ڪتاب جو نالو: رهبر حج (حج جي تربيت)
مصنف: نور محمد نور سومرو
ڇپائيندڙ: رهبر پبلشنگ اڪيڊمي، خيرپور
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 22 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 1235 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 379 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • تلبيه
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • پنهنجي پاران
  • باب پهريون:حج جي سفر کان پهريان پاڪستان ۾ تياري
  • باب ٻيو:سعودي عرب جي سرزمين تي ترسڻ ۽ سفر جا مرحلا
  • باب ٽيون:عمري جو طريقو
  • باب چوٿون: مشاعر مقدسه جو تعارف
  • باب پنجون؛حج جو طريقو
  • باب ڇهون:مدينه منوره جي زيارت
  • باب ستون:ياد رکڻ جون ڳالهيون
  • باب اٺون:حج جي سفر جي لاءِ طبي سهولتون
  • باب نائون :حادثن کان بچاءُ
  • سعودي عرب ۾ ڳالهه ٻول جا عام لفظ
  • ليکڪ جو تعارف

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رھبر حج“ اوهان اڳيان پيش آهي. ترجمو ۽ ترتيب محترم نور محمد نور سومرو صاحب ۽ نظر ثاني پروفيسر ڊاڪٽر محمود الحسن ڪئي آھي. حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج جي تربيت بابت ھي ڪتاب اوھان جي رھبري ڪندو.
    هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
    هي ڪتاب رھبر پبلشنگ اڪيڊمي، خيرپور پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري نور محمد نور سومري جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    تلبيه

    لَبَّیْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّیْكَ
    حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان

    لَبَّیْكَ لَا شَرِیْكَ لَكَ لَبَّیْكَ
    مان حاضر آهيان، تنهنجو ڪوئي شريڪ نه آهي مان حاضر آهيان

    اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ
    بيشڪ حمد تنهنجي ئي لائق آهي سموريون نعمتون تنهنجون ئي ڏنل آهن

    لَكَ وَالْمُلْكَ
    بادشاهي به تنهنجي ئي آهي

    لَا شَرِیْكَ لَكَ
    تنهنجو ڪوئي شريڪ نه  


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: رهبر حج (حج جي تربيت)
    ترجمو ۽ ترتيب: نور محمد نور سومرو
    نظر ثاني: پروفيسر ڊاڪٽر محمود الحسن چنِڙ
    پروف ريڊنگ: حاجي شاهه محمد سومرو
    ڪمپوزنگ : نور محمد نور سومرو
    لي آئوٽ : آصف نظاماڻي
    ٽائيٽل ڊزائين : جواد احمد JJ سومرو
    ڇاپو پهريون: مئي 2018
    هديه: في سبيل لله دعائن ۾ ياد رکندا
    پرنٽرز : يوسف پرنٽرز، سکر
    ڇپائيندڙ: رهبر پبلشنگ اڪيڊمي، خيرپور
    03337823941


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    پنهنجي پاران

    حج هڪ نهايت اهم مذهبي فرض ۽ اسلام جي بنيادي رڪنن مان هڪ نهايت ئي اهم رڪن آهي. حج ۽ عمري تي الحمد لله ڪتابن جي ڪائي ڪمي نه آهي ۽ يقينن هن موضوع تي ڪيترائي سٺا ڪتاب موجود آهن. هن کان پهريان منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب حج جي سفر جي عملي رهنمائي قدم به قدم2015 ۾ اچي چڪو آهي جنهن کي بي حد پسند ڪيو ويو. ان کان پوءِ سال 2016 ۽ 2017 ۾ وزارت مذهبي امور جي ڪتاب رہنمائے حج جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو هيو ۽ هن سال 2018 رہنمائے حج جو ترجموٿيل ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ حج جي فرضن ۽ واجبن سان گڏوگڏ انتظامي معاملن خاص طور تي مشاعر مقدسه (يعني منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي هر هر پڙهڻ سان حج جي مسئلن کي نه صرف سمجهڻ ۾ مدد ملندي بلڪي انهن مسئلن کي به منهن ڏيڻ ۾ مدد پڻ ملندي.
    هي ڪتاب اردوءَ مان سڌو سنئون سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي نظر ثاني پروفيسر ڊاڪٽر محمود الحسن چنڙ صاحب ڪئي آهي. جيڪي وزارت مذهبي امور جا ماسٽر ٽرينر پڻ آهن هن ڪتاب کي ترجمو ڪرڻ وقت اها ڪوشش ڪئي وئي ته گرامر جي حساب سان ڪا غلطي نه ٿئي تنهن هوندي به پڙهندڙن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن ڪا غلطي ڏسن ته ضرور آگاهه ڪندا ته جيئن ايندڙ شماري ۾ ان جي تحصيح ڪري سگھجي.
    اسان جي دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ توهان جي حج جي سفر کي آسان بڻائي ۽ توهان کي حج مبرور جي سعادت نصيب فرمائي. (آمين)

    طالب دعا

    نور محمد نور سومرو
    abukatooli@gmail.com


    باب پهريون:حج جي سفر کان پهريان پاڪستان ۾ تياري

    حج جي فرضيت:
    حج هر عاقل، بالغ مسلمان، مرد ۽ عورت استطاعت يعني طاقت هجڻ جي شرط تي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ادا ڪرڻ فرض آهي. حج جي استطاعت جو مطلب آهي رستو پر امن هجي. ان وٽ حج جي خرچن کان علاوه حج جي مدت جي لاءِ پنهنجي ڪفالت هيٺ گھر جي ڀاتين جي کائڻ پيئڻ جو بندوبست پڻ موجود هجي. عورت جي لاءِ هي به شرط آهي ته ان سان گڏ حج جي سفر ۾ ڪوئي محرم موجود هجي.

    حج جي تربيت ۽ تياري:
    حج هڪ نهايت عظيم عبادت آهي. انهيءَ ڪري حج جي پانڌيئڙڻ لاءِ ان جي تربيت نهايت ضروري آهي ته جيئن حجاز مقدس ۾ گذارڻ واري هر گھڙيءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي.
    حج جي مناسڪن جي تربيت کان سواءِ هن مبارڪ سفر جي تياريءَ جا ٻه اهم پاسا آهن. پهريون هي ته پنهنجي نفس جي پاڪائي ڪئي وڃي. پنهنجي رب سان سچي توبهه ۽ اڳتي جي لاءِ ان جي نافرمانيءَ کان پري رهڻ جو پڪو عزم ڪيو وڃي. رب ڪريم قرآن ڪريم ۾ تقوى کي ان سفر جي لاءِ بهترين سفر جو ثمر قرار ڏنو آهي. هي موقعا الله سبحان تعاليٰ جي طرفان خوش نصيب ٻانهن کي عطا ڪيا ويندا آهن ته هو مقدس جڳهن تي پنهنجي رب جي سامهون سچي توبهه ڪندا آهن ۽ حج مبرور جي بدلي ۾ نه صرف جنت جي خوشخبري وٺي ڪري واپس ايندا آهن بلڪي گناهن کان ائين پاڪ صاف ٿي ويندا آهن جيئن انهن کي ماءُ ان ڏينهن ڄڻيو هجي. جڏهن ته تياريءَ جو ٻيو رخ عملي يا ظاهري تياري آهي. انهيءَ ڪري پنهنجو پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور تي ان مشڪل سفر جي لاءِ تيار ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ توهان کي اهو سمجهڻو پوندو ته توهان کي حج کان پهريان، ان جي دوران ۽ ان کان پوءِ ڇا ڪرڻو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هيٺ ذڪر ڪيل انتظامي معاملن جو خيال رکيو وڃي ته جيئن هن مبارڪ سفر ۾ مڪمل اطمينان سان عبادتن ۾ مصروف رهندا:

    حج جون درخواستون:
    1. جيڪڏهن سرڪاري اسڪيم جي تحت حج تي وڃڻ جو ارادو آهي ته حج درخواستون وصول ڪرڻ جي با اختيار بينڪ جي ڪنهن ويجھي برانچ سان رابطو ڪندا ۽ درخواستون بر وقت جمع ڪرائيندا.
    2. سمورا حج جا پانڌيئڙا مشين ريڊيبل پاسپورت تي ئي سفر ڪندا انهيءَ ڪري پنهنجو پاسپورٽ تيار رکندا.
    3. پهنجن ويجھن عزيزن، پاڙي وارن يا دوستن مان جيڪڏهن ڪوئي حج جي سفر جو ارادو رکندو هجي ته انهن سان مِلي ڪري گروپ ٺاهيندا ۽ حج جي درخواست هڪ گروپ جي صورت ۾ ڏيندا. گروپ ۾ ڪنهن تجربي ڪار ۽ تربيت يافته شخص کي گروپ ليڊر مقرر ڪندا. هي ڪم بينڪ وارن تي نه ڇڏيندا.
    4. سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون منظور ٿيڻ کان پوءِ خوش نصيب ماڻهن کي ٽپال يا ايس ايم ايس جي ذريعي اطلاع ڏنو ويندو آهي. درخواستن جي باري ۾ معلومات وزارت مذهبي امور و بين المذاهب هم آهنگي جي ويب سائيٽ www.hajjinfo.org تي ڏسي سگھجي ٿي.
    5. وزارت مذهبي امور و بين المذاهب هم آهنگي جي انتظام هيٺ حج جي پانڌيئڙن جا تربيتي پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن. وزارت جي طرفان حج جي پانڌيئرڻ کي فلائيٽ شيڊول ۽ بلڊنگ / مڪتب نمبر کان به آگاهه ڪيو ويندو آهي.
    6. عام طور تي ذوالقعد جي پهرين هفتي کان حج اُڏامون شروع ٿي وينديون آهن. جيڪي 04 ذوالحج تائين هلنديون رهنديون آهن ۽ واپسيءَ جون حج اڏامون 15 ذوالحج کان 15 محرم تائين هلنديون رهنديون آهن.
    7. سرڪاري نوڪري ڪرڻ وارا پنهنجي روانگيءَ ۽ واپسيءَ جي شيڊول يعني سعودي عرب ۾ ترسڻ جي مدت جي حساب سان پنهنجي اداري کان موڪلون منظور ڪرائن ۽ پنهنجي اداري کان اين او سي به حاصل ڪري وٺن.

    طبي معائنو:
    حج جي درخواست ڏيڻ کان پهريان پنهنجو طبي معائنو ڪنهن مستند سرڪاري ميڊيڪل آفيسر کان ڪرائيندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن پيچيده (مونجھاري واري) بيماريءَ جي ڪري ڊاڪٽر توهان کي حج جي سفر ڪرڻ جي قابل قرار نه ڏئي ته توهان پنهنجي صحت ياب ٿيڻ تائين حج تي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن توهان بيماريءَ جي حالت ۾ حج تي ويندا ته پنهنجي لاءِ پنهنجي ساٿين لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجندا. جيڪڏهن حج جي ڪڻي نڪرڻ کان پوءِ بيماريءَ جي ڪري حج تي وڃڻ جو ارادو نه هجي ته وزارت کي هڪ دم اطلاع ڏيندا ته جيئن توهان جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي کي عيوض طور موڪلي سگھجي . واضع رهي ته جعلي طبي سرٽيفيڪيٽ پيش ڪرڻ واري کي ان جي ذاتي خرچ تي حج تان واپس موڪليو ويندو ۽ اهڙو سرٽيفيڪيٽ جاري ڪرڻ واري ڊاڪٽر جي خلاف تنبيهي ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.

    گردن ٽوڙ بخار ۽ ٻيا حفاظتي ٽُڪا:
    سعودي عرب روانو ٿيڻ کان پهريان پنهنجي واسطيدار حاجي ڪيمپ مان گردن ٽوڙ بخار، نزلي ۽ زُڪام جا ٽُڪا لڳرائڻ ۽ پوليو جا قطرا پيئڻ لازمي آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي توهان جي صحت لاءِ بي حد ضروري آهن. هي ٽُڪا لڳرائي ڪري هيلٿ ڪارڊ ضرور حاصل ڪندا. ڪجهه حج جا پانڌيئڙا ٽڪن لڳرائڻ کي اهميت نه ڏيندا آهن ۽ سعودي عرب روانو ٿيڻ کان ٻه يا چار ڏينهن پهريان ٽڪا لڳرائيندا آهن. اهڙي صورت ۾ سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران انهن کي خطرناڪ / موت مار بيماري لاحق ٿي سگھي ٿي. انهيءَ لاءِ توهان کي بار بار تاڪيد ڪجي ٿو ته روانگيءَ کان گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ڏينهن پهريان گردن ٽوڙ بخار جا ٽڪا ضرور لڳرائيندا. سعودي عرب حڪومت حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ پوليو ويڪسين به لازمي قرار ڏني آهي انهيءَ لاءِ گردن ٽور بخار جي ٽڪي سان گڏ پوليو جا قطرا به سڀني حج جي پانڌيئڙن کي پيئاريا ويندا.

    ضرورت جو سامان
    حج جا پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ ترسڻ جي مدت جي حساب سان ضرورت جو سامان هوائي ڪمپنيءَ جي مقرر ڪيل سائز جي سوٽ ڪيس ۾ رکي ڇڏيندا. غير ضروري سامان ساڻ کڻي نه ويندا. سامان جو وزن 30 ڪلوگرام کان گھٽ هجي ته جيئن واپسيءَ تي مقرر ٿيل وزن کان وڌيڪ هئڻ تي ايئرلائين کي واڌو رقم ادا نه ڪرڻي پوي. سهولت جي لاءِ هيٺ درج ٿيل فهرست جي مطابق سامان تيار ڪري ان جي سامهون واري خاني ۾ ” √ “ جو نشان لڳائي ڪري اطمينان ڪندا ته جيئن ڪائي ضروري جي شيء ساڻ کڻي وڃڻ کان رهجي نه وڃي.

    نمبر سامان / شيون نشان
    1 احرام جون چار اڻ سبيل چادرون
    2 احرام جو بيلٽ
    3 احرام جي حالت ۾ پائڻ لاءِ ٻه پٽي چپل جنهن سان پير جي اڀريل هڏي ۽ کُڙيءَ جي پوئين هڏي کليل رهي. (عورتون ڪوبه جوتو پائي سگھن ٿيون).
    4 ٽوال
    5 عام لباس سان گڏ پائڻ جي لاءِ جوتو
    6 روز مره جي پائڻ لاءَ چار جوڙا ڪپڙا
    7 صفائيءَ جي لاءِ ڪپڙو / ڊسٽر
    8 عورتن جي لاءِ وارن تي ٻڌڻ لاءِ ٻه عدد رومال
    9 ٽوپي
    10 ننڍو تالو
    11 ڪنگو، آئينو، قينچي ۽ ننهن ڪٽڻي
    12 نماز جي لاءِ مصلو ۽ تسبيح
    13 ڪجهه لفافا ڪاغذ ۽ پين
    14 نظر واري عينڪ ٻه عدد (جيڪڏهن استعمال ڪندا هجو ته)
    15 ٽائليت پيپر ۽ ٽشو پيپر
    16 حج ۽ عمري جوڪتاب
    17 سوئي ڌاڳو
    18 پلاسٽڪ جا ضروري ٿانو
    19 ٻل (سيفٽي پن)
    20 سفري ڪاغذ پٽ رکڻ جي لاءِ ننڍو ٿيلهو
    21 ٽوٿ پيسٽ، برش ۽ دندڻ
    22 سامان تي نالو لکڻ لاءِ وڏو مارڪر
    23 ضرورت وقت سامان کي ٻڌڻ لاءِ ڏوري يا رسي
    24 عورتن جي لاءِ مخصوص ڏينهن دوران استعمال جي لاءِ نيپڪن
    25 ضروري دوائون ساڻ ڊاڪٽر جو لکيل پرچو جيڪو حاجي ڪيمپ مان پلاسٽڪ جي لفافي ۾ پيڪ ڪرايل هجي.
    26 ويل چيئر (جيڪڏهن ضرورت هجي ته)

    سامان جي سڃاڻپ:
    پنهنجي سموري سامان تي نالو، ائڊريس ۽ درخواست نمبر ۽ فون نمبر چٽو ۽ صاف لکندا. نالو ۽ ائڊريس لکڻ لاءِ اسٽيڪر حاجي ڪيمپن ۾ مهيا ڪيا ويندا. سامان کي تالو لڳائي ڪري رکندا. هڪ چاٻي احرام جي بيلٽ جي کيسي ۾ ۽ ٻي چاٻي ٿيلهي ۾ رکندا. وڏي بيگ ۽ هٿ ۾ کڻڻ واري ننڍي ٿيلهي جي اندران نالو ۽ ائڊريس جي به هڪ چٽ وجهي ڇڏيندا ته جيئن گم ٿيل سامان ملڻ جي صورت ۾ توهان جي ائڊريس تي موڪلي سگهجي.

    کائڻ پيئڻ جو ن شيون/ منع ڪيل شيون:
    کائڻ پيئڻ جون سموريون شيون سعودي عرب ۾ جھجھي مقدار ۾ ملي وينديون آهن. صحت جي اصولن جي پيش نظر کائڻ پيئڻ جي هر قسم جون شيون سعودي عرب ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي. ان لاءِ اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، داليون، مٺائي فروٽ وغيره پاڻ سان گڏ هرگز کڻي نه ويندا. ان کانسواءِ گاسليٽ يا گيس وارا چلها، لٽريچر، تصويرون، وڊيو آڊيو ڪيسٽ به کڻڻ جي اجازت نه آهي. حاجي ڪيمپ يا ايئر پورٽ تي چيڪنگ جي دوران سموريون منع ڪيل شيون سامان مان ڪڍيون وينديون آهن.

    انتباهه (خبردار ڪرڻ):
    سعودي عرب ۾ هر قسم جي منشيات (نشي واريون شيون) يعني آفيون (چرس) هيروئن وغيره کڻي وڃڻ واري کي موت جي سزا ڏني ويندي آهي. انهي لاءِ حج جا پانڌيئڙا احتياط ڪن. ڪنهن جو ڏنل پيڪيٽ يا سامان پاڻ سان گڏ کڻي نه ويندا. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪائي منع ڪيل شيء هجي جيڪا توهان جي لاءِ مشڪل پيدا ڪري.

    عورتن جو لباس:
    اهڙو مناسب لباس پاڻ سان گڏ رکندا جنهن جي پائڻ سان باوقار لڳندا ۽ پاڪستان جو تشخص اجاڳر ٿئي. عورتون سنها ۽ غير شائسته (غير اخلاقي) لباس نه پائن. بلڪي پنهنجي لباس تي عبايه يا برقعو پائي رکن. خاص طور تي بلڊنگ کان نڪرڻ وقت عبايا لازمي پائن. عورتون وڏي کُڙيءَ وارو سينڊل نه پائن ان سان هلڻ ۾ مشڪل ٿيندي. شيشي جون چوڙيون پائي نه وڃن ڇاڪاڻ ته طواف جي دوران چوڙيون ٽٽڻ سان پاڻ به ۽ ٻيا به زخمي ٿي سگھن ٿا.

    عبايا ۽ پاڪستاني جھنڊي جو اسٽيڪر:
    سعودي عرب ۾ حج يا عمري جي لاءِ وڃڻ وارين عورتن کي عبايا پائڻ ضروري آهي. ان لاءِ عورتون حج جون پانڌيئڙيون ڪاري رنگ جون گھٽ ۾ گھٽ ٻه عبايا پاڻ سان گڏ رکن جنهن تي پاڪستاني جھنڊي جو اسٽيڪر لڳل هجي. عورتون سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران جڏهن به پنهنجي بلڊنگ کان ٻاهر نڪرن ته عبايا پائي رکن. سڀني مرد حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ به پڻ ضروري آهي ته اهي پنهنجي احرام تي پاڪستاني جھنڊي جو اسٽيڪر لڳائين. هي اسٽيڪر توهان کي واسطي دار حاجي ڪيمپ مان ملندا.

    زر مبادله (ناڻي جي مٽا سٽا) جو انتظام:
    حج جي پانڌيئڙن کي سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران خرچ ڪرڻ لاءِ زرمبادله جو انتظام پاڻ ڪرڻو پوندو. ترسڻ جي مدت جي حساب سان زرمبادله جي رقم سعودي ريال (گھٽ ۾ گھٽ ٻه هزار ريال ) جي شڪل ۾ پاڻ سان گڏ رکندا. ياد رکندا ته سعودي قانون جي تحت 9500 ريالن کان وڌيڪ رقم پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ منع آهي.

    حاجي ڪيمپ ۾ اچڻ:
    هر حاجي ڪيمپ ۾ حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ مختلف شعبا قائم ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ آڌر ڀاءُ جو ڪائونٽر، معلومات، ايئر لائين جا دفتر، بينڪ برانچون، ڊسپينسري، ڪينٽين ۽ ضروري شين جا اسٽال شامل هوندا آهن.
    توهان وزارت مذبي امور جي طرفان حج جي سفر جي پروگرام جو خط ملڻ جي مطابق اڏام کان ٻه ڏينهن پهريان پنهنجي سفر جا ڪاغذ پٽ يعني پاسپورٽ ٽڪيٽ وغيره وٺڻ جي لاءِ صبح 9 بجي واسطيدار حاجي ڪيمپ ۾ تشريف وٺي ايندا. روانگيءَ جو پروگرام وزارت مذهبي امور جي ويب سائيٽ تي به ڏسي سگھجي ٿي.
    ڏورانهن علائقن کان سفر ڪرڻ وارا حاجي سڳورا حاجي ڪيمپ اچڻ وقت حج جي سفر جو مڪمل سامان پاڻ سان گڏ کڻي اچن جتي انهن جي لاءِ رهائش جي سهولت موجود آهي. جڏهن ته ويجھن علائقن جا حج جا پانڌيئڙا جيڪي حاجي ڪيمپ ۾ رهائش اختيار نه ڪرڻ چاهن اهي پنهنجا ضروري ڪاغذات (بينڪ رسيد. اطلاع نامون ۽ شناختي ڪارڊ) سان گڏ حاجي ڪيمپ اچن.
    توهان تي حاجي ڪيمپ ۾ ترسڻ جي پابندي نه آهي، پر ڏورانهن علائقن کان ايندڙ حاجين جي لاءِ هتي ترسڻ جو بندوبست به ٿيل آهي. جيڪڏهن توهان حاجي ڪيمپ ۾ ترسيل نه آهيو ته اڏام کان گھٽ ۾ گھٽ 6 ڪلاڪ پهريان توهان کي ايئرپورٽ تي پاڻ پهچڻو پوندو.

    حاجي ڪيمپ ۾ ضروري معاملا:
    جيڪڏهن ڪنهن خاص بيماريءَ مثال طور شوگر، بلڊپريشر وغيره ۾ مبتلا آهيو ته ان جي داخلا علاج جي ڪتاب (Treatment Book) ۾ درج ڪرائيندا. هي ڪتاب حاجي ڪيمپ جي ڊسپينسريءَ مان ملي سگھي ٿو. چاليهه ڏينهن جون دوائون حاجي ڪيمپ جي ڊسپينسريءَ مان پڻ پيڪ ڪرائيندا. جيڪڏهن توهان هينئر تائين ويڪسين ناهي ڪرائي ته توهان ان ئي ڊسپينسري مان ڪرائيندا.
    وزارت جي طرف کان ملڻ واري اطلاع نامي جو ڪارڊ ڏيکاري ڪري واسطيدار ايئرلائين جي ڪائونٽر تان پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ حاصل ڪندا. هر حاجيءَ کي هتي هڪ شناختي لاڪيٽ ڏنو ويندو جنهن تي حاجيءَ جو نالو، پاسپورٽ نمبر، مڪتب نمبر ۽ مڪه مڪرمه جي رهائش گاهه جو ڏس پتو لکيل هوندو. ان شناختي لاڪيٽ کي هر وقت ڳچيءَ ۾ پائي رکندا ته جيئن سعودي عرب ۾ توهان جي رهنمائيءَ ۾ آساني ٿئي.
    پاسپورٽ تي پنهنجا تفصيل ويزا ۽ ان تي تصوير ضرور چيڪ ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن ويزا تي تصوير غلطيءَ سان بدلجي ويندي آهي يا ان تي نالو غلط لکيل هوندو آهي ۽ اڳتي هلي ڪري پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي. ان لاءِ احتياط ضروري آهي. ايئر لائين جي عملي کان اڏام جي روانگيءَ جي وقتن جي متعلق آگاهي ضرور حاصل ڪندا.
    بينڪ کان ملڻ واري تصوير واري رسيد، پاسپورٽ ۽ ايئر ٽڪيٽ ان بينڪ جي برانچ ۾ پيش ڪندا جنهن ۾ توهان حج جا پيسا جمع ڪرايا هئا. واسطيدار بينڪ جي برانچ مان توهان کي ڪجهه ڪرنسي واپس ڪري سگهجي ٿي. واپس ڪيل رقم جو دارومدار مڪه مڪرمه ۾ توهان جي لاءِ ورتل رهائشي بلڊنگ جي ڪرائي تي هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته مڪه مڪرمه ۾ بلڊنگز جي ڪرائي جو معيار يا حرم جي مفاصلي جي حساب سان مختلف هوندو آهي تنهنڪري مختلف حج جي پانڌيئڙن کي واپس ڪيل رقم ۾ فرق هوندو آهي. جيڪڏهن حج جي پانڌيئڙن مان ڪنهن حاجي کي توهان کان وڌيڪ رقم واپس ڪئي وئي آهي ته ان جو سبب هي آهي ته ان بلڊنگ جو ڪرايو توهان جي بلڊنگ جي ڪرائي کان گھٽ آهي ۽ اهڙي طرح ان جي رقم وڌيڪ بچي آهي ان سلسلي ۾ بينڪ يا ٻين ماڻهن سان بحث مباحثو ڪرڻ کان پاسو ڪندا.
    سڀني ضروري معاملن مان واندو ٿيڻ کانپوءِ حاجي ڪيمپ ۾ ٿيڻ وارن حج تربيتي پروگرامن ۾ شرڪت توهان جي لاءِ فائدي مند ٿيندي. هي پروگرام حاجي ڪيمپ جي مسجد ۾ ٿيندا آهن.

    ايئرپورٽ جي لاءِ روانگي:
    ايئرپورٽ روانگي کان پهريان ان ڳالهه جي تسلي ڪري وٺندا ته هيٺ درج ٿيل ڪاغذ پٽ توهان وٽ موجود آهن.
    1. پاسپورٽ ۽ هوائي جھاز جي ٽڪيٽ.
    2. ويزا واري صفحي سميت پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ جي فوٽو ڪاپي.
    3. واسطيدار بينڪ کان تصديق ٿيل 6 عدد تصويرون.
    4. گردن ٽوڙ بخار، فلو جا جي ٽڪن ۽ پوليو جي قطرن پيئڻ جو سرٽيفيڪيٽ.
    5. نادرا جو جاري ڪيل ڪمپيوٽرائرزڊ شناختي ڪارڊ ساڻ ٻه عدد فوٽو ڪاپيون.

    هٿ ۾ کڻڻ وارو سامان (Hand Carry) :
    ايئرپورٽ تي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ وقت سامان وارو وڏو ٿيلهو ايئرلائين جي اسٽاف وٽ جمع ڪرايو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ضروري سامان هٿ ۾ رکڻ واري هڪ ننڍي بيگ ۾ رکندا جيڪو جهاز جي اُڏام جي دوران توهان سان گڏ رهندو. انهيءَ بيگ ۾ اهو سامان به رکي ڇڏيندا. جيڪو جھاز ۾ سوار ٿيڻ کان پهريان ايئرپورٽ تي استعمال هيٺ ايندو. مثال طور احرام جون چادرون، چپل، احرام جو بيلٽ، حج جو ڪتاب، نظر جي عينڪ، ڪاٺيءَ جو ڏندڻ، سمورا سفري ڪاغذ پٽ پاسپورٽ سميت، ايئر ٽڪيٽ، ڪرنسي، تسبيح، سرڪاري ملازمن جي لاءِ اين او سي ۽ اڏام دوران استعمال ڪرڻ واريون دوائون. ياد رکندا قينچي، ننهن ڪٽڻي، يا ڪائي پاڻياٺ واري شيء هٿ واري بيگ ۾ هر گز نه رکندا. ان بيگ جو وزن سامان سميت ستن ڪلو گرام کان پڻ وڌيڪ نه هجي.

    ايئرپورٽ جا معاملا:
    حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته اڏام جي وقت کان گھٽ ۾گھٽ ڇهه ڪلاڪ پهريان ايئرپورٽ تي پهچي وڃن. ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪسٽم جا اهلڪار سامان چيڪ ڪندا ۽ پوءِ انهن کي اسڪيننگ مشينن مان گذاريو ويندو. ان کان پوءِ توهان واسطيدار جھاز جي اُڏام واري ڪائونٽر تي سامان جمع ڪرائيندا. پاسپورٽ ۽ ٽڪيت ڏيکاري ڪري بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪندا،. سامان جمع ڪرائڻ کان پوءِ توهان کي جده يا مدينه منوره پهچي ڪري سامان وصول ڪرڻ جي لاءِ ٽيگ به ڏنيون وينديون. انهن کي سنڀالي رکندا ۽ هٿ ۾ کڻڻ وارو سامان وري بيگ ۾ پاڻ وٽ ئي رکندا. ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته توهان جي سامان تي حج جو ٽيگ لڳايو ويو آهي. ان کان پوءِ توهان کي اميگريشن جي ڪائونٽر تان گذرڻو پوندو جتي پاسپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي داخلا ڪئي ويندي. هاڻي پنهنجو پاسپورٽ هٿ ۾ کڻڻ واري بيگ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا ۽ صرف بورڊنگ ڪارڊ هٿ ۾ رکندا. اهڙي طرح سڪيورٽي جي مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ توهان مسافرن جي انتظار گاهه ۾ پهچي ويندا جتي توهان جھاز جي اُڏام تائين رهندا.

    احرام ٻڌڻ:
    احرام کان پهريان ننهن ڪٽيندا، مڇن جا وار گھٽ ڪندا، دن جي هيٺان وار ۽ بغلن جا وارصاف ڪرڻ مستحب ۽ غسل ڪرڻ سنت آهي. مردن جي لاءِ ممڪن ٿي سگھي ته جسم تي خوشبو لڳائين. غسل مردن ۽ عورتن ايستائين جو حيض ۽ نفاس وارين عورتن جي لاءِ به سنت آهي. هي سمورا ڪم ايئرپورٽ اچڻ کان پهريان ئي پورا ڪري ڇڏيندا.
    مرد ايئرپورٽ پهچي ڪري ضروري معاملن مان واندا ٿي ڪري جڏهن انتظار ڪرڻ واري جڳهه تي پهچن ته احرام جي هڪ چادر گوڏ طور ٻڌن ۽ ٻي چادر ڪلهن تي رکن. هيٺ واري گوڏ کي دُن کان مٿي رکندا ته جيئن عبادت دوران اگھڙ نه ٿئي.
    عورتون پنهنجي عام ڪپڙن ۾ رهن، اهو ئي انهن جو احرام آهي. پر انهن جو لباس مڪمل ڍڪيل هئڻ گھرجي يعني ايترو سنهو نه هجي جو جسم نظر اچي، نه ايترو سوڙهو هجي جو جسم جي جوڙ جڪ ظاهر ٿئي ۽ نه ئي ان جو رنگ ايترو شوخ هجي جو ڪنهن جي نظرن جي توجهه ٿئي. انهيءَ لاءِ پاڪستاني جھنڊي جي اسٽيڪر واري عبايا ضروري آهي. مختصر اهو ته عورتن جا هٿ ۽ منهن کان علاوه سمورو جسم ڍڪيل هئڻ گھرجي. اهو ئي انهن جو احرام آهي. واضع رهي ته عورتن جا وار به نظر نه اچڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته هي به ان جي اگھڙ ۾ شامل آهن.
    جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي ته نفل واسطي احرام ادا ڪندا. عورتون پيشانيءَ جي وارن جي شهه رڳ تائين ٻنهي ڪنن جي وچ ۾ منهن نه لڪائين. پر ڪجھه علماء ڪرامن اهو تجويز ڪيو آهي ته نامحرم مردن کان پڙدو ڪرڻ جي ڪري اهڙي ڪيپ (ٽوپي) استعمال ڪجي جنهن تي منهن جي سامهون ڄاري لڳل هجي ۽ اها منهن جي فاصلي تي هجي يا ڪوئي ڪپڙو وغيره هٿ ۾ رکندا جنهن سان ضرورت جي وقت منهن لڪائي سگھجي. قبلي رُخ ٿي ڪري عمري جي نيت ڪندا.
    اَ للّٰھُمَّ إِنِّيْ أُرِيدُ الْعُمْرَةَ فَيَسِّرْهَا لِيْ وَتَقَبَّلْهَا مِنِّيْ
    يا الله! مان تنهنجي رضا جي لاءِ عمري جي نيت ڪئي، تون ان کي منهنجي لاءِ آسان فرماءِ ۽ منهنجي طرفان قبول فرماءِ.
    يا
    لَبَّيْكَ بِعُمْرَةٍ
    يا الله مان حاضر آهيان عمري جي لاءِ
    مرد عمري جي نيت سان ٽي دفعه وڏي آواز ۾ ۽ عورتون هلڪي آواز ۾ تلبيو چون.
    لَبَّیْكَ ط اَ للّٰھُمَّ لَبَّیْكَ ط لَبَّیْكَ لَا شَرِیْكَ لَكَ لَبَّیْكَ ط
    اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ ط لَكَ وَالْمُلْكَ ط لَا شَرِیْكَ لَكَ ط
    تلبيي چوڻ سان ئي احرام جون پابنديون شروع ٿي وينديون آهن. تلبيي چوڻ کان پوءِ عمري جي آساني، قبوليت ۽ اخلاص جون دعائون گھرندا. پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا اڪثر ڪري حج تمتع ڪندا آهن (جنهن جي تفصيل اڳتي ايندي) تنهنڪري هي احرام حج تمتع ۾ شامل عمري جو احرام هوندو.

    ضروري وضاحت:
    گذريل سالن وانگر هن سال به سرڪاري اسڪيم جي تحت سفر ڪرڻ وارا ڪجهه حاجي سڳورا پاڪستان کان سڌوسنئون مدينه منوره ويندا جنهن جو اطلاع انهن کي بروقت ڏنو ويندو. انهن مردن ۽ عورتن کي به ايئرپورٽ جي انهن مرحلن مان گذرڻو پوندو پر اُهي احرام نه ٻڌندا. اهي مدينه منوره ۾ پنهنجو وقت پورو ڪرڻ کان پوءِ مڪه مڪرمه روانگيءَ جي وقت ذوالحليفه کان عمري جي ادائيگي جي لاءِ احرام ٻڌندا.

