ڪتاب جو نالو: اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 14 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 386 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 121 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عبدالحئي پليجي صاحب ھن سفرنامي ۾ اسپين جي شهرن، گھٽين، گسن ۽ ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. پليجي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • پيش لفظ
  • سفرنامو

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • ليکڪ جا ٻيا ڪتاب
  • اڻ ڇپيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ
    ليکڪ: عبدالحئي پليجو
    ڇاپو پهريون: اپريل 2018ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن - ٻنون
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/300 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب


    ارپنا

    منهنجو هي ڪتاب آئون پنهنجي ڀاءُ
    شمشير جنگ پليجي
    ڌيءُ پرهه سنڌو پليجو
    جيڪا منهنجي ڌيءُ به آهي ته دوست به آهي
    ته ائڊوائيزر به آهي
    جي نانءُ
    ٿو ڪريان


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اسپين تنھنجا ڪيئي رنگ“ اوهان اڳيان پيش آهي. اسپين بابت سفرنامي جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار سائين عبدالحئي پليجو آھي.
    عبدالحئي پليجي صاحب ھن سفرنامي ۾ اسپين جي شهرن، گھٽين، گسن ۽ ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. پليجي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
    هي ڪتاب مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ساحل پبليڪيشن، حيدرآباد وٽان 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون ساحل پبليڪيشن جي سرواڻ مانواري مور ساگر جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، ٿورا سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    مسافري جي مٽي مان حاصل ڪيل سمجهه، ذهانت ۽ ساڃاهه کان وڌيڪ گهري سمجهه ذهانت ۽ ساڃاهه دنيا جي ٻي ڪنهن به علم گهر جي در تان اڄ تائين ڪنهن کي نه ملي آهي. زندگي جي زخم ۽ شفاءَ جي ڄاڻ جو لازوال سرچشمون پنڌ ڪيل پيرن تي چنبڙيل منزل جي رستي جي ڌوڙ آهي شرط آهي ته ان مسافري ۾ دل به گڏ پنڌ ڪري.
    خالي پيرن جي پنڌ جي مسافري مان اهو علم، اها ذهانت اها سمجهه حاصل نه ٿيئي ٿي جيڪا دلين ۽ پيرن جي گڏيل مسافري دوران نصيب ٿئي ٿي عبدالحئي پليجي صاحب هن دنيا کي جيڪو جھاڳيو آهي اهو رڳو پيرن جا سکڻان پنڌ نه هئا پرديس جون ڊگھيون مسافريون به هيون.
    ان ڪري هن پنهنجا شهر ڇڏي پرديس ۾ رڳو ذهني جسماني ٿڪ نه ڀڳا پر هن ملڪ جي گھٽي گھٽي کي گھرائي سان ڏٺو ۽ ان کي سمجھڻ پرکڻ پروڙڻ جي اعليٰ جفاڪشي ڪئي اها ساري سمجهه جيڪا هر مسافري جي سوغات سوکڙي هئي ان سمجهه تجربي کي ڪتابي صورتون ڏئي زندگي جي شهرن جي علمي ادبي بازارن جا هٽ سينگاريا.
    عبدالحئي پليجي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا سميت ان مسافرين جي حيرت ناڪ تاريخن جي هٻڪارن ۾ مهڪيل ويهه ڪتابن جا وڻ زندگي جي باغن ۾ پوکيا آهن.
    سفرناما مون به پڙهيا آهن ۽ ٻين دوستن به پڙهيا هوندا ان ڪري سفرنامي جي صورت ۾ ملڪن ۽ ماڻهن جون ڳالهيون ڪرڻ ڪو ڄاڻ پکيڙڻ علم جون نئون گس ناهي. دنيا جون قديم انساني ۽ تهذيبي تاريخون سڀ مسافرن لکيون آهن ۽ اڄ تائين انهن مسافرن جي لکيل تاريخن کي علمي حيثيت حاصل آهي.
    هيرو ڊوٽس، نيرڪوس ٽالمي، ابن بطوطه ۽ پوءِ هاڻ سنڌي زبان ۾ الطاف شيخ، شيخ اياز، جي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجيي جا سفرناما لکيا پيا آهن پر عبدالحئي صاحب جي لکيل سفرنامن ۾ ڪجهه وڌيڪ گهرائي سان انساني تاريخي ۽ تهذيبي زخمن ۽ انعامن اعزازن جو ذڪر آهي هن سڀ سفر سنڌ جي تاريخي پٽ پِڃارِيءَ جي ڪپن کان، ٻني جي مختصر بازار کان شروع ڪيا ان ڪري انهن سفرنامن جو تعلق هنن پٽن جي لئين لاڻن، ڪرڙن ڪانڊيرن، سرن، ڪانهن ڪڙن دٻن ۽ ڪڙين ڪپرن جي مٽي سان رهيو آهي..
    پهرين وک ۽ منزل جي آخري وک جو پاڻ ۾ هميشه گهرو تعلق رهيو آهي جيڪڏهن سائين عبدالحئي پليجو سڀ سفر يورپ جي ترقي يافته روشن شهرن ۽ ملڪن جي وسيع روشن عالمگير شاهراهن تان ڪري ها ته پوءِ کيس غرناطه جنهن جي لاءِ ڪنهن شاعر چيو هو ته غرناصله اها ڪنوار آهي جو باقي ساري دنيا جا شهر سندس موڙي جو معمولي حصو ناهن. غرناطه جنهن جي گلن جي خوشبوءَ ۾ لورڪا جي واهيل بي گناهه رت جي مهڪ به شامل آهي. ان شهر جي گلين ۾ کيس انساني تهذيب جي آخري هڏڪي ۽ هڪ نئين تمدن جي تاريخ جو پهريون ٽهڪ ٻڌڻ ۾ نه اچي ها نه هو ٻڌي سگهي ها نه وري قرطبه جو بلند ترين مسجدن جي مينارن اڳيان کيس ڊٺل گرجائون جي مٽي فرياد ڪندي محسوس ٿئي ها ۽ نه وري لنڊن جي شهر ۾ برطانيه جي اڻ ڏٺل راڻي جو اهو فيصلو کيس وڻي ها ته پنهنجي تاريخي ورثي جي سلامتي خاطر هنن پنهنجي اچڻ وڃڻ جا گس زير زمين ٺاهيا آهن. ريل رستا، روڊ رستا تمام گھڻيون مارڪيٽون زمين اندر تعمير ڪيون آهن جيئن سندن اباڻان ورثا سلامت هجن. ياد رهي ته برطانيه سرڪار لنڊن ۾ جتان جتان سندن ورثا آهن اتان گس زير زمين ٺاهيا آهن پنهنجي اباڻي ورثي جي بچاءُ خاطر هن قسم جو تاريخي قدم فقط لنڊن ۾ نه کنيو ويو آهي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به کنيو ويو هوندو پر حئي صاحب کي لنڊن سرڪار جو اهيو قدم ان ڪري وڻيو جو ورثن جا قدر انهن وٽ آهن جن قومن جي ورثن جون تزليلون ۽ توهينون ڪيون ويون آهن فقط حفاظت ۽ بچاءُ ته پري جي ڳالهه آهي پر ابتو چٿرون ۽ طنزون ڪيون ويون آهن جيئن سنڌ جي اباڻن ورثن سان سنڌ جي شهرن ۾ ٿي رهيو آهي. هي هن جي پهرين وک نماڻي سنڌ جي مٽي هاڻي وطن کان هئي جو هن کي مدينته الزهره شهر جي رنگين عمارتن ۽ هيرن جواهرن سان روشن بادشاهي محلن جي مينارن ۾ هڪ ڪنيز جي دل گهائيندڙ مَيارَ جي صدا ٻڌڻ ۾ آئي. هن پنهنجي سفر نامي ۾ اهيا شڪايت ڪئي آهي ته مسلمان حڪمران سلطان عبدالرحمان هڪ مرحوم ڪنيز جي ڇڏيل ملڪيت مان پنهنجي راڻي زهره جي نالي سان شهر جوڙايو هن کي ائين نه ڪرڻ گھربو هو جنهن جي ملڪيت هئي هي شهر ان بي نام ڪنيز جي نالي سان قائم ٿيڻ گھربو هو. اسپين جي مسلمان حڪمرانن اسپين جون گرجائون ڊاهي مسجدون مينار تعمير ڪيا ان کان بهتر هو ته هو گرجائون جي آمهون سامهون بلند ترين مسجدون ۽ مدرسھ قائم ڪن ها اسپين ۾ مسلمانن سوين سالن تائين بادشاهي ڪئي پر ان سموري بادشاهي جي زماني ۾ ڪو وڏو تاريخي ڪم نه ڪيو. اسپين ۾ مسلمانن طارق بن زياد جي 711ع جي بادشاهي کان وٺي مسلمانن جي آخري خليفي ابو عبدالله جي عيسائي راڻي آئيزا هٿان 1492ع ۾ لڳ ڀڳ 8 سئو سالن جي بادشاهي تائين اسپين ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ ڪوبه اهڙو تعمير ۽ ترقي وارو عوامي ڀلائيءَ جو ڪم نه ڪيو جو اڄ انهن ملڪن ۾ کين زمانو ياد رکي. عبدالحئي صاحب اسپين جي هن مسافري جي تاريخ ته ٻڌل ڪتاب جو نالو اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسپين اهو تاريخي وطن آهي جنهن جا ڪئي رنگ هئا ۽ آهن.
    اسپين جا شهر، اسپين جا دريا، اسپين جون عمارتون، محل جنهن ۾ اڄ به هالي ووڊ جون مشهور تاريخي فلمون ٺهن ٿيون، اسپيني لورڪاجي رت جي لبيار جهڙي مرڪ سان گڏوگڏ پڪاسو جي حسين شاعر، جيئرين تصويرين، محبوبن ڪاوڙن، پرچڻ جي سر زمين آهي. عبدالحئي پليجو صاحب اسپين جي شهرن گھٽين گسن ماڻهن جو انتهائي گهري مشاهدي جو ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامون اسپين تنهنجا ڪئي رنگ رڳو زور بياني ۽ ٻولي جي حسن تي ٻڌل ناهي بلڪه اسپين، لنڊن ۽ هندستان جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گهِري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامون آهي. سفرنامي يا آتم ڪٿا ۾ ماڻهو ايتري مٿاڪٽ ۽ جفاڪشي نه ڪندا آهن. سفرنامي يا آتم ڪٿا ۾ رڳو پاڻ نظر ايندا آهن حئي صاحب کي پنهنجي سفر دوران جيڪي به شيون نظر آيون آهن شهر رستا، ماڻهو ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انهن سمورن شهرن ۽ تاريخي تهذيبي نشانن جا نه رڳو پير کنيا آهن بلڪه انهن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي. ان حساب سان هي اسپين ۽ لنڊن جي گسن ۽ شهرن جو سفرنامون به آهي ته لنڊن ۽ غرناطه جي حسن ۽ درد جي تاريخ به آهي. اسان کي سفرناما ائين لکڻ گھرجن جيئن اهي سفرناما رڳو زور بياني جو ثبوت نه هجن بلڪه اڻ ڏٺل زمانن ۽ زمينن جي تهذيب ۽ زندگي جي تاريخ هجن. انهن ملڪن جي ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو. اهي ملڪ ۽ ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا دريا، ڪهڙا ڪهڙا رڻ پار اُڪريا آهن. وقت جا ڪهڙا ڪهڙا جبل هنن تان گذريا آهن گھٽ ۾ گھٽ سفرنامن ۾ اهي سڀ ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون جيڪي حئي صاحب ڪيون آهن. هن نه رڳو هن سفرنامي ۾ لنڊن، هندستان ۽ خاص طور تي اسپين ملڪ جي تاريخ ۽ سندس شهرن جي سونهن انهن ملڪن جي محقق ۽ شاعرن جا حوالا ڏئي بيان ڪئي آهي جيڪا ان سفرنامي کي اسپين جي تاريخ بابت سنڌي زبان ۾ لکيل هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت ڏئي ٿي. هن نه فقط لنڊن ۽ اسپين جي معلومات ڏني آهي بلڪه انهن ملڪن جي باري ۾ سموري ڄاڻ هڪڙي حيرتناڪ رنگ ۾ رنڱيل آهي.

    پروفيسر عبدالله ملاح


    پيش لفظ

    بي شڪ زندگي ان لاء ناهي، ته ان کي هڪ ئي هنڌ ويهي ڌپ ڪجي ۽ نه ئي زندگي ان لاء آهي، ته ان کي اڻ چاهي سمجهي ڌڪار بڻائي ڇڏجي۔
    زندگي ان لاء به ناهي ته ان کي قدرت واري جو امتحان يا آزمائش سمجهي حورن جي انتظار، اڻ ڏٺي، مافوق الفطرت سفر ۾ رات ڏينهن ڳڻيندي ڪٽي ڇڏجي۔ خوشنصيب آهن اهي جيڪي زندگي جو تت ڄاڻن ٿا ۽ پوءِ ان جي هر گذرندي گهڙي کي ڍڪ ڍڪ ڪري اندر ۾ اوتين ٿا۔ هو ائين ڪري نه رڳو پاڻ مسرور زندگي جو سرور ماڻين ٿا پر پاڻ سان گڏ گھاريندڙ کي به ان مئي وٽيءِ مان ڀرپور سرور وٺرائن ٿا۔
    اهڙن ئي انسانن ۾ محترم سائين عبد الحئي پليجو به هڪ آهي، جنهن زندگيءَ کي نه رڳو ڄاتو پر ان کي ڀرپور نموني گهاريو به آهي، هو زندگي کي باقي خلق خدا جيئن بار نه ٿو سمجهي نه ئي وري بيڪار. هو بس مسلسل هلي پيو ۽ زندگي کي من چاهي محبوب جيئن چاهي به پيو ته گهاري به پيو.
    ڪٿي پڙهيو هيم ته لکڻ ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪو ٻار ڄڻڻ، پر جيئن تڪليف ۽ سور سهندي به عورت اولاد پيدا ڪرڻ بند نه ٿي ڪري، بلڪل ائين ئي ليکڪ لکڻ کان بس ناهي ڪندو.
    اولاد جڏهن سامائجي وڏو ٿئي ٿو ته ماءُ پنهنجي هر درد ۽ سور کي وساريو ڇڏي، ائين ئي جڏهن درد ۽ پيڙا ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙ تائين پهچي ٿو ته لکاري کان به لکڻي جي منڍ کان پڇاڙي تائين جو هر درد وسريو وڃي. سائين عبد الحئي صاحب خوشنصيب آهي، جو هيل تائين سندس کوڙ ڪتاب پڙھندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن. ڪو شڪ ناهي ته لکڻ ڏکيو عمل آهي ۽ مسلسل لکڻ ته ان کان به ڏکيو ڪم آهي، پر بنا ڪنهن وڌاءُ جي چونديس ته ٺٽي جي پليجن جي اها خوبي آهي ته مسلسل پڙهن به ٿا ته لکن به ٿا ۽ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ٿڪجن به نه ٿا. مونکي ذاتي طور پڙھڻ ۾ ٻه شيون وڌيڪ وڻن، هڪ آتم ڪٿا ۽ ٻيو سفر ناما.
    آتم ڪٿا ۾ پڙهندڙ ليکڪ جي سالن جي زندگي مان ڪلاڪن اندر گهڻو ڪجھه سکي وٺي ٿو ( ان صورت ۾ جڏھن ليکڪ ايمانداري سان بنا ڪنهن رياءُ جي پنهنجا تجربا، پنهنجا احساس، پنهنجي زندگي جا لاها چاڙها پڙهندڙ سان ونڊي ٿو، نه ته ويجهڙ ۾ ڪجھه اهڙا ڪتاب به پڙهيم، جن ۾ ليکڪ ٻين جي زندگي جا ته ڇو ڏا لاٿا، پر پنهنجي زندگي جي کوڙ پاسن کي لڪائي پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. سو اهڙي لکڻ کان نه لکڻ ڀلو نه سندس وقت ۽ پئسو زيان ڪجي نه پڙهندڙ جو) ۽ سفر نامن جي خوبي اها چئبي ته هڪ سٺو لکيل سفر نامو پڙهي، پڙهندڙ بنا ڏوڪڙ پئسي جي نه رڳو انهن ماڳن، ماڻهن ۽ اتان جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي حالتن کان واقف ٿئي ٿو پر هر لفظ پڙھڻ سان، لکاري معرفت انهن ماڳن ۽ هنڌن کي احساسن ۾ محسوس ڪندي گهمي به ٿو. جتي هو ويل نه هوندو آهي، ۽ شايد ڪڏهن وڃي به نه سگهي. هاڻي ليکڪ جو ڪمال آهي ته هو پڙھندڙ کي پاڻ سان ڪيترو شامل ڪري ٿو.
    جڳ مشهور ليکڪ جون گيمليٽ مطابق “سفر نامو لکڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو سفر نامو شين کان وڌيڪ ماڻهن سان لاڳاپيل هجي، احساسن تي ٻڌل هجي. پڙھندڙ ان ۾ جيئرو جاڳندو ساڻ هجي، پڙهندڙ پڙھندي مهل ان ۾ پاڻ کي ڌڙڪندو محسوس ڪري. جيڪڏهن ائين ناهي ته پڙھندڙ جي دلچسپي ٽٽي ٿي وڃي ۽ هو ڪتاب اڌ ۾ ئي ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇليو ڇڏي”.
    سفرنامو لکڻ جو واحد مقصد جيڪڏهن ماڳن جي معلومات هجي ته پوءِ اها معلومات ته نيٽ تي مختلف بلاگس جي صورت ۾ کوڙ موجود آهي. سفرنامي ۾ معلومات به هجي ته احساسن جي صورت ۾ وندر به هجي.
    مونکي ياد آهي ته آئون جڏھن ننڍي هيس ۽ رات جي اونداهي ۾ چاچا جي لائبريري مان ڪتاب چورائي چورائي ( ڏاڏيءِ کي چاچا جي ڪتابن سان انتهائي پيار هوندو هو ۽ هُوءَ انهن کي ملڪيت جيئن ساڍيندي هئي، اسان مان ڪنهن کي به ڪتابن کي هٿ لائڻ نه ڏيندي هئي ته متان انهن جو هڪ پنو به ٽٽي نه وڃي ان ڪري رات جو جڏهن ڏاڏي سمهندي هئي ته اونداھ ۾ ڪٻٽ اندر هٿوراڙيون هڻي ڪو ڪتاب کڻندي هيس، پوءِ اها نصيب جي ڳالھ ته ڪتاب ڪهڙو ٿو هٿ لڳي ) کڻندي هيس ۽ پوءِ جيڪڏهن هٿ ۾ آيل ڪتاب ڪو آتم ڪٿا يا سفرنامو هوندو هو ته منهنجي خوشي جي انتها نه هوندي هئي.
    سفر جي شروع ۾ جيڪڏهن ليکڪ اهو طئي ڪري ٿو ته هو اهو سفر ڇا لاءِ ٿو ڪري ۽ هن جي لکيل سفر نامي جو پڙهندڙ ڪير ڪير هوندو ته پوءِ ان سفرنامي جو چس محبوب سان ٿيل پهرين ملاقات جيئن سرور ڏيندڙ ھجي ٿو، ننگر جي رڻ مَنجھه ڏکڻ جي هير ۾ گهاريل چوڏهين جي رات جيئن وڻندڙ ھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ليکڪ اهو سڀ سوچي، هنڌن ماڳن کي ڏسي ٿو ته اها اک ليکڪ جي نه ٿي هجي پر اها پڙهندڙ جي اک هجي ٿي. ليکڪ اهو ڏسي ٿو جيڪو پڙهندڙ جي اک ڏسڻ گهري ٿي، هو اهو ئي لکي ٿو، جيڪو پڙهندڙ پڙهڻ گهري ٿو، ليکڪ ۽ پڙھندڙ جي وچ ۾ ڪو حجاب باقي نه ٿو رهي، ليکڪ پڙهندڙ ھجي ٿو ۽ پڙھندڙ ليکڪ هجي ٿو.
    هن سفر نامي کي پڙهندي، کوڙ هنڌن تي مون پاڻ کي به ساڳين ماڳن ۾ محسوس ڪيو هوندو. هڪ هنڌ جڏهن ليکڪ ايئرپورٽ جي ڪسٽم ۽ ڪليئرنس جي انتظارين تي لکيو ته مون پنهنجي پيرن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪئي، ڄڻ ته آئون پاڻ انهن قطارن ۾ بيٺي آهيان ۽ مون اهو سڀ ڀوڳيو آهي. ساڳي طرح هو جڏهن سندس گهر واري جي ڪيئرنگ طبيعت جو ذڪر ڪري ٿو ته پڪ اٿم پڙھندڙ انهن سٽن کي پڙهندي ڳچ دير سوچ ۾ غوطا کائيندي، سندس خيال ڪندڙ ساٿي جي خوبصورت نرم گرم ساٿ کي محسوس ڪندا، جيڪو هر گهڙي سندن سک لاء پيرن ڀر بيٺل ملندو آهي.
    سفرنامن ۾ کوڙ ليکڪ پڙهندڙ جي معلومات ڪارڻ ان وقت جي هلندڙ سياسي حالتن تي به لکندا آهن پر جيئن ته سياسي حالتون گهڻو ڪري جلدي جلدي ڦيرو کايو وڃن سو جيسيتائين ڪتاب پڙھندڙ تائين پڄي، اهي حالتون تبديل ٿي چڪيون هونديون آهن، ان ڪري اهي حصا پڙهندڙ کي پاڻ تي بار محسوس ٿيندا آهن. سفر نامن جي ٻي سونهن معلومات هجي ٿي، جيڪا هڪ ليکڪ پنهنجي پڙهندڙ کي ڏي ٿو. هو جن هنڌن، ماڳن کي ڏسي ٿو انهن تي لکي ٿو، انهن جي هاڻوڪي حالت کان وٺي انهن جي ٺهڻ وقت جي حالتن ۽ ٺھڻ جي سببن تي به لکي ٿو، ته جيئن پڙهندڙ وڌ کان وڌ ڄاڻ هاصل ڪري سگهي پر سچ چوان ته اها معلومات به هڪ حد تائين هجڻ کپي نه ته اضافي معلومات به تحفي يا تفريح بدران بيزاري جو باعث بنجي ٿي، ائين جيئن خوبصورتي جي چڪر ۾ پارلر واري مائيءَ ڪنوار کي اضافي شيڊ ٿپيو ڇڏي، پر ان مان منهنجي مراد اها قطعي به ناهي ته ڪو معلومات نه ڏجي پر معلومات اها ڏجي، جيڪا نيٽ ۽ ڪتابن منجھه نه هجي نه ته اڄ جي جديد دور ۾ تاريخي ماڳن ۽ ملڪن متعلق گهڻو ڪجھه نيٽ تي موجود آهي ۽ پڙهندڙ ضرورت جي بنياد تي جڏهن به چاهي هڪ ڪلڪ سان اها معلومات حاصل ڪري سگهي پيو. باقي ماڳن تي ليکڪ سان ڇا وهيو ڇا واپريو ۽ ليکڪ ڇا محسوس ڪيو اهي ڳالهيون پڙهندڙ لاء دلچسپي جو باعث هجن ٿيون.
    آمريڪا جي تازي دوري مونکي احساس ڏياريو ته اولھ جا شهر ۽ ماڳ ڪيڏا نه خوبصورت آهن، قدرت واري کين درياهن، جبلن ۽ ساوڪ سان نوازي ڇڏيو آهي ۽ ان ڳالھه جي تصديق مختلف سيلانين پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ به ڪئي آهي، بقول هڪ غرناته جي شاعر وزير لسان الدين “مصر ملڪ پنهنجي نيل درياھ تي ڪهڙو فخر ڪري جڏهن شنيل درياھ (غرناطه شهر مان وهندڙ) پنهنجي اندر ۾ هزار نيل دريا سموهيندي وهي پيو.
    اسپين متعلق ۽ اتي جي ماڳن جي عربي نالن متعلق ڄاڻ سچ ته قيمتي اثاثو چئبا جيڪي ليکڪ هتي پڙهندڙ لاء ڏنا.
    تخليقڪار ايسيتائين شايد ئي ڪجھه ڀلو لکي يا ٺاهي سگهي ٿو، جيسيتائين هو زندگي کي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئي نه ٿو. پوءِ اهو ڍڪ ڪڙو هجي يا مٺو. اهوئي پبلو ڊيگو جوز، فرانسڪو دي پائو لا جيان، نيپو ميئو سينو، ماريا دي لوس، ريميڊيوس، سپريانو ڊي ال سينٽيسيما، ٽرينيڊ اينڊ ريوئز پڪاسو عرف عام ۾ پڪاسو سان ٿيو، هن زندگي کي رنگين ڪري پيتو به ته پاتو به باقي هن جي ان پيئڻ پائڻ ڪري هن سان گڏ گهاريندڙن ڪيترو لوڙيو، اهو الڳ داستان آهي ۽ اهو بهترين نموني ليکڪ ڪتاب ۾ ليک جي صورت ۾ ڏيکاريو به آهي، پر انهن رنگينين پڪاسو جي تصويرن ۾ جيو جيون ڀريو آهي اهو عالم آشڪار آهي ۽ اڄ به پڪاسو جون تصويرون مهانگن اگهن ۾ وڪجن پيون، توڙي جو اهي اگهه ٻڌي پاڻ جهڙن ماڻهن جون اکيون ۽ وات پٽجيو وڃن، پر اولھ جي ملڪن ۾ آرٽ سان چاھ جو اندازو آرٽ گيلريز ۾ رش مان لڳائي سگهجي پيو.
    تازو امريڪا جي وزٽ دوران مونکي ان جو اندازو ٿيو. توڙي جو آئون اتي رکيل پڪاسو جي سيلف پورٽريٽ کي ڏسي حيران ٿيس ته وڏي ۽ ڦڏي نڪ واري هن همراه سان ايترين ماين محبت يا عشق ڪيئن ڪيو؟ اهي باوجود پوڙهائپ جي به ساڻس عشق ڪنديون پئي وتيون.
    اسپين جي الحمراه مسجد جيڪا عرب دور جي شاهڪارن ۾ شامل آهي، ان جي خوبصورتي کي جنهن نموني هن ڪتاب ۾ چٽيو ويو آهي، اهو پڙهي پڙهندڙ جي دل ڪري ته هوند ان کي هلي ڏسجي.
    لنڊن جي سينٽرل مسجد جو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙن سببن ڪري ٺهڻ متعلق به ڪارآمد ڳالهيون ڏنل آهن، ان ڄاڻ کانپوءِ دل اڃا وڌيڪ پڙهڻ جي چاھ ۾ هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻڻ ٿي گهري ۽ مون ان چڪر ۾ کوڙ ڏينهن ۽ کوڙ وقت گوگل تي گذاريو ھوندو.
    اڄ جيئن اسين مذهب جي غلط تشريح کي لوڙيون پيا ائين کوڙ صدين تائين يورپ به لوڙيو. ڪليسا ماڻهن جون زندگيون وھ ڪيون. سچ جي ڦهلاءُ کي روڪيو ۽ سچ جي ڳولائو مرد مومنن کي چيچلائي ماريائون ۽ ملڪ بدر ڪيائون، ايسيتائين جو ڪن کي ته مرڻ کانپوءِ پنهنجن ملڪن ۾ دفن ٿيڻ به نه ڏنائون. پڙهڻ پڙهائڻ وارا ادارا به ڪليسا جي زير اثر هوندا هئا.
    اڄ يورپ جي جن يونيورسٽين جي هنڌين ماڳين هاڪ ۽ ساک آهي، انهن کي به صديون لڳيون ان مقام تي پهچڻ ۾ نه ته شروع ۾ اهي به انهن مذهبي ماڻهن جي اثر هيٺ هيون ۽ نام نهاد عيسائيت کي پڙهائڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ پوريون هيون. اتي به سائنسي علم ائين ممنوع هئا، جيئن اڄ اسان وٽ آھن، اهڙين يونيورسٽين مان هڪ ڪيمبرج يونيورسٽي به آهي، جنهن متعلق ليکڪ تفصيل سان لکيو آهي، پر اڄ انهن ملڪن کي ڏسي لڳي ئي نه ٿو ته اهي ڪڏهن ڪليسا جي اثر هيٺ هئا، انهن ماضي مان سکيو ۽ حال ۾ ويهي اهي فيصلا ڪيا جن سان اڄ هو مستقبل ۾ هڪ پرسڪون، تبديل ٿيل ۽ ترقي يافته زندگي گذاري رهيا آهن.
    جان ايڇ پيٽرسن چواڻي ته “بي وقوف ۽ مئل ماڻهو تبديلي بابت نه سوچيندا آهن. تبديل ٿيڻ، مئل ماڻهو جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، جڏهن ته بي وقوف تبديلي نه آڻي سگهندو آهي”، سو اولھ جا ملڪ به باوجود ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ اونداهين جي به روشني ڏي وک کڻندا رهيا، ٿڪاوٽ هنن جي ڀر مان به نه گذري ۽ اڄ هو دنيا جي باقي قومن لاء مشعلِ راھ آهن ۽ پاڻ جهڙن ملڪن مان هر ٻيو ماڻهو انهن غير مسلم ملڪن ۾ وڃڻ جا ۽ رهڻ جا خواب ڏسي ٿو.
    مجموعي طور هن سفر نامي پڙهڻ دوران نومبر ۽ ڊسمبر جي صبح جي ٿڌڙي سيسراٽ لاء سڪي ويس، ان ۾ شايد ليکڪ کان وڌيڪ ليکڪ جي عمر جو قصور هجي، ان عمر ۾ گهڻي ڀاڱي (سڀ نه) ليکڪن جي سوچ ۾ ڦيرو اچيو وڃي ۽ اهي محتاط ٿيو وڃن پر ضروري ناهي ته سڀ پڙهندڙ به پوڙها ۽ پوڙهيون هجن، ان ڪري ليکڪ کي پنهنجي نوجوان پڙهندڙ جو به خيال رکڻ گهرجي.

    شميم مري


    سفرنامو

    1

    مِنيٰ چيو ته نور محمد جي ڌيءَ، زينب ڄائي آهي، هل ته کيس لنڊن ۾ ڏسي اچون. تڏهن مون کيس هي لطيفو ٻُڌايو ته: هڪ عورت پنهنجي مڙس کي چيو ته مونکي اِئين پيار ڪر، جيئن فلمن ۾ هِيرو هيروئن سان پيار ڪندو آهي، تنهن تي مُڙسَ کيس چيو ته انهيءَ پيار جي فِي هُو (هِيرو) ڪِروڙ رپيا وٺندو آهي، سو تون به مون کي ايترا پيسا ڏي، ته پوءِ توسان به اهڙو ئي پيار ڪريان، جيئن هيرو هيروئن سان ڪندو آهي، انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍا کلياسين، اسان نور محمد کي به ٻڌايو ته اسان جو هي پروگرام آهي ۽ پوءِ اسان انگلينڊ ۽ يورپ جي وڌيڪ ٻن مُلڪن، اِسپينِ ۽ پرتگال جي سفر جي تيارين ۾ لڳي وياسين. تيار ڇا؟ انگلينڊ ۽ شينگن جي ويزا لاءِ پاسپورٽ کڻي خود ئي وڃڻو پيو، ٻيو ڪم ته سڀ فون تي ٿئي، اهو سڀ ڪم نور محمد لنڊن ۾ رهندي ئي ڪيو، منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ جي ڪابه ويزا، زندگيءَ ڀر ڪڏهن به رِفيؤر ڪانه ٿي آهي. سو هينئر به اميد اهائي هئي ۽ ٿيو به اِئين ته اسان کي ويزا ملي، تڏهن ڪرنسي مٽائي ڪجهه پائونڊ ۽ ڪجهه يورو ورتاسين، ٽڪيٽ جو پرنٽ آئوٽ، محبوب ڪڍي ڏنو ۽ سحرش، آشا، سِپي، فرُخ ۽ محبوب اسان کي ايئر پورٽ تي ڇڏڻ آيا، اسان کي ٻُڌائون ته پاڪستان پوليو فِري ملڪ ڪونهي، تنهن ڪري، فيڊرل گورنمينٽ ايئرپورٽ تي، ٻاهر ويندڙ مسافرن لاءِ اهڙو بندوبست ڪيو آهي، جنهن تحت، ايئرپورٽ تي ٻاهر ويندڙ مسافرن کي پوليو جا ڦڙا پياري، کين گهربل سرٽيفيڪيٽ ٺاهي ڏيندا، پوءِ انهن مسافرن کي دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ڪونه روڪيندا. سو ايئرپورٽ پهچي، پهرين پوليو ڪائونٽر جي پڇا ڪئي سين، جنهن بابت ٻُڌائون ته اهو ڪائونٽر، انٽرنيشنل ڊپارچر گيٽ وٽ آهي، انهيءَ ڪائونٽر تي پهچي، اتي ويٺل اهلڪارن کي ماجرا ٻُڌائي چيوسين ته اسان جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏسو، اسان کي ڦُڙا پياريو ۽ گهربل سرٽيفيڪيٽ ٺاهي ڏيو، انهن وراڻيو ته صاحب اسان کي نه پاسپورٽ کپي ۽ ڪو ٽڪيٽ کپي ۽ نه ئي وري توهان کي ڦڙا پيارينداسين. اسان کي فقط ٻه سؤ روپيا خرچيءَ جا ڏيو ۽ پوءِ هي وٺو سرٽيفيڪيٽ مون سمجهيو ته هيءَ به ڪا سرڪاري في آهي، سا ٿا وٺن پر اسان کي چئون ته سائين هيءَ اسان جي خرچي آهي، تڏهن ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ سندن ڏنل هيڊا سرٽيفيڪيٽ کڻي، اسين اندر لائونج ڏانهن روانا ٿياسين. اسان کان دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي انهن سرٽيفيڪيٽن بابت ڪابه پُڇا ڪانه ٿي ۽ واپسيءَ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي، پوليو ڪائونٽر وارن کي اهي سرٽيفيڪيٽ واپس ڏنا، ته پُڇئون ته سَر ڪِيون؟ مون جڏهن کين حقيقت ٻڌائي ته کِلي پيا!
    ايئر لائين ڪائونٽر تي پهچي، پنهنجو سامان ايئر لائين وارن جي حوالي ڪري، اچي اِمِيگريشن ڪائونٽر تي بيٺاسين، جتي هڪ سب انسپيڪٽر سلام ڪري، مون کان پاسپورٽ وٺي، ٺپو هڻي، اچي پاسپورٽ واپس ڪيو ۽ پاڻ ٻُڌائين ته سائين، توهان جڏهن سِي پورٽ تي اِمِيگريشن جا شفٽ انچارج هئا، تڏهن آئون اُت سپاهي هوس. هن ٻُڌايو ته اسان جو شِفٽ انچارج هي صاحب آهي، ٻيو ڪم ڪار هجي ته آئون حاضر آهيان. سائين اسان توهان کي ياد ڪندا آهيون ته سائين هيڏي سٺي پوسٽ دؤران، نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي هليو ويو، ته ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي وِسهندا ڪونه آهن! اسان کي انهيءَ وقت ايئر پورٽ تي بوريئت پي ٿي. دبئي کان ڪراچي ايندڙ جهاز ننڍو هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري اڌ خالي هوندو آهي ۽ دبئي جي هن جهاز ۾ ايندي ويندي، ڪجهه سنڌي اڪثر ڪري فيملين سان هوندا آهن. انهيءَ جهاز ۾ ماني به گهڻو ڪري پاڪستاني ڏيندا آهن. اسان جي جهاز جي پهچڻ جو اعلان ٿيو، ته اسين به وڃي جهاز ڀيڙا ٿياسين. اسان جي ٽڪيٽ ڪراچي کان دبئي، دبئي کان لنڊن، اوٽ موٽ واري هئي. جهاز اڏاڻو ته پهريائين ڪراچيءَ مٿان ۽ پوءِ دبئي مٿان، هر شئي ٻاهران صاف نظر اچي رهي هئي، ڇو ته سڄي سفر دؤران ڏينهن ئي ڏينهن هو ۽ آسمان ۾ سج سواءِ ڪنهن رنڊڪ جي چمڪي رهيو هو. سج ڌرتيءَ تي هر زور وري نئون ٿي اڀرندو آهي ۽ ڪڏهن به پراڻو ڪونه ٿئي. انهيءَ جي روشيءَ ۾ اسين به آڪاش مان هر نظارو ڏِسندي پَسندي، تقريباََ ٻن ڪلاڪن جي سفر بعد اچي دُبئي جي جديد ايئرپورٽ تي پهتاسين. دبئيءَ وارو نئون هوائي اڏو مون اڳ ۾ ڪونه ڏٺو هو، ڇو ته منهنجو لنڊن ۽ يورپ وڃڻ ته ٿيندو رهندو هو. پر هيڏانهن، دبئي اچڻ نه پئي ٿيو. سو جڏهن هاڻي دبئي جي ايئرپورٽ تي اچي لٿس، ته حيران ٿي ويس! مار! هيڏو وڏو ايئرپورٽ، جنهن ۾ ڪَنئِين ٽرمينل ۽ هر هڪ ٽرمينل ۾، اندر ئي اندر ننڍي ريل پئي هلي. هر ٽرمينل اندر تمام گهڻي رش هئي. ايئرپورٽ جي هر ڪا شئي ڏاڍي نفاست ۽ نزاڪت سان ٺهيل، تنهن کي هنن سنڀالي به ڏاڍي چاهه سان رکيو آهي. سڄي ايئرپورٽ ۾ شيشي جو ڪم به ڏاڍو وڻندڙ ۽ قيمتي ٿيل هو. دبئي دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ ملڪ آهي، جنهن دنيا ۾ تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي، دبئي جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ پنهنجي ڪتاب آکيرا آڪاس ۾ لکيو آهي ته ۱۹۵۰ع ۾ دبئي جي آبادي صرف ۳۰ هزار هئي.
    ۱۹۶۰ ع تائين دبئي ۾ لائيت ڪانه هئي، دبئي انهيءَ وقت انگريزن جي نگرانيءَ هيٺ هو، تنهن ڪري اتي جو چالو سِڪو هندستاني رپيو هو. معنيٰ ته پنهنجي ڪرسني به ڪانه هُئين. هتي کوهن جو پاڻي کُٽِي ويندو هو، ته سمنڊ اندر دُٻن مان مِينهَن جو مٺو پاڻي آڻيندا هئا، اهو به کارسرو هوندو هو، پر پيئڻ جي لائق هوندو هو.
    ۱۹۵۸ع تائين دبئي ۾ هڪڙي به پوسٽ آفيس ڪانه هئي. جڏهن ته منهنجي ڳوٺ ٻني ۾ انگريزن جي وقت کان پوسٽ آفيس هوندي هئي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي آهي. پاڻ صفحي ۱۸۵ تي لکي ٿو ته ۱۹۵۹ع ۾ برطانوي حڪومت لنڊن مان پنهنجو هڪ عملدار فيبروري مهيني ۾ دبئي موڪليو ته هو اتي هوائي اڏو ٺاهڻ لاءِ موزون علائقو جانچي ڏسي. هن صاحب اڏي ٺاهڻ لاءِ الفيس جو علائقو چونڊيو.۱۹ مئي تي پهريون ڀيرو هوائي جهاز، ڇهه هزار فوٽن تي پرواز ڪري ٺهيل ايئرپورٽ تي لٿو. دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو سرڪاري طرح افتتاح ۱۹۸۰ع ۾ ٿيو هو. انهيءَ ايئرپورٽ ۾ هڪ ننڍو ٽرمينل ۽ ڪنٽرول روم شامل هو. ليکڪ وڌيڪ لکي ٿو ته دبئي جي سڄي بازار لاءِ هڪڙو پاڪستاني چوڪيدار هوندو هو، جيڪو رات جو، وڏو ڏنڊو کڻي پيو هوڪارا ڏيندو هو. عبدالرزاق سومرو لاڙڪاڻي وارو، جيڪو دبئي ۾ پاڪستان جو سفير هو، تنهن به پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ دبئي بابت ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن هو. صفحي ۴۵۹ تي لکي ٿو ته مونکي ڄام صادق علي ٻُڌايو ته دبئي جي حاڪم شيخ زيد کي آئون تڏهن کان سُڃاڻان، جڏهن هُو ڪراچيءَ جي ڪشمير نالي هڪ هوٽل ۾ ڇَهَن روپين واري ڪمري ۾ اچي رهندو هو ۽ ساڳئي شيخ زيد بن سلطان النهيان جي هڪ سئوٽ شيخ خالد يو-بي-ايل مان قرض کنيو، پر موٽائي ڪونه ڏنو، جيتوڻيڪ پاڻ تمام امير ماڻهو هو. بينڪ دبئي جي حاڪم شيخ زيد بن سلطان وٽ شيخ خالد جي خلاف شڪايت ڪئي، پر ان به جواب ڏئي ڇڏيو، ته آئون ان کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهان.
    اڄ دبئي جي حاڪمن جا سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي خيراتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ به سندن چوهٺ ادارا وڏي پيماني تي خدمت ڪري رهيا آهن، جن ۾ رحيم يار خان شهر ۾ ايئرپورٽ، اسپتال، محل، روڊ رستا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو عاليشان نظام، لاهور شهر ۾ هڪڙي تمام وڏي اسپتال، بلوچستان جي شهر خاران ۾ ٻه سؤ بسترن واري اسپتال. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي شهر ۾ عورتن جي اسپتال، شيخ زيد ڪالوني وغيره، مطلب ته پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ دبئي جي حڪمرانن جا ڪَنئِين خيراتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. هِت دبئيءَ ۾ به اسان جي سيڪيورٽي چيڪنگ ٿي، جيتوڻيڪ اسين ڪراچيءَ کان لنڊن وڃي رهيا هئاسين. دبئيءَ ۾ صرف جهاز تبديل ڪيو ۽ ايئرپورٽ واري بلڊنگ اندر ئي ويٺا هئاسين. جڏهن ته دنيا جي ٻين بين الاقوامي هوائي اڏن تي اهڙي قسم جي ڪنيڪٽيڊ فلائيٽس ۾ اڳ اِئَين ڪونه ٿيندو آهي، پر عربن جو رَوَيو گهڻو نه پر ٿورو رف آهي، اسين انهيءَ فارملٽيءَ مان واندا ٿي، اچي پنهنجي گيٽ جي اڳيان واري لائونج ۾ ويٺاسين. اسان جو هي تبديل ڪيل جهاز هتان، سڌو لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي لهندو. هِت ڪافي رُش آهي. لائُونج ۾ ويهڻ وارن لاءِ جُدا ڪرسيون، ته آرام ڪرڻ وارن لاءِ جُدا آرام ڪرسيون رکيل آهن، پر انهن آرام ڪرسين تي هڪ به مسافر ويٺل ڪونه هو.
    جيڪي يورپي ماڻهو گرم موسم ڪري، گهڻو ڪري اسپين وڃن، سي هاڻ تمام وڏي تعداد ۾ دبئي به اچن، سي دبئي ۾ رهڻ کان پوءِ جڏهن واپس يورپ وڃن، تڏهن سندن چمڙيءَ جو رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ اهي صفا ڀوُت لڳندا آهن ۽ بدن تي مختصر ڪپڙن پهرڻ ڪري وڌيڪ بي سُرا لڳن. هڪڙي ئي هنڌ، ڪيترن ئي رنگن وارا ماڻهو ڏسي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي! جڏهن کان وٺي قومن جي تاريخ پنن تي لکجي محفوظ ٿي تڏهن کان اسان کي انهيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ انهن قومن جي عروج ۽ زوال جا قِصا اسان تائين پهتا، تاريخ مان معلوم ٿيو ته دنيا تي پهرين يونانين حڪومت ڪئي، پوءِ روم وارن، پوءِ مسلمانن، تنهن کان پوءِ انگريزن يا ڪِرسچَنس دنيا تي حڪومت ڪئي. پهرين عالمي لڙائيءَ کان پوءِ انگريز پٺيان ڌِڪجڻ لڳا ۽ آمريڪي اڳيان وڌڻ لڳا. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپي ملڪن پاڻ ۾ وِڙهي هڪ ٻئي جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، جرمني ٻه اڌ ٿي وئي ۽ انگريزن جي هٿن مان سندن ڪالونيون يا غلام قومون نڪرڻ ۽ آهستي آهستي ٿي آزاد ٿيڻ لڳيون. يورپي ملڪ سندن قبضي هيٺ رهندڙ ٻٽن ٻٽن ميلن تي مشتمل سمنڊن اندر موجود جزيرا جهڙوڪ: جبل طارق، بيونس آئرس، ڊيگو گارشيا ۽ ٻيا اهڙا ننڍا ٻيٽ، هاڻ آمريڪا کي وڪڻي ڏيندا اچن ۽ ڪي جزيرا مسواڙ تي ڏيندا اچن ۽ آمريڪا، پنهنجي جنگي مفادن موجب انهن ٻيٽن تي، پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪندو اچي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ روس دنيا ۾ وڏو پاور ٿي اُڀريو، پر اهو افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي ڪري ايترو ته ڪمزور ٿي ويو، جو سندس قبضي هيٺ آئيل مُلڪَ کيس ڇڏڻا پيا ۽ پاڻ، يُو-ايس-ايس-آر. يعني يُونِيئَن آف سوشلِسٽ سوويٽ رِيَپبلڪِس مان ڦِري صرف هڪ مُلڪ رُوس تائين محدود ٿي ويو، البت مسلم آباديءَ واري رياست چيچنيا تي قبضو برقرار رکيو، ڇو ته اها رياست معدني وسيلن سان مالا مال آهي، تنهن ڪري چيچنيا وارن جي آزاديءَ واري جدوجهد کي مسلسل بي درديءَ سان ڪچلڻ ۾ مصروف رهندي، لکين چيچن مسلمانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏئين. روس چيچنيا تي قابض رهندي سڄي يورپ کي چيچنيا وارو تيل ۽ گيس وڪڻي پيو جيڪڏهن چيچنيا آزاد ٿي وڃي ته روس جي موجوده حيثيت به جي ڪر ختم ٿي وڃي. سو عرض پي ڪيم ته اڄ آمريڪا، سڄي دنيا ۾، خشڪي توڙي سمنڊن اندر، جتي ڪٿي پنهنجون فوجون رکيو، پنهنجا بحري توڙي هوائي جنگي جهاز، ايٽمي آبدوزون رکيو، سڄي دنيا کي هيسائي، پيرن هيٺان ڪريو ويٺو آهي.
    جنرل ضياءَ جي موت کان پوءِ ٿيندڙ پاڪستاني اليڪشن جي مهم دوران هڪڙو گانو ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن جا ٻول هئا ته: مديني جا مِيرَ ڪر، باڇا بي نظير! سو سائين! هاڻ آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ هڪ عورت يعني هِلَيرِي ڪِلنٽَن اميدوار آهي، سا جيڪڏهن چونڊجي آمريڪا جي صدر ٿي وئي ته پوءِ اها سڄي دنيا جي اڻ اعلانيل ٻاڇا ٿي ويندي! ياد رهي ته وِڪِي لِيڪس جي ڇڙڪائيندڙ خبرن ۾ هڪڙي هيءَ خبر به هئي ته ۲۰۱۱ع ۾ سنڌ ۾ جيڪا برساتي وڏي ٻوڏ آئي هئي، ان وقت هِلَيرِي ڪِلنٽن، آمريڪا جي وزير خارجه هئي، تنهن پاڪستان جي ان وقت جي صدر آصف زرداريءَ کي اِي ميل ذريعي حڪم ڪيو ته تون وڃي سنڌ ۾ ٻوڏ جي ستائيل علائقن جو دؤرو ڪر ۽ زرداريءَ اوڏي مهل ئي وڃي نواب شاهه جو دؤرو ڪري، پاڻيءَ مان هلندو ويو، جنهن جا فوٽا اخبارن ۾ به آيا. وِڪِي لِيڪس جي انهيءَ انڪشاف جي ڪنهن به هسيتائين تريد ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ وقت هِلَيرِي وزير خارجه هئي، سا هاڻ جي آمريڪا جي صدر پئي ٿئي، ته پوءِ خبر ناهي ته اسان کي ڪهڙا آرڊر ملندا! (هِلَيرِي صدر نه ٿي سگهي). اسان جي جهاز جي هلڻ جو اعلان ٿيو ته سڀني مسافرن ۾ چرپر شروع ٿي وئي. دنيا جي ايئرپورٽ تي پهريائين فرسٽ ڪلاس، پوءِ بزنيس ڪلاس ۽ پوءِ ايڪانامي ڪلاس وارن مسافرن کي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ سڏين. ايڪانامي ڪلاس ۾ جينئن ته پئسينجر زياده هوندا آهن، تنهن ڪري انهن کي به گروپن ۾ ورهائي گهرائين، ته جِينئَن رش نه ٿئي. اسين به نيٺ پنهنجي واري تي جهاز ۾ چڙهي وڃي ويٺاسين هي جهاز، ڪراچي-دبئي واري جهاز کان وڏو هو. يعني ايئربس هو ۽ مسافرن سان مڪمل طرح ڀريل هو. هي جهاز هتان به پورو هڪ ڪلاڪ دير سان اڏاڻو. جهاز ۾ اڏام جي سمجهاڻيءَ کان پوءِ، جيڪو پهريون ڪم ڪن، سو آهي ته ايئر هوسٽيس هڪ ننڍو رومال هر مسافر کي ڏيندي آهي ته پنهنجا هٿ صفا ڪري فِريش ٿيو. اهو رومال، گهڻو وقت اڳ ٿورو گرم ڏيندا هئا. اڄڪلهه اهو صفا ٿڌو ڏيندا آهن. اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ ڪانه آئي، سو منيٰ کان پُڇم، ته پاڻ چئين ته اهو ايئرهوسٽيس کان پُڇ. اڏام جي سمجهاڻي ۾ ٻُڌائون ته هن جهاز کي لنڊن پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ ۽ پنجيتاليهه منٽ لڳندا. اڳي جهازن کي انهيءَ سفر ۾ وڌيڪ وقت لڳندو هو. جِيئَن وڃي سائينس ترقي ڪندي، تيئَن مفاصلا به گهٽ ٿيندا وڃن. سائين، زندگيءَ جا ٻاهتر سال گذري ويا، سو هي ڇهه ڪلاڪ، پنجيتاليهه منٽ گذرندي ڪا گهڻي دير ڪانه لڳندي! جهاز ۾ پهريائين جُوس يا سافٽ ڊرنڪ ڏين، پوءِ مانِي، پر تمام سُٺِي! دنيا جي ڪنهن به مسلمان ملڪ جي ايئرلائين ۾ پورڪ ڪونه ڏين. ماني کارائڻ مهل پُڇَندا ته مَٽَن يا چِڪِن، پوءِ اهو ئي ڏيندا، جيڪو توهان گهرندا، مانيءَ کان پوءِ ڪافي يا چاءِ ڏين. پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان ويهي هندستاني، انگريزي فِلمون ڏسو، يا لڳل اسڪرين تي ڪا راند ڪُڏو، يا لت کوڙي سمهي رهو. جهاز منزل تي پهچڻ کان چاليهه کن منٽ اڳ، وري به پاڻي، جُوس، ٻٽن قسمن جا بِسڪوٽ، يا چڻا، تن مٿان ننڍا ننڍا گانگٽ پيا هجن، يا ننڍا ڪيڪ ڏين. هر شئي، ڪيترا دفعا به گُهر، پر ڏيندا رهندا، جي هوندي ته! دنيا جي هر ايئرلائين ۾، گهڻو ڪري پنهنجي ئي ملڪ جو اسٽاف رکن، پر دبئي جي اِميريٽس ايئر لائينس ۾ ڪيترن ئي ٻين ملڪن جا ماڻهو ملازم آهن، پائلت ۽ انجنيئر گهڻو ڪري يورپين ۽ آمريڪن آهن، اسٽاف ۾ سندن عرب به آهن، پر اڪٽريت غير عربن جي آهي.
    منيٰ پهرئين ۽ هن فلائيٽ ۾ قرآن شريف جا ٻه ٽي سيپارا پڙهيا، تنهن ڪري تلاوت دوران اسان هڪٻئي سان ڪونه ڳالهايو ۽ قرآن پاڪ جي دؤر پوري ڪرڻ کان پوءِ ڳالهايوسين. لنڊن کي ويجهو ٿيڻ تي، جهاز مان اعلان ٿيو ته لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي هن وقت رش آهي، تنهن ڪري اتي جهاز کي لهڻ ۾ ڪجهه دير لڳندي. هيٿرو ايئرپورٽ جي ڪنٽرول ٽاور کان ڪِلِيئرَنس ملڻ شرط پنهنجو جهاز اتي لينڊ ڪندو، لنڊن جو شهر، سدائين ڪڪرن جي سفيد چادر ۾ ڍڪيل هوندو آهي ۽ صرف ڪَڪَرَ ئِي نظر ايندا آهن. جهاز جي لهڻ واري اعلان ٿيڻ سان، جهاز ڪڪرن منجهان لهندو اچي زمين تي لٿو، مسافرن جي چرپر چالو ٿي ۽ هر ڪنهن پنهنجو سامان سنڀالي کنيو. جهاز ۾ هر ڪلاس جا مسافر واري واري سان چڙهندا آهن، پر لهڻ مهل سڀني ڪلاسن جا مسافر گڏجي پيا لهندا آهن، تنهن ڪري لهڻ مهل ٿوري رش ضرور ٿئي ٿي.
    دنيا جي هوائي اڏن تي اڳي، سڀني پيسينجرن لاءِ گڏيل ڪائونٽر هوندا هئا، پر هاڻ هر ملڪ جو پنهنجو مخصوص معيار ۽ اصول آهي. مثلاََ استنبول هوائي اڏي جي ڪجهه ڪائونٽرن تي لکيل هو: نيٽو ڪنٽريز ۽ ٻين تي ادر ڪنٽريز ۽ ڪجهه ٻين ڪائونٽرن تي تُرڪش سٽيزنس لکيل هو. لنڊن جي هوائي اڏن جي ڪجهه ڪائونٽرن تي ”يورپيئن يونيئن“ ۽ ڪجهه تي. ”ادر ڪنٽريز ۽ ڪن ٻين ڪائونٽرن“ ”فاسٽ ٽريڪ“ لکيل هو. هوائي جهازن مان لهندڙ مسافر گهڻو ڪري تيزيءَ سان هلندا آهن. اميگريشن وارا هوائي جهازن کان گهڻو پري هوندا آهن.
    هيٿرو هوائي اڏي اندر ريل ڪانهي، باقي لنڊن جي گيٽ وِڪِ هوائي اڏي اندر هر ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل تائين ريل گاڏي هلندي آهي، جنهن جو هر مسافر کان ڏهه پائونڊ ڀاڙو به وٺن. جهاز مان لهڻ کان پوءِ ٻين مسافرن سان گڏ آئون به تيز هلڻ لڳس، ته منيٰ سڏ ڪري مون کي چيو ته مون کي ڇڏي نه وڃج. اهي لفظ ٻُڌي، منهنجي اندر جي جيڪا ڪيفيت ٿي، تنهن کي آئون بيان نٿو ڪري سگهان، مون پاڻهي پاڻ کان پڇيو ته ڇا مون ڪڏهن اهڙي غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، يا ڪري سگهان ٿو. مون محسوس ڪيو ته منهنجي اندر جو آواز به شايد چُپ ٿي ويو. مونکي ايڏو تيز هلندو ڏِسي، شايد منيٰ مسخري ڪئي هجي. اسين انهيءَ ئي اسپيد سان هلندا، اچي سامان جي ڪنويئر بيلٽ وٽ بيٺاسين. اچڻ مَهل، محبوب اسان جي پيتين تي پنَيون ٻَڌِي ڇڏيون هيون، جنهن ڪري اهي اسان کي پري کان ئي ڏسڻ ۾ پي آيون. هنن ملڪن ۾ ڪسٽم چيڪنگ ته ٿئي ئي ڪانه، باقي چَوَنِ ٿا ته هيٿررو ايئرپورٽ تي ڊِٽيڪٽو مشينن ۽ ايڪسري مشينن ذريعي هر مسافر جي ڳجهي طرح چيڪنگ ٿيندي آهي. جنهن دؤران مسافر بلڪل اگهاڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسين سامان ٽراليءَ ۾ رکي اچي اميگريشن جي ادر ڪنٽريز واري ڪائونٽر تي بيٺاسين ته اسان کي پري کان هڪ عورت اهلڪار اشارو ڪيو ته فاسٽ ٽريڪ ڪائونٽر تي اچو. اسان اُتي پهتاسين ته اسان کان اڳ اُت صرف هڪڙو مسافر بيٺل هو، جيڪو مون وانگر ايجيڊ هو. اهلڪارن اسان جا پاسپورٽ هينئر چڱيءَ طرح چيڪ ڪيا، پر اسان کان ڪجهه به ڪونه پُڇئون. رڳو انهيءَ اشارو ڏيندڙ عورت، جيڪا شايد انڊيئن هئي. تنهن پُڇيو ته هِت گهڻو وقت رهندا؟ مون کيس ٻڌايو ته هت هڪ هفتو رهي، پوءِ اسپين ۽ پور چوگال گهمڻ وينداسين. واپسيءَ ۾ به هت هڪ هفتو رهي پوءِ پنهنجي ملڪ وينداسين. ڪو ٻيو وڌيڪ سوال پڇڻ کان سواءِ اسان کي پاسپورٽ موٽائي ڏنائين. اتان کان جينئن ٻاهر آياسين ته اسان کي نور محمد نظر آيو، جنهن سامان واري ٽرالي گري اچي اسان کي لفٽ ۾ چاڙهيو، جنهن اسان کي آڻي ڇهين فلور تي پهچايو. نور محمد جي ڪار به انهيءَ فلور تي بيٺي هئي. اسين سامان ڪار ۾ رکي ان ۾، بوبيءَ جي گهر روانا ٿياسين. رات هئي ۽ رش ڪانه هئي، تنهن ڪري جلد گهر اچي پهتاسين. اتي سڀني گڏجي ماني کاڌي. اسين ڏاڍا ٿڪل هئاسين ڇو ته ڪراچيءَ کان لنڊن بوبيءَ جي گهر پهچڻ تائين ڪل اوڻيهه ڪلاڪ سفر ڪيو هوسين. تنهن ڪري بستري تي ليٽڻ شرط ننڊ اچي وئي ۽ صبح جو به دير سان اُٿياسين. نه ته ڳوٺ، منيٰ پنجين بجي صبح جو اُٿي ۽ قرآن شريف جو دؤر ڪري ۽ آئون ڇهين بجي اٿي اڌ ڪلاڪ واڪ ڪريان. تنهن کان پوءِ منيٰ چاءِ ٺاهي ته گڏجي پيئون. تنهن پُڄاڻان ڪم وارا ملازم ۽ ڪم ڪندڙ عورتون گهر اچن. هتي بوبيءَ جي گهر، صبح جو ننڊ مان ته دير سان اٿياسين. پر پوءِ به بدن ۾ ٿڪ هو. سو ٻاهر ڪونه وياسين. ٻنپهرن جي ماني کائي، ٿڪ ڀڃي، شام جو منيٰ، عبدالحُئي جونيئر، نور محمد ۽ آئون ٻاهر چڪر لڳائڻ وياسين. هڪڙي سپر اسٽور منجهه گهڙي وياسين. اتان هلڪي ڦلڪي خريداري ڪيم، بوبي ۽ سندس گهرواري، امان رابعه روزي سان هئا هت پاڻ سڀ روزا رکئون. انهيءَ سپر اسٽور تي ۵۰ ملي گرام واري وياگرا ۱۹ پائونڊن ۾ مِلِي جيڪا ڪراچيءَ ۾ اٺ سؤ روپين ۾ ملي، سپر اسٽور ۾ تقريباََ ٻه ڪلاڪ هئاسين، پوءِ گهر موٽياسين. هت لنڊن ۾ چنڊ ڏسڻ جي ته پڪ هئي، پر ڪراچي ۽ سعودي عرب ۾ به چنڊ ڏٺو. اهو پهريون موقعو هو، جو پاڪستان، سعودي عرب ۽ سڄي يورپ ۾ ساڳئي ڏينهن تي عيد هئي. پِره ٻڌايو ته ڪالهه آئيرلينڊ ۾ اڌ مُلڪ ۾ عيد ۽ اڌ ملڪ ۾ روزو هو. پره سان اڄ فون تي ڳالهه ٿي. هوءَ آئيرلينڊ ۾ رهي ٿي. فَرُخ، آشا، محبوب ۽ سحرش پارس پنهنجي ڳوٺ ٻني آيا. سِپيءَ عيد ڪراچيءَ ۾ ڪئي. آئون روزانه ڪڪڙ جو سُوپ پيئندو آهيان، پر پاڪستان ۾ جون جي آخر ۾ ايڏي ته گرمي ٿي، جو سوپ ڪونه پيتم، اڄ منيٰ سوپ ٺاهي ڏنو ته پيتم، مُصَوَرَ کي ڪَڇَ ۾ ويهارم، ته زينب ڏٺو ۽ اها به آئي، ته آئون به ڪڇ ۾ ويهان. تڏهن ان کي به کڻي ڪڇ ۾ ويهاريم اڄ ٻڌوسين ته مسجد نبوي ۾ ڪنهن خودڪش حملي جي ڪوشش ڪئي، پر ٻاهر ئي مارجي ويو ۽ اخبار ۾ هو ته اهو پاڪستاني هو. ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! چون ٿا ته رمضان جي مهيني ۾ شيطان قيد ۾ بند هوندو آهي، ته پوءِ هي ڪم ڪنهن ڪيو؟ انهيءَ جي ته تحقيقات ٿيڻ گهرجي. اڄ هت لنڊن ۾ عيد آهي ۽ اسان مردن توڙي عورتن، سڀني عيد نماز پڙهي، ڏاڍو سڪون حاصل ٿيو. هت مسجد ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا عيد نماز پڙهائي ويندي آهي. ڏهه ڏهه، ٻارهن ٻارهن ماڻهو هر هر اچي گڏجي خود نماز پڙهي رهيا هئا. ننڍي هوندي ٻُڌندا هئا سين ته جيڪڏهن عيد جون ٻه نمازون ٿيون ته بادشاهه جي بادشاهي ختم ٿي ويندي، تنهن ڪري حڪومت زوريءَ زبردستيءَ هڪ نماز ڪرائيندي هئي. هينئر به ماڻهو چوندا آهن ته هڪ عيد نماز ٿيڻ گهرجي، پر اهو ڪونه ٿا سوچين ته دُره خيبر کان ڪراچي هزار کان وڌيڪ ميل پري آهي. سرحد صوبي۾ ڪي علائقا ڪراچيءَ کان اٺن هزارن فٽن کان به وڌيڪ مٿي آهن. اُت چنڊ ڏسبو ۽ چنڊ ڏسي، مُلن ۽ حڪومت جي چوڻ تي روزو رکن ۽ عيد نه ڪن، اهو هن دؤر ۾ ڪِينئَن ممڪن آهي؟ هي مُلان به عجيب شئي آهن. جڏهن جنرل ايوب جي سامهون مادر ملت محترمه فاطمه جناح اليڪشن ۾ بيٺي هئي، تڏهن مُلن جي اڪثريت، جنهن ۾ جماعت اسلامي، جمعيت علماءَ اسلام ۽ ٻين ڪيترين ئي مذهبي جماعتن مادر ملت جي حمايت ڪئي، پر وري جڏهن بينظير ڀٽو اليڪشن لڙي ۽ وزيراعظم ٿي ته انهن سڀني مُلن ۽ علمائن فتويٰ جاري ڪئي ته عورت وزيراعظم ٿي نٿي سگهي ۽ ڪن نام نهاد مُلن اها به فتويٰ ڏني ته بينظير جو هاڻ نڪاح ٽٽي ويو آهي ۽ هوءَ هاڻ اسلام جي دائري مان ئي خارج ٿي چُڪي آهي. توهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي، ته ماڻهن جي ايمان جا فيصلا توهان ڪريو، ته هي ڪافر آهي، هي مسلمان آهي، يا هي اڌ مسلمان آهي، يا پاءِ مسلمان ڪريو، يا جيڪي گمراه آهن، انهن کي سنجيدگيءَ سان، علحدگيءَ ۾ سمجهايو، ته جينئن، انهن کي خراب نه لڳي، يا جيڪي مسلمان آهن، انهن کي به ڪافر چئو.
    اسان به مسجد ۾ نماز پڙهي. هت عورتن لاءِ الڳ ۽ مردن لاءِ الڳ نماز پڙهڻ جو بندوبست ٿيل هو. صرف لنڊن شهر ۾ به ٻه سؤ کان وڌيڪ مختلف زبانو ن ڳالهايون وڃن ٿيون. تنهن جي معنيٰ ته هت ٻه سؤ قومي زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا. اها ڳالهه اسانکي هت نماز پڙهڻ واري موقعي دؤران محوس ٿي ۽ رڪارڊ ۾ پڻ آهي پارڪ ۾ مختلف زبانون ڳالهائيندڙ، ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو، جيڪي پنهنجا پنهنجا نرالا لباس پائي آئيل هئا، نماز پڙهڻ کان پوءِ پارڪ ۾ ويهي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندي نظر آيا. مون کي آفريڪا جي ماڻهن جون مختلف قسمن واريون رنگين پوشاڪون ڏاڍيون وڻيون. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو، مختلف ڊريسن ۾ ڪَنئِين مختلف ٻوليون ڳالهائي رهيا هئا. عورتن کي خصوصي طور عجيب رنگ به رنگي لباس پهريل هئا. ڪن عورتن کي ٽوپيون به پاتل هيون، ته ڪن کي مٿي تي جانورن جهڙا ننڍڙا سنڱ به سجائيل هئا. ڪن عورتن کي مختلف ڊزائين وارا، وارن جا هٿرادا ڇُڳا به مٿن تي سجائيل هئا. ڪي عورتون آمريڪن فيملين جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. اهڙي نموني، مختلف رنگن واري چمڙيءَ وارا مختلف انسان هيتري وڏي تعداد ۾ هڪ هنڌ گڏ ڏسندي عجب لڳو! اسين به نماز پڙهڻ لاءِ سنڌي ٽوپيون پائي، ڪُلهن ۾ اجرڪون ويڙهي ويا هئاسين. مسجد اندر ڪتابن جا اسٽال ۽ ٻاهر هوٽل به هئا. پارڪ ۾ ڏاڍو مزو پي آيو؟ پر تيسين نور محمد کي سندس دوست مجيب ميتلي جو فون آيو ته ڀائي جان، مانيءَ لاءِ توهان جو انتظار ٿي رهيو آهي، ڪيڏي مهل ٿا پهچو؟ مجيب ميتلو، علي گل ميتلو ۽ نور محمد وارا، پيٽاريئن شاگرد تظيم لنڊن جا عهديدار آهن ۽ ان کي لنڊن ۾ ڏاڍو فعال ڪري ويٺا آهن. مجيب پيٽاريئن اَيسوسِيئيشَن جو ڪيترائي سال صدر رهيو. هن وقت انهيءَ جو صدر غوري آهي ۽ نائب صدر نور محمد آهي. آئون، نور محمد، منيٰ ۽ بوبيءَ جو پُٽ عبدالحئي جونيئر، ڪار ۾ مجيب جي گهر روانا ٿياسين ۽ بوبيءَ جي گهرواري امان رابعه ۽ سندس نياڻي زينب، ٽيوب ۾ چڙهي واپس گهر ويا. اسين چوويهه مِنٽن جي ڊرائِيو بعد، مجيب جي گهر لاءِ، ڪار ۾ لڳل گُوگِل ڊوائِيس جي رهنمائيءَ ۾ هلڻ لڳاسين. انهيءَ اسان کي ٻُڌايو پي ته هن روڊ تي اڳيان رش آهي، تنهن ڪري توهان فلاڻي روڊ تان وڃو، جتي رش بلڪل ڪانهي. آمريڪا يورپ ۽ هاڻ ٻيا به ڪيترائي ترقي يا فته مُلڪَ، انهيءَ سائينسي ترقيءَ مان خوب فائدو وٺي، پنهنجو ٽائيم، پيسو ۽ انرجي بچائي خوب ترقي ڪري رهيا آهن.
    مجيب، علي گل ۽ سندن ٻيا ڀائر، لنڊن ۾ عيد جي دعوت پنهنجن سڀني دوستن کي ڏيندا آهن. هن دفعي به سندن دعوت تي تقريباََ ٽيهارو کن مرد ۽ عورتون آيل هيون، جنهن ۾ آئون، منيٰ، نور محمد، عبدالحئي جُونيئَر ۽ دڙي شهر جو، هڪ نوجوان، محمد هاشم عباسي به شامل هو، جيڪو هتي ڪيترن ئي سالن کان آئيل ۽ گيس جو اِنجنيئر آهي.
    سندس گهر به مجيب وارن جي گهر کي ويجهو آهي. پاڻ مون کي ٻڌائين ته توهان جو وينس شهر تي لکيل مضمون، ڪاوش اخبار ۾ پڙهڻ کان پوءِ خواهش ٿي ته آئون به وينس گهمان، سونيٺ هڪ ڏينهن وينس گهمي آئيس. جيڪڏهن توهان وارو مذڪور مضمون نه پڙهان ها ته شايد، هن حَسين شهر کي ڏسڻ کان محروم ٿي وڃان ها! عيد واري دعوت جي ميڙ ۾ پهرين. پاڪستان جي سياست تي، خاص ڪري سنڌ جي دردن واري داستان تي ڳالهه ٻولهه ٿي. تنهن پڄاڻان، مهمانن کي تمام پر تڪلف ماني کارائي وئي. هن دعوت کان پوءِ، مجيب ميتلو اسان کي سندس گهر وٺي آيو، جتي ڪيڪ ۽ چانهه پياري وئي. اُتي مجيب جي گهرواريءَ منيٰ کي ۽ مجيب مونکي اجرڪون پهرايون ۽ فوٽو ڪڍيا. مجيب سنڌ ۾ زمين خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري. اتي ڪلاڪ کن ڪچهري ڪري پوءِ واپس پنهنجي گهر آياسين. شام جو ساڍي ڇهين بجي ڌاري، پِره به سندس ٻارن، اويس، آمنه ۽ حسان سميت، ڊبلن مان، هوائي جهاز ۾ لنڊن جي سِٽي ايئرپورٽ تي اچي لٿي جتان نور محمد ڪار ۾ کڻي آئيس لنڊن ۾ هيٿرو ۽ گيٽ وِڪِ هوائي اڏا شهر جي مرڪز کان گهڻو پري آهن. انهيءَ کان سواءِ، لنڊن شهر اندر ٻيا به ٻه ٽي هوائي اڏا موجود آهن، جيڪي اندرون مُلڪ پروازن ۽ يورپيئن يونيئن ملڪن جي اڏامن لاءِ استعمال ٿيندا آهن. پره ٻڌايو ته جنهن ايئرپورٽ تان آئون آئي آهيان، اتان اسان جي اميگريشن چيڪنگ به ڪانه ٿي، جيتوڻيڪ آئون. پاڪستان پاسپورٽ تي ٽِريول ڪري رهي هُيَس ۽ اڄڪلهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته پاڪستاني پاسپورٽ هڪ ناپسنديده شئي آهي. پر الله ڄاڻي ڇو مون سان سڄي زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ڪوبه پِرابلَم ڪونه ٿيو آهي. انهيءَ جو سبب شايد وڏي عمر، فيمليءَ سان گڏ ۽ چاليهن سالن کان سفر ڪندو رهڻ ڪري، اٺن پاسپورٽن جو ڇُڳو ٿي ويو آهي. يا ٻيا به ڪي هنن جي معيار جا سبب هجن، پر انهن جي پاڻ کي ڪابه خبر ڪانهي.


