ڪتاب جو نالو: پوئين پهر جي چانڊوڪيءَ ۾
مصنف: اصغر جتوئي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 24 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 562 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 214 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڏِٺو وڃي ته اصغر جتوئيءَ جو شعري مجموعو ”پوئينءَ پهر جي چانڊوڪي ۾“ سهيڙيل شاعري جو سڀاءُ گهڻو تڻو داخليت تي آڌاريل نظر ايندو. جنهن ۾ سندن سوچ جي آزادي تخيل جا منظر اُڻيندي پسجي ٿي. سندن شاعراڻو اسلوب حقيقت ۽ احساس جي ڀرپور عڪاسي آهي، اندر جي اڪيلائي جا نوحا لکيا آهن. پر سندن سوچ ۽ لوچ ۾ سماجي اوڻاين ۽ انساني بدحاليءَ جو عڪس به چِٽو پِٽو بکي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 128 هون
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  •   پنهنجي پاران
  •   مهاڳ : زندگيءَ جي سچائي جو شاعر
  • هر منظرجو شاعر : اصغر
  • سُرُ وارياسو : بيت ۽ وايون

  • جا گهڙي تنهنجي ياد ۾ گُذري
  •   اُجرا جهرڻا ڀونءِ تي
  •   ڇَائنجَ مون مٿان، ٿي ڇانورو گهر جو
  •   سڀئي رنگ ڦِڪا، تنهائيءَ جي جهنگ ۾
  • ٿي واءُ واچوڙا پئي!
  •   سڀ ساٿي سُڃَ جا
  • جيڪر ڪا جل ٿل!
  • وارياسي تي اڄ واري، اُڀري آيو چَنڊُ 
  • جيجل وريو واءُ! 
  • مُندَ آئي ٻيِرن جي، 
  • جُهڙُ ڦُڙُ وُٺي جَهامَ
  • سڏي ٿَرَ واري، الا!
  • چنڊ جي چانڊاڻ ۽
  • گِهميل واريءَ تي پيا، سورج جا ڪرڻا!
  •   تو ريءَ نوري! ڄَامَ جا-
  •   اُجهڻ تي آ لاٽ
  •   آءٌ اڪيلو سُڃي واٽَ
  •   تولئه تنهنجي وَاٽَ تي
  • لامون ساڙيون لُکَ،
  • ڏيئڙا ڏيئڙا جَڳُ
  • پنهنجي گهر جا گهاٽَ!
  • مونکي سُپرين منهنجو
  • ساريم ناز حِجابَ جا!
  • ڪر نه ايڏو فخر تون، اي چنڊَ! تنهنجي!
  • گوندر منجهه گڏي
  • سُرها گُلَ هٿن ۾، مُئي پُڄاڻان قبر تي!
  • جَاڳَ جا ڀَاڳَ ۾ ملي آهي
  • سَارا سُورَ سَٽي!
  • سَرمايو آهي!
  • بيوس مونکي ڏِسي
  • دل جا دَرَ کولي!
  • دل-اَلبم ۾ اڃان!
  • ڇا؟ مونکي ياد ڪري!
  • ڏاڍو دِل روئي
  • آءٌ اڄ آخري ڀيرو
  • مان مُرڪي ويهندو هان
  • محتاج تنهنجي پيار جي
  • پوريل تنهنجو پيارُ
  • پوئين پهر جي چانڊوڪيءَ ۾
  • وارياسي تي وو الا!
  • مَ ڏي مهڻا ماءِ، مان پنهنجي وَسِ ڪِٿي
  • ٻهَ ڳوڙها، هڪ سَارَ!
  • بيت
  • نم نم منهنجا نيڻ : غـــزل

  • جيئن جيئن رات ٺري آهي
  • ڪملي ڪيڏو ڪَچُ ڪري ٿي
  • ياد جي چوچي ڏنڀ ڏيئي ٿي
  • تنهنجي ياد ۾ روئڻ خاطر
  • دل ۾ تنهنجو خيال آيو آهي
  • سونهين ٿي سسئي، گهٽن گهيرن جي!
  • هر پن تي نَمي آهي، ڪا رات رُني شايد
  • خواهش ته هر خواهش پوري ٿي
  • تنهنجي اچڻ جو آسرو، مونکي پرين هر شام جو
  • ڪڏهن روئڻ ۽ ڪڏهن کِلڻ
  • توکي پيارا حجاب آهن
  • ڪي ساعت رهي ساڻ چاهت
  • تنهنجا نيڻن ۾ خواب پوکيا ها
  • هو ته هڪ خواب هو، ٽُٽڻو هو، ٽُٽو!
  • گناهه جي گپَ ۾ ڦُٽل ڪنول آ زندگي
  • سار سلسلو، تنها شاعر
  • جيئن جيئن رات ڀِڄي ٿي
  • تو سِوا زندگي ڇا آهي
  • گهر توساڻ ئي گهر سائين
  • گُفتگو ڪا گهڙي ٿئي ها
  • هر ساهه پساهه ساڻو آهي
  • هڪ عمر ٿي سُڃاتو آهي
  • توکي مڃائڻ جو
  • جيوَن سراب وانگر
  • تو ريءَ آءٌ اڪيلو سائين
  • ڪوڙ گُلن ۾ تُريو آهي
  • تنهنجي پيار جي روشني هوندي
  • تنهنجا گَلَ چُمي
  • اچي اوهان جي دَر نه سائين
  • ڪير ڪيترو تڙپيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين
  • ڏات منهنجي مات کائيندي ڪنهن چيو؟
  • جڏهن توکان ڏور ڪهي ويو آهي
  • وفائن کي سوچي، ڪندينءَ ياد مونکي
  • توکان دور او منهنجا دلبر!
  • آ شور بي هنگم زمانا ڇا ڪجي؟
  • دل جو دل سان ٿيندو وهنوار آهي
  • هر پل مونکي ساريندينءَ
  • ساهه منهنجو ٽنگيل
  • تنهنجي نظرن گهايو بس
  • اڌ ننگو ڏِسي راهه تي چريو
  • تنهن ويل ڪي نيڻ مونکي ٿا مارن
  • پَري ڪر نه اکڙيون جُهڪائي اسانکي
  • ڪڏهن ٽِميا نه جنهن مان بندگيءَ جا ڳوڙها
  • سونهن جون ڳالهيون سڀئي : گيت ۽ نظم

  • مان گُل پوکيان ٿو
  • گيت : شام ويلي، هولي هولي
  • نماڻا رنگ سپنن جا
  • سچ
  • استحصال
  • جيئن هر شام تيئن هيءَ شام به
  • عزتِ نفس
  • حدود آرڊيننس
  • حقيقت
  • گيت : چنڊ کي ڀل تون چاهه، پکيئڙا
  • نئون سال
  • حق
  • ظلم
  • ارپنا
  • احساس
  • آخري چُمي
  • چري
  • جاني اڄ چيٽ جي مند آهي
  • اوهان ڇا آيا
  • دعا
  • شل تنهنجي نيڻن جو، نه لُڙڪ ڏِسن رستو.
  • حوّا جي ڌيءَ
  • دل جي ڌرتي
  • گيت : مون کي نه راس آيون
  • گيت : اڃان تنهنجا انگ
  • چانڊاڻ جي آشا
  • پاپ ڪهڙو پيار ۾
  • گيت : ڇڏي ڇن ڇپرُ
  • بئڪ ٽائيٽل راءِ : صفر ڪلهوڙو
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 128 هون

    اسٽاڪسٽ
     ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد
    Cell# 0322-3011506
     ڪويتا ڪتاب گهر، ربي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
     ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد
     سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد
     قليچ ڪتاب گهر لئنگيئج اٿارٽي حيدرآباد
     ڪلچر ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل ڪراچي
     فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد
     شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد
     رابيل ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو


    سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 128 هون

    ڪتاب جو نالو : پوئينءَ پهر جي چانڊوڪيءَ ۾
    موضوع : شاعري
    ليکڪ : اصغر جتوئي
    ڇاپو پهريون : فيبروري- 2017ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ /لي آئوٽ : جهانزيب علي جوڻيجو (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650



    POEN PAHR JI CHANDOKI MEN (Poetry) – By: Asghar Jatoi
    Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
    Edition First, February 2017. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
    Email: myusifmemon@gmail.com


    ارپنا

    آسيه جي نانءِ
    جيڪا منهنجي بَرَ جهڙي حياتيءَ ۾
    ٿي جُهُڙ، جَهامَ ۽ جهڙي آئي. 


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پوئين پھر جي چانڊوڪي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب اصغر جتوئيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    ڏِٺو وڃي ته اصغر جتوئيءَ جو شعري مجموعو ”پوئينءَ پهر جي چانڊوڪي ۾“ سهيڙيل شاعري جو سڀاءُ گهڻو تڻو داخليت تي آڌاريل نظر ايندو. جنهن ۾ سندن سوچ جي آزادي تخيل جا منظر اُڻيندي پسجي ٿي. سندن شاعراڻو اسلوب حقيقت ۽ احساس جي ڀرپور عڪاسي آهي، اندر جي اڪيلائي جا نوحا لکيا آهن. پر سندن سوچ ۽ لوچ ۾ سماجي اوڻاين ۽ انساني بدحاليءَ جو عڪس به چِٽو پِٽو بکي ٿو.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گھر دڙو پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري مور ساگر جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      پنهنجي پاران

    وقت جو وهڪرو جنهن تيزيءَ سان ٿو گذري، اهو سوچي ماڻهو تپرس ۾ پئجي ٿو وڃي، ڪيترا سال اڳ جڏهن 94-1993ع ڌاري عزيزم اصغر جتوئي سان منهنجي دوست صفر ڪلهوڙي جي معرفت ملاقات ٿي، جيڪا پوءِ دوستي ۾ بدلجي ويئي. ان ئي دور ۾ اصغر پنهنجي شاعري جو هڪ مجموعو ترتيب ڏيئي مونکي ڇپرائڻ لاءِ ڏنو هو، جيڪو پوءِ ڪجهه ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهيو. ايئن وقت گذرندو ويو ۽ هاڻ جڏهن ڊگهي عرصي کانپوءِ اصغر جتوئي پاران نئين سر ترتيب ڏنل شعري مجموعو ڇپجي اوهانجي هٿن ۾ آهي ته ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اها ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه هئي ۽ ان سان گڏ اهو ويساهه به پُختو ٿي ويو اٿم ته قدرت پاران هر شئي جو پنهنجو وقت مقرر آهي.
    اصغر جي شاعري پنهنجي همعصر شاعرن ۾ نمايان اهميت جي حامل آهي ۽ اصغر جي شاعري پاڻ ڳالهائي ٿي، اڄڪلهه نئين ٽهي جا تمام گهٽ شاعر آهن، جن جي شاعري پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي.
    اصغر جو هي شعري مجموعو ڇپجڻ منهنجي لاءِ خوشي ۽ اطمينان جو باعث آهي.

