ڪتاب جو نالو: ڪافر ديوتا
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: نئين دنيا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1979
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 30 جون 2018 ع
پڙهيو ويو: 682 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 296 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ڪافر ديوتا“ ڇهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ورکا، ڪارو پهاڙ، ڪافر ديوتا، تنهنجي جنازي پويان، گوڊ وٽ جو جنم ۽ پل جي پريان ڪهاڻيون شامل آهن. ورکا، ڪارو پهاڙ ۽ پل جي پريان هڪ نئين سوچ تحت لکيل ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مايوسين کان انڪار نه ڪيو ويو آهي، پر اهو اقرار ڪيو ويو آهي ته مايوسين جو وجود لازمي امر آهي، جنهن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿوڪري سگهجي. ”پل جي پريان“ ۾ هر مايوس انسان آپگهات ۾ نجات ڳولي ٿو، پر هڪ لنگڙو ۽ چيچلائيندڙ انسان مصيبتن ۾ رهندي به ان ڪري جيئرو آهي ته هو هڪ انڌي عورت سان ئي صحيح، پر پيار ڪري ٿو ۽ اهو پيار ئي هن جي مايوس زندگيءَ جي آس بڻجي، هن کي ٻين نراس انسانن کان منفرد ڏيکاري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر وٽان
  • اَمهاڳ
  • مهاڳ
  • ورکا
  • ڪارو پهاڙ
  • ڪافر ديوتا
  • تنهنجي جنازي پويان
  • گوڊوٽ جو جنم
  • پل جي پريان

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪافر ديوتا : چونڊ ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڇاپو : پهريون، فيبروري 1979ع
    ڇپائيندڙ : رزاق مهر
    نئين دنيا پبليڪشنس لاڙڪاڻو
    ٽائيٽل ڊزائين ۽
    فوٽو اسڪيچ : ادل سومرو
    قيمت : 00-6 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    انهن ڪافرن جي نالي
    جيڪي ديوتا آهن.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪافر ديوتا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي.
    ”ڪافر ديوتا“ ڇهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ورکا، ڪارو پهاڙ، ڪافر ديوتا، تنهنجي جنازي پويان، گوڊ وٽ جو جنم ۽ پل جي پريان ڪهاڻيون شامل آهن. ورکا، ڪارو پهاڙ ۽ پل جي پريان هڪ نئين سوچ تحت لکيل ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مايوسين کان انڪار نه ڪيو ويو آهي، پر اهو اقرار ڪيو ويو آهي ته مايوسين جو وجود لازمي امر آهي، جنهن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿوڪري سگهجي. ”پل جي پريان“ ۾ هر مايوس انسان آپگهات ۾ نجات ڳولي ٿو، پر هڪ لنگڙو ۽ چيچلائيندڙ انسان مصيبتن ۾ رهندي به ان ڪري جيئرو آهي ته هو هڪ انڌي عورت سان ئي صحيح، پر پيار ڪري ٿو ۽ اهو پيار ئي هن جي مايوس زندگيءَ جي آس بڻجي، هن کي ٻين نراس انسانن کان منفرد ڏيکاري ٿو.
    هي ڪتاب رزاق مھر صاحب نئين دنيا پبليڪيشنز لاڙڪاڻو وٽان 1979ع ۾ ڇپايو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو مھربانيون رحمت پيرزادي جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر وٽان

    ڪجهه عرصو ادبي اسڪرين تان گم رهڻ کان پوءِ وري بي جان پنن جي وچ ۾ زندگي جا مختلف روپ کڻي نئين دنيا اوهانجي آڏو آئي آهي، نئين دنيا نون ماڻهن جي نئين سوچ ۽ نئين روشني جي ڌارا جو نالو آهي، اهڙي ئي هڪ دنيا سان واسطو رکندڙ هڪ ليکڪ رسول ميمڻ آهي، جنهن جي ڪاوشن کي پنهنجي وجود جي ذري ذري ۾ سانڍي نئين دنيا، ڪلا جي هن کيتر ۾ اڄ وري وارد ٿي رهي آهي.
    هن کان اڳ واجد ۽ حبيب بروهيءَ جي ڪويتائن جو ٻٽو مجموعو ”منهنجا گيت زهر جي ڳيت / درد جون واديون“ نئين دنيا جو پهريون ڪامياب قدم هو، ۽ اڄ ڪافر ديوتا سان ٻيو قدم کڻندي تهائين وڌيڪ سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون.


    * هڪ وينتي:
    شڪارپور مان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتابي سلسلو، جو ساڳي نئين دنيا جي سري هيٺ شروع ڪيو ويو آهي، ان جي سهڙيندڙ لاءِ هڪ وينتي آهي ته اڃا ته اسان جيئون پيا.

    * هڪ وضاحت:
    ڪجهه عرصو اڳ نئين دنيا کي سکر مان پڌرو ڪندا رهياسين، ۽ هاڻ ڪن اڻ ٽر سببن ڪري ساڳيو سلسلو لاڙڪاڻي مان شايع ڪري رهيا آهيون.

    * هڪ وچن:
    نئين دنيا پاران هر ٽين مهيني هند ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڪلاڪارن جي ڪلاتمڪ رچنائن جو ڪتاب اوهان تائين پهچائڻ جو اسان سنجيدگي سان وچن ڪري رهيا آهيون .


    ادارو :
    نئين دنيا پبليڪشن لاڙڪاڻو


    اَمهاڳ

    ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ گهڻو ڪري رٽائرڊ اديب لکندا آهن، مان لکڻ تان رٽائرڊ نه ٿيو آهيان، مان هڪ ٽهيءَ کان ٻيءَ ٽهيءَ تائين نوجوانن جو همعصر آهيان، لکي رهيو آهيان، ڪتابن جا مهاڳ رٽائرڊ اديبن کانسواءِ بزرگ اديب به لکندا آهن. مان عمر جي لحاظ کان لهندڙ سج ۾ شاهه بلوط جو پاڇو آهيان، مان موهن جي دڙي جو ڊٺل چوواٽو آهيان، مان اروڙ جي شڪست آهيان، پر مان بزرگ نه آهيان، مان محبت جو ليکڪ آهيان، پر مان ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي محبت کان جدا ٿيل آهيان، ان جدائيءَ کي مون جسم کان جان جي جدائيءَ وانگر محسوس ڪيو آهي، دل جا داغ روشن آهن، وقت جي دز تصور جي آئيني ۾ ڪنهن جو عڪس لٽي نه سگهي آهي، مون کيس پنهنجي وجود ۾ ساهه وانگر محسوس ڪيو آهي، حياتيءَ جي وحشتن ۾ ڪا گهڙي اهڙي نه گذري آهي، جو خيالن جا غوراب ياد جي سمونڊ تان واپس وريا هجن، هوءَ جتي به آهي، جيئن به آهي. منهنجي قوت آهي، منهنجي همٿ آهي، هوءَ منهنجي روشني آهي، هوءَ منهنجي بصيرت آهي، اسين ٻئي پنهنجي پنهنجي تقدير جا ڪتاب نه هئاسين تنهن ڪري جدائيءَ جي ريکا ڊاهي نه سگهياسين. منهنجي تحرير جو هڪ هڪ لفظ هن لاءِ آهي هڪ هڪ جملو هن لاءِ آهي، مون هن لاءِ لکيو آهي مان هن لاءِ لکندو رهندس. مون هڪ دفعي کيس چيو هو منهنجو اواگون ۾ يقين آهي، مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ جنم وٺندو رهندس. سنڌو مجبورين ۽ پابندين جي باوجود مان توسان محبت ڪندو رهندس توکي چاهڻ جي باوجود توکان جدا ٿيندو رهندس.
    محبت جا ليکڪ بزرگ نه ٿيندا آهن، تنهنڪري مان رسول جي ڪتاب جو مهاڳ نه لکندس، مان رسول جي حوالي سان ادب ۾ اولڙن جو ذڪر ڪندس.
    دنيا جي هر ڪا تخليق درد مان جنم وٺندي آهي، تخليقي عمل جي درد مان لنگهندي ڪجهه عرصي تائين فنڪار کي سنئين واٽ وٺ نه ڏيندي آهي، ان مونجهاري چڱن چوکن فنڪارن کي ماري وڌو آهي، مون رسول جا افسانا غور ۽ چاهه سان پڙهيا آهن، مان اهو نه چوندس ته رسول کان اڳ ڪنهن به اهڙا سٺا افسانا نه لکيا هئا ۽ رسول کان پوءِ ڪو به اهڙا سٺا افسانا لکي نه سگهندو، اها ننگي منافقت ٿيندي، رسول کان اڳ سٺا افسانا لکيا ويا آهن، ۽ رسول کان پوءِ به سٺا افسانا لکيا ويندا، تاريخ جي تسلسل کي ڪا به طاقت روڪي نه سگهي آهي، ويجهڙائي ۾ شايع ٿيل رسول جي شاعريءَ جو ڪتاب ”اوشا جي آشا“ پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته رسول بنيادي طرح Fiction جو ليکڪ آهي، ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندس لاڙو شاعراڻو آهي، سندس سوچ شاعراڻي آهي، سندس اظهار جو طريقو شاعراڻو آهي، سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن جن کي نظم ۽ نثر تي هڪجهڙي قدرت حاصل آهي، في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي تري آيا آهن، هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمر شهباز.
    رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل افسانن جي باري ۾ ڪا به راءِ ڏئي مان اوهان جي راءِ لاءِ تضاد جو سبب پيدا نه ڪندس. مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان توجه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن، رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن.


    امر جليل
    20-2-1979
    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي،
    اسلام آباد.


    مهاڳ

    (”امن جي نالي“ کان ”ڪافر ديوتا“ تائين)

    اڄ هڪ دفعو وري ڪتاب منهنجي سامهون آهي ۽ قلم منهنجي هٿ ۾، ٽي سال اڳ ”امن جي نالي“ پيش ڪندي مون ڪڏهن به اهو نه سوچيو هيو ته ڪتاب جي اچڻ سان ڪا ايڏي ڌماچوڪڙي ٿيندي ۽ مان ان ڪتاب جي نالي سان ئي سڃاتو ويندس. ”امن جي نالي“ مون کي ڪنهن حد تائين شهرت بخشي، هڪ اهڙي شهرت جيڪا سارتر جي ان نظريي جي برخلاف آهي ته شهرت قبرن کي سينگارڻ لاءِ هوندي آهي، اها هڪ تخليقڪار کي موت جي منهن ۾ ڏئي ان جي قبر کي گلن وانگر سينگاري ٿي، مان ته نه ٿو سمجهان ته ڪو شهرت منهنجين تخليقي صلاحيتن لاءِ موت جو سنيهو کڻي آئي آهي، ڇو جو مان شهرت کي ڪڏهن به پاڻ تي مسلط ٿيڻ نه ڏنو آهي، مون ان کي ڪڏهن به محسوس نه ڪيو آهي.
    ادبي ميدان ۾ اچڻ سان منهنجن ڪيترن دوستن کي اها شڪايت ٿي پئي ته منهنجيون ڪهاڻيون انهن جي سمجھ کان بالاتر آهن. منهنجي approach ايتري ٿي ئي نه ٿي سگھي جو اٿندي اهڙيون ڳالهيون ڪريان جيڪي انهن لاءِ نيون هجن. ڪيترن دوستن اهو چيو ته، منهنجيون جنگ يا امن جي موضوع تي لکيل ڪهاڻيون انگريزي ادب جو ترجمو آهين؟
    شايد منهنجي متعلق انهن جي اها راءِ سچي هجي!؟ ڇو جو نوجوان ٽهيءَ سان منهنجي هميشه اها شڪايت رهي آهي ته هو Table talking ذريعي سياستدان يا اديب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن. هو پنهنجن هٿن ۾ ڪتاب کڻي ڪڏهن به ان جا ورق اٿلائڻ پسند نه ٿا ڪن. ڪنهن جيڪڏهن انهن کي اهو چئي ڇڏيو ته آسمان هيڊو آهي ته هو ان کي هيڊو ئي تسليم ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪو واقعي ئي آسمان ڏي نهاري انهن کي ان جي نيري هجڻ جا ثبوت پيش ڪرڻ چاهي ته هُو اُن کي ڪوڙو ۽ بي ايمان سمجھي ٺُڪرائي ڇڏيندا. هو هر شيءِ کي پنهنجي سوچ کان هٽي هڪ مخصوص نظريي تحت پرکڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن اهو انهن جي سوچ جي سطح کي پهچي ٿو ته ان جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا پر جيڪڏهن انهن جي سطح کان مٿاهون آهي ته هو ان کي واهيات چئي بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏين ٿا.
    ارتقائي اصول موجب هر ڪنهن جي ذهني سطح هڪ جيتري نه آهي، جيڪو هڪڙن ۾ سمائجي نه ٿو سگھي اهو ٻيا absorb ڪن ٿا، جن ۾ absorb ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي اهي پنهنجي ذهني جدوجهد ۽ هڪ سڌي رستي واري ارتقائي منزل تي گامزن ٿي انهن شين کي ڳولهي لهن ٿا جن جي انهن وٽ ڪمي آهي.
    جيڪڏهن اوهان سطحي يا صحافتي ادب چاهيو ٿا ته، اسان به کوهه جي بيٺل پاڻيءَ کي پسند نه ٿا ڪريون جنهن ۾ ترندڙ ڏيڏرن جي ”ٽان ٽان“ ان جي چوديواريءَ ۾ بند ۽ هڪ دوکي جي دنيا جو ظهور ڏيندڙ آهي. ”امن جي نالي“ جي شروعات ۾ مون پنهنجي پاران صرف جبران جو هڪ Quotation ڏيڻ ئي پسند ڪيو هيو، جيڪو آءٌ هڪ دفعو وري دهرائڻ چاهيان ٿو. ”تنهنجو اهو قول آهي ته تون مون کي سمجھي نه ٿو سگھين اها وڏي تعريف آهي جنهن جي مان لائق نه آهيان ۽ بي عزتي پڻ آهي جنهن جو تون مستحق نه آهين.“
    ”امن جي نالي“ کانپوءِ ”اوشا جي آشا“ ميدان ۾ آيو ان ڪتاب جو مهاڳ مان پاڻ ئي لکڻ پسند ڪيو جيئن ادبي وهنوار ۽ ان جي پيچيدگين کي پاڻ منهن ڏئي سگهان، ادب ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ تنقيد جو اصل مقصد ۽ ان جي تعريف بيان ڪري سگهان، ادب ۽ نظرين جي لاڳاپن جو تذڪرو ڪري سگهان ۽ هي اهو ئي مهاڳ هيو جنهن منهنجي شاعراڻي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، پوري ڪتاب جو مرڪز وڃي اهو مهاڳ ئي بچيو ۽ هر ٽيڪا ٽپڻي وڃي ان تائين محدود رهي، ڪيترا دوست ناراض ٿيا ۽ ڪيترن ناراض ڪيو، مطلب ته ڄڻ سڄي ڪتاب ۾ لکيل منهنجو هڪ اهو ئي مضمون هيو جيڪو وڃي نقادن جي اڏيءَ تي پيش ٿيو، ان مهاڳ ۾ گهڻو ڪجهه بحث ٿيل آهي جنهن ڪري مان وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان، هر ڪنهن کي ان جي سوچ جي آڌار تي قبول يا نه قبول ڪرڻ جي اجازت ٿو ڏيان، ڇو جو مستقبل مونکان وڌيڪ سيکارڻ جون صلاحيتون رکي ٿو.
    ”ڪافر ديوتا“ منهنجين ڇهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ورکا، ڪاروپهاڙ، ڪافر ديوتا، تنهنجي جنازي پويان، گوڊ وٽ جو جنم ۽ پل جي پريان ڪهاڻيون شامل آهن.
    ورکا، ڪاروپهاڙ ۽ پل جي پريان هڪ نئين سوچ تحت لکيل ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مايوسين کان انڪار نه ڪيو ويو آهي، پر اهو اقرار ڪيو ويو آهي ته مايوسين جو وجود لازمي امر آهي، جنهن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿوڪري سگهجي، ڪاميو هجي يا ڪافڪا، اسان انهن جي سوچن کان لاپرواهي اختيار ڪري نه ٿا سگهون، ڇو جو اهي زندگيءَ جي حقيقتن جي ويجهو آهين، انهن وٽ جيئرا ۽ امر مشاهدا آهن، جن کان انڪار ڪرڻ ڪفر آهي پر Pessimism انسانن کي هڪ سڌي واٽ جو ڏسڻ ڏيڻ بجاءِ زندگيءَ جي ڏکين راهن کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏي ٿي، اهو نامڪمل نظريو آهي جيڪو حقيقتن جي قريب هوندي به انسان ذات لاءِ تباهي ۽ موت جو پيغام آهي ۽ مان پهريون دفعو انهن راهن کان هٽي مايوسين کي قبول ڪندي، انهن جي معرفت اميدن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري هڪ نئين نظريي Pessimistic optimism کي پنهنجي لکڻين ۾ متعارف ڪرايو آهي.
    ”ورکا“ ۾ به اهڙين ئي مايوسين کي چٽيو ويو آهي، ڪنهن به شيءِ تي ڦولن جي ورکا ڪرڻ عقيدت ۽ پيار جي نشاني آهي، هڪ انسان پنهنجي محبوب جي قبر کي پيار ڪري ٿو، ان کي چمي ٿو، حالانڪ قبر مايوسين جو Symbol آهي، پر هڪ انسان جي قبر سان عقيدت ۽ دنيا کي قبرستان سان تشبيهه ڏئي ان تي گل نڇاور ڪرڻ Optimism کي ظاهر ڪري ٿو، ”ڪارو پهاڙ“ ۾ موت کانپوءِ جي زندگيءَ کي نندي انسان جي مادي هجڻ جا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، دنيا ۾ ٿيندڙ هر جدوجهد کي موت سان مقابلو قرار ڏئي مايوسين کي اڀاريو ويو آهي، ڇو جو موت حقيقت آهي ۽ ان کي شڪست بي وقوفي. انسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ته زندگي سزا آهي، جيڪا موت تائين انسان سان لاڳو آهي، پر ڪهاڻيءَ جو ڪردار آپگهات ڪري زندگيءَ کي معمولي سزا نه ٿو ڏيڻ چاهي، پر پنهنجي ڪاهلين مان نڪري وڌيڪ محنت طرف مائل ٿئي ٿو ۽ اهڙي نموني خودسوزيءَ جي واٽن تان لنگهي شدت سان جيئڻ جو پهه ڪري آپگهات جهڙي معمولي شيءِ کان ڪناراڪشي اختيار ڪري ٿو.
    ”پل جي پريان“ ۾ هر مايوس انسان آپگهات ۾ نجات ڳولي ٿو، پر هڪ لنگڙو ۽ چيچلائيندڙ انسان مصيبتن ۾ رهندي به ان ڪري جيئرو آهي ته هو هڪ انڌي عورت سان ئي صحيح، پر پيار ڪري ٿو ۽ اهو پيار ئي هن جي مايوس زندگيءَ جي آس بڻجي، هن کي ٻين نراس انسانن کان منفرد ڏيکاري ٿو.
    ”ڪافر ديوتا“ ۽ ”گوڊوٽ جو جنم“ سادن لفظن ۾ لکيل ٻه ڪهاڻيون آهن، جيڪي انساني عظمت، ٻڌي ۽ امن جو سنيهو ڏين ٿيون.
    ”پل جي پريان “ هڪ طويل شاعراڻي لهجي ۾ لکيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ آمريڪي اديب هاٿورن جي لکڻين جو تاثر ملي ٿو، هاٿورن اهو آمريڪي اديب آهي، جنهن کي جيئري ڪو به Response نه مليو، ڇو جو هو مستقبل جو ليکڪ هيو ۽ اڄ واقعي ئي حال ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪي ڪي انسان پنهنجي وقت کان پهريان پيدا ٿيندا آهن، آءُ ڪنهن به تاثر کانسواءِ ان ڪهاڻيءَ ۾ هاٿورن جي سحرانگيزيءَ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن منهنجي خيال ۾ افساني کي نئون موڙ ڏنو آهي، اهو بلڪل نئون تجربو آهي، جنهن ڪري آءُ چئي نه ٿو سگهان ته ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان.
    آخر ۾ انهن دوستن جا ٿورا جن هن ڪتاب آڻڻ ۾ سهڪار ڪيو.