    2

    گهڻن ڏينهن کان پوءِ پره سان ڪچهري ٿي. هوءَ منهنجي ڌيءَ سان گڏ هڪ دوست ۽ سٺي صلاحڪار به آهي. اسان جو ڪتابن، فلمن آئيرلينڊ جي زندگي، ڳوٺ جي خبرن ۽ منهنجي ڪتابن ۽ لکڻين تي ڪافي بحث ٿيو. ڪچهريءَ کان پوءِ سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ سمهي پياسين. لنڊن ۾ سدائين اهي محبت جون بوندون بس نه ڪن، يعني ڪيڏي مهل به مِينهِن پئجي سگهي ٿو ۽ سِجَ جو ته حال ئي ڪونهي. هت پنجين بجي سج اڀري ۽ سوا نوين بجي لهي. سو سُمَھڻ ٿئي يارهين بجي ۽ اُٿڻ ٿئي صبح جو پنجين بجي. چوويهن ڪلاڪن ۾ سج چار پنج ڪلاڪ مس ڏسجي. هت ڏينهن ته سڄو گهمڻ ڦرڻ ۾ ئي پورو ٿيو وڃي، ڇو ته هِت پره به ٻارن سميت گهمڻ آئي آهي. سو ڏينهن جو ته گهر ۾ ويهڻ ممڪن ئي ڪونهي. باقي اڄ يعني ۸ جولاءِ ۲۰۱۶ع تي جڏهن منهنجي عمر ٻاهتر سال آهي. سو سڄي ڏينهن جي رولاڙي ۾ ٿڪ ته ٿئي ئي ٿئي، پر ٽن چئين ڪلاڪن جي گهمڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ کن ويهڻ ۽ جُوس، چانهه وغيره پيئڻ کان پوءِ وري ماڻهو فِريش ٿيو وڃي. اهو سڄو سفر مَينيج منيٰ ڪندي آهي، ته جيئن مون کي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. جيئن ته آئون اوڻيهن سالن کان ڊائبٽِلڪ آهيان ۽ ڏهن سالن کان اِنسولِن استعمال ڪندو آهيان ۽ انسولن جو سائيڊ اِفيڪٽ هائپو گلوشيما، معنيٰ گلوڪوز جي کوٽ سبب ماڻهوءِ کي بُکَ لڳندي آهي. رب پاڪ انسان جي جسم جو ته سٺو ۽ مضبوط نظام ٺاهيو آهي. پر خود ماڻهو انهيءَ کي نشي، گهٽڪي ۽ وِتَ کان وڌيڪ ڪم ۽ ٻين عجيب بيوقوفين سان تباهه ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي. انسان جي جسم ۾ جيرو پنهنجي اندر اضافي گلوڪوز اسٽور ڪندو آهي ۽ به وقت ضرورت اهو جسم کي سپلاءِ ڪندو آهي، پر ماڻهو اندر شوگر جو مقدار وڌي وڃڻ سبب، جيري جي اها صلاحيت گهٽجي نيٺ ختم ٿي ويندي آهي ۽ اهو بدن کي گلوڪوز سپلاءِ ڪرڻ جي لائق نه رهندو آهي، تڏهن ماڻهو کي بُک لڳڻ شروع ٿي ويندي آهي، پر مٺاڻ کائڻ يا پيئڻ سان اها ختم ٿيندي آهي، پر بک ۾ پيدا ٿيل هيڻائي ختم ٿيڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو آهي. ڪن شوگر جي مريضن کي بُک محسوس ڪانه ٿيندي آهي، اها ڪيفيت بيحد خطرناڪ آهي. دائبيٽز بيماري ڪانهي پر اها حياتياتي نظام ۾ هڪڙو نقص پيدا ٿيڻ واري صورت حال آهي. بيماري جو علاج وسيلي خاتمون ممڪن آهي. پر جسم جي حياتياتي نظام ۾ پيدا ٿيل نقص جو علاج وسيلي خاتمو ممڪن ڪونهي، جڏهن ته پاڪستاني هر اخبار ۾ روزانه اشتهار شايع ٿيندو آهي ته هن يا هُن علاج سان هڪ مهيني اندر شگر جي بيماريءَ جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. انهن طبيبن کان ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي. ڇو ته پڇاڻو صرف اهو ڪندو، جيڪو پاڻ چور ڪونه هوندو، پر هِت ته هن گاني وانگر ته: اس دنیا میں سب چور چور، کوئی جھوٹا چور، کوئی بڑا چور۔ هاڻ آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان جو معاشرو، هاڻ ته شايد رشوت کان سواءِ هلي به نه سگهي!
    هر معاشري ۾ ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جي هر ماڻهو عزت ۽ احترام ڪري ٿو ۽ انهن سان ملڻ ۽ ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ چاهيندو آهي. هڪ اديب لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مڃتا ٿيندي! اسين اڄ ۷ جولاءِ ۲۰۱۶ع، تي ڏهه ڄڻا، نور محمد، سندس گهرواري، ڊاڪٽر رابعه، سندن پُٽ عبدالحي جونيئر ۽ نياڻي زينب، اُهو منهنجي ماءَ جو نالو آهي، پِره، سندس پُٽَ اَويس ۽ حسان ۽ سندس نياڻي آمنه، منيٰ ۽ آئون، پهريائين لنڊن آئي وياسين، جيڪو اسان سڀني جو اڳ به ڏٺل هو، پر هينئر به ٽڪيٽون وٺي منجهس چڙهي چڪر لڳايوسين.
    منهنجي لاءِ سينيئر سٽيزن هجڻ ڪري ڪجهه رعايت هئي. هت ٽڪيٽ وٺڻ ۽ لائين ۾ وڃي اندر داخل ٿيڻ لاءِ تمام، گهڻي رش هئي. انهيءَ ڪم ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن. پر هن گهما گهميءَ ۽ هنن سهڻن ماڻهن جي وچ ۾ ۽ هن عاشقانه موسم ۾ وقت جي خبر ڪانه ٿي پئي. هت لنڊن ۾ توهان کي پاڪستان جا وڏا ماڻهو، جيڪي ماڻهن کي ماڻهو ئي ڪونه سمجهن ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن سان ملڻ به پسندڪونه ڪن، سي به هيڏي رش ۽ گچاپيهه ۾ هيڏين ڊگهين لائينن ۾ بيٺل ڏسي، خوشي ٿيندي آهي ته ٿوري دير لاءِ پر اهي انسان ته ٿي بيٺا. لنڊن جي اهڙين پبلڪ جڳهين تي، توهان کي انگريزي ڳالهائڻ وارا گهٽ، پر يورپ جون ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا ماڻهو وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا. خدا خدا ڪري اسين به وڃي لنڊن آءِ ڀيڙا ٿياسين. مون پنهنجي ڪتاب عالمي عجائبات ۾ لنڊن آءِ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻئي هڪ لنڊن جي سفرنامي ۾ به لنڊن آءِ بابت ڪافي لکيو آهي تنهن ڪري هتي آئون زياده ڪونه ٿو لکان.
    اتان کان پوءِ اسين لنڊن آڪيورم ڏسڻ وياسين اهڙا آڪيورم مون ٻين ملڪن ۾ به ڏٺا آهن. مون کي انهن جي مقابلي ۾ هي آڪيورم ننڍو لڳو. ٽڪيٽ وٺي آڪيورم اندر وياسين ۽ پهريائين پيرَن هيٺيان شيشي
    منجهان پاڻيءَ ۾ هلندڙ شارڪ مڇيون ڏٺيون سين. تنهن کان پوءِ هر هڪ جدا جدا ننڍين وڏين مڇين جي ڪائونٽرن تان ٿيندا، هلندا هلندا، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا ته هي ڏسو هو ڏسو، وڃي رهيا آهيون. اسين هت تقريباََ ٻه ڪلاڪ رهياسين. اندر فوٽا سُٺا ڪونه ٿي نڪتا، خبر ناهي ڇو؟ هت هڪ سٺو پارڪ به آهي، جت ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ڪافي رانديون به هُيون ۽ سون جي تعداد ۾ اتي ٻار راند ڪري رهيا هئا. ڪلاڪ کن اسان جا ٻار به اتي کيڏيا. آئون ۽ منيٰ هت ٺهيل هڪ يادگار ڀرسان ويهي ماڻهن کي ڏسڻ لڳاسين، جيڪي انهيءَ يادگار اڳيان گل دستا رکي رهيا هئا ۽ ان مٿان لکيل اکر، غور سان پڙهي رهيا هئا. اهو يادگار اسپين ۾ ڊڪٽيٽرشپ دوران اتي ماريل ماڻهن جي ياد ۾ ٺهيل هو. اتي حاضر ماڻهن ۾ هڪ پوڙهن جو جوڙو به هو، جيڪو هت ڪافي وقت کان بيٺو هو ۽ يادگار تي لکيل اکر پڙهي رهيو هو. شايد هنن جو به ڪو مِٺو انهن ماريل ماڻهن ۾ هجي.
    اڄڪلهه هت انگريز به ڏاڍي شوق سان ڏاڙهيون رکائين، جيڪي هت به ڪافي تعداد ۾ نظر آيا ۽ هت مسلمان عورتون وري وڏي تعداد ۾ بُرقعي ۾ نظر آيون. هت ڪجهه ماڻهو عجيب غريب ڊريسون پائي ميوزڪ وڄائي، نچي ماڻهن کي مُتَوجَهه ۽ معزوز ڪن، جن کي ماڻهو به سَوَن جي تعداد ۾ ٻُڌن ۽ ڪجهه سِڪا انهن جي اڳيان اُڇلائين، انهن ناچو ماڻهن ۾ گهڻا ته شيدي هوندا آهن، پر ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز ۽ اڇي چمڙيءَ وارا ماڻهو به هوندا آهن. هت هر ماڻهو، پنهنجي ناٽڪ جو پاڻ هيرو هوندو آهي. اسان تقريباََ صبح جو يارهين بجي تيار ٿي شام واپس گهر پهچندا هئاسين. صبح جو ناشتو ڪري نڪربو هو ۽ ٻنپهرن جو هلڪو ڦلڪو کاڌو جت به موقعو مليو، کائي وٺبو هو ۽ ڏهين بجي. جُوس ۽ ٻه چار مٺا بِسڪوٽ يا ننڍا ڪيڪ کائي وٺندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن زياده به کائي ويندو هوس.
    اِنسولِن صبح جو هڻي نڪربو هو ۽ وري رات جو هڻبي هئي. ٻنپهرن وارو انسولن جو ڊوز ڪونه لڳي سگهبو هو. ذري گهٽ مهينو کن انگلينڊ، اسپين ۽ پورچوگال ۾ رهس، پر شُگر ليول بلڪل نارمل هوندي هئي، نه ته
    پاڪستان ۾ ٿوري به بد پرهيزيءَ سان شُگر ليول وڌي ويندي آهي. اهو هت گهڻو هلڻ ۽ هت جي کاڌن ۽ آبهوا جو به اثر آهي. ڇو ته منيٰ جو پاڪستان ۾ بيضو کائڻ ڪري پيٽ خراب ٿي پوندو آهي، پر هت ته چار ڏينهن ناشتي ۾ بيضو کاڌئين، پر کيس ڪجهه به ڪونه ٿيو. هنن ملڪن جي باري ۾ لکي ڇا لکجي ۽ اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون! ٻِيو ته ڇڏيو، اسان ۱۹۴۷ء ۾ ڪٿ هئاسين ۽ اڄ ڪٿ بيٺا آهيون. ڪراچي۱۹۴۲ء ۾ ايشيا جو صاف ترين شهر هو ۽ ان کان ٻه سال اڳ به اِئين ڪراچيءَ کي صاف ترين شهر قرار ڏنو ويو هو. پر اڄ اهو شهر نه، پر انٽرنيشنل مهاجر ستان آهي، جت انڊيا، افغانستان برما، بنگلاديش ۽ سڄي دنيا مان تڙيل ماڻهن هت اچي پناه ورتو آهي ۽ ڪراچيءَ مان جيڪو اغوا ٿئي، سو توهان کي وڃي افعانستان مان ملندو!
    مون پي عرض ڪيو ته ڇهين ستين بجي شام جو گهر پهچي، پوءِ ٿورو آرام ڪري، ٽي-وِي ڏسي، پاڪستان فونون ڪري، ڪجهه پڙهي، لکي، ماني کائي، ڪچهري ڪري، پوءِ سمهي رهبو هو، گهڻو ڪري ننڊ اهڙي ته سٺي ايندي هئي، جو ڪڏهن خواب به ڪونه ڏٺم. چون ٿا ته ننڊ کان اڳ گهڻو سوچڻ ۽ بي آراميءَ ڪري خواب ٿا اچن. سَرِ سلطان محمد آغا خان، پنهنجي سوانح حيات جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مون سڄي زندگيءَ ۾ خواب ڪونه ڏٺو آهي. واقع! خواب ته غريب ڏسن ۽ انهن مان ئي خوشيون ماڻين! پر امير ماڻهو ڇو خواب ڏسي؟ هُو ته جيئري ئي جنت ۾ آهي، جنت عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”باغ“. حُور به عربي زبان جو لفط آهي، تنهن جي معنيٰ آهي: ڳوري، يعني اڇي رنگ جي چمڙيءَ واري عورت. ٻيو مڙئي ٿيو خير، تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ته ” کیا کریں ان حوروں کو، جو لاکھوں سال پرانی ہیں!
    اڄ صبح سوير تيار ٿي، پهريائين سائينس ميوزم گهمڻ وياسين، جيڪو ڪنزننگٽ جي علائقي ۾ آهي. سڄي دنيا ۾ صرف لنڊن شهر جي ميوزمن ۾ ڪابه داخلا في ڪونه وٺن، ٻيو ته ٺهيو، پر پاڪستان ۾ ڪو غير ملڪي اچي ۽ انهيءَ کي ڀنڀور ڏيکارڻ وڃون ته ات به ٽڪيٽ وٺون، پوءِ اندر وڃڻ ڏين. هن سائينسي ميوزم ۾ پراڻين سائينسي ايجادن جا هزارن جي تعداد ۾ عجيب غريب نمونا رکيل هئا.
    ميوزم اندر باٿ روم، بڪ اسٽال ۽ بهترين کاڌي پيتي جون هوٽلون به آهن، جي ٿڪ ٿئي ته اتي ڪجهه دير ويهي، ڪجهه کائي پيئي ۽ فِريش ٿئي، پوءِ وري به وڃي ميوزم گهمي. C.N.N جي هڪ پروگرام ۾ ڏيکاريل مسلمان سائينسدانن طرفان ڪيل ايجادون منهنجي لاءِ به بلڪل نيون هيون، جن بابت مون کي اڳ ۾ خبر ڪانه هئي تِن بابت اها فلم ڏٺي.
    نيچرل هسٽري ميوزم به، سائينس ميوزم جي بلڪل ويجهو هو، پر جيئن ته اهو اڳ ئي ڪافي دفعا ڏٺل هو، تنهن ڪري اوڏانهن ڪونه وياسين. ڪنهن سياح کي لنڊن شهر ۾ جيڪا جڳهه سڀ کان پهرين ڏسڻ گهرجي، سا هيءَ جڳهه آهي، هتان وري پنجن منٽن جي پنڌ تي اسان هائيڊ پارڪ جي پوئين حصي ۾ آياسين.
    اسان هت فوٽا ڪڍيا ۽ پرهه مووي ڀَرِي، پوءِ اسان جلد هتان آڪسفورڊ اسٽريٽ روانا ٿي وياسين. لنڊن وڃجي ۽ آڪسفورڊ اسٽريٽ نه گهمجي، اهو ڪِينئن ٿو ٿي سگهي! اسان هت ڪجهه خريداري به ڪئي. هت اڪثر توهان کي هندستان يا پاڪستان جو ڪونه ڪو اهم ماڻهو به ضرور ڏسڻ ۾ ايندو، جينئن ڪافي سال اڳ، هت دليپ ڪمار کي ڏٺوسين، دنيا جا ڪَنئين مشهور ماڻهو ۽ فلمي ايڪٽر وغيره هت اچن. اخبار ۾ پڙهيوسين ته نواز شريف هيرڊس سپراسٽور ۾ فيملي ساڻ خريداري پيو ڪري، آڪسفورڊ اسٽريٽ خريداريءَ جو به وڏو مرڪز آهي ۽ هيرڊس کان سستو آهي. سڄي U.K ۾ مهانگي ۾ مهانگو ڊپارٽمينٽل اسٽور هيرڊس آهي. لنڊن جي اڪثر دڪانن تي هاڻ توهان کي مسلمان ملڪن جي عورتن لاءِ ڪپڙا وڏي تعداد ۾ ملندا. هت هر ڪم جي سروي ٿئي. تنهن کان پوءِ ان تي عمل ٿئي. هت هاڻ سڄي دنيا مان مسلمان وڏي تعداد ۾ اچي ٻارن سميت مستقل رهن ۽ پيسا خرچ ڪن. هت هڪ سروي ۾ اهو ظاهر ٿيو ته پاڪستان جا ماڻهو هندستاني ماڻهن کان وڌيڪ پيسا خرچ ڪن. هُونئن به سراسري طرح هندستاني ماڻهو پيسو تمام گهٽ خرچ ڪري، پنهنجي سڄي عمر پيسا ڪمائيندي ۽ بچائيندي پوري ڪريو ڇڏين، آڪسفورڊ اسٽريٽ کان پوءِ اسان ٽيوب بدلائيندا بدلائيندا گهر وڃي رهيا آهيون. لنڊن جي زندگي تمام مصروف، ماڻهو تمام تيز تيز هلن. توهان کي ريلوي اسٽيشن، ٽيوب يا بس ۾ هڪ ماڻهو به واندو بيٺل يا ٻه ماڻهو ڪچهري ڪندي نظر ڪونه ايندا. ٽيوب، ريل يا بس ۾ ڪوبه مسافر ڪنهن ماڻهو سان ڪونه ڳالهائي. هر ماڻهو پنهنجي سيٽ تي ويٺو اخبار ڪتاب پڙهندو يا فون ڏسندو. اڳي صرف ڪتاب هو، هاڻ ان سان گڏ موبائيل، ٽيبليٽ هلائيندي توهان کي ماڻهو وڏي تعداد ۾ نظر ايندا. هت ڪنهن سان ڳالهائڻ ته پري، پر ڪو ڪنهن ۾ نهاري به ڪونه، پر هت ماڻهو ڏاڍا هيلپ فل آهن. روڊ رستا ڪراس ڪرڻ ۾ خاص ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ماڻهن جي تمام گهڻي مدد ڪن. اسان سان گڏ زينب به هئي. جيڪا ننڍي گاڏيءَ ۾ ويٺل هئي. هت ننڍو ٻار انهيءَ گاڏيءَ ۾ ويهي ۽ ان جي ماءَ يا پيءَ ٻار جي گاڏي هلائي. پوءِ جڏهن ٽيوب يا ريل گاڏيءَ ۾ چڙهڻ جي نوبت اچي ته اتي موجود هر ماڻهو ٻارن ۽ ٻُڍن کي چڙهڻ ۾ فرض سمجهي مدد ڪري.
    جيتوڻيڪ چاڙهين سان گڏ لفٽون به لڳل هونديون آهن، پر جي لفٽن ۾ به رش هجي ته پوءِ هڪڙي ماڻهو کي اُت هلائڻ ڏکيو لڳي، ته اڳيان، بنا چوڻ جي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو انهيءَ ضعيف ماڻهو کي يا ٻار کي تيستائين جهلي بيهي جيستائين وڃي منزل تي پهچي. ٻيو ته اڳ جڏهن به لنڊن ايندو هوس ته سفر دوران يا لائين ۾ پر هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڪتاب ڏسندو هوس، پر هاڻ انهيءَ جي جڳهه تي هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي، ٻي خبر نه ڪا چار! پنج سؤ سال اڳ، ڪرسچن صرف فلسطين، شام، يمن، ايٿوڀيا، ترڪي ۽ يوررپ جي ۽ ٻين ملڪن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا. پر يورپي قومن جي سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ ڪري، سڄي دنيا ۾ يورپي ماڻهن جو مذهب عيسائيت، ٻولي، لباس، قائدا قانون، موڪل جا ڏينهن ۽ ويڪيشن به انگريزن وانگر گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ ٿين، کائڻ لاءِ چمچو ۽ ڪانٽو، ڊائننگ ٽيبل، بيڪري ۾ تيار ٿيندڙ کاڌي جون شيون ڊبل روٽي، بسڪوٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ، وسڪي، بيئر، چانهه، رانديون، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هاڪي، بيڊمنٽن وغيره، ڪار به انگريزن وانگر ساڄي طرف هلائجي، مطلب ته يورپي قومن سڄي دنيا تي حڪومت ڪري سندن مذهب، ٻولي، علم، ثقافت ۽ تهذيب، سموري دنيا ۾ رائج ڪري ڇڏي جيڪا اڃا تائين مستحڪم بنياد تي قائم آهي. اڄ به انگلينڊ دنيا جي ٻه سؤ ملڪن ۾ آمريڪا، چائنا، جاپان ۽ جرمنيءَ کان پوءِ دنيا جي پنجون نمبر وڏي اقتصادي قوت جي حامل رياست آهي، سياسي طرح ڪامن ويلٿ ملڪن جو سربراه اقوام متحده ۾ ويٽو پاور، عسڪري طرح اَيٽَمِي قوت رکندڙ ملڪ برطانيه، آمريڪا کان پوءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز آهي، ڇو ته سڄي دنيا جي وچ ۾ هئڻ ڪري انگلينڊ جي ڪينري وارف واپاري مرڪز جي عالمي اهميت اڄ به برقرار آهي. سابق آمريڪي صدر، بِل ڪلِنٽَن، سندس لکيل سوانح حيات ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾ اڄ به تعليم جو مرڪز انگلينڊ آهي، نه ڪي آمريڪا! گذريل پنجن سالن کان اڳ، پنجاه سالن تائين سڄي دنيا ۾ مصروف ترين هوائي اڏو، لنڊن وارو هيٿرو هوائي اڏو رهيو، البت گذريل پنجن سالن کان دبئي وارو عالمي هوائي اڏو، دنيا جو مصروف ترين هوائي اڏو ٿي پيو آهي ۽ دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت، البُرج الخليفه دبئي ۾ آهي ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ سينٽر پڻ دبئي ۾ آهي.
    اڄ اسان جو پروگرام ڪَيمبِرج يونيورسٽي گهمڻ جو آهي، اسان وٽ ڳوٺ ٻني جي ڀرسان ڊَبُو موري ۽ ٿورو پريان موالي موري ته آهي، پر هت انگلينڊ ۾ به ڪنهن موريءَ جي نالي سان ڪنهن شهر ۾ هڪ يونيورسٽي هوندي، سا ڳالهه ٻڌي عجب ٿيو. شهر جو نالو ڪيم برج يعني ڪيم موري آهي، وري اهڙي ئي نموني سان پاڻ وٽ سٺ ميل نالي شهر آهي، ته هت وري ايم اليون نالي سان روڊ آهي، جنهن روڊ ذريعي اسين ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهيون. منيٰ جي طبيعت ٿوري ٺيڪ ڪانه هئي. سو آئون، نور محمد عبدالحئي جُونِيئَر، بوبيءَ جي ڪار ۾ گهران نڪري، رستي تان ٿورو سامان وٺي، ڪيمبرج وڃي رهيا آهيون. نور محمد ٻڌايو ته ٻه سال اڳ جڏهن پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي گهمڻ هليا هئاسين ته آڪسفورڊ اتان کان پاڻ کي پري هو، ڇو ته سڄو شهر ڪراس ڪري پوءِ ٿي هلڻو پيو جنهن ڪري پنهنجو ڪافي وقت شهر اندر ئي ضايع ٿي ويو پر پاڻ کي شهر اندر هينئر ٿورو وقت لڳندو ۽ پاڻ جلد پهچنداسين، هينئر آسمان ۾ جهڙ آهي ۽ هلڪي هلڪي بوند پئي وسي، هت سڄي ڌرتيءَ تي ساوڪ آهي، رستي جي ٻنهي پاسن کان ۽ هر طرف، پري پري تائين وڏا وڏا وڻ نظر اچي رهيا آهن. پاڻ وٽ برسات گهٽ پوڻ ڪري، وڻ ايڏا ساوا نظر ڪونه اچن، پر هت برساتن وڻن ۾ رونق وڌائي ڇڏي آهي. پر هيءَ به حقيقت آهي ته مون سڄي لنڊن جي شهر ۾، منهنجي ٻني واري گهر ۾ بيٺل نم جهڙو وڏو وڻ ڪونه ڏٺو. هت به وڏا وڻ ته هوندا، پر مون ڪونه ڏٺا، عالي شان ون وي روڊ جي ٻنهي طرفن کان هزارن جي تعداد ۾ گاڏيون هلندڙ پر، ٽريفڪ اهڙي سٺي نموني سان هڪ ساريڪي رفتار ۾ هلي، جو ڪوبه ڊپ محسوس ڪونه ٿئي. هت ڌوڙ نه هئڻ ڪري ۽ هر هر برسات پوڻ ڪري، گاڏيون پيون چلڪن، هر پنجن ڏهن ميلن تي پوليس جون گاڏيون بيٺل، پر ڪڏهن به گاڏين کي ڪونه روڪين، گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سميت هر ويٺل ماڻهو کي بيلٽ ٻڌل، نه ته چالان ڪن ۽ پنجاهه پائونڊ ڏنڊ ۽ وري نه رشوت توڙي سفارش سان جان ڇُٽي! پنهنجي ملڪ ۾ ته توهان کي رشوت ڏيڻ جو سبق هر کاتي جو ڪامورو سيکاريندو ته ڇو ٿا بل ڏيو، اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو! پنهنجي مُلڪ ۾ ڪامورن جو هڪ اهڙو به قسم آهي، جن کي عام طرح ايماندار آفيسر چَون، اهي ڪامورا وري کاتي جا فنڊ هڙپ ڪن ۽ سمجهن ٿا ته اها رشوت ڪانهي، کاتي جا پيسا کائڻ، اسان جو حق آهي. اهي اِئين ڪونه ٿا سوچين، ته هڪ ماڻهوءَ کان رِشوَت وٺڻ، صرف انهيءَ هڪ ماڻهوءَ جا پيسا هوندا آهن، پر هي جيڪي کاتي جي فنڊن جا پيسا آهن، سي ته قومي ناڻي وارا، حڪومت جا پيسا آهن، جيڪي هزارن لکن ماڻهن جي ڍلن، ٽيڪسن ۽ ڏنڊن وغيره جا آهن. اهو فنڊ کائڻ ته هزارين ماڻهن کي ڦُرڻَ برابر ٿيو. اسان وٽ رڳو سُٿڻ بُڪِين کان مٿي هجي، تسبيح هٿ ۾ هجي، شوڪارا ڀريندو هجي ته توهان الله وارا ٿي ويا. هن نعري وانگر ته ’’جو قائد کا غدار ہے، وہ موت کا حقدار ہے‘‘. سو پاڻ وارا همراه به بهشت جا حقدار ٿيو ويٺا آهن. نور محمد جي ڪار جي ڪيسيٽ ۾ رڳو سنڌي گانا آهن، اهي ٻڌندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. مون ڏٺو آهي ته گهمڻ ڦرڻ جت تفريح آهي، اُت ڄاڻ جو به وڏو ذريعو آهي. دنيا جي ڪنهن ڏاهي لکيو آهي ته هيءَ دنيا هڪ ڪتاب جيان آهي. توهان جي هڪ شهر ڏٺو، ته ڄڻ انهيءَ ڪتاب جو هڪ پنو پڙهيو، پوءِ جِيئن جِيئن ويندا وڌيڪ شهر ڏسندا، ته ڄڻ وڃو ٿا انهيءَ ڪتاب جا وڌيڪ ورق ورائيندا. اسان جي پاڪ ڪتاب، قرآن شريف ۾ به ڌرتيءَ تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سير ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي. هي ملڪ ته شهرن تي اربين کربين ناڻو خرچ ڪري، سٺا روڊ رستا، سٺا گهر، هي سٺو نظام قائم ڪيو ويو آهي، جتي عالي شان وڻ ٽڻ، ساوڪون، گل گلزاريون موجود آهن. پر منهنجي ڳوٺ، ٻني ۾ به درياه شاهه ۽ پنڃاريءَ ۾ ٻيڙين جو سير، خاص ڪري چانڊوڪين راتين ۾، معروضي طور نرالو، بيمثال ۽ عجيب ساحرانه لطف جو حامل عمل آهي. ٻي طرف ڪمند، سارين وَوڻن ۽ سورج مکيه جي ڀلن فصلن جي پوکن سان سڄو ملڪ سر سبزي ۽ شادابي سبب هميشه حسين لڳو پيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ته نِمن، ٻيرين، ٻٻرن ۽ سڀني کان وڌيڪ تعداد ۾، قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ديوين جا سدا بهار وڻ، سمورن روڊن رستن کي ته ڇا! فصلن کان آجي سموري زمين کي، پنهنجي دائمي طور سر سبز ۽ نيڻن کي ٺاريندڙ ٿڌيءَ ڇانءِ سان ڍڪيو بيٺا آهن. فجر جي پرسڪون وقت کان وٺي سِجِ اڀرڻ تائين وڻن تي ويٺل سوين قسمن جي هزارين پکين جون مٺڙيون لاتيون، ڪائنات کي قدرتي موسيقيءَ سان واسيو ڇڏين، جنهن سان امن، سڪون ۽ محبت جا جذبا جاڳن ٿا. اسان جي حياتيءَ جي ضامن، مهان سنڌو درياه جي گهڻي پاڻيءَ واري وهڪري جو گجگوڙي آواز، روح کي وڌيڪ راحت رسائيندڙ آهي. البت غريب ملڪن جي غريب ماڻهن ۽ امير ملڪن جي امير ماڻهن ۾ ڀيٽ ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ڪونهي، ڇو ته اهو اصل ۾ دنيا ۾ رائج مختلف سماجي نظامن جي باهمي تضادن جو معروضي نتيجو آهي. آئون منهنجي زندگيءَ جي تجربي موافق هن نتيجي تي پهتو آهيان، ته ماڻهوءَ کي غُربَت کان وڌيڪ، پنهنجا لڇڻ ٿا برباد ڪن. مثلاََ ٺرو، گهٽڪو، ٻيا نشا، بڇڙي صحبت ۽ تعليم کان پري رهڻ وغيره. اسين جڏهن ننڍا هوندا هئاسين، مون کي ياد ڪونهي ته تڏهن اسڪول ۾ ڪو هڪ ڏينهن به ڪو ماستر غير حاضر رهيو ۽ اسان جي سڄي علائقي ۾ هڪ به اسڪول بند ڪونه هو. پر هاڻ سڄي ٻهراريءَ واري علائقي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اسڪول کليل آهي. تعليم کان پري رهڻ ڪري، اسين ڪمزور، هيڻا ۽ مايوس ٿي وينداسين. ڀنگي، چوڪيدار ۽ پٽيوالن جون ايتريون گهڻيون آساميون ڪونه آهن، جو سڄي قوم کي ڀرتي ڪجي. اهو ڪم حڪومت جو آهي ته اسڪول ۽ ٻيا سرڪاري ادارا سٺي نموني هلائي. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته اهو ممڪن ئي ڪونهي، جو ڪو سرڪاري ملازم غير حاضر رهي، يا ڪو ادارو بند ٿئي. پر جيڪڏهن حڪومت هلائڻ وارا، مٿئين توڙي هيٺئين سطح تي پاڻ ئي ڪرپٽ، راشي ۽ چور هجن، ته پوءِ اهي سموري قوم کي ڪينئن سڌاريندا! چوندا آهن ته پٿر پرايو، پر سُورَ سڀڪنهن جا پنهنجا سو لنڊن جي موٽر وي تي به پنهنجا ڏک سور ياد اچي ويا. اسان ڪيمبرج شهر پهچي، پهرين گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرايو، پوءِ اڳتي وياسين. هت ٿوري بوند به پَئِي پَئي، پر مون کي ٽوپي، سُئيٽر ۽ وارمر ۽ ڪوٽ پاتل آهي، تنهن ڪري سِي ڪونه ٿو پوي ڪالهه هائيڊ پارڪ ۾ هوا تيز پئي لڳي ۽ مون کي ننڍين ٻانهن واري بُش شرٽ پاتل هئي، تنهن ڪري ٿوري ٿڌ لڳي وئي ۽ سمهڻ مهل ٿوري کنگهه به ٿي، پر بوبيءَ جي گهر واري ڊاڪٽر رابعه، کنگهه جو شربت ۽ ٻه پيناڊال گوريون ۽ نڪ لاءِ اسپري ڪرڻ واري دوا ڏني، جنهن سان اهو عارضو ختم ٿي ويو. نور محمد چيو ته ٻاهر سِيءَ ۽ برسات آهي، تنهن ڪري پاڻ گاڏيءَ ۾ ويٺي ئي شهر ۽ يونيورسٽي گهمڻ کان پوءِ، برسات بند ٿي ته پنڌ گهمنداسين ۽ ماني کائينداسين. يونيورسٽي جي مونوگرام واريون ڪجهه شيون به خريد ڪنداسين. هتي سياحن لاءِ بسن سان گڏ ٻيڙيون به آهن. جيڪي هڪ ماڻهوءَ کان ڏهه پائونڊ ڀاڙو وٺي يونيورسٽي ۽ شهر جي مکيه مکيه ماڳن جو سير ڪرائين. اسان وٽ پنهنجي گاڏي هئي، تنهن ڪري انهن جي ضرورت نه رهي. مون دنيا جي شهرن ۾ لنڊن البت وڌيڪ گهميو آهي. ڪيمبرج شھر ۾ هڪ هنڌ گاڏي بيهاري. اتان ٻارن لاءِ ڪجهه ڪپڙا، رانديڪا ۽ يونيورسٽي مونوگرام واريون ڪجهه شو پيسز ورتيون. پوءِ يونيورسٽي اندر جيڪا مُک بازار آهي، انهيءَ ۾ هلندا، فوٽو ڪڍندا اڳتي پئي وياسين. اهو آچر جو ڏينهن هو، تنهن ڪري يونيورسٽي ۽ وسيطدار ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا بند هئا. تنهن هوندي به هتي رش ڏاڍي هئي. اها بازار حيدرآباد جي شاهي بازار وانگر ڊگهي هئي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان دڪان هئا، پر شاهي بازار کان وڌيڪ ڪشادي هئي، دڪان تمام وڏا ۽ رش به تمام گهڻي هئي. هت سڄي دنيا جا سياح ۽ خصوصاََ ٻين يورپي ملڪن جا سياح پنهنجن ملڪن مان ئي بسن ۾ چڙهي اچن ۽ پيا سڄو يورپ گهمن. اهڙا ٽوئر هت ٽوئر ڪمپنيون به ڪرائين.
    اڳي اهڙا ٽوئر تمام سستا هئا. مون به پهريائين اڪيلو، پوءِ منيٰ ۽ بوبيءَ سان گڏ ۽ پوءِ وري منيٰ ۽ فرخ سان گڏ، انهن ٽوئر ڪمپنين ذريعي سڄي مغربي يورپ جو سير سفر ڪيو. هاڻ ته اهي ٽوئر ڏاڍا مهانگا ٿي ويا آهن، ٻيو ته هاڻ اڪيلو گهمڻ ڦرڻ ۾ مُنجَهه سُنجَهه يا ڪا تڪليف ٿيڻ جو انڊيشو رهي ٿو. ان کان سواءِ نور محمد ۽ محبوب جو هت انگلينڊ ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ ڪري وڌيڪ آساني ٿي وئي آهي. هاڻ اسان پهرين هت لنڊن اچون، پوءِ سڀ گڏجي ٻين ملڪن وڃون ۽ هاڻ پنهنجي مُنهن، يعني ٽوئر ڪمپنين کان سواءِ گهمڻ ڦرڻ ۾ وڌيڪ مزو ٿو اچي. نه ته اڳ ٽوئر ڪمپنيءَ ذريعي گهمڻ سبب ننڊ مان تمام سوير اٿڻو پوندو هو ۽ دير سان سهمڻو پوندو هو. هلڻ گهمڻ ڦرڻ، سڀ ڪجهه انهن ٽوئر ڪپمنين جي هدايتن موجب ٿيندو ۽ ڪرڻو پوندو هو. پر هاڻ پنهنجي مرضيءَ سان ڪيڏي مهل به اٿو ۽ گهمو ڦرو، جڏهن ته ٽوئر وارن سان گڏ هوندي، ڀلي ڪيترو به ٿڪ يا بي آرامي هجي، پر صبح جي ويڪ اپ ڪال تي ضرور اٿڻو پوندو هو. اڳي گهڻو ڪري لنڊن شهر ۽ انگلينڊ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ڪونه ڪو واقفڪار ملي ويندو هو، پر هاڻ ويزا جي سختيءَ ڪري، پاڪستان مان تمام ٿورا ماڻهو انگلينڊ اچن اڳي جيڪي شاگرد هتي پڙهندا هئا، تن کي پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ Post Study Work Permit واري ويزا ٻن سالن لاءِ ملندي هئي، يعني پڙهي پوءِ ٻه سال نوڪري ڳوليو، جي ملي ته ٺيڪ، نه ته پوءِ واپس پنهنجي ملڪ وڃو. اها سهولت ۲۰۱۰ء تائين هئي. پوءِ ختم ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪري پاڪستان مان ٿورا ٻار هت پڙهڻ اچن. هاڻ پاڪستان جي گهڻن شاگردن تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجو رُخ آسٽريليا، ڪيناڊا، آمريڪا ترڪي ۽ ملائيشيا ڏانهن ڪيو آهي.


