ڪتاب جو نالو: ٽُٽَل ٽُڪرا وجود جا | نثري احساس
مصنف: اياز امر شيخ
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1783 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 481 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ٽٽل ٽڪرا وجود جا “ نثري احساسن تي مشتمل ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جو لکيل آهي..
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • ڳِٽن جي ڳوٺ ڏانهن چُمين جو پنڌ
  • پنهنجي پاران
  • اُس جو درد
  • چُميءَ جي ڀيٽ
  • ستارن جو سڏ
  • سنگتراش
  • سراپا سچ
  • آجپي جو گس
  • اُڃ جو احساس
  • ماڻهون
  • انقلاب
  • اکين جو عشق
  • ڀاڪُرن جي جنت
  • تازي پڪل ماني
  • نظمن جا نيڻ
  • اُداس لاش
  • آواز / اگهاڙي نظر
  • اڄ
  • نم جي ڇانوءَ
  • لاوارثي
  • عورت
  • نادانو / تضاد
  • چنڊ
  • تڙپ جو تيزاب
  • درد جو قسم
  • امرتا پريتم
  • عشق جي بارش
  • چانڊوڪيءَ جهڙا چپ
  • هر نئين صبح ٿيڻ تائين
  • اڌ ڪپيل ٻانهن
  • چُميءَ جو درد
  • ايف آءِ آر
  • اڄ
  • مدر ٽريسا
  • درد جا نشان
  • وساميل چُلهه
  • سوڳ
  • عشق جو درياهه
  • مجازي خُدا
  • طنبوري جي تار
  • اديبو
  • انسان
  • سڪ جي ندي
  • احساس جي اک
  • غُلامي
  • رُسوائين جون رولاڪيون
  • رَت مان ٻُڏل رڙ
  • واهيات ٽهڪ
  • آئون
  • عشق
  • تنهائين جي تڙپ!
  • روح مان نڪتل رڙ
  • منوا
  • حوس جي اُڃ
  • آزاديءَ جو سج
  • ايمان
  • ڌرتيءَ جو درد
  • سنڌ
  • ٽٽل ستارو
  • لڙيل لُڙڪ
  • آس
  • لاڙ جي لوڏ
  • دور
  • لتاڙيل لاش
  • بارش سوچي ٿي
  • سرد هوا
  • جنگين جا نظريا
  • سُڪل چپ
  • پڪل
  • ڀٽائي
  • بي ڌڙڪ
  • حُسن جو اُجرو احساس
  • حُسن
  • اُداس اکين جهڙو دور
  • خون جا قطرا
  • اڃا به ڪُجهه
  • افسوس
  • اروڙ جو مست
  • ڪائنات
  • عشق جي اذان
  • غُلام قوم
  • وڇڙي ويل چُمي
  • وحشتون
  • سڻڀا چپ
  • آزاديءَ جي راهه
  • انسان
  • ڪولهڻ
  • من جون اکيون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ويهون ڪتاب ٽٽل ٽڪرا وجود جا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي نثري احساسن تي مشتمل ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جو لکيل آهي..

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    اُن غُربت جي نانءُ
    جيڪا هر وقت ڳڀي جي ڳولها ۾
    لُڇي لاش ٿي ويندي آ،
    پر ڪٿان به مانيءَ جي مُلهه جيترا
    پئسا به ماڻي نه سگهندي آ.
    ۽
    ادب جي طويل ٽڙيل پکڙيل
    ناول مُشتاق ڪاملاڻيءَ جي نانءُ
    جنهن جا افسانا ته احساسن ۾
    عشق جو آسمان جاڳائي وٺندا آهن!
    پر پاڻ اڃا تائين،
    ڪنهن سامراجي ستم جا سور نه سهڻ
    جي سگهه رکڻ جي ڪري،
    چرپُڻ جي رستن جو راهي بڻجي
    پيٽ جي بُک جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ،
    هٿن جا ڪشڪول کولي!
    صدائن جا سفر طئي ڪندو رهندو آ
    ڪنهن نئين ڪهاڻيءَ جي
    ڪرب ناڪ ڪردار جيان!!...

    (خدا جي نظر ۾ ڪنهن ڏکويل جي اک مان ڪِريل ڳوڙهو
    شهيد جي رَت جهڙو مقدس آهي). ( رومي)


    پنهنجي پاران

    سنڌي ادب ۾ نثري نظمن يا نثراڻن خيالن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جيڪي نه رڳو پڙهندڙ دلچسپيءَ سان پڙهندا رهيا آهن، پر اڪثر ڪتابن نون لکندڙن تي ڪافي سٺا اثر پڻ ڇڏيا آهن.
    اياز امر شيخ جو هي نظماڻي نثر جو ڪتاب، جنهن کي هن ”نثري احساس“ جو نالو ڏنو آهي، نهايت خوبصورت ۽ دلپذير نثر سان گڏ، نازڪ، نفيس ۽ جذباتي خيالن جو پڻ نمونو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي احساس سمايل آهن، اُهي هڪ شاعر جي مشاهداتي اک جا احساس آهن، جيڪي هن ”نظم“ بدران ”نظماڻي نثر“ ۾ لکيا آهن.
    اياز امر جو هي ٽيو ڪتاب آهي، هن کان اڳي سندس ڇپيل ڪتاب سونهن موڙيون آرسون ۽ سنڌ جو چنڊ سندس غزلن، نظمن ۽ ٻين شاعراڻين صنفن جا مجموعا آهن، جن پڻ پڙهندڙن وٽان سٺي موٽ ماڻي آهي.
    جيتوڻيڪ اياز امر شيخ جو شعري سفر اڃا شروعاتي وکن تي ٻڌل آهي، پر سندس پهريون ٻه وِکون ۽ هاڻ هي ٽين وِک مان اها ڳالهه پڌري ٿي ٿئي ته ”مستقبل اياز جو ئي آهي“.

    يوسف سنڌي
    03013640468


    مهاڳ

    سوچ جو سنڌو

    ٻوليءَ جي سونهن ان جو ادب (شاعري ۽ نثر) آهي، قومن جي تاريخ جو پتو اڄ به ان جي شاعري ۽ نثر مان پوندو، سنڌ جي تهذيب، ثقافت، سماجي زندگي جو معيار ۽ سڄي قوم جو عڪس ادب آهي. سنڌ جي ماضي کي پرکڻ لاءِ اسانکي اسانجو ادب ڏسڻو پوندو.
    واقعي قومن جي روح مزاج ۽ وقت جي حالتن جو عڪس ادب ۾ موجود آهي، تڏهن ته اسان شاهه لطيف، سچل سرمست شيخ اياز ۽ ٻيا ڪئين شاعر اسانجي محفل ۾ اڄ به موجود آهن ۽ ادبي سفر اڃا روان دوان آهي سنڌ جي ادب ۾ نوان نوان تجربا به ٿين پيا، نئيون صنفون متعارف ٿين پيون. سٺا سٺا شاعر پنهنجي عقلي جوهر جي اُپٽار ڪن ٿا انهن مان اڄ شاعري جي ميدان ۾ هڪ خوبصورت نانءُ به هر ڪنهن جي دل تي چٽيل آهي، سندس ٻه خوبصورت شاعري جا ڳُٽڪا نظر مان گذريا اصل دل خوش ٿي ويئي، محرومي جي بن ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ هڪ باک ڦٽندي نظر آئي ته سنڌ جي هنج ۾ اڃا تخليق جا گُل ٽُٽن پيا ماڃر جي رزخيز جو ۽ سرويچ، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ مريم مجيديءَ جو تسلسل، ارشاد ساگر، سيد اڪبر جي خوشبوءِ اڃا اچي ٿي انهن نوجوان ڏات ڌڻين ۾ اياز امر شيخ به هڪ روشن ستارو آهي. هي ڪتاب اياز امر جي وري نئين ڪوشش آهي ۽ هڪ نئين صنف ۾ پنهنجي ڏات وسيلي خوبصورت احساس ڀرپور نموني اڃيا اَٿس جن ۾ اسانجي سماج ۽ ماحول جو خوبصورت عڪس چٽيل آهي.
    ڪتاب جو نالو ٽٽل ٽڪرا وجود جا، نثري احساس آهن هي صنف ئي عجيب آهي اياز امر جي دل جو حساس ۽ خوبصورت فنڪار هن نثري احساسن ۾ پنهنجي Iner feelings کي ڀرپور انداز ۾ لکيو آهي ڪِٿي ڪِٿي بلڪل نظماڻو رنگ به محسوس ٿئي ٿو.
    حساس انسان جي من ۾ جيڪو مانڌاڻ متل هوندو آهي، جيئن جبل ۾ لاوا ڦاٽي پئي ايئن سندس جذبا وهي هلندا آهن.
    تخليق ۾ اهو جوهر هجڻ کپي جو پڙهندڙ جي دل ۾ ولوڙيون، ڪي اڌما ۽ جذبا اٿن ۽ پڙهندڙ جي دل ۾ شعوري ارتقا جو عمل تيز ٿئي ۽ سماج جي لاءِ ڪو Posetive رجحان جنم وٺي سگهي ڇو جو اديب جو اهو فرض بنجي ٿو ته سُتل ضميرن ۾ جوت جاڳائي حسن، پيار وطن، دوستيءَ لاءِ قوم ۾ وڏي سجاڳي اچي سگهي.
    اياز امر شيخ هي ڪتاب نثري تاثر جي شڪل ۾ تمام دل ۾ پيهي ويندڙ سنڌ جي دردن، ڏکن، اندروني ڪيفيت کي ڀرپور انداز ۾ بيان ڪرڻ جو خوبصورت انداز آهي.
    هن جي حساس ۽ سچيت دل مان جيڪي فَني ۽ فِڪري صدائون آهون ۽ وِلوا اُسري اسانجي دلين تي ڌاڙا هڻن ٿيون، تخليق آهي ئي اهڙي شيءِ جا پڙهندڙن جي ستل ضميرن ۾ اُڌما پيدا ڪري ڪا جذبن جي ويرا آڻي ڪو سوچ جو سنڌو اُٿلون ڏيئي تڏهن ستل ضميرن ۾ سچيت پائي ۽ سمجهه جي ڪا جوت جلندي ڪو احساس جو سلسلو جڙندو.
    ڪو شعور وهڪرو وهي هلندو ۽ بي چيني جي رڻ ۾ ساڃاهه ۽ سُرت جا رابيل ٽڙندا. رتوڇاڻ ٿيل روح ڪا تازگي ۽ سَگهه ماڻي سگهندا ان ڏس ۾ اياز امر جي ڪوشش تمام لاڀائتي آهي، هو سندس سندر محسوسات کي لفظن جي خوبصورت فريم ۾ اهڙي نموني اُڻي ۽ پوئي ٿو جو دلين ۾ جوت جلايو ڇڏي.
    سندس ٻولي جو استعمال لفظن جي چونڊ حرف تجنيسي جي عجيب شڪل، ڪِٿي ته صفا نظم جو رنگ پر سندس خيال سوچ ايڏي وقتائتي ۽ سنڌي ماڻهن جي ذهنن کي جهنجهوڙيندڙ آهي، جو هي ڪوشش هڪ سڀاويڪ رخ ۾ ڏات جو سدا ملوڪ مثال آهي.
    شاعر ته هو تمام ڀلوڙ آهي پر نثر ۾ بنا ڪنهن ڊيگهه ويڪر اوٽ پٽانگ جي تمام مختصر نموني لفظن جي جادو سان ڪئين موضوع محبت، پيار سنڌ دوستي ۽ ويساهه گهاتين جو ذڪر ايڏو ته ڀرپور ٿو ڪري جو هڪ نثري ٽڪري تان ڪهاڻين جا ڪئي ڪتاب قربان ڪجن. تمام سنجيده ڳالهين کي پنهنجي ڪلا کيتر جي اوج ۾ ايئن ٿو اُڻي جو دل جهٻو وٺي ۽ دل چئي ته سڄو ڪتاب هڪ ساهي ۾ پڙهي پورو ڪجي.
    اچو ته سندس نثري ڪاوشن کي ٿورو ورجايون ۽ سندس تخيلقي عمل جو ڀرپور فيض حاصل ڪريون.
    فنڪار ذهن ۾ پيار جا تصور ڪيڏا نه دل کي ڇهندڙ آهن محبوب کي چئي ٿو.
    • تون اچي مون مٿان ستارن جو ڀريل آسمان ٿي وڃ،
    ۽آئون تو ۾ هر رات چنڊ ٿي اُڀرندو رهان!!.
    هن تحرير ۾ اياز امر جي ڏات سندس ڪومل دل مان اتاهان جبلن تان لهندڙ آبشار وانگر اسانجي اروٺ دل کي سرسبز ڪري پئي ڇڏي اهو تخيل صرف ڪو شاعر يا فنڪار ڏيئي سگهي ٿو.
    يا
    • مان هر درد جو دريا جهاڳڻ لاءِ تيار آهيان،
    ها پر تنهنجي دوريءَ جي هڪ ڇولي به ڇاتي تي برداشت نه ڪري سگهندس.
    محبت ۾ هر تڪليف هر ڏونگر ڏارڻ لاءِ تيار آهي، پر پرينءَ جي دوري سندس وجود سَهڻ لاءِ تيار ناهي، اِها ڪيفيت حساس ذهنن ۾ ئي پيدا ٿئي ٿي.
    اياز امر جي دل ۾ سنڌ سان اڪير جو به سنڌو ڇوليون ٿو هڻي سنڌ جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ وزندار راءِ ڏيئي ٿو.
    • جيڪڏهن تون سراپا انقلاب بڻجي سنڌ جو سڏ ٿيڻ چاهين ٿو؟
    ته پوءِ تون اُن سچ جو سپنو بنجي وڃ
    جنهن ۾ ڪنهن به ڪوڙ جو ڪان کُتل ئي نه هجي
    ۽ ويساهه گهاتيءَ جو هر اڏيل ئي نه هجي.
    هاڻي اهو ايڏو موضوع آهي جنهن تي ڪتاب لکجن ۽ نئين نسل کي واٽ ۽ هدايت ملي پر هن خوبصورت احساسن ۾ مختصر طور وڏي هدايت ۽ نصيحت سمايل آهي. ايئن اياز امر شيخ جا خيال هر تصور تي ڀرپور واضح آهن، جيئن لکي ٿو:
    • آئون انهن ئي پيرن کي چميون ڏيئي اکين جو عشق بڻائي ڇڏيندو آهيان.
    جيڪي پير آزاديءَ جي راهه ۾ رهبريون ڪندي رتورت ٿي پوندا آهن.
    يا
    • تو مون تي ايترا ته وحشتن سان وار ڪيا آهن،
    جو منهنجو سَنڌ سَنڌ،
    هاڻو ڪي سنڌ جيان ساڻو ٿي پيو آهي.
    هاڻي ان ننڍڙي نثري ٽڪري ۾ سنڌ جي درد ڪٿا ڪيڏي دل کي ڇوهندڙ انداز ۾ چٽي اٿس، اڄوڪي سنڌ جو درد سنڌ واسين کي تمام ڀرپور نموني ٻڌائي ٿو، سندس تمثيلون تشبيهون ايڏيون وڻندڙ آهن جو هڪ پَل لاءِ شعور ۾ ولولا اچيو وڃن.
    • خواري جا کيسا ايڏا وڏا آهن جيڪي ڀرجڻ سان به نه ڀرجي سگهيا آهن،
    پر شرافت لاءِ ته سمجهه جو اشارو ئي ڪافي آهي.
    هي تمام ڳوڙهو خيال آهي. پڙهندڙ کي ضرور مجبور ڪندو ته اُهي ناڪاري رويا ڇڏي هاڪاري رويا پنهنجا ڪرڻ تي اُتساهه ملي ٿو.
    ان طرح هن ڪتاب جي هر سٽ ڇرڪايو ڇڏي وڏي ڳالهه ڪا تحرير مقام تڏهن ماڻي ٿي جو ان کي پڙهندڙ شروع ڪري ته ٻي دنيا کان ڪٽجي صرف ان تحرير ۾ گم ٿي وڃي، ۽ تيستائين پڙهندو رهي جڏهن پوري ٿي وڃي.
    اياز امر جو هي پورهيو سنڌ ادب جو هڪ خوبصورت تجربو آهي. ٻين لاءِ به ڪي گس گهيڙ مهيا ڪري ٿو، هي صنف تمام سِگهو پڙهندڙ جي دل تي ديرو ڄمايو ڇڏي ۽ ضميرن کي جهنجهوڙيو ڇڏي ۽ ڪئين موضوع هڪ وقت پڙهڻ لاءِ ملي ٿا وڃن. تمام ڀرپور ڪوشش آهي اميد ته اياز امر کي سٺي موٽ ملندي.

    رسول بخش درس
    جهمپير


    ڳِٽن جي ڳوٺ ڏانهن چُمين جو پنڌ

    ڏات جي ڏيهه ۾، ڪوتا نگر جي تصور، تَخَيل ۽ تخليقن سان تراشيل، رَچنائن جي ريشمي راهن تي، شعرِ نثر جو هيءَ تسلسل، تجسس جي تازگي ۽ تنفس جي تار ڇڄڻ تائين، عشق ايمان جي سلامتي ۽ امر آس ۾ اَٽل وشواس باقي رهڻ تائين، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري ته رکڻو آهي، توڙي جو آدرشن جي اِنڊلٺي فريم ۾ مَڙهيل سوچ تصوير جا رنگ ۽ عڪس، ناقدري جي ناخوشگوار فضا ۾ جَهڪا ۽ جهيڻا ٿي ويا آهن.
    لکجي ويل گيتن ۽ نظمن سان منسوب سي غزالي چهرا، دِلي ڪنگال پَڻي ثابت ٿيڻ ڪري، نظر ۾ ڪو گُل ئي مهڪڻ بجاءِ ٻاٻري ڪنڊي جيان چُڀي رهيا آهن.
    سماج، قدرن ۽ معيارن کان خالي ٿيندو پيو وڃي دنيا جا دستور، تجارتي هَڻ وٺ جي هائيءَ ۾ ڪري صرف لوڀ لالچ جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪا اهڙي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، جنهن کي ڏسي برادشت ڪرڻ اهلِ ذوق لاءِ وڏو جبر آهي.
    رشتا ناتا، دوستيون، دلبريون، چاهتون، مُحتبون، چور، ناتا، در دريءَ جون اک ٽيٽ شرارتون، سي مَحبوب محبت جون خاموش روايتون، تهذيبن جي ڀڃ ڊاهه ۽انسانيت جي تذليل ڪندڙ وقت جي تازين وارتائن جي واويلا ۾ ايترو ته ماٺا ٿي ويا آهن، جو سالن جون شناسايون به اجنبيت جي اُلڪي ۾ ڪنهن خوف ۾ ورتل ٿيون ڀانئجن.

    اهڙي بي حسين جي سفاڪ رُت ۾ سوڍن ۽ سرويچن جي سون سَريکي سيم ”سجاول“ جي سُهڻي ۽ سُهڻائي جي سوڳوار اکين ۾ نائيندي جي عيد جا خوشبهار خواب پوکيندڙ سُشيل شاعر ۽ نهٺو نثرنگار اياز ”امر“ شيخ جو قلم، ڪيئن ٿو دلفريب مسرتن جا گيت لکي سگهي، جنهن جي نوڪ محبوب جي لب ڪِنارين جيان نازڪ نه بلڪ فرهاد جي تيشي جيان پهڻ ٽوڙ ٿي وئي آهي.
    ڪنهن آس ۾ وشواس جا جيون، جيئار دلِ بهار جذبا، ديس ڌرتي جي خوشحالي جي اوج ۽ عروج جا سونهري سپنا، هڪ آٿت، هڪ آسيس، هڪ ڏڍ ۽ اڍ جيان پنهنجي ڪَلا جي ڪومل نرمل نگري ۾ تاتي، نپائي، جوان ڪري، وطن جي وجود جي ٽٽل ٽڪرن کي ميڙي، سُونهن ۽ سُرت سان سهيڙي، سميٽي ۽ سنواري، پڙهندڙ ۽ پرکيندڙ ذهنن ۾ کٿوريءَ جيان کنڊيڙڻ ۾ سوڀياوان ۽ سڦلتا ماڻي آهي، امر جي احساسن جي سِٽ سِٽ جي سُندرتا، اتهاس ۾ اَبدي امرتا کي گلقنديءَ ٻوليءَ سان ايئن نقش ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪو نقاش سنگمرمر جي نفيس تن تي آيتون چٽي ٿو ڇڏي.
    ساحلي پٽيءَ جي ڪنهن زُبون، حال ٿاڻي جي تعَضن دار لاڪ اپ ۾، سياسي ڪيس ۾ واڙجي آيل ڪنهن بي پهچ بيگناهه باندي جي ڳهرجي ويل جسم جو رَت چوسيندڙ مڇرن کي ڪهڙي خبر...!؟ ته هن تنها انڌيري کوليءَ ۾ قيد ڏِيل جي لهوءَ ۾ سوزش انتقام جا باغيانه جذبا، جُوالا جي ”لاوا جيان اُڌما کائي رهيا آهن، يا بيوسيءَ جي احساس سببان خوف برف ٿي چُڪو آهي، ۽ اهڙِي ڪيس جو ڪرڀ اياز امر جي هنين سِٽن جو سُڏڪو ....... ٿي وڃي ٿو.......
    • اسان ته دڳن ۾ مارجي ويل ديس جي دانهن جو اُهو درد آهيون،
    جنهن کي وارثي جو ڪفن به وڏي مشڪل سان نصيب ٿيندو آهي.

    بازارِ حسن ۾ پنهنجو پاڻ سينگاري پَکاري ويٺل هڪ رات جي ڪنوار جي نمائشي نخرن ۽ ويڪائو ادائن کي ڪهڙي خبر ته!؟ جلوا جنس ناهن هوندا، هرڪا کڄندڙ نگاهه شباب چُوس ناهي هوندي، هر دامن کي گلابي بدن پَهلوءَ ۾ پائي رکڻ جي حسرت ناهي هوندي.
    دِلرُباين جي اهڙِي دڪان تي وڪامجندڙ حيا ۽ حجاب جو سيني ۾ سُور ساريندي ”امر“ جي من مان هي الفاظ ڀڙڪو کائي اٿا اُٿن ته:
    • ماڻهو ته جسمن جو واپار ڪندي به شرم ئي محسوس نه ڪندا آهن،
    ۽ اسان ڪنهن ڪنواري جي نيڻن ۾ نهاريندي به الائي ڇو شرم ۾ ويڙهجي وِسامجي ويندا آهيون...!؟
    گُلاب رُت جي عَطر بيز هوائن سان مَهڪيل بي ترس مغرور شامن ۽ چيٽي چَنڊ کي جهولَ ۾ پائي جهولندڙ راتين کي ڪهڙي خبر!؟ ته، جُدائي جو جيل ڪاٽيندڙ جوڳ ورتل جو ڀَنن، هيل ويلنٽائين ڊي. دوران وجود ۾ ڪهڙِي وِرهه جا وَڍ پوندي محسوس ڪيا هوندا، جَشن بهاران جي اُڏاريل، رنگبرنگي لَغڙن کي قيدِ تنهائي مان ڪهڙين اضطرابي نظرن سان ڏٺو هوندو ۽ چيٽ ميلن دوران اُجاڙ ڳوٺ جي هيڪل وياڪل جوانين، پوياڙي جو پنگهٽ تي ڏکڻ هير جي عنبرين جهوٽن سان ڪهڙا سور اوريا هوندا!؟ اهڙي هجر فراق جي جيءَ جهور علم جو عڪس اياز امر جي اکين ۾ ضرور چُڀيو ۽ هن چئي ڏنو ته،
    • بهار رت ۾ ڇڻي ويل اُن گلاب جي درد جو قسم
    تنهنجي پيار جي سار جون آڱريون اڃا تائين
    منهنجي دل جي تنبوري جي تار کي ڇهاءُ ڏئي
    اُن محبت جي محفل ڏي وٺي وينديون آهن،
    جت پاڻ راحتن جا راڳ ڇيڙي پيار جي جنت جا ڪي جهان جوڙيا ها!!؟
    • وڇوڙي جو درد ته زندگيءَ جي ڳچيءَ ۾ نانگ جيان ويڙهجي ويو آهي،
    پر اڃا ته ڪٿي به محبت جي وفا جي مُرلي ٻڌڻ ۾ ئي نٿي اچي.
    سمنڊ پار کان سرڪشيون ڪري ايندڙ بي روڪ هوائن کي ڪهڙي خبر!؟ ته انبن جي ڇڻي سُڪي ويل ٻُور جي من ۾ شاخن کان وِڇڙڻ جو ورلاپ اڃا ماٺو ناهي ٿيو، اڃا پَروڪي خزان ۾ ڇڻي ويل نازبوُ جي پَتڙين ۽ درگاهن تان ٻُوهاريل گلاب موتئي جي زرد خشڪ پنکڙين جي دل ۾ گل، ساٿ جو مجروح تمنائون پويان پساهه کڻي رهيون آهن، اهڙي معصوم اهنج جو ايذاءُ اياز هينئن ٿو محسوس ڪري.
    • محبت جون موسمون ڄڻ وئڪيشن تي وَيل هجن،
    ۽ درد وڏي دهشت سان دلين مٿان ڌاڙا هڻي
    هرخوشبو ٿيل خواب کي بي خوف ٿي ڀلي رهيا آهن.
    مادر علمي جي هاسٽلز جي حدن کان ڏور نڪري ٽڪرين جي دامن ۾ پاڻ لڪائي، اَڪن ۽ ٿوهرن جي جُهنڊ ۾ منشيات واپرائيندڙ ٿڙيل ذهنيت کي ڪهڙي خبر!؟ ته سگريٽ جي دونهي ۾ ديس جي آئيندي جا خواب ۽ ڪيڏا ڪشالا ڪاٽي، ڪنهن آرزو ۾ جيئندڙ مائٽن جا ويساهه به اُڏامي رهيا آهن، هو سُڀاڻي جو سج بڻجڻ ته ٺهيو، ڪنهن زلزلي جي ڀيانڪ رات جي ورسيءَ جو نوحو بڻجي رهيا آهن ۽ هيءَ وقتي سُرور، کين هميشه جي حيرت ناڪ پريشاني جي پولارن ڏانهن ڌوڪي رهيو آهي. اهڙن سنڌ جي سَپوتن جي پنهنجي ”پاڻ“ کان لاپرواهي ته ”امر“ به تڙپي چئي ويٺو:
    • هُو ڏس! سنڌ سڄي سُور ٿي وئي آهي
    ۽ تون اڃا نيڻن مان ننڊ ڪڍي اُڇلائڻ لاءِ تيار ئي ناهين!؟

    • جنهن ديس جي ماڻهن جي ذهنن جو شعوري ڏيئو ئي وساميل هجي،
    اُتي ته ڏينهن به رات جهڙو لڳندو آ.
    • هل! ته هن درد جي ڌوڙ مان اُٿي ڪِٿ محبت جي ڪا موسيقي ٻڌون!!
    ڪاري بُرقعي ۾ پنهنجو پاڻ سَميٽي بس ۾ سَوار ٿيندڙ ساڻيهه ڄائي سان ڪوششون ڪري همنظر ٿيندڙ بي ديد اکين کي ڪهڙي خبر!؟ ته بي ويس نگاهن کان ششدر ٿي ويل وينگس ڪو دلفريب منظر نه پر ڌرتي جو ننگ آهي. جنهن جي تقدس جي تعريف ڀٽائي جي بيتن ۾ به ماپجي ناهي سگهي، هوءَ جا ٻاگهي، تارا ٻائي جي روپ ۾، سُورهيائي جي تمثيل، مارئي جي روپ ۾ محبِ وطن ۽ تصوير حيا، سسئي، سهڻي، مومل ۽ نوري جي روپ ۾ پيار ۽ پريت جي علمبردار آهي جا سنڌ راڻي جي سُونهن ۽ وفا جو نڪور نمونو آهي. سماج جي اهڙِي حيا روش تي اياز اَمر اَصل سنڌي غيرت جو سيني تي گهاءُ محسوس ڪري بَدذوقين کي ڀُونڊو ڏئي ٿو ته:
    • اڄ به ذليل حرڪتن جي هُل ۾ پيار جون حُسناڪيون هرڻين جيان هِيسجي جان بچائڻ جي جاڳ ۾ جلي رهيون آهن.
    • هن بَدذوق دور ۾ محبتن جي مُرڪ جو زندهه رهڻ
    • ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آ.
    • واهياتپڻي جي ويس ۾ ويڙهيل دور، جي سيني ۾ ڪا دل ئي ناهي هوندي.
    ناولن، ڪهاڻين، فلمن ۽ ڊرامن کان متاثر ٿي اخبار جي ڪا ڌيان طلب خبر بڻجندڙ چند ڏهاڙن جي شناسا نينگرن ۽ نينگرين کي ڪهڙي خبر!؟ ته پيار صرف پريمي ۽ پريميڪا درميان جُڙندڙ ڪنهن خوبصورت اشتهاري سلسلي جو نالو ناهي، بلڪه پيار پيءَ جي شفقت ۽ ماءُ جي ممتا به آهي. پيار جنم ڀومي تي سالن کان رفاقت ڏيندڙ، هڪ جيڏن ۽ همجولين جي دوستي جو به نالو آهي. اُن مٽيءَ جي وڻن ٽڻن ۽ منظرن سان گذاريل جَنب کان جوڀن تائين جي ساٿ جو نالو به پيار آهي. چند ڏينهن جي ميٺ محبت اِنهن سڀني پيار رشتن کان ڪيئن ٿي اتم ٿي سگهي. اهڙن بي سُڌ ذهنن لاءِ اياز جون هي سِٽون، نصيحت جو نُڪتو بڻجي ٿيو پون،
    • هيءَ دور اُن اَلهڙ ڇوڪري جي اُداس اکين جهڙو ٿو لڳي
    جيڪا پيار جي کوکلن آسرن تي
    ڪنوارپ ئي ڪُهائي ويهندي آهي“.
    • حسن هميشه حوس پَرستن حوالي ٿيندو رهيو آهي،
    ۽ حسن جي پوڄا ڪرڻ وارا فقط اکين ۾ مايوسي جا لڙڪ سمائي،
    عشق جي درد جون نمازون پڙهڻ ۾ مصروف رهجي ويندا آهن.
    Sea-View جي ڪِتڪايون ڪندڙ هوائن جي ڀاڪر ۾ ڊوڙي پير ڇُهندڙ لهرن جي اُوٽ ۾، نئين ماڊل جي قيمتي ڪار مان لهندڙ، بهار، ويس ۾ ملبوس، رائل فيملي جي ماڊرن ڇوڪري، جي لينس لڳل مغربي نقطهء نظر رکندڙ، خواب هستي ۾ ٻُڏل نيڻن کي ڪهڙي خبر!؟ ته لَبِ ساحل پير آڱرين جي وِٿين ۾ رهجي ويندڙ ڪنڪر گاڏڙ واري (ريت) ڪهڙي خلوص سان قدمبوسي جي روايت جيئاري آهي؟ سمنڊ جي اَٿاهه سطح تي صرف فطري نظر ئي ساگر جي سُونهن جو اندازو نٿي ڪري سگهي، اُن لاءِ اَندر جون حُسن شناس اکيون گهُرجن، جيڪي هر منظر جي چهري ۾ ڪونه ڪو حُسن، ڪا جَرڪ ڪا مُرڪ، ڪو لڙڪ، ڪا صدا ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن!؟ اهڙن ناشناس نيڻن لاءِ اياز جون هي سٽون نئين نظرئي ۽ روشن خيالي جي نينڍ بڻجيو وڃن...!!

