني ڪن. الزام اهو هو ته ”جيئن ته تون... (نالو لکو) ڀٽو مقدمي جي فتويٰ جي اعلان تي بدامني پکيڙي سگهين ٿو،تنهنڪري توکي هن ذريعي نظربند ڪجي ٿو....“ جيڪڏهن عدالتون آزاد هيون ۽ مقدمو انصاف سان هليو هو، جيئن ضياءَ دعويٰ ڪئي هئي، ته پوءِ حڪومت کي فتويٰ جي اڳواٽ ڄاڻ ڪيئن پئي هئي؟
    پنجاب مان اسي هزار، سرحد صوبي مان ٽيهه هزار ۽ سنڌ مان سَٺ هزار ماڻهن کي جهَليو ويو. سمجهه ۾ نه ايندڙ تعداد! ايترا ته گهڻا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا، جو انهن جي نظربنديءَ لاءِ حڪومت پاڪستان ۾ هر هنڌ ڪئمپون کوليون هيون. گهوڙيسواريءَ جي ميدانن کي چؤڌاري خاردار تارون ڏئي، اتي هٿياربند پهريدار بيهاريا ويا هئا ۽ راندين جي اسٽيڊيم ۾ عارضي قيد خانا کوليا ويا هئا. عورتن کي پڻ جهَليو ويو هو، جن ۾ ڪِن سان گڏ ٻار به هئا.
    15 مارچ، 1978ع. ڪشور قيوم نظامي، صوبائي اسيمبليءَ جي اڳواڻي ميمبر جي زال.
    منهنجي مُڙس ۽ مونکي رات جو هڪ بجي جهَليو ويو. پوليس اسان جي سڄي گهر کي گهيرو ڪري ويئي هئي. اسان جو ٻارڙو رُڳو ڪجهه مهينن جي ڄمار جو هو، تنهنڪري آئون هن کي کليل فوجي لاريءَ ۾ پاڻ سان کڻي ويس. ڪوٽ لکپت جيل جي اختياري وارن ٻڌايو، ته اتي سياسي قيدياڻين لاءِ ڪوبه بندوبست ٿيل ڪونهي. نيٺ هنن مونکي اسٽور جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، جتي مونسان گڏ ٻيون ڇهه سياسي قيدياڻيون به هيون. انهن ۾ ڀٽي صاحب جي هڪ وڪيل جي ڀيڻ ريحانا سرور ۽ پنجاب ۾ عورت شعبي جي صدر بيگم خاڪواڻي به هئي. ”اسان کي ڇو جهَليو ويو آهي؟“ بيگم خاڪواڻي پوليس واري کان پڇيو. ”ڇاڪاڻ ته ڀٽي صاحب جي فيصلي جو اعلان ٿيڻو آهي.“ پوليس واري وراڻيو. ”اوهان کي ڪيئن ڄاڻ پئي ته فيصلو ڀٽي صاحب خلاف ٿيندو؟“ پوليس واري ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. جيل جي عورت عملي اسان جي تمام سختيءَ سان جهَڙتي ورتي هئي. اهي منهنجي شاديءَ جي مُنڊي ۽ واچ به لاهي ويون هيون. جڏهن مونکي آزادي ملي، تڏهن هنن چيو ته اهي شيون وڃائجي ويون آهن. ان ڪمري ۾ ڪوبه غلسخانو نه هو، رڳو هڪ ڪُنڊ ۾ سِرن جو ڍير رکيل هو. سمهڻ لاءِ بسترا به ڪونه هئا. اسان کي ڪنهن به صورت ۾ ننڊ نٿي اچي سگهي. آڌيءَ رات جو پاسي واري پڌر ۾ پوليس وارن، سياسي ڪارڪنن تي ڪَوڙا وسائڻ شروع ڪيا هئا. ماڻهن جي پُٺن تي ايترا لينگها ڪڍيا ويندا هئا، جيترا هنن کي ڪَوڙا لڳڻا هوندا هئا. ڪَوڙا هڻندڙ ماڻهو ڪَڇو پائي، سڄي جسم کي تيل مَهٽي، پري کان ڊوڙي پنهنجي پوريءَ طاقت سان ڪَوڙا هڻندو هو. جڏهن ته فوج جو هڪ عملدار ڪُرسيءَ تي ويهي انهن جو انگ ڳڻيندو هو. هر هڪر ڀيري ويهن کان ٽيهن ماڻهن کي ڪَوڙا هنيا ويندا هئا. اسين سڄي رات هنن جون دانهون ٻُڌنديون هيونسين. جيئن ڪنهن کي ڪَوڙو لڳندو هو، ته اهو وڏي آواز ۾ ”جيئي ڀٽو“ چوندو هو. آئون پنهنجن ڪَنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيندي هيس دعائون گهُرندي هيس، ته انهن ۾ منهنجو مُڙس نه هجي. سيپٽمبر 1977ع ۾ هن کي اڳ ۾ ئي ڪَوڙا لڳي چڪا هئا.
    ”اسان جي گرفتاريءَ جي ٻيءَ صبح جو اوچتو پوليس اسان کي آزاد ڪيو. اسين جيئن تڪڙيون تڪڙيون دروازي مان ٻاهر آيوسين، ته اسان کي ٻيهر جهَليو ويو. حڪومت ضرور اهو سمجهيو هوندو، ته عدالت جي فيصلي کان پوءِ ساڳين تهمتن هيٺ اسان جي گرفتاري مناسب نه ٿيندي ۽ اسين هڪ ڀيرو وري اسٽور واري ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي بند ٿيونسين.
    ”ڀٽي صاحب کي تُرت اسان جي ڄاڻ پئجي وئي هئي. اسان کي پنهنجي ڪوٺڙيءَ مان هن جي ڪوٺڙي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هن پنهنجن وڪيلن معرفت اسان ڏانهن ميوي جي ٽوڪري موڪلي هئي ۽ ڪاغذ جي هڪ پُرزي تي لکيو هو ته ”ڏسو ته ضياءَ چڱن خاندانن جي عورتن سان ڪهڙيون نه جٺيون ڪيون آهن.“ ٻه هفتا پوءِ مونکي پنهنجي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، ڇوته جيل ۾ منهنجي ٻار جي طبيعت سخت خراب ٿي وئي هئي ۽ مون وٽ دوائون نه هيون. مون سان گڏ جيڪي ٻيون عورتون هيون، سي هڪ مهينو اندر بند رهيون هيون.“
    18- مارچ صبح جو سويل هنن جي گرفتاريءَ کان ٽي ڏينهن پوءِ منهنجي نطربنديءَ جا حڪم به پهچي ويا. ”اوهان سان ملڻ لاءِ پوليس آئي آهي.“ صبح جو ساڍي چئين وڳي اهو ڄاتل سڃاتل نياپو پهتو. مونکي ڄاڻ هئي ته ڇو آئي آهي. پر مون ڄاڻڻ ڪونه ٿي گهريو. مون پنهنجي ماءُ ڏانهن ڊوڙي وڃڻ گهريو ٿي، پر هوءَ اڳ ۾ ئي لاهور ۾ نظربند هئي. مون پنهنجي بابا ڏانهن ڊوڙي وڃڻ ٿي چاهيو. مون ڪنهن به پاسي وڃڻ گهُريو ٿي، سميعا ڏانهن، وڪيلن ڏانهن، مير يا شاهنواز يا صنيءَ ڏانهن. آئون اهو عذاب اڪيلي سر ڀوڳي ڪين ٿي سگهيس. نه. ”اي الله، يا الله، اسان سڀني جي مدد ڪر،“ خالي گهر ۾ پَسار ڪندي مون هر هر دل ۾ چيو هو.
    ٽپهريءَ کان پوءِ روئڻ پِٽڻ جا آواز اچڻ لڳا. آئون اهي آواز رڌڻي مان، باغ مان 70 ڪلفٽن جي وڏي دروازي مان ٻڌي پئي سگهيس. منهنجي دل جو ڌڙڪو ايترو ته وڌي ويو هو، جو مون سمجهيو ته اها ٽُٽي پوندي. اوچتو ڪمري جو وڏو دروازو ٺڪاءُ سان کليو ۽ منهنجي سئوٽ فخري ڌوڪيندي اندر گهڙي آئي ۽ هن پاڻ کي ڪمري جي فرش تي کڻي اڇلايو. ”قاتل“ هن ڏک وچان پنهنجو مٿو زمين تي هڻندي رڙ ڪري چيو. ”خوني.“
    ضياءَ جي ججن بابا کي ڏوهاري ڪوٺي، هن کي موت جي سزا ڏني هئي. فخريءَ کي، جيڪا دروازي تي بيٺل حيران پريشان فوجي پهريدارن وچ مان اندر ڊوڙي آئي هئي، هڪ ڪلاڪ اندر نظربنديءَ جو حڪمانو پهچايو ويو. هوءَ هڪ هفتي تائين مون سان گڏ نظربند هوندي. آئون ٽن مهينن تائين نظربند هونديس.
    هڪ ٻئي پٺيان لوهي دروازا، وچ ۾ ڊگها ۽ گندا رستا. پوليس واريون منهنجي جهَڙتي وٺن ٿيون. اهي منهنجن وارن ۾ هٿ لاهين ٿيون، منهنجين ٻانهن، ڇاتي ۽ ڪُلهن تي گهمائين ٿيون. هڪ ٻيو فولادي دروازو، پوءِ ٽي ننڍڙيون ڪوٺيون، جن جي دروازن تي لوهي سِيخون لڳل آهن.
    ”پِنڪي! تون آهين ڇا؟“
    آئون ڪوٺڙيءَ ۾ چتائي ڏسان ٿي، پر اوندهه سبب ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جيل جو عملو منهنجي لاءِ دروازو کولي ٿوءِ آئون بابا جي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ وڃان ٿي. اندر پوسل ۽ بدبوءِ آهي ان سيمنٽ وارين ٿلهين ديوارن مان اُس ڪڏهن به اندر ڪين وئي هوندي. ننڍڙي ڪوٺڙيءَ جي اڌ کان به وڌيڪ حصي ۾ سمهڻ لاءِ کٽ پيل آهي، جيڪا ٿُلهن زنجيرن سان زمين ۾ ٻَڌل آهي. بابا پهريان چوويهه ڪلاڪ ان ڪوٺڙيءَ ۾، اُن کٽ سان زنجيرن ۾ ٻَڌو پيو هو. هن جي مُرَن تي اڃا تائين انهن جا نشان آهن. کٽ ڀرسان هڪ کليل سوراخ آهي، ڦاسي وارن قيدين کي پائخاني لاءِ اها سَهنجائي آهي. بدبوءَ سبب اُلٽي اچي ٿي.
    ”بابا!“
    آئون هن کي ڀاڪر پايان ٿي ۽ سندس ٻانهن ۽ ڇاتيءَ تي هٿ ڦيرايان ٿي. هو بَدن ۾ لانجهو ٿي ويو آهي. جڏهن منهنجيون اکيون اوندهه ۾ ڏسڻ لڳن ٿيون، تڏهن آئون ڏسان ٿي ته هن جي جسم تي جيتن جي چَڪن جا نشان آهن. ڪوٺڙيءَ جي گرمي ۽ پوسل سبب اتي ڏاڍا مڇر آهن. هن جي جسم جو ڪوبه حصو ڳاڙهن داڻن کان خالي ڪونهي.
    منهنجي نڙي گهُٽجي وڃي ٿي ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ٿا اچن. آئون پاڻ سنڀاليان ٿي. هن اڳيان آئون ڪڏهن به پاڻ کي رَڙڻ ۽ دانهڻ جي اجازت ڪين ڏينديس، پر هو مرڪي پيو. کلي ٿو!
    ”تون هتي ڪيئن پهتي آهين؟“ هو پڇي ٿو.
    ”مون صوبائي حڪومت کي درخواست ڏني هئي. خاندان جي فرد هجڻ سبب جيل مينوئيل مطابق مون کان اوهان سان منهنجي هفتيوار ملاقات جو حق ڦُريو پيو وڃي.“ آئون هن کي ٻُڌايان ٿي. ”ان تي هوم سيڪريٽري مونکي اوهان سان ملڻ جي اجازت ڏني.“
    آئون هُن کي اهو به ٻڌايان ٿي، ته آئون فوجي ٽرڪن، ڪارن ۽ جيپن جي قافلي ۾ ڪيئن ڪوٽ لکپت جيل ۾ آندي وئي هيس. ”حڪومت ڏاڍي پريشان آهي،“ سندس ڦاسيءَ جي فتويٰ کان پوءِ هڪ هفتي اندر جيڪي هنگاما ٿيا هئا ۽ جنهن سبب سڄي سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو هو، آئون ان جو هن کي تفصيل ٻڌايان ٿي. لاڙڪاڻي جي 146 ڪَچن گهرن واري هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان 120 ماڻهو گرفتار ٿيا هئا. پوليس هڪ اهڙي دڪاندار کي نظربند ڪيو هو، جنهن پنهنجي دڪان جي ڀت تي هڪ فلمي ايڪٽر جي تصوير ڀرسان بابا جي تصوير هنئي هئي.
    ”ڪيترن ئي ملڪن ضياءَ کي رحم جي اپيل ڪئي آهي،“ آئون هن کي ٻڌايان ٿي. ”مون ان جو تفصيل بي بي سيءَ تان ٻُڌو آهي. برزنيف هن کي خط لکيو آهي. ساڳيءَ طرح هئاڪوفينگ به چين سان ويجها ناتا رکڻ سبب اوهان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي خط اماڻيو آهي. شام مان صدر اسد، قاهرا مان انور سادات، عراق جي صدر ۽ سعودي حڪومت به اپيلون ڪيون آهن، اندرا گانڌي، سينيٽر مڪگورن، مطلب ته جمي ڪارٽر کانسواءِ هرهڪ اپيلون ڪيون آهن. ڪئناڊا جي هائوس آف ڪامنس هڪ يڪراءِ ٺهراءَ منظور ڪري حڪومت کي اپيل ڪئي آهي، ته اوهان جي موت جي سزا کي گهٽايو وڃي. انگلينڊ جي پارليامينٽ جي 150 ميمبرن پنهنجي حڪومت تي زور رکيو آهي، ته ان سلسلي ۾ ڪو قدم کنيو وڃي. يونان، پولينڊ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، آسٽريليا ۽ فرانس. بابا، ضياءَ لاءِ سڀيئي رستا بند ڪيا ويا آهن.“
    ”اها سچ ته ڏاڍي خوش ڪندڙ خبر آهي،“ هو چوي ٿو. ”پر اسان طرفان ڪابه اپيل نه ٿيندي.“
    ”پر بابا، اوهان کي ڪنهن به حالت ۾ اپيل ڪرڻي آهي.“ آئون ڏک وچان چوان ٿي.
    ”ضياءَ جي عدالتن ۾؟ اها سموري ڪارروائي ٺٺولي آهي. ان کي ڊيگهه ڇو ڏجي؟“
    اهي ڳالهيون ڪندي هو پنهنجو مٿو لوڏي ٿو مونکي پنهنجي ويجهو اچڻ جو اشارو ڪري ٿو. ڪوٺڙيءَ کان ٻاهر جيل جا عملدار بيٺا آهن، جيڪي ٻُڌن پيا، ڏسن پيا. آئون ڀانئيان ٿي ته منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ جو ٽُڪر ڏنو وڃي ٿو.
    ”بابا، اوهين ايئن نِراس نه ٿيو،“ آئون جيل عملي جو ڌيان هٽائڻ لاءِ وڏي سڏ چوان ٿي.
    ”الله ڄاڻي ٿو ته آئون بيگناهه آهيان،“ بابا جواب ۾ چوي ٿو. ”آئون قيامت ڏينهن هن جي عدالت ۾ اپيل ڪندس. هاڻي تون وڃ. ڪلاڪ پورو ٿيڻ واروآهي. تون پنهنجي مرضيءَ سان وڃ. نه هنن جي چوڻ تي.“
    آئون هن کي پنهنجي گلي سان لايان ٿي. ”اهو ڪاغذ ڪنهن به صورت ۾ اختياريءَ وارن جي هٿ نه چڙهي، نه ته توکي وري ملاقات جي اجازت نه ملندي.“ هو جلدي منهنجي ڪَن ۾ ڀڻڪي ٿو.
    ”ايندڙ ملاقات تائين، بابا.“
    جيل مان نڪرڻ وقت به منهنجي جهَڙتي ورتي وئي. هنن کي ڪجهه به هٿ ڪونه آيو. ويجهو ئي لاهور ۾ جڏهن آئون امان سان ملڻ ويس. جيڪا اتي نظربند هئي، ته منهنجي ٻيهر جهَڙتي ورتي وئي ۽ وري اُن وقت جڏهن آئون اتان رواني ٿي هيس، ته کين ڪجهه به هٿ نه آيو. ڪنهن وقت جهَڙتي وٺندڙ همدرد هوندا هئا ۽ رڳو اشارن ۾ جهَڙتي وٺندا هئا. پر جيستائين اها گهڙي نه آئي، آئون بلڪل اَڻڄاڻ رهيس، جڏهن مونکي پنهنجي نظربنديءَ ۾ رهڻ لاءِ واپس ڪراچي وٺي پئي ويا، ته هوائي اڏي تي مونکي هڪ ڪار ۾ پهري هيٺ ٽن ڪلاڪن لاءِ ترسايو ويو هو، جنهن جي چؤڌاري فوجي گاڏيون بيٺل هيون.
    نيٺ جهاز تيار ٿيو. آئون ڪار جي درين مان ڏسي پئي سگهيس، ته سڀيئي مسافر جهاز ۾ چڙهي ويٺا هئا. جهاز جون انجڻيون هلڻ شروع ٿيون، رن وي تي روشني ٿيڻ لڳي هئي. پوليس وارن مونکي ڪار مان لاهي هيٺ لاٿو ۽ مونکي تڪڙو تڪڙو وٺي هلڻ لڳا. هڪڙو پوليس وارو منهنجي اڳيان ۽ ٻيو منهنجي پويان. هنن جي هٿن ۾ بندوقون هيون. ٻطرفي ريڊيي ۾ کڙکڙ ٿي ۽ اوچتو هو واپس مُڙيا ۽ مونکي ڪار ڏانهن وٺي ويا.
    آئون هينئر به هُن جو اهو ٿُلهو جسم ڏسي سگهان ٿي، جيڪو لُڏندو لمندو اُن رات رن وي ويجهو ڪاري رستي تي مون ڏانهن وڌندو آيو هو. هن پنهنجون ٻانهون پئي کُنجيون. آئون هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندي هيس. هوءَ هوائي اڏي جي حفاظتي عملي جي عورت هئي، جيڪا سدائين اتي ڏسبي هئي، جڏهن آئون لاهور پهچندي هيس يا اتان رواني ٿيندي هيس. هن کي مون سان ٿوري به همدردي نه هئي ۽ مونکي شڪ هو ته حڪومت ڄاڻي ٻُجهي هن کي منهنجي جهَڙتي وٺڻ لاءِ اتي مقرر ڪيو هو. هوءَ ڏسڻ ۾ ئي اهڙي نِيچ لڳندي هئي. هوءَ ننڍي ۾ ننڍي شيءَ جي به جهَڙتي وٺندي هئي. هوءَ لپ اسٽڪ کولي ڏسندي هئي ۽ منهنجي ملاقات واري ڊائريءَ جو هرهڪ صفحو ڌيان سان پڙهندي هئي. پنهنجو ڪم ڪندي هُن کي ڏاڍو لطف ايندو هو.
    ”آئون ڪڏهن به هن کي جهَڙتي وٺڻ نه ڏينديس، آئون جهَڙتي وٺڻ نه ڏينديس!“ مون رڙڪري چيو ۽ ڪار کان پٺتي هٽندي، بندوقن جي گهيري وچ ۾ وڃي بيٺيس. ”جيل ۾ بابا سان ملاقات وقت ۽ اتان ٻاهر اچڻ وقت جهَڙتي ورتي ويئي هئي. منهنجي جهڙتي ان وقت ورتي وئي هئي، جڏهن آئون پنهنجي نظربند ماءُ سان ملاقات لاءِ ويس ۽ وري اتان واپس اچڻ تي به منهنجي جهَڙتي ورتي وئي هئي. منهنجي گهڻي جهَڙتي ورتي وئي آهي.“
    فوجي گاڏين جو قافلو بندوقون سِڌيون ڪري منهنجو گهيرو ڪيو. پوليس جي نفري وڌي وئي ۽ وڌيڪ بندوقون ڏسڻ ۾ آيون. ”تنهنجي وري جهَڙتي وٺڻي آهي.“ پوليس عملدار ضد ڪندي چيو. ٻيءَ صورت ۾ توکي وقت تي جهاز ۾ چڙهڻ جي اجازت نه ملندي.“
    ”منهنجي لاءِ اها چڱي ڳالهه ٿيندي،“ مون رڙ ڪندي چيو. ”اوهان منهنجي لاءِ ڇا ڇڏيو آهي؟ اوهان بابا کي موت جي سزا ڏني آهي. اوهان امان جو مٿو ڦاڙيو آهي. اوهان مونکي ڪراچي ۾ اڪيلي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي. امان کي لاهور ۾ نظربند ڪيو آهي، بابا کي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو آهي. اسين هڪ ٻئي سان ڳالهائي نٿا سگهون. آئون جيئري رهان يا مران، مونکي ان جي بلڪل پرواهه ڪانهي. تنهنڪري اوهان کي جيڪي وڻي اهو ڪريو.“
    آئون بلڪل ڪاوڙجي پئي هيس. منهنجي وَس ۾ ڪجهه ڪونه هو. منهنجي راهه بند هئي. حفاظتي عملي جي عورت ڪاوڙ مان ڊڄي منهنجي پٺيان لامارا پئي ڏنا. پر هن جيڪڏهن منهنجي جهڙتي ورتي، ته پڪ سان بابا جو ڏنل ڪاغذ هن جي هٿ چڙهي ويندو.
    ”بس، بس هن کي ڇڏي ڏيو،“ هنن پاڻ ۾ ڀُڻڪيو.
    ”تون وڃي سگهين ٿي.“ هڪڙي عملدار چيو.
    هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ ڏانهن ويندي آئون بيهوش ٿيڻ واري هيس. منهنجي ڪَن ۾ پهريون ڀيرو سُور ٿيو هو. ٽڪ، ٽڪ، ٽڪ. اهو آواز ايترو ته ورجائيندڙ هو، جو جڏهن آئون 70 ڪلفٽن پهتيس، ته مون کي پوري طرح سان ننڊ به نه آئي هئي. نيٺ حڪومت هڪڙو ڊاڪٽر موڪليو، جنهن علاج شروع ڪيو.
    بابا مونکي جيڪو ڪاغذ جو ٽُڪرو ڏنو هو، سو مون پڙهيو. اُن ۾ منهنجي غيرقانوني نظربنديءَ خلاف دعويٰ لاءِ هدايتون لکيل هيون. مون عدالت لاءِ اهِڙي درخواست لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آئون گهڻي بيمار ٿي پيس.
    ساهوارا. اسان وٽ گهر ۾ ڪيترائي ساهوارا جانور هئا ۽ اچرج پئي ٿيو ته انهن سان ڪهڙي ويڌن هئي. جنهن ڏينهن بابا جي ڦاسيءَ جي سزا جو اعلان ٿيو، تنهن ڏينهن هُن جو پستو ڪُتو مري ويو. اهو ڪُتو ان اعلان کان هڪ منٽ اڳ بلڪل ٺيڪ هو، پر پوءِ هو مري ويو. ان جي ٻئي ڏينهن پستي ڪُتي به مري وئي ۽ ان جي موت جو ڪوبه ظاهري سبب ڪونه هو. مون وٽ 70 ڪلفٽن ۾ سيام ڏيهه جي ٻِلي هوندي هئي. ٽئين ڏينهن اها پڻ مري وئي.
    مسلمانن ۾ اهو عقيدو عام آهي، ته جڏهن ڪنهن گهر جي مالڪ کي ڪو جوکو رَسڻو هُجي ٿو، ته ان گهر جا جانور ان جوکي کي پاڻ ڏانهن موڙين ٿا ۽ اُن بدران پنهنجي جان جو صدقو ڏين ٿا. بيماريءَ سبب هنڌ ۾ ليٽندي مون سمجهيو، ته بابا جي زندگيءَ کي ڪيڏو نه وڏو خطرو آهي، جو ان سبب اسان جو هڪ پالتو جانور نه، پر ٽي پالتو جانور مري ويا آهن. ان ويچار سبب ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. روز صبح جو آئون جڏهن بي بي سيءَ تان ڇهين بجي جون خبرون ٻڌندي هيس، ته دل ۾ دعا ڪندي هيس، ته ضياءَ جي مرڻ جي خبر ٻڌان. پر هُو اڃا تائين جيئرو هو.
    بابا جي ڏنل هدايتن موجب مون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي نظربنديءَ خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني. عدالت ان مقدمي جي شنوائي اپريل ۾ ۽ وري مئي ۾ مهمل ڪري ڇڏي. هر ڀيري مونکي شنوائيءَ لاءِ درخواست ڏيڻي ٿي پئي. 14 جون تي منهنجو وڪيل منهنجي لاءِ منهنجي ڄمڻ واري ڏينهن اڳواٽ ئي هڪ بهترين سوکڙي کڻي آيو. منهنجي نظربنديءَ جا ڪي به سبب ڪونه هئا. امتناعي نظربنديءَ جي ان مقدمي جي فيصلي ۾ جسٽس فخرالدين حڪم ڏنو هو. آئون آزاد هيس. هاڻي آئون پنهنجي صحت ڏانهن ڌيان ڏئي پئي سگهيس.
    جون مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ منهنجي ڪَن ۽ نَڪ جي وچ واري هڏيءَ جو پهريون آپريشن ڪراچيءَ جي مڊايسٽ اسپتال ۾ ٿيو هو. بيهوشيءَ مان سجاڳيءَ کانپوءِ منهنجا سڀيئي لڪل ڊَپُ اڀري نروار ٿي پيا. ”اهي بابا کي قتل ڪن ٿا! اهي بابا کي قتل ڪن ٿا!“ مون پاڻ کي دانهون ڪندي ٻُڌو. ڪپهه جي پَهن سبب منهنجو نَڪ بند هو ۽ آئون ساهه به نه ٿي کڻي سگهيس. پر پوءِ مون اُن وقت ٿوري ٺاپر ڀانئي، جڏهن منهنجي ماءُ کي، جيڪا اڃا تائين لاهور ۾ نظربند هئي، پوليس جي نظرداريءَ ۾ مون سان ملاقات جي اجازت ملي هئي.
    تندرست ٿيڻ کان پوءِ مونکي ڄاڻ پئي هئي، ته دنيا ڪيتري نه ڀوائتي بڻجي وئي آهي. اسان جي اخبار ’مساوات‘ جي ڪراچيءَ واري شاخ کي حڪومت اپريل ۾ بند ڪري، اُن جو پريسون ضبط ڪري ڇڏيون هيون. اخبار جي ايڊيٽر ۽ ناشر ٻنهي ڄڻن کي ”اعتراض جوڳو مواد“ ڇاپڻ سبب جهَليو ويو هو. ان تي ٻين صحافين احتجاج ڪندي هڙتال شروع ڪئي. نوي صحافي گرفتار ڪيا ويا، جن مان چئن کي ڪَوڙن لڳڻ جي سزا ملي. انهن ۾ ’پاڪستان ٽائمز‘ جو سينيئر ايڊيٽر به هو، جيڪو جسماني طرح معذور هو.
    نيٺ عالمي برادريءَ جو ان پاسي ڌيان ٿيو. 1978ع جي آرهڙ ڌاري ايمنسٽي انٽر نيشنل طرفان جن پنجاهه سياسي قيدين جو اعلان ٿيو هو، انهن ۾ ’مساوات‘ اخبار جا اهي ٻئي ايڊيٽر ۽ ناشر به شامل هئا. ايمنسٽي انٽرنيشنل عالمي تنظيم آهي، جيڪا سياسي قيدين جي صورتحال تي نظر رکي ٿي. ايمنسٽي حڪومت جي مدد کانسواءِ ٻين ٻٽيهن مقدمن جي به جانچ پئي ڪئي. جيتوڻيڪ ضياءَ واعدو ڪيو هو ته، ايمنسٽي جي انهن عيوضين سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو، جيڪي ان سال جي اوائل ۾ حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان آيا هئا. پر مارچ ۾ ايمنسٽي جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي، تنهن جو حڪومت ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
    آئون پاڻ انهن عيوضين سان جنوري ۾ ملي هيس. ضياءَ جي مارشل لا قاعدن هيٺ بنيادي انساني حقن جي ختم ٿيڻ، شهري ۽ سياسي قيدين تي فوجي عدالتن ۾ مقدمن هلڻ ۽ انهن ظلم وارين سزائن تي پنهنجي ڳڻتي نروار ڪئي هئي، جن ۾ چوري جي سزا لاءِ ساڄڙِ ماڻهو جو کاٻو هٿ ۽ کاٻڙ ماڻهو جو ساڄو هٿ وڍيو ويندو هو. آئون هنن کي بابا جي مقدمي ۾ ٿيل ناانصافي ۽ تعصب بابت سمجهائڻ لاءِ پڻ فڪرمند هيس ۽ هنن کي انهن بيرحم حالتن کان پڻ آگاهه ڪيم، جن هيٺ هن کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو هو. ظاهر آهي ته هنن ان جي تصديق ڪرڻ ٿي گهري، تنهنڪري انهن عيوضين بابا سان جيل ۾ ملاقات لاءِ اجازت گهري، جيڪا هنن کي نه ملي هئي.

    28 اپريل 1978ع، ڪوٽ لکپت جيل. ڊاڪٽر ظفر نيازي، بابا جو ڏندن وارو ڊاڪٽر
    ”آئون جڏهن اپريل ۾ مسٽر ڀٽي کي ڪوٽ لکت جيل ۾ ڏسڻ ويس، ته مون ڏٺو ته هن جا ڏند جلد خراب ٿيندا پيا وڃن. جيل جي حالت ڏاڍي خراب هئي ۽ هن کي خوراڪ به پوري ڪانه ٿي ملي. هن جي مُهارن جو هيٺيون ماس سُڄي ويو هو ۽ منجهن سُور هو، پر سندن علاج لاءِ اتي ڪي به سهوليتون نه هيون. ڇا اهڙين ڪٺور حالتن ۾ ڪوبه علاج فائديمند ٿي سگهندو؟ اتي وڃڻ کان پوءِ مون حڪومت کي هڪ رپورٽ لکي موڪلي، ته جيستائين ڀٽي صاحب جي حالت سڌاري نٿي وڃي. تيستائين آئون هن جو صحيح علاج ڪري ڪونه سگهندس. پر مونکي ڄاڻ هئي ته حڪومت اُن بابت ڪوبه رحم جوڳو قدم نه کڻندي. منهنجا ڪيترائي مريض ٻاهرين ملڪن جا سفير هئا تنهنڪري مونکي پڪ آهي ته حڪومت کي ڳڻتي هئي، ته آئون اهي ڳالهيون هنن کي ٻڌائيندس. مون اڳ ويچار ڪندي پنهنجي رپورٽ جو هڪ نقل پنهنجي زال کي ڏنو ۽ چيو ته، ’جيڪڏهن فوج مونکي گرفتار ڪري ته اها رپورٽ ٻاهرين اختيارين ڏانهن موڪلي ڏجانءِ.‘ ٻن ڏينهن کان پوءِ پوليس مون کي گرفتار ڪيو.“
    ڊاڪٽر نيازي ۽ هن جي گهرڀاتين تي ظلم ۽ ڏاڍ شروع ٿيو. هن کي ٻه ڀيرا جهَليو ويو. پهريون ڀيرو تنهن وقت جڏهن هن پنهنجي اسپتال ۾ هڪ مريض جو علاج پئي ڪيو، جيڪو بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. ”مونکي رُڳو هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏيو، ته جيئن آئون پنهنجو ڪم پُورو ڪريان،“ هن پوليس وارن کي چيو، پر هنن انڪار ڪيو ۽ هن جي گرفتاريءَ وقت پوليس سندس گهر تي رات جو ٻين وڳي چڙهائي ڪري، گهرو سامانَ کي اٿلائي ڏٺو ۽ ڪَٻٽن مان ڪپڙا ڇَڪي ڪڍيا، ته جيئن کين هن خلاف ڪو ثبوت هٿ اچي سگهي. هنن کي رڳو شراب جي هڪڙي اڌ بوتل ملي، جيڪا ڊاڪٽر نيازيءَ جو هڪ آمريڪي ساٿي ڊاڪٽر وٽس ڇڏي ويو هو، جيڪو هر ٽئين مهيني اسپتال ۾ اچي علاج ڪندو هو. ڊاڪٽر نيازيءَ تي گهر ۾ شراب رکڻ جي تهمت هنئي وئي.
    ڊاڪٽر نيازيءَ کي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو رڪن ڪونه هو ۽ نه وري ڪو سندس سياست سان لاڳاپو هو، اُن الزام جي سزا ۾ ڇهه مهينا قيد ڀوڳڻو پيو هو. هن جي آزاد ٿيڻ کان اڳواٽ ئي بابا کي ڪوٽ لکپت جيل مان بدلي ڪري، راولپنڊي سينٽرل جيل جي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر نيازي هڪدم درخواست ڏئي، بابا کي تپاسڻ جي اجازت گهري. هن جي درخواست رد ڪئي وئي.

    21 جون 1978ع. راولپنڊي سينٽرل جيل. منهنجي پنجويهين سالگرهه.
    آئون راولپنڊي ۾ فليش مئن هوٽل جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ويٺي، بابا سان ملڻ جو اوسيئڙو پئي ڪريان. آئون هر هر پنهنجي واچ پئي ڏسان. امان ڪٿي آهي؟ بابا جي وڪيلن اسان لاءِ عدالت کان حڪمنامو ورتو آهي، ته اسين ٻئي منهنجي سالگرهه جي موقعي تي هن سان ملاقات ڪريون. پر هينئر ٻپهر اچي ٿيا آهن ۽ آئون صبح جو نائين بجي کان هن جو اوسيئڙو پئي ڪريان، ته پوليس هن کي لاهور جي نظربنديءَ مان هوائي جهاز ۾ هتي وٺي ايندي. هڪ ڀيرو وري اهي ڄاڻي ٻُجهي نٽائين ٿا.
    مونکي امان جي ڳڻتي آهي. هن کي مٿي ۾ سخت سُور پوندو رهي ٿو ۽ هوءَ بلڪل ويڳاڻي ٿيو پوي. ڳڻتي ۽ اُلڪي سبب هن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽سندس بلڊ پريشر گهٽ ٿيندو پيو وڃي. بابا سان ملاقات لاءِ لاهور مان هوائي جهاز ذريعي ايندي هوءَ ٻه ڀيرا بيهوش ٿي وئي آهي. وڪيلن حڪومت کي درخواستون ڏنيون آهن، ته هن کي اسلام آباد ۾ نظربند ڪيو وڃي، ته جيئن هوءَ جيل تائين ڪار ۾ اچي وڃي سگهي. پر هن کي اڃا تائين لاهور ۾ نظربند رکيو پيو وڃي. هڪ ڀيرو وري هوءَ اڪيلي آهي. هن وٽ رڳو هڪڙو ٻلونگڙو آهي، جيڪو آئون هن لاءِ پنهنجي کيسي ۾ لڪائي کڻي وئي هيس. امان چوي ٿي ته، ’چو چو‘ سبب مونکي آٿت ملي ٿي. امان جڏهن پنهنجو هٿ کولي ان ڏانهن وڌائي ٿي، ته ٻلونگڙو پنهنجا پير مٿس رکي ٿو.
    آئون پنهنجي شلوار قميص ٺيڪ ڪريان ٿي. پنهنجي سالگره جي ڏينهن والدين اڳيان پاڻ کي ڦُڙت رکڻ گهران ٿي ۽ کين ڏيکارڻ چاهيان ٿي ته منهنجا حوصلا سگهارا آهن. ٻنپهرن جو هڪ ٿيو آهي. ٻه ٿيا آهن. اهي حڪومت جي پسند جون اٽڪلون آهن. مونکي نظربنديءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا بابا سان ملاقات لاءِ تيار رهڻ کانپوءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوسيئڙو ڪرڻو پيو هو، پر ٻئي طرف کان ڪوبه اطلاع ڪونه آيو هو. هر ٻن هفتن کان پوءِ هن سان ملاقات سبب آئون جيئري آهيان. حڪومت کي اها ڄاڻ آهي. تنهنڪري اهي مونکي وٺي وڃڻ ۾ دير ڪن ٿا، ته جيئن آئون هن سان اڌ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪري سگهان، يا وري اهي مونکي وٺڻ ئي ڪونه ٿا اچن. اهي ڀلا ڇو ڪونه آيا آهن. حڪومت عدالت جي حڪم عدولي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟
    ڏينهن جا ٽي ٿيا آهن. ساڍا ٽي ٿيا آهن. جيل جي قاعدن مطابق سڀني ملاقاتين کي سج لهڻ کان اڳ هليو وڃڻ گهرجي. مونکي پنهنجي گذريل سالگره ياد اچي ٿي. آڪسفورڊ جي سرسبز ميدان ۾ منهنجي پارٽي ڄڻ ڏهه ورهيه اڳ ٿي هئي. مونکي حيرت لڳي ٿي، ته اها واقعي ٿي به هئي. ڏينهن جا چار ٿيا آهن. هوائي اڏي تان نياپو اچي ٿو ته امان پهچي وئي آهي. ”پِنڪي، توکي سالگرهه مبارڪ هجي.“ اسين جڏهن جيل جي دروازي تي ملون ٿيون، ته هوءَ مونکي ڀاڪر پائي چوي ٿي. اسين ٻئي بابا جي ڪوٺڙيءَ ڏانهن وڃون ٿيون.
    ”اهو تنهنجو سڀاڳ آهي، جو تون سال جي ڊگهي ڏينهن تي ڄائي آهين، پِنڪي.“ اسين جڏهن بابا وٽ پهچون ٿيون، ته هو مونکي چوي ٿو. ”تنهنجي جنم ڏينهن تي حڪومت به سج کي سويل لاهي نٿي سگهي.“
    هاڻي هو جيل جي اندرئين پَڌر ۾ هڪ اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ رهيل آهي. اُن اندرائين پڌر ۾ هر پاسي فوجي تنبوءَ ڏسجن ٿا. اُن جي ڪُلف لڳل دروازي تي فوجي پهريدار بيٺل آهن. ديواني مقدمي تان واهه جي ٺٺولي ڪئي وئي آهي! اها فوجي ڪاروائي آهي. اسين فوج جي ٻاهرين چؤنڪي ۾ آهيون.
    هُن جي اها اونداهيءَ ۾ پوسل ڪوٺڙي رُڳو ڇهه فٽ ويڪري ۽ نَو فٽ ڊگهي آهي. ڪوٺڙيءَ جي دروازي تي ڄاريءَ جو اهڙو به پڙدو لڳل ڪونهي، جهڙو سندس پهريدار جي ڪوٺڙين جي دروازن تي لڳل آهي. اندر ڏاڍي گهُٽ آهي، جنهن ۾ مَکيون ۽ مَڇر جام آهن. ڇِت ۾ هڪ سُتل چمڙو چهٽيل آهي. جڏهن ته ڦِڪيون بي رنگ چِچيون ديوارن تي پيون هلن.
    اسين هن جي خالي لوهي کٽ ڏانهن ڏسون ٿيون. ”هنن اوهان کي اهو گاديلو ڪونه ڏنو، جيڪو ٻه هفتا اڳ مون موڪليو هو.“ امان هن کان پڇي ٿي. ”نه.“ هو جواب ڏئي ٿو. جيل جي واڻ واري کٽ تي سُمهڻ سبب بابا جي پُٺن تي نشان ۽ ڳنا ٿي پيا آهن. هن تي بخار ۽ زڪام جا ٻه سخت حملا ٿي چڪا هئا ۽ اوٻاريل پاڻي نه پيئڻ سبب هن کي پيٽ جي سخت تڪليف ٿي پئي هئي. هن مختلف وقتن تي رَت جون الٽيون ڪيون هيون ۽ نَڪ مان به رَت آيو هو. ويساهه ئي نٿو اچي ته ان هوندي به هو سُرهو لڳي ٿو. هُو جيتوڻيڪ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهي، پر پوءِ به هو مونکي سدائين سُرهو لڳي ٿو. شايد مون هن کي ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ ڏسڻ ڪونه ٿي گهريو.
    ”آئون چاهيان ٿو، ته تون عيد تي لاڙڪاڻي وڃ ۽ پنهنجن بزرگن جي مزارن تي وڃي دعائون گُهر.“ هو چوي ٿو.
    ”پر بابا، پوءِ مون کي اوهان سان ايندڙ ملاقات گُسائڻي پوندي.“ آئون احتجاج ڪريان ٿي.
    ”تنهنجي ماءُ اڃا تائين نظربند آهي. توکان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي، جيڪو اتي وڃي.“ هو وري چوي ٿو.
    آئون ڏاڍي مشڪل سان اهو مڃان ٿي. عيد ڏينهن آئون ڪڏهن به پنهنجي خانداني قبرستان تي نه وئي هيس ۽ نه وري اُن ويجهو نئين ديري ڳوٺ واري گهر ۾ عيد تي روايتي ملاقات لاءِ ايندڙ ڳوٺاڻن ۽ مائٽن سان ملي هيس. اهو ڪم سدائين مردن حوالي هوندو هو. جيڪڏهن رمضان جي آخر ۾ اسڪول ۾ موڪل هوندي هئي ته منهنجا ڀائر بابا سان گڏ اتي ويندا هئا. مون پاڻ ۾ اڪيلائيءَ جي ڏڪڻي ڀانئي ۽ اميد ڪئي ته بابا کي جلد ئي آزاد ڪيو ويندو.
    ”لعل شهباز قلندر جي روضي تي به وڃي دعا گهر.“ بابا مون تي زور رکي چوي ٿو. ”آئون گذريل عيد تي ڪونه وڃيس سگهيس.“ لعل شهباز قلندر اسان جو ناميارو ولي آهي. ننڍي هوندي جڏهن بابا سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ هن جي بچڻ جي ڪابه اميد نه هئي، تڏهن منهنجي ڏاڏي اُن جي روضي تي وڃي دعا گهري هئي. ڇا الله ان ساڳئي شخص لاءِ هن جي ڌيءَ جي دعا قبول ڪندو؟
    اُهو قيمتي ڪلاڪ جو عرصو اسين پَڌر ۾ هڪ ٻئي ويجهو ٿي ويهون ٿا ۽ جيڪي ٽي جيلر اسان جي نظربنديءَ لاءِ مقرر ڪيل آهن، سي اسان جون ڳالهيون ڪونه ٿا ٻُڌي سگهن. پر هن ڀيري اهي همدردي ڏيکارين ٿا ۽ اسان مٿان ڳاهٽ ڪونه ٿا ٿين.
    ”تنهنجي ڄمار هاڻي پنجويهه ورهيه آهي.“ بابا چرچو ڪري ٿو. ”۽ تون اُن عهدي لاءِ بيهي سگهي ٿين، پر ضياءَ هاڻي ڪڏهن به چونڊون ڪونه ڪرائيندو.“
    ”بابا،“ آئون چوان ٿي.
    اسين ٽهڪ ڏيون ٿا. اسين ڪيئن ٿا ٽهڪ ڏيون؟ جيل ۾ ڪنهن هنڌ جلاد جي ڦاهي پئي لَڙڪي، جنهن جو پاڇولو اسان جي حياتين تي پيو پوي. بابا ٻڌائي ٿو ته فوج هر ممڪن ڪوشش پئي ڪري، ته آئون ڀَڄي ڀُري پوان. روز رات جو فوجي هن جي ڪوٺڙيءَ جي ڇت تي چڙهي وڃن ٿا ۽ پنهنجن ڳرن بُوٽن سان ڌَم ڌَم ڪن ٿا. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن بنگلاديش جي گهرو ويڙهه ۾ فوجين مجيب الرحمان سان قيد ۾ ڪيو هو. هنن کي اميد آهي ته، قيدي ڪاوڙ ۾ اچي پهريدارن کي گاريون ڏيندو، ۽ اُن بهاني جو وجهه وٺي، فوج جو ڪو مٿي ڦِريل سپاهي جوش ۾ اچي هن کي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. پر بابا هنن جو اُهي اٽڪلون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ مٿن ڪاوڙجڻ بدران انهن کي پنهنجي قانوني بچاءُ ۾ شامل ڪري ٿو.
    آئون فليش مئن هوٽل ۾ موٽي آيس. منهنجي پٺيان فوج جي ٻن يا ٽن ڄاتل سُڃاتل گاڏين جو قافلو هو، جيڪو ڪنهن وقت ستن، اٺن ۽ ڪڏهن ته ڏهن مختلف گاڏين جو قافلو ٿي پوندو هو. آئون جيئن رستي تان ٿي لنگهيس، ته ماڻهو اُن قافلي کي چتائي ڏسڻ لڳا. ڪن همدردي وچان ٿي ڏٺو، ته ٻين وري پنهنجيون نظرون جهُڪائي ٿي ڇڏيون، ڄڻ جيڪي ٿيو پئي، تنهن تي کين ڪو ويساهه ئي نه هجي.
    سڄي شهر کي، سڄي ملڪ کي عجب جهڙي ماٺ وڪوڙي وئي هئي. سموري قوم تي سَڪتو هو. چيو پئي ويو ته هڪ لک کان به مٿي گرفتاريون ٿيون هيون. ”ضياءَ ڪڏهن به وزيراعظم کي سزا ڪونه ڏيندو. اهو ناممڪن آهي.“ ماڻهو هڪ ٻئي کي چوندا هئا. هنن جي گفتگوءَ جو اهوئي موضوع هوندو هو: بابا جو مقدمو، هن جي موت جي سزا، سپريم ڪورٽ ۾ هن جي اپيل.
    بابا جي ناراضپي هوندي به اسان راولپنڊي ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي هئي. ”آئون پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جي راين کي مانُ ڏيڻ لاءِ مجبور آهيان. اُن جو اهو سبب نه آهي، ته منهنجو ساڻن رشتو آهي، پر هڪ وڏي مقصد خاطر.“ بابا سپريم ڪورٽ ۾ هن جي وڪيلن جي اڳواڻ ۽ پاڪستان جي اڳوڻي اٽارني جنرل مسٽر يحييٰ بختاور کي لکيو هو. ”هنن ٻنهي ڄڻين جوکائتي وقت ۾ شاندار همت ۽ بيمثال بهادري ڏيکاري آهي. هنن کي منهنجي فيصلي تي ذاتي اظهار جو سياسي حق آهي.“
    عدالت مقدمي جي شنوائي مئي کان شروع ڪئي. جيتوڻيڪ ٻين مقدمن ۾ ڏوهارين کي اجازت هئي، ته اهي هڪ مهيني اندر سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪن؛ پر بابا کي رُڳو هڪ هفتي جو وقت ڏنو ويو هو. بابا جا وڪيل فليش مئن هوٽل ۾ رهيل هئا، جتي اسان هڪ دفتر ٺاهيو هو، ته جيئن اپيل جي آسانيءَ سان پوئواري ڪري سگهجي. ڊاڪٽر نيازيءَ جي اڻسامايل ڌيءَ ياسيمن نيازي به ان ڪم ۾ شريڪ ٿي ۽ منهنجي مدد ڪرڻ لڳي. ساڳيءَ ريت امينا پراچا وري اسان جي وڪيلن طرفان پرڏيهي اخبارن سان رابطو جوڙڻ جو ڪم کنيو. گڏوگڏ آڪسفورڊ يونين جي صدر ٿي هئي، پڻ منهنجي مدد لاءِ پاڪستان آئي هئي.
    ڪجهه ڏينهن تي آئون پاڻ کي زبردستي صبح سوير اٿاريندي هيس. تڪڙ ڪر. اُٿ. ڪپڙا مٽائي تيار ٿيءُ. وڌيڪ تهمتون، وڌيڪ رد. ڪجهه پارٽي ڪارڪنن سان مل. راولپنڊي ۾ موجود صحافين کي انٽرويو ڏي. حڪومت جي اخبارن ته رڳو بابا تي لڳل تهمتن ۽ الزامن جون خبرون پئي ڏنيون. سچيءَ ڳالهه جي پڌرائيءَ لاءِ اسان جي اميد رڳو دنيا جي اخبارن ۽ لاهور مان نڪرندڙ اخبار ’مساوات‘ تي هئي، جيڪا اڃا تائين ڇپي پئي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ مان ان جي نڪرڻ تي بندش هئي. ’گارجين‘ اخبار جو صحافي پيٽر نيزوئينڊ ۽ ’ڊيلي ٽيليگراف‘ اخبار جو عيوضي بروس لوڊن ڄاتل سڃاتل چهرا ٿي لڳا.
    حڪومت پنهنجن الزامن جي ’اڇي چٺي‘ جو پهريون ڀاڱو جولاءِ جي پڇاڙيءَ ۾ ڇپي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ مارچ 1977ع جي عام چونڊن جي انتظام تي تنقيد هئي. اسان فليش مئن هوٽل ۾ سخت محنت ڪري انهن ڪُوڙن الزامن جو بابا طرفان موڪليل جواب تيار ڪيو، جيڪو هن جي خواهش مطابق سُپريم ڪورٽ ۾ سندس بچاءَ ۾ ڏيڻو هو. روزانو وڪٽوريا ۽ آئون هٿ سان لکيل انهن صفحن کي اتارينديون هيونسين، جيڪي وڪيل اسان کي راولپنڊي سينٽرل جيل مان آڻي ڏيندا هئا. ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکيل بابا جا هٿ اکر پڙهڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ۽ مُنجهيل لڳندا هئا. هن موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ آگسٽ جي سخت گرمين ۾ رمضان جا روزا رکيا هئا ۽ ان حالت ۾ انهن صفحن لکڻ ۾ کيس سخت ڏکيائي ٿي هوندي. اسان جا ٽائيپ ڪيل صفحا وڪيل وري بابا ڏانهن کڻي ويندا هئا، جيڪو انهن تي نظرثاني ڪري، اسان ڏانهن ٻيهر ٽائيپ لاءِ موڪليندو هو. اسان هن جي اهو مڪمل جواب، جنهن جو ڳجهو نالو اسان ”ريگي“ رکيو هو، لاهور جي هڪ ڳجهي پريس ۾ ڏياري موڪليو.
    پر سُپريم ڪورٽ ۾ اُهو دستاويز ڏيڻ کان اڳ ان جون ڇپيل ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. اُهو دستاويز سپريم ڪورٽ لاءِ ٻِيهر ٺاهڻ ۽ پرڏيهي اخبارن جي صحافين ۾ ورهائڻ لاءِ، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن ان جي ٽن سئو صفحن جون فوٽو ڪاپيون ٺاهڻ لاءِ، سڄي رات اُتي ترسي پيا هئا، جنهن هنڌ فوٽو ڪڍڻ جي مشين هئي ۽ اهي ماڻهو، جن مدد ڪئي هئي، اها جاءِ ۽ هنن جي سڃاڻپ کي بلڪل ڳُجهو رکيو ويو هو.
    فليش مئن چؤڌاري گهيرو تنگ ٿي ويو هو. هڪڙيءَ رات هوٽل جي اڳياڙيءَ ۾ پوليس جو ڊنبلو اچي گڏ ٿيو. هنن اسان جي هڪ مددگار کي گرفتار ڪري کيس هڪدم فوجي عدالت ۾ سزا ڏئي ڇڏي. اسان لاڳيتي ڊَپُ هيٺ ڪم پئي ڪيو ۽ اسان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي ته آئيندي ڇا ٿيندو.
    نيٺ اهو جواب جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، تڏهن چيف جسٽس ان جي ڇپائيءَ تي بندش وجهي ڇڏي. ان وقت تائين ان جا ڪيترائي نقل ٻاهرين ملڪن ۾ پهچي ويا هئا. اهو جواب پوءِ ڪتابي صورت ۾ ”جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو.“ جي عنوان سان هندستان مان ڇپيو ۽ هٿوهٿ وڪامڻ لڳو.
    ايتري ۾ ڪيترئي ڀيرا افواهه ٻُڌڻ ۾ آيا، ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به وقت پنهنجو فيصلو ڏئي سگهي ٿي. شنوائيءَ جي شروع ۾ ئي چيف جسٽس انوارالحق اعلان ڪيو هو، ته اپيل جي شنوائي جلد پوري ڪئي ويندي، جنهنڪري بابا جي وڪيلن کي وڏيون اميدون هيون. بينچ ۾ جيڪي نَو جج شامل هئا، تن مان پنجن ججن اهڙا سوال پئي پڇيا ۽ شاهدن جي بيانن جي ايئن ٻيهر چڪاس پئي ڪئي، جن مان لڳو ٿي، ته لاهور جي فيصلي کي رد ڪيو ويندو. پر اوچتو جون مهيني ۾ انوارالحق عدالت جي ڪارروائي ملتوي ڪري، هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جڪارتا روانو ٿي ويو. اسان سڀني سمجهيو ته اپيل کي انڪري ڊيگهه ڏني پئي وڃي ۽ ملتوي ڪئي پئي وڃي، ته جيئن اهو جج، جيڪو بيڏوهيءَ جي حق ۾ ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ سڀني ججن ۾ جنهن کي قتل جي مقدمن جو گهڻو تجربو هو، جولاءِ مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿئي. اسان جي التجا کانپوءِ به چيف جسٽس انوارالحق هن کي شنوائي مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي. هڪ ٻئي آزاد خيال جج کي سيپٽمبر ۾ زوري سندس عهدي تان لاٿو ويو هو، جو هن جي اک پٺيان رَت جي وهڪري سبب عارضي طرح هن جي مٿي ۾ سُور ٿيندو هو ۽ ڪمزوري ٿي پئي هئس. هن پنهنجي تندرست ٿيڻ تائين عدالت کي ملتوي رکڻ جي پڻ درخواست ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي. اُن سبب توازن اسان خلاف ٿي پيو هو: ٽن جي ڀيٽ ۾ چار جج هئا.
    سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي هم منصب جهڙو ئي ساڙيلو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جيان، جنهن سان سندس گهاٽي دوستي هئي، انوارالحق به هندستان ۾ ضياءَ جي اباڻي شهر جالنڌر جو رهاڪو هو. هڪ ڀيرو وري به عدليا ۽ انتظاميا وچ ۾ عليحدگي جو ڪو عذر ڪونه هو. جڏهن سيپٽمبر 1978ع ۾ ضياءَ حج لاءِ مڪي شريف ويو هو، ته انوارالحق قسم کڻي قائم مقام صدر ٿيو هو. چيف جسسٽس جي چئمبر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي دفتر وچ ۾ ته سنئون سِڌو ٽيليفون به هو.
    ڪيترا ورهيه پوءِ جڏهن آئون ملڪ بدر هيس، تڏهن مونکي سُپريم ڪورٽ جي هڪ جسٽس صفدر شاهه سان ڳالهين مان ڄاڻ پئي هئي، ته انوارالحق ڪيترو نه ساڙيلو هوندو هو. اپيل هلندي انوارالحق، جسٽس شاهه کي هڪ پاسي سڏي چيو هو، ”اسين ڄاڻون ٿا ته ڀٽو بيگناهه آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته هن کي مارڻ ضروري آهي.“ صفدر شاهه، بابا جي باعزت آزاديءَ جي راءِ ڏني هئي، پر انوارالحق ۽ حڪومت هُن تي سختيون ڪيون ۽ کيس جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو. پوءِ به سپريم ڪورٽ ۾ مقدمي هلندي، ضياءَ ۽ انوارالحق ٻئي اها دعويٰ ڪندا رهيا، ته بابا جي اپيل آزاد عدالت جي ويچار هيٺ آهي. ”اسين شاهدين جو کليل ذهن سان اڀياس پيا ڪريون.“ انوارالحق اصرار ڪيو.
    اسين ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ عدالتن، فوج، اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي حڪومت جو ضابطو هو. بابا جي نيڪناميءَ کي نقصان رسائڻ لاءِ حڪومت تُهمتن ۽ الزامن جا اڇا چِٺا چئن ٻولين بابا جي فريادي احمد رضا قصوري يورپ ۽ آمريڪا جا سئر پئي ڪيا، جتي هو مهانگن هوٽلن ۾ پئي رهيو ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري هن پئي چيو، ته پاڪستان ۾ بابا تي انصاف سان مقدمو پيو هلي. قصوري اتي اها به دعويٰ ڪئي هئي، ته سفر جو سمورو خرچ آئون پاڻ پيو ڀريان، پر ضياءَ جي مارشل لا قاعدن هيٺ هن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هر هڪ رڪن، جائداد جا جيڪي تفصيل ڏنا هئا، انهن مان اُن دعويٰ جي تصديق نه ٿي هئي. هن کي اهي پئسا جيڪڏهن حڪومت نه ڏنا هئا، ته پوءِ هن وٽ اُهي ڪٿان آيا هئا؟

