ڪتاب جو نالو: قصيدة بردة شريف (سنڌي ترجمو)
مصنف: علامہ عبدالوحيد جان سرهندي
ڇپائيندڙ: علامہ عبدالوحيد جان سرهندي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 1997
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 13 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 643 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 175 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • اِنۡتِسَابُ
  • پنهنجي پاران
  • ڪائنات جي تخليق سرور ڪائنات ﷺ جن جي نور اقدس مان ٿي
  • لافاني ذڪر
  • عظيم ۽ بلند ذڪر
  • سرور ڪائنات جي خدمت ۾ نعتون
  • سوانح حيات
  • قصيدہ بردہ شريف جي پڙهڻ جو طريقو
  • فصل پھريون: جُمَعَةۡ کان پڙهو
  • فصل ٻيو: ڇنڇر کان پڙهو
  • فصل ٽيون: آچر کان پڙهو
  • فصل چوٿون: سومر کان پڙهو
  • فصل پنجون : اڱاري کان پڙهو
  • فصل ڇهون: اربع کان پڙهو
  • فصل ستون : خميس تي پڙهو
  • نعت مصطفى

  • ڪتاب بابت

    بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ
    وَرَفَعۡنَالَکَ ذِکۡرَکۡ (القرآن)
    ترجمون: ۽ اسان خاص توھان لاءِ توھان جو ذڪر بُلند ڪيو


    قصيدة بردة شريف

    جو عام فھم سنڌي ترجمون


    از قلم:
    حضرت علامہ عبدالوحيد جان سرهندي
    درگاھ مجدديه ـ ٽنڊوسائينداد ـ ٽنڊومحمدخان ـ سنڌ


    شايع ڪندڙ : حضرت علامه عبدالوحيد جان سرهندي:www.sirhindi.com

    ڪمپوزنگ: احمدخان ڀرڳڙي بدين

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جا مترجم علامہ عبدالوحيد جان سرھندي صاحب جن آھن.
    هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي.
    هن وقت تائين هن قصيدہ بُرده شريف جو ترجمون تقريباً ۴۰ ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. عالمِ اسلام جي ڪيترن ئي محقق عالمن هن قصيدہ بُردہ شريف جون شرحون عربي، فارسي، تُرڪي، انگريزي، جرمني، فرينچ، سنڌي، اردو وغيره ۾ لکيون آهن.
    ٿورائتا آھيون بدين سان تعلق رکندڙ مانواري مھربان احمد خان ڀرڳري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گھر لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اِنۡتِسَابُ

    بِسۡمِہٖ سُبۡحَانَہٗ وَتَعَالىٰ
    نَحۡمَدُہٗ وَنُصَلِّیْ وَنُسَلِّمۡ عَلىٰ حَبِیۡبِہِ الۡکَریْمِ o
    وَعَلیٰ آلِہٖ وَاَصۡحَابِہٖ وَاِتۡبَاعِہٖ اَجۡمَعِیْنَo

    اِنۡتِسَابُ
    قصيدہ بُردہ شريف جي هِن سنڌي ترجمي کي آئون پنهنجي جد امجد (ڏاڏي بزرگوار) ۽ پھرئين بابرڪت ۽ ڪامل استاد صَاحِبُ الۡعِلمِ وَالۡعِرفانِ حضرت آغا عَبۡدُاللهِ جَانِ مُجددّي المعروف بہ حَضۡرَتِ شَاهِ آغا سرهندي جن جي اسم گرامي ڏانهن مَنۡسُوبُ ڪريان ٿو.
    منهنجي لاءِ اها وڏي سعادت آهي جو مون قرآن ڪريم جو پھريون سبق (بسم الله شريف) سندن حضور ۾ پڙهيو ۽ حضرت صاحب جن جي دُعائن سان مونکي ديني علم نصيب ٿيو.ذَالِکَ فَضْلُ اللهِ یُؤْتِیْهِ مَنْ یَّشَآءُ “القرآن”
    ترجمه: (اهو الله تعالىٰ جو فضل آهي جنهن کي پاڻ چاهي اُن کي عطا ڪري ٿو.)


    رَاقم الحُروف عَبدالوَحِيد سَرهَندي عَفِي عَنه
    مؤرخه ۲۱ نومبر ۱۹۹۷ع ــــ ازٽنڊه سائينداد ـــ سنڌ


    پنهنجي پاران

    الله جل جلالهٗ پنهنجي پياري حبيب صلى الله عليہ وآلهٖ وسلم جي صدقي هن قصيدہ شريف جي مترجم حضرت علامه الحاج سائين عبدالوحيد جان سرهندي فاروقي مدظله العالى جن تي ايترو ڪرم ڪيو آهي جو پنهنجي محبوب جي ثنا جي پرچار سندن حوالي ڪئي آهي.
    الله تعالىٰ جيڪي عظيم شخصيتون خلقيون جن وَرَفَعَنَا لَکَ ذِکْرَکَ ۾ وڏو بھرو ورتو انهن مان سائين عبدالوحيدجان بہ هڪ آهن.
    گذريل رمضان المبارڪ ۱۴۱۷ھ / ۱۹۹۷ع ۾ پاڻ مدينه منورہ روانا ٿيا، اتي پھچڻ بعد آخري عشرہ ۾ مديني پاڪ جي حرم شريف ۾ اعتڪاف ۾ ويھڻ جي کين سعادت نصيب ٿي، ٽنڊي سائينداد ۾ سائين ارادو ڪيو تہ هاڻي قصيدہ بردہ شريف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرڻ گهرجي. قرآن پاڪ جي ترجمي جو سلسلو هلي پيو ۽ الحمد لله پندرهن (۱۵) پارہ ٽن حصن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، دلائل الخيرات جو سنڌي ترجمو شايع ٿي عوام تائين پھچي چڪو آهي ۽ ٻين ڪتابن جو سلسلو جاري آهي. پر هن قصيدہ شريف جو ترجمو شايع ڪرڻ ترجيح ۾ شامل هو. عمرہ شريف تي وڃڻ وقت پاڻ ارادو ڪيائون تہ قصيدہ بردہ شريف جو ترجمون حرم نبوي ۾ ڪرڻ گهرجي پر اتفاق سان قصيدہ بردہ شريف ٽنڊہ سائينداد ۾ رهجي ويو. پاڻ سوچيائون تہ هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي، اهو ڪتاب تہ مديني شريف ۾ ملندو ئي نہ آهي! پاڻ انهي فڪر ۾ هئا تہ اعتڪاف واري پھرئين ڏينهن ميان الله بخش سومرو صاحب کين هندستان جي ڇپيل قصيدہ بردہ شريف جي هڪ ڪاپي سندن مطالعي جي خيال سان آڻي ڏني. انهيءَ جي ملڻ سان کين اهو يقين ٿيو تہ اها ڪاپي ملڻ جو مطلب آهي تہ هن قصيدي شريف جي ترجمي ۽ اشاعت جو حُڪم سرڪارِ دوعالم صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جن کان مليو آهي، پاڻ اتي اعتڪاف ۾ ئي ترجمي جو شروع ڪيائون.
    قصيدہ بردہ شريف جي ترجمي دوران سائين جن تي محبوبن ڪريمن جو وڏو ڪرم ٿيو ۽ سندن نگرانيءَ ۾ هن عظيم ترجمي جو ڪم مڪمل ٿيو. بيشڪ هي ترجمون سنڌي زبان ۾ هڪ عام فھم ۽ منفرد ترجمون آهي.
    سرڪار دوعالم صلى الله تعالىٰ عليه وآلهٖ وسلم جي ثنا ۽ سندن ثنا جي پرچار ۽ ان کي عام مؤمنن تائين پھچائڻ هڪ اهڙو عظيم عمل آهي جيڪو هر عبادت کان افضل آهي.
    الله جَلَّ جَلالُـهٗ پنهنجي پياري حبيب جي صدقي سائين کي همت ۽ طاقت ۽ روحانيت سان نوازي ۽ علم و عرفان سان سرفراز فرمائي، جيئن پاڻ عشقِ مصطفىٰ صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جي پرچار کي جاري رکي ۽ رسولِ عربيءَ جي عاشقن جون دليون منور فرمائيندا رهن، آمين.

    خادم العلما‍ءَ:
    سَيِّد قَمرُ الزَّمان شَاھ
    لطيف آباد، حيدرآباد
    سنڌ


    ڪائنات جي تخليق سرور ڪائنات ﷺ جن جي نور اقدس مان ٿي

    بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرّحيۡم
    نَحۡمَدُہٗ وَنُصَلِّىۡ وَنُسَلِّمۡ عَلىٰ حَبِيۡبِهِ الۡکَرِيۡمِ ط


    ڪائنات جي تخليق سرور ڪائنات ﷺ
    جن جي نور اقدس مان ٿي:


    ارشاد نبوي صلي الله عليه وآلهٖ وسلم:
    وروىٰ عبدالرزاق بسندہٖ عن جابر بن عبدالله انصاری قال قلت يارسول الله بابی انت وامّی اخبرنی عن اول شیءٍ خلقہ الله تعالیٰ قبل الاشياء. قال يا جابر ان الله خلق قبل الاشياء نور نبیک من نورہٖ فان ذالک النور یدور بالقدرة حیث شاء ولم یکن فی ذالک الوقت لوح(۱) ولاقلم (۲) ولاعرش (۳) ولاجنة (۴) ولانار (۵) ولا ملک (۶) ولاسماء (۷) ولاارض (۸) ولاشمس (۹) ولاقمر (۱۰) ولاجن (۱۱) ولا انس (۱۲) فلما اراد اﷲ ان یخلق الخلق قسم ذالک النور اربعة اجزاءٍ فخلق من جزء الاول القلم ومن الثانی اللوح ومن اثالث العرش ثم قسم جزء الاربع اربع اجزاء فخلق من الاول السمٰوات ومن الثانی الارضین ومن الثالث الجنة والنار ثم قسم الرابع ثلاثة اجزاءٍ فخلق من الاول نور ابصار المؤمنین ومن الثانی نور قلوبہم وهی معرفة باﷲ ومن الثالث نور اُنسہم وهو التوحید لاالٰہ الّا اﷲ محمَّد رسول ا ﷲ صلی اﷲ علیہ وآلہٖ وسلم۔ منقول از بیاض سرهندی ص۲۶
    ترجمون: حضرت جابر بن عبدالله انصاري رضي الله تعالىٰ عنه فرمائن ٿا تہ مون رسولِ عربي عليه الصلواة والسَّلام جي دربار اقدس ۾ عرض ڪيو تہ منهنجا پيءُ ماءُ توهان تان قربان ٿين، توهان مون کي ٻڌايو تہ رب العٰلمين ساري مخلوقات کان اڳ ۾ ڪهڙي شيءِ پيدا ڪئي؟ رسولِ عربي عليه الصلواة والسّلام ارشاد فرمايو تہ اي جابر ـــ رب العٰلمين سڀ کان پھرين تنهنجي نبيءَ جي نور کي پنهنجي نور مان پيدا فرمايو. اُن کان پوءِ اهو نور الله تعالىٰ جي مرضي مطابق سير ڪندو رهيو. ان وقت نہ لوح هو نہ قلم هو نہ بھشت هو نہ دوزخ هئي، نہ ملائڪ هئا، نہ آسمان هو نہ زمين هئي، نہ سج هو، نہ چنڊ هو، نہ جن هئا، نہ انسان هئا. پوءِ جڏهن الله تعالىٰ مخلوق کي پيدا ڪرڻ چاهيو، تہ ان نور جا چار حصا ڪيا. هڪ حصي مان قلم پيدا ڪيو، ٻئي حصي مان لوح پيدا ڪيو،ٽين حصي مان عرشِ عظيم پيدا ڪيو. چوٿين حصي مان وري چار حصا ڪيا ويا پھرئين حصي مان آسمان ۽ ٻئي حصي مان زمين ۽ ٽئين مان جنت ۽ دوزخ ٺاهيا ويا. ان کان پوءِ چوٿين حصي کي ٽي حصا ڪيا ويا پوءِ پھرئين حصي مان مؤمنن جي اکين جو نور پيدا ڪيو ويو ۽ ٻئي حصي مان مؤمنن جي دلين جو نور پيدا ڪيو ويو ۽ اها الله جي معرفت آهي ۽ ٽئين حصي مان مؤمنن جي وندر پيدا ڪئي ۽ اهو توحيد آهي، يعني لآالٰه الاَّ الله محمَّد رسول الله صلى الله عليه وآلهٖ وسلم.
    هي حديث مسند عبدالرزاق ۾ موجود آهي ۽ ڪتاب نشر الطيب جي اول ۾ پڻ موجود آهي.
    هن حديث شريف مان معلوم ٿيو تہ عرش عظيم کان وٺي تحت الثرىٰ تائين جيڪا بہ مخلوق آهي سا پاڻ ڪريمن جي نور مان پيدا ٿي آهي:

    لوح بهى تو قلم بهى تو تيرا وجود الکتاب
    گنبد آبگينہ رنگ تيرے محيط مين حباب
    علامه اقبال


    لافاني ذڪر

    سرورِ ڪائنات صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جو ذڪر هڪ لافاني ذڪر آهي. قرآن ڪريم جي پارہ ۲۲ سورة احزاب ۾ ارشاد باري تعالىٰ آهي:
    “ اِنَّ اﷲَ وَمَلٰٓئِکَتُہٗ یُصَلُّوْنَ عَلَی النَّبِیُّ یَآ اَیُّهَا الَّذِیْنَ آمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیْہِ وَسَلِّمُوْا تَسْلِیْماًط
    ترجمون: بيشڪ الله تعالىٰ ۽ الله جا فرشتا رسولِ عربي تي صلواة و سلام موڪلي رهيا آهن، اي مؤمنو توهان به پاڻ ڪريمن تي صلواة و سلام موڪليندا رهو. هن آيت شريف مان چار بنيادي ڳالهيون معلوم ٿيون:
    (۱) ڪائنات جي تخليق کان اڳ ۾ الله تعالىٰ وَحۡدَهٗ لاَ شَرِيکَ لَہٗ موجود ھو ۽ الله تعالىٰ پنهنجي حبيب ڪريم جي ذڪر ۾ پنهنجي شان مطابق مشغول ھو.
    (۲) ڪائنات جي تخليق کان فوراً پوءِ سڀئي ملائڪ پنهنجي معيار مطابق رب العٰلمين جي حڪم موجب ذِڪرِ مصطفىٰ ۾ شروع ٿي ويا.
    (۳) انسانن مان حضرت آدم عليه السَّلام جنت ۾ درود شريف پڙهي ذڪرِ مصطفىٰ جي ابتدا ڪئي ۽ پوءِ هر نبي ۽ پيغمبر پنهنجي دور ۾ ذڪرِ مصطفىٰ ڪيو.
    (۴) هن امت مان سڀ کان اوّل صحابه ڪرام کي اهو شرف حاصل ٿيو جن هن آيت شريف جي حڪم پھچڻ شرط ذڪرِ مصطفىٰ جي ابتدا ڪري ڇڏي ۽ اڄ اهو عظيم ڪم اهل سنة جي حوالي آهي.
    ( ۵) رب العٰلمين جي حڪم مطابق ملائڪ ۽ مؤمن ذڪر مصطفىٰ ۾ مشغول رهندا، ايستائين جو هي ڪائنات فنا ٿي ويندي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد باري تعالىٰ آهي کُلُّ مَنْ عَلَیْہَا فَانٍ وَیَبْقیٰ وَجْہُ رَبِّکَ ذُوْالْجَلاَلِ وَالْاِکْرَامِ ترجمه: هر شيءِ جيڪا ڪائنات ۾ آهي اُها فاني آهي ۽ رسولِ عربي توهان جو رب باقي هوندو جيڪو وڏي جلال ۽ شان وارو آهي.
    هن آيت مان معلوم تہ جڏهن هر شي فنا ٿي ويندي ۽ سڀئي ذڪر اذڪار ختم ٿي ويندا، پر چونڪہ الله وحدہٗ لاشريڪ لهٗ موجود هوندو ۽ اهو ذڪرِ مصطفىٰ ۾ هوندو، ان ڪري ذڪرِ مصطفىٰ باقي رهندو جنهن کي ڪو فنا ڪونهي.


