ڪتاب جو نالو: بندر مون ڏور ٿيا
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: گلشن پبليڪشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 28 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 341 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 141 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم ۽ يورپ جي ٻين تاريخي شھرن بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن. روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک بہ ياد اچي وڃن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • بندر مون ڏور ٿيا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • مهاڳ
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

  • بندر مون ڏور ٿيا

    پُران، مانَ پُڇان، بندر مون ڏور ٿيا،
    نه مون هَڙ، نه هَنجَ ڪي، جو آئون چَئي چڙهان،
    اِيھين ڪَج، پاتِڻي، جنهن پَر پرينءَ مِڙان،
    ڪارون ٿي ڪريان، تو در اُڀِي ناکُئا.

    شاهه لطيف رحه


    ارپنا

    شهر ٻني جي هيٺين
    فڪارن ۽ سهگڙن جي نانءِ

    فنڪار (راڳي)
    1- استاد حاجي شيدي 2- استاد بلوشيدي 3- استاد گلشير خاصخيلي 4- استاد الهڏنو سومرو

    سگهڙ
    5- محمد ميربحر 6- سونهاروکوپڙو 7- نورمحمد پڃارو 8- طيب لاشاري
    9- محمد عمر پليجو پهلوان 10- محمد ميرڻ پليجو

    سازندا
    11- يعقوب ميربحر سرندي نواز
    12- راڻو ميربحر دنبوري نواز
    13- ملهار لاشاري نڙوارو
    14- بهادر مڱڻهار
    15- فقير وسايو وسو مڱڻهار


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بندر مون ڏور ٿيا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اٽليءَ ۽ فرانس جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.
    ”عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم ۽ ٻين تاريخي شھرن بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن. روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک بہ ياد اچي وڃن ٿا.
    هي سفرنامو 2003ع ۾ گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ھي ڪتاب بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    اسان جي سنڌ ۾ تمام ٿورا ماڻهو نصيب ۽ ڀاڳن وارا آهن، جن کي رب العزت ٻاهرين دنيا ڏسڻ جا موقعا ميسر ڪيا آهن. اهڙن خوش نصيب وارن مان محترم عبدالحئي پليجو صاحب پڻ آهي. پاڻ ٺٽي ضلعي جي شهر ٻنو جو ويٺل آهي. پاڻ هڪ تعليم يافتا زميندار آهي. کيس ٻاهرين دنيا ڏسڻ جو ڏاڍو خفت آهي. انهيءَ خفت ۽ شوق جي تڪميل لاءِ هن وقت تائين ٻاهرين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو ديدار ڪري چڪو آهيسندس انهيءَ ديدار بابت ڪجهه سفرناما ڇپجي منظرعام تي اچي چڪا آهن. جن مان هن کان اڳ ۾ هڪڙو سفرنامو ”اتر لڳا آءُ پرين“ جي نالي سان اسان جي اداري گلشن پبليڪيشن سال 2002 ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. پليجي صاحب جو هي ٻيو سفرنامو ”بندر مون ڏور ٿيا“ به اسان جي اداري ڇپرائي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. اميد ته سندس ٻيا سفرناما به اوهان مهربان پڙهندڙ جي ذوق خاطر ڇپرائي پڌرا ڪيا ويندا.

    گل شير بلوچ
    تاريخ: 2005-01-26


    مهاڳ

    آئون انهن ماڻهن کي خوش قسمت سمجهندو آهيان جن کي قدرت ٻاهرين ملڪن ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جا کوڙ سارا موقعا ڏنا هجن، آمريڪا ۽ يورپ جا ماڻهو سال ۾ هڪ ڀيرو نئين تازي ٿيڻ جي لاءِ ٻاهرين ملڪن جي سياحت تي ضرور ويندا آهن، پر انهن جا ڊالر، پائونڊ يا فرينڪ سون برابر آهن، ان ڪري خرچ ڪرڻ جي پرواهه ئي ڪانه اٿن. اسين غريب ملڪ جي هيٺئين وچولي طبقي جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن جي گهمڻ جون سڌون ته گهڻيون ٿا ڪريون، پر هڪڙو ته اسان جي ڪمائي اسان جي سفيد پوشيءَ کي قائم رکڻ لاءِ پوري ساري آهي، ٻيو ته جڏهن پنهنجي ڪرنسي جي مٽاسٽا ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ ٿا ڪريون ته ڳڻتي ۾ پئجيو وڃون. ڀاڙي، رهائش، ماني ۽ ٻئي ضروري خرچ ڪرڻ وقت ذهن ڪيلڪيو ليٽر وانگر ڪم ڪندو رهي ٿو. مار! مانيءَ جو بل هيترا ڊالر آيو جيڪو اسان جي سڪي ۾ هيترا روپيا ٿيو! اسان وارو سڪو ڄڻ پتل جي قيمت جو هجي، انهيءَ ليکي چوکي جي پريشانيءَ ۾ گهمڻ جو مزوئي ختم ٿيو وڃي.
    انڪري گهمڻ ڦرڻ جا شوقين محدود بجيٽ واري ٽوئر کي ترجيح ڏيندا آهن، اهي ٽوئر ٽريولنگ ڪمپنيون ڪرائينديون آهن جيڪي هڪڙي مقرر رقم تي آرگنائيزڊ قسم جا ٽوئر هوندا آهن. گهڻا همراهه سرڪاري خرچ تي ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرئين ملڪ مان مفت جو چڪر هڻي ايندا آهن يا وري ڪن خوش نصيب جي نوڪري اهڙي هوندي آهي جو انهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ جو موقعو ملي ويندو آهي، ٻاهر گهمڻ يا نوڪري لاءِ وڃڻ هر پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جو خواب آهي، چون ٿا ته ٻاهر وڃڻ لاءِ هٿ ۾ لڪيرون هونديون آهن. جنهن جي هٿ ۾ اها لڪير نه هوندي اهو ڪونه وڃي سگهندو.
    مون کي خبر ڪانهي ته عبدالحئي پليجي جي هٿ ۾ اها لڪير آهي يا نه، عبدالحئي نه ڪڏهن سرڪاري خرچ تي ٻاهر ويو آهي، نه وري هن نوڪريءَ سانگي سمنڊ جهاڳي دنيا ڏٺي آهي. اهو سياحت جو شوق هو جنهن ۾ هو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري دنيا جا ايترا سارا ملڪ ڏسي آيو آهي. هو ڪڏهن يارن دوستن سان گڏجي ٻاهر ويو آهي، ڪڏهن پنهنجي گهر وارن کي ٻاهر وٺي وڃي ثواب کٽيو اٿس. ثواب ان ڪري ٿو چوان ته اسان جا گهڻا دوست ان ڳالهه تي کلندا آهن ته ماڻهو ٻاهر وڃي ۽ ٻارن کي گڏ وٺي وڃي ته پوءِ مزو ڪهڙو ! پوءِ ته اها ڳالهه ٿي ته ماڻهو مائونٽ ايوريسٽ تي وڃي ۽ پاڻ سان گڏ ٿرماس ۾ برف کڻي وڃي! هاڻي انهن دوستن کي ٻاهر وڃي جيڪي مزا وٺڻا هوندا آهن سي ظاهر آهي ته ٻارن سان گڏ هجڻ ڪر ڪونه وٺي سگهندا. ٻارن سان گڏ وڃڻ ۾ اهو به فائدو آهي ته ماڻهو گهڻن گناهن ڪرڻ کان بچيو وڃي ۽ جهڙو پاڪ صاف ويو، اهڙو پاڪ صاف موٽيو اچي، سو عبدالحئي پليجو جيڪو منهنجو 35 سالن کان پراڻو يار آهي سو سٺو ماڻهو ته آهي ئي آهي، پر پنهنجي ٻارن کي ٻاهر وٺي وڃي گهمائڻ مان صاف ظاهر آهي ته هو هڪ تمام سٺو مڙس ۽ تمام سٺو پيءُ پڻ آهي.
    سياحت جو هڪڙو ٻيو قسم به آهي، جيڪو مون کي وڌيڪ سٺو لڳندو آهي، پر پاڻ کان زور آهي، يورپ، آمريڪا يا ايشيا جي ملڪن جا مٿي ڦريا ماڻهو مختصر سامان جي ڀري knapsack پٺن تي ٻڌي نڪري پوندا آهن، دنيا جي سياحت تي، اهي اهڙين ڙانگي جاين تي وڃي نڪرندا آهن، جو پاڻ جهڙو سهوليتن تي هريل ماڻهو دل ئي ڪانه ٻڌي سگهندو. مون کي اهڙن ماڻهن جا سفرناما پڙهڻ ۾ ڏاڍو مزو ڏيندا آهن ڇو ته اهي سفرناما پنهنجي جاءِ تي Adventure پڻ هوندا آهن. آمريڪي ليکڪ پال ٿيرو جا سفرناما اهڙي قسم جا آهن ۽ خاص هن دنيا جي ريلن ۾ جيڪي سفر ڪيا آهن سي ڏاڍا دلچسپ آهن. وڪرو سيٺ بوڪر پرائيز حاصل ڪندڙ ناولسٽ آهي. هي چين ۾ تبت تائين مال ڍوئيندڙ ٽرڪن ۾ چيني ٽرڪ ڊرائيورن سان گڏ چڙهي سفر ڪيو. اهو به تمام عجيب سفرنامو آهي. پولش صحافي ۽ ليکڪ ڪئپوشنسڪي آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا تي جيڪي ڪتاب لکيا آهن سي جيتوڻيڪ بنيادي طور صحافتي ڊاڪيومينٽري قسم جا آهن، پر ساڳئي وقت انهن ۾ سندس سفر جا موت کي ويجهو وڃڻ وارا تجربا پڻ آهن، پر پوءِ جڏهن اهي وڏا ليکڪ سفر جا سور ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي موٽي اچي سفرناما لکن ٿا ته انهن کي معاوضي ۾ لکين ڊالر ملن ٿا، پبلشر انهن ليکڪن کي گهڻو ڪري ائڊوانس ۾ ڏوڪڙ ڏئي ڇڏيندا آهن ته وڃي گهمو ۽ موٽي اچي سفرناما لکي اسان کي ڏيو.
    اهڙا ڀاڳ سنڌيءَ ۾ سفرنامن لکڻ وارن جا ڪٿي! سندن سفرنامو ڪنهن پبليشر ڇاپيو ته اها ئي وڏي ڳالهه آهي، عبدالحئي پليجي کي شاباس آهي ته هو پنهنجي خرچ تي گهمي ڦري سو ئي اچي سفرناما لکندو رهيو آهي ۽ گهڻا سفرناما ته هن پنهنجي خرچ تي ڇپايا آهن، پر جڏهن ھن جا سفرناما مشهور ٿيا ۽ ماڻهو شوق سان پڙهڻ لڳا ته پبلشرن جو ڌيان هن ڏانهن ويو.
    منهنجو خيال آهي.. ڪهاڻين ۽ ناولن جي ڪتابن کان وڌيڪ سفرنامن جا ڪتاب ماڻهو پڙهن ٿا، ان مان ظاهر آهي ته ماڻهو کي ٻاهر وڃڻ جو ڪيڏو شوق آهي، ٻاهر نٿا وڃي سگهن ته سفرنامن جا ڪتاب پڙهڻ وارو شوق پورو ڪن ٿا.
    عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو گهڻي ڀاڱي روم بابت آهي، روم قديم دنيا جي هڪ وڏي بادشاهت يا اڄوڪي لفظن ۾ ان وقت جي سپرپاور ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ اڄ تائين هڪ اهم تاريخي شهر آهي. روم ڪئين ڀيرا تباهه ٿيو ۽ وري ٺهيو، هاڻي اهو جيتوڻيڪ دنيا جي سياسي ۽ فوجي طاقت جي حوالي سان نٿو سڃاتو وڃي، پر انجي تاريخي اهميت، ان جو حسن ۽ سحر اڃا تائين قائم دائم آهن.
    روم جي حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي عبدالحئي پليجي کي پنهنجا ڏک سک ياد اچي وڃن ٿا. هو روم جي تاريخي اهميت ۽ حيثيت کي پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن سان ڀيٽيندي سوچي ٿو ” اسان جو ماضي يعني موهن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو ۽ رني ڪوٽ کي ڏسي سڄي دنيا کي ته حيرت آهي پر اسان جو حال ڏاڍو هيڻو آهي، شل اسان پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيون ته هي گوندر، گذرن.“
    عبدالحئي پليجي جي لکڻ جو انداز تمام سليس آهي ۽ ان ۾ دلچسپي ايتري آهي جو دل چاهيندي آهي ته هڪ ئي ويهڪ ۾ سفرنامو پڙهي پورو ڪجي.
    سنڌي پڙهندڙ جيڪي گهمڻ ڦرڻ جا شوقين هجن ٿا تن لاءِ عبدالحئي جي لکيل معلومات ڪم واري آحي، سياحت تي سنڀرڻ وارن کي هن اها به صلاح ڏني آهي ته ”ٽوئرسٽ کي صرف هڪ ٽائپ جون جڳهيون نه گهمڻ گهرجن پر ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڪوشش ڪجي ته هر شئي ڏسجي ۽ گهمجي، ڪي ٽوئرسٽ صرف نائٽ ڪلب ۽ ڊسڪو ڏسي واپس گهر پهچي ويندا آهن ، ته ڪي وري حج يا عمري لاِءِ ويندا ته صرف مڪو ۽ مدينو ڏسي واپس هليا ايندا. واقعي اسان انهن شهرن کي ئي ڏسڻ لاءِ وڃون ٿا، پر جيڪڏهن عربستان جي اندر جيڪر تاريخي نوعيت جون جڳهيون ڏسنداسين ته ڪو گناهه ته ڪونه ٿيندو.“
    سنڌيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا سفرناما اچڻ کپن، ڇو ته اسان جي ماڻهن جون ولائت ڏسڻ جون سِڪون اهي سفرناما ئي پوريون ڪن ٿا، ان ڪري پڙهندڙن جون عبدالحئي پليجي ۾ اهي اميدون آهي ته هن وٽان اڃا کوڙ سفرناما ايندا.

    شوڪت حسين شورو


    1

    Rome is not city it is a church
    سچ ٿا چون ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو چرچ سينٽ پيٽرز آهي، جيڪو روم ۾ آهي ۽ دنيا جا قديم ۾ قديم چرچ ۽ گرجائون تمام وڏي تعداد ۾ روم ۾ ئي آهن، سو اها چوڻي ته ”روم هڪ شهر نه پر چرچ آهي“ بلڪل صحيح ٿي لڳي.
    اسان اٽليءَ جي موٽروي تي روم ولايت ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ٻه طرفي موٽروي جي وچ واري حصي تي سون ڪلوميٽرن ۾ هلڪي گلابي رنگ جا ڇهه ست فوٽن جا خوبصورت وڻ لڳل آهن، جيڪي سهڻن گلن سان ڀريا پيا آهن، گاڏيون جڏهن انهن گلن جي ويجهو ٿيون اچن ته گل لڏي کين سلام ٿا ڪن ۽ اهو سلسلو هلندو ٿو رهي، گلن جي نمرتا جو اهو نظارو کين کي ڏاڍو وڻندڙ ٿو لڳي، چؤطرف سرسبز پهاڙ ۽ ميداني علائقا جن ۾ جوئر ، ٻاجهر ۽ مڪئي جا فصل ۽ کيتن ۾ ڊوڙيندڙ فيئٽ ٽريڪٽر جيڪي پاڻ وٽ روسي ٽريڪٽرن کان اڳ ۾ جام هوندا هئا، پر هاڻ روسي ٽريڪٽرن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ بلڪل ختم ٿي ويا آهن، پر پنجاب ۾ اڃان به ميسي فرگوسن ۽ فيئٽ ٽريڪٽر استعمال ٿين ٿا، جيڪي روسي ٽريڪٽر کان ننڍا ته آهن پر ڊيزل بلڪل گهٽ ٿا کائين، تنهن ڪري اهي استعمال ۾ سستا ٿا پون. هن آباديءَ لاءِ وڏا سفيد ڪپڙي جا روڙا جيڪي مٿي جبلن تي وڇايا پيا آهن، جيڪي پريشر تي مٿي جبل تي پاڻي پهچائين ٿا ۽ ان تي آبادي ٿئي مغربي يورپ جي ملڪن مان اٽليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ زراعت ٿئي، هتي زيتون ۽ زيتون جو تيل تمام گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿو. دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ زيتون جو ٽيون حصو اٽليءَ ۾ پيدا ٿئي ٿو. جيڪي هتان سڄي دنيا کي سپلاءِ ڪن. پاڻ وٽ به ترڪي، اسپين ۽ اٽليءَ جو زيتون عام جام ملي ٿو پر انهن سڀني مان اٽليءَ جي زيتون ۾ تيل تمام سٺي ڪوالٽي جو ٿئي. ها باقي ڪجهه ٻين جي ڀيٽ ۾ مهانگو ٿئي. چون ٿا ته اٽليءَ ۾ دل جون بيماريون گهٽ ۾ گهٽ ٿين ٿيون، ان جو ڪارڻ به زيتون جي تيل جو وڌيڪ استمال ڪرڻ آهي. ۽ سچ به ماهر ڊاڪٽر چون ٿا ته زيتون جو تيل ۽ ڪينولا جو تيل استعمال ڪرڻ سان رت ۾ چرٻي نه وڌندي ۽ دل جي بيمارين کان ماڻهو محفوظ رهندو. هونئن ته دل جي بيمارين جا ڪيترائي سبب آهن پر چون ٿا ته دل جي بيماريءَ جا مک چار سبب آهن.
    1- هاءِ بلڊ پريشر
    2- هاءِ ڪوليسٽرول
    3- هاءِ شگر
    4- هاءِ ڊرنڪنگ ۽ سگريٽ يا تماڪ جو استعمال ۽ ٻيا ان کانسواءِ باقي سبب آهن.
    روم جي خوبصورت رستن تي هلندي دل جي بيماري جي ڳالهه الائي ڪٿان اچي وئي پر دلير مهندي وانگر ”يه دل ڪا معاملا “ واري ڳالهه ڪئي سين.
    ها ته سائين روم جي رنگين شاهراهه تي رمندا وڃي رهيا آهيو ۽ ونود جي ڪنن ۾ ايئر فون پيو آهي. شايد ميوزڪ پيو ٻڌي. نور به ستو پيو آهي. آئون ۽ منا هنن خوبصورت نظارن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. مون ڏٺو آهي ته ٽوئر ۾ ٽوئرسٽ گهٽ سمهندا ۽ زياده گهمندا ڦرندا آهن. ڪي ٽوئرسٽ ته نوٽس پيا لکندا ويندا آهن، اسان جي بس روم کان اڳ ڪنهن ٽوئرسٽ اسپاٽ تي بيٺي. جت اسان کي ٻڌايائون ته اڌ ڪلاڪ کن بيهبو پوءِ اڳتي هلبو. مون ڏٺو آهي ته گهڻي پنڌ تي ڪوچ بيهندي بيهندي هلندا آهن. جيئن ٽوئرسٽ يڪي مسافريءَ جي ڪري بور نه ٿين، ۽ ان وچ دوران ٽوئرسٽ باٿ روم به استعمال ڪن ۽ چانهه، ڪافي ۽ ڪوڪ وغيرهه پي فريش ٿين،. اسان پنهنجي ڪوچ مان لٿاسين ته بيشمار بسون، سياح ۽ سيلاني بيٺا هئا، ته ڪي بسن مان لهي رهيا هئا. مختلف ملڪن جا ماڻهو مختلف چهرا ۽ مختلف پوشاڪون ايتري رش جو اسين چار يعني منا نور ۽ ونود به ڪڏهن ڪڏهن ڀلجي ويندا هئاسين ۽ هڪٻئي کي ڳوليندا هئاسين. پر اسان جا گائيڊ اسان کي بلڪل به نه وساريندا هئا. اسان ڄڻ ته هنن جي دلين تي لکيا پيا هوندا هئاسين. لهڻ مهل به لهي بس جي ڀر ۾ بيهي رهن ۽ چڙهڻ مهل به هڪ هڪ کي ڏسي ڳڻي پوءِ پاڻ بس ۾ چڙهن. مجال آهي جو هڪ مسافر به گهٽ ٿئي. جيڪڏهن ڪو مسافر ٿورو ليٽ ٿئي ته گائيڊ کي يڪدم خبر پئجي وڃي ۽ هو هيٺ لهي همراهه کي ڳولي پوءِ اچي بس ڀيڙو ٿئي. ٻاهر بس اسٽينڊز تي کليل ميدان آهن پر اندر گرجائن ۽ محل محلاتن ۾ ته ايڏي رش ٿئي جو هلڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ماڻهن لاءِ چرڻ به مشڪل ٿيو پوي. مثلن لنڊن ٽاور، برٽش ميوزم، سسٽين چيپل ۽ لوور جت جهڙن جاين تي ايڏي ته رش ٿئي جو ماڻهو سوچي به نٿو سگهي پر اتي به مجال آهي جو هڪ سياح هنن گائيڊز کان گم ٿئي. انهيءَ رش ۾ اندر گهڙڻ کان اڳ ۾ هو اهڙي ته اٽڪل ٻڌائي ڇڏين جو ماڻهو گم ٿي نه ٿئيئي بس گرجا ۾ اندر گهڙڻ شرط هر هڪ گائيڊ جي هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ڇٽي، جهنڊي ڏنڊي ۽ يا ڪو ٻيو سڃاڻپ جو اهڃاڻ هٿ ۾ جهلي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ۽ ماڻهن پري کان انهيءَ جهنڊيءَ کي اک ۾ ڪريو بيٺو هوندو، ۽ انهيءَ جهنڊيءَ سهاري آخر ۾ وڃي سڀ ٽوئرسٽ انهيءَ گائيڊ کي هٿ ڪن، پر ڪمال ته گائيڊ جو آهي، جيڪي ايڏي رش ۾ به پنهنجي شڪار يعني گروپ جي ميمبرن کي مجال آهي، جو ڀلجن يا وسارين. مون ڪئين ملڪ ۽ ماڳ ڏٺا آهن، پر مون کي اها ڳالهه ڏاڍي حيران ڪن لڳي. ها پر ان کان به وڌيڪ حيران ڪن ڳالهه مونکي اها لڳي ته ڪچي ۾ منهنجي ٻنيءَ ۾ ڌنار سون جي تعداد ۾ ٻڪريون اچارين، مون هڪ ڌنار کان پڇيو ته تون پڙهيل آهين چيائين ته نه. مون پڇيو ته انگ ڳڻڻ ڄاڻين ٿوته، چيائين نه. مون پڇيو ته هيءِ ٻي ٽي سون ٻڪرين مان جيڪر هڪ کٽي پوي ته توکي ڪيئن خبر پوندي. توکي ته انگ ڳڻڻ به نٿا اچن. کلي چيائين ته، سائين سڄي زندگيءَ ۾ هڪ به ٻڪري ڪڏهن ڪونه وساري اٿم. سو هو ته پڙهيل لکيل يورپين گائيڊر آهن، جن انهيءَ ڌنڌي لاءِ الاهي ڪيترا ڪورس ڪيا هوندا ۽ ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هوندا. پر انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڌنار نپٽ اڻپڙهيل هڪ هڪ ڌنار وٽ سون جي تعداد ۾ مال يعني مينهون، ڳئون ۽ ٻڪريون سي ڪيئن ٿا پنهنجي ايڏي ساري مال جو حساب ڪتاب ۽ سڃاڻپ رکن. سو واقعي آهن عجب جهڙا حساب ڪتاب.
    اکران دي وچ جوئي اڙيا،
    عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا.
    اسان هڪ ريسٽورانٽ مان سينڊوچ ۽ ڪافي وٺي اچي، ٻاهر رکيل بينچن ۽ ٽيبل تي ويٺاسين. مونکي ننڍي هوندي کان چڪن پيٽيز ڏاڍا وڻندا آهن، ۽ آئون شام جي چانهه تي اڪثر ڪري ضرور اهي کائيندو آهيان، پر هت يورپ ۾ چڪن پيٽيز ٿين ئي ڪونه، رڳو سينڊوچ، برگر، فرينچ فرائيز وغيره. سو اسان به هاڻ سينڊوچ جا عادي ٿي ويا آهيون. هت يورپ ۾ فش فراءِ ڏاڍي سٺي ٺهيل ملندي آهي ۽ ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. پر سنڌي ماڻهو مڇي لنچ ۽ ڊنر کانسواءِ ڪٿي ٿو استعمال ڪري. پر جڏهن لنڊن ۾ هوندا آهيون ته پوءِ ڀوراڻي، نه ڏسي لنچ، نه ڏسي ڊنر، جت به سٺي تيار ٿيل مڇي ملي ته ضرور وٺي. وٺڻ مهل ڀوراڻيءَ کي چوندا آهيون ته يار هيتري ساري مڇي ڀلا ڪير ته کائيندو جو تو کڻي ورتي آهي. پر سچ ته اها مڇي کائڻ ۾ ايڏي ته لذيز هوندي آهي جو دل بار بار پئي چاهيندي ته وري به مڇي وٺون. پر پنهنجي لئي ڪسي ٿورو ڪبي. يعني اڳي ڀوراڻيءَ کي چئي ويٺاسين ته ڀوراڻي هيتري ساري مڇي ڪير ٿو کائي سو وري هان کيس ڪيئن ته يار مڇي ته ڏاڍي لذيز آهي. اڃا به وٺ ته کائون.
    پاڪستان جي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ آغا خان اسپتال ۾ به فش فراءِ ڏاڍي سٺي ٺهندي آهي. فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ته اها مڇي تمام مهانگي هوندي آهي. پر آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ اها مڇي تمام سستي ملندي آهي. آغا خان اسپتال ۾ کاڌو به جديد طريقي سان ولايتي مشين ذريعي تيار ٿئي. جيڪي مشينون پاڪستان جي فائيو اسٽار هوٽلن وارن وٽ به ڪونه آهن، هر قسم جو کاڌو ملي ۽ کاڌو به اهڙو ته سستو جو آئون سمجهان ٿو ته ڪراچيءَ جي ڪنهن گھٽ ۾ گهٽ جهوپڙا هوٽل يا گاڏي تي وڪڻڻ واري مانيءَ کان به سستو ۽ ماني وارين وڏين هوٽلن کان سٺي ۽ سستي ۽ هر ڪو ماڻهو سولائي سان ماني کائي سگهي ٿو. مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته ضرور ماني اتي وڃي کاوان. افسوس اهو اٿم ته رڳو اسان جي گهر کان پري ٿي پئي آهي.
    خير اسان بئنچن تان سامان کڻي اندر هوٽل وارن کي ڏيئي آياسين، اهو رواج يورپ ۾ سڀني سيلف سروس وارين هوٽلن ۾ آهي. يعني لائين ۾ بيهي ٽري کڻي پنهنجي پسند جو سامان جيڪو اڳ ۾ ئي پليٽ ۾ تيار ٿيو رکيو آهي. سو رڳو سامان کڻندا ٽري ريڙهندا وڃي ڪائونٽر تي پهچو. جت بل ڏيئي ڪوڪو کولي ڇري، چمچا، ڪانٽا ۽ ٽشو پيپر کڻندا. لوڻ ۽ ڪارا مرچ کاڌي تي ٽيسٽ لاءِ هڻندا. ڪئنٽين اندر يا ٻاهر پيل بئنچن تي کاڌو کائي پوءِ باقي بچيل سڀ سامان پاڻ اندر رکي پوءِ روانا ٿي وڃو. اهو رواج گهڻو ڪري سڄي يورپ ۾ آمريڪا جي ٽوئرسٽ هوٽلن تي آهي. سو اسان به پنهنجو سامان اندر ڏيئي اچي بس ڀيڙا ٿياسين. بس جا سڀ ٽوئرسٽ اچڻ کان پوءِ بس روم ولايت ڏانهن رواني ٿي. جيڪا هاڻ اسان جي ٽوئر جي آخري منزل هئي. اسان جو بس ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ جو به هڪ پنهنجو اسٽائل هو. ٿيندو هيئن جو بس ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت اسان جو گائيڊ هڪ هڪ مسافر کي هٿ جي ٽيڪ سان لاهيندو ۽ چاڙهيندو هو، ۽ ائين هو مسافرن کي ڳڻي به وٺندي هو. ته گهڻا لٿا هئا ۽ گهڻا چڙهيا آهن. جي هڪ به مسافر گهٽ هوندو هو ته هو انهيءَ انداز ۾ ڳڻپ مان سمجهي وٺندو هو ، ته ڪيترا سياح اڃا نه آيا آهن ۽ وري گائيڊ بس ۾ چڙهي سڀني کي ڳڻيندو هو، ته ڪيترا سيلاني گهٽ آهن پر اسان جي هنن تيرهن ڏينهن جي مسافريءَ ۾ هن لاءِ هڪ مسئلو هميشه هميشه قائم رهيو. اهو هيءَ ته منهنجي گهرواري هن سان هٿ نه ملائيندي هئي. تنهن ڪري جيسين وڃي هري تيستائين هن جي حساب ۾ سدائين هڪ سياح گهٽ هوندو هو. پر پوءِ جيئن جيئن ڏينهن ويا گذرندا تيئن تيئن هو به سياحن جي عادتن کان واقف ٿيندو ويو، ۽ نيٺ ته جهڙا سڀ هڪ ڪٽنب جا ڀاتي هئاسين. روم شهر اچڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ روم جي باري ۾ ڪئين جملا ذهن ۾ اچڻ لڳا يعني:

    Rome was burning Nero was fiddeling.
    Rome was not built in a day.
    Do in Rome as Roman’s do.
    All Roads Lead to Rome.
    آخري سٽ جي معنيٰ اها آهي ته ”دنيا جا سڀ رستا روم ڏانهن ئي وڃن ٿا.“ يعني روم ئي سڄي دنيا جو هيدڪوارٽر ۽ مرڪز آهي ۽ تاريخ شاهد آهي ته واقعي سوين سال روم جي حاڪمن کان وٺي انگلينڊ تائين دنيا جي وڏوي حصي تي حڪومت ڪيائون. انهيءَ جا نشان ۽ اهڃاڻ ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح هن ملڪ جي عظيم شهرن روم، پيسا، وينس ۽ فلورينس کي ڏسڻ اچن ٿا. پر هزارين سال اڳ جيڪا روم جي حيثيت هئي سان اڄ نه آهي، اڄ جيڪر ALL ROADS LEAD TO ROME جي جڳهه تي چئجي ته ALL ROADS LEAD TO AMERICA ته منهنجي خيال ۾ بهتر ٿيندو.
    سو سائين اسان به انهيءَ روم شهر ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. جنهن جي حاڪمن هن جڳهه تان ويهي ماضيءَ ۾ دنيا جي وڏي حصي تي راڄ ڪيو. روم شهر ۾ داخل ٿيڻ کان بهتر ٿيندو ته آئون توهان کي هن دنيا جي قديم ۽ جديد شهر جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان.
    آڳاٽي بادشاهين ۽ ملڪن جي راڄڌاني طور قديم مغربي دنيا ۾ جنهن سلطنت پنهنجي سياسي سرشتي ۽ عسڪري قوت جا اهڙا ته اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن، جنهن سبب هن شهر کي دائمي يعني هميشه قائم رهندڙ شهر سڏيو ويندو آهي، هي خوبصورت شهر جيڪو انساني علم ۽ فن جي عظيم مينارن جو اهڃاڻ آهي، سو روم اڄ به ٽن خصوصيتن جو حامل آهي.
    1- هي شهر اٽلي ملڪ جي گاديءَ وارو شهر آهي.
    2- روم شهر مذهبي اختياريءَ جو پڻ هيڊ ڪوارٽر آهي.
    3- هي ماضيءَ جي تخليقي شاهڪارن جو يادگار شهر آهي.
    پوري دنيا ۾ هي واحد شهر آهي جيڪو ماضيءَ جي يادگارن جو امين هئڻ سان گڏ جديد زندگيءَ جي پڻ سمورن پهلوئن سان سينگاريل آهي.
    هي شهر اٽلي ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ ٽبر Tiber نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. جيڪا سمنڊ کان پندرهن ميلن جي مفاصلي تي وهندي رهي ٿي. روم شهر جي پسگردائي وارو علائقو اٽليءَ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ اهو علائقو آهي. جتي قديم دور ۾ بلڪل آخر ۾ آبادڪاري ۽ آبادي ٿي. شهر، بچاءُ لاءِ موزون ٽڪريءَ جي آخري لهواري هنڌ وٽ جتي ٽبر نديءَ ورن وڪڙن سان لنگهدڙ آهي انهيءَ ماڳ تي اڏيل آهي.
    روم جو شهر هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين يورپ جي سمورين تهذيبن جي قسمت جو مالڪ رهڻ کان پوءِِ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو. وچ اوڀر جي آخر ۾ ٻڌندڙ جسماني طور جڏو، اقتصادي طور مفلوج، سياسي طور پسمانده ۽ اڪسري طور تي بي پهچ ۽ چٽ ٿي ويو. انهيءَ جي باوجود ضابطا اخلاق يعني قانون ٺاهي ڏيندڙ، استاد ۽ معمار جي حيثيت ۾ روم جو اثر رسوخ سموري يورپ ۾ مسلسل طور پکڙجندو رهيو جيتوڻيڪ ڇهين کان پندرهين صديءَ تائين واري عرصي دوران ڪيٿولڪ عيسائي اڳواڻن يعني پوپز popes جي روين ڪري صورتحال ڀيانڪ ۽ ڪنهن وقت المناڪ توڙي مڪروهه ۽ باعث شرم رهي پر روم جي شهر کي عيسائيت جي مرڪز هجڻ واري عظمت جو احساس هو ۽ حالتن جي موافق تبديليءَ سان آهستي آهستي هن پنهنجو اقتدار ۽ ارتقا وري حاصل ڪري ورتو، ۽ علوم و فنون توڙي سونهن سوڀيا واري حوالي سان نئين سر تعمير ۽ ترقي ڪئي.
    جيتوڻيڪ روم شهر جي ماڳ تي برانز ڌاتو واري تهذيبي دور ۾ يعني عيسيٰ عليه السلام کان پندرنهن صديون کن اڳ ۾ انساني آبادڪاريءَ جا آثار ملن ٿا، مسيح کان اڳ واري هزار ساله دور جي اوائل تائين ماڻهن جي هتي مسلسل ۽ مستقل آبادڪاري ڪانه ٿي هئي. هتي اٺين صديءَ قبل مسيح ڌاري مختلف هنڌن تي، يورپي قبيلن جا هڪٻئي کان الڳ الڳ ڪجهه ڳوٺ نمودار ٿيا، اهي ماڻهو لوهه جا اوزار استعمال ڪندا هئا. هنن پهرين پيليٽائين ۽ اوينٽائين ٽڪرين تي ڳوٺ ٻڌا، پوءِ ڀر واري ايراضيءَ ۾ آبادڪاري ٿي. سندن استعمال جي اوزارن ۽ خصوصاً سندن تدفين واري رسمن ۾ اختلاف هئڻ مان پتو پوي ٿو ته اهي جدا جدا قبيلا هئا. انهن ۾ لاطيني، سيبائين ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو شامل هئا. جن هن شهر جو بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    ستين صدي قبل مسيح ۾ پيليٽائين، ايسڪيولائين ۽ سيليئن ٽڪرين جي وچ واري وادي ۾ آبادڪاري ٿيڻ سان ويجهيون وستيون ۽ واهڻ هن وڏي آبادي ۾ ضم ٿيڻ لڳا. هن صديءَ جي خاتمي کان اڳ ڌاري قبرستان واري هيٺيائين ايراضيءَ جتي ڪني پاڻي جا دٻا هوندا هئا. انهيءَ کي خشڪ بنائي اتي ڪکاوان گهر ۽ جهوپڙيون اڏي ماڻهو رهڻ لڳا. هن علائقي کي فورم ويلي Forum valley سڏيندا هئا.
    گذر جي زراعتي ۽ دهقاني وسيلن ۾ واڌاري سبب هنن ماڻهن يوناني ۽ ايٽريوريا Etruria ملڪ جي ماڻهن سان واپاري ناتا جوڙيا. ڇھين صدي قبل مسيح جي اوائل ڌاري اتر طرف ايٽريوريا وارين شهري رياستن جي اثر ۽ متحد شهري رياست طور روم شهر جو بنياد پيو. اها شهري رياست پنهنجي بادشاهن جيڪي ڪل ست هئا ۽ انهن مان پويان ٽي ايٽرسڪين Etruscan يعني ايٽريوريا جا باشندا هئا جي حڪومتن دوران اٽلي واري مرڪزي ڀاڱي ۾ زبردست قوت ٿي اڀري.
    هن اوائلي بادشاهي نظام دوران سماجي ۽ معاشي اختلافن سبب هتان واري سماج ۾ ٻه مختلف طبقا پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙو Patrician يعني اصل رومي شهرين تي مشتمل طبقو ۽ ٻيو پليبئن Plebeian يعني نئون رومي امير طبقو سڏجڻ لڳو. انهن متضاد طبقن پاران سياسي قوت جي سياسي حصول لاءِ ڪشمڪش هن اوائلي رياست تي وڏو اثر وڌو. شروعات ۾ قبائلي تنظيم تي ٻڌل حڪومت قائم ڪئي وئي. ان کان پوءِ فوج تي ٻڌل جماعت جي حڪومت برپا ڪئي وئي. پوئين بادشاهي دور ۾ انهيءَ فوجي تنظيم ۾ شاهوڪار ۽ امير طبقو شامل هو.
    سن509 قبل مسيح يا هڪ ٻه نسل پوءِ ڌاري روم جي آخري بادشاهه جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ روم ۾ عوامي حڪومت جي قيام سان گڏ وچ اٽليءَ ۾ ايٽرسڪن اقتدار يعني ايٽريوريا جي پيدا ٿيل هن امير طبقي جنهن مان روم جا پويان ٽي بادشاهه به هئا، جو زوال شروع ٿي ويو.
    روم ۾ بادشاهي نظام جي خاتمي کان پوءِ قائم ٿيندڙ نئين حڪومت شروع ۾ ٻن ڪونسلن Two consuls جي هٿ هيٺ گڏيل عوامي حڪومت هئي. اهي ڪائونسلون اصل رومي رهواسي هئا. جن امين جي حيثيت سان حڪومت جو انتظام سنڀاليو هو. ريپبلڪ حڪومت جي اقتدار دوران ايٽرسڪن حڪمران وارا طور طريقا، اهڃاڻ ۽ علامتون ته هيون پر انهيءَ حڪومت دوران يوناني بيٺڪن سان جيڪي ڏکڻ اٽليءَ ۾ قائم هيون، انهن سان واپاري لڳ لاڳاپا آهستي آهستي گهٽجي ويا.
    جنهن ڪري معاشي بحران پيدا ٿيو ۽ معاشري بحران جي نتيجي طور اناج جي سخت قلت ٿي پئي جنهن ڪري شهر ڪيترين وبائن جو ڪئين صدين تائين شّڪار ٿي پئي سگهيو. لاچار حڪومت سسلي Sicily کان اناج خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پئي. ان کانسواءَ سياسي انقلاب جي نتيجي ۾ رياست اندر معاشي پسماندگي پيدا ٿي پئي.
    پيٽريشينس Patricians يعني اصل باشندن ۽ پليئبنس Plebeians يعني ڌارين جي وچ ۾ پهرين وڏي جنگ جي نتيجي طور پنجين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري ريتن رسمن ۽ اخلاقي اصولن کي قانوني طور لکت ۾ آندو ويو ۽ انهن کي Low of the twelve table جي صورت ۾ سن 450-451 قبل مسيح دوران محفوظ ڪيو ويو، انهيءَ عرصي ۾ ٻاهرين آبادڪارن پنهنجي سياسي تنظيم ٺاهي جنهن جا اڳواڻ اصل باشندن جي ڌر جي مقرر ڪيل امينن جي فيصلن کان ڌارين کي بچائيندا هئا. پنجين صدي قبل مسيح جي پوئين اڌ ۾ روم وري به پنهنجي آسپاس وارن علائقن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن جو ڇيهه وڃي سن 396 ق-م ۾ ايٽرسڪن شهر veii جي فتح تي ٿيو.
    سن 390 ق-م ۾ قديم فرينچ جنگي سردارن جي لشڪر روم شهر جو گهيرو ڪيو. جيڪو ساڍا ست مهينا هليو گهڻي ڦرلٽ ۽ تباهي مچائڻ کان پوءِ نيٺ فرينچ هتان موٽي ويا. پر پوءِ روم شهر جو فقط هڪڙو ڪيپيوٽو لائين Capitoline area وارو حصو رومين جي هٿن ۾ وڃي رهيو. انهيءَ جي باوجود روم جي ماڻهن پنهنجي شهر جي تعميرنو جو ترت عزم ڪيو ۽ هڪدم ٽوفا Tufa پٿر جي وڏين ڇپن سان شهر جي چوڌاري ڪوٽ اڏڻ شروع ڪيائون. هن دور جي پوين ليکڪن مان هڪڙي Livy نالي شخص روم جي تعميرات ۾ بي ترتيبيءَ جو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي، ته هي ڄٽن جو شهر ٿو لڳي، جنهن جي تعميرات ۾ ڪابه صحيح منصوبه بندي نظر نه ٿي اچي. پر انهيءَ بي ترتيبيءَ سان اڏيل ڪوٽ کي مسلسل ايندڙ اٺن صدين تائين ڪوبه حمله آور ٽوڙي نه سگهيو، فرينچ حملي سبب پيدا ٿيل اقتصادي بدحالي هڪ ڀيرو ٻيهر اصلوڪن ۽ ڌارين رومين ۾ تضاد ۽ اختلاف وڌايا. پر ڌارين پنهنجي ڏاهپ سان گهڻن ئي قانون معاهدن تحت چوٿين صدي قبل مسيح جي خاتمي کان اڳ ۾ ئي اقتدار جي ايوانن ۽ دفترن ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي ۽ سندن اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل قانونن جي پاسداري سمورن اصل توڙي ڌارين رومي باشندن مٿان لاڳو ڪئي وئي. قرضن ۽ زمين جي ورهاست بابت سماجي قانون سازي هيٺين طبقي کي بدحاليءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ سندن حق ۾ ڪئي وئي.


    2

    وڏي پئماني تي منصوبا بنديءَ کانسواءِ به سن 375 ق-م ۽ 275 ق-م جي وچواري عرصي ۾ به رومي رياست پاران پنهنجي واضح سرحدي توسيع سبب ڪافي پائيدار معاشي فائدا حاصل ڪيا. رومي حڪومت سموري پيننسولر اٽلي يعني سموري اپٻيٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سبب پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ بيٺڪون (نو آباديون) قائم ڪيون ۽ رومي باشندن کي انفرادي طور جاگيرون عطا ڪيون، ٽئين صدي قبل مسيح جي وچ کان اڳ ئي سٺ هزار کن اهڙا زميني ٽڪرا ماڻهن ۾ ورهائي بي زمين رومين کي زميندار ڪيو ويو ۽ ٻاهرين جو ڪجهه زور ٽوڙيو ويو. 250 ق-م ۾ شهر جي آبادي هڪ لک کي پهچي وئي. فتحن مان حاصل ٿيل مال غنيمت شهر ۾ مندرن، رستن ۽ پاڻيءَ جي رسد وارن منصوبن تي استعمال ڪيو ويو. ٽئين صدي ق-م جي شروعات ۾ شهر ۾ تازو پاڻي آڻيندڙ ٻه هٿرادو ٺاهيل چينل شهر ۾ پاڻي پهچائڻ لڳا. سن 264 ق-م ۾ روم اتر آفريڪا ۾ قائم هڪڙي زبردست فونيشيائي نسل جي ڪارٿيج حڪومت سان جنگ ۾ ڦاسي پيو. هڪڙي پوري صديءَ کان وڌيڪ عرصي دوران مختلف ويڙهن، مقابلن ۽ جنگين بعد روم سموري رومي سمنڊ سان لاڳاپيل سمورن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ ٿي اڀريو. پر هيڏي وڏي سلطنت جي سار سنڀال لاءِ رومي ماڻهن پاران شعوري طور تي ڪوشش نه هئڻ سبب روم جي شهر واسين لاءِ ڪئين نوان سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا. سن 201کان 218 ق-م رومين ۽ ڪارٿيجي فوجن جي ٻي جنگ سبب اٽليءَ واري اپٻيٽ جي وڏي حصي ۾ قتل و غارت ۽ ڦرلٽ سبب تباهي آئي. ڪارٿيجن زمينن تي قبضو ڪيو جنهن ڪري اتي آباد رومين ڀڄي روم شهر ۾ اچي پناهه ورتي. ان وقت ڪارٿيج فوجن جو سپهه سالار هيني بال Hannibal هو. رومي امير طبقو جنهن کي روم شهر ۾ صنعت توڙي واپار ۾ سيڙپ جي قانوني طور منع ٿيل هئي. تنهن ڏکڻ ۽ وچ اٽليءَ واري ڌتڙيل آبادگار طبقي مان ناجائز فائدو وٺندي تمام سستي اگهه سان زمين جي وڏي ايراضي خريد ڪئي.
    ٽبر Tiber نديءَ تي شهر ۾ پهرين پل سن 142 ق-م ۾ ۽ پهرين پاڻي جي ٽانڪي گهڻي اوچائي تي اول سن 144 ق- م ۾ ٺاهي هئي. جنهن سبب شهر جي اوڀر طرف واري مٿانهين پٽ تي پڻ آبادڪاري شروع ٿي وئي.