    ”منهنجي مرضي آهي ته تون وڃي سرحد جو گشت ڪر،“ بابا مونکي سيپٽمبر ۾ چيو هو. ”اسان کي عوام جا حوصلا وڌائڻ گهرجن. تون منهنجي مائُو ٽوپي پاڻ سان کڻي وڃ. اها ٽوپي 70 ڪلفٽن ۾ منهنجي لباس واري ڪمري ۾ رکي آهي. تون تقرير وقت اها پنهنجي مٿي تي پائجانءِ، پوءِ مٿي تان لاهي اها فرش تي رکجانءِ. ماڻهن کي چئجان ته، ’بابا چيو آهي ته منهنجي ٽوپي سدائين عوام جي پيرن ۾ هجي ٿي.“
    مون هن کي تمام ڌيان سان ٻُڌو، پر مونکي هن جي صحت جي ڏاڍي ڳڻتي هئي. مون جڏهن به جيل ۾ هن سان ملاقات ڪئي، ته هن کي اڳي کان به ڪمزور ڏٺو هيم. هن جون مُهارون ڳاڙهيون رَت جهڙيون ٿي ويون هيون ۽ ڪيترن هنڌان کاڄي ويون هيون. هن کي اڪثر بخار رهندو هو. امان ۽ آئون هن لاءِ ڪُڪڙ جي گوشت جا سينڊوچ کڻي وينديون هيونسين ۽ کيس اُهي کائڻ لاءِ مٿس زور ڀرينديون هيونسين، پر هو اهي سينڊوچ هڪ پُسيل ڪپڙي ۾ ويڙهي رکندو هو، ته جيئن اُهي نرم ۽ تازا رهن.
    سيپٽمبر جي ملاقاتن ۾ بابا کاڌي ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران تقريرن جي انهن موضوعن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي مونکي هدايتون ڏيندو هو، جيڪي مونکي ڪرڻيون هونديون هيون. ”مارشل لا جي نتيجي ۾ خودمختياريءَ جو سمورو مسئلو اُڀري مٿي ايندو هو.“ هن ٻڌايو. ”عوام کي اها ڳالهه ياد ڏيار، ته مون جمهوريت ذريعي هنن ۾ متحد پاڪستان جو اعتماد بحال ڪيو ۽ رُڳو جمهوريت ئي ملڪ کي متحد رکي سگهندي.“
    وڃڻ وقت مون هُن جي مُنهن تي ڳڻتي ڏٺي. ”پِنڪي، توکي خطري ۾ اماڻيندي مونکي نفرت ٿئي ٿي. جيڪڏهن هنن کي وڌيڪ مايوسي ٿي، ته اهي وري توکي گرفتار ڪندا. آئون ته شروع کان ئي انهن ڳالهين سان وڙهندو پيو اچان. پر پوءِ مونکي انهن هزارين ماڻهن جو به خيال اچي ٿو، جيڪي اسان خاطر ڪَوڙا پيا کائين ۽ عذاب پيا سَهن....“
    ”بابا.“ مون تيزيءَ مان چيو. ”آئون ڄاڻان ٿي ته هڪ پيءُ هجڻ سبب اوهان کي پنهنجي ڌيءَ جي ڳڻتي آهي. پر اوهين ته منهنجي لاءِ پيءُ کان به وڌيڪ آهيو. اوهان منهنجا سياسي اڳواڻ پڻ آهيو. جيئن اوهان ٻين جا سياسي اڳواڻ آهيو، جيڪي پِيڙا ۾ ڦاٿا پيا آهن.“
    ”پِنڪي ڌيان ڪجانءِ.“ هن پٺيان وڏي آواز ۾ چيو. ”تون سرحد جي علائقي ۾ پئي وڃين. ياد رک ته اهي ڏاڍا پراڻن خيالن جا ماڻهو آهن. تقرير ڪندي ڪنهن وقت تنهنجي مٿي تان رَئو لهي سگهي ٿو. ياد رک، توکي هڪدم رَئو مٿي تي پائڻو پوندو.“
    ”آئون گهڻو ڌيان رکنديس، بابا.“ مون هن کي خاطري ڏني. ”شل ڀاڳ ڀلو ٿيئي، پِنڪي.“ مون هن کي چوندي ٻُڌو.
    سرحد صوبي ۽ قبائلي علائقن ۾، جن جي الهندي طرف افغانستان ۽ اتر ۾ چين جون سرحدون آهن، مون سان گڏ وڪٽوريا به هلي هئي. ياسمين پڻ مون سان گڏ هئي. اها هڪ سامايل ڇوڪريءَ جي همت هئي، جنهن جي پالنا پاڪستاني خاندان جي روايتن مطابق ٿي هئي. هن ڪڏهن به رات جو گهر کان ٻاهر رهڻ جو سوچيو به ڪونه هو. هڪڙي ڀيري گهڻي رات گذرڻ سبب مون هن کي فليش مئن هوٽل ۾ ئي رهي پوڻ لاءِ چيو هو. ان تي هن جي ڏاڏي لاچار کيس اجازت ڏني هئي. اها لاچاري حڪومت جي ڊَپُ سبب ڪين هئي، پر انهن روايتن سبب هئي، جن مطابق ڪابه سامايل ڪنواري ڇوڪري پنهنجي گهر کان ٻاهر رات گذاري نٿي سگهي.
    پر حڪومت جي ظلم زبردستيءَ سبب ٻين ڪيترن ئي خاندانن جيان نيازي به حڪومت جا سخت مخالف ٿي ويا هئا. پنهنجي سخت نقصان جي هوندي به نيازي خاندان وارن مون تي زور ڀريو هو، ته هوٽل ۾ رهڻ بدران آئون سندس گهرو ماحول ۾، هنن سان گڏ گذاريان. منهنجي سبب هنن کي سخت هيسايو ۽ ڌمڪايو ويو هو. ٽئڪس جي سلسلي ۾ سندن جائداد جي ضبطيءَ جا نوٽيس ڪڍيا ويا هئا. هنن جي گهر جي گهٽيءَ ۾ جاسوسي ادارن جون لاريون بيٺيون هونديون هيون، جيڪي بيگم نيازيءَ جي ڪَڍ مارڪيٽ تائين ۽ هن جي ٻارن پٺيان اسڪول وينديون هيون. جاسوس ڊاڪٽر نيازي جي مريضن جو پيرو کڻندا هئا، جنهنڪري هن وٽ مريضن وڃڻ ڇڏي ڏنو هو.
    اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مڪاني اڳواڻن سان گڏ مردان جو سفر ڪيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ گنڌارا ٻوڌي تهذيب جو مرڪز هوندو هو. اسين انگريزن جي ٺاهيل پهاڙي اسٽيشن ايبٽ آباد وياسون، اسين سرحد صوبي جي گاديءَ واري شهر پشاور پهتاسون، جنهن جي گِيڙُو رنگ جي سِرن وارين ديوارن صدين کان وچ ايشيائي ملڪن مان ايندڙ لشڪرن کان شهر جو بچاءُ ڪيو هو. سرحد صوبي ۽ خودمختيار قبائلي علائقن ۾، جتي پٺاڻن جي اُن سخت دستور جو راڄ آهي، ته هر بيعزتيءَ جو پلاند وٺبو ۽ هر مهمان جي خاطرداري ڪبي. اسين جتي به ترسياسين ٿي، اتي ڪنهن به ڪوشش کانسواءِ لفظ منهنجي دل مان ڀَڙڪو ڏئي زبان تي ٿي آيا. ”پٺاڻ عزت تي جان ڏيڻ جي قربانيءَ لاءِ مشهور آهن. بابا نه رڳو پنهنجي عزت لاءِ، پر ملڪ جي عزت لاءِ جنگ پيو ڪري.“ مون هجوم کي مخاطب ٿي چيو هو، جن جا مُهانڊا ويجهو ئي خيبر لڪ جي جبلن جهڙا کُهرا هئا. اسين سوات وياسون، جتي پريان لوڻ جي ٽڪرين جي چوٽين تان هوا ۾ لوڻ پئي اڏاڻو. علاقائي ٻولي پشتو نه ڄاڻڻ سبب مون اردوءَ ۾ ڳالهايو، پر ان هوندي به پٺاڻن مونکي ٻُڌو. منهنجي اتي ڪابه مخالفت نه ٿي. انهن ايراضين ۾ به نه، جتي قبائلي عورتن جي سختيءَ سان حفاظت ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جا ڏک ۽ تڪليفون، منهنجي خاندان ۽ اسان سڀني جون مصيبتون، رنگ ۽ نسل جي هر رڪاوٽ کان مٿي ٿي ويون هيون. ”راشا، بينطير راشا!“ ماڻهن پشتو ٻوليءَ ۾ نعرا هنيا. ”ڀلي ڪري آئينءَ، ڀلي ڪري آئينءَ، بينظير ڀلي ڪري آئينءَ!“
    پنجاب جي گشت تي وڃڻ کان اڳ جڏهن آئون ٿوري وقت لاءِ راولپنڊي پهتيس، ته بابا وٽ آيس. ”شاباس“، پنهنجا هَٿ مَهٽيندي هن پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي دروازي تي مونکي واڌايون ڏنيون. لاهور ۾ پارٽيءَ جي هڪ عهديدار جي گهر ۾ منهنجي تقرير ٻُڌڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سوين ڪارڪن اچي گڏ ٿيا هئا. حڪومت جي گهڻين سختين جي هوندي به هنن جي جوش جذبي ۾ ڪا ڪمي ڪين آئي هئي. ”مقدمي ۾ ناانصافي ڪئي وئي آهي. اسين پنهنجي گرفتاري ڏيئي احتجاج ڪنداسين.“ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وفادارن مونکي چيو. ”موت جي سزا تي عمل کان پهرين ضياءَ کي اسان سڀني کي گرفتار ڪرڻو پوندو.“ سرگوڌا ۾، جتي اڃا تائين وڏن زميندارن جي حاڪميت قائم آهي، عوام جا وڏا ميڙ نڪري آيا. اها شدت وڌندي وئي، ۽ حڪومت ان کي چيڀاٽڻ لاءِ هڪدم اپاءُ ورتا. سرگوڌا مان منهنجي روانگي کان پوءِ پارٽيءَ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي جهَليو ويو، جن ۾ منهنجو ميزبان به هو، جنهن جو ڏوهه رُڳو اهو هو، ته هن مونکي پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏني هئي. ان ڏوهه ۾ هن کي هڪ ورهيه جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي هئي ۽ مٿس هڪ لک روپين جو ڏنڊ وڌو ويو هو.
    ”حڪومت پريشان ٿي وئي آهي. اسان کي سِڌو ملتان هلڻ نه گهرجي،“ پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن مونکي لاهور ۾ چيو. ”اسان جو سڄو زور ٽُٽي پوندو.“ ٻين اعتراض ڪيو. ”عوام ۾ ڏاڍو جوش آهي، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي به جهَليو وڃي. جيڪڏهن اسان ٿوري به ڍِر ڏني، ته پوءِ مختلف هنڌن تي پهچڻ ۽ وڌيڪ ماڻهن سان ملڻ لاءِ اسين گهڻو وقت وٺنداسين.“ اهو بحث هلندو رهيو ۽ ٻيءَ راءِ کي مڃيو ويو ۽ آئون ٿوري وقت لاءِ ڪراچي موٽي آيس، ته جيئن حڪومت جي هڪ ٻيءَ تهمت جو جواب ڏئي سگهان.
    انهيءَ وچ ۾ جمهوريت لاءِ عوامي راءِ نيون اوچائيون ڇُهڻ لڳي هئي. ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن هڪ ٻئي پٺيان پاڻ کي ساڙڻ شروع ڪيو هو. هنن پنهنجي اڳواڻ جي تقدير کي ڏسندي، پنهنجي قرباني ڏيڻ جو آخري احتجاج ڪيو. ’مساوات‘ اخبار ۾ هنن جون تصويرون ڏسي مون کان ڇِرڪ نڪري ويو هو ۽ مون کي خيال ٿيو، ته آئون انهن مان ٻن سان ملي هيس. انهن مان هڪ عزيز نالي هو، جيڪو مون وٽ فليش مئن هوٽل ۾ ٻه ٽي مهينا اڳ هڪ معمولي گذارش کڻي آيو هو، ته آئون هن سان گڏ فوٽو ڪڍرايان. جيتوڻيڪ آئون ڏاڍي ٿڪل هئس، پر مون اها گذارش قبولي هئي. ان ننڍڙي ڪوشش تي آئون پنهنجي ٿورائتي ٿي هيس، جڏهن مون اهو پڙهيو ته هن پاڻ کي جيئري ساڙيو هو.
    هڪ ٻيو شخص پرويز يعقوب نالي عيسائي هو، جنهن پاڻ کي سڀ کان پهرين ساڙيو هو. هُو سيپٽمبر 1977ع ۾ بابا جي گرفتاريءَ کان ٿورو پوءِ مون وٽ هڪ مايوس ڪندڙ تجويز کڻي آيو هو. هن هوائي جهاز اغوا ڪري، ان جي مسافرن کي اوستائين يرغمال رکڻ ٿي گهريو، جيستائين حڪومت بابا کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿئي. ”توکي اها حرڪت هرگز نه ڪرڻ گهرجي،“ مون هن کي چيو هو. ”بيگناهه ماڻهو مري سگهن ٿا. ان سبب توکي وڳوڙ ڪندڙ ٺڳ سمجهيو ويندو. اسان کي پنهنجن اصولن مطابق جنگ ڪرڻ گهرجي ۽ نه هنن جي اصولن مطابق.“ هينئر هن آخري قرباني ڏني هئي، هن لاهور ۾ پاڻ کي ساڙي پنهنجو انت آندو هو.
    ماڻهن جو اهو هجوم پرويز جي زندگيءَ کي بچائي پئي سگهيو، جيڪي باهه جي شعلن کي ڏسي هن ڏانهن ڊوڙي ويا هئا. پر مارشل لا اختياري وارن ڪنهن به ماڻهوءَ کي هن جي ويجهو وڃڻ جي اجازت ڪين ڏني هئي. هنن اهو ئي ٿي گهريو ته ماڻهو اها پيڙا ڏسن، ته جيئن ٻيو ڪوبه ڀٽي جو جان نثار وري اهڙو ڪم نه ڪري سگهي. پر اهو جوش ويتر وڌي ويو هو. ايندڙ هفتن ۾ پنهنجي چونڊيل وزيراعظم جي جان بچائڻ لاءِ ٻين پنجن ماڻهن پاڻ ساڙي پنهنجو انت آندو هو.
    ”حڪومت چوي ٿي ته جن ماڻهن پاڻ کي ساڙي ماريو هو، انهن کي اُن ڪم لاءِ پيپلز پارٽي پئسا ڏنا هئا،“ ملتان ۾ مونکي جيڪا تقرير ڪرڻي هئي، تنهن لاءِ مون نوٽ لکيو. ڇا انساني زندگيءَ جي ڪا قيمت به ٿي سگهي ٿي؟ نه. اهي بهادر انسان پنهنجو مثال پاڻ هئا، جن جمهوريت ۽ شرافت خاطر پنهنجي هر تڪليف کي وساري ڇڏيو هو. اسان جو هنن کي سلام آهي.“ مونکي ان تقرير جو موقعو ئي ڪونه مليو.
    4 آڪٽوبر 1978ع. ملتان هوائي اڏو.
    ڪراچيءَ کان ملتان تائين ۽ اتان پنجاب جي گشت لاءِ هوائي جهاز جي اڏام ۾ دير مٿان دير پئي ٿئي. ياسمين ۽ آئون هوائي اڏي تي ستين بجين صبح جو پهچون ٿيون. ٻنپهرن تائين هوائي جهاز ڪونه ٿو اڏامي. جهاز جڏهن ملتان پهچي ٿو، تڏهن اسان کي اصل حال جو پتو پوي ٿو. جهاز کي ٽرمينل ۾ بيهارڻ بدران ان کي پري بيهاريو وڃي ٿو ۽ جلدئي ان کي فوجي لاريون ۽ جيپون گهيرو ڪري وڃن ٿيون.
    ”مِس بينظير ڀٽو ڪٿي آهي؟“ سادن ڪپڙن ۾ ٻه ماڻهو جهاز ۾ اچي پُڇن ٿا.
    اسٽيوورڊ مون ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
    ”اسان سان گڏ هل.“ اُهي چون ٿا.
    ”ڇو؟“
    ”سوال نه پُڇ.“
    آئون ۽ ياسمين ڏاڪڻ تان لهي هيٺ اچون ٿيون، ته ويجهو ئي هڪ ننڍو جهاز بيٺو آهي.
    ”تون سيسنا ۾ چڙهه.“ عملدار مونکي چون ٿا. ”هي هتي ترسندي.“
    آئون ياسمين ڏانهن ڏسان ٿي. هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون آهن. هوءَ سامايل ڇوڪري اُن ڌارئي شهر ۾ بلڪل اڪيلي آهي. الائي هن سان ڪهڙي ويڌن ٿئي. ”ڪُتا!“ بنيادپرستن ۽ مارشل لا اختياري وارن سڄي پاڪستان ۾ انهن عورتن پٺيان باهه ٻاري ڏني آهي، جن پهريون ڀيرو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي، بابا جي گرفتاري، امان جي گرفتاريءَ ۽ پنهنجن مُڙسن، پٽن ۽ ڌيئرن جي گرفتارين خلاف مظاهرا ڪيا آهن. ياسمين کي به منهنجي ڳڻتي آهي.
    ”آئون هن کانسواءِ ڪونه هلنديس،“ آئون پوليس کي چوان ٿي.
    ”هوائي جهاز ۾ چڙهه،“ اُهي چون ٿا. هنن جون اکيون ڦِري وڃن ٿيون.
    ”نه، آئون ڪونه چڙهنديس،“ آئون ياسمين جو هٿ مضبوط جهليندي چوان ٿي. اُهي مون ڏانهن وڌي اچن ٿا ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ان رستي تي گهِلڻ شروع ڪن ٿا. ”مونکي نه ڇڏ، ياسمين!“ هوءَ جيئن ئي مون سان چِنبڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته آئون هن کي رَڙ ڪري چوان ٿي.
    جنهن جهاز مان اسان کي لاٿو ويو آهي، تنهن جا مسافر ڊَپُ ۽ اچرج وچان اسان کي ڏسن ٿا. ياسمين ۽ مونکي سيمينٽ جي فرش تي گهِليندا پيا وڃن. منهنجي شلوار ڦاٽي پوي ٿي. منهنجين ٽنگن تي رَهڙون اچن ٿيون ۽ منجهانئن رَت وهي ٿو. ياسمين دانهون پئي ڪري، پر اسين هڪ ٻئي کي ڪونه ٿيون ڇڏيون.
    سيسنا جهاز جي ڏاڪڻ وٽ پوليس جي ٻطرفن ريڊين ۾ کڙکڙ ٿئي ٿي.
    سدائين جيان هينئر به هنن جي سمجهه ۾ ڪي به نٿو اچي ۽ اهي هدايتون وٺڻ لاءِ ڳالهائين پيا. پوليس وارا انهن ڳالهين ۾ ئي رُڌل آهن، ته آئون ۽ ياسمين ٽن مسافرن جي ويهڻ واري ننڍڙي جهاز ۾ ڏاڪڻ چڙهي اندر وڃون ٿيون. جهاز جو ڪپتان پوليس کي چوي ٿو، ته جيڪڏهن جهاز جلدي نه اڏاڻو، ته پوءِ هيٺ لاهڻ وقت اودنهه ٿي ويندي. جهاز ڪٿي لهندو؟ اسان کي ڪابه ڄاڻ ڪانهي. ڪپتان جو اهو نياپو جڏهن ريڊيي ذريعي ڪور ڪمانڊر ملتان کي ملي ٿو، ته هو سخت ڪاوڙجي پوي ٿو. هو پوليس کي هدايتون ڏئي ٿو ته اسان کي وٺي وڃن. پر جهاز اڃا تائين رَن وي تي بيٺو آهي.
    ”صبح جو ستين بجي کان مون ڪا شيءِ نه کاڌي آهي، ۽ نه پاڻي پيتو آهي،“ جهاز جو ڪپتان آهستي پوليس وارن کي چوي ٿو. جلدئي پوليس هن لاءِ لنچ باڪس کڻي اچي ٿي. جهاز جي اڏامڻ کان پوءِ هو اسان ڏانهن ڏسي ٿو- هن اهو ٻڌو هو ته مون جڏهن پاڻي گهريو، ته ڪور ڪمانڊر پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو- ۽ اهو کاڌو اسان کي ڏئي ٿو. ”مون کاڌو آهي. هيءُ مون اوهان لاءِ ورتو آهي.“ هو چوي ٿو.
    پنجن ڪلاڪن کان پوءِ اسين راولپنڊي پهچون ٿا. آئون ڏسان ٿي ته اهو پنڊيءَ جو شهر آهي، ڇوته ان پوليس واري کي سڃاڻي وٺان ٿي، جيڪون مونکي جهاز مان وٺڻ لاءِ اچي ٿو. نيٺ ياسمين پنهنجي گهر پهچي وئي آهي. آئون جيئن جهاز جي دروازي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي، ته جهاز جو ڪپتان مون ڏانهن ڏسي ٿو. هن جي سٻاجهي مُنهن تي اڃا تائين مونکي ڳڻتيءَ جا اُهڃاڻ پيا ڏسجن. هن جي اکين مان ڳوڙها ڪِري پيا هئا. آئون سنڌي آهيان،“ هن چيو. بس، اهو ڪافي هو.
    آئون جڏهن اُن گهر ۾ پهتيس جتي امان کي نظربند رهندي ڏهون مهينو ٿيو هو، ته مونکي ڏسي هن کي ڏاڏي خوشي ٿي ۽ هوءَ اچرج ۾ وٺجي وئي هئي. هن سمجهيو هو ته آئون هُن سان ملاقات لاءِ آئي آهيان، پر سندس اکيون ان وقت ڦاٽي پيون، جڏهن هن منهنجا ڪپڙا ڦاٽل ۽ منهنجيون رَت هاڻيون ٽنگيون ڏٺيون. ”اڙي هاڻي مون سمجهيو،“ اهو چوندي هن جو آواز جهڪو ٿيندو ويو. اسان ٻنهي کي وري نظربند ڪيو ويو.
    مون مير کي خط لکيو، جيڪو آمريڪا ويل هو، ته جيئن گڏيل قومن جي اداري کي اپيل ڪري، ته اُهي حڪومت تي وڌيڪ زور آڻين. بابا مونکي چيو آهي ته توکي ڪي خاص ڳالهيون ٻُڌايان. هن ’هدايت‘ ڪئي آهي ۽ نه تنقيد. هن جو چوڻ آهي ته:
    ”تنهنجو خاندان آهي ۽ اُن جون روايتون آهن. هتي اخبارن ۾ خبر ڇپي آهي، ته تون لنڊن ۾ عيش واري زندگي پيو گهارين، پر بابا اُن خبر کي صحيح نٿو سمجهي. پوءِ به هن مونکي چيو آهي ته آئون توکي خبردار ڪريان، ته تون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ گهڻي دورانديشيءَ کان ڪم وٺ. فلمون نه ڏس، نه فضول خرچي ڪر. ٻيءَ صورت ۾ ماڻهو چوندا، ته تنهنجو پيءُ موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ پيو ڳري سڙي ۽ تون وري مزا پيو ماڻين.
    ”هندستان ۽ اسرائيل جي اخبارن وغيره کي انٽرويو نه ڏئي ۽ انهن ويجهو بلڪل نه وڃ. هندستاني اخبارن کي تنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو هتي غلط فهمي پيدا ڪئي آهي. وغيره وغيره.“
    مير کي اهڙا هدايتن وارا خط لکڻ تي منهنجيءَ دل هام نه ڀري. مونکي هن جي ڪوششن جي ڄاڻ هئي. هن منهنجي ننڍڙي ڪار وڪڻي، ان جي پئسن مان بابا جو اهو بيان ڇپايو هو، جنهن ۾ هن حڪومت جي الزامن جو جواب ڏنو هو. هن اتي حڪومت جي ٻاهرين ملڪن وارين وزارت جي هر ميمبر سان ملاقات ڪئي هئي ۽ بابا جي موت جي سزا خلاف انگلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي هئي. منهنجي گهڻي خواهش هئي، ته اسين گڏجي اها جنگ وڙهون، پر اهڙي ڪابه راهه نظر نه ٿي آئي، ته مير يا شاهه، جن ٻنهي پنهنجي تعليم ڇڏي، اتي جنگ شروع ڪئي هئي، اهي پاڪستان ۾ اچن ۽ گرفتار نه ٿين. اسان سڀني کي اڪيلي سِر جنگ ڪرڻي هئي.

    18 ڊسمبر 1978ع. سپريم ڪورٽ راولپنڊي.
    عدالت جو ڪمرو اُنهن ماڻهن سان سَٿجي ويو هو، جيڪي پنهنجي وزيراعظم جي رُڳو جهلڪ ڏسڻ لاءِ اُتاولا هئا. هڪ ڊگهي عدالتي جنگ کان پوءِ بابا جي وڪيلن نيٺ هن کي اها اجازت وٺي ڏني هئي، ته هو پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ حاضر ٿي، پنهنجي بچاءُ ۾ بيان ڏي. عدالت جي ڪمري ۾ رُڳو هڪ سؤ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ جاءِ هئي، پر چار ڏينهن هن جي تقرير ٻُڌڻ لاءِ اتي ٽي کان چار سؤ تائين ماڻهو هڪٻئي مٿان ڳاهٽ ٿيو ويٺا هئا. ٻيا هزارين ماڻهو جن کي اندر اچڻ ڪونه ڏنو ويو هو، ٻاهر بيٺا هئا. هنن رڳو بابا کي نائين بجين پوليس جي لاريءَ ۾ ايندي ۽ ٻنپهرن جو واپس قيدخاني ڏانهن ويندي ڏٺو.
    منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته آئون به اتي هجان ها، پر آئون نظربند هيس ۽ عدالت ۾ وڃڻ لاءِ منهنجي درخواست رد ڪئي وئي هئي. البت هڪ ورهيه جي نظربنديءَ کان پوءِ عدالت نومبر ۾ امان کي آزاد ڪيو هو، جنهنڪري هوءَ عدالت ۾ وڃي سگهي هئي. بابا جي خدمتگار عرس پڻ عدالت جو اجازتنامو ورتو هو. اهڙيءَ ريت بيگم نيازي، ياسمين، وڪٽورريا ۽ امينا کي به اجازت ملي هئي. بابا جي ان سخت آزمائش بابت پوءِ وڪٽوريا هڪ ڪتاب "Bhutto, trial and Execution" جي عنوان سان لکيو هو. اهو عنوان ”عدالتي قتل“ ٿيڻ کپندو هو.
    امان مونکي ٻڌايو ته بابا جي تقرير ڏاڍي شاندار ۽ وقتائي هئي. عدالت هن کي جيڪي چار ڏينهن ڏنا هئا، انهن ۾ هن قتل جي مقدمي ۾ پنهنجي شرڪت خلاف الزامن، لاهور جي قانوني ڪارروائيءَ ۾ بيقاعدگين ۽ شاهدين جي اختلافن ۽ رڳو نالي ماتر مسلمان هئڻ سميت چونڊن ۾ پاڻُ ڌانڌليون ڪرائڻ جي تُهمتن کي سختيءَ سان رد ڪيو هو. ”آئون هر اُن ويچار ۽ سوچ جي ذميدار ڪونه آهيان، جيڪا اسان جي سرسبز سنڌ ماٿريءَ جي عملدار ۽ غير عملدار جي ذهني پيداوار آهي.“ هن چيو. اڳواٽ تياريءَ کانسواءِ اتي جو اتي ڳالهائيندي هڪ ڀيرو وري بابا پنهنجي ذهانت ۽ فصاحت جي جادوءَ ۾ اتي موجود ماڻهن کي جَڪڙي ڇڏيو هو.
    ”هر ساهواري کي هڪ ڏينهن هيءُ جهان ڇڏي وڃڻو آهي. مونکي ڊگهي زندگيءَ جي چاهنا نه آهي، پر مونکي انصاف گهرجي.“ هن چيو. ”... سوال اهو ڪونهي ته مونکي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي آهي، پر سوال اهو آهي ته فرياديءَ کي اهو مقدمو ايئن ثابت ڪرڻو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش باقي نه رهي. آئون پنهنجي بيگناهي ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ ثابت ڪرڻ نٿو گهران. اها آئون عظيم سوچ لاءِ ثابت ڪرڻ گهران ٿو، ته اها کِل جهڙي ناانصافي ڪئي وئي آهي. اهڙي ناانصافيءَ جو ڪو مثال ئي ڪونهي.“
    بابا کي جن حالتن هيٺ رکيو ويو هو، تن کي ڌيان ۾ رکي ڏٺو وڃي، ته هن پنهنجو بيانَ شاندار نموني ڏنو هو. فوج هن کي راتين جون راتيون ننڊ ڪرڻ نه ڏني هئي. هن ڇهن مهينن کان به وڌيڪ عرصي تائين اُس جو ذرو به نه ڏٺو هو ۽ پنهنجي موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ پنجويهه ڏينهن تازي پاڻي کانسواءِ گذاريا هئا. هن جو رنگ هيڊ جهڙو ٿي ويو هو ۽ هو ڏاڍو ڪمزور هو. امان مونکي ٻڌايو ته ان هوندي به جيئن هو تقرير ڪندو پئي ويو، تيئن تيئن هن ۾ سگهه ايندي پئي وئي. ”آئون مٿي ۾ ٿوري ڦيري ڀانئيان ٿو.“ هن عدالت ۾ اهو مڃيو. ”مون ۾ ٻين ماڻهن جهڙي ڦُڙتي ڪانهي.“ هن ماڻهن سان ڀريل ڪمري ۾ چؤڌاري نهاريو. ”ها، ماڻهن کي ڏسي سرهائي ٿي آهي،“ هن مُرڪندي چيو.
    هو جڏهن به عدالت ۾ آيو ٿي يا اتان ٻاهر ٿي ويو، ته اتي ماڻهو ادب وچان اُٿي ٿي بيٺا ۽ هن سدائين جيان عوام اڳيان وڃڻ وقت سُٺو لباس پائڻ ۽ پاڪستان جي شاندار وزيراعظم طور وڃڻ تي زور رکيو هو. اُن موقعي تي هن جنهن لباس جي درخواست ڪئي هئي، اهو 70 ڪلفٽن مان عرس کڻي آيو هو ۽ جڏهن پهرئين ڏينهن عدالت ۾ آيو هو، ته هو مڪمل سُوٽ ۽ ريشمي قميص ۾ هو ۽ کيس ريشمي ٽاءِ ٻڌل هئي ۽ ڪوٽ جي کيسي ۾ رنگين رومال هو. البت هن جي ڍري پتلون مان خبر پئي ٿي، ته هو جسم ۾ ڪيترو نه لٿل هو.
    اختياري وارن پهرين هن کي عدالت جي ڪمري ۾ وچ واري رستي تان اچڻ جي اجازت ڏني هئي، پر جڏهن هنن ڏٺو ته ماڻهو ڪهڙي نه چاهه مان هن سان هٿ ملائين ٿا. ۽ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي گذرندي به اُن آڌرڀاءُ جو هن ڪيئن نه مُرڪي ۽ ماڻهن جا هٿ ڇُهي جواب ٿي ڏنو، تڏهن پهريدارن هن کي پنهنجي گهيري ۾ رکيو. آخري ٽن ڏينهن ۾ هو انهن ڇهن پهريدارن جي سخت گهيري ۾ ايندو هو، جن جا هٿ هڪٻئي سان مضبوط جهليل هوندا هئا.
    23 ڊسمبر تي اها اپيل مڪمل ٿي هئي. امان ۽ مون پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي جنم ڏينهن 25 ڊسمبر تي هن سان ملاقات جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي. اسان کي نئين سال جي پهرئين ڏينهن يا پنج ڏينهن پوءِ هن جي ڄم واري ڏينهن تي به هن سان ملڻ ڪونه ڏنو ويو هو.
    6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ جي فتويٰ اچي وئي. ٽن جي ڀيٽ ۾ چئن ووٽن سان موت جي سزا کي قائم رکيو ويو هو.
    اُن فيصلي جي اعلان کان هڪدم پوءِ مون ۽ امان اها ڄاڻ يارهين بجين ڏينهن جو ٻُڌي. اسان کي اميد هئي ته ضياءَ جا هي جج ڪو معجزو ڪندا. پر چئن پنجابي ججن، جيڪي فوجي رهائش جي مرڪز جا رهاڪو هئا ۽ جن مان ٻن ججن کي عارضي طرح مقرر ڪيو ويو هو، جن جي عهدي جي مُدت جي توثيق فوجي حڪومت فتويٰ کان پوءِ ڪئي هئي، هيٺئين عدالت جي فتويٰ کي قائم رکڻ جي راءِ ڏني. جڏهن ته اقليت وارن ٽن صوبن جي وڏي درجي وارن ججن ان کي رد ڪرڻ جي راءِ ڏني هئي. بابا جي ڦاسيءَ واريءَ سزا جي مامري تي ويچاريندي ئي آئون ڏاڍي ويڳاڻي ٿي وئي هيس.
    امان هر اڱاري جي ڏينهن ملاقات لاءِ بابا وٽ وڃڻ واري هئي، ته اسان جي مسواڙ تي ورتل گهر ۾ مارشل لا اختياري وارا هن جي نظربنديءَ جو حڪم کڻي آيا. پر هن اهو حڪم وٺڻ کان نٽايو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پيو ٿئي. ته ايتري ۾ امان ڪمري مان تڪڙي تڪڙي نڪري پنهنجي تيز هلندڙ ڪار ”جيگوئار“ ۾ چڙهي ويٺي. ”دروازو کوليو،“ هن پهريدار کي حڪم ڏنو، جيڪي ان گهر جي چؤڌاري پهري تي بيٺل هئا، جتي ملتان هوائي اڏي تي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ آئون نظربند هيس. هنن اهو سمجهندي ته امان لاءِ نظربنديءَ جا حڪم ڪونه ٿيا آهن، دروازا کوليا. امان تيزيءَ سان ڪار هلائيندي راولپنڊي سينٽر جيل پهتي ۽ پنهنجي پٺيان ايندڙ فوجي جيپن کي گهڻو پوئتي ڇڏي آئي. جيئن ته جيل جي اختياريءَ وارين کي امان جي اچڻ جي اميد هئي، تنهنڪري هنن کيس اندر اچڻ ڏنو.
    هوءَ پهريون لوهي دروازو اُڪري وئي. پوءِ ٻيو دروازو. جيل جي اختياريءَ وارن کي سندس نظربنديءَ جي حڪمن جو اڃا ڪوبه اطلاع ڪونه پهتو هو. ٻيءَ صورت ۾ هن جي اها ملاقات رد ٿي وڃي ها. هوءَ تڪڙي تڪڙي اڳتي وڌندي وئي. هاڻي اندريون آڳنڌ بلڪل هن جي سامهون هو. هوءَ فوجي خيمن ۽ هٿيارن جي تنبن جي وچ مان اڳتي وڌندي وئي، جيڪي بابا جي ڪمپائونڊ چؤڌاري لڳل هئا، نيٺ آخري دروازو کليو.
    بابا موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ هو. ”اپيل رد ڪري ڇڏي اٿن.“ اُن کان اڳ جو جيل جو عملو ۽ پوليس وارا امان تائين اچي پهچن، هن بابا کي ٻڌائي ڇڏيو. جڏهن هو واپس گهر پهتي ته هن جي چهري تي عجيب ڳنڀيرتا هئي. ”مون خبر پهچائي ڇڏي،“ هن مونکي ٻڌايو. ”مون ڪنهن به صورت ۾ هنن کي اهو اونڌو اطمينان ڏيارڻ نه ٿي گهريو، ته اهي تنهنجي بابا کي فتويٰ جو اطلاع ڏين.“ هڪ ڀيرو وري اسين ٻئي نظربند ٿي ويونسين ۽ بابا جي سزا خلاف اپيل ڪرڻ لاءِ رُڳو هڪ هفتو هو.
    فليش مئن هوٽل ۾ اسان جا وڪيل نظرثانيءَ جي درخواست تي لاڳيتو ڪم ڪندا رهيا. هنن سُپريم ڪورٽ جي 1500 صفحن واري فيصلي جي چئن نقلن ملڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، جن ۾ 800 کان مٿي صفحا انوارالحق جا لکيل هئا. پر هنن کي رُڳو هڪڙو نقل مليو. هڪ منشيءَ کي ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي اچڻ لاءِ اماڻيو ويو هو. اهو نقل اڃا فوٽو ڪاپي پئي ٿيو، ته هن کي ان ڪري جهَليو ويو، ڇوته هو پاڻ فوٽو ڪاپي ڪرڻ واري مشين جو مالڪ هو.
    بهرحال بچاءَ جي وڪيلن فوٽو ڪاپي ڪرڻ جي هڪ مشين هٿ ڪري ورتي ۽ اها فليش مئن هوٽل ۾ کڻي آيا. اهو ڏاڍو جوکائتو ڪم هو. اهو سال شروع ٿيندي ئي حڪومت ٽائيپ رائيٽرن ۽ فوٽو ڪاپينگ مشينن جي وڪري تي بندش وجهي ڇڏي هئي، ته جيئن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ يا ٻيءَ ڪا سياسي جماعت انهن تي ڳجهو مواد ڇاپي نه سگهي. هاڻي ته هڪ ٽائپ رائيٽر يا هڪ فوٽو ڪاپئينگ مشين جي واپرائڻ کي به ملڪ خلاف سمجهيو پئي ويو، ٻيو ته اسان وٽ نئين مشين وڪڻڻ واري لاءِ به گرفتاريءَ جو خطرو هو. ان هوندي به وڪيل ڪم ڪندا رهيا.
    اسلام آباد ۾ امان سان گڏ لاڪپ ۾ رهندي مون ڀانئيو هو، ته آئون ختم نه ٿيندڙ اوٿاري ۾ ڦاسي پئي آهيان. سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ گرفتاري جو هڪ ٻيو سلسلو شروع ٿي ويو هو. اسڪول ۽ يونيورسٽيون بند ڪيون ويون. ضياءَ هر هنگامي کي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي چيڀاٽي ڇڏڻ جو پختو ارادو ڪيو هو. احتجاجن جي اُڀرڻ ۽ پکڙجڻ کان اڳ ۾ ئي هن انهن کي ٻُنجو ڏئي ڇڏيو هو.
    فوجي حڪومت جيڪا سختي ڪئي هئي، تنهن عوام کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ڊَپُ ۽ ڇڪتاڻ وڌي وڃي ٿي، ته ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ جا حيلا ڪن ٿا. هنن پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو. ماٺ ۾ ئي سلامتي آهي. اهي بيپرواهه رهڻ لڳا. ڊَپُ سبب اهي ظاهر ئي ڪونه ٿيا، ته متان پاڻ شڪار ٿي وڃن.
    پر آئون اهڙي ڀاڳواري ڪونه هيس. بابا جي موت ڏانهن وڌندڙ رفتار کان آئون پاڻ کي پري رکي نه سگهيس. مون جڏهن آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو، ته ڳڻتي ۽ سوچَ سبب منهنجي مُنهن تي داڻا نڪري آيا هئا ۽ اهو ڳاڙهو ٿي ڏٺو. آئون ايتري ته ڳري وئي هيس، جو منهنجي کاڏي، ڄاڙي ۽ ڀِرُون ٻاهر تي اڀري آيا هئا. منهنجا ڳل ڍرڪي ويا هئا ۽ منهنجي چمڙي ڇِڪجي وئي هئي.
    مون ڪسرت لاءِ روزانو صبح جو پندرهن منٽ ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجو ڌيان هڪ هنڌ جائيتو نه ٿيو. آئون جيڪر رڳو ننڊ ڪري سگهان ها، پر مون کي ننڊ به ڪين ٿي آئي. امان مونکي ويليم کائڻ لاءِ ڏنيون. مون ان جا ٻه ملي گرام وٺڻ شروع ڪيا، پر آئون جاڳندي رهندي هيس ۽ منهنجي ذهن ۾ مانڌاڻ متل هوندو هو. ”ڀلا ايٽيوان وٺي ڏس.“ امان صلاح ڏني. ان جي وٺڻ سان آئون رڙيون ڪرڻ لڳيس، ان بدران مون وري موگيڊن وٺڻ شروع ڪيون. ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو.
    12 فيبروي 1979ع. سهالا پوليس ڪئمپ.
    صبح جو اختياريءَ وارا اسان وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا ته اوهان کي سهالا ۾ هڪ پوليس ٽريننگ ڪئمپ ۾ موڪليو پيو وڃي، جيڪا راولپنڊي ۾ بابا جي قيدخاني کان ڪجهه ميل پري هئي. اسان کي ان عمارت ڏانهن نيو ويو، جيڪا هڪ گنجي ٽڪريءَ تي هئي ۽ جنهن جي چؤڌاري خاردار تارون لڳل هيون. اتي اسان کي گهُرج جي ڪابه شيءَ نه ڏني وئي. نه بلئنڪيٽ هئا، ۽ نه کاڌو. ڪجهه به نه. المرتضيٰ مان جيڪي اسان جا ٻه گهرو ملازم ابراهيم ۽ بشير اسان سان گڏ آيا هئا، سي روزانو وڏو پند ڪري سؤدو سلف وٺي ايندا هئا.

    13 فيبروري 1979ع.
    وڪيلن پنهنجي درخواست صبح جو پنجين بجين تائين لکي پوري ڪئي، جيڪا ان صبح جو ئي عدالت ۾ ڏيڻي هئي. عدالت بابا کي ان وقت تائين سزا کان مهلت ڏني، جيستائين درخواست تي نظرثاني پوري ٿئي. 24 فيبروريءَ تي عدالت جي شنوائي شروع ٿي. انهيءَ وچ ۾ هڪ ڀيرو وري سڄي دنيا مان ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن وٽان رحم جون اپيلون پاڪستان ۾ پهچڻ لڳيون. ”پنهنجي سياستدان کي بچائڻ لاءِ مونکي سڀني سياستدانن چيو آهي. پر گهڻن غير سياستدان رحم لاءِ ڪونه چيو آهي،“ ضياءَ ٺٺولي ڪندي ٻاهرين ملڪن جي سربراهن جي ان حُجت کي ”ٽريڊ يونين سرگرمي“ چئي ڪابه اهميت نه ڏني هئي.
    مارچ جي اوائل ۾ آئون سهالا مان بابا سان ملاقات لاءِ وئي هيس. مونکي ته سمجهه ۾ ئي نٿي آيو، ته هو جيئرو ڪيئن هو. جڏهن کان هن جي موت جي سزا کي قائم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. تڏهن کان هن پنهنجي هر علاج کان انڪار ڪيو هو ۽ دوا کائڻ ڇڏي ڏني هئي. هن کاڌو کائڻ به ڇڏي ڏنو هو، تنهنڪري نه ته هن جي مُهارن ۽ ڏندن ۾ سُور هو، پر ساڻس جيڪو ورتاءُ ٿيو پئي، تنهن خلاف احتجاج ڪندي هن ايئن ڪيو هو. هاڻي هن جي ڪوٺڙيءَ ٻاهران ڪُلف ڏنل هوندو هو، جنهن سبب هو اُن ڪموڊ کي به ڪَتب آڻي نه پئي سگهيو، جيڪو هن لاءِ جيل جي اختياري واري پاسي واري ڪوٺڙيءَ ۾ رکايو هو.
    سدائين جيان هن سان ملاقات لاءِ منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ۽ ان ڏينهن ته اها گهڻي هئي، ڇوته آئون هن کي عجب ۾ وجهڻ واري هيس. امان جي تازي گرفتاريءَ کان اڳ هوءَ ڪراچي وئي هئي ۽ موٽندي هوءَ پاڻ سان گڏ بابا جو ڪُتو ’هئپي‘ به وٺي آئي هئي، ته جيئن اهو به نظربنديءَ ۾ اسان وٽ رهي. هئپي اسان سڀني کي وڻندو هو. گڊي نسل جو اهو اڇي نرم بُج وارو ڪُتو بابا کي منهنجيءَ ڀيڻ ڏنو هو. ”تون هاڻي ماٺ ڪر.“ راولپنڊي سينٽرل جيل ۾ پهچڻ وقت مون هئپي کي هوريان چيو، جيڪو منهنجي ڪوٽ هيٺان لِڪل هو.
    پهرئين دروازي وٽ جهَڙتي وٺڻ واري جاءِ تي خوش قسمتيءَ سان جيل سپرنٽينڊنٽ موجود ڪونه هو، ۽ نه وري جيل ۾ مقرر فوجي لشڪر جو اڳواڻ ڪرنل رفيع اتي موجود هو، جيڪو اسان جي هر چرپر کي ڌيان سان چڪاسيندو هو. هئپي ۽ آئون وڌي ٻئي دروازي تائين پهتاسين. اتي منهنجي جهَڙتي وٺڻ وارين پوليس جي عورتن به اتفاق سان ڪوبه اعتراض نه ڪيو. ”اسان کي ڪُتي لاءِ جهَڙتي وٺڻ جو حڪم ڪونهي،“ هنن مان هڪ ڄڻي همدرديءَ ڪندي چيو. پوءِ آئون جيل جي آخري دروازي ۾ داخل ٿيس. ”هاڻي تون هن کي وڃي ڳول،“ مون هئپي کي ڇڏيندي چيو.
    هئپي فرش سُنگهندو هڪ ڪوٺڙيءَ کان ٻي ڪوٺڙيءَ تائين ڊوڙندو ويو. خوشيءَ وچان ڪُتون ڪُون ڪُون ڪندو بابا تائين وڃي پهتو، جيڪو هن کي اتي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو هو. ”ماڻهن کان وڌيڪ ڪُتا ڪيڏو نه وفادار ٿين ٿا.“ آئون جڏهن سندس ويجهو پهتيس ته بابا چيو.
    ڪُتي جي خبر ٻُڌي اختياريءَ وارا سخت ڪاوڙجي پيا هئا. وري هئپيءَ کي بابا سان ملاقات جي ڪڏهن اجازت نه ملي هئي، پر گهٽ ۾ گهٽ آئون بابا کي زندگيءَ جي ان گهڙيءَ جو احساس ڏيارڻ ۾ سوڀاري ٿي هيس، جڏهن اسان جو گهر ڳڻتي ۽ فڪر کان آجو هوندو هو: هڪڙي ئي ڇت هيٺان رهندڙ هڪ ماءُ، پيءُ ۽ چار ٻار ۽ جن سان گڏ باغ ۾ ڪُتڙا ۽ ٻليون هونديون هيون.

    مارچ جي پهرئين هفتي ۾ اسانجن وڪيلن پنهنجا انيڪ عذر عدالت جي نظرثانيءَ لاءِ ڏنا. گهڻي ڪم سبب اُهي بنهه ٿڪجي ساڻا ٿي پيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪڙي ڏينهن امان ۽ مون جڏهن سهالا ۾ بي بي سيءَ تان شام جون خبرون پئي ٻڌيون، ته اسان کي غلام علي ميمڻ جي وفات جي ڄاڻ ملي، جيڪو بابا جي وڪيلن مان هو ۽ جنهن کي پاڪستان جو لائق وڪيل سمجهيو ويندو هو. هو فليش مئن هوٽل ۾ پنهنجي ميز تي ڪم ڪندي دل جي دؤري پوڻ سبب گذاري ويو هو. ”الله، يا الله“ چون ٿا ته هن سپريم ڪورٽ جي گهڻائي واري فيصلي خلاف پنهنجي آخري قانوني ويڙهه جو بيان لکرائيندي وچ ۾ چيو هو، ”هڪ ٻيو انسان مارشل لا جو کاڄ ٿي ويو.“ اسان ريڊيو بند ڪري ڇڏيو. اسين ڀلا ڇا ٿي چئي سگهيونسين؟
    23- مارچ جي سالگرهه واري ڏينهن جڏهن پاڪستان جي باني محمد علي جناح آزاد مسلم رياست ٺاهڻ جي گهُر ڪئي هئي، ضياءَ اعلان ڪيو ته سرءُ جي مُند ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. ٻئي ڏينهن سپريم ڪورٽ پنهنجي فتويٰ ڏني. جيتوڻيڪ بابا جي درخواست کي رد ڪيو ويو هو، پر عدالت يڪراءِ سفارش ڪئي هئي، ته اها سزا جنم ٽِيپ ۾ بدلائي وڃي. هڪ ڀيرو وري اميد جو ڪِرڻو نظر آيو. هاڻي آخري فيصلو رُڳو ضياءَ کي ڪرڻو هو.
    سَت ڏينهن. ڪنهن طرفان به ضياءَ کي اُن ڳالهه تي مڃرائڻ لاءِ رُڳو ست ڏينهن هئا ته، بابا کي موت جي مُنهن ۾ نه اماڻي، ۽ هن کي بچائڻ لاءِ ضياءَ وٽ هر ڪارڻ هو. بابا جي مقدمي جي فيصلي جي نتيجي ۾، جتي چار جج هڪ پاسي ۽ ٽي جج ٻئي پاسي هئا، پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي موت جي سزا نه ملي هئي، قانون جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن حڪومت، پنهنجي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت جي ان يڪراءِ فيصلي کي رد نه ڪيو هو، ته موت جي سزا گهٽائي وڃي. ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ڪنهن کي به قتل جي سازش جي ڏوهه ۾، ڪڏهن به موت جي سزا نه ملي هئي.
    ضياءَ تي ٻاهرين ملڪن به دٻاءُ وڌو هو. هڪ ڀيرو وري ٻاهرين ملڪن جي سربراهن جا نياپا اچڻ شروع ٿي ويا هئا. انگلينڊ جي وزيراعظم ڪلهان ٽيون ڀيرو ضياءَ کي رحم جي درخواست ڪئي هئي. اسلامي بنيادپرستيءَ جي مرڪز سعودي عرب هڪ ڀيرو وري اپيل ڪئي. پر ضياءَ وٽان ڪوبه جواب نه ڏنو ويو هو. بابا جي قسمت جا پَل آهستي آهستي گهٽجڻ لڳا.
    سزا ڏيڻ جي تاريخ جو اعلان به نه ڪيو ويو هو، جنهنڪري ماڻهن ۾ هڪ ڪُوڙي اميد هئي. ڪنهن به اها ڳالهه قبولڻ نه ٿي گهري، جنهن جي بابا کي سدائين سُڌ هئي. سڀني رڳو عدالت جي يڪراءِ سفارش ۽ اسلامي حڪومتن سان ضياءَ جي ڪيل اُن واعدي تي اميد رکي هئي، ته موت جي سزا کي جنم ٽِيپ جي سزا ۾ بدلايو ويندو. ضياءَ اهو به ڄاڻايو هو، ته بابا طرفان يا هن جي ويجهي مائٽ جي حُجت تي کيس پاڻ بچائڻ ۽ سزا کي گهٽائڻ لاءِ ڪا راهه ملي ويندي، پر بابا جنهن گهڻو اڳ پنهنجي اڻٽر موت کي قبوليو هو، تنهن کان انڪار ڪندو رهيو. ”هڪ بيگناهه انسان اُن ڏوهه لاءِ ڪڏهن به رحم جي درخواست نه ڪندو، جيڪو هن ڪيو ئي ناهي.“ بابا ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ۽ اسان کي به درخواست ڏيڻ کان روڪي ڇڏيائين. هن جي وڏي ڀيڻ، جيڪا حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي پُڦي هئي، تنهن اپيل ڪئي ۽ آخري وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ هن ضياءَ جي گهر جي دَر تائين پهچي اتي پنهنجي درخواست ڏني هئي. پر ان جو ضياءَ وٽان ڪوبه جواب نه مليو هو.
    اُهڃاڻ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ بد سنؤڻ ٿيندا ٿي ويا. راولپنڊي جيل ۾ بابا جي ڪوٺڙيءَ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو گهربل سامان رکيل هو، سو اتان سندس هنڌ سميت کڻايو ويو هو. اتي هڪ فراسي ڇڏي وئي هئي. جيڪا فرش تي وڇائي هو اُن تي سمهندو هو. هن کان سنوارت ٺاهڻ جو سامان به کَسيو ويو هو، جنهنڪري بابا جي سدائين اڇي اجري چهري تي اَڇن وارن جي سُنهاري وڌي آئي هئي. هو بيمار ۽ ڏاڍو ڪمزور هو.
    سهالا ۾ مونکي نظربنديءَ جو هڪ ٻيو حڪمنامو مليو، جنهن هيٺ مون تي وڌيڪ پندرنهن ڏينهن جي پابندي وڌي هئي. اُن لاءِ سبب اهو ڄاڻايو ويو هو ته، ”آئون (پنهنجي) بابا کي آزاد ڪرائڻ جي آخري پُٺڀرائي ماڻڻ لاءِ گوڙ ڦَڏي واري سياست کان ڪم وٺي، امن امان ۽ مارشل لا جي ڪارائتي انتظام ۾ زبردست وڳوڙ پيدا ڪنديس.“
    ڪنهن کي به پتو نه هو، ته هاڻي ڇا ٿيندو. ڇا دنيا جي ملامت ۽ ڪورٽ جي سفارش کان پوءِ به ضياءَ سچ پچ سزا تي عمل ڪندي بابا کي ڦاسي ڏيندو؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ ڪڏهن؟ ان جو ڏکائتو جواب 3 اپريل تي نروار ٿيو هو، جڏهن امان ۽ مونکي آخري ملاقات ڪرائڻ لاءِ وٺي ويا هئا.
    ياسمين! ياسمين! اڄ رات هو قتل ٿيڻ وارو آهي!
    امينا! تون به ٻُڌ. اهو اڄ رات ٿيندو، اڄ رات!
    وڪيلن نظرثانيءَ جي هڪ ٻي درخواست ٺاهي. امينا هوائي جهاز ۾ ڪراچي وئي، جتي هن ۽ بابا جي هڪ وڪيل حفيظ لاکي اها عدالت ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. رجسٽرار اُها وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اها ججن کي ڏني وڃي. پر جج به اها وٺڻ کان نٽائي ويا. هڪڙو جج ته عدالت جي پٺئين دروازي مان ٻاهر هليو ويو. امينا ۽ مسٽر لاکو وڏي جج جي ذاتي گهر تي ويا ۽ ان جي دروازي تي هنن گهڻي حجت ڪئي. جج به هنن سان ملاقات کان انڪار ڪيو. نِراس امينا هوائي جهاز ۾ اسلام آباد واپس موٽي آئي.

    3 اپريل 1979ع.
    ٽڪ. ٽڪ. مارشل لا جون فوجون ڳڙهي خدا بخش جا سڀئي رستا بند ڪري، اسان جي خانداني قبرستان جو گهيرو پيون ڪن. ٽڪ. ٽڪ. امينا اڪيلائيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ هوائي اڏي تان سِڌو نيازيءَ جي گهر وڃي ٿي. ”اڄ رات جو آهي.“ ڊاڪٽر نيازي هر گهڙيءَ ٽيليفون تي آهستي آهستي چوي پيو، جڏهن ته ان اونداهي گهر ۾ ياسمين ۽ امينا ماٺ ڪيو، اکيون کوليو ليٽيون پيون آهن. ٽڪ. ٽڪ.
    فجر ٽاڻي هڪ فوجي لاري تيزيءَ سان راولپنڊي جيل مان رواني ٿئي ٿي. ٿوري دير کان پوءِ ياسمين اسلام آباد مٿان هڪ ننڍي جهاز جي اڏام جو آواز ٻُڌي ٿي. هوءَ پاڻ کي ويساهه ڏياري ٿي، ته اهو جهاز عرب اڳواڻن مان ڪنهن هڪ جو آهي، جيڪو قيدخاني مان بابا کي ڇڏائي، هن کي ڪنهن سلامتيءَ واري پاسي کنيو پيو وڃي. پر هن جنهن جهاز جو آواز ٻڌو آهي، سو بابا جي ميت کڻي اسان جي گهر لاڙڪاڻي پيو وڃي.