    يوسف سنڌي


      مهاڳ : زندگيءَ جي سچائي جو شاعر

    اسان جڏهن سنڌ جي شعوري تاريخ جو مطالعو ڪريون ٿا ته اُن ۾ صوفي مفڪرن پنهنجي ڪلاسيڪل شاعري ۽ موسيقي آڌار نه رڳو ماڻهن جي ذهنن جي تربيت ڪئي آهي، پر منجهن اهو شعور پڻ جاڳايو آهي ته هڪ فرد ڪائنات جي هڪ مڪمل حيثيت جو مالڪ هوندو آهي، اُن ڪري ان کي پنهنجي بنيادي حقن جي گهر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي. ان ڏِس ۾ منهنجو ذاتي خيال آهي ته هر تخليقڪار کان پنهنجي ذات جي ڳولا ئي لکائي ٿي ۽ سچي شاعري حقيقت ۾ انسان ذات جي اندر جو پُراثر ۽ سحر انگيز آواز هوندو آهي. جنهن لاءِ ڪارلائل جو چوڻ آهي ته ”شاعري نه صرف زندگيءَ تي تنقيد آهي پر اها شاعري زندگي جي سچائي پُڻ آهي.“
    ان تناظر ۾ ڏِٺو وڃي ته اصغر جتوئيءَ جو شعري مجموعو ”پوئينءَ پهر جي چانڊوڪي ۾“ سهيڙيل شاعري جو سڀاءُ گهڻو تڻو داخليت تي آڌاريل نظر ايندو. جنهن ۾ سندن سوچ جي آزادي تخيل جا منظر اُڻيندي پسجي ٿي. سندن شاعراڻو اسلوب حقيقت ۽ احساس جي ڀرپور عڪاسي آهي، اندر جي اڪيلائي جا نوحا لکيا آهن. پر سندن سوچ ۽ لوچ ۾ سماجي اوڻاين ۽ انساني بدحاليءَ جو عڪس به چِٽو پِٽو بکي ٿو. سندن ڏات انفرادي اسلوب ۽ سچائي واري سونهن سان سينگاريل نظر اچي ٿي. جيڪا هر سچيت ۽ سيبتي تخليقڪار کي ڌار سُڃاڻپ ڏيندي آهي. هن وٽ شاعريءَ جو وچور انسانيت ۽ محبت کان ويندي بي وفائي ۽ وڇوڙي جي روايتي درد کان وٺي زندگيءَ جي تنهائي جي ڀوڳنا جي ورلاپ تائين محرومين، ذاتي پيڙاءُ ۽ مشاهدي جو اظهار ٿيل ڏِسجي ٿو. ساڳئي وقت سندن فن ۽ فڪر ۾ سماجي توڙي انساني مسئلن ۽ حقيقتن جو ڏک هڪ جهڙي اهميت جو اُهڃاڻ بڻجي اُسري ٿو.
    هن مجموعي ۾ نظم، غزل، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وايون شامل آهن. سندن غزل اسلوب ۽ سٽاءُ ۾ نهايت موزون ۽ پُختي جوڙجڪ جي سُهڻائپ جا ساکي آهن. جن ۾ هو پنهنجو پاڻ پسائي ويو آهي. مختصر وزن تي لکيل سندس غزل موضوعاتي اعتبار سان انساني فطرت جي احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. جن ۾ وجود جو ڏُک گهڻي جاءِ والاري ٿو. هن جي غزلن ۾ جيئرن جذبن جي جهونگار بنيادي محرڪ بڻجي ويل آهي.
    هر ساهه پساهه ساڻو آهي.
    وقت ڄڻ ته ڪو گهاڻو آهي.
    يا-
    جيون سراب وانگر.
    هرپل عذاب وانگر.
    جتي وقت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ هر ساهه ساڻو بڻجي وڃي ۽ حياتي جي سراب ۾ گذرندڙ هرپل عذاب ڏيندڙ ۽ عقوبت وارو هجي ته اُتي ليکڪ اکيون ٻوٽي حقيقتن کان لنوائي ڪنهن سياستدان وانگر ’سڀ ٺيڪ آهي‘، جو پرچار ڪرڻ کان لاچار هوندو آهي. هو پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي پرک ۽ ڪَٿ جي ڪسوٽي تي سچ کي سچائيءَ سان اظهاريندو نظر اچي ٿو. وٽن انساني گهرجن ۽ فطرت جا انيڪ مشاهدا آهن. جيئن هنن سٽن ۾ گهر کان پري رهڻ جي پيڙا کي پروڙيندي لکيو اٿن.
    هر جاءِ سراءِ وانگر آهي،
    گهر ته بس گهر اباڻو آهي.
    هن ڀونءَ تي خوشيون به غير مشروط طور نٿيون ملن. انهيءَ احساس کي نهايت نزاڪت سان سُهڻي نموني بيان ڪيو اٿن.
    خوش ٿيان ۽ کلان!
    تون آءٌ پوءِ ڏِسبو.
    اها حقيقت آهي ته خوش ٿيڻ لاءِ به سبب گهربل هوندا آهن. باقي هونئن ته هر ماڻهوءَ جي من ۾ سور آسيب وانگر گهر ڪري ويا آهن. جن کان هروڀرو ڪو به پنهنجو پاڻ بچائي ناهي سگهيو. اهوئي سبب آهي جو مُک تي آيل هر مرڪ اڄ پنهنجو معيار وڃائي ويٺي آهي. ڇو ته هينئر اسان تاريخ جي اُن بدقسمت دور مان گذري رهيا آهيون جڏهن سواءِ سياسي دوکن ۽ سماجي ويساهه گهاتين جي ڪجهه نظر نٿو اچي. اهڙي بي خبري واري زماني ۾ محبوب سان ملڻ وارو هڪ پل ئي زندگي بڻجي جيئاري وڃي ٿو.
    پڇيائون زندگي ڇاهي؟ چيم، ”سائين،
    توسان ملڻ وارو پل آ زندگي“.
    نياءُ سان نبيربو ته سندس ڇند وديا تي لکيل وايون سڀني صنفن مان مٿي ڪَر کنيو بيٺيون آهن. وائي سنڌي شاعري جي نج نڪور صنف ليکي وڃي ٿي. هن صنف کي قديم کان جديد شاعري جو سرمايو مڃيو وڃي ٿو. لاکيڻي لطيف يا ڪن اڳ وارن شاعرن کان ويندي هن دور تائين گهڻي ڀاڱي هڙئي لکندڙ هن صنف کي پنهنجي شاعريءَ جي سونهن بڻائيندا رهيا آهن. ان ريت اصغر جتوئيءَ جون لکيل وايون نهايت خوبصورت، متاثر ڪندڙ توڙي اسلوب موجب ٺهڪندڙ ۽ وڻندڙ ليکبيون. جن ۾ نه رڳو رس ۽ رچاءُ جو سُريلو سنگم نظر اچي ٿو. پر تجنيس حرفي جو وڻندڙ واهپو پڻ ڪيل آهي. جيڪي منفرد موضوعن سان سنواريل آهن. پر جديد ۽ نواڻ وارين اَڇُت تشبيهن ۽ استعارن جو بهترين انداز ۽ سنڌي ثقافت ۽ ٿر جو اُهڃاڻي روپ لڳن ٿيون. جن کي قلم ڌڻي ”سُر وارياسو“ جو نالو ڏيئي نمايان ڪيو آهي. جيڪو سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين سُر جو اضافو ليکبو.
    ڇائنج مون مٿان، ٿي ڇانورو گهر جو،
    ڏاڍي لک لڳي پئي.
    سورج هنئي آ ٽامڻي، ٿو اُٻري ڪُن ٿر جو،
    ڏاڍي لک لڳي پئي.
    ٻٻرن هيٺان ٻڪرڙيون، ٿيون جل پيئن جَر جو،
    ڏاڍي لک لڳي پئي.
    ٿي هنج ترين مون ۾، مان پاڻي ڪينجهر جو،
    ڏاڍي لک لڳي پئي.
    مطلب ته هن جون وايون بنهه دلڪش ۽ دلبري جي منظرنگاري ڪن ٿيون. ساڳئي ريت سندس بيت پڻ نياري رنگ ۽ ڍنگ جو ڏيک ڏين ٿا. جن ۾ هي پنهنجي ڏات جي ذميداري نڀائيندي موجوده سماجي صورتحال جو ڳوڙهو اُڀياس ڪندي نظر اچي ٿو. اڄوڪي دؤر ۾ جيئن ته امير ڏينهان ڏينهن امير ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو وڃي. جنهن ڪري بک ۽ بدحالي قوم جو نصيب ٿيندي پئي وڃي. انهيءَ ايذاءُ کي اندر ۾ محسوس ڪندي هي شاعر انتهائي سچائي سان بيت جوڙي ٿو ته انهن مان لاکيڻي لطيف جو ”اسان اُڌارا آڻي، آونگ چاڙهيا“ واري ڪيفيت جو لقاءُ پُڻ لڪي لياڪا پائيندو نظر اچي ٿو.
    چانور لپ ڪائي، نه ڪو ماني ڀور،
    خالي آنڊن تي ڪيو، پاڻيءَ ڪيڏو تور،
    مائڙي توتان گهور، ٻيلي ٻلڪڻ بس ڪر.
    ساڳئي بک جو سور ونڊيندي بدحالي جي اوگهڙ جي وارتا ورجائي ٿو.
    نٻل بتڙي تي، ليڙون، ليڙون چولڙو،
    آهي انڌيارن جو، اوسيئڙن تي اولڙو،
    روهه سندو رولڙو، مٺ اٽي لئه مائڙي.
    ڪيڏو ڪَرب سمايل آهي هنن سٽن ۾ جڏهن هڪ انسان گهر کان بي گهر بنجي اٽي لپ لاءِ روهه جا رولڙا ڪري ٿو. ڳڀي جي ڳولا ۾ پنهنجن کان پري ٿي اوسيئڙي جا عذاب سهي ٿو.
    انهيءَ حڪايت جي بيان ۾ شاعر بنهه عوامي ۽ مزاحمتي انداز اختيار ڪندي پسجي ٿو. مطلب ته هن بيت جهڙي ڪلاسيڪل صنف سان پڻ سهڻي نموني ساراهه جوڳو نڀاءُ قائم رکيو آهي. سندن نيارو ادراڪ، اسلوب ۽ انداز پڪ سان پڙهندڙن جي جيءُ ۾ اوس جاءِ والاريندو ۽ سندن هي پهريون مجموعو کين چڱن ڀلن ۽ ڳاڻ ڳڻين شاعرن جي بيهڪ ۾ آڻي بيهاريندو.
    مان ۽ تون اي چنڊ! ڇاهي جي آهيون ڇڙا،
    منجهه سڄي هن منڊ، ڇا ڇا ڇڙو نه آهي؟
    هن بيت ۾ ڪيڏي سهڻي نموني تنهائي جو درد اظهاريو اٿن، پر ان سان گڏ ذات جي اڪيلي پڻي کي پڻ جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿن. ساڳئي ريت ساروڻين جي سور جو بيان ڪندي بنهه اُڇت استعارو ڪتب آندو اٿن. ”سار جا داڻا“ ڪيڏي نياري تمثيل آهي.
    اَسُر ويل سار جا، داڻا وڌم جنڊ،
    روئي ڏِنو چنڊ، پَسي پيڙا من جي.
    ايئن هن جي شاعريءَ ۾ درد ۽ اُداسي جي آلاپن سان گڏ اميد جي آٿت جو اولڙو به چِٽو پسي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي. جو پاڻ اُماس جي اوندهه توڙي دهشت جي ڌپ ۾ به گل پوکڻ ۽ امن جون ڳالهيون ڪري اميد جي روشنيءَ جا ديپ ٻاريندو نظر اچي ٿو. هي انهيءَ اميد پرست ڏڍ تي دل کي آٿت ڏيندي حوصلي سان چوندو پسجي ٿو. فڪري طور هي سٽون درد جو احتساب ڪنديون نظر اچن ٿيون.
    هاڻ نه ڏسندو ڪو مون کي ڪڏهن روئندو،
    اٽڪيو هو ڳوڙهو، وهي ويو آهي.
    ايئن هي اميد جي آڱر جهلي دلبر جي در تان مايوس موٽي ٿو، پوءِ به ان دز ۾ ڌوڙ ٿيل ڪپڙن کي اوجر جي سهائي ٿو سمجهي.
    دلبر جي در جي، دز ۾ ڌوتل،
    اوجر پسي ڪو، ڪپڙن ميرن جي.
    مطلب ته سندن شاعري ۾ اهڙا ڪيئي حوالا ۽ تمثيلون نهايت خوبصورت ۽ پوري سگهه سان سرجيل نياري رنگ ۾ موجود ملندا. جيئن:
    چميندي چميندي ڪاڪ جي خاڪ،
    ميندي مُرڪي پئي، زخمي پيرن جي.
    اهڙيون سِٽون سوچ جي ٻوڏار ۾ پيهي مايوسيءَ کي مات ڏينديون پسجن ٿيون ۽ اندر ۾ آس جو اُڌمون پڻ اُڀاري وڃن ٿيون.
    ان ريت اصغر جتوئي جي هڪ خوبي سندن سڀاويڪ ۽ سادگي واري ٻولي کي ليکي سگهجي ٿو. جنهن ۾ آفاقيت جي رمز به آهي ته من ۾ پيهي ويندڙ سونهن ۽ جماليات جو حُسن به نشانبر ٿيندو ملي ٿو. هي پنهنجي نثري نظم ۾ وري سماج جي اڍنگن روين جي ترجماني ڪندي چٿر۽ طنز جا تير هڻندي به نٿو ڪيٻائي. جيئن حدود آرڊيننس، استحصال، حواجي ڌيءَ، سچ، دل جي ڌرتي ۽ آخري چمي وغيرهه سندن نثري نظم ”حقيقت“ ۾ ان ٽوڪ کي پوري ريت پرکي سگهجي ٿو.
    جيجل مان پڙهي رهيو آهيان
    رات ڏينهن هڪ ڪري
    ڊگرين تي ڊگريون وٺندو ٿو وڃان
    تنهنجي اٻوجهه ۽ سادڙن
    سانگيئڙن لاءِ
    ته جيئن آفيسر ٿي وڏو
    کين ٻنهي هٿن سان لُٽي سگهان.
    هن ’حقيقت‘ ۾ جتي اڄوڪي ڪامورڪي ڪرپشن کي وائکو ڪيل آهي. اُتي اسان جي قوم جي سمجهه ۽ ساڃاهه جو الميو پڻ پڌرو بيان ٿيل آهي. اهو ته علم رڳو نوڪري يا وڏن عهدن جي حصول لاءِ هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قوم جي ماروئڙن کي ڦرڻ ۽ لُٽڻ جو وهنوار قائم رکيو وڃي. انهن اکرن کي کڻي اسين اڻ سهائيندڙ ۽ اجوڳا ليکي سگهون ٿا، پر ان افسوسناڪ حقيقت کان لنوائي به نٿو سگهجي. بهرحال هڪ تخليقڪار جنهن معاشري ۾ جيئي ٿو، ان کي ئي اظهاري ٿو، زميني حقيقتن کان اوپري شاعري پنهنجون پاڙون ڌرتيءَ جي دل ۾ کوڙي ناهي سگهندي، جنهن ڪري ان کي دائميت جو اونو رهي ٿو.
    اصغر جي گيتن ۾ سُندرتا ڀريو شاعراڻو منظر پيار جي ڀرپور عڪاسي ٿو ڪري. سندن سرجيل شاعري جتي محبت ۽ وفا سان مهڪندي معلوم ٿئي ٿي، اُتي سماجي ۽ سامراجي ڏاڍاين ۽ ناانصافين خلاف مسلسل مزاحمت ڪندي ۽ جاکوڙيندي نظر اچي ٿو. هر ڏات ڌڻيءَ کي پنهنجو انفرادي اسلوب هوندو آهي. ائين هر قلمي پورهيو به پنهنجي اسلوب توڙي فن ۽ فڪر ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هي زندگيءَ جي وارياسي پٽن تي اوسيئڙي جي آرهڙ جهڙي تپش کي پنهنجي غزلن ۾ محسوس ڪرائي ٿو ته ڪِٿي وري وائيءَ ۾ محبت ۽ وفا جا واهڙ وهائيندو پسجي ٿو. هن جا شعر ڏک جا ڏوراپا لڳندا ته سوين سِڪ جا سنيها به اُنهن ۾ سهيڙيل ملندا. ان ڪري ڏات ۽ ڏانءُ جو هي سچائي ۽ سونهن جو سنگم تخليقڪار لاءِ پُڻ مڃتا جو مان ۽ امرتا جي سوڀ ثابت ٿيندو. شاعر جي سچائيءَ سان گهريل پرخلوص دُعا جون سٽون جنهن ۾ سندس محبت جو انوکو رنگ بکي ٿو. ايئن اسان به سندن سڦلتا لاءِ دُعاگو آهيون. ساٿ سلامت!

    دُعا
    شل! مون وانگر توکي،
    مون سان پيار نه ٿئي،
    پاسا ورائيندي ڪڏهن،
    نه تنهن جي رات ڪٽي،
    دوست ڪن ٺٺوليون
    نه تنهنجي حالت تي
    هٿ ريکائون ڏسندي
    نه تنهن جي چاءِ ٺري
    شل! مون وانگر توکي،
    مون سان پيار نه ٿئي.