    ( آگسٽس وارا سڌارا Reforms of Augustus)
    جوليئس سيزر Julius Caesar روم جو پهريون بادشاهه هو جنهن شهر توڙي ملڪي مسئلن ۽ ڪمن کي صحيح منصوبه بنديءَ موجب سرانجام ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي. ڪيمپس مارشس وارو راندين جو ميدان ۽ ٽبر نهر جي سڌاري جو پروگرام هن بادشاهه جي منصوبن ۾ شامل هو. پر پنهنجي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تائين هو زندهه نه رهيو. سندس هنج ورتل پٽ ۽ جاءِ نشين آگسٽسAugustus روم شهر کي سلطنت جي عظيم راڄڌاني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سندس هن دعوى ۾ وڌاءُ آهي ته هن کي روم سرن جو ٺهيل مليو هو ۽ هن انهيءَ کي سنگ مرمر سان تعمير ڪيو آهي. ها باقي هن ۽ سندس ساٿين شهر ۾ ڪافي عمارتون، مندر، ٿيٽر، حمام، ڦوهارا ۽ راندين جا ميدان، بازاريون ۽ گودام وغيره جوڙايا هئا. تنهن کان سواءِ قديم اڏاوتن جي مرمت جو ڪم چالو ڪرڻ سبب غريب طبقي کي ڪافي روزگار حاصل ٿيو. پر شهر جي اڏاوت بابت گهربل شهري منصوبابندي نه هئڻ سبب غريب شهري غير محفوظ ۽ صفائي گهربل وانجهيل جڳهين ۾ ڦاٿل رهيا جيڪي قديم ڀاڱي جي سوڙهين ۽ ٻوساٽيل گهٽين ۾ گهيريل هئا. آگسٽس جي هڪ دوست ۽ مددگار ايگريپا Agrippa پنهنجي تمام گهڻي دولت شهر کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ ۽ شهر ۾ پاڻي جي سد واري نظام کي سڌارڻ تي خرچ ڪئي.
    سفر کي اڌ ۾ ڇڏي تاريخ جا ورق اٿلائڻ سبب اميد ته پڙهندڙن کي روم جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي هوندي. اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته اسان هوٽل پارڪ ڪوسٽانزا Hotel Park Costanza ۾ رهنداسين، اسان جي بس جيئن شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي اسان کي گائيڊ شهر جي ماڳن مڪانن يا جڳهين جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ پوءِ هن رات توڙي ايندڙ ٻن ڏينهن جي خوبصورت ۽ رنگين پروگرامن کان واقف ڪيو. نيٺ بس اچي شهر جي هڪ خوبصورت هوٽل ٻاهران بيٺي ۽ اسان گائيڊ جي پٺيان پٺيان هوٽل جي لابي ڏانهن روانا ٿياسين. دستور مطابق هوٽل جي ڪمرن جون چاٻيون اسان کي اسان جي گائيڊ ڏنيون ۽ اسان پنهنجي ڪمرن ٻاهران پنهنجو رکيل سامان کڻي ڪمري اندر گهڙياسين. هميشه وانگر آئون ۽ منا هڪ ڪمري ۾ ونود ۽ نور ٻئي ڪمري ۾ رهياسين، مون ونود ۽ نور کي چيو ته جلد تيار ٿي هيٺ اچجو ته ٻاهر روم باءِ نائيٽ پروگرام لاءِ هلبو. هوٽل جو ڪمرو يورپ جي سڀني ٻين هوٽلن وانگر تمام ويل ڊيڪوريٽيڊ هو يعني مني بار سينٽرلي ايئر ڪنڊيشن، ڊبل ڪارپٽيڊ، نفيس ۽ سهڻو فرنيچر ڪلر T.v جنهن الاهي ڪيترا چئنل ۽ ڪئبل نيٽ ورڪ پروگرام به هو ٽي وي کولي سين ته انهن هيترن سارن چئنلن ۾ صرف هڪ انگريزي چئنل يعني سي اين C.N.N باقي ٻيا سڀ يورپ جي ٻين ملڪن جي مقامي ٻولين ۾ پروگرام. جنهن جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نه پيو اچي باقي ويٺا رڳو شڪليون ڏسون. اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته انگليڊ، آمريڪا يا جت انگريز حاڪم رهيا آهن، انهن ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي انگريزي جو هڪ لفظ به ڪونه اچي. جيئين پاڻ کي فرينچ، جرمني ۽ اٽالين ڪونه اچي، وري جت جت دنيا ۾ جرمن، فرينچ ۽ اٽالين حڪومت ڪئي ته ات وري اهي ٻوليون رائج آهن، يعني ڦورو قومن دنيا جي جن به ملڪن تي حڪومتون ڪيون ته ات پنهنجي زبان، مذهب ۽ ڪلچر جا اهڃاڻ به ڇڏي ويا. جنهن جو مثال پنهنجو صوبو يا گڏيل هندستان ئي ڪافي آهن. سنڌ ۾ پهرئين ٻڌ مذهب هو، پوءِ جڏهن راءِ سهاسي ۽ ان کان اڳ هندو حاڪم ٿيا ته ٻڌ مذهب جو زور آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو، جڏهن راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل ۽ سڄي سنڌ جي مسلمانن ڪاهه ڪئي تڏهن ٻڌن مسلمانن جي ڀرپور مدد ڪئي، ۽ ائين مسلمانن جو سنڌ تي قبضو ٿيڻ ڪري هندو مذهب آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو، ۽ مسلمانن جو تعداد وڌڻ لڳو. اهڙي نموني وري جڏهن سنڌ ۽ گڏيل هندستان جا حاڪم انگريز عيسائي ٿيا ته هت هزارن لکن ۽ هندستان ۾ ته ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو عيسائي ٿيا. خاص ڪري گهٽ جاتين وارا ماڻهو وڏي تعداد ۾ عيسائي ٿيا، ۽ ٿي رهيا آهن.
    انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ شرط ڪراچي ۾ گرجا قائم ڪئي، پر هاڻ انگريز حاڪم ته نه رهيا آهن، پر عيسائي مشينري تمام زور شور سان خفيه نموني گهٽ جاتين ۽ ڏتڙيل ماڻهن ۾ وڏي تعداد ۾ پيسو خرچ ڪري رهي آهي، جنهن کي هيومن رائيٽس وارا به هلڪي ڦلڪي نموني سان سپورٽ ڪن ٿا. مون ڏٺو آهي ته هيومن رائيٽس وارا مقامي مظلوم قومن تي ٿيل ظلمن تي گهٽ ٿا ڌيان ڏين، پر اقليت خاص ڪري عيسائين ۽ عورتن جي حقن کي وڌيڪ ٿا اهميت ڏين، سو عيسائين جون گرجائون ته هاڻ ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين قائم ٿي ويون آهن، ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پانڌي واه جي ڀرسان پڻ عيسائين هڪ وڏي مشينري قائم ڪري رکي آهي، هنن کي اولهه جا ملڪ وڏيون امدادون ٿا ڏين. ۽ عيسائين جي ٻارن کي وڏي تعداد ۾ ڪافي اسڪالرشپون به ڏيندا آهن. مشينري اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ انهن نون عيسائين کي وڏيون سهولتون مليل هونديون آهن، هت رهندڙ عيسائين جون همدرديون هن ڌرتيءَ سان نه پر يورپ ۽ آمريڪا سان آهن، جنهن تي هڪڙي ڏاڍي مزيدار هندستاني فلم به ٺهيل آهي جنهن جو نالو ”جولي“ آهي، هيءَ هڪ وڏو بحث آهي جنهن تي پاڻ وٽ ته ڪجهه به لکيل ڪونهي ان تي اسان جي سڄاڻ ليکڪن کي ضرور لکڻ گهرجي. پاڻ واپس ٿا هلون اٽليءَ جي گادي واري شهر روم ڏانهن جت ٽي وي جي ڳالهه آڻي پاڻ کي پاڌي واهه پهچايو.
    اسان ڪمري ۾ گهڙڻ شرط پهريائين چانهه پيتي، پوءِ ٿورو ليٽي فريش تي هيٺ هوٽل جي لابيءَ ۾ آياسين ته ڪافي ٽوئرسٽ اڳيئي ويٺا گپ شپ ڪري رهيا هئا. مون ڏٺو ته سڀ جا سڀ سياح ڪپڙا بدلائي آيا هئا. سواِءِ مون ۽ منا جي، نور ۽ ونود به اچي ويا. هنن کي به لنڊن مان ورتل بهترين شرٽس پيل هيون. اسان جو گائيڊ به اچي ويو. جنهن اسان کي ٻڌايو ته روم ڏينهن توڙي رات هميشه سياحن لاءِ کليو پيو آهي، پاڻ شهر جو چڪر لڳائينداسين ۽ خاص جڳهين تي بيهنداسين. ۽ رات جو دير سان ڊنر ڪري پوءِ واپس هوٽل تي اينداسين. ٻي ڏهاڙي به سڄو ڏينهن شهر ۾ مصروف گذاربو ۽ صبح جو سوير اٿبو . اسان گائيڊ سڳوري جا فرمان ٻڌي اچي بس ڀيڙا ٿياسين ۽ اسان جي بس روم جي رستن تي جهرمر جهرمر روشنين ۾ ڊوڙڻ لڳي. رات ٿي چڪي هئي. سڄو روم روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. روم جا رهواسي ۽ سڄي دنيا جا سياح رات جو روم کي گهمڻ لاءِ اسان وانگر نڪري پيا هئا. جڳ مڳ روشنيون رستن تي ۽ زندگي روان دوان اسان اڳتي وڌي رهيا هئاسون ۽ اسان جو گائيڊ اسان کي هر هڪ ماڳ ۽ مڪان جي باري ۾ سهڻي نموني سمجهائيندو رهيو ۽ اسان جي بس اڳتي وڌندي رهي.
    ۽ اسان به انهن ڪروڙن سياحن ۾ هڪ هئاسين، جيڪي سڄي دنيا کان ڪهي آيا هئا. ۽ اسان جو تعلق سنڌ جي هڪ ڳوٺڙي ٻني سان آهي. اسان جي پهرئين منزل Fountane de Treveri فائونٽين ڊي ٽروري ڦوهارو آهي، جيڪو پيازا بار بريني علائقي جي هيٺ اوڀر طرف ٽرائٽون رستي وٽ سوڙهين گهٽين سان گهيريل روم شهر جو اهو عجب علائقو آهي. جت هي نهايت خوبصورت ڦوهارو ٺهيل آهي. هي ڦوهارو روشن خيالي واري دور جو ٺهيل آهي. جيڪي هڪ محل جي پٺئين پاسي ٺهيل آهي هن ڦوهاري ۾ ڪيتريون ئي مورتيون ٺهيل آهن جيڪي فن مصوريءَ جو ڪمال آهن، هت سون جي تعداد ۾ سياح بيٺل آهن جيڪي فلمون ڀري ۽ فوٽا ڪڍي رهيا آهن، اسان به مووي ڀري. مون ڏٺو ته ڪيترائي سياح هن ڦوهاري اندر سڪا اڇلائي رهيا هئا. چون ٿا ته هن ۾ سڪي اڇلائڻ وارو روم ٻيهر گهمڻ ضرور ايندو، ته رومي ڏاڍا هوشيار آهن جو انهن سياحن کي ڪهڙي نه نموني سان قائل ڪيو ته ڪجهه سڪا اڇلائڻ سان توهان وري روم ايندا. هڪ سياح جيڪو روم گهمڻ آيو آهي انهيءَ لاءِ ان وقت ات چند سڪا اڇلائڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. پر انهن ٿورن ٿورن سڪن مان ڪيترا پئسا گڏ ٿي ويندا هوندا. جنهن مان هڪ ڦوهاري کي هلائڻ يا انهيءَ تي مقرر چوڪيدار توڙي ٻي سار سنڀال جي خرچ سان گڏ ڪافي ساري رقم بچندي هوندي. هر سال ڪروڙن جي تعداد ۾ سياح هتي اچن ٿا جيڪي سڀ هن ڦوهاري تي به اچن. هونئن به رو م جي آبهوا ٻي يورپ کان زياده گر م آهي. تنهن ڪري اٽليءَ ۾ سواءِ ٻن مهينن جي باقي ڏهه مهينا وڏي انگ ۾ سياح وينس، روم، فلورينس، پيزا ۽ ڪئپري جا ماڳ ڏسڻ اچن. اسان به انهيءَ چشڪي ۾ ته وري روم اينداسين، ڪافي پيسا هن ڦوهاري ۾ ڦٽا ڪيا. هن ڦوهاري جي تعمير جو ڪم پوپ اربن اٺين (pope Urban viii) مشهور مصور برنني کي سونپيو. پر هو ڪم چالو ڪري نه سگهيو نيٺ اهو ڪم هڪ ٻي معمار کي ڏنو ويو. جنهن جو نالو نڪولو سالوي (Nicolo Salvi) هو. هو به ڦوهاري جي ڪم دوران سخت بيمار ٿي مري ويو. اهو 1723ع جو سن هو. انهن سببن ڪري هو ڦوهاري جي ڪم ۾ ڪافي دير ٿي وئي. ۽ ڦوهاري کي ٺهڻ ۾ هڪ انسان جي زندگي يعني 39 سالن جو وقت لڳي ويو. نيٺ هي ڦوهارو ٺهي راس ٿيو ۽ سڄي دنيا جي سياحن جو مرڪز بڻجي ويو، ۽ اسان به زندگيءَ جون ڪجهه حسين گهڙيون ات گهاريون جيڪي سدائين ياد رهنديون.
    هن ڦوهاري جي ڀرسان ئي سياحن جي خريداري لاءِ کوڙ سارا دڪان هئا، جت سياحن وڏي تعداد ۾ خريداري ٿي ڪئي، انهيءَ سان گڏوگڏ هيٺ زمين تي به ڪافي ماڻهو پنهنجو سامان رکيو ويٺا هئا. مون پري کان ڏٺو ته تمام سادي قسم جون سنڌي ٽوپيون به وڪري لاءِ رکيون ويون هيون. آئون انهيءَ دڪان ۾ گهڙي ويس ته هڪ پنجابي اهي ٽوپيون وڪڻي رهيو هو. اسان کي پاڪستاني سمجهي اسان سان مليو، ۽ پاڻ ٻڌايائين ته آئون لاهور جو آهيان، ڇوڪراٽ هو، پاڻ ٻڌايائين ته پنجاهه روپين جي ٽوپي هت هڪ هزار رپين ۾ وڪامي ويندي آهي، ۽ هت سياح ڏاڍي شوق سان هن ٽوپيءَ کي خريد ڪن ٿا، پاڻ اٽلين ڪرنسي ۾ اگهه ٻڌايائين ته منهنجو مٿو ڦري ويو. هزارين ليرن جي ڳالهه ڪيائين ۽ مون کي اڃا تائين ڪرنسي جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي ڇو ته خرچ نور پئي ڪيو. سو هن جو هزارين ليرن جي ڳالهه ڪئي سا وري نور کان پڇيئم ته کلي پيو ۽ چيائين ته ها بابا هتي جي ڪرنسي ۾ ماڻهو منٽن ۾ لکا پتي ۽ منٽن ۾ ڪنگال ٿيو پون، مون پڇيو ته اهو وري ڪئين؟ پاڻ چيائين سئو پائونڊن ۾ لکين ليرا ملن جيڪي صبح جو کلا ڪرائي ته شام جو ختم، هوٽل تي ماني کاءُ توڙي ٽيڪسيءَ واري کي به ڀاڙي عيوض هزارين ليرا ٿا ڏيڻا پون. نور ۽ ونود هتان پنهنجون ڪافي ساريون شرٽس ورتيون، جن تي روم اٽلي ۽ ٻين ڪافي شهرن جا نالا لکيل هئا. روم شهر کي جيڪر ڦوهارن جو شهر چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
    آئون سمجهان ٿو ته روم شهر ۾ گرجائن کان پوءِ وڏي تعداد ۾ ڦوهارا ئي آهن. هڪ دور ۾ ته روم جي ٻن وڏن مصورن بورو مني ۽ برنني Bernini جو ڦوهارو ٺاهڻ تان ايترا ته مقابلا ٿيا جو سڄو شهر ڦوهارا ئي ڦوهارا ٿي ويو. ٽروي ڦوهاري کان پوءِ وري برنئي ٻيو هڪ جڳ مشهور ڦوهارو ناوونا اسڪوائر ۾ ٺاهيو. جنهن ۾ دنيا جي چئن وڏن دريائن يعني هر هڪ نيل، دينيبوب، گنگا ۽ پليٽ جي نالي سان مختلف جانورن جا ڦوهارا ٺهيل آهن ۽ اتي جانورن مان صرف هڪ گهوڙي جو مجسمو آهي. جيڪو ڊينيوب نديءَ جي علامت طور ڏيکاريل آهي. اهو گهوڙي جو مجسمو برنني پاڻ ڏاڍي محنت ۽ فن مهارت سان جوڙيو. الائي ڇو برنني درياءَ سنڌ کي وساري ڇڏيو نه ته درياءَ سنڌ دنيا جي وڏين ندين مان آهي. ناوونا اسڪوائر ڀرسان پيازا ناوونا واري عمارت لڳ سينٽ آگسٽينوSaint Agostino جو ٺهيل مشهور چرچ آهي. چرچ جي مهاڙي ڪا خاص ڪانهي. پر هن اندر ٺهيل فني شاهڪار ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ٿا. جنهن ۾ خاص ڪري انهن ۾ رافائيل جي ٺاهيل حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي بهترين تصوير ۽ سينسو وينو (Sansovino) جي بيبي مريم ۽ حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي گڏ ٺاهيل تصوير به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ٻي هڪ مصور ڪار واگيو Carvaggio جي به حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي بهترين تصوير ٺاهيل آهي. ڪارواگيو جون بهترين تصويرون ۽ فن پارا فرانس جي گاديءَ واري شهر پئرس جي مشهور قومي چرچ ۾ رکيل آهن، پولو گيٽ واري علائقي جي ڏکڻ اوڀر ۾ تاريخي طور روم شهر جو فنڪارانا حصو آهي، جيڪو هيمشه سياحن جو مرڪز رهندو اچي. ارڙهين صديءَ کان وٺي هن علائقي کي عالمي شهرت ملي ۽ اها حيثيت اڃا تائين برقرار آهي. هن علائقي جي وچ ۾ هڪ سوڙهي ۽ ڊگهي عمارت پيازا ڊي اسپينگا نالي آهي. جنهن جي مرڪز ۾ هڪ تمام سهڻي ٻيڙيءَ جي شڪل ۾ هڪ خوبصورت ڦوهارو ٺهيل آهي، جيڪو ڏاڍو وڻندڙ آهي ۽ اهو ڦوهارو اٽليءَ جي مشهور معمار برنئي جي پيءُ جو ٺهيل آهي جيڪو اڄ به سياحن جو مرڪز بڻيو پيو آهي. برنئي اهو جنهن ٽروويري جو ڦوهارو ٺاهيو آهي. روم شهر ۾ توهان کي رات جو بشني، ڳنڍي ڇوڙ ۽ رولو ڇوڪريون هر هنڌ ملنديون. خاص ڪري بس اسٽينڊن، ريلوي اسٽيشنن، سوڙهين گهٽين ۽ سنسان جڳهين تي توهان کي سواءِ ڳولڻ جي به ملي وينديون.
    روم شهر ڪنهن زماني ۾ سڄي دنيا جي مافيا جو مرڪز هو.، هت هر بڇڙائي ٿيندي هئي. هونئن به غريب ملڪن جا ماڻهو دنيا ۾ اٽلي جي سامونڊي جهازن ۾ هزارن جي تعداد ۾ چڙهي پهريائين اٽليءَ اچن پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙجي وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي غير قانوني اميگرنٽس سون جي تعداد ۾ انهن جهازن ۾ مري وڃن، هونئن به اٽليءَ وارن جو نعرو آهي Via-san-pietro يعني عورت، پيسو ۽ ڏوهه، آمريڪا ۽ لنڊن ۾ شيدين جو به اهوئي حال آهي. سو سائين اسان به روم جا محل ۽ محلاتون حسين ڦوهارا ڏسندا اچي پنهنجي آخري پروگرام يعني رات جي مانيءَ واري هوٽل تي پهتاسين. جت اسان جي اچڻ جو اڳ ئي اطلاح ۽ اهتمام ٿيل هو. هوٽل جي اسٽاف اسان کي خوش آمديد چيو ۽ اسان جي لاءِ مقرر ڪيل جڳهه تي آڻي اسان کي ويهاريو. جت پهريائين کاڌو کارايائون جنهن ۾ ڪئين روايتي اٽليءَ جا طعام هئا، جنهن کان پوءِ راڳ رنگ جي محفل، آخر ۾ کل ڀوڳ ڏاڍو مزو آيو. بهترين پروگرام ٿيو. ٽن چئن ڪلاڪن جو پروگرام کن پل ۾ گذري ويو.خبر ئي ڪانه پئي. رات جو دير سان اچي هوٽل تي پهتاسين، نور وارا پنهنجي ڪمري ۾ ۽ اسين پنهنجي ڪمري ۾ اچي آرامي ٿياسين. دستور مطابق صبح جو سوير منا قرآن شريف جو دور ڪيو ۽ پوءِ اسان روم جي گهٽين ۾ ٿوري دير واڪ ڪري واپس پنهنجي ڪمري تي اچي تيار ٿي هيٺ هوٽل جي ڊائينگ هال ڀيڙا ٿياسين، جت اسان جي ٽوئر گروپ وارن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سياح ويٺا هئا، ۽ هر ڪو پنهنجي ڌن ۾ مگن هو. اسان کان هوٽل رسيپشن وارن اسان جو ٽوئر نمبر پڇيو تنهن کان پوءِ ٻڌايائون ته توهان جي بريڪ فاسٽ جو بندوبست فلاڻي هال ۾ آهي، ٿيندو ائين آهي ته ھڪڙي هوٽل ۾ سوين سياح رهندا آهن تنهن ڪري رش کان بچڻ لاءَ هر ٽوئر گروپ جو مختلف فلورن تي مختلف هالن ۾ صبح جو ناشتي ۽ رات مانيءَ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي. ڇو ته ٻنپهرن جو سياح هوٽل تي ڪونه ايندا آهن. گهمڻ جا سمورا بندوبست اهڙي نموني رکيل هوندا آهن جو شام يا رات کان سواٰءِ واپس موٽي اچڻ جو ڪوبه امڪان نه هوندو آهي. تنهن ڪري لنچ گهڻو ڪري ٻاهر کائبي آهي. هونئن به سياح، سيلاني ٻنپهرن جي مانيءَ کان وئون ويندا آهن، ڇو ته ٻنپهرن جي ماني کائڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جو بدن ڪجهه دير لاءِ ڳرو ٿيو پوي.
    هونئن به ٻاهر گهمڻ وقت ماڻهو جو ذهن سڄو گهمڻ ڦرڻ ڏانهن هوندو آهي سو مانيءَ ڏانهن ماڻهوءَ جو توجهه گهٽ هوندو آهي. اسان ڄاڻايل هال ۾ داخل ٿياسين ته اسان جي ٽوئر گروپ وارا سڀ سياح ناشتي کي لڳا پيا هئا. اسان به پليٽ کڻي ناشتي لاءِ گهربل کاڌو ان ۾ کنيو ۽ پري هڪ ڪنڊ وڃي کائڻ ويٺاسين، ناشتو ڪري ٻاهر بس ڏانهن روانا ٿياسين ونود ۽ نور به ات ٻين سياحن سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. اسان دستور مطابق گائيڊ جي هٿ ۾ هٿ ملائي بس ۾ چڙهياسين.
    گائيڊ سڀني سياحن کي هيلو هيلو ڪيو ۽ پوءِ سڄي ڏينهن جي ٽوئر پروگرام جي باري ۾ ٻڌايو. پاڻ ٻڌايائين ته اڄ شايد رات ٿي وڃي. اڄ اسان جي پهرئين منزل ويٽيڪن سٽي هو. جنهن ۾ اسان کي تقريبن چار پنج ڪلاڪ گهمڻو هو. اسان جي بس اٽليءَ جي قديم شهر روم جي رستي تي هلڻ شروع ڪيو، روم جيڪو ستن ٽڪرين تي اڏيل خزانن ۽ دنيا ڀر جي سياحن جو مرڪز، رنگ برنگي ڦوهارن، قديم گرجائن، گنبذن ۽ مينارن وارو روم جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن نه پر مهينا کپن. پر اسان وٽ هن عظيم شهر کي ڏسڻ لاءِ صرف ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون هيون، جنهن ۾ ڪوشش ڪبي ته اسان گهڻو ڪجهه گهمون ۽ توهان کي به گهمايون. اسان جي بس هڪ چوڪ تي ڦيرو کائي وري رستي تي ڊوڙڻ لڳي، ته اسان جي گائيد اسان کي ٻڌايو ته هيءَ روم شهر جي عظيم ريلوي اسٽيشن آهي جنهن جو نالو اسٽزيئن ٽرميني Stazione Termini آهي. ريلوي اسٽيشن سان گڏ زير زمين ريلوي پڻ آهي جنهن کي هت ميٽرو چون تنهن جو مرڪز به هتي آهي. جيئن لنڊن ۾ V.T آهي. يعني سڄي شهر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مواصلاتي نظام جو مرڪز جت پهچي سياح جت چاهي ات وڃي سگهي ٿو. مغربي يورپ ۾ سڄو ريلوي نظام يورو ٽرين جي ڪري هڪ ٻئي سان گڏيو پيو آهي. روم شهر ۾ ٻه انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهن. هڪ جو نالو ليو نارڊو ڊاونچي آهي. اهو جڳ مشهور مصور آهي، جهن موناليزا جي تصوير ٺاهي هئي.
    اسان جي بس ويٽيڪن سٽي پهچي چڪي آهي. اندر وڃڻ لاءِ سياحن جون وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون آهن، پر جيئن ته اسان جي اڳ ۾ بوڪنگ ٿيل هئي. تنهن ڪري اسان جي گائيڊ ٻاهر سيڪيورٽي وارن سان ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪري اسان کي اندر هلڻ لاءِ چيو. اندر به تمام گهڻي رش هئي. اسان کي اندر گهمائڻ لاءِ هڪ مقامي عورت گائيڊ هئي. جيڪا اڳ ۾ ئي اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. اسان جي اٽالين گائيڊ پهرئين اسان کي سمجهايو ته پاڻ اندر ڇا ڇا گهمنداسين ۽ جي هڪٻئي کان جدا ٿيون ته وري ڪٿ ملنداسين. اندر فلم ڀرڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ بلڪل غير قانوني آهي. تنهن ڪري ڪا به فلم نه ڀربي ۽ فوٽو به ڪونه ڪڍبا. اسان پنهنجي گائيڊ جي رهبريءَ ۾ پنهنجي اڄ جي پهرئين پروگرام جي شروعات ڪئي، منهنجي گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش هوندي ته آئون توهان کي دنيا جي هن عظيم تاريخي ورثي متعلق هر ننڍي وڏي ڳالهه کان واقف ڪريان ۽ پاڻ سان گڏ وٺي هر ننڍي وڏي شيءَ ڏيکاريان ۽ گهمايان. مون کي اميد آهي ته توهان مون سان گڏ هوندا ۽ منهنجي هن پورهئي کي ضرور پڙهندا.
    ويٽيڪن شهر ۾ سينٽ پيٽر وارو چرچ باسيليڪا، سسٽائن چيپل يا گرجا، ويٽيڪن شهر ۾ ڪرستانن جا عجائب گهر، پڪچر گيلري ۽ لئبرريون آهن، ويٽيڪن شهر دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي رياست آهي. جنهن کي سن 1929ع ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي حڪومت ۽ ان اڳواڻ پوپ جي رهائشگاهه ۽ حڪومت جي گادي طور قائم ڪيو ويو. هي شهر 44000 چورس ميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سينٽ پيٽر جي سجاده نشين جي قيام گاهه هئڻ سبب رومن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جو اخلاقي ۽ روحاني مرڪز ٿي ويو.
    اوائل ۾ پوپ ليٽران محل ۾ قيام پذير هو. جيڪو محل شهنشاهه ڪانسٽينٽائين مذهبي پيشوائن کي عطئي طور ڏنو هو. هن بادشاهه ليٽران محل وارو باسيليڪا چرچ به جوڙايو هو. قرون وسطيٰ يعني وچئين دور ۾ ليٽران پوپ مبلغ اول سينٽ آگسٽين جي مزار تي بادشاهه ڪانسٽينٽائين طرفان اڏيل سينٽ پيٽر واري باسيليڪا ۾ رهڻ لڳا. ويٽيڪن شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چورس پلرن سان گهيريل هڪ ڪشادي هال مان لنگهڻو پوي ٿو. جتان وري مشهور عمارتن جي ماهر برنني جي شاهڪار عمارت سينٽ پيٽرس اسڪوائر ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. هتي اسين هاڻي برنني واري مثالي ايمبريس يعني چورس پيلرن سان ٺهيل ۽ جڳهين سان گهيريل شاهي ورانڊي ۾ پهچون ٿا. جيڪو 284 پيلرن تي مشتمل آهي. انهيءَ جي وچ تي ڪيليو گولا ۽ نيرو جي سرڪس واري ڳاڙهي گرينائيٽ پٿر جو هڪڙو مصري طرز جو چورس پيلر Obelisk آهي. ان جي ٻنهي طرفن تي مشرقي گرينائيٽ پٿر جي شاهي ڇپن مان تراشيل بيسن (Basins) ۾ ڦوهارا ٺاهيل آهن. ساڄي طرف وارو ميڊرنو 1613ع ۾ ۽ کاٻي طرف وارو 1675ع ۾ برننيءَ جوڙايو هو. ورانڊي جي پيلرن جي چوڌاريءَ سينٽن جا مجسما سجايل آهن، وراندي Piazza جي مکيه چيز سينٽ پيٽر وارو گرجا (Basilica) پنهنجي نرالائي ۾ عجيب آهي. موجوده گرج، اصل چرچ جي ڦٽڻ سبب 1506ع ۾ نئين سر ٺاهڻ شروع ڪيو ويو.
    سينٽ پيٽر وارو اصل باسيليڪا بادشاهه ڪانستنٽائين جوڙايو هو جيڪو پهرئين عيسائي مبلغ پيشوا جي مزار تي جوڙايو ويو هو. سو وچئين دور ۾ اڻ ڄاتل سبب سان ڦٽي ويو. سينٽ پيٽر جي هن نئين باسيليڪا جو پهريون نقشو وقت جي ماهر عمارت ساز Bramante بريمينٽ تيار ڪيو ۽ ڪم جي شروعات ڪئي. هن کان پوءِ وارن معمارن ۾ جهڙوڪ رافائيل Rapheal بالڊاسير Baldassare اينٽونيو Antonio ۽ مائيڪل اينجيلو Michelangelo سندس رهنمائي حاصل ڪئي. ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌيا. پوءِ وارن فنڪارن مان هڪڙي پريمينٽ جي نقشي موجب يوناني طرز جي صليب وارو باسيليڪا جيڪو ٻٽي گنبذ سان ڇانيل هو جوڙيو ويو.
    سترهين صديءَ جي شروع ۾ پوپ پال پنجين طرفان مقرريءَ موجب هڪ معمار ميڊرنو Maderno يوناني طرز واري صليب کي لاطيني طرز ۾ تبديل ڪيو ۽ پنجن مهينن جي عرصي ۾ باسيليڪا جي مهاڙي به تعمير ڪئي. سترهينءَ صدي جي وچ ڌاري لورينزو برنني Lorenzo Bernini موجوده شڪل تيار ڪئي. جنهن ۾ پيلرن جا ٺهيل ٻه شاهي اڌ گولائي وارا هال شامل آهن، باسيليڪا جي مهاڙي جيڪا برنني جي ٺهيل آهي. انهيءَ تي سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پالا جا مجسما تراشيل آهن، ۽ مٿس ڪيتريون بالڪنيون ٺهيل آهن. جن ۾ هڪڙي لوگيا ڊيلي بينڊيزيوني Bendedizioi Loggia Delle سڏجي ٿي. جتان پوپ حاضر ماڻهن کي دعا ڪندو آهي. انهيءَ جي هيٺان پنج لنگهه آهن جن وسيلي هڪ شاهي دالان ۾ اچبو جيڪو ميڊرنو معمار جو ٺهرايل آهي، ان جي مرڪزي دروازي مٿان چنڊ جي شڪل وارو اسٽيوڪو سيمنٽ پلستر سان هڪ نظارو موزيڪ جڙاءَ سان ٺاهيو ويو آهي. انهيءَ ۾ هڪ غوراب ڏيکاريل آهي. جيڪو نهايت خطرناڪ سمنڊ ۾ تري پيو. غوراب ۾ سوار عيسائيت جا پوئلڳ سمنڊ جي خطري جي باوجود خوش باش نظر اچن ٿا. تنهن مان گمان ٿئي ٿو ته چرچ يعني عيسائيت طاقتور ۽ ترقي يافتا آهي.
    جڙاءُ جي کاٻي دنگ وٽ شارلمين Charlemagne جو مجسمو ٺهيل آهي، جنهن جي 800ع ۾ تاجپوشي ٿي هئي. جڙاءُ جي ساڄي رنگ تي شهنشاهه ڪانسٽنيٽائين جو مجسمو ٺهيل آهي. جيڪو برنني جو گهڙيل آهي.
    ڊالان vestibule مان باسيليڪا ڏانهن وڃڻ لاءِ پنج دروازا ٺهيل آهن. منجهائن وچيون سڀني ۾ پراڻو آهي. برانز Bronze واري جڙاءَ سان سينگاريل دروازا پندرهين صديءَ ۾ فلاريٽ Filarate جا ٺاهيل آهن.هنن ۾ سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال جي شهادتن بابت تصويرون اڪريل آهن، ۽ ڪنجهي جي ڪاريگريءَ جو بهترين نمونو آهن. ساڄي پاسي واري دروازي Door of Death تي فنڪار Giacomo manzu مانزو طرفان جان 23 John xxiii جي تصوير ٺهيل آهي. کاٻي طرف واري در cetti Venenzio Cro فنڪار طرفان ٺهيل مجسمو لڳل آهي.هن جي ڀر وارو دروازو نيڪيءَ ۽ بدي Door of Good and Evil سڏجي ٿو. ساڄي طرف آخري دروازو Door of prota santa آهي انهيءَ کي يورپ جو بلي تقريب شروع ڪرڻ لاءِ مترڪي سان کوليندو آهي تنهن ڪري جڳ مشهور آهي.


