ڪتاب جو نالو: ڪو جو قھر ڪلاچ ۾
مصنف: زاھد راڄپر
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 18 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 407 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 97 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
زاهد راڄپر جو سادي انداز ۾ لکيل هي ناول هڪ طرف سنڌي سماج جي اوڻاين، ٿڪاين کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف هڪ صحتمند تفريح به فراهم ڪري ٿو. ناول ايتروئي دلچسپ آهي ۽ پڙهڻ وقت توهان کي وقت جو احساس ئي نه رهندو ۽ اهائي ڪامياب ناول جي نشاني آهي جو توهان ناول ۾ پاڻ کي وڃائي ويهي رهو. زاھد راڄپر جو سنڌ سان عشق آهي جنهن ڪري سندس لکڻين جو محور به سنڌ رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيل وارتا، واقعن ۽ حالتن کي هن پنهنجي ناول ۾ انتهائي خوبصورت نموني لکيو آهي جيڪو هاڻي سنڌ جي هڪ تاريخ بڻجي ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه لفظ
  • نوجوان ٽهي جو ليکڪ
  • لاجواب ناول
  • مهاڳ
  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب يارهون
  • باب ٻارهون
  • باب تيرهون
  • باب چوڏهون
  • باب پندرهون
  • باب سورهون
  • باب سترهون
  • باب ارڙهون

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب : ڪو جو قھرڪلاچ ۾
    ليکڪ : زاهد راڄپر
    ڇاپو : 15 سيپٽمبر 2015ع
    ڇپيندڙ : شاهه پرنٽرز ڪراچي
    ڇپائيندڙ : عقيل عباس سومرو
    قيمت : 300 رپيا

    سنڌيا پبليڪيشنس
    ايف_960 سامهون واپڊا يونين هال، گاڏي کاتو، حيدر چوڪ حيدرآباد
    فون 2729977_022 زاهد ٻٻر

    سنڌيا پبليڪيشنس
    پنج پير اسٽريٽ هاٿي در، شڪارپور.
    فون 0726512333 حفيظ منگي بلديو تلريجا

    سنڌيا پبليڪيشنس
    ايم 14 هلال پريس مارڪيٽ اڪبر روڊ رتن تلا صدر ڪراچي
    فون: 32733100_021 بخت خاصخيلي


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    ارپنا

    ڪراچيءَ ۾ بي گناهه
    شهيد ٿيندڙ
    انسانن
    جي
    نالي....


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪو جو قھر ڪلاچ ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ليکڪ ۽ صحافي زاھد راڄپر جو لکيل پھريون ناول آھي.
    زاهد راڄپر جو سادي انداز ۾ لکيل هي ناول هڪ طرف سنڌي سماج جي اوڻاين، ٿڪاين کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف هڪ صحتمند تفريح به فراهم ڪري ٿو. ناول ايتروئي دلچسپ آهي ۽ پڙهڻ وقت توهان کي وقت جو احساس ئي نه رهندو ۽ اهائي ڪامياب ناول جي نشاني آهي جو توهان ناول ۾ پاڻ کي وڃائي ويهي رهو. زاھد راڄپر جو سنڌ سان عشق آهي جنهن ڪري سندس لکڻين جو محور به سنڌ رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيل وارتا، واقعن ۽ حالتن کي هن پنهنجي ناول ۾ انتهائي خوبصورت نموني لکيو آهي جيڪو هاڻي سنڌ جي هڪ تاريخ بڻجي ويو آهي.
    هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشنس پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون محترم وفا لاشاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مھربانيون محمد امين ڀٽيءَ جون جنھن ڪتاب جا شروعاتي صفحا ڪمپوز ڪري مدد ڪئي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه لفظ

    رات جا 3 ٿيا هئا ته منهنجي اک کلي هئي، اندر ۾ هڪ آنڌ مانڌ هئي ۽ ننڊ ڪوهين ڏور__گھڻئي پاسا ورائي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئم پر اندر جي آنڌ مانڌ سمهڻ ئي نه ڏنو هو ۽ مون کان ڪنهن مقناطيسي طاقت الماڙي جي مٿان ڪتابن جي ڀرسان پيل رجسٽر هٿ ۾کڻايو هو ۽ پوءِ مان لکندو رهيو هوس لاڳيتو__ سڄي رات__ منهنجي آڱرين ۾ سور پئجي ويو هو پر ان هوندي به هر صورت ۾ ذهن ۾ سرجيل تخليق پنن تي اتارڻ جو جذبو منهنجي اندر ڪر کڻي جاڳي پيو هو. جيئن تيئن ڪري ٻن ڏينهن تائين ان ناول کي رف ڪيو هيم ۽ پوءِ ڪيترن مهينن تائين ان کي پئي فيئر ڪيم ۽ تبديل ڪيم، ڪجھ دوستن چيو اهو ناول ڄڻ منهنجي آتم ڪٿا تي آهي پر اها ڳالهه واضع ڪندو هلان ته ڪنهن به صورت ۾ اهو ناول منهنجي آتم ڪٿا ناهي، باقي سمورا واقعا سواءِ ڪجھ ڪردارن جي زندهه ڪردار آهن ۽ انهن سمورن ڪردارن کي سميٽي ناول جي روپ ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ جيڪا محنت ڪئي اٿم اها توهان جي هٿن ۾ آهي ان لاءِ ڪجھ دوستن ڊاڪٽر مشتاق ڦل، منير چانڊيو، سچل ڀٽي ۽ احمد نواز ڀرٽ مون کي تمام گھڻو همٿايو ۽ انهن جي ڪوششن سان ئي اڄ منهنجي تخليق توهان جي هٿن ۾ آهي.
    مان پنهنجي هن ننڍي ڪوشش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان اهو ته پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگھن ٿا ان ڪري پڙهندڙن جي اصلاحي تنقيد جو انتظار رهندو.

    زاهد راڄپر
    پريس ڪلب نوشهروفيروز
    03002845176


    نوجوان ٽهي جو ليکڪ

    زاهد نوجوان ٽهي جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن گھڻي ڀاڱي پنهنجي مطالعي کان وڌيڪ مشاهدي جي بنياد تي لکيو آهي. هن جا اڳ ۾ به ٻه ڪتاب ”لڪا ڀڻن لوڪ ۾“ ۽ ”جياپي لاءِ آواز“ به ڇپجي چڪا آهن جن به بيحد مڃتا ماڻي آهي. هن جو سنڌ سان عشق آهي جنهن ڪري سندس لکڻين جو محور به سنڌ رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيل وارتا، واقعن ۽ حالتن کي هن پنهنجي ناول ۾ انتهائي خوبصورت نموني لکيو آهي جيڪو هاڻي سنڌ جي هڪ تاريخ بڻجي ويو آهي، منهنجون دعائون هميشه هن سان گڏ آهن.

    مظهر خاصخيلي
    رابطه سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت
    ضلعو نوشهروفيروز


    لاجواب ناول

    سڀ دوست اسان کي زاهد اسڪوائر جي نالي سان سڃاڻيندا آهن ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي دوستي به ايتري ئي گھري آهي. زاهد جي اندر ۾ هڪ معصوم ليکڪ ويٺل آهي جيڪو چسڪي ڀرڻ کان پوءِ جاڳي پوندو آهي ۽ ڪانه ڪا تخليق پنن تي اتاري وٺندو آهي. زاهد جو هي ناول به لاجواب آهي. هن سنڌ جي مستقل رهواسين جي دردن ۽ احساسن کي جھڙي نموني پنن تي اتاريو آهي اهو انداز دل کي ڇهندڙ ۽ ضمير کي جنجھوڙيندڙ آهي.
    زاهد سان گڏ جڏهن مان هن ناول جو مسودو کڻي زاهد ٻٻر وٽ وياسين ته زاهد ٻٻر به ناول جو مسودو پڙهڻ شرط ئي سنڌيا پبليڪيشنس (شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي) پاران ناول ڇپائڻ جي حامي ڀري ان بعد جڏهن ڪراچي وياسين رات چسڪيون ڀرڻ سان گڏ ڪچهري ڪندي ننڊ پئجي ويو ۽ صبح سوير اٿي هڪ نئين ناول تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ٽيوب لائيٽ ٻاري منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي پر سندس پورهيي واري جنون تمام گھڻو اتساهيو. ان ڪري دعا آهي ته هو لاڳيتو لکندو رهي.


    زاهد قائمخاني
    ضلع رپورٽر آواز ٽي وي نوشهروفيروز


    مهاڳ

    جڏهن زاهد مونکي پنهنجي ناول بابت ٻڌايو ته يقين نه پئي آيو ته زاهد جھڙي ڪل وقتي صحافيءَ ناول جھڙي ڏکئي ۽ وقت/محنت طلب ڪم سرانجام ڏنو هوندو، جو ناول ادب جي اها صنف آهي جيڪا مڪمل طرح (fiction based) آهي. ان جا ڪردار ۽ واقعا خيالي ۽ فرضي هوندا آهن، ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ناول هڪ طرح جو تخيل (imagination) تي مشتمل داستان هوندو آهي. جڏهن ته صحافت جو حقيقتن سان ڳانڍاپو آهي. حقيقتن کي ڳولڻ به انهن تائين پهچڻ تي زاهد جو پيشو آهي.
    پر جڏهن زاهد مون ڏانهن پنهنجي ناول جو مسودو اماڻيو ۽ جڏهن مون ان کي پڙهيو ته ناول بابت پهريون تاثر منهنجي ذهن تي اهو تري آيو ته زاهد ڪاميابيءَ سان ناول کي ڪيئن پايه تڪميل تي پهچايو!؟ پر جڏهن ناول جي ڪردارن ۽ واقعي تي غور ڪيم ته زاهد جي فن ۽ ڪم تي يقين به آيم ۽ انتهائي خوشي به محسوس ٿي جو ناول جا ڪردار ۽ واقعا زاهد جي ڄڻ پنهنجي زندگيءَ سان جڙيل محسوس ٿيا. ائين لڳو ڄڻ زاهد پنهنجي زندگيءَ جي مخصوص وقت جي خيالي ڪردارن ذريعي حقيقي ڪٿا بيان ڪئي هجي.
    بنيادي طرح ناول هڪ لاطيني زبان جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ نيون شيون/نئون/انوکو ۽ ناول جي ادبي وصف ڪجھ هن ريت آهي.
    ڊگھو خيالي نثر جيڪو انوکن خيالي ڪردارن ذريعي نيون شيون/ واقعا / قصا بيان ڪري ۽ انسان ذات جي مخصوص وقت جي وهنوار کي پيش ڪري.
    ادب ۾ ناول جي هڪ جدا حيثيت ۽ سرشتو آهي ۽ ڪن وٽ بيان. ناول جون ڪيتريون ئي شاخون آهن جھڙوڪ ناوليٽ، ناويليا، ناول آف سينسبلٽي، ناول آف دي سول، هسٽاريڪل ناول وغيره. 18 صدي ۾ جڏهن ناول لکڻ شروع ٿيو ته ان وقت ناول حقيقت جي اپٽار بيان ڪندا هئا ۽ گڏوگڏ رومانس به ملندو هو. 19 هين صدي تائين ناول (Romance and Realism) کي گڏوگڏ کڻي هلندو رهيو، پر 20 هين صدي ۾ ناول آرٽ جي اثر ۾ رهيو ۽ جيتوڻيڪ آرٽ جي اثر هيٺ اچي ڌنڌلائجي ويو، ممڪن آهي ته ناول جي اهڙو موڙ وٺڻ جي ڪري اڄ ناول نه رڳو اسان وٽ پر پوري دنيا ۾ ناپيد ٿيندو پيو وڃي، ڇو جو ڪو وقت هو جو يورپين ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سمنڊ ڪناري آبادين ۾ ناول وڏي شوق سان پڙهيا ويندا هئا ۽ اسان وٽ به بڙ جي ڇانو ۾ ويهي ناول پڙهڻ جو مزو ورتو ويندو هو. فطرت سان هم آهنگ ٿي ناول جو مزو ٻيڻو ٿي ويندو پر اڄ ناول کي پڙهڻ وقت جو ذيان سمجھيو وڃي ٿو!! آخر ڇو؟ ٺيڪ آهي مشيني (internet) ڪتابن جي جاءِ والاري آهي پر پوءِ به ڪتابن جو وڪرو گھٽيو ناهي. ادب جون ٻيون صنفون اڄ به پڙهيون وڃن ٿيون. ته پوءِ ناول پڙهندڙن جو تعداد ڇو گھٽبو ٿو وڃي؟ اهو سوال سڀني ساڃاهه وندن لاءِ غور ۽ فڪر جو محور هجڻ گھرجي.
    جس آهي پياري زاهد کي جنهن سنڌي ناول کي جيئارڻ جي قابل ذڪر ۽ قابل داد ڪوشش ڪئي آهي ۽ اگھور ننڊ ۾ ورتل سنڌي ناول کي جنجھوڙيو آهي. زاهد جو هي ناول بنيادي طرح (novel of soil) جو هڪ (master print) آهي. جنهن ۾ مک ڪردار ”خالد“ جي فطرت مخالف جدوجھد بيان ڪيل آهي.
    زاهد جو هي ناول (semi fiction) جو بهترين نمونو آهي. جنهن ۾ ڪردار ۽ واقعا (totally fictionalized) ناهن. بلڪه هن ناول ۾ ڪافي حقيقي واقعا ۽ تخليقي واقعا فرضي ڪردارن ذريعي پيش ڪيا ويا آهن. هيءُ ناول حقيقت ۽ تخليق جو خوبصورت سنگم آهي.
    ناولسٽ دراصل هڪ سائنٽفڪ هوندو آهي جھڙي طرح سائنٽسٽ تجربن جي بنياد تي مشاهدو ڪري نتيجن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙي ريت ناولسٽ به سماج جا سائنسدان هوندا آهن. جيڪي سماج جي نبض تي هٿ رکي مستقبل ۾ جھاتي پائيندا آهن. اهڙي طرح اسان جي ناول نگار کي به هڪ سائنٽسٽ واري اک ڌار ۾ کپي، موجوده حالتون جھڙي طرح جڙي رهيون آهن. هن ناول ۾ به زاهد ان سائنٽسٽ واري اک جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي.
    زاهد ڪو پهريون صحافي ناهي، جنهن ”ناول“ لکيو هجي. ان مد ۾ ڪيئي نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، جن ناول تي طبع آزمائي ڪئي آهي. 19 هين صدي جي مشهور ناول نگار ”ڊڪنس“ جا گھڻي ڀاڱي ناول ته صحافتي ڪردارن تي لکيل آهن، زاهد جي ناول جو مک ڪردار به صحافتي دنيا سان واڳيل پسجي ٿو.
    زاهد راڄپر جو سادي انداز ۾ لکيل هي ناول هڪ طرف سنڌي سماج جي اوڻاين، ٿڪاين کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي طرف هڪ صحتمند تفريح به فراهم ڪري ٿو. ناول ايتروئي دلچسپ آهي ۽ پڙهڻ وقت توهان کي وقت جو احساس ئي نه رهندو ۽ اهائي ڪامياب ناول جي نشاني آهي جو توهان ناول ۾ پاڻ کي وڃائي ويهي رهو.
    زاهد جي ناول جي مختلف (Aspects) تي لکي مان ناول جي رڌم ٽوڙڻ نه ٿو چاهيان، توهان پاڻ ئي ناول پڙهي فيصلو ڪيو ته ناول دلچسپ آهي يا نه؟ ممڪن آهي ته توهان مونسان سهمت ٿيو يا نه، پر زاهد جوهيءُ ناول دراصل سنڌي ناول جي پذيرائي ڏانهن وک آهي. اهو زاهد جو پهريون تجربو آهي ۽ ڪافي حد تائين هو ان ۾ ڪامياب به ويو آهي، زاهد کي پنهنجي اها مشق اڳتي به جاري رکڻ گھرجي ته جيئن سنڌي ناول جي کوٽ کي پورو ڪري سگھجي.

    سچل ڀٽي
    سکر


    باب پهريون

    شهر ۾ هنن چئن يارن جي ياري جو خاصو چرچو هو، ننڍپڻ کان گڏ رانديون کيڏيون هين، پٽيءَ کان هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهيا، پرائمري پوءِ هاءِ اسڪول ۽ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ پڻ ميڊيڪل ۾ گڏ داخلائون ورتيون هين، جنهن ڪري سندن گهڻو وقت گڏ ئي گذرندو هو، فقط گهر سمهڻ لاءِ ئي ويندا هُئا. هيءَ انهن جي ڳالهه آهي، جڏهن چئني يارن جي ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن هُئا. انٽر سائنس جو امتحان پنهنجي شهر جي ڊگري ڪاليج مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو هين، پڙهڻ ۾ ايڏا هوشيار ڪونه هئا، جو پوزيشن يا چڱيرڙيون مارڪون حاصل ڪري ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن هان، نه وري سندن ڪي مالي وسيلا اهڙا هُئا جو اڳتي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ وڃن هان، ڇاڪاڻ ته ابن ڏاڏن جي ملڪيت ته هُين ڪانه، نه وري زمين جو ڪو ٻارو يا دڪان هُين. خدا خدا ڪري انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي هين، سابه وڏين تڪليفن سان، ڪو شاگردن کي ڪاپيون فيئر ڪري ڏيندو هو ته ڪو وري ڪتابن تي جلد هڻي انهن کي پڪو ڪندو هو، جنهن مان کين ايترا پئسا ملي ويندا هُيا، جنهن مان پنهنجي پڙهائي لاءِ ڪاپيون وٺندا هُئا يا اسڪول جون فيون جمع ڪرائيندو هُئا ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا به ڪندا هُئا، پڙهائي ته ڄڻ في الحال ختم ٿي، پر هاڻي هڪ ئي اُلڪي اچي کين ورايو هو، اهو اُلڪو روزگار جو. روزگار اچي ته ڪٿان اچي؟ ڪو دُڪان ڪڍڻ لاءِ ڏوڪڙ ته هين ڪونه! ڇاڪاڻ ته دُڪان ڪڍڻ لاءِ وڏي سيڙپ جي ضرورت هُئي، گهٽ ۾ گهٽ تڏهن 25 هزار کيسي ۾ هجڻ ضروري ها يا ڪا مانڊڻي ڪڍڻ لاءِ به ته 10 هزارن جي سيڙپ ضروري هُئي!
    انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي معاشي حالت به انتهائي خراب هُئي، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو، جنهن ڪري بدامني چوٽ چڙهيل هُئي، حملا ڪري واپارين ۽ مڇي ماني وارن ماڻهن کي اغوا ڪري ٿي ويا. ماڻهون ٻهراڙيون ڇڏي شهرن جو رُخ ڪري رهيا هُئا، جنهن ڪري ڌاڙيل به شهرن مان به ڪونه ٿي مُڙيا. ايم آر ڊي تحريڪ جي تيزيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۾ پڻ وڏو اضافو ٿيو هو. جنهن سبب ٻهراڙيءَ ۾ روزگار جا وسيلا گهٽجڻ ڪري شهرن تي بار وڌي رهيو هو. ۽ بيروزگاري ۾ پڻ اضافو وڌندو ٿي ويو. ۽ اهو ئي عذاب هي چار يار به پچائي رهيا هُئا.
    واندڪائي ۾ سڀ کان وڌيڪ سستي ۽ سولي تفريح هوٽل تي ويهي چانهن پيئڻ هجڻ ڪري هي چارئي يار اڪثر ڪري هوٽل تي ويٺا هوندا هُئا. هوٽل تي ويٺي، چانهن جون سرڪيون ڀريندي دوستن سان جڏهن خالد اهو اظهار ڪيو ته هاڻي هو نوڪري ۽ پنهنجو ڪاروبار کولڻ کان مايوس ٿي ويو آهي جنهن ڪري هن مزدوري ڪرڻ جي سوچ رٿي آهي، خالد جي ان ڳالهه تي دوستن مٿس ٽهڪ ڏنا ۽ چيائونس ته اڙي! جيڪڏهن توکي مزدوري ئي ڪرڻي هُئي ته پوءِ هيڏا ڪشالا ڪٽي پڙهئين ڇو!؟ دوستن جي اهڙي ٽوڪ خالد کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ پهريان ته منجهي پيو ته کين ڪهڙو جواب ڏئي پوءِ ٿورو سوچي کين چيائين ته پڙهبو رڳو نوڪري ڪرڻ لاءِ ته ناهي. تعليم انسان ۾ شعور ۽ سمجهه وڌائيندي آهي ۽ انسان ۾ حقيقي معني ۾ جيئڻ جي سگهه پئدا ڪندي آهي. ان ڪري هن تعليم پرائي ڪو ڏوهه ته ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري مزدوري ڪرڻ کي ڪو عيب سمجهي ٿو. ان ڪري پڪو پهه ڪيو اٿم ته هاڻي مزدوري ڪبي. خالد پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو. خالد مزدوري ڪرڻ جو ارادو ته ڪيو پر وري خيال آيس ته مزدوري ڪري ته ڪهڙي ڪري؟ ڇولا، ٻارڙن لاءِ ٽافيون، کٽمٺڙا، مڪئي به پنهنجي چوڪ تي وڪرو ڪري چُڪو هو، انهن جي وڪري ۾ به ته ڪو خاص فائدو نه ٿيو هيس، جنهن سان هن جي زندگيءَ جو گاڏو گهلجي سگهي. انهن ئي سوچن ويچارن ۾ زندگيءَ جا پل يارن سان هوٽل تي ويهندي، شهر جون گهٽيون ماپيندي ۽ سئنيما تي فلمون ڏسندي گذري رهيا هُئس، چئني يارن کي فلمن جو وڏو خفت هوندو هو، وڏي رش هوندي هُئي ان وقت سئنيمائن تي. ڪڏهن ڪڏهن ٽڪيٽ بليڪ تي ملندي هُئي، شهري ڇوڪرا هجڻ باوجود به سلطان راهي ۽ مصطفي قريشي جي مار ڌاڙ سان ڀريل فل ايڪشن فلمون ڏسڻ جو شوق سڄي اصل ڳاٽي تي چڙهيل هين، ٽڪيٽ جا اڪثر پئسا اقبال ڀريندو هو ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن احمد به ٽڪيٽ وٺن جي غيرت ڪري وجهندو هيو، باقي امتياز ۽ خالد ٻئي انهن جي مٿان چٽي هوندا هئا، انڪار به نه ڪري سگهندا هُئا، ڇاڪاڻ ته ننڍي لاڪر جا يار هئا، گڏ پڙهيا، گڏ رانديون ڪيون هُين، جنهن ڪري هنن جي بي حساب سنگت هُئي، انهن ڏينهن ۾ سئنيمائن جي حالت به سُٺي ڪانه هوندي هُئي، ڀڳل ٽٽل بئنچون هال ۾ پيون هونديون هيون، ان ڪري ماڻهن کي يا ته هيٺ ويهڻو پوندو هو يا وري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ بيهي فلم ڏسبي هُئي ۽ انجمن کي غنڊن کان بچائڻ لاءِ جڏهن سندس هڪ سڏ تي سلطان راهي پنهنجي گهوڙي کي ڊوڙائيندو اُتي پهچندو هو ته سئنيما هال سيٽين سان وڄي اٿندو هو يا وري فلمن ۾ قلندر جي ڌمال تي پڻ وڏو رونشو مچندو هو، دوستن سان گڏجي ڌمال به هڻندا هئا ته مصطفيٰ قريشيءَ جي اسٽائيل ۾ ”نوان آيائين سوڻيا“ جو ڊائيلاگ اچاريندي پيا دل وندرائيندا هئا ۽ ائين زندگيءَ جا ڏينهن پيا رولاڪين ۾ گذاريندا هُئا، پر ڪيستائين.........! پڙهائيءَ کان پوءِ سڄو سال بيروزگاريءَ جا ڌڪا کائڻ کانپوءِ مائٽن به هٿ ڪڍي ورتن ۽ سڌو چئي ڇڏيائون ته وڃي پنهنجي ڪم جي ڪريو. اسان ۾ هاڻي توهان کي تاتڻ جي سڪت ناهي.
    مائٽن هٿ ڇا بند ڪين، هاڻي ته هوٽل تي چانهن پيئڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ وٺي سوٽو هڻڻ جيترا پئسا به کيسي ۾ نه هين. اها حالت رڳو هڪ خالد سان نه هُئي پر سندس ٽنهي يارن اقبال، احمد ۽ امتياز سان به هُئي، چئني ڄڻن جي حالت ڄڻ هڪجهڙي هئي، هڪ ئي ڪهاڻي جا چار ساڳيا ڪردار بڻجي پيا هئا، جنهن ڪري هڪ ٻئي کي پيا چيڙائيندا هُئا ۽ وري ٽهڪ ڏئي، پنهنجي مايوسيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
    اهو آچر جو ڏينهن هو، هلڪي هلڪي ٿڌ جي موسم هُئي ۽ آسمان تي ڪڪرن جي گهنگهور گهٽا چانيل هُئي ۽ ان مان هلڪي بوندا باندي برسي رهي هُئي، جسم تي ٿڌڙيون ٿڌڙيون بوندون ڪري رهيون هيون ته ڏاڍو لطف پئي محسوس ٿيو، چارئي دوست رستي تي هلي رهيا هئا، هيٺائين چوڪ کان نڪتا ۽ حبيب چوڪ کان ٿيندا، الڪوثر چوڪ ۽ پوءِ پڊعيدن روڊ ورتن. اوچتو خاموشيءَ کي ٽوڙيندي احمد چيو ته يار اڄ موسم ڏاڍي ڀلي آهي، ان ڪري هلو ته هلي گنوءَ جا پڪوڙا کائون، خالد به يڪدم ها ڪئي ۽ امتياز چيو ته پڪوڙا برساتي موسم ۾ ڏاڍو مزو ڏيندا ۽ پوءِ هلي ٿا، بينظير هوٽل تي چانهن پيون.
    نوشهري جي گنوءَ جا پڪوڙا ڏيهان ڏيهه مشهور هُئا ۽ پڪوڙن جي خريداري لاءِ گنوءَ جي اسٽال (جيڪو حبيب چوڪ تي حبيب بئنڪ آڏو هو) وٽ ماڻهن جون قطارون هونديون آهن ۽ پڪوڙا وٺڻ لاءِ ڪڏهن ته قطار ۾ بيهڻو پوندو آهي.
    گنوءَ جي ڳالهه کلڻ تي امتياز چيو ته پڪوڙن جي ڪري ڄڻ گنوءَ جا ڀاڳ کُلي پيا آهن، ڪلهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي اهو گنو جيڪو ڇولن جو ٿالهه کڻي صبح جو گهران نڪرندو هو ۽ شام جو اڌ ٿالهه به نه کپائي سگهندو هو، تنهن کي ڪنهن پڪوڙا ٺاهڻ جي صلاح ڏني، ڄڻ ان غريب جو ڀاڳ کُلي پيو هو، گهر جي برسات ۾ ٽمندڙ ڇت هاڻي ماشاءَالله پڪي ۽ گهر بنگلي جهڙو اٿس، تڏهن ته چوڻي آهي ته ”ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته دال مان سيرو“. امتياز ڳالهه جاري رکندي وڌيڪ دوستن کي ٻڌايو ته شهر ۾ اها ڳالهه هر وات ۾ آهي ته گنوءَ غريب تي رب راضي ٿيو آهي. تنهن ڪري ته سندس پڪوڙا مشهور ٿي ويا آهن، پر اهو ڪنهن جي واتان به ڪونه ٻڌم ته اصل ان منزل تي پهچڻ لاءِ ويچاري گنوءَ ڪيڏي نه محنت ۽ جستجو ڪئي آهي. سردي ته وري به ٺيڪ آ, پر سخت گرميءَ ۾ پڪوڙا تريندي سندس جسم پچي پوندو آهي، سندس جسم تي ڇهنڊڙا نڪري پوندا آهن, جنهن مان کيس سخت تڪليف ٿيندي آهي، بخار جا آڙاهه هوندي به گنو ويچارو سموريون تڪليفون برداشت ڪندي به پلٿي ڀڃيو ويٺو پڪوڙا تريندو آهي. سڀئي دوست امتياز جي ڳالهه سان متفق هُئا، پر امتياز جي ڳالهه سندن پڪوڙا کائڻ جو شوق گهٽائي نه سگهي.
    هنن گنوءَ جا پڪوڙا کائڻ لاءِ پلان ٺاهيو پئي ته اقبال دانهن ڪندي چين ته اڙي! پلان ته ٺاهيو ويٺا رڳو کائڻ پيئڻ جا..... کيسي ۾ ڪو ٽڪو پئسو به اٿو يا رڳو هڪ ٻئي جي آسري ۾ آهيو. اقبال جي اهڙي جملي تي سڀئي هڪٻئي ڏانهن ان اميد ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳن ٿا ته من ڪو چوي ته مون وٽ پئسا آهن، توهان ڪا پرواهه نه ڪيو، پر سڀني جو ڀيلو منهن ڏسي مايوسي ٿين ۽ وري اقبال چيو ته لڀي کيسي ۾ ٽڪو به ڪونه ... مڙسن جي آ ٽوپي نراڙ تي.. اقبال جي اهڙي جملي ته ڄڻ سڀني تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو، ڪير ڪُڇي، هجي ڪنهن جي کيسي ۾ ٽڪو پئسو، ته کڻي خاموشي ٽوڙي ڪو حام هڻي، پر سڀني جي حالت ساڳي هُئي ۽ چارئي مايوس نظرن سان هڪٻئي ڏانهن ڏسندا ئي رهجي ويا.
    جوان هوندي به پاڻ کي ڏاڍو بي وس محسوس ڪيو هين، چهرن تي مايوسي ۽ ٽهڪن بجاءِ خاموشي ڇائنجي وئي، چار ئي دوست روزاني ريت کان هٽي منهن ڀيلڙا ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ، ٽهڪ ڏيڻ کانسواءِ رستي تي هلي رهيا هئا، برساتي موسم ۾ به هنن لاءِ ماحول ڄڻ سوڳوار هو، ڪو مزو ئي نه ٿي آين ۽ چارئي مهراڻ پارڪ جي بئنچن تي ويهي رهن ٿا. بي وس ۽ لاچار بڻجي سڀني جا مُنهن هارايل جواري جهڙا لڳي رهيا هئا. سڀني جي مستي گم هُئي، خالد واري واري سان دوستن ڏانهن ڏسي رهيو هو، سڀئي ڪنهن سوچ ۾ گم هُئا، شايد سوچي رهيا هُئا ته هاڻي سندن مستيون گهڻو وقت نه هلي سگهنديون.
    دوستن ڪافي وقت هڪٻئي سان ڳالهائڻ کانسواءِ گذاريو ۽ پوءِ جڏهن برسات جي ڦڙڦڙ وڌڻ شروع ٿي ته هڪ ٻئي کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا.


    باب ٻيو

    چارئي دوست صبح جو 10 وڳي هيٺائين چوڪ تي گڏبا هئا. 10 ٿي ويا، روز جيئن خالد، احمد، اقبال چوڪ تي پهتا ۽ گپ شپ ۾ لڳي ويا. احمد، اداڪار سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشيءَ جي فلم ”مولاجٽ“ جا هر هر ڊائيلاگ پئي ٻڌايا، خالد ۽ اقبال سندس ڊائيلاگن تي ٽهڪ ڏئي پئي کليا، ائين ڪچهري ڪندي، ڪندي نه ڄاڻ ڪيترو وقت گذري ويو، امتياز اڃا نه پهتو هو تنهنڪري سمورن دوستن جي دل ۾ امتياز جي نه پهچڻ جو اُلڪو وڌي ويو.
    يار احمد ڏي خبر امتياز جي، الائي ڇو نه پهتو آهي اڃان!؟ خالد پڇيو..
    احمد اڃا جواب ڏئي ان کان اڳ ئي اقبال چيو ته متان سندس طبيعت ٺيڪ نه هجي. ڪالهه ٿڌ هوندي به برسات ۾ پئي گهمياسين.
    خالد، اقبال جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو ته پوءِ هلو ته هلي امتياز جي سار لهي اچون. ٽئي دوست ان ڳالهه تي متفق ٿين ٿا. ۽ بازار واري چاڙهي چڙهڻ لڳا. آڏو ٽه قبائين مسجد ڀرسان گذرندي، شاهي بازار جي ٻئي ڀر امتياز جو گهر هو. سندس گهر جي دروازي تي پهچي احمد، گهر جو دروازو کڙڪايو.
    ٿورڙي دير ۾ امتياز جو پوڙهو پيءُ حاجي صالح دروازو کوليندي ئي پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ پڇيو ابا ڪير؟
    احمد چيس چاچا مان احمد، امتياز جو دوست مون کي ڪو نه سڃاتئي ڇا؟
    نه ابا، هاڻي اکين جي نظر ئي ساٿ ڇڏي وئي آهي، ان ڪري پٽ ڪو نه سڃاڻي سگهيس. سندس آواز ۾ ساڳي پوڙهائپ واري ڏڪڻي برقرار هُئي.
    حاجي صالح چيو__ ها پٽ ڏي خبر، ڪيئن پنڌ پيو آهين؟
    چاچا، اڄ امتياز ملڻ ڪو نه آيو هو، ان ڪري چيوسين ته سندس خيريت پڇي اچئون، مون سان گڏ اقبال ۽ خالد به آهن. احمد کيس چيو_
    پٽ امتياز ستو پيو آهي، لڳي ٿو ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي، ڪالهه جيئن ئي گهر موٽيو، تيئن الائي ڇو گم سم آهي، توهان دوستن ۾ ڪا ڳالهه ٿي آهي ڇا؟ حاجي صالح پريشانيءَ واري حالت ۾ پڇيو_
    نه نه چاچا اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي_ خالد کيس ورندي ڏيندي چيو ۽ کيس چيائين ته هو امتياز کي ٻاهر اچڻ جو چئي_
    جنهن تي حاجي صالح وراڻيو ته پٽ مان امتياز کي ٻڌايان ٿو_ پر توهان به دوست آهيوس، کيس ڪجهه سمجهايو ته اجايو ضد ڇڏي ۽ گهر ۾ ڇوڪرين وانگر ويهڻ بجاءِ ڪجهه ڪم ڪار ڪري، ڪم نه ڪندو ته ڀلا گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ پٽ مان به هاڻ ڪمائڻ جهڙو ناهيان رهيو._
    پٽ! امتياز کي توهان ئي سمجهايو ته ڪجهه سُڌري، حاجي صالح اها ڳالهه بار بار چئي رهيو هو، سندس ان ڳالهه ۾ التجا هُئي هڪ بيوس پيءُ جي. اهو چئي هو واپس گهر ڏانهن وريو.
    ٿورڙي دير ۾ امتياز گهران نڪتو، ڏاڍو منجهيل ٿي لڳو، پريشان، پريشان، دوستن کيس اڳ ڪڏهن به ان حالت ۾ نه ڏٺو هو، هر وقت کلندڙ، ٽهڪن مٿان ٽهڪ، خوش مزاج، زندهه دل پر اڄ سندس طبيعت مان اهي سڀ ڳالهيون غائب هيون.
    دوستن سان هٿ ملائي رسمي دعا سلام بعد چيائين يار منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، ان ڪري نه اچي سگهيس.
    ڇا ٿيو آهي تنهنجي طبيعت کي؟ اقبال يڪدم کانئس پڇيو_
    جواب ۾ چيائين لڳي ٿو ته هلڪو بخار آهي، ان ڪري ڪا ڳالهه ئي نه ٿي وڻي، مٿان وري بابا، جي آ ڪر، ڪر………
    ڇا ٿو چوي بابا؟ خالد کانئس پڇيو.
    چوي ٿو روزگار ڪر، ڪٿان ڪيان روزگار، نوڪري ملي نه ٿي، ڪاروبار لاءِ به پئسا ناهن ته پوءِ ڇا ڪريان؟ امتياز جواب ڏيندي چيو. امتياز عجيب الجهن ۾ ڦاٿل نظر ٿي آيو.
    سمورا دوست سندس اڄ اهڙي رويي تي حيران ۽ پريشان هئا ان ڪري کيس وڌيڪ چورڻ بجاءِ کيس گهر ۾ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ امتياز به مشوري تي عمل ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ گهر هليو ويو.
    هي ٽئي ڄڻا به پنهنجن، پنهنجن گهرن ڏانهن روانه ٿيا.
    شام جو سج زمين ۾ ٽُٻي هڻڻ لاءِ آتو هو، اڄ آسمان تي ڳاڙهاڻ الائي ڇو رت وانگر محسوس پئي ٿي. احمد، اقبال ۽ خالد ٽئي ٻاهر چوڪ تي پيل هڪ صندل تي ويٺا هُئا، پاڻ ۾ زماني جون ڳالهيون ڪري رهيا هُئا ته سامهون پاڻ ڏانهن مجيد کي تڪڙو، تڪڙو ايندي ڏٺن.
    بندري قد وارو مجيد جنهن کي چارئي يار ڪڏهن ڪڏهن بندري ڪُتي چئي ڪري چيڙائيندا هئا ۽ جهٽ چڙي پوندو هو ۽ خوب دل سان گاريون ڏئي پنهنجو پلاند ڪندو هو، پر ماڻهو دلبر آهي مجيد جهڙو اندر تهڙو ٻاهر، دل مان صاف. ڪڏهن به دل ۾ مير نه رکڻ وارو انسان. ڪيڏو به ڪاوڙجي وڃي، پر ٻئي ڏينهن وري ساڳيو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي. مجيد، امتياز جو پاڙيسري آهي، جنهن ڪري مجيد سان ٽنهي جي هجت تمام گهڻي اٿن. ان ڪري مجيد کي تڪڙو پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، خالد کان الائي ڇو بي ساخته نڪري ويو”الله خير ڪجانءِ“
    خالد جي وات مان اڃا اُهي لفظ نڪتائي مس هئا، تيستائين مجيد هنن وٽ پهچي چُڪو هو، ساههُ ساههُ نه پئي ماپيس، تڪڙو جو آيو هو ان ڪري شايد سهڪي پيو هو اچڻ شرط کين ٻڌايائين ته يار امتياز خودڪشي ڪري ڇڏي آهي!!!
    اُهي لفظ ٻڌندي ئي ٽئي پنڊ پهڻ ٿي ويا. ڪافي دير تائين ڄڻ هنن ۾ ساهه ذرو نه هو ۽ زندهه لاش بڻجي ويا هُئا. هنن کان پنهنجو جگري دوست هميشه لاءِ جدا ٿي ويو هو. هڪ اهڙو دوست جيڪو هنن کي ڏکين حالتن ۾ جيئڻ جون صلاحون ۽ آٿتون ڏيندو هو، هنن جو ڀرجهلو هو، جنهن سان هنن ڏکيا، سکيا ڏينهن گذاريا هين. جلد ئي پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪري وٺي امتياز جي گهر ڏانهن ڀڳا.
    امتياز جو مڙهه گهر جي اڱڻ ۾ پيو هو ۽ سندس پوڙها پيءُ ماءُ مڙهه کي هر هر چُمي رهيا هُئا جنهن تي پاڙي وارن کين منع ٿي ڪئي ته مڙهه کي چمبو ناهي، پر پيءَ ماءُ سندن هر ڳالهه کي نظر انداز ڪري ٿي ڇڏيو. ڪيڏي پيڙا مان اُهي گذري رهيا هُئا، امتياز سندن اڪيلو اولاد هيو، محمد صالح کيس وڏي لاڏ ڪوڏ مان پاليو ۽ پڙهايو هو. ته وڏو ٿي هو سندس سهارو بڻبو، پر اڄ هو سندن سهارو بڻجڻ بجاءِ کين دردن جي آڙاهه ۾ ڇڏي هليو ويو هو. هر ڪو امتياز جي پيءُ ماءُ کي اهو ئي چئي رهيو هو ته ”جيڪا ڌڻي جي مرضي!“ ”بس لکئي جا ليک آهن.“ ”توهان کي سک نه هُئا ملڻا!“
    خالد، احمد کي ڪن ۾ چوي ٿو ته ان پوڙهي پيءُ کان اهو ڪير نه ٿو پڇي ته ”تنهنجي پٽ خودڪشي ڇو ڪئي؟“ يا ڪير ائين کڻي چوي ته اسان نااهل حڪمرانن جو ڪيتو لوڙي رهيا آهيون. جن جي عوام دشمن پاليسين اسان جي نوجوانن مان جيئڻ جي جستجو کسي کين خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڪير ڪنهن کي همت ڏياري تيار ڪرڻ وارو نظر نه ٿو اچي. شايد سڀ مايوسيءَ جي آڙاهه ۾ پچي رهيا آهن ۽ ڪنهن سان پڄي نه سگهڻ ڪري تڏي تي ويٺل سمورن ماڻهن جي ڪاوڙ رب تي هُئي ته اهو ئي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. جنهن ڪري اهو ئي سمورين بيمارين جي جڙ آهي. باقي اسان سمورا پوتي پاڪ آهيون، اسان ۽ اسان جا حڪمران، ڪامورا ۽ ٻيا...........
    ڪافي ڏينهن گذري ويا امتياز جي وڇوڙي جو ڏک ٽنهي دوستن جي دل ۾ گهر ڪري ويو هو، ٽئي يار ڏاڍا مايوس ۽ پريشان به هُئا، ڇاڪاڻ ته امتياز جي خودڪشي وارو معاملو هنن جي سمجهه کان ٻاهر هو، ڪنهن به طرح سندس خودڪشيءَ واري سبب تي پهچي نه سگهيا هُئا، 24 ڪلاڪن مان گهڻو وقت گڏ رهڻ دوران امتياز ڪنهن وڏي پريشانيءَ بابت اڄ تائين هنن سان ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي. جيڪا سندس خودڪشيءَ جو سبب بڻجي. ته پوءِ ڇو امتياز خودڪشي ڪئي؟ شايد بيروزگاري يا وري پوڙهي پيءَ جي نصيحت ئي ان خودڪشيءَ جو سبب بڻي؟ سوال هنن جي ذهن ۾ اڀريا ٿي ۽ ڪوبه جواب نه ملڻ ڪري خاموش ٿي ٿي ويا.
    هڪ طرف جگري دوست جو وڇوڙو هو ته ٻئي پاسي جبل جيڏي اڻڀي زندگي آڏو هين. هڪ ڏينهن خالد کين چيو ته يار هيءَ به ڪا زندگي آ!؟ ائين سڏڪي سڏڪي مرڻ کان کان ڀلو آ ته ڪجهه نه ڪجهه ڪيون.
    ڪيترا ڏينهن ائين ڳوڙها ڳاڙيندا رهنداسين؟ خالد جي انهيءَ تجويز ۾ اميد هُئي. جنهن تي هنن دوستن سوچيو هو.
    احمد چيو ته ”يار اسان کي سنڌ جي هر پڙهيل لکيل نوجوان وانگر پنهنجو مستقبل اونداهون نظر ٿو اچي. ڀٽڪيل مسافر آهيون جن کي منزل جي تلاش آهي. نه ڪاروبار، نه نوڪري نه وري جيئڻ جو ڪو مقصد نظر ٿو اچي، بيروزگار ماڻهن جي زندگي سامهون آهي، انتهائي ذلتن سان ڀريل، ڏکن، دردن ۽ پيڙائن سان ڀريل، هر طرف مايوس چهرا، اداس چهرا نظر اچي رهيا آهن. جن جي نه ڪا منزل نه ڪو راهي. خوشين کان گهڻو پري زندگي آهي، جتي خوشيءَ جي لذت به پهچي نه ٿي سگهي. بکن ۽ بيمارين ۾ پاهه ٿيندڙ جسم، روڊ تي پٿر ڪٽيندي ۽ تعمير ٿيندڙ جڳهين تي تغاريون ڍوئيندي، رجهندڙ ۽ ڪاراٽجي ويل جسم، نفرتن سان ڀريل نگاهون، گهرن ۾ عورتن، ٻارڙن تي موچڙن جو زيپٽ ۽ ٻاهر مرد، وڏيرن ۽ پوليس جي ذلتن جو شڪار، موچڙا ماري، چوريون، ڦرون، ڌاڙا، مارا ماري، خوف، حراس عجيب ڀوائتو ماحول، جنهن ۾ ماڻهو غلامن کان بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
    امتياز جي خودڪشيءَ واري معاملي کان پوءِ مون کي به اهڙي زندگيءَ کان سخت نفرت ٿي وئي آهي.“
    صبح جو وقت هو، ٽئي دوست چوڪ تي پيل صندل تي ويٺا هُئا. آسمان به جهڙالو هو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل لڳندڙ هوا جي جهوٽي سندن جسم فرحت ڏئي رهيو هو. امتياز جي وڇوڙي کان پوءِ هنن جي ڪچهرين ۾ اهو چس نه رهيو هو، نه ٽهڪ ڏئي کليا هُئا، چرچا ڀوڳ ته ڄڻ هنن کان وسري ويا هُئا. حد کان وڌيڪ سنجيده ٿي ويا هُئا.
    ويٺي ويٺي احمد دوستن کي چيو ته
    ”هاڻ اهڙي شهر ۾ نه رهبو.“
    احمد جي اهڙي اوچتي ڳالهه ڪرڻ تي خالد ۽ اقبال ڄڻ ڇرڪي پيا.
    ٻنهي گڏيل طور وراڻيو ته احمد توکي وري اوچتو ڇا ٿي ويو؟
    احمد جواب ڏيندي خالد ڏانهن نهاريو ۽ چيو ته يار ڪجهه ڏينهن اڳ تو نه چيو هو ته هيءَ ڪهڙي زندگي آ؟.
    خالد پنهنجي چيل ڳالهه کي ياد ڪندي چيو ته ها مون چيو هو، پر اها تجويز ته فقط ڳالهه جي حد تائين........
    احمد سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو ته اها تجويز ڳالهه جي حد تائين نه هُئي پر اهو تنهنجي اندر جو آواز هو جيڪو هن ڪرڀ ڏياريندڙ ماحول سبب گهٽجي گهٽجي اندران نڪتو هو، اها هڪ مناسب تجويز هُئي جنهن تي اسان عمل ڪري سگهون ٿا. اسان به امتياز وانگر دل شڪسته ٿي خودڪشي نه ڪنداسين. بس هاڻي گهڻو ٿيو؟
    ڇا گهڻو ٿيو؟ خالد ۽ اقبال پڇيو.
    احمد کين چيو ته مون سوچيو آ ته هاڻي هتي نه رهبو، هتي زندگي ڏاڍي محدود ۽ ڀوائتي ٿي لڳي. ان ڪري هلو ته ڪراچي هلون ۽ ڪجهه ڪريون. خالد وراڻيندي چيو ته ها يار منهنجي دل به ائين چوي ٿي.
    ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ ٽئي دوست ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته هاڻي هو پنهنجي هن شهر ۾ نه رهندا ۽ ڪراچيءَ ويندا ۽ هو ڪراچي وڃڻ لاءِ منصوبندي ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا.