    عظيم ۽ بلند ذڪر

    سرورڪائنات صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جو ذڪر هڪ عظيم ۽ بُلند ذڪر آهي. قرآن ڪريم جي پارہ ۳۰ سورة اَلَمۡ نَشۡرَحۡ ۾ ارشاد باري تعالىٰ آهي : وَرَفَعْنَا لَکَ ذِکْرَکَ ــــــ ترجمه : اي حبيب! اسان توهان لاءِ توهانجي ذڪر کي بلند ڪيو آهي.
    هن آيت شريف مان چار ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:
    (۱) ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ جي ذميداري رب العٰلمين پاڻ کنئي آهي.
    (۲) ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ ۾ پاڻ ڪريمن جو رضامندو مطلوب آهي.
    (۳)ذڪرِ مصطفىٰ کي هر وقت (دنيا ۽ آخرت ۾) بُلند ڪيو ويو آهي.
    (۴) ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ مؤمنن جي هڪ جماعت منتخب ڪئي وئي آهي.
    ذڪرِ مصطفىٰ کي بُلند ڪرڻ لاءِ پھريائين جن عظيم شخصيتن کي انتخاب ڪيو ويو، انهن ۾ سرِ فھرست صحابه ڪرام ۽ اهل بيت آهن. صحابه ڪرام مان خلفاءِ راشدين حضرت حسان بن ثابت، حضرت ڪعب بن زهير، حضرت ڪعب بن مالڪ، حضرت مالڪ بن نمط، حضرت نابغہ جعدي، حضرت اعشي مازاني، حضرت قيص اشجعي، حضرت ماٴذن الطائي رضى الله تعالىٰ عنهم آهن. هيءُ انهن عظيم صحابه ڪرام جا نالا مبارڪ آهن جن رسولِ عربي جي دربار اقدس ۾ نعتون پيش ڪري ذڪرِ مصطفىٰ بُلند ڪيو.
    اهل بيت ڪرام مان جن عظيم شخصيتن کي نعمتِ مصطفىٰ جي سعادت حاصل ٿي انهن ۾ سائين ڪريمن جا چاچا حضرت سيدنا حمزہ ۽ حضرت سيدنا عباس بن عبدالمطلب رضى الله تعالىٰ عنهما ۽ سائين ڪريمن جون پڦيون حضرت بي بي عاتڪه ۽ بي بي صفيه ۽ سائين ڪريمن جي نياڻي بي بي فاطمه ۽ حضرت امام زين العابدين بن سيدنا امام حسين رضى الله عنهم قابلِ ذڪر آهن.
    تابعين ۽ فقه جي امامن مان جن برگزيدہ انسانن کي نعتِ مصطفىٰ جو شرف حاصل ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت امام ابو حنيفه رضى الله عنه ۽ حضرت امام شافعي رضي الله عنه قابلِ تعريف آهن.
    بزرگانِ دين مان جن ولين ۽ ڪاملن کي نعتِ مصطفىٰ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، انهن ۾ حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني، حضرت سيدنا عثمان مروندي، حضرت خواجه معين الدين چشتي، حضرت علي هجيروي، حضرت فريدالدين گنج شڪر فاروقي، سراج الاولياءَ حضرت عبدالرحمان جان سرهندي، حضرت مخدوم محمَّد هاشم ٺٽوي، حضرت سيدنا عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، خواجه نظام الدين دهلوي، بوعلي قلندر، حضرت شيخ سعدي، مولانا عبدالرحمان جامي، حضرت امير خُسرو، مولانا جلال الدين رومي، حضرت علامه اقبال، اعلىٰ حضرت مولانا احمد رضا بريلوي، حضرت محمَّد جان قدسي ۽ حضرت امام بوصيري جا نالا سرِ فهرست آهن.


    سرور ڪائنات جي خدمت ۾ نعتون

    (۱) سرور ڪائنات صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جن جڏهن مڪه مڪرمه کان هجرت ڪري مدينه منورہ پھتا تہ مڪه جي ڪافرن سائين ڪريمن جي خلاف هڪ شعر تيار ڪرائي مدينه منورہ روانو ڪيو. اهو شعر جڏهن سائين ڪريمن جي اڳيان پڙهيو ويو تہ، سائين ڪريمن حڪم فرمايو تہ حسان بن ثابت کي وٺي اچو تہ اهو هن شعر جو جواب تيار ڪري. حڪم موجب حضرت حسان دربار نبوي ۾ پھتو ۽ عرض ڪيائين تہ يارسول الله! آئون هاڻي عمر رسيدہ ٿي چڪو آهيان ۽ مون ۾ شعر چوڻ جي صلاحيت ختم ٿي چُڪي آهي. سائين ڪريمن حضرت حسان کي دُعا ڪري پنهنجي منبر تي بيهاريو. دُعا گُهريائون: اَللّٰهُمَّ اَيِّدۡ هُ بِرُوۡحِ الۡقُدُسِ ـــ ترجمه: اي منهنجا رب تون حسان کي جبرئيل امين جي طاقت عطا ڪر.
    دُعا جو هي اثر ٿيو جو حضرت حسان فى البديه سائين ڪريمن جي تعريف ۾ هڪ جامع قصيدو چيائين، انهيءَ قصيدہ جا پھريان ٻہ بيت تبرڪاً هت لکجن ٿا:
    هَجُوۡ تُ مُحَمَّدًا فَاَجِبۡتُ عَنۡہُ
    وَعِنۡدَ اللهِ فِيۡ ذَاکَ الۡجَزَا ءٌ
    ترجمه: توهان سرورِ ڪائنات جي بي ادبي ڪئي آهي ۽ مون انهن جي طرفان جواب ڏنو آهي ۽ الله تعالىٰ وٽ ان جو فيصلو ٿيندو.
    فَاِنَّ اَبِىۡ وَ وَالِدَتِىۡ وَ عِرۡضِىۡ
    لِعِرۡضِ مُحَمَّدٍ مِنۡکۡمۡ وِقَاءٌ
    ترجمه: پوءِ بيشڪ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ منهنجي عزت سائين ڪريمن جي عزت ۽ شان تان قربان آهن.

    (۲) سرورِ ڪائنات صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جن جڏهن هجرت ڪري حضرت ابوبڪر صديق رضى الله عنه سان گڏ مدينه منورہ پھتا تہ مدينه طيبه جي ماڻهن سائين ڪريمن جو استقبال هنن بيتن سان ڪيو، اهي اشعار سائين ڪريمن پسند فرمايا. انهن استقباليه شعرن مان فقط ٻہ شعر تبرڪاً پيش ڪجن ٿا:
    طَلَعَ الْبَدْرُ عَلَیْنَا † مِنْ سَنِیَّاتِ الْوِدَاعٖ
    وَجَبَتْ شُکْرُ عَلَیْنَا † مَا دَعیٰ لِلّٰہِ دَاعٖ

    (۳) حَضرت شيخ سعدي رحمة الله عليه جن جڏهن نبي ڪريم صلى الله عليہ وآلهٖ وسلم جن جي تعريف ۾ هي نعت ٿي چئي:
    بَلَغَ الْعُلےٰ بِکَمَالہٖ
    کَشَفَ الدُّجےٰ بِجَمَالہٖ
    حَسُنَتْ جَمِیعُ خِصَالهٖ
    تہ کين انهيءَ نعت جي آخري سٽ ڪانہ ٿي آئي، تڏهن نبي ڪريم صلى اللھ عليه وآلهٖ جن شيخ سعدي رحمة اللھ عليه کي خواب ۾ آيا ۽ فرمايائونس تہ انهي نعت جي آخري سٽ هن طرح لک:
    صَلُّوْا عَلَیْہِ وَآلِہٖ
    انهي مان معلوم ٿيو تہ سائين ڪريم جن پاڻ نعت ٺاهيندڙن جي رهنمائي فرمائن ٿا.
    سرورِ ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ سڀني شاعرن مختلف ٻولين ۾ پنهنجي شان ۽ معيار مطابق نعتون، مداحون، مولود ۽ قصيدا پيش ڪيا. انهن شاعرن ۽ مداحن جي صف ۾ هڪ عظيم شاعر حضرت امام شرف الدين بوصيري رحمة اللھ تعالىٰ عليه آهي، جنهن عربيءَ زبان ۾ سرورڪائنات جي مدح ۾ قصيدہ بردہ شريف چئـِي عالمِ اسلام ۾ هڪ غير معمولي مقبوليت حاصل ڪئي آهي.