    • اَچو ته اُن اميريءَ کي ئي الوداع چئي ڇڏيون،
    جنهن اندر ڪنهن به صداقت جي سُوننهن جو سفر ئي نه هوندو آهي.
    ۽ اُن کان بهتر آهي ته اُن غريبيءَ جو ئي گيت بڻجي وڃون،
    جنهن جو ايمان هر وقت اُجرائپ سان ڀرپور هوندو آهي.
    ۽ جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ، چئنچل سُندرتائن جي شهر ”چوهڙ“ کي ڳڀرُو جو ڳل سمجهي سَراپا چَپ ٿي پوندو آهي ۽ لاکيڻو لاڙ سمنڊ جي سِيرن سان لائون لهڻ لڳندو آهي. اهڙن نيم خواب لمحن ۾ ”جلاليءَ“ جي پڙ ۾ پويتر پونم جي پهري هيٺ ننڊ پئجي ويل نياز وند نيڻن کي اِها خبر ناهي هوندي ته، خواب زمان و مڪان جي سرحدن کان آجا هوندا آهن، ساڀيان جي ضمانت ملڻ کان سواءِ به پنبڻين جي ڪنواري ڌرتي تي جنم وٺندا آهن ۽ پوءِ ڪنهن ڪوسي ڳوڙهي جيان پُوڇڙين مان ڳڙي مَرمَري رُخسار تي تابشون وکيري، ڪونج ڳچيءَ جي سوني زنجير ۾ قيد ٿي ويندا آهن، ڪا سَحر ڪا پرهه، ڪو نئون سج اِنهي وارتا جا پيرا ناهي کڻندو، ٻيڻو چهري جي وياڪلتا، الزام جي آڱرين جو هدف بڻجي ويندي آهي، ۽ هزارين شروع ٿيل قصا هڪ رات جي ڪهاڻي بڻجي ويندا آهن، ۽ حياتي، سُهاڳ، مينڌي جي گُلرنگي آس ۾، صَبر جو سنياس ڪاٽيندي رهجيو وڃي، اهڙي سُور جو پُور اياز اَمر جي ڪُک ۾ به ڪانُ ٿي کُپيو پوي ۽ هو لکي ٿو ڇڏي ته:

    • منهنجي نيڻن جي مري ويل خوابن کان ڪڏهن به ڪو روئڻ هارڪو سوال نه ڪجو!
    ڇو ته اُنهن وٽ هاڻ روئڻ لاءِ ڪوبه لڙڪ ناهي بچيو.
    • نيڻن جي ڏوليءَ مان جواني جي ڪُنوارپ جا بُرا قيل خواب پيار جو ڪانڌپو ڳولين ٿا.
    • سامايل اکين جا سُندر سپنا ته هر هر آرسون موڙيو پيا عشق ارپيندا آهن،
    پَر پاڻ الئه ڇو اڃا به خاموشين جي خزائن ۾ ڇَڻيل پَن جيان پيلا ٿيندا وڃون.
    اَنا ۽ انڪار جي انتهائن تي بيٺل بي ترس ماڻهن جي، ضد جي سرڪش گهوڙي جي تيزگام هٺيلين بي رُخين کي ڪهڙي خبر!؟ ته ڪٿي ڪِن جا جيون تشنگي جي تابشن ۾ ٽهڪي رهيا آهن، پيار ۽ پَرستش جا پاڪيزهه جذبا نظراندازي جي نرڳ ۾ سَڙي رک ٿي ويا. ڪٿي ڪي انيڪ اُجريون آشائون، نراسائي جي اوڙاهن ۾ گم ٿي ويون. ڪِٿي ڪو جذبات جو موجزن درياءَ سُڪي ٻيلاٽيون ٿي ويو. اهڙين مغرور ۽ ڪٺور رَوين جون روح تي رَهڙون اياز به کاڌيون ۽ پنهنجي همنشين سان همڪلام ٿي پيو ته:

    • احساس کان خالي هن سماج ۾ رهڻ کان پوءِ
    ڇا تو به سيني مان پيار جي دل کي ڪڍي ڇڏيو آهي؟
    جو منهنجي هِن معصوم محبت تي ترس ئي نٿو اچئي
    • مَنوا! ماڻهن جي مَنن کي آخر ڇا ته ٿي ويو آهي!؟
    جو محبتون مُرجهاءَ جي موسم ۾ ڇڻي مَري رهيون آهن.
    وشواسن ۾ ڪنهن به ويجهڙائپ جو واس محسوس ئي نٿو ٿئي،
    خاموشين جي کاهين ۾ ڪِري پيل خوابن جون خوبصورتيون به
    مايوسين جي ڌوڙ اندر ڌنڌلائجي اُن دور جو دستور بڻجي رهيو آهن،
    جنهن جو ڪٿ به اَنت نظر ئي نٿو اچي...!!؟
    تنگدِل، تنگ نظر، ڪُندَذهن ۽ ڪورِ ذوق ماڻهن جي سازشي سوچن کي ڪهڙي خبر!!؟ ته دوستي فطرت جو لازوال ۽ جنت مثال تحفو آهي، جيڪو دل جي دنيا ۾ هزارين هاڃَن هوندي به حياتي جي حُسن ۾ وڌيڪ نرملتائون ڀَرڻ ۾ ڪا ڪمي ڪونه ٿو ڇڏي. اهو رشتو جنهن لاءِ مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه السلام جا بي شمار ۽ مُشڪبار زرين فرمودات، هر اک موبائيل جي اسڪرين تي sms جي صورت ۾ ڏسي ۽ سماجي فلسفي جي ڪتابن ۾ پڙهي، پنهنجو اندر اُجرو ۽ ايمان تازو پئي ڪيو آهي. اهڙي رشتي ۾ خلوص جي خزائن جي کوٽ کي محسوس ڪندي اياز اَمر به هن دور جي احساساتي الميئي تي خود ڳوڙها هاريا، جن کي نثر جي مالها ۾ پوئي احساس جي ڪوههِ نور سان وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو، ته:
    • دوستي تي وڏي دعويٰ ڪندڙ دوستو!
    اچو ڪجهه اسان جي پُٺي تي ڏِنل ويساهه گهاتين جي خَنجرن جا چَهڪ به ته ڏسو!!
    • مَنوا!! هن دوستي جي رشتي جي دل ۾ آخر ڪهڙي اَنا جو خنجر کُپي رهيو آهي،
    جو سڀ اُجرائپون رَتورت نظر اچي رهيون آهن.
    • سوچ جي سوڙهين گهٽين مان هميشه گمراهين جا ئي گس نڪرندا آهن!!
    اهڙين سون سريکين، سڀاويڪ سٽن جو سَرجڻهار اياز امر شيخ، پنهنجي ادبي سفر جي ٽئي 3 ۽ نثر جي پهرين ڪتاب ”ٽٽل ٽڪرا وجود جا“ ۾ اکر اکر ۾ سُورائيتي سنسار جي سِيرون سِيرون سِرير جي هر جهير هر چيرَ تي پنهنجي پيار جا پَها رکيا آهن. هر اهنج تي سندس جيءَ کي جهٻو ۽ ڄيري کي ڄڀي ايترو ته لُهسايو ۽ لوساٽيون، جو ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ هر احساس سندس ضبط جي اکين ۾ ڄمي ويل ڳوڙهن جو لفظي نقش آهي. هن پنهنجي اَندر جي عاشق جو رومانس ۽ رُوحانيت، پيار ۽ پريت پارکو ذهنن کي چئنچل چَپن جي چُمين جهڙن جذبن سان اَرپڻ ڪري ڇڏيو آهي. اياز جي شاعراڻي اک نه صرف غربت جي گهايل ڪَشتي جهڙن نيڻن جي نياڻن ۾ بيوسي جي آلاڻ ڏِٺي بلڪه دولت جي نشي ۾ ڌت بي حِسين جي ڪٺورتا کي به مزاحمتي ۽ تنقيدي تشبيهن جي تيشي سان ڀَور ڀَور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    ڪٿي کيس پنندڙ ڇوڪرين جي ڇاتين تي عياش اکين جون اُلرون جذباتي ٿيون ڪن ته ڪٿي وري روڊ تي ڏامر پکيڙيندڙ عورتن جي احساسن سان مالا مال هجڻ جي خصلت کي بيان ڪري مَن جي مئل ماڻهن جي ضمير کي دُونڌاڙيو آهي.
    ڪٿي کيس دردن سان ٽمٽار دوزخ جهڙي دنيا ۾ ڪِن ڀاڪرن جي جنت جي حسرت جيءَ ۾ آرزو جي خوشبوءَ جا انگور ڦلاڙيا آهن...!!
    پورهيت جي پگهر کي تازي پَڪل ماني سان مشابهت ڏيندڙ اياز A.C ۾ ويهندڙ ماڻهن جي مَن کي بَهار جي بوءُ کان خالي ڏِٺو آهي.
    هو نه صرف مـﺂذن جي سڻڀي آواز کي ڪَن ڏئي ٿو پر گڏوگڏ مانيءَ لاءِ ماندي يتيم جون بکايل ڪيفيتون به ويچاري ٿو، ڪٿي وري خالقِ ڪائنات سان مخاطب ٿي اُن ڪُک کي پاراتو ڏئي ٿو، جيڪا چند گهڙين جي تسڪين جي نشاني ڪچري جي ڍير تي اڇلائي سماج ۾ پنهنجي سِيل ۽ سَت کي معصوم جيتامڙي جي خون سان وڌيڪ سونهن ڏئي سُرخرو ٿئي ٿي.
    ڪٿي وري عورت سان تلخ ڪلامي ۽ سَرڪش روي سان پيش ايندڙ جُڙتو پڳدارن کي عورت جي ذات ۽ جماليات جي مهانتا ۽ پويترتا جو درس ڏئي ٿو، ڪجهه هن احساس تي به غور جي ضرورت آهي ته:
    • قلندر جي ڌمال تي نچندڙ بي باڪ عورت جا احساس،
    وجد جي ڪيفيت ۾ اچڻ کانپوءِ،
    نينهن جي پاڪ نديءَ مان وهنجي وٺندا آهن...!!!
    مقصد ته اياز جي نثر جي ترتيب ۽ تَرڪيب، خيال ۽ ادائگي، ٻولي، ادب، بي ساخته پڻ، بي باڪي ۽ اگهاڙي سچ کي ڪَڙن لفظن سان بي ججهڪ لکڻ جي جرئت جي تحسين ۽ تعريف، ويچار ۾ ايندڙ وڌاءُ جي هر وَهم کان اُتم ۽ اعليٰ آهي.

    جيئن...
    • سچ جي آئيني ۾ پنهنجي اُگهاڙپ جو عڪس ڏِسڻ لاءِ ڪو به تيار ئي نه هوندو آ،
    باقي ٻين جي شرافت جي بدن تان لباس لاهڻ ۾ ته دير ئي نه
    ڪئي ويندي آهي.
    ۽ هن احساس ۾ ته اياز هڪ اِهڙي حقيقت کي وائکو ڪيو آهي، جنهن کي اسان هر روز ڏسي ڪَنٽار ڪري هليا ويندا آهيون:
    • پنندڙ پوڙهي فقيرياڻي کي خدا جي نالي تي خيرات ڏيڻ بجاءِ معافي جو چيو ويندو آهي،
    پر جوان پينو ڇوڪري جي پوري جسم کي تَڪي ۽
    ڇاتي مٿان حوس جي نگاهن جون آڱريون ڦيرڻ کانپوءِ
    سيٺ مُرڪي عياشي جي احساس ۾ ٻڏي
    وڏي خيرات ڏيندا آهن.
    اهڙي ريت اياز جي باغِ ارم جي پَڪل انگورن جهڙي احساسن ۾ هڪ، رشڪِ فردوس سنڌ ڌرتي لاءِ هڪ امر دعا به ڪنوار جي پيشاني تي جُهومر جيان تجلا پئي ڏئي ته:
    • شل سدائين ڳٽن جي ڳوٺ ڏانهن چُمين جو پنڌ جاري هجي!! (آمين).
    سندس اَهڙي پريم رنگ ۾ رَچيل، راز و نياز جي روح پَرور ساعتن ۾ گهرُيل اهڙي سعادت آميز دعا سان همَه لب ۽ همه دست تي آئون به اِهائي دعا ڏيندس ته،
    اياز اَمر جي تخليقن جي ڪوهه قاف تي سدا شهڪار نظمن ۽ دعاءِ بهار لکڻين جون پَريون مَستِ رقصان رهن، سندس سوچ ۽ لوچ جي ڏيئي جي جوت ۽ جرڪ ڪڏهن جَهڪي نه ٿئي ۽ سندس توسط سان ادبي کيتر ۾ نت نوان شعر و نثر جا قابلِ آفرين مجموعا وجود پذير ٿيندا رهن.
    آخر ۾ آئون کيس اهڙي مختصر، پُراثر ۽ سحرانگيز سٽن ۽ حُسن تحسين تحريرن تي عقدِل سان جَس ڏيان ٿو جو اياز امر ڳڀرو پڻ کان جواني جي اهڙي حساس ۽ حُسناڪ موڙ تي ڪجهه عرصي ۾ ئي مڃتا ۽ سڦلتا جا ڪيئي مرحلا، انتهائي خوبصورتي ۽ سُرخروئي سان طئي ڪري نئين نسل ذهني صلاحيتن ۽ ادبي اهڃاڻن جو جيئرو ثبوت ڏئي، سنڌ ڌرتي جي ڏات ڌڻين جي پهرئين صف ۾ بيهڻ ۽ ڄمي رهڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. خدا کيس عشق، ايمان، ادب، آدرش ۽ احساس سميت سدا سلامت ۽ شاد رکي. آمين.


    مير الهرکيو ڀنڊ
    چوهڙ جمالي


    پنهنجي پاران

    مُئل مُرڪ جو درد

    ٽُڪرن ۾ ورهائجي ويل وجودن کي ميڙڻ ۽ ملائڻ لاءِ محبتن جي هٿن جو هڪ ٿي پوڻ ئي سڀ ڪُجهه آهي.
    ڌرتيءَ تي ڪريل هر تازي رَت جو ڦڙو پنهنجي پيار جو پنڌ پڇائي رهيو آهي،
    دربدريءَ جي ڌوڙ ۾ اُڇلائجي ويل حُسناڪيون سراپا ماتم ٿي وينديون آهن،
    روح تان روهڙجي ويل خوشين جا زخم اڃا تائين زندگيءَ کي زرد بنائي رهيا آهن،
    ساهن جو سلسلو سور جي سفر جو سڏ بڻجي ويو آهي، مُحبتون بي مُلهه ٿي مري رهيون آهن،
    اُجرائپ جي جسم تان واهياتپڻي جي وحشي نگاهن حوس جي هٿن سان سمورا ڪپڙا چيهاڙي اُگهاڙپ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي،
    دليون درد ۾ ڌڳي رهيون آهن، اکين جا آگم پلڪن جي پاندن تان لڙي لاش ٿي رهيا آهن،
    سرد رات ۾ سُڏڪن جا آواز اڪيلائيءَ جو اُماس آسمان بڻجي ويا آهن،
    جن کي ڪو به ڀاڪُرن ۾ ڀرڻ لاءِ تيار ئي ناهي هر ويل واويلا جي ويس ۾ ويڙهجي وسامي رهي آهي، ۽ اُداسپڻا راحتن کي رُڃ جون رولاڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان ڪنهن به سُٺائيءَ جو سج اُڀرندي نظر ئي نٿو اچي،
    خارش ۾ ورتل ڪُتن جهڙا ته ڪئين سهڪندڙ ڪردار نه چاهيندي به نظر اچي ٿا وڃن، پر وفا ۾ ويڙهيل ڳهريل ڳالهين جا ڳوٺ ڳوليندي ڀي نٿا ملن،
    وارن ۾ ويڙهيل سڳيءَ جي سونهن جو قسم!
    بيوفائين باکن جهڙا بدن برباد ڪري ڇڏيا آهن، خوبصورتيون خودڪشيءَ جي خيال ۾ ختم ٿي رهيون آهن،
    سجدن جهڙا صبُح بي وضوع ٿي ڀيلجي رهيا آهن،
    عبادتن جا ايمان نينهن جون نمازون وڃائي ويٺا آهن،
    حسرتن جا هنئيان منزلون ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي اپاهج ٿي رهيا آهن، انتظاريءَ جي اوٽ ۾ اوجاڳيل وفائون وڇوڙن جي واٽن تي وڃائجي ويون آهن،
    چڳن جا چاڳ آڱرين جو عشق وڃائي ويٺا آهن، هر راهه تي رات جهڙي رهزني پنهنجا وار وڇائي ڇڏيا آهن، مُئل مُرڪ جي درد کي ڪوبه وضاحتن جو ويس پارائڻ لاءِ تيار ئي ناهي،
    سڄو ماحول ڪرڀ ناڪ ۽ رَت مان ٻُڏل رڙ جو تسلسل بڻجي تڙپي رهيو آهي،
    آخر ڪهڙي احساس کي اکين تي رکي چپن جي چُمي ڏجي!
    جو سڀ واحياتپڻا وسامي وڃن ۽ چاهتون اُميد جي اُڀ ۾ چنڊ ٿي اُڀرڻ لڳن، مُحبتن جا من نينهن جي نديءَ ۾ وهنجڻ لڳن، پنهنجائپون هر پليتيءَ جي پاڇي کان پاڪ رهڻ لڳن،
    ها پر ڪير سمجهائي هن وقت جي وحشتن کي جن جي هٿن ۾ کنيل خنجرن مان هر وقت هڪ نئين معصوميت جي سچائيءَ جي قتل جو خون ٽمي رهيو آهي، جنهن جو خوف هر گهٽيءَ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي، ڪا به وارثي انقلاب جو آواز ٿي اُٿڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ها تڏهن ته بيحيائين جا ڀاڪُر جوڀنن کي جنجهوري بي چسو بنائي رهيا آهن، هر ڪلي ٽڙڻ کان اڳ ۾ مُرجهاءُ جي تصور ۾ تڙپي مري رهي آهي، انصاف جون اکيون ايئن انڌيون ٿي ويون آهن، جيئن ڪو نابين انسان اوپري شهر جي رستي تي چڙهي دربدريءَ ڏي ڌڪجندو رهندو آهي، ماڻهن جا احساس به ايترا ته انڌا ٿي چُڪا آهن، جو غربت جي بُکايل پيٽ کي ماني جي گراهه جيتري به آٿت ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ٻار مائرن جي سُڪل ٺوٺ سنڌوءَ جهڙي ڇاتيءَ ۾ نهاري تڙپي هميشه لاءِ ننڊ سُمهي رهيا آهن، اوجاڳا اکين ۾ پنڌ ڪندا ٿا رهن، رات جهڙا ڀيانڪ بور لمحا سانجهه جهڙي سنڌوري سينڌ کي لتاڙي پکين جي اکين ۾ ڀي اُداسيءَ جو احساس ڀري رهيا آهن، هر اُڀرندڙ ٻوليءَ کي گوليءَ جو گهاءُ چيري رهيو آ، سنڌ جي هر روز زخمي ٿيندڙ ڇاتيءَ مان رَت ٽمي رهيو آهي، جنهن جي خوشبوءِ ڪنهن کٿوريءَ کان گهٽ نه آهي، شهادتن جا شرف ماڻيندڙ منهنجي ڌرتي اڄ به آزاديءَ لاءِ پنهنجا نيڻ انتظاريءَ جي اُس ۾ وڇايو ويٺي آهي، جنهن جي هر حقيقت هڪ ڏينهن حُسن جو گُلاب ٿي ڦٽڻي آهي.
    ڇو جو بارش کي ڪنهن به تلوار يا تير سان روڪي نٿو سگهجي!
    ها اهڙي ئي ريت آزاد هوائن کي ڀي ڪنهن کولي ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي.!
    انسان جيڪڏهن فحاشيءَ ۽ فريبيءَ جي رستن تي رُلڻ بجاءِ فرشتن جهڙا فرض سرانجام ڏيندو رهي،
    ته شايد ڪڏهن به ذلالتن جي ضعيفيءَ ۾ مرڻ جهڙن موضوعن تي گفتگو ڪرڻ به گواراهه ئي نه لڳي.
    هر ٽُٽل احساس جي ٽُڪرن کي ميڙڻ ئي سڀ کان وڏي مُحبت آهي، ها اهڙين مُحبتن کي ماڻڻ لاءِ مون هينئين جي هٿن سان هي نثري احساسن جو سپنو سَرجيو آهي، جنهن جي سينڌ ۾ ساڀيان جو سنڌور سجائڻ اوهان باذوق هٿن جي وس جي ڳالهه آهي، ڏسڻو فقط اهو آهي ته اُهي ٽُٽل ٽُڪرا وجود جا ڪيترين وفائن جا وجود ٿا جنمي سگهن!
    آئون محترم سائين رسول بخش درس جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن طبيعت جي ناساز موسم ۾ ڀي منهنجي ڪتاب کي مهاڳ جي منزل ڏني ۽ پنهنجي پياري دوست مير الهرکيو ڀنڊ جو ڀي تهه دل سان شڪرگذار آهيان جنهن چند ڏينهن ۾ لفظن جي اُجرائپ جو آسمان اڏي منهنجن احساسن کي چنڊ جي چانڊوڪيءَ جيئان پُرنور بنايو، ۽ ادب جي چمڪندڙ ستاري ايوب کوسي جو ڀي شُڪرگذار آهيان جنهن منهنجي وکريل احساسن جي اکين تي قلم جي چَپن جون چُميون رکي بيڪ ٽائيٽل جي ڀاڪرن سان ڀيٽا ارپي انهي سان گڏ ديدار شاهه جو ڀي ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب کي سٺن لفظن جي چٽسالي جو حُسن پُڻ ڏِنو ۽ آئون انهن دوستن جو ڀي ٿورائتو آهيان جيڪي مونسان احساسي طور هر وقت گڏ رهيا،
    ۽ آخر ۾ اُن قابل احترام شخصيت محترم يوسف سنڌي جو ڀي ٿورائتو آهيان جنهن هي سڄو ڪم سخاوت ۽ سچائيءَ سان ڪري منهنجي احساسن جي ٽُڪرن کي ميڙي هڪ مُڪمل ڪتاب جو وجود بخشيو.
    چوندا آهن ته مُنافقيون مُحبتن کي ماري ڇڏينديون آهن،
    پر آئون پوءِ به اهو چوندو آهيان ته چاهتون وري به چنڊ جيئان چمڪي حقيقي حُسن نِکاري وٺنديون آهن.


    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
    محبتن ۾ ياد

    اياز امر شيخ


    اُس جو درد

    • اُس جو درد، ڇانوَ جي ڇاتيءَ ۾ خنجر جيئان کُتل آهي!
    سوڪهڙي جو سفر سُڃ جنمي رهيو آهي!
    بهار ٿيڻ لاءِ بدن اُڃ اُجهائڻ جي احساس ۾ ويڙهجي ساڻا ٿي پيا آهن!
    پر بارش ڪنهن به بدن کي ڀاڪُرن ۾ ڀري ڀڄائڻ لاءِ تيار ئي ناهي!
    آخر ماجرا ڇا آهي!؟
    جو گُلن جي چَپن تي پوپٽن جون چُميون نظر ئي نٿيو اچن!
    سُڪل وڻن جي اُداس ٽارين کان پکين جا پيرا وڃائجي ويا آهن.
    ڪا به شام شرنائي جي شور ۾ شرمائل نظر ئي نٿي اچي!
    اکين جا اوجاڳا مُئل مُحبتن جي خوابن جو رت روئي رهيا آهن!
    ڪنارا پاڻيءَ جو پيار ساري ٻيڙين کي ٻانهن ۾ ڀرڻ لاءِ بيتاب نظر اچي رهيا آهن،
    پر پوءِ به الاءِ ڇو رُتن ۾ راحت ٿي ڪابه خوشبوءِ کلڻ لاءِ تيار ئي ناهي؟
    ۽ ويتر اُداسپڻا ساهن سان سلهاڙجندا پيا وڃن
    جيڪي زندگيءَ کي فنا تائين پهچائڻ لاءِ مُسلسل پنڌ ڪندا ٿا رهن...!
    • اي دوست اهو جيڪو تنهنجي هٿ ۾ لڪيل خنجر آهي.
    سو ڀلي تون سامهون کڻي سڄو منهنجي سيني ۾ کپائي ڇڏ،
    اِن سان مونکي ڪابه تڪليف نه ٿيندي
    ڇو جو تنهنجا، منهنجي پٺيءَ تي ڏنل سمورا چهڪ اڃا تائين چَڳي رهيا آهن.
    جن جو درد دشمنيءَ جي گهاءُ کان به گهرو محسوس ٿيندو آهي،

    • منهنجي وجود جا ٽُٽَل ٽُڪرا اڄ به پنهنجو پاڻ کي ڳولي رهيا آهن،


    چُميءَ جي ڀيٽ

    • مون جڏهن به ڪنهن چاهت کي چُميءَ جي چنڊ جي ڀيٽا ڏني آهي
    ته راتين جا روح رڙي اُٿندا آهن
    ۽ ماحول سوڳ جي سفر ۾ وڃائجي ويندو آهي
    نفرتون نئين سر ڏنگڻ لاءِ طريقا تلاش ڪنديون رهنديون آهن!
    پر پوءِ به الئه ڇو آئون گوتم ٻُڌ جي گيان جيان چاهتن جي چَڳن جي واس ۾ ايترو ته ويڙهجي ويندو آهيان،
    جو ڪنهن به خوف جو خيال هانوءَ ۾ هٿوراڙيون پائڻ جو نانءُ ئي نه وٺندو آهي،
    ۽ آئون ويتر ڳالهين جي ڳوٺ جي ڳهر ۾ ڳڱاٽجي ويندو آهيان.

    • جيترو عشق تنهنجي اکين مان اُڇلون ڏئي ظاهر ٿي رهيو آهي،
    اوتري ئي سڪ منهنجي ساهن سان سلهاڙيل آهي.