    باب ٽيون

    هنن ڪراچي ڪڏهن به نه ڏٺي هُئي، ان ڪري هي ٻئي دوست ڪراچي وڃڻ جو پهه ڪرڻ باوجود به ڏاڍا پريشان هئا. بس اسٽاپ تي بيٺي رات جو 10_ وڳي ڌاري سکر کان ڪراچيءَ ويندر بس جي پوئين حصي ۾ کين سيٽون ملن ٿيون. سڄي واٽ سفر ڊرائيور عطا الله عيسيَ خيلوي جي دردن سان ڀريل ڪيسٽون وڄنديون رهيون ۽ هو ننڊ جي جهوٽن سبب ڪڏهن هڪٻئي سان پئي ٽڪرايا ته ڪڏهن آڏو واري سيٽ سان، ڪيترا دفعا نرڙ تي ڌڪ به لڳن، پر چوندا آهن ته ننڊ سوليءَ تي به اچي ويندي آهي. ان ڪري سڄي رات ننڊ جي جهوٽن، عطاالله عيسيَ خيلوي جي پرسوز واڄٽ، گاڏين جي شور، هارن جي ٽان...ٽان........................!! عورت مسافرن سان گڏ سندن روئندڙ ٻارن، ڀرسان ٻڌل ٻڪرين جي ٻيڪاٽن، روڊ جي جهاڪن سميت عجيب ۽ دل آزاريندڙ ست ڪلاڪن جو سفر طئه ڪري اچي جڏهن اسر ويل سهراب ڳوٺ پهتا هُئا. بس اتي بيهي رهي ۽ بس واري ڊرائيور مسافرن کي چيو ته مان صدر نه هلندس. واٽ تي جهيڙا فساد لڳا پيا آهن، روڊ بند آهن ۽ مون کي گاڏي ساڙائڻي ناهي. ڊرائيور جو اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ تي سندن ٻه به ويا ته ڇهه به ويا. ويتر پريشان ٿي ويا ته هاڻي آخر ڇا ڪن؟ هڪ ڪراچيءَ ۾ نوان، نه رستن جي خبر نه حالتن جي، نه ڪو وري سهراب ڳوٺ ۾ ڄاڻ سڃاڻ وارو، اچي پريشانين ٿيا. اسر جو وقت هو، آذانون اچي چُڪيون هيون، پر ان باوجود به شهر ۾ خاموشي هُئي، بس مان لهندڙ ڪجهه مسافر ۽ هي ٻئي ڄڻا روڊ تي بيٺا هئا، هنن کي ريلوي ڪالوني پهچڻو هو، جتي اقبال سندن انتظار ڪري رهيو هو، جنهن پڻ ٻه ڏينهن اڳ ئي خط لکي کين ڪراچي اچڻ جي صلاح ڏيندي چيو هو ته هن ڪراچيءَ ۾ جنگ پريس جي پويان ريلوي ڪالونيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ڪوارٽر هٿ ڪيو آهي. ٻنهي ڄڻن پريشانيءَ جي حالت ۾ چهل قدمي پئي ڪئي. ته هڪ اوپرو شخص هنن جي ويجهو آيو ۽ هنن کان پڇيو ته ڇا توهان سنڌي آهيو؟
    اجنبي شهر ۾ ڪنهن شخص پاران سنڌي ڳالهائڻ تي حيران به ٿي ويا ته خوش به ۽ يڪدم ٻنهي چيو ها اسان سنڌي آهيون.
    توهان کي خبر ناهي ته ڪراچيءَ جون حالتون اڄ ڪلهه ٺيڪ ناهن ۽ توهان پيا رستي تي بيگاهه وقت پيا ڀٽڪو؟
    ان اجنبي شخص سمجهائڻ واري انداز ۾کين چوي ٿو.
    هن جي ڳالهائڻ ۽ سمجهائڻ ۾ کين پنهنجائپ محسوس ٿي. جنهن ڪري هنن کيس ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ ۾ نوان آيا آهن ۽ هنن کي جنگ پريس جي پويان ريلوي ڪالوني جي ڪوارٽر نمبر ايس 105 گلي نمبر 10 وڃڻو آهي، جتي هنن جو دوست اقبال سندن انتظار ڪري رهيو آهي.
    تنهن تي ان اڻ ڄاتل شخص کين چيو ته توهان پريشان نه ٿيو، هو به ريلوي ڪالونيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، کيس ڪراچيءَ جي رستن جي چڱيءَ ريت خبر آهي، مان توهان کي پنهنجي دوست وٽ پهچائيندس.
    هو ٻئي ڄڻا ڏاڍو خوش ٿين ٿا، انڌي کي اک جو ملي وئي هُئي ۽ هو ان اڻ ڄاتل شخص پٺيان هلڻ لڳن ٿا.
    اجنبي شخص جيڪو هيو ته سنڌي پر کانئس نالو، ذات پڇڻ جي هنن ۾ همت نه ٿي ٿي، خوف ۾ وڪوڙيل جو هُئا. بت ۾ ڀريل هو، ڊگهو قد، اکيون وڏيون ۽ شايد اوجاڳي جي ڪري ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيس ۽ سندس سانوري گول مٽول مُنهن تي دهشت طاري ڪري رهيون هيون. احمد کي ان شخص مان ڊپ پئي لڳو، ان ڪري آهستي خالد کي سرٻاٽ ڪندي چيائين يار هيءُ ماڻهو ته عجيب ۽ خوفناڪ ٿو لڳي، ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ نه وڃي پئون؟
    ڳالهه ته صحيح ٿو ڪرين، پر ڪيون ڇا؟ ٻيو ڪو رستو به ته نه ٿو سُجهي. ڪيون ٿا توڪل. خدا ٻيڙا پار ڪندو، خالد به کيس پنهنجي اُلڪي بابت آگاهي ڏيندي چيو.
    جملو اڃا پورو مس ڪيائين ته ان شخص روڊ تي نظر آيل هڪ ٽئڪسي واري کي هٿ ڏنو ٽئڪسي ڦيرو کائي اچي هنن جي ڀرسان بيٺي ۽ ان شخص ٽئڪسي ڊرائيور سان ڳالهايو، هنن ٻنهي جي حالت ڪنهن هيسيل هرڻي واري هُئي. ان شخص ۽ ٽئڪسي ڊرائيور ۾ ڪجهه بحث هليو. شايد ڪرايي تي نه پئي ٺهيا؟ ۽ نيٺ معاملا طئه ٿيڻ بعد ان شخص هنن کي سڏ ڪري ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو.
    ٽئڪسي ڪڏهن ڪراچيءَ جي وڏن روڊن تي ڪڏهن وري ننڍن رستن تان هوا کي چيريندي هلندي رهي، هوا سبب هنن کي ٿوري سردي محسوس ٿي رهي هُئي، جنهن ڪري احمد ته اجرڪ اوڍي ڇڏيو هو، پر خالد وٽ ڪابه شيءِ نه هجڻ ڪري ڏڪيو پئي. ڪيترن هنڌن تي گاڏيون، ٽائر ۽ ڪجهه سامان ۽ دوڪان سڙيل هُئا، جن مان اڃا دونهون نڪري هوا کي ڀاڪر پائي ان ۾ جذب ٿي رهيو هو، سڄو شهر خاموش هيو. ڪٿي، ڪٿي ڪا گاڏي نظر آئي پئي يا ٽئڪسي ڀر مان گذري پئي، باقي ماڻهو ته ڄڻ نطر ئي ڪو نه پئي آيا. شهر ڄڻ قبرستان جو ڏيک ڏئي رهيو هو، شهر جي اهڙي حالت ڏسي ويتر هنن جي ذهن ۾ خوف اچي واسو ڪيو. سڀ چپ ڪري ويٺا هُئا.
    خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ٽئڪسي ڊرائيور کين چوي ٿو ته
    سائیں! لگتا ھے آپ لوگ سندھی ھو؟
    اجنبي شخص ڏانهس نهاري ٿو ۽ پوءِ اٽڪي اٽڪي چويس ٿو ته
    "ھاں! ھم سندھی ھیں۔"
    سائیں میں آپ کو پھچان گیا تھا۔ اس لئے میں ٹئکسی کو سیدھی سڑک پر نھیں لایا۔ ٽئڪسي ڊرائيور چيو:
    اجنبي شخص کانئس پڇي ٿو ” وہ کیوں؟“
    سائيں، کل میں دو سندھیوں کو لالو کھیت لے جارھا تھا، کہ غنڈوں نے میری ٹئکسی کو روکا اور انھیں اتار کر، ان پر گولیاں برسائيں۔ سائيں وہ بچاری موقع پر ھی مرگئے،یہ شھر جیسے آپ سندھیوں کے لئے مقتل بن گيا ھے، لیکن آپ ڈرین نھیں، میں آپ کو کسی بھی صورت اپنی منزل پر پھنچائونگا۔
    ٽئڪسي ڊرائيور هنن کي آٿت ڏيندي چيو.
    ٽئڪسي ڊرائيور جي آٿت باوجود به ان جي لفظن هنن جي جسم مان ڄڻ ساههُ ڪڍي ڇڏيو ہو، دل ۾ سوچيائون ٿي ٽئڪسي وارو ته انهن ويچارن کي ڪون بچائي سگهيو، جن کي لالو کيت کنيو پئي ويو، ته اسان کي خاڪ بچائيندو؟
    خالد سوچي ٿو ته آيا ته مستقبل جي تلاش ۾ آهن، پر هتي ته مستقبل بجاءِ پهرين ڏينهن ئي خوف ۽ دهشت هنن جو استقبال ڪيو آهي. ڇا هو به ائين بي موت رستي تي ماريا ويندا؟
    خوف سبب ڪجهه ڪڇي پڇي ڪو نه پئي سگهيا. ڄڻ نانگ سونگهي ويو هجين. سندن نڙي خشڪ ٿي وئي. چپ چاپ ويٺا رهيا.
    اوچتو ڊرائيور ٽئڪسيءَ کي بريڪ هنئي، اوچتي بريڪ سبب هنن کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ بريڪ هنن کي حوصلي ۾ آڻي وڌو هو.
    ٽئڪسي ڊرائيور چيو ته؛
    سائيں! جنگ پریس اسٹاپ آگیا ھے۔
    هي ٽڪسيءَ مان لٿا ۽ پنهنجي حصي جو ڪرايو ڏيڻ لاءِ اجنبي شخص ڏانهن هٿ وڌائين ٿا مگر ان صاف انڪار ڪندي هنن کان ڪرايو نه ورتو ۽ پاڻ ڪرايو ٽئڪسيءَ واري ڏنو.
    ٽئڪسي هوا ۾ دونهون اڏائيندي اڳئين روڊ تي هلڻ لڳي ۽ هي ٻئي ڄڻا ان اجنبي شخص پويان هلندا رهيا.
    ريلوي جون پٽڙيون ڪراس ڪندي سج هنن جواستقبال ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪرڻا آڇي ٿو. هنن کي هن علائقي ۾ زندگيءَ جا ڪجهه آثار نظر آيا ٿي، يعني ماڻهن جي ٿوري گهڻي اچ وڃ هُئي، ڪجهه دوڪان ۽ هوٽلون به کين کليل نظر آيون، جتان ماڻهو صبح جو سيڌو وٺي رهيا هُئا، ڪجهه ماڻهو هوٽل تي ويٺي گيهه ۾ تريل اوڦراٽن جا گرهه هڻندي ان جي مٿان چانهن جا ڍُڪ ڀري رهيا هئا.
    هنن هڪ گهٽي مٽائي وري ٻي گهٽي مٽائي، ٽين گهٽيءَ ۾ داخل ٿين ٿا، نيٺ هڪ جڳهه تي بيهي ان اجنبي شخص هٿ جي اشاري سان هنن کي چيو ته اهو سامهون آهي ڪوارٽر نمبر ايس 105
    اهو چئي ان اجنبي شخص هنن کان موڪلايو ۽ هليو ويو.
    هو کانئس نالو پڇڻ ۽ سندس مهرباني به ادا نه ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ ته پريشانيءَ هنن کي ڄڻ وائڙو ڪري ڇڏيو هو.
    اتي بيٺي احمد چيو ”آيا آهيون زندگيءَ جي ڳولا ۾ هتي ته موت ٿو نظر اچي“
    خالد کيس آٿت ڏيندي چيو ته ” سهڻا اسان موت کي مارينداسين“
    ڪوارٽر ايس 105 جو دروازو هنن جي سامهون هيو، در کڙڪائڻ بعد يڪدم کليو، ڄڻ ڪو هنن جي انتظار ۾ ويٺو هجي، سندن يار اقبال سامهون بيٺو هو ۽ هي ٽئي دوست ڀاڪرين پئجي ويا. ڪيتري دير تائين ڄڻ هڪٻئي کي پئي ڏٺن، ڄڻ سالن جي جدائي کانپوءِ مليا هجن، سو به رڻ پٽ بيابان ۾. هڪٻئي سان ملي سندن ٿڪ ئي لهي ويا.
    اقبال ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پهتو هو، کيس سندس مٽ عبدالعزيز ٻرڙي معرفت ريلوي کاتي ۾ نوڪري ملي هئي ۽ رهڻ لاءِ ڪوارٽر به. جنهن ڪري هنن کي ڪراچي اچڻ لاءِ اقبال همٿايو ۽ خط لکي کين جلد پهچڻ لاءِ چيو هو.
    ڪچهري ڪندي خالد اقبال کي چيو ته يار ڪاش! اسان به ٻرڙا هجون ها ته اسان کي به نوڪري ملي پئي ها! پر اسان ته سنڌي آهيون ان تي ٽنهي دوستن ڪوارٽر ۾ وٺي ڏاڍا ٽهڪ ڏنا. ٽهڪ ڏيڻ جو سبب اسان مان ڪنهن کي معلوم نه هو.
    اقبال جي ڊيوٽي صبح جو 8 وڳي کان شروع ٿيندي هُئي 2 وڳي واپس ٿيندو هو ۽ هنن لاءِ هوٽل تان ماني ۽ چانهه وٺيو ايندو هو. کين ٻڌايو هئائين ته کيس بڪنگ ڪلرڪيءَ مان سُٺي آمدني ٿئي ٿي. صاحب وڏو زور ڏيڻ کان پوءِ ئي ته کيس بڪنگ ڪلرڪ رکرايو هو. شام جو گڏجي ڪراچي گهمڻ لاءِ نڪرن ٿا، ڪراچيءَ جي ڪشادن روڊن ۽ سوڙهين گهٽيين کان وٺي مزار قائد تائين جو سفر سندن روز جي رولاڪين ۾ شامل هو، سمنڊ جو ڪنارو کين ڏاڍو وڻندو هو. خاص ڪري شام جي وقت، سمنڊ جون لهرون ۽ هوا من کي لطف ڏينديون هين ۽ هي ٽئي يار خاموش ويهي سمنڊ ڪناري جي ماحول جو مزو وٺندا هئا، خاص ڪري ڪيڏي مهل ڪا خوبصورت ناري آڏو گذرندي هُين ته وات پٽيو پيا ان کي گهوريندا هُئا، سندس سونهن سندرتا تان پيا پنهنجي مُنهن قربان ٿيندا هئا، پر سواءِ اکيون ٺارڻ ۽ خيالي پلاءَ جي کين ڦٻندو ڪجهه به نه هو، ڇاڪاڻ ته شرم ۽ حياءَ سندن جسم ۾ ڪٽي ڪٽي ڀريل هو، جنهن ڪري ڪا پاسو ڏيندي به هُين ته وڇِ وانگر ٽهي ويندا هُئا ۽ اهي ڳالهيون ياد ڪري ڀوڳ چرچا پيا ڪندا هُئا ۽ انهن يادن تي پيا ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ پنهنجا ڏک ۽ وڇڙيل يار جي جدائيءَ کي وسارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هُئا.
    ڪراچيءَ ۾ ڪجهه علائقن ۾ نسلي فساد ڪجهه جهڪا ٿي ويا هئا يا وري ڪورنگي، ناظم آباد، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ جهيڙا هلندڙ هئا. جتان ڪڏهن ڪڏهن هنن کي سنڌي ماڻهن جي مرڻ جون خبرون پيون ملنديون هيون، پر هنن جي رهائش واري علائقي، صدر، چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ ٺاپر هُئي. جنهن ڪري اُتي زندگي روان دوان هُئي. جنهن ڪري رات جي وقت جي رولاڪين جو مزو پيا وٺندا هُئا، هلڪي روشني، هوا جا سسراٽ ۽ هنن جا ٽهڪ خاموشي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هوندا هُئا.
    ڪوارٽر نمبر ايس 105 جي ڀر ۾ ڪوراٽر نمبر 106 ۾ دادو جا رهواسي محمد شمن پنهنجي ڪٽنب سميت اچي رهڻ لڳو. محمد شمن کي به ريلوي ۾ ڪلرڪي ملي هُئي، صوم صلوات جو پابند آهي. عمر 50 سال کن ٿينديس. سندس ڌيءُ جو نالو راڻي آهي، جهڙو نالو اٿس اهڙي ئي خوبصورت ۽ خوب سيرت آهي، ڪاليج ۾ انٽر ۾ داخلا ورتي اٿس ۽ هاڻي روز ڪاليج اچڻ وڃن ڪري سندس سونهن سڀيتا جي چرچا به ڪالوني ۾ باهه وانگر پکڙجي رهيا هُئا، پر مجال آهي جو هوءَ ڪنهن ڏانهن اک کڻي به نهاري. پر نوجوان هُئا جيڪي ڀونئرن وانگر پيا سندس اڳيان پٺيان ڦرندا هُئا ۽ راڻيءَ جي هڪ نهار تي ڪالونيءَ جا جوانڙا جانيون لٽائڻ لاءِ تيار هئا، جيتوڻيڪ سندس هڪ مرڪ پسڻ لاءِ ٽنهي دوستن سميت ڪيترائي جوانڙا ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُس ۾ بيهي ڪاراٽجي ويندا هئا. هوءَ ڪتابن جو بيگ کڻي جڏهن ڪاليج لاءِ نڪرندي هئي ته چوڏس سندس حسن جا پاڇولا ڦهلجي ويندا هئا. هوا ۾ سندس کليل ذلف رقص ڪندا هئا. جوانن جون ته ڇا پوڙهن، پڪن جي دلين جي ڌڙڪن به راڻيءَ کي ڏسڻ کان پري پري تائين مار ڪندي هئي ۽ ريلوي ڪالونيءَ جي مکيه گهٽيءَ ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي، نون ڏسندڙ نوجوانن جي هٿن مان ٿانو ڇڏائجي ويندا هئا.
    راڻي جيڪا خوبصورتيءَ جو انمول روپ هئي، 18 سالن جي گوري، ڊگهو قد، سنهڙا چپ، چهنبڪ جهڙي چيلهه، صورت ۽ سيرت سبب سندس رشتي لاءِ اميدوارن جون قطارون سندس گهر لڳي وينديون هيون. سندس ماءُ، پيءُ اهڙي صورت حال کان تنگ اچي چُڪا هئا. کيس ڪاليج وڃڻ کان به منع ڪيو هئائون پر راڻيءَ کي پڙهڻ جو شوق هو.
    راڻيءَ کي ڪالوني جي ڇڇورن ڪيترائي دفعا ڇيڙڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هن مڙسيءَ سان انهن حالتن جو مقابلو ڪيو هو. تمام گهڻي با اعتماد ۽ مغرور ڇوڪري هُئي. ڪنهن کي اصل گاهه ئي نه وجهندي هُئي.
    راڻي او راڻي! ماءُ جي سڏ تي راڻي ڪتاب تان ڌيان هٽايو ۽ جواب ڏيندي چيائين جي چوائيم امان.
    راڻي جي اهڙي پيار ڀرئي جواب تي ماءُ ڏاڍو خوش ٿي، اصل من ۾ بهارون مرڪڻ لڳس.
    ڌيءُ هاڻي ڪتاب جي پچر ڇڏ ۽ گهر جي ڪم ۾ هٿ ونڊاءِ، تنهنجو پيءُ ڄاڻ آيو، ماني اڃان ناهي پڪي، کيس بک لڳي هوندي. ماءُ کيس چيو.
    جواب ۾ راڻي چيو امان بس هڪ منٽ ۾ اچان ٿي. تون بس ٿانو ڌوئي رک، مان ماني پاڻهي پچائي وٺنديس.
    راڻي کي ڪتاب پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، جنهن ڪري سندس ڪمري ۾ ڪتابن جا ڍڳ لڳل آهن، پڙهڻ سان گڏ گهر جي ڪم ڪار لاءِ به سگهڙ عورت آهي. هر ڪم ۾ ماءُ جي ڀرجهلي هجڻ ڪري ماءُ به مٿس گهور گهور پئي ويندي آهي.
    پڙهائي، گهر جو ڪم ڪار ۽ پنهنجي ٻن ننڍن ڀائرن کي ٽيوشن به پاڻ پڙهائيندي آهي.
    هڪ ڏينهن ٽئي دوست ريلوي ڪالونيءَ جي جهوپڙا هوٽل تي ويٺا هُئا. بيرو آيو ۽ هنن جي آڏو پاڻيءَ سان ڀريل جڳ رکندي چيو حڪم ڪيو چانهن، ماني، بوتل، پڪوڙا، سنبوسه؟ ڇا کائيندئو؟
    احمد کيس چيو ته کير پتي چانهن پيئنداسين، جلد ٽي چانهيون کڻي اچ. چانهن جو آرڊر ڏئي اڃا بس ڪين ته اوچتو خالد جي نظر سامهون ويٺل هڪ شخص تي پئي، مهانڊن ۾ ڄڻ کيس سڃاتل ٿي لڳو، خالد، احمد جو ڌيان ان شخص ڏانهن ڇڪايو، احمد کيس سڃاڻي ورتو ”يار اهو ته اهو اجنبي شخص آهي، جنهن اسان کي هت پهچايو هو ۽ ٽئڪسي جو ڪرايو به نه ورتو هئائين.“
    ٽئي ڄڻا اٿي وڃي ساڻس مليا، هو به ڏاڍي قربائتي نموني هنن سان مليو ۽ هنن کي به پنهنجائپ جو احساس ٿيو، گهڻن ڏينهن کان پوءِ کين ڪو سنڌي مليو هو، چيائين ويهو چانهه پيو. هنن کيس زور ڀريو ته نه هو هنن جي چانهه پئي.
    کين چيائين ته چانهه توهان جي يا منهنجي ڳالهه ساڳي آهي. ڪو حساب ٿورئي آهي. پر هي به ٻاراڻي ضد تي لهي پيا هُئا. ڄڻ هو هنن جو وڏو هجي ۽ هي سندس اولاد ۽ ڪنهن شيءِ تي ضد ڪري کيس مڃائڻو هجي.
    کين چيائين ٻاراڻو ضد ڇڏيو، ويهو ۽ حال احوال ڏيو ته توهان کي پنهنجو دوست مليو يا نه؟
    ها ها، هي آهي نه اقبال_ خالد سندس اقبال ڏانهن ڏيان ڇڪائيندي اشارو ڪيو.
    هن اقبال سان ٻيهر هٿ ملايو ۽ هي به سندس آڏو پيل ٽيبل وارين ڪرسين تي ويهي رهيا. هڪٻئي سان رسمي دعا سلام ڪرڻ کان پوءِ کانئن پڇيائين ته ڏيو خبر، ڪراچيءَ ۾ هاڻي ڇا ٿا ڪيو؟
    خالد کيس چيو ته اقبال کي ريلوي ۾ ڊيوٽي آهي. باقي اسان ٻئي بيروزگار، روزگار جي تلاش ۾ اڃا نه نڪتا آهيون ۽ ڪراچيءَ گهمڻ ۾ لڳي ويا آهيون. گهمڻ مان واندا ٿي روزگار جي ڳولا ڪنداسين.
    جنهن تي هن اجنبي شخص کين چيو ته ڏاڍو سٺو، جو سنڌي به ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ روزگار جي ڳولا ۾ هتي نڪتا آهن.
    خالد کيس چيو ته سائين ان ڏينهن ته تڙ تڪڙ ۾ اسان توهان کان نالو ۽ ٻيو تعارف پڇڻ ئي وسري ويا هُئاسين. جيڪڏهن مهرباني ٿئي ته پنهنجو تعارف ڪرايو؟
    هن کين چيو ته واقعي ان رات توهان تمام گهڻو هيسل هُئا، پر ياد رکجو، ڪراچي هيسيل ماڻهن جو ناهي، هي شهر پٿر دل انسانن جو شهر آهي، هتي احساسن بنا ئي ماڻهو کي رهڻو پوي ٿو، ڇا وهي واپري ٿو پاڙي واري کي ڪا ڪل ئي نه پوندي آهي، ٻيو ته ٺهيو پاڙي واري کي اها به خبر گهٽ هوندي آهي ته سندس پاڙي ۾ ڪير رهي ٿو، ڪٿان جو آيو آهي، پر توهان جي خبر هتان جي غنڊن کي ضرور پئجي ويندي، ڇاڪاڻ ته توهان سنڌي آهيو.
    هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي کين ٻڌايو ته هن جو نالو محمد موسيَ آهي ۽ هو به ريلوي ۾ ننڍڙو ملازم آهي ۽ سامهون واري گهٽيءَ نمبر 13 جي هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو آهي.
    ٽنهي دوستن سندس مهرباني ادا ڪئي. چانهه پيتي ۽ کيس سڀاڻي رات واري ماني گڏ کائڻ جي صلاح ڪئي. جنهن تي هن پهريان ته انڪار ڪيو بعد ۾ هنن جي زور ڀرڻ تي حامي ڀري.
    هي کانئس موڪلائي روانا ٿيا.
    ٻئي ڏينهن رات جا 8 ٿيا هُئا ته هو هنن وٽ آيو، اڌڙوٽ عمر جو هو ۽ هروڀرو چچلائپ سندس طبيعت ۾ شامل نه هُئي. هي ٽئي ڄڻا پاڻ ته ماني ڪندا ڪونه هُئا، ان ڪري اقبال ٻاهران هوٽل تان ماني وٺي آيو. ماني کائڻ کان پوءِ ڪافي دير تائين سندن ڪچهري هلي، ذاتي، سياسي، معاشي، فلمي دنيا بابت اڪيچار ۽ ڏاڍا تفصيلي حال احوال ڪيائون، ڪيڏي ڪيڏي مهل چرچا ڀوڳ به ڪيائون ٿي. جيئن ڪچهري ۾ بوريت محسوس نه ٿئي.
    هُن کين ٻڌايو ته اسين سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي نڌڻڪا آهيون ان ڪري جو اسان جي وڏن ۽ نه وري اسان پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون! ڪراچي اسان جو شهر آهي سنڌي ماڻهن جي ملڪيت آهي پر اسان هتي روزگار لاءِ دربدر آهيون ۽ پناهگير اسان جي وسيلن تي قابض ٿيو ويٺا ٺٺ ڪن. اسان بي وس ۽ لاچار بڻجي پيا خودڪشيون ڪيون. روزگار لاءِ ڪراچي ايندڙ سنڌي ماڻهن کي هتان تڙيو پيو وڃي. کين ماري لاش ڳوٺن ڏانهن موڪليا پيا وڃن. جيئن سڄي سنڌ ۾ خوف ۽ حراس پئدا ڪجي ۽ ٻيا سنڌي ڪراچي ڏانهن وک کڻڻ لاءِ هزار دفعا سوچين. توهان ڏسو پيا نه روز هتي سنڌي ماڻهو پيا مارين ۽ اسان جا ليڊر خاموش آهن چپ آهن..........!!!
    خالد کانئس پڇيو ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟_
    هن کين چيو ته ٻڌي ۽ پنهنجا شهر ڇڏائڻ لاءِ ويڙهه ڪرڻ گهرجي.
    خالد اٻهرائپ ڪندي چيو ته پوءِ اٿو ته هلي سنڌي ماڻهن کي ماريندڙن سان هلي ٿا هينئر ئي هڪ هڪاڻي ڪيون.
    چريا ائين اڪيلا وڙهنداسين ته بي موت مارجي وينداسين. اسان جو دشمن طاقتور آهي، رياست به ان جي سرپرستي ڪري ٿي، انهن وٽ هٿيار آهن ۽ اسان وٽ ڪجهه به نه، هٿين خالي_ هن کين سمجهائيندي چيو.
    پوءِ ڇا ڪجي؟ احمد کانئس سوال ڪيو.
    جنهن تي هن وراڻيندي چيو ته ان لاءِ اسان کي سنڌي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي پئدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي ڪمزوريءَ کي طاقت ۾ بدلائڻو پوندو ۽ هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهڻي پوندي، اجتماعي ويڙهه.
    محمد موسي سان ڪيل ڊگهي ڪچهري هنن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. جنهن ڪري هنن طئه ڪيو ته هاڻي سياسي ڪچهريون جاري رکبيون.
    محمد موسيَ هنن کان موڪلائي هليو ويو، رات ڪافي گذري چُڪي هئي ۽ ٿڪاوٽ سبب ٽنهي اوٻاسين پئي ڏنيون، جنهن ڪري ڪنهن به لفظ ڳالهائڻ بنا ئي هيٺ ڪالين تي سمهڻ شروع ڪيو ۽ هڪٻئي پٺيان خواب ننگر ڏانهن هليا ويا.
    ٻئي ڏينهن محمد موسيَ وري هنن وٽ آيو ۽ پوءِ روزانو اهڙيون ڪچهريون معمول بڻجي ويون، هنن کي به روزگار مليو ڪو نه پئي ان ڪري اُهي ڪچهريون هنن لاءِ وڏي آٿت ۽ سهارو پئي بڻيون.


    باب چوٿون

    احمد ۽ خالد ٻئي روزگار جا متلاشي هُئا. ان ڪري سوچيائون ته هاڻي روزگار جي ڳولا لاءِ نڪرجي. خالد، احمد کي چيو يار گهڻو ڪراچي گهمياسين، جي روزگار ملي ويو ۽ کيسي ۾ ڪجهه هوندو به ته ڪراچي گهمڻ جو مزو ويتر وڌي ويندو ۽ ها آخر ڪيستائين ائين اقبال تي بار بڻجي رهنداسين؟
    اقبال ويهندو هو ڊيوٽيءَ تي ۽ هيءُ گهر کي ٻهارو ۽ پوچي ڏئي ڪوارٽر اڇو اجرو ڪري نوڪريءَ جي ڳولا ۾ نڪري پوندا هئا. ڪڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ ته ڪڏهن خانگي آفيسون، ايتري قدر جو دوڪانن ۽ فيڪٽرين ڏانهن به ويا. پر جتي ڪٿي مايوسي نصيب ٿين. فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هنن وٽ تجربو نه هيو، خاص ڪري فيڪٽرين ۾ ٽيڪنيڪل نوڪريون هيون ۽ ٻيو وري خانگي ڪمپنين ۾ هنن کي عجيب نظرن سان ڏسندا هئا ۽ فائيل پڙهي، چوندا هين ته اسان وٽ ڪا به جاءِ خالي ناهي. سنڌي کين ٻين دنيا جي مخلوق لڳندا هئا.
    هڪ دفعي سنڌ سيڪريٽريٽ کان واپسيءَ تي اچي رهيا هئا ته آءِ آءِ چندريگر روڊ تي هڪ ڪمپني ٻاهران لڳل اشتهار ڏسي (جنهن تي لکيل هو ته )
    ”چپڑاسی کے لئے جگہ خالی ھے۔“
    خالد، احمد کي چيو ته يار جيستائين ٻي ڪا نوڪري ملي، هل ته هلي اُتي ئي پنهنجي قسمت آزمائي ڏسون. سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپني هُئي، آفيس اندر داخل ٿيا ته سامهون رسيپشن تي عورت ويٺل هُئي.
    سانوري ۽ نڪ بني، يڪو ميڪ اپ ڪيل هيس جنهن ڪري ڏاڍي بي ڍولي پئي لڳي. جهڙا واڱڻائي ڪپڙا پاتل هيس، تهڙي ئي چپن تي لپسٽڪ لڳل هيس.
    خالد کيس چيو ته صاحب سان ملڻو آهي.
    جواب ۾ چيائين: ” کیا“
    احمد ڳالهه کي سمجهندي چيس ته :
    صاحب سے ملنا ھے۔
    چيائين: کون سے صاحب سے؟
    احمد چيس: ھمیں نوکری چاھیی، اس لئے صاحب سے ملنا ھے۔
    اچھا! اچھا، تو آپ نوکری کے امیدوار ھیں، آپ بیٹھو میں صاحب کو اطلاع کرتی ھوں۔
    اهو چئي هوءَ ڪنڌ لوڏي صاحب جي آفيس ۾ هلي وئي، ٿوري دير ۾ واپس آئي ۽ کين چيائين: آپ کو صاحب بلا رھا ھے۔
    هي ٻئي ڄڻا فائيل هٿ ۾ کڻي صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ آفيس کي ڏسي دنگ رهجي ويا. ڇا ته ڪالين وڇايل هو ۽ ڇا ته ٽيبل هُئي ۽ اي سي به هلي پئي. جنهن ڪري اندر ٿڌڪار لڳو پيو هو. صاحب سگريٽ دکايو، ڪنهن سان فون تي پئي ڳالهيو ۽ هي سندس سامهون اچي بيٺا، جيئن جج جي آڏو مجرمن جي پيشيءَ وانگر با آداب طريقي سان...
    صاحب ٿلهو متارو هيو ۽ هي ٻئي ڄڻا ان جي آڏو ڄڻ هڏين جو ڍانچو لڳي رهيا هُئا، اکيون اڻڀيون، ڄڻ اکين سالن کان سرمو ئي نه ڏٺو هجي، هونئن به صاحب لوڪ سي به شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو اکين ۾ ڪٿي ٿا سرمو پائين اهو رواج ته ٻهراڙين ۾ آهي.
    صاحب فون رکي ڦرڻي ڪرسي تي ڦيرو کاڌو ۽ هنن ڏانهن نهاريندي کين چيائين ته
    ھاں! نوجوان ھمارے پاس تو صرف ایک نوکری ھے اور آپ دو آئے ھیں۔ نوکری تو صرف کسی ایک کو ملے گی۔ تنخواہ ھوگی، پانچ سؤ روپیہ مھینہ، صبح سات بجے سے شام سات بجے تک ڈیوٹی کرنی پڑے گی۔
    ھاں! تو نوجوان کرلو گے ڈیوٹی؟
    صاحب هنن کان سوال ڪيو.
    هنن ٻنهي هڪ ئي آواز ۾ چيو ” ھاں کرلینگے، سر!“
    اهو چئي هنن ڪاغّذن جو فائيل سندس آڏو رکيو.
    فائيل پڙهندي کين چيائين: آپ سندھی ھو!؟
    اهو چوڻ ۽ يڪدم فائيل هنن ڏانهن اڇلي کين چيائين:
    نہ بابا نہ ھم سندھی نھیں رکھ سکتے، ھمیں اپنی کمپنی تھوڑئی جلوانی ھے۔
    خالد کي ان اڌڙوٽ عمر واري ڪرسيءَ تي ويٺل صاحب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ دل ۾ چيائين ته وڃي ڪرسيءَ تي دسيانس، پر احمد ، خالد جي ڳاڙهي ٿي ويل مُنهن کي ڏسي ڳالهه سمجهي ويو ۽ يڪدم فائيل هٿ ۾ کڻي خالد کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ويو.
    ڪوارٽر تائين پهچندي هن جي من ۾ ڪروڌ پلجي رهيو هو ۽ کيس محمد موسيَ جون چيل سڀ ڳالهيون سامهون اچڻ لڳيون. ها موسيَ سچ چوندو آهي ته اسان پنهنجي شهرن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ٽڪي جي نوڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏيون ٿا سا به سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ نه ٿي ملي.