    سفر دوران ڪجهه احتياطون:
    جھاز تي وڃڻ جو اعلان ٿئي ته بورڊنگ ڪارڊ ۽ هٿ وارو سامان کڻي قطار ٺاهي تحمل سان جھاز ۾ سوار ٿيندا. شناختي لاڪيٽ ڳچيءَ ۾ پائي رکندا. جھاز ۾ پنهنجي سيٽ جي مٿئين خاني ۾ پنهنجو هٿ ۾ رکڻ وارو سامان رکي ڪري ڍڪڻ مضبوطيءَ سان بند ڪندا. جڏهن ته ڪاغذ پٽ ۽ ڪرنسي وارو بيگ پاڻ سان گڏ رکندا. پنهنجي مخصوص ٿيل سيٽ تي ويهندا. سيٽ بيلٽ ٻڌندا ۽ جھاز ۾ ٿيڻ وارن اعلانن کي غور سان ٻڌندا ۽ انهن جي مطابق عمل ڪندا. ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جي وقت جھاز جي اندر هلڻ گهمڻ کان پاسو ڪندا. سفر جي دوران جھاز ۾ پاڻيءَ جو استعمال احتياط سان ڪندا ۽ جھاز جي فرش تي پاڻي نه هاريندا. جھاز جو ٽوائليٽ تمام ننڍو هوندو آهي. ٽوائليٽ احتياط سان استعمال ڪندا ڇاڪاڻ ته احرام جي ناپاڪ ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي. اُڏام جي دوران ذڪرڪرڻ ۾ مصروف رهندا ۽ تلبيو پڙهندا رهندا. جھاز مان لهڻ وقت به هوائي عملي جي هدايتن تي عمل ڪندا ۽ جلدبازيءَ کان پاسو ڪندا.


    باب ٻيو:سعودي عرب جي سرزمين تي ترسڻ ۽ سفر جا مرحلا

    سعودي عرب پکيڙ جي لحاظ کان اولهه ايشياء جي سڀ کان وڏي عرب رياست آهي هن جي پکيڙ تقريبن 2،150،000 ڪلوميٽر هم چورس آهي ۽ ان جي آبادي تقريبن 28.75 ملين آهي. هن جي اُتر ۾ اردن ۽ عراق، اُتر اوڀر ۾ ڪويت، اوڀر ۾ قطر، بحرين ۽ عرب امارات، ڏکڻ اوڀر ۾ عمان ڏکڻ ۾ يمن واقع آهي. هي واحد ملڪ آهي جيڪو بحيره احمر (ننڍو ڳاڙهو سمنڊ) ۽ خليج فارس (ايران اُپسمنڊ) جي ٻن ڪنارن تي واقع آهي. سعودي بادشاهت 1932 ۾ قائم ٿي. اسلام جي ٻن مقدس جڳهن يعني مسجدالحرام مڪه معظمه ۽ مسجد نبوي صه مدينه منوره ۾ واقع آهن. سعودي عرب دنيا جو تيل پيدا ڪرڻ وارو ٻيو وڏو ملڪ آهي ۽ تيل جي سڀ کان وڌيڪ ايڪسپوٽ هتان کان ٿيندي آهي. شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ان جو بادشاهه آهي. پاڪستان سان شروع کان ئي ان جا تعلق برادرانه رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي مشڪل موقعن تي سعودي عرب پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي.
    "جده" اولهه سعودي عرب ۾ بحيره احمر جي ڪناري تي واقع هڪ شهر ۽ بندر گاهه آهي جيڪو رياض کان پوءِ سعودي عرب جو ٻيو وڏو شهر آهي. جده حج بيت الله ڪرڻ وارن پانڌيئڙن کي مڪه مڪرمه روانگيءَ جي لاءِ اندروني رستي سان ملائيندو آهي ۽ گھڻو ڪري حج جي پانڌيئڙن جا هوائي جھاز ان جي ئي انٽرنيشل هوائي اڏي تي لهندا آهن.

    جده ايئرپورٽ:
    جده ايئرپورٽ تي غير معمولي دير جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. اميگريشن ۽ ٻين مرحلن کان گذري ڪري حاجين سڳورن جو سامان مڪه مڪرمه وڃڻ وارين بسن ۾ رکيو ويندو آهي. هتي هيٺ ذڪر ڪيل معاملا انجام ڏنا ويندا آهن:
    • جده ايئرپورٽ تي جھاز مان لهڻ کان پوءِ توهان کي پوليو جا قطرا پيئاريا ويندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڪستان ۾ ٿيل ويڪسين جا ڪارڊ به چيڪ ڪيا ويندا آهن.
    • ايئر لائين جو اسٽاف توهان کي اميگريشن ڪانئوٽر تي وٺي ويندو جتي پاسپورٽ تي دخول (Entry) جي مهر لڳائي ويندي ۽ پاسپورٽ توهان کي واپس ڪيو ويندو. ان سان گڏ ئي سعودي حج رڪارڊ ۾ توهان جي داخلا ڪئي ويندي.
    • ان کان پوءِ توهان پنهنجو سامان وصول ڪندا ۽ ڪسٽم ڪليئرينس ۽ سيڪيورٽي اسڪينرز جي مرحلن مان گذرندي ايئرپورٽ جي عمارت کان ٻاهر اچي ڪري وڏين وڏين ڇٽين سان ڍڪيل ميدان ۾ ايندا جتي مختلف ملڪن جي حاجين جون انتظار ڪرڻ جون جايون آهن.
    • پاڪستان جي مخصوص ٿيل انتظار گاه ۾ مقرر ٿيل عملو سمورن حاجي سڳورن کي ريفريشمينٽ پيش ڪندو.
    • جده ايئرپورٽ جي بلڊنگ کان ٻاهر اچي ڪري پنهنجو سامان پورٽرن جي حوالي ڪندا جيڪي ان کي هڪ وڏي ٽراليءِ ۾ رکي ڪري پاڪستاني حاجين جي انتظار گاهه ڏانهن کڻي ويندا. احتياط طور ان ٽراليءَ جو نمبر پاڻ وٽ نوٽ ڪندا.
    • رستي جي نشاندهي لاءِ پاڪستاني جھنڊا جڳهه جڳهه تي لڳل هوندا آهن. آڌر ڀاءُ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ڊيوٽي اسٽاف موجود هوندو.
    • جڏهن توهان جي اُڏام جي مسافرن کي جده وٺي وڃڻ وارين بسن جو انتظام ٿي ويندو ته توهان کي بس اسٽاپ ڏانهن وٺي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويندو. توهان پنهنجو سامان پنهنجي گروپ جي لاءِ مخصوص ٿيل بس جي ويجهو رکي ڇڏيندا ۽ پورٽر ان کي بس تي لوڊ ڪندا. هتي توهان پنهنجو پاسپورٽ موئسسه جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏيندا ۽ پاسپورٽ حوالي ڪرڻ وقت پنهنجي جھاز جي ٽڪيٽ ڪڍي ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪندا ۽ هڪ سٺي شهريءَ وانگر قطار ۾ بيهي رهندا.
    • خيال رکندا ته توهان جو سامان جنهن بس تي رکيو ويو آهي توهان ان ئي بس ۾ سوار ٿي رهيا آهيو.
    • تقريبن هڪ ڪلاڪ سفر ڪرڻ کان پوءِ بس زم زم دفتر جي سامهون بيهندي هتي توهان کي زم زم ۽ ڪجهه کائڻ جي شين جا تحفه ڏنا ويندا ۽ ڪجهه ضروري ڪاغذي ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. هتان کان ڪجهه فاصلي کانپوءِ حرم جي حد شروع ٿي ويندي آهي.
    • بسيون توهان کي مڪه مڪرمه ۾ توهان جي مخصوص ٿيل رهائش گاهه تي وٺي وينديون جتي توهان جي مڪتب جو عملو موجود هوندو. اُهي توهان کي مڪتب جا ڪارڊ ۽ پيلي رنگ جو شناختي ڪنگڻ ڏيندا. شناختي ڪنگڻ توهان جي پاسپورٽ جو عيوض آهي ۽ سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران هي هر وقت توهان جي ٻانهن ۾ موجود رهڻ گھرجي.
    • حج جي سيزن ۾ ڪوبه سعودي عملدار حج جي پانڌيئڙن جا ڪاغذ چيڪ ناهي ڪندو. جيڪڏهن ڪوئي اهڙو مطالبو ڪري ته هوشيار رهندا ۽ سواءِ ڳچيءَ واري ڪارڊ جي ڪوئي ٻيو ڪاغذ نه ڪڍندا.
    • پاڪستان کان سڌو سنئون مدينه منوره وڃڻ وارن حج جي پانڌيئڙا کان ايئرپورٽ تي مڪتب الوڪلا وارا پاسپورٽ وٺي ڇڏيندا ۽ ان جي جڳهه تي هڪ ڪارڊ ڏيندا. ان کي سنڀالي رکندا ڇاڪاڻ ته ان تي توهان جي رهائش ۽ ٻي معلومات لکيل هوندي آهي.

    سيڪٽر ۽ بلڊنگ نمبر:
    سرڪاري حج اسڪيم تحت حج تي وڃڻ وارن ماڻهن جي لاءِ حاصل ڪيل بلڊنگز کي ان جي ماڳ جي اعتبار سان مختلف سيڪٽرز (Sectors) ۾ ورهايو ويندو آهي. هر سيڪٽر ۾ ڪيتريون ئي بلڊنگز هونديون آهن ۽ انهن مان هر هڪ کي مخصوص بلڊنگ نمبر الاٽ ڪيو ويندو آهي ۽ ان مبارڪ سفر جي شروعات کان پهريان هر حاجيءَ کي ان جي بلڊنگ جو نمبر ٻڌايو ويندو آهي. هر بلڊنگ جي مٿان پاڪستاني جھنڊي واري بورڊ تي بلڊنگ نمبر ۽ مڪتب نمبر درج ٿيل هوندو آهي. بلڊنگ ۾ پهچڻ ساڻ ئي انهن کي پهريان کان الاٽ ٿيل ڪمرن جون چاٻيون ڏنيون وينديون آهن. گذارش آهي ته ان سلسلي ۾ ڪمري جي تبديلي جو مطالبو نه ڪيو وڃي. عام طور تي هڪ ڪمري ۾ ڇهه ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش هوندي آهي. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته ان موقع تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ته جيئن عورتن ۽ مردن کي الڳ الڳ ڪمرن ۾ ايڊجسٽ ڪري سگھجي. ان موقعي تي سمورا حج جا پانڌيئڙا جلد کان جلد ڪمرن ۾ وڃڻ جا خواهش مند هوندا آهن سڀني جو سامان بلڊنگ جي ڪيترن ئي طبقن تي ڪمرن ۾ پهچائڻو هوندو آهي انهيءَ ڪري لفٽن تي تمام گھڻي رش ٿي ويندي آهي. حج جا پانڌيئڙا ان موقعي تي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ حج جي پانڌيئڙن جو خيال رکندي پهريان انهن کي ڪمرن ۾ وڃڻ ڏين.

    رهائش جي الاٽمينٽ
    مڪه معظمه ۾ رهڻ جون جڳهون پهريان کان حاصل ڪيون وينديون آهن ۽ ڪمپيوٽر جي ذريعي الاٽ ڪيون وينديون آهن. ڪمرن جي الاٽمينت جي سلسلي ۾ گروپ ليڊر،معاونين الحجاج ۽ سرڪاري اهلڪارن جي مشوري تي عمل ڪندا، خاص ڪري وڏي عمر وارن مردن ۽ عورتن حج جي پانڌيئڙن جي ضرورتن کي اوليت ڏيندا. پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي بجاءِ ٻين جي خواهشن جو احترام ڪري وڌيڪ ثواب حاصل ڪندا. رهائش جي سلسلي ۾ هيٺ ذڪر ڪيل هدايتن تي عمل ڪندا:
    • پنهنجن ڪمرن ۾ ڪڏهن به ڪنهن مهمان کي نه رهائيندا. هي سعودي حج جي قانونن ۽ حاجين جي سلامتي جي خلاف آهي. شڪايت جي صورت ۾ توهان کي پنهنجي مهمان جو پورو ڪرايو جرماني جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. مهمان جو اقامو پڻ ضبط ڪري سگھجي ٿو ۽ ان کي پوليس جي حوالي ڪري سگھجي ٿو.
    • غسل خانن جي گھٽتائيءَ جي شڪايت عام هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته 4 کان 8 ماڻهن جي لاءِ صرف هڪ غسل خانو هوندو آهي. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ وقت ورهائي رکندا، پاڻي ضايع نه ڪندا.
    • عورتون ڪپڙن ڌوئڻ جي لاءِ غسل خاني کي اندران بند ڪري ٻين کي تڪليف نه پهچائين.
    • بيت الخلا ۾ پٿر، ڀتر، سر، ڪپڙي جا ٽڪرا، استعمال ٿيل چانهه جي پتي، ٻوڙ ۽ فروٽ جون کلون هرگز نه اڇليندا. ڊسٽ بن استعمال ڪندا. بيت الخلا ۾ صرف ٽائليٽ پيپر يا پاڻي استعمال ڪندا.
    • حرم شريف ۾ رش گھڻي هوندي آهي. طواف جي دوران کيسا ڪٽجڻ جا واقعا به ٿي ويندا آهن انهي لاءِ واپسيءَ جي ٽڪيٽ ۽ نقد رقم پاڻ وٽ احتياط سان رکندا. گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پاڪستان حج آفيس ۾ هڪ دم اطلاع ڏيندا.
    • مڪه مڪرمه کان مدينه منوره لاءِ توهان جي روانگي پهريان کان طئي ٿيل پروگرام جي مطابق ئي ٿيندي. مقرر تاريخ کان پهريان وڃڻ ممڪن ناهي هوندو. نه ته مدينه منوره ۾ توهان جون چاليهه نمازون به پوريون نه ٿينديون ۽ خلاف ورزيءَ ڪرڻ جي صورت ۾ توهان کي پريشانيءَ جو منهن به ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. مدينه منوره ۾ سرڪاري رهائش به پڻ نه ملي سگھندي.

    کائڻ پيئڻ متعلق هدايتون
    • حاجي سڳورن کي بلڊنگ ۾ ئي کاڌو ڏنو ويندو. حاجي سڳورا نظم ۽ ضبط جي پابندي ڪن ۽ لبن يعني لسي، ڏهي، جوس ۽ فروٽ پنهنجي حصي کان وڌيڪ وٺڻ کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ ته پنهنجي حصي کان وڌيڪ وٺڻ جي ڪري حاجين جي وچ ۾ جھيڙي جڳڙي جو انديشو رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ کاڌو کائڻ بيماريءَ ۽ ٻين تڪليفن جو سبب بڻجندو آهي. ان کان علاوه شين کي فرج ۾ رکڻ جو ڪوئي فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته ان جو مقرر وقت گھٽ هوندو آهي.
    • مدينه منوره ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي حاجي هڪ وڏي هوٽل ۾ ٻين ملڪن جي حاجين سان گڏ ترسايا وڃي سگهن ٿا. اهڙي صورت ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي صرف ان جي مقرر ڪيل ڪيٽرنگ ڪمپنين کان کاڌو وٺڻ گھرجي ۽ ٻين ملڪن جي حاجي سڳورن جي ميزن تان کائڻ جون شيون نه کڻڻ گھرجن. اهڙو عمل نهايت شرمندگيءَ جو سبب بڻجندو آهي.
    • قطار ۾ کاڌو وٺڻ وقت عورتن، ڪراڙن ۽ معذور ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ گھرجي. بچيل کاڌو ٽوڪريءَ ۾ وجھندا ته جيئن ڊائينگ وارو حصو صاف رهي. جيتوڻيڪ کاڌو پاڪستاني بورچين کان تيار ڪرايو ويندو آهي پر هر ماڻهوءَ لاءِ شخصي طور تي فرمائش پوري ڪرڻ ممڪن نه آهي انهيءَ ڪري ان معاملي ۾ پاڪستان حج مشن سان تعاون ڪرڻ جي درخواست ڪجي ٿي.
    • تمام گھڻو ٿڌو شربت يا پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪندا ايستائين جو زم زم به حرم ۾ رکيل اهڙن ڪولرن مان استعمال ڪندا جنهن تي”غير مبرد“ لکيل هوندو آهي.
    • فروٽ، ڏهي، سبزين ۽ جوسن جو استعمال گھڻو ڪندا. پيئڻ جي لاءِ هوٽل جي ڀلي ڪري آيا ڪائونٽر تي زم زم موجود هوندي آهي. جيڪڏهن زم زم نه ملي سگھي ته ڪچن يا واش روم مان نلڪن وارو پاڻي ڪڏهن به استعمال نه ڪندا بلڪي پاڻيءَ جون بوتلون خريد ڪري استعمال ڪندا.

    بلڊنگ کان حرم تائين ٽرانسپورٽ جو نظام:
    حڪومت پاڪستان مسجد حرام کان واقع پري بلڊنگز ۾ رهائش رکندڙ حج جي پانڌيئڙن جي سهولت جي لاءِ حرم تائين ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪندي آهي ان مقصد جي لاءِ سمورن بلڊنگز جي مناسب گروپ بندي ڪئي ويندي آهي ۽ هر گروپ جي ويجھو هڪ بس اسٽاپ ٺاهيو ويندو آهي جتان کان هر نماز جي وقتن مطابق بسيون موجود رهنديون آهن ۽ ٿوري ٿوري وقفي سان حج جي پانڌيئڙن کي کڻي ڪري حرم ڏانهن روانيون ٿي وينديون آهن. هر بس جي اڳيان ان جو مخصوص سيڪٽر نمبر ۽ بلڊنگ نمبر لکيل هوندو آهي ته جيئن حج جي پانڌيئڙن کي پنهنجي بسن جي سڃاڻپ ۾ آساني ٿئي. هي بسون حرم کان ويجھو هڪ ٻه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٺاهيل هڪ ٻئي بس اسٽاپ تائين کڻي وينديون آهن. ان بس اسٽاپ کان مسجد حرام تائين سعودي حڪومت جي ٽرانسپورٽ سروس (SAPTCO) موجود هوندي آهي. حج جي ڏينهن کان ڪجھه ڏينهن پهريان ۽ پوءِ انهن بسن تي حج جي پانڌيئڙن جي رش تمام گھڻي وڌي ويندي آهي. انهن ڏينهن ۾ بسن تي سوار ٿيڻ وقت نهايت صبر کان ڪم وٺندا ۽ ڌِڪ ڌِڪان ۽ پيهه پيهان کان پاسو ڪندا. عورتن، ڪراڙن ۽ معذور حج جي پانڌيئڙن کي بس ۾ ويهڻ جي لاءِ ترجيح ڏيندا. عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته بس اسٽاپ تي نماز کان هڪ يا ٻه ڪلاڪ پوءِ رش گھٽ ٿي ويندي آهي. انهن مشڪلاتن کان بچڻ لاءِ حرم وڃڻ ۽ واپس اچڻ لاءِ نمازن جي وقت جي ترتيب پڻ رکندا ته جيئن انتظار ۽ رش جي اذيت کان بچي سگھجي. بسن مان لهڻ وقت به صبر ۽ ضبط جو دامن نه ڇڏيندا. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته واري واري سان پنهنجي سيٽن تان اٿندا ۽ هڪ خاص ترتيب سان هيٺ لهندي منظم قوم جي فرد هئڻ جو ثبوت ڏيندا. بسن جي انتظار جي وقت ۽ سفر دوران الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول رهندا. ان انتظار ۾ جيڪڏهن ڪائي تڪليف پهچي ته ان کي الله تعاليٰ جي طرفان آزمائش سمجھندا ۽ ڪاوڙ نه ڪندا. الله تعاليٰ يقينن توهان کي ان صبر جو بهترين اجر عطا فرمائيندو.

    بسن جي بندش (روڪ / جھل):
    حج جي ڏينهن کان ڪجھه ڏينهن پهريان ۽ حج کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين حرم جي اردگرد ٽريفڪ جي تمام گھڻي رش جي ڪري حرم جي لاءِ مليل بسون بند ڪيون وينديون آهن. انهن ڏينهن ۾ حاجين سڳورن جي رهائشي جڳهن کان حرم وڃڻ لاءِ ٽيڪسي وارا به پنهنجو اگهه ڪجهه وڌيڪ وڌائي ڇڏيندا آهن. انهي ڪري بهتر ائين آهي ته انهن ڏينهن ۾ حج جا پانڌيئڙا خاص ڪري ڪراڙا مرد ۽ عورتون حرم وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجون نمازون پنهنجي بلڊنگ جي ويجھي مسجد ۾ ادا ڪن. اهڙي طرح توهان نه صرف ذهني مونجھاري کان بچي سگھندا بلڪي اچڻ وارن حج جي ڏينهن جي لاءِ پنهنجو توانايون به محفوظ ڪري سگھندا.

    بلڊنگ ۾ لفٽ جو استعمال:
    حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ ڪرائي (rent) تي ورتل بلڊنگز ڪيترين طبقن تي مشتمل هونديون آهن ۽ هر طبقي تي وڃڻ لاءِ لفٽ جو انتظام موجود هوندو آهي. پر نماز جي وقتن ۾ لفٽ تي رش وڌي ويندي آهي انهيءَ ڪري پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته هو وقت کان پهريان ئي تيار ٿي ڪري پنهنجن ڪمرن مان نڪرن ۽ لفٽ تي نماز جي وقت رش کان بچن. لفٽ ۾ سوار ٿيڻ وقت پهريان لفٽ مان لهڻ وارن حاجين کي ٻاهر اچڻ جو موقعو ڏيندا ۽ پوءِ لفٽ ۾ سوار ٿيندا. جنهن به منزل تي وڃڻ مقصود هجي ته لفٽ ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ گھربل منزل جو بٽڻ دٻائيندا، لفٽ جي اُن منزل تي بيهڻ کان پوءِ دروازو کُلڻ جو انتظار ڪندا ۽ آرام سان لهي ايندا. پنهنجن ڪمرن مان هيٺ اچڻ جي لاءِ رش جي وقتن ۾ جيڪڏهن ڏاڪڻ استعمال ڪرڻ جي طاقت رکو ٿا ته ضرور ڪندا.

    گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ عام هدايتون:
    • رهائش حاصل ڪرڻ کان پوءِ بلڊنگ جو نمبر، محلو، وڏو رستو ۽ مڪمل ڏس پتو پاڻ وٽ رکندا ته جيئن گم ٿيڻ جي صورت ۾ توهان ان پتي تي پهچي سگهو.
    • جيڪڏهن ساٿين کان وڇڙي وڃو يا ڪنهن به قسم جي معلومات ۽ رهنمائي جي لاءِ دفتر واسطي امور حجاج پاڪستان يا ان جي هيٺ ڪم ڪندڙ آفيسن جنهن تي پاڪستاني جھنڊو نظر اچي انهن سان ملندا. اتي موجود معاونين الحجاج توهان جي مدد ڪندا.
    • ڪوشش ڪندا ته توهان سعودي عرب پهچندي ئي پنهنجي موبائيل ۾ سعودي سم وجھندا ۽ گڏو گڏ پنهنجن ساٿين جا سعودي نمبر حاصل ڪندا، ته جيئن گم ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ٻئي کان رهنمائي به حاصل ڪري سگھو.

    سعودي عرب ۾ رهنمائيءَ ۽ شڪايت ڪرڻ جو طريقو:
    حڪومت پاڪستان سعودي عرب ۾ حج جي پانڌيئڙن جي رهنمائي, مدد ۽ سار سنڀال لهڻ جي لاءِ جده، مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ آفيسون کولي رکيون آهن جنهن ۾ توهان جي سهولت جي لاءِ سڀئي شعبا قائم ڪيا ويا آهن. انهن ۾ اسپتال، ايئر لائين، شعبو گمشدگي ۽ ملي وڃڻ، شڪايت جا شعبا ڪمپيوٽر ۽ معاونين الحجاج جا دفتر هوندا آهن. هتي هر قسم جي معلومات مثال طور گم شدگي (وڃائجي وڃڻ) مدينه روانگي دفتر، شڪايت، بازيابي (ٻيهر حاصل ڪرڻ) بيماري ۽ موت وغيره جا ڪائونٽر به موجود هوندا آهن. جتي عام طور تي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مدد حاصل ڪري سگھجي ٿي.
    جيڪڏهن بلڊنگ ۾ موجود معاون حجاج توهان جي شڪايت جو اذالو نه ڪري سگھي ته پنهنجي ويجھي دفتر واسطي امور حجاج جي سيڪٽر يا سب سيڪٽر جي آفيس سان رابطو ڪندا. ان سان گڏ ئي مفت هيلپ لائين 08001166622 تي پنهنجي شڪايت درج ڪرائيندا. ان جي باوجود به جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿئي ته مين ڪنٽرول آفيس (MCO) ۾ موجود عملي سان يا ڊائريڪٽر (حج) يا ڊائريڪٽر جنرل (حج) سان ملاقات ڪندا. ڪنهن به صورت ۾ احتجاج جو رستو نه وٺندا ۽ نه ئي معصوم حاجين کي احتجاج تي ڀڙڪائيندا. ان سان معاملا وڌيڪ خراب ٿي سگھن ٿا ۽ سعودي پوليس ضروري ڪاروائي ڪري سگھي ٿي.
    سعودي وزارت حج به حج جي پانڌيئڙن جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ مختلف ادارا ۽ دفتر قائم ڪري رکيا آهن. انهن ۾ مڪه مڪرمه معلمن جي ڪارپوريشن (مؤئسسه جنوب آسيا) ۽ مدينه منوره ۾ ادله ڪارپوريشن (مؤسسه ادّله اهليه ) شامل آهن. انهن جو هيلپ لائين نمبر ڪارڊ جي پوئين پاسي لکيل هوندو آهي.

    پهريان عمري جي ادائگي:
    پنهنجي رهائش گاهه تي سامان رکندا، ٿورو آرام ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي کائڻ کان واندو ٿيڻ کان پوءِ هڪ جھاز مان اچڻ وارا سڀئي ماڻهو گروپ جي صورت ۾ گڏ ٿي ڪري نظم ۽ ضبط سان عمري جي لاءِ حرم شريف ڏانهن ويندا ته جيئن عمري جا مناسڪ صحيح طور تي ادا ٿي سگھن. جيستائين عمرو مڪمل نه ڪندا احرام نه کوليندا. حرم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ٻاهر هڪ ئي جڳهه تي مقرر ٿيڻ کي يقيني بڻائيندا ته جيئن حرم کان ٻاهر گڏ ٿي سگھو. ڇاڪاڻ ته عمري جي ادائيگيءَ جي دوران هڪ ٻئي کان وڇڙي وڃڻ جا امڪان موجود هوندا آهن.

    حرم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان:
    جڏهن به حرم شريف ويندا ته چڱي طرح ذهن نشين ڪندا ته توهان ڪهڙي رستي کان ۽ ڪهڙي دروازيءَ مان حرم ۾ داخل ٿيا آهيو. جنهن به دروازي مان توهان حرم ۾ داخل ٿيو ته ان جو نمبر نوٽ ڪري ڇڏيندا. انهن دروازن جي ٻاهران موجود اهم نشانيون ۽ وڏيون وڏيون بلڊنگز ذهن نشين ڪري ڇڏيندا ته جيئن توهان حرم کان ٻاهر اچو ته انهن نشانين جي مدد سان پنهنجي بلڊنگ يا پنهنجي بس اسٽاپ ڏانهن ٺيڪ نشاندهي ڪري سگھو. حرم وڃڻ وقت هڪ ڪپڙي جو ننڍو ٿيلهو جنهن ۾ ڏوري جي مدد سان پٺيءَ تي لڙڪائي سگھجي پاڻ سان گڏ رکندا ۽ ضرورت جون شيون مثال طور پاڻيءَ جي ننڍي بوتل، اُس واري عينڪ، سفري نماز جو مصلو، چمڙي جا جورابا، طواف جي لاءِ ست داڻن جي تسبيح، حج ۽ عمري جو ڪتاب ۽ عام ضروري دوائون (مٿي جو سور، کنگهه، نزلو، زڪام) وغيره ان ۾ رکندا. حرم ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان ئي پنهنجي چپل پلاسٽڪ بيگ (جيڪا اڪثر ڪري اُتي وڏن دروازن تي ميسر هوندي آهي) ۾ رکي ڪري پنهنجي پُٺيءَ جي پويان لڙڪائڻ واري ٿيلهي ۾ محفوظ ڪري پاڻ سان گڏ رکندا ته جيئن واپسيءَ تي چپل هيڏي هوڏي ٿيڻ جي مونجھاري کان بچي سگھو. گم ٿيڻ جي صورت ۾ ڄاڻي واڻي ٻين جو چپلون نه پائيندا.

    طهارت جي لاءِ بيت الخلا:
    طهارت جي لاءِ بيت الخلا ( ان کي عربيءَ ۾ دورة المياه چوندا آهن) باب الملڪ عبدالعزيز ۽ الملڪ فهد جي طرف مسجد کان ٿورو پري ٺاهيا ويا آهن جيڪي ٻه منزله آهن. اهڙي طرح مروه کان ٻاهر ۽ اجياد روڊ جي طرف به ڪيترائي بيت الخلا موجود آهن. عام طور ڏٺو ويو آهي ته حج جا پانڌيئڙا داخل ٿيڻ سان ئي بيت الخلا جي سامهون رش ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن ته ان کان پوءِ وارا يا هيٺين منزل وارا بيت الخلا خالي موجود هوندا آهن.

    حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻيون:
    مسجد حرام ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي پهرين ۽ ٻي منزل تي وڃڻ لاءِ بجلي تي هلڻ واريون آٽوميٽڪ ڏاڪڻيون لڳايون ويون آهن. اهڙي طرح ڪجھه وضو خانن ۾ وڃڻ لاءِ به اهڙين ئي ڏاڪڻن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. وڏي عمر جا مرد ۽ عورتون انهن ڏاڪڻن کي استعمال ڪرڻ وقت پنهنجا پير نهايت ئي آرام سان ٻن ڏاڪن جي جوڙ (ڳنڍ) واري جڳهه کان بچائيندي رکن ته جيئن توهان پنهنجو توازن برقرار رکي سگھو. مٿين منزل تي وڃڻ لاءِ هيٺان کان مٿي حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻن تان ويندا. جيڪڏهن ان مقصد لاءِ ابتي پاسي کان اچڻ وارين ڏاڪڻين تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا ته حادثي جو سبب ٿي سگھي ٿو. حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻين تي چڙهڻ وقت پاڻ کان اڳين حاجين سان گڏ ملي ڪري نه بيهندا نه ته لهڻ وقت ڌِڪ ڌِڪان جو انديشو ٿي سگھي ٿو.

    ڪعبي شريف جو تعارف:

    حجر اسود:
    هي مبارڪ پٿر ڪعبه شريف جي اوڀر واري ڪنڊ تي نصب ٿيل آهي جنهن جي بلندي مطاف کان تقريبن هڪ ميٽر آهي ان پٿر جي حفاظت جي لاءِ خالص چانديءَ جي گول دائري ۾ گھريل آهي. طواف جي شروعات ۽ پڄاڻي ان مبارڪ پٿر جي سامهون کان ٿيندي آهي. آنحضرت صلي الله عليه وسلم ۽ توهان جا پيشرو (اڳيان اڳيان هلڻ وارا) انبياء ڪرام عليهم السلام هن مبارڪ پٿر کي چميو آهي. انهيءَ لاءِ طواف ڪرڻ وارن جي لاءِ مسنون آهي ته جيڪڏهن آسانيءَ سان ممڪن ٿي سگھي ته اهي ان کي چمن نه ته رش جي وقت ان جو استلام ڪن يعنيٰ هٿ سان ان جي طرف اشارو ڪن. گھڻي رش جي وقت حج جا پاڌيئڙا ڍڪ ڍڪان ۽ پيهه پيهان ڪري هڪ ٻئي کي نه ايذائن.

    رڪن يماني:
    هي ڪعبي شريف جي ڏاکڻي ڪنڊ جو حصو آهي. جيڪڏهن رش جي ڪري پاڻ کي يا ٻين کي ايذاءُ ڏيڻ جو انديشو نه هجي ته رڪن يمانيءَ کي ٻنهي هٿن سان يا ساڄي هٿ سان برڪت طور ڇهندا. صرف کاٻي هٿ سان نه ڇهندا ۽ نه ئي پري کان ان جي طرف اشارو ڪري استلام ڪندا.

    ملتزم:
    ڪعبي شريف جي دروازي کان وٺي ڪري حجر اسود تائين بيت الله شريف جي ڀت کي مقام ملتزم چيو ويندو آهي. جنهن جي ويڪر تقريبن 2 ميٽر آهي ان جڳهه کي مقام ملتزم چوڻ جي وجهه هي آهي ته پاڻ سڳورن صه جڏهن طواف کان واندا ٿي ويندا هئا ته هن جڳهه تي اچي ڪري ڪعبه شريف کي چمبڙي ڪري پنهنجو سينو مبارڪ هٿ ۽ ڳل ان جڳهه تي رکي چمبڙي ويندا هئا. هي انهن جڳهن منجهان آهي جتي دعائون يقينن قبول ٿينديون آهن.

    حطيم:
    ڪعبه شريف جي اُتر ۾ اڌ گول واري شڪل وانگر جڳهه کي حطيم چيو ويندو آهي. هي ڪعبته الله جو حصو آهي. هن جڳهه جي فضائل مان هي آهي ته ان ۾ نماز پڙهڻ ائين آهي جيئن ڪنهن بيت الله جي اندر نماز پڙهي. طواف ڪرڻ وقت حطيم جي اندران نه گذرڻ گھرجي.

    ميزاب (نيسارو):
    هي نيسارو ڪعبي شريف جي ڇت تي اتراهين پاسي يعني حطيم جي طرف ڪعبه شريف جي ڇت مان مينهن جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ لڳايو ويو آهي.

    مطاف:
    خانه ڪعبه جي چئني طرف کليل جڳهه جنهن ۾ طواف ڪيو ويندو آهي ان کي مطاف چئبو آهي. مختلف دورن ۾ حج پانڌيئڙن جي وڌندڙ تعداد جي پيش نظر مطاف ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آهي ۽ اڃان به هلندڙ آهي.

    مقام ابراهيم:
    حضرت ابراهيم خليل الله هڪ پٿر تي بيهي ڪري ڪعبه شريف جي تعمير ڪئي. جنهن وقت حضرت ابراهيم عليه السلام ان پٿر تي بيهي رهيو ته حضرت ابراهيم عليه السلام جا پير مبارڪ ان جي اندر دٻجي ويا ۽ توهان جي پيرن جا نشان اڄ به موجود آهن. مقام ابراهيم ڪعبه شريف کان لڳ ڀڳ 13 ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ان جي فضيلت قرآن مجيد ۾ وارد ٿي آهي.

    زم زم جو پاڻي:
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو: زم زم جو پاڻي هر ان شيء جي لاءِ آهي جنهن جي لاءِ (جنهن نيت سان) پيتو وڃي. يعني هي مبارڪ پاڻي جنهن به مقصد جي لاءِ پيتو وڃي الله تبارڪ و تعاليٰ ان جي برڪت سان اهو مقصد پورو فرمائيندو آهي. زم زم جو پاڻي اهڙو مبارڪ ثابت ٿيو آهي جو صدين کان نه صرف مڪي جا رهاڪو بلڪي سڀئي دنيا جا مسلمان ان مان فائدو وٺي رهيا آهن. اڄڪلهه مسجد الحرام کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي "ڪدئي" جي علائقي ۾ هڪ فيڪٽري لڳائي وئي آهي ۽ اتي زم زم جون بولتون ميسر هونديون آهن.
    حاجي سڳورا وطن واپس ورندي متوقع پاليسيءَ جي مطابق جده ۽ مدينه منوره جي ايئرپورٽ يا پاڪستاني ايئرپورٽز تان 5 لٽر جي پيڪ ٿيل بوتل حاصل ڪري سگھندا. ان ڏس ۾ حاجين کي وڌيڪ آگاهي ڏني ويندي.