    مريم مجيدي
    سجاول
    15 مارچ 2017ع


    هر منظرجو شاعر : اصغر

    اصغر جتوئي منهنجي اُن دؤر جي شاعر دوستن ۾ شامل آهي. جڏهن آءُ، اصغر ۽ صفر ڪلهوڙي کان ڪجهه وقت پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ پنو عاقل ۾ ميمبر ٿيو هوس. 90-1989ع جو اُهو زمانو شاعريءَ سان جُنون جي حد تائين پريم وارو يادگار زمانو هو. سنگت شاخ پنو عاقل ۽ سکر جي گڏجاڻين کان وٺي پنو عاقل شهر جي مختلف هوٽلن توڙي جتوئي هائوس تي اصغر سان ٿيل ڪچهرين / رُوح رهاڻين دؤران هڪ ٻئي کي خوُب ٻُڌو سين ۽ پڙهيو سين، وقت تبديل ٿيو، ذميدارين جي اهڙي هوا گُهلي جو اسين پَنَ پَنَ بڻجي وياسين ۽ پوءِ ڪو ڪِٿي اُڏامي ويو ته ڪو ڪِٿي..! اسان جي وجودن جا پَنَ ته الائي ڪٿي کان ڪٿي پُهتا، پر اسين هڪ ٻئي جي رُوح مان نه نڪري سگهياسين، ڇو ته اسان جو لاڳاپو / رشتو غير مشروط هو ۽ آهي. جنهن ڏينهن اصغر واقف ٿيو، اُن ڏينهن کان سندس سُخن سان به ڏيٺ ويٺ ٿي، جيترو اصغر جي شخصيت کان واقف آهيان، اوترو ئي هن جي غزل ، گيت، وائي، بيت، نظم ۽ ٻي ڪنهن صنف سُخن کي سُڃاڻان. ڏيٺ ويٺ جي اُنهن ڏهاڙن ۾ ئي پَتو هو ته ڏات جي ڏيهه ۾ ڪير ڪيترو پنڌ ڪندو ؟
    اصغر جتوئيءَ جو ڪتاب اچڻ ڄڻ ته منهنجي ئي هڪ سپني جي ساڀيان آهي، شاعريءَ جو اڄوڪو دؤر” فيس بُڪ“ جي فوبيا جي وَرِ چِڙهيل آهي، لاتعداد شعراء حضرات ٻه سٽوُن فيس بُڪ تي رکي ” لائيڪ“ ۽ ”ڪمينٽ“ جي آسري تي سُخن جو صحرا جهاڳڻ لاءِ تيار آهن. اهڙي دؤر ۾ اصغر جتوئيءَ جي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي رنگيني موجود آهي ، تنهائيءَ جي جهنگ ۾ اصغر کي ڏات اهڙا ته شعر ارپيا آهن جيڪي نه فني طور ڦڪا آهن، نه ئي فڪري طور. شاعري اُهو جادُو آهي، جيڪو هر مُند کي تبديل ڪندو آهي، شاعر چاهي ته لفظن جي رنگيني ۽ خوشبوءَ سان خزان کي بهار بڻائي ڇڏي ۽ چاهي ته بهار کي اُداسيءَ جي چادر پارائي ڇڏي. مون جڏهن اصغر جتوئيءَ جي ڪتاب جي مواد تي نظر ڦيرائي ته مون کي سندس شاعريءَ ۾ چانڊوڪيءَ جا سڀ پَهر نظر آيا، هن جا احساس هر مُنڌ جا احساس محسوس ٿيا. ڪٿي غريب جي خزان جا خراب رُوپ ڏٺم ته ڪٿي محبوبه جي مُرڪ بهار ڏسڻ ۾ آئي
    تنهنجي يادُن ۾ رئڻ خاطر
    بهانا ڳولن ٿيون اکيون.
    غزل جي هن هڪ شعر ۾ اصغر جو هڪ اڻ ڇُهيل خيال آهي، عام طور تي شاعريءَ ۾ نه رُئارڻ جي ڳالهه هوندي آهي، پر مٿين شعر ۾ پرينءَ جي ياد ۾ روئڻ لاءِ ترپ ۽ تمنا موجود آهي.
    هُنَ جي وارن ۾ پَيل گُلَ سان
    ٿي محسوس ڪيڏي رقابت.
    غزل جي هن شعر ۾ پرينءَ جي وارن ۾ گُلَ کي نه برداشت ڪرڻ به هڪ انوکو خيال آهي، ورنه اڪثر اِهوئي لکيو ۽ ڳايو ويو آهي ته ” تنهنجي وارن ۾ گُل خوبصورت ٿو لڳي“ وغيرهه.
    چانور لَپَ ڪائي، نه ڪو مانيءَ ڀور
    خالي آنڊن تي ڪيو، پاڻيءَ ڏاڍو تور
    مائڙي توتان گهور، ٻيلي ٻلڪڻ بسِ ڪر.
    *
    پورهيت پهڻ پيٽ بکئي، ڍوڍي لئه ڍوئي
    ڏاڍو دل روئي ،
    اصغر جي مٿين بيت ۽ وائيءَ جي بند ۾ غُربت جي چٽي تصوي موجود آهي ، غرُبت جيڪا قدرت طرفان نه پر موجودهه استحصالي ۽ اڻ برابريءَ واري سسٽم جو تحفو آهي. باشعور شاعر ڪڏهن به غير جانبدار نٿو رهي سگهي، هُو جڏهن ڌرتي ڌڻين جا دُکَ ۽ جيجل جي ٻچڙن جي بُکَ ڏسي ٿو ته انهن جو طرفدار ٿي قلم کڻي ٿو. شاعر جا لُڙڪ به جانبدار آهن ته مُرڪ به .
    اصغر جتوئي هر منظر جو شاعر آهي، هُن جي شاعريءَ ۾ ٻَٻُرن جي ڇانوَ هيٺان نينگرين جو پاڻي ڀرڻ، وارياسي تي وڏ ڦُڙي جو وسڻ، ريگستان مٿان تنها چنڊ جو اُڀرڻ ، سج لٿي تارن جو ظاهر ٿيڻ ، جيجل جو بُکَ تي ٻَلڪڻ، نٻل بُت تي ليڙون ليڙون چولڙو هُجڻ ۽ لوڙهي وٽان ڪنهن ناريءَ جو پرينءَ لاءِ واجهائڻ جهڙن منظرن سميت ڪيترائي منظر ملن ٿا.
    ڪافي وقت دُور گذارڻ کان پوءِ جڏهن ڪتاب ” پوئين پَهَر جي چانڊوڪيءَ ۾ “ جو مسودو ڏٺم ته يقين وڌيڪ پُختو ٿيو ته اصغر جي ڏات جي ڏيهه ۾ رات ناهي آئي ، نه ئي ايندي ، ڇاڪاڻ جو اهڙي ڳالهه اصغر اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هُئي ته:
    ڏات منهنجي مات کائيندي ڪنهن چيو ؟
    روشنيءَ کي رات کائيندي ڪنهن چيو ؟

    بيخود بلوچ


    سُرُ وارياسو : بيت ۽ وايون

    جا گهڙي تنهنجي ياد ۾ گُذري

    جا گهڙي تنهنجي ياد ۾ گُذري؛
    امر ٿي وئي.

    پوري ڇڏي تنهنجي خواهش ۾،
    جا به دل ۾ خواهش اُڀري؛
    امر ٿي وئي.

    مِٽي بڻيو گُل ته مِٽي هو،
    سندس سُرهاڻ هوا ۾ وِکري؛
    امر ٿي وئي.

    جَرَ جَالَ مان جنم وٺي،
    دل-صحرا تي وسي ڪڪري؛
    امر ٿي وئي.

    اڳي يا پوءِ، مرڻو ته هئو،
    پر جان تنهنجي راهه ۾ نِڪري؛
    امر ٿي وئي.
    *


      اُجرا جهرڻا ڀونءِ تي

    اُجرا جهرڻا ڀونءِ تي،
    بي عيب نِڀ مٿي
    سگهندو ڪير ڪَٿي.

    جهرمر تارا رات ۾،
    ٿا اُڀرن سج لٿي
    سگهندو ڪير ڪَٿي.

    ڪيڏي چڱائي اُن ۾،
    جا ٿو پاڻ رِٿي
    سگهندو ڪير ڪَٿي.

    خلقون خلقيهءِ ڪيتريون،
    جٿي در جٿي
    سگهندو ڪير ڪَٿي.
    *


      ڇَائنجَ مون مٿان، ٿي ڇانورو گهر جو

    ڇَائنجَ مون مٿان، ٿي ڇانورو گهر جو؛
    ڏاڍي لُکَ لڳي پئي.

    سُورج هنئي آ ٽامڻي، ٿو اُٻري ڪُنُ ٿَرَ جو؛
    ڏاڍي لُکَ لڳي پئي.

    ٻَٻُرَن هيٺان ٻَڪرڙيون، ٿيون جل پئن جَرَ جو،
    ڏاڍي لُکَ لڳي پئي.

    ٿي هنجُ ترين مون ۾، مان پاڻي ڪينجهرَ جو
    ڏاڍي لُکَ لڳي پئي.
    ڏاڍي لُکَ لڳي پئي.
    *


      سڀئي رنگ ڦِڪا، تنهائيءَ جي جهنگ ۾

    گُلَ ۽ پوپٽ جا
    سڀئي رنگ ڦِڪا، تنهائيءَ جي جهنگ ۾.

    سُک جي گهڙي هاءِ
    مونکي ياد نه ڪا، تنهائيءَ جي جهنگ ۾.

    وِڇوڙي جي رات
    چنڊ ڀَريا سُڏڪا، تنهائيءَ جي جهنگ ۾.

    دنيا جا رشتا
    کوٽا ڄڻ سِڪا، تنهائيءَ جي جهنگ ۾.
    تنهائيءَ جي جهنگ ۾.
    *


    ٿي واءُ واچوڙا پئي!

    ٿي واءُ واچوڙا پئي!
    مٽيءَ مُنهڙا مليا.

    حال آهر سَڀَ سَٺُو،
    ڪهڙن ڪين ڪئي!
    مٽيءَ مُنهڙا مليا.

    ڀريون واريءَ اکڙيون،
    بس رَئي ئي رَئي!
    مٽيءَ مُنهڙا مليا.

    اوسيئڙي ۾ اُٻريا،
    تارا نڀَ - تئي!
    مٽيءَ مُنهڙا مليا.

    مون کي مُٺُو مائڙيءَ،
    ڏوراپا ڏيئي!
    مٽيءَ مُنهڙا مليا.
    *


      سڀ ساٿي سُڃَ جا

    سڀ ساٿي سُڃَ جا،
    سرتيون اڄ ساريم.

    وِيريءَ ٿڌي واءُ ۽ کٽولا مُڃَ جا،
    سرتيون اڄ ساريم.

    ڀِٽَنِ ڀرجي ڏٺا، سڀ سپنا اُڃَ جا،
    سرتيون اڄ ساريم.

    ڏيندو ڪير حسابُ، هن پاپ ۽ پَڃَ جا،
    سرتيون اڄ ساريم.
    سرتيون اڄ ساريم.
    *


    جيڪر ڪا جل ٿل!

    جيڪر ڪا جل ٿل!
    ٺري ورياسو اَلا.

    وانجها پَسي واهيرا، لٿا لُڙڪ اَجهل،
    من جي ماڳ مٿان، برسن ڪي بادل،
    ڀٽن مٿاران پيرڙا، آيلِ مون اَڀل،
    ڪي ياد اٿم ٿورڙا، چانڊوڪيءَ جا پَل،

    جيڪر ڪا جل ٿل!
    ٺري ورياسو اَلا.
    *


    وارياسي تي اڄ واري، اُڀري آيو چَنڊُ 

    وارياسي تي اڄ واري، اُڀري آيو چَنڊُ؛
    رات سامائي رڻ ۾.

    اُٿي ويلي اَسُرَ جي، پرينءَ پيٺو جَنڊُ؛
    رات سامائي رڻ ۾.

    وَرَ کولي وارن جا، مُحبَ مهڪايو مَنڊُ؛
    رات سامائي رڻ ۾.

    وَاتِ وِڌي واءُ جا، واري ڄڻڪه کنڊُ؛
    رات سامائي رڻ ۾.

    وِچڙي وڃ وَلِ جان، منهن مان ڪڍي گُهنڊُ؛
    رات سامائي رڻ ۾.
    *


    جيجل وريو واءُ! 

    جيجل وريو واءُ!
    ڀانءِ وسندا مينهڙا.

    ڪيسين ڦَٽُ ڦُلاربو، ڀربو آخر گهاءُ!
    ڀانءِ وسندا مينهڙا.

    آءٌ ڪُومايَسِ ڪَانڌَ جو، ساري هَٿَ ڇُهاءُ!
    ڀانءِ وسندا مينهڙا.

    واريءَ تي ورهين کان، ويڙهيچن-ورجاءُ!
    ڀانءِ وسندا مينهڙا.

    اچي پيو اُتر کان، کنوڻ جو کِجڪَاءُ!
    ڀانءِ وسندا مينهڙا.
    *


    مُندَ آئي ٻيِرن جي، 

    مُندَ آئي ٻيِرن جي،
    ماروئڙن جي مُلڪَ ۾.

    وِيريءَ ۾ وکري وئي، وَلِ مِتيرن جي،
    ماروئڙن جي مُلڪَ ۾.

    گونجي پئي گهوگهو، ڍايل ڳيرن جي،
    ماروئڙن جي مُلڪَ ۾.

    ڳالهه هلي ڳوٺ ۾، داڻن ديرن جي،
    ماروئڙن جي مُلڪَ ۾.
    *


    جُهڙُ ڦُڙُ وُٺي جَهامَ

    جُهڙُ ڦُڙُ وُٺي جَهامَ،
    تتل واريءَ تي.

    ”من مسافر تنها، رڻ ۾ لِٿي شَامَ“،
    تتل واريءَ تي.

    اکڙيون جُهڙاليون، اندر توڙي کَامَ،
    تتل واريءَ تي.

    سسئي چيا سورج کي، پنهل لاءِ سلام،
    تتل واريءَ تي.

    راڌا لئه رُلندي، بنسي ڀڳي شيام،
    تتل واريءَ تي.
    تتل واريءَ تي.
    *


    سڏي ٿَرَ واري، الا!

    سڏي ٿَرَ واري، الا!
    سڏي ٿَرَ واري.

    نينگرِ آهي ولهه ۾، اوسيئڙي ٺاري، الا!
    سڏي ٿَرَ واري.

    مون لئه اڄ به آهي، آتي ڪاناري، الا!
    سڏي ٿَرَ واري.

    ڀَٽنِ مٿان چَنڊَ ڄڻ، مشعل آ ٻاري، الا!
    سڏي ٿَرَ واري.
    *


    چنڊ جي چانڊاڻ ۽

    چنڊ جي چانڊاڻ ۽
    صبح وارو سوجهرو، پوتر تنهنجي سونهن وو.

    تون نسورو نُور آن،
    سِجُ تنهنجو اولڙو، پوتر تنهنجي سونهن وو.

    چاندني تنهنجو بدن،
    شفق ڄڻ تنهنجو پِڙو، پوتر تنهنجي سونهن وو.

    داغ ڪارو چَنڊَ ۾،
    عشق منهنجو ڪُوجهڙو، پوتر تنهنجي سونهن وو.
    *


    گِهميل واريءَ تي پيا، سورج جا ڪرڻا!

    گِهميل واريءَ تي پيا، سورج جا ڪرڻا!
    ڌرتي ٿي پَئي آرسي.