    باب پنجون

    محمد موسي ڪنهن ڪم سانگي ملير ويو هو، جنهن ڪري هو رات ڪوارٽر نمبر ايس 105 تي نه آيو هو. پر جڏهن محمد موسي اڌ رات پنهنجي ڪوارٽر تي پهتو، ته ڪوارٽر ۾ کيس عجيب قسم جي اداسي محسوس ٿي. هو ڪوارٽر ۾ اڪيلو رهندو هو. شادي ڪانه ٿيل هيس، ايم آر ڊي تحريڪ کي سنڌ ۾ ڏاڍو سرگرم ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪنهنجي سفارش تي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي هُئي، جنهن ڪري هن نوڪري سان گڏ ڪراچيءَ ۾ سياسي ڪم کي پڻ تيز ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون هيون، جنهن ڪري لساني تنظيم جي اک ۾ ڪنڊي وانگر هيو، اها کيس خبر به هُئي پر هن ان تي ڪڏهن ڌيان نه ڏنو نه وري ڪڏهن ڊنو هو. هن سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ننڊ نه آئي، جنهن ڪري ڪتاب ”لينن جي آتم ڪهاڻي“ کڻي پڙهڻ لڳو. ڪتاب جا چار ورق اڃا مس پڙهيائين ته سندس در تي هلڪو کڙڪو ٿيو، هن ان تي ڌيان نه ڏنو ۽ پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. وري ڪجهه منٽ رکي در تي ٻيو کڙڪو ٿيو، هي کڙڪو ٿورو تيز هيو، ڄن ڪنهن در ڀڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. هي ڪتاب رکي، اٿيو ۽ اڃا اڱڻ ۾ پهتو ئي مس ته در ڀڄي پيو ۽ ڪيترائي دهشتگرد هن جي گهر ۾ گهڙي پيا، هن انهن کي للڪار ڪئي، پر هٿين خالي للڪار دهشتگرن جي گولين جي ٺڪائن ۾ گم ٿي وئي ۽ گولين جو بسٽ هن جو سينو چيري جسم مان نڪري سامهون ڀت ۾ وڃي لڳو، هن جو جسم ساڻو ٿي زمين تي ڪري پيو، ٻن دهشتگردن کيس بوٽن سان چٿڻ شروع ڪيو ۽ مُنهن ۾ لتون هنيون، جنهن سبب هن جي نڪ مان رت وهي آيو ۽ هن هڪ وڏي ساهي کنئي ۽ سندس جسم مان ساههُ اڏامي ويو. چئن ڄڻن هن جي لاش کي کڻي ڪوٺي ۾ اندر اڇليو ۽ ڪوٺي ۾ پئٽرول هاري ان کي باهه ڏني، باهه جا شعلا اٿيا ۽ سڄي گهر کي وڪوڙي ويا.
    صبح جو پهر هو، سج اڃا ڌرتيءَ تي پنهنجا نيڻ نه وڇايا هئا، ڀر واري پپر تي ويٺل پکين جي چون چون جا آواز اچي رهيا هُئا. باقي ماحول خاموش هو، عجيب اداسي هئي ماحول ۾. آچر جو ڏينهن هو، ان ڪري اقبال به ڊيوٽيءَ تان موڪل هجڻ ڪري آرامي هو. راڻي جي گهر ۾ به خاموشي هُئي، هونئن سندس ڀائرن جي راند کيڏڻ دوران گوڙ جو آواز ايندو آهي. رات دير تائين محمد جمن ۽ پاڙيوارن الياس، محمد شمن ۽ سليمان سان ڪچهري ڪندي ڏاڍا ڀوڳ ٺاٺا ڪيا هئائون. سنڌي به ڳالهين جا ڳوٺ، سو به ڪراچيءَ جهڙي اوپري شهر ۾ ڪجهه ڄڻا پاڻ ۾ گڏجي جو پيا ته ڳالهيون هيون جو کٽڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن. اڌ رات گذرڻ بعد پاڙيوارا هليا ويا ته پوءِ هي به وڃي سُتا.
    پر خالد جي اک الائي ڇو سوير کلي هُئي ۽ کاٻي اک به هر هر ڦرڪيس پئي، جنهن ڪري دل ۾ خيال ڪيائين ته ”خدا خير ڪجانءِ.“ ان ارمان ۾ اڃا بستري تي ويٺو ئي هو ته ڪوارٽر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو، سستيءَ ۾ اٿڻ به ڪو نه پيو پڳس، جنهن ڪري دروازي تي ڌڪن جا آواز ويا تيز ٿيندا. جنهن ڪري جهٽ ڏئي اٿيو ۽ اٿي دروازو کوليائين، هن جي سامهون جمن بيٺو هو، سهڪيو پئي اصل ساهُه ۾ ساهه ئي ڪو نه پيو ماپيس، خالد پڇيس ڏي خبر ”خير ته آهي؟“ جواب ۾ چيائينس خالد خير ناهي، شهر ۾ لساني فساد تيز ٿي ويا آهن، سنڌين کي ڳولي، ڳولي ماريو پيو وڃي، ملڪيتن ۽ گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو پيو وڃي. دهشت گردن رات حملو ڪري محمد موسيَ کي به شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ۽ سندس گهر ساڙي ڇڏيو اٿائون، توهان هوشيار رهجو ۽ ٻاهر نه نڪرجو.
    محمد موسيَ کي شهيد ڪري ڇڏيائون، اهو ڪيئن؟ خالد کان دانهن نڪري وئي. اهو هينئر سڀ ڇڏ، مون کي اڳتي دوستن کي به اطلاع ڪرڻو آهي. اهو چئي محمد جمن اڳتي قدم ڀري محمد شمن جي گهر جو دروازو کڙڪايو ۽ خالد پنڊ پهڻ ٿي دروازي تي بيهي رهيو. بي سڪته جسم، ڪو ڳوڙهو به اکين مان نه پئي ڪريس. پر دل ۾ ماتم هيس ۽ ٻاهر خاموش بت.
    ڪجهه گهڙين جي ڪيفيت کان پوءِ پاڻ سنڀالي ۽ دروازو بند ڪري اقبال ۽ احمد کي ننڊ مان اٿاري کين جيءُ جهوريندڙ خبر ٻڌايائين. ٻئي خاموش رهيا ۽ پوءِ ٽنهي جي ڳلن مان ڳوڙها نار ڪري وهڻ لڳا ۽ هنن جي سامهون محمد موسيَ جي يادگيرين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو.
    خالد ڳالهائڻ شروع ڪيو, احمد ۽ اقبال کي محمد موسي جون ساروڻيون ساريندي ٻڌايائين ته محمد موسيَ دلير انسان هو، هميشه ٻين جي ڪم اچڻ وارو. هن سڄي ڪالونيءَ جي سنڌين کي اسان جي ڪوارٽر تي گڏ ڪيو هو ۽ کين پنهنجو دفاع ڪرڻ جون ترغيبون ڏنيون هيون، هن اسان ۾ ٻڌي پئدا ڪئي، جو سڀئي سنڌي ڏکي ويل هڪٻئي جي ڪم اچون، هن ئي اهو نظام متعارف ڪرايو هو ته حالتن جي ڄاڻ فوري طور هڪٻئي تائين پهچايون. دفاع لاءِ هٿيار ناهن، جنهن ڪري اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻ واري حڪمت عملي تحت رهڻ گهرجي. هن چيو هو ۽ حالتن جي سڀني سنڌين کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ محمد جمن تي ذمو رکيو هئائين ۽ اڄ اها ئي ذميواري پوري ڪندي محمد جمن سندس شهادت وارو اطلاع ڏيڻ پهتو هو.
    حالتون انتهائي خراب هيون ۽ جنهن سبب هي بي وس، لاچار بڻجي ڪوارٽر ۾ ڄڻ قيد ٿي ويا ۽ پنهنجي محسن جي ڪلهي ڪانڌي به نه ٿي سگهيا هُئا. اها ڳالهه يا ڪندي احمد اوڇنگارن ۾ پئجي ويو.
    محمد موسيَ حالتن کي نظر ۾ رکندي ڇڙهن رهندڙ سڀني سنڌين کي هوٽلن تي ماني کائڻ بجاءِ گهر ۾ ماني ۽ چانهه ٺاهڻ سيکاري هُئي ۽ کين چوندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ هڪ مهيني جو راشن گڏ ڪري رکو، خبر ناهي ڪنهن به وقت حالتون خراب ٿين ۽ توهان ٻاهر به نه نڪري سگهو.
    اڄ بلڪل ائين هو، سڄي ڪالوني ويران ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود هُئا، ڪيترا ڏينهن اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ هنن کي محمد موسيَ جي صلاح ٿي ڪم آئي، جنهن تحت هنن مهيني جو راشن گڏ ڪري رکيو هو.
    محمد موسيَ جي شهادت تي هنن سميت سندس آس پاس ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جا ڪيترا ڏينهن سوڳ ۾ گذريا، خاموش، خاموش، سندس وڇوڙي سمورن جو جيءَ جهوري ڇڏيو هو. اها حالت فقط هنن سان نه پر ڪالونيءَ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين سان هئي. سڀني جي گهر جو ڀاتي شهيد ٿي ويو هو. حق جي راهه تي قربان ٿي ويو هو. اهو شهيد جنهن هنن ۾ جيئڻ، حالتن سان مقابلو ڪرڻ ۽ سنڌيت جي جوت جلائي هئي.
    الوداع، الوداع اي ڪامريڊ، الوداع
    هنن کيس ساريندي چيو؛ ”اسان توکي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين پر تنهنجي ٻاريل شمع هميشه ٻرندي رهندي، اسان ڪامريڊکي ياد ڪندي پاڻ ۾ دوستن اهو وچن ڪيو هو.“


    باب ڇهون

    ائين ڪامريڊ محمد موسيَ جي شهادت کي هفتو گذري ويو. سمورا سنڌي ڪوارٽرن ۾ ڄڻ قيد هُئا. ڪا زماني جي خبر چار کين نه ٿي ملي ته ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي. هڪ ڏينهن منجهند ڌاري محمد جمن آيو. ان اچي کين حال احوال ڏنا ۽ ٻڌايائين ته هڪ هفتي دوران هڪ سئو کان وڌيڪ سنڌي ماڻهن کي بي گناهه اذيتون ڏئي ماريو ويو آهي، ڪيترن جا لاش ٻورين ۾ بند مليا آهن ۽ ڪيترن جا لاش ئي نه مليا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي لاشن کي ساڙيو ويو آهي. ڪيترن کي گهر ڀاتين سميت ماري انهن جا لاش رستن ۽ قبرستانن ۾ اڇلايا ويا آهن ۽ سندن گهرن تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌين لاءِ ڪراچيءَ جي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي.
    جمن هنن کي هوشياريءَ سان رهڻ لاءِ خبردار ڪندي ٻڌايو هو ته ڪن ڪٽا ۽ لنگڙا اڄ ڪلهه هن علائقي ۾ رهيل آهن ۽ ٽارگيٽ مليو اٿن ته ريلوي ڪالوني واري علائقي ۾ سنڌين خلاف ڪارروائي تيز ڪن. ان ڪري هروڀرو ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجو ۽ دروازو پڻ اجايو نه کولجو ۽ ڪنهن جي سڃاڻپ کان پوءِ ئي دروازو کولجو.
    خالد محمد جمن کان پڇيو ته ”اُهي ڪن ڪٽا ۽ لنگڙا وري ڪير آهن؟“
    جمن وراڻيندي کين ٻڌايو ته ڪن ڪٽا ۽ لنگڙا لساني تنظيم جا خاص تربيت يافته دهشت گرد آهن. انتهائي سفاڪ آهن اصل ڪاسائي!. هڪڙي جو ڪن ڪٽيل آهي ۽ ٻيو ٽنگ کان ٿورو منڊڪائيندو آهي. ان ڪري انهن تي اُهي نالا رکيا اٿن، هونئن به لساني تنظيم ۾ دهشت گردن کي اصلي نالن سان ناهن پُڪاريندا.
    هن کين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪن ڪٽا ۽ لنگڙا جو 10 _ 10 دهشت گردن تي مشتمل ٽولو آهي ۽ انتهائي بي رحميءَ سان ماڻهن کي مارڻ ۾ مشهور آهن، لساني تنظيم جا خاص اعتبار جوڳا ماڻهو آهن، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن کي مارڻ وارو ڪم اڄ ڪلهه انهن تي رکيل آهي. هن مهل تائين سوين سنڌي ماڻهن کي ماري چُڪا آهن ۽ سنڌي عورتن جون لڄون لٽي چُڪا آهن.
    خالد کيس چيو ته ائين انسانن کي بي رحميءَ سان قتل ڪندڙ به ڪو انسان هوندو. اهو انسان ته هرگز نه ٿو ٿي سگهي ڪو حيوان هوندو! ها سچ پچ حيوان نه ته ڪامريڊ موسيَ جهڙي پياري انسان کي ائين بي رحمي سان قتل ڪري ها؟ اهو ڪامريڊ جنهن جو پيار، محبت، شفقت اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون. اهڙن ويرين کي به ائين ئي بي درديءَ سان مارڻ گهرجي ۽ پلاند ڪرڻ گهرجي.
    خالد ڳالهه کي جاري رکندي وڌيڪ جمن کي چيو ته ”هل جمن پاڻ انهن کي ماري پلاند ڪيون. پوءِ ڀلي ان جو انجام ڇا به بيهي“
    جمن ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ کين چيائين ائين دکيل باهه ۾ ٽپو ڏيڻ چريائپ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، اها جوان مردي نه چئبي. اسان وٽ نه هٿيار آهن نه وسيلا، جنهن ڪري اسان ته پنهنجو دفاع به نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ پلاند ڪٿان ڪنداسين؟
    انهن ڏينهن ۾ جنرل ضياءَ جو آمريتي دور ختم ٿي چُڪو هو ۽ جمهوري حڪومت ملڪ ۾ قائم ٿي چُڪي هئي ۽ اقبال ۽ احمد جمهوري حڪومت اچڻ تي ڏاڍو خوش هُئا. انهن خالد کي اها اميد ڏيکاريندي چيو ته خالد! هاڻي جمهوري حڪومت جي قائم ٿيڻ سان سنڌي ماڻهن جا ڏک سور ختم ٿي ويندا. جنهن ڪري اقبال ۽ احمد، خالد پاران منع ڪرڻ باوجود ڳوٺ فقط پنهنجي حڪومت اچڻ جي خوشيءَ ۾ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ڳوٺ ويا هئا ۽ واپسيءَ تي خوش هئا ته جمهوري حڪومت اچڻ شرط سنڌي ماڻهن جي قاتلن کي گرفتار ڪندي ۽ سنڌين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تحفظ فراهم ڪندي ۽ هنن کي نوڪريون به ملنديون.
    ”خالد کين چيو هو ته ائين نه ٿيندو“ خالد جي مخالفت ڪرڻ تي ٻئي ڄڻا هن کان ڪاوڙيل هُئا.


    باب ستون

    ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ جهيڙن سبب ريلوي ڪالونيءَ ۾ رهندڙ سنڌين جو ٻاهر نڪرڻ تمام گهٽ ٿي ويو هو. جنهن ڪري موجوده حالتون ڄاڻڻ لاءِ سڀئي سنڌي پريشان هوندا هُئا. ريلوي ڪالونيءَ ۾ اقبال ۽ محمد شمن جو ڪوارٽر گڏوگڏ هُئا، باقي ٻيا سنڌي وٿيرڪا هُئا، جنهن ڪري محمد شمن کي به هنن ٽنهي دوستن جو ئي ڏڍ هوندو هو، هڪ ڏينهن محمد جمن هنن ٽنهي دوستن کي ريڊيو آڻي ڏنو. پهرين رات خالد خبرون ٻڌڻ لاءِ ريڊيو تي بي بي سي لڳائي. احمد جيڪو رات جو کائڻ لاءِ چانور پچائي رهيو هو، تنهن دانهن ڪندي خالد کي چيو ته ريڊيو کي ٿورڙو آواز ڏي ته مان به خبرون ٻُڌان.
    بي بي سي دنيا جهان جون خبرون ٻڌائڻ کان پوءِ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ جو عمل جاري آهي، ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ اڪثريت ناهي، جنهن ڪري مخلوط حڪومت قائم ٿيندي. جڏهن ته اڪثريت حاصل ڪندڙ جمهوري پارٽي (جنهن کي سنڌي ماڻهن جي وڏي اميد سمجهي ڪامياب ڪيو هو) ڪراچيءَ ۾ لساني تنظيم جي مرڪز تي پهچي لساني تنظيم جي سربراهه سان ملاقات ڪري کيس گڏيل حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. جيڪا لساني تنظيم جي سربراهه 30 کان وڌيڪ شرط مڃڻ بعد قبول ڪئي.
    اها خبر ٻڌندي اقبال کان ڇرڪ نڪري ويو. سندس هٿ مان ٿالهي ڇڏائجي وئي ۽ ٺڙاڪ ڪري هيٺ فرش تي وڃي ڪري ۽ ٿالهي ناچ پيش ڪرڻ لڳي.
    خالد کين چيو ته ڏسو جنهن پارٽي کي توهان ووٽ ڏنا اها سوين سنڌين جو خون لتاڙي اقتدار پنڻ لاءِ لساني تنظيم وٽ پهچي چُڪي آهي ۽ ان حقيقت کان هاڻي توهان انڪار ڪري ٿا سگهيو؟
    خالد ڳالهه جاري رکندي احمد ۽ اقبال کي چيو ته ڏٺو، توهان واري ليڊر ته پهچي وئي لساني تنظيم جي مرڪز تي! مون توهان کي جيڪو چيو هو سچ ثابت ٿيو-نه؟
    ”ها يار اسان کي ته اعتبار ئي نه ٿو اچي“- اقبال وراڻي ڏيندي کيس چيو- اصل افسوس ۾ وٺجي ويو هو ۽ ڳالهه جاري رکندي سوال ڪيائين ته يار اقتدار ۽ سياست ائين ڇو ماڻهوءَ کي بي رحم بڻائي ٿي ڇڏي؟ هن جي سوال ۾ پڇتاءُ هيو!
    خالد کين ٻڌايو ته وڏيرن ۽ وڏن ماڻهن لاءِ اقتدار ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي- انهن وٽ قوم، ڌرتي، تهذيب، تمدن، ٻولي، اخلاق جي اهميت ناهي هوندي- ڀلي هزارين ماڻهو مري وڃن، پر انهن لاءِ اقتدار ۽ فقط اقتدار ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي.
    ان ڏينهن اقبال ۽ احمد، خالد کان ڪاوڙجڻ تي معافي ورتي ۽ پنهنجي ووٽ جو حق صحيح استعمال نه ڪرڻ تي هنن ٻنهي کي ڏاڍو پڇتاءُ هو، ڇاڪاڻ ته انهن جي اميد جو ڌاڳو ٽٽي پيو هو. هنن ڪراچيءَ جي حالتن ۾ سنڌي ماڻهن جي ذلتن کي محسوس ڪيو هو، خود پاڻ به ان جو شڪار ٿيا هئا، هنن ڪامريڊ موسيَ جي شهادت جو واقعو ڏٺو هو- پل پل باهه ۾ سڙيا ۽ پچيا هُئا- جنهن ڪري ٻنهي جي اندر ۾ پ پ لاءِ جيڪو عشق هو، اڄ اهو نفرت ۾ تبديل ٿي ويو هو.
    اقبال، خالد کي مخاطب ٿيندي چيو ته يار تو بلڪل صحيح چيو هو، اسان ئي ناسمجهه هئاسين- پر هاڻي ڪنهن تي به اصل اعتبار نه ڪبو-
    خالد کين چيو ته اعتبار ضرور ڪبو- پر حالتن کي دورانديشيءَ سان ڏسڻ انتهائي ضروري آهي. اعتبار تي ئي دنيا قائم آهي. اسان کي ماضي ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي، توهان ماضي ڏسو ته جمهوريت هڪ علمبردار جي حڪومت عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جهڙا خوبصورت نعره ڏنا، جنهن ڪري ملڪ جو عوام دردن جو درمان جمهوريت جي ان علمبردار کي سمجهي، ان جي پويان چرين وانگر لڳي پيو ۽ ان وري ڇا ڪيو جو اليڪشن ۾ وري صدين کان عوام جي قاتل جاگيردارن ۽ وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏئي، عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي. پر عوام عشق ۾ انڌو هو ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو ۽ اُن جن ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو، اُهي ماڻهو اُن کي ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. جمهوريت جي اُن علمبردار اسلامي سوشلزم جهڙو نعرو هڻي، عوام سان دوکو ڪري کين بي وقوف بڻايو- ڇاڪاڻ ته اسلام ۽ سوشلزم ٻه الڳ الڳ نظام آهن. هڪ خالص ديني نظام آهي ۽ سوشلزم هڪ سياسي ۽ معاشي نظام آهي. ان ڪري اُهي ٻئي نظام، هڪ ئي وقت ڪيئن گڏ هلي ٿي سگهيا. ٻيو ته اُن جو نعرو هيو ته ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ پر ساڳئي ئي اُن حڪمران طرفان ڏنل آئين ۾ سموري اقتدار اعلي جو تعلق خدا تعالي سان ڄاڻايل آهي. هن کين ياد ڏياريندي چيو ته توهان کي ياد ناهي ته ڪامريڊ اسان کي ماضيءَ ۾ عوام سان جمهوري حڪومتن جي نالي ۾ ٿيندڙ دوکيبازين، چالاڪين بابت پنهنجي ليڪچر پروگرامن ۾ ڪهڙي سهڻي ۽ مدلل نموني سان سمجهايو هو.


    باب اٺون

    جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ هڪ فائدو ضرور ٿيو هو، جو ڪراچيءَ ۾ وقتي طورِ ئي سهي پر حالتن ۾ ڪجهه ٺاپر هُئي- جنهن ڪري هنن ٽنهي دوستن کي ڪوارٽر جي باندي خاني مان ڪجهه آزادي ملي ۽ کليل هوائن ۾ ساهُه کڻڻ جو موقعو مليو، شهر جون حالتون ڪنهن قدر ٺيڪ هيون. کين ڪڏهن ڪڏهن فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، سو به پري پري وارين علائقن مان باقي ريلوي ڪالوني، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهين ڪمپليڪس، پريس ڪلب، صدر، ڪينٽ اسٽيشن، صدر ريلوي اسٽيشن، ٽاور وارن علائقن ۾ زندگي تيز رفتاري ۽ پنهنجي جوڀن سان هلي رهي هئي.
    راڻي ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هُئي، ڊريس پائي ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اڱڻ ۾ آئي ته سندس ماءُ قائم خاتون (جيڪا رڌڻي ۾ رڌ پچاءُ ڪرڻ ۾ مصروف هئي) راڻيءَ کي سڏ ڪندي چيو ته او ڌيءُ راڻي!
    جي چوئين امان! راڻي جواب ۾ چيو.
    ماءُ چيس ڌيءُ اڄ کڻي ڪاليج نه وڃ.
    نه امان، مان اڄ ڪاليج ضرور ويندس، ڪيترا ڏينهن ڪاليج نه وئي آهيان. گهر ۾ ويهي اصل بيزار ٿي پئي آهيان. راڻي ماءُ کي جواب ڏئي در ڏانهن وک وڌائي.
    ماءُ چيس ڌيءُ منهنجي ته صلاح اٿئي ته اڄ نه وڃ، پڻهين ڊيوٽيءَ تي وڃي ٿو واپسيءَ تي شهر جي حالتن جي خبر لهي اچي ها ته دل کي به آٿت ملي ها، حالتن جي ڪابه خبر ناهي تنهنجي وڃڻ سان اصل سڪون ئي نه ايندو.
    راڻي ماءُ جي اهڙي صلاح ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري در ٽپي ٿي ۽ پنهنجا قدم اڃا اڳتي وڌايا ئي مس ته سندس نظر سڌو سامهون بيٺل خالد ۽ احمد تي پئي، جيڪي اڌ ڪلاڪ کان ان انتظار ۾ بيٺا هُئا ته ڪيڏي مهل ٿي راڻي ڪاليج وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪري. راڻي ٻنهي ڄڻن کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو سندس چپن تي هلڪي مرڪ تري آئي ۽ هوءَ هنن وٽان اڳتي نڪري وئي ۽ ٻئي ڄڻا وات پٽي کيس ڏسندا رهجي ويا، هنن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هُئي. راڻي جي وڃڻ بعد ٻنهي ڄڻن ۾ بحث ڇڙي پيو، خالد، احمد کي مخاطب ٿيندي چيو ته يار ڏٺئي! راڻيءَ موڏانهن ڏسي اڄ مرڪي ڏنو.
    شڪل به اٿئي چڱي جو تو ڏانهن ڏسي مرڪيائين. مون ڏانهن ڏسي مرڪيائين چريا. احمد کيس جواب ۾ چيو.
    اهو بحث ڪندا ٻئي ڄڻا ڪوارٽر ۾ داخل ٿيا ته اقبال کين چيو ته ڇا تي اٽڪيا آهيو ٻئي ڄڻا پاڻ ۾، ۽ اهو هڪٻئي کي چئو ڇا ٿا؟
    خالد کيس ماجرا ٻڌائي. جنهن تي اقبال ٽهڪ ڏئي ٻنهي تي کليو ۽ ٻئي ڦڪا ڦڪا ٿيڻ لڳا.
    احمد کيس چيو ته يار اسان جو مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ وري تون اسان تي کلين پيو؟
    جواب ۾ چيائين ته کلان نه ته ٻيو ڇا ڪيان؟ ”اديءَ کي جن نه ڪن ادو عشق ۾ انڌو“ واري ڪار توهان ٻنهي ڪئي آهي. ڇڏيو هاڻي بحث کي هن ويچاريءَ کي ان بابت ڪابه خبر ناهي، توهان پاڻ ۾ پيا خوامخواهه پريشان ٿيو. اصل ۾ هوءَ ويچاري ان ڪري کلي هوندي جو ان کي توهان ڪارٽون جي شڪل جهڙا لڳا هوندئو؟ ڇا سمجهيو.
    يار تون وري اسان عاشقن سان چرچا ٿو ڪرين، ڏسين نه ٿو ته اندر ۾ عشق جي آتش متل آهي، ان تي ڇنڊا ته نه ٿو هڻين، پر ويتر ويٺو دُکندڙ تي تيل هارين!. ائين چئي احمد ڪمري ۾ ۽ خالد باٿ روم ڏانهن هليو ويو ۽ اقبال مٿن ٽهڪ ڏئي کلندو رهيو.
    شام جو وقت هو، سج اڃا زمين تي ٽُٻي هڻڻ وارو هو جنهن ڪري آسمان تي ڳاڙهاڻ ڦهلجي وئي هُئي، هونئن به شهر مان خوف ۽ دهشت جا پاڇا ڪجهه هٽيا ته هنن دوستن کي به موج ۽ مستي ڪرڻ جو ڄڻ موقعو ملي ويو، جنهن ڪري هنن گهمڻ ڦرڻ جا پروگرام ٺاهڻ شروع ڪيا. احمد ضد ڪين ته رات ڪلاٿ مارڪيٽ گهمڻ هلون، هي ٻئي ڄڻا احمد کي انڪار نه ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ احمد ئي تمام گهڻو ضدي هو، جنهن ڪري کين ان آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا هُئا، ٻيو ته عاشق مزاج به هو، شل ڪا چڱي شيءِ ڏسي پوءِ ته سائين ان جي اڳيان پٺيان پيو ڀٽڪندو، ڀلي پوءِ ڇونه خواري ٿئيس، پهريان ته ڏاڍو شرميلو هو، پر ڪراچي ۾ اچي اهو شرم ۽ حيا هن کان ويا هُئا.
    خالد پنهنجي دوستن کي ٻڌايو ته ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ خوب ڇاڻي بازي ٿيندي آهي. شهر جا چلولا ڇوڪرا اچي گڏبا آهن، خاص ڪري عيد وارن ڏهاڙن ۾ ڇاڻي بازن جا ٺٺ هوندا آهن. جنهن ڪري به ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ رش تمام گهڻي هُئي، شايد عيد جا ڏينهن ويجها هئا. نوجوانڙا خاص ڪري جنهن پاسي عورتن جي گهڻائي هُئي ان پاسي کان هلي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته رش ۾ هلندڙ ماڻهن ۽ عورتن جا جسم هڪٻئي سان ڇهيا پئي ۽ نوجوانن جو جسم ڪانڊارجي ٿي ويو.
    جوانڙين جون اڀريل ڇاتيون، ڪن کي پنهنجو ماس هوندو ته ڪي وري شايد احساس محرومي سبب ڦوم وارا بريز چاڙهي آيون هونديون!؟ خاص ڪري وري اڌڙوٽ عمر جي عورتن جا پولهه وڏا هجڻ ڪري انهن جي عمر تي چغليون هڻي رهيا هُئا.
    گهڻي رش ۾ چتڙ ۽ نهائيون گسڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي، خاص ڪري ڪنوارن ڇوڪرن لاءِ ته اها ئي غنيمت هوندي آهي.
    هن چنهنجي ڳالهه جاري رکندي دوستن کي چيو ته ڪراچي جيتوڻيڪ دهشتن ۽ وحشن جو شهر آهي ۽ ان ئي شهر جي دنيا ۾ هيءَ ٻيو جهان آهي، فقط خوشين جو جهان، خوشين جو سامان خريدڻ جو جهان، سونهن، سندرتا، پيار ۽ اک سان اک ملائڻ جو جهان آهي، هتيَ ڪراچيءَ ڄڻ ٻي ڪراچي لڳي ٿي. جتي حسن جو راڄ آهي. جوانڙا ۽ جوانڙيون ان جون قيدي آهن. هنن کان دنيا ئي ڄڻ وسري وئي هئي ۽ کين خبر پئي ته هن دنيا ۾ پيار، محبت، عشق سونهن ۽ عورت نالي به ڪا شيءِ آهي، جنهن کان هو هن مهل تائين تمام گهڻو ڏور رهيا هُئا.
    ڦوهه جوانيءَ جي مستي ۽ ٻانهن جي لوڏ سبب ڪنهن ڪنهن مهل آڏو وارين عورتن جو پويون حصو چتڙ ۽ نوجوانن جو اڳيون حصو پاڻ ۾ ٽڪرائجي گسجن پيا، جنهن سان نوجوانن کي عجيب ۽ دل لڀائيندڙ لطف پئي آيو ۽ سندن دل چيو پئي ته بار بار ان عمل کي دهرائين، پر شايد ڪانچ خراب ٿيڻ واري ڊپ سبب اقبال ۽ خالد رش مان نڪري پري کان مارڪيٽ جي تابش جو سيڪ وٺڻ لڳ، پر احمد کي دماغ تي فل آتش چڙهي وئي، جو عورتن جي هڪ قطار ختم ٿيڻ بعد ٻي قطار جي پٺيان ڊوڙيو ٿي، پر اهو موقعو به هر دفعي نصيب گهٽ ٿيندو آهي، ڪنهن هڪ اڌ دفعي ڦٻجي سگهبو آهي. بار بار شريف عورتون سامهون نه ٽڪرائبيون آهن، جيڪي پنهنجي شرافت سبب بازار ۾ پاڻ سان ٿيندڙ ان جٺِ جي ذهر جو پيالو خاموشيءَ سان پي وڃن. يا وري آنٽي ٽائيپ عورتن کي ته وري نوجوانن وانگر اهڙن موقعن جي تلاش هوندي آهي ۽ اُهي به نوجوانن وانگر ڇاڻي بازي مان جوانيءَ جو مزو وٺڻ وارين ڪوششن ۾ مڙئي سرهيون پيون نظر اينديون آهن ته وري ڪڏهن ايڪشن جو عمل الٽو ري ايڪشن سان به ٿيندو آهي، جيئن احمد سان ٿيو، آتش جو اثر ٿورڙو سرس چڙهي وڃڻ ڪري آڏو هلندڙ عورت کي ٿورڙي وڌيڪ دٻ ڏئي ڇڏيائين، عورت به هُئي چيڙاڪ نه ڪيائين هم نه تم- پوئتي وري احمد کي ڳلي مان وٺي ٺڪا ڪري چماٽ وهائي ڪڍيائينس، احمد جا ڳل ڳاڙها ڳٽول انار جهڙا ٿي ويا.
    کمینے کتے، شرم نھیں آتی آپکو ایسی حرکت کرتے ھوئے، بے حیا، بے شرم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
    ۽ پوءِ لاڳيتو گارين جا ڌوڙيا لائي ڏنائيس. احمد پهريان خاموش بيٺو رهيو ۽ اهڙي اوچتي صورتحال سبب وائڙو ٿي ويو، پر پوءِ جهٽ ئي پاڻ سنڀاليندي چيائينس:
    باجی! باجی!۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مجھے معاف کردو۔ غلطی ھوگئی، پیچھے سے کسی نے دھکا دیا تھا۔ باجی، باجی۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ میری بات سنو۔
    پر مائي اصل بس نه ٿي ڪئي، چوطرف ماڻهو گڏ ٿي ويا، وڏو تماشو ٿي ويو، ميڙ ۾ گڏ ٿيل ڪيترن ماڻهن احمد کي به گهٽ وڌ ٿي ڳالهيو ۽ ڪن وري نصيحت ٿي ڪئي، ڪن چيو ته ڇڏيو ڇڏيو، گهڻو ٿيو. احمد پنهنجي معصوم بڻجي وچ ۾ بيٺو رهيو، باادب طريقي سان! ڄڻ کيس خبر هُئي ته ڪڇندو ته موچڙا ڍو تي کائيندو. ان ڪري اتان نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو، نيٺ ماڻهو ٿورڙا ڇڙوڇڙ ٿيا ۽ متاثر عورت جي ڪاوڙ به ڪجهه جهڪي ٿي ته احمد به اتان رفو چڪر ٿيو. خالد ۽ اقبال ٿلهي تي ويٺي سڄو نظارو ڏٺو. احمد هميشه شرارتي طبيعت جو هوندو هو. ان ڪري اڪثر ساڻس اهڙا معاملا ٿيڻ لڳا هُئا، احمد هنن ٻنهي وٽ آيو، ٻوٿ ڀيلڙو ڪري، اچي هنن جي ڀر ۾ ويهي رهيو.
    اقبال چيس ”ڏي خبر مائيءَ جي چماٽ ۾ سيڪس کان وڌيڪ مزو هيو يا نه؟“
    چيائين ”ڇڏيو يار مان ويٺو موچڙا کاوان توهان کي اچي مذاق جي سجهي آهي.“ ۽ پوءِ پري کان حسين جوانڙين جي حسن جو واس وٺڻ لڳو.
    هنن کي ٿلهي تي ويٺي ڪيترو ئي وقت گذري چڪو هو، پر الائي ڇو اتان اٿڻ تي هنن جي دل ئي نه پئي چيو، ڦوهه جوانيءَ جي مستيءَ ۽ ٻانهن جي لوڏ وارو نظارو ڏاڍو پُرڪشش هو. ڀريل ڇاتين سان ڪجل پهريل نوجوان نارين جي ادائن سان نهارڻ تي ڪيترن ئي نوجوانن جي دل مان آهون ۽ دانهون نڪري تيز هوا جي جهوٽن سان گڏ فرياد کڻي اڳتي روانيون ٿيون پئي. ڪيترائي جوڙا ٻانهون ٻانهن ۾ ڏئي گهميا پئي. اهڙي مدهوش ڪندڙ ماحول ۾ اقبال جي ذهن ۾ الائي ڪٿان اهو سوال اچي ذهن ۾ ويٺو ۽ خالد کان پڇيائين ته ”ڀلا ڪراچيءَ جي عورتن جا پولهه ٿلها ڇو ٿيندا آهن“؟ خالد سندس اوچتي سوال تي پهريان حيران ٿيو ۽ حاضر دماغ نه هجڻ ڪري جواب به نه ڏئي سگهيو ۽ خاموش ٿي وري مارڪيٽ جو نظارو ڏسڻ لڳو. پر اقبال چپ ڪري نه ويٺو وري ساڳيو سوال پڇيائينس- تنهن تي خالد کيس چيو ته شايد ان ڪري جو ٻهراڙين ۾ عورتون کٽن تي ويهنديون آهن ۽ شهر جي سوڙهن گهرن ۾ کٽون ۽ پلنگ رکڻ جي جاءِ نه هجڻ ڪري عورتن جي اڪثريت پلٿ ڀڃي نه رڳو هيٺ ويهنديون آهن پر سمهنديون ۽ ڪم ڪار به هيٺ ويهي ڪنديون آهن. شايد ان ڪري سندن پولهه وڏا ٿي وڃن ٿا. پر هن کيس ٻڌايو ته هن شايد ڪٿي پڙهيو آهي ته جيڪي عورتون ٻار ڄڻڻ کان پاڻ کي روڪين ٿيون ان ڪري به سندن پولهه وڏو ٿي وڃي ٿو. ٻهراڙين ۾ ٻار جي پئدائش ته جانورن وانگر ٿيندي آهي، يعني ٻار مٿان ٻار.................... پر شهر جي زندگيءَ ۾ ته گهڻا ٻار ڄڻي ۽ نپائي به ته نه ٿا سگهجن، ٻيو وري شهرن جون مايون پڙهيل لکيل آهن، اُهي حالتن کي سمجهي پوءِ ٻار پيدا ڪنديون آهن ۽ اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ويچاري عورت جي وس ۾ ڪجهه به ناهي. ٻار به پنهنجي مرضي سان ڄڻي يا نه ڄڻي اهو به مرد وٽ اختيار هوندو آهي. خالد کيس چيو پراقبال مطمئن ٿيندي نظر نه ٿي آيو. جنهن ڪري وري، وري ٿي ساڳيو سوال ڪري ماحول جو مزو ٿي خراب ڪيائينس. تنهن تي خالد کيس ڇڙٻيندي چپ رهڻ جو چيو ۽ پاڻ وري حسن جا نظارا ڏسڻ ۾ گم ٿي ويو. احمد چماٽ لڳڻ کان پوءِ بلڪل خاموش ويٺو هو.
    خالد، اقبال کي ڏنل ڇڙٻ تي پڇتائيندي اقبال کي چيو ته يار معاف ڪجان اصل ۾ حسين جوانڙين کي لڏندي رمندي ڏسي ماڻهو الائي ڪهڙي جهان ۾ هليو وڃي ٿو. پيار، محبت احساس آهن، خبر پئي ته هن دنيا ۾ نفرت کانسواءِ به پيار، محبت، عشق، سونهن ۽ عورت نالي به ڪاشيءِ آهي، جنهن کان هي هن مهل تائين تمام گهڻو ڏور رهيا آهن. هن کان هي دنيا ئي وسري چُڪي هُئي. جنهن تي اقبال چيس يار اهڙي ڳالهه ناهي، توکي چڙندو ڏسي مون کي به مزو پئي آيو.
    اهڙن خيالن ۾ گم هجڻ ڪري وقت گذرڻ جي کين خبر ئي نه پئي ۽ جڏهن پيٽ ۾ اچي بک ٻائيتال مچاين، تڏهن سنگت به اٿڻ جي ڪئي-
    گهٽين مان رُلندا، برنس روڊ تي پهتا، جتي کاڌي جون ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، هي ٽئي ڄڻا به هڪ هوٽل جي ٻاهران رستي تي پيل ٽيبل آڏو رکيل ڪرسين تي وڃي ويٺا. هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ اڳ ئي ڪيترا ماڻهو ويٺا هُئا، ڪي اڪيلا ته ڪي وري ٻن، ٽن، چئن جي ٽولين ۾ ۽ هڪٻئي سان سنجيده ڳالهه ٻولهه به ڪري رهيا هُئا ته ڪي وري ڇڇورا به هُئا، جن جي ڪچهري ۾ ڪابه سنجيدگي نه هُئي ۽ اجاين حوالن تي ٽهڪ ڏئي وات پٽي رهيا هئا ۽ گذرندڙ گاڏين جو دونهون سندن پٽيل وات ۾ هليو ٿي ويو. هونئن به هوٽلن تي ڪا خاص صفائي ته نظر ناهي ايندي، پر ڇڙها ماڻهو مجبوري ۾ ته ڪي وري شوق ۾ هوٽل تي اچي ويٺا هُئا. اقبال ڪڪڙ جي ڪڙهائيءَ جو آرڊر ڏنو، بيري کي چيائين ته اڌ ڪڪڙ ڪڙهائي ڪري کڻي آ. هوٽل جو بورچي به ڪو ماهر بورچي هو جنهن ڏاڍي مزيدار ڪڙهائي تيار ڪئي هُئي، اصل آڱريون پئي چٽرائي ڇڏئين.
    احمد چيو ته يار هوٽل تي ماني کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.
    ماني اچڻ کا اڳ بيري سلاد جنهن ۾ موريون، گجرون، بصر، بند گوبي پليٽ ۾ سجائي اچي هنن جي آڏو رکيائين، پوءِ وري دهي کڻي آيو. ماني کان اڳ ئي سلاد کائڻ شروع ٿي ويا، ڍو تي سلاد کاڌن ۽ بيري سان ڀوڳ ڪندي احمد کيس چيو ته ٻڌاءِ ته سلاد، ڪڙهائي ۽ دهي جو بل گهڻو ٿيندو؟ بيري چين سائين سلاد ۽ دهي مفت باقي ڪڙهائي جا پئسا لڳندا.
    احمد چيس ته پوءِ ڪڙهائي ڪينسل اسان رڳو سلاد ۽ دهي تي ٿا گذارو ڪيون. احمد جي اهڙي جواب تي پهريان بيرو وائڙو ٿي ويو ۽ پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويس ۽ مرڪي ڪڙهائي کڻڻ لاءِ روانو ٿي ويو هو. ٽنهي دوستن جو خرچ سڄو اقبال تي هوندو هو، خالد ۽ احمد مٿس اٽي تي چٽي هئا. پر يار به هجن اقبال جهڙا، ڪڏهن به هنن سان مُنهن نه گهنجائين ۽ هنن تي دل کولي خرچ ٿي ڪيائين. پٺيان زال ته هيس ڪونه، رڳو ماءُ، پيءُ ۽ ٽي ڀائر، سي به جوان ڪمائڻ لائق جن مان ٻن کي ته سرڪاري نوڪري هُئي، باقي هڪ کي دوڪان هيس، ان باوجود به اقبال پنهنجي ماءُ پيءُ ڏانهن اڌ پگهار موڪلي ڇڏيندو هو- باقي پئسن تي هي ٽئي ڄڻا گڏجي عياشي ڪندا هُئا. ماني کائي اٿيا- ايس ايم لا ڪاليج واري چوڪ تي انتهائي خاموشي هُئي، اسٽريٽ لائيٽ ۽ دڪانن ٻاهران ٻرندڙ بتيون اونداهيءَ کي ڌڪي رستي تي روشني اڇلائي رهيون هيون. هيڪڙ ٻيڪڙ ڪو ماڻهو نظر آيو ٿي، نه ته رستي تي هي ٽئي ڄڻا چرچا ڀوڳ ڪندا، جنگ پريس کان ٿيندا ريلوي ڪالونيءَ ۾ پهتا ته ريلوي ڪالونيءَ جو چوڪ به کليل هو، جمال جي هوٽل تي انڊين فلم مرد هلي رهي هُئي ۽ اميتاڀ گانو ڳائي رهيو هو ته:
    میں ھوں مرد تانگے والا،
    مجھے دشمن کیا ماریگا،
    میرا دوست ھے اوپر والا۔۔۔۔۔۔۔۔
    ۽ ڪيترائي ماڻهو اها فلم ڏاڍي غور سان ڏسي رهيا هئا. سلمان ڀائيءَ جي پانن واري ڪئبن تي پڻ پان وٺندڙن جي رش هُئي ۽ ڪيترائي ماڻهو چوڪ تي چوڪڙيون لڳائي پنهنجي، پنهنجي ڪچهرين ۾ مست هئا ۽ دنيا جهان جا حال احوال ڪري رهيا هئا. هي ٽئي ڄڻا ٿڪجي پيا هئا ان ڪري سلمان ڀائي سان ڊاڙو ڪرڻ بجاءِ اوٻاسيون ڏيندا اچي ڪوارٽر ڀيڙا ٿيا ۽ سمهڻ شرط ننڊ جي ديويءَ هنن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيو.