    3

    سسٽين چيپل يا عبادتگاهه پوپ سڪسٽس چوٿين جو جوڙايل هي گرجا گهر شڪل ۾ چورس آهي ۽ يورپ لاءِ مخصوص آهي ان جي ڇت اڌ گولائين ۽ گهڻي مٿي يعني غير معمولي اوچائي تي آهي. هن گرجا گهر جي تعمير مشهور معمار گيروانيو ڊولسي Giovanio Dolci جي رهبريءَ ۾ اڳوڻي معمار بيسوپونٽيلي Baccio pontelli جي نقشي ۽ ڊزائين موجب سن 1475ع کان 1481ع جي وچ ۾ مڪمل ٿي.
    مذهبي، تاريخي توڙي فني لحاظ کان هيءَ عمارت سڀ کان وڌيڪ اهم شاهڪارن جو مظهر آهي حقيقت ۾ هن گرجا گهر ۾ چرچ جي سموري تاريخ جون نهايت خاص تقريبون منعقد ٿينديون آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور پوپ جي چونڊ واري تقريب آهي. ان تقريب کي ڪنڪليو Conclave چئبو آهي. سڄي دنيا جا ڪارڊينل يا وڏا پادري هتي گڏ ٿي پوپ جي نامزدگي ۽ چونڊ ڪندا آهن. هيءَ تقريب تيرهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ وقت جي وڏي پادريءَ کي پوپ يعني رومن ڪيٿولڪ چرچ جو روحاني پيشوا طور چونڊڻ واسطي منعقد ڪئي ويئي. جنهن دوران سندن مک پادريءَ، پوپ گريگري ڏهين(pope Gregory x) جي حيثيت ۾ منتخب ٿيڻو هو. پوپ جي سياسي توڙي اقتصادي طاقت جي پيش نظر پنهنجي پنهنجي اميداوار کي پوپ طور چونڊائڻ واري خواهش جي ڪري مختلف گروهن ۽ گروپن ۾ سخت ڇڪتاڻ سبب چونڊ لاءِ آيل پادري ڪنهن حتمي فيصلي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيا. انهيءَ ڳالهه تان ڪاوڙ ڪندي سينٽ بونا وينچورا Sr: Bonaventura جي چوڻ تي روم جي ماڻهن دنيا جي آيل پادرين کي انهيءَ محل ۾ قيد ڪري رکيو. جنهن محل ۾ اها چونڊ ٿيڻي هئي. اهو واقعو 1268ع ۾ ٿيو. پادرين کي حتمي فيصلي لاءِ ڌمڪايو ويو ۽ ٻاهرين ماڻهن سان سندن ملاقات بند ڪئي وئي ۽ کين مجبور ڪيو ويو ته هنن مان ڪوبه پادري يا ٻيو ماڻهو ٻاهر نه نڪري بلڪه ڪنهن هڪ پادريءَ کي پوپ طور نامزد ڪرڻ پوءِ ثبوت جي طور محل جي مقرر هنڌ وٽان دونهون خارج ڪيو وڃي. حقيقت ۾ اڄ تائين اها رسم هلي اچي.
    هزارين ماڻهو پوپ جي چونڊ جي علامت طور دونهين جي لاٽ ڏسڻ لاءِ انتظار ۾ هوندا آهن. جيڪڏهن دونهون ڪارو هوندو آهي ته سمجهبو ته اڃا نامزدگي نه ٿي آهي پر جيڪڏهن دونهين جي لاٽ اڇي رنگ جي هوندي ته يقين ٿي ويندو ته چونڊ ٿي وئي آهي.
    جيستائين پوپ سِڪسِيس چوٿين ماهر فنڪارن کان ڀتين ۽ ڇتين کي پنهنجي فن پارن سان آراسته نه ڪرايو هو تيستائين هن سسٽين گرجا گهر جي تعمير مڪمل ڪانه ٿي انهيءَ ڪم ۾ ڪيترا سال لڳي ويا. اوائلي فنڪارن ۾ پنتيوريشيو Pinturicchio پروگينو Perugino سگنوريلي Signorelli، برٽيسيلي Botticelle ، گهرلانڊائيو Ghirlandaio ۽ ڪوسيمو روسيليCosimo Rosselli شامل آهن، تنهن کانسوءِ فريسڪو Fresco پلستر تي پينٽنگ جو ڇت تي ٿيل ڪم ماٽيو سرڊبنٽي Serdenti Matteo، نالي ڪاريگر جو ٿيل هو. هن ڇت ۾ نيري رنگ واري پس منظر تارن جا نقش چٽيا ۽ گنبذ جي ڇيڙن وٽ پوپ جي خاندان وٽ موجود هٿيارن ۽ ٻئي اسلحي جون شڪليون چٽيون هيون. هتي مصوريءَ جي ڪم ۾ مشهور فنڪار مائيڪل اينجيلو Michelangelo جي شموليت مٿي ڄاڻايل فنڪارن کان ڪافي عرصو پوءِ جو واقعو آهي. هن پنهنجي فن جو اظهار ڇت تي پينٽنگ سان ڪيو. انهيءَ لاءِ اڳوڻا فنپاراهن کي مسخ ڪرڻا پيا جن ۾ پيروگينو جي مصوريءَ جا ٻه شاهڪار Finding of Moses ۽ Nativity شامل آهن. انهن تصويرن جي جاءِ تي مائيڪل اينجيلو پنهنجو يادگار شاهڪار Last Judgment آخري فتويٰ جي عنوان واري تصوير چٽي.
    فريسڪو پينٽنگ ۾ بائيبل جي پراڻي ۽ نئين نسخي ۾ ڄاڻايل مکيه واقعن کي تصويرون ۾ نمايان ڪيو ويو آهي. اڻپڙهيل ماڻهو به اهي تصويرون ڏسي انهن واقعن، حادثن ۽ عملن کي سمجهي سگهي ٿو. جيڪي پادرين پاران کين ٻڌايا وڃن ٿا. مکيه ۽ وڏين تصويرن ۾ ڏيکاريل اهم واقعن سان واسطي وارن ننڍن واقعن کي به انهن وڏين تصويرن جي ڀرسان چٽيو ويو آهي. جيئن ڪو ماڻهو ڪهاڻي يا واقعن کي اکرن جي مدد کانسواءِ ئي اڻ پڙهيل هوندي پر ڏسڻ سان سمجهي سگهي . واقعن ۽ مضمونن جي چونڊ پڻ مٿي ڄاڻايل گهرج جي پورائي لاءِ ڪئي ويئي آهي.
    سسٽين گرجا گهر جي ڀتين تي چٽيل تصويرون جو احوال ترتيبوار هيٺ ڏجي ٿو.
    1- پهرئين تصوير ۾ حضرت موسيٰ عليه اسلام جي پٽن جي طهر جي تقريب ۽ سندس مصر ڏانهن سفر جا نظارا چٽيل آهن. فريسڪو پلستر تي پينٽنگ جو هي نمونو Umbrain School امبريا جي فن سان تعلق رکي ٿو. تصوير ۾ ڏيکاريل ماڻهن جي چهرن تي اطمينان ۽ خوشي محسوس ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ فني اعتبار کان تصوير ڪافي پيچيده ۽ ڳوڙهي آهي هيءَ تصوير ٻن مصورن 1- پنٽيوريشيو ۽ 2- پيروگينو گڏجي ٺاهي هئي. تصوير جو پسمنظر مصور پنٽيوريشيو جي هٿ جي ڪاريگري آهي.
    2- ٻيو نمبر تصوير ۾ حضرت موسيٰ عليه اسلام کي رڻ پٽ ۾ ڏيکاريل آهي، ته ٻئي طرف کوهه مان مبد قوم جي ڇوڪرين کي بچائڻ لاءِ ٻاهر ڪڍندي ڏيکاريو ويو آهي. ساڳئي تصوير ۾ مصر جي هڪ ماڻهوءَ کي ماريندي ڏيکاريل آهي، هڪ مصريءَ ماڻهو Jethro جون ڌيئر به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تصوير جي پسمنظر ۾ ٻرندڙ وڻ به ڏسڻ ۾ اچي پيو. هيءَ تصوير بوٽيسلي Botticelli مصور جي پينٽنگ آهي.
    3- ٽيون نمبر تصوير ۾ حضرت موسيٰ عليه اسلام جون ڳاڙهي سمنڊ مان اڪرڻ ۽ فرعون جو پنهنجي فوج سميت ٻڏي مرڻ وارو نظارو چٽيل آهي. هي نظارو حضرت موسيٰ عليه اسلام جي حياتيءَ جو يادگار واقعو هئڻ سبب وقت جي پوپ هتي نقش ڪرايو. جئين ته مسلم سلطان محمد جي قبضي ۾ آيل عيسائين جي شهر اوٽرينٽو Otranto کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مذهبي فوج موڪلڻ واري پوپ طرفان کنيل قدم کي مذهبي توڙي سماجي طور تقويت ملي. سسٽين چيپل جي پينٽنگ سان آرائش واري سال ۾ ئي ترڪن ذڪر ڪيل سهر تي قبضو ڪيو. هي تصوير ۾ هو وڏو پادري Cardinal بيسارئن Besarion حضرت موسيٰ عليه اسلام جي ڀر ۾ بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. سندس هٿ ۾ هڪ سراهي يا گهگهي جهليل آهي. حقيقت ۾ ڪارڊينل بيسارئن، پوپ سيڪسٽس ۽ سمورن عيسائين کي خبردار ڪري چتاءُ ڏنو ته عيسائين کي مسلمانن مان خطرو لاحق آهي، ۽ جيڪڏهن انهن جي اڳرائي خلاف گهربل قدم نه کڻبو ته مسلمان اسان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا. ڪارڊينل جي سچائي ۽ چرچ سان وفاداريءَ جي خراج طور سندس شبيهه کي هن تصوير ۾ پينٽ ڪيو ويو هو. انهيءَ ئي سال 1481ع ۾ پوپ طرفان مذهبي فوج چاڙهي شهر کي مسلم قبضي مان آزاد ڪرايو ويو. هيءَ تصوير مصور ڪوسيمو روسيلي Cosimo Rosselli جي ٺهيل آهي.
    4- چوٿين نمبر تصوير ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام قانون جون آيتون وصول ڪندي ڏيکاريل آهي. هن تصوير ۾ هڪڙي رسم طور سنهري گابي جي پوڄا جو منظر به ڏيکاريل آهي. هي تصوير پڻ ڪوسيمو روسيليءَ جي ٺهيل آهي. هن ۾ فريسڪو پلستر تي فلورينس ڪاريگريءَ تي طبع آزمائي ٿيل آهي.
    5- پنجون نمبر تصوير، مصور بوٽيسيلي جي ٺهيل آهي. هن ۾ انهن ماڻهن کي سزا ڀوڳيندي ڏيکاريو ويو آهي. جن پاڻ کي خدا Lord کان به مٿي ڪري پيش ڪيو، انهن ٽن مان ٻن ڄڻن کي هڪ اوڙاهه يا ڪُن ۾ غرق ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. سندن نالا داٿن Dathan ۽ ابرام Abiram ڄاڻايل آهن. جڏهن ته ٽيون مک جوابدار نالي ڪوراهه Korah پنهنجي ساٿين سان گڏ زمين تي ڪريل ڏيکاريل آهي. جنهن جي مٿان حضرت موسيٰ عليه اسلام پنھنجي عصا الاريندي ڏيکاريو ويو آهي. هن تصوير ٺاهڻ ۾ مصور جو مقصد ڊومنيڪن وڏي پادريءَ اينڊريا زاموميٽڪ تي تنقيد ڪرڻ به هو. جنهن باسل Basle شهر ۾ پوپ جي فوقيت گهٽائڻ لاءِ هڪڙي گڏجاڻي ڪائونسل منعقد ڪرائي هئي. آرٽسٽ جو پوپ جي روحاني طاقت ۽ فوقيت ۾ ايمان پختو هئڻ ڪري هن تصوير ۾ سندس پنهنجي شڪل پڻ هن سزا واري لقاءُ کي ڏسندڙ تماشبينن ۾ ڏيکاري وئي آهي.
    6- ڇهين تصوير ۾ حضرت موسيٰ عليه اسلام صحيفو پڙهندي ۽ پنهجي عصا Rod سندس وارث گادي نشين کي سندس پاران عطا ڪيل نبوت جي وراثت جي حق جي نشاني يا علامت طور ڏيئي رهيو آهي. هن تصوير ۾ ڪيترائي نظارا ڏيکاريل آهن. ساڄي طرف اها زمين ڏيکاريل آهي جنهن بابت صحيفن ۾ بني اسرائيل کي عطا ڪرڻ جو واعدو ڪيل آهي. ته کاٻي طرف حضرت موسيٰ عليه اسلام کي وفات ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن دوران هو سندس مذهبي وارث Joshua کي پنهنجي عصا نشانيءَ طور ڏيئي رهيو آهي. هنن ٻنهي نظارن جي وچ تي نيبو Nebo ٽڪري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن تي هڪ فرشتو يروشلم Jerusalem جي ماڳ ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي. هن پسمنظر ۾ کير ۽ ماکيءَ واري ڌرتي ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ سهڻين ٽڪرين جي پويان پاڻيءَ جا جهرڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.تصوير جي ساڄي طرف حضرت موسيٰ عليه اسلام جا پوئلڳ حيران، پريشان ڊنل ۽ اداس آهن، جيڪي کيس صحيفو پڙهندي ٻڌي رهيا آهن.
    مٿي بيان ڪيل سموريون تصويرون گرجا گهر جي کاٻي طرف وارين ڀتين تي ٺهيل آهن ۽ انهن ۾ حضرت موسيٰ عليه اسلام جي حياتيءَ جي واقعن کي بني اسرائيل جي رکپال ۽ بچائيندڙ جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ساڄي طرف واري ڀت تي وري حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي زندگيءَ بابت تصويرون پينٽ ٿيل آهن. جنهن کي انسانذات جو رکوالو سڏجي ٿو.
    1- تصوير نمبر هڪ ۾ حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي نالي رکڻ واري رسم جو نظارو چٽيل آهي. تقريب ۾ شامل ماڻهن جي چهرن تي روحاني جذبا نمايان محسوس ٿين ٿا ۽ اهي امن ۽ ايمان جا مجسما محسوس ٿين ٿا. هي تصوير ٺاهڻ ۾ پنٽيوريشيو سان گڏ امبريا واري ڪاريگريءَ جو ماهر مصرور پيروگينو شامل هو.
    2- تصوير نمبر 2 ۾ مسيح عليه اسلام جا ڪجهه عمل ڏيکاريل آهن، انهن مان هڪ ۾ حضرت عيسيٰ هڪ ماڻهو جو علاج ڪندي ڏيکاريل آهي. جيڪو ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا آهي. ٻئي طرف روم شهر ۾ هڪ اسپتال ڏيکاريل آهي، جنهن جو نقشو سسٽين چيپل جهڙو آهي. تصوير جي پسمنظر ۾ هڪڙو پهاڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ جبل وٽان مسيح شيطان کي ڀڄائيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تماشاين ۾ فنڪار بوٽيسيلي پنهنجي همعصر ماڻهن جا عڪس چٽيا آهن. اها سندس خواهش هئي.
    3- تصوير نمبر 3 ۾ پيار ۽ پاٻوهه جو عجيب نظارو چٽيل آهي، هن ۾ فنڪار ڊومييڪو گهرلينڊيو Domenico Ghirlandaio حضرت عيسيٰ عليه اسلام کي گيليلي ڍنڍ جي ڪناري وٽ ڏيکاريو آهي. سندس ڀر ۾ سينٽ پيٽر ۽ سينٽ ايڊريو گوڏن ڀر جهڪيل نظر اچي رهيا آهن. حضرت عيسيٰ مسيحيت جي پهرئين پرچارڪ تبليغ ڪندر Aportle کي سڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. تصوير ۾ ڏيکاريل ٽنهي شخصن جي چهرن تي محبت ۽ ميٺاڄ جا تاثرات نمايا آهن. اهو ڪمال فنڪار جي خاص ڪاوش آهي.
    4- چوٿون نمبر تصوير ڪوسيمو روسيلي فنڪار جو شاهڪار آهي. ھن تصوير ۾ هن ٽڪريءَ تي مسيح عليه اسلام وعظ ڪندي ڏيکاريل آهي، ته ٻئي منظر ۾ هڪ ڪوڙهئي مريض جو علاج ڪندي ڏسجي پيو. هن تصوير جي خصوصيت اها آهي ته تصوير ۾ خيال بائيبل جي نئين نسخي موجب پينٽ ٿيل آهي. جن ۾ گناهن مان ڇوٽڪاري جا گر سيکاريل آهن.
    5- نمبر پنجون تصوير ۾ حضرت عيسيٰ سينٽ پيٽر کي چاٻيون ڏيئي رهيو آهي. جنهن مان سينٽ پيٽر کي سندس صحيح ۽ جائز پوئلڳ ۽ جاءِ نشين جي حيثيت ۾ کيس حقدار طور مسيح طرفان کيس چاٻين جي صورت ۾ چرچ جي اڳواڻي عطا ٿيل آهي. تصوير جي پسمنظر ۾ هڪڙي طرف نذراني جي رقم ادا ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف مسيح جي پٿر بازي ڏيکاريل آهي هيءَ تصوير پيروگينو جي مصوري آهي.
    6- تصوير نمبر ڇهه ۾ فنڪار ڪوسيمو روسيلي حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي حياتيءَ جو آخري باب چٽيو آهي. جنهن ۾ سندس گرفتاري ۽ ڦاسيءَ وارو ڏکوئيندڙ منظر ڏيکاريل آهي.
    گرجا گهر جي ڀتين تي حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليه اسلام ٻنهي جي حياتيءَ جي مکيه واقعن کي وڏي ڪاريگريءَ سان پينٽ ڪيل آهي. جنهن لاءِ فنڪار هميشه لاءِ جس لھن.
    سسٽين چيپل جي ڇت نئين سر پينٽنگ ڪرڻ پوپ جوليئس ٻئي سال 1508ع جي شروعات ۾ مائيڪل اينجلو کي مقرر ڪيو. هن مهان مصور اهو ڪم مئي 1508ع ۾ شروع ڪيو ۽ آڪٽوبر 1512ع ۾ پورو ڪيو.
    هن ڇت اندر چئني پاسن تي ٻارهن شاهي تصويرون ٺاهيون جن ۾ نبي سڳوري سان گڏ مشهور زمانه درويش عورتون به شامل هيون. جن جون اڳڪٿيون عيسائي عقيدي موجب سچيون ثابت ٿيون هيون.
    ڇت جي مرڪز ۾ بائيبل جي پهرئين باب حينيسس ۾ ڪائنات جي پيدائش متعلق احوال موجب ڪل 9 نو نظارا ڪمال خوبصورتيءَ سان پينٽ ڪيل آهن. فنڪار ذاتي مزاج موجب انهن کي معمول جي برعڪس ابتي انداز ۾ پينٽ ڪيو آهي. تنهن ڪري پهرئين نظر سان انهن کي سمجهي ڪين سگهبو. ڪائنات جي پيدائش جي اصول مطابق انهن تصويرن جي ترتيب هيٺ ڄاڻائجي ٿي.
    1- روشني يعني نور جي پيدائش The creation of light
    2- ستارن ۽ وڻن ٻوٽن جي پيدائش The creation of stars and plants
    3- خشڪي ۽ پاڻي يا کنڊن ۾ سمنڊن جي جدائي The separation of land and water
    4- آدم عليه اسلام جي پيدائش The creation of Adam
    5- بيبي حوا جي پيدائش The creation of Eve
    6- حضرت آدم ۽ بيبي حوا جو زوال ۽ جنت مان نيڪالي Fall and expulsion from paradise
    7- حضرت نوح جي قرباني Sacrifice of Noah
    8- ٻوڏ يا سيلاب The flood
    9- حضرت نوح جي غنودگي The Drunkenness of Noah
    ڇت ۾ حضرت يوحنا Jonah جي شبيهه جي ساڄي طرف واري ٽڪندي ۾ هڪ ڀيانڪ بلا اجگر ۽ کاٻي طرف واري ٽڪنڊي ۾ حامن Haman کي ملندڙ سزا جو منظر چٽيل آهي.
    ڇت جي ٻئي حصي ۾ حضرت ذڪريا جي تشبيهه جي هڪ طرف حضرت دائود ۽ ساڻس گڏ هڪ ديو جي شڪل ٺهيل آهي. حضرت ذڪريا جي شبيهه جي ٻئي طرف واري ٽڪنڊي ۾ حضرت دائود عليه اسلام کي کجيءَ جهڙي وڻ هيٺيان ڏيکاريل آهي. درين جي ونگن تي ۽ ڇت ۽ درين جي وچ وارين وٿين، يسوع مسيح جي خاندان جي وڏن جون تصويرون ٺهيل آهن.
    ڇت تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان ايڪيهه سال پوِءِ وري به هڪ دفعو مائيڪل اينجيلو سسٽائين چيپل ۾ اڃا به هڪڙي ڀت جيڪا ممبر جي پويان آهي انهيءَ تي پنهنجي فن جا آخري نشان چٽي. هن کي انهيءَ ڀت تي پينٽنگ ڪرڻ ۾ پنج سال لڳي ويا. هن فني شاهڪار ۾ بائيبل جي هڪ باب آخري جي فتويٰ Last Judgment ۾ ڄاڻايل واقعن کي ڪمال ڪاريگري سان چٽيو ويو آهي.
    فن جي هن قسم کي جديد دور جو شروعاتي شاهڪار تسليم ڪيو ويو آهي. هنن تصويرن جي نظارن ۾ ڊرامائي شور ۽ موجود ماڻهن تي قدرتي آفت يا قهر نازل ٿيڻ جو خوف ڇانيل آهي. مسيح عليه اسلام وچ تي ويٺل آهي. سمورا ماڻهو سندس چوڌاري حيران پريشان ۽ ڊنل بيٺا آهن. حضرت عيسيٰ جج جي حيثيت ۾ فيصلو صادر ڪري پيو. جن گناهگارن کي سزا مقرر ڪئي وئي آهي. انهن کي هڪ ٻيڙي ۾ چاڙهيو ويو آهي، پاتڻي يا ٻيڙياتو کيس سزا ڀوڳڻ لاءِ پاتال ۾ غرق ڪرڻ لاءِ ٻيڙو ڌڪي رهيو آهي. هن منظر جي مٿان ڪڪرن تي ويٺل فرشتا فتويٰ جي علامت طور توتارا وڄائي رهيا آهن.
    حضرت عيسيٰ جي قدمن وٽ ويٺل شخص هڪڙو سينٽ لارينس ۽ ٻيو بارٿولو ميو آهي. بارٿولو ميو پنهنجي شهادت واري روپ ۾ ڏيکاريل آهي. سندن کل لٿل آهي ۽ اهو خنجر جنهن سان کيس شهيد ڪيو ويو هو. اهو به ڏسڻ ۾ اچي پيو. شهيد جي چهري ۾ فنڪار سندس پنهنجي تصوير چٽي آهي.
    هن ڀيانڪ منظر ۾ بيبي مريم جي سندر شبيهه به پينٽ ٿيل آهي. جيڪا مسيح عليه السلام جي ڀر ۾ ڏيکاريل آهي.
    زندگيءَ جون هي نه وسرندڙ يادگار گهڙيون کن پل ۾ گذري ويون ۽ اسان فرشتن جي هن مقام مان ٻاهر نڪري هاڻ واپس انسانن جي دنيا ۾ اچي ويا آهيون. جيڪو ماڻهو روم وڃي ته اهي گرجائون ضرور ڏسي ڇا ته شئي آهي. ماڻهوءَ کي ڏسڻ کان پوءِ احساس ٿئي ٿو ته جن ماڻهن کي تاريخ هميشه ياد ڪندي رهندي آهي اهي سو ڪو ائين ڪو نه هوندا آهن پر انهيءَ لاءِ انهن ماڻهن وڏيون جاکوڙون ۽ محنتون ڪيون آهن، ۽ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون آهن تڏهن ئي هزارن سالن پوِ به اهي ماڻهو اڃا نٿا وسرن. سو اڄ نه صرف روم ۾ پر سڄي دنيا ۾ مائيڪل اينجيلو مشهور آهي. ته هن سڄي اٽليءَ ۾ اهڙا ته نه وسرندڙ شاهڪار ڇڏيا آهن. جو جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي وڃي تئين تئين انهن ماڻهن جو قدر ۽ ناموسي وڃي وڌندي. اهو به دنيا جي ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي. جو ٻني جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جا ماڻهو به هاڻ روم پهچي هي دنيا جا عظيم شاهڪار ڏسي سگهن ٿا. نه ته اڳ جڏهن سڪندر روم کان سنڌ پهتو ته سڄي دنيا حيران هئي ، ته هي ماڻهو ڪيڏا جاکوڙي آهن جو ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪري ڪيڏا ڪشالا ڪري اچي سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئائون. پر اڄ جڏهن دنيا ايتري ترقي ڪئي آهي ۽ سفر جا ذريعا آسان ٿيا آهن ۽ ماڻهو به خوشحال ۽ مالوند ٿيا آهن ته دنيا به سسي سوڙهي ٿي پئي آهي. جو ماڻهو دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿوڪري . نه ته ڪنهن وقت ماڻهو کي حج جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ به سال لڳي ويندا هئا. انهيءَ کانسواءِ ٽوئرسٽ کي صرف هڪ ٽائپ جون جڳهيون نه گهمڻ گهرجن پر ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ڪوشش ڪجي ته هرشئي ڏسجي ۽ گهمجي، ڪي ٽوئرسٽ صرف نائيٽ ڪلب ۽ ڊسڪو ڏسي واپس گهر پهچي ويندا آهن، ته ڪي وري حج يا عمري لاءِ ويندا ته صرف مڪو شريف ۽ مدينو ڏسي واپس هليا ايندا آهن. واقعي اسان انهن شهرن کي ئي ڏسڻ وڃون يا پر جيڪڏهن عربستان جي اندر ڪي تاريخي نوعيت جون جڳهيون ڏسنداسين ته ڪو گناهه ته ڪونه ٿيندو.
    سعودي عرب ۾ ڪيترا شهر يورپ جي شهرن کان به وڌيڪ خوبصورت آهن، حاجين کي ٻيا شهر ته پري ٿا پون پر جدي جهڙو سهڻو شهر جنهن ۾ هر حاجي جهاز مان لهي ٿو سو ته صفا ويجهو آهي. پر آئون سمجهان ٿو ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ حج ۽ عمري وارو ماڻهو هن حسين شھر کي ڏسندو هوندو نه ته عمري کان سڌو لنڊن، آمريڪا يا پنهنجي ملڪ واپس ويندو حيقيت ۾ ته جده ڪنهن حالت ۾ يورپ جي شهرن کان گهٽ نه آهي، خاص ڪري جدي جو سامونڊي ڪنارو لاجواب آهي. مطلب ته ماڻهو کي انهيءَ ملڪ يا شهر جت هو هيڏو خرچ ڪري پهچي ٿو. ات ڪوشش ڪجي ته هر سٺي جڳهه ڏسجي واسجي نه ته به جيڪي ان ملڪ جون مشهور جڳهيون آهن سي ضرور ڏسجن.
    اسان جي مقامي اٽيلين گائيڊ جيڪا هڪ پڪي عمر جي عورت هئي. تنهن نور کان منا جي باري ۾ پڇيو ته ”هيءَ تنهنجي ماءُ آهي“. نور چيس ته ”ها“. پوءِ پاڻ کلي نور کي چيائين ته ”پوءِ تولاءِ مونکي ڪنوار ڳولڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي. پر نيٺ ڳولي وٺندس“. اسان سڀ ڏاڍو کلياسين. آخر ۾ اسان سڀني کان کلي موڪلايائين. هن اسان سڀني سياحن کي کڻي اسان جي سموري ٽوئر پروگرام واري گائيڊ جي حوالي ڪيو. جنهن اسان کي پنهنجي بس ڀيڙو ڪيو، جت اسانکي اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته پاڻ هاڻ روم شهر جو چڪر هڻندا، هيل دنيا جي تاريخي قديم ماڳ ڪولوزئيم Collosseum پهچنداسين. سواءِ ڪٿ بيهڻ جي. ڇو ته اڄ آچر Sunday آهي ۽ سياح وڏي تعداد ۾ شهر ۾ آهن، جنهن ڪري شهر ۾ تمام گهڻي رش آهي.


    4

    اسان جي بس هلڻ لڳي ۽ گائيڊ اسان کي هر هڪ جڳهه جي باري ۾ ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو، ۽ بس سواءِ ڪجهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي اڳيان وڃي رهي آهي. گائيڊ چيو ته پل جنهن تان پاڻ گذري رهيا آهيون. سا ٻه هزار سال پراڻي پل آهي، هيءَ فلاڻي بادشاهه ٺهرائي هئي. هيءَ گرجا پندرهن سئو سال پراڻي آهي. هيءَ محل قبل مسيح جو ٺهيل آهي. واقعي روم دنيا جو قديم ترين شهر آهي، جنهن جي هڪ هڪ سر جي جدا جدا تاريخ آهي ۽ هنن انهيءَ تاريخ کي جنهن نموني سان محفوظ ڪيو آهي انهيءَ لاءِ هي ماڻهو جس لهڻن، ۽ انهن جي محنتن جي نتيجي ۾ ساري دنيا خود به خود هت پهچيو وڃي.
    اسان جي بس ڳاڙهي سگنل سامهون بيٺل آهي، ڪافي گاڏيون بيٺيون آهن، پرهڪ ڪار ٽريفڪ جي ڳاڙهي سنگل کي نظر انداز ڪندي اڳيان هلي وئي. اهڙي قسم جون حرڪتون توهان سڄي يورپ ۾ صرف اٽليءَ ملڪ ۾ ڏسندا، ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه، اسان جي بس جي ڀرسان هڪ بهترين بگي اچي بيٺي جنهن ۾ سياح ويٺا آهن، بگيءَ جو گهوڙو ڏاڍو ٿلهو متارو آهي.
    آسٽريليا جا ننڍي قد جا گهوڙا ته اسان جي ڳوٺ ويجهو ديوان شگرمل ۾ به جام هلن، پر هي وڏو ۽ ٿلهو متارو گهوڙو ڏسي مونکي ڊزني لينڊ جا گهوڙا ياد اچي ويا. جنهن جهڙا ڊگها ۽ ٿلها گهوڙا مون اڃان تائين پنهنجي زندگي ۾ ڪٿي به ڪونه ڏٺا آهن. سگنل کليو ته اسان جي بس به هلي. روم جيڪو دنيا جو قديم ترين شهر آهي، ته وري اڄ جو روم دنيا جو جديد ترين شهر پڻ آهي. جنهن جا ايئرپورٽ ريلوي اسٽيشن، بس ٽرمينل، انڊر گرائونڊ ميٽرو سروس، ڪلبون، ڊسڪو ڪلبون، نائيٽ ڪلبس، چوڪ ، چوراهه، روڊ، سروس روڊ، گارڊن پارڪس، ۽ سوين هزارين لگزري ڪارون ڏسي ماڻهو حيران ٿيو وڃي، ته هنن جو ماضي به عظيم هو ۽ حال به حيران ڪندڙ آهي باقي مستقبل جي خبر خدا کي.
    پر اسان جو ماضي يعني موهن جو دڙو، ڪاهو جو دڙو ۽ رني ڪوٽ کي ڏسي سڄي دنيا کي ته حيرت آهي پر اسان جو حال ڏاڍو هيڻو آهي. شل اسان پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيون ته هي گوندر گذرن. ڪهڙي ڪمي آهي اسان وٽ. اڄ جي دنيا جي عظيم دولت سان اسان مالا مال آهيون. مثلا پيٽرول، گئس، ڪوئلو، طويل سامونڊي پٽي جنهن تي دنيا جا ٻه وڏا سامونڊي بندر، ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ،ڪراچي ايئرپورٽ پڻ دنيا جي اهم حصي ۾ آهي. جنهن جي پڻ هڪ تمام وڏي اهميت آهي، دنيا جو جديد ترين ايريگيشن سسٽم جنهن بدولت سنڌ ۾ خدا تعاليٰ زراعت جي هر هڪ جنس هت پيدا ڪئي آهي. ڪهڙو فروٽ، سبزي ۽ اَن آهي جيڪو اسان وٽ ڪو نه ٿو پيدا ٿئي. ڪهڙِو وڻ ٽڻ، ٻوٽو گل ۽ ول آهي جيڪا اسان وٽ ڪونه ٿئي. دنيا ۾ اهو ڪهڙو پکي ۽ جانور آهي جنهن جو گوشت، کير ۽ بيضو دنيا ۾ ته آهي پر اسان وٽ ڪونه ٿئي. سهڻيون سرسبز آباد سون ورنيون ٻنيون جنهن جي ڪُک مان پئٽرول، گئس، ڪوئلو، ٿر مان دنيا جو پهريون نمبر ماربل نڪري ٿو. جيڪو تقريبن سڀ جو سڀ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿئي ٿو. جر جي وڏي حصي جو پاڻي مٺو آهي جنهن تي هزارين ٽيوب ويلن وسيلي پاڻي حاصل ڪري اسين سنڌ جي سينڌ کي سرهو ڪريون. دنيا جون مشهور ڍنڍون منڇر. ڪينجهر ۽ هاليجي دنيا جي عظيم ندين مان هڪ درياءِ سنڌ اسان وٽ آهي، پر تڏهن به اسان هيڻا آهيون. ڇو ته اسان ۾ ٻڌي نه آهي. اسان زندگيءَ کان هرڻ وانگر ٿا ڀڄون. اسان جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ اسان سدائين ڊفينس ڪيو آهي. ڪڏهن به افينس نه ڪيو آهي. تنهن ڪري اسان جي ڌرتي جنهن جون سرحدون ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين پکڙيل هيون. سي هاڻ وڃي ٿيون سسنديون ۽ گهٽجنديون، خدا ڄاڻي ڪٿي وڃي دنگ ٿيندو. واقعي اسان پنهنجي وڏڙن جا ڏوهاري آهيون جو اسان انهن جي سرزمين ۽ ورثي کي سنڀالي نه سگهياسين. جنهن جو ئي اسان لوڙهه لوڙهي رهيا آهيون.

    بندر جا ڀئين، سکاڻيان مَ سمهو،
    ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئين ماٽي منجهه مهي،
    ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.

    چوندا آهي ته ”پٿر پرايو سور سڀ ڪا پنهجي پٽي“ واقعي ڏکن ۽ سکن ٻنهي گهڙين ۾ اکيون ڀرجي اينديون آهن.
    سو روم جي هن حسين وادين ۾ گهمندي ڦرندي پنهنجا ڏک سک ياد آچي ويا. اسان جي بس اچي ڪولوزيئم جي ٻاهران بيٺي. هي هڪ قسم جي راندين جو اسٽيڊئم آهي جيڪو هزارين سال اڳ جي حاڪمن پنهنجي وندر لاءِ جوڙايو هو پر ان ۾ هر عام خاص کي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت هئي.
    قديم دور جون رانديون نه پر خون جون هوليون هيون، عجب آهي يورپ ۾ ڪئين جنگون وڙهيون ويون پر هنن پنهنجي تاريخي ورثن کي ذرو به نقصان ڪونه پهچايو جنهن ڪري هو اڄ به زندهه آهن ۽ هنن جو پنهنجي قديم تهذيبن جي ڪري سڄي دنيا جي اڳيان ڪنڌ اوچو آهي. ۽ اسان موهن جي دڙي کوٽيندڙ مجمندار کي صرف انهيءَ ڪري قتل ڪيو جو هن جي هٿن ۾ پتل جي چمڪندڙ رنبي هئي.جيڪا اسان جي لاڙڪاڻي وارن چانڊين سمجهيو ته سون جي ڪا شئي آهي. جيڪا هو اسان کان لڪائي پيو ۽ اسان هن کي قتل ڪري سندس پتل جي رنبي لڪائي ڇڏي ۽ ائين اسان جو ڪنڌ تاريخ جي اڳيان سدائين جهڪيل رهندو، ڇو ته اسان تاريخ جا مجرم آهيون. اسان جي بس جي بيهڻ تي اسان سڀ هيٺ لهون ٿا هن قديم ماڳ تي روم جي عظيم اڌاوتن مان هڪڙي عمارت ڪولوزيئم Colosseum جي نالي سان موجود آهي جيڪا راندين جي اکاڙي طور ڪم ايندي هئي. هن عمارت جي اڏاوت شهنشاهه ويسپاسين vespasian سن 72ع ڌاري شروع ڪئي هئي، ۽ اٽڪل اٺ سال پوءِ سندس پٽ شهنشاهه ٽائيٽس Titus انهيءَ تعمير جي تڪميل ڪئي. هن عمارت ۾ قومي راندين جو لڳاتار هڪ سئو ڏينهن تائين هلندڙ جشن ملهايو ويو هو. هتي ٿيندڙ سموريون رانديون ويڙهه تي مشتمل هيون. جن مان ماڻهن جي هڪٻئي سان جنگي جوڌن جي صورت ۾ هٿياربند ويڙهه، ماڻهن جي مختلف جانورن سان بچاءُ واري يا شڪار ڪرڻ واري ويڙهه ۽ مختلف جانورن جي باهمي ويڙهه شامل هئي. هنن سمورين راندين ۾ وحشت ۽ دهشت وارو عنصر غالب هوندو هو. تنهن ڪري پنجين عيسوي صديءَ ۾ اهي رانديون غير قانوني ڄاڻائي بند ڪيون ويون ۽ هن عمارت ۾ ڪم آيل پٿر ٻين اڏاوتن ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. هن وقت هي عمارت جو اڳوڻو شان مان باقي ڪونه رهيو آهي، ۽ فقط ڍانچو وڃي بچيو آهي. مگر سندس اهميت اڃا تائين برقرار آهي ڇو ته سموري دنيا ۾ راندين جا اسٽيڊيم هن طرز تي ٺهيل آهن.
    اسان جي بس جي ڀرسان ڪو چرچ هو. جنهنجي ٻاهران وڏي تعداد ۾ سفيد رنگ جون ڊگهيون گاڏيون گلن سان سينگاريل بيٺيون آهن، جنهن مان گهوٽ ڪنواريون پيا لهن ۽ چڙهن. جن کي نهايت ئي سهڻا سفيد ڪپڙا پهريل آهن. جن جي منهن تي خوشيءَ جو اظهار آهي اهڙي خوشيءَ جو اظهار. انسان زندگيءَ ۾ صرف هڪ دفعو سيج تي وڃڻ لاءِ ڪندو آهي. گهوٽ ڪنواريون هڪٻئي کي ڳلي لڳي ڳالهيون ڪري لب لبڙن سان ملائي چمي رهيا آهن، نه ڪنهن جو ڊپ نه ڊاءُ، ۽ چپڙا چمندي گرجا مان اچي وڃي رهيا آهن.۽ پڻ وڏي تعداد ۾ اهڙيون سفيد گاڏيون اچي وڃي رهيون آهن. جيسين بس جا سياح سڀ گڏ ٿين تيسن اسان به اهو تماشو ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيا آهيون. هيتري تعداد ۾ گهوٽ ڪنواريون هڪ ئي جڳهه تي هڪ ئي وقت زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏسي رهيو آهيان. اسان جي بس ۾ سياح پهچي چڪا آهن. بس روم جي رستن تي هلي رهي آهي. مون روم سان گڏوگڏ سموري اٽليءَ جي سڀني شهرن ۾ اها ڳالهه چڱي طرح محسوس ڪئي ته هتي جا گهر ۽ فليٽ باقي سموري يورپ کان مختلف اسان جي ملڪ جي گهرن، فليٽن وانگر ٺهيل آهن. مثلا جيئن پاڻ وٽ گهر ٺهرائڻ وقت روشني ۽ هوا جو خيال رکندي ڪمرن جي اڳيان ورانڊا، بالڪونيون، وڏيون وڏيون دريون ۽ وينٽيليٽر ٺهيل هوندا آهن. اٽليءَ ۾ به ماڻهن جي رهائش جا گهر ۽ فليٽ بلڪل اهڙيءَ ئي ترتيب سان ٺهيل هئا. اسان کي اٽليءَ ۾ هڪ هفتو رهڻو هو. ان کان اڳ اسان لنڊن، بيلجيم، لگزمبرگ ۽ سوئيزرلينڊ مان گهمي آيا هئاسين. تنهن ڪري اسان کي هت ڪافي گرمي محسوس ٿي رهي هئي. هت مقامي ماڻهن کي ڪپڙا ته اهڙا پيل آهن، جهڙا ڪپڙا گرم ملڪن جا ماڻهو پائيندا آهن. ته جيئن گرمي گهٽ لڳي. شهرکان ٻاهر ايگريڪلچر فارمن تي اهڙا بنگلا نظر آيا جوڄڻ سنڌ وانگيان ڪنهن زميندار جو زمين تي ٺهيل بنگلو. پنهنجي لاءِ گهر پنهنجي ملڪ جي ماحول ۽ آبهوا ماحول مطابق ٺهرائن ٿا.۽ اٽليءَ جي ماڻهن به ائين ئي پنهنجي رهڻ لاءِ گهر ٺهرايا آهن. جهڙي هتان جي موسم ۽ آبهوا آهي اهڙو اثر انهن جي رهڻي ڪهڻي سان گڏوگڏ ڪپڙي، لٽي ۽ کاڌي، پيتي تي به ظاهر آهي، ساڳيا اثر هتان جي ماڻهن جي بناوت ۽ مزاج ۾ به نظر اچن ٿا.
    جتي هاڻ اسان بيٺا آهيون ان ڀرسان رستي جي پرئين طرف رومن فورم Roman Forum يعني اصل روم شهر جو مرڪزي حصو واقع آهي. سلطنت جي زوال ۽ عيسائيت جي فروغ سبب شهر پڻ زوال جو شڪار ٿيو. پوءِ ڪيترن ئي وحشي حملا آورن شهر کي لٽي ۽ ڦري کيس کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تاريخ جي وچئين ۽ روشن خيالي وارن دورن دوران شهر جي ٻين ڀاڱن ۾ نيون جايون جوڙڻ لاءِ گهربل شيون خاص طور تي پٿر هن علائقي جي ڦٽل عمارتن مان وڏي مقدار ۾ ڪڍي ڪم آندو ويو.
    انهن قديم آثارن جي بچائڻ لاءِ انهن جي ڇنڊ ڦوڪ پڻ کوٽائي وسيلي ئي ٿي. انهيءَ سلسي ۾ کوٽائي جو ڪم اوڻيهين صديءَ جي شروعات کان چالو ٿيو. جيڪو مختلف صورتن ۽ مرحلن موافق اڃا تائين هلندڙ آهي. ڪافي ڀاڱي ۾ کوٽائي هلندڙ آهي. تنهن ڪري اهو ڀاڱو نمائش ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اڃا تائين بند آهي. هن فورم جي وچ مان لنگهندڙ گهٽي قديم روم جي بهترين گهٽي هئي.
    ان کانپوءِ اسين پهتا آهيون شهر جي مرڪز جي ڏکڻ ۾ پيليٽين هل Palatine hill جيڪو سرڪو ماسينو Circo Massino نالي هڪڙي عالشان ۽ سرسبز ميدان ۾ آهي. هي ميدان قديم شهر جو گهوڙي گاڏين جي ڊوڙ واري مقابلي جو مکيه ميدان هوندو هو. هي ميدان ايترو وڏو ۽ ڪشادو هوندو هو. جو اتي هڪ ئي وقت فقط گهوڙي گاڏين جي ڊوڙ وارو مقابلو ڪندڙ ماڻهن جو تعداد ٻن لکن کان وڌيڪ هوندو هو. جيڪڏهن هن ميدان جو اڌ حصو به اڃا تائين سلامت هجي ها ته ڪولوزيئم وانگر هن ميدان جو پڻ دنيا ۾ چرچو هجي ها.
    روم شهر جا هي قديم ماڳ مڪان ڏسندي، ڏسندي اسان کي ڏهن ڪلاڪن کان به وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو آهي. دل پئي چاهي ته اڃا گهڻو ڪجهه ڏسجي پر هاڻ ٽائيم ختم ٿي ويو آهي ۽ اسان جي بس جو رخ هاڻ اسان جي هوٽل ڏانهن آهي ۽ باقي ماڳن جو سير سڀاڻي ڪرائيندا. خير اسان اڄ.
    1- سينٽ پيٽر وارو چرچ باسيليڪا
    2- سسٽائين چيپل يا گرجا
    3- ڪولوزئيم
    4- بلي فورم
    5- پيليٽين هل
    جهڙا خوبصورت ماڳ ڏٺا آهن بس ۾ موجود سمورا سياح اڄ جي ٽوئر تي هڪٻئي سان ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا آهن. ونود ۽ نور به ٿڪل لڳي رهيا آهن، اسان جي بس هوٽل پهچي چڪي آهي ۽ اسان بس مان لهي هوٽل جي لابيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهيون ته اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته سڀاڻي صبح جو ٺيڪ اٺين بجي بس ۾ سوار ٿي ٻاهر هلبو.
    اسان ڪمري تي پهچي ڪجهه دير آرام ڪري شاور ورتو. چانهه پي ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي هوٽل رسيپشن کي چاٻي ڏيئي ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪري پياسين اونهاري جي موسم ۾ روم ۾ ڏينهن رات تمام گهڻي رش هوندي اهي. ڄڻ ته سياح نجو ميلو لڳو پيو آهي. مختلف ملڪن جا مختلف زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهو موجود آهن جن سان سڄو شهر ڀريو پيو آهي.
    شهر ۾ سياحن جي سهوليت لاءِ انڊر گرائونڊ، ميٽرو سروس آهي جيڪا رات جو ساڍين يارهين بجي بند ٿيو وڃي پر ٽيڪسيون چوويهه ڪلاڪ پيون هلن. پر انهيءَ کانسواءِ هتي سڀني کان سٺي، سستي ۽ تيز رفتار سواري شهر ۾ هلندڙ A.T.A.C بس سروس آهي جيڪا سڄي شهر ۾ صبح جو پنجين بجي تائين هلي.
    سڄي شهر ۾ مهانگيون هوٽلون سون جي تعداد ۾ آهن. پر ريلوي اسٽيشن جي ويجهڙائي ۾ توهان کي سستيون هوٽلون به جام ملنديون.
    روم شهر ۾ حڪومت طرفان به سياحن لاءِ هڪ سستي اوسٽيلو ڊيل فورم اٽاليڪو Osttello del foro Italico نالي هاسٽل ٺهرايل آهي. جنهن ۾ سدائين سياحن جي پيهه لڳي پئي آهي. پر جي ڪجهه ڏينهن اڳواٽ فون ڪري ڪمرو بڪ ڪرائجي ته ڪمرو مليو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته اڳواٽ بڪنگ کانسواءِ به ڪمرو مليو وڃي. پر اهڙو آسرو نه رکڻ گهرجي. بهتر ٿيندو ته اڳواٽ بڪنگ ڪرائي ڇڏجي. هت روم شهر ۾ YWCA نالي ٻي به هڪ بهترين هاسٽل آهي جيڪا ريلوي اسٽيشن کان صرف ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. پر اها صرف عورتن لاءِ مخصوص آهي. ات مردن کي ڪمرو ڪونه ڏيندا آهن. ڪو ٽوئرسٽ روم گهمڻ وڃي ته کيس ايئرپورٽ بس ٽرمينل يا ريوي اسٽيشن تي حڪومت طرفان سياحن جي رهنمائي لاءِ آفيس مان انگريزيءَ ۾ ڪتابچو ۽ نقشو ضرور وٺڻ گهرجي. جنهنجي مدد سان ٽوئرسٽ کي روم گهمڻ آسان ٿي پوندو. هن آفيس جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ ٽوئرسٽ انفارميشن آفيس Tourist Information office جا بورڊ لڳا پيا آهن. اهي توهان کي هوٽلن ۽ هاسٽلن ۾ بڪنگ به ڪرائي ڏيندا.
    روم شهر ۾ سرڪاري ٽوئرسٽ آفيسن کان سواءِ ڪافي تعداد ۾ خانگي ادارا به آهن جن ۾ نيشنل ٽوئرسٽ آرگنائيزيشن ۽ انجوائي روم Enjoy Rome خاص قابل ذڪر آهن. جنهن جون آفيسون پڻ توهان کي مک مک جڳهين تي ملنديون.
    اٽليءَ جي قومي ايئر لائين Alitalia ۽ برٽش ايئر ويز جون آفيسون سوليٽي روڊ تي آهن. T.W.A ايئر سروس ٿامس ڪوڪ وارن جون آفيسون باربيني روڊ تي آهن. روم شهر ۾ خاص ريسٽورانٽ، بارون. ڊسڪو ڪلب راڪ ۽ جاز هيٺيان آهن.
    روم شهر جون مکيه رهائش جون هوٽلون هيٺ ڏجن ٿيون.
    1- ايبروزي Abruzzi
    2- ڪيپٽل Capitol
    3- ڊي رينزو De Rienzo
    4- جرمينو Germano
    5- منارا Manara
    6- ناوونا Navona
    7- پريٽي Prati
    8- سميرالڊو Smeraldo
    9- ايليمنڊي Alimandi
    10-ڊيلا لونيٽا Della Lunetta
    11-فالٽي ٽاورس Fawlty Towers
    12-ڪيٽي Katty
    13-مارسلا Marsala
    14-پيروگيا Perligia
    15-رومانو Romano
    16- سول Sole
    17- ڪينڊي Kennedy
    18- موناڪو Monaco
    19- پڪولو Piccolo
    20- روسٽٺا Rosetta
    21- ٽوني Tony

    روم شهر جي کاڌي پيتي جون مکيه ريسٽورانٽون هيٺيون آهن.

    چند آفريڪي ريسٽورانٽن مان هڪڙو 1-Hosteria Africa
    بس ٽرمينل وارو ريسٽورانٽ 2-Hostera Archetto
    ميڊونا ڊي مونٽي رستي تي واقع 3- Alle Carette
    ڊيگلي آرٽسٽي رستي تي 4-Da Augusto
    باسڪيٽو رستي تي 5- II Boscaiolo
    ڪورالو رستي تي 6- Dragon Garden
    ميرولانا رستي تي 7- II Carallo
    نهايت سستو 8- La Diligenza Rossa
    پيٽيڪو اوٽاويا رستي تي 9- Filletti di Baccala
    ڪينسريا پلازه وٽ 10- Da Giggetto
    سيفراسسڪو رستي تي 11-Grappola D’ Oro
    يونسينو رستي تي 12- Ivo
    وريزيو اينٽونري رستي تي 13- Al Leoncino
    ٽبرٽينا رستي تي 14- II Piccolo Alpino
    نريٽ ٽراسٽيريئر علائقي ۾ 15- Pizza Alpino
    زاسٽيويئر علائقي ۾ ڪاسميٽو رستي تي 16-Popi Popi

    روم شهر جون مکيه بازارون هيٺيون آهن.

    پيس شاهراهه تي 1- Antica cage Della pace
    ٽراسٽيويئر علائقي ۾ 2- Bar San cotito
    مارٽينو مونٽي رستي تي 3- Druid’s
    ڪيور رستي تي 4-Enteca Cavour
    اومارٽا رستي تي 5- Fiddler’s Elbow
    اسڪالا پلازه ۾ 6- La scala
    لنگهريٽا رستي تي 7- Traste
    ويٽرينا رستي تي 8- La vetrina
    فيوري ڪيمپ ۾ سوشل سينٽر 9- Vineria
    پائينو رستي تي 10- Forte Presntino
    ٽيسٽا سيو علائقي ۾ 11- Villagio Globale
    روم شهر جا مکيه ڊسڪو ڪلب هيٺيان آهن.
    مونٽي ٽيسٽاسيو رستي تي 1- L’ Ali Bi
    ايئرپورٽ واري رستي تي 2- Iteaven
    ويليٽري رستي تي 3- Alien
    ٽيگيا مينٽو رستي تي 4- Piper
    ڪارڊينل ميري رستي تي 5- Angelo Azzurro
    آريليا رستي تي 6- Soul II Soul
    ڪيمنيا رستي تي 7- Blue Zone
    فيونري رستي تي 8- B.Side
    ماريو فيوري رستي تي 9- Gilda
    Live Mudic, Rack, jazz and Latin.