    ڌوپي ماڪ ڦُڙن سان، پَنَ چمڪيا اَڪ جا!
    ڌرتي ٿي پَئي آرسي.

    نڪتيون آهن نينگريون، کڻي ڪڇ گهڙا!
    ڌرتي ٿي پَئي آرسي.

    تتل واريءَ تي پيا، مينهڙا وَڏَ ڦُڙا!
    ڌرتي ٿي پَئي آرسي.
    *


      تو ريءَ نوري! ڄَامَ جا-

    تو ريءَ نوري! ڄَامَ جا-
    ڏکيا گذرن ڏِينهنڙا.

    دردن در ڳولهي لَڌا، هيل آهن عَامَ جا-
    ڏکيا گذرن ڏِينهنڙا.

    سَامَ کڻن ڪونه ٿا، ڊگها پاڇا شَامَ جا-
    ڏکيا گذرن ڏِينهنڙا.

    سنگت ڪهڙي سنگين جي، دوست سارا نَامَ جا-
    ڏکيا گذرن ڏِينهنڙا.

    پُڄِرِيا پَرَ پکين جا، لَڱَ اُگهاڙا لاَم جا-
    ڏکيا گذرن ڏِينهنڙا.
    *


      اُجهڻ تي آ لاٽ

    اُجهڻ تي آ لاٽ،
    سِگهو اچج سُپرين!

    تَڪيان پئي لوڙهي تان، ڪري اوچا ڳاٽ،
    سِگهو اچج سُپرين!

    اُونهاري ۽ سياري، هاءِ ووڙيان واٽ،
    سِگهو اچج سُپرين!

    مَ ڄاڻان ڪڏهن ۽، ايندؤ ڪهڙي گَهاٽَ،
    سِگهو اچج سُپرين!
    *


      آءٌ اڪيلو سُڃي واٽَ

    آءٌ اڪيلو سُڃي واٽَ،
    رڻ ۾ منهنجون راتڙيون.

    نِڙي ڄڻ ڪنڊا ڪنڊا،
    نيڻن ۾ پر ماٽ،
    رڻ ۾ منهنجون راتڙيون.

    نه سي هلڪا ٽهڪڙا،
    نه ئي سي سُرٻاٽ،
    رڻ ۾ منهنجون راتڙيون.

    نه ڪو چوڏهين چنڊ،
    نه ڪا ڏيئي لاٽ،
    رڻ ۾ منهنجون راتڙيون.

    چؤڏس واسو واريءَ جو،
    رڳو اُڃَ - اُساٽ،
    رڻ ۾ منهنجون راتڙيون.
    *


      تولئه تنهنجي وَاٽَ تي

    تولئه تنهنجي وَاٽَ تي،
    بيٺو سوچيان ٿو.

    ڪڏهن ايندينءَ اوچتو،
    جڳ سارو واري،
    بيٺو سوچيان ٿو.

    دوست مليا ڳاڻوان،
    جيون ۾ مونکي،
    بيٺو سوچيان ٿو.

    ڇو ايڏو حيرانيءَ مان،
    مون ڏي چنڊ تڪي؟
    بيٺو سوچيان ٿو.

    من آتو جن لاءِ،
    هوندا آتا سي؟
    بيٺو سوچيان ٿو.
    *


    لامون ساڙيون لُکَ،

    لامون ساڙيون لُکَ،
    ڀر ۾ ڀٽن جي.

    پير پٿون سارا، واري واري مُکَ!
    ڀر ۾ ڀٽن جي.

    ڇلڙا ڇلڙا واري، دور دونهين دُکَ!
    ڀر ۾ ڀٽن جي.

    مون ماروئڙن کي، مليا مور مَ سُک!
    ڀر ۾ ڀٽن جي.

    اِجهو پڪا پيرون، ويندي ويندي بُکَ!
    ڀر ۾ ڀٽن جي.
    *


    ڏيئڙا ڏيئڙا جَڳُ

    ڏيئڙا ڏيئڙا جَڳُ،
    پرين توکان اَڳ!
    مون لئه هِيئن نه هُيڙو.

    منهنجي من جي ٿَرَ تي،
    ڪونجڙين جو وَڳُ!
    توکان پرين اَڳُ!
    مون لئه هِيئن نه هُيڙو.

    منهنجي هر راهه ۾،
    توهانجو ئي دَڳُ،
    توکان پرين اَڳُ!
    مون لئه هِيئن نه هُيڙو.

    هر درد دنيا جو،
    کير جي ڄڻ جَهڳُ،
    توکان پرين اَڳُ!
    مون لئه هِيئن نه هُيڙو.
    *


    پنهنجي گهر جا گهاٽَ!

    پنهنجي گهر جا گهاٽَ!
    ”ڏٺي ڏينهن ٿيام“

    ڇانئي آههِ اُماس، ڏڪندڙ ڏِيئي لاَٽ!
    ”ڏٺي ڏينهن ٿيام“

    پرينءَ پاسي جا پُڄي، وڃايل سا واٽ!
    ”ڏٺي ڏينهن ٿيام“

    هلڪڙا اشارڙا، ۽ نيڻن سندا ناٽَ!
    ”ڏٺي ڏينهن ٿيام“

    ڪنول جي ڪؤنرن، مُکڙن تي ماٽَ!
    ”ڏٺي ڏينهن ٿيام“
    *


    مونکي سُپرين منهنجو

    مونکي سُپرين منهنجو _
    ڙي سرتيون ڳولي ڏيو.

    ٿر جيئن پياسي آهيان،
    ماڻهو جُهڙَ جهڙو_
    ڙي سرتيون ڳولي ڏيو.

    اُڻٽيهين اونداههِ ۾،
    چوڏهينءَ چنڊَ پرتوو_
    ڙي سرتيون ڳولي ڏيو.

    بَــرَ ۾ ڀٽڪي آهيان،
    ڪيچين جو رستو_
    ڙي سرتيون ڳولي ڏيو.
    *


    ساريم ناز حِجابَ جا!

    ساريم ناز حِجابَ جا!
    نِسري پيو يادون.

    اڄ تائين سانڍيا اٿم،
    تنهنجا خط ”جواب“ جا!
    نِسري پيو يادون.

    ڏِسي البم ياد پيا،
    سي ڏينهڙا شَبابَ جا!
    نِسري پيو يادون.

    منهنجي ڊائريءَ مان ڪِريا،
    سُڪل پَنکَ گلاب جا!
    نِسري پيو يادون.
    *


    ڪر نه ايڏو فخر تون، اي چنڊَ! تنهنجي!

    ڪر نه ايڏو فخر تون، اي چنڊَ! تنهنجي!
    چاندني آ چار ڏينهن.

    ڪي پَلَ جواني آههِ مِٺا، وقت ويندو آهه اُڏري!
    چاندني آ چار ڏينهن.

    ڇڏ کڻي هاڻي هوڏ کي، مِلُ اچي مون ساڻ مُرڪي!
    چاندني آ چار ڏينهن.

    ڪاڪَ ۾ مومل جي خاڪ، جُڳن کان روئيندي رهي!
    چاندني آ چار ڏينهن.
    *


    گوندر منجهه گڏي

    گوندر منجهه گڏي،
    ڇو ايڏو ڏُور وئينءَ؟

    منهنجي دل جي پاند ۾، سُڪلَ گُلَ ڇڏي!
    ڇو ايڏو ڏُور وئينءَ؟

    هاڻ ته آءُ ٿڪجي پيو هان، توکي آءٌ سڏي!
    ڇو ايڏو ڏُور وئينءَ؟

    روئي روئي سوچيو آهي، منهنجي جيءَ جڏي!
    ڇو ايڏو ڏُور وئينءَ؟
    *


    سُرها گُلَ هٿن ۾، مُئي پُڄاڻان قبر تي!

    سُرها گُلَ هٿن ۾، مُئي پُڄاڻان قبر تي!
    ڇَڻندا پيلا پَنَ.

    پُوهَه ۾ اڪيلڙا، تون مان هونداسي!
    ڇَڻندا پيلا پَنَ.

    عمر پُڄاڻان او پرين! پنهنجيءَ جهوليءَ ڏي!
    ڇَڻندا پيلا پَنَ.

    ڌُوڻيو درخت دل جو، ڪنهن به اچي جي!
    ڇَڻندا پيلا پَنَ.
    *


    جَاڳَ جا ڀَاڳَ ۾ ملي آهي

    جَاڳَ جا ڀَاڳَ ۾ ملي آهي،
    ڏاڍي ڀلي آهي.

    اک ٽيٽ سان مونڏي ڏِسي،
    نينگرِ جا هورڙيان کِلي آهي!
    ڏاڍي ڀلي آهي.

    تنهنجي شهر جي ڳلين ۾،
    مونسان جا تنهائي رُلي آهي!
    ڏاڍي ڀلي آهي.

    جنهن ڪري هيتري شهرت،
    محبت جا منهنجي هُلي آهي!
    ڏاڍي ڀلي آهي.
    *


    سَارا سُورَ سَٽي!

    سَارا سُورَ سَٽي!
    مون اڄ ننڊ ڪئي.

    او سپنن جهڙا سُپرين! تنهنجا خواب جَهٽي!
    مون اڄ ننڊ ڪئي.

    تنهنجي پياري نَانوَ کي، رُوحَ منجهه رَٽي!
    مون اڄ ننڊ ڪئي.

    درد جون راهون پاڻ کان، ٻيءَ پَر مٽي!
    مون اڄ ننڊ ڪئي.

    جيون ڪٽيو سڏڪندي، باقي ڏينهن ٻهَ ٽي!
    مون اڄ ننڊ ڪئي.
    *


    سَرمايو آهي!

    سَرمايو آهي!
    يادون ۽ هي لُڙڪَ.

    آڇيان ٿو توکي، مون وٽ جو آهي!
    يادون ۽ هي لُڙڪَ.

    دل ۾ ۽ ڳلن تي، رکان ٿو ٺاهي!
    يادون ۽ هي لُڙڪَ.

    هي صِلو پاتو آ، توکي مون چاهي!
    يادون ۽ هي لُڙڪَ.
    *


    بيوس مونکي ڏِسي

    بيوس مونکي ڏِسي،
    ڪا نينگرِ مُرڪي پئي.

    پاڙي واري ٻارڙي کان،
    منهنجو نانءُ پُڇي،
    ڪا نينگرِ مُرڪي پئي.

    پيار جي پياري پياري،
    يادن منجهه لُڇي،
    ڪا نينگرِ مُرڪي پئي.

    منهنجي دير اچڻ تي مونکان،
    ڪوڙ مچوڙ رُسي،
    ڪا نينگرِ مُرڪي پئي.

    منهنجي مُکَ تي چاهه وِچان،
    پنهنجا چَپَ رکي،
    ڪا نينگرِ مُرڪي پئي.
    *


    دل جا دَرَ کولي!

    دل جا دَرَ کولي!
    اچن ٿا خَيالَ.

    ليٽر لِکان ڪوئي يا،
    فون ڪيان تو ڏي!
    اچن ٿا خَيالَ.

    مونکي منهنجي ڪمري ۾،
    مَ ڄاڻ ڪٿان رُولي،
    اچن ٿا خَيالَ.

    تنهنجي سپنن کي پرين!
    ڪِٿان ڪِٿان ڳولي،
    اچن ٿا خَيالَ.
    *


    دل-اَلبم ۾ اڃان!

    دل-اَلبم ۾ اڃان!
    تصويرون تنهنجون.

    پائي جهاتي ڇاتيءَ ۾،
    وَرِ وَرِ پيو ڏِسان!
    تصويرون تنهنجون.

    تنهنجي رنگ ۽ رُوپَ کي،
    آڻينديون ڪِٿان؟
    تصويرون تنهنجون.

    شفق، اوندهه، چانڊوڪي،
    ميڙي مان ٺاهيان!
    تصويرون تنهنجون.
    *


    ڇا؟ مونکي ياد ڪري!

    ڇا؟ مونکي ياد ڪري!
    ڪو سُڏڪا ٿو ڀري!
    کُوڙو نٿو لَڳي.

    تو ريءَ ڪائي خوشي،
    مون کي خوش ڪري!
    کُوڙو نٿو لَڳي.

    مون اڪيلي کان پرين!
    جِيونَ - نَاوَ تري!
    کُوڙو نٿو لَڳي.

    پوءِ به اِنتظار آههِ،
    ڪوئي وَيل وري!
    کُوڙو نٿو لَڳي.
    *


    ڏاڍو دِل روئي

    ڪوئي پريتم غم جي مالها، پيار بدران پوئي!
    ڏاڍو دِل روئي.

    پُورهيتُ پَهڻَ پيٽ بُکئي، ڍوڍي لئه ڍوئي.
    ڏاڍو دِل روئي.

    نِنڊَ بدران هر رات هاري، سُورَ ويهي سوئي!
    ڏاڍو دِل روئي.

    پنهنجي ملڪ ۾ ماروئڙي کي، چوي اَڻاسي اوئي!
    ڏاڍو دِل روئي.

    پنهنجيءَ رت ۾ رڱيل ڪپڙا، ڌارين جا ڌوئي!
    ڏاڍو دِل روئي.
    *


    آءٌ اڄ آخري ڀيرو

    آءٌ اڄ آخري ڀيرو،
    پري رکي سڀ رنجشون، پيار مان ملون!
    آءُ اڄ آخري ڀيرو.

    پنهنجن گناهن تي پرين! پاڻ ئي روئون!
    آءُ اڄ آخري ڀيرو.

    چانڊوڪيءَ ۾، واهه جي ٽاپ تي ٽِلون!
    آءُ اڄ آخري ڀيرو.

    پنهنجين ننڍڙين ڳالهين تي، پاڻ ئي کِلون!
    آءُ اڄ آخري ڀيرو.
    *


    مان مُرڪي ويهندو هان

    تنهائي ڪڏهن ستائي جي توکي ياد ڪري!
    مان مُرڪي ويهندو هان.

    دور سمندر جي مٿاران،
    نِما شام ٺري، توکي ياد ڪري!
    مان مُرڪي ويهندو هان.

    خط لِپ اسٽڪ سان لکيل،
    ٽشو پيپر تي، توکي ياد ڪري!
    مان مُرڪي ويهندو هان.

    پوپٽ مِٺيون ڏي جڏهن،
    گلن کي ڳَلَ تي، توکي ياد ڪري!
    مان مُرڪي ويهندو هان.
    *


    محتاج تنهنجي پيار جي

    محتاج تنهنجي پيار جي،
    ٿي منهنجي حياتي.

    من ۾ تنهنجي جي ڦُٽي،
    هِڪڙِي گهڙي سارجي،
    ٿي منهنجي حياتي.