    رسول ميمڻ
    10-2-1979
    گلستان هوٽل گهٽي،
    بئريج روڊ سکر سنڌ.


    ورکا

    روڊ پسيا پيا هيا، اڻ کٽندڙ سوچن جيڏا ڊگها روڊ، جيڪي نظرن وٽان شروع ٿي ڏور ٿيندا ڪوهيڙي ۾ ڌنڌلا ٿي ٿيندا ويا. ٿڌ ڪري هر عمارت ڄڻ گوڏن ۾ ڪنڌ هنيو ڪنڊڙي ٿي بيٺي هئي. بارش کانپوءِ گهوگهٽ ڪري هلندڙ هوا روڊن تي پيل ڪاغذن کي اڏارڻ پئي چاهيو پر ڪاغذ پاڻيءَ جي آلاڻ سبب روڊ سان چهٽيا پيا هيا ۽ رڳو انهن جون ڪناريون سيءَ کان ٿڙ ٿڙ ڪري ٿي ڏڪيون. آسمان ۾ ڦهليل بادلن جا ٽڪڙا آهستي آهستي ٿي چنڊ کان هٽيا ٿي ته پورا روڊ ٻري ٿي پيا، ۽ انهن جي ترائين ۾ هوا جي لڳڻ ڪري پيدا ٿيندڙ لهرن پويان چنڊ جو ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس ائين ٿي محسوس ٿيو، جيئن ڪنهن سون پگهاري روڊ تي هاري ڇڏيو هجي.
    پنهنجي پراڻي کٿل بوٽ سان روڊ تي ڦهليل پاڻيءَ جي دٻن ۾ ڇٻڪ ڇٻڪ ڪندو ماليءَ جي دڪان تي اچي پهتو، هن ڳاڙهين سرن واري دڪي تي قدم رکي کيسي ۾ هٿ وڌو.
    ”مالي“ هن چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ پوءِ هٿ سان دڪان جي ڇپري واري ڏنڊي سان اکيون ٻوٽي ٽيڪ ڏئي ويٺل ماليءَ جي ڪلهي کي لوڏڻ شروع ڪيو ”مالي .......... مالي“ هن جي آواز تي هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ۽ هن جسم سان ويڙهيل ڪمبل کي مٿي وٽان سرڪائي اکين کي ظاهر ڪندي هن ڏانهن ڏٺو.
    ”هو توهان.“
    هن چيو ۽ پوءِ پنهنجي اڳيان پيل نازبوءِ جي ڏانڊين مان ڪجهه کڻي انهن کي ڪاغذ ويڙهيندي هن کي مخاطب ڪيو ”اڄ ڏاڍي دير ڪيوَ؟“
    ”ها“ هن اڀو ساهه کڻي چيو ”بس بارش.“
    ۽ ان کانپوءِ ٻئي خاموش ٿي ويا.
    هن ماليءَ کي سڪو ڏنو ۽ نازبوءِ جي ڏانڊين کي قابو ڪري ڳاڙهين سرن واري دڪي تان هيٺ لهي ويو.
    ڪوهيڙي پويان ڪا به شيءِ ظاهر نٿي ٿي، رڳو ڪجهه قدمن تائين نظر صاف ٿي پئي مينهن ڪري بجلي ڪڏهن کان بند ٿي چڪي هئي ۽ اڃان تائين روڊن جي ٿنڀن ۾ لڳل بلب بي نور هيا. ڪڪڙ جي رس وڪڻندڙ ڪپڙن ۾ ويڙهيا سيڙهيا ديڳڙيءَ هيٺان ٻرندڙ باهه تي هٿ سيڪي رهيا هيا ۽ گهٽين ۾ بيٺل چوڪيدار کنگهيا ٿي. هو هلندو هلندو شهر جي ٽاور وٽ اچي پهتو. هن مڪمل طرح پاڻ کي ڪپڙن ۾ ڍڪي ڇڏيو هيو ۽ پيرن تائين لڙڪندڙ ڪوٽ ڪري هن جو قد حد کان وڏو ٿي نظر آيو.
    هو ٽاور ٽپي مقام طرف ٻئي روڊ ڏانهن مڙيو ته هن کي بند ٿيل پڙين ۽ روڊ ڏانهن کلندڙ تختن تي ڪيترائي انسان چادرن ۾ ليٽيل نظر آيا، اهي سيءَ کان ڪٻڙا ٿي ڳٺڙي ٿيا پيا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن کنگهي پاسو ٿي ورايائون. هن هلندي هلندي هڪ ٻئي پويان انهن تي نظر وڌي.
    ”انسان حاصل ڇا ٿو ڪري.“ هن سوچيو.
    ”هو صرف لٽجڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي.“
    ”ته پوءِ هن چرپر ۽ ارتقا جو مقصد ڇا؟“
    ”ڪجهه به نه، انسان کي دنيا جي ايٽ سان ٻڌي هن گردش جو بنياد رکيو ويو آهي، هڪ انسان گهلجي گهلجي وڃي ٿو ته ٻيو ان جي جاءِ وٺڻ لاءِ اڳ ۾ ئي تيار آهي.“
    ”آخرڪار ائين انسان ڪيسيتائين پاڻ کي موت جهڙي سرديءَ کان سنهي چادر سان ڏور رکندو، هن جي چڱائي ان ۾ آهي ته هو ان چادر کي هٽائي پاڻ کي سرديءَ جي بگهڙن حوالي ڪري ڇڏي ۽ خاموشي سان ختم ٿي وڃي. آخرڪار انهن صدمن مان حاصل ڇا ٿو ٿئي، جنهن جي سهاري زندگي گذاري ڇڏجي.“
    هن محسوس ڪيو جيئن هن جو بدن هلڪو ٿيندو هوا ۾ بلند ٿيندو وڃي. هن جي تاڪين ۾ ڪا شيءِ هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، هن پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ هروڀرو به ڪوٽ جي ڪالرن ۾ هٿ وجهي هيٺ ڇڪيو، نازبوءِ جون ڏانڊيون هن جي هٿ ۾ هيون ۽ اڃان به انهن جي ساون پنن مان پاڻي پئي ٽميو. هن کي ان جا واڱڻائي گل ائين محسوس ٿيا جيئن آکيرن ۾ ويٺل جهرڪين جا ٻچڙا هن کان ڊڄي، حيرت ڀريل اکين سان هن ڏانهن نهاريندا هجن. هن انهن ڏانڊين کي سنگهيو ۽ هڪ عجيب بي چينيءَ کان هن جون اکڙيون ڀرجي آيون. روح به نازبوءِ جي پنن جهڙا پاڪ ۽ تازا آهن. هن سوچيو ۽ پوءِ پنن ڏانهن نهاريو، پاڻيءَ جون ننڍيون ننڍيون بوندون پنن تي هن کي معصوم ٻار جيان مرڪي چيڙائي رهيون هيون، واڱڻائي گل ننڊ ۾ ساهه کڻي رهيا هيا، انهن جي اندر مان نڪرندڙ ٻاڦ هن کي ائين محسوس ٿي جيئن هو ڪنهن روح کي ڇهندو هجي، هن کي نازبوءِ جي خوشبوءِ ۽ روح ۾ ڪو به تفاوت نظر نه آيو.
    قبرستان اڃان به ڏور هيو ۽ ڏانڊين جي سڪڻ جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. بارش کانپوءِ هلندڙ گهميل هوا انهن کي تازو رکڻ لاءِ ڪافي هئي.
    هو اڳتي وڌيو ته هڪ چوسول تي هن کي هڪ شخص نظر آيو، جيڪو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اگهاڙو هيو. ان جي بدن جي ڪاري چمڙي چمڪندڙ رات ۾ ائين ٿي لڳي جيئن چنڊ دنيا جي ڪاراڻ پي ڪارو ٿي ويو هجي ۽ دنيا اڇي. اهو وچ روڊ تي بيٺو هيو ۽ خبر نه آهي هن هر هر ڪنهن سان پئي ڳالهايو. هو کلي رهيو هيو ۽ نچي رهيو هيو، ائين ٿي ڏٺو جيئن هو بي انتها خوش آهي، جيئن هن کي يقين ٿي ويو هجي ته هو پيڙجندڙن منجهان نه آهي. جيئن هن موت جي هٿ تي چمي ڏئي بيعت ڪئي هجي ۽ زندگيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ ان کي وچ چوسول تي اگهاڙو ڪري نچايو هجي. ”چريو.“ هن دل ئي دل ۾ ورجايو ۽ هڪ زهريلي مرڪ سان ان اگهاڙي کي ڏسندو اڳتي وڌيو.
    هاڻي اها رونق به ختم ٿي چڪي هئي، جيڪا ڪجهه وقت پهريائين هن کي روڊن تي نظر آئي هئي، شايد رات ڪافي لنگهي چڪي هئي ۽ هو شهر کان گهڻو ڏور نڪري آيو هيو، هاڻي ڪو به انسان ڪو نه ٿي نظر آيو، رڳو دڪانن جا بينر اکيون کولي جاڳي رهيا هيا. چانڊوڪيءَ ۾ آليون عمارتون هن کي کير جي سمنڊ ۾ وهنجنديون نظر آيون، جيڪي ڄڻ سمنڊ ۾ اٿندڙ ڇولين ڪري ٽيڏيون سڌيون ٿي لڏي رهيون هيون، ڪٿان پريان اسٽيشن جي ڀرسان ريل ڇنڊ ٿي ڪيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪتي جي هلڻ ڪري پاڻيءَ ۾ ڇٻڙڪ پئي پيدا ٿيا نه ته گهڻي قدر خاموشي هئي، ڪٿي ڪٿي رستن تي نالين ڀرسان ڀتين جي پاڙ ۾ جهرڪيون پنهنجي آلن پرن سان ٿر ٿر ڪري ٿي ڏڪيون، اهي مينهن ۾ کنڀ پسائي ڪريون هيون ۽ انهن ۾ اڏامڻ جي سڪت باقي نه رهي هئي.
    ويران روڊ کي ڏسي هن سوچيو، ”ڏينهن جي اکيون ڪڍندڙ روشنيءَ ۾ ڪي ته هوندا جيڪي ڪنهن لاءِ ڪلهن تي مڻ وزن جا رکي ڊوڙندا هوندا، انهن جا پير ڦاٽي ۽ ڪنڌ ٻوجهه کان سڄي پوندا هوندا، ڪي ته هوندا جيڪي ڪنهن ڊگهي سفر کان موٽي پنهنجي بيگ جي هٿن کي بي چيني سان مهٽيندا ڪنهن جي ياد کي دل ۾ سمائي وڏيون ورانگون کڻندا گهرن ڏانهن موٽندا هوندا ۽ ڪي وري ٻارن جي چيڙيل ۽ اڻڀن مٿن تي هڪ هٿ رکي ٻيو هٿ ماڻهن ڏانهن ڦهلائيندا هوندا.“ هن کي محسوس ٿيو ته جيئن هر انسان پاڻ کي حرارت پهچائڻ لاءِ ڊوڙندو هجي، جيئن هو هڪ گهڙي به بيٺو ته ٿڌو ٿي ڪرندو ۽ ڪڏهن نه اٿندو. هن سوچيو آخر اهڙي ڊوڙ مان فائدو ئي ڇا؟ جنهن جو ڪوئي انجام نه هجي، انسان کي هڪ ڏينهن ٿڌو ٿي ڪرڻو آهي ۽ ان کانپوءِ ڪجهه به نه آهي، شايد خاموشي ۽ اوندهه به نه. انهن گهڙين کي انسان محسوس به نه ٿو ڪري سگهي، انهن کي چٽي به ته آخري ڪيئن؟ هن کي ان حرارت جو ڪو به مفهوم سمجهه ۾ نه آيو، هر ڪو هڪ ڏينهن ٿڌو ٿيڻو آهي، پوءِ هن حرارت جو مقصد ڇا؟ موت سان مقابلو ڇو؟ جيڪڏهن ٻن ڌرين مان هڪ کي اهو علم آهي ته هن جي شڪست يقيني آهي ته ان جي آڻ مڃڻ ۾ ئي نجات آهي، موت اڻ ٽر آهي، هن کي سامهون ڦهليل ماحول ائين لڳو جيئن اهو ننهن وارو هٿ وڌائي هن جي مٿي تي رکي زور سان دٻائيندو هجي، جيئن خاموشيءَ مان موت پڙاڏا ڪري ڪتي جيان ڀونڪندو هجي. هو بيزار ٿي چڪو هيو، هن سوچن کان پاند ڇڏائڻ لاءِ انهن کان پاسو ڪرڻ چاهيو، هن جون ٿڪل ڄنگهون ڪجهه تيز ٿي ويون، هو بس اسٽينڊ کان اڳتي وڌي چڪو هيو ۽ هاڻي هن جي ڄنگهن ۾ اها همت نه رهي هئي جو اهي هن جي جسم جو بار کڻي سگهن. هن فٽ پاٿ تي قدم رکيو ۽ هلڪيون هلڪيون وکون کڻندو ان پٿر جي سامهون اچي بيٺو، جنهن تي لکيل هيو، قبرستان اڌ ميل ۽ هڪ تير جو نشان جيڪو هڪ ڊگهي ويران روڊ طرف اشارو ڪري رهيو هيو، جيڪو روڊ هن کي چانڊوڪيءَ ڪري ڪوهيڙي ۾ ٽانڊي جيان ٻرندو نظر آيو. هن ڪجهه دير ٿڪ پٽڻ لاءِ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو ۽ سر جهڪائي ان جي ڀرسان ڦٽ پاٿ تي ويهي رهيو. هن نازبوءِ جي ڏانڊي کي نهاريو ۽ پوءِ ان پٿر کي مٿو ڏئي هن پاڻ کي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو.
    **********
    هن قبرستان ۾ قدم رکيو ته چيڪڙ ڪري هن جا بوٽ ڌرتيءَ ۾ گپيا ٿي ويا ۽ ٻيو قدم رکي سٽ سان ان کي مٽيءَ مان ٿي ڇڏايو. چنڊ ائين چمڪي رهيو هيو ۽ هوا ۾ مٽيءَ جي خوشبو سمايل هئي، جيڪا قبرن مٿان اگر بتيءَ جي دونهي جيان جهومي نچي رهي هئي. پاڻ کي سهارو ڏيڻ لاءِ هن هر هر پاسن کان بيٺل کٻڙن جي لامن ۾ هٿ پئي وڌا، جنهن کان اهي آلا پئي ٿي ويا، مينهن ۽ ماڪ انهن کي مڪمل طرح وهنجاري ڇڏيو هيو. هو پير پير ۾ ڏيندو ڪتبن کي پڙهندو اڳتي وڌندو ويو. سم ڪري ڪيترين ئي قبرن جا اڀار جهڪي هيٺ لهي ويا هيا ۽ ڪيترين ئي قبرن جي پاڙ ۾ ننڍا ننڍا سوراخ هيا، جتي ڪاريهر ويڙهيا سيڙهيا ڦوڪون ڏئي رهيا ها. قبرون ڪوهيڙن جي چادر پائي سدائين جيان ننڊ ۾ الوٽ هيون ۽ ڳاڙهين سرن وارو ٻورو رستي تي ڦهليو پيو هيو.
    هو فريءَ جي قبر تي پهتو ته هن جي قدمن جي آواز تي کٻڙن جي ٽارين ۾ لڪي ويٺل ڳجهون زوم سان اڏاميون ۽ پنهنجا آلا پر هڻنديون، هڪ گول چڪر لڳائي چنڊ جي روشنيءَ ۾ سسنديون آهستي آهستي تحليل ٿي ويون. هو عقيدت مان ٻانهون ٻڌي ڪجهه دير بيٺو رهيو، پيار ۽ ڏک کان هن جي بدن تي خمار چڙهي ويا ۽ سيني ۾ وڌندڙ دٻاءَ ڪري درد محسوس ٿي رهيو هيو، ڀرجي آيل دل ڪري هو اندر ئي اندر ۾ سڏڪي رهيو هيو، پاڻ تي ضبط ڪرڻ ڪري هن جي ڪلين ۾ سور پئجي ويو ۽ نه چاهيندي به هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    هو فريءَ جي قبر کي ڏسي نه رهيو هيو، پر ڄڻ هوا بڻجي ان ۾ سمائجي رهيو هيو. قبر جي مٿن کان لڳل سنگ مرمر جو ڪتبو هڪ طرف جهڪي اداس تصوير بڻيو بيٺو هيو، ۽ ان جي کوٽيل اکرن جي وٿين ۾ پاڻي پئي چمڪيو. هن بيٺي بيٺي انهن ويرانين متعلق سوچيو، آخر ڪهڙي شي آهي جيڪا هن کي مايوسين جي عالم ۾ گهريل اداسين ڏانهن ڇڪي ٿي، آخر هن کي ان مٽيءَ جي ڍير سان پيار ڇو آهي؟ جنهن جي هيٺان هڪ بي جان شي دفن آهي. هن کي خبر آهي ته ان بي جان شي کي نه احساس آهي نه ئي اها پيار ڪرڻ واري دل. هن قبرستان ۾ نظر ڦيري، هن ڏٺو، چانڊوڪي ڄڻ بيوهه رن هئي، جنهن پيلي منهن تي لپاٽون هڻي پار پئي ڪڍيا، پريان هڪ ڪنڊيءَ جو اگهاڙو وڻ بيٺو هيو، جنهن جي سموري ساواڻ سرديءَ پي ڇڏي هئي ۽ اهو ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن ٻانهون ڦهلائي خيرات وٺندڙ فقير جي اگهاڙي بدن ۾ ڳڊيون پئجي ويون هجن ۽ هو اتي ئي سڪ ٿي ويو هجي. کٻڙ روئي رهيا هيا ۽ انهن جي پنن تي ڄميل ڳوڙها هر هر هيٺ ٿي ڇڻيا. وچ قبرستان ۾ بيٺل ڪچي مسجد جا منارا هن کي بي جان لڳا ۽ قبرن جا ڪتبا هن کي کائڻ لاءِ ڄڻ وات کولي بيهي رهيا. آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ هر طرف مايوسيون ۽ موت ئي موت ڦهليو پيو آهي، جيئن هن قبرستان ۾ ايندي ڌرتي جي نرمي محسوس نه ڪئي هئي پر هو هر قدم تي هڪ ڪونئري گوشت وارو لاش لتاڙي اتي پهتو هجي. رکي رکي هن کي فريءَ جو خيال آيو ۽ پوءِ مرڻ وقت ان جو چهرو هن جي اڳيان ڦري ويو، هن محسوس ڪيو جيئن هو وهندڙ تيز پاڻيءَ ۾ ڪريو هجي ۽ ان جي لهرن ۾ لڙهندو وڃي.
    هن نازبوءِ جي ڏانڊين تان ڪاغذ هٽائڻ کانسواءِ ئي پورو بنڊل قبر تي اڇلائي ڏنو ۽ ڍاڍيون ڪري روئي پيو، هن قبر جي پسيل نرم مٽيءَ سان پنهنجا ڳل گسائي، پاڻ کي ڀڀوت ڪري ڇڏيو، هن قبر جي هر حصي کي چميو، هو جهڪيل ڪتبي جي ڀرسان آيو ۽ هن ان تي پنهنجو مٿو رکي پاڻ کي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو.
    **********
    ”بابا .......... بابا“ ڪوئي هن کي پڪاري رهيو هيو ۽ جڏهن هن کي جاڳ ٿي ته اهو اتي ئي فٽ پاٿ تي پٿر کي ٽيڪ ڏيو ستو پيو هيو، هن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو هڪ اڌ عمر جو ماڻهو هن کي ڪلهي کان لوڏي رهيو هيو. هن پاسي کان پٿر ڏانهن نهاريو ان تي ائين ئي ڪارن اکرن ۾ ساڳيو جملو لکيل هيو، قبرستان اڌ ميل ۽ هيٺان تير جو نشان.
    ”توکي سرديءَ ۾ سمهڻ نه گهربو هيو.“ هو پوري طرح سامت ۾ ئي نه آيو هيو ته ان ماڻهوءَ هڪ دفعو وري ڳالهايو.
    “ها ها ... بيشڪ.“ هو صرف ايترو ئي چئي سگهيو.
    ”چور چڪار ماڻهو گهمن ٿا پيا، تون شڪل مان فقير به ته نه پيو لڳين.“ هن جي آواز ۾ سختي هئي.
    ”پر هن مهل جو تون هتي ڇا پيو ڪرين؟” هن الٽو هن کان سوال ڪيو.
    ”مان چوڪيدار آهيان.“ هن چيو ۽ پوءِ سامهون گيريج جي اوريان ٺهيل جهوپڙيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”سامهون منهنجي نظر پئي ۽ مان توکي اٿارڻ هليو آيس.“
    چوڪيدار جي همدرديءَ تي هن کي خوشي محسوس ٿي، هن دل ئي دل ۾ چيو ”مهرباني.“
    ”چڱو هاڻي هتان هليو وڃ.“ چوڪيدار چيو ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ به هڪ دڪان کي ڌاڙو لڳو ۽ مان هن ايراضيءَ ۾ نئون آهيان.“ ”پهريون شايد جيل ۾ سڙندو هجي.“ هن جي اکين ۾ شوخي اچي وئي ۽ هن ويندي ويندي مڙندي چيو ”مان توکي هتي ويهڻ نه ڏيندس اٿ ۽ هليو وڃ.“
    هن حڪم صادر ڪيو ۽ پوءِ لٺ کي روڊ سان کڙڪائيندو جهوپڙيءَ ڏانهن وڌي ويو جتي گرم باهه ٻري رهي هئي.
    هن کي ان بيزار انسان جي ڳالهين ڪو به رنج نه پهچايو. هن ويٺي ويٺي قبرستان ڏانهن ويندڙ رستي تي نظر ڦيرائي، هن اڳيان روڊن تي ڊوڙندڙ، چچريل انسان ڦري ويا، چو طرف ڦهليل عمارتون هن کي ڪتبا محسوس ٿيا، جيڪي جيئن هڪ طرف ڪنڌ جهڪايو اداسين جي تصوير بڻيا بيٺا هجن. هن کي محسوس ٿيو جيئن هو هلندي هلندي فريءَ جي قبر تي پهچي ويو هجي. هن جي قدمن جي آواز تي کٻڙن جي ٽارين ۾ لڪي ويٺل ڳجهون زوم سان اڏاميون هجن ۽ پنهنجا آلا پر هڻنديون، هڪ گول چڪر لڳائي چنڊ جي روشنيءَ ۾ سسنديون آهستي آهستي تحليل ٿي ويون هجن، هو ويرانين ۽ مايوسين کي ڏسي روئي پيو، هن جي من ۾ عقيدت ۽ پيار ڀرجي آيو، هن نازبوءِ جي ڏانڊين تان ڪاغذ هٽائڻ کانسواءِ پورو بنڊل سرد هوا ۾ اڇلائي ڏنو، ”او دنيا تو لاءِ“ هن بلند آواز ۾ چيو ۽ نازبوءِ جون سايون ڏانڊيون آليءَ ڌرتيءَ تي ڪري هوا تي رڙهنديون ويون.