    ڪمرشل رستي تي ڊسڪو ناچ گهر 1- Alpheus
    ٽراسٽيويئر علائقي ۾ جاز 2- Big Mama’s
    مونٽي ٽيسٽاسيو رستي تي گڏيل ڪلب 3- Café Latino
    ڪيمبر مورا رستي تي بار، ڊسڪو لو ميوزڪ 4- Ciroco Degli Artisti
    ڪريسينزيو رستي تي جاز لو ميوزڪ 5-Fonclia
    پيازا جي رومانو سينيما ۾ لو ميوزڪ ۽ ناچ 6- Palladium
    ڪارڊيلو رستي تي لو جاز ڪاڪٽيل بار 7- St: Louis
    سينفرسيڪو رستي تي لاطيني لو ميوزڪ بار 8- Yes! Brazil

    Classical music, Opera and filair

    گريسي رستي تي 1- Accademia di santa Cecilia
    فائيرينز رستي تي 2- Teatro Dell’s Opera
    ٽراسٽيوئر علائقي ۾ انگريزي فلمون ڏيکاريندڙ سينيما 3-Pasquino
    غير رومي فلمون ڏيکاريندڙ سينيما 4- Nuovo Sacher
    ڪارڊينل رستي تي فلمون ڏيکاريندڙ سينيما 5- Alcazar

    اسان پنڌ ئي پنڌ اڳتي وڃي رهيا آهيون. منا ٻڌايو ته سرٽين چيپل ۾ مائيڪل اينجيلو جو پورهيو ڏسيو ماڻهو دنگ رهجيو وڃي ۽ ماڻهوءَ کي هي جهان ئي وسريو وڃي. ڄڻ ته ماڻهو خوابن جي ڪنهن دنيا ۾ فرشتن ۽ روحن سان گڏ گهمي ڦري رهيو آهي. ڇا ته محنت ٿيل آهي يقين ئي نٿو اچي ڪيترو نه وقت لڳو هوندو هنن خوبصورت تصويرن کي ٺاهڻ ۾ ۽ انهن ۾ رنگ ڀرڻ ۾.
    چون ٿا مائيڪل اينجيلو هي ڪم چئن سالن ۾ پورو ڪيو هو. جيڪو ڏهه هزارن فوٽن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هي ڪم روم جي حاڪم جوليس ٻئي جي حڪم تي مائيڪل اينجيلو ڪيو. پر هو خوش نصيب هو جو اڄ انهيءَ پورهئي ڪري سڄي دنيا کيس ياد ٿي ڪري.
    پر حقيقت ۾ ايشيا ۾ تاج محل، اجنتا الورا، کجوراهو جو پورهيو هن ڪم کان هزارين دفعا ڏکيو آهي. پر جن هٿن سان اهي عظيم شاهڪار ٺهي راس ٿيا تن جي ڪابه خبر ڪانهي.مائيڪل اينجيلو وانگر يورپ جا ٻيا مشهور فنڪار پڪاسو، رافيل ليونارڊو ڊائي ونچي اڄ يورپ سان گڏ سڄي دنيا ۾ مشهوري ماڻي رهيا آهن. ۽ سڄي دنيا کين عزت جي نگاهن سان ياد ٿي ڪري پر اسان جا هي تخليقڪار جن هيڏا وڏا جبل ڏاري هي پورهيو ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تن جي ڪابه خبر ڪانهي.
    ڪافي وقت ٿي چڪو آهي، صبح سوير اٿڻو آهي سو هڪ هندستاني هوٽل جهانگير تي ماني کاڌي سين. سڄي دنيا ۾ هندستاني هوٽلون جام آهن جن تي توهان کي هر قسم جو پنهجي ملڪ جهڙو کاڌو ملي، پر کاڌي ۾ جيڪو سواد انهن انڊين ريسٽورانٽ جولنڊن ۽ ٽوڪيو جي بازارن ۾ آهي اهڙو ٻي سڄي دنيا جي هوٽلن ۾ ڪونهي. پر لنڊن ۾ ٽوڪيو جي انهن انڊين ريسٽورانٽس جو بل تمام ڳرو ٿئي. انهيءَ ۾ وري ٽوڪيو جي هوٽلن جو بل لنڊن جي ڀيٽ ۾ تمام ڳرو آهي. جيڪو ماڻهو روز روز نٿو برداشت ڪري سگهي ۽ سو به هڪ ٽوئرسٽ، جيڪو ملڪ کان ٻاهر ٽڪي ٽڪي جو حساب رکي. هونئن به ٽوڪيو سڄي دنيا ۾ مهانگي ۾ مهانگو شهر آهي.پر جپان جو مقامي کاڌو ننڍين هوٽلن ۾ کائجي ته تمام سستو ٿو پوي. اهو کاڌو توهان کي ٽوڪيو شهر ۾ لڳل مشين ۾ پئڪ ٿيل ملندو. رڳو سڪو وجهي بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي ته اهو پئڪ ٿيل کاڌو گرم گرم اچي توهان جي اڳيان نڪرندو. جنهن ۾ چانور، مڇي کٽو مصالحو هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ به ڏاڍو لذيذ هوندو آهي. اهڙي طرح سان جپان جون هوٽلون به تمام مهانگيون آهن، پر جپان جون روايتي هاسٽل نما هوٽلون جن جي ڪمرن ۾ پلنگن جي جڳهه تي انهن جا مقامي مئٽس هيٺ پٽ تي وڇايل ۽ ڪمري ۾ اندر پير اگهاڙا ڪري وڃبو آهي. اهي به ٽوڪيو شهر ۾ تمام وڏي تعداد ۾ آهن. انهن بابت معلومات توهان کي ايئرپورٽ ۽ ريلوي اسٽيشن تي ملندي. انهن انڊين ريسٽورانٽ تي توهان کي ڌونئرو، لسي، پاپڙ، آچار، دال پوري،ڪباب، تڪا ،ٻوٽي، ڊوسا، مصالحا ۽ هر قسم جا ٻوڙ، سبزيون ۽ سوئيٽ ڊش ملندا. پر انهن هوٽلن ۾ سوپ ڪونه ملي. اهڙي انڊين هوٽل ڪراچي ڪلفٽن تي به ”ڪلپنا“ نالي سان کُلي پر نه هلي ۽ بند ٿي وئي هاڻ شام جو وقت ڪلفٽن تي هڪ بهاري گاڏو هڻندو آهي. جنهن تي ڊوسا يا هڪ ٻه قسم جا اتر هندستان جا کاڌا ملندا آهن. پر جي کيس آرڊر ڏبو ته هر کاڌو ٺاهي ڏيندو آهي.
    کاڌا جيڪي بابا سائين پاڻ پنهنجي کائڻ لاءِ يا ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪنهن خاص دوستن لاءِ ٺهرائيندو هو. انهيءَ جهڙا لذيذ ۽ عمده کاڌا مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڃا تائين ڪونه کاڌا آهن. خاص ڪري واريءَ ۾ پڪل پَلا جيڪي ناکو علي محمد ۽ ناکو جمعو تيار ڪندا هئا. وسڪيءَ ۾ ڀُڳل گوشت جي ڪڙاهي بابا سائين پاڻ پنهنجي نگرانيءَ ۾ ٺهرائيندو هو.
    باقي تندوري، چڪن، سجي ۽ برياني جيڪي پڻ نفيس ڪپڙن ۾ ويڙهي پوءِ ٽانڊن تي تيار ٿين سي بورچي ٽنڊي آدم مان ايندا هئا، ۽ ماکڻي دال گهر ۾ تيار ٿيندي هئي. انهي ماکڻيءَ دال جو هڪ بهترين لطيفو توهان کي ٿو ٻڌايان. بابا سائين مرحوم جي وفات تي مير علي احمد ٽالپر اسان وٽ بابا سائين جي عذر خواهي لاءِ ڳوٺ پئي آيو، پاڻ تنهن وقت پاڪستان جو وفاقي وزير دفاع هو. سو وڏي اهتمام سان آيو ۽ ٻنپهرن جي ماني به اسان وٽ کاڌائين. ماني کان پوءِ جڏهن سوئيٽ ڊش آيو ته پاڻ کلي چيائين ته پوءِ اها سوئيٽ ڊش مون کاڌي سو ڇا هو. اسان پڇيس ته توهان ڪهڙي ڊش کاڌي پاڻ انهيءَ ماکڻيءَ دال ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايائين ته مون هن پيالي مان اها ڊش کنئي. مون کيس ٻڌايو ته سائين اها ته دال آهي، جيڪا اسان جي گهر ۾ تيار ٿي آهي. کلي چيائين سرڪار ڏاڍي ٿي.
    سو بابا سائين جي وقت ۾ جيڪي کاڌا کاڌاسين تنهن جي ٽيسٽ اڃان به نه ٿي وسري، ڇا ته باذوق ماڻهو هو. ٻني جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ سنڌ جون عظيم هستيون صرف سندس قرب ڪري ڪهي اينديون هيون. جن مان سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر چوئٿرام، رسول بخش پليجو، محمد يوسف چانڊيو، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، تنوير عباسي، جمال ابڙو، غلام رباني، سوڀو گيانچنداڻي، نياز همايوني، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڊاڪٽر الانا، غلام مصطفيٰ شاهه، ڪمتر نقوي، ساقي سجاولي، ماسٽر چندر، بسنت، ماسٽر محمد ابراهيم، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر ايندا هئا.
    اها اسان جي خوش نصيبي آهي جو ننڍي هوندي کان ئي اهڙن مٺڙن ماڻهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو ويجهڙائي سان موقعو مليو. انهن سڀني ماڻهن جي وچ ۾ ڇا نه پياري شخصيت هوندي هئي بابا سائين جي، سهڻي شبيهه پروقار شخصيت، منهن تي سدائين معصومانه مرڪ، اکين ۾ حياءُ هر ننڍي وڏي لاءِ لک عزتون، محبتون ۽ عزت ڏيڻ ته ڪو بابا سائين کان سکي. پنهنجي اولاد سان گڏ ٻين ڪيترن غريب شاگردن کي پڙهائين. ٻني ۾ هاءِ اسڪول کليو ته ٻاهران آيل استاد سالن جا سال اسان جي اوطاق ۾ رهيا ۽ سندن کاڌ خوراڪ جو بندوبست به پاڻ ڪيائين.


    5

    اسان به هوٽل جو بل ڏنو. جيڪو تمام مناسب هو، ٽيڪسي ڪري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. جت ننڊ اسان جو ڄڻ ته انتظار ڪري رهي هئي سو فقط نائٽي پائڻ جي دير هئي. هن سڄي ٽوئر ۾ پهريون دفعو هوٽل وارن فون ڪري اٿاريو نه ته فون ته هو Wake-up call وقت ضرور ڪن. پر اسان سوير اٿڻ جا عادي اڳئي اٿي وڃون، ۽ فون ڪري مهل صرف شڪرئي طور کين Thanks چئي ڇڏيون. پر اڄ اک به هنن جي فون تي کُلي، سو يڪدم تيار ٿي هيٺ ڊائيننگ هال ۾ پهتاسين. ته نور ۽ ونود اڳئي ويٺل نظر آيا. اسان به ناشتو پليٽن ۾ وجهي وڃي سندن ٽيبل تي ويٺاسين. ۽ ڪالهه جي ٽوئر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهياسين ۽ اڄ جي ٽوئر جي باري ۾ به هڪٻئي سان مشورا ڪندا رهياسين. منا اٿي ڊائيننگ ٽيبل تان وڌيڪ ميوزلي ۽ پائين ايپل جوس کڻي آئي، جيڪو هن منهنجي ۽ سندس بائول ۽ گلاس ۾ وڌو.
    ونود ويجيٽيئرين آهي تنهن ڪري ناشتي ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏيندو آهي. اسان وانگر، ڇو ته ناشتي ۾ گوشت ڪڪڙ يا مڇي ڪونه هوندا آهن، هڪ جاءِ تي ناشتي ۾ سئنڊوچ ڏنائون جيڪو گوشت مان ٺهيل هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ هوندو آهي.
    يورپ جي هوٽلن ۾ جت سيلف سروس سان کاڌو ملي، ات هر قسم جا جوس ته رکيل هوندا آهن پر پاڻي جو نالو به ڪونه هوندو آهي. پاڻ ماني کائي يا اڳ ۾ جيسين پاڻي نه پيون تيسين ڄڻ ته ماني ڪو ڪونه کاڌيسين. پاڻي آرڊر تي ڏين پر انهيءَ لاءِ اضافي پئسا وٺن. اسان دستور مطابق ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته اسان جي بس اسٽارٽ بيٺي هئي، ڪجهه سياح بس ۾، ڪجهه بس کان هيٺ بيٺل هئا ته ڪي وري سگريٽ پي رهيا هئا. جيستائين سڀ سياح گڏ ٿين تيستائين اسان به ڀت سان گڏ پيل بئنچ تي ويهي رهياسين. جت اهڙين ٻين بئنچن تي وڏي تعداد ۾ سياح هڪٻئي سان گپ شپ ڪري رهيا هئا.جيسين بسون هلن تيسين هوٽل کان ٻاهر سياحن جي اچ وڃ جي ڪري رونق لڳي پئي هوندي آهي. ڪي سياح جيڪي ڪجهه ڏينهن هت رهندا سي سواءِ سامان جي ۽ جيڪي پنهنجو ٽوئر پورو ڪري اڳتي پنهنجي پنهنجي ٻي منزل لاءِ اڄ اسهندا تن جي هٿن ۾ بريف ڪيس ننڍو ٿيلهو. پاڪيٽ، گلدستو يا ڪو ٻيو تحفو يا سامان ضرور هوندو. پر جي هٿ ۾ لفافو، ڪارڊ، پارسل، ڪئميرا يا مووي ڪئميرا ته معنيٰ اڃا ٻه ٽي ڏينهن سندن منزل هت آهي. مطلب ته ڏاڪڻين تان تڪڙو چڙهندي لهندي، هڪٻئي کان موڪلائيندي، kiss ڪس ڪندي، هيلو هيلو ڪندي، کلندي ڪڏندي انهن کي ڏسندي ڄڻ ته مزو اچي.انهيءَ ٽوئر ۾ ڪي اڪيلا ته ڪي وري Couple يعني زال مڙس تازي شادي ٿي هوندن ۽ نڪري پيا هوندا هني مون ملهائڻ ته ڪي وري وڏي فئملي سان جنهن ۾ عمر رسيده ماءُ پيءُ سان جواب اولاد به گڏ، مطلب ته اهڙن ٽوئرن ۾ توهان کي هر قسم جو ماحول ملندو.
    اسان جي بس ۾ ڊرائيور پنهنجي سيٽ تي ويٺو ته اسان به بس ۾ چڙهياسين ۽ آهستي آهستي سڀ مسافر بس ڀيڙا ٿيا ته بس سرڪڻ لڳي. اسان جي گائيڊ، ٽوڊ ٻڌايو ته اڄ توهان کي اڌ ڏينهن گهمائبو باقي وقت توهان پنهنجي ليکي گهمو ڦرو ۽ دوستن لاءِ خوب تحفا خريد ڪريو، ڇو ته سڀاڻي پاڻ روم مان سوير نڪري هلنداسين ۽ توهان هتان ڪابه شئي انهيءَ وقت خريد ڪري نه سگهندا، سو بهتر ٿيندو ته اسان جي گهمائڻ کان پوءِ توهان به پنهنجي ليکي شهر کي ڏسو وائسو، روم جي نائيٽ لائيف پئرس لنڊن جي نائيٽ لائيف کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. روم جو جهڙو ماضي شاندار آهي اهڙو ئي روم سياحت لاءِ اندران به رنگين آهي. اسان جي بس روم شھر ۾ تيز تيز ڊوڙندي پنهنجي منزل تائين وڃي رهي آهي.صبح جو رش گهٽ هئڻ سبب ماڻهوءَ جو ڌيان گهڻو ڪري ٻين شين ڏانهن ويندو آهي. جنهن ۾ شهر جا پارڪ، ماڻهن لاءِ ٺاهيل ويٽنگ شيڊ شهر جي گهرن جي بناوت ۽ انهن جا رنگ، ڪارون، موٽر سائيڪل تي ماڻهن کي پهريل ڊريسون، ماڻهن جي هلڻ جو انداز، اٽليءَ جا ماڻهو ٻين يورپين مقابلي ۾ ڪجهه گهٽ تيز هلن. بدن ۾ ڀريل ۽ مرد وڏي تعداد ۾ مڇون رکن سي پاڻ وانگر ڪاريون نه پر ڀوريون. يورپ ۾ تيز تيز ماڻهو انگلينڊ جا هلن. سو صبح سان اسان به هر شئي کي اک مان ڪڍندا اڳتي وڌندا رهياسين. صبح سوير هئڻ ڪري ٿوري ٿڌ محسوس ٿي رهي آهي. پر سيءَ ڏياريندڙ نه پر وڻندڙ ٿڌي هوا، جنهن سان اسان کي هڪ قسم جي راحت پئي اچي. نه ته هونئن ٻنپهرن جو ڪجهه ڪجهه گرمي به محسوس ٿيندي هئي. اسان جي بس جنهن علائقي ۾ اچي بيٺي انهيءَ علائقي کي وينيزيا چون.
    پيازا وينيزيا Piazza Venezia نالي شهر جي مرڪز ۾ عاليشان عمارت به هت آهي. جتان ئي سير جي شروعات ڪجي. پلازو ڊي وينيزيا ۽ امينيوئل مونيومينٽ واريون عمارتون هن جي ويجهڙائي ۾ موجود آهن. وٽوريو امينيوئل يادگار اوڻيهين صدي جي خاتمي تي ملڪي اتحاد جي يادگار طور تعمير ڪيو ويو هو.هن يادگار جي پٺئين طرف ڪيپيٽولين هل Capitoline hill نالي علائقي ۾ ڪئين عاليشان عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. جن کي پيازاڊيل ڪيمپيڊو گليو نالي سان سڏيندا آهن. انهن عمارتن جي ڊزائين مشهور مصور مائيڪل اينجيلو سن 1550ع ۾ پوپ پال ٽئين واسطي تيار ڪئي هئي. هنن عمارتن جا ٻه بلاڪ آهن جن مان هڪڙي بلاڪ ۾ قديم آرٽ جو زبردست عجائب گهر قائم آهي. تنهن جو نالو ڪيپيٽولين ميوزم Capitoline Museum آهي. کاٻي طرف واري بلاڪ ۾ پڻ هڪ ٻيو ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اٽڪل اڌ ڊزن کن ڪمرا ٿيندا. انهن ۾ رومي ۽ يوناني طرز سنگتراشي موجب گهڙيل مجسما رکيل آهن.
    ڊائنگ گائول Dying Gaul نالي مشهور مجسمو به هتي رکيل آهي. اهو حقيقت ۾ اصل يوناني مجسمي جو رومي سنگتراشن طرفان نقل ٺهيل آهي Eros and psyche يعني محبت جو ديوتا ۽ سندس محبوبا جا اصلي مجسما پڻ هتي رکيل آهن. تنهن کان سواءِ جڳ مشهور سنگتراش پريڪسيٽيلس Praxiteles جو گھڙيل Sotyr Resting يعني جهنگل جو ديوتا، نالي مجسمو پڻ هتي رکيل آهي. انهي کان سواءِ ساڳئي ديوتا جو هڪڙو ٻيو مجسمو پڻ آهي تنهنجو نالو Laughing Satyr آهي. اهو ڳاڙهي سنگمرمر جو ٺهيل آهي.اهو اصل يوناني مسجمي جو رومي نقل آهي، هتان کان پوءِ اسان کي رپيٽا رستي جي پرئين دنگ وٽ پيازا ڊبل پوپولو نالي هڪڙي زبردست گيٽ ڏانهن وٺيو پيا وڃن.جتان شهر ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. هتان جي رستي جي ٻنهي طرفن تي ٺهيل جايون گهڻو ڪري هڪجهڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.انهن جو نظارو ماحول ۾ عجيب خوبصورتي پيدا ڪري ٿو. هتي سينٽ ماريا وارو چرچ ڏسڻ وٽان آهي. جنهن ۾ روشن خياليءَ واري دور جا بهترين فني شاهڪار موجود آهن. چرچ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ مشهور مصور پنٽيورڪيوPinturichio جون ٺاهيل فريسڪو پلس تي تصويرون ۽ اينڊريا سينسو وينو Andrea Sansovino جا ٺهيل ٻه نهايت عمدا مقبرا موجود آهن. ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ٻيو نمبر چڱي چيپل مشهور فنڪار رافائيل اينٽوينو چڱيءَ لاءِ تيار ڪيو هو. انهيءَ ۾ گهڻو ڪم ٻين فنڪارن جو ٿيل آهي. جيڪو سترهين صديءَ ۾ وڃي پورو ٿيو. چرچ جو ممبر مائيڪل اينجيلو جي شاگرد سيباسٽينو پيئومبر Sebastiano piombo جو ٺاهيل آهي. ڪنڊن ۾ ٺهيل جارن ۾ رکيل ڊينيئل Danial ۽ هيباڪوڪو Habakkuk جا مجسما برننيءَ جا گهڙيل آهن، هتي رکيل ڪارا واگيو جون ٺهيل ٻه تصويرون گهڻي توجهه جي گهر ڪن ٿيون. انهن مان هڪڙي تصوير Conversion of St: paul ۾ سينٽ پال ۽ سندس گهوڙو ڏيکاريل آهي ۽ پاڻ تمام خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهيو آهي. ٻي تصوير Crucifixion of St: peter ۾ سيٽ پيٽر هڪ پيرسن شخص آهي جنهن کي چند جانٺا جوان صليب تي چاڙهين پيا
    هتان اسان سڀ جدا جدا ٿي مختلف هنڌن ڏانهن روانا ٿي وياسين. آئون، منا، ۽ ونود به ٽيڪسي ڪري شهر جي هڪ واپاري مرڪز ڏانهن روانا ٿياسين.
    جنهن کي پزا بار بريني Piazza Bar Berini چوڪ چون، هتي برنني جو ٺهيل هڪ خوبصورت ڦوهارو آهي. جنهن جو نالو فونٽانا ڊيل ٽرائيٽون Fontana-del-Tritono آهي. هن ڦوهاري جي ڀرسان ڪئين بارون، ريسٽورانٽون ۽ ڪلب آهن. جت توهان کي سدائين شوقين ۽ شوقيناڻيون ملنديون. سو هي علائقو ڏاڍو مهانگو آهي. هتي کاڌي جون پڻ ڪئين هوٽلون آهن. جت توهان کي هر وقت لذيذ کاڌا ملندا. اسان ان علائقي کان ٿورو اڳيان هڪ وڏي چوڪ نما ڪمرشل علائقي ۾ ٽيڪسيءَ مان لٿاسين. اسان هت ڪافي وقت دڪانن جا چڪر هڻندا رهياسين ڇوٽي موٽي خريداري پڻ ڪندا سين جڏهن ته هتي نور ۽ ونود ڪافي فوٽو به ڪڍيا. اسان هت فاسٽ فوڊ هوٽل تان ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان ورتو جيڪو اسان گهمندي ڦرندي کاڌو. فاسٽ فوڊ اسٽائل جي کاڌن جي شروعات پهرئين جوئارين ڪئي. جوئاري جيڪي سڄو ڏينهن جوا ڪن تن کي ماني کائڻ ڪري وقت جي وڃائڻ جو احساس ٿيو. تنهن ڪري انهن پهرئين پهرئين ٻن ڊبل روٽين وچ ۾ ڪا شيءَ وجهي کائڻ جي شروعات ڪئي ۽ جيئن ته اهو کاڌو جوئاري ماڻهو راند هلندي به کائي ٿي سگهيا. انهيءَ جو نالو سئنڊوچ Sandwich رکيائون ۽ پوءِ آهستي آهستي اهڙن کاڌن جا ڪئين قسم تيار ٿي ويا، ۽ نيٺ اهي عام مارڪيٽ ۾ به پهچي ويا. پيزا ٺهڻ جي شروعات پهرئين آمريڪا مان ٿي جت جڏهن اٽلي جا ماڻهو پهتا ته سخت ڏڪار ۽ بک جو شڪار ٿي ويا، ائين انهن لاءِ اڌ نان تي چٽڻي هنڻي اها ڊش تيار ڪئي وئي، جيڪا اڄ سڄي دنيا ۾ شوق سان وڏي تعداد ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي. اسان هتان ڪجهه انگريزي اخبارون ۽ رسالا به خريد ڪيا. اسان ٽيڪسي ڪري پنهنجي رهائش واري هوٽل پارڪ ڪرسٽنازا ڏانهن روانا ٿياسين.
    روم شهر جت سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي ات هن شهر باهين بيمارين ۽ ڦرلٽ ڪري ڏاڍا ظلم ۽ سور پڻ سٺا آهن، جن جي احوالن سان تاريخ ڀري پئي آهي. روم جي آدمشماري ڪڏهن ته ڏهن لکن کان وڌيڪ هوندي هئي. ڪڏهن وري هي شهر صفا خالي ٿي ويندو هو. جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ريت آهي.
    ٻي صديءَ جي پڇاڙي ۾ روم شهر جي آدمشماري گهٽجڻ لڳي. جيڪا ٻي صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڏهه لک هئي. مارڪس آرليئس Marcis Aurelius جي ايامڪاريءَ ۾ پليگ نالي مهلڪ مرض واري نهايت خطرناڪ وبا ڦهلجڻ سبب شهر ۾ روزانو ٻه هزار کن ماڻهو مرندا هئا. ٽئين عسيوي صدي دوران معاشي ۽ سياسي تباهه ڪارين به گهٽ نقصان ڪونه ڪيو. 270ع ڌاري شهر جي ڪوٽ جي تعمير شهر لاءِ خطري جو نشان ٿي پئي.
    سن 284ع کان 305ع تائين حڪمراني ڪندڙ بادشاهه ڊايو ڪليٽيئن سن 284ع کان 305ع تائين حڪمراني ڪندڙ بادشاهه ڊايو ڪليٽيئن Diocletian شاهي حڪومتي نظام ۾ ڪجهه سڌارا آندا ۽ قدري خوشحاليءَ ڏانهن مائل رهيو. هن پنهنجي يادگار طور سهڻا حمام تعمير ڪرايا هئا. تنهن کان پوءِ روم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ نه رهيو. قسطنطنيه Constantinople شهر جي تعمير سان روم جي سياسي عظمت باقي نه رهي. ملڪ جي گادي هن نئين شهر ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽ اهڙي ريت روم جي سياسي عظمت ختم ٿي وئي.
    جڏهن اولهه وارن گوٿڪ قبيلن جي فوج سان الارڪ Alaric سالار جي اڳواڻي ۾ سن 408ع ۾ شهر تي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته شهر جي چڱي مڙس ۽ سندس پئنچائت دشمن جي حملي کي ٽارڻ لاءِ مذهبي قرباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي وقت جي پوپ پڻ جائز قرار ڏنو پر انهيءَ کي راز ۾ رکيو ويو. نيٺ سن 413ع ۾ الارڪ شهر تي اچي قبضو ڪيو ۽ فوج کي ٽن ڏينهن تائين ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني جنهن تمام گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو. انهيءَ ڦرلٽ سبب ڪافي ماڻهو شهر خالي ڪري ويا. جيتري قدر رومي قديم يادگارن جو تعلق آهي ته انهن کي نسبتن نقصان گهٽ رسيو. رڳو کين ٻاهران جزوي طور نقصان پهتو.
    شاهي اقتدار جو زوال ۽ پوپ جي اقتدار تي گرفت جسٽينين Justinian بادشاهه کان پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي. انهيءَ کان پوءِ روم شهر ٽي ڀيرا محاصرن جو شڪار رهيو. جنهن دوران شهر ۾ پاڻي پهچائڻ وارا واهه به بند ڪيا ويا، ۽ هڪ اهو وقت به آيو جڏهن ماڻهو مجبور ٿي پورو شهر خالي ڪري ويا.
    ڇهين صدي جي آخر ۾ شهر جي آبادي پنجاهه هزارن کان ڪجهه گهٽ هئي. انهيءَ وقت شهر تي سياسي توڙي انتظامي طور پوپ جو مڪمل قبضو هو.پوپ گريگري اول عاليشان شهري انتظام رکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي نتيجي طور سندس جاءِ نشين ٻن صدين تائين پنهنجو اقتداري ڪردار برقرار رکيو.
    اٺين صديءَ جي وچ ڌاري بازطيني حڪمرانن روم کي فوجي مدد بند ڪئي ته پاپائي مرڪز فرينچن جي حمايت شروع ڪئي. پيپن Pepin جنهن پاڻ کي پوپ سڏائڻ سان گڏ فرينچن جي بادشاهه هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ سندس پٽ جي ڪاررواين پاپائي اقتدار جا نظرياتي بنياد فراهم ڪيا. اٺين صديءَ جي آخر ۽ نائين صديءَ جي اوائل واري عرصي دوران روم ڪئين زبردست چرچ اڏبا رهيا.
    پوپن ۽ اميرن جي وچ ۾ ڪشمڪش اٽليءَ ۾ ڪيرولنجيئن اقتدار جي زوال جي نتيجي طور چالو ٿي. سن 846ع ۾ مسلمانن طرفان سينٽ پيٽر وارو چرچ کان پوءِ پوپ ليو چوٿئين ويٽيڪن شهر واري ايراضيءَ کي ڪوٽ ڏياريو. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ليو نائين سٽي يعني ليو وارو شهر سڏڻ لڳا. نائين صديءَ جي پوئين اڌ کان وٺي يارهين صديءَ جي وچ تائين واري عرصي ۾ روم ۽ پاپائي اقتدار تي رومي جاگيردار اميرن جو قبضو رهيو، وچ ۾ رکي رکي جرمن شهنشاهن جي دخل اندوازي به ٿيندي رهي.
    نيٺ يارهين صديءَ جي آخر ۾ پاپائي اقتدار جي گرفت مضبوط ٿي وئي. عام طرح پوپ ليو نائين جي اقتدار دوران ڪجهه سماجي سڌارا آندا ويا ۽ ترقياتي ڪم ٿيا. هن پوپ جي مالي مدد واپاري ۽ بينڪر خاندان ڪري رهيا هئا. جن ۾ فرينجيپن Frangipane ۽ پيئرليئن Pierleone جا نالا قابل ذڪر آهن. يارهين صديءَ جي آخر ۾ عيسائي ياترين ۽ ٻين مذهبي پيشوائن توڙي پوئلگن طرفان روم ۾ چرچن ۽ پوپن جو زيارتون شروع ٿي ويون جن هتي اچي ڪافي پيسو خرچ ڪيو ٿي، جيڪو پوپن ۽ سندن حڪومت کي حاصل ٿي رهيو هو ۽ اهو آمدنيءَ جو اهم ذريعو ٿي پيو.
    سن 1143ع ۾ بريشيا واري وڏي پادري آرنالڊ Arnold جي حمايت سان هڪڙي تحريڪ شروع ٿي جنهن جو مقصد هو ته پاپائي حڪومت مان جان ڇڏائجي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي اقتدار ۾ حصو ڏجي ۽ اهم ڪم اڳوڻي فنا ٿيل سينيٽ بحال ڪري انهيءَ وسيلي حڪومت هلائجي. انهيءَ جي نتيجي ۾ روم ۾ نئون عوامي آئين تشڪيل ڏنو ويو. جنهن تي پوپ توڙي بادشاهه سخت حملا ڪيا. پر نيٺ سن 1188ع ۾ ڪميون حڪومت کي پوپ ڪليمينٽ ٽئين Clement-III تسليم ڪيو. اهڙيءَ طرح پاپائي اقتدار ختم ٿيڻ لڳو، ۽ سينيٽ کي اختيار ملندا رهيا. ڪميون ۽ پاپائيت ۾ اختيارن جي ورڇ تي ويڙهه جاري رهي. گريگري نائين جي ڏينهن ۾ چرچ ۽ پادرين جي ملڪيت تي به سينيٽ ٽيڪس لڳائي سندن اقتدار جو اثر ختم ڪيو.
    نيٺ فريڊرڪ بادشاهه جي وفات کان پوءِ پوپ سرڪار مخالف ڪميون بحال ڪيون ۽ وچئين طبقي جي اڀار جي حمايت ڪئي.
    تيرهين صديءَ جي پوئين اڌ دوران روم ۾ فقط چند پوپ رهڻ جي قابل رهيا. سن 1280ع کان 1290ع واري ڏهاڪي دوران پوپ بونيفس Boniface Viii اٺين جي چرچ تي ڪولونا اورسسني ۽ اينيبالڊي گهراڻن ۾ اقتدار جي لڳل جنگ روم کي تباهه ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري پوپ خلاف نفرت ڦهلجي وئي. نتيجي طور سن 1309ع ۾ پوپ ڪليمينٽ پنجين پنهنجي رهائش روم مان وڃي فرانس جي شهر اوگنن Avigonon ۾ اختيار ڪئي ۽ روم کي فرقيوار جهڳڙن ۽ معاشي بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو. تيرهين صديءَ دوران رومي حڪمرانن ۽ پوپن جا مفادات اڪثر ڪري هڪجهڙا رهيا. انهيءَ عرصي دوران روم ۾ ڪا صنعت يا وڏي پيماني واري تجارت ڪانه هئي. انهيءَ وقت شهر جي آمدني جو مکيه ذريعو گرجائن جي زيارتين ۽ پوپن جي مريدن جي اچڻ سبب اتي خرچ ٿيندڙ پيسو ۽ ٻيو حڪمرانن پوپن ۽ اميرن جي ضرورت جون شيون جن ۾ اڪثر عيش جو سامان هوندو هو جي وڪري مان حاصل ٿيندو هو. شهر جي اڪثر محل ماڙين، گرجائن ۽ ٽاورن جي تعمير ۾ مذهبي رنگ موجود هو ۽ شهرين جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻهراڙي واري زرعي اثر موجود هو. شهرين جي اڪثريت سينٽ پيٽر واري چرچ جي چوڌاري آباد هئي ۽ باقي مارٽيئس واري ميدان ۽ ٽراسٽيوئير واري علائقي ۾ رهندڙ هئا. آربليئس بادشاهه جي اڏايل ڪوٽ اندر واري قديم شهر جو وڏو حصو چراگاهن، انگورن جي فارمن، باغن، بنجر زمين ۾ تبديل ٿي چڪو هو. انهيءَ وقت ۾ به اونگنن ۾ ويٺل پوپ جو حڪم روم ۾ جزوي طور هلندڙ هو. خصوصن بينيڊڪٽ ٻارهين جو اثر وڌيڪ هو.
    سن 1347ع ۾ رومي ڌارين اميرن طرفان هڪڙو جزوي انقلاب برپا ٿيو. جنهنجي اڳواڻي ڪولاڊي رينزو ڪئي. هن پاڻ کي روم جو فوجي سالار سڏايو. هن انقلاب جو مقصد هو ته امير طبقي جا قديمي حق بحال ٿين. اهو انقلاب سياسي صورت جي ڀيٽ ۾ ڊرامائي انداز ۾ پنهنجي جهلڪ ڏيکاري ويو. چوڏهين صديءَ ۾ نهايت مهلڪ وبا سبب هزارين ماڻهو مري ويا ۽ شهر ۾ ويهه هزار ماڻهو مس وڃي بچيا. 1377ع ۾ پوپ واپس روم ۾ اچي رهيو، تنهن هوندي به هتي جي حالتن ۾ سڌارو ڪونه آيو، سن 1400ع تاري چوڻ ۾ آيو ته شهر ۾ چند جهوپڙيون رهجي ويون آھن، جتي رڳو چور ۽ جيت جنتراچي گڏ ٿيا آهن، ۽ ان جي پسگردائي ۾ ۽ سينٽ پيٽر واري ڪليسا جي آسپاس رات جو بگهڙن جي لوڌين جو واسو هوندو هو.
    اسان روم جي هن نئين ۽ پراڻي سنگم کي ڏسندا گهمندا ڦرندا، تاريخ جا پراڻا ورق ورائيندا اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين.رسيپشن واري کي هيلو ڪندي، چاٻي وٺندي اچي ڪمري جي پلنگ تي آرامي ٿياسين. اڄ اسان جي روم ۾ آخري رات آهي. مون ڪجهه وقت اخبارون ۽ رسالا اٿلائي ڏٺا. جيئن جيئن هيءَ دنيا پنهنجي ترقي ۽ تيز رفتاريءَ جي ڪري ننڍي ٿيندي وڃي. تيئين سڄي دنيا جي اخبارن جون خبرون بلڪل هڪجهڙيون ٿينديون وڃن. توهان ٽوڪيو ۾ هجو يا ممبئيءَ ۾ آيا آمريڪا، لنڊن ۽ پئرس ۾ پر تقريبن هر هنڌ هڪجهڙيون خبرون هونديون آهن. اخبار پڙهندي فون جي گهنٽي وڳي فون تي ونود هو چيائين انڪل اسان ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ٿا وڃون. رات جو دير سان اينداسين. مون چيو ته، ”بابا روم ۾ ڀلي رلو اهي ئي ته گهمڻ جا ڏينهن آهن.“ پاڻ کلي کڻي فون رکيائين. وري به فون آئي مون کنيو ته، ونود ٻڌايو انڪل توهان جي ماني لاءِ هوٽل وارن کي چئي ڇڏيو آهي. جيڪي ماني مهل توهان کي ڪمري تي ماني پهچائي ويندا. اخبارون پڙهي هوٽل جي گيلريءَ ۾ ٻاهر وڃي ويٺاسين. آئون سمجهان ٿو ته سڄي يورپ ۾ اٽلي واحد ملڪ آهي، جنهن جي هوٽلن ۾ وڏيون ڪشاديون عاليشان بالڪونيون آهن. نه ته سوئيزرلينڊ، لنڊن يا پئرس ۾ ته هوٽلون صفا بند لڳيون پيون آهن. اسان جي هوٽل جنهن علائقي ۾ هئي اهو علائقو ڪمرشل ڪونه هو. تنهن ڪري ٻاهر ٽريفڪ جو گوڙ گهمسان گهٽ هو. ان ڪري ماحول ڏاڍو پرسڪون لڳو پيو هو. آئون ۽ منا ڪافي دير ٻاهر گيلريءَ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. هوءَ پنهنجي هٿ تي ننڍڙا چٽپٽا بادام هڪ هڪ ڪري صاف ڪندي رکندي وئي ۽ مون خبر ناهي ته ڪيترا سارا بادام کاڌا، ڏاڍا مزيدار هئا. اسان پاڻ ۾ پنهنجي ملڪ جون خبرون ڪندا رهياسين.پاڻ ٻڌايائين ته مون اڄ فون تي ٻارن سان ڳالهايو هو. سپي پڇي پئي ته توهان خوش آهيو ۽ توهان ڪڏهن ايندا. هن چيو ته مون سچي ٻڌايو آهي ته اڃان ٻه هفتا کن لڳي ويندا. اسان اڃا ڪچهري ۾ مگن هئاسين جو فون جي گهنٽي وڳي ۽ اسان جي گائيڊ پڇيو ته ”توهان کي ماني ڪيڏي مهل موڪليون.“ مون چيو ته ڀلي هينئر ئي موڪلي ڏيو. ٿوري ئي دير ۾ هوٽل جو بيرو وڏي ٽري ۾ ماني کڻي آيو. اسان اها ماني ٽيبل تي رکي واپس گيلري ۾ اچي ويٺاسين.منا ٽيبل کي سرڪائي پنهنجي ويجهو ڪري رکي ۽ ٽيبل تي پيل پليٽون ۽ گلاس ترتيب سان ٺاهي رکيائين، ۽ پاڻ جوس جي گلاس ۾ تازي ليمي جو رس وجهي سرڪيون ڀري پيئڻ لڳي.اسان ڪجهه دير بلڪل ماٺ ڪري ٻاهر جي ماحول کي ڏسڻ لڳاسين.ٻاهر خاموشي لڳي پئي هئي ۽ پريان نظر ايندڙ وڏن وڻن تي روشنيءَ ۾ سندن گل ٽڙي رهيا هئا. هوا جي لڳندڙ جهوٽن تي اهي گل ڪيڏي مهل لڏي لمي رهيا هئا ته ڪيڏي مهل انهن مان سنهڙيون پنکڙيون هيٺ ڪري ٿي پيون. هتي جا گل ته پنهنجي ملڪ جي گلن جهڙا ٿين پر وڻ پنهنجي ملڪ جي وڻن کان بلڪل مختلف ٿين. جيڪي قد ۾ تمام وڏا ۽ ڏاڍا خوبصورت ٿين. پر سندن ڇانو پنهنجي بڙن، پپرن، آمرين ۽ نمن جي وڻن کان تمام ننڍي ٿئي. اسان غور سان انهن قطارن ۾ بيٺل وڻن کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين ته، منا چيو، هن ڌرتي جي گولي تي چؤطرف نظر ڦيرائجي ٿي ته دنيا ڪيڏي نه خوبصورت ۽ سهڻي آهي. جنهن ۾ هزارين قسمن جا وڻ ٽڻ، لکين قسمن جا گل ڦل پنهنجي ڳاڙهي، پيلي، سائي، هيڊي نيري ۽ اڇي رنگن ۾ ڪيڏا نه خوبصورت ٿا لڳن. جنهن کي ڏسيو انسان جو اندر ٺريو پوي.
    وڻن ۽ برفن سان ڍڪيل وڏا وڏا پهاڙ جن مٿان هيٺ چشما پيا وهن جن جو پاني ڄڻ ته آب حيات آهي جن کي ڏسيو اکيون ٺري پون ٿيون. خوبصورت ڍنڍون ۽ نديون جن جي وهڻ سان موسيقي جهڙا آواز پيدا ٿين ٿا. تن ندين مٿان ڪيئن پکي پيا هر روز سهڻا ٻول ٻولين. انهن پکين جي مٺڙن آوازن ۽ جبل مٿان هيٺ ڪرندڙ پاڻي جي ڇرڇر جي آوازن منجهان ئي راڳ جو تصور ۽ راڳ تخليق ٿيو. جنهن جي مٺڙن سُرن انسان اندر اها شڪتي پيدا ڪئي، جو انسان انهن سرن تان سر ڏيندي به نه ڪيٻايو. دنيا ڪيڏي نه پراسرار ۽ اونهي آهي. پر جي اکيون پوري اندر ۾ جهاتي پائجي ته ڪابه ڳالهه ڳجهي ڪانهي.
    وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي،
    لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
    نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
    ”شاهه لطيف“