    سوانح حيات

    هن قصيدہ بُردہ شريف جي ٺاهيندڙ جو نالو ابُو عبدالله شرف الدين محمَّد بن سيد دُلادسي بوصيري رحمة الله تعالىٰ عليه آهي . دُلّاسُ مصر جي هڪ شھر جو نالو آهي سندن ولادت باسعادت سن ۶۰۸ھ دُلاس ۾ ٿي، ان ڪري کين دُلاسي سڏيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ پاڻ اُتان هجرت ڪري بُوصِيۡر نالي مصر جي هڪ ٻئي شھر ۾ آباد ٿيا، ان ڪري کين بُوصيري سڏيو وڃي ٿو.
    پاڻ ديني تعليم وقت جي جَيّد عالمن وٽ پڙهي پوري ڪئي. علم تفسير، علم حديث، علم فقه، علم تاريخ ۽ علم ادب ۾ ڪماليت جي درجي تي پھتا.علمي لياقت ۽ فضيلت جي ڪري کين “شَرۡفُ الّدِيّن” جو لقب مليو.
    فصاحت ۽ بلاغت شعر ۽ شاعري ۾ پاڻ پنهنجي وقت جا امام هئا. سندن زندگيءَ جو اڪثر حصو وقت جي بادشاهن جي خاص مجلسن ۽ گڏجاڻين ۾ گذريو. پاڻ بادشاهن جي تعريف ۾ قصيدہ ٺاهي داد حاصل ڪندا هئا، وقت جي بادشاهن جي مجلسن ۾ شرڪت ۽ شعر چوڻ جي ڪري سندن نالو مصر ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ مشھور ٿي ويو.
    هڪ دفعي علامه بوصيري جيئن ئي وقت جي بادشاھ جي دربار مان موٽي رهيا هئا تہ رستي ۾ سندن ملاقات هڪ ڪامل ولي حضرت اَبُوالرَّجَاء (رحمةالله تعالىٰ عليه) سان ٿي. بزرگ موصوف پنهجو هٿ علامه بوصيري جي هٿ سان ملائي چيو تہ ڇا توهان کي خواب ۾ رسول ڪريم صلى الله عليه وآلهٖ وسلم جي زيارت ٿي آهي؟ حضرت ابُوالرَّجَاء جي هٿ ملائڻ ۽ انهيءَ گفتگو جو ايترو تہ اثر ٿيو جو علامه بوصيريءَ جي دل ۾ رسول ڪريم جي محبت ۽ سوز پيدا ٿيو جو پاڻ انهيءَ ڪيفيت ۾ جيئن گهر پھتا تہ خواب ۾ کين سرور ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي زيارت، صحابه ڪرام سان گڏ نصيب ٿي.صحابه ڪرام پاڻ ڪريمن جي چوڌاري ايئن ڏسڻ ۾ آيا جيئن چنڊ جي چوڌاري تارا هوندا آهن.
    هن عظيم خواب ڏسڻ سان علامه بوصيري جي تقدير مٽجي وئي، لوڪ جا لاڳاپا لاهي، بادشاهن جي تعريف ترڪ ڪري، فقط ۽ فقط پاڻ ڪريمن جي تعريف ۾ شعر چوڻ شروع ڪيا. دل جي گھراين، سوز ۽ عشق سان جيڪو بہ شعر سندن زبان مان نڪتو ٿي اُهو عربي ادب جو هڪ بھترين سرمايو ۽ پاڻ ڪريمن سان پيار ڪندڙ غلامن لاءِ هڪ بھترين توشو ۽ زادِ راھ ٿي پيو.
    علامه بوصيري پاڻ ڪريمن جي تعريف ۾ ڪيترائي قصيدہ تيار ڪيا، جن مان قَصِيۡدہ مُحَمَّدِيَّه، قصيدہ هَمۡزِيَّهۡ، قَصِيۡدہ مُضۡرِيَّهۡ نھايت مشھور آهن.
    حضرت علامه بوصيري رحمة اللھ عليه کي فالج جي بيماري ٿي پئي، وقت جي حاذق حڪيمن ۽ ماهر طبيبن سندن علاج معالجو ڪيو پر کين ان مان ڪوبہ فائدو نہ ٿيو، آخرڪار علامه بوصيري رَحۡمةً لِّلۡعٰلَمِيۡنَ صلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَآلهٖ وَسَلَّم جي دربار عاليه ۾ التجائون ۽ عرض ڪيا ۽ عربيءَ ۾ هڪ مڪمل قصيدو تيار ڪيو. سندن اهو قصيدو دربارِ نبويءَ ۾ قبول پيو ۽ کين سرورِ ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي زيارت نصيب ٿي پاڻ ڪريمن علامه بوصيري جي بدن تي شفقت ۽ شفا جو هٿ مبارڪ ڦيرايو ۽ ڪمال شفقت ۽ مھرباني سان پنهنجي چادر مبارڪ، انعام طور کين پھرائي. پاڻ جڏهن سُجاڳ ٿيا تہ سندن مرض ۽ درد ختم ٿيا ۽ فالج جي بيماري مان کين مڪمل شفا ملي ۽ ڏٺائين تہ اها چادر سندن مٿان پيل هئي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو جيئن ئي علامه بوصيري بازار مان وڃي رهيا هئا تہ کين ساڳيو بزرگ حضرت ابوالرجاء رحمة اللھ عليه مليو، بزرگ فرمايو تہ مون کي اهو قصيدو ٻڌاءِ جيڪو توهان گذريل رات سرور ڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ پڙهيو هو. علامه بوصيري عرض ڪيو تہ قبلا! مون پاڻ ڪريمن جي شان اقدس ۾ ڪافي قصيدہ چيا آهن، توهان کي آئون انھن مان ڪھڙو قصيدو پڙهي ٻڌايان؟ بزرگ فرمايو تہ تون مون کي اهو قصيدو پڙهي ٻڌائي جنھن جو پھريون شعر هي آهي:
    اَمِنْ تَذَکُّرِ جِیْرَانٍ بِذیْ سَلَمٖ
    مَزَجْتَ دَمَعًا جَریٰ مِنْۢ مُّقْلَةٍ بِدَمٖ
    علامه بوصيري عرض ڪيو تہ قبلا اهو قصيدو توهان کي ڪيئن معلوم ٿيو؟ حالانڪہ اهو قصيدو مون ڪنهن کي نہ ٻڌايو آهي. حضرت ابوالرجاء فرمايو تہ گذريل رات توهان اهو قصيدو سرورِڪائنات صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ پڙهي رهيا هئا، ۽ پاڻ ڪريم اهو ٻڌي نھايت خوشيءَ مان جهومي رهيا هئا ۽ توهان جي انهيءَ قصيدہ کي پسند فرمائي رهيا هئا، آئون ان مبارڪ مجلس ۾ موجود هئس. مون کي پاڻ ڪريمن حڪم فرمايو آهي تہ مصر جي وزير شيخ بھاءالدين جي نياڻي کي فالج جي تڪليف ٿي پئي آهي، اهو وزير توهان جو مخلص ۽ مريد آهي، توهان اهو قصيدو وٺي اُن نياڻيءَ تي پڙهندا تہ کيس فالج جي بيماري کان مڪمل نجات ملندي.
    علامه بوصيري، حضرت ابوالرجاء کي اهو قصيدو بردہ شريف ڏنو، پڙهڻ سان شيخ بھاءُ الدين جي نياڻي کي مڪمل شفا ملي. ان کان پوءِ هي قصيدو مشرق کان مغرب تائين پوري عالمِ اسلام ۾ مشھور ٿي ويو. هزارن ماڻھن هن قصيدہ کي آزمايو ۽ کين ڪامل شفا نصيب ٿي.
    هي قصيدو مبارڪ هر لاعلاج مرض لاءِ مڪمل شفا آهي، خصوصاً فالج جي مرض لاءِ نھايت مؤثر ۽ مفيد آهي. هونءَ تہ پوري عالمِ اسلام ۾ هن قصيدہ جي شفا جا قصا عام آهن، پر اسانجي سنڌ سونھاري جي ضلع خيرپور جي ڳوٺ گُھرام جي رهاڪو مولانا جمال الدين اجمل کهڙو کي بہ اوچتو فالج جي تڪليف ٿي پئي. گهڻائي علاج معالجا ڪرايائين پر فائدو ڪٿان بہ ڪونہ ٿيو. نيٺ پاڻ قصيدہ بردہ شريف عربيءَ جو سنڌي ۾ منظوم تشريحي ترجمون لکڻ شروع ڪيو، ترجمون ۽ تشريح مڪمل ٿيو تہ مولانا موصوف بہ بلڪل صحتمند ٿي پيو ۽ الحمدلله اهو ڪتاب اسانجي نظرثاني ۽ نگراني ۾ ڇپجي عام ٿي چڪو آهي. مولانا صاحب جي اسان سان محبت ۽ عقيدت قابلِ تعريف آهي، کيس گذريل سال حج جي سعادت بہ حاصل ٿي آهي.
    هن قصيدي کي هر دؤرجي عالمن، ڪاملن ۽ ولين وظيفي طور پڙهيو آهي. عربيءَ زبان ۾ بُرۡدَہۡ چادر کي چيو ويندو آهي؛ ڇو تہ هن قصيدہ جي مصنف کي پاڻ ڪريمن جي طرفان انعام طور چادر عطا ٿي آهي، ان ڪري هن قصيدہ کي قصيدہ بُردہ يعني چادر وارو قصيدو سڏيو وڃي ٿو.
    هن وقت تائين هن قصيدہ بُرده شريف جو ترجمون تقريباً ۴۰ ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. عالمِ اسلام جي ڪيترن ئي محقق عالمن هن قصيدہ بُردہ شريف جون شرحون عربي، فارسي، تُرڪي، انگريزي، جرمني، فرينچ، سنڌي، اردو وغيرهم ۾ لکيون آهن.
    قصيدہ بُردہ جي هن عظيم مصنف جون ٻيون بہ ڪافي تصنيفون آهن، پر سڀني کان مشھور سندن قصيدہ شريف آهي، جيڪو توهان جي هٿن ۾ موجود آهي. هن قصيدہ جي مصنف جو وصال ۶۹۴ھ مصر ۾ ٿيو ۽ سندن مزار مبارڪ اڄ بہ زيارتگاھ عام و خاص آهي. اَللّٰھُمَّ اغْفِرْہُ وَارْحَمْهُ وَاَدْخِلْهُ فِیْ زُمۡرَةِ النَّبِیِّیْنَ وَالصِّدِّیْقِیْنَ وَالشُّھَدَاء وَالصَّالِحِیْنَ بِرَحْمَتِكَ یَااَرْحَمَ الرَّاحِمِیْنَ ط
    اسانجي سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي عالمن هن قصيدہ شريف جا ترجما ۽ شرح لکيا آهن. وقت ۽ د‍ؤر جي تقاضا موجب ماڻهن انھن کي پسند ڪيو.
    هن وقت سنڌي زبان ۾ هڪ مختصر ۽ عام فهم ترجمي جي ضرورت هئي. ان ڪري اسان اهو ارادو ڪيو تہ هن متبرڪ قصيدہ جو ترجمون شروع ڪجي. حُسنِ اتفاق سان اسان جو هن سال (۱۴۱٦ھ) رمضان المبارڪ ۾ عُمرہ شريف تي وڃڻ جو پروگرام ٿيو ۽ الله تعالىٰ جي خاص فضل ۽ ڪرم ۽ رحمة للعٰلمين جي خاص عنايت سان رمضان المبارڪ جي آخري ڏهي ۾ آئون مسجدِ نبوي شريف ۾ اعتڪاف ۾ ويٺس ۽ ان دوران قصيدہ بردہ شريف جي ترجمي مبارڪ جو ڪم ۲۷ رمضان المبارڪ کان شروع ڪيم ۽ بفضلهٖ تعالىٰ مديني منورہ جي حرم نبوي شريف ۾ هن ترجمي جو ڪم هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيم.
    بفضلهٖ تعالىٰ هن وقت هي قصيدہ شريف شايع ٿي رهيو آهي ۽ هن جي اشاعت جو ڪم جناب سائين قمرالزمان شاھ صاحب جن ڪرائي رهيا آهن، جن کي قصيدہ بردہ شريف جي اشاعت جو مدت کان اشتياق هو. اسانجي دلي دعا آهي تہ شال اسانجي اها ڪوشش ۽ ڪاوش رحمة للعٰلمين صلى اللھ عليه وآلهٖ جي دربار اقدس ۾ قبول پوي. آمين ثم آمين.


    قصيدہ بردہ شريف جي پڙهڻ جو طريقو

    اسان پڙهندڙ حضرات جي سھوليت خاطر هن قصيدہ شريف کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. فصل پھريون جمعي کان شروع ڪريو ۽ فصل ستون خميس تي پڙهي پورو ڪريو.
    جيڪڏهن هي قصيدہ روزانو پڙهجي تہ تمام افضل ۽ باعث ثواب آهي.



    بقلم
    عَبۡدہٗ عَبۡدُالۡوَحِيۡد سَرهَنۡدِي عَفِي عَنۡهُ
    از: درگاھ مجدديه ٽنڊہ سائينداد
    ۱۲سيپٽمبر ۱۹۹۷ع


    فصل پھريون: جُمَعَةۡ کان پڙهو

    نَحْمَدُہٗ وَنُصَلِّیْ وَنُسَلِّمُ عَلیٰ رَسُوْلِہِ الْڪَرِیْمِ ط
    الفَصْلُ الْاَوَّلُ
    فصل پھريون: جُمَعَةۡ کان پڙهو
    اَلۡحَـمْدُ لِلّٰہِ مُـنْـشِـیءِ الْـخَـلْـقِ مِنْ عَـدَمٖ
    سڀئي تعريفون الله تعالىٰ لاءِ آهن جنهن نہ هجڻ مان
    مخلوق کي پيدا ڪيو
    ثُـمَّ الـصَّلوٰةُ عَلَی الْـمُـخْـتَـارِ فِی الْـقَـدَمٖ
    ان کان پوءِ رسولِ عربي تي صلواتون هجن جيڪي پهرين کان صاحبِ اختيار آهن
    مَـوْلَایَ صَـلِّ وَسَـلِّــمْ دَائِـمـاً اَبَـداً
    اي منهنجا الله تون هميشه هميشه صلواتون موڪل
    عَـلیٰ حَبِیْبِکَ خَـیْــرِالْــخَـلْــقِ کُلِّــھِـمٖ
    پنهنجي حبيب ڪريم تي جيڪي سموري مخلوق کان بھتر آهن
    اَمِـنْ تَــذَکُّـرِ جِـیْـرَانٍ بِـذِیْ سَـلَمٖ
    ڇا توکي ذِيۡ سَلِم (۱) جا پاڙيسري ياد اچي ويا
    (۱) مڪه مڪرمه ۽ مديني منورہ جي وچ ۾ هڪ واديءَ جو نالو آهي، پاڻ ڪريم صلى اللھ عليه وآلهٖ جن سفر دوران انهي واديءَ ۾ آرام فرمائيندا هئا
    مَزَجْتَ دَمَـعًا جَـریٰ مِـنْ مُّــقْـلَةٍ ۢ بِـدَمٖ
    جو رت جا ڳوڙها تنهنجي اکين مان وهي رهيا آهن
    اَمْ ھَـبَّـتِ الرِّیْحُ مِـنْ تِـلْـقَآءِ کَاظِـمَةٍ
    يا ڪاظمه (۱) جي پاسي کان ڪا هوا لڳي آهي
    اَوۡ اَوۡمَـضَ الۡبَـرۡقُ فِـی الظُّلْمَآءِ مِنْ اِضَـمٖ
    يا اونداهي رات ۾ جبل (۲) اضم کان ڪا وڄ لڳي آهي
    فَـمَا لِـعَـیْـنَـیْـکَ اِنْ قُـلْتَ اکْـفُـفَا ھَمَتَا
    تنهنجي اکين کي ڇا ٿيو آهي جو اهي منع ڪرڻ
    جي باوجود زارو زار روئي رهيون آهن
    وَمَـا لِـقَـلْبِـکَ اِنْ قُـلْـتَ اسْـتَفِـقْ یَـھِـمٖ
    ۽ تنهنجي دل کي ڇا ٿيو آهي جو ان کي چئجي ٿو
    تہ صبر ڪر، ان جي باوجود غمگين ٿئي ٿي
    اَیَـحْـسَبُ الصَّـبُّ اَنَّ الْـحُـبَّ مُـنْکَـتِمٌ
    ڇا محبت ڪندڙ ايئن ڀائين ٿو تہ مُحبت لِڪي سگهي ٿي
    مَّـابَـیْـنَ مُـنْـسَـجِـمٍ مِّـنْـهُ ومُـضْـطَرِمٖ
    اُن حالت ۾ جو دل ڏکويل آهي ۽ اکين مان آب جاري آهي
    لَـوْلَا الْـهَوٰی لَـمْ تُرِقْ دَمْـعًا عَـلـیٰ طَلَلٍ
    جيڪڏهن توکي محبت نہ هجي ها تہ تون ويران جاين تي روئين نہ ها
    (۱) مدينه منورہ جو نالو آهي. (۲) مدينه منورہ جي هڪ جبل جو نالو آهي
    وَّلَا اَرَقْـتَ لِـــذِکْـرِالْـبَانِ وَالْــعَــلَمٖ
    ۽ توکي بَان (۱) ۽ علم (۲) جو ذڪر قطعاً سجاڳ نہ ڪري ها
    فَکَـیْـفَ تُنْکِـرُ حُــبًّۢا بَـعْـدَ مَـاشَـهِدَتْ
    پوءِ تون هاڻي محبت کان ڪيئن انڪار ڪري سگهين ٿو
    بِــهٖ عَلَیْكَ عُــدُوْلُ الــدَّمْـعِ وَالـسَّـقَـمٖ
    حالانڪہ توتي تنهنجا لُڙڪ ۽ تنهنجي مُنهن جي زرداڻ گواھ آهي
    وَاَثْـبَـتَ الْـوَجْـدُ خَـطَّیْ عَـبْـرَةٍ وَّضَنیً
    ۽ دل جي غم ۽ ڳوڙهن جي لڪيرن ۽ ڪمزوري
    مِّــثْـلَ الْـبَـھَـارِ عَـلـیٰ خَـدَّیْكَ وَالْـعَنَمٖ
    زردي گل جھڙو چھرو ۽ مينديءَ جھڙي لڪيرن
    راز ظاهر ڪري ڇڏيو
    نَـعَـمْ سَرٰی طَـیْـفُ مَـنْ اَھْوٰی فَاَرَّقَـنِیْ
    ها، رسول ڪريم جي يادگيري منهنجي ننڊ کي ڦٽائي ڇڏيو
    وَالْـحُبَّ یَـعْـتَـرِضُ الـلَّـذَّاتِ بِـالْاَلَـمٖ
    ۽ محبت جي ڪري لذتون درد ۽ غم ٿي پيون آهن
    یَـا لَآئِمِـیْ فِـی الْـھَـوَی الْـعُـذْرِیِّ مَعْذِرَةً
    اي مون کي نصيحت ڪندڙ، تون محبت ۾ منهنجو عذر قبول ڪر
    (۱) مڪه مڪرمه ۽ مدينه منورہ جي رستي تي هڪ خوشبوءِ دار وڻ هو، هجرت دوران پاڻ ڪريمن ان جي هيٺان آرام فرمايو هو. (۲) جبل نور، جتي پاڻ ڪريمن تي وحي نازل ٿي هئي.
    مِّــنِّیْ اِلَیْكَ وَلَـوْ اَنْـصَـفْـتَ لَــمْ تَـلُــمٖ
    جيڪڏهن تو وٽ انصاف آهي تہ تون مون تي ملامت نہ ڪر
    عَـدَتْكَ حَالِـیْ وَلَا سِـرِّیْ بِـمُـسْتَـتـِـرٍ
    منهنجي محبت جو راز توکان سواءِ چغل خورن
    تائين پهچي ويو آهي
    عَـنِ الْـوُشَـاةِ وَلَا دَائِیْ بِـمُـنْـحَـسِــمٖ
    منهنجو اهو درد ۽ غم ڪنهن صورت ۾ گهٽجي نہ ٿو سگهي
    مَحَضْتَـنِی النُّصْحَ لٰكِـنْ لَّـسْتُ اَسْـمَـعُـهٗ
    تون مون کي صاف نصيحت ڪرين ٿو ۽ آئون اها
    قطعاً نہ ٿو ٻڌان
    اِنَّ الْـمُـحِـبَّ عَـنِ الْـعُـدَّالِ فِـیْ صَـمَـمٖ
    (ڇوتہ) بيشڪ محبت وارو ملامت ڪندڙ کان بالڪل
    ٻوڙو هوندو آهي
    اِنِّـی اتَّھَمْتُ نَصِیْحَ الشَّیْبِ فِـیْ عَذَلِـیْ
    بيشڪ منهنجي پِيرسَني مون کي نصيحت ڪئي پر
    مون ان کي نہ مڃيو
    وَالـشَّیْبُ ا َبْـعَـدُ فِـیْ نُـصْحٍ عَنِ التُّـھَـمٖ
    جيتوڻيڪ پيرسَنيءَ جي نصيحت، اعتراض کان
    پري هوندي آهي
    فَـاِنَّ اَمَّـارَتِـیْ بِالـسُّـوْۤءِ مَـا ا تَّـعَـظَـتْ
    پوءِ بيشڪ منهنجي نفس امارہ جھالت سببان ڪا
    نصيحت نہ مڃي
    مِـنْ جَھْلِھَا بِنَذِیْرِ الشَّیْـبِ وَالْــھَـرَمٖ
    جيتوڻيڪ پيرسَنِي اُن کي ڊيڄاري رهي آهي
    وَلَا اَعَدْتُّ مِنَ الْـفِـعْـلِ الْـجَـمِیْلِ قِـرٰی
    ان پيرسَنيءَ جي مهماني لاءِ مون نيڪ عمل جو
    ڪو بندوبست نہ ڪيو
    مِـنْ جَھْلِھَا بِنَذِیْرِ الشَّیْـبِ وَالْـھَـرَمٖ
    جڏهن تہ پيرَني اوچتي اچي منهنجي مٿان مهمان ٿي آهي
    لَـوْ كُـنْتُ اَعْــلَـمُ اَنِّـیْ مَـا اُوَقِّـرُهٗ
    جيڪڏهن مون کي معلوم هجي ها تہ آئون پيرسَنيءَ
    جي تعظيم نہ ڪندس
    كَتَمْتُ سِـرًّا بَدَالِـیْ مِـنْـهُ بِالۡكَـتَــمٖ
    تہ آئون رنگ هڻي راز کي ظاهر ٿيڻ کان لڪايان ها
    مَـنْ لِّـیْ بِـرَدِّ جِـمَاحٍ مِّــنْ غَـوَایَـتِـھَا
    ڪير آهي جيڪو منهنجي نفس امارہ کي گمراهي کان روڪي
    مِـنْ جَھْلِھَا بِنَذِیْرِ الشَّیْـبِ وَالْـھَـرَمٖ
    جيئن سرڪش گهوڙي کي لغام سان موٽايو وڃي ٿو
    فَـلَا تَرُمْ بِالْـمَـعَاصِیْ كَـسْرَ شَھْوَتِھَا
    پوءِ گناهن ڪرڻ سان تنهنجي خواهش گهٽ نہ ٿيندي
    اِنَّ الطَّـعَامَ یُـقَـوِّیْ شَـھْـوَةَ النَّـھَـمٖ
    بيشڪ گهڻي کائڻ واري بيماري ۾ گهڻي کائڻ
    سان پيٽ نہ ٿو ڀرجي
    وَالنَّفۡسُ كَالطِفْلِ اِنْ تُھْمِلْهُ شَبَّ عَلیٰ
    ۽ نفس امارہ جي عادت ان کير پيئندڙ ٻار جھڙي آهي
    حُبِّ الرِّضَاعِ وَاِنْ تَـفْـطِمْـهُ یَنْفَـطِـمٖ
    جو جيڪڏهن ان کان ٿڃ نہ ڇڏائجي تہ جواني
    تائين کير پيئندو
    فَـاصْرِفْ ھَوَاھَا وَحَـاذِرْ اَنْ تُـوَلِّیَـهٗ
    پوءِ تون نفس جي خواهش کي روڪ ۽ ان کان
    ڊڄ تہ متان اُهو توتي حاڪم ٿي وڃي
    اِنَّ الْـھَوٰی مَـاتَـوَلّٰی یُـصْـمِ اَوْ یَـصِـمٖ
    بيشڪ جڏهن نفس غالب ٿئي ٿو تہ انسان کي
    هلاڪ يا عيبدار ڪري ٿو
    وَرَاعِـھَا وَھِیَ فِی الْاَعْـمَالِ سَـائِـمَـةٌ
    ۽ تون پنهنجي نفس کي نيڪ عملن واري چراگاھ ۾ چار
    وَّاِنْ ھِیَ اسْتَحْلَتِ الْمَرْعیٰ فَلَا تُسِمٖ
    ۽ جيڪڏهن اهو گناھن جي چراگاھ ۾ چرڻ چاهي تہ
    ان کي تون منع ڪر
    كَـمْ حَـسَّنَتْ لَـذَّةً لِّلْـمَـرْءِ قَـاتِـلَـةً
    ڪيتريون ئي لذيذ شيون انسان لاءِ نقصاندہ آهن
    مِّـنْ حَیْثُ لَمْ یَدْرِ اَنَّ الـسَّمَّ فِی الدَّسَـمٖ
    ڇو تہ ماڻهو نہ ٿو ڄاڻي تہ ڪو سڻڀ ۾ زهر مليل آهي
    وَاخْشَ الدَّسَآئِسَ مِنْ جُوعٍ وَّمِنْ شَبَعٍ
    ۽ تون نفس جي فريب کان خوف ڪر چاهي اهو
    بکايل هجي يا ڍاول هجي
    فَـرُبَّ مَـخْـمَـصَـةٍ شَــرٌّ مِّــنَ التُّـخَــمٖ
    ڇو تہ ڪڏهن ڪڏهن خالي پيٽ جا نقصان ڀريل پيٽ
    کان وڌيڪ هوندا آهن