    صفا مروه:
    صفا ۽ مروه ننڍڙيون پهاڙيون هيون. صفا ڪعبه شريف جي ڏکڻ اوڀر ۽ مروه بيت الله شريف کان اُتر اولهه جي طرف واقع آهي. انهن ٻنهي پهاڙين جي وچ واري جڳهه (جتي حج ۽ عمري جي لاءِ سعي ڪئي ويندي آهي) کي مسعيٰ چيو ويندو آهي. مسعيٰ کي ڇانوري ۽ ويڪري ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آهي ۽ هاڻي مسعيٰ هڪ تهه خاني سميت چار طبقن تي ويرانڊن جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ان کي اڇي رنگ جي سنگ مر مر سان سينگاريو ويو آهي. مسعيٰ واري ويرانڊي جي ڊيگهه تقريبن چار سئو ميٽر آهي. ان جي هڪ طرف صفا ۽ ٻئي طرف مروه پهاڙين جا نشان آهن. صفا پهاڙيءَ جو نسبتن وڌيڪ حصو پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي.
    صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي هڪ تاريخي واقعي سان منسوب آهي ۽ اهو آهي حضرت ابراهيم عليه السلام جي گھرواريءَ محترمه حضرت هاجره عليه السلام انهن پهاڙين جي وچ ۾ پنهنجي ننڍي ٻار جي لاءِ پاڻيءَ جي ڳولها ۾ ڊوڙڻ. الله تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهيءَ جي هيءَ ادا پسند آئي ۽ اُن ڏينهن کان قيامت تائين مسلمانن کي پابند ڪري ڇڏيو ته جيڪي بيت الله ۾ حج ۽ عمري جي نيت سان اچن انهن لاءِ لازمي آهي ته هو صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪن.

    خانه ڪعبي تي پهرين نظر:
    مسجد حرام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ خانه ڪعبه تي پهرين نظر پئي ته هيءَ دعا گھرندا:
    اللّٰهُمَّ أنْتَ السَّلَامُ وَمِنْكَ السَّلَامُ فَحَيِّنَا رَبَّنَا بِالسَّلَامِ
    اللّٰهُمَّ زِدْ بَيْتَك هذا تَعْظِيمًا وَتَشْرِيفًا وَمَهَابَةً وَتَکْرِيْمًا
    وَزِدْ مِنْ حَجَّةٍ أَوْ عُمْرةٍ تَشْرِيْفًا وَتَعْظِيْمًا وَبِرًّا
    ترجمو: اي الله تنهنجو نالو سلام آهي ۽ تنهنجي ئي طرفان سلامتي ملي سگهي ٿي پوءِ اسان کي سلامتيءَ سان زنده رک. هن گھر جي شرافت، عظمت ۽ بزرگي، ۽ دٻدٻو وڌاءِ. جيڪو ان جي زيارت ڪرڻ، ان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ وارو هجي حج ڪرڻ وارو يا عمرو ڪرڻ وارو هجي، ان جي به شرافت ۽ بزرگي ۽ ڀلائي ۾واڌارو فرماءِ.


    باب ٽيون:عمري جو طريقو

    عمري جا فعل:
    عمري جا هيٺ درج ٿيل اهم فعل آهن:
    1. احرام. 2. طواف. 3. سعي. 4. حلق يا قصر
    احرام ۽ طواف فرض آهن. جڏهن ته طواف کان پوءِ سعي ۽ حلق يا قصر ڪرائڻ واجب آهي.
    احرام: احرام ٻڌڻ جي تفصيل گذري چڪي آهي.

    طواف: طواف جا ٻه فرض آهن:
    1. نيت 2. چار چڪر فرض آهن ۽ باقي ٽي واجب آهن، ڪل ست چڪر آهن.
    طواف جا واجب هيٺ ڏجن ٿا:
    1. طهارت يعني بي وضو نه هجي ۽ حيض ۽ نفاس ۽ جنابت کان پاڪ هجي.
    2. اوگھڙ ڍڪڻ.
    3. پنڌ هلڻ (ان لاءِ جيڪو پنڌ هلڻ تي قادر هجي).
    4. طواف دوران ڪعبي جو کاٻي طرف هجڻ.
    5. حطيم جي ٻاهران چڪر لڳائڻ.
    6. ست چڪر پورا ڪرڻ.
    7. طواف کان پوءِ ٻه رڪعتون واجب الطواف جي نماز پڙهڻ.

    طواف جو سنتون هيٺ ڏجن ٿيون:
    1 اضطباع (احرام ۾ ساڄي ٻانهن ۽ ڪلهو کليل رکڻ).
    2 مردن جي لاءِ پهرين ٽن چڪرن ۾ رمل ڪرڻ (يعني جوانن وانگر تيز تيز هلڻ) آخري چڪرن ۾ رمل نه ڪرڻ
    3 حجر اسود جي سامهون کان شروع ڪرڻ
    4 رڪن يمانيءَ کي ڇهڻ
    5 حجر اسود جو استلام
    6 بيت الله شريف ڏانهن نه ڏسڻ.
    7 رڪن يمانيءَ ۽ رڪن حجر اسود جي وچ ۾ هيٺ درج ٿيل دعا پڙهڻ.
    8 رََبَّنَا آتِنَا فِيْ الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِيْ الآخِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ
    اي الله اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي عطا فرماءِ ۽ آخرت ۾ به اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.

    طواف ڪرڻ جو طريقو:
    طواف شروع ڪرڻ کان پهريان توهان ڪعبته الله جي اُن ڪُنڊ ڏانهن ايندا جتي حجر اسود لڳل آهي. بيت الله شريف جي حجراسود واري ڪنڊ تي تمام گھڻي رش هوندي آهي تنهنڪري جڏهن به طواف شروع ڪرڻ جي لاءِ حجر اسود جي سامهون اچڻو هجي ته طواف ڪرڻ وارن جي سامهون کان بلڪل نه ايندا ته جيئن ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچي، بلڪي توهان ڪعبه شريف جي ارد گرد ٻين طواف ڪرڻ وارن وانگر گھڙيال جي الٽي رخ چڪر لڳائيندا. جڏهن حجر اسود جي سامهون ايندا ۽ تلبيو پڙهڻ بند ڪندا ۽ ان ڪنڊ تي پهچي ڪري توهان ساڄو ڪلهو کولي ڇڏيندا اهڙي طرح ته جيئن ساڄي ٻانهن جي بغل مان احرام جي چادر ڪڍي ڪري کاٻي ڪلهي تي وجھي ڇڏيندا. ان عمل کي اضطباع چوندا آهن ۽ هي صرف طواف جي دوران ڪيو ويندو آهي. هاڻي ڪعبه شريف جي طرف منهن ڪري طواف جي نيت هيئن ڪندا. اي الله! مان تنهنجي رضا جي لاءِ عمري جي طواف جي نيت ڪريان ٿو/ ٿي، تون ان کي منهنجي لاءِ آسان فرمائيندا ۽ قبول فرمائيندا.
    طواف جي شروعات حجر اسود کي چمي ڏيڻ يا استلام ڪرڻ سان ٿيندي آهي. استلام مان مراد چمي ڏيڻ هٿ سان ڇهڻ يا پري کان اشارو ڪري چمي ڏيڻ آهي. اڄ ڪلهه تمام گھڻي رش جي ڪري حجر اسود کي سڌو سنئون چمي ڏيڻ کان بچڻ گھرجي، ان تي خوشبو پڻ لڳل هوندي آهي ۽ چمي يا ڇهڻ جي ڪري اها بدن تي لڳي سگھي ٿي جڏهن ته احرام جي حالت ۾ خوشبو جو استعمال منع آهي. تنهنڪري صرف اشاري تي پورائو ڪرڻ گھرجي يعني بسم الله الله اڪبر ولله الحمد چوندي ٻنهي هٿن سان حجر اسود جي طرف اشارو ڪندا هٿن جون تريون چمندا.
    هاڻي ڪعبي شريف کي کاٻي طرف رکندي طواف شروع ڪندا. پهريون چڪر ختم ڪندي جڏهن حجر اسود جي بلڪل سامهون پهچو ته ٻيهر استلام ڪندي بسم الله الله اڪبر ولله الحمد چئي ڪري ٻيو چڪر شروع ڪندا، طواف جي پهرين ٽن چڪرن ۾ جوانن وانگر ڪلها لوڏيندي پهلوانن وانگر ٿورڙو تيز هلڻ سنت آهي. ان عمل کي "رمل" چئبو آهي جڏهن ته طواف جي آخري چئن چڪرن ۾ رمل نه ڪرڻ سنت آهي.
    طواف دوران ڪائي خاص دعا پڙهڻ ضروري ناهي. ۽ وري ڪتاب تان ڏسي ڪري پڙهڻ سان ڌيان ڪتاب جي طرف رهندو آهي ۽ دل جو ڳانڍاپو ڪعبي سان جُڙي ناهي سگھندو. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته پنهنجي زبان ۾جيڪا به دعا گھرڻ چاهيو گھرندا. درود شريف، استغفار ۽ ٻين ذڪرن جو ورد پڻ ڪندا. پر رڪن يمانيءَ ۽ رڪن حجر اسود جي وچ ۾ هي دعا پڙهڻ سنت آهي
    رَبَّنَا آتِنَا فِيْ الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِيْ الآخِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ
    دعا وڏي آواز سان نه پڙهندا ته جيئن ٻين طواف ڪرڻ وارن ۾ رخنو نه پوي. طواف جي هر چڪر پورو ڪرڻ کانپوءِ حجر اسود جو استلام ڪندا. طواف جا ست چڪر پورا ٿيڻ تي حجر اسود جو استلام ڪندا ۽ اضطباع ختم ڪندا يعني ساڄو ڪلهو ۽ ٻانهن ڍڪي ڇڏيندا، طواف مڪمل ٿي ويو. طواف مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اهڙي جڳهه تي ٻه رڪعتون واجب الطواف جي نماز پڙهندا ته جيئن مقام ابراهيم توهان جي ۽ ڪعبي شريف جي وچ ۾ هجي. رش جي ڪري اهڙي جڳهه نه ملي ته ڪنهن به ٻي جڳهه تي پڙهندا.

    زم زم:
    ٿڌا ۽ سادا زم زم سان ڀريل ڪولر ڪعبي جي اڱڻ ۾ ۽ مسجد حرام جي ويرانڊن ۾ ڪافي تعداد ۾ رکيل هوندا آهن. دعا کان واندو ٿيڻ کانپوءِ قبلي رُخ بيهي ڪري ٽن ساهين ۾ پيٽ ڀري ڪري ڪولر مان زم زم پيئندا ۽ هيئن دعا گھرندا.
    اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَسْئَلُكَ عِلْمًا نَّافِعًا وَّ رِزْقًا وَّا سِعًا وَّشِفَآءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ
    "اي الله پاڪ مان توکان نفعو ڏيندڙ علم ۽ ڪشادو رزق ۽ هر بيماريءَ کان شفا جو طلبگار آهيان".

    صفا ۽ مروه جي سعي:
    آب زم زم پيئڻ کان پوءِ سعي جي لاءِ صفا جي طرف ويندي حجر اسود جو نائون استلام ڪندا، هي استلام مسنون آهي. مطاف کان صفا پهاڙي جي طرف وڃڻ جو رستو هينئر واري ڪيل واڌاري ۾ مقام ابراهيم جي سامهون ويرانڊن مان ٺاهيو ويو آهي. جنهن جي نشاندهي جي لاءِ جڳهه جڳهه تي بورڊ به لڳايا ويا آهن. صفا جي طرف هي چوندا ويندا:
    اَبْدَأُ بِمَا بَدَأَ اللّٰہُ تَعَالٰی بِہٖ، اِنَّ الصَّفَا وَالْمَرْوَۃَ مِنْ شَعَآئِرِاللّٰہِ
    " مان ابتدا ڪريان ٿو ساڻ ان جي جنهن جي ذڪر سان الله تعاليٰ ابتدا ڪئي آهي. يقينن صفا ۽ مروه الله تعاليٰ جي نشانين مان آهن".
    صفا جي ٽڪريءَ تي گھڻو مٿي چڙهڻ سنت جي خلاف آهي ۽ مروه تي به گھڻو مٿي چڙهڻ نه گھرجي. صرف ايترو چڙهڻ ڪافي آهي ته جيئن خانه ڪعبه نظر اچي، اتي بيت الله ڏانهن منهن ڪري بيهي رهندا. پوءَ ٻنهي هٿن کي ڪُلهن تائين آسمان جي طرف اهڙي طرح کڻندا جهڙي طرح دعا ۾ کڻندا آهيون، پوءِ الله تعاليٰ جو حمد ۽ ثنا ڪندي ٽي دفعا الله اڪبر پڙهندا. تڪبير ۽ ڪلمو بلند آواز ۾ پڙهندا ۽ خوب دل لڳائي ڪري دعائون گھرندا هر هڪ جي لاءِ دعا گھرندا، سڀني مسلمانن جي حق ۾ دعا گھرندا، ۽ ملڪ جي سلامتيءَ ۽ بقا جي لاءِ دعا گھرندا هي به دعا جي قبول ٿيڻ جي جڳهه آهي. هيٺ درج ڪيل ڪلمات کي پڻ ورد زبان رکندا.
    لَاْ إلَهَ إلَّا اللهُ وَحْدَهُ لاَ شَرِيْكَ لَهُ ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ۔ لَاْ إلَهَ إلاَّ اللهُ وَحْدَهُ أنْجَزَ وَعْدَهُ وَنَصَرَ عَبْدَهُ وَهَزَمَ الْأَحْزَابَ وَحْدَهُ
    هاڻي صفا کان مروه جي طرف هلندا. ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي مسعيٰ جي ڇت ۾ ڪجهه ڊگھائي ۾ سايون ٽيوب لائيٽون لڳل آهن (صفا ۽ مروه جي وچ واري علائقي کي مسعيٰ چيو ويندو آهي). جيئن ئي سائي لائيٽن جي هيٺان پهچندا ته مرد حاجي ٿورو تيز هلندا پر عورتون عام رفتار سان هلنديون ۽ هيءَ دعا گھرندا:
    رَبِّ اغْفِرْ وَارْحَمْ وَتَجَاوَزْ عَمَّا تَعْلَمُ اِنَّكَ اَنْتَ الْاَعَزُّالْاَ کْرَمُ
    اي منهنجا رب بخشي ڇڏ ۽ رحم فرماءِ درگزر فرماءِ منهنجي گهمراهين کي جنهن کي تون ڄاڻي ٿو، بيشڪ تون زبردست بزرگيءَ وارو آهين.
    صفا ۽ مروه جي چڪرن جي باري ۾ هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪندا ته صفا کان مروه تائين وڃڻ کي هڪ چڪر چوندا آهن ۽ پوءِ مروه کان صفا تائين اچڻ کي ٻيو چڪر. ٻيهر صفا کان مروه تائين ويندا ته ٽيون چڪر ۽ پوءِ مروه کان صفا تائين ايندا ته چوٿون چڪر ٿيندو. اهڙي طرح ستون چڪر مروه تي ختم ٿيندو. ستين چڪر کانپوءِ مروه تي توهان جي سعي مڪمل ٿي ويندي.

    حلق يا قصر:
    طواف ۽ سعي کان پوءِ احرام مان حلال ٿيڻ جي لاءِ مردن کي وار ڪوڙائڻ يا سموري مٿي جا وار هڪ آڱر جي ويڙهي جي برابر ڪترائڻ واجب آهي. پر وار ڪوڙائڻ افضل آهي. عورتن جي لاءِ مٿي جا وار ڪوڙائڻ جائز ناهي بلڪي اهي آڱر جي هڪ ويڙهي يا انچ يا ان کان ڪجهه وڌيڪ سمورن يا گھٽ ۾ گھٽ چوٿائي مٿي جي وارن جي چوٽي پڪڙي ڪري ڪترائين، ته احرام جي حالت مان نڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. مرد حاجي سڳورا حجمن جي دوڪانن تي وڃي ڪري حلق يا قصر ڪرائن.
    ان کانپوءِ جيڪڏهن ٿي سگھي ته ٻه نفل مسجدالحرام ۾ ڪهڙي به جڳهه تي پڙهندا. مروه تي نفل پڙهڻ مڪروهه آهي. هاڻي توهان جو عمرو مڪمل ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ئي توهان احرام ۽ احرام جي پابندين مان آجا ٿي ويا. پر حرم جي حدن جون پابنديون لاڳو رهنديون. توهان وهنجي سهنجي سبيل ڪپڙا پائي سگھو ٿا ۽ هاڻي 8 ذوالحج جو مڪه مڪرمه کان منيٰ روانگيءَ جي لاءِ حج جي احرام ٻڌڻ جي ضرورت ٿيندي. مناسب ٿيندو ته عمرو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توهان حرم ۾ لڳل گھڙيال ۾ نمازن جا وقت نوٽ ڪندا ۽ نماز جي لاءِ وقت تي حرم پهچڻ جي ڪوشش ڪندا. پنهنجي خيريت جو اطلاع پاڪستان ۾ پنهنجي گھر وارن کي ڏيندا.


    باب چوٿون: مشاعر مقدسه جو تعارف

    حاجي سڳورا ڇاڪاڻ ته حج جي ڏينهن جو ڪافي حصو منيٰ ۾ گذاريندا آهن انهيءَ ڪري اتان جي اهم امتيازي نشانن کان آگاهي فائدي کان خالي نه ٿيندي. هيٺ ذڪر ڪيل نقشي ۾ انهن جڳهن جي نشادهي ڪئي وئي آهي جتي حج جا مناسڪ ادا ڪيا ويندا آهن. مسجدالحرام کان منيٰ جو مفاصلو تقريبن 6 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته عرفات کان مزدلفه ۽ منيٰ ترتيب سان 9 ۽ 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهن.

    منى کان مختلف جڳهن جا فاصلا:
    مسجد الحرام کان منى جو مفاصلو 6 ڪلو ميٽر آهي ۽ پنڌ هلڻ وارن لاءِ انهن جڳهن جي وچ ۾ هڪ ڇانوري وارو رستو ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ٻنهي ڪنارن تي ٿوري ٿوري پنڌ تي پيئڻ جي لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر هنيا ويا آهن.
    منى کان ميدان عرفات تائين جو مفاصلو تقريبن 13 ڪلوميٽر آهي ۽ هتي به پنڌ هلڻ وارن جي سهولت لاءِ الڳ الڳ وسيع رستا ٺاهيا ويا آهن. بسن ۽ ٻي ٽريفڪ جي لاءِ الڳ الڳ روڊ آهن جنهن تي عرفه واري ڏينهن (9 ذوالحج) جو ايتري وڌيڪ رش ٿيندي آهي جو پير رکڻ جي جاءِ ناهي هوندي.
    منى کان مزدلفه تقريبن چار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. منى کان عرفات وڃڻ وارا سڀئي رستا مزدلفه مان ئي گذرندا آهن. حج جي پانڌيئڙن کي هي سفر 10 ذوالحج جو ڪرڻو هوندو آهي ۽ ان کي پنڌ هلي ڪري پورو ڪرڻ ٻين ذريعن جي نسبت کان وڌيڪ آسان هوندو آهي. ميدان عرفات کان مزدلفه جو رستو تقريبن 9 ڪلوميٽر آهي.

    منى ۾ داخل ٿيڻ جا رستا:
    8 ذوالحج جو هن مبارڪ جاءِ تي حج جي پانڌيئڙن جي داخل ٿيڻ سان ئي اسلام جي رڪن حج جي مناسڪن جو آغاز ٿي ويندو آهي. حج جي پانڌيئڙن لاءِ بهتر ٿيندو ته 8 ذوالحج جو منى ۾ پهريون دفعو پنهنجي مڪتب جي ذميدار ماڻهن جي رهنمائيءَ ۾ وڃن. جڏهن ته منى ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل 4 وڏا رستا آهن. انهن رستن جي سڃاڻپ حاجين سڳورن جي لاءِ فائدي مند ٿيندي.
    1. مدخل طريق 68 الملڪ فهد: هي رستو منى ۾ ماٿريءَ جي اولهه پاسي کان داخل ٿيندو آهي. شيشه ۽ طريق الحج جي علائقن ۾ رهڻ وارا حاجي سڳورا ان رستي کان منى ۾ داخل ٿيندا آهن.
    2. مدخل ڪبري الملڪ خالد: هي رستو منى ۾ ڏاکڻي پاسي کان مسجد خيف جي ويجهو کان داخل ٿيندو آهي. عزيزيه ۾ سوق السلام، راجحي سينٽر ۽ ٻين ويجهن علائقن ۾ رهائش رکندڙ حاجي سڳورا هن رستي کان منى ۾ داخل ٿيندا آهن.
    3. مدخل ڪبري الملڪ عبدالعزيز: هي رستو به منى ۾ ڏکڻ طرف کان داخل ٿي ڪري منى جي عين وچ مان گذرندو آهي. تنهنڪري وڌ ۾ وڌ حاجي سڳورا منى ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ هي رستو اختيار ڪندا آهن. عزيزيه جي اوڀر واري پاسن جي علائقن يعني بن داؤد، طريق الملڪ عبدالله ۽ طريق عبدالله خياط جي آس پاس رهائش رکندڙ حاجي سڳورا هن رستي کان منى ۾ داخل ٿيندا آهن.
    4. مدخل ڪبري الملڪ فيصل: هي رستو منى ۾ڏکڻ طرف کان ئي داخل ٿيندو آهي. پر جيئن ته هي منى کان انتهائي اوڀر ڪناري کان منى ۾ داخل ٿيندو آهي تنهنڪري گھٽ ماڻهن جي استعمال هيٺ ايندو آهي.

    منى ماٿريءَ ۾ امتيازي (ترجيحي يا نمايان) نشان(Land Marks):
    حج جا پانڌيئڙا حج جي ڏينهن ۾ گهڻو وقت منى جي خيمن ۾ ئي گذاريندا آهن ۽ پوءِ هتان کان انهن کي حج جي مناسڪن جي ادائگي جي لاءِ مختلف ڏينهن ۾ منى کان ٻين مقدس جاين ڏانهن وڃڻو اچڻو هوندو آهي. انهيءَ ڪري منى ۾ پنهنجي خيمن جي جاءِ چڱي طرح ذهن نشين ڪرڻ انتهائي ضروري هوندي آهي. جيئن وقت سر پنهنجي خيمن ۾ اچڻ وڃڻ وارن رستن کان چڱي طرح سڃاڻپ ٿي وڃي ۽ خدا نه خواسته گم ٿيڻ جا امڪان بلڪل ختم ٿي وڃن. ان مقصد لاءِ منى ماٿريءَ ۾ موجود هيٺ ذڪر ڪيل امتيازي نشانن کان آگاهي نهايت ئي ضروري آهي.

    منى جون اَهم پُليون:
    پُل کي عربي ۾ ڪُبري يا جَسر چوندا آهن مقامي زبان ۾ پُل جي لاءِ گھڻوڪري ڪُبري جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي منى ماٿريءَ ۾ ٽريفڪ جي سهولت جي لاءِ ڪيتريون ئي پُليون ٺاهيون ويون آهن جن مان ٽن اهم ترين پُلين جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
    1. ڪُبري ملڪ خالد: هيءَ ڪُبري منى کان اتراهين علائقن مسجد خيف جي ويجهو جمرات کان تقريبن اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي جيڪڏهن توهان منى ۾ شارع خالد کان داخل ٿيندا ته هڪ سرنگ (عربي زبان ۾ نفق) کان داخل ٿيڻ کان پوءِ توهان اُن ئي ڪُبري تي اچي نڪرندا ۽ توهان جي کاٻي هٿ جي طرف منى جي هڪ اسپتال آهي جنهن کي عربي زبان ۾ مستشفى الطواري چيو ويندو آهي يعني ايمرجنسي اسپتال. هن ڪبري جي ساڄي طرف کان منى ۾ وڏن رستن کان ڪبريءَ جي مٿان اچڻ لاءِ رستو مهيا ڪندو آهي.
    2. ڪُبري ملڪ عبدالعزيز: هيءَ ڪبري منى جي تقريبن وچ ۾ ڪبري ملڪ خالد کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ منى ۾ حاجين جي خيمن کي ٻن وڏن حصن ۾ ورهائي ٿي جيڪڏهن توهان شارع ملڪ عبدالله جي رستي عزيزيه کان منى ۾ داخل ٿيندا ته هن ڪبري جي مٿان کان توهان منى ۾ داخل ٿيندا ۽ توهان جي کاٻي طرف هڪ ٻي اسپتال آهي جنهن جو عربي زبان ۾ نالو مستشفى منى الجسر آهي. ڪبري ملڪ عبدالعزيز جي هيٺان مستشفى الجسر جي ويجهو ايمبولينس اسٽاپ به واقع آهي. ضرورت جي وقت هتان کان ايمبولينس وٺي سگھجي ٿي. ايمبولينس کي عربي زبان ۾ اَسعاف چوندا آهن.
    3. ڪُبري ملڪ فيصل: هيءَ ڪبري نيو منى ۽ مزدلفه جي ميدان جي وچ ۾ واقع آهي. حاجين سڳورن جا رهائشي خيما جيڪي ڪبري ملڪ خالد ۽ مسجد خيف جي ويجھو کان شروع ٿيندي ئي ڪبري ملڪ فيصل جي ويجهو اچي ڪري ختم ٿيندا آهن ۽ ڪبري جي ٻئي طرف ميدان مزدلفه شروع ٿي ويندو آهي. حج جا پانڌيئڙا 10 ذوالحج جي صبح جو جڏهن مزدلفه کان منى جي طرف روانا ٿيندا آهن ته سڀ کان پهريان ڪبري فيصل جي هيٺان کان ئي انهن جو گذر ٿيندو آهي ۽ هتان کان ئي خيما شروع ٿيندا آهن جيڪي تقريبن چار ڪلوميٽرن کان پوءِ ڪبري ملڪ خالد کان ٿوري ئي فاصلي کان پوءِ ختم ٿي ويندا آهن.

    منى جا زون:
    زون کي عربي زبان ۾ منطقه چيو ويندو آهي ۽ منى جي ماٿريءَ کي 9 مختلف زونن ۾ ورهايو ويو آهي.زون 1 کان 7 منى ۾ جڏهن ته زون 8 ۽ 9 مزدلفه ۾ آهن. زون هڪ جمرات جي طرف آهي ۽ ائين انهن جا نمبر مزدلفه جي طرف وڌنڌا ويندا آهن. منى ۾ حاجين سڳورن جا رهائشي خيما زون 7 تائين ويندا آهن جيڪي ڪبري فيصل جي بلڪل ويجهو واقع آهن. هر هڪ زون جي نشاندهي جي لاءِ تمام وڏي ڊگھي پول تي پيلي رنگ جا بورڊ لڳايا ويا آهن ۽ انهن تي ڪاري رنگ سان زون نمبر لکيا ويا آهن. زون جي نشاندهي اتي موجود ننڍن رستن سان به ٿيندي آهي. جيئن شارع 511 يعني زون 5 جي 11 نمبر رستي تي آهي ۽ اهڙي طرح شارع 219 يعني زون 2 جو 19 نمبر رستو آهي. پاڪستاني حاجين سڳورن جا خيما عام طور تي زون 6,5,4,2 ۽ 7 ۾ هوندا آهن.

    نيو منيٰ:
    وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جيئن جيئن حج بيت الله ڪرڻ وارن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو ته منى جي ماٿري پنهنجي سموري گنجائش جي باوجود تنگ ٿيڻ شروع ٿي وئي. ان ڳالهه جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهريان جتي پوري ڳوٺ يا محلي ۾ صرف ڪجهه ماڻهن کي حج بيت الله جي سعادت نصيب ٿيندي هئي الحمد الله هاڻي اُتي هر ٻئي گهر جا ڪيترائي حج جا پانڌيئڙا نظر اچڻ لڳا آهن انهيءَ ڪري اهو ضروري ٿي ويو آهي ته حج جي پانڌيئڙن جي رهائشي خيمن کي قديم (پُراڻي) منى ماٿريءَ جي حدن کان ٻاهر مزدلفه جي حدن ۾ به هنيو وڃي. انهيءَ ڪري سعودي حڪومت مستند (سرڪاري) عُلماء ڪرامن جي متفقه فتوى جي روشنيءَ ۾ حاجين سڳورن جي رهائشي خيمن کي قديمي يعني پراڻي منى سان بلڪل گڏ مزدلفه جي حدن ۾ ڪبري فيصل تائين وڌائي ڇڏيو آهي. مزدلفه جي حدن ۾ اُهي علائقا جتي حاجين سڳورن جا رهائشي خيما لڳايا ويا آهن ان کي عام طرح نيو منى چيو ويندو آهي ۽ هتي حاجين سڳورن جو رهڻ انهن جي منى جي قيام کي ظاهر ڪري ٿو.

    منى جا اهم رستا:
    منى هڪ ڪشادي وادي (ماٿري) آهي هتي لکين ماڻهن جي قيام (ترسڻ) جي لاءِ انتظام ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ِ هتي ڪيترن ئي ننڍن ۽ وڏن رستن جو ڄار وڇايو ويو آهي. وڏن رستن کي عربي زبان ۾ طريق چوندا آهن ۽ منى ۾ هر طريق يعني وڏي رستي جو پنهنجو نالو ۽ نمبر هوندو آهي. هي رستا منى ماٿريءَ جي ڊگھي رُخ يعني شرقاً (اوڀر) غرباً (اولهه) ٺاهيا ويا آهن. منى جا ڪجهه اهم رستا بيان ڪجن ٿا.
    1. طريق 38 الملڪ عبدالعزير: هي رستو مسجد الحرام کان منى ۽ مزدلفه کان ٿيندو عرفات تائين وڃي ٿو ۽ ريل جي پٽڙي جي بلڪل هيٺان هلندو آهي.
    2. طريق 44 القصر المکي: هي رستو عرفات جي ميدان کان شروع ٿيندو آهي ۽ مزدلفه کان ٿيندو ڪبري فيصل جي هيٺان کان منى ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ طريق الملڪ عبدالعزيز سان گڏ هلندي ڪبري عبدالعزيز کان پوءِ طريق 38 سان مِلي ويندو آهي.
    3. طريق 50 الملڪ فيصل: هي رستو عرفات جي ميدان جي اوڀر ڪناري کان شروع ٿيندي ئي ۽ طريق القصرالمڪي جي اُتر طرف کان ان سان گڏوگڏ هلندو آهي. پوءِ مزدلفه کان ٿيندو منى جي آخري حصي ۾ جمرات جي ويجهو ختم ٿيندو آهي.
    4. طريق المشاة (پنڌ هلڻ جو رستو): مشاة عربي زبان ۾ پنڌ هلڻ کي چئبو آهي. يعني مڪه کان منى ۽ منى کان عرفات تائين پنڌ سفر ڪرڻ وارن جي سهولت جي لاءِ ٺاهيل رستن مان هي پهريون وڏو پنڌ هلڻ وارن لاءِ رستو آهي. گھڻو ڪري حاجي سڳورا مزدلفه کان منى ايندي هن رستي تي سفر ڪندا آهن.
    5. طريق 56 الجوهرة: هي رستو به طريق مشاة سان گڏ هلندي عرفات کان منى جي آخري حصي ۾ واقع جمرات تائين وڃي ٿو.
    6. طريق 62 سوق العرب: طريق سوق العرب به عرفات جي ميدان کان اوڀر واري حصي کان شروع ٿيندي ئي جبل الرحمت جي ويجهو کان گذرندو آهي. طريق 62 ميدان مزدلفه ۽ منى جي ماٿريءَ کان ٿيندو جمرات جي ويجهو اچي ختم ٿيندو آهي. منى ۾ جنوب ايشيائي ملڪن يعني افغانستان، پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي حاجين سڳورن جا خيما طريق الجوهرة ۽ طريق سوق العرب تي ئي واقع هوندا آهن. انهيءَ ڪري توهان جي لاءِ انهن وڏن رستن کي چڱي طرح سمجھڻ نهايت ضروري آهي.

    اهم نوٽ:
    طريق الجوهرة، طريق سوق العرب ۽ طريق المشاة عرفات کان شروع ٿيندا آهن، انهن جي وچ ۾ وقفو ڪٿي ڪجهه وڌيڪ ٿي ويندو آهي ته ڪٿي گھٽ ۽ وادي محسر ۾ ته بلڪل ملي وڃڻ کان پوءِ وري الڳ ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري حج جا پانڌيئڙا 10 ذوالحج جي صبح مزدلفه کان منى جو سفر ڪندي جڏهن وادي محسر پهچندا آهن ته انهن جو غلطيءَ سان پنهنجي واسطيدار رستي جي بجاءِ ڪنهن ٻئي رستي تي هلي وڃڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. انهيءَ ڪري توهان کي وادي محسر ۾ انهن رستن جي نشاندهي ڪرڻ وارن بورڊن ۽ نقشن وغيره جي مدد سان پڪ ڪرڻ گھرجي ته توهان واسطيدار (گھربل) رستي تي ئي سفر ڪري رهيا آهيو. نه ته پنهنجي خيمن جا رستا ڀلجي وڃڻ جوامڪان وڌي ويندو آهي.
    7. طريق 68 الملڪ فهد: هي رستو عرفات جي ميدان جي اولهه ڪناري تي واقع عرفات رنگ روڊ کان شروع ٿي ڪري مزدلفه ۽ منى جي اُتر واري حصي کان گذرندو آهي ۽ جمرات جي اُتر کان گذرندي مڪه مڪرمه ۾ داخل ٿيندو آهي. منى ۾ ان رستي جي ڪناري تي گھڻو ڪري آفريقي ۽ عرب ملڪن جي حاجين سڳورن جا خيما لڳل هوندا آهن.

    ننڍا رستا:
    منى ۾ مٿي ذڪر ڪيل رستن کي ڪيترن ئي ننڍن لاڳاپيل رستن جي ذريعي ملايو ويو آهي. انهن رستن کي عربي زبان ۾ شارع چيو ويندو آهي. انهن مان هر هڪ رستي کي ان جي زون جي مطابق نمبر الاٽ ڪيو ويو آهي. مثال طور شارع نمبر 521 ۾ 5 جو انگ ان جي زون کي ظاهر ڪري ٿو ۽ 21 رستي جو نمبر آهي. يعني هي زون 5 جو 21 نمبر شارع آهي. اهڙي طرح شارع 210 يعني زون نمبر 2 جو 10 نمبر رستو آهي. رستن جي نمبرنگ ۾ هڪ ٻي خاص ڳالهه سمجهڻ جي هيءَ آهي ته منى جي اُفقي (اولهه اوڀر) رستن جا ٻڌي انگ ۽ عمودي رستن جا نمبر اِڪي هوندا آهن. مثال طور شارع 714، شارع 716 ۽ شارع 718 زون نمبر 7 ۾ نسبتن يعني وڏا اُفقي (اوڀر اولهه) رستا آهن ۽ شارع 717، شارع 735 ۽ شارع 737 ننڍن عمودن (اتر ڏکڻ) رستن جي ذريعي ان جي وچ ۾ رابطو مهيا ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح منى جي هر زون ۾ حاجي سڳورن جي سهولت جي لاءِ ننڍن وڏن رستن جو نيٽ ورڪ موجود آهي. جنهن ۾ ڪجهه رستا ضرورت وقت بند به ڪيا ويندا آهن.