    6

    آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ماڻهو پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪيترو نه ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر جي هيترن ماڻهن کي خوش ڪرڻ بجاءِ صرف هڪ رب پاڪ کي راضي رکي ته ڪيڏو نه بهتر آهي.
    رات ڪافي گذري چڪي هئي صبح جو سوير اٿڻو هو. تنهن ڪري ننڊ جي لبڙن کي چمي بيڊ ڀيڙا ٿياسين جت سڄي بيڊ تي منا گلاب جي ڪيترن رنگن جون پنکڙيون پکيڙي ڇڏيون هيون، جن جي سرهاڻ سبب روح کي راحت اچي وئي.
    صبح جو سوير اٿياسين، ڇو ته اسان کي اڄ سڀ سامان پيڪ ڪرڻو آهي ۽ روم ڇڏي پنهنجي ٻي منزل فلورينس ڏانهن وڃڻو آهي. سو تڙ تڪڙ ۾ سڀ سامان پيڪ ڪري پنهنجي بئگن کي ڪمري جي ٻاهران رکي تيار ٿي هيٺ لهڻ کان اڳ نور ۽ ونود جي ڪمري ۾ وياسين ۽ سندن ڪٻٺ ۽ بيڊ پڻ چيڪ ڪياسين. متان ڪا شئي رهجي نه وڃي. اهو دستور سڄي ٽوئر ۾ هو. مون ناشتي ۾ فقط اورينج جوس پيتو. اسان جي بس جو ڊرائيور ۽ گائيڊ هيٺ تيار بيٺا هئا، ۽ اسان کي صرف بس ۾ ويهڻو هو ۽ بس ۾ ويٺاسين ته بس روم شهرن جي گهٽين ۾ هلڻ شروع ڪيو. اڄ اسان کي روم پرايو نه پر پنهنجو محسوس ٿي رهيو هو. جنهن کي اسان ٻن ڏينهن ۾ گهڻو ڪجهه گهميو.
    اسان هڪٻئي کي ٻڌائي رهيا آهيون ته ڪالهه پاڻ هت هئاسين ٽيون ڏيهاڙي هت هئاسين، مطلب ته ڪافي تعداد ۾ گرجائون، محل، جڳهيون ۽ روڊ جن جا هاڻ اسان کي نالا به ياد ٿي ويا آهن. مثال :
    پيازا وينيزيا Paizaa venezia
    ڪيپٽولين هل Capitoline Hill
    ڪيپٽولين وينس Capitoline venus
    فورم
    دنيا جي سمورن تاريخي شهرن ۾ روم جي اهميت ۽ افاديت سڀني شهرن کان وڌيڪ آهي. پوري دنيا جي شهرن جي ڀيٽ ۾ روم شهر ۾ تاريخي، مذهبي توڙي تهذيب جي لحاظ کان تمام گهڻيون جڳهيون قديم مذهبي ماڳ، محل محلات توري سوين ميوزم ڏسڻ ۽ گهمڻ وٽان آهن. هتي اڍائي هزار سالن کان به وڌيڪ جهونا يادگار ۽ نوادرات مختلف عجائب گهرن ۾ نمائش لاءِ رکيل آهن. روم جو شهر ڪنهن وققت به دنيا تي پکڙيل عظيم رومي سلطنت جي گادي وارو شهر هو. انهيءَ نرالي خصوصيت واري جهلڪ شهر ۾ اڄ به نمايان آهي. هي شهر اٽليءَ جي مثالي راڄڌاني ۽ اتر ڏکن وارن جاگرافيائي ڀاڱن جي وچ تي موجود آهي.
    ڪنهن سياح لاءِ شهر جي تاريخي حيثيت وڏي آهي. ڇو ته مختلف تاريخي دورن جا يادگار سڄي شهر ۾ پکڙيل نظر اچن ٿا. مثال طور ڪولوزيئم، ربلي فورم ۽ پيليٽائين هل قديم تاريخي اهڃاڻ آهن، ته ٻئي طرف آڳاٽي مسيح يا دور جا پڻ ڪيترائي يادگار جيئن قديم باسيليڪا وغيره هتي مسيحي عبادتگاهن جي صورت ۾ ڪافي خوبصورت عمارتون موجود آهن. انهيءَ سان گڏ بروڪ Baroque طرز تعمير جا به ڪيترائي چرچ ۽ ڦوهارا اڏيل آهن.جيڪي گهڻو ڪري شهر جي مرڪزي علائقي ۾ موجود آهن. انهن مان اڪثر چرچ، برنني نالي جي ماهر تعميرات جي ڪاوش جو نتيجو آهن. مٿي بيان ڪيل سمورا يادگار شهر جي سمورن يادگارن جو هڪڙو ٿورڙو حصو آهي. ڇو ته انهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون، چرچ، ڦوهارا ۽ شاهي پلازه پڻ تعمير ٿينديون رهيون آهن. انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. اهي سموريون عمارتون هڪٻئي کان چند قدمن تي موجود آهن. هاڻ اسان جي بس جنهن علائقي مان گذري رهي آهي اهو علائقو شهر جو حقيقي طور مرڪزي ڀاڱو سينٽرو اسوريڪو سڏجي ٿو. جيڪو شڪل ۾ ٽڪنڊي جهڙو آهي.
    اوائلي رومي دور حڪومت ۾ اهو علائقو اصل شهر کان ٻاهر هڪڙو هيٺاهون پٽ هو، جتي لشڪر جي ڪيمپ لڳل هوندي هئي ۽ راندين جي ميدان طور ڪم ايندو هو. هتي هڪ مندر به هوندو هو. پوءِ هي علائقو روشني خياليءَ واري دور ۾ شهر جي دل سڏجڻ لڳو. هاڻ به اهو علائقو شهر جو اهو ڀاڱو آهي جتي ڏينهن توڙي رات زندگي جي تمام گهڻي چهل پهل آهي. هن سموري علائقي ۾ گهٽيون سوڙهيون آهن، جيڪي گهڻي تعداد ۾ آهن.
    پر اسان جي بس جو ڊرائيور جيڪو پڻ اٽالين آهي ۽ سندس نالو جان ڪارلو آهي. سو اهڙين سنهڙين گهٽين مان ٿلهي متاري بس ڏاڍي سولائي سان ڪڍي ويندو آهي ٻيو ته هي ٽوئرسٽن جون بسون اهڙيون سهڻيون مضبوط ۽ ماڊرن نموني سان ٺاهين جو ننڍا وڏا گهٽ گهيڙ ڪراس ڪندي هنن کي ذري برابر تڪليف نه ٿئي. اسان هي قدامت ۽ جديديت جي ميلاپ وارو روم شهر ڇڏي هاڻ اٽلي جي موٽروي تي وڃي رهيا آهيون. بس ۾ دستور مطابق ڪي سياح ڪچهري ۾ ته ڪي ميوزڪ ٻڌڻ ۾ ته ڪي فوٽن ڪڍڻ ۾، ته ڪجهه وري اسان وانگر بس ۾ هلندي هلندي نوٽس وٺندي، اخبار يا رسالو پڙهندي نظر اچن ٿا ۽ هرڪو پنهنجي ايندڙ منزل جي انتظار ۾ آهي. اهوئي ساوڪ سان ٽمٽار پهاڙ، گلن سان ڀريل شاهراهون، سهڻن ٽاورن سان سينگاريل چوڪ، سرسبز کيت ۽ ٻنيون اڪاريندي نيٺ اسان جي بس ڊوڙندي ڊوڙندي اچي دنيا جي عظيم ڏاهن جي شهر فلورينس پهتي. دنيا جي عظيم ڏاهن جي پيدائشي شهر هئڻ ڪري اٽلي جا ماڻهو هن شهر جو وڏو احترام ڪن ٿا.انهيءَ احترام جي ڪري شهر جي اندر تمام وڏي حصي ۾ ڪنهن به قسم جي ٽريفڪ نه هلي، سياح، سيلاني ۽ شهر واسي پنڌ ئي پنڌ هي شهر گهمن ڦرن. توهان کي هتي ڪافي هنڌن تي ڪابه سواري ڪانه ملندي، اها آهي اٽلي وارن کي هن شهر لاءِ محبت ۽ مڃتا. هي ڏاها ڪير آهن، جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ هن شهر کي ايڏي عزت ملي آهي، اهي آهن:
    1- ليونارڊو ڍانونچي
    2- گليلو
    3- مائيڪل اينجيلو
    4- ڊانٽي
    جت اهڙا عظيم انسان فلورنس شهر ۾ پيدا ڪيا. ات ميڪاولي جهڙا شخص به هن ڌرتيءَ ئي پيدا ڪيا. ميڪاولي اهومفڪر آهي، جنهن پرنس prince ڪتاب لکيو.
    اسان جي بس هڪ هنڌ بيٺي ۽ اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته، پاڻ پيرين پنڌ هت ڪئين ڪلاڪ گهمنداسين، توهان لنچ به هت ڪندا تنهن کان پوءِ پاڻ پنهنجي رهائش واري هوٽل تي هلنداسين، فلورنس شهر جيڪو ڪنهن وقت آزاد شهري رياست هو ته ڪڏهن تسڪيني Tuscany نالي رياست جو ۽ ڪڏهن وري اٽلي ملڪ جي گادي وارو هنڌ ٿي رهيو. اهو اٽلي واري اپٻيٽ جي تقريبن مرڪز ۾ روم شهر جي اتر اولهه طرف اٽڪل 145 ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. اٽليءَ ٻولي ۾ هن شهر کي فائرينز Firenze ۽ لاطيني ٻوليءَ ۾ فلورينٽيا Florentia سڏيندا آهن. شهر جي چوڌاري موجد ٽسڪن ٽڪرين جي دامن ۾ ڪئين فارم ، انگورن ۽ ٻين ميون جا باغ باغيچا پوکيل آهن. شهر ۾ قديم سينگار جو سامان ۽ ڪيترن قسمن جا پردا وغيره شهر جي هنر ۽ خوبصورتي جو اهڃاڻ آهن.
    آرنونديءَ تي موجود ٽن لانگهن يا پتڻن تي تسلط حاصل ڪرڻ لاءِ هي شھر اڏيو ويو. مگنون Mugnone ۽ آفريڪو Affrico نالن وارا به ننڍڙا واهڙ هن هنڌ واري ندي ارنو Arno river ۾ اچن ٿا. انهن مان آفريڪو واهڙ عام طور تي ماٺيڻي وهڪري وارو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ خطرناڪ ٻوڏ ايندي آهي. جنهن جو مثال ويجهڙ ۾ سن 1966ع واري ٻوڏ آهي جنهن شهر کي گهڻو نقصان رسايو. فلورنس شهر ۾ موجود عظمت جو سبب سندس ماضيءَ ۾ مضمر آهي. شهر جون عمارتون فن تعمير جو سهڻو نمونو آهن ته انهن جي آرائش ۽ سينگار ۾ به فنڪارن پنهنجي فني عظمت جي مهر هڻي ڇڏي آهي.
    شهر جي انهي عظيم دماغن کي هتان جي امير ماڻهن جي سرپرستي حاصل رهي. انهن پنهنجي علم ۽ عقل سان شهر اڏيو. هنن ماڻهن جي خواهشن ۾ مذهبي لاڙو به هو، ته وري عمارت سازي ۽ سينگارجي فن ۽ ٻين علمن ۾ پڻ دلچسپي هئي. تنهن سان گڏوگڏ دولت توڙي طاقت سان پڻ لڳاءُ هو.
    اها ڳالهه اڃا تائين عالمن لاءِ اتساهه جو باعث آهي ته وياج خورن ۽ ڪورين واري هن ننڍڙي شهر، سموري يورپ تي عجيب اثرات مرتب ڪيا. فلورنس شهر جي رهواسين جي ٻولي پوري اٽلي جي زبان ٿي وئي ۽ شهر جو اصل سڪو فلورن Florin دنيا جو معياري سڪو ٿي ويو. فلورنس وارن علم توڙي فن ۾ پنهنجي نرالائي قائم ڪئي. هتان جي فلورنٽائين اديبن، پينٽرن، معمارن ۽ ٻين ڪاريگرن روشن خيالي واري دور ۾ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ محنت سبب سموري دنيا ۾ پنهنجي هستي مڃائي.، فلورنس جي جڳ مشهور سامونڊي سياح ۽ مهم جو شخص اميريگو ويسپيوڪي ٻن کنڊن کي پنهنجو نالو ڏياريو.
    فلورنس شهر اصل ۾ رومي لشڪر جي رهائش لاءِ ڪالونيءَ جي صورت ۾ اٽڪل پهرين صدي ق-م ڌاري ٽڪري جي اڏيل شهر فيسيولاءِ Faesuale جي دامن ۾، چورس ۾ شهر پناهه جي صورت ۾ اڏيو ويو. جنهن کي فلورينٽيا چوڻ لڳا. شهر جون گهٽيون چورس بلاڪن جي وچ ۾ ٺهيل هيون جن جي ملڻ واري هنڌ چوڪ ٺهيل هئا. شهر جي وچ ۾ هڪ فورم ۽ هڪ مندر اڏيل هو. ٽئين صدي عيسوي ۾ فلورنس شهر رومي سلطنت جي هڪڙي صوبائي راڄڌاني هو ته اٽليءَ واري سموري اپٻيٽ جي رياستن ۽ شهرن جومکيه گذرگاهه يا لنگهه پڻ هو ته ان سان گڏ فلورنس مستحڪم تجارتي مرڪز به هو. گوٿن، باذنطينين ۽ لومبارڊن جي بيٺڪي عرصي دوران ديولن ۽ گرجائن قديم ثقافتي عناصر کي سنڀاليو هو، مرڪيرولنجئين حڪومت کان وٺي يعني اٺين عيسوي صديءَ جي پڇاڙي کان وٺي شهر سڌرڻ لڳو. جنهن ۾ تعمير نو شروع ٿي. يارهين صديءَ جي آخر ۾ شهر تي ٽسڪيني وارن جرمن اميرن جي حڪومت ۽ مهاپادرين جي اثر وڌڻ سان شهر کي مقدس رومي سلطنت کان وڌيڪ خودمختياري حاصل ٿي. انهيءَ دور ۾ رومي عمارت سازيءَ ۾ فلورنس فن تعمير جو اثر نمايان ٿيڻ لڳو. سي 1197ع ۾ ٽسڪين ليگ فلورنس واري ڪميون کي جاگيردارن جي خرچ سان حاصل ٿيل هئي، تڏهن شهر کي نئين ڪوٽ سان معروضي طور وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو.
    تيرهين ۽ چوڏهين صدين دوران فلورنس شهر وڳوڙن ۽ جنگين جي نذر رهيو. جنهن دوران گئليف (Ghubellines) نالن وارا گروهه هڪٻئي سان وڙهندا ۽ شهر تي واري واري سان حڪومت ڪندا رهيا. رومي پوپن ۽ پرڏيهي طاقتن سان اتحاد، اٽليءَ جي ٻين شهرن سان لڙائين، سازش، قتل عام ۽ ڪڏهن ڪڏهن عوامي حمايت سان عارضي اقتدار لاءِ واري واري سان مختلف مخالف پارٽين جي ڪاميابين سبب اقتدار جي منتقلي، شهري ۽ علائقائي حڪومت، اميرن ۽ ٻين مکيه گروهن ۾ طاقت جي توازن پيدا ڪرڻ ۾ تمام گهڻا مونجهارا پيدا ٿيا. پر باوجود جنگي آکاڙي هجڻ جي به فلورنس شهر اٽلي جي ٻين سمورن شهرن تي پنهنجي فلورنس شهر جو سڪو فلورن پهريون ڀيرو تيرهين صديءَ ۾ جاري ڪيو ويو ۽ ترت ئي فلورنس جا بينڪر پوري يورپ ۾ طاقتور ترين ٿي ويا. هتي چرچ ۽ ديول نئين گوٿڪ طرز، تعمير موجب اڏجڻ لڳا. هتي جي مورخن ۽ شاعرن جهڙوڪ ڊانٽي، پيٽراڪ ۽ بوڪاشير وغيره ٻين ٻولين تي پنهنجو ٽسڪين لهجو (Tuscan Dialect) مقدم رکيو، سميابيو (Cimabue) ۽ گيوٽو (Giotto) جهڙن مصورن، روشن خياليءَ واري دور جي فنون لطيفه جي دائري ۾ ويزوئل، آرٽ پڻ شامل ڪيو. انهن کانپوءِ فن تعمير ۾ برونيلسڪي ۽ البرٽي ۽ سنگتراشيءَ ۾ ڊوناليٽو ۽ گهرٽي وغيره پنهنجو نالو روشن ڪيو.
    ميڊيسي گهراڻو فلورنس شهر جي نهايت طاقتور بينڪاري پس منظر جو حامل هو، گيوواني ڊي بيس (Givvnni Di Bicci) کانپوءِ سن 1421ع ۾ ڊي ميڊيسي فلورنس جو چيف آربٽر (Chief Arbiter) چونڊيو ويو. تيرهن سالن کان پوءِ سندس پٽ ڪوسيمو (Cosimo) پنهنجي جلاوطني ختم ڪري آيو ڇو ته کيس عوام جي حمايت حاصل ٿي. فلورنس ٽسڪيني ۽ هن ميڊيسي خاندان جو پاڻ ۾ پورين ٽن صدين تائين گهرو واسطو رهيو.
    ميڊيسي خاندان هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي تائين فلورنس شهر تي راڄ ڪيو. جنهن دوران هن خاندان پنهنجا سمورا اقتصادي وسيلا واضح فراخدليءَ سان پنهنجي سفارتڪاريءَ لاءِ ڪتب آندا. ته جيئن شهر ترقي ڪري ۽ منجهس فنڪارانه صلاحيتون نمايان نظر اچن. انهيءَ روشن خياليءَ واري دور ۾ ٿيل ترقيءَ جا اثرات اڃا تائين موجود آهن. هن خاندان جي حڪمراني ڪوسيمو جي پوٽي لورينيزو (Lorenzo) جي دور حڪومت ۾ عروج کي رسي جيڪو سن 1449ع کان 1492ع تائين حڪمران رهيو.
    البت سن 1494ع ۾ مذهبي انتهاپسند اڳواڻ نالي گيرو لامو ساوو نارولا (Girolamo Savonarola) هتي مذهبي حڪومت قائم ڪئي، جنهن سبب ميڊيسي گهراڻي جي راڄ ۾ رخنو ٿيو. پر سن 1498ع ۾ گيرولامو کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هي خاندان وري اقتدار ۾ آيو. سن 1527ع ۾ ريپبلڪ يعني فلورنس ۾ جهموري حڪومت جي قيام جو اعلان ٿيو. ڪوسيمو اول سن 1519ع کان 1574ع تائين حڪومت ڪئي. هن سن 1569ع ۾ شاهي ڊيوڪ واري حڪومت قائم ڪئي. سفارتڪاري ۽ شادين وسيلي پوري يورپ جي حڪومتن سان اتحادي ناتا پيدا ڪيا ويا ۽ وڏي عرصي تائين امن امان قائم رهيو.
    سن 1737ع ۾ هن خاندان جي حڪومت ختم ٿي ته فلورنس جي گرانڊ وارو شاهي خطاب آسٽريا جي راڻي ماريا ٿريسا (Maria Theresa) جي مڙس ڊيوڪ آف لورين (Duke of Lorraine) کي حاصل ٿيو.
    فلورنس شهر تورين جي گرانڊ ڊيوڪن واري دور حڪومت يعني ارڙهين صديءَ دوران حڪومت اقتصاديات بابت وڌيڪ جديد تبديليون ڏٺيون ۽ رياست ۽ مذهبي ادارن جي لاڳاپن ۾ جدت پيدا ٿي. پر اوڻويهين صديءَ ۾ نيپوولين طرفان مسلط ڪيل جنگين شهر کي سياسي توڙي اقتصادي طور تي نهايت گهڻو نقصان رسايو.
    پر پوءِ جڏهن صنعت ۽ حرفت جي ترقي ٿيڻ جا آثار نظر آيا ته ان سان شهر کي عالمي حيثيت حاصل ٿيڻ لڳي ۽ ساڳئي وقت هي شهر فنڪارن، عالمن، اديبن توڙي جلاوطن انقلابين جي پناهه گاهه ٿي پيو. فلورنس شهر سن 1865ع کان 1871ع تائين ملڪ جي عبوري راڄڌاني ٿي رهيو،. هنن ڪجهه پوءِ وارن ورهين دوران فلورنس شهر جي ماضيءَ وارن يادگارن کي تمام گهڻو نقصان رسيو. ڪيترين ئي عاليشان عمارتن جي بناوت ۾ تبديلي آڻي سندن اصلوڪو حسن ۽ جمال ميساريو ويو. وچئين دور ۾ اڏيل ڪوٽ مسمار ڪيو ويو ۽ اصل شهري مرڪز اجڙي ويو.
    ويهين صديءَ ۾ جڏهن سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سنجيده ڪوشش جو آغاز ٿيو، انهيءَ وقت شهر جي آبادي توڙي سرحدون ڳڻتي جوڳيءَ حد تائين وڌي چڪيون هيون. تنهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي پيچيده مسئلا حائل هئا. انيڪ محرومين کانسواءِ شهر قدرتي آفتن جهڙوڪ آرنونديءَ جي ٻوڏن جي پڻ نشاني تي رهيو، شهر ۾ هن نديءَ تي اڏيل سموريون پليون ٻارهين صديءَ وارين ٻوڏن دوران ڊهي ويون هيون. سن 1333ع ۾ ائين ٿيو. سن 1557ع واري ٻوڏ دوران وڏي پل بچي وئي. باقي ٻيون سموريون تباهه ٿي ويون. سن 1944ع دوران جرمن فوجن وڏي پل کانسواءِ باقي ٻيون پليون ڀڃي ڇڏيون. ان کانسواءِ وڏي پل جا ٻئي پاسا ڀڃي ڇڏيائون جن جي بعد ۾ مرمت ڪرائي وئي. سن 1966ع واري ٻوڏ شهر کي سڀ کان وڌيڪ نقصان رسايو، سڄو شهر پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. گهٽيون توڙي گهر پاڻي، گپ ۽ گند ڪچري سان سٿجي ويا. جنهن ڪري شهر جو قديم ثقافتي خزانو جيڪو يادگار شاهڪارن جي صورت ۾ موجود هو، تباهه ۽ برباد ٿي ويو. ڪن ڪن هنڌن ۽ عمارتن ۾ پاڻي ويهن فوٽن کان به وڌيڪ اوچائي تي پهچي ويو. جنهن سبب ڪئين نادر تصويرون، پينٽنگس، مورتيون ۽ ڪتبخانن ۾ رکيل لکين ناياب ۽ انمول ڪتاب سڙي برباد ٿي ويا.
    پاڻي ۽ گپ سبب نوادرات جي نقصان جي ازالي لاءِ عالمي ڪاريگرن جو هڪڙو جٿو پهتو جنهن عالمي امداد سان ڪم شروع ڪيو ۽ وڏي پئماني تي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي. اهو تعمير نو جو ڪم ڏهاڪو سالن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو.
    اٽليءَ ملڪ جي راڄڌانيءَ واري حيثيت فلورنس شهر کي راس نه آئي. شهر لاءِ اختيار ڪيل انهن بچاءُ وارين تدبيرن فلورنس جي عملدارن جي صدين تي مشتمل تجربي کي دنيا آڏو پڌرو ڪيو. جنهن موجب جيڪي ميوزم، محل، محلاتون ۽ ڪانوينٽ وغيره دفترن، اسڪولن، فوجي بيرڪن ۽ اسپتالن ۾ تبديل ڪيا ويا هئا. انهن کي اصلي حالت ۽ صورت ۾ آڻڻ لاءِ پئسو ئي ڪونه هو. ٻيو ته ٺهيو پر انهن عمارتن جي عمومي سار سنڀال لاءِ گهربل ڏوڪڙ به ڪونه هئا. لائبررين ۽ قومي دستاويزن وارن ادارن ۾ ڪارڪن ۽ گهربل سامان نه هئڻ سبب لکن جي تعداد ۾ ڪتاب ۽ ناياب اهم قومي دستاويز پٽ تي پئي سڙيا.
    چند سائنسي ۽ ثقافتي ماهرن پنهنجون بي لوث خدمتون پيش ڪيون. انهن نالي ماتر معاوضي سان، ڇنڊڇاڻ، تحقيق، صفائي ۽ سنڀال جو تمام گهڻو ڪم ڪيو.
    آئينده متوقع ٻوڏن کان شهر جي بچاءُ خاطر خاص اپاءُ ڪونه ورتا ويا آهن. البت درياءَ جي ڪپرن تي بچاءُ واريون ديوارون نئين سر ۽ ڪجهه اوچيون ڪري اڏيون ويون آهن. شهري انتظاميه پراميد آهي ته شهر کي الڳ صوبائي حيثيت حاصل ٿيڻ سان پنهنجي ترقي لاءِ صحيح منصوبه بندي ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي ۽ هي شهر وري اوج ماڻيندو.
    فلورنس شهر هن وقت 39.54 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. ۽ اهو فائرينز (Firenze) صوبي جي راڄڌاني آهي. شهر جي آبادي اٽڪل ٻه لک کن ٿيندي. هڪ سال ۾ اٽڪل ستر لک سياح هتي ايندا آهن، جيڪي شهر جي 350 وڏين هوٽلن کان سواءِ سوين ٻين يوٿ هاسٽلن ۽ مذهبي مهمان سرائن ۽ مسافرخانن ۾ رهندا آهن.
    نديءَ جي ڪناري تي آباد هي شهر محلق ٽڪرين وٽان پنهنجي قديم وقت واري عظمت جو نظارو پيش ڪري ٿو. شهر جو سڀ کان وڌيڪ اوچو ٽاور تيرهون صديءَ عيسوي جي آخر ۾ عوامي حڪومت جي قيام واري يادگار طور تعمير ٿيو. انهيءَ کانسواءِ ڪيٿڊرل وارو منارو پڻ ڪافي اوچو آهي. اهو پندرهينءَ صديءَ جي تعمير آهي. شهر جو اندريون ڀاڱو رومي طرز تعمير تي مشتمل آهي. شهر جو قديم تجارتي ۽ سماجي مرڪز اڃا تائين ساڳي حيثيت جو مالڪ آهي. البت هن وقت انهيءَ کي پيازا ڊيلاريپبليڪا سڏجي ٿو. هتان کان نڪرندر سمورن رستن تي فٽ پاٿ ٺهيل آهن، جيڪي ماضيءَ جا يادگار آهن.
    فلورنس شهر جا هزارين شهري آسپاس ۾ موجود صنعتي علائقن ۾ ڪم ڪندا آهن. مگر شهر جي آبادي جي گذر جا مکيه وسيلا شھر ۾ موجود هنرن ۽ ڌنڌن تي مشتمل آهن. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني سياحت مان حاصل ٿئي ٿي. تنهن کان سواءِ هٿ جون ٺهيل شيون جن ۾ شيشي جو سامان، چيني، ڪاشي، چمڙي جو سامان قيمتي ڌاتن جهڙوڪ سون، چاندي، پلاٽينم وغيره جا زيورات، فيشني بوٽ ۽ فينسي ڪپڙا وغيره شهري آباديءَ کي روزگار مهيا ڪن ٿا.
    شهر ۾ واپار ۽ وندر جي سلسلي ۾ ڪئين ميلا توڙي موسيقيءَ جا پروگرام ۽ ناٽڪ سدائين چالو آهن.
    فلورنس وارن جي ذاتي اقتدار کي ختم ٿيندي گهڻو عرصو گذري چڪو آهي، پر هتي جي ماڻهن جو روايتي تلوار بازي ۽ گهوڙي سواري واري مخصوص لباس سان اڃا تائين نفسياتي طور لڳاءُ آهي. هيءَ ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ گهمندي ڦرندي انهيءَ مردانگيءَ جو اظهار ڪافي جوش ۽ جذبي سان ڪندا آهن.
    اسانجي گائيڊ اسانکي هڪ استاد وانگر پورا ٽي ڪلاڪ هي قديم شهر گهمايو ۽ اسانکي ڪيتري ساري معلومات ٻڌائي. واقعي ٽوئر ۾ جيڪڏهن سٺو گائيڊ آهي ته ماڻهو گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح سان گڏ گهڻو ڪجهه پرائي ۽ هڙ حاصل ڪري ٿو. اسانجي گائيڊ ٽُوڊ ٻڌايو ته مون تاريخ سان گڏ ٻن ٻين سبجيڪٽن ۾ به ماسٽرس ڪئي آهي. پاڻ آمريڪن هو، پر هن ڪاسموس ڪمپنيءَ ۾ جيڪا سوئيزرلينڊ جي ملڪيت آهي. تنهن ۾ ملازمت اختيار ڪئي اٿس. اسان هن سان گڏ:
    1- بيلجيم
    2- لگزمبرگ
    3- سوئيزرلينڊ
    4- اٽلي
    5- فرانس
    جا ملڪ گهمي چڪا هئاسين، پر روم ۽ اٽليءَ جي باري ۾ جيڪا معلومات هن کي هئي، ان مان اسان گهڻو ڪجهه پرايو. روم شهر جي ته هن کي هڪ هڪ سر جي تاريخ برزبان ياد هئي.ڄڻ ته هن اٽليءَ تي ماسٽرس ڪئي هئي.


    7

    اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته پاڻ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ واپس هن جاءِ تي گڏياسين، جتان کانپوءِ پاڻ پنهنجي رهائش جي هوٽل هلنداسين. اسان هت هڪ مقامي هوٽل ۾ لنچ ڪئي، جنهن کانپوءِ به پنهنجي ليکي دنيا جي هن عظيم شهر جو چڪر لڳايو ۽ ڪجهه مقامي هنرڪاريءَ جون ننڍيون وڏيون شيون خريد ڪيون، جنهن کانپوءِ اسان هڪ وڏي ميدان ۾ بينچن تي ويهي رهياسين. هن ميدان جي چوطرف هيٺ دڪان ۽ مٿي فليٽ آهن، جن جي وچ ۾ هي وڏو ميدان آهي، جنهن ۾ چوطرف ڪنڊن ۾ سيمنٽ جون بينچون ٺهيل آهن، جن جي وچ ۾ تمام پراڻا هيٺ مٿي سيمنٽ جا يا ڪنهن مصالحي سان ٺهيل پيلر آهن، جن جي مٿان قديم دور جا ٽي شمعدان آهن. وچون شمعدان پاسي وارن شمعدانن کان وڏو آهي، جن ۾ اندر بلب لڳل آهن، هنن جي پويان چئوطرف فٽ پاٿ آهن، جن تي ماڻهو پيا هلن. هت گند ڪچري لاءِ خوبصورت وڏا دٻا رکيل آهن، مون پهرئين به عرض ڪيو ته فلورنس شهر جي سڄي پراڻي تاريخي اهميت واري حصي ۾ ڪنهن به قسم جي ٽريفڪ نه هلي، تنهن ڪري سڪون لڳو پيو آهي، پر ماڻهن جي رش ڪافي تعداد ۾ آهي. اسان جنهن بينچ تي ويٺا آهيون، انهيءَ جي پٺ ڪانهي، پر بينچ ڪافي وڏي آهي، شايد انهيءَ لاءِ ته ڪو سياح ليٽي ڪجهه وقت آرام ڪري، ته ائين به ڪري سگهي ٿو. پر مون ڪنهن به بينچ تي ڪوبه ليٽيل ماڻهو ڪونه ڏٺو.
    منا چيو ته، ڏس سامهون فليٽ نما جڳهه تي ڪيئن نه سهڻي نموني سان سموري جڳهه جي مهاڙيءَ تي سائي ۽ نازنگي رنگ جي ول چاڙهي وئي آهي ۽ وري خوبصورتيءَ سان ڪٽڻ ڪري وڌيڪ پرڪشش لڳي رهي آهي ۽ ول کي ڪيترو نه هيٺان کان مٿي چاڙهي ويا آهن. اسانجي بس جي ٽوئر وارا سياح آهستي اهستي واپس اچي رهيا آهن، جيڪي پري پري بينچن تي ويھندا پيا وڃن. اسانجي ڀرسان ٻه هانگ ڪانگ جون ڇوڪريون اچي ويٺيون جن هٿ لوڏي اسانکي هيلو هيلو ڪيو.منا چيو ته هٿ اهڙي تيز نموني سان ٿيون لوڏين متان سندن آڱريون نه ڪري پون، انهيءَ جملي تي سڀ کلياسين.
    پري کان اسانجو گائيڊ پنهنجو نظر جو چشمو ٺيڪ ڪندي اسان ڏانهن اچي رهيو آهي. سندس ڪڇ ۾ ننڍو ٿيلهو لٽڪي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه پيسا ۽ ڪاغذ هر وقت وٽس حاضر هوندا آهن، اسان سڀني کي هٿ جو اشارو ڏنائين ته اسان سڀ سندس پٺيان روانا ٿي وياسين. پندرهن منٽن جي پنڌ کانپوءِ هڪ پهاڙيءَ تي اسانجي بس بيٺي هئي. جنهن جي چئوطرف تمام وڏي قسم جون ڀوري رنگ جون ڪونڊيون رکيل هيون، جنهنجي وچ ۾ هڪ سفيد رنگ جي ڌار هئي. ڪونڊين ۾ خوبصورت سفيد رنگن جا گل هئا.
    اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته اهو هميشه جو دستور آهي ته سڀ سياح هن جڳهه تي گروپ فوٽو ڪڍرائيندا آهن، جيڪو پوءِ سال به سال اسان پنهنجي رسالن ۾ شايع ڪرائيندا آهيون، جيڪو سڄي دنيا ۾ اسانجي آفيس مان مفت ۾ ملي پر هينئر توهان کي انهيءَ فوٽو جي لاءِ ڪجهه پيسا به ڏيڻا پوندا، پر فوٽو ڪڍرايو نه سا توهانجي مرضي. ٽئر وارن سڀني گروپ فوٽو ڪڍرايو، تنهن کانپوءِ اسان بس ۾ چڙهي پنهنجي رهائش جي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪا شهر کان ٻاهر هئي. هوٽل جو نالو پونٽاسبيوو (Pontassieve) آهي، اسانکي هوٽل جي چاٻي پهريون ڀيرو اسان جي گائيڊ هٿ ۾ ڏني.تنهن کانپوءِ هوٽل رسيپشن واري کان چاٻي وٺندا يا ڏيندا هئاسين، ڪمري تي پهچي فريش ٿي ٻاهر هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين. هت فلورنس ۾ ڏينهن جو تمام گهڻي گرمي هئي. جنهن بدن کي پئي ساڙيو پر هينئر ڪجهه ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. اسان به ڪجهه وقت ان تي پوءِ هڪ شمعدان هيٺان پيل بينچ تي ويهي رهياسين. پارڪ جي چوطرف ڳاڙها گل جيڪي سهڻي نموني سان ڪٽيل هئا، وچ ۾ ساون گلن سان اٽليءَ جو نقشو ٺهيل هو. انهيءَ وچ ۾ چار پنج خوبصورت ڦوهارا هلي رهيا هئا. جيڪي روشنين ۾ ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا هئا. چئني ڪنڊن تي ٻاهران ڦٽ کن ڊگهيون ۽ تمام ويڪريون ڪونڊيون رکيل هيون، جن ۾ وڏا سهڻا گل ڏاڍي سهڻي نموني سان سجايل هئا ۽ انهن ڪونڊين تي وري هٿ سان سهڻا گل اڪريل هئا، جيڪي سونهري رنگ جا هئا، مطلب ته ڏاڍو سهڻو پارڪ هو. جنهن ۾ ڪافي دير گهمي ڦري اچي پنهنجي ڪمري ڀيڙا ٿياسين.
    اسان کي صبح جو ناشتو ۽ رات جي ماني ٽُوئر ڪمپنيءَ وارن کان ملندي هئي. صبح جو ناشتو ته اسان سڀ گڏجي ڊائيننگ هال ۾ ڪندا هئاسين پر رات جي ماني آئون ۽ منا ڪمري تي گهرائيندا هئاسين، يا نور ۽ ونود کڻي ايندا هئا. يا ڪڏهن ڪڏهن اسان ماني ٻاهر وڃي هوٽل تي کائيندا هئاسين. پر جي روم باءِ نائيٽ يا پئرس باءِ نائيٽ ٽوئر وارن جو پروگرام هوندو هو ته پوءِ اسان به انهيءَ ٽوئر ۾ هوندا هئاسين ۽ انهن سان گڏ ئي ٻاهر رات جي ماني کائيندا هئاسون پر جيئن ته اڄ رات جو ٻاهر گهمڻ جو ڪوبه پروگرام ڪونه هو، تنهن ڪري اسان هوٽل تي ئي پنهنجي رات جي ماني گهرائي، جيڪا کائي ڪجهه وقت ٽي وي ڏسي، اخبار پڙهي سمهي رهياسين، صبح جو سوير تيار ٿي ناشتو ڪري بس ذريعي اسان پهرين جڳ مشهور پيزا ٽاور ڏانهن روانا ٿياسين.
    فلورنس جي تاريخي اهميت جي هن حسين شهر سهڻين شاندارعمارت جو آخري ديدار ڪري رهيا آهيون. مون فلورنس گهمڻ کان پوءِ اهو رايو قائم ڪيو آهي ته فلورنس شهر ماڻهوءَ کي ترت متاثر نٿو ڪري پر اوڻيهين صديءَ جي شروعات کان وٺي هي شهر پنهنجي سونهن سوڀيا جي ڪري هڪ سهڻي مندر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، فلورنس ۾ نئين تعميرات کان وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندر پراڻي تعميرات آهي، جنهن جا محل محلاتون ۽ مندر ڏسڻ وٽان آهن. وري انهن تي سنگمرمر جو ڪم ته هڪ بيمثال ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي. فلورنس شهر پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍا نشيب ۽ فراز ڏٺا آهن، جنهن ۾ آسٽريليا، فرانس اٽلي جي حاڪميت شامل آهي. فلورنس شهر زياده ۾ زياده شان شوڪت ميڊيسي گهراڻي جي وقت ۾ حاصل ڪيو، جيڪو دور سڄا سارا ٽي سئو سال رهيو ۽ فلورنس انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ تمام وڏي حيثيت ماڻي جيڪا اڄ تائين قائم آهي.
    اسين انهيءَ ايام جا محل محلاتون ڏسندي ڏسندي دنيا جي هن تاريخي شهر کي سلام ڪندي اٽليءَ جي حسين موٽر وي تي هلندي دنيا جي اٺين عجوبي پيزا ٽاور ڏانهن وڃي رهيا آهيون. چئوطرف وڻن ۽ گلن جي مهڪ نظر اچي رهي آهي ۽ اسان انهن گلن ۽ وڻن جي سڳنڌ ۾ پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. صبح هئڻ ڪري رش ڪي قدر گهٽ آهي. اسانجو گائيڊ اسانکي مختصر نموني سان پيزا ٽاور جي باري ۾ ۽ اڄ جي سڄي پروگرام جي باري ۾ سمجهائي رهيو آهي ته پاڻ ٻه ٽي ڪلاڪ پيزا ٽاور جو ديدار ڪنداسين، تنهن کانپوءِ هڪ ڳوٺڙي ايز (Eze) ۾ پرفيوم فيڪٽري ڏسنداسين ۽ لنچ به اتي ئي ڪنداسين، تنهن کانپوءِ فرانس جي حسين ترين شهر نيس (Nice) پهچنداسين، تنهن کانپوءِ ٻيا ڪافي پروگرام آهن، اسان اٽلي جي موٽر وي تي هلندي هلندي اچي پنهنجي منزل پيزا پهتاسين. پيزا ٽاور بنيادي طرح سان هت قائم تمام پراڻي گرجا جي گهنڊ وڄائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو ته جيئن هن وڏي ٺهيل ٽاور جي مٿان گهنڊ لڳائجي.جيڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي پر پيزا ٽاور جي اوچائي انفراديت ۽ سونهن سوڀيا ايڏي ته سرس ٿي جو ماڻهن کان گرجا وسري وئي ۽ ڏسندي ڏسندي هي پيزا ٽاور سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي. اسان جي بس ٽاور ۽ گرجا کان ڪافي پري بيٺي ۽ اسان هڪ هڪ ٿي بس مان لٿاسين. اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته توهان ٻه ٽي ڪلاڪ هت گهمو ڦرو. پوءِ هتان ئي آئون توهان کي وٺڻ ايندس. جنهن کانپوءِ پاڻ اڳتي هلنداسين اسان پيزا ٽاور گهمڻ کان اڳ هر هڪ شيءَ جو جائزو ورتو. ٽاور ۽ گرجا ڀرسان هڪ تمام وڏي بازار هئي جت ڪئين دڪان ۽ هوٽلون هيون. انهن دڪانن تي ٽاور جي شڪل جهڙا ڪئين ننڍڙا ٽاور رکيل هئا، جيڪي سياحن گهڻي تعداد ۾ ٿي ورتا. انهن کانسواءِ شرٽن تي به پيزا ٽاور جا ڪيترن ئي قسمن جا فوٽا پرنٽ ٿيل هئا. باقي شوپيس جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونه هو جيڪي سون جي تعداد ۾ مختلف قسمن رنگن جا ٺهيل هئا.
    مون گهڻو ڪري هر سياح جي هٿ ۾ ڪانه ڪا شيءَ خريد ڪيل ڏٺي. پهريائين جڏهن اسان هت بس مان لٿاسين ته صرف ٻه چار بسون بيٺل هيون. پر هاڻ سياح ۽ سيلانين جي بسن جي اچڻ جي اصل لائين لڳي وئي آهي. ڏسندي ڏسندي سڄو علائقو سياحن سان ڀرجي ويو. اسان پيزا ٽاور کي ڏسڻ کان اڳ پهرئين ڪافي تعداد ۾ فوٽا ڪڍيا. نور مووي ڀري ونود به فوٽا ڪڍيا ۽ ڀرسان ئي هڪ ريسٽورانٽ تان گرما گرم ڪافي به پيتي. جنهن کان پوءِ هن عظيم ڪيٿڊرل ۽ تاريخي ٽاور کي ڏسڻ لاءِ اسان ان طرف وياسين.
    پيزا شهر وارو جهڪيل ٽاور ڪنهن جي به نظر کان اوجهل ٿي نٿو سگهي. هي وچئين دور ۾ تعمير ٿيل شاهي گهنڊ وارو ٽاور دنيا جو عجوبن مان هڪ آهي. جنهن جي بناوت پڻ حيران ڪندڙ آهي. هي ٽاور هتي جي جڳ مشهور عمارتن ڊومو ۽ بيپٽسٽري جي ڀر واري سبز ميدان تي اڏيل آهي. انهيءَ سبز ميدان کي ڪيميو ڊي مائريڪولي (Compo Dei Miracloi) يعني ڪرشمن وارو ميدان سڏيندا آهن. هن علائقي ۾ اڪثر عمارتون پيزا شهر جي عروج واري دور جنهن کي مقامي طور سنهري دور سڏيندا آهن، ۾ تعمير ٿيل آهن. پيزا جي تاريخ موجب اهو دور ٻارهين ۽ تيرهين عيسوي صدين تي مشتمل هو. انهيءَ دور ۾ پيزا شهر هڪ بندر جي حيثيت ۾ رومي سمنڊ جي وڏين طاقتن مان هڪڙو هو.
    مذڪوره جهڪيل ٽاور سان هي ناگهاني حادثو، سن 1173ع ۾ پيش آيو، ٿيو هيئن ته ٽاور جي منصوبي موجب ڪل اٺن طبقن يا ماڙن مان جڏهن شروعاتي ٽي ماڙ اڏجي تيار ٿيا ته ٽاور جو ڪجهه حصو زمين اندر ويهي رهيو ۽ اهو هڪ طرف جهڪي پيو. تنهن کان پوءِ لڳاتار 180سالن تائين انهيءَ جي جهڪاءُ کي درست ڪري ان کي سڌو ڪرڻ لاءِ دنيا ڀر جي ڪئين ڪاريگرن کي گهرايو ويو. نيٺ سن 1350ع ڌاري هڪ ماهر تعميرات، نالي ٽوماسو ڊي اينڊيا ڊا پونٽينڊيرا (Tomasso di Andrea da pontedra) هي ڏکيو ڪم ڪرڻ قبول ڪيو ۽ ٽاور جوڙي راس ڪيائين. گذريل اٺن صدين کان وٺي اڄ تائين اهو پنهنجو جهڪاءُ برقرار رکيو اچي. جنهن سبب ماڻهو سدائين ائين سمجهن ٿا ته ٽاور هاڻي ڪرڻ وارو آهي. ڇو ته منجهس پنجن ميٽرن جو جهڪاءُ موجود آهي. ۽ انهيءَ ۾ واڌ ٿيندي رهي ٿي. جنهن سبب گذريل ٻن سالن کان انهيءَ ۾ ماڻهن جي داخلا ۽ سير ڪرڻ جي بندش آهي ۽ اهو بند ڪيو ويو آهي. هتي جي ڪليسا جي عظيم عمارت ڊومو (Duomo) ٽاور کان هڪ صدي اڳي تعمير ٿي هئي. هن گرجا گهر جي ٽڪنڊي مهاڙي ۾ اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر جو دلڪش تناسب ۽ مهرابي پلرن جون قطارون رومي طرز تعمير جو سهڻو نمونو پيش ڪن ٿيون. عمارت اندر اڇي ۽ ڪاري سنگمرمر جو ڪم ۽ اندرين پلرن جون مهرابي قطارون وري مشرقي طرز تعمير جي جهلڪ ڏيکارين شيون. گرجا گهر ۾ چٽسالي ۽ سونهن ۽ سينگار جو گهڻو ڪم روشن خياليءَ واري دور ۽ ان کان پوءِ جو ٿيل آهي. فقط هڪڙو اسم داڻيدار چٽام (Mosaic) جنهن ۾ ڪرائيسٽ ان ميجيسٽي (Christ in Magesty) رنايسينس پيرڊ کان اڳ جو جڙيل آهي. اهو چرچ جي اوڀر طرف واري مهراب ۾ اهي. اهو سيمابيو (Cimabue) نالي فنڪار جو ٺهيل آهي. ڇو ته اهو پنهنجي دور جي عظيم ترين معمار جو ٺهيل آهي، جنهن جو نالو گيرواني پسانو (Giovanni Pisano) هو. انهيءَ معمار بابت اسٽيج تي هڪ نوٽ لکيل آهي ته گيووانيءَ کي سنگتراشيءَ جي اهڙي ته ڏات حاصل هئي جو سندس چاهڻ جي باوجود هن ڪڏهن به ڪا بدصورت مورتي ڪانه تراشي. فيلڊ آف مائريڪلس علائقي ۾ ٽيون نمبر مکيه عمارت چرچ جي بيپٽسٽري آهي. هيءَ گول عمارت جتي مختلف مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. رومي ۽ گوٿڪ فن تعمير جي امتزاج جو عجيب مثال پيش ڪن ٿيون. هن عمارت کي مذڪورا عظيم سنگتراش گيوواني ۽ سندس پيءُ نڪولا جي گهڙيل مجسمن ۽ مورتين سان آراسته ڪيو ويو آهي.
    هن عمارت ۾ هڪڙو ممبر نڪولاسن 1260ع ۾ مجسمن سان تيار ڪيو هو. جيڪو سندس پهريون عظيم شاهڪار ڄاڻايو وڃي ٿو.
    هن علائقي جي اتر ۾ ڪيمپو سانٽو (Camposanto) نالي قبرستان جيڪو چرچ سان وابسته آهي. تيرهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ تعمير ٿيو. هن قبرستان ۾ اڏيل ڇين جي ديوارن تي ٿيل نريسڪو پلاسٽر آرٽ گهڻي ڀاڱي ٻي عالمي لڙائي دوران اتحادي ملڪن طرفان ڪيل بمباريءَ سبب تباهه ٿي ويو، پر انهيءَ جا به شاهڪار ٿرمف آف ڊيٿ (Triumph of Death) ۽ لاسٽ ججمينٽ (Last Judgement) جيڪي چوڏهين ۾ ٺهيا هئا. ڪجهه بچي ويا آهن. ذڪر ڪيل نقش ڪيپيلا امانيٽي (Cappela Ammanati) نالي هڪڙي گوشي ۾ اڪريل آهن، جنهن کي خوف ۽ حراس ورو هنڌ سڏجي ٿو. هتي نڪولا پسانو جا ڳچ مجسما ۽ پٿر تراشيل آهن، جن مان سندس فني ڪمال جو حقيقي تاثر ملي ٿو.
    ڪرشمن واري ميدان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڪيٿڊرل ۽ سبيپٽسٽري جي فنپارن کي ترتيب ۾ رکيو ويو آهي. انهن ۽ ٻين فني شاهڪارن جو زبردست ذخيرو ميوزيو ڊيل ڊومو (Museo dell’ Opera dell Duomo) عجائب گهر ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي. هتي موجود شاهڪارن جو وڏو تعداد پسانو خاندان جي فنڪارن جي ڪاوش ۽ ڪاريگري آهي، جنهن ۾ پٿر جا مجسما توڙي ڪاٺ جي اڪر يا چٽسالي شامل آهي.
    هن علائقي کان پري ٻئي طرف يونيورسٽيءَ وارو علائقو وري اڳئين کان بلڪل مختلف تصوير پيش ڪري ٿو. جيڪو شاگردن ۽ ٻين عالم اديب قسم جي ماڻهن جو آماجگاهه آهي، هيءَ علائقو پڻ ڪافي چهل پهل وارو آهي. جتي خصوصن رات جي وقت گهڻي پيهه هوندي آهي. هن علائقي ۾ رومي فن تعمير جا ڪيترائي چرچ ٺهيل آهن ۽ هتي جون گهٽيون اڪثر ونگن وارن پلرن مٿان ڇانيل آهن. اورنو نديءَ جي ڪناري تي ڪيترائي سهڻا محل محلات اڏيل آهن. جيڪي اٽليءَ جي روايتي فن تعمير جو نمونوآهن پيازا ڊي ڪيوليئري (Piazza dei Cavaliari) هن علائقي ۾ پهريون مشهور اسٽاپ آهي. اهو هڪڙو زبردست اسڪوائر آهي. جيڪو وچيئن دور ۾ پيزا شهر جو مرڪز هو. انهيءَ کانپوءِ نئين جوڙجڪ سان سينٽ اسٽيفن جي سپاهه لاءِ هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو ويو. اسٽيفن جو محل سين اسٽيفانو چرچ جي سامهون آهي. انهيءَ ۾ ميڊيسيءَ جا مجسما سينگاريل آهن. نديءَ جي لڳ اوڀر طرف ڪجهه مفاصلو اڳتي ميوزيو نيشنل ڊي سان ماٽيو نالي عجائب گهر قائم آهي. اهو ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ تعمير ٿيل موناسٽريءَ يعني رهبائن جي رهڻ واري جڳهه ۾ قائم ڪيل آهي. هتي ٻين نوادرات سان گڏ قديم وقت جي ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ ڪم ايندڙ هٿيارن جي پڻ نمائش ٿيندي آهي.
    اسان ڪافي وقت دنيا جي هن عجوبي ۾ گذاريو ۽ ڪيترائي سارا فوٽا پڻ ڪڍياسين. جنهن کانپوءِ اچي هڪ هنڌ بيٺاسين، جيستائين اسانجي بس اچي، آئون ڀرسان موجود هڪ باٿ روم ۾ ويس. جتان واپسي بعد حساب ڪيم ته تقريبن پنجويهه روپيا پاڪستاني ان جي استعمال ڪرڻ جا ورتائون. ڏاڍو عجب ٿيو ته ايتري رقم مان اسان جهڙي غريب ملڪ ۾ ٻه ماڻهو ماني کائي پيٽ ڀرين ها. ٻاهر آيس ته منا چيو ته پيپسي پيئنداسين. پوءِ اسان هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويهي پيپسي پيتي. جت باٿ روم پڻ هو. هوٽلن ۽ ريسٽورانٽ ۾ باٿ داخل ٿيڻ لاءِ پئسا ڪونه وٺن، سو اڳ ۾ خوامخواهه پيسا ڀرڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو. اسان پيپسي وٺي هوٽل کان ٻاهر اچي پيتي. اندر ڪافي رش هئي. پري کان ٻين بسن سان گڏ اسانجي بس به بيٺل نظر آئي. اسان پيپسي جو خالي ٽن (Use Me) واري لکيل دٻي ۾ وجهي اڳتي پنهنجي بس ڏانهن روانا ٿياسين. جت اسان جي ڳڻپ جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ بس هلي. گائيڊ هر هڪ ٽوئرسٽ کان جدا جدا پيزا ٽاور جي باري ۾ پڇيو ۽ هر ڪنهن کيس پنهنجا پنهنجا تاثرات ٻڌايا ۽ پاڻ به اسانکي پنهنجا تاثرات ٻڌايائين ته هڪ گائيڊ جي پيشي طور کيس زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ملن ٿا ۽ آئون انهن کي ڪهڙي نموني ڊيل ڪندو آهيان. واقعي انسان محنت ۽ عقل سان هر ڪم سٺي نموني نڀايو وڃي، پر چوندا آهن ”ڪم پوي ڪل پوي“ سو ماڻهو سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان پوءِ ئي کري کوٽي جي خبر ٿي پوي.
    آئون پنهنجي سڄي زندگيءَ جي تجربي جي بنياد تي انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته :
    No one can harm you except yourself
    يعني، اهو ئي دنيا ۾ ڪامياب زندگي گهارڻ جو هڪ راز آهي. جنهن کي بنياد بنائي انسان اڳتي وڌي ته هروڀرو ڏکيو ڏينهن ڪونه ڏسندو.
    هي جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ انسان لاءِ چوڻيون ۽ مثال آهن، انهن ۾ به صدين جي فڪر ۽ سوچ شامل آهي. اٽليءَ جي سرزمين تي هاڻ اسانجو آخري سفر آهي. اسان تقريبن هڪ هفتو کن اٽلي ۾ رهياسين ۽ گهڻو ڪري اٽليءَ جا سڀ مشهور شهر ۽ انهيءَ شهرن جا ماڳ مڪان ڏٺاسين.
    اسانجي هن کانپوءِ اڳتي جي منزل دنيا ۾ فيشن جي ڌرتي سڏجندڙ فرانس چون ٿا ته دنيا ۾ هر نئين فيشن جي گادي پئرس آهي.آمريڪا هيڏي ترقي ڪئي آهي پر سونهن سوڀيا، فيشن، نفاست ۽ نزاڪت ۾ اڄ به فرينچ قوم کان پٺتي آهي. چون ٿا ته جڏهن هٽلر پئرس فتح ڪرڻ لاءِ مٿس بمباري ڪئي، تڏهن پئرس وارن کيس چيو ته توهان ڇو ٿا پئرس تي بم وسايو، اسان مفت ۾ ٿا پئرس توهانجي حوالي ڪريون، ۽ ائين فرينچ پنهنجون سڀ فوجون پئرس مان ڪڍي ويا ۽ پئرس شهر جرمن جي حوالي ٿي ويو. يا ائين چئجي ته فرينچ پنهنجي هن حسين ترين شهر کي ڏاڍي عقلمنديءَ سان بمن ۽ گولن کان بچائي ويا.
    اسانجي بس اٽليءَ جي سرزمين تي ڊوڙندي اڳتي وڃي رهي آهي ۽ آئون اٽليءَ جي ماضي ۽ حال تي سوچي رهيو آهيان.
    يورپ کنڊ جي هن مشهور ۽ اهم ملڪ جو نقشو اٺ جي مشهور وڏين کڙين واري بوٽ جي شڪل سان مشابهت رکندو آهي ۽ اهو گهڻو ڪري رومي سمنڊ ۾ موجود آهي، جنهن سان لڳولڳ سسلي ۽ اولهه طرف سرحد کان 160 ميلن جي پنڌ تي سارڊينيا نالي ٻيٽ پڻ سندس ملڪيت آهي.
    ايلپ جبلن جي شاهي قطار اٽليءَ جي اترئين سرحد جوڙي ٿي ۽ ڌارين جي حملن کان بچائيندڙ آهي. اها جابلو قطار اٽليءَ کي فرانس، سوئيزرلينڊ آسٽريا ۽ يوگوسلاويا کان جدا ٿي ڪري، اها قطار اٽليءَ واري اپٻيٽ ۾ ڏکڻ ڏانهن وڌندي ۽ اوچائي ۾ گهٽجندي وڃي ٿي. انهيءَ حصي کي اپينائين سڏين ٿا. بيضوي شڪل وارو PO واديءَ جو ميداني علائقو ملڪي پکيڙ جو فقط 23 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ڪل ملڪي پکيڙ هڪ لک سورهن هزار چورس ميل آهي. جنهن ۾ 77 سيڪڙو جابلو ايراضي آهي. سمورو ڪوهستاني علائقو ڪجهه وڌائي سان مجموعي طر گرم آبهوا وارو علائقو آهي. توهان BBC يا CNN ۾ موسم جي احوال ۾ گرميءَ جي موسم ۾ ڏسندا ته توهانکي اٽلي ۽ اسپين پنهنجي ملڪن جهڙا گرم ملڪ معلوم ٿيندا.
    هن جابلو علائقي اٽليءَ جي سياست ۽ معيشت تي دائمي طور گهرا اثرات مرتب ڪيا، جنهن ۾ ننڍين آزاد رياستن جو قيام پڻ شامل آهي، هن ايراضي ۾ زراعت نالي ماتر ٿئي ۽ اناج کاڌي جيترو مس پيدا ٿئي ٿو. زراعت ۾ توسيع ٻيلن جي تباهيءَ جو سبب ٿي پئي آهي. ملڪ جي گهڻي ايراضي جابلو هئڻ جي باوجود هتي آباديءَ جو تناسب وڌيڪ آهي. مثلا 466 ماڻهو في چورس ميل آبادي آهي. البت انهيءَ ۾ في سال واڌارو محتاط يعني 0.7 سيڪڙو في سال آهي. ٻي عالمگير لڙائي کان وٺي اٽليءَ جا رهواسي ٻهراڙين ۾ قائم ٿيندڙ صعتي علائقن ۾ آباد ٿيندا ويا. جنهن سبب زندگيءَ جي روايتن ۽ رواحن ۾ ڪافي تبديلي رونما ٿي آهي.
    اٽليءَ جي اقتصاديات دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي. جنهن ۾ ميلا، ٽورز ۽ جينوئا صنعتي شهرن تي مشتمل ٽڪنڊي جو مکيه ڪردار آهي. اهي شهر 1900ع کان وٺي عمل پيرا آهن. اٽليءَ جو ڏاکڻو حصو ۽ سسلي ۽ سارڊينيا وارا ٻيٽ معاشي طور پسمانده علائقا آهن. جيڪي رياستي امداد تي تڳي رهيا آهن.
    زراعت نالي ماتر هئڻ سبب قومي پيداوار جو فقط 12 سيڪڙو صنعت پيدوار قومي پيداوار جو 42 سيڪڙو آهي. قومي پيداوار جو باقي 46 سيڪڙو سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي خدمتن مان حاصل ٿئي ٿو. انهيءَ جو مکيه حصو سياحت مان حاصل ٿئي ٿو.
    ضروت آهر اناج ڀاڄيون ۽ ميوا پڻ پيدا ٿين ٿا، چوپائي مال جي افزائش نه هئڻ جي برابر آهي، تنهن ڪر ي گوشت ۽ کير ڏيساور کان گهرايو وڃي ٿو.
    اٽليءَ جي صنعت ۾ تقريبن هر شيءَ پيدا ٿئي ٿي. صنعت لاءِ گهربل ڪچو مال ٿورو هئڻ سبب ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. ٻي مهاڀاري لڙائي کان وٺي هيستائين فولاد جي صنعت ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي. ڪيميائي شين واري صنعت پڻ ترقي حاصل ڪئي آهي. پر ڪپڙي جي صنعت ۾ اٽلي يورپ کان ڪجهه قدر پوئتي آهي.
    خدمتون خصوصن سياحت سان وابسته تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون ۽ انهيءَ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ سمورا گهربل اپاءُ ورتا وڃن پيا. هن عالمي پيماني واري سياحت ملڪ جي ادائگين جي توازن کي مناسب رکڻ ۽ مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي.