    باب نائون

    اقبال صبح سوير ننڊ مان اُٿي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو، خالد ۽ احمد ڪيتري دير تائين ستا رهيا. تان جو اقبال واپس اچي کين ننڊ مان اٿاريو. پر ٻنهي کي ننڊ هئي جو ڦٽڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. جنهن ڪري اقبال پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي ٻنهي جي منهن ۾ هنيو ۽ هي ٽپ ڏئي اٿي پيا ۽ ٻنهي جا حوصلا به خطا ٿي ويا ۽ هڪ ئي آواز ۾ چيائون هان، هان ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ تنهن تي اقبال ٽهڪ ڏيندي کين چيو ته ٻيو ڪجهه ناهي ٿيو پر منجهند جا ٻه ٿي ويا آهن. خوابن جي مارڪيٽ مان نڪرو ته ڪا پيٽ پوڄا ڪيون. هونئن اقبال ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ته خالد ۽ احمد ماني ٺاهي ڇڏيندا هئا پر اڄ ٻئي ننڊ پئجي ويا هئا ۽ سُستي جي ڪري اقبال هنن جي طبيعت کي سمجهي ويو ته ٻيلي اڄ هنن کان ماني نه پچندي. ان ڪري اقبال کين چيو ته هٿ منهن ڌوئو ته ٻاهر هلي هوٽل تي ٿا ماني کائون. خالد چيسسس ته چريو ٿيو آهين ڇا- خبر نه اٿئي ته رمضان مهينو، معنيَ ته ڪراچي ڏينهن جو سُنسان، هوٽلون، ڪيبنون ۽ کائڻ پيئڻ جا اسٽال سڀ بند- ٻه ڏينهن اڳ ئي ته پوليس احمد کي واٽ ويندي ان ڪري پڪڙيو هو جو هو رستي سان هلندي پڪوڙا کائي رهيو هو، پوليس کي ڄڻ ته وڏو ڪو ڌاڙيل هٿ اچي ويو هو، اچي مٿس داٻا ڪيائون، پر احمد ويچاري وٽ کيسي ۾ ڪجهه هيو ئي ڪونه، جنهن ڪري پوليس وارن به سمجهي ورتو ته هن مان هڙ حاصل نه ٿيندو، جنهن ڪري سندس کيسي ۾ پيل ڏهه رپيا ڪڍي ۽ پڪوڙا ڦري چينس ته وڃ وري اهڙي گناهه جو ڪم نه ڪجان. اها ڳالهه اچي احمد جڏهن خالد ۽ اقبال کي ٻڌائي ته هو مٿس ڏاڍو کليا هُئا.
    تو کان وسري ويو آهي ڇا؟ خالد، اقبال کي احمد واري ڳالهه ياد ڏياريندي چيو.
    اقبال کين چيو ته، نه مون کان اها ڳالهه ناهي وسري. توهان فڪر نه ڪيو توهان بس تيار ٿيو، ماني کارائڻ منهنجو ڪم آهي، مون تي ڇڏيو.
    پوءِ ته هنن ٻنهي به دير نه ڪئي. تيار ٿي ڪوارٽر کي تالو هڻي اقبال سان گڏ هلڻ لڳا. ٻاهر تيز هوا سان گڏ اٿندڙ مٽي هنن جو وک وک تي استقبال ڪري رهي هُئي ۽ هي دوست ڪچهري ۾ مڳن هئا. چندريگر روڊ ڪراس ڪري ڪلاٿ مارڪيٽ وارو رستو ورتن، ته کين احمد کي لڳل رات واري چماٽ ياد اچي وئي، احمد کي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏاڍو کليا. رستي ۾ هوٽلون، ڪيبنون سڀ بند هئا، رستن تان برياني، حليم ۽ برگر وارا به غائب هئا. انهن جي موجودگيءَ سان رستن تي رونشو هوندو آهي. پر رستن جي اداسي وڏي واڪي ٻڌائي پئي ته رمضان مهينو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ مسلمان رهندا آهن- هي سٽي ڪورٽس جي سامهون واري مندر ۾ داخل ٿيا. ان کان اڳ ئي هنن کي اقبال سمجهائي ڇڏيو هو. اتي ڪينٽين آهي۔
    دروازي تي بيٺل شخص هنن کان پڇيو: آپ کون؟
    خالد چيس پرڪاش، اقبال چيو رامو ۽ احمد چيو ته سندر داس، سنڌي لهجي ۾ نالو ٻڌي شايد هو به يقين ڪري ويو ته واقعي هندو هوندا. سو هنن کي ڪو نه روڪيائين. ڪينٽين جو ہال کچا کچ ڀريل هو. بس هڪ ڪنڊ ۾ ٽيبل تي ٽي ڪرسيون خالي پيون هيون ۽ هڪ ڪرسيءَ تي هڪ ڪراڙو شخص ويٺل هو، ڀورو مُنهن ۽ جسم ۾ ڪمزور ٿي لڳو ۽ پوڙهائپ ڪري جسم جي کل لڙڪي رهي هيس، وار صفا اڇا ۽ ڇڊا هيس ۽ سوچن ۾ گم نظر پئي آيو. هي کانئس اجازت وٺڻ کانسواءِ ئي ڪرسين تي ويهي رهيا. هو هنن کي تعجب مان ڏسڻ لڳو ۽ هي ٽئي ڄڻا پنهنجي ڪچهريءَ ۾ لڳي ويا. بيرو آيو ته اقبال کيس مانيءَ جو آرڊر ڏنو، پوڙهو شخص مسلسل هنن ڏي تڪي نهاري رهيو هو. سندس تڪڻ به عجيب پئي لڳو ۽ نيٺ خاموشي ٽوڙيندي هنن کان پڇيائين مسلمان آهيو؟ هنن کان ڇرڪ نڪري ويو، پاڻ سنڀاليندي خالد سوچيو ته ڪهڙو هاڻي ڪوڙ هڻانس. اهو سوچي چيائينس ته ها، نالي ۾ مسلمان، اصل سنڌي ۽ صوفي آهيون.
    خالد کان سوال ڪندي چيائين نالي ۾ وري ڪيئن؟
    خالد چيس ته انسان پيدا ته ننگو ٿئي ٿو، دين ڌرم کان خالي پر ڄمڻ کان پوءِ فوري طور تي ٻار جي ڪن ۾ آذان ڏيندي کيس ٻڌايو ويندو آهي ته ”تون مسلمان جي گهر ۾ پئدا ٿيو آهين“ سو اسان به ان حڪم جي بجا آوري آهيون. باقي پاڻ جهڙن کي پڙهڻ ته پورو ڪلمو به نه ٿو اچي. باقي صوفيت اسان سنڌي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ صدين کان سمايل آهي. پوڙهو شخص جيڪو صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو، شايد خالد جي ان جملي کان متاثر ٿيو، جنهن ڪري کانئن وڌيڪ حال احوال وٺڻ شروع ڪيائين. کانئن پڇيائين ته اصل ڪٿان جا آهيو؟ ڪراچي ڇو آيا آهيو؟ ڇا ڪندا آهيو؟ سوالن جي مٿان سوال ٿي ڪيائين ۽ خالد کيس سمورا احوال ڏنا ۽ کيس ٻڌايائين ته هنن مان فقط هڪ دوست اقبال کي سرڪاري نوڪري آهي. جيڪا به کيس اتفاق سان ملي آهي. باقي اسان ٻئي بيروزگار آهيون. ڪراچيءَ ۾ ڏاڍا ڌڪا ٿاٻا کاڌا آهن، پر نوڪري يا ڪو روزگار نه ٿو ملي. اهو ٻڌي وڏو ساهه کڻندي ان پوڙهي شخص کين چيو ته اهو سڀ ڪجهه اسان سنڌي ماڻهن جي پنهنجي ڪارنامن جو نتيجو آهي. اسان ۾ اتحاد ناهي. ڪالهه ورهاڱي وقت مذهبي فساد ڪرائي سنڌ جا شهر سنڌين کان خالي ڪرايا ويا ۽ اُتي ڌارين کي ترسايو ويو. اڄ ڪراچي شهر اسان جو هوندي به اسان جو ناهي. ڌاريا وسيلن تي قابض ٿي ويا آهن ۽ اسان اصل ڌرتيءَ ڌڻي ذلت ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هاڻي ڪراچيءَ ۾ جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي موجود آهن يا وري اچي رهيا آهن انهن کي روڪڻ لاءِ لساني جهيڙا ڪرايا پيا وڃن. اڄ وري 1947ع وانگر سنڌين کي ڪراچيءَ مان تڙيو پيو وڃي. جوانڙا آهيو، ڪجهه پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪيو. ان پوڙهي شخص جي خيالن هنن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ائين مختصر ۽ اوچتي ملاقات ۾ کين پنهنجائپ جو احساس ٿيڻ لڳو. خالد کانئس پنهنجو تعارف پڇيو ته ٻڌايائين ته هن جو نالو رام لعل آهي، اين جي وي اسڪول ۾ سنڌي مضمون جو استاد هو ۽ هاڻي رٽائرمينٽ جا ڏينهن گهاري رهيو هو. کيس ڪاڪو رام لعل چوندا آهن. هن کين ٻڌايو ته هو اڃا جوان ٿيو هو ته ورهاڱو ٿيو. سندس مٽ مائٽ فسادن بعد هتان لڏي هليا ويا. پر هن پنهنجي ڌرتيءَ سان ناتو نه ٽوڙيو ۽ اڄ هو اڪيلو رهجي ويو آهي. هن چيو ته مائٽن گهڻو ئي ممبئي هلڻ لاءِ چيو پر مون انڪار ڪندي چيومان ته ”پنهنجي ڌرتي ڪو نه ڇڏيندس. مرندس به هتي ته جيئندس به هتي“.
    ڪاڪي چيو ته جيڪڏهن سنڌين ۾ بنا مذهبي مت ڀيد جي ٻڌي هجي ها ته اڄ اسان پنهنجي شهر ۾ ائين اوپرا نه هجون ها.
    ايتري ۾ ماني آئي ۽ هنن ڪاڪي رام لعل کي مانيءَ جي صلاح ڪئي ۽ کين چيائين ماني هاڻي کاڌي اٿم گهڻو زور ٿا ڀريو ته پوءِ هڪ چانهه جو ڪوپ ئي پياريو.
    ڪاڪي سگريٽ دکايو ۽ سندس سگريٽ جو دونهون لاٽ ٺاهي هال ۾ اڏامڻ لڳو ۽ هي ماني کائڻ دوران ڪاڪي سان ڪچهري به ڪندا رهيا. خالد ڏٺو ته ڪچهري کان اڳ مايوس ۽ پريشان حالت ويٺل ڪاڪو ڪچهري کان پوءِ ڄڻ جي پيو هو، خوشي سندس چهري تي رقص ڪرڻ لڳي هُئي، شايد ڀانئيائين ٿي ته هاڻي ڪراچيءَ جا مالڪ، مالڪي ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. هيڏن سارن سنڌي ماڻهن جي قتلن کان پوءِ به هو ڪراچي اچڻ کان نه ٿا ڊڄن. هنن کي به ڪاڪي رام لعل جي ڪچهري ڏاڍو متاثر ڪيو. ڄڻ ته گهڻي عرصي کان پوءِ سندن ايمان تازو ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ موسيَ جي شهادت کان پوءِ هو ڏاڍا اُداس ۽ ڇڙوڇڙ هئا ۽ ڪامريڊ سنڌين لاءِ گڏجڻ جي هڪ پل هيو. جيڪا پل ڊهي پئي هئي ۽ هي پل جو متبادل ٺاهڻ ۾ ناڪام ويا هئا. پر ڪاڪي رام لعل جي ڪچهريءَ مان هنن کي اتساهه مليو ۽ جيئڻ جو حوصلو ۽ همت ملي.
    ڪافي دير ڪاڪي رام لعل سان ڪچهري کان پوءِ موڪلائڻ جو وقت آيو ته ڪاڪو اداس ٿي ويو. تنهن تي خالد کيس چيو ته ڪاڪا پاڻ ڪراچي ڇڏي ڀڄنداسين ڪونه، ان ڪري وري ملڻ ٿيندو.
    ڪاڪي يڪدم چيو؛ ”ها! ها! ڇونه- مان توهان کي هتي ئي هن ڪينٽين ۾ ملي ويندس“ ۽ پوءِ سندن ڪاڪي سان اڪثر ملڻ ٿيندو هو. هڪ ڪچهري دوران ڪاڪي ورهاڱي وقت ڪراچيءَ جي سنڌين سان ٿيل ظلم تان پردا هٽايا ۽ کين ٻڌايو ته سندس 50 ڄڻن تي مشتمل خاندان هو، چاچا، سئوٽ، ماسات انهن جو اولاد، پاڻ ۾ به هو پنج ڀائر هئا، هو ننڍي ۾ ننڍو هو، سندن ٽي ڀينر هيون. ڀينر ڀائرن جو لاڏليون هيون، هو سنڌ مدرسي ۾ پڙهندو هو ۽ سندس ڀائر ڪاروبار ڪندا هئا.
    سڄو خاندان ڪاروباري هجڻ ڪري ڏاڍو سکيو ستابو هو. حويلي نما گهر هئا. گهر ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون. پر اوچتو ورهاڱي واري خبر اسان مٿان وڄ وانگر ڪري هُئي. اسان پنهنجا گهر نه پئي ڇڏڻ چاهيا ۽ سڄي خاندان ڪراچيءَ ۾ رهڻ ۽ ڀرپور دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن ڪري هر مزاحمت لاءِ تيار هئا. ورهاڱي دوران ڌارين جا ڪٽڪ اچي رهيا هئا، ڪيترائي هندو گهراڻا پاڻ مرادو لڏي ويا. جن نه لڏيو انهن کي لڏائڻ لاءِ شهر ۾ مذهبي فساد ڪرايا ويا. منهنجي ڀائرن ۽ چاچن جي دوڪانن ۽ ڪاروبار کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. تنهن هوندي به اسان جي خاندان ڀڄڻ جي نه ڪئي. فسادين منهنجي چاچي پرڀومل ۽ منهنجي ٻن ڀائرن ڪيول ۽ جئه رام تي حملو ڪيو ۽ انهن کي بي درديءَ سان ڪُهي ڇڏيو. اهڙي واقعي اسان جي خاندان جا ارادا ڪمزور ڪري ڇڏيا ۽ خاندان لڏڻ ۽ نه لڏڻ جي سوچ آڌار ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. جنهن ڪري دفاع جي سگهه به ڪمزور پئجي وئي ۽ نيٺ منهنجا چاچا ۽ سئوٽ لڏي ويا. هڪ رات فسادين اسان جي گهر تي حملو ڪيو، اسان پاڻ ۾ وڃي بچيا هئاسين صرف 15 ڄڻا ۽ فسادي هئا 70 کان وڌيڪ، وڏو جهيڙو ڪيوسين. پر جهيڙي دوران فسادي موقع جو فائدو وٺندي منهنجي ٻن ڀينرن راکي ۽ مايا کي اغوا ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اسان کي خبر تڏهن پئي جڏهن جهيڙي ۾ ڪجهه ٺاپر آئي. ڏاڍي ڳولا ڪئي سين، پر ٻئي ڏينهن اسان کي پنهنجي جوانيءَ ۾ پير پائيندڙ ڀينرن جا ننگا لاش مليا، فسادين منهنجي ڀينرن جي لڄ لٽي، بريءَ طرح تشدد جو نشانو بڻائي ماريو هو. جڏهن عزتن تي هٿ پيا ته سڄي خاندان لڏڻ جو فيصلو ڪيو، انهن جي همٿ جواب ڏئي ڇڏيو هو، هو سڀ هليا ويا، امڙ مون کي ڏاڍيون منٿون ڪيون هلڻ لاءِ پر مان نه ويس ۽ کيس چيم ته ”هڪ امڙ جي آسيس لاءِ مان پنهنجي ڌرتي امڙ کي ڇڏي نه ويندس“ ڪاڪي کان ڳوڙها وهي آيا هئا ۽ هي ٽئي دوست خاموش هئا. هنن کي لفظ نه ٿي مليا جو ڪاڪي کي ڪا آٿت ڏين، ڪجهه وقت سڀ خاموش رهيا ۽ وڏا ساهه ڀريندا رهيا. ڄڻ اهو واقعو هنن ٽنهي جي خاندان سان ٿيو هجي- خالد سوچيو ته وڃ هيڏي قيامت کي پنهنجي اکين سان ڏسندي به هيءَ ڪاڪو الائي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي جو پوءِ به پنهنجي ڌرتيءَ سان نينهن جو رشتو نڀائڻ لاءِ هتي ويٺو آهي. ڪاڪي سان وهيل ويل بابت سوچي هن جو دماغ ڦاٽڻ لڳي ٿو ۽ سوچي ٿو ته جي اڃا ڪجهه دير ڪاڪي جي سامهون ويٺو ته سندس دماغ واقعي به ڦاٽي پوندو. ڪاڪي کي ائين ڏکاري حالت ۾ ڇڏڻ تي به دل نه ٿي چين. ڇاڪاڻ ته تازو ئي سندس زخمن کي کوٽيو هئائون، جنهن ڪري سندس ماضيءَ جا زخم تازا ٿي پيا هئا. پر هو شخص هو جو ڪنهن پٿر جو ٺهيل هو ۽ يڪدم پاڻ تي ضابطو آڻيندي کين چيائين پٽڙئو هاڻي رات ٿي چڪي آهي، حالتون صحيح ناهن توهان پنهنجي گهر وڃو-
    خالد کيس چيو ته ”ڪاڪا توهان کي ڏکاري حالت ۾ ڪيئن ڇڏي وڃون؟“.
    کلي کين چيائين ”نه پٽ مون ان عذاب کي سالن تائين سانڍيو آهي ان ڪري هاڻي ان جو عادي ٿي ويو آهي، توهان ڪو به فڪر نه ڪيو“.
    هي ڪاڪي کان موڪلائي اٿيا ۽ ڪاڪو ويٺو رهيو ۽ ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏي ويو.
    اهڙين حالتن جا انڪشاف ٻڌي هنن جو جيءُ جهرڻ لڳو، هنن ۾ هڪٻئي سان ڳالهائڻ جي سگهه نه رهي هئي، جنهن ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ خاموشيءَ کي چيريندي اڳتي وڌندا رهيا. پنهنجي گهر ڏانهن، جيڪو گهر به هنن جو مستقل ناهي ۽ ڪڏهن اوس خالي ڪرڻو هين.
    خالد سوچيو ته همت ڪري پنهنجو گهر ٺاهيون يا ڪراچيءَ مان پناهگير بڻجي تڙجي وڃون. اُهي ٻه منزلون هيون جنهن مان هنن کي هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي.
    هنن جي وڃڻ کان پوءِ ان رات ئي ڪاڪي رام لعل جي طبيعت خراب ٿي وئي، سندس ڪو اوهي واهي هيو ڪو نه، جنهن ڪري پنچائت کيس سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي ڪجهه ڏينهن زندگيءَ سان جنگ ڪرڻ بعد ڪاڪو ديهانت ڪري ويو، پر هنن کي سندس اگني سنسڪار ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو! ڇاڪاڻ ته هنن کي سندس ديهانت جي خبر نه پئجي سگهي هئي. هي به پنهنجي حالتن جي دائري ۾ قيد هئا، جنهن ڪري پورن 15 ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن کين خيال آيو ته ڪاڪي سان ڪچهري ڪرڻ هلجي، ٽئي دوست مندر واري ڪينٽين پهتا، ڪينٽين ۾ ڪاڪي رام لعل واري ڪرسي ۽ ٽيبل خالي پيل هئي، اڪثر هو هڪ ڪنڊ ۾ پيل ڪرسي تي هنن کي ويٺل ملندو هو، سگريٽ ڇڪيندي يا چانهن جي ڪوپ مان سرڪيون ڀريندي، ته ڪڏهن ڪڏهن ڪو رسالو يا اخبار پڙهندي.
    اڄ ان جاءِ تي عجيب سناٽو هو، هنن ٽنهي ڄڻن ڪجهه وقت اتي ويهي انتظار ڪيو ته متان ڪاڪو ڪاڏي ڪم سان ويو هجي ۽ واپس اچي- پر انتظار جون حدون جڏهن ختم ٿيون ته هنن کي به اچي اُلڪي ورايو، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن هي سندس ماضيءَ جا زخم تازه ڪري اٿيا هئا. خالد جي ذهن ۾ خيال آيو ته ڇا ڪاڪو ديهانت ..............!!!؟؟؟. نه نه ائين نه ٿو ٿي سگهي. ڪاڪي رام لعل جهڙا ماڻهو نه ٿا مري سگهن-
    اهو سوچي ٽپ ڏئي اٿيو ته ڪينٽين جي مئنيجر کان ڪاڪي بابت معلوم ڪجي، متان ڪاڪو ڪيڏي ٻاهر نڪتل هجي ۽ هي هروڀرو سندس بيجا انتظار ڪندا رهن.
    احمد هن کان پڇيو؛ ڇا ٿيو توکي؟ ڪاڏي ٿو وڃين؟
    چيائينس ته ”ائين ويٺي سج لهي ويندو، ڪائونٽر تان ڪاڪي بابت معلوم ڪجي ته ڪاڪو ڪاڏي ويو آهي ۽ ڪيڏي مهل ايندو؟“
    اقبال ۽ احمد به هن جي ڳالهه تي متفق ٿيا ۽ اٿي ڪائونٽر تي ويٺل مئنيجر وٽ پهتا. مئنيجر ڪائونٽر تي بيٺي ٽيبل تي پيل پنن تي ڪو حساب ٿي ڪري رهيو هو. جنهن ۾ جنبيل هو-
    هنن سندس ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رام، رام ڪيو، جواب ڏيڻ بجاءِ هن هنن ڏانهن اکيون مٿي کڻي نهاريو، ڄڻ هنن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. اڃا خالد مئنيجر سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن يڪدم چين ته اُهي ڇوڪرا آهيون نه، جيڪي روز ڪاڪي رام لعل سان هتي ملڻ ايندا آهيون؟.
    خالد جواب ۾ چيس ته ها، توهان بلڪل صحيح سڃاتو آهي. پر اڄ ڪاڪو نظر نه ٿو اچي؟
    خالد جي سوال ڪرڻ تي هو حيران ٿي ويو، ٽڪ ٻڌي هنن کي گهورڻ لڳو. سندس ان گهور هنن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو.
    ”ته ڇا توهان کي ڪاڪي رام بابت خبر ناهي“. مئنيجر هنن کي چيو-
    خالد يڪدم وراڻي ڏيندي پڇيس ته ”ڪهڙي خبر؟“
    وري چيائين ته لڳي ٿو ته توهان ان بابت صفا اڻ ڄاڻ آهيو-
    ان جملي تي هنن جي پريشاني ويتر وڌي وئي ۽ تجسس پڻ-
    اقبال چيس- مئنيجر صاحب ڀلا ٻڌايو ڇو نه ٿا ته ڪاڪي رام جي ڪهڙي خبر ۽ هو هن وقت ڪٿي آهي؟
    مئنيجر کين ٻڌايو ته ”ڪاڪو رام ڀڳوان کي پيارو ٿي چُڪو آهي!!!“ کيس دل جي تڪليف هُئي، ڊاڪٽرن کيس سگريٽ پيئڻ کان منع ڪئي هئي، پر هن آخري وقت تائين سگريٽ سان وفا ڪندي کيس نه ڇڏيو- هو ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ پڻ رهيو پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي.
    اهو ٻڌي هنن جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين ڇڏائجي وئي. اکين مان ڳوڙها ائين ٽمين پئي ڄڻ گهر جو ڪو ڀاتي وڇڙي ويو هجين.
    مئنيجر هنن جي اها حالت ڏسي کين آٿت ڏيندي چيو ته ”مرڻو هر ڪنهن کي آهي. اصل منزل ته مٿي آهي. ڪلهه ڪاڪو ويو، سڀاڻي اسان کي به هلڻو آهي. ڪاڪو رام واقعي عظيم ماڻهن مان هڪ هو. سدائين دکي انسانن جي خدمت ڪيائين، ساٿ ڏنائين، سو به بنا رنگ، نسل، مذهب جي.“
    ڪو وقت هو سڪتي ۾ ويٺا رهيا.
    مئنيجر چانهه گهرائي ۽ هنن جي آڏو رکي کين چيائين” ڀائيڙو هاڻي چانهن پيو“ هنن سندس دل رکڻ لاِءِ چانهن پيئڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٽنهي جي نڙيءَ مان چانهن جو ڍڪُ نه هليو.
    خالد سوچيو ٿي ته الائي ڇو؟ هنن جن ماڻهن سان پيار ڪيو ٿي، اُهي جلد ئي هنن کي ڇڏي هليا ٿي ويا، پهريان امتياز، پوءِ محمد موسيَ ۽ هاڻي وري ڪاڪو رام لعل........


    باب ڏهون

    وقت هٿن مان واريءَ وانگر کسڪندو پئي ويو، پر خالد ۽ احمد ٻنهي جي روزگار جو ڪٿي به بندوبست نه پئي ٿيو، اڱاري جو ڏينهن هو ۽ هو ڪوارٽر تي ستا پيا هئا، منجهند لڙي هئي، ڀرواري پپر جي وڻ مان پکين جا آواز اچي رهيا هئا. ڪيڏي، ڪيڏي مهل ڪنهن گاڏي جي گذرڻ جو آواز يا هارن وڄڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو، اقبال به اچڻ ۾ دير ڪئي هئي، جنهن ڪري ان چنتا سبب خالد جي اک نه پئي لڳي، ڇاڪاڻ ته شهر جون حالتون وري خراب هيون. کين ڪيترن ئي علائقن ۾ وڳوڙ ٿيڻ جا اطلاع ملي رهيا هئا. جنهن ڪري اقبال جي دير سبب خالد هر هر اٿي دروازي ڏانهن ويو ٿي، پر دروازي تي ڪاري وارا ڪک هُئا. هڪ لمحي سوچيائين ته ڪينٽ اسٽيشن تي وڃان ۽ اقبال جي خبر چار لهي اچان پر ڪينٽ اسٽيشن سٽ پنڌ تي هُئي، ان ڪري سوچيائين ٿورو انتظار ٿو ڪريان. متان اچي وڃي. ڪينٽ اسٽيشن جو نالو ذهن تي اچڻ سبب ڪيتريون ئي خوبصورت يادون هن جي ذهن جي اسڪرين تي اچي ويون، ڇاڪاڻ ته جڏهن ستي، ستي بور ٿيندا هُئا ته احمد ۽ خالد ٻئي ڄڻا ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن وکون وڌائيندا هئا. اقبال پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ مصروف هوندو هو ۽ هي ڪينٽ جي بئنچن تي ويهي گرميءَ جي موسم ۾ ٿڌي هوا جا جهوٽا جهٽيندا هئا. ڪينٽ تي ڀانت ڀانت جا مسافر اچي ريل مان لهندا هئا يا ريل ۾ چڙهندا هئا، ڪي ٽولين ۾ ويٺي پنهنجي ٽرين جي اچڻ جو انتظار به ڪندي نظر ايندا هُئا. ڪي پنهنجن پيارن کي ٽرين ۾ موڪلڻ دوران اوڇنگارون ڏيندي روئيندا به هئا ته ڪي وري ٽهڪن سان کين الوداع ڪندا هئا. ڪن جي ڀاڪرن سان آجيان ٿيندي هئي، کين اسٽيشن تي ايندڙ هر ماڻهوءَ جا احساس ڏسڻ ۽ جانچڻ جو موقعو ميسر ٿيندو هو. اسٽيشن تي گهڻو تڻو پنجاپين جي آمد هوندي هئي. ٻيو اردو ڳالهائيندڙ ۽ پٺاڻ! سنڌي تمام گهٽ ريل ۾ سفر ڪندي نظر ايندا هئا. الائي ڇو سنڌي ماڻهن جي ريل سان نه لڳي؟ جنهن ڪري ريلوي ۾ ملازمن جي اڪثريت به پنجاپين جي هُئي. لاهور، اوڪاڙهه، سرگوڌا الائي پنجاب جي ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۽ چڪن جا رهواسي ماڻهو ڊيوٽيءَ سانگي ڪراچيءَ ۾ رهيل هئا. ڪراچيءَ ۾ جيڪا قوم بنا کٽڪي رهندڙ هئي. اُهي پنجاپي هئا. ماضيءَ ۾ پٺاڻن سان به هڪ هڪاڻي ٿي چُڪي هئي. پر خالد کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته آخر اها ڪهڙي رمز آهي جو پنجاپين ڏانهن پناهگير لساني تنظيم جو هٿ هلڪو آهي. هڪ ڏينهن خالد جمن کان اهو سوال ڪيو هو. جمن سمجهائيندي کيس چيو ته لساني تنظيم جهڙي مصيبت سنڌين کي بڇڻ ۾ خود پنجاپين جو هٿ آهي. پنجاپي معنيَ فوج، جن ۾ اڪثريت پنجاپين جي آهي ۽ آءِ ايس آءِ سنڌي ماڻهن کان ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ضياءَ خلاف ڀرپور تحريڪ جي پلاند طور لساني تنظيم ٺهرائي هئي. ان جي ماڻهن کي فوجي طرز تي تربيتون ڏنيون، هٿيار، پئسا ڏنا ۽ ڪراچيءَ جي وسيلن جو مالڪ بڻايو هو. تنهن ڪري لساني تنظيم ڪڏهن به پنجاپين جي خلاف نه رهي آهي ۽ نه رهندي ۽ جڏهن به ٿي ته لساني تنظيم نشاني تي هوندي. لساني تنظيم جي چاٻي ايجنسين وٽ آهي. جنهن ڪري پنجاپي ڪراچيءَ ۾ محفوظ آهن. ريلوي ڪالونيءَ سميت شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي پنجاپي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، پر انهن آبادين ۾ به سنڌين کي ڳولي ڳولي، ماريو ويو هو.
    خالد انهن خيالن ۾ گم ويٺو هو ته احمد کيس ٺونٺ هڻي، هن جي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو ۽ هي ڇرڪ ڀريندي کانئس پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو ٿئي؟
    احمد کيس چيو ته ”هو ته ڏس ڪيڏو نه خوبصورت چهرو آهي. سبحان الله-“
    ”اڙي ڀوڪ ڪٿي آهي؟“ خالد کانئس ٻيهر پڇيو-
    هوڏانهن، هوڏانهن اڙي! سامهون ته ڏس، خيال ڪٿي اٿئي، احمد ذري گهٽ دانهن ڪندي کيس چيو-
    خالد جي سامهون نظر ڇا پئي- اصل مُلن وانگر سندس وات مان نڪري ويو ”سبحان الله-“ ڇا ته شيءِ آهي. ڊگهو قد، سنهي چيلهه، ڳل ڀريل، ڳاڙها لعل، سندس ڪجل پاتل وڏين اکين سندس سندرتا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. ڪونج وانگر وڏي ڳچي، ڀوري ڀوري، پاڻي پئي ته اهو به صاف نظر اچي، کليل پيشاني، وارن جو ڊگهو چوٽو، ڇاتي اڀريل، اڀريل، موتين جهڙا ڏند، جيڪي سندس مرڪڻ تي وڌيڪ جرڪي ٿي پيا. جنهن به کيس ڏٺو ٿي، بت بڻجي ٿي ويو. هنن جي اک به ان ۾ اٽڪي وئي. وقت ڄڻ رڪجي ويو، هنن جي دل جي رفتار بيهجي وئي. وات ڦاٽي پين ۽ هوءَ ڪنهن ڏانهن اک کڻڻ بنا سڄي ماحول کان بي نياز ٺلهه کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هُئي، سندس ڀر ۾ هڪ ٻي عورت به بيٺل هُئي، ڪاري برقعي سان شايد سندس ماءُ هئي. ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. اسٽيشن تي بيٺل ڪيترن ئي نوجوانن جي دل ۾ اها آس ڪر کڻي رهي ته ڪاش! هوءَ رڳو هنن ڏانهن هڪ دفعو اک کڻي نهاري. انهيءَ آس ۾ ڪيترا جوانڙا ڀونئري وانگر پئي کيس ڦريا. پر هن به ڪنهن کي کنگهيو به ڪونه. جنهن ڪري نوجوانن جون سموريون ڪوششون اجايون ويون ۽ هو پنهنجي حسن جي تڪبر تي اٽل پئي نظر آئي. ٽرين آئي، بيٺي ۽ هوءَ ان ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺي. اڌ ڪلاڪ جو وقت لڳو ۽ هوءَ هلي وئي، پر هو ڪيترو وقت اتي بيٺي ان ٺلهه کي تڪيندا رهيا، جتي هوءَ بيٺي هُئي. دل ته بي اختيار ٿي چاهين ته جيڪر ان جاءِ کي وڃي چمي ڏين، جتي سونهن سادگيءَ ۾ به چنڊ کي شرمائي ڇڏيو هو.
    انيڪ خيال ٿي آيا سندس ذهن ۾ پر دل ۾ اقبال جي خيريت بابت آنڌ مانڌ به جاري هيس ته اوچتو دروازي تي ڌڪ لڳو ۽ دل اطمينان جو ساههُ کنيائين ته پڪ اهو اقبال هوندو؟ ڊوڙي دروازو کوليائين، اقبال هن جي سامهون هيو ۽ محمد جمن سندس ڀرسان بيٺو هو.
    خالد فوري اقبال کان پڇيو ”ڏي خبر اڄ دير ڪيئي؟“
    کيس ٻڌايائين ته واٽ تي جمن ملي ويو ۽ هنن هوٽل تي ويٺي چانهه پيتي ۽ ڪچهريءَ ۾وقت گذرڻ جي کين خبر ئي نه پئي-
    خالد جمن سان دعا سلام ڪئي ۽ کيس ويهڻ لاءِ ڪرسي آڇيائين ۽ محمد جمن انڪار ڪندي چيس ته، نه مان هيٺ ڪالين مٿان تول وهاڻي تي ٽيڪ ڏئي ويهندس، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان-
    تول وهاڻي تي ٽيڪ ڏيندي محمد جمن، خالد کي چيو ته ”ڏي خبر اهو احمد ڪٿي آهي؟“
    ”ٻئي ڪمري ۾ ستو پيو آهي“. خالد کيس ٻڌايو ۽ کانئس پڇيو ته ڏي خبر خير ته آهي. چيائينس ها ٻيو ته خير آ- پر احمد مون کان هفتو اڳ ٽي سئو روپيا اوڌارا ورتا هئا، اڃا تائين واپس نه ڪيا اٿس. ماڻهو زبان جو پڪو هجڻ گهرجي، زبان جي ڪچائي سٺي ڳالهه ناهي.
    جمن جي اهڙي ڳالهه تي خالد کان ٽهڪ نڪري ويو-
    جمن پڇيس ته ”ڇو مون توکي ڪو لطيفو ته ڪو نه ٻڌايو آهي جو ڏند ٽيڙي پيو ٽهڪ ڏين-“
    خالد چيس ته اها لطيفي کان گهٽ ڳالهه ته ناهي.
    جمن چيس ڇو؟
    ”ڇو وري ڇا! توکي خبر آهي ته احمد ۽ مان بيروزگار آهيون. اهڙي حالت ۾ احمد ڪٿان توکي پئسا واپس ڏيندو؟ توکان مڙئي پئسا ڪڍڻا هيس ان ڪري توکي چڪمو ڏئي ويو.“ خالد کيس چيو.
    ”اڙي! هان، هان ڇا ٿو چوين! چڪمو اهو به مون کي- وڏي ڳالهه ٿي وئي- هل خير آ، مان به ڪڏهن پلاند ضرور ڪندومانس“- جمن کيس چيو-
    ايتري ۾ اقبال پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو ۽ اچي جمن کي آڇيائين، جمن آهستي آهستي پاڻيءَ جا ڍڪ اندر اوتيندو رهيو ۽ گلاس خالي ڪرڻ تي خالد کانئس گلاس ورتو ۽ وڃي رڌڻي ۾ رکي آيو ۽ واپس اچي جمن سان ويهي حال احوال ڪرڻ لڳو. اقبال ڏاڍو ٿڪل ٿي لڳو، جنهنڪري وڃي سمهي رهيو.
    جمن، خالد کان پڇيو ته ”توهان جي روزگار جو ڇا ٿيو؟“
    خالد ٻڌائيس ته روزگار بابت ڪنهن مسيحا جي اچڻ جو انتظار آهي. باقي اسان ته وسان ناهي گهٽايو-
    ڪجهه دير خاموش رهي، کيس چيائين ته سنڌي اخبار ”روزاني عوامي آواز“ کي پروف ريڊرن جي ضرورت آهي، ڪالهه مون ان ۾ اشتهار پڙهيو هو، توهان ”عوامي آواز“ اخبار جي دفتر ۾ وڃي ڪم ڪريو. منهنجي ف-م لاشاريءَ سان واقفيت آهي، مان ان کي توهان بابت سفارش ڪندس. توهان سڀاڻي 4 وڳي وڃجوس. مون کي پڪ آهي ته توهان ٻنهي جو بندوبست ٿي ويندو. جمن جي واتان اها ڳالهه ٻڌندي خالد جي چهري تي خوشي رقص ڪرڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته بيروزگاريءَ ۾ اقبال تي بار هئا. حالانڪه هن ته ڪڏهن به کين اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو هو پر وري به هن کي مٿس بار هجڻ جو شدت سان احساس ٿيندو هو.