    فصل ٻيو: ڇنڇر کان پڙهو

    الفَصْلُ الثَّانِی
    فصل ٻيو: ڇنڇر کان پڙهو
    وَاسْتَفْرِغِ الـدَّمْعَ مِـنْ عَیْـنٍ قَدِامْتَلَاَتْ
    ۽ تون جاري ڪر اُهي ڳوڙها جيڪي گناھن سببان
    تنهنجي اکين ۾ ڀرجي آيا آهن
    مِـنَ الْمَحَـارِمِ وَالْـزَمْ حِمْیَـةَ النَّــدَمٖ
    ۽ هاڻي تون هميشہ انهن ڪيل گناهن تي پشيماني ڪر
    وَخَالِفِ النَّفْسَ وَالشَّیْطَانَ وَاعْصِھِمَا
    ۽ تون (هميشه) نفس امارہ ۽ شيطان جي مخالفت ڪر
    وَاِنْ ھُمَا مَـحَـضَاكَ الـنُّـصْحَ فَاتَّـھِـمٖ
    جيڪڏهن توکي اهي چڱي نصيحت ڪن تڏهن
    بہ تون ان ۾ شڪ ڪر
    وَلَا تُطِعْ مِنْھُـمَا خَـصْـمًا وَّلَا حَكَمًا
    ۽ تون نفس ۽ شيطان جي تابعداري نہ ڪر چاه
    اهي مخالف هجن چاهي اهي حاڪم هجن
    فَاَنْتَ تَعْرِفُ كَیْدَ الْخَـصْمِ وَالْحَكَمٖ
    پوءِ بيشڪ تون دشمن ۽ حاڪم جي چالن کان
    چڱي طرح واقف آهين
    اَسْـتَـغْـفِـرُاللهَ مِـنْ قَـوْلٍۢ بِـلَا عَـمَـلٍ
    آئون الله تعالىٰ کان معافي وٺان ٿو ان قول بابت
    جيڪو عمل کان سواءِ آهي
    لَـقَـدْ نَـسَبْتُ بِـهٖ نَـسْـلًا لِّـذِیْ عُـقُـمٖ
    گويا ڪہ آئون ان وقت سنڍ عورت ڏانهن اولاد ج
    ي نسبت ڪريان ٿو
    اَمَرْتُكَ الْخَیـْرَ لٰـكِنْ مَّاائْتَمَرْتُ بِـهٖ
    آئون ٻين کي نصيحت ڪريان ٿو پر پاڻ خود بي عمل آهيان
    وَمَااسْتَقَمْتُ فَمَا قَوْلِـیْ لَكَ اسْتَقِـمٖ
    منهنجي نصيحت جو اثر ٻين تي ڪيئن ٿيندو
    جڏهن تہ آئون خود بي عمل آهيان
    وَلَا تَزَوَّدْتُّ قَـبْـلَ الْـمَـوْتِ نَـافِـلَـةً
    توشہء آخرت لاءِ مون ڪوبہ نفلي ڪم نہ ڪيو آهي
    وَلَـمْ اُصَـلِّ سِوٰی فَـرْضٍ وَّلَـمْ اَصُمٖ
    ۽ فرضي نماز ۽ فرضي روضي کان سواءِ
    مون وٽ ڪو عمل ناهي
    ظَلَمْتُ سُـنَّـةَ مَنْ اَحْییَ الظَّـلَامَ اِلیٰ
    ان رسول ڪريم جي سُنت کي مون ڇڏيو آهي
    جنهن راتيون عبادت ۾ گذاريون
    اَنِ اشْتَكَتْ قَـدَ مَاهُ الضُّرَّ مِـنْ وَّرَمٖ
    ايستائين جو سندن قدم مبارڪن تي سوڄ ظاهر ٿي پئي
    وَشَـدَّ مِنْـسَـغَـبٍ اَحْـشَـآءَهٗ وَطَوٰی
    پاڻ ڪريم بک کان پنهنجي نازڪ پيٽ مبارڪ تي
    تَحْتَ الْحِجَارَةِ كَشْحًا مُّتْـرَفَ الْاَدَمٖ
    سخت پٿر ٻَڌندا هئا (جيئن بک جو اظھار نہ ٿئي)
    وَرَاوَدَتْـهُ الْـجِـبَالُ الشُّـمُّ مِـنْ ذَھَبٍ
    پاڻ ڪريمن لاءِ وڏا جبل سونا ٿي اچي سندن دربار ۾ پھتا
    عَــنْ نَّـفْـسِـهٖ فَـاَراَھَـا اَیَّـمَا شَـمَـمٖ
    پر پاڻ ڪريم جن انهن ڏانهن (ڪڏهن بہ) متوجه نہ ٿيا
    وَاَكَّـدَتْ زُھْدَهٗ فِـیْـھَا ضَرُوْرَتُهٗ
    ضرورت جي باوجود پاڻ ڪريمن دنيا کان زهد اختيار ڪيو
    اِنَّ الضَّرُوْرَةَ لَا تَـعْـدُوْ عَلَی الْـعِـصَمٖ
    بيشڪ دنيا جي (ڪا بہ) ضرورت سندن ذات اقدس
    تي غالب نہ ٿي
    وَكَیْفَ تَدْعُوْ اِلَی الدُّنْیَا ضَرُوْرَةُ مَنْ
    ۽ ڪهڙي ضرورت پاڻ ڪريمن کي دنيا ڏانهن مائل
    ڪري سگھي ٿي
    لَوْلَاهُ لَـمْ تَخْرُجِ الـدُّنْیَا مِنَ الْـعَـدَمٖ
    حالانڪہ جيڪڏهن پاڻ ڪريم نہ هجن ها تہ دنيا
    پيدا ئي نہ ٿئي ها
    مُـحَـمَّـدٌ سَـیِّـدُالْكَوْنَیْـنِ وَثَّـقَلَیْـنِ
    ﷴ ڪريم ٻنهي جھانن جا ۽ انسانن ۽
    جنن جا سردار آهن
    وَالْفَرِیْقَیْنِ مِنْ عَرْبٍ (١1) وَّمِنْ عَجَمٖ (٢2)
    ۽ پاڻ ڪريم ٻنهي فريقن يعني عربن ۽ عجمين جاسردار آهن
    (1) خالص عرب:از فيروز اللغات. (2) غير عرب: از فيروز اللغات
    نَـبِـیُّـنَا الْاٰمِــرُ النَّاھِیْ فَــلآ اَحَـدٌ
    اسانجو نبي نيڪيءَ جو حڪم ڪندڙ ۽
    برائي کان منع ڪندڙ آهي
    اَبَـرَّ فِـیْ قَـوْلِ لَامِـنْـهُ وَلَا نَـعَـمٖ
    ۽ پاڻ ڪريم ها، ۽ نہ، ڪرڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ صاف گو آهن
    ھُـوَالْـحَبِیْبُ الَّـذِیْ تُـرْجیٰ شَفَاعَـتُـهٗ
    رسولِ عربي الله تعالىٰ جا اُهي حبيب آهن
    جن جي شفاعت جي اُميد آهي
    لِكُلِّ ھَـوْلٍ مِّـنَ الْاَھْـوَالِ مُـقْـتَـحِـــمٖ
    ( قيامت جي ڏينهن ) جڏهن ماڻهن لاءِ سختيون
    ۽ مصيبتون گهڻيون هونديون
    دَعَــــا اِلَی اللهِ فَـالْمُسْتَمْسِكُـوْنَ بِهٖ
    پاڻ ڪريمن ماڻهن کي الله تعالىٰ ڏانهن سڏيو پوءِ
    جن ماڻهن سندن دامن جهلي
    مُسْتَمْسِكُوْنَ بِحَبْلٍ غَیْـرِ مُـنْفَـصِـمٖ
    پوءِ انهن الله جي اهري مضبوط رسي کي پڪڙيو
    جيڪا ٽٽندڙ نہ آهي
    فَـاقَ النَّبِیِّیْـنَ فِـیْ خَلْقٍ وَفِـیْ خُـلُـقٍ
    رسولِ عربي تخليق ۽ اخلاق ۾ ٻين پيغمبرن تي
    فوقيت رکن ٿا
    وَّلَـمْ یُدَانُـوْہُ فِـیْ عِـلْـمٍ وَّلَا كَـرَمٖ
    ۽ ڪوبہ پيغمبر رسولِ عربي جي علم ۽ ڪرم کي پهچي نہ سگھيو
    وَكُلُّھُـمْ مِنْ رَسُــوْلِ اللهِ مُـلْـتَـمِسٌ
    سڀئي پيغمبر پاڻ ڪريمن کان فيض حاصل
    ڪندڙ آهن، گويا ڪہ انهن
    غُرْفَـا مِّنَ الْبَحْـرِ اَوْ رَشْـفًا مِّنَ الدِّیَـمٖ
    سندن فيض جي دريا مان هڪ لَپَ حاصل ڪئي يا
    گهڻي برسات مان هڪ ڍُڪ پيتو
    وَوَاقِـفُـوْنَ لَـدَیْـهِ عِـنْـدَ حَدِّھِــمْ
    پاڻ ڪريمن جي اڳيان سڀئي پيغمبر ايئن بيٺل آهن
    مِنْ نُقْطَةِ الْعِلُمِ اَوْ مِنْ شَكْلَـةِ الْحِكَمٖ
    جيئن علم جي مقابلي ۾ هڪ نقطو يا حڪمت
    جي مقابلي ۾ اعراب (۱) هجي
    (۱) پيش ، زبر ۽ زير کي اعراب چئبو آهي.
    فَـھُـوَ الَّـذِیْ تَـمَّ مَعْـنَاهُ وَصُـوۡرَتُـهٗ
    پوءِ سندن ذات اقدس ۾ باطني ۽ ظاهري
    ڪمالات مڪمل ٿيا
    ثُـمَّ اصْطَـفَاهُ حَـبِیْـبًا بَارِیءُ النَّـسَمٖ
    ان کان پوءِ رَبُّ العٰلمين کين چونڊي پنهنجو حبيب بنايو
    مُنَزَّهٌ عَـنْ شَـرِیْكٍ فِـیْ مَــحَـاسِنِــهٖ
    پاڻ ڪريمن جي حُسن ۽ خوبصورتي ۾ سندن
    ڪو شريڪ ناهي
    فَجَـوْھَرُ الْحُسْنِ فِیْـهِ غَیْـرُ مُـنْقَـسِمٖ
    پوءِ سندن حُسن وارو جوهر تقسيم ٿيندڙ ناهي
    دَعَ مَــا ادَّعَـتْـهُ النَّـصَارٰی فِـیْ نَبِیِّھِـمْ
    حضرت عيسىٰ لاءِ جيڪا عيسائين نسبت ڪئي
    هئي اها تون نہ ڪر
    وَاحْكُمْ بِمَا شِئْتَ مَدْحًا فِیْهِ وَاحْتَكِمٖ
    ۽ پاڻ ڪريمن جي تعريف ۽ مدح لاءِ جيڪو توکي
    فيصلو وڻي سو ڀلي ڪر
    وَانْسُبْ اِلیٰ ذَاتِہٖ مَاشِئْتَ مِـنْ شَرَفٍ
    ۽ تون سندن ذات اقدس ڏانهن جيڪو شرف چاهين
    سو ڀلي منسوب ڪر
    وَّانْـسُبْ اِلیٰ قَدْرِہٖ مَـاشِئْتَ مِـنْ عِـظَمٖ
    ۽ تون سندن شان اقدس ڏانهن جيڪا عظمت چاهين
    سا ڀلي منسوب ڪر
    فَـاِنَّ فَـضْـلَ رَسُــوْلِ اللهِ لَـیْـسَ لَـہٗ
    پوءِ بيشڪ پاڻ ڪريمن جا فضائل ايترا تہ بي حساب آهن
    حَــدٌّ فَـیُـعْـرِبُ عَـنْـهُ نَـاطِــقٌۢ بِـفَــمٖ
    جو انهن کي ڪوبہ قابل زبان سان بيان ڪري نہ ٿو سگهي
    لَوْنَاسَـبَتَ قَـدْرَهٗ اٰیَـاتُهٗ عِـظَـمًا
    پاڻ ڪريمن جي عظمت جي مقابلي ۾ جيڪڏهن
    سندن معجزا هجن ها
    اَحْيیَ اسْمُهٗ حِیْـنَ یُدْعیٰ دَارِسَ الرِّمَمٖ
    تہ سندن نالي مبارڪ وٺڻ سان مئل زندہ ٿين ها