    مڪتب نمبر:
    منى ۾ حاجين سڳورن جي خيمن کي مختلف مڪتبن ۾ ورهايو ويندو آهي ۽ هر مڪتب کي هڪ نمبر الاٽ ڪيو ويندو آهي. جنوبي ايشيائي ملڪن جا مڪتب منى جي هڪ ئي حصي ۾ هوندا آهن. ڪجھه مڪتب صرف پاڪستاني حاجين جي لاءِ مخصوص هوندا آهن جڏهن ته ڪجهه مڪتبن ۾ پاڪستان سان گڏ ٻين ايشيائي ملڪن جي حاجين سڳورن جا گڏيل خيما به هوندا آهن. مڪتبن جي سلسلي ۾ ڪجهه خاص ڳالهين جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
    • منى ۾ مڪتبن جي جڳهه ڪنهن خاص ترتيب سان الاٽ نه ڪئي ويندي آهي انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته مڪتب نمبر 1 سان گڏ مڪتب نمبر 13 ۽ پوءِ 28 موجود هجي. پاڪستاني مڪتبن جي وڏي گيٽ جي مٿان مڪتب نمبر جا بورڊ لڳايا ويندا آهن ۽ پاڪستاني جھنڊا به لڳايا ويندا آهن مڪتب جي مين گيٽ سان گڏ پول نمبر جو بورڊ به لڳل هوندو آهي.
    • حج جي پانڌيئڙن کي گذارش آهي ته جڏهن 8 ذوالحج جو مڪتب جا ذميدار ماڻهو توهان کي پهريون دفعو پنهنجي مڪتب ۾ وٺي وڃن ته پنهنجي مڪتب جو ماڳ، هنڌ ۽ ٺڪاڻو چڱي طرح سمجهي وٺو ته ڪهڙي رستي تي واقع آهي ۽ ان جو پول نمبر ڪهڙو آهي ته جڏهن به مڪتب کان ٻاهر وڃڻو هجي ته آسانيءَ سان واپس اچي سگھجي.
    • مڪتب ۾ رهائش دوران مڪتب جو جاري ڪيل ڪارڊ هر وقت پاڻ سان گڏ رکندا ته جيئن مڪتب ۾ داخل ٿيڻ وقت سڪيورٽيءَ تي مقرر ٿيل ماڻهن کي ڏيکاري ئي توهان اندر وڃي سگھندا. مڪتب جي اندر وضو خانه ٺهيل هوندا آهن ۽ نماز جي وقتن کان پهريائين اڪثر ڪري اُتي رش وڌي ويندي آهي. انهيءَ ڪري وضو جي لاءِ اهڙي وقت جي چونڊ ڪندا جنهن وقت رش گھٽ هجي. عام طور تي نمازن جي وقتن کان پوءِ وضو خانن تي رش گھٽ ٿي ويندي آهي. وضو خانن ۾ لڳل پاڻيءَ جي ٽوٽين (ٻُجين) کي آرام سان کوليندا نه ته پاڻي وڌيڪ پريشر سان ٻاهر ايندو ۽ حمام يعني غسل خاني جي فرش کي لڳڻ کان پوءِ ڇنڊا توهان جي ڪپڙن تي به پئجي سگھن ٿا.

    پول نمبر:
    منى ۾ حاجين جي رهائشي علائقن کي مختلف ڪيمپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ڪيمپ جو هڪ خاص نمبر هوندو آهي جيڪو هڪ پول جي مٿان ننڍي بورڊ تي پڌرو ۽ چٽو لکيو ويندو آهي. هي نهايت ئي اهم نشان آهي جيڪوحاجين جي منى ۾ رهنمائيءِ جي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. ان پول تي خيمي جو نشان ٺهيل هوندو آهي. خيمي جي نشان جي مٿان عربي زبان ۾ ۽ هيٺان انگريزي زبان ۾ پول نمبر لکيل هوندو آهي. پول نمبر جي متعلق هيٺ ذڪر ڪيل خاص ڳالهين کي چڱي طرح ذهن نشين ڪرڻ سان منى ۾ نه صرف پنهنجي خيمن کي ڳولهڻ آسان ٿي ويندو بلڪه ٻين حاجين سڳورن جي رهنمائي ڪري اجر ۽ ثواب حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿي ويندو.
    پول نمبر ڪسر عدد (ڀاڱن جي شڪل ۾ لکيا ويندا آهن. مثال طور 6/56 جو مٿيون عدد ڪيمپ نمبر يا پول نمبر کي ظاهر ڪندو آهي ۽ هيٺيون عدد يا انگ واسطي دار (لاڳاپيل) رستي جي نمبر کي ظاهر ڪندو آهي. يعني پول نمبر 6/56 ۾ رستي 56 جي 6 نمبر ڪيمپ کي ظاهر ڪري ٿو.
    پول نمبر هر ننڍي وڏي رستي تي ٻنهي ڪنارن تي ڪيمپ جي اندر لڳل نظر ايندا آهن. انهن نمبرن جي شروعات هر رستي جي مُنڍ ۾ اُبتي پاسي کان يعني کاٻي پاسي کان اهڙي طرح هوندي آهي جو اِڪي انگ جي پول جو رستو کاٻي طرف ۽ ٻڌي انگ جي پول جو رستو ساڄي طرف هوندو آهي. مثال طور توهان جيڪڏهن 56 رستي جي مُنڍ ۾ هلڻ شروع ڪندا ته شروع ۾ ئي پول نمبر 1/56 توهان جي کاٻي طرف هوندو ۽ ٿوري دير کان پوءِ پول نمبر 2/56 توهان جي ساڄي هٿ جي طرف ايندو.
    ڪنهن به رستي تي سڀني پول نمبرن جي ڳڻپ انهن جي ڊگهائيءَ تي مدار رکي ٿي. يعني ڪنهن ننڍي رستي جي پولن جي ڳڻپ وڏن رستن جي ڳڻپ کان گھٽ ٿيندي. مثال طور رستو نمبر 521 زون نمبر 5 جو هڪ ننڍو رستو آهي انهيءَ ڪري انهن جي پول نمبر جي ڳڻپ 9 آهي. يعني آخري پول نمبر 9/56 آهي. اهڙي طرح طريق 62 سوق العرب هڪ وڏو رستو آهي ان جي پول نمبر جي ڳڻپ 63 آهي يعني رستي تي آخري پول 63/62 آهي.
    سمورن وڏن رستن جا پول نمبر جمرات جي طرف کان شروع ٿيندا آهن ۽ ڪبري فيصل وٽ ختم ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري جيڪڏهن توهان ان رستي تي ڪٿي به موجود آهيو ته توهان کي پنهنجي مڪتب جي پول نمبر جي خبر آهي ته توهان صحيح رخ طرف وٺي ڪري پنهنجي خيمي ۾ وڃي سگھندا.
    مڪتب جا ذميدار ماڻهو هرهڪ حاجيءَ کي ڳچيءَ ۾ پائڻ وارو مڪتب جو ڪارڊ يا ٻانهن ۾ ٻڌڻ وارو پلاسٽڪ جو ڪنگڻ ڏيندا آهن. جنهن تي منى ۽ عرفات جو ڏس پتو ۽ ان سان گڏ پول نمبر لکيل هوندو آهي. ان کي حج جي ڏينهن ۾ پاڻ وٽ محفوظ رکندا ۽ پنهنجي خيمن جو رستو ڀُلجڻ جي صورت ۾ ڪنهن به مُلڪ جي رضاڪار يا معاون کي ڪارڊ يا ڪنگڻ ڏيکاري رستو پڇي سگھو ٿا.

    طواف زيارت جي لاءِ وڃڻ وارا رستا:
    جڏهن به 10۽12 ذوالحج جي وچ ۾ توهان کي پنهنجي سهولت مطابق منيٰ کان مڪه مڪرمه طواف زيارت جي لاءِ وڃڻو هجي ته توهان پيرين پنڌ به وڃي سگھو ٿا ۽ بس ٽيڪسي تي به پر جيڪڏهن صحت اجازت ڏئي ته پنڌ وڃڻ ڏاڍو ڀلو آهي، نوجوانن کي ته هر صورت ۾ پنڌ وارو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته بس، ٽيڪسي وارا هڪ ته انهن ڏينهن ۾ ڪرايا تمام وڌيڪ ڪري ڇڏيندا آهن ٻيو ته ٽريفڪ جي رش جي ڪري تمام گھڻو وقت لڳائي ڇڏيندا آهن. ۽ پوءِ توهان کي حرم کان ڪافي فاصلي تي لاهي ڇڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته ٽريفڪ جي پابندين جي ڪري حرم جي ويجھو وڃڻ ممڪن ناهي هوندو. اهڙي طرح حرم کان (طواف زيارت کان پوءِ) منيٰ اچڻ وقت اتان کان پري ڪنهن اڻ ڄاڻ جڳهه تي لاهي ڇڏيندا ۽ توهان لاءِ پنهنجن خيمن ۾ پهچڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو، طواف زيارت جي لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل ڳالهين کي چڱي طرح ذهن نشين ڪندا:
    منيٰ کان جمرات تائين وڃڻ وارا سڀئي رستا جمرات جي ويجھو پاڻ ۾ ملي ويندا آهن ۽ جمرات جي عمارت کان سڌو اڳتي ويندا ته ٿوري دير کان پوءِ کاٻي هٿ تي سرنگ کان هڪ رستو نڪرندو آهي جيڪو حرم تائين پنڌ هلڻ وارن لاءِ ٺاهيو ويو آهي ان رستي جو گھڻو حصو ڍڪيل آهي ۽ حج جي پانڌيئڙن کي ڇَانوَ مهيا ڪندو آهي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر به هنيا ويا آهن، طواف زيارت جي لاءِ هن روڊ تان پنڌ وڃڻ بهتر طريقو آهي وڏي عمر وارا ماڻهو جيڪي وڌيڪ پنڌ نه هلي سگھن جتي ٿڪجي پون ته ٿوري دير آرام ڪن ۽ ٿوري دير ساهي پٽڻ کان پوءِ ٻيهر سفر شروع ڪن اهڙي طرح ساهيون پٽيندي پنڌ سفر ڪرڻ گاڏيءَ تي سفر ڪرڻ کان ڀلو آهي.
    جيڪڏهن توهان جا خيما جمرات کان وڌيڪ مفاصلي تي آهن ۽ پنڌ حرم شريف وڃڻ مشڪل هجي ته توهان جمرات تائين جو سفر ٽرين تي ڪندا ۽ منيٰ اسٽيشن 3 تي لهڻ کان پوءِ جڏهن توهان لنهواري وانگر پل جي ذريعي جمرات جي طرف ويندا ته تقريبن 300 ميٽر هلڻ کان پوءِ هي رستو طريق ملڪ عبدالعزيز سان ملي ويندو آهي ۽ ان جي ساڄي طرف کان طريق ملڪ عبدلعزيز تي آسانيءَ سان وڃي سگھو ٿا، هتان کان حرم وڃڻ واريون بسون ملي وينديون آهن جيڪي توهان کي حرم جي ٿوري مفاصلي تي لاهي ڇڏينديون، جتان کان توهان پنڌ حرم شريف وڃي سگھو ٿا.
    طواف زيارت جي لاءِ وڃڻ لاءِ جيڪڏهن توهان کي بس، گاڏيءَ تي وڃڻ جو چارو نه هجي ته توهان هيءِ سهولت ڪبري خالد، ڪبري الملڪ عبدلعزيز ڪبري الملڪ فيصل کان آسانيءَ سان ملي ويندي جيڪا به ڪبري توهان جي خيمي/ مڪتب جي ويجھو هجي اتان کان حرم وڃڻ واري گاڏي توهان کي ملي ويندي.
    حاجين سڳورن کي سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران پنهنجي گروپ سان گڏ رهڻ گھرجي ۽ رميءَ جي لاءِ مڪتب جي طرفان ڏنل وقتن جي سختيءَ سان پابندي ڪندا. حاجي سڳورن جي رميءَ جي لاءِ روانگيءَ جي وقت مڪتب ۽ معاونين جو عملو حاجي سڳورن کي منظم رکڻ جي لاءِ موجود هوندو آهي. معذور، ويل چيئر تي سوار ۽ ٻار رميءَ جي لاءِ شريعت جي مطابق پنهنجي طرفان پنهنجي گروپ جي مرد ساٿين مان ڪنهن کي پنهنجو وڪيل بڻائي سگھن ٿا.

    مشاعر مقدسه (منيٰ، مزدلفه، عرفات) لڳل رهنمائيءَ جي لاءِ بورڊ:
    مشاعر مقدسه ۽ مڪه مڪرمه ۾ حج جي پانڌيئڙن جي رهنمائيءَ لاءِ، روڊ، اسپتالون، مسجدون ۽ ٻين اهم جڳهن جي نشاندهي جي لاءِ ڪيترن قسمن جا بورڊ لڳايا ويندا آهن انهن بورڊن کي عربي زبان ۾ ”لوحات“ چيو ويندو آهي انهن مان ڪجهه اهم قسمن جي بورڊن جو ذڪر هيٺ درج ڪجي ٿو:
    حدود بورڊ: هي بورڊ تمام وڏي اهميت جا حامل آهن ۽ هي منى، مزدلفه ۽ عرفات جي حدن جو تعين ڪندا آهن هي بورڊ مشاعر مقدسه جي حدن جي شروعات يعني مُنڍ ۽ اختتام يعني پُڄاڻيءَ تي لڳايا ويندا آهن منى جي حدن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ بنفشي رنگ. مزدلفه جي لاءِ ڄمونءَ جو رنگ جڏهن ته عرفات جي نشاندهي جي لاءِ پيلي رنگ جا بورڊ لڳايا ويندا آهن انهن سڀني جڳهن جي حدن جي شروعات تي ”بدايه“ (يعني ابتدا)، اڳياڙي يا مُنڍ لکيل هوندو آهي ۽ حدن جي پُڄاڻيءَ تي ”نهايه“ يعني انتها يا آخري حد لکيل هوندو آهي ياد رکندا جيڪڏهن توهان کي ”بدايه عرفات“ جو بورڊ نظر اچي رهيو آهي ته توهان هن وقت ميدان عرفات جي حدن کان ٻاهر آهيو ۽ جيڪڏهن توهان کي ”نهايه عرفات“ جو بورڊ نظر اچي رهيو آهي ته توهان عرفات جي حدن جي اندر موجود آهيو، اهائي ڳالهه مزدلفه ۽ منى ۾ حدن جي نشاندهي ڪرڻ وارن بورڊن جي لاءِ به صحيح آهي.
    رستن جي نشاندهي وارا بورڊ: سمورن اهم رستن تي مختلف قسمن جا بورڊ لڳايا ويندا آهن. جن تي ان رستي تي اچڻ وارين اهم جڳهن جي فاصلي ۽ رستي جي ساڄي کاٻي وڃڻ وارن رستن جي نالن وغيره جي به خبر پوندي آهي. حج جا پانڌيئڙا پنهنجي منزل جي لاءِ صحيح رستو منتخب ڪرڻ وقت انهن بورڊن جي رهنمائي وٺي سگھن ٿا يعني توهان جنهن رستي تي وڃي رهيا آهيو ان رستي جي اڳيان ۽ ساڄي کاٻي پاسي وڃڻ وارن رستن تي ڪهڙيون اهم جڳهون ڪيتري فاصلي تي اينديون.
    قبله رُخ بورڊ: هي بورڊ منى، مزدلفه ۽ عرفات ۾ قبلي جي رُخ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لڳايا ويا آهن انهن جڳهن ۾ نماز جي ادائگيءَ کان پهريان ”اتجاهه قبله“ جي بورڊ کي ڏسي ڪري قبلي جي رُخ جو صحيح تعين ڪندا.

    جمرات:
    جمرات لفظ جمره جو جمع آهي منى وادي جي اولهه واري حصي ۾ جمرات کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ تمام وڏي چار منزله عمارت ٺاهي وئي آهي هيءَ عمارت مسجد خيف جي ويجھو ڪبري خالد کان تقريبن هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي منى کان مڪه مڪرمه جي طرف واقع آهي هتي گرائونڊ فلور سميت پنجن منزلن تي هڪ ئي وقت رمي ڪري سگھجي ٿي هر منزل تي رميءَ جي لاءِ وڃڻ جا مختلف رستا آهن جمرات جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ وارا رستا اُن عمارت کان منى جي طرف آهن ۽ ٻاهر نڪرڻ وارا رستا ان کان مڪه مڪرمه جي طرف آهن عمارت جي اندر ٽي جمرات آهن انهن جا نالا جمره صغره، جمره وسطى ۽ جمره عقبه آهن، عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان تقريبن 150 ميٽرن کان پوءِ سڀ کان پهريان جمره صغره (ننڍو جمره) آهي ان کان 150 ميٽر پوءِ جمره وسطى (وچون جمره) ۽ ان کان پوءِ 190 ميٽرن جي مفاصلي تي جمره عقبه (وڏو جمره) واقع آهي. جمرات سان تعلق رکندڙ اهم ڳالهيون هيٺ لکجن ٿيون:
    پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا منى کان جمرات جي طرف پنڌ هلندي طريق المشاة 1(پنڌ هلڻ لاءِ رستو) طريق الجوهرة يا طريق سوق العرب کان گذرندا آهن جيڪڏهن ٽرين جي ذريعي وڃو ته منى اسٽيشن 3 تي لهندا.
    منى کان جمرات ڏانهن اچڻ وارا سمورا رستا حاجين سڳورن کي جمرات جي عمارت جي مختلف منزلن تي وٺي ويندا آهن طريق الجوهرة ۽ طريق سوق العرب تي وڃڻ وارا حاجي گرائونڊ فلور تي رمي ڪندا آهن. طريق المشاة1 (پنڌ هلڻ وارو رستو) هڪ جھڪيل، لنهواري رستي ذريعي پهرين منزل تي ويندو آهي ۽ ٽرين تي وڃڻ وارا حاجي سڳورا مٿاهين منزل تي رمي ڪندا آهن.
    جيڪڏهن حج جا پانڌيئڙا طواف زيارت ڪرڻ کانپوءِ مڪه مڪرمه کان واپسيءَ تي پنڌ هلڻ وارا رستا استعمال ڪن ته تقريبن 600 ميٽر هلڻ کانپوءِ اُهي جمرات وٽ پهچندا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي ان ڏينهن جي رمي ڪرڻي هجي ته ان ئي رستي تي ٺهيل لنهواريءَ وارو رستو حج جي پانڌيئڙن کي جمرات جي عمارت جي ٻي منزل تي وٺي ويندو آهي ٻئي فلور تي رمي ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن حج جا پانڌيئڙا عزيزيه وڃڻ چاهن ته ٻي منزل جي مخرج (يعني خارج ٿيڻ جي جاءِ کان نڪري ڪري هڪ سرنگ يعني زمين دوز رستي جو استعمال ڪندي اُهي پنهنجي بلڊنگ ۾ وڃي سگهن ٿا.
    جمرات عمارت جي ٽئين منزل پاڪستاني حج جي پانڌيئڙن جي استعمال هيٺ ناهي ايندي، ان منزل تي اچڻ وارا رستا منى جي اُن حصي مان ايندا آهن جتي صرف ٻين ملڪن جا حاجي سڳورا رهائش رکندڙ هوندا آهن.
    ٽرين جي ذريعي رمي جمرات ڏانهن اچڻ وارا حج جا پانڌيئڙا منى کان پنهنجي ويجهي ريلوي اسٽيشن يعني منى اسٽيشن 1 يا منى اسٽيشن 2 کان ريل ۾ سوار ٿيندا آهن ۽ منى اسٽيشن 3 (جيڪو جمرات جي ويجھو آهي) تي لهي ويندا آهن. هتان کان هڪ لنهواريءَ وانگر پُل تي تقريبن 600 ميٽر پنڌ هلڻ کانپوءِ اُهي جمرات عمارت جي مٿئين منزل تي پهچندا آهن اتي ٽنهي جمرات تي واري واري سان رمي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي کاٻي هٿ تي ٺهيل پُل جي مٿان وڃڻ وارا رستا اختيار ڪندي واپس منى اسٽيشن 3 تي هليا ويندا آهن.
    مٿئين منزل تي رمي کان واندو ٿي ڪري پُل وارو رستو اختيار ڪرڻ وارن بزرگ عورتن، مردن ۽ ٻارن کي اسٽيشن تي پهچائڻ جي لاءِ ننڍين گاڏين جو بندوبست به هوندو آهي پنڌ هلڻ وارا حج جا پانڌيئڙا طريق الملڪ عبدالعزيزکي پار يعني عُبور ڪندا آهن ۽ پوءِ آٽوميٽڪ ڏاڪڻين جي ذريعي اسٽيشن وڃڻ واران رستن تي وڃي سگهن ٿا.
    رمي جمرات جي ٻنهي طرفن کان ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن توهان رمي ڪرڻ وقت جمري جي طرف اهڙي طرح رُخ ڪندا ته جيئن منى توهان جي ساڄي هٿ جي طرف ۽ مڪه مڪرمه کاٻي هٿ جي طرف هجي ته توهان جو هي عمل سنت جي مطابق ٿيندو ۽ جمرات کان واپسيءَ جي لاءِ پنهنجي اُبتي هٿ وارو رستو وٺڻ آسان ٿيندو هي رستو طريق الجوهره طريق سوق العرب، زون 5 ۽ زون 7 ۾ رهڻ وارن حاجين کي آسانيءَ سان پنهنجي خيمن جي طرف وٺي ويندو جيڪڏهن منى جي انهن علائقن ۾ رهڻ وارن حاجين واپسيءَ تي جمرات جي ساڄي طرف کان اچڻ وارا رستا اختيار ڪيا ته اُهي انهن کي پنهنجي خيمن کان گھڻو پري اتر منيٰ جي طرف وٺي ويندا.
    جمرات کان واپسيءَ تي کاٻي طرف نڪرڻ وارا ماڻهو طريق 50 الملڪ فيصل تي اچي نڪرندا ۽ مسجد خيف جي ويجهو گذرندي ڪبري ملڪ خالد جي هيٺان کان گذرندا هيءَ ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين ڪندا ته توهان جنهن رستي کان واپس وڃي رهيا آهيو توهان رميءَ لاءِ اچڻ وقت اهو رستو اختيار نه ڪيو هو بلڪه جنهن رستي کان توهان رميءَ جي لاءِ آيا هئا هاڻي اُهو توهان جي کاٻي هٿ جي طرف آهي ڇاڪاڻ ته ڀاڄ ۽ ڌِڪ ڌِڪان کان بچڻ جي لاءِ رميءَ جي لاءِ اچڻ وارن رستن تي واپس وڃڻ سعودي حڪومت طرفان بند ڪيو ويندو آهي. هاڻي توهان کي ڪافي پري تائين واپسيءَ جي لاءِ ٻيو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ کاٻي طرف وڃڻ جي لاءِ جيڪوبه پهريون ملڻ وارو رستو کُليل ملي نهايت ذهانت سان ان کي اختيار ڪندي پنهنجي گھربل رستي يعني طريق الجوهره يا طريق سوق العرب جي طرف ويندا.
    زون نمبر 6 ۾ ڪويتي مسجد جي چئو طرف رهائش رکندڙ حاجي سڳورا رميءَ کان واندي ٿيڻ کانپوءِ واپسيءَ تي پنهنجي کاٻي هٿ وارو اتر منيٰ ڏانهن وڃڻ وارو رستو اختيار ڪن ۽ طريق الملڪ فهد تان ٿيندا پنهنجي خيمن ۾ پهچندا.

    مشاعر ٽرين:
    گذريل ڪجهه سالن کان منى، مزدلفه ۽ عرفات جي وچ ۾ حاجين سڳورن جي سفر کي آسان بڻائڻ لاءِ ٽرين جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ان مقصد لاءِ انهن جڳهن جي وچ ۾ هڪ پل تي ٻِٽي پٽڙي وڇائي وئي آهي ان سلسلي ۾ ڪجهه خاص ڳالهيون جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
    منى، مزدلفه ۽ عرفات ۾ ٽي ٽي ريلوي اسٽيشنون ٺاهيون ويون آهن انهن اسٽيشنن کي عرفات جي اوڀر ڪناري جي طرف کان نمبر الاٽ ڪيا ويا آهن. عرفات جي ميدان ۾ اوڀر جي طرف سڀ کان پهرين اسٽيشن عرفات اسٽيشن 1 آهي پوءِ عرفات اسٽيشن 2 ۽ عرفات اسٽيشن 3 آهي. منى ماٿريءَ ۾ به مزدلفه جي طرف پهرين ريلوي اسٽيشن جو نالو منى اسٽيشن1 آهي منى ۾ رهائش رکندڙ گھڻي ڀاڱي پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا اِهي اسٽيشنون استعمال ڪندا آهن. ان کانپوءِ منى اسٽيشن 2 آهي. هي به ڪيترن پاڪستاني حاجين سڳورن جي استعمال هيٺ ايندي آهي ۽ آخر ۾ جمرات وٽ منى اسٽيشن 3 آهي رمي جمرات جي لاءِ اچڻ وارا سڀئي حاجي ان ئي اسٽيشن تي لهندا آهن.
    هر اسٽيشن جي ٻنهي طرفن کان پليٽ فارم ٺاهيا ويا آهن مسافرن جي حفاظت لاءِ هر پليٽ فارم ۽ ريل جي پٽڙي جي وچ ۾ شيشي جي آڙ (رڪاوٽ) لڳائي وئي آهي جنهن تي ڪيترا ئي دروازا ٺاهيا ويا آهن ٽرين جڏهن بيهندي آهي ته ان جا دروازا شيشي جي رڪاوٽ جي دروازي جي بلڪل سامهون هوندا آهن ۽ مسافرن کي ٽرين ۾ سوار ٿيڻ وقت ڪنهن به مشڪلات جو منهن نه ڏسڻو پوندو آهي.
    هر پليٽ فارم تي تقريبن ٽي هزار مسافرن جي بيهڻ جي گنجائش هوندي آهي. پليٽ فارم تي وڃڻ وارن مسافرن جي تعداد يعني انگ کي ڳڻڻ لاءِ ٿرمل ڪيميرائون لڳايون ويون آهن ۽ گھربل تعداد پورو ٿيڻ کانپوءِ پليٽ فارم تي وڃڻ وارن مسافرن کي ان وقت تائين روڪيو ويندو آهي جيسيتائين اُتي پهريان کان موجود حج جا پانڌيئڙا ٽرين ۾ سوار نه ٿا ٿين.
    ڇاڪاڻ ته پليٽ فارمَ زمين کان گھڻو اونچائيءَ تي آهن. انهيءَ ڪري انهن تي وڃڻ لاءِ ڪشاديون ۽ حرڪت ڪندڙ ڏاڪڻين ۽ ڪشادين لفٽن جو انتظام ڪيو ويو آهي. ويل چيئر تي وڃڻ وارا مسافر لفٽن جي مدد سان پليٽ فارم تي ويندا آهن.
    ٽرين جي رفتار تقريبن 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي آهي ۽ هي منى کان عرفات جو سفر صرف 13 منٽن ۾ جڏهن ته عرفات کان مزدلفه جو سفر 7 منٽن ۾ طئي ڪندي آهي. مشاعر مقدسه جي وچ ۾ سفر دوران ٽرين جيتوڻيڪ ڪجهه منٽ وٺندي آهي پر ان تي سوار ٿيڻ لاءِ گھڻو انتظار ڪرڻو پوندو آهي ٽرين ۾ سوار ٿيڻ وارن مسافرن کي انهن جي مڪتبن جي حساب سان گروپ بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن گروپن کي مناسب وقفي کانپوءِ پنهنجي پنهنجي نمبر اچڻ تي مڪتب جي ريلوي اسٽيشن تي آندو ويندو آهي ائين ڪجهه گروپ پليٽ فارم تي انتظار ڪري رهيا هوندا آهن ۽ ڪجهه گروپ ڏاڪڻين تي انتظار ۾ هوندا آهن. اهڙي طرح ان کان پوءِ اچڻ وارا گروپ ويجهي رستن تي موجود هوندا آهن ۽ انهن جو وارو ان کانپوءِ هوندو آهي ۽ اُهي پنهنجي مڪتبن ۾ انتظار ڪري رهيا هوندا آهن. فرصت ۽ واندڪائي ۽ انتظار جي وقتن کي گذارڻ صبر آزما هوندو آهي پر انهن لمحن کي الله جي ذڪر،تلبيه ۽ استغفار ۾ گذاريندا ته مشڪل آسانيءَ ۾ بدلجي ويندي.
    ٽرين جي سفر تي وڃڻ وقت پاڻيءَ جي بوتل ۽ ڇٽي پاڻ سان گڏ ضرور رکندا ته جيئن اُس کان بچي سگهو ۽ اُڃ لڳڻ جي صورت ۾ پاڻي به توهان وٽ موجود هجي.
    حج جا ڏينهن شروع ٿيڻ کان پهريان مڪتب جا ذميدار ماڻهو حج جي پانڌيئڙن جي بلڊنگ ۾ اچي ڪري انهن کي ٽرين جي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏيندا آهن هي هڪ پلاسٽڪ جو پٽو هوندو آهي جنهن کي ٻانهن جي ڪارائيءَ ۾ ٻڌي ڪري محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو پٽو حج جي 5 ڏينهن ۾ استعمال جي قابل هوندو آهي.
    ٽرين تي سوار ٿيڻ لاءِ پليٽ فارم تي وڃڻ وقت ٽرين تي سوار ٿيڻ وقت ۽ اهڙي طرح لهڻ وقت صبر جو دامن هٿ مان نه ڇڏيندا نه ته ڌِڪ ڌِڪان ۽ پيهه پيهان جي ڪري حادثن ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي. منى کان عرفات جي سفر ۾ ٽرين مان لهڻ کان پوءِ مڪتب جي ذميدار ماڻهن يا رضاڪارن جي رهنمائيءَ ۾ پنهنجي مڪتب جي لاءِ مخصوص خيمن ۾ هليا ويندا ۽ اُتي به نهايت عاجزيءَ ۽ نوڙت واري حالت ۾ عبادتون ڪندي عرفات جو ڏينهن نهايت قيمتي گذاريندا.
    مزدلفه ۾ ڇاڪاڻ ته خيما نه هوندا آهن ۽ هيءَ رات کُلئي آسمان جي هيٺان گذارڻ سنت آهي انهيءَ ڪري عرفات کان مزدلفه جي سفرکانپوءِ ٽرين مان لهڻ کانپوءِ اسٽيشن جي ويجھو ئي ويهڻ شروع نه ڪندا بلڪه ٿورو پري هليا ويندا ته جيئن ان کانپوءِ اچڻ وارن حاجي سڳورن کي جڳهه آسانيءَ سان ملي سگھي.
    نوٽ: اها ڳالهه ملحوظ خاطر رهي ته مشاعر ٽرين جي گنجائش محدود هوندي آهي. گھڻن ملڪن جي حاجين جي منيٰ کان عرفات روانگي ۽ واپسيءَ جي لاءِ مڪتب جي طرفان بسين جو انتظام ڪيو ويندو آهي.

    عرفات جي ميدان جو تعارف:
    عرفات جو ميدان مڪه مڪرمه کان اوڀر ۾ حرم جي حدن کان ٻاهر واقع آهي ان ميدان جي ڊيگهه چار ڪلو ميٽر ۽ ويڪر ڪٿي ٽي ته ڪٿي چار ڪلوميٽرن تائين آهي هتي حج جي پانڌيئڙن کي ڇانوَ مهيا ڪرڻ جي لاءِ بي شمار وڻ لڳايا ويا آهن ان ئي ميدان ۾ ”جبل رحمت“ نالي پهاڙ موجود آهي جتي حضور ﷺخطبه”حجته الوداع“ ارشاد فرمايو هيو. هتان جي وڏي مسجد جو نالو مسجد نمره آهي جتي حج جو خطبو پڙهيو ويندو آهي هتي ٽرين جون ٽي اسٽيشنون آهن هن ميدان ۾ 9 ذوالحج جو حاضر ٿي ڪري دعائون گھرڻ حج جو رڪن اعظم آهي.

    مزدلفه:
    مزدلفه ، منيٰ ۽ عرفات جي وچ ۾ واقع آهي. مزلفه کان عرفات جو مفاصلو تقريبن 7 ڪلوميٽر آهي هتان جي وڏي مسجد جو نالو مسجد مشعرالحرام آهي. مشعرالحرام نالي جبل به هتي واقع آهي، مزدلفه ۾ به عرفات ۽ منيٰ وانگر ٽي ئي ريلوي اسٽيشنون آهن هتي گھڻي تعداد ۾ طهارت خانه به موجود هوندا آهن. مزدلفه جيتوڻيڪ هڪ ڪشادي ماٿري آهي، پر 10 ذوالحج جو مغرب کان پوءِ جڏهن حج جا پانڌيئڙا عرفات کان مزدلفه جو سفر ڪندا آهن ته رات جو هتي پير رکڻ جي جڳهه به ناهي ملندي.


    باب پنجون؛حج جو طريقو

    حج جا قسم

    حج افراد:
    يعني حج جي ڏينهن ۾ صرف حج جي ادائگيءَ جي لاءِ احرام ٻڌڻ ۽ عمرو نه ڪرڻ. ان ۾ قرباني واجب نه آهي.

    حج تمتع:
    هڪ ئي سفر ۾ پهريان عمري جو احرام ٻڌو. طواف ۽ سعي کان پوءِ حلق ڪرائي هن احرام مان واندو ٿي ويو. پوءِ حج جو وقت آيو ته حج جو احرام ٻڌو. ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ۾ ٻن عبادتن کي ملائي ڪري فائدو حاصل ڪيو ويو ان کي حج تمتع چوندا آهن ۽ تمتع ڪرڻ واري کي متمتع چئبو آهي ۽ ان تي شڪراني جي قرباني واجب هوندي آهي. پاڪستاني حج جا پانڌيئڙا اڪثر ڪري حج تمتع ئي ڪندا آهن.

    حج قران:
    هڪ ئي وقت ۾ حج ۽ عمري جو احرام ٻڌو، پهريان عمري جا رڪن ادا ڪيا، اهڙي طرح عمري جي سعيءَ کان پوءِ حلق يا قصر نه ڪرائي بلڪي طواف قدوم ۾ دستور مطابق احرام جي حالت ۾ رهيو ايستائين جو حج جي ڏينهن ۾حج جا رڪن ادا ڪري حلق يا قصر ڪرائي ۽ احرام مان واندو ٿيو. حج قران ڪرڻ واري تي به قرباني واجب ٿيندي آهي.