    باب يارهون

    ٻئي ڏينهن سومر جو ڏينهن هو، ننڊ مان اٿي، احمد ۽ خالد 3- وڳي منجهند جي ماني تيار ڪئي. احمد ماني پچائي ۽ خالد ڀينڊيون تريون. اقبال ۽ خالد کي تريل ڀينڊيون ڏاڍيون وڻنديون آهن. جنهن ڪري جنهن ڏينهن کين عياشي ڪرڻ جو موڊ هوندو هو، ڀينڊيون تري کائيندا هئا ۽ اها ڳالهه احمد کي نه وڻندي هئي ۽ ان تي ساڻن بحث ڪرڻ لڳي ويندو هو ۽ جڏهن به احمد کي چيڙائڻ جو موڊ ٿيندو هين، تڏهن ائين ڪندا هئا. پر اڄ گهڻين ڪوششن باوجود به احمد نه چڙيو نه وري ان مسئلي تي ساڻن بحث ڪيائين. چپ چاپ ماني کاڌائين ۽ هنن ٻنهي ڄڻن محمد جمن جي ڏسيل ائڊريس تي وڃڻ لاءِ تياري ڪئي.
    اقبال کانئن پڇيو ته ”ڪاڏي گهمڻ جي تياري آ، صلاح به نه ٿا ڪيو. لڳي ٿو ڪو عشق ٻشق جو چڪر آ-“
    ”يار عشق ٻشق جو چڪرناهي. پر نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ ٿا وڃون. جمن نوڪري ملڻ جي اڌ پڪ ڏياري آهي. ان ڪري اوڏانهن ٿا وڃون.“ اهو چئي خالد ۽ احمد، اقبال کان موڪلايو ۽ کيس چانهه پنهنجو پاڻ ٺاهي پيئڻ جو مشورو ڏنائون، ڇاڪاڻ ته کين دير ٿي وئي هئي ۽ هنن کي وقت تي پهچڻو هو.
    احمد ۽ خالد ريلوي ڪالونيءَ مان نڪري، وڏيون ٻرانگهون ڀري پٽڙيون ڪراس ڪرڻ بعد چندريگر روڊ سان گڏ هلڻ شروع ڪيو. جي پي او کان ٿورڙو اڳتي ٽپي ايم اي جناح روڊ تي وڃڻ لاءِ وچئين رستي کان شاٽ ڪٽ ڪندي، سڌو ايم اي جناح روڊ تي پهچي هنن نيوچالي جي پڇا ڪئي، نيوچالي بلڪل ويجهو هُئي جنهن ڪري منزل تي پهچي نامڪو سينٽر جي عمارت جي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳا. ٻين منزل تي عوامي آواز اخبار جو دفتر هو، عوامي آواز پهرين سنڌي اخبار هُئي، جيڪا ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي نڪرندي هئي.
    خالد، احمد کي ٻڌايو ته ”عوامي آواز“ اخبار کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ ڪامريڊن ڪڍي آهي، جنهن ڪري سندس پاليسي ترقي پسند سوچ جي عڪاس آهي ۽ ف م لاشاريءَ جي لکڻين سبب اخبار کي تمام گهڻي مڃتا ملي آهي. محمد جمن به اڪثر اخبار ۽ ف م لاشاريءَ جي لکڻين بابت تبصرو ڪندي هنن کي به اخبار پڙهڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو-
    پر وٽن ته بي روزگاريءَ سبب اخبار وٺڻ جا پئسا ئي نه هئا.
    دفتر جي دروازي تي بيٺل پٽيوالي کي هنن چيو ته اسان کي ف – م لاشاري صاحب سان ملڻو آهي. مهرباني ڪري ان تائين اطلاع پهچايو-
    پٽيوالي هنن کي اتي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ اندر هليو ويو ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ واپس اچي کين چيائين ته بلڪل سامهون واري ڪيبن ۾ هليا وڃو، صاحب اُتي ويٺو آهي.
    هنن ڪيبن جو دروازو کوليو ته کين سامهون ٽيبل تي وکريل وارن سان هڪ ڀورو شخص ويٺل نظر آيو. سندس ٽيبل تي ڪجهه ڪتاب پيل ۽ انتهائي بي ترتيبيءَ سان پنا پيل هئا. پاڻ ڪجهه لکڻ ۾ مصروف هو.
    هنن کيس سلام ڪيو، جواب ۾ ڪجهه ڳالهائڻ کانسواءِ کين صرف ڪرسين تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ وري لکڻ ۾ شروع ٿي ويو. پنن تي سندس پين تيزي سان وهي رهي هئي. ڄڻ ”هرُ“ ڪنهن بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کيڙي رهيو آهي-
    ڪجهه پنا لکڻ کان پوءِ هو سوچن ۾ گم ٿي ويو، شايد ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين ۽ ان دوران هو مسلسل نرڙ تي هلڪو مساج ڪندو پئي رهيو. ڄڻ يادگيرين کي دماغ تي زور ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. اهو سلسلو ڪيتري دير هليو، ڪجهه لکڻ بعد خاموش ٿي، وري سوچڻ بعد هن لکڻ شروع ڪري ٿي ڏنو، ان دوران چانهه جو ڪوپ آيو، هنن کي صلاح ڪرڻ بنا آهستي آهستي ڍڪ ڍڪ ڀري پي ويو ۽ هيءَ کيس ڏسندا رهيا ۽ هو سڀني ڳالهين کان بي نياز ته ڪي ٻه ڄڻا سندس انتظار ۾ ويٺا آهن، هو لکندو رهيو ۽ ڪيترائي پنا ڀري ڇڏيائين ۽ آخر ۾ جمع ڪري بيل وڄايائين ته پٽيوالو ڊُڪندو آيو.
    هن پٽيوالي کي پنا ڏيندي کيس چيو ته هي پنا ڪمپيوٽر آپريٽر کي ڏي ته ڪمپوز ڪري-
    پٽيوالو پنا وٺي هليو ويو. هن پنهنجو چشمو صاف ڪيو ۽ ٽيبل تي پيل پنا گڏ ڪيائين ۽ ٽيبل تي وکريل ٻيو سامان سهيڙيندي هنن کان پڇيائين ته ڏيو خبر، ڪو ڪم ڪار آهي مون ۾؟
    خالد کيس چيو ته ... ها......-
    چيائين ڪهڙو ڪم آهي، حڪم ڪيو-؟
    اسان کي محمد جمن موڪليو آهي توهان ڏانهن نوڪري لاءِ خالد کيس ٻڌايو-
    ڪهڙو محمد جمن؟ يڪدم هنن کان پڇيائين-
    خالد پريشان ٿي ويو ۽ سوچيائين هي ته جمن کي سڃاڻي ئي ڪو نه ٿو. پر وري به کيس ياد ڏيارڻ لاءِ کيس چيائين ته سائين محمد جمن لاکير اصل لاڙڪاڻي وارو-
    ها، ها اهو چئو ته ڪامريڊ محمد جمن موڪليو آهي. پر توهان ڇا ڪندا آهيو؟ هنن سان ڳالهه کي جاري رکندي کانئن سوال ڪيائين.
    خالد کيس ٻڌايو ته اسان گذريل ڪيتري عرصي کان ڪراچيءَ ۾ در، در جي خاڪ ڇاڻي رهيا آهيون، ان ڪري توهان وٽ نوڪريءَ جي اميد کڻي پهتا آهيون.
    اسان جي اداري ۾ ٻي ته ڪا نوڪري ڪانهي. باقي ها پروف ريڊر طور ڪم ڪندڙ ماڻهو گهربل آهن. جيڪر توهان ڪرڻ چاهيو ته ڪريو. في الحال پگهار 4 سئو روپيه ملندو. سوچي پوءِ ٻڌايو. کين اهو چئي پاڻ وري اخبارن جو بنڊل کنيائين ۽ انهن کي ڏسڻ لڳو. خالد ۽ احمد هڪٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ڪا صلاح ڪرڻ بجاءِ کيس چيو ته هنن کي اها نوڪري به قبول آهي.
    ”پر ڪرڻو ڇا پوندو؟“ خالد کانئس سوال ڪيو-
    ”چيائين ڪمپيوٽر آپريٽر خبرون ۽ مضمون ڪمپوز ڪندو، توهان انهن خبرن ۽ مضمونن کي پڙهي انهن ۾ غلطين جي نشاندهي ڪندو ۽ ها جيڪڏهن توهان ۾ ڪا صلاحيت آهي ۽ توهان ڪمپيوٽر هلائڻ سکي ويا ته پوءِ توهان جي پگهار وڌي سگهي ٿي. اهو سڄو ڪجهه توهان جي محنت ۽ ذهانت تي ٻڌل آهي.“ اهو چئي هو وري خاموش ٿي اخبار پڙهڻ لڳي ويو.
    خالد کيس چيو ته پوءِ اسان ڪڏهن کان ڊيوٽيءَ تي اچئون؟
    کين چيائين اڄ کان نه ته سڀاڻي کان. شام واري شفٽ ۾ يعني 4- وڳي کان رات 11- تائين
    هي کيس سڀاڻي کان ڊيوٽي تي اچڻ جي پڪ ڏئي روانا ٿيا-
    ٻاهر نڪري خوشيءَ جو ساهُه کڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪيترن مهينن جي جاکوڙ ۽ ذلتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ ڪا نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.
    واپسيءَ تي خالد، احمد کان پڇيو ته احمد تو ڀلا ڪامريد جمن کان 300 رپيا اوڌرا ورتا هئا! خير ته آهي، جو ائين اوچتو توکي پئسن جي ضرورت پئجي ويئي، اسان کي به نه ٻڌائي؟
    خالد جي ان سوال ڪرڻ تي احمد پهريان ته پريشان ٿي ويو، شايد ان ڪري ته ان بابت خالد کي ڪيئن خبر پئي؟
    احمد کيس چيو ته توکي ڪيئن خبر پئي ته مون ڪامريڊ کان پئسا ورتا آهن.؟
    خالد کيس ٻڌايو ته ڪالهه ڪامريڊ آيو ۽ ان ئي کيس ٻڌايو!
    وڏي اوٻاسي ڏيندي چيائينس ها يار، امان خط لکيو هو، هوءَ بيمار آهي ان کي پئسن جي ضرورت آهي. مون اقبال کان پئسا گهرڻ مناسب نه سمجهيا، جو اڳئي اسان ان تي بار آهيون، تون به مون وانگر بيروزگار........... ان ڪري مجبور ٿي ڪامريڊ کان پئسا گهريا هُئا.
    خالد، احمد کي چيو ته يار پريشان نه ٿي، خير آ، اوڌر، اڌار جو جهان پيو هلندو. غربت جا ماريل انسان جو آهيون!
    ٻئي ڏينهن تي هي مقرر وقت 4 وڳي دفتر پهچي چُڪا هئا. ف_ م لاشاري صاحب آفيس ۾ موجود نه هو، پٽيوالي کان پڇيائون ته صاحب ڪيڏي مهل ايندو؟
    پٽيوالي کين چيو ته اڄ مشڪل اچي.
    خالد سوال ڪندي پڇيس ته ڇو؟ اسان کي ته اڄ ڊيوٽي تي پهچڻ لاءِ چيو هئائين-
    پٽيوالي چين ته توهان سامهون ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ همراهه سان وڃي ملو.
    هنن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ همراه کي سلام ڪيو ۽ ان همراهه ڪي بورڊ تان هٿ هٽائي کين سلام جي وراڻي ڏني ۽ هٿ ملايو-
    خالد کيس ٻڌايو ته اسان ڪالهه لاشاري صاحب سان مليا هئاسين ۽ ان اڄ اسان کي ڊيوٽيءَ تي اچڻ لاءِ چيو هو، پر پٽيوالي ٻڌايو ته لاشاري صاحب ڪو نه ايندو.
    تنهن تي ڪمپيوٽر آپريٽر کين چيو ته توهان پريشان نه ٿيو، لاشاري صاحب مون کي ڪالهه ئي توهان جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو. ان ڪري توهان ڪم سان لڳي وڃو. اهو چئي هو هنن کي پنهنجو ڪم سمجهائڻ لڳو-
    جيئن، جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هنن کي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو وڌڻ سان گڏ مزو به اچڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته اخباري اداري ۾ ڪم ڪندي دنيا جهان جي حالتن کان واقف ٿي رهيا هئا. هنن جلدي ڪمپيوٽر هلائڻ به سکي ورتو هو-
    هڪ دفعي خالد ڪراچي جي سياسي. معاشي ۽ امن جي حالتن بابت مضمون لکيو.
    مضمون ڇاپڻ لاءِ ايڊيٽر صاحب ڏانهن کڻي ويو ۽ ايڊيٽر مضمون پڙهي، ان ۾ ڪجهه خامين جي اصلاح ڪئي ۽ شين کي درست ڪيو. ايڊيٽر صاحب خالد جي ان ڪوشش تي ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ ڏاڍي همت افزائي ڪندي کيس چيائين ته هاڻي توکي هر هفتي مضمون لکڻو آهي.
    خالد، ايڊيٽر صاحب جي ان همت افزائيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اصل خوشي ته ٻئي ڏينهن تي اخبار ۾ پنهنجو مضمون پڙهڻ سان ٿي هيس، جيتوڻيڪ مضمون ڪمپوز به پاڻ ڪيو هئائين، پر اخبار ۾ جڏهن ڇپيو ته هر هر اخبار کي اٿلائي پئي ڏٺائين، سندس دل خوشيءَ مان تيز ڌڙڪي رهي هئي، ڄڻ سندس جسم مان نڪري ايندي.
    صبح سوير اٿي اسٽال تان اخبار وٺي آيو ۽ سندس حالت ڏسي اقبال ۽ احمد کيس چيو ته يار ڇڏ هاڻي کڻي اخبار جي پچر، اصل چٽي نه ڇڏجانس. ڪجهه اسان لاءِ به بچائجان-
    ٻئي دوست خالد جي ان ننڍڙي ڪاميابيءَ تي ڏاڍا خوش هئا.
    ائين هنن جي ڪم ۾ دلچسپي ڏسي هڪ ڏينهن لاشاري صاحب هنن کي پنهنجي ڪئبن ۾ گهرايو ۽ چيائين ته توهان جي پگهار هاڻي 12- سئو روپيا ڪئي وئي آهي. پر خالد کي ”عوامي آواز“ مان اها پگهار کڻڻ نصيب نه ٿي. ڇاڪاڻ ته لاشاري صاحب جا اخبار جي مالڪن سان اختلاف ٿي پيا هُئا. ۽ هن عوامي آواز ڇڏي غلام قادر پليجي پاران نئين نڪرندڙ جاڳو اخبار ۾ بطور ايڊيٽر جي ڪم شروع ڪيو ۽ هو خالد کي به پاڻ سان اوڏانهن وٺي ويو.
    جاڳو جو دفتر شاهين ڪامپليڪس جي ڀرسان آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جنگ پريس جي پٺين ۽ ريلوي ڪوارٽرن کي بلڪل ويجهو هو. جنهن ڪري ڊيوٽيءَ تي اچ وڃ جي سولائيءَ سبب خالد، لاشاري صاحب کي چئي احمد کي به جاڳو ۾ گهرايو. ڇاڪاڻ ته هاڻي هي ٽئي ڄڻا ٽي جسم هوندي به هڪ جان، هڪ روح هئا-
    اخبار ۽ طب جي دنيا ڏاڍي بي رحم هوندي آهي. ڊاڪٽر ڇا به چاهي پر کيس مريض جي چير ڦاڙ ڪري آپريشن ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر کي وري خبر جيڪا خوشيءَ جي هجي، غميءَ جي، موسم جي هجي يا دنيا جهان ۾ ٿيندڙ سائنسي ايجادن بابت هجي. اها ڪمپوز ته ڪرڻي ئي هوندي آهي. اخبار ته ڇپجڻي آهي. ان ڪري هنن جون آڱريون مشين وانگر ڪي بورڊ تي هلنديون آهن. احساسن کان خالي خالي...............!!
    پر ڪا ڪا خبر هنن جي احساسن کي به جنجهوڙي وجهندي آهي.
    انهن ڏينهن ۾ وري ڪراچيءَ ۾ لساني جهيڙن جي باهه ڀڙڪو ڏئي اٿي هئي. جنهن ڪري ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچڻ ته عام هيون، پر جڏهن سنڌي عورتن جي عصمت دريءَ جون خبرون اچڻ لڳيون ته ڄڻ هنن جون آڱريون به احتجاج ڪندي يا ڏک ۽ افسوس ۾ اُهي خبرون ڪمپوز ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏينديون هيون-
    هڪ ڏينهن جاڳو جي اسٽاف رپورٽر رپورٽ ڪيو ته سول اسپتال ۾ ٽن عورتن کي مرده حالت ۾ آندو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب سندن اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي آهي، سندن جسم تي سگريٽن جا ڏنڀ، چڪ هڻڻ جا نشان ۽ ماس تي لساني تنظيم جا ٺپا لڳل آهن. رپورٽر پنهنجي خبر ۾ لکيو هو ته انهن ٽنهي عورتن جا لاش گلشن اقبال مان مليا آهن ۽ اُهي عورتون اصل لاڙڪاڻي جون رهواسي آهن-
    خبر ڪمپوز ڪرڻ دوران خالد جو دماغ چڪرائجي ويو ۽ هو ڪرسيءَ تان ڪرندي ڪرندي بچي ويو.
    احمد پڇيس ”ڇا ٿيو؟“
    خالد کيس چيو ته يار هيءَ خبر مون کان ڪمپوز نه ٿي ٿئي. تون وٺ ڪمپوز ڪر.
    خالد کيس اها خبر ڏئي آفيس کان ٻاهر وڃي دڪيءَ تي ڪجهه پل ويهي رهيو ۽ هن جي ڪنن ۾ انهن عورتن جون دانهون ۽ پڪارون گوجڻ لڳيون ۽ ڄڻ کيس چونديون هجن او ادا اسان کي بچايو!.
    او ادا توهان ته منهنجي ڀائرن جيڏا آهيو!
    مون کي وڃڻ ڏيو، مون کي ڇڏيو ته مان پنهنجي بابل ڏي وڃان. هو گهر موٽيو هوندو ۽ مون کي ڳوليندو هوندو ته منهنجي ڪونج ڪاڏي وئي.
    پر انهن وحشي صفت ماڻهن سندس دانهن ۽ آهن تي ڪن ڌرڻ بجاءِ پنهنجي وحشي پڻي جون حدون اورانگهيندي انسانيت کي لڄائي ڇڏيو هو.
    هن سوچيو ته هو جيڪي ڪالهه اسان وٽ مهمان ٿي آيا هئا. پنجاب وارن سندن لٺين سان استقبال ڪندي کين چيو هو ته ” پاکستان آگے ھے!“
    پر سنڌ ۾ پهچڻ تي سندن دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ٿيو هو. بکايل مهمانن لاءِ هر اسٽيشن تي ديڳيون پچرايون ويون هيون، سنڌ ۾ کين ڪروڙين روپين جي ملڪيتن سان نوازيو ويو هو. ايڏو پيار، محبت جو اظهار دنيا ۾ ڪٿي به پناهگيرن کي نه مليو هوندو. پر اڄ هيءُ ڇاهي ڀٺڪيل ماڻهو اجهو ملڻ کان پوءِ ايڏا ته وحشي ۽ درنده بڻجي پنهنجي لسانيت جي بک معصوم ۽ ڪمزور عورتن جي وجود مان ماس ڪڍي پوري ڪري رهيا آهن. کين انهن عورتن جي دانهن ۽ صدائن جو رتيءَ برابر به اثر نه ٿيو.
    هنن جي آڏو اهڙين شرمناڪ واقعن سان ڀريل خبرن جو اچڻ به هاڻي روز جو معمول بڻجي رهيو هو.
    خالد جي ذهن ۾ اڪيچار خيال اچي رهيا هئا هن جي ذهن ۾ خيال آيو ته سنڌي سان ڪراچي ۾ هيڏي وڏي ويڌن ٿي رهي آهي پر اسان جا حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ڌت آهن. وڏيرا، جاگيردار، مير، پير خاموش آهن ۽ اُهي ڪراچيءَ ۾ سنڌي عورتن جي عصمت دريءَ تي اُف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ته ٻئي پاسي وري ڪجهه ڪوڙن قومپرستن اتحاد جي پليٽ فارم تي ڏتڙيل سنڌين جي سهائتا لاءِ لکين روپين جا فنڊ گڏ ڪري ان تي عياشي ۽ ڪراچيءَ ۾ پلاٽ ۽ بنگلا وٺڻ ۾ مصروف آهن ۽ اخبار جي خبر بڻجي سنڌ جي بدترين تاريخ جو حصو بڻجي رهيا آهن. هن جي ذهن ۾ اڻ کٽ سوچن جو سلسلو هو جيڪو هلندو ٿي رهيو.
    اُف يا خدا-! هن کان دانهن نڪري وئي. ان ڏينهن هو سويل موڪل ڪري گهر هليو آيو. اها اذيت هن جي برداشت کان ٻاهر هُئي ۽ ان اذيت ۾ لاڳيتو ڪجهه ڏينهن بستري تي پئجي رهيو، هن جو بخار وڌي رهيو ۽ بخار جي تپش کيس ساڙي رهي هُئي. جيئن ڪنهن بٺيءَ ۾ سرون پچنديون هجن. بخار اصل گهٽجڻ جو نالو ئي نه پئي ورتس.
    اقبال ۽ احمد هن جي تيمارداريءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. گهر کي کڻي ميڊيڪل اسٽور بڻائي ڇڏيو هئائون.
    هڪڙو ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ته ٻيو هن وٽ موجود هوندو هو. ٻئي ڄڻا خالد جي صحت ڪري گهڻو پريشان هُئا. ڇاڪاڻ ته انهن ويجهر ئي ويجهر ۾ پنهنجن کان وڇڙڻ جو غم برداشت ڪيو هو، ماءُ، پيءُ کان ڪوهين ڏور هڪ ٻئي جو سهارو ئي ته هُئا.
    هڪ ڏينهن خالد سندن مُنهن تي مايوسي ڏسي چين ته ”ائين مرڻ وارو ناهيان“ گهڻئي چرچا ڀوڳ ڪيائين، پر هو نه کليا ۽ هن کي تڪيندا رهيا ۽ هو به خاموش ٿي کين تڪڻ لڳو. جڏهن کين کلائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ڀائيائين، تڏهن خالد هنن سان دنيا جهان جا حال احوال اورڻ شروع ڪيا، سندن مايوسي، خالد کي تمام گهڻو پريشان ڪري رهي هُئي. ڳالهه ته هن کي به ڪا نه ٿي وڻي پر سندن مايوسيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ هن کي پاڻ تي ضبط ڪرڻو پيو ۽ ائين دنيا جهان جي حال احوالن ۾ ٽئي مشغول ٿي ويا. ٿورڙو خيال مٽين ته پوءِ ٽنهي حسب معمول خوب کليا ۽ ٽهڪ ڏنا. انهن ڳالهين ۾ کوڙ ڳالهيون کوليائون ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ احمد کي چماٽ لڳڻ وارو قصو، حسن جا قصا اسٽيشن واري جوان ناري جا قصا ۽ راڻيءَ جي ڳالهه به. ها- اها بي وفا راڻي، جيڪا خالد کي پنهنجي پيار جو اسير بڻائي، هميشه لاءِ ٻئي جي ٿي وئي هئي.
    اوهو، ان راڻي جو خيال وري ڪٿان اچي ويو- خالد پنهنجي دل ۾ دهرايو


    باب ٻارهون

    ها هوءَ راڻي، سڀني جي من جي راڻي. پر سندس پيار خالد جي حصي ۾ آيو ۽ سندس ڀٽڪيل زندگيءَ ۾ کيس ڪجهه ڏينهن جو سهارو ڏنائين ۽ اذيت ڏيندڙ زندگيءَ ۾ کيس اڪيلو ڪري هلي وئي. سندس وڇڙڻ جو عذاب خالد ڪنهن زهر جي پيالي وانگر پي ويو. نظرياتي سياست سبب راڻيءَ کانسواءِ زندهه رهڻ جي اٿت مليس، نه ته مان راڻيءَ کان سواءِ هو نه جي سگهي هان ۽ مري وڃي هان. ڇاڪاڻ ته راڻيءَ هن کي پيار ئي اهڙو ڏنو- فطرت جون سموريون گهرجون آڇيون هئائينس. جوانيءَ جي جذبات جي وهڪري ۾ ٻئي وهي هڪ ٿي ويا هئا. جهن ڪري خالد راڻي جو پيار ملڻ ڪري پاڻ کي دنيا جو خوش نصيب ماڻهو سمجهيو هو.
    ٽنهي دوستن مان ڪنهن کي به راڻي جي ويجهو وڃڻ جي جرئت نه ٿي. ڇاڪاڻ ته راڻي هڪ ته هنن جي بلڪل ڀرواري ڪوارٽر ۾ رهندي هئي، جنهن جون ڀتيون ۽ ڇتيون گڏيل هيون. راڻيءَ جو پيءُ محمد شمن پاڙيسري هجڻ ڪري اڪثر رات جي وقت ٻاهر ٿيندڙ ڪچهرين ۾ اچي شامل ٿيندو هو، نه ته پنهنجي محدود زندگي تائين محدود هو، سوشل نه هو، ان ڪري هنن به محمد شمن سان گهڻو وچڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
    ڪيترو عرصو راڻيءَ جي راهه ۾ نيڻ وڇائي نٽهڻ اُس ۾ بيٺا رهندا هيا پر راڻيءَ هنن کي لفٽ نه ڪرائي سواءِ ان جي ته ڪڏهن ڪڏهن چپن تي مرڪ آڻي ٽيڏي اک سان نهاري هلي ويندي هئي ۽ هي به سندس جذبن جو خيال رکندي ڪڏهن به اظهار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي نه وري هنن ۾ ايتري همت هُئي. فقط پري بيهي سندس حسن جو واس وٺندا هئا، آهون ڀريندا ۽ دل ۾ کيس ڏسڻ تي خوشي محسوس ڪندا هئا. اها ٻي ڳالهه ته هي دوست پاڻ ۾ ”راڻي“ بابت وڏي ويڙهه ڪندا هئا ۽ هر ڪو دوست چوندو هو ته راڻي فقط ئي فقط سندس محبوبا آهي. جهيڙي کان پوءِ جڏهن حقيقي دنيا ۾ پير پائيندا هئا ته وري پنهنجي جهيڙي تي ڏاڍو کلندا هئا-
    راڻيءَ فقط گهر کان ڪاليج ۽ ڪاليج کان گهر تائين محدود هئي. ڪڏهن به اجايو ڪٿي ڪو نه ويندي هئي نه ڪڏهن ڪالونيءَ ۾، نه بازار ۾ نه وري صدر ....... فقط گهر تائين محدود. سندس ضرورتن جي شاپنگ به سندس ماءُ پنهنجي پٽن سان گڏجي ڪرڻ ويندي هئي. کيس هار، سينگار نه وڙندو هو. سادگي پسند هئي، پنهنجي حسن کي ميڪ اپ جي غير فطري قيد ۾ رکڻ جي عادي نه هئي. جنهن ڪري سندس سادگي به قاتل هُئي. هڪ نظر سان ڪئين گهايل ڪري وجهندي هئي.
    خالد کي راڻيءَ سان اظهار محبت جي تڙپ ته هر وقت دل ۾ رهندي هُئي ۽ سندس دل جي هر ڌڙڪن راڻيءَ جي نالي سان ڌڙڪندي ۽ آهون ڀريندي هُئي پر هن سان راڻي جو ملڻ هڪ حادثو هو.
    ان حادثي خالد کي راڻيءَ جو ۽ راڻيءَ کي خالد جو ڪري ڇڏيو، ننهن کان به ويجهو، شايد ساهه کان به ويجهو-
    پر هن لاءِ اها ويجهڙائپ خواب هُئي ۽ حقيقت عذاب ڏيندڙ-
    گرميءَ جا ڏينهن هُئا، آسمان صاف هو، ٽاڪ منجهند جو سج جي تپش چمڙيءَ کي ساڙيو پئي، هوا جو دٻاءُ به گهٽ هو، اقبال ڊيوٽيءَ تي نه ويو هو ۽ هي صبح جو اجايو بنا سبب نڪري پيا هئا، مزار قائد کان ٿيندا، راڻي باغ پهتا، ته منجهند ٿي چُڪي هئي، جنهن ڪري واپس ريلوي ڪالوني پهتا. هڪ گهٽي مٽائي ٻي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيا هئا، گرمي سبب ڪالوني سنسان هُئي ۽ رستن ۽ گهٽين مان ماڻهو غائب هُئا. فقط مين چوڪ تي ڪجهه دڪانن ۽ هوٽلن تي ڪجهه ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. پر جنهن گهٽيءَ ۾ هي داخل ٿيا، اها گهٽي چوڪ کان پري هُئي، گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي هنن جي ڪنن ۾ آواز ٻرڻ لڳا ”بچايو، ڇڏ مون کي ڪميڻا، لوفر، بيغيرت...........................“ ڇا ڏسن ته چار غنڊا راڻيءَ کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، هڪ کي هٿ ۾ پسٽل هو، جيڪو راڻيءَ کي لوندڙيءَ تي جهليو بيٺو هو ۽ ٻن ڄڻن کيس ٻانهن کان پڪڙي يرغمال بڻائي ورتو هو، راڻي ڦاٿل هرڻيءَ جيئن انهن جو ڀرپور مقابلو ڪري رهي هئي. هنن اهڙي صورتحال ڏسي نه ڪئي هم نه تم ۽ ڪاهي پيا ميدان ۾ ۽ غنڊن کي للڪاريو ته غنڊن راڻيءَ جي لوندڙي تان پسٽل هٽائي هنن مٿان سڌا فائر ڪيا پر اتفاق سان گوليون هنن جي ڀرسان گذري وڃي ڀت ۾ لڳيون ۽ هي ٽئي ڄڻا محفوظ رهيا. غنڊن جيستائين پسٽل لوڊ ڪيو، تيستائين هي ٽئي ڄڻا به وڃي مٿن ڪڙڪيا. غنڊن راڻيءَ مان هٿ ڪڍيا ۽ راڻي هيسيل هرڻي وانگر ڀتِ جي اوٽ ۾ بيهي رهي. غنڊن گهٽيءَ ۾ لڳل ڇپرو ڀڃي ان مان لٺيون کڻي ورتيون ۽ هنن تي حملو ڪيو، هڪ لٺ خالد جي مٿي ۾ لڳي، في الوقت سندس مٿو چڪرائجي ويو ۽ سندس مٿي مان رت ٽمڻ لڳو، هن پاڻ سنڀالي ورتو، تيستائين احمد جهٽ هڻي هڪڙي غنڊي کان لٺ کسي ورتي، هڪ ٻئي کي ڏاڍو ڪٽڪو ڏنائون. ايتري ۾ ڪجهه پاڙي وارا به اچي پهتا ۽ غنڊه حالتون پنهنجي حق ۾ نه ڏسندي وٺي ڀڳا.
    حالتون ٺيڪ ٿيون ته خالد ڌڙم ڪري زمين تي ڪري پيو-
    سندس اک کلي ته پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺائين. اقبال ۽ احمد سامهون ڊاڪٽر کي ايڪسري ڏيکاري رهيا هئا. خالد جي مٿي تي پٽي ٻڌل هُئي ۽ کيس مٿي ۾ سور هو.
    ڊاڪٽر ايڪسري ڏسندي اقبال کي چيو ته شڪر آ، مٿي جي هڏيءَ ۾ فريڪچر ناهي ٿيو- فقط کل ڪٽجڻ سبب رت وهيو آهي. همراهه ٺيڪ آهي، چاهيو ته ڀلي گهر وٺي وڃونس، جيڪڏهن اسپتال ۾ رهو، تڏهن به توهان جي مرضي.
    احمد چيو ته جيستائين خالد مڪمل ٺيڪ ٿئي تيستائين اسپتال ۾ رهڻ گهرجي. پر خالد جو اسپتال ۾ الائي ڇو دوائن جي ڌپ ۽ مريضن جي ڪنجهڪار سبب ساهُه ٻوساٽجي رهيو هيس ۽ اسپتال ۾ اصل مزو ئي نه پئي آيس- ان ڪري اقبال ۽ احمد کي چيائين ته هلو ته گهر ٿا هلون. مان هتي نه رهندس- هن جي اهڙي اسرار تي احمد ۽ اقبال به گهڻو ضد نه ڪيو ۽ هو ٽئڪسيءَ تي چڙهي ڪوارٽر تي پهتا. جتي خالد کانئن بيهوش ٿيڻ کان پوءِ واري صورتحال جو احوال ورتو.
    کيس اقبال ٻڌايو ته هو ڪل ٽي ڪلاڪ بيهوش هوس. احمد راڻيءَ کي پنهنجي گهر خيريت سان ڇڏي آيو هو ۽ مان توکي کڻي اسپتال پهتو هوس ۽ احمد وري بعد ۾ اسپتال پهتو هو.
    ايتري ۾ رات ٿي چُڪي هئي ۽ هي ٽئي ڄڻا سمهي پيا.. خالد کي ڊاڪٽر ننڊ جي گوري ڏني هئي، سو پهريان گهري ننڊ ۾ هو پر اڌ رات کان پوءِ عجيب خوابن اچي ستايس.
    ڪٿي راڻيءَ کي شينهن جي وچ ۾ ٿي ڏٺائين. ڪٿي جهنگل بيابان ۾ تن تنها ڀٽڪندي ٿي ڏٺائي ۽ پاڻ کي خواب ۾ بي وس پئي ڏٺائين، ڄڻ هٿ پير ٻڌل هجنس. اڌ رات ائين بي خوابيءَ ۾ گذاريائين ۽ صبح جو سج جي ڪرڻن سان گڏ سندس اک کُلي.
    اقبال اٿيو ۽ آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، احمد چانهه تيار ڪئي ۽ ٽنهي گڏجي پيتي پئي ته دروازو کڙڪيو، احمد چانهه جو ڪوپ رکي، دروازي ڏانهن ويو. هڪ پل ۾ راڻي ۽ سندس پيءُ محمد شمن هنن جي سامهون هُئا. محمد شمن سلام وراڻيو ۽ خالد کيس هٿ ڏيڻ لاءِ کٽ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد شمن کيس چيو ته ”نه نه پٽ ستو رهه، اٿڻ جي ضرورت ناهي“. اٿڻ جو ست هن ۾ به نه هو، ان ڪري کيس ويٺي هٿ ڏنائين ۽ راڻيءَ کي کلي کيڪاريائين. ٽنهي دوستن جي خوشيءَ جي حد نه هُئي. راڻيءَ کي پنهنجي گهر ڏسي ٻهڪي پيا هئا. راڻي ۽ سندس پيءُ خالد جي کٽ جي ڀر ۾ رکيل ڪرسين تي اچي ويٺا-

    اڃا هنن مان ڪو ڳالهه شروع ڪري، ان کان اڳ محمد شمن کين چيو ته پٽ توهان جي وڏي مهرباني جو توهان پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ منهنجي ڌيءُ کي غنڊن کان بچايو. مان توهان جي مهرباني ادا ڪرڻ آيو آهيان.
    جنهن تي خالد کيس چيو ته چاچا ان ۾ مهرباني جي ڪا ڳالهه ناهي، اهو ته اسان جو فرض هو.
    کين چيائين ته نه پٽ هن دور ۾ ٻئي لاءِ جان جي پرواهه ڪرڻ بنا ڪنهن جي مدد ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، توهان جو اهو ٿورو مان ڪڏهن به نه لاهي سگهندس. محمد شمن، خالد سان مخاطب ٿيندي چيو اهي لفظ چيا ۽ راڻي به ٽڪ ٻڌي خالد ڏانهن نهاري رهي هئي. کيس پيلي رنگ جو جوڙو پهريل هو، رئو مٿي تي اوڍيل هيس ۽ ڪنن ۾ جهمڪا پاتل هئس ۽ ان وقت پنهنجي معصوم ادا سبب هوءَ ڪنهن مصور جي جوڙيل خوبصورت ۽ شاهڪار مجسمي وانگر لڳي رهي هُئي. ڪنهن ڪنهن مهل سندس چپن تي مرڪ اچي وري رڪجي پئي وئي. ڄڻ پنهنجي اندر جو اظهار مرڪڻ ذريعي ڪرڻ چاهيندي هجي. خالد مخاطب رهندڙ محمد شمن ڏانهن نهاريو پئي ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل جهٽ هڻي راڻيءَ ڏانهن به اک کڻي نهاريائين پئي. احمد ۽ اقبال هنن جي اک ڇنڀ جي راند ڏسي مرڪيا پئي. ان ڪري اقبال پنهنجي هار مڃي ڊيوٽيءَ بهاني کسڪڻ جي ڪئي ۽ هنن کان موڪلائي هليو ويو. احمد، راڻي ۽ چاچي شمن لاءِ چانهن ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.
    خالد محمد شمن کان پڇيو ته چاچا اُهي غنڊه ڪير هُئا. ڪا خبر پئي؟.....
    خالد کي چيائين ته پُٽ لساني تنظيم جي غنڊن کانسواءِ ڪير ٿي سگهي ٿو! مون کي راڻي هاڻي ٻڌايو ته انهن غنڊن کيس اڳ به تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ رستا روڪ ڪئي هئائون. پر هن دفعي ته اصل حد ئي اورانگهي ويا. شڪر ٿيو جو توهان وقت تي پهچي ويا! نه ته خبر ناهي اُهي لوفر منهنجي نياڻيءَ سان ڇا حالت ڪن ها!؟
    ايتري ۾ احمد چانهن جا ٻه ڀريل ڪوپ کڻي آيو ۽ هڪ ڪپ راڻي ۽ ٻيو ڪپ شمن کي ڏنائين. راڻيءَ پهريان ته منع ڪئي ۽ پوءِ پيءُ جي چوڻ تي ڪوپ مان چانهه جا ڍڪ پيئڻ لڳي ۽ خاموش ويٺي رهي. چانهه پيئڻ کان پوءِ شمن خالد کي چيو ته پُٽ منهنجي دل ٿي چوي ته اڄ رات توهان منهنجي گهر ماني کائو.
    خالد جي ته دل وٽان ڳالهه هُئي. پر دل تي پٿر رکي پهريان صاف انڪار ڪندي جواب ڏنائيس، بعد ۾ محمد شمن جي گهڻي اسرار تي کيس چيائين ته چاچا اڄ رات نه، منهنجي طبيعت به ٺيڪ ناهي.
    شمن چين ته پُٽ سڀاڻي رات ڀلا-
    تنهن تي به خالد کيس چيو ته چاچا مان ته کڻي موڪل تي آهيان پر احمد جي سڀاڻي رات ڊيوٽي آهي، ان ڪري بهتر ٿيندو ته توهان سڀاڻي منجهند جو پروگرام رکو.
    محمد شمن يڪدم متفق ٿيندي خالد کي چيو ته سڀاڻي منجهند واري ماني مون وٽ. توهان کي منهنجو ڪِڪُو وٺڻ لاءِ ايندو.
    اهو چئي محمد شمن اٿيو ته راڻي به ساڻس گڏ اٿي بيٺي ۽ ٻئي هنن کان موڪلائي هلڻ لڳا. دروازي تي پهچي راڻي پوئتي خالد ڏانهن نهاريو ۽ هلڪي مرڪ سندس چپن تي کليل گلاب وانگر وکري وئي ۽ هوءَ جهٽ ڏئي دروازو ٽپي منهنجي نظر کان غائب ٿي وئي.
    محمد شمن ۽ راڻيءَ جي وڃڻ شرط ئي احمد اچي خالد کي ڀاڪر پاتو ۽ چيائينس ته ڏاڍو خوشقسمت آهين، يار! محنت ته اسان به ڪئي پر ڦل تو اڪيلي کي مليو. واه سائين واه! ڪنهن جي ڀاڳ سان ڀلا ڪهڙي ريس؟؟
    يار مون کي ته ساڙ ٿو ٿئي. اهو چئي احمد وري وري ٿي کليو ۽ هي ٻئي راڻيءَ جي گهر اچڻ ۽ مرڪڻ تي باغ بهار ٿيڻ لڳا ۽ هرڳالهه کي بار بار ورجائي من بهلائيندا رهيا.
    خالد کي ٻئي ڏينهن جو شدت سان انتظار هيو، اقبال ۽ احمد ته آسرو پلي ان رات اگهور ننڊ سمهي رهيا، پر خالد جي اکين کان ننڊ موڪلائي وئي هئي. هن جي اکين آڏو راڻيءَ جو حسين چهرو هيو. تڙپي تڙپي اڌ رات ڪاٽيائين، پر هاڻي رات ڪاٽڻ هن جي وس ۾ نه هيو. رت وهڻ ڪري ڪمزور ٿي ويو هو. ان ڪري دماغ سندس ساٿ ڇڏڻ لڳو ۽ هن مجبور ٿي آرام واري گوري کاڌي ۽ ٿورڙي دير جسم کي ڍرو ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ ننڊ جي ديوي هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو-
    صبح ٿيو، اقبال اٿي تيار ٿي ڪڏهوڪو ڊيوٽيءَ تي وڃي چڪو هو ۽ احمد اُٿي سڄي گهر جي صفائي ڪري چڪو هو. نيٺ منجهند جا 12 وڳا. تڏهن وڃي هن جي اک کلي، ڀرپور ننڊ سبب سندس طبيعت ڪجهه بهتر هئي. اٿي اخبار جا پنا اٿلائڻ لڳو، هڪ ڏينهن اڳ جي اها پراڻي اخبار احمد رات ڊيوٽيءَ کان واپسيءَ تي کڻي آيو هو. ان ڪري خبرن بجاءِ ايڊيٽوريل پيج تي نظر گهمايائين، سراج جو مضمون لڳل هو، سراج جو قلم به تيز ترار وانگر وهندو آهي. جڏهن ته ف- م لاشاري جو حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ڀرپور انداز ۾ ايڊيٽوريل لکيل هو. پڙهي دل ۾ سوچيائين ته خدا خير ڪري، باقي هاڻي اخبار کي حڪومت پاران هڪ اڌ جيڪو به اشتهار ملندو هو، هاڻي اهو اشتهار به نه ملندو. ته پوءِ پگهارون ڪيئن ٿينديون؟ ڇاڪاڻ ته خانگي ڪمپنيون سنڌي اخبارن کي اشتهار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ حڪومت به اشتهار بند ڪري ڇڏي ته پوءِ سنڌي اخبارن لاءِ مالي گهوٽالو ڪر کڻي بيهي رهي ٿو. اڃان اهو سوچيائين پئي ته احمد کيس ٻڌايو ته رات دفتر ۾ لاشاري صاحب ڪنهن کي فون تي ٻڌايو پئي ته سرڪار اشتهار روڪي ڇڏيا آهن ۽ اشتهارن جي بقايا به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن ڪري هو ملازمن جي پگهار لاءِ پريشان ٿي لڳو.
    هنن جا حال احوال جاري هئا ته اقبال به ڊيوٽيءَ تان واپس آيو ۽ خالد لاءِ جوس جو ڊٻو وٺي آيو هو ۽ گلاس ڀري هن کي ڏنائين ۽ چيائين پي ڇا ياد ڪندين. ڪجهه طاقت ڪر لڳي ٿو ته تنهنجي نصيبن ۾ ڪنوار اچي چُڪي آهي-
    جوس پي ٽنهي تياري ڪئي ۽ تيار ٿي ويٺا هئا ته راڻيءَ جي ننڍي ڀاءُ اڪرم اچي سندن ڪوارٽر جو دروازو کڙڪايو ۽ هي ٽئي کي گڏ هلڻ لاءِ چيائين-
    ڀر واري ڪوارٽر ۾ داخل ٿيا ته ڏٺائون ته محمد شمن اڳئي هنن جي آجيان لاءِ بيٺو هو. هنن سان هٿ ملايائين ۽ هنن کي هڪ ڪمري ۾ ميز جي چوطرف رکيل ڪرسين تي اچي ويهڻ جو اشارو ڏنائين. خالد جون نظرون مسلسل راڻيءَ جي ڳولا ۾ هيون. محمد شمن هنن سان ڪچهريون ڪندي هڪ هڪ کان پڇيو ته توهان ڪٿان جا آهيو؟ ڪراچيءَ ڪڏهن اچڻ ٿيو؟ ڪهڙيون نوڪريون ڪندا آهيو؟ پڙهيل ڪيترو آهيو؟ يعني سوالن مٿان سوالن جي بوڇاڙ ڪري ڏنائين ڄڻ هنن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ تفصيلي انٽرويو ڪندو هجي. حالانڪه هنن جون ساڻس اڳ به ڪوارٽر کان ٻاهر ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن، پر اڳ هنن کان ڪڏهن به ائين تفصيل نه پڇيو هئائين.
    اقبال ۽ سندس ساڳي ذات هجڻ ڪري اقبال کي هاڻي نالي بجاءِ مائٽ، مائٽ ڪري سڏڻ لڳو، ايتري ۾ راڻيءَ جي ماءُ به آئي ۽ هنن جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺي. ٿلهي متاري، هٿن تي ائين ماس چڙهيل هيس جو هٿن تي ڪٿي به رڳ ظاهر نه پئي ٿيس. 50 سالن کان مٿي عمر جي هيس ته به پوڙهائپ ۾ به خوبصورت ٿي لڳي. پر ٿولهائپ سندس خوبصورتيءَ لاءِ ائين هئي جيئن چنڊ کي گرهڻ ورتو هجي. هنن سان خير عافيت ڪيائين ۽ وري سندن مهربانيون ادا ڪرڻ ۾ لڳي وئي. هن جي ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو مٺاس هو ۽ ڏاڍي سليقدار عورت ٿي آهي. تڏهن ته خالد دل ۾ چيو ته
    "آثار بتاتے ھیں کہ عمارت بڑی شاندار تھی!"
    سڀني کي پُٽ، پُٽ لفظ سان مخاطب ٿيندي رهي ۽ محمد شمن کان پوءِ راڻيءَ جي ماءُ به هنن کان تفصيلي انٽرويو ورتو.
    اڌ ڪلاڪ ٿي ويو هنن کي انٽرويو ڏيندي، پر نه راڻي جو آواز نه نالو نشان.
    خالد جي ذهن ۾ هڪ سوال هو ته راڻي آخر ڪاڏي وئي؟ سندس دل جي تڙپ وڌڻ لڳي ۽ چهري تي مايوسي ڦهلجڻ لڳس ۽ تازو کلندڙ گلاب پاروٿو ٿي مرجهائڻ لڳو ٿي. هن جون اکيون گهر جي ڪنڊ، ڪنڊ ۾ راڻيءَ کي ڳولي رهيون هيون. ان دوران راڻيءَ جو ٻيو ڀاءُ به هنن سان هٿ ملائي واقفيت ڪري ويو. پر راڻي الائي جي ڪيڏانهن وئي؟
    خالد کي مايوس ۽ اٻاڻڪو ٿيندي محمد شمن کانئنس پڇيو ته پٽ ڇو پريشان آهين؟ خيريت ته آهي نه؟
    خالد جواب ڏيندي چيس ته چاچا ها خير آ، مڙئي طبيعت ۾ مزو ناهي-
    سوچيائين ته کانئس پڇي ته راڻي نظر نه ٿي اچي. سوال زبان تي آڻي روڪي ورتائين ته گهر وارا ان جو الائي ڪهڙو مطلب ڪڍن. دل ۾ آنڌ مانڌ جي شدت ايتري وڌي ويس جو خود اقبال ۽ احمد به پريشان ٿي ويا ته واقعي طبيعت ته خراب نه اٿس.
    خالد کين چيو ته خير آ، منهنجي طبيعت بلڪل ٺيڪ آهي، توهان پريشان نه ٿيو.
    ايتري ۾ راڻيءَ جي ماءُ، پنهنجي پُٽ اڪرم کي چيو ته پٽ راڻيءَ کي چئو ته ماني کڻي اچي. راڻيءَ ڪاٿي آ راڻي..... خالد کان نيٺ بي اختيار لفظ نڪري ويو.
    راڻيءَ جي ماءُ کيس چيو ته پٽ رڌڻي ۾ آهي. توهان لاءِ سڄو مانيءَ جو بندوبست پاڻ ڪيو اٿس. مون کي اصل هٿ ئي لائڻ نه ڏنائين-
    راڻي سامهون رڌڻي مان نڪتي. ڊيل جيان ٽلندي پئي آئي، سندس هٿن ۾ کاڌي جا ٿانو هئا. ٿانو ٽيبل تي رکندي، مرڪي سڀني کي کيڪاريائين. سندس چپن تي بلڪل هلڪي ڳاڙهي سرخي لڳل هئي. اڄ ان مغرور ڇوڪري جي چپن تي عجيب شرارتي مرڪ هُئي. ڄڻ راڻي، هاڻي اها راڻي نه رهي هجي.
    کاڌو ٽيبل تي سجائي رکڻ ۾ ڀائرن به سندس مدد ڪئي ۽ هي ڀاڄيءَ جي خوشبوءَ سان گڏ حسن جو واس به وٺڻ لڳا. هنن جي سامهون تريل مڇي، ڀينڊيون، ڪڪڙ جي ڀاڄي، چانور، پٽاٽا ۽ گرم گرم مانيون پيل هيون ۽ انهن مان ٻاڦ لاٽ ڪري اٿي مٿي غائب ٿي، ٿي وئي. ٻه سلاد جون خوبصورت طريقي سان ٺهيل پليٽون به هيون.
    محمد شمن کين چيو ته پُٽ ماني وٺو-
    هنن آهستي آهستي ٿوري ٿوري ڀاڄي پليٽن ۾ کنئي.
    راڻي بيٺل رهي. بلڪل خالد جي سامهون ٽيبل جي ٻئي پاسي-
    کين ڪيتري عرصي کان پوءِ ڪنهن عورت جي هٿن جي ماني نصيب ٿي هئي، نرم، نرم-
    الائي ڪيئن کيس الهام ٿيو هو، جو تقريبن سڀ شيون سواءِ پٽاٽن ۽ ڪڪڙ جي خالد جي پسند جون هيون، ان ڪري خاموش ٿي ماني کائڻ کي لڳي ويا راڻي ۽ خالد هڪٻئي ڏانهن چور نظرن سان نهاريندا به رهيا. اقبال ۽ احمد هنن ٻنهي جي چوري پڪڙيندا رهيا-
    هنن ڍو تي ماني کاڌي، بنا حجاب جي، سالن کان پوءِ ڪا ڀلي ماني کائڻ نصيب ٿي هُين، سا به خوبصورت هٿن ۽ محبت جي مٺاس سان گڏ تيار ڪيل، جنهن ۾ پيار جو جذبو ۽ پنهنجائپ به.... –
    ماني کائي هنن موڪلايو-
    ٻه ڏينهن گذري ويا، خالد جو راڻيءَ سان رابطو نه پئي ٿيو ۽ هي اظهار ڪرڻ لاءِ آتو ۽ بي چين هيو، سندس دل جسم مان نڪتي پئي وئي. دنيا جي ڪا به ڳالهه نه پئي وڻيس. سمورن خيالن ۽ خوابن جو محور فقط راڻي هُيس. ڊيوٽيءَ ۾ اصل دل ئي نه ٿي لڳس، جنهن ڪري ايڊيٽر صاحب به کوڙ دفعا ڇڙٻون ڏنس.
    دوستن صلاح ڏنس ته پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ خط لک. باههِ ٻنهي طرفن کان لڳل آهي. ان ڪري تتيءَ تي هٿوڙو هڻڻ جو وقت ويو ته پوءِ وري اهڙو وقت يانصيب. خالد چين ته پهرين شروعات راڻي ڪري جنهن تي اقبال کيس چيو ته اڙي ڀُوڪ! عورت جي اندر ۾ ڀلي طوفان مچندو هجي، پر اها ڪڏهن به پهل نه ڪندي آهي. نيٺ دوستن جي اسرار تي خط لکڻ جو فيصلو ڪيائين-
    کيس لکيائين ته منهنجي دل جي راڻي-
    تون کانسواءِ دل بي قرار آ- نه سڪون نه آرام آ- منهنجي خط لکڻ جو مقصد ڪنهن به طرح توکي تنگ ڪرڻ نه آهي، پر اندر جو آواز آهي، جي تنهنجي اندر ۾ به منهنجي لاءِ ڪي احساس آهن ته هيءَ سلسلو اڳتي وڌايون نه ته تنهنجي پيار ۽ چاهت جي تڙپ ۾ زندگي جو ڏيئو اجهامي ويندو ۽ شايد توکان سواءِ جي به نه سگهان. منهنجي نس نس ۾ فقط تون ئي تون رسين ۽ بسين ٿي. دل جو هر ڌڙڪو تنهنجي نالي سان ٿو ڌڙڪي.
    اميد اٿم ته پيار جو جواب پيار سان ملندو.
    خط ته لکيائين پر راڻيءَ تائين خط پهچي ڪيئن؟ انهن ئي خيالن ۾ ڪوارٽر اندر ٽهلڻ لڳو ۽ هن جا پير بنا ڪنهن ارادي جي ڪوارٽر جي ڏاڪڻ ڏانهن ڇڪجي ويا. ڏاڪڻ جا ڏاڪا پار ڪندو ڇت تي پهتو ۽ ڇت تان راڻيءَ جي گهر ڏانهن نهاريائين. گهر جي اڱڻ تي هن جي نظر پئي، سامهون تار تي راڻيءَ ڌوتل ڪپڙا سڪائڻ لاءِ ٽنگيا پئي. هي کيس ڏسندو رهيو ۽ نيٺ اوچتو راڻيءَ جي نظر به هن تي پئي ته مرڪي ڏنائين. هن کيس خط جو اشارو ڪيو. پهريان ڪجهه سوچڻ لڳي ۽ پوءِ جهٽ ئي کيس خط سندن ڪوارٽر مٿان اڇلڻ جو اشارو ڏئي، پاڻ اندر هلي وئي. هن خط مروٽي سندس ڪوارٽر جي ڇت ڏانهن اڇليو ۽ ڇت تي صفائي ڪرڻ ۾ لڳي ويو. جيئن ڪير ڏسي ته کيس محسوس ٿئي ته هو ڪنهن ڪم سانگي ڇت تي آيو آهي. ايتري ۾ راڻي تڪڙي، تڪڙي ڇت تي ظاهر ٿي ۽ خط کڻي هيٺ لهي وئي. راڻيءَ جي خط کڻي وڃڻ تي هو ڏاڍو خوش ٿيو. انهيءَ سوچ ۾ غرق هيو ته هڪ ڪاغذ هن جي ڀر ۾ اچي ڪرڻ جو هلڪو کڙڪو ٿيو، سامهون نهاريائين ته راڻي هن ڏانهن نهاري هيٺ لهي وئي. هي خط کڻي ٻرانگهون ڀريندو، هيٺ لهي آيو ۽ خط کولي پڙهڻ لڳو. کيس لکيو هئائين مٺا!
    تو ۾ الائي ڪهڙي مقناطيسي ڇڪ آهي، جنهن ۾ مان جڪڙجي وئي آهيان. مون کي به رات جو خوابن ۾ تنهنجي صورت نظر اچي ٿي. پر سوچيان ٿي ته ڪٿي هن اجنبي شهر ۾ مون کي دوکو ڏئي رلائي ته نه ويندين؟ ان خوف سبب پريشان آهيان.
    جواب ۾ هن لکيس ته منهنجي مِٺِي! توکي دوکو ڏيڻ کان اڳ شل موت اچي-
    جواب ۾ لکيائينس ته دوکو قبول اٿم پر تنهنجو موت قبول ناهي-
    ائين هنن جي محبت نامن جي ڏي وٺ هلندي رهي ۽ هڪٻئي جي ملڻ جي بي قراري به .........
    نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو ۽ ملڻ لاءِ جڳهه طئه ڪيائون. ان ڏينهن خالد جي هٿن ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي اصل صفا ڪم نه پئي ڪيو. جملو هڪڙو ٿي لکيائين ته لکجي ٻيو ٿي ويس. پروف ريڊر به هن کان بيزار ٿي ويو ۽ کيس چيائين ته تون اٿ مان پاڻهين ٿو خبر ڪمپوز به ڪريان ته غلطيون به ڪڍان. خالد اٿي پروف ريڊر کي جاءِ ڏني ۽ پاڻ وري پروف ريڊر جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هن جي خيالن ۾ فقط راڻي ڇانيل هئي. –
    نيٺ ڊيوٽيءَ جو وقت ختم ٿيو، احمد کي وساري خالد تڪڙو، تڪڙو گهر پهتو، اڃا فريش پئي ٿيو، تيسين احمد به اچي ويو. ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهو لڳو پيو هو. کيس چيائين مون کي ڇڏي ائين اڪيلو ڇو هليو آئين؟ هن وٽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪي به دليل نه هئا. جنهن ڪري ڪن پڪڙي معافي وٺڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هيس.
    اقبال ٽيبل تي ماني لڳائي پر هن جا خيال مانيءَ بجاءِ صرف راڻي ڏانهن هئا. ان ڪري ماني به اڄ زهر ٿي لڳس. نڙيءَ کان هيٺ گرهه به نه لٿس پر اقبال جي داٻي سبب ٻه ٽي گرهه کائي بس ڪيائين.
    اقبال ۽ احمد کي چيائين ته يار اڄ هيٺ گرمي آهي، ان ڪري مان مٿي ڇت تي وڃي سمهندس. احمد يڪدم ٽپ ڏيندي کيس چيو ته ڳالهه صحيح ٿو چوين، مان به ٿو هلي تو سان گڏ مٿي سمهان. هن کي پنهنجو منصوبو ناڪام ٿيندي نظر آيو.
    کيس چيائين ته نه! هيٺ وري اقبال اڪيلو سمهي؟ .
    احمد کيس چيو ته نه اقبال کي به مٿي ٿا هلي سمهاريون.
    خالد چيس ته هر گز نه! ڇت تي فقط مان اڪيلو سمهندس.
    خالد جي جملي کي اقبال سمجهي ويو ۽ احمد کي چيائين يار ڇڏ ضد کي اسان ٻئي هيٺ ٿا سمهون.
    خالد بسترو کڻي ڇت تي آيو. خالد کي آفيس کان گهر تائين پهچندي، فريش ٿيندي، رات جا 12 ٿي چُڪا هئا. آسمان تي چنڊ جي چوٿائيءَ کي تارا گهيرو ڪيو بيٺا هُئا. هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هُئي، دل ۾ عجيب قسم جي بيچيني هُيس، سندس ذهن ۾ خيال ۽ وسوسا هئا ته راڻي ايندي به يا نه؟ ڪوڙو ڏٽو ته ڏنو اٿائين؟ متان مذاق ڪندي هجي يا ائين پريشان ڪندي هجي؟ نه نه ائين هوءَ نه ٿي ڪري سگهجي، پنهنجي مُنهن سوالن جا جواب به ذهن ۾ پئي آيس. ڪجهه گهڙين جي اهڙي پاڻ مرادو انٽرويو، سوالن جوابن ۽ وسوسن کان پوءِ نيٺ اهو وقت آيو، جنهن جو هن کي شدت سان انتظار هو. هلڪي کڙڪي تي هن جا ڪن چيٽا ٿي ويا، نهاريائين ته راڻي پنهنجي گهر جي ڇتِ ٽپي رهي هُئي، ادب مان اٿي بيٺو ۽ هوءَ آئي ۽ هنن ٻنهي ڪجهه ڪڇڻ کانسواءِ هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. سندن زبان تي ڪا ڳالهه نه هُئي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي آغوش ۾ گم هُئا. هيٺ بستري تي ويٺا. ڪيڏي مهل هوءَ هن جي گوڏي تي مٿو رکي ستي ٿي ته ڪيڏي مهل خالد ان جي گوڏي تي، هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي هڪ ٻئي کي گهوريندا رهيا.
    راڻيءَ کي ڀاڪر ۾ ڪرڻ سان هن کي صدين جا ٿڪ هُئا، جيڪي هڪ لحظي منجهه لهي ويا هُئا. ان هوندي به سڀ ڪجهه هڪ خواب ٿي ڀائيائين.
    راڻي چيس ته مٺا! مون کي ڇڏي ته نه ويندي؟ هن جي اندر مان التجا هُئي جيڪا اڀري زبان تي آئي هُئي.
    خالد چيس ته چري! منهنجي لاءِ ته اهو سوچڻ به گناهه آهي.
    خالد سندس ڳلن تي چُمي ڏني، جواب ۾ هن خالد جي چپن تي چُمي ڏني. گهڻو ڳالهائي نه پئي سگهيا ته متان هنن جي ڀُڻِ ڀُڻِ تي ڪو جاڳي ڇتِ تي نه اچي پهچي، ان ڪري سڄي رات هنن جسم جي ڇهڻ جي ٻولي ڳالهائي. پيار ونڊيندي کين خبر ئي نه پئي ۽ اوچتو آذانن جو آواز هنن جي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو.
    راڻي جهٽ ڏئي اٿي ۽ هن کي اهو چئي هلي وئي ته بابا نماز لاءِ اٿندو. مان رات وري اينديس. راڻي هلي وئي ۽ هو کيس ڏسندو رهيو، سندس وڃڻ کان پوءِ هن کي به ننڊ ڪاٿي ٿي اچي ۽ مٿي ڇت تي هاڻي اڪيلائيءَ جو احساس شدت سان ٿيڻ لڳس ۽ ٿورو ٿورو سيءُ به محسوس ٿيڻ لڳس. جنهن ڪري بسترو کڻي هيٺ لهي آيو. احمد ۽ اقبال اگهور ننڊ ستل هُئا ۽ هي به خاموش ٿي سندن ڀر ۾ ليٽي پيو، خيالن ۾ خبر ناهي ڪيڏي مهل هن جي اک لڳي وئي.
    منجهند ڌاري اٿڻ کان پوءِ هن جو اهو سڄو ڏينهن به بي قراريءَ ۾ گذريو.
    رات ٿي، راڻي ڇت تي آئي ۽ ٻنهي خوب ڪچهري ڪئي ۽ من کي بهلايو. ائين هنن جي پريم جي ڀريل راتين جون راتيون گذرنديون ويون.
    هڪڙي ڏهاڙي آچر ڏينهن وجهه وٺي، راڻي ۽ خالد سمنڊ ڪناري به گهمڻ ويا هُئا. راڻي گهر ۾ ڪوڙ ڳالهايو هو ته پنهنجي ڪاليجي سهيليءَ ڏانهن گهمڻ ٿي وڃي ۽ هي رات تائين سمنڊ ڪناري ويٺا رهيا. تان جو سڄو سمنڊ ڪنارو ماڻهن کان خالي ٿي ويو. راڻي ۽ خالد اڪيلا هُئا، سمنڊ جي گجگوڙ هُئي خالد کيس ڀٽائيءَ جا شعر ٻڌايا.