      مارشل لا سان جمهوريت جو مقابلو

    4 اپريل 1980ع تي جيئن بابا جي سزا جي پهرئين ورسي ويجهي اچي ٿي، ته عوام جا هجوم المرتضيٰ ڀرسان لنگهندا ڳڙهي خدا بخش ۾ بابا جي قبر ڏانهن پيا وڃن. هاڻي اسين پنهنجي نظربنديءَ جي ڇهين مهيني ۾ حڪومت کي درخواست ڪريون ٿيون، ته اسان کي هن جي مزار تي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر آئون ڄاڻان ٿي ته اها اجازت نه ملندي. حڪومت بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ياد ۾ ڪنهن به عوامي پُٺڀرائي واري مظاهري کان ايترو ته ڇرڪيل آهي، جو اسان جي اباڻي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستن جي هڪ سئو ميلن جي نيم گهيري ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.
    عوام اڳيان حڪومت کڻي ڪيتريون ئي بندوقون تاڻي بيهي، پر بابا جو ڊَپُ ضياءَ کي سُک سان رهڻ ڪونه ٿو ڏئي. سندس حياتيءَ ۾ ئي بابا جي هڪ سياسي مدبر هجڻ ۽ سماجي سوچ رکندڙ طور واکاڻ ڪئي ويندي هئي. پر سندس قتل سبب هن پنهنجن ڪجهه نيازمندن جي ذهنن ۾ شهيد جي حيثيت ماڻي ورتي آهي، ته ڪن ۾ وري هڪ وليءَ جي.
    بابا جي قبر تي، جيڪا المرتضيٰ کان ڏهه ميل پري آهي، معجزا ٿيڻ جون ڳالهيون پڻ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿيون. هڪ منڊڙو ٻار هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ هڪ سُنڍ زال پٽ ڄڻي ٿي. بابا جي سزا کان پوءِ ان سال لکين ماڻهو اسان جي خانداني قبرستان ۾ ڪَهي آيا آهن ۽ اتي قبر جي خاڪ جو ذرو ۽ گُل جي پَتي کائي دعائون گهرن ٿا. مڪاني اختياريءَ وارن قبرستان جو طرف ڏيکاريندڙ نشان به پَٽي اُڇلائي ڇڏيو آهي. پر پوءِ به ماڻهو اُتي ايندا رهن ٿا.
    پوليس ۽ فوج جا سپاهي ماڻهن کي ڊيڄارين ٿا ته، هنن کان نالا پڇيا وڃن ٿا. جيڪڏهن اهي ڪار يا ٽرڪ ۾ اچن ٿا ته، سندن نمبر نوٽ ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو پنڌ اچن ٿا ته سندن ائڊريسون لکيون وڃن ٿيون. هنن جي کاڌي جون شيون به اڪثر ضبط ڪيون وڃن ٿيون ۽ سندن پاڻيءَ جا ٿانوَ ڀڄي ٽُڪرا ڪيا وڃن ٿا، پوءِ به ماڻهو اتي اچن ٿا ۽ بابا جي تصويرن ۽ سندس قبر تي گلاب ۽ گونٽي جي گلن جا هار ۽ چادرون چاڙهين ٿا.
    بابا جي وفات جي ٻارهي کان اٺ ڏينهن پوءِ، ڪراچيءَ ۾ اسان جي نظربنديءَ خلاف عدالت ۾ مقدمو شروع ٿئي ٿو. اسان جو وڪيل جڏهن اُن خط جو حوالو ڏئي ٿو، جيڪو مون هڪ مهينو اڳ صنم جي اچڻ وقت ڪئپٽن افتخار جي اعتراض جوڳي رَوئي خلاف لکيو هو، ته ايڊووڪيٽ جنرل اهڙي ڪنهن به خط بابت پنهنجي اَڻڄاڻائي ڏيکاري ٿو. پر مون وٽ ته جيلر جي صحيءَ ڪيل رسيد آهي ۽ اسان جو وڪيل اُن کي آڻڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي مهمليءَ لاءِ چوي ٿو. عدالت ڏانهن لکيل خط کي روڪڻ ان جي توهين آهي، جنهن جي سزا ڇهه مهينا آهي. هنن کي ڄاڻ آهي ته مون وٽ ثبوت آهي. عدالت جي توهين جي الزامن کان پاڻ بچائڻ لاءِ اختياري وارن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي.
    اُن رات امان ۽ مونکي اوچتو آزاد ڪيو وڃي ٿو. آئون وري ڪڏهن به اُن جيلر کي نٿي ڏسان. بعد ۾ مونکي ڄاڻ ملي ٿي، ته هن جي ترقي روڪي وئي ۽ کيس ڪنهن هنڌ سزا طور رکيو ويو هو.
    آزادي. پر الائي ڪيستائين، المرتضيٰ مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ امان ڪراچي ۾ رهڻ لڳي. جڏهن ته آئون هوائي جهاز ذريعي اسلام آباد ويس، ته جيئن پاڻ کي انهن ڳالهين کان واقف ڪريان، جيڪي اسان جي نظربنديءَ جي ڇهن مهينن ۾ ٿيون هيون هوائي جهاز راولپنڊيءَ ۾ هيٺ لٿو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن آئون ياسمين جي گهر ۾ صبح جو ننڊ مان جاڳيس، ته ويهاڻي جي ڇَوَ تي بدبودار گند ۽ رَت جا نشان هئا. منهنجون ساهڙيون هڪدم مونکي اسپتال وٺي ويون. ”تون ڏاڍي سڀاڳي آهين،“ ايمرجنسي روم ۾ ڊاڪٽر منهنجي ڪَن جي صفائيءَ کان پوءِ مونکي چيو. ”جهاز ۾ هوا جي داٻ سبب بيماريءَ جو اهو گند ڦاٽي ٻاهر نڪتو. اهو ڦاٽي اندر به وڃي سگهيو ٿي، جنهنڪري گهڻو نقصان ٿئي ها.“
    آئون ته ڪجهه به سوچي نه پئي سگهيس. پهرين المرتضيٰ ۾ حڪومت طرفان مون ڏانهن موڪليل ڊاڪٽر ڏاڍي چالاڪيءَ سان مونکي سمجهايو هو، ته مونکي ڪَن جي سُور جو وهم آهي ۽ پوءِ وري هن مون تي ان ۾ ڇِلَ جو الزام مَڙهيو هو. هاڻي هن ڊاڪٽر مون کي ڀاڳوارو سڏيندي رُڳو اها صلاح ڏني هئي، ته آئون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڊاڪٽر کان هر پندرهين ڏينهن ڪَن جي تپاس ڪرايان. ڇا ڊاڪٽر نااهل هئا يا هنن ڄاڻي ٻُجهي منهنجيءَ حالت کان لنوايو هو؟ ڪنهن به مونکي ڪونه ٻُڌايو هو، ته منهنجي ڪَن ۾ جوکائتي ڦُرڙي هئي، جنهن هوريان هوريان اتي جي نازڪ هڏين کي پئي ڳاريو، جنهنڪري آئون ٿوري ٻوڙي ٿي پئي هيس. بعد ۾ مونکي خبر پئي، ته جراحيءَ کانسواءِ ان لاڳيتي سوزش ۽ ساڙي سبب آئون بنهه ٻوڙي ٿي وڃان ها ۽ منهنجي مُنهن تي فالج ڪِري ها. پر اڳ ۾ مونکي ڪنهن به اهو ڪونه ٻڌايو هو.
    آئون جڏهن ڪراچي واپس ٿيس، ته امان کي ڏاڍي ڳڻتي هئي. ”تون حڪومت کي خط لکي ٻاهرئين ملڪ ۾ تپاس ڪرائڻ جي اجازت گهر،“ هن مون تي زور رکندي چيو. ”تنهنجي صحت جو تنهنجي سياست سان ڪوبه ناتو ڪونهي.“ مون حڪومت کي اهڙو خط لکيو. پر اسان کي ڪوبه جواب نه مليو. حڪومت اسان کي پنهنجي نظرداريءَ ۾ رکڻ گهريو هو.
    70 ڪلفن کان ٻاهر فوجي جاسوسن جون گاڏيون چويهه ڪلاڪ بيٺل هونديون هيون. آئون يا امان جڏهن به ٻاهر ويونسين ٿي، ته هنن اسان جو پيڇو ٿي ڪيو. اسان جي گهر جيڪو به آيو ٿي، تنهن جو فوٽو ڪڍيو ۽ سندس ڪار جو نمبر لکيو ٿي ويو. اسان جا ٽيليفون ٻُڌا ويندا هئا. ڪنهن وقت ٽيليفون ۾ کڙکڙ جا آواز ٻڌبا هئا، ته ڪنهن وقت اهو بلڪل بند ٿي ويندو.
    ”تون واپس لاڙڪاڻي وڃ ۽ اتي ٻنيءَ جي حساب ڪتاب جي پڙتال ڪر.“ مون جڏهن پاڻ کي تندرست ڀانئيو، ته امان مونکي صلاح ڏني. ”ٻن ورهين ۾ اسان جي خاندان جي ڪنهن به ڀاتيءَ کي ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو وقت نه مليو آهي.“
    آئون جڏهن پنهنجي ٻنيءَ جي مئنيجرن سان ملڻ ۽ فصل ۽ لاباري جا معاملا چڪاسڻ لاءِ واپس المرتضيٰ ويس، ته جاسوسن ڪڏهن به منهنجو پيڇو نه ڇڏيو. مونکي ڇا ڪرڻو هو ۽ ڇا ڏسڻو هو، تنهن بابت مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي. سدائين بابا ۽ منهنجا ڀائر ٻَنين جي سنڀال ڪندا هئا.
    حساب ڪتاب جا ڪاغذ چڪاسيندي آئون اڪثر ڀانئيندي هئس، ته آئون اٺن ورهين جي ڇوڪري ٿي واپس بورچيخاني ۾ پهچي وئي آهيان ۽ اتي بابوءَ کان گهر جي خرچ پکي کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪريان. هر ڪو حقيقي ڪم ڪندي ۽ مَن جي لاڳيتي مونجهه مان ويرم کن لاءِ پاڻ بچائيندي، دل کي ڄڻ اطمينان ٿي آيو. آرهڙ جي ساڙيندڙ اُس شروع ٿيڻ کان پهرين هر صبح جو آئون پاڻ کي نين ذميدارين کي سمجهڻ لاءِ جيپ ۾ چڙهي، زيتون جي باغن ۽ سارين ۽ ڪمند جي ٻنين ۾ ويندي هيس. آئون تکي اُس کان بچڻ لاءِ مٿي تي رَئو رکي يا ڪَکن جو ٽوپلو پائي، ٻنين ۾ پئي ڦرندي هئيس. اهڙيءَ ريت مون واهن ۽ ٽيوب ويلن، آرهڙ ۾ سارين، ڪپهه ۽ ڪمند، خريف پوک جي ڄاڻ ۽ سم ۽ ڪلر جي معاملن جي سمجهه ماڻي. جسماني ڪَشالو مرهم ثابت ٿيو هو.
    ڀٽي خاندان جي هڪ فرد کي پنهنجين ٻَنين ۾ ڏسي هارين، ڪمدارن ۽ منشين سُک جو ساهه کنيو. ”مالڪ جا پير سونا هُجن ٿا. هاڻي جڏهن تون هتي آئي آهين، ته اسان جي سَڻائي ٿيندي.“ هنن مان ڪنهن مونکي چيو. ”هاڻي اسين يتيم نه آهيون.“
    ٻَنين تي رهندي مونکي سرهائي ٿيندي هئي، پر لاڙڪاڻي ۾ مردن سان گڏجي ڪم ڪرڻ عجب جهڙي ڳالهه هئي. ڳوٺاڻيون عورتون ڏاڍن پراڻن ويچارن جون هيون ۽ برقعي پائڻ کانسواءِ گهر مان ٻاهر نه نڪرنديون هيون ۽ ڪار هلائڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو. پر منهنجي لاءِ ٻي ڪا راهه نه هئي. منهنجي گهر جي ڀاتين مان ڪوبه مرد ماڻهو پاڪستان ۾ ڪونه هو. بابا گذاري ويو هو ۽ ڀائر افغانستان ۾ هئا. اهي جيڪڏهن پاڪستان ۾ واپس اچن ها، ته کين هڪدم جهَليو وڃي ها. اسان مان ڪنهن جي به زندگيءَ ۾ روايت جي ڪا جاءِ نه هئي.
    آئون ڪنهن قدر جنس جي ٻَنڌڻ کان مٿانهين هيس. سڀني کي ڄاڻ هئي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن مونکي زميندار خاندان جي زندگيءَ جي طريقن مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. انهن خاندانن ۾ نوجوان عورتن جي سختيءَ سان حفاظت ڪئي ويندي هئي ۽ اهي ڪنهن مرد مائٽ کانسواءِ ڪڏهن به پنهنجي گهر مان ٻاهر نه نڪرنديون هيون. اسان جي روايتن مطابق عورتون خاندان جون عزتون آهن. هنن کي ۽ سندن عزت آبروءَ کي بچائڻ لاءِ خاندان وارا پنهنجين عورتن کي چؤديواري اندر پردي ۾ رکن ٿا.
    منهنجيون چار پُڦيون، جيڪي منهنجي ڏاڏي جي پهرئين گهر واريءَ مان هيون. اُن روايت کي قائم رکنديون آيون. ڀٽي خاندان مان ڪوبه ويجهو مائٽ هنن سان شاديءَ لاءِ مناسب نه هو. تنهنڪري اهي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر جي چؤديواريءَ ۾ پردي ۾ رهنديون هيون. خاندان ۾ سندس گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي؛ ڇو ته سڀني کي ڄاڻ هئي، ته انهن جي شادي ڇو نه ٿي آهي. هي سدائين خوش ڏسڻ ۾ اينديون هيون ۽ کين ٻئي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه هئي. ”هنن جي چهرن تي ڳڻتيءَ جون لِيڪون ئي نه ٿيون ڏسجن.“ امان جڏهن انهن سان ملي ايندي هئي، ته مون کي ٻُڌائيندي هئي.
    منهنجي لاءِ اها ورچائيندڙ حياتي هئي، پر منهنجيون پُڦيون گهڻو سُرهيون ٿي ڏٺيون. هنن عربي پڙهي، قرآن شريف پڙهڻ سِکيو هو، رڌ پچاءُ جو ڪم سِکيو هو. پتائي گجرن جو لذيذ اچار ۽ مٺائيون ٺاهينديون هيون، ڪپڙا سِبنديون هيون ۽ سئيٽر اُڻينديون هيون. اهي ورزش لاءِ گهر جي چؤديواري ۾ پنڌ ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن بجاج سندن پسند لاءِ نَون ڪپڙن جا ٿان دَر تي ڇڏي ويندو هو. اهي پراڻي نسل مان هيون. آئون نئين نسل جي هيس.
    شام جو آئون المرتضيٰ ۾ شاگردَ وفدن ۽ ٻين ملاقاتين سان ملندي هيس، جيڪي مون کي انهن ماڻهن جون خبرون ٻڌائيندا هئا، جيڪي اڃا تائين قيدخانن ۾ پيا هئا. انهن وٽان مون کي فوجي حڪومت جي مخالفت جو پڻ احوال ملندو هو. اسين انهن ماڻهن ۽ خاندانن جون فهرستون ٺاهيندا هئاسين، جن سان قيد ۾ ملڻو هو ۽ جن جي دلداري ڪرڻي هوندي هئي. ٽپهريءَ جو مون کي ايترو وقت ملندو هو، جو آئون بابا جي قبر مٿان ڇانوَ لاءِ شاميانو ٺهرائڻ ۽ امان جي ان تجويز تي ڌيان ڏيڻ لڳيس، ته المرتضيٰ ۾ لڳل ڪاٺ جي پراڻين درين جي جاءِ تي شيشي جون دَريون هجڻ گهرجن. ”آئون ٿڌڪار بدران ڏسڻ کي پسند ڪريان ٿي.“ المرتضيٰ ۾ اسان جي ڊگهي نظربنديءَ جي وقت اسان کي بجلي وڃڻ سب جيڪو تجربو ٿيو هو، تنهن کي ويچار ۾ رکندي هن مون کي چيو هو. ”الائي اسين هتي ٻيهر نظر بند رهون؟ اسان کي به تيار رهڻ گهرجي.“
    مون پاڻ کي اوڀر جي هڪ اڻڄاڻ روايت ۾ پڻ ڌِڪجندي ڀانئيو. اتي اڪيلي ڀٽو هجڻ سبب اوچتو مون کي ڳوٺاڻن پنهنجو ’وڏو‘ سمجهيو. اهي ٻَنيءَ ۾ ٺهيل ڪچي گهر جي آڳنڌ ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پنهنجن جهيڙن ۽ معاملن جو نبيرو ڪرائيندا هئا. جاگيرداري دؤر جي ان دستور مطابق قبيلي جي سردار کي پنهنجن ماڻهن جي هر فيصلي جو اختيار هُجي ٿو. قبائلي انصاف جو اهو مختصر سرشتو قبيلن جيان اڃا تائين ڳوٺاڻين ايراضين ۾ قائم آهي. جيتوڻيڪ آئون سچ پچ ته ڀٽو قبيلي جي سردار نه هيس، پر پوءِ به ماڻهو مون وٽ اچڻ لاءِ زور رکندا هئا. پاڪستان ۾ انصاف ڏاڍو دير سان ملي ٿو، اهو ڏاڍو مهانگو هجي ٿو ۽ منجهس ڏاڍي بي ايماني ٿئي ٿي. پوليس لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ ماڻهن کي جهلي ٿي ۽ کانئن رشوت وڍي پوءِ کين ڇڏي ٿي. تنهنڪري ماڻهو پنهنجن ڄاڻ سڃاڻ خاندان جي ڪيل فيصلن مان راضي هجن ٿا. پر اٺ ورهيه مغربي ملڪن ۾ رهڻ کان پوءِ مون ڀانئيو هو، ته ڳوٺاڻي زندگيءَ جا مونجهارا سُلجهائڻ جي مون ۾ لياقت ڪانهي.
    ”هن جي سئوٽ منهنجي پُٽ کي چاليهه ورهيه اڳ قتل ڪيو هو.“ هڪڙي صبح جو آئون واڻ جي کٽ تي عدالت ڪرڻ لاءِ ويٺي هيس، ته هڪ ڪُراڙي شخص، جنهن جي وات ۾ ڏند به ڪونه هئا، منهنجي اڳيان بيان ڏنو. ”ان وقت اوهان جي وڏي چاچي جيڪو فيصلو ڪيو هو، تنهن مطابق هن جي خاندان ۾ جيڪا به پهرين ڇوڪري ڄمڻي هئي، تنهن سان منهنجي شادي ٿيڻي هئي ۽ اها ڇوڪري ڄائي آهي. هن کي ڏس، پر هو مون سان اُها ڇوڪري ڪونه ٿو پرڻائي.“
    مون اُن اٺن ورهيه ڄمار جي ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو، جنهن پاڻ کي پنهنجي پيءَ جي پٺيان پئي لِڪايو. ”منهنجي ڌيءَ جڏهن ڄائي هئي، تڏهن هن مون کي هڪ لفظ به نه چيو هو.“ ڇوڪريءَ جي پيءَ ٻڌايو. ”مون سمجهيو هو ته هن اسان کي اهو ڏوهه بخش ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪيترائي سال اڳ ٿيو هو. جيڪڏهن مون کي ڄاڻ هجي ها، ته هو نينگريءَ جي گهُر ڪندو، ته آئون پنهنجي ڌيءَ کي اهڙي لاڏ ڪوڏ سان هرگز نه پاليان ها. هاڻي اسين سانباها پيا ڪريون، ته هن جي ان هنڌ شادي ٿئي، جتان هن جي سڱ جي گهُر ٿي آهي. اسان هنن سان وچن ڪيو ۽ زبان ڏني آهي. اها اسين ڪيئن ٿا ڀَڃي سگهون؟“
    اُن ننڍڙي غريب ڇوڪريءَ تي اُهو تڪرار ٻُڌي آئون ڏڪي ويس. ڳوٺن ۾ عورتن جي قسمت سدائين سُٺي نٿي هجي. ڪنهن جو ڪو ڀاڳ ڀلو ٿيو ته واهه، نه ته ڪنهن کان به ڪا پڇا نٿي ٿئي. ”توکي اها ڇوڪري نه ملندي، پر عيوض: ۾ توکي هڪ ڳئون ۽ ويهه هزار رپيا ملندا.“ مون ڪُراڙي شخص کي چيو. ”اهو منهنجو فيصلو آهي. ڇوڪريءَ جي مڱڻي ٿيڻ کان اڳ ۾ توکي اها دعويٰ ڪرڻ کپندي هئي.“ ڇوڪريءَ جي عيوض هڪ ڳئون! ريڊ ڪلف ۾ عورتن جي تحريڪ جي بحثن ۾ ڪڏهن به ان تي ويچار ڪونه ٿيو هو. پر هيءُ پاڪستان هو ۽ ڪُراڙو شخص سخت ڪاوڙجي پيو هو ۽ ڪُر ڪندو هليو ويو.
    منهنجي اُن فيصلي سان ٻئي ڏينهن هڪ ٻيو ڏَچو ٿي پيو. ”منهنجي گهر واريءَ کي ڀڄايو ويو آهي.“ هڪ شخص مون کي دانهن ڏني. هن جي سُهري وڌيڪ دانهون ڪندي چيو. ”اسان تي مصيبتن جا پهاڙ ڪِريا آهن. اسين مري ويا آهيون. منهنجي ڌيءَ جا ٻار سڄو ڏينهن پنهنجي ماءُ لاءِ دانهون ڪُوڪُون پيا ڪن. تون ڪا مدد ڪر، ته هوءَ اسان وٽ موٽي اچي.“
    ”اوهان جو ڪنهن ۾ شڪ آهي؟“ مون پڇيو. هنن جڏهن مون کي ٻڌايو، تڏهن مون هڪ ماڻهوءَ کي اُن ڳوٺ ڏانهن اتي جي وڏڙن سان ان بابت ڳالهائڻ لاءِ موڪليو. ان نؤجوان عورت کي ڪاميابيءَ سان موٽايو ويو. پر هوءَ سخت ڪاوڙيل هئي.
    ”آئون پنهنجي مڙس سان هرگز نٿي رهڻ گهران. منهنجو ڪنهن ٻئي شخص سان پيار آهي.“ هن مون ڏانهن اهو نياپو موڪليو. ”هيءُ ٽيون ڀيرو آهي جو آئون ڀڳي آهيان ۽ مون کي موٽايو ويو آهي. مون سمجهيو هو ته تون عورت هئڻ سبب منهنجي ڏک کي سمجهي، مون سان همدردي ڪندينءِ.“
    آئون ته دنگ رهجي ويس. مون کانسواءِ هر ماڻهوءَ کي ڄاڻ هئي، ته سخت قبائلي روايتن هيٺ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏڻ گهري ٿي، ته هن لاءِ ’ڀڄائي وڃڻ‘ کانسواءِ ٻي ڪا راهه ئي ڪانهي. هڪ ڏکايل عورت پنهنجي مرضيءَ سان گهر ڇڏي نٿي سگهي. بعد ۾ مون کي ڄاڻ ملي ته ان غريب نؤجوان عورت وري ڪڏهن به پاڻ بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. قبائلي روايتن ۾ مساوات ۽ آزاديءَ جي انساني قدرن جي وچ ۾ جيڪو تڪرار آهي، تنهن جو ويچار مون کي پهريون ڀيرو آيو هو.
    جمهوري پاڪستان ۽ فوجي آمريت واري پاڪستان جي فوج ۾ به ويڇو وڌندو پئي ويو. مون جڏهن لاڙڪاڻي جي ٻنين ۾ فيصلا پئي ڪيا، تڏهن ٻئي پاسي هر صوبي ۾ ضياءَ جي جوڙيل خاص فوجي عدالتن ۾، جتي قانوني تعليم کان اڻڄاڻ هڪ مئجسٽريٽ ۽ ٻه ٻيا عملدار هوندا هئا، ماڻهن کي موت ۽ جنم ٽِيپ جون وڌ ۾ وڌ سزائون مليون پئي. ٻين به سَون سرسري فوجي عدالتن ۾ ناانصافي پئي ٿي. جتي قانون کان اڻڄاڻ هڪ اڪيلو عملدار، رُڳو شاهديءَ پٽاندر اتي جو اتي هڪ سال تائين سخت پورهئي جي سزا ۽ پندرهن ڪَوڙا هڻڻ جو حڪم ڏيندو هو. منهنجا ڪيل فيصلا آخري ڪونه هوندا هئا ۽ انهن تڪرارن جو نبيرو عدالتن ۾ ٿي پئي سگهيو، جڏهن ته فوجي عدالتن ۾ ڏوهارين کي نه وڪيل ڪرڻ جو ۽ نه اپيل جو ڪو حق مليل هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري في ڪَوڙو ڏهه هزار روپيا رشوت ڏني ٿي، ته رُڳو ان صورت ۾ هو اُن سزا کان جان بچائي ٿي سگهيو. مارشل لاءِ جو ڦاهو تنگ پئي ٿيو.
    مارشل لا حڪم نمبر 77: 27 مئي 1980ع. ملڪ دشمني ۽ هٿياربند فوجن جي اهلڪارن کي ڀنڀلائڻ جي ڏوهن جا مقدما هاڻي ديواني عدالتن بدران فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا، جن جي سزا ڦاسي يا ڪَوڙا ۽ سخت پورهئي سان قيد هوندو.
    مارشل لا حڪم نمبر 78: بي دريافت سياسي قيدين کي ٻارنهن مهينن تائين نظربند رکي سگهجي ٿو، پر هڪ نئين تبديليءَ سان، پنهنجن گهرن ۾ يا رستن تي گرفتار ٿيل ماڻهن کي ڪنهن به سبب ٻُڌائڻ جي ڪابه گهُرج ڪانهي. ”نظربنديءَ جا سبب يا بنياد ڪنهن به ماڻهو کي ڪونه ٻُڌايا ويندا“، حُڪم ۾ ڄاڻايل آهي. مارشل لا اختياري وارن موجب ”حالتن کي نظر ۾ رکندي“ نظربنديءَ جي مُدت کي هاڻي وڌائي سگهبو.
    هاڻي ڪنهن به مرد يا عورت کي اپيل جي حق کانسواءِ ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪنهن اهڙي الزام هيٺ گرفتار ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي هن کي ڪا ڄاڻ ڪانهي ۽ کيس اڻڄاڻايل عرصي تائين قيد ۾ رکي سگهجي ٿو. 19 جون تي لاهور ۾ انهن نون قاعدن کي واپس وٺڻ ۽ شهرين جي حڪومت جوڙڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ وڪيلن هڪ جلوس ڪڍيو. ڇهاسي وڪيلن تي لٺيون وسايون ويون ۽ هنن کي جهَليو ويو. ساڳيءَ ريت آگسٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي 1973ع جو آئين بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ مظاهرو ڪندي جهَليو ويو، جن ۾ ٻارهن وڪيل به هئا. حڪومت مزدور انجمن جي اڳواڻن ۽ شاگردن کي به گرفتار پئي ڪيو ۽ لڳو ٿي ته ان ظلم ۽ ڏاڍ جو ڪو اَنت ئي ڪونهي.
    آرهڙ ۾ آئون جڏهن ڪراچي موٽي آيس، تڏهن امان مون کي گهڻو خبردار رهڻ جو اشارو ڏنو هو، پر حڪومت ڪوبه جوکو کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. آگسٽ ۾ اسين هڪ دوست خاندان جي شاديءَ ۾ لاهور ويونسين، ته اسان جي هوٽل کي پوليس گهيرو ڪري وئي ۽ اسان کي پنجاب صوبي مان نيڪالي ڏني وئي. اسان کي هٿياربند پوليس جي نظربنديءَ ۾ هوائي اڏي تائين وٺي ويا ۽ ڪراچي ويندڙ هوائي جهاز ۾ چاڙهيو ويو.
    پڌرو هو ته فوجي بغاوت ۽ مارشل لا کي ٽي ورهيه ٿيڻ کان پوءِ به ضياءَ عوام کي زوري مڃائڻ ۽ سندن پُٺڀرائي وٺڻ ۾ اڃا تائين ناڪام ويو هو. ضياءَ کي ڪابه سياسي پٺڀرائي نه هئي. هن کي رڳو فوج تي قبضو هو. پاڪستان قومي اتحاد جا سياستدان، جن 1977ع جي چونڊن ۾ بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالف ڪئي هئي ۽ جن مان ڪجهه پوءِ ضياءَ جا وزير به ٿيا هئا، پڻ هن کان ڦِري ويا هئا. جڏهن بابا جي وفات کان ڇهه مهينا پوءِ ضياءَ هنن جون وزارتون ختم ڪري ڇڏيون هيون ۽ سڀني سياسي جماعتن تي بندش وجهي ڇڏي هئي. تڏهن پاڪستان قومي اتحاد وارا سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا هئا.
    نتيجي ۾ آڪٽوبر 1979ع ۾ جڏهن امان ۽ مونکي المرتضيٰ ۾ نظربند ڪيو ويو هو، تڏهن جلدئي پاڪستان قومي اتحاد جي ڪجهه جماعتن ضياءَ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سهڪار شروع ڪري ڏنو هو. هنن جي ان پيشقدميءَ کي پهرين اسان سياسي کيڏ سمجهيو هو، ته جيئن اهي فوجي حڪومت جو راضپو ماڻي سگهن. ”جيڪڏهن تون اسان کي وزارتون ڪونه ڏيندين، ته اسين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڏانهن وينداسين.“ هنن ضياءَ کي اثرائتي انداز ۾ چيو هو. هاڻي 1980ع جي سرءُ جي مند ۾ وري اسان جي پراڻي مخالف پاڪستان قومي اتحاد سرچاءُ جون ڳالهيون شروع ڪيون هيون. هن ڀيري هنن ڳالهين کي ڳنڀيرتا سان ٻُڌڻو پيو هو.
    سياسي پُٺڀرائي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ضياءَ ۽ سندس باقي رهيل ٿورن حامين رشوتون ڏيڻ شروع ڪيون. روزانو ضياءَ طرفان لوڀ لالچ ڏيڻ جون خبرون اچڻ لڳيون. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ مسڪين اڳواڻ جي پُٽ ڌوڪيءَ کي، جيڪو سائيڪلن جي دڪان ۾ پورهيو ڪري روز ٻه روپيا ڪمائيندو هو، هڪ هزارين رپين جي آڇ ڪئي وئي، ته پيپلز پارٽيءَ کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي. اها جماعت پاڪستان قومي اتحاد ۾ شامل هئي، جنهن اڃا تائين ضياءَ جي پُٺڀرائي پئي ڪئي. غلام مصطفيٰ جتوئي جهڙي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقتور رڪن، سنڌ صوبي ۾ پارٽيءَ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ کي ضياءَ پاڻ پنهنجي حڪومت جو وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڪئي هئي. ضياءَ جي ان نئين سياسي گروهه بنديءَ مان وڏو خطرو اهو پيدا ٿيو هو، ته عوام کي اها ڳالهه سوچڻ لاءِ بيوقوف بنايو وڃي، ته ضياءَ جي نفرت واري فوجي حڪومت جو غير فوجي حل ڳولي لڌو ويو آهي.
    ”ضياءَ طرفان اسان کي نقصان پهچائڻ کان اڳ اسان کي گهرجي ته اسين پاڻ هن جا رستا بند ڪيون.“ جتوئيءَ کي وزيراعظم جي آڇ ٿيڻ کان پوءِ سيپٽمبر ۾ امان مون کي چيو هو. ”جيتوڻيڪ مون کي ان خيال کان سخت نفرت آهي، پر پاڪستان قومي اتحاد اسان ڏانهن جيڪي تجويزون موڪليون آهن، تن تي اسان کي سوچڻ گهرجي.“
    پهرين ته مون کي ڊَپُ وڪوڙي ويو هو. ”انهيءَ ڪري پارٽيءَ جا اڳواڻ سخت ناراض ٿيندا.“ مون احتجاج ڪندي چيو ”اسين ڪيئن ٿا وساري سگهون، ته پهرين پاڪستان قومي اتحاد ئي هو، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هنيا هئا. اهو پاڪستان قومي اتحاد ئي هو، جنهن فوجين کي ملڪ تي قبضي واسطي راهه ڏيکاري هئي. اهي ماڻهو تڏهن ضياءَ جا وزير هئا، جڏهن هن بابا جو انت آندو هو.“
    ”پر پوءِ اسان لاءِ ٻيءَ ڪهڙي واٽ آهي؟“ امان چيو. ”اڄ جتوئي آهي، سڀاڻي ٻيا هوندا. جڏهن مثالي حالتون نه هجن، تڏهن توکي ڪَٺور حقيقتن کي مُنهن ڏيڻو پوندو.“
    هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي انتظامي ڪاميٽي جي ٽيهن ميمبرن جي ڳجهي گڏجاڻي ڪوٺائي. اسان کي ڄاڻ هئي، ته امان وڏو خطرو پئي کنيو، ڇو ته سياسي گڏجاڻين تي بندش پيل هئي. پر اسان جي ماٺڙيءَ ۾ ويهڻ کي حڪومت اڳيان جهُڪڻ برابر سمجهيو وڃي ها. ٻين گڏجاڻين جيان اها گڏجاڻي به 70 ڪلفٽن تي گهرائي وئي هئي. پارٽيءَ جا اڳواڻ پري پري کان – سرحد ۽ بلوچستان صوبن مان آيا هئا ۽ اڳڪٿيءَ مطابق اهو بحث ڏاڍو اُگرو ٿيو هو.
    ”پاڪستان قومي اتحاد وارا قاتل آهن. قاتل آهن.“ سنڌ جي هڪ ميمبر چيو. ”جيڪڏهن اسين اڄ هنن سان ڏيتي ليتي ڪنداسين، ته سڀاڻي سِڌو جنرل ضياءَ سان ڏيتي ليتيءَ ۾ اسان کي ڪهڙو لاچار ٿيندو؟“
    ”پر جڏهن جاپان چين تي حملو ڪيو هو، تڏهن چيانگ ڪائي شيڪ سان مائوزي تنگ سهڪار ڪيو هو.“ پوڙهي شيخ رشيد جواب ڏنو. جيڪو پارٽيءَ ۾ مارڪسي ويچارن جو حامي هو. جيڪڏهن اهي قومي فائدي لاءِ سهڪار ڪري ٿي سگهيا، ته پوءِ آئون چوندس، ته اسان کي به قومي اتحاد سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.“
    اُن تجويز جي حق ۾ اُن خلاف اهو بحث تيز ٿيندو ويو. ”اسين مڃون ٿا ته اُهي مطلبي ۽ لوڀي آهن.“ مون راءِ ڏني. ”پر اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟ اسين ويهي اوسيئڙو ڪريون، ته اهو وجهه اسان جي هٿن مان کِسڪي وڃي يا وري اسان کي قومي اتحاد جي اُها ڪَڙي گولي کائڻي پوندي ۽ اسان کي پاڻ اُن جي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. تنهنڪري منهنجي تجويز آهي ته اسين ٺاهه ڪريون ۽ پنهنجي پارٽيءَ سُڃاڻپ وڃائڻ کان سواءِ ڪو ڌار اتحاد جوڙيون.“
    ستن ڪلاڪن جي بحث کان پوءِ نيٺ سچائين کي مڃيو ويو ۽ اسان مان هر هڪ لاچار ان تجويز کي مڃيو، ته پاڪستان قومي اتحاد پاران ٺاهه جي ڳالهين جو جواب ڏنو وڃي. اهڙيءَ ريت جمهوريت کي واپس آڻڻ جو خاڪو ٺاهيو ويو.
    ”هاڻي اسان ٻنهي جو ساڳئي وقت قيد ۾ وڃڻ مناسب ڪونهي، تنهنڪري تون سياست ۾ اڳرائي نه ڪجانءِ.“امان مونکي چيو. ”اهڙيءَ طرح اسان مان ڪابه هڪ پارٽيءَ جي اڳواڻِيءَ لاءِ ٻاهر رهي سگهندي.“
    مون لاچار ٿي اها ڳالهه مڃي، پر ساڳئي وقت مون ٿورڙو آرام به ڀانئيو. جيتوڻيڪ ايم آر ڊيءَ (جمهوريت موٽائڻ لاءِ جوڙيل تحريڪ) ٺاهڻ ۾ سياسي چڱائي هئي، پر بابا جي اڳوڻن دشمن سان اتحاد کي مڃڻ ۾ مونکي ڏکيائي ٿي هئي. ساڳئي ريت اڳوڻين مخالف جماعتن جي اڳواڻن کي پڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان ڳالهائيندي ڏکيائي پئي ٿي. مخالف ڌرين جا اڳواڻ گهڻو شڪي ٿين ٿا ۽ پارلياماني گڏجاڻين ۾ هڪ ٻئي سان سِڌو ڳالهائڻ بدران رُڳو قاصدن معرفت ڳالهائين ٿا.
    انهي عمل ۾ وڌيڪ مونجهارو هڪ اُگري بحث سبب به ٿيو، جنهن نئين اتحاد کي ڪجهه وقت لاءِ لوڏي وڌو هو، خاص ڪري ايم آر ڊيءَ جي تجويز هيٺ چارٽر جي لفظن تي ٿيو، ته ڇا 1977ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي به هئي يا نه، ۽ ڇا بابا جي موت کي ڄاڻائڻ لاءِ ’سزا‘ يا ’قتل‘ جو لفظ واپرائجي يا نه. انهي تڪرار ختم ڪرڻ ۾ آڪٽوبر 1980ع کان فيبروري 1981ع تائين جو وقت لڳو ۽ نيٺ انهن ڏهن سياسي جماعتن وچ ۾ گهڻي بحث کان پوءِ ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان ٺاهه جو مسودو ٺهيو.
    محمد خان جوڻيجي جي مسلم ليگ وقت تي ڦِري وئي، ڇو ته جنرل ضياءَ هن کي وزيراعظم چونڊيو هو. 5 فيبروري 1981ع جي رات جو 70 ڪلفٽن ۾ نيٺ ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ نائبن جي پهريون ڀيرو روبرو گڏجاڻي ٿي.
    مون بابا جي اڳوڻن مخالفن ڏانهن نهاريو، جيڪي هن جي بيواهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ نياڻيءَ سان سياسي ٺاهه لاءِ ان وقت سندس گهر ۾ ويٺا هئا. سياست ڪيڏو نه عجب ڌنڌو آهي! پاڪستان جمهوري پارٽيءَ جو اڳواڻ نصرالله خان تُرڪي ٽوپي پايو امان جي ساڄي پاسي کان ويٺو هو. منهنجي سامهون اصغر خان جي معتدل جماعت تحريڪ استقلال جو نمائندو ۽ ڀريل چهري وارو قصوري ويٺو هو. جمعيت العلماءِ اسلام جا سُونهارين سان مذهبي اڳواڻ ڪمري ۾ هڪ طرف ويٺل هئا. ٻئي پاسي کاٻيءَ ڌر جي ننڍي مزدور جماعت جو اڳواڻ فتحياب علي ويٺو هو. هن کي ڪَلف لڳل اڇو ڪُڙتو ۽ سوڙهو پاجامو پيل هو. اتي اٽڪل ويهارو کن ماڻهو هئا، جن مان گهڻن جو تعلق اڳوڻي پاڪستان قومي اتحاد سان هو. مون کي هر ڀيري پنهنجي پاڻ کي تاڪيد ڪرڻو ٿي پيو، ته اصل ڳالهه اها آهي ته ضياءَ کي لاٿو وڃي، ۽ ڌار سوچن هوندي به هڪ مضبوط سياسي اتحاد ٺاهي، ضياءَ کي چونڊن ڪرائڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پر اهو ڏکيو عمل هو.
    ملاقات واري ڪمري ۾ مخملي ديوارن ۽ ڇِت ۾ ٽنگيل جهاڙن وچ ۾ سگريٽن ۽ جوشيلين تقريرن جا دُونهان اُٿڻ لڳا ۽ اها گڏجاڻي ايڏي ته ڊگهي ٿي، جو وري صبح جو به اها ڪوٺائڻي پئي هئي. هڪ ڏاڪي تي اڳوڻي پاڪستان قومي اتحاد جي هڪ اڳواڻ 1977ع جي هنگامن کي جائز ڪوٺڻ جي ڪوشش هئي. آئون پنهنجي ئي گهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي اها اڻ سِڌي تنقيد ٻُڌي اچرج ۾ پئجي وئي هيس.
    ”اسين هتي گڏ ٿيا آهيون، ته جيئن جمهوريت لاءِ اتحاد جوڙڻ جي مسئلي تي ڳالهايون ۽ نه ان ڪري ته اوهين اسان لاءِ ڇا ٿا سوچيو ۽ اوهان لاءِ اسين ڇا ٿا سوچيون.“ مون ٿڌي آواز ۾ چيو.
    ”بلڪل، اسان کي مستقبل ڏانهن نهارڻ گهرجي، نه ڪي ماضيءَ ڏانهن.“ نصرالله خان اسان ٻنهي کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    پوءِ به انهن سياستدانن کي بابا جي چينيءَ جي ڪوپن ۾ ڪافي پيئندي، صوفن تي ويهندي ۽ سندس فون واپرائيندي، مون کان سَٺو نه ٿيو، جنهن تي هنن سڄي ملڪ ۾ پنهنجن ڪيترن ئي دوستن کي اها ڇيڙيندڙ خبر پئي ٻُڌائي ته، ”آئون 70 ڪلفٽن ۾ آهيان! هائو سچ، ڀٽي صاحب جي گهر ۾!“
    ياسمين، امينا ۽ سميعا مونکي ماٺ ڪرائڻ تي زور ڀريو. ”اهي تو وٽ آيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طاقت جي پُٺڀرائي آهي.“ سميعا چيو.
    ”تو اهو اتحاد ٺاهڻ گهريو هو.“ امينا وڌيڪ چيو. ”اها سياسي عقلمندي آهي، تنهنڪري انهن تڪليفن کي ميٺ محبت ۾ مُنهن ڏي.“
    مون پنهنجا اعتراض پڌرا نه ڪيا ۽ نه وري ٻين اڳواڻن پنهنجا اعتراض نروار ڪيا، جن نيٺ هڪ هڪ ٿي ٺاهه تي صحيحون ڪيون: جنهن مطابق سڀيئي جماعتون متحد ٿيون ۽ 6 فيبروري 1981ع تي ايم آر ڊي ٺهي.
    ايم آر ڊي جي ٺاهه تي صحيحن ٿيڻ جي خبر، جيڪا ڪيترن ماڻهن بي بي سيءَ تان ٻُڌي، تنهن سڄي ملڪ ۾ نئون جوش جاڳايو. ان سبب عوام تي جيڪو نفسياتي اثر ٿيو، تنهن مان ڪيترن ئي سمجهيو ته اهو مارشل لا حڪومت جي ناانصافين خلاف احتجاج جو ڄڻ هڪ اشارو آهي. سڀ کان پهرين سرحد صوبي جا شاگرد ٻاهر نڪتا. ضياءَ هڪدم اسان تي بندش وجهڻ جا حُڪم ڪڍيا، ته جيئن اسين انهن گهائل شاگردن وٽ وڃي نه سگهون.
    تُرت اهو ناراضپو سنڌ ۽ پنجاب ۾ به پکڙجي ويو، جتي ان وڌندڙ احتجاجي تحريڪ ۾ پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ وڪيل به شامل ٿي ويا. ملتان، بهاولپور، شيخوپورا ۽ ڪوئيٽا ۾ به شاگردن جا احتجاجي مظاهرا ٿيڻ لڳا. ”الله جو شُڪر آهي. جو ايم آر ڊي شروع ٿي آهي.“ ٽئڪسي ڊرائيورن، دڪاندارن ۽ ننڍن واپارين ڀُڻڪڻ شروع ڪيو. ”ضياءَ جو وقت نيٺ پُورو ٿيو.“ اسان جي بورچي ڪراچيءَ جي ايمپريس مارڪيٽ مان واپس اچي ٻڌايو ته، ”ايم آر ڊيءَ جي سَڏ تي ڪاسائي به هڙتال لاءِ تيار آهن.“
    ضياءَ ڄاتو ٿي ته کيس سُوڙهو گهٽيو ويو آهي. هن سڄي پاڪستان ۾ سڀيئي يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻيءَ تي بندش وجهي ڇڏي. پر مظاهرا ٿيندا رهيا، جن کي ’ٽائيم مئگزين‘ مخالفت جي جوکائتي لهر، جنهن سان جنرل ضياءَ کي مُنهن ڏيڻو پيو آهي‘ لکيو هو.
    27 فيبروري تي لاهور ۾ ايم آر ڊيءَ جي ڳجهي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ضياءَ هڪدم ردعمل ڏيکاريندي 21 فيبروري تي ايم آر ڊيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايم آر ڊي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٻين ميمبرن کي حڪمناما پهچايا ويا ۽ کين پنجاب مان نيڪالي ڏني وئي. ”… پنجاب ۾ تنهنجي موجودگيءَ سبب عوام جي سلامتي ۽ امن امان ۽ پڻ عوام جي فائدي کي ڇيهو رسڻ جو انديشو آهي.“ پنجاب جي گورنر منهنجي لاءِ پنهنجي حُڪم ۾ لکيو.
    پنهنجين سياسي سرگرمين کي گهٽائڻ لاءِ، مون امان سان جيڪو ٺاهه ڪيو هو، تنهن تي هاڻي هن وڌيڪ زور ڏنو. ”تون هينئر ڪوبه سياسي ڪم نه ڪر. جيڪڏهن آئون گرفتار ٿي وڃان، ته توکي اڳواڻي ڪرڻي آهي.“ هن مونکي سختيءَ سان چيو. صورتحال ايتري ته جوکائتي ٿي وئي هئي، جو ذري گهٽ ضياءَ جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو هو، پر آئون بندش هيٺ سڙي کامي رهي هيس. ايتري ۾ منهنجي ماءُ کي لاهور ۾ ايم آر ڊيءَ جي ڳجهي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو ويو. ان شهر ڏانهن ويندڙ سڀني رستن کي پوليس بند ڪري ڇڏيو هو. پوءِ به ايم آر ڊيءَ جا ڪيترائي ارڪان ڳجهن رستن تان سفر ڪري گڏجاڻي ۾ ويا هئا. امان برقعو پائي ڏاڏيءَ جي ويس ۾، پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن جي تيرنهن ورهين جي پُٽ سان پنهنجي پوٽي طور ريل گاڏيءَ ۾ لاهور وئي.
    پوليس گڏجاڻيءَ جي هنڌ ڇاپو هڻي ميمبرن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ امان به هئي، جنهن کي واپس ڪراچي اماڻيو ويو. پر ان کان اڳ ئي ايم آر ڊي پنهنجي آخري تنبيهه جاري ڪئي، ته مارشل لا ختم ڪيو وڃي ۽ ٽن مهينن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. ”اسين مطالبو ڪريون ٿا ته، ضياءَ هڪدم اقتدار تان هٿ کڻي؛ ٻي صورت ۾ عوام جي اَٿاهه قوت سان مارشل لا حڪومت کي ختم ڪيو ويندو.“ ايم آر ڊي لاهور ۾ اعلان ڪيو.
    ايم آر ڊي سڄي پاڪستان ۾ زبردست هڙتالن ۽ مظاهرن لاءِ 29 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه ڪائونسلرن، جيڪي 1979ع جي مڪاني چونڊن ۾ چونڊيا هئا، انهن هڙتال وقت پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ضياءَ کان استعيفيٰ جو مطالبي تي راضپو ڏيکاريو هو. هاڻي ضياءَ جي زوال ۽ پاڪستان ۾ جمهوري راڄ جُڙڻ جو وقت ويجهو پئي آيو. وقت ضياءَ جي هٿن مان نڪرندو پئي ويو.

    2 مارچ 1981ع:
    آئون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي آهيان. مون سان گڏ پارٽيءَ جا ڪارڪن به آهن. ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڄي ٿي. فون تي ابراهيم خان آهي، جيڪو ڪراچي ۾ رائيٽر جو نمائندو آهي.
    ”اُن خبر بابت تنهنجو مؤقف ڇا آهي؟“
    ”ڪهڙي خبر؟“
    ”پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو هڪ هوائي جهاز اغوا ٿيو آهي.“
    ”ڪنهن ڪيو؟“ آئون ڇِرڪ ڀريندي پُڇان ٿي. پي آءِ اي جو جهاز اڳ ڪڏهن به اغوا ڪونه ٿيو هو.
    ”اڃا ته ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانهي.“ هو چوي ٿو. ”ڪير به چئي نٿو سگهي ته اغوا ڪندڙ ڪير آهن. اهي جهاز ڪهڙي پاسي وٺيو پيا وڃن يا اهي ڇا ٿا چاهين. آئون ڪوشش ڪري اوهان کي تازي ڄاڻ کان واقف ڪندس. پر اوهان مونکي پنهنجو ردعمل ٻُڌائيندا؟“
    ”اغوا جي ڪارروائيءَ جي جيتري به نِندا ڪجي سا گهٽ آهي. پوءِ کڻي اهو جهاز هجي يا قوم.“ مون پاڻمرادو وراڻيو. جڏهن آئون فون رکان ٿي، ته پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن اميد وچان مون ڏانهن نهارين ٿا.
    ”اسان جو هڪڙو هوائي جهاز اغوا ٿيو آهي.“ آئون چوان ٿي. ”مونکي رُڳو ايتري خبر پئي آهي.“


    هيڪلائپ، سکر جيل ۾

    سکر سينٽرل جيل، 13 مارچ 1981ع:
    آئون هتي ڇو آهيان. ”مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. وري جيل. سنڌ جي صحرا ۾ ڏورانهون جيل. ڏاڍي ٿڌ آهي. جيل جي گهڙيال مان ٺڪاءُ ٿين ٿا. رات جو هڪ، رات جا ٻه. آئون سُمهي نٿي سگهان. منهنجي ڪوٺڙيءَ جون چارئي ڀتيون سِيخن جون آهن. جن وچ ۾ ٿڌي برفاني هوا ڌوڪيندي اندر پئي اچي. اها ڪوٺڙي وڏي پڃري مثل ۽ گهڻي ڪُشادي آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ واڻيل کَٽ پئي آهي.
    آئون کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا ورايان ٿي. منهنجا ڏند پيا کَڙڪن. مون وٽ نه سُئيٽر آهي، ۽ نه ئي بلينڪيٽ. ڪجهه به ڪونهي. مونکي رڳو اها شلوار قميص پاتل آهي، جيڪا پنج ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ وقت پاتل هئي. هڪ جيلر مون تي رحم کائي، جورابن جي هڪ جوڙي موڪلي هئي. پر پوءِ هن کي پنهنجي ان سخاوت جي جهلجڻ جو ايڏو ته ڊَپُ ٿيو هو، جو هن پنهنجا اهي جوراب اڄ صبح جو واپس ورتا آهن. منهنجن هڏن مان سُور جون سَٽون اُڀرن ٿيون. آئون جيڪر ڏسي سگهان، جيڪر رڳو هيڏانهن هوڏانهن هلي ڦري سگهان. پر رات جو منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ بجلي جو بلب وسايو وڃي ٿو. شام جو ستين بجين کان پوءِ هتي ٿڌي اوندهه کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.
    7 مارچ تي پوليس مونکي ڪلفٽن مان وٺڻ لاءِ آئي هئي، پر آئون اُتي ڪونه هيس. مون رات سميعا وٽ گهاري هئي، ته جيئن آئون ان گڏجاڻيءَ کان پري رهي سگهان، جيڪا امان ايم آر ڊي اڳواڻن سان 70 ڪلفٽن تي پئي ڪئي. ظاهر آهي ته پوليس مون کي ڳولڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش ۾ ڇِتي ٿي پيئي هئي، ۽ هنن منهنجي سئوٽ فخريءَ جي گهر تي ۽ 70 ڪلفٽن تي ڇاپا هنيا، جتي پهرين انهن امان کي جهَليو هو ۽ منهنجي ڳولا ۾ سڄي گهر کي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو هو. ”اوهين هن کي ڇا ٿا سمجهو، هوءَ ڪا ٽنِڊڻ آهي ڇا؟“ منهنجي ڀيڻ صنم پوليس وارن کان پڇيو هو، جڏهن انهن منهنجي ڳولا لاءِ ماچيسن جا کوکا خالي ڪري پئي ڏٺا.
    پوليس سڄي ڪراچيءَ ۾ پکڙجي وئي هئي. انهن منهنجي اسڪول جي پراڻين ساهيڙين جي گهرن تي به ڇاپا هنيا. انهن ۾ هڪ پارسي خاندان پنٿاڪيءَ جو به گهر هو. هنن جي پنجويهن ورهين جي ڄمار جي ڌيءَ پاريءَ کي پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي هُن کان ستن ڪلاڪن تائين پڇاڻو ٿيندو رهيو. پاري ۽ ان جو خاندان مذهبي اقليت مان هو ۽ ملڪ کي مذهبي ويس پارائڻ واري ضياءَ جي نيتيءَ هيٺ، جيڪو به مسلمان ڪونه هو، سو هاڻي خاص ڪري سزا لائق هو. ”اسان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ مذهبي اقليتن سان ڪيئن مُنهن ڏجي.“ پوليس پاريءَ جي مائٽن کي تڏهن تنبيهه ڪئي، جڏهن هنن اختياريءَ وارن وٽ ان جي نظربنديءَ خلاف احتجاج ڪيو هو. ”ملڪي سياست ۾ اوهان لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي. اوهين سياست ۾ دخل نه ڏيو.“
    ٻين ٻن ساهيڙين پِچي ۽ هموءَ جي گهرن جي جهَڙتي وٺڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن پوليس نيٺ مون کي ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ جي گهر ۾ اچي جهليو، جيڪا قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ڪراچيءَ ۾ امان جي ڊاڪٽر هئي. ”هتي پوليس آئي آهي ۽ گهر جي جهَڙتي وٺڻ چاهي ٿي.“ مون اڃا اسلام آباد ۾ پنهنجين ڪجهه ساهيڙين سان فون تي ڳالهائڻ لاءِ ويچاريو پئي، ته ڊاڪٽر عباسيءَ جي پٽ صفدر اسان کي اچي ٻُڌايو هو. جيئن ته مونکي ڇاپن لڳڻ سبب ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ ايم آر ڊيءَ جي سياسي سرگرميءَ ۾ پوڻ کان مون پوريءَ طرح پاڻ پاسو ڪيو هو، تنهنڪري اهو ٻُڌي اسين هن ڏانهن اچرج وچان ڏسڻ لڳيونسين. مون سمجهيو ته پوليس ڊاڪٽر عباسي يا سندس پُٽ منور کي وٺڻ آئي هوندي. ”هنن کي چئو ته گهر جي جهَڙتي وٺڻ جي گهُرج ڪانهي.“ مون صفدر کي چيو. ”هنن کان پُڇ ته کين ڪير کپي.“ ويرم کن ۾ هو موٽي آيو. ”پوليس اوهان لاءِ آئي آهي.“ هن ٻڌايو.
    اُن گرفتاريءَ ۾ هڪ نئين ۽ ڀوائتي ڳالهه ٿي هئي. اها مون ان وقت سمجهي، جڏهن مونکي کليل جيپ ۾، پٺيان اُن هنڌ ويهڻ لاءِ چيو ويو، جتي ڪيترائي سپاهي ويٺل هئا. اڳي پوليس مونکي ڪار ۾ وٺي ويندي هئي. مون جيپ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو ۽ هنن نيٺ مونکي اڳيان ويهڻ جي اجازت ڏني. جيپ پويان ۽ خالي گهٽين مان فوج جو جيڪو قافلو پئي آيو، سوبه تمام ڊگهو هو ۽ اسان جي منزل ٿاڻو هئي. اڳي مون کي ڪڏهن به ٿاڻي تي نه وٺي ويا هئا. ڇا ٿيڻ وارو هو؟ آئون ان خالي ڪوٺيءَ ۾ پنج ڪلاڪ ويٺي رهيس ۽ مون کي ڪنهن به ڪجهه ڪين ٻڌايو. مون رڳو پوليس وارا پئي ڏٺا، جن سگريٽن مٿان سگريٽ پئي ڦوڪيا ۽ اڳ ۾ ئي پانَ جي پِڪن سان ڳاڙهيون ٿيل ديوارن تي پانَ جون ٿُڪون پئي اڇلايون. هن ڀيري مونکي هڪدم پتو پوڻو هو، ته ضياءَ پنهنجي سختي ۽ ظلم جون اڳوڻيون حدون به اورانگهي ويندو.
    مونکي ڄاڻ نه هئي، پر اختياريءَ وارن کي ڄاڻ هئي ته سڄي پاڪستان ۾ هزارين ماڻهو گرفتار پئي ٿيا. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪٿ مطابق رڳو مارچ 1981ع ۾ ڇهن هزارن کان مٿي ماڻهن کي جهَليو ويو هو. 2 مارچ تي پي آءِ اي هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ پنجن ڏينهن اندر ضياءَ اغوا جو بهانو بڻائي، ايم آر ڊيءَ جي وڌندڙ پُٺڀرائي کي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن به ماڻهوءَ جو ايم آر ڊي يا پيپلز پارٽيءَ سان ٿورو به ناتو هو، تنهن کي جهَليو پئي ويو.
    اسلام آباد ۾ نيازين کي جهَليو ويو هو. پوليس امينا کي به جهلڻ لاءِ وئي هئي، پر جڏهن هنن ڏٺو ته هوءَ نَون مهينن جي ڳرڀوتي آهي، تڏهن هن بدران سنديس مُڙس سليم کي وٺي ويا. ان اوچتي صدمي سبب هن کي چُرڻ پُرڻ جي سخت تڪليف ٿي هئي. بلوچستان مان يحييٰ بختيار کي جهَليو ويو، جيڪو بابا جي وڪيلن جو اڳواڻ ۽ پاڪستان جو اڳوڻو اٽارني جنرل هو. لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر خالد احمد، جنهن کي جلاوطن ٿيڻ ٿي مجبور ڪيو ويو هو. ان جي ڀاڻيجي ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر فيصل حيات کي جهَليو ويو هو. راولپنڊي ۾ فليش مئن هوٽل جي اسسٽنٽ مئنيجر قاضي سلطان محمود کي ٽيون ڀيرو جهَليو ويو هو. ’مساوات‘ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر ارشاد رائو ۽ سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي مک رڪن پرويز علي شاهه سان به اهوئي ٿيو. اها فهرست ڊگهي ٿيندي پئي وئي ۽ اسان سان ٿيندڙ ورتاءُ وحشيپڻي جون نيون اوچايون پئي ڇُهيون.
    ”منهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟“ ٿاڻي تي مون پوليس وارن کان پڇيو.
    ”ڪراچي سينٽرل جيل ۾، “ هنن ٻڌايو.
    ”ريسٽ هائوس ۾؟“ مون پڇيو. جيل جا عملدار ريسٽ هائوس ۾ ويندا هئا، ڇو ته اهو هنڌ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسودو هو ۽ اتي ئي امان کي پهرين رکيو ويو هو.
    ”ڪوٺڙيءَ ۾،“ هنن ٻڌايو.
    منهنجو ساهه گهُٽجڻ لڳو. امان، اڳوڻي وزيراعظم جي بيواهه سا سي ڪلاس جي ڪوٺڙيءَ ۾، جتي نه پاڻي آهي، نه بسترو ۽ نه ئي هوا!
    ”مونکي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟“ مون پوليس وارن کان پڇيو.
    ”تنهنجي امان وٽ،“ هنن ٻڌايو.
    هنن ڪُوڙ ڳالهايو هو.
    آئون ڪراچي سينٽرل جيل جي ريسٽ هائوس ۾ ڪنهن سان به ملاقات کان سواءِ پنجن ڏينهن تائين پئي هيس، جتي پورو فرنيچر به پيل ڪونه هو. اتي جي عملي ٻڌايو ته کين امان بابت ڪابه ڄاڻ ڪانهي. هنن اُن ڳالهه کان به انڪار ڪيو ته هوءَ ڪراچي ۾ آهي. مونکي پنهنجن وڪيلن سان ملاقات کان به روڪيو ويو هو. مون وٽ ڪپڙا به ڪونه هئا، رڳو اهي هئا جيڪي گرفتاريءَ وقت مونکي پاتل هئا. مون وٽ نه وارن جو بُرش هو، ۽ نه ڦڻي. نه ڏندڻ هو، ۽ نه ئي پيسٽ، ڪابه شيءِ نه هئي. گهڻي سوچ ۽ ڳڻتي سبب مونکي زناني تڪليف ٿي پئي هئي، جنهن لاءِ منهنجو علاج هلندڙ هو. مونکي دوائن جي گهُرج هئي، پر اتي ڪو ڊاڪٽر نه هو، ۽ نه وري ڪا عورت هئي، جنهن کان آئون صلاح وٺي سگهان ها.
    ”توکي رات جو اڍائي بجين هتان روانو ٿيڻو آهي.“ سپرنٽينڊنٽ مون کي ٻڌايو، جيڪو 12 تاريخ رات جو منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ آيو هو. هن جي مُنهن مان ڊَپُ پئي بَکيو. ”تون تياري ڪري وٺ.“
    ”اوهين مونکي ڪيڏانهن ٿا وٺي هلو؟“ مون پڇيو. ان جو ڪوبه جواب نه مليو.
    ”منهنجي امان ڪٿي آهي؟“ مون وري پڇيو. وري به ڪو جواب نه مليو.
    پهريون ڀيرو آئون ڊَپُ ۾ وڪوڙجي ويس. مون اهي افواهه ٻڌا هئا، ته جيل جو عملو ورلي ڪجهه قيدين کي رات جو ريگستان ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ کين قتل ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ هنن جون ميتون دفنائي، سندن مائٽن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو، ته سندن مائٽ جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي مارجي ويا آهن يا وري اوچتو دل جي دوري پوڻ سبب مري ويا آهن. آئون جڏهن پهرين ريسٽ هائوس ۾ پهتيس، تڏهن مون پنهنجي گرفتاريءَ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو، ته مون کي اجازت ڏني وڃي ته آئون پاڻ عدالت ۾ پنهنجي مقدمي جي پيروي ڪريان يا وري مون ڏانهن ڪو وڪيل موڪليو وڃي. هاڻي آئون ڏاڍي مايوس هيس، ته اهو خط منزل تي پهچڻ گهرجي.
    ”تون هيءَ خط ضرور عدالت ڏانهن موڪل.“ هڪڙي صبح جو جڏهن مون حڪومت جي عملدارن جو انتظار پئي ڪيو، تڏهن مون اهو هڪڙي جيلر کي سونپيندي چيو. هن ماٺڙيءَ ڪري اهو خط وٺي، پنهنجي کيسي ۾ رکيو. مون الله جا ٿورا مڃيا. جيڪڏهن هن اهو خط پهچايو ته گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه لکيت ۾ موجود هوندي، ته آئون ڪٿي هيس ۽ اتان مونکي ڪيڏانهن وٺي ويا هئا.
    رات جو اڍائي بجين پوليس جي عورتن سان ڀريل هڪ لاري آئي. ان سان گڏ پوليس ۽ فوج سان ڀريل ٽرڪون پهتيون. اسين ڪارن شيشن واريءَ ڪار ۾ چڙهياسين، جيڪا خالي رستن تان اهڙي ته تيز رفتاريءَ سان پئي ڀڳي، ڄڻ اسان تي حملو ٿيڻ وارو هو. اوچتو اها ڪار جهٽڪي سان بيهي رهي ۽ ٻطرفي ريڊيو تي ڪيترائي ڀُڻڪا ۽ ڳالهيون ٿيون.
    ”هن کي رنوي تي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ مون اُهي هدايتون ملندي ٻُڌيون. مون کي آٿت ٿي. گهٽ ۾ گهٽ آئون هوائي اڏي تي ته آهيان. پر اُهي مونکي ڪهڙي طرف وٺي ٿي ويا؟ تنهن وقت مونکي هوائي جهاز جي اچڻ وڃڻ جو وقت ياد ٿي ويو هو ۽ اُها مهل پاڪستان جي ڪنهن به حصي ڏانهن ڪنهن به هوائي جهاز جي اُڏام جي نه هئي. شايد لاڙڪاڻي ڏانهن وڃبو. مون پاڻُ کي آٿت ڏني. شايد هنن پنهنجي اُن ڳجهي ڪارروائيءَ کي ڌيان ۾ رکي خاص جهاز گهُرايو هو. آئون اُن جي لهڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺي هيس. پر ڪوبه جهاز نه لٿو. ايئن اُتي ويٺي مون کي چار ڪلاڪ ٿي ويا، نيٺ مون پرهه جون باکُون ڦُٽندي ڏٺيون.
    صبح جو ساڍي ڇهين وڳي رنوي تي مُسافرن جو هڪ عام جهاز نروار ٿيو. مونکي جهاز ۾ چاڙهيو ويو. منهنجي سِيٽ ڀرسان هڪ پوليس واري، ٻه منهنجي پُٺيان ۽ ٻه وچ واري رستي طرف ويٺيون. ”اسين ڪيڏانهن پيا وڃون؟“مون ايئرهوسٽيس کان پُڇيو. پوليس وارين هُن جي جواب وچ ۾ ڳالهايو. ”تون گرفتار آهين، ۽ ڪنهن سان به ڳالهائي نٿي سگهين.“
    ڇا پئي ٿيو؟ ڪراچي جيل جي پنجن ڏينهن ۾ مون ڪابه اخبار نه ڏٺي هئي، تنهنڪري مونکي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، ته امان ۽ مون سان ايتري سختي ڇو پئي ڪئي وڃي. پر مونکي پڪ هئي ته ايم. آر. ڊيءَ ٺاهڻ ۽ ضياءَ سان اسان جي مقابلي جي خواهش جي نتيجي ۾ ڪيئي گرفتاريون ٿيون هيون. پر اُهو ڪهڙو سبب هو، جو حڪومت اسان تي ايتري سختي پئي ڪئي؟ ۽ جهاز جي ٻين مسافرن توڙي پوليس وارين جي چهرن تي اُهو ڊَپُ ڇو پئي ڏسڻ ۾ آيو؟
    ايئر هوسٽيس مونکي اخبار آڻي ڏني، جنهن ۾ ايم. آر. ڊيءَ جون خبرون نه هيون، پر جهاز جي اغوا جون خبرون هيون. اغوا ڪندڙن پنجونجاهه سياسي قيدين جي آزاديءَ جي گهُر ڪئي هئي، ۽ جهاز کي ڪابل ۾ لاهڻ جو حُڪم ڏنو هو، جتي هنن جهاز جي مسافرن مان هڪ ڄڻي کي گولي هڻي ماري ڇڏيو هو. اُهو فوتي فوجي عملدار ميجر طارق رحيم هو، جيڪو ڪنهن وقت بابا جو ايڊ ڊي ڪئمپ هوندو هو. پوءِ پائليٽ کي شام مُلڪ جي دمشق شهر ڏانهن جهاز اُڏائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. اغوا ڪندڙن هڪ ويڙهُو ٽولي ’الذوالفقار‘ جا ميمبر هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. چيو ويو هو ته، الذوالفقار جو مرڪز ڪابل ۾ هو، جتي منهنجا ڀائر رهندا هئا. مضمون ۾ لکيل هو ته، اُن گروهه جو اڳواڻ منهنجو ڀاءُ مير هو.

    ايڪٽيهه، ٻٽيهه، ٽيٽيهه. وارن جي بُرش جا ست ڦيرا، ستانوي، اٺانوي، ڏندڻ ڏيڻ وقت هڪ سؤ تائين انگ ڳڻ. کُليل آڳنڌ ۾ هاڻي پندرهن منٽن تائين پسار ڪر. ضابطو. اصول. اهو حر حالت ۾ قائم رکڻ گهُرجي. منهنجي ڪوٺڙيءَ سامهون سيخن لڳل خالي ڪوٺڙين لڳ قيدخاني جي ڪچي ۽ گندي اڱڻ ۾ کُليل ڪَسيون آهن. جيلرن جو چوڻ آهي ته، جيل جو اُهو سڄو ڪمپائونڊ منهنجي سبب خالي ڪرايو ويو آهي. حڪومت مون کي بنهه اڪيلائپ ۾ رکيو آهي. روزانو جيلر منهنجي غار جهڙي پڃري جو ڪُلف کولي منهنجي نيرن لاءِ ڇِڊي چانهه ۽ ماني، ٻنپهرن جو مهريءَ جي ڇِڊي دال، اوٻاريل ڪَدُو، هفتي ۾ ٻه ڀيرا مڇيءَ جو ٽُڪرو، ڪڏهن ٻنپهرن جو ڪڏهن رات جو کڻي اچن ٿا، ۽ وري مونکي بند ڪري هليا وڃن ٿا. آئون ڪنهن ٻئي کي نٿي ڏسان، سکر جيل جي هيڪلائپ واري قيد ۾ پنجن مهينن ۾ آئون ورلي ڪنهن انسان جو آواز ٻُڌان ٿي، جيڪو مون کي مايوس ڪندڙ خبرون ٻُڌائي ٿو. ”اڄ وڌيڪ پنجاهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.“ جيل جا عملدار هفتي ۾ هڪ ڀيرو چڪر هڻڻ مهل مون تائين خبرون پهچائين ٿا. ”اڄ هڪ سياسي قيديءَ کي ڪَوڙا لڳڻا آهن.“
    افغانستان ۾ روسي فوجن جي گهِڙي اچڻ جيان، هوائي جهاز جي اغوا جو واقعو ضياءَ لاءِ گهڻي ڏُکئي وقت تي ٿيو هو. هن کي حڪومت تان لاهڻ لاءِ عوام جي اُن سخت مخالفت جي شروعات ۾ ضياءَ اُن واقعي کي پيپلز پارٽيءَ جي دهشتگردي ڄاڻايو هو. اهو اهڙي وقت تي ٿيو، جو ڪيئي ماڻهن جو ويچار هو ته اُن ۾ ضياءَ جو هٿُ آهي. جيڪڏهن ايئن آهي ته اهو گهڻو سوڀارو ٿيو هو. اغوا جي تيرهن ڏينهن کان پوءِ ۽ اغوا ڪندڙن جي ڏنل پڇاڙڪي وقت کان ٻه ٽي منٽ اڳ جڏهن هنن جهاز کي بم سان اُڏائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، حڪومت هنن جي پنجونجاهه سياسي قيدي آزاد ڪرڻ واري مطالبي کي مڃيندي، اُنهن قيدين کي ڇڏي ڏنو. تنهن وقت پنجونجاهه قيدين جي ڪهڙي ڳالهه هئي. جڏهن ته حڪومت پنجاهه هزارن سياسي مخالفن کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ منجهانئن ڪيترن تي دهشتگرديءَ جا الزام هئا. ايم آر ڊي جنهن مقصد هيٺ اڳتي وڌي هئي، تنهن جو ته اخبار ۾ به ڪو ذڪر نه ٿي ٿيو. سڀيئي اخبارون هوائي جهاز جي اغوا ۽ الذوالفقار جي خبرن سان ڀريل هيون.
    سکر جيل جي ڪُلف لڳل ڪوٺڙيءَ ۾ مون کي اڃا به سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته، ضياءَ پيپلز پارٽيءَ ۽ خاص ڪري امان ۽ مونکي الذوالفقار سان لاڳاپي ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي. ان بدران منهنجو سڄو ڌيان پنهنجي آزاديءَ تي هو. مون تڏهن سُک جو ساهه کنيو، جڏهن منهنجو وڪيل مسٽر لاکو مون وٽ سکر ۾ آيو، ته جيئن منهنجي نظربنديءَ خلاف اپيل ٺاهي سگهجي. هڪ ڀيرو وري هڪ ايماندار جيلر منهنجي مدد ڪئي. مون سنڌ هاءِ ڪورٽ کي جيڪو خط لکيو هو، سو نيٺ اُتي پهچي ويو هو. پر جيلر ۽ مسٽر لاکو جي ڪيل ڪوششن جو ڪوبه نتيجو نه نڪرڻ وارو هو.
    مسٽر لاکو جي ملاقات کان ٽي يا چار ڏينهن پوءِ 23 مارچ تي فوجي حڪومت ”عارضي آئيني حُڪم“ ڪڍيو، جنهن موجب ”جنرل ضياءَ وٽ اهڙا اختيار هئا، ۽ هوندا، ته هو آئين ۾ تبديلي آڻي سگهي.“ اُن نئين حُڪم کي ڪَتب آڻيندي ضياءَ هڪدم ديواني عدالتن جا اختيار ختم ڪري ڇڏيا، ته جيئن اُتي مارشل لا جي ڏنل سزائن جي شُنوائي ٿي نه سگهي. منهنجي طرفان مسٽر لاکو معرفت ڪيل اپيل ۽ ٻئي هر سياسي قيديءَ جي اهڙي اپيل هاڻي بلڪل اجائي هئي. هڪ فوجي عدالت ڪنهن به قانوني گهُرجن کانسواءِ هاڻي اسان کي گرفتار ڪري، مُقدمو هلائي ۽ سزا ڏئي، اُن جي تعميل ڪرائي پئي سگهي.
    اُن نئين عارضي آئيني حُڪم هيٺ ضياءَ هر قانوني مخالفت کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ عدالتن جي به صفائي ڪئي. هاڻي سڀني ججن لاءِ ضروري هو ته، اُهي مارشل لا ۽ چيف مارشل لا طور ضياءَ جي بالادستيءَ رکڻ لاءِ قسم کڻن. جن ججن قسم کڻڻ کان نهڪار ڪئي، تن کي هٽايو ويو. ٻين ججن کي قسم کڻڻ جي وجهه ملڻ کان اڳ سندن عهدن تان هٽايو ويو. پاڪستان جي عدالتي سرشتي جو چوٿون ٿنڀو، حڪومت جي اُن نئين حُڪم هيٺ نوڪرين مان نڪتو. انهن ۾ اُهي به جج هئا، جن سياسي قيدين جي موت ۽ سخت پورهئي وارين سزائن جي فتوائن کي رد ڪيو هو. ”جيڪڏهن اختيارن کي عدالتي سرشتي سان ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جو سوال آهي، ته مونکي اهي نه گهُرجن. ”’گارجين‘ اخبار ضياءَ بابت لکيو هو. ”هنن جو ڪم رڳو قانون جي چِٽائي آهي.“ عالمي قانوني انجمنن ۽ وري ايمنسٽي انٽرنيشنل حڪومت وٽ سخت احتجاج ڪيو، پر اُن جو ڪو نتيجو نه نڪتو. پاڪستان ۾ ديواني قانون کي اثرائتي نموني ختم ڪرڻو هو. پوءِ وري مسٽر لاکو کي مون سان ملاقات جي اجازت نه ملي هئي.