    • تون چهري تان نقاب هٽاءَ يا نه هٽاءَ؟
    ان سان ڪو به فرق نه پوندو،
    ڇو جو تنهنجي هڪ نگاهه جي حُسن ئي هينئن کي هرکائي وڌو آهي.


    ستارن جو سڏ

    • تون جڏهن به مُنهنجي اڳيان گرم جوڀن جا کُليل ڀاڪُر کڻي گُذرڻ لڳندي آهين،
    ته منهنجي روح کي جنوريءَ جي سرد رات جهڙو سيءَ ستائڻ لڳندو آهي،
    ۽ آئون ويتر بيقراريءَ جي برف ۾ ڄمي خودڪشي ڪندڙ ستارن جو سڏ بڻجي ويندو آهيان...!

    • جيڪڏهن آزاديءَ جي منزل اڃا ڪافي اڳتي آ،
    ته پوءِ هن پنهنجي ديس واسين جي دلين جا پيرا ايڏا پُٺتي پيل ڇو آهن!؟


    سنگتراش

    • ها، هو سنگتراش جيڪو پٿرن جون ڇاتيون ڇلي اُن مان مورتين کي مُحبتن سان ماڻڻ جو ڀرپور ڏانءُ ڄاڻندو هو!
    سو بُک ۽ بدحاليءَ جي سٽَ نه برداشت ڪري سگهڻ تي ضعيفيءَ ۾ ڪافي سالن کان وٺي تڙپي تڙپي لاوارثيءَ جو لاش بڻجي ويو هو! جنهن جي ڪفن ۽ دفن جا پئسا به چندو ڪري گڏ ڪيا ويا هُئا!
    ڪلهه خبر پئي ته انهي سنگتراش جي هٿن سان تراشيل هڪ شاهڪار مورتي مندر ۾ ڀڳوان جي روپ ۾ رکيل آهي!
    جنهن جي پوڄا لاءِ هزارين ياتري پرساد جا ڀريل ٿالها کڻي ڀڄن ڳاءِ اُن سنگتراش جي هٿن سان تراشيل ڀڳوان کي وڏي ڀيٽا ڏيڻ لئه گڏ ٿيندا آهن.!
    • تون اچي مون مٿان ستارن جو ڀريل آسمان ٿي وڃ!
    ۽ آئون تو ۾ هر رات چنڊ ٿي اُڀرندو رهان...!!

    • واهياتپڻي جي ويس ۾ ويڙهيل دور جي سيني ۾ ڪا دل ئي نه هوندي آ!
    جنهن جي وضاحت به خوشيءَ جي ساهه ۾ کُتل خنجر کان گهٽ نه آهي!

    • مان هر درد جو درياهه جهاڳڻ لئه تيار آهيان،
    ها پر تنهنجي دوريءَ جي هڪ ڇولي به ڇاتيءَ تي برداشت نه ڪري سگهندس.

    • تون هر وقت جيئڻ جي جذبي کي جوان رکجان
    ۽ ڪڏهن به اُميد کي مايوسيءَ جي موت سان مرڻ نه ڏجان
    ڇو جو مُحبتن جي فنا ئي زندگيءَ جي بقا کي ڀيلي ڇڏيندي آ

    • هوءَ ڏس سنڌ سڄي سور ٿي وئي آهي،
    ۽ تون اڃا به نيڻن مان ننڊ ڪڍي اُڇلائڻ لاءِ تيار ئي ناهين!


    سراپا سچ

    • جيڪڏهن تون روحن جي رمزن کي ڄاڻڻ ٿو چاهين،
    ۽ پکين جي ٿڪل اکين کان وٺي پَرن جي اُڏارن جو احساس محسوس ڪرڻ ٿو چاهين؟
    ۽ اڃا به جي دلين جي درياهن ۾ دلبريءَ جي ڇولي ٿي ڇُلڻ ٿو چاهين!؟
    ته پوءِ منهنجي مڃ!
    هڪ ڀيرو عشق جي اکين جو گُلابي خواب بڻجي وڃ
    پوءِ ڏس ته پيار جون انتظاريون ڪيئن ٿيون تنهنجي واٽ تي وار وڇائي ويهي رهن
    هر صبح جا سُڳنڌي سويرا توکي تاريخ جو نانءُ بنائڻ لئه بهار بڻجي ڪيئن ٿا بيقراريءَ جي بارش ۾ ڀڄن.
    ۽ وقت تنهنجي وضاحت جا سهرا سرتي سجائڻ سان گڏ سڀ سليقا پاڻ سان سرچائي وٺندو
    سڦلتائون تنهنجي سونهن جو سينو چُمڻ لاءِ چنڊ ٿي اُڀرڻ لاءِ اتاوليون ٿي پونديون،
    جڏهن تون ويساهه جو ويس پائي وشواس جي وهڪرن ۾ وهنجڻ لڳندينءَ
    ۽ پريتون تنهنجي چَپن جو چنگ بڻجي ٻُرڻ لڳنديون،
    هر راهه توکي ڏياريءَ جي ڏيئي جا روشنيءَ جو راڳ سمجهي ساهن ۾ سمائڻ لڳندي،
    ۽ تون گلين ۾ گيت بڻجي گونجڻ لڳندينءَ،
    ها پر ان ايڏي وڏي اُجرائپ ماڻڻ کان پهرين توکي هڪ سراپا سچ ٿيڻو پوندو!
    ۽ اُهو وچن ڏيڻو پوندو!
    جيڪو ڪنهن به وفا کي وڪڻڻ جو واپار ڄاڻيندو ئي نه هُجي...!

    • هو ڏس ديوارن تي لکيل انقلابي نعرا هر وقت جاڳي رهيا آهن!
    ۽ تون ازل کان وٺي نڀاڳ جي ننڊ مان اُٿڻ لاءِ تيار ئي ناهين!


    آجپي جو گس

    • وقت جي وحشي واڇن مان رَت رڙيون ڪري ٽمي رهيو آهي،
    ۽ بدحواسي ايترو ته ماحول کي معزور ڪري ڇڏيو آهي جو ڪٿ به سڪون جي سلامتيءَ جو سج اُڀرندي نظر ئي نٿو اچي
    راتيون رُسوائين جا راڳ ڇيڙي چانڊوڪين کي چهڪ ڏئي بي ست بڻائي رهيون آهن.
    چڪور چنڊ کي ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي ماريا ويا آهن.
    مُحبتن جا من ڪيڏا نه آنڌ مانڌ ۾ اچي اُداس ۽ اڪيلا ٿي پيا آهن.
    جن جي چَپن تان مُرڪن جي مهڪ به زوري رهزنن روڙي ورتي آهي.
    ۽ سمورا عشق انا جي آويءَ ۾ اُڇلائجي رهيا آهن
    جن جي وارثي ۽ وضاحت لاءِ ڪابه جُرئت جوان ٿي وقت جي وحشت سان اکيون اکين ۾ اٽڪائڻ لاءِ تيار ئي ناهي،
    ۽ سوڳ ويتر ساهن سان سلهاڙجندا وڃن ٿا
    جن مان آجپي جو ڪو گس نظر ئي نٿو اچي...!


    اُڃ جو احساس

    • تون جڏهن به اُڃايل هرڻيءَ جهڙيون نگاهون کڻي مونڏانهن ڏسڻ لڳندي آهين!
    ته منهنجو من سنڌوءَ جي مست ڇولين جيئان ڇُلڻ لڳندو آ،
    ۽ سالن جي سُڪل چپن مٿان پيار جو پاڻي پلٽي اُڃ جو احساس مٽائڻ لڳندو آ
    ڀاڪُر به توکي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سڪ جو کُليل سڏ ٿي پوندا آهن،
    پر پوءِ به الئه ڇو تون ڇلانگون ڏيندي دور هلي ويندي آهين!
    ۽ منهنجو سمورو ڪُجهه پل اڳ سرسبز ٿيل روح ٻيهر ريگستان بڻجي ويندو آهي
    جنهن جو درد هر وقت هينئن تي رهنڊڙا وجهندو رهندو آهي.


    ماڻهون

    • ماڻهون ته جسمن جو واپار ڪندي به شرم ئي محسوس نه ڪندا آهن.
    ۽ اسان ڪنهن ڪُنواريءَ جي نيڻن ۾ نهاريندي به الائي ڇو شرم ۾ ويڙهجي وسامي ويندا آهيون.

    • ماڻهون وئشيا جي جسم مان عياشيءَ جون اکيون ته ٻوڙي وٺندا آهن.
    پر ڪڏهن به اُن جي مجبوريءَ کي محبوبيت جي نگاهه سان ماڻڻ جو شرف حاصل ئي نه ڪندا آهن
    ۽ ان اڌ صديءَ جيڏي اڻپورائيءَ جي احساس جو درد يقينن ڪنهن وڏي الميي کان گهٽ نه آهي...!

    • ماڻهن جي نظر ته جسمن جي جوانيءَ کان وٺي اُرهن جي اُگهاڙپ تائين ڊوڙندي رهندي آهي،
    پر مونکي ته طوائف جي اڏي تي وڇايل تڏي ۾ به بُک نظر آئي آهي،
    جيڪو موت جهڙي مُفلسيءَ جي بُکايل پيٽ کي پالڻ لاءِ هر وقت لتاڙجندو رهندو آهي...!


    انقلاب

    • جيڪڏهن تون سراپا انقلاب بڻجي سنڌ جو سڏ ٿيڻ چاهين ٿو؟
    ته پوءِ تون اُن سچ جو سينو بڻجي وڃ
    جنهن ۾ ڪنهن به ڪوڙ جو ڪان کُتل ئي نه هُجي
    ۽ ويساهه گهاتيءَ جو گهر اڏيل ئي نه هُجي،

    • سياري جي صُبح جا خُماريل نيڻ به ڪنهن سانوريءَ جي سڏ کان گهٽ نه هوندا آهن.

    • عشق عبادت جو ٻيون نانءُ آهي.

    • هر ڪويءَ جي زخمي تحرير جي تڙپ ۾ حقيقت جو حُسن ڪُٺل هوندو آهي.


    اکين جو عشق

    • ها آئون ته فقط اُنهن ئي پيرن کي چُميون ڏيئي اکين جو عشق بڻائي ڇڏيندو آهيان،
    جيڪي پير آزاديءَ جي راهه ۾ رهبريون ڪندي رتو رَت ٿي پوندا آهن.

    • ماڻهون ته نئين سال جي آجيان کي به ايترو ته بارود سان ڀيلي ڇڏيندا آهن،
    جو نئين سال جي امن جو نياپو ڏيندڙ سج به سڄو رت مان ٻُڏل نظر ايندو آهي.

    • تو مونتي ايترا ته وحشتن سان وار ڪيا آهن،
    جو منهنجو سنَڌ سنڌَ،
    هاڻوڪي سنڌ جيان ساڻو ٿي پيو آهي!

    • جيڪڏهن تون مون اڳيان شراب جي ڀريل بوتل بڻجي وڃين،
    ته هي منهنجا پير مئخاني جي گهٽيءَ جو گس ئي ڀُلجي وڃن...!


    ڀاڪُرن جي جنت

    • هڪ هيءَ دُنيا جيڪا مونکي بار بار دردن جي دوزخ ڏانهن ڇڪي رهي آ!
    ۽ ٻيو تون جيڪو مونکي ڀاڪُرن جي جنت ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهين.

    • اي اياز!
    جن اديبن جا اڻ ڇپيل احساس دربدريءَ جي ڌوڙ ۾ ڌُنڌلائجي هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا آهن،
    تن جا ته روح هر وقت مٽيءَ ۾ به ماتم ڪندا رهندا آهن.

    • پنندڙ ڇوڪرين جي ڇاتين تي حوس مان ڀريل عياش اکيون اُڇلائيندڙ ماڻهو!
    ڪيڏي نه پنهنجي گهر تي غيرت جي گرم اک رکندا آهن..!

    • منهنجو من ته ازل کان وٺي اُڃايل آهي
    تون ٿورو ويجهو اچ ته تُنهنجي اڻ پيتل جوڀن جي ڀريل پيالي مان سرور جون سُرڪيون ڀري،
    اُڃ جي احساس کي اندر مان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيان.

    • ڏامر جي روڊ تي مزدوري ڪندڙ غريب عورتون ايتريون ته احساسن جون امير هونديون آهن،
    جن جي خالي پگهر سان به من جي مُئل ماڻهن کي ڀيٽا ڏيڻ گواراهه ئي نه لڳندو آهي..!

    • اي ڪوي! ڇا تنهنجن نظمن جا نيڻ تڏهن کُلندا!
    جڏهن هي ستارن سان ڀريل آسمان پنهنجي سموري سونهن وڃائي ويهندو!

    • اياز!
    آخر ڪنهن سان عشق جو احساس ونڊجي،
    هتي ته هر ماڻهو پنهنجي دل جو درد روئي رهيو آهي!

    • اچو ته اُن اميريءَ کي ئي الوداع چئي ڇڏيون،
    جنهن اندر ڪنهن به صداقت جي سونهن جو سفر ئي نه هوندو آهي،
    ۽ اُن کان بهتر آهي ته اُن غريبيءَ جو ئي گيت بڻجي وڃون،
    جنهن جو ايمان هر وقت اُجرائپ سان ڀرپور هوندو آهي..!

    • اي اياز
    منهنجي ته من ۾ هر وقت موهن جي دڙي جيان ڀٽون ڀرنديون رهنديون آهن!
    ۽ آئون اُن آثارِ قديمه جيئان مڪمل ڊهي پيو آهيان!
    جنهن جو مُلهه اڄ جي ماڻهن وٽ ڦڪي مُرڪ جيترو ڀي ناهي!


    تازي پڪل ماني

    • تون سڄو ڏينهن ’اي سي‘ ۾ ويهڻ کان پوءِ به پنهنجي بدبوءِ دار پگهر کي پرفيوم سان به لڪائي نه سگهندو آهين،
    ۽ هوڏس پٿر ٽوڙيندڙ غريب پورهيت!
    جنهن جي پگهر مان هر وقت تازي پَڪل مانيءَ جهڙي خوشبوءِ ايندي رهندي آهي!
    • جنهن ديس جي ماڻهن جي ذهنن جو شعوري ڏيئو ئي وساميل هُجي،
    اُتي ته ڏينهن به رات جهڙو لڳندو آهي..!

    • پاڻ اُن اُداس ناول جا ٻه الڳ ڪردار ٿي ويا آهيون،
    جنهن کي اڪيلائپ ويجهو اچڻ ئي نٿي ڏي.

    • واٽ تي انتظاريءَ جا نيڻ وڇائي ويٺل وڻجارين جا ور!
    اڄ به بُکئي پيٽ لاءِ سمنڊ جي ويرن سان وڙهندي وڃائجي ويا آهن.
    جن جي ڳولا به فقط ونين جي ڳلن تان ڪريل ڳوڙهائي ڪري رهيا آهن.

    • تون گُلن سان ڀريل روهيڙي جو وڻ ٿي وڃ!
    ۽ آئون تو ۾ ٻاٻيهو ٿي ٻوليندو رهان..!!


    نظمن جا نيڻ

    • تون جيڪو زوري شُهرت ماڻڻ لاءِ پنهنجي گلي ۾ گيتن جا گُلاب پارائيندي به ڏينهون ڏينهن پُٺتي ڌڪجي رهيو آهين!
    ۽ هوڏس تتل واريءَ تي لڳل پاڻيارين جي پيرن جا نشان ڪيڏي ته نوڙت ۽ نزاڪت سان ڪويءَ جي نظمن جا نيڻ بڻجي ويا آهن!
    جن کي ڪنهن به شهرت جي طلب ئي نه هوندي آهي..!!

    • عشق ڪڏهن به ڪنهن مذهب جي دائري ۾ دفن ناهي ٿيو.

    • وِڇوڙي جو درد ته زندگيءَ جي ڳچي ۾ نانگ جيان ويڙهجي ويو آهي
    پر اڃا ته ڪٿي به مُحبتن جي وفا جي مُرلي ٻُڌڻ ۾ ئي نٿي اچي!

    • پَکي وڍيل وڻن جا ساٿ ساري پنهنجي سيني تي پَر هڻي ماتم ڪري رهيا آهن!
    ڇو جو اُنهن پَکين جي اڏيل گهرن (آکيرن) وارا وَڻ ڀي اڄ جي وحشي ماڻهن وڍرائي پنهنجي آسائش لاءِ پلنگ ۽ آرام ڪُرسيون ٺهرائي ڇڏيون آهن!

    • يا خُدا!
    جن ماڻهن جي منن ۾ مُحبتن جي جنت جُڙيل نه هوندي آهي
    ڇا تن جي دلين ۾ تون جيئري ئي دوزخ ٺاهي ڇڏيندو آهين!؟


    اُداس لاش

    • اسانجي رهبرن جا روح ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ آرام ڪري رهيا آهن،
    منشور ڄڻ ته موڪل تي ويل هجن،
    آزادي انتظاريءَ جي اُس ۾ سڙي ساڻي ٿي پئي آهي،
    ۽ سنڌ اُداس لاش جيان لاوارث ٿي لتاڙجي رهي آهي!

    • اياز!
    ڀٽائيءَ جا بيت پڙهي سنڌ جي نالي تي سياست ڪندڙ سامراجي وڏيرن جا ته سڀئي روپ،
    مُفلسيءَ جي رت مان رڱيل نظر اچي رهيا آهن!

    • اڄ الئه ڇو تُنهنجي پيار جي پناهن کان پري ٿيل منهنجي زندگيءَ جون سموريون خوشيون،
    ٿر جي مارجي ويل هرڻ جي کُليل ۽ حراسيل اُداس اکين جهڙيون ٿيون لڳن...!!

    • بدذوق ماڻهوءِ هٿان بندوق جي فائر سان مارجي ويل اُڃايل هرڻ جي رڙ!
    اڄ به منهنجي روح مٿان ڪنهن چچرَيل ٿيل لاش جيان پيل آهي!
    جنهن مان هر وقت تازو رت ٽمندو رهي ٿو..!

    • کُڙ کُٻيتن ڀي رات جو رُلڻ ڇڏي ڏِنو آهي!
    ڇو جو هاڻ رات ڀي هٿ ۾ رهزنيءَ جو خنجر کڻي رت پياڪن جي سٿ ۾ شامل ٿي وئي آهي!


    آواز / اگهاڙي نظر

    • مسجد مان مؤذن جو آواز ڪيڏو نه سڻڀو پيو ٻُڌڻ ۾ اچي،
    ۽ پاڙي ۾ ڪلهه جو يتيم ٿيل ٻار ڪيڏو نه مانيءَ لاءِ ماندو ٿي مري رهيو آهي!...

    • اسان ته دڳن ۾ مارجي ويل ديس جي دانهن جو اُهو درد آهيون،
    جن کي وارثيءَ جو ڪفن ڀي وڏي مُشڪل سان نصيب ٿيندو آ.

    ------------------------------------
    اُگهاڙي نظر

    • وحشي وقت جي اُگهاڙي نظر ته گُلن تي ڀي الزام هڻي رهي آهي،
    ته هوائن گُلن جي جسم سان ڇهاءُ جو ناجائز رشتو جوڙي ورتو آهي!
    اها ڳالهه ٻُڌي ڀونئرا تپي ڳاڙها ٿي پيا آهن،
    ۽ بهار جي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائي انصاف لاءِ اتاولا نظر اچي رهيا آهن،
    جڏهن ته نفرتن جي اُگهاڙي نظر هر روز طنزيه ٽهڪ ڏئي تماشائي بڻجي تضاد وڌائيندي ٿي رهي.

    • آهي ڪو اهڙو انسان؟!
    جيڪو وقت جي خوني هٿن مان خنجر کسي،
    تازي لڳل رت جا نشان ڌوئي،
    اُجرائپ جو احساس ڏياري
    امن ۾ اضافو آڻي.!

    • آزاديءَ جي راهه ۾ نڪتل سنڌ جو هر سپنو،
    روز ديش دروهين جيئان ماريو ويندو آهي،!

    • اي سنڌ!
    جڏهن به تنهنجي سورن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم،
    ته قلم جي زبان سهڪڻ لڳندي آهي،
    ۽ آڱريون به سگهه وڃائي ساڻيون ٿي پونديون آهن!....

    • اي خالقِ ڪائنات!
    اُن ڪُک کي ڪڏهن به سائو نه ڪجانءِ!
    جيڪا پنهنجي پاپ کي لڪائڻ لاءِ معصوميت جي سُندر گُل کي ڪوڙهه جهڙي ڪچري جي ڍير تي بيدرديءَ سان اُڇلائي پاڻ آزاد ٿي ويندي آهي.


    اڄ

    • اڄ به ذليل حرڪتن جي هُل ۾
    پيار جون حُسناڪيون هرڻين جيان هيسجي جان بچائڻ جي جاڳ ۾ جَلي رهيون آهن.

    • اڄ به داڻي جي تلاش ۾ نڪتل جهرڪي خود بُکايل ۽ وحشي باز جي چَنبن جو گراهه ٿي وئي آهي!

    • جيڪڏهن زمين کي زبان هُجي ها ته!
    هر بيگناهه دفن ٿيل لاش جي دل جو در کولي،
    ڪميڻپن جو مُنهن ڪارو ڪرڻ ۾ ڪا به دير نه ڪري ها.

    • هن بدذوق دور ۾ محبتن جي مُرڪ جو زندهه رهڻ يقينن ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آ.

    • اچ ته توکي پيار جو ڀاڪُر پائي مُحبتن جي مڃتا ڏيان!

    • دلين جي درد کي عشق جو احساس ئي ڄاڻي سگهندو آ!
    هن منهن روٺ بي سُڌ روحن کي ڪهڙي خبر ته مُرڪ جو مري وڃڻ ڪو گهٽ سانحو نه آهي!.

    • الئه ڇو عورت جي اکين ۾ عشق جو مُرڪندڙ احساس مَڌ جي ڀريل پيالي جيان پيو لڳندو آ!

    • بارش ۾ ڀنل جسم جي جوانيءَ تي،
    چولي جا چُهٽيل چپ ڄڻ ته ڪا وڏي پياس پيا اُجهائيندا آهن.!

    • وقت جي ٻانهن مان ڄڻ ته چاهتن جا چوڙا ٽُٽي ٽُڪرا ٿي پيا آهن! تڏهن ته نفرتون روحن تي روهنڊڙا وجهي روز نئون ماتم برپا ڪري ڇڏينديون آهن.

    • تون مومل جهڙو منڊ منڊي منهنجي مُحبتن کي ڪڏهن به آزمائش جي اکين سان نه ڏسجان!
    متان آئون راڻي جيان توکي ماڻڻ کان پوءِ به رُسوائيءَ جي راتين ۾ رُئندو ئي رهجي وڃان.!


    نم جي ڇانوءَ

    • تون ته قيمتي ۽ نرم بستري تي به لُڇندي ٿو راتيون گُذارين،
    هو ڏس نم جي ڇانوءَ هيٺان پوڙهو ڪيڏي نه سڪون واري ننڊ سُتل آهي.!

    • هل ته هن درد جي ڌوڙ مان اُٿي ڪٿ مُحبت جي ڪا موسيقي ٻُڌون!

    • ماڻهو پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ ته ايمان به وڪڻي ڇڏيندا آهن،
    پر الئه ڇو گٽر ۾ ڪري پيل تازي گُلاب کي ڪڍڻ کان ڪيٻائي ويندا آهن!؟

    • هر دل کي درد جو سُرو لڳل آ!

    • بدبوءَ مان ڀريل گٽر جهڙي سماج مان آخر ڪهڙي سُٺائيءَ جي اُميد رکجي؟
    • محبت جون موسمون ڄڻ ته وڪيشن تي ويل هُجن،
    ۽ درد وڏي دهشت سان دلين مٿان ڌاڙا هڻي هر خوشبوءَ ٿيل خواب کي بي خوف ٿي ڀيلي رهيا آهن!؟


    لاوارثي

    • لاوارثيءَ جي لاش کي آخر ڪهڙي قبر ۾ دفن ڪجي،
    جو هر مُئل دل به ڌڙڪي وارثيءَ جي وضاحت جا در کولي ڇڏي.

    • آئون ته موئن جي دڙي ۾ دٻجي ويل اُن دلبريءَ جي دانهن آهيان
    جنهن جي هر آس عشق جي اُڀ کي ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي مري وئي آهي!

    • پنهنجي پَڳ کي بچائڻ جي چڪر ۾،
    هاڻ ته اسان کان سُٿڻن جا سَر ئي وِسري ويا آهن!


    عورت

    • عورت سان سينو تاڻي ڳالهائيندڙ مرد ۾ ڪنهن به قسم جي شعوري مڙدانگي نه هوندي آ!

    • عورت کي فقط عياشيءَ جو اڏو سمجهندڙ نادانو!
    عورت سڪون جي سلامتيءَ جو گهر آ!
    عورت عشق جي عبادت جو آغاز آ
    عورت روح جي تازگيءَ جو راز آ
    عورت پيار ڏي پاڪائيءَ جو پنڌ آ
    عورت جذبن ۾ جماليات جو احساس آ
    عورت اُميد جي اُجرائپ جو آڪاس آ
    عورت بهار ۾ تازو ٽڙيل گُلاب آ
    عورت موتئيءَ جي مهڪ جو شباب آ
    عورت روهيڙي جي گُلن جو گس آ
    عورت جوڀن رُت جو اَمرت رس آ
    عورت باک جو ڀنل ڀورو بدن آ
    عورت ايمان ۾ اڻ کُٽندڙ امن آ
    عورت کي مُحبتن جي نظر سان ڏسندو ته سڀ ڪُجهه آ.

    • ڀٽائيءَ جي روزي مٿان رُلندڙ ڪبوتر طنبوري جي تارن جو رقص بڻجي ويا آهن
    يا سُر ڪيڏاري جي درد ناڪ ڪهاڻيءَ کي ڳالهين ۾ ڳائي رهيا آهن
    اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آ!

    • قلندر جي ڌمال تي نچندڙ بي باڪ عورت جا احساس وجد جي ڪيفيت ۾ اچڻ کان پوءِ نينهن جي پاڪ نديءَ مان وهنجي وٺندا آهن.

    • دوستيءَ تي وڏي دعويٰ ڪندڙ دوستو!
    اچو ڪُجهه اسان جي پُٺيءَ تي ڏنل ويساهه گهاتين جي خنجرن جا چهڪ به ته ڏِسو!


    نادانو / تضاد

    • اعتراض جون اکيون ڦاڙي نهارڻ وارا نادانو!
    مڃون ٿا ته تاريخ ۽ تهذيب جي وارثيءَ جون واڳون اسان اديبن جي ئي هٿن ۾ صدين کان سنڀاليل آهن!
    پر ڪُتن جا ننهن لاهڻ ۾ ته اوهان به گهٽ نه ڪري ڏيکاريو آ!

    • ها مونکي مرڻ جو ڪو به ڏُک نه آهي!
    پر توسان نه ملڻ جو وڏو درد آهي!

    • الئه ڇو دل گمان ۾ غوطا کائڻ لڳندي آهي ته!
    گنگا ۾ ڌوتل هر گناهه پوتر ٿي ويندو آهي
    يا ويتر گُناهن کي جنمڻ لڳندو آهي..!؟

    • هر يتيميءَ کي سهارو ڏئي سڏڻ وارا هٿ ڄڻ ته ڪُلهن کان ئي ڪپيل هُجن!

    -----------------------

    تضاد
    • جڏهن به تضادن جي تتل زمين تي سڪون زبان ڪڍي سهڪڻ لڳندا آهن
    ته مُحبتون مايوسين جو موت ٿي وينديون آهن.
    نيڻ لُڙڪن جا لاش بڻجي ويندا آهن.
    اُميدون اُجاڙ جي اُس ۾ اونڌي مُنهن ڪري پونديون آهن.
    احساس خوشبوءِ کان خالي ٿي ويندا آهن،
    دلين کي درد جا دُورا وڪوڙي ويندا آهن،
    ۽ وياڪلتائون روحن تي روهنڊڙا وجهڻ لڳنديون آهن،
    پر پوءِ به الئه ڇو تضادن کي طلاق ڏيڻ بجاءِ نوازش سان نڀائڻ واري ڪم کي وڌيڪ ترجيع ڏني ويندي آهي؟

    • اچو ته اُهي آئينا ئي ٽوڙي ڇڏيون جن ۾ ڪو اُجرائپ جو عڪس ئي ناهي.!

    • اچ ته ڳالهين جا ڪئين ڳوٺ کولي!
    محبت جون ڪي مچ ڪچهريون مچائيون!

    • خواريءَ جا ته کيسا ايڏا وڏا هوندا آهن جيڪي ڀرجڻ سان به نه ڀرجي سگهبا آهن،
    پر شرافت لاءِ ته سمجهه جو اشارو ئي ڪافي هوندو آهي!