    حج جا ڏينهن:
    يوم ترويه: 8 ذوالحج کي يوم ترويه چئبو آهي. ان ڏينهن حج جا پانڌيئڙا مڪه مڪرمه کان منيٰ جي طرف سفر جي شروعات ڪندا هئا.
    يوم عرفه: 9 ذوالحج کي يوم عرفه چئبو آهي. ان ڏينهن حج جا پانڌيئڙا منيٰ کان عرفات جو سفر ڪندا آهن. سڄو ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ گذاريو ويندو آهي ۽ سج لهڻ کان پوءِ مزدلفه جي سفر جي شروعات ڪئي ويندي آهي.
    ايام نحر: 10 ذوالحج کان 12 ذوالحج جي ڏينهن کي ايام نحر چيو ويندو آهي.
    ايام رمي: 10 ذوالحج کان 13 ذوالحج جي ڏينهن کي ايام رمي چوندا آهن.
    ايام تشريق: 9 ذوالحج فجر کان 13 ذوالحج عصر تائين جي ڏينهن کي ايام تشريق چيو ويندو آهي. انهن ڏينهن ۾ حاجي ۽ غير حاجي جتي به هجن فرض نمازن جي سلام ورائڻ کان پوءِ هڪ دم ايام تشريق جون تڪبيرون چوندا آهن. جيڪي هيٺ لکيل آهن:
    اَللّٰہُ اَکْبَرُ اَللّٰہُ اَکْبَرُ اَللّٰہُ اَکْبَرُ لَا اِلٰہَ اِ لَّا اللّٰہُ وَ اللّٰہُ اَکْبَرُ اَللّٰہُ اَکْبَرُ وَ لِلّٰہِ الْحَمْدُ

    حج جا عمل:
    8 ذوالحج کان 12 ذوالحج جي وچ ۾ حج جا هيٺ درج ٿيل عمل ادا ڪيا ويندا آهن. (13 ذوالحج جو ڏينهن اختياري هوندو آهي)

    حج جا فرض:
    حج جا ٽي فرض آهن.
    1. احرام ۽ نيت. 2. وقوفِ عرفات .3. طوافِ زيارت.
    جنهن به هڪ فرض به ڇڏي ڏنو ان جو حج مڪمل نه ٿيندو. پر جيڪڏهن ڪو شخص طواف زيارت وقت تي نه ڪري سگهي ۽ دير سان ڪري ته طواف کان پوءِ ان جو دم به ڏيڻو پوندو.
    نوٽ: ”دم“ مان مراد گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال جو ننڍو جانور (يعني ٻڪرو يا ٻڪري، دنبو يا دنبي) يا وڏي جانور ڳئون يا اُٺ جو ستون حصو آهي. جيڪو حج يا عمري جو واجب گسي وڃڻ يا ڪو منع ڪيل ڪم ڪرڻ سان فديه جي طور تي لازمي ڏيڻو هوندو آهي. هي دم حرم جي حدن ۾ ڏيڻ لازمي آهي. ان کي حاجي يا ڪنهن مالدار کي کارائڻ جائز نه آهي.

    حج جا واجب:
    حج جا واجب هي آهن.
    1. وقوف مزدلفه. 2. رمي جمرات (شيطانن کي پٿريون هڻڻ).
    3. قرباني. 4. حلق /قصر.
    5. سعي (طواف زيارت کان پوءِ) 6. طواف وداع.

    احرام:
    ڇاڪاڻ ته منيٰ جي لاءِ حاجي سڳورن جي روانگي 7 ذوالحج جي شام کان شروع ٿي ويندي آهي انهيءَ ڪري ان کان پهريان حجامت / غير ضروري وارن جي صفائي ۽ ننهن ڪٽڻ کان پوءِ احرام جي نيت سان غسل نه ته وضو ڪندا. حج تمتع ڪرڻ وارا مرد ۽ عورتون مڪه مڪرمه ۾ پنهنجي رهائش گاهه کان ئي احرام جو لباس پائي ڇڏيندا. فرض نماز کان پوءِ احرام ٻڌڻ مسنون آهي پر جيڪڏهن فرض نماز جو وقت نه هجي ته ٻه رڪعتون نفل پڙهي ڪري به احرام جي نيت ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن نماز جي لحاظ کان مڪروهه وقت هجي ته نفل ڇڏي ڏيندا.

    حج جي نيت:
    اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اُرِیْدُ الْحَجَّ فَیَسِّرْہُ لِیْ وَتَقَبَّلْہُ مِنِّیْ وَاَعِنِّیْ عَلَیْہِ وَ بَارِكْ لِیْ فِیْہِ نَوَیْتُ الْحَجَّ وَاَحْرَمْتُ بِہٖ لِلّٰہِ تَعَالٰی
    " اي الله مان حج جي نيت ڪريان ٿو پوءِ ان کي منهنجي لاءِ آسان ڪري ڇڏ ۽ مون کان قبول فرماءِ ۽ ان ۾ منهنجي مدد فرماءِ. ۽ ان ۾منهنجي لاءِ برڪت وجهه. نيت ڪئي مون حج جي ۽ احرام ٻڌو الله تعاليٰ جي لاءِ".
    يا
    لَبَّيْكَ حَجَّةً
    اي الله مان حج جي لاءِ حاضر آهيان.
    ان کان هڪ دم پوءِ عورتون آهستي جڏهن ته مرد ٿورڙو وڏي آواز ۾ ٽي دفعا تلبيو پڙهندا، آهستي آواز سان درود شريف پڙهندا ۽ دعا به گھرندا، هاڻي توهان تي هڪ دفعو ٻيهر احرام جون پابنديون لاڳو ٿي ويون.

    منيٰ جي لاءِ روانگي:
    منيٰ جي لاءِ روانگي 8 ذوالحج جي فجر کان پهريان يا رات جو ڪنهن به وقت ٿي سگھي ٿي. ان ۾ ڪوئي حرج نه آهي. منيٰ روانو ٿيڻ وقت پاڻ سان گڏ مختصر سامان کڻي ويندا. هڪ عدد شلوار قميص، چپل، ڇٽي، ٽشو پيپر، کائڻ پيئڻ جي لاءِ شيون، ضروري دوائون ، پٿراڻي، ٽوٿ پيسٽ / برش، ڪاٺ جو ڏندڻ، احرام جي وڌيڪ چادر، ٽوال، کائڻ ۽ چانهه جا مختصر ٿانو، چمچا وغيره ۽ سفر جي دوران خرچ لا رقم ساڻ کڻي ويندا.
    منيٰ ۾ حج جا پانڌيئڙا 8 ذوالحج جو ظهر، عصر، مغرب، عشاء جون نمازون ادا ڪندا آهن ۽ 9 ذوالحج جو فجر جي نماز کان پوءِ سج چڱي طرح نڪري اچڻ کان پوءِ منيٰ کان عرفات روانا ٿيندا آهن. منيٰ ۾ ترسڻ دوران يعني 8 ذوالحج جو ۽ پوءِ 10 کان 13 ذوالحج جون نمازون پنهنجي پنهنجي خيمن ۾ ئي باجماعت ادا ڪيون وينديون آهن.

    عرفات جي لاءِ روانگي (9 ذوالحج):
    9 ذوالحج جي صبح سج اڀرڻ کان پوءِ عرفات لاءِ روانو ٿيڻو هوندو آهي. انتهائي مجبوري يا معلم جي انتظام جي صورت ۾ فجر کان پهريان پهچڻ ۾ به ڪوئي حرج نه آهي، رستي ۾ تلبيه، تڪبير، تهليل ڪندا رهندا. جيتوڻيڪ عرفات پهچڻ جو وقت ظهر تائين آهي تنهن هوندي به رش جي ڪري دير ٿي وڃي ته پريشان نه ٿيندا.

    عرفات ۾ حج جوخطبو:
    جيڪي ماڻهو مسجد نمره وڃي سگھن ٿا اُهي مسجد ۾ اِمام جي پويان نماز پڙهن ۽ جيڪي نه وڃي سگھن اُهي پنهنجي خيمن ۾ ئي جماعت ڪرائن يا پنهنجي نماز پڙهن. عرفات جي ميدان ۾ مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏنو ويندو آهي، اتي ظهر ۽ عصر جون نمازون ملائي ڪري پڙهيون وينديون، نمازون قصر ٿينديون، هڪ آذان ۽ ٻن اقامتن سان گڏ. ٻنهي نمازن جي وچ ۾ ڪائي سنت يا نفل ناهن پڙهڻا. (حنفي مسلڪ جي تحت خيمن ۾ نماز جي صورت ۾ ظُهر ۽ عصر جون نمازون الڳ الڳ پنهنجي پنهنجي وقتن تي پڙهيون وينديون).

    وَقوفِ عرفات (فرض)
    ظهر ۽ عصر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ مغرب تائين قبله رُخ ٿي ڪري دعائون گھرندا ان کي وقوف عرفات چوندا آهن. هٿ مٿي ڪري دُعا گهرڻ مسنون آهي. بيماري، ڪمزوري ۽ ڪراڙپ جي ڪري دعا ويهي به گهري سگھجي ٿي. ٿڪجڻ جي صورت ۾ ٿوري دير ويهي رهندا ۽ پوءِ بيهي رهندا. عرفات ۾ آرام جي نيت سان ۽ بيڪار وقت نه گذاريندا ۽ نه ئي وڌيڪ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول رهندا. جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو مغرب کان ٿورو پهريان به عرفات پهچي ويو ته ان جو وقوف ٿي ويو. حاجي سڳورن جي لاءِ عرفه جو روزو رکڻ منع آهي. عرفات جو وقوف حج جو لازمي رُڪن آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي نموني جيڪڏهن هي فوت ٿي وڃي ته حج ادا نه ٿيندو. انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو بيمار ٿي پوندا آهن ۽ اسپتال ۾ هوندا آهن انهن کي سعودي حڪومت طرفان ايمبولينس جي ذريعي عرفات پهچايو ويندو آهي. انتهائي عذر جي صورت ۾ 10 ذوالحج جي فجر کان پهريان پهچڻ واري شخص جو به وقوف ٿي ويندو آهي.

    ميدان عرفات جي دعا:
    لَا إِلٰهَ إِلَّااللّٰهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ , لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ يُحْيِيْ وَ يُمِيْتُ بِيَدِهٖ الْخَيْرُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
    "الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق نه آهي هو اڪيلو آهي ان جو ڪوئي شريڪ نه آهي، بادشاهي ان جي لاءِ آهي، حمد جي لائق اُهو ئي آهي ۽ هو هر شيء تي قادر آهي."

    مزدلفه جي لاءِ روانگي:
    9 ذوالحج جو سج لهڻ کان پوءِ مغرب جي نماز پڙهڻ کان بغير پنڌ، بس يا ٽرين جي ذريعي عرفات جي ميدان کان مزدلفه جي لاءِ روانگي شروع ٿيندي آهي. مغرب جي نماز عرفات ۾ ناهي پڙهڻي توڻي جو روانگيءَ ۾ دير ٿي وڃي.

    مزدلفه ۾ ترسڻ (واجب):
    مزدلفه پهچي ڪري مغرب ۽ عشاء جون نمازون عشاء جي وقت ۾ ڪٺيون ڪري پڙهڻيون آهن. جنهن وقت به مزدلفه پهچو اطمينان سان نمازون ادا ڪندا ۽ مزدلفه جي رات آرام ڪندا، اهو ئي مسنون آهي. رمي جي لاءِ مٽر جي داڻن جيتريون گھٽ ۾گھٽ 70 پٿريون گڏ ڪندا. (10 ذوالحج جي لاءِ 7 پٿريون، 11 ۽ 12 ذوالحج جي لاءِ 21، 21 ۽ جيڪڏهن 13 ذوالحج جو به رمي ڪرڻي آهي ته وڌيڪ 21 پٿريون). 10 ذوالحج جو صبح جو فجر کان پوءِ ڪجھه دير قبله رُخ بيهي ڪري دعائون گھرڻ کي وقوف مزدلفه چئبو آهي.

    مني ٰ جي لاءِ روانگي (10 ذوالحج):
    10 ذوالحج جي صبح فجر جي نماز ۽ وقوف مزدلفه کان پوءِ سج اڀرڻ کان پهريان منيٰ جي لاءِ روانگي ٿيندي. ان ڏينهن جڏهن حج جا پانڌيئڙا مزدلفه کان منيٰ ۽ پوءِ رمي جمرات جي لاءِ پنڌ هلڻ واري رستي تي هلندا آهن رستي ۾ سعودي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار حج جي پانڌيئڙن کي وڌيڪ سامان پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي اجازت ناهن ڏيندا. ڇاڪاڻ ته ان سامان جي ڪري جمرات جي علائقن ۾ ٻين کي ايذاءُ پهچندو آهي ۽ حادثن جو خطرو به هوندو آهي. تنهنڪري بهتر اهو ٿيندو جو مزدلفه کان منيٰ پهچڻ کان پوءِ پهريان پنهنجو واڌو سامان يعني بيگ، پٿراڻي ۽ ڇٽي وغيره پنهنجي خيمن ۾ رکندا ۽ پوءِ رمي جمرات يعني پٿريون هڻڻ ويندا. اڄ حاجي سڳورن جو مصروف ترين ڏينهن آهي. منيٰ ۾ اڄ حاجي سڳورن جي اهم حج جي فعلن ۾ جمرهء عقبه جي رمي، قرباني ۽ حلق يا قصر شامل آهي.

    جمره عقبه جي رمي (واجب 10 ذوالحج)
    جن جڳهن تي پٿريون هنيون وينديون آهن انهن کي جمرات چوندا آهن. رميءَ جي معنى هڻڻ آهي ۽ پٿرين کي جمار چوندا آهن. جن ٽن جڳهن تي رمي جمار ٿيندي آهي انهن کي جمرهء عقبه، جمرهء وسطيٰ ۽ جمرهء اولى يا اخرى چوندا آهن. 10ذوالحج جو منى پهچي ڪري صرف جمرهء عقبه جي رمي ڪرڻ واجب آهي. مسنون وقت سج اڀرڻ کان زوال تائين آهي پر سعودي علماء جي فتوائن جي مطابق موجوده حالتن جي پيش نظر مغرب تائين بلڪه مغرب کان پوءِ به بغير ڪنهن ڪراهت جي جائز آهي. (ڪمزور، عورتن ۽ ٻارن جي طرف کان وڪيل رمي ڪري سگھي ٿو). رمي کان پهريان تلبيه پڙهڻ بند ڪندا. رميءَ جي لاءِ پٿريون مٽر جي داڻن جي برابر هجن. وڏا وڏا پٿر نه هڻڻ گھرجن ۽ نه ئي جوتو يا ڪا ٻي شيء. رميءَ جي وقت اڪثر حادثا ٿيندا آهن. هتي ڏاڍو احتياط ڪندا ۽ پاڻ سان گڏ سامان نه کڻي ويندا. جنهن رستي تي وڃي رهيا آهيو ان رستي کان واپس نه موٽندا. رش جي ڪري رستي ۾ بيهڻ يا ويهڻ کان به پاسو ڪندا. رمي ڪرڻ وقت خيال رکڻ جي هڪ خاص ڳالهه هي آهي ته جمري کان ٿورو پر ڀرو ٿي ڪري ان جي اڳئين حصي ۾ وڃي ڪري رمي ڪندا اتي اڪثر ڪري رش تمام گھٽ هوندي آهي.

    رمي جمار جي دعا:
    رمي جمرات وقت ساڄي هٿ سان هر پٿري هڻڻ وقت هي چوڻ مسنون آهي.
    بسم الله الله اڪبر

    قرباني(واجب/ 10 ذوالحج):
    قربان گاهه تي وڃي ڪري پاڻ قرباني ڪرڻ اڄڪلهه نهايت مشڪل ۽ ٿڪائي ڇڏڻ وارو عمل آهي. وزارت مذهبي امور حج جي پانڌيئڙن جي سهولت جي لاءِ حج درخواستن سان گڏ قرباني جي رقم جي وصولي جو بندوبست ڪيو آهي جنهن جا ڪوپن حاجي سڳورن کي سعودي عرب ۾ انهن جي رهائش گاهن تي حج کان پهريان ڏنا ويندا آهن. ۽ قربانيءَ جو وقت به ٻڌايو ويندو آهي. ان وقت تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ حلق يا قصر ڪرائي ڇڏجي. جيڪي حج جا پانڌيئڙا سعودي عرب ۾ پنهنجي طور تي قرباني ڪرڻ چاهن يا ڪنهن ڳالهه جي ڪري دم جي ادائگيءَ ڪرڻ چاهن ته انهن جي سهولت جي لاءِ حرم کان ٻاهران سعودي اِدارن جي مخصوص ڪانئونٽرن تي به رقم جمع ڪرائي قرباني/ دم جا ٽوڪن پڻ حاصل ڪري سگھجن ٿا.

    حلق يا قصر (واجب، 10 ذوالحج):
    جمرهء عقبه (وڏي شيطان) جي رميءَ کان واپس اچي ڪري قرباني کان پوءِ حلق (وار ڪوڙائڻ) يا قصر (پوري مٿي جا وار هڪ آنڱر جي ويڙهي جي برابر ڪترائڻ) ڪترائيندا. جيڪڏهن پهرين عمري کان پوءِ حلق ڪرائي هئي تڏهن به ٻيهر پاڪي ڦيرائڻي پوندي. عورتن جي لاءِ مٿو ڪوڙائڻ جائز ناهي، آڱر جي هڪ ويڙهي يا انچ يا ان کان وڌيڪ سمورا يا گھٽ ۾ گھٽ چوٿائي وارن جي چوٽي پڪڙي ڪري ڪٽائيندا. حلق يا قصر کانپوءِ ننهن به ڪٽڻ مستحب آهن.
    نوٽ: مرد حاجي سڳورا حجمن جي دڪانن تي وڃي ڪري حلق يا قصر ڪرائين.

    احرام کولي ڪري عام لباس پائڻ (10 ذوالحج):
    حلق يا قصر کان پوءِ احرام جو لباس بدلائي ڪري عام لباس پائيندا. وهنجي سهنجي مير مٽي صاف ڪندا. هاڻي احرام جون سڀئي پابنديون ختم ٿي ويون سواءِ ازدواجي (زال مڙس جي تعلق) جي ادائگيءَ جي، جنهن جي پابندي طواف افاضه يا طواف زيارت کان پوءِ ختم ٿيندي. (حج جي دوران اُن ڏينهن عيد جي نماز ناهي پڙهڻي هوندي حاجي جي لاءِ عيد ملهائڻ جو ڪوئي تصور ناهي).

    طواف زيارت/ طوافِ اضافه جي لاءِ روانگي: (فرض/ 10 ذوالحج)
    قرآن پاڪ ۾ هڪ جڳهه تي ارشاد آهي:
    ترجمو:"۽ ڪجهه مقرر مهينن ۾ انهن جانورن (جي قرباني) تي الله جو نالو وٺو جيڪي ان انهن کي بخشيا آهن، پاڻ به کائو ۽ تنگ دست محتاجن کي به ڏيو پوءِ پنهنجي مير مٽي صاف ڪندا ۽ پنهنجا صدقا پورا ڪندا ۽ هن آڳاٽي گھر جو طواف ڪندا". (الحج 29-28)
    مير مٽي صاف ڪندا "يعني يوم نحّر (10 ذوالحج) جو قربانيءَ کان واندا ٿي ڪري حجامت ڪرائيندا، وهنجندا.
    "هن آڳاٽي گھر جو طواف ڪندا" مان مراد طواف زيارت آهي جيڪو يوم نحر جي قرباني ڪرڻ ۽ احرام کولي ڇڏڻ کان پوءِ ڪيو ويندو آهي. خيال رهي ته طواف زيارت پنهنجي روز مرهه جي ڪپڙن ۾ ڪيو ويندو آهي. طواف زيارت جو افضل وقت ڏهين ذوالحج آهي ۽ هي ٻارهين تاريخ جي سج لهڻ تائين ڪري ڇڏيو ته جائز آهي. ۽ جيڪڏهن ٻارهين تاريخ گذري وئي ۽ طواف زيارت نه ڪيو ته دير ٿيڻ جي ڪري دم ڏيڻ واجب ٿيندو ۽ طواف به ڪرڻو پوندو. هي طواف ڪنهن به حال ۾ ساقط ناهي ٿيندو ۽ نه ئي ان جو ڪوئي بدلو ڏئي ڪري ادا ٿي سگھي ٿو، بلڪي آخري عمر تائين ان جي ادائيگي فرض رهندي آهي ۽ جيستائين ان کي ادا نه ڪيو ويندو زال مڙس جي متعلق پابنديون برقرار رهنديون. توهان جڏهن طواف زيارت ڪري ڇڏيو ته هاڻي زال مڙس جي متعلق پابندين سميت احرام جون سمورين پابنديون ختم ٿي ويون. هاڻي توهان لاءِ جيڪو ڪجهه احرام جي حالت ۾ حرام هيو اُهي سڀ حلال ٿي ويا.
    محترم عورتن جي لاءِ ڪجهه اهڙيون حالتون هونديون آهن جيڪي انهن کي فطري طور تي پيش اينديون آهن. جن جي ڪري انهن جو مسجد ۾ داخل ٿيڻ ، نماز پڙهڻ ۽ قرآن جي تلاوت ڪرڻ جي بندش هوندي آهي. جيڪڏهن حج ۾ اهڙي صورت پيش اچي ته اُهي حج جا سمورا معاملا سرانجام ڏينديون. صرف طواف ان وقت تائين نه ڪنديون جيستائين اُهي پاڪ نه ٿيون ٿين. ان ۾ دير ٿيڻ سان دم واجب ناهي ٿيندو ۽ نه ڪنهن طرح جو گناهه ٿيندو آهي.

    طواف زيارت کان پوءِ صفا مروه جي وچ ۾ سعي: (واجب)
    طواف زيارت کانپوءِ صفا مروه جي وچ ۾ سعي واجب آهي. هيءَ سعي توهان احرام کان سواءِ پنهنجي روزمرهه جي ڪپڙن ۾ ڪندا ڇاڪاڻ ته احرام ان کان پهريان ختم ٿي ويندو آهي. هاڻي توهان احرام جي پابندين کان مڪمل طور تي آجا ٿي ويا.
    طواف ۽ سعي کان واندا ٿي ڪري وري منيٰ هليا ويندا، رات هر حالت ۾ منيٰ ۾ ئي گذارڻي آهي توڻي جو رات جي ڪنهن به حصي ۾ طواف کان واندا ٿيو. طواف زيات کان پوءِ ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن منيٰ ۾ ترسڻو آهي. قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو:
    ترجمو:" ۽ ڳڻيلن ڏينھن (مِنىٰ وارن) ۾ الله کي ياد ڪريو، پوءِ جيڪو ٻن ڏينھن ۾ تڪڙو نڪري تنھن تي گناھ ڪونھي، ۽ جيڪو دير ڪري تنھن تي (به) گناھ نه آھي (اھو حُڪم) اُن لاءِ آھي جيڪو پرھيزگاري ڪري، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ". (البقرة 203)
    يعني ايام تشريق ۾ منيٰ کان مڪه جي طرف واپسي توڻي 12 ذوالحج جو هجي يا 13 ذوالحج جو هجي، ٻنهي صورتن ۾ ڪوئي حرج نه آهي. اهميت ان جي نه آهي ته توهان ڪيترا ڏينهن ترسيا بلڪي ان ڳالهه جي آهي ته جيترا ڏينهن ترسيا انهن ۾ الله جو ذڪر ڪندا رهيا يا صرف گھمڻ ڦرڻ يا فضول ڳالهين ۾ وقت ضايع ڪيو.

    11 ذوالحج حج جو پنجون ڏينهن: (منيٰ ۾ ترسڻ- پٿريون هڻڻ، واجب)
    جيڪڏهن توهان ڪنهن ڳالهه جي ڪري يا رش وڌيڪ هجڻ جي ڪري ڏهين تاريخ تي قرباني يا طواف زيارت نه ڪري سگهيا آهيو ته اڄ ڪري وٺو. يارهين، ٻارهين، تيرهين ذوالحج جو "ايام رمي" يعني (شيطانن کي پٿريون هڻڻ جو ڏينهن) چوندا آهن. ان لاءِ انهن ڏينهن ۾ رمي ئي اها عبادت آهي جنهن جي لاءِ منيٰ ۾ ترسڻ سنت مُوڪده آهي ۽ ڪجهه علماء جي ويجهو واجب آهي ۽ منيٰ کان ٻاهر مڪه مڪرمه يا ڪنهن ٻي جڳهه تي رات گذارڻ تي بندش آهي.
    منيٰ جي وڏي مسجد کان جنهن جو نالو مسجد خيف آهي، جيڪڏهن آساني سان ٿي سگھي ۽ توهان مسجد جي ويجھو رهائش پذير آهيو ته زوال کان پوءِ ظهر جي نماز جماعت سان مسجد خيف ۾ يا پنهنجي رهائش گاهه تي ادا ڪندا ۽ رمي (پٿريون هڻڻ) جي لاءِ نڪري ويندا. اڄ جي ڏينهن يعنيٰ يارهين ذوالحج جو ٽنهي جمرن جي رمي ڪرڻي آهي. اڄ رمي (پٿريون هڻڻ) جو وقت زوال کان شروع ٿي ڪري سج لهڻ تائين آهي. ۽ هاڻي مغرب کان پوءِ به جائز آهي، صبح صادق کان پهريان تائين. رستي ۾ سڀ کان پهريان "جمره اُوليٰ" ايندو، بلڪل اهڙي جهڙي طرح جمره عقبه جي رمي ڪئي هئي، ان کي ست پٿريون هڻندا ۽ هر پٿريءَ تي بسم الله الله اڪبر پڙهندا. رميءَ کان پوءِ ٿورو ساڄي طرف هٽي ڪري قبلي رُخ ٿي ڪري دعا گھرندا. توبهه، استغفار ۽ تسبيح ۽ ذڪر کان پوءِ درود شريف پڙهندا. پنهنجي لاءِ دعائون گھرندا، پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي لاءِ دعا گھرندا. جيڪڏهن رش وڌيڪ هجي ته اڳتي وڌي ويندا. ۽ ان کان پوءِ "جمره وُسطيٰ" تي ايندا ۽ اهڙي طرح ست پٿريون ان کي هڻندا جهڙي طرح "جمره اُوليٰ" کي هنيون هيون ۽ ٿورو کاٻي پاسي هٽي ڪري قبلي جي طرف ٿي ڪري دعا گھرندا ۽ ايتري دير ئي بيهندا جيتري دير "جمره اُوليٰ" تي بيٺا هئا. ان کان پوءِ "جمره عقبه" تي ايندا. اهڙي طرح ست پٿريون ان کي به هڻندا جهڙي طرح پهريان هنيون هيون. پر هن جمره تي بيهڻ يا دعا گھرڻ جي ڪائي ثابتي نٿي ملي. ان کان پوءِ سڌو پنهنجي رهائش گاهه ڏانهن هليا ويندا ڇاڪاڻ ته رسول الله صه جن ائين ئي ڪيو هيو.

    12 ذوالحج-حج جو پنجون ڏينهن: (منيٰ ۾ ترسڻ-پٿريون هڻڻ,واجب)
    جيڪڏهن توهان قرباني يا طواف زيارت يارهين ذوالحج جو به نه ڪيو ته اڄ ڪري سگھو ٿا، اڄ جو مخصوص عمل ٽنهي جمرات کي زوال کان پوءِ رمي ڪرڻ پڻ آهي. بلڪل انهيءَ ترتيب سان اهڙي طريقي سان جهڙي طرح توهان ڪالهه ڪري چڪا آهيو.
    يارهين ۽ ٻارهين تاريخ تي رميءُ جو وقت زوال کان پوءِ شروع ٿيندو آهي. ان کان پهريان رمي ڪرڻ جائز نه آهي. زوال کان پوءِ سج لهڻ تائين جائز آهي پر تمام گھڻي رش جي ڪري جيڪڏهن توهان رمي نه ڪري سگھيا ته سج لهڻ کان پوءِ صبح صادق کان پهريان تائين جائز آهي (اڄڪلهه ڪجهه عرب علماء ڪرامن وڏي انبوهه جي صورت ۾ زوال کان پهريان به رميءَ جي فتويٰ ڏني آهي) ڪراڙن، بيمارن ۽ عورتن کي پڻ رات جي وقت ئي رمي ڪرڻ بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ان وقت رش گھٽ هوندي آهي.
    ٻارنهن ذوالحج جي رميءَ کان پوءِ تيرنهن ذوالحج جي رميءَ جي لاءِ منيٰ ۾ وڌيڪ ترسڻ ۽ نه ترسڻ توهان تي اختياري آهي. توهان چاهيو ته توهان اڄ ٻارنهن ذوالحج جي رمي کان واندا ٿي ڪري مڪه معظمه وڃي سگھو ٿا انهيءَ شرط تي ته سج لهڻ کان پهريان منيٰ کان نڪري ويندا. جيڪڏهن ٻارهين ذوالحج جو سج لهڻ کان پهريان توهان منيٰ کان نه نڪري سگهيا ته هاڻي منيٰ مان وڃڻ مڪروهه آهي. جيڪڏهن توهان 13 ذوالحج جو صبح صادق تائين منيٰ ۾ رهيا ۽ رميءَ کان بغير هليا ويا ته دم ڏيڻو پوندو.(توهان کي گهرجي ته هاڻي ٻارهين ذوالحج جي رات منيٰ ۾ ئي گذاريندا ۽ 13 ذوالحج جو ٽنهي جمرات جي رمي ڪري مڪه مڪرمه ويندا).
    12 ذوالحج جو ظهر ۽ عصر جي وچ ۾ منيٰ کان هڪ دفعو ٻيهر هي قافلا مڪه معظمه جي طرف ڊوڙندڙ هوندا. اُهي سڀ پنهنجي خوش بختيءَ تي فخر ڪندڙ آهن. اهي ان ڳالهه تي خوش ۽ آسودا آهن ته انهن الله جي حڪم تي، پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون تقويٰ سان گڏ گذاريون. هاڻي حج جا سڀئي رڪن ادا ٿي چڪا آهن. صرف طواف وداع باقي رهجي ويو آهي ۽ ماشاء الله حج جي سعادت عظميٰ توهان کي حاصل ٿي چڪي آهي. (توهان کي مبارڪون هجن).
    نوٽ: سعودي هدايتن ۾ مشوري جي مطابق 50 سيڪڙو حاجين کي 13 ذوالحج تائين منيٰ ۾ رهڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ مڪتب جي طرف کان مليل هدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي تنهنڪري حاجين کي مڪتبن جي شيڊول جي مطابق مڪه مڪرمه جي عمارتن (بلڊنگز) ڏانهن راوانو ڪيو ويندو.

    طواف وداع:
    ميقات کان ٻاهر رهڻ وارن تي واجب آهي ته جڏهن هو مڪه معظمه کان روانو ٿيڻ مهل موڪلاڻيءَ جو طواف ڪن ۽ هي حج جو آخري واجب آهي. توهان جو حج "حج افرد" هجي "قران" هجي يا "تمتع" هر صورت ۾ توهان تي طواف وداع واجب آهي.
    جيڪڏهن توهان ميقات کان ٻاهر رهڻ وارا آهيو ۽ طواف زيارت کان پوءِ جيڪڏهن توهان نفلي طواف به ڪري ڇڏيو آهي ته طواف وداع ٿي ويو ۽ جيڪڏهن طواف وداع کان پوءِ ڪنهن ضرورت سان مڪه ۾ ترسي پيا ته هلڻ وقت طواف وداع ٻيهر ڪرڻ مستحب آهي. طواف وداع جو وقت طواف زيارت کان پوءِ شروع ٿيندو آهي ۽ پُڄاڻيءَ جو ڪوئي وقت مقرر ناهي. جيستائين مڪه ۾ ترسيل آهيو هي طواف ڪري سگھو ٿا. طواف وداع ۾ رمل نه ڪندا ۽ طواف کان پوءِ ٻه رڪعتون واجب الطواف پڙهندا، ان کان پوءِ پيٽ ڀري ڪري زم زم پيئندا ۽ پنهنجي سيني ۽ بدن تي لڳائيندا، جيڪڏهن ٿي سگھي ته ملتزم سان چمبڙي ڪري ۽ ممڪن ٿئي ته خانه ڪعبه جو غلاف پڪڙي ڪري روئندي نهايت عاجزيءَ سان دعائون گھرندا ۽ الله اڪبر چئي ڪري خانه ڪعبه کان جدا ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندا.
    هن آخري طواف جي موقعي تي به جيڪو ڪجهه چاهيو گھرندا. دل کولي ڪري پنهنجي لاءِ دعائون گھرندا، مغفرت، تندرستي، سلامتي، ايمان، حج ۽ ڪاروبار ۾ برڪت. خاتمه باالخير (نيڪيءَ واري پڄاڻي) حاجتون ۽ مرادون جيڪي به هجن، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي مٽن ۽ مائٽن جي لاءِ ۽ سڀني ڄاڻ سڃاڻڻ وارن ۽ پوري امت جي لاءِ دعائون گھرندا. (هن ناچيز کي به دعائن ۾ ياد رکندا ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي).
    الحمدلله حج جا سڀئي ڪم پورا ٿي ويا. الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا ته ان توهان کي زندگيءَ جو ايترو وڏو اعزاز بخشيو. پنهنجي گھر ۾ گھرايو، پنهنجي گھر کي ڇهڻ جو موقعو ڏنو، عرفات جي ميدان ۾ ترسڻ عطا ڪيو.

    مناسڪ حج هڪ نظر ۾
    حج جو پهريون ڏينهن مڪه کان منيٰ روانگي، منيٰ ۾ ظهر، عصر،
    8 ذوالحج مغرب. عشاء پڙهڻيون آهن. رات منيٰ ۾ ترسڻو آهي.
    حج جو ٻيو ڏينهن فجر جي نماز منيٰ ۾ ادا ڪري عرفات جي
    9 ذوالحج جي لاءِ روانگي، ظهر ۽ عصر جون نمازون عرفات ۾ پڙهڻيون پونديون، وقوف عرفات ٿيندو، سج لهڻ کانپوءِ مغرب جي نماز پڙهڻ کان بغير مزدلفه جي لاءِ روانگي، مغرب ۽ عشاء جون نمازون عشاء جي وقت مزدلفه ۾ ادا ڪرڻيون آهن ۽ مزدلفه ۾ ترسڻو آهي.