    فصل ٽيون: آچر کان پڙهو

    الفَصْلُ الثَالِث
    فصل ٽيون: آچر کان پڙهو
    لَـمْ یَـمْـتَـحِنَّا بِمَا تَعْیَ الْـعُـقُـوْلُ بِہٖ
    پاڻ ڪريمن اسان کان اهو امتحان نہ ورتو جنهن
    سان اسان جو عقل عاجز ٿئي
    حِـرْصًا عَلَیْنَا فَلَمْ نَرْتَبْ وَلَمْ نَھِـمٖ
    ڇو تہ پاڻ اسان سان پيار ڪندڙ آهن اُن ڪري
    اسين ڪنهن شڪ ۽ وهم ۾ نہ پياسين
    اَعْیَی الْوَرٰی فَھْمُ مَعْنَاہُ فَلَیْسَ یُرٰی
    سڀ مخلوق پاڻ ڪريمن جي حقيقت سمجهڻ کا عاجز ٿي
    لِلْقُرْبِ وَالْبُعْدِ فِیْـهِ غَیْـرَ مُنْفَحِـمٖ
    پوءِ ويجـهـڙا ۽ پـري وارا سڀ لاجـواب ٿي پيا
    كَالشَّمْسِ تَظْھَرُ لِلْعَیْنَیْـنِ مِـْنۢ بُـعْـدٍ
    پاڻ ڪريمن جو مثال سج وانگر آهي جيڪو
    پري کان ننڍو ڏسڻ ۾ اچي ٿو
    صَغِیْـرَةً وَّتُكِلُّ الطَّـرْفُ مِـنْ اَمَـمٖ
    ۽ اک ان کي ويجهي ڏسڻ کان عـاجز ٿئي ٿي
    وَكَیْفَ یُدْرِكُ فِي الدُّنْیَا حَـقِـیْـقَـتَهٗ
    دنيا وارا ڪهڙي طرح رسولِ عربيءَ جي حقيقت
    کي پرکي سگھن ٿا
    قَـوْمٌ نِیَامٌ تَسَلَّوْا عَـنْهُ بِالْـحُـلُـمٖ
    جڏهن تہ اُهي پاڻ غفلت جي ننڊ ۾ بي فِڪر سُتل آهن
    فَـمَـبْلَـغُ الْـعِـلْـمِ فِـیْـهِ اَنَّهٗ بَـشَــرٌ
    پوءِ علم جي انتھا هي آهي تہ پاڻ ڪريم
    (بي مثال) بشر آهن
    وَّاَنَّـهٗ خَـیْــرُ خَـلْـقِ اللهِ كُلِّـــھِــمٖ
    درحقيقت پاڻ ڪريم سموري مخلوق کان
    بھتر ۽ ڀلارا آهن
    وَكُلُّ اٰیٍ اَتَی الرُّسُلُ الْكِرَامُ بِــھَــا
    سڀني معزز رسولن کي جيڪي معجزا عطا ٿيا آهن
    فَاِنَّمَـا اتَّـصَـلَتْ مِــنْ نُّـوْرِهٖ بِـھِـمٖ
    پوءِ اُهي سڀئي کين پاڻ ڪريمن جي نورِ اطھر مان مليا
    یُظْھِرْنَ اَنْـوَارَھَـا لِلنَّاسِ فِي الظُّلَـمٖ
    ستارا ماڻهن لاءِ پنهنجي روشني ظاهر ڪن ٿا (جڏهن)
    اونداهي ٿي هجي
    حَتّٰى اِذَا طَلَعَتْ فِـی الْكَوْنِ عَـمَّ ھُـدَا
    ايستائين جو جڏهن دنيا ۾ سج اڀريو
    (پاڻ ڪريمن جي آمد ٿي)
    ھَا الْعٰلَمِیْـنَ وَاَحْیَتْ سَـائِـرَالْاُمَــمٖ
    سندن هدايت جھان وارن لاءِ عام ٿي ۽ سڀئي
    امتون ان مان مستفيض ٿيون
    اَكْـرِمْ بِـخَـلْـقِ نَـبِـیٍّ زَانَـهٗ خُـلُــقٌ
    ڪھڙي نہ سھڻي صورت مبارڪ آهي جيڪا
    اخلاقِ ڪريمه سان سينگاريل
    بِالْحُسْنِ مُشْتَمِــلٍ بِالْبِشْرِ مُتَّسِـمٖ
    سندن خندہ پيشانيءَ سان سندن حسن شامل آهي
    كَالزَّھْرِ فِيْ تَرَفٍ وَالْبَدْرِ فِـیْ شَرَفٍ
    پاڻ ڪريم تازگيءَ ۾ مکڙي وانگر۽ شرف
    ۾ چنڊ وانگر آهن
    وَالْبَحْرِ فِـیْ كَرَمٍ وَالدَّھْرِ فِـیْ ھَمَمٖ
    پاڻ ڪريم سخا ۾ درياء وانگر ۽ همت ۾
    زماني وانگرآهن
    كَاَنَّـــهٗ وَھْـوَ فَــرْدٌ فِـیْ جَـلَالَـتِـهٖ
    پاڻ ڪريم رُعب ۽ تاب ۾ بي مثال زمانہ
    شخصيَّت آهن
    فِیْ عَسْكَرَ حِیْـنَ تَلْقَاهُ وَفِـیْ حَشَمٖ
    جيئن سندن چوڌاري ڪا فوج ۽ حشمت موجود هجي
    كَاَنَّمَا اللُّـؤْ لُـؤُ الْمَكْنُـوْنُ فِـیْ صَدَفٍ
    پاڻ ڪريمن جا ڏند مبارڪ چمڪندڙ موتي جھڙا
    آهن جيڪي سچي سِپ ۾ آهن
    مِــنْ مَّـعْـدِنَیْ مَنْطِـقٍ مِّنْــهُ وَمُبْتَسَمٖ
    گفتگو ۽ مرڪڻ دوران انهيءَ سِپ مبارڪ
    مان موتي نڪرن ٿا
    لَاطِیْبَ یَعْدِلُ تُـرْبًا ضَـمَّ اَعْظُـمَـهٗ
    جيڪا مِٽي رسول عربي جي جسم اطهر کي لڳل آهي
    ان جي مقابلي ۾ ڪا خوشبو ناهي
    طُوْبٰی لِمُنْتَـشِـقٍ مِّـنْـهُ وَمُـلْـتَـثِــمٖ
    مبارڪ آهي اُن ماڻهو کي جنهن اُن مٽيءَ کي سونگهيو ۽ ان کي چُمي ڏني
    اَبَانَ مَـوْلِـدُهٗ عَـنْ طِـیْبِ عُـنْـصُـرِهٖ
    ولادت با سعادت جي وقت ئي سندن ذاتِ اقدس
    جي خوشبو ظاهر ٿي وئي
    یَاطِیْبَ مُـبْتَـدَأٍ مِّـنْـهُ وَمُـخْـتَتَـمٖ
    اي عقلمندو”ڏسو“سندن ابتدا ۽ انتھى نھايت پاڪيزہ هئي
    یَوْمٌ تَفَرَّسَ فِیْـهِ الْفُـرْسُ اَنَّـھُــمٗ
    فارس (ايران) وارن اُن ڏينهن عقل سان
    سمجهيو تہ بيشڪ اهي
    قَدْ اُنْذِرُوْ بِحُلُوْلِ الْبُؤْسِ وَالنِّقَمٖ
    ڊيڄاريا ويندا سخت مصيبت ۽ سخت عذاب سان
    وَبَاتَ اِیْوَانُ كِسْرٰی وَھُوَ مُنْصَدِعٌ
    (پاڻ ڪريم جن ولادت وقت) ايران جي بادشاھ جو
    محل ڀڄي ڀورا ٿيو
    كَشَمْلِ اَصْحَابِ كِسْرٰی غَیْرَ مُلْتَئِمٖ
    سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ اهو ڪڏهن گڏ نہ ٿيو
    وَالنَّارُ خَامِدَةُ الْاَنْفَاسِ مِنْ اَسَــفٍ
    فارس جي باھ افسوس ۽ ڏک سببان اُجهامي وئي
    عَلَیْهِ وَالنَّھْرُ سَاھِىَ الْعَیْنِ مِنْ سَدَمٖ
    ۽ فُرات دريا ڏک سببان وهڻ واري چشمي کي وساري ڇڏيو
    وَسَاءَ سَاوَةُ اَنْ غَاضَتْ بُحَیْـرَتُھَا
    ساوھ(۱)جا ماڻهون خشڪ دريا ڏسي پريشان ٿي ويا
    وَرُدَّ وَارِدُھَا بِالْغَیْظِ حِیْـنَ ظَمِیْ
    ۽ پاڻي ڀريندڙ اُتان ڪاوڙ ۾ خالي موٽيا ٿي.
    اُن وقت جو اهي اڃايل هئا
    كَاَنَّ بِـالنَّـــارِ مَا بِالْمَاءِ مِنْ بَلَلٍ
    بـــاھ ڏک سـببان پــاڻـــي ٿــي ويئــي
    حُزْنًا وَّبِـالْمَاءِ مَابِالنَّارِ مِـنْ ضَرَمٖ
    ۽ پــــاڻـــــي ڏک ســــــببان بــــاھ ٿــــي ويــو
    وَالْجِنُّ تَھْتِفُ وَالْاَنْوَارُ سَاطِعَـةٌ
    ۽ جنَّ وڏا آواز ڪرڻ لڳا ۽ انوار الاهي چمڪڻ لڳا
    وَالْحَقَّ یَظْھَرُ مِنْ مَّعْنًی وَّمِنْ كَلِمٖ
    ۽ حق ظاهر ٿيو قرآن ڪريم ۽ حديث نبوي مان
    عَمُوْا وَصَمُّوْا فَاِعْلَانُ الْبَشَآئِرِ لَمْ
    اهي انڌا ۽ ٻوڙا ٿي پيا ۽ انهن بشارتن جا اعلان نہ ٻڌا
    تُسْمَعْ وَبَارِقَـةُ الْاِنْذَارِ لَـمْ تُشَمٖ
    ۽ انهن ڊيڄاريندڙ بجليون قطعًا نہ ڏٺيون
    مِنْۢ بَعْدِ مَا اَخْبَرَ الْاَقْوَامَ كَاھِنُھُمْ
    پوءِ انهن(ڪافرن) کي سندن ڀوپن هي خبر ٻُڌائي
    بِـاَنَّ دِیْنَھُـمُ الْـمُـعْـوَجَّ لَـمْ یَـقُــمٖ
    تہ بيشڪ سندن سڀ مذهب باطل ۽ بالڪل
    برباد ٿي پوندا
    وَبَعْدَ مَاعَایَنُوْا فِي الْاُفُقِ مِنْ شُھُبٍ
    ان کانپوءِ انهن تارن کي آسمان مان ڪرندو
    ڏٺو ۽ اهڙي طرح
    مُنْقَضَّةٍ وَفْقَ مَا فِی الْاَرْضِ مِنْ صَنَمٖ
    زمين تي سمورا بُت (خوار ٿي) ڪِري پيا
    حَتّٰی غَدَا عَنْ طَرِیْقِ الْوَحْیِ مُنْھَزِمٌ
    وحي رباني جي رستي کان شيطان ايئن پري ڀڄندا هئا
    مِنَ الشَّیَاطِیْـنِ یَقْفُوْا اِثْرَ مُنْھَزِمٖ
    جو اهي هڪ ٻئي جي مٿان (خوف سببان)
    ڪِري پوندا هئا


    فصل چوٿون: سومر کان پڙهو

    الْفَصْلُ الرَّابِعُ
    فصل چوٿون: سومر کان پڙهو
    كَاَنَّـھُــمَّ ھَـرَبًا اَبْــطَالُ اَبْـرَھَــةٍ
    اهي شيطان ايئن ڀڳا جيئن ابرھ(۱) جا پهلوان ڪِنڪرين کان
    اَوْ عَسْكَرٌ بِالْحَصٰی مِنْ رَاحَتَیْهِ رُمِیْ
    ۽ پاڻ ڪريمن جنگِ بدر ۾ هڪ مٺ پٿرين سان
    سڀ ڪافر ڀڄائي ڇڏيا
    نَبْذًا بِـهٖ بَعْــدَ تَسْبِیْحٍ بِبَطْنِھِمَا
    پاڻ ڪريمن جي هٿن ۾ پٿرين، ايئن تسبيح ٿي پڙهي
    نَبْذَالْمُسَبِّحِ مِـــنْ اَحْشَاءٍ مُـلْـتَـقِـمٖ
    جيئن حضرت يونس مڇي جي پيٽ ۾ تسبيح ٿي پڙهي
    جَاءَتْ لِـدَعْوَتِـهِ الْاَشْجَـارُ سَاجِدَةً
    پاڻ ڪريمن جي حڪم سان وڻ سجدو ڪري وٽن آيا ٿي
    تَـمْـشِـیْ اِلَیْـهِ عَلیٰ سَـاقٍ بِلَا قَدَمٖ
    ۽ اهي وڻ بنا پيــــــــرن جي ٿـــڙ تي هلي آيا ٿي
    كَاَنَّمَا سَطَرَتْ سَطْــرًا لِمَا كَتَبَتْ
    انهن وڻن پنهنجي ٽارين سان ليڪون ڪڍيون
    ۽ چڱي طرح لکيو
    (۱) يمن جي بادشاھ جو نالو آهي جنهن بيت الله شريف تي حملي جو ارادو ڪيو هو، پوءِ الله تعلى ابره ۽ سندس لشڪر کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. اهو بيان سورة فيل ۾ آهي
    فُرُوْعُھَا مِنْۢ بَدِیْعِ الْخَطِّ فِی اللَّـقَمٖ
    انهن وڻن جي لکت رستي ۾ بالڪل عجيب هئي
    مِـثْـلُ الْـغَـمَامَـةِ اَنّٰی سَـارَ سَـائِرَةً
    پاڻ ڪريم جيڏانهن بہ ويندا هئا تہ ڪَڪر سندن
    مٿان ڇانو ڪندا هئا
    تَقِیْهِ حَــرَّ وَطِیْسٍ لِلْھَجِیْـرِ حَمِیْ
    ان لاءِ تہ پاڻ ڪريمن کي اونھاري جي سخت
    گرمي کان محفوظ رکن
    اَقْسَمْتُ بِالْقَمَرِ الْمُنْـشَـقِّ اِنَّ لَـــمْ
    آئون چيريل(۱) چنڊ جوسچو قسم انهيءَ لاءِ
    کڻان ٿو جو بيشڪ
    مِــنْ قَلْبِـهٖ نِسْبَـةً مَّبْـرُوْرَةَ الْقَسَمٖ
    چيريل چنڊ کي پاڻ ڪريمن جي دل مبارڪ سان
    خاص نسبت آهي
    وَمَا حَوَی الْغَارُ مِنْ خَیْرٍ وَّمِنْ كَرَمٍ
    ۽ عجيب نموني سان غار ثور ۾ خير ۽ ڪرم گڏ هئا
    وَكُلُّ طَرْفٍ مِّنَ الْكُفَّارِ عَنْهُ عَمِیْ
    جو هر طرف کان ڪافر انهن جي ڏسڻ کان انڌا ٿي ويا