    وقت ڪٺور، ورچائيندڙ. پنهنجي ذهني سُجاڳيءَ لاءِ مون پاڻ سان ٿيندڙ هر اُن واقعي کي هڪڙي ننڍڙيءَ ڪاپيءَ ۾ لکي ڇڏيو، جيڪا هڪ همدرد جيلر لڪائي منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ آندي هئي، جنهنڪري ٿورو وقت گُذري ويندو هو. مونکي روزانو هڪڙي اخبار ملندي هئي، جيڪا ’ڊان‘ هوندي هئي. اها سنڌ جي ننڍن شهرن لاءِ ڇپجندي هئي. ’اها اخبار آهستي آهستي پڙهه- لفظ به لفظ‘ آئون پاڻُ کي تاڪيد ڪندي هيس. وڌاءُ واريون آکاڻيون، جمعي ڏينهن ٻارن لاءِ ڳُجهارتون. ڀلارن ڏينهن بابت مضمونَ، شين ٺاهڻ ۽ کاڌا رڌڻ جون ترڪيبون. پر هڪ ڪلاڪ ۾ آئون اخبار پڙهي پوري ڪندي هيس.
    ”ڇا مونکي ’ٽائيم‘ يا ’نيوز ويڪ‘ ڏيئي سگهو ٿا؟“ جيل سپرنٽينڊنٽ جڏهن پنهنجي هفتيوار گشت تي آيو ته مون کيس چيو.
    ”اُهي ڪميونسٽن جا رسالا آهن، جن جي هتي منع آهي.“ هن مونکي ٻُڌايو.
    ”اُهي ڪميونسٽن جا نه، پر سرمايدارن جي ڳڙهه مان ڇپجن ٿا.، مون بحث ڪيو.
    ”اوهان وٽ لائبرريءَ ۾ ڪهرا ڪتاب آهن؟“ مون وري ڪوشش ڪئي.
    ”هتي اسان وٽ لائبرري ناهي.“
    جيئن مارچ پُورو ٿي اپريل شروع ٿيو، ته آئون اخبار پهچڻ تي ڏڪڻ شروع ڪندي هيس. اخبار جي پهرئين صفحي تي اڃا تائين جهاز جي اغوا جون خبرون هونديون هيون، جنهن ۾ منهنجي ڀاءُ مير جو هٿ ٻُڌايو ويندو هو. مون هڪ انٽرويوءَ پڙهيو، جنهن ۾ مير پي. آءِ. اي هوائي جهاز جي اغوا جي ذميداري مڃي هئي. هڪٻئي انٽرويوءَ ۾ هُن اُن کان انڪار ڪيو هو. پر سڀني سرڪاري اخبارن اهوئي پئي لکيو ته، الذوالفقار، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هٿياربند جماعت آهي.
    ڪيڏي نه ڪُوڙي تُهمت هئي اها! پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي نظريو ئي اهو هو، ته سياست ذريعي پُر امن تبديلي آندي وڃي. قاعدي قانون اندر رهي ڪم ڪجي. اسان ڀلا عام چونڊن ڪرائڻ لاءِ ايڏو زور ڇو پئي ڏنو. اسان تي ضياءَ جيڪي اٽڪلون پئي آزمايون، تن هوندي به اسين چونڊن وڙهڻ لاءِ ڇو تيار هئاسين. هن جي مارشل لا جي موتمار سختين جي موجودگيءَ ۾ اسان چونڊن تي ڇو زور ڏنو هو؟ عوام جي دلين ۽ وفادارين تي ڪڏهن به ڏاڍ ۽ دٻاءُ سان قبضو ڪري نٿو سگهجي. ضياءَ کي به ضرور اُن ڳالهه جو پتو هو. پر حڪومت ايم آر ڊي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ڀُٽو خاندان جي تباهي ۽ برباديءَ لاءِ الذوالفقار بابت جيڪا ٿوري گهڻي سچائي هئي، تنهن کي مروٽي سروٽي سامهون پئي آندو.
    سکر جيل جي اُن ڪوٺڙيءَ جي اڪيلائيءَ ۾ مونکي پڪ ٿيندي پئي وئي، ته حڪومت منهنجي قتل جون تياريون پئي ڪري. جيل جي عملي مان هڪ ڄڻي مونکي ڏڪندي ٻُڌايو هو، ته اُتي ئي فوجي عدالت ڳجهيءَ طرح مقدمو هلائي، مونکي موت جي سزا ڏيندي. هڪ ٻئي ملازم ٻُڌايو هو، ته ٻئي اڱڻ ۾ موت جي ڪوٺڙين کي خالي ڪرايو پيو وڃي، ته جيئن مونکي اُن پاسي اُماڻي سگهجي. هُن اُهو به ٻُڌايو هو، ته سکر ۾ چؤڪسيءَ کي سخت ڪيو پئي ويو، ڇو ته اهڙا افواهه پکڙيل هئا ته منهنجي موت جي سزا جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ، منهنجا ڀائر مونکي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا. ٻيا افواهه اُهي پکڙيل هئا، ته مون کي تُرت بلوچستان جي هڪ عذاب گهر ۾ اُماڻيو ويندو، ته جيئن مونکان اهو مڃرايو وڃي، ته پي آءِ اي جي جهاز کي اغوا ڪرائڻ ۾ آئون به شامل هيس. ”تنهنجي لاءِ ڏاڍو ڏُکيو وقت اچڻ وارو آهي.“ هڪڙي ڄڻي ڏاڍي همدرديءَ سان منهنجي ڪَنُ ۾ ڀُڻڪيو. ”تون پنهنجي جياپي لاءِ دُعا گهُر.“
    انسپيڪٽر جنرل جيلز جڏهن انسپيڪشن لاءِ سکر ۾ آيو، ته هُن به انهن افواهن جي پڪ ڪئي. ”ماڻهن کي عذاب ڏيئي کين مڃرايو پيو وڃي، ته تون به الذوالفقار ۾ شامل آهين.“ سٻاجهي مُنهن ۽ اڇن وارن واري اُن شخص مونکي ايندڙ جوکن کان آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ”پر آئون ته بيگناهه آهيان. اُهي مون کي ڏوهي نٿا ڪوٺي سگهن.“ مون سادگيءَ سان چيو. انسپيڪٽر جنرل پنهنجو ڪنڌُ لوڏيو. ”مون پاڻ تنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي جي هڪ ڇوڪري کي ڏٺو آهي، جنهن جي پيرن جا نُنهن ڇِڪي ڪڍيا ويا آهن.“ هن اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو. ”آئون چئي نٿو سگهان، ته ڪيترا ماڻهو اهڙا عذاب سَهي سگهندا.“
    مون مٿس ۽ جيل جي عملي تي ڀروسو ڪرڻ نه ٿي گهُريو. جياپي لاءِ اها ڳالهه اهم آهي، ته سچائيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪجي. سچائيءَ کي مڃڻ جو مطلب آهي: ڌمڪيءَ کي مڃڻ. پر لاشعوري طرح منهنجي جسم اُن ڇڪتاڻ جو اثر قبوليو، ۽ منهنجي جسماني صحت ويتر خراب ٿي ويئي. جيئن ته منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ نويڪلائي نه هئي، تنهنڪري جيل ۾ اچڻ کان پوءِ تُرت جيل ميٽرن کي منهنجي زناني تڪليف جي سُڌ پئجي ويئي هئي، تنهنڪري ليڊي ڊاڪٽر کي گهُرايو ويو. پر هُن جيڪا پرک ڪئي، سا مونکي نه ٻُڌائي ويئي.
    جيلر منهنجي لاءِ جيڪو کاڌو آڻيندا هئا، سو مون کان کاڌو نه ويندو هو، جنهنڪري آئون اُهو ايئن ڇڏي ڏيندي هيس. آئون ڪجهه به نه کائيندي هيس. پر مونکي پڪ ٿي ويئي هئي ته آئون ٿُلهي پئي ٿيان. منهنجون ڪُکيون ڀرجي ويون هيون، ۽ لڳو ٿي ته پاسراٽيون وڌي ويون آهن. هاڻي مون ڀانئيو ته اها سموري خرابي بُک مرڻ سبب ٿي هئي.

    منهنجو وزن ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پئي ويو. جيل اختياريءَ وارن کي مون ٻُڌايو هو ته، حڪومت مون کي موت جي سزا ڏيڻ گهُري ٿي، اهو حال ڏسي ڏاڍي ڳڻتي ٿي هئي، ته آئون اهڙيءَ حالت ۾ پاڻُ مري وينديس. ”پنهنجو سامان تيار ڪر. توکي ڪراچي موڪليو پيو وڃي.“ سکر اچڻ کان پنج هفتا پوءِ 16 اپريل تي صبح سوير جيل ميٽرن مونکي چيو.
    ”ڇو؟“ مون پُڇيو.
    ”تنهنجي صحت ٺيڪ نه آهي. اسين توکي ڪراچيءَ وٺي ٿا وڃون.“
    ڪراچي هوائي اڏي تي پوليس وارن مونکي ٻُڌايو، ته اسين توکي گهر وٺي ٿا هلون. آئون نرالي سرهائيءَ ڀانئڻ لڳيس. 70 ڪلفٽن. جيل جي هئڊي پاڻيءَ بدران نِج اُجرو ٿڌو پاڻي. واڻ جي کَٽ بدران منهنجو پنهنجو بسترو. لوهي سِيخن بجاءِ چار مضبوط ديوارون. مون سمجهيو ته منهنجي سخت آزمائش پوري ٿي وئي آهي. پر ايئن نه هو.
    ”هيءُ منهنجو گهر ناهي.“ ڊگهي سفر کان پوءِ مونکي جڏهن هڪ اهڙي گهر ۾ آندو ويو، جيڪو منهنجو اڳ ڏٺل ئي نه هو، تڏهن مون چيو.
    ”اسان چاهيون ٿا ته تون پهرين هڪ ٻئي ڊاڪٽر کي پاڻُ ڏيکار.“ پوليس جي محافظن ٻُڌايو. ”پوءِ اسين توکي تنهنجي گهر وٺي هلنداسين.“
    ايتري ۾ مون هڪ اڻڄاتل چهري کي پاڻُ ڏانهن ايندي ڏٺو. ”اوهين مونکي منهنجي گهر ڇو نٿا وٺي هلو، جتي منهنجي ذاتي ڊاڪٽر منهنجي تپاس ڪندي؟“ پوليس وارن اُن جو ڪو جواب نه ڏنو.
    البت ڊاڪٽرياڻي جي شڪل ٻاجهاري هئي. ”سکر جي ڊاڪٽرن جو ويچار آهي، ته توکي ڳِرڀ جو ڪينسر آهي.“ هُن تپاسڻ کان پوءِ مونکي هوريان چيو. ”پر مونکي پڪ ناهي. اسان کي آزمائشي آپريشن ڪرڻي پوندي.“
    ڪينسر؟ اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾؟ آئون اَويساهيءَ وچان ڏانهس تَڪڻ لڳيس. ڇا اها ڪينسر جي ڌمڪي سچ هئي؟ يا هڪ ڀيرو وري هنن مونکي ڀنڀلائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي؟ ٻين سڀني ڊاڪٽرياڻين جيان هوءَ به حڪومت طرفان رکيل ڊاڪٽرياڻي ئي ته هئي.
    انهن ڳالهين وقت هُن هڪ پني تي پئي لکيو. ”تون ڳڻتي نه ڪر. آئون تنهنجي دوست ۽ همدرد آهيان.“ اُن پني تي لکيل هو، جيڪو هُن مون ڏانهن وڌايو.
    ”تون مون تي ڀروسو ڪري سگهين ٿي.“ پر ڇا آئون مٿس ڀروسو ڪري سگهيس ٿي؟ مون وٽ ته ڪنهن تي ڀروسي لاءِ ڪو هڪڙو سبب به نه هو.
    ”اوهان ٻُڌايو هو ته اوهين مونکي 70 ڪلفٽن وٺي هلندا.“ جيپ ۾ ڪراچيءَ جي رستن تان لنگهندي مون پوليس وارن کي چيو. ”پر هيءُ رستو ته اوڏانهن نٿو وڃي.“
    ”تون گهر پوءِ وڃجانءِ.“ هنن چيو. ”پهرين اسين ڪراچي سينٽرل جيل ۾ توکي تنهنجيءَ امان سان ملاقات لاءِ وٺي ٿا هلون.“
    آئون ڏاڍي اُتاولي ٿيس. هڪ مهيني کان به مٿي اسان جي گرفتاريءَ کان پوءِ مون امان کي نه ڏٺو هو، ۽ نه ئي وري هُن جو آواز ٻُڌو هو. مون کي هن سان ڳالهائڻ جي ڏاڍي خواهش هئي: پاڻ بابت، ايم آر ڊي جي صورتحال ۽ بغاوت جي انهن تُهمتن بابت، جيڪي حڪومت اسان تي مَڙهڻ واري هئي.
    ”امان! امان!“ ريسٽ هائوس ۾ تڪڙو تڪڙو ويندي مون سڏ ڪيو. ”امان، آئون پِنڪي آهيان. آئون آئي آهيان.“
    ڪوبه جواب نه آيو. هڪ ٻيو ڪُوڙ. ”تنهنجي امان ٻئي وارڊ ۾ رهيل آهي.“ هڪڙي جيلر مونکي رازداريءَ سان ٻُڌايو. مون هُن سان هڪدم ملڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، پر مونکي ڪڏهن به اُن جو جواب نه مليو. ٻئي ڏينهن 70 ڪلفٽن ڏانهن وٺي وڃڻ بدران پوليس مون کي هڪ عام اسپتال ڏانهن وٺي هلي. اُتي جا سڀيئي لنگهه، جتي ماڻهن جا انبوهه پنهنجن مائٽن سان گڏ آپريشن روم جي دروازي تائين گڏ وڃن ٿا، سُڃا ٿيل هئا. پنهنجن مائٽن کانسواءِ مون ڏاڍي هيڪلائپ ڀانئي. آپريشن کان پوءِ آئون جڏهن هوش ۾ آيس، تڏهن اُتي پنهنجيءَ ڀيڻ صنم کي ڏسي مونکي گهڻي آٿت ٿي هئي. حڪومت نيٺ هُن کي اچڻ جي اجازت ڏني هئي، پر هوءَ ڏاڍي پريشان ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
    صنم ڀٽو:
    اسپتال ڪُشادي ۽ وڏي هئي. مونکي ڪا ڄاڻ نه هئي ته ڪيڏانهن وڃان ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ ڪنهن کان پُڇان. جيئن مون هُن جو نالو ٿي ورتو ته، هرڪو وائڙو ٿيندو پئي ويو ۽ مون ڏانهن چِتائڻ ٿي لڳو. آئون ڏاڍو ڊڄي ويس. آئون ته ڪيترن مهينن کان پنهنجي گهر مان به ٻاهر نه نڪتي هيس. تنهن وقت پاڪستان ڀوائتو ملڪ هو، خاص ڪري هر اُن ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جو نالو ڀُٽو هو. پر مونکي ڪنهن ٻئي هنڌ به وڃڻو نه هو.
    ”اوهان مهرباني ڪندي منهنجي واهرُ ڪيو.“ هڪ نه ختم ٿيندڙ ڪمري ۾ مون هر هڪ ماڻهوءَ کي چيو. ”هيڏانهن وڃ، هوڏانهن وڃ.“ هنن مونکي چيو. اوچتو مون ڪنهن عورت کي رڙيون ڪندي ٻُڌو. ”يا الله، اها ته منهنجي ڀيڻ آهي.“ مون پنهنجي ڀرسان بيٺل هڪ عورت کي چيو. ”اها تنهنجي ڀيڻ نه آهي. هوءَ ته ننڍڙي آپريشن لاءِ هتي آيل آهي.“ اُن عورت وراڻيو، جيڪا بيشڪ جاسُوس هئي. ”رڙيون ڪندڙ مائيءَ جو ويم پيو ٿئي.“
    مونکي پڪ هئي ته اُها پِنڪي آهي. مونکي بلڪل خاطري هئي. آئون رڙين جي اُن آواز ڏانهن ڊوڙي ويس ۽ ڏٺم ته هُن کي اسپتال جي ٽراليءَ تي کنيو آپريشن روم مان تيزيءَ سان ٻاهر هال ۾ آندو پئي ويو. هُن جي چؤڌاري پوليس وارا هئا. هن جي ٻانهن ۽ نَڪ مان رٻڙ جون نَليون پئي لڙڪيون. ”اُهي مونکي قتل ڪري ڇڏيندا! اُهي بابا کي قتل ڪندا!“ اڌ بيهوشيءَ ۾ هُن رڙيون پئي ڪيون. ”هنن کي جهليو! ڪير آهي جيڪو هنن کي روڪي!“
    مون هُن جي مٿي تي هڪ اڇو وار ڏٺو. منهنجي لاءِ اها حد ٿي ويئي هئي. آخري حد! هُن کي ڪيترن ئي ورهين تائين قيد ۾ رکيو ويو هو، بلڪل هيڪلائپ جي قيد ۾. ۽ اُن عيوض هُن کي ڇا مليو هو؟ هڪڙو اڇو وار.
    هُن جي هوش ۾ اچڻ تائين آئون سنديس ڀرسان ويٺي هيس. مون سمجهيو هو ته اها ٽپهري هن وٽ رهڻ جي مون کي اجازت ڏني ويندي. پر هنن مونکي اُتي اڌ ڪلاڪ تائين ترسڻ ڏنو. واپس ويندي آئون هُن جي ڊاڪٽرياڻيءَ سان مليس. ”تون پنهنجيءَ ڀيڻ کي ٻُڌاءِ، ته هوءَ بلڪل ٺيڪ آهي.“ ڊاڪٽرياڻيءَ مون کي ٻُڌايو. پر مونکي اهو وجهه ڪڏهن به نه مليو. اُن ٽپهريءَ جو هُن کي واپس ڪراچي سينٽرل جيل ۾ وٺي ويا.

    ڪَنن ۾ ڪَڙڪاٽ پيا ٻڌجن. اکين اڳيان اوندهه اچي ۽ وڃي پئي. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ اکيون کولڻ سان مونکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، هڪ پوليس واري منهنجي هينڊ بئگ کي چڪاسيندي، اُن مان هڪ ننڍڙو نوٽ بُڪ ڪڍي ٿي، جنهن ۾ مون سکر ۾ ڪجهه ڳالهيون لکيون هيون. ”تون ڇا پئي ڪرين؟“ آئون جهيڻائي سان کانئس پُڇا ٿي. هوءَ ڇِرڪ ڀري مون ڏانهن نهاري ٿي. ”ڪجهه به نه.“ هوءَ چوي ٿي ۽ نوٽ بُڪ وري واپس منهنجي بئگ ۾ رکي ٿي. جڏهن هوءَ وڃي ٿي ته ڇهين حِس مونکي بستري تان اُٿڻ تي مجبور ڪري ٿي. بخار ۾ ٻَرندي ۽ وِڦلندي آئون پاڻ گهِليندي پوئيءَ ۾ وڃان ٿي ۽ نوٽ بُڪ ساڙي ڇڏيان ٿي. هڪ ڪلاڪ ۾ پوليس جو هڪ مرد ۽ هڪ عورت واپس اچن ٿا. ”تنهنجيءَ ڀيڻ توکي ڪجهه ڏنو آهي. ڪٿي آهي اُهو؟“ اُهي سمجهن ٿا ته، اُهو نوٽ بُڪ هو. ”مونکي ڄاڻُ نه آهي. اوهين الائي ڇا ٿا چئو.“ آئون چوان ٿي. ”تون ڪُوڙ ڳالهائين ٿي. “اُهي رڙڪندي چون ٿا، ۽ منهنجي هئنڊبئگ ۽ ڪپڙن کي چڪاسين ٿا. جڏهن کين ڪجهه به هٿ نٿو چڙهي، ته سندن ڪاوڙ وڌي وڃي ٿي.
    ”اُٿ، تڪڙ ڪر.“ ٻيءَ صبح جو پوليس جون ٻه عورتون رڙيون ڪندي چون ٿيون. آئون اُٿڻ وقت ڏاڍي هيڻائيءَ ڀانئيان ٿي. ”ڊاڪٽرياڻيءَ چيو هو ته اٺيتاليهه ڪلاڪن تائين مونکي چُرڻ به نه گهُرجي.“ آئون ڪوشش ڪري اعتراض ڪريان ٿي. پوليس ٿورو به ڌيان نه ٿي ڏيئي ۽ منهنجون ٻٽي شيون بئگ ۾ اُڇلائي ٿي. پوءِ اُهي مون کي تڪڙ ۾ ڪار ۾ چاڙهين ٿا، ۽ وري جهاز ۾ ويهارين ٿا. ڀانئيان ٿي ته ٻُڏندي پئي وڃان. هنن جا آواز آئون ڏُور کان ايندي ٻُڌان ٿي. اونداهيءَ جون لهرون مون ڏانهن وڌنديون پيون اچن. مهرباني ڪري مونکي انهن ۾ ٻُڏڻ نه ڏيو. آئون بيهوش ٿيڻ نٿي چاهيان. پر آئون اونداهيءَ ۾ ڪِري پوان ٿي. ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ سکر ۾ منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ مون کي جڏهن هوش اچي ٿو ته، آئون آواز ٻُڌان ٿي. ”هيءَ جيئري آهي.“ وچ ۾ هڪ ٻيو آواز ٻُڌجي ٿو. ”هن کي ايترو تڪڙو آڻڻ نه کپندو هو.“ آئون وري به اونداهيءَ ۾ ٻُڏي وڃانٿي. پر هن ڀيري اها ايتري ڀوائتي نه آهي. آئون بچي وئي آهيان.
    تنهن وقت مونکي اها ڄاڻُ نه هئي ته آئون ڪيتري سڀاڳي هئس. پيپلز پارٽي حڪومت جي اڳوڻي وزير ڄام صادق علي، جيڪو لنڊن ۾ سياسي جلاوطن هو، ڪيترا ورهيه پوءِ مونکي ٻُڌايو هو ته آئون جڏهن ٿوري وقت لاءِ اسپتال ۾ داخل هيس، تڏهن هُن کي فون تي ڪنهن ڏاڍي مايوس آواز ۾ ٻُڌايو هو ته، ”ڪجهه ڪريو. هنن کيس آپريشن جي ميز تي قتل ڪرڻ جي سازش ٺاهي آهي.“ جنهن تي هُن هڪ اخباري ڪانفرنس ڪوٺائي منهنجي زندگيءَ بابت خطري کان کين آگاهه ڪيو، جنهن سبب حڪومت مونکي مارڻ جون جيڪا سازش جوڙي هئي، سا اڌ ۾ رهجي ويئي.
    آپريشن کان پوءِ ڪيترن هفتن تائين آئون سکر ۾ ٿڪل ۽ هئڊي ٿي پئي هيس. مون کان ته هليو به نٿي ٿيو. جيل ۾ هيٺيون عملو مون سان هاڻي کُليءَ طرح همدردي ڪرڻ لڳو. هنن پاڻُ کي وڏي جوکي ۾ وجهي هڪ پين، هڪ نئون نوٽ بُڪ ۽ ’نيوز ويڪ‘ مخزن جون ٻٽي ڪاپيون به لڪائي آڻي مونکي ڏنيون. هڪڙي ته مونکي تازو ميوو به آڻي ڏنو. مون ڪوشش ڪري گهڻي ۾ گهڻو وقت انهن واقعن کي لکڻ ۾ گهاريو، جيڪي سکر کان ٻاهر پئي ٿيا. مون اُهي ڳالهيون نوٽ بُڪ ۾، اخبارن جي خالي حصن ۽ مونکي هٿ چڙهندڙ هر پني جي ٽُڪري تي لکيون. اوچتي چڪاس جي ڊَپُ کان ڊڄي روزانو رات جو جيلر اُهي ڪاغذ پاڻُ سان کڻي ويندا هئا. جيڪڏهن ڪا شيءِ لڀجي پوي ها، ته سندن نوڪري جوکي ۾ پئجي وڃي ها. آئون انهن ڪاغذن جي موٽي ملڻ لاءِ صبح تائين اوسيئڙو ڪندي هئس.
    جيل ڊائرين مان ساروڻيون:
    20 اپريل 1981ع: اُردو اخبار ’جنگ‘ جنهن جي پُٺڀرائي حڪومت ڪري ٿي، وڏن اکرن ۾ مير مرتضيٰ ڀُٽو سان بي بي سيءَ جو ڪيل انٽرويوءَ ڇاپيو آهي، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته جهاز جي اغوا مهل آئون ڪابل ۾ هئس، پر مونکي اها خبر اغوا ٿيڻ کان پوءِ ملي هئي. مير مرتضيٰ چيو ته سندس ماءُ ۽ ڀيڻ جيڪي پاڪستان ۾ آهن، سي الذوالفقار کي بلڪل نٿيون مڃين. هو پاڻ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي ڪم نٿو ڪري ۽ هُن جا پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ سان ڪنهن به قسم جا لاڳاپا نه آهن.“
    21 اپريل 1981ع: ’ڊان‘ اخبار: گُذريل رات آسٽريليا جي ريڊيي تازو بمبئي ۾ مير مرتضيٰ جي حوالي سان ٻُڌايو آهي ته سندس الذوالفقار تنظيم، جنهن کي پاڪستان لبريشن آرمي به سڏيو وڃي ٿو، ”پاڪستان کي ڊانواڊول ڪري سگهي ٿي.“۽ هاڻي هنن حڪومت ڊاهڻ لاءِ دهشتگرديءَ کان ڪم وٺڻ جو وچن ڪيو آهي. مير چيو ته الذوالفقار پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻيون چوونجاهه ڪارروايون ڪيون آهن، جن ۾ ڪراچي اسٽيڊيم ۾ پوپ جي اچڻ کان اڳ بم اُڇلائڻ واري ڪارروائي به شامل آهي. سندس تنظيم جو مرڪز ڪابل ۾ هئڻ واري پُڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”اسين پاڻ ته اُتي رهون ٿا، پر اسان جو خاص مرڪز پاڪستان ۾ آهي.“
    اها خبر لکندي منهنجي دل ٻُڏندي پئي وئي. آئون جيڪر مير سان ڳالهائي سگهان ها، کيس ڏسي سگهان ها. پنج ورهيه ٿي ويا هئا. مونکي رڳو اها سُڌ هئي ته اخبارن ۾ جيڪي تصويرون ڇپيون هيون، تن مان مير ۽ شاهنواز هاڻي ڪهڙا ٿي ڏسڻ ۾ آيا. مير جي ڪاوڙ ۽ مايوسيءَ کي جيترو مون سمجهيو هو، ته هُن جي اُنهن بيانن، کڻي اُهي هن ڏنا هئا يا حڪومت سندن غلط مطلب سمجهيو هو. منهنجي لاءِ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻين ميمبرن لاءِ وڏا جوکا پيدا پئي ڪيا. ضياءَ انهن کي بهاني طور واپرائي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَکي ميساري پئي سگهيو. هُو منهنجن ڀائرن تائين نٿي پُهچي سگهو، پر هو اسان تائين پهچي سگهيو ٿي.

    28 اپريل تي مير کي پاڪستان ۾ ”وڌيڪ خطرناڪ گهُربل“ ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ جيل جي انسپيڪشن ڪندي ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اوچتو مون سان ملاقات لاءِ آيو. منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ان مهل هُن سان گڏ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻيو عملو هو. اسين رُڳو ٻه ڄڻا ڪوٺڙيءَ ۾ پيل ٻن ڪُرسين تي ويٺاسين.
    ”مونکي جيل ۾ ڇو وڌو ويو آهي؟“ مون کانئس پُڇيو.
    ”الذوالفقار سبب.“ هُن وراڻيو.
    ”الذوالفقار سان منهنجو ڪو ناتو ناهي.“
    ”اسان کي الذوالفقار جو خاڪو تنهنجي ڪمري مان مليو، جنهن ۾ سمورو تفصيل ڄاڻايل آهي.“ هُن چيو. مونکي هُن جي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي.
    ”هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ تائين مون الذوالفقار جو نالو به نه ٻُڌو هو.“ مون پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي ٻُڌايو.
    ”الذوالفقار سان تنهنجن لاڳاپن، اسٽيڊيم ۾ بم اُڇلائڻ ۽ لالا اسد بابت هاڻي ڪورٽ ئي فيصلو ڪندي.“
    لالا اسد؟ سنڌ ۾ شاگرد تنظيم جو نائب صدر؟ آئون لالا اسد کي سُڃاڻندي هيس. هو خيرپور ۾ انجنيئريءَ جو شاگرد هو. مونکي ته ويساهه ئي نه ٿي آيو، ته هُن کي به الذوالفقار ۾ شامل ڪيو ويندو، جيڪڏهن واقعي اهڙو ڪو گروهه موجود هو. پر ظاهر آهي ته حڪومت الذوالفقار بهاني گهڻي ۾ گهڻن پيپلز پارٽيءَ جي وفادارن مان پنهنجي جند ڇڏائڻ ٿي گهُري. هڪ ٻئي شخص کي به اغوا ڪندڙن سان جُٺ هجڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن لاءِ ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جو چوڻ هو، ته اهو شخص ناصر بلوچ هو. ناصر بلوچ ڪراچي اسٽيل مِلز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مزدور اڳواڻ هو.
    ”اڄ صبح جي ڳالهين مان آئون اُن نتيجي تي پهتي آهيان.“ هُن جي وڃڻ کان پوءِ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو، ”ته حڪومت سمجهي ٿي ته الذوالفقار ۾ شريڪ هجڻ سبب مون اسٽيڊيم ۾ بم اُڇلائڻ لاءِ لالا اسد ۽ ٻين سان گڏجي سازش ڪئي هئي. مونکي اُن ڳالهه تي ويساهه نٿو اچي. اهو ڏاڍو ڀوائتو ۽ عجب جهڙو ويچار آهي. بيڏوهي پيڙهجن پيا ۽ ڏوهي راڄ پيا ڪن. دنيا ڏاڍي نرالي آهي.“
    ٻئي ڏينهن پوءِ حالتون وڌيڪ مايوسيءَ واريون ٿي پيون هيون.
    ”ڪاغذن مان ثابت ٿيو آهي ته، ڀُٽو عورتن کي ڪارروائيءَ جي ڄاڻُ هئي.“ جنگ اخبار وڏين سُرخين ۾ لکيو. هڪ سيڪنڊ لاءِ منهنجي دِل بيهي رهي، ۽ منهنجي ڪرنگهي جي هڏيءَ ۾ ٿڌي لهر ڊوڙي وئي. اهو پڪ سان اُن ’خاڪي‘ ڏانهن حوالو هو، جنهن لاءِ ڊپٽي مارشل لاءِ ائڊمنسٽريٽر دعويٰ ڪئي هئي، ته اُهو منهنجي ڪمري مان هٿُ آيو هو. ظاهر آهي ته حڪومت ڀُٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽيءَ تي هڪ ٻئي مقدمي هلائڻ لاءِ قوم کي تيار پئي ڪيو.
    ”ڀانئجي ٿو ته اسين اوڙاهه ۾ ڦاسي پيا آهيون.“ 30 اپريل تي مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”پهرين الذوالفقار ۽ مير بابت خبر لوڏي ڇڏيو ۽ هاڻي حڪومت جو اهو پڪو ارادو ته اسان کي هڪ اهڙي ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ڪري، جيڪو اسان ڪيو ئي نه آهي. هنن بابا سان به اهوئي ڪيو هو. هاڻي اُهي اُن ڏوهه کي وري ورجائڻ گهُرن ٿا، جنهن کي دنيا ڊوهه ئي سمجهي ٿي. يا شايد ضياءَ جو ويچار آهي، ته دنيا کي ڄاڻُ ئي نه پوندي، ته اهو ڊوهه آهي. پر اصل اهميت سچ جي آهي، پر اُن جي پڌرائيءَ لاءِ هڪ فوجي عدالت ڪهڙو وجهه ڏيندي. اسان کي سياسي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ضياءَ اسان جي جسماني تباهي ۽ برباديءَ جا سانباها پيو ڪري. ”اسان کي مِٽائڻ لاءِ حڪومت ظلم ۽ زبردستيءَ جي جنهن انتها تائين پهتي هئي، تنهن جي ڄاڻ مونکي تڏهن نه پئي هئي.

    ڪراچيءَ جو بلديا سينٽر ۾ ڊويزن 555. لاهور جو قلعو ۽ لاهور ۾ برڊووڊ بئرڪون. اُتر پنجاب ۾ اٽڪ جو قلعو. راولپنڊيءَ کان ٻاهر چڪلالا ايئر فورس بيس. مَچ جيل ۽ خالي ڪئمپ بلوچستان ۾. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حامين جي ذهنن ۾ توڙي ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ انساني حقن جي بچاءُ ڪندڙ تنظيمن جي وڌندڙ ڳڻتي ڏيکاريندڙ رپورٽن ۾ انهن عذاب گهرن جا نالا پئي ڦِريا، ته امان کي، مونکي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي الذوالفقار۾ ڦاسايو ويندو.
    ڪيئي ورهين کان پوءِ مونکي سُڌ پئي ته انهن عذاب گهرن ۾ ڪهڙيون جُٺيون ٿينديون هيون: زنجير. برف جون وڏيون ڇِپون. قيدين جي نازڪ عضون ۾ ڳاڙهيون مرچون وجهڻ . پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان ٿيندڙ جُٺين جون ڳالهيون ٻُڌي ۽ انسان جي انهن ظالماڻين حرڪتن جو سوچي، مونکي ڏاڍي بڇان ٿي هئي. پر ضياءَ جي مارشل لا حڪومت جي ظلم هيٺ عوام جيڪي سختيون سَٺيون هيون، تن کي لکڻو ئي آهي!

    فيصل حيات، وڪيل، زميندار، پنجاب مان قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر:
    12 اپريل 1981ع تي صبح جو اڍائين وڳي پوليس جي هڪ سپرنٽينڊنٽ ۽ فوج جي جاسوس کاتي جي هڪ ڪرنل چار سؤ پوليس وارن سان گڏ لاهور ۾ اسان جي گهر کي گهيرو ڪيو. نوڪرن کي مارڪُٽ ڪندي، اُهي سڀيئي گهر ۾ ڪاهي پيا. هنن منهنجيءَ ڀيڻ کي، جنهن جو تازو جيري جي آپريشن ٿي هئي. هنڌُ مان گهِلي ٻاهر ڪڍيو. هنن منهنجيءَ امان کي به سنديس ڪمري مان گهِلي ٻاهر ڪڍيو ۽ منهنجي سُمهڻ واري ڪمري جو دروازو ڀڃي ڇڏيو. ”هيءَ الذوالفقار جو مرڪز آهي.“ هنن مونکي ڳچيءَ مان جهلي چيو. ”اسن هتي آيا آهيون، ته جيئن تنهنجي گهر هيٺ ذخيرو ڪيل راڪيٽ لانچرَ، بزوڪا، سب مشين بندوقون ۽ بارود ضبط ڪيون“ آئون وائڙن جيان هنن ڏانهن ڏسڻ لڳس. ”اوهان کي جيئن وڻي تيئن جهَڙتي وٺو.“ مون چيو. ”هيءُ ٻارن ٻچن وارو گهر آهي، نه ڪي ڪو مرڪز. هن گهر ۾ ته هيٺيون طبق به ڪونهي.“ پر هنن مونکي گرفتار ڪيو.
    مون پهريان ڇهويهه ڪلاڪ کاڌي پيتي کانسواءِ جيل ۾ گهاريا. پوءِ مونکي اکين تي پَٽي ٻَڌي لاهور قلعي ۾ وٺي ويا، جيڪو مُغلن جي زماني وارو سِرن جي ديوارن جو ساڍا چار سؤ ورهيه آڳاٽو قلعو آهي. تاج محل جي خالق شاهجهان لاهور قلعي ۾ آرسين جَڙيل هڪ سُهڻو محل ٺهرايو هو. آئون پنهنجي گهر ڀاتين سميت مغل بادشاهن جي ٺهرايل انهن شاندار شامينن هيٺ ۽ وڻندڙ ڦوهارن لڳ، گرمين ۾ پسار ڪندو هوس. پر هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ لاهور قلعو ڀوائتو عذاب گهر ليکجڻ لڳو هو. اهو پاڪستان ۾ ايئن هو، جيئن انقلاب کان اڳ فرانس ۾ بئسٽل جيل.
    اسين ڪُل پنجويهه يا ٽيهه ڄڻا هئاسين، جن کي ساڳئي وقت گرفتار ڪيو ويو هو: پنجاب پيپلز پارٽيءَ جو ائڊيشنل سيڪريٽري جنرل جهانگير بدر، شوڪت محمود جنرل سيڪريٽري، ناظم شاهه سيڪريٽري ماليات، اڳوڻو وزير مختيار اعواڻ، سڀيئي وڏا سرڪاري عملدار. اها بيحد افسوسناڪ صورتحال هئي.
    هر ٻئي ڏينهن مونکي پُڇاڻي لاءِ وٺي ويندا هئا. پر ڪهڙي وقت؟ تنهن جو مونکي ڪڏهن به پتو نه پيو. هو صبح جو ڇهين وڳي ايندا هئا، شام جو ويندا هئا، يا آڌيءَ رات جو ايندا هئا، تنهن جو مونکي پتو نه پيو. جيتوڻيڪ اسين اڳواٽ ئي قيد ۾ هئاسين. پر اسان کي هٿڪڙيون هڻي پنجاب جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي چيف آف آرمي اسٽاف برگيڊيئر راهب قريشي ۽ صوبائي جاسوس کاتي جي عملدار عبدالقيوم وٽ ايذاءُ ڏيڻ لاءِ وٺي ويندا هئا. انهن ٻن ماڻهن جا نالا ۽ چهرا مونکي سڄي ڄمار ياد رهندا.
    ”اسين اوهان کي پنهنجي حياتيءَ بچائڻ جو هڪڙو وجهه ڏيون ٿا.“ مونکي پنهنجي اڳيان زوريءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهارڻ کان پوءِ هنن چيو. ”تون اڃا نوجوان آهين، ۽ سٺي گهراڻي مان آهين. توکي اڃا گهڻو وقت جيئرو رهڻو آهي. توکي رڳو هوائي جهاز جي اغوا واري مقدمي ۾ بيگم نصرت ڀُٽو ۽ مس بينظير ڀٽو خلاف شاهدي ڏيڻي آهي.“
    مون انڪار ڪيو ته هنن مونکي وڏيون لالچون آڇيون. ”تنهنجو سياست سان ناتو آهي، اسين توکي وزارت وٺي ڏينداسين.“
    ”تنهنجا ڪپڙي جا ڪارخانا آهن.“ هنن چيو. ”تو هڪ نئين ڪارخاني کولڻ جي جيڪا اجازت گهُري هئي، سا رد ڪئي ويئي، ڇو ته تون سياست ۾ حصو وٺين ٿو. هاڻي اسين توکي اها اجازت وٺي ڏيون ٿا. تون شاهوڪار ٿي ويندين.“
    پر جڏهن آئون لاڳيتو انڪار ڪندو رهيس، ته هنن ٻيا ڦَند اُڇلايا. ”اسين توکي پنجويهن ورهين جي قيد جي سزا ڏيئي سگهون ٿا.“ هو مونکي دڙڪا ڏيڻ لڳا. ”اسان جي حڪومت فوجي آهي. اسان کي ڪنهن به شاهديءَ جي گهُرج نه آهي. اسين هتي ۽ هينئر ئي توکي سزا ڏيئي سگهون ٿا.“
    مون هڪ پنج فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري ڪوٺڙيءَ ۾ ٽي مهينا گهاريا، جنهن کي ڪُلف لڳل هوندو هو. منهنجو قد ڇهه فوٽ هجڻ سبب مون ڪڏهن به نه رات جو ۽ نه ئي ڏينهن جون ٽنگون ڊگهيون ڪيون هيون. مون واري حصي ۾ چار هڪجهڙيون ڪوٺيون هيون، جن جا سِيخن لڳل دروازا اولهه طرف هئا. ٻنپهرن کان سج جي تپش 115 ڊگرين تائين وڌي ويندي هئي، ۽ اسان جو ساهه ٻوساٽبو هو. گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪا واٽ ئي نه هئي. انهن ڪوٺڙين کان ٻاهر ٿَلهن تي بجليءَ جا پکا رکيل هوندا هئا، جن جي هوا گرميءَ جي اُن لنگهه مان ٿيندي اسان تائين پهچندي هئي، ته ڄڻ باهه لڳندي هئي.
    منهنجا چَپ سُڄي پيا ۽ منجهن ايترو ته سُور هو، جو آئون پاڻيءَ به پيئي نه ٿي سگهيس. منهنجي چمڙيءَ تي ڦلوڪڻا نڪري آيا ۽ سڄي جسم تي مُنهن کان وٺي پِيرن تائين گول ۽ ڪارا داڻا ٿي پيا هئا. هڪڙي ڏينهن مايوسيءَ وچان مون پنهنجي قميص لاهي اُس کان پاڻُ بچائڻ لاءِ لوهي سِيخن تي ٽنگي ڇڏي، ته پهريدار اُها لاهي کڻي ويا. اُها قميص ٽن ڏينهن تائين وٽن هئي.
    منهنجي ڪوٺڙيءَ لڳ ٻين ڪوٺڙين ۾ رکيل ٻيا هڪ ٻئي پُٺيان جهولي جي سَٽ سَهي نه سگهيا ۽ آئون کين بيهوش ٿيندي ۽ وِڦلندي ٻُڌي پئي سگهيس. آئون هنن سڀنيءَ ۾ ننڍو هوس ۽ منهنجي ڄمار ستاويهه ورهيه هئي، جنهن سبب مون گهڻو وقت جٽءُ ڪيو هو. پر ٻن مهينن کان پوءِ آئون بيهوش ٿي ڪِري پيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ مونکي جڏهن هوش آيو، ته مون پاڻ کي زمين هيٺان ٺهيل تهه خاني ۾ ڏٺو، جتي جيل جي عملي هڪ عارضي اسپتال ٺاهي هئي. ڊاڪٽرن کي جڏهن خاطري ٿي ته آئون هوش ۾ آيو آهيان، ته هنن مونکي واپس پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ موڪليو.
    تُرت ڏينهن جي ڀيٽ ۾ اسان جون راتيون وڌيڪ عذاب ۾ گُذرڻ لڳيون. اسان مان ڪنهن وٽ به بسترو نه هو ۽ نه ئي ڪا فراسي هئي. اسين اُن ڪوٺڙيءَ جي سيمنٽ واري ڀڳل فرش تي اُن بدبودار سوراخ لڳ ڪرونڊڙا ٿي ليٽندا هئاسين، جيڪو پائخاني لاءِ هوندو هو. ماڪوڙيون، ڪاڪروچ، چِيچيون، ڪُوئا ۽ ٻيا ڪيترائي زمين ۾ رهندڙ جِيت اسان مٿان پيا هلندا هئا. گرمي ۽ تپش کان ته اسان کي واندڪائي ئي نه ملندي هئي. جيل وارن ست فوٽ اوچي ڇِت ۾ پنج سؤ واٽ وارو بلب هڻي ڇڏيو هو، جيڪو سڄيءَ رات پيو ٻرندو هو.هنن انهن بلبن جا ساڪيٽ ڇِت ۾ اندر هنيا هئا، ته جيئن اسين انهن تارن ۾ هٿُ وجهي آپگهات نه ڪريون. آئون ڀانئيان ٿو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ها، ته آئون آپگهات ڪريان ها.
    منهنجي صحت تيزيءَ سان ڊَهڻ لڳي. اُتي صحت صفائيءَ جون حالتون ايتريون ته خراب هيون، جو ڪنهن جو به اُتي جيئرو رهڻ اچرج جهڙي ڳالهه هئي. اسان کي جيڪو کاڌو ملندو هو، سو دروازي جي سِيخن کان ٻاهر رکندا هئا، ۽ اسان کي اهو ڏهن سيڪنڊن ۾ کائڻو پوندو هو. کاڌي ۾ واريءَ ۽ پٿريون مليل ماني ۽ مکين مليل پاڻيءَ جهڙو شوروو ملندو هو. مون تي ڪيترائي ڀيرا دَست، مليريا ۽ ڪالرا جا حملا ٿيا هئا. هڪ ڀيري منهنجو بخار 105 ڊگرين تائين وڃي پهتو. منهنجو مٿو سُور وچان ڦاٽڻ لڳو هو ۽ رات جو بلب جي روشنيءَ سبب منهنجيون اکيون چيرجڻ لڳيون هيون، تنهنڪري اُن تڪليف کان آئون دانهون ڪرڻ لڳس. منهنجو جسم ڪڏهن باهه ته ڪڏهن برف جهڙو ٿي ويو ٿي ۽ آئون لاڳيتو بيمار رهيس. ڪيترائي ڏينهن آئون پنهنجين اُلٽين جي ڪِنَ ۾ پيو هوس.
    ”ڏس، هتي توکي سنڀاليندڙ ڪوبه نه آهي.“ برگيڊيئر قريشي ۽ ميجر جنرل قيوم هڪ ڏينهن مونکي چيو. پُڇاڻي واري ڪمري ۾ مون اُن ڄاتل سُڃاتل شخص ڏانهن اکيون ڇينڀي ڏٺو، جيڪو منهنجي اڳيان بيٺل هو. اُهي پاڻ سان گڏ منهنجيءَ ماءُ کي وٺي آيا هئا.
    ”هن کي پنجويهه ورهيه جيل جي سزا ملندي.“ منهنجيءَ ماءُ کي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر چيو. ”پورا پنجويهه ورهيه، جيڪڏهن هيءُ ڀٽو وارن خلاف شاهديءَ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.“
    امان جي اکين مان ڳوڙها پئي وَهيا. هوءَ ڏاڍي ڏُکويل عورت هئي، ڇو ته هُن جي سنڊوءَ کي عذاب ڏيئي مُلڪ ڇڏڻ تي مجبور ۽ سندس پُٽ کي تباهه ڪيو ويو هو ۽ اسان جون خانداني ٻَنيون سُڪي بنجر ٿي ويون هيون، جو حڪومت اُتي جو پاڻيءَ بند ڪري ڇڏيو هو. پر اُن سڃائيءَ هوندي به هوءَ سٻاجهي ۽ ڏاڍي مهرباني عورت هئي. اُن ڏينهن هُن جيڪا پنهنجي روحاني قوت ڏيکاري، سا مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هئي.
    ”فيصل، هنن جي دڙڪن ۽ ڌمڪين کان نه ڊڄ.“ امان سندن اڳيان مونکي چيو. ”هنن آڏو جهُڪي پنهنجي مرضيءَ خلاف نه وڃ. تون بلڪل ايئن ڪر، جيئن تنهنجو ضمير توکي چوي ٿو.“
    ”منهنجو الله ۾ پڪو ويساهه آهي.“ مون هُن کي ٻُڌايو. ”اُهي ماڻهو عام انسانَ آهن. جيڪڏهن منهنجي مُقدر ۾ پنجويهن ورهين جو قيد لکيل آهي، ته آئون ڇا ٿو ڪري سگهان. پر آئون ڀُٽو خاندان جي ڀروسي کي ڇيهو نه رسائيندس.“
    آئون هنن کي ڇيهو پهچائي نه ٿي سگهيس. لاهور جي قلعي ۾ قيد ڪوبه سياستدان ايئن نٿي ڪري سگهيو. اسين سڀيئي سُٺن گهراڻن مان هئاسين ۽ اسان جي مذهبي ۽ سرڪاري خدمتن جي ڊگهي تاريخ هئي. اسين پڙهيل لکيل هئاسين. سماج ۾ اسان جو نالو ۽ رُتبو هو، عزت هئي. حڪومت جي سڀني لالچن ۽ ڌمڪين هوندي به اسين ڪڏهن به ڪُوڙ ڳالهائي بيعزتيءَ جي حياتيءَ گُذاري نٿي سگهياسين.
    ڪوبه اڳوڻو سرڪاري عملدار، ڀُٽو عورتن خلاف ڪُوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ٽن مهينن کان پوءِ نيٺ اختياريءَ وارا ٿڪجي پيا، ۽ هنن اسان کي مڪاني ضلعي جي جيلن ۾ اُماڻي ڇڏيو. مونکي لاهور جي اُتر طرف چاليهه ميل پري گجرانوالا جيل ۾ وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ موڪليو ويو. حڪومت کي اها همت ئي نه پئي ٿي، جو اسان کي لاهور قلعي مان سِڌو آزاد ڪري ٻاهر موڪلي ها. اسان جي حالت سبب اُهي پاڻ بُڇڙا ٿين ٿا.
    قاضي سلطان محمود، فليش مئن هوٽل راولپنڊيءَ جو اڳوڻو ملازم ۽ راولپنڊي شهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري:
    چيئرمين ڀٽو جي موت خلاف هڪ احتجاجي جلوس جي اڳواڻيءَ جي ڏوهه ۾ مونکي اڳ ۾ ئي سينٽرل جيل ميانوالي ۾ هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ملي هئي. هوٽل ۾ مون تي گولي هلائي ويئي هئي، جنهن جو مونکي هرجاڻو نه ڏنو ويو، ڇو ته آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن هوس. هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ مونکي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ پهرين راولپنڊيءَ جيل ۾، پوءِ گجرانوالا جيل ۾ ۽ اُتان وري لاهور قلعي ۾ رکيو ويو. اُهو ڏاڍو ڀوائتو جيل هو.
    ”مس ڀُٽو ۽ الذوالفقار ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي، ٻُڌاءِ.“ جيل اختياريءَ وارن هر ڀيري مونکان پُڇيو هو. مون جڏهن هنن کي ٻُڌايو ته هنن مون سان اُن بابت ڪڏهن به نه ڳالهايو آهي ۽ مون کي جهاز جي اغوا بابت ڪا ڄاڻُ نه آهي، تڏهن هنن مونکي چمڙي جي پَٽن سان ڦٽڪا هنيا ۽ بانس جي لڪڙن سان منهنجو مٿو ڪُٽيو. اِها ته اڃا رُڳو ابتدا هئي.
    آئون ننڍڙو ماڻهو آهيان. منهنجو قد ٽي فوٽ ۽ تورَ چوويهه ڪلو آهي، تنهنڪري مون سان تماشو هنن لاءِ ڏاڍو سولو هو. جڏهن مون سندن ڪُوڙ نه ٿي مڃيو، ته هنن منهنجن هٿن ۾ ڳريون هٿڪڙيون وجهي حُڪم ٿي ڏنو، ته آئون پنهنجيون ٻانهون مٿي ڪريان. منهنجون ٻانهون ننڍڙيون آهن، جنهنڪري کين مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، آئون فرش تي ڪِري ٿي پيس. اُن تي هنن منهنجي مٿان چڙهي وڏا وڏا ٽهڪ ٿي ڏنا. اڪثر اُهي منهنجي پيٽ جي ماس کان جهلي مونکي فرش تي اُڇلائيندا هئا، يا وري بال جيان هڪ ٻئي ڏانهن ٿُڏيندا هئا.
    اُهي منهنجين اکين تي پَٽي ٻَڌي چؤڌاري وٺي ويندا هئا ۽ مونکي ڪابه ڄاڻ نه پوندي هئي. ”جيڪڏهن تون اهو نه ٻُڌائيندين ته ڀُٽو عورتون الذوالفقار ۾ شامل آهن، ته پوءِ اسين توکي ماري ڇڏينداسين.“ اهڙن موقعن تي اُهي مونکي چوندا هئا. مون جڏهن انڪار ڪيو ته هنن مونکي ٽنگ کان جهلي جيل جي اوچي ديوار ۾ ٽنگي ڇڏيو. ”تون ڇو ٿو مرڻ گهُرين؟“ هنن چيو. ”رُڳو هن اقراري بيان تي صَحي ڪر.“ ”اوهين ماٺ ڇو ٿا ڪريو، مونکي قتل ڪيو. مون کين جواب ڏنو. ”پر آئون اوهان کي ڇا ٻُڌايان، جنهن جي پاڻُ مونکي ڄاڻُ نه آهي.“
    هنن پنجٽيهن ڏينهن تائين لاڳيتو مونکي اهڙا عذاب ڏنا هئا. هنن جو وڻندڙ ظلم اهو هوندو هو، جو اُهي مونکي اُگهاڙو ڪري پنهنجي اڳيان بيهاريندا هئا، ۽ منهنجين ٽنگن وچ ۾ هڪ وڏي لٺ ڏيئي چوندا هئا، ته اُن تي چڙهي بيهه. منهنجي لاءِ ايئن بيهڻ ممڪن ئي نه هوندو هو ۽ ٻن ٽن منٽن ۾ ئي آئون مُنهن ڀَر وڃي ڪِرندو هوس. منهنجي نَڪ ۽ ڏندن مان رَت کي وهندو ڏسي اُهي ٽهڪ ڏيندا هئا.
    ”واهه واهه! تون ته ڪو وڏو ليڊر ٿو ڏسجين.“ هو مون تي ٽوڪ ڪندا هئا. ”تو ۾ ڀلا ڇا هو جو ڀُٽو صاحب توکي پسند ڪندو هو؟ تون ته اهڙو شخص آهين، جو ماڻهو توکي ڌِڪارين. تون ته موچارو به نه آهين. ضرور ڪا خاص ڳالهه آهي، جيڪا تون ڳجهي طرح الذوالفقار لاءِ ڪرين ٿو.“ ايئن چئي اُهي مونکي لتون هڻندا هئا ۽ ماريندا هئا. منهنجي پُٺيءَ، هٿن ۽ ٽنگن جا گهاوَ خراب ٿي ويا هئا، پر پوءِ به هنن مونکي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي موڪل نه ڏني.
    مون پنجٽيهه ڏينهن ٻيا اڪيلائپ جي قيد ۾ گهاريا، جتي مونکي اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ٻاهران ڪُلف ڏنو ويو هو. اُن ڪوٺڙيءَ ۾ گندگي هئي، اها هڪ قبر جيان هئي. مون کي ٿورڙو کاڌو ڏنو ويندو هو. هڪ سُڪل نان يا ماني ۽ پاڻياٺي دال. اُهو کاڌو دروازي جي هڪ ننڍڙي ٽُنگ مان مون ڏانهن اُڇلائي ڏيندا هئا. آئون قداور نه هئڻ سبب ان ٽُنگ تائين پهچي نه سگهندو هوس. تنهنڪري آئون کاڌو هيٺ گندي فرش تان کڻندو هوس. هو منهنجي لاءِ روزانو هڪ ڪوپ چانهه جو به اُتان ڪيرائيندا هئا. آئون ڪوپ کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، پر اهو سدائين ڪِري پوندو هو. قسمت چڱي هوندي هئي، ته اُن ۾ هڪ ٻه ڍُڪ چانهه بچي پوندي هئي، جيڪا آئون پيئندو هوس. منهنجي مٿي ۽ پيرن ۾ ٻَڦو ۽ خارش ٿي پيئي هئي.
    ٻن مهينن کان پوءِ جڏهن مونکي ڇڏيو ويو ته، راولپنڊيءَ ۾ ٻين سياسي قيدين جي مانَ ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ مون تقرير ڪئي. مون اُن تقرير ۾ انهن خوفناڪ حالتن ۽ ڀوائتي ورتاءُ تي ڳالهايو هو، جن سان ضياءَ حڪومت ۾ سياسي قيدين جو ناتو پوندو هو. اها خبر لنڊن جي ’گارجين‘ اخبار ۾ ڇپي، ۽ ايسوسي ايٽيڊ پريس ذريعي دُنيا ۾ پکڙجي ويئي هئي. مونکي وري گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڪيلائپ جي قيد ۾ رکيو ويو، جتي آئون ٻه ورهيه چار مهينا بند هوس. پوءِ مليٽري سمري ڪورٽ مونکي ٽن ورهين جي سخت پورهئي سان سزا ڏيئي، پهرين ملتان جيل ۽ پوءِ اٽڪ جيل ۾ رکيو. نيٺ 15 جون 1985ع تي آئون آزاد ٿيس.
    تڏهن کان منهنجا ڀاڻيجا منهنجا مدد ڪن ٿا، ڇو ته مونکي اڃ اتائين حڪومت مُلڪ دشمن سمجهي ٿي. پر آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪندو رهان ٿو. آئون اُن تان ڪڏهن به هٿُ نه کڻندس. جيستائين جيئرو آهيان، تيستائين بينظير ڀُٽو جو ساٿُ ڏيندس.

    پرويز علي شاهه، هاڻي نائب صدر پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ، اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو برک ميمبر ۽ هفتيوار مخزن ’جاويد‘ جو ڇپائيندڙ ۽ چيف ايڊيٽر
    24 مارچ 1981ع تي مون پنهنجن پُٽن سان ڪرڪيٽ راند پئي کيڏي، ته هڪ بنا نمبر پليٽ ڪار اسان جي ڀرسان آئي ۽ منجهانئس سادن ڪپڙن ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهن مونکي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ چيو. هنن پاڻ کي پوليس جا ماڻهو ٻُڌايو، پر وٽن ڪوبه وارنٽ نه هو. اُهي منهنجي خاندان کي ٻُڌائڻ کانسواءِ مونکي پاڻ سان وٺي ويا.
    اُن کان اڳ به آئون ٽي ڀيرا گرفتار ٿيو هوس. پهريون ڀيرو پنهنجي ٻاهٺ ورهين جي ڪُراڙي والد سان گڏ 18 آڪٽوبر 1977ع تي جڏهن ضياءَ پهريون ڀيرو چونڊون ملتوي ڪيون هيون. تڏهن پوليس سان ڀريل ڪارُون ۽ جيپون اسان جي گهر خيرپور ۾ آيون هيون، جتان آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو هوس. ”اڳتي وڌو.“ پوليس اسان کي حُڪم ڏنو هو. هنن منهنجي والد جي هڪ ٻانهن ۽ منهنجيءَ ٻانهن ۾ هٿڪڙي وجهي اسان کي شهر جي گهٽين ۽ رستن تان پنڌ وٺي هليا هئا. جڏهن ته اسان پويان سندن ڪارون ۽ جيپون هيون. رستي ڀرسان ماڻهن جا ميڙاڪا ٿي ويا، جيڪي اسان کي اچرج وچان ڏسڻ لڳا هئا. عادي ڏوهارين سان به اهڙي جُٺ نه ٿيندي هئي. اسين ته هڪ سُٺي گهراڻي مان هئاسين. پهرين ته مونکي ايترو شرم ٿيو هو، جو مون پنهنجو رومال ڪڍي هٿڪڙين تي ويڙهي ڇڏيو هو. پر جڏهن مونکي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسڻ ۾ آيا هئا، تڏهن مون اُهو رومال لاهي ڇڏيو هو. پوءِ پنجويهن ڏينهن تائين ٿاڻي جي فرش تي سُمهڻ کان پوءِ هڪڙي ميجر مونکي آزاد ڪيو، پر هُن منهنجي والد کي هڪ سال قيد جي سزا ڏيئي سکر جيل ۾ موڪلي ڇڏيو هو. هڪ سال پوءِ ڀُٽو صاحب کي آزاد ڪرائڻ جي سڏ تي خيرپور ۾ جڏهن هزارين ماڻهن پاڻ کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ اڳيان ٿيا تڏهن اُهي وري آيا هئا. اُن وقت آئون گهر ۾ نه هوس، پر پوليس وارا گهريلو عورتن جي انهن ڪمرن ۾ به گهِڙي ويا هئا، جتي اڳ ڪڏهن به ڪو ڌاريو شخص نه ويو هو. هنن اُتي ڪٻٽن مان سامان ڪڍي ٻاهر اُڇلايو ۽ خانا فرش تي اونڌا ڪيا. پوءِ هنن مونکي پنهنجي هڪ دوست جي شاديءَ مان اچي گرفتار ڪيو ۽ هڪ اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو، جيڪا ڏهه فوٽ ڊگهي ۽ ست فوٽ ويڪري هئي، ۽ جتي ايڪيهه ماڻهو ٻيا به بند ٿيل هئا. مون تي باهه ڏيڻ جو الزام مڙهيو ويو. جڏهن کين اُن جا ڪي به شاهد نه مليا، تڏهن هنن مون تي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي تُهمت مڙهي، مونکي هڪ سال قيد جي سزا ڏني.
    پر 1981ع واري گرفتاري وڌيڪ خراب هئي. تڏهن مونکي اکين تي پٽي ٻَڌي ڪراچيءَ کان خيرپور سينٽرل جيل ڏانهن وٺي ويا، جنهن ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳا هئا. اُتي مونکي ٽن ڏينهن تائين بُکيو رکيو ويو. پوءِ وري اُتان به مونکي ڪڍي پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ هڪڙيءَ رات جو ڪراچيءَ ۾ فريئر پوليس ٿاڻي تي وٺي ويا. ”گهٽ ۾ گهٽ مونکي هڪڙو ڪوپ چانهه جو ته پياريو.“ مون پوليس وارن کي ليلائيندي چيو. ”توکي هر شيءِ 555 ۾ ملي ويندي.“ هنن ورنديءَ ۾ چيو. 555 ڪراچيءَ ۾ سي آءِ اي جو بدنام مرڪز هو.
    هڪ ڀيرو وري مونکي پوليس جي لاريءَ ۾ چاڙهيو ويو. اُن ڀيري مونکي هڪ بنهه انڌاري ڪوٺڙيءَ ۾ ڇڏيو ويو، جنهن جي ڇِت سان ذري گهٽ منهنجو مٿو ٿي لڳو. جيئن منهنجو پير ٻين قيدين مٿان پيو، ته هنن رڙيون ڪندي چيو ته، ”سنڀالي اچ.“ مونکي سُڌ ئي نه هئي، ته اسين سڀيئي اُن اوندهه ۾ گهڻا ڏينهن ڳاهٽ ٿيو پيا هئاسين.
    هڪ ڏينهن مونکي انٽر سروس انٽيليجينس جي ڪرنل سليم وٽ وٺي ويا. هن مونکي ڪاغذ جو هڪ ٽُڪرو ۽ پينسل ڏني. ”لکي ڏي ته مس بينظير جي چوڻ تي بم اُڇلايو ويو هو ۽ بيگم ڀُٽو جو جهاز اغوا ڪرائڻ ۾ هٿ آهي.“ هُن مونکي چيو. ”آئون اها ڳالهه ڪيئن لکي ڏيان، جنهن جي مونکي ڪابه ڄاڻ نه آهي.“ مون جواب ڏنو. هن وري چيو. مون به انڪار ڪيو. اُن تي هن لالا خان کي اندر گهُرايو، جيڪو 555 ۾ عذاب ڏيڻ لاءِ مشهور هو. هُن منهنجون ٽنگون ڪاٺ جي شڪنجي ۾ چمڙي جي پٽين سان ٻَڌي، هڪ ڊگهي ڪاٺ جي ڏنڊي سان منهنجن گوڏن جي ڍڪڻين کي ڪُٽڻ لڳو. سُور جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو، ايتريقدر جو منهنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ”مونکي بم ڌماڪي يا جهاز اغوا جي ڪابه ڄاڻُ ناهي.“ آئون ليلائڻ لڳس. پر لالا ڌَڪن مٿان ڌڪ هڻندو ويو. جڏهن هن بس ڪئي، تڏهن آئون ڪابه ٽنگ چوري نه سگهيس. ”اُٿي بيهه. نه ته تون ڪڏهن به هلي نه سگهندين.“هن لاپرواهيءَ سان مونکي چيو.
    پوءِ مونکي هڪ ٻي ڪوٺڙيءَ ۾ موڪليو ويو. اڪثر جاسوسي کاتي جي چئن شاخن جا عملدار مون وٽ اچي چوندا هئا ته بينظير ۽ بيگم صاحبا خلاف بيان ڏئي، پر منهنجي انڪار تي اُهي وري لالا کي گهُرائيندا هئا. ڪڏهن اُهي مونکي ويهاري ٻين ماڻهن کي اونڌو ٽنگي ايترو ته ماريندو هو،جو اُهي دانهون ڪندا هئا. ڪڏهن وري مونکي ايئن ٽِنگي ڇڏيندو هو، جو رڳو منهنجن پيرن جا نُنهن زمين تي لڳندا هئا ۽ آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽنگيو پيو هوندو هوس. گهڻو ڪري رات جو منهنجي ڪوٺڙيءَ چؤڌاري بيٺل پهريدار مونکي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا هئا، ۽ اجايا سجايا سوال پڇندا هئا، ۽ جواب نه ملڻ تي لَڪڻ سان چُنگ ڏيندا هئا. جڏهن آئون بنهه ٿڪجي پوندو هوس ۽ پاڻيءَ جي ٻن گلاسن پيئڻ ۽ روزانو پاڻيءَ جهڙي دال کائڻ سبب بُک ۾ پاهه پيو ٿيندو هوس. تڏهن پُڇندڙن سان گڏ مونکي ماني کائڻ جي دعوت ملندي هئي. ”تون پاڻ کي ڏس. تون پڙهيل لکيل شخص ۽ سُٺي گهراڻي مان آهين.“ آئون جيل جي گندن ڪپڙن ۾ جڏهن اُن شاندار کاڌي ۽ گرم چانهه جي ڪوپن اڳيان ويهندو هوس. تڏهن اُهي مونکي چوندا هئا. ”تون ڳالهه کي مُنجهائين ڇو ٿو؟ تون رڳو اهو چئو ته بينظير ۽ بيگم ڀُٽو جو هوائي جهاز اغوا ڪرائڻ ۾ هٿ آهي. پوءِ هيءُ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.“ مون جڏهن انڪار ڪيو، تڏهن هو مون کي اُتان وٺي ويا ۽ عذاب ڏيڻ لڳا. ٽن مهينن کان پوءِ مونکي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو، جتان پوءِ خيرپور، اُتي منهنجن مائٽن کي مون سان مهيني ۾ هڪ ڀيرو ملاقات جي اجازت ڏني ويئي هئي. مونکي ست ڀيرا فوجي عدالت آڏو آندو ويو، پر حڪومت کي شاهد نه ملي سگهيو هو، ۽ نه ئي اُهي مون تي تُهمتون مڙهي سگهيا هئا. فيبروري 1985ع ۾ حڪومت نيٺ مونکي ”پاڪستان جي سلامتي ۽ نظريي خلاف سياسي راءِ جوڙڻ“ جي ڏوهه ۾ هڪ سال جي سزا ڏني. مون پهرين جيڪي چار ورهيه قيد ۾ گهاريا هئا، تن جو لکيت ۾ الزام به مونکي نه مليو هو. منهنجي گهر واري ڪراچيءَ ۾ ننڍي ڪاروبار ۽ ٽن ٻارن جي سارسنڀال جي ذميدارين سبب بيمار ٿي پئي هئي.
    ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ ۾ پرويز علي شاهه کي ’ضمير جو قيدي‘ ڄاڻايو ويو هو. ايم آر ڊي جُڙڻ ۽ هوائي جهاز اغوا ٿيڻ کان پوءِ اُن ڀوائتي دؤر ۾ ڪيترن ئي ٻين لاءِ به اهو ئي ڄاڻايو ويو هو. ايمنسٽي انٽرنيشنل اها رپورٽ به پڌري ڪئي هئي، ته 1981ع جي سڄي سال ۾ پاڪستان ۾ سياسي قيدين تي ٿيندڙ ظلم ۾ اوچتو واڌ اچي وئي هئي. اهو ظلم گهڻو ڪري شاگردن، سياسي ڪارڪنن، مزدور جماعتن جي ماڻهن ۽ سياسي جماعتن سان لاڳاپيل وڪيلن تي ٿيو هو. پر هوائي جهاز جي اغوا کان پوءِ قيدين ۾ هڪ نئين قسم جو واڌارو پڻ ٿيو هو. 1981ع ۾ پهريون ڀيرو ايمنسٽي انٽرنيشنل کي اهڙيون اخباري رپورٽون مليون ته ”چئن سياسي قيدياڻين کي ايذاءُ ڏنا ويا هئا. اُهي قيدي عورتون هيون: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گهر واريون ناصر رانا ۽ بيگم عارف ڀٽي، ڪارڪن فرخندا بخاري ۽ مسز صفوران، جيڪا ڇهن ٻارن جي ماءُ هئي.“ آئون انهن سڀني کي سُڃاڻندي هيس.