    حج جو ٽيون ڏينهن مزدلفه ۾ فجر جي نماز کان پوءِ وقوف ۽
    10 ذوالحج منيٰ جي لاءِ روانگي، وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ، قرباني ڪرڻ، مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ڪترائڻ، احرام کولڻ، طواف زيارت، سعي، رات منيٰ ۾ ترسڻ
    حج جو چوٿون ڏينهن زوال کان پوءِ منيٰ ۾ ننڍي ، وچين ۽ وڏي
    11 ذوالحج شيطان کي ترتيب سان پٿريون هڻڻ. طواف زيارت جيڪڏهن ڪالهه نه ڪيو هيو ته اڄ ڪندا، رات منيٰ ۾ ترسندا.
    حج جو پنجون ڏينهن زوال کانپوءِ منيٰ ۾ ننڍي، وچئين ۽ وڏي
    12 ذوالحج شيطان کي ترتيب سان پٿريون هڻڻ. طواف زيارت جيڪڏهن ناهي ڪيو ته اڄ سج لهڻ کان پهريان ضرور ڪندا. سج لهڻ کان پهريان منيٰ مان نڪري ويندا نه ته 13 ذوالحج جي رمي ڪري پوءِ مڪه مڪرمه ويندا.


    باب ڇهون:مدينه منوره جي زيارت

    مدينه منوره جي زيارت جيتوڻيڪ حج جي عملن جو حصو نه آهي پر ڪنهن به مسلمان جي مدينه منوره ۾ حاضري تمام وڏي سعادت آهي. مدينه منوره ۾ ڪجهه حاجين کي مرڪزيه ۽ ڪجهه حاجين کي مرڪزيه کان ٻاهر رهائش ڏني ويندي پر جن حاجي سڳورن کي مرڪزيه کان ٻاهر رهائش ملندي انهن کي ڪرائي (Rent)جي مد ۾ ڪاٽيل رقم جي ڪرائي جو فرق واپس ڪيو ويندو آهي. هن سال به ڪوشش ڪئي وڃي رهي آهي ته حج جي پانڌيئڙن جي اڌ تعداد کي پاڪستان کان سڌو سنئون (Direct) مدينه منوره روانو ڪيو وڃي جنهن سان نه صرف وقت ۽ خرچن جي بچت ٿيندي بلڪي سفري مشڪلاتون به گھٽ ٿي وينديون.
    مڪه مڪرمه کان مدينه منوره جو مفاصلو تقريبن 440 ڪلوميٽر آهي. عام حالتن ۾ هي سفر تقريبن 6 کان 8 ڪلاڪن ۾ طئي ٿي ويندو آهي. ان مبارڪ سفر ۾ نهايت توجهه سان درود شريف جي ڪثرت رکندا. درود شريف جي جيتري ڪثرت ٿيندي اوترو ئي فائدي مند ٿيندو. هي سفر نهايت ئي ادب ۽ محبت جو سفر آهي. مڪه مڪرمه کان مدينه منوره جي آخري منزل ذوالحليفه جي ويجھو آهي. هي مدينه منوره کان تقريبن 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هتان کان گاڏي روانو ٿيڻ کان ڪجهه منٽن کان پوءِ توهان کي مدينه منوره جي آبادي ۽ مسجد نبوي جا بلند مينار نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.

    مدينه منوره ۾ داخل ٿيڻ وقت جي دعا:
    اَللّٰھُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَ مِنْكَ السَّلَامُ وَ اِلَیْكَ یَرْجِعُ السَّلَامُط فَحَیِّنَارَبَّنَا بِالسَّلَامِط وَاَدْخِلْنَا دَارَا السَّلَامِط تَبَارَکْتَ رَبَّنَا وَتَعَالَیْتَ یَا ذَا الْجَلَالِ وَالْاِکْرَامِط رَبِّ اَدْخِلْنِیْ مُدْ خَلَ صِدْقٍ وَّاَخْرِجْنِیْ مُخْرَجَ صِدْقٍ وَّاجْعَلْ لِّیْ مِنْ لَّدُنْكَ سُلْطَانًا نَّصِیْرًا۝ وَقُلْ جَآءَ الْحَقُّ وَ زَھَقَ الْبَاطِلُ ط اِنَّ الْبَا طِلَ کَانَ زَھُوْقًا۝وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَاھُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃٌ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ وَلَا یَزِیْدُ الظَّالِمِیْنَ اِلَّا خَسَارًا۝
    ترجمو الاهي! تون سلامتيءَ وارو آهين ۽ تنهنجي طرف کان ئي سلامتي آهي ۽ تنهنجي طرف سلامتي موٽندي آهي. اي اسان جا رب زنده رک اسان کي سلامتيءَ سان گڏ ۽ داخل فرماءِ تون اسان کي پنهنجي گھر ۾ جيڪو سلامتيءَ وارو آهي. بابرڪت آهي ته اي اسان جا رب ۽ عاليشان، اي عظمت ۽ بزرگيءَ وارا پروردگار! يا رب مونکي جتي داخل فرماءِ سٺائيءَ سان داخل فرماءِ ۽ جتان کان ڪڍين ته سٺائيءَ سان ڪڍجانءِ. ۽ مونکي خاص پنهنجي طرفان اهڙو اقتدار عطا فرماءِ جنهن ۾ گڏ (تنهنجي) مدد هجي. ۽ چئو ته حق اچي ويو باطل مٽجي ويو ۽ يقينن باطل اهڙي ئي شيء آهي جيڪا مٽجڻ واري آهي. ۽ اسان قرآن نازل ڪري رهيا آهيون جيڪو مومنن جي لاءِ شفا ۽ رحمت جو سامان آهي. البته ظالمن جي حصي ۾ ان سان نقصان کان سواءِ ڪنهن ٻي شيء جو اضافو نه ٿيندو.
    جڏهن توهان مدينه منوره پهچي وڃو ته پنهنجو سامان اطمينان سان پنهنجي رهائش گاهه تي رکندا ۽ ڪجهه دير آرام ڪندا ۽ پنهنجو ٿڪ لاهيندا. ان کانپوءِ جيڪڏهن ممڪن ٿي سگھي ته غسل ڪندا نه ته صرف وضو ڪندا. مسواڪ (ڏندڻ) ڪندا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پائيندا ۽ خوشبو لڳائيندا ۽ هاڻي مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيڻ ۽ حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جي روضه اقدس تي حاضري ڏيڻ جي ارادي سان مسجد نبوي جي طرف هلندا. جنهن جو بنياد اڄ کان چوڏهن صديون پهريان پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم پاڻ پنهنجي هٿن مبارڪ سان رکيو هيو ۽ ان ئي مسجد ۾ پنهنجي حجري ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جي آخري آرام گاهه آهي.
    هاڻي توهان مسجد نبويءَ ۾ درود شريف ۽ مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي دعا پڙهندي داخل ٿيندا. روضه مبارڪ جي طرف وڃڻ جي لاءِ اولهه طرف باب السلام کان سڌو رستو روضه مبارڪ ڏانهن وڃي ٿو. اوڀر کان باب جبريل کان داخل ٿي ڪري کاٻي هٿ تي رياض الجنت مان گذرندي روضه مبارڪ صلي الله عليهه وسلم تي پهچي سگھجي ٿو. داخل ٿيڻ کان پهريان ڪجهه صدقو ڏيندا ۽ داخل ٿيڻ وقت هيءَ دعا پڙهندا.
    اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سیِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰٓی اٰلِ سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ ط اَللّٰھُمَّ اغْفِرْلِیْ ذُنُوْبِیْ ط وَافْتَحْ لِٓیْ اَبْوَابَ رَحْمَتِكَ ط اَللّٰھُمَّ اجْعَلْنِیَ الْیَوْمَ مِنْ اَوْجَہِ مَنْ تَوَجَّہَ اِلَیْكَ ط وَاَقْرَبِ مَنْ تَقْرَّبَ اِلَیْكَ ط وَاَنْجَحِ مَنْ دَعَاكَ ط وَاَبْتَغِ مَرْضَا تِكَ ط
    ترجمو: ”اي الله! درود موڪل اسان جي سردار حضرت ﷴﷺ ۽ ان جي آل تي. اي الله! منهنجي گناهن کي بخشي ڇڏ ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏ. اي الله! اڄوڪي ڏينهن مونکي پنهنجي طرف متوجهه ٿيڻ وارن ۾ مونکي سڀ کان وڌيڪ متوجهه ٿيڻ وارو بڻاءِ ۽ تنهنجو قرب حاصل ڪرڻ وارن ۾ مونکي سڀ کان وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏ ۽ مونکي انهن ماڻهن کان وڌيڪ ڪامياب ڪرجن توکان دعا ڪئي ۽ جيڪي تنهنجي رضا جا طالب ٿيا“.
    جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي يا فرض نماز نه ٿي رهي هجي ته ٻه رڪعتون تحيته المسجد پڙهندا. نماز کان پوءِ الله جو شڪر ادا ڪندا ته حرم نبويءَ صلي الله عليه وسلم ۾ داخل ٿيڻ جي سعادت بخشي ۽ خوب توبهه، استغفار ۽ دعائون گھرندا.

    رياض الجنته:
    مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ منبر رسول ۽ حجره مبارڪ جي وچ واري حصي کي رياض الجنت چيو ويندو آهي. ان جڳهه جي نسبت حديث ۾ آئي آهي ”جيڪا جڳهه منهنجي گھر ۽ منبر جي وچ ۾ آهي. اها جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي.“
    يعنيٰ هي جڳهه حقيقت ۾ جنت جو هڪ ٽڪرو آهي جيڪو هن دنيا ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن هي ٽڪرو جنت ۾ هليو ويندو. ان ئي رياض الجنت ۾ حضور پاڪ ﷺ جو مُصلى به آهي. جتي پاڻ ﷺ بيهي ڪري امامت فرمائيندا هئا.
    حضور اڪرمﷺجي وصال کان پوءِ مُصلى رسول جهڙي مُتبرڪ جڳهه جي تعظيم کي برقرار رکڻ جي غرض سان حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنه حضور ﷺجي نماز پڙهڻ واري جڳهه کان سواءِ پاڻ سڳورنﷺجي قدم مبارڪ جي جڳهه ڇڏي ڪري باقي جڳهه تي ڀت ٺهرائي ڇڏي ته جيئن پاڻ سڳورن ﷺجي سجدي جي جڳهه ماڻهن کان محفوظ رهي. ان جڳهه تي اڄ هڪ خوبصورت محراب ٺهيل آهي جنهن کي محراب نبوي چئبو آهي. وليد بن عبدالمالڪ جي دور ۾ وليد جي حڪم سان عمر بن عبدالعزير جڏهن مسجد نبوي جو واڌارو ڪيو ته ان جڳهه تي هي محراب ٺهرايو. جيڪڏهن ڪوئي حاجي مُصلى رسول جي سامهون بيهي ڪري نماز پڙهي ته ان جو سجدو حضور اقدس ﷺ جي قدمن جي جڳهه تي پوندو.
    هن وقت جيڪو مقدس محراب ٺهيل آهي اهو 9 فوٽ سنگ مرمر جي هڪ ئي ٽُڪري جو آهي. جنهن تي سون جي پاڻيءَ سان خوبصورت چٽسالي ڪئي وئي آهي. ٻنهي پاسن کان ڳاڙهي سنگ مرمر جا بيمثال ٿنڀ ٺهيل آهن. محراب جي مٿان اُھا آيت لکيل آهي جنهن ۾ دورود شريف پڙهڻ جو حُڪم ڏنو ويو آهي. سورة احزاب جي 56 آيت آهي.

    مُواجہہ شريف ۽ مقصوره شريف:
    روضه اقدس تي پتل جون ڄاريون ٻن طرفن کان لوهه جي ڄارين وانگر دروازن سان بند ڪيو ويو آهي. مُواجہہ شريف جي طرف ٽنهي مزارات متبرڪه جي آمهون سامهون گول گول جي ويجھو لڳ ڀڳ 6 انچ گولائيءَ ۾ سوراخ آهن. هڪ دروازو به آهي جيڪو ٻين دروازن وانگر بند رهندو آهي هن عمارت کي مقصوره شريف چوندا آهن.
    هن برڪت ڀري جڳهه تي حضرت ابو بڪر صديق رضه جو منهن مبارڪ حضور صلي الله عليهه وسلم جي سيني مبارڪ جي ويجھو آهي ۽ حضرت عمر رضه جو منهن حضرت ابو بڪر صديق رضه جي سيني جي ويجھو آهي ان کان سواءِ هڪ قبر جي جڳهه حضرت عيسيٰ عليه السلام جي لاءِ محفوظ پئي آهي.

    روضه اقدس صه تي حاضري ۽ زيارت جا ادب:
    پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي هن دنيا ۾ تشريف آوري باعث سعادت ۽ رحمت آهي. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم جن جا هن امت تي لاتعداد احسانن جو تقاضو آهي ته اسان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن تي ڪثرت سان درود موڪليون. توهان جي سٺن اخلاقن تي هلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ سيد الانبيا ۽ ختم الرسل صلي الله عليه وسلم جي روضهء اقدس تي حاضري ڪنهن خوش نصيبيءَ کان گھٽ نه آهي. ان موقعي تي نهايت ادب ۽ احترام عجز ۽ انڪساريءَ جو اظهار پيش نظر رهڻ گھرجي. آقا جي درٻار تي حاضريءَ وقت انهن جي تعليمات تي عمل پيرا ٿيڻ جو جذبو موزن (ڇوليون هلندڙ) هجي. جيئن ئي مواجهه شريف جي سامهون پهچندا ته هيٺ درج ٿيل لفظن سان گڏ نذرانه درود شريف پيش ڪندا.
    اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُوْلَ اللهِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَانَبِیَّ اللهِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا حَبِیْبَ اللهِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا خَیْرَ خَلْقِ اللهِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامُزَّمِّلُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامُدَّثِّرُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ الرَّحْمَۃِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاشَفِیْعَ الْاُمَّۃِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ اَبَا الْقَاسِمِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَابَشِیْرُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَانَذِیْرُط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ أَکْرَمَ وُلْدِ اٰدَمَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاسَیِّدَالْأَنْبِیَآءِ وَ الْمُرْسَلِیْنَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا خَاتَمَ الْنَبِیِّنَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا قَآئِدَ الْغُرِّ الْمُحَجَّلِیْنَط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاقَآئِدَالْخَیْرِ ط وَ فَاتِحَ الْبِرِّ ط وَھَادِیَ الْاُمَّۃِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَعَلٰٓی اَھْلِ بَیْتِكَ الطَّیِّبِیْنَ الطَّاهِرِیْنَ الَّذِیْنَ أَذْھَبَ اللهُ عَنْھُمُ الرِّجْسَ وَطَھَّرَھُمْ تَطْھِیْرًا ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَ عَلٰٓی اَصْحَابِكَ اَجْمَعِیْنَ ط وَ عَلٰٓی اَزْوَاجِكَ الطَّاھِرَاتِ أُمَّھَاتِ الْمُؤْمِنِیْنَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَعَلٰی سَآئِرِ الْاَنْبِیَآءِ وَ عَلى عِبَادِ اللّٰہِ الصَّالِحِیْنَ ط جَزَاكَ اللهُ یَا رَسُوْلَ اللهِ اَحْسَنَ وَ اَفْضَلَ مَا جَزٰی نَبِیًّا عَنْ قَوْمِہٖ ط وَرَسُوْلًا عَنْ اُمَّتِہٖط اَشْھَدُ اَنْ لَّآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ وَحْدَہٗ لَا شَرِیْكَ لَہٗ ط وَاَشْھَدُ أَنَّكَ عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ وَاَمِیْنُہٗ وَ صَفِیُّہٗ وَ خِیَرَتُہٗ مِنْ خَلْقِہٖط اَشْھَدُ أَنَّكَ قَدْ بَلَّغْتَ الرِّسَالَۃَ وَ اَدَّیْتَ الْأَمَانَۃَ وَ نَصَحْتَ اُمَّتَكَ وَ أَوْضَحْتَ الْحُجَّۃَ وَجَا ھَدْتَّ فِیْ اللهِ حَقَّ جِھَادِ ہٖط حَتَّى اَتٰكَ الْیَقِیْنُط یَا خَیْرَالرُّسُلِط إِنَّ اللهَ عَزَّ وَجَلَّط أَنْزَلَ عَلَیْكَ کِتَابًا صَادِ قًا قَالَ فِیْہِط وَلَوْ أَنَّھُمْ اِذْ ظَّلَمُوْآ اَنْفُسَھُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوْا اللّٰہَ وَاسْتَغْفَرَ لَھُمُ الْرَّسُوْلُ لَوَجَدُوْا اللهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا۝ (سورۃ النساء آیت: 64)
    (ترجمو) اي الله جا رسول پاڻ صه تي سلام، اي الله جا نبي پاڻ صه تي سلام، اي الله جا حبيب پاڻ صه تي سلام، اي الله جي سڀني مخلوق کان بهتر پاڻ ص تي سلام، اي مزمل پاڻ صه تي سلام، اي مدثر پاڻ صه تي سلام، اي نبي رحمت پاڻ صه تي سلام، اي اُمت جي شفاعت ڪرڻ وارا پاڻ صه تي سلام، اي ابو القاسم پاڻ صه تي سلام، اي بشارت ڏيڻ وارا پاڻ صه تي سلام، اي ڊپ ٻڌائڻ وارا پاڻ صه تي سلام، اي آدمؑ جي سڀ کان وڏي معزّز فرزند پاڻ صه تي سلام، اي نبين ۽ مرسلين جا سردار پاڻ صه تي سلام، اي خاتم النبين پاڻ صه تي سلام، اي سڀ کان مشهور قائد پاڻ صه تي سلام، اي ڀلائي جا رهنما، نيڪي جا فاتح ۽ هادي امت پاڻ صه تي سلام، پاڻ صه تي سلام هجي ۽ پاڻ صه تي سلام هجي ۽ انهن طيب ۽ طاهر اهل بيت جن تان الله تعاليٰ نجاست پري ڪري انهن کي خوب پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ صه تي سلام ۽ پاڻ صه جا سڀئي اصحاب رضه ۽ پاڻ صه جون ازواج مطهرات رضه اُمهات المومنين تي سلام، پاڻ صه تي سلام ۽ سڀني نبين و مرسلين ۽ الله جي نيڪ ٻانهن تي سلام هجي، اي الله جا رسول صه! الله توهان صه کي اهڙو احسن ۽ افضل بدلو ڏئي جو ان ڪنهن نبيءَ کي ان جي قوم جي طرف کان ۽ رسول کي ان جي امت جي طرف کان ڏنو. مان گواهي ڏيان ٿو/ ڏيان ٿي ته الله کان سواءِ ڪوئي معبود نه آهي، هو اڪيلو آهي ۽ ان جو ڪوئي شريڪ نه آهي، مان گواهي ڏيان ٿو/ ڏيان ٿي ته توهان صه ان جا ٻانها آهيو، ان جا رسول آهيو. ان جا امين آهيو، ان جا مخلص دوست آهيو، ان جي مخلوق منجهان ان جا اعليٰ ٻانها آهيو. مان گواهي ڏيان ٿو/ ڏيان ٿي ته توهان صه الله جو پيغام پهچايو. توهان صه امانت ادا ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي امت کي پوري خير خواهي ۽ دين حق جي دليل روشن ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ خوب جهاد ڪيو ۽ دين کي مضبوط ڪيو. توهان صه پنهنجن دشمنن سان جهاد ڪيو ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪئي ايستائين جو توهان صه انتقال فرمائي ويا. اي خير الرُسُل، الله عز و جلّ توهان ؐ تي سچو ڪتاب نازل فرمايو جنهن ۾ ان فرمايو:
    ”ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا“. (سورةالنساء 64)
    هر نماز کان پوءِ درود ۽ سلام جي لاءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ تي حاضريءَ جو اهتمام توهان تي منحصر آهي. سلام پڙهي ڪري اتان هٽي ويندا ته جيئن ٻين کي موقعو ملي. مسجد ۾ ڪٿي به ويهي ڪري دورد پڙهي سگھو ٿا. حضرت ابو هريره رضه چون ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو ”پنهنجي گھرن کي قبرستان نه بڻايو (يعني گھرن ۾ نفل نماز پڙهو ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا ڪيو) ۽ منهنجي قبر کي سير گاهه نه بڻايو ۽ مون تي دورود موڪليو، توهان جتي ڪٿي به هوندا توهان جو درود مون تائين پهچايو ويندو“. (ابوداود)

    زيارت حضرت ابو بڪر صديق (رضي الله عنه)
    هاڻي ٿورو ساڄي هٿ ٿي ڪري حضرت ابوبڪر صديق رضه جي زيارت ڪندا ۽ هي پڙهندا:
    اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاسَیِّدَنَآ اَبَا بَکْرِ نِ الصِّدِّیْقِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاخَلِیْفَۃَ رَسُوْلِ اللّٰهِ عَلَی التَّحْقِیْقِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاصَاحِبَ رَسُوْلِ اللّٰهِ ثَانِیَ اثْنَیْنِ اِذْھُمَا فِی الْغَارِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامَنْ اَنْفَقَ مَا لَہٗ کُلَّہٗ فِیْ حُبِّ اللّٰهِ وَحُبِّ رَسُوْلِہٖ ط حَتّٰی تَخَلَّلَ بِالْعَبَا رَضِیَ اللّٰهُ تَعَالٰی عَنْكَ ط وَاَرْضَاكَ اَحْسَنَ الرِّضَا وَجَعَلَ الْجَنَّۃَ مَنْزِلَكَ ط وَمَسْکَنَكَ وَ مَحَلَّكَ وَمَأْوٰكَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ اَوَّلَ الْخُلَفَآءِ وَتَاجَ الْعُلَمَآءِط وَصِھْرَالنَّبِیِّ الْمُصْطَفٰی وَرَحْمَۃُ اللّٰہِ وَ بَرَکَاتُہٗ ط
    ترجمو: سلام هجي توهان رضه تي اي اسان جا سردار ابوبڪر صديق رضه سلام هجي توهان رضه تي اي رسول الله جا حقيقي خليفه، سلام هجي توهان رضه تي اي رسول الله ؐ جا ساٿي، ٻن مان ٻيا، جڏهن ته هو غار ۾ هئا. سلام هجي توهان رضه تي اي اها هستي جنهن پنهنجو سمورو مال الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي محبت ۾ خرچ ڪري ڇڏيو ايستائين جو پنهنجي عبا کي به لاهي ڇڏيو. الله توهان رضه سان راضي ٿئي ۽ سهڻي طريقي سان توهان رضه کي راضي ڪري ۽ جنت کي توهان رضه جو گهر ۽ رهڻ جي جڳهه ۽ ٺڪاڻو بڻائي. سلام توهان تي اي سڀ کان پهريان خليفه ۽ سرتاج علماء ۽ نبي محمد ﷺ جا سُهرا ۽ الله جي رحمت نازل ٿئي ۽ ان جون برڪتون نازل ٿين توهان رضه تي.

    حضرت عمر (رضي الله عنه) جي زيارت
    ان کان پوءِ ساڄي طرف هڪ هٿ هٽي ڪري حضرت عمر فاروق رضه جي زيارت ڪندا ۽ پڙهندا:
    اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاعُمَرَ بْنَ الْخَطَّابِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَانَاطِقًام بِالْعَدْلِ وَالصَّوَابِط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاحَنَفِیَّ الْمِحْرَابِ طاَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَامُکَسِّرَالْاَصْنَامط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَآ اَبَا الْفُقَرَآءِوَالضُّعَفَآءِ وَالْاَرَامِلِ وَالْاَیْتَامِ ط اَنْتَ الَّذِیْ قَالَ فِیْ حَقِّكَ سَیِدُالْبَشَرِ لَوْ کَانَ نَبِیٌّ مِّنْ بَعْدِیْ لَکَانَ عُمَرَبْنَ الْخَطَّابِ ط رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْكَ ط وَاَرْضَاكَ اَحْسَنَ الرِّضَا وَجَعَلَ الْجَنَّۃَ مَنْزِلَكَ ط وَمَسْکَنَكَ وَمَحَلَّكَ وَمَاْوٰكَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَاثَانِیَ الْخُلَفَآءِ وَ تَاجَ الْعُلَمَآءِط وَصِھْرَ النَّبِیِّ الْمُصْطَفٰی وَ رَحْمَۃُ اللّٰهِ وَبَرَکَاتُہٗ ط
    ترجمو: سلام هجي توهان رضه تي اي (حضرت) عمر بن الخطاب، سلام هجي توهان تي اي انصاف ۽ سچي ڳالهه ڪرڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي محرابن کي زينت ڏيڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي دين اسلام کي غلبو (واڌارو) ڏيڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي بتن کي ڀڃڻ وارا، سلام هجي توهان رضه تي اي فقيرن، ضعيفن، بيواهن ۽ يتيمن جي مدد ڪرڻ وارا. توهان رضه اُهي آهيو ته توهان رضه جي حق ۾ حضور ﷺ جن فرمايو جيڪڏهن مون کان پوءِ ڪوئي نبي هجي ها ته عمر بن خطاب رضه هجي ها. الله توهان رضه کان راضي هجي. ۽ توهان رضه کي سهڻي طريقي سان راضي ڪري. ۽ جنت توهان جو گهر ۽ رهڻ جي جڳهه ۽ ٺڪاڻو بڻائي. سلام توهان تي اي ٻيا خليفه ۽ سرتاج علماءِ نبي مصطفيٰﷺجا سهرا ۽ رحمت نازل ٿئي توهان تي ۽ ان جون برڪتون نازل ٿين توهان رضه تي.

    پوءِ مسجد مان نڪري ڪري قبلي رُخ ٿي ڪري هيٺ درج ٿيل دعا يا ڪابه دعا پڙهندا:
    اَللّٰھُمَّ لَا تَدَعْ لَنَافِیْ مَقَامِنَا ھٰذَا الشَّرِیْفِ بَیْنَ یَدَیْ سَیِّدِنَا رَسُوْلِ اللّٰہِ ذَنْبًا اِلَّا غَفَرْتَہٗط وَلَاھَمًّا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا فَرَّجْتَہٗط وَلَا عَیْبًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا سَتَرْتَہٗ ط وَلَا مَرِیْضًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا شَفَیْتَہٗ وَعَافَیْتَہٗط وَلَا مُسَافِرًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا نَجَّیْتَہٗط وَلَا غَآئِبًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّآ رَدَدْتَّہٗط وَلَا عَدُوًّا یَآ اَللّٰہُ اِلَّا خَذَلْتَہٗ وَدَمَّرْتَہٗط وَلَافَقِیْرًا یَآ اَللّٰہُ اِلَّآ اَغْنَیْتَہٗ ط وَلَا حَاجَۃً یَآ اَللّٰہُ مِنْ حَوَآئِجِ الدُّنْیَا وَالْاٰخِرَۃِ لَنَا فِیْھَا صَلَاحٌ اِلَّا قَضَیْتَھَا وَیَسَّرْتَھَا ط اَللّٰھُمَّ اقْضِ حَوَآئِجَنَا ط وَیَسِّرْاُمُوْرَنَا ط وَاشْرَحْ صُدُوْرَنَا ط وَتَقَبَّلْ زِیَارَتَنَا ط وَاٰمِنْ خَوْفَنَا ط وَاسْتُرْ عُیُوْبَنَا ط وَاغْفِرْذُنُوْبَنَا ط وَاکْشِفْ کُرُوْبَنَا ط وَاخْتِمْ بِا لصَّالِحَاتِ اَعْمَا لَنَاط وَرُدَّ غُرْبَتَنَآ إِلٰی اَھْلِنَا وَ اَوْلَادِنَا ط سَا لِمِیْنَ غَانِمِیْنَ مَسْتُوْرِیْنَ مِنْ عِبَادِكَ الصَّالِحِیْنَ ط مِنَ الَّذِیْنَ لَا خَوْفٌ عَلَیْھِمْ وَلَا ھُم یَحْزَنُوْنَ بِرَحْمَتِكَ یَآ اَرْحَمَ الرَّاحِمِیْنَ یَا رَبَّ الْعَالَمِیْنَ
    ترجمو:اي الله! نه ڇڏ اسان جي لاءِ هن مبارڪ جڳهه ۾ سامهون اسان جي آقا رسول الله صه جو ڪوئي گناهه، پر تون ان کي بخشي ڇڏ.۽ نه ڇڏ ڪوئي غم اي الله! پر تون ان کي مٽائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي عيب اي الله، پر تون ان کي لڪائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي مريض اي الله، پر تون ان کي شفا ۽ عافيت ڏي، ۽ نه ڇڏ ڪوئي مسافر اي الله! پر اُن کي سفر جي تڪليف کان نجات ڏئي ڇڏ ۽ نه ڇڏ ڪوئي ڀليل اي الله! پر ان کي واپس فرمائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي دشمن اي الله! پر ان کي رسوا فرمائي ڇڏ، ۽ ان کي هلاڪ ڪري ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪوئي فقير اي الله! پر ان کي غني فرمائي ڇڏ، ۽ نه ڇڏ ڪائي ضرورت اي الله، دنيا ۽ آخرت جي ضرورتن منجهان، جنهن ۾ اسان جي ڀلائي هجي، پر ان کي پورو ۽ آسان فرمائي ڇڏ، اي الله! اسان جون حاجتون پوريون فرمائي ڇڏ ۽ آسان فرمائي ڇڏ اسان جا ڪم ۽ کولي ڇڏ اسان جو سينو، ۽ قبول فرماءِ اسان جي زيارت ۽ امن سان بدلائي ڇڏ اسان جي خوف کي، ۽ پردو رکج اسان جي عيبن تي، ۽ بخشي ڇڏ اسان جي گناهن کي، ۽ پري فرمائي ڇڏ اسان جي تڪليفن کي، ۽ خاتمو فرماءِ نيڪين تي اسان جي عملن جو، ۽ موٽاءِ اسان کي پنهنجي اهل ۽ اولاد ۾ صحيح ۽ سالم، خوشحال، پرده پوشيءَ سان گڏ، پنهنجي نيڪ ٻانهن کان انهن ماڻهن منجهان ته ناهي ڪوئي خوف انهن کي ۽ نه ئي اهي غمگين ٿيندا، تنهنجي رحمت کان. اي سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارا، اي پروردگار سموري جهان جا.

    عورتن جي لاءِ روضه مبارڪ جي زيارت جا ادب:
    عورتن جي لاءِ سلام پڙهڻ لاءِ ٽي وقت مقرر ٿيل آهن ۽ انهن جي ئي مطابق عورتن جي لاءِ مسجد ۾ هال سان ڳنڍيل دروازو کوليو ويندو آهي. اُهي وقت اشراق، ظهر ۽ عشاء کان پوءِ جا آهن. عورتن لاءِ روضه رسول صلي الله عليهه وسلم جي زيارت جي لاءِ وڃڻ لاءِ باب عثمان (باب نمبر 25) ۽ باب علي رضه (باب نمبر 28) جي اندران رستو آهي. ان کان سواءِ عورتن جي لاءِ نماز جي جڳهه باب عمر بن خطاب رضه ۽ باب ملڪ عبدالمجيد جي اندر واري هال کان به آهي. پر اتان کان زيارت جي لاءِ نٿو وڃي سگھجي. سعودي حڪومت جي طرفان عورتن لاءِ روضه مبارڪ جي حاضري ۽ رياض الجنت ۾ نفلن جي ادائيگيءَ جي لاءِ گروپ جي صورت ۾ وٺي وڃڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. جيڪي انتهائي تعريف جوڳا آهن. مختلف ملڪن کان هڪ جھڙي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجھائڻ وارين عورتن جا گروپ ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن جي اڳواڻي ڪرڻ واريون عورتون سندن ٻوليءَ ۾ رهنمائي ڪنديون آهن. ترتيب سان هڪ گروپ کي مسجد جي ان حصي ۾ پهچايو ويندو آهي جتان روضه مبارڪ تي سلام پڙهي سگھجي ٿو ۽ رياض الجنت ۾ نفل ادا ڪري سگھجن ٿا. انهيءَ دوران هي رهنمائي ڪندڙ عورتون روضه مبارڪ ۽ مسجد نبوي جي زيارت جا ادب، درود جا فضائل ۽ ٻيا حڪم ٻڌائينديون رهنديون آهن. پنهنجي لاڳاپيل گروپ ۾ رهندي بغير ڪنهن گھٻراهٽ ۽ پريشانيءَ جي هي مرحلو طئي ٿي ويندو آهي.

    ست ٿنڀ:
    هونءَ ته مسجد نبويءَ جي هر جڳهه بابرڪت آهي پر رياض الجنت جا اُهي ٿنڀ جن کي سنگ مرمر، سون ۽ چانديءِ سان رنگين چٽساليءَ جي ڪم سان چٽيو ويو آهي. خاص طور تي قابل ذڪر آهن هي ست ٿنڀ جيڪي روضه انور صلي الله عليهه وسلم جي اولهه واري ڀت سان گڏ اڇي رنگ سان نمايان ڪيا ويا آهن.
    1. ستون حنانه: هي محراب نبوي صلي الله عليهه وسلم جي ويجهو آهي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم هن ٿنڀ جي ڀرسان بيهي ڪري خطبو ارشاد فرمائيندا هئا. هتي اهو کجيءَ جو وڻ دفن ٿيل آهي جيڪو ڪاٺيءَ جو ممبر ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جي فراق ۾ ٻارن وانگر رُنو هيو.
    2. ستون عائشه صديقه رضه: هڪ دفعو نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم ارشاد فرمايو ته منهنجي مسجد ۾ هڪ اهڙي جڳهه آهي جيڪڏهن ماڻهن کي اتي نماز پڙهڻ جي فضيلت جو علم ٿي وڃي ته اُهي ڪڻا ڪڍڻ لڳندا.(طبراني). ان جڳهه جي نشاندهي حضرت عائشه صديقه رضه فرمائي هئي. هاڻي اتي ستون عائشه ٺاهيو ويو آهي.
    3. ستون ابي لبابه: هتي صحابي حضرت ابو لبابه رضه جو قصور هن جڳهه تي معاف ٿيو هيو. ان پنهنجو پاڻ کي هن ٿنڀ سان ٻڌي ڇڏيو هيو.
    4. ستون وفود: هن جڳهه تي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم ٻاهران کان اچڻ وارن وفدن سان ملاقات فرمائيندا هئا.
    5. ستون سُرير: هن جڳهه تي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم اعتڪاف فرمائيندا هئا ۽ رات جو پاڻ سڳورن صه جو بسترو وڇايو ويندو هيو.
    6. ستون حرس: هن جڳهه تي حضرت علي رضه اڪثر نماز پڙهندا هئا ۽ ان جڳهه تي ويهي ڪري ٻنهي جھانن جي سردار جي نگھباني ڪندا هئا. هن کي ستون علي به چوندا آهن.
    7. ستون تهجد: نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم هن جڳهه تي تهجد جي نماز ادا فرمائيندا هئا.
    هي سڀئي ٿنڀ هن مسجد جي حصي ۾ آهن جيڪي حضور اقدس صلي الله عليهه وسلم جي زماني ۾ هئا. جڏهن به موقعو ملي ان جي ڀرسان سنتون ۽ نفل ادا ڪندا هي اُهي برڪت ڀريون جڳهون آهن جتي نبي اڪرم صلي الله عليهه وسلم جي نظر ڪرم پئجي چڪي آهي.