    ڪارو پهاڙ

    گهنجيل منهن وارو آغا اڃان به پنهنجي ڪتابن واري اسٽال جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو ڪاري پهاڙ کي تڪي رهيو هيو. سج لهي چڪو هيو ۽ هاڻي روڊن تي ان جي هاريل لالاڻ به پاروٿي ٿي ڪاري ٿي وئي هئي. جڏهن سڀ عمارتون ايندڙ رات جي پاڇولن سان ڍڪجي وينديون هيون ته تڏهن به ڪاري پهاڙ جون چوٽيون لهندڙ سج جي پوئين ڪرڻن جيان ڳاڙهيون پيون نظر اينديون هيون ۽ هاڻي ته سج کي لٿي ڪافي وقت گذري چڪو هيو.
    گهڙي گذري ته موهن جو دڙو ايڪسپريس آئي ۽ ان کانپوءِ وري ڄڻ سڀ انسان سليماني ٽوپ پائي اوجهل ٿي ويا. ساڳيا ڪتا پليٽ فارم تي نوجهه، نوجهه ڪرڻ لڳا. جماندار آيو، جنهن سيمينٽ جي فرش تي ٽوها گسائي دل ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ ڪتڪتايون پيدا ڪري ڇڏيون. کنگهه جو آواز ٿيو ۽ ڳاڙهن ڪپڙن وارو قُلي، ربو چيلهه کي هٿ ڏيندو اچي آغا واري ڪٽهڙي ڀرسان اسٽول تي ويهي رهيو. ٿڪاوٽ ڪري هو سڄو سهڪي رهيو هيو ۽ هن جون واڇون ڪنن تائين ڦهليل هيون. هن ويٺي ويٺي اڇاترين ۽ بي جان نظرن سان پهريون آغا کي ڏٺو ۽ پوءِ ان جي نظرن جي سڌ ۾ بيٺل ڪاري پهاڙ کي، جيڪو ريلوي لائن کان پري سن ٿيو بيٺو هيو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن ديو جي مميءَ کي اتي نسب ڪيو ويو هجي. ربوءَ دل ئي دل ۾ آغا کي گار وهائي ڪڍي. ذليل بي غيرت سڄو ڏينهن ويٺو بابي کي ٿو ڏسي، هو دل ئي دل ۾ ڪڙهندو هن کي ڳالهائيندو ويو ۽ پوءِ نيٺ بيزار ٿي زور سان هن کي سڏيو، ”آغا“ هن چيو ۽ ڪائونٽر تي هلڪي مڪ وهائي ڪڍي، هن جي سڏ تي آغا کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هو سيءَ ۾ گلر جي ڏڪڻ ڪري پيدا ٿيندڙ آواز جهڙو ڀڻڪو ڪري جاڳي پيو. هو سامت ۾ نه هيو ۽ هن محسوس ڪيو جيئن ربوءَ هن کي پنهنجيون ٻئي آڱريون اکين ۾ ٺوڪي ڪڍيون هجن ۽ هو پٺيءَ ڀر لسي پليٽ فارم تي رڙهندو ويو هجي، هن جا پٺا ڪرندا هجن ۽ رت جي هلڪي ڇپڙ ڇپڙ محسوس ٿيندي هجي.
    ”ڇا پيو سوچين آغا؟“ ربوءَ همدرديءَ گاڏڙ ڏک سان چيو.
    ”بس بس ڪجهه به نه.“ آغا ککو وکو ٿيندي وراڻيو. ”اهو ڪارو پهاڙ.“ هن ايترو چيو ۽ خاموش ٿي ويو.
    ”توکي وري ڪارو پهاڙ سڏي رهيو آهي، ائين نه.“ ربوءَ طنز ڪندي چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير هو آغا جي منهن ۾ نهاريندو رهيو، اسٽال تي ٻرندڙ هيڊي بلب جي روشنيءَ ۾ آغا جي منهن ۾ گهنج حيرت جي حد تائين گهرا پئي لڳا. زندگي ڀر مسلسل سوچڻ ڪري هن جون واڇون چيپيل ۽ هيٺ ڇڪيل هيون. ربوءَ ڪجهه دير هن کي ڏٺو ۽ پوءِ هن جي من ۾ به نراسائي ڀرجي آئي.
    ”اڄ ڪلهه ائين پيو لڳي جيئن اهو ڪارو پهاڙ مون کي به پڪاريندو هجي.“ ربوءَ پهريون دفعو جهيڻي ۽ پياري آواز ۾ آغا سان ڳالهايو.
    ۽ آغا ڄڻ ڦاٽي پيو، هن جي من جا سڀ دريون ۽ دروازا اندر ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان جي دٻاءَ کان کڙڪي سان کلي پيا، هو هميشه جيان پلٽجي پيو.
    ”ڏس نه ربو مان پورو ڏينهن اسٽال تي بيهي ڪتاب وڪڻان ٿو، سيٺ مون کي منهنجي مزدوري ڏئي حرارت بخشي ٿو جيئن مان وري جيئرو رهي ساڻس ڪم اچان.“ هو هميشه جيان جذباتي ٿيندي ڳالهائيندو ويو، ”آخرڪار مان بيهي بيهي حاصل ڇا ٿو ڪريان، پئسا، پوءِ ماني ۽ وري بيهڻ. اسين سڀ هڪ ڏينهن مري وينداسين توکي مان ٻڌائي چڪو آهيان ته مرڻ کان پوءِ آهي ئي ڇا؟ هڪ مسلسل خلا آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ هڪ جيئري انسان جو ڪم نه آهي ۽ نه ئي اهو مڙدن جي اختيار ۾ آهي ته هو پنهنجي گذريءَ کي اسان جي سامهون بيان ڪن، ته پوءِ هن مسلسل پيڙا ۽ روڳ جو مفهوم ڇا؟ مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ربو ڪجهه به سمجهه ۾ نه.“
    آغا جي ڳالهين تي ربوءَ جي دل ۾ دٻيل خوف هڪ دفعو وري جاڳي پيو، هن کي آغا تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، آغا هن جي بيفڪر زندگيءَ ۾ ڌاڙو هڻي سڀ ڪجهه ڦري ورتو هيو. اسٽيشن تي آغا جي نوڪريءَ کان اڳ ان ئي اسٽال تي هڪ ڊگهيءَ ڏاڙهي وارو مولوي ملازم هيو، جيڪو هن کي روحاني ڳالهيون ٻڌائي خوابن جي دنيا ۾ گم ڪري ڇڏيندو هو. هن کي زندگي ۽ موت کان پوءِ جا تصور ڏئي مطمئن ڪري ڇڏيندو هو، ڪيڏي نه پُربهار ۽ بي فڪر هئي هن جي زندگي پر جڏهن کان آغا ان اسٽال تي آيو هو، هن ربوءَ کان سڀ ڪجهه ڦري ورتو هيو، جيئڻ جا سهارا ۽ موت کان پوءِ جا تصور. آغا مايوس ۽ دنيا جو ٺڪرايل انسان هيو، بقول هن جي هن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پيار نه مليو، هن جي دنيا ۾ ڪوئي به ڪو نه هيو، هو عشق کي بڪواس تصور ڪرڻ وارو شخص هيو. هو چوندو هيو ته ”عشق زندگيءَ جي حقيقتن تي سوچي مايوسي ۽ خودڪشي ڪرڻ کان لنوائڻ جو بهترين نسخو آهي، عشق هڪ سهڻو ڪوڙ آهي جيڪو پنهنجي حسين ۽ مڪار ٻانهن ۾ انسان کي نراسائي جي حقيقتن کان ڪجهه دير پناهه ڏئي پوءِ جلاد بڻجي پنهنجن ئي هٿن سان هن کي موت جي حوالي ٿو ڪري ڇڏي.“
    آغا زندگيءَ جي هر شيءِ کان مايوس هيو ۽ هن جي مايوسي اتان ٿي شروع ٿي جتان هن مذهب جو ڪوڙو ڍڪ لاهي پاڻ کي بند ٿيل خول مان آزاد ٿي ڪيو.
    ”آغا“ ربو ٿڪل آواز ۾ چيو ”آخرڪار انسان جي جنم جو ڪو ته مقصد هوندو، هيءَ ڪائنات اجائي ته نه آهي؟ هيءَ حرارت بيڪار ته نه آهي؟ ڪو ته مفهوم هوندو جنهن جي زير اثر هيءَ هلچل ۽ ارتقا جاري آهي؟“ آغا تپي لوهه ٿي ويو، هن کي ٿڌ هوندي به گرمي محسوس ٿي، جان ۾ سيون چڀنديون محسوس ٿيون.
    ”هر شيءِ فاني آهي ۽ دنيا کي به هڪ ڏينهن ختم ٿيڻو آهي.“ آغا چيو ”دنيا ختم ٿي ويندي، هر شيءِ خاموش ٿي ويندي، ته پوءِ ربو تون سوچ، آخرڪار توکي ڇا ملندو، هن جدوجهد ۽ مسلسل پيڙا جو ڪهڙو ڦل ملندو، سچ ته اهو آهي ارتقا ڦهلجندڙ بيماري آهي، جيڪا صدين بلڪه ڪروڙن سالن جي وچ ۾ ڦهلي پئي آهي، اها بيماري وڌندي وڌندي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي، جيو گهرڙو بيوقوف هيو جنهن مختلف شڪلين ۾ اچڻ لاءِ ڪروڙن سالن کان جيئڻ لاءِ ايڏي جاکوڙ ڪئي، اڳتي وڌندڙ زندگي باهه مثل آهي، باهه، جيڪا پنهنجو کاڄ پاڻ ٿي حاصل ڪري ۽ بي مقصد ڪروڙن سالن کان پنهنجي تَوءَ ۾ پاڻ پئي ٿي جلي.“ آغا ڳالهائيندو ويو ۽ ربوءَ جو اندر ڦاٽڻ لڳو، هن کي بخار محسوس ٿيو ۽ لڳو هو ٿوري دير به اتي ويهندو ته الٽي ڪري ڏيندو.
    ڪراچي ويندڙ ريل جا گاڏا ڌوپجي صاف ٿي چڪا هيا ۽ هو روزگار جي ڳولا ۾ اٿي ڪلهي تي رکيل ڳاڙهو پوتڙو ڇنڊيندو اوڏانهن وڌي ويو.
    هڪ ڏينهن ربو ڪم ڪار کان واندو ٿي آغا وٽ پهتو ته آغا هميشه جيان اداس بيٺو ڪاري پهاڙ کي چتائي رهيو هيو. ربوءَ اداسين ۽ اڪيلائين کان بيزار ٿي چرس جو سهارو ورتو هيو، هو ڀريل ڍلي سگريٽ مان سوٽا هڻندو ڪائونٽر وٽ اچي پهتو ۽ موج ۾ جهومڻ لڳو. هن کي آغا تي خار نه اچي رهيا هيا، پر هو هن جي اداسيءَ مان مزو وٺي رهيو هيو. ربوءَ جهومي سگريٽ مان سوٽو هڻي دونهون فضا ۾ ڇڏيو ۽ خيالن ۾ گم ويٺل آغا اڳيان ڪنڌ جهڪائي اوچتو لڳاتار ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن نشي ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي ڏنو، جيڪو هو چوڻ پيو چاهي. اهو سڀ ڪجهه اهوئي هيو، جنهن تي هن کي هوش ۾ ڪاوڙ ايندي هئي. هو آغا کي بدمعاش ۽ ڌاڙيل ڪوٺيندو هيو پر ربوءَ اڄ آغا کي اهو سڀ ڪجهه چئي ڏنو، جنهن جي آغا کي اميد هئي.
    ”آغا تون عظيم آهين، تون مون کي ڪوڙ ۽ خوشفهمين جي خول مان ڪڍي اداسين ۽ مايوسين جي حقيقي دنيا سان متعارف ڪري، زندگيءَ جي حقيقتن سان نوازيو آهي. مان هاڻي ڄاڻان ٿو ته زندگي ڇا آهي؟ مان اندر ۾ هڪ مسلسل خلا محسوس ڪري رهيو آهيان. مان چاهيان ٿو ته ان کي تو جهڙا ئي ارادا ڪري عملي صورت ۾ آڻي نجات حاصل ڪيان. مان چاهيان ٿو ته زندگي کي هڪ دفعو سزا ڏيان ۽ تو جيان ان ڪاري پهاڙ تان ٽپي ڏيڻ جا خواب لهي لهي هڪ ڏينهن انهن کي تعبير ڏيان.“
    هو لڳاتار خبر نه آهي آغا اڳيان ڇا بڪيندو ويو.
    ڪاري ڀوائتي انجڻ ڇنڊ ڪري رهي هئي ۽ ان هر هر سوساٽ ڪري ڪارو دونهون فضا ۾ ٿي ڇڏيو. سامهون بيٺل چانهن جي اسٽال ڀرسان ٻيا قلي ٻرندڙ باهه جي نچندڙ الن تي هٿ سيڪي رهيا هيا، ڀرسان ئي دينو بابا ڪمبل ۾ منهن هنيو ويڙهيو اوڪڻو ٿيو ويٺو هيو ۽ نه کٽندڙ کنگهه جي دٻاءَ کان هر هر کنگهارا ڪڍي ٻاهر اڇلي رهيو هيو.
    ”پر مان اڄ ڪلهه ٻيو ڪجهه سوچي رهيو آهيان.“ آغا فڪر مند لهجي ۾ چيو، جنهن کان هن جو سڄو هٿ سختي سان سمجهائڻ واري انداز ۾ مٿي کڄي وري هيٺ ٿي ويو.
    ”ڇا آغا! زندگيءَ جي دوکي جو اڃان ڪو اهڙو حصو رهجي ويو آهي، جيڪو ان ڪاري پهاڙ ۽ اسان جي وچ ۾ بيٺل هجي؟“
    آغا ڪاري پهاڙ ڏانهن ڏسندي جهٽڪي سان منهن ٻئي پاسي ڏانهن ائين ورايو جئين پهاڙ پنهنجو هٿ وڌائي ڀر ڪري هن کي ڳٽي واري لپاٽ وهائي ڪڍي هجي.
    ”آءُ سوچي رهيو آهيان، دنيا ۾ بدنام ۾ بدنام ۽ ذليل ۾ ذليل شي زندگي ئي آهي. جنهن اسان کي پيڙا ۽ دردن جي درياءَ ۾ ڦٽو ڪري عجيب بي چينيءَ کان آشنا ڪيو آهي. اهڙي ظالم شيءِ کي صرف هڪ دفعو بدلو وٺڻ ڪٿان جو انصاف آهي. مان اهڙي عمل جي ڳولها ۾ آهيان جنهن سان زندگيءَ کي مسلسل عذاب ۽ سزا ڏيئي ساڳيو بدلو وٺان، جيئن هاڻي تائين هن مون کي عذاب ڏئي هيستائين پهچايو آهي، شايد تون منهنجي ڳالهه نه سمجهي؟“ آغا ربوءَ ڏانهن نهاريندي چيو ۽ ربو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جنهن کان هن جو ڪنڌ لاشعوري طور آغا ڏانهن وڌي آيو ۽ ڳچي ڊگهي ٿي وئي، ٿوريءَ دير کان پوءِ آغا وري ڳالهايو.
    ”منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته خودڪشي ڪري زندگيءَ کان بدلو وٺي ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويندس، پر منهنجي اڳيان زندگي ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ ڀوائتي ۽ ظالم جي حيثيت ۾ نروار پئي ٿيندي وڃي. ان لاءِ ايتري معمولي سزا موزون نه آهي، مان چاهيان ٿو جيئن هاڻي تائين مان سزا جي دور مان گذريو آهيان ائين ئي مان زندگي کي مسلسل سزا ڏئي مسلسل ڇوٽڪاري جي طرف وڌندو وڃان.“ ربوءَ هاڻي آغا جي ڳالهه سمجهي ورتي هئي، هو شروع ۾ وڏو جاهل هوندو هيو. هن کي آغا جي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي، پر پوءِ هن محسوس ڪيو آغا سان ڪچهرين کان پوءِ هن جي گرم دماغ ۾ جڳهه جڳهه تي سنهين سئين جهڙا سوراخ ٺهي پيا هجن، جن مان ٿڌو برف جهڙو پاڻي جذب ٿي هن جي پوري دماغ ۾ تحليل ٿيندو وڃي. هن آغا جي اسٽال جا ڪيترائي ڪتاب پڙهي ڇڏيا هيا ۽ اڃان به جڏهن هن کي وقت ملندو هيو ته هو اسٽول تي ويٺو ڪتاب پڙهندو هيو. پوري پليٽ فارم تي هڪڙو آغا ئي هيو، جنهن سان هن جي سٺي لڳندي هئي. هُو هن جو نظرياتي طرح ڪيترو به مخالف ڇو نه هيو پر پوءِ به هو آغا کي سٺو ماڻهو سمجهندو هيو ۽ هن جي مطالعي جو داد ڏيندو هيو. باقي هُو هن جي سوچن جو قائل نه هيو ۽ ان ڏينهن به جڏهن هن نشي جي حالت ۾ آغا اڳيان پنهنجي اندر جا سڀ راز ظاهر ڪري رکيا ته هوش ۾ ايندي ئي هو ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي مٿي ۾ دوزخ جي باهه ٻرڻ لڳي، جنهن کان هن جو ميڄالو پلپلو ٿي ٻاهر نڪرڻ لاءِ لوندڙين وٽان دهڪڻ لڳو. هن کي خدا ۽ رسول جو خوف ٿيو، هن محسوس ڪيو جيئن ڪو چماٽ هڻي هن کان سڀ ڪجهه کسي ويو هجي. هن هوش ۾ اچڻ سان آغا کي خوب گاريون ڏنيون ۽ پوءِ پنهنجو جهڪيل چيلهه کي هٿ ڏئي کنگهندو هليو ويو.
    ربوءَ ڪجهه ڏينهن کان مسافرن جو سامان کڻڻ ڇڏي ڏنو هيو، هو ٽوٽي ته اصل کان هيو. گاڏي ايندي هئي ته هو وڌ ۾ وڌ هڪ مسافر جو سامان پليٽ فارم کان ٻاهر پهچائيندو هيو، پر هاڻي هو ڪم ڪرڻ کان صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيو هيو. گاڏي ايندي هئي ته قلي پنهنجي ڊگها پٽڪا وڇائي پنهنجي حد مقرر ڪري ڇڏيندا هيا. گاڏي بيهڻ کانپوءِ هر قلي پنهنجي حصي ۾ آيل گاڏي مان مسافرن جو سامان کڻي پيٽ گذر ڪندو هيو، پر ربو هاڻي انهن قلين کي نهاريندو رهندو هيو، جيڪي روز هن اڳيان سامان ڍوئيندا هيا ۽ پئسا ڪمائيندا هيا. صرف ان ڪري ته ماني کائي وري سامان ڍوئين ربو بلڪل مايوس ٿي چڪو هيو. هن جي هوش ۽ حواس تي هاڻي آغا ڇائنجي چڪو هيو. هو پنهنجي هٿن ۽ ٻانهن کي زور ڏئي محسوس ڪندو هيو ته اهي هن کي آغا جي ٻانهن جهڙا شانت ۽ سست محسوس ٿيندا هيا. هن جي من ۾ اڃان به مذهب جو زخمي جسم عذاب کان ڇڙيون هڻي ڦٿڪي رهيو هيو. هن جي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ اڃان به جنت جي ٿڌي هوا گهلي رهي هئي ۽ ٻئي ۾ دوزخ جي باهه هن جي رت کي ٽهڪائي رهي هئي.