    ناصر رانا، 13 اپريل، لاهور
    منهنجو مُڙس ايم آر ڊيءَ جو ميمبر هو. اپريل جي اوائل ۾ هو ڪراچيءَ ويل هو، ته اوچتو هڪڙي ڏينهن پوليس منهنجي ڪمري ۾ ڌوڪيندي آئي. ”ڪير آهين تون؟“ ڊپُ وچان مون اُن ماڻهوءَ کان پُڇيو، جيڪو منهنجي مٿي تي بندوق رکيو بيٺو هو. هُن کي وردي به پاتل نه هئي، پر هڪ کليل قميص ۽ ڪاري پتلون پاتل هئي. هُن جي ڳچيءَ ۾ جيڪا سوني زنجير پيل هئي، سا اڃا تائين منهنجي اکين اڳيان پئي ڦِري.
    ”آئون توکي ٻُڌائيندس ته آئون ڪير آهيان.“ هُن دڙڪو ڏيندي چيو. ”آئون پاڪستاني فوج جو ميجر آهيان.“ هن بندوق جي نال سان منهنجي پيشانيءَ تي دٻاءُ وڌو، جنهن سبب مونکي تڪليف ٿي. مون اُن کي پري ڌِڪيو، ته هُن مونکي ان جي ڪنداق سان ڌڪ هنيو ۽ منهنجي هٿ ۽ آڱرين جون هڏيون ڀڄي پيون. اُهو ڏسي منهنجي ٻارهن ورهين جي ڌيءَ رڙيون ڪرڻ لڳي.
    ”تنهنجو مُڙس ڪٿي آهي؟“ هُن وري دڙڪو ڏئي پُڇيو. جڏهن ته ٻيا فوجي گهر جو سامان ڦلهوڙڻ لڳا. ”هو هتي ڪونهي.“ مون هُڻ کي وراڻيو. هُن وري بندوق جي ڪنداق سان مون تي اُلر ڪئي. ”ڳجهي رستي جو دروازو ڪٿي آهي؟“ هن چيو. ”هتي ڪوبه ڳجهو رستو ڪونهي.“ مون جواب ڏنو. هن مونکي ۽ منهنجي ڌيءَ کي ڪمري ۾ بند ڪري ٻاهران ڪُلف ڏنو ۽ پوءِ سڀيئي هليا ويا. پندرهن ڏينهن کان پوءِ اُهي وري موٽي آيا.
    ”هل اسان سان. تون گرفتار آهين.“ پوليس جي هڪ ائڊيشنل سپرنٽينڊنت ۽ هڪ مڪاني مئجسٽريٽ چيو.
    ”اوهان وٽ وارنٽ آهن؟“ هن کانئن پُڇيو.
    ”اسان پاڻ وارنٽ آهيون.“ هنن وراڻيو.
    اُهي مونکي جيل ڏانهن وٺي ويا، جتي هنن مونکي سڄيءَ رات پيرن ڀَر بيهڻ تي مجبور ڪيو هو. هر ڪلاڪ کان پوءِ پڇاڻي لاءِ هڪ نئون ماڻهو ٿي آيو.
    ”تنهنجو مُڙس بينظير ڀٽو ۽ بيگم ڀٽو جيان الذوالفقار جو ميمبر آهي. اسان کي پتو آهي ۽ اها سچائي آهي. تون پڪ ڪر. مڃ.“
    ڪيترائي ڪلاڪ لنگهي ويا، پر آئون ڪُڇيس ئي نه. هنن جيڪي به چيو ٿي، تنهن جو مون ڪوبه اثر نٿي ورتو. مون پنهنجا گوڏا ڏڪندي ڀانئيا، ۽ آئون پنهنجي ڀرسان پيل ڪُرسيءَ ڏانهن وڌيس. ”پري ٿيءُ.“ هنن رڙ ڪئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ مونکي لاهور قلعي ۾ وٺي ويا ۽ هنن مونکي هڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. اُتي هڪ ٻي سياسي قيدياڻي بيگم ڀٽي به هئي، جنهن جو مُڙس پنجاب حڪومت جو مالياتي وزير رهي چڪو هو.
    بيگم عارف ڀٽي:
    اسان کان حڪومت جي يارهن مختلف ايجنسين جي ماڻهن پُڇاڻو ڪيو. ”تنهنجو مُڙس ڪٿي آهي؟“ اُهي رڙيون ڪري پُڇندا هئا. ”اِهو دهشتگرد ڀٽو عورتن سان گڏ آهي.“
    جيل عملي اسان کي سڄيءَ رات سمهڻ نه ڏنو. اها اسان جي ٽين رات هئي، جو اسان اکُ به نه پُوري هئي. ”توکي ننڊ ناهي ڪرڻي. مسز رانا.“ هن اسان جي ڪوٺڙيءَ ۾ دانهون ڪري ۽ سِيخن تي ڏنڊا هڻي چيو. ”سُجاڳ ٿي، بيگم ڀٽي.“
    ٻئي ڏينهن اسان کي جاسوسي کاتي جي عملدار ميجر جنرل وٽ وٺي ويا. اُتي به ساڳيا سُوال پُڇيا ويا. اسان به ساڳيا جواب ڏنا. هڪ موقعي تي ميجر جنرل قيوم اسان کي وارن کان جهلي مٿو ديوار سان هنيو.
    ”اوهان جا مُڙس ڪٿي آهن؟“ هن رڙ ڪري پُڇيو.
    ”مونکي ڪا خبر نه آهي.“
    هن ٻَريل سگريٽ اسان جي ٻانهن تي رکيا ۽ ٿوريءَ دير ۾ اسان کي پنهنجي گوشت سَرڻ جي بُوءِ آئي.
    ”اوهان جا مُڙس ڪٿي آهن؟“
    آئون بيهوش ٿيڻ لڳيس. پري کان مون ناصرا کي دانهون ڪندي ٻُڌو.
    ”اسين اوهان جو ضد ٽوڙينداسين.“ ميجر جنرل قيوم رڙ ڪئي. بيهوش ٿيڻ کان اڳ مون اُهي آخري لفظ ٻُڌا.

    ناصر رانا:
    اسين لاهور جي قلعي ۾ پنج هفتا هيونسين. اهي سال جا ڏاڍا گرم ڏينهن هئا. سج جي تپش ڏاڍي ساڙيندڙ هئي. ”اسين جيڪي پُڇون ٿا. سو هاڻي اوهين ضرور ٻُڌائينديون.“ هنن اسان کي ٻنپهرن جو وچ اڱڻ ۾ پهريدارن جي نظرداريءَ ۾ ڇڏيندي چيو. اُتي اسين ڪيترائي ڪلاڪ بيٺيون هيونسين. اسان جي اکين اڳيان ڪارا ٽُٻڪا نچڻ لڳا. مٿو ڦِرڻ لڳو ۽ ڄِڀُ سُڪي سُڄي پئي. پهريدارن اسان اڳيان ٿڌو پاڻي ٿي پيتو ۽ ٽهڪ ٿي ڏنا. هڪ ڪلاڪ گُذري ويو. ٻيو ڪلاڪ به. الائي اسين اُتي ڪيترو وقت بيٺين هيونسين. هر ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پهريدار بدلي پئي ٿيا.
    اُهي اسان کي ٽي ڀيرا خاص ڪمري ۾ وٺي ويا هئا. اُتي اسانجي ڪَرائين جي چؤڌاري اسپينج ٻَڌي اُن ۾ بجليءَ جون تارون هنيون ويون. هر ڀيري ڪجهه سيڪنڊن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا هنن انهن تارن ذريعي اسان کي بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا. اسان جا جسم ڪرونڊڙا ۽ سخت ٿي ويا ٿي. منهنجو ڀڳل هٿ پٽيءَ ۾ هو ۽ ڏاڍو نِستو هو. نيٺ آئون رڙين ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس. ”اسين تنهنجي پيءُ کي عذاب ڏيڻ لاءِ هتي آڻينداسين.“ هنن دڙڪا ڏنا. ”اسين تنهنجي ڌيءَ کي به وٺي اينداسين.“ بجليءَ جا جهٽڪا ٻن ڪلاڪن تائين ايندا رهيا.

    بيگم ڀٽي:
    اسان جي ڪوٺڙيءَ ۾ نه کٽ هئي، نه ئي بسترو. هنن اسان کي هڪ ڳُوڻ ڏني هئي. مون جڏهن اُها فرش تي وڇائي ته اُن مان هڪ ٽي فوٽ ڊگهو نانگ وراڪا ڏيندو ٻاهر نڪتو. ”رڙ نه ڪر.“ مون ناصرا کي هوريان چيو. پر نانگ کي ڏسي مونکي گهڻي ڪاوڙ آئي. مون اُن کي ڳُوڻ ۾ جهلي سوگهو ڪيو ۽ زور سان ديوار ۾ هنيو ۽ پوءِ اُن جي مُنڍي مِروٽي ڇڏي. پوليس واريءَ جڏهن اهو ڏٺو، ته کانئس دانهن نڪري ويئي.
    پوءِ جيل اختياريءَ وارن ڪوشس ڪئي، ته اسين اُن بيان تي صَحيون ڪيون، ته اُهو نانگ هنن نه آندو هو، پر اهو پاڻ ڪوٺڙيءَ ۾ آيو هو. اسان اُن بيان تي صَحي کان انڪار ڪيو.
    اوهين بينظير ڀٽو جو نالو کڻو. بيگم صاحبا جو نالو کڻو، پنهنجن مُڙسن جا نالا کڻو. اسان کان پُڇندڙ اُهوئي چوندا رهيا. ”جيڪڏهن منهنجيءَ جاءِ تي تنهنجي زال هجي ها، ته اها به اهو چوي ها؟“ مون هُن کان پُڇيو. ”ها.“ هن جواب ڏنو. ”ته پوءِ هوءَ ڏاڍي بيشرم عورت آهي.“ مون وراڻيو.
    ناصر رانا:
    مون کي هڪ پهريدار ٻُڌايو ته منهنجي مُڙس کي گرفتار ڪري قلعي ۾ آندو ويو آهي. مونکي ڄاڻ نه آهي، ته هنن هن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي هوندي. آئون اهو ڄاڻڻ به نٿي چاهيان. هُن کي جڏهن عذاب ڏنا ويا هئا، ته کيس دل جو دؤرو پيو هو. هُن جو ساهه گهُٽجڻ لڳو ۽ هو هئڊو ٿي ويو هو. اهو ڏسي کيس اسپتال موڪليو ويو، ته جيئن ماڻهو اهو نه چون ته هُن کي ايذاءُ ڏئي ماريو اٿن. پر اهو معجزو هو، جو هو بچي ويو.
    سکر جيل جي اڪيلائيءَ ۾ مونکي انهن عذابن بابت ڪابه سُڌ نه هئي. مونکي اها ڄاڻ نه هئي، ته هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر نيازي پنهنجيءَ زال ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن جي زور ڀرڻ تي ۽ کيس ٽيون ڀيرو گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس جي سندس گهر ۾ پهچڻ کان ڪجهه منٽ اڳ پاڪستان مان ڀڄي نڪتو هو. اُن ڇڪتاڻ سبب ڪابل ۾ هُن کي دل جو دؤرو پيو هو. پر لنڊن ۾ هُن جي دل جي آپريشن ٿيڻ سبب هو بچي ويو. ڊاڪٽر نيازي 1988ع تائين اُتي رهيل هو.
    ياسمين پڻ گرفتار ٿيڻ کان ذري گهٽ بچي وئي هئي. ”ياسمين نيازي گهر ۾ آهي؟“ پوليس هنن جي گهر تي اچي پُڇا ڪئي هئي. ”نه،“ ياسمين وقتائتي هوشياري ڏيکاريندي چيو. پوءِ جڏهن پوليس هُن بجاءِ سندس ماءُ کي جهلڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن ياسمين ۽ بيگم نيازيءَ وچ ۾ ٿورو بکيڙو ٿيو هو. ”آئون هنن کي ٻُڌايان ٿي ته آئون ڪير آهيان.“ ياسمين پنهنجيءَ ماءُ کي هوريان چيو، ته جيئن پوليس نه ٻُڌي. ”ياسمين، جيڪڏهن تو ايئن ڪيو ته آئون مري وينديس. تنهنڪري مونکي قيد ٿيڻ ڏي يا وري مرڻ ڏي. تون پاڻ ٻُڌاءِ توکي ڇا گهُرجي.“ هن وراڻيو. ياسمين ماٺ ڪري بيهي رهي ۽ پوليس وارا مسز نيازيءَ کي راولپنڊي جيل ۾ وٺي ويا، جتي هن کي ٻين ٽن عورتن سان گڏ هڪ اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾ رهايو ويو هو، جيڪا بابا جي موت جي اڳوڻي ڪوٺڙيءَ سامهون هئي. بيگم نيازي پنج ڏينهن اُن ڪوٺڙيءَ ۾ بند هئي، جتي ٻيون به ايتريون عورتون هيون، جو سُمهڻ لاءِ به کين جاءِ نه ملندي هئي، ۽ واري واري سان سُمهنديون هيون.
    ياسمين ٽن مهينن تائين روپوش ٿي ويئي هئي. جڏهن ته پوليس لاڳيتو هن کي ڳوليندي رهي هئي. هوءَ وڏي جوکي ۾ ڦاٿل هئي. ڊاڪٽر نيازيءَ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ ۽ ڌيءَ جي ڳڻتيءَ ۾ پاڪستاني هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز جي ٽڪيٽ به خريد ڪئي، ته جيئن ياسمين لنڊن ۾ وڃي وٽس رهي. پر ملڪ مان هوءَ ڪيئن ٻاهر وڃي سگهي ٿي؟ جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ بيگم نيازيءَ برٽش سفارتخاني ۾ ٽيليفون ڪيو. اصل ۾ ياسمين لنڊن ۾ ڄائي هئي، تنهنڪري سفارتخاني وارن چيو، ته جيڪڏهن بيگم نيازي اهو پاسپورٽ موڪلي، جنهن هيٺ ياسمين ٻار هجڻ طور ساڻس گڏ سفر ڪيو هو، ته اُهي اٺيتاليهين ڪلاڪن ۾ کيس برٽش پاسپورٽ وٺي ڏيندا. بيگم نيازيءَ کي اهو ارڙهن ورهيه پراڻو پاسپورٽ هڪڙي پيتيءَ جي تري مان هٿ آيو.
    ”آئون پاڻ ته ياسمين سان گڏ هوائي اڏي تي ڪونه ويس، جو ڊپ هيم، ته مونکي سُڃاڻي وٺندا، تنهنڪري مونکي برقعو پارائي هُن جي ڀيڻ سان موڪليو.“ ڪيئي ورهيه پوءِ بيگم نيازي مونکي اهڙي آواز ۾ چيو، جيڪو تنهن وقت ڏڪندو ڀانئبو هو. ضياءَ جي ذاتي حڪمن مطابق ياسمين پوليس کي گهُربل هئي. اسلام آباد ۾ هن جي گرفتاريءَ جا حُڪم موجود هئا. اهڙا حُڪم هر صوبي ۾ موڪليا ويا هئا. ڪابه اهڙي فهرست نه هئي، جنهن ۾ هن جو نالو نه هو. ڌڻيءَ تعاليٰ جي مهرباني ٿي، جو هوءَ ملڪ مان نڪري وئي. ”تنهنجي پاسپورٽ تي ويزا جي داخلا ڪانهي.“ هوائي اڏي تي اميگريشن جي عملدار ياسمين کي چيو. ”عجب جهڙي ڳالهه آهي.“ ياسمين هن سان چالاڪي ڪئي. ”ضرور ڪا غلطي ٿي آهي.“ پوءِ جيئن هن فهرست ۾ ياسمين جو نالو ڏسڻ ٿي گهُريو، ته هوائي اڏي جي بجلي هلي ويئي. هڪ منٽ تائين هوائي اڏو اوندهه ۾ ٻُڏي ويو ۽ مسافرن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. جڏهن بجلي آئي ته اميگريشن جي عملدار کي ايتري ته تڪڙ ٿي، جو هُن هڪدم پاسپورٽ تي مُهر هڻي کيس وڃڻ جي اجازت ڏني.
    ياسمين سلامتيءَ سان لنڊن پهچي ويئي، جتي پوءِ هُن منهنجي سئوٽ طارق سان شادي ڪئي، جيڪو پڻ سياسي پناهگير هو. اُهي ٻئي اڃا تائين پنهنجن ٻن ننڍن ٻارن سميت اُتي رهن ٿا.

    مئي مهيني ۾ سکر ۾ گرمي شروع ٿي: خُشڪ ۽ ساڙيندڙ گرمي، جنهن سبب منهنجي ڪوٺڙي ڄڻ باهه جو کؤرو بڻجي ويئي. اُن جي کليل پاسن مان گرم هوا لاڳيتو اندر پئي آئي. ريگستان ويجهو هجڻ سبب اُهي گرم هوائون 110 کان 120 ڊگرين تائين ٿي پهتيون. منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ مٽيءَ جا لاڳيتا واچوڙا پيا لڳندا هئا. پگهر نڪرڻ سبب مون تي مٽيءَ جا ذرڙا ڄمي ويندا هئا.
    منهنجي چمڙي خُشڪ ٿي ڦاٽي پيئي، ۽ هٿن تان اُن جا تهه لهڻ لڳا هئا. منهنجي مُنهن تي وڌيڪ داڻا نڪري آيا. انهن ۾ پگهر ويندو هو، ته اُهي تيزاب جيان سڙندا هئا. منهنجا وار سدائين گهاٽا هوندا هئا، سي هاڻي مُٺين جون مُٺيون ڇڻڻ لڳا هئا. مون وٽ آرسي نه هئي، پر آئون مٿي جي کل کي پنهنجين آڱرين سان ڇُهي سگهيس ٿي: گهِميل، ميري ۽ اُگهاڙي، روزانو صبح جو مونکي منهنجي ويهاڻي تي وارن جا ڇُڳا ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
    ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي جيت حملو ڪندڙ فوجن جيان ڪاهي آيا هئا. تِڏيون، مَڇر، زهريليون مکيون، ماکيءَ جون مکيون. اُهي سدائين منهنجي مُنهن تي پيون ڀُون ڀُون ڪنديون هيون يا منهنجين ٽنگن تي پيون سُرنديون هيون. آئون هٿن سان کين پري ڪندي هيس، پر اُهي جيت ايترا ته گهڻا هوندا هئا، جو اُها ڪوشش اجائي ثابت ٿيندي هئي. اُهي جيت فرش جي ڦاٽل حصن ۽ اڱڻ مان اندر ايندا هئا. وڏا ڪارا ماڪوڙا، تِڏ، ننڍڙيون، ڳاڙهيون ڪيوليون، ڪوريئڙا، رات جو پاڻ کي اُنهن جي چَڪن کان بچائڻ لاءِ آئون مٿي تائين چادر ويڙهي ڇڏيندي هيس، پر جڏهن ٻوساٽ ٿيندي هئي، ته لاهي ڦِٽو ڪندي هيس.
    پاڻي. آئون ٿڌي ۽ نج اجري پاڻيءَ جا سپنا ڏسندي هيس. جيل ۾ ملندڙ پاڻي ميرانجهڙو، ڀؤرو ۽ پيلاڻ مائل هوندو هو. اُن مان ڪِني بيدي جهڙي بُوءِ ايندي هئي. اهو پاڻي پيئڻ جهڙو نه هوندو هو، ۽ نه ئي اُن مان اُڃ اُجهامندي هئي. جيل اختياريءَ وارن اهو تازو پاڻيءَ به مون ڏانهن موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو هو، جيڪو جيل ويجهو رهندڙ مجيب پيرزادو وڪيل مون ڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ”اسان اهو تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ ڪيو آهي.“ جيل سپرنٽينڊنٽ مونکي چيو. ”اُهي ماڻهو تنهنجا دشمن آهن. پاڻ تنهنجي پارٽيءَ جا اڳواڻ تومان جان ڇڏائڻ گهُرن ٿا.“ هڪ ڏينهن هُن مونکي اهو به ٻُڌايو، ته مجيب مون ڏانهن جيڪي تازيون نارنگيون موڪليون هيون، سي مونکي ڏيڻ بجاءِ هو پاڻ کائي ويو هو. ”مون ايئن تنهنجي زندگي بچائي.“ هُن ٻُڌايو. ”هو انهن ۾ سُين ذريعي زهر ڀري پئي سگهيو.“ اُهو بيهودگيءَ جو ناٽڪ گهر هو.
    ”اوهين مون کي جيتمار دوا جو ڦوهارو ڏيئي سگهو ٿا؟“ مون جيل عملي کان پُڇيو.
    ”نه، بلڪل نه،“ هنن وراڻيو. ”اها ته زهريلي شيءِ آهي. اسين اهو هرگز نه چاهينداسين، ته توهان کي ڪجهه ٿئي.“
    زهر بابت اُن ڳالهه ٻولهه جو ڇا مطلب هو؟ مون اوچتو ويچاريو، ته اُهي منهنجي ذهن ۾ آپگهات جي سوچ آڻڻ چاهين ٿا. حڪومت لاءِ اهو ڪيڏو نه سولو سُلجهاءُ ٿي سگهي ها، جو اُهي اعلان ڪن ها ته بينظير پنهنجي پاڻ کي ماريو آهي؟ مامرو ئي ختم ٿي وڃي ها. اُن جو ثبوت منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ هر وقت پيل فنائل جي اها بوتل هئي، جنهن تي موت جي نشان واريءَ کوپڙيءَ ۽ ٻه هڏيون ڇپيل هيون. ”هوشيار رهجانءِ، متان اها بوتل هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ رهجي نه وڃي.“ جيل سپرنٽينڊنٽ هر ڀيري وڏي آواز ۾ اُن عورت کي چوندو هو، جيڪا هفتي ۾ هڪ ڀيرو منهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ صفائيءَ لاءِ ايندي هئي. ”تون فنائل تي نظر رکجانءِ. هُن کي شايد عذابن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ اُن جي گهُرج پوي.“ پر زهر جي اُها بوتل جتي هئي، اُتي ئي رکيل رهي.
    ڇا هنن منهنجي ذهن سان هٿ چراند شروع ڪري ڏني هئي؟ منهنجي ڪَنُ ۾ وري تڪليف ٿيڻ لڳي هئي، جو شايد منهنجي مُنهن مان لاڳيتو پگهر پيو ٽِمندو هو. پر جيل جو ڊاڪٽر مونکي چوندو رهندو هو، ته ڳڻتيءَ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. ”تون اڪيلائيءَ جي قيد ۾ آهين ۽ تنهنجي ذهن تي بار آهي.“ هن مونکي ماٺ ڪرائڻ لاءِ چيو. ”جن حالتن ۾ تون رهين ٿي، انهن ۾ ٻيا ماڻهو سمجهن ٿا، ته کين سُور ۽ تڪليف آهي جيڪا حقيقت ۾ نٿي هجي.“ مونکي لڳو ته شايد هو سچ چوي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ڪَنُ جي اها تڪليف، جنهن رات ڏينهن مونکي پريشان پئي ڪيو، خيالي هجي، جيڪر اتي ايتري گرمي نه هجي ها.
    23 مئي تي امان ڪراچي سينٽرل جيل مان خط لکيو ۽ مونکي گرميءَ کان بچڻ جو اُپاءُ ٻڌايو. ”منهنجي پياري پِنڪي، گرميءَ کي ڀڄائڻ لاءِ آئون روزانو ٽي چار ڀيرا پاڻ تي پاڻي اوتيان ٿي. تون به ائين ڪندي ڪر. آئون پهرين پنهنجو ڪَنڌ جهُڪائي پاڻيءَ جا مَگا ڳچيءَ جي پٺيان ۽ تارُون تي ۽ پوءِ ڪپڙن سميت پاڻ تي پاڻي وجهان ٿي. پوءِ آئون پکي هيٺان کَٽ تي وڃي ويهندي آهيان ۽ ڪپڙن سُڪڻ تائين ڏاڍي ٿڌڪار رهي ٿي. حقيقت اها آهي ته ڪپڙن سُڪڻ کان پوءِ به خاص وقت تائين ٿڌڪار رهي ٿي. اُن طريقي کي آزمائڻ کان پوءِ گرميءَ جي شدت گهٽجيو وڃي. اهو شاندار تجربو آهي، جنهن جي آئون توکي صلاح ڏيان ٿي … پيار ۽ دعائون- تنهنجي امان.“
    مون هُن جي مشوري تي عمل ڪيو ۽ روزانو صبح جو آئون پاڻيءَ سان ڀريل باڙدي پاڻ تي اوتيندي هيس. ڪراچيءَ کان سکر ۾ وڌيڪ گرمي هئي ۽ مون وٽ ته پَکو به ڪونه هو. پر گرم هوا ۾ منهنجن ڪپڙن کي سُڪڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، جنهنڪري آئون آرام ڀانئيندي هئس. پر مونکي اها سُڌ نه رهي، ته منهنجي ڪَنُ ۾ جيترو وڌيڪ پاڻي پئي پيو، گهاءُ اوترو ئي وڌيڪ خراب ٿيندو ٿي ويو. ”اها رڳو تنهنجي سوچ آهي.“ جيل جي ڊاڪٽر مونکي پرڀائيندي چيو. هو اُن بيماريءَ جو ماهر ڊاڪٽر نه هو. هن اهو ڄاڻي ٻُجهي يا اڻڄاڻائيءَ مان ٿي چيو، تنهن بابت مونکي ڪڏهن به ڄاڻ نه پئجي سگهندي.
    اتي ئي 250 ڀيرا ڊوڙڻ. چاليهه ڀيرا جهُڪڻ. ٻانهون لوڏڻ. ويهه ڀيرا اُونها ساهه کڻڻ. اخبارون پڙهڻ. هوائي جهاز جي اغوا ۾ مونکي ۽ امان کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش بابت خبرن کان لنوائڻ. اُن بدران مجيب ۽ سندس زال ڀَرت ڀَرڻ جو جيڪو سامان موڪليو هو، جهڙوڪ، ڪپڙو، ڌاڳا، ۽ خاڪن جو ڪتاب، تنهن تي ڌيان ڏيڻ.
    ”مون هينئر ٽراليءَ جو ڪپڙو ۽ چار رومال ڀَرت سان ڀري پُورا ڪيا آهن.“ مئي مهيني جي وچ ڌاري مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”آئون جڏهن واندي هجان ٿي، تڏهن سڀني کي پريشان ڪريان ٿي. ۽ جيل ۾ به مون اهوئي ڪيو. سُئي سَڳي جي ڪم ۾ جنهن ڌيان جي گهُرج هجي ٿي، تنهن سبب خيال ٻين ڳالهين ڏانهن نٿو وڃي. ٻيو ته اڪيلائيءَ جي قيد جي اُن پولار ۾ اُن ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سبب اُن جو سٺو اثر ٿيو آهي.“
    مون روزانو پنهنجي جنرل ۾ هڪ ڪلاڪ تائين لکڻ لاءِ پاڻ تي زور رکيو. ”فرانس جي عوام فرانسوا متران کي پنهنجو صدر چونڊيو آهي، جيڪو جنگ کان پوءِ فرانس ملڪ جو پهروين سوشلسٽ صدر ٿيندو.“ مون 11 مئي تي پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”انگريز ۽ آمريڪي اخبارن جيسڪا جي برخلاف زبردست مُهم هلائي هئي. هن چونڊ سبب يورپ جي سياست تي گهڻا ڳوڙها اثر پوندا. سوشلسٽ پاليسين مطابق هلڻ شايد فرانس گهرو وڳوڙن ۾ اَڙجي وڃي. فرانس جي ٻاهرين ملڪن سان هلندڙ اگري نيتيءَ ۾ ڦيرو اچي. عرب ۽ آفريڪي قومن ۾ فرانس جي اثر کي وڌائڻ لاءِ ڪير ٿو ميدان ۾ اچي؟ جرمنيءَ جي فيڊرل ريپبلڪ سان هاڻي فرانس جا دوستاڻا لاڳاپا ڪهڙو روپ وٺندا، ته جيئن ’هنرمند‘ ۽ ’دوستن‘، جيسڪا ۽ شمت جي ڀائيواري ختم ٿئي. اٽليءَ تي ٿيندڙ اَٿاهه اثر جو ڇا ٿيندو؟“
    ساڳئي ڏينهن مون آئرلينڊ جي باغي سياستدان بابي سينڊز جي موت بابت پڻ لکيو هو. ”انگريزن جي جيل ۾ ڇاهٺ ڏينهن جي بک هڙتال کان پوءِ نيٺ بابي سينڊز موت جو کاڄ بڻيو. انگريزن موجب بابي سينڊز دهشتگرد هو، پر هن جي ملڪ ۾ اهو مشهور هوندو هو ته، ”بابي سينڊز سياسي آزادي ۽ حقن لاءِ ويڙهه ڪئي هئي“ اها ڳالهه سڄي دنيا سان ٺهڪي اچي ٿي. گهڻو ڪري ڪيترائي ڏينهن آئون ڪجهه به نه لکندي هيس. ”ٿوري وقت کان مون پوريءَ ريت لکيو به ڪونهي.“ مون 8 جون تي پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”پاڻ کان اها ڳالهه پڇڻ ۾ ڪوبه فائدو ڪونهي ته ڇا لکجي، ڇو ته اخبارن ۾ جيڪي خبرون ڇپجن ٿيون، تن جو تَتُ ڏئي سگهجي ٿو. نه لکڻ سبب اظهار جي رواني، لفظن ۽ جملن جي سڃاڻپ ۽ ويچارن جي نروار واريءَ لياقت ختم ٿيو وڃي.“
    آئون آهستي پر خاطريءَ سان نئين انداز سان واقف ٿيندي ويس. ”هر ڪلاڪ، هڪ ڏينهن يا هفتي کان به وڌيڪ آهستي گذرندو ڀانئجي ٿو، پر پوءِ به آئون رُڳو اُن تائين پهتي آهيان.“ مون 11 جون تي لکيو. ”نڀائڻ“ صحيح لفظ ڪونهي. آئون اُن صورتحال سان نڀائي نٿي سگهان، جيڪا ڪراهت ڏياريندڙ آهي. نڀائڻ جو مطلب آهي، آڻ مڃڻ. مون ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو آهي. هر گهڙيءَ گهِلبي گذري آهي، پر گذري ضرور وئي آهي. هن آزمائش ۾ رُڳو الله منهنجي واهر ڪئي آهي. هن کانسواءِ آئون نابود ٿي وڃان ها.“
    سکر ۾ منهنجي نظربندي 12 جون تي ٻنپهرن جو ختم ٿيڻ واري هئي. منهنجي وهم ۾ ئي ڪونه هو، ته مونکي آزاد ڪيو ويندو يا وڌيڪ ڏينهن لاءِ نظربند ڪندا، ته جيئن مون تي ڪيس هلائڻ ۽ مونکي سزا ڏيڻ ممڪن ٿي سگهي. ”موت ته نيٺ اچي ٿو ۽ آئون اُن کان ڪونه ٿي ڊڄان.“ مون پنهنجين يادداشتن ۾ لکيو. ”حڪومت ۾ جيڪي حيوان ويٺا آهن، اهي رُڳو ماڻهن کي ختم ڪري سگهن ٿا، پر اهي خيالن کي ختم ڪري نٿا سگهن. جمهوريت جي سوچ سلامت رهندي ۽ جمهوريت جي اٽل سوڀ ۽ اسين وري جيئنداسين. گهٽ ۾ گهٽ اڪيلائيءَ جي قيد جي ورچائيندڙ حالت مان مونکي ڇوٽڪارو ملي ويندو، جتي ماڻهو جيئري ئي قبر ۾ هُجي ٿو.“
    منهنجي نظربنديءَ جي ختم ٿيڻ واري ڏينهن صبح جو يارهين وڳي ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر وٽان حڪمنامو پهتو. کيس منهنجي نئين نظربنديءَ جو حڪم ڪڍندي ”خوشي“ ٿي هئي. سکر ۾ منهنجي قيد جي مدت 12 سيپٽمبر تائين وڌائي وئي هئي.

    21 جون 1981ع. منهنجو اٺاويهون جنم ڏينهن، سکر سينٽرل جيل صنم ڀٽو:
    مونکي اجازت ڏني وئي هئي، ته آئون پنهنجيءَ ڀيڻ سان سندس جنم ڏينهن تي ملاقات ڪريان، جيڪو هن جي نظربنديءَ ۾ ٽيون جنم ڏينهن هو. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي اڏام ۾ دير ڪرائي وئي. جنهنڪري هن سان ملاقات لاءِ رُڳو هڪ ڪلاڪ بچيو هو. آئون ايتري ته مايوس هيس، جو هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ پهچندي ئي دانهون ڪري روئڻ لڳيس. منهنجي گهڻا ڀيرا جهَڙتي ورتي وئي هئي. جيل جي ملازم عورتن منهنجي مٿي جو هڪڙو هڪڙو وار جانچي ڏٺو، جيڪي اُن وقت وڏا ڪونه هئا. منهنجي بئگ کي خالي ڪري ڏٺو. ’ڪاسموپوليٽن‘ مخزن جو صفحو صفحو چڪاسي ڏٺو، جيڪا مون هن لاءِ آندي هئي. هنن ته مونکي پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ آندل کاڌو به چَکايو، ته متان اُن ۾ زهر هجي. ”مون وٽ ٿورو وقت به هن سان ملاقات لاءِ ڪونهي.“ مون اعتراض ڪندي جيلر کي چيو، جنهن جيل جي ديوارن ۽ سندس ڪوٺڙيءَ جي وچ ۾ چئن دروازن جا ڪُلف ڏاڍيءَ سانت سان کوليا ۽ بند ڪيا هئا. دراصل هنن هن کي ڏکوئڻ گهريو هو؛ سنديس جنم ڏينهن تي پڻ.
    هن منهنجو ايئن آڌرڀاءُ ڪيو، ڄڻ هوءَ مهربان ميزبان هجي ۽ آئون معزز مهمان هيس. اُن ڏينهن سکر مان ڪنهن همدرد هن ڏانهن نارنگيون موڪليون هيون، جن مان هڪ نارنگي هن مونکي به ڏني ۽ معافي گهري ته وٽس ٿالهي ڪونهي، جو اُن تي رکي ڏئي يا اُن جي ڇِلڻ لاءِ وٽس ڪو چاقو به ڪانهي.“ هنن کي ڊپ آهي ته آئون پنهنجيون ڪَرايون وڍي ڇڏينديس.“ هن کلندي چيو. مون پاڻ کي ڏاڍو ڏوهي ڀانئيو. هڪڙي پاسي مون دانهون پئي ڪيون ۽ ٻئي طرف هوءَ هئي، جيڪا سکر ۾ ڄڻ باهه جي کؤري ۾ پئي هئي، پر هن جي وات مان ٻُڙڪ به ٻاهر نه ٿي نڪتي. هوءَ ڪيڏي نه بيمار، ڪيتري نه ڪمزور ٿي نظر آئي. مونکي اهو ڏسي ڊَپ وڪوڙي ويو، ته هن جي مٿي جا وار ڇڊا ٿي ويا آهن ۽ مونکي سندس مَٿي جي کل پئي نظر آئي.
    ”مون کي ڪا کِل جهڙي ڳالهه ٻڌاءِ.“ هن مونکي ائين چيو ڄڻ اسين پنهنجي گهر جي سمهڻ وارن ڪمرن ۾ ويٺيون هيونسين. مونکي هن سان هڪ اهم ۽ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي، پر سِيخن واري دروازي وٽ ٻاهر هڪ ٿُلهو متارو پوليس وارو ويٺو هو ۽ اسان وٽ اندر پوليس جي مائي ويٺي هئي، جنهن اسان جي ڳالهه ٻولهه ڌيان سان پئي ٻُڌي. اتي هن جي بستري کانسواءِ ويهڻ لاءِ ٻيءَ ڪا جاءِ ئي نه هئي. آئون جهُڪي هن جي ويجهو ٿيس.
    ”ناصر مون سان شادي ڪرڻ گهري ٿو.“ مون ڀُڻڪيو.
    ”هنن کي ڀُڻڪڻ نه ڏي!“ پوليس واري ڪوٺڙيءَ جي سِيخن کي جهليندي چيو پوليس جي مائي اسان ڏانهن رِڙهي آئي. ”اڙي صني، اها ته ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي. مونکي ڪيتري نه خوشي ٿي آهي.“ منهنجي ڀيڻ چيو. پوليس جي مائي ويتر اڳتي رِڙهي آئي ۽ پنهنجو مُنهن منهنجي ۽ اديءَ جي وچ ۾ ڏئي ٻُڌڻ لڳي.
    ”پر امان ۽ توهين ٻئي ڄڻيون قيد ۾ آهيو، جنهنڪري آئون شادي ڪرڻ نٿي گهران.“ مون پنهنجيءَ ڀيڻ کي آهستي چيو. ”مون ناصر کي به ٻُڌايو آهي ته جيستائين گهر جا سڀئي ڀاتي گڏ نٿا ٿين، تيستائين اسان کي اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي.“
    ”پر اُن جو مطلب اهو آهي ته توکي اوسيئڙو ڪرڻ نه گهرجي.“ پِنڪي مونکي ٻڌايو. ”الاءِ اسين هتان ڪڏهن ٻاهر نڪرون؟ اسان ٻنهي کي اها ڳڻتي آهي، ته تون اڪيلي رهين ٿي. پنهنجي مُڙس جي حفاظت ۾ تون وڌيڪ خوش رهندينءِ ۽ اسان کي به تنهنجي طرفان اطمينان هوندو.“
    ”اڙي پِنڪي، اها شادي اهڙي ڇو ٿيندي؟“ مون هن کي ڀاڪر پائيندي پڇيو.
    ”نه! نه!“ پوليس واري رڙ ڪئي. پوليس جي مائيءَ پنهنجو پير هنڌ تي رکي، اسان ٻنهي کي ڇِڪي ڌار ڪيو.
    ”تون ڪا ڳڻتي ته ڪر.“ پِنڪي هن کي چيو. ”اسين سياست جي ڳالهه نه، پر خاندان جون ڳالهيون پيون ڪريون. ڪيترن مهينن کان مون پنهنجيءَ ڀيڻ کي ڪونه ڏٺو آهي، اڄ منهنجي ڄم جو ڏينهن آهي، ڇا تون اسان کي ٿوري نوڪيلائي نه ڏيندئينءِ؟“
    پوليس واري هن جي ڪا به ڳالهه نه ٻُڌي ۽ هو پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ اسان جي ڳالهين جا نوٽ وٺندو رهيو. ڪلاڪ جو باقي رهيل وقت پوليس وارو اسان جي وچ ۾ ٿي بيٺو. مون هڪ ڀيرو وري رڙيون ڪرڻ ٿي گهريون، جڏهن اُن ويران ۽ خالي ڪوٺڙيءَ ۾ انهن ڀوائتن ماڻهن جي وچ ۾ آئون هن کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿي هيس. ”شال تو کي ۽ ناصر کي اڻکٽ خوشيون ملن.“ هن مهنجي پٺيان رڙ ڪري چيو. ”پِنڪي، ڄم جو ڏينهن مبارڪ هجي.“ جيئن ئي پوليس واري مونکي ٻاهر وٺي وڃڻ لاءِ تَڪڙ پئي ڪئي، ته مون وجهه وٺي هن کي چيو.

    بيگم نصرت ڀٽو طرفان مس بينظير ڀٽو ڏانهن
    ڪراچي سينٽرل جيل سکر سينٽرل جيل
    9 جون 1981ع


    منهنجي پياري ڌيءَ،
    منهنجو هيءَ ٻيو خط تو وٽ تنهنجي ڄم جي ڏينهن کان ٿورو اڳ پهچندو. مونکي اهو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن انگلستان ۾، جتي تنهنجو بابا پڙهندو هو. ڊاڪٽر ڏاڍي خوشيءَ وچان ٻڌايو هو ته آئون ڳرڀوتي آهيان. تون سوچي به نٿي سگهين، ته اسين ڪيترو نه خوش ٿيا هئاسين. تون اسان جو پهريون ٻار هُئين، اسان جو سڀني کان پيارو ٻار. اسان اها سدوري ڄاڻ ٻُڌي ڪيڏو نه شاندار جشن ملهايو هو. پوءِ ڪراچيءَ ۾ پنٽوجي اسپتال ۾ تنهنجي ڄمڻ بعد رات جو آئون سُمهي به نه سگهي هيس، ڇو ته مون توکي پنهنجي هنج ۾ کڻڻ ٿي گهريو، تنهنجن سُهڻن سونهري وارن تنهنجي گلابي چهري ۽ سُهڻين آڱرين وارن تنهنجي هٿن کي ڏسڻ ٿي گهريو. توکي ڏسي منهنجي دل ڏڪندي هئي.
    تنهنجي ڄمار ٽي ورهيه هئي، جڏهن تنهنجو بابا انگلينڊ مان موٽيو هو. هن کي پنهنجي پيءُ ماءُ اڳيان حجاب ٿيندو هو، پر جڏهن اسين اڪيلا هوندا هئاسين، تڏهن هو لاڳيتو توکي پيو ڏسندو هو، پوءِ تنهنجي چهري ۽ هٿن کي ڇُهندو هو ۽ اهڙي سُندر ٻار جي ملڻ واري اسرار تي حيران ٿي ويندو هو. هو توکي کڻڻ لاءِ مون کان پڇندو هو ۽ آئون توکي کڻي کيس ڏيندي چوندي هيس. ”هڪڙو هٿ هن جي مٿي هيٺان ڏي ۽ ٻئي هٿ ۾ هن جو جسم جهَل.“ هن ٻڌايو ته تون بلڪل هن جهڙي هئينءَ. هو ڪيترو نه خوش ٿيو هو. هن توکي پنهنجي هنج ۾ کڻي ڪمري ۾ جهُمر پاتي هئي- آئون وڌيڪ وچور ۾ وڃڻ نٿي گهران، ڇو ته گذريل سُندر ڏينهن ساري منهنجين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا آهن. مونکي اهو ڏينهن به ياد آهي، جڏهن تو پهريون ڀيرو پَنڌ ڪيو هو. اُن وقت تنهنجي ڄمار رُڳو ڏهه مهينا مس هئي.
    مونکي اهو ڏينهن به ياد آهي، جڏهن تو ڪوئيٽا ۾ پنهنجي پهرئين جنم ڏينهن کان هڪ هفتو اڳ هوشياريءَ سان ڳالهايو هو. اهو ڏينهن به جڏهن ساڍن ٽن ورهين جي ڄمار ۾ توکي آئون نرسري اسڪول ۾ وٺي وئي هيس. مونکي اهي وڻندڙ ننڍڙا ڪپڙا به ياد آهن، جيڪي آئون تنهنجي لاءِ وڏي چاهه ۽ پيار سان سِبندي هيس ۽ مٿن ڀَرت ڀريندي هيس ۽ روزانو پنج ئي وقت هر نماز پڙهڻ کان پوءِ تنهنجي خوشي، صحت ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعائون گهرندي هيس. هاڻي 21 جون اچڻ واري آهي ۽ منهنجي طرفان تنهنجي ڄم ڏينهن تي مبارڪون قبول ڪر. دعا آهي ته اهڙِا گهڻا، گهڻا ڏينهن توکي نصيب ٿين. آئون توکي ڪا ننڍڙي سوکڙي به ڏئي نٿي سگهان. هڪ ننڍڙي مِٺي به نه، ڇو ته اسين هڪ ٻئي کان پري ايندڙ نوي ڏينهن تائين لاڪپ ۾ بند آهيون… مون کي اميد آهي ته منهنجي مٺڙي! تون مناسب کاڌو کائڻ نه وسارجانءِ. دعا آهي ته تنهنجو آئيندو روشن ۽ خوشحال هجي.
    توکي سدائين پيار ڪندڙ تنهنجي امان

    ميوو ۽ ڀاڄيون. پاڻي. امان جا ڪيڏا نه سُهڻا ويچار هئا. مونکي هن جي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. نظربنديءَ جو هڪ نئون حڪم. اهي هن کي اڃا ڪيترو ستائيندا؟
    منهنجي نئين نظربنديءَ جي حڪم مطابق مونکي ’اي’ ڪلاس ڏنو ويو هو، جتي مونکي ريڊيو، ٽيليويزن، ٿڌي ۽ اُجري پاڻيءَ سان ڀريل ريفريجريٽر ۽ هڪ ايئرڪنڊيشنر رکڻ جي اجازت هئي. ٿوريءَ دير لاءِ منهنجي دل ۾ خوشيءَ جي لهر اٿي هئي. جيتوڻيڪ مونکي اهو سمجهه ۾ ئي نه آيو، ته هڪ پوري کليل ڪوٺڙي ڪيئن ايئرڪنڊيشن ٿي سگهندي. پر مونکي ڳڻتي ڪرڻ نه کپندي هئي. اي ڪلاس ملڻ سبب مونکي رڳو هڪڙو فائدو اهو ٿيو، جو آئون رات جو ڪمپائونڊ جي اڱڻ ۾ آزاديءَ سان گهُمي ڦِري ٿي سگهيس. هاڻي آئون رات جو پنهنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ بند نه رهنديس. اها ڳالهه مونکي جيل سپرنٽينڊنٽ ايئن ٻڌائي ڄڻ اها منهنجي لا ءِوڏي سوکڙي هئي. ”مونکي اوهان جو اهو ’اي‘ ڪلاس نه گهرجي.“ مون جيل سپرنٽينڊنٽ ڏانهن لکيو. ”ائون انهن مڪارين ۾ اوهان جو ساٿُ ڪونه ڏينديس.“
    مون سَپنو ڏٺو ته آئون آزاد آهيان ۽ آڪسفورڊ جي سوربون هوٽل ۾ گوشت جو ٽُڪرو ۽ کُنڀيون پئي کاوان. مون نيو انگلينڊ ۾ تازن صوفن جي رَس ۽ برگهام مان ڦودني لڳل آئسڪريم جو سَپنو ڏٺو. بابا پنهنجي موت واريءَ ڪوٺڙيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن هڪ ڄاڻ سڃاڻ جو سوچي، هن جي هر تفصيل کي ياد ڪيو ۽ ايئن پنهنجو وقت گذاريو هو. مون وري ريڊ ڪلف ۾ پنهنجي ساهيڙي يولينڊا ڪوڊزڪي کي ساريو، جيڪا مون سان گڏ ڪمري ۾ رهندي هئي ۽ هينئر ميساچوسيٽ ۾ اقتصاديات جي ماهر طور ڪم ڪري ٿي. مون پيٽر گئلبريٿ بابت سوچيو، جيڪو هينئر واشنگٽن ۾ سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ جو رڪن هو ۽ جنهن پنهنجي پراڻي دوست ۽ منهنجي هم ڄمار ايني اوليريءَ سان شادي ڪئي هئي. هارورڊ ۾ مون هنن جي هڪٻئي سان سڃاڻپ ڪرائي هئي. وقت ڪنهن وندر کانسواءِ گذرندو رهيو. ”اهي ڏينهن به گذري ويندا.“ بابا جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ مونکي چيو هو. ”اهم ڳالهه اها آهي ته اسين اهي عزت آبروءَ سان گذاريون.“
    هن جهڙو سَهپ مون وٽ ڪونه هو. مونکي اتان ٻاهر نڪرڻو هو. صنم مون کي ٻڌايو هو ته سنڌ جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جنرل عباسيءَ جو چوڻ هو، ته حڪومت اسان کي جسماني، اخلاقي ۽ مالي طرح سان چيڀاٽڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. هنن اُن جي شروعات به ڪري ڇڏي هئي، ۽ 70 ڪلفٽن، المرتضيٰ، اسان جي ٻنين ۽ ٻيءَ جائداد کي نيلام ذريعي وڪڻڻ لاءِ هنن مئي مهيني ۾ ديواني مقدمو به داخل ڪرايو هو. مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي ته ڇا ٿيو هو. جيڪڏهن آئون جيئري رهيس ته مون وٽ ڪو گهر به نه هوندو. جنهن ۾ آئون موٽي وينديس؟ ڇا آئون وري ڪڏهن پنهنجي بستري ۾ سُمهي به سگهنديس؟ آرهڙ جي گرمي جيئن وڌندي وئي تيئن منهنجي ذهن ۾ اهو ئي ويچار ايندو رهيو، ته ڪنهن به صورت ۾ 70 ڪلفٽن يا المرتضيٰ پهچان. مون ڀانئيو هو ته اسان جن انهن ٻنهي گهرن مان ڪنهن به هڪ گهر ۾، منهنجي موجودگيءَ سبب حڪومت اُن تي قبضو ڪري نه سگهندي. منهنجين ڪيترين ئي گذارشن مان ڪنهن هڪ تي به ڌيان ڪونه ڏنو ويو هو. ”اسان ايترا پهريدار مقرر ڪري نٿا سگهون.“ هنن مونکي ٻڌايو هو. ڄڻ هڪ نؤجوان عورت کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکڻ لاءِ پوري رجمينٽ جي گهُرج هئي.
    مونکي هيسائڻ لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ هڪ نئين کيڏ کيڏڻ لڳو. ”تنهنجي پارٽيءَ جا ماڻهو توکان ڌار ٿيندا پيا وڃن“ هن مونکي ٻڌايو. هن اهو به چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا ميمبر مخالف ڌر جي ميمبرن ۽ حڪومت سان ملاقاتون پيا ڪن. ”اهي سڀئي توکي ڇڏيندا پيا وڃن. تون پنهنجي حياتي هتي ڇو پئي اجائي وڃائين؟ جيڪڏهن تون سياست تان هٿ کڻندينءِ، ته تنهنجيون سڀيئي تڪليفون ختم ٿي وينديون.“
    مون الله کي ٻاڏايو ته مونکي همت ڏئي. ”جيڪڏهن حڪومتي ظلم جي مقابلي لاءِ اڪيلي ٿي پئي آهيان ته پوءِ ڇا آهي.“ مون هنن کي ٻڌايو. ”آئون اوهان جي انهن ڪُوڙين ڳالهين تي ڀروسو نٿي ڪريان. کڻي سڀئي هٿيار ڦِٽا ڪن، پر آئون ڪونه ڪنديس.“ مونکي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو، ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ، جن مان ڪجهه ڄڻن کي جولاءِ مهيني ۾ آزاد ڪيو ويو هو، پارٽيءَ کي ڇڏي ويندا. مون پاڻ کي اها ڳالهه مڃڻ جي اجازت نه ڏني.
    مون پنهنجي آزاديءَ لاءِ هڪ خاص دُعا گهرڻ شروع ڪئي هئي، جيڪا مونکي جيل جي هڪ ميٽرن ٻڌائي هئي. ”قل هوالله اَحد، چئو ته هو هڪڙو الله آهي.“ مون قرآن شريف جي 112 سوره جو ايڪيتاليهه ڀيرا ورد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پاڻيءَ جي هڪ مَگ تي شُوڪاري، آئون اهو پاڻي ڪوٺڙيءَ جي چئني ڪُنڊن ۾ ٿورو ٿورو ڇٽڪاري ڇڏيندي هيس. مون هڪ قيديءَ لاءِ دعا گهري. مون پنهنجي ماءُ لاءِ دعا گهري. مون پنهنجي لاءِ دعا گهري. جيل جي ميٽرن مونکي ٻڌايو، ته چوٿين اربع تي جيل جو دروازو تنهنجي لاءِ کُلي ويندو ۽ اهو ئي ٿيو.
    سکر ۾ منهنجي نطربنديءَ جي چوٿين مهيني جي چوٿين اربع جي ڏينهن منهنجي ڪوٺڙيءَ جو دروازو کليو ۽ جيل اختياريءَ وارا مونکي امان سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ ڪراچي وٺي هليا. بعد ۾ اربع جي وڌيڪ چئن ڏينهن جي اُن رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ امان جي ڪوٺڙيءَ جو دروازو کلي ويو. رَت جي الٽين سبب هن کي جولاءِ مهيني ۾ نظربنديءَ مان آزاد ڪيو ويو هو. جيل جي ڊاڪٽرن جي تشخيص مطابق هن کي السر ٿي پيو هو. هن کي سخت کنگهه به ٿيندي هئي، جيڪا هنن سمجهيو هو ته اُها سلهه جي بيماري سبب ٿي هئي.
    مونکي امان جي صحت بابت ڪا ڄاڻ نه هئي، ۽ هڪ جيل ميٽرن مونکي هن جي آزاديءَ جي خبر ٻڌائي هئي. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته منهنجين دعائن هڻي وڃي هنڌ ڪيو، جنهنڪري مون سکر ۾ وڌيڪ دعائون گهريون ۽ پاڻ سميت ڪيترن ئي قيدين جي آزاديءَ لاءِ دعائون گهُري، گهڻي ۾ گهڻو پاڻي ڪُنڊن ۾ ڇٽڪايو. ”الله صمد“ آگسٽ جي چوٿين اربع تي ڪوٺڙيءَ جو دروازو کليو. ”تون وڃين پئي.“ ميٽرن مونکي ٻڌايو.
    مون پنهنجيون شيون سهيڙي گڏ ڪيون. ”اي الله،“ مون دعا گهري، ”شال اُهي مونکي پنهنجي گهر 70 ڪلفتن وٺي هلن.“
    فوج ۽ پوليس جو قافلو 70 ڪلفتن جي ويجهڙائيءَ وٽان به ڪونه لنگهيو، ۽ اُن بدران اهي مونکي ڪراچي سينٽرل جيل ڏانهن وٺي ويا، جتي هنن مونکي امان جي پراڻي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو


      ڪراچي سينٽرل جيل ۾

    ڪراچي سينٽرل جيل، 15 آگسٽ 1981ع:
    ٽَڙڪيل سيمينٽ. لوهي سيخون. ماٺ. بنهه ماٺ. ائون بلڪل نويڪلائيءَ ۾ پهچي وئي آهيان. هن ڪُلف لڳل وارڊ ۾ منهنجي چؤڌاري باقي سڀيئي ڪوٺڙيون خالي آهن. آئون انساني آواز ٻُڌڻ لاءِ پاڻ پتوڙيان ٿي، پر اتي رڳو ماٺ جو راڄ آهي.
    ڪراچيءَ جي گهِميل ۽ پوسل واري آبهوا ۾ ڪوٺڙي گرم آهي ۽ ڇِت جي پکي مان به آرام نٿو ملي. بجلي وري هلي وئي آهي. روزانو بجلي وڃي ٿي. ڪڏهن ٽن ڪلاڪن لاءِ، ڪڏهن وڌيڪ وقت لاءِ. جيل اختياريءَ وارا مونکي ٻڌائين ٿا،ته پاور اسٽيشن ۾ ڪا خرابي ٿيڻ سبب اهو ٿئي ٿو. پر آئون ڄاڻان ٿي ته اها ڳالهه صحيح ڪانهي. آئون جيل جي ٻين حصن ۾ سڄيءَ رات، آسمان کي بجليءَ جي روشنيءَ سان چمڪندي ڏسان ٿي. رڳو منهنجي ڪوٺڙيءَ وارو حصو اوندهه ۾ آهي.
    اختياريءَ وارن مونکي اي ڪلاس جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو آهي، جيڪا اعليٰ سياسي قيدين لاءِ هجي ٿو. پر هڪ ڀيرو وري مونکي اُن جي فائدن کان محروم رکيو وڃي ٿو. منهنجي ڪوٺڙيءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي واريون ڪوٺڙيون، جيڪي گهڻو ڪري ويهڻ لاءِ ۽ رڌپچاءَ لاءِ واپرائبيون هيون، سي خالي آهن ۽ کين ڪُلف لڳل آهن. آئون جنهن ڪوٺڙيءَ ۾ آهيان، اها ننڍي ۽ گندي آهي. پائخاني ۾ گندگيءَ جي نيڪال جو ڪو انتظام ڪونهي ۽ اُتي مکين ۽ ڪاڪروچن جا ميڙ لڳا پيا آهن. اُن جي ڌَپُ اُن کليل ڪَسيءَ جي ڌَپُ سان ملي ٻِيڻي ٿئي ٿي، جيڪا جيل جي ميدان مان ٿيندي ٻاهر وڃي ٿي. اتي پاڻيءَ جي جيڪا باڙدي پيل آهي، تنهن ۾ مئل جيت چُهٽيل آهن.
    صبح جو آئون ڪُنجين جو ڇَڻڪو ۽ ڪُلفن کلڻ جو آواز ٻُڌان ٿي، جيڪو منهنجي ماني اچڻ جو اُهڃاڻ آهي. ڪجهه به ڪُڇڻ کان سواءِ خاڪي ورديءَ واري ميٽرن، جيڪا انهن ڪوٺڙين جي پڇاڙيءَ ۾ پري اڱڻ ۾ سُمهي ٿي، منهنجي لاءِ کاڌي جا ٽِفن باڪس کڻي اچي ٿي جيڪي اختياري وارن جي اجازت سان 70 ڪلفٽن مان اچن ٿا. پهريان ٻٽي ڀيرا آئون جڏهن اهي کولي، منجهن سٺيءَ طرح رڌل ڪُڪڙ ۽ کُنڀين جو ٻوڙ، ڪباب ۽ سِيخ ٿيل ڪڪڙ ڏسان ٿي، ته منهنجي نڙي سخت ٿي وڃي ٿي. مونکي جيتوڻيڪ بُک هجي ٿي، پر آئون رڳو ٻٽي گرهه کايان ٿي. ۽ مونکي امان جو خيال اچي ٿو، جيڪا ڏاڍي خبرداريءَ سان اهو کاڌو اسان جي گهر جي پورچيخاني ۾ رَڌي ٿي.
    مونکي امان جي ڏاڍي ڳڻتي آهي. هُن کي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ منهنجي ٻئي هفتي ۾ مون سان ملاقات جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ جيتوڻيڪ هن کي جيئرو ڏسي مونکي خاطري ٿي هئي، پر هن جو مُنهن ڏسي آئون ڏَڪي وئي هيس. هوءَ هڪڙي هئڊي ۽ اَڀري عورت ٿي پئي هئي. هن جي چُرپر ۾ ڏَڪڻي ۽ اُنهن وارن ۾ اَڇاڻ آيل هئي، جيڪي وچ ۾ سِينڌ ڪڍيل سبب هڪ چوٽيءَ ۾ ويڙهيل هوندا هئا.هوءَ اُن سونهن سان ڀرپور ۽ خوداعتماديءَ واريءَ عورت کان بلڪل ڌار ٿي ڏٺي، جنهن کي آئون امان ڀانئيندي هيس.
    پنهنجي پراڻي ڪوٺڙيءَ ۾ مونکي قيد ۾ ڏسي هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. پر اُنهن جيلرن کان لنوائيندي اسين ٻئي ڪوشش ڪندي بهادريءَ سان مُرڪڻ لڳيونسين، جيڪي اسان جي چؤڌاري اُن سبب اچي مِڙيا هئا، ته جيئن اها خبر ٻُڌي سگهن، جيڪا هن هٻڪي هٻڪي ٻڌائي ٿي. هن مونکي هوريان ٻڌايو ته، کيس اها کنگهه جيل ۾ شروع ٿي هئي. پهرين هن اهو سمجهيو ته اها مِٽيءَ جي دَز سبب ٿي هئي، پر پوءِ هن کي کنگهندي وات مان رَتُ آيو هو. گهڻي تپاس کان پوءِ جيل جي ڊاڪٽر ۽ جيل عملدارن هن کي ٻڌايو ته کين سِلهه جي بيماريءَ جو شڪ آهي. اها تشخيص حيرت ۾ وجهندڙ نه هئي. پاڪستان ۾ انيڪ ماڻهن کي سِلهه جي بيماري آهي، ڇو ته لاڳيتي دَز سبب هنن جي ڦپڙن ۾ پوسر ٿيندي رهي ٿي ۽ صحيح خوراڪ نه ملڻ سبب، هنن جي جسماني سرشتي تي خراب اثر پوي ٿو. جيل ۾ گندگيءَ سبب قيدي خاص ڪري سِلهه جهڙي موذي مرض ۾ ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا. قيدي اڪثر فرش تي ٿڪندا رهن ٿا، جنهن سبب چؤڌاري جيوڙا پکڙجي وڃن ٿا.
    امان مونکي ٻڌايو، ته سنديس ذاتي ڊاڪٽر ته وڌيڪ خطرناڪ شڪ ڏيکاريا هئا. جيتوڻيڪ بيماري جي وڌيڪ تشخيص جي سلسلي ۾، سنديس ڪمزوريءَ سبب ضروري ٽيسٽون ممڪن ڪونه هيون، پوءِ به هن اُن خيال کي رد نه ڪيو هو ته اهو ڦڦڙن جو ڪينسر هو. مون هن کي ڳراٺڙي پاتي ۽ ڪوشش ڪئي ته پنهنجو اُهو اوچتو ڏک ظاهر نه ڪريان ۽ پنهنجي ماءُ ۽ انهن جاسوسن اڳيان همت ڏيکارين، جيڪي جيلرن سان گڏ بيٺا هئا ۽ جيڪي اها ڳالهه جنرل ضياءَ تائين پهچائيندا.
    ”شايد اهو ڦڦڙن جو ڪينسر نه هجي. ٽيسٽن جو اوسيئڙو ڪر.“ مون پنهنجي وت آهر مضبوط آواز ۾ هن کي آٿت ڏيندي چيو.
    ”هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقتائتو علاج ڪرائبو ته فائدو ٿيندو.“ هن وڌيڪ ٻڌايو. ”جيڪڏهن ضروري ٿيو ته آئون پرڏيهه ۾ علاج ڪرائينديس.“
    ”جيترو به جلد ٿي سگهي، تون ضرور ٻاهر وڃ.“ مون پاڻ کي چوندي ٻُڌو. منهنجيءَ دل جيتوڻيڪ اُن ويچار کان ٽُڪرا پئي ٿي، ته هوءَ پاڪستان مان ٻاهر ويندي.
    ”پر منهنجي مِٺڙي، تنهنجو ڇا ٿيندو؟ آئون توکي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان؟“
    مون هن کي آٿت ڏني ته آئون ٺيڪ آهيان. پر آئون ٺيڪ نه هيس. هن سان ملاقات کان ٽي ڏينهن پوءِ آئون پنهنجي بستري تي ليٽي ڪمري جي ڇِت کي گهوريندي رهيس. اُن زبردست سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙي ويڳاڻائپ جي اثر هيٺ ڪنهن به چُرپر کانسواءِ آئون پئي هيس. ڪَسرت، وهنجڻ ۽ ڪپڙن مَٽائڻ تي منهنجيءَ دل ئي نه پئي ٿي. آئون کائي پئي به نه پئي سگهيس. منهنجا الله، مون سوچيو. مون پنهنجو پيءُ وڃايو ۽ هاڻي آئون پنهنجي ماءُ کي به پئي وڃايان. مونکي ڄاڻ هئي ته مون پنهنجي پاڻ تي ڪَهل پئي ڪيو، پر آئون پنهنجي مايوسيءَ جي سوچ مان پاڻ ڇڏائي نه سگهيس. امان جي اُن خوشخبريءَ به منهنجي مايوسيءَ کي وڌائي ڇڏيو ته، صنم ۽ شاهه سيپٽمبر جي مهيني ۾ شاديون ڪندا. بابا جي قيد واري زماني ۾، هن اسان کي چتاءُ ڏنو هو ته اسين ڪابه اهڙي ڏيکائي نه ڏيون، جنهن مان ٻيا سمجهن ته اسين مزا پيا ڪريون. ”جيڪڏهن تون سينيما ڏسڻ وڃين ته برقعو پائي وڃ.“ هن مونکي هدايت ڪئي هئي. هاڻي لڳو ٿي ته منهنجن گهر ڀاتين پاڻ اهو مڃيو هو، ته آئون سدائين جيل ۾ پئي هونديس. تنهنڪري اهي زندگي گذارڻ جا جَتن ۽ شادين جا جشن ملهائڻ لڳا هئا، ايئن ڄڻ آئون موجود ئي ڪونه هيس.
    مون ٽي ڏينهن پاڻي ڪونه پيتو هو، جنهنڪري مونکي هيڻائي ٿي پئي ۽ مونکي ڪا واٽ ئي نه ٿي سُجهي. ”ٽُڪر ٽُڪر ٿيڻ لاءِ ضياءَ جي هٿن ۾ نه کيڏ.“ منهنجي اندر جي آواز مونکي چِتايو. مون پاڻي جي باڙديءَ مان پاڻيءَ جو مَگ ڀري زوري پيتو ۽ هڪ پاڪستاني اخبار جي ڳجهارت سَلڻ ويٺيس. جيڪا امان روزانو مون ڏانهن موڪليندي هئي، پر جنهن کان آئون لنوائيندي هيس، ۽ مونکي اخبار جا اکر ڌنڌلا ڏسڻ ۾ آيا. ڪراچي جيل ۾ اچڻ کان پوءِ مون پهريون ڀيرو ڏٺو ته مونکي اڌ مٿي ۾ سُور شروع ٿيو هو. منهنجن ڏندن جي مُهارن ۾ سُور ٿيڻ لڳو هو ۽ ساڳيو حال ڪَنُ جو به هو.منهنجي مٿي جا وار لاڳيتو ڇَڻندا پئي ويا.
    مونکي بعد ۾ هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو هو، ته منهنجي جسماني سرشتي جي تال ميل ۾ ڀڃ ڊاهه سبب صحت ڪِري پئي هئي. عام طرح دل ۽ رَت جي نلين، مُشڪن، هاضمي، ساهه ۽ تنتي سرشتن مان هر هڪ سرشتو پنهنجو پنهنجو حصو کاڌ خوراڪ مان کڻي ٿو. پر پيڙا ۽ ڇڪتاڻ وقت ٻين جي ڀيٽ ۾ تنتي سرشتو وڌيڪ سجاڳ ٿيو وڃي ۽ پنهنجي حصي کان وڌيڪ قوت ڇِڪي ٿو. جنهنڪري ٻيا سرشتا ڪمزور ٿيو وڃن. اُن سبب دل تي سولائيءَ سان اثر ٿئي ٿو ۽ جنهن سبب ڪيترائي سياسي قيدي دل جي بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا. اسان جا ارادا بيشڪ مضبوط رهن ٿا، پر اُن جي قيمت اسان جا جسم چُڪائين ٿا. چؤڌاري ڪيتري ته بي يقيني هئي.
    13 سيپٽمبر جي تاريخ پري ڪانه هئي، ڇو ته تنهن ڏينهن منهنجي نظربنديءَ جي مُدت پوري ٿيڻ واري هئي. جيل جي ميٽرن ڪيترائي ڀيرا مون وٽ اچي ڀُڻڪيو هو، ته کيس ڄاڻ پئي آهي ته، ڪيترن ئي سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هوائي جهاز جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ جهليل ماڻهن کي ڇڏيو ويو آهي، ته پوءِ مونکي آزادي ڇو نه ملي آهي؟
    اخبارن ۾ هاڻي امان ۽ منهنجي الذوالفقار سان لاڳاپي جي ڪابه خبر نه آئي هئي. حڪومت طرفان سڀني تڪليفن ۽ ڪُوڙين ’شاهدين‘ هوندي به اها اسان خلاف ڪو مقدمو ٺاهي نه سگهي هئي، جنهن سبب اسين عالمي عوامي راءِ جي عدالت ۾ مثال طور پيش ٿيون ها. ۽ ضياءَ مغرب ۽ خاص ڪري آمريڪا جي اُن زبردست بخشش کي پنهنجي هٿان وڃائڻ جو جوکو کڻڻ لاءِ تيار نه هو.
    1979ع کان پاڪستان کي آمريڪا وٽان امداد ملڻ بند ٿي وئي هئي، ڇو ته هنن کي شڪ هو ته پاڪستان وٽ ائٽمي قوت آهي يا اهو اُن کي ماڻڻ ۾ رُڌل آهي. تنهنڪري ڪارٽر انتظاميا پنهنجي ائٽمي ڦهلاءُ کي روڪڻ واري نيتيءَ تي عمل ڪندي، پاڪستان جي امداد بند ڪئي هئي. پر اهو قدم افغانستان تي سوويت روس جي حملي کان اڳ کنيو ويو هو. هاڻي پاڪستان جي سرحد تي روسين جي موجودگيءَ سبب ضياءَ ڪاميابي سان سؤدو پئي ڪيو، ته جيئن پاڪسان جي ائٽمي پروگرام بابت آمريڪا جي ڳڻتي گهٽجي وڃي.
    ريگن انتظاميا پاڪستان کي ڇهن ورهين ۾ 2. 3 بلين ڊالرن جي اقتصادي ۽ فوجي امداد آڇي هئي، جيڪا اُن آڇ جي ٻِيڻ کان به وڌيڪ هئي جيڪا ڪارٽر انتظاميا طرفان ٿي هئي ۽ جنهن کي ضياءَ هڪدم رد ڪيو هو. آمريڪا اهو ڪجهه به ڏنو، جنهن جي ضياءَ کي گهڻي گهُرج هئي: يعني چاليهه ايف 16 جهاز، اها آڇ جيڪا 1981ع جي سرءُ جي مُند ۾ ڪانگريس ۾ پيش ٿيڻي هئي، سا ضياءَ جي گهرج کان به گهڻي هئي. جيتوڻيڪ اها اسان مان انهن لاءِ وڏي مايوسي هئي، جن جو ويچار هو ته ڪميونسٽ خطري کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي آمريڪا جيڪو سهارو ڏنو هو، تنهن ۾ جمهوريت آڻڻ ۽ انساني حقن جي بچاءُ لاءِ ڳڻتي ڏيکاري، هڪ توازن آڻڻ کپندو هو.
    ضياءَ جي حيثيت وڌيڪ مضبوط پئي ٿي، ڇو ته پناهگيرن جي امداد لاءِ پاڪستان کي آمريڪا، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل قومن جي ارادي جي پناهگيرن واري هاءِ ڪمشنر ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ٻين عالمي امدادي ادارن طرفان اَٿاهه امدادي رقمون مليون پئي. هندوڪش جي قديم واپاري ۽ اسمگلرن جي لَڪن مان جيڪي پناهگير جنگ بند ٿيڻ تائين پاڪستان ۾ آيا هئا يا مجاهدن جي باغي فوجن ۾ شامل ٿيا هئا، تن جو تعداد لکن ۾ هو. سڄي سرحد تي پناهگيرن جون ڪئمپون، اسپتالون، اسڪول ۽ ڀلائيءَ جا مرڪز ٺهي ويا هئا، جنهن سبب حڪومتي اهلڪارن کي وجهه ملي ويو هو ته، اُن عالمي امداد مان پنهنجا کيسا ڀرين، جيڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر اٿلي پئي هئي. گڏيل قومن جي اداري جي هڪ عملدار جي ڪٿ مطابق امداد جو رُڳو ٽيون حصو پناهگيرن تائين پهچندو هو. اهو مون بعد ۾ رچرڊ ريورس جي ڪتاب ”پئسيج ٽو پشاور“ ۾ پڙهيو هو.مجاهدن کي جيڪي هٿيار مليا، اهي پڻ پاڪستان مان موڪليا ويا هئا، جنهن سبب ضياءَ ۽ هن جي ماڻهن کي وجهه ملي ويو هو، ته اهي اهو سامان پاڪستاني فوج جي بارودخاني ۾ پهچائين ۽ هٿيارن جي وڪري تي وڏيون ڪميشنون وٺن. بعد ۾ مونکي هڪ ٻئي آمريڪي صحافي ٻڌايو هو ته، واشنگٽن جي اختياريءَ وارن جو خيال هو ته، انهن هٿيارن جو به رُڳو ٽيون حصو پنهنجي منزل تي پهتو هوندو.
    افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان جيڪو حصو ورتو هو، تنهن بابت مونکي شڪ آهي ته سي آءِ اي جو به وڏو هٿ هو. پر ضياءَ ۽ هن جي حڪومت کي قائم رکڻ ۾ سي آءِ اي جيڪا دلچسپي ورتي هئي، تنهن جي اندازي جي مونکي اُوستائين ڄاڻ نه پئي هئي، جيستائين مون آمريڪي صحافي بوب ووڊورڊ جو لکيل ڪتاب ”نقاب: سي آءِ اي جون ڳُجهيون جنگيون“ نه پڙهيو هو. ”بيحد شڪي ۽ خطرناڪ صورتحال ۾ ڪنهن به اڳواڻ ڪنهن ملڪ تي حڪومت نه ڪئي.“ ووڊورڊ لکيو. سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر ڪيسي چوي ٿو ته، ”قطعي فيصلو ڪندڙ اهميت جنرل ضياءَ جي اها رضامندي هئي، جنهن هيٺ سي آءِ اي ذريعي فوجي امداد پهچائي وڃي. ڪيسي، سي آءِ اي ۽ ريگن انتظاميا سڀني جي خواهش اها هئي، ته ضياءِ جي حڪومت قائم رهي. هنن اهو به ڄاڻڻ گهريو ٿي ته ضياءَ جي حڪومت اندر ڇا پيو ٿئي. هاڻي دنيا ۾ سي آءِ اي جو وڏو مرڪز اسلام آباد ۾ ئي هو.
    مونکي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ڪيسي ۽ ضياءَ جي پاڻ ۾ گهَرن لاڳاپن جي ڄاڻ نه هئي. ”آمريڪي ڏيتي ليتيءَ لاءِ ڪانگريس اها ڳالهه غِير قانوني ڄاڻائي آهي ته پئسا خرچ ڪري يا رشوتون ڏئي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروبار ڪجي.“ ووڊ ورڊ لکيو. ”ڪيسي سمجهندو هو، ته ٻاهرين ملڪن جي اڳواڻن يا جاسوسي ذريعن کي پئسا ڏيڻ يا نوازڻ جائز هو. اهي رشوتون قانوني هيون. مثال طور ڪيسي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا ضياءَ جي پاڪستان ۾ ضرور ويندو هو. تُرت ريگن انتظاميا جي ٻين ميمبرن جي ڀيٽ ۾ هن جا ضياءَ سان ويجها لاڳاپا جُڙيا.“
    انهن سڀني ڳالهين ضياءَ کي ڦاسيون ڏيندڙ ۽ ظالم آمر بدران ”عالمي مدبر“ ثابت ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي. 1978ع ۾ ”ڊيلي ميل“ اخبار جي صحافيءَ سان چانهه پيئندي ’اسين ماڻهن کي ڦاسيون ڏينداسين‘ جهڙو جيڪو مشهور جملو چيو هو، تنهن جي جاءِ تي هاڻي هن جا اهي حوالا ڇپجڻ لڳا هئا، ته پاڪستان وڏيءَ اهميت وارو ملڪ آهي، جيڪو الله جي مُنڪر ڪميونسٽن خلاف جهاد ۾ رُڌل آهي. ضياءَ جي اُن نئين پٽاڙ کي ماٺ ميٺ ۾ مڃڻ لاءِ خاص ڪري آمريڪي جيڪڏهن ڪاوڙيل نه هئا، ته تيار ضرورهئا. مون پهريون ڀيرو مڪاني اخبارن ۾ ”انٽرنيشنل هيرالڊ ٽربيون“ تان ورتل هڪ مضمون پڙهيو، جنهن ۾ ضياءَ کي ”سڄڻ آمر“ طور ڄاڻايو ويو هو.
    انهن مايوس ڪندڙ اخباري خبرن کان پاڻ بچائڻ لاءِ مون وري ڪَسرت شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڪوٺڙيءَ اڳيان سوڙهي گهٽيءَ ۾ روزانو هڪ ڪلاڪ پَسار ڪرڻ لڳيس. جيتوڻيڪ مونکي بُک نه هوندي هئي، پر تڏهن به آئون اهو کاڌو زوري کائيندي هيس، جيڪو 70 ڪلفٽن مان ايندو هو. جيئن آگسٽ پورو ٿي سيپٽمبر جو مهينو شروع ٿيو، ته مون ۾ اُميد جي ٿوري سوچ اُڀرڻ لڳي. صنم جي شاديءَ جي تاريخ 8 سيپٽمبر مقرر ٿي هئي ۽ مون اُن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اجازت جي درخواست ڏني، جو ممڪن هو ته مونکي آزاد به ڪيو وڃي ها.
    مون ويچارن ۾ سمجهڻ شروع ڪيو، ته پيرن جو جيڪو کُڙڪو منهنجي ڪوٺڙيءَ ڀرسان ٿيندو پيو وڃي، سو منهنجي آزاديءَ جو نياپو آهي. وري کاڌي ڏيڻ لاءِ منهنجي ڪوٺڙيءَ جو ڪُلف ٿي کليو ۽ جڏهن رات جي ميٽرن ٿي آئي، تڏهن به مون اهو ٿي ڀانئيو. اُن ننڍڙي ۽ ڊڄڻي ماڻهوءَ جي پيرن جي هلڪي آواز کي ٻُڌي به مونکي اهو ئي خيال ٿي آيو، جيڪو هر سومر ڏينهن صبح جو اتي ايندو هو. اهو جيل جو سپرنٽينڊنٽ هوندو هو. ڪڏهن هو پنهنجي ڊپٽيءَ سان گڏ ايندو هو، ته ڪڏهن اڪيلو. هو سدائين ساڳيءَ ڳالهه ڪندو هو.
    ”تون جيل جي ديوارن اندر رهي پنهنجي زندگي ڇو ٿي برباد ڪرين، جڏهن ته پارٽيءَ جا ٻيا ماڻهو آزاد آهن ۽ موجون پيا ڪن؟“ هو مونکي هر هفتي اهو ئي چوندو هو. ”جيڪڏهن تون ٿوري وقت لاءِ سياست ڇڏڻ جو راضپو ڏيکارين ته تون آزاد ٿي ويندينءِ.“
    حڪومت جو مقصد ڪهڙو هو؟ مونکي سُڌ هئي ته سرڪاري پٺڀرائيءَ کانسواءِ سپرنٽينڊنٽ ڪڏهن به اهڙين ڳالهين جي همت نه ڪري ها. پوءِ به جيڪڏهن ضياءَ مونکي ڇڏڻ گهري ها ته آزاد نه ڪري ها. جيڪڏهن هُن جي مرضي نه هوندي ته آزاد ڪونه ڪندو. پر مونکي ڀنڀلائڻ، مون سان ٺاهه جي ڪوشش جوڪهڙو مقصد هو؟ ڇا هنن واقعي اهو سمجهيو هو ته آئون راضي ٿينديس؟ يا هنن مونکي هيسائي ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جيئن ايوب خان، بابا سان ڪيو هو؟
    ”تون سڀاڻي آزاد ٿي سگهين ٿي،“ سپرنٽينڊنٽ مونکي چوندو هو. ”رڳو تون ئي پاڻ کي جيل ۾ رکيو ويٺي آهين. ڇا تون لنڊن يا پيرس وڃڻ نه گهرندينءِ؟ تون ته نؤجوان آهين ۽ تون پنهنجي جواني جيل ۾ اجائي پئي وڃائين ۽ ڇا لاءِ؟ تون پنهنجي وقت جو اوسيئڙو ڪري سگهين ٿي. اهو وقت ايندو، ضرور ايندو.“
    هن جي وڃڻ کان پوءِ آئون ڏاڍي منجهيل رهندي هيس، جيتوڻيڪ هو مونکي جيڪا لالچ آڇيندوهو، تنهن کي مڃڻ لاءِ مونکي بلڪل خيال نه ايندو هو. مونکي هن جي ارادن جي ڪابه خاطري نه هئي. ڇا هو منهنجو سڄڻ هو يا دُشمن؟ هر ڪنهن تي شڪ جي پنهنجي اُن نئين عادت کان مونکي نفرت هئي. پر آئون جيئري ڪيئن رهي هيس؟ مونکي شڪ هو ته حڪومت مونکي ڌُونڌاڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي. مونکي ڀروسو ٿي ويو هو، ته هنن رات مهل منهنجي ڪوٺڙيءَ جي چؤڌاري اسرار ڀريا آواز ڪندي مونکي وڌيڪ ستائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
    ڀُڻڪاٽ، ٻن مردن ۽ هڪ عورت جا شوڪيءَ جهڙا آواز. ڪڏهن ته آئون پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ئي انهن آوازن سبب جاڳي اُٿي هيس. پوليس کانسواءِ ڪنهن کي به منهنجي وارڊ ۾ يا اُن ويجهو اچڻ جي اجازت نه هئي. مون جيل اختياري وارن کي دانهن ڏني ته اوهين ڄاڻي ٻجهي منهنجو آرام ڦِٽايو ٿا. ”تنهنجي وارڊ ۾ ڪوبه ڪونهي.“ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مونکي يقين ڏياريندي چيو. ”اهو تنهنجو وَهم آهي.“
    ڇَمڪو، ڇَمڪو. هڪ نئون آواز، ڪنهن عورت جي پازيب جهڙو ڇَڻڪو. پوءِ ڀُڻڪاٽ. آئون سويل اٿڻ لڳيس ۽ وري ننڊ ڪري نه سگهيس. جڏهن پوڙهي ميٽرن جي جاءِ تي هڪ نئين ميٽرن آئي، ته مون وري ڪوشش ڪئي. ”تون رات جو ڪجهه آواز ٻُڌين ٿي؟“ مون جهُور پوڙهي پٺاڻ مائيءَ کان پڇيو، جيڪا هاڻي پَڌر ۾ سمهندي هئي.
    ”ماٺ ڪر! تون اهو ڏيکاءُ ڏي، ته تون ڪجهه به نٿي ٻُڌين!“ هن وراڻيو. هُن جون اکيون چؤڌاري ڦِرڻ لڳيون ۽ ڏڪندڙ هٿ سندس سنهي خاڪي ورديءَ کي سنوارڻ لڳا.
    ”پر اُهو ڪير آهي؟“ مون هن کان پڇيو. اُن ڳالهه جي نيٺ تصديق ٿيندي ئي مونکي ٿوري ڏڪڻي وٺي وئي.
    ”اُها ڏائڻ آهي.“ هن ڀُڻڪيو.
    ”ڏائڻ، اُن عورت جي آتما، جنهن جا پيرا اُبتا هجن ٿا؟ ڏائڻ جو ڪو وجود ئي ڪونهي.“ مون پوڙهي ميٽرن کي چيو.
    ”هن جو وجود آهي.“ هن زور ڏيندي چيو. ”عورتن جي وارڊ ۾ سڀني هن جو آواز ٻُڌو آهي. تون به اهو بهانو ڪر، ته تو هن جو آواز ڪونه ٻڌو آهي ۽ پوءِ هوءَ توکي تڪليف نه ڏيندي.“
    ڇَمڪو. ڇَمڪو. اُن رات ۽ ٻين ڪيترين راتين تائين منهنجي دليل بازي بنهه غائب ٿي وئي. منهنجي وارڊ ۾ اچڻ بدران هوءَ عورتن جي وارڊ ۾ ڇو نٿي ترسي پوي. آئون اهو سوچيندي هنڌ ۾ ڏَڪي ويس ۽ آواز لاڳيتا ايندا رهيا.
    ڇَڻڪاٽ. ڇَڻڪاٽ. ڪنهن ڪا شيءِ پئي ڇڻڪائي جيڪو لڳو ٿي ته وارڊ ٻاهران رکيل ڪچري جا دَٻا هئا، جن ۾ پيل ڪچري کي ڪنهن پئي ڦُلوريو. منهنجي ڪوٺڙيءَ ويجهو وري پيرن جو آواز ايندو رهيو. جيتوڻيڪ وارڊ جي دروازي جي ڪُلف کلڻ جو ڪوبه آواز ٻُڌڻ ۾ ڪونه آيو هو. يا الله، اهو ڇا آهي؟ يا الله، منهنجي مدد ڪر.منهنجي دَر کان بلڪل ٻاهر مون ڪنهن کي پنهنجو خالي ٽِفن باڪس کڻندي ٻُڌو. پوءِ اُن جو ڍَڪ لٿو ۽ باڪس زور سان اچي ڀِت سان لڳو. يا الله! مون همت ڪئي ۽ در تائين ويس. ٽِفن باڪس اونڌو ٿيو ڪِچري ۾پيو هو. اتي ڪوبه ڪونه هو.
    ”تنهنجي ذهن تي وڏو بار آهي،“ ٻئي ڀيري جڏهن جيل جو سپرنٽينڊنٽ آيو ته هن مونکي چيو. نيٺ هن مونکي اهو به ٻڌايو ته منهنجي ڪوٺڙيءَ وارو حصو هڪ ڦاسي گهاٽ جي هنڌ تي ٺاهيو ويو هو، جتي اڳي انگريز ڏوهارين کي ڦاسيون ڏيندا هئا. ”ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن جو بيقرار روح هجي.“ جيلر اشارو ڏنو. اها ڳالهه تسلي واري نه هئي ۽ نه وري پٺاڻ ميٽرن جو ٻڌايل سبب صحيح ٿي لڳو. ”منهنجو مڙس رات جو چوڪيداري ڪندو هو جنهن کي چورن قتل ڪيو هو.“ هن مونکي ٻڌايو. هن جون اکيون پئي چمڪيون. ”هن جو قاتل ڪڏهن به هٿ ڪونه آيو. اهو بيقرار روح ضرور هن جو ئي آهي.“
    منهنجو وهمن ۾ ويساهه ڪونهي ۽ مونکي شڪ آهي ته حڪومت مونکي چيڙائڻ ۽ هيسائڻ جي اهڙي ڪوشش پئي ڪئي، جيئن هنن بابا لاءِ راولپنڊي جيل ۾ ڪئي هئي. پر مون اڳ ويچاريندي ڦاهي گهاٽ جي بيقرار روحن لاءِ دعا گهُرڻ شروع ڪئي. ٿورن مهينن کان پوءِ اهي آواز اچڻ بند ٿي ويا. مونکي هينئر به سُڌ نه آهي ته اُن جو ڪهڙو ڪارڻ هو.
    سکر جيل جي ميٽرن مونکي جيڪا دُعا سيکاري هئي، سا مون پڙهڻ شروع ڪئي. مون قرآن شريف جي سوره پڙهي، پاڻيءَ جي باڙدي تي دَم ڪئي ۽ اهو پاڻي ٿورو ٿورو پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي چئني ڪُنڊن ۾ ڇٽڪايو. اُن ڪوٺڙي جي عجب جهڙي اڏاوت هئي، ڇو ته اُن جون چار ڪُنڊون نه هيون ۽ مونکي ڊپ ٿيو هو ته منهنجي دعا جو اثر نه ٿيندو. ڇا مونکي صنم جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي ٿورڙي مُهلت ملندي؟ مونکي پنهنجي درخواست جو ڪوبه جواب نه مليوهو. ”قل هوالله اَحد- چئو ته الله هڪ آهي.“ مون دعا گهري. ٻيءَ اربع کان پوءِ ۽ ٽين اربع کان اڳ هڪڙي صبح جو سويل پٺاڻ ميٽرن منهنجي ڪوٺڙي ۾ آئي. ”مون پنهنجيءَ کٽ ويجهو آواز ٻُڌا آهن.“ هُن مونکي ٻُڌايو. ”انهن چيو آهي ته ’هوءَ اڄ وڃي پئي.‘“ مون سوچيو ته، پوڙهي مائي چَري آهي. پر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ جيل جو عملو آيو. ”تون هينئر جو هينئر وڃين پئي.“ هنن مونکي ٻڌايو. ”توکي تنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ملي آهي.“

    70 ڪلفٽن، دروازي ڀرسان لڳل پِتل جون پليٽون اڃا تائين پئي چمڪيون. سر شاهنواز خان ڀٽو، ذوالفقار علي ڀتو، بار – ايٽ – لا. جيئن پوليس جي قافلي مونکي دروازي اڳيان اچي ڇڏيو، تيئن مون گذريل ڇهن مهينن جي ڇڪتاڻ ۾ ٿوري ٺاپر ڀانئي. اڳ مونکي پورو ڀروسو ٿي ويو هو، ته آئون اهو گهر وري ڪڏهن به نه ڏسنديس، ڇو ته 70 ڪلفٽن کي حڪومت ضبط ڪندي، يا وري ڪڏهن به گهر وڃڻ کان اڳ ۾، ماٺ ميٺ ۾ حڪومت مونکي سکر ۾ ئي ماري ڇڏيندي. پر آئون هتي جيئري هيس. ۽ اهو منهنجو ئي گهر هو. منهنجي ڀيڻ جي شاديءَ سبب گهر جي ٻاهرين ديوارن تي بجليءَ جي بلبن جون جهالرون لڳل هيون. اسين ٻئي سلامت هيونسين.
    جڏهن ڄاتل سُڃاتل دروازا کليا، ته مون پاڻ ۾ زندگيءَ جي نئين لهر ڊوڙندي ڀانئي. جيئن چوڪيدار مونکي سلام ڪيو ۽ قافلو اندر آڳنڌ ڏانهن وڌيو، ته مونکي لڳو ته الله مونکي هڪ ٻيو جيون ڏنو آهي. اها هُن جي مدد هئي، جو دشمن مونکي مات ڏيئي نه سگهيو هو. منهنجي اندر طاقت ۽ ارادي جي هڪ نئين سوچ اُڀرڻ لڳي هئي. اُن وقت آئون ڄڻ ٻيهر ڄائي هيس.
    دهل، ناچ. ياسمين ۽ گلاب جا هار. گهر ۾ سمورو عملو دالان اڳيان اچي گڏ ٿيو هو ۽ هنن دهل وڄڻ تي لوڪ ناچ ڪندي خوشيون پئي ملهايون. چوڪيدار، راڌا، خانسامان، سيڪريٽري. مون دوست محمد يعني ميجر ڊوموءَ کي ڏٺو، جيڪو جيل ۾ بابا سان ملڻ لاءِ جيل جي پهريدارن کان به وڌيڪ تيز ڊوڙندو ويو هو؛ اتي بابا جو خاص ملازم عرس هو، جنهن کي بابا جي گرفتاريءَ وقت فوج مار ڏني هئي ۽ پستول سان کيس ڌَڪ هنيا هئا؛ بشير ۽ ابراهيم هئا، جيڪي امان ۽ مون سان گڏ سهالا ۾ هئا، جڏهن بابا کي ڦاسي ڏني وئي هئي؛ لاڙڪاڻي جو نظر محمد هو، جنهن کي بابا جي ميت دفنائڻ لاءِ ملي هئي.
    هنن جي چهرن تي، ناچ ڪندي ۽ راڳ ڳائيندي، مُرڪن جا هار پکڙجي ويا هئا. آئون جيئن ڪار مان ٻاهر آيس، ته منهنجي چؤڌاري شاديءَ جو شاندار ماحول هو. اهي سڀيئي مون ڏانهن ڊوڙندا آيا ۽ هنن منهنجي ڳچيءَ ۾ هار وڌا. ”باقي مهمانن لاءِ رکو،“ منهنجي ڳچي ۽ ڪَنُ هار ۾ ڍڪجي ويا ته مون هنن کي چيو. ”نه، نه، اهي هار تنهنجي لاءِ آهن،“ هنن وراڻيو. ”توکي گهر ۾ ڏسي اسين ڏاڍا خوش ٿيا آهيون.“
    گهر. آئون ته ويساهه ئي نٿي آڻي سگهيس. جيئن اُڪر ٿيل ڪاٺ جي وڏي دروازي مان منهنجا مائٽ ڊوڙندا ٻاهر آيا، ته سڄي ماحول ۾ ٽهڪڙن جا گُل ٽِڙي پيا. اتي منهنجيون ماسيون هيون: لنڊن مان آيل ماسي بهجت، لاس اينجلز مان آيل منهنجي سئوٽ زينت، بابا جي موت جي سزا کان پوءِ مون سان گڏ نظربند رهندڙ سئوٽ فخري به اُتي موجود هئي. پُڦي مانا مونکي کيڪاريو ۽ هن جي ماٽيجي ڀينرن پڻ کيڪاريو، جن بابا جي جان بچائڻ لاءِ ضياءَ کي رحم جي درخواست ڏني هئي ۽ جيڪا قبول نه ٿي هئي. ٻيا مائٽ به هندوستان، آمريڪا، انگلينڊ، ايران ۽ فرانس مان سفر ڪري پهتا هئا، تنهنڪري اسان جي گهر جو هر ڪمرو هنن سان ڀريل هو. ڪجهه مهمان منهنجن ڀائرن جي ڪمرن ۾ پڻ رهيل هئا، جيڪي گذريل چئن ورهين کان خالي پيا هئا. ليليٰ! نشيلي! اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتا ۽ ٽهڪ ڏنا ۽ رڙيون ڪيون. هنن کي ٻيهر ڏسڻ جي مونکي ڪا اُميد ئي نه هئي. ۽ نه وري هنن کي ئي ڪا اهڙي اميد هئي. هاڻي اهو ڊَپ ختم ٿي ويو هو، ته آئون جيل مان ڪڏهن به جيئري واپس نه اينديس.
    گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ جهڙي نعمت. پيرن هيٺان نرم نرم غاليچا، پيئڻ لاءِ اُجرو ۽ ٿڌو پاڻي. منهنجي خاندان جي دعوت. آئون ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون سُمهي به نه سگهيس؛ ڇو ته مون آزاديءَ جو هڪ پل به وڃائڻ نه ٿي گهريو. امان رات ٿيندي ئي وڃي سُتي هئي، جڏهن ته آئون فجر تائين صنم سان ڳالهيون ڪندي رهيس. تُرت صنم وڃي سُتي. ۽ امان ننڊ مان سجاڳ ٿي. آئون هنن جو ۽ ٻين ويجهن مائٽن جو وقت سيڙائي ڪونه سگهيس.
    مون وٽ جيڪو وقت بچيو هو، تنهن ۾ مون ’ايشيا ويڪ‘، ’فار ايسٽرن اڪانمڪ رِويو‘، ’ٽائيم‘ ۽ ’نيوز ويڪ‘ جا پراڻا پرچا پڙهي ڇڏيا. مون پنهنجي سمهڻ واري ڪمري جي ديوارن کي به ڇَندي ڦوڪي اَڇو اُجرو ڪيو. مونکي خبر پئي، ته آخري ڇاپي هڻڻ وقت حڪومت منهنجا اهي ڪيترائي خط چورائي کڻي وئي هئي، جيڪي بابا مونکي اُن وقت لکيا هئا، جڏهن آئون پرڏيهه ۾ پڙهندي هيس. انهن چورايل سامان سان گڏ منهنجن ڀائرن، ڀيڻ ۽ منهنجا ڪي ناياب فوٽا، منهنجا زيور جن ۾ هڪ قيمتي مُنڊي به هئي، جيڪا مونکي امان ڏني هئي ۽ منهنجي ڏاڏي جي سوني سرميداڻي به غائب هئي. پر منهنجي سُمهڻ واري ڪمري ۾ جيڪا ڦڙڦوٽ وڌي وئي هئي، تنهن ڪارڻ آئون ڏاڍي پريشان ٿي هيس. آئون ڪمري جي ڀتين تان هنن جي آڱرين جا نشان مٽائڻ لاءِ کين مَهٽيندي رهيس. الله جو شڪر ڪر، جو هي ڪمرو ۽ هي گهر سلامت آهي. آئون پاڻ کي پِرڀائيندي رهيس. اڃا ٻٽي مهينا اڳ توکي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته تون اتي ويندينءِ به يا نه. ”اهي توکي واپس جيل ۾ ڪونه وٺي ويندا، نه،“ منهنجي سئوٽ چيو. اهو ساريندي ته اهو پاڪستان هو، نه ڪي سئن فرانسسڪو. هن جي اُن اميد کي مڃڻ لاءِ مون پاڻ کي اجازت نه ڏني. جيتوڻيڪ اها هڪ ڏاڍي ڏُکي ڳالهه هئي.
    70 ڪلفٽن ۾ هر ڪا شيءِ معمول مطابق ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڏاڍي فرحت ڏيندڙ ۽ روايتي انداز واري. گهر جو عملو پئي آيو ۽ ويو ۽ هنن باغ ۾ رنگ برنگي تنبوئن ۾ کاڌي جون ميزون ۽ مهمانن لاءِ ڪُرسيون پئي رکيون. صنم جي هٿن تي، گهر جي ٻين عورتن جي هٿن تي مينديءَ سان نازڪ گلڪاري ڪڍڻ لاءِ آيل عورتن ميندي هنئي. ميندي هڻندڙ عورتن منهنجيءَ ڀيڻ جي هٿ جي تَريءَ تي سُهڻا ۽ وڻندڙ نقش چِٽيا ۽ پوءِ مينديءَ مٿان ليمي جي رَس ۽ کنڊ جو ليپ ڏنو.
    پاڪستاني معيار مطابق صنم جي شاديءَ ۾ گهڻا دعوتي ڪونه هئا، رُڳو پنج سؤ مهمان هئا. ۽ سڀيئي ريتون رسمون به ڪونه ٿيون هيون. مينديءَ جي رسم يا نڪاح جي رسم لاءِ مونکي وجهه ئي ڪونه مليو، جو آئون نئين ريشمي شلوار قميص ٺهرائي سگهان ها. گهر ۾ آيل ٻين عورتن کي به اهڙو وجهه ڪونه مليو هو، پر اُن ۾ ڪو هرج نه هو. مون پنهنجي ڪَٻٽ ۾ نه ڪپڙا ڏٺا هئا، ۽ نه ڪيتري وقت کان مون ڪي ٻيا ڪپڙا پاتا هئا. تنهنڪري منهنجي پراڻي گلابي ريشمي شلوار قميص مونکي بلڪل نئين ٿي لڳي.
    ”امان زور پئي رکي ته آئون ميڪ اپ ڪريان.“ صنيءَ منهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ايندي چيو. ”۽ مونکي ساڙهي به پائڻي آهي. منهنجي مرضي آهي ته شاديءَ ۾ آئون نيري جينز پايان. تون ئي ڪجهه ڪر.“
    ”شادي هڪ ڀيرو ٿئي ٿي،“ مون وراڻيو. ”امان ڪيترائي ڏُک ڏٺا آهن، هن جو چيو مڃي، کيس خوش ڪر.“
    ”هيءَ ڪنوار چنڊ کان به وڌيڪ اڇي آهي. هائو هيءَ آهي، هيءَ آهي.“ منهنجي واپس اچڻ تي پهرينءَ رات سڄي گهر ۾ انهن ڳيچن جي گُونجار هئي. ”هيءُ ڪنوار چنڊ کان به وڌيڪ اڇي آهي.“ اسان جي مائٽ عورتن صنم جي مينديءَ تي هن جي ساهيڙين سان گڏجي اهي ڳيچ ڳايا ۽ ناچ نچيون. مون پنهنجي آزاديءَ جو ڪوبه پَل اجايو وڃائڻ نه ٿي گهريو. ۽ مونکي اها به ڄاڻ نه هئي ته اها آزادي گهڻو وقت هلندي، تنهنڪري آئون پنهنجي مائٽن ۽ ساهيڙين سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويس. اسان جون دنيائون ڪيتريون نه ڌار ٿي پيون هيون. پر ڪهڙي دنيا حقيقي هئي؟ مون پنهنجي جيل جي ڪوٺڙيءَ جو ذڪر ڪندي اُن کي ٻه ڀيرا ”گهر“ سڏيو هو.
    مينديءَ جي رسم ۾ جڏهن صني پنهنجي ٿيندڙ مُڙس ناصر حسين سان گڏ سائي رنگ جي ٽِڪن ڀريل گاديلي تي اچي ويٺي، ته هوءَ ڏاڍي سُندر پئي لڳي. اها شادي جيئن ته مائٽن جي مرضيءَ پٽاندر نه ٿيڻي هئي، تنهنڪري هنن ۾ ٿوري ڇڪتاڻ ٿي ڏٺي. پر رسمون پوريون ڪرڻيون هيون. صنيءَ پنهنجي مٿي تي رَئو رکي گهونگهٽ ڪيو ته جيئن هن جو گهوٽ شاديءَ کان اڳ سندس مُنهن نه ڏسي سگهي. جيتوڻيڪ هن گهُونگهٽ کڻي مون سان ٿورو ڳالهايو، جو آئون هن جي ڀَر ۾ ويٺي هيس.
    ”اي ناصر، اي ناصر، اسان جا ٿيندڙ ڀيڻويا، صنم سان شاديءَ کان اڳ توکي سَت شرط پورا ڪرڻا آهن.“ اسان آڏو صنيءَ جي ساهيڙين ۽ مائٽن ڳائڻ شروع ڪيو. ”پهريون شرط اهو آهي ته صنم کاڌو نه پچائيندي.“
    ”آئون هن لاءِ بورچي آڻيندس.“ ناصر جواب ڏنو.
    ”صنم ڪپڙا ڪونه ڌوئيندي.“ ڪنوار وارين ڳايو.
    ”آئون ڪپڙا ڌوٻيءَ ڏانهن موڪليندس.“ ناصر جواب ۾ ڳايو. ايئن هن هر شرط جو جواب ڏنو، جنهن کانپوءِ هن طرفان شرط ڏنا ويا.
    ٻنهي طرفن کان مائٽن مينديءَ جا ڀريل ٿالهه آندا هئا، جن تي چانديءَ جا ورق لڳل هئا ۽ ڏيئا پئي ٻريا. ناصر جي مائٽن مان هر هڪ صنم جي تريءَ تي رکيل سوپاريءَ جي تَڙ تي مينديءَ جي چِپٽي گهوري ٿي. امان ۽ اسان وري اها ساڳي رسم ناصر سان ڪئي.
    اُهو جشن اوچتو تڏهن رڪجي ويو، جڏهن اسان جي گهرو ملازمن مان هڪ ڄڻو اوچتو اسان وٽ آيو. ”دروازي تي پوليس آئي آهي.“ هن ٻڌايو ۽ سڄي ڪمري ۾ ڀوائتي ماٺار ڇانئجي وئي. هن ٻڌايو ته پوليس منهنجي لاءِ آئي آهي. پر اسان جي ميجر ڊومو ٻڌايو ته پوليس وارن امان جو پڇيو هو. سڀني مهمانن کان ٿڌا شوڪارا نڪري ويا. امان ٻي نظربندي ڪڏهن به سَهي نه سگهندي.
    ”دوست محمد، هنن کي اندر وٺي اچ. آئون اهو ڪونه چاهينديس ته منهنجن مهمانن جي موجودگيءَ ۾ پوليس دروازا ڀڃي اندر اچي.“ امان سُڪون سان چيو. پوليس اندر آئي، پر اهي به چڱا ويڳاڻا پئي ڏٺا. ”اوهين منهنجي لاءِ ڇو آيا آهيو؟“ امان هنن کان پڇيو. بيمار هوندي به هن جو آواز مضبوط هو. هنن ڊڄندي امان کي مارشل لا جو حڪمنامو ڏنو. الله جو شڪر جو اهو هن جي گرفتاريءَ جو نه، پر پنجاب بدريءَ جو هو. هن جو پنجاب وڃڻ لاءِ ڪوبه ارادو ڪونه هو ۽ ضياءَ کي اها ڄاڻ هئي. هن رڳو اسان کي ڌمڪائڻ گهريو ٿي ۽ ڀٽي خاندان جي خوشين ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ کين تباهه ڪرڻ گهريو ٿي.
    ۽ اهي ڌمڪيون بند نه ٿيون. ٻيءَ صبح جو امان جن ڳائڻن کي شادي ۾ ڳائڻ لاءِ گهرايو هو، انهن وٽان شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اوچتو نياپو پهتو. هنن ٻڌايو ته کين اختياري وارن وٽان مائڪروفون واپرائڻ جي اجازت نه ملي هئي. مارشل لا هيٺ لائوڊ اسپيڪر واپرائڻ جي روڪ هئي. اسان کي ڪابه ڄاڻ نه هئي ته اُن لاءِ واقعي حڪومت مخالفت ڪئي هئي يا ڳائڻن پاڻ هِمت هاري هئي.
    اهي ڌمڪيون ۽ دڙڪا اسان جي مهمانن کي ملڻ لڳا، جن جي گاڏين جا نمبر حڪومت جي انهن جاسوسن پئي لکيا، جيڪي 70 ڪلفٽن پريان گاڏيءَ ۾ ويٺا هئا. حڪومت اڳ ۾ ئي مهمانن جي فهرست وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. امان جي سيڪريٽري روئيندي مڃيو هو، ته حڪومت کيس دڙڪو ڏنو هو، ته جيڪڏهن هن اسان کي فهرست نه ڏني ته اُن جا اگرا نتيجا نڪرندا.
    ان شاديءَ بابت ملڪ وارن کي بهرحال ڄاڻ نه ڏيڻي هئي. اخبارن ۾ ڀٽي جو نالو اوستائين ڇپڻ جي اجازت نه هئي، جيستائين خبر هن خلاف نه هجي؛ جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ صحافي اهڙين بندشن جا هيراڪ ٿي ويا هئا. صنيءَ جي مڱڻيءَ تي هنن لکيو هو، ته ناصر جو ڏاڏو اسان جي ڏاڏي وانگر ڪنهن وقت جهونا ڳڙهه جو وزيراعظم هوندو هو. ”جهونا ڳڙهه رياست جي ٻن اڳوڻن وزيراعظمن جي پوٽيءَ ۽ پوٽيءَ جي شادي.“ اخبارن جي سرخيءَ ۾ چيو ويو. صنم جي شاديءَ ۽ ڪراچي جيل مان منهنجي عارضي آزاديءَ بابت خبر لڳي ته ”ڀيڻ جي شاديءَ ۾ ڀيڻ شريڪ ٿي.“
    70 ڪلفٽن جي دروازن کان اندر اسان جو پختو ارادو هو، ته صنم جي شادي اسان جو ذاتي ۽ خانداني معاملو هو. منهنجي ڀيڻ ڏاڍيون تڪليفون سَٺيون آهن. سياست سان ڪوبه چاهه نه هوندي به هن کي گهِلي سياست ۾ آندو ويو هو، ڇو ته هن جي نالي ۾ ڀٽو لفظ شامل هو. هن بابا جي قتل ٿيڻ کان ٻه مهينا پوءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان بي اي جو امتحان پاس ڪيو هو. هن کي آڪسفورڊ ۾ داخلا ملي هئي، پر هوءَ پنهنجي تعليم تي پورو ڌيان نه ڏئي سگهڻ سبب پاڪستان موٽي آئي هئي. پر ڇو؟ پاڻ هڪ قيديءَ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ هو 70 ڪلفٽن ۾ اڪيلي رهيل هئي. هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڪڏهن جيل ۾ هيون ته ڪڏهن جيل کان ٻاهر. هن جا ڀائر جلاوطن. هن جون اوائل کان ٿوريون ساهيڙيون هونديون هيون ۽ ڀٽو هجڻ سبب کيس اها ڳالهه پسند نه هوندي هئي، ته ماڻهن جو مٿس ڌيان ٿئي ۽ اهي کانئس سنديس بابا بابت سوال پڇندا رهن. هوءَ هاڻي انهن ٿورڙن ماڻهن ۾ اُٿندي ويهندي هئي، جن کي هوءَ ورهين کان سڃاڻندي هئي؛ انهن ۾ ناصر به هو، جيڪو شاهنواز ۽ مير سان گڏ اسڪول ۾ پڙهيو هو.
    ”صنم سان شادي نه ڪر. حڪومت توکي برباد ڪري ڇڏيندي،“ ناصر جي چاچي کيس تنبيهه ڪئي هئي، جڏهن هن اُن شادي ڪرائڻ لاءِ مائٽن کي چيو هو. ”اهو منهنجو فيصلو آهي، نه ڪي اوهان جو.“ هن جواب ۾ چيو هو. ”آئون اُن ڇوڪريءَ سان پيار ڪريان ٿو، اُن لاءِ جيڪا به قيمت چُڪائڻي پوندي، سا آئون ڏيندس“ ۽ اها هن کي ڏيڻي پئي. حڪومت جنهن ماڻهو خلاف هئي، تن کي سزا ڏيڻ جا اُن وٽ ڪيترائي طريقا هئي: ٽئڪس جي جاچ پڙتال ڪرڻ، پرمٽون رد ڪرڻ، فارم جي زمينن جو پاڻي بند ڪرڻ. ناصر جي ڪمزوري پاڪستان ۾ سندس ڪامياب ڪاروبار هو. تُرت هن جي مقاطعن جا واڪ نامنظور ڪيا ويا. جنهنڪري هن جو ڪاروبار پنجهتر سيڪڙو گهٽجي ويو هو. هينئر ناصر ۽ صنم لنڊن ۾ رهن ٿا، جتي کين نئين سر ڪاروبار شروع ڪرڻو پيو هو. پوءِ به هنن جي شادي شاندار ٿي هئي.
    صنم جي مٿي تي قرآن شريف جو ڇانوَ ڪندي امان ۽ آئون هن کي وٺي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿيونسين ۽ سامهون وڏي ڪمري ۾ ويونسين، جتي نڪاح لاءِ چبوترو ٺاهيو ويو هو. اُن موقعي تي صنم کي جيڪا ساڙهي پاتل هئي، تنهن جو رنگ سائو هو، جيڪو خوشيءَ جو اُهڃاڻ آهي. ”ڇا توکي ناصر حسين ولد نسيم عبدالقادر، مُڙس طور قبول آهي؟“ اسان جي سئوٽ عاشق علي ڀٽي هن کان پڇيو. صنم امان ۽ مون ڏانهن ڏسي مُرڪيو ۽ ماٺ ڪري ويٺي رهي. هن کي ڄاڻ هئي ته عاشق علي ٻين ٻن شاهدن اڳيان اهو سوال وري کانئس ٽي ڀيرا پڇندو. هن وري پڇيو ۽ صنم وري به ڪو جواب نه ڏنو. اسلامي احڪامن مطابق اها خاطري ڪبي آهي ته ڪنوار چڱيءَ طرح سمجهي سوچي شادي لاءِ راضپو ڏيکاري. ٽيون ڀيرو پُڇڻ کان پوءِ نيٺ صنم قبوليت ڏني ۽ نڪاح نامي تي صَحي ڪئي. عاشق علي اها خوشخبري انهن ماڻهن کي وڃي ٻڌائي، جيڪي هڪ ٻئي ڪمري ۾ ويٺا هئا. مولوي نڪاح جون دعائون پڙهيون، ۽ منهنجي ڀيڻ ، ڀٽي خاندان جي پهرين عورت هئي، جنهن پنهنجي پسند جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي.
    ناصر جا ٻه ويجها دوست هن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا ۽ هو چبوتري تي اچي ڪنوار ڀرسان ويٺو. ناصر جي سئوٽن ۽ سندس دوستن، گهوٽ- ڪنوار مٿان ريشمي شال جهلي ۽ ٻين عورتن هڪ آئينو هنن وچ ۾ رکيو، تنهن وقت منهنجن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، جڏهن صنم ۽ ناصر آئيني ۾ هڪ ٻئي کي ڏٺو. اها اهڙي روايتي گهَڙي هئي، جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار ساٿيءَ طور پهريون ڀيرو هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا.
    سڄو چبوترو گلاب، گونٽي ۽ ياسمين جي گُلن سان سَٿيل هو، جن جي سُرهاڻ چؤڌاري پکڙجي وئي هئي. صنم ۽ ناصر آسماني رنگ جي بخمل واري صندليءَ تي ويٺا هئا ۽ سندن چؤڌاري مصري، بادمان، سونهري رنگ ڏنل بيدن، اخروٽن ۽ روپن ورقن سان پِستن جا ڀريل ٿالهه رکيل هئا.گهوٽ ۽ ڪنوار ڀرسان چانديءَ جي شمعدانن ۾ ڏيئا پئي ٻريا، ته جيئن سندن زندگيءَ ۾ روشني قائم هجي. صنم جي پرڻيل سئوٽن، جوڙيءَ مٿان مصريءَ جون تَڙون پئي گهوريون، ته جيئن هنن جي حياتي سُٺي گذري. سڄي ماحول ۾ ٽهڪڙا ۽ مُرڪون پکڙجي ويون.
    امان ۽ آئون، صني ۽ ناصر سان ويٺيون هيونسين، ته مهمان هڪ هڪ ٿي اسان وٽ آيا ۽ مبارڪون ڏيڻ لڳا. هنن مان ڪيترائي جيل ۾ رهيا هئا ۽ اهو سندن مُنهن مان پڌرو هو. اهي هيڻا هئا ۽ سندن منهن لَٿل هئا. ”تون ڪيڏي نه تندرست ٿي لڳين.“ هنن مونکي چيو. شال هنن جو اهو ئي مقصد هجي، ڇو ته مون اهوئي پئي گهريو، ته آئون هنن کي اهڙو ڏيکاءُ ڏيان، جيئن بابا سپريم ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ وقت ڏيکاءُ ڏنو هو، ته حڪومت مونکي ڀَڃي ڀوري نه سگهي آهي. ”اوهان کي ڏسي مونکي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي.“ هن هر ڀيري پاڻمرادو اهو ئي پئي ڀُڻڪيو. منهنجو ڳاٽ جيتوڻيڪ اوچو هو، پر اندر ۾ آئون ڏڪيس پي.
    ڇا مونکي وري جيل ۾ واپس وڃڻو پوندو؟ سرڪار وٽان مون تائين اهڙي ڪابه ڳالهه نه پهتي هئي. گوڙ ۾ مونکي منهنجو وڪيل مجيب ڏسڻ ۾ آيو، جنهن مونکي ٻڌايو ته ايندڙ صبح جو کيس سنڌ جي هوم سيڪريٽريءَ سان ملاقات ڪرڻي آهي. جيئن ته منهنجي نظربنديءَ جي مُدت هڪ هفتي اندر پوري ٿيڻ واري هئي، تنهنڪري هن مونکي ٻڌايو ته، هو واسطيدار عملدارن کان اجازت وٺندو، ته اها مدت 70 ڪلفٽن ۾ پوري ٿئي، جتي آئون رهي پئي هجان.
    مهمانن جي موڪلائڻ کان پوءِ، مون مخزنون ۽ اخبارون ميڙي گڏ ڪيون ۽ جيت مار دوائون به کنيون، ته جيڪڏهن پوليس مونکي وٺڻ لاءِ اچي، ته اهي به پاڻ سان لِڪائي، جيل ۾ کڻي وڃان. آئون سڄي رات جاڳندي رهيس ۽ پڇاڙيءَ ۾ هارورڊ ۽ آڪسفورڊ جي پنهنجي پراڻي دوست پيٽر گئلبريٿ کي خط لکڻ ويٺيس. امان مونکي ٻڌايو هو، ته آمريڪي سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ ۾ ڏکڻ ايشيا جي شعبي جو ذمو پيٽر کي سونپيل آهي ۽ هوپاڪستان ۾ آيو هو. هن ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مون سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هن جي درخواست جو حڪومت ڪوبه جواب نه ڏنوهو. بعد ۾ پيٽر پاڻ مونکي ٻڌايو ته ڇا ٿيو هو.

    پيٽر گئلبريٿ، آگسٽ 1981ع:
    مون پاڻ سان پاڪستان ۾ سينيٽر ڪليبورن پيل جو خط آندو هو، جيڪو سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ ۾ اقليتي اڳواڻ آهي. خط ۾ حڪومت کي گذارش ڪيل هئي، ته مونکي بينظير سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. مون پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي وزارت ۽ آمريڪي سفارتخاني کي پڻ سخت تاڪيد ڪيو، جيڪو اُن وقت ڀٽو وارن جو بلڪل مخالف هو.
    حڪومت نه سينيٽر پيل جي گذارش جو، ۽ نه منهنجي درخواست جو ڪو جواب ڏنو. جيتوڻيڪ ڀٽو وارن سان ملڻ لاءِ آمريڪي سفارتخاني منهنجي دل ٽوڙڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي، پر آئون ڪنهن به صورت ۾ 70 ڪلفٽن پهچي بيگم ڀٽي سان مليس. هن جو رنگ هئڊو ٿيو ويو هو ۽ هوءَ ڏاڍي ٿڪل پئي لڳي. هن کي بينظير جي ڏاڍي ڳڻتي هئي، جيڪا گذريل پنجن مهينن کان سکر ۽ ڪراچي جيلن ۾ قيد هئي.
    بيگم ڀٽو مونکي ڪراچي بوٽ ڪلب ۾ صنم، فخري ۽ پاڻ سان گڏ ماني کائڻ جي دعوت ڏني. اسين جيئن 70 ڪلفٽن مان ٻاهر آياسين، ته هن مونکي مُرڪڻ لاءِ چيو.، ڇو ته گهٽيءَ جي هن پاسي کان سيڪيورٽي جي ماڻهن هڪ ڪار مان ٽيليفوٽولينس سان اسان جون تصويرون پئي ڪڍيون. مون سُٺي سياستدان وانگر هٿ لوڏي هنن کي ڀليڪار چيو.
    ماني کائيندي سمورو وقت آئون پِنڪي بابت سوچيندو رهيس،جيڪا قيد ۾ هئي. مون هن کي آخري ڀيرو جنوري 1977ع ۾ آڪسفورڊ ۾ ڏٺو هو، تنهن وقت پِنڪي آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجي آئي هئي ۽ هن صدر جي آفيس ۾ نوَن آيل شاگردن جو ڪو فيصلو پئي ڪيو.
    تڏهن کان هن جي زندگي هڪ اهڙي طرف ڇِڪجي وئي آهي، جنهن جي نه اُميد هئي ۽ نه ئي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. آئون اهو ئي سوچيندو رهيس، ته هوءَ جڏهن واپس پنهنجي گهر پهتي هئي، ته هن پنهنجي پيءُ کي اقتدار تان لهندي، کيس جيل ويندي ۽ ڦاسي چڙهندي ڏٺو هو. ۽ پوءِ پِنڪي ڪيتري وقت تائين اهڙين ڀوائتين حالتن هيٺ جيل ۾ بند رهي. جيئن ته آئون اڪثر انساني حقن جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ ڪندو رهان ٿو، تنهنڪري مونکي ڄاڻ آهي ته اهي تڪليفون ٿينديون رهن ٿيون. پر پوءِ به منهنجي لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو هو، ته اهي تڪليفون هڪ دوست کي پهچايون پيون وڃن. بوٽ ڪلب مان وڃڻ وقت مون بيگم ڀٽي کي بينظير لاءِ هڪ ڊگهو ۽ ٿورو ڳنڀير خط ڏنو هو، جيڪو مون هڪ رات اڳ لکيو هو.
    آمريڪا ۾ واپس پهچي مون فارين رليشنز ڪميٽيءَ لاءِ هڪ رپورٽ ٺاهي، جيڪا آئنده پاڪستان کي وري امداد ڏيڻ بابت هئي. رپورٽ ۾ دليل ڏنا ويا هئا، ته امداد ڏيڻ سبب آمريڪا کي بدنام فوجي آمريت جي پُٺڀرائي ڪندڙ سمجهڻ جو اُلڪو آهي، جنهنڪري ايران ۾ جيڪو آمريڪي تجربو ٿيوهو، تنهن جي ورجاءُ جو امڪان ٿيندو. مون انساني حقن جي نيتيءَ تي زبردست زور ڏنو ۽ اشارو ڏنو ته اسان جي امداد جو مقصد ڪنهن ملڪ جي ڀلائيءَ سان گڏ حاڪمن جي ڀلائيءَ به آهي. نجي طرح مون سينيٽر پيل ۽ ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر چارلس پرسيءَ کي ڀٽو عورتن سان ٿيندڙ ورتاءُ بابت ڄاڻ ڏني. هنن ٻنهي ڄڻن مدد جي خواهش ڏيکاري.منهنجي مرضي هئي ته بينظير کي خبر پوي ته هن کي وساريو نه ويو هو.