    اسٽيج تي آيس، هليو ويس،
    ڄڻ ته ڪنهن فنڪار جي،
    ٿي منهنجي حياتي.

    آهه تو سِوا منهنجا پرين!
    گلڙن سان گڏ خارَ جي،
    ٿي منهنجي حياتي.
    *


    پوريل تنهنجو پيارُ

    پوريل تنهنجو پيارُ،
    پراڻين ڊائرين ۾.

    پڙهندي آليون ٿيون اکڙيون،
    تنهنجو ٿيو ديدارُ!
    پراڻين ڊائرين ۾.

    اک بنا سُرمي، لَبَ سِوا لالي،
    منهنجو هار سينگارُ!
    پراڻين ڊائرين ۾.

    ”پنهنجو هڪڙو گهرڙو هوندو“
    سو سارو ويچارُ!
    پراڻين ڊائرين ۾.

    تنهنجو ئي نالو پرين! آهه،
    منهنجو سڀ سنسارُ!
    پراڻين ڊائرين ۾.
    *


    پوئين پهر جي چانڊوڪيءَ ۾

    منهنجي من جان پئي سڏڪي،
    منهنجي آڳُرَ جي تنهائي،
    پوئين پهرجي چانڊوڪيءَ ۾.

    ڪِراڙ ڪپ تي جهونگاري ٿو،
    بيٺو نوري-ڄام ڀٽائي،
    پوئين پهرجي چانڊوڪيءَ ۾.

    موٽ مارئي پنهنجي ماڳ،
    اکڙيون ٿي آهه سڄي ترائي!
    پوئين پهرجي چانڊوڪيءَ ۾.

    ماٽ ڀڳل مئه خاني ۾،
    آخر ڪنهن آ آس دُوکائي،
    پوئين پهرجي چانڊوڪيءَ ۾.

    يار جي ياد جي سورن جي،
    ڇا ڪنهن پرکي آ گهرائي؟
    پوئين پهرجي چانڊوڪيءَ ۾.

    نِسريا سور سوايا دل ۾،
    پکين جڏهن پرڀات آ ڳائي،
    پوئين پهرجي چانڊوڪيءَ ۾.
    *


    وارياسي تي وو الا!

    وُٺو وَڏَ ڦُڙو،
    وارياسي تي وو الا!

    آليءَ واريءَ وِکِريو، موتين وانگ ڳَڙُو،
    وارياسي تي وو الا!

    خوشيءَ مان کڻي هليون، سَرتيون سِرَ گهڙو،
    وارياسي تي وو الا!

    سائيءَ ترائيءَ وَڳو، ڳچيءَ ڳئونءَ چڙو،
    وارياسي تي وو الا!

    ماڳ وريا ماروئڙا، تون ئي ڏور ڇڙو،
    وارياسي تي وو الا!

    ڀانءَ سهڙيا سپرين! لوڏيو واءُ ڪڙو،
    وارياسي تي وو الا!
    *


    مَ ڏي مهڻا ماءِ، مان پنهنجي وَسِ ڪِٿي

    مَ ڏي مهڻا ماءِ، مان پنهنجي وَسِ ڪِٿي،
    مَ ڏي مهڻا ماءِ.

    مان پاڳل ڪاڻ پرينءَ، سج اُڀري سج لٿي،
    مان پنهنجي وَس ڪِٿي.

    جاني ويرين سان به، اهڙي مَامَ مَ ٿي،
    مان پنهنجي وَس ڪِٿي.

    هيٺ چڪوريءَ نينهڙو، ڪيڏو چنڊ مٿي؟
    مان پنهنجي وَس ڪِٿي.

    سرتي ڳجهڙا سُورَ، سگهندي ڪيئن ڪَٿي؟
    مان پنهنجي وَس ڪِٿي.
    مَ ڏي مهڻا ماءِ.
    *


    ٻهَ ڳوڙها، هڪ سَارَ!

    ٻهَ ڳوڙها، هڪ سَارَ!
    ٻي خالي سندم جهولڙي.

    پاندِ پنهنجي مون پَسيا، ڪارا ڪاروبارَ!
    سُورَ سوڙهو ڪن، تڏهن، تڪيان تُو دُوارَ!
    مڙهه منجهه مَنَ هلي، تنهنجي تَنِ-تنوارَ!
    ”صدقي شل سيدصه جي، پنهنجو ڪن پنهوارَ“!
    ٻهَ ڳوڙها، هڪ سَارَ!
    ٻي خالي سندم جهولڙي.
    *


    بيت

    چانور لَپَ ڪائي، نه ڪو مانيءَ ڀُورُ،
    خالي آنڊن تي ڪيو، پاڻيءَ ڏاڍو تُورُ،
    مائڙي توتان گهوُرُ، ٻيلي ٻلڪڻ بس ڪر.
    *

    ٻيلي ٻلڪڻ بس ڪر، ڪندين ڇا روئي؟
    لُڙڪن جي لڙي ڄڻ، نيڻن تو پوئي،
    ڳلن تي ڳوڙهن جي، جي ٻُڌي ها ڪوئي،
    ته ڇڏي ها ڌوئي، تختي سندءِ تقدير جي.
    *

    ڀَڃي سڀ ڀائپيون، بُک چوي ڀَڄُ!
    ڇا وساريان وستي، ڀرڻ ڪارڻ ڇڄ؟
    ڇاهي جو ناهي، سکيو اسانجو اَڄ،
    لالڻ ٿورو لَڄُ، آهي اڃان من ۾.
    *

    تتي واري تئي جان، لڱ ساڙي لُکَ،
    ابل سڙي اُسَ ۾، ڪارڻ بُڇڙي بُکَ،
    مرجهايل هي مُکَ، ڪڏهن کلندا خوش ٿي.
    *

    نٻل بُتڙي تي، ليڙون ليڙون چولڙو،
    آهي انڌيارن جو، اوسيئڙن تي اولڙو،
    رُوههَ سندو رولڙو، مُٺِ اٽي لئه مائڙي.
    *

    مُٺِ اٽي لئه مائڙي، جيجلَ جوءِ ڇڏي،
    پرک پيٽ بکئي جي، ڪيڏي آههِ ڪڙي،
    گهوريس تنهن گهڙي، اَبل اُسهيو اوهري.
    *

    سِڪي ٿَرَ واري، ڪارڻ هڪڙي بوند!
    ڇو ايڏي اڻهوند، اَبَر تنهنجي اوت ۾؟
    *

    منجهان هڪ هڪ سنڌ، نڪتي نِري ڄَرَ،
    هيڪر اي! ابر، ڦوهر اوجل جل جو.
    *

    خاڪي خاڪ اُڏِي، واچوڙي جي وَرَ ۾،
    نينگرِ سوچ ٻُڏي، بادل ڀانئي خوش ٿي.
    *

    وڻ سُڪا، ٿڻ سُڪا، سُڪا سارا پَنَ،
    سِڪيا منهنجا ماروئڙا، ڪارڻ داڻي اَنَ،
    وڻجارن واهر ڇڏي، وساري وَچن،
    جيئڻ جي جَتن، ويچارا وانجهيا ڪيا.
    *

    وري ڪونه وٺو، ڪو بادل ڀٽن تي،
    ڪير ڄاڻي ڪيترو، سانگيئڙن سٺو،
    ڪڪر ٿيو ڪَٺو، هرهڪ آليءَ اک ۾.
    *

    مَ مونکي مور وڻن، ڀٽن مٿي مينهڙا!
    پرين شل موٽن؛ ته مون لئه ملهاري ٿئي.
    *

    مينهڙا وڃ موٽي، ٻي واهڻ وڃي وَسُ!
    ٻوڙين متان گَسُ، اچڻا آهن اڄ پرين.
    *

    ڇو مان ڇڏيان مارو، جي مِٽُ ٿيئن ته مُوٽ،
    گهوريندس سو گهوٽ، جو مارن ڇانَوَ ڇڏائي.
    *

    نياڻيون نماڻيون، وڏيون شال مَ ٿين،
    ڌيئن جا ڌڻي ٿا، ڪيڏا ڏکَ ڏِسن!
    ڇڏي اباڻا ڇَنَ، اُسهن آخر اوهري.
    *

    ڌيئن جا ڌڻي ٿا، پالن رڳو روڳ،
    لکيل تن جي لِيڪ ۾، جداين جو جُوڳ،
    صدين جو سوڳ، پالي ٿي پئي امڙي.
    *

    آيل تنهنجي اک ۾، ڇا لئه هيءَ آلاڻ؟
    ڇِرڪينءَ تون ڇاڪاڻ؟ سوچيهءِ ڪهڙي ڳالهڙي؟
    *

    سوچي ڪهڙي ڳالهڙِي، ٿڌڙو ڀَريُهءِ ساههُ؟
    ڇا لئه ڪيُهءِ ٺاهُه، اوسيئڙي سان او امان؟
    *

    امڙ ڪارڻ تو، ڇڙا ڏکڙا ڇو؟
    شايد ڏوهه ڪيو، جيجل مونکي جنمي.
    *

    جيجل مونکي جنمي، سَوَ پرايهءِ سورَ،
    جيون تنهنجي جا کَٽا، ٿيندا ويا اَنگورَ،
    ايندا آخر ٻُورَ، جيون-اجڙيل ول تي.
    *

    ميوو نه ڪو ڦول، جيون اُجڙيل ول جان،
    هر پل آهه ملول، ماندو ماروئڙن لاءِ.
    *

    گوپي ٻاهران ولهه ۾، چانڊوڪي سُڏڪي!
    ڀري ڇرڪ اُٿي، ڀانءِ آيا سپرين!!
    *

    مان ۽ تون اي چَنڊَ!، ڇاهي جي آهيون ڇڙا!
    منجهه سڄي هن مَنڊَ، ڇاڇا ڇڙو نه آهي؟
    *

    اَسرُ ويلي سارجا، داڻا وِڌمِ جَنڊ!
    روئي ڏِنو چَنڊَ، پسي پيڙا من جي.
    *

    ڇا پٽ ڇا ترائي، هر جاءِ آهِي آبُ،
    اُٺو مينهن وڏڦڙو، واري ٿي سيرابُ،
    نينگر ڏِٺو خوابُ، ڏينهن ٺرئي جو ننڊ ۾.
    *

    نيرو پاڻي ٽوٻي جو، مٿان ٻٻرن ڇانَوَ،
    آيون کڻي ٿانَوَ، پاڻي ڀرڻ نينگريون.
    *

    نينگر پگهريل پيٽ تان، چولي ورائي،
    مهڪي ترائي، پسيني جي بوءِ سان.
    *


    نم نم منهنجا نيڻ : غـــزل

    جيئن جيئن رات ٺري آهي

    جيئن جيئن رات ٺري آهي.
    ياد جي چڻنگ ٻَري آهي.

    هن ڀُلايو، زمانو ٿيندو،
    بس پنهنجي نه سَري آهي.

    نادانِ سان نه ڪر چرچو،
    دل سندءِ لاءِ چَري آهي.

    ساٿ تنهنجي جي سوالي،
    رات ستارن ڀري آهي.

    تو ريءَ خيال جيون جو،
    ڳالهه ڪيڏي ڳري آهي.
    *


    ڪملي ڪيڏو ڪَچُ ڪري ٿي

    ڪملي ڪيڏو ڪَچُ ڪري ٿي.
    ڪيچ وارن کان وَرُ گُهري ٿي.

    تنهاين جي موسم ۾ بس،
    مونڏي تنهنجي ياد وري ٿي.

    عشق جون بي انت لهرون،
    دل ڪاغذي ٻيڙي، تري ٿي.

    پوئين پهر ۾ واءُ جي سِرِ سِرِ،
    دل-اڱرن تي ماڪ ٺري ٿي.
    *


    ياد جي چوچي ڏنڀ ڏيئي ٿي

    ياد جي چوچي ڏنڀ ڏيئي ٿي.
    رات جو ننڊ نه ڪائي اچي ٿي.

    پوئين پَهَرَ جي پيلي چانڊوڪي،
    مَنَ گهايلَ تي مرهم رکي ٿي.

    مون کان اَلِ، ڀل تون اَلِ پر،
    توکي سهيلي ڪجهه ته چئي ٿي.

    منهنجي من جان ٿر جي واري،
    نيلي نڀ ۾ ڪيڏو ڏسي ٿي.
    *


    تنهنجي ياد ۾ روئڻ خاطر

    تنهنجي ياد ۾ روئڻ خاطر.
    بهانا ڳولن ٿيون اکيون.

    منهنجي ويران دل ۾ فقط،
    تنهنجي يادن سنديون ارٿيون،

    پنهنجي بغير اُداس هوندا،
    سمنڊ، ساحل ۽ سڀ ڪَتيون.

    تنهنجي يادن سان گڏ او پرين!،
    ڪيڏيون اُداسيون لٿيون.

    تون خوش ۽ کِلندي هُوندينءَ!
    ڪيئن اسان اعتبار ڪيون؟
    *


    دل ۾ تنهنجو خيال آيو آهي

    دل ۾ تنهنجو خيال آيو آهي.
    انڌيري گهر ۾ سوجهرو ٿيو آهي.

    ڪيئي گلاب کڙيا، خوشبو مهڪي،
    بي خياليءَ ۾ هن هٿ ڇُهيو آهي.

    هرپل جي خبر رکڻ چاهيان ٿو،
    ايتري آخر جستجو ڇو آهي؟

    اُداس موسم ٿيو سرءُ ڇائنجي وئي،
    جنهن پل رُسڻ جو فيصلو ٿيو آهي.

    اڄ وري مينهن پيو آهي ياد جو،
    اڄ وري ڇپر اک جو ٽميو آهي.
    *


    سونهين ٿي سسئي، گهٽن گهيرن جي!

    سونهين ٿي سسئي، گهٽن گهيرن جي!
    ڊَپَ مَ ڊيڄاري، ڏاهيل ڏيرن جي!

    چميندي چميندي ڪاڪ جي خاڪ،
    ميندي مرڪي پئي، زخمي پيرن جي!

    دلبر جي در جي، دز ۾ ڌوتل،
    اوجر پسي ڪو، ڪپڙن ميرن جي!

    گل گلابي ڪو مُرڪ جو تحفو!
    سَارَ به لهبي آ بندن جيرن جي.
    *


    هر پن تي نَمي آهي، ڪا رات رُني شايد

    هر پن تي نَمي آهي، ڪا رات رُني شايد.
    هر پاند پُسيل پسجي، اک ڪا ته ٽِمي شايد.

    مون آڇ ڪئي جڏهين، هر وار ملي واپس،
    آر ڪهڙو اوهان کي پر، دل منهنجي ڪِني شايد.

    هر ڪُنڊ کان اچي پيئي، مهڪ گلابن جي،
    گُل سارا ٽڙي پيا هِن، هوءَ آهي کِلي شايد.