    8

    اٽلي قديم رومي شهنشاهيت کان وٺي عظيم روايتن جو حامل رهيو آهي. اوڻيهين صديءَ جي اڌ ۾ ملڪي اتحاد ٿيڻ کان وٺي يعني هن علائقي جي سمورين ننڍين رياستن جو اٽليءَ ۾ شامل ٿيڻ کان وٺي 1946ع تائين اٽليءَ ۾ بادشاهت قائم هئي. تنهن کانپوءِ هتي پارليامينٽري جمهوري نظام حڪومت قائم ٿيو ۽ 1948ع ۾ جوڙيل آئين موجب حڪومت هلي رھي آهي. انتظامي لحاظ کان ملڪ ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. جن کي ترتيبوار ريجن، پراونس ۽ ميونسپلٽيز سڏيو وڃي ٿو. اهي سمورا مڪاني ادارا ڪافي حد تائين خودمختيار آهن. خصوصن ريجن جيڪي اقتصادي ترقي جي لحاظ کان ٻين انتظامي ايڪائين کان گهڻو مختلف آهن. سياسي طور ملڪ ۾ گهڻيون پارٽيون آهن. ڪرسچن ڊيموڪريٽ پارٽي ۽ اٽليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جون مکيه سياسي پارٽيون آهن. جيڪي ڪل ووٽن جون ٽيون يا ڇوٿون حصو اڪثر و بيشتر حاصل ڪنديون آهن. تنهن کانسواءِ ننڍيون سياسي پارٽيون پڻ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. انهن ۾ ساڄي ۽ کاٻي مرڪزي ڌر جي خيالن جون حامل تنظيمون اچي وڃن ٿيون. مجموعي طرح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ڪنهن به پارٽيءَ کي واضح اڪثريت حاصل ٿي نه سگهي آهي ۽ هيل تائين سموريون مخلوط حڪومتون به ڪمزور رهيون آهن. اٽلي يورپي اقتصادي سوسائيٽي (E.EC) ۽ ڪائونسل آف يورپ جو ميمبر آهي. تنهن کانسواءِ ٻين عالمي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل آهي. جاگرافيائي طور يورپ جي ڏکڻ واري ونگ تي هئڻ سبب ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري عرصي دوران اٽلي (Nato) واري فوجي معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
    رومي اقتدار کان اڳ واري اٽلي ملڪ ۽ گهڻن ئي نسلن جا ماڻهو آباد هئا، جن جي رهڻي ڪهڻي توڙي گفتار ۽ سماجي صورتحال هڪٻئي کان مختلف هئي. انهن سمورن نسلن ۾ علائقائي توسيع پسنديءَ جو رجحان ڪارفرما هو. منجهن پاڙيسري رياست يونان جي ماڻهن جون خوبيون جهڙوڪ شان، شوڪت، علمي پختگي ۽ فنون لطيفه سان لڳاءُ پڻ موجود هو.
    جيتوڻيڪ رومي سلطنت جي فتح کان پوءِ سموريون ڇوٽيون رياستون گڏيل شاهي رياست ۾ متحد ٿي ويون ۽ هڪڙو عاليشان متحد سياسي ثقافتي ۽ سماجي نظام برپا ٿيو هو. جنهن کي سال ۽ صديون ٿي ويون آهن. پر ماڻهن جي اڪثريت علائقائيت ۾ مبتلا آهي ۽ اهي قديم علائقائي ايڪائين جهڙوڪ: ليٽيم، ڪيمپينيا، اپوليا، بروٽيئم، لوڪانيه، سامينيئم، پائيسينيئم، امبريا، ايٽرويا، وينيٽيا، لگوريا وغيره سان واڳيل رهيا آهن.
    اٽليءَ جي قديم ايٽرسڪن قوم جي مذهب جو بنياد يونان ۽ روم وانگر گهڻن ديوتائن ۽ ديوين تي مشتمل هو. زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي حل لاءِ انهن ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. مختلف قسم جا صدقا ۽ قربانيون ٿينديون هيون.
    سندن عقيدي موجب ڪائنات 16 ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. جتي مختلف ديوتائن جا الڳ الڳ آستانا آهن. مثلا مکيه ديوتا اوڀر طرف رهن ٿا. مادي ديوتا ڏکڻ طرف، ڪٺور ۽ جابر ديوتا اولهه طرف ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ قادر ديوتا اتر طرف رهندا آهن. ايٽرسڪن ماڻهن جو اهو به عقيدو هو ته جاندار توڙي غير جاندار هر قسم جي مادي ۾ رهندڙ آهن. لاطيني ليکڪن سندن مذهبي عقيدن کي ڊسيپلينا ايٽرسڪا نالي ۾ مرتب ڪيو آهي.
    سندن آسماني يا جنت مڪين عظيم ديوتا Tin يا ٽنيا Tinia آهي. ان جي حيثيت رومي ديوتا جپيٽر ۽ ديوتا زيئس واري آهي. هن وٽ کنوڻ وارا هٿيار آهن. عظيم ماءُ ديوي يوني Uni آهي. اها رومي ديوي هيرا ۽ جونو جي برابر آهي. سيٿلان رومي ديوتا ولڪين جي برابر آهي.
    ٽرمس يوناني ديوتا هرمس ۽ رومي ديوتا وانگر مرڪي جي برابر آهي. اهڙي طرح يونانين ۽ رومين ايٽرسڪن ماڻهن وٽ پڻ وڏي ديومالا داستان قائم آهي. سندن ڪريه ڪرم پڻ رومين ۽ يونانين سان ملندڙ آهن.
    ايٽرسڪن ماڻهو اوائل لاءِ لاشن کي ساڙي سندن رک مخصوص ٿانون ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا. بعد ۾ قبرن ۾ دفن ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ انهن کي تابوتن ۾ پڻ رکندا هئا ۽ انهن تي فوتيءَ جي تصوير ٺاهيندا هئا.
    پيزا کان ٿوري ئي پنڌ تي رومي سمنڊ يا بحر روم آهي. جنهن جي ڪپرن سان گڏوگڏ هلندي اسان فرانس جي ملڪن مان ٿيندا نيس پهچنداسين، ٻنپهرن جي ماني هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي Eze ۾ کائينداسين. هي رستو آئون سمجهان ٿ ته ٻه ٽي سئو ڪلوميٽر کن ٿيندو. رستي جي هڪ طرف رومي سمنڊ آهي، ته ٻي طرف وڏا وڏا پهاڙ آهن جيڪي قسمين قسمين وڻن سان ڍڪيا پيا آهن. ڪٿ ڪٿ وڏن جبلن تي برف به نظر ايندي ته ڪٿ ڪٿ پهاڙن تان هيٺ پاڻي به وهي رهيو آهي. هن رستي ٺاهڻ ۾ اٽليءَ ۽ فرانس جي حڪومت کي ڪئين سال لڳي ويا، ڇو ته هي سڄو رستو جبلن مان ٿو گذري، جنهن ڪري هنن کي ڪئين جبل ڪٽي انهن مان رستو تيار ڪرڻو پيو. هن رستي ۾ سون جي تعداد ۾ Tunnels سرنگهون آهن. هڪ سرنگهه ارڙهن ڪلوميٽر ڊگهي به هئي. اونهين سرنگهن ۾ ڏينهن جو به لائٽيون ٻري رهيون هيون.مون آمريڪا ۾ به هن جهڙو سهڻو نظارو يا موٽر وي ڪونه ڏٺو. هي سفر منهنجي زندگيءَ جو هڪ هڪ يادگار سفر هو. جنهن ۾ مون سان گڏ منهنجي گهر واري به آهي. جنهن جي ساٿ جي ڪري هي سفر مونکي سڄي زندگيءَ ڪونه وسرندو هنن سڄي موٽر وي تي هيءَ يادگار سياحت جو مرڪز قائم ڪري سڄي دنيا جي توجهه پاڻ طرف ڪري ڇڏي آهي. جيڪا انهن جي وڏي ڪاميابي آهي. ۽ اڄ سڄي دنيا جي سياحن جو لاڙو هن طرف آهي. هن رستي تي جيڪي پراڻي وقت جي بادشاهن جا ڦٽل ڪو به قلعا يا جيل هئا سي هاڻ شاندار ڪلين ۽ هوٽلن ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ اتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عياشي ۽ بدمعاشي ٿئي ٿي. جنهن ڪري هاڻ سياري اونهاري اهي ڪوٽ قلعا دنيا جي سياحن سان ڀريا پيا آهن جيڪ ماڻهو هت ڪافي وقت رهڻ ٿا چاهين تن کي هت ڪيترا مهينا ايڊوانس بڪندگ ڪرائڻي ٿي پوي. هتي جي رهائش جون هوٽلون پئرس ۽ لنڊن جي شهرن کان به مهانگيون آهن.
    اسان هاڻ انهيءَ حسين موٽر وي تي پهچي ويا آهيون، عام زبان ۾ هن علائقي Italian Riviera اٽلين رويرا جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ اسين هاڻ دنيا جي حسين ترين شاهراهه تي اڳتي وڌي رهيا آهيون. هيٺ آسماني رنگ جو رومي سمنڊ بلڪ خاموش آهي.ٿوري ئي پنڌ تي هڪ سهڻي ٽوئرسٽ پوائنٽ اهي. جنهن هيٺان سمنڊ ۾ ڪئين بوٽس هلي رهيون آهن ۽ منجهن سون جي تعداد ۾ سياح گهمي ڦري رهيا آهن. پر اسان جي بس سواءِ ڪٿ بيهڻ جي اڳتي وڌي رهي آهي. ڇو ته سندن منزل ڏور ۽ پنڌ گهڻو آهي.اسان جي بس جبلن تي ڪافي مٿي ٿي چڙهي وئي ۽ سمنڊ ڪافي هيٺ ٿي نظر آيو ۽ ڪٿ ڪٿ وري صفا سمنڊ جي برابر بس ٿي هلي.پر بس جي سموري رستي ۾ هڪ ئي اسپيڊ يعني تقريبن سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ ئي رهي. مون ڏٺو آهي ته پنهنجي ملڪ جي اڳوڻي وقت جا بادشاهه پنهنجي گاديءَ جو هنڌ، پنهنجا ڪوٽ، قلعا، محل محلاتون گهڻو ڪري سمنڊ يا درياءَ کان پري قائم ڪيا آهن. پر هت يورپ ۾ توهانکي اهي ڪوٽ قلعا ۽ محل محلاتون گهڻو ڪري ندين ۽ سمنڊ جي ئي ڪنارن تي نظر ايندا ۽ اهڙا ئي وڏي تعداد ۾ جبلن مٿان ننڍي سائيز جا ڪوٽ قلعا ۽ محل محلا تون ڏسندا اڳتي وڃي رهيا آهيون، پر اسانجو گائيڊ، اسانکي هر ڪوٽ، قلعي ۽ محل محلات جي باري ۾ باقاعدگيءَ سان ٻڌائي رهيو آهي ۽ پڻ هن اهو به ٻڌايو ته هت سياحت جي گهڻي رش کي ڏسندي هاڻ موجوده حڪومت اڳوڻي وقت جا جيل خانا به نائيٽ ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهو به ٻڌايائين ته آئون گائيڊ جي نوڪري جي حيثيت ۾ سدائين سڄي دنيا پيو گهمان پر هيءُ جيڪو سمنڊ جو ڪنارو خاص ڪري فرانس جو حصو آهي. جنهن کي به هت اٽلين رويرا وانگر French Riviera فرينچ رويرا چون. جنهن ۾ نيس، موناڪو ۽ ٻيون لاجواب بيچون (سامونڊي ڪناري ) آهن، سو دنيا جو حسين ٽڪرو آهي ۽ واقعي ڏاڍو پرڪشش، روح پرور دل کي وڻندڙ سرسبز ۽ خوبصورت آهي، جنهن کي فرينچ حڪومت وڏي خرچ ۽ نفاست سان سياحت ۽ سيلانين لاءِ سينگاريو، سنواريو آهي. هن سمنڊ جي پٽي جي موسم ڪجهه گرم آهي. جنهن ڪري سڄو سال سياحن جي رش لڳي پئي آهي. هڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن ۽ سياحت جا ڄڻ ته ميلا متا پيا آهن.
    اسان جي بس هڪ جڳهه تي بيٺي، ٻڌايائون ته اميگريشن پوائنٽ آهي. پر اسانکان نه پاسپورٽ ورتائون نه ئي ان تي اسٽئمپ لڳي نه وري فرينچ اميگريشن وارن جي، سواءِ ڪنهن به اميگريشن اسٽئمپ جي اسان فرانس جي ملڪ ۾ گهڙي پياسين، ۽ سواءِ ڪنهن اميگريشن اسٽئمپ جي ڪنهن ملڪ جي اندر داخل ٿيڻ سخت قانوني ڏوهه آهي. جيڪڏهن هن گروپ ٽوئر ۾ نه هجون ها يا هن کان جدا ٿي وڃون ها ته ملڪ ڇڏڻ مهل فرينچ اميگريشن وارا اسانکي غيرقانوني طور ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ٿي سگهيا، هت هر ڳالهه تي نو پرابلم No Problem ساري ساري Sorry sorry يو آر ويلڪم You are welcome لڳو پيو آهي سو اسان به کڻي چپ ڪئي ته جاڙي به جڳ سان.
    اسان جڏهن اٽلين بارڊر ڪراس ڪري فرينچ رويرا جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته مونکي يڪدم ڪنهن جي شعر جي هي مصرع خودبخود زبان تي اچي وئي ته:

    خدا جب حسن ديتا هي،
    تو نزاڪت آهي جاتي هي.
    واقعي ڪنهن ڏاهي چواڻي ته پيسا بولتا هي، سو سائين فرانس ۾ پير پائڻ شرط هر شيءَ ۾ نکار جرڪڻ لڳو. روڊ رستا شاهراهون، جن تي پوکيل وڻ ٽڻ، پليون، پيچرا، گهرگهاٽ، محل محلاتون، قلعا ڪنگريون، مرٽر ڪارون، بسون، ويگنون، پکي پکڻ، مرد عورتون، گلن جهڙا ٻارڙا مطلب ته هر شيءَ ۾ حُسن ۽ هٻڪار جي ورکا هئي. فرانس جهڙو سونهن ۽ حسين دنيا ۾ ٻي هنڌ ڪٿي به نظر نه ايندو. فرينچ ڇوڪري جهڙي سهڻي ڏينهن جو تهڙي رات جو. سندن مڌماتي لبڙن جي لالاڻ انسان جي صدي جي اڃ مٽايو ڇڏي.
    پر هن دفعي، جڏهن فرانس جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته چپن تي خودبخود هي بيت اچي ويو:
    اب ڪي دن بهار ڪي ڀي،
    يون هي گذر گئي.
    اسان جنهن فرانس جي وادين مان گذري رهيا آهيون، تنهن جو تعارف ڪجهه هن ريت آهي.
    هي شاندار سوني چادر وارو رومي سمنڊ وارو فرينچ ڪنارو جنهن کي آسماني رنگ وارو ڪنارو چوندا آهن. تمام گهڻين تفريح گاهن جو مجموعو هئڻ سبب خوبصورت عمارتن سان ڍڪيو پيو آهي. ايتري قدر جو انهن تفريح گاهن جي نالن ۾ به وڏو شان ۽ شوڪت سمايل آهي. جهڙوڪ:
    1- ڪينسCannes
    2- سينٽ ٽروپيز St: Tropez
    3- ڪيپ ڊي اينٽبس Cap d’ Antibes
    4- سينٽ جپن ڪيپ فيريٽ St: Jean cap ferrat
    جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هت سياحن جي تمام گهڻي رش هوندي آهي پر بهار ۽ خزان ۾ به هتي لطف اچي ٿو. هن سموري ڪناري جي سير لاءِ بنيادي جڳهه نائيس يا نيس Nice شهر بهترين آهي. پر حقيقي طور هن سمور ي علائقي ۾ مکيه حيثيت جو حامل شهر ماناڪو (Manaco) آهي. جيڪو هڪ چورس ميل کان ڪجهه گهٽ ايراضيءَ تي محيط آهي. ڪناري جو ڪجهه ڀاڱو وارياسو آهي، پر وڏو حصو ٽڪرين ۽ ڪڪرين تي مشتمل آهي. نيم عريان غسل هتي عام آهي. خصوصن سينٽ ٽروپيز ۾ ۽ ڪجهه هوٽلون ته مشهور پراڻن فوجي قلعن ۾ قائم ڪيون ويون آهن.جتي حياءُ کان حياتي تائين گهڻو ڪجهه کپيو وڃي. يعني نيڪڊ بينچون، هي ماڳ فنڪارن ۽ مصورن لاءِ خصوصي حيثيت جو حامل ناهي پر هتي ڪيترن ئي فنڪارن ۽ سندن سرپرستن طرفان عالمي معيار جا ميوزم ۽ گيلريون قائم ڪيون ويون آهن.
    رومي سمنڊ ۾ موجود ٽيون نمبر وڏو جزيرو جيڪو فرينچ سماج جي مکيه ڌارا کان ڪٽيل فرينچ گهٽ ۽ اٽلين وڌيڪ لڳي ٿو. تنهنجو نالو ڪورسيڪا آهي، هي جابلو باراني جزيرو آهي ۽ انهيءَ جوشيلي قومپرست تحريڪ سان وابسته آهي، جيڪا پيرس جي حڪم کي نٿي قبولي ۽ خود اختياري جو پرچار ڪري ٿي. رومي سمنڊ جي تاريخ ۾ ٿيل مڪروهه خونزيري جو باعث به بڻيل آهي. اجيشيو (Ajaccio) جتي نيپولين ڄائو هو. هن صوبي جي گادي آهي. سڀ کان وڏو بندر باسٽيا (Bastia) شهر ۾ آهي. حقيقي قدرتي سونهن پهاڙين ۽ انهن جي دامن ۾ قائم ننڍن ڳوٺن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جتي صدين جي تبديليءَ جي باوجود به سماجي تبديلي گهٽ ٿي آهي. علحدگي پسندن جي ڪارروائين سبب آمريڪن هتي گهٽ اچن. باقي سڄي جهان جا سيلاني سڄو سال پيا اچن ۽ وڃن. جن لاءِ سڀئي رونقون هر وقت ۽ هر هنڌ دستياب آهن ۽ اسان به انهيءَ رونق جي رنگن مان هڙ حاصل ڪرڻ فرانس آيا آهيون.
    منا ٻڌايو ته مون ستر کن سرنگهون ڳڻيون جن مان پاڻ لنگهياسين، پوءِ ڳڻڻ ڇڏي ڏنم هيڏي وڏي تعداد ۾ سرنگهن مان گذرڻ جو هي پهريون ڀيرو اتفاق ٿيو، لطف به پئي آهيو ته حيرت به پئي ٿي ته جبلن کي ٽوڙي هي سوَن جي تعداد ۾ سرنگهون ٺاهيون اٿن ته جيئن سمنڊ سان لڳو لڳ موٽر وي ٺاهجي ته سياح انهن رونقن مان لنگهن ۽ هت وڌ ۾ وڌ رهن. اسان هاڻ پنهنجي منزل يعني Eze پهچڻ وارا آهيون. پري کان اشارو ڪري اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته مٿي ٽڪريءَ تي هي جيڪو ننڍو شهر يا ڳوٺڙو ڏسي رهيا آهيو، اهو Eze جو ڳوٺ آھي. ان جي بس هاڻي مٿي ور وڪڙ کائي نانگ وانگر جبلن تي مٿي چڙهي رهي آهي. اسان ڏاڍي شوق سان اهي ور وڪڙن وارا رستا ڪراس ڪري اڳتي وڃي رهيا آهيون. موٽروي کان پوءِ وارو رستو ون وي نه پر سنگل وي آهي پر ڪافي ويڪرو آهي. جنهن ڪري ٻه طرفي ٽرئفڪ هوندي به ڪابه رنڊڪ محسوس ڪانه ٿي رهي آهي. اسانجي بس جبلن تان چڙهندي چڙهندي نيٺ هڪ خوبصورت بلڊنگ جي اڳيان اچي بيٺي جنهن جي اڳيان ۽ چئوطرف ڏاڍا سهڻا پارڪ، سهڻي سليقي سان سينگاريل هئا، جن کي ڏسندي هٿ خودبخود ڪيمرائن ڏانهن ۽ مووي ڏانهن هليا ويا ۽ بس مان لهڻ شرط تقريبن سڀني سياحن هت فوٽو ڪڍيا ۽ فلمون ڀريون. اسان به هڪٻئي جا ڪافي فوٽو ڪڍيا ۽ فلم ڀري. پهاڙن کان هيٺ کليل وادين ۾ وڏا ساوا وڻ ڏسي دل کي راحت اچي وئي.
    اسان صبح جو اٺين بجي روانا ٿياهئاسين ۽ هينئر ساڍا ٽي ٿيا آهن. يعني پورن ساڍن ست ڪلاڪن جو هي سفر بس ذريعي جنهن دوران رستي ۾ هڪ بيچ تي فقط ڏهن منٽن لاءِ بيٺا هئاسين. هيڏي ساري ڊگهي سفر کان پوءِ به تربرابر ٿَڪ نه پيا محسوس ڪريون. جهڙو ٻنپهرن جي آرام کانپوءِ ماڻهو اٿي اچي لان ۾ ويٺوآهي. اسانکي هت پهرئين هڪ پرفيوم (Perfume) فئڪٽري گهمايائون، تنهن کان پوءِ ڀرسان ئي ريسٽورانٽ تان ڪجهه کائي پي پوءِ اڳتي سفر لاءِ اسهڻو آهي. اسان وٽ ترسڻ لاءِ هت صرف هڪ ڪلاڪ آهي. سو پهرئين پرفيوم فئڪٽريءَ ۾ وياسين. جت فئڪٽري ۾ رسيپشن تي ويٺل هڪ ڇوڪريءَ اسانکي سڄي فئڪٽري گهمائي ۽ پهرئين کان آخري مرحلي تائين پرفيوم ٺهڻ کان اڳ ڪهڙن مرحلن مان گذري، پوءِ ٿو پرفيوم ٺهي، سو سڀ ڏيکاريائين ۽ سمجهايائين، سمجائڻ جي شروعات گلن جي انهن پنکڙين سان ڪيائين،جيڪي ننڍڙن ڪنٽينر (Container) ۾ پيسي رهيون هيون.
    تنهن کان پوءِ ڪري ڦل وانگر ٿانون ۾ ٺهي رهيا هئا ۽ ائين سمجهائيندي سمجهائيندي بلڪل آخر ۾ اسان سڀني کي هڪ هڪ تمام ننڍي سائيز جي پرفيوم جي شيشي گفٽ طور پڻ مفت ۾ ڏنائين.
    اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته هن پرفيوم ۾ جيڪي گل ۽ جڙي ٻوٽيون استعمال ٿيون، سي تقريبن دنيا جي ويهه پنجويهه ملڪن مان هتي اچن ٿيون، جنهن ۾ هندستان به شامل آهي. هندستان مان چندن جي وڻ جي ڪا جنس پي ٻڌايائون. مون انهيءَ جي باري ۾ گائيڊ کان ٻيهر پڇيو پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. پاڻ ٻڌايائين ته اسانجي هن فئڪٽري جا نقل پرفيوم سڄي دنيا ۾ ملن ۽ اسان اهو ڏسيو به ماٺ ڪريو ويٺا آهيون، ڇو ته اسان ڪجهه ڪري ڪونه ٿا سگهون. پوءِ شريف ماڻهو وانگر ته ادا چپ آهي ڀلي. سو هي همراهه به انهيءَ اصول تي گامزن آهن. ٻڌايائون ته اسان جون اهڙيون ٻيون به ٻه فئڪٽريون آهن. اسان جي هيڊ آفيس پئرس ۾ آهي. اسان سان گڏ ٻيا سياح به ڪافي تعداد ۾ هئا، آخر ۾ سياحن وڏي تعداد ۾ هتان پرفيوم جي خريداري ڪئي. اسانکي ٻڌايائون ته توهان جي هن خريداري ۾ لوڪل سيلز ٽيڪس شامل آهي. پوءِ جڏهن توهان فرانس ڇڏيندا ته ات قائم ڪسٽم چيڪ پوسٽ تي هيءَ پرچي ڏيکاريندا ته توهانکي لوڪل سيلز ٽيڪس جا پئسا اهي چيڪ پوسٽ وارا واپس ڪندا، اسانکي نقلي پرفيوم جي خريداريءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ڪتابچو به ڏنائون، ڪافي سمجهاڻي به ڏنائون پر اسان ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. ڇو ته اسان هن قسم جو پرفيوم پهريون ڀيرو ٿي خريد ڪيو، نه ته پنهنجي ملڪ ۾ هرڪو ماڻهو استعمال ٿيل يا ٻڌل سڻيل ئي پرفيوم خريد ڪري، سو ڪير ويٺو نالا ياد ڪندو.
    هي حسين ڳوٺڙا ايز ۽ ٽربي (Eze and Trabie) هڪ نه پر ٻه جدا جدا ڳوٺ آهن، جن جي پنهنجي جدا جدا حڪومت ۽ سڃاڻپ آهي. اهو توهانکي سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ نه صرف ڳوٺن ۾ پر شهرن ۾ به نظر ايندو. بظاهر شهر ته هڪ آهي پر خبر پوندي ته اهو هڪ نه پر ٻه شهر آهن. مثال طور آمريڪا ۾ سئن فرانسسڪو شهر ۾ ئي برڪلي جو شهر به آهي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ اهڙو صرف هي مثال آهي، يعني حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ٻنهين شهرن جي وچ ۾ صرف سنڌو درياءَ جي پل آهي. اهڙيون پليون ته ڪافي ٻين شهرن جي وچ مان گذرن ٿيون پر هت شهر به ٻه ٿي ويا. سو هي ايز ۽ ٽربي به ائين آهن.
    هي ننڍڙا ڳوٺ هڪٻئي کان چار ميل پري هئڻ جي باوجود منجهن وڌ ۾ وڌ هڪجهڙائين جي بنياد تي فرينچ ٽوئرسٽ ڪامورن طرفان هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ متعارف ڪرايا ويندا آهن. اهي ڳوٺ پيرس کان 585 ميل ڏکڻ طرف ۽ نيس (Nice) شهر جي اتر اوڀر ۾ 7 ميلن جي مفاصلي تي نهايت سهڻين ٽڪرين جي چوٽين تي جاگيرداري مورچابند ڪوٽن جي صورت ۾ يورپي تاريخ جي وچئين دور ۾ سامونڊي ڌاڙيلن جي حملن کان بچاءُ وٺڻ لاءِ اڏيا ويا هئا. هتان پراويس شهر جو ساحل چڱي طرح ڏسي سگهجي ٿو.
    هنن ڳوٺڙن جي چوڌاري موجود ننڍين ٽڪرين تي ملڪ جي سرد علائقن جي رٽائر ڪامورن نهايت دلڪش جايون جوڙايون آهن، جيڪي سن 1950ع کان پوءِ تعمير ٿينديون رهيون آهن، هي ڳوٺڙا مالي ۽ ثقافتي طور شهر موناڪو سان منسلڪ آهن. هتي ٻنهي ڳوٺن جي آبادي 3000 کن مس ٿيندي. سندن مکيه علائقن ۾ آرٽ گيلريون ۽ عجائب گهر پڻ قائم ڪيل آهن. هنن ڳوٺن ۾ مختلف ڪاريگرن جا دڪان پڻ قائم ڪيل آهن. جتان پرفيومن کانسواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه خريد ڪري سگهجي ٿو.
    ايز ڳوٺ جي مکيه خوصوصيت هتي ٻاهرين وڻن ۽ ٻوٽن جو سهڻو باغ آهي. جيڪو ڳوٺ جي سڀ کان وڌيڪ اوچي ٽڪري. جن چوٽيءَ تي بيحد خوبصورت انداز ۾ پوکيل آهن. انهيءَ باغ کي (Jardin Exotique) سڏيو وڃي ٿو. اتي هڪ تمام وڏي پرفيوم فيڪٽري به آهي.
    لاٽر بي ڳوٺڙي ۾ رومي شهنشاهه آگسٽس (Augustus) جي فتح جي يادگار Trophee des Alps جا کنڊر موجود آهن. اها يادگار سن 6 ق. م ۾ تعمير ڪئي وئي هئي.
    هن يادگار جي ويجهو ئي هن يادگار بابت عجائب گهر پڻ قائم ڪيو ويو آهي. سڄي يورپ ۾ پوءِ اهو وڏو شهر هجي يا ننڍڙو ڳوٺڙو پر توهانکي آرٽ گيلري، عجائب گهر، راندين جا ميدان ۽ وڏا سهڻا پارڪ ضرور ملندا. اسان جيڪي هي شهر گهمي رهيا آهيون، سي تمام ننڍڙا ڳوٺڙا آهن پر هت به توهانکي عجائب گهر ، آرٽ گيلري، راندين جا ميدان ۽ لاجواب باغ باغيچا چوطرف نظر ايندا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ توهانکي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ڪوبه فرق نظر نه ايندو. پر پاڻ وٽ سنڌ ۾ شهر وڃن ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندا ۽ ٻهراڙيون وڃن ويران ٿينديون. روڊ رستا ٽٽن ته سالن جا سال مرمت ئي ڪونه ٿئي. پاڻ وٽ شهرن جي ماڻهن کي روڊ، بجلي، اسڪول، ڪاليج، اسپتال ۽ صاف پاڻي مطلب ته هر سهولت ڄائي ڄمندي حقي حاضر ملي، پر انهيءَ جي ابتڙ اسانکي ٻهراڙي ۾ انهن گهرجن جي حاصلات لاءِ سڄي زندگي صرف ٿي ڪرڻي پوي. انهن سهولتن جي فرقن جي ڪري اسان جون گهرجون هڪ محدود دائري تائين بيهي رهن. ۽ اسان جي ننڍڙِي سوچ جي عڪاسي ٿو ڪري. ڳوٺ جي ڪنهن سادي سودي الله لوڪ انسان کي ڪنهن ٻڌايو ته فلاڻي شوگر مل جو مالڪ ڪروڙين روپيا ٿو ڪمائي. انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ تي ان همراهه تمام گهڻي سوچ ۽ فڪر کان پوءِ چيو ته ابو پوءِ ته هو کائيندو به رڳو ڳڙ هوندو. غريب مسڪين مارو ماڻهو جنهن لاءِ ڳڙکائڻ به حد درجي جي عياشي آهي.
    سو اسان وٽ ٻهراڙيءَ ۾ غربت وڃي ڏينهون ڏينهن وڌندي. پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ شهر ۽ ٻهراڙي جو هاڻ ڪو تصور ئي ڪونه رهيو آهي.
    آمريڪا ۾ ته هاڻ شهرن جي آدمشماري وڃي گهٽجندي ۽ ٻهراڙين جي آدمشماري وڃي وڌندي. توهان ٽيهه سال اڳ جا انگ اکر ڏسندا ته انهيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ نيويارڪ شهر جي آدمشماري گهٽ آهي. پر پاڻ وٽ ٽيهه سال اڳ جيڪا ڪراچيءَ جي آدمشماري هئي، انهيءَ کان اڄ ٽيڻي آهي.