    • بُک ۾ پها ٿيل پوڙهي عورت جا نيڻ،
    اڄ به پنهنجي وڃايل پُٽ جي وارثيءَ واري ويڙهه کي زندهه رکيو اچن.

    • دوستيءَ مٿان طنز يه ٽهڪ ڏئي کلڻ وارن مُئل جذبن کي ڪهڙي خبر!
    ته عارب لوهار جا احساس ڪيڏي نه وڏي امرتا ماڻي چُڪا آهن!. ///


    چنڊ

    • تون گهر کان ٻاهر اڱڻ تي پيل کٽ تي نه سمهندي ڪر!
    ڇو جو رات جو چنڊ تنهنجي چهري ڏي ٽڪ ٻَڌي ايئن پيو چتائيندو آ
    ڄڻ ته ڪو چرپَڻ جو دورو پيو هُجيس!.

    • آزاديءَ جي پيشانيءَ کي چُمڻ وارا چپ ڪڏهن به ماٺ جي ميراڻ ۾ مرڻ لاءِ تيار ئي نه ٿيندا آهن.
    • هاڻ ته اسان ۾ مٿي تي تغاريون کڻي مزدوري ڪندڙ عورتن جيتري به مُڙسي ناهي رهي،
    پر پوءِ به الئه ڇو چاپلوسيءَ جو چاڪليٽ چٻاڙڻ ۾ ڪو به شرم محسوس ئي نه ڪندا آهيون!

    • بيوفائيءَ جي بازار ۾ وفا جو وائڙو ٿي وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي.

    • اڄ تنهنجي چهري جي چانڊاڻ گهٽ پئي نظر اچي،
    ڇا نڪ مان ڦليءَ جو چنڊ ته نه ڪري پيو اٿئي!؟


    تڙپ جو تيزاب

    • سادگيءَ جي لباس ۾ ويڙهيل منهنجي سنڌ!
    تنهنجي سڪون جي چهري مٿان ڪنهن تڙپ جو تيزاب هاري رونقون لُٽي راحتن جي نيڻن کي لُڙڪن جي لار ڏئي ڇڏي آهي.

    • امرتا پريتم جي ناول ”هڪ اُداس ڇوڪري“ جا نيڻ به نماشام جي ناسي رُت جهڙا ٿا لڳن،
    جنهن جو پيار پُڇتاءُ جي پنڌ ۾ چنڊ کي ڳوليندي رُلي اُماس رات بڻجي چُڪو آهي.

    • زندگيءَ جي طنبوري جي تند ساهن جي سرگم سان الئه ڪهڙو سُر ڇيڙي رهي آهي؟ ڪا خبر ئي نٿي پوي!؟

    • تلخ لهجن جي زبان جو زهر نفرتن کي نپائي جوان ڪري خوشين کي درد جو موت ڏئي ڇڏيندو آهي.


    درد جو قسم

    • نسيمان جي نيڻن مان وهندڙ هر لُڙڪ جي درد جو قسم،
    جياپي جا سڀئي جذبا مُئل محسوس ٿي رهيا آهن،
    حوس کي هٿي ڏئي همت سان جياريو پيو وڃي،
    سڪون جي سيني ۾ ڪئين سور سٿيا پيا وڃن.
    اَمن درد جي پيرن هيٺان اچي دربدريءَ جي دز ۾ ميرو ٿي پنهنجي اصل شڪل وڃائي ويٺو آهي،
    خوشيءَ جي چهري تان مُرڪن کي لُڙڪن جي روهنڊڙن سان لاٿو پيو وڃي.
    ڄڻ ته نيڻن کان به خوابن جي خوبصورتي رُسي پري هلي وئي هُجي.
    مايوسين جي مُک تي ڪابه مهڪ جي موسم ٽهڪ سان ٽڙيل نظر ئي نٿي اچي،
    وشواس وياڪلتا جو ويس ڍڪي واويلا جي ورد ۾ مصروف آهن.
    وحشتن جي واڇن مان معصوميت جو خون وهي رهيو آهي.
    نفرتن جي نيڻن ۾ ڪابه تبديلي نظر ئي نٿي اچي،
    چاهتن جا چنڊ گُمناميءَ جي گرهڻ ۾ گهيرجي ويا آهن.
    عزتن جي اُگهاڙپ جا اشتهار بي حيائي جي بازار ۾ بي خوف ٿي وراهيا پيا وڃن.
    مائرن جي مٿن تان لاٿل پوتيءَ جي پوئيواري ڪرڻ لاءِ ڪوبه جذبو جوش جي جاڳ سان نظر ئي نٿو اچي!.
    آخر ڪهڙي اُميد رکجي اُن قانون مان،
    جو ڄڻ ته ڪڃريءَ جي ڪوٺي تي ويٺل اُن وئشيا جيان لڳي رهيو آهي،
    جنهن وٽ هر اُميد رکي اچڻ واري گراهڪ کي خوش ڪيو ويندو آهي.
    پر سنڌ جي نياڻين جي لُٽيل لَڄن جي اُگهاڙي جسم کي ڪوبه انصاف جي آٿت جو لباس پهرايو نه ويندو آهي.

    • سوچ جي سوڙهين گهٽين مان ته هميشه گُمراهين جا ئي گس نڪتا آهن.
    • سخاوت جي سيني کي ٻه دليون هونديون آهن،
    جن اندر ڪنهن ڀي لالچ جي ڌڙڪ جو در کُليل نه هوندو آهي.

    • ستارن جي سيج تي صدين کان آرسون موڙيندڙ چنڊ،
    ڇا تون به ڪنهن ڌرتيءَ جي چنڊ جي تلاش ۾ ته ناهين؟
    جي آهين ته پوءِ خيال ضرور ڪجان،
    متان توکي به پيار جي جرم ۾ ڪارو ڪري بندوق جي فائر سان ماريو نه وڃي!

    • ها اچو مونکي به منصور جيان دار تي چاڙهيو!
    جيئن آئون به عشق جو اَمر احساس بڻجي ساک جي سيني ۾ هر هر سَرجندو رهان.

    • قلم جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها آخر ڪهڙي درد مان نظم نپوڙي رهيا آهن، ڪا خبر ئي نٿي پوي!

    • ذليل حرڪتن جي بي تحاشا تپش ۾ سارا شگفته جا سمورا سُندر سپنا سڙندي به موت جي ڪا نه مرندڙ ماجرا بڻجي ويا آهي.


    امرتا پريتم

    • ريل جي پٽڙيءَ تي پيل سارا شگفته جون ڪپيل ٻانهون آهن،
    يا امرتا پريتم جي اکين مان ڪريل ٻه گرم ڳوڙها!
    اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آ!.

    • گينگ ريپ ۾ مري ويل هر معصوم ڇوڪريءَ جا خوشبوءِ جهڙا خواب،
    خواريءَ جي ٽوڪريءَ ۾ کڻي بازار ۾ ته بيهاريا ويندا آهن!
    پر اُن وقت وحشي درندي جي مُنهن تي بي شرمائي جا ڀونڊا ڪو به مَلڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي!، آخر ڇو!؟...

    • اياز!
    آخر ڪهڙي اُميد رکجي اُن شهر مان شرافت جي!
    جنهن جي چونڪ چونڪ تي چَڪلي جي بازار جهڙو بي ڍنگو هُل مَتل آ!.

    • هر حقيقت جي نيڻن ۾ خوشبوءِ جو جوان خواب سمايل هوندو آ!.

    • مڌ جي پيالي ۾ پيل تنهنجو خيال اڄ به سرورن سان سُرڪجي رهيو آ.

    • ڏس ته ڪيڏي نه پيار مان پوپٽن جا پَر به گُلن جي ڳلن کي پيا ڳڙاٽڙيون پائين!
    پر پاڻ اڃا تائين پُڇتاءُ جي پنڌ ۾ اڪيلا ۽ اُداس رهجي ويا آهيون.

    • ڳوٺ جي الهڙ ڇوريءَ جي ڇاتيءَ جا ڇال بسنت جي باک کي به بي سُڌ بنائي وجهندا آهن!.
    • اکين کان نابين عورت جا جوان خواب خاموشيءَ جي خلا ۾ روز خودڪشي ڪري معزوريءَ جو موت ٿي ويندا آهن!

    • آهي ڪو اهڙو جذبو جيڪو بُڇڙائيءَ جي مُنهن تي بُجو رکي هر دل کي آٿت جو اڻ کُٽندڙ احساس ڏياري وحشتن جو ساهه سوڙهو ڪري وجهي!؟


    عشق جي بارش

    • هيءَ اُها عشق جي بارش آهي!
    جنهن ۾ ڀٽائي به ڀڄي نوان سُر سَرجڻ لڳو هو،
    ۽ شيخ اياز به اُميد جي آسمان ۾ نينهن ڀريل نگاهن جهڙا نظم نِکارڻ لڳو هو.
    ها ايئن آئون به ان عشق جي بارش ۾ ايترو ته ڀڄي ويو آهيان جو هاڻ واپس ورڻ جو ڪو گس نظر ئي نٿو اچي.

    • ايئن تنهنجي رُسوائي منهنجي روح کي نهوڙي وجهندي آهي،
    جيئن ايمبولنس جي ٻرندڙ بتي ڳوٺن ۾ حادثاتي هُل مچائي
    ڇڏيندي آهي!

    • ڪڃريءَ جي ڪوٺي تي ويٺل عورت جي اکين ۾ ڪنهن به قسم جي خوبصورتيءَ جو خواب الئه ڇو نظر ئي نه ايندو آ!

    • سچ جي آئيني ۾ پنهنجي اُگهاڙپ جو عڪس ڏسڻ لاءِ ته ڪوبه تيار ئي نه هوندو آ،
    باقي ڪنهن به ٻئي جي شرافت جي بدن تان لباس لاهڻ ۾ ته دير ئي نه ڪئي ويندي آ!

    • هر دور جي دل ۾ درد جو ماتم برپا رهيو آهي.

    • هر سار ۾ پنهنجو سور سمايل هوندو آهي.

    • مان محبتن جي مندر ۾ رکيل اُهو ڏيئو آهيان،
    جنهن کي رُسوائيءَ جون رُلندڙ هوائون سالن کان وسائي ويون آهن.!

    • ڇا رات جي ڪاري چادر ۾ لڪي روئندڙ روحن کي چاهتن جي چانڊوڪين کان مليل چهڪ هوندا آهن!؟.

    • هر موسم جي اکين ۾ مهڪ جو مڌ ڀريل هوندو آ!.

    • هر خوشيءَ جي دل ۾ خوبصورتيءَ جو خيال هوندو آ!.

    • سامايل اکين جا سُندر سپنا ته هر هر آرسون موڙيو پيا عشق ارپيندا آهن.
    پر پاڻ الئه ڇو اڃا به خاموشين جي خزائن ۾ پن ڇڻ جيان پيلا ٿيندا وڃون.

    • ڪُنوارپ آخر ڪهڙي ناول جو نکريل ڪردار آهي؟
    جنهن ۾ رُڳو حُسناڪين جي هُڳائن جو ئي هُل مَتل آهي!.

    • نا اُميدي ته نيڻن کان ننڊون ئي کسي وٺندي آ!
    پر تڏهن به اُميد جي اک ۾ ڪو به ڳوڙهو نه هوندو آ.


    چانڊوڪيءَ جهڙا چپ

    • هر چاهت کي چانڊوڪيءَ جهڙا چَپ هوندا آهن،
    هر وڇوڙي کي وياڪلتا جو ويس ويڙهيل هوندوآهي.

    • فحاشيءَ کي فيشن سمجهندڙ ماڻهو ڪڏهن به محبت جي مهڪ کي ماڻي ناهن سگهندا!.

    • ڪميڻپ جي ڪاراڻ منهن تي ملي وقت جي بُڇڙي گڏهه تي ويهي سفر ڪرڻ کان بهتر آهي
    ته گُرڙيءَ جيتري پاڻيءَ ۾ نڪ وجهي مري وڃجي!.

    • محبتن جي ڪابه موسم ناهي هوندي!.

    • منافقن جي اکين ۾ مُحبتن جا خواب ڪهڙي رنگ جا هوندا آهن!. اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آ!

    • هاڻ ته سنڌ جي اکين مان به سُرمئي جهڙا سپنا روز لُڙڪن جي لار بڻجي وهي رهيا آهن.!

    • آئون غلاميءَ جي گسن تي هلڻ جو قائل ناهيان،
    ڇو جو آزادي منهنجو عشق بڻجي چُڪي آهي.

    • ڪُتي جي ڪَن ۾ چُهٽيل چچڙ جهڙي ماڻهوءَ تي لکجي ته آخر ڇا لکجي!؟.

    • ڇا شيطان ۾ شرارت آهي!؟
    يا ماڻهوءَ خود شيطان بڻجي چُڪا آهن!؟
    هن دور ۾ فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آ!.

    • تُنهنجي چاهتن جي ٽُٽل چوڙيءَ جي
    چُهنب اڄ به هينئن ۾ درد سان
    چُڀي رهي آهي.

    • مسجد جي درتي پنندڙ پوڙهي
    عورت جا نيڻ به الئه ڇو!؟
    نما شام جي نراسائيءَ جهڙا ٿا لڳن.


    هر نئين صبح ٿيڻ تائين

    • بانسريءَ جي بدن مان سُرن جي صدا جو سفر پيار جا پنڌ پُڇائڻ لڳو هو،
    ۽ مُرليون به جوڳياڻين جي جذبن کي واسينگن جيان ور وجهائي رهيون هيون،
    هر نگاهه ۾ مَڌ جي خُمار جهڙو خواب جاڳيل هو، هر ڇاتيءَ ڇُهاءُ جي احساس کي اڪيلي مرڻ بجاءِ اکين ۾ انتظار جا اوجاڳا اوتي ڇڏيا ها،
    عشق آرسون موڙي نئين آغاز جي آسمان ۾ اُڏامڻ لاءِ آتا نظر اچي رهيا ها!.
    تڏهن ته ساڀيان جي سپنن ۾ به ڪا سُرخيءَ جهڙي سانجهه مُرڪي هُئي ۽ من ۾ محبتن جا کوڙ خيال جاڳي خوشيءَ جي سيج تي سُهاڳپڻ جي کُهنبي ويس ۾ ويڙهجڻ لڳا ها!
    سا ساڀيان جنهن پنهنجي مذهب ۽ رَت جي رشتن کي به رات جهڙين رُسوائين ۾ روئندو ڇڏي پنهنجي عشق کي امر بنائڻ واري وچن سان وفا ۾ ويڙهي ورتو هو،
    ۽ پنهنجي نئين مذهب جو رکيل نالو ”سنڌو“ سڏرائڻ لڳي هُئي،
    يقينن اُن سنڌوءَ جي ڇاتي جي ڇولين جو رقص ڀي حقيقي سنڌوءَ جي جوان لهرن کان گهٽ نه هو،
    سندس هر ادا ۾ جوڀن رُت جي گُلاب جو رَس ڀريل هو، ۽ سندس چَپن جي جسم تان اُڏامندڙ ٽهڪ به محبوبيت جي گيتن جو ڪو نِکار ٿي لڳا، جن ۾ ڪنهن به بيوفائيءَ جي بازار جو عڪس نظر ئي نٿي آيو!.
    ها سا ساڀيان!؟
    ساڀيان جي لُٽجڻ کان وٺي سنڌو جي نئين سفر تائين الئه ڇو اُن ماڻهوءَ کي رڳو من جي مُرڪ سان ئي ڏسندي رهي،
    پر ڪڏهن به اُن جي دلاسن ۾ لڪيل دغا جي درد کي محسوس ئي نه ڪري سگهي هئي.
    ڇو جو پاڻ هڪ اُهو عشق بڻجي چڪي هئي جنهن کي اُجرائپ کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نظر ئي نه ايندو آ!
    ها اَها ته هُئي سنڌو جي ساک جي سرمدي!
    پر اُن بي دل ماڻهوءَ جي مُنافقين جو ڪو به هڪ روپ نه هو،
    سندس هر ويس وحشتن جي وضاحتن جهڙو هو! تڏهن ته سنڌوءَ جي اڻ ڇُهيل پيار جي حُسن مان سرور جون سُرڪيون ڀري حوس جي اُڃ اُجهائڻ کان پوءِ هڪ نئين زندگيءَ کي زهر بنائڻ لاءِ ڀاڪُرن ۾ ڀري ورتائين.
    يقينن اُن ماڻهوءَ جو اهڙو هر ڪردار سنڌ سان غداري ڪندڙ اُن بي ضميرن کان هرگز گهٽ نه آ، جن جا جذبا مُئل ماڻهوءَ جي بدبوءِ دار لاش کان به ابتر هوندا آهن!
    ۽ سنڌو اُن ذهني نامرد ماڻهوءَ مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ ڄڻڻ کان پوءِ تلخين جي ٻرندڙ آويءَ ۾ پَچي طلاق جيان ٿي وئي آهي.
    سندس سڪون زندگيءَ جي صحرا ۾ واچوڙن جيان اُڏامي پَن پَن ٿي دربدريءَ جي ڌوڙ ڏي ڌڪجي ويا آهن! ۽ سندس جوانيءَ جا جلترنگ رنگ جيڪي آرهڙ جي اَسُر ۾ به ستارن کي سهڪائي وجهندا ها!
    سي اڄ لاوارثيءَ جي لُڪن ۾ لوساٽجي ڪرب ناڪ ڳالهين جي ڳلن جا لُڙڪ بڻجي ويا هن!
    ٻُڌو اٿم ته اُها سنڌوءَ هاڻ يتيم احساسن جهڙن پنهنجن معصوم ٻارڙن جي پيٽ ۾ بانبڙا پائيندڙ بي رحم بُک کي ڀرڻ لاءِ پنڻ جي رستن تي رُلندي رهي ٿي!
    جڏهن ته سندس باقي بچيل جواني به ڪنهن شراب جي ڀريل گلاس کان گهٽ نه آهي!
    پر پوءِ به پنهنجي عشق جي عظمت کي پاڪ رکڻ لاءِ پنهنجي جوان جسم تي ڪنهن به پليتيءَ جو پاڇو پوڻ ئي نه ڏيندي آهي!
    ۽ سڄو ڏينهن زماني جي ذليل زبانن جا اُگهاڙا اکر ٻُڌندي به پنڻ واري هٿ کي هيٺ نه جُهڪائيندي آ.
    ڇو جو اُنهن ئي پئسن مان پنهنجن ٻَچن جي ماني ۽ پنهنجي لاءِ سستن سگريٽن سان گڏ چرس پيئڻ جي مجبوري به سَر تي سوار هوندي اٿس!
    سا سنڌ جي اُجڙيل سونهن جهڙي سنڌو سڄي رات سستن سگريٽن مان دونهين دُکائي دل جي درد کي ڪُجهه لمحن لاءِ نشي سان ننڊ ڏيڻ جو سوچي وڏن سورن سان سوٽا ڀريندي سڙيل سگريٽن جيان سڙي خاڪ ٿي پوندي آهي، هر نئين صبح ٿيڻ تائين!
    • حقيقت کان وڌيڪ ٻيو ڪو به حُسن ناهي!
    • جيڪڏهن نفرتن جا نيڻ ننڊ سمهي پون،
    ته مُحبتون مُرڻ جي مُند ڏي ڌڪجڻ جو نانءُ ئي نه وٺن!..

    • اڄ به انتظاريءَ جي اُس ۾ بيهي تڙپ جي ماتم سان تنهنجي رُسوائيءَ تي نوحا پڙهيا اٿم!
    • زندگيءَ ۾ جيڪڏهن پيار نه هُجي ها ته شايد انسان کي درد جيئڻ ئي نه ڏي ها...!


    اڌ ڪپيل ٻانهن

    • ماڻهو جا احساس روئن يا مُرڪن تنهن سان ڪو به فرق نٿو پوي...!
    پر جڏهن به جنگ ۾ ڪنهن معصوم ٻار جي اڌ ڪپيل ٻانهن اخبار جي مين سُرخيءَ جي جاءِ والاريندي آهي!
    تنهن وقت لازمي امن جي اکين مان رَت جي گرم ڳوڙهن ڳلن جي پهاڙن تان پاڻ کي هيٺ اُڇلائي خودڪشي ڪري ڇڏي هوندي...!!

    • ڇا ٿو ڏسڻ چاهين!؟
    منهنجي ته نيڻن ۾ پيار جي مُئل خوابن جو مزارون اڏيل آهن!
    ۽ هاڻ اُنهن تي ڪو به پيار جي مُرڪ جا قُل پڙهڻ وارو به ناهي رهيو...!!


    چُميءَ جو درد

    • چپن کان وڇڙي ويل چُميءَ جي درد کي ڪهڙن احساسن سان آٿت ڏجي ڪا خبر ئي نٿي پوي..!
    • مري ويل مُحبتن جا روح روز راتين جو روئي گُلن مٿان ماڪ جهڙا لُڙڪ ڇڏي ويندا آهن!
    جنهن کي محسوس ڪرڻ لاءِ ته فقط محبتن جي مُرڪ ٿيڻ ئي ڪافي آهي...!

    • مُڪمل انسانيت جي دعويٰ ڪندڙ انسان...!؟
    تو ڪڏهن پاڙي ۾ غربت جي ٺريل چُلهه جي جسم کي مانيءَ جي ٽانڊي سان گرم رکيو آهي...!؟
    • شايد تنبوري جي وڄندڙ تارن ۾ به سنڌ جي درد جو سُر سمايل آ؟ جيڪو صدين کان وٺي صدِا سنڌ چوندو پيو اچي...!!

    • هيءَ ڌرتي به الاءِ ڪڏهن پنهنجي سينڌ ۾ آزاديءَ جو سنڌور پائيندي!؟
    جنهن کي ڏسڻ لاءِ من هر وقت ماندو ئي رهجي ويندو آهي.

    • پُسيل جسم تي چهٽيل سنهڙي چولي مان اُڀريل اُرها ڄڻ ته اکيون ڀڃندا هُجن...!؟

    • مون ته هر وقت تنهنجي اکين ۾ عشق جو آسمان ڏٺو آهي،
    ۽ انهيءَ ئي عشق جي آسمان جي ڇانوءَ ۾ پاڻ کي پسيو آهي..!!


    ايف آءِ آر

    • بي هودي وقت جي هر وحشي صُبح تي،
    ڪنهن معصوم ڇوڪري سان ٿيل گينگ ريپ جو ايف، آءِ، آر ڪٽيل هوندي آهي.

    • شل سدائين ڳٽن جي ڳوٺ ڏانهن چُمين جو پنڌ جاري هُجي..!

    • ظُلم جي انتها ڏسي ڪڏهن ڪڏهن آسمان به روئيندو آهي
    ۽ پاڻ اُنهي احساس کي بارش چوندا آهيون!

    • روئڻ سان روح جون راحتون مرنديون آهن!
    کلڻ سان خوشين جا گُلاب ٽڙندا آهن!
    ۽ ملڻ سان مُحبتن جا مَن مهڪندا آهن..!

    • چنڊ ڏي اُڏامندڙ چڪور چاهتن جي انتها جو آغاز ٿو لڳي!
    ۽ شايد چنڊ جي اکين ۾ ڀي چڪور جا ئي خواب آهن!

    • پيار جي معصوميت کي ڳوليندي ٿڪجي پيل وحشتون ڪُتي جي سهڪندڙ زبان جيان سهڪي رهيون آهن!.

    • آئون تنهنجي پويان پيار جون ته ڇا پر درد جون نمازون به پڙهڻ لئه تيار آهيان...!

    • پنندڙ پوڙهي فقيرياڻيءَ کي خُدا جي نالي تي خيرات ڏيڻ بجاءِ معافيءَ جو چيو ويندو آهي،
    پر جوان پينو ڇوڪريءَ جي پوري جسم کي تڪي ۽ ڇاتيءَ مٿان حوَس جي نگاهن جون آڱريون ڦيرڻ کان پوءِ سيٺ مُرڪي عياشيءَ جي احساس ۾ ٻُڏي وڏي خيرات ڏيندا آهن.!
    • هاڻ ته چاهتن جي چڳن مان بي حُرمتين سٽ ڏئي سونهن جا گُلاب ئي پٽي ورتا آهن!.

    • زندگي درد جي زهر جا ڪافي ڍڪ پي وئي آهي،
    اڃا به الئه ڪيترا ڍُڪ پيئڻا پون ڪا خبر ئي نٿي پوي!؟

    • گهاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت مخدوم بلاول جي هڏن سان گڏ چپن جو مُرڪڻ،
    ڄڻ ته سنڌ جي درد سان عشق جو مضبوط دليل ٿو لڳي!.

    • آئون سنڌ لاءِ سوليءَ تي چڙهي مرڻ لئه تيار آهيان..!!
    پر منهنجي هن سنهي ڳچيءَ ۾ ڪڏهن به موقعي پرست سياست جو ٿُلهو ڦندو وجهي بيوقوفيءَ جي بازار ۾ لٽڪائڻ جي ڪوشش نه ڪجو.!

    • اقتدار جي ڪُرسيءَ تي ويهي وحشتون مُفلسيءَ جو ماس چٻينديون آهن!

    • ڪُجهه گهڙيون سامهون ويهه ته پيار جي قضا ٿيل پهرن جون نمازون پڙهي وٺان...!

    • نيڻن جي ڏوليءَ مان جوانيءَ جي ڪُنوارپ جا براقيل خواب پيار جو ڪانڌپو ڳولين ٿا..!

    • روشنيءَ جي شهر کي ڪهڙي خبر!،
    رات جي روح کان چنڊ جي چانڊوڪيءَ جا قصا پُڇجن ته بهتر.

    • وحشتن جي منهن تي ڪهڙن لفظن جا ڀونڊا رکجن!؟

    • تاريخ گواهه آ!
    اڄ به سنڌ پنهنجي نياڻين جي ڪپيل اُرهن جي لُٽيل عزت جي درد تي روئي رهي آ..!

    • انهيءَ کان وڌيڪ اڃا به ڪو ٻيو الميو ٿيندو!؟
    جو غُربت هوٽل تي پچندڙ مانيءَ کي بُک جي اکين سان ڏسي سُڪل چپن مٿان پنهنجي آلي زبان ڦيرائي بُک کي نه ڀرڻ کان اڳ ۾ مايوس ٿي ماٺ جهڙي موت ۾ گم ٿي ويندي آهي..!

    • فحاشيءَ جي اُرهن مان ٿڃ سُڪي وئي آهي!
    ڇو ته اُنهن مٿان عياشيءَ جون آڱريون حوس جون چچريل چُميون ڇَڏي وينديون آهن..!
    • آئون ته اکين جي آسمان جو اُهو جُهڙالو خواب آهيان جنهن مان پيار جي درد جا سوين لُڙڪ ٿا وَسن...!

    • دل ته سدائين اهو ئي چاهيندي آهي ته دوريءَ جون ديوارون ڊاهي،
    پيار جي پوٺن تي چپن جي چمين سان نينهن جا نڪور نظم لکجن

    • اُگهاڙي پير تي ڇير جو ڇمڪو چُمين جا پها پيو رکندو آهي،
    يا سُڏڪن جا ساز پيو ڇيڙيندو آهي،
    اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏُکيو ٿي پيو آهي..!

    • شهيد ٿي ويل مُحبتن جي ڊٺل مزارن کي اڏڻ وارو ته ڇا؟
    پر اُنهن تي ته ڪو روئڻ وارو به نظر ئي نٿو اچي...!

    • تکن لفظن جي تلوارن هميشه راحتن جا روح زخمي ڪيا آهن،
    پر ڏسجي ٿو ته مُحبتن جي ميٺاس احساسن جي آڪاس ۾ وري به چاهتن جا چنڊ اُڀاريا آهن...!


    اڄ

    • اڄ به سرمد جي اکين ۾ اڀيچند جو عشق ڏسي وحشتون دار ڳولين پيون..!

    • اڄ به صُبح جي چهري تي رات ۾ بيگناهه مارجي ويل مُحبتن جي رَت جا ڇنڊا لڳل آهن،
    جنهن جي ڪو به تدارڪ ڪرڻ لئه تيار ئي ناهي...!

    • چنڊ کي چاهڻ جو حق،
    جيڪڏهن آهي ته فقط اُن چڪور کي آهي!
    جيڪو چنڊ مٿان فدا ٿيڻ ۾ ڪا به لچڪ محسوس ئي نه ڪندو آهي!
    پر عشق کي امرتا جي اُڀ ۾ ويتر جوان ڪري ڇڏيندو آهي!

    • سالن کان وٺي انتظاريءَ جي اسٽيشن تي بيهڻ کان بهتر آهي
    ته!
    وقت جي ريل ۾ چڙهي ڪو سُٺو سفر شروع ڪري ڇڏجي!