    (۱) پاڻ ڪريمن عليه التحية والثناء جي آڱر جي اشاري سان چنڊ چيرجي ٻه ٽڪر ٿيو، هڪ ٽڪر آسمان ۾ رهيو ۽ ٻيو پاڻ ڪريمن ﷺ جي دربار اقدس ۾ حاضر ٿيو. انهي معجزي جو ذڪر قرآن ڪريم جي سورة وَالۡقَمَرۡ ۾ موجود آهي.
    فَالصِّدْقُ فِی الْغَارِ وَالصِّدِّیْقُ لَمْ یُرَیَا
    پاڻ ڪريم ۽ صديق اڪبر غار ۾ اندر ويٺل هئا
    وَھُـمْ یَقُـوْلُوْنَ مَابِالْغَارِ مِـنْ اَرِمٖ
    ۽ غار جي ٻاهران ڪافرن چيو تہ هن غار ۾
    ڪو ماڻهو ڪونهي
    ظَنُّوْا الْحَمَامَ وَظَنُّوْا الْعَنْكَبُوْتَ عَلیٰ
    ڪبوتر جا آنا ۽ ڪورئيڙي جو ڄار ڏسي ڪافرن سمجهو تہ
    خَـیْـرِالْبَـرِیَّـةِ لَـمْ تَنْسُجْ وَلَـمْ تَحُـمٖ
    پاڻ ڪريم انهيءَ غار ۾ قطعًا موجود ناهن
    وِقَـایَــةُ اللهِ اَغْنَتْ عَـنْ مُّضَاعَـفَـةٍ
    الله تعالىٰ جي حفاظت پاڻ ڪريمن کي بي نياز ڪري ڇڏيو
    مِّنَ الدُّرُوْعِ وَعَنْ عَالٍ مِّـنَ الْاُطُـمٖ
    هر اعلىٰ قسم جي زرهن ۽ بلند قلعن کان
    مَاسَامَنِی الدَّھْرُ ضَیْمًا وَّاسْتَجَرْتُ بِهٖ
    مون کي جڏهن زماني وارن تنگ ڪيو تہ مون
    پاڻ ڪريمن کان پناھ ورتي
    اِلَّاوَنِلْتُ جِوَارًامِّنْهُ لَمْ یُضَمٖ
    جڏهن مون وٽ سندن مدد پهتي تہ سڀ
    مصيبتون دور ٿي ويون
    وَلَاالْتَمَسْتُ غِنَی الدَّارَیْنِ مِنْ یَّدِهٖ
    ۽ جڏهن مون دين ۽ دنيا جي سرفرازي پاڻ
    ڪريمن کان طلب ڪئي
    اِلَّااسْتَلَمْتُ النَّدٰی مِنْ خَیْرِ مُسْتَلِمٖ
    تہ پاڻ ڪريمن مون کي اها پنهنجي دست شفقت
    سان عطا ڪئي
    لَاتُنْكِرِالْـوَحْیَ مِنْ رُّؤۡیَاهُ اِنَّ لَـــهٗ
    تون اُن وحي رباني جو انڪار نہ ڪر جيڪا کين
    ننڊ دوران ايندي هئي
    قَـلْـبًا اِذَا نَـامَتِ الْــعَیْـنَانِ لَــمْ یَـنَـمٖ
    ڇو تہ پاڻ ڪريمن جو اکيون سمهنديون هيون پر
    سندن دل سُجاڳ هوندي هئي
    وَذَاكَ حِیْـنَ بُـلُــوْغٍ مِّــنْ نُّـبُـوَّتِـهٖ
    درحقيقت سچا خواب نبوت جي ملڻ جي پهرين نشاني آهن
    فَـلَیْـسَ یُنْكَـرُ فِـیْــهِ حـالُ مُحْتَلَـمٖ
    پوءِ تون اي عقلمند انهن سچن خوابن جو انڪار نہ ڪر
    تَـبَارَكَ اللهُ مَـا وَحْـیٌ بِمُكْـتَسَبٍ
    الله تعالىٰ بابرڪت آهي ۽ وحي ربانيءَ جو اچڻ
    ڪنهن جي وس ۾ نہ آهي
    وَلَا نَـبِـیٌّ عَلیٰ غَـیْبٍ بِـمُتَّـھَـــمٖ
    ۽ پاڻ ڪريم علم غيب کي لڪائيندڙ ناهن
    كَمْ اَبْرَﺃَتْ وَصِبًا بِاللَّمْسِ رَاحَتُــهٗ
    ڪيترا ڀيرا بيمار سندن هٿ مبارڪ گهمائڻ
    سان مڪمل صحتمند ٿي ويا
    وَاَطْلَقَتْ اَرِبًا مِّنْ رِّبْــقَــةِ اللَّمَمٖ
    ۽ ڪيترائي چريا، چريائي کان آزاد ٿي ويا
    وَاَحْیَتِ السَّنَةَ الشَّھْبَاءَ دَعْوَتُـهٗ
    پاڻ ڪريمن جي دعا سان ڏڪار ۽ مصيبتون لھي ويون
    حَتّٰی حَكَتْ غُرَّةً فِی الْاَعْصُرِالدُّھُمٖ
    ۽ سندن دعا سان هڪدم برسات وسڻ شروع ٿي
    بِعَارِضٍ جَادَ اَوْخِلْتَ الْبِطَاحِ بِـھَا
    پاڻ ڪريمن جي دعا سان اهڙو ڪڪر وسيو
    سَیْبًا مِّنَ الْیَـمِّ اَوْ سَیْلًا مِّنَ الْعَرِمٖ
    جو وادين ۾ گوياڪہ درياءَ وهڻ شروع ٿيو
    دَعْنِیْ وَوَصْفِـیَ اٰیَاتٍ لَّـهٗ ظَھَرَتْ
    تون مون کي ڇڏ تہ آئون پاڻ ڪريمن جا اُهي معجزا
    بيان ڪريان جيڪي کانئن ظاهر ٿيا آهن
    ظُھُوْرَ نَارِ الْقِرٰی لَیْلاً عَلیٰ عَـلَــمٖ
    جئين(۱) ٻهراڙي جا ماڻهو مهمانن جي سڃاڻڻ لاءِ
    جبل تي باھ ٻاريندا آهن
    فَالدُّرُّ یَزْدَادُ حُسْنًا وَّھُوَ مُنْتَظِمٌ
    سچن موتين جو حُسن هار ۾ زيادھ ٿئي ٿو
    (۱)عربن جو قديم رواج هو ته اُهي پنهنجي ڳوٺن جي ٻاهران رات جي وقت ڪنهن وڏي جبل تي باھه ٻاريندا هئا،ان لاءِ ته جئين مسافر کي خبر پوي ته اتي ڳوٺ آهي. اها سندن سخاوت ۽ مهمان نوازي جي انتها هئي. مترجم عفي عنہ

    وَلَیْسَ یَنْقُصُ قَدْرًا غَیْـرَ مُنْتَظِمٖ
    ۽ سندن قدر گهٽ نٿو ٿئي جيڪڏهن اُهي پويل ناهن
    فَمَـا تَطَاوَلَ اٰمَـالُ الْمَـدِیْحِ اِلیٰ
    تعريف ڪندڙ پاڻ ڪريمن جون ڪهڙيون صفتون
    بيان ڪري سگهندا
    مَافِیْهِ مِنْ كَرَمِ الْاَخْلاَقِ وَالشِّیَمٖ
    ڇو تہ سندن اخلاق مبارڪ ۽ خصلتون (انسان جي
    سمجھ کان) مٿي آهن
    اٰیَاتُ حَقٍّ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْـدَثَــةٌ
    قرآن ڪريم جون سڀئي آيتون الله تعالىٰ جي
    طرفان نازل ڪيل آهن
    قَدِیْمَةٌ صِفَــةُ الْمَوْصُوْفِ بِالْقِدَمٖ
    ڇو تہ رب تعالىٰ قديم آهي ۽ سندس سڀ صفتون قديم آهن
    لَمْ تَقْتَـرِنْ بِزَمَانٍ وَّھِیَ تُخْبِـرُنَا
    قرآن ڪريم جون آيتون ڪنهن بہ زماني جون محتاج ناهن
    عَنِ الْمَعَادِ وَ عَنْ عَادٍ وَّعَنْ اِرَمٖ
    انهي ۾ آخرت جون خبرون ۽ قوم عاد ۽ اِرم
    جون خبرون آهن