    اصحاب صفه رضوان الله عليهم اجمعين:
    صفه، ڇَپرَ ڇَانوِرَي واري جڳهه کي چئبو آهي پراڻي مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم جي اتر اوڀر ڪناري، مسجد سان مليل هڪ چبوترو هيو هيءَ جڳهه باب جبرائيل کان اندر داخل ٿيندي ئي ساڄي هٿ کان محراب تهجد جي بلڪل سامهون آهي. ان جي ڊگهائي ۽ ويڪرائي 40x40 فوٽ آهي. ان جي سامهون خدام ويٺل رهندا آهن ۽ هتي ماڻهو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ چاهي ته مشڪل سان ئي جڳهه ملندي آهي.

    مسجد نبوي ۽ گنبد خضراء:
    1 هجري (622ع) ۾ آنحضرت صه هن مسجد جو بنياد رکيو، شروعات ۾ ڊيگهه 90 فوٽ، ويڪر 105 فوٽ ۽ بلندي تقريبن 10 فوٽ ڀتين جو ٿولهه ڏيڊ فوٽ، ٽي دروازا، کجين جي پتن جي ڇت ۽ فرش ڪچو هيو خيبر فتح کان پوءِ 7 هجري (628ع) ۾ آنحضرت صه واڌارو ڪري ڊيگهه 150 فوٽ ۽ ويڪر 150 فوٽ يعني سئو هٿ هم چورس ڪري ڇڏي. مسجد سان ويجهو ازواج مطهرات جا نَوَ حجرا تعمير ٿيا.
    18 هجري ۾ حضرت عمر رضه جن ڊيگهه 210 ويڪر 180 فوٽ ۽ ڇهه دروازا ٺهرايا. 29 هجري ۾ حضرت عثمان رضه ڊيگهه 480 ويڪر 450 فوٽ ڪري ڇڏي ۽ نقش ۽ نگار سان سينگاريو. قبلي جي طرف کان اضافو ڪيو جنهن جي محراب "محراب عثماني" سان موسوم ٿي. 88 هه کان 91 هجري تائين واڌارو وليد بن عبدالمالڪ ڊيگهه 600 فوٽ ۽ ويڪر 486 فوٽ ڪري ڇڏي.
    161 هجريءَ کان 165 هجري تائين خليفه مهدي ڊيگهه 900 فوٽ ۽ ويڪر 540 فوٽ ڪري ڇڏي. پوءِ معتصم بالله (الله تي ڀروسو ڪندڙ) تعمير ڪرائي. ملڪ ناصر ويرانڊن جا دالان ٺهرايا. ملڪ اشرف هي دالان ڀڃي ڪري نوان ٺهرايا، 853 هه ۾ شاهه ظاهر حقيق روضه پاڪ ۽ مسجد ٻيهر ٺهرائي. 924 هه ۾ ملڪ ناصر غازيءَ ٻيهر ڀتيون ٺهرايون. 980 هه (1572ع) ۾ سليم خان ثانيءَ عظيم الشان تعمير ڪرائي. 999 هه ۾ سلطان مراد ڊيگهه ۾ واڌارو ڪيو. 1254هه کان 1266 هه (1838 کان 1850ع) ۾ سلطان عبدالمجيد نئين سر تعمير ڪرائي. گنبد خضراء ٺهرايو عمارت کي گنبد نما ۽ قرآني آيتن سان سينگاريو. ان کانپوءِ سلطان عبدالعزيز ڪم مڪمل ڪرايو.
    812 ع/ 1233 هه ۾ سلطان محمود گنبد نبويءَ صه کي نئين سر ٺهرايو پهريان گنبد جو رنگ اڇو هيو پر 1255ع ۾ ان گنبد تي سائو رنگ ڪرايو ويو تڏهن کان ئي گنبد خضراء جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هي اهو گنبد خضراء آهي جنهن کي عاشقان رسول صلي الله عليهه وسلم پنهنجي خوابن ۾ ڏسندا آهن ۽ قسمت وارا جڏهن اُتي پهچي ويندا آهن ته ان جون روشنيون انهن جي دلين ۾ نور، انهن جي اکين ۾ ايمان جي روشني ۽ انهن جي روح ۾ سرور پيدا ڪري ڇڏينديون آهن.

    مسجد قبا:
    مسجد نبويءَ کان ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جيڪا آبادي آهي ان کي قبا چيو ويندو آهي. هجرت مدينه جي زماني ۾ هتي انصار جا گھڻا خاندان آباد هئا حضور اڪرم صه چار ڏينهن تائين قبا ۾ قيام فرمايو هيو ۽ اتي ئي پنهنجن هٿن مبارڪ سان مسجد قبا جو بنياد رکيو هو اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريان هيءَ مسجد ٺاهي وئي هئي هن مسجد جي فضيلت جو ان واقعي سان به گھرو تعلق آهي.
    هڪ صحيح حديث جي مطابق مسجد قبا ۾ ٻه نفل پڙهڻ جو ثواب هڪ مقبول عمري جي برابر آهي ۽ هيءَ حديث مبارڪ مسجد جي محراب تي عربيءَ ۾ لکيل آهي.

    مسجد قبلتين:
    هيءَ مسجد نبويءَ کان تقريبن ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي هيءَ مسجد اسلام جي تاريخ جي هڪ اهم واقعي جي علامت آهي شروعات ۾ مسلمان بيت المقدس جي طرف منهن ڪري نماز ادا ڪندا هئا حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جيستائين مڪه معظمه ۾ تشريف فرما رهيا اهو ئي دستور رهيو پر پاڻ سڳورا صه نمازون اهڙي رخ سان ادا فرمائيندا هئا ته جيئن خانه ڪعبه به پاڻ سڳورن جي سامهون هوندو هيو پر مدني زندگيءَ جي شروعات ڏينهن ۾ مڪمل طور تي بيت المقدس ئي قبلو هو ۽ تقريبن سورنهن سترنهن مهينا پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم بيت المقدس جي طرف منهن ڪري نمازون پڙهيون (بيت المقدس مسلمانن جي لاءِ انهي ڪري به مقدس هيو ۽ آهي جو هتان کان حضور صه معراج تي تشريف وٺي ويا هئا). پر ان سموري عرصي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جي هيءَ دلي خواهش رهي ته مسلمان حضرت ابراهيم عليه السلا جي ٺاهيل خانه ڪعبه جي طرف رخ ڪري نماز ادا ڪن. حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم لاڳيتو ان خواهش ۾ آسمان ڏانهن ڏسندا هئا آخرڪار هڪ ڏينهن ٺيڪ ان وقت نماز جي حالت ۾ آيت نازل ٿي.
    قَدْ نَرَى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِي السَّمَاءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضَاهَا فَوَلِّ وَجْهَكَ شَطْرَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَحَيْثُ مَا كُنْتُمْ فَوَلُّوا وُجُوهَكُمْ شَطْرَهُ
    ترجمو: هي توهان جو منهن بار بار آسمان جي طرف کڻڻ اسان ڏسي رهيا آهيون هاڻي اسان ان قبلي جي طرف توهان کي ڦيري ٿا ڇڏيون جنهن کي توهان پسند ڪندا آهيو، مسجد حرام (خانه ڪعبه) جي طرف رخ ڦيري ڇڏيو هاڻي جتي ڪٿي به هجو ان جي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو. (البقره 144)
    هي حڪم رجب يا شعبان 2 هجريءَ ۾ ٿيو هيو حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم بشر بن براء بن معرور رضه وٽ بنو سلمه جي محلي ۾ تشريف وٺي ويا هئا اتي ظهر جي نماز جو وقت ٿيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم بنو سلمه جي مسجد ۾ نماز جي امامت فرمائڻ لاءِ بيهي رهيا ٻه رڪعتون پڙهائي چڪا هئا ته ٽئين رڪعت ۾ اوچتو وحيءَ جي ذريعي تحويل قبلي جي هيءَ آيت نازل ٿي ۽ ان ئي وقت پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جي پيرويءَ ۾ جماعت جي سمورن ماڻهن جان مُنهن بيت المقدس کان خانه ڪعبه ڏانهن ڦري ويا ۽ هي تحويل قبله جي آيت مسجد جي محراب تي لکيل آهي.

    مسجد جمعه:
    مسجد قبا کان ڪجهه فاصلي تي مدينه منوره آباد هيو حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم جڏهن هجرت ڪري مدينه منوره روانا ٿيا هئا ته جمعي جو ڏينهن هيو بنو سالم جي قبيلي ۾ پهتا هئا ته جمعي جي نماز جو وقت ٿي ويو جمعي جي نماز ادا فرمائي مدينه منوره ۾ جمعو هيو ان جڳهه تي پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم جمعو ادا فرمايو اتي مسجد ٺاهي وئي آهي قبا کان واپسيءَ تي ٻه رڪعتون نفل نماز ادا ڪندا.

    مسجد غمامه:
    مسجد نبويءَ ۾ باب السلام کان ٻاهر ايندا ته ڏکڻ اوڀر طرف تقريبن 1500 فوٽن جي مفاصلي تي چار ديواريءَ جي ٻاهر هيءَ مسجد واقع آهي. حضور اقدس صلي الله عليهه وسلم هتي 2 هجريءَ ۾ پهريون دفعو عيد جي نماز ادا فرمائي هئي ۽ نائين صدي هجريءَ تائين عيدن جون نمازون پڙهايون وينديون رهيون. هن کي مسجد مصليٰ به چوندا آهن، پاڻ سڳورن صلي الله عليهه وسلم هن جڳهه تي نماز استسقاء به ادا فرمائي هئي ان وقت ڪڪر (جُهڙ) ظاهر ٿيو ۽ مينهن وسڻ شروع ٿي ويو، انهيءَ لاءِ هن مسجد کي مسجد غمامه به چوندا آهن. هيءَ مسجد هاڻي بند هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي مسجد نبويءَ جي نئين ٺهڻ کانپوءِ هيءَ مسجد نبويءَ جي تمام ويجهو ٿي وئي هئي انهيءَ ڪري هتي نماز نه ٿيندي آهي. ان کي حضور صلي الله عليهه وسلم جي يادگيري طور محفوظ ڪيو ويو آهي.

    جنت البقيع:
    مسجد نبويءَ ۾ روضه مبارڪ صلي الله عليهه وسلم تي درود ۽ سلام کان واندا ٿي ڪري جنهن دروازي کان توهان ٻاهر ويندا ان کي باب بقيع چيو ويندو آهي. ان جي بلڪل سامهون جنت البقيع جو قديم ۽ متبرڪ مشهور قبرستان آهي جيڪو چئني طرفن کان مضبوط ۽ مٿانهين چار ديواريءَ ۾ گِھريل آهي. ان جو مرڪزي دروازو مسجد نبويءَ طرف کلي ٿو. عورتن کي ڪنهن به وقت اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. انهن جي لاءِ زيارت ۽ سلام پڙهڻ لاءِ دروازي سان گڏ ڄاريون لڳايون ويون آهن. هتي گھڻو ڪري عورتون ۽ مرد جمع ٿيندا آهن ۽ جنت البقيع وارن تي سلام موڪليندا رهندا آهن. جنت البقيع ۾ اهل بيت کان علاوه ڏهه هزار صحابه ڪرام رضه هزارا اولياء ڪرام ازواج مطهرات حضور پاڪ صلي الله عليهه وسلم جا صاحبزادا ۽ صاحبزاديون آرام فرما آهن. روايت جي مطابق قيامت ۾ 70 هزار اهڙا نيڪ ماڻهو اٿندا جن جا منهن چوڏينهن جي چنڊ وانگر چمڪندا رهندا ۽ بغير حساب جي جنت ۾ ويندا. حضور اڪرم صلي الله عليهه وسلم اڪثر ڪري جنت البقيع تشريف وٺي وڃي ڪري مغفرت جي دعا فرمائيندا هئا. جنت البقيع ۾ هيءَ دعا پڙهندا جيڪڏهن اندر وڃڻ جو موقعو نه ملي ته قبرستان جي ٻاهران ئي هي دعا پڙهندا:
    اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ یَآاَھَلَ الْبَقِیْعِط یَآاَھْلَ الْجَنَابِ الرَّفِیْعِ ط اَنْتُمْ السَّابِقُوْنَط وَنَحْنُ اِنْ شَآءَ اللّٰہُ بِکُمْ لَاحِقُوْنَ ط اَبْشِرُوْا بِاَنَّ السَّاعَۃَ اٰتِیَۃٌ لَّارَیْبَ فِیْھَاط اَنَّ اللّٰہَ یَبْعَثُ مَنْ فِی الْقُبُوْرِط اٰ نَسَکُمُ اللّٰہُ تَعَالٰی وَشَرَّفَکُمُ اللّٰہُ تَعَالیٰ بِقَوْلِ اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّااللّٰہُ وَحْدَہٗ لَاشَرِیْكَ لَہٗ ط وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدْا عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ ط
    سلام هجي توهان تي اي اهل بقيع اي اعليٰ بارگاه وارﺆ! توهان اسان کان پهريان هليا ويا ۽ اسان انشاالله توهان سان ملڻ وارا آهيون. خوشخبري حاصل ڪيو ته قيامت اچڻ واري آهي، ناهي شڪ ان ۾ ۽ بنا شڪ ۽ شبهي جي الله زنده ڪري اٿاريندو قبرن وارن کي، پسنديده بڻائي ڇڏي الله تعاليٰ توهان کي، عزت وارو ڪري توهان کان ان قول سان ته مان گواهي ڏيان ٿو هي، ته ناهي ڪوئي معبود سواءِ الله جي هو هڪ آهي، ناهي ڪوئي شريڪ ان جو ۽ گواهي ڏيان ٿو ته محمد صلي الله عليهه وسلم الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي.

    مدينه شريف مان رخصت ٿيڻ وقت (الوداعيه دعا):
    توهان جڏهن مدينه منوره کان رخصت ٿيو ته ٻه رڪعتون نفل مسجد نبوي ۾ ادا ڪندا ۽ رسول الله صلي الله عليهه وسلم جي روضي مبارڪ تي ايندا. پنهنجي والدين، مٽ مائٽن ۽ دوستن ۽ سڀني دشمنن جي هدايت ۽ مغفرت جي لاءِ دعا گھرندا ۽ جنھن جنهن ماڻهوءَ توهان کي سلام پڙهڻ ۽ دعا ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي انهن سڀني جي لاءِ دعا گھرندا. حضور صه کان رخصت ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ دعا گھرندا:
    اَللّٰھُمَّ اِنِّیْ اَسْئَلُكَ بِنُوْرِ وَجْھِكَ اَنْ تَغْفِرَلِیْ وَلِجَمِیْعِ اَھْلِ بَیْتِیْ ط وَاَحِبَّآلِٔیْ وَلِنَاشِرِ ھٰذِہِ الْاَدْعِیَۃِ وَلِوَالِدَیْہٖ وَلِلْمُؤْمِنِیْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ مَغْفِرَۃً لَّا تُغَادِرُ ذَنبًا وَّ تُدْ خِلَنَا الْجَنَّۃَ جَمِیْعًا بِغَیْرِ حِسَابٍ ط اَللّٰھُمَّ اَعِذْنَا جَمِیْعًا مِّنْ ھَمَزَاتِ الشَّیَاطِیْنِ ط وَ اَمِتْنَا وَاَمِتْھُمْ مَّعَ الْاِیْمَانِ عَلیٰ مَحَبَّتِكَ وَ مَحَبَّۃِ نَبِیِّكَ صَلّی اﷲُ عَلَیْہِ وَسَلَّمَ وَ سُنَّتِہٖ ط بِرَحْمَتِكَ یَآ اَرْحَمَ الرَّاحِمِیْنَ ط
    ترجمو: يا الله! مان دعا ڪريان ٿو تنهنجي طفيل تنهنجي ذات نور جي، تون مونکي ۽ منهنجي سڀني خاندان ۽ سڀني دوستن ۽ انهن سڀني دعائن جي ناشر ۽ انهن جي والدين ۽ اهل عيال، ڪل مؤمن مردن ۽ عورتن کي بخشي ڇڏ ۽ اسان سڀني کي قبر جي عذاب کان محفوظ رکجان ۽ اهڙي بخشش عطا فرماءِ جو ڪنهن جو گناهه کي باقي نه رهي ۽ اسان سڀني کي بغير حساب جي جنت ۾ داخل فرماءِ. اي اللهٰ! اسان سڀني کي شيطان جي شر کان محفوظ رک ۽ اسان سڀني کي ايمان سان گڏ خاتمو باخير ڪر، اي الله پنهنجي ۽ پنهنجي نبي پاڪ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ ايمان تي اسان جو خاتمو فرماءِ. اي رحم ڪرڻ وارا اسان تي رحم فرماءِ.


    باب ستون:ياد رکڻ جون ڳالهيون

    حج جا ڪجهه انتظامي ۽ شرعي معاملا:
    هيءَ هڪ حقيقت آهي ته حج جي مبارڪ سفر دوران مختلف مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي. هن سفر ۾ حج جي پانڌيئڙن کي ننڍن وڏن مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. هي مسئلا ڪڏهن ڪڏهن مختلف ڪارڻن جي ڪري پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن حاجين جي بي صبري به انهن مسئلن جو باعث بڻبي آهي. شايد انهيءَ لاءِ حج جي نيت ڪرڻ وقت رب تعاليٰ کان نه صرف ان جي قبوليت جي التجا ڪئي ويندي آهي بلڪي حج جي دوران آسانيءَ جي دعا به ڪئي ويندي آهي. سفر جي مختلف مرحلن تي حج جي پانڌيئڙن کي هيٺ ذڪر ڪيل مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو. انهيءَ ڪري اهڙن وقتن ۾ نهايت اعليٰ درجي جي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ۽ هر مرحلي تي ٻين جي ضرورتن کي پنهنجو پاڻ تي ترجيح ڏيڻ گھرجي.

    چيڪ پوانٽس تي تاخير (دير):
    سعودي حڪومت ويزا ڏيڻ کان وٺي حج جي پڄاڻيءَ تائين جا سمورا مرحلا ڪمپيوٽرازڊ ڪري ڇڏيا آهن ۽ نه صرف سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ وقت بلڪي مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي سفر دوران مختلف جڳهن تي چيڪ پوسٽون ٺاهيون ويون آهن جتي حاجين سان تعلق رکندڙ ضروري انفارميشن جي دفتر ۾ داخلا ۽ تصديق ڪئي ويندي آهي. ان سموري ڪاروائيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن چيڪ پوانٽس تي دير جو منهن به ڏسڻو پئجي سگھي ٿو.

    نظم ۽ ضبط /قانون جو احترام:
    حج جي سفر جي تياري جي مرحلي ۾ حاجي ڪيمپ مان ڪاغذ پٽ وٺڻ وقت، گردن ٽوڙ بخار ۽ فلو جي حفاظتي ٽڪن لڳڻ وقت وڏي انبوهه (ماڻهن جو ميڙ) سان به منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. انهيءَ ڪري اهڙن مرحلن تي قطار ٺاهي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪندا.
    سفر دوران ايئرپورٽ تي انتظار جي تڪليف کڻڻي پئجي سگھي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن جھاز جي اُڏام ۾ دير ٿيڻ جي صورتحال به سامهون اچي سگھي ٿي.
    سعودي عرب ۾ ترسڻ دوران ۽ حج فرض جي ادائگيءَ ۾ سعودي تعليمات ۽ وقت به وقت جاري ڪيل حُڪمن جي مڪمل پاسداري ڪندا. نظام کي ٽوڙن سان نه صرف توهان بلڪي پنهنجن ٻين ساٿين کي به مشڪل ۾ وجھي سگهو ٿا. حرم جي حدن ۾ ڪابه هيٺ ڪريل شيء ڪڏهن به نه کڻندا. ان عمل کي چوري ڪرڻ سمجھيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪائي قيمتي شيء هيٺ پيل نظر اچي ته ڪنهن اهلڪار کي سڏي ڪري نشاندهي ڪندا پاڻ نه کڻندا. درحقيقت حج جي سفر جي شروعات کان وٺي ڪري آخر تائين هر مرحلي تي حج جي پانڌيئڙن کي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي.

    روڪ رقم، قيمتي شيون ۽ ذاتي حفاظت:
    روڪ رقم ۽ قيمتي شين جي حفاظت حج جي پانڌيئڙن جي پنهنجي ذميداري هوندي آهي. روڪ رقم ۽ قيمتي شين جي گم ٿيڻ ۽ کيسا ڪٽجڻ جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. انهيءَ ڪري پاڻ سان گڏ سموري رقم هر وقت کيسي ۾ يا بيلٽ ۾ کڻي نه هلندا بلڪي صرف ضرورت جيترا پيسا پاڻ وٽ رکندا ۽ ضرورت کان وڌيڪ رقم ڪنهن محفوظ جڳهه تي رکندا. پنهنجي سامان جي ٿيلهي جي تالن جي چاٻين جا 2 عدد سيٽ مختلف جڳهن تي محفوظ ڪري رکندا ته جيئن هڪ سيٽ گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ٻيو چاٻين جو سيٽ ڪم اچي سگھي.
    حج جا پانڌيئڙا خاص ڪري عورتون رات دير تائين اڪيليون نه گھمن يا ڪنهن اڻ واقف جي سڏ (ڪوٺ) تي ان جي گاڏيءَ ۾ سفر نه ڪن. سدائين گروپ ۾ يا گھٽ ۾ گھٽ ٻه ماڻهو گڏ ملي ڪري هلندا ۽ هر دفعي ٻاهر نڪرڻ وقت پنهنجي مٽ مائٽ، دوست جو موبائيل نمبر پنهنجي کيسي ۾ يا ٻانهن تي لکي ڇڏيندا ته جيئن ڪاغذ يا پرس گم ٿيڻ جي صورت ۾ رابطو ٿي سگھي.
    ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته پاڪستان واپسيءَ تائين توهان وٽ گھٽ ۾ گھٽ 100 ريال موجود هجن ته جيئن تمام گھڻي ضرورت يا جھاز جي روانگيءَ ۾ دير ٿيڻ جي صورت ۾ کاڌو وغيره کائي سگهو.

    هوٽل جا ڪمر ا خالي ٿيڻ ۾ دير (مدينه منوره ۾):
    عام طور تي هڪ ئي ڏينهن مدينه منوره ۾ هڪ گروپ هوٽل خالي ڪندو آهي ۽ ٻيو گروپ انهن ڪمرن ۾ داخل ٿي رهيو هوندو آهي. هوٽل جي انتظاميه جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن گروپ جي داخل ٿيڻ کان پهريان هوٽل جا ڪمرا خالي ڪرايا وڃن پر ڪڏهن ڪڏهن مختلف سببن جي ڪري ان ۾ دير واقع ٿي ويندي آهي. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته اهڙي صورت ۾ انتظاميه سان تعاون ڪن.

    ٽرانسپورٽ بابت لاڳاپيل مسئلا:
    حج جي سيزن ۾ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره وارن روڊن تي ٽريفڪ جي رش ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ بسون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي پهچڻ ۾ گهڻو وقت وٺي ڇڏينديون آهي. انهيءَ ڪري جڏهن به توهان کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي وڃڻ لاءِ بسن ملڻ جو وقت ڏنو وڃي ته عام طور تي ان ۾ دير ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري اهڙي صورت حال ۾ صبر جو مظاهرو ڪندا.
    • حج جي ڏينهن ۾ هزارين گاڏيون هڪ ئي جڳهه کان گڏيل منزل جي طرف روانيون ٿينديون آهن جنهن جي ڪري روڊن تي به بي پناهه رش ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري غير متوقع دير ٿيڻ جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو.
    • گھڻو ڪري بسون صرف حج سيزن ۾ هلنديون آهن ۽ باقي پورو سال بيٺل رهنديون آهن انهيءَ جي ڪري انجڻ يا (AC) جي خرابي جا واقعا پيش اچي سگھندا آهن.
    • حج جي سيزن ۾ سعودي حڪومت وقتي طور تي ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن جي ڊرائيورن کي ڀرتي ڪندي آهي. انهن ڊرائيورن جو تعلق مصر، شام ۽ ٻين آفريڪي ملڪن سان هوندو آهي ۽ عام طور تي هو مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي روڊن رستن کان اڻ واقف هوندا آهن. انهيءَ ڪري پنهنجي منزل تي دير سان پهچندا آهن.
    • مڪه مڪرمه کان مدينه منوره ۽ واپسيءَ تي هر هڪ بس جي مسافرن جي لسٽ هوٽل جي استقباليه (آڌر ڀاءُ ڪرڻ) واري ڪانئوٽر تي لڳائي ويندي آهي. حج جي پانڌيئڙن کي گھرجي ته مليل وقت تي پنهنجي بس ۾ سوار ٿين.
    • جيتوڻيڪ مختلف مرحلن تي سفر جي لاءِ بسون مليل وقت تي ناهن پهچي سگھنديون پر حج جي پانڌيئڙن کي وقت جي پابنديءَ جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي نه ته ٻي صورت ۾ مشڪلات جو منهن ڏسڻو پئجي سگھي ٿو.
    • مدينه منوره کان مڪه مڪرمه جي سفر دوران بسون رستي ۾ هڪ اسٽاپ ڪنديون آهن ۽ اُتي هڪ ئي وقت ۾ ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هونديون آهن. انهيءَ ڪري بسن مان لهڻ وقت پنهنجي بس جو نمبر، رنگ، ڪمپني وغيره چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ گھرجي. نه ته نماز، کاڌي کائڻ جي وقفي کان پوءِ بس ۾ سوار ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي بس ڳولهڻ ۾ مشڪل پيش اچي سگھي ٿي.
    • سعودي عرب ۾ ٽريفڪ ساڄي پاسي هلندي آهي. انهيءَ ڪري رستو پار ڪرڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکندا.

    صحت بابت مسئلا:
    کائڻ پيئڻ ۾ بي احتياطي جي ڪري پيٽ جا مرض ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. انهيءَ ڪري گھڻي مصالحي دار کاڌن کان پاسو ڪندا. اهڙن مرضن کان بچڻ لاءِ شربت ۽ پاڻيءَ جو استعمال وڌيڪ ڪندا. پنهنجي ڪمري ۾ موجود فريزر ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو ضرور ڪندا. کاڌو هميشه صاف جڳهه تي کائيندا. اگھاڙي پير بيت الخلاء ۾ وڃڻ ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

    پاڪستاني کاڌن جا هوٽل:
    ياد رهي ته هن دفعي به سعودي حڪومت جي هدايتن تي کاڌو رهائش گاهن تي حڪومت جي طرفان ڏنو ويندو. تنهن هوندي به بازارن ۾ پاڪستاني هوٽلون به هر هنڌ کليل هونديون آهن.

    خريداري:
    تمام گھڻي خريداري نه صرف مهانگي بلڪي وقت ۽ ذهني سڪون جو زيان به آهي. انهيءَ ڪري بازارن ۾ گھٽ کان گھٽ ويندا ۽ گھڻو وقت عبادتن ۽ پنهنجي رب سان مضبوط تعلق کي ڳنڍڻ ۾ صرف ڪندا. جيڪڏهن خريداري گھڻي ڪري ڇڏي ته واپسيءَ تي سامان گھڻو ٿيڻ جي صورت ۾ ايئرلائين جي گھربل وزن جي حد کي اورانگهڻ جي صورت ۾ ڪرائي جي واڌو رقم ادا ڪرڻ سان مشڪلاتن جو سبب بڻجي سگھي ٿو. (وزن جي حد 30 ڪلو گرام ۽ هينڊ ڪيري 7 ڪلو گرام آهي). کجور مدينه منوره جي کجور منڊيءَ مان ڪجهه سستي اگهه تي ملي سگھندي آهي.

    سامان جي لاءِ احتياط (خبرداري):
    هيٺ ذڪر ڪيل شيون سعودي عرب کڻي وڃڻ تي پابندي آهي ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ تي قانون جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو آهي.
    • خنجر، چاقو، هٿيار، خشخاس (کس کس) ۽ الڪوهل وغيره.
    • منشيات (نشي جي ڪابه شيء) سعودي عرب کڻي وڃڻ جي سزا موت آهي.
    • پاڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو سامان کڻي وڃڻ کان پاسو ڪندا.

    صفائيءَ جو خيال:
    صفائي اڌ ايمان آهي انهيءَ ڪري هر مرحلي تي صفائيءَ جو خاص خيال رکندا. فروٽ جون کلون، ريپرز ۽ خالي بولتون وغيره سدائين گند ڪچري اڇلائڻ واري ٽوڪريءَ ۾ وجھندا. جڳهه جڳهه تي ٿڪڻ کان پاسو ڪندا. روزانو هڪ دفعو ضرور وهنجندا. هميشه صاف لباس پائيندا.

    موبائيل فون:
    سعودي عرب ۾ موبائلي، ساوا ۽ زين نالي موبائيل فون جون وڏيون ڪمپنيون آهن. موبائلي ۽ زين نسبتن بهتر سروس مهيا ڪنديون آهن. ان سلسلي ۾ اهم ڳالهيون هيٺ ذڪر ڪيون وڃن ٿيون:
    • سم ڪارڊ عام طور تي 30، 60 ۽ 90 ريال ۾ ملندا آهن جنهن ۾ اوترو ئي بيلينس موجود هوندو آهي.
    • پاڪستاني موبائيل نمبر جي رومنگ جي سهولت ڏني ويندي آهي. پر هيءَ تمام گھڻي مهانگي پوندي آهي.
    • جده ايئرپورٽ تي يا گھٽين بازارين ۾ سم ۽ موبائيل ڪارڊ وڪڻڻ وارا هوندا آهن. انهن کان خريداري ڪرڻ کان پاسو ڪندا. ڇاڪاڻ ته اهي غير مؤثر ٿي سگهن ٿا. جده ايئرپورٽ جي بلڊنگ جي ٻاهران مختلف موبائيل ڪمپنين جا ڪانئوٽر ٺاهيا ويندا آهن ۽ حرم جي ويجھو ئي ڪيترين ئي فرنچائيز جا دفتر کوليا ويندا آهن. انهيءَ ڪري ايئرپورٽ کان نڪرندي ئي انهن ڪانئونٽرن تان يا مڪه مڪرمه ۾ ڪنهن موبائيل ڪمپنيءَ جي فرنچائيز جي دفتر مان سم خريد ڪندا.
    • پاڻ سان گڏ ڪوبه سستو ۽ سادو موبائيل فون کڻي ويندا. ضرورت کان وڌيڪ يعني (Extra) موبائيل جي بيٽري به منيٰ ۾ ترسڻ دوران فائدي مند ثابت ٿي سگھي ٿي. موبائيل چارجر جا (Three pin converter) ضرور کڻي ويندا. منيٰ ۾ موبائيل چارجنگ لاءِ ايڪسٽينشن بورڊ موجود هجي ته ڪيتريون ٻيون موبائيلز هڪ ئي وقت ۾ چارج ڪري سگھجن ٿيون.
    • ڪوشش ڪندا ته موبائيل گھٽ ۾ گھٽ استعمال ٿئي گھڻو وقت پنهنجي رب جي طرف مائل رهندا.
    • موبائيل تي گاني واري ٽون يا گھنٽي نه رکندا ۽ سڀني نمازن خاص ڪري حرم شريف ۾ موبائيل بند رکندا.

    قربانيءَ جا انتظام:
    حڪومت پاڪستان سرڪاري حج اسڪيم جي تحت حج تي وڃڻ وارن ماڻهن لاءِ عام طور تي سعودي بينڪ جي ذريعي قربانيءَ جو بندوبست ڪندي آهي جيڪو هڪ سٺو انتظام آهي جنهن ۾ قربانيءَ جي گارنٽي به هوندي آهي ۽ گوشت به ضرورت مندن تائين پهچايو ويندو آهي. جيڪڏهن قرباني سرڪاري پيڪيج ۾ شامل نه هجي ته پرائيويٽ ماڻهن يا ٺيڪيدارن جي ذريعي قرباني ڪرڻ کان پاسو ڪندا. بدقسمتيءَ سان ان سلسلي ۾ ڪيترائي ماڻهو دوکو ڏيندا آهن.

    موسم جي شدت (گھڻائي):
    حج جي ڏينهن ۾ مڪه مڪرمه، مدينه منوره خاص ڪري منيٰ ۽ عرفات ۾ اڪثر ڪري درجه حرارت 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويندي آهي ۽ هوا ۾ گِهمَ جو تناسب به گھٽ هوندو آهي. انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪرڻ وقت خاص ڪري حرم وڃڻ وقت ڇٽيءَ جو استعمال ضرور ڪندا ۽ پيئڻ جي لاءِ پاڻي جي بوتل هميشه پاڻ سان گڏ رکندا. جيڪڏهن منجهند جي وقت حرم وڃڻو هجي ته هميشه پاڻ سان گڏ ڇٽي رکندا . وڏي عمر جي حاجين لاءِ عشاء کان پوءِ جو وقت طواف جي لاءِ وڌيڪ مناسب هوندو آهي. عورتون طواف جي وقت جورابا استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ماربل جي فرش تي اگھاڙي پير هلڻ اڻانگو هوندو آهي.

    حرم جي نماز:
    باجماعت نماز جي وقت توهان ڪيترن ئي حاجين کي مطاف ۾ صفن جي وچ ۾ چڪر لڳائيندي ڏسندا جيڪي دراصل نماز جي لاءِ خالي جڳهه جي ڳولها ۾ هوندا آهن. ان مونجهاري کان بچڻ لاءِ طواف جي وقتن جي چونڊ اهڙي طرح ڪندا ته جيئن نماز باجماعت آرام سان ادا ٿي سگھي. مطاف ۾ رڪن يمانيءَ کان وٺي رڪن حجر اسود ۽ مقام ابراهيم جي علائقي تائين تمام گھڻي رش هوندي آهي ۽ اتي جماعت جي وقتن ۾ نماز جي لاءِ جڳهه ملڻ تمام مشڪل هوندو آهي. پر ان وقت حطيم کان وٺي رڪن يمانيءَ جو ڪجهه حصو خالي هوندو آهي ۽ اتي نماز جي لاءِ عام طور تي جڳهه آرام سان ملي ويندي آهي. پر جڏهن گروپ جي صورت ۾ حرم شريف ويندا ته سڄي گروپ کي ڪنهن هڪ هنڌ نماز پڙهڻ جي لاءِ جڳهه ملڻ مشڪل هوندو آهي ها پر ٻن يا ٽن ماڻهن جي لاءِ ويجهو ويجهو جڳهه ملي ويندي آهي.