    ڀٽائي جاشعر

    جواب ۾ راڻيءَ وري اياز جا شعر ٻڌايا،

    اياز جا شعر


    هنن ٻنهي ڀاڪر پاتو ۽ اڃا چپ چپن سان ملايا ته بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو ۽ هي ٻئي اتان ڀڄي نڪتا. خالد ان ماجرا تي نثري نظم لکيو.
    سمنڊ ڪناري تي
    هوا تنهنجي زلفن کي ڇيڙي ٿي،
    زلف خوشيءَ ۾ رقص ڪن ٿا
    ۽ هڪٻئي کي پيار ڪن ٿا.
    تنهنجا، منهنجا چپ
    هڪٻئي کي ڇهن ٿا،
    جسم مان سسڙاٽ نڪرن ٿا.
    لذت ڪائي جاڳي پئي ٿي.
    حاصلات جو اظهار ڪري ٿي.
    تون سمجهي، شرمائين ٿي،
    ۽ خاموش ٿي ڪنڌ جهڪائين ٿي.
    ان پل ڪوئي ٺڪاءُ ٿئي ٿو.
    سمنڊ به ڏاڍو گوڙ ڪري ٿو.
    پيار ۽ اميدون تڙپن ٿيون،
    احساس حسرت جي هوا ۾
    اڏامي وڃن ٿا.
    اسان ڊوڙون ٿا.
    جان جي بخشش،
    خدا کان گهرون ٿا.
    ۽ گڏجي چئون ٿا.
    هتي پيار ڪرڻ تي پهرا هن
    مارڻ لاءِ ڪي آتا هن
    خوبصورت خيال قتل ٿين ٿا
    جسم واري تي ڀٽڪن ٿا.
    مڇيءَ وانگر تڙپن ٿا.
    ٿيا سزا جا حقدار هن
    ٿيا اڄ نروار هن.
    ڊوڙون ٿا تون ۽ مان
    ٺڪاءَ جي آواز کان.
    خوبصورت جسمن جو ڇهاءُ هيو
    جيڪو ٺڪاءَ سان قتل ٿيو.
    سهڪي سهڪي گهر پهچون ٿا
    منظر سڄو ڪو خواب لڳي ٿو
    جيئڻ جو جواب ملي ٿو
    ها اسان قاتلن جي ديس ۾ رهو ٿا.
    ها اسان پاپين جي ديس ۾ رهون ٿا.
    جتي گوليءَ جي ٻولي هلي ٿي.
    ڏاڍ، جبر جي بات هلي ٿي،
    ڪيڏا روز انسان ڪسجن ٿا،
    عصمتون لٽجن ٿيون
    درندگيون وڌن ٿيون.
    ماحول مان بارود جي بوءِ اچي ٿي.
    ذهن ۽ خيال ڪاراٽجي وڃن ٿا.
    دهشت وڌي ٿي.
    اڙي چريا..................
    اهڙي قاتل نظام ۾
    تون اڃا پيار جي آزادي ٿوچاهين
    اظهار جي آزادي ٿو چاهين.

    ان رات جو هنن جو معمول وارو ملڻ ڪونه ٿيو. راڻي به ٿڪل هُئي ۽ راتين جو لاڳيتو اوجاڳو هيس.
    ٻيءَ رات خالد اڃا ڇت تي بسترو وڇايو ئي مس هو ته راڻي پهچي وئي.
    ٻنهي جسمن پاڻ ۾ ڀاڪر پاتو ۽ سڀ حدون اورانگهڻ لڳا. هنن جا ڪپڙا جسم کان جدا هُئا. راڻي جا وجود، وجود ۾ کتل هو، چپن سان چپ چهٽيل هُئا. ارهه ۽ ڇاتي هڪٻئي ۾ پريس ٿي ويا هُئا. خالد کي راڻي جي گول گول ارهن جو ڇهاءُ ڇاتي سان گسڪڻ سبب محسوس ٿي رهيو هو، جنهن هن پنهنجي هٿن سان انهن کي ڇهي ڏٺو، نرم ملائم هجڻ ڪري هو انهن کي مهٽيندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجا چپ راڻي جي چپن تان هٽائي هن جي ارهن کي چوسڻ لڳو، جنهن تي راڻيءَ کان هلڪي دانهن نڪري وئي، او ها.......................... ارهن چوسڻ مان راڻيءَ کي تمام گهڻي فرحت محسوس ٿي رهي هئي. هن جا ارهه چنڊ وانگر چمڪي رهيا هئا. خالد جا هٿ راڻيءَ جي زلفن کي ڇُهي رهيا هئا ۽ راڻي خالد جي مٿي تي هلڪو مساج ڪري رهي هُئي. ٻئي گهڻو جذباتي هُئا ۽ ٻنهي جي وجودن هلڪي هلڪي حرڪت ڪئي ٿي. ٻنهي کي عجيب قسم جو لطف محسوس پئي ٿيو. جيڪو اڳ ڪڏهن محسوس نه ڪيو هيائون. اهو پنج منٽن جو کيل هو، جيڪو ختم ٿيو ته خالد به سهڪي پيو ۽ راڻي جي چپڙن مان چپڙا ڇڏائي سندس ارهن تي منهن رکي ڪجهه وقت لاءِ سهڪندو رهيو ۽ راڻي به خاموش ٿڌي ٿي وئي، ٻنهي جي جذبات پنهنجي پياس اجهائي ورتي هُئي، جنهن ڪري ٻنهي جي جذبات به ٿڌي ٿي وئي ۽ هنن ٻنهي کي ڀاڪر ۾ خبر تڏهن پئي جڏهن آذانن جي آواز گوڙ مچايو ۽ راڻي پنهنجا ڪپڙا پهري هلي وئي.
    ائين هنن جي پيار جا پيچ هڪٻئي جي جسمن ۾ اوتجي وڌيڪ گهرا ٿيندا ويا ۽ پاتال ۾ کُپي ويا. وجود جي لذت هنن جي محبت کي گهٽائي نه سگهي هُئي، پر کين تڙپ ۾ وڌيڪ لطف محسوس ٿي رهيو هو.
    هڪ ڏينهن ٽئي ڄڻا خالد، اقبال ۽ احمد ويٺا هُئا، ته هنن ڏانهن محمد شمن راڻيءَ جو سنڱ کڻي آيو. پر خالد لاءِ نه. اقبال لاءِ.. اقبال کي معاملي بابت اکر به اکر خبر هُئي، ان ڪري ٺهه پهه انڪار ڪندي کيس چيائين ته چاچا منهنجي مڱيندي ڳوٺ انتظار ۾ ويٺي آهي مارائيندين ڇا؟ سڳي ماسات اٿم. ان ڪري مان ان کانسواءِ ٻي ڪنهن سان شاديءَ جو سوچي به نه ٿو سگهان. اُهي لفظ خالد، اقبال جي واتان ٻڌا ته هن کي اقبال جي دوستي تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو ۽ سندس اهڙي ڪوڙ هڻڻ تي حيراني به ٿيس ته سندس مڱيندي آهي، جيڪا انتظار ۾ ويٺي هيس، ڇاڪاڻ ته جيتري قدر هن کي خبر هُئي ته اقبال جي ڪابه مڱيندي نه هُئي ان ڪري هن سوچيو ته اڄ وري الائي ڪٿان اُها مڱيندي ظاهر ٿي پئي آهي.
    ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اقبال، محمد شمن کي خالد جي رشتي جي آڇ ڪئي. جنهن تي شمن ڪجهه وقت خاموش رهيو ۽ خالد جي دل جي دڙڪن هُئي جا ڄڻ سندس جسم مان نڪرڻ تي هُئي، پگهر اچي ويس ۽ هڪ اميد من ۾ جاڳي پيس ته ڄاڻ محمد شمن ”ها“ ڪئي ۽ هن ڄڻ پنهنجي خيال ۾ ته شادي جا ڳانا به ٻڌي ڇڏيا، ڀينرن ۽ امڙ کي ڳيچ ڳائيندي ڏٺائين.
    ابل منهنجو چوڏهين جو چنڊ، بلي بلي ٿي آيو،
    ڄڃ راڻل تنهنجي، منهين نه ماپي، بنا تون ميندڙي لا.
    وني آيو وٺڻ اڄ لاڏڙو منهنجو سوڍڙو.
    مگر جلد ئي محمد شمن سندس قسمت جو فيصلو ٻڌائي کيس نراس ڪري ڇڏيو.
    اقبال کي مخاطب ٿيندي محمد شمن چيو ته پُٽ اسان رشتا ٻيءَ ذات ۾ نه ڪندا آهيون. تون اسان جي ذات جو آهين ۽ سرڪاري نوڪري به اٿئي. ان ڪري مان تو ۾ اميد سمجهي آيو هوس. باقي خالد نه ته پنهنجي ذات جو آهي نه وري ڪا سرڪاري نوڪري ۽ نه ئي پنهنجو گهر اٿس. ان ڪري مان راڻي جو رشتو ان سان نه ٿو ڪري سگهان. اُهي لفظ ٻڌي، خالد جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ هو پٺيان پيل ڪرسيءَ تي ڌڙم ڪري ڪري پيو، شمن کي پٺيرو هيو جنهنڪري ان جي نظر هن تي نه پئي، محمد شمن اٿيو ۽ هليو ويو.
    اقبال ۽ احمد، خالد وٽ آيا ۽ کيس چيائون يار پرواهه نه ڪر. اسان کيس مڃائي وٺنداسين.
    دوستن جي اهڙي آٿت سندس دل ۾ اُتساهه پئدا ڪيو. پر ان ئي رات اهو سڀ ڪجهه ٿيو، جنهن راڻيءَ کي خالد کان هميشه لاءِ جدا ڪري ڇڏيو.
    احمد ۽ خالد رات سان ڊيوٽيءَ تا موٽيا. گهٽيءَ ۾ موت جهڙو سناٽو ڇانيل هو. الائي ڇو خالد کي خراب حالتن جي اڳواٽ کڙڪ پئجي ويندي هئي. ان ڪري اهڙي سناٽي هن کي اڄ ڏاڍو ڊپ ٿيڻ لڳو ۽ دل ۾ چيائين ته خدا خير ڪري.
    ڪوارٽر ٻاهران پهتا ته ڪوارٽر جي در کي ٻاهران ڪڙو ڏنل ڏسي پريشان ٿي ويا. اها ڳالهه هنن جي معمول جي برعڪس هُئي.
    تڪڙ ۾ در کولي اندر داخل ٿيا ته اقبال سامهون ڪرسيءَ تي پريشان حالت ۾ ويٺو هو، هنن کي ڏسي اٿي بيٺو ۽ چيائين يار غضب ٿي ويو.
    خالد کان.نس پڇيو ته ڇا ٿيو، خير ته آهي نه؟
    جواب ۾ کين چيائين خير ئي ته ناهي.
    پر ٿيو ڇا؟ ڪجهه ته ٻڌاءِ. خالد کيس چيو
    کين ٻڌايائين ته ڪلاڪ اڳ ڪجهه غنڊن محمد شمن جي ڪوارٽر تي حملو ڪري ڏنو. اسان جي ڪوارٽر جو ٻاهران در بند ڪري ڇڏيائون ۽ فائرنگ ڪري علائقي ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيائون، جنهن سبب پاڙي مان ڪوبه ٻاهر نه نڪتو، غنڊه شمن جي گهر ۾ داخل ٿيا، ڦرلٽ ڪري، شمن، سندس پٽن ۽ زال کي گهليندا ٻاهر کڻي آيا، گهر ڀاتي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيا هئا، پر غنڊن مٿن سخت تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. ڪوارٽر جو ٻاهران در بند هجڻ ڪري مان به انهن جي مدد نه ڪري سگهيس ۽ اهڙي اوچتي حملي سبب مان به وائڙو هيس ۽ دري جي اوٽ ۾ بيهي غنڊن جي بي رحمي ڏسندو رهيس. ساڳيا غنڊا هئا، جن راڻيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، اڄ شايد پلاند ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو هُئائون، پر خوش قسمتيءَ سان راڻي گهر ۾ موجود نه هُئي ۽ هوءَ هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي مائٽن ڏانهن گهمڻ ملير وئي هُئي.
    خالد، اقبال ۽ احمد کي چيو ته پاڻ کي اسپتال هلڻ گهرجي، محمد شمن ۽ سندس گهرڀاتي زخمي آهن ته اُهي اسپتال هوندا.
    اقبال کيس چيو ته ٺيڪ آ.
    احمد ساڻس متفق نه ٿيو ۽ کين چيائين ته هينئر هلڻ چريائپ ٿيندي، هڪ ته شهر جون حالتون ٺيڪ ناهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ ٿي آهي ۽ شهر ۾ خوف آهي. ٻيو ته ٿي سگهي ٿو ته اُهي غنڊه اسان جي تاڙ ۾ هجن. اسان وٽ بچاءَ لاءِ ته لٺ به ناهي ۽ انهن وٽ هٿيار آهن. ان ڪري صبح ٿيڻ تائين صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. احمد جي ڳالهه ۾ وزن هو. ان ڪري هنن اسپتال وڃڻ وارو خيال ترڪ ڪيو. اڃا پريشانيءَ واري حالت ۾ ويٺا هُئا ته ڪالونيءَ ۾ ڇتي فائرنگ شروع ٿي وئي، چئني طرفن کان فائرنگ جا زوردار آواز اچي رهيا هُئا. جيڪي ڪيتري وقت تائين جاري رهيا.
    هنن جي اکين مان ننڊ اڏامي وئي. جيئن تيئن ڪري رات جا پهر پورا ڪري سج نڪرڻ بعد چانهه جو ڍُڪ اندر ۾ اوتڻ کانسواءِ سول اسپتال پهتا.
    رسيپشن تي بني نڪ واري نرس ويٺي هُئي، گهڻي موٽي هجڻ ڪري ڏاڍي بي ڍولي ٿي لڳي. مريضن جا فائيل تيار ڪري رهي هُئي ۽ سندس آڏو مريضن جي فائيلن جا ٿها پيل هُئا. اوٻاسين مٿان اوٻاسيون ٿي ڏنائين، جنهن سبب سندس وڏو وات ڦاٽڻ ڪري ڀيانڪ ٿي ٿي ويو.
    خالد وڌي کائنس پڇيو سسٽر! رات هتي ڪي زخمي زال مڙس ۽ سندن ٻار آيا هُئا.
    کيس چيائين ڪهڙا؟
    خالد کيس چيو ته جن کي غنڊن زخمي ڪيو هو.
    کيس چيائين ته غندن هٿان روز ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي اچن ٿا.
    توهان ڪنهن جو نالو ٻڌايو؟
    خالد کيس چيو ته محمد شمن ۽ سندس زال ۽ ٻارڙا....
    نرس اسپتال جي داخلا وارو رجسٽر کوليو ۽ اوٻاسيون ڏيندي هڪ هڪ نالو ڏسندي رهي، ڪيترا ئي نالا درج هُئا، جيڪي رات پيٽ ۾ اسپتال زخمي ٿي آيا هُئا، ڪي حادثي ۾ ته ڪي غنڊن جي هٿان.
    ايتري ۾ موٽي نرس هنن کي چيو ته ها هتي آيا هُئا.
    خالد کيس چيو ته آيا هُئا جو ڇا مقصد؟.
    کيس چيائين ته اُهي ڊسچارج ٿي ويا به هليا، هاڻي هاڻي ٿورو عرصو اڳ.
    خالد نرس کان پڇيو ته ڀلا سندن طبيعت ڪيئن هُئي. بيزاري مان کيس چيائين ته ظاهر ڳالهه آهي ته ٺيڪ هُئا تڏهن ته هتان ڊسچارج ٿي ويا.
    هنن کي نرس جي ان رويي تي ذرو به افسوس ڪونه ٿيو، پر هنن لاءِ خوشي جي ڳالهه اها هُئي ته محمد شمن ۽ سندس گهر ڀاتين جي حالت گهڻي خراب نه هُئي. هنن وٽ ملير ۾ رهندڙ شمن جي مائٽن جو پتو نه هو ان ڪري گهر واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيائون..
    گهر موٽي آيا. شمن جو ڪوارٽر خالي هو، دروازو به کليل هو، شايد رات کان ئي کليل هو، ان ڪري هنن در بند ڪري ان کي تالو هنيو.
    هنن لاءِ ڏاڍي بيقراري ۽ پريشاني وارا پهر هُئا. ڏينهن گذريو رات ٿي ۽ وري صبح.
    صبح جو هنن جي در تي کڙڪو ٿيو. خالد اٿي کوليو ته هڪ ڊگهي قد وارو شخص بيٺو هو، چاپئين اڇي ڏاڙهي، منهن ويڪرو هلڪن شهپرن سان.
    هن کي سلام ڪيائين ۽ خالد کيس هٿ ڏنو. کيس چيائين ته منهنجو نالو انور آهي ۽ مان محمد شمن جو ماسات آهيان. خالد کيس اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ هو هليو آيو. کيس ويهڻ لاءِ ڪرسي آڻي ڏنائينس، جنهن تي هو ويهي رهيو. احمد ساڻس هٿ ملائڻ بعد پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو. هن احمد کان پاڻي جو گلاس ورتو ۽ بنا ساهيءَ جي پي ويو.
    خالد ان کان پڇيو ته محمد شمن ڪيئن آهي؟ سندس زال ۽ ٻئي پٽ.......
    کيس ٻڌايائين ته هاڻي ڪجهه صحيح آهن. انهن واپس دادو وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڏاڍا پريشان آهن ۽ هاڻي هڪ منٽ به هتي ترسڻ لاءِ تيار ناهن. مان سندن سامان کڻڻ آيو آهيان.
    خالد کيس چيو ته واقعي پريشان ته هوندا، ساڻن واقعو ئي اهڙو پيش آيو آهي. هن کيس چانهه جي صلاح ڪئي، پر هو ڏاڍو تڪڙو ٿي لڳو، تالي جي چاٻي وٺي هليو ويو ۽ گهڙي کن ۾ وري واپس موٽي آيو.
    خالد کانئنس پڇيو ته سائين خير؟
    کيس چيائين ها پُٽ خير آهي. ڪوارٽر ۾ سامان گهڻو ۽ ڳرو آهي، جيڪو منهنجي کڻڻ جي وس ۾ ناهي.
    ته پوءِ اسان به توهان جي مدد ڪرايون. خالد چيس،
    کيس چيائين نه نه پٽ. توهان تڪليف نه ڪريو. مان هينئر وڃان ٿو. پوءِ ٻيهر ايندس. اهو چئي وڃڻ لڳو. هنن کيس چيو ته چاچي شمن کي اسان جا سلام چئجو ۽ اسان پاران طبيعت به پڇجوس.
    ها، ها ضرور.. اهو چئي هو هليو ويو.
    هنن کي پوءِ خبر پئي ته شمن، پنهنجي زال، راڻي ۽ ٻنهي پٽن کي ساڻ ڪري هميشه لاءِ دادو هليو ويو هو. پنهنجي بدلي به اوڏانهن ڪرائي هئائين. ائين راڻيءَ سان خالد جو رابطو ڪٽجي ويو ۽ وڇوڙي جي موڪلاڻي به نه ڪري سگهيا، پر وڇوڙو هن جي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيا هُئا، سندس ڪجهه ڏينهن ان انتظار ۽ ان اميد سان گذريا ته متان ڪٿان ڪو سندس راڻي سان رابطو بحال ٿئي يا انهن جي ائڊريس معلوم ٿئي، پر هن کي نااميدي نصيب ٿي. انور علي ڪوارٽر مان سامان کڻائي ويو ۽ ڪوارٽر هڪ پنجاپي ريلوي ملازم کي الاٽ ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن خالد راڻيءَ جي ڳولا لاءِ دادو وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ ته راڻي جي جدائي پل پل هن جي لاءِ عذاب هُئي، دل جو اهڙو گهاءُ هئو، جيڪو ان جي ملڻ کانسواءِ ڀرجڻو نه هيس، سندس هر هڪ ادا، هر هڪ گذاريل پيار ڀريئي لمحي جي ياد ڏنگي رهي هُيس، رات جو ڪوارٽر جي ڇت تي سمهي ته ننڊ نه اچيس ۽ ڪو کڙڪو ٿئي ته اهو به راڻي جي اچڻ جي آمد محسوس ٿئيس ۽ هو ادب مان اٿي بيهي رهي پيو، پنهنجي منهن!. جڏهن هوش اچيس ته آڏو ڪاري وارا ڪک...... راڻي جيڪا هن جي نس نس ۾ رسيل ۽ بسيل هُئي، جنهن کان سواءِ زندگي اڻ مڪمل ٿي ڀائنيائين ۽ ڀلا ڪو اڻ مڪمل زندگي به گذاريندو آهي؟ او منهنجي راڻي تو ڪٿي آهين؟ ماڻهن جي ڪهڙي جهنگ ۾ مونکي اڪيلو ڇڏي هلي وئي آهين ۽ مان تون کان سواءِ جيئڻ جا جتن پيو ڪيان. هن جي دل ۾ راڻي لاءِ پڪارون اڀريون ٿي ۽ دل ئي دل ۾ دفن ٿي ٿي ويون.
    سنگت کي آگاه ڪيائين ته مان ڪيئن به ڪري راڻيءَ جي ڳولا ۾ دادو ويندس. دوستن کيس چيو ته چريو ته نه ٿيو آهين؟ تنهنجو اوڏانهن وڃڻ ٺيڪ نه ٿيندو. دادو جا ماڻهو هونئن ئي ڏنگا آهن مٿان وري تنهنجي ۽ راڻيءَ جي عشق معاملي جي خبر پوندن ته ڪارو ڪري ماري، درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيندئي. ماس ۽ هڏيءَ جي ٽڪري به تنهنجي مائٽن کي هٿ نه ايندي.
    خالد کين چيو ته راڻي ملي، ان کي هڪ دفعو ڏسان پوءِ ڀلي ڳڀا ڳڀا ٿي وڃان. پرواهه ناهي. ڇاڪاڻ ته راڻي کانسواءِ هاڻي جيئڻ ڪهڙو.
    احمد کيس چيو ته راڻي تنهنجي ذاتي لذت هئي ۽ هيءَ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ تو جيڪو جيئڻ جو وچن ڪيو هو ان جو ڇا!!؟
    اڃان هنن وچ ۾ اهو بحث جاري هو ته ڪوارٽر جو دروازو کڙڪيو ۽ ٽپاليءَ اندر هڪ خط اڇلايو.
    خط خالد جي نالي هو. ڏڪندڙ هٿن سان هن خط کوليو، ڇاڪاڻ ته هن کي خطري جي اڳئي ڪنهن نه ڪنهن طرح کڙڪ پوندي آهي. ان ڪري هٿ ڏڪي رهيا هيس.
    راڻيءَ جو خط هيس. جلد ۾ خط کولي ان کي پڙهڻ لڳو.
    کيس لکيو هئائين
    منهنجا مٺا!
    مان دادو ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ آهيان، تو کان گهڻو ڏور، تنهنجي امانت پيٽ ۾ آهي. جنهن کي تحفط ڏيڻ لاءِ مون پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. مجبور هيس. عورت جو آهيان. توسان گذاريل خوبصورت راتين جو خوبصورت تحفو. سدائين مون سان گڏ هوندو. تون ڪڏهن به هيڏانهن اچڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. مائٽن کي سڀ خبر آهي. تنهنجي اچڻ تي هو نه توکي بخش ڪندا نه مون کي. مون کي پنهنجي پرواه ناهي پر مان توکي مرڻ نه ڏينديس.
    ها، تنهنجو پيار، تنهنجي چاهت مون کي زندگي ڀر ياد رهندا ۽ تنهنجي پيار تي فخر به، ته تو مون سان بي وفائي نه ڪئي. پر مون حالتن آڏو سمجهوتو ڪري تو سان بيوفائي ڪئي. ٿي سگهي ته معاف ڪجانءِ.
    تنهنجي راڻي..

    خط پڙهندي خالد کي محسوس ٿيو ته هو ڪنهن وڏي عذاب مان گذري رهيو آهي، دوزخ جي باهه آهي جيڪا هن جي جسم کي ساڙي رهي آهي، هي ڳري رجهي ختم ٿي رهيو آهي.
    اقبال هن جي هٿ مان خط کسي پڙهڻ لڳو ۽ پڙهي کيس چيائين، ڏٺئي اسان توکي چيو هو نه ته دادو وڃڻ خطري کان خالي نه آهي.
    خالد ڪجهه نه ڪڇيو ۽ چپ ڪري ويهي رهيو ۽ پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ چيني ناول ” نوجوانون ڪا گيت“ پڙهڻ لڳو، جيڪو ڪالهه محمد جمن هن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي ويو هو. خالد کي سنڀالڻ ۾ ان ناول وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي پڙهڻ لاءِ هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن گم هيو ۽ پورو ڪري دم پٽيائين..
    ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ بعد سوچيائين ۽ وچن ڪيائين ته پيار حاصلات جو نه، پيار قربانيءَ جو ٻيو نالو آهي، ان ڪري مان لڙندس راڻي جهڙين عورتن جي حقن لاءِ. آزاديءَ لاءِ. هن راڻي جي ڏک ۾ لڙهي، ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڻڻ بجاءِ غم کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان حادثي هن ۾ عجيب طاقت پئدا ڪئي هُئي ۽ مايوسي هن کان ڏور ڀڄڻ لڳي.


    باب تيرهون

    ٽاڪ منجهند هُئي شايد ٻه ٿيا هئا ته اوچتو محمد جمن ڪٿان اچي اقبال واري ڪوارٽر تي ڪڙڪيو. محمد جمن ڪل وقتي سياسي ڪارڪن هو. ان ڏينهن خالد خوب هن سان ڪچهري ڪئي. هن کيس حالتن کان واقف ڪيو ۽ کيس راڻيءَ جي وڇڙڻ ۽ محمد شمن جي خاندان سان پيش آيل وارتا به ٻڌائي ۽ جمن کان سوال ڪيائين ته آخر ائين سڀ ڪجهه ڇو ٿو ٿئي؟
    تنهن تي محمد جمن کيس ٻڌايو ته اُهي سڀ سماج ۾ پئدا ٿيل بيمارين جي نتيجي ۾ ٿئي ٿو، سماجي بيماريون ان ڪري پکڙجن ٿيون جو اسين انهن بيمارين مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنجيده ٿي ڪوشش نه ٿا ڪريون. اسان سڀ سياست کان باغي آهيون، خوابن ۽ خيالن جي دنيا جا رهواسي بڻجي ويا آهيون. اسان هر مسئلي تي خاموش آهيون ۽ سڀ ڪجهه مٿين ذات تي ڇڏي ٿا ڏيون. پر حقيقتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اجتماعي مسئلن جو حل فقط سياست ۾ آهي. سياست ذريعي ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. سياست مان ئي ڏور رس ۽ ديرپا نتيجا ملي سگهن ٿا. باقي جيڪي ماڻهو سياست کانسواءِ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا اُهي ڀليل يا ڀلايل آهن.
    خالد کائنس سوال ڪيو ته اسان هڪ پارٽي کي ووٽ ڏنا ته اسان جي تقدير بدلبي، ٿيو ته ڪجهه ڪونه؟
    سوال تي سوال ڪندي کيس چيائين ته ظاهر آهي ته توهان گاهه جو رکوال گهوڙي کي ڪندا ته هو گاهه تي رحم کائيندو؟
    خالد چيس ته بلڪل نه.
    هن کيس چيو ته سياست ۾ به بلڪل ائين آهي هڪڙي سياست موروثي، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي اسان کي غلام رکندا پيا اچن ۽ اسان جي ووٽن تي اقتدار حاصل ڪري مزا پيا ماڻين. ان ڪري سياست ۽ اڳواڻي اسان کي پاڻ کي ڪرڻ گهرجي ۽ هيٺين ڪلاس ۾ ان بابت شعور ۽ سمجهه بيدار ڪرڻ گهرجي. تڏهن ئي هي موجوده بدبودار انسان دشمن سماج تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ نوجوان وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪمرانن جا ڪرتوت، نااهليت ۽ افعال ڏسي افلاطون جي ڳالهه ياد ٿي اچي، جنهن چيو هو ته ”جيڪڏهن اوهان سياست نه ڪندا ته اوهان کان ڪمتر ماڻهو اوهان جي مٿان حڪومت ڪندا.“
    ٽئي دوست اڳئي محمد جمن جي شخصيت ۽ سياسي ڪردار کان گهڻو مطمئن هئا. جنهن ڪري هنن کيس چيو ته هاڻي سياست ۾ داخل ٿي پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪندا. ان تي محمد جمن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس چهري تي ان خوشيءَ جي مرڪ پکڙجي وئي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محمد جمن هنن ٽنهي کي قائد آباد وٺي ويو. جتي پارٽيءَ جي ميٽنگ هُئي. ڪامريڊن ڏاڍيون مدلل تقريرون ڪيون، سندن خيال هنن جي اندر ۾ اوتجي چڪا هُئا ۽ اهڙيءَ طرح هنن به ڊيوٽيءَ کانپوءِ سياست کي وقت ڏيڻ شروع ڪيو. هنن کي سيکاريو ويو هو ته بي گناهه، لاچار سان وڙهڻ بجاءِ دهشت گرديءَ جي خاتمي لاءِ بنا رنگ ۽ نسل جي لڙڻ گهرجي. سنڌي ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهتر کان بهتر اپاءَ وٺجن، سنڌي ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پئدا ڪجي.
    هڪ ڏينهن خالد ۽ احمد جاڳو اخبار ۾ خبرون ڪمپوز ڪري رهيا هُئا. هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. خالد جا هٿ به ڪي بورڊ تي تيزيءَ سان بٽڻ دٻائي رهيا هُئا، جنهن سبب اکر ٺهي رهيا هُئا ۽ اُهي اکر سامهون مانيٽر تي ظاهر پئي ٿيا. فقط ڪي بورڊن جي ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪمري جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، اهڙي صورتحال تمام گهٽ ٿيندي آهي ڪمپيوٽر روم ۾، ڪم ڪندڙ دوست تقريبن هڪٻئي سان فري هجڻ ڪري چرچن ڀوڳن سان ڪمرو پيو وڄندو آهي يا وري بحث مباحثا پيا ٿيندا آهن. اهڙي خاموشيءَ ۾ احمد دانهن ڪندي چيو ته واه جوان واه!
    احمد جي اهڙي دانهن سڀني جو خيال احمد ڏانهن ڇڪايو.
    خالد کيس چيو ته توکي وري ڇا ٿيو، ڪير آ جوانُ!
    چيائين اهو فلاڻو خان. قومپرست ونگ جو اڳواڻ.
    خالد کيس چيو ته ڇا ٿيو ان کي.
    کيس چيائين ته حيدرآباد مان بيان آيو آهي ته فلاڻي خان سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم خلاف ”مزاحمتي جنگ“ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو اٿائين ته هو سنڌي ماڻهن جو پلاند ڪندو. اهڙا ليڊر هجن. جوڌا. جوان. مسڪرائيندي فخريه انداز ۾ احمد سڀني کي ٻڌايو.
    خالد کيس چيو ته اهو ٺڪاءُ آهي ۽ اهڙن اعلانن جا سنڌ جي سياست تي انتهائي بُرا اثر پوندا.
    ٿيو به بلڪل ائين ئي هو.
    انهن ڏينهن ۾ بي نظير جي حڪومت کي هٽايو ويو هو. اسان جو ڳوٺائي غلام مصطفي جتوئي نگران وزير اعظم ۽ ڄام صادق نگران وڏو وزير ٿيا هُئا.
    ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جون حالتون انتهائي سنگين هيون. سنڌي ماڻهن لاءِ ٻنهي شهرن ۾ ٻاهه ٻريل هُئي ۽ سنڌي ماڻهو وڙهڻ ته پري جي ڳالهه پنهنجي دفاع لاءِ پريشان هُئا.
    30 سيپٽمبر جو ڏينهن هو، رات جو دير سان حيدرآباد مان آيل خبر خالد کي ڪمپوز ڪرڻ ملي. خبر هُئي ته ”مزاحمتي تحريڪ“ جي نالي ۾ پڪي قلعي، ريشم گهٽي ۾ ڇتي فائرنگ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن، ماريل ماڻهن ۾ گئريجن تي ڪم ڪندڙ مسترين، هيلپرن، ريڙهي وارن ۽ راهگيرن جي هُئي.
    خالد، احمد کي چيو ته ڏٺئي اها ٿئي مزاحمتي تحريڪ جنهن ۾ دهشتگردن بجاءِ غريب ماڻهن کي ماريو ويو آهي ۽ هاڻي ڏسجانءِ ان جو رد عمل.
    ٻئي ڏينهن تي احمد ۽ خالد ڊيوٽي تي پهتا ۽ خبرون ڪمپوز ڪندي خالد وٽ هڪ خبر آئي ۽ اها خبر ڪمپوز ڪرڻ کان اڳ احمد ۽ ٻين دوستن کي پڙهي ٻڌائڻ لڳو خبر هئي ته حيدرآباد واقعي جو ڪراچيءَ ۾ رد عمل انتهائي خراب نڪتو آهي، پهرين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ چونڊي چونڊي سنڌين کي ماريو ويو آهي، هڪڙا سنڌي مارجي ويا، ٻيا جبري لوڌي ڪڍيا پيا وڃن انهن جي گهرن تي قبضا ڪيا ويا آهن، دُڪان ۽ ملڪيتون لٽيون ۽ ساڙيون ويون آهن. جيڪي ڪراچيءَ ۾ سنڌي بچيا انهن جو گهرن مان نڪرڻ محال آهي. جڏهن ته نقصان تمام گهڻو ٿيو اهي جنهن جا انگ اکر فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
    خالد، احمد کي چيو ته احمد! تنهنجا مزاحمتي اڳواڻ سنڌي ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ ڪاٿي غائب آهن؟
    احمد چپ ٿي ويو. وٽس ڪو جواب ئي ڪونه هو.
    ڪراچيءَ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. فقط ڪجهه ڪلاڪ ڪرفيو تان پابندي ختم ٿيندي هُئي. سڄو ڪراچي ڪوس گهر ۾ تبديل ٿي چُڪو هو. خالد ۽ احمد به لڪي، لڪي ڊيوٽيءَ تي پهچندا هئا ۽ واپس ويندا هُئا. جيڏانهن ڪيڏانهن خوف جو راڪاس هو، جيڪو ٿي ڦريو. هنن جي ڪالونيءَ ۾ به گولين جا ٺڪاءَ روز جو معمول بڻيل هوندا هُئا ۽ لسانيت جي باهه ۾ انسانيت کي سڙندي ۽ ڀسم ٿيندي ڏسي سندن دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي هُئي.
    خالد، احمد ۽ اقبال سياسي، سجاڳيءَ واري پروگرام هيٺ ڪراچيءَ جو چپو چپو گهميو. سنڌي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيائون. هنن کي ماڻهو حالتن کان گهڻو مايوس نظر آيا.
    جنهن تي احمد ۽ اقبال سٺي موٽ نه ملڻ ڪري مايوس ٿي رهيا هئا جنهن تي خالد، احمد ۽ اقبال کي سمجهائيندي چيو ته سياسي قيادتن هميشه عوام سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن ۽ تاريخ ۾ قومن تي اهڙيون ڪيفيتون طاري ٿينديون رهيون آهن، پر مايوسي مستقل عمل ناهي. اهو وقتي احساس آهي. اسان پنهنجي عمل مان مطمئن آهيون. ڇاڪاڻ ته ذلتون ئي ماڻهن کي سڌارينديون آهن ۽ اسان انهيءَ ذلتن ڀرئي سماج ۾ وڌي وڏا ٿيا آهيون..