    • پيار تي پابنديءَ جو اهو ئي ثبوت آهي!
    ته رات جي اوٽ ۾ ڪنهن تازي ڪيرايل ٻار جو لاش ڪچري جي ڍير تي اُڇلايو ته وڃي ٿو
    پر اُن سان گڏ هڪ معصوم انسانيت جي خون جو ڪبيرو ڏوهه به سر تي کڻڻو ٿو پوي..!!


    مدر ٽريسا

    • مدر ٽريسا جي عظمت کي سلام آ!
    ڇو ته اُن پنهنجي سڄي زندگي يتيم ٻارن جي خدمت ۾ وقف ڪري ڇڏي،
    پر جي اسان پنهنجي اُن بيورو ڪريٽرس اولاد کان محروم عورتن تي ڪا روشنيءَ جي نظر وجهنداسين ته اُنهن جي هٿن ۾ وسڪيءَ جي بوتل!
    ۽ پنهنجي اُگهاڙي جسم تي ڪنهن غير مرد جي آڱرين کي عياشيءَ جي لئه رقص ڪرڻ جي اجازت ته مُرڪي ڏِني ويندي آهي!
    پر ڪنهن يتيم ٻار کي سيني سان لڳائي ماءُ جهڙو پاڪ رشتو ڳنڍجڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي..!

    • صبح جي اکين ۾ امن جو پيغام الئه ڇو مونکي اُن مري ويل معصوم ٻار جي لاش جيان پيو لڳندو آ؟
    جيڪو ماڻهن جي نظرن جي چوراهي تي تماشي جو ڏيک ڏيئي کُليل اکين جي خاموش اشارن سان پنهنجي وڃائجي ويل وارثيءَ کي پيو سڏيندو آ..!


    درد جا نشان

    • زندگيءَ جي جنازي جو ڪفن کولي جڏهن به مري ويل مُرڪ جي چهري تي ڪا پيار ڀري نظر ڊوڙائي اٿم...!
    ته مونکي خوشيءَ جي منهن تي درد جي روهنڊڙي جا وحشي نشان نطر آيا آهن..!
    • جڏهن به تاريخ جي ورقن کي کولي پڙهيو اٿم:
    ته مونکي سچ جي اکين ۾ ڪوڙ جي قلم جي چُهنب چُڀيل نظر آئي آهي!

    • منهنجن نيڻن جي مري ويل خوابن کان ڪڏهن به ڪو روئڻ هارڪو سوال نه ڪجو!
    ڇو ته اُنهن وٽ هاڻ روئڻ لاءِ ڪوبه لُڙڪ ناهي بچيو!

    • تون به خُدا جي جُڙيل تخليق
    ۽ مان به!
    پر الائي ڇو اُهو سڀ ڪُجهه مون ۾ ناهي!
    جيڪو تنهنجي هڪ ادا ۾ ٿو پسجي..!

    • حُسن هميشه حوس پرستن حوالي ٿيندو رهيو آ
    ۽ حُسن جي عبادت ڪرڻ وارا فقط اکين ۾ مايوسيءَ جا لُڙڪ سمائي عشق جي درد جون نمازون پڙهڻ ۾ مصروف رهجي ويندا آهن.

    • اُماس رات جي تنهائيءَ تي ڪڏهن به ڪا طنز ڀري آڱر نه کڻجو!
    ڇو ته اُن ۾ پيار تان شهيد ٿي ويل پريمين جا روح موجود هوندا آهن!
    • ٺٽي جي بازار ۾ سرمد ۽ اڀيچند جي عشق جو چرچو ته چوٽ تي چڙهيل آهي،
    پر الاءِ ڇو!؟
    ڪجهه سال اڳ انهيءَ ئي بازار ۾ درويش ۽ اگهاڙي گهمندڙ اُن عورت جو ذڪر ڪو به ڪالم نگار قلم جي نوڪ سان تاريخ جي سيني تي اُتارڻ لاءِ تيار ئي ناهي...!

    • ڪڏهن به درد جي راڪاس جون ڳالهيون اُن محفل ۾ نه ڪجو،
    جت پيار جي دلين جا معصوم ٻار روبرو گُفتگو ڪندا هُجن!

    حُسن جي تعريف کي ڪڏهن به ماٺ جي مايوس موسم هٿان ڀيلجڻ نه ڏجو...!


    وساميل چُلهه

    • ماڻهو چون ٿا ته هو شخص سنڌ جي عظيم ۽ ناليوارن شاعرن مان آهي!،
    هاو، پر منهنجي نظر ۾ ته اُهو هر مُفلس شخص عظيم آهي،
    جيڪو سڄو ڏينهن لوهي اوزارن سان تتل اُس ۾ پٿر ٽوڙي ۽ تن کي پاهوڙيءَ سان ميڙي،
    پگهر مان شل ٿي شام ويلي پورهئي جا پئسا وٺي پنهنجي گهر جي وساميل چُلهه کي روشن رکي ٿو..!


    سوڳ

    • اسان کي ته ڪنهن تازي ڇڻي ويل گُلاب تي به سوڳ ڪرڻ جو حق ئي ناهي!
    ۽ هو پاڻ اقتدار پسند ماڻهو ايوانن ۾ ويهي سنڌ جي سوديبازي جي ڳالهه ڪندي وڏا ٽهڪ ڏيندي شرم ئي محسوس نه ڪندا آهن.!

    • اسان سنگتراش جي هٿن سان تراشيل مورتيءَ جي تعريف ته دُنيا جي مجسمن کان ڀي وڌيڪ ڪندا آهيون.
    پر الئه ڇو اُنهي ئي سنگتراش جي چچريل هٿن کي ڏسندي ئي اسانجا هانوَ ڪچا ٿي پوندا آهن!


    عشق جو درياهه

    • اي عشق کي امام جو نانءُ ڏيندڙ عاشقو!
    اوهان اُن سهڻي جي غلامي قبول ڪري وٺو ته بهتر ٿيندو!
    جيڪا عشق جي درياهه ۾ ڪچي گهڙي سان گڏ لهرن جي اُڇلن سان وڙهندي سير ۾ ساهه جي تند کي ته ٽوڙي ويٺي،
    پر ميهار جي اکين جي عشق کي ويتر حيرت جي ڪُنن ۾ ٻوڙي ويئي..!

    • ڇو نه چَپن جي ماٺ جي ميري بدن تي مُرڪ جون شفاف چُميون ڏئي پيار جي موضوع تي ڳالهائجي..!

    • وقت جي فضول ۽ واهيات موضوع تي بحث ڪرڻ کان بهتر آهي ته زبان تي سانت جو تالو لڳائي ڇڏجي...

    • حُسن جي بازار ۾ جسم جي خيرات ڪندڙ اُن غريب عورت جو هيسيل چهرو!
    هن اُجري سماج جي منهن تي لڳل ڀونڊي کان گهٽ ته نه آهي..!


    مجازي خُدا

    • گٽر جي ڪيڙي جيتري اهميت رکندڙ هم جنس پرست انسان!،
    تو ڪڏهن اُن عورت جي باري ۾ سوچيو آهي؟
    جيڪا توکي پنهنجو مجازي خُدا بنائي ويٺي آ..!

    • دل ته اهو ئي چاهيندي آهي ته:
    هن نفرتن جي وحشي چهرن تي پيٽرول هاري، تيليءَ سان نه وسامڻ واري باهه ڏئي ڇڏجي...!

    • تون منهنجي زندگيءَ جو اُهو خوبصورت نظم آهين،
    جنهن کي ته فقط آئون ئي لکي ۽ پڙهي سگهان ٿو...!!

    • اي ڌرتيءَ جا چنڊ!
    تون نڪ ۾ ڦُلڙي پائي گهرجي ٻاهر اڱڻ تي نه سمهندو ڪر!
    ڇو ته رات جي آسمان جو چنڊ معيارون ٿو ڏي...!

    • سونهن جي چنڊ مٿان رات جهڙو ڀيانڪ نقاب رکڻ
    خُدا جي تخليق سان مذاق جي برابر ٿو لڳي..!

    • مون جڏهن به ڪنهن مُفلس تي ٿيندڙ ظلم کي سوچ جي تارازيءَ ۾ تو رڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
    ته روح جي تڙپ جو ڪانٽو هينئن ۾ ڪل جيان چُڀيو آهي.!

    • ڪوڙ کي زبان جي رستي تي ڊوڙائي ته سگهجي ٿو!
    پر منهن تي پيٺيءَ جيان هرگز ملي نٿو سگهجي..!!


    طنبوري جي تار

    • بهار رُت ۾ ڇڻي ويل اُن گُلاب جي درد جو قسم..!
    تُنهنجي پيار جي سار جون آڱريون اڃا تائين منهنجي دل جي طتنبوري جي تار کي، ڇُهاءُ ڏئي اُن محبت جي محفل ڏي وٺي وينديون آهن!
    جت پاڻ راحتن جا راڳ ڇيڙي پيار جي جنت جا ڪي جهان جوڙيا ها..!

    • مور جي ٽهوڪن سان ٻُرندڙ ۽ ڇڪڙي سان گڏ اُڏامندڙ اُن ٿر جي واريءَ جي اُڃ جو احساس ڇو نه اُن پاڻياري کان پُڇجي؟
    جيڪا چيلهه تي گهڙو رکي ۽ مٿي تي ٻيلهڙا ٺاهي جڏهن هلڻ لڳندي آهي،
    ته ڏسڻ وارن جي اکين ۾ پيار جي اُڃ کي ويتر طويل بڻائي ڇڏيندي آ..!

    • پٿر جي شهر ۾ ٿا رهون..،
    انهيءَ ڪري اظهار کان ڊپ ٿو لڳي،
    متان هي نفرتن جو اُگهاڙو سماج پنهنجي پيار مٿان ڪُفر جون تهمتون مڙهي پاڻ کي ٽياس تي ٽنگي نه ڇڏي..!


    اديبو

    • ڪوڙ جي موضوع کي سچ جو لباس پارائيندڙ اديبو!
    توهان آڱرين جي قيد ۾ جڪڙيل اُن معصوم ٻار جهڙي قلم کان جبري پورهيو ته وٺون ٿا!؟
    پر توهان اهو ڪڏهن سوچو آهي، ته ادب جي عدالت ۾ اُهو قلم جو معصوم ٻار هڪ ڏينهن توهان تي به دانهيندو!
    • هٿ جي پُٺيءَ تي سگريٽ سان ڏنڀ ڏيئي پيار جي درد کي گهٽائي نٿو سگهجي.

    • اڄ به وقت جي مُنافق اکين مان وحشتن جو خوف جاڳي رهيو آهي!
    ۽ مُحبتن جي معصوم چهرن جي مُرڪ لوساٽجي زرد گُلابن جان ٿي وئي آهي...!

    • پيار تان شهيد ٿي ويل پريمين جي بيباڪ جذبن کي تاريخ پنهنجي سيني جي جنت ۾ جاءِ ڏيندي آهي.

    • روڊ حادثي ۾ مارجي ويل پيرسن شخص جي چچريل جسم ۾ ته سنڌوءَ جي سُڪل چَپن جيان رَت جو ڦڙو به نه هو..!

    • ڇا سسئيءَ جا سڏ پنهونءَ جون پُڪارون کڻي پهاڙن سان ٽڪرائجي پُرزا پُرزا ته نه ٿي ويا آهن!؟

    • ڪُنوارن هٿن تي مهندي مهڪ جا سهرا ڳائيندي آ.

    • وقت جي رنگين آئيني ۾ اُگهاڙپ جا عڪس ڏسي شرم اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.

    • اڄ به ڄامشوري جي پُل تي بيهي نظر ڊوڙائجي ٿي،
    ته عرفان مهدي جي عشق جون اوچائيون ۽ امرتائون لهرن جي سيني جي سواريءَ تي مُرڪندي محسوس ٿينديون آهن.

    • اڄ به هُن جي شام جهڙن خوبصورت نيڻن ۾ آئون پنهنجي پيار جي پکين جي اُڏار ڳوليندو رهندو آهيان..!

    • تنهنجي اکين جي اُداس احساسن جو هر لمحو روح تي ڏنل بليڊ جي چهڪ کان گهٽ نه هوندو آهي..!

    • نفرتن جي گٽر ۾ وهنتل هي وحشتن جو ڪارو سماج ته خارش ۾ ورتل ڪُتي کان به ابتر ٿو لڳي..!؟


    انسان

    • اي منهنجي اندر جا انسان!
    ڇا توکي خبر آهي!؟
    ته سنڌ ڌرتيءَ کي ٻه هارٽ اٽيڪ پئجي چُڪا آهن!
    هڪ ڀٽائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ!
    ٻيو سن جي سيد جي وفات وقت!
    ۽ هاڻ ٽيو سنڌ ڌرتيءَ کي آخري هارٽ اٽيڪ هٿرادو ڏنو پيو وڃي،
    ڇو ته انهيءَ سنڌ ڌرتيءَ جي گلي سنڌو نديءَ جو پاڻي سُڪائي ڪنهن ڪاري ڊيم جي نه ڀرجڻ واري پيٽ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌ کي سُنڍ ڪيو پيو وڃي.
    جيڪو سنڌ جي زندگيءَ مٿان موت جي ضرب کان هرگذ گهٽ نه آ..!


    • اي تانسين اچ ته ڀٽائيءَ جي بيتن کي نوان سُر ڏئي انقلاب جي آلاپ سان وستيءَ وستيءَ ۾ ورهائجي گونج بڻجي وڃون.

    • روح تي روهنڊڙن جهڙا لفظ ڳالهائڻ کان اڳ سوچجي ته بهتر ٿيندو.

    • ڀر ۾ ڌرتيءَ جي چنڊ کي ڇڏي آسمان جي چنڊ ۾ ڇا ٿو ڏسڻ چاهين!؟

    • زندگيءَ جي جنازي کي پيار جو ڪفن پهرائجي ته سُٺو آ!

    • تون ۽ مان اُن عشق جو آغاز آهيون،
    جنهن کي ڀٽائي پاڻ سُرن جي ساک ڏئي طنبوري جي تارن مٿي ڇيڙي ڇڏيو آ.

    • اڄ به ڪراڙ جي ڪپ تي ڀٽائيءَ جا بيت وهنجي رهيا آهن!

    • تون ته سُر سُهڻيءَ جي اُهاسٽ آهين،
    جنهن ۾ ڪئين سونهن جا سمنڊ سمايل ٿا رهن ..!


    سڪ جي ندي

    • سڪ جي نديءَ جو پاڻي ته نيڻن جي ڪنارن مٿان پلٽڻ لڳو آهي،
    پر پوءِ به الئه ڇو تُنهنجن پيرن جي پنڌ جو آواز ٻُڌڻ ۾ ئي نٿو اچي...!

    • جڏهن کان تُنهنجن نيڻن جي پيالي مان پيار جو شراب نهار جي چپن سان پي ڏٺو اٿم!
    تڏهن کان هي انگور مان ٺهيل مَڌ مزوئي نٿو ڏي...!
    • تاريخ جي سيني تي ڪوڙ جا لکيل تبصرا ته مُرڪي رهيا آهن
    پر سچ جي اکين ۾ ته ڪو لُڙڪ نظر ئي نٿو اچي....!!


    احساس جي اک

    • هُن پوڙهي جي ٿڪل ڀاڪُرن ۾ جوانيءَ جي سُندرتا جو اڻ ڇُهيل گلاب!
    نڪاح موجب زال جي ته حيثيت رکي ٿو!
    پر احساس جي اکين سان ڏسجي ٿو ته رشتو وري به ڌيءَ جهڙو نظر ٿو اچي.

    • جيڪڏهن اکين جا آئينا ڌُنڌلا خواب ڏيکارڻ لڳن.
    ته پوءِ ڇو نه لڙڪن جي پاڻيءَ سان تن کي ڌوئي صاف ڪجي؟

    • پنهنجي پيار جي ملڻ جو پنڌ ڏينهون ڏينهن دور ٿيندو پيو وڃي!
    پر پوءِ به توکي ڏسڻ لاءِ اکين جي آس جا پيرا ٿڪجن ئي نٿا...!

    • آئون اُن صبح جو اکين کي چمين جي سلامي ڏيندس،
    جيڪو انقلاب جي گهوڙي تي چڙهي هٿ ۾ آزادي جو جهنڊو کڻي سڦلتا جو هوڪو ڏيڻ لڳندو.

    • اڄ جون حالتون گٽر صاف ڪندڙ ڀوري ڀنگيءَ جي گند مان ڀريل بيلچي کان به اَبتر ٿيون لڳن.


    غُلامي

    • اسان اُها غلاميءَ جي گار هرگز نه ٿيڻ پسند ڪنداسين
    جنهن جي مُنهن تي رُڳو بُزدليءَ جا ڀونڊا ڇپيل هُجن....!
    • غُلام ٿي رهڻ کان بهتر آهي ته دُشمنن جي گولين جو نشانو بڻجي شهيدن جي نياپن جو ڪو نئون نظم ٿي وڃجي!


    رُسوائين جون رولاڪيون

    • اسان سنڀي جي اندر ۾ ايتريون ته رُسوائين جون رولاڪيون جاڳي پيون آهن،
    جو اسان پنهنجو پاڻ کان ئي فرار ٿا لڳون،
    اسانجا احساس به اُن صدين کان اُجهاڻيل ديپ جي درد جهڙا ٿا لڳن،
    جنهن ۾ ڪو به روشنيءَ جو ساهه وجهڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي!
    ۽ راتيون اُن جي رُسوائيءَ تي فخريه ٽهڪ ڏئي تنزون اُڇلايو پيون چونديون آهن ته اهڙيون زندگيون ڪنهن ذليل موت کان گهٽ نه آهن، جن جي ڪو به وارثي ڪرڻ وارو ئي نه هُجي
    تڏهن ڀي روح رُسوائين جو رَت روئندي نظر اچي رهيا آهن
    ۽ دليون اُداسيءَ جي اُس ۾ سڙي سوڳ جو ڪو ڊگهو سفر بڻجي ويون آهن، تضاد رُسوائين جا رهبر بڻجي ويٺا آهن
    جن مان روز نوان واهيا تپڻا جنم وٺي رهيا آهن
    پنهنجائپون به اُگهاڙپ جي بازار ۾ نيلاميءَ جي نه وڻندڙ ڪردارن جهڙيون ٿي پيون آهن
    رُسوائين ايترو ته پيار کي ناپاڪ بڻائي ڇڏيو آهي
    جو هر گهٽيءَ جي گٽر مان ڪچن ڪيرايل ٻارن کي ڀنگين جا صفائي ڪندڙ بيلچا ڀاڪُرن ۾ ڀري ٻاهر ڪڍي رهيا آهن
    ڪٿي به مُحبت جي مندر ۾ ڪو چاهت جو گهنڊ گونجندي نظر ئي نٿو اچي
    رُسوائين ايترا ته ويساهه گهاتين جا نوان ويس ويڙهي ورتا آهن،
    جو تن کي پرکڻ جي لاءِ به من کي الاءِ ته ڪيترين اُڀامندڙ اذيتن مان گُذرڻو ٿو پوي!
    آخر ڪيسين تائين سڪونن جا سينا سور سهندا رهندا؟
    آخر ڪيسين تائين اُميد جي ڳلن تان رُسوائين جا ڀيانڪ لُڙڪ ڳڙندا رهندا؟
    آخر ڪيسين تائين ساٿ جا ڇڄي ويل سلسلا سُڏڪا بڻجي صدائن ۾ مرندا رهندا؟
    انهن سڀني احساسن کي هينئن تي ليٽائڻ کان پوءِ اها ئي سُڌ ٿي پوي ته، جيڪڏهن اسان اڃا به انهن رُسوائين کي پنهنجن روحن تي رهڻ ڏنو ته اُهي اسانجو سمورو رَت ۽ ست ئي سُڪائي ڇڏينديون،
    انهيءَ لاءِ اسان سڀني کي هڪ ٿي رُسوائين جي راڪاس راتين ۾ ڀي چاهتن جا ڪي چنڊ اُڀارڻا پوندا،
    ۽ مُحبتن جو مشعلون کڻي پيار جي پنڌ ۾ نڪري نينهن جي نڀاءُ جا نعرا هڻڻا پوندا
    ته جيئن هر زندگي رُسوائين جي زرد رُت ۾ ڇڻڻ کان بچي پوي!....


    رَت مان ٻُڏل رڙ

    • هي اسانجي ذهنن ۾ آخر ڪهڙي ضعيفيءَ جو زخم چڳي رهيو آهي!؟
    جو خوشيون خون ٿي ماتم ۾ مارجي رهيون آهن
    رت مان ٻُڏل رڙ وارثيءَ لاءِ واجهائي رهي آهي!
    سڏ منزلن کي ماڻڻ کان اڳ ۾ ماريا ويا آهن
    پوئواريءَ جو پنڌ ڪنهن به وارياسي تي به چٽو نظر ئي نٿو اچي
    او جاڳيل اکيون روئندڙ رُتن جا ڀنل ڀاڳ بڻجي ويون آهن
    نابالغ فتوائن جي ڦندي ۾ اڄ به جوان جُرئتون لُڇي لاش ٿي رهيون آهن
    مذهبن جي مُراقبي ۾ ويڙهجي وضاحتن جا وات انڌيرن ۾ اُجرائپون اُڇلائي ويٺا آهن
    حوس جو ڀن جي پنکڙين کي پليت زبانن جا زخم ڏئي زرد ڪري ڇڏيو آهي
    بمن ايترا ته چير ڏئي جسمن کي ٽُڪرن ۾ ٽوڙي ڇڏيو آهي جو خُدا جي گهر ۾ به حراس جو راڪاس رُلندي نظر ٿو اچي
    ۽ سجدا به خود ڪش حملي جي خيالن ۾ ضايع ٿي رهيا آهن
    هر گلي گوليءَ جي ٻوليءَ سان ٻُري رهي آهي
    ڄڻ ته عزرائيل کان روح قبض ڪرڻ جو ڪم اڄ جي ٽيڪنيڪل وحشي ماڻهن وڙهي وٺي لاٿو هُجي
    ۽ فرشتا فڪر ۾ ويڙهجي ويڳاڻا ٿي پيا آهن
    مانيءَ جو مُلهه آسمان جي اوچائيءَ سان اچي لڳوآهي
    ڌرتيءَ جا چپ سُڪي ساڻا ٿي پيا آهن
    مائرن جي سُڪل سنڌوءَ جهڙي ڇاتين ڏي نهاري معصوم ٻارڙا بُک ۽ اُڃ جي احساس ۾ اُداس ٿي هميشھ لاءِ اکيون پوري رهيا آهن
    ها پوءِ به ويساهه جا سيپارا سَر تي رکي امن کي آڻڻ جا سالن کان وٺي گيت ڳائيندڙ غلام سوچن جا بي ضمير رَت پياڪ رهزن بيشر مائيءَ جي بازار مان نڪري شرم جي برقعي ۾ لڪڻ لاءِ تيار ئي ناهن
    ويتر سياسي دُڪان کي هلائڻ جا هوڪا ڏئي صرف پنهنجي پيٽ کي پالڻ جا نوان طريقا تيار ڪري رهيا آهن، جنهن مان ڪنهن به سُٺائي جو سج اُڀرندي نظر ئي نٿو اچي.


    واهيات ٽهڪ

    • بي ڌڙڪ دور جو واهيات ماڻهو فضول وڏا ٽهڪ ڏئي مونکان پُڇڻ لڳو:
    ته تون هر وقت مايوس ۽ اُداس ڇو هوندو آهين!؟
    ڇا تون ان زندگيءَ مان خوش ناهين؟
    چوڻ لڳس
    ها آئون اُن هر زندگيءَ مان خوش ناهيان جنهن زندگيءَ کي احساس جي مليل اک ئي ناهي
    سوال ڪرڻ لڳس:
    ڇا توکي ڪڏهن سنڌ جي اکين ۾ لُڙڪ نظر آيا آهن؟
    طنزيه ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.!
    ڇا مٽي به روئندي آهي!؟
    چوڻ لڳس، ها هيءَ انسان جي جسم کي جنم ۽ جياپو ڏيندڙ ڌرتي پنهنجن شهيدن ۽ غريبن جي لاءِ هر وقت روئندي رهندي آهي
    جنهن کي محسوس ڪرڻ لاءِ به من جي اکين جو جاڳڻ لازمي آهي...!
    اَن ڳالهه ٻُڌڻ سان هُن وائڙي ماڻهوءَ جا واهيات ٽهڪ ڪُتي جي اُوناڙ جان ٻيهر اُڀا ٿيڻ لڳا
    ۽ آئون ويتر اُداسيءَ جي اُس ۾ اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو رهجي ويس...

    • تون ته شاعريءَ جو جسم آهين
    ۽ هي منهنجا سڀ نظم تُنهنجي ئي نگاهه جو ناز ٿا لڳن...!

    • اي فراز! تو ته شُهرت جي شهنشاهي اُها ماڻي ورتي آهي
    جنهن کي ماڻڻ لاءِ ته اڄ جي دور جا ماڻهو پنهنجون زندگيون ئي ذيان ڪري ڇڏيندا آهن...!

    • اَلاءِ ڇو اسانجي ديس ۾ امن فُٽ پاٿ تي مري ويل معصوم ٻار جي اُداس اکين جهڙو ٿو لڳي...
    جنهن جي ته وارثي لاءِ ڪو به نظر ئي نٿو اچي...!؟

    • ماڻهوءَ تي لڳل داغ هميشھ خراب لڳندو آهي
    پوءِ چاهي اُهو داغ غيرت جو هُجي، يا غُلاميءَ جو...!


    آئون

    • جيڪڏهن آئون مسجد ۾ مران ته مونکي مندر اڳيان ساڙجو
    جيڪڏهن مندر ۾ مران ته مونکي ڪليسا جي در اڳيان اُڇلائي ڇڏجو
    جيڪڏهن ڪليسا ۾ مران ته مونکي عيسيٰ جيان ٽياس تي ٽنگي گرجا گهر جي گهنڊن ۾ گهيري رکجو
    تان جو مونکي خبر پوي ته آخر منهنجو روح ڪهڙي مذهب ۽ مزاج جو آهي...!؟

    • اسان ته اُن بي ترتيب بهارن جا وڃائجي ويل واس آهيون
    جن جي پُڇا لاءِ ڪو به پيار جو پوپٽ پنڌ ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
    ۽ تون اُن مهڪيل گُلاب جو گُلن سان ٽڙيل ٽار آهين جنهن مٿان ڀونئرا به بيخود ٿي ڀيرا ڏيڻ لڳندا آهن...!

    • اياز!
    ڇا اَهو آسمان مان ڪرندڙ ستارو ئي هوندو آهي؟
    يا چنڊ جي چُمي!
    جيڪا ڌرتيءَ کي ڇُهڻ لاءِ آسمان تان اُماڻي ويندي آهي
    ان عشق کي ڪهڙي احساس سان ڄاڻڻ گُهرجي ڪا خبر ئي نٿي پوي!
    • تازي ۽ مهانگي کاڌي سان ڀريل تنهنجي پيٽ جي اوگرائيءَ مان به بدهضميءَ جي بدبوءِ اچي رهي آهي!
    هوءَ ڏس تنهنجي پاڙي ۾ بُکايل غُربت جنهن جي سُڪل چپن جي ساڻن لفظن مان به کٿوريءَ جهڙي خوشبوءِ اچي رهي آهي..!


    عشق

    • اکيون اکين ۾ وجهي چوڻ لڳي ته عشق ڇاهي؟
    هُن جي خوبصورت سوال جي خوبصورتيءَ ۾ گُم ٿي چوڻ لڳس
    ته تنهنجي اکين جي گهرائين ۾ گم ٿي وڃڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به عشق ناهي.

    • جنوريءَ جي سرد رات ۾ گرم گُفتگو جهڙا پرين
    اچ ته وصالن جي برف ٿيل دوريءَ کي ڀاڪُرن ۾ ڀري وٺون.

    • اَمن اسانجي ديس مان اُن پرديسي پکيءَ تلور جيان بيدرديءَ سان ماريو ويو آهي
    جنهن کي شڪاري پنهنجي بندوق جو نشانو بنائڻ وقت به ڪنهن وڏي فاتح جهڙو فخر محسوس ڪندو آهي.

    • اسانجي ديس واسين جا من ته مُئل پر هينئن جون حالتون به هيرو شيما کان گهٽ نه آهن.

    • غالب جي غزل جهڙا پرين.!
    تُنهنجي نيڻن ۾ ته اُهي نشا آهن جيڪي موکيءَ جي مٽُ ۾ به نٿا ملن.

    • تون پيرن ۾ پازيبون پائي جڏهن واريا سي تي هلڻ لڳندي آهين ته مٽيءَ جو من به آنڌ مانڌ ۾ اچي ويندو آهي،
    ۽ سوڪهڙي جو سينو به اُڃ اُجهائي پشم جهڙن پيرن جا پنڌ چُمي پيار ۾ پاڻي ٿي پوندو آهي.