    هو آغا سان پنهنجي پهرين ملاقات تي بيحد پڇتائي رهيو هيو. ان ڪري نه ته ڪو هو هن جي اندر ساڙيندڙ ڳالهين کان بيزار ٿي هن سان وڙهڻ جي حد تائين وڃي پهتو هيو پر ان ڪري ته اها شروعات ئي هئي، جنهن هن کي هر مايوسيءَ ۽ نيستائيءَ سان روشناس ڪرايو هو. گهڻو اڳ جڏهن هو آغا جي اسٽال ڀرسان لنگهيو هيو ته هن جي نظر هڪ مذهبي ڪتاب تي پئجي وئي هئي، هن ان کي پڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ هو ڪيئن به هيو پر خوش هيو. هن جي من کي ٻيءَ دنيا جو آٿت هيو، هڪ ٽيڪ هئي جنهن هن جي چيلهه کي سڌو ڪري هن کي وڌيڪ بلند ڪري ڇڏيو هو، پر آغا هڪ ئي ٺوڪر سان هن جي سهاري کي ٿڌو ڏئي پري ڦٽو ڪيو. اڄ هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ته اها ٽيڪ واقعي ئي ڪوڙ جي ٽيڪ هئي، هن کي ياد آيو جڏهن هن پئسا ڏئي آغا کان اهو مذهبي ڪتاب خريد ڪيو هيو ته آغا هڪ کائي ويندڙ نظر سان هن کي ڏٺو هيو ۽ هن آڏو ڪائونٽر تي ڪتاب کي ائين ڦٽو ڪيو هيو جيئن نانگ کي. جنهن کي هو ڪجهه منٽ به جهلي ها ته منڍي ورائي هن کي ڏنگي وجهي ها. اتان ئي هن جي آغا سان پهرين ملاقات ٿي هئي. هن کي آغا جي اها روش بلڪل نه وڻي هئي ته ڪو هو ڪنهن مذهبي ڪتاب جي ائين بيحرمتي ڪري، پر آغا موٽ ۾ هن کي اهو ڪجهه ٻڌايو جنهن هن جي خوشفهمين ۽ خوشين جي لاش ۾ هزارين ميخون وهائي ڪڍيون.
    ”مذهب سهڻو ڪوڙ آهي، هڪ اهڙو ڪوڙ جيڪو سچ کي اڳتي هلائڻ لاءِ ڳالهايو ويو آهي، انسان جي هڪ پاسي دوزخ کي ٻڌو ويو آهي ته ٻئي پاسي جنت کي. هن کي خوشفهمين ۽ دڙڪن جي هڪ سرنگهه مان گذاري سچائيءَ جي واٽ تي هلايو ويو آهي.“
    ربوءَ ڪاوڙ مان هن بي باڪ شخص کي ڏٺو هيو جيڪو سر عام قاتلن کي سڏي منڍي پيش ڪرڻ جي آڇ ڪري رهيو هيو.
    ”تنهنجي خيال ۾ ته جنت ۽ دوزخ خوشفهمي ۽ دڙڪو آهي؟“ ربوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي پاڻ کي هن آڏو ائين ظاهر ڪيو هيو جيئن هو هن سان وڙهڻ لاءِ تيار هجي.
    ”ها سڀ ڪجهه بڪواس آهي. انسان کي حقيقتن کان پري رکڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن. خدا عظيم آهي ته پوءِ هو انسانن کي جنت جي رشوت ڇو ٿو آڇي. دوزخ جي ڌمڪي ڏيڻ جي هن کي ڪهڙي ضرورت آهي. حالانڪه ٻڌو آهي ته ڌرتيءَ جو هڪ پتو به هن جي قدرت کانسواءِ نه ٿو چري.“
    ربو خاموش ٿي ويو هيو. هن وٽ چوڻ جون سڀ راهون بند ٿي ويون هيون. هن ايترو ئي چيو هيو ته ”مون کي اڄ خبر پئي ته خدا شيطان سان وڙهي غلطي ڪئي هئي، شايد هن کي خبر نه هئي ته جنهن تخليق جي ڳالهه تي هو شيطان سان وڙهي هن کي ناراض ڪري رهيو آهي اها تخليق به خود شيطان آهي.“
    آغا ڄڻ آپي کان ٻاهر نڪري ويو هيو. ”ڪير ٿو چوي خدا آدم کي خلقيو، جاهل ماڻهو تنهنجو ارتقا ۾ ايمان نه آهي؟ انسان گهڻن جيو گهرڙن جي نه، پر هڪ جيو گهرڙي جي شروعات آهي.“
    ”ته پوءِ تنهنجي خيال ۾ قرآن ڪوڙو آهي.“ ربوءَ طنز ڀريل آواز ۾ چيو هيو.
    آغا جوش ۾ٿورو ٿورو ڏڪيو ٿي، ”شايد توکي اها خبر ڪو نه آهي ته پيغمبرن انسانن جي ڀلي لاءِ هڪ وڏو ڪوڙ به ڳالهايو هيو. هنن ڪجهه چڱائيءَ جون ڳالهيون لکي انهن جو بنياد دڙڪن ۽ خوشفهمين تي رکي، خدا ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو هيو. ڇو جو خدا جو رعب هر شيءَ تي حاوي آهي ۽ ان جو فرمان هر ڪو ايترو جلد اپنائيندو جيترو جلد هو ڪنهن پاڻ جهڙي انساني پيغمبر جو ٺڪرائي ها. ان ڪري نه ئي قرآن خدا جو فرمان آهي ۽ نه ئي خدا ڪوڙو آهي. آدم پيغمبرن جي تخليق آهي ۽ ويچارن پيغمبرن کي اڄ کان هزارين سال اڳ اها خبر ڪٿان آئي ته ڪو دنيا ۾ ارتقا جو به وجود آهي.“
    ربوءَ سوچيو هيو، ”هن کر دماغ سان مٿو هڻڻ اجائي ڳالهه آهي، جيڪو ٿيڻو هوندو ٿيندو، خدا هن کي پاڻيهي پنهنجي ڏوهن جي سزا ڏيندو.“ ۽ هن آغا کي اهو چئي ڏنو هيو ”قبر ۾ جڏهن تنهنجي روح کي عذاب پهتا ته پوءِ توکي خبر پوندي سچ ڇا ٿيندو آهي ۽ ڪوڙ جي ڪهڙي حيثيت آهي.“
    ”مان روح ٻوح کي ڪو نه سڃاڻان منهنجي لاءِ آهي ته هيءَ زندگي جيڪا هڪ ڏينهن خودڪشيءَ تي کٽندي ۽ ان جو انت اچي ويندو. ٻي دنيا ۾ ايمان رکڻ پاڻ کي ڪوڙو آٿت ڏئي مايوسين کان بچڻ جو سٺو بهانو آهي. انسان جي موت کي آسان بنائڻ لاءِ هن کي خوشفهمين جو نشو سنگهائي زندگي جي ڪٺن ۽ بي مقصد راهن تان گذارڻ لاءِ بيڪار ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو انسانن سان سراسر دوکو آهي، انسان ٻيءَ زندگيءَ جا خواب ڏسندو، هن دنيا مان آسانيءَ سان گذري وڃي ٿو ۽ هن کي ڪجهه نه ٿو ملي. ان کان وڌيڪ انسانيت سان ظلم ڪهڙو آهي؟ زندگي ڪيتري به ڪٺن ڇو نه هجي، سٺائي ان ۾ آهي ته ان کي پنهنجي اصلي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي، پوءِ چاهي نراسائي جون ڪيتريون به شعائون ڦٽي ڇو نه نڪرن.“
    ربو پنهنجي ماضيءَ تي سوچيندو ويو، هن کي محسوس ٿيو هن جو اندر خالي خالي هجي. ڪو ظلم شخص آيو هجي ۽ ان ڀر ڪري هن جي جسم تي چاقو وهائي ڪڍيا هجن. ان عذاب کان هو آٺرجي ويو هجي ۽ صدين کان چڙهيل پنڪين مان ڇرڪي ٻاهر نڪتو هجي. جيئن هو لٽيل قافلي جو مسافر هجي. جنهن وٽ راهه هلندي ڪجهه به نه هجي پر پوءِ به هن وٽ اهو احساس هجي ته ڪو هن کي لٽي ويو آهي.
    ربوءَ جون اکيون ٻوٽيون ئي ويون. هو ڇنڊ ڪري دونهون فضا ۾ ڇڏيندڙ انجڻين جي آوازن کان بيزار ٿي چڪو هيو. چرس جا ڪجهه خمار اڃان به هن تي چڙهيل هيا. اسٽيشن تي بيل وڳو، شايد گاڏي اچي رهي هئي، هر ڪو قلي پنهنجي ڳاڙها پوتڙا ڇنڊي اٿيو، پر ربو اتيئي پليٽ فارم تي ڍير ٿيو پيو هيو، هن کي ڪڏهن جو ننڊ اچي چڪي هئي.
    صبح ٿيو ته هو ننڊ مان اٿيو ۽ هن ڪاري پهاڙ کي نهارڻ شروع ڪيو، هاڻي اهو هن جو معمول بڻجي ويو. هو جڏهن به واندو ويٺو هوندو هيو ته ان ڪاري پهاڙ کي پيو نهاريندو هيو.
    ان رات ٿيل جهڳڙي کان پوءِ هن جي آغا سان ملاقات نه ٿي هئي، هاڻي آغا وٽ هن کي ڏيڻ لاءِ رهيو ئي ڇا هيو. هن ته ربوءَ ڏي اهو سڀ ڪجهه منتقل ڪري ڇڏيو هيو، جيڪو هن جي اندر ۾ هيو. مذهب کان بغاوت ۽ مايوسيون ئي مايوسيون. هن ربوءَ کي هڪ بلند پهاڙ تي چاڙهي ٻڌايو هيو ته هي جيڪو سفر تون پهاڙ تي چڙهي بسر ڪيو آهي، اهو ئي زندگي آهي ۽ هي جيڪو تون پهاڙجي بلندين تي پهچي نظر جي حد تائين انڌيرا ڏسي رهيو آهين، اها ٻي زندگي نه آهي، بس اهي اهي آهن جيڪي تون پسين ٿو، انڌيرا ۽ صرف انڌيرا. تنهنجي پهاڙ چڙهڻ جي جدوجهد ان ٻيءَ دنيا کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه هئي پر هيٺ پستين ۾ ٽپي ڏيڻ لاءِ هئي، ور وجهه ۽ هن پهاڙ جي بلندين تان پاڻ کي پستين جي حوالي ڪري ڇوٽڪارو حاصل ڪر.
    ربو ڪيترا ڏينهن پريشان حال پليٽ فارم تي چڪر هڻندو رهيو، هن ڪيترائي دفعا ڪاري پهاڙ کي ڏٺو ۽ تصور ئي تصور ۾ پاڻ کي پهاڙ جي بلندين تان ڪرندي ٿڌي هوا محسوس ڪئي ۽ هوا جي ڪري ڪنن ۾ سيٽيون پوءِ هن پاڻ کي رت ۾ لت پت پٿرائين زمين تي پاتو ۽ نه وسرندڙ ڇوٽڪارو هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ ورائي آغا کي به ڏسندو هيو، جيڪو ڪائونٽر تي هٿ جي سهاري سر جهڪايو ڪا نئين ڳالهه سوچيندو هيو، آغا هاڻي ڪاري پهاڙ کي نهارڻ ڇڏي ڏنو هيو، شايد زندگي هن اڳيان وڌيڪ ظالم ۽ بي درد جي روپ ۾ اڀري آئي هئي. هو ان کي خودڪشيءَ جهڙي معمولي سزا نه پيو ڏيڻ چاهي. هو ان لاءِ اهڙي ڀوائتي سزا تجويز ڪري رهيو هيو جهڙي هن پاڻ تي برداشت ڪئي هئي. هو اهڙي عمل جي ڳولا ۾ هيو، جيڪو زندگيءَ کي مسلسل عذاب پهچائي ان کي مسلسل ڇوٽڪاري طرف اڳتي وڌائي. ربو آغا ۾ وڌيڪ ڦاسڻ نه پيو چاهي. هن کي آغا جي نئين عمل سان ڪا به دلچسپي نه هئي. هن پاڻ کي بس ڪاري پهاڙ تائين محدود ڪري ڇڏيو.
    ربوءَ روز اسٽيشن تي آيل مال گاڏين جا نمبر پڙهڻ شروع ڪري ڏنا هيا، هن کي اهڙي نمبر جي ڳولا هئي جنهن ۾ صرف چار انگ هجن ۽ هو ان نمبر کي ڏسي پاڻ کي ڪاري پهاڙ جي حوالي ڪري ڇڏي، پر هر آيل مال گاڏي تي پنج انگ هوندا هيا يا پنجن کان مٿي. باوجود ربوءَ جي ڪوشش جي هو اهڙي نمبر کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو جيڪو هن کي زندگيءَ جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. موت تي متفق ٿيڻ جي باوجود هو پاڻ کي ان عمل لاءِ تيار ڪري نه سگهيو هيو. هن پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا ڳولي ڪڍيا هيا، هو يا ته گاڏين جا نمبر ڏسندو هيو يا اسٽيشن تي بيٺل ماڻهن مان هو هڪ کي چونڊي دل ۾ اهو سوچي ان تي نظرون ڄمائي ڇڏيندو هيو ته جيڪڏهن ان شخص آغا جي اسٽال تان ڪتاب خريد ڪيو ته هو خودڪشي لاءِ تيار ٿي ويندو. پر هن جو چونڊيل شخص آغا کان ڪڏهن به ڪتاب نه وٺندو هيو ۽ هو جڪ کائي ڏند ڀيڪوڙي چپ ٿي ويندو هيو. آخرڪار هڪ ڏينهن هن فيصلو ڪيو ته ڪيئن به ڪري هو پاڻ کي هن زندگي کان نجات ڏياريندو، هن بي مقصد زندگي کي عذاب ڏئي سڀني عذابن کان ڇٽي پوندو. ان ڪم لاءِ هن قبرستان جي ڀر وارو سگنل چونڊيو. جيڪو صبح جي ڪوهيڙي ۾ هوا ۾ ڪهاڙيءَ جيان بلند ڏسڻ ۾ ايندو هيو ۽ رات جو ان جي ڳاڙهي سائي روشني ڄڻ آدم خور جي چمڪندڙ اکين جهڙي پئي محسوس ٿيندي هئي. هن سوچيو، صبح سان جيئن ئي گاڏي جو ٽائيم ٿيندو ته اهو سگنل هيٺ ٿي هن کي سڀني بي مقصد ڳالهين کان نجات ڏياري ڇڏيندو. ربو ان سگنل ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ ان جي هيٺ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ٻانگون ڪڏهن جو ملي چڪيون هيون ۽ جماندار پليٽ فارم تي ڦهليل سگريٽ جا پاڪيٽ ۽ ٽوٽڪا ميڙي رهيو هيو. بابو دينو ڪمبل سوري ڪڏهن جو جاڳي پيو هيو ۽ هن هر آيل مسافر آڏو هٿ وڌائي ساڳيا جملا پئي چيا، جن ۾ زندگيءَ جهڙي هڪ جهڙائي هئي. ڳالهائڻ ڪري هن جي وات مان هر هر ٻاڦ ٿي نڪتي. جانو چانهن وارو، اسٽال تي ويٺو ڪوپ ڌوئي رهيو هيو ۽ آغا هڪ گراهڪ سان پئي ڳالهايو. ڪاري انجڻ صبح جي هير جيان دانهون ڪندي هڪڙي پاسي ڏانهن هلي وئي ۽ ان جو دونهون ڪيتري دير اڀ ۾ رات ٺاهي بيهي رهيو. ربوءَ جون اکيون اڃان به سگنل ۾ هيون. اڄ هن پڪو پهه ڪيو هيو ته هو ڪيئن به ڪري پاڻ کي ڪاري پهاڙ آڏو ضرور پيش ڪندو. هن نظر ڦيرائي سنسان پليٽ فارم تي نهاريو، هن کي تصور ئي تصور ۾ ڪيترائي انسان نظر آيا، جيڪي وسندڙ مينهن ۾ ڇٽيون کڻي بيٺا هيا ۽ ڳوڙها ڳاڙي ويندڙ ريل جي مسافرن کي هٿ لوڏي خدا حافظ چئي رهيا هيا.
    ربوءَ سمجهيو شايد دنيا هن کي الوداع چوندي هجي، هو ڪنهن ريل ۾ ويهي دريءَ جي شيشي کان ٻاهر بيٺل انسانن کي ڏسندو هجي. وسندڙ مينهن ڪري شيشن مٿان وهندڙ پاڻيءَ ۾ هر شيءِ ڌنڌلي ۽ خوفناڪ هجي، هو ڏور ٿيندو ويندو هجي، ڏور انسانن کان ڏور.
    اسٽيشن تي بيل وڳو ته ربو ٿڌ هوندي به پگهر ۾ پسي ويو. هن جا لڱ هلڪا ٿي ويا، مسافر پنهنجو سامان کڻي گاڏيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا ۽ ربو ائين ئي بي سڌ ويٺو رهيو، هن کي لڳو ريلوي لائن جي پريان بيٺل پهاڙ پنهنجي اندران ٻه ڪاريون ٻانهون ڪڍي هن ڏانهن وڌايون هجن، اهي ٻانهون ڊگهيون ٿينديون هن جي چيلهه جي چوڌاري ڦرنديون ويون هجن، هن بي سڌ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو هجي ۽ ڪا به جدوجهد نه ڪئي هجي.
    هن ڏٺو سگنل هيٺ ٿي چڪو هيو ۽ هن جو روح ٻه اڌ ٿي ويو، ڄڻ پورو سگنل هيٺ ٿي هن جي مٿي وٽان گهڙي جسم ۾ لهي ويو هجي ۽ هو ٻه ٽڪر ٿي ويو هجي، هن پاڻ کي بلڪل تيار ڪري ڇڏيو ۽ هو بي مقصد زندگي کي عذاب ڏئي ڇوٽڪاري لاءِ اٿي بيٺو. ان ڏينهن هن واقعي ئي پاڻ کي سزا ڏئي ڇڏي، هڪ مسلسل ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سزا.
    گاڏي بيهڻ کانپوءِ هو چئن مسافرن جو سامان کڻي چنگهندو اسٽيشن جي دروازي کان ٻاهر اچي رهيو هيو.
    هن آغا جي نئين عمل کي ڳولي لڌو هيو.