    اوهانجي اُسهڻ تي، تڙپي ٿي ڪيڏو پئي،
    اڪيلپ جي عذابن کان، دل آهي ڊِني شايد.

    ڌرتي ٿي لڳي بسمل، فلڪ آهي ڏِنو روئي،
    تَندُ نينهن جي نازڪ اڄ، ڪنهن آهي ڇِني شايد.
    *


    خواهش ته هر خواهش پوري ٿي

    خواهش ته هر خواهش پوري ٿي.
    پوري ٿي به ته ڪهڙي ڪهڙي ٿي.

    ياد جو پاڻي آهي، بيٺل آهي،
    کل ته ڪنول ٽڙي ڪا کَٿوري ٿي.

    حجاب واجب آ ننڊ ۾ نا محرم کان،
    اسان ننڊ به نه ڪيون جي ضرورت ٿي.

    جي بيٺل آهي ته هڻي ڌپ ٿو وڃي،
    ساڳو پاڻي جي وهي زندگي ٿي.
    *


    تنهنجي اچڻ جو آسرو، مونکي پرين هر شام جو

    تنهنجي اچڻ جو آسرو، مونکي پرين هر شام جو.
    اُن آس آ آٿت ڏنو، مونکي پرين هر شام جو.

    ٿو ڏينهن جو رستا ڏِسان ۽ رات جو تارا ڳڻيان،
    نه تو سِوا آرام ڪو، مونکي پرين هر شام جو.

    مت واعدا واري ڇڏين ۽ مونکي وِساري ڇڏين،
    ماري وجهي ٿو کٽکٽو، مونکي پرين هر شام جو.

    جو ماڳ هو منهنجو اڳي، سو هاڻ ٿو مونکي لڳي،
    هي شهر تنهنجو اوپرو، مونکي پرين هر شام جو.

    آ تو سِوا ڪهڙي خوشي، ٿي زندگي ڏاڍي ٻُسي،
    يارن ڏٺو آ وائڙو، مونکي پرين هر شام جو.

    ڏينهن جو ٿي ياد ڳاهي، رات جو ڪا ننڊ ناهي،
    درد آ ڳولي لڌو، مونکي پرين هر شام جو.
    *


    ڪڏهن روئڻ ۽ ڪڏهن کِلڻ

    ڪڏهن روئڻ ۽ ڪڏهن کِلڻ.
    چاهه ۾ ڪنهنجي چريو ٿيڻ.

    خيالي لب ۽ نيڻ گڏي،
    چنڊ ۾ ڪنهن جو چهرو چِٽڻ.

    ڪيڏو پيارو لڳندو آهي،
    ڪنهنجي ياد ۾ رات جاڳڻ.

    شام جو تنها هوندا آهن.
    بئنچ پٿر جي بڙ جو وڻ.

    ناهي ڪنهن ماڻهوءَ جي وَسِ،
    ڪنهن سان دل جو لڳي وڃڻ.
    *


    توکي پيارا حجاب آهن

    توکي پيارا حجاب آهن.
    چُور ٿيا منهنجا خواب آهن.

    مون لئه ٿيا اوپرا ڪيڏا،
    تنهنجي چپڙن جا گلاب آهن.

    تنهنجي پريت ڌرتيءَ تي پرين،
    صحرا کان وڏا سراب آهن.

    ورهين پُڄاڻان مِلي آهين،
    رهيل ڪيترا حساب آهن.

    تنهنجا خواب آڻيندا مون لئه،
    اڻ ڏِٺا اڻ لکا عذاب آهن.
    *


    ڪي ساعت رهي ساڻ چاهت

    ڪي ساعت رهي ساڻ چاهت.
    تنها ڪٽي باقي مسافت.

    سسئي ڪنهن کان پير پُڇائي،
    بس بَر ڏِٺا ها ويندا جت.

    هن جي وارن ۾ پيل گل سان،
    ٿي محسوس ڪيڏي رقابت.

    ارپيو عمر جو اوجاڳو،
    ڪنهن نيڻ جي نازڪ شرارت.

    هر ويل جهول منهنجي ڀريهءِ
    واهه ڙي سور تنهنجي سخاوت.
    *


    تنهنجا نيڻن ۾ خواب پوکيا ها

    تنهنجا نيڻن ۾ خواب پوکيا ها.
    پاڻ لئه ڪيڏا عذاب پوکيا ها.

    ”نهه“ جا وڏا وڻ، وفا بدلي ڏنا، هُن،
    دِل-کيت ۾ شايد ”جوابَ“ پوکيا ها.

    سفر پيار جو صحرا جو سفر ۽،
    هر گام تي قسمت سراب پوکيا ها.

    پوءِ هر راهه ۾ ٽانگر ۽ ڍنگر ڇو؟
    هر ٻارِ ۾ ’اصغر‘ گلاب پوکيا ها.
    *


    هو ته هڪ خواب هو، ٽُٽڻو هو، ٽُٽو!

    هو ته هڪ خواب هو، ٽُٽڻو هو، ٽُٽو!
    پو به نيڻن نه ڪئي ننڊ رات سڄي ڇو؟

    ڇو رڳو توئي ڏِنو روئي؟ ٻُڌا اي دل!
    تارا به هئا تنها، تنها چنڊ به هو.

    غيرن جو غم ڪهڙو، غم ته غيرن سان،
    اي دوست! لڳو غير لهجو تنهنجو.

    عمر ڀر جي اُداسي ۽ آليون اکيون،
    هي مونکي مِليو منهنجي وفائن جو صِلو.
    *


    گناهه جي گپَ ۾ ڦُٽل ڪنول آ زندگي

    گناهه جي گپَ ۾ ڦُٽل ڪنول آ زندگي.
    وِههُ به آ ۽ پِڻِ انگور-ول آ زندگي.

    هر سزا ۽ جزا پاسي رکي ملجي،
    ڪي ڏينهڙا باقي بچيل آ زندگي.

    جيئن ڪيم پنڌُ، وڌيا تيئن فاصلا،
    ڇو ايترو مونکان رُٺلِ آ زندگي؟

    پڇيائون زندگي ڇاهي؟ چيم، ”سائين-
    توسان ملڻ وارو ئي پل آ زندگي“.

    هر گام تي ڇرڪي ڏسي ٿي چؤطرف،
    ڪيڏو ڪراچيءَ ۾ ڊِنل آ زندگي.

    ڪيڏي غمگين، درد ڀري، پو به مِٺي!
    ڌيمي سُر ۾ ڳايل غزل آ زندگي.
    *


    سار سلسلو، تنها شاعر

    سار سلسلو، تنها شاعر.
    اُداس ڪمرو، تنها شاعر.

    مون لئه ڇو تنهائي يا ربّ؟
    سوچي ويٺو، تنها شاعر.

    هڪ عمر ڏِسندو آ رهيو،
    ڪنهنجو رستو، تنها شاعر.

    گُل سُڪل ۽ خط پُراڻا،
    چمي سڏڪيو، تنها شاعر.
    *


    جيئن جيئن رات ڀِڄي ٿي

    جيئن جيئن رات ڀِڄي ٿي.
    تيئن تيئن ننڊ رُسي ٿي.

    پرواني جي ميت تي،
    ڪيڏو رات روئي ٿي.

    پنهنجن جا پراون جا،
    دل ڪيڏا سور سهي ٿي.

    اڪثر ياد اوهانجي،
    ٿي ٿڌڙي هير لهي ٿي.

    تنها چنڊ جي تنهائي،
    ٿي ماٽ ڦُڙا وَسي ٿي.
    *


    تو سِوا زندگي ڇا آهي

    تو سِوا زندگي ڇا آهي.
    اڻ ڪيل گناهه جي سزا آهي.

    رسندين ته رُسي ويندي زندگي.
    ڳالهه بس اهائي صفا آهي.

    هرڪو محڪوم هرڪو مجبور،
    کُلي نشاني آ خدا آهي.

    چؤڏس سمنڊ تنهائيءَ جو،
    روح سهاري کان سِوا آهي.

    تون ئي چَين، آرام منهنجو،
    تون خفا ته زندگي خفا آهي.
    *


    گهر توساڻ ئي گهر سائين

    گهر توساڻ ئي گهر سائين.
    ورنه ته ڄڻ قبر سائين.

    تنهنجي حُسن جو ڪمال ظاهر،
    ميڻ ٿيندا ويا پٿر سائين.

    ٽِڙن گل دل جي ويراني ۾،
    بس ڪرم جي هڪ نظر سائين.

    تون آهين ته مِٺي آ ڏاڍي،
    تو ريءَ زندگي زهر سائين.

    منهنجي حياتي رات ڪاري،
    تون آهين ته سحر سائين.
    *


    گُفتگو ڪا گهڙي ٿئي ها

    گُفتگو ڪا گهڙي ٿئي ها.
    پو زندگي، زندگي ٿئي ها.

    ڏاها ئي ڪن ها ڏاهپَ،
    چري ڇا لاءِ چري ٿئي ها.

    کڻڻ بدران جهڪي ها نظر،
    عاشقي، بندگي ٿئي ها.

    جيڪر پڙهين ها دِل سان،
    ڏات، روشني ٿئي ها.

    توساڻ زندگيءَ جي پرين،
    رات چاندني ٿئي ها.

    تنهنجي حُسن جي پاڇي ۾،
    شاعري، شاعري ٿئي ها.
    *


    هر ساهه پساهه ساڻو آهي

    هر ساهه پساهه ساڻو آهي.
    وقت ڄڻ ته ڪو گهاڻو آهي.

    هو پتو نينهن ۽ سور جو،
    ناتو گهڻو پُراڻو آهي.

    مَوتُ مون لئه رُسڻ تنهنجو،
    تولاءِ ته ڇڙو ماڻو آهي.

    اي درد آءٌ، ڀلي آءٌ،
    دل تنهنجو ئي ٺِڪاڻو آهي.

    هٺيلو آ حُسن جيڏو،
    عشق اوترو نماڻو آهي.

    هرجاءِ سراءِ وانگر آهي،
    گهر ته بس گهر اَباڻو آهي.
    *


    هڪ عمر ٿي سُڃاتو آهي

    هڪ عمر ٿي سُڃاتو آهي.
    روح سندءِ لاءِ آتو آهي.

    سياڻو هوس، اَياڻو هاڻي،
    ڪيو الائي ڇا تو آهي.

    صحرا مان تون ڪڪر جانان،
    پنهنجو عجيب ناتو آهي.

    اسان کي وِساري اوهان!،
    الائجي ڇا پاتو آهي؟

    ياد-يار جا دَردَ توکي،
    مون پاڻ پلئه پاتو آهي.

    لِکو اُن ۾ اُداسي، تنهائي،
    کُليل ’اصغر‘ جو کاتو آهي.
    *


    توکي مڃائڻ جو

    توکي مڃائڻ جو.
    مونکي ڏانءُ نه ڪو.

    اُداس هر لمحو،
    تنها جيوَن جو.

    خوش ٿيان ۽ کِلان!،
    تون آءٌ پوءِ ڏِسبو.

    ڪيسين چؤُ ڏِسان،
    اوهان جو رستو.

    لَٽيل لحد مٿان،
    روئي چنڊ ڏِنو.
    *


    جيوَن سراب وانگر

    جيوَن سراب وانگر.
    هر پَل عذاب وانگر.

    تنها شباب وانگر،
    ٿر ۾ گُلاب وانگر.

    دوست منهنجي ڪهاڻي،
    آ بُور باب وانگر.

    آءٌ گنهگار، تون،
    سراپا ثواب وانگر.

    ڪاش بڻي ها ڪوئي،
    لمحو شراب وانگر.
    *


    تو ريءَ آءٌ اڪيلو سائين

    تو ريءَ آءٌ اڪيلو سائين.
    دُنيا توڙي ميلو سائين.

    هر ڪنهن هٿ ۾ پَڪا گهڙا،
    منهنجي ڀاڳ ۾ ڀيلو سائين.

    ايئن مون توکي چاهيو آهي،
    چنڊ کي ٻار چليلو سائين.

    منهنجيءَ دل ۾ آيا آهيو،
    ايڏو ڇو اَويلو سائين.

    تنهنجي ياد ۾ روئيندو آهي،
    الهڙ ڪو البيلو سائين.
    *


    ڪوڙ گُلن ۾ تُريو آهي

    ڪوڙ گُلن ۾ تُريو آهي.
    سچ ڀترن جان ڀُريو آهي.

    تنهنجي يادن ۾ اڄ وري،
    جيءُ ڏاڍو جُهريو آهي.

    هي غزل شاهد آ، تنهنجو،
    سپنو هانَوَ تي هُريو آهي.

    ڇا سوچي نفرتون ڏِنهءِ،
    مون ته ڪجهه ڪونه گهُريو آهي.
    *


    تنهنجي پيار جي روشني هوندي

    تنهنجي پيار جي روشني هوندي.
    ڪيڏي نه دلڪش زندگي هوندي.

    سموري گُلشن ۾ ڇڙو تون، مان،
    ٽڙيل رابيل ۽ چاندني هوندي.

    اوهان جو پيار مِٺو چشمو ۽،
    دِل منهنجي ورهين جي اُڃي هوندي.

    ابد تائين سُمهان اوري ڪر،
    تنهنجي وارن ۾ رات ئي هوندي.

    ٽيپ تي غزل ۽ يادن جا سلسلا،
    ماحول تي ڇانيل اُداسي هوندي.
    *


    تنهنجا گَلَ چُمي

    تنهنجا گَلَ چُمي.
    پوپٽ سڙي پئي.

    ڀانءِ ايندا سپرين،
    ڪنڊيءَ ڪانگُ لنوي.

    سج لٿي سير ۾،
    تنهنجو عڪس پوي.

    تاڻي چادر رات آ،
    تنهنجا وار وري.

    چڪوريءَ چاهه ۾،
    چانڊوڪي ٻَري.

    ڪکائين ڇپر ۾،
    جوڀن ڪيئن لِڪي؟

    مينهن جان ورين جي،
    گلڙا ٿر ٿئي.
    *


    اچي اوهان جي دَر نه سائين

    اچي اوهان جي دَر نه سائين.
    وڃو انهيءَ تَرِ نه سائين.

    هي ته ٺهيو زخمي ڪيُهءِ پر،
    دَوا به دل جي ڪَرِ نه سائين.

    کُوههَ تان ورندي، گهر اسان جي،
    ڪڏهن ڀيرو، ڀَرِ نه سائين.

    هڪ نظر هيڏي، ڪنڌ نِوائي،
    رڳو وارن کي وَرِ نه سائين.
    *


    ڪير ڪيترو تڙپيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين

    ڪير ڪيترو تڙپيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين.
    هي سفر ڪيئن ڪَٽيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين.