    فصل پنجون : اڱاري کان پڙهو

    الفَصْلُ الْخَامِسُ
    فصل پنجون : اڱاري کان پڙهو
    دَامَتْ لَدَیْنَا فَفَاقَتْ كُلَّ مُـعْـجِــزَةٍ
    قرآن ڪريم جو معجزو اسان وٽ هميشہ محفوظ رهندو
    مِـنَ النَّبِیِّیْـنَ اِذْجَاءَتْ وَلَـمْ تَـدُمٖ
    سڀني پيغمبرن جا معجزا سچا هئا پراهي باقي نہ رهيا
    مُحَكَّمَاتٌ فَمَا یُبْقِیْـنَ مِنْ شُبَـهٍ
    قرآن پاڪ جون آيتون محڪم(ثابت) آهن پوءِ ان ۾
    ڪوبہ بدبخت شڪ نٿو ڪري سگهي
    لِذِیْ شِقَاقٍ وَّلاَ یَبْغِیْنَ مِنْ حَكَمٖ
    انهيءَ ڪري جو اهي پاڻ پنهنجي جاءِ تي فيصلہ ڪُن آهن
    مَاحُوْرِبَتْ قَطُّ اِلاَّ عَادَ مِنْ حَرَبٍ
    جنهن بہ ماڻهو قرآن ڪريم سان مقابلو ڪيو،
    اُن کي انهيءَ ۾ شڪست ملي
    اَعْدَی الْاَعَادِیۡ اِلَیْھَا مُلْقِیَ السَّلَمٖ
    آخرڪار دشمنن قرآن ڪريم کي دل سان تسليم ڪيو
    رَدَّتْ بَلاَغَتُھَا دَعْوٰی مُعَارِضِھَا
    قرآن ڪريم جي فصاحت ۽ بلاغت سڀني جون
    دعوائون ايئن رد ڪري ڇڏيون
    رَدَّالْغَیُوْرِ یَدَالْجَانِیْ عَنِ الْحَرَمٖ
    جيئن غيرتمند انسان هميشه پنهنجي گهر وارن
    جي حفاظت ڪري ٿو
    لَھَا مَعَانٍ كَمَوْجِ الْبَحْرِ فِیْ مَدَدٍ
    قرآن ڪريم جون معنائون درياء جي ڇولين وانگر گڏ آهن
    وَفَوْقَ جَوْھَرِهٖ فِیْ الْحُسْنِ وَالْقِیَمٖ
    ۽ انهيءَ جا موتي حُسن ۽ قيمت ۾ نھايت اعلىٰ آهن
    فَلاَ تُعَدُّ وَلاَ تُحْصٰی عَجَائِبُھَا
    پوءِ تون قرآن ڪريم جي عجيب رازن کي ڳڻي
    ۽ اندازو ڪري نہ ٿو سگهين
    وَلاَ تُسَامُ عَلَی الْاِكْثَارِ بِالسَّأَمٖ
    ۽ گهڻي تلاوت جي ڪري تون ان کان بيزار نہ ٿيندين
    قَرَّتْ بِھَا عَیْنُ قَارِیْھَا فَقُلْتُ لَهٗ
    قرآن ڪريم پڙهڻ سان پڙهندڙ جا نيڻ ٺرن ٿا پوءِ
    مون ان کي چيو تہ
    لَقَدْ ظَفِرْتَ بِحَبْلِ اللهِ فَاعْتَصِمٖ
    بيشڪ تو لاءِ ڪاميابي آهي پوءِ تون الله جي
    رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙ
    اِنْ تَتْلُھَا خِیْفَةً مِّنْ حَرِّنَارِ لَظیٰ
    جيڪڏهن جھنم جي باھ جي خوف کان قرآن
    ڪريم جي قراءت ڪندين
    اَطْفَاۡتَ حَرَّ لَظیٰ مِنْ وِّرْدِھَاالشِّیَمٖ
    تہ جھنم جي گرمي تون ان جي پاڻي سان اُجهائي ڇڏيندين
    كَاَنَّھَا الْحَوْضُ تَبْیَضُ الْوُجُوْهُ بِهٖ
    قرآن ڪريم جون آيتون حوضِ ڪوثر وانگر آهن جنهن سان
    مِنَ الْعُصَاةِ وَقَدْ جَاءُوْهُ كَالْحُمَمٖ
    گنھگارن جا ڪوئلي جھڙا ڪارا چھرا روشن ٿين ٿا
    وَكَالصِّراَطِ وَكَالْمِیْزَانِ مَعْدِلَةً
    قرآن ڪريم پلصراط ۽ ميزان وانگر هموار آهي
    فَالْقِسْطُ مِنْ غَیْرِھَا فِی النَّاسِ لَمْ یَقُمٖ
    جو انهيءَ کان سواءِ ماڻهن ۾ انصاف ڪرڻ ناممڪن آهي
    لاَ تَعْجَبَـنْ لِحُسُوْدٍ رَاحَ یُنْكِرُھَا
    تون اُن حاسد تي تعجب نہ ڪر جيڪو قرآن ڪريم
    جو انڪاري ٿيو آهي
    تَجَاھُلاً وَھُوَ عَیْـنُ الْحَاذِقِ الْفَھِـمٖ
    اُهو (درحقيقت) جاهل آهي جيتوڻيڪ پاڻ کي عقلمند سمجهي
    قَدْ تُنْكِرُ الْعَیْنُ ضَوْعَ الشَّمْسِ مِنْ رَمَدٍ
    جيڪا اک بيمار هجي سا سج جي روشني ڪيئن ڏسي سگهي ٿي
    وَیُنْكِرُ الْفَمُ طَعْمَ الْمَاءِ مِنْ سَقَـمٖ
    ۽ جيڪو وات بيمار هجي سو مٺي پاڻيءَ جو
    ذائقو ڪيئن معلوم ڪري سگهي ٿو
    یَاخَیْـرَ مَـنْ یَّمَّمَ الْعَافُوْنَ سَاحَتَـهٗ
    يارسول الله! توهان جي دربار ۾ سڀئي ماڻهو اچن ٿا
    سَعَیًا وَفَوْقَ مُتُوْنِ الْاَیْنُقِ الرُّسُـمٖ
    ڪي پيادا ۽ ڪي اٺن تي سوار ٿي اچن ٿا
    وَمَنْ ھُوَالْاٰیَـةُ الْكُبـریٰ لِمُعْتَبِـرٍ
    ‘يارسول الله’ توهانجو وُجود مُقدس يقين رکندڙن لاءِ
    الله تعالىٰ جي عظيم نشاني آهي
    وَمَنْ ھُوَ النِّعْمَةُ الْعُظْمیٰ لِمُغْتَنِمٖ
    ۽ توهان جو وجود اُنهن لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي
    سَرَیْتَ مِنْ حَرَمٍ لَیْلاً اِلیٰ حَرَمٍ
    رسولِ عربي! توهان هڪ رات ۾ بيت الله کان بيت المقدس
    تائين سير مڪمل ڪيو
    كَمَا سَرَی الْبَدْرُ فِیْ دَاجٍ مِّنَ الظُّلَمٖ
    جيئن اونداهي رات ۾ چوڏهين جو چنڊ پنهنجو
    سير مڪمل ڪري ٿو
    وَبِتَّ تَرْقیٰ اِلیٰ اَنْ نِّلْتَ مَنْزِلَـةً
    رسول عربي توهان هڪ رات ۾ سڀ منزلون
    مڪمل ڪري قاب قوسين تي پهتا
    مِنْ قَابَ قَوْسَیْنِ لَمْ تُدْرَكْ وَلَمْ تُرَمٖ
    هي اها منزل آهي جنهن تي توهان کان سواءِ ڪونہ پهتو
    ۽ نہ ڪو خواهش ڪندو
    وَقَـدَّ مَتْكَ جَمِیْعُ الْاَنْبِــیَآءِ بِھَا
    ۽ رسولِ عربي توهان کي (مسجد اقصى ۾)
    سڀني نبين امامت لاءِ اڳيان ڪيو
    وَالرُّسُلِ تَقْدِیْمَ مَخْدُوْمٍ عَلیٰ خَدَمٖ
    توهان انهن جا مخدوم ٿيا ۽ اُهي سڀ توهانجا خادم ٿيا
    وَاَنْتَ تَخْتَرِقُ السَّبْعَ الطِّبَاقَ بِھِمْ
    رسولِ عربي! توهان ستن آسمانن جو سفر
    مڪمل ڪري ملائڪن کان مٿي هليا ويا
    فِیْ مَوْكِبٍ كُنْتَ فِیْهِ صَاحِبَ الْعَلَمٖ
    انهن جي جماعت جا اوهان سردار ۽ جهنڊو کڻندڙ هئا
    حَتّٰی اِذَا لَــمْ تَــدَعْ شَـأۡ وًا لِمُسْتَبِقٍ
    ايستائين جو توهان اڳتي وڌندڙ لاءِ ڪانہ حد باقي نہ ڇڏي
    مِنَ الدُّنُوِّ وَلَا مَــرْقًی لِـمُسْتَنِـمٖ
    ۽ انهي مَقامِ قرب کي جبرئيل امين بہ پهچي نہ سگھيو
    خَفَضْتَ كُلَّ مَقَامٍ بِالْاِضَافَـةِ اِذْ
    توهان سڀني پيغمبرن جا مقام ۽ درجا هيٺ ڪري ڇڏيا
    نُوْدِیْتَ بِالرَّفْعِ مِثْلَ الْمُفْرَدِ الْعَلَمٖ
    ڇو تہ فقط توهان کي معراج تي نھايت شان سان سڏيو ويو
    كَیْمَا تَفُــوْزُ بِوَصْلٍ اَیِّ مُسْتَتِـرٍ
    معراج ان لاءِ ڪرايو ويو تہ توهان خدا تعالىٰ
    جي ملاقات سان سرفراز ٿيو
    عَنِ الْعُیُــوْنِ وَسِــرٍّ اَیِّ مُكْتَتَمٖ
    ۽ ڪهڙا بہ مخفي ۽ پوشيدہ راز هجن سي توهان تي ظاهر ٿين
    فَحُزْتَ كُلَّ فَخَارٍ غَیْـرِ مُشْتَـرَكٍ
    توهان ۾ سڀئي خوبيون جمع ڪيون ويون
    جيڪي ڪنهن ۾ بہ ناهن
    وَجُزْتَ كُلَّ مَقَامٍ غَیْـرِ مُزْدَحِمٖ
    توهان اڪيلي سِر ماڻهن کان سواءِ اهي سڀئي مقام
    ۽ منزلون مڪمل ڪيون
    وَجَلَّ مِقْــدَارُ مَاوُلِّیَتْ مِــنْ رُتَبٍ
    رسولِ عربي توهان کي عظيم الشان مرتبن جو
    مالڪ بنايو ويو
    وَعَزَّ اِدْرَاكَ مَــا اُوْلِیْتَ مِـنْ نِّعَمٖ
    عقل ۽ سمجھ کان اهي مرتبا پري آهن جيڪي
    توهان کي مليا آهن
    بُشْرٰی لَنَا مَعْشَرَالْاِسْلَامِ اِنَّ لَنَا
    اسان مسلمانن کي مبارڪون هجن ڇوتہ پاڻ ڪريم
    مِنَ الْعِنَایَــةِ رُكْـنًا غَیْـرَ مُنْھَدِمٖ
    اسان کي اهي مضبوط ٿنڀا عنايت ٿيا آهن
    جيڪي ڪڏهن نہ ڪرندا


    فصل ڇهون: اربع کان پڙهو

    اَلْفَصْلُ السَّادِسُ
    فصل ڇهون: اربع کان پڙهو

    لَـمَّـا دَعَیٰ اللهُ دَاعِــیْـنَـا لِطَـاعَـتِـهٖ
    ڇو تہ الله تعالىٰ توهان کي سڀني رسولن کان
    ڀلو ڪري سڏيو آهي
    بَاَكْرَمِ الرُّسْلِ كُنَّا اَكْرَمَ الْاُمَـمٖ
    ۽ توهان جي صدقي الله تعالىٰ اسانکي بهترين
    اُمت ڪري سڏيو آهي
    رَاعَتْ قُلُوْبَ الْعِدیٰ اَنْبَاءُ بِعْثَتِـهٖ
    رسولِ عربي جي رسالت جي خبر ٻُڌي مخالفن
    جون دليون ڏڪي ويون
    كَنَبْــأَةٍ اَجْفَلَتْ غُفْلًا مِّــنَ الْغَنَمٖ
    جئين شينهن جي گجگوڙ کان ٻڪريون ٽَھِي ڀڄن ٿيون
    مَازَالَ یَلْـقَا ھُـمْ فِـیْ كُلِّ مُعْتَـرَكٍ
    صحابہ ڪرام جنگ جي هر ميدان ۾ هميشہ
    ڪافرن سان مقابلو ڪندا هئا
    حَتّٰي حَكَوْا بِالْقَنَا لَحْمًا عَلیٰ وَضَمٖ
    ايستائين جو سندن جسم نيزن تي ايئن پيل هئا
    جيئن اڏيءَ تي گوشت هجي
    وَدُّاالْفِرَارَ فَكَادُوْا یَغْبِطُوْنَ بِـهٖ
    جنگ جي خوف کان ڪافرن ڀڄڻ کي پسند ڪيو
    اَشْلَاءَ شَالَتْ مَعَ الْعِقْبَانِ وَالرَّخَمٖ
    ڪافرن چاهيو ٿي تہ ڪاش سندن جسم جا ٽڪرا
    ڳِجهون ۽ سِرڻون کڻي وڃن ها
    تَمْضِی اللَّیَالِیْ وَلَا یَدْرُوْنَ عِدَّتَھَا
    راتيون گذريون ٿي، پر ڪافر انهن کي
    ڳڻي نہ ٿي سگهيا
    مَالَمْ تَكُنْ مِنْ لَیَالِی الْاَشْھُرِ الْحُرُمٖ
    جيستائين نہ اچن اهي راتيون جن ۾ جنگ
    ڪرڻ حرام آهي
    كَاَنَّمَا الدِّیْنُ ضَیْفٌ حَلَّ سَاحَتَھُمْ
    گوياڪہ دين جو لشڪر هڪ مهمان هو جيڪو پاڻ
    ڪريمن جي اڱڻ تي لٿو
    بِكُلِّ قَرْمٍ اِلیٰ لَحْمِ الْعِدیٰ قَرِمٖ
    هر سردار ائين چاهيو ٿي تہ کيس دشمن جو گوشت ملي
    یَجُرُّ بَحْرَ خَمِیْـسٍ فَـوْقَ سَابِـحَـةٍ
    تيز گهوڙن تي اهو لشڪر درياء جي مثال هلندو هو
    تَرْمِیْ بِمَوْجٍ مِّنَ الْاَبْطَالِ مُلْتَطِمٖ
    جو جنگ جي ميدان ۾ اهو هر وقت ڇوليون هڻندو هو
    مِـنْ كُلِّ مُنْـتَـدِبٍ لِلهِ مُـحْـتَـسِبٍ
    سڀئي اصحابي حڪم مڃيندڙ ۽ الله تعالىٰ
    جي اجرِ عظيم ۾ اميد رکندڙ هئا
    یَسْطُوْ بِمُسْتَأۡصِلٍ لِلْكُفْرِ مُصْطَلِمٖ
    اُهي ڪافرن تي حملو ڪندڙ ۽ ڪُفر جون پاڙون پٽيندڙ هئا
    حَتّيٰ غَدَتْ مِلَّةُ الْاِسْلَامِ وَھِیَ بِھِمْ
    ايستائين جو صحابه ڪرام جي ڪوششن سان
    دين اسلام مضبوط ٿيو
    مِنْۢ بَعْدِ غُرْبَتِھَا مَوْلَـةَ الرَّحِـمٖ
    شروع ۾ دين غريب(ڪمزور) هو ۽ آخر ۾ دين مضبوط ٿيو
    مَكْفُوْلَـةً اَبَدًا مِنْھُـمْ بِخَیْـرِ اَبٍ
    جيئن ڪنهن يتيم کي مهربان پيءُ ۽ بيوہ کي
    بهترين گهر وارو ملي وڃي
    وَخَیْـرِ بَعْلٍ فَلَـمْ تَیْتَـمْ وَلَـمْ تَئِـمٖ
    پوءِ يتيميءَ جو هِن کي ۽ بي وارثي جو هُن کي ڪهڙو غم ٿيندو
    ھُمُ الْجِبَالُ فَسَلْ عَنْھُمْ مُصَادِمَھُمْ
    اهي اصحابي جنگ جي ميدان ۾ جبلن وانگر مضبوط هئا
    مَاذَارَ اَوْا مِنْھُمٗ فِـیْ كُلِّ مُصْطَـدَمٖ
    پوءِ تون مقابلن جو خبرون جنگي ميدانن کان
    پُڇ تہ انهن ڇا ڏٺو
    فَسَلْ حُنَیْنًا وَسَلْ بَدْرًا وَسَلْ اُحُدًا
    پوءِ تون حنين ۽ بدر ۽ احد کان پُڇي معلوم ڪر
    فَصُوْلُ حَتْفٍ لَھُمْ اَدْھٰی مِنَ الْوَخَمٖ
    تہ ڪافرن جي مٿان موت جي وبا ڪئين نازل ٿي
    اَلْمُصْدِرِی الْبِیْضِ حُمْراً بَعْدَ مَاوَرَدَتْ
    انهن پنهنجون تلوارون دشمنن جي رت ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون
    مِنَ الْعِدیٰ كُلَّ مُسْـوَدٍّ مِّــنَ اللِّمَـــمٖ
    انهن ڪافرن جي مٿن تي نهايت سخت وار ڪيا
    وَالْكَاتِبِیْـنَ بِسُمْرِ الْخَطِّ مَاتَرَكَتْ
    ۽ اصحابن پنهنجي بهترين نيزن سان ڪافرن تي
    ايترا تہ حملا ڪيا
    اَقْلَامُھُمْ حَرْفَ جِسْمٍ غَیْـرَ مُنْعَجِمٖ
    جو سندن نشانن کان دشمنن جو ڪو بہ جسم بچي نہ سگھيو
    شَاكِی السِّلاحِ لَھُمْ سِیْمَا تُمَیِّزُھُمْ
    اُهي مسلح هئا ۽ انهن جي پيشانين تي سجدن جا
    صاف نشان ائين هئا
    وَالْوَرْدُ یَمْتَازُ بِالسِّیْمَا مِنَ السَّلَمٖ
    جيئن گلاب جو گل پنهنجي نشاني سان ڪنڊن
    واري وڻ کان ممتاز هوندو آهي
    تُھْدِیْ اِلَیْكَ رِیَاحَ النَّصْرِ نَشْرَھُمٗ
    اصحابن جي فتح جون خبرون تو ڏانهن هوائون
    موڪلين ٿيون
    فَتَحْسَبُ الزَّھْرَفِی الْاَكْمَامِ كُلَّ كَمٖ
    پوءِ تون ايئن سمجهين تہ گوياڪہ گلاب جو گل
    پردي ۾ ڍڪيل آهي
    كَاَنَّھُم فِـیْ ظُھُوْرِ الْخَیْلِ نَبْتُ رُبًی
    اهي گهوڙن تي ايئن مضبوط سواري ڪندا هئا
    جيئن جبل تي ڪو ٻُوٽو ڦٽي
    مِنْ شِدَّةِ الْحَزْمِ لَا مِنْ شِدَّةِ الْــحُزُمٖ
    اهي اهڙي مضبوطيءَ سان سواري ڪندا هئا جن
    کي زين جي ضرورت نہ هئي
    طَارَتْ قُلُوْبُ الْعِدیٰ مِنْ بَاْسِھِمْ فَرَقًا
    جنگ جي سختي جي ڪري دشمنن جا عقل غائب ٿي ويا
    فَـمَا تُفَرِّقُ بَیْـنَ الْبَھْـمِ وَالْبُھَـمٖ
    اُهي اهو فرق بہ نہ ڪري سگهيا تہ ماڻهو
    آهي يا ٻڪري آهي
    وَمَنْ تَكُنْ بِرَسُـوْلِ اللهِ نُصْرَتُـهٗ
    جنهن شخص کي رسول الله جي مدد حاصل هجي ٿي
    اِنْ تَلْقَـهُ الْاُسْدُ فِـیْ اٰحَامِھَا تَجِمٖ
    ان جي اڳيان شينهن بہ جنگل ۾ پڇ لوڏائي ٿو
    وَلَنْ تَرٰی مِنْ وَّلِیٍّ غَیْـرَ مُنْتَصِرٍ
    تون پاڻ ڪريمن جو دوست سندن مدد کان
    ڪڏهن بہ خالي نہ ٿو ڏسين،
    بِــهٖ ولَا مِنْ عَدُوٍّ غَیْــرَ مُنْقَصِمٖ
    ۽ جيڪو سندن دشمن آهي اُن کي تون ذليل
    ۽ خوار ڏسندين
    اَحَـــلَّ اُمَّــتَـــهٗ فِـیْ حِرْزِ مِلَّتِـهٖ
    پاڻ ڪريمن پنهنجي اُمت کي ملت جي ڪوٽ
    ۾ محفوظ رکيو
    كَاللَّیْثِ حَلَّ مَعَ الْاَشْبَالِ فِیْ اَجَمٖ
    جيئن غار ۾ شينهن پنهنجي ٻچن کي
    محفوظ رکي ٿو
    كَمْ جَدَّلَتْ كَلِمَاتُ اللهِ مِنْ جَدَلٍ
    ڪيترا ڀيرا قرآن ڪريم مخالفن کي ڌوڙ ۾ اڇلايو
    فِیْهِ وَكَمْ خَصَّمَ الْبُرْھَانُ مِنْ خَصِمٖ
    ۽ ڪيترا ڀيرا قرآن ڪريم معجزن سان پنهنجي
    مخالفن تي غالب ٿيو
    كَفَاكَ بِالْعِلْمِ فِی الْاُمِّـیِّ مُــعْــجِــزَةً
    اُمّي جي صورت ۾ وسيع علم توهان جو وڏو معجزو آهي
    فِی الْجَاھِلِیَّــةِ وَالتَّأدِیْبِ فِی الْیُتَمٖ
    ۽ جاهليت جي زماني ۾ ادب سيکاريائون
    ان صورت ۾ جو پاڻ يتيم هئا
    خَـدَمْتُـهٗ بِمَدِیْحٍ اَسْتَقِیْلُ بِــهٖ
    مون پاڻ ڪريمن جي نعت ان لاءِ چئي آهي تہ
    منهنجا گناھ بخش ٿين
    ذُنُوْبَ عُمْرٍ مَّضٰی فِی الشِّعْرِ وَالْخِدَمٖ
    ڇو تہ مون پنهنجي زندگي اجاين شعرن ۽
    خوشامدن ۾ گذاري آهي
    آیَاتَـهُ الْـغُــر لَا یَخْفیٰ عَلیٰ اَحَـدٍ
    پاڻ ڪريمن جا معجزا روشن آهن ۽ ڪنهن
    ماڻهو جي مٿان لڪل نہ آهن
    بَّدُوْنَھَا الْعَدْلُ بَیْـنَ النَّاسِ لَمْ یَقُمٖ
    ڇو تہ انهن کان سواءِ دنيا ۾ انصاف قائم نہ ٿي سگھندو