    3

    آئون ٻارن سميت پنجٽيهن چاليهن سالن کان يورپ ايندو رهندو آهيان. گهڻو اڳ انگلينڊ جي ويزا لاءِ سوين ماڻهو ويزا آفيس ايندا هئا. تڏهن ويزا وٺڻ لاءِ ڪلفٽن واري ڪائونسليٽ جنرل وڃبو هو، جتان ساڳئي ڏينهن، سولائيءَ سان ويزا ملي ويندي هئي. هاڻ ويزا سڌيءَ طرح ڪائونسليٽ جنرل مان ڪانه ملي، پر گيرئر جي معرفت ملي، جيڪا شاه راه فيصل تي قائم آهي. ان لاءِ آن لائين ٽائيم وٺبو، پوءِ پندرهن ڏينهن ۾ ويزا، ابوظهبي ۾ لڳي ايندي يا رِفيوز ٿي ويندي. اڳ ۾ رِفيوز ٿيڻ جي صورت ۾، ويزا لاءِ جمع ڪرائيل ساڳي في ۾ وري اپيل ڪبي هئي ۽ گهڻو ڪري ويزا ملي ويندي هئي ، پر هاڻ اپيل جو ڪوبه پروويزَنِ ڪونهي. وري به ڪاغذ ۽ في نئين سر جمع ڪرائجن ٿا . هاڻ ته ڇهن مهينن جي ويزا جي في ڏهن هزارن مان وڌائي چوڏهن هزار، پنج سؤ روپيا مقرر ڪري ڇڏئون آهي. ڪيمبرج شهر ۾ شاپس سان گڏ وڏا وڏا چار پنج ماڙ ڊپارٽمينٽل اسٽور به آهن. اسان هت، هڪ ٿائِي هوٽل ۾ ماني کاڌي، جنهن ۾ هيٺ چانور، وچ ۾ سلاد ۽ مٿان ڪُڪُڙ فراءِ جا ٽڪرا ٽڪرا پيل هئا.
    سڄي دنيا ۾، کاڌي ۾ جيڪو گوشت آهي، تنهن ۾ ڪڪڙ، گهيٽي ۽ پورڪ يعني سوئر جو گوشت به هوندو آهي. کاڌو گراهڪ جي پسند موجب سَروِ ٿيندو آهي. سِي فُڊ يعني مڇيون ۽ ڀاڄيون پڻ خوب کاڌيون وڃن ٿيون. البت کاڌو تيار ڪرڻ ۽ مصالحو استعمال ڪرڻ جو طريقو هر ملڪ ۾ جدا جدا ۽ نرالو هئڻ ڪري، هر ملڪ جي کاڌي جو ٽيسٽ به جدا جدا ٿئي. هتي کاڌو ايترو مهانگو ڪونه هو. کاڌي جي ٻن پيڪيٽن جا فقط اٺ پائوند ورتئون. هت گهيٽي جو گوشت جنهن کي مٽن چَوَن، سو البت مهانگو، ويهه پائونڊ في ڪلو يعني ٽي هزار روپيه هو. مون پاڪستان مان ۱۵۲ روپيه في پائونڊ جي حساب سان انگريزي ڪرنسي پائونڊ خريد ڪئي هئي. هت کير ۽ اٽو پاڪستان کان به سستو هو، تنهن جو سبب هتي رمضان ۽ عيد جي موقعي تي کاڌي پيتي جون ڪافي شيون معمول کان سستيون ڪيون وڃن ٿيون جڏهن ته پاڻ وٽ رمضان شريف ۽ عيد جي موقعي تي هر شئي تمام مهانگي ٿي وڃي ٿي. هت چند دوائن کان سواءِ سڀ دوائون ڊاڪٽر جي پرچي کان سواءِ ڪونه ملن، انهن ۾ وياگرا به شامل آهي. اسان ڪيمبرج شهر ۾ تقريباََ ساڍا ٽي ڪلاڪ هئاسين، جنهن دوران شهر، يونيورسٽي ۽ انهيءَ جا چند مشهور ڪاليج گهمي ڏٺاسين ۽ اتي مووي ڀري ۽ فوٽو ڪڍياسين. پوءِ واپس لنڊن لاءِ روانا ٿياسين. آئون هاڻ ڪيمبرج شهر، يونيورسٽي ۽ ان جي چند مشهور ڪاليجن جو مختصر احوال بيان ڪندس. ڪيمبرج شهر، لنڊن کان اتر طرف ۵۰ ميلن يعني ۸۰ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، ڪيم نديءَ تي اڏيل هڪ ننڍڙو شهر آهي. برطانيه ۾ ۲۰۱۱ء ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب ڪيمبرج شهر جي ڪل آدمشماري ۱،۲۳،۸۶۷ هئي، جنهن ۾ ۲۴،۴،۸۸ شاگرد به شامل هئا. آثار قديمه مان معلوم ٿيو آهي ته ڪانسي يعني پتل ڌاتوءَ جي دؤر ۾ به هن ڀيڻيءَ تي انساني وسندي موجود هئي ۽ انگلينڊ ۾ رومي دؤر حڪومت ۾ درياهي ڌاڙيل حاڪمن جي تسلط دؤران ڪيمبرج، هڪ اهم تجارتي مرڪز واري حيثيت جو حامل شهر هو. ڪيمبرج شهر کي تمام گهڻو عرصو پوءِ، انگريز حڪومت طرفان ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ اولين بلدياتي اختيارات تفويض ٿيا، پر اها پڻ متعجب ستم ظريفي آهي ته انهيءَ کي سن ۱۹۵۱ء کان اڳ تائين City Status وارو آئيني رُتبو حاصل ڪونه هو. هن شهر ۾ شهر جي نالي سان مُنسلڪ ”ڪيمبرج يونيورسٽي“ موجود آهي. اها پوري دنيا جي پنجن اعليٰ ترين يونيورسٽين مان هڪ يونيورسٽي شمار ٿئي ٿي. اها يونيورسٽي سن ۱۲۰۹ء ۾ قائم ٿي هئي ۽ ان سان واڳيل پهريون ڪاليج، ”پيٽر هائوس ڪاليج“ سن ۱۲۸۴ء ۾ قائم ٿيو هو. سو هَف ڊِي بالسهام قائم ڪيو هو.
    ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ڪيونڊش ليباٽري، ڪنگس ڪاليج چيپل يعني چرچ ۽ يونيورسٽي جي زبردست لائبرري وڏي عظمت جون حامل شيون آهن، ڪيمبرج شهر جي اوچين عمارتن ۾ ڪِنگس ڪاليج وارو چرچ، يونيورسٽي جي لائبرري، انگلش مارٽِرس چرچ، اَوَرِ ليڊيِز چرچ، ايڊن بروڪس اسپتال ۽ سينٽ جان ڪاليج وارو چرچ شامل آهي. هي شهر هاءِ ٽيڪنالاجي واري سِليِڪانِ فين نالي سافٽ ويئر ۽ بايو سائينس سان وابسته فيڪٽرين ۽ ڪارخانن واري علائقي جي دل يعني صفا وچ ۾ موجود آهي. شهرجي ڪارخانن ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ڪارڪنن جو چاليهه سيڪڙو کان به وڌيڪ تعداد اعليٰ تعليم يافته آهي. هن شهر ۾ يونيورسٽيءَ سان واڳيل ڪيترائي حياتياتي سائينس وارا تحقيقي ادارا، صحت مرڪز ۽ اسپتالون موجود آهن. هتي تازه تيار ٿيندڙ آسٽرازينيڪا هوٽل ۽ پاپ ورٿ هاسپيٽل پڻ وڏي اهميت جا حامل ادارا آهن. ڪيمبرج شهر جي ثقافتي/سماجي اداري ”پارڪرس پِيس“، ”ايسوسِيئشن فوٽ بال“ طرفان ٿيندڙ راندين جي ميزباني ڪئي ٻين ثقافتي سرگمين ۾ اسٽرابيري فيئر، ميُوزِڪ ۽ آرٽس فيسٽِيول، مِڊسَمرِ فيئرس، مڊ سَمر ڪامَنِس نالي، اونهاري جي وچ ڌاري مُنعَقد ٿينديون آهن. ساليانو ڪيمبرج بِيئَر فيسٽيول، جيَسِسِ گِرِينِ نالي جشن جي صورت ۾ ڊسمبر جي آخر ۾ ملهايو ويندو آهي. ڪيمبرج شهر ايم-يارهن ۽ اي-چوڏهن نمبر شاهراهن وسيلي جهان سان مربوط آهي، ڪيمبرج ريلوي اسٽيشن، لنڊن واري ڪِنگس ڪِراس ريلوي اسٽيشن کان ڪلاڪ کان به گهٽ وقت وٺندڙ پنڌ تي موجود آهي. ڪيمبرج شهر جي ايراضيءَ اندر، تاريخ کان اڳ واري دؤر جي وسندين جي موجودگيءَ جو پتو پيو آهي. ڪيمبرج يونيورسٽي سان واڳيل فِٽزوليِئَم ڪاليج واري ڀيڻيءَ تي ساڍا ٽي هزار سال پراڻي ٻني ۽ مال جي واڙي جا آثار موجود آهن. آثار قديمه جي وڌيڪ ثابتي، تهذيب جي لوهه جي دريافت واري دؤر، يعني پهرين صدي. قبل مسيح ۾ ڪيمبرج شهر جي شاهي محل واري ٽڪري تي به هڪ وَسندِيءَ جا آثار موجود آهن. ڪيمبرج شهر ۾ رومي دؤر حڪومت ۾ ٺهيل هڪڙي قلعي جي ننڍڙي عمارت، محل واري ٽڪريءَ تي سِٽي سينٽر جي اُتر-اولهه طرف موجود آهي. ڪيمبرج شهر جي نِيُون هام ڊسٽرڪٽ ۾ رومي دؤر حڪومت جي هڪڙي ٻئي ڳوٺ ۽ مال جي واڙي جا آثار به موجود آهن. سن ۴۱۰ء ڌاري رومي تسلط جي خامتي کان پوءِ ڪيمبرج شهر جو نالو Cair Grauth ڪيئرگرائوٿ طور بيرٽنس جي تاريخ ۾ درج ٿيل آهي. اينگِلوسَيڪِسَن جَارح قبيلن، موجود ڪيمبرج شهر جي ڪَيسِل هِل واري علائقي ۽ ان جي چوڌاريءَ قبضو ڪري شهر جو نالو Granta Bridge گرانٽا بِرِج رکيو. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ شهر جو نالو ڪيمبرج رکيو ويو. انهيءَ دؤر ۾ شهر ترقي ڪري واپاري مرڪز ٿي پيو. اينگلو سَيڪسَن ڪِرانِيڪِل يعني تاريخ ۾ وائِڪِنگِسِ درياهي-ڌاڙيل ماڻهن جي ڪيمبرج شهر ۾ اچڻ جوسن ۸۷۵ عيسوي ڄاڻايو آهي. سامونڊي ڌاڙيل ماڻهن جي تجارتي ڪرت سبب ڪيمبرج شهر به ترقي ڪئي ۽ شهر جو مرڪزي علائقو ڪيم درياه جي ساڄي ڪپ ڏانهن منتقل ٿي ويو. وائڪِنگس ڌاڙيلن جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ سَيڪسَن لوڪ وري حاڪم ٿيا، سِسنِٽِ بينيٽ جو چرچ، واپاري مرڪز ۽ درياه تي بندر تعمير ڪرايائون. تنهن کان سواءِ شهر ۾ سِڪا ٺاهڻ لاءِ ڪاريگر آندا ۽ سڪا ٺهرايا، جن تي ”گرانٽ“ نالو اُڪَريو ويو هو. بادشاهه وليئم آف نارمنڊي انگلينڊ فتح ڪرڻ کان ٻه سال پوءِ ڪيمبرج شهر ۾ ڪَيسِل هل تي پنهنجو نئون محل اڏايو. ڪيمبرج ۾ اڏيل رائونڊ چرچ به سندس دؤر جو يادگار آهي بادشاهه هينري پهرئين سندس دؤر حڪومت سن۱۱۲۰ء کان ۱۱۳۱ء جي درميان، The First Town Charter نالي ڪيمبرج شهر کي ھڪ قانوني بلدياتي رتبي وارو پروانو عطا ڪيو ۽ ڪيمبرج جي ڪورٽ کي بَرگ ڪورٽ جي حيثيت ملي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ناساز حالتن سبب نڪري ايندڙ استادن، دانشورن ۽ علم جي انس رکندڙ شاگردن جي خواهش ۽ ڪوشش سان سن۱۲۰۹ء ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. سن ۱۳۴۹ء عيسوي ۽ پوءِ سن ۱۳۶۱ء ۾ سلسليوار بليڪ ڊيٿ ۽ نيشنل ايپڊمِڪ نالي خطرناڪ وبائن سبب شهر جي آبادي جي اڪثريت، خصوصاََ نديءَ جي اترئين ڀاڱي ۾ موت جو کاڄ ٿي وئي. جنهن ڪري يونيورسٽي، ڪاليجن ۽ مذهبي ادارن جا تمام گهڻا دانشور، استاد ۽ مذهبي علماءِ اتنقال ڪري ويا. تڏهن Bishop Of Ely يعني وڏي پادري تجويز ڏني ته جنهن صورت ۾ شهر ۾ وبا سبب شهر ۾ هڪ عبادت گاه کي ڀرڻ جيترا به ماڻهو ڪونه رهيا آهن. تنهن ڪري ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان وابسته ٻن عبادت گاهن کي ملائي هڪ ڪيو وڃي. تنهن کان پوءِ نوان مُلان تيار ڪرڻ خاطر يونيورسٽيءَ ۾ گونِوِل هال، ٽِرِينِٽي هال، ڪارپَس ڪِرِسِٽي ۽ ڪِليئَر هال نالي چار نوان مذهبي تعليمات وارا ڪاليج قائم ڪيا ويا. ڪيمبرج عوام طرفان هارين جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري، انگريز سرڪار هڪ ظالم قانون نافظ ڪري ڪيمبرج جي ماڻهن کان ڪجهه شهري حق کسي ورتا، بَيڪرينِ، شراب جي بَٺِين، تورَ ۽ ماپَ جي اوزارن جي نگراني ۽ اناج ۽ ٻين شين جي خريداري ۽ وڪري تي ضابطو ۽ نگراني ڪرڻ وارا اختيار، ٽائون ڪيمٽيءَ کان کسي يونيورسٽي انتظاميه جي حوالي ڪيا ويا، جيڪا جاگيردار انگريز سرڪار جي حواري هئي.
    ۱۶۰۰ء جي شروعات ۾ هابِسَنس ڪنڊيوٽ نالي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ هڪ واهڙ کُوٽي تيار ڪيو ويو. ان سان گڏ خراب پاڻيءَ جي نيڪال ۽ صفائيءَ جو پڻ انتظام ڪيو ويو. انگلينڊ جي گهرو لڙائيءَ واري اوائلي دؤر ۾ ايسٽرن ڪائونٽيز، ايسوسِيئشن جي هيڊ ڪوارٽر هوندي، ڪيمبرج شهر نمايان ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته اتي انگريزي پارليامينٽ جي حامي اوائلي ايسٽ اينجليئن آرمي پڻ منظم ڪئي وئي هئي. سن ۱۶۴۳ء ۾ پارليامينٽ ڪيمرج شهر جو نظم وَنسق اوليِوَر ڪِرام ويل جي حوالي ڪيو، جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽيءَ واري سِڊنِي سُسِيڪِس ڪاليج م پڙهيو هو، ڪيمبرج شهر جي مکيه محل ۾ پارليامينٽ جي حامي فوج جي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي.
    اُوڻِيهَئِين عِيسِوي صَديءَ دؤران اڪثر ٻين انگريزي شهرن سان گڏ ڪيمبرج شهر به تيزي سان وڌيو ۽ ويجهيو، تنهنجو مکيه سبب، آدمشماريءَ ۾ واڌ، تعليم ۾ سڌارو، زراعت ۽ واپار ۾ ترقي هو. ۱۸۰۱ع ۽ ۱۸۰۷ع وارن اينڪِلوزَر اَيڪٽِن جي نتيجي ۾ شهر جي چوڌاري خالي توڙي زرعي علائقن ۾ شهر پکڙندو ويو. تان جو سن ۱۹۱۲ع ۽ ۱۹۳۵ع ۾ ٿيندڙ توسيعي عمل دؤران ڪيمبرج شهر، پنهنجي چوڌاري شهر کان ٻاهران مکيه علائقن، جهڙوڪ چيِسٽَرٽَن چيري هِلٽَن، فينِ ڊِٽَن، ٽِرَميِنگِٽَن ۽ گرانٽ چيسٽر کي پنهنجي جاگرافيائي حدن اندر سمائي چڪو هو.
    گريٽ اِيسِٽَرنِِ لنڊن، ٽو ناروِچ ريلوي لائين جي تعمير کان پوءِ ڪيمبرج شهر ۾ به ۱۸۴۵ع ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ ريلوي اسٽيشن شهر جي مرڪز کان ٻاهر تعمير ڪئي وئي ۽ رامسي ٽائون نالي شهر ۾ ڪالونيءَ سان توسيع ٿي. ريلوي ذريعي لنڊن سان ڳنڍجڻ ڪري شهر ۾ ڳري صنعت وارا ڪارخانا، جهڙوڪ سيمنٽ، سِرُن ۽ مالٽ جا ڪارخانا قائم ٿيا. سن ۱۹۳۰ع کان ۱۹۸۰ع تائين واري عرصي ۾ شهر ۾ تمام گهڻي توسيع ٿي. ٻي عالمي لڙائيءَ دؤران ڪيمبرج انگلينڊ جي اوڀر ساحلي علائقي لاءِ عسڪري دفاعي مرڪز جو ڪردار ادا ڪيو. اتي بَرِي فوج جو مرڪز ۽ هوائي فوج جي سکيا جو مرڪز پڻ قائم ڪيو ويو. نارفاڪ، سُفاڪ، ايسيڪسِ ڪَمِبرِج شائر، هَرٽِفورڊ شائر ۽ بيڊفورڊ شائر علائقن نهايت اهم ريجنل ڊفينس هيڊ ڪوارٽرس طور ڪردار ادا ڪيو. لڙائي جي سموري عرصي دؤران، جرمنيءَ طرفان بمباريءَ ۾ هتي فقط ۲۹ ماڻهو مئا هئا ۽ ڪنهن به تاريخي عمارت کي ڪو خاص نقصان ڪونه ٿيو هو. سن ۱۹۴۴ع ۾ اتحادي ملڪن جي هڪ ڳجهي گڏجاڻي، ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي ٽِرينِٽِي ڪاليج ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ يورپ تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنگ دؤران لنڊن شهر جي ستن هزارن کان به گهڻن ماڻهن ڪيمبرج شهر ۾ پناهه ورتو سن ۱۹۵۱ع ۾ انگريزي سرڪار ڪيمبرج شهر لاءِ ”سِٽي چارٽر“ منظور ڪيو. ان جي تاريخ کي مڃتا ڏني وئي، سندس انتظامي اهميت ۽ اقتصادي ڪاميابيءَ کي تسليم ڪيو ويو.
    ڪيمبرج شهر ۾ ڪَيٿِڊرِل، يعني تسليم ٿيل وڏو عبادت گاه موجود ڪونهي، انگلينڊ ۾ ڪنهن شهر کي سٽي اِسٽيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ اتي هڪ ڪَيٿيڊرل هئڻ ضروري هوندو آهي. سن ۱۹۶۲ع ۾ شهر ۾ بِرَيڊ ويلسِ ڪورٽ نالي، زبردست شاپنگ آرڪيڊ تعمير ٿيو، پر اهو سن ۲۰۰۶ع ۾ ڊاهي ڇڏيائون ڪيمبرج شهر ۾ موجود اينجِليِا پولي ٽيڪِنِڪ ڪاليج کي ترقي ڏئي سن ۱۹۹۲ع ۾ اَينجلِيا پولي ٽَيڪِنِڪ يونيورسٽي بنائي، شهر ۾ هڪ وڌيڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. سن ۲۰۰۵ع ۾ انهيءَ جو نالو بدلائي ”اَينجِلِيا رَسڪِن يونيورسٽي“ رکيو ويو. ڇو ته اينجليا پولي ٽَيڪنڪ ڪاليج، ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ جان رسڪن طرفان ۱۸۵۸ع ۾ قائم ڪيل اسڪول آف آرٽ مان ئي قائم ڪيو ويو هو. هِلسِ روڊ تي هڪڙي اوپن يونيورسٽيءَ به موجود آهي. ڪيمبرج شهر ۾ ٻه پارليامينٽ جون سيٽون آهن. سن ۲۰۱۵ع جي عام چونڊن ۾ اتان هڪڙو ليبر پارٽيءَ جو رڪن، ڊَينِيئل زِيچِنَر ۽ ٻيو ڪَنزَريٽِوِ پارٽيءَ جو رڪن، هِيڊِي اَيلَن چونڊجي آيا.اڳي ڪيمبرج يونيورسٽي مان به هائوس آف ڪامنس لاءِ ميمبر چونڊبو هو، پر ۱۹۴۸ع ۾ پاس ڪيل هڪ قانون تحت يونيورسٽي واري سيٽ ختم ڪئي وئي.
    ڪيمبرج شهر، لنڊن شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي پنجاهه ميل برابر اسي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي فينس نالي هيٺاهين سطح تي مشتمل علائقي جي عين ڏکڻ ۾ آباد آهي. اهو سمورو علائقو ناهموار ۽ ڪٿي سمنڊ جي سطح کان ويهه فوٽ مٿي ته ڪِٿي اهو وڌ ۾ وڌ اوڻاسي فوٽ به سمنڊ جي سطح کان اوچو آهي. اُنهيءَ علائقي جي مِٽي گائولٽ، جيڪا ساواڻ مائل ميرانجهڙي آهي. اتي جي واريءَ کي چاڪمارل سڏين. مٽيءَ ۽ واري جي تنهن جي وچ واري ڀُونءِ مان حاصل ٿيندڙ مادي مان اوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي آخر تائين ڪيميائي ڀاڻ جي صنعت عمل پيرا رهي. ڪيم ندي، شهر جي گرانٽ چيسٽر ڳوٺ وٽان وهندي. شهر منجهان لنگهندي، شهر جي ڏکڻ اولهه طرف وٽان شهر مان نڪري ٿي. اڪثر شهرن وانگر، اڄ وارو ڪيمبرج شهر به نهايت ڳتيل گهرن تي مشتمل شهر آهي، جنهن جي پسگردائي ۾ به تمام گهڻي آبادي آهي. ڪيمبرج شهر جو مرڪزي علائقو گهڻو ڪري تجارتي مرڪزن ۽ مارڪيٽن، تاريخي ماڳن۽ عمارتن ۽ عالي شان سبز علائقن ۽ باغيچن تي مشتمل آهي. انهيءَ مرڪزي علائقي ۾ فٽ پاٿ تمام گهڻا ٺهيل آهن.
    آڪسفورڊ يونيورسٽي ڇڏي هتي آئيل استادن ۽ عالمن سن ۱۲۰۹ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي قائم ڪئي. ۷۵ سال پوءِ هتي يونيورسٽي جو پهريون ڪاليج، پيٽر هائوس ڪاليج قائم ٿيو. ڪليئر ڪاليج سن ۱۳۲۶ع ۾ قائم ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ سان واڳيل ڪِنگِس ڪاليج ۱۴۴۱ع ۾ قائم ٿيو. ڪُئِينسِ ڪاليج سن ۱۴۴۸ع ۾ برپا ٿيو ۽ جيسَسِ ڪاليج سن ۱۴۹۶ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. ڪرائيسٽ ڪاليج سن ۱۵۰۵ع ۾ ۽ سينٽ جانس ڪاليج سن ۱۵۱۱ع ۾ قائم ٿيو. ۳۵ سال کن پوءِ سن ۱۵۴۶ع ۾ تِرِينِٽي ڪاليج قائم ٿيو. سن ۱۸۰۰ع ۾ ڊائُوننِگ ڪاليج ۽ سن ۱۸۷۵ع ۾ نِيُونِ هام ڪاليج وجود ۾ آيا. نيون هام ڪاليج عورتن لاءِ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو پنهنجي نرالي تعليم نسوان لاءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان واڳيل پهريون ڪاليج هو. سن ۱۹۷۷ع ۾ روبِنسَن ڪاليج وجود ۾ آيو. اهڙيءَ ريت وقت گذرڻ سان ۽ حالتن ۾ مثبت تقاضا موافق تقريباََ هر صديءَ دؤران ڪيمبرج شهر جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ ٻن ٽن ڪاليجن جو قيام عمل ۾ ايندو رهيو ۽ اڄ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان ايڪٽيهه ڪاليج وابسته آهن. يورپ ۾ تاريخي طور وِچِئين دؤر تائين تعليم ۽ تدريس جو عمل روايتي مذهبي ادارن تائين محدود رهيو ۽ تيرهين عيسويءَ صديءَ جي به آخر ۾ مختلف سماجي ۽ غير مذهبي علوم جي درس ۽ تدريس جو عمل شروع ٿيو. مذهبي آخوند، مُلان رائج ٻوليءَ کان سواءِ، فقط عيسوي مذهبي تعليم ڏيندا هئا. سماجي ۽ غير مذهبي تعليم جي نصاب ۾ لاطيني ٻولي، گرامر منطق نثر نويسي، نظم نويسي، تقرير ۽ مُناظري جو فن وغيره اوائلي نصاب جا مضمون هئا. بعد ۾ غير مذهبي نصاب ۾ انگي حساب، جاميٽري موسيقي ۽ علم الفلڪيات نالي علم جي شاخن کي به شامل ڪيو ويو. مٿي ڄاڻائيل مضمونن جو مقرر نصاب ۽ تعليم جون گهربل سندون يا سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪندڙ ماڻهوءَ کي ليڪچرر جي آسامي يا پوسٽ تي مقرر ڪبو هو. شروعاتي دؤر ۾ امتحان جو طريقو زباني سوال جواب وارو هو. لکيت ۾ امتحان جو طريقو سن۱۷۷۲ع ڌاري عمل ۾ آيو. تنهن کان پوءِ قانون ۽ طب جا مضمون به نصاب ۾ شامل ڪيا ويا، پر سن ۱۸۷۱ع تائين ڊگري ڪورس ۾ مذهبي تعليم لازمي مضمون طور شامل رهي. اُنهيءَ دؤر ۾ ڪاليج فيلو يعني تعليم جي تحقيقي تنظيم جو رُڪن، فيلوشپ دؤران شادي ڪرڻ جو اختيار ڪونه رکندو هو ۽ کيس ڪُنوارو رهڻو هوندو هو. شادي ڪرڻ واسطي کيس فيلو شپ واري آساميءَ تان استعيفا ڏِيَڻي پوندي هئي. سن ۱۸۷۵ع ۾ عورتن جي تعليم واسطي ڪيمبرج ۾ هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو، پر کين ملندڙ ڊگرين ۽ سَنَدُن کي سرڪار وٽ سن ۱۹۴۷ع تائين ڪابه قبوليت ڪانه هئي. يونيورسٽيءَ جي ٻين ڪاليجن ۾ عورتن کي داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا ٻيا به پنجويهه سال لڳي ويا. يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، شاگرد واسطيدار علم جي شاخ سان وابسته استادن جي نگرانيءَ هيٺ پنهنجون تعليمي سرگرميون شروع ڪندا آهن. پروڪٽر ڪاليج ۾ نظم ضبط قائم ڪرڻ لاءِ مقرر عملدار آهي. پنهنجي تعليم جو فائينل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ هر ڪاليج ڪامياب شاگردن کي يونيورسٽي جي اهم اداري، سينيٽ ڏانهن موڪليندو آهي، جتي ڊگري/ سند حاصل ڪرڻ لاءِ آئيل ڪامياب شاگردن جي سينيٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ جو اعلان، يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر لاطيني ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي. شاگرد اتان سند يا فته Degree Holder ٿي نڪرندا آهن. انگلينڊ جي بادشاهه هينري ڇهين ڪيمبرج شهر ۾ ڪنگس ڪاليج جو سن ۱۴۴۶ع ۾ قيام عمل ۾ آندو. ان وقت بادشاه فقط 18 سالن جو ڳڀرُو جوان ھو. ۽ بادشاهه ۲۵ جولاءِ تي ڪاليج سان متصل هڪ گرجا گهر جو سنگ بنياد به رکيو. انهيءَ گرجا گهر کي انگلينڊ جي گهرو ويڙهه دوران، پارليامينٽ جي حامي فوج جي ڇانوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويو. هن ڪاليج جي مشهور شاگردن ۾ برطانيه جو پهريون وزيراعظم رابرٽ وَيلپول، ماهر اقتصاديات، جان مينارڊ ڪينس، مشهور شاعر رُوپرٽ بِرُوڪ ۽ ناول نگار اي-ايم فارِسٽَر شمار ٿين ٿا. هتي هر سال ٻن لکن کان به وڌيڪ سياح ۽ تعليمي ماهر ايندا آهن. هن ڪنگس ڪاليج واري چيپل يعني گرجا گهر ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي جشن ولادت کي عالمي سطح تي نشر ڪيو ويندو آهي. ڪيمبرج شهر جو مرڪزي علائقو، توڙي چيسٽرٽن، پيٽرس فِيلڊ، ويسٽ ڪيمبرج، نِيؤنِهام ۽ ايبي يعني وڏي گرجا گهر وارا سمورا علائقا، ايئَر ڪُوالٽِي مَينجمينٽ ايريا ۾ شامل آهن، جتي فزا ۾ وڏي پيماني تي موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ تي ضابطو قائم ڪرڻ واسطي سائينسي ادارو قائم ڪيل آهي. ڪيمبرج شهر ۾ موسم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ٻه وِيدَر ابِزَروِِنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. انهن مان هڪڙي، نيشنل اِنسٽِيٽيؤٽ آف ايگريلڪچرل باٽني، شهر جي مرڪز کان تقريباََ 2 ميل اُتر طرف ۽ ٻي اِسٽيشن ڪيمبرج يُونيورسٽي باٽَنِڪ گارڊن، شهر جي مرڪز کان هڪ ميل کن پري، ڏکڻ طرف موجود آهي. تنهن کان سواءِ ڪيمبرج يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر ليبارٽري طرفان قائم ڪيل ڊِجيٽَل ٽيڪنالاجي گروپ، پڻ موسمي ڪيفيت جي ڄاڻ فراهم ڪندڙ ادارو آهي. ڪيمبرج شهر جي آبهوا پڻ سڄي برطانيه جي رياست وانگر سامونڊي آبهوا آهي، جنهن جو مکيه ڪارڻ گُلفِ اسٽريم يعني سامونڊي کاري يا خليج آهي. برطانيه جي خُشڪ تَرين علائقي ۾ موجود هئڻ ڪري، ڪيمبرج ۾ برسات سراسري طرح. ۵۷۰ ملي ميٽر يعني سڄي سال ۾ سراسري طور. ۲۲ ڏهائي ۴۴ انچ پوي ٿي جيڪا قومي پيماني تي سراسري طور وسڪاري جي تقريباََ اڌ مقدار جيتري ٿيندي. برطانوي جزيرن جي اوڀر واري علائقي ۾ هيٺاهين سِطح تي موجودگيءَ سبب، اُلهندي ۽ اُتَرئين طرف وارن علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪيمبرج شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ گرميءَ جو درجو نِسبتاََ وڌيڪ هوندو آهي. اونهاري دؤران سراسري گرميءَ جو درجو ۲۸ ڏهائي ٽي ڊگريون سينٽي گريڊ ۽ ۳۷ ڏهائي پنج ڊگريون سينٽي گريڊ جي وچ تي هوندو آهي ۽ سياري ۾ يارهن فيبروري سن ۲۰۱۲ع تي گرميءَ جو درجو ڪاٽو ٻارهن، ڏهائي ٻه ڊگريون سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سن ۱۹۸۱ع کان ۲۰۱۰ع درميان ۴۲ کان ۴۸ ڏينهن برفباري ٿيندي رهي.
    سن ۲۰۰۱ع جي آدمشماري موجب ڪيمبرج شهر ۾ ۸۹ سيڪڙو ماڻهو اڇي چمڙيءَ وارا هئا. جڏهن ته سموري ملڪ ۾ انهن جو ۹۲ سيڪڙو هو.
    ڪيمبرج جا ايڪيتاليهه ڏهائي ٻه سيڪڙو ماڻهو اعليٰ تعليم يافته آهن جڏهن پوري برطانيه ملڪ جا ۱۹ ڏهائي ست سيڪڙو ماڻهو اعليٰ تعليم يافته آهن. موجوده دؤر ۾ ڪيمبرج شهر جو اقتصادي ڍانچو هيٺين اهم شعبن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ تحقيق ۽ ترقي، سافٽ ويئر ڪنسلٽينسي ڳري ناڻي واري مشينري سازي، تخليقي صنعتون دوا سازيءَ ۽ سياحت جا شعبا اهم حيثيت جا حامل آهن. سن ۲۰۱۰ع ۾ فوربِس رسالي ۾ ڪيمبرج شهر دنيا جي حَسِين ترين شهرن مان هڪ شهر شمار ڪيو ويو. شهر ۾ سياحت وارو شعبو سال ۾ ۳۵۰ مِليئن پائونڊن کان به وڌيڪ، يعني هڪ سال ۾ تقريباََ پنجاه ارب روپين کان به وڌيڪ ناڻو ڪمائي ٿو.
    آمريڪا جي سِلِيڪانِ ويليءَ وانگر ڪيمبرج شهر ۽ سندس آس پاس وارن علائقن کي سِلِيڪانِ فينِ سڏِيندا آهن، ڇو ته انهن سمورن علائقن ۾ به اعليٰ ٽيڪنالاجي تي مشتمل صنعتن ڪارخانن، سائينسي ادارن ۽ تجارتي مرڪزن جو گهاٽو ڄارِ وڇائيل آهي. ڪيمبرج سائينسي پارڪ، جيڪو هتي سڀني کان وڏو ته ڇا، پر اهو يورپ ۾ به سڀني کان وڏو تجارتي تحقيق ۽ ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل مرڪز آهي. اهو پارڪ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ٽرينٽي ڪاليج جي ملڪيت آهي. هتي موجود مکيه ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ اَيبِڪَيمِ، سِي ايس آر، اي آر ايم لميٽيڊ، ڪَيم سيمي، جاجيڪسِ ۽ سِنڪِليئَر شمار ٿين ٿيون. مَائڪِرو سافٽ ڪمپنيءَ جي هڪڙي آفيس ڪَيمِبرج شهر جي الهندي ڀاڱي ۾ قائم آهي ۽ ٻي آفيس اِسٽيشن روڊ تي قائم آهي. سن 1898ع ۾ ڊَبَلِيو-جي پاءِ نالي هڪ سائينسدان، پنهنجي نالي سان پاءِ ليميٽيڊ ڪمپني ڪيمبرج شهر ۾ قائم ڪئي هئي. اهو پاءِ يونيورسٽي جي ڪيوينڊِش ليبارٽريءَ ۾ ڪم ڪندو هو. هن شروعات ۾ يونيورسٽيءَ لاءِ پنهنجي تخليق مهيا ڪئي ۽ بعد ۾ هن وائرليس مَشيِنون، ريڊيو، ٽيلي ويزن ۽ دفاعي مقاصد لاءِ گهربل مشينري تيار ڪئي. پاءِ ليميٽد ڪمپني ٻين ٻن ڪمپنين ٽيٽرا ريڊيو اِيڪِيُويمِنٽ مينيو فيڪچررس ۽ سيپورا سان سهڪاري لاڳايا استوار ڪيا. ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ ٻي اَينجليا رَسڪِن يُونيورسٽي جي شهر ۾ موجود ڪَيمپَس ۾ مجموعي طور ٽيهه هزار شاگرد علم حاصل ڪري رهيا آهن. سن ۲۰۰۷ع، ۲۰۰۸ع جي رپورٽ موجب ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ ۱۷۶۶۲ شاگرد داخل هئا. چيمسفورڊ شهر واري ڪيمپس سميت، اينجليا رَسڪِن يونيورسٽي جي ٻنهي ڪيمپسن ۾ مجموعي طور چوويهه هزار شاگرد داخل هئا. هِلس روڊ سِڪسِٿِ فارم ڪاليج ۽ لانگ روڊ سِڪسٿِ فارم ڪاليج سرڪاري ڪاليج آهن. ڪيمبرج رِيجنل ڪاليج به سرڪار طرفان قائم ڪيو ويو آهي. ڪَيمبِرج شهر ۽ پسگردائي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي طرفان نرسري کان وٺي سڪنڊري اسٽيج تائين تعليم لاءِ ڪيترائي اسڪول برپا ٿيل آهن. سرڪاري اسڪولن جو انتظام ڪَيمبِرج شائر ڪائونٽي ڪائونسل جي حوالي آهي، جن جو تعداد ۲۵۱ آهي، انهن مان ۳۵ اسڪول شهر اندر موجود آهن. نيدرهال اسڪول، چيسٽرٽن ڪميونٽي ڪاليج، پارڪ سائيڊ ڪميونٽي ڪاليج ۽ ڪولرِج ڪميونٽي ڪاليج، نارٿ ڪيمبرج اڪيڊمي ۽ سينٽ بيڊيس اسڪول اعليٰ ثانوي تعليم مُهيا ڪندڙ ادارا آهن. نجي شعبي جي تعليمي ادارن ۾ دي پَرس اسڪول، سينڪشن وُڊ اسڪول، سينٽ مَيرِِيزِِ اسڪول، هيريٽيج اسڪول ۽ دي ليز اسڪول شامل آهن. سن ۲۰۱۴ع ۾ يونيورسٽي ٽيڪنيڪل ڪاليج کليو هو. مطلب ته شهر ۾ تعليم جو اعليٰ انتظام قائم ڪيل آهي. اسان شام ڌاري ڪيمبرج شهر کان موٽندي انگلينڊ جي سرسبز رستن تان ٿيندا. لنڊن جي پاڪستاني ۽ هندستاني ماڻهن واري علائقي ۾ اچي پهتاسين. هن علائقي ۾ اسان کي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انگريز واٽهڙو يا دڪاندار نظر آيو. هن علائقي ۾ گهڻو ڪري سڀ دڪان هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهن جا هئا. هت حبيب بينڪ ۽ ٻيون به پاڪستاني ۽ هندستاني بينڪون، ڪافي تعداد ۾ نظر آيون. دڪانن جي اسٽائيل به پاڪستاني ۽ هندستاني دڪانن جهڙي هئي ۽ ماڻهن جو لباس به پاڪستاني ۽ هندستاني ٿي لڳو. اسان کي هت ايڪڙ ٻيڪڙ پانن جون ڪئبينون به ڏسڻ ۾ آيون جن تي پانن جي قسمن جا نالا به لکيل هئا. هت اسان گوشت جي هڪڙي دڪان تان، رِڍَ جو گوشت في ڪلو گرام هزار رُپيا ۽ گهيٽي جو گوشت في ڪلو گرام ٽي هزار رپيا خريد ڪيو. هتي جي رِڍن ۽ گهيٽن جي گوشت جو سواد، سنڌ وارين رِڍن ۽ گهيٽن جي گوشت جي سواد، کان مختلف ۽ وڌيڪ لذيذ هو. اسان هتان ٻيو به ڪجهه سامان خريد ڪري اچي گهر ڀيڙا ٿياسين. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ، پاڪستان ڏانهن ٻه ٽي فون ڪال ڪري ڪراچي ۽ ٻني ۾ ٻارن سان ڳالهائي، سمهي پياسين. ٻئي ڏهاڙي جمعي جو ڏينهن هو. سو آئون، نور محمد ۽ مُصور شلوار قميس پائي جمع نماز پڙهڻ لاءِ ريجينٽ پارڪ واري، مسجد ۾ وياسين. اسان رمضان واري عيد نماز به هن مسجد ۾ پڙهي هئي. اڄ هت عيد نماز جهڙي رش ڪانه هئي، تنهن ڪري ڪار بيهارڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. هن مسجد جي هن ريجينٽ پارڪ ۾ ٺهڻ جو به هڪ دلچسپ ۽ طويل داستان آهي، جنهن کي هتي بيان ڪرڻ دلچسپتيءَ کان خالي نه ٿيندو. هيءَ لنڊن سينٽرل مسجد، ريجينٽ پارڪ واري ايراضيءَ اندر هئڻ سبب، ريجينٽ پارڪ مسجد پڻ سڏجي ٿي. تنهن کان سواءِ اسلامي ثقافتي مرڪز سان وابسته هئڻ سبب، هن مسجد کي اسلامي ثقافتي مرڪز واري مسجد به سڏڻ ۾ اچي ٿو. هن مسجد جو نقشو سَر فِريدَرِڪ گِبرَڊ تيار ڪيو هو. هيءَ مسجد سن 1978ع ۾ جُڙِي راس ٿي. مسجد جي گُنَبذ کي سونهري رنگ ڏنل آهي. اُن جي هال ۾ هڪ وقت تي پنج هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجد جي هال مٿان ٺهيل گيلريءَ ۾ عورتون نماز ادا ڪنديون آهن. مسجد جي هال ۾ هڪڙو عالي شان شمعد ان لڳل آهي ۽ هال جي فرش تي هڪڙو شاهي عمدو قالين وِڇائيل آهي. باقي تمام ٿورو فرينچر اٿس. گنبذ کي اندران، اسلامي روايتن تي مُشتمل نهايت خوبصورت تصويرن سان سجايو ويو آهي. مسجد جي ڀرسان کاڌي پيتي جي حلال شين جي ڪيفي ۽ هڪڙو ڪِتابن جو دڪان به موجود آهي. هيءَ مسجد اسلامي ثقافتي مرڪز سان ملحق آهي. انهيءَ اسلامي ثقافتي مرڪز جو افتتاح، سن 1944ع ۾ برطانيه جي بادشاهه، جارج ڇهين ڪيو هو. هن اسلامي ثقافتي مرڪز جي اڏاوت لاءِ گهربل زمين بادشاهه جارج ڇهين، اُنهيءَ زمين جي بدلي ۾ ڏني، جيڪا زمين مصر جي بادشاهه فاروق، قاهره شهر ۾ عيسائي مذهب جو وڏو گرجا گهر تعمير ڪرڻ لاءِ عيسائي مذهب وارن باشندن کي ڏني هئي. سن 1900ع کان 1931ع تائين مسجد جي قيام واسطي ڪوششون لڳاتار جاري رهيون، جن ۾ هڪ انگريز، لارڊ هيڊلي به شامل هو. جنهن دين اسلام قبول ڪري اختيار ڪيو هو. نيٺ سن 1937ع عيسويءَ ۾ نظام حيدرآباد دکن، مسجد جي تعمير لاءِ رقم فراهم ڪئي ۽ حيدرآباد دکن واري رياست جي آخري واليءَ، مير عثمان علي خان جي سڀني کان وڏي فرزند، هِز هائِينيس شهزادي آدم جاه، تاريخ چار جون، سن 1937ع ۾ جمعي جي ڏينهن، هن مسجد جي پيڙه جو پٿر رکيو. سيڪريٽري آف اسٽيٽ فارڪالونيز اَينڊ بِرٽِش ڪائونسل جي سابق صدر لارڊ لِلائِڊ آف ڊولو بِرانِ، سن 1939ع دوران، ڪيترن ئي ناميارن مسلمان شخصن ۽ لنڊن ۾ موجود مسلم سفيرن سان گڏ مسجد جي تعميراتي ڪميٽيءَ ۾ ڪم ڪيو هو. تڏهن هن برطانيه جي انهيءَ وقت واري وزيراعظم کي هڪ ميمو يا ياداشِتنامون پيش ڪيو، جنهن ۾ سرڪار کي هن حقيقت کان آگاه ڪيو ته اڄڪلهه سمورن يورپي ملڪن جي گاديءَ وارن شهرن جي ڀيٽ ۾، لنڊن ۾ تمام گهڻا مسلمان رهن ٿا. ٻيو ته برطانيه جي شهنشاهت جي ڪالونين ۾ مسلمانن جو تعداد، عيسائين کان به وڌيڪ آهي. تنهن ڪري اها ڳالهه نهانت نامناسب ۽ حماقت تي مُبَنِي آهي ته هتي لنڊن ۾ مسلمانن کي عبادت ڪرڻ لاءِ ڪو موزون ماڳ ئي مُيَسِر نه هجي. برطانيه اعظميٰ جي مسلمانن لاءِ لنڊن ۾ هڪ مسجد لاءِ گهربل ماڳ جي آڇ ڪرڻ لاءِ سن 1940ع ۾ برطانوي سرڪار راغب ٿي ۽ 24 آڪٽوبر 1940ع ۾ وزيراعظم چرچل واري جنگي وزارت، لنڊن ۾ مسجد اڏڻ لاءِ هڪ لک پائونڊ منظور ڪيا. انگريز سرڪار جو مقصد هو ته برطانيه جي شهنشاهت ۾ موجود مسلمانن کي لنڊن ۾ مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ سرڪار طرفان گهربل تعاون ڪجي. مختلف مشهور مسلمان هستين ۽ لنڊن جي مسلمان شهرين تي مُشتمل مسجد ڪاميٽيءَ، وزارت جا ڏنل پيسا خوشيءَ سان قبول ڪيا ۽ سن 1944ع ۾ اسلامي ثقافتي مرڪز به تَشڪيل ڪيو ويو. ان جو سرڪاري طور افتتاح نومبر 1944ع ۾ برطانيه جي بادشاهه جارج ڇهين ڪيو. سن 1947ع جي سيپٽمبر جي مهيني ۾ مسجد ڪاميٽيءَ ”لنڊن سينٽرل ماسق ٽَرسٽ لميٽيڊ“ نالي سان هڪ وقف اداري جي حيثيت ۾ پاڻ کي سرڪار وٽ رجسٽر ڪرايو. ڇهن مسلمان ملڪن جي ستن نمائيندن ٽرسٽ جي ميمبرن جي حيثيت سان ٽرسٽ تشڪيل ڪئي. سن 1954ع ۽ 1967جي وچ ۾ مسجد جي اڏاوت لاءِ ڪيترائي نقشا پيش ڪيا ويا، پر انهن مان ڪنهن به نقشي کي منظور ڪونه ڪيو ويو. سن 1969ع ۾ اسلامي تعميرات لاءِ عالمي سطح تي نقشن جي هڪ چٽا ڀيٽيءَ جي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ تعميراتي ڪمپنين پنهنجا نقشا پيش ڪيا، جن ۾ مسلم توڙي غير مسلم تعميراتي ڪمپنيون شامل هيون. انهن مان هڪڙي انگريز معمار فِريڊَرڪ گِبَرڊِ جو نقشو چونڊيو ويو. سندس نقشو ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيل هو. مُک عمارت، جيڪا ٻن هالن يا صفحن تي مشتمل هئي. ٻئي ڀاڱي ۾ ٽماڙ عمارت جو نقشو هو جنهن ۾ اينٽرنس هال، لائيبرري، مطالعي وارو هال، اسلامي مرڪز جون آفيسون ۽ هڪ مينار شامل هو. هن مسجد واري اسلامي ثقافتي مرڪز جي تعمير واسطي، شاهه فيصل بن عبدالعزيز، سعودي عربيه جي بادشاهه ويهه لک پائونڊن جي وڏي رقم ڏني. اڃا وڌيڪ گهربل رقم ابو ظهبي جي حڪمران ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر، شيخ زيد بن سلطان النھيان فراهم ڪئي. مسجد سميت اسلامي ثقافتي مرڪز جي آڏاوت جو ڪم هڪ انگريز تعميراتي ڪمپني، ”جان ليئِنگ اَينڊ سنِ“ سن 1974ع ۾ شروع ڪيو ۽ جولاءِ 1977ع ۾ پنجهٺ لک پائونڊن جي خرچ سان جُڙي راس ٿيو. هن ثقافتي مرڪز ۾ تعليم ۽ انتظام لاءِ گهربل هڪ وڌيڪ ڀاڱي جي تعمير لاءِ گهربل رقم سعودي عربيه جي بادشاه فهد بن عبدالعزيز فراهم ڪئي.