    چاهت جي هِنَ، پُرُ پيچ سفر ۾،
    ڪير ڪنهن ڪنهن کان لُٽيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين.

    پڳاسين منزل تي، اِهو ئي ڪافي آ،
    ڪير وڌيو ڪير هَٽيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين.

    پنهنجون راهون ملڻيون هيون سي مِليون،
    ڪنهن هو رستو مَٽيو، ڇڏ اِهي ڳالهيون پرين.
    *


    ڏات منهنجي مات کائيندي ڪنهن چيو؟

    ڏات منهنجي مات کائيندي ڪنهن چيو؟
    روشنيءَ کي رات کائيندي ڪنهن چيو؟

    ڪن ڏيو، ٻوڙا ٻُڌو، ڪو وائي ورجائي پيو،
    سانت ساري لات کائيندي، ڪنهن چيو؟

    هر جُڳ ۾ جبرن هٿان، پنهنجي ئي هن ديس ۾،
    قوم منهنجي ڪات کائيندي، ڪنهن چيو؟

    هرڪوئي، پوندو ملي، پيار مان پاٻوهه مان،
    ذات کي پئي ذات کائيندي، ڪنهن چيو؟

    گئونچ مان ٻيا گئونچ ڦُٽندا ڏار ڪيئي ٽار ٿيندا،
    ممات ڪل حيات کائيندي ڪنهن چيو؟
    *


    جڏهن توکان ڏور ڪهي ويو آهي

    جڏهن توکان ڏور ڪهي ويو آهي.
    مور ٽور کان ئي ٽهي ويو آهي.

    پيار ۾ احساس نه ٿيو وقت جو،
    توکي ڏِسندي ڏينهن لهي ويو آهي.

    اڄ تائين مهڪي ٿو دل جو ڪمرو،
    ڪو رابيل روح ۾ رَهي ويو آهي.

    نه اچڻ جو قسم کنيو آ تو جڏهن کان،
    دِل جو مئه خانو ئي ڊهي ويو آهي.

    هاڻ نه ڏسندو ڪو مونکي ڪڏهن روئندو،
    اٽڪيو هو ڳوڙهو وهي ويو آهي.

    هي رنگ ۽ خوشبو گلاب ڪِٿان آندي،
    هي به توکي شايد ڇُهي ويو آهي.
    *


    وفائن کي سوچي، ڪندينءَ ياد مونکي

    وفائن کي سوچي، ڪندينءَ ياد مونکي.
    جفائن کي لوچي، ڪندينءَ ياد مونکي.

    شيءِ وڃايل جيان، احساس ۾ هوندس،
    ڏِسي پاسي اوسي، ڪندينءَ ياد مونکي.

    پئماني ۾ منهنجي مئه او پرين!
    هر شام اوتي، ڪندينءَ ياد مونکي.

    ”هي ڇا ڪيم؟ رنجائي ڇڏيومانس“
    وارن کي نوچي، ڪندينءَ ياد مونکي.

    من راهه ڀُلجي، اسان ڏي اچي،
    کڙڪيءَ کي کولي، ڪندينءَ ياد مونکي.

    شاهد وفا جا، منهنجا خط ڦاٽل،
    ڀڳل چوڙيون ميڙي، ڪندينءَ ياد مونکي.
    *


    توکان دور او منهنجا دلبر!

    توکان دور او منهنجا دلبر!
    خالي خالي، سارا منظر.

    منهنجي من جي مُنڊيءَ منجهه،
    جَڙيا سارا، چهرا پٿر.

    گلشن تنهنجا، توکي پَرتا،
    مُرڪن ٿا پيا مون لئه بَرَ.

    فليٽ وَسن ٿا پٿر جا،
    خالي آهن اوڏڪا گهر.

    ڇا جي داسي ديپ نه ڪوئي،
    خالي آهن دل جا مندر.

    پيٽ نه ڀرڀو پئماني سان،
    آڇ تون مونکي سارا ساغر.
    *


    آ شور بي هنگم زمانا ڇا ڪجي؟

    آ شور بي هنگم زمانا ڇا ڪجي؟
    سڀ درد هي پيهم زمانا ڇا ڪجي؟

    آڳ جو درياهه آهي اُڪرڻو عشق ۾،
    آهي سِتم هر دم زمانا ڇا ڪجي؟

    ياد تنهنجي مينهن بڻجي آ وٺي.
    نيڻ ٿيا نِم نِم زمانا ڇا ڪجي؟

    ٿو ايئن لڳي آهيان اڪيلو ازل کان،
    ڪو نه ٿم همدم زمانا ڇا ڪجي؟

    مونکي مسيحا ڪونه ٿو اهڙو سُجهي،
    جو رکي مرهم زمانا ڇا ڪجي؟

    ٿو آءٌ جنهن جي آس تي جيئرو رهان،
    سو رهي برهم زمانا ڇا ڪجي؟
    *


    دل جو دل سان ٿيندو وهنوار آهي

    دل جو دل سان ٿيندو وهنوار آهي.
    تڏهن هڪٻئي جو ڪبو انتظار آهي.

    پيار جي، حسن جي ۽ حياتيءَ جي،
    جيت ڪونهي هِتي رڳو هار آهي.

    هوا گڏيندي آ پنن کي ڪي پَل،
    هونءَ ته هرڪو ئي هِتي ڌار آهي.

    پيار جا لمحا ئي پُر لطف آهن.
    هيءَ حياتي ورنه رڳو بار آهي.

    اوهان جون اُداس اکيون ٻُڌائين ٿيون،
    رات ڪيو تو ڪنهن جو انتظار آهي.
    *


    هر پل مونکي ساريندينءَ

    هر پل مونکي ساريندينءَ.
    ڳوڙها ڳِل تان ڳاڙيندينءَ.

    هر کڙڪي تي مونکي ڀانئي،
    دَر تان بيهي تاڙينديءَ.

    منهنجا گيت غزل ۽ وايون،
    ڌيمي ڌُنِ تي ڳائيندينءَ.

    مهندي منهنجي نالي جي،
    هٿڙن تي تون لائيندينءَ.

    پنهنجيءَ ڇت تان مون لئه هر هر،
    بيٺي پئي واجهائيندينءَ.

    ڇرڪ ڀري اڌ راتين جو،
    تارن سان ڳالهائيندينءَ.
    *


    ساهه منهنجو ٽنگيل

    ساهه منهنجو ٽنگيل.
    نيڻ هن جا جُهڪيل.

    گيت، پڙاڏو ٿيو،
    ساز، آڱر رُڪيل.

    آس موڙيو نه ڪر،
    هاءِ جذبا ٿڪيل.

    آءٌ اڪيلو، گهٽيون،
    در سڀ ٻيڪڙيل.

    پريت، پنڌ، رسمون،
    پير پنهنجا جَڪڙيل.

    نينهن اڻانگو، صحيح،
    مگر ديوارون وڌيل.
    *


    تنهنجي نظرن گهايو بس

    تنهنجي نظرن گهايو بس.
    دِل ۾ سور سمايو بس.

    تنهنجي پيار جا گهرا گهاوَ،
    منهنجو ڪُل سرمايو بس.

    منهنجي ڳالهه ٻُڌو دِل وارو،
    لوڪ کان لڙڪ لڪايو بس.

    آخر دل جو دارون آهي،
    چاڪ چڪيل ئي چايو بس.

    پريم نگر جي بُت خاني ۾،
    تنهنجو بُت ئي ڀايو بس.

    تنها ’اصغر‘ منهنجون راهون،
    ساڻ فقط آ سايو بس.
    *


    اڌ ننگو ڏِسي راهه تي چريو

    اڌ ننگو ڏِسي راهه تي چريو.
    آرزو، آس، احساس ٻَريو.

    ڀَل نه ڏيو خوشيون دوستو!.
    دُک سان نه جهول منهنجي ڀريو.

    اٿئي ياد ڪڏهن مُرڪ سان تو،
    راهه ويندڙ مسافر هو ڦُريو.

    دل-ڪينوس تي تصوير تنهنجي،
    ڄڻ نيڻن ۾ پئي ڪنول تَريو.

    محبت جي موٽ ۾ نفرتون ڇو؟
    ڪنهن هو وفا جو صِلو گُهريو؟
    *


    تنهن ويل ڪي نيڻ مونکي ٿا مارن

    تنهن ويل ڪي نيڻ مونکي ٿا مارن.
    جنهن ويل گهوري ٿا مونڏي نهارن.

    وِساريو تو مونکي سائين ايئن آ،
    سُڪل گُل کي ٿا ڀونر جيئن وِسارن.

    سانوري سانجهه چئوڏس ڇائنجي وڃي ٿي.
    ڪارا وار پنهنجا جڏهن ٿا سنوارن.

    ڪيڏانهن ويو هُو ستارن جو ٽولو،
    ويهي واٽ تي رات گهاري ويچارن.

    پرين پيار تنهنجي جا لمحا ئي بس،
    باقي حياتي وِساري آ يارن.

    نئين دور جو ڪو انقلاب آ ڇا؟
    بُتن کي ڀڳو آ سندن ئي پُڄارن!

    سُرهي ساٿ تنهنجي جا عادي ’اصغر‘
    سِوا تو ڀلا ڪيئن تنها گُذارن.
    *


    پَري ڪر نه اکڙيون جُهڪائي اسانکي

    پَري ڪر نه اکڙيون جُهڪائي اسانکي.
    پئي هٿڙا مليندينءَ وِڃائي اسانکي.

    سنگ روپ ۾ آهيون پارس پرين!
    سون بڻجي جو دِل سان لائي اسانکي.

    مست دُنيا ڪيون، گيت اهڙو آهيون،
    سازِ دِل تي جي ڪوئي ڳائي اسانکي.

    هن ويران وٽ ۾ آهيون ڄايا اسان،
    آهيون گُلابَ پر ڪير ڀائي اسانکي.

    تنهنجي پيار جو مان بيمار آهيان.
    ڪير سمجهي پرين ڪير هائي اسانکي.

    ڏِنو پيار مونکي هر دَم ڪنڊن آ،
    گُلابن جي ياري وئي گهائي اسانکي.
    *


    ڪڏهن ٽِميا نه جنهن مان بندگيءَ جا ڳوڙها

    ڪڏهن ٽِميا نه جنهن مان بندگيءَ جا ڳوڙها.
    ان اک مان اڄ وَسن، ٿا بي وسيءَ جا ڳوڙها.

    آ فِيس جو پُڇاڻو ۽ اُستاد جي ملامت،
    نينگرَ جي اک ۾ آيا بي ڪسيءَ جا ڳوڙها.

    ماڻهو چوَن ٿا کلندي، ڀرجي اکيون اچن ٿيون،
    مونکي خبر نه پر ڇا هِن خوشيءَ جا ڳوڙها؟

    توکي نه سگهندي روڪي، ٽوڪي به ڪين سگهندا.
    دانهه دُکيءَ جي ڪهڙي، ڪهڙا مُٺيءَ جا ڳوڙها؟

    ماڻهن چوَن ٿا ’اصغر‘ ماڻهو سُٺو آن ڏاڍو،
    مونکي ته ڏِنا آهن تو زندگيءَ جا ڳوڙها!
    *


    سونهن جون ڳالهيون سڀئي : گيت ۽ نظم

    مان گُل پوکيان ٿو

    مان گُل پوکيان ٿو،
    پرت جا-
    نفرت جي ساري گپَ تي.

    مان گُل پوکيان ٿو،
    لاٽ جا-
    اُماس جي ڪارپَ تي.

    مان گُل پوکيان ٿو،
    امن جا-
    دهشت جي ساري ڌپَ تي،

    مان گُل پوکيان ٿو.
    *


    گيت : شام ويلي، هولي هولي

    شام ويلي، هولي هولي،
    ڍن نيڻن ۾ ترڻ، سونهن جون ڳالهيون سڀئي.

    رات ڪاري، هائي ڀاري،
    سپني سُرهي جو جهرڻ، سونهن جون ڳالهيون سڀئي.

    سنگ مرمر تي ڪو جِهرڻو،
    ڳل تي ڳوڙهي جو ڪرڻ، سونهن جون ڳالهيون سڀئي.

    صبح مهل، ٽڙيل گُل،
    تن تي ڀونرن جو ڀِرڻ، سونهن جون ڳالهيون سڀئي.

    ڳاڙهي آڳ، ڳائي راڳ،
    ۽ پتنگن جو ٻَرڻ، سونهن جون ڳالهيون سڀئي.

    سنگ نرمي، برف گرمي،
    گل سرءُ کان گُهرڻ، سونهن جون ڳالهيون سڀئي.
    *


    نماڻا رنگ سپنن جا

    اُٻاڻڪا لڳا اڄ نيڻ تنهنجا،
    مان ڀانيان مونکي ڪيو ياد هوندءِ
    پريت جي منهنجيءَ، ڪري ياد سارا،
    جُهريل خواب، سپنا، چچريل پُراڻا،
    نماڻا نماڻا، ٽڙيل جن جا ٽاڻا،
    سڪ جي سئيءَ سان سبيو تِن کي هوندءِ
    ۽ رنگين خوابن جي ليڙن مان سائين،
    تو سارن جي سهڻي رِلي ٺاهي هوندي،
    ۽ ڪِرڻ چاهي هوندي،
    ان تي ليٽي مِٺي ننڊ
    پر سي رنگ رنگ سپنا،
    سار جي رِليءَ تان لهي، ساهه سان گڏ وهي،
    تنهنجي نيڻن ۾ هوندا ويا اوتجي،
    ۽ اُٻاڻڪا ٿي ويا هوندا نيڻ تنهنجا،
    تن رنگن کي صورت ۾ سٽڻ لاءِ،
    ڏور خلائن ۾ ويا هوندا کوئجي،
    ۽ پوءِ ويا هوندا ڌوئجي،
    سي سارا سپنن جا رنگ،
    جڏهن ساگر تنهنجي سار جو،
    اُٿيو هوندو اچي مؤج ۾...
    *


    سچ

    تنهنجي آس ۾ جڏهن،
    مان جيون جو
    هر بار لاهي ڪندس ڦِٽو،
    مونکي منهنجا مائٽ ڏيندا،
    پاڻيءَ سُرهي سان تڙ،
    واسيو ويندو منهنجو لباس
    ۽ وڏي تعظيم سان
    منهنجي سرير کي سجائيندا
    منهنجي ابدي گهر ۾
    ته مان ڇُٽي پيس
    زندگيءَ جي هڻ هڻان، وٺ وٺان کان
    پر تِن کي ڪهڙي خبر
    ته تو کان ڏور رهي
    مان ڪيئن خوش رهي سگهندس.
    *


    استحصال

    بُک وِگهي مري ويندڙ،
    منهنجا محبوب!
    موٽي آءُ
    اچي ڏِس
    ڪڻڪ لاباري تي آهي
    آءُ ته گڏجي
    لُڻون، کڻون ۽ ڳاهيون
    ته جيئن ڀرجي سگهي
    وڏيري جو ڀَڀُ!!
    *


    جيئن هر شام تيئن هيءَ شام به

    جيئن هر شام تنهنجي بي رُخي ورجائي،
    دِلڙي روئاڙي، گهايل کي گهائي
    ٿي موڪلائي، او منهنجا پرين!
    تيئن اڄ شام به –
    تنهنجي بي رُخي جا وار
    دِل تي مُرڪي پيا هِن
    ۽ ڇُلڪي پيا هِن
    سار سان ٽمٽار نيڻ منهنجا پرين!
    هي جو شفق رنگ، رتل جُهڙ ڏِسين ٿو
    منهنجي نيڻن جي جَرَ جي ڇَرَ ٿي اِها
    جنهن ۾ سار تنهنجي پيار جي
    درد جو ملائي ڇڏيندي دونهون
    ۽ پوءِ ڇائنجي ويندا
    درد جي دونهين جا بادل ڪارا
    ڪنهن ڏُهاڳڻ جي ڏهڪائيندڙ ورلاپ جان
    هيءَ شام به –
    تنهنجي بي رُخي ورجائي، دِلڙي روئاڙي،
    گهايل کي گهائي، ويندي موڪلائي،
    او منهنجا پرين!
    *


    عزتِ نفس

    هي سفيد پوش بُکايل انسان
    ڏاڍو ڏکيو هنن جو گُذارن
    هنن جو پيٽ خالي آهي.