    ڪافر ديوتا

    تيشي جي آواز سان واديءَ ۾ پڙاڏو ٿي پيدا ٿيو. هن کي ان پهاڙ جي چوٽيءَ تي ڪم ڪندي هڪ مهينو گذري چڪو هيو، ڪم به ڇا هيو؟ بس هو خدا کي خلقيندو هيو. خدا جيڪو هن جي ڇيڻي ۽ تيشي هيٺان زير تعمير هيو. هو سنگتراش هيو، عظيم سنگتراش. جنهن جو فن ڏسي هر ڪو اهو اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيندو هيو ته اهو فن ڪنهن انساني عقل جي تخليق آهي، ان فن جي پويان ڪنهن آدم جو تيشو استعمال ٿيل آهي. هن جي هر تخليق عظيم هوندي هئي ان ۾ حقيقت جو رنگ رچيل هوندو هيو. هو ڪائنات جي هر شيءِ کي پنهنجي فن جو رنگ ڏيئي نئين روپ ۾ پيش ڪندو هيو. هن جي ذهن ۾ هئي ته هڪ ڳالهه، هو متاثر هيو ته هڪ شيءِ مان اها هئي، خود انسان جي تخليق، خوبصورت انسان. هو سوچيندو هيو ته آخرڪار اهو تخليق ڪار پاڻ ڪيترو نه بلند هوندو، ڪيترو نه عظيم ۽ خوبصورت هوندو، جنهن انسان جي تخليق ڪئي، جيئندي جاڳندي ڳالهائيندي تخليق، ڇا ان جهڙو ٻيو ڪو فنڪار ٿي سگهي ٿو؟ اهڙو سنگتراش ٿي سگهي ٿو جيڪو پٿر ۾ ايڏيون حقيقت جون ريکائون ڀري جنهن ۾ مٿي کي چڪرائڻ جهڙا راز سمايل هجن ته اهو ڪير آ جنهن اهڙي فن جي تخليق ڪئي ڇا اهو خدا آهي؟ هن سوچيو، جنهن جو فن اهڙو خوبصورت آهي اهو پاڻ به ضرور خوبصورت هوندو. هو ڪائنات جي رنگن ۾ کوئجي پنهنجي فن جا عڪس تلاش ڪندو رهيو. هن سوچيو ڇا هو پنهنجي فن ذريعي اهڙو ڪڻڪ جو داڻو ٺاهي سگهي ٿو، جنهن ۾ ساڳيو رنگ هجي حقيقت هجي ۽ وڏي ڳالهه اها ته ان ۾ ساڳي رمز رکيل هجي. نه ڪڏهن به نه هو اهو سوچي مايوس ٿي ويندو هيو ته آخرڪار هو اهڙو ڪڻڪ جو داڻو نه ٿو ٺاهي سگهي، پر اهو ڪيڏو نه عظيم فنڪار هوندو جيڪو هڪ ئي وقت لاتعداد ڳڻت کان پري ڪڻڪ جا داڻا ٺاهي پنهنجي عظيم هجڻ جو ثبوت ٿو پيش ڪري. سنگتراش کي ڪائنات ۾ هر تخليق پٺيان عظيم فن نظر آيو، هو ان فن کان متاثر هيو ۽ هو ڄاڻيندو هيو ته ان فن جو تخليق ڪار خدا کان سواءِ ڪا به هستي نه ٿي ٿي سگهي.
    خدا جي فن کان متاثر ٿي هن پنهنجي تصور ۾ هڪ تصوير ٺاهي، خوبصورت تصوير، خدا ضرور ائين هوندو، نيٺ ته هن جو به وجود هوندو، هن جا به احساسات هوندا، جن جي زيردست پنهنجي تصور کي عمل جو جامو پهرائيندو هوندو. هن پنهنجي تصور ۾ خدا جو چهرو ٺاهيو ۽ هن اهو پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيل خدا جي آئيڊيل تي پنهنجو ڀرپور فن آزمائيندو هو عظيم خدا جي چهري ۾ حقيقت جون ريکائون ڀري ڇڏيندو، هو ان جي چهري ۾ عظمت ۽ وقار جا نقشا چٽيندو پر هن جو ذهن هڪ حد تائين سوچيندي مائوف ٿي ويو. هن جو ذهن انسان جي خوبصورتيءَ کان اڳتي ڪو تصور ڪرڻ لاءِ ناڪافي هيو. هن کي انسان جي سونهن ۽ وقار کان اڳتي ڪجهه ڌنڌلا عڪس نظر آيا جن جي حقيقت ڪائنات جي سونهن اڳيان ڪجهه به نه هئي. هو خدا کي ٺاهڻ پيو چاهي پر هن جو تيشو پٿر مٿان انساني سونهن کي جڳهه پيو ڏئي، دنيا جو ڪو به آئيڊيل انساني سونهن کان ناياب ڪين آهي، ڪهڙو به حسين تصور هوندو، اهو انساني سونهن تائين محدود هوندو، پر انساني سونهن لامحدود آهي. انساني سونهن کان اڳتي سوچڻ ذهنيت جو زيان آهي، جنهن جي ڪا به حقيقت نه آهي ۽ هن به خدا کي انسان جي روپ ۾ ٺاهڻ شروع ڪيو، هڪ عورت جي روپ ۾، جنهن اڳيان دنيا جون سڀيئي خوبيون سج اڳيان باهه مثل آهن.
    سنگتراش مٿي تي هٿ ڦيرائي پنهنجي نرڙ تان پگهر صاف ڪيو ۽ هن ڪنڌ ورائي آس پاس خوبصورت دنيا جو جائزو ورتو، جيئن هو فنڪار جي تخليق ۾ ڀريل رنگن مان هن جي حقيقت معلوم ڪري مالڪ ۾ اهڙو عڪس چٽي، جهڙا هن جا خوبصورت تصور آهن. هن اولهه طرف ڪنڌ کڻي ڏٺو، آسمان ۾بيٺل ڪنڊ تي سج جا ڪرڻا هن جي اکين سان ٽڪرايا، اولهه طرف بيٺل پهاڙ هن کي ڪارا ۽ ڌنڌلا نظر آيا، جن جي پاسن تي پوندڙ شام جي ٻڏندڙ زرد هيڊي سج جا ڪرڻا پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ چنڊ جي عڪس جيان جهرمر ڪري چمڪي رهيا هئا، يا ان عورت جي خوبصورت ڳاڙهن چپن سان ٽڪرائي موٽ کائيندڙ، ستارن جيان جهرمر ڪندڙ لاٽ جيان ٿي نظر آيا، وري هن ڪنڌ ورائي اتر طرف نهاريو جتي هڪ خوبصورت پهاڙن جي دامن مان ور وڪڙ کائيندڙ ندي هئي جنهن جي ڪنارن تي گهاٽا ۽ بلند شيشم جا وڻ هيا، جن جي ٿڌي ڇانو ۾ هيٺان ڦٽيل گهاٽو ۽ سائو گاهه هيو. سنگتراش هڪ دفعو وري اوڀر ڏانهن نهاريو، هيڏو ديو جيڏو بند پهاڙ ٻرندڙ جبل جنهن جي چوٽيءَ مان ڪارو دونهون فضا ۾ بلند ٿي رهيو هيو. هن سوچيو ڪيئن نه رنگ آهن هڪ ئي دنيا ۾ هڪ ئي وقت خوفناڪ منظر ۽ اتي ئي وري خوبصورت دل چڙائيندڙ اونهاري ۾ ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙا منظر. سنگتراش ڪائنات جا رنگ چونڊي پٿر ۾ ڀريندو رهيو، هن پهاڙ جي آس پاس بيٺل ڳاڙهن، هيڊن ۽ اڇن گلن مان رنگ چونڊيا، نيري عرش مان نظارا ان ۾ ڀريا، هن پٿر کي چانڊوڪيءَ سان شنان ڏنو، پنهنجي پگهر ۾ جذب ٿيل سورج لاٽن سان هن پٿر جو منهن ڌئاريو ۽ هن جو عظيم خدا جلد از جلد پنهنجي آخري مرحلن ۾ پهچي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جي اڳيان خدا جو ٺاهيل تصور پٿر جي سطح تي هوندو، عظيم خدا جنهن ۾ عورت جي سونهن ۽ صورت هوندي، عظيم ڪائنات جا سوين رنگ هوندا.
    سنگتراش پنهنجي ڇيڻي مٿان هٿوڙي کي هڻي، پٿر تي گهمائيندو رهيو، ننڍڙيون ننڍڙيون پٿر جون چٿڙيون خدا جي جسم تان اڏري هيڏي هوڏي منتشر ٿينديون رهيون، سنگتراش جي چهري تي هڪڙا رنگ ايندا رهيا ته ٻيا ويندا رهيا، جهڙي نموني سان هن جا هٿ حرڪت ڪري رهيا هئا، اهڙي ئي نموني هن جي چهري تي تاثر رقص ڪري رهيا هئا. پگهر ڀريل چهري تي ڪڏهن نرڙ ۾ گهنج ته ڪڏهن نڪ وٽان شروع ٿي وات کي ويڙهيل چهري جا چير، اکيون اڌ کليل ته ڪڏهن پوريون، هو پنهنجي ڌن ۾ مگن ئي هيو ته اوچتو ڇيڻيءَ تان تيشو ٿڙي هن جي آڱر ۾ وڃي لڳو، زخم مان تازي رت رسجي ٻاهر نڪري بيهي رهيو، سنگتراش ٿوري دير مرڪيو ۽ پوءِ هن پنهنجي زخمي آڱر خدا جي چپن تي گسائي. خدا جا چپ ڪنوار جي جوڙي جيان ڳاڙها لال ٿي ويا، انهن ۾ لڪيل مرڪ وڌيڪ گهري ٿي ويئي، سنگتراش اڃان هن جي چپن کي نهاري ئي رهيو هيو ته هن جي ڪنن تي آواز پيو، جنهن کان هن جو ڇرڪ نڪري ويو، ”او سورج ديوتائون اسان تي پنهنجي ٻاجهه ڪر، اسان کي پنهنجي ڏمر کان هميشه پاسي رک، ڪاري رات کي نصيحت ڪر جيئن اها اسان کي ڪڏهن نه ايذائي. او سورج ديوتا!“
    پهاڙين جي پويان بستيءَ مان اهو آواز بلند ٿي سڄيءَ واديءَ ۾ ڦهلجي ويو، سڀ نظارا وجد ۾ اچي ويا، اولهه طرف ڪجهه منٽ پهريائين حسين عورت جي چپن جيان چمڪندڙ پهاڙيون صرف انڌيرو عڪس ٿي نظر آيون، جن جي پٺيان ڳاڙهو گول سورج ٻڏڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو، اوڀر طرف ٻرندڙ جبل تي پوندڙ سورج جون نارنگي شعاعون اڃان پئجي رهيون هيون، اتر طرف شيشم جا ساوا وڻ وڌيڪ گهاٽا ٿي نظر آيا، نديءَ جي شفاف پاڻيءَ ۾ اوندهه پنهنجو واسو ڪرڻ لڳي، سنگتراش جي آس پاس بيٺل ڳاڙها، اڇا ۽ هيڊا گل مرجهائجي چڪا هيا. هو ڪجهه گهڙيون بستيءَ مان اٿندڙ ان آواز کي ٻڌندو رهيو، شايد قبيلي وارا عادت موجب ٻڏندڙ سورج اڳيان سجدا ڪري دعا گهري رهيا هئا، سنگتراش ڪنڌ ورائي ڳاڙهي پيلي سورج کي ڏٺو، هن کي يقين نه آيو ته اهو خدا آهي، ڀلا خدا به ڪڏهن مرجهايو آهي؟ خدا به ڪڏهن ٿڪيو آهي؟ خدا به ڪڏهن رنگ بدلايا آهن؟ خدا به ڪڏهن هٿ سان اوندهه آندي آهي؟ نه بلڪل ن خدا اهڙو بدصورت نه ٿو ٿي سگهي، سورج خدا نه آهي. سنگتراش پنهنجو ڪنڌ پٿر جي بت ڏانهن لاڙي ڇڏيو، هن کي ان ۾ خدا جو هر عڪس نظر آيو سواءِ ٿوري ڪميءَ جي جيڪا ڪجهه ڏينهن اندر ان بت ۾ پوري ٿيڻ واري هئي.
    آخرڪار اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن سنگتراش آڏو هن جي خدا جو تصور هڪ بت جي روپ ۾ هيو. هن جي فن جو حسين شهپارو ڏسي ڄڻ ڪائنات مان ڪتڪتايون نڪري ويون. اتر کان وهندڙ نديءَ جي پاڻيءَ ۾ جيئن لرزش اچي ويئي، هر شيءَ ڪند ٿي ويئي، حيران ٿي ويئي، سنگتراش جي چهري تي مرڪ وري آئي ۽ هن گوڏن ڀر ويهي عظيم خدا جي حضور پهريون سجدو ڪيو، جيڪو هڪ سڄي ڏينهن جو هيو، اهو شاهڪار سنگتراش جو واقعي ئي ڪمال هيو، هڪ ڀرپور حسين عورت جو جسم هيو، بلڪل جيئرو، ڄاڻ ته روح پيل اٿس، گول ۽ خوبصورت چهري تي مرڪ ڀانءِ ته ڄاڻ ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي، ڇاتين جو اڀار، سنهڙي چيلهه، جنهن تي مٿي کان ايندڙ ڪريل وار، ڊگهو قد، گول ٻانهون، پٿر جي اکين ۾ چمڪ، بلڪل جيئري جاڳندي تصوير جي ڪو ماڻهو پهاڙ تي پهچي وڃي ته ان حسين شهپاري کي بت بدران جيئري عورت سمجهي ويهي، جيڪا پنهنجي هڪ هٿ ۾ نور جا ستارا کنيو بيٺي هئي بلڪل پر وقار ۽ عظيم.
    اهو بت سنگتراش جو عظيم ڪارنامو هيو، خدا سان هن جي سچي محبت جي گواهي هيو. هن خدا جي تصور ۾ ڀرپور کوئجي، اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو هيو. سنگتراش پنهنجي فن تي پاڻ حيران هيو. جيتوڻيڪ هن جي دل جي ڪنڊ ۾ هڪ خيال پاسا ورائي هن کي بي چين ڪري رهيو هيو، هن کي چئي رهيو هيو ته اڃان ان خدا جي عڪس ۾ هزارين ڪميون آهن پر تڏهن به هو پنهنجي عقيدت تي خوش هيو. هن ڪوشش ڪري پنهنجي تصور کي حقيقت جو روپ ڏنو هيو، جيڪو ڀرپور طرح ان بت ۾ موجود هيو. سنگتراش کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ملي چڪو هيو، هن خدا کي تلاش ڪرڻ چاهيو هيو پر خدا جو هڪ رنگ اڄ هن آڏو پٿر ۾ موجود هيو. هن ڪائنات جي حقيقت مان روح چورائي هن جي جسم ۾ وڌا هيا، سنگتراش ان بت جي پوڄا ڪندو رهيو. هن کي پنهنجو مالڪ ملي چڪو هيو، جنهن انسان جي تخليق ڪئي، انسان کي سهڻو روپ بخشيو. هن جي بت ۾ چرپر ۽ مرڪڻ جي سگهه پيدا ڪئي، پر سنگتراش جو خدا جيڪو چرپر کان قاصر هيو. هن ۾ صرف مرڪڻ جي سگهه هئي، بي انتها مرڪ وڏي حياتيءَ واري، جنهن کي جيستائين پاڻ نه مرجهايو وڃي.
    صبح ٿيو ته هڪ دفعو وري بستيءَ مان ساڳيو آواز گونجيو “او سورج ديوتا .......” سنگتراش سجدي مان اٿي هڪ دفعو وري ان آواز کي ٻڌو. هن ڪنڌ کڻي اوڀر طرف نهاريو صبح جو سورج ڪَر ڀڃي جاڳي پيو هيو. بستيءَ وارا وڏي آواز سان هن آڏو دعا گهري رهيا هئا، هن سورج ڏي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ هڪ دفعو وري هن خوبصورت بت جي چهري ۾ پنهنجيون اکيون کپائي ڇڏيون. بت جو خوبصورت چهرو جنهن تي اڀرندڙ سورج جا هلڪا ناسي ڪرڻا پئجي رهيا هئا، هن جو سڄو چهرو پيلو ٿي ويو هو، هن کي بت جي ڳاڙهن چپن جي مرڪ اجهامندي محسوس ٿي، هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن ڄاڻ بت ۾ چرپر ٿي، هن جا چپ ڄاڻ چريا، جيئن هن جو خدا هن سان ڳالهائڻ لاءِ بي قرار هجي، پر بت نه ڳالهايو. سنگتراش جي چهري تي حيرت ڇائنجي ويئي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر ائين ڇو ٿيو ۽ خدا جي چهري تان مرڪ ڇو هلڪي ٿي ويئي.
    ڇا خدا سچ پچ اهو خدا آهي جنهن کي مون تصور جو روپ ڏنو؟ ڇا خدا هر انسان جي اندر ۾ وسيل آهي؟ سڀني انسانن جا اندر هم خياليءَ سان ڀرپور آهن؟ نه ائين نه آهي. ڪائنات جي سيني تي وسندڙ هر انسان جي اندر ۾ خدا جا سمايل عڪس مختلف آهن، ها مختلف، اڃان سنگتراش سوچي ئي رهيو هيو ته هڪ دفعو بستيءَ مان وري ساڳيو آواز گونجيو “او سورج ديوتا ........” ۽ سنگتراش کي پڪ ٿي ويئي ته خدا جو هڪ روپ نه آهي، هر اندر ۾ هن لاءِ مختلف تصور آهن.