    9

    اسان پرفيوم فئڪٽريءَ کان ٻاهر نڪري ڀر واري ٻي پهاڙي تي هڪ ريسٽورانٽ ۾ ڪجهه هلڪو ڦلڪو کاڌو ورتو، مون ۽ منا فش فراءِ کاڌو. نور ۽ ونود صرف آئس ڪريم ورتي. سڀ سياح اچڻ کان پوءِ اسان بس ۾ چڙهي هيٺ پهاڙن تان لهي پنهنجي منزل نيس ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪا هتان ٿوري ئي پنڌ تي هئي.
    جئين جيئن شهر ويجهو ٿي آيو تيئن ٿي رستي جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو نظر آيو. اسان فرينچ موٽر وي ڇڏي هاڻ نيس سٽي گورنمينٽ جي حدن ۾ داخل ٿي رهيا هئاسين. نيس شهر به هڪ خوبصورت پهاڙي تي اڏيل آهي. جنهنجي ٻن طرفن کان سمنڊ آهي ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي هر وقت سياحن جون رونقون لڳيون پيون آهن. هت ڏينهن کان وڌيڪ رات جو رنگينيون آهن. ڇو ته سڄي بيچ تي تمام پاورفل سرچ لائيٽون لڳل آهن. جنهن جي روشنين ۾ سياح ڏينهن رات پيا موجون ماڻين.
    اسان به شهر مان گهمندا ڦرندا اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل جو نالو آگاٽا (Agata) هو. مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو آهي ته ٽوئر وارا اهڙي نموني پروگرام رکندا آهن، جو اسانجي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اسان لاءِ هر شيءَ حقي حاضر رکي آهي. صرف اسانجي پهچڻ جي دير آهي.
    اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته توهانجو اڄ جو آپشنل پروگرام Monte Carlo by night with Dinner مونٽ ڪارلو رات جو سير، کاڌي سميت تقريبن چئن ڪلاڪن جو پروگرام آهي ۽ هينئر شام جا ساڍا ست ٿيڻ وارا آهن. جلد تيار ٿي هيٺ اچو، سو جي پاڻ ساڍي اٺين ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪرون ۽ ٻيا چار ڪلاڪ ڳنڍيون ته وڃي ٿيا رات جا ساڍا ٻارهن، ۽ سڀاڻي به پاڻ کي صبح جو سوير يعني تقريبن ساڍي ستين بجي هوٽل ڇڏي ٻاهر ٽوئر لاءِ هلڻو آهي. سو توهان مهرباني ڪري جلد تيار ٿي اچو.
    مون انهيءَ گائيڊ کي ڏسي دل ئي دل ۾ سوچيو ته يار تو شايد زندگيءَ ۾ ڪنهن سان پيار ڪونه ڪيو آهي. نه ته راتيون جاڳڻ جون ڪئين ڳالهيون ڪرين ها. پيار، محبت ۽ پيڙا ۾ ته مزو ئي ڏک ڏولاون ۾ آهي ۽ راتين جون ننڊون ڦٽائڻ به ان جو هڪ حصو آهي ۽ مونکي نيس ۾ به ميون شاهه عنايت جو هي شعر خودبخود چپن تي اچي ويو:
    حسن حبيبن جو، پسين جي پيهي،
    ته توکي سڀئي، ٻيون وڃن وسري.
    راتيون جاڳڻ وارو وقت ئي ته اسان جي سڄي زندگيءَ جو سرمايو آهي. جنهن سهاري باقي زندگي انهن جي يادن ۾ خود به خود گذريو وڃي. انهن يادن جو اڻمٽ خزانو ئي آهي. جيڪو باقي جيون جي جوت جرڪائي ٿو. زندگيءَ جو اهو دور به عجيب آهي ڪابه خبر ڪانهي ته ڇا پيو ٿئي. صرف مرشد سائين جو هي شعر ياد ٿو اچي:
    سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا،
    تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
    سو يورپ ۾ نه سر لوهيڙا ڳڀجن، نه ڪسر نسرن، سو هنن يارن کي ملڻ جا ڏينهن به وسريو وڃن، ۽ راتين جو ته يورپ جا ماڻهو گهڻو ڪري هوش ۾ ئي ڪونه هوندا آهن، سو تن کي پرين جي پچار جي ڪهڙي پروڙ.هت ته مومل نه سهي سومل ئي سهي واري لڪا، لڳي پئي آهي. فور محمدس Four Mohd’s جي سڏ تي ڌيان واپس نيس جي وادين ۾ پهچي ويو. يڪدم رسيپشن تي ويس ته رسيپشن واري ڇوڪري ڪمري جون چاٻيون ڏيڻ کان اڳ چاٻين جي باري ۾ طويل سمجهاڻي ڏني ته چاٻي ڪمري جي لاڪ ۾ وجهندا ته رموٽ ڪنٽرول وانگر هن جي پٺ ۾ هي ننڍي بتي خودبخود ٻرندي. پر جي بتي نه ٻري ته معنيٰ چاٻي لاڪ ۾ صحيح طريقي سان نه پئي آهي، ۽ چاٻي ڪڍي وري ٻيهر لاڪ ۾ وجهو پوءِ جڏهن چاٻي جو بلب ٻري ته چاٻيءَ ۾ لڳل بٽڻ کي هيٺ دٻائي ٿوري دير بيهبو ته لاڪ ۾ لڳل بتي ٻرندي پوءِ توهان در کوليو نه ته دروازو ڪونه کلندو. مون ته ڳالهه ئي ڪانه سمجهي. پر ڀر ۾ بيٺل نور چيو Ok ۽ اسان چاٻيون وٺي پنهنجي ڪمرن ڏانهن روانا ٿياسين. اسان ڪمري ۾ سامان رکي تيار ٿي هيٺ آياسين ته اسان جي گروپ وارا سڀ هوٽل لابيءَ ۾ ويٺل هئا.اسان هڪ ڪئنڊين جوڙي جي ڀرسان وڃي ويٺاسين. ٻئي زال مڙس وڪيل هئا ۽ سڄي ٽوئر ۾ ڪنهن سان به ڪونه ڳالهائيندا هئا. گهڻو ڪري ٻئي زال مڙس ڪتاب پڙهندا رهندا هئا.هينئر به هنن جي هٿن ۾ ڪتاب هئا. مون ساڻن ڪئناڊا جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسان کي سٺي نموني ٻڌو ۽ ان بابت ڄاڻ ڏني. اسان اڃان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين ته اسان جو گائيڊ پهچي ويو ۽ اسان کي ساڻ ڪري اچي بس ۾ چاڙهيائين ۽ رات جي ٽوئر بابت ڪجهه بريف ڪيائين. جيئن ته اسان ڏينهن جو آيا هئاسين، انهيءَ ڪري رات پنهنجا پرڙا نيس ۾ وڇائي چڪي آهي ۽ نيس جون روشنيون جڳ مڳ جرڪي رهيون آهن. شهر کان وڌيڪ سمنڊ ۾ روشني نظر اچي رهي آهي، جنهن جي ڪپرن تي نڄاڻ ڪيتريون پاورفل سرچ لائيٽون لڳل آهن.
    نيس، ڪينس ۽ پئرس دنيا جا اهي حسين، امير ۽ مشهور شهر آهن، جت آمريڪن سياح تمام وڏي تعداد ۾ ٻارهين مهيني اچن، نه ته آمريڪن فرينچن وانگر گهڻو ڪري ملڪ کان ٻاهر سياحت تي گهٽ وڃن. پر هو وينس ۽ فرانس ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ گهمڻ ڦرڻ وڃن ٿا. مون گهڻو ڪري سڄي دنيا ڏٺي آهي. پر ملڪن ۾ ملڪ آمريڪا، شهرن ۾ شهر پئرس ۽ حيران ڪندڙ شهر وينس مونکي لڳو.
    اسان جي بس شهر مان گهمندي ڦرندي اچي هڪ پرفضا جڳهه تي بيٺي، جتان شهر جو نظارو ڏاڍو سهڻو لڳي رهيو هو. ٻن طرفن کان سمنڊ جو نظارو جنهن ۾ شهر روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. رات هوندي به سمنڊ ۾ کوڙ بوٽس سياحن سان ڀريل گهمي ڦري رهيون هيون. اسان هت ڪافي فوٽا ڪڍيا. ٻيا سياح به هيڏانهن گهمي رهيا هئا. جوڙا (Couples) ڪنڊن پاسن ۾ روح رهاڻيون ڪري ۽ هڪٻئي کي چمي چٽي رهيا هئا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ kiss ڪرڻ ته ائين آهي، ڄڻ ته هٿ ملائڻ، نه وري انهيءَ کي ڪو اهميت ڏي.
    هت هر ڪنهن انسان جي پنهنجي دنيا آهي. جنهن جي اندر ئي سڀ ڪو خوش، نه ٻين جو فڪر نه ٻين جي پچار.
    نيس (Nice) شهر پيرس شهر کان 577 ميل ڏکڻ طرف رومي سمنڊ جي فرانس واري ڪناري تي آباد آهي. ڪينس شهر نيس شهر کان ڏکڻ اوڀر طرف 20 ميل پري آهي. ڪينس اهو شهر آهي، جت شهيد ڀٽي جو ننڍو پٽ مير شاهنواز ڀٽو شهيد ڪيو ويو. جيڪو پنهنجي فليٽ اندر شهيد ٿيو هو. ڀٽي خاندن جي قربانين جو تاريخ اندر ڪو مثال نه ٿوملي.
    اوڻيهين صديءَ دوران امير ۽ برطانيه جو مٿيون طبقو هن شهر نيس کي گهڻو چاهيندو هو. نيس ڪينس شهر جي ڀيٽ ۾ سستو آھي. نيس سامونڊي خطي جو مرڪز آهي ۽ هن پوري علائقي ۾ هيءُ يونانين جو اڏيل قديم ترين شهر آهي. هن شهر کي يوناني نائيڪ Nike جي نالي سان سڏيندا هئا. جنهنجي معنيٰ فتح آهي. هتي سج جي روشني ۽ تپش آزاد فضا سبب هي شهر فنڪارن لاءِ وڌيڪ پرڪشش رهيو، جن ۾ ڊوماس Dumas نيٽزسڪي Nietzsche اپولينيئر Apollinaire فلابرٽ Flaubert هوگو Hogo اسٽينڊال Standhal چيٽيو برينڊ Chateau Briand ۽ مسٽرل Mistral شامل آهن.
    هينري ميٽس Henrie Mastisse نيس شهر ۾ پنهنجو گهر جوڙيو. تنهنجو چوڻ هو ته ”جيتوڻيڪ شهر ۾ روشني يعني تپش گهڻي آهي، تنهن هوندي به اهو نفيس ۽ لطيف آهي.“ هتي سال ۾ سراسري طور تي 300 ڏينهن روشن هوندا آهن.
    هتي هڪڙو ساليانو ميلو نيس ڪارنيوال Nice Carnaval ڪيٿولڪ عيسائي يورپ توڙي آمريڪا کان اچي ملهائيندا آهن. اهو ميلو فيبروري مهيني ۾ لڳندو آهي. هتي ٻيو ميلو Nice festival du Jazz نالي 11 جولاءِ کان 20 جولاءِ تائين لڳندو آهي.
    سن 1822ع ۾ نارنگين جو فصل خراب ٿيو ۽ پورهيتن ڏکيو وقت ڪاٽيو. تنهن صورتحال موجب اتي رهندڙ انگريزن کين شاهراهن، عمارتن ۽ باغ پوکڻ جي ڪم تي لڳايو.انهيءَ منصوبي کي Promenade des Anglasis سڏيو ويو. تنهن موجب سامونڊي ڪناري سان شاهي سڙڪ تعمير ٿي، جيڪا وڻن ۽ ٻوٽن سان ڇانيل هئي ۽ اٽڪل چار ميل ڊگهي هئي. ڪناري جي سامهون هوٽلن ۽ ڪيفيز جون قطارون تعمير ٿيون ۽ انهن سان گڏ ولاز ۾ هڪ ميوزم Musee Massena نالي پڻ جوڙيو ويو. مٿين جاين مان ڪجهه اڃان چڱي حالت ۾ آهن. هن وڻن سان ڇانيل شاهراهه تي هلندي دنيا جا بيحد پرڪشش مجسما ڏسڻ ۾ ايندا جيڪي پتل جا ٺهيل آهن. انهن کي سمنڊ ۾ وهنجڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ مختصر ڪڇا پيل آهن ۽ سمنڊ ڏانهن ويندي محسوس ٿين ٿا. انهيءَ هنڌ سامونڊي ڪنارو ڪاٺ جي تختن سان آراسته آهي. اتي ٺهيل حمامن ۾ سمهڻ ۽ ليٽڻ لاءِ بسترا به موجود آهن، پرومينيڊ شاهراهه تي قائم نيس شهر جون بهترين هوٽلون ۽ ريسٽورانٽ آهن. جن ۾ مڇيءَ ۽ ڀاڄين مان تيار ڪيل خاص سوپ Bouilla baisse ڏاڍا مشهور آهن. پر انهيءَ کان وڌيڪ مشهور فرانس جو چڪن اونين سوپ Chicken Onion Soup آهي.
    هتي موجود ٽڪريءَ تي Le Chatean نالي هڪ محل جا آثار ملندا. انهيءَ کي 1706ع ۾ ڊاهيو ويو هو. انهيءَ ٽڪري تي هڪڙو عاليشان پارڪ لڳايو ويو آهي.
    لي چيٽيو جي اترئين حد وٽ شهر جو مشهور قبرستان آهي، جتي ڪمال نفاست سان گهڙيل ڪيترائي مجسما ٺهيل آهن. انهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو هتي اچن ٿا. هتي هڪڙو بحري ميوزم Naval Museum به ڏسڻ وٽان آهي. راڪ پارڪ ۾ ويهندي سامونڊي ساحل، بي حد پراڻو شهر حيرتناڪ ويجهن بنگلن جا صحن ۽ اڱڻ به اکين اڳيان هوندا آهن. هتي واري ميوزم ۾ جان آف ارڪ جي يادگار ڪهاڻيءَ جا پراڻا پنا به پيا آهن. جن ۾ ڄاڻايل آهي ته سن 1 543ع ۾ محاصري دوران هوءَ سپاهين کي چوڙيون ڏيکاري سندن غيرت کي جاڳائيندي هئي ۽ اهي وڌيڪ جوش سان وڙهندا هئا.
    هي ميوزم جون کان سيپٽمبر تائين اربع کان آچر تائين صبح 10 بجي کان 12 بجي منجهند ۽ 2 بجي کان شام ستين بجي تائين کليل رهندو آهي داخلا في بالغن لاءِ 3 ڊالر يعني 15 فرانڪ ۽ شاگرد لاءِ 1.80 ڊالر يعني 9 فرانڪ مقرر آهي.
    نيس شهر جو بندر جتان ٻيڙيون ڪورسيڪا ٻيٽ ڏانهن ماڻهو کڻي وڃن ٿيون، اهو بندر 1750 ۽ 1830 جي وچ ۾ کوٽي تيار ڪيو ويو. هن بندر ۾ ٻيڙين جا ٻه گهاٽ يا پتڻ Jettie تعمير ڪيا ويا آهن.
    شهر جي پراڻي ۾ گهٽيون سوڙهيون آهن، هتي جاين جي طرز تعمير اٽلي نما آهي. شهر ۾ گلن جي مارڪيٽ به ڏسڻ وٽان آهي. هتي اڱاري کان آچر تائين منجهند جو مال گڏ ٿئي ٿو ۽ شام تائين واپار ۾ تيزي ٿئي ٿي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا گل اچن ٿا.
    شهر جو واپاري مرڪز پليس ماسينا Place Massena سترهين صديءَ جي طرز تعمير جو حامل آهي ۽ انهيءَ مرڪز کي گلابي رنگ جو پينٽ ٿيل آهي. شهر ۾ ٻيا به ڪيترائي عجائب گهر آهن.
    اسان هتان ٿي انهيءَ هوٽل تي آياسين جت اسانکي ٽوئر وارن رات جي ماني کارائي. هوٽل تمام مٿي هڪ ٽڪريءَ تي هئي. اسان هوٽل اندر نه پر ٻاهر ويٺاسين. جتان هيٺ سڄو شهر ۽ ان جو خوبصورت نظارو صاف نظر اچي رهيو هو. شهر ۾ هلندڙ ٽريفڪ پڻ نظر اچي رهي هئي. اسان کي ماني ۾ پهرئين چڪن اونين سوپ ڏنائون. انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي طعامن تي مشتمل فرينچ اسٽائيل جي ڊنر کارايائون، جنهن ۾ مانيءَ سان گڏ ٻن قسمن جا سلاد پڻ ڏنائون. جيڪي ڏاڍا لذيذ هئا. آخر ۾ سوئيٽ ڊش ڏنائون،جنهن ۾ ڇانهين ۽ گدري جي ٽڪرن سان گڏ ڪافي تعداد ۾ انگور به پيل هئا. اسان ڪابه شيءَ ڪانه بچائي سڀ کائي وياسين. ماني کائڻ کانپوءِ اسانکي هاڻ موناڪو جي ڪيسينو ۾ وڃڻو هو. جنهن جون ڳالهيون ٻڌي سدائين شوق ۽ تجسس رهندو هو ته ڪڏهن اهو به ڏينهن ايندو جو موناڪو جي گادي مونٽوڪارلو جي نائيٽ ڪلبن ۽ ڪيسينوئن ۾ راتيون گذرنديون. پر رب جي رضا جو اڄ مونسان گڏ منهنجي گهر واري ۽ پٽ نور به آهن انهيءَ ڪري اميد ته وڌيڪ Enjoy ڪبو.
    اسان کي ڪلاڪ کن ڊنر ۽ ڪلاڪ کن شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾ لڳو ۽ اسان وٽ هت گهمڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ هئا. پر جڏهن ماحول ۽ هي سڀ ڪجهه ڏٺوسين ته دماغ ئي چڪرائجي ويو. اسان بس مان هيٺ لهي پهرئين ماحول جو جائزو ورتو ۽ هت اسان موناڪو جي باري ۾ ڪيسسييو ٻاهران لکيل تعارف به پڙهيو جيڪو ڪجهه هن ريت آهي ته، ڪيٿرين هيپبرن هڪ دفعي موناڪو بابت چيو هو ته ”اهو فرانس ملڪ جي ڏکڻ ۾ فرانس جي گاڏيءَ تي هڪ ٽڪو آهي.“ ائين چوڻ ۾ سندس مقصد شهر جي حسن جي ڪميءَ ڏانهن اشارو ڪونه هو پر سندس جاگيرداريءَ ذهن واري سوچ موجب اهو تمام ننڍو شهر يا رياست آهي. حقيقت ۾ اهو شهر ٽن طرفن کان فرينچ رياست جي سرحدن سان گهيريل آهي، باقي هڪ طرف کان رومي سمنڊ اٿس. انهيءَ هوندي به هڪ آزاد رياست جي حيثيت سان پنهنجو وجود برقرار رکيو پيو اچي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته موناڪو جا شهري ڪوبه محصول ڪونه ڏيندا آهن، رياست جي سموري آمدني جو مکيه وسيلو سياحت ۽ جوئا آهي. موناڪو پنهنجي راڄڌاني مونٽي ڪارلو سميت گذريل پوريءَ صديءَ دوران دنيا لاءِ ڪشش جي علامت طور مشهور رهيو آهي. موناڪو جي شهرزاري رينيئر ٽين (جيڪو اڃا اڻپڙهيل هو) 1956 ع ۾ مشهور آمريڪي اداڪاره گريس ڪيلي (Grace Kelly) سان شادي ڪري ملڪ جو مان اڃا وڌايو. شاهي جوڙي کي 1957ع ۾ ڪيرولين Caroline نالي ڌيءَ ڄائي ۽ ان کانپوءِ البرٽ (Albert) نالي پٽ به پيدا ٿيو.
    1918ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن موجب فرانس جي زير حفاظت موناڪو آزاد رياست طور برقرار رهندو ۽ حڪمران گهراڻو به پسمنظر ۾ رهندو. جڏهن ته البرٽ اڃا تائين ڪنوارو آهي. جنهن ڳالهه جي ڳڻتي موناڪو جي سمورن شهرين کي آهي.
    1982 ع ۾ هڪ ڪار ۾ سفر دوران گريس ڪيلي حادثي ۾ گذاري وئي.
    موناڪو 1297ع ۾ گريمالڊي قبيلي جي جينوئيز خاندان جي ملڪيت ٿي پيو. انهيءَ وقت کان وٺي زماني جي گهٽ وڌائين ساڻ هوندي به پنهنجي آزاد حيثيت برقرار رکندو اچي.1793ع ۾ فرانس وارن هن کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو پر موناڪو حڪمران خاندان 1814ع ۾ وري آزاد حيثيت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ وقت جو شهزادو پيرس جي مزن کان پاڻ کي جدا ڪري نه سگهيو.
    يورپي ڪارن جي ڊوڙ جا مقابلا هر سال هتي ٿيندا آهن. فيبروريءَ مهيني ۾ لي ريلي (Le Rallye) نالي مقابلا ۽ مئي مهيني ۾ گرانڊ پرڪس (The Grand prex) نالي مقابلا ٿيندا آهن. اپريل مهيني جي وچ ڌاري ٽينس مقابلا (Tennis Tournaments) ٿيندا آهن.
    موناڪو يورپ ۾ ٻيو نمبر ننڍي ۾ ننڍي رياست آهي جيڪا چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي.
    1. پراڻو ڀاڱو موناڪو ويل Monaco ville 200 فٽ اوچي ٽڪريءَ تي اڏيل آهي. هتي شاهي محل ۽ سرڪاري آفيسون تعمير ڪيل آهن ۽ هڪڙو ميوزم به قائم ڪيل آهي. جنهن ۾ سمنڊن بابت تجربن لاءِ هڪ ليبارٽري به قائم آهي.
    2. موناڪو ويلي جي اتر اولهه طرف لاڪنڊامين (La Candamine) شهري آباديءَ وارو ڀاڱو سڏجي ٿو. هن علائقي سان بندر ۽ گهاٽ شامل آهن.
    3. لاڪنڊا مين علائقي جي اتر واڀر ۾ مونٽي ڪارلو ڀاڱو آهي. هي علائقو ڪنهن وقت راندين جو ميدان هوندو هو. ۽ اڃا تائين صاحب ثروت حضرات لاءِ سياري جي مند ۾ تفريح جو ماڳ آهي. هتي ڪيسسيو ڊيلڪس هوٽلون ۽ بهترين باغيچا موجود آهن.
    4. چوٿون حصو فونٽ ويلي (Font Vielli) سڏجي ٿو. هي علائقو صنعتي مرڪز آهي، جتي مختلف قسمن جا ڪارخانا آهن.
    حقيقت ۾ مونٽي ڪارلو وارو ساحلي ماڳ فرينچ سرزمين آهي. هي بيچ فلمي اداڪارن ۽ ٻين شوقين ماڻهن جي وندر جو ماڳ آهي. هتي هٿرادو تازي پاڻيءَ وارو تلاءُ ۽ هٿرادو بيچ پڻ ٺهيل آهي. تنهن کانسواءِ اصل سمنڊ ۾ وهنجڻ لاءِ پڻ جوڳو بندوبست ٿيل آهي. اڳوڻي زماني ۾ اونهاري جي مند ۾ ماڻهو موناڪو گهمڻ ڪونه ايندا هئا پر هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي. جولاءِ آگسٽ جي مهيني ۾ به ماڻهن جي ايتري ته پيهه هوندي آهي جو هتي ڪمرو ملڻ به تمام مشڪل ٿيو پوي. هتي مهانگائي تمام گهڻي آهي.مٿيئن صورتحال ۾ موناڪو جا ماڻهو شاهوڪار ماڻهن کي پاڻ وٽ رهائيندا آهن.
    هتي جوا به عالمي پئماني جي ٿئي ٿي. هتي جوارين جي ايتري ته رش هوندي آهي جو ٿوري بي خيالي سان ماڻهن جا ڪپڙا ڦاٽي ويندا آهن، هتي جواري پنهنجو الهو تلهو هارائي چرين جي صورت ۾ ڀٽڪندي نظر ايندا آهن. مونٽي ڪارلو واري ڪيسينو سان وابستا ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. هتي فلمن جي جوڙ توڙ به ٿيندي آهي. هتي بهترين قسم جا ڊراما به اسٽيج ٿيندا آهن.
    شاهي محل ۾ هڪ ميوزم به قائم ڪيو ويو آهي، جتي نيپولين جون يادگار شيون ۽ موناڪو ميونسپالٽيءَ بابت ڪيترائي نوادرات رکيل آهن. شاهي رهائش گاهه وارو حصو عوام لاءِ بند هئڻ جي باوجود ان جو ميوزم وارو پاسو عوام لاءِ کليل هوندو آهي. جون کان سيپٽمبر تائين روزانه صبح ساڍي نوين وڳي کان شام ساڍي ڇھين بجي تائين ۽ آڪٽوبر ۽ 11 نومبر تائين روز صبح 10 بجي کان شام 5 بجي تائين ۽ 17 ڊسمبر کان مئي تائين اڱاري کان آچر تائين صبح ساڍي ڏھين بجي کان رات ساڍي ٻارھين تائين ميوزم گهمي سگهجي ٿو. داخلا في 20 فرانڪ يعني 4 ڊالر في بالغ ۽ 10فرانڪ يعني 2 ڊالر في ٻار مقرر آهي.
    هتي جارڊن ايڪسوٽڪ (Jordin Fxotique) نالي هڪ باغ ٽڪريءَ جي هڪ طرف آهي. جيڪو ڪيڪٽس ٻوٽن جي خصوصيت ڪري مشهور آهي. هي باغ البرٽ اول پوکايو هو، جيڪو پاڻ نيچرلسٽ سائنسدان هو.
    هتي هڪڙو ميوزم ( Musee d’ anthropotic Prechistorique) نالي سان به قائم ڪيل آهي. جون کان سيپٽمبر تائين روزانه 9 وڳي صبح کان شام 7 وڳي تائين، آڪٽوبر کان مئي تائين 9 وڳي صبح کان شام 6 وڳي تائين، هڪ بالغ لاءِ 40 فرانڪ يعني 8 ڊالر ۽ 6 سالن کان 18 سالن جي هڪ ٻار لاءِ 18 فرانڪ يعني 3.6 ڊالر داخلا في آهي.
    موزي ڊي اوشنو گرافي (Musee d’ Oceanographic) نالي هتي هڪ زبردست سائنسي عجائب گهر آهي. جيڪو موجوده شهزادي البرٽ جي پڙڏاڏي البرٽ اول 1910ع ۾ قائم ڪيو هو. مين گيٽ وٽ انهيءَ جو مجسمو نصب ٿيل آهي. جنهن ۾ کيس بحري ڪپتان وارو يونيفارم پاتل آهي. البرٽ اول کي پنهنجي 30 سالن وارين مهمن دوران جيڪي ناياب شيون مليون، سي سموريون هن ميوزم ۾ رکيل آهن. تنهن کانسواءِ هن عجيب غريب مڇين جا تلاءُ (Aquariums) به ٺهرايا هئا، جن جو تعداد 90 کان به وڌيڪ آهي.
    هي ميوزم جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ روزانه صبح 9 بجي کان شام 7 بجي تائين ۽ نومبر کان فيبروري تائين صبح 10 وڳي کان شام 6 بجي تائين کليل رهندو آهي. داخلا في 60 فرانڪ يعني 12 ڊالر في بالغ ۽ 30 فرانڪ يعني 6 ڊالر في ٻار مقرر آهي.
    هت پرنس رينيئر (Rainier-III) پنهنجي موٽرڪارن جي پڻ نمائش لڳائي آهي. انهيءَ ۾ اها (Rolls Royee Silver Cloud) ڪار به شامل آهي. جنهن ۾ 1956 ع شهزادو ۽ سندس ڪنوار شاديءَ جي ڏينهن سوار ٿي محل ۾ آيا هئا.
    ميوزي نيشنل دي موناڪو Musee National de Monaco نالي ميوزم پرنس رينيئر جي زال گريس ڪيليءَ جوڙايو هو.انهيءَ جو نقشو پيرس وارو ”اوپيرا گارنيئر“ اڏيندڙ انجنيئر گارنيئر (Garnier) تيار ڪيو هو. هي ميوزم ايسٽر کان سيپٽمبر تائين روزانه صبح 10 بجي کان شام 6:30 بجي ۽ آڪٽوبر کان ايسٽر تائين روزانه 10 کان 12:15 منجهند ۽ 2:30 کان 6:30 شام تائين کليل رهندو آهي. داخلا في هڪ بالغ لاءِ 26 فرانڪ يعني 520 ڊالر ۽ هڪ ٻار لاءِ 15 فرانڪ يعني 3 ڊالر 5 کان گهٽ سالن جي عمر جا ٻار مفت ڏسي سگهن ٿا.
    اسانجي بس شهر مان گهمندي ڦرندي اچي مونٽي ڪارلو جي ڪيسينو جي اڳيان بيٺي آهي. ڪيسينو جي ڀرسان نائيٺ ڪلب ۽ ڪيتريون ئي اعليٰ معيار جون هوٽلون به آهن. انهن سڀني جي وچ ۾ چوطرف ڪيترائي پارڪ آهن. جنهن ۾ رنگبرنگي گل ۽ ٻوٽا نظر اچي رهيا آهن.
    اسان ڪيسينو اندر داخل ٿيا سين ته دروازي تي سيڪيورٽيءَ وارن ونود کي ڪيسينو اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو. چيائون تنهنجي عمر ننڍي آهي ۽ ملڪي قانون مطابق اسان توکي اندر نٿا ڇڏي سگهون. پنهنجو ملڪ هجي ها ته ڪنهن ڪاموري يا سياسي ليڊر کان فون ڪرائي جائز ناجائز ڪم ڪڍيو وڃجي ها پر هتي يورپ ۾ قانون کان مٿي ڪير به ڪونهي. پر قانون سڀني کان مٿان آهي. سو هاڻ ڪجي ڇا؟ تيسين ونود جيڪو آمريڪا ۽ يورپ ۾ اڳ ۾ ئي پڙهي ۽ رهي چڪو آهي، سو هر ڳالهه کي سمجهي ٿو، تنهن يڪدم مونکي چيو انڪل نو پرابلم توهان ڀلي گهمي ڦري اچو. آئون ٻاهر ٿو هوٽلن جا چڪر هڻان ۽ پارڪ ٿو گهمان ڦران، ونود صرف پنهنجي قد جي ڪري رهجي ويو، نه ته ونود نور کان وڏو آهي. نور کي ڪونه روڪيائون. ڏاڍو افسوس ٿيو ته هت پهچڻ کانپوءِ به ونود هي سڀ ڪجهه Miss ڪري رهيو آهي پر ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. ونود سان اهڙو پرابلم يورپ ايندي زيورچ Zurich ايئرپورٽ تي ٿيو هو. پر پاڻ انهيءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني سان Face ڪيائين.
    آئون هن کان اڳ به مليشيا ۾ جينيٽنگ هاءِ لينڊ ( Geneting High Land) مڪائو ٻيٽ ۽ آمريڪا جي شهر لاس ويگاس ڪيسينوز ۾ وڃي چڪو آهيان، هتي ڊونڪ بلڪل مفت ڏين. ڊزنن جي تعدادا ۾ حور پريون ڪئين ڀريل جام کڻيو هر هر اڳيان حاضر بيٺيون آهن، ڊرنڪ پيئڻ جي ڪابه حد ڪانهي. ڀلي سڄي رات ويٺا مفت جو ڊرنڪ پيو. جيسين وڃي صبح ٿئي پر هت ته عام رواجي اگهن کان به چار دفعا وڌيڪ پيسا ٿي ورتئون ۽ پئگ گهرائڻ شرط ڪانه ڪا ڪلب ڊانسر ڪرسي ويڙهيو اچي ڀر ۾ وجهي چئي، آئون به توسان گڏ پيئندس. منهنجي لاءِ به هڪ پئگ گهرائي. مون دل ۾ چيو هو ته هت ڪجهه وقت مزا ماڻيندس، پر هي مفت خور ڇوريون اچي وريون، سو ڀلو انهيءَ ۾ ڀانئيم ته ٻيلي عبدالحئي ماٺ ڪري هتان کسڪ نه ته کيسا خالي ٿيڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿيندي. سو اٿي بل وڃي ڪائونٽر تي ڏنم ۽ هيٺئين فلور تي اچي منا ۽ نور سان گيمس ۾ شريڪ ٿيس.
    هت اچڻ وارا ڪي ته صرف گهمي ڦري شوق پورو ڪري هليا وڃن ۽ ڪي پنهنجي محبوبائن کي خوش ڪرڻ لاءِ هت اچي چند گهڙيون گهارين، گهمن ڦرن مزا ڪن ۽ نيٺ رات جي پوئين پهر وڃي پنهنجي گهر يا هوٽلن پيڙا ٿين، پر ڪي يار ته اوستائين موجود هوندا آهن جيستائين وڃي صبح ٿئي يا جيسين پئسا کٽن، سو هت به ڪنهن جي هٿن ۾ ته ڪنهنجي کيسن ۾ ڪيسينو جي ڪرنسي، ڪيسينوز ۾ عام ڪرنسي نه پر انهن جي پنهنجي ڪرنسي يا ڪوئين ڪرنسي طور استعمال ٿين. جنهن سان ئي دنيا جي هنن وڏن ڪيسينوز ۾ رانديون کيڏيون وينديون آهن.
    دنيا ۾ جتي جتي ڊزني لينڊ وارن جون تفريح گاهون آهن، اتي ته انهن تفريحي گاهن ۾ جيڪا ڪرنسي هلي تنهن کي ڊزني ڊالر Disney Dollar چون.
    سو عرض پئي ڪيم ته هت ڪجهه وري اهڙا شوقين به آهن جن جي اڳيان ٽوڪرا ڪرنسي جا ڀريا رکيا آهن ۽ پاڻ اڪيلائي گيمز ۾ لڳا پيا آهن. نه پنهنجي خبر نه دنيا جهان جو هوش. هتي مونٽي ڪارلو ۾ ڪيترن ئي رولو ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايائون ته هي حال هنن جا هت جوا کيڏڻ جي ڪري ٿيا آهن.
    اسان به فقط هت گهمڻ ڦرڻ جي ارادي سان وندر ڪري رهيا هئاسين. مونکي اسانجي ٽوئر گروپ وارن ۾ هت ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيو. ڪيسينوز يا نائيٽ ڪلبن ۾ گهڻو ڪري ڪافي رش رات دير کان پوءِ وڌندي آهي. سو هت به جيئن پوءِ تيئن رش ۽ رنگينيون ويون وڌنديون پوءِ ڏسندي ڏسندي بي انتها رش ٿي وئي. سو اسان به هاڻ ٻاهر نڪرڻ واري ڪئي.
    ڪيسي هين مغرور حسينائون ڪي برفاب سي جسم،
    ڪه گرم هاٿون ڪي حرارت سي پگهل جاتي هين.
    ڪافي تعداد ۾ ٽُوئرسٽ بئنچن تي ويٺا هئا ته ڪي ڇٻر تي ليٽي هڪٻئي سان ڳر لڳي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. نور ۽ ونود پارڪ ۾ ٽلندي ٽلندي ڪافي اڳتي نڪري ويا. آئون ۽ منا لان تي ليٽي پياسين ۽ ڪافي دير تائين اتي پيا هئاسين. اسانجي مٿان هڪ ڊگهو وڻ بيٺو هو جنهن مان شوخ ڳاڙها گل ۽ انهن جون پنکڙيون ٿڌي هوا تي ڇڻي اسان جي مٿان ڪري رهيون هيون.
    موناڪو ۾ بهار جي مند اسان مٿان گلن جي ورکا ڪري رهي هئي سامهون ڏٺم ته بورڊ تي لکيو پيو هو ته گل پٽڻ منع آهي ۽ مونکي ننڍي هوندي ڏٺل فلم (Wind can not read) ياد اچي وئي. پري بئنچ تي نور ۽ ونود کي ويٺل ڏٺم. اسان لان تان اٿي انهن ڏانهن وياسين انهن ٻڌايو ته ڪافي وقت کان بس ۽ بس وارا توهان جو انتظار ڪري رهيا آهن. اسان تڪڙا تڪڙا وڃي بس ۾ ويٺاسين. بس ۾ سياح ويٺل نظر آيا صرف اسان جي اچڻ جي دير هئي. اسانجي سيٽ تي ويهڻ شرط بس هلڻ لڳي.ڪافي دير ٿي چڪي هئي پر موناڪو جي شاهراهن تي رش جيئن پوءِ تئين وئي وڌندي.
    اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ حسين رات جو اضافو ڪندا. چوطرف طلسماتي نظارن کي ڏسندا پنهنجي هوٽل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. منا اڄ رات جو زريءِ سان ڀريل گندي پاتي هئي. اها گندي يا رئو گهٽ پر چادر وڌيڪ نظر اچي رهي هئي. جنهن تي بهترين ذريءَ سان گل ۽ ڀرت ڀريل هو. جيڪا کيس ڏاڍي خوبصورت ٿي لڳي. سمورن سياحن ۽ موناڪو جي ڪيسينو ۾ موجود ماڻهن جي نظر مٿس هئي. ڪيترين عورتن ان بابت سوال جواب به ڪيا. ذريءَ سان ڀريل اهو ڀرت کوڙ سارن رنگن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ جرڪي رهيو هو. جيئن چنڊ جي روشنيءَ ۾ چنديءَ جي پنن تي ٻين گلن کان وڌيڪ چمڪ ۽ سونهن هوندي آهي. تيئن منا جي مٿي تي اوڍيل ذريءَ جي هن گنديءَ تي پڻ رنگين روشنين جي جهرمر سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري رهي هئي ۽ مٿس ڄڻ ته چانڊاڻ جي روشنيءَ جي ورکا ٿي رهي هئي. پاڻ ڏاڍي سهڻي نموني سان گنديءَ کي پنهنجي بدن تي اوڍي رکيو هئائين.
    اسانجي بس هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي. اسان سڀ سياح هيٺ لٿاسين.هيٺ ٻيون به چار پنج سياحن جون بسون بيٺيون هيون ۽ ڪيتريون بسون پڻ هڪ ٻئي پٺيان اچي رهيون هيون. سڀئي نيس گهمي ڦري پنهنجي هوٽل تي اچي رهيا هئا. اسان هوٽل لابيءَ ۾ داخل ٿي رسيپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ کان چاٻي ورتي. جنهن مٺڙي مرڪ سان اسان کي ڪمرن جي ڄاٻي ڏني ته منهنجو هٿ سندس ريشمي هٿڙي کي ڇهي ويو. سندس نرم هٿڙو گرم هو. پاڻ تيز تيز لکي رهي هئي. انهيءَ سان به هٿ گرم ٿيو وڃي، يا سندس شرير جي گرمائش اڃا ٿڌي ڪانه ٿي هئي. پر يورپ جي آزاد معاشري ۾ بدن جون برفون ڳرندي دير ئي ڪانه ٿي ٿئي.
    اسان چاٻي وٺي ڪمري جو دروازو کولي جلد ئي سمهي پياسين، ڇو ته اڄ سڄو ڏينهن ڏاڍو مصروف گذريو هو ۽ صبح سوير به اڳتي جي منزل ليون شهر ڏانهن اسهڻو هو.
    اسان صبح جو سوير اٿي تيار ٿي پنهنجو سامان ڪمري ٻاهران رکي هيٺ ڊائيننگ هال ۾ آياسين، جت نور ۽ ونود اڳواٽ بريڪ فاسٽ ڪري رهيا هئا ۽ اسن پنهنجو بريڪ فاسٽ پليٽن ۾ وجهي اچي هنن وٽ ويٺاسين. اهي به گذريل رات جي پروگرام تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا هئا ته رات ڏاڍو مزو آيو. هت گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو رهڻ گهرجي ها. مون کين چيو ته، توهان اڄ صرف فرانس جو هڪ شهر نيس ڏٺو آهي. پر فرانس جو هر ڳوٺ، ماڳ ۽ شهر ايڏو ئي خوبصورت ۽ نفيس آهي. جهڙو نيس ۽ موناڪو، ائين سمجهو ته فرانس سڄي دنيا جي فيشن، عيش عشرت، سونهن سوڀيا، نفاست، ۽ نزاڪت ۾ پهريون نمبر آهي. نه صرف انهن ڳالهين ۾ پر صنعت ۽ واپار ۾ به دنيا ۾ مکيه حيثيت جو مالڪ آهي.
    يورپ ۾ جرمنيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر مکيه صنعتي ملڪ آهي ۽ سڄي يورپ ۾ گهڻي کان گهڻا سياح هن ملڪ ۾ اچن ٿا جيڪي تعداد ۾ ساڍن ڇهن ڪروڙن کان به مٿي آهن. يعني فرانس جي آدمشماريءَ کان به زياده ماڻهو هت اچن. پئرس شهر سڄي يورپ ۾ آدمشماريءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ سڄي دنيا ۾ وڌ کان وڌ سياح جنهن شهر ۾ اچن سو شهر به پئرس ئي آهي. سڄي دنيا ۾ وڌ کان وڌ وائين هت ٺهي. اڄڪلهه جي دنيا جو پهريون نمبر پئسينجر هوائي جهاز ڪنڪارڊ ۽ ايئر بس به فرانس جي پيداوار آهن. هاڻ آمريڪا سان گڏ سپر تيل جي کوٽائي، ايئرپورٽ، زير زمين رستا ۽ ريل جون پٽڙيون، سافٽ ويئر، سيٽلائيٽ، مواصلات، اليڪٽرانڪ سول انجنيئرنگ جي ٽيڪنالاجي پڻ هتي ترقي يافتا آهي ۽ صنعت جي لحاظ کان دنيا ۾ مکيه ملڪ آهي. روس آمريڪا کانپوءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ائٽمي مرڪز پڻ هتي آهي. هتان جي وڏي تعداد ۾ توانائي ائٽمي بجلي گهرن تي هلي.
    پاڪستان کي ائٽمي پلانٽ به فرانس ڏنو هو جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وقت ۾ حاصل ڪيو ويو هو ۽ پڻ معاهدي مطابق فرانس کي ٻيو ائٽمي پلانٽ پاڪستان کي ڏيڻو هو پر شهيد ڀٽي جي شهادت کانپوءِ فرانس جي حڪومت ان وقت جي مليٽري ڊڪٽيٽر ضيا ءَ الحق کي ٻيو ائٽمي پلانٽ نه ڏنو ۽ فرانس پاڪستان سان اها ائٽامڪ ڊيل ئي ختم ڪري ڇڏي. سڄي يورپ ۾ گهڻي ۾ گهڻا مسلمان به فرانس ۾ رهن، جيڪي تقريبن سٺ لک آهن. مون ته صرف اخباري ڄاڻ مطابق فرانس بابت معلومات لکي آهي پر فرانس، يورپ ۽ دنيا جي هڪ مکيه صنعتي ۽ تجارتي ملڪ آهي. جيڪو وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿيندو.
    مونکي فرانس جي گهڻو ڪر سڀني مک شھرن ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ آئون حيران آهيان ته دنيا جي هيڏي وڏي عيش پرست قوم جت سڄي دنيا جا ماڻهو صرف عيش عشرت لاءِ اچن ٿا. هن ملڪ ۾ ٻارهن ئي مهينا ميلا متا پيا آهن. ٻارهن مهينا رنگ لڳا پيا آهن، جنهن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شراب جا ميلا لڳن ۽ سڄي دنيا اتي ڪهي اچي. ڇو ته ات شراب به مفت جا ۽ پيئڻ جي به ڪا روڪ ٽوڪ ڪونهي، پيا پيو. اسان جي قوم وانگر يعني گوڏا کوڙي پيو. پوءِ به هيڏي وڏي ترقي يعني سٺي ۾ سٺي زندگي گهاريندڙ دنيا ۾ پهريون نمبر قوم ۾ هي آهن. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ چوٿون نمبر GDP وارو ملڪ، سڄي دنيا جي صدرن ۾ فرانس جي صدر جو وڌيڪ مدو يعني ست سال ۽ اهڙي نموني سينيٽ جي ميمبرن جو به دنيا جي سينيٽن ۾ گهڻي ۾ گهڻو مدو يعني نو سال باقي قومي اسيمبليءَ جو نالو ۽ مدو پاڪستان وانگر يعني نيشنل اسيمبلي جو مدو به پنج سال آهي.
    فرانس جي قومي تراني کي (Marseillaise) چون جيڪو 1792ع ۾ ٺهيو پر ملڪ ۾ نافذ 1795 ع ۾ ٿيو.
    ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڳالهه ئي وسري وئي ته بس صرف اسانجي انتظار ۾ بيٺي آهي. اسان چانهه جو خالي ڪوپ ساسر ۾ رکندا ٽيبل تان نيپڪن کڻندا انهن سان هٿ صاف ڪندا، وڃي بس ڀيڙا ٿياسن، ٻاهر سج جي روشني هر شيءَ کي روشن ڪري رهي هئي. اسان وٽ وقت ڪونه هو جو انهيءَ سج جي روشنيءَ مان لطف اندوز ٿيون. سو سڌا وڃي سڀني سياحن کي سلام ڪري پنهنجي سيٽ تي ويٺاسين، ته بس به هلڻ لڳي ۽ اسين نيس ۽ موناڪو جي شيشن جهڙن رستن تان هلندا وڃي فرانس جي موٽر وي تي چڙهياسين. فرانس جي موٽر وي جهڙا سهڻا رستا آمريڪا ۾ ڪونه ٿين. جيتوڻيڪ آمريڪا جون شاهراهون جن کي آمريڪا ۾ چون فري ويز، سي فرانس جي موٽر وي کان وڏا، ويڪرا، ڪشادا، ۽ مٿڀرا ٺهيل آهن. پر جيڪا سونهن ۽ نفاست توهان کي فرينچ ويز ۾ ڏسڻ ۾ ايندي سا آئون سمجهان ٿو ته دنيا ۾ ڪنهن به موٽر ويز ۾ ڪانه هوندي. موٽر وي جي آس پاس وڻ وڻڪار ۽ پاسن کان نهايت ئي خوبصورت ساوڪ سان ڀريل گل ۽ گلزار ٿوري ٿوري مفاصلي تي پاسن کان ٽيليفون بوٿ جن جي ڀرسان بئنچون ۽ پڻ خوبصورتيءَ لاءِ ٻيون به ڪيتريون شيون رکيل. جهڙوڪ شيشا، مختلف قسمن جا ماڊل جت جت چوڪ اچن، ات رستن کي ڪيترن ئي رنگن جا ٽرئفڪ جا پٽا ۽ ليڪون جيڪي انهيءَ جي خوبصورتي کي اڃان به وڌيڪ نمايان ڪن. فرانس جو ملڪ يورپ ۾ ايراضيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. جنهن ڪري هڪ شهر کان ٻي شهر تائين پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو. پر اهو گهڻو وقت صرف واچ محسوس ڪري، پر ماڻهو ته ڄڻ کن پل ۾ هڪ شهر کان ئي شهر پهچيو وڃي. خوبصورت رستا، آرامده بسون، آس پاس به خوبصورت ماحول، وڏا ڊگها، گهاٽا وڻ جي جي لامن مان هيٺ گل پيا لڏن جن جي ٽارين تي خوبصورت پکي پيا لڏن ۽ لاتيون لنون. اهڙين وڻندڙ شاهراهن تي هلندي هلندي اچي هڪ هوٽل تي بيٺاسين. جيڪا ٻه طرفي موٽر وي جي مٿان ٽه ماڙ ٺهيل هئي. جنهنجو ڊائيننگ هال سفيد شيشن سان اهڙي ته خوبصورت گولائي سان ٺهيل هو جو جنهن ۾ ويٺي توهان ايندي ويندي ٽرئفڪ پري پري تائين ڏسو. ڄڻ ته توهان ڪنهن وڏي وڻ جي آکيري ۾ ويٺا دنيا جهان جا رنگ ڏسو. مون آمريڪا ۾ به اهڙي قسم جون هوٽلون لاس اينجلس ۽ لاس ويگاس فري ويز تي ڪافي تعداد ۾ ڏٺيون. جيڪي هن هوٽل کان تمام وڏيون هيون ۽ انهن ۾ شيون به تمام سستيون هيون. هونئن به آمريڪا يورپ ته پري ٿيو پر ڪن شين ۾ فرانس پاڪستان کان به سستو آهي. هت لنچ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ فقط چاليهه منٽ آهن. اسان سڀني پليٽون کڻي پنهنجي پنهنجي پسند مطابق پليٽ ۾ کاڌو وڌو. بل ڏئي اچي هڪ ڪنڊ جي ڀرسان ويٺاسين. جت موٽر وي تي هلندڙ هر گاڏي نظر اچي رهي آهي. ۽ پڻ چوطرف ساوڪ ۽ وڻڪار به چٽيءَ طرح سان ڏسي رهيا آهيون. يورپ ۾ توهان کي گهڻو ڪر سڀ گاڏيون نيون نظر اينديون. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ پراڻي گاڏي ڏسڻ ۾ ايندي سا به ڄڻ ته نئين پئي لڳندي.