    4

    اهو بلاڪ سن 1994ع ۾ اڏجي تيار ٿيو. اسين جمعي جي نماز پڙهي گهر موٽي آياسين. مون کي اڳ جي مقابلي ۾ هن ڀيري لنڊن ۾ وڌيڪ رش محسوس ٿي. انهيءَ جو سبب شايد يورپيئن يونيئن جي غريب ملڪن جي غريب پورهيت طبقي جي انگلينڊ جي شهرن ڏانهن روزگار ۽ ٻين مقصدن ڪري اچڻ سبب، گهڻي رش آهي. ڪيترن ئي مشرقي يورپ جي مُلڪن جي ماڻهن، هتان پِني وڃي، پنهنجن مُلڪن ۾ گهر ورتا ۽ ڪاروبار ڪيا. ٻيو ته هت هن سال بينڪاڪ کان پوءِ زياده ۾ زياده سياحن جو لنڊن ۾ اچڻ ٿيو. گذريل سال يعني 2015ع ۾ گهڻي ۾ گهڻا سياح، پهرين نمبر اسپين ٻيو نمبر فرانس ۽ ٽيو، نمبر آمريڪا ويا. پر هن سال گهڻي ۾ گهڻا سياح، پهريون نمبر بينڪاڪ، ٻيو نمبر لنڊن، ٽيو نمبر پَيرِس، چوٿون نمبر دُبَئي، پنجون نمبر نيو يارڪ ڇهون نمبر سينگاپور، ستون نمبر ڪوالا لمپور، اٺون نمبر استنبول ۽ نائون نمبر ٽو ڪيو گهمڻ ويا. تنهن ڪري اسان کي به هن دفعي لنڊن ۾ سياح معمول کان وڌيڪ تعداد ۾ ڏسڻ ۾ آيا. يورپي ماڻهن پنهنجن ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ جو ايڏو ته سٺو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، جو توهان کي هت، ڪٿ به، سواءِ آفيسن جي موڪل واري ٽائيم جي، باقي صبح کان شام تائين ٽريفيڪ جي ڪابه رش محسوس ڪانه ٿيندي ۽ نه ئي ڪا ٽرانسپورٽ جي ڪري ليٽ ٿيندي. رش ٽائيم ۾ رش ته آهي، پر ڪابه شئي اڳيان پويان ڪانه ٿئي. نه وري رش ڪري ڪو توهان رهجي ويندا. صرف رش هوندي، پر ڪابه دير يا ليٽ ڪانه ٿئي. انگلينڊ جي حڪومت جيڪو ٽرانسپورٽ جو بندوبست صرف لنڊن شهر لاءِ ڪيو آهي، تنهن جو به ڪو جواب ڪونهي. نه ته لنڊن جيڪو دنيا ۾ ٻيو نمبر بزنيس هب آهي. آفيسن ۽ بزنيس سينٽرن ۾ ملازمن توڙي مزدورن کي جيڪڏهن پهچڻ ۾ دير ٿيندي هجي ها، ته هي مُلڪَ هڪ سال اندر صفا پٺيان هليا وڃن ها. تنهن ڪري سياحن، نوڪري پيشه ماڻهن ۽ تعليمي ادارن لاءِ هنن ملڪن ٽرانسپورٽ جو ايڏو ته لاجواب بندوبست ۽ سهولتون مهيا ڪيون آهن، جن جو جواب ڪونهي انگريزن کي پنهنجين پُراڻين شين، پراڻين عمارتن ۽ پنهنجي تهذيب تي تمام گهڻو فخر آهي. سڄي لنڊن شهر ۾ هڪ اڌ ڪنڊ پاسي کان سواءِ، باقي هر هنڌ اُهي پنهنجين پُراڻين جائين، جڳهين ۽ گهرن کي ساه سان سانڍيو ۽ سنڀاليو ويٺا آهن. شهر جا رستا به اُهي ئي سوڙها ۽ پُراڻا، جن تي هو سوين سال اڳ گهوڙن، ٽانگن ۽ بگين (وڪٽوريائن) تي سواري ڪندا هئا. انهن پراڻن رستن کي بچائڻ لاءِ، انگريزن ريل جا رستا، زمين اندر ٺاهي، سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. هاڻ ته ڪافي نئيون مارڪيٽون به زمين اندر پيا ٺاهين، ته جينئن هنن جي پراڻي ثقافت تباهيءَ کان بچي ۽ سلامت رهي. پنهنجين پراڻين شين سان پِيارَ سبب، سندن مزاج به صفا خاص انگريز ثقافت جو آئينه دار آهي.
    انگريزن سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي ۽ انهي حڪومت تحت سڄي دنيا جي دولت هٿ ڪري تمام گهڻي طاقت ۽ ترقي حاصل ڪئي. اُهي جيڪڏهن چاهين ها، ته نئين، ڊگهين ۽ اُوچين عمارتن ۽ جديد فلڪ بوس ٽاورن سان لنڊن شهر جو نقشو ئي ٻيو ڪري ڇڏين ها، پر هنن انگلينڊ اَندر پنهنجي پراڻي تهذيب جي آثارن ۽ علامتن کي عالي شان نموني سان سنڀالي رکيو، ۽ اڄ به اُهي سندن ثقافتي ورثي ۽ قومي روايتن کي برقرار رکيو اچن.
    اڄ لنڊن شهر جي ٽرانسپورٽ واري نظام جي معروضي صورتحال معلوم ڪندي ماڻهو حيران ٿيو وڃي، ته مار! هنن ماڻهن ڪهڙي نه عمدي انداز سان عقل کان آفرين وارو ڪم وٺي، شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو هڪ بيمثال نظام جوڙي عمل ۾ آندو آهي. هت انهيءَ جو احوال پيش ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه رهندو. ”ٽرانسپورٽ فارلنڊن“ نالي سان، لوڪل يعني مڪاني يا بلدياتي حڪومت طرفان قائم ڪيل ادارو آهي. لنڊن شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي سمورن قسمن جو نظام قائم ڪري عمل ۾ آڻڻ انهيءَ اداري جي ذميواري آهي. انهيءَ ٽرانسپورٽ واري اداري جو مکيه دفتر، لنڊن شهر جي سِٽِي آف ويسٽ مِنِسِٽَر واري علائقي ۾ موجود وِنڊِسَر هائوس نالي هڪ شاهي عمارت ۾ قائم آهي. هن اداري جي حوالي لنڊن شهر ۾ قائم سموا موٽر رستا، سمورو ريلوي نظام جنهن ۾ زير رُمين ريلوي نظام، زمين جي مٿاڇري تي ريلوي نظام، ڊاڪ لينڊس لائيٽ ريلوي نظام، ٽرانسپورٽ فارلنڊن ريلوي نظام ۽ ٽرام يا ڇوٽي ريلوي نظام به شامل آهي، تنهن کان سواءِ شهر جي رستن تي مسافر بسن، ٽيڪسين ۽ سائيڪلن جو نظام به هن اداري جي ماتحت آهي. انهيءَ کان علاوه شهر منجهان وهندڙ ٿيمس درياه ۾ هلندڙ لانچن ٻيڙين ۽ غرابن وارو ٽرانسپورٽ جو نظام پڻ هن ئي اداري جي حوالي آهي. ريل سروس، خصوصاََ زير زمين ريل گاڏين واري سروس نجي مالڪيءَ وارين ريل گاڏين جي ڪمپينين معرفت، ٽرانسپورٽ فار لنڊن جي نگرانيءَ ۾ مهيا ٿئي ٿي. انهن ڪمپنين کي سرڪار سبسيڊي به ڏيندي آهي. رستن تي هلندڙ بسن، ٽيڪسين ۽ نديءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين، لانچن ۽ غرابن کي ٽرانسپورٽ جا لائيسنس يعني پروانا به ٽي ايف ايل ادارو ڏيندو آهي. ٽي ايف ايل نيشنل ڊپارٽمينٽ فار ٽرانسپورٽ سان گڏجي نَئِين ڪراس ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻ به سندس ذميوارين ۾ شامل آهي. اهي نيون ريل جون پٽڙيون تيار ٿيڻ کان پوءِ انهن تي ريل گاڏيون هلائڻ جو پراونو به ٽي ايف ايل ڏيندي. سن 16-2015ع واري مالي سال ۾ ٽي ايف ايل جي بجيت 11.5 مِلِيئَن پائونڊ هئي، جنهن جو چاليهه سيڪڙو رقم ڀاڙن يا ڪرائين مان حاصل ٿيو. بجيٽ جي باقي رقم جو 23 سيڪڙو سرڪاري خزاني مان مليو، ان جو ويهه سيڪڙو اڌارو ورتو، ان جو نَوَ سيڪڙو ٻي آمدنيءَ مان مليو ۽ اٺ سيڪڙو ڪراس ريل فنڊ جي صورت ۾ مليو. 21 جنوري 2016ع تي سرڪار اعلان ڪيو ته لنڊن شهر اندر هلندڙ ريل گاڏين جي ڪمپنين کي ٺيڪا ۽ پروانا، نيشنل ڊپارٽمينٽ فار ٽرانسپورٽ جي بدران هاڻي ٽي ايف ايل ڏيندي. انهيءَ فيصلي تي عمل نون پروانن ۽ ٺِيڪَن ڏيڻ واري وقت ڪيو ويندو. باقي لنڊن شهر کان ٻاهر ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ سمورين ٽرانسپورٽ ڪمپنين کي پروانا ۽ ٺيڪا نيشنل ڊپارٽمينٽ فار ٽرانسپورٽ ئي ڏيندو رهندو.
    ٽرانسپورٽ فار لنڊن ادارو، گِريٽَر لنڊن اٿارٽي ايڪٽ 1999ع جي روشني ۾ لنڊن گريٽر اٿارٽيءَ جي هڪ ڀاڱي جي حيثيت ۾ سن 2000ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن قائم ٿيندڙ نئين اداري کي تقريباََ اهي سمورا ڪم سونپيا ويا. جيڪي هن اداري کان اڳي موجود لنڊن ريجنل ٽرانسپورٽ ادارو سرانجام ڏئي رهيو هو. ٽي ايف ايل جو پهريون ڪمشنر، باب ڪائلي هو. ان اداري جو پهريون چيئرمين، انهيءَ وقت لنڊن جو ميئر، ڪين لِوِنگ اِسٽون ۽ ڊپٽي چيئرمين، ڊَيوِ وِٽزِل هو. لِوِنگ اسٽون ۽ وٽزل 2008ع ۾ بورس جا نسن جي لنڊن جو ميئر چونڊجي اچڻ تائين پنهنجن عهدن تي موجود هئا. لنڊن جي ميئر ٽي ايف ايل جي چيئرمين طور چارج سنڀالي ۽ فيبروري 2009ع ۾ سندس پارٽي جو ساٿي، ڊَينِيئَل مُوائِلن ڊپٽي چيئرمين مقرر ٿيو. ريلوي نظام جي سارسنڀال واسطي سرڪار ۽ نجي شعبي جي طرفان ڀائيواريءَ جي بنياد تي حاصل ڪيل هڪ متنازع ٺيڪي کان پوءِ سن 2003ع تائين ٽي ايف ايل زير زمين ريلوي نظام جي ذميواري ڪانه کنئي هئي. پبلڪ ڪَيريئيج آفيس جي انتظام جي ذميواري اڳي لنڊن جي ميٽرو پوليٽن پوليس کي سونپيل هئي. ٽرانسپورٽ فار لنڊن گروپ آرڪائيوز نالي ادارو، ٽي ايف ايل ۽ انهيءَ کان اڳ قائم ڪيل ادارن ۽ ٽرانسپورٽ ڪمپنين جي ڪاروبار جا دستاويز پروانا ۽ ٻيا واسطيدار ڪاغذ پٽ سنڀالي رکندو آهي. ڪجهه آڳاٽا ڪاغذات، ٽِي ايف ايل گروپ آرڪائيوز اداري طرفان، لنڊن ميٽرو پوليٽن آرڪائيوز نالي اداري وٽ رکيا آهن. پهرين جون 2008ع ۾ ٽي ايف ايل جي حوالي سمورين ريل گاڏين بَسن، ٽرامن، ڊاڪلينڊس وارين ننڍين ريل گاڏين ۾ ۽ سمورين ريل وي اِسٽيشَنن ۾ نشي وارن مشروبات تي بندش لڳائي وئي. البت ٻين ريل ڪمپنين کي بندش کان آجو رکيو ويو. ٽي ايف ايل جي حوالي گڊس ٽرانسپورٽ جي ڪنٽينرن تي پڻ الڪوهل يعني شراب سَرِعام کڻي وڃڻ تي بندش لڳائي وئي. اها بندش لنڊن جي ميئر ٽي ايف ايل مسافرن کي وڌيڪ حفاظت ۽ لطف فراهم ڪرڻ خاطر لڳائي هئي. انهيءَ بندش جي نفاظ کان هڪ رات اڳ، لاسٽ رائونڊ آن دي انڊر گرائونڊ پارٽيز يعني زير زمين ريل گاڏين ۽ انهن جي اسٽيشنن تي مسافرن کي وندرائيندڙ فنڪارن جون ٽوليون پهتل هيون. ٽي ايف ايل ۽ لنڊن سرڪار فيصلو ڪيو ته بندش کان انڪار ڪندڙ مسافرن کي سفر کان روڪي ۽ کين ريل گاڏين ۽ اسٽيشنن جي حدن مان ٻاهر نڪري وڃڻ جي هدايت ڪري سگهجي ٿي. دي گريٽر لنڊن اٿارٽي نالي سرڪاري اداري سن 2011ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته الڪوهل واپرائڻ تي بندش وِجهڻ کان وٺي زير زمين ريل وي اسٽاف تي مسافرن طرفان حملو ڪري مار ڏيڻ جي شره پندرهن سيڪڙو رهي. ٽي ايف ايل سن 2013ع ۾ هڪ سروي ڪميشن جوڙي جنهن ڏيکاريو ته سرڪاري ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ لنڊن جي عورتن جي پندرهن سيڪڙو کي مردن طرفان شهواني بد اخلاقي تي مبني اڍنگي رويي جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو، پر انهن ڏوهن جي نوي سيڪڙو بابت پوليس وٽ شڪايت ڪانه ٿي ٿئي. مذڪور جنسياتي ڏوهن کي گهٽائڻ ۽ اهڙن ڏوهن جي رپورٽنگ ۾ اضافو آڻڻ لاءِ، برٽش ٽرانسپورٽ پوليس، ميٽرو پوليٽن پوليس سروس ۽ سٽي آف لنڊن پوليس جي اشتراڪ سان، ٽي ايف ايل، پروجيڪٽ گارجيئن نالي سان هڪ مھم چالو ڪئي. سن 2014ع ۾ ٽي ايف ايل ون هنڊريڊ ييئَرس آف وومين ان ٽرانسپورٽ نالي هڪ مهم چالو ڪئي، تنهن مهم ۾ ڊپارٽمينٽ فار ٽرانسپورٽ، ڪراس ريل، نيٽ ورڪ ريل، وومينس انجنِيئرنگ سوسائٽي ۽ وومينس ٽرانسپورٽيشن سيمينار منعقد ڪندڙ ادارن جي، ٽي ايف ايل سان شراڪت هئي. سيمينار جي انعقاد جو مقصد، عورتن جي نه وسرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪرڻ هو، جيڪو هنن پهرين عالمي لڙائيءَ دوران هڪ لک جي تعداد ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ هڪ لک مردن طرفان فوجي خدمت سرانجام ڏيڻ واسطي خالي ڪيل آسامين تي ڀرتي ٿي نهايت خوش اسلوبيءَ ۽ خنڊه پيشانيءَ سان ادا ڪيو. ٽي ايف ايل هڪ بورڊ جي انتظام تحت هلايو وڃي ٿو، جنهن جا ميمبر لنڊن جي ميئر طرفان مقرر ڪجن ٿا. محترم صادق خان مئي 2016ع کان لنڊن جو ميئر آهي. ٽي ايف ايل جو ڪمشنر سندس مينيجمينٽ جي رپورٽ ٽي ايف ايل واري بورڊ کي پيش ڪندو آهي. ٽي ايف ايل بورڊ، کيس سونپيل مختلف قسم جي ڪمن ڪرڻ واسطي ٽن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائيل آهي، جن کي ڊائريڪٽوريٽس سڏين ٿا. ٽرانسپورٽ فار لنڊن 2009ع ۾ ايس ٽي ٽي او سي يعني سَرفيز ٽرانسپورٽ اينڊ ٽِرَيفِڪ آپريشنس سينٽر قائم ڪيو، ان جو سرڪاري طرح افتاح ڊيوڪ آف يارِڪ، شهزادي اَينڊرِيُو نومبر واري مهيني ۾ ڪيو. هن سينٽر 2012ع ۾ ٿيندڙ سمر اولمپِڪس دوران امن امان ۽ ماڻهن جي حفاظت جي سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. دي لنڊن اَندَرِ گِرائونڊ نيٽ ورڪ آپريشنس سينٽر هن وقت پاليِسٽِرا پلازا جي پنجين ماڙ تي قائم ڪيو ويو آهي. انهن سِينٽرن جي ڪارڪردگي بابت بي بي سي سن 2013ع ۾ ٻه ڊاڪِيُو مينٽري فيچر: (1) دِي رُوٽ ماسِٽَرس ۽ (2) رَنِنگ لنڊَنس روڊس نشر ڪيا هئا. سن 2000ع دوران ٽي ايف ايل، لنڊن انڊر گِرائونڊ اسٽاف ۽ ايمرجينسي سَروسِز خاطر ريڊيو ڪنيڪشنز ريڊيو تحت رابطو پيدا ڪرڻ واري عمل ۾ سڌارو آڻڻ خاطر هڪ پروجيڪٽ ”ڪَنيڪِٽ“ متعارف ڪرايو، جنهن تحت هر زير زمين ريل وي لائين لاءِ ڪيترائي مختلف ريڊيو نظام ميسر ڪيا ويا. انهيءَ پروجيڪٽ جو خرچ پکو، پِرائيويٽ فائِنَنيسِ اِنِيشيئٽوِ تحت حاصل ڪيو ويو. انهيءَ لاءِ ٿيلِس گروپ 33 سيڪڙو، فِلور ڪارپوريشن 18 سيڪڙو، موٽو رولا ڪمپني ڏهه سيڪڙو ليئِنگ اِنويسٽمينٽ ڪمپني 19.5 سيڪڙو ۽ ايڇ ايس بي سِي ڪمپنيءَ 19.5 سيڪڙو خرچ ادا ڪيو. انهيءَ پروجيڪٽ جي تشڪيل تعمير ۽ سار سنڀال لاءِ 25 سالن جي عرصي ۾ خرچ ٿيندڙ رقم جو تخمنينو ٻه ارب پائونڊ ڪَٿِيو ويو. لنڊن ۾ ريل سروس جي ڀاڙن يا قِراين جو حساب ڪتاب زونل فيئَر سسٽم تحت ٿيندو آهي، جنهن موجب لنڊن شهر کي يارهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. انهن فيئر زُوِنس ۾ اَنڊَر گِرائونڊ، اووَر گِرائُونڊ ۽ ڊاڪِلَيندِس لائين ريلوي واريون سموريون اسٽيشنون شامل آهن. تنهن کان سواءِ سن 2007ع کان وٺي نيشنل ريل سَروِسز جا ٻه زون موجود آهن. لنڊن ۾ ريل گاڏي توڙي بس سروس ۽ لانچ، ٻيڙي ۽ غُرابَ ۾ سفر واسطي مسافرن کي ”سفر وارو ڪارڊ“ ڏيڻ جو رواج عمل ۾ آندو ويو آهي. اهو ڪارڊ هڪ ڏينهن، هڪ هفتي، هڪ مهيني توڙي هڪ سال لاءِ به ڪار آمد ٿئي ٿو ۽ هڪ فرد، هڪ جوڙي ۽ هڪ خاندان لاءِ به ڏنو وڃي ٿو. اهو ڪارڊ ٽي ايف ايل جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ زير زمين توڙي ٻاهر هلندڙ ريل گاڏين، ٽرامن، بسن ۽ غُرابن، ٻيڙين ۽ لانچن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ڪارگر هوندو آهي ۽ پاڻيءَ وارن وسيلن جهڙوڪ غُرابن، ٻيڙين ۽ لانچن ۾ سفر ڪندڙ کي ڊسڪائونٽ به ملي ٿو. اوئِسٽر ڪارڊ سِسٽم سن 2003ع ۾ چالو ڪيو ويو هو، جيڪو انفرادي طور ڀاڙي جو ٽڪيٽ آهي ۽ مسافرن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ خاطر متعارف ڪرايو ويو آهي. مختلف زُونن ۽ يونٽن جي سڃاڻپ واسطي هر هڪ يونٽ انفرادي طور پنهنجو جُدا ۽ نرالو سڃاڻپ نشان قائم ڪيو آهي. جهڙوڪ ڪنهن يونٽ ڳاڙو رنگ ته ڪنهن جو سائو يا نيرو وغيره ۽ هر يونٽ پنهنجي سڃاڻپ واري علامت ۾ سندس نالي ۽ نمبر بابت اکر ۽ انگ لکيل هوندا آهن. ٽي ايف ايل سدائين مسافرن کي زير زمين ريل گاڏين ۾ سفر ڪرڻ تي آماده ڪرڻ خاطر پرچارڪ مضمون هلائيندو رهندو آهي. مثلاَ هن اداري سن 1999ع ۾ مشهور مُصَوَر، اِسٽيفِن واٽِلي کي هڪ فُقرو يا گُفتو پينٽ ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن اهو گفتو: ”دِي گِرانڊِ اِسٽيئَرڪيس“ پهرين بُڪِنگِهام محل اندر هڪ موزون ماڳ تي پينٽ ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ پينِٽِنگ جي تصوير ڇاپي لنڊن جي سڀني زير زمين ريلوي اسٽيشنن ۽ ريل گاڏين ۾ چنبڙايو ويو ۽ مسافرن ۾ ورهايو ويو. سن 2010ع ۾ ٽي ايف ايل هڪڙي ٻئي مصور کي زير زمين ريل گاڏي هلڻ جي ڏيڍ سؤ ساله جشن ملهائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهڙي تصوير ٺاهڻ جو ڪم سونپيو، جيڪا زير زمين 270 ريلوي اسٽيشنن ۾ هميشه لاءِ لڳائڻ واسطي موزون ۽ منفرد هجي. انهي مصور جو نالو مارڪ والِنگَر هو. ٽي ايف ايل سن 2017ع ۾ لنڊن ٽرانسپورٽ ميوزم سان ڀائيوار ٿي، ايڪسِٽريئن ميڊيا نالي اداري جي سهڪار سان ”ٽرانسِپورٽيڊ باءِ ڊزائين“ گفتي جي عُنوان تحت، مختلف سرگرمين تي مشتمل، هڪ ڏيڍ ساله طويل پروگرام مرتب ڪيو. جنهنجو مقصد لنڊن ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي جوڙجڪ ۽ ٽرانسپورٽ فار لنڊن اداري جي ڪارڪردگي جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ هو. پبلڪ ووٽنگ کان ٻه مهينا پوءِ، لنڊن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ موجود پسنديده وسيلن جي لسٽَ ۾ بِلَيڪ ڪيب ٽيڪسيون ٽاپ تي هيون. انهيءَ لسٽ ۾، رُوٽِ ماسٽر بس ۽ ٽيوب مُيپِ پڻ شامل هئا. ٽي ايف ايل جو 2016ع ۾ نمائشون برپا ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ ۽ 3 جولاءِ تي ريجينٽ اسٽريٽ ۾ ميلو لڳائڻ جو پروگرام هو.
    ٽوئر پروگرام موجب اسپين وڃڻ لاءِ اسين پهرين ٽيوب ٽرين ۾ تنهن کان پوءَ زمين جي مٿاڇري تي هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي لنڊن جي گيٽ وِڪِ هوائي اڏي تي پهتاسين. نور محمد، بوبي، منهنجي پُٽ جي ٻنهي ٻارن، يعني پُٽ تي منهنجو نالو ۽ ڌِيءَ تي منهنجي ماءُ جو نالو رکيل آهي. گيٽ وِڪ هوائي اڏي ۾ چار ٽرمينل ٺهيل آهن. مسافرن کي ٽرمينل تي پهچائڻ لاءِ هوائي اڏي اندر ٽرام ٽائيپ ٽرين سروس موجود آهي. اها ريل گاڏي ڏينهن رات هلندي رهندي آهي. اسين اول ته اسان جي واسطيدار ٽرمِينل تي ڪونه لٿاسين ۽ ڀلجي وڃي ٻئي ٽرمينل تي رسياسين، پر پوءِ
    وري به هوائي اڏي واري ٽرين ۾ چڙهي واپس اچي پنهنجي گهربل ٽرمينل تي پهتاسين. اڄڪلهه دنيا جي سڀني وڏن توڙي ننڍن هوائي اڏن تي، سيڪِيُورٽيءَ جي سلسلي ۾ نهايت سخت چيڪنگ ٿئي ٿي. اِمِيگِريشن دوران به سخت پُڇ پُڇان ڪن. توهان جي لباس ۾ ۽ بدن تي ميٽل يعني ڌاتو. جي ٺهيل هر شيءَ بدن تان لهرائي، پوءِ چيڪنگ ڪن، اڳي هوائي اڏن تي ايڏي سختي ڪانه هوندي هئي. 1970ع تائين انگلينڊ وڃڻ لاءِ ويزا گهربل ڪانه هئي. 1980ع واري ڏهاڪي دوران ڏور اوڀر جي سڀني ملڪن لاءِ ڪابه ويزا ڪانه هئي. انهن ملڪن ۾ جپان به شامل هو، پر اڄ شايد مالديو کان سواءِ دنيا جي هر ملڪ لاءِ پاڪستان جي شهرين کي ويزا وٺڻي ٿي پوي. خير! اسان سيڪيورٽي ۽ اميگريشن وارن جي چيڪنگ مان واندا ٿي اچي لائونج ۾ ويٺاسين. اتي خبر پئي ته اسان جي سفر وارو جهاز هڪ ڪلاڪ ليٽ آهي. نيٺ هڪ ڪلاڪ ۾ جهاز اچي سهڙيو ۽ اسين پنڌ هلي وڃي منجهس چڙهياسين، ڇو ته اهو اسان کي بلڪل ويجهو اچي بيٺو هو. فِلاءِ دُبَئِي، ايزي جيٽ ۽ اهڙن ٻين ننڍن ۽ سَسَتَن هوائي جهازن ۾ چڙهڻ لاءِ جهازن ۾ بند ڪَئبِين مان لنگهي جهاز ۾ داخل ٿيڻ جو بندوبست ٿيل ڪونه هوندو آهي. مسافرن جي سامان جي سلسلي ۾، مسافرن کي جهاز اندر صرف هڪ ننڍي بيگ کڻي اچڻ جي اجازت ٿا ڏين، جيڪا بورڊنگ وقت لوهه جي هڪ پيتيءَ ۾ وجهي چيڪ ڪندا آهن، تنهن کان پوءِ مسافرن کي ٻُڌائون ٿي ته اها بيگ توهان جهاز اندر کڻي وڃي سگھو ٿا يا نه، بيگ اندر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ هدايت ڪندا ته اها بيگ هٿ ۾ کڻي وڃي سيٽن جي مٿان ٺهيل خانن ۾ رکو. دنيا جي هر جهاز ۾ عموماََ پرواز دوران ماني، چانهه، جُوس، پاڻي ۽ شراب جو هڪ پَيگ مفت ۾ ڏين. وڌيڪ شراب پيسن تي ڏين. سڄي سفر ۾ پاڻي، شام جو ڪيڪ، بِسڪوٽ مُفت ۾ ڏين ٿا. پر هن جهاز ۾، ٻِن ٽِن ڪلاڪن جي سفر ۾، هر شئي پيسن تي مِلِي. هن جهڙا جهاز، جيٽ يا ايئربس وانگر وڏا جهاز ڪونه هوندا آهن ۽ ٻَٽن ڪلاڪن واري ٿوري مسافريءَ لاءِ مخصوص هوندا آهن. هنن سَسَتَن ۽ ننڍن جهازن ۾ به هر شئي وڏن جهازن وانگر ٿي مِلي، پر پيسن تي. اسان جهاز ۾ ويٺاسين ته جهاز جي عملي اعلان ڪيو ته غير موزون موسم ۽ هوائي اڏي ۾ هوائي جهازن جي رش هجڻ سبب، ڪنٽرول ٽاور کان هن جهاز جي اڏام جي اڃا اجازت ڪانه مِلي آهي، پر اجازت ملڻ شرط، پاڻ پرواز ڪنداسين. اهو اعلان ٿوري ٿوري وقفي بعد ڪلاڪ کن تائين ورجايو پئي ويو. نيٺ ٻن ڪلاڪن جي دير سان هوائي جهاز اُڏام ڪئي. اسان لَنچِ جهاز ۾ ڪئي. هڪ ڪلاڪ جي اُڏام کان پوءِ، جڏهن اسپين جي حدن اندر داخل ٿيا سين ته اُتي آسمان ايترو صاف ڏسڻ ۾ آيو، جيترو پاڪستان جو آسمان سدائين صاف هوندو آهي. اڍائي ڪلاڪن جي اُڏام پوري ڪري، اسين اِسپين جي شهر ملاگا پهتاسين. ملاگا شهر جو اصل عربي نالو ملاڪا هو، پر اِسپين ۽ پُرتگال وارن سندن سڀني شهرن جا اصلوڪا عربي نالا ٿوري ڦيرڦار سان بدلائي ڇڏيا. مثال طور جبل الطارق کي چَوَن جبرالٽر، پرتقال کي پور چوگال، بارشلوتا کي بارسلونا، ايٽلا کي سِوِل، غزناطه کي گِريناڊا، قرطبه کي ڪارڊوبا وغيره. مسلمانن جي اسپين ۾ حڪومت کي ختم ٿيندي. سَوين سال گذري چڪا آهن، پر اسپين وارا اڃا تائين مسلمانن کان آزاديءَ جو جشن ملهائيندا اچن ۽ اسپين جي سڄي مُلڪ ۾ انهيءَ آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ ناچ نچڪارا ڪندا آهن. طارق بن زياد کان پوءِ مسلمان اسپين، پرتگال ۽ فرانس جي ڪجهه علائقي کي گڏي، انهيءَ تي حاڪم ٿي ويٺا ۽ انهي کي اِندَلَس يا هيپسانيه نالو ڏنو. سڄي دنيا گهمي جڏهن اِبنِ بطوطه غرناطه پهتو تڏهن پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو ته غرناطه بغداد ۽ استنبول شهرن جيڏو ئي وڏو شهر آهي. اِندَلس يا هسپانيه تي مسلمانن ڪل اٺ سؤ ڇهه هجري سال حڪومت ڪئي. اسپين جي ملاڪا شهر جي هوائي اڏي تي پهچڻ کان پوءِ اسان کي بس ۾ چاڙهي آڻي ايئرپورٽ جي بلڊنگ جي ٻاهر لاٿائون. انهيءَ وقت رات ٿي وئي هئي ۽ گرميءَ جو درجو 37 هو. ملاڪا شهر ۾ اسان جي بُڪنگ واري هوٽل تي رسڻ لاءِ اسان کي وڏي ٽيڪسي ڪانه ملي، جنهن ۾ سمورا ماڻهو ويهي سگهون. اسين ڇهه ڄڻا، جن ۾ منيٰ، آئون، نور محمد ۽ سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه 4 ڄڻا وڏا ۽ عبدالحئي جونيئر ۽ سندس ڀيڻ زينب 2 ڄڻا، ڪنهن هڪ ننڍي ٽيڪسي ۾ پورا نٿي ٿياسين. تنهن ڪري اسان ٻن ٽيڪسين ۾ چڙهي اچي اسان جي بُڪنگ واري هوٽل IBIS رسياسين، جتي پنهنجن بُڪ ٿيل ٻن ڪمرن ۾ شِفٽِ ٿي وياسين. هڪ ڪمري جي هڪ چيڪ آئوٽ کان ٻئي چيڪ آئوٽ تائين هڪ تاريخ جي مسواڙ اسي پائونڊ هئي جيڪا اٽڪل ٻارهن هزار پاڪستاني رُپين جي برابر هئي. مسواڙ واري تاريخ جي شروعات ڏينهن جو ٻارهين بجي کان ۽ ٻئي ڏينهن ٻارهين بجي تائين ختم ٿي ٿئي، پر جيئن ته اسان هت رات جو نوين بجي آيا هئاسين. تڏهن به اسان کي هيءَ هوٽل ٻئي ڏينهن ٻارهين بجي ڇڏڻي پوي ها، پر اسين ملاڪا ۾ پهريان ٻه ڏينهن ۽ سڄي اسپين ۽ پرتگال جي ٽوئر کان پوءِ به هڪ ڏينهن هن ئي هوٽل ۾ رهياسين. في ڪمرو ٻارهن هزار روپيا في تاريخ جي مسواڙ وٺندڙ هِيءَ هوٽل، تڏهن به بِريڪ فاسٽ هوٽل ڪانه هئي. هونئن ته هيءَ هوٽل يورپ جي اسٽينڊرڊ واري ۽ تمام سٺي هئي ۽ ڪمري ۾ ضرورت واري هر شئي موجود هئي، پر کاڌو پيتو مسواڙ کان الڳ روڪ رقم تي ڏنو ٿي ويو. اسان هوٽل ٻاهران ويجهو ئي هڪ ريسٽورينٽ تان ماني کائي اچي هوٽل ۾ سُتاسين. ٻئي ڏينهن صبح سوير تيار ٿي نيرن ڪئي سين. تقريباََ ساڍي ڏهين بجي هڪ بس ۾ چڙهي اچي سِٽي سينٽر وٽ لٿاسين، جت ٽوئر بس وارن جي آفيس مان ٽڪيٽ وٺي وڃي ٽوئر بس ۾ چڙهياسين. هت ٽوئر بس ۾ توهان چڙهندا، لهندا ٽوئر بسون بدلائيندا رهو، جيتري وقت لاءِ توهان ٽڪيٽ ورتي آهي، اهو ٽائيم توهان گهمندا رهو. اسان انهيءَ ڏينهن اڍائي ڪلاڪن واري ٽڪيٽ ورتي هئي، يعني توهان بس ۾ ڪل اڍائي ڪلاڪ سفر ڪندا، بس مان لهي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ وارو وقت انهيءَ بس ۾ چڙهي سفر ڪرڻ واري وقت ۾ شامل ڪونهي. انهيءَ ڏينهن اسان هت ملاڪا ۾ پهرين هتي جي جڳ مشهور مصور پڪاسو جي نالي سان قائم ڪيل پڪاسو عجائب گهر ڏٺو، پوءِ ملاڪا جو تاريخي قلعو ۽ بيچ گهميو. اول اسان واري ٽوئر بس، اسان کي سٽي سينٽر وٽان کڻي گهمائيندي ڦيرائيندي هلي. مزي واري ڳالهه اِها به هئي ته هتي جا گهر، فليٽ ۽ موسم وغيره سڀ سنڌ جهڙا آهن. ڪن فليٽن جي گيلرين ۾ ڪراچيءَ جي فليٽن وانگر ڪپڙا سڪائڻ لاءِ ٽنگيل هئا. هت حڪومت ٽوئرزم کي وڌائڻ واسطي سٺا رستا ٺهرائي، انهن جي چو طرف گل گلزار پوکا يا آهن ۽ صفائيءَ ۽ سُٿرائيءَ لاءِ سٺو بندوبست ڪيو آهي. ملڪ ۾ لا اينڊ آرڊر توڙي ڊسِيپلين ساراه جوڳو آهي، ڇو ته اهو اسان کي هت لنڊن کان به وڌيڪ نظر آيو. ٽوئرزم ۽ زراعت اسپين جي ڪمائي ۽ آمدني جا مکيه وسيلا آهن. انڊسٽري ۽ آمدني جا ٻيا وسيلا گهٽ آهن. انگلينڊ اڄ ڪلهه. صنعت ۽ حرفت کان سواءِ هٿيارن جي وڪري، سياحت ۽ پرڏيهي شاگردن جي پڙهائي جي خرچ مان به گهڻي آمدني حاصل ڪري ٿو. انگلينڊ وارا اڳي سوين سالن کان وٺي دنيا جي ٻاونجاه ملڪن کي لُٽي ڦري دولت آڻي انگلينڊ ۾ خرچ ڪندا هئا. انهن ٻاونجاه ملڪن تي انگريز سامراج جو ناجائز قبضو ٻي عالمي جنگ تائين برقرار رهيو. پر انهيءَ جنگ سبب انگريز ايترا ته ڪمزور ٿي ويا، جو پوءِ کين مجبوراََ سندن غلامي هيٺ رهندڙ ملڪن کي آزاد ڪرڻو پيو ۽ هاڻ وري سڄي دنيا جا آڙيڪاپ سياستدان، ڪامورا ۽ واپاري، پنهنجن پنهنجن ملڪن مان ناجائز دولت، لُٽي ڦري ۽ چورائي آڻي انگلنيڊ ۽ آمريڪا ۾ گڏ ڪن. سندن فيمليون به هٿ عيش عشرت ۾ مشغول رهن. سندن ٻار به هت پڙهن، امير هندو گهڻي ڀاڱي، پاڪستان مان هندستان هليا وڃن ۽ منجهائن ڪجهه آمريڪا ڪيناڊا ۽ آسٽريليا به ويندا رهن ٿا، پر گهڻي تعداد ۾ پاڪستاني ماڻهو انگلينڊ، برطانيه ۾ رهن ٿا. انهيءَ جو مثال، مشرف، نواز شريف، زرداري ۽ الطاف حسين آهن. ٻين ملڪن جا به اهڙا ماڻهو لکن جي تعداد ۾ برطانيه ۽ آمريڪا ۾ مستقل طور اچي رهيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪ مان ناجائز طور ڦٻائيل دولت سان رنگ رلين ۾ مشغول آهن، پر هت يعني اسپين ۾ ائين ڪونهي. تنهن ڪري اسپين وارن سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سمورو ڌيان ۽ سڄو زور پنهنجي آمدني جي مکيه وسيلن زراعت ۽ سياحت تي ڏنو آهي، تنهن سبب اهو ڪيترن ئي سالن کان، سڄي دنيا ۾ سياحت جي ڏِسِ ۾ پهرئين نمبر تي آهي ۽ فرانس ٻئي، نمبر تي ۽ آمريڪا ٽئين نمبر تي آهي. هيءَ به حقيقت آهي ته اڄڪلهه سڄي دنيا جي قومن مان آمريڪي ماڻهو سڀني کان گهڻي تعداد ۾ سياحت ڪن ٿا. جڳ مشهور مُصور پبلو ريوئز واءِ پڪاسو، جنهن جي نالي سان ملاڪا ۾ پڪاسو ميوزم قائم ڪيو ويو آهي، تنهن کي عرف عام ۾ پڪاسو سڏيندا هئا، اهو 25 آڪٽوبر سن 1881ع ۾ اسپين جي هن شهر ملاگا ۾ ڄائو، ته عِيسائيت مذهب جي رومن ڪيٿولڪ فرقي جي رواج موجب، ڪيترن ئي درويشن ۽ سندس ابن ڏاڏن جي تڪريم مُوافِق، ڪيترن ئي سِلسِلوار نالن تي مشتمل سندس نالو، پبلو ڊيگو جوز، فرانسِسڪو دي پائُو لا جُئانِ، نيپو مِيُو سينو، ماريا دي لوس، ريمِيڊِ يوسِ، سِپريانو ڊي ال سَينٽِيسِيما، ٽريَنِيڊ اَڊِ رِيُوئِز پِڪَاسو رکيائون، پڪاسو سندس پيءَ، ڊَونِ جوزِ رِيُوئِز واءِ پڪاسِو ۽ ماءُ، ماريا پڪاسو واءِ لوپيز جو پهريون ٻارهو. سندس پيءَ پڻ ساهوارن، يعني، پرندن پکين، چرندن يعني گاهه کائيندڙ جانورن ۽ درندن يعني گوشت کائيندڙ جانورن جون، قدرتي ماحول ۽ انداز ۾ تصويرون ٺاهڻ جو پنهنجي وقت ۾ هڪ وڏو مُصَورِ فنڪار هو ۽ اسڪول آف ڪرافِٽس ۾ پروفيسر هو. تنهن کان سواءِ هُو سندس شهر ۾ قائم ڪيل عجائب گهر جو مُنتظم به ٿي رهيو. سندس خاندان شهر جي سَرَندِي ۽ هلندي وارن ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو. پڪاسو پنهنجي دؤر جي فنِ مُصَورِي ۽ ڪاريگري واري دنيا م هڪ جڳ مشهور مُصَوَر، پينٽر، سنگ تراش مجسمه ساز ۽ پٿر، چيني ۽ مِٽيءَ مان مختلف ساه وارن جون مورتيون ۽ دنيا جون اَنيڪ شيون تراشيندڙ عظيم فنڪار هو. هن تصويرن جي ڇاپ جو هنر به ايجاد ڪيو هو. مذڪور مڙني فَنُون لطيفه تي دسترس هئڻ سان گڏ، پڪاسو. اعليٰ پائي جو اِسٽيج ڊزائينر، فلمي ڪهاڻيون لکندڙ ڪهاڻيڪار ۽ ساڳئي وقت هڪ شاعر هئڻ جي ناتي، ويهئين عيسوي صدي جي فني آڪاس جو هڪ يگانو ۽ نرالو، سڀني ۾ وڌيڪ روشن ۽ چمڪندڙ ستارو هو. هن سندس همعصر مُصَوَر Collage ڪاليج سان گڏجي مصوريءَ ۽ سنگتراشيءَ جي سلسلي ۾ هڪ جديد انداز تخليق ڪيو، جنهن کي ”ڪِيُوبِ اِزم“ يعني ”مُڪَعبِ نقاشيءَ ۽ مصوريءَ جو فن سڏيو ويو. پڪاسو سندس دؤر ۾ وقتاَ فَوقتاَ مصوري توڙي مُجسمه سازي جي فن ۾ نت نوان ۽ ڪامياب تجربا ڪيا، جيڪي سندس فن جي عظمت جا جيئرا جاڳندا ثبوت آهن. سندس سڀني کان وڌيڪ مشهور شاهڪارن ۾: ”پِروٽو ِڪِيُوبِسٽ ليس ڊيموئِسيلِز ڊي اَوِگينَن“، سن 1970ع جي تخليق ۽ ”گُوئَرنِڪا“، جيڪا سن 1937ع جي تخليق آهي، انهيءَ پورٽِريئَل لَينڊ اِسڪيپ ۾ فرانس جي شهر گُوئر نيڪا تي جرمنيءَ ۽ اٽليءَ طرفان ٿيندڙ بمباريءَ وارو نظارو چِٽيلِ آهي. گوئر نيڪا شھر تي اها بمباري اسپين ۾ گهرو لڙائيءَ دوران، اسپين ۾ اُن وقت قومپرست پارٽي جي حڪومت جي چورَ تي ڪئي وئي هئي، پڪاسو، هينري ماٽِسي ۽ مارسيل ڊُچَمپ، هنن ٽِن فنڪارن کي جديد قسم جي ڪيترين ئي تخليقن جي تخليقڪارن جي حيثيت ۾ عالمي پيماني تي مڃتا ملي. هنن ٽنهي عظيم فنڪارن پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي جفا ڪشيءَ سان ويهَئين عيسوي صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ پِلاسٽڪ سان وابسته هُنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ انقلابي ترقي کي سندن تخليقن ۾ پڌرو ڪيو ۽ مصوري، مُجسمه سازي ۽ تصويرن جي ڇاپ ۽ پٿر، چيني ۽ مِٽي مان شيون گهڙڻ جي فن ۾ پڻ اعليٰ پيماني تي ترقي آڻيندڙ، مها فنڪارن طور پاڻ کي مڃائي ويا. پِڪاسو ته ننڍپڻ ۽ سن بلوغ واري عمر دوران ئي شين جي قدرتي انداز ۾ مُصَوري ڪرڻ ۽ رنگ ڀرڻ جا سندس غير معمولي فنڪارانه جوهر ڏيکاري، مصوري جي دنيا سان وابسته فنڪارن کي حيران ڪري ڇڏيو. ويهَئِين عيسوي صديءَ جي پهرئين ئي ڏهاڪي ۾ فن مصوري جي مختلف نظرين، اصولن ۽ طريقن تي تجربا ڪندي سندس فن ۾ تخليقي تبديلي رونما ٿي ۽ سندس فن جي هر قسم ۾ سندس تخليقي نراليت ظاهر ٿيڻ ۽ وَڻڻ لڳي پڪاسو جي فن ۾ گونا گوني سبب، سندس فني زندگي کي مختلف ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. سندس مصوري جي پهرئين دؤر کي Blue Period بلو پيرڊ سڏين ٿا. اهو سن 1901ع کان 1904ع تائين پکڙيل آهي. ٻئي دؤر کي Rose Period ”روز پيرڊ“ چون ٿا. جيڪو 1904ع کان 1906ع تائين هليو، سندس تخليقي سفر جو ٽيو دؤر ”آفريڪن انفلوئينس پيرڊ سڏجي ٿو، جيڪو 1906ع کان 1909 تائين هليو. سندس فن جو چوٿون دؤر ”اينا لائيٽ ڪيوب اِزم پيرڊ“ سڏجي ٿو، اهو سن 1909ع کان 1912ع تائين ڳڻجي ٿو. ان کان پوءِ وارن تجربن ۾ سندس فن ۾ تبديلي رونما ٿي. انهي عرصي کي ”سِنٿيٽِڪ
    ڪيوب اِزم پِيرَڊ“ يا ”ڪرِسٽِل پيرڊ“ سڏين ٿا. پنهنجي طويل فني عمر دوران غير معمولي فني صلاحيت ۽ غير متوقع ذهني عظمت سبب پڪاسو عالمي شهرت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي انقلابي فني ڪاميابين سبب کيس عِزتَ ۽ خوشي نصيب ٿي. اهڙي طرح هُو وِيهَئَيِن عيسوي صديءَ جي فنون لطيفه واري دنيا ۾ جڳ مشهور هستين مان هڪ ٿي پيو. پڪاسو جو خاندان سن 1891ع ۾ Coruna ڪوريونا شهر ۾ لڏي اچي ويٺو، جتي سندس پيءَ رِيوئِز، اسڪول آف فائين آرٽس ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. هي خاندان انهيءَ شهر ۾ چارسال کن رهيو. اتي پيءَ ڏٺو ته سندس پٽ پڪاسو، پيءَ جي ٺاهيل هڪ ڪبوترجي نامڪمل شڪل ۾ رنگ ڀري رهيو هو ۽ سندس طريقي ۾ پختگي محسوس ڪندي، پيءَ ڀانئيو ته پڪاسو هن سِن بلوغ عمر ۾ فني طور، پيءَ تي سبقت حاصل ڪري ويو آهي. تنهن ڪري دل ۾ فيصلو ڪيائين ته پاڻ هاڻي مصوري ڪونه ڪندو. پڪاسو جي پيءَ ۽ چاچي، هن سن بالغ مصور کي، اسپين جي گادي واري، شهر مَيِڊِرِڊِ ۾ موجود ”رائيل اَڪَيڊمِي آف فَرَننڊَو“ نالي فائين آرٽس جي اداري ۾ داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ادارو سڄي اسپين ۾ فائين آرٽس جو بهترين ادارو هو. پڪاسو سَورهن سالن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو پاڻمرادو انهيءَ اداري ۾ وڃي داخل ٿيو، پر کيس استادن طرفان ملندڙ هِدايتون ڪونه وڻيون. تنهن ڪري هن اُتي ڪلاس اَٽينڊ ڪرڻ ڇڏي ڏنو. مَيڊرڊ شهر ۾ دلچسپيءَ جون ٻيون به ڪافي شيون موجود هيون. اتي پراڊو عجائب گهر ۾ اسپين جي ناميارن مُصَورن جا زبردست فني شاهڪار تمام وڏي تعداد ۾ موجود هئا. انهن فنڪارن ۾ ايل گريڪو، ڊيگو ويلازڪئِيز فرانسسڪو گويا، فرانسِسڪو رُربِران ۽ ٻِيا عظيم مصور شامل هئا. پڪاسو انهن مان خُصوصاََ ايل گِرِيڪو کي وڌيڪ ساراهيو. ايل گريڪو جي شاهڪارن ۾ انسانن توڙي حيوانن جي وڌيڪ ڊگها ٿيل عضون، نهايت اثرانداز ٿيندڙ رنگن ۽ تصويرن ۾ ڏيکاريل صوفي درِويشن جي شَبِيھُنِ کان گهڻو، متاثر ٿيندي. پڪاسو انهن فني قدرن کي پنهنجي شاهڪارن ۾ به نِشانبر ڪيو. ان وقت يورپ جي فَنونِ لطيفه جي راڄداني پَيرِس جو شهر هو، جيڪو فرانس جي گاديءَ وارو شهر آهي. سن 1900ع ۾ پڪاسو پهريون ڀيرو پيرس ويو، جتي هو پيرس شهر جي رهاڪو، پنهنجي دوست، مَيڪِس جيڪَب سان مليو. ميڪِس جيڪب صحافي ۽ شاعر به هو. تنهن فرينچ ٻولي ۽ فرينچ ادب سکڻ ۾ پڪاسو جي جوڳي مده ڪئي. ترت ئي هي ٻه نوان سنگتي هڪڙي جڳهه ۾ گڏجي رهڻ لڳا. ميڪس جيڪب رات جو جڳهه ۾ اچي سُمهندو هو ۽ پڪاسو رات جو ٻاهر ڪم ڪندو هو ۽ ڏينهن جو جڳهه ۾ سُمهندو هو. اهو وقت هنن لاءِ بيحد ٿڌ، غربت ۽ نراسائي وارو هو. پڪاسو جي تيار ڪيل تصويرن جو وڏو تعداد، سي کان بچڻ خاطر، سندن ننڍڙي ڪمري کي گرم ڪرڻ واسطي، سندس ئي هٿان سڙي ويو. سن 1901ع وارن پَهرين پنجن مهينن دوران، پڪاسو ميڊرڊ ۾ اچي رهيو، جتي سندس ڇڙ واڳ سنگتي فرانسسڪو ڊي ايس سولر سان گڏجي آرٽ جو ”وِن ينگ آرٽ“ نالي سان هڪ آرٽ ميگزين شايع ڪرڻ شروع ڪيو. ان رسالي جا پنج ماهوار ڪتاب ڇپيا. سولر ان رسالي ۾ عرضداشتون ۽ گذارشون سهيڙيندو هو ۽ پڪاسو غريب عوام جي حمايت ۾ ڪيترائي ڪارٽون ڇپائيندو هو. انهيءَ رسالي جو پهريون پرچو مارچ 1901ع ۾ شايع ٿيو. تنهن وقت پنهنجن فن پارن ۾ پڪاسو پنهنجو نالو ”پڪاسو“ لِکندو هو. تنهن کان اڳ هُو پنهنجين تيار ڪيل تخليقن تي وڏو نالو: ”پبلو ريُوئِز واءِ پِڪاسو“ لکندو هو. سن 1905ع ۾ مصوري جا فن پارا گڏ ڪندڙ ٻن آمريڪي شخصن، لِيو ۽ گَرٽِر يُوڊ جو پڪاسو هڪ پسنديده شخص ٿي پيو، گرٽِريُوڊ اِسٽِين جو ڀاءَ مائيڪل اسٽين ۽ سندس زال سارا پڻ پڪاسو جا فن پارا گڏ ڪندڙن ۾ شامل ٿي ويا. اِسٽِين ڪُٽنب جو سندس فن سان گهڻو چاه هئڻ کان متاثر ٿي، پڪاسو ليو جي گهرواريءَ گَرٽِريُوڊ اسٽين ۽ گرٽِريُوڊ اِسٽين جي ڀائيٽي اَيلَن اِسٽِينِ جون تصويرن تخليق ڪيون. گَرٽِر يُوڊ اسٽين تڏهن پڪاسو جي مکيه سرپرست ٿي پئي ۽ سندس پَيرِس واري گهر ۾ هڪ سيلون قائم ڪئي، جنهن ۾ پڪاسو جي ڊِرائينِگ ۽ پينٽنگ تي مُشتمل هٿ آئيل سمورن فن پارن ۽ شهپارن جي غير رسمي طور تي، پر نمائش شروع ڪري ڏني.
    سن 1905ع ۾ گَرٽِريُوڊ طرفان منعقد ڪيل احبابن جي مجلس دوران پڪاسو جي ملاقات، هينري مَيٽسِي نالي هڪ فرينچ پينٽر سان ٿي. اهو پينٽر پڪاسو جو عمر ڀر دوست ٿي رهيو . پر فني دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندس مخالف به ٿيندو رهيو. اسٽين خاندان آمريڪا جا فنپارا گڏ ڪرڻ وارن شوقينن، ڪِلُيريبل ڪونِ ۽ سندس ڀيڻ اِيٽا سان پڪاسو جي واقفيت ڪرائي. انهن پڻ ٻين فنپارن سميت پڪاسو ۽ مَيٽسي جا فنپارا به گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. واقعتاََ اسٽين ۽ ساراه اسٽين، پڪاسو جي ڀيٽ ۾ مَيٽسِي کان وڌيڪ متاثر ٿيندي، هاڻي فقط مينَسي جا فنپارا گڏ ڪرڻ لڳا. جڏهن ته گَرٽِريُو ڊاسيٽن پڪاسو جي فنپارن کي ئي گڏ ڪرڻ جاري رکيو. سن 1907ع ۾ پڪاسو هڪ نئين آرٽ گيلريءَ سان سلاڙجي ويو، جيڪا تازو ئي ڊينِئَل هينري ڪَهِنوِيَلر پَيرِس ۾ قائم ڪئي هئي. ڪَهِنوِيلَر جرمنيءَ جي آرٽ جي تاريخ لکندڙ ليکڪ هو ۽ وِيهَئِين عيسوي صديءَ ۾ فرانس جي وڏن آرٽ ڊيلرَن مان هڪڙو هو، جن پڪاسو ۽ سندس همعصر مصورن جي تخليق ڪيل ڪِيُوب اِزم واري طرزفَن کي نه فقط ساراهيو، پر ان جي بچاءَ ۽ ترقي ۾ به پيش پيش رهيا. ڪَهِنوِيلَر نون اڀرندڙ مُصَوَرنِ، جهڙوڪ اَينڊِرِي ڊرين، ڪِيس وانِِ ڊونگِن، فَرَنَنَڊِ لجَرَ جُئانِ گِرس، مَورِس ڊي وِلامِنسِڪ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي فنڪارَ، جيڪي دنيا جي ڪُنڊَ ڪُڙڇ کان ڪهي اچي، مونٽ پارناسِي ۾ فني طور پنهنجي قسمت آزمائڻ ڪارڻ انهيءَ وقت گڏ ٿيا هئا. سن 1915ع ۽ 1917ع جي وچ ۾ پڪاسو جاميٽريءَ تي مدار رکندڙ، مختصر مُڪعبِ عناصر، پائيپ گيٽار يا گلاس ۽ ڪاغذ جي پيسٽ ٿيل، ٽُڪرَن کي ڪم آڻيندي، ڊرائينگ ۽ پينٽِنِگ جو هڪ نرالي طرز آرٽ تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو فائين آرٽس جي هڪ تاريخدان، جان رِچَرڊسَن، انهيءَ طرز فن موجب پڪاسو جي فنپارن بابت هڪ هنڌ لکيو ته: هنن سخت ڌار ۽ چُوڪور هيرن جواهرن وانگر نظر ايندڙ مُصَوَريءَ جي شاهڪار شهپارن جي چوٽي ۽ نُنهِن گهڻو ڪري ٿيندا ئي ڪونه آهن. پڪاسو پنهنجي دوست گرٽِريُوڊِ اسٽِين کي هڪ خط ۾ لکيو ته منهنجي هن نرالي طرز فن کي هڪ نئون نالو ڏيڻ جي ضرورت آهي. سندس هڪڙي ٻئي دوست، مورس رينل، انهيءَ نئين طرز فن لاءِ Crystal Cubism ڪِرسٽَل ڪِيوبِ ازم نالو تجويز ڪيو. هُن انومان ظاهر ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ۽ آئون ڀانئيان ٿو ته پڪاسو هي ننڍڙا هِيرا، انهن نقادن کي جواب طور تخليق ڪري ڏيکاريا آهن، جن مٿس فني تحريڪ سان غداري ڪرڻ جو الزام ڌريو آهي. ڪجهه شُهرَت نصيب ٿيڻ ۽ ڀاڳ ورڻ کان پوءِ، پڪاسو سندس سنگتياڻيءَ، مارسيلي ھَمبَرٽ ساڻ رهڻ لڳو، تنهن کي پاڻ Eva Gouel ”ايوا گُولِِ“ سڏيندو هو، پڪاسو سندس تخليق ڪيل ڪيترن ئي فنپارن ۾ ايوا سان سندس پيار جو اظهار ڀلي ڀت ڪيو هو. پر اوچتو بيمار ٿي، ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ 1915ع ۾ ايوا جي انتقال، پڪاسو کي بيحد گهائي وِڌو. آگسٽ، 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ ڇڙي پَوَڻَ وقت، پڪاسو آيو ِگِنن ۾ رهندو هو. سندس همعصر آرٽِسٽ بريڪ ۽ ڊرين سندن دوست اَپولِنائَر سان گڏ، فرينچ فوج جي توپ خاني واري شعبي ۾ ڀرتي ٿي ويا، جڏهن ته اِسپيني آرٽِسٽ جُئان گِرِس، فنڪارن جي ڪِيُوبسٽ گروه سان واڳيل رهيو. جنگ دوران فرينچ آرٽِسٽَن جي اُبَتَڙِ، پڪاسو پنهنجي فنڪارانه ڌُنَ ۾ ئي محو رهيو. پر نيٺ سندس ڊرائِنگ ۽ پينٽنگ ۾ وڌيڪ ويڳاڻپ ۽ وِياڪَلتا ڇانئجي وئي ۽ سندس زندگي ۾ ڊرامائي انداز سان تبديلي رونما ٿي. ڪَهِنوِيلَرَ سان سندس وهنوار تڏهن ختم ٿيو. جڏهن ڪَهِنوِيلَر کي فرانس مان نيڪالي ڏني وئي. هاڻي سندس فنپارا، هڪ ٻيو آرٽ ڊيلَر لِيونس روسَنبرگ وٺڻ لڳو. ايوا گُول جي وفات کان پوءِ پڪاسو جي دوستي گيبي لَيپينيسي سان ٿي. سن 1916ع جي بهار جي مُند ۾، آرٽِسٽ اپولينائر زخمي ٿيڻ سبب محاذ تان موٽي آيو ته هنن سندس دوستي بحال ڪئي. پر پڪاسو سماج جي ٻين شعبن سان وڌيڪ واڳيل رهيو. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي دوران، پڪاسو سرگئي ڊائگِهلِف واري ناچو ڳائڻن جي ٽولِيءَ ۾ شامل ڪجهه ماڻهن سان ذاتي تعلقات قائم ڪري ورتا. انهيءَ طائفي جو نالو ”بَيليٽس روزز“ هو. انهيءَ دؤر ۾ پڪاسو جا سنگتي، جين ڪاڪٽِيُو، جين هِيُوگو، جُئانِ گِرِس ۽ ڪجهه ٻيا به فنڪار هئا.
    سن 1918ع جي اونهاري جي مُند ۾، پڪاسو ”اولِگا خوخو لوفا“ نالي هڪ رقاصه سان شادي ڪئي. جيڪا بيليٽِس روزز طائفي ۾ شامل هئي. انهيءَ متعلق، ايرڪ سَسِٽيز ”پَريڊ اِن روم“ نالي هڪ تصوير تخليق ڪري رهيو هو. پڪاسو ۽ اولگا سندن هَنِي مُونِ، يعني شادي جي سُهاڳ جو پهريون مرحلو، يُوجِيبا اِرا زورِز نالي چِلي ملڪ جي رهواسڻ ۽ فنون لطيفه جي زبردست سرپرست عورت جي گهر ۾ ملهايو، جيڪو بِيارِٽزِ ماڳ سان مُتسل هو. هني مون ملهائي موٽي اچڻ کان پوءِ، پيسن جي سخت ضرورت جي پيش نظر، پڪاسو هڪ فرينچ يهودي آرٽ ڊيلر سان پنهنجا ڪاروباري ناتا قائم ڪيا. سندس اولين ذميوارين ۾ انهيءَ آرٽ ڊيلر پڪاسو جوڙي کي پنهنجي خرچ تي هڪ مسواڙي جاءِ وٺي ڏني، جيڪا سندس گهر جي ڀرسان ئي هئي اها شروعات ھُئيِ انهي برادرانه گهري سنگت جي، جيڪا هڪ مُصَوَر ۽ هڪ واپاريءَ يعني ٻن مختلف مزاج ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿي ۽ ٻي عالمي لڙائي جي شروعات تائين برقرار رهي. اولگا خوخو لوفا پڪاسو جي زال، پڪاسو کي سندس واقف شاهوڪار ماڻهن سان واقفيت ڪرائي، کيس صاحب حيثيت ماڻهن جي رسمي ڊنر پارٽين ۾ شامل ڪيو ۽ سن 1920ع واري پيرس شهر جي شاهوڪار ماڻهن جي زندگيءَ ۽ سماجي ماحول سان روشناس ڪرايو ۽ ان ۾ شامل ڪيو. کين هڪ پُٽ ”پائولو پڪاسو“ ڄائو، جيڪو وڏو ٿي، هڪ لوفر، سائڪلون هلائيندڙ ڇوڪرو ۽ پڻس جو مددگار ڊرائيور ٿيڻو هو. اولگا خوخولو فا جو سماج ۾ پنهنجي زندگي جو معيار ملڪيت جي بنياد تي سڌارڻ ۽ ترقي ڪري صاحب حيثيت طبقي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ۽ سندس مُڙس پڪاسو جي سوچ انهيءَ جي بلڪل ابتڙ، مال ملڪيت جي ڪابه خواهش نه هئڻ سبب، زال ۽ مُڙس جا ناتا نهايت خراب ٿي پيا. ساڳئي وقت پڪاسو سرگئي ڊائگهليف واري طائفي سان ڪم ۾ سهڪار ڪيو ۽ هن اِگورِن اِسٽرِيُونِسڪي نالي مشهور ڪمپوزَر سان سن 1920ع ۾ پُلسِنيلا نالي هڪ شهپاري بابت گڏجي ڪم ڪيو. انهيءَ وقت دوران پڪاسو، انهيءَ عظيم ڪمپوزر جون ڪيتريون ئي تصويرون ٺاهي ورتيون سن 1927ع ۾ پِڪاسو هڪ سترهن ساله نوخيز دوشيزه مَيري ٿيريسِ والٽر سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس ڳجها ناتا جوڙيا. انهن ڏِينهَنِ پڪاسو جي زال اولگا، کانئس خائف رهندي، نيٺ پڪاسو کان جدا ٿي وئي، پر پڪاسو کيس طلاق ڪانه ڏني، ڇو ته فرانس جي ازدواجي قانون موجب مڙس جي سموري ملڪيت جو پورو اڌ طلاق ڏنل زال کي ڏيڻو آهي. پڪاسو تنهن وقت اولگا کي پنهنجي جائيداد ۽ ٻي مليڪت جو مقرر حصو ڏيڻ هرگز نٿي چاهيو ۽ هوءَ پڪاسو کان طلاق وٺڻ کان سواءِ، سن 1955ع ۾ گذاري وئي. ٻئي طرف پڪاسو ميري ٿيريس والٽر سان پنهنجا دوستانه تعلقات برقرار رکيا، تنهن ڪري کين هڪ ڌيءَ مايا پيدا ٿي. ميري کي آسرو هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن پڪاسو ساڻس شادي ضرور ڪندو. تنهن ڪري چار سال پوءِ به پڪاسو جي وفات تائين، ميري پڪاسو سان شادي رچائڻ ڪارڻ پاڻ کي سِيڙايو ويٺيِ هئي. پڪاسو پنهنجي حياتيءَ دوران ڪيترين ئي عورتن سان محبت وارا ناتا جوڙيا، انهن مان ٻن سان هن شادي ڪئي ۽ ٽن عورتن مان کيس ڪل چار ٻار پيدا ٿيا. سندس پُٽ پائول جو زيف پڪاسو، جنهن کي پائولو سڏيندا هئا. اهو 4.2.1921 تي ڄائو ۽ 5.6.1975 ۾ وفات ڪيائين. ان جي ماء اولگا خوخولوفا هئي. سندس ڌيءَ ماريا ڊي لاڪَنسِپِشن پڪاسو، جنهن کي مايا سڏيندا هئا. اها سندس سنگتياڻي ميري ٿيريس والٽر مان 5.9.1935 ۾ ڄائي هئي. سندس ٻيو پُٽ، ڪلاڊ پِيئَر پبلو پڪاسو، سندس ٻي زال فِرانِڪُوئِز گِيلَٽ مان 15 مئي سن 1947ع ۾ ڄائو ۽ ساڳي زال گِيلٽ مان کيس ٻي ڌي ايني پالو ما پڪاسو 19 اپريل 1949ع ۾ ڄائي. فوٽو گرافر ۽ مُصَوَره ڊورا مار، پڪاسو جي عاشقياڻي، پڪاسو سان گهڻو وقت سنگت ۾ رهي. سن 1930ع واري ڏهاڪي جي پوئين حصي ۽ 1940ع واري ڏهاڪي جي اڳئين حصي دوران سندن سنگت گهري هئي. ڊورا مار پنهنجي محبوب فنڪار پڪاسو جي گوئِرنِيڪا نالي فني شاهڪار جي ڊاڪيومينٿري تيار ڪئي. ٻي عالمي لڙائي دوران پڪاسو پيرس ۾ ئي هو. ته جرمنيءَ جي فوج پيرس شهر تي قبضو ڪري ورتو. پڪاسو کي جرمن قابض حاڪمن جو آرٽ سان وهنوار ڪونه آئڙيو، تنهن ڪري انهيءَ قبضي دوران، پنهنجي تخليقن ۽ فنپارن جي نمائش ڪانه ڪئي. جرمن فوجي پوليس هٿان پڪاسو کي اڪثر طور حراسان ڪري ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو ويندو هو. هڪ دفعو سندس گهر جي تلاشي دوران، جرمن فوجي پوليس گيسٽاپو جي اهلڪارن پڪاسو جي شهپاري گوئرنيڪاکي ڏسي، کانئس پڇيو ته هي تصوير تو ٺاهي آهي؟ جواب ۾ چيائين ته اها تصوير منهنجي ٺهيل ڪانهي، پر پوليس ضد ڪيو ته اها تنهنجي ئي ٺاهيل آهي. سندس اِسٽوڊِيو واري مهملي دوران پڪاسو مصوري جو عمل جاري رکيو ۽ اِسِٽِيل لائيف وِٿِ گيٽار 1942ع ۾ ۽ پوءِ 1944ع دوران ڪارنل هائوس جهڙا شاهڪار تخليق ڪيا، جرمن قابض حاڪمن طرفان پَيرِِس ۾ ڪنجهي ڌاتوءَ جي استعمال کي غير قانوني قرار ڏنو ويو هو، پر ان جي باوجود پڪاسو پنهنجي ڪم ۾ اهو ڌاتو لڳاتار استعمال ڪندو رهيو ۽ انهيءَ د‍ؤر ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار جو ذريعو، بُرش بدران قلم کي ڪم آڻي، لکڻ شروع ڪيو. هن سن 1935ع ۽ 1959ع جي وچ واري عرصي ۾ ٽي سؤ کان به وڌيڪ تعداد ۾ شعر لکي ورتا. انهن شعرن جي گهڻائي بناعنوان هئي. البت انهن شعرن تي تاريخ لکيل هئي. ۽ ڪن شعرن تي لکڻ وارو ماڳ به درج ٿيل هو. مثال طور هڪ شعر تي عنوان بدران، پيرس 16 مئي 1936ع لکيل هو. سندس لکڻيون مزيدار سوادي، شهواني ۽ فحاشي آميز پڻ هيون. سندس ٻه وڏا ناٽڪ، هڪڙو 1941ع ۾ لکيل، ”ڊزائر ڪاٽ باءِ دي ٽيل“ ۽ ٻيو 1949ع ۾ لکيل، ”ڊي فور لِٽل گرلس“ پڻ ساڳين تصورن کي ظاهر ڪن ٿا. سن 1944ع ۾ پيرس شهر جرمن قابض فوج کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ، ٽيهَٺ سالن جي ڄمار ۾، پڪاسو آرٽ جي هڪ نوخيز شاگردياڻيءَ سان پريمي ناتا جوڙيا، ان دوشيزه جو نالو فرانڪُوئِز گِيِلَٽ هو. تڏهن هوءِ پڪاسو کان پورا چاليهه سال ننڍي هئي. انهيءَ وقت پڪاسو سنگتياڻيءَ دورا مار مان ڪڪ ٿي، هٿ ڪڍي، گِيلَٽ سان گڏ رهڻ لڳو. گِيلَٽ مان کيس ٻه ٻار، هڪ پُٽ ڪِلاڊ، سن 1947 ۾ ڄائو ۽ هڪڙي ڌيءَ پالوما، 1949 ۾ ڄائي، فِرانڪُوئِز گِيلَٽَ سن 1964ع ۾ ”لائيف وِٿ پِڪاسو“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو، تنهن ۾ پڪاسو جي ساڻس بدتميز رَوَيي ۽ ڪيترن ئي بيوفائيءَ جي واقعن کي، بيحد ڏُکاري ٿيندي بيان ڪيو آهي. انهيءَ بيجا وهنوار سبب، مجبور ٿي. گيلَٽ ٻنهي ٻارن سميت پڪاسو کي ڇڏي وئي. ٻارن جي جدائيءَ پڪاسو کي ڌچِڪو رسايو. پڪاسو جي سنگت گِيلَٽ توڙي کانئس به وڏي عمر جي ڪيترين ئي عورتن سان رهي. گِيلَٽ سان سندس سنگت دوران، سن 1951ع ۾ جينيويو لَيپورٽ نالي هڪ عورت سان پڪاسو جو فقط ڇهن هفتن تائين تعلق قائم ٿيو.
    اها دوشيزه گيلَٽ کان به چار سال ننڍي هئي. پڪاسو پنهنجي ستر ورهين جي عمر ۾ ڪافي رنگين تصويرون، مس سان ٺهيل تصويرون ۽ ڇاپيل تصويرون تخليق ڪيون، جن ۾ انتهائي بدصورت ڄامڙن کي، بيوقوفيءَ جي حد تائين، بيحد خوبصورت ۽ حُسنَ جي ماڊل دوشيزائن جي عاشق جيوڙي طور پيش ڪيو آهي. فرانس جي هڪ نديءَ تي آباد هڪ شهر، ويلاس ۾ مَيڊورا پاٽري نالي هڪ سيرامِڪسِ ڪمپنيءَ ۾ جيڪولين روق نالي هڪ عورت ڪم ڪندي هئي. انهيءَ ساڳي ڪمپنيءَ ۾ پڪاسو به ڪم ڪرڻ لڳو، تنهن جي ڪم کان متاثر ٿي، جيڪولين پڪاسو تي عاشق ٿي پئي ۽ سن 1961ع ۾ پِڪاسو جي ٻيو نمبر زال ٿي پئي ۽ پڪاسو جي وفات تائين ساڻس گڏ هئي. پڪاسو جي جيڪولين روق سان شادي، گِيلَٽ کان هڪ قسم جو انتقام پڻ هو. پِڪاسو گِيلَٽ کان انتقام وٺڻ لاءِ، گيلٽ کي ساڻس شادي ڪرڻ جو آسرو ڏئي، سندس مڙس، لڪ سائمن جي خلاف ڀڙڪائي، مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ، گِيلَٽ هٿان ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪرائي ۽ پاڻ يعني پڪاسو ڳجهه ڳوهه ۾ جيڪولين روق سان وهانءَ رچائي ورتو. انهيءَ مُخاصمَت ۽ انتقامي ڪردار سبب، گِيلَٽ مان پيدا ٿيل پڪاسو جي ٻارن جا ناتا پيءَ سان خراب ٿي ويا. انهيءَ وقت پِڪاسو گوٿڪ طرز تعمير تي مُبَني هڪ شاهي گهر جوڙايو هو ۽ فرانس جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ماس ناٽِرڊَيم ڊِي وائي ۽ اَيلپس صوبي جي ڪوٽ ڊي ازِيُور جهڙن ماڳن تي پڻ محل ماڙيون اڏائي سگهڻ واري حيثيت جو حامل ٿي چُڪو هو. ڇو ته شخصي زندگي توڙي سندس آرٽ جي لحاظ کان هُو هاڻي عالمي شهرت ماڻي رهيو هو. سندس فنڪارانه صلاحيتن جي ڪاميابيءَ سان گڏ، هُن ڪجهه فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي. جين ڪلاٽِيُو جي، ”ٽيسٽامينٽ آف آرفِي ئَس“ ۾ هُن ڪامِيو جو ڪردار ادا ڪيو. سن 1955ع ۾ پڪاسو، ”دِي مِسٽرِي آف پڪاسو“ نالي فلم ٺاهڻ ۾، ان فلم جي ڊائِرَيَڪٽر، هينرِي جارجِس ڪِلائُوزَٽِ جي مدد ڪئي. پِڪاسو فني، علمي ۽ ادبي سرگرمين کان سواءِ سن 1944ع ۾ فرانس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ پولينڊ ۾ سڏائيل امن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. سن 1950ع ۾ کيس سوويٽ يُونِيئَن جي حڪومت طرفان اِسٽالِن پيس پرائِيزِ مليو. پر سندس تخليق ڪيل اسٽالن جي پورٽريٽ تي، سندس پارٽي پاران ٿيل تنقيد جي نتيجي طور، هُن سوويٽ سياست مان دلچسپي ختم ڪري ڇڏي. تنهن جي باوجود هُو مرڻ گهڙيءَ تائين فرينچ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. سن 1945ع ۾ هڪ صحافي، جيروم سيڪِلر کي انٽرويو ڏيندي پڪاسو چيو ته: آئون هڪ ڪميونسٽ آهيان ۽ منهنجي مُصَوَرِي به ڪميونسٽ مُصَوَرِي آهي. پر جي ڪڏهن آئون هڪ موچي هجان، شاهه پرست يا ڪجهه ٻيو هجان ها ته پوءِ ضرور ڪونه هو ته آئون موچڪي ڪم ۾ ڪنهن جُتيءَ کي پنهنجي سياسي وابستگي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪنهن مخصوص انداز سان مُترڪِي هڻان، انهيءَ دؤر ۾ سياست ۾ داخل ٿيڻ سبب، سندس همعصر فنڪارن ۽ دوستن جا ساڻس باهمي اختلاف پيدا ٿي پيا. سندس شاعر دوست، اَينڊرِي بِريٽَن، اِسٽالِن مخالف ۽ ٽراٽِسڪيءَ جو حامي هئڻ سبب، پڪاسو کان سنگت ڇِني ڇڏي. سن 1962ع ۾ پڪاسو کي لينِنِ امن انعام مليو، ته آرٽ جو نقادَ جانِ بَرگرَ پنهنجي تاثر ۾ چيو ته پڪاسو جي فن کي ڪميونسٽن تباه ڪري ڇڏيو. پِڪاسو ڪوريا واري جنگ ۾ آمريڪا ۽ اقوام مُتحده جي مُداخلت جي خلاف هو ۽ ”ماسيڪِر ان ڪوريا“ جي عنوان سان فني شاهڪار تخليق ڪيا. سندس مصوريءَ جا ڪيترائي شاهڪار، دنيا جي سڀني کان وڌيڪ قيمتي شاهڪارن ۾ شمار ٿين ٿا. سندس تخليق”ڪارڪن آلا پائيپ“ 4.5.2004 ۾ سوٿيبِيزِ نالي بازار ۾ هڪ سؤ چَئِين مِلِئَن آمريڪي ڊالرن جي وڏي ۾ وڏي قيمت ۾ وڪِجي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو. ڊورا مار اَؤُ چَيٽِ شاهڪار 3 مئي،
    سن 2006ع ۾ پنجانوي، ڏهائي پنج مِلِيئَن ڊالرن ۾ ساڳئي هنڌ وِڪيو. چار مئي سن 2010ع ۾ سندس تخليقي شاهڪار ”نِيُوڊِ گِرين لِيوِزِ اَينڊ بَشٽِ“، ڪِرسٽِيزِ بازار ۾، هڪ سؤ ڇهه، ڏهائي پنج مِلِيئَن آمريڪي ڊالرن ۾ وِڪيو. 11 مئي 2015ع ۾ سندس شاهڪار، ”وومين آف اَلقِيئَرس“ نيوپارڪ شهر جي ڪرسٽيز ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾، هڪ سؤ اُوڻاسِي ڏهائي ٽِن مِلِيئَن آمريڪي ڊالرن جي تمام ڳرِي قيمت ۾ وِڪيو ۽ ان وقت تائين اُها ئي تصوير، سَڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ قيمت ۾ وِِڪِي هئي. سن 2004ع ۾ آرٽ مارڪيٽ ٽِرينڊِسِ جي رپورٽ موجب نيلام ذريعي وڪرو ٿيندڙ فنپارن ۾ پڪاسو ٽاپ رَينڪِڊ آرٽِسٽِ رهيو. گم ٿي ويلَ يا چورائجي ويلَ تصويرن ۾ سڀني کان گهڻيون تصويرون پڪاسو جون تخليقون هُيون. آرٽ لاس رجسٽر ۾ پڪاسو جي چورائجي ويلَ تخليقن جو تعداد، پنج سؤ پنجاه هو. پِڪاسو 8 اپريل 1973ع ۾ فرانس جي شهر مُوگِنسِ ۾ سندس گهر ۾ انهيءَ وقت وفات ڪئي، جنهن وقت پاڻ ۽ سندس زال جيڪولين ڊِنر تيار ٿيڻ جي انتظار ۾ پنهنجن آئيل دوستن سان ڪچهريءَ ۾ مَحوِ هئا. کيس اَيڪسِ ايبن پراوِنس جي ويجهو، سندس ٻهراڙيءَ ۾ شاهي گهر جي اڳيان سندس ذاتي زمين ۾ دفن ڪيو ويو. اُها زمين ۽ گهر هن سن 1958ع ۾ خريد ڪيا هئا ۽ پاڻ سندس زال جيڪولين ساڻ سن 1959ع کان 1962ع تائين اُتي رهندو هو.