    فصل ستون : خميس تي پڙهو

    الْفَصْلُ السَّابِعُ
    فصل ستون : خميس تي پڙهو
    اِذْ قَـــلَّـدَانِـیْ مَا تُخْشٰی عَوَاقِبُـهٗ
    ڇو تہ ڌارين جي غلامي ۽ گناهن جي ڪري
    منهنجي ڳچي ۾ پٽو پيل آهي
    كَاَنَّـنِـیْ بِھِمَا ھَــدْیٌ مِّـــنَ النَّعَمٖ
    گوياڪہ آئون انهن ٻنهي ڪمن جي ڪري قرباني
    جي ڍور وانگر آهيان
    اَطَعْتُ غَیَّ الصِّبَا فِی الْحَالَتَیْنِ وَمَا
    مون ٻارن وانگر گمراهيءَ جي تابعداري ڪئي
    ٻنهي حالتن ۾
    حَصَّلْتُ اِلَّا عَلَی الْاٰثَامِ وَالنَّــدَمٖ
    يعني شعر چيم ۽ ڌارين جي خدمت ڪيم پوءِ ان
    جي عيوض مون کي گناھ ۽ ندامت ملي
    فَیَاخَسَارَةَ نَفْسِیْ فِـیْ تِجَارَتِھَا
    منهنجي نفس کي حيف هجي جنهن نقصان وارو
    سودو ڪيو
    لَمْ تَـشْتَـرِ الدِّیْنَ بِالدُّنْیَا لَمْ تَسُمٖ
    اُن آخرت جي عيوض بي عقلي سان دنيا کي خريد ڪيو
    وَمَــنْ یَّبِعْ اٰجِــــلًا مِّنْـهُ بِعَاجِلِـهٖ
    ۽ جنهن ماڻهو آخرت جو ثواب وڪڻي ان جي
    عيوض دنيا خريد ڪئي
    یَبِـنْ لَـهُ الْغَبْـنُ فِـیْ بَیْعٍ وَّ فِیْ سَلَمٖ
    در حقيقت ان وڏي نقصان ۽ ڇيھي وارو واپار ڪيو
    اِنْ اٰتِ ذَنْبًا فَمَا عَھْدِیْ بِمُنْتَقِضٍ
    جيتوڻيڪ آئون گنهگار آهيان پر منهنجو وعدو
    رسولِ عربي سان نہ ٽٽو آهي
    مِــنَ النَّبِیِّ وَلَا حَبْلِـیْ بِمُنْصَرِمٖ
    ۽ منهنجي دينِ اسلام جي رسي ڪڏهن بہ
    ٽٽڻ واري نہ آهي
    فَــاِّنَّ لِـیْ ذِمَّــةً مِّـنْــهُ بِتَسْمِیَتِیْ
    پوءِ بيشڪ مون لاءِ امان آهي ڇو تہ منهنجو
    نالو بہ محمَّد آهي
    مُحَمَّدًا وَّھُوَ اَوْ فَی الْخَلْقِ بِالذِّمَمٖ
    ۽ پاڻ ڪريم سموري مخلوق کان باوفا ۽ پناھ ڏيندڙ آهن
    اِنْ لَّمْ یَكُنْ فِـیْ مَعَادِیْ اٰخِذًاۢ بِیَدِیْ
    جيڪڏهن موت وقت توهان پنهنجي فضل سان
    پنهنجي وعدي موجب
    فَـضْـلًا وَاِلَّا فَـقُـلْ یَازَلَّـــةَ الْقَدَمٖ
    منهنجي مدد نہ ڪئي تہ آئون يقيناً خوار ٿيندس
    حَاشَاهُ اَنْ یُّحْرِمَ الرَّاجِیْ مَكَارِمَهٗ
    پاڻ ڪريم هرگز ڪنهن اُميدوار کي پنهنجي
    بخشش کان محروم نہ ٿا ڪن
    اَوْ یَرْجِعُ الْجَارُ مِنْهُ غَیْـرَ مُحْتَـرَمٖ
    يا پنهنجي قرب واري کي پنهنجي در تان ڪڏهن
    بہ نہ ٿا موٽائين
    وَمُنْذُ اَلْزَمْتُ اَفْكَارِیْ مَــدَائِحَــهٗ
    رسولِ عربي جي نعتن لاءِ جڏهن کان مون پاڻ کي
    وقف ڪيو آهي
    وَجَدْتُّهٗ لِخَلَاصِیْ غَیْـرَ مُلْتَزَمٖ
    اُن وقت کان وٺي پاڻ ڪريم مون لاءِ نجات ۽
    پناھ جي جاءِ ثابت ٿيا آهن
    وَلَنْ یَّفُوْتَ الْغِنیٰ مِنْــهُ یَـدًا تَرِبَتْ
    توهان جي سخيءَ هٿ کان محتاج ڪڏهن بہ نا اُميد نہ ٿو ٿئي
    اِنَّ الْحَیَا یُنْبِتُ الْاَزْھَارَ فِي الْاَكَـمٖ
    بيشڪ مينهن جبلن جي چوٽين تي گُل ڦٽائي ٿو
    وَلَمْ اَرِدْ زَھْرَةَ الدُّنْیَا الَّتِیْ اقْتَطَفَتْ
    آئون زُهير شاعر وانگر دنيا جو مال طلب نٿو ڪريان
    یَـــدَا زُھَیْـرٍ بِـمَا اَثْنیٰ عَلیٰ ھَرِمٖ
    جنهن سَنَان بن هَرم جي تعريف ڪري دولت حاصل ڪئي
    یَااَكْرَمَ الْخَلْقِ مَالِـیْ اَلُــوْذُبِـهٖ
    يارسول الله توهان کان سواءِ منهنجو اهڙو ڪوبہ ڪونهي
    سِوَاكَ عِنْدَ حُلُوْلِ الْحَادِثِ الْعَمَمٖ
    جنهن کان آئون وڏن حادثن وقت پناھ وٺان
    وَلَنْ یُّضِیْقَ رَسُوْلَ اللهِ جَاھُكَ بِیْ
    منهنجي شفاعت ڪرڻ سان توهان جو شان
    قطعاً گهٽ نہ ٿيندو
    اِذَالْكَرِیْمُ تَجَلیّٰ بِاِسْمِ مُنْتَقِـمٖ
    ڇو تہ توهان سخي آهيو ۽ توهان پنهنجي حقيقي
    نالي سان روشن آهيو
    فَـاِنَّ مِنْ جُوْدِكَ الدُّنْیَا وَضَرَّتَـھَـا
    پوءِ بيشڪ توهان جي سخاوت سان دنيا ۽ آخرت آهي
    وَمِنْ عُلُوْمِكَ عِلْمَ اللَّوْحِ وَالْقَلَمٖ
    ۽ توهان جي علم جوهڪ حصو لوح محفوظ آهي
    یَا نَفْسُ لَا تَقْنَطِیْ مِنْ زَلَّةٍ عَظُمَتْ
    اي نفس تون ڪبيرن گناهن جي ڪري نا اميد نہ ٿي
    اِنَّ الْكَبَائِــرَ فِي الْغُفْراَنِ كَاللَّمَمٖ
    بيشڪ ڪبيرا گناھ بخش ڪرڻ ۾ صغيرن گناھن وانگر آهن
    لَعَلَّ رَحْمَـةَ رَبِّـیْ حِیْـنَ یَقْسِمُھَـا
    الله تعالىٰ جي رحمت جڏهن ورهائي ويندي،
    مون کي اُميد آهي تہ
    تَاْتِیْ عَلیٰ حَسَبِ الْعِصْیَانِ فِی الْقِسَمٖ
    جيترا منهنجا گناھ هوندا اوتري مون کي رب جي رحمت ملندي
    یَارَبِّ وَاجْعَلْ رَجَائِیْ غَیْرَ مُنْعَكِسٍ
    يا الله تون منهنجي اُميد ۽ توقع کي ختم نہ ڪر
    لَدَیْكَ وَاجْعَلْ حِسَابِیْ غَیْرَ مُنْخَرِمٖ
    ۽ تون منهنجي عمل نامي کي ٻاجھ کان پري نہ ڪر
    وَالْطُفْ بِعَبْدِكَ فِی الدَّارَیْنِ اِنَّ لَـهٗ
    ياالله تون ٻنهي جھانن ۾ پنهنجي ٻانهي تي لطف ڪر؛ ڇو تہ
    صَبْرًا مَّتيٰ تَدْعُــهُ الْاَھْوَالُ یُنْھَرِمٖ
    تڪليف اچڻ وقت صبر اُن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو
    وَأْذَنْ لِسُحْبِ صَلوٰةٍ مِّنْكَ دَائِمَــةً
    يا الله تون پنهنجي رحمت جي ڪڪرن کي حڪم
    ڪر تہ اُهي تنهنجي طرفان
    عَلَی النَّبِیِّ بِمُنْھَـلٍّ وَّمُنْسَجِـــمٖ
    هميشه هميشه تنهنجي حبيب ڪريم تي رحمت
    جو زوردار مينهن وسائن
    وَالْآلِ وَالصَّحْبِ ثُمَّ التَّابِعِیْنَ لَھُمْ
    ۽ پاڻ ڪريمن جي اهلبيتن ۽ اصحابن ۽ تابعين
    تي رحمتون وسن
    اَھْلِ التُّقیٰ وَالنُّقیٰ وَالْحِلْمِ وَالْكَرَمٖ
    جيڪي پرهيزگار، برگزيدہ ۽ بردبار ۽ سخيءَ هئا
    مَا رَنَّحَتْ عَذَبَاتِ الْبَانِ رِیْحُ صَبَا
    بان وڻ جون ٽاريون جيستائين بادِ صبا لوڏي ۽ جيستائين
    وَاَطْرَبَ الْعِیْسَ حَادِی الْعِیْسَ بِالنَّغَمٖ
    اُٺ هڪليندڙ خوشي جا نغما ٻُڌائي ٿو، مطلب
    تہ قيامت تائين سندن مٿان رحمتون هجن
    ثُمَّ الرِّضَا عَنْ اَبِیْ بَكَرٍ وَّعَنْ عُمَرٍ
    ان کان پوءِ الله تعالىٰ راضي آهي حضرت ابوبڪر
    ۽ حضرت عمر کان
    وَّعَنْ عَلِیٍّ وَّعَنْ عُثْمَانٍ ذِی الْكَرَمٖ
    ۽ حضرت عثمان ۽ حضرت علي کان جيڪي ڀلارا
    آهن (رضي الله عنهم)
    فَــاغْفِرْلِنَا شِدِھَا وَاغْفِرْ لِقَارِئِھَا
    پوءِ اي منهنجا رب تون هن قصيدي جي ٺاهيندڙ
    ۽ پڙهندڙ کي بخش ڪر
    سَأَلْتُكَ الْخَیْــرِ یَاذَالْجُوْدِ وَالْكَرَمٖ
    ياالله آئون توکان خير جو سوالي آهيان



    تمت بالخیر فی المسجد النبوی الشریف بالمدینة المنوره
    الیَومَ یَوم الاربعَاء ـ ١٢ دقیق ـ ٤ شَوالُ المُكَّرم ١٤١٧ھ
    عَبْدُهٗ عَبْدُالْوَحِیْد سَرھَندِي عَفِی عَنهُ
    مَاكَانَ مِنْهُ


    نعت مصطفى

    ۷۸۶
    ۹۲
    نعت مصطفى
    صَلَى الله تعالىٰ عليه وآلهٖ وَسَلَّمۡ

    مُــــحَــــمَّــــد مصطفى آهــــي، حبيبِ ڪبريا آهي،
    اهـــــــــــــــــوئي ابتـــدا آهي ، اهوئي انتــھـــا آهي.

    نہ دنيا هئي نہ عُقبى هئي نہ ئي مخلوق خلقيل هئي،
    مگر اول سڀن کان ئي ، رســــولِ مــجتـــبىٰ آهي.

    خـــــــــــــدا خلقيو جھانن کي رســـــولُ الله جي صدقي،
    اهــــوئي رحمتِ عـالـــــم ، امـــــــــامُ الانبياء آهي.

    ذڪر اذڪار سڀ فاني محمّد جو ذڪر باقي،
    سبب هي ٿيو جو خود الله، سندن ئي نعت خوان آهي.

    صُبح سانجهي سدائين سڀ، پڙهـــــو صلواة سيد تي،
    سڀن وردن کان اعلىٰ هي ، وظيفو بي بھا آهي.

    قبر محشر ۽ دنيا ۾ مدد ڪنهن جي نہ ٿي گهرجي،
    سهارو ‘عبد’ جو هر دم رسولِ دو جھان آهي.

    عَبۡدہٗ عبدالوَحِيۡد سرهندي عَفِي عَنہُ
    دارالارشاد درگاه ٽنڊوسائينداد


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267725
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387996
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