    باب چوڏهون

    رات ڊيوٽيءَ تان واپس موٽڻ يا وڃڻ وقت خالد ۽ احمد جو ڪالونيءَ جي مکيه چوڪ تان گذر ٿيندو هو، چوڪ ۾ ٻه ٽي هوٽلون هيون، چار، پنج دڪان ۽ سلمان ڀائي جي ڪيبن! جتان ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ وٺي سوٽا هڻي، دونهين کي هوا ۾ اڏاريندا هُئا. جنهن ڪري سندن سلمان ڀائيءَ سان آهستي آهستي سٺي عليڪ سليڪ ٿي وئي هُئي، جنهن ڪري سلمان ڀائي ڪڏهن ڪڏهن کين چانهن پيئڻ جي صلاح ڪندو هو ۽ ڪڏهن ته هي به ٺهه پهه انڪار ڪري هليا ويندا هُئا. پر ڪڏهن وري چانهن پيئڻ لاءِ خالد ۽ احمد کي تمام گهڻو زور ڀريندو هو، جنهن ڪري سندس قرب ۽ محبت ڏسي هي به انڪار ڪري نه سگهندا هُئا. راڻيءَ واري اغوا معاملي ۾ هنن جي دليريءَ کانپوءِ هو ويتر هنن جي ويجهو ٿي ويو هو. هڪ ٻئي سان چرچا ڀوڳ به ڪندا هُئا. هڪ دفعي ڪچهري ڪندي هنن کي ٻڌايائين ته هو لساني تنظيم جو ڪڏهن سرگرم ترين ڪارڪن هو ۽ بعد ۾ جڏهن حالتن جي خبر پيس، تڏهن سندن وحشت ڏسي پوئتي پير ڪيائين، پر موت جي خوف سبب تنظيم سان چهٽيو رهيو. هن کي خبر هُئي ته صفا هٿ ڪڍڻ جو مقصد موت هو ۽ هن اڃا پنهنجي ٻارڙن، ماءُ ۽ پيءُ لاءِ جيئڻ ٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو. هو مسلسل ڳالهائيندو ۽ حال احوال ٻڌائيندو رهيو، ڄڻ هي سالن کان سندس ڏک سُک جا ساٿي هجن، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل گراهڪن جي اچڻ جي ڪري هو خاموش ٿي ٿي ويو ۽ گراهڪ جي وڃڻ کان پوءِ ڳالهائڻ شروع ٿي ڪيائين. هن کين ٻڌايو ته توهان سنڌي ماڻهو ڏاڍا سادا ۽ رحم دل آهيو ۽ لساني تنظيم توهان جي ان ڪمزوري جو خوب فائدو ورتو.
    خالد پڇيس ته اهو وري ڪيئن؟
    کين چيائين ته فسادن سبب جڏهن سنڌي تمام گهڻو محتاط ٿي ويا هُئا، تڏهن لساني تنظيم سنڌ جي مختلف شهرن مان اهڙا ڪارڪن گهرايا، جن کي سنڌي ٻولي چٽي ايندي هُئي.
    خالد پڇيس ته اهو وري ڇو؟
    کين چيائين ته اهو ان لاءِ جو سنڌي ماڻهو جهيڙن سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا هُئا، ٻاهر نه نڪرندا هُئا ۽ دروازا به بند رکندا هئا، جنهن ڪري اُهي سنڌي ڳالهائيندڙ دهشت گرد حدف ڪيل گهر جي در وٽ بيهي وٺي سنڌيءَ ۾ دانهون ڪندا هُئا ته مان سنڌي آهيان، مون کي پناهه ڏيو. گهروارا سنڌيءَ ۾ دانهون ٻڌي کڻي در کوليندا هُئا ۽ غنڊه سندن گهر ۾ گهڙي پوندا هُئا ۽ پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪندا هُئا، انتهائي بي رحميءَ سان ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا هو کين ٻڌائيندو هيو.
    ان وقت خالد جي ذهن تي رسول بخش پليجي جي ڪتاب ”جيڪي بنگال ٿيو“ جا اُهي ٽڪرا ذهن جي اسڪرين تي تري آيا. جن ۾ بهاري غنڊا راهه ويندڙ ڪنهن بنگاليءَ کي روڪي چوندا هُئا ته ماچيس هي. جيستائين ويچارو بنگالي ماچس کيسي مان ڪڍي تيسين کيس پيٽ ۾ ڇرو وهائي ڪڍندا هُئا.
    سلمان ڀائي کي اهڙن انسانيت کي لڄائيندڙ واقعن کان پوءِ لساني تنظيم کان سخت نفرت هُئي. هن کين چيو ته لساني تنظيم اسان اردو ڳالهائيندڙن کي هڪ اهڙي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جو عذاب اسان جا ايندڙ ڪيترائي نسل ڀوڳيندا ۽ اهو چئي سلمان ڀائي ڏکارو ٿي ويو ۽ کين چيائين يار مان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان، آزاد هوندي به قيدي آهيان.
    هن کين وڌيڪ ٻڌايو ته هن جو پهريان تنظيم سان عشق هو، کيس اصلي حالتن جي خبر نه هُئي. هن کي حقيقت جي خبر تڏهن پئي. جڏهن هن سميت ڪيترن ڪارڪنن کي ويڙهه ۽ هٿيارن جي تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ خاص فوجي ٺڪاڻي ۾ گهرايو ويو. جتي هن سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شايد ٻه سئو جي لڳ ڀڳ چونڊ نوجوان تربيت لاءِ آندا ويا هُئا. تربيت به اهڙي ڄڻ ڪنهن دشمن ملڪ جي فوج سان وڙهڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ٿي ڪيائون. ضابطو، حڪم جي پاسداري، ڪجهه ڪڇڻو ناهي، سوال ڪرڻ منع، پسٽل کان وٺي ڪلاشنڪوف ۽ رائيفل سميت جديد هٿيار سيکاريا ويا، جسماني تربيت دوران ماري ماري ساڻو ڪري ڇڏيندا هُئا ۽ انسانيت مان ئي ڪڍي ڇڏيندا هُئا. فقط اهو چيو ويندو هو ته هيءُ ملڪ اسان لاءِ ٺهيو آهي، پر حڪومت ٻيا ڪري رهيا آهن. توهان ئي هن ملڪ پاڪستان جا والي وارث آهيو ۽ توهان کي اٺن گڏهن چاريندڙن کي ڪراچي مان ڀڄائڻو آهي ۽ جناح پور جا نقشا ڏيکاريا ويندا هُئا ته هيءَ توهان لاءِ صوبو آهي، جتي توهان جي حڪومت ۽ توهان جي مالڪي هوندي، روزگار هوندو ۽ امن هوندو. ان لاءِ توهان جي وڏن قربانيون ڏنيون هيون، جيئن توهان کي هندن جي غلاميءَ کان آزاد ملڪ ۽ رياست ملي، پر توهان کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ توهان هندن کان پوءِ سنڌين جي غلامي ۾ اچي ويا آهيو، اڳتي وڌو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي راڄ ڪيو.
    هن کين ٻڌايو ته هو ويڙهاڪ ونگ 138 جي ميمبر هو، جنهن جو مقصد سنڌي ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪرڻ هو، جڏهن ته مختلف ونگن تي مختلف ڪم سونپيل هُئا، هڙتالون ڪرائڻ، فليٽن تي قبضا، گاڏيون ساڙڻ، واپارين ۽ دُڪاندارن کان ڀتو وٺڻ وغيره وغيره.................... غداري ڪرڻ ۽ تنظيم ڇڏڻ جو ٻيو نالو موت آهي. اسان جي سمورن يونٽن ۽ سيڪٽرن کي هٿيار گهر ويٺي ملندا هُئا. هٿيار ڪٿان ٿا اچن، ڪير ٿو پهچائي، ڪهڙي طريقي سان ٿا پهچن، اهو ڪم الڳ الڳ ونگن جو آهي. اسان کي ان بابت پڇڻ جو حق نه هو.
    هن کين ٻڌايو ته پهرين ته هو سڄو ڪم عشق ۾ ڪندو هو، پوءِ جڏهن کيس حقيقت جي خبر پئي ته هو رڳو ايجنسين لاءِ استعمال ٿي ٿئي انهن سٻاجهن ماڻهن کي بيگناه ماري رهيا آهن، جن انهن ماڻهن کي هندوستان مان لڏي سنڌ ۾ پهچڻ تي جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، پنجاب وارن ته لاهور اسٽيشن تي اهو چئي ڪراچي موڪليو هو ته
    ”پاکستان آگے ھے۔“
    هن کين ٻڌايو ته هن کي پنهنجي ماءُ ٻڌايو هو ته هو هندستان مان لڏي لاهور کان ٿيندا اچي پهريان نوابشاهه اسٽيشن تي لٿا هُئا، جتي پهچڻ دوران هو ڪيترن ڏينهن کان بکن تي هُئا، پر نواب شاهه اسٽيشن تي حرن هنن جو استقبال ڪيو هو ۽ کائڻ لاءِ ڳڀو، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، عزت، مانُ ڏنو، پر پوءِ اسان کي حڪومت چيو ته توهان اڳتي ڪراچيءَ وڌو ۽ اسان ڪراچي پهتا هئاسين. ماءُ جي ٻڌايل ان قصي ۽ بيگناهن جو رت وهندي ڏسي مون کي پنهنجي ڪردار کان سخت نفرت ٿي هُئي ۽ ضمير اهڙو جنجهوڙيو جو هڪ ڏينهن خود ڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر پنهنجي پيرسن ماءُ، پيءُ جي حالت ڏسي خودڪشي واري سوچ دماغ مان ڪڍي ڇڏيم، پر فيصلو ڪيم ته هاڻي وڌيڪ ڪنهن بيگناهه جي خون ۾ پنهنجا هٿ نه رڱيندس. جڏهن ته پنهنجو پاڻ کي به بچائڻو هيو ان ڪري تنظيم کي مڪمل ڇڏڻ بجاءِ ٿورڙو پاسيرو ٿيس.
    سلمان ڀائيءَ جي ڪئبن تي اڪثر انڊيا جا پراڻا گانا وڄندا رهندا هئا، جن ۾ هڪ مشهور گانو هو.
    جب پیار کیا تو ڈرنا کیا
    پیار کیا کوئی چوری نھیں کی،
    چپ چپ آھیں بھرنا کیا۔
    خالد کي اهو گانو ڏاڍو وڻندو هو ۽ جڏهن به ڪجهه گهڙيون بيهڻ جو موڊ هوندو هيس ته سلمان ڀائي کي اهو گانو وڄائڻ لاءِ چوندو هو.
    چوڪ جي هوٽلن تي انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ اُهي ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هونديون هيون. اُهي هوٽلون گهٽ، مني سئنيما گهر وڌيڪ لڳنديون هيون. خالد کي دل ۾ خيال آيو ته رڳو اسان سنڌي ماڻهن لاءِ اهو چيو ويندو آهي. سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويٺي چانهن پيئندي وقت ذيان ڪندا آهن ۽ ڪم جا ٽوٽي آهن، پر هي ته سنڌي ناهن؟ پوءِ هوٽلن تي ڇو ويٺا آهن؟ ڇا هنن تي به سنڌي ماڻهن جي مزاج جو اثر پيو آهي؟ هوٽلن ۾ ايتري اُٻس هوندي هئي جو هڪ منٽ به بيهي نه سگهجي، پر اُهي ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي ويهي فلم ڏسندا هُئا، يعني سماجي حالتون سڀني ماڻهن جون هڪجهڙيون آهن. معاشي تباهيءَ جا اثر سڀني عام ماڻهن تي هڪجهڙا پيا آهن، پر ڪي ڌريون اسان کي ويڙهائي پنهنجا من پسند مفاد حاصل ڪن ٿيون، اسان جو خون وهائي ان تي سياست ۽ عياشي ڪن ٿيون.
    خالد اڃا سلمان ڀائيءَ وٽ بيٺو ئي هيو ته اتان حبو حواليءَ کي تيزيءَ سان گذرندو ڏٺائين، سڏ ڪيائينس. خالد کي ڏسي حبو کي اصل ساهُه پيٽ ۾ پئجي ويو.
    خالد چيس ته ڏي خبر ايڏو تڪڙو ڪيڏانهن پيو وڃين؟
    کيس چيائين، تو ڏانهن پئي آيس.
    خالد پڇيس ڇو؟ خير ته آهي نه.
    يار خير! سو به مون وٽ، کوڙو لڳئي ٿو ٿو؟ جواب ۾ کيس چيائين
    خالد چيس حڪم ڪر. ڇا ڪرڻو آهي.
    کيس چيائين ته زال کي اسپتال داخل ڪرايو اٿم، ڏوڪڙ کپن.
    خالد چيس ته زال... اسپتال؟ وري ڇا ٿيو تو واري زال کي.
    چيائين ڏهون مهينو پيٽ سان آهي.
    هان! پيٽ سان سو به ڏهون مهينو حيرت خالد حيرت مان پڇيس ۽ کيس چيائين ته تو کي اڳئي 7 ٻار آهن. پٽيا اڃا بس نه ٿو ڪرين؟
    حبو چيو ته مان ته بس ڇا جهاز ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مون واري رن مڙي ئي نه ٿي.
    ايلاز ڪندي خالد کي چيائين يار ڪجهه پئسا ڏي.
    خالد چيس ته يار توکي خبر آهي مهيني جا پڇاڙڪا ڏينهن آهن، هينئر مون وٽ پئسا ڪٿان آيا. ٻي اها به خبر ناهي ته پهرين تاريخ تي پگهار به ملندي يا نه. ايڊيٽر صاحب ويٺو روز حڪومت جي خلاف وڏا وڏا ايڊيٽوريل لکي، سو حڪومت وري اشتهارن جا پئسا ڇو ڏيندي؟
    خالد جي اهڙي مايوس ڪندڙ جواب حبو حواليءَ کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو.
    حبو حواليءَ کي تمام گهڻو پريشان ڏسي سلمان ڀائي خالد کان پڇيو ته مسئلو ڇا آهي، مون کي به ٻڌايو؟
    سلمان ڀائيءَ کي چيائين ته خير آهي. اهڙي ڳالهه ناهي.
    سلمان ڀائي وري کيس چيو، پر پوءِ به ڪجهه ٻڌايو سائين، توهان ٻئي پريشان ٿي ويا آهيو.
    خالد کيس حبو حواليءَ جو مسئلو ٻڌايو ته هن 5 سئو رپيا کڻي ڏنائين خالد کي چيائين ته يار هن وقت ته مون وٽ صرف اهي پئسا آهن، ڀائي کي ڏي شايد هن جو ڪجهه مسئلو حل ٿي وڃي.
    خالد 5 سئو رپيا وٺي حبو حواليءَ کي ڏنا ۽ هو تيزيءَ سان واپس مڙيو ۽ تيز تيز ٻرانگهون ڀريندو هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو ۽ خالد سوچيو ته آخر ڇا ٿيندو، هن حبو حواليءَ جو؟ ڪڏهن به زندگيءَ ۾ سنجيدو ناهي.
    خالد به سلمان ڀائيءَ جي مهرباني ادا ڪري ڪوارٽر ڏانهن روانو ٿيو.


    باب پندرهون

    حبو حواليءَ جو اصل نالو خان محمد آهي. اصل سانگهڙ جو رهندڙ آهي. خالد ۽ احمد وانگر بيروزگاريءَ جا ڌڪا، ٿاٻا کائي، ڪراچيءَ ڪمائڻ لاءِ پهتو هو، جتي هنن وانگر پروف ريڊر مان ڪمپيوٽر آپريٽر تائين پهتو هو، پهريان کيس سڀئي خانو، خانو جي نالي سان شارٽ ڪٽ ۾ نالو وٺي سڏيندا هُئا. پر سندس اوچن خيالن ۽ حوالن سبب احمد مٿس حبو حواليءَ جو نالو رکيو هو، جنهن ڪري خانو مان حبو حوالي طور تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اصل نالي بجاءِ حبو، حبو ۽ پوءِ حبو حوالي سڏجڻ لڳو.
    برداشت جو مادو به وڏو هيس، ان ڪري ڪنهن به ڳالهه تي چڙندو اصل نه هو، ڀلي پيا ڪچيون گاريون ڏيوس يا چرچا ڪيوس، وڌ ۾ وڌ ڳالهه نه وڻندي هيس ته مُنهن ڀيلو ڪري پري ويهي ٻلي وانگر پيو انهن کي تڪيندو هو. پر اهو به گهڻو وقت نه. ڇاڪاڻ ته پاڻ ئي کين چوندو هو ته حبو ڳالهائي نه، ته ڦاٽي مري. شل ڪا ڳالهه هٿ اچيس پوءِ ته بس پريشان هوندو هو ۽ ڪنهن شاعر وانگر پنهنجي پئسن تي چانهن پياري کيس اها ڳالهه ضرور ٻڌائيندو. حبو حوالي جي حرڪتن، چرچن ڀوڳن سبب ڪمپيوٽر روم ۾ حبو جي حوالن تي ٽهڪرو متو پيو هوندو هو ۽ سندس اهڙي زندهه دليءَ سبب سڀ دوست پنهنجا ڏک سور وساري ويهندا هئا. گهڻو ڪري ”ڀوڪ“ لفظ استعمال ڪندو هو. يعني اڙي ڀوڪ ٻڌين ٿو؟ اڙي ڀوڪ هيءَ ڳالهه، اڙي ڀوڪ هوءَ ڳالهه... صفا ڪو ڀوڪ آهين.
    ٻه دوست پاڻ ۾ ڳالهائيندا ته وچ ۾ پاڻ ٽپ ضرور ڏيندو. ڀلي موضوع ڪهڙو به هجي، پنهنجي ڳالهه کي اڌ گفتگوءَ ۾ ضرور ٽنبيندو. جنهن ڪري ماٺ ڪرائڻ لاءِ دوست کيس ڇڙٻيندا هئا، پر هو چڙندو اصل ڪونه هو، نه وري سدن ڳالهه دل ۾ ڪندو هو، الائي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل هو حبو حوالي........ سڀني دوستن جي چرچن، گارين، ڇڙٻن جو مرڪز هجڻ باوجود به سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو هو. خالد حبوءَ جي ڳالهين کي ياد ڪندي کلي ڏنو.
    هڪ دفعي ته هنن سان گڏ ڪم ڪندڙ منور حبوءَ کي ڪنهن معاملي تان چماٽ وهائي ڪڍي. هنن سوچيو ته هاڻي حبو حوالي منور سان ڪڏهن به نه ڳالهائيندو. پر ڇا جي معافي! ڇا جو ٺاههُ. ٻئي ڏينهن تي ساڳيا چرچا ۽ ساڳيا قرب. منور ۽ ٻئي ٻٽُ هُئا. ڄڻ هڪ ڏينهن اڳ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. جڏهن ته ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن مان شل نه ڪنهن کي مٿي ۾ سور پئي. پر جيستائين اهو ٺيڪ نه ٿيندو، تيستائين حبوءَ کي مٿي ۾ سور هوندو. چانهه پيو وٺيو ايندو. گوريون.... يعني جيڪو سندس وس ۾ هوندو اهو ان لاءِ پيو ڪندو. ايتري تائين جو مٿي کي زور ڏيڻ ۾ به عيب نه سمجهندو هو، پر ڪجهه دوست حبوءَ جي ان خدمت جي جذبي جو غلط به فائدو وٺندا هُئا، يعني ٿورو ٿڪ هوندن ته به دانهون ڪندا هُئا ته مٿي ۾ سور آهي ۽ ويچارو حبو حوالي انهن کي زور ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو هيو. سندس ان خدمت جو سلو کيس گهٽ ملندو هو.
    اهي ڳالهيون ياد ڪندي خالد حبوءَ کان پڇيو ته حبو جيترو تون سڀني ماڻهن کي ڪم اچين ٿو. موٽ ۾ اُهي ماڻهو به توکي ڪم اچن ٿا يا نه..........خالد جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي کيس چيائين ڀوڪ، پنهنجو ڪم آهي چڱائي ڪرڻ ۽ کوهه ۾ اڇلڻ. باقي بدلي ۾ چڱائي ملي ته هيءُ جهان جنت بڻجي نه پئي.
    خالد سوچيو ته حبو ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. شايد اسان مان هر ماڻهو حبو وانگر سوچي ته ماڻهن جا اڌ مسئلا پاڻ ئي ختم نه ٿي وڃن. پر ائين ڪٿي ٿو ٿئي، هتي ته ماڻهو، ماڻهوءَ کي ٿو کائي، جنهن سبب بدلي جي باهه ۾ انسانيت ئي مرندي پئي وڃي.
    حبوءَ ان ڏينهن خالد کي سلمان ڀائيءَ کان ورتل اوڌارا 5 سئو روپيا واپس ڪيا. حبوءَ لاءِ حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اوڌر وٺڻ جو ڀلو ۽ واپس ڪرڻ جو اصل ان کان به ڀلو.....
    خالد کائنس پڇيو، حبو ڏي خبر شادي ڳوٺان ڪري آيو آهين ڇا؟ جو تو واري رن ٻار ڄڻڻ کان اصل بس ئي نه ٿي ڪري.. يار تون ئي ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺ ۽ منصوبا بندي سان ڪم ڪر.
    کيس چيائين يار، ڳوٺان شادي ڪري اچان هان ته ڀلو هو، پر هتي ڪراچيءَ ۾ بنگالڻ مٿي ۾ لڳي وئي – ڪاري رڏُ..
    خالد پڇيس ته اهو وري ڪيئن؟
    کيس چيائين ته يار مان ڪراچي ڪمائڻ لاءِ آيو هوس، مون کي بنگالي ڪالونيءَ ۾ هڪ بنگالي خاندان جي گهر ڀرسان رهڻ لاءِ ڪمرو مليو هو. مان کاڌي جو خرچ ان بنگالي خاندان کي ڏيندو هوس ۽ مون کي ٻه ويلا ماني پچي ملندي هُئي. انهن جي گهر ۾ اچ وڃ سبب هڪ جوانڙيءَ جي پيار جي بخار ۾ مبتلا ٿي ويس. عشق، محبت ۾ هر ڳالهه جائز آهي. تڏهن ته هوءَ ڪاري هوندي به مون کي سانوري خوبصورت لڳندي هُئي. سنهڙي، سمارٽ- اکيون وڏيون پر قد ننڍڙو..... مان به جوان هيس، خير هينئر به جوان آهيان. پر پهريان کان مڙيئي ٿورو گهٽ.. ان ڪري کيس ڏسندي. منهنجي اندر پئي باهه جا اُلا ٻرندا هُئا، اصل صفا اتاولو هيس، ته هينئر ملي ته ٻيو ڏينهن پوءِ ٿئي. ساڻس ائين تعلقات وڌائڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيم پر سڀ بيڪار ويون. جنهن ڪري سندس مائٽن کي شادي جي آڇ ڪرڻي پئي، هو به ڪي اصل تيار ويٺا هُئا. سو دير ئي نه ڪيائون ۽ مون بنا سوچڻ سمجهڻ جي مصيبت کڻي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌي. هاڻي ته زهر ٿي لڳي، پر ڇا ڪيان، هاڻي ته منهنجي 8 ٻاڙن جي ماءُ آهي. ان ڪري زهر جو ڍڪ روز پيڻو پوندو آهي، جي مان ائين زندگي نه گذاريان ته شايد واقعي به سڀ ڪجهه اندر ۾ سانڍي ڦاٽي مري وڃان ها.
    خالد چيس ته تنهنجا مائٽ شاديءَ لاءِ راضي ٿيا؟
    کيس چيائين ڪهڙا مائٽ؟
    خالد چيس؛ مطلب ته تنهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀاءُ وغيره، وغيره
    خالد پاران اهڙو سوال ڪرڻ تي سندس اندر ۾ پيڙا هُئي جيڪا چهري تي ظاهر ٿي پئي، انتهائي ڏکاري حالت ۾ لفظ سندس وات مان نه ٿي نڪتا ۽ ڪجهه خاموش رهڻ کانپوءِ جلدي ئي پنهنجي اندر جي پيڙا کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي کيس چيائين ته اڙي ڀوڪ! نه ماءُ، نه پيءُ، نه ڀيڻ ۽ نه ڀاءُ وغيره وغيره
    خالد چيس ته پوءِ آسمان مان هيٺ ڪريو آهين ڇا؟
    کيس چيائين ڀوڪ ائين ئي سمجهه.
    ائين سمجهان! ڇا ائين سمجهان، خالد چيس
    هڪ وڏو شوڪارو هيو، جيڪو حبوءَ جي اندر مان طوفان وانگر اٿيو ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندي خالد کي چيائين ڀوڪ! مون کي خبر ناهي ته منهنجو پيءُ ڪير هو؟ ڪٿي جو هو ۽ ماءُ به اسپتال ۾ مون کي ڄڻيندي مري وئي هُئي. هڪ نرس مون کي گود ورتو ۽ جڏهن 5 سالن جو ٿيس ته اها نرس به الله کي پياري ٿي وئي، پوءِ پاڙي جي الله لوڪ شخص مون کي پڙهايو ۽ ماني ٽڪر ڏيندو هو، ان الله لوڪ شخص جو نالو اسماعيل هو، مون کي پڙهائڻ ۽ خرچ تان سندس ۽ زال وچ ۾ سدائين جهيڙو پيو هلندو هو ۽ مان ويٺو ڏسندو هوس، پر ان شخص مون تان شفقت جو هٿ نه هٽايو، جيستائين الله کي پيارو ٿي ويو. تيستائين مان مئٽرڪ سانگهڙ هاءِ اسڪول مان پاس ڪري چڪو هوس. ان الله لوڪ شخص جي وفات بعد مون کي سندس زال ڪڍي ڇڏيو. مون هوٽلن تي ڪم ڪندي گذر ڪيو ۽ پڙهائي به ڪئي. ڇاڪاڻ ته ان الله لوڪ شخص مون کي وصيعت ڪئي هُئي ته پٽ ڪوشش ڪري هر حال ۾ پڙهجان. انٽر تائين تعليم مڪمل ڪئي، مون کي سانگهڙ ۾ مزو نه آيو ڇاڪاڻ ته جتي مون کي ڏک ئي ڏک مليا هجن اتي به رهڻ تي ڪو دل چوندي؟ ان ڪري سانگهڙ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم ۽ ڪراچيءَ هليو آيس. هتي ڪراچيءَ ۾ هيءَ هچا ”زال“ مون کي مٿي ۾ لڳي وئي. يار هاڻي ته ٻار به سنڌي نه ٿا ڳالهائين جنهن ڪري اندر ۾ پيو ڪڙهان ويٺو ته منهنجو ايندڙ نسل سنڌي نه پر بنگالي هوندو!
    خالد سندس اندر ۾ لڪيل ڏک ۽ درد محسوس ڪيو ۽ دنگ رهجي ويو. ههڙين حالتن ۽ ڏکن ۽ دردن کي جهيڙيندڙ حبو......!! هنن کي ڪڏهن به محسوس ئي ٿيڻ نه ڏنو ته دردن جي پهاڙ تي زندگي بسر ڪري رهيو آهي.
    منوءَ کيس آٿت ڏنو، کيس چيائين ڇو؟ ڀوڪ مان هاڻي اندر جو پٿر ٿي ويو آهيان. منهنجي لاءِ هاڻي ڪنهن جي همدردي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان فرق نه ٿو پوي.
    خالد سوچيو ته حبو ٻاهران ميڻ ۽ اندر ۾ واقعي پٿر آهي. تڏهن ته انتهائي ڪرڀ باوجود به هر ماڻهوءَ کي کلائي، بهلائي غم کي لڪائيندو رهي ٿو، پر اڄ تائين پنهنجي ڏک، تڪليف ۽ پيڙا کي مُنهن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏنواٿس ۽ سدائين تڪليفن کي مات ڏئي جيئڻ جي جستجو ۾ جٽيو رهندو پيو اچي.
    ڊيوٽيءَ جو وقت پورو ٿيڻ تي خالد ۽ احمد واپس ٿيا ۽ چوڪ تي پهچي سلمان ڀائيءَ جي ڪيبن ڏانهن لڙيا. سلمان ڀائي پان ٺاهڻ ۾ مصروف هو ۽ سندس مانڊڻي تي ڪيترائي گهراهڪ پان وٺڻ جي انتظار ۾ هئا ۽ ساڳيو انڊين گانو هلندڙ هو.

    جب پیار کیا تو ڈرنا کیا
    پیار کیا کوئی چوری نھیں کی،
    چپ چپ آھیں بھرنا کیا۔

    خالد کيس حبوءَ وارا پئسا واپس ڪيا، جنهن تي سلمان ڀائي کيس چيو ته مون پئسا اڌارا نه ڏنا هُئا، مون هڪ ضرورت مند جي مدد ڪئي هُئي.
    خالد چيس ته نه ڀائي حبوءَ پئسا اوڌارا ورتا هُئا ۽ ان واپس ڪري ڇڏيا آهن ان ڪري توهان پئسا وٺو.
    کيس چيائين توهان جي مرضي، پر مون کي پئسا واپس وٺندي سٺو نه ٿو لڳي.
    خالد هڪ ڏينهن نيٺ سلمان ڀائي کان پڇي ورتو ته سلمان ڀائي! توهان اهو انڊين گانو هر وقت ڇو ٻڌندا آهيو ۽ توهان کي هر وقت اهو گانو ٻڌندي بوريت محسوس ناهي ٿيندي؟
    ڳالهه نٽائيندي کيس چيائين يار ان ڳالهه کي ڇڏ!
    هن کيس چيو ته مان اهو راز پڇڻ کانسواءِ نه اڄ نه ويندس.
    وڏو ساههُ کنيائين ۽ ڪجهه وقت سوچن ۾ ٻُڏي ويو. سندس چهرو جنهن تي پهرين مرڪ رقص پئي ڪيو، سو پاروٿي گل وانگر ڪومائجڻ لڳو. سندس اهڙي حالت ڏسي خالد کيس چيو ته يار ٺهيو. ڪنهن ٻئي ڀيري.