    5

    جيڪولين، گِيلَن مان پيدا ٿيل پڪاسو جي ٻارن، ڪلاڊ ۽ پالوما کي پڪاسو جي تدفين وارين رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، ڇو ته اُهي سندن ماءُ سان گڏ، سندن پيءَ کي ڇڏي هليا ويا هئا. پڪاسو جي وفات کان پوءِ به جيڪولين ٻارهن سالن کان وڌيڪ حياتيءَ جا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذاريا، جن کان حيران، پريشان ۽ تنگ ٿي پيل ويڳاڻي جيڪولين روق اُڻهٺ سالن جي ڄمار ۾ سن 1986ع ۾ پاڻ کي بندوق هڻي، آپ گهات جي صورت ۾ پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو گُل ڪيو!
    پڪاسو ميوزم گهمڻ کان پوءِ اسان هت بيچ ڏسڻ وياسين. هت هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مختصر ڪپڙن ۾، ڪي اُبتا سُتا پيا هئا ته ڪن ليٽندي
    اخبار پي پڙهي. ڪي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ليٽيا پيا هئا، ته منجهائن ڪي وري ڪنن ۾ وائر وجهي ايئرفون وسيلي گانا ٻڌي رهيا هئا، ڪي ڊوڙون وجهي رهيا هئا ته ڪي مختلف رانديون کيڏي رهيا هئا. انهن مان گهڻا ته فوٽو به ڇڪي رهيا هئا. اسان به هڪ بينچ تي ويهي انهيءَ منظر مان لطف اندوز پي ٿياسين. اسپين ۾ زياده ۾ زياده سياح لَئٽِن آمريڪا يعني ڏکڻ آمريڪا مان اچن جيڪي پهريائين خود پاڻ اسپين مان وڃي ات آباد ٿيا هئا، جيئن انگريز، فرينچ ۽ يورپ جي ٻين قومن جا ماڻهو آمريڪا، آفريڪا، آسٽريليا، نيوزلينڊ، ڪيناڊا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا هئا.
    اسپين ۾ ٻئي نمبر تي سياح سڄي يورپ جا ماڻهو هت اچن، ڇو ته اسپين ۽ اٽليءَ کان سواءِ سڄي يورپ ۾ گرمي نه هئڻ جي برابر ٿئي ۽ سِج نالي ماتر نڪري. پر هت اسپين جي آفريڪا جي ملڪ مراڪش سان ملندڙ حصي، يعني قرطبه، غرناطه، ملاڪا ۽ سِوِلِ شهرن ۾ گرمي اهڙي ٿئي جهڙي پنهنجي سنڌ ۾ ٿئي ۽ يورپي ماڻهو پنهنجي جسم کي صبح جي پهر ۾ توڙي پوءِ صج جي روشني وٺائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ اسپين اچن. يورپيئن يونيئن جي ڪري سڄي يورپ جي هڪ ڪرنسي آهي. جنهن کي يُورو سڏين. يورپيئن يونيئن جي ملڪن وارن ماڻهن کي انهن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ويزا به وٺڻي ڪانه پوي کين ٻين گرم ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسپين ويجهو به آهي. هن ڀيري اسان سان گڏ هوندي منهنجي پُٽ نور محمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه، سندن پٽ عبدالحئي جونيئر ۽ سندن ڌيءَ زينب جا پاسپورٽ، ملاڪا ايئرپورٽ جي اميگريشن اهلڪارن کي ڏيکاريا ته اهي انگلينڊ جا پاسپورٽ هئڻ سبب، سواءِ هٿ لائڻ ۽ چيڪ ڪرڻ جي انهن اهلڪارن نور محمد کي موٽائي ڏنا . اسان ماني به بيچ تي کاڌي، جيڪا ڏاڍي مهانگي هئي. اسان ڪافي وقت هت گذارڻ بعد گهمندا ڦرندا فوٽو ڪڍندا اچي هوٽل تي سهڙياسين. رات جي ماني هوٽل تي ئي کائي، سمهي رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير تيار ٿي. اسان باقي سڄي ٽوئر لاءِ بڪ ڪرائيل گاڏيءَ ۾ چڙهي غرناطه روانا ٿي وياسين. نور محمد لنڊن ۾ رهي،
    جتي ليفٽ هينڊ ڊرائونگ ٿئي ۽ هت اسپين ۾ رائيٽ هَينڊ ڊرائِونگ آهي. گاڏي تمام سٺي هئي ۽ فيئٽ ڪمپنيءَ وارن جي هئي، پر ٺهي هندستان ۾ هئي، جتي ٽاٽا موٽرس ڪمپني وارن ٺاهي هئي ۽ ان جو نالو آريانا هو. جينئن پاڻ وٽ سوزوڪي، هونڊا، ٽويوٽا وارن جون گاڏيون پاڪستان ۾ ٺهن. مون ٻاهرين دنيا ۾ پهريون دفعو اها انڊيا جي ٺهيل گاڏي ڏِٺي هينئر سڄي دنيا جي چانورن جي مارڪيٽ تي هندستان قبضو ڪري چُڪو آهي. هاڻ هندستان جا واپاري پاڪستان مان چانور خريد ڪن ۽ ميڊ ان انڊيا جي ٺپي سان سڄي دنيا ۾ وِڪڻن. هڪ دفعو لنڊن ۾ مارڪ اسپينسَر جي دڪان تان جُتو خريد ڪيم ۽ ڏٺم ته ان تي ميڊ اِن پاڪستان لکيو پيو هو. هينئر سڄي دنيا اندر، خود آمريڪا ۽ يورپ ۾ به توهان کي گهڻو ڪري هر شي چين جي ٺهيل نظر ايندي. چين جي مقابلي ۾ آمريڪا انڊيا کي اڳيان آڻڻ چاهي ٿو ۽ کيس اڳيان آڻڻ جي پوري پوري ڪوشش به ڪري رهيو آهي. انهيءَ جو مثال افغانستان آهي، جتي ڏيڍ لک آمريڪي فوج موجود آهي ۽ آمريڪا جُرڳي ذريعي صدر چونڊائي افغانستان ۾ پنهنجي ڪَٽِپُتِلي حڪومت قائم ڪرائي آهي. اهڙي طرح آمريڪا افغانستان جو هن وقت ڪرتا ڌرتا آهي. تنهن ڪري هن افغانستان کي هاڻي انڊيا جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ افغانستان حڪومت جا سربراه سڄو ڏينهن پيا هندستان جون تعريفون ڪن. ايندڙ اٺن ڏهن سالن ۾ افغانستان تي مڪمل طرح سان انڊيا جو قبضو ٿي ويندو ۽ آمريڪا جي جڳهه اُت هندستان والاريندو. ايران ۾ به هندستان وڏي سيڙپ ڪري رهيو آهي ۽ هينئر تازو آمريڪا جي چوڻ تي انڊيا جو وزيراعظم نريندر مودي سعوري عربيه سميت ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جو دؤرو ڪيو. باقي دبئي جي معيشيت تي ته توهان هر هنڌ انڊيا کي قابض ڏسندا. هينئر دبئي ۾ توهان کي هر ملڪ جي ماڻهن کان وڌيڪ انڊيا جا ماڻهو نظر ايندا. آمريڪا لک ڪوششون ڪري ته دنيا ۾ انڊيا چائنا جي برابري ڪري، پر اهو ممڪن نٿو ڀائنجي، ڇو ته سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻي غربت هِنئر به هندستان ۾ آهي. اڄ 2016ع ۾ به هندستان جي يارهن رياستن ۾ ايتري ته خشڪ سالي آهي جو اُت پيئڻ جو پاڻي به ريل گاڏين ذريعي پهچائين ٿا. هندستان ۾ اسي ڪروڙن کان به گهڻا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن.اسان ملاڪا کان غرناطه اڍائي ڪلاڪن جي سفر بعد اچي رسياسين ۽ پنهنجي بُڪِنگ واري هوٽل ۾ ٿورو آرام ڪري. ماني کائي، پوءِ غرناطه شهر گهمڻ نڪتاسين. نور محمد جي گاڏيءَ ۾ لڳل گائيڊ ڊوائيس، گُوگل ڪمپنيءَ جو ٺهيل آهي. اهو اوزار نور محمد سندس گاڏيءَ مان لاهي آيو هو. اهو هن ٽوئر واري گاڏيءَ ۾ لڳائي ڇڏيو. اهو هر تفريح گاه، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، هوٽل، سپر مارڪيٽ، ڪارپارڪنگ، اسپتال، سينيما، ٿيٽر، مطلب ته انهي شهر جي الف کان ي تائين مکيه معلومات مهيا ڪندو آهي. اسان انهيءَ اوزار جي رهبريءَ ۾ ملاڪا کان غرناطه ۽ عرناطه ۾ بُڪنگ واري هوٽل تي پهتاسين ۽ هينئر به غرناطه شهر جي انهيءَ پراڻي ڀاڱي ۾، جيڪو اسلامي دؤر حڪومت ۾ ٺهيل هو، ات ويجهي ڪار پارڪنگ واري هنڌ گاڏي بِيھاري پيدل گهمڻ لڳاسين. هي رهبر پرزو دنيا جي شهر ۾ ڊرائيور جي اهڙي ته سٺي ۽ صحيح رهبري ڪري ٿو جو توهان کي نئين شهر ۾ به گاڏي هلائڻ ۾ ڪابه مُنجَهه سُنجَهه يا ڪا ڏکائي ڪانه ٿيندي.
    ڪار پارڪنگ گرائونڊ ۾ هر ڪم آٽوميٽڪ ٿئي. پارڪنگ پليس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستو لوهي ڏنڊي سان بند ٿيل هوندو آهي. انهيءَ گيٽ ۾ هڪ هنڌ سڪو يا ڪارڊ وجهڻ لاءِ سوراخ ٺهيل آهي. انهيءَ سوراخ ۾ سڪو يا مخصوص ڪارڊ وجهڻ سان رستو بند ڪندڙ ڏنڊو مٿي کڄي ويندو ۽ رستو کلي ويندو ته گاڏي هلائي اندر داخل ڪري مناسب جڳهه تي بيهاري گاڏي بيهارڻ لاءِ خالي جڳهه تي سائي رنگ جي بتي ٻري ٿي. ڪار پارڪنگ ڪيترن ئي طبقن تي مُشتمل هجي، پر هر پارڪنگ فلور تي لفٽ لڳل آهي. لفٽ ذريعي توهان صفا ٻاهر روڊ تي پهچي ويندا ۽ ٻاهر مرضيءَ موجب گهمي ڦري پوءِ واپس اچي پنهنجي گاڏي پارڪنگ مان ڪڍي هليا وڃو. پارڪنگ مان نڪرڻ لاءِ وري به ڏنڊو مٿي ڪرڻ لاءِ سِڪو يا ڪارڊ وجهڻو آهي. سڄي اسپين يا انگلينڊ ۾ ڪٿ به چيڪنگ ڪانه ٿئي، جيئن پنهنجي مُلڪ ۾ ڪِلفٽَن، ڊالمن مال ڪراچيءَ ۾ گاڏي چيڪ ڪن ۽ ڊِگِي به کولرائين، پوءِ اندر داخل ٿيڻ ڏين، تِينئَن هنن ملڪن ۾ بلڪل ڪونه ٿئي. باقي هوائي اڏن تي سخت چيڪنگ ٿئي. پر ماڻهن ذريعي گهٽ ۽ مشينن ۽ ڪئميرائن ذريعي گهڻي ٿئي. جنهن جي توهان کي خبر به ڪانه پَوي. اسان ڪار پارڪ ڪري، روڊ جي ٻئي پرئين پاسي کان چاڙهيءَ تي چڙهندا انهن بازارن مان ٿيندا وياسين، جيڪي مسلم دؤر حڪومت ۾ اهڙي جون اهڙيون هيون. چاڙهيءَ تي پهرين ته تڪڙا تڪڙا چڙهندا وياسين، پر پوءِ صفا آهستي چڙهڻ لڳاسين ۽ آخر ۾ ته صفا ڍڳو پير پيران وانگر هلڻ لڳاسين ۽ ڏاڍو ٿڪي پياسين. اسان کي بازار جي چوٽيءَ تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو هوندو. بازار بلڪل حيدرآباد واري ريشمي گَلِي وانگر هئي. چاڙهي واري رستي جي ٻنهي پاسن تي ڪنئين ننڍا وڏا دُڪان، هوٽلون، ريسٽورنٽ، بارون، ڪيفي وغيره موجود هيون. انهيءَ بازار جي چوٽيءَ يعني دنگ تي ٻه پارڪ هئا. هڪ وڏي پارڪ جي سامهون الحمرا محل، روشنين ۾ جرڪندي لاجواب لڳي رهيو هو. هت ان وقت سَوَنَ جي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا، جيڪي الحمرا محل جو اهو منظر ڏسي رهيا هئا ۽ انهيءَ منظر جا فوٿا ڪڍي رهيا هئا. اُتي مٿي هڪ وڏي جامع مسجد هئي، جنهن ۾ سج لٿي واري نماز پڙهي پئي وئي. مسجد ٻاهران توڙي اندران نهايت خوبصورت هئي. مسجد جي اڳيان هڪ خوبصورت پارڪ ٺهيل هو، انهيءَ ۾ ڦوهارا به لڳل هئا. اسان رات جو گهمندا ڦرندا، ڪنگس برگر ڪيفي تان ماني کائيندا، اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اسان ٿَڪَ کان بچڻ خاطر ٽِنهيِ وقتن جي مانيءَ کان پوءِ فروٽ فرض ڪري کائيندا هئاسين. رات جو سُوپ ۽ کير به ضرور پيئندا هئاسين. ڇو ته هت هل هلان تمام گهڻي ٿي ڪرڻي پئي. هت موجود ميون ۾ مون کي ناسپاتي ۽ انگور تمام گهڻا ٿي وڻيا. هتي واري ناسپاتي به بلڪل وڏي، نرم، مٺي خوشبودار ۽ بيحد لذيز هئي.
    زندگيءَ ۾ جيڪو ماڻهو وڌيڪ محنت ڪري ٿو، سو لطف به وڌيڪ ماڻي ٿو ۽ زندگيءَ جو مزو به گهٽ محنت ڪندڙ ماڻهن کان وڌيڪ ماڻي ٿو. مون کي اسپين جي عظيم شاعر گارشيا جي قبر يا ميموريئل ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. تنهن بابت هت ٻُڌايان ته ڊڪٽيٽر کيس مارائي سندس لاش به گم ڪرائي ڇڏيو. هُن وانگر شهيد پير پاڳاري ضبعت الله شاهه جي به ڪا قبر ٺهيل ڪانهي! انگريزن کيس ڦاسي ته حيدرآباد جي سينٽرل جيل اندر ڏني، پر دفن ڪٿ ڪَئُونس، اها خبر اڃا تائين، ڪنهن کي به ڪانه پئي آهي! گارشيا جي نالي سان غرناطه شهر ۾ هڪ پارڪ ٺهيل آهي. اسان ٻئي ڏينهن صبح سوير تيار ٿي الحمرا محل ڏسڻ وياسين. مون گهڻا سال اڳ طارق علي جو لکيل ڪتاب ”دِي ڪِلَيش آف فَنڊ امينٽلِزِمِسِ پڙهيو هو. تنهن ۾ هن لکيو ته مون سڄي ڌرتيءَ تي الحمرا جهڙي خوبصورت عمارت يا محل ڪونه ڏٺو. تڏهن مون کي به الحمرا ڏسڻ جو شوق ٿيو جوا هر لال نهرو به پنهنجي ڪتاب گلمس آف ورلڊ ھِسٽرِي ۾ اسپين جو ذڪر ڪيو آهي. مغربي يورپ جا ٻارهن ملڪ، مون، نورمحمد اسپين کان سواءِ ۽ مِنيٰ پنج ڇهه دفعا ڏٺا هوندا ۽ لنڊن ته مون تيرهن ڀيرا ڏٺو آهي ۽ جهڙو ڪر ڪراچي کان به وڌيڪ گهميو هوندس، جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ منهنجي مستقل رهائش آهي. هاڻي جڏهن اسپين گهمڻ جو پروگرام ٺهيو ته خيال ڪيم ته اسپين بابت ڪو ڪتاب هٿ ڪريان. سو ڪراچيءَ جي اردو بازار مان دڪانن تان پڇائي پڇائي نيٺ مستنصر حسين تارڙ جو اردو ۾ لکيل هڪ ڪتاب مليو جيڪو چاليهارو سال پراڻو لکيل هو. انهيءَ مان مون کي ڪابه رهنمائي ڪانه ملي. نه ئي وري ڪو اهڙو دوست مليو، جنهن اسپين گهميو ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي. منهنجي ۽ مِنيٰ جي پاسپورٽن تي انگلينڊ جي ويزا لڳل هئي. باقي اسپين ۽ پرتگال جي ويزا لاءِ يعني شينگن ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيوسين، جيڪا ويهن ڏينهن اندر ملي وئي. ان جي ملڻ شرط اسان فون وسيلي لنڊن ۾ رهندڙ پنهنجي پُٽ نور محمد کي چيو ته اسپين ۽ پرتگال جي ٽوئر لاءِ ٻارهن ڏينهن جي لاءِ هوٽلون، جيپ يا وڏي ڪار ۽ هوائي سفر جي لاءِ بُڪنگ ڪرائي ڇڏ، ته اسان لنڊن پهچون ۽ پوءِ اِسپين ۽ پرنگال جي سير تي گڏجي هلون. نور محمد ۽ سندس فيمليءَ کي هاڻ دنيا ۾ ڪٿ به ويزا جي ضرورت ڪانهي. ڪنهن به ايئرپورٽ تي ئي کين اسٽيمپ هڻي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ملي ويندي، باقي اسپين ۽ پرتگال ته يورپ ۽ يورپي يونيئن جا ملڪ آهن ۽ نور محمد وارا ته پاڻ يورپي يونيئن جا شهري هئا. اسان صبح جو تيار ٿي گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي الحمرا محل وٽ لٿاسين ۽ گاڏي الحمرا محل وٽ ٺهيل ڪار پارڪنگ ۾ بيهاري، پوءِ محل گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺي نَوين بجي صبح جو الحمرا محل ۾ داخل ٿياسين ۽ پوڃاڙيءَ جو پوڻين ٽين بجي اتان نڪتاسين. الحمرا محل گهمڻ لاءِ روزانه گهمڻ وارن جون ٻه شفٽون مقرر ٿيل آهن. پهرين شفٽ صبح نوَين بجي کان اڳين جو اڍائي بجي تائين ۽ ٻي شفٽ اڍائي بجي کان رات ساڍا اٺ بجي تائين، پر اسان پندرهن منٽ دير سان هتان نڪتاسين. الحمرا هڪڙو محل نه پر انهيءَ اندر ننڍا وڏا ڪيترائي محل تعمير ٿيل آهن، جن ۾ ملڪ جا حاڪم نه پر انهيءَ اندر اعليٰ اهلڪار پنهنجن پنهنجن منصبن مطابق مختلف محلن ۾ رهندا هئا. تنهن کان سواءِ محل لاءِ گهربل فوج جو به چڱو انگ اتي رهائش پذير هو. مون تُرڪيءَ ۾ بادشاهن جو محل ڏٺو آهي جيڪو توپ ڪپي ميوزم جي ڀرسان اڏيل آھي جنهن کي چَوَنِ حرم، فرينچ بادشاهن جا ورسائيل وارا محل به ڏٺا آهن، انگلينڊ جي راڻيءَ جو محل بڪنگهام محل، دهلي ۽ لاهور جي قلعن اندر بادشاهن جا محل، ديوانِ عام ۽ ديوانِ خاص، جپان جي بادشاهي محل جو سياحن لاءِ کليل حصو ڏٺو آهي، فتح پور سڪريءَ ۾ اڪبر بادشاه جو گهر به ڏٺو آهي، پر الحمرا جهڙو خوبصورت محل مون کي ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ۽ ڪٿي سُجهي به ڪونه ٿو. الحمرا محل بابت جيڪو منهنجو تصور هو. هي محل حقيقت ۾ انهيءَ کان هزار دفعا وڏو، سهڻو ۽ پروقار محل آهي. هت جن بادشاهن حڪومت ڪئي ۽ هي محل تعمير ڪرايو ۽ پنهنجي تصرف ۾ آندو، انهن کي هن حقيقت جو احساس ڪو نه هو ته هي اسان جو مورو ثي ملڪ ڪونهي ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن اسان کي هتان ضرور نڪرڻو ئي پوندو. اڄ هي محل اسپين جي ملڪيت آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح، ڪَهِي هِت اَچن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته ٻنِهي شفٽن ۾ محل گهمندڙن جو تعداد هڪ ڏينهن ۾ ٽيهن هزارن کان يقيناََ چڙهيل هوندو.
    هي محل پنهنجي جاءِ وقوع تي پوءِ اڏيو، تنهن کان گهڻو اڳ، انهيءَ ڀيڻيءَ تي رومن اِمپائير جي قبضي دوران هڪ قلعو اڏيو ويو هو ۽ پوءِ وري عربن جي قبضي دوران سن 889 عيسويءَ ۾ رومي قلعي جي ڦٽل آثارن تي عرب حڪمران به هڪ ننڍو قلعو اڏيو هو، پر ملڪ ۾ امن امان قائم. هئڻ سبب انهيءَ جي سار سنڀال تان تَوَجهه هٽي وئي، تان جو تيرهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري غرناطه جي عرب حاڪم محمد بن الحمر کي قلعي جي اهميت جو احساس ٿيو، تنهن قلعي جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ، هي الحمرا محل به اڏايو. هن خوبصورت محل کي سن 1333ع ۾ غرناطه جي سلطان، اليُوسِف اول، بادشاهي محلات ۾ تبديل ڪيو. سن 1492ع ۾ عيسائي راڻي آئيزا بيلا جي غرناطه ۾ حڪومت جي قيام کان پوءِ هن محلات ۾ جُزوي تبديلي آڻي، منجهس قيام سان گڏ بادشاهي درٻار به منعقد ڪرڻ شروع ڪيو ويو، جتي جڳ مشهور سامونڊي مهم جو، ڪِرسٽوفَر ڪولَمبَس کي هندستان ڏانهن مهم جوئيءَ لاءِ به شاهي پروانو عطا ڪيو ويو. سن 1526ع ۾ بادشاه چارلس اول، هن محل ۾ عيسائي حڪومت جي نشاط ثانيه جي تقاضا موجب، روم جي مقدس شهنشاه جي شان شانيءَ سان ٺهڪندڙ ۽ اسپين ۾ عرب دؤر حڪومت ۾ رائج طزر تعمير سان مشابهتِ رکندڙ هڪ نَئون محل اڏڻ خاطر هڪڙو معمارن جو جٿو جوڙيو هو، پر غرناطه ۾ وڳوڙن سبب اهو محل ڪڏهن به پايئه تڪميل کي ڪونه پهتو. الحمرا محل ۾ عرب دؤر حڪومت جي پڇاريءَ واري گهراڻي جي حڪومت دؤران تمام وڏي پيماني تي سينگار، آرائش ۽ تَزعِين بادشاهن جي پسند موافق تمام ڪمال جي درجي تي ڪرائي وئي هئي. تنهن کان پوءِ ڪيترين صدين جو عرصو گذرڻ ۽ حرام خور ۽ لاغرض ماڻهن جي قبضي هيٺ رهڻ ۾ فرينچ فوجي آمر، نيپولِيئَن طرفان تخريبي ڪارروائين جو شڪار ٿيڻ بعد، هن بي مثال محلات جي اهميت جو، سرڪار کي احساس ٿيو. اڄڪلهه هي محل اسپين جي سياحت وارين مڙني عمارتن ۽ ماڳن ۾ مکيه حيثيت جو حامل، اسپين ۾ اسلامي طرز تعمير جي بيحد خوبصورت مثال جي نمائش ڪري رهيو آهي. انهيءَ ۾ عرب دؤر حڪومت کان پوءِ واري عيسائي دؤر حڪومت دؤران ٿيل تعميرات ۽ باغيچن جي موجودگي به شامل آهي. هي الحمرا محل ۽ اتي جي سموري اڏاوت هن دؤر ۾ اقوام متحده جي اهم اداري جي طرفان، نه فقط اسپين جي قومي ورثي ۾ شامل آهي، پر اهو دنيا جي سمورين قومن جي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي گيتن ۽ داستانن جي اُتساء جو حامل آهي. گهڻي وقت تائين نظر انداز رهندي، اِرادتا ثقافت کي نقصان رسائيندڙن جي وَرِ چڙهندي ۽ غلط اندازن موجب ٿيل مرمت جي باوجود، بازنطِيني طرز تعمير جي اثرات کان ڪي قدر آجو رهندي، الحمرا محل، يورپ ۾ مسلم هنر تعمير جو لاجواب ۽ نرالو مثال آهي. محل جي عمارتن جي تعمير اڪثر ڪري چوڪنڊي مستطيل شَڪِل جي آهي ۽ منجهس ٺهيل سڀني ڪمرن جا دورازا وچ تي اڱڻ ۾ کُلن ٿا. محل ۾ بعد ۾ تَعمير ٿيل وڌيڪ ڪمرا پڻ تعمير جي اڳ ۾ ڪم آندل اصول تحت اڏيا ويا. هن محل جي تعميرات ۾ اضافو مختلف وقتن تي مختلف حڪمرانن سندن خواهش پٽاندر وقتاََ فَوقتاَ پئي ڪيو، اهي سمورا فرمان روا ساڳي ڌرتيءَ تي جنت اڏڻ واري تصور جا حامل هئا. محل جي هر گوشي ۾ تعمير ٿيل صحن پِلَرن جي خوشنما قطارن وارن وِرانڊن ۽ آراسته ڇڄهرين تي مشتمل آهي. صحن ۾ وڻندڙ تلاءِ، جنهن ۾ ڪيترائي ڦوهارا چالو آهن. محل کي ٻاهران ڄاڻي ٻُجهي خصوصي طور تزعين کان آجو ۽ سادو پر پُروقار رنگ ڏنو ويو هو. محل ۾ نِيلو، پِيلو، سُرخ ۽ سونهري رنگ جو استعمال گهڻو ٿيل آهي. محل جي تعمير اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٿيل آهي جو منجهس هوا ۽ روشنجي جو گذر مڪمل طور ٿيندڙ آهي. اندر اندر ڀِتيِنِ توڙي ڇتين تي قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جي جامِٽريڪل ڊزائينن سان بيحد خوبصورت خطاطي ٿيل آهي، اها چمڪندڙ رنگن سبب جهرڪي رهي آهي ۽ محل جي آرائش ۾ نهايت حسين امتزاج آهي، رنگين ٽائيل ديوارن ۾ پينل ڊزائين ٺاهڻ ۾ ڪم آندل آهن. اُڪَريل پٿرن جي ڀيٽ ۾ تعميري چٽساليءَ جو هنر ۽ ڪاريگري گهڻي ڀاڱي اِسٽُوڪو پلستر تي ٺهيل آهي. الحمرا محل ۽ ان جي چوڌاري ٿيل تعميرات واري ايراضيءَ ۾ موجوده وقت ۾ مقرر معمار، پيڊِرو سَلميرون ايسڪوبار جي چوڻ موجب هي محل غرناطه واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل پراڻي قلعي جي کنڊرن واري ڀيڻي تي تعمير ٿيل آهي، جيڪا درو نديءَ جي تراش ۽ خراش جي نتيجي ۾ نمودار ٿي انهيءَ ماڳ واري مٽيءَ جو رنگ ڳاڙهسرو آهي. قديم قلعو پڻ انهيءَ ڳاڙهسري مٽيءَ مان جوڙيو ويو هو. انهيءَ رنگ جي نسبت سان انهيءَ ننڍڙي ٽڪريءَ يا بُٺِيءَ کي ڳاڙهي بُٺيءَ چوڻ ۾ آيو. محل ۾ سفيد اِستُوڪو پلستر تي ٿيل چٽسالي حيرت انگيز حد تائين سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ موجود برفاني جبلن تي ڳريل برف وارو پاڻي، اوڀر طرف ۾ تعمير ڪيل آبي ٽاور ۽ چينل وسيلي محل ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ تعمير ڪيل پاڻي جي ٽانڪين ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي، جنهن ٽڪريءَ تي الحمرا محل اڏيل آهي، تنهن جي چوٽيءَ وارو سطحي ميدان ڊيگهه ۾ اٽڪل 740 ميٽر يعني 2430 فوٽ ٿيندو ۽ انهيءَ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 205 ميٽر يعني 670 فوٽ ٿيندي، تنهن موجب انهيءَ ٽڪريءَ جي مٿاڇري واري ايراضي اٽڪل هڪ لک ٻائيتاليهه هزار چورس ميٽر، يعني پندرهن لک ٽيهه هزار چورس فوٽ ٿيندي. الحمرا محل جي دنگ اولهه طرف تي انجو مورچا بند ڪوٽ اڏيل آهي، جديد د‏ؤر جي سياحتي تقاضا موجب، محل ۾ داخل ٿيڻ واري اڳوڻي رستي ”بابل العدل“ جي بدران هاڻي مارڪيٽ اسڪُوائر واري گيٽ مان وڃڻو ٿو پوي. محل جي وائين گيٽ وٽان ڦُٽَندَڙ رائيل اسٽريٽ محل کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو. انهيءَ ورهاست موجب ڏاکڻي ڀاڱي ۾ رهائشي ڪوارٽر، مسجدون، حمام ۽ مختلف ڪمن لاءِ مخصوص تعميرات موجود آهي. انهيءَ شاهي رستي جي اترئين ڀاڱي ۾ بادشاه شهزادن ۽ اميرن جا ڪيترائي محل تعمير ٿيل آهن، جن ۾ عاليشان باغيچا، تلاءَ ۽ انهن ۾ ڦوهارا نصب ٿيل آهن. انهيءَ ڀاڱي ۾ بادشاهي درٻار ۽ شاهي تخت گاه تعمير ٿيل آهي. تخت گاه جي ٽن طرفن کان ٽي وڏيون دريون ٺهيل آهن، جن مان سڄو شهر مڪمل طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. محل اندر تعمير ٿيل پَيلِسِ آف لائِيَنسِ شاهي حمام سان متصل آهي. انهيءَ مَحل سان وابسه باغيچي، مان شهر جو منظر حيرت انگيز آهي. الحمرا نالي محل محلاتن ۾ سينگار ۽ سجاوٽ جو هنر غرناطه ۾ اسلامي عرب حڪوت جي پوئين دؤر ۾ مروج سجاوٽ وارو هنر ڪم آندل آهي.