    ڪانَوَ ٻار کان جهپڙي ٽُڪرُڇنو
    ۽ هُن ڀتر جڙي ڪانَوَ کان
    هِن جو پيٽ ڀريل آهي.
    *


    حدود آرڊيننس

    پنهنجي پيار
    پنهنجي محبوب سان
    پيار ونڊيندي
    پئي هئي پَڪڙجي....
    ۽ اڄ چوٿين ڏينهن
    صوبيدار جي پلنگ تي
    ماني پچائي رهي آهي.
    *


    حقيقت

    جيجل ! مان پڙهي رهيو آهيان
    رات ڏينهن هڪ ڪري
    ڊگرين تي ڊگريون وٺندو ٿو وڃان
    تنهنجن اٻوجهه ۽ سادڙن
    سانگيئڙن لاءِ
    ته جيئن آفيسر ٿي وڏو
    کين ٻنهي هٿن سان لُٽي سگهان.
    *


    گيت : چنڊ کي ڀل تون چاهه، پکيئڙا

    چنڊ کي ڀل تون چاهه، پکيئڙا،
    پيار نه آهي پاپ.

    ڇا به چوي يا سوچي دُنيا،
    پار پرينءَ جي ڪاهه، پکيئڙا،
    پيار نه آهي پاپ.

    پيار جي قاتل دُنيا مان تون،
    ڊوهه جا ليڪا ڊاهه، پکيئڙا،
    پيار نه آهي پاپ.

    ڳاءِ وري ڪو گيت سُريلو،
    مَنَ جون مونجهون لاهه، پکيئڙا،
    پيار نه آهي پاپ.

    ماڳ پرينءَ جو ڏور به ڪهڙو،
    اُٿ تون پرڙا ساههِ، پکيئڙا،
    پيار نه آهي پاپ.
    *


    نئون سال

    نئين سال مان دُنيا کي
    آس آ ڪنهن خوشيءَ جي
    ڏُکن جي ختم ٿيڻ جو آٿت آهي
    اُن آس ۽ آٿت کين
    هڪ نئون جنم آ عطا ڪيو
    ۽ مان به هڪ دفعو وري
    اُن آس تي آهيان جيئرو ٿيو
    ته منهنجي پيار جي خطا
    ۽ تنهنجي نفرت جي عطا ٿيندي
    پلئه پوندو هڪ نئون ڏُک
    هڪ نئين جفا ملندي
    نئين سال ۾...
    *


    حق

    توکي منهنجو چاهڻ
    منهنجو حق آهي
    ۽ مونکي چاهڻ يا نه چاهڻ
    تنهنجو حق آهي
    تنهنجي پيار تي توکي حق آهي
    مونکان رُسڻ جو حق به
    بلاشڪ اٿئي،
    پر منهنجا گيت ته مونکي واپس ڪر
    جيڪي تنهنجي رُسڻ سان
    رُسي ويا آهن
    جن تي منهنجو حق آهي.
    *


    ظلم

    منهنجي من جي ململ کي
    پنهنجي ٻير جهڙي
    پيار تي ويڙهي
    تو ڇڪ ڏيئي
    ٿيڻ چاهيو آجو
    پيار سان پاند ڇڏائڻ
    توکان ڪين پُڳو
    ڏِس من منهنجو
    ڪيتريون نه ليڙون ٿي ويو آهي.
    *


    ارپنا

    ڪنهن اُداس گهڙي
    لُڙڪن جي مَسُ سان
    مون جيڪي گيت لکيا هئا
    اڄ سي سارا گيت
    مان نانِءَ ٿو ڪريان
    تنهنجيءَ مُرڪ جي.
    *


    احساس

    منهنجا محبوب!
    تنهنجيءَ ياد جي خوشبو
    هزارين ميل سفر ڪري
    ڪيئي ٿر، ڪيئي بر
    ۽ انيڪ جهنگ ۽ جبل ٽپي
    مون تائين پُهتي آهي
    ۽ منهنجي رائيفل جي چيمبر ۾ پيل گولي
    گُلاب جو گُل بڻجي وئي آهي.
    *


    آخري چُمي

    آءٌ گُذرندڙ سال جي
    آخري لهندڙ سج کي
    آخري چُمي ارپيان ٿو
    ۽ سوچيان ٿو
    گُذرندڙ سال ۽ تو ۾
    ڪهڙو فرق آهي
    ٻئي پنهنجي خوشين ۽ غمن سميت
    ڏور ٿا مونکان وڃو.
    *


    چري

    دور درختن پويان
    ڪچين ڀتين واري گهرڙي ۾
    در تي ٽنگيل ڳوڻ مان
    منهنجو رستو پئي نهاري.
    *


    جاني اڄ چيٽ جي مند آهي

    جاني اڄ چيٽ جي مُند آهي،
    ۽ ها، مونکي ياد آهي،
    اُن ڏينهن سرءُ جي مُند هئي ڇانيل
    ڌرتيءَ جي سيني تي،
    پر اُن موسم ۾ به گُل ٽڙيا ها رابيلن جا
    اڄ اُنهن رابيلن جون پتيون
    جُدائيءَ جي اُس ۾ سڙي سُڪي ويون آهن
    ۽ کڻي ويون آهن
    بي اعتباريءَ جون هوائون
    اُنهن گُلن جي سَڳنڌ
    ڇڙو سَڙيل، سُڪل پن، ڪجهه ٽانگر ۽ خاڪ
    پنهنجي پيار جون نشانيون باقي آهن.
    جاني اڄ چيٽ جي مُند آهي.
    *


    اوهان ڇا آيا

    اوهان کان اڳ،
    مون لاءِ جڳ، بي سوادو هو،
    نه ڪو گل، نه ڪو پوپٽ
    نه ڪا بلبل هئي،
    نه ڪا هير ٿڌي، نه ڪڪري
    نه ڪا جل ٿل هئي.
    رڳو رُڃ هئي، اُڃ هئي
    دل- ڌرتي منهنجي
    ڇڙو سُڃ هئي...
    اوهان ڇا آيا-
    سُڃيءَ ڌرتيءَ تي بهار آيو ڄڻ
    ڪيئي گؤنچ ڦٽا، گل ٽڙيا
    سُڪل ٺوٺ زندگيءَ جو
    ٿي پيو سائو وَڻ
    ختم ٿي آخر
    ورهين جي اُڻ تُڻُ.
    *


    دعا

    شل مون وانگر توکي.
    مون سان پيار نه ٿئي.

    پاسا ورائيندي ڪڏهن
    نه تنهنجي رات ڪٽي.

    دوست ڪن ٺٺوليون،
    نه تنهنجي حالت تي.

    هٿ- ريکائون ڏِسندي
    نه تنهنجي چاءِ ٺري.

    شل مون وانگر توکي،
    مون سان پيار نه ٿئي.
    *


    شل تنهنجي نيڻن جو، نه لُڙڪ ڏِسن رستو.

    شل تنهنجي نيڻن جو،
    نه لُڙڪ ڏِسن رستو.

    ڪو درد نه مُرجهائي،
    هي مُکڙو گُل جهڙو.

    پوپٽ آڻن تولئه،
    خوشبوءَ جو تحفو.

    تنهنجي بستر تي ڦُٽي،
    ڪو روز نئون سپنو.

    سدا مُرڪي تو مٿان،
    رنگ هي جوڀن جو.
    *


    حوّا جي ڌيءَ

    هيءَ حوّا جي ڌيءَ
    جا سڀيتا آهي
    سُرهاڻ آهي، چانڊاڻ آهي
    پيار جي اُڻ کُٽندڙ کاڻ آهي
    توڙي ڄاڻ آهي-
    ته هِن جي هستي
    ضد آهي پستيءَ جو
    پوءِ به اڄ ساڻ آهي
    بدبوءِ جي ڍير مثل
    آدم جي پير جي پَڻي بڻي
    هيءَ حوّا جي ڌيءَ
    جا پوڄڻ لائق آهي انسان لاءِ.
    *


    دل جي ڌرتي

    دِل جي ڌرتيءَ تي
    ڪنهن نرم احساس جي ڪؤنپل
    ڦُٽي ته ڪيئن ڦُٽي؟
    اُداسي بيٺل پاڻيءَ جيان وئي آ ڌپ هڻي
    ۽ هر ياد تي چڙهي ويو آهي سينور هاڻي
    واعدا اڻ پاڙيل ۽ لفظن جي هير ڦير
    هر آس جي پاڙ ڇڏي آهي پَٽي،
    هاءِ دِل جي ڌرتيءَ تي
    ڪنهن نرم احساس جي ڪؤنپل
    ڦُٽي ته ڪيئن ڦُٽي؟
    *


    گيت : مون کي نه راس آيون

    مون کي نه راس آيون.
    تنهنجي شهر جون هوائون.

    مون ئي هو پيچ پاتو،
    مُرڪڻ کي موهه ڄاتو،
    ڪهڙو قصور تنهنجو،
    منهنجون ئي سڀ خطائون.

    اجنبي ٿيا ها سڀ گهر،
    وسندا رهيا ها پٿر،
    نا ڪردهه گناهن جون
    ڪيڏيون ڪڙيون سزائون.

    بي رحم بڻي خُدائي،
    ڪنهن کي نه ڪهل آئي،
    اي ربّ! تنهنجي در تي،
    ڪيڏيون گُهريم دُعائون.
    *


    گيت : اڃان تنهنجا انگ

    اڃان تنهنجا انگ
    منهنجي من ۾ رنگ، آهن ڀريندا
    هاءِ ڪيڏي دور آن.

    اوجل، اوجل،
    ڍنڍ ۾ نيل ڪنول، اوهان جا سپنا
    هاءِ ڪيڏي دور آن.

    هر گهڙي هرپَل
    منهنجا هن اٽل، اوهان سان ناتا
    هاءِ ڪيڏي دور آن.
    *


    چانڊاڻ جي آشا

    ڪاري اُماس رات
    سانت ڇانيل هرطرف
    تنهائي جي راڄ ۾
    مَن بلڪل هيڪانت
    ڀانت ڀانت جا خيال
    چٻرن جيان چڪر هنيو
    گم ٿيا وڃن انڌيري ۾
    من اڪيلو هر پل جاڳي ٿو
    سي سارا خيال ويٺو ٽاهي ٿو
    رات جي تاريڪ ويراني ۾
    ڪا چنڊ جهڙي وسِنوَ چاهي ٿو،
    ڪا چنڊ جهڙي وسِنوَ چاهي ٿو.
    *


    پاپ ڪهڙو پيار ۾

    ٿو ٻُڌان ڪو شور آ،
    ايوانِ سرڪار ۾
    ”پيار جا ڏوهي سڀئي
    اونڌا ٻڌو ڪنهن ٻار ۾
    سنگِ باري ٿي وڃي
    جي هي ڏِسو بازار ۾
    پيار وارن جون اکيون
    پويو سڀئي تلوار ۾“
    ٿو پُڇان توکان زمانا
    آ پاپ ڪهڙو پيار ۾؟
    ڇا اڃان ويندا وڌا-
    انسان ڪي ديوار ۾؟
    انسان ڪي ديوار ۾؟
    *


    گيت : ڇڏي ڇن ڇپرُ

    ڇڏي ڇن ڇپرُ
    امڙ تنهنجو گهرُ
    ابل جو پڌرُ؛ مان هيڪر هلي ويندس.

    ڪنڊيءَ تي ڳيرا،
    پرينءَ گهر ڀيرا،
    چولا ڇڏي ميرا؛ مان هيڪر هلي ويندس.

    داڻا مٿي جند،
    پيٺي ڏٺا چنڊ
    ڇڏي سڀئي ونڊ؛ مان هيڪر هلي ويندس.
    *


    بئڪ ٽائيٽل راءِ : صفر ڪلهوڙو

    پنو عاقل جي ڳوٺ عالم خان جتوئي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، نرم احساس ۽ ڪومل جذبن جو شاعر اصغر جتوئي منهنجي طبيعت کي ائين ڀانءِ پيو، جيئن خوشبوءِ جو احساس گلابن جي ٻاريءَ ۾ ويهڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. سندس باوفا فطرت، سچ چوڻ واري روَش ۽ انصاف ڪندڙ ڳڻ منهنجي ۽ مقبول سومري جي دل ۾ سندس لاءِ بي انتها محبت پيدا ڪئي.
    اصغر جتوئي، مونکي آڱر مان جلهي هن معاشري ۾ هلڻ سيکاريو، اُتساهه ۽ ويساهه ڏنو.
    اصغر جي شاعريءَ ۾ نڪور جذبا، اڻ ڇُهيل احساس، پيش ڪرڻ جو انداز، سلوڻي سنڌي لفظن جي چونڊ، فطري ۽ نرالو انداز آهي. سندس وايون، گيت، بيت، نظم، نثري نظم کيس سنڌي شاعريءَ ۾ سهڻو مقام ڏين ٿا.

    صفر ڪلهوڙو


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1268282
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388045
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