    جيئن ڏينهنَ گذرندا ويا خدا جي بت ۾ هزارين تبديليون اينديون ويون، جيئن سنگتراش جي عبادت هن ۾ روح ڦوڪيندي هجي، بت جي چهري ۾ حقيقت جون ريکائون ڏينهون ڏينهن نروار ٿينديون ويون. سنگتراش کي ائين محسوس ٿيو جيئن بت ڄاڻ ڳالهايو وقت سان گڏ هن ۾ ڳالهائڻ جون صلاحيتون جمع ٿينديون ويون.
    عبادت وقت سنگتراش کي ائين محسوس ٿيندو هيو، جيئن هزارين دليون هڪ ئي وقت بت آڏو سجدو ڪنديون هجن. جيئن خوبصورت دليون ننڍن ٿالهن ۾ ڳاڙها گل کڻي بت مٿان نڇاور ڪنديون هجن. هلڪا هلڪا گهنڊ وڄندا هجن، ڇير جو ڇمڪو ٿيندو هجي، رقص ڪري ٿڙڪندڙ دلين جا جسم وروڪڙ کائيندا هن آڏو لنگهندا هجن. خدا جو بت هنن کي هٿ ڊگهيڙي آشيرواد ڏيندو هجي. سڀ گهنڊ هڪ زوردار آواز سان وڄي هلڪا ٿي ويندا هجن ۽ سڀ دليون سهڪنديون لڙکڙائينديون خدا آڏو سرنگون ٿي وينديون هجن، پر ائين ڪڏهن به ڪو نه ٿيو. اهي صرف سنگتراش جا وهم هيا، هن جي دل ۾ خدا لاءِ سمايل محبت ۽ عقيدت جي رنگ ڍنگ جو مليل فڪر هيا، هن کي پنهنجي فن جي منزل ملي چڪي هئي، هاڻي هن اڳيان ڪو به مسئلو نه هيو سواءِ عبادت ڪرڻ جي خدا کي خوش ڪرڻ جي.
    سنگتراش کي بستيءَ جي رهاڪن تي رحم ايندو هيو، هن کي انهن جي بيوقوفي ۽ ڪوڙي خدا تي کل ايندي هئي، بيوقوف انسان ڪيئن ته ٿا پنهنجي عظيم ذهنيت کي گندو ڪن، آخرڪار هنن کي ان ٻرندڙ گولي ۾ هٿ ڇا آيو آ، جنهن جي ڪري هو ان کي سجدو ڪن ٿا؟ سنگتراش جي دل چاهيو ته هو بستيءَ وارن کي سڏي ڪائنات جي اصلي خدا سان متعارف ڪرائي، هو انهن کي حقيقت جو رستو ڏيکاري پر هو اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيو، ڇو جو هن کي خبر هئي ته انسان هٺ ڌرم آهي، قدامت پسند آهي، هو پنهنجي ضد اڳيان حقيقت کي ڪا به ترجيح نه ڏيندو آهي، هو پنهنجي ڪوڙي شيءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي تصور ۾ ٺهيل حقيقت جي ڪفن کي تنگ ڪري سچ جي لاش جا هڏا چوري ڪري وٺندو آهي، سنگتراش کي خبر هئي ته انسان لوهه وانگر آهستي آهستي چٻو ٿيندو آهي وقت سان گڏ خدا جي بت ۾ زندگيءَ جا تاثر گهرا ٿي ويا، هن جي لسن ۽ خوبصورت ڳٽن ۾ خون جي گردش شروع ٿي چڪي هئي، هن جي وارن جو رنگ ڪارو ٿيڻ وارو هيو، هن جي اکين ۾ حياتيءَ جي چمڪ نروار ٿي چڪي هئي، سنگتراش کي بت جي ان بدليل حالت پريشان ڪري وڌو، جيڏي هن جي عقيدت گهري ٿي اوترو ئي هن جي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، وقت جو هر لمحو ڪائنات لاءِ تجسس جو پيغام هيو ”بت ۾ زندگي ...... بت ۾ زندگي.“
    سنگتراش جي دماغ مان بلند ٿيندڙ آواز واديءَ ۾ ڄڻ پڙاڏو پيدا ڪرڻ لڳو، جيئن ڪو ديو پهاڙن ۾ بيهي زور زور سان ٽهڪ ڏيندو هجي، سڄي وادي ان خوف کان لرزجي ويئي، نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن سنگتراش جي اڳيان بت جي بدران هڪ خوبصورت عورت جو چرپر ڪندڙ جسم هيو، حسين عورت جنهن کي اتر جي خوبصورت وادي ڏسي شرمائجي ويئي، شيشم جا وڻ جهڪا ٿي نديءَ مان نڙي آلي ڪرڻ لاءِ پاڻي پيئڻ لڳا، اوڀر ۾ ٻرندڙ جبل جي دونهي ۾ ڄڻ ڄر اچي ويئي، چمڪ اچي ويئي، آس پاس بيٺل نيرا، ڳاڙها گل مرڪي مرڪي هڪ ٻئي پٺيان لڪي خدا جي حسين وجود کي ليئا پائڻ لڳا. سنگتراش جا اهڙي حسين خدا کي ڏسڻ کانپوءِ تارائي ڦوٽارجي ويا، هن جي جسم ۾ خوف کان ڏڪڻي واسو ڪري ويئي.
    ”ڊڄ نه مهراج.“ عورت مرڪي سنگتراش جي ويجهو ايندي چيو، ”خدا پنهنجي بندن کان نه گهٻرائيندا آهن.“
    عورت جي ڳالهائڻ سنگتراش جي حيرانيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آڻي ڇڏيو.
    ”عظيم خدا تون پنهنجي اصلي روپ ۾ اچي وئين.”
    ”مالڪ پنهنجي بنديءَ کي خدا سڏي شرمندو نه ڪر.”
    سنگتراش عورت جي ڳالهه تي پريشان ٿي ويو، هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر خدا هن کي مالڪ ڇو ٿو سڏي.
    ”مان تنهنجو مطلب نه سمجهيو.“ سنگتراش چيو.
    ”ها تون ئي ته منهنجو خدا آهين.“ عورت هن جي اڳيان جهڪندي ۽ ٻيئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مان تنهنجي تيشي جي ته تخليق آهيان.“
    ”پر منهنجو وجود.“ سنگتراش هٻڪندي چيو ”منهنجو وجود تنهنجي قدرت جو ڪمال نه آهي، مان توکي نه ٺاهيو آهي، پر تون مون کي ٺاهيو آهي.“
    سنگتراش جي ڳالهه تي عورت ٿورو مرڪي ”نه مالڪ تون پنهنجي وجود جو پاڻ خالق آهين، تون انسان آهين ۽ انسان ئي تنهنجو تخليق ڪار آهي انسان توکي ٺاهيو آهي بلڪل مون وانگر جيئن تون مون کي ٺاهيو آهي، انسان ئي خدا آهي، ان کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪهڙي هستي آهي.“
    سنگتراش پٿر جي بت مان ٺهيل عورت جي گفتگو تي حيران هيو، سڄي وادي ڄڻ بدلجي ويئي، هوائن جو احساس ڇڊو ٿي ويو، عجيب ڪيفيت ٿي ويئي، هر ڪنهن شيءَ جي سنگتراش کي يقين نه ٿي آيو ته هو ان خدا سان مخاطب آهي، جنهن کي هن ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي تيشي سان تراشي ٺاهيو هيو، هو حيران هيو ته آخرڪار اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن.
    ”ها خدا.“ عورت سنگتراش اڳيان هٿ ٻڌي هڪ دفعو وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ڏس منهنجي لبن جي لالي تنهنجي خون سان ئي ته قائم آهي، هي ساري ڪائنات به تنهنجي ئي دم سان آهي، جي تون نه هجين ته دنيا بيڪار آهي، پر جي تون هجين دنيا نه هجي ته دنيا جي تخليق تنهنجي لاءِ ڪوئي مسئلو نه آهي، هيءَ ساري ڪائنات تنهنجي آهي، تون خدا آهين.“
    عورت جي ڳالهين تي سنگتراش منجهي پيو، هن کي پاڻ تي خار اچڻ لڳا، ڇو جو هن ڪافر خدا جي تخليق ڪئي، هن جي دل چاهيو ته هو تيشي سان هن جي جسم جا ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي پر ان وقت هن آڏو بت نه پر حقيقت هئي، هڪ خوبصورت عورت جو جسم جيڪو پاڻ کي بندو سڏي رهيو هيو، آخرڪار سنگتراش ٿورو زور سان ڳالهائيندي چيو ”مان سنگتراش آهيان، ڇا مان هڪ ڪڻڪ جو داڻو ٺاهي سگهان ٿو؟ هڪ وڻ ٺاهي سگهان ٿو، جنهن ۾ زندگيءَ جا آثار هجن، هڪ پکي ٺاهي سگهان ٿو جيڪو فضائن ۾ پرواز ڪري؟“
    عورت هڪ دفعو وري مرڪي پيئي.
    ”ها خدا ڇو نه مون کي ته عجب ٿو لڳي مالڪ ٿي توکي پنهنجي ملڪيت جي ڄاڻ نه آهي.“
    ”آخرڪار هيءَ ڪڻڪ ڪير ٿو اپائي، تون صرف تون ئي ته زمين ۾ هر هلائي اناج اپائين ٿو، تون ئي ته ان کي خلقين ٿو، ڪائنات جا سڀ وڻ تنهنجي محنت جو ئي ته سلو آهن. تون ئي ته جڏهن چاهين انهن کي ٺاهين ٿو، جتي چاهين اڀاري سگهين ٿو، دنيا جا هي سڀ پکي تنهنجي ئي ته دم سان آهن. تنهنجي ڪئي مان ئي ته جيئرا آهن، تنهنجو وجود ئي ته انهن سڀني جو روح آهي، آخرڪار روح کان وڌيڪ ڪهڙو خدا آهي، جيڪڏهن تون نه هجين ته ڪنهن به شيءَ ۾ ساهه نه هجي.“
    ”نه نه، ڪوڙ آ.“ سنگتراش خار مان آس پاس بيٺل ڳاڙهن گلن کي ڇنندي چيو، ”مان دنيا جو خالق ڪيئن ٿو ٿي سگهان؟ تون ڪنهن جادوگر جو روح آهين، جيڪو منهنجي خدا جي جسم ۾ سمائجي ويو آهي، نڪري وڃ اتان، نڪري وڃ.“ عورت جي چهري تي ساڳي سنجيدگي هئي، سنگتراش جي ڪاوڙ جي رد عمل ۾ هن پنهنجون اکيون بند ڪري وري کولي ڇڏيون، ”خدا تون ڪاوڙجين ڇو ٿو، ڇا دنيا جو وجود تنهنجي ئي دم سان نه آهي؟ ڇا تون هن مئل دنيا کي پنهنجي محنت سان ساهه نه وڌو آهي؟ گهر نه اڏيا آهن؟ پوکون نه ڪيون آهن؟ ڪارخانا نه اڏيا آهن؟ تون ئي ته ڪائنات لاءِ آهين، پنهنجي عظيم ورثي کي قبولڻ کان انڪار ڇو؟“
    سنگتراش جي اڳيان هن جي وجود جي وضاحت ٿيندي وئي، وقت سان گڏ گذريل هن کي پنهنجي زندگي گار محسوس ٿي، هن پنهنجي وجود کي بي مقصد پاتو، هن کي پنهنجي ماضي قريب جا لمحا پاڻ مٿان لعنت محسوس ٿيا، ”هن آخرڪار سجدو ڪيئن ڪيو؟ پنهنجي بڻايل شيءِ اڳيان ڪيئن جهڪيو؟ ان بت کي هن ئي ته ٺاهيو هيو، اهو بت هن جو ئي ته بندو هيو، پوءِ هن خدا ٿي ان آڏو سر ڪيئن جهڪايو.؟“
    ”خدايا.“ عورت هڪ دفعو وري عقيد مان اکيون ٻوٽي چيو ”جيڪڏهن مون کان ڪا غلطي ٿي آهي ته معاف ڪندا باقي مان ڄاڻان ٿي ته توهان ئي منهنجا خدا آهيو، انسان ئي ڪائنات جو خدا آهي.“
    ”پوءِ ڪيئن؟ آخر ڪيئن؟ سڀ انسان جدا آهن ته بندو ڪير آهي؟ ڪائنات جا ڪروڙين خدا، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.“
    عورت ٿورو پريشان ٿي ويئي ۽ هن نرمائي سان چيو:
    ”تون غلط سمجهين خدا، انسان ئي خدا آهي ۽ انسان ئي بندو آهي، انسان ئي انسان جي تخليق ڪري ٿو ۽ انسان ئي انسان جو خدا ٿئي ٿو، انسان ئي هڪ ٻئي جا بندا ۽ خدا آهن. هڪ حياتيءَ جو دارو مدار ٻئي تي آهي. انسان ئي انسان کي سجدو ڪري “هو هڪ ٻئي کي سجدو ڪن، هر انسان پاڻ کي بندو ۽ ٻئي کي خدا تسليم ڪري ۽ هر ڪو پوءِ خدا جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي اڳيان جهڪي، سجدو ڪري.“
    عورت جون ڳالهيون سنگتراش جي سوچ کان وڏيون هيون، هن تڏهن به انهن لفظن جي حقيقت کي پروڙي ورتو، هن کي عورت جي ٻڌايل هزارن خدائن جي پٺيان ايڪائي نظر آئي، جنهن ۾ دوئيءَ جو ڪو به وجود نه هيو. هڪ خدا هيو، صرف انسان. عورت لڳاتار ڳالهائي رهي هئي، ”منهنجا خدا مان ته اهو سوچيندي هيس ته آخرڪار منهنجو خدا سجدا ڇو ٿو ڪري ڪوئي پنهنجي بڻايل بندي کي به سجدا ڪندو آهي ڇا؟ مان ته هر وقت اوهان جي آڏو جهڪندي هيس، انسان جي ڪائنات جي هر شي کي پروڙي ته هن کي اهو معلوم ٿي ويندو ته هر ڪا شيءَ هن آڏو جهڪيل آهي.“
    سنگتراش جي اڳيان دنيا پنهنجي اصلي روپ ۾ اچي ويئي، هن ذهن تي زور ڏيئي سوچيو، هن پاڻ ۾ هزارين صلاحيتون محسوس ڪيون، هو واقعي خدا هيو جنهن ڪائنات جي تخليق ڪئي آهي، پنهنجي محنت جي تيشي سان هن ۾ هزارين نقش چٽيا آهن، سنگتراش جي چپن تي مرڪ اچي ويئي، هن خوشيءَ مان اکين کي ڇنڀي عورت ڏانهن نهاريو پر هن جي حيرت جي انتها نه رهي هن ڏٺو عورت جي بدران هن جي سامهون ساڳيو تراشيل بت هيو، ساڳي لازوال مرڪ ۽ رت رڱيل چپڙا، هن کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ڇا هو خواب ڏسي رهيو هيو؟ اهو سڀ ڪجهه ورهين کان هن جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه جي ٻاڦ هيو؟ هن سوچيو ها اهو سڀ ڪجهه ورهين کان پنهنجي اندر ۾ متل بحث جو جواب هيو، بت صرف هڪ خيالي ڪردار هيو، منهنجي خيالن جو هڪ ڏار هو، جنهن کي حقيقت جي طوفان وڻ کان ڪيرائي ساڙي ڇڏيو، سنگتراش پنهنجي چهري تي تکي مرڪ کڻي اٿيو. ڪنڌ کڻي هن اوڀر طرف پوئين پهر جي نيراڻ کي نهاريو ۽ هلڪا هلڪا قدم کڻندو اوڏانهن وڌي ويو. ٿوري دير کان پوءِ گناهگارن جي چهري جهڙو زرد سورج طلوع ٿيو، بستيءَ وارا ماڻهو هڪ دفعو وري دانهي سورج کي سجدا ڪرڻ لڳا، ”او سورج ديوتا صبح جو سلام“ اڃان هنن دعا شروع ئي مس ڪئي ته هنن هڪ انسان کي پهاڙين پٺيان طلوع ٿيندڙ سورج جي آڏو ايندي ڏٺو، هڪ ڪارو انساني پاڇولو جيڪو هيڏي وڏي سورج کي پٺ ڏيئي ڍڪي بيهي رهيو، هن پنهنجا ٻيئي هٿ مٿي بلند ڪيا، جن مان هڪ ۾ تيشو هيو ۽ ٻئي ۾ ڇيڻي، بستيءَ وارن ۾ خاموشي اچي وئي ۽ هو گهُوري ان پاڇولي کي نهارڻ لڳا، هر طرف سناٽو ڇانيل هو، ٿوري دير گذري ته سڀ بستيءَ وارا ان ڪاري عڪس آڏو جهڪيل هيا، ڪارو عڪس جنهن جي هٿن ۾ تيشو ۽ ڪلي عرش ڏي بلند ٿيل هئا ۽ ان ڪاري پاڇولي پٺيان لڪيل هيڏو وڏو گول ۽ زرد سورج جيڪو هن جي قدمن مان طلوع ٿي رهيو هيو.