    اڏاوت ۾ اسپين ۾ اسلامي دؤر حڪومت ۾ ايجاد ڪيل اڌگول وَنگ کي هن محل جي اڏاوت ۾ پڻ ڪم آندو ويو آهي. محل جي ڇتين جي ڊيڪوريشن ۾ پڻ اسلامي طرز تزعين اختيار ڪيل آهي. ڪمرن اندر ڀتين جي پينلن وَنگُن، ٿَنڀن يا پِلَرَنِ تي عربي خطاطي جاميٽريءَ جي نهايت سهڻين ڊِزائِينن ۾ ٿيل آهي. عربي خطاطيءَ ۽ عبارت ۾ غرناطه جي مختلف عرب حڪمرانن سان گڏ سلطان يوسف اَوَلِ، سلطان محمد پنجين ۽ سلطان اسماعيل اول کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪيترين ئي صدين جي طويل عرصي گذرڻ سان، هن محل ۾ ڪم آندل عربي طرز تعمير ۽ فن کي نقصان، خرابي ۽ ڦيٽاڙو ٿيو، جنهن ڪري سن 1812ع ۾ فرينچ ڪانوِنٽِ سيبا سِٽينيِ جي حڪومت دؤران فرينچن محل جا ڪجهه ٽاور، ڦِٽائي زبون ڪري ڇڏيا ۽ 1821ع ۾ آئيل زلزلي سبب هتي وڌيڪ ڀڃ ڊاهه ٿي. سن 1828ع ۾ معمار جوس ڪنٽريراس محل جي مرمت ۽ تعمير نو جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ بادشاه فرڊيننڊ ستين سن 1830ع ۾ محل کي وقف قرار ڏنو. سن 1847ع ۾ معمار، ڪَنيٽريراس جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ رافائيل محل جي تَعميرِنَو جو ڪم ڪاميابي سان جاري رکيو ۽ رافائيل کان پوءِ رافائيل جي پٽ پڻ اهو ڪم جاري رکيو. الحمرا محل اسپين ۾ مسلم دؤر حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ سلطان يوسف اول، جنهن، اسپين ۾ سن 1333ع کان 1353 تائين حڪومت ڪئي ۽ غرناطه ۾ پنهنجو شاهي محل تعمير ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ غرناطه جي حڪمران محمد پنجين جي دؤر حڪومت م جُڙي راس ٿيو. امير محمد غرناطه ۾ 1353 کان 1391ع تائين حڪومت ڪئي. اهو محل اسپين ۾ اسلامي ثقافت جو لاثاني مثال آهي. جتي مسلمانن جي خلاف اسپين جي اصل باشندن عيسائين طرفان ٿيندڙ حملن جي يلغار دوران اسپين جي مختلف شهرن مان ڀڄي ايندڙ مسلمان عالمن ۽ فنڪارن ۽ ڪاريگرن اچي پناه ورتو هو. حقيقت جي نظر سان ڏسجي ته هن محل جي تعمير سبب هن ڀيڻيءَ تي وڌيڪ عمارتن جي تعمير ٿي، محل، قلعي ۽ ٻين رهائش جي ڪوارٽرن ۽ هن ماڳ تي پوکيل باغ باغيچن ۽ حمامن لاءِ گهربل پاڻيءَ لاءِ درو نديءَ مان ڳچ چينل کوٽي تيار ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي طور هي ماڳ، عرب اسلامي ثقافت جو حقيقي مظهر ۽ اصل علامت طور، اسپين ۾ مسلمان، عيسائين ۽ يهودين جي ڪاريگري ۽ فنڪارانه صلاحتن جي عڪاسي ڪندڙ هڪ اسلامي يادگار ماڳ ٿي پيو. الحمرا جي لغوي معنيٰ ڳاڙهي رنگ واري ڪاشئي يا ٽول آهي، جيڪو اصل ۾ هن ٽڪري جي مٽيءَ جي ڳاڙهسِري رنگ تان اخذ ڪيو ويو. هتي ٺهيل قلعي جي تعمير ۾ اها ڳاڙھسري مِٽِي ڪم آندل آهي. ٻيو خيال اهو آهي ته هن محل تي الحمرا نالو، محل اڏائيندڙ حاڪمن جي گهراڻي جي نسليِ نُکَ بنو الاحمر تان ورتل آهي. بنو الاحمر، اصل عرب قبيلي بنو خزرج جي شاخ يا نُکَ آهي، جيڪا سندن جد امجد، يوسف الاحمر جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آئي. اصل ۾ الحمرا محل جي عمارتن کي چُن جي سفيد رنگ سان پوچي ڏني وئي هئي پر هاڻي انهن ۾ ڳاڙهاڻ بَکي پئي. الحمرا قلعي بابت تاريخ ۾ پهريون حوالو، اسپين جي عرب حاڪم عبدالله بن محمد جي حڪومت دوران عربن ۽ سندن مخالف اسپين جي اصل ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگين جي احوالن ۾ سامهون آيو. عبدالله بن محمد اسپين ۾ سن 888ع کان 912ع تائين حڪومت ڪئي. انهن جنگين مان هڪڙي مُعرقي ۾ عرب لشڪر کي شڪست به آئي هئي، پر عرب لشڪر اسپيني لشڪر کي نيٺ پسپا ڪري ڇڏيو، تڏهن عرب لشڪر پهرين هار کاڌي ۽ ڀڄي اچي هن ڀيڻي جي ويجهوئي، قديم الويرا صوبي ۾ ٺهيل هڪ قلعي ۾ اچي پناه ورتو هو. قديم الويرا صوبو، موجوده غرناطه جي حدن اندر هو. بچي ويل دستاويزن مطابق اھا ڳاڙهي قلعي جي مضبوط عمارت نه هئي ۽ حمله آور لشڪر ان تي آسانيءَ سان قابض ٿي سگهي ها. اهو قلعو يارهين عيسوي صدي تائين نظر انداز رهيو ۽ ان وقت بَدِس بن هبص بادشاه جي وزير، سيميوئل ابن نُغريلا ان جي مرمت ڪرائي نصر گهراڻي جي بادشاهيءَ جو پايو وجهندڙ بادشاهه ابن النصر، اسپين جي ڪيسٽائيل واري بادشاه فرڊيننڊ ٽئين وٽ پيش پوڻ جي بجاءِ جين شهر ڏانهن ڀڄي ويو. غرناطه ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ ابن النصر، امير بدس جي رهائش گاه نالي الحمرا ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ بادشاه جي شايان شان هڪ نئون محل اڏڻ لاءِ حڪم صادر ڪيو ۽ هڪ وزير کي انهي محل جي تعمير جو ڪم سونپيو. سن 1238ع ۾ بادشاهه عبدالله ابن الاحمر اڳوڻي محل تي چڙهي ويو ۽ نئين ڪم کي جانچي ڏٺو ۽ پوءِ نئين محل جي سنگ بنياد کي نصب ڪيو ۽ هڪ اهم اهلڪار کي انهيءَ تعميرات جو انچارج مقرر ڪيو. محل جي نقشي ۾ ڇَهَنِِ محلاتن جي تعمير جو منصوبو هو اهو مٽصوبو ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيل هو. انهيءَ جي اتر اوڀر طرف واري ڀاڱي ۾ پنج محلات ٻه سرڪٽ ٽاور ۽ ڪيترائي حمام تعمير ٿيڻا هئا. النصر گهراڻي جي حڪومت دوران الحمرا محل واري ايراضي وافر تعداد ۾ تعميرات جهڙوڪ آبپاشي جو مڪمل نظام جي تعمير، باغن باغيچن جي پوک قلعي ۾ فوج ۽ ٻاهرين عمارتن ۾ اميرن ۽ اعليٰ اهلڪارن جي رهائش ۽ دفترن جي قيام سان هڪ شهر جي صورت اختيار ڪئي.
    ارڙھين عيسوي صديءَ ۾ واچ ٽاور جي ڀر ۾ هڪ نئون مينار تعمير ڪري انهيءَ جي چوٽي تي هڪ وڏو گهنڊ لٽڪايو ويو. اهو مينار سن 1881ع وري نئين سر تعمير ڪيو ويو، جڏهن اهو برسات دوران کِنوڻ ڪرڻ سان ڊٺو هو. اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته الحمرا محل حقيقت ۾ ڪَنئِين محل محلاتن ۽ اميرن ۽ اعليٰ اهلڪارن جي رهائش گاهن ۽ دفترن تي مُبَني هڪ شهر نما آهي. هن وقت شهر مان الحمرا محل جي پارڪ ڏانهن وڃڻ وارو رستو انار دروازي وارو رستو آهي. اهو دروازو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ هڪ زبردست ونگ سان ٺهيل آهي. محل ۾ داخل ٿيڻ واري مکيه لنگهه اڳيان 1554ع ۾ هڪ شاهي ڦوهارو تعمير ڪيو ويو هو. انهيءَ جي پاسي کان هڪ چورس ٽاور ٺهيل آهي، جنهن کي عرب غير رسمي طور عدالت گاه ڪري ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ سان لڳ وڏي ونگ سان ٺهيل دروازي کي عدالت وارو دروازو سڏيندا هئا. انهيءَ دروازي مٿان کليل آڱرين سان ٺهيل هڪ وڏو هٿ نصب ٿيل آهي. جنهن کي حضرت بيبي فاطمه زهرا جو هٿ سڏين ٿا. اهو هٿ گيٽ جي ٻاهرئين پاسي اُڪريل آهي. گيٽ جي ڀرسان اندر وڃڻ لاءِ هڪ سوڙهو گذرگاه آهي، جيڪو اندر ٺهيل پاڻي جي وڏن حوضن ۽ ٽانڪين ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ گذرگاهه جي کاٻي طرف وائين ٽاور آهي. جيڪو سن 1345ع ۾ تعمير ٿيو هو. ان گذرگاه جي ساڄي طرف تي چارلس پنجين جو محل، جاڳرتا واري زماني جي هڪ نَنڍِي عمارت ٺهيل آهي. هن عمارت اڏڻ خاطر، انهيءَ ڀيڻيءَ تي اڏيل اصل مک دروازو مسمار ڪيو ويو. الحمرا وارو رائيل ڪامپليڪس ٽن ڀاڱن تي مُشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ شامل عمارتن ۾ انتظاميه جون رهائشگاهون ۽ دفتر وغيره شامل آهن هنن عمارتن ۾ ڊيڪوريشن اسٽريپ ورڪ سان ڪيل آهي. هنن عمارتن جي ڇتين ۽ فرش ۾ گَهَري رنگ جو ڪاٺ لڳل آهي. ڀتيِن کي سفيد پلستر ٿيل آهي. ڪامپليڪس جي عمارتن جي ٻئي ڀاڱي جي تعمير بادشاه يوسف اول جي دؤر هڪومت ۾ يعني چوڏهين عيسوي صدي دوران ٿي. هنن عمارتن اندر شوخ ۽ تيز چمڪندڙ رنگن سان نهايت سهڻي ڊيڪوريشن ٿيل آهي. ڇتين ۾ ڪاٺ جي بهترين چٽسالي تراشيل آهي. رائيل ڪامپليڪس جي ٽئين ڀاڱي کي حرم سراء سڏجي ٿو جنهن ۾ بادشاهن ۽ شهزادن جون زالون ۽ داشتائون رهنديون هيون. انهن عمارتن اندر پڻ خوبصورت ڊيڪوريشن ٿيل آهي. حرم سراءِ اندر عالي شان حمام ٺهيل آهن. انهيءَ ۾ هڪ پاسي کان گرم ۽ ٻئي پاسي ۾ ٿڌو پاڻي دائمي طور وهندو رهندو هو. انهن حمامن ۾ غسل لاءِ ڦوهارا به لڳل هئا. انهن حمامن ۾ هوا ۽ روشني جي گذرجو جوڳو بندوبست ٿيل هو.


    6

    ڪورٽ آف مِرٽِلسِ ۾ تخت رکيل هوندو هو. هيءَ هال محل جي وچ وارين ديوارين مان ٻاهر نڪتل هو، ان جي ٽن طرفن کان مڪمل منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو، تنهن ڪري اهو هڪ متصل مُناري جو ڪم ڏيندو هو، جتان محل جا رهواسي محل توڙي ٻاهر وارو چوڌاري منظر ڏسي سگهندا هئا. هن هال جي ديوارن ۾ چئين فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٽائيل چوڪا لڳل آهن، انهن جي وٿين ۾ چوڪن جِا رَنگَ تبديل ٿيل آهن چوڪن تي بيضِوِي شڪل تمغن جهڙي ڊزائين جون سلسليوار قطارون نقش ٿيل آهن. انهن تمغن جهڙين ڊزائينن تي گلن ۽ پنن جي امتزاج ۾ خطاطي نهايت خوبصورت انداز سان اُڪريل آهي. هن هال جي ٽنهي طرفن کان ڪل نَوَ دريون ٺهيل آهن، هر پاسي تي ٽي دريون آهن. هن هال جي ڇت سفيد، سونهري ۽ نيري رنگ جي دائرن، تاجن ۽ ستارن جي جڙاء سان بيحد سهڻي سينگاريل آهي، هال جي ديوران تي اسٽيوڪو پلستر تي مختلف نقش نگار اڪريل آهن، جن جي وچ ۾ قديم زماني واريون تلوارون ۽ ڍالون پڻ نقش ٿيل آهن، ڪورٽ آف دي لائِيَنسِ هڪ چوڪندو مستطيل صحن يا آڳنڌ آهي، سو 66 فوٽ ڊگهو ۽ 16 فوٽ ويڪرو اڱڻ آهي، هن جي چوڌاري سَنگِمَرمَر جي 124 سفيد ٿنڀن تي ٺهيل هڪ ٿوري اوچائي واري گيلري اڏيل آهي. انهيءَ اڱڻ جي سڀني پاسن کان دنگ وٽ هڪ وڏو شاميانو نصب ٿيل آهي. جنهن جي ديوارن يا قناطن تي زَريءَ ۽ مڪيس جو ڀرت ڀريل آهي ۽ انهن شاميانن جو ڇتيون هلڪيون گنبذ نما آهن. هي صحن يا اڱڻ رنگين ٽائيلن سان فرش ٿيل آهي ۽ ان جون ديوارون زمين جي سطح کان پنج فوٽ اوچائي تائين نيلي ۽ پيلي رنگ جي ٽائيلن سان سنواريل آهن انهن ٽائيلن جي هيٺين ۽ مٿين بارڊر نيلي ۽ سونهري رنگ جي ڪاشيءَ وارن چوڪن سان ٺهيل آهي، ٿَنڀَ جن تي ڇت ۽ گيلري ٺهيل آهي. انهن ۾ ترتيب جي يڪسانيت نٿي ڏسجي، انهن ٿنڀن تي ڪيترن ئي ٻُوٽَن جي پنن جون سهڻيون ڊزائينون ٺهيل آهن، ٿنڀن تي ٺهيل ونگن تي اِسٽيوُڪو پلِستر سان ٺهيل چوڪن تي عربي رسم الخط جي چٽساليءَ واريون نقاشيون ٿيل آهن. ڪورٽ آف لائِيَنسِِ جي وچ ۾ نرم سنگ مَرمَر مان ٺهيل هڪ حوض شينهن جي ٻارهن مجسمن تي اهڙيءَ طرح رکيل آهي، ڄَڻ ته شينهنُ انهيءَ تمام ڳري حوض کي کڻي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ڪنهن دانشور چيو ته اهي شينهن پنهنجي بادشاهيءَ، طاقت ۽ آزاديءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. انهيءَ حوض ۾ پاڻي شِينهَنِ جي واتَنِ مان وهندو پوي ٿو، هر ڪلاڪ ۾ هڪ شِينهَن جي وات مان پاڻي وهندو، حوض ۾ پوندو آهي انهيءَ حوض ۾ ڦوهارو لڳل آهي. هت هر سَياح فوٽو ضرور ڪڍائي ۽ اسان به هت ڪافي فوٽو ڪڍيا ۽ منيٰ ڪئيمرا ۾ مووي به ٺاهي، حوض تي ھڪ شاعر اِبن زَمرَڪ جو ھڪ شعر لکيل آھي.
    شعر ۾ ڦوهاري، حَوضَ ۽ شِينهَنِ ۾ ڪاريگريءَ سان تخليق ڪيل سُونهَن جي ساراه ڪيل آهي، شينهن جي طاقت جو بيان آهي. تنهن کان سواءِ هن حوض ۾ پاڻي پهچڻ جو، حيرانگيز طريقي جي پڻ تعريف ٿيل آهي، جنهنکي جِن به جڏهن ڏٺو ته اهي سمورا عجب ۾ پوڻ کان نه بچيا! هال آف اَبينِسَريجِز نالي هڪ مڪمل چورس هال جي ڇت هڪ عاليشان گنبذواري آهي. انهيءَ ڇت کي نيري، ڳاڙهي، سونهري ۽ ناسي رنگ جي نهايت سُنهڻِينِ ڊزائينن سان سجايو ويو آهي. انهيءَ هال وارين درين ۾ ڪاٺ جي جعفري لڳل آهي. ڇت کي سهارو ڏيندڙ ڪالم اهڙيءَ طرح ٻاهر نڪتل آهن، جو انهن تي سهڻيون وَنگُون ٺهيل آهن. هن هال جي مخالف طرف تي ٺهيل هال کي هال آف ٽُو سِسِٽَرِزِ سڏين ٿا. ان هال تي اهو نالو هال جي فرش ۾ لڳل سفيد سنگمرمر جي ٻن صليبن سبب پيو. اهي صليب 15 فوٽ ڊگها ۽ ساڍا ست فوٽ ويڪرا آهن. هن هال جي وچ تي هڪ حوض ٺهيل آهي. هن هال جي ڇت گنبذ واري آهي، جنهن اندر ماکيءَ جي ماناري جي شڪل سان ٺهڪندڙ ننڍڙا ننڍڙا خانا ٺاهي منجهن جڙاءِ ڪيو ويو آهي. انهن خانن جو عدد تقريباََ 5000 کن ڄاڻايو ويو آهي. هيءَ گنبذ واري ڇت برفاني غار جو ڏيکاءَ ڏي ٿي. ان مان جهڙو ڪر گرمي سبب پاڻي ڳَڙِِي رهيو آهي. الحمرا محل سان متصل باغيچي کي جنت العارف سڏيندا هئا. اهو باغيچو چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ پوکيو ويو هو. تنهن کي ڪيترائي ڀيرا سڪڻ کان بچائي رکيو ويو آهي، انهيءَ سان متصل هڪ ٻيو تفريح گاه به ٺهيل آهي، تنهن کي هاڻي اسپين وارا شهيدن وارو تفريح گاه سڏيندا آهن.
    محل سان وابسته هن ايراضي ۾ تهه خانا به ٺهيل آهن. هاڻي انهن کي وَرمِيلِيئَن ٽاورس ٿا سڏين. انهن ۾ پاڻي جا وڏا حوض، 200 کن فوجين جي رهائشگاه ۽ گهوڙن جو طبيلو ٺهيل هو. ھِنَ ايراضيءَ ۾ 1829ع ۽ 1957ع ۾ ٿيندڙ کوٽائي دؤران رومي قبضي دوران ٺهيل قبا دريافت ٿيا هئا. الحمرا محل جي خصوصي اڏاوت جي سلسلي ۾ ايوان عدل به آهي، ته انهيءَ ۾ راڻيءَ جي لباس وارو ڪمرو به ڳڻجي ٿو. هنن ٻنهي ڪمرن جي تعمير توڙي سجاوٽ ساڳئي نموني جي ٿيل آهي.
    الحمرا محل جي مٿيئن طبقي يا ماڙ تي ڪيترائي سمهڻ جا ڪمرا ۽ غسلخانا ٺهيل آهن. تنهن کان سواءِ انهيءَ طبقي تي اونهاري جي مند ۾ ڪم دوران گرميءَ کان بَچَڻَ واسطي ڪمرا پڻ ٺهيل آهن. هن ئي طبقي تي ڳُجهي ۽ ذاتي گفتگو ۽ خُلاصي ڪچهريءَ لاءِ گيلري ۽ اهڙي جاءِ جتان ويهه واٽون نڪرن ۽ اُتان نڪرڻ ۾ سخت ڏکائي ۽ حيراني ۽ پريشاني ٿئي، اهڙي ڪاريگريءَ جي اڏاوت به ٿيل آهي. محل جي هن ماڙَيءَ تي ڪجهه تربتون به آهن جن تي ڇٽيون يا گول گنبذ ٺهيل آهن. هن محل ۾ خالي جڳهين ۽ هنڌن تي رکيل تمام وڏيون ڪونڊيون چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي صديءَ جون ٺهيل هيون. انهن مان هڪڙي ڪونڊي اڃا تائين محل ۾ موجود آهي. اها سوا چار فوٽ اوچي آهي ان تي سفيد، نيري ۽ سونهري رنگ سان چٽسالي ڪيل آهي. الحمرا محل ۾ ٿيل فرش بندي ۾ ڪم آئيل ٽائيلن ۾ علم رياضيءَ مطابق اٽڪل سترهن قسمن جي مختلف ڊزائينن کي مڪمل طور استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دنيا جي ڪنهن به محل محلات ۾ سجاوٽ ۽ آرائش جا اُهي سمورا قسم ڪم ۾ آندل ڪونه آهن. سن 1921ع ۾ ٺهيل فلم ايل ڊوراڊو ۾ الحمرا جي گهڻي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. تڏهن اهو پهريون موقعو هو ته ڪنهن فلم سازَ کي الحمرا ۾ فلم جي شوٽنگ جي اجازت ملي. فلم ۾ محل جي چشمن، حوضن تلائڻ ۽ ڦوهارن وارن باغ باغيچن ۽ تعميرات ۾ ڪم آندل جاميٽريڪل ڊِزائبِنِن، چٽسالي ۽ گلڪاريءَ کي نمايان ڪيو ويو آهي. الحمرا بابت ڪجهه ٻيون به فلمون ٺهيل آهن. چون ٿا ته علم الفلڪيات موجب ستارن جي هڪ ميڙَ جو نالو الحمرا آهي.
    جڏهن الحمرا جي گهمڻ جو وقت پورو ٿيو ته اسان به پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي اچي هوٽل تي ماني کاڌي. ٿوري آرام بعد واپس شهر جو آخري چڪر لڳائڻ وياسين. رات جو اسان هت هڪڙي ترڪ هوٽل ۾ ماني کاڌي، جنهن مان ڪجهه پاڪستاني کاڌي جو سواد آيو، نه ته هتي گهڻو ڪري انگريزي ۽ اسپيني کاڌا ۽ ميڪ ڊولنڊ، ڪي ايف سي ۽ ڪنگس برگر هوٽلن جا کاڌا کائي کائي صفا انگريز ٿي ويا هئاسين. اسپين ۾ گهڻي ۾ گهڻيون آمريڪن هوٽلون ڪِنگس برگر وارن جون آهن. ترڪ هوٽل تي اسان دال جو سُوپ جيڪو منيٰ کي استنبول ۾ ڏاڍو وڻيو هو، چانور، ڪباب ۽ سلاد کاڌو ته ذائقو ڪجهه بدليو. اها هوٽل ته تُرڪن جي هئي، پر سندس هلائيندڙ هڪڙو پنجابي هو ۽ ساڻس گڏ ٻيو همراه به پاڪستاني ٿي لڳو. هوٽل جو ٻيو همراه به پاڪستاني ٿي لڳو. هوٽل جو ٻيو سڀ اسٽاف اِسپيني هو. هوٽل اندر سامهون ڀِتِ تي قائد اعظم جو مقبرو، مينار پاڪستان ۽ خيبر جو قلعو پينٽنگ سان ٺهيل هئا. مون اسپين ۾ ڏٺو ته جن پنجابين هت پهرين پاڪستاني هوٽلون هلايون، سي هاڻ اُت ترڪي هوٽلون پيا هلائين شايد دنيا جا سيلاني ماڻهو ترڪيءَ جي کاڌن کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا. شايد ترڪ هوٽلن ۾ ڪمائي وڌيڪ آهي. پنجابي هوٽل واري اسان کان مانيءَ جي بل ۾ هڪ پائونڊ گهٽ ورتو ۽ ڪوڪا ڪولا جي هڪ وڏي بوتل پيئڻ لاءِ مفت ۾ ڏني. اسان کان حال احوال به ورتئين ٻُڌائين ته اسپين ۾ پاڪستاني سياح ته صفا اچن ئي ڪونه، مهينن بلڪه سالن پڄاڻا ڪو هڪ اڌ پاڪستاني سياح قسمت سانگي اچيو نڪري، نه ته خير! اسين پنهنجي هوٽل تي پهچي، سڄي ڏينهن ۾ هل هلان سبب ٿڪجڻ ڪري بسترن تي ليٽڻ شرط سمهي رهياسين. صبح سوير تيار ٿي، ناشتو ڪري ڦرطبه ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان غرناطه جي سر سبز وادين مان، موٽر وي تان پئي وياسين. توهان کي ڪجهه غرناطه جي باري ۾ به بيان ڪندو هلان اسپين جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ موجود هڪ صوبي ۽ انهيءَ صوبي جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”غرناطه“ آهي، تنهن شهر کي اسپيني ٻوليءَ ۾ ”گِريناڊا“ سڏيندا آهن. ڪِٿي ڪِٿي انهيءَ شهر کي ”اغرناطه“ ۽ پراڻين لِکڻين ۾ ”ڪرناطه“ به لکيو ويو آهي. شهر جي نالي جي اصليت بابت مختلف روايتون بيان ٿيل آهن. هڪڙي روايت هيءَ آهي ته غرناطه عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٻن لفظن، ”غار“ ۽ ”ناطه“ جو مرڪب آهي، تنهن جي معنيٰ ”جبل جو غار“ آهي. ٻيو بَيان هي آهي ته انهيءَ ماڳ جو نالو روماني ٻولي جي لفظ ”گِراناتُو م“ Granatum مان ٺهيو آهي. جنهن جي معنيٰ ”ڏاڙهون“ آهي، وقت گذرڻ سان گڏ اهو لفظ پنهنجي صورت بدلائيندو، گرانا تُوم مان ”ڪرانا طه پوءِ“، ”اغرناطه“ ۽ آخر ۾ ” غرناطه“ جي صورت اختيار ڪئي. نالي جي لفظ بابت مٿيان اسباب ته يقيني ڪونه آهن، پر هيءَ ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته غرناطه نالي موجوده شهر جي اولهه طرف هڪڙو پراڻو ڳوٺ هو، جنهن وٽ ٺهيل هڪ قلعي جو نالو عربن ”حصن الرُمان“ يعني ”ڏاڙهون وارو قلعو“ رکيو هو. ڏاڙهون کي روم جي لاطيني ٻوليءَ ۾ ”گِرانا تُوم“ چوندا آهن، تنهن سبب ڪيترن ئي عالمن جو رايو آهي ته غرناطه شهر جي ويجهو، جنهن ماڳ تي عربن ”حصن الرومان“ نالو رکيو هو، انهيءَ جو لاطيني ٻولي وارو اصل نالو ”گِرانا تُوم“ يا ”گراناتا“ هوندو، جيڪو تبديل ٿي ”غرناطه“ سڏجڻ لڳو. جڏهن ته اها ڳالهه ثابت ٿيل ڪانهي، ته انهيءَ ماڳ جو ڪو اهو لاطيني نالو اڳئي مقرر ڪيل هو. البت جتي پوءِ غرناطه شهر قائم ٿيو، اِنهيءَ ماڳ جي تمام ويجهو ”اِلِي بيرِي“ نالي هڪڙو رومي دؤر حڪومت ۾ قائم شهر موجود هو. انهيءَ دؤر ۾ انهيءَ سموري علائقي کي ”البيره“ سڏيندا هئا. انهيءَ علائقي ۾ بعد ۾ قائم ٿيندڙ مکيه شهر کي غرناطه نالو ڏنو ويو، غرناطه شهر کي عروج حاصل ٿيڻ کان اڳ، عربن جي دؤر ۾ انهيءَ البيره نالي سموري علائقي جي گاديءَ واري شهر جو نالو ”قَسطِيلِيَهﮣ“ هو، تنهن شهر کي ”مدينة البيره“ به سڏيندا هئا. ”نفح الطيب، نالي عربن جي مشهور تاريخي ڪتاب ۾ غرناطه شهر بابت احوال جو اختصار هيٺين ريت آهي. (اسپين) اندلس جو هڪ مشهور شهر غرناطه به آهي. ڪن ليکڪن انهيءَ جو صحيح نالو ”اغرناطه“ لکيو آهي. عيسائين جي ٻولي عبراني ۾ ان جي معنيٰ ”ڏاڙهون“ آهي. هن شهر جي عظمت ۽ شهرت لاءِ فقط هيءَ ڳالهه ئي ڪافي آهي ته وزير لِسان الدين بن الخطيب هن شهر ۾ ڄائو هو. اسلامي دؤر حڪومت ۾ اسپين جي هڪڙي شاعر جي هيٺ ڏنل شعر ۾ غرناطه شهر جي تعريف نهايت متاثر ڪُن انداز ۾ ڪيل آهي.
    غرناطه الحافظير، مامصر ما الشام ما العراق، ماحوالا العروس تجلي وال مُلڪ من جملة الصداق.
    ترجمو: غرناطه شهر جو دنيا ۾ ڪوبه شهر برابر ڪونهي، نه مصر، نه شام نه ئي عراق جا شهر انهيءَ سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. انهيءَ شهر غرناطه جو مثال هڪ اهڙي سهڻي ڪنوار جو آهي، جو مٿي ڄاڻائيل سمورا مُلڪَ، انهيءَ ڪنوار کي ملندڙ مهر جي ڪل مُوڙِِيءَ جو هڪ قليل حصو مس ٿيندا! وزير لَسان الدين پنهنجي هڪ نظم ۾ غرناطه شهر جي تعريف ڪئي، تنهن جي معنيٰ آهي: مصر جو ملڪ پنهنجي نيل درياه تي ڀلا ڪهڙو ته فخر ڪري سگهي ٿو؟ ڇو ته (انهيءَ جي ڀيٽ ۾) غرناطه شهرجو شُنِيل درياه، پاڻ ۾ ته هڪ هزار نيل درياه سمائي وهي پيو. وزير لِسان الدين جي شعر ۾ نهايت عجيب تخيل سمائيل آهي، علم الجفره موجب ش حَرَفَ جو عددي انگ هڪ هزار (1000) آهي، تنهن ڪري شاعر شُنيل لفظ کي هڪ هزار نيل درياهن واري تَمثِيلَ طور ڪم آندو آهي، حقيقت ۾ غرناطه شهر وٽان فقط شنيل درياه وهندڙ ڪونهي. ابن مالڪ الرعيني لکيو آهي ته غرناطه شهر جو هڪ ٻيو درياه به آهي، جنهن کي ”حدرو“ يا ”حداره“ سڏيندا آهن. انهن وڏن درياهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون نديون ۽ نارا آهن، جيڪي شهر جي مختلف ڀاڱن ۽ پاسن وٽان وهن پيا. انهن واهُڙن تي آمد رفت خاطر ڪيتريون ئي پُليون اڏيل آهن، مراڪش جو مشهور زمانه عرب سياح، مُحمد ابن بطوطه، پنهنجي عالمي سفر جي واپسيءَ دؤران، غرناطه شهر ۾ رهڻ وقت لکيو، ته غرناطه شهر هن وقت اندلس (اِسپين) مُلڪ جي گاديءَ وارو شهر آهي ۽ مُلڪ جي سڀني شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪُنوار جي حيثيت جو حامل حسين شهر آهي، سندس پکيڙ چاليهه ميل آهي، مشهور درياه شونيل غرناطه سان لڳ وهندڙ آهي، تنهن کان سواءِ ٻيون به ڪافي تعداد ۾ ننڍيون نديون، نارا ۽ واهُڙَ شهر مَنجهان، توڙي ڀرسان ئي دائمي طور وهندڙ آهن، جنهن سبب سڄي شهر توڙي ان جي چوڌاريءَ ۽ آس پاس ۾ وڏا وڏا ۽ عاليشان باغ ۽ بهترين باغِيچا هَرَ ڪُنڊَ ڪُڙڇَ ۾ موجود آهن. هن شهر جي حسين واديءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ خوش فضا ماڳ تي، بي حد ٿڌي پاڻيءَ وارو هڪڙو صاف ۽ شفاف قدرتي چشمو موجود آهي، جنهن جي پاڻيءَ جي وافر مقدار طفيل، انهيءَ چشمي جي چوڌاريءَ بهترين باغ باغيچا ۽ سَبزَه زار پکڙيل آهن. انهيءَ حسين ماڳ جو نالو عَين الاومع يا عَين الادمع سڏجي ٿو. سمورا لکيڪ اِنهيءَ ڳالهه تي مُـتَـفِـق آهن، ته غرناطه شهر کي ”شام، نالي سان به سڏيندا هئا، پر غرناطه کي ”شام“ نالي سان ڇو سڏيندا هئا، انهيءَ نُڪتي بابت منجهن اختلاف آهي. ڪِن ليکڪن جو خيال آهي ته جڏهن مسلمانن اسپين مُلڪ فتح ڪيو، ته شام صوبي جي گاديءَ واري شهر دُمشق جا باشندا، وڏي انگ ۾ اچي غرناطه شهر ۾ رهڻ لڳا، انهيءَ سبب ڪي ماڻهو غرناطه شهر کي ”شام“ ۽ ”دمشق“ پڻ ڪوٺيندا هئا. جڏهن ته گهڻن ليکڪن جي خيال ۾ دمشق شهر توڙي غرناطه شهر سٺين عمارتن، محل محلاتن، باغن باغيچن، ندين ۽ نهرن، رستن ۽ پُلِين، نظم و ضبط، واپار توڙي ٻئي ڪار وَھِنوار جي لحاظ کان، هڪٻئي سان تمام گهڻي هڪجهڙائيءَ جا حامل شهر هئا. ”منهاج الفڪر“ نالي ڪتاب جو مصنف پڻ انهيءَ راءِ سان مُتفق آهي. اِبن مالڪ الرعيني لکي ٿو ته دمشق جي لشڪر کي البيره واري ماڳ مڪان وٽ انهيءَ خيال کان رهايو ويو هو، ڇو ته البيره ۽ غرناطه وارو سمورو علائقو، دمشق ۽ ان جي آس پاس واري علائقي وانگر ئي بيحد سرسبز ۽ گل وَ گلزار لڳو پيو هو، تقريباََ مڙني تاريخدانن البيره شهر کي غرناطه شهر کي ويجهو ۽ غرناطه شهر کان وڌيڪ جهونو شهر ڄاڻايو آهي. جڏهن الضهاجي، يعني حَبُوس بن ماڪس، بِن زيري، سردار ضهاجه، جنهن 1009ع کان 1036ع، مطابق 400 هجريءَ کان 428 هِجريءَ تائين حڪومت ڪئي، تنهن غرناطه شهر جو بنياد وڌو، اڏاوت ڪرائي شهر جي چوڌاريءَ عاليشان ڪوٽ اڏايو ۽ ان کي آباد ڪيو. تنهن کان پوءِ شھر البيره جا رھواسي اچي ھن عاليشان شهر ۾ رهڻ لڳا، سردار الضهاجي جي پُٽَ باويس غرناطه شهر ۾ ڪئِين محل محلاتون ۽ ٻيون عاليشان عمارتون اڏايون ۽ بنو زيرِي گهراڻي جي حاڪمن جي ڪوشش سان، غرناطه شهر بتدريج دنيا ۾ وڏي شان ۽ شوڪت جو حامل شهر ٿي پيو، جيڪو اسپين جي مسلمانن لاءِ اقتدار توڙي اقتصادي طور خوش حاليءَ جو مرڪز ٿي پيو. اسلامي رياست جي لشڪر جي مکيه ڇانوڻي پڻ هتي ئي قائم هئي اسپين ۾ عرب اقتدار جي زوال دوران، اسپين جي جن شهرن تي سندن اصل عيسائي باشندن جو سياسي اقتدار بحال ٿيندو ويو، انهن شهرن ۾ رهندڙ ۽ اقتدار تان دست بردار ٿيندڙ عرب مسلمانن، اتان ڀڄي اچي غرناطه ۾ پناه ورتو، غرناطه کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي شلير نالي جَبَلن جي قطار آهي. انهن جبلن جون چوٽيون ٻارھن ئي مهينا برف سان ڍڪيل رهنديون آهن. ابن مالڪ الرعيني لکي ٿو ته انهن جبلن تي ڄَميلَ برف پٿر جهڙيِ سخت ٿي ويندي آهي. انهيءَ برف پوش جابلو علائقي ۾ هڪڙي جفاڪش ۽ دلير قوم رهندي آهي. انهيءَ برفاني پهاڙي واديءَ ۾ پڻ هندستاني پهاڙي وادين ۾ پيدا ٿيندڙ جڙي ۽ پاسارِڪِين ٻوٽين سان تمام گهڻي مشابهت رکندڙ گل ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون تمام جهجي مقدار ۾ پيدا ٿين ٿيون، پر انهن ٻوٽين، ولين ۽ گُلن ۾ اوتري خاصيت ۽ خوشبوءَ ڪانهي، علامه الشقندي پنهنجي ڪتاب ”رساله“ ۾ لکيو آهي ته هي اهو ماڳ آهي، جيڪو اکين جو سير گاه آهي، جنهن ڏانهن دل ۽ خيال سدائين متوجهه رهن ٿا. غرناطه اندلس (اسپين) جو دمشق آهي. شهر جو هڪڙو ڀاڱو، جنهن منجهان درياه وهي پيو، اتي نهايت اوچيون ۽ عالي شان محل ماڙيون ۽ سنهڻيون عمارتون اڏيل آهن. غرناطه شهر اندر توڙي ٻاهر حمامن توڙي پوکيل سوين باغن ۽ باغيچن توڙي زرعي زمينن کي هوائي پن چڪين ۽ درياهه مان کوٽي تيار ڪيل نالين ۽ چينلن وسيلي سيراب ڪجي ٿو. الله تعاليٰ غرناطه شھر کي هڪ بلند ماڳ تي تعمير ٿيڻ جي عِزت بخشي آهي، جتان شهر توڙي ان جي سموري پسگردائيءَ واري علائقي تي خير ۽ خوبيءَ سان مڪمل چوڪسي ڪري سگهجي ٿي هتي درياهن، ندين نارن، واهڙن توڙي چشمن جو پاڻي باغن، باغيچن، سرسبز کيتن ۽ ميدانن ۾ سدائين چمڪندو پيو وهي ۽ شهر واري سڄي خوش فضا واديءَ ۾ سرهاڻ سان ٽُمٽارِ هيرون، سدائين پيون آزاد گُهلَنِ، غرناطه جي سرسبز باغن باغيچن ۽ جتي ڪٿي سَروَ جي ڊگهن وڻن جي جُهنڊن ۽ هُڙين جو اهڙو ته خوبصورت منظر آهي، جنهن کي ڏسڻ شرط اکيون ۽ دل انهيءَ قدرتي حُسن جي تعريف ۾ مصروف ٿيو وڃن. انسان جو روح انهيءَ نظاري جي سونهن تي فدا ٿيو پوي. هتي جي زمين اهڙي ته زرحيز آهي، جتي انسان ذات کي گهربل هرجِنسَ ۽ پوک پيدا ٿئي ٿي. علم ۽ ادب جي لحاظ کان ڪوبه وقت اهڙو ڪونه گذريو آهي، جنهن دوران غرناطه جو شهر اشراف ماڻهن، عالمن ۽ اديبن ۽ شاعرن کان وانجهيل رهيو هجي. هن شهر کي اها خصوصيت به حاصل رهي آهي، ته هن شهر ۾ علم و فضل، ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪمال جا حامل شاعر ۽ اديب موجود هئا، پر غرناطه ۾ قادر ڪلام شاعري ڪندڙ عظيم اديبائون، عالمائون ۽ شاعرائون پڻ موجود هيون. مثلاََ نزهون القليه يا القلاعيه، زينب بنت زياد، حفصه الرڪونيه بنت الحجاج ۽ اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي عظيم عورتون، جيڪي دنيا ۾ وڏيون شاعرائون ٿي گذريون آهن، سي هن شهر ۾ ڄائيون علم ادب جي زيورن سان سينگاريون ۽ سَرَشارِ ٿيون. پروفيسر زاءِ بولڊ ”اسلامڪ انسائڪلو پيڊيا“ ۾ لکيو آهي ته اندلس (اسپين) واري اسلامي سلطنت جي پڇاڙيءَ واري دؤر ۾ غرناطه شهر، بني نصر جي سلطنت جي گاديءَ وارو شهر هو. اڄڪلهه شهر جي آدمشماري اَسِي هزار آهي. مسلمانن جي وقت ۾ ٻه لک هئي. هي شهر نهايت عمدگيءَ سان، سمنڊ جي سطح کان 1695 فوٽ اوچائي تي، جبل الشلير جي اتر اولهه واري دامن ۾ تعمير ٿيل آهي. غرناطه شهر جو سرسبز ۽ شاداب علائقو باغه يا بيغه Vega شهر جي اولهه طرف پري پري تائين پکڙيل نظر اچي ٿو. انهيءَ علائقي کي عرب ليکڪن گهڻو ڪري الفحص، اطرج ۽ البطحا ڪري به لکيو آهي. باغه، بيغه يا اسپيني ٻوليءَ ۾ ويگا. Vega ، اهو ئي لفظ آهي، جيڪو عربي زبان ۾ ”بقيع“ آهي. ”البقاع“ شام مُلڪ جي اترئين ڀاڱي جو نالو آهي، جنهن مان درياه ليطاني The Leontes وهندڙ آهي. انهيءَ درياه سان هڪجهڙائي رکندڙ درياه شنيل، غرناطه شهر وٽان پيو وهي. غرناطه شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف شلير جبل جي چوٽي، جنهن جو نالو ”قله علي ابوالحسن“ آهي، اها سمنڊ جي سطح کان 11421 فوٽ اوچي ۽ ٻارهن ئي مهينا برف سان ڍڪيل هوندي آهي. شهر جي ڏکڻ طرف واري حد شنيل درياه وٽ اچي دنگ ٿي ڪري. شنيل درياه شلير جبل مان ڦُٽي نڪري ٿو ۽ تمام تيزيءَ سان وهندو، غرناطه شهر جي ڏاکڻي ڀاڱي مان لنگهندو اڳتي پيو وڃي. اونهاري جي مُند ۾ حداره درياه ۾ تمام گهڻو چاڙه ٿيندو آهي. اهو درياه پڻ شلير جبل جي اتر اوڀر طرف کان نڪري ٿو ۽ غرناطه شهر جي اوڀر طرف وٽان شهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اوڀر کان اولهه طرف هڪ ميل کن وهندو، پوءِ پنهنجو رخ ڏکڻ طرف ڦيرائي، ڪجهه مفاصلو اڳتي هلي، شنيل درياهه سان وڃيو ملي. درياهن جي ميلاپ واري ماڳ کان ڪجهه قدر اوڀر طرف، شنيل درياهه تي هڪڙي پڪي پل ٺهيل آهي. تنهن پل کي عرب ”قنطرة الشنيل“ چوندا هئا. حداره درياه مان شهر جي گهرن، باغن ۽ باغيچن لاءِ گهربل پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ کنيو ويندو هو، تنهن ڪري شهر مان باهر نڪرڻ کان پوءِ شنيل درياه ۾ داخل ٿيڻ وقت حداره درياه ۾ تمام ٿورو پاڻي هوندو هو. غرناطه شهر ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ حداره درياه مان ڪيترائي پڪا واٽر ڪورس يا چينل تيار ڪيا ويا هئا. پاڻيءَ جو وڌيڪ مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ، شهر ۾ درياه جي وهڪري کي ضرورت آهر، ڇاٻ ڏئي گهٽائبو هو، ته ڪڏهن ان جو وهڪرو صفا بند پڻ ڪبو هو ۽ ضرورت پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇاٻ هٽائي وهڪرو معمول موجب چالو رکيو ويندو هو.