    • اڄ تون ڀلي منهنجي مُحبت کي لاوارثيءَ جو لاش بڻائي لا تعلقي ظاهر ڪري وڃ!
    پر اَهو به ضرور سوچجان ته آئون ڪا سُندر سُهاڳ جهڙي سانجهه تُنهنجي سيني تي به سُتل آهيان!

    • آئون ته اُڄ به اُن نظريي کي نامرد ۽ ناپاڪ سمجهان ٿو!
    جيڪو آزادي جي اُميد کي هر نئين صُبح جي انتظاريءَ جي اُلجهنن ۾ اٽڪائي پاڻ سڪون واري ننڊ سُمهي پوندو آهي،
    پر منهنجي سوچ ته اڄ به پاڪائيءَ جي جوان جذبن کي جنمي رهي آهي ته هر صُبح جي انتظاريءَ جي ميراڻ کي ماري،
    ڇو نه آزاديءَ کي اڄوڪي ڏينهن ۾ آڻي ۽ ماڻي وٺجي!


    تنهائين جي تڙپ!

    • تنهائين جي تڙپڻ جو تسلسل طويل بڻجي ڄڻ ته پنهنجي الڳ تاريخ لکي رهيو آهي،
    ۽ هر اُڀرندڙ احساس مُحبت کان محروم ٿي ماٺ جي مايوس موسم ۾ مُرجهائجي ويو آهي،
    وشواسن تي ويگاڻپ جي ولهه ڪري پئي آهي،
    ۽ آس اُڃايل پکيءَ جان پرڙا هڻي ٿڪجي ڪنهن ويرانيءَ جي بُکايل وات ۾ تڙپي رهي آهي.
    پر پوءِ به وجود پنهنجي وڃايل وجود جي ڳولا ۾ ڪنهن رمِتي جوڳيءَ جان بن بن ڀٽڪي تنهائين جي تڙپ جي سمنڊ کي جهاڳيندي اُميد جي هر ڪُنواري سينڌ ۾ ساک جو سينڌور ڀريو آهي.
    جيئن وقت جي تيز وهڪرن ۾ لُڏندڙ ۽ ٻُڏندڙ ميران جي گُنگهرن نزاڪت جي ناچ جا نعرا هڻي صداقت جي سيني ۾ سڦلتا جا ساز ڇيڙيا آهن، ته ڪٿ وري سيتا جي اکين جي سُندر باک ۾ پيار جي ڀنل پوپٽن ڀي پنهنجو پنڌ پُڄايو آهي!
    پر پوءَ به الئه ڇو تنهائين جي تڙپ پنهنجي بي رحم تاريخ جو پيٽ ڀرڻ لاءِ تڙپ جو ٻج پوکي تنهائين جا تهه وڌائيندي رهي آهي، اهڙن المين کان پوءِ لاٽ جا سڀئي ليئا ڌيما ٿي ويا آهن. اُماس جي اکين ۾ چنڊ بجاءِ وحشتون تنهائين جي تڙپ جا خنجر کڻي ڀٽڪي رهيون آهن،
    آئينا اُجرائپ جا عڪس وڃائي ڌنڌلائپ جي ڌوڙ سان منهن ڌوئي ويٺا آهن، آڪاس جي اکين مان گرم ڪندڙ ڳوڙها ڌرتيءَ کي ڇُهڻ کان اڳ ڄڻ ته سرد ٿي مري ويا آهن،
    انا پرستيءَ جون اڄ به ساڳئي عادتون پنهنجي جستجوءَ ۾ جاري آهن، ۽ اسان سنڌ جي اکين مان ٽميل رَت جي ڳوڙهن کي ڏسي غيرت کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آجو ڪري نه سگهيا آهيون،
    ڪنهن جاءِ تي سنڌ جي ڏاهي انسان جو هي قول پڙهي حيرانيءَ جي ڇپن هيٺان دٻجڻ ۽ گُهٽجڻ لڳس ته، غلاميءَ کان وڏي ٻي ڪا گار ئي ناهي ۽ پوءَ به اسان هن غلاميءَ جي ڪوٽ ۾ رهي ڪري سوچيون ٿا ته الئه ڪيتريون گاريون سهي ماٺ جي تنهائين ۾ غرق ٿي ويا آهيون، ۽ سنڌ سراپا سُڏڪا بڻجي وئي آهي، پوءِ چاهي اُهو سُڏڪو رڙ بڻجي ڪنهن سنڌ جي ناريءَ جي ڪپيل اُرهن مان اُڀريو هجي يا ڪنهن سنڌ جي زوري عزت لُٽيل نياڻيءَ جي نيڻن مان وهندڙ زارو قطار لُڙڪن جو سمنڊ بڻجي سنڌين جي ڪپيل زبانن جو مضبوط دليل ڏيندو هُجي.
    تڏهن ڀي تنهائين جي تڙپ جو تسلسل ڏينهون ڏينهن اسانجي ذهنن ۽ شعورن کي موت جهڙي مايوسيءَ جي زهر جو ڍُڪ پياري معذور ڪندو پيو اچي،
    اسان ڄڻ ته درد جي ڌارا ۾ مري ويل مُرڪ جي لاش کي ڳوليندي خود لاش ٿي ويا هُجون، ڇو ته محبتن جا من مُنافقيءَ جي مٺاس تي هري ويا آهن، دوستيءَ جي به دل مان هاڻ سڙيل سگريٽ جان ساڙ جي بوءَ اچڻ لڳي آهي، ها شايد تڏهن جو اُنهيءَ نفرت جي تيليءَ کي ٻارڻ شروع ڪيو آهي، ها پر الئه ڇو اهڙن دل آزاريندڙ سانحن تي تنهائين جي تڙپ پنهنجي تاثير جي شدت گهٽ ئي نه ڪئي آهي، حواس بد حواسيءَ جي نظر جو کاڄ ٿي ويا آهن، ڪميڻپ جي ڪهاڻين جا ڪئين ڪوجها ڪردار نئين سر سَرجي رهيا آهن، ويساهه جي وضاحتن جا ورق ميرا ٿي ويا آهن. انهيءَ جي باوجود ڀي اسان جو شعوري ذهن هيڏي وڏي وارتاءَ ۽ واويلا هوندي به کدڙي جي تاڙيءَ جيترو ڀي آواز بُلند نٿو ڪري،
    ته پوءَ اهڙن جذبن کي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پُٽ جو سرٽيفڪيٽ يقينن ڪير به نٿو ڏئي سگهي.
    سلام آ اُن سنڌ جي ڄائي ٻاگُهل ٻائي کي جنهن جنگ جي دوران پنهنجي مٿي تان چُني لاهي چيلهه تي سنڌرو ٻڌي خلجيءَ سان مهاڏو اٽڪائي سنڌيت جو پڪو ثبوت ڏئي هن دور جو ڪنڌ شرم کان هيٺ جُهڪائي ڇڏيو آهي،
    کَلي جي کيسي مان کوکلن نعرن جا ڪوڙا سڪا اُڇلائڻ سان سنڌ جو سچو سپوت سڏرائي ته سگهجي ٿو، پر ٿي نٿو سگهجي.
    ان ڳالهه جي سچائيءَ ۾ ڪيترو سچ آهي اهو فيصلو خود اندر جو اُجرو انسان ئي ڪري ٿو سگهي.
    پر جيڪڏهن پاڻ ئي پنهنجين ويڪرين ڇاتين ۾ جهاتي پائي غور ڪيون ته ائين شايد سنڌ جي مظلوم ٻچن جو خون رائيگان ڪو نه وڃي، پر ٿيو ائين آهي جو سنڌ جو حلالي پُٽ سڏرائڻ لاءِ اسان پنهنجا الڳ الڳ سياسي دُڪان کولي انسانيت ۽ مظلوميت جي خون جو واپار ڪن ڳُجهن ادارن سان ڪري پنهنجي ڪُک کي سڻڀو رکيو آهي!
    اهڙن پليت جذبن جي منهن تي بُجو رکڻ لاءِ سنڌ جي سورهيه شاعر ايوب کوسي جا احساس هينئن تي تري ٿا اچن،
    تون پُڇ نه دلبرن جو تون پُڇ نه رهبرن جو،
    ڪجهه هيل ئي وڪاڻا ڪُجهه پر وڪامجي ويا.
    سوڳوار احساسن جون اکيون کڻي چنڊ کان پُڇڻ لڳس ته ڇا هن دور ۾ سنڌ جي روپلن جي رڙ ۽ تلوارن جا تيز تجلا رُسوائيءَ جي رات ۾ دفن ٿي ويا آهن!؟
    ڇا هن دور جي بلاولن ۾ شهادت جي خوشبوءِ ئي ناهي جو گهاڻن گهرائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي!؟
    تنهن تي محبوب جي چهري جيان پُرنور چنڊ چوڻ لڳو ته عشق مري ويو آهي ۽ فطرتون فحاشيءَ جي ڪوٺي تي جام جي جهان ۾ مست ٿي پنهنجي اصليت وڪڻي ويٺيون آهن،
    شايد اهڙن ئي جذبن ۽ نظرين کي مُرشد ڀٽائي به اصليت جو آئينو ڏيکاريندي چيو آ ته!
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري،
    حيف تنين کي هو ئي وطن جنهين وساريو.
    پر پوءَ به ٿيو ائين آهي جو ڄڻ ته اسان جي ذهنن ۽ نظرين مٿان تنهائين جي تڙپ جي وڄ ڪري سمورا حواس لُٽي ورتا هُجن ۽ اسان گونگا بڻجي گُمناميءَ جي غارن ۾ ديش دروهين جيان مار جي ويا هُجون،
    احساسن جي اوچائيءَ جا چهرا چُهڻ لئه مولانا محمد علي جو هر جو هي بيباڪ جملو جيئڻ جا دڳ ڏيکارڻ لاءِ چوي ٿو ته ”آئون غلام ملڪ ۾ رهڻ ته ڇا پر پاڻ کي دفن ڀي ڪرائڻ به پسند نه ڪندس“.
    ۽ اسانکي تنهائين جي تڙپ جو مرض ايترو ته وڪوڙي ۽ ڪمزور ڪري ويو آهي جو هٿن ۾ آزاديءَ جو پرچم کڻڻ ته ڇا پر قلم کڻڻ جيتري به سگهه ئي ناهي رهي،
    آخر ڇو هن تنهائين جي تڙپ کي شعور جي خنجرن سان قتل ڇو نٿو ڪيو وڃي!؟
    هن تنهائين جي تڙپ جي تاريخ جا ورق ڦاڙي محبتن جي ميلن جا مجموعا ڇو نٿا لکيا وڃن!؟
    هن تنهائين جي تڙپ کي دلين جي ديس مان تڙي ڇو ته نٿو ڪڍيو وڃي؟
    جو سنڌ اُداسيءَ جي رُت ۾ ڳلن تان ڳڙيل ڳوڙهن جي نشانن جيان ٿيندي وڃي..!


    روح مان نڪتل رڙ

    • وقت جي تتل صحرا تي زندگيءَ جون خوشيون ڊُڪي ٿڪجي پيون آهن.!
    پر پوءِ به مُرڪ کي مايوسي ڳڙڪائڻ وساريو ناهي
    ۽ درد جون اُڀيون ترارون پيار جي سيني ۾ چُڀجڻ لاءِ چمڪي رهيون آهن،!
    فحاشي پيار مان ناجائز فائدو وٺي رهي آهي،
    آئون اهو ئي چوڻ ٿو چاهيان ته نئين سال جو سج به ضرور قُربانيءَ جي ڳاڙهي رَت ۾ وهنجي تپي ٽامون ٿي پيون هوندو، ۽ اڄ جي ٿڌي شام به رات جي منهن تي بي سُرهائي جا ڀونڊا ڇڏي جلد لڪي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.
    آئون انهيءَ سوچ ۾ آهيان ته هر پاسي قُربانيءَ جا جانور ذبح ٿي رهيا هُئا، هر ماڻهو قُربانيءَ جي گوشت کي وڏي طلب سان حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين نظر اچي رهيو هو، پر اوچتو شهر جي هڪ روڊ جي ڀرسان پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ تازي ڄاول ٻار جو لاش ڏسي حيرت ۽ افسوس جي ڪُنن ۾ غوتا کائڻ لڳيس!
    ته اڄ قُرباني فقط جانورن جي قبول پوڻي آهي، پر هيءَ پيار جي معصوميت جي قُرباني اڄ کُليل آسمان جي هيٺان ماڻهن جي طنز ڀريل نگاهن کي نه ڪُجهه ٻُڌائي ٿي سگهي ۽ نه وري پنهنجي منهن تي هٿ رکي پاڻ کي ناجائز رَت جي ڦُڙي جي ناپاڪ نانءُ کان لڪائي ٿي سگهي!
    پر افسوس مان چوڻو ٿو پوي ته اُن معصوم ٻار جي لاش کي ڪپڙي جي ڪفن بجاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري لاوارثيءَ جي لهرن جي حوالي ڪرڻ وارن بزدل جذبن کي آخر ڪهڙن لفظن سان ڀيٽا ڏجي؟
    ائين ٿو لڳي ڄڻ ته گُهٽيل ماحول جي شفاف سيني تي ماتم جا نشان نظر اچي رهيا آهن،
    گهٽين ۾ تازن ڪيرايل ٻارڙن جو رواج ڄڻ ته ماڊلنگ جيان عروج تي چڙهي رهيو آهي،
    وجود جي ڪنوارپ جي بدن ۾ پيار جي بزدليءَ جو زهر ڀرجي رهيو آهي،
    پر ماٺ جي منحوس موسم وات ۾ حيرت جي آڱر وجهي خاموش نهارن سان فحاشيءَ جي اُگهاڙپ کي تڪي رهي آهي
    ۽ شرم جي اکين ۾ درد جا ڳوڙها برف جيان ڄمي ويا آهن،
    پيار جي پاڪ روح کي بي حيائيءَ جي بدبوءِ وڪوڙي وئي آهي،
    اُميد جي هر ڪُنواري ڪُک ۾ ويساهه گهاتين جو خنجر کُپيل آهي، ۽ اُجرائپ جي سمورن احساسن ڀي ڄڻ ته خود ڪشي ڪري ڇڏي هُجي،
    بي رحم وقت جي تيز کڄندڙ قدمن مان اُڏامندڙ دز حواسن کي ڌُنڌلو ڪري وشواسن جي ويجهڙائپ جي جسم تي وڍ وڌا آهن،
    ۽ پيار جي معصوميت کي حوس جي هٿن سان ڇُهي ڪميڻپ جي ڪوڙهه جو مرض ڏئي بدناميءَ جي بازار ۾ بيهاريو ويو آهي،
    جت هر تماشائيءَ جي طنز اڳي ئي تير ڪمان جيان تيار هوندي آهي ته ڪهڙي شرافت جي سيني ۾ الزام تراشيءَ جو تير هڻي زخمن سان ذليل ڪجي،!
    چيو ويندو آهي ته پيار جي گُل کي هڪ الڳ خوشبوءِ ٿيندي آهي، جنهن مان ڪئين حساس احساسن جا پوپٽ جنم وٺي زندگيءَ کي رنگين بڻائي ڇڏيندا آهن،!
    پر هن حوس جي هٿن ۾ پلجندڙ پيار ته هميشھ حساس ۽ معصوم پوپٽن جو گلو گُهٽي روح جي رنگينيءَ جي منهن تي ڪاراڻ ملي آهي!
    اَن پيار ته پنهنجائپ جي پاڪيزگيءَ کي پليتيءَ جو نانءُ ڏئي لاوارثيءَ جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي،
    شايد اُن پيار جي ڪُک مان هر جنم وٺندڙ معصوم ٻار موت جهڙي مايوسيءَ ۾ گُم ٿي گهٻراهٽ جي گُمناميءَ جي قبرستان ۾ لُڇي لاش ٿيڻ ئي پسند ڪندو آهي،
    پر پوءِ ڀي پيار ۾ ڪا تبديلي اچي ناهي سگهي، ها جيڪڏهن تبديلي آئي به آهي ته فقط اها ئي نظر ٿي اچي ته رات جي ڪاري اوٽ ۾ لڪي ڀاڪُرن جي گرميءَ ۾ پاڻ کي عياشيءَ جي بستري تي ڇڏي سرور ڀري ڪا ننڊ ڪري موڪلاڻيءَ وقت پگهر مان شل ٿيل آرس موڙي من جي ميرائيءَ کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻو پيو آهي،
    پر افسوس ان پيار جي عياشيءَ جي بدقسمتي جو هن اُجري معاشري جي ڳالهين کان بچڻ لاءِ پنهنجي وجود جي اُمُلهه نشانيءَ کي پنهنجي ئي هٿن سان گُهٽي پيار جي پاڪ رشتي مٿان ڪاراڻ جو داغ لڳائي اُنهيءَ ٻار کي حرامين جي هجوم ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اُن جي خاموش معصوميت کي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ جي حوالي ڪري يا ته ڪنهن ڪچهري جي ڍير تي اُڇلايو ويندو آهي،
    يا وري اُنهيءَ معصوم نفيس ٻار کي ڪو شهر جو وڏو گٽر ڳڙڪائي ويندو آهي،
    ها پر ڪير سمجهائي هن پيار جي نبض ۾ حوس جي ڀريل بيوقوفيءَ کي جو هر ڳالهه کي درگُذر ڪري وري به سرور جي سمنڊ ۾ وهنجڻ جي طلب ظاهر ڪريو ڇڏي،
    آوارگيءَ جي اُس ۾ خوشيءَ جا نازڪ پيرا سڙي سهڪ بڻجي ويا آهن!
    زندگيءَ جي ٻانهن مان چاهت جون چوڙيون ٽُٽي چڪنا چور ٿي ويو آهن،
    ڄڻ ته سُهاڳپُڻ کان اڳ هر سنڌور ڀرجڻ واري سينڌ وڌوا جو ويس پائي ڇڏيو آهي،
    بي حيائيون بُڇڙائيءَ جي رستن تي رُلندي نظر اچي رهيون آهن،
    من جون مُرجهايل مُحبتون ڄڻ ته ڪنهن معذور جيان گليءَ گليءَ ۾ گهلجي مري رهيون آهن،! ۽ سنڌ جي سيني تي اڄ به هر ناجائز ڪيرايل ٻار جي رَت جي ڦڙي جو درد تڙپ سان سهڪي رهيو آهي، جنهن کي فقط انسانيت ۽ احساس جي اک ئي ڏسي ٿي سگهي،!
    آخر پنهنجي وجود کي ويا ڪلتا جي ويرانيءَ جي وات ۾ اُڇلائڻ بجاءِ سيني سان لڳائڻ جو سهارو ڇو نٿو ڏنو وڃي،!
    احساسن جي اوچائيءَ کي سلاميءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ اَهو ضرور چوندس ته جڏهن اوريا نا فلاسي جو ناول ”اَڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ پڙهڻ لڳس ته ڇا ممتا جي مڪملتا جي خوشبوءِ جا خواب منجهس مهڪي رهيا هُئا، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي اُگهاڙپ جو عڪس نظر ئي نٿو اچي، بلڪه پنهنجي وجود جي حصي اَڻ ڄاول ٻار کي ڌرتيءَ جي دل تي ڪنهن تازي گُل جيان ٽڙڻ لاءِ انتظاريءَ جي اڻانگهن سفرن کي صبر سان ڪاٽيندي پيار جي پاڪائيءَ کي پنهنجائپ جو ڀاڪُر وجهي، ڪريل جذبن جي سوچن کي اُجرائپ جو آئينو ڏيکاريو اٿس،
    ته ڪٿ وري ممتا جي روپ ۾ مدر ٽريسا يتيم ٻارڙن کي گود ڏئي گُناهه جي جهوليءَ مان نڪتل معصوميت کي ثواب جهڙو سڪون حاصل ڪرايو آهي،
    پر ڪير سمجهائي اُن پيار جي پاڪائيءَ کي پليتيءَ جو پوشاڪ پهرائڻ واري نظريئي کي، ته بيحيائي جي بستري تي سُمهڻ بجاءِ بيباڪي جي جاڳ سان وجود جي انمول حصي کي ممتا جي مُرڪ سان سڏي ڇاتيءَ سان لڳائي سيني جي سنڌوءَ مان کير جي ڌارا جو در کولي ڇڏجي، ته جيئن ڪنهن به تازي ڄاول ٻار جي روح مان نڪتل رڙ لاوارثيءَ جي لمحن ۾ لاش ٿي نه سگهي! ۽ پيار ڏي ويندڙ پنهنجائپ جي پيرن ۾ ڪنهن به پليتيءَ جو ڪانچ ٻيهر چُڀي نه سگهي!
    ۽ نه ئي حوس جي هٿن ۾ پيار جي پاڪائي جو پاند ليڙون ليڙون ٿي لُڇي سگهي...!


    منوا

    • منوا!
    آئون اُن اُميد کي آخر ڪيئن اڪليو ڇڏي ڏيان
    جنهن جي منزل ئي فقط تون هُجين!!....

    • منوا!
    ڇا اهو الميو گهٽ آهي!؟
    جو پنهنجن نيڻن جا خوبصورت ۽ جوان خواب مُحبتن جي مهڪ ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي مار جو وڃن!.

    • منوا!
    هن دوستيءَ جي رشتي جي دل ۾ آخر ڪهڙي اَنا جو خنجر کُپي رهيو آهي!؟
    جو سڀ اُجرائپون رَتو رَت نظر اچي رهيون آهن!.

    • منوا!
    جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي من جي اکين سان هڪ ٻئي جي احساسن کي محسوس ڪري وٺن ته شايد ايتريون مُنافقيون پيدا ئي نه ٿين!.


    • منوا!
    ڇا گُل ۽ پوپٽ به پاڻ ۾ رُسندا آهن!؟
    جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو رشتو صدين کان وٺي هڪ طرفو ڪيئن هلندو پيو اچي!!...

    • منوا!
    جيڪي جذبا موت جهڙن مرحلن کي به مات ڏئي پيار ڏي پنڌ ڪرڻ لڳندا آهن!
    ڇا اُهي هميشھ امرتا جو اڻ کُٽ احساس بڻجي ويندا آهن!؟......

    • منوا!
    ڪوريءَ مٽيءَ مان گهڙا ٺاهيندڙ ڪُنڀارن جا گهڙن مٿان چٽجي ويل آڱرين جا نشان!
    ڇا پاڻيارين جي چيلهن کي چُمڻ لاءِ ته نه زندهه رهجي ويندا آهن!؟.....

    • منوا!
    اڳي ته هن سنڌ ڌرتيءَ ۾ رُڳو سلامين جا صُبح ئي ساهه کڻندا هُئا! هاڻ اهي سڀئي الئه ڇو مُئل محسوس ٿي رهيا آهن!؟.

    • منوا!
    جيڪڏهن ماڻهن جو وس پُڄي ها ته چنڊ کي به وڪڻن ۾ دير نه ڪن ها!.

    • منوا!
    اُهي ماڻهو آخر ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل هوندا آهن!؟
    جن جامن هميشھ مُحبتن کان محروم هوندا آهن!...
    • منوا!
    مُنهنجي روح جو اُڃايل رند تُنهنجي محبوبيت جي مئخاني مان پيار جو مَڌ،
    تنهنجي چپن جي پيالي مان چُميءَ جي سُرڪ جي احساس سان پي مست ٿيڻ ٿو چاهي!.

    • منوا!
    هر موسم ۾ تازگيءَ جو احساس تون ئي ته آهين.

    • منوا!
    تو جيڪي ڪلهه هوا ۾ پنهنجا ڪُنوارا ٽهڪ اُڏاري ڇڏيا هُئا
    سي ته اڄ هر گُل تي گُلاب ٿي ٽڙي پيا آهن!...

    • منوا!
    تون بسنت جي رُت ۾ ائين وار کولي نه هلندي ڪر!
    ڇو جو ڀونئورا توکي ڏسڻ کان پوءِ گُلن جي واس جو احساس ئي وساري ويهندا آهن.

    • منوا!
    تُنهنجو ڪُنوارپڻ ئي هڪ شاهڪار ڪتاب آهي
    جنهن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ته فقط پيار جي اکين جو جاڳي پوڻ ئي ڪافي آهي!
    • منوا!
    ڇا تُنهنجو ۽ مُنهنجو نه ملڻ ڪنهن قيامت کان گهٽ آهي!؟
    • منوا!
    تُنهنجي ڪُنوارين ٻانهن مان ٽُٽل اڇين چوڙين جا اڌ،
    يقينن چيٽي موسم جي پهرين تاريخ واري چنڊ کان گهٽ ناهن!

    • منوا!
    سچ پُڇين ته تُنهنجي مُحبت جي مهڪ ۾ ايترو ته واسجي ويو آهيان!
    جو هاڻ ڪنهن به خود ڪشيءَ جي خيال ڏي دل ڌڪجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي!...

    • منوا!
    ٿر جي ڀٽن تي بيٺل ٻاجهرين جي پَڪل سنگن جي سُڳنڌ به تُنهنجي پيار ارپيل پگهر هاڻن لڱن جيان پئي لڳندي آهي.

    • منوا!
    ماڻهن جي منن کي آخر ڇا ته ٿي ويو آهي؟
    جو مُحبتون مُرجهاءُ جي موسم ۾ ڇڻي مري رهيون آهن!
    وشواسن ۾ ڪنهن به ويجهڙائپ جو واس محسوس ئي نٿو ٿئي!
    خاموشين جي کاهين ۾ ڪري پيل خوابن جون خوبصورتيون به مايوسين جي ڌوڙ اندر ڌُنڌلائجي اُن درد جو دستور بڻجي ويون آهن،
    جنهن جو ڪٿ به انت نظر ئي نٿو اچي!
    آس جي اُڃ کي ڪو به عشق جي احساس جو پاڻي پيارڻ لاءِ تيار ئي ناهي!
    اُميدون اُلو هڻي سهڪي رهيون آهن!
    نينهن ۾ نکريل نيڻن جي نياپن جا پنڌ ڀي پري ٿيندا وڃن
    چاهتون مُئل ماحول جو روڄ بڻجي ويون آهن،
    هن هيڏي وڏي وارتائن جي هوندي به الئه ڇو !؟
    ماڻهو بي سُرائين کي سينن ۾ سانڍڻ جو سور ڪيئن ٿا برداشت ڪن؟

    • منوا!
    اڄ به آزاديءَ جي نظريي کي ناپاڪ سمجهندڙ نادان ماڻهو!
    غُلاميءَ جي گند ۾ ڪوڙهه جان لڳل مرض جهڙا ذليل ڏينهن گُذارڻ کان پوءِ به الئه ڇو
    عبادت گاهن ۾ وڃي گار جهڙي غليظ گُذاريندڙ زندگيءَ جي سلامتيءَ لاءِ وڏيون دُعائون گهُرندي ٿورڙو به شرم ئي محسوس نه ڪندا آهن!

    • منوا!
    هي مُحبتن جي موسمن ۾ بيرُخين جون بي سُرائيون ڪٿان اچي ويون آهن!؟
    جو اُميدون اکين ۾ اوجاڳن جو آسمان سمائي ويٺيون آهن!
    بيوفايون بي خبرائيءَ جا خنجر کڻي چاهتن جي سينن ۾ چُڀجي رهيون آهن!
    ۽ وقت هر ويل ويساهه گهاتين سان نوان ويس مٽائي مايوسين جي مونجهارن سان ماري رهيو آهي!
    ها تڏهن ته علي حسن جي مُحبت جا معصوم خواب موت جو ماتم بڻجي بي وڙي بازار ۾ ڀيلجڻ لڳا هُئا!
    ڇو جو اُن جي پيار کي ڪو به پنهنجائپ جو ڀاڪُر پائڻ لاءِ تيار ئي نه هو!
    ويتر تڙپ جي تندور ۾ اُڇلايو ويو هو!
    پاڻ پرهه جي پاند ۾ پويل محبوب مُرڪ جي احساس جهڙو اُجرو عاشق،
    درد جي درياهه جي تيز وهڪرن سان وڙهندي ايترو ته ٿڪجي ۽ ٽُٽي پيو هو،
    جو آخر جيت مار دوا پي هر اُڀي اَنا جو ڪنڌ پنهنجن پيرن تي جهُڪائي،
    آخري نهار ۾ به ڄڻ ته ڪو پيار جي پُڇاءُ جو ڊگهو پنڌ ڇڏي وهائو تاري جيان وسامي ويو هُجي!!...

    • منوا!
    مسجد جي ممبر تي ويهي ڪڙڪ لهجي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ قيامت جا خوف ڀريندڙ مُلن کي شايد اها خبر ئي ناهي!
    ته هت هر مُفلس جي بُکايل پيٽ ۾ هر ويل هڪ نئين درد جي قيامت برپا هوندي آ.