    ڪراچيءَ ۾ سِج مس نڪتو هو، ته مون پيٽر جو اوهو مزيدار خط ڪيترائي ڀيرا پڙهيو ۽ هن جي زال اين کي ياد ڪيو ۽ سندس پُٽ ڄمڻ جي خبر تي خوشي ڀانئي. گذريل وقت جون ساروڻيون وري اڀري آيون هيون. مون واپس هن کي خط لکيو:
    10 سيپٽمبر 1981ع
    پيارا پيٽر،
    گذريل رات صنيءَ جي شادي هئي. سڄو گهر گهَري نِنڊ ۾ سُتل آهي. هن وقت صبح جا ڇهه ٿيا آهن ۽ مون وٽ آزاديءَ جا ٻه ٽي ڪلاڪ آهن. آئون توکي جلدي اهو لکي ڄاڻائڻ گهران ٿي، ته تنهنجي خط مونکي ڪيتري نه خوشي ڏني آهي. تو وٽان اهو ٻُڌي، پنهنجن دوستن وٽان اهي خبرون ٻُڌي ۽ اهو ڄاڻي ته تون ڪهڙي نه ڪامياب زندگي پيو گذارين، تنهن تي آئون ڏاڍي خوش ٿي آهيان. تنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جيمي جي ڪاميابيءَ لاءِ آئون سدائين دعاگو آهيان.
    هارورڊ مان، ماضيءَ مان اهو آواز ٻُڌي، هڪ طرح سان ڏاڍي بيقراري ٿي پئي آهي، جيڪو معصوميت واري زماني کي ڌيان سان ٻُڌڻ لاءِ واپس پيو سڏي. ڇا هنن اسان کي اهو سيکاريو هو، ته زندگي ايڏن ڀوائتن جوکن ۽ المين سان ڀرپور ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اسان جيڪي لفظ پڙهيا هئا يا ڪونه پڙهيا هئا، تن جو مطلب گهٽ ۾ گهٽ آئون هينئر چئي سگهان ٿي، ته اُهي منهنجي ذهن ۾ نه ويٺا هئا: آزادي ۽ خودمختياريءَ تي اسان جيڪي مضمون لکيا هئا، پنهنجن استادن کي ڏيکارڻ ۽ گريڊ ماڻڻ لاءِجيڪي مقالا لکيا. پر اسان کي انهن لفظن جي اهميت جي ڄاڻ هئي، جن کي اسان لکي محفوظ ڪيو هو. اسان کي ڄاڻ هئي ته اهي ڪيترا نه قيمتي آهن: هوا جهڙا قيمتي جيڪا اسين ساهه ۾ ڇِڪيون ٿا؛ پاڻي جهِڙا جيڪو اسين پيون ٿا. پر پوءِ اهي اُگريون حقيقتون برف سان ڍڪيل ورمونٽ ۽ هارورڊ جي صحنن ۾ تمام پراڻيون ٿي لڳيون …

    پوءِ صبح جو آئون امان جي سمهڻ واري ڪمري ۾ چانهه کڻي ويس. ”تون مون وٽ ترس.“ هن چيو. ”شايد اسين ٻئي گڏجي مجيب واتان ڪا خوشخبري ٻُڌون.“ اُن کان تُرت پوءِ منهنجو وڪيل اتي آيو، جنهن ٻُڌايو ته هوم سيڪريٽري هن جي درخواست رد ڪئي هئي. جيستائين آئون اُن واعدي تي صَحي نه ڪنديس، ته آئون سياست تي پيل بندش جي ڀڃڪڙي نه ڪنديس، ته آئون جيل ۾ ئي رهنديس. هن کي اهو ئي چيو ويو هو.
    صبح جو ڏهين بجي پوليس وارا آيا. منهنجا مائٽ ۽ گهر جا ملازم آڳنڌ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ موڪلائڻ لڳا. اهي ڪار پٺيان ڊوڙندا آيا، جيئن اها ڪلفٽن کان هيٺ لهي، ايراني سفارتخاني، ڪلفٽن گارڊنس، جتي ٻارڙن لغڙ پئي اڏايا، سوويت سفارتخاني، لبيا جي سفارتخاني ۽ اٽليءَ جي سفارتخاني وٽان لنگهي، سدائين جيان ڪار اڌ خالي پُٺين گهٽين مان تيزيءَ سان جيل ڏانهن رواني ٿي وئي.
    ڪراچي سينٽرل جيل ۾ جيلر جي ڪُنجين جي ڇَڻڪي ۽ ڪُلفَ کلڻ جا ڄاتل سڃاتل آوازن منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. پَڪين سِرن جي اوچين ديوارن ۾ لڳل ننڍڙن لوهي دروازن مان آئون ڦُڙتيءَ سان لنگهندي ويس. درين کانسواءِ ڪَچن لنگهن مان آئون ڳاٽ اوچو ڪيو پنهنجي وارڊ ڏانهن وڌندي ويس. مون اُهو ڪونه ٿي گهُريو ته، ڪو ائين سوچي، ته ٻن ڏينهن جي آزادي مونکي جهِيڻو ڪري ڇڏيو آهي. مونکي اها پڻ اميد هئي ته، اُهي منهنجي جهَڙتي ڪونه وٺندا، 70 ڪلفٽن ڇڏڻ کان اڳ مون پنهنجي بئگ ۾ مخزنون ۽ اخبارون وجهي ڇڏيون هيون.
    آئون پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ پهتيس، ته سدائين جيان بجلي اَلُوپ هئي. پاڻمرادو مون اُن جي شڪايت لکي. پوءِ ٻن ڏينهن تائين آئون بيمار هيس ۽ مونکي معدي ۾ تڪليف ٿي پئي. ”آئون چئي نٿي سگهان، پر آئون ڏاڍي بيمار هيس.“
    ٽئين ڏينهن 13 سيپٽمبر تي خوش قمستيءَ سان مون پاڻ ۾ سگهه ڀانئي. هڪڙو جيلر اُميد مطابق ڊسٽرڪٽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جو مايوس ڪندڙ حُڪم کڻي آيو، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ منهنجي نظربنديءَجي مُدت ۾ وڏيڪ ٽن مهينن جو واڌارو ڪيو ويو هو.
    هاڻي مون اربع ڏينهن واريءَ دعا، هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهرڻ بدران روزانو گهُرڻ شروع ڪئي. اڳ سدائين اُن دعا جو اثر ٿيندو هو. شايد روزانو گهرڻ سبب منهنجي ڪوٺڙيءَ جا دروازا ٻيءَ اربع کان پوءِ ٽين اربع کان اڳ سدائين لاءِ کُلي وڃن. منهنجي خيال ۾ اُن دعا جو اثر هاڻي 30 سيپٽمبر يعني اربع تي ٿيڻ کپندو هو. نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيءَ تاريخ اها هوندي جڏهن آڪٽوبر جي شروع ۾ مارگريٽ ٿيچر پاڪستان ۾ ايندي.
    ضياءَ کي ڪنهن نه ڪنهن تاريخ تي مونکي آزاد ڪرڻو هو ۽ آئون سدائين انهن تاريخن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي هيس، جن مان ڪنهن هڪ تاريخ تي مونکي آزادي ملڻ جي اميد هئي. آئون مارگريٽ ٿيچر کي سُڃاڻندي هيس. آئون راولپنڊيءَ ۾ پرائيم منسٽر هائوس ۾ بابا سان گڏ هن سان پهريون ڀيرو ملي هيس، تڏهن هوءَ مخالف ڌر جي اڳواڻ هئي. وري جڏهن آئون آڪسفورڊ يونين جي صدر ٿيس، تڏهن لنڊن ۾ هائوس آف ڪامنس ۾ هن جي آفس ۾ چانهه تي ساڻس ٻيو ڀيرو ملاقات ٿي هئي. جيڪڏهن ٿيچر جي هتان ٿي وڃڻ کان پوءِ به مونکي آزادي نٿي ملي، ته پوءِ شايد مون کي عيد ڏيهاڙي تي آزاد ڪيو وڃي، جيڪا اُن ورهيه 19 آڪٽوبر تي هئي.حڪومت سدائين رمضان جي پڇاڙيءَ ۾ مذهبي ڏَڻن جو احترام ڪندي، ڪجهه قيدين کي آزاد ڪندي هئي.
    انهن تاريخن مان ڪنهن به تاريخ تي مونکي آزاد نه ڪرڻو هو. 25 سيپٽمبر 1981ع تي ضياءَ جي فوجي حڪومت جي هڪ وزير چوڌري ظهورالاهيءَ کي لاهور ۾ ڪنهن گولي هڻي قتل ڪيو هو. هيءُ اهو شخص هو جنهن ضياءَ کان اُهو قلم سوکڙيءَ ۾ ورتو هو، جنهن سان هن بابا جي موت جي وارنٽ تي صحي ڪئي هئي ۽ بابا کي ڦاسي اچڻ کان پوءِ مٺائي ورهائي هئي. اُن ساڳئي ڪار ۾ هن سان گڏ اُن حملي ۾ مولوي مشتاق حسين به زخمي ٿيو هو، جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس هو، جنهن بابا کي موت جي سزا ڏني هئي. اُن ڪار ۾ بابا جي مقدمي ۾ پيش ٿيندڙ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ايم اي رحمان به هو، جنهن کي ڪا رَهڙِ به نه آئي هئي.
    اخبار ۾ ظهور الاهيءَ جي قتل جي خبر پڙهي مون اُن کي الاهي عذاب ڀانئيو هو. ”هاڻي هن جي زال، ڌيءَ ۽ خاندان کي خبر پوندي ته ڏک جو احساس ڇا ٿو ٿئي.“ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو، ”آئون خوش نه ٿي آهيان، ڇو ته ڪوبه مسلمان ڪنهن جي موت تي خوش نٿو ٿئي. زندگي ۽ موت ته الله جي اختيار ۾ آهي. پر اهو ڄاڻندي اطمينان ٿئي ٿو، ته بديءَ جي سزا ضرور ملي ٿي.“
    منهنجو اهو اطمينان ڪافُور ٿي ويو. حڪومت دعويٰ ڪئي ته اُن تازي تشدد جي ذميدار هڪ ڀيرو وري ’الذوالفقار تنظيم‘ هئي ۽ پوءِ گرفتاريون شروع ٿي ويون. قتل کان هڪ ڏينهن پوءِ مير، بي بي سيءَ کي انٽرويوءَ ڏيندي اُن قتل جو ذمو الذوالفقار جي نالي مڃيو. مير اهو چڱو نه ڪيو. اُن قتل تي جيڪڏهن بحث ٿئي ها، ته هوند ظهور الاهي جو اهڙو بڇڙو ڪردار پڌرو ٿي سگهي ها، جيڪو هن بابا جي موت جي سلسلي ۾ نڀايو هو. پر اُٽلندو سمورو ڌيان الذوالفقار جي فرضي ميمبرن کي ڳولي لهڻ تي ڏنو ويو هو.
    دهشتگرد! خوني! سياسي قاتل! اخبارن ۾ سُرخيون لڳيون. هڪ ڀيرو وري حڪومت سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ لاءِ الذوالفقار کي ڪَتب آندو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا نؤجوان اڳواڻ هڪ ٻئي پٺيان گرفتار ٿيڻ لڳا ۽ ٻين سَون کي جهلڻ جا وارنٽ نڪتا، چئن نؤجوانن کي هريپور جيل ۾ وٺي ويا، جتي هنن کي سخت عذاب ڏنا ويا. بعد ۾ مونکي ڄاڻ پئي ته انهن مان هڪ نؤجوان جو پيءُ احمد علي سومرو ڏاڍي خراب حالت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ميمبر سان وڃي ملاقات ڪئي. هن پوليس کي وڏي رشوت ڏني، ته جيئن هو رُڳو پنهنجي پُٽ کي پري کان ڏسي سگهي، ته اهو جيئرو به آهي يا مري ويو آهي. اخبارن جي رپورٽن مطابق رڳو هريپور جيل ۾ 103 نؤجوان قيد هئا. اُن شهر ڀرسان هڪ ٻئي شهر ۾ ٻه سؤ قيد هئا.
    عورتون به وري گرفتار پئي ٿيون. جن ۾ ناصرا رانا شوڪت به هئي، جنهن کي واپس لاهور قلعي ۾ وٺي ويا هئا. هڪ ڀيرو وري پيپلز پارتيءَ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي زال کي بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا ويا هئا ۽ ٽيويهن ڏينهن تائين هن کي ننڊ نه ڪرڻ ڏني هئي ۽ هن کان رُڳو پُڇاڻو ٿيندو رهيو. ”ان قتل ۾ پنهنجي مُڙس کي ڦاساءِ.“ هن کي حڪم ڏنو ويو. ”بيظير کي ڦاساءِ، بيگم ڀٽي کي ڦاساءِ.“ هن بهادر عورت جيڪي عذاب سٺا، سي سوچ کان مٿي آهن. اُن کان پوءِ هن کي ايندڙ مهيني تائين هڪ اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو، جتي پائخاني جي ڪابه سهولت نه هئي. اتي رڳو هڪ ٿالهه رکيل هو، جيڪو اُهي هفتي ۾ ٻه ڀيرا بدلائيندا هئا. هن سڄو سيارو سيمينٽ جي فرش تي هڪ سُئيٽر سان، هنڌ ۾ سَوڙ کانسواءِ سُمهي گذاريو ۽ ذري گهٽ نمونيا ۾ مرڻ واري هئي. پوءِ نيٺ جڏهن هن کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو، تڏهن هوءَ نه هلي سگهي پئي، ۽ نه ئي ڳالهائي سگهي ٿي.
    ظلم ۽ ڏاڍ جي اُن نئين حملي دؤران مارگريٽ ٿيچر ملڪ ۾ آئي. ٻه ورهيه اڳ اخبارن ۾ بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ ڇپي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو، ته بابا جي موت واري سزا جي معافيءَ لاءِ سڄي دنيا ضياءَ کي اپيلون ڪيون هيون، جيڪي هن رد ڪيون هيون. تنهنڪري اهو سوچي به نه پيو سگهجي، ته مغرب جي ڪنهن حڪومت جو اڳواڻ پاڪستان جي دؤري تي ويندو. پر افغانستان تي سوويت روس جي حملي، مغرب جا اهي سڀيئي شرط رد ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي اُٽلندو بي بي سيءَ جي رپورٽ مطابق برطانيا، ضياءَ جي نيڪناميءَ لاءِ هر ڪا ڪوشش پئي ڪئي. البت اها ڳالهه اطمينان واري هئي، ته دنيا جي اخبارن اُن حقيقت کي سمجهي ورتو هو،ته ضياءَ اڃا تائين اڳي جيان بيشرم قاتل هو،جيڪو رُڳو ٻاهرين طاقتن جي مدد سان پنهنجي عهدي کي چنبڙيل هو. پوءِ به اخبارن ۾ اهو پڙهي صدمو پهتو هو، ته افغان پناهگيرن جي ڪئمپن کي ڏسڻ کان پوءِ مارگريٽ ٿيچر، ضياءَ کي سَند ڏيندي اعلان ڪيو هو ته ”هو آزاد دنيا جو آخري بُرج آهي.“
    ريگن انتظاميا آمريڪي امداد جي بحاليءَ لاءِ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال کي جنهن نموني بگاڙي سامهون آڻڻ جي مُهم پئي هلائي، تنهن بابت خبرون پڙهي منهنجي مايوسي ويتر وڌي وئي هئي. ”ٿي سگهيو ٿي ته ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اُن (امداد) جي مخالف ڪري ها، پر اڪثر عام ماڻهو اُن جو مخالف ڪانهي، ڇو ته هنن سمجهيو آهي، ته مُدي خارج هٿيارن سبب پاڪستان جي سلامتيءَ کي وڏو جوکو آهي.“ پاڪستان لاءِ نامزد سفير رونالڊ اسپيئرس سيپٽمبر ۾ سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ اڳيان تصديق ڪندي ٻڌايو هو. هن جو اهو چوڻ بلڪل غلط هو، ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ”اڪثر عام ماڻهن“ جي اڪيلي نمائنده جماعت هئي، ٻيو ته اسين رڳو ٻاهرين امداد جا نه اڳ مخالف هئاسين ۽ نه هاڻي آهيون. پر اسين رُڳو اُن امداد خلاف آهيون. جنهن جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان تي فوجي قبضو قائم هجي. پوءِ به اها دليل بازي اونڌي ٿيندي رهي. انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ جيمس بيوڪلي، جنهن جي ذمي امداد جو انتظام هو، تنهن پڻ تصديق ڪئي ته چونڊون ”پاڪستان جي سلامتيءَ جي مفاد ۾“ ڪونهن، ڄڻ اسين جمهوري پارٽيءَ وارا هڪ آمر کان به وڌيڪ دشمن آهيون!
    تڏهن مونکي اها ڄاڻ نه هئي، ته انهن بيانن پٺيان ڪجهه آمريڪي سياستدانن، مسٽر بيوڪلي جي خيالن جي ماٺ ميٺ ۾ مخالفت پئي ڪئي. پيٽر گلئبريٿ اُن پختي ارادي سان واشنگٽن واپس ويو هو، ته هو اتي پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو کڻندو ۽ منهنجي آزادي لاءِ ڪوشش ڪندو. سينيٽر پيل سان گڏ ڪم ڪندي پيٽر صاف سُٿري حڪمت عملي جوڙي. جڏهن به آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان جو سوال ٿي اُٿيو، تڏهن اُن سان گڏ انساني حقن ۽ منهنجي نظربندي به بحث هيٺ ٿي آئي. آمريڪي انتظاميا ۽ ضياءَ جي آمريت کي اهڙو وجهه ئي ڪونه ڏيڻو هو، ته اهي پاڪستان ۾ سياسي قيدين کي وساري ڇڏين. نيٺ هنن کي اها اميد نظر آئي، ته حڪومت تي دٻاءُ وجهي کيس لاچار ڪيو وڃي، ته اُها منهنجي ۽ ٻين قيدين جي بيواجبي نظربنديءَ جي معاملي بابت تڪرار هلڻ بجاءِ آزاديءَ جو سولو فيصلو ڪري.
    مونکي اهو بعد ۾ پڙهڻ جو وجهه مليو هو ته سينيٽر پيل، جيڪو پاڪستان جي بحال ڪيل امداد جو مخالف هو، ڪيئن نه پنهنجي اُن حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرايو هو. ”ضياءَ جي حڪومت کي آمريڪي امداد جي نهايت نمايان علامت ايف 16 آهي.“ ’انڊيا ٽوڊي‘ جي رپورٽ مطابق سينيٽر پيل، انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽس بيوڪلي کي چيو. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڀروسو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي پائمالي حدون اورانگهي وئي آهي. ڇا تنهنجي ويچار ۾ هنن جو اهو چوڻ صحيح آهي؟“ جڏهن مسٽر بيوڪلي اُن جو مبهم جواب ڏنو هو، تڏهن سينيٽر پيل واضح لفظن ۾ چيو، ”ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته صدر ضياءَ ڦاهي چاڙهي قتل ڪيل اڳوڻي وزيراعظم ڀٽي جي بيواهه ۽ نياڻيءَ سان انتقامي جنگ پيو وڙهي.“ سينيٽر هن تي حملو ڪيو. ”مونکي اچرج آهي ته انتظاميا، پاڪستان جي حڪومت وٽ ڀٽي عورتن جي قيد ۽ ساڻن ٿيندڙ جُٺين تي ڪو آواز به اٿاريو آهي يانه ؟“ جواب ۾ انڊر سيڪريٽري بيوڪلي ”خانگي حڪمت عملي“ ذريعي ڪوشش جو واعدو ڪيو، جيڪي ڪجهه به نه ڪرڻ لاءِ ڳجها لفظ آهن. پر گهٽ ۾ گهٽ سينيٽر پيل پنهنجي بيان جي سچائيءَ کي ثابت ڪيو.
    نئين انتظاميا طرفان ڪيل گذارشن ۽ افغانستان بابت ڏيکاريل ڳڻتيءَ بابت آمريڪي ڪانگريس جي روايتي لحاظ سينيٽر پيل ۽ ٻين جي اٿاريل انهن اعتراضن جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو هو، جيڪي هنن ضياءَ جي انساني حقن جي ريڪارڊ ۽ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ ڪيا هئا. ڪانگريس جيتوڻيڪ تجويز ڪيل سموري امداد جو خاڪو منظور ڪيو هو، پر تڏهن به سينيٽر پيل پنهنجي ساٿين کي اها ڳالهه مڃائڻ ۾ سوڀارو ٿيو هو ته اهي اُن ۾ اها ترميم ضرور ڪن ته ”پاڪستان ۾ مڪمل شهري آزاديون هڪدم بحال ڪيون وڃن ۽ نمائنده حڪومت تُرت جوڙي وڃي.“ جيتوڻيڪ پيل جي اُن ترميم جو اثر عملي طرح ڪو گهڻو نه ٿيو هو، پر اها ضياءَ جي آمريت جي پيشانيءَ تي ڪارائتو ڌَڪ هو.

    ڪراچي سينٽرل جيل ۾ عيد آئي ۽ هلي وئي، پر مونکي آزادي نه ملي. پٺاڻ ميٽرن مونکي ٻڌايو ته، اُن موقعي تي جيڪي قيدي آزاد ٿيا، تن ۾ سياسي قيدي به هئا. اهو ٻُڌي مونکي خوشي ٿي ته اهي آزاد ٿي پنهنجن مائٽن سان وڃي مليا. جيل جي عملي مان ڪيترن ئي عيد جي موقعي تي مونکي مبارڪون ڏنيون. هڪ جيلر جي زال مون کان منهنجي قميص گهرائي، ته جيئن هوءَ عيد لاءِ منهنجا ڪپڙا سِبي سگهي. جڏهن ته هڪ ٻئي جيلر مون ڏانهن نياپو ڪيو، ته هو اختياري وارن تي زور وجهندو، ته منهنجي ڪوٺڙيءَ واري بلاڪ جي بجلي جلد بحال ٿئي. ”مونکي اميد آهي ته جڏهن سُٺا ڏينهن ايندا، تڏهن چڱن ماڻهن کي ضرور ياد رکيو ويندو.“ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو.
    عيد جي موقعي تي هڪ سياسي قيديءَ کي آزاد ڪري، ٻين ڏهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پئي ويو. مون اخبارن ۾ پڙهيو ته شاگرد اڳواڻ لالا اسد کي جهلڻ لاءِ پوليس ڇاپا پئي هنيا. لالا اسد پارٽيءَ جو سچو حمايتي هو ۽ مون دعا پئي گهري ته شال هُو پوليس جي هٿ نه چڙهي. 1981ع ۾ منهنجي آزاد رهڻ واري عرصي جي پڇاڙيءَ ڌاري جڏهن آئون انهن شاگردن کي سَندون ڏيڻ لاءِ خيرپور وئي هيس، جن کي فوجي حڪومت خلاف احتجاج سبب قيد جون سزائون مليون هيون، ته مون لالا اسد جي پُٽ جي جنم سالگرهه ۾ وڃڻ جو بهانو ڪيو، جنهن جو نالو بابا جي نالي تي ذوالفقار هو. لالا اسد پاڻ بابا جي پُٺڀرائيءَ سبب ٻه ورهيه قيد جي سزا ڪاٽي هئي. هن جو بابا اڳوڻي اولهه پاڪستان جو وزير هو، جنهن پاڪستان لاءِ محمد علي جناح سان گڏ جدوجهد ۾ حصو ورتو هو. هن مون سان ملاقات لاءِ چيو. هو بيمار ۽ بستري داخل هو، تڏهن به اُهو ڪُراڙو شخص مون وٽ آيو ۽ هن مونکي منٿ ڪئي ته آئون سندس پُٽ تي زور رکان، ته هو سياست تان هٿ کڻي.
    ”آئون گهڻو وقت جيئرو ڪونه رهندس.“ لالا اسد جي بابا مونکي ٻڌايو. ”جڏهن ڀٽو صاحب جيل ۾ هو، ته مون پنهنجي پُٽ جي سياسي سرگرمين ۾ ڪڏهن به دخل نه ڏنو هو. هاڻي جڏهن وزيراعظم هن دنيا ۾ ڪونهي، تڏهن آئون چاهيان ٿو ته، منهنجو پُٽ منهنجي سارسنڀال لهي ۽ پنهنجي گهر واريءَ ۽ ٻار کي سنڀالي. آئون جڏهن هيءَ جهان ڇڏي وڃان، پوءِ هو تنهنجي ۽ تنهنجي پارٽيءَ جي ڪم لاءِ آزاد هوندو. پر حياتيءَ جي هنن آخري ڏينهن ۾ مونکي پنهنجي پُٽ جي گهرُج آهي.“ مون هن سان وچن ڪيو، ته آئون لالا اسد سان ڳالهائينديس ۽ مون هن سان ڳالهايو به. منهنجي وڃڻ کان پوءِ اتي ڇا ٿيو هو، تنهن جي مونکي ڪابه ڄاڻ ڪانهي، ڇو ته هڪ مهيني کان پوءِ مونکي جهلي، سکر جيل ۾ وٺي ويا هئا. هاڻي هڪ ورهيه پوءِ لالا اسد کي الذوالفقار جو اڳواڻ سمجهي ڳوليو پيو وڃي. آئون چئي نٿي سگهان، ته اهو الزام ڪيتريقدر صحيح آهي.
    دهشتگردي. تشدد. ڇا انهن جو اَنت به ٿيندو يا نه؟ رڳو گذريل ٿورن مهينن ۾ ٽي صدر قتل ڪيا ويا آهن: بنگلاديش جو صدر ضياءَ الرحمان، ايران جو صدر رجائي ۽ ويجهڙائي ۾ 6 آڪٽوبر تي مصر جو صدر انورالسادات. صدر سادات، هن جي خاندان ۽ سندس پرتشدد موت جو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ننڍي هوندي آئون هن کان اڳي صدر جمال عبدالناصر جي سخت مداح هيس. هن سوئيز جنگ ۾ انگريزي بيٺڪي راڄ ۽ آمريڪي حاڪميت خلاف جيڪا ويڙهه ڪئي هئي، تنهن کان آئون ڏاڍي متاثر ٿي هيس. مونکي ناصر پربت جيڏو لڳندو هو، جنهن ماضيءَ جي متروڪ بادشاهن ۽ شهنشاهن جي مِٽيءَ مان مساوات جي نئين دنيا اَڏڻ جو واعدو ڪيو هو. مون 70 ڪلفٽن ۾ پنهنجي بابا جي لائبريريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي هن بابت لکيل ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هئا، جن ۾ پاڻ سندس لکيل ڪتاب ”انقلاب جو فلسفو“ به هو.
    آئون سادات جي ڪا گهڻي مداح نه هيس، جيڪو پنهنجي ڀروسي جوڳي اڳواڻ خلاف ٿي ويو هو ۽ جنهن 1970ع ۾ مصر جي صدارت جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ، هن جي پاليسين کي پٺتي ڌِڪي ڇڏيو هو. پر پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ سادات جي موت جي خبر پڙهي، آئون ڏڪي وئي هيس. بابا جيتوڻيڪ اُن امن جو سخت مخالف هو، جيڪو سادات اسرائيل سان ڪيو هو، پر بابا جي جان بچائڻ لاءِ سادات اپيل ڪئي هئي. ايران جي شاهه ۽ سندس ٻارن کي به مصر جي صدر پاڻ وٽ پناهه ڏني هئي، جيتوڻيڪ اُن جي مخالفت به ٿي هئي. ۽ جڏهن شاهه ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مُئو هو، ته سادات هن کي دفنائڻ لاءِ سرڪاري طرح حڪم ڏنو هو. دنياداريءَ جي سياست ۾ اهڙي روحاني دريادليءَ ورلي نظر ايندي. هن سياسي اختلافن ۽ تڪرارن کان نٽائيندي اهو ئي ڪيو، جيڪو هن جي خيال ۾ صحيح هو. هاڻي هو به هن دنيا مان هليو ويو هو.
    مونکي مايوسي وڪوڙي وئي هئي. هر رات آئون جڏهن ڀَرت ڀرڻ ويهندي هيس، ته مونکي مٿي ۾ سخت سُور ٿيندو هو. 21 نومبر جي رات جو منهنجي ڀاءُ شاهه جي جنم تاريخ تي، اوچتو منهنجي نڙي گهٽجي وئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. آئون اُٿي وڃي هنڌ تي ليٽيس پر پنهنجا ڳوڙها جهلي نه سگهيس، جيڪي اکين مان لارُون ٿي وهڻ لڳا هئا. منهنجا ڀائر ڪٿي هئا؟ اهي ڪهڙي حال ۾ هئا؟ عيد کان تُرت پوءِ مير ۽ شاهه ٻنهي ڄڻن ڪابل ۾ ٻن افغان ڀينرن – فوزيا ۽ ريحانا سان شادي ڪئي هئي، جيڪي اتي جي ڪنهن اڳوڻي سرڪاري ملازم جون ڌيئرون هيون. هنن بابت اسان کي رڳو ايتري ڄاڻ هئي. آئون ڏاڍو خوش ٿيس ته انهن ڏکين ڏينهن ۾ منهنجن ڀائرن کي پيار، همدردي ۽ جذباتي سُڪون جو ڪو وسيلو ملي ويو هو. پوءِ آئون ايترو ملول ڇو هيس؟
    آئون اڌ جاڳ ۽ اڌ ننڊ جي حالت ۾ پئي هيس. مون سَپنو ڏٺو ته مير ڳجهيءَ طرح پاڪستان ۾ آيو آهي. هو افغانستان مان نڪري، جابلو لَڪن مان هلي، سنڌو درياءَ جهاڳي آيو آهي ۽ 70 ڪلفٽن ۾ هڪ ڪَٻٽ ۾ لڪو پيو آهي. فوج گهر تي ڇاپو هڻي ٿي. فوج جيئن ڪَٻٽ کولي ٿي ۽ کيس ڏسي ٿي، ته اوڏيءَ مهل منهنجي اک کُلي ٿي وڃي.
    مون غلط شڪار جو سَپنو ڏٺو هو. ٻيءَ صبح جو مون پڙهيو، ته پوليس گولي هڻي لالااسد کي ماري ڇڏيو. منهنجي مٿي ۾ سُور گهڻو وڌي ويو. اخبار جي رپورٽ مطابق ڪراچيءَ جي فيڊرل بي ايريا ۾، لالا اسد پوليس سان چڪريءَ ۾، هڪ سپاهيءَ کي گولي هڻي مارڻ کان پوءِ، پاڻ به پوليس جي گولين جو کاڄ بڻجي ويو هو. ڪيترن ئي مهينن تائين مونکي اصل سچائيءَ جو پتو نه پيو. حقيقت ۾ لالا اسد اُن وقت هٿين خالي هو. سپاهي هڪ ٻئي سپاهيءَ جي گولي لڳڻ سبب مُئو هو. لالا اسد جڏهن اُن حملي مان پاڻ بچائي نڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته، هن کي بيرحميءَ سان گولي هڻي ماريو ويو هو.
    لالا اسد به مري ويو. هاڻي هن جو رَتُ به جنرل ضياءَ جي ورديءَ تي هو. لالا اسد جو والد ڇا سوچيندو هوندو. پنهنجي حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾، پُٽ کي پنهنجي سارسنڀال لهندي ڏسڻ بدران هاڻي هو هن جي لاش کي ڏسندو. اهو ظلم نيٺ ڪڏهن ختم ٿيندو؟
    ”سڄي ملڪ ۾ الذوالفقار جي دهشتگردن جون گرفتاريون ٿين پيون ۽ پوليس هزارين ماڻهن کي جهليو آهي.“ 26 نومبر جي اخبار ۾ خبر ڇپي. سڄي ملڪ ۾ پوليس گهرن، نؤجوانن جي هاسٽلن ۽ هوائي اڏن جي نظرداريءَ پئي ڪئي. ڪراچيءَ مان ٻاهر ويندڙ سڀني رستن جي خاص هنڌن تي جهَڙتيون ورتيون پئي ويون. اخبارن مطابق پوليس ڪارن جي درين تي لڳل ڪارن شيشن مان اندر ڏسڻ لاءِ خاص دوربينون پئي ڪَتب آنديون. پوليس ميڪ اپ ڪندڙ آرٽسٽن سان به لاڳاپي ۾ هئي ته جيئن ”روپوش ٿيندڙ“ ماڻهن کي ويس بدلائڻ کان روڪي سگهي.
    منهنجي ڳڻتي ويتر وڌي وئي هئي. لالا اسد جي موت جي ڏک مون کي ويڳاڻو ڪيو هو. مون دعا گهُري ته هو مونکي انهن دَڙڪن جي معافي ڏئي، جيڪي مون کيس ڪيترائي ڀيرا ڏنا هئا. 70 ڪلفٽن ۾ هن ۽ ٻين شاگرد اڳواڻن جون تصويرون رکڻ سبب مون سخت پيڙا ڀانئي ٿي. اُهي تصويرون گهر تي آخري ڇاپي هڻڻ وقت پوليس کڻي وئي هئي ڇا هنن انهن تصويرن ذريعي کيس سُڃاتو هو؟
    مون پنهنجن هٿن پٺيان، اکين توڙي ڳلن چؤڌاري ۽ پيشانيءَ تي ڄاريءَ جهڙيون لِيڪون ڏٺيون. مون سوچيو ته اهي سکر ۾ گرم خشڪ موسم ۽ هوائن سبب ٿيون آهن، پر لڳو ٿي ته اهي لِيڪون سدائين رهنديون. آئون تيزيءَ سان وڏي ڄمار جي پئي ٿيس.
    11 ڊسمبر تي، جنهن ڏينهن منهنجي نطربنديءَ جو مُدو پورو ٿيڻو هو، مون پاڻ کي ڪنهن نئين حڪم ملڻ لاءِ تيار ڪيو. مونکي ڄاڻ هئي، ته پوليس جي وٺ پڪڙ کان پوءِ مونکي آزاد ڪونه ڪيو ويندو. منهنجي ماني هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ ئي پهچي وئي هئي ۽ گڏوگڏ منهنجي نظربنديءَ جو حڪم به اچي ويو هو. پر پتو پيو ٿي ته سينيٽر پيل جو نياپو به پاڪستان ۾ پهچي ويو هو. ٻه هفتا پوءِ هڪ ٽپهريءَ جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اوچتو مون وٽ آيو. ”پنهنجو سامان ٻَڌي تيار ڪر.“ هن ايندي شرط چيو. ”توکي پوليس جي نظرداريءَ ۾ سڀاڻي صبح جو پوڻين ڇهين وڳين لاڙڪاڻي وٺي ويندا.“
    اُن ڏينهن موڪلائڻ وقت ميٽرن روئي ڏنو هو. پٺاڻ ميٽرن روئيندي، مونکان معافي ورتي هئي ته متان سنديس بيوقوفيءَ سبب مونکي ڪو ڏک پهتو هجي. اهو ڏسي مون پاڻ به روئي، جيتوڻيڪ مون چاهيو هو ۽ سوچيو هو ته مونکي هتان ڪڍي، وڃي گهر ۾ نظربند ڪندا، پر ڪراچي سينٽرل جيل ۾ وڇايل ڳُجهي ڄار مان نڪرڻ سبب مونکي اوچتو ڏَڪڻي وٺي وئي. اتي جا همدرد جيلر ورلي ’انٽرنيشنل هيرالڊ‘، ’ٽريبون‘، ’ٽائيم‘ يا ’نيوزويڪ‘ جا پرچا مون ڏانهن موڪلڻ جي اجازت ڏيندا هئا، جيڪي آئون ڏاڍي چاهه سان پڙهندي هئس. ڪراچي ۾ آئون پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ جي پڻ ويجهو هيس. هاڻي المرتضيٰ جي ڳوٺاڻي اڪيلائي ۾ آئون هنن سڀني کان پري هونديس.
    27 ڊسمبر 1981ع تي پرهه ڦٽيءَ جو ئي پوليس مونکي وٺڻ لاءِ آئي. مون پنهنجي ڀوائتي ۽ گهِميل ڪوٺڙيءَ تي پڇاڙڪي نِهار وڌي. اها ڇڏڻ تي مونکي نراسائي ڇو ٿي هئي؟ پر آئون بلڪل ايئن ملول هيس. نظربنديءَ جا سالَ به پنهنجو اثر ڇڏين ٿا. آئون ڪنهن اَڄاتل اثر کان ڊڄي وئي هيس.


    اڪيلائي جا ٻيا ٻه ورهيه ننڍي جيل ۾

    سُڃاڻپ. سُڪون. گهر. اُن سچائيءَ کي هڪ طرف رکندي ته ڪمپائونڊ اندر هڪ ڀيرو وري فرنٽيئر فورسز جا سپاهي چؤڪسي لاءِ مقرر ڪيل هئا ۽ منهنجي نظربنديءَ جي چوڪسيءَ لاءِ جيل جو ٿورو عملو روزانو المرتضيٰ ۾ ايندو هو، مونکي پنهنجي ظاهري سڀاڳائيءَ تي ڏاڍو سُڪون ٿيو. مارشل لا اختياريءَ وارن مونکي ٻڌايو هو، ته ڪجهه گهريلو ملازمن کي ڏينهن جو المرتضيٰ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني ويندي. آئون ٽيليفون ڪَتب آڻي سگهنديس ۽ وڏي ڳالهه ته هر ٻن هفتن ۾ ٽي ماڻهو مون سان ملاقات ڪري سگهندا. اڪيلائپ جي قيد ۾ اٽڪل ڏهه مهينا رهڻ کان پوءِ اهي رعايتون ڪنهن شاندار هوٽل ۾ رهڻ جهڙيون هيون. مون گهر ۾ اُها پهرينءَ رات، گرم پاڻيءَ سان گهڻو وقت وهنجندي ۽ هٿن پيرن جا نُنهن لاهيندي ملهائي.
    پر مون اُن ۾ ٿوري تَڪڙ ڪئي هئي. مونکي ٽيليفون تي رڳو پنهنجن مائٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ملي هئي ۽ سياسي مامرن تي ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي. فون اڪثر بند هوندو هو. منهنجو فون اڪثر ڪٽيو ويندو هو يا اهو مورڳو بند ٿي ويندو هو. مونکي پوءِ ڄاڻ پئي ته ائين ڇو ٿيندو هو: فون جون تارون چؤديواريءَ کان ٻاهر ٺاهيل فوجي چؤنڪي سان ڳنڍيل هونديون هيون.
    هر ٻن هفتن ۾ ٽن مهمانن سان ملاقات واري ڳالهه به ڪُوڙ هئي. اجازت واريءَ فهرست ۾ رُڳو امان، چاچي مانا ۽ صنم جا نالا هئا. اُهي سڀيئي ڪراچي ۾ رهنديون هيون، جتان هوائي سفر ۾ ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳندو هو ۽ سنڌ اندر هوائي سفر جي مناسب سهوليتن نه هجڻ سبب اُهو سفر ويتر وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو هو. صنم جنهن کي هاڻي پنهنجي مُڙس جي خدمت ۽ گهر جي سنڀال ڪرڻي هئي، رُڳو هڪ يا ٻه ڀيرا آئي هئي. بيمار امان به ورلي ملاقات لاءِ آئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه سياسي ڄاڻو سڃاڻو هئا، جيڪي سولائيءَ سان مون سان ملاقات ڪري پئي سگهيا، پر جيل اختياريءَ وارن کي اها ڳالهه پسند نه هئي. حقيقت ۾ آئون وري اڪيلائپ جي قيد ۾ موٽي آئي هيس. جيل جي عملي مان ته ڪير ايندو ئي ڪونه هو، پر جڏهن ڪو ملاقات بعد هليو ويندو هو، تڏهن ڳالهائڻ سبب مونکي ڄاڙين ۾ سُور ٿي پندو هو. اُن اَپار ماٺار ۾ ڪنهن ٻئي سبب نه، تڏهن به رڳو انساني آواز ٻُڌڻ لاءِ مونکي پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ کپندو هو، پر منهنجو اوڏانهن ڌيان ئي ڪونه ويو هو.
    هر ٽن مهينن کان پوءِ نظربنديءَ جا نوان حڪمناما باقاعدگيءَ سان ايندا هئا. هاڻي ته مونکي اُهي لفظ ياد ٿي ويا آهن: ”جيئن ته ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي خيال ۾ مس بينظير ڀٽي کي اُن مقصد جي هاڃو رسائيندڙ قدم کڻڻ کان روڪڻ لاءِ. جنهن لاءِ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي، يا پاڪستان جي سلامتي، عوام جي امن يا مفاد يا مارشل لا جي اثرائتي انتظام کي ڪو جوکو ٿئي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ڄاڻايل مس بينظير ڀٽو کي نظربند رکيو وڃي…“
    وقت اڳي کان به وڌيڪ ڳؤرو ٿي ويو هو. اُتي پڙهڻ لاءِ صبح جو ڇپيل اخبارون نه هيون، ۽ نه ئي ’انٽرنيشنل هيرالڊ ٽريبيون‘ هئي. عربي ٻولي سِکڻ وارن پروگرامن، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ضياءَ جي خبرن، حڪومت جي سياسي سرگرمين بابت ذهن کي اجايو متاثر ڪندڙ دستاويزي پروگرامن ۽ ڪجهه اڌ ڪلاڪ جي ناٽڪن کانسواءِ ٽيليويزن تي ٻيا ڪي پروگرام ئي ڪونه هوندا هئا. تنهنڪري مونکي پڇتاءُ ٿيندو هو ۽ پوءِ آئون ڪيتري وقت تائين پاڻ کي جَک کائيندي رهندي هيس. تون الله جي ناشڪري نه ڪر، آئون وري پاڻ کي چِتائيندي هيس، تو وٽ تنهنجو گهر آهي. تو وٽ کاڌو ۽ ڪپڙو آهي. تون انهن سڀني لاءِ سوچ، جيڪي انهن نعمتن کان وانجهيل آهن. منهنجون چاهنائون، گهڙيال جي لُڏڻي جيان پئي لُڏيون.
    وقت گذارڻ لاءِ آئون کاڌو رڌڻ سِکيس ۽ امان رڌ پچاءَ جا جيڪي پُراڻا ڪتاب رڌڻي ۾ ڇڏي وئي هئي، تن ۾ لکيل ترڪيبن مطابق آئون کاڌو رڌيندي هيس. چلها پوريءَ طرح سان ڪم نه ڪندا هئا ۽ ٿانوَ به ٿورا هئا. بيدن کي ڦيهڻ لاءِ ڪو ٿانوَ ڪونه هو. آئون کاڌي ۾ ڪَڙهي، ڀت، دال يعني جيڪو به رڌيندي هيس، سا ڄڻ ننڍڙي سوڀُ هوندي هئي. ڀينڊين ۽ مرچن وانگر جيڪي ٽي ورهيه اڳ المرتضيٰ ۾ نظربنديءَ وقت امان پوکي اپايون هيون، آئون جيڪو کاڌو ٺاهيندي هيس سا اُن جي خاص اهميت ٿيندي وئي. آئون پنهنجي رڌيل ڀَت جي پيالي ڏانهن ڏسندي هيس ۽ مونکي اُن ۾ ثبوت نظر ايندو هو ته آئون موجود هيس. مون اهو کائڻ جوڳو رَڌيو هو. آئون کاڌو رڌيان ٿي، تنهنڪري آئون آهيان.
    مونکي امان جي لاڳيتي ڳڻتي هوندي هئي. چار مهينا ٿي ويا هئا جو هن ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مون سان ملاقات ڪندي مونکي ٻڌايو هو ته، سنديس ڊاڪٽر کي شڪ هو، ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر آهي. جيڪڏهن کيس سچ پچ ڪينسر هو، ته پوءِ وقت هن جي هٿان نِڪرندو پئي ويو. ڦڦڙن جي ڪينسر جي ڪَچيءَ ۾ سڃاڻپ ۽ علاج سبب اُن کي روڪي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اُن جو علاج نه ڪجي، ته مريض جلدي مري وڃي ٿو. وڌيڪ تشخيصي آزمائشن لاءِ ڊاڪٽر هن کي غذائون کارائڻ لڳو، ته جيئن سندس جسم طاقتور ٿئي. آخري آزمائشون وڌيڪ قطعي هيون. ڊاڪٽرن جي راءِ هئي ته سنديس کاٻي ڦڦڙ وارو داغ وڌيڪ جوکائتو هو. هنن حڪومت کي رپورٽ ڏني، ته هن جو پاڪستان ۾ علاج ٿي ڪونه سگهندو. پوءِ به امان جي اُن درخواست تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو. جنهن ۾ هن پاسپورٽ واپس ڏيڻ لاءِ لکيو هو ته جيئن هوءَ علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه وڃي سگهي. فواهه اهو هو ته وزارت داخلا لاچار هئي، ڇو ته امان جو فائيل ضياءَ پاڻ سان گڏ بيجنگ کڻي ويو هو.
    هڪ مهينو گذري ويو، پر حڪومت امان کي پاڪستان مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني. پوءِ هڪ ٻيو مهينو به لنگهي ويو. ڪابه اميد نه ڏسي امان جي ڊاڪٽرن ڪراچيءَ ۾ هن جو ڪيميائي علاج شروع ڪيو. جڏهن امان مونکي فون تي پهريون ڀيرو اها ڄاڻ ٻڌائي ته پوءِ ڪيترائي فون ڪيا ته منهنجي مايوسي ڪاوڙ ۾ بدلجي وئي. هن اقرار ڪيو ته سنديس وار ڇڻيا پئي۽ وزن گهٽ ٿيندو پئي ويو ۽ مون سان ملاقات نه ڪرڻ لاءِ هن افسوس ڏيکاريو. هن وٽ نه رهڻ ۽ سندس ڪا مدد نه ڪرڻ سبب مون پاڻ کي ڏاڍو لاچار ڀانئيو هو.
    اخبارن تي بندش هوندي به سنديس اُن ڏکائتي حالت جون خبرون ملڪ ۾ پکڙجي ويون هيون. ”امان کي عوام ڪونه وساريو آهي.“ صنم مونکي ٽيليفون تي خاطري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ”هن جي صحت لاءِ ماڻهو لاڳيتو پڇندا رهن ٿا. لڳي ٿو ته سفارتخانن جي دعوتن ۽ ڪافي پارٽين ۾، بس اسٽاپن تي ۽ سينيمائن ۾ ڪچهريءَ جو اهو مُک موضوع آهي.“
    ”ضياءَ هن کي نيٺ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندو.“ مون ڀروسي سان چيو ۽ پاڻ کي پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ضياءَ تي زور وڌي ويو، تڏهن به هن امان کي اجازت نه ڏني. اُن بدران ٽي مهينا اڳ ڊاڪٽرن جي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ به ضياءَ فيڊرل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ته جيئن ڄاڻ پئجي سگهي ته هوءَ واقعي ايتري بيمار آهي، جو هن جو ملڪ کان ٻاهر علاج ٿئي.
    فيڊرل ميڊيڪل بورڊ. هڪ ننڍڙو فرق. ايوب خان جي زماني کان جڏهن ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي بندش پيل هئي، پاڪستان جي شهرين کي پاسپورٽ وٺڻ لاءِ ڪنهن به ميڊيڪل بورڊ جي سفارش جي گهرُج نه هوندي هئي. بابا جي حڪومت ۾ پاسپورٽ جو حق هر پاڪستانيءَ جو بنيادي حق ٿيو هو، ۽ کيس آزادي سان سفر جي اجازت هوندي هئي. ضياءَ حڪومت جا ڪم ڪندڙ ماڻهو ته ننڍڙين بيمارين جي علاج لاءِ، جيڪو پاڪستان ۾ ممڪن هوندو هو، سرڪاري خرچ تي ٻاهر ويندا هئا. پر ضياءَ پنهنجن سياسي مخالفن لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو. هاڻي هن اهو اُن ڪري ڪيو، ته جيئن امان کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ ۾ دير ٿئي.
    نيٺ جڏهن بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، ته اُن ۾ رڳو ضياءَ جا ماڻهو هئا. بابا جي موت جي سزا کي برقرار رکڻ لاءِ جيئن سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد گهٽايو ويو هو، تيئن ٽن ڊاڪٽرن بدران ميڊيڪل بورڊ ۾ سَت ڊاڪٽر رکيا ويا ته جيئن ضياءَ جي مطلب واري فيصلي ٿيڻ جي خاطري ٿي سگهي. اهي ست ئي ڊاڪٽر سرڪاري ملازم هئا. بورڊ جو اڳواڻ هڪ ميجر جنرل هو.
    ”مونکي لڳي ٿو ته بيگم صاحبه چڱي ڀلي آهي.“ بورڊ جي پهرئين گڏجاڻي کان پوءِ اُن جنرل لاپرواهيءَ سان چيو. اُن بورڊ جي ٻين ميمبرن گهُر ڪئي، ته امان جي ڦڦڙن جا ٻيا چوڏهن ايڪسري ٿيڻ گهرجن ۽ رَتُ جي ٻيهر تپاس ٿئي. اهو ڪم ايڏو ته ٿڪائيندڙ هو، جو هن کي بخار ٿي پيو. بلغم ۾ رَتُ اچڻ لڳو ۽ پڇاڙيءَ ۾ هوءَ بيهوش ٿي وئي. جيتوڻيڪ انهن آزمائشن مان ڄاڻ پئي، ته هن جي ڦڦڙ جو داغ وڌي ويو هو ۽ هيموگلوبن گهٽجي ويو هو. بورڊ جي اڳواڻ صلاح ڏني ته هن جي ساهه کڻڻ وارين نلين جي ٻيهر تپاس ٿئي. اها نه رڳو اجائي هئي پر خطرناڪ پڻ. ڪراچيءَ ۾ امان جو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر سعيد، جيڪو بورڊ جو ميمبر هو، سخت ڪاوڙجي پيو ۽ هن بورڊ جي فيصلي جي تصديق کان انڪار ڪيو. هن جي پٺڀرائي بيهوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر ڪئي، جنهن اُن ڳالهه تي زور ڏنو، ته هن جي ڦڦڙ ۾ نليءَ جي داخلا کان پهرين کيس بيهوشيءَ جي جيڪا ضروري دوا ڏبي، سا هوءَ سَهي نه سگهندي.
    مون المرتضيٰ ۾ امان لاءِ دعائون گهريون. آئون ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ پر ملڪ ۾ اُن ڳڻتي عوام کي ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ اڀارڻ شروع ڪيو، ته حقيقت ۾ ضياءَ امان کي مارڻ ٿي گهريو. ”اسين ڀٽي صاحب کي بچائي نه سگهياسين.“ عوام پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون، ”پر جڏهن بيگم صاحبا جهُرندي پئي وڃي، تڏهن اسان کي هرگز موڳو ٿي ويهڻ نه گهرجي.“ حڪومت طرفان امان سان اهڙي سختي ٿيندي ڏسي، نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ پر فوجين جي خاندانن ۽ ضياءَ جي نوڪر شاهيءَ جي مٿئين طبقي ۾ به ڪِروڌ جي لهر ڊوڙي وئي هئي.
    ”خيال ته ڪر ڇا ٿيو آهي! سنڌ جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي زال ۽ ڀيڻن، عورتن جي اُن احتجاجي جلوس ۾ حصو ورتو آهي، جيڪو چاچيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪڍيو ويو هو. ”فخري ڏاڍي جوش سان ٽيليفون تي چيو.
    ”ڇا پوليس هنن کي گرفتار ڪيو؟“ مون کان بلڪل رڙ نڪري وئي، ڇو ته مونکي ويساهه ڪونه پئي آيو. جنرل ضياءَ کان پوءِ چار صوبائي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ملڪ جا سڀني کان وڌيڪ طاقتور هئا.
    ”پوليس کي همت ئي ڪانه ٿي. هنن جي اچڻ تي سڀيئي احتجاجي عورتون مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي گهر ۾ گهڙي ويون ۽ اُن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا،“ فخري ٻڌايو.
    مونکي پوءِ ڄاڻ ملي هئي ته امان جي اُن سخت تڪليف سبب ملڪ کان ٻاهر به احتجاج ٿيو هو. انگلينڊ ۾ منهنجن آڪسفورڊ جي پراڻن ساٿين ڊاڪٽر نيازي، امينا پراچا ۽ انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ٻين ماڻهن سان گڏجي ”ڀٽو عورتن کي بچايو“ نالي سان هڪ مهم ۾ حصو ورتو هو. هنن پهرين امان کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش تي ڌيان ڏنو ۽ هائوس آف لارڊ جي هڪ ميمبر لارڊ ايوبري جي مدد سان پارليامينٽ ۾ اهو سوال اٿاريو. اُن سبب پارليامينٽ جي ٻن ميمبرن جون ليسٽر ۽ جوناٿن ايٽڪن هڪدم هائوس آف ڪامنس ۾ هڪ تڪڙي رٿ پيش ڪئي. ”بيگم ڀٽو جو طبي علاج: هيءُ ايوان پاڪستان جي حڪومت تي زور رکي ٿو ته بيگم ڀٽو کي اجازت ڏني وڃي، ته هوءَ پرڏيهه ۾ وڃي ڪينسر جو علاج ڪرائي، جنهن جي هوءَ مريض آهي.“ 4 نومبر تي لارڊ ايويوري هائوس آف لارڊس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هڪ برطانوي ڊاڪٽر امان جي نازڪ حالت تي روشني وڌي.
    آمريڪي حڪومت جي ميمبرن پڻ امان جي حق ۾ آواز اٿاريو هو. ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپن جي سينيٽ ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر جان گلن، واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفير اعجاز عظيم کي 8 نومبر تي لکيو: ”پيارا محترم سفير، ٻه مهينا اڳ اڳوڻي وزيراعظم جي بيواهه بيگم نصرت ڀٽو ڦڦڙ جي تڪليف جي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهري هئي … آئون انساني بنيادن تي اوهان جي حڪومت تي زور رکندس، ته بيگم ڀٽو جي درخواست کي مڃڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. اهڙي تڪڙي منظوريءَ کي هتي رحمدليءَ جو عمل ليکيو ويندو ۽ اُن سبب اسان جن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.“
    پر مغربي ملڪن جي حڪومتن طرفان رحمدليءَ جي اٿاريل حجتن کان لنوائڻ جي ڄڻ ضياءَ ۾ عادت پئجي وئي هئي. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي دؤري تي هوندي، کيس پورو ڀروسو هو ته بورڊ سندس مرضيءَ مطابق ئي فيصلو ڏيندو. ”بيگم ڀٽو کي ڪابه تڪليف ڪانهي.“ اخبارن ۾ ضياءَ جي اُن بيان جو حوالو ڇپيو، جيڪو هن ڪئالالمپور ۾ 11 نومبر تي ڏنو هو. اُن ڏينهن بورڊ جي آخري گڏجاڻي ٿيڻي هئي. ”جيڪڏهن هوءَ گهمڻ ڦرڻ ۽ سير لاءِ ٻاهر وڃڻ گهري ٿي، ته پوءِ هوءَ اُن لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿي ۽ آئون اُن بابت ويچاريندس.“
    پر جنرل ضياءَ امان جي معالج ڊاڪٽر سعيد بابت ڪونه سوچيو هو. ”آئون تنهنجي رپورٽ تي صَحي ڪونه ڪندس.“ اُن ڏينهن پوءِ جڏهن ميڊيڪل بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، ته اُن جي اڳواڻ ميجر جنرل کي ڊاڪٽر سعيد چيو. ”هڪ ڊاڪٽر طور منهنجو ضمير مونکي اجازت نٿو ڏئي، ته آئون پنهنجي مريض جي زندگي جوکي ۾ وجهان.“
    ”۽ آئون به ڪونه ڪندس.“ بورڊ جي هڪ ٻئي ڊاڪٽر اُن قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اوچتو اعلان ڪيو، جنهن مطابق فيڊرل بورڊ جا سڀيئي ميمبر پنهنجي اڳواڻ جي راءِ سان سُهمت ٿين ٿا.
    ”نه، منهنجو ضمير به مونکي اجازت نٿو ڏئي.“ هڪ ٻئي چيو. پوءِ ٽيون ڊاڪٽر به هنن سان شامل ٿيو. ڊاڪٽرن جون وڌندڙ ڌمڪيون ٻُڌي ميجر جنرل اچرج ۾ پئجي ويو. هڪ ٻئي پٺيان سڀني اُن بيان تي صحيحون ڪيون، جيڪو ڊاڪٽر سعيد پيش ڪيو ۽ جنهن ۾ گهُر ڪئي وئي هئي، ته امان کي هڪدم پاڪستان مان وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. ”توکي پڻ هن تي صَحي ڪرڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر سعيد خوش ٿيندي ميجر جنرل کي چيو. ”جڏهن سڀني عملدارن جي راءِ اها آهي، ته پوءِ جنرل ڪيئن انڪار ڪندو؟“ ميجر جنرل جي حيرت ويتر وڌي وئي هئي، پر پوءِ تُرت هن به ان بيان تي پنهنجي صَحي ڪئي. ضياءَ هڪدم هن کي فوجي ۽ غير فوجي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.
    بورڊ جي اُن اچرج ۾ وجهندڙ اعلان جي ٻئي ڏينهن حڪومت امان کي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني. مون اها خبر اخبار۾ پڙهي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون هڪدم اختياري وارن کي درخواست ڏني، ته هن جي وڃڻ کان اڳ مونکي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. المرتضيٰ ۾ اٽڪل هڪ ورهيه قيد رهڻ کان پوءِ مونکي اوچتو پنهنجي سامان ٻَڌڻ لاءِ چيو ويو. پوليس جي ٻارهن ڪارن، ٽرڪن ۽ جيپن جو قافلو مونکي موئن جي دڙي هوائي اڏي ڏانهن وٺي هليو. اتي پوليس انهن فوٽوگرافرن جون ڪئميرائون ضبط ڪيون، جن منهنجا فوٽو پئي ڪڍيا، جيڪي يارهن مهينن کانپوءِ عوام پهريون ڀيرو ڏسن ها. پوليس وارا اسٽين گنون جهليو منهنجي پٺيان جهاز تائين آيا. جڏهن آئون ڪراچي پهتيس، ته هڪ ٻئي قافلي سان 70 ڪلفٽن ڏانهن وڃڻ وقت، هڪ هيلي ڪاپٽر منهنجي ڪار مٿان پئي اڏاڻو. اُهو سڀ ڪجهه اُن ڌيءَ لاءِ هو، جيڪا پنهنجي ماءُ کي الله حافظ چوڻ آئي هئي.
    امان پنهنجي هنڌ تي ليٽي پئي هئي. هوءَ هئڊي ۽ هِيڻي هئي، امان، جيڪا پنهنجي ڄمار کان وڏي ٿي لڳي. هڪ ڀيرو وري آئو ذاتي ڇڪتاڻ سبب ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيڻ لڳس. سڀ کان اهم ڳالهه منهنجي اها مرضي هئي ته هوءَ ٻاهر وڃي علاج ڪرائي، جنهن جي کيس تڪڙي گهُرج هئي پوءِ به مون نظربنديءَ جي سکڻائيءَ ۾ اڪيلو رهندي ڊَپ ڀانئيو ٿي. مون پاڻ سان جهيڙو پئي ڪيو، ته آئون اڪيلائپ جي انهن سوچن بابت ڪونه سوچينديس، جيڪي سب جيل ۾ ٿيندا، ته ايتري ۾ فخري سمهڻ واري ڪمري ۾ تڪڙي تڪڙي آخري نياپو کڻي آئي ۽ وري تڪڙو اُن جو جواب به کڻي وئي. اهي نياپا ايم آر ڊيءَ جي سيڪريٽري جنرل ۽ پارٽيءَ جي ٻين ماڻهن جا هئا. ”بيگم ڀٽو جيڪڏهن هلي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ پر امان لاءِ ٻيءَ ڪا واٽ ئي نه هئي.
    ”وڏي ڏک ۽ سخت طبي گهُرجن هيٺ آئون پنهنجي ملڪ ۽ عوام کان ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهران ٿي.“ امان پنهنجي موڪلاڻيءَ واري بيان ۾ لکيو. ”منهنجا خيال لاڳيتو اوهان سان، جدوجهد ڪندڙ عوام، بکين ۽ مظلومن، ڌتڙيلن توڙي ستايلن ۽ انهن سڀني سان هوندا، جن جي ذهن ۾ سُڌريل ۽ خوشحال پاڪستان جي سوچ آهي…“
    حڪومت امان جي روانگيءَ جي تاريخن جو اخبارن ۾ غلط اعلان ڪندي رهي، ته جيئن ماڻهو اُن وقت گڏ نه ٿي سگهن. پر حڪومت جي اٽڪلن مان واقف سياڻو عوام، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سڄڻ لاڳيتو 70 ڪلفٽن جا چڪر هڻندا رهيا ۽ امان جي روانگيءَ جي اهڃاڻن جي ڄاڻ لهندا رهيا. اسين هنن جي نعرن جا آواز چِٽا ٻُڌي پئي سگهياسين. ”جيئي ڀٽو“ ”بيگم ڀٽو زنده باد.“
    20 نومبر 1982ع جي رات مون امان کي ڳراٺڙي پائي چُمي ڏني ۽ کانئس موڪلايو. مون هن کي پنهنجن ڀائرن لاءِ لاڪيٽ ڏنا، جن ۾ بابا جي قبر جي خاڪ رکيل هئي، ۽ پنهنجين ڀائٽين لاءِ جُهومڪ ڏنا، جن تي قرآني آيتون اڪريل هيون. اسين ٻئي رنيونسين، ڇو ته اسان کي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي، ته الاءِ اڳتي اسان کي ڪهڙا ڏينهن ڏسڻا پون. ”تون پنهنجو خيال رک،“ امان مونکي چيو. اسين ٻئي 70 ڪلفٽن جي اُڪريل ڪاٺ جي اُن دروازي مان ٻاهر ويونسين، جتي تيرهن ورهيه اڳ جڏهن آئون هارورڊ پئي ويس، ته هن منهنجي مٿي تي قرآن شريف جو آڌر ڪيو هو. پوءِ هوءَ دروازي کان ٻاهر نڪتي، جتي عوام سندس اوسيئڙي ۾ بيٺو هو.

    سميعا وحيد:
    بيگم ڀٽي کي ڪار ۾ ويهاري، دوست محمد ڪار هوائي اڏي طرف هلائڻ لڳو. هن سان گڏ پُٺئين سيٽ تي صنم ۽ فخري ويٺيون هيون. 70 ڪلفٽن وٽان جيئن ڪار اڳتي وڌي، ته عوام جو هجوم وڌندو ويو. هن جي روانگيءَ کي حڪومت ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر بيگم ڀٽو اُن جي پرواهه نه ڪندي، ڪار اندر روشني ڪئي ته جيئن عوام کيس ڏسي سگهي. بيگم نيازي، امينا، منهنجي ڀيڻ سلما ۽ آئون هڪ ٻيءَ ڪار ۾ هن جي پٺيان هيونسين. هر نئين رستي وٽان وڌيڪ ڪارون اسان جي پٺيان شامل ٿينديون ويون، تان جو ساٿين جو وڏو جلوس ٺهي ويو. اسين جڏهن هوائي اڏي جي پُل جي چوٽيءَ تي پهتاسين ته مون پٺيان نهاريو. بيگم ڀٽو جي ڪار پٺيان ايندڙ ڪارون هاءِ وي جي ستن رستن تان پئي آيون. سامهون ايندڙ ڪارون لاچار هڪڙي سڙڪ تان پئي ويون.
    هوائي اڏي تي ته ويتر وڌيڪ ماڻهو هئا. جيئن اسانجون ڪارون ٽرمينل ڏانهن وڌيون، ته اهي ڪارن اڳيان ڊوڙڻ لڳا. مون سامهون واري شيشي مان ڪنهن ماڻهو جا اگهاڙا پير ڏٺا، جيڪو اسانجي ڪار جي ڇِت تي پئي چڙهيو. ”الله اوهان جو نگهبان آهي،“ هن وڏي آواز بيگم ڀٽي کي چيو. جنهن کي پارٽيءَ جي ڪارڪنن ڦيٿن واري ڪُرسيءَ تي ويهاري ٽرمينل ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. نيٺ هنن اها ڪُرسي مٿي کنئي ۽ هجوم مان اڳتي وڌڻ لڳا. فرانس جي هوائي ڪمپنيءَ جي ماڻهن کي پڻ اُن گوڙ مان هلڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هنن پنهنجا سفري ٿيلها هڪ ٻئي کي اڇلائي پئي ڏنا. هڪ سئو والن جي اُن فاصلي جي پيهه پيهان ۾ هنن جون ورديون نِپوڙجي ويون هيون ۽ ملازم عورتن جي وارن مان ڪانٽا نڪري ويا هئا. اهڙو الوداعي نظارو اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هو. ماڻهن کي ڄاڻ ئي نه هئي، ته اهي پنهنجي وزيراعظم جي بيواهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مقبول اڳواڻ کي ٻيهر ڏسي به سگهندا يا نه.

    اولهه جرمنيءَ ۾ امان جي طبي تپاس ٿي ۽ اُن مطابق علاج ٿيو. هن پاڻ اُن جو خيال رکيو ۽ خوش قسمتيءَ سان ڪينسر گهٽجڻ لڳو. اُن وچ ۾ آئون پهريدارن جي نطرداريءَ هيٺ 70 ڪلفٽن ۾ رهيس. گهر اندر جيل جا يارهن ملازم رکيل هئا. ٻاهر گهر جي چؤڌاري هر ٻن فوٽن تي فرنٽيئر فورس جا سپاهي موجود هئا. گهر جي وڏي دروازي ۽ پٺئين دروازي اڳيان رستن جي پرئين پاسي جاسوسَ هر شيءِ کي نظر ۾ رکيو بيٺا هئا. دشمنيءَ جو اهو گهيرو چوڏهن مهينا وڌيڪ قائم رهيو.