    تنهنجي جنازي پويان

    هو شهر ۾ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي، ستارا مرڪي روئي رهيا هيا ۽ چنڊ جو ته ڪو نشان ئي نه هيو. هر طرف ويراني لڳي پئي هئي، جنهن ۾ هن کي پنهنجو وجود ڪارنهن جي ننڍن ذرڙن ۾ جذب محسوس ٿيو، هو ڪجهه به نه هيو بس هڪ اڻ ڄاتل اديب جنهن جي صرف هن کي خبر هئي ۽ زماني وارا هن کان ناواقف هيا. هن ڳنڀيرتا کي انڌيارن جو روپ ڏئي، وشال آڪاش تائين ڦهلائي ڇڏيو هيو ۽ اهي انڌيرا صرف انڌيرا ئي هيا جن ۾ گهرڻ سان ڪوئي ڪجهه نه پائيندو هيو، اهو انڌو ٿي ويندو هيو. هن جو وجود پوءِ اهڙن انڌيارن ۾ ڪيئن ٿي نظر اچي سگهيو جن ۾ ڳنڀيرتا ۽ پيڙا پاڻ ۾ اهڙي طرح ملايا ويا هجن جو هڪ تهه پويان هزارين تهه ٺهي پيا هجن.
    پوءِ ڪير انهن تهن کي چيري هن تائين پهچي سگهيو ٿي، ڏتڙيل ۽ ڪٻڙي چيلهه وارو اديب، ”راهب“ جنهن جي شروعاتي زندگي ڏاڍي پرسڪون گذري هئي، پر جوانيءَ جي نرمتا کي ڇهندي ئي هن جي جسم مان اهڙي ته ڌرڙيون نڪري ويون، جو هن جي جسم جا وار سڌا ٿي ويا ۽ هن ۾ هڪ اهڙي پيار جنم ورتو، جنهن جو ڪو به سبب نه هيو، ڪو به وجود نه هو. هڪ پنهنجو پاڻ پيدا ٿيل پيار، جنهن جي بذات خود هن کي به خبر نه هئي ته اهو ڪنهن لاءِ آهي؟ ڇا اهو پيار آهي يا محرومي؟ جيڪا هن کي روز بروز هڪ پيڙا ۽ ڳنڀيرتا جي احساس ڏانهن گهليندي پئي وئي، هڪ اهڙي محرومي جنهن جي خلا کي هو ڪنهن شيءِ سان پُر پيو ڪرڻ چاهي ۽ اها ئي خلا هئي جنهن ۾ هن ادب کي ڀرڻ چاهيو، پر من جي خلا شايد هڪ اهڙي مٽ جيان آهي جنهن جو ترو ڀڳل هجي ۽ ان مٽ کي پر ڪرڻ لاءِ جيترو به مواد وڌو وڃي اهو ٿوري دير لاءِ ان جي ڪنن کي ڇهي ان جي تري مان وهي وري هميشه لاءِ اها خلا پيدا ڪيو ڇڏي جيڪا ڪن نامعلوم محرومين جي پيداوار هوندي آهي. راهب جي من جي خلا به ڪڏهن پُر نه ٿي، هن انسانن کي پاڻ کان برتر سمجهيو. هن ۽ انسانن جي وچ ۾ خوف جي هڪ ديوار هئي، جنهن کي هن ڪيرائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا. هن مختلف شين جو سهارو وٺي پاڻ کي ٻين تائين آڻن جي ڪوشش ڪئي پر هو عظيم هوندي به پاڻ کي هڪ عام انسان جهڙو سمجهي نه سگهيو. هو هڪ عام ماڻهو نه هيو پر هڪ اهڙو ماڻهو هيو جيڪو پنهنجي من ۾ ته ٽٽل ڦٽل هوندو آهي پر پنهنجي محرومين ۽ ڪمترين جي احساس کي بدلائڻ لاءِ مختلف روپ ڌاري سامهون ايندو آهي. هو پاڻ کي جيترو ڪمتر سمجهندو آهي، اوترو ئي پاڻ کي اهم ثابت ڪري پاڻ کي ان درجي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن درجي کان هڪ ماڻهوءَ جي حيثيت اڀري ٿي. هو پاڻ کي اهڙي گهمنڊ ۾ مبتلا رکندو آهي جيڪو هن کي ٻين کان اهم ڪري ڏيکاري ۽ ويچارو راهب به انهن انسانن مان هيو جيڪي پنهنجين محرومين کي هڪ زوريءَ پيدا ڪيل احساس برتريءَ جو سهارو ڏئي، زندگي بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪي پنهنجي من ۾ ته ٽٽل ڦٽل هوندا آهن پر پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ ۽ زماني سان ڪلهي ملائڻ جي خواهشن ڪري مغرور ٿي ويندا آهن.
    هن جو شانيءَ سان پيار هيو. ڀورن ناسي وارن واري شاني، جيڪا جڏهن به ڪتاب ڇاتيءَ سان لايو پنهنجيون نيريون اکيون کڻي هن تي اڇاتري ۽ مغرور نظر وجهندي هئي ته هو ننهن کان چوٽيءَ تائين ڍلو ٿي ويندو هيو ۽ پنهنجي محرومين ۽ نروس نيس جي احساس کي لڪائڻ لاءِ ڳيت ڏئي وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي هيٺ لاهي پاڻ کي مطمئن ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هيو، پر شاني ڏاڍي مغرور هئي، هن کان به وڌيڪ مغرور شايد ان وٽ هن کان به وڌيڪ محرومين جو احساس هيو، جنهن تحت هن جو ڪنڌ سيني کان سدائين مٿي هوندو هيو. راهب هن کي هر طرح سان چاهيو. هن کي تصور ئي تصور ۾ پوڄيو، هن تي لازوال ڪهاڻيون لکي ڇڏيون. جن ۾ بي انتها گهرائپ هئي. هڪ اهڙي درد جهڙي گهرائپ، جيڪو ٻن پيار کان آشنا پر مغرور دلين جي هڪ ٻئي سان بيرخيءَ جي برتاءَ ڪري پيدا ٿيندو آهي ۽ وجودن ۾ هڪ اڻ کٽ کاهي پيدا ڪري، هڪ اهڙي اونهائيءَ کي جنم ڏيندو آهي، جنهن جو ڪو به انت نه هوندو آهي. اهڙيون کاهيون وسيع هونديون آهن ۽ انهن جي ترن کي ڪو به ڇهي نه سگهندو آهي. هن کي خبر هئي ته شاني هن کي چاهي ٿي، پر هو پنهنجي گهمنڊ تان ڪڏهن به نه لٿو. هو چاهيندو هيو ته ڪاليج جي چوڪ تي هن سان ملي ان کي نظرن سان ڇهي پر هن جي نظرن جون آڱريون ڪمزور هيون، جن ۾ ڪا به شڪتي نه هئي، ڪا به پکيڙ نه هئي، هو سمنڊ جي ڪناري پيل واريءَ جي ذري مثل هيو، پر ان ذري ۾ هڪ پهاڙ سمايل هيو. جنهن کي سامونڊي هوائون پنهنجي هنج ۾ کڻي ڪڏهن به طوفاني لهرن جي حوالي نه پيون ڪري سگهن ۽ هو صرف پور پچائيندو رهيو. ڪاليج جي شروعاتي زندگي ۾ هن جون شانيءَ سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون جن ۾ ڪو به جذبو ڪار فرما نه هيو، اهي جذبات کان عاري هيون. انهن ۾ خوف جو ڪو به عنصر نه هيو، پر پوءِ راهب محسوس ڪيو، هن جوشانيءَ سان پيار ٿي ويو آهي ۽ شاني جڏهن به هن جي سامهون اچڻ لڳي ته هو محسوس ڪرڻ لڳو جيئن دماغ هن جي زبان جو ساٿ نه ڏئي رهيو آهي. هو جيڪي ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي، اهو پپل جي اهڙي زرد پتي جيان آهي، جنهن جي ڏار مان ڪرڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هجن ۽ تيز هوا جي جهوٽن ۾ هو بس ڪرڻ جون تياريون ئي ڪندو هجي. هن محسوس ڪيو شاني به هاڻي هن سان ڳالهائيندي شرمائي رهي هئي. هن ڪيترا دفعا هن جي ڄنگهن جي ڏڪڻيءَ کي محسوس ڪيو. هن ڪيترا دفعا ڏٺو، هوءَ اکيون هيٺ ڪري پنهنجي فائيل جي ڪنڊن کي هٿ سان مهٽي ڊڄي رهي آهي ۽ هن اتان پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته هر حسن خوفزده هوندو آهي، خوف حسن سان هميشه لاڳو رهندو آهي ۽ اهو ئي خوف هيو جنهن هنن جي وچ ۾ هڪ ديوار قائم ڪري ڇڏي.
    جيئن جيئن هنن جي من ۾ پيار جو طوفان اٿندو ويو، تيئن تيئن هنن کان ڪنارا ڇڏائبا ويا، اهي هوائن جي حوالي ٿي ويا ۽ پنهنجي اڀرندڙ جذبن کي لڪائڻ لاءِ انهن پاڻ کي مغروريءَ جا ڪفن پارائي ٻن الڳ الڳ قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيو. انهن ۾ هاڻي ڳالهائڻ جي اها همت نه رهي هئي، جو هو هڪ ٻئي سان اکيون اکين ۾ وجهي پاڻ سنڀالي سگهن. راهب محسوس ڪيو اهو سڀ خواب هيو، هڪ ابتو سبتو خواب، جيڪو ذهني خلفشار جي پيداوار هيو ۽ ان جو ڪو به مفهوم نه هيو. هن کي اهو يقين هوندي به ته شانيءَ جي من ۾ هو ئي آهي جيڪو هير جيان گهلي هن کي بيقرار ڪري رهيو آهي، ڪڏهن به پڪ نه ٿي ته ڪو ائين هوندو يا ٿي سگهي ٿو. هو ان سموري ڳالهه کي خوشفهمي تصور ڪري پنهنجي پر ۾ شانيءَ کي وسارڻ لاءِ وڏا جتن ڪرڻ لڳو. هن شانيءَ جي منفي پهلوئن تي سوچيو، هن جي چال مان چڪون ڪڍڻ لڳو، دوستن ۾ جڏهن به شانيءَ جي حسن جو ذڪر نڪتو ته هن زوريءَ وچ ۾ ٽپ ڏئي ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
    شانيءَ تي تنقيد مان هن کي ڪجهه دير لاءِ ڄڻ سڪون ملي ويندو هيو. هو محسوس ڪندو هيو جيئن ڪنهن جنازي کي ڪلهي ڏيڻ کانپوءِ هن پنهنجو وزن لاهي قبر جي حوالي ڪيو هجي. هو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هيو، پر ٿوري دير کانپوءِ وري ڪو ڄڻ هن جي روح کي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيندو هو. هن جي تن من ۾ هڪ باهه ڀڙڪي اٿندي هئي، جيڪا هن جي زوريءَ پيدا ڪيل نفرتن کي ساڙي ڀسم ڪري. هڪ دفعو وري شانيءَ کي آڻي هن جي من ۾ وسائيندي هئي. هن جيئن جيئن شانيءَ کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي هو تيئن تيئن ان ۾ ڦاسندو ويو. شاني هڪ اهڙي ڪنڍيءَ جيان هئي جنهن ۾ پاڻ ڇڏائڻ رهندو پاڻ کي زخمي ڪرڻ هيو. شانيءَ جي مغروريءَ کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن راهب وٽان اهو احساس ختم ٿي ويندو هيو ته ڪو هوءَ هن کي چاهي ٿي پر هڪ دفعو هو ڪاليج جي لان ٻاهران ٺهيل روڊ تان جيئن ئي شانيءَ جي پويان اچي رهيو هيو ته هن محسوس ڪيو جيئن شانيءَ جي چال ڦري وئي آهي، هن جي ورانگ ۾ ڏڪڻي اچي وئي آهي، هن جون ٽنگون ڦاٽي ويون آهن، هوءَ وڏيءَ مشڪل مان پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ منهن ۾ گهنڊ وجهي ڀرسان هلندڙ ساهيڙيءَ سان ڳالهه لنوائڻ لاءِ زوريءَ ڳالهائي رهي آهي. راهب ڪيترا دفعا چاهيو ته هو پنهنجي هٺ ڌرمي ڇڏي، ان ڇوڪريءَ سان وڃي ڳالهائي پر هن جي همت جواب ڏئي چڪي هئي. هو ڪيترا ڀيرا هاسٽل کان پاڻ کي صرف ان لاءِ ٺاهي ٺڪي نڪتو ته من شاني هن ڏانهن ڏسي پر هو هڪ ٻئي جي سامهون ايندي ئي راهون مٽائي ويندا هيا ۽ ويچارو راهب پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ ائين ئي ڪڏهن نفرتن جو اظهار ڪري شانيءَ جي حسين خيالن کي ٿڏيندو رهيو ته وري ڪڏهن پيار جي شدت کي اڪيلائين ۾ محسوس ڪري روئي پيو. هن ڪڏهن شانيءَ کي پاڻ کان مٿاهون ڀانيو ته وري ڪڏهن پنهنجي وجود کي ٽيڪ ڏئي ان کي ٿڏي ڇڏيو ۽ آخر اهو وقت به اچي ويو جڏهن شاني هن کان هميشه لاءِ جدا ٿي وئي. شاگرديءَ جا پنج سال پورا ٿيا ته راهب پنهنجي شهر موٽي نوڪريءَ کي لڳي ويو ۽ هن کي ياد آيو شاني آخري وقت به هن ڏانهن اڇاتري نظر وجهڻ کانسواءِ ئي هلي وئي هئي.
    ۽ اڄ پوري هڪ سال کانپوءَ هن کي شانيءَ جو هڪ دعوت نامو مليو هيو، جنهن ۾ هن راهب کي پنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. ان ۾ هن لکيو هو ته هوءَ هڪ اديب سان شادي ڪري رهي آهي ۽ جيئن ته اهو هن جي ڪلاس جو ساٿي رهيو آهي. هن جو اهو فرض هيو ته هوءَ هن کي پنهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏئي.
    راهب کي اهو خط پڙهي ائين محسوس ٿيو، جيئن هن جو پورو بدن پگهرجي جسم جي هر عضوي مان رنو هجي ۽ اندر ۾ اٿندڙ دٻائن کان ڪلين ۾ سور پئجي ويو هجي. هو رنو ڪو نه بس هن خط پڙهي مرڪي ڏنو، جيئن هن چپن مان ڳوڙها وهايا هجن. آخر هو شانيءَ کي ئي ته اڃان دل ۾ سمايو ويٺو هيو، هن ڪنهن به عورت جو تصور نه ڪيو هيو. شانيءَ هن جي وجود ۾ ڪٿي به اهڙي جاءِ نه ڇڏي هئي، جتي هو ڪنهن ٻئي شيءِ کي سمائي سگهي، خط پڙهڻ کانپوءِ هن کي ائين لڳو جيئن هو رجي زمين تي هارجي ويو هجي.