    • منوا!
    جڏهن ڪويل جي ڪوڪ جا قصا وڌي وڻ ٿي پوندا آهن،
    ته پوءِ بارش پنهنجا آلاچپ ٺوٺ سُڪل ڌرتيءَ جي سيني تي اچي رکندي آ،
    ۽ ساوا سلا ڦُٽي پوندا آهن،
    گُل سونهن جي خوشبوءِ جو ويس پائي آرسون موڙي پوپٽن کي پريت جا ڀاڪُر پائڻ لڳندا آهن،
    هر سوڪهڙي جي سُڃ مٿان سُهاڳ رات جهڙي ساوڪ پنهنجا سُڳنڌي واروڇائي ڇڏيندي آهي، ڳاڱيون ڳاڙها ڳل ڪري ڪنهن وهانءُ ويٺل وينگس جيان پاڻ کي وڻائڻ لڳنديون آهن،
    روهيڙا به روح کي راحتن جي تازگيءَ جهڙا رنگ ارپڻ لڳندا آهن،
    ڀٽن جي ڀورڙي بدن کي ڪونڀٽ به پنهنجي ٿڌي ڇانوءَ جو ڇُهاءُ ڏيڻ لڳندا آهن،
    ٻاجهرين جا سنگ به سامائجي هوائن ۾ هندورو ٿي لُڏڻ لڳندا آهن،
    ۽ ڪارونجهر جي ڪور مٿان، مورن جا تازا ٽڙيل آلاپ ايترو ته مستيءَ ۾ مست ٿي پنهنجن پيرن سان رقص جو راڳ ڇيڙي ائين پر پکيڙي ڇڏيندا آهن،
    ڄڻ ته ڪو سنڌ جي آزاديءَ جو جشن ملهائيندا هُجن!
    ها، پر اهڙي محبوب موسم ۾ به اڪيلائيءَ جو احساس کڻي مُحبتن جو پاڻ ۾ نه ملڻ
    آخر ڪهڙين آسن کي ويتر انڌيري جي اُڃ ۾ اُڇلائڻ ٿو چاهي!؟

    • منوا!
    مونکي ته اڄ به موئن جي دڙي ۾ دٻجي ويل دلبرين جي دلين جي تيز ڌڙڪڻ ائين محسوس ٿيندي آ!
    جيئن ڀاڪُرن ۾ ڀريل محبوبا جا مُرڪيل ماڻا ڪُجهه چوڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا آهن
    مونکي ته اڄ به اُنهن اکين جي عشق جي چانڊوڪين جا چاڳ چٽا نظر اچي رهيا آهن،
    جن جي نيڻن ننڊون وساري وفائن جي وشال وادين ۾ ويهي وصل جا
    وچن ڪيا هُئا
    مونکي ته اڄ به اُنهن گرم ساهن جي سرگوشين جا ساز پنهنجي سيني ۾ ائين سُرندي محسوس ٿي رهيا آهن،
    جيئن ٻه جسم پاڻ ۾ ملي پيار جي اُجري احساس جي اُڃ کي اُجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن
    مونکي ته اُنهي ناچڻيءَ جي نازن جا نکار به ايئن نظر آيا آهن،
    جنهن جا گنگهرو اُن گسن جا گيت بڻيا هُئا!
    جن جي منزل فقط مڃتا جي مُحبت ئي هوندي آ!
    ها پر!
    مونکي ته اڄ به اُن دڙي ۾ اُها درديلي دانهن به محسوس ٿي رهي آ هي
    جنهن جو درد اڄ جي سنڌ جي دردن کان گهٽ نه آ!

    • منوا!
    تنهنجي دوريءَ جي درد،
    منهنجي من کي موئن جي دڙي جي ڀٽن جيان ڀوري بي ترتيب بنائي ڇڏيو آ.
    جنهن ۾ منهنجون ڪيئي آسون اڄ به لُڇي لاش ٿي رهيون آهن!

    • منوا!
    تنهنجي هر مُرڪ موت جهڙي مايوسيءَ لاءِ شفا جو شهر ٿي لڳي!.

    • منوا!
    وقت جي مُنافق ماڻهن گُلشن جي ڪوڙيل وارن تي به وڏا ٽهڪ ڏنا ها!
    پر سچ پُڇين ته مُنهنجي روح جي هر خوشي خاموشيءَ جو سوڳائتو ويس ويڙهي سوچ جي گهرن ڪُنن ۾ ٻُڏي غوتا کائي جيئڻ ۽ مرڻ لڳي هُئي!

    • منوا!
    اسانجي خوشحال مُلڪ ۾ ته اڄ ڀي مُفلس ۽ معذور ٻارڙا ڪُتن جي لتاڙيل اروڙيءَ تان اُڇلايل اميراڻي مانيءَ جا اوباريل ٽُڪرا ميڙي،
    بُک جي باهه کي اُجهائڻ لاءِ اتاولا نظر ايندا آهن!
    پر پوءِ به اسانجي خوشحال مُلڪ جي کيسن جا بٽڻ غربت جي پيٽ
    جو گراهه ٿي کُلڻ لاءِ تيار ئي ناهن!

    • منوا!
    هي ڪهڙو دور آهي؟
    جنهن ۾ بمن لاءِ ته وڏيون بجيٽون رکيون ٿيون وڃن!
    ۽ ماڻهوءَ کي وري هڪ مانيءَ جيترو مُلهه ڀي نٿو ڏنو وڃي!...

    • منوا!
    هو سڀ ستارا توڏي ئي ته تڪي رهيا آهن،
    اڃا به جيڪڏهن تون چهري تان چُنريءَ کي هٽائي ڇڏينءَ!
    ته هو آسمان جو چنڊ اُڀرڻ ئي ڇڏي ڏي!!...

    • منوا!
    تون ئي ته منهنجي نظمن جي ممتاز آهين،
    ۽ منهنجي هر تحرير جو اڏيل تاج محل به تولاءُ ئي ته آهي...

    • هر شهيد جي قبر تي وڇايل تازا گُل ڄڻ ته ڪنهن وڏي دُعا لاءِ ٻُڪ کولي بيٺا هوندا آهن.

    • خُدا جي گهر ۾ آکيرو اڏيندڙ جهرڪيءَ کي ماري،
    پرهيز گار تو آخر ڪهڙي ثواب کي سيني سان لڳايو آ!.
    • آهي ڪو اهڙو ڌرم وير انسان؟
    جيڪو مونکي به سمجهائي ته جنگين ۾ مارجي ويل معصوم ٻارن جي لاوارث بڻيل لاشن کي آخر ڪهڙي ڌرم جي پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ دفن ڪجي...

    • ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن کي ته هر دور ۾ ڌڪا ملندا رهن ٿا!
    پر هي آسمان مان ستاري کي ڪنهن ٿُڏو هڻي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي؟.

    • ڇا پوپٽن جي اکين ۾ رُڳو خوشبوءِ جا ئي خواب مهڪيل هوندا آهن؟
    يا سڙي ويل گُلابن جي سوڳ جا به سور سمايل هوندا آهن!؟


    حوس جي اُڃ

    • پنهنجي عورتن جي گرم احساسن کي اڪيلو ٺار ۾ ٺرندو ڇڏي،
    ۽ کڌڙي جي جسم تي حوس جي اُڃ اُجهائڻ وارا ماڻهو،
    اڄ به ڪالر ڇنڊي وڏي فخر سان جيئڻ پسند ڪندا آهن.

    • رستن تي پنندڙ ٻارڙن جي يتيم معصوميت کي بي ڌيانيءَ سان ڌڪاري ڇڏڻ،
    يقينن ڪو گهٽ سانحو ناهي!.

    • جيل جي لوهي گيٽ وٽ بيهي قيدين جي اکين جا اوجاڳيل خواب آخر ڪهڙي انتظاريءَ جي احساس کي ڀاڪُرن ۾ ڀرڻ لاءِ بي چين بيٺا آهن!


    آزاديءَ جو سج

    • جبل جي سيني ۾ سوراخ ڪري گهر ٺاهيندڙ ماڪوڙيءَ جيتري به اسان ۾ همٿ هُجي ها
    ته اسان الئه ڪيترا سال اڳ آزاديءَ جو سونهري سج اُڀاري وٺون ها!...

    • آئون ڪڏهن به موت کان ڊڄي ڪُجهه ڏينهن جي مُهلت نه وٺندس!
    بلڪه موت کي به مَڌ جي مزي جيان ماڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس!.

    • موت جي پيرن تي ڪري مرڻ کان بهتر آهي ته سينو تاڻي ساهه ڏجي!.

    • فُٽ پاٿ تي مري ويل مُفلسيءَ جي لاش کي،
    گٽر ميڙيندڙ ميونسپل جي ٽاليءَ ۾ کڻي وڃڻ
    ڇا تو هينِ انسانيت ناهي ته پوءِ ڇاهي؟...

    • عورتن جي غلاميءَ ۾ گهلجندڙ مردن مان آخر سنڌ جي آجپي جي ڪهڙي اُميد رکجي؟.

    • جيڪي به غُلام قومون ذلالتن جا زنجير پائي زندهه رهڻ پسند ڪن ٿيون
    اُهي آزاديءَ جو امرت پيئڻ کان هميشھ محروم رهجو وڃن!.

    • رهبر ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ اسان ايترو ته غرق ٿي ويا آهيون
    جو آزادي به اسان کان اکيون ڦيري رُسوائيءَ جي رستن ڏي هلي وئي آهي!.


    ايمان

    • سُڪل ۽ پاروٿيون مانيون پاڻيءَ سان پُسائي کائڻ وارن مُفلس ماڻهن جا ايمان اڄ به اُجرا آهن
    ۽ اسان جهڙن نون ۽ تازن طعامن کائڻ وارن ماڻهن جا من الئه ڇو ڏينهون ڏينهن ميرا ٿيندا پيا وڃن؟.

    • عياش عورت جي اکين ۾ پيار جي خوبصورتيءَ جا خواب ڳولڻ بيوقوفيءَ کي ڀاڪُرن ۾ ڀرڻ کان گهٽ نه آ!

    • نيڻن جي کٽوليءَ تي پيل منهنجي خوشين جا ضعيف خواب،
    اڄ به تُنهنجي پيار جي وارثيءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن!.

    • وقت جي بي رحم پيرن هيٺان منهنجي مُحبت جا معصوم گُلاب روز بي درديءَ سان لتاڙيا ويندا آهن.

    • تون ته منهنجي نظمن جي اُها نهار آهين
    جنهن جا نيڻ ڪڏهن به نوڙتن کان خالي رهيا ئي ناهن.

    • ڪُنوارين ڪرائين ۾ پيل ڪنگڻ سرورن جا ساز ڇيڙي،
    آخر ڪهڙن گيتن جي گونج بڻجي ويا آهن؟

    • در کي ٽيڪ ڏئي بيٺل نوجوان نينگريءَ جا اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل نيڻ،
    ڄڻ ته نما شام جي اُداسيءَ جو ڪو عڪس ٿا لڳن!.


    ڌرتيءَ جو درد

    • ها آئون اڄ به ڏسي رهيو آهيان پنهنجي ديس جي خوشين جا خون ٿيل چهرا،
    جنهن تي زماني جي دردن جا چهڪ چِٽا نظر اچي رهيا آهن، پر وري به اُنهن مائرن جي مُحبتن کي سلام آ!
    جيڪي ڌڱ دلير پُٽ ڄڻي ڌرتيءَ کي دان طور ڏئي ڇڏينديون آهن،
    جن جي رَت جي ريج مان به ٻيا ڪئين گُلاب آزاديءَ جي خوشبوءِ کڻي ٽڙي پوندا آهن،
    ها پر ڇا!؟
    هن ڌرتيءَ جي درد کان وڌيڪ ڪو ٻيو به درد ٿي سگهي ٿو!؟
    جنهن ڌرتيءَ جي چپن کان سنڌوءَ جي لهرن جا سڏ کسيا وڃن!
    ڪيٽي بندر جي ڪڇ کان ديبل بندر لُٽي لاش ڪيا وڃن!
    مورڙي جي ماڳن تي وحشتن جا وار ڪري سچائيءَ جا سينا ساڙيا وڃن!
    ها! اچو هن ڌرتيءَ جي دل تي هٿ ته رکي ڏِسو!؟
    جنهن جي تڙپ جو تصور ته سڪون ئي ساڙيو ڇڏي!
    پر اڃا به توهان سنڌ ڌرتيءَ جي جيء کي جيارڻ لاءِ تيار ئي ناهيو!
    اڙي هيءَ ڌرتي جيڪا توهانجو حقيقي گهر آهي،
    ان گهر ۾ رهڻ لاءِ توهانکي سامراج جي سڏ جي سلامي ڇڏڻي پوندي،
    ۽ هڪ اهڙو انقلاب ٿي اُڀرڻو پوندو،
    جنهن جو مقصد ئي فقط آزاديءَ کي ماڻڻ هوندو آ،
    ها آئون اهو به ڄاڻان ٿو ته احساس ماريا ويندا آهن،
    اوچا ڪنڌ ڪپيا ويندا آهن،
    سرفروشن جا سڏ گهُٽيا ويندا آهن،
    ۽ ڦاهين تي ڪئين چنڊ چاڙهي ڦٿڪايا ويندا آهن،
    پر پوءِ به اُنهن انسانن جي عظمت جا معيار ۽ مينار ڪڏهن مرندا ناهن،
    هن ڌرتيءَ جي ڌڙڪندڙ دل جو قسم!
    اوهان جهڙا ئي انسان انقلاب آڻيندا آهن،
    جيڪي سچائيءَ جو سينو بڻجي تاريخ ۽ تعريف جي تبصرن ۾ هميشه زندهه رهندا آهن،
    پوءِ ڇو نه ماٺ ۾ مرڻ واري زندگيءَ کي هڪ نئون روپ ڏئي انقلاب جي احساس جو آواز بڻجي،
    هر گلي ۽ گام ۾ هڪ اهڙي گيت جو گونج بڻجي وڃجي!؟
    جنهن جو پڙاڏو هر صديءَ کي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏيندو رهي!...


    سنڌ

    • سنڌ جي نياڻين کي ننگو ڪري اُرهن مٿان پارٽيءَ جا اشتهاري ٺپا لڳائيندڙ،
    حيوانن سان ڀائپيءَ جا ڀاڪُر پائيندڙ پليت جذبن کي آخر ڪهڙن واهيات جملن سان جس ڏجي!.

    • چڪلي ۾ واڪ تي وڪامندڙ نيرڳيءَ جهڙي نينگريءَ جا اڻ ڇُهيل احساس،
    سُهاڳپڻ جي سيج ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي خود ڪشي جو خيال بڻجي ويندا آهن.

    • گُلابن جي سُڪل اُداس لاش بڻيل لامن تي،
    اڄ به خزان جي خنجر رت جا زرد زخم ظاهر نظر اچي رهيا آهن.

    • ڇا اڄ به ڪجلا سَر سوڍين جا ساٿ ساري سڪ ۾ سهڪي سائو ٿي پوندو آهي!؟.

    • مست جوڀن جي جلترنگ رُتن جي راڻي؟
    پنهنجن پشم جهڙن پيرن کي ويتر نازن جا نکار ڏئي ايئين بيخوديءَ مان نهاري نه هل!
    متان هي ڪارو نجهر جبل جو ست رنگو سينو به پگهري پاڻي نه ٿي پوي.

    • ڏياريءَ جا ڏيئا ٻاريندڙ ڪُنوارن هٿن کي ڪهڙن چپن سان چُمي ڏئي چاهتن جي چنڊ جي ڀيٽا ڏجي؟.

    • توکي پيار جي لفظن سان ڪهڙي ڀيٽا ڏيان؟
    تون ته پاڻ هڪ شاهڪار حُسن جي خوبصورت ڪُنواري تشبيهه آهين!.

    • احساس کان خالي هن سماج ۾ رهڻ کان پوءِ ڇا تو به سيني مان پيار جي دل کي ڪڍي ڇڏيو آهي؟
    جو منهنجي هِن معصوم مُحبت تي ترس ئي نٿو اچئي!.


    ٽٽل ستارو

    • اسان ته چنڊ جي روشنيءَ ۾ روئندڙ رات جي درد کي ئي نه محسوس ڪري سگهيا آهيون،
    سو وري ڪهڙو اُڀ مان ٽُٽل ستاري تي سوڳ ڪنداسين!.

    • شام جي هوائن ۾ گونجيل تُنهنجي گُلابي چپن جو ڪُنوارو ٽهڪ، يقينن ڪنهن حسين عشق جي ابتدا کان گهٽ نه آهي.

    • حساسيت هڪ اُهو حُسناڪ احساس آهي
    جنهن اڳيان هر مُنافقت معذور نظر ايندي آهي!.

    • هن دردناڪ دور ۾ ڪنهن ڪُنواريءَ جي اُڀريل اُرهن جهڙا احساس،
    اّخر ڪيسين تائين قتل ڪيا ويندا!


    لڙيل لُڙڪ

    • اسان سنڌ جي اکين مان لڙيل اُهو لُڙڪ آهيون،
    جنهن کي ڪو به آٿت جي آڱرين سان اُگهڻ لاءِ تيار ئي ناهي!.

    • اسان اُن مٽيءَ جي لتاڙيل سيني جو سور آهيون،
    جنهن اندر اڄ به گهوڙن جي ٽاپولين جا درد ناڪ زخم چڳندي محسوس ٿي رهيا آهن.

    • ڀاڪُرن ۾ ڀريل ڪنوار پڻ جو ڪوسو بدن پُڻ ڪنهن آس جا سرد هٿ سيڪڻ ٿو چاهي.

    • ڦاسيءَ ڏنل لاش جيان لٽڪيل ماڻهن جي مُئل مُحبتن کي آخر ڪهڙي اُگهاڙپ جي ڍير تي اُڇلائجي!؟.

    • روح جي رستن مٿان روئندڙ راحتن جو راز تون ئي ته آهين.


    آس

    • آئون اُن آزاديءَ جي آس جو احساس آهيان،
    جنهن جا جذبا ڪڏهن به زرد ۽ ضعيف ٿيڻا ئي ناهن!.


    لاڙ جي لوڏ

    • تون ته لاڙ جي اُها ڪُنواري لوڏ آهين،
    جيڪا ڀريءَ جي بار سان هلندي به هزارين دلين جا هينئان هرکائي وجهندي آ!.

    • اُنهن اکين ۾ ته ڪو خوبصورت خواب جنم ئي نه وٺڻ چاهيندو آ،
    جن اکين ۾ رُڳو وحشتون ئي ويٺل هُجن!.

    • زمانا تُنهنجي زرد چهري تي آخر ڪڏهن تازي ٽڙيل گُلاب جهڙو ڳاڙهو ٽهڪ ٽڙندو؟

    • اسان جون همٿون اُن گهوڙي جيان ضعيف ٿي چُڪيون آهن،
    جنهن کي نه جنگ جي ميدان ۾ ڊوڙائي ٿو سگهجي
    ۽ نه ئي وري سواريءَ لاءِ ٽانگي ۾ هلائي ٿو سگهجي!.


    دور

    • هي دُور اُن عياش عورت جيان ٿو لڳي،
    جيڪا پنهنجي جنسي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڪو به هڪڙو اگهه مُقرر نه ڪندي آهي!.

    • هن دور ۾ پنهنجائپ ڏانهن ويندڙ پير ڪپيل ٿا نظر اچن،
    ۽ رشتن جون رفاقتون به ڪنهن معذور ماڻهوءِ جئيان ريڙهيون پائيندي لاچار ٿيون لڳن.

    • اڄ جي سنڌ الئه ڇو اُداس اکين جي ڪنهن ضعيف خواب جهڙي ٿي لڳي؟.


    لتاڙيل لاش

    • اسان ته اُن روحن جي اڻ کُٽ رولاڪين جا اُهي گُمنام ٿڪ آهيون
    جن جو سور هر صديءَ جي سيني کان وٺي سهڪندو پيو اچي.
    اسان ته اُن نيڻن جي اڌوري آس آهيون
    جنهن جا خواب رُڳو خاموشيءَ جي خُودڪشي ٿي ويندا آهن.
    اسان ته اُن بهار جو اڌورو ڀاڪُر آهيون،
    جنهن کي هر وقت خزان جي زرد خنجرن جو خيال ماريندو رهندو آ!
    اسان ته اُن مُرڪ جو وڃايل واس آهيون،
    جنهن جو هر احساس اڄ به اکين مان آلو ٿي اُڀري رهيو آ!
    اسان ته اُن ڳوٺ جي شام جو اُجهاميل عڪس آهيون،
    جنهن اندر ٻن پريمين کي پيار جي سزا ڏئي بيدرديءَ سان زندهه دفنايو ويندو آ
    اسان ته اُن زخمي ٿيل پکيءَ جو تڙپيل تسلسل آهيون،
    جنهن جي چُهنب ۾ ٻچن لاءِ کنيل داڻو به دربدريءَ جو درد بڻجي ويندو آ
    اسان ته اُن ماڪوڙيءَ جو لتاڙيل لاش آهيون،
    جيڪا بي ڌيانيءَ جي بار هيٺان اچي ڌوڙ ۾ ئي دٻجي دفن ٿي ويندي آ
    ها پر اسان اُهو هرگز ناهيون.
    جنهن جي هر حقيقت کي بيسُرائيءَ سان گڏ منافقت جو مرض لڳل هوندو آ.
    • ڇا پنهنجي پيار جي گُلاب تي به نفرت جي خزان ته نه ڪري پئي آ؟
    جو مُرڪن جون ٽڙيل سڀ پنکڙيون ماٺ جي مُرجهاءُ سان ڇڻي رهيون آهن.


    بارش سوچي ٿي

    • سيني تي ليٽايل ايوب کوسي جي نثري ڪتاب ”بارش سوچي ٿي“ جي هر بوند ايتري ته روح کي راحت بخشي آهي،
    جو اندر جي احساس جا سُڪل وڻ به ساوا ٿي سونهن جو آسمان ٿي پيا آهن.

    • هر روز هيڏين وڏين وارتائن ۽ واويلائن هوندي به،
    اڄ جا اگهور ننڊ ۾ سُتل ماڻهو
    آخر ڪهڙي سلامتيءَ جو سج اُڀارڻ ٿا چاهين؟

    • ٺرو پي عورتن کي اُگُهاڙيون گاريون ڏيندڙ مردن کي
    آخر ڪهڙي مُڙسيءَ ۽ ماڻهپي جي ماڻ ۾ ماپجي!؟.
    ڪا خبر ئي نٿي پوي...!!

    • يا خُدا!
    ڇا جنت ايڏي ستي آهي؟
    جو ماڻهوءِ کي مارڻ سان به ملي ٿي سگهي!
    جيڪڏهن نه ته پوءِ هڪ انسان پنهنجي پيٽ تي بم ٻڌي ٻئي انسان کي ماري جنت جو ثواب حاصل ڪرڻ لئه ڪيڏو نه پُر اُميديءَ سان پاڻ به مرڻ کي مهان سمجهندو آ!
    آ خر ڇو!؟


    سرد هوا

    • منهنجي خالي ٻانهن ۾ سرد هوا جا سيئانڊڙيون ڪرائيندڙ سيءُ،
    اڄ به تنهنجي گُرم ڀاڪُرن جو گس ڳولي رهيا آهن.

    • لابارو ڪندڙ لاڙ جي لڄارين نينگرين جي نهارن ۾ ته اُهي نينهن جا نياپا آهن
    جيڪي نوري جي نيڻن کان ڀي وڌيڪ نکاريل ٿا نظر اچن...


    جنگين جا نظريا

    • معصوم ٻارن جي لاشن کي لتاڙيندڙ جنگين جا نظريا آخر ڪهڙي اَمن کي اُڀاري رهيا آهن!؟

    • وياج تي پئسا کڻي عيوضي ۾ معصوم نياڻين کي نيلام ڪندڙ پليت پيءَ جي رشتي جي ذليل ڇپيل خبر،
    ڄڻ ته تاريخ جي ڳل تي لڳل زور دار چماٽ جو ڪو چٽو عڪس ٿي لڳي!.

    • ڇا اڃا سنڌ ۾ اهڙا بيباڪ هٿ پيدا نه ٿيا آهن؟
    جيڪي غاصبن کي گلن مان جهلي هر غُربت جو وڃايل حق واپس وٺي سگهن!؟.

    • آئون ڪڏهن به اهڙي شُهرت جو بار زندگيءَ جي ڪُلهن تي کڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندس
    جنهن اندر رُڳو بيسُرائيءَ جي بدبوءِ ڀريل هُجي!.

    • جنگين جي ميدانن کان کسيل،
    ميوزيم ۾ رکيل تلوارن کي آخر ڪهڙي قيد جي سزا ڏني وئي آ؟...

    • شيخ اياز جي نظمن ۾ ته اُهي انقلابي احساس ڀريل آهن،
    جيڪي غُلام قومن کي غيرت جا گس ڏيکارڻ جو ڀرپور ڏانءُ ٿا رکن.

    • جيڪڏهن منهنجي ڏات جي ڏيئي کي تُنهنجي پيار جي حسين ڇُهاءُ سان سُهاءُ نه ملي ها
    ته شايد صدين تائين اُجهاميل ئي رهجي وڃان ها!

    • تون ته شيخ اياز جي غزلن جو اُهو گهاڙيٽو آهين
    جنهن کي آئون ماڻڻ لاءِ هر وقت ماندو ئي رهجي ويندو آهيان.


    سُڪل چپ

    • جڏهن به بارش پنهنجا آلا چپ ڪنهن الهڙ ڪُنواري جي اڻ ڇُهيل گرم بدن تي بي اختيار ٿي وسڻ جي ويس ۾ رکندي آهي
    ته ڏسندڙن جي اکين جي عشق جا احساس اڻ جهل ٿي پوندا آهن
    حُسن جا کيپ خُمار جي ذهن تي چڙهڻ لڳندا آهن،
    ۽ سڪ جا سُڪل چپ سونهن جي نديءَ مان اُڃ اُجهائڻ لاءِ آتا ٿي ويتر اُڇلون ڏيڻ لڳندا آهن.

    • حيوانن جهڙي زندگي گُذاريندڙ ماڻهن کي آخر مُحبتن جي معيار جي ڪهڙي خبر.

    • بارش جي بوند کي چُمڻ کان اڳ ۾ مري ويل ڪويل جي ڪوڪ جو قصو ته فقط آسمان ئي ڄاڻي ٿو سگهي.

    • رُڃ ۾ ڦُٽي آيل رابيل جي خوبصورتي آخر ڪهڙي خال کي خوشبوءِ سان ڀرڻ ٿي چاهي!؟.

    • چئونري اندر ويهي چنڊ ۽ تارا ڏسندڙ اکيون اڄ به ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ عشق جو آسمان بڻيل آهن...


    پڪل

    • پڪل ڳاڙهي ڏاڙهونءَ جهڙي ڳاڙهه رنگي ڇوڪريءَ کي به پيار جي ڪونئرن ڳاڙهن احساسن سان ڇُهي ڇاڻجي ته بهتر رهندو.

    • پڪل انگور جي ڀريل رَس جهڙيون ڇُلڪندڙ ڪُنواريون ڇاتيون ڏسي حسرتون به ڇُهڻ لئه هانوءَ ۾ هٿوراڙيون ڏيڻ تي مجبور ٿيو پون.


    ڀٽائي

    • ڀڳو آئون نه چوان ماريو تان وسان،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُهان،
    تان پڻ لڄ مران، جي هؤنس پُٺ ۾،
    ڀٽائي تنهنجي بيت جي بيباڪيءَ جو قسم !؟
    اڄ جي پيٽ گُذر سنڌي ليڊرن جي ايڏي ته ڊوڙ تيز آهي جو هاڻ ته سندن پُٺيءَ ۾ ڀي ڌَڪن جانشان نظرئي نٿا اچن!

    • سياست اُها معذوري آهي جيڪا اقتدار جي ڪُرسيءَ کان هيٺ هڪ منٽ به ويهڻ پسند ئي نه ڪندي آ.

    • ننڊ، اکين جو ناول آهي جيڪا خوابن جا ڪردار ميڙيندي رهندي آ!.

    • شام تنهنجي ڳلن جي ڳهر جو رنگين روپ ٿي لڳي
    رات تنهنجي چڳن جو چٽو عڪس ٿي لڳي
    چنڊ به تُنهنجي چهري جي آئيني جو اولڙو ٿو لڳي
    ۽ هر حُسن تنهنجي سونهن جي سادگيءَ جو سفر ٿو لڳي.