    منيٰ ۾ نمازون:
    ان موقعي تي منيٰ ۾ نمازن جي باري ۾ ٻه رايا سامهون ايندا آهن جيڪي ڪجهه وقتن تي حج جي پانڌيئڙن جي وچ ۾ بحث ۽ مباحثي جو سبب بڻجندا آهن.
    اول اهو ته منيٰ ۾ نماز قصر ادا ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ منيٰ ۾ حاجي مسافر هوندو آهي ۽ مسافر قصر نماز ادا ڪندو آهي. جڏهن ته ڪجهه علماءَ ڪرامن جو رايو اهو آهي ته جيڪڏهن مڪه، منيٰ ۽ عرفات ۾ مجموئي طور تي پنڌرنهن ڏينهن يا ان کان وڌيڪ ترسڻ جي نيت آهي، مقيم شمار ٿيندو ۽ منيٰ ۾ پوري نماز پڙهندو. سعودي عرب حڪومت به منيٰ کي مڪه مڪرمه جو حصو شمار ڪندي آهي. ٻنهي مان ڪنهن هڪ راءِ تي عمل ڪري سگھجي ٿو.
    ياد رکندا ته حج جي ڏينهن ۾ اسان کي جهيڙي جڳڙي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي باري ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو قرآن مجيد ۾ واضع حڪم موجود آهي.
    لَا رَفَثَ وَلَا فُسُوْقَ وَلَا جِدَالَ فِی الْحَجِّ (البقرۃ:197)
    جيڪڏهن امام صاحب قصر جڏهن ته ڪوئي مقتدي پوري نماز پڙهڻ چاهيندو هجي ته جڏهن امام صاحب پنهنجون ٻه رڪعتون نماز پوري ڪري ڇڏي ته پوري نماز پڙهڻ وارا مقتدي پنهنجي نماز مڪمل ڪندا.

    ڪجهه شرعي مسئلا ۽ انهن جا جواب:
    سوال:عين حج جي پنجن ڏينهن ۾ عورت کي جيڪڏهن حيض جاري ٿي وڃي ته ڇا هوءَ حج جا سڀئي رڪن ان حالت ۾ پورا ڪري سگھي ٿي؟
    جواب:طواف کان سواءِ ٻيا رڪن ادا ڪندي، پوءِ جڏهن حيض کان پاڪ ٿي وڃي ته طواف ڪندي.
    سوال:جيڪڏهن ڪا عورت عمري جي نيت سان مڪه مڪرمه وئي ۽ احرام جي حالت ۾ حيض جاري ٿي پيو ته ڇا اُن کي مڪه مڪرمه پهچي ڪري طواف ۽ سعي ڪري احرام کولي ڇڏڻ گھرجي يا ان کان پهريان پاڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري؟
    جواب: پاڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري، پوءِ جڏهن پاڪ ٿي وڃي ته طواف ۽ سعي ڪري ان کان پوءِ احرام جي حالت مان ٻاهر نڪرندي.

    اخلا ق جي متعلق ڪجهه ڳالهيون:
    • حج جا پانڌيئڙا حج جي مقدس سفر دوران اخلاق جو دامن نه ڇڏن. عملي ۽ ٻين ملڪن جي حاجين سان به اخلاق سان پيش اچن.
    • حاجي ڪيمپ ۾ پنهنجي ٽڪيٽ / پاسپورٽ وٺڻ وقت بد نظمي نه ڪندا بلڪي قطار ۾ رهي ڪري سمورا ڪاغذ پٽ جلد وصول ڪري سگهجن ٿا.
    • هوائي جهاز جي اچڻ يا روانگيءَ ۾ دير ٿي وڃي ته ايئر پورٽ تي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندا ۽ سٺي امن پسند پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏيندا. سگريٽ پيئڻ ۽ فضول گفتگو نه ڪندا تلبيه جو ورد ڪثرت سان ڪندا. سفر جي دوران مليل هدايتن تي سختيءَ سان عمل ڪندا.
    • جده يا مدينه منوره ايئرپورٽ تي توهان کي ڪجهه وقت کائڻ پيئڻ ۽ نماز جي ادائيگيءَ جي لاءِ ملندو انهيءَ دوران به بدنظميءَ کان بچندا، صبر کان ڪم وٺندا ۽ توبهه استغفار ڪندا رهندا.
    • جنهن بلڊنگ ۾ جهڙو به ڪمرو ڏنو وڃي اهو خوشيءَ سان وٺندا ڪُراڙن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ ايثار کان ڪم وٺندا. جيڪڏهن توهان کي هيٺين منزل تي ڪمرو مليو آهي ته توهان انهن کي ڏيندا ته جيئن انهن کي لهڻ چڙهڻ ۾ ڪنهن قسم جي پريشاني نه ٿئي.
    • بلڊنگ ۾ کاڌو ورهائڻ وقت نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪندا ۽ پنهنجي واري اچڻ تي کاڌو وٺندا. کاڌي کائڻ جي ادبن کي ڌيان ۾ رکندي صرف ايترو کائيندا جيترو کائي سگهو.
    • رهائش گاهه تي به توهان کي مختلف مسئلن ۽ مشڪلاتن سان واسطو پئجي سگهي ٿو. ڪنهن به مسئلي جي لاءِ توهان بلڊنگ ۾ موجود اسٽاف سان رابطو ڪندا ۽ صبر کان ڪم وٺندا.
    • مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره کان علاوه ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ جي هرگز اجازت نه آهي، اهڙي طرح جده ايئرپورٽ يا حج ٽرمينل کان توهان جده شهر نٿا وڃي سگهو.
    • مقدس جڳهن تي دنياوي ڳالهين کان پاسو ڪندا.
    • مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ سنگ مرمر جا فرش ٻڌل آهن انهن تي احتياط سان هلندا.
    • حج جي پنجن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي بوتل پاڻ سان گڏ ضرور رکندا.
    • مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي وڃڻ وقت وڌيڪ رقم پاڻ سان گڏ نه رکندا.
    • طواف يا شيطانن کي پٿريون هڻڻ وقت جيڪڏهن توهان جي ڪا شيء هيٺ ڪري پوي ته ان کي کڻڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪندا. ائين ڪرڻ سان هيٺ ڪِرڻ جو خطرو هوندو آهي. جيڪڏهن خدانخواسته ڪري پوي ته رش جي ڪري چيڀاٽجڻ يا موت جو به ڊپ هوندو آهي احتياط ڪندا.
    • عورتون حرم شريف وڃڻ وقت شيشي جون چوڙيون پائي نه وڃن ڇاڪاڻ ته رش ۾ چوڙيون ٽٽڻ سان توهان پاڻ به زخمي ٿي سگهو ٿيون ۽ ٻين حاجي سڳورن جا پير به زخمي ٿي سگهن ٿا.
    • عورتون وڏيءَ کڙيءَ وارو سينڊل نه پائن انهيءَ سان هلڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ جلدي ٿڪجي پوندا.
    • عورتن جي لاءِ عبايا پائڻ ضروري آهي عورتون اهڙو لباس نه پائن جيڪو ملڪي وقار خلاف هجي خاص ڪري سنهو لباس نه پائن جنهن سان توهان جو جسم ظاهر ٿئي.
    • عورتون جنهن بلڊنگ ۾ رهائش رکندڙ هجن انهيءَ بلڊنگ ۾ رهندڙ ٻين عورتن سان رابطو رکن ۽ ڏکيي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد به ڪن.
    • پنهنجي ڪمري ۽ بلڊنگ ۾ صفائيءَ جو خيال رکندا جيڪڏهن صفائيءَ وارو نه به اچي ته صفائي پاڻ ڪندا ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکندا.
    • حرم جي حدن ۾ ڪابه هيٺ ڪريل شيء هرگز نه کڻندا. ان عمل کي چوري سمجهيو ويندو آهي.
    • ڪنهن حادثي جي صورت ۾ گهٻراهٽ (ڀڄ ڊوڙ) پيدا نه ڪندا ۽ زخمي يا ميت (لاش) کي پاڻ نه کڻدا بلڪي ويجهي سيڪٽر آفيس کان مدد وٺندا يا پاڪستان هائوس ۾ اطلاع ڏيندا.
    • حق تي به هجو تڏهن به جهيڙو جڳڙو نه ڪندا. مذهبي ۽ سياسي گفتگو/ بحث کان پاسو ڪندا.
    • جيڪڏهن ڪنهن رش ۾ ڦاسي پئو ته انهيءَ طرف هلندا جنهن طرف سڀ هلندا هجن ابتڙ پاسي هرگز نه هلندا.
    • گڏيل رهائش تي اعتراض نه ڪندا. ڪُراڙن ڪمزورن ۽ عورتن کي رضاڪارانه جڳهه ڏيندا. ضعيف ڏٻرن ماڻهن جي لاءِ خدام الحجاج کان مدد وٺندا. گنجائش کان وڌيڪ حاجي ڪمري ۾ رهايا وڃن ته پاڪستان هائوس يا خدام الحجاج کي اطلاع ڏيندا. پاڻ ۾ نه جڳڙندا.
    • لفٽ ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار نه ٿيندا. واري واري تي استعمال ڪندا.
    • باٿ روم اڪثر ڪري 8 کان 12 ماڻهن جي استعمال لاءِ هوندا آهن. واري واري تي استعمال ڪندا.
    • بيت الخلاء ۾ پٿر ڀتر استعمال نه ڪندا نه ته گٽر بند ٿي ويندو ۽ سڀني کي تڪليف ٿيندي.
    • انگريزي طرز جي ڪموڊ جو استعمال ضرور سکندا. ڪجهه غسل خانن ۾ استنجي (طهارت) جي لاءِ الڳ ڪموڊ هوندو آهي ان کي صرف استنجي لاءِ استعمال ڪندا.


    باب اٺون:حج جي سفر جي لاءِ طبي سهولتون

    حج جي پانڌيئڙن جي علاج معالجي جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ نه صرف حڪومت پاڪستان بلڪه سعودي حڪومت به وسيع انتظام ڪندي آهي. ان مقصد جي لاءِ سڀني طبي مرڪزن ۽ اسپتالن ۾ مُفت سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن. مڪه مڪرمه ۾ حاجين سڳورن جي سهولت جي لاءِ سعودي اسپتال ۽ 75 طبي مرڪز ٺاهيا ويا آهن انهن کان علاوه حڪومت پاڪستان جو ميڊيڪل حج مشن حج جي پانڌيئڙن جي لاءِ هڪ وڏي اسپتال به قائم ڪندو آهي جتي هر قسم جون سهولتون موجود هونديون آهن ان کان علاوه مختلف بلڊنگز ۾ ڊسپينسريون به ٺاهيون ويون آهن جتي ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪواليفائيڊ عملو هر وقت موجود هوندو آهي. جن جي نشاندهي سڀني بلڊنگز ۾ ڪئي ويندي آهي. تمام گھڻي ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ بلڊنگ ۾ موجود معاون يا چوڪيدار جي مدد سان سعودي هلال احمر جي ايمبولينس گُهرائڻ لاءِ 997 تي رابطو ڪندا.
    حج جي دوران انهن مقدس جاين تي صرف سعودي حڪومت طبي مرڪز ۽ اسپتالون قائم ڪندي آهي ڪنهن ٻي حڪومت کي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جي اجازت ناهي هوندي. منى ۾ 6 وڏيون اسپتالون ۽ 44 طبي مرڪز قائم ڪيا ويندا آهن. جنهن جي نشاندهي مختلف روڊن تي بورڊ لڳائي ڪري ڪئي ويندي آهي انهيءَ ڪري حج جي پانڌيئڙن کي طبي سهولتن جي لاءِ پنهنجي رهائش گاهن کان وڌيڪ پري نه وڃڻو پوندو آهي. هتي سڀئي سهولتون مثال طور ضروري دوائون وغيره مُفت ڏنيون وينديون آهن. منى ۾ وڏين اسپتالن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

    نمبر شمار اسپتال جو نالو هنڌ
    1 مستشفى الطوارى مسجد خيف وٽ
    2 مستشفى الواردى زون 6 ۾ رستو نمبر 616 تي
    3 مستشفى الجديد زون 2 ۾ رستو نمبر 202 تي
    4 مستشفى القوات المسلح زون 7 ۾ طريق 44 القصر المکي تي
    5 مستشفى منى الجسر ڪبري عبدالعزيز جي ويجھو
    6 مستشفى الحرس الوطنى طريق 44 القصر المکي تي ڪبري عبدالعزير جي ويجھو

    ضروري طبي هدايتون:
    • روانگيءَ کان پهريان گردن ٽوڙ بخار ۽ فلو (Influenza) جا حفاظتي ٽڪا به لڳرائيندا.
    • حج کان پهريان ورزش ۽ پنڌ هلڻ جي عادت وجهندا. پنهنجي وزن کي مناسب رکندا.
    • طبي ڪٽ (Medical Kit) جنهن ۾ سموريون دوائون هجن پاڻ سان گڏ رکندا.
    • حج تي وڃڻ کان پهريان پنهنجي ڏندن جو معائنو ڪرائيندا.
    • غير ضروري دوائن جي استعمال کان پاسو ڪندا ۽ دوائون صرف ڊاڪٽر جي هدايتن جي مطابق استعمال ڪندا.

    حج جي دوران ضروري طبي هدايتون:
    • حج جي مناسڪ جي ادائگيءَ ۾ اعتدال (وچٿرائي نه گھٽ نه وڌ) رکندا، ضرورت کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي تڪليف نه ڏيندا.
    • ذاتي صفائيءَ جو خيال رکندا.
    • کاڌو کائڻ کان پهريان هٿن کي چڱي طرح ڌوئندا.
    • اهو کاڌو کائيندا جيڪو ڍڪي ڪري رکيو ويو هجي.
    • دٻي ۾ بند کاڌو معياد جي مطابق کائيندا. (جنهن تي Expiry date لکيل هجي).
    • فروٽ، سبزيون ۽ اٻريل کاڌو کائيندا ته جيئن معدي جو مسئلو نه ٿئي.
    • بازارن ۾ گھٽ ۾گھٽ ويندا ته جيئن ٿڪاوٽ گھٽ ٿئي.
    • رش ۾ ڌڪي ڏيڻ کان پاسو ڪندا.
    • سرنگ (Tunnel) ۽ روڊ تي سمهڻ کان پاسو ڪندا.
    • انهن ماڻهن سان گڏ گھٽ ويهندا جن کي وچڙندڙ بيماري هجي.
    • حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ کان پهريان مناسب آرام ڪندا ته جيئن توهان جو جسم تازو توانو رهي.
    • بغير ڪنهن ضرورت جي اُس ۾ نه ويندا جيڪڏهن وڃڻ ضروري هجي ته پاڻي گھڻو پيئندا، نمڪول استعمال ڪندا ۽ اُس ۾ ڇٽيءَ جو استعمال ضرور ڪندا. جيڪڏهن احرام ۾ نه هجو ته مٿو ڍڪي رکندا.
    • بيماريءَ جي صورت ۾ پاڪستاني يا سعودي ڊسپينسريءَ مان مفت علاج ڪرائيندا.ممڪن ٿي سگھي ته ڊسپينسريءَ تائين پهچائڻ ۾ ٻين مريضن جي مدد ڪندا.

    طبي ڪٽ (Medical Kit):
    طبي ڪٽ حج جي پانڌيئڙن وٽ هئڻ ضروري آهي. ان ۾ دوائون ٻن طرح جون هئڻ گھرجن.

    (الف) دائمي (هميشه وارين) بيمارين جون دوائون:
    • هائي بلڊ پريشر (Hypertension) ۽ دل جي مرضن جون دوائون.
    • ذيابطيس (شوگر) (Diabetes) جي مريضن جي لاءِ انسولين (Insulin) جون انجيڪشن ۽ شوگر کي قابو رکڻ واريون دوائون.
    • دم (Asthma) جي مريضن جا انهيلر (Inhaler).
    • سموريون دوائون ڊاڪٽر جي مشوري سان سفر کان پهريان مناسب مقدار ۾ کڻندا.

    (ب) عام علامتن جي علاج جون دوائون:
    • او-آر-ايس (ORS) جيئن نمڪول جيڪو حج پانڌيئڙن کي سن اسٽروڪ (لُو لڳڻ) ۽ گھڻا دست (Diarrhea) ۾ پاڻيءَ جو جسم کان وڌيڪ نڪرڻ کانپوءِ ضروري هوندو آهي.
    • بخار ۽ سُور ختم ڪرڻ جون دوائون.
    • سڙڻ (Burn) جي تڪليف ۽ داغ ختم ڪرڻ جي مرهم.
    • معدي جي تيزابيت کي گھٽ ڪرڻ جون دوائون.
    • پٽي، ڪپهه ۽ سني پلاسٽ (Suniplast) .

    وچڙندڙ مرضن جي (Communicable Diseases)متعلق اهم هدايتون:
    حج جي مقدس موقعي تي پوري دنيا کان ماڻهو ايندا آهن ۽ بنيادي طبي معلومات نه هجڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيمايون پکڙجي سگھن ٿيون جھڙڪ فلو (Influenza) هيپيٽائٽس انهن بيمارين جون علامتون آهن. بخار، درد (سور) ٿڪاوٽ. مٿي ۾ گھڻو سور به انهن بيمارين جو حصو آهي. انهن علامتن سان گڏ ڊاڪٽر سان رابطو ڪندا. درج ٿيل هدايتن تي پڻ عمل ڪندا:
    • کاڌي کي چڱي طرح صاف ڪري کائيندا.
    • پاڻي صاف ۽ گهڻي مقدار ۾ پيئندا.
    • اس ۾ وڌيڪ هلڻ ۽ بيهي رهڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون ٿي سگھن ٿيون.
    • ڪپڙا هلڪا ۽ صاف پائيندا.
    • چمڙيءَ کي خشڪ رکندا ۽ ٽيلڪم پائوڊر استعمال ڪندا.
    • زخم کي ڍڪي رکندا ۽ جراثيم ختم ڪرڻ واري ِ دوا استعمال ڪندا.
    • حج کان پوءِ وار صاف بليڊ سان ڪوڙائيندا ته جيئن (HIV) ۽ هيپاٽائيٽس کان بچي سگھجي.

    غير متعدي (Non Communicale Diseases)بيمارين متعلق ضروري هدايتون:
    (الف) سن اسٽروڪ (لُو لڳڻ) (Sunstroke)
    • سج جي ٽاڪ گرميءَ ۾ وڌيڪ دير بيهڻ سان لو (لُڪَ) لڳي سگھي ٿي. جنهن سان جسم جا وڌ ۾ وڌ نمڪيات ۽ پاڻياٺ نڪري ويندا آهن. ان سان ڪمزوري ۽ بي هوشي ٿي سگھي ٿي.
    • اُس ۾ ڇٽيءَ جو استعمال ڪندا. اُن کان بچڻ لاءِ گهڻي دير سج ۾ نه بيهندا.
    • پاڻي پيئڻ جو مقدار وڌيڪ ڪندا توڻي جو اڃ نه به لڳي.
    • وڌيڪ ٿڌو پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪندا.
    (ب) دل جا مرض (Heart Diseases):
    • دوائون باقاعدگيءَ سان کائيندا.
    • ضرورت کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي نه ٿڪائيندا.
    • سيني ۾ سُور هجڻ جي صورت ۾ زبان جي هيٺان رکڻ واري ٽڪي استعمال ڪندا.
    • پوري طرح آرام ڪندا.
    • سيني ۾ غير معمولي سُور ٿيڻ جي صورت ۾ اسپتال سان رابطو ڪندا.
    (ٻ) ذيابطيس (شوگر) (Diabetes):
    • ذيابطيس (شوگر) جا مريض انسولين کي ٿڌي جڳهه تي رکن.
    • انسولين ۽ شوگر کي قابو رکڻ واريون دوائون وقت تي باقاعدگيءَ سان استعمال ڪندا.
    • کاڌي جي وقتن جو خيال رکندا ۽ کاڌي کائڻ ۾ وڌيڪ وقفو نه رکندا.
    • پنهنجي آرام جو خيال رکندا.
    • شوگر کي حد کان وڌيڪ يا گھٽ ٿيڻ نه ڏيندا.
    • کيسي ۾ هر وقت مٺي ٽڪي رکندا.
    • شوگر گھٽ هجڻ جي صورت ۾ مٺي ٽڪي چوسيندا.
    (ڀ) دم جا مريض (Asthma):
    • دوائون باقاعدگيءَ سان کائيندا.
    • هر وقت پاڻ سان گڏ انهيلر رکندا.
    • آرام جو خيال رکندا. وڌيڪ رش ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندا.
    • سيني ۾ سڙڻ جي صورت ۾ اينٽي بايوٽڪ پاڻ سان گڏ رکندا.
    • پاڻي وڌيڪ پيئندا ۽ تيز اُس ۾ گھٽ رهندا.
    (ت) هائي بلڊ پريشر جا مريض (Hypertension):
    • دوائون باقاعدگيءَ سان استعمال ڪندا.
    • کاڌي ۾ لوڻ جو مقدار گھٽ رکندا.
    • پنهنجو بلڊ پريشر (Blood presure)باقاعدگيءَ سان چيڪ ڪرائيندا.
    (ٿ) ساهه جو انفيڪشن (نمونياRespiratory track infection)(:
    • ساهه جي انفيڪشن حج جي موقعي تي ڪيترن ئي حاجي سڳورن کي ٿيندي آهي. ان کان بچڻ جي لاءِ هٿن جي صفائيءَ جو خيال رکندا.
    • منهن تي ماسڪ جو استعمال ڪندا.
    • کنگهڻ وقت منهن تي هٿ رکندا.
    • فاصلو رکي ڪري ڳالهائيندا.
    • وڌيڪ ٿڌي پاڻيءَ کان پاسو ڪندا.
    • جيڪڏهن ٽي بي جي علامت محسوس ٿئي جيئن کنگهه سان گڏ بلغم يا رت ، سيني ۾ سُور، ڪمزوري بخار ۽ رات جو پگهر اچي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪندا.


    باب نائون :حادثن کان بچاءُ

    باهه کان بچاءُ:
    باهه لڳڻ جا بنيادي سبب ۽ انهن جي بچاءَ جا طريقا هيٺ بيان ڪجن ٿا:
    • بجلي جو شارٽ سرڪٽ.
    • بجلي جي تارن جا ڪنيڪشن ڍلا نه ٿيڻ ڏيندا.
    • هڪ پوائنٽ ۾ هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ بجلي جا اوزار استعمال نه ڪندا نه ته تارون گرم ٿي ڪري باهه پکڙجي سگھي ٿي.
    • بجليءَ جي استري سان به باهه لڳي سگھندي آهي. ان جي استعمال ۾ احتياط ڪندا. گرم استري ڇڏي نه ويندا جيڪا ڪپڙي تي لڳي ڪري باهه لڳڻ جو سبب ٿي سگھي ٿي.
    • رهائشي جڳهن تي خيمن جي اندر ۽ ٻاهر مناسب صفائي هئڻ گھرجي. گند ڪچرو اڇلڻ لاءِ ٽوڪري استعمال ڪندا. وکريل ڪاغذ ۽ ڪپڙا باهه کي دعوت ڏيندا آهن.
    • خيمن جي اندر کاڌو نه پچائيندا.
    • سمهڻ وقت بستري تي سمهي ڪري سگريٽ نه پيئندا.
    • ٻرندڙ سگريٽ کي بي احتياطيءَ سان نه اڇليندا بلڪي ان کي وسائي Ashtray ۾ وجهندا.
    • ماچس کي ٻارن جي پهچ کان پري رکندا.
    • گيس جي سلينڊر کي هميشه سڌو رکندا.
    • گيس سلينڊر ان جي ٽيوب کي گرمائش کان بچائي رکندا.
    • گيس سلينڊر جڏهن استعمال ۾ نه هجي ته ٻُجيءَ کي مظبوطيءَ سان بند رکندا.
    • گيس سلينڊر کي چلهي کان گھٽ ۾ گھٽ ڇهه ميٽرن جي فاصلي تي رکندا.
    • جيڪڏهن سلينڊر مان گيس نڪرندي هجي ته ان کي صابڻ سان چيڪ ڪندا باهه جي ذريعي ڪڏهن به چيڪ نه ڪندا.
    • گيس جو چلهو يا هيٽر استعمال ڪرڻ وقت گيس جي خارج ٿيڻ تي ڌيان رکندا. ان سان گيس جمع ٿي ڪري ڌماڪو ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪمري ۾ گيس جي ڌپ محسوس ڪريو ته پڙدا ۽ دريون کولي ڇڏيندا ۽ ارد گرد ماڻهن کي هوشيار ڪندا.
    • باهه لڳڻ جي صورت ۾ مدد لاءِ دانهيندا.
    • پاڻي يا واري باهه جي ڀڀڙ تي هاريندا.
    • باهه کي ويجهي کان ويجهو ٿي ڪري وسائيندا.
    • باهه جي آس پاس کان سڙڻ وارين شين کي هٽائيندا.
    • بجلي جي باهه هجي ته سوئچ بند ڪري ڇڏيندا.
    • تيل جي باهه کي واريءَ سان وسائيندا. پاڻيءَ سان وسائڻ جي ڪوشش نه ڪندا.
    • جيڪڏهن ڪٿي باهه بي قابو هجي ته هڪدم پهريان کان ڏنل هنگامي نمبر تي ٽيلي فون ڪندا.
    • جيڪڏهن ڪنهن جي ڪپڙن کي باهه لڳي وڃي ته ڪمبل يا ڪوٽ وغيره ۾ ويڙهي زبردستي هيٺ ڪيرائيندا ۽ ٿڀڙن سان باهه کي وسائيندا ان تي پاڻي هرگز نه وجهندا.
    • جيڪڏهن پنهنجي ڪپڙن کي باهه لڳي وڃي ته هڪدم هٿن سان منهن کي ڍڪي ڇڏيندا ۽ زمين تي ليٽڻ شروع ڪندا ۽ مدد لاءِ سڏيندا.
    • دونهي واري ڪمري ۾ بي هوش ماڻهوءَ کي ڪڍڻ لاءِ فرش تي ريڙهيون پائيندي ڪمري ۾ داخل ٿيندا ۽ ان جا ٻئي هٿ ٻڌي ڪري پنهنجي ڳيچيءَ ۾ وجهندا ۽ گھليندا ٻاهر کڻي ايندا.

    صدمي جو علاج:
    • مريض کي سمهاريندا.
    • مريض جي جسم کي گرم رکندا.
    • مٿو جسم جي سطح کان هيٺ رکندا جيڪڏهن مٿي ۾ ڍڪ لڳل هجي ته ان کي مٿانهون رکندا ۽ رت وهي رهيو هجي ته ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا.
    • بي هوشيءَ ۽ نيم بي هوشيءَ ۽ الٽي اچڻ جي صورت ۾ زخميءِ کي ڪجهه نه پيئاريندا.
    • هوش اچڻ تي گرم ۽ گھڻي مِٺي چانهه پيئاريندا.

    دم گھٽجڻ جو علاج:
    • مريض کي ان شيءَ کان پري ڪندا جنهن سان دم گھٽجي رهيو هجي. جيڪڏهن مريض ڪنهن بجلي جي تار کي ڇُهي رهيو هجي ته ان کي هٿ نه لڳائيندا.
    • اهڙي صورت ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ ڪاٽي ڇڏيندا يا بجلي جي تار کي الڳ ڪرڻ لاءِ سُڪل ڪاٺيءَ جو ٽڪرو يا رٻڙ جو پائيپ استعمال ڪندا.
    • دونهي ۾ ورتل مريض کي جلدي ٻاهر ڪڍي ايندا.
    • هٿرادو ساهه کڻڻ جي طريقي سان مريض جو ساهه بحال ڪندا.

    ساهه جاري ڪرڻ جا مصنوعي (هٿرادو) طريقا:

    (الف) منهن سان منهن ملائي ڪري:
    • منهن سان منهن ملائي ڪري زخميءَ جي مٿي کي پوئتي سرڪائيندا ان جي کاڏيءَ کي مٿي رکندا.
    • مريض جي ڄاڙي کي اهڙي طرح دٻائيندا ته جيئن ان جو وات کلي وڃي.
    • پنهنجو منهن پورو کوليندا ۽ مريض جي منهن تي مظبوطيءَ سان رکندا.
    • منهن جي ذريعي زور سان ڦوڪ ڏيندا.
    • پنهنجي منهن کي ٿوري دير جي لاءِ هٽائي ڇڏيندا.
    • ساهه ڦوڪڻ جو هي عمل مسلسل جاري رکندا ته جيئن وقت تي مريض جو ساهه کڻڻ جاري ٿي وڃي.

    (ب) شيفر جو طريقو:
    • مريض کي پيٽ ڀر سمهاريندا ۽ ان جي چيلهه تي گوڏن ڀر ويهي رهندا.
    • ٻنهي هٿن سان مريض جي چيلهه جي هيٺين حصي تي ٽن سيڪنڊن تائين دٻائيندا ۽ ٻن سيڪنڊن لاءِ زور ڏيڻ ڇڏي ڏيندا.
    • هي عمل جاري رکندا ته جيئن مريض جو ساهه کڻڻ بحال ٿي وڃي.

    وهندڙ رت کي روڪڻ:
    • زخم کي هڪدم هڪ صاف ڪپڙي سان ڍڪيندا. جيڪڏهن ڪپڙو نه ملي ته پنهنجي اگهاڙي هٿ سان زخم کي ڍڪيندا.
    • زخم تي ٿورو زور ڏيندا.
    • زخم تي زور ڏيڻ وقت زخمي هٿ ۽ پير مٿي کڻندا.
    • جيڪڏهن رت رڳ مان وهي رهيو هجي ته آنڱر جو دٻاءُ جسم جي مخصوص جڳهه يعني پريشر پوانٽ تي وجھندا. اهڙي طرح رت جو وهڻ گھٽ ٿي ويندو.
    • جيڪڏهن زخم ڳيچيءَ يا مٿي جي ويجھو هجي ته اهو طريقو استعمال نه ڪندا بلڪي زخم تي سڌو دٻاءُ وجھندا.

    جيڪڏهن هڏي ٽُٽي وڃي:
    • جيڪڏهن هڏي ٽُٽڻ جو خدشو هجي ته مريض کي حرڪت ڪرڻ نه ڏيندا.
    • جتي زخمي ماڻهو ويٺو هجي يا ستو پيو هجي اتي پلستر جي پٽي لڳائيندا.
    • پلستر جي پٽي لڳائڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي ضرورت پوندي آهي.
    • زخمي ٿيل هٿ پير کي نرمي ۽ مضبوطيءَ سان پڪڙيندا. هڪ هٿ زخمي حصي جي مٿان رکندا ۽ ٻيو هيٺان رکي آهستي سان ڇڪيندا.
    • جيڪڏهن ريڙهه جي هڏيءَ جو مسئلو هجي ته ڪڏهن به زخميءَ کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا.

    آله آتش ڪشي (فائر اڪسٽنگ شر) جو استعمال:
    • باهه وسائڻ واري آلي تي جيڪو استعمال لکيل آهي ان کي غور سان پڙهندا ۽ هدايتن تي عمل ڪندا.
    • باهه کي ويجهي کان ويجهو ٿي ڪري وسائيندا. آله آتش ڪشي جي نوزل (نالي) باهه جي جڙ جي طرف رکندا ۽ شعلن جي مٿان گيس يا پائوڊر نه وجھندا.
    • آله آتش کي ڪڏهن به هوا جي رُخ جي مخالف استعمال نه ڪندا.
    نوٽ: حاجي سڳورا جڏهن به ڪٿي گاڏي يا بس وغيره ۾ سوار ٿي رهيا هجن ته ان شيء جو اطمينان ڪري وٺن ته ان ۾ مناسب باهه وسائڻ جي سهولت موجود آهي.


    سعودي عرب ۾ ڳالهه ٻول جا عام لفظ

    عربي = سنڌي
    حَلِيْب = کير
    مَآء مَوْيَا = پاڻي
    شَائى = چانهه
    لَبْنّ = لسي
    تَمَر = کجور
    خُبُز تَمِيْز = ماني
    دَجَاج (مقلى) = مرغي (روسٽ)
    دَجَاج (شوايا) = مرغي (ڀڳل)
    عَدَس = دال
    اَرُزّ = چانور
    لَحْمٌ = گوشت
    بَيْضَه = انڊو
    فُنْدَق = هوٽل
    عَصِيْر = جوس
    طَعَام = کاڌو
    سُوق = بازار
    غَدَا = منجهند جي ماني
    فَطُوّر = ناشتو
    بَقَالَه = جنرل اسٽور
    عَشَآء = رات جي ماني
    صَيْدَلِيَّه = ميڊيڪل اسٽور
    طَبِيْب = ڊاڪٽر
    حَلَّاق = حجم
    حَمَّام = غسل خانو
    حَرِيْم = زنانو
    رِجَالِى = مردانو
    نَفَق = سرنگ
    حَافِلَة = بس
    كُبْرِى = فلائي اوور پل
    طَرِيْق = رستو
    جَوَّالْ = موبائل فون
    بَطَاقَه = ڪارڊ
    طَيَّارَه = جهاز
    مَطَار = ايئرپورٽ
    جَوَازْ = پاسپورٽ
    شُرطَه پوليس
    مَحَطَّةُ الْقِطَارِ = ريلوي اسٽيشن
    قِطَار = ٽرين


    ليکڪ جو تعارف

    نالو: نور محمد سومرو
    ادبي نالو: نور محمد نور سومرو
    ولديت: خير محمد سومرو
    تاريخ پيدائش: 17 نومبر 1965
    ڄم جو هنڌ: مورو ضلع نوشهرو فيروز
    تعليم ايم اي (Eco) ، SALU , خيرپورميرس
    شادي پنهنجي سوٽ حميده سان 9 جنوري 1997
    اولاد اريج نور نياڻي 22 سيپٽمبر 1999
    جواد احمد پٽ 16 جنوري 2002
    فواد احمد پٽ 18 آڪٽوبر 2003
    حسيب احمد پٽ 2 فبروري 2007
    ماهه نور نياڻي 20 نومبر 2010
    نوڪري ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرحج
    وزارت مذهبي امور،حاجي ڪيمپ سکر
    حج جي سعادت 1998، 2002، 2005 ۽ 2015

    ڇپيل ڪتاب:
    رفيق حج 2014
    حج جي سفر جي عملي رهنمائي 2015
    حاجي سڳورن لاءِ اهم هدايون 2015
    اہم ہدایات برائے عازمین حج 2015
    رهبر حج 2016 (وزارت مذهبي امور) (ترجمو)
    رهبر حج 2017 (وزارت مذهبي امور) (ترجمو)
    رهبر حج 2018 (وزارت مذهبي امور) (ترجمو)
    (توهان جي هٿن ۾)

    جلد ايندڙ ڪتاب:
    حج فرض ۾ جلدي ڪريو بهانا نه ٺاهيو
    فرض حج میں جلدی کیجئے بھانے نہ بنائیے
    رہبر عمرہ (قرآن و حديث کی روشنی میں)
    ISBN 978-969-7664-00-9
    رهبر عمرو(قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾)
    ISBN 978-969-7664-01-6
    رہبر حج (قرآن و حدیث کی روشنی میں)
    ISBN 978-969-7664-02-3
    رهبر حج (قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾)
    ISBN 978-969-7664-03-0
    مشاعر مقدسه (منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات) جو تعارف (تصويرن سان)
    مشاعر مقدسہ (منیٰ، مزدلفہ اور عرفات) کا تعارف (باتصویر)
    تاريخ ۽ حج جو فلسفوساڻ جامع دعاء عرفات
    تاریخ و فلسفہء حج مع جامع دعاء عرفات
    عمرے کہ سفر کی عملی رہنمائی (قدم بہ قدم)
    عمري جي سفر جي عملي رهنمائي (قدم به قدم)

    ڏس پتو گهر نمبر 1033، هاشمي گھٽي، محله گودو شاپ، خيرپور ميرس سنڌ
    رابطي لاءِ 03337823941


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1250718
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385172
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