    7

    غرناطه شهر جي قائم ٿيڻ بابت احوال مان معلوم ٿيو ته شلير جبل جي دامن ۾ ٻه ٽڪريون هڪٻئي جي آمهون سامهون موجود هيون. حداره درياهه انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ مان وهندو هو ۽ شنيل درياه انهن ٽڪرين جي ڏکڻ طرف کان وهندو هو. انهن ٽڪرين مان هڪڙيءَ جو نالو ”البيازين“ ۽ ٻيءَ ٽڪريءَ جو نالو ”الحمرا“ هو. البيازين ٽڪريءَ کان ڪجهه مفاصلي تي اولهه طرف هڪڙي ننڍڙي وستي آباد هئي، جتي ٺهيل قلعي کي عرب ”حصن الرُمان، سڏيندا هئا، انهيءَ پراڻي ڳوٺ جي ڀرسان هڪڙو نئون ڳوٺ آباد ٿيو، جيڪو اوڀر طرف وڌندو وڃي درياه حداره سان لڳو. جڏهن اندلس (اسپين) ۾ بنو زيري گهراڻي جي حڪومت جو وقت آيو، تڏهن اهي ٻئي ڳوٺ ترقي ڪندا ۽ پکڙجندا، نيٺ پاڻ ۾ ملي هڪ شهر ٿي پيا، تنهن شهر کي ”غرناطه“ نالي سان سڏڻ لڳا، زيري گهراڻي جي هڪ بادشاه شهر جي انهيءَ ڀيڻيءَ تي پنهنجو محل تعمير ڪرايو، جنهن جي سامهون الحمرا نالي ٽڪري موجود هئي. اها ٽڪري حداره درياه جي اُڀرندي ڪپ تي هئي.
    بنو احمر (بنو نصر) گهراڻي وارا بادشاه، پنهنجي دؤر حڪومت ۾ انهيءَ ٽڪريءَ تي تعمير ٿيل محل محلاتن ۾ رهندا هئا. اهڙيءَ ريت غرناطه شهر جي واڌ ويجهه اتر طرف کان اوڀر ۽ ڏکڻ طرف حداره درياه جي ٻنهي ڪنارن تي پکڙجندي، شنيل درياه ڏانهن وڌندي وئي. اڄڪلهه غرناطه شهر هيٺين ٽن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائيل آهي. (1) البايسين Albaicin ، (2) انتي ڪوريله Antequeruela، (3) غرناطه خاص. شهر جو انتي ڪوريله علائقو، حداره درياه ۽ شنيل درياه جي وچ ۾ آهي ۽ ان جو ڪجهه حصو حداره درياه جي پار، درياه جي الهندي ڪناري تي پڻ پکڙيل آهي. انهيءَ علائقي تي انتي ڪوريله نالو انهي سبب پيو ته جڏهن سن 1410ع ۾ اَنتيِقيزه شهر تي مقامي عيسائين جو قبضو ٿي ويو، ته شهر جي مسلمان آبادي اُتان لڏي اچي غرناطه شهر جي انهيءَ ڀاڱي ۾ سِڪونت اختيار ڪئي، ته انهيءَ ڀاڱي کي اتي اچي ويٺل ماڻهن جي اصل شِهر جي نالي سان سڏڻ لڳا. غرناطه شهر جو اَلبايسَينِ ڀاڱو انتي ڪوريله علائقي جي اتر طرف، حداره درياه جي ٻئي پار واقع آهي. اهو شهر جو وڏو ڀاڱو آهي. غرناطه خاص نالي شهر جو علائقو، انتي ڪوريله علائقي جي اتر کان وٺي البايَسين علائقي جي اولهه طرف تائين پکڙيل آهي.
    بيت الحمرا جون خوبصورت عمارتون، خاص ڪري نصر گهراڻي جي تعمير ڪرائيل محل محلاتن ۽ جنت العارف نالي باغن ۽ باغيچن کان سواءِ عرب دؤر حڪومت جون نشانيون، غرناطه شهر ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ وڃي بچيون آهن. انهيءَ دؤر حڪومت ۾ اڏيل حمامن مان فقط هڪڙو حمام بچيو آهي، ان جو نالو ”حمام الغوره“ (الجوزه) هو.
    الحمرا جي سامهون ڏکڻ اولهه طرف، هڪڙي ٽڪريءَ تي ڪنهن زماني ۾ يهودين جي وسندي هئي. اها وسندي پڻ غرناطه شهر ۾ شامل هئي، تنهن کي عرب مدينة اليهود سڏيندا هئا. انهيءَ وسندي واري ٽڪريءَ جي اتر اولهه اوٽ ۾ ”حصن مورور“ شهر جي سڀني کان ٻاهرئين پناه واري ديوار جو هڪڙو بُرجَن وارو حصو اڃا تائين بيٺل آهي، جنهن کي هاڻي ”ٽوريس برميجاس Torres Bermejas“ سڏيندا آهن. انهيءَ ٽڪريءَ ۽ حداره درياه جي واديءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ ”رابطه“ ۽ ”ربض المورور“ نالي محلو ۽ بازار موجود هئي. ربض المورور کي ”باب الشرق“ پڻ سڏيندا هئا، غرناطه شهر جي انهيءَ ڀاڱي کي هاڻي مونٽي مورور Monte Moror سڏيندا آهن. اندلس (اسپين) جي صوبي اَٿبيلِيه جي مورور شهر تي عيسائين قبضو ڪري ورتو، ته اتي رهندڙ مسلمان به اتان لڏي اچي غرناطه شهر جي انهيءَ ڀاڱي ۾ رهيا، تنهن کان پوءِ انهي ڀاڱي کي ”ربض المورور“ سڏڻ لڳا.
    اسپين جي قديم شهر ”آئي بيري“ کي رومي دؤر حڪومت ۾ وڏو درجو حاصل هو، تنهن شهر کي حقيقي طور غرناطه شهر ڄاڻائڻ ۾ تحقيق ڪندڙ ماڻهن کي ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي، پر غرناطه شهر جي آسپاس رومي دؤر جا سِڪا ۽ قبرن تي لکيل ڪُتبا لڀجن ٿا. پنجين عيسوي صديءَ ۾ اسپين جي مُلڪ تي اتر طرف کان ايندڙ حمله آور وحشي ٽولن اچي غرناطه ۽ ان جي آسپاس واري علائقي تي قبضو ڄمايو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. پر اٺين عيسوي صديءَ جي شروعات ۽ پهرين هجري صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اِسپين عربن جي ماتحت ٿي ويو، ته اهي اسپين کي اِندلس سڏڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ قرطبه شهر ۾ رهندڙ اُمُيد گهراڻي جي بادشاهن جي ڪوشش ۽ خصوصي نگرانيءَ سبب قديم شهر ”اتي بيري“، سندن گاديءَ واري شهر ”قسطيليه“ ۽ انهن شهرن جي پَسگَردائيِءَ وارن علائقن، حرفت هنر ۽ وڻج واپار ۾ گهڻي ترقي ڪئي. اتي بيري شهر ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو. عرب حڪمرانن طرفان شروعات ۾ هڪڙو صوبو بنايو ويو هو ۽ قرطبهﮣ ۾ رهندڙ سلطان طرفان اُتي اعليٰ اهلڪار (صُوبيدار/گورنر) مقرر ٿيڻ لڳا. ٽي سؤ کَن سال پوءِ اُمرِي/ مرواني گهراڻي جي زوال کان پوءِ، مُلڪ ۾ خانه جنگيءَ دوران اِلِي بيري يعني البيره ۽ غرناطه شهرن جي آسپَاس واري علائقي تي زيري قبيلي جي عرب جنگي سردارن پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. آفريڪا جي مرابطين انهن کان حڪومت کسي ورتي، جن کان سن 1154ع ۾ وري مُوَ حدين اقتدار کسي ورتو. مُوَحدين فقط هڪ سال کان سواءِ، غرناطه تي لڳاتار سن 1229ع تائين حڪومت ڪئي. 1229ع کان 1238ع تائين غرناطه مُرسيه گهراڻي جي اسلامي حڪومت جي ماتحت رهيو. ابو عبدالله محمد بن الاحمر، جنهن جي جيان صوبي ۾ حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. تنهن 1238ع ۾ غرناطه تي قبضو ڪري ورتو، ابو عبدالله جو نَسبي تعلق، حضرت بن عباده سان ٻُڌايو ويو آهي. انهيءَ حاڪم، ابو عبدالله محمد ابن الاحمر کان شاهي خاندان ”بنو نصر“ جو سلسلو هليو. سن 1246ع ۾ ابو عبدالله محمد بن الاحمر جي قبضي مان جِيانِ واري حڪومت نڪري وئي، پر غرناطه، اطريه ۽ مالقه وارن علائقن کي پنهنجي حڪومت ۾ ڳنڍي رکيو. بنو نصر جي دؤر حڪومت ۾ غرناطه شهر جي آدمشماري تيزيءَ سان وڌندي رهي، ڇو ته انهيءَ دؤر ۾ اندلس (اسپين) جي اُتر، اوڀر ۽ وچ وارن علائقن ۾ موجود عيسائين زور ورتو ۽ بِلفَسِيه، مُرِسيه ۽ ٻين مختلف علائقن تي عيسائي جنگي سردار قابض ٿي ويا، ته اُتي جارهاڪو مسلمان لڏي اچي غرناطه ۾ رهڻ لڳا، غرناطه تي نصر گهراڻي جي پنجويهن بادشاهن. سن 1238ع کان 1492ع تائين، ڪل 262 ورهيه حڪومت ڪئي، سندن دؤر حڪومت ۾ تجارت ايتري ته ترقي ڪئي، جو اندلس جي سموري مُلڪ ۾ غرناطه سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار شهر ٿي ويو. بنو نصر گهراڻي جا حڪمران، اهڙا ته علم دوست هئا، جو پري پري جا عالم، فاضل، فقه ۽ حديث پاڪ جا عظيم استاد، توڙي دنيا جا جڳ مشهور اديب ۽ ڪمال جا شاعر سندن درٻار ۾ سدائين موجود هوندا هئا. عظيم عالم ۽ جڳ مشهور سياح، محمد ابن بطوطه ۽ دنيا جو هاڪارو تاريخدان اِبن خِلدون پڻ انهن جي درٻار ۾ ويندا هئا. تنهن ڪري غرناطه شهر تهذيب ۽ ثقافت ۾ پڻ سموري دنيا ۾ بي مثال حيثيت جو حامل مُهذب ۽ مُتَمدن شهر هو. الحمرا محل جا خوبصورت آثار پنهنجي اعليٰ ثقافت جو اڄ به ثبوت پيش ڪري رهيا آهن. اسپين ۾ سمورين اسلامي حڪومتن جي خاتمي جي باوجود، غرناطه واري اسلامي حڪومت صدين تائين قائم رهي، پر نيٺ نائين هجري صديءَ جي وچ ڌاري، ثغرالا عليٰ (ارغون) نسل جي هڪ بربري خاندان، جنهن کي ”بني ثغر“ يا ”بني ثغرون“ سڏيندا هئا ۽ قُرطبه جي هڪ خاندان، ”بني سراج“ غرناطه جي حڪومت ۾ پنهنجو تمام گهڻو عمل دخل ۽ اثر رسوخ پيدا ڪري ورتو ۽ سن 1482ع ۾ غرناطه جي شاهي خاندان ۾ دشمني پيدا ٿي پئي تنهن ڪري ”بني سراج، کي حڪومت ۾ مليل اختيار گهٽائڻ ڪارڻ، بادشاه، ابو نصر سعد کي تخت تان لاهي، سندس پُٽ، ”علي ابوالحسن“ کي بادشاه بنايو ويو ۽ شلير جبل جي سڀني کان اوچي چوٽيءَ تي نئين بادشاهه وارو نالو رکيو ويو، بادشاه علي ابوالحسن، مالقه واري حڪومت، پنهنجي ڀاءَ، ”ابوعبدالله الزُغل“ کي ڏئي، پنهنجي اقتدار ۽ قُوَتُ ۾ کوٽ پيدا ڪري وِڌي. هن ٻي غلطي اها ڪئي ته هُن ”آئز بِلا دِي سولِس“ نالي هڪ حسين عيسائي ڪنيز دوشيزه سان شادي ڪئي، جنهن مان پڻ اولاد ٿيس. اها ڳالهه سندس پهرين زال، سلطانه عائشه کي بنهه ڪانه وڻي ۽ کيس خوف ٿي پيو ته بادشاه آئيز بيلا کي تمام گهڻو ٿو ڀانئي ۽ سندس هر ڳالهه مڃي ٿو. تنهن ڪري شايد منهنجي پُٽن، ابو عبدالله محمد ۽ يوسف مان ڪوبه، شاهي تخت جو وارث نه ٿي سگهندو. آئزا بيلا، جنهن جو اسلامي نالو سلطانه زهره رکيو ويو، تنهن پنهنجي اولاد کي شاهي تخت جو وارث بنائڻ خاطر، بني سراج واري امير کان مدد طلبي، تنهن کيس مدد ڏيڻ چاهي، پر بدقسمتيءَ سان اهو امير ترت ئي الحمرا محل ۾ خون ٿي ويو. سن 1483ع ۾ شهزادي ابو عبدالله محمد، پنهنجي پيءَ، سلطان علي ابوالحسن کي تخت تان لاهي، پاڻ بادشاه بنجي ويٺو. تڏهن معزول بادشاه، ڪنهن حيلي سندس ڀاءَ ڏانهن هليو ويو، جيڪو مالقه جو حاڪم هو. هوڏانهن بادشاه، ابو عبدالله محمد، عيسائين جي زور وٺڻ ۽ سامهون ٿيڻ ڪري، پنهنجي حڪومت سنڀالي نه سگهيو، تنهن ڪري پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر، عيسائي جنگي سردارن خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ، پنهنجي چاچي، الزُغل ۽ پيءَ علي ابوالحسن کان گهربل مدد گهري، تڏهن سندس چاچو ۽ پيءَ، ٻئي ڀائر، غرناطه جي حڪومت بچائڻ واسطي، عيسائي جنگي سردارن سان اچي جنگ جوٽي ۽ 1484ع کان 1486ع تائين عيسائين سان مُسلسل وڙهندا، نيٺ شهيد ٿي ويا. تنهن کان پوءِ غرناطه جي مسلمان حاڪمن ۾ عيسائي جنگي سردارن سان وڌيڪ مقابلو ڪرڻ جي سگهه ڪانه رهي ۽ نيٺ سلطان ابو عبدالله محمد، مجبور ٿي، جنوري 1492ع ۾ غرناطه جي حڪومت جي واڳ، قشتاله رياست جي عيسائي راڻي، آئزابيلا ۽ سندس مڙس فرڊيننڊ جي حوالي ڪئي. اهڙي ريت اِسپين ۾ اسلامي دؤر حڪومت مڪمل طور ختم ٿيو. انهيءَ وقت يورپ جون سموريون عيسائي رياستون، غرناطه واري اسلامي حڪومت جي اختتام جو شديد انتظار ڪري رهيون هيون، تن کي جڏهن انهيءَ اسلامي حڪومت جي خاتمي جي خبر پئي، تڏهن سڄي عيسائي دنيا ۾ خوشيون ملهايون ويون.
    غرناطه تي عيسائين جو قبضو ٿيڻ واري ڳالهه، جڏهن لنڊن شهر ۾ پهتي، تڏهن اُن وقت جي انگريز بادشاه، هينري اٺين جي حڪم موجب، لندن جي سڀني کان وڏي گرجا، سينٽ پال گرجا ۾ عيسائي خلق جو تمام وڏو ميڙ ڪٺو ڪري، عيسائي مذهب جي ڪاميابيءَ تي، شڪراني جي دُعا گهري وئي.
    غرناطه شهر کان اڳ موجود، غرناطه جي ڀر سان آباد شهر، اِلي بيري يعني مدينة البيره شهر تي اسلامي لشڪر جي سالار، طارق بن زياد جي لشڪر جي هڪڙي جَٿي سن 711ع مطابق سن 92 هجري ۾ قبضو ڪري، يورپ کنڊ جي هڪ مُلڪ اسپين ۾ اسلامي دؤر حڪومت شروع ڪيو ۽ سن 1492ع مطابق سن 898 هجريءَ ۾ غرناطه واري اسلامي حڪومت تي عيسائين جي قبضي ٿيڻ سان، اسپين ۾ 781 عيسوي سالن ۽ 806 هجري سالن تائين قائم رهندڙ اسلامي حڪومت ختم ٿي وئي.
    غرناطه شهر ۾ انهيءَ اسلامي دؤر حڪمت جون ڪافي يادگار عمارتون، بازارون ۽ باغ باغيچا اڄ به دنيا جي سياڻن ۽ سياحن جي نظرن جا مرڪز ۽ عبرت جا آثار آهن. موجوده دؤر ۾ به غرناطه شهر جي آدمشماريءَ جو ڏهه سيڪڙو مسلمانن تي مشتمل آهي.
    غرناطه ۾ انهيءَ دؤر جون ٺهيل مسجدون اڄ به عمارت سازيءَ جو انمول نمونون آهن. غرناطه جي پهاڙيءَ تي ٺهيل بازار ۾ موجود هڪ مسجد ۾ اسان به نماز پڙهي.
    يورپ جي اڍائي ملڪن يعني اسپين پور چوگال ۽ فرانس جي ڪجهه حصي تي اٺ سو ڇهه سال مسلمانن حڪومت ڪئي، سلطنت عثمانيه جي بادشاهن وري يورپ جي ڇهن ملڪن بلغاريه-هنگري يونان ۽ ٻين ٽن ملڪن تي حڪومت ڪئي يعني يورپ جي اٺن ملڪن تي مسلمانن سوين سال حڪومت ڪئي پر اڄ مسلمان تمام ڏکئي دؤر مان گذري رهيا آهن، انهن ڏکيائين جو وڏو سبب عيسائي حاڪم دنيا اندر ملسمانن لاءِ هر هنڌ مُشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ گڏجي اهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان اسپين جي رستن تان غرناطه کان قرطبه ڏانهن تيز اسپيڊ ۾ وڃي رهيا آهيون گاڏي ۾ ميوزڪ به آھي پر گاڏي ۾ منيٰ ٽيپ هلائڻ ڪانه ڏيندي آهي، اُنهي جو سبب کيس مٿي جو سور آهي، پاڪستان ۾ پنهنجي گاڏين ۾ اسان پٺيان جا ٽيپ به بند ڪري ڇڏيا آهن، ته جيئن پٺيان آواز نه ٿئي ۽ گهڻن اسپيڪرن بدران صرف اڳيان ٽيپ هئڻ ڪري آواز به گهٽ ٿيندو پرهت اهو نٿو ڪري سگهجي اسپين ۾ هنن هت جبلن تي به زيتونن جا وڻ پوکي سڄي ملڪ کي سر سبز ڪري ڇڏيو آهي.
    اِسپين جي ايڪاناميءَ ۾ زراعت جو به وڏو حصو آهي. هنن ميداني زمينن کي ته آباد ۽ سرسبز ڪري ڇڏيو آهي، پر چند وڏن جبلن کان سواءِ سڀني پهاڙي علائقن کي ٽريڪٽرن ۽ بلڊوزرن وسيلي اُت جو ات سِڌو ڪري سنواري مٿن وڻ پوکي سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري ڪري ڇڏي آهي. وڻن کي پلاسٽڪ جي روڙن سان پاڻي ڏيندا آهن. انهيءَ طريقي کي ڊرپ اِرِيگيشَن سڏيندا آهن. اسان جي ڳوٺ واري گهر جي پارڪ ۾ منهنجي پُٽ فَرُخ به اهو سسٽم هڻي ڏنو، جيڪو اڃان تائين لڳو پيو آهي، پر اسان ان تي ڪو خصوصي توجهه ڪونه ڏنو آهي.
    اسين هن گل و گلزار مُلڪ جي موٽر وي تان موٽر وسيلي غرناطه کان ٻن ڪلاڪن جي مسافريءَ کان پوءِ قرطبه پهتاسين ۽ رِزَويشن واريءَ هوٽل ۾ اچي لٿاسين. اسپين توڙي پورچو گال ۾ اسان هوٽلون اڳواٽ بڪ ڪرايون هيون، تنهن ڪري اسان کي هتي ڪابه تڪيلف ڪانه ٿي ۽ ٽائيم به ضايع ڪونه ٿي ٿيو. اسان شهر پهچي بڪنگ واري هوٽل جي اڳيان اچي بيٺاسين، ته نور محمد منهنجو ۽ منيٰ جو پاسپورٽ کڻي رِسپشن وارن کي وڃي ڏيکاريو، جن ڪمپيوٽر تي چيڪ ڪري کيس هڪ فارم ڏنو، سو ڀري کين ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ اسان سامان کڻي ڪمرن ۾ وياسين. اسان ٻن پاڪستانين يعني مونکان ۽ منهنجي گهرواريءَ کان انهي فارم تي صحيح ورتئون، باقي نور محمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه ۽ سندن ٻن ٻارن عبدالحئي جونيئر ۽ زينب وارن وٽ انگلينڊ جا پاسپورٽ هئا. تنهن ڪري انهن کان ڪوبه ڪاغذ صحيح ڪونه ڪرائون ۽ نه ئي سندن ڪا اميگريشن چيڪنگ ٿي. اسان ڪمرن ۾ اچي ڪجهه وقت آرام ڪيو، پوءِ شهر گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ رات جي ماني به ٻاهر هڪڙي تُرڪِش هوٽل تي کاڌي. هي قرطبه جو شهر غرناطه کان ڪافي ننڍو شهر هو. گهمڻ ۽ سير ڪرڻ جي لائق جڳهين تي جيڪا رش ۽ گهما گهمي غرناطه شهر ۾ هئي، اهڙي هت نظر ڪانه آئي، پر تڏهن به دنيا مان چڱي تعداد ۾ مسلمان توڙي غير مسلم سياح هت به آئيل ڏٺاسين سڄي مسلم دنيا جا سياح غرناطه ۽ قرطبه گهمڻ گهٽ تعداد ۾ اچن، رات جو آرامي ٿي، صبح سوير اسان قرطبه جي اها تاريخي مسجد ڏسڻ وياسين، جنهن کي هاڻ اسپين جي سرڪار چرچ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هاڻ هن مسجد مان پنج وقت ٻانگ اچڻ بدران عيسائي عقيدي موجب گهنڊ وَڄَندا آهن. اهو آرتوار جو ڏينهن هو، تنهن ڪري، مسجد اندر قائم چرچ ۾ عيسائين طرفان عبادت ٿيڻي هئي، اسان اتي وڃي ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو عبادت لاءِ پهچي چڪا هئا ۽ ڪي اچي رهيا هئا. عيسائين پنهنجي عبادت خاطر سڄي مسجد کي مخصوص ڪونه ڪيو آهي، پر مسجد اندر وچ تي تمام ٿوري ايراضيءَ کي چرچ طور مخصوص ڪيو آهي، باقي سڄي مسجد اصل وانگر قائم ۽ دائم آهي ۽ منجهس ڪابه ڀڃ ڊاه يا اڏاوتي ڦيرڦار ڪانه ڪئي اٿن. مسجد توڙي ٻاهر پوکيل باغيچي جي پڻ سٺي سارسنڀال ڪئي وئي آهي. سڄي مسجد سياحن لاءِ کليل رهندي آهي، جتي گهمي ڦري ۽ فوٽو به ڪڍي سگهجن ٿا، پر هن مسجد ۾ هاڻي مسلمانن کي نماز پڙهڻ جي اجازت ڪانهي مسلم دؤر حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪن ڪن ماڻهن هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين نماز پڙهڻ ڪونه ڏيندا هئا ۽ پوءِ نماز پڙهڻ جي ڪوشس کي روڪڻ لاءِ هاڻ مسجد اندر پوليس بيهاري ڇڏي آهي، جنهن جي خصوصاََ مسلمانن تي ڪَرڙِي نظر هوندي آهي، ته جيئن هو هت نماز نه پڙهن نئين مسجد حرام، جيڪا بعد ۾ تُرڪن ٺهرائي هئي، اها مسجد هوبهو مسجد قرطبه جهڙي آهي. اسان جي سڄي فيملي راتيون جاڳي انهيءَ مسجد ۾ عبادت ڪئي، قرطبه واري جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي ته اجاز ڪانهي، پر هُنن مسجد کي بلڪل اهڙي ئي نموني سنڀالي رکيو آهي، جهڙي اها اڳ هئي. هنن مسجد اندر ڪابه ڀڃ ڊاهه ڪانه ڪئي آهي، مسجد جو مَنبَر به قرآني آيتن سميت محفوظ آهي، مسجد کي روشنيءَ جي جديد نظام سان سنواري صاف ۽ شفاف ڪري رکيو آهي. مسجد جي ٻاهران اٺن ڏهن ايڪڙن جيتري ايراضي کي گهيريندڙ ڪمپائونڊ وال کي گلن، ٻوٽن ولين ۽ وڻ وڻڪار سان اهڙو ته سهڻو ڪري ڇڏيو آهي، جو اهو منظر ڏسڻ سان دل پئي ٺري، قديم زماني ۾ اسپين تي رومين جو تسلط هو، اهي بُت پرست هئا. قرطبه شهر ۾ انهن جو هڪڙو وڏو بت خانو موجود هو. جڏهن اسپين ۾ عيسائي مذهب پکڙيو ته انهيءَ مندرجي ڀيڻي تي Vincent وِنسينٽ نالي هڪڙي شهيد عيسائيءَ جي يادگار طور هڪڙو وڏو ڪليسه يعني عيسائي مذهب وارن جو عبادت گاهه تعمير ڪيو ويو، انهيءَ عبادت گاه کي ”سينٽ ونسينٽ چرچ“ نالو ڏنو ويو. وري جڏهن مسلمانن قرطبه جي شهر تي صلح واري شرط تي قبضو ڪيو ته، جيئن حضرت عمر رضي الله عنه جي حڪم موجب دمشق تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ دمشق شهر ۾ موجود گِرجا کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي هڪ ڀاڱو عيسائين کي ۽ ٻيو ڀاڱو مسلمانن کي ڏنو ويو. ساڳي طرح قرطبه واري سينٽ وِنسينٽ گِرجا کي ٻن اڌن ۾ ورهائي، هڪڙو اڌ عيسائين کي ڏنو ويو ۽ ٻيو اڌ مسلمانن جي حوالي ٿيو، مسلمانن اتي مسجد قائم ڪئي. جڏهن اِندلَس يعني اسپين جو بادشاه السمع مالڪ بن الخولاني ٿيو ۽ قرطبه شهر کي گاديءَ جو هنڌ بنايو ته ڪيترائي عرب امير قرطبه ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ شهر ۾ مسلمانن جي آدمشماري وڌي انهيءَ صورت حال ۾ مسجد ۾ گهڻن نمازين لاءِ جاءِ ڪانه رهي ۽ ڏکائي ٿي پئي ۽ اها ڏکائي برقرار رهي، تان جو جڏهن سن 138هه ۾ امير عبرالرحمان بن معاويه بن هشام اِندلَس جو بادشاه ٿيو ۽ قرطبه ۾ پنهنجي راڄداني برقرار رکي ۽ جڏهن سندس حڪومت مضبوط ٿي، تڏهن هن قرطبه شهر کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ طرف ڌيان ڌريو، جبلن مان هڪڙي نهر کوٽائي شهر ۾ آندي، شهر ۾ بازار، مسافر خانا ۽ حمام وغيره ٺهرايا. شهر ۾ بهترين باغ ۽ باغيچا ۽ عاليشان عمارتون تعمير ڪرائڻ شروع ڪيون. انهيءَ سان گڏ مسجد کي وڏو ڪري ٺهرائڻ لاءِ پڻ سنجيده ڪوشش ڪيائين. انهيءَ خاطر ملڪ جي وڏن عيسائي پادرين ۽ عالمن کي گهرائي، مسجد سان متصل گرجا وڪڻي ڏيڻ لاءِ زور ڀريو. پهرين ته انهن انڪار ڪيو پر نيٺ هن شرط تي گرجا جو وڪرو ڪرڻ تي راضي ٿيا ته شهر ۾ سندن ٻيا گرجا، جيڪي اسلامي حڪومت ڊاهي ڇڏيا هئا، انهن جي وري اڏاوت جي اجازت ڏني وڃي. بادشاه سندن شرط قبول ڪيو ۽ کين خريد ڪيل گرجا جي تمام گهڻي قيمت خوشي سان ادا ڪئي اهڙي طرح مسجد سان لڳ ٺهيل سينٽ ونسينٽ گرجا ڊاهي، موجود جامع مسجد جا بنياد رکيا ويا، پر اهو زمانو سندس حڪومت جو آخري وقت هو بادشاه جي سن 172هه ۾ وفات کان فقط ٻه سال اڳ هن عاليشان مسجد جي تعمير شروع ڪرائي وئي، مسجد جو نقشو دمشق شهر جي هڪڙي وڏي ڪاريگر معمار کان تيار ڪرايو ويو هو، تنهن موجب هي هڪ وڏو تعميراتي منصوبو هو. انهيءَ سبب بادشاه جي ايام ڪاريءَ دوران تڪميل کي رسي نه سگهيو. امير عبدالرحمان جي وفات بعد سن 172هه ۾ سندس پُٽ امير هشام بادشاهه بنيو، تنهن پنجن سالن اندر وڏي شوق سان تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي ورتو، انهيءَ وقت مسجد جي چوگرد هڪ چار ديواري اڏائيل هئي، جنهن کي مضبوط بنائڻ خاطر ٻاهرئين طرف کان ٿوري ٿوري مفاصلي تي پُستي وارا پيلِپايا ٺهيل هئا. انهيءَ ديوار تي پيلپاين سميت ڪُنگرا ٺهيل هئا، تنهن ڪري مسجد قلعي جو ڏيکاءَ ڏيڻ لڳي. انهي چار ديواري جي اترئين ديوار جي وچ تي مسجد جو دروازو ٺيهل هو. ياد رهي ته قرطبه ۾ قبلو ڏکڻ طرف مُڙيل اوڀر طرف تي آهي. دروازي سان متصل اولهه پاسي تي مسجد جو چوڪنڊو مُنارو ٺهيل هو. ٻانگو انهيءَ مينار تي چڙهي ٻانگ ڏيندو هو. مسجد جي صَخن جي اوڀر، اُتر ۽ اولهه طرف ۾ خوبصورت محرا بن وارا دالان ٺهيل هئا.
    وچ تي وضوءَ لاءِ هڪڙو حوض ٺهيل هو. مسجد کان ٻاهر موجود هڪ کوه مان پاڻي ڀري وضوءَ وارو حوض ڀريو ويندو هو، جيڪڏهن مسجد جي صحن ۾ قبلي طرف يعني ڏکڻ طرف منهن ڪري ڏسبو ته ڏهن ڏهن پيلرن تي مشتمل ڪل اٺ دالان ڏسڻ ۾ ايندا. سڀني جي پڇاڙيءَ، يعني قبلي واري ديوار سان ملندڙ دالان جي وچ تي مسجد جو محراب ٺهيل آهي. جيڪو ديوار ۾ ڪجهه اندر هڪ خوشنما گنبذ جي هيٺان آهي. انهيءَ جي هڪ طرف مَنبَر به رکيل آهي. دالانن وارن ٿنڀن جي هر هڪ قطار تي ساڳئي قسم جي محرابن جي هڪڙي قطار هئي. ٿنڀن جي اوچائي تقريباََ 12 فوٽ هئي. هر ٿنڀ مٿان به هڪ ٿنڀ ٺهيل هو. جنهن ڪري هيٺين ٿنڀن جي قطارن ۽ محرابن وانگر مٿي پڻ ساڳئي ترتيب سان ٿَنڀَن جون قطارون ۽ سندن وچ ۾ محراب ٺهيل هئا. پوءِ ڪٿي ڪٿي محرابن جي پهرين ۽ ٻي قطارن ۾ محرابن جي هڪڙي وڌيڪ قطار جوڙي، نهايت خوبصورتيءَ سان مسجد جي ڇت تيار ڪئي وئي هئي. ڇت جي فرش کان اوچائي 35 فوٽ هئي. محرابن جي وچ واري جاءِ کي خالي ڇڏي ڏنو ويو هو. هت بيهڻ سان ڏاڍو سٺو نظارو ڏسڻ ۾ ايندو.
    جنهن به رُخَ کان ڏسبو ته نظر جي دنگ تائين ٿَنڀَن جي قطارن تي محرابن جي هڪڙي سهڻي ڄاري ڏسڻ ۾ ايندي. محراب، جنهن جي ڀر ۾ مَنبر رکيل هو، سهڻي پٿر جو ٺهيل هو. محراب جي ٻنهي پاسن کان مقصوره يعني جَهل ٺهيل هئي جتي وقت جو بادشاهه نماز ادا ڪندو هو، مسجد کان ٻاهر، اولهه طرف قصر شاهي يعني بادشاهه جي سراء ٺهيل هئي. انهيءَ قصر کان مسجد تائين هڪڙو خصوصي رستو ٺهيل هو، جتان فقط بادشاه مسجد ۾ ويندو هو. اهو رستو مسجد جي قبلي واري ديوار جي ويجهو اولهه طرف دنگ ٿو ڪري. انهي هنڌ ديوار ۾ دروازو ٺهيل هو، جنهن مان بادشاهه مسجد ۾ داخل ٿيندو هو، هيءَ مسجد اٽڪل نَوَنِ سالن ۾ جُڙِِي راس ٿي، بادشاه امير عبدالرحمان پنهنجي ٻن سالن دوران مسجد جي تعمير تي 80 هزار سُرخ ديدنار خرچ ڪيا هئا. بادشاه امير هشام کيس ستن سالن ۾ حاصل ٿيل مال غنيمت جو پنجون حصو خرچ ڪري مسجد جي تعمير مڪمل ڪرائي. انهيءَ کان پوءِ مسجد جي اڏاوت ۾ جيڪا توسيع وغيره ٿي انهيءَ جو احوال طوالت سبب درج نٿو ڪجي، البت ان ۾ ٿيل آخري توسيع بابت بيان ڪجي ٿو ته خليفي الحُڪم مستنصر بالله کان پوءِ، سندس پٽ هشام الموئد بالله تخت تي ويٺو، تنهن سندس وزير محمد بن ابي عامر المنصور کي مسجد ۾ توسيع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، انهيءَ جي تعميل ڪندي وقت جي ماهر تعميرات، حاجب المنصور هٿان مسجد جي عمارت ۾ جيڪو اضافو ڪرايو ويو، اهو اڳي ڪيل سڀني توسيعن کان وڌيڪ هو. تمام سهڻو هو ۽ آخري اضافو پڻ هو، انهيءَ وقت تائين مسجد جي مکيه ڀاڱي ۾ جيڪا توسيع ٿي هئي، اها مسجد جي قبلي واري طرف ٿي هئي، پر پوءِ مسجد کي انهيءَ طرف وڌائڻ ناممڪن ٿي ويو، ڇو ته قبلي واري ڏاکڻي ديوار جي پويان جيڪا زمين پئي هئي، اها وادي الڪبير جي ويجهو. هجڻ سبب صفا کڏ ۾ هئي تنهن ڪري انهيءَ ۾ ڀرائي ڪري انهيءَ طرف مسجد جي توسيع ڪرڻ مناسب ڪانه ڄاتي وئي، اولهه طرف توسيع ڪرڻ به انهيءَ ڪري ناممڪن هو، ڇو ته انهيءَ طرف بادشاهه جو محل هو ۽ بادشاهه لاءِ مسجد ۾ اچڻ جو رستو به انهيءَ ئي طرف ٺهيل هو، مسجد جي اترئين طرف مسجد جو صحن، منارو، حوض، دروازا وغيره ٺهيل هئا، تنهن ڪري مسجد ۾ توسيع انهيءَ جي اوڀر طرف کان ڪئي وئي، انهيءَ سلسلي ۾ انهيءَ طرف مسجد جي توسيع لاءِ گهربل زمين حاصل ڪرڻ خاطر انهي زمين تي ٺهيل گهرن جي مالڪن کي تمام وڏيون رقمون ڏنيون ويون، اهي بادشاه المنصور ادا ڪيون ۽ گهرن واري زمين مسجد جي توسيع ۾ ڪم آئي، مسجد جي پوري ڊيگهه ۾ اُتر توڙِي ڏکڻ طرفن وٽان ستن ستن ٿنڀن تي مُشتمل 29 دالان، اڳوڻن دالانن سان گڏ ٺاهيا ويا ۽ مسجد جي صحن ۾ قبلي ڏانهن منهن ڪري ڏسبو ته سامهون ارڙهن ارڙهن ٿنڀن وارا 29 دالان قبلي واري ديوار تائين ڏسڻ ۾ ايندا. مسجد جي ڊيگهه ۾ ٿنڀن جون 18 قطارون ۽ ويڪر ۾ 28 قطارون هيون، مسجد ۾ اها توسيع آخري هئي ۽ اها قبلي واري طرف ڪانه ٿي هئي، تنهن ڪري مسجد جو محراب بادشاهه لاءِ نماز پڙهڻ جي ٺهيل مقصوره يعني ڪٽهڙي ۽ مسجد ۾ بادشاه جي داخل ٿيڻ وارو دروازو پنهنجي ساڳي جڳهه تي برقرار رهيا، جتي خليفي الحڪم مستنصر بالله طرفان ٺهرائيل هئا، البت اوڀر طرف دالانن جي تعداد ۾ واڌاري سبب، محراب وارو ڪمرو، آخري دالان جي وچ تي نه رهيو. اسان هت مسجد ڏسڻ بعد قرطبه جا ٻيا به ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان ڏٺا ۽ شهر گهميو ۽ ٻنپهرن جي ماني کاڌي هوٽل تي هڪ عورت ڏٺيسِين جنهن کي عجيب قسم جا زيور سڄي بدن تي پيل هئا ۽ تيزي سان بِيئَر پيئَندي رهي پاڻ اڪيلي هئي پر مون جو اندازو هو ته هو ڪنهن جو انتظار ڪري رهي هئي بِيئَر کانپوءِ ماني به کاڌائين سڄو وقت موبائل سان ڪنهن سان ميسيجَن ۾ يا ڪنهن راند ۾ مصروف هئي موبائل کان سواءِ هڪ منٽ لاءِ به ٻيو ڪجهه ڪون ٿي ڪئين اسان به ماني جو آرڊر انگلش نموني جي کاڌي جو ڏنو، ماني کائي شهر مان ڪجهه خريداري ڪري اسان هت قرطبه ۾ ئي پنهنجي ٻي منزل يعنيٰ مدينة الزھره لاءِ روانا ٿياسين جيڪا شهر کان ڪجهه پنڌ تي هئي، پر جيئن ته اسان وٽ پنهنجي سواري هئي ته اسان کي هڪ جَڳَهَه کان ٻي جڳهه وڃڻ لاءِ نه ٽيڪسين جو ججهو خرچ نه وري بس يا ٽرين جو انتظار ٿي ڪرڻو پيو. مون اندازو لڳايو ته ھن پرائيوٽ گاڏي ڪري پيسا ۽ ٽائيم جي ڪافي بچت پئي ٿي ۽ هوٽل کان هر جڳهه اچڻ ۽ وڃڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه پئي ٿي ٻيو ته ٺھيو پر بس-ٽيوب ۽ ريل لاءِ ماڻهن کي پهچڻ لاءِ پنڌ ته ڪرڻو هو ۽ وري ريل بسن يا ٽيوب مان لهي منزل تي پيرين پنڌ ئي ٿي وڃڻو پيو سو اسان جهڙن ٻاهتر سالن جي ماڻهو لاءِ اهي ئي پنڌ ڏاڍا تڪليف ده ٿي لڳا اُنهيءَ ڪري ئي اسان سڄي سفر لاءِ اها گاڏي ڪئي مون سان گڏ بوبيءَ جي ننڍن ٻارن کي به انهن پنڌن ڪري ٿڪ ۽ تڪليف ضرور ٿئي ها ھُونئَن به ٻار ۽ پوڙهي ماڻهوءَ تي موسم ۽ مسافريءَ جو جوانن جي مقابلي ۾ زياده اثر ٽٽي ٿو. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته Dont West Your Time-Money and Energy اسان جي هاڻ جي منزل قرطبه شهر کان ٿورو پَرَپَرو پراڻو شهر مدينة الزهرا پري کان نظر اچي رهيو هو اسان پارڪنگ پليس ۾ پنهنجي گاڏي بيھاري اُڏانهن روانا ٿياسين هيءَ هڪڙو ننڍڙو، پر گهڻو پر تڪلف شهر، مدينة الزهره خصوصي طور قرطبه جي خليفن حاڪمن ۽ سندن خاندان ۽ واسطيدار ماڻهن جي سڪونت/رهائش خاطر قائم ڪيو ويو هو.


    8

    هي شهر خليفي عبدالرحمان الناصر سن 325 هجري، مطابق 936 عيسوي ۾ هڪڙي وڏي ميدان ۾ اڏائڻ شروع ڪيو هو، جيڪو ميدان قرطبه شهر جي اتر طرف ٽن/چئين ميلن جي مفاصلي تي، هڪ پهاڙ جي دامن ۾ پکڙيل هو. خليفي عبدالرحمان الناصر جي حياتيءَ ۾ پنجويهن ورهين تائين شهر جي اڏاوت جاري رهي ۽ خليفي جي وفات کان گهڻو اڳ سندس شاهي محل، جيڪو نهايت ڪُشادو هو ، جامع مسجد، فوجي علمدارن ۽ شاهوڪار ماڻهن جا گهڻا سارا گهر، چند بازار ۽ باغ باغيچا تيار ٿي ويا هئا ۽ اُن قسم جون گهڻيون ٻيون به عمارتون، الناصر کان پوءِ خليفي الحڪم ٻئي جي دؤر حڪومت ۾ سانده 25 سالن تائين جُڙنديون ۽ واڌارو ڪنديون رهيون. اهڙيءَ طرح هي شهر لاڳيتو چاليهن سالن جي طويل عرصي ۾ جُڙي راس ٿيو. مون بوبي کي چيو ته چاليهه سال تمام وڏو عرصو آهي. هن شهر جي اڏاوت جو سبب هي ڄاڻايو ويو آهي ته خليفي الناصر جي هڪڙي غلام عورت ڪافي ملڪيت ڇڏي گذاري وئي. بادشاه حڪم ڏنو ته انهيءَ ملڪيت مان عيسائي حڪومتن وٽ مسلمان جنگي قيدين جي آزاديءَ لاءِ خرچ ڪيو وڃي، پر پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته عيسائي حڪومتن وٽ ڪوبه مسلمان جنگي قيدي ڪونه هو، تنهن کان پوءِ بادشاه جي هڪ راڻيءَ، جنهن سان بادشاه کي بيحد گهڻي محبت هئي، تنهن بادشاهه کي عرض ڪيو ته انهيءَ ملڪيت مان هڪڙو شهر اڏايو وڃي ۽ انهيءَ شهر تي منهنجو نالو رکيو وڃي، بادشاه کي پنهنجي محبوبه راڻيءَ جي ڳالهه ڏاڍي وني، تنهن تي عمل ڪندي اهو شهر انهيءَ ملڪيت مان جوڙائي، انهيءَ تي سندس انهيءَ ئي راڻي جنهن جو نالو زهرا هو، نالو ”مدينة الزهراءَ“ رکيو نضح الطيب تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ابن خلدون هن شهر جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه، 2700 ذراع برابر ست فرالانگ ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ، 1700 ذراع برابر ذري گهٽ پنج فرلانگ بيان ڪئي آهي، جڏهن ڪنهن شهر جي ايتري ڊيگهه ۽ ويڪر ڪا گهڻي ته هرگز ڪانه چئبي، بس ائين سمجهڻ کپي ته مدينة الزهرا حقيقت ۾ ڪو شهر ڪونه هو، پر انهيءَ جو قرطبه شهر سان اهڙو تعلق هو، جيڪو پراڻي حيدرآباد جو ڪوٽڙي سان راولپنڊي جو اسلام آباد سان يا هندستان ۾ وري پُراڻِي دهلي سان نئين دهلي جو تعلق هو، جيڪو فقط بادشاهن انهن جي اميرن ۽ اعليٰ اهلڪارن جي رهائش لاءِ مخصوص هو، جهڙي طرح دهليءَ واري لال قلعي ۾ شاهي محلات، ديوان خاص، ديوان عام، موتي مسجد، ان جي پويان حمام، بازار، باغ باغيچا، نهرون ۽ درٻار سان وابسته اميرن جون حويليون تعمير ٿيل هيون، عين اهڙيءَ طرح هن شهر مدينة الزهرا ۾ پڻ قرطبه جي خليفن جي شان شوڪت مطابق سندن ۽ سندن اميرن ۽ درٻارين جي آرام ۽ آسائش جي لاءِ گهربل سموريون شيون مُيَسر ڪيون ويون هيون. مدينة الزهراءَ شهر ۾ اڏيل عمارتن ۾ بادشاه جي محل واري عمارت، سڀني کان وڌيڪ پُرتڪَلِف ۽ ڪُشادِي هئي. انهيءَ بادشاهي محل جي ٻن خصوصي ڀاڱن جو ذڪر ڪيترن ئي تاريخ دانن ڪيو آهي، انهن ڀاڱن مان هڪڙو ”مجلس مونسي“ ۽ ٻيو ڀاڱو ”قصرِ الخلف“ هو. مجلس مونس، شاهي محل جو اُڀرندو ڀاڱو هو. انهيءَ ڀاڱي ۾ ٺهيل خوا بگاه واري عمارت جي ويجهو، سائي رنگ واري سَنگ مرمر پٿر سان ٺهيل مشهور حوض تعمير ٿيل هو. اهو حوض هڪ شخص نالي ”احمد اليوناني“ شام مُلڪَ مان پهرين خشڪي رستي ۽ پوءِ بحري جهاز تي رکائي، قرطبه کڻائي آيو هو. هڪڙو ٻيو حوض، جيڪو سائي سنگمرمر پٿر جي ٺيهل حُوض کان به وڏو هو، ساڳيو شخص احمد اليوناني ۽ ساڻس گڏ ٻيو شخص، جنهن جو نالو ربيع الاسقف هو، قسطنطنيه جي بادشاهه طرفان، قرطبه جي خليفي لاءِ تحفي طور ڏنل اهو حوض قُسطَنطَنيه شهر مان کڻائي قرطبه شهر ۾ رسايو. اهو حوض ڌاتوءَ جو ٺهيل هو، جنهن جي سڀني پاسن تي سون چڙهيل هو. انهيءَ حوض جي ديوارن تي وڏي ڪاريگريءَ سان انساني تصويرون تراشيل هيون سائي سنگمرمر پٿر سان ٺهيل ننڍو حوض پنهنجي سِر هڪ نهايت خوبصورت شيءَ هو، پر جڏهن سون چڙهيل حوض مجلس مونس ۾ نصب ڪيو ويو ته انهيءَ اڃا به وڌيڪ جنسار پيدا ڪيو، ڇو
    انهيءَ حوض جي چوڌاريءَ، قرطبه شهر جي ڪاريگرن جون ٺهيل جانورن جون سونيون مُورتيون نصب ڪيون ويون، انهن جانورن جي مجسمن ۾ هڪ مجسمو شينهن جو هو، جنهن جي هڪ طرف هرڻ جو مجسمو رکيل هو. انهن جي مقابلي ۾ ٻئي طرف هڪڙو باز، هڪڙو ارڙ نانگ ۽ هاٿي ٺاهي رکيا ويا هئا. انهن جي ٻنهي پاسن تي ڪبوتر شَڪِري، مور، مادي ۽ نرڪُڪڙ ۽ سِرَڻ جا مجسما نصب ٿيل هئا، انهن سونن مجسمن ۾ هيرا ۽ جواهر جڙيل هئا. انهن مورتين جي چُهنبَن مان پاڻي نڪرندو حوض ۾ ٿي پيو. شاهي محل جي ٻئي ڀاڱي کي ”قصر الخلفاءَ“ سڏيو ٿي ويو. انهيءَ عمارت جي ڇِتِ ۽ ڀِتيون سون جي چادرن سان ٺهيل هيون. دِيوارِن جي هيٺين ڀاڱي ۾ سفيد سنگ مرمر ڪم آئيل هو. ڇِتِ ۾ لٽڪندڙ نهايت سهڻو ”جواهر عجيب“ هو، جيڪو، قسطنطنيه جي باد شاه ”لِيو“ ”Leo“ خليفه قرطبه، الناصر کي تحفي طور موڪليو هو. ڇت جي مٿئين تهه کي سون ۽ چانديءَ جي پڙڇن سان تيار ڪيو ويو هو. انهيءَ ايوان جي پوري وچ تي هڪڙو حوض رکيل هو، جيڪو پاري سان ڀريل، بيحد سهڻو هو. هن ايوان جي هر طرف اٺن اٺن محرابن وارا دروازا ٺهيل هئا، جن تي آج يعني هاٿيءَ جي ڏندن ۽ آبنوس مان ٺهيل آرائشي ڄاريون لڳل هيون، انهن ڄارين ۾ هيرا ۽ جواهر جڙيل هئا. محراب رنگين پٿر ۽ رنگين شيشي سان ٺهيل ٿنڀن تي بيٺل هئا. جڏهن انهيءَ ايوان ۾ سج جي روشني داخل ٿيندي هئي ته ڇِت توڙي ڀِتيون اهڙيءَ طرح تيز چمڪڻ لڳنديون هيون جو ڏسڻ وارن جون اکيون کيريون ٿي وينديون هيون. جنهن وقت خليفو الناصر انهيءَ ايوان ۾ موجود هوندو هو ۽ حاضرين مجلس کي ڊيڄارڻ گهرندو هو ته ڪنهن حاضر غلام کي حوض ۾ پيل پاري کي ڇُلڪائڻ لاءِ حڪم ڏيندو هو، پارو ڇُلڪڻ سان سج جي روشنيءَ جا ڪرڻا ايوان ۾ کنوڻ جينئن لاڳاتار تجلا ڏيندا رهندا هئا. تڏهن ايوان ۾ موجود ماڻهو ڀائيندا هئا ته ڪمرو يا ايوان ڦِري رهيو آهي. انهيءَ ڊپ ۾ اچي ڏڪندا هئا. اها خوف ۽ حراس واري حيرت انگيز ڪيفيت مٿن تيستائين طاري رهندي هئي. جيستائين پاري ۾ پيدا ٿيل لرزش برقرار هوندي هئي. انهيءَ زماني ۾ اندلس ۾ قيمتي ڌاتن جي کاڻين مان پارو پڻ گهڻي مقدار ۾ لڀندو هو، تنهن ڪري انهيءَ حوض کي پاري سان ڀرڻ ڪو مشڪل معاملو ڪونه هو. پاري جي چُرپُر ۽ ڪرڻن جي لهرن جو مشاهدو ڪندڙ ڪجهه ماڻهو چوندا هئا ته سج سان گڏوگڏ هي ايوان به اهڙيءَ طرح گردش ڪري ٿو، جو اهو سدائين سج جي سامهون رهندو اچي ڪن ماڻهن جو خيال هو ته پاري وارو حوض محور آهي، جنهن جي چوڌاريءَ هي ايوان ڦِري رهيو آهي. انهيءَ ايوان جي حفاظت خليفي الناصر وٽ ايتري قدر ته اهم هئي، جو انهيءَ جي حفاظت لاءِ سندس ولي عهد پٽ، شهزادي الحڪم کي نامزد ڪيائين مدينة الزهرا ۾ ٺهيل جامع مسجد به اڏاوت جي لحاظ کان ڪا گهٽ ڪانه هئي، جيتوڻيڪ اها صرف اٺيتاليهن ڏينهن ۾ جوڙي راس ڪئي وئي، پر تعمير جي لحاظ کان بلڪل بيعيب هئي. خليفي الناصر مسجد جي تعمير دوران روزانه هڪ هزار ماڻهو مسجد اڏڻ ۾ مشغول رکيا. انهن ۾ هڪ سؤ وڏا معمار، ٻه سؤ واڍا ۽ باقي ست سؤ به ڪاريگر اُستا هئا. مسجد جو هر هڪ حصو ۽ جُزو نهايت خوبصورت ڪري ٺاهيو ويو هو. مسجد جي صحن ۾ اٿي بيهي ڏسبو ته مسجد جي ڊيگهه ۾ پنج دالان ٺهيل آهن، جن ۾ وچ وارو دالان ٻين کان وڌيڪ ويڪرو آهي. مسجد جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي ماپ مختلف مورخن هڪٻئي کان مختلف ۽ گهٽ وڌ ڄاڻائي آهي. مسجد جي صحن ۾ گلابي رنگ جو پٿر ڪم آندل آهي. مسجد جي صحن جي وچ تي هڪڙو حوض ۽ ڦوهارو نصب ٿيل آهي. حوض ۾ وضو لاءِ سدائين سٺو پاڻي موجود هوندو هو. مسجد جي هڪ طرف هڪڙو چورس منارو تعمير ٿيل هو جيڪو چَئِينِ ڀاڱن تي مشتمل هو. اهي ڀاڱا يا طبقا هڪجيترا ڊگها ڏسڻ ۾ آيا ٿي. مسجد جو مقصوره قبلي جي ديوار سان نهايت ڪاريگري سان گڏي تعمير ڪيو ويو هو، جنهن ۾ نهايت قيمتي آرائشي سامان سان چٽ گل ٺهيل هئا. خليفي الناصر حڪم ڪيو ته انهيءَ مقصوره واسطي مَنَبر پڻ نئين ڊزائين جو تيار ڪيو وڃي. ان جي تعميل ڪندي هڪ نهايت خوبصورت ڊزائين جو منبر ٺاهي مقصوره ۾ نصب ڪيو ويو. مسجد جي عمارت جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ سن 329هه ۾ خميس جي ڏينهن شعبان جي ٻاويھئِين تاريخ برابر 23 جنوري 941ع ۾ مسجد ۾ پهرين جماعت واري نماز پڙهي وئي، اها خميس جي ڏينهن واري