    10

    اسان جنهن جڳهه تي ويٺل آهيون ، ات ڪابه گاڏي اسان جي نظر کان اوجهل ڪانهي، سڄي يورپ ۾ صرف فرانس ئي واحد ملڪ آهي، جنهن جي ٽرئفڪ پوليس وٽ آمريڪا وانگر هيليڪاپٽر به آهن، جيڪي موٽر ويز تي هلندڙ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪن. جيڪڏهن ڪو ايڪسيڊنٽ ٿئي ته يڪدم انهيءَ جي سار سنڀال لهن. يورپ ۾ ٽرئفڪ جو اهڙو ته جديد نظام قائم ڪيل آهي جو ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو ته سوال ئي ڪونه ٿئي ۽ گهڻو ڪري ويسٽ يورپ يعني اسڪاٽلينڊ کان وٺي روم تائين باءِ روڊ گهميو آهيان پر مون ڪڏهن به ڪو معمولي ايڪسيڊنٽ جو واقعو به ڪونه ڏٺو آهي.پر اها به عجيب ڳالهه آهي جو هيڏي بندوبست کان پوءِ به دنيا جا ٽي اهم ماڻهو يعني پرنس ڪريم آغا خان جو پيءُ پرنس علي، موناڪو جو بادشاھه ۽ ليڊي ڊيانا دنيا جا ٽئي مشهور ترين ماڻهو پئرس جي روڊن تي ايڪسيڊنٽ وگهي بي موت مري ويا. اسان ڪافي وقت جي مسافري کان پوءِ ليون شهر جي رستن تان ٿيندا اچي پنهنجي رهائش جي هوٽل ڪئمپانيل (Campanile) تي پهتاسين، ٿوري دير هوٽل تي آرام ڪري ٻاهر پنڌ ئي پنڌ نڪري پياسين. ڏاڍو سهڻو شهر هو. رات جي وقت ڪلين ۽ ڊسڪوز جي ڪري ڏاڍي رش هئي. اسانجو ٻي ڏيهاڙي شهر جو سٽي ٽوئر هو، تنهن ڪري مڙيئي گهمڻ جي عادت ۽ ڪجهه واڪ ڪري واپس هوٽل تي آياسين. جت ماني کائي اخبارون اٿلائي پٿلائي سمهي رهياسين. صبح جو سوير ناشتو ڪري بس ۾ شهر گهمڻ نڪري پياسين.
    ليون شهر دنيا ۽ فرانس جي سهڻن شهرن مان هڪ آهي. ليون شهر فرانس جون ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر آهي. جيڪو پئرس کان ڏکڻ اوڀر طرف 268 ميل ۽ مارسيل شهر کان اتر طرف 193 ميل پري ٻن درياهن رهونRhone ۽ سائون Saone جي ڪنارن تي آباد آهي. مٿيان ٻئي درياه هن شهر وچان لنگهن ٿا. اصل شهر جي آبادي چار لک، ۽ سندس صنعتي پسگردائي ۾ ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو موجود آهن. هن شهر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڪارخانا آهن، جنهن ۾ ڪپڙي واري صنعت کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. تنهن کانپوءِ ڌاتن واري صنعت ۽ پيٽرو ڪيميڪل صنعت وڌيڪ حيثيت جون حامل آهن. ڪتابن جي اشاعت ۽ بئنڪاري پڻ هن شهر جي ملڪ ۾ اڳواڻي واري حيثيت ۾ آهي. ليون شهر سلڪ يعني ريشمي ڪپڙي جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. پائول بوڪيوز (Paul Bocuse) سان گڏ ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ مهانگا ريسٽورانٽ به ليون ۽ ان جي آسپاس موجود آهن. حقيقت ۾ ليون شهر کي فرانس جي کاڌي پيتي جي گادي سڏيندا آهن.
    ليون ساسيج، ڪئينلس، ٽرائيپ ليونائس ۽ بريس مرغي هتي جا بهترين ڊش آهن. ليون شهر ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پيرس کان به وڌيڪ سٺو ۽ سستو ۽ سئولو آهي. بهترين پارڪ، عاليشان اسڪاءِ اسڪريپر، سهڻيون سائيڊ واڪ هوٽلون، عظيم ٽرئفڪ نظام، ڪمال جا ڪنسرٽ هال ۽ پرشباب رنگين راتيون، ليون شهر جون چند مکيه خاصيتون آهن. جت جوان خادم ۽ خادمائون توهانجي لاءِ هر وقت حاضر آهن.
    شهر ڪيترن ئي چورس ميلن تي پکڙيل پيرس وانگر ارانڊسيمينٽن يعني وارڊن ۾ ورهايل آهي. شهر جو تاريخي مرڪزي علائقو سائون نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مشتمل آهي. پيلس بليڪور (Place Bellecour) پوري فرانس ۾ سڀ کان وڏي ۽ سهڻي عمارت آهي، هن جي ڀرواري عمارت تي لوئيس چوڏهين جو نهايت شاندار ۽ تمام وڏو مجسمو آويزان آهي، جنهن کي گهوڙ ي تي سوار ڏيکاريل آهي.
    بيليڪور پليس جي اتر ۾ ويجهو ئي هوٽل ڊي ويلي (Hotel de ville) يورپ جي سڀ کان وڌيڪ سهڻي هوٽل آهي. جيڪا بيليڪور پليس کي پڻ شهه ڏيو بيٺي آهي. هن هوٽل جي عمارت سن 1746ع جي ٺهيل آهي.
    پراڻي يعني اصل ليون شهر جتي وچئين ۽ روشن خياليءَ واري دور ۾ اڏيل عمارتون ڏسڻ وٽان آهن، هتي ڪافي تعداد ۾ عمارتون پنج پنج ماڙ اوچيون ٺهيل آهن. جيڪي سندن مالڪن جي ثروت جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. اڄڪلهه هي علائقو فيشن ايبل ماڻهن جي آماجگاهه آهي، هتي ڪيترن ئي قسمن جا ڪاريگر، سنگ تراشي، ڪوري، پينٽر، مراڙيءَ جي سامان ۽ فينسي شين جا دڪان ڪثرت سان موجود آهن.
    هن علائقي جي اولهه طرف فورويئر نالي هڪڙي سرسبز ۽ نهايت پرڪيف ٽڪري موجود آهي، جنهن تي ڪيترا ئي اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ ٿيٽر قائم ڪيل آهن. هيءَ ٽڪري نهايت روح افزا نظارو پيش ڪندڙ آهي. رهون ۽ سائون ٻئي درياءِ هتان لنگهن ٿا ۽ مٿن عاليشان پليون پڻ ٺهيل آهن، هتان کان ايلپس جبلن جون برف پوش پهاڙيون نهايت دل فريب منظر پيش ڪندڙ آهن. هت باسيليڪا جي ڏکڻ طرف هڪڙي پارڪ ۾ هڪڙو رومن ٿيٽر اڏيل آهي. اها عمارت فرانس جي قديم ترين عمارتن مان هڪڙي آهي. اها سترهن کان پندرهن ق.م ڌاري بادشاهه جي دور حڪومت ۾ انهيءَ ۾ گهڻي توسيع ڪئي وئي هئي. هن ٿيٽر جو آڊيئم يعني آڊيٽوريم هال موسيقي جي محفلن لاءِ مخصوص هوندو هو. تنهن ڪري انهيءَ جي ڊيڪوريشن ۾ نهايت چمڪندڙ موزيڪ چيني چٽام ۽ سنگمرمر استعمال ٿيل آهي. هن ٿيٽر جي ڀرسان هڪڙي ٻي عمارت پڻ آهي جيڪا افزائش جي ديوي مسائبل سان منسوب آهي.
    ليون شهر جون راتيون يورپي ثقافتي سرگرمين ۽ لطف اندوزين توڙي پرڪيف عالمي شهرت جو حامل آهي. هتي توهان لاءِ هر قسم جي وندر توڙي عشرت جا انيڪ موقعا ۽ وسيلا رات جي چئني پهرن دوران سدائين موجود هوندا آهن.
    مثلا چارلس ڊولن روڊ تي مزاحيه توڙي سنجيده ناٽڪن لاءِ مخصوص ٿيٽر ڊيس سيليسٽين Theatre des celeslins عالمي شهرت جو مالڪ آهي. هي منظوم ناٽڪ پڻ ڏيکاريا ويندا آهن. شهر ۾ ڪئين نمائشون مبتلا ۽ انيڪ قسمن جا فيسٽيول به منعقد ٿيندا رهندا آهن، سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو فيسٽيول موسيقيءَ بابت قومي فيسٽيول آهي، جنهن کي نيشنل ڊي آف ميوزڪ National Day of Music ڪوٺيندا آهن. اهو هر سال 21 جون ڌاري ملهائيندا آهن. هن موسيقيءَ جي جشن ۾ سڄي شهر ۾ جتي ڪٿي ڳائڻن جون ٽوليون پنهنجي پنهنجي ڌن ۾ مگن ماڻهن کي مدهوش ۽ محو ڪرڻ ۾ مشغول ۽ نهايت مصروف هوندا آهن.
    شهر ۾ قديم موسيقيءَ جا جشن مهيني جي وچ کان ڊسمبر جي وچ تائين شهر جي سمورن گرجا گهرن ۾ منعقد ٿيندا رهندا آهن.
    سموڪنگ ڊاگ نالي پبلڪ بار بهترين پبس Pubs مان هڪڙي آهي. جيڪا 16 ليزي روڊ تي قائم آهي. دي بيرل هائوس نالي پب سينٽ ڪيٿرين روڊ تي واقع آهي. راڪ ۽ رولرس Rock and Rollers ۾ بارلو Barlive ۽ نيور نائيٽ Navire Night مکيه بارون آهن.
    پيليس موبائيل Palace Mobile نالي ڪلب ۾ وائيلڊ نائيٽ آف ڊانس جو عجيب پرفارمنس ٿيندو آهي. اهو ڪلب ريني ليناڊ روڊ تي واقع آهي.
    جاز ۽ بلوز لاءِ لي هاٽ ڪلب Le Hot Club لينٽرن روڊ تي آهي. لي ۽ لئسبين ڊسڪو هتي لي لارڊ نالي ڪلب اهو پرپز سرو ڪندو آهي. 25 ڪيپيوسين روڊ تي قائم لا ويري اي سوئي La verra a soi نالي ڪلب زنانه همجنسيءَ لاءِ مخوص آهي.
    اسان ليون شهر جا چڪر لڳائيندا، گهمندا ڦرندا اچي هڪ سپر اسٽور تي چڙهياسين، جتان اسان فرانسيسي ثقافت جا ڪجهه ننڍاننڍا تحفي نما ماڊل خريد ڪيا ۽ ڪجهه وويوز ڪارڊ خريد ڪيا، جن مان ڪن تي تڪڙ ۾ ٻي ٽي لفظ لکي اتي جو اتي پوسٽ ۾ روانا ڪري ڇڏيم. جنهن کان پوءِ ٿورو چڪر هڻي وڃي بس ۾ ويٺاسين. جيڪا اسانکي هاڻ فرانس جي هڪ ٻئي مشهور شهر بيون گهمائيندي. اتي ٻنپهرن جي ماني کائي پوءِ پئرس ڏانهن روانو ٿبو. جت ٻه ڏينهن ٻه راتيون گهمڻو ڦرڻو آهي. اسانجي بس ليون شهر کان موڪلائي هاڻ فرانس جي موٽر وي تي بيون شهر ڏانهن پنهنجي مقرر رفتار ۾ وڃي رهي آهي ۽ بس جا مسافر هڪٻئي سان آهستي آهستي ڳالهين ۾ مصروف آهن. فقط 212741 چورس ميل ايراضي تي فرانس کان سواءِ دنيا ۾ ڪٿي به ايتري گهڻي تعداد ۾ شهر، بندر، بازاريون، محل ماڙيون، گهر، تفريح گاهون، ڪارخانا توڙي واپاري مرڪز ڏسڻ ۾ نٿا اچن يورپ جا سمورا نامياتي توڙي غير نامياتي تعميري عناصر فرانس ۾ موجود آهن. جهڙوڪ ملڪ جي اترئين ڀاڱي واريون ميداني زرخيز زمينون، وچ فرانس ۾ لوئر وادي وارا سرسبز ٽڪرين وارا علائقا، اوڀر فرانس ۾ الپائين جبلن جون برف پوش قطارون، ڏکڻ اولهه ۾ پائرين جبلن جون اوچيون قطارون، وچ ماسف ميداني علائقا ۽ اتي موجود کاڻيون ۽ ڏکڻ اوڀر فرانس جو پر لطف رومي سمنڊ جو پرڪيف ڪنارو جيڪو دنيا ڀر جي سياحن کي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. مذڪورا مصالحي سان گڏ مختلف علائقن ۾ تاريخ ۽ ثقافت جو فرق پڻ موجود آهي. جيڪو هر هڪ صوبي يا ريجن کي الگ ۽ نرالو ڪري ڏيکاريو ٿو.
    اهي سمورا مختلف ماڳ مڪان سفر جي مختلف وسيلن ذريعي آسانيءَ سان گهمي سگهجن ٿا. ريل گاڏيءَ وسيلي پئرس کان السيڪ تائين 4 ڪلاڪ، ايلپس جبلن تائين 5 ڪلاڪ، پائرينيز جبلن تائين7 ڪلاڪ ۽ ڪوٽ ڊي آزيور تائين 8 ڪلاڪ لڳن ٿا.
    آئون به جڏهن فرانس وڃان ته ڪوشش ڪري اهي جڳهيون ڏسان جيڪي اڳ نه ڏٺل هجن، هن ڀيري، نيس موناڪو، ليون، ۽ رومي سمنڊ جو سڄو ڪنارو ڏٺم، اهو سڀ ڪجهه اڳ ڏٺل ڪونه هو. باقي پئرس ته هر دفعي ڏسون جيڪو هر ڀيري نئين ڪنوار جيان لڳندو آهي.
    فرانس جو قومي ريلوي نظام NSCF دنيا جي بهترين ريل نظامن مان هڪ آهي، جنهنجي خصوصيت تيز رفتار سروس آهي. ملڪ ۾ تقريبن 44 هزار پڪا رستا آهن. جيڪي سمورا سپر روڊ آهن، ضروري ڪونهي ته هروڀرو قومي شاهراهن تي سفرڪجي ڇو ته اڪثر و بيشتر تفريح ۽ دلچسپي جا ماڳ مڪان ثانوي ننڍن رستن تي واقعي هئڻ ڪري گهڻي آمدرفت انهن رستن تي هوندي آهي.
    هڪ سفر ڪندڙ سياح لاءِ سڄي فرانس جو سير ڪرڻ ناممڪن آهي، ڇو ته هر هڪ صوبو گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا گهربل آهن. ايترو وقت ڪنهن به سياح کي ميسر نٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري هرڪو پنهنجي پهچ آهر پنهنجي دلچسپيءَ موجب مکيه ماڳن جي چونڊ ڪري سير ڪري ٿو.
    بيون شهر جي اچڻ کان اڳئي اسانجو گائيڊ بيون شهر جي باري ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو آهي ته هت هڪ ڪلاڪ بيهبو جنهن دوران توهان ڀلي شهر گهمي ڦري ۽ لنچ ڪري اچجو ته پوءِ اڳتي پئرس ڏانهن روانا ٿينداسين. بيون جيئن جيئن ويجهو ايندو وڃي تيئن تيئن اسين هيٺ لهڻ جي تياري ڪندي پنهنجي سامان کي هڪ نظر سان ٺيڪ ڏسي رهيا آهيون.
    بيون Beaune برگنڊي پرڳڻي جي شراب ڪشيءَ واري علائقي جو مکيه شهر آهي.جيڪو قرون وسطيٰ جي بهترين شهرن مان هڪ آهي. جيڪو شهر پناهن يعني بچاءُ وارين ديوارن سان گهيريل آهي. اهو شهر پئرس شهر کان 196 ميل ڏکڻ اوڀر طرف ۽ ڊجان شهر کان 24 ميل ڏکڻ اولهه طرف واقع آهي. هن شهر جي تاريخ ٻه هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي. ڪنهن زماني ۾ بيون شهر فرانس جو مقدس ماڳ ليکيو ويندو هو. بعد ۾ انهيءَ تي رومين قبضو ڪيو. چوڏهين عيسويءَ صدي تائين هي شهر برگنڊي جي ڊيوڪن جي رهائش گاهه ٿي رهيو. سن 1477ع ۾ آخري ڊيوڪ چارلس دي بولڊ جڏهن وفات ڪئي ته بادشاهه لوئيس شهر کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. اڄڪلهه دنيا جهان جا سياح بيون جي فني ذخائر، قديم عمارتن شراب ۽ برگنڊي جي مخصوص طعامن جي ذائقي لاءِ سدائين هتي ايندا رهندا آهن، جنهن ڪري هي شهر سدائين خوشحال رهندو اچي. هتي جي آبادي ويهه هزار کن ٿيندي.
    هر سال نومبر مهيني جي آخري ڇنڇر، آچر ۽ سومر ڏينهن تي پوري دنيا جا شراب جا شوقين ۽ واپاري هتي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري شراب جي واپار ۽ شراب نوشيءَ جي ڏڻ ۾ شرڪت لاءِ هتي اچي ڳاهٽ ٿيندا آهن، جنهن سبب ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي.
    هن شراب جي ميلي کي ليس ٽروئس گلوريوسز (Les Trois Glorieuses) سڏيندا آهن. هن ميلي دوران سڄي شهر ۾ شراب جا سوين دڪان ۽ اسٽال لڳندا آهن، جتي خريدارن کي شراب مفت ۾ پياريندا آهن.
    تنهنڪري سيلائين، سياحن ۽ ٻين عام ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه لڳل هوندي آهي.اونهاري جي راتين ۾ به هتي ايتري رش ڪانه هوندي آهي. جيتري هن ميلي دوران هوندي آهي.
    بيون شهر ريل رستي فرانس جي ٽن وڏن شهرن يعني ڊجان، ليون ۽ پئرس سان ڳنڍيل آهي. پئرس کان روزانه T.G.V.Train هتي اچن، ڀاڙو 46 ڊالر يا 230 فرانڪ آهي. ليون کان روزانه ڇهه گاڏيون اينديون آهن. ڀاڙو 110 فرانڪ يا 22 ڊالر آهي. ڊجان شهر کان روزانه پندرهن ريل گاڏيون پهچن ٿيون. ڀاڙو 37 فرانڪ يا ساڍا ست ڊالر آهي.
    انهيءَ کانسواءِ بيون شهر چئن سپر هاءِ ويز جي جنڪشن کي تمام ويجهو آهي. انهن جا نمبر A6.A31.A36۽ N6.
    بيون ۾ سير تفريح کان سواءِ گهمڻ ۽ ڏسڻ جي لائق سڀ کان وڌيڪ اهم جڳهه پندرهينءَ صديءَ ۾ تعمير ٿيل هوٽل ڊيو (Hotel Dieu) واري عمارت آهي. جيڪا دنيا جي شاهوڪار ترين مسافرخانن مان هڪڙي آهي. شراب نوشيءَ ۽ وڪري جي ٽن ڏينهن وارو ميلو هن عمارت ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن هوٽل ڊيو واري عمارت جي اتر طرف سن 1120ع ۾ تعمير ٿيل هڪڙو چرچ آهي. جنهن جي طرز تعمير رومي آهي. هن چرچ ۾ لڳل پردن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جن تي بيبي مرم جي زندگيءَ جي چند واقعن بابت تصويرون چٽيل آهن. انهن تصويرن جي نمائش ايسٽر ۽ ڪرسمس جي تهوارن دوران ڪئي ويندي آهي.
    برگنڊيءَ جي ڊيوڪن واري اڳوڻي رهائش گاهه ۾ هن وقت شراب ٺاهڻ جي عمل جي نمائش لڳل آهي. جنهن کي ميوزي ڊيو وائين ڊي بورگون (Muse du vin Bourgogne) سڏين ٿا. هتي برگنڊي رياست ۾ شراب سازي جي پوري ارتقا مرحليوار ترتيب سان ڏيکاري وڃي ٿي. نمائش واري جڳهه جي هڪڙي ڪمري ۾ پندرهين ۽ سورهينءَ صدي ۾ شراب ٺاهڻ لاءِ مختلف ٿانون ۽ اوزارن ۽ سامان جي نمائش لڳل آهي. شراب ڪشيءَ ۾ ڪم ايندڙ مختلف مشينون پڻ هن نمائش جي پريس هائوس Press House ۾ رکيل آهن.
    بيون شهر جون مکيه بازارون لورين، اليسڪ، مائوفوڪس ۽ ميڊلين مارڪيٽ آهن.
    نڪولس بولن روڊ تي شراب جو تمام وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور آهي. جيڪو چوڏهين صدي ۾ ٺهيل هڪڙي چرچ ۾ قائم ڪيو ويو آهي. هتي شراب جا ڪيترائي اسٽال قديم مقبرن ۾ قائم آهن، جيڪي چرچ جي هيٺان زير زمين آهن، هتي ارڙهن قسمن جو شراب ملي ٿو.
    ڪاليج روڊ تي پڻ هڪڙو شاهي سيلر آهي. جنهن جو نالو ڪيوز پيٽريئرچ فلس (Caves patriarche Beret fils) آهي. هن سان گڏ هتي تيرهينءَ سورهينءَ ۽ سترهينءَ صدين جا قائم ڪيل سيلر پڻ موجود آهن. هنن سمورن اسٽورن تي ڪل تيرهن قسمن جو شراب دستياب آهي.
    شهر کان ٿورو ٻاهر هڪڙي عاليشان هوٽل آهي، جنهن جو نالو هاسٽلري ڊي ليور نوئس (Hostellerie de lever nois) آهي. هتي طعام ۽ قيام جو نهايت اعليٰ انتظام آهي.
    بيون شهر جون راتيون پڻ عجيب آهن، هتي ڪيترائي ڪلب موجود آهن، جن ۾ ڊسڪو، جاز، راڪ ۽ اوپيرا ڪلب شامل آهن. انهن مکيه هيٺيان آهن:
    1- ڪاٽن بار (Cotton Bar)
    2- وائي ناٽ (Why not)
    3- اوپيرا نائيٽ (Opera Night)

    اسان بس مان لهڻ شرط لي ڪيپ Le-Cap نالي هڪ ريسٽورانٽ تي ماني کاڌي. ڪافي مهانگي هوٽل هئي. ماني به صرف ون ڊش لنچ هئي. پر فرانس ۽ جپان دنيا ۾ مهانگي ۾ مهانگا ملڪ آهن. جت ڪجهه کائڻ ۽ وٺڻ تي دل ئي نه چوي، پر سنڌي چواڻي ته بک بري بلا آهي، سو ڪجهه ته پيٽ ۾ وجهڻو آهي. رات ۽ صبح جي ماني ته ٽوئر وارن تي هوندي آهي. سو مفت جو مال هئڻ ڪري اسان ڪڏهن به کائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪندا آهيون. پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن لنچ جي ضرورت محسوس ڪندا هئاسين. سو پنهنجي ڊاڪٽر جي قول مطابق ته پليجا صاحب گهڻي کائڻ کان وڌيڪ صفا پيٽ خالي هئڻ صحت لاءِ خراب آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته ڪمزوري وڌي ٿي ٻيو ته پيٽ ۾ السر ٿيڻ جا تمام گهڻا امڪان آهن. سو ڪوشش ڪري ڪڏهن به پيٽ کي خالي نه رکجي. پر بک کانسواءِ به کائڻ نه گهرجي. سو ون ڊش ۾ اسان به رڳو کائڻ جي رسم پوري ڪري بل ڏيئي هوٽل کان نڪتاسين. بس اچڻ کي اڃان ڪافي دير هئي سو بيون شهر جي بازارن مان سنهي ٿلهي شاپنگ ڪندا، فوٽ پاٿن تان هلندا هلندا وڃي بس اچڻ جي جڳهه کي ويجهو هڪ خوبصورت پارڪ ۾ ويٺاسين، جتي ڪيترائي سياح پنهنجن ٻارن سان گڏ ڪي کاڌو کائي رهيا هئا ته ڪي رانديون کيڏي رهيا هئا. پر مجال آهي، جي ڪو ٻار هڪ به گل انهن سهڻن گلن مان پٽي يا انهن سان هٿ چراند ڪري. وڏو عاليشان پارڪ جنهن جي چوطرف وڏا گل انهن جي هيٺان ننڍا ٻوٽا جنهن ۾ اڇا، هيڊا ۽ ڳاڙها گل ڄڻ ته ماڻهو کي ڏسيو پيا ٽڙن ۽ لڏن لمن. وچ ۾ اهڙي ترتيب سان ڇٻر پوکيل جو هوبهو فرانس جو نقشو ۽ انهيءَ نقشي ۾ ندين جي ليڪي جي جڳهه تي هيڊن گلن جي سنهي پٽي جيڪا انهن ندين جي نشاندهي ڪري رهي آهي. هي ڇٻر سان ٺهيل نقشو ايڏو ته خوبصورت آهي. جو سڀ سياح پيا انهيءَ جا فوٽا ڪڍن ۽ فلمون ڀرائين. پارڪ جي ڪنڊن ۾ ننڍا ننڍا سهڻا ڦوهارا جيڪي ابتا سبتا ائين پيا ڦرن ڄڻ ته اسانکي پيا ٻڌائين ته اسان به هت راند ڪري رهيا آهيون. وچ ۾ ڀڳل ٽٽل پٿرن سان ٺهيل ننڍا ننڍا پيچرا جنهن تي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي. پري پهاڙي تي هڪ سهڻو پٿرن سان ٺهيل محل نما گهر ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. جنهن کان هيٺ ايندي ٽرئفڪ ڏاڍي دلچسپ لڳي رهي آهي. اسان انهن حسين نظارن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. نور ڀرسان چار پيپسيءَ جا ٽن وٺي آيو. جيڪي اسان پيتا. پيپسي پيئڻ کان پوءِ ڏاڍو فريش ٿي ويا سين. منا ٻه ٽي ٽشو پيپر ڪڍي مونکي ڏنا ۽ چيائين ته وارن کي صاف ڪري ڇڏيو. شايد گلن جو ٻور وارن ۾ پئجي ويو آهي. هن سندس پرس مان مونکي ٻه ٽي پستا ڪڍي کائڻ لاءِ ڏنا. نور ۽ ونود پارڪ ۾ نيپولين جي مجسمي هيٺان فوٽو ڪڍي رهيا آهن. نيپولين فرانس جي هڪ سحر انگيز شخصيت هو.
    نيپولين بونا پارٽ جو عروج ۽ زوال تاريخ جي وڏن ۽ ڊرامائي واقعن مان هڪ ليکجي ٿو. ويهن سالن جي مختصر عرصي ۾ ڪاريسڪا جي فوج جو هي آفيسر نه صرف فرانس جو شهنشاهه بڻجي ويو پر گهڻو ڪري سڄو يورپ به سندس هٿ هيٺ اچي ويو. ايڏي عروج ماڻڻ کان پوءِ جڏهن زوال آيس ته تڏهن سندس حياتيءَ جي پڄاڻي ڏکڻ ائٽلانٽڪ جي هڪ ڏورانهين ٻيٽ ۾ ٿي ۽ سنس جبر توڙي سياسي ۽ فوجي ادارا سندس وڏ خيالاءِ جي مقابلي ۾ اڻپورا ثابت ٿيا.
    نيپولين کي يقين هو ته يورپ کي متحد ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو هو. جنهن ڪري هن 1804ع ۾ پاڻ کي فرانس جو شهنشاهه مقرر ڪيو ۽ ٻين ملڪن کي فتح ڪرڻ وارو پروگرام جاري رکيائين. ”مان ڪنهن کي به هاڃو رسائڻ نٿو چاهيان.“ هن هڪ ڀيري پنهنجا خيال ظاهر ڪندي چيو هو، ”پر جيئن ته منهنجي پاليسيءَ واري وڏي ڪار پنهنجو سفر پورو ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري اها ضرور پنهنجو سفر جاري رکندي ۽ انهن ماڻهن تي مصيبت ٿي ڪڙڪندي جيڪي سندس ڦيٿن هيٺان اچي ويندا.“
    هن بلقان جي ملڪن کانسواءِ ٻيو سمورو يورپ کنڊ فتح ڪري ڇڏيو هو. فرانسيسي شهنشاهيت جي چوڌاري اهي زيردست رياستون پکڙيل هيون، جن مان گهڻين تي نيپولين جا مائٽ راڄ ڪري رهيا هئا. انهن کان پريان آسٽريا، پرشيا ۽ رشيا جهڙا ملڪ هئا. جن عارضي طرح ساڻس ڪونه ڪوٺاهه ڪري پنهنجي جند ڇڏائي ورتي هئي.
    پر اڃا گريٽ برٽن جهڙو هوڏي دشمن باقي بچيل هو. نيپولين جو منڍ ۾ ئي گريٽ کي فتح ڪرڻ جو ارادو هو. انهيءَ لاءِ کيس طاقتور برطانوي بحري ٻيڙي کي دلبو ڏيئي پنهنجي ساحل کان پري رکڻو هو. پر سندس اها حڪمت عملي ناڪام ٿي. نيلسن فرينچ بحري ٻيڙي کي رافالگر وٽ شڪست ڏيئي فرانسيسي ڪاهه جو خطرو ٽاري ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ نيپولين برطانيه خلاف اقتصادي جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي ڪانٽينينٽل سرشتي کان ڪم وٺندي 1806ع ۾ سرشتي ۾ شامل يورپ کنڊ کي برطانوي مال گهرائڻ کان جهلي ڇڏيو. انهيءَ ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. برطانيه خوشحال ٿيندو ويو ۽ نيپولين جي قانون جي پڌري ڀڃڪڙي ٿيندي رهي ۽ مٿس چٿرون ٿيڻ لڳيون. روس، فرانسيسي، روسي معاهدي مان مايوس ٿي، جڏهن ڪانٽينينٽل سرشتي مان نڪري ويو. تڏهن نيپولين کيس سيکت ڏيڻ خاطر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي فوج کي اوڀر طرف وڌڻ جو حڪم ڏنو. 1812ع واري روسي مهم تباهي سان پوري ٿي. نيپولين جي فوج روس جي سخت سياري جي سٽ نه سهي سگهي ۽ ڀاڄ کائيندي ٿڌ ۾ بک وگهي مري وئي. روس ۾ گهڙڻ وقت فرانسيسي فوج جو انگ 611000 هو پر انهن مان صرف ٻه لک ماڻهو پنهنجي تباهيءَ جو داستان ٻڌائڻ لاءِ جيئرا موٽي سگهيا هئا.
    نيپولين جو ڀاري پتلو هاڻي ايترو ته نازڪ ٿي ويو جو کيس ڌڪ هڻڻ سولو ٿي پيو هو. يورپ جون ٻيون طاقتون هن جي خلاف گڏ ٿي ويون نيپولين جنگ جي ٿڪل ٽٽل فرانسسين مان ٻي فوج ٺاهي ورتي ۽ لڳاتار وڙهندو رهيو. پر مارچ 1814ع ۾ اتحادي فوجون پئرس پهچي ويون. نيپولين کي زوريءَ تخت تان لاٿو ويو ۽ کيس جلاوطن ڪري ڀونوچ سمنڊ جي ايلبا نالي ٻيٽ ڏانهن موڪليو ويو.
    ٻئي سال جڏهن اتحادي اڃا يورپ جي نئين سر اڏاوت ۾ لڳا پيا هئا. تڏهن نيپولين ايلبا مان ڀڄي اچي فرانس ۾ پهتو. جتي ڏٺائين ته ماڻهو بحال ٿيل بوريون بادشاهت مان خوش نه هئا ۽ وري شهنشاهيت قائم ڪرڻ لاءِ سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار هئا. هن حڪومت ۽ فوج جون واڳون سنڀاليندي بيلجيم تي ڪاهه ڪئي پر اتحادي فوجن برطانوي ڊيوڪ آف ويلنگٽن جي اڳواڻي هيٺ کيس واٽرلوءَ جي يادگار جنگ ۾ شڪست ڏني.
    نيپولين کي وري جلاوطن ڪيو ويو. هن دفعي سندس جلاوطني دائمي ثابت ٿي. انگريزن کيس سينٽ هيلينا نالي هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ ۾ موڪلي ڇڏيو. جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڇهه سال باغباني ڪندي ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکرائيندي گذاريا.
    اسان جي بس پري کان نظر اچي رهي آهي، جيڪا اسان طرف اچي رهي آهي، ويٺي ويٺي ايترو سارو وقت گذري ويو. خبر ئي ڪانه پئي. وقت اڏوهي جيان زندگي کايو وڃي. خبر ئي ڪانه ٿي پئي. ماڻهو کن پل ۾ وڃيو قبر ڀيڙو ٿئي. بس پارڪ ٻاهران بس اسٽينڊ تي اچي بيٺي. اسان اٿي بس ڏانهن ٿا وڃون. جيڪا اسانجي انتظار ۾ بيٺل آهي، اسانجو گائيڊ هيٺ لهي بس جي دروازي تي ٿي بيٺو آهي ۽ هڪ هڪ سياح کي هٿ مان وٺي بس ۾ چاڙهي رهيو آهي پر جڏهن منا جي بس ۾ چڙهڻ جو وارو اچي ته پاڻ انهيءَ ڏانهن هٿ نه وڌائي ڇو ته اها ساڻس هٿ پهرئين ڏينهن کان وٺي نه پئي ملائي سو پاڻ به هاڻ هري ويو آهي. اسان بس ۾ چڙهياسين ته بس ۾ ڌيمو ميوزڪ هلي رهيو آهي. اسان سيٽن تي ويٺاسين ته بس هلڻ لڳي ۽ بيون جي شهر جي گهٽين ۽ چوڪن تان ڦرندي ڦرندي ٿوريءَ دير ۾ هڪ وڏي چوواٽي تان ڦيرو کائيندي پنهنجي اڳئين منزل يعني پئرس ويندڙ موٽر وي تي اچي چڙهي. جت روڊ مٿان هڪ وڏي لوهي بورڊ تي لکيل هو ته پئرس 193 ڪلوميٽر آهي ۽ اسان انتظار جون گهڙيون ڳڻڻ لڳاسين ته پئرس ڪڏهن ٿا پهچون، جت اسان جي گهمڻ لاءِ ڏاڍا رنگ برنگي پروگرام هئا. جيڪي سڄي واٽ اسان کي اسانجو گائيڊ وقفي وقفي ٻڌائيندو هليو. ٽوئر پروگرام سان گڏ اسان وٽ آپشنل پروگرام به پئرس لاءِ هئا ته پنهنجي ليکي به اسان وٽ ڪئين پروگرام هئا جن ۾ مک پروگرام يورو ڊزني گهمڻ هو، جيڪو جڏهن آئون اڳ پئرس ويو هوس تڏهن اڃا شروع ڪونه ٿيو هو. پر هينئر يورو ڊزني شروع ٿي چڪو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي يورپ مان سياح پئرس اچن. پئرس ته سڄو هونئن به سونهن ٿيو پيو آهي. پر تڏهن به پئرس جون جڳ مشهور جڳهيون سڄي دنيا کي آڻيو هت پهچائين. جنهن ۾ لوور ميوزم جيڪو سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو عجائب خانو آهي.
    ناٽرڊيم گرجا
    هوٽل ڪنڪارڊ محل
    ايفل ٽاور
    يورو ڊزني
    ورسيلس
    شانزلي زي جي شاهراهه يا بازار جنهن جهڙي بازار سڄي دنيا ۾ ڪانه هوندي پر ڏينهن جو ۽ رات جو لاس ويگاس جي بازارن جو ٻيو رنگ آهي. پئرس جي سڄي شهر کي اڄ به خوشبوئن سان ڌوئن. اها چوڻي نه پر حقيقت آهي، جنهن کي مون پنهنجي اکين سان هڪ نه پر ڪافي ڀيرا ڏٺو آهي. اهي سڀئي خيال پچائيندا پچائيندا اچي پئرس جي ويجهو پهتا آهيون.
    پئرس شهر حيرت جي حد تائين ڳتيل آهي. شهر جي پکيڙ 432 چورس ميل ۽ منجهس هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهن جي رهائش آهي.
    سين Scine ندي شهر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿي. هڪڙو ساڄو يعني اتر پئرس ۽ ٻيو کاٻو يعني ڏکڻ پئرس شهر جي ٻنهي ڀاڱن کي ملائڻ لاءِ ڪل ٻٽيهه پليون جوڙيل آهن، سين نديءَ جي شهر مان لنگهندڙ حصي ۾ ندي جي وهڪري يعني وچ ۾ ٻه ننڍا ٻيٽ آهن، هڪڙو آئل ڊي لا سائيٽ IIe de la site جتي ناٽرڊيم ڪيٿڊرل آهي، جيڪو شهر جو قديم ترين سرحد آهي ۽ ٻيو آئل سينٽ لوئس IIe St: Louis جنهن ۾ سترهين صدي ۾ ٺهيل عظيم عمارتون آهن. نئون ماڻهو درياءَ پار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪناري کان پل وسيلي انهن ٻيٽارين تي پڄڻ سان حيران ٿيو وڃي. ته مار! آئون ته اڃا نديءَ جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان.
    1860ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ شهر جو ميئر بادشاهه نيپولين III- جي حڪم موجب شھر ۾ ڪيترائي سهڻا شاهي رستا تعمير ڪرايا جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل هئا. اهڙي طرح شهر جو ڏيک هميشه لاءِ تمام سهڻو ٿي پيو. انهي شاهراهن مان ڪجهه هيٺيان آهن.
    1- سينٽ مچل وارو بوليوارڊ
    2- سينٽ جرمين بوليوارڊ
    3- هائوسمان بوليوارڊ
    4- سيباسٽوپول بوليوارڊ
    5- ميگينٽا بوليوارڊ
    6- والٽيئر بوليوارڊ
    7- اسٽرابوگ بوليوارڊ وغيره
    سين نديءَ جي ساڄي ڪپ تي شهر جي اترئين ڀاڱي ۾ سڀ کان وڏو رستو Avenue des champs elysees جنهن کي شانزلي زي به چوندا آهن، جيڪا آرڪ ڊي ٽريئومف Arc de Triomph يعني فتح چڪر کان شروع ٿئي ٿي ۽ پليس ڊي لاڪنڪورڊ Place de La Concorde ڏانهن وڃي ٿي.
    هائوسمان اوينيو ڊي لا اوپيرا ۽ ٻيا به ٻارهن اوينيو تعمير ڪرايا هئا. جيڪا فتح چڪر وٽان ستاري وانگر پکڙيل هئا. انهيءَ ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو پليس ڊي لا ايٽوائيل يعني ستارا چوڪ رکيو ويو. صدر ڊيگال جي وفات کانپوءِ انهيءَ جو نالو ڦيرائي چارلس ڊيگال چوڪ رکيو ويو. ميئر بيرن هائوس مان شهر جي اولين ماڳ سين واري ٻيٽاريءَ ۾ وچئين دور واريون عمارتون ڊهرائي هن ٻيٽاري کي ناٽرڊيم ڪيٿڊرل شوڪيس وانگر سينگار سان تعمير ڪرايو. آخر ۾ هن شهر جي اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر دنگ تي ٻه شاهي باغيچا پوکايا.
    پئرس شهر 20 ويهن ميونسپل وارڊن ۾ ورهايل آهي. جن کي ارانڊ سمينٽ Arrondissement چئبو آهي. هر هڪ ارانڊسمينٽ کي پنهنجو آزاد ميئر هوندو آهي. تنهن کانسواءِ انهيءَ ۾ هڪ مرڪزي پوسٽ آفيس، پوليس اسٽيشن ۽ سٽي هال هوندو آهي. شهر جا اڪثر نقشا ارانڊسمينٽ موجب ورهايل ۽ ٺهيل آهن. شهر جي سمورين ايڊرسن ۽ ارانڊ سيمنٽ جو نمبر پڻ شامل هوندو آهي. جيڪو رومي يا عربي انگن ۾ لکيل هوندو آهي ۽ ان سان گڏ e يا er حرف لکيل هوندا آهن، جڳهين جا نمبر ندي جي وهڪري موجب اوڀر کان اولهه ڏانهن لکيل آهن.
    اسانکي گائيڊ ٻڌايو ته هينئر شهر ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ هوندي تنهنڪري پاڻ ڪوشش ڪري اهڙن رستن تان ٿا هلون جئين جلد هلي پنهنجي رهائش جي هوٽل تي پهچون. اسان پئرس جي سهڻن رستن تان ٿيندا اچي پنهنجي هوٽل جي اڳيان بس تان هيٺ لٿاسين. هوٽل جو نالو اپوگيا اوري (Apogia Ivery) هو. هوٽل تمام وڏي ۽ تمام خوبصورت هئي. هوٽل جي ٻاهران ٻيون به ڪيتريون ئي ٽوئرسٽ بسون بيٺيون هيون. ان کانسواءِ هوٽل بيسمينٽ Basement ۾ ويهارو کن بسن جي بيهڻ جي گنجائش هئي.
    اسان هوٽل رسيپشن تي پهتاسين ته اسانجي گائيڊ هر هڪ جو نالو وٺي پوءِ ٿي چاٻي ڏني. هاڻ اسان به انهن چاٻين جي ڪرشمن کان واقف ٿي ويا هئاسين، سو چاٻيون وٺندي وڃي پنهنجي ڪمرن تي پهتاسين.


    ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

    1- They rules Sindh for Fifteen years
    2- سات سمندر پار (سفرنامه)
    3- وري نه ورندو وڻجارو
    4- سنڌي شاگرد سياست
    5- وريم ڏيساور (سفر نامو)
    6- هو جي وڻ ولات جا (سفر نامو)
    7- ڪنواريون ۽ ڪنول (سفرنامو)
    8- ديس بديس (ادبي ايوارڊ حاصل ڪيل سفرنامو)
    9- ٻنون ٽو ٽوڪيو (سفرنامو)
    10- ڪجل ڀنل نيڻ (سفرنامو)
    11- اترلڳا آءُ پرين (سفرنامو)
    12- پريان سندي پار ڏي (سفرنامو)
    13- پليجو رائونڊ دي ورلڊ (سفرنامو اڻ ڇپيل)
    14- ونڊرس آف دي ورلڊ (سفرنامو اڻ ڇپيل)
    15- توکي ساريو سپرين (سفرنامو اڻ ڇپيل)
    16- مضمون (اڻ ڇپيل)
    17- خاڪا (اڻ ڇپيل)
    18- ويهي ڪيم ويچار (آتم ڪٿا اڻ ڇپيل)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 741
    ڪتابن جو مشاهدو: 1149922
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368032
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