    مون ارجنٽائن جي اخبار جي هڪ ناشر بوٽمرمئن جو لکيل ڪتاب "Prisoner without a name, Cell without a number" پڙهيو هو، جنهن ۾ هن سياسي قيديءَ طور جيل ۾ گذاريل اڍائي ورهين جا واقعا لکيا آهن. ”اهو اسان جن روحن جو آئينو هو، ڏکويل اکين سان اندر جي ڳالهه اوري هئي،“ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. هن جڏهن بجليءَ جي ڪرسي جو ذڪر ٿي ڪيو، ته صفحي تي پکڙيل لفظ ٽِپ ڏئي مون ڏانهن ٿي آيا. هن لکيو آهي ته جسم ٻن حصن ۾ چيرجي ويو هو، پر پوءِ به معجزو اهو هو، ته جسم جي گوشت تي ڪوبه نشان، ڪوبه داغ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سياسي قيدين کي ڪرسيءَ جي اذيتن ڏيڻ کان پوءِ هڪ هنڌ اُڇلايو ويندو هو ۽ تندرست ٿيڻ کان پوءِ کين ٻيهر عذاب ڏنا ويندا هئا. ڇا هن ارجنٽائن جي ڳالهه ٿي ڪئي يا وري پاڪستان ۾ فوجي حڪومت جي اذيت گهرن جو ذڪر ٿي ڪيو؟
    24 مارچ 1982ع تي نڪتل صدارتي حڪم نمبر 4: هاڻي فوجي عدالتن ۾ مقدما ڳجهي نموني ۾ هلي سگهندا. ڪنهن کي به اهو ٻڌائڻ جي گهُرج نه هوندي ته مقدمو ڪڏهن هلندو، ڏوهاري ڪير هوندا، مٿن ڪهڙيون تُهمتون هونديون يا کين ڪهڙي سزا ملندي. اُن خاطري لاءِ ته ڪابه ڳالهه ظاهر نه ٿئي، وڪيلن ۽ مقدمي سان واسطو رکندڙ ٻين ماڻهن لاءِ اهو ڏوهه هوندو، جيڪڏهن اهي اُن بابت ڪابه ڄاڻ پڌري ڪندا.
    23 سيپٽمبر 1982ع تي نڪتل مارشل لا حڪم نمبر 54: جيڪو جمهوري حڪومت خلاف 5 جولائي 1977ع تي ٿيل بغاوت کان لاڳو سمجهيو ويو هو، هاڻي هر اُن ماڻهو لاءِ موت جي سزا هئي، جنهن ڪو اهڙو ڏوهه ٿي ڪيو، ”جنهن سبب ماڻهن ۾ بدامني، ڊَپ مايوسي پکڙجڻ جو انديشو هو.“ موت جي سزا ڪنهن به اُن ماڻهو لاءِ پڻ مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي اهڙي ڏوهه جي ڄاڻ هئي ۽ جنهن مارشل لا اختياري وارن کي اُن جي اطلاع ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي. ٻيو ته هاڻي جوابدار کي ئي ڏوهاري سمجهيو ٿي ويو، جيستائين هو بيگناهه ثابت نٿي ٿيو. ”فوجي عدالت … فرض ڪري سگهندي ته جوابدار ئي اصل ڏوهاري آهي، جيستائين اُن خيال جي ابتڙ ڪو ثبوت نٿو ملي.“ اُن قانون ۾ چيل هو.
    آڪٽوبر ۾ ڪراچيءَ جي ٻن هزار وڪيلن گهُر ڪئي، ته شهري آزاديون بحال ڪيون وڃن. اُن ڪانفرنس جي انتظاميا کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين هڪ ورهيه جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي. ٻه هفتا پوءِ بابا جي وڪيلن مان هڪ وڪيل مسٽر لاکو کي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري سميت گرفتار ڪيو ويو.
    ڊسمبر ۾ مون اخبارن ۾ پڙهيو، ته ضياءَ، صدر ريگن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات لاءِ واشنگٽن پهچي ويو هو. رڳو اُن ڊسمبر جي مهيني اندر پاڪستان ۾ ويهن قيدين کي ڦاسيون ڏنيون ويون هيون، ڇا ڪانگريس جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ انساني حقن جي پائمالي جي ڪا ڄاڻ هئي؟ هنن کي ڪا پرواهه به هئي؟ مونکي جواب ٻين ٽن ورهين تائين ڪونه ملڻو هو. ضياءَ کي اميد هئي ته مغرب ۾ سندس تازي پذيرائيءَ سبب واشنگٽن جي دؤري ۾ سندس ڏاڍي مشهوري ٿيندي. پر اُن بدران سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ هن تي زبردست تنقيد ڪئي وئي هئي. ”اتي جيڪي موجود هئا، تن جو چوڻ هو ته جنرل ڏاڍو ٿڌو ۽ پراعتماد ٿي لڳو، پر سينيٽر پيل جڏهن هن کي اهو خط ڏنو، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي سياسي قيدين بابت ڪميٽيءَ جي ڳڻتي ڏيکاريل هئي، تڏهن هن جي مُنهن جو پَنو ئي لهي ويو هو.“ ’واشنگٽن پوسٽ‘ ۾ جيڪ ائنڊرسن لکيو. ”قيدين جي فهرست ۾ پهريون نالو بينظير ڀٽي جو هو.“
    ان بيان مطابق سينيٽر پيل جڏهن منهنجي نظربنديءَ بابت مٿس زور رکيو، ته ضياءَ باهوڙجي پيو هو. ”سينيٽر آئون اوهان کي اهو ٻڌائي سگهان ٿو، ته هوءَ اهڙي سُٺي گهر ۾ رهي ٿي، جيڪو ڪنهن سينيٽر کي به نصيب ڪونهي.“ هن ٺهه پهه جواب ڏنو هو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته مون ’قانون‘ جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. هُن اها پڻ دعويٰ ڪئي، ته مونکي پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ جي اجازت مليل هئي ۽ ”ٽيليفون ڪتب آڻڻ جي به.“
    ضياءَ جون اُهي دعوائون ٻُڌي پيٽر گئلبريٿ انهن جي پرک لهڻ لاءِ 70 ڪلفٽن ٽيليفون ڪيو. هڪ مرداني آواز جواب ڏنو، جنهن کي مون سان ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو.
    ”تون هن سان ڳالهائي نٿو سگهين. هوءَ جيل ۾ آهي.“ اُن شخص جواب ۾ چيو.
    ”آئون آمريڪا جي سينيٽ مان پيو ڳالهايان.“ پيٽر همت ڪندي چيو. ”اوهان جو صدر ٿوري دير اڳ هتي هو ۽ هن اسان کي ٻڌايو ته مس ڀٽو ٽيليفون ڪَتب آڻي سگهي ٿي.“
    ”تون هن سان ڳالهائي نٿو سگهين. اُن لاءِ منع ٿيل آهي.“ اُن شخص سختيءَ سان چيو ۽ ٽيليفون زور سان هيٺ رکي ڇڏيائين.

    مون پاڪستان جي بانيءَ جو جنم ڏينهن 25 ڊسمبر نظربنديءَ ۾ 70 ڪلفٽن ۾ گذاريو. نئين سال جي پهرئين ڏينهن ۽ پنهنجي بابا جي جنم ڏينهن تي آئون اڪيلي هيس 1983ع شروع ٿيڻ سان مون ڀانئيو، ته 1977ع کان وٺي اُڻ ورهيه تائين رُڳو هڪڙي ورهيه جي پهرئين ڏينهن تي آئون آزاد هيس. رات جو مون پنهنجا ڏند ڪُرٽڻ شروع ڪيا. صبح جو جاڳڻ وقت مونکي اڪثر لڳندو هو، ڄڻ منهنجا دوڏا سُجي پيا هجن ۽ منهنجيون آڱريون اهڙيون ته زور سان بند هونديون هيون، جو آئون کولي به نه سگهندي هيس.
    ”آئون الله جي سچي دل سان ٿورائتي آهيان، جنهن مونکي پنهنجين نعمتن سان نوازيو آهي.“ مون پنهنجي روزنامچي ۾ لکيو. منهنجو نالو عزت، شهرت ۽ زندگي، ”بابا، امان، ڀائر، ڀيڻ، تعليم، ڳالهائڻ جي لياقت، ٻنهي ٻانهن ۽ ٽنگن جي سلامتي، اکين جي دِيد، ٻُڌڻ جي قوت، هر داغ ۽ چِٽيءَ کان محفوظ …“ نعمتن جي اها فهرست ايتري ته ڊگهي ٿي وئي، جو پاڻ تي ڪهل آڻڻ جي سوچ مِٽجي وئي. ٻين سياسي قيدين جي حالت سياري جي ٿڌين ڪوٺڙين ۾ منهنجي حالت کان وڌيڪ خراب هئي.
    هڪڙي ڏينهن گهرو ملازمن مان هڪڙو ڄڻو نئون اوني گلوبند وٺي آيو. هن مونکي ٻڌايو ته افغان پناهگير اُهي سستا وڪڻن پيا. مون پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن کي ڳجهو نياپو موڪليو ته اهڙا گلوبند ٺهرايو، جن جي ٻنهي پاسن کان پيپلز پارٽيءَ جي رنگن – ڳاڙهي، سائي ۽ ڪاري جا پٽا هجن. اسان اهي هزارين گلوبند جورابن ۽ سئيٽرن سميت سڄي سنڌ جي جيلن ۾ قيدين ڏانهن موڪليا.

    منهنجي ڪنُ ۾ وري سُور ٿي پيو. ۽ منهنجن ڏندن، مُهارن ۽ سَنڌن ۾ به تڪليف ٿي پئي.
    ”تنهنجي ڪَنُ ۾ ڪا تڪليف ڪانهي. ”سامونڊي فوج جي اسپتال ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل ڪَنُ جي ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو. ساڳئي ريت ڏندن جو ڊاڪٽر به بيڪار هو، جنهن مون کان پڇيو ته آئون ڪهڙي ڏند جو ايڪسري ڪرائڻ گهران ٿي. ”مونکي ڄاڻ نه آهي ته اهو ڪهڙو ڏند آهي.“ مون هن کي چيو. ”تون ڏندن جو ڊاڪٽر آهين، نه آئون، اهو هن هنڌ آهي.“
    ”اسين ايڪسري وڃائڻ نٿا گهرون.“ هن چيو.
    برطانيا جي اخبارن ۾ منهنجي صحت بابت خبرون ڇپجڻ لڳيون، جن جو جواب پاڪستاني سفارتخاني جي اطلاعاتي شعبي طرفان آيو. ”هن جڏهن به ڪنهن بيماريءَ جي دانهن ڪئي آهي، تڏهن کيس ڪراچيءَ جي سُٺي اسپتال ۾ موڪليو ويو آهي.“ قطب الدين عزيز ”گارجين“ اخبارن ۾ لکيو. ”گهڻن سگريٽَ پيئڻ سبب هن جي مُهارن ۾ تڪليف ٿي هئي، جنهن لاءِ هن جي پسند جي ڊاڪٽر کان سندس علاج ڪرايو ويو هو.“ حڪومت ڪيئن نه ڪُوڙ ڳالهايو؟ ڪوبه منهنجي پسند جو ڊاڪٽر نه هو ۽ نه ئي مون ڪڏهن ڪو سگريٽ پيتو هو.
    آئون ڏاڍي ماندي هيس، ته ڪنهن سان ڳالهايان، ڪنهن سان لاڳاپي ۾ اچان ۽ ڪنهن سان ڪچهري ڪريان. 70 ڪلفٽن ۾ مون وٽ ٻليون هيون، پر ساڻن ڪچهري ممڪن نه هئي. حڪومت جي خواهش ئي اها هئي، ته آئون ڪنهن سان به رابطي ۾ نه اچان. تنهنڪري مون کي ڏاڍو عجب لڳو، جڏهن مارچ 1983ع ۾ مونکي چيو ويو، ته آئون عدالت ۾ حاضر ٿي، ڄام ساقي نالي هڪ ڪميونسٽ جي مقدمي ۾ شاهدي ڏيان، جنهن تي پاڪستان جي نظريي خلاف ڪم ڪرڻ ۽ هٿياربند فوجن خلاف ناراضپو پکيڙڻ وغيره جهڙين تهمتن هيٺ مقدمو هليو پئي.
    آئون اڳ ۾ ڪڏهن به ڄام ساقيءَ سان ڪونه ملي هيس. حقيقت ۾ هن بابا جي مخالفت ڪئي هئي. پر پوءِ پتو پيو ته ڄام ساقي سڀني مشهور سياستدان کي چيو هو، ته انهن معاملن جي وضاحت ڪري ٻڌائين، ته مٿس لڳل تُهمتون جائز هيون يا نه. منهنجي گهڻي خواهش هئي ته مارشل لا جي غير قانوني حيثيت تي ڳالهايان، جيتوڻيڪ مونکي حڪومت جي ارادن جي ڄاڻ نه هئي، ته اهي مونکي ذاتي طرح حاضر ٿيڻ جي اجازت به ڏيندا يا نه. شايد هنن مونکي ”ڪميونسٽن جي همدرد“ ثابت ڪرڻ گهريو ٿي. پر منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم معاملو اهو هو، ته هر جوابدار کي کليل ۽ آزاد مقدمي جو حق هئڻ گهرجي. گڏوگڏ عدالت مونکي اهڙو موقعو به ڏنو پئي، جنهن سان ٻن ورهين جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو مونکي پنهنجن سياسي خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو وجهه مليو پئي.
    جڏهن خاص فوجي عدالت مان 25 مارچ تي مون وٽ عدالت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ پهريون سَمن آيو، تڏهن مون جيل اختياريءَ وارن معرفت لکي موڪليو، ته آئون قيدي آهيان، تنهنڪري مقرر وقت تي عدالت ۾ پهچي نه سگهنديس. جيڪڏهن عدالت مون کان شاهدي وٺڻ گهري ٿي، ته پوءِ عدالت کي ئي اهڙو انتظام ڪرڻو پوندو.
    هوم آفيس مان هڪدم جواب پهتو ته، آئون ٻئي ڏينهن صبح جو ستين وڳين تيار ويٺي هجان. آئون تيار ٿيس. يارهين بجي صبح جو هڪ ٻيو نياپو پهتو. منهنجي حاضريءَ لاءِ ٻئي ڏينهن تي ساڳيو وقت رکيو ويو هو. آئون وري 27 مارچ تي صبح جو ستين بجي تيار ٿي ويٺيس. مون وري چار ڪلاڪ اوسيئڙو ڪيو. هڪ ڀيرو وري هنن منهنجي حاضري ۾ چوويهن ڪلاڪن جي دير ڪئي. مون پاڻکي اهو سوچي آٿت ڏني، ته حڪومت اسان جي انهن حامين کي مُنجهائڻ ٿي گهريو، جيڪي مون کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هوندا. نيٺ اهي جڏهن ٽئين ڏينهن مونکي وٺڻ لاءِ آيا، تڏهن هنن مونکي عوام کان لڪائڻ جا سڀئي جَتن ڪري ڇڏيا هئا.
    عدالت ڏانهن ويندي مون ڏٺو، ته سڀيئي گهٽيون ماڻهن کان خالي هيون ۽ اهو سڄو رستو پوليس جي گهيري ۾ هو.ڪشمير روڊ سان ملندڙ سڀني رستن تي پوليس جو وڏو تعداد موجود هو ۽ اتي پيادل هلندڙ سڀني رستن تي ڪنڊيدار تارون وڇايون هيون هيون. آئون جڏهن اُن عارضي فوجي عدالت ۾ پهتيس، جيڪا اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ جوڙي وئي هئي، تڏهن مون ڏٺو ته عدالت کي به ٻين ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو هو. ڄام ساقيءَ ۽ ٻين جي مائٽن کي رُڳو ترسڻ واري ڪمري ۾ اُن شرط تي ويهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ته اهي مون سان نه ڳالهائيندا. مون اُن جي ٿوري به پرواهه نه ڪئي. اتي ڪجهه وڪيلن توڙي سميعا، سلما ۽ منهنجي سئوٽ فخري کي ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، جيڪي خاص اجازتناما وٺي ۽ رڪاوٽون اڪري اتي آيون هيون.
    عدالت جو ڪمرو ننڍو هو، جتي ميز پٺيان ڪرنل ويٺو هو ۽ سنديس ڀرسان هڪ ميجر ۽ هڪ مئجسٽريٽ ويٺا هئا. هنن اڳيان ڪرسين جي ٽن قطارن تي اسين ويٺا هئاسين. سموري ڪاروائي هلندي ڄام ساقي زنجيرن ۾ ٻَڌل هو. مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو هو، ته اُن ننڍڙي ڪمري ۾ به فوج ضروري سمجهيو هو، ته هن کي لوهي ٻيڙيون پيل هجن. جيئن ته فوجي عدالت، وڪيلن کي جوابدار جي بچاءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني هئي. تنهنڪري ڄام ساقي پاڻ سوال پڇيا هئا.
    منهنجي شاهديءَ لاءِ هڪڙو ڏينهن مقرر هو، پر ڄام ساقي مون کان جيڪي سوال پڇيا هئا، تن جا مون ايڏا ته ڊگها جواب ڏنا، جو منهنجي شاهدي ٻه ڏينهن هلي. هن جي سوالن جا جوابن ڪي سولا يا ننڍا ڪونه هئا. ”اسان تي الزام آهي ته اسان پاڪستان جي نظريي خلاف ڪم ڪيو آهي- ڇا پاڪستان جو ڪو نظريو به آهي؟ ايراني انقلاب بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ اسلام ۾ مارشل لا جو به ڪو تصور آهي؟“
    مونکي ڄاڻ هئي ته ڳجهي طرح ڇپيل شين جو رواج وڌي ويو هو. وڏن شهرن ۾ ِلڪ ڇپ ۾ فوٽو اسٽيٽ ٿيل مواد ۽ خراب ڇپيل ڪتابڙا پڙهيل لکيل ماڻهن تائين هٿوهٿ پئي پهتا. ڪجهه پريسن ۾ هڪ خاص رقم عيوض رات جو ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ڇپائيءَ جو ڳُجهو ڪم ٿيندو هو. منهنجي لاءِ اهو پهريون وجهه هو ته آئون پنهنجي پارٽيءَ جي وضاحت ڪريان ۽ مارشل لا کي بُڇڙو ڪريان.
    ”اهو وضاحت سان فيصلي لاءِ ته اسلام ۾ مارشل لا ڪا جاءِ آهي به يا نه. سڀ کان پهرين اسان کي مارشل لا جي تصور ۽ اسلام جي تصور کي سمجهڻ جي گهُرج آهي. “ مون ٽئين سوال جي جواب ۾ چيو. اسلام الله جي رضا جي اطاعت آهي. جڏهن ته مارشل لا فوجي اڳواڻ جي اطاعت آهي. هڪ مسلمان رُڳو الله جي رضا جي اطاعت ڪري ٿو.
    ”جيتريقدر مونکي ياد آهي ته مارشل لا جو اصطلاح بسمارڪ ۽ پروشين سلطنت جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو هو. بسمارڪ جيڪي علائقا فتح ڪيا هئا، تن کي گڏائي مِلائڻ لاءِ هن انهن ۾ رائج قانون رد ڪري، پنهنجي مرضيءَ جو قانون گوليءَ جي زور تي رائج ڪيو هو. ٻي عالمي جنگ کان اڳ ۾ ڪنهن به قبضو ڪندڙ فوج جي حڪومت کي پڻ مارشل لا چيو ويندو هو. قابض فوج جي اڳواڻ جي لفظن کي اتي رائج قانون کان مٿانهون سمجهيو ويندو هو.
    ”بيٺڪي سرشتي هيٺ ڏيهي ماڻهن کي ٻئي درجي جو شهري ليکيو ويندو هو. هنن کي پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت جوڙڻ جو اختيار ڪونه هو. ۽ کين پنهنجين اميدن ۽ خواهشن مطابق پنهنجي تقدير ٺاهڻ ۽ اقتصادي ترقي ماڻڻ جو ڪوبه حق نه هو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ۽ ڪيترين ئي بيٺڪن مان بيٺڪي راڄ جي ختم ٿيڻ سان. انهن نون آزاد ٿيل ملڪن جي عوام ٿوري وقت لاءِ آزادي ۽ خودمختياريءَ جا مزا ماڻيا. اُن زماني ۾ ئي قوميت واري نظريي جي حامي اڳواڻن جهڙوڪ ناصر، نڪروما، نهرو ۽ سوئيڪارنو پنهنجي عوام کي سماجي مساوات ۽ انصاف ڏيڻ تي زور ڏنو هو. پر اڳوڻين بيٺڪي طاقتن، جن هاڻي هڪ نئين سرشتي جو روپ ورتو هو، پنهنجي عوام کي خوش رکڻ جو ارادو ڏيکاريو ۽ فوج ۽ مُلي جي سازش جي پُٺڀرائي ڪرڻ ڇڏي ڏني. اهو فيصلو انهن ڄاڻي ٻجهي ڪيو يا نه، تنهن بابت چئي نٿو سگهجي. فوج ۽ مُلي جي اُن گڏيل سازش، عوام کي پنهنجي تقدير تي اختيار رکڻ جي حق ۽ اُن ذريعي ملندڙ فائدن کان محروم ڪيو. اها صورتحال سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ چٽاڀيٽي ۽ ڊوڙ سبب ويتر بگڙي وئي هئي.
    ”آزاد ٿيل انيڪ نين رياستن ۾ فوجي سرشتي جو ڪونه ڪو نمونو قائم آهي. پوءِ به اهو سرشتو، جنهن جو بنياد اجتماعي رضامنديءَ تي نه پر جبر تي رکيل آهي، سو اسلام جي مُک اصولن سان ٺهڪجندڙ نه آهي. جن جو زور اجتماعي يا رضامنديءَ تي آهي. ٻيو ته فوجي حڪومتون سدائين بندوق جي زور يا طاقت واپرائڻ جي ڌمڪيءَ سبب اقتدار تي قبضو ڪن ٿيون، تڏهن ته اسلام ۾ اقتدار ڳڙڪائڻ يا ڦٻائڻ جو تصور ئي ڪونهي. تنهنڪري پڌرو آهي ته اسلام ۾ مارشل لا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“
    منهنجي اُن بيان جون فوٽو ڪاپيون پوءِ اخباري دفترن، وڪيلن ۽ جيل جي ڪوٺڙين ۾ سياسي ڪارڪنن وٽ پڻ پهچي ويون هيون.
    عدالت جي ڪمري ۾ صحافين کي اچڻ جي منع هئي، پر هڪ انگريز صحافي اهڙي اجازت وٺي آيو هو. هن جي اتي موجودگيءَ جي ڪنهن کي به ڪَل نه هئي، پر اوچتو هڪ ماڻهو اندر آيو ۽ هن ڪرنل جي ڪَنُ ۾ ڪجهه چيو.
    ”ڪٿي؟“ ڪرنل پڇيو. اُن شخص ڪمري جي پُڇڙ ڏانهن ڪَنڌ سان اشارو ڪيو.
    ”مونکي پڪ آهي ته تون صحافي آهين.“ ڪرنل جي آواز جو ڪَڙڪو ٿيو ”صحافين کي هتي ويهڻ جي اجازت ڪانهي. تون هڪدم هليو وڃ.“
    شلوار قميص پاتل اُن شخص جي مون تڪڙي جهَلڪ ڏٺي، جنهن کي سڀني ڪڻڪائو رنگ جو پٺاڻ پئي سمجهيو ۽ جنهن کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر اماڻيو پئي ويو. پر گهٽ ۾ گهٽ هن کي ٿوري ڄاڻ ملي وئي هئي. ”مس ڀٽو ڏاڍي سانت ۽ صحمتنند ٿي لڳي ۽ هن ثابت ڪري ڏيکاريو، ته سندس خوش بياني ۽ حاضر جوابي سلامت آهي. ’گارجين‘ اخبار جي صحافي بعد ۾ لکيو.
    پوءِ به منهنجي صحت ايتري سُٺي نه هئي، جيتري ظاهري طرح ڏسڻ ۾ ٿي آئي. منهنجي اها ڪمزور حالت اُن وقت ويتر خراب ٿي وئي هئي، جڏهن اپريل 1983ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن بيوفائي ڏيکاري هئي. هڪ ڀيرو وري ضياءَ هر هنڌ پئي ويو ۽ هن پنهنجي لاءِ ڪنهن سياسي تَڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ضياءَ آگسٽ ۾ ملڪ ۾ اسلامي قانون رائج ڪرڻ جي پنهنجي نئين رِٿ جي اعلان ۽ اُن موقعي مان فائدي وٺڻ لاءِ بابا کان حڪومت کَسڻ ۽ 1973ع جو آئين دفنائڻ کانپوءِ، پهريون ڀيرو سنڌ جي گشت تي نڪتو. ڳالهه چِٽي آهي ته انهي گشت دوران عوام پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو مظاهرو ڪيو.
    بابا جي حڪومت ۾ سنڌ وڏي ترقي ڪئي هئي ۽ سنڌين کي ڪسٽمز، پوليس ۽ پي آءِ اي ۾ سرڪاري نوڪريون مليون هيون. هنن لاءِ يونيورسٽين ۾ جيڪو حصو مقرر ٿيل هو، تنهن کان وڌيڪ کين ڏنو ويو هو. هنن کي زمينن جا ٽُڪرا ڏنا ويا هئا ۽ نين ٺهيل اسپتالن، کنڊ ۽ سيمينٽ جي ڪارخانن ۾ هنن وڏو اجورو پئي ڪمايو. پر ضياءَ جي زماني ۾ اهو سمورو معاملو ابتو ٿي پيو هو. هڪ ڀيرو وري سنڌ سان ٻيائي پئي ٿي. سنڌ جي ڪجهه ڀَلين زمينن تي رياست جو قبضو هوندو هو. ضياءَ جي دؤر ۾ اهي زمينون بي زمين هارين بدران فوجي عملدارن کي ورهائي ڏنيون ويون هيون. اهي سنڌي جن صنعت جي انتظامي عهدن تائين ترقي ڪئي هئي، تن جي جاءِ تي رٽائرڊ فوجي عملدارن کي مقرر ڪيو پئي ويو. اُن سچائيءَ جي هوندي به ته ملڪي محصول جي پنجهٺ سيڪڙو اُپت سنڌ جي بندرگاهه ڪراچيءَ مان ٿيندي هئي، پر اُن جو ٿورو حصو واپس سنڌ صوبي ۾ ايندو هو. سنڌ جي اقتصادي مصيبتن، نفرت ۽ ڪروڌ جي اها باهه ڀڙڪائي ڀنڀٽ بڻائي ڇڏي، جيڪا بابا جي قتل سان شروع ٿي هئي. صوبي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو ويچار هو ته، جيڪڏهن هُو سنڌي نه هجي ها، ته کيس ڦاسي نه ملي ها.
    1979ع ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کان پوءِ بدين ۽ حيدرآباد جي چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلرن اهڙيون رٿون منظور ڪيون. جن ۾ بابا جي سزا جي نِندا ۽ سندس واکاڻ توڙي ساراهه ڪئي وئي هئي. اُن ڳالهه جو پلاند وٺڻ لاءِ ضياءَ سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلرن کي نااهل ڪوٺڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي. هاڻي پيپلز پارٽي جي باقي ٿورن ڪائونسلرن کان ضياءَ منظوري ورتي، ته صوبي جو گشت ڪرڻ وقت اهي سندس آڌر ڀاءُ ڪن. مونکي تنهن وقت اچرج ٿيو ۽ ڪاوڙ آئي، جڏهن مون اخبارن ۾ پڙهيو ته اُهي ماٺ ميٺ ۾ سندس خواهش اڳيان جهُڪي ويا هئا.
    آئون ٻاهر نياپو ڪيئن ٿي موڪلي سگهيس؟ 70 ڪلفٽن ۾ ايندي يا اُتان ويندي ملازمن جي جهَڙتي ورتي ويندي هئي ۽ جڏهن اهي پنهنجي ڪم ڪار سان ڪنهن پاسي ويندا هئا، ته جاسوس موٽر سائيڪلن تي چڙهي سندن ڪَڍ لڳندا هئا. نيٺ مون هڪ ملازم کي چيو ته، تون بيماريءَ جو بهانو ڪري پهريدارن کي ٻڌاءِ ته تون موڪل تي پنهنجي گهر لاڙڪاڻي پيو وڃين.
    ”مونکي اميد آهي ته تنهنجو پُٽ ضياءَ جو آڌرڀاءُ نه ڪندو.“ مون پنهنجو اهو زباني نياپو سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي سرواڻ کي موڪليو. جنهن جو پٽ ڪائونسلر هو. ”اوهان ڄاڻو ٿا ته اها ڳالهه پارٽي پاليسي خلاف آهي. مهرباني ڪري اهو نياپو ٻين تائين پهچايو.“
    مون هڪڙو نياپو لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلر کي پڻ موڪليو. ”تون ۽ ٻيا وڃي اسپتال داخل ٿيو يا اوهين لاڙڪاڻي مان ٻاهر هليا وڃو ۽ ڪنهن جي هٿ نه چڙهو.“ مون هن کي چيو. ”پر اوهين ضياءَ سان ڪڏهن به ملاقات نه ڪريو.“
    پوءِ مون جڏهن ٽيليويزن ڏٺي ۽ منجهانئن ڪجهه ڄڻن کي ضياءَ سان ملندي ڏٺو، ته ڪاوڙ ۾ آئون وائڙي ٿي ويس. لڳو ٿي ته هنن هڪ گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو هو، ته پارٽي هنن سڀني خلاف ڪارروائي ڪري نه سگهندي. مونکي گهڻو صدمو پهتو. هڪ ڀيرو وري سياستدانن پنهنجي ذاتي لالچ جي پورائيءَ لاءِ پارٽيءَ جي اتحاد کي هاڃو پئي پهچايو. شايد مون گهڻو پئي سوچيو. منهنجي اڳيان اُن ڳالهه کانسواءِ ٻيءَ ڪا راهه نه هئي، ته آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ صدر کي سياسي ٽيليفون ڪريان، جنهن جي مونکي منع ٿيل هئي. ”منهنجي مرضي آهي ته تون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن ڪائونسلرن کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏ، جن ضياءَ سان ملاقات ڪئي آهي. هنن پارٽيءَ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،“ مون تڪڙو تڪڙو چيو: ڇو ته مونکي پتو هو ته منهنجي اُن فون کي ٻُڌو پئي ويو، جنهنڪري مونکي وقت وڃائڻو ڪونه هو. منهنجو فون هڪدم بند ٿي ويو. اهو وري ڪڏهن ڪونه ٺهيو.
    هاڻي مون وٽ پنهنجن مائٽن جا فون اچڻ بند ٿي ويا. جن ٿورن ملاقاتين کي ملڻ جي اجازت هئي، سا کانئن واپس ورتي وئي. گهر جي وڏي دروازي تي جهَڙتي وٺندڙن گهريلو ملازمن پٺيان باهه ٻاري ڏني. اهي جڏهن اڱڻ ۾ ايندا هئا يا اتان لنگهندا هئا، تڏهن سندن بُوٽ ۽ جوراب لهرايا ويندا هئا. هنن جي وارن جي به جهَڙتي ورتي ويندي هئي.بورچي گوشت ۽ ڀاڄين جون جيڪي بند ڳوٿريون مارڪيٽ مان آڻيندو هو، تن کي هو وڍي کوليندا هئا. مورڳو ڪِن ڪچري کي به ڦولهيو ويندو هو.
    اُن مڪمل اڪيلائپ ۾ آئون پاڻ کي وڌيڪ بيمار سمجهڻ لڳيس. منهنجي ڪَنُ جو سور ويتر وڌي ويو. مون جڏهن پنهنجو کاٻو ڳل مهٽيو، تڏهن مون اُن کي ٿورو نِستو ڀانئيو ۽ آواز ۾ وري وڌيڪ کرڙاٽ ٿيندا ويا.
    اپريل ۾ هڪ شام جو آئون 70 ڪلفٽن جي ملاقات واري ڪمري وٽان پئي ويس، ته مونکي لڳو ته فرش اُڀري ڇِت ڏانهن پيو اچي. مون پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ ڪوچ جي ٻانهن کان جهليو ۽ بيهي رهيس ته مٿي جي اُها ڦيري ختم ٿئي. ان بدران منهنجي اکين اڳيان اوندهه جي ديوار وڌندي آئي. آئون ساڻِي ٿي ڪوچ تي ڪِري پيس.
    سڀاڳائيءَ سان ملازمن مان هڪ ماڻهو مونکي ڪِرندي ڏسي ورتو. ”جلدي ڪريو، تڪڙ ڪريو. مس صاحبا لاءِ ڊاڪٽر گهرايو.“ هن ڊوڙي جيلر کي چيو. ۽ هڪ ڀيرو وري مونکي لڳو، ته الله منهنجي حفاظت ڪئي هئي. سدائين جيان ڪامورا شاهي جي طريقن مطابق علاج جي سلسلي ۾ اجازت وٺڻ لاءِ حڪومت ڏانهن خط لکي، پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين، ڪڏهن ٻن هفتن تائين اوسيئڙو ڪرڻ بدران، پوليس ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڊايسٽ اسپتال جي ايمرجنسي روم مان هڪ ڊاڪٽر کي وٺي آئي. هڪ ڀيرو وري منهنجي ڪَنُ جو گند ڦاٽي اندر وڃڻ بدران ٻاهر نڪري آيو هو.
    ”تنهنجي حالت ڏاڍي جوکائتي آهي.“ ڊاڪٽر منهنجو ڪَنُ تپاسڻ کان پوءِ مونکي ٻڌايو. ”تون هڪدم ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ڪَنُ ڏيکار.“
    ”جيڪڏهن اوهين منهنجي لاءِ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي گهُرج جي وضاحت نه ڪندا، ته حڪومت جي اهائي دعويٰ هوندي ته، منهنجي ڪَنُ ۾ ڪابه تڪليف ڪانهي.“ مون هن کي ٻڌايو.
    اُن نوجوان ڊاڪٽر ۾ ايتري همت هئي جو هن پنهنجي خط ۾ حڪومت کي نهايت واضح لفظن ۾ لکيو، ته مونکي ڪَنُ جي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي علاج جي گهُرج آهي. حڪومت مون ڏانهن تپاس لاءِ ڪَن، نَڪ ۽ نڙيءَ جو اهو ماهر ڊاڪٽر موڪليو، جنهن ٽي ورهيه اڳ منهنجي نڪ جي اندرينءَ هڏيءَ جي آپريشن ڪئي هئي. اُن ڊاڪٽر جي مرضي ڪانهي ته هن ڪتاب ۾ سندس نالو پڌرو ڪجي، پر سچائي اها آهي ته هن نه رڳو مونکي تندرست ڪيو، پر منهنجي حياتي پڻ بچائي هئي.
    ”تنهنجي ڪَنُ ۾ گهاوَ آهي.“ ان ڊاڪٽر منهنجن انهن شڪن جي تصديق ڪندي چوي، جيڪي چار ورهيه اڳ المرتضيٰ ۾ منهنجي نظربنديءَ جي عرصي ۾ مونکي حڪومت جي موڪليل ڊاڪٽر بابت ٿيا هئا. ”گهاوَ سبب ڪَن جي وچ ۾ ۽ ان پٺيان نڍڙي گول هڏيءَ ۾ گند پيدا ٿيو آهي.“ ان گند کي پابنديءَ سا صاف ڪرڻ ضروري هو. جنهنڪري منهنجي مُنهن جي نَسن تي زور گهٽجڻ سبب اُها نستائي ختم ٿي ويندي. اهڙيءَ ريت جڏهن گند صاف ٿي ويندو، تڏهن مونکي آپريشن جي گهُرج ٿيندي. ”توکي اُن نازڪ آپريشن لاءِ پرڏيهه وڃڻو پوندو.“ هن ٻڌايو. ”اسان وٽ هتي ان جي سهوليت ڪانهي. هتي تنهنجي کوپڙيءَ کي ڪارائيءَ سان وڍڻو پوندو. جيڪو جوکائتو عمل آهي. تنهنجي پنهنجي سلامتي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ تنهنجو پرڏيهه وڃڻ ضروري آهي.“
    آئون وائڙائپ ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳيس. ڇا هن جو اشارو ان طرف هو ته پاڪستان ۾ اهڙي آپريشن جي معمولي جوکي کانسواءِ به ڪي ٻيا جوکا هئا. مون کي خبر هئي ته 1980ع ۾ حڪومت منهنجن ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر کي چيو هو، ته مونکي ڪَنُ جي وچ ۾ نه، پر اندر تڪليف آهي ۽ مونکي نفسياتي علاج جي گهُرج آهي. ”تنهنجي تشخيص جي پٺڀرائيءَ لاءِ اسين ڏهه ميڊيڪل بورڊ ٺاهينداسين.“ هن کي چيو ويو هو. حڪومت لاءِ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سُٺو حل هو، جو مونکي نفسياتي مريض ڄاڻائي اهو قصو ئي ختم ڪري ڇڏي ها. پر اُن ڊاڪٽر انڪار ڪيو هو. هاڻي اُهو ساڳيو ڊاڪٽر اُن ڳالهه تي ضد ٻڌي بيٺو هو، ته آئون پاڪستان مان هلي وڃان.“ آئون اهو آپريشن هتي ڪري سگهان ٿو. پر مونکي اُلڪو آهي ته اُن وقت تنهنجي بيهوشيءَ کان پوءِ ڪنهن ٻئي ڪُڌي ڊاڪٽري عمل لاءِ اُهي مون تي سخت دٻاءَ وجهندا.“ هن مونکي ٻڌايو. ”جيڪڏهن مون انڪار ڪيو، ته اهي اهو ڪم ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي سونپيندا. تنهنڪري تنهنجي لاءِ اهو سُٺو آهي ته تون ڪنهن پرڏيهي ملڪ هلي وڃ.“
    مون پرڏيهي ملڪ ۾ علاج جي اجازت ڏيڻ لاءِ حڪومت کي درخواست موڪلي. پر اُن جو ڪو جواب ئي ڪونه آيو. مونکي به ٿوري وقت جي گهرج هئي. ”تو ۾ ايتري سگهه ئي ڪانهي، جو تون بيهوشيءَ جو اثر سَهي سگهين.“ ڊاڪٽر مونکي چيو. ”توکي پنهنجو جسماني سرشتو ٺاهڻو پوندو.“ امان جيان مونکي به کير، گوشت، ڪُڪُڙ ۽ بيدن جهڙي لحميات سان ڀرپور غذا تي رکيو ويو.
    پر منهنجي ڪَنُ جو سُور گهٽ نه ٿيو. مون سمجهڻ شروع ڪيو ته منهنجي مُنهن جو کاٻو پاسو نِستو ٿيڻ لڳو هو. منهنجي مٿي ۾ لاڳيتي ڌان ڌان پئي ٿي ۽ ڪَنُ ۾ ٽڪ ٽڪ ٿيڻ سبب، منهنجي لاءِ ڪنهن ٻئي آواز کي ٻُڌڻ بلڪل ناممڪن ٿي پيو هو. ڊاڪٽر اختياري وارن کان اجازت وٺي هر هفتي 70 ڪلفٽن ۾ ايندو هو ۽ گند جي صفائيءَ جي ڪوشش ڪندو هو. هن هڪ ڀٽي جي علاج لاءِ جيڪا ڳڻتي ڏيکاري هئي، تنهن لاءِ هن کي سزا ڀوڳڻي پئي هئي.
    ”تون اڪثر ڪار ۾ حيدرآباد ويندو آهين. اهو درست آهي نه؟“ هن جي پاڙيسري پوليس سپرنٽينڊنٽ کانئس ان وقت پڇيو هو، جڏهن هن هر هفتي علاج شروع ڪيو هو.. ”تون ’ڊيٿ وش‘ فلم ڏٺي آهي؟“ ٻئي ڏينهن اُن فلم جي وڊيو ٽيپ ڪنهن اَڻڄاتل ماڻهو سندس گهر پهچائي. پوءِ هن کي ڌمڪين وارا ٽيليفون اچڻ لڳا. ساڳئي وقت کيس انڪم ٽئڪس کاتي وارن وٽان به نوٽيس پهتو، ته ٽئڪس ۾ گهوٻي هڻڻ سبب سندس ٽئڪس جي ٻيهر چڪاس ٿيندي. حڪومت سندس ڌنڌي جي سچائيءَ تي پڻ شڪ ڪندي، هن کي نوٽيس موڪليو ته ڇو نه کيس اسپتال جي ملازمت تان هٽايو وڃي. انهن سڀني ڳالهين هوندي به هن همت نه هاري ۽ منهنجو علاج ڪندو رهيو، جنهن جي مون گهڻي ساراهه ڪئي. هو ٻاهرين دنيا جو اڪيلو شخص هو، جنهن سان آئون ڳالهائيندي هيس. جيتوڻيڪ جيئن پوءِ پيٽر گئلبريٿ کان مونکي پتو پيو، حڪومت جي دعويٰ ان جي ابتڙ هئي.

    پيٽر گلئلبريٿ:
    سينيٽر پيل ۽ ٻين سينيٽرن پاڪستان ۾ خاص سياسي قيدين لاءِ ڊسمبر ۾ ضياءَ کي جيڪو خط لکيو هو، تنهن جو نيٺ جون مهيني جي پڇاڙي ڌاري پاڪستاني حڪومت وٽان جواب آيو. ان وقت ضياءَ جيڪي چيو هو، تنهن جي حوالي سان بينظير جي نظربنديءَ بابت ان جي جواب ۾ چيل هو:
    ”هن وقت هوءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ نظربند آهي، ته جيئن هو اهڙين سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺي سگهي، جن تي بندش پيل آهي. پوءِ به هن کي هر ممڪن آسائشون مليل آهن ۽ گهُرج وقت پسند جا
    ڊاڪٽر سندس تپاس ۽ علاج ڪن ٿا. هن کي پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان ملاقات ۽ ڳالهائڻ جي اجازت آهي. هُن کي اٺن ويجهن مائٽن کي رهائڻ جي اجازت مليل آهي، جن مان هڪ ئي وقت ٽي مائٽ وٽس رهي سگهن ٿا. هن کي پنهنجي پسند جي چوويهن ملازمن رکڻ جي اجازت آهي ۽ ذاتي واهپي لاءِ وٽس هڪ ٽيليفون به آهي.“
    پوءِ تُرت مونکي بينظير جي سئوٽ جو ٽيليفون آيو. مون هن کان ان خط جي مضمون جي حقيقت بابت پڇيو.
    ”بلڪل غلط،“ هن رڙ ڪندي چيو. ”هن جي ڪنهن به دوست کي ساڻس ملڻ جي اجازت ڪانهي. گذريل ٽن مهينن ۾ رُڳو هڪ ڀيرو هن جي ڀيڻ ساڻس ملاقات ڪري سگهي آهي. هن جي سئوٽ فخري کي به بينظير سان ملڻ ۾ ڏاڍي ڏُکيائي ٿي هئي. هوءَ ته ٻاهر باغ ۾ وڃي نه ٿي سگهي. هوءَ اڪيلي آهي ۽ بيمار آهي. مونکي هن جي ڏاڍي ڳڻتي آهي.“
    مون سينيٽر پيل ڏانهن خط لکيو. ان وقت اتفاق سان پاڪستان جو پرڏيهي وزير ۽ واشنگٽن ۾ اڳوڻو سفير يعقوب خان شهر ۾ آيل هو. يعقوب خان جا واشنگٽن ۾ ڪيترائي دوست هئا ۽ هو اتي هڪ سِڌي ڳالهه چوندڙ ۽ بي رياءُ مشهور هو. مونکي پڪ هئي ته بينظير سان ٻچاپڙائيءَ واري ورتاءُ ۾ يعقوب به شريڪ هوندو. جڏهن سينيٽر پيل پرڏيهي وزير کان بينظير سان ان ورتاءُ بابت سرڪاري بيان ۽ انهن نين حقيقتن جي وچ ۾ ظاهري فرق بابت پڇا ڪئي ته يعقوب ڳنڀير ٿي ويو، لڳو ٿي ته هن کي سچ پچ ڏاڍو ڏک پهتو هو. تنهنڪري هن پاڪستان پهچي ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ جو واعدو ڪيو.
    21 جون 1983ع. سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ منهنجي جنم جي ٽيهين سالگرهه. سدائين پُراميد هجڻ سبب مون هوم سيڪريٽريءَ کي خط لکيو هو ته، ڪيترن مهينن کان مون وٽ ڪوبه ملاقاتي نه آيو آهي، تنهنڪري مونکي اجازت ڏني وڃي ته آئون پنهنجي جنم ڏينهن تي اسڪول جي ساهيڙين سان ملاقات ڪريان. منهنجي خوشي ۽ حيراني جي حد ئي نه رهي، جڏهن حڪومت مون کي اهڙي اجازت ڏني.
    شام جو سميعا، سنديس ڀيڻ ۽ پاري مون وٽ ڊوڙنديون آيون. هنن وٽ چاڪليٽ ڪيڪ هو، جيڪو پاري ڏاڍيءَ محنت سان ٺاهيو هو. پوليس وارين جي چؤڪس نظرن هيٺ اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتا ۽ چُميون ڏنيون. ”الله جو شڪر جو ڪيڪ سلامت آهي.“ سميعا چيو. ”هنن سڀني شين جي ايڏي ته جهَڙتي ورتي، جو اسان کي اُلڪو ٿي پيو ته متان اُهي توکان اڳي ڪيڪ ڪاٽي ڇڏين.“
    انگلينڊ ۾ منهنجن دوستن وڪٽوريا شوفيلڊ ۽ ٻين به مونکي ڪونه وساريو هو. مونکي پوءِ خبر پئي ته جيئن منهنجي سالگرهه ويجهي آئي، ته وڪٽوريا تڏهوڪي آڪسفورڊ يونين جي صدر کي خط لکي، سندس اوڏانهن ڌيان ڇڪايو هو ته نظربنديءَ ۾ منهنجي اها ٽين سالگرهه هئي. 21 جون تي آڪسفورڊ يونين ۾ هڪ منٽ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. اها مريادا گهڻو ڪري رُڳو فوتي اڳوڻي صدر لاءِ ارپيل هوندي هئي. اُن وقت هڪ ٻيو پراڻو دوست ۽ ڪئمبرج يونين جو اڳوڻو صدر ڊيوڊ جانسن، آڪسفورڊ يونين جي تقريرن واري ڪمري ۾ موجود هو. هن پوءِ لنڊن جي ويسٽ منسٽر ايبي ۽ سينٽ پال ڪيٿيڊرل جي سڀني عبادتگاهن ۾ آچر ڏينهن جي عبادت ۾ منهنجي لاءِ دعائن گهرڻ جو انتظام ڪيو. اهي دعائون ڳڻتيءَ ۽ دوستيءَ جو ڏاڍو پيارو اظهار هيون.
    منهنجي سالگرهه وقت حڪومت جي هڪ عملدار جيڪا ڳڻتي ڏيکاري، سا وڌيڪ شڪي ٿي لڳي. ”مهرباني ڪري اڄ شام جو ستين بجي تيار رهجو.“ جيل جي عملدارن مان هڪڙي مونکي چيو. ”اسين اوهان کي گورنمينٽ ريسٽ هائوس ۾ وٺي هلنداسين.“
    ”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”ڇو ته مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اوهان سان ملڻ چاهي ٿو،“ هن اهو ڏاڍي خوشيءَ سان چيو.
    ”مارشل لا ائڊمنسٽريٽر؟ آئون جنرل سان ملاقات لاءِ ڪونه وينديس.“ مون کيس ٻڌايو.
    جيل جو عملدار حيران ٿي ويو. ”پر اوهان کي هلڻو پوندو. اوهان قيدي آهيو.“ هن وراڻيو.
    ”مون کي پرواهه ڪانهي.“ مون چيو. ”آئون هن سان نه ملنديس. اوهين مونکي گهلي اتي وٺي هلندا، تڏهن به آئون اتي دانهون ڪنديس. رڙيون ڪنديس ۽ سڀني کي پريشان ڪنديس. جن مونکي قيد ڪيو آهي، تن وٽ آئون ڪونه هلنديس.“
    اُهو ٻُڌي جيل جو عملو پوئين پيرين ڀڳو ۽ ڀڻڪندو ويو ته، ”مونکي ڪوبه عقل ڪونهي، ته جنرل عباسيءَ سان ملاقات کان انڪار منهنجي حق ۾ سٺي ڳالهه ڪانهي.“ پر مون پرواهه نه ڪئي. اسان مان جيڪي ضياءَ جا مخالف هئا، تن جو ڌڪاريل فوجي حاڪمن سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو رکڻ، ڄڻ وڪامي وڃڻ برابر سمجهيو ويندو. پر هنن وٽ هلي وڃڻ ته مورڳو سندن حاڪميت کي مڃڻ ۽ کيس منظوري ڏيڻ برابر سمجهيو ويندو.
    ان رات مون سُوٽ ڪيس ۾ پنهنجو سامان رکيو، ڇو ته مونکي پڪ هئي ته حڪومت طرفان جوابي ڪارروائيءَ ۾ مونکي واپس جيل اماڻيو ويندو. مون جيل لاءِ گهربل شيون هٿ ڪيون. قلم، ڊائريون، جيتمار دوائون وغيره- پر مونکي جيل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ڪوبه ڪونه آيو. ان بدران مون کي حد کان وڌيڪ اچرج ٿيو، جڏهن مارشل لا ائڊمنسٽريٽر پاڻ مون سان ملاقات لاءِ 70 ڪلفٽن ۾ آيو.
    انهن مغرور فوجي حاڪمن جي، جيڪي ٻين کي گهرائڻ ۽ کين حڪم ڏيڻ جا هيراڪ هُجن ٿا، اها ڳالهه ڪڏهن به ٻُڌڻ ۾ نه آهي ته انهن پاڻ وڃي مخالف ڌُر جي اڳواڻ سان ملاقات ڪئي هجي. مون اَويساهيءَ وچان 70 ڪلفٽن ۾ اڇن وارن واري جنرل کي خاڪي ورديءَ ۾ ويٺل پهريون ڀيرو ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڏٺو. سندس نياپو سدائين ساڳيو هوندو هو.
    ”مون کي پتو آهي ته تون بيمار آهين.“ هو مونکي چوندو هو. ”اها ڳالهه ته آئون فوج ۾ آهيان، تنهن جو مطلب اهو ڪونهي ته مونکي ڳڻتي ڪانهي. ياد رک ته صدين کان اسان جي گهراڻن جا پاڻ ۾ لاڳاپا رهيا آهن. مونکي اها ڳالهه وڌيڪ اطمينان ڏيندي ته تنهنجو علاج ملڪ کان ٻاهر ٿئي. پر اسين ڪنهن به قسم جا سياسي مونجهارا ڪونه سَهنداسين.“
    مون بااخلاق رهڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ڇو ته اُن وقت پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جو ڪوبه فائدو ڪونه هو. منهنجو ويچار هو ته جنرل عباسي منهنجن ارادن کي سمجهڻ ۽ اُهو جانچڻ لاءِ آيو هو، ته جيڪڏهن مونکي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته آئون ڇا ڪنديس. مون هن تي اهو اثر ويهاريو، ته آئون پنهنجي علاج لاءِ ڳڻتيءَ ۾ آهيان ۽ پوءِ يڪدم واپس اينديس. ڪنهن حد تائين اها ڳالهه صحيح به هئي، ڇو ته تنهن وقت جلاوطنيءَ ۾ رهڻ جو منهنجو ڪوبه ارادو ڪونه هو.منهنجي ته خواهش ئي اها هئي ته هر ممڪن وجهه وٺي حڪومت کي سختيءَ سان چيڀاٽي ڇڏيان.
    اُن وقت مونکي اُن ڳالهه جي سمجهه نه هئي، ته حڪومت تي ڪهڙي پابندي آهي. منهنجي ڊاڪٽر اها ڳالهه لکي ڏني هئي ته، مونکي پرڏيهه ۾ علاج جي گهُرج آهي ۽ جيڪڏهن نظربنديءَ ۾ مونکي ڪجهه ٿي پيو، ته پوءِ اها سموري ذميداري حڪومت تي ايندي. گڏوگڏ سينيٽر پيل ۽ سينيٽ فارين رليشنس ڪميٽي ۽ شايد يعقوب خان طرفان به امڪاني زور پيو هجي. 1983ع ۾ جيئن آرهِڙ جي مُند اڳتي وڌي، ته منهنجي نظربندي نه رڳو حڪومت کي پريشان ڪيو، پر ان جا ابتا اثر به پڌرا ٿيا. البت 70 ڪلفٽن جي اڪيلائپ ۾ مونکي انهن جي ڪابه سُڌ نه هئي اُٽلندو هڪ ڀيرو وري مون سياست ۾ حصو وٺي پنهنجي ممڪن آزاديءَ کي ڏُکيو بڻائي ڇڏيو هو.

    ضياءَ جي گشت وقت سنڌ ۾ جيڪي هنگاما ٿيا هئا، تن ۾ اڃا ٺاپر نه آئي هئي. وري جو پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن 14 آگسٽ ۽ اها تاريخ ويجهو آئي، جيڪا ضياءَ هڪ ڀيرو وري ٻين ڪُوڙين چونڊن ڪرائڻ لاءِ چونڊي هئي، ته ايم آر ڊي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي ٻي عوامي هلچل هلائڻ جو اعلان ڪيو. ايم آر ڊيءَ جي اُن سڏ جو نتيجو جانچڻ لاءِ مون 70 ڪلفٽن ۾ ڌيان سان اخبارون پڙهيون ۽ بي بي سيءَ تان خبرون ۽ تبصرا ٻُڌا. مون وڏو جوکو کڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن اڳواڻ سان نياپن ذريعي رابطو ڪيو، جيڪي مڊايسٽ اسپتال ڀرسان هڪ ڳجهي جاءِ ۾ ڪندا هئا. مون پنهنجي ڳوٺاڻي ضلعي لاڙڪاڻي ڏانهن به سياسي هدايتون موڪليون ۽ فنڊ جي انتظام لاءِ سندن مدد ڪئي.
    اڳين هلچلن کان ايم آر ڊيءَ جي اُن هلچل نئون روپ ورتو هو. ماضيءَ ۾ ’احتجاجي تحريڪ‘ جا لفظ ٻُڌڻ سان حڪومت سياسي ڪارڪنن پٺيان هٿ ڌوئي پوندي هئي ۽ کين هزارن جي تعداد ۾ جهلي، ڪنهن دم کڻڻ کان روڪيندي هئي: جنهنڪري عوامي اڳواڻيءَ ڪندڙ ڪوبه ڪونه هوندو هو. هاڻي ايم آر ڊي اڳواڻن کي آزاد ڇڏيو ويو هو، ته اهي ڀلي پاڻ گرفتاريون ڏين- ۽ هنن پاڻ کي گرفتار به ڪرايو. ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن جي پُٺڀرائي لاءِ جڏهن عوام گڏ ٿيا هئا، ته پوليس کين به ڪجهه نه ٿي چيو. ان هلچل ۾ سنڌ جو زميندار طبقو به شريڪ ٿي ويو. هنن پارٽيءَ جي حامين کي گهربل جاين تي پهچائڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ لاريون ڏنيون ۽ بهتر رابطي لاءِ پنهنجن ڪمدارن ذريعي سهوليتون ڏنيون.
    ان هلچل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن پهرين ٿوري هٻڪ ڏيکاري، خيال اهو هو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ جتوئي، آمريڪي ۽ فوجي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون آهن، جن ضياءَ جي تختو اونڌي ڪرڻ لاءِ هن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. اهڙي ريت جتوئيءَ جو اقتدار قائم رهندو ۽ وري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت جي ويجهو به اچڻ ڪونه ڏنو ويندو. مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي اها ڳالهه زور ڏئي سمجهائي، ته ان هلچل ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ضياءَ خلاف هلندڙ هلچل وقت متحد رهڻ وڌيڪ اهم آهي، ۽ پوءِ جيڪڏهن ضروري ٿيو ته پاڻ ۾ جيڪو اتفاق جُڙيو آهي، تنهن تي ويچاريو ويندو.
    اُن هلچل جيئن زور ورتو، ته مون پارتيءَ جي عهديدارن کي لِڪ ڇپ ۾ ڪيترائي خط موڪليا، جن ۾ مون کين سمجهايو ته پرڏيهي سفارتڪارن کي ڇا چوڻ گهرجي ۽ اخبارن ۾ ڪهڙيون خبرون ڏجن. مون هنن تي زور ڏنو، ته ان هلچل کي زور شور سان اڳتي وڌائيندا هلو ۽ حڪومت کي ڪوبه اهڙو وجهه نه ڏيو، جو اها اسان کي تباهه ڪري. مونکي پتو هو، ته جيڪڏهن انهن نياپن جي حڪومت کي سُڌ پوي ها، ته مونکي پرڏيهه ۾ موڪلڻ بدران واپس جيل ۾ موڪلي ڇڏي ها. پر منهنجي لاءِ هر ٻيءَ ڳالهه کان اُتم پاڪستاني عوام جي آزادي هئي. جيل جي عملدارن جي شڪ کان پاڻ بچائڻ لاءِ آئون وڌيڪ ڪمزور هجڻ جو بهانو ڪندي هيس. هونئن به منهنجي طبيعت ئي اهڙي آهي، جو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سب مون ۾ ڪنهن قدر سگهه اچي وڃي ٿي، پوءِ کڻي آئون ڪيتري بيمار ڇو نه هجان. پر 1983ع ۾ سنڌ ۾ بغاوت هلندي جڏهن جيل جو عملو هفتيوار چڪر تي ايندو هو، ته آئون ڄاڻي ٻجهي اکين هيٺ غاليچي ۾ کپائي ويهندي هيس، ته جيئن اهي منهنجي جوش ۽ ولولي کي ڏسي نه سگهن ۽ کين پڪ ٿئي ته آئون اهڙي ته اگهي آهيان، جو ٻي ڪا ڳالهه سوچي نٿي سگهان.
    انهيءَ وچ ۾ جتوئي مون تي زور پئي رکيو، ته آئون عوام لاءِ امان کان ڪو نياپو گهرايان. ڏاڍي ڏکيائيءَ کان پوءِ ڪنهن امان سان فون تي ڳالهايو. ”اوهان بينظير کي چئو ته منهنجي نالي تي ڪو بيان ڏئي.“ هن چيو. پوءِ آئون بجلي واري ٽائيپ رائيٽر اڳيان ٿي ويٺيس ۽ بجليءَ جي اک ٻُوٽ هلندي اَٿاهه طاقتور فرد جيان ٽائيپ ڪرڻ لڳس. منهنجين آڱرين مان لفظ تيزيءَ سان ڊوڙندا ڪاغذن تي پکڙجڻ لڳا.

    ”منهنجا محب وطن ۽ بهادر هموطنو، منهنجا مانائتا ڀائرو ۽ پياريون ڀينرو، منهنجون دلير ڌيئرو ۽ نِڊر فرزندو (مون عوام لاءِ امان جو نياپو ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو پوءِ اردو ۽ سنڌيءَ ٻولين ۾ ترجمو ٿيو هو ۽ لڪ ڇپ ۾ سڄي صوبي ۾ ورهايو ويو هو.) … اسان جي هلچل جو مقصد ملڪي قانونَ جي نافرماني آهي. ڇهن ورهين جي ڊگهي عرصي تائين اسين ظلم، ڏاڍ ۽ پيڙا کي مُنهن ڏيندا پيا اچون. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اسان جي مطالبي کان ڪيترائي ڀيرا لنؤايو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ واڙيو ويو آهي ۽کين موت جون سزائون ڏنيون ويون آهن. هاڻي گهڻو ئي ڪجهه ٿيو. تنهنڪري اسين بسن ۽ ريلوي جي ڊرائيورن کي گذارش ڪريون ٿا، ته اوهين بسون نه هلايو، ريلون نه هلايو. پوليس وارن کي اسان جو رُڳو ايترو چوڻ آهي، ته اوهين دادوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن جي مثال جي پيروي ڪريو ۽ معصوم عوام تي گوليون نه هلايو. جيڪي اوهان جا ئي ڀائر آهن. اوهين هن هلچل کان بلڪل نه ڊڄو. اها هلچل اسان جي عوام، غريبن ۽ ٻارن لاءِ آهي ته جيئن اُهي مفلسي، بُک ۽ بيماريءَ جي زندگي نه گهارين. اوهين پنهنجي پارليامينٽ، حڪومت ۽ آئين لاءِ جدوجهد ڪريو، ته جيئن فيصلا غريب عوام جي حق ۾ ٿين ۽ نه فوجي حڪومت ۽ سندس ڇاڙتن جي حق ۾ …“
    ضياءَ الحق خلاف نفرت ۽ ڌِڪار جي اها هلچل وڏو ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي ۽ چؤڌاري پکڙجي وئي. ريلوي اسٽيشنن تي ڦرلٽ ٿي. ٽرڪن ۽ بسن هلڻ بند ڪيو. ٿاڻن کي ساڙيو ويو. سون ماڻهن پنهنجيون جانيون وڃايون. پاڻ ضياءَ کي ظاهري طرح آڌر ڀاءُ ڪندڙ انبوهه ذري گهٽ قتل ڪري ٿي ڇڏيو. هڪ هيليڪاپٽر جنهن ۾ ماڻهن سمجهيو هو ته ضياءَ آهي، جڏهن دادو لٿو تڏهن عوام اُن ۾ ويٺل ماڻهن تي حملو ڪري ڏنو. حقيقت ۾ ضياءَ هڪ ٻئي هيليڪاپٽر ۾ هو، جيڪو اتان رخ ڦيرائي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي لٿو هو. پوءِ جڏهن هن کي ريسٽ هائوس ۾ ڏٺو ويو هو، تڏهن به هو مارجي وڃڻ کان ذري گهٽ بچي ويو هو.
    سنڌ جي اها بغاوت تُرت ٻين صوبن تائين به پکڙجي وئي. بلوچستان صوبي جي ڪوئيٽا ۾ ۽ سرحد صوبي جي پشاور جي وڪيلن جي انجمنن سياسي بيان بازيءَ تي پيل بندش جي ڀڃڪڙي ڪندي چونڊن ڪرائڻ جي گهُر ڪئي. لاهور ۾ پوليس هاءِ ڪورٽ جا سڀئي دروازا بند ڪري، وڪيلن کي احتجاجي جلوس ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ مٿن پٿر وسايا ويا. پوءِ به بابا جي وڪيلن مان هڪ وڪيلياڻي طلعت يعقوب جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن جو جلوس ڪنهن نموني ٻاهر آيو. ”اوهان مان جيڪي گهر ۾ ويهڻ گهرن ٿا، تن لاءِ هيءُ چُوڙِيون آهن.“ طلعت يعقوب پنهنجيون شيشي جون چوڙيون اُڇلائيندي ۽ پاڪستاني جهنڊو جهولائيندي، لاهور ۾ وڪيل انجمن جي اڪثر مرد وڪيلن کي رڙيون ڪندي چيو. ”آئون توهان کي آزاديءَ لاءِ سڏيان ٿي.“ سوين وڪيل ساڻس وڃي مليا ۽ ڀڃڪڙي ڪندي، اهي جمهوريت جي حق ۾ نعرا هڻندا اڳتي وڌندا ويا ۽ پوليس جي گهيري ۾ ڦاسي پيا.
    ان ملڪي بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ فوج پنهنجيون توبون ۽ ٽئنڪون ڪَتب آنديون، جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪري سنڌين جي دلين ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پيدا ٿي پيو. چيو ويو ته اُن ۾ اٺ سؤ ماڻهو مارجي ويا هئا. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ بيٺل فصل ساڙي رک ڪيا ويا. عورتن جي لڄالُٽ ڪئي وئي، جنهن سبب ٻارهن ورهيه اڳ بنگلاديش ۾ فوج جيڪي هاڃا ڪيا هئا، تن جو اگريون يادون اڀري آيون هيون. ڪاوڙ ۽ ڪِروڌ جي رَک مان سنڌي قوميت جنم ورتو. ٻين اقليتي صوبن ۾ پڻ علحدگيءَ جي هلچل اڀرڻ لڳي. ضياءَ جي ظلم ۽ ڇهن ورهين جي مارشل لا سبب پاڪستان جو ڪمزور ۽ نازڪ وفاق ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو هو.
    پوءِ به ريگن انتظاميا پنهنجي خاص ماڻهوءَ جي پُٺي ٺپريندي آئي. ’نيوز ويڪ‘ لکيو آهي ته، ”واشنگٽن پنهنجي عالمي حڪمت عمليءَ ۾ ضياءَ کي پنهنجو گُڏو سمجهي ٿو.“ مون پنهنجي روزنامچي ۾ 22 آڪٽوبر تي لکيو. ”هڪ مغربي جاسوس ذريعي جي چوڻ مطابق سي آءِ اي پاڪستان ۾ پنهنجيون ’اصلي‘ سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. گذريل هفتي ’نيوز ويڪ‘ لکيو هو ته ضياءَ جي ڊهندڙ حڪومت کي سي آءِ اي ٽيڪ ڏيو بيٺي آهي. اهي خاطري چاهين ٿا ته ضياءَ جو حشر ايران جي شاهه جهڙو نه ٿئي. گذريل ڏيڍ ورهيه ۾ مصر ۾ جاسوسي ڪندڙ ’آمريڪي ڀُوتن‘ جو وڏو تعداد قاهرا مان نڪري اسلام آباد ۾ پهچي ويو آهي. اُن رپورٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ’اُن مان پڌرو ٿئي ٿو ته ضياءُ رُڳو تڏهن اقت