    باب سورهون

    ڪراچيءَ جا روڊ ٽائر ۽ گاڏيون سڙڻ ڪري ويتر ڪارا ٿي ويا هُئا، شهر ۾ لسانيت جي باهه ڀڙڪا کائي رهي هُئي، ڪراچيءَ جي ماڻهن جي اکين ۾ پاڻيءَ بجاءِ رت ٽمي رهيو هو. موت جي راڪاس شهر جي گهٽين، روڊن ۽ رستن تي رقص ڪيو پئي، سڄو شهر ڄڻ قبرستان بڻجي ويو هو، مورڙي جون دانهون خاموشيءَ ۾ گم ٿي ويون هيون، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل گولين جي ٺڪائن خاموشيءَ کي ٽوڙيو پئي ۽ وڻن مٿان ويٺل پکين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ٿي ويو. وري ساهُه مٺِ ۾ ڪندڙ خاموشي ڇائنجي ٿي وئي، گهٽي گهٽيءَ ۾ دهشت جو راڄ هو، حڪومت نالي ڪابه شيءِ نه هُئي، جنهن ڪري سلمان ڀائيءَ جا اُهي لفظ بار بار خالد جي ذهن ۾ ٻُرڻ لڳا ٿي ته ان صورت حال کي پيدا ڪرڻ ۾ رياستي مشينري شامل آهي. يعني رياستي مشينري سڄو ماحول تيار ڪيو آهي ۽ اهو طئه ڪيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي ڪرڻو. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ قيامت جهڙي صورتحال جوڙي وئي هئي، پر فطرت جي قانون کان اڻ واقف رياست کي ڪير سمجهائي ته جڏهن باهه ڀڙڪندي آهي ته پوءِ اهو ناهي ڏسندي ته ڪير سنڌي، ڪير بلوچ، ڪير پنجابي، ڪير پٺاڻ، ڪير اردو ڳالهائيندڙ............. باهه جي آڏو جيڪو ايندو. اهو سڙي رک جو ڍير بڻجي ويندو.
    ڪوارٽر ۾ اڪيلو ويٺي هن جي سوچن جي اڏام جاري هُئي. ڪراچيءَ ۾ ائين بي گناهه سنڌي ماڻهن جي خون وهڻ تي هن جو رت ٽهڪي رهيو هو. دل چيس ته بندوق کڻي ۽ کن پل ۾ سڀ معاملا ٺيڪ ڪري ڇڏي، پر وري خيال آيس ته هڪ طرف دهشت گردن جو مضبوط نيٽ ورڪ. ٻيو وري رياستي سرپرستي. ٽيون جديد هٿيار.... اهو سوچي وري بي وسيءَ ۾ ٻُڏي ٿي ويو ۽ وري ساڳيو ڪنُ.............. ۽ ڪن کان پوءِ پاتال ۽ پاتال کان پوءِ پاڻ کي اوندهه ۾ غرق ٿيندي ٿي محسوس ڪيائين. تڏهن ڪامريڊ محمد جمن جا اُهي جملا ياد پئي آيس ته ڪاري رات پٺيان هڪ روشن صبح لڪل هوندو آهي. اهو فطرت جو قانون آهي ان ڪري ڪروڌ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي، ان ۾ قوم جي ڀلائي آهي.
    انهن سوچن ۾ غائب هيو ته احمد ۽ اقبال اچي کيس چيو ته ڪهڙين سوچن ۾ گم آهين؟ اٿ ته ماني کائون. هنن ماني تيار ڪري ڇڏي آهي. اها منجهند جي ماني هُئي ۽ ماني کائي احمد ۽ خالد ڊيوٽيءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا ته علائقي ۾ شديد فائرنگ هنن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ اقبال هنن کي ڊيوٽيءَ تي وڃڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي ۽ هي ڪواٽرن ۾ قيدي بڻجي ويهي رهيا. بنا ڪنهن ڏوهه جا قيدي.......
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون به انسان کي بيوس ۽ لاچار بنائي ڇڏينديون آهن. جتي ماڻهو نه آزاديءَ سان گهمي سگهي نه ڦري سگهي ۽ نه ساهُه کڻي سگهي. هر وقت اهو خوف ته ڪيڏي مهل ڪا گولي اڻ ڄاتل هنڌ کان ايندي ۽ هنن جو سينو چيري نڪري ويندي ۽ هي بي موت ماريا ويندا. اغوا ٿي ويندا. ڊرل مشين سان هنن جي جسم ۾ سوراخ ڪڍيا ويندا، ننهن ڇڪي ڪڍيا ويندا ۽ کين چيو ويندو
    ” سالا سندھی ھے۔ اسے کسی بھی حال میں نھیں چھوڑنا!“ ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن سندن لاش لياري نديءَ جي ڀرسان ٻوريءَ ۾ بند ملندا. ڪا قبر ۽ ڪفن به نصيب ٿيندن الائي نه.
    ڪنهن کي ڪابه خبر ناهي ته ساڻن ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر کين اها خبر ضرور آهي ته کين سان ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻو ضرور آهي. هر سنڌي ماڻهو کي ڪنهن نه ڪنهن عذاب مان گذرڻو آهي ۽ هر سنڌي ماڻهو ان احساس، خوف ۾ زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ هنن جي ووٽن تي چونڊيل حڪمران دهشت گردن جي مرڪز جا طواف ڪري رهيا آهن، اهو سوچي خالد کي گن اچي ٿي ۽ سندس ساههُ ڄڻ نڪرڻ لڳي ٿو، سندس دل ٽپ ڏئي ٿي. ڄڻ حڪمرانن جي اهڙي بي حسيءَ تي ڦاٽي پوندي.
    اهڙيون انيڪ خوفناڪ ۽ ڀوائتيون راتيون گذارڻ کان پوءِ هني ڄڻ اڌ ذهني مريض بڻجي ويا هُئا. ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آين ته ڇا ڪن. ڪراچيءَ ۾ جاب ڪرڻ سان گڏ سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پئدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ وارو ڪم جاري رکن يا پنهنجي جان بچائي ڪيڏانهن نڪري وڃن. ڇاڪاڻ ته ريلوي ڪالونيءَ جون حالتون ڪنهن به طرح هنن جي حق ۾ نه هيون.
    ڪالهه رات به هنن جي ڪوارٽر ۾ ڌمڪين وارو خط اڇليو ويو هو، جنهن ۾ لکيل
    ................................ سندھیو کوارٹر خالی کرو یا موت کے لئے تیار ھوجائو!
    بعد ۾ ڇتي فائرنگ ٿي هُئي، هنن وٽ حفاظت لاءِ لٺِ به ڪانه هئي، سندن ٻاهرين سنگت سان رابطو ڪٽيل هو ۽ ٻاهر نڪرڻ محال هو، ائين هنن هفتو گذاريو، سندن گهر ۾ هاڻي کائڻ لاءِ ان جو داڻو به نه هو، ٻن ڏينهن کان بک اصل هانو ٿي کاڌن، سندن پاڻي جي سپلاءِ به ڪٽيل هُئي ۽ پاڻي جيڪو ٽانڪيءَ ۾ ڀريل هو ان جو ئي آسري تي هئا. ان حالت ۾ احمد اوچتو اٿيو ۽ رڌڻي ۾ هليو ويو. هن پاروٿيون سڪل مانيون گڏ ڪيون ۽ هڪ ٿانو ۾ وجهي انهن ۾ پاڻي ملائي چُلهي تي رکيائين هنن سوچيو ته چريو ٿيو آهي. بک ماڻهوءَ جون متيون منجهائي وجهندي آهي، پر هنن کي حيرت ٿي ته بک احمد جون متيون نه منجهايون هيون پر بک سندس ذهن جي ڇٽيهين حس جو خوب فائدو حاصل ڪيو هو، پاروٿي ماني ۽ ان ۾ کنڊ وجهي سيرو جو تيار ڪيائين ته بس ٽئي ڄڻا آڱريون چٽيندا رهيا. اندر ۾ ڪجهه گرهه پوڻ ڪري ڪجهه مڙئي ايمان تازو ٿين. اهو ٻپهري جو وقت هو.
    شام لڙي رهي هُئي ته اوچتو ڪوارٽر ٻاهران موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌائون، خالد ٿورڙي دري کولي ته موٽر سائيڪل تي سلمان ڀائي بيٺا ڏٺائين. اصل متيون ئي منجهي ويس.
    احمد ۽ اقبال کي چيائين ته اڄ مري وياسين، پڙهو ڪلمو ته شهادت جو موت مرئون.
    احمد کيس چيو ته خير گهر ڇورا. توکي وري ڇاٿيو.
    خالد کين چيو ته يار سلمان ڀائي تي اعتبار ڪري سٺو نه ڪيوسين ۽ ان سان گڏ افسوس جو ڊگهو ساههُ کنيائين
    احمد کيس چيو ته ڇو؟
    خالي چين ته ڪوارٽر ٻاهران اچي بيٺو آهي، ڪميڻو ڪنهن جاءِ جو. پڪ پنهنجي ساٿين کي اسان بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو هوندائين. ڄاڻ سندس ساٿي آيا ۽ اسان کي خلاص ڪري ڇڏيندا. بس ٺش ٺش ڪندا ۽ کيل ختم.
    اسان کي ڪنهن به صورت ۾ سلمان ڀائيءَ جي ويجهو نه ٿيڻ کپندو هو ۽ راز نه سلڻ کپندا هُئا اهو چئي ٽنهي ڏاڍو پڇتايو ۽ پاڻ تي ملامت جي ڦٽڪار ڪئي پئي ته اوچتو سلمان ڀائي دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ خالد کي سڏ ڪندي چيائين.
    يار ٹائیم بھت کم ھے، دروازہ کھولو، جلدی!
    اهو ٻڌي خالد جون ٻه به ويون ته ٽي به............
    سلمان ڀائي هنن کي هر هر سڏ پئي ڪيا ۽ هي فيصلو نه ڪري سگهيا ته سلمان ڀائي لاءِ در کولجي يا نه ان ڪشمڪش ۾ ٿورو وقت گذري ويو ۽ هي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا ۽ هنن جا جسم پنڊ پهڻ ٿي ويا هڪ ئي هنڌ بيهي رهيا.
    ايتري ۾ در مٿان اڇليل ڪنهن وزندار شيِءِ جو ڪوارٽر اندر ڪرڻ جي آواز تي ٽنهي کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ موٽر سائيڪل اسٽارٽ ٿي ۽ موٽر سائيڪل جو آواز جيئن پوءِ تيئن پري ٿيندو ويو. هي خاموش ويٺا رهيا، ڄڻ موت کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ احمد خاموشي کي ٽوڙيندي کين چيو ته يار رات ڪهڙيءَ به صورت ۾ هتان نڪرڻ جي ڪجي نه ته بک ۽ اڃ مري وينداسين ۽ اسان جا لاش هتي ڪوارٽر ۾ ڌپ ڪري ويندا. جيت ماس پٽي عياشي ڪندا ۽ مائٽن کي خبر به نه پوندي.
    ٽئي رات جو نڪرڻ واري ڳالهه تي متفق هئا ۽ کين رات جو انتظار هو.
    وري هنن کي گهر ۾ ڪريل ڪنهن شيءِ جي يادگيري اچي وئي ۽ اقبال اٿيو ۽ هي ٻئي ويٺا ئي رهيا. اصل ۾ کين اٿڻ جو ست ئي نه هو. اقبال آڳر ڏانهن ويو ته سندس نظر هڪ ٿيلهيءَ تي پئي، دانهن نڪري ويس. هي ٻئي سندس دانهن تي اٿيا ۽ آڳر ۾ اچي پهتا ته اقبال ٿيلهيءَ ڏانهن اشارو ڪيو، ٿيلهي ڪپڙي جي هُئي. ان ڪري ان جي اندر ڇا هو، کين ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
    احمد کين چيو ته يار لڳي ٿو سلمان ڀائي ٿيلهي ۾ بم اڇلي ويو آهي، جيڪو ڄاڻ ڦاٽو ۽ اسين هتي جو هتي مري وينداسين. ان ڪري اٿو ته ڀڄڻ جي ڪيون.
    خالد چيو ته جيڪڏهن سلمان ڀائيءَ اسان کي مارائي ها ته پوءَ بم اڇلڻ بجاءِ غندن ذريعي حملو ڪري هان، کيس خبر آهي ته اسان وٽ حفاظت لاءِ لٺ به ناهي.
    اقبال چيو ته ڀلا ٿيلهيءَ کي کولي ٿا ڏسون ته خبر پئجي ويندي.
    انهن ئي خيالن ۾ سلمان ڀائي کي ڍو تي گاريون به ڏيندا رهيا ته سلمان ڀائي دوستي رکي کين ڇرو هنيو آهي، احمد کين چيو ته مون توهان کي اڳئي چيو هو ته سلمان ڀائي کان پري رهو ڪيڏي مهل به ڪاٺ ۾ وجهرائيندو. نانگ جي ويجهو نه وڃو، ڏنگي وجهندو پر توهان منهنجي هڪ نه ٻُڌي.
    خالد چيو ته ڪيترا نانگ اهڙا به هوندا آهن جن ۾ زهر ناهي هوندو. سلمان ڀائي به اهڙن نانگن مان ٿي سگهي ٿو. پر اسان کي مارائيندو ڪونه.
    اقبال چيو ته جي نه مارائي ها ته پوءِ هي ڇا آهي؟ بم اڇلي ويو آهي، اسان کي مارڻ لاءِ ڪتي جو پٽُ..
    ٿيلهي ۾ ڪنهن کي به هٿ وجهڻ جي جرئت نه ٿي، ٽئي ڄڻا خوف ۾ ورتل هُئا. موت جو خوف............ڄاڻ بم ڦاٽو ۽ هي سڀ مري ويندا.
    پوليس ايندي ۽ بيان جاري ڪيو ويندو ته ريلوي ڪالونيءَ ۾ ٽي دهشت گرد بم ٺاهڻ دوران ڌماڪو ٿيڻ سبب مارجي ويا ۽ اسان ڌرتيءَ ڌڻي ٿي وينداسين دهشت گرد..............!!!!
    اهڙو خيال ايندي ئي خالد جا لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا. نيٺ دل ٻڌي ٿيلهيءَ جي ويجهو پهتو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ٿيلهيءَ کي هٿ لاتائين، پگهر نرڙ مان ٽمي رهيو هوس ۽ سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي. ٿيلهيءَ ۾ هٿ وجهي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. ڀائيائين ته اجهو ڌماڪو ٿيو ۽ هاڻي هو ان ڌماڪي ۾ مري رهيو آهي. خواب ٽٽندي ڏٺائين ۽ دوستن کان پاڻ کي دور محسوس ڪيائين.
    ساڳي اوندهه، ساڳيو پاتال........غار......اوندهه پاڻ کي ان ۾ ڦاسندو محسوس ڪيائين.
    نيٺ خدا خدا ڪري هن ٿيلهي ۾ هٿ وڌا، ٿيلهي ۾ هٿ وجهڻ شرط کيس محسوس ٿيو ته ٿيلهي ۾ ڪابه سخت شيءِ نه آهي، تڏهن جسم ۾ ساههُ موٽڻ لڳس ۽ پاتال مان واپس موٽي زمين تي اچي ڦهڪو ڪيائين. ٿيلهي ۾ ٻئي هٿ وجهي اندر ڪمري ۾ کڻي آيو پر اڃا تائين احمد ۽ اقبال هن جي ويجهو اچڻ لاءِ تيار نه هئا، انهن جي ذهن ۾ اهو خيال ويهي ويو هو ته ان ٿيلهي ۾ بم آهي، جيڪو ڄاڻ ڦاٽو ۽ هو ائين ئي ڪنوارا مري ويندا، بي موت................. هنن جي جسم جا ڪيترا ٽڪرا ٿي ويندا، سڃاڻپ ۾ به ايندا يا نه، خالد جي قبر ۾ اقبال جي جسم جا ٽڪرا، احمد جي قبر ۾ خالد جي جسم جا ٽڪرا دفن ٿيندا ، جيئن 1988ع جنرل ضياءَ جي جهاز حادثي کان پوءِ جسم جا ٽڪرا نه مليا هئا، تيئن هنن جي جسم جا ٽڪرا به مائٽن کي ملندا يا نه..!؟ يا هنن جي جسم جا ٽڪرا به پوليس پراپرٽي ٿي ويندا، جيڪي ڪورٽ ۾ پيش ڪندا ته هي انهن دهشت گردن جا ٽڪرا آهن جن ريلوي ڪالوني ۾ بم ٺاهيا پئي ۽ ريلوي کي اڏائڻ ۽ شهر ۾ دنگا فساد ڪرائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.
    احمد دانهن ڪندي خالد کي چيو ته يار متان ٿيلهي کي کوليو اٿئي.
    خالد کيس چيو ته ساههُ نه وڃئي ٿيلهي ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي، مون هٿ لائي ڏٺو اٿمانس.
    احمد چيس ته، نه يار سلمان ڀائي جو واسطو دهشتگرد تنظيم سان آهي پڪ هو اسان کي مارڻ لاءِ ٿيلهي ۾ بم ڦٽو ڪري ويو آهي يا وري ڌماڪيدار مادو.... اسان کي ڦاسائڻ لاءِ ڄاڻ اهو بم ڦاٽو يا وري پوليس پهتي. يار مون توهان کي چيو هو ته ان سلمان ڀائي تي ڪڏهن به يقين نه ڪجو، پر توهان منهنجي هڪ ڳالهه به نه ٻڌي، اڄ نتيجو ڏسڻ وارا آهيو!
    خالد چيس ته ساههُ نه وڃئي. پريشان نه ٿي جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو. مون کي ٿيلهي کولڻ ڏي.
    خالد جا هٿ اڃا به ڏڪي رهيا هئا ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ٿيلهي کوليائين ته ان ۾ نه ڪو بم هو، نه ڪو ڌماڪيدار مادو..... ٿيلهي ۾ سڪا چانور، اٽو، گيهه، پاڻي جي بوتل، کنڊ ٻيو کائڻ جو سامان هو.. هنن اهو سڀ ڪجهه ڏسي سلمان ڀائي کي جيڪو پر پٺِ ڳالهايو هئائون ان تي پشيمان ٿيا ۽ هنن جو انسانيت ۾ يقين وڌيڪ پختو محسوس ٿيو، ته ”اڃان ڪي آهن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي...“
    کاڌي جو سامان هنن جي هٿن ۾ هو ۽ هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيا. کين ڪيترن ڏينهن جي بک ساڻو ڪري ڇڏيو هو.
    اها رات هنن ماني ڍئو ڪري کاڌي... مگر کائڻ کان پوءِ وري دل ڏاريندڙ گولين جا ٺڪاءَ اصل سندن هانو اڌ ڪري رهيا هئا. ننڊ هنن کان ڪوهين ڏور هئي ۽ پل پل سندن دل ۾ اهي خيال جاڳيا ٿي ته اڄ وري الائي ڪهڙي ماءُ جي جگر جو ٽڪرو انهن گولين جو بک بڻيو هوندو، ڪنهن زال جو سهاڳ اجڙيو هوندو، ڪو ڀاءُ جدا ٿي ڀيڻ جي شفقت کان هميشه محروم ٿي ويو هوندو، الائي ڪنهن جي گهر قيامت برپا هوندي.........اهي انيڪ انومان هئا هنن جي ذهنن ۾ جيڪي هڪ ٻئي سان پئي ونڊيندا رهيا ٿي ۽ ائين ويچار ونڊيندي خبر ناهي ڪيڏي مهل هنن جي اک لڳي وئي.


    باب سترهون

    رات فائرنگ جي ٺڪائن سبب ٽنهي کي ننڊ دير سان آئي هئي، جنهن ڪري اک به تڏهن وڃي کُلين، جڏهن آڳر تي اُس ڇائنجي چُڪي هُئي، ڀرواري پپر جي وڻ مان پکين جا آواز به غائب هئا، جيڪي کين هونئن ته موسيقيءَ جي رڌم جهڙا لڳندا هئا، ٻاهر سناٽو ڇانئيل هو، هونئن ڪڏهن ڪڏهن گاڏين جي ڦاٽل سالنسر ۽ هارنن جا آواز کين ٻڌڻ ۾ ايندا هئا يا گهورڙين پاران مختلف شين جي وڪري جا آواز، آلو، لي لو، ڀينڊي، پياز لي لو جا آواز روز جو معمول هئا، پر اڄ ايڏي خاموشي......... ڇو اڄ ايڏي خاموشي آهي؟ اک کلڻ سان انيڪ انومان خالد جي ذهن جي اسڪرين تي گردش ڪري رهيا هئا. هن سوچيو ته هونئن به ماحول جي خاموشي ڪنهن وڏي طوفان جو پيش خيمو هوندي آهي اهو فطري عمل آهي. هوا جو رڪجي وڃڻ ۽ گهٽ ٻوسٽ مان اندازو لڳندو آهي ته طوفان ايندو..... پر اڄ جي هن قبر جهڙي خاموشي مان هن کي موت جو ڀئو ٿيڻ لڳو هو، احمد ۽ اقبال جي اڃا اک نه کلي هُئي، پر خالد اٿي ويٺو، هزارين خيالن هن جي دماغ ۾ ڦيرا پئي ڏنا، کن پل ۾ پاڻ کي موت جي مُنهن ۾ وڃڻ جو خيال، ڪامريڊ موسي جي شهادت جو خيال، عزت لُٽي تذليل ڪري قتل ڪيل انهن سنڌي نياڻين جو خيال، راڻيءَ جو خيال، امتياز هن جو پراڻو يار، لانگوٽي يار جي اوچتي وڇوڙي جو خيال، ڪاڪي رام لال جي زندگي ۽ سندس دردن جو خيال... خيال ئي خيال هُئا، جيڪي هن جي ذهن جي اسڪرين تي فلم وانگر پئي هليا ۽ پارٽ پئي تبديل ٿيا. مٿي ۾ سور محسوس ٿيڻ لڳس، اٿيو ۽ هڪ گلاس پاڻي جو هڪ ئي ڍڪ ۾ پي ويو، محسوس ڪيائين ته سندس نرڙ تي پگهر آهي ۽ پگهر جا ڦڙا سندس مُنهن تان ٿيندا هيٺ ڪري زمين ۾ جزب ٿي پئي ويا، خيال آيس ته پگهر ڇو آيو اٿم... سوچيائين شايد گهڻو سوچڻ جي ڪري، وري سوچيائين ته پگهر جو گهڻي سوچڻ سان ڇا؟ شايد مٿي ۾ سور جي ڪري پگهر آيو آهي، هر ڳالهه تي سوچ گهري ٿيندي پئي ويس، کيس ڪنهن به ڳالهه جا جواب نه پئي مليا.. آڳر ۾ هلڻ شروع ڪيائين... هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين دل چيس ته قدم کڻندو ٻاهر وڃي ۽ پپر جي ڇانو ۾ وڃي ويهي ۽ تازي هوا جي جهونڪن جو مزو وٺي پر کيس ٻاهر جي حالتن جي خبر نه هئي، ته ڇا وهي واپري رهيو آهي. اهو سوچي قدم روڪي ڇڏيائين. کيس خبر هئي ته رات حد کان وڌيڪ فائرنگ جا ڌوڙيا هُئا. انهن سوچن ۾ گُم سم آهستي آهستي ڪوارٽر ۾ قدم کڻي رهيو هو... اوچتو موٽر سائيڪل جي زوزاٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيس ۽ اُهي آواز جيئن پوءِ تيئن سندس ويجهو ايندا ٿي ويا، موٽر جي رانڀاٽن جو آواز جيئن ئي سندس ويجهو پهتو ته آواز ڄڻ سڃاتل محسوس ٿيس، ڪنهن جي موٽر سائيڪل آهي جيڪا هنن جي ڪوارٽر جي گهٽيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي؟ پر موٽر سائيڪل جي آواز هن کي وڌيڪ سوچڻ ئي نه ڏنو ۽ هنن جي ڪوارٽر ٻاهران پهچي ويو، تڏهن جهٽ هن جي ذهن تي تري آيو. اڙي يار! هي ته سلمان ڀائي جي موٽر سائيڪل جو آواز آهي. جهٽ ڏئي دريءَ ڏانهن وڌيو، ايتري ۾ هنن جي ڪوارٽر جي در جي تيز کڙکڻ جو آواز به اچڻ شروع ٿيو دري کولي ڏٺائين ته واقعي موٽر سائيڪل سلمان ڀائي جي هُئي ۽ هو در وٽ هجڻ ڪري هن کي نظر نه آيو، در دريءَ کان پاسيرو هو، جنهن ڪري هن دروازي ڏانهن ڊوڙ پاتي، دروازي تي پهچي وري هڪ دفعو پڪ ڪرڻ لاءِ پچيائين ته ڪير؟
    آواز آيس ”میں سلمان ھوں، جلدی دروازہ کھولو!“
    هي به وڌيڪ ڪجهه سوچڻ جي دروزي تي پهتو ۽ دروازو کولي ڇڏيائين ۽ سلمان ڀائي اندر داخل ٿيو، تمام گهڻو پريشان هو، اندر ٿيندي ئي ذري گهٽ دانهون ڪندي هن کي چيائين ته
    "جلدی کرو، بس نکلو یھاں سے، میں آپکو لینے آیا ھوں۔"
    سلمان ڀائي جي آواز تي احمد ۽ اقبال به اکيون مهٽيندا اٿي پيا ۽ چيائون ڇا ٿيو آهي؟ خير ته آهي؟
    سلمان ڀائي کين چيو ته ”خیر نھیں ھے، بس جلدی نکلو یھاں سے، اری اٹھو یار، دیر مت کرو!“
    خالد چيس ته سلمان ڀائي ڪاڏي هلون ۽ ڇو هلون؟
    کيس چيائين "یہ وقت بحث کرنے کا نھیں ھے۔"
    هنن کي ٻانهن مان وٺي ٻاهر ڇڪڻ لڳو، صفا ڄڻ چريو پئي لڳو، سندس اهڙو رويو خالد جي سمجهه کان ٻاهر هو، جڏهن ته احمد ۽ اقبال ته صفا وائڙا هئا، سلمان ڀائي هنن کي ڪجهه به سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۽ ڪجهه سامان کڻڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ ٽنهي ڄڻن کي کنڀي موٽر سائيڪل تي ڪري کنيائين. خالد اڳيان تيل واري ٽانڪيءَ تي، خالد کان پوءِ پاڻ ۽ ان کان پوءِ احمد ۽ آخر ۾ اقبال....
    موٽر سائيڪل سوڙهين گهٽين مان تيزيءَ سان ڊوڙندي رهي ۽ گهٽيون مٽائيندو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳي، گهٽين مان هلڻ ڪري کين خبر نه پئي، پئي ته ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن، حالتون اهڙيون هيون ڪجهه ڪڇڻ هنن لاءِ مناسب نه ٿي هو، 15 منٽن کان پوءِ هي ڪينٽ اسٽيشن تي هئا ۽ موٽر سائيڪل تان لهي هنن وري به سلمان ڀائي کان پڇيو ته ڪجهه ته ٻڌاءِ آخر معاملو ڇا آهي؟ هنن کي ڪجهه به نه ٻڌايائين ۽ هو اهو چئي روانو ٿي ويو ته منهنجي اچڻ تائين ڪينٽ تي انتظار ڪيو، مان جمن کي کڻي اچان ٿو.
    خالد پڇيس ته جمن کي ڇو؟
    سلمان ڀائي خالد کي ڪو جواب ڏيڻ کان سواءِ موٽر سائيڪل کي ڪڪ هنئين ۽ ريس ڏنائينس، موٽر سائيڪل چرڙاٽ ڪندي رستي تي هلڻ شروع ڪيو ۽ سلنسر مان ڪارو دونهون ٻاهر نڪتو ۽ هوا ۾ ملي گم ٿي ويو ۽ اک ڇنڀ ۾ موٽر به هنن جي اکين کان اوجهل ٿي وئي.
    هي ٽئي ڄڻا هڪٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ اکين اکين ۾ هڪٻئي کان سوال ڪري رهيا هئا ته آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اهڙي اوچتي ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ صورتحال سبب وائڙا ٿيو بيٺا هئا. نيٺ احمد خاموشي ٽوڙيندي چيو ته يار هي ڇا آهي ۽ سلمان ڀائي اسان کي ائين ڇو هتي اسٽيشن تي کڻي آيو آهي آخر معاملو ڇا آهي؟ احمد جي مُنهن تي ڪاوڙ جا آثار چٽا ٿي اڀري بيٺا.
    خالد کيس چيو ته اها ته مون کي به خبر ناهي. سلمان ڀائي ڪجهه ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ جو موقعو ئي ڪٿي ڏنو.
    پر ٽئي دوست ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته سلمان ڀائي هنن کي دوکو نه ٿو ڏئي سگهي، جي دوکو ڏيڻو هجيس هان ته پوءِ ڪلهه جڏهن هو بک ۾ پاهه ٿي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪرفيو جهڙي حالت ۾ سر جو سانگو لاهي کاڌي جو سامان ڏيڻ نه اچي هان؟
    اقبال چيو ته يار ڪالهه کاڌي جو سامان به ڏئي ويو، اڄ وري ائين اوچتو اسان کي ڪوارٽر مان کڻي هتي اسٽيشن تي آيو آهي. خبر ناهي معاملو الائي ڇا آهي؟
    هي اسٽيشن جي ٻاهران سلمان ڀائي جي هدايت موجب سندس اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، پليٽ فارم تان ريل جي سيٽين جو آواز کين ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو، ڄڻ کين سڏيندي هجي ته اچو ڇڏيو ڪراچيءَ جي پچر! اچو ته مان توهان کي کڻي هلان، پنهنجي شهر جتي امن آ. سڪون آ، محبت آ........
    اسٽيشن ٻاهران ڪجهه ٽئڪسيون اچي مسافرن کي اتي لاهي وري شهر ڏانهن موٽي رهيون هيون، ڄڻ وري خالد کي ورهاڱو ٿيندي محسوس ٿي رهيو هو ۽ اصلي ڌرتي ڌڻي اسٽيشن تي پنهنجي شهر مان تڙجي وڃي رهيا هئا، اسٽيشن تي ايندڙن جي اڪثريت سنڌين جي هُئي، ٻارين، ٻچين مائين... سامان ڪلهي تي کڻي اسٽيشن جي عمارت ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ هي کين حسرت ڀرين نظرن سان ڏسي رهيا هُئا. ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيا. بيوس، لاچار انهن کي تڪي رهيا هئا ۽ سوچي رهيا هئا ته ڪري به ڇا ٿا سگهون؟ هي ته خود به ان ڪرڀ مان گذري رهيا آهن. روزگار لاءِ ڀٽڪندي ڪراچيءَ آيا ۽ اڄ وري رولاڪين ڏانهن موٽي رهيا هئا. کين ويٺي اڌ ڪلاڪ گذري ويو ۽ هنن جون نظرون رستي ۾ کتل هيون ته ڪيڏي مهل ٿو سلمان ڀائي اچي، سندن هڪ منٽ صدين جيئن گذري رهيو هو، سندن اندر جي آنڌ مانڌ ۽ دل جي ڌڙڪن وڌي رهي هئي، هنن جي ذهنن ۾ انيڪ سوال ڪر کڻي رهيا هئا ته آخر سلمان ڀائي ايتري دير ڇو ڪئي؟ جمن ڪوارٽر تي هوندو به الائي نه؟ يا سلمان ڀائي کي ملندو به الائي نه؟ جي نه مليو ته ڇا ٿيندو؟ الائي معاملو ڇا آهي اسان ته سلمان ڀائي کي ايترو ڪڏهن پريشان ڀٽڪندي ناهي ڏٺو، ساڻس ڪجهه وقت جو رشتو هو سو به ڪچهرين جو ڊاڙن ۽ ٺڪائن جو يا سندس ڪئبن تان سگريٽ وٺي سوٽا هڻڻ جو يا وري ڪڏهن ڪڏهن سندس چانهن پيئڻ جو يا پيارڻ جو. ايڏي ڪا پڪي دوستي به نه هُئي نه ئي رت جو رشتو هو، پر الائي ڪهڙي سبب جي ڪري ٿوري گهڻي ويجهڙائپ ٿي هئي جيڪا انسانيت جي رشتي ۾ جڪڙجي وئي هُئي ۽ ان رشتي کي نڀائيندي ڪالهه رات موت جي پرواهه نه ڪندي به هو هنن کي کاڌي جو سامان ڏئي ويو هو ۽ هنن مٿس اصل اعتبار نه ٿي ڪيو، ايتري قدر جو هن لاءِ دروازو به نه کوليائون. خالد کي اها ڳالهه ياد ايندي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ته آخر هن سلمان ڀائي سان اهڙو ورتاءُ ڇو ڪيو هو؟ شايد حالتن هنن کي اهڙو ڪٺور بڻائڻ تي مجبور ڪيو هو؟ جو هنن کي ڪنهن تي اعتبار نه ٿي آيو. اهڙيون ڪيتريون سوچون هيون هن جي ذهن ۾ .. خوف پريشاني، انتظاري ۽ بيقراري جي مليل جليل ماحول ۾ وار وکريل، سندن اکيون اڃا چپين سان ڀريل هيون ۽ هنن مٿان اوٻاسين ننڊ پوري نه هجڻ يا ٿڪاوٽ هجڻ جون چگليون ٿي هنيون. هنن ۾ ايتري سڪت به نه هُئي جو اسٽيشن جي اندر وڃي مُنهن کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي اچن. هنن کي بس انتظار هو سلمان جي اچڻ جو.....
    ڪيڏي مهل ايندو الائي سلمان ڀائي؟ احمد پنهنجي مُنهن پاڻ کان ئي ڄڻ سوال ڪيو ۽ وري خاموش ٿي ويو. هنن جي نظر اڃا به رستي تي کتل هئي. ايتري ۾ سلمان ڀائي موٽر سائيڪل سميت ظاهر ٿيو، پر موٽر سائيڪل تي اڪيلو هو، موٽر سائيڪل ڀرسان بيهارڻ جي ڪوشش ڪيائين موٽر سائيڪل هن کان اسٽينڊ تي نه بيٺي، هيٺ ڪري پئي، هو سڄو ڏڪي رهيو هو. احمد جهٽ ڏئي موٽر سائيڪل کي سڌو ڪري اسٽينڊ تي بيهاريو.
    جمن بابت پچڻ لاءِ خالد جا لفظ سندس ساٿ نه ڏئي رهيا هُئا ۽ سلمان ڀائي ايتري ۾ هيٺ روڊ تي ويهي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو، هي وڌيڪ پريشان ٿي ويا، سلمان ڀائي زور زور سان پنهنجي مٿي تي ڌڪ ٿي هنيا ۽ صفا پاڳل محسوس پئي ٿيو، نيٺ همت ساري خالد وڃي ڀاڪر ۾ ڀريس۽ کائنس پڇڻ لڳو ته جُجُ.........مم....نُ؟
    کيس چيائين يار ”جمن کو انھوں نے مار دیا!“
    ڪنهن ماريو جمن کي؟ ٻڌاءِ سلمان اسان کي ٻڌاءِ ڪنهن ماريو جمن کي.................................!!؟؟؟ خالد زور زور سان کانئنس پڇيو.
    سامت ۾ ايندي هنن کي سڄو احوال ٻڌائيندي چيائين ته ڪالهه رات دير سان توهان کي مارڻ لاءِ مشهور دهشتگرد ڪن ڪٽا کي ٽاسڪ مليو هو، هن جي هڪ دوست حيدر جي گهر اها منصوبندي ٿي هُئي، هن کي پنهنجي ان ئي دوست وٽان سڄي منصوبا بندي جي خبر پئي.
    سلمان ڀائي هنن کي وڌيڪ ٻڌايو ته هو جڏهن هنن کي اسٽيشن تي ڇڏي، جمن کي کڻڻ لاءِ ويو هو ته دهشت گردن اڳئي کيس گولين جو بکُ بڻائي ماري ڇڏيو هو، سندس گهر کي باهه ڏئي ڇڏي هُئي، جنهن ۾ جمن ساڻس گڏ رهندڙ محمد صالح ٻئي ڄڻا مارجي ويا هئا.
    هن کين ٻڌايو ته توهان جي ڪوارٽر کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.
    جمن جي مارجڻ واري خبر ٻُڌي هنن جي پيرن هيٺان اصل زمين ئي نڪري وئي ، سهڻو، ملڻو جلڻو ڪچهرين جو ڪوڏيو، آدرشي ۽ نظرياتي انسان.... جنهن ڪراچي ۾ رهندي پل پل سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ۽ انهن ۾ تنظيم سازي لاءِ پتوڙيو هو، خالد جي ذهن تي جمن جي يادگيرين جي تصوير سامهون اچي وئي. جمن خالد کي ٻڌايو هو ته هن رسول بخش پليجي پاران ورتل ڪوشش جي نتيجي ۾ ”سنڌي عوام جي قومي اتحاد “ جي پليٽ فارم تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري پاڻ پتوڙيو هو ۽ هنن کي جلسي جا احوال ٻڌايندي ڪيڏو نه خوش ٿيندو هو. اُهي احوال ٻڌائيندي هن کين چيو هو ته جڏهن لکين سنڌي ماڻهو هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي ڪراچيءَ جي رستن تي مارچ ڪري رهيا هئا ته ڪراچي تي قبضو ڄمائڻ وارن جا وات گودا ٿي ويا هئا ۽ سنڌي ماڻهن جي اهڙي ٻڌي کي ڏسندي ئي اصل طاقتن ” سنڌي عوام جي قومي اتحاد “ کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ڪيون، هٿرادو ليڊر پئدا ڪري سنڌي عوام جي قومي اتحاد جو نالو مٽرايو ۽ ”سنڌ قومي اتحاد“ رکيو هئائون. جنهن ڪري ان جا اڳواڻ ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ سنڌي ماڻهن جي نالي تي لکين رپيا چندو گڏ ڪري کائي ويا هئا نه صرف ايترو پر سنڌ قومي اتحاد ۾ لساني تنظيم کي شامل ڪرڻ جي تجويز به آندي وئي هئي.
    اهو جمن ئي هو جنهن هنن کي ليڪچر ڏئي ڪراچيءَ جهڙي اجگر شهر ۾ جيئن جي سگهه پئدا ڪئي هُئي. هن پنهنجي سڄي زندگي انقلاب ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڌرتي لاءِ ارپي ڇڏي هُئي، نه شادي ڪيائين، نه ذاتي زندگي جي خوشحالي لاءِ سوچيو هئائين. زندگيءَ ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن جيڪي اجتماعي خوشحاليءَ لاءِ پنهنجون ذاتي خوشيون قربان ڪري ڇڏيندا آهن. سچ پچ ته اهڙا ماڻهو تاريخ جو امر ڪردار هوندا آهن.هن جي ذهن ۾ جمن جو معصوم سٻاجهڙو چهرو سامهون هئو ۽ خالد انهن يادن ۾ گم هيو. خالد سندس جدائي تي محسوس ڪيو هو ته اڄ زمين ڦاٽي پوندي يا آسمان ٽٽي پوندو، پنهنجي وجود کي ڀسم ٿيندي، ريزا ريزا ٿيندي محسوس ڪيو هئائين، هن سوچيو ته لاڳيتو پيارن ماڻهن جا وڇوڙا برداشت ڪيا اٿم يا ڪيا هئاسين. ڀلا ائين ڇو ٿو ٿئي جنهن سان هي بي حد پيار ڪن ٿا جن جو بي حد احترام ڪن ٿا، اُهي هنن کان جهٽ ڇو ٿا وڇڙي وڃن!؟
    هنن جي اکين مان هڪ ڳوڙهو به نه ٽميو، پر هنن جو اندر رجهي رهيو هيو روئڻ لاءِ هاڻي ته هنن جا ڳوڙها به ختم ٿي ويا هئا، پر هن سوچيو ته روئون ڇو؟ روئبو ته مري ويندڙ لاءِ آهي، جيئن امتياز دل شڪستو ٿي مري ويو هو! ڪامريڊ جمن، محمد موسي ته هميشه لاءِ امر رهڻا آهن. اُهي ڪڏهن به مري نه ٿا سگهن.
    سوڳ ۾ پٽ تي ويٺي هنن کي ڪافي وقت ٿي ويو هو، ڪنهن به ڪنهن سان نه ٿي ڳالهايو شايد سڀني جي ذهنن ۾ خالد جهڙا خيال ۽ يادون رچي رهيون هيون. پر سلمان اڃا تائين اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو ۽ نيٺ هن اکين مان ڳوڙها اگهيا، اٿيو ۽ اسٽيشن جي عمارت ۾ هليو ويو، جلدي واپس وريو، هن جي هٿ ۾ ٽڪيٽون هيون خالد جي هٿ ۾ ڏئي هن کي ٻانهن کان ڇڪي عمارت ۾ وٺي ويو، احمد ۽ اقبال هن جي پويان آيا، خالد کان هلڻ ئي نٿي پڳو، قدمن به سندس ساٿ نه ٿي ڏنو، ٿڙندي، ٿاٻڙجندي پليٽ فارم تي پهتا. سلمان ڀائي ريل ۾ اندر ويو ۽ هنن کي وٺي سيٽن تي ويهاريائين، دٻي ۾ ڪافي ماڻهو موجود هئا، هنن کي ويهاري سلمان ڀائي هنن کان موڪلائڻ کانسواءِ هليو ويو. ريل گاڏي سيٽي وڄائي هلڻ لڳي، اسٽيشن جي عمارت گذري وئي، ٻيون عمارتون آيون گذري ويون، خالي پلاٽ ۽ پوءِ جهنگ شروع ٿي ويو.


    باب ارڙهون

    ٽئي ڄڻا ڪراچي ڇڏي واپس ڇا پهتا، ڄڻ سندن شهر جو ويڙهو ئي ويران لڳو پيو هو، جنهن شهر ۾ جنم ورتو هين، ٻالڪ پڻ کان وٺي جوانيءَ تائين رولاڪين جا سفر سڀ يادون شهر سان وابسطه هوندي به ڪراچي مان تڙجي اچي هتي پناهگير ٿي پهتا هئا، دل اصل ڪانه ٿي لڳن، پر وقت ويو ٿي گذرندو، ڏينهن، هفتا، مهينا، پر وقت جي بي رحم وهڪري هنن کي جيڪي گهاءَ ڏنا هئا اهي ڀرجڻ جا ته نه هُئا پر اهي زخم ناسور ۾ ان وقت بدلجي ويا، جڏهن هي ٽئي يار به هڪ هڪ ٿي الڳ ٿي ويا، اقبال جي بدلي خيرپور ٿي وئي، اهو اوڏانهن هليو ويو، احمد کي مائٽن لاڙڪاڻي موڪلي ڇڏيو ۽ خالد وري به اڪيلو رهجي ويو، ساڳيو بيروزگار... وري يارن جو سهارو به کسجي ويس. ڄڻ ته اڌ ذهني مريض بڻجي زندگيءَ جي گاڏيءَ کي گهلڻ لڳو.
    وقت گذرڻ سان حالتن ڦيرو کاڌو ۽ وري ڪراچيءَ جون حالتون سازگار ٿي ويون ته خالد ڪراچيءَ ڏانهن اڏام ڪندي ويرم ئي نه ڪئي، پر هن دفعي خالد سان ڪو ٻيو دوست گڏ هو، صدر پهچي اتان محمود آباد پهچڻ لاء ٽئڪسي ۾ چِڙهيا، ٽئڪسي ۾ ويٺي هنن پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي ڪراچي جي حالتن بابت خيالن جي ڏي پٺ پئي ڪئي، ته نيٺ ٽئڪسي واري کان به رهيو نه ٿيو ۽ کين چيائين ته سنڌي ۾ اوهان جون ڳالهيون ٻُڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، جو هاڻي وري سنڌي ڪراچيءَ ڏانهن وري رهيا آهن. هن کين چيو ته ڀلي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڃان به وڌي جيئن بکن ۾ پاهه ٿي سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ جو رستو لڀي پوي. انهن ڏينهن ۾ واقعي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ هُئي لکين ايڪڙ زمين پاڻي جو ڦڙو به نه ملڻ ڪري بنجر بڻجي وئي هُئي ۽ هاري بيروزگار ٿي ويا هُئا، انهن جو پڙهيل لکيل نسل مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن ڪري انهن پڙهيل لکيل ماڻهن ڪراچيءَ ڏانهن اڏام ٿي ڪئي.
    خالد ٽئڪسي واري کي چيو ته ادا اهڙي پٽ ته وات مان نه ڪڍي باقي اجتماعي طرح سنڌ جون حالتون گهڻيون تبديل ٿيون آهن، سنڌي ماڻهو پهريان فوج ۾ ڀرتي نه ٿيندا هُئا، مگر هاڻي فوج ۾ ڀرتي لاءِ قطارون لڳي وڃن ٿيون ۽ ڀرتي لاءِ سفارشون ڪرائين ٿا..
    ٽئڪسي ڊرائيور جنهن پنهنجو نالو حيات علي ٻڌايو ۽ کين ٻڌايو ته هو 1986 کان وٺي ڪراچي ۾ رهي ٿو، هن جو ڀاءُ به لساني جهيڙن ۾ مارجي ويو هو ۽ ڪيترا ئي ڀيرا هن جي گاڏي وڳوڙين ساڙي ڇڏي هئي، بکن ۾ باهه ٿيندي به هن ڪراچي نه ڇڏي هُئي. خالد سوچيو ته هڪ اهو ٽئڪسي ڊرائيور، جنهن پنهنجي ايتري تباهي ٿيڻ باوجود به ڪراچي نه ڇڏي هُئي ته ٻئي پاسي هي ڪائنر هئا جيڪي ڀڄي هليا ويا هئا ڪراچيءَ کي ائين نڌڻو ڪري، پر حيات علي جيترا ڪيترائي سرفروش هئا جن ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي نه ڇڏي هُئي.
    خالد ڪراچيءَ ۾ وري به اخبارن ۾ ڊيوٽيءَ سان لڳي چڪو هو، پر هاڻي نه وري اهو فقير محمد لاشاري هو نه وري ان جي اخبار جاڳو....
    ريلوي ڪالونيءَ جو نقشو ئي مٽجي ويو هو، مين چوڪ تي سلمان ڀائي جي ڪئبن به نه هُئي، پڇا ڪرڻ تي ڀر واري دڪاندار خالد کي ٻڌايو ته سلمان ڀائي کي گهڻو وقت اڳ ئي غداري ڪرڻ جي سزا ۾ ماريو ويو هو. هنن سوچيو ته سلمان ڀائي هنن جي زندگي بچائيندي پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي هُئي. هڪڙا اهڙا به انسان هُئا، جن ڪراچي ۾ پنهنجو رت ڏئي ٻين جي زندگي ٿي بچائي ته ٻيا وري انسانن جي روپ ۾ لڪيل خونخوار جانور به هُئا، جيڪي هر وقت خون جا پياسا هُئا.
    خالد ان ئي دڪان واري کان پڇو ته پوءِ ڀلا سلمان ڀائي جا گهروارا ڪٿي آهن، توهان کي ڪا خبر چار.. ؟ کيس چيائين مون کي انهن بابت خبر ناهي، سلمان ڀائي جي موت کان پوءِ جهٽ ئي اُهي هتان لڏي هليا ويا هئا، ڪيڏانهن ڪابه خبر ناهي. سلمان ڀائي جي ياد کين تڙپائي وڌو هو.
    سلمان ڀائي جون يادون سندس سوين احسان سڀ کان وڏو احسان هنن جي زندگي بچائڻ ۽ ان ئي الزام ۾ موت قبولڻ......سچ پچ ته اهڙا ماڻهو انسان جي روپ ۾ فرشتا ٿين ٿا. خالد سوچن ۾ گم ٿي ويو کيس ڪراچي جي ماضيءَ جا انيڪ پراڻا قصا ياد ايندا رهيا ۽ هن جا قدم شاهين ڪمپليڪس وٽان گذرندا، پي سي هوٽل کان ٿيندا شيرٽن هوٽل جي پٺئين ڀر واري ڪالوني ڏانهن وڌندا رهيا، ڦاٽڪ ڪراس ڪري اڳتي وڌيو ته هوا سان گڏ نڪ ۾ گهڙي ويندڙ بدبوءِ هن کي اطلاع ڪيو ته هاڻي ڪراچي اندر هڪ ٻي ڪراچي جيڪا غريبن جي آهي ان ۾ داخل ٿي چُڪو آهين. ان وقت خالد کي هڪ گاني جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، سڃاتل لڳس ۽ هن جا پير ان گاني جي آواز کي ڳولڻ لاءِ وڌڻ لڳا جيئن ويجهو ٿيندو ويو تيئن گاني جا ٻول چٽا کيس سمجهه ۾ اچڻ لڳا. نج ٻهراڙي جي ٻولي، آواز جلال چانڊيي جو.... ۽ ٻول هئا


    جلال چانڊيي جو اهو ڪلام هڪ مال جي واڙي مان اچي رهيو هو. تڏهن خالد کي ٽئڪسي ڊرائيور جي چيل ڳالهه چٽي سمجهه ۾ آئي هئي ته ”سنڌي جڏهن بک جو مُنهن ڏسندا، تڏهن ڪراچيءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نڪري ايندا“. اڄ واقعي سنڌي ڪراچيءَ ۾ جام اچي رهيا آهن، اهو ئي خواب هو جيڪو ڪامريڊ محمد موسي، محمد جمن ۽ هنن ڏٺو هو، جنهن جي ساڀيان ٿي رهي آهي. پر شايد ان جي مڪمل ٿيڻ کي وقت لڳي. ان ئي خيالن ۾ بيٺو هيو ته اوچتو هن جي پٺيءَ تي ڪنهن هٿ رکيو، هن کان اصل ڇرڪ نڪري ويو، ڪنڌ پوئتي ڪري ڏٺائين ته ڪو ڄاتل سڃاتل چهرو هيو، جيڪو هن جي پٺيان بيٺو هو، ڪير؟ ڪير؟ هيءُ؟ اڃا اُهي جملا هن جي ذهن ۾ گردش ڪري رهيا هُئا، ته ان چيس اڙي ڀوڪ! نه ٿو سڃائين ڇا؟
    اڙي! تون حبو حوالي تون؟
    ها!ها! مان آهيان حبو حوالي.
    ائين چئي خالد کي معيارون ڏيڻ ۾ شروع ٿي ويو. يار توهان سڀني مون کي وساري ڇڏيو؟
    نه نه يار اسان توکي ڪيئن ٿا وساري سگهون پر حادثا اهڙا ٿي ويا جو، ڪو ڪيڏانهن ويو ته ڪو ڪيڏانهن ويو. خالد کيس ٻڌايو.
    خالد پڇيس ته ٻڌاءِ هاڻي ڪهڙو ڪم ڪار ٿو ڪرين؟ ۽ ها تو واري رن ٻار ڄڻڻ بند ڪيا يا نه؟
    کيس چيائين ته ماشاالله 10 ٻارڙن جي ماءُ آهي ۽ مان هاڻي ڪمپيوٽر آپريٽر مان سب ايڊيٽر ٿيس هاڻي وري اسٽاف رپورٽر آهيان. بس ٺٺ آهن، وزيرن ۽ آفيسرن سان ياريون آهن پنهنجون.
    خالد کان پڇيائين ته تون ٻڌاءِ هاڻي ڇا ڪرڻ جو پروگرام اٿئي؟
    خالد چيس ته باقي زندگي ڌرتيءَ لاءِ ارپي آهي.
    خالد جي ڳالهه ڪونه سمجهيو. کيس چيائين ڌرتيءَ کي زندگي؟
    خالد چيس ته ها مون پنهنجي زندگي ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪئي آهي ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ڪراچي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏبي ۽ سنڌي ماڻهن ۾ تنظيم جي مضبوطي لاِءِ ڪامريڊ موسي ۽ محمد جمن جي ڇڏيل ڪم کي ٻيهر هٿ ۾ کڻبو ۽ تڪميل تائين پهچائبو، اهو ڪم جيڪو بنا ڪنهن جو خون وهائڻ جي ڪرڻو آهي، پرامن، قومي، عوامي، ثقافتي، طبقاتي جدوجهد..........ان ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي جو راز سمايل آهي. جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پورو ڪرڻو آهي.
    کيس چيائين ته اڙي ڀوڪ مان وري توکي ڪڏهن اهو ڪم ڪرڻ کان جهليان ٿو. پر هينئر حل ته توکي ماني کارايان گهڻي وقت کان پوءِ مليا آهيون ۽ ها مان به توسان هر حال ۾ گڏ آهيان، پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه سمجهه، هڪ هڪ ٿي وري ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿينداسين.
    خالد کي اميد جا ڪرڻا چٽا نظر آيا ۽ هي وري ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ جنبي ويا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 695
    ڪتابن جو مشاهدو: 948533
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 320557
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