    سانجهي نماز هئي. اها نماز قاضي ابو عبدالله بن عبدالله بن ابي عيسيٰ پڙهائي هئي. ٻئي ڏينهن شعبان جي ٽيويهَئِين تاريخ تي مٿي بيان ڪيل منبر پڻ آڻي مقرر ڀيڻيءَ تي رکيو ويو ۽ بادشاه الناصر مسجد ۾ اچي جمعي جي نماز پڙهي جمع نماز جو خطبو قاضي ابو عبدالله پڙهيو ۽ نماز پڙهائي.
    اسان هت قرطبه ۾ رات رهي ٻئي ڏينهن صبح جو اسپين جي شهر سِويل ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسلامي/ عرب دؤر حڪومت ۾ اندلس جي ملڪ ۾ موجوده اسپين ۽ پرتگال کان سواءِ فرانس جا به ڪجهه علائقا شامل هئا. عرب خليفي عمر بن عبدالعزيز بن مروان جي خلافت دوران سن 719ع ۾ جڏهن اندلس جو والي، السمع بن مالڪ الخولاتي مقرر ٿيو ته هن فرانس جي اربونا ۽ طلوشا علائقن تي قبضو ڪري پنهنجي اندلس واري رياست ۾ شامل ڪري ڇڏيو. خليفو السمع انهن جنگين ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو. انهيءَ کان پوءِ عربن اندلس ۾ فوج ۽ قلعن جي تعداد کي وڌايو. اهڙي طرح هنن هت اٺ سؤ ڇهه هجري سال حڪومت ۾ ڪئي، پر نيٺ آهستي آهستي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي اندلس جي سموري رياست هنن جي هٿن مان نڪري وئي سندن سموري دؤر حڪومت ۾ عرب هتي مسلمان حاڪم ٿي رهيا. پهرين سندن گاديءَ جو هنڌ اشتبلا يعني سِويل هو. تنهن کان پوءِ هنن جي گاديءَ جو هنڌ قرطبه جو شهر ٿيو ۽ انهيءَ کان به پوءِ ۽ آخر تائين غرناطه شهر سندن گاديءَ وارو هنڌ ٿي رهيو. جيسين تائين اندلس جو سمورو ملڪ سندن هٿن مان مڪمل طور نڪري آزاد ٿي ويو اندلس جي مسلمان حاڪمن جا نالا ۽ سندن حڪومت جو عرصو هيٺينءَ ريت آهي. هي نالا پَهرئَين حاڪمن جا آهن.
    1. طارق بن زياد-جولاءِ، 711ع کان اپريل 712ع.
    2. موسيٰ بن نصير-اپريل 712 کان سيپٽمبر 714ع.
    3. عبدالعزيز بن موسيٰ نصير-714ع کان آگسٽ 716ع.
    4. ايوب بن حبيب الخمي 716 کان جولاءِ 717ع.
    5. الحُر بن عبدالرحمان الثقفي 717ع کان اپريل 719ع.
    6. السمع بن مالڪ الخولاني 719ع کان مئي 721ع.
    7. عبدالرحمٰن الفافقي-مئي 721ع کان 726ع.
    8. عنبه بن سحيم الڪلبي-721ع کان 726ع.
    9. عذُره بن عبدالله الفهري-جنوري 726ع کان مارچ 726ع.
    10. يحيٰ بن سلمه الڪلبي- مارچ 726ع کان سيپٽمبر 726ع.
    11. عثمان بن ابي عبده- 726ع کان نومبر 727ع.
    12. عثمان بن ابي نسع الخثمي- نومبر 727ع کان جولاءِ 728ع.
    13. حذيفه بن الاحوس القيسي 728 کان اپريل 729ع.
    14. لهيشم بن عبيد الڪلبي-اپريل 729ع کان آگسٽ 731ع.
    15. محمد بن عبدالله الشجعي-آگسٽ 731ع کان آڪٽوبر 731ع.
    16. عبدالرحمٰن الغافقي- آڪٽوبر 731ع کان آڪٽوبر 732ع.
    17. عبدالمالڪ بن قطن الفهري 732ع کان نومبر 734ع.
    18. عقيبه بن الحجاج اسلولي 734ع کان ڊسمبر 740ع.
    19. عبدالمالڪ بن قطن باريسگر 740ع کان سيپٽمبر سن 741ع.
    20. بليج بن بشر القشيري- 741ع کان سيپٽمبر 742ع.
    21. ثعلبه بن سلامه 742ع کان مئي 743ع.
    22. ابوالحظار حسام بن ضرار الڪلبي 743ع کان مئي 745ع.
    23. ثوابه الصميل بن هاتم 745ع کان اپريل 747ع.
    24. يوسف بن عبدالرحمٰن الفهري 747 کان مئي 756ع.
    انهيءَ کان پوءِ به ڪَنئين مسلمان بادشاه اندلس تي حڪومت ڪندا رهيا، پر پوءِ آخر ۾ اندلس جا ڪافي علائقا آهستي آهستي مسلمان حڪمرانن جي هٿن مان نڪرندا ويا. انهيءَ جو وڏو سبب مسلمان حاڪمن جون پنهنجو پاڻ ۾ دشمنيون ۽ جنگيون هيون، تان جو سمورا مسلمان حاڪم آخر ۾ صفا ڪمزور ٿي ويا. نيٺ سن 1492ع ۾ اندلس ۾ غرناطه جي آخري مسلمان حاڪم، ابو عبدالله، عيسائي راڻي آئزابيلا ۽ سندس مُڙسَ فرڊيننڊ کي پنهنجي حڪومت جي واڳ ڏئي، اندلس ۾ مسلمانن جي حڪومت هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي! انهيءَ دؤر ۾ Savilla سيولا شهر هن علائقي جو تمام خوبصورت شهر هو، جنهن جي چوڌاريءَ ڪيترن ئي قسمن جي ميون جا باغ هوندا هئا. هن شهر کان 54 ميل پري درياه وهندو هو. جت مسلم دؤر حڪومت دوران، ماڻهو تفريح لاءِ ويندا هئا. انهيءَ ماڳ کي Triana طِريانا سڏيو ويندو هو. شهر جي ڀرسان هڪ پهاڙي تفريح گاه به هوندو هو. انهيءَ علائقي ۾ پڻ ڪيترائي باغ هوندا هئا، جن ۾ سوين قسمن جا گل ۽ ميوا ٿيندا هئا. اڄ به سيويل (اڳوڻو سيولا) اسپين جو چوٿون نمبر وڏو شهر آهي ۽ سڄي يورپ کنڊ جي پراڻن شھرن ۾ هن جو نمبر ٽيو آهي ۽ سڄي يورپ کنڊ ۾ گرم ترين شهر آهي. اڄ جولاءِ جي مهيني ۾ اسين هت آهيون، انهيءَ سير سفر دوران هڪ ڏينهن گرمي جو درجو 42 ڊگريون سينٽي گريڊ به ڏٺوسين. پر هِت گرمي اِئين تنگ ڪانه ڪري، جِيئن سنڌ ۾. 42 ڊگرين واري ڪاڙهي ۾ به ماڻهو گهميا ڦِريا پي، جڏهن آمريڪا کنڊ دريافت ٿيو، ته هتي جي ماڻهن سويل جي بندرگاه وسيلي ئي آمريڪا ڏانهن تجارت توڙي آباد ڪاريءَ جي سلسلي ۾ بحري سفر چالو ڪيو. انهيءَ ڪري هن شهر جي قسمت ئي بدلجي وئي ۽ سويل۽ ان جي سموري پسگردائي وارو علائقو امير ترين ٿي ويو. اهو عمل سترهين عيسوي صديءَ تائين وڏي پيماني تي جاري رهيو. سترهين صديءَ ۾ ڪاڊِز Cadiz نالي علائقي ۾ هڪ ٻيو به بندرگاه ٺهيو ۽ انهيءَ نئين بندرگاه وسيلي به جڏهن آمريڪا سان سويل جهڙو ئي تجارتي عمل شروع ٿيڻ کان پوءِ سِويل جي شهر جي اڳوڻي عروج واري حيثيت ڪانه رهي. ويهين عيسوي صديءَ ۾ اسپين ۾ پيدا ٿيل خانه جنگي هن شهر کي وڏو نقصان رسايو. هتي جا ماڻهو سويل شهر جي انهيءَ ترقي واري دؤر کي اڄ سنهري دؤر طور ياد ڪن ٿا. سويل جي بندر تان نه فقط اسپين جو، پر يورپ جي ٻين ملڪن جو واپار به آمريڪا سان ٿيندو هو. تجارتي سرگرميءَ جي ترقيءَ سبب شهر گهڻو وڌيو ۽ انهيءَ جي انساني آبادي پڻ وڌي ڏهن لکن کي وڃي پهتي Tamarguillo ٽمار گُوئيلو نديءَ جي وڏي ٻوڏ سن 1961ع ۾ سويل شهر ۽ انهيءَ سڄي علائقي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. انهيءَ ٻوڏ ۽ ڪاڊز علائقي ۾ نئين بحري بندرگاه ٺهڻ سبب سويل شهر جو عروج برقرار نه رهيو ۽ شهر ۾ ماڻهن جو انگ پڻ گهٽجڻ لڳو. شهر جي معاشي حالت به ابتر ٿي وئي. اسان شام جو سِويل شهر ۾ اسلامي دؤر حڪومت دوران اڏائيل القصر محل ۽ شهري حڪومت جي بلڊنگ گهمڻ وياسين پهرين وڃي القصر محل ڏٺوسين، جيڪو اسان جي رهائش واري هوٽل کان هڪ ڪلو ميٽر کن پري ۽ شهر جي مکيه بازار جي دنگ وَٽِ اڏيل هو، تنهن ڪري اها بازار گهمندي ڦرندي اچي انهيءَ محل وٽ پهتاسين. هي محل اهڙو ته سٺو اڏيل آهي، جو اُن جو مٿيون طبق اڄ به اسپين جي بادشاهه جي سرڪاري رهائش گاه طور استعمال ٿئي پيو ۽ سن 1987ع ۾ اقوام متحده جي هڪ اداري، يونيسڪو، انهيءَ محل کي ”عالمي ورثي“ جو رتبو عطا ڪيو آهي. محل جي چوڌاريءَ نهايت خوبصورت باغ باغيچا پوکيل آهن. هندستان ۽ اسپين جي مسلمان حاڪمن پنهنجي مُلڪن ۾ ڪيترائي عاليشان ڪوٽ قلعا، محل ماڙيون، مقبرا ۽ مسجدون اڏايون ۽ انهن جي چوڌاريءَ بيحد سهڻا ۽ سرسبز باغ باعيچا پوکايا، جيڪي اڄ به انهن حاڪمن ۽ مَلڪَن جي عزت وقار جو باعث آهن ۽ دنيا ۾ سياحت جا اعليٰ اهڃاڻ آهن، جنکي ڏسڻ واسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح ۽ سالڪ توڙي سائنسدان سدائين پيا اچن. مثال طور هندستان جي شهر دهليءَ ۾ ٺهيل لال قلعو، انهيءَ اندر ڪيترائي محل ۽ مسجد، قطب مينار، آگري شهر ۾، جمنا ندي جي ڪناري تي اڏيل تاج محل، آگري شهر ۾ اڏيل قلعو، فتح پور سڪري ۾ ڪوٽ، قلعا، مسجدون ۽ اڪبر بادشاهه جي مُرشد، سليم، چِشتي جي درگاه وغيره شامل آهن. اڪبر اعظم پنهنجي پٽ تي پنهنجي مرشد جو نالو، ”سليم“ رکيو، جيڪو ”جهان گير“ جي خطاب سان هندستان جو بادشاهه بنيو. اسپين توڙي هندستان ۾ هاڻ انهن قلعن ۽ ڪوٽن تي پنهنجي پنهنجي مُلڪ جا جهنڊا هڻي ويهي رهيا آهن. هر سال 15 آگسٽ ۽ ٻين قومي ڏينهن تي هندستان جو وزيراعظم دهليءَ واري لال قلعي ۾ آزاديءَ جي ۽ ٻين تقريبن دوران قوم کي خطاب ڪندو آهي ۽ فوجي سلامي وٺندو آهي. هينئر پهريون ڀيرو هندستان جي وزير اعظم، نريندر موديءَ جي وزارت جي حلف برادريءَ واري تقريب پڻ لال قلعي اندر منعقد ٿي هئي. جيڪا ٽي وي تي سڄي دنيا سان گڏ مون به ڏٺي. اسپين جي ته خبر ڪانهي پر هندستان ۾ هاڻ وزيراعظم ٿيڻ ڏاڍو سَوَلو ٿي ويو آهي. ڪا هڪڙي اڌ مسجد ڊاهيو، ۽ ٻه ٽي هزار مسلمان ماريو، جيئن باجپائي لال ڪرشن آڏواڻي ۽ نريندر موديءَ ڪيو. باجپائي بابري مسجد ڊهرائي ۽ ٻه ٽي سؤ يا هزار مسلمان مارائي آسانيءَ سان وزيراعظم ٿي ويو. نه ته سندس پارٽي لوڪ سڀا ۾ ٻن ٽن سيٽن کان وڌيڪ ڪڏهن به ڪونه کٽيو. اهڙيءَ طرح سان نريندر مودي جڏهن گجرات جو وزير اعليٰ هو تڏهن پاڻ گجرات ۾ فساد ڪرائي، ٻه ٽي هزار مسلمان ماڻهو مارائي، آسانيءَ سان وزير اعظم ٿي ويو ۽ لال ڪرشن آڏواڻي کي جنتا پارٽي مان ڌِڪي پري ڪري ڇَڏئين. هاڻ موٽون ٿا القصر محل ڏانهن هن محل جي دنيا ۾ ايڏي ته مشهوري آهي، جو هالي ووڊ جون ڪنئين جڳ مشهور فلمون، انهيءَ محل ۾ ٺاهيون ويون آهن، جن ۾ سن 1962ع ۾ فلم لارينس آف عربيا، سن 2005ع ۾ ”ڪِنگ آف جيرو سَلِم“ ۽ پوءِ ”گيم آف ٿِرونِس“ شامل آهن. اسان هِت مووي ڀري ۽ ڪيترا سارا، فوٽو ڪڍيا، تنهن کان پوءِ اسان هڪڙي مسجد ”المحمد“وڃي گهمي ڏٺي، جنهن کي عيسائي حڪمرانن ڦيرائي، عيسائي مذهب جي عبادت گاه ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کي ”ڪيٿڊرل“ سڏڻ لڳا. اهو چرچ يورپ ۾ سڀني کان وڏو ۽ پُوري دنيا ۾ ٽيو نمبر وڏو چرچ ليکجي ٿو انهيءَ مسجد/چرچ جي عمارت کي به 1987ع ۾ يونيسڪو وارن ”عالمي ورثو“ قرار ڏنو. هن مسجد جي مينار تي هاڻ چرچ وارو گهِنڊ لڳل آهي. هن مسجد جي تعمير جي شروعات بن احمد باسو ڪئي ۽ ان جي تڪميل، صاحب الصالح ڪرائي. سن 1184ع ۾ هيءَ مسجد اڏجڻ شروع ٿي ۽ 1198ع ۾ مڪمل ٿي، پر سن 1248ع ۾ هي علائقو مسلم حڪمرانن کان ڇڏائي، بادشاه فرڊيننڊ ٽِيئين هن مسجد کي چرچ ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ اڃا تائين چرچ طور قائم آهي. اسين به اها مسجد، چرچ طور موجود هئڻ ڪري ئي ڏسڻ آياسين. اسان هت به ڪافي فوٽو ڪڍيا، پوءِ موٽي انهيءَ ساڳي بازار کان ٿيندا پنهنجي رهائش واري هوٽل تي آياسين. رات جو اسان ٻاهر فٽ پاٿ تي ٺهيل هڪڙي سٺي هوٽل تي تُرڪ کاڌو واپرايو. تُرڪيءَ جا ڪباب ۽ پڪل ڪُڪڙ ڏاڍا لذيذ آهن. ترڪي جي مِٺائي، خاص ڪري ته اسين شوق سان کائيندا آهيون. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ترڪيءَ وڃي ته کيس ترڪي کاڌا کائڻ جي صلاح آهي. چاليهه سال اڳ جڏهن وِلات گهمڻ وڃبو هو ته هر ملڪ ۾ پاڪستان، هندستان ۽ چين وارن جون جام هوٽلون ڏسبيون هيون پر ترڪي جون هوٽلون ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هونديون هيون، پر اڄ يورپ ۽ آمريڪا کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ترڪي جون هوٽلون جام ڏسبيون. عرب کاڌن واريون هوٽلون ملنديون، اڳ جي مقابلي ۾ هاڻ ولات ۾ هندستاني ۽ پاڪستاني هوٽلون گهٽ ملنديون. اسپين ۽ پورچوگال ۾ پاڪستانين به ترڪ کاڌن واريون هوٽلون کوليون آهن. سو اڄ به اسان هڪ ترڪ کاڌن واري هوٽل جي اڳيان فٽ پاٿ تي لڳل ڪرسين تي ويهي مانيءَ جو آرڊر ڏنو يورپ ۾ وڏين هوٽلن جي اڳيان فٽ پاٿن تي ڪرسيون مَيزون رکي ماني کائڻ جو رواج تمام وڏي پيماني تي آهي، اهڙين هوٽلن وٽ گهڻو ڪري رات جو وڌيڪ مزو اچي. اسين هت ويهي سِويل شهر جي رات واري زندگيءَ جو مشاهدو ڪندا رهياسين. هت رات جو روڊن ۽ هوٽلن تي ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رش ۽ گهما گهمي ٿئي، ڇو ته ڏينهن دوران مقامي ماڻهو آفيسن ۾ ته ٻاهريان ماڻهو ۽ سياح تاريخي جڳهين، سمنڊ جي ڪناري تي يا ٻين تفريح گاهن گهمڻ ۾ مصروف هوندا آهن. پوءِ رات جو مقامي ماڻهو به پنهنجن ڪُٽنبن سميت تفريح خاطر گَهرَنِ کان ٻاهر نِڪِريو پون. مقامي ماڻهو ٻارن ٻچن سميت ڇنڇر جي شام ۽ آچر جي ڏينهن گهڻي ڀاڱي گهر کان ٻاهر مختلف تفريح گاهون گهمڻ ويندا آهن. هتي وڏين يا ننڍين هوٽلن جي اڳيان فٽ پاٿن تي رکيل ڪرسين ۽ ميزن کي ڏينهن جي ڪاڙهي ۽ مينهَن کان بچائڻ خاطر، انهن جي مٿان رَنگين ۽ سُنهڻين ڊزائينن واريون فيشني ڇٽيون لڳائيندا آهن. ڪِن شهرن ۾ ته اهڙين ڇٽين سان وڏين وڏين بازارن کي به ڍڪي ڇڏين ته بازارن جي سونهن به وڌي وڃي ٿي.
    يورپ ۾ شام جو گهڻو ڪري پنجين بجي دڪان بند ٿي ويندا آهن. ڇو ته اتي سَردِي سبب انهيءَ وقت بازارون بند ٿينديون آهن. اڄ ڪلهه ته سپر مارڪيٽون گهڻو ڪري ٺاهين ئي زير زمين ته جِينئَن سردي ته ٺهيو، پر زير زمين مارڪيٽن تي برف باريءَ دوران به سردي جو ڪوبه اثر ڪونه ٿئي. سردي، برف باري توڙي برسات دوران به اهڙين مارڪيٽن ۾ ماڻهو خريداري پيا ڪن ۽ گهمن ڦرن! اهڙين سپر مارڪيٽن ۾ هوٽلون به ٿين، جن تي هر ملڪ جا کاڌا موجود آهن. اهڙين هوٽلن تي گهڻو ڪري کاڌو به توهان جي اڳيان ئي ٺهي ۽ هر کاڌي جي خبر پئجيو وڃي. غير مسلمانن جي تقريباََ سڀني هوٽلن تي گهڻو ڪري ڪڪڙ ۽ سوئر جو گوشت هڪ ئي تئي يا وڏي ڪڙهي ۾ گڏ فرائي ڪري پوءِ ڪڪڙ ۽ سوئر جي تريل گوشت کي جدا ڪري رکن، پر مڇي ۽ ڀاڄين کي ائين ٺاهي ڪونه رکن. مسلمانن جي هوٽلن ۾ اِئين ڪونه ٿئي. جنهن به هوٽل تي لفظ ”حلال“ لکيل هجي ته توهان بنا ڊپ جي اهو کاڌو کائي سگهو ٿا، ڇو ته جنهن مُلڪ ۾ ”رُول آف لا“ يعني قانون جي حڪمراني آهي، اُت ڊپ، ڪُوڙ ۽ ٺڳي ٿئي ئي ڪانَ. اهڙن ملڪن جا سربراه به سرڪاري گاڏين بدران، ذاتي ڪمن واسطي ٽيوب ٽِرينِ، بسن يا ٽيڪسين ۾ سفر ڪن ۽ عام ماڻهن سان گڏ مارڪيٽن تي پيا خريداري ڪن ته ماڻهو به انهن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏين. اهڙا فوٽو اڄڪلهه فيس بُڪ تي جام نظر اچن ٿا ۽ شهر ته ڇا، پر جنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ انٽرنيٽ جي سهولت موجود آهي، اتي ڏسي سگهجي ٿو ته انگلينڊ جو وزيراعظم ڪيمرون، ٽيوب ريل گاڏيءَ ۾ بيٺي پيو، سفر ڪري، رُوس جو صدر، پيُوٽِن، پيٽرول پمپ تان گاڏيءَ ۾ تيل پيو ڀرائي، يا ايران جو صدر، احمدي نجاد، بس ۾ بيٺل مسافرن جي ٽيڪ واسطي، بس جي ڇِت ۾ ٽنگيل پٽي کي جهليو، بس ۾ بيٺي سفر پيو ڪري! اڄ کان ويهه سال اڳ سُوئيڊن جو وزير اعظم بازار ۾ گولي لڳڻ ڪري مري ويو ۽ اخبارن ۾ ڇپيو ته وزير اعظم آفيس جو ڪم پورو ڪري گهر آيو، جتان پنهنجي زال سان گڏ گهران نڪري شهر جي هڪڙي سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ويو، جتي عام ماڻهن سان گڏ قطار ۾ بيهي پنهنجي واري سان فلم ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪيا ۽ فلم ڏسي پاڻ ۽ سندس زال، پنڌ ڪندا، واپس پنهنجي گهر پئي ويا، ته ڪنهن وزيراعظم کي گولي هنئي، جنهن ڪري اهو تڏي تي ئي مري ويو. اڄ تائين اها خبر ڪانه پئي آهي ته کيس ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو. لنڊن شهر۾ شهزادي چارلس جي اڳوڻي زال راڻي ڊائنا، محل کان ٻاهر فُٽ پاٿ تي واڪ پئي ڪندي هئي. جتي پَبلِڪ پئي کيس ڏسندي هئي، پر اسان جي ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري پنجاب ۾ ست سؤ ننڍڙا معصوم ٻار اغوا ڪري، انهن جا گُردا ۽ اکيون ڪڍي وڪيون ويون. پوءِ انهن جي لاشن کي ڪنهن ڪيميڪل ۾ وجهي ڳاري، فنا ڪري، انهي ڀيانڪ واردات جو ثبوب ئي گم ڪيو ويو ۽ پنجاب پوليس جي اِنسپيڪٽر جنرل، انهيءَ سخت ظالمانه واردات بابت بيان ڏنو ته مڙئي خير آهي. اصل ڳالهه پئي ٿي يورپ جي، ته جنهن به هوٽل جي ٻاهران، لفظ ”حلال کاڌا، لِکيل هجي ته توهان بنا ڪنهن شڪ شبهي جي انهيءَ هوٽل جي هر پسنديده خوراڪ ڀلي کائو يا خريد ڪريو. اسين به ترڪ هوٽل تان ماني کائي پنڌ ئي پنڌ گهمندا ڦِرندا اچي. پنهنجي ٽِڪڻ واري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اسين هتي ڏينهن توڙي رات ۾ ايترو ته گهمندا هئاسين. جو ننِڊَ جي ديويءَ کي اسان کي سُمهارڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي. صبح جو، سڀڪو. پنهنجي مرضيءَ سان اُٿندو هو، پر آئون ۽ مِنيٰ سوير اٿڻ جا عادي آهيون، تنهن ڪري اسين صبح جو سوير، پنجين ساڍي پنجين بجي ڌاري سُجاڳ ٿي ويندا هئاسين، پر هت صبح سوير واڪ ڪرڻ واري ڳالهه ڪانه ٿيندي هئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اڌ ڪلاڪ خصوصاََ پنڌ ڪريو، يا هڪ ڪلاڪ شهر ۾ گهمندي ڦِرنديءَ خريداري ڪريو، ڳالهه برابر آهي، پر اسين ته هت ڏهه ڏهه ڪلاڪ پيا هلندا هئاسين اها ڳالهه واڪ کان گهڻو مٿي چڙهي ويندي هئي. اڄ صبح جو اسان جو پروگرام هتي جي هڪڙي مشهور تفريحي پلازا ڏسڻ جو هو، تنهن جو نالو ”پلازا ڊي ايسپانا“ هو، جيڪا واقع هڪڙي لا جواب تفريح گاه هئي، اُها گولائي تي ٺهيل هڪڙي تمام وڏي عمارت هئي، تنهن ۾ اندازاََ هڪ سئو کان به گهڻا ڪمرا هوندا ۽ اها عمارت ٽِماڙِ هئي. عمارت جي بلڪل وچ تي ۽ ٻن ڇيڙهن تي ٽاور نما محراب ٺهيل هئا. انهن ٽاورن اڳيان ٽي وڏيون پليون ٺهيل هيون، سي تمام سونهڻيون ۽ تعميراتي ڪاريگريءَ جو لاجواب شاهڪار هيون. اٽڪل وِيهَن ايڪڙن جيتري ايراضيءَ تي اڏيل هن محل نما پلازا جي وچ تي پاڻيءَ جا ڪَنئين ڦوهارا ٺهيل هئا. جن مان نڪرندڙ پاڻي تمام گهڻي اوچائي تائين ٿي چڙهيو ۽ برسات کان به وڌيڪ سُنهڻو منظر پيش ڪري رهيو هو. هن پلازا جي اڳيان ۽ بلڪل لڳ هڪ وڏو مصنوعي ڪينال ٺهيل هو، تنهن ۾ ڪتيريون ئي ٻيڙيون بيٺيون هُيون، انهيءَ ڪينال ۾ هڪ ڪلاڪ گهمڻ لاءِ سڄي ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ٽِيهَه پائونڊ ٿي ورتا، انهن ٻيڙين ۾ ڪَنئين سياح سير ڪري رهيا هئا. اسان به هڪ سڄي ٻيري ڀاڙي تي وٺي، انهيءَ ڪينال ۾، سير ڪيو. اهي ٻيڙيون به نهايت سُنهڻي نموني سينگاريل هيون، پر سمنڊ جي پاڻيءَ اندر اڏيل اٽليءَ ۾ نرالي شهر وينس ۾ پاڻيءَ وارن رستن تي هلندڙ گاڊولا ٻيڙين وانگر هنن ٻيڙين ۾ ڳائڻا ويٺل ڪونه هئا. هن سهڻي پلازا جي چوڌاريءَ هڪڙو نهايت پر لطف باغ به پوکيل هو. هن پلازا ۽ باغ جي سير واسطي، ڪيتريون ئي چئين ڦيٿن واريون گهوڙي گاڏيون به بيٺل هيون، اهيءَ بگيون صرف هتي نه پر سڄي اسپين ۾ هر تفريح گاه وٽ موجود آهن، ڪجهه سال اڳي، ڪراچي شهر جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل، شيريٽن هوٽل ۽ مَيرِيٽ هوٽل وارن به ٺهرائي پاڻ وٽ بيهاريون هيون، جن ۾ انهن هوٽلن ۾ ترسندڙ سياحن کي شهر جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ تفريح گاهن جو سير ڪرايو ويندو هو، اهڙيون بگيون ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ سن ستر واري ڏهاڪي تائين جام هونديون هيون پر هاڻ غائب آهن. حيدرآباد جي بازار حُسن جون دوشيزائون سدائين شام جو اهڙين بَگين ۾ چڙهي شهر جي پوش علائقن ۾ گهمندي، ناز نخرا ڪندي پنهنجي نمائش ڪنديون وينديون هيون، ته ماڻهو به خود به خود سندن حسن ۽ رقص ڏسڻ لاءِ بازار حسن پهچي ويندا هئا. پر هاڻ ته موبائيل فون اهڙن ٽِڪساٽن مان جان ڇڏائي، سڀ رستا سِڌا ۽ آسان ڪري ڇڏيا آهن! ۽ فون تي ڳالهه ٻول ڪري، ڪراچي جون ڪُنواريون، اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ٻني ۾ به پهچيو وڃن، حقيقت ۾ اهڙن پيار جي پَرڻن کي ختم ٿيندي به ڪا دير ڪانه ٿي لڳي. اهڙين ڪنوارين کي ڪڏهن ڪراچيءَ جي پوليس گاڏين ۾ وجهيو واپس وٺيو وڃي، ته ڪڏهن اهي ڪنواريون پنهنجو پاڻ واپس انهيءَ ئي اِسپِيڊ ۾ هليون وڃن، جنهن اسپيڊ سان ڪراچيءَ کان سئو ميل سفر ڪري، اهي هت آيون هيون. انهن مان ڪي ڪنواريون ته پٺيان ٻار به ڇڏيو، اِئين اُڏاميو وڃن، ڄڻ ته انهن لاءِ اهو هڪ خواب يا ڪنهن فلم جو سِين هو. اهو سلسلو منهنجي خيال ۾ ته بند ڪونه ٿيندو، هاڻ موٽي اچون ٿا سيول شهر ۾، شهر ۾ اڏيل انهيءَ عالي شان پلازا کي ”اسپين اسڪوائر“ به چوندا آهن ۽ انهيءَ پلازا جي چوڌاريءَ پوکيل باغيچي کي ”ماريسا نوئيسا پارڪ، چوندا آهن. بنيادي طرح هي پلازا آمريڪن فيئَر، يعني نمائش لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر هاڻ اهو سرڪاري آفيسن طور ڪم اچي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي مرڪزي سرڪار جي دفترن طور استمعال ٿئي ٿو. هن پلازا اندر ۽ ٻاهر، ڪيتريون ئي مقامي ۽ هالي وُڊ جون فلمون ٺهي چُڪيون آهن، جن ۾ (1) لارينس آف عربيا (2) اسٽار وار سِيرِِِيزِِ واريون فلمون (3) اَٽيڪِ آف دِي ڪرنل ۽ (4) دِي ڊِڪِٽيٽَر جهڙيون فلمون شامل آهن ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، سيوِلِ کان پوءِ اسين پورچوگال جي گاديءَ واري شهر ”لِزِبَنِ“ وياسين، جت ٽي ڏينهن گهمڻ بعد پورچو گال جي ٻئي شهر، ”فوزا“ وياسين. اتي ماني کائي، گهمي ڦِري، واپس سِيول آياسين، هتان ملاڪا وڃڻ کان اڳ، هوٽل جو بل چيڪ ڪري پوءِ هوٽل ڇڏيو. ڇو ته ڪمرن ۾ رکيل فرجن ۾ ضرورت واري تقريباََ هرشيءَ پيل هوندي آهي ۽ وقت سر اتان جيڪا به شئي کڻبي، تنهن جي قيمت ڏيئڻي آهي، اسان سمورين بُڪنگ ٿيل هوٽلن کي ٻه مهينا اڳ رِزَرويشن ڪرائڻ وقت سندن بل جي رقم ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي نور محمد هٿان ڏئي ڇڏي هئي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ هوٽل جا ڪمرا جيترو اڳواٽ بڪ ڪرائيندا، ته اهي اوترو وڌيڪ ڊسڪائونٽ ڏيندا، بروقت ٽڪيٽ ۽ ڪمرو وٺڻ، بڪنگ کان تمام گهڻو مهانگو هوندو آهي. اسين ڪوشش ڪندا آهيون ته بوڪنگ ڪرائجي، پر ڪڏهن تڙ تڪڙ ۾ جلد به هليا ويندا آهيون سيول شهر جي نائيٽ لائف به ڏاڍي رنگين آهي. نائيٽ ڪِلَب، جِتي لائِيو شو، ڊِسڪو ۽ روح کي ريجهائندڙ ڪَنئين رنگين پروگرام ٿين شهر وچان وهندڙ نديءَ ۾ تفريح واريون لانچون ڏينهن توڙي رات پيون ماڻهن کي سير ڪرائين. رات دوران ندي ۾ وڏن تفريحي جهازن اندر ڊانس جا پروگرام به ٿيندا آهن. اسان هت گهمڻ کان پوءِ سيول شهر کي الوداع چئي، اسپين جي حسين ۽ گل و گلزار موٽر وي تي ڊرائيو ڪندا، عبدالحئي جُونِيئَر جي پسند جا گانا ٻڌندا اچي هڪ هوٽل تي ٻنپهرن جي ماني لاءِ ويٺاسين. جيتوڻيڪ مانيءَ جو وقت ٽري ويو هو، پر شُگرِ واري ماڻهو کي ضرور ڪجهه نه ڪجهه کائڻ گهرجي. هت ٿوري ٿوري پنڌ تي هوٽل ۽ پيٽرول پمپ ڪونه ٿين، پر گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ کن سفر ڪرڻ کان پوءِ، سياحن ۽ ٻين مسافرن لاءِ هوٽل توڙي پيٽرول پمپ ٺهيل هوندا آهن. ڪن هنڌن تي سپر مارڪيٽ ۽ ٻارن جي وندر لاءِ پلي گرائونڊ ٺهيل آهن، ڪجهه مفاصلي تي، مٿان ڇانئيل وڏيون وڏيون ڪارپارڪنگ ايرياز به هونديون آهن. ڪِٿ ڪٿ پيٽرول پمپ سان گڏ ڪار سروس اسٽيشن به هوندي آهي، پر اُتي ڪوبه ماڻهو ڪم ڪونه ڪري، گاڏي مخصوص جڳهه تي بيهاري، سِڪو مشين ۾ وجهو، ته گاڏي مشين وسيلي پئي سروس ٿيندي. سروس چارچ پنج يورو آهي، گاڏيءَ جي اندران به سروس ڪرائڻ لاءِ ٻه يورو وڌيڪ ٿيندا پيٽرول به سڪو وجهي مشين جو بٽڻ دٻائي موٽر ۾ ڀري سگهو ٿا. ٽول ٽيڪس به توهان خود مشين ۾ وجهندا ته اڳيان لڳل ڏنڊو هٽي ويندو ۽ توهان لنگهي ويندا، اهڙيءَ طرح هت تمام وڏين هوٽلن کان سواءِ تقريباََ هر هوٽل ۾ سيلف سروس آهي. توهان آرڊر ڏيئي، پاڻ خود ماني کڻندا ۽ خالي ٿانوَ ڪنهن لوهه جي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيندا، جيڪو ٿانون لاءِ مخصوص هوندو آهي. اهو سيلف سروس سِسِٽَم ڪراچي ۾ آغا خان هاسپيٽل جي اندر هوٽل ۾ ۽ ڊالمين مال ڪلفٽن جي هوٽلن ۾ به شروع ٿي ويو آهي. اسپين جي ماڻهن کي انگريزي ايتري اچي، جيتري سنڌي سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ ايمانداري آهي، تنهن ڪري اشارن اشارن ۾ مڙئي ڪم ٿيو وڃي، پر پنهنجي مُلڪ ۾ رِشوَت کان سواءِ ڪو ڪم ٿئي، اهو ممڪن ئي ڪونهي، ايمانداري هاڻ اُت وڃي پهتي آهي، جو خانگي شُگرَ مِلِن وارن جا پيسا به هاڻي سنڌ حڪومت ڀري آباد گارن کي ڏي، چَوَن ٿا ته اِها سَبسِيڊِي آهي، سبسِيڊِي ته غريبن کي ڏبي آهي. هنن ارب پتي ڪارخانيدارن کي ڇا جي سَبنسِيڊي ڏجي. سَبسِڊِي ڏيڻي آهي، ته غريب هارين کي ڏيو، نه ڪي شُگر مِلِن جي ارب کرب پتي مالڪن کي. هاڻ ته ڳالهه وڃي اُتي پهتي آهي، جو پَبلِڪ سروس ڪميشن به هاڻ نوڪريون صرف پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبرن جي مائيٽن ۽ يارن دوستن کي ٿي ڏي، انهن ناانصافين خلاف ڪورٽن ۾ ڪيس هلن، ته انهن ڪيسن کي هلندي وِيهَه سال لڳيو وڃن، تنهن ڪري ماڻهن جي ته هاڻ ڪورٽن کان انصاف ملڻ واري اُميد به ٿڌي پئجي وئي آهي. اسان هت ماني کائي، ڪجهه دير آرام ڪري، پنهنجي ايندڙ منزل، مَلاڪا شهر ڏانهن روانا ٿي وياسين. جيڪو هاڻ صرف ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي هو. پورچوگال جي ڀيٽ ۾ اسپين ۾ ٽِريفِڪ به گهڻي آهي ۽ گاڏيون به وڏيون ۽ نيون آهن. نور محمد کي اِسپين ۽ ملاڪا ۾ گاڏي هلائيندي اڄ نائون ڏينهن ٿي ويو هوندو. انگلينڊ ۾ ٽِريفِڪ روڊ جي ساڄي پاسي ۽ اِسپين ۾ روڊ جي کاٻي پاسي هلي. هتي جي ماڻهن ۾ ٽريفڪ سينِسِ هجڻ ڪري ۽ وَن وي رستن ڪري، اسان محسوس به ڪونه ڪيو ته نور محمد کي هت گاڏي هلائيندي ڪا تڪليف ٿي ٿئي. ملاڪا ۾ اسين وري به ساڳي هوٽل ۾ ترسياسين. نور محمد هوٽل وارن کي اسان جا پاسپورٽ نمبر ڏنا، ته انهن سندن رڪارڊ ۾ داخلا رکي اسان جا پاسپورٽ اسان کي موٽائي ڏنا ۽ اسين پنهنجو سامان کڻي پنهنجن ڪمرن ۾ وياسين. شروعات ۾ جڏهن مُلڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو هو ته پاڻ سان گڏ سامان به گهڻو کڻي ويندا هئاسين ۽ موٽندي عزيزن ۽ قريبن لاءِ سوکڙيون پاکڙيون به جام وٺي ايندا هئاسين. پوءِ جيئن جيئن ملڪ کان ٻاهر جلد جلد وڃڻ ٿيو، ته هر ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته ڇا ڪجي، ڇا نه ڪجي. سو هاڻ ته تمام مختصر سامان ساڻ کڻي وڃون ۽ صرف ننڍن ٻارن لاءِ ڪا اهڙي شئي آڻيون، جيڪا پاڪستان ۾ نٿي ملي. هاڻ ته پاڪستان ۾ به هر شئي ملي، ڇو ته ڪيترين ئي پرڏيهي ڪمپنين پاڪستان ۾ اچي پنهنجي مصنوعات جا تمام وڏا دڪان/مارڪيٽ کوليا آهن، ٻيو ته هاڻ ڪراچيءَ ۾ چين ۽ ٻين ملڪن جون اهڙيون ته ڪمرشل ڪمپنيون کلي ويون آهن، جيڪي فون تي مليل آرڊر موجب دنيا مان هر گهربل شئي، آرڊر ڏيڻ وارن گرهاڪن کي سندن گهرن تي ڏيو وڃن. اهي شيون پاڻ واري بازار کان سَسِتِيُون به آهن ته سُٺيون پڻ هونديون آهن. منهنجو ننڍو پٽ، محبوب ته شيونگ بليڊ، ڪپڙن سُڪائڻ واريون رسيون ۽ روز مره جي استعمال جو سڀ سامان، انهن ڪمپنين معرفت ٻاهران گهرائي ۽ اسان کي به گهُرائي ڏي، تنهن ڪري هاڻ سامان ٻاهران وٺي اچڻ جي تڪليف کان چوٽڪارو ملي ويو آهي. اڄ جنهن صورت ۾ دنيا جي هر شئي گهر ويٺي ئي فون تي آرڊر ڏيڻ سان ترت ملي ٿي وڃي. ته پوءِ ڪو بيوقوف ئي هوندو، جيڪو ٻاهران خريداري ڪري ايندو. اسين پنهنجو سامان ڪمرن ۾ رکي ڪجهه آرام ڪري پوءِ هوٽل کان ٻاهر ويجهوئي هڪ هوٽل تي ماني کائڻ وياسين ۽ ماني کائي اچي سمهي رهياسين رهائش واري هوٽل تي به ماني موجود هئي پر ڏاڍي مهانگي هئي، تنهن ڪري مجبوريءَ کان سواءِ ماني ٻاهر کائڻ جي ڪوشش ڪبي هئي. اسان صبح جو سوير تيار ٿي شهر جو سير ڪرڻ نڪتاسين. اسان اسپين ۾ ٽوئر جي شروعات ملاڪا شهر جي سير سان ئي ڪئي هئي ۽ واپس ورندي به ٻه ڏينهن هتي گهمندي گذاريا. ملاڪا شهر جو شمار دنيا جي قديم شهرن ۾ ٿئي ٿو. هي شهر آفريڪا کنڊ کي ويجهو هئڻ ڪري ڏاڍو گرم آهي. اهو مُلڪ جو چوٿون نمبر وڏو واپاري مرڪز آهي ۽ ٽيڪسيءَ وارو واڪي ٽاڪيءَ تي ڳالهائيندڙ آفيسر جي چوڻ مطابق توهان کي ٽيڪسيءَ ۾ کڻي توهان جي منزل تي پهچائيندو ۽ ڀاڙو به اوترو ئي وٺندو، جيترو ايئرپورٽ واري آفيسر ٻڌايو هوندو. اهڙو بندوبست سڄي شهر ۾ ٿيل آهي. رومين جي حڪومت وقت هن شهر جو نالو ”ملاگا“ ۽ مسلمانن جي دؤر حڪومت ۾ ”مابقه“ هو. اڄ ڪلهه شهر جو نالو ”ملاگا“ آهي. قديم زماني کان وٺي هي شهر باغات جو مرڪز رهيو آهي. آگاٽي زماني ۾ ملاگا جي ميوات مصر، شام توڙي هندستان تائين وڪبي هئي، ڇو ته هن شهر جي سامونڊي بندر وسيلي پرڏيهي واپار ٿيندو هو ۽ اهو بندر هميشه کان وٺي ۽ هينئر به هڪ مصروف بندر آهي. ملاگا شهر جو شراب سڄي دنيا ۾ ايڏو ته مشهور آهي جو انهيءَ بابت هت هڪڙو لطيفو مشهور آهي ته ڪنهن مُلڪ جو بادشاه جڏهن اچي مرڻ وارو ٿيو، ته کيس سَنگتِينِ صلاح ڏني ته هاڻ الله تعاليٰ کان چوٽڪاري جي دعا گُهر چون ٿا ته تڏهن بادشاه الله پاڪ کان دعا گُهري ته اي منهنجا رَب! مون کي مرڻ کان پوءِ قيامت ۾ به ملاگا واري شراب جهڙو شراب پياريو وڃي. ابن بطوطه به ملاگا جي اَنجيرَن جي ٻن قسمن جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. هڪ يا قوتي انجينر ۽ ٻيو المرسي انجيرن جي. ملاگا ۾ کاڌي پيتي جا برتن يعني ڪِراڪري به ڏاڍي نفاست سان ٺهيل آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي سڄي يورپ ۾ وڏي مارڪيٽ آهي، جڏهن اڃا آمريڪا کنڊ ۽ آسٽريليا کنڊ دريافت ڪونه ٿيا هئا. تنهن دؤر ۾ يورپ ۾ تعليم جو وجود ئي ڪونه هو. هڪ ڪتاب، ”اُوڪو ٻيو فهم“ جي صفهي 135 تي علامه آء آء قاضي لکي ٿو ته سلطان صلاح الدين ايوبيءَ سان جنهن بادشاهه، رچرڊ شير دل صليبي جنگ ڪئي، اهو دستخط ڪرڻ به ڪونه ڄاڻيندو هو. انگليند جي اڪثر نارمن بادشاهن کي اها خبر به ڪانه هئي ته صحيح ڪيئن ڪجي، ڇو ته انهيءَ دؤر ۾ يورپ ۾ اسڪولن جو نالو نشان به ڪونه هو، راجر بيڪن عربي سکڻ ۽ سائينسي تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجي، مُلڪ مان روانو ٿيو ۽ موٽي اچڻ تي پنهنجي مُلڪ جي ماڻهن کي هيءَ صلاح ڏني ته تعليم حاصل ڪرڻ، جو هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونهي ته پهرين عربي سکي وڃي. علامه آء آء قاضي ساڳئي ڪتاب جي صفهي 143 تي لکي ٿو ته ”جڏهن مسلمانن اسپين فتح ڪيو؟ ته هڪ سال اندر، اسپين يورپ جي سڀني ملڪن جي گڏيل دولت کان به وڌيڪ دولتمند مُلڪ بنجي ويو.“ پر هينئر مسلمان ملڪن جو حال اهو آهي، ته دنيا جي سڀني مسلمان ملڪن جي دولت کان، يورپ جي صرف هڪ، مُلڪَ، جرمني جي دولت وڌيڪ آهي.


    9

    اسان هتان پنهنجي ٻي منزل پورچوگال جي گاديءَ جي هنڌ ۽ مرڪزي شهر لِزِبَن ڏانهن روانا ٿي وياسين. جيڪو قرطبه کان ٽي سؤ ميل پري هو، پر هنن ملڪن جي موٽر ويز هڪ طرفو One way نظام ۽ روڊن تي وڻڪار ۽ گل گلزاري ۽ هاءِ ويز تي لاتعداد هوٽلن ۽ سپرمارڪيٽن، ٻارن جي راندين لاءِ گرائونڊن ۽ حسين جميل ماحول جي ڪري ڪيترو به وقت روڊن تي ڊرائونگ ڪرڻ جي باوجود نه بوريت ٿئي ۽ نه وري ڪو ٿڪ محسوس ٿئي، پهريان سؤ ميل کن اسپين جي مُلڪ جا روڊ، پوءِ ٻه سؤ کن ميل پورچو گال جا موٽر ويز، انهن تي ٽي چار دفعا بيٺاسين. هڪ دفعو هت ٽول ٽيڪس وٺڻ وارن وٽ بيهي ٽول ٽيڪس ڏنو، هڪ دفعو هڪ پوليس چوڪيءَ تي بيهي پڇيوسين ته هت روڊن تي ڪابه امِيگِريشن آفيس ڪانهي، جڏهن ته اسان اسپين ڪراس ڪري پورچو گال ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، ته اسين هاڻ ڇا ڪريون اُت موجود پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڇويهن شينگن ملڪن جي اميگريشن چيڪنگ صرف هڪ دفعو انهي مُلڪ ۾ ئي ٿيندي، جنهن ملڪ مان توهان ويزا ورتي، پوءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ توهان جي اِمِيگريشن چيڪنگ ڪانه ٿيندي، ڀلي پيا ڇويهه ئي مُلڪ بنا اميگريشن اسٽيمپ جي گهمو ڦرو، پر گهمي صرف ايترو وقت سگهو ٿا، جيترو ويزا جو مُدو توهان جي پاسپورٽ ۾ لکيل آهي. ٻيو دفعو اسان ڪنگس برگر وارن جي هوٽل تي منو ڪلاڪ کن ويهي ماني کاڌي هت گوشت ۾ پورڪ pork کان سواءِ ٻيو گوشت گهٽ اسعتمال ٿئي، باقي مڇي، ڪُڪڙ سبزيون توهان کي هر هنڌ ننڍي وڏي هوٽل تي سدائين ملنديون. هت اسپين ۽ پورچوگال ملڪن ۾ پاڪستاني ۽ انديئن هوٽلون تمام گهٽ آهن، پر تُرڪن ۽ عربن جون هوٽلون توهان کي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ملنديون، جت پورڪ بلڪل ڪونه هوندو آهي ۽ کاڌا به چانورن ۽ ڪباب کان سواءِ، ٻيا انهن جا پنهنجي مزاج مطابق هوندا آهن، جن ۾ مصالحا بلڪل گهٽ هوندا آهن، اسان چَئين ڪلاڪن جي سفر بعد لِزِبَن ۾ پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل تي ويٺل ماڻهوءَ جو نالو اقبال هو. هن اردو سٺي ٿي ڳالهائي مون کانئس پڇيو ته ڪٿي جو آهين پاڻ ٻُڌائين ته آئون موزمبيق جو آهيان اسان اصل هندستان جا آهيون، پر هاڻ اسان موزميق ۾ ئي رهندا آهيون، آئون ڄائو به موزمبيق ۾ آهيان، سندس عمر 45 سال کن لڳي ٿي، پاڻ موزمبيق جي اصل ماڻهن جي ڏاڍي ٿي گِلا ڪئي ۽ ائين ئي ٿي گِلا ڪَيَئِين، جيئن سنڌ اندر رهندڙ غير سنڌي، سنڌين جي گِلا ڪندا آهن. سنڌ اندر ڪو به غير سنڌي، سنڌين جي نيڪي ڪڏهن به ڪونه ڪري، نه وري گهر اندر سنڌي ڳالهائي، پوءِ اهو ڇو نه هڪ ٻهراڙيءَ جو ننڍڙو ڳوٺ هجي. سنڌ ۾ جيڪي به غير سنڌي آهن، انهن جي سنڌين بابت هڪ ئي راءِ آهي. اسان هوٽل تي پنهنجا ٻه پاسپورٽ ڏيکاري مون ۽ منيٰ جي داخلا رکائي، باقي نور محمد، سندس گهرواري، ڊاڪٽر رابعه، سندن پٽ، عبدالحي جونيئر ۽ سندن نياڻي، زينب جي پاسپورٽ جي داخلا ڪونه رکئون، ڇو ته اهي يورپي يونيئن جي ميمبر ملڪ، برطانيه جا شهري آهن ۽ پورچو گال به يورپي يونيئن جو ميمبر ملڪ آهي، يورپي يونيئن جا ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي شهرين کي پنهنجن پنهنجن مُلڪن ۾ وڏيون سهولتون ڏين. انهن ملڪن پنهنجي گڏيل ڪرنسي به ”يُورو“ نالي سان جاري ڪئي آهي. اهي مُلڪ نوڪرين ۾ به ميمبر ملڪن جي اميدوارن کي اوليت ڏين ۽ ميمبر ملڪن جي شهرين کان ميوزمن جي داخلا في ڪانه وٺن. هينئر، جون 1916ع ۾ برطانيه ۾ ريفرينڊم ٿيو ته يورپيئن يونيئن ۾ ميمبر طور شامل رهجي يا نه. انهيءَ ريفرينڊم ۾ برطانيه جي عوام سادي اڪثريت سان فيصلو ڏنو ته يورپيئن يونين ۾ هاڻ نه رهجي. انهيءَ بعد برطانيه جي وزيراعظم استعيفا ڏئي ڇڏي، ڇو ته سندس پارٽيءَ جو مؤقف هو ته يورپيئن يونيئن ۾ اڃا به شامل رهجي. انگلينڊ ۾ ته ڪنهن به ميوزم ۾ هر شهريءَ لاءِ داخلا في معاف آهي، پر هر ميوزم ٻاهران لکيل هوندو آهي ته ميوزم هلائڻ لاءِ پيسن جي ضرورت آهي، مهرباني ڪري اسان کي چندو ڏيو، ماڻهو به گهڻي چاه سان چندو ڏيندا آهن. آئون به ڪجهه ڏوڪڙ ميوزمن لاءِ چندي وارين پيتين ۾ وجهندو آهيان، لِزِبَن ۾ هڪ انڊيئن ريسٽورانٽ تان نور محمد ماني وٺي آيو، جنهن ۾ دال ۽ برياني هئي، گهڻن ڏينهن کان پوءِ اها دال ۽ بريانيءَ واري ماني کاڌيسين ته ڏاڍو مزو آيو. انگلينڊ ۾ ته ڪافي جڳهين تي توهان کي هر پاڪستاني انب ملي، جنهن ۾ سنڌڙي ۽ چونسو سر فهرست آهن، پر اسپين ۽ پورچوگال ۾ اسان کي انب ڪٿ به نظر ڪونه آيو، جڏهن ته هنن ٻنهي ملڪن جي شهرن ۾ پاڪستان کان به زياده گرمي هئي. پر انهيءَ اُس ۾ ايڏي گرمي يا شدت ڪانه هئي، جيڪا پنهنجي ملڪ جي اُس يا ڪاڙهي ۾ ٿئي. اسان انهيءَ شديد گرميءَ ۾ به پنج پنج ڪلاڪ پيا گهمندا هئاسين، پر اسان کي گهڻي تڪليف ڪانه ٿيندي هئي. اسان رات واري ماني کائي سمهي رهياسين. صبح جو سوير تيار ٿي، ناشتو ڪري شهر ۾ پهرين حضرت عيسيٰ عليه السلام جي انهيءَ مجسمي کي ڏسڻ وياسين، جيڪو دنيا ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ٻيو نمبر وڏو مجسمو آهي. چون ٿا ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جو پهريون نمبر وڏو مجسمو برازيل ۾ لڳل آهي. هتي لِزِبن واري مجسمي اڳيان ڪيترائي ماڻهو فِلمِون ڀري رهيا هئا ته ڪيترائي ماڻهو فوٽو ڪڍي رهيا هئا. تنهن کان پوءِ اسان هڪڙي پُل ڏسڻ وياسين، اها پُل آمريڪا جي شهر سَين فِرانسِسڪو ۾ ٺهيل پُل جهڙي آهي، پر هيءَ انهيءَ کان ننڍي پُل آهي. اُت به ڪيترائي سياح موجود هئا، ڇو ته اُتي ئي لِزِبَن شهر جي بيچ آهي. پورچوگال مغربي يورپ جي مُلڪن ۾ غريب ملڪ آهي. هتي جي شهرن ۽ شهرين کي ڏسڻ کان پوءِ ملڪ ۾ غربت محسوس ٿئي ٿي. هڪ دفعو پورچو گيزن، ٺٽي شهر تي حملو ڪيو، سڄي شهر کي ڦري لُٽي ڀينگ ڪري ۽ سڄو شهر ساڙي چٽ ڪري ويا. هندستان جي هڪڙي رياست گُوا به هنن جي ڪالوني هئي، جنهن تي هندستان، آزاديءَ کان گهڻو عرصو پوءِ زوريءَ قبضو ڪيو، جينئن انهيءَ حيدرآباد دکن ۽ ڪشمير تي به زوريءَ قبضو ڪيو، يورپ ۾ اسپين ۽ پورچوگال جون قومون، ظالم قومن طور مشهور آهن، جڏهن يورپي قومن آمريڪا کنڊ لڌو،چون ٿا ته اصلي آمريڪي ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو قتل عام اسپين جي ماڻهن ڪيو، جيڪو اٺن لکن کان به وڌيڪ هو. اسان بيچ تي ويهي، ٿوري دير آرام ڪري، پوءِ شهر جو هڪڙو مُک چوڪ ڏسڻ وياسين. اتي ڪافي رش هئي. انهيءَ چوڪ واري سڄي علائقي ۾ ڪيتريون ئي سپرمارڪيٽون ۽ هوٽلون هيون. هت اسان به ڪجهه کاڌو پيتو. انهيءَ پڄاڻان اسان پورچو گال جو Sao Jorge Castle سائو جارج ڪَيسِل ڏسڻ وياسين. هت مسلمان سياح اسپين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هئا. سنڌ ۾ جيڪي قلعا مون ڏٺا آهن، حيدرآباد جو پڪو قلعو، جيڪو ڪلهوڙن ٺهرايو هو، رني ڪوٽ جو قلعو ۽ خيرپور جو قلعو، اهي سڀ قلعا گهڻو ڪري جبل ۽ زمين جي سطح کان گهڻو ڪري ڪافي اوچائيءَ تي ٺهيل آهن. هت يورپ ۾ به ڪافي قلعا، جيڪي مون ڏٺا آهن، خاص ڪري اسپين ۽ پورچوگال ۾، جيڪي به مسلمانن ٺهرايا ۽ هي قلعو پڻ مسلمانن ٺهرايو هو، اهي سڀ جا سڀ قلعا ملڪ جي تمام مٿاهين ۽ وڏين اوچين ٽڪرين تي ٺهيل هئا ۽ گهڻو ڪري سمنڊ يا ڪنهن نديءَ جي ڪپ تي ٺهيل هئا. هِت هر ٽوئرسٽ اسپاٽ تي فرسٽ ڪلاس هوٽل، باٿ روم ۽ ٻاهر وري وڏي ڪار پارڪنگ ضرور ٺهيل هئي. قلعي اندر داخل جنهن هنڌ وٽان ٿيا هئاسين، انهيءَ هنڌ وٽان ٻاهر ڪونه نڪتاسين، پر ٻئي هنڌ وٽان قلعي مان ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ايندڙن ۽ ويندڙن ۾ ٽڪراءَ نه ٿئي ۽ رش به نه ٿئي. قلعي جي داخلا واري رستي کي تير جي نشان ۽ زمين سان اهڙي سهڻي طريقي سان ٺاهين، جو اندر داخل ٿيڻ واري ڪنهن به ماڻهوءَ کي، ڪابه مُنجهه سُنجهه نه ٿئي ۽ اندر داخل ٿي هلندو ڏسندو وڃي ٻئي ڇيڙهي تي پهچي، ٻاهر نڪري هليو وڃي. هت هر تاريخي آثار کي ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ ٿي وٺڻي پئي. هي قلعو سمنڊ جي ڪپ کان ٿورو پري هو، پر مٿان کان سمنڊ سڄو ڏسڻ ۾ پئي آيو، تنهن ڪري هيٺ وارو نظارو ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو. هت مٿي وڏين وڏين چاڙهين تي چڙهڻو ٿي پيو، پر مون کي ساه يا چيسٽ پين يا ٻي ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. اسان هت مٿاهين هنڌ ويهي، ڪافي دير تائين سمنڊ جو نظارو پئي ڏٺو. سمنڊ ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون سياحن کي سير ڪرائي رهيون هيون. ڪنهن زماني ۾ پاڪستان به سياحت جو وڏو مرڪز هوندو هو ۽ پنهنجي ڪراچيءَ واري ايئرپورٽ ۽ پاڪستان جي ايئرلائين جو به دنيا جي ايئرلائينن ۾ وڏو مقام هو. جپان جي جڳ مشهور ايئرلائين ”جال“ يعني جپان ايئرلائينز جا پائلٽ ۽ هوائي سروس جو ٻيو اسٽاف ڪراچيءَ ۾ ٽريننگ حاصل ڪندو هو ۽ پوءِ وڃي پنهنجي ايئرلائين هلائيندو هو. اهڙيءَ طرح سان دبئي جي ايميريٽسِ ايئر لائينز 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پي آءِ اي کان هڪ هوائي جهاز ڪِرائي تي وٺي، پنهنجي ايئرلائين سروس شروع ڪئي ۽ اڄ ايميريٽس ايئرلائينز دنيا جي ٽاپ ايئرلائينز ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. پر اسان وٽ هاڻ گهڻو ڪري ٻن ٽن هوائي جهازن کان سواءِ باقي سڀ هوائي جهاز، سري لنڪا کان مسواڙ تي ورتل هوائي جهاز آهن. پي آءِ اي اڳي سڄي دنيا ۾ هلندي هئي، پر هاڻ اها دنيا جي چند شهرن تائين محدود ٿي وئي آهي. سن 1947ع ڌاري رُپيو، پائونڊ ۽ ڊالر جو ملهه تقريباََ برابر هو، پر اڄ ڊالر هڪ سؤ ست رپيا ۽ پائونڊ هڪ سؤ ٻاونجهاھه رُپيا ٿي ويو آهي. ڪِٿان کان ڪِٿ وڃي ڳالهه پهتي! اسان لِزِبَن ۾ شام جو هڪ انڊيئن مسلمان جي هوٽل تي ماني کائڻ وياسين. پورچوگال جي ماڻهن کي ٿوري گهڻي انگريزي ڳالهائڻ اچي، پر يورپ جي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي انگريزي بلڪل ڪانه اچي. اسان رات لِزِبَن ۾ گذاري صبح سوير هوٽل جو بل ڏئي واپس روانا ٿياسين. رستي ۾ هڪ شهر الغرب ۾ ٻنپهرن جي ماني کاڌي، جيڪو هڪڙو لاجواب شهر هو ۽ اسپين جي بارڊر جي بلڪل ويجهو هو. هي شهر الغرب جنهن کي هاڻ الغرو سڏيندا آهن. هت ٿوري گهڻي ڦير گهير سان عربي نالن سان اڄ به ڪيترائي شهر موجود آهن. انگلينڊ، آئيرلينڊ، جرمني ۽ نيدرلينڊس جا سياح، هت گهڻي تعداد ۾ گُهمڻ اچن انهن ملڪن جي ماڻهن، هت موڪلون گذارڻ لاءِ پنهنجا گهر به خريد ڪري ڇڏيا آهن، جتي فيملين سان گڏ اچي رهن. هن علائقي ۾ موجود شهر Faro فارو، سياحت جو خاص مرڪز آهي، واپسيءَ دوران پهرين پورچو گال جي موٽر وي تي ۽ پوءِ اسپين جي موٽر وي تي گاڏي هلائيندا اسين سيولا شهر پهتاسين. پورچو گال جي موٽر وي ۽ اسپين جي موٽر وي جو وڏو فرق هو. اسپين جا روڊ پورچو گال وارن روڊن کان وڌيڪ سٺا هئا. اسپين جي رستن جي وچ ۾ ۽ رستن جي ٻنهي طرفن تي گل گلزاري لڳي پئي هئي. اسپين ۾ جبل به پورچو گال جي جبلن جي مقابلي ۾ سڀ سرسبز ۽ آباد هئا. زيتون جا گهاٽا ساوا وڻ رستن تي عام جام پوکيل هئا ۽ رستن تي ڪيتريون ئي لاجواب هوٽلون، جن تي گهما گهمي ۽ سياحن جي رش لڳي پئي هئي. پورچو گال جي بارڊر کان Savilla سيولا شهر تائين ڪلاڪ سوا جو رستو مس هوندو، پر جيئن ئي اسپين جو ملڪ شروع ٿيو. تينئن وڏين ۽ نئين گاڏين جي رش به وڌي وئي. اسان سيولا جي انهيءَ ئي ساڳي هوٽل ۾ رهياسين، جنهن ۾ اڳ رهيل هئاسين. اسان کي ڪار ۾ لڳل گوگل ڪمپنيءَ جي انهيءَ پُرزي اچي هوٽل اڳيان پهچايو، هت هوٽل تي سامان ماڻهو پاڻ ئي کڻي ڪمري تي پهچائيندو ۽ واپس ڪمري مان سامان ماڻهو پاڻ ئي کڻي اچي ٻاهر رکندو ۽ ڪار ۾ رکندو چاءِ به ڪِچِنِ مان خود کڻي اچبي. هن هوٽل ۽ ان ۾ فرينچر شينگلر ۽ رنگ روپ، تنهن جو جواب ڪونهي دنيا جي وڏن شهرن ۾ پهريائين هوٽلن جي هڪ ڊبل بيڊ ڪمري ۾ قيمتي ۽ لاجواب فرينچر رکيل هوندو هو. انهيءَ ڪمري ۾ ٽي وي ۽ فِرج به رکيل هوندو هو. پوءِ به ڪمرا ۽ هاڻ ته وڏين هوٽلن ۾ ٽي گڏيل ڪمرا به ٿين. پهريون ڪمرو آفيس نما، جنهن ۾ ڊائننگ ٽيبل، صوفه سيٽ، آفيس ٽيبل، جنهن تي ڪمپيوٽر ۽ آفيس جو هر سامان رکيل ۽ ڪنڊ ۾ هڪ ننڍو بيڊ به پيل هوندو آهي ان کان پوءِ وارو، ٻن وڏن بيڊس وارو ڪمرو هوندو آهي. انهيءَ کان پوءِ ٽيو ڪمرو ٻارن لاءِ مخصوص، جنهن ۾ ٻارن لاءِ گهربل ننڍا بيڊ پيل هوندا آهن. گڏيل ٽنهي ڪمرن ۾ ٽي وي ۽ فِرج، جنهن ۾ هر شئي دستياب، پر هر شئي روڪڙن پيسن تي کڻي استعمال ڪبي. انهن ڪمرن جي مسواڙ، حيدرآباد جي انڊس هوٽل جي سنگل ڪمري جي مسواڙ کان به گهٽ آهي. هونئن به مون ڏٺو ته لنڊن ۾ به پراپرٽي ۽ گوشت کان سواءِ، مڊل ڪلاس جي ماڻهو جي ضرورت واري هر شئي، ڪراچيءَ کان لنڊن ۾ وڌيڪ سستي هئي. هت حڪومت عام استعمال جي هر شئي تي ڪنٽرول رکي ٿي، ته جيئن عام ماڻهو جي پهچ کان وڌيڪ مهنگي نه ٿئي يورپ ۾ اها حڪومت ماڻهن کي وڌيڪ پسند آهي، جيڪا عام ضروري شين کي ماڻهن لاءِ سستو ۽ وافر مقدار ۾ مُهيا ڪري تنهن ڪري حڪومت به انهيءَ عمل ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪري. اسپين ۽ پورچوگال جي هن گڏيل خِطي تي يونانين پهرين ”آئبيريا“ نالو رکيو. پوءِ رومين هن علائقي تي ”هِسپانيه“ نالو رکيو ۽ پوءِ عربن جڏهن هي ٻئي ملڪ ۽ فرانس جو ڪجهه علائقو فتح ڪيو ته انهن سندن فتح ڪيل هن سموري يورپي سرزمين کي ”اندلس، جو نالو ڏنو.


    ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

     The Ruled Sind for Fifteen Years ڇپيل
     هي وري نه ورندو وڻجارو ڇپيل
     ڏوريم ڏيسارو (سفرنامو) ڇپيل
     هو جي وڻ ولات جا (سفرنامو) ڇپيل
     سنڌي شاگرد سياست ٻه دفعا ڇپيل
     ڪجل ڀِنل نيڻ ڇپيل
     اُتر لڳا آءُ پرين (سفرنامو) ڇپيل
     ديس پرديس (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
     بندر مون ڏور ٿيا (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
     عالمي عجائبات ڇپيل
     ٽوئر ٽو آمريڪا (سفرنامو) ڇپيل
     ٻنون ٽو ٽوڪيو (سفرنامو) ڇپيل
     پريان سندي پار ڏي (سفرنامو) ڇپيل
     ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون (سفرنامو) ڇپيل
     اسان پنڌ پرين ڏي (سفرنامو) ڇپيل
     دنيا جا مشهور شهر ڇپيل
     ڪنواريون ۽ ڪنول (سفرنامو) ڇپيل
     ڪيڏي نه مختصر زندگي (آتم ڪهاڻي) ڇپيل
     لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽلينڊ جون راتيون ڇپيل
     تن سپون سوجهي ڪڍيون ڇپيل
     واقعاتِ عالم (حصو پهريون) ڇپيل
     اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ (سفرنامو) ڇپيل


    اڻ ڇپيل ڪتاب

     خاڪا (مختلف شخصيتون)
     سفرنامو (استنبول)
     خط
     مونتي لکيل مضمون
     آتم ڪٿا (حصو چوٿون)


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 695
    ڪتابن جو مشاهدو: 948536
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 320558
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