    • اچ ته اُميد جي ڏيئي کي پيار جي هٿن سان روشن ڪري اُماس دلين ۾ ڀي ڪي چاهتن جا چنڊ اُڀاري وٺون.
    • اي اياز! جيڪي زندگيون گُلابن جا گهاوءَ ڀريندي نظر اينديون هُيون
    سي ته هاڻ وڻن جي زرد پتن جي ڇڻيل ضعيفيءَ جهڙيون ٿيون لڳن!؟


    بي ڌڙڪ

    • جيڪڏهن هن دور جي سيني ۾ واقعي ئي دل آهي؟
    ته پوءِ اچو ته پاڻ سڀئي گڏجي انهيءَ دور جو سينو چيري ڏسون ته اها دل ڌڙڪي به ٿي يا ازل کان وٺي بي ڌڙڪ بڻيل آهي!...


    حُسن جو اُجرو احساس

    • تو ته گُلن جي ڪلين جو ڪُنوارو واس بڻجي من جي ڀونئرن کي بيتاب ڪري ڇڏيو آهي،
    تو ته گُلابن جون ننڊون چورائي اُنهن کي بي سُڌ بڻائي ڇڏيو آهي
    تون جڏهن چڳن ۾ چنبيليون هڻي هلڻ لڳندي آهين ته موتيا به مهڪ وڃائي ويهندا آهن
    تو ته رُتن کي روح بخشيو آ
    ۽ هوائن کي هلڻ سيکاريو آهي
    تُنهنجي چهري جي چانڊوڪيءَ مان ته ڪئين چاهتن جا چنڊ اُڀرندي نظر ايندا آهن
    تون ته باک جو اُهو ڀورڙو بدن آهين،
    جنهن مان سونهن جي سفر جي ابتدا جنم وٺي انتها جو آسمان بڻجي ويندي آهي
    تون ته حقيقت جي اوٽ ۾ ويڙهيل حياءَ جو حُسن آهين
    ۽ ها جو ڀن جي ڇاتيءَ جو اُهو اڻ ڇُهيل احساس آهين
    جنهن کي ماڻڻ لاءِ ته مُحبتن جو درياهه بڻجڻ لازمي آهي...
    • ايترو ته تُنهنجي ڪُنوارپ جي خُمار جو حُسن شاعريءَ جي بدن تي هارجي پيو آهي
    جو هاڻ ته منهنجن نظمن جا نيڻ به ٻئي پاسي نهارڻ لئه تيار ئي ناهن.


    حُسن

    • تون حُسن تان حياءُ جي اوٽ هٽائي نه هلندي ڪر
    متان مُنافق موسمن جون حوسي نگاهون توکي نظري نه وجهن.

    • هر حُسن تنهنجي ادا جو اُجرو احساس ٿو لڳي
    هر هُڳاءُ تنهنجي بدن جو ڪُنوارو واس ٿو لڳي!.
    • تون ته اُن انقلابي شاعر جو نڪور نظم ٿي لڳين
    جنهن جي اُڏار ته حُسن جي اُڀن کان ڀي اڳتي ٿي نظر اچي!.

    • ها واقعي هيءَ ڪائنات ته تُنهنجي ئي حُسن سان حسين آهي...

    • مايوسين کي مات ڏيڻ لاءِ ته تُنهنجي هڪ مُرڪ ئي ڪافي آ.

    • آئون توکي درد ڪيئن چوان؟
    تون ته ڀاڪُرن ۾ ويڙهيل وفا جو وشواس ٿي لڳين!...


    اُداس اکين جهڙو دور

    • هي دور اُن الهڙ ڇوڪريءَ جي اُداس اکين جهڙو ٿو لڳي
    جيڪا پيار جي کوکلن آسرن تي ڪُنوارپ ئي ڪُهائي ويهندي آ...!!

    • مُحبتن جون مسجدون اُجاڙڻ کان پوءِ به الئه ڇو نفرتن جا نيڻ نابين ٿين ئي نٿا!

    • جيڪا قوم ڪيني جي ڪوڙهه مان ئي آجپو ناهي ماڻي سگهي
    تنهن قوم کي ته آزاديءَ جي خواب جي خوشبو ۽ به نصيب ناهي ٿيندي!....

    • زوري زنا ٿيل عورت جو جڳ ۾ جيئڻ ته جُٺ برابر هوندو آهي،
    پر اُنهيءَ کان وڌيڪ ته اُن عورت جي لڄ جي وارثي نه ڪندڙ واهيات جذبا ڀي جيئڻ جي لائق ئي نه هوندا آهن!...


    خون جا قطرا

    • تاريخ جي اکين مان ڪرندڙ خون جا قطرا،
    يقينن معصوميت جي قتل جو ڪرب ناڪ قصو ٿا لڳن
    پر افسوس جو ڪو به انهي تڙپيل تاريخ جي ڳڙندڙ ڳوڙهن کي آٿت جي آڱرين سان اُگهڻ لاءِ تيار ئي ناهي!.

    • اسان وٽ ته هاڻ امن لتاڙيل لاش جيان به نظر نٿو اچي!


    اڃا به ڪُجهه

    • موسمون مُئل مُحبت جو مرثيو ٿي ويون آهن!
    سوڳواريون ساهن سان سلهاڙجي ويون آهن
    بي رُخيون بور لمحن جي بازار جو باب بڻجي ويون آهن
    واهياتپُڻا واپار جي روپ ۾ وئشيا جو ويس ويڙهي ويٺا آهن
    وضاحتن جو ڪو به وارث نظرئي نٿو اچي
    چڪلن جي درن تي وساميل جوانين جا سگريٽ سرور جو ست وڃائي ويٺا آهن
    دلالن جا دڙڪا ڪُنوارين کي ڪرٽ جيان ڪپي رهيا آهن
    سڪون سورجي سهڪ ۾ ساڻا نظر اچي رهيا آهن،
    ۽ وقت وحشتن جي وهڪرن ۾ وهنجي رهيو آهي
    پر پوءِ به الئه ڇو اسانجا سماج سُڌار نمائندا اهو وڏي فخر سان چئي رهيا آهن ته اسان سماج جي سُڌاري لئه وڏا سيمينار ڪرايا آهن،
    جن جي رپورٽ عالمي ادارن کي موڪلي ڏني آهي!
    جنهن جي ڪا نه ڪا رزلٽ ضرور ملندي،
    انهيءَ لاءِ پاڻ سڀني کي اڃا به ڪُجهه وقت لئه انتظار ڪرڻو پوندو!...

    • اڃا ته اکين مان آگم سُڪو ئي ناهي،
    اڃا ته تنهنجي پيار جي سوڳ جو سفر ساهن سان سلهاڙيل آهي،
    اڃا ته حسرتن جي هينئن تي وڇوڙي جا وڍ چهڪ بڻجي چڳي رهيا آهن،
    اڃا ته من تي پيل مُئل مُرڪن جا جنازا دفن ئي ناهن ڪيا
    تيسين هي وري ٻيو ويساهه گهاتيءَ جو خنجر منهنجي زخمي ۽ رت مان ٻُڏل دل ۾،
    ايڏو بيدرديءَ سان ڇو ته کوڙي ڇڏيو اٿئي!؟...

    • خاموشيءَ جي کاهيءَ ۾ ڪري پيل چنڊ کي آهي ڪو ڪڍڻ وارو!؟.

    • اهڙي بيباڪيءَ کان بزدل ٿي مرڻ ئي سُٺو آهي،
    جنهن بيباڪيءَ ۾ آزاديءَ جو بارود ڀاريل ئي ناهي!.

    • مورک! مرندا ته ماڻهون آهن!؟
    نظرين جا نيڻ ته هر وقت کُليل هوندا آهن!!


    افسوس

    • افسوس ان ڳالهه جو ناهي
    ته موت زندگيءَ کي زبون ۽ ضايع ڪري هميشھ لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو آهي،
    پر افسوس اصل ته ان ڳالهه جو آهي
    جو اڄ تائين منهنجا ديس واسي زندهه هوندي ڀي الئه ڇو مُئل محسوس ٿيندا آهن!.

    • مُنافقن جي زبان مان نڪتل هر لفظ ۾،
    ڪُتي جي ڀونڪ جيتري به سچائي نه هوندي آهي.


    اروڙ جو مست

    • نه مان ڪو اروڙ جو مست،
    نه ئي مان ڪنهن ڀٽائيءَ جي وائيءَ جو ورلاپ
    نه ئي مان اڀيچند جي اکين اڳيان سرمد جي عشق جو ڏنل سجدو
    جو فتويٰ جي دارتي چڙهي وڃي!
    نه ئي مان ٻيجل جي سُرندي جي ڪا ساهه ستائيندڙ صدا
    جا سورٺ کان ڏياچ جو ڪنڌ ئي ڪپي وٺي
    ۽ نه ئي وري مان بُلهاشاهه جي گُنگهرن جو گيت
    جو صداقت جو سُر ڇيڙي نينهن جي نعري جو ناچ بڻجي وڃي
    ها پر مان ته اُهو سونهن جو سنگيت آهيان جو محبوبيت جي مهڪ جو احساس جاڳائي جنمن تائين جيئندو رهي ٿو!..

    • اچ ته دوريءَ جي رات کي ڌڪي عشق جو آسمان بڻجي وڃون!.


    ڪائنات

    • ڪائنات ڪيڏي حسين آهي،
    پر پوءِ به نفرتون نروار نظر اچي رهيون آهن.
    ۽ مُحبتون مُئل ماحول ۾ معذورن جيان جي رهيون آهن،
    انسانيت جي اکين ۾ ڄڻ ته ڦُلا پئجي ويا آهن،
    احساس آوارگيءَ جي اُس ۾ سڙي سور ٿي پيا آهن،
    ڪوجهائپ جي ڪارين راتين وحشتن جا وار هر واٽ تي وڇائي ڇڏيا آهن.
    چڪورن ڀي چنڊ سان چاهتون ورهائڻ ڇڏي ڏنيون آهن،
    روهيڙا رُڃ ۽ اُڃ ۾ لُڇي لوساٽجي لاش ٿي ويا آهن
    ٻاجهرين جي مُرجهايل مُند ۾ ٻاٻيهن جي ٻولين جي ٻهڪ ٻُڌڻ ۾ ئي نٿي اچي
    پاڻيارين جي پيرن مان اُڏامندڙ مٽيءَ جي مهڪ جو قسم،
    بُڇڙائيون بحيائي جو بُرقعو پائي گهر گهر ڪاهي پيون آهن،
    مُرڪ جي معصوم چهري تي گينگ ريپ جي چڪن جا چهڪ چٽا نظر اچي رهيا آهن.
    شعور ٺري جون ٻاٽليون ڏوڪي بهڪڻ جي ڀونڪ ۾ مصروف آهن
    ۽ انصاف ڄڻ ته فحاشيءَ جي اڏي تي دلالي ڪندڙ ڪنهن پوڙهي وئشيا جيان سگريٽ جا وڏا سوٽا ڇڪي تما شائي نظرن سان لُطف اندوز ٿي رهيو آهي
    پر پوءِ به الاءِ ڇو ڪائنات جي سُندر چهري تي پوڙهپڻ جا گُهنج نظرئي نٿا اچن!؟.

    • درد جي لفافي ۾ خوشين جا سمورا خط،
    ڄڻ ته پوسٽ ٿي پري هليا ويا هُجن!

    • اچ ته توکي ڇاتيءَ سان لاهي دل جي ڌڙڪن جي تيز بار کي هلڪو ڪري وٺان!


    عشق جي اذان

    • آهي ڪو اهڙو انسان؟
    جيڪو عشق جي اذان ڏئي نينهن جي نماز پڙهائي،
    پيار جي تبليغ ڪري مُحبت کي مرڻ کان بچائي!.
    • اي مُنهنجا محبوب!.
    تنهنجي احساس جي اکين ۾ عشق جو خواب ڪڏهن جاڳندو؟
    جيڪڏهن جلدي جاڳي ته اُنهيءَ ۾ مونکي ضرور ڳولجانءِ!.

    • درد جي دوزخ جون ڳالهيون ٻُڌي سڪون سهڪي پوندا آهن،
    پر تُنهنجي ڀاڪُرن جي بهشت ۾ اچڻ کان پوءِ سمورا ٿڪ لهي ويندا آهن!.

    • ڳوٺ جي سامايل سانوري ڇوڪرِيءَ جي خوابن جي خوشبوءِ من ۾ پيار جي پوپٽن کي اُڏرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي!

    • اچو ته ڪنهن ڪُنواري پيار جو پاسو ورائي وسري ويل وفا جي وچن کي نئين سَر ڀاڪُرن ۾ ڀري وٺون.

    • تون ته اُها سونهن جي سنڌ آهين!
    جنهن اڳيان هر دليل جو ڪنڌ ئي جُهڪيل هوندو آهي!.

    • تون ايئن مُنهنجي اُداس اکين ۾ ڏسي ڇا ته پئي چپن ئي چپن ۾ ڀُڻڪين!؟
    جيڪڏهن ٿورڙو ڀي احساس اٿئي ته اچ،
    هن منهنجي روح تان رولاڪين جا لاش لاهي وٺ،
    جن کي ڪو به پيار جو ڪفن پارائڻ لاءِ تيار ئي ناهي!..

    • اسان ته اُن آئيني جا ٽُٽل ٽُڪرا آهيون،
    جن کي ملائڻ کان پوءِ به پنهنجو عڪس اوپرو ئي رهجي ويندو آهي!.
    • ڪائنات اُهو سوڙهو چولو ٿي وئي آ!
    جنهن جي اُڊڙيل بکين مان ڀي اُگهاڙپ جو بي چسو ۽ بي هودو بدن نظر ٿو اچي!

    • جت جسمن جي ميدانن تي رُڳو حوس جي حاڪميت سان جوڀن کي ڀيلڻ جون جنگيون جوٽيل هُجن!
    ۽ فاشي فاتح ٿيندي هُجي،
    اُتي ته ڪابه ڪُنوارپ قتل ٿيڻ کان بچي ئي نٿي سگهي!


    غُلام قوم

    • اسانجي غُلام قوم ۽ وطن جون واڳون جن راشي رهبرن جي هٿن ۾ آهن،
    تن جي قميصن جي کُليل بٽڻن مان سينا ته صاف نظر ٿا اچن!
    پر ڪردار ته وري به کڌڙي جي خيال جيان نامڙدگيءَ جي نمائندگي ڏيکاري نوٽن تي نچندي نظر ٿا اچن!.

    • زندگي اُن دُکايل سگريٽ جيان ٿي لڳي!
    جنهن جي شروعات ته ڪُجهه سڪون جي سُوٽن سان ٿيندي آ!
    پر پُڄاڻي ته وري به ڦُلي جيان ڇڻي چپن کي ساڙيندڙ آخري سوٽي جيان ٿڪجي،
    جسم جي آڱرين مان اُڇلائجي اُجهامي ويندي آهي!.

    • ڪڏهن اهو به سوچيو اٿئي،
    ته زندگيءَ جي ڳچيءَ ۾ فنا جو ڦنڌو به پيل آهي،
    جيڪو ڪنهن به وقت ڇڪجي سوڙهو ٿي سگهي ٿو!.


    وڇڙي ويل چُمي

    • هن منهنجي اڪيلائيءَ تي رات به چنڊ چٿرون ڪري تُنهنجي ئي باري ۾ پُڇيو،
    ۽ آئون اُداس ٿي چنڊ ۾ به توکي ئي ڳوليندو رهجي ويس،
    ستارا آسمان جي چادر تي تنهنجي نڪ جي ڦُليءَ جيان چمڪي رهيا هُئا،
    اَسر ويل ڪويل به تُنهنجا ئي قصا پئي ڳايا،
    باک به تُنهنجي بدن جيان ڀاڪُرن ۾ ڀريل بانوري احساس جهڙي پئي لڳي!
    ۽ پوپٽ گُلن سان ايئن پيار ورهائي رهيا آهن!
    جيئن مُنهنجا چپ تُنهنجي ڳلن سان ڪي ڳهريل ڳالهيون ڪندا هُئا!
    ۽ تون اُهو سونهن جو ڪتاب لڳندي هُئين!
    جنهن جا ورق به آئون چُمين جي آڱرين سان ورائندو هُئس،
    اڄ اُنهيءَ ئي وڇڙي ويل چُميءَ جي درد جو قسم!
    هينئين جي ساري حالت زخم زخم ٿي پئي آهي،
    پر پوءِ به آس انتظاريءَ جو آسمان بڻيل آهي،
    ته تون انهي آسمان ۾ هڪ ڏينهن ضرور چنڊ ٿي اُڀرڻي آهين!.

    • تُنهنجي هڪ ئي مُرڪ منهنجي ساري مايوسيءَ کي مات ڏئي ڇڏيندي آهي،
    پر اڃا به جيڪڏهن تون پنهنجن حسين چپڙن تان تازن ٽڙيل گُلابن جهڙن ٽهڪن جي خوشبوءِ فضا ۾ اُڏاري ڇڏين،
    ته هي سارو مُرجهايل ماحول به مُحبتن جي جنت بڻجي وڃي.


    وحشتون

    • ٿر جي تتل واريءَ تي وحشتون ڪاريهر جيان ڪَر کڻي جاڳي پيون هُيون
    ته ماحول سوڳ جي سور ۾ ويڙهجي ليلائي لڇڻ لڳو هو!
    ڪميڻپن جا قهر بي حيائيءَ جي بڪواس سان جاڳي پيا هُئا
    جنهن کي ڪو به رڙ ڪري روڪڻ لاءِ تيار ئي نه هو
    ۽ اُن اٻوجهه ارجن مينگهواڙ تي وڪاميل وردي پوش وارن ايترو ته ستم ڪيو؟
    جنهن جي هر درد جي دانهن ڌرتيءَ جي دُکايل دردن جي سهڪيل ساهن جهڙي ٿي لڳي،
    پر پوءِ به اُن پليت سوچن جي هلڪڙائپ جي هوڏ ته ڏسو.
    جنهن اڳيان مُفلسي جو ڪو به معيار ئي نه هو،
    ۽ ويتر وحشتن جا اُگهاڙا آئينا ڏيکاريندي ارجن جي جسم تان ڪپڙا ڇڪي ۽ چيهاڙي ورتا هُئا،
    جنهن جو کُليل تماشو ڪارونجهر جي ننگر شهر جا نيڻ ته ڏسي رهيا هُئا،
    پرننگن ۽ نياڻين جي اڳيان به واهيات وحشتن سان ڪريل ڪردار پيش ڪيا ويا هُئا.
    ها تڏهن به ڪنهن وارثيءَ جو سڏ سنڌ بڻجي روپلي جي رڙ ۾ روشن ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه هو!
    جڏهن ته اُن ارجن مينگهواڙ جي ڌيءَ پنهنجي نٿ ۽ ٻڪريءَ جا رکيل پئسا ڏيئي پيءُ جي اُگهاڙي ستم کي روڪرائڻ لاءِ رڙيون ڪندي روئندي رهي،
    پر بي هودا بازار جا وڪاميل وردي پوش نياڻين جي پوتين کي پائمال ڪندي ارجن مينگهواڙ جي اُگهاڙي جسم مان ايئن جان ڪڍي رهيا هُئا،
    جيئن اُڃايل ۽ اڀري هرڻ کي شڪاري گولين جا گهاؤ ڏيئي ڪُهڻ جي ڪرب ڏي فخر مان کڻي ايندا آهن!


    سڻڀا چپ

    • ها مان ڄاڻان ٿو ته زندگي ذلالت جو نانءُ ناهي،
    پر اسانجي ديس واسين جي زندگين کي زرد بنائي ڇڏيندڙ زورآور زبانون اڄ به پنهنجا سڻڀا چپ چٽي رهيون آهن،
    جن جي اڳيان غُربت جي قيمت ۽ اهميت غليظ گار کان وڌيڪ ڪُجهه به ناهي،
    پوءِ به برداشت جي باهه ۾ سڙندڙ منهنجا سنڌ واسي اکين ۾ اوجاڳن جو عشق آڻڻ لاءِ تيار ئي ناهن!
    ۽ روئڻ اُنهن جي رمز جو دستور بڻجي چُڪو آ.


    آزاديءَ جي راهه

    • حيف آهي اُن هيڻي قوم تي جيڪا آزاديءَ جي راهه ۾ نڪرڻ وقت به پنهنجو ڪنڌ گوڏن ۾ لڪائي غُلاميءَ جا گُرز برداشت ڪرڻ کي ترجيع ڏيندي آهي.
    ۽ زندگيءَ جي ٽڙيل گُلاب جي خوبصورتيءَ کي خُواريءَ جي خزان هٿان خاموش ڪرائي ذلالتن جي ضعيفيءَ ۾ گهلجي گُذارڻ پسند ڪندي آهي!.

    • اياز! مون ته اُن آزاديءَ جي اوچائيءَ جا نيڻ چُمي ورتا آهن!
    جنهن جي منزل ڌرتيءَ جي ڌڙڪندڙ دل کان وٺي،
    موت سان مُرڪي ملڻ تائين هوندي آهي.
    • انقلاب هڪ آجپي جو گس آهي،
    جنهن تان هٽي وڃڻ هيڻن ۽ بُزدلن جو ڪم آهي.

    • بُلها شاهه جي عظمت جا مينار ته اڃا به مٿي!
    پر پهرين اُنهيءَ جي گُنگهرن جي گيتن کي به ته سمجهي وٺون!.

    • تُنهنجي هڪ مُرڪ وٺڻ جي لاءِ
    آئون پنهنجي ساري زندگيءَ جون خوشيون گروي رکڻ لاءِ تيار آهيان!!...

    • اڄ به ڪينجهر جا ڪنول نوريءَ جي نوڙت ڏسڻ لاءِ بيقرار نظر اچي رهيا آهن.

    • پنهنجائپ کان وڌيڪ دوستيءَ جي درد جو زخم ڀاري ٿيندو آ!؟

    • آخر ڪيسين تائين سنڌوءَ جي سيني ۾ سوڪهڙي جا خنجر کُپايا ويندا!؟

    • الئه ڇو آس جي اکين مان انتظاريءَ جا ڳوڙها سُڪن ئي نٿا!؟

    • اي منهنجا محبوب!
    جلد انتظاريءَ جي اوچي ديوار کي ڊاهي ملڻ جي مُند جهڙا ڪي مُرڪڻ ڏيکار
    هاڻ ته زندگيءَ جي زرد شام سان گڏ عشق جي احساس جو چهرو به زرد ٿيڻ لڳو آهي...
    • سرد رات ۾ ڄمي ويل اُن پيار جي انتظاريءَ جو قسم
    تُنهنجي اکين جي آئيني سان ڪيل پيار جا اُهي اولڙا،
    اڃا تائين منهنجي وجود جي هر اُجري احساس کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ٿا رهن.


    انسان

    • اي مُنهنجي اندر جا انسان!
    ڇا ويٽنام کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ وري به
    هن پنج فُٽ جي بندري ماڻهوءَ لاءِ هي هيڏو وڏو پنج هزار پائونڊ جو وزني بم ڀي ٺاهيو پيو وڃي!؟...

    • اي مُنهنجي اندر جا انسان!؟
    سچ پُڇين ته هي سماج مونکي اُن شخص جهڙو ٿو لڳي،
    جيڪو نه مرد جهڙا پُختا جذبا ٿو رکي،
    ۽ نه وري ڪنهن عورت جهڙا نرم احساس!...

    • اي مُنهنجي اندر جا انسان!
    ڪڏهن به پنهنجي محبوب سان مٿاهين لهجي ۾ نه ڳالهائجان!
    جيڪڏهن ڀُلجي به ڳالهائي وڌئي!
    ته پوءِ توکي به پيار جي دين جي لسٽ مان خارج ڪري شيطان جيان تڙيو ويندو!...

    • اي مُنهنجا محبوب !
    آئون توکي ايترو ٿو چاهيان،
    جيترو ڪو پرهيز گار پنهنجي خُدا کي چاهيندو آ!...


    • ڪُتي جي اُناڙ ته وڃي آسمان سان لڳي آهي!
    پر اسان اڃا تائين آزاديءَ جي نعري کي ماڻهن جي ڪنن تائين به پُهچائي نه سگهيا آهيون!

    • اچ ته تنهنجي چڳُن سان آڱرين جو عشق ورهائي وقت کي وفا جو احساس ياد ڏياريان!

    • يا خُدا!
    هن سنڌي قوم تي به ڪا سُجاڳيءَ جي آيت نازل فرماءِ
    ته جيئن هي غلاميءَ جي غفلت کان پري ڀڄي،
    آزاديءَ جي اذان جي پابند بڻجي،
    جنگ جا خطبا پڙهي شهادت جي صُفن ۾ سُرخرو ٿي آجپي جي نماز پڙهي.

    • ڪورٽن کي وڪيلن ڄڻ ته وياج ڏئي خريد ڪري ڇڏيو آهي
    ۽ انصاف منو ڀيل وانگر تاريخن جا چڪر ڪاٽي آخر مايوس ٿي بُک هڙتال جا بينر کولي چوڪ تي ويهي نا اُميديءَ جي اُس ۾ سڙي رهيو آهي.

    • هن دور جي قانون مان انصاف جي اُميد رکڻ
    معنيٰ عارب لوهار جي زخمي روح مٿان ويتر نون زخمن سان خنجر کُپائڻ!


    ڪولهڻ

    • هن مُنافق ۽ ڪوڙهه ۾ ورتل ڪاري دور کان ته ٿر جي ڪاري ڪولهڻ ئي سُٺي آهي
    جنهن جي من ۾ مُحبتن جا احساس ته اُجرا آهن،

    • ها، مان ڄاڻان ٿو ته فيشن فحاشي ئي جنمي سگهي ٿو
    ۽ حقيقي حُسن ڀل ته لڪُن ۾ ئي
    لو ساٽجندو ئي هُجي،
    پروري به سندس هر حُسناڪي
    ٿر جي ڪولهڻ جي ڇاتيءَ
    جيان ڇُلڪندي ۽ مهڪندي محسوس ٿيندي آ!...

    • ڇا چنڊ به عياشيءَ جي اڏي مٿان ٽڪ ٻڌي فحاش عورت جو ڀورو بدن ته نه ڏسي رهيو آهي...!؟

    • اکيون جڏهن به ڪنهن حُسن جي نديءَ ۾ وهنجڻ لڳنديون آهن،
    ته سونهن ازخود ساهن ۾ سُرڪجي سڪون جو سرگم بڻجي ويندي آهي!.


    من جون اکيون

    • اُن وقت روح جون سموريون راحتون رَت روئيندي ڪنهن ڀيانڪ درد جيئان ٿي پيون هُيون.
    جنهن وقت اکين کان نابين ڇوڪريءَ جو نڪاح ٿڪل سج جهڙي پوڙهي ماڻهوءَ سان پڙهايو پئي ويو،
    وڏي فخريه ۽ طنزيه لهجي ۾ ڳوٺ جا ڳڀرو ڇوڪرا کُليل فضا ۾ وڏا ٽهڪ اُڏاري رهيا هُئا،
    پر پوءِ به الئه ڇو ماحول ڪنهن سوڳ ۾ ورتل ماتمي منظر کان گهٽ نظر نه پئي آيو،
    ڪو به شعور بُڇڙائيءَ جي مُنهن تي ڀونڊي رکڻ جو آغاز ڪرڻ لاِءِ تيار ئي نه هو!
    هر حواس مٿان ڄڻ ته ماٺ جي موت جي ڪا ڇَپ ڪريل هُجي! هوءِ نوران جيڪا اکين کان ته اُجهاميل هُئي پر اُنهيءَ جي من جون اکيون ته جاڳيل هُيون جيڪي جنوريءَ جي سرد رات ۾ به سُمهڻ جو ته نالو ئي نه وٺنديون هُيون،
    جنهن جي احساسن جون اڻکُٽ اکيون هميشه خوشين جي کيت ۾ پيار جا گُلاب پيون پوکينديون رهنديون هُيون،
    جنهن جي جوان جذبن جون اکيون ڪُنوارن خوابن جي جوٽ تي ڪنڌ رکي مُحبتن جي مهڪ کي من ۾ مُرڪندو محسوس ڪري حياءِ ۾ ويڙهجي وينديون هُيون،
    جنهن جي اندر ۾ اُميد جي عشق جون اکيون به ڪنهن کُليل آسمان کان گهٽ نه هُيون،
    پر اُن نوران جي اکين جي ڳوٺ ۾ ڳڀرُن ڇوڪرن مان ڪنهن هڪ کي به الئه ڇو چاهت جو چنڊ نظر ئي نه آيو هو!؟
    شايد اُنهن جي احساس جون اکيون به نوران جي اُماس ٿيل اکين کان به وڌيڪ وساميل هُيون،
    جو اڄ نوران سيءَ ۾ ڄمي ويل ڪنهن لاوارث سرد لاش جيان بڻجي ٿڪل جذبن جي خاموش ڀاڪُرن جي کاهين ۾ ڪري زندگيءَ جا زرد ڏينهن گهاريندي هڪ وڏو الميو بڻجي وئي آهي!
    جنهن کي محسوس ڪرڻ لاءِ ته فقط من جي اکين جو جاڳي پوڻ ئي ڪافي آهي!!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468580
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