    ٽئين ڏينهن شانيءَ جي شادي هئي ۽ هو ٺيڪ ان وقت شهر ۾ پهتو هيو. جڏهن هن جو نڪاح ٿيڻ وارو هيو، هن کي شهر ۾ گهرڻ سان ڪي به رستا نه ٿي سجهيا. هڪ ويراني هئي، يا شايد نه هئي ۽ هو اندر جي شدت کان ڪنهن به شيءِ کي ڏسي نه ٿي سگهيو. هن کي گلن واري جو دڪان به نه پئي مليو جتان هو شانيءَ جي ڳلن جهڙا گل وٺي هن تي نڇاور ڪري سگهي، جتان هو رت جي ڦڙن جهڙا گلاب وٺي، پنهنجي مغرورين، هٺ ڌرمين ۽ ڪمترين جي احساسن جي چرڻن ۾ قربان ڪري سگهي. هن کي لڳو هن جي ديد گهٽجي وئي آهي ۽ درد کان چيلهه چٻي ٿي وئي آهي. هن پنهنجي هٿ ۾ جهليل اڇو رومال هر هر وات کي ڏئي پئي کنگهيو، جيئن پنهنجي من جي اڻ تڻ کي لڪائڻ چاهيندو هجي. اونهاري جي رات هئي ۽ بدن گرميءَ کانپوءِ لڳندڙ هير ۾ ٽڙڪي رهيا هيا. راهب جا درد هيا جو پت جو روپ ڌاري هن جي جسم مان ڦٽي ٿي نڪتا. آخرڪار ان نئين شهر ۾ پڇائيندي پڇائيندي هن کي هڪ مالهيءَ جو دڪان ملي ويو جتي چنبيلي ۽ گلابن جون لڙيون لڙڪي رهيون هيون. ٽياس تي ٽنگيل ڳاڙهن ڦولن کي ڏسي هن چاهيو ته هو انهن کي اتان لاهي انهن جي زخمن کي خوب چمي پيار ڪري. آخر اهي به ته هن جي شانيءَ جي ڳچيءَ ۾ وڃڻا هيا، سياري جي ٿڌ ۾ ماٺي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سنهڙين لهرن جهڙي نرم ڳچي، جنهن تي هن هروڀرو به ڪيترا دفعا پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ تنقيد ڪئي، راهب ڏاڍو پڇتايو هن کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو جيئن شانيءَ جي ڳچي هن جي بدن تي ٿڌڙا ڪڍي هن جو ساهه پي وئي هجي. هن مالهيءَ کان ٻه چار گلابن جون لڙيون ورتيون ۽ انهن کي هٿ ۾ لڙڪائيندو شاني جي گهر ڏانهن راهي ٿيو.
    اهو شهر هن لاءِ بلڪل نئون هيو، هو ان جي واٽن کان ناواقف هيو ۽ شهر هن لاءِ شانيءَ جهڙو مغرور ۽ ماٺو، جنهن جي سانت ۾ سوين کوهه هيا ۽ قدم قدم تي ڪرڻ جا اڪيچار انديشا. هو ويران گهٽيون لتاڙيندو گلابن جي لڙين کي هٿ ۾ لوڏيندو، جڏهن شانيءَ جي گهر کي ويجهو ٿيو ته هن کي پري کان انسانن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. اهي هڪ گهر اڳيان ويٺا پاڻ ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هيا، ننڍا ننڍا هٿ گولا هيا جيڪي ان هجوم جي آس پاس پئي ٻريا. راهب پري کان شانيءَ جو گهر ڏسي ڪجهه گهڙيون ته دهلجي ويو، هن جي جسم ۾ ساڳي ڪاليج واري ڏڪڻي شروع ٿي وئي ۽ هن ۾ اها همت نه رهي ته هو اڳتي وڌي شانيءَ کي ڦولن جو تحفو پيش ڪري سگهي. ان جي پيشانيءَ جو سيندور ڏسي روئي سگهي ۽ ان جي اکين ۾ گهري پاڻ کي زخمي ڪري سگهي. هو هڪ فرلانگ پري کان ان ڄڃ کي ڏسندو رهيو، هن ڪوشش ڪئي ته هو اڳتي وڌي ۽ ان انسانن جي هجوم ۾ شامل ٿي پاڻ کي به انهن جهڙو ڪري سگهي، پر هن جي قدمن ۾ شڪتي نه رهي، خوف کان هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ مٿو چيپجي ڄڻ هڪ هنڌ ڳوڙهو ٺاهي بيهي رهيو. هو اتي ئي کجين جي اوٽ ۾ ٿي بيهي رهيو ۽ هن ٿڙ سان پنهنجيءَ جهڪيل چيلهه کي سهارو ڏئي وات کي رومال ڏئي ڇڏيو، ڦولن جون لڙيون هن جي ڏڪندڙ هٿن ڪري ڄڻ ڦڙ ڦڙ ڪري نچيون پئي، راهب روئي رهيو هيو، هن جي من جو درد هن تي حاوي ٿي ويو ۽ هن جي سڏڪن جا آواز ائين هيا جيئن کجن جا ڦرها هوا تي هڪ ٻئي سان گسندا هجن.
    راهب ان ڄڃ کي ڪيتري دير ڏسندو رهيو ۽ نڪاح کانپوءِ موڪلاڻيءَ جو وقت آيو ته هن ان پاسي کان ڪجهه سڏڪن جا آواز ايندي ٻڌا، ڪي عورتون ۽ مرد هيا جو وچ هجوم ۾ ڪنهن شيءَ کي الوداع چئي ڍاڍيون ڪري روئي رهيا ها، هڪ فرلانگ پري کان راهب اهي آواز ائين محسوس ڪيا جيئن شرنائيون بند هجن ۽ ڪو ڦاٽل دهل کي زوريءَ لپاٽون هڻي ان کي خوشين جي آوازن ڪڍڻ تي مجبور ڪندو هجي. راهب لاءِ اها حيرانيءَ جي ڳالهه هئي ته شانيءَ جي شاديءَ ۾ هر طرف ويراني لڳي پئي هئي، شايد شرنائيون وڄي رهيون هيون، جن کي هو ٻڌي نه پئي سگهيو يا نه وڄي رهيون هيون جن کي هو ڪنن سان ٻڌڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ڪيترا ئي ماڻهو هيا جيڪي هن جي ڀرسان لنگهيو ڦولن جون لڙيون کنيو اوڏانهن پئي ويا جتي شانيءَ جي ڄڃ ويٺل هئي ۽ ڪيترا هيا جيڪي آس پاس پئي ڦريا. ستارا مرڪي رهيا هيا ۽ هن کي انهن ۾ پنهنجي شانيءَ جو مرڪندڙ منهن نظر آيو، جيئن پوري وايو منڊل ۾ انڌيرا ئي انڌيرا هجن ۽ ان ۾ صرف هڪ روشن نقطو هجي جيڪو شانيءَ جي روپ جو نقاب پائي هن اڳيان موجود هجي. هن تصور ئي تصور ۾ انهن ستارن کي ڳوڙهن جو روپ ڏئي اکين مان وهائي ڇڏيو، هن گلاب جي لڙين کي ڏٺو ۽ انهن جي واس ۾ هن کي هڪ اهڙي زندگيءَ جو احساس ٿيو جيڪا سمنڊ جي لهرن گسڻ ڪري پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان وجود ۾ اچي هڪدم ڦاٽي پوندي آهي. ڦولن جي واس هن کي ديوانو ڪري ڇڏيو ۽ خوشبوءِ هن جي اندر ۾ مونجهه پيدا ڪري ڇڏي. اوندهه ڪري هن کي ڦول ڪارا نظر اچي رهيا هيا، جيڪي خدا جيان هيا. ڇو جو انهن جو واس آس پاس اوندهه جي هر ذري ۾ سمايل هيو، پر ان واس انڌيرن کي هن لاءِ وڌيڪ غضبناڪ ڪري ڇڏيو هيو، پيڙا هئي جو آهن سان گڏ هن جي جسم مان ور ور ڪري پئي نڪتي. هو ته خوش هيو بيحد خوش ۽ اها خوشي هن کي جيترو عذاب پهچائي رهي هئي شايد ان جهڙو ٻيو ڪو به عذاب نه هيو.
    رخصتي ٿي چڪي هئي، روئڻ جو آواز بند ٿي چڪو هيو، شايد شانيءَ جي گهر وارا پنهنجا ڳوڙها اگهي رهيا هيا. پنهنجي چپن کي هٿن سان ڍڪي ان واس کي ڪجهه دير محفوظ رکي رهيا هيا، جيڪو واس انهن جي چپن ۾ شانيءَ کان موڪلائڻ وقت، ان جي پيشاني چمڻ سان انهن ۾ سمائجي ويو هيو. هن سوچيو جيڪر هو انهن چپن کي ڏسي سگهي ها جن هن جي محبوب جي پيشاني چمي هئي، پاڻ کي ڪهي انهن ڳوڙهن ۾ پنهنجو رت ملائي سگهي ها جيڪي شانيءَ کان موڪلائڻ وقت انهن جي اکين مان وهي نڪتا هيا. هو ڪيتري دير ڏوليءَ کي ويندو ڏسندو رهيو ۽ هن جي ڪنن ۾ شرنائين جا آواز ڦٽي نڪتا. شايد هن جو انگ انگ روئي رهيو هيو. هر عضوي ۾ هڪ شرناءِ هئي جيڪا خوشيءَ مان سڏڪي رهي هئي. ڏولي اڳتي وڌندي پري ٿيندي وئي، ڄاڃين جي هٿن ۾ جهليل گولن جا ترورا جهڪا ٿيندا ويا، راهب کي شانيءَ جي ڏولي واچوڙي جيان ورائي وئي ۽ هو اڳتي هلڻ تي مجبور ٿي پيو، هو نه پيو چاهي ته ڪو انسان ان کي ان حالت ۾ ڏسي، اهو پڇي ته هن جو شانيءَ سان ڪهڙو رشتو آهي. جنهن تحت هو ان جي ڄڃ ۾ شريڪ هن جي ڏوليءَ پويان ائين لڪندي ڇپندي اچڻ تي مجبور آهي.
    رستو ناهموار هيو ۽ هن جا قدم ٿيڙ کائي رهيا هيا، هو قافلي جي پويان اچي نه رهيو هيو ڄڻ ڪنهن تيز سيلاب ۾ لڙهي رهيو هيو، سخت گرمي هوندي به هن جا ڏند کڙڪي رهيا هيا ۽ چيلهه وڌيڪ چٻي ٿي وئي هئي. هن سوچيو هو اڳتي وڌي ان ڏوليءَ کي روڪي ۽ روئي روئي شانيءَ جي پيرن جي مينديءَ کي ڌوئي ڇڏي. هو هڪ دفعو ان جي لالي لڳل چپن کي ڏسي ۽ ڦاٽي مري وڃي. ڏولي شهر ٽپي هاڻي وسيع ميدان ۾ داخل ٿي چڪي هئي، راهب کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو شانيءَ جي ڏوليءَ کي شهر کان ٻاهر ڇو کڻي آيا هيا، اتي ته نظرون هر طرف ستارن کي زمين سان لڳندو ڏسي رهيون هيون، هڪ سنئون سڌو پٽ هيو جنهن تي ڪارا وڻ اهڙي دونهي جيان پئي لڳا جيڪي ويراڳين جي زمين تي ٻاريل باهه مان ڦٽي نڪتا هجن، جيڪا انهن ڪجهه دير جهنگ ۾ روشني ڪري رات بسر ڪرڻ لاءِ جلائي هجي، راهب لاءِ اهي رڻ عجيب هيا، هن جي قدمن انهن کي ڪڏهن به نه ڇهيو هيو. هو انهن راهن کان بي خبر هيو، هو شانيءَ جي ڏوليءَ جي رهبري ۾ اڳتي وڌي رهيو هيو، شرميلي ۽ خوفزده طبيعت وارو راهب جيڪو ان ڌرتيءَ جي چپي چپي کي ڇهي لرزي ٿي ويو، جيئن هو شانيءَ جي ڳلن تي آڱريون ڦيريندو هجي، ڪيڏو نه خوفناڪ تاثر هيو هن لاءِ بلڪل مرڻ جوڳو، يا گهٽ ۾ گهٽ اڪيلائن ۾ اچي تڙپائڻ جهڙو.
    هاڻي هن جي من جي نراسائي گهڻي قدر جهڪي ٿي چڪي هئي، هاڻي اهو پيڙا جو بنياد هن جي وجود مان پٽجي ويو هيو يا ان جي پٽجڻ جو احساس هن کي شدت سان ٿي رهيو هيو جنهن ڪري درد آهستي آهستي ٿي هن جي اکين مان ڇڻي خارج ٿي ويو ۽ هن وٽ شانيءَ کان هميشه لاءِ جدا ٿيڻ جو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويو، جيڪو باقي عمر هن جي خوشين جي گهڙين ۾ اچي انهن کي بيمار ڪري ڇڏيندو. هن کي اهي گهڙيون ائين لڳيون جيئن خوبصورت عورت کي بگ نڪتو هجي. آخري دفعو شانيءَ کي ڏسڻ جو ارمان هن جي دل ۾ ئي دٻجي ويو. هو اهو سوچي وڌيڪ پشيمان ٿي ويو ته شانيءَ پنهنجي شادي ۾ هن جي نه اچڻ تي ڇا محسوس ڪيو هوندو. ساڳي ڪاليج واري بي رخي ۽ مغروري. هن سوچيو ان کي ڪهڙي خبر ته جيڪو راهب بي رخو ۽ مغرور هيو، اهو اندر ۾ ڪيترو نه ڀڳل ۽ ڀريل هيو. جيڪڏهن ان کي هنن گهڙين جو احساس هجي ها ته هو ان وقت تنهنجي اڳيان اچي پاڻ کي ضرور ذليل ڪري ها، ضرور پيار جو اقرار ڪري ها، توکي تنهنجي لاپرواهيءَ جي اها سزا ڏئي ها ته هو ڪاليج جي رستن تي پنهنجو نرڙ گسائي انهن کي زخمي ڪري ڇڏي ها، اتي بيٺل هر عمارت کي پنهنجي مٿي سان گهاءَ ڏئي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏي ها، پر راهب اڄ مجبور هيو، هن جي شاني جي ڏولي هاڻي هن جي نظرن اڳيان وڃي رهي هئي ۽ هو پنهنجي شرم جون حدون اورانگي ان جي پوئتان اچي رهيو هيو ڏولي هاڻي شهر کان گهڻو ڏور نڪري آئي هئي ۽ راهب اهو سوچي ان ڳالهه کي لنوائي ڇڏيو ته اديبن جا روح عوام ۾ ۽ جسم تياڳ ۾ هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو شانيءَ جو مڙس به اهڙن اديبن مان هجي جيڪي سڪون خاطر شهر کان ڏور رهائش اختيار ڪندا آهن، يا ٿي سگهي ٿو اڃان شهر هلندو هجي، يا شهر جو نقشو ئي اهڙو هجي جو اها سموري ويراني به ان شهر جو ئي حصو هجي، ڄڃ چڱي دير هلندي رهي ۽ نيٺ وڃي ماڳ تي پهتي. راهب ساڳيو هڪ فرلانگ پري کان بيهي ان ڄڃ کي نهاريندو رهيو، هن جي هٿن ۾ جهليل گلابن جون لڙيون ڪومائجي ويون هيون ۽ انهن ۾ اهو واس باقي نه رهيو هيو، راهب کي رکي رکي ڄڃ واري پاسي کان گلابن ۽ عطر جي خوشبوءَ اچي رهي هئي. ڪجهه ماڻهو جهڳٽو ٺاهيو نئين آيل ڪنوار کي ڏوليءَ مان لهڻ ۾ مدد ڏئي رهيا هيا ۽ ڪجهه انهن کي صلاحون ڏيڻ لاءِ زور زور سان ڳالهائي رهيا هيا شايد هر ڪو ڏاڍو خوش هيو. راهب به هڪ عجيب تاثر کان مرڪي ڏنو ۽ سوچيو، ڪيترو نه خوشنصيب هوندو اهو گهر جيڪو شانيءَ جي بدن جي خوشبوءِ کي محفوظ رکندو. ڄاڃين جي خوشين ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ لاءِ هن پري کان بيهي انهن ڏانهن مرڪ جا گل اڇلايا.
    هو ڪيتري دير اتي بيٺو رهيو ۽ نامڪمل روشنيءَ ۾ انسانن جا هلڪا چرپر ڪندڙ پاڇولا ڏسندو رهيو ان کانپوءِ ڄاڃي گهوٽ ڪنوار کي اڪيلو ڇڏي ٽولين جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪندا هيڏانهن هوڏانهن ٽڙڻ پکڙڻ لڳا. هن ڏٺو ڪجهه انسان هٿ کڻي نئين جوڙي جي خوشحال مسقبل لاءِ دعائون گهرڻ لڳا ۽ ڪجهه انهن تي گل نڇاور ڪرڻ لڳا، هر انسان انهن کي دعائون ڪري رهيو هيو ۽ هن به دل ئي دل ۾ شانيءَ کي دعا ڪئي، شل هوءَ نئين ور سان سکي رهي. هن کي زندگيءَ ۾ ڪو به ڏک نه پهچي. ان کانپوءِ هو کنگهيو، هن اندر جي مونجهه کي گهٽائڻ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري جيئن ئي وڏو ساهه کنيو ته ستارا هن جي اکين ۾ جهرمر ڪري چمڪي رهيا هيا، انهن جون لاٽون پاڻيءَ ۾ موٽ کائي رهيون هيون ۽ راهب نڪ وٽ گهمندڙ ڪولين جهڙي ڪتڪتائيءَ تي ضبط ڪري ڳوڙهن کي چهائي ڇڏيو.
    گهوٽ ڪنوار کي ڪمري ۾ پهچايو ويو هيو ۽ ڄاڃين جا گولا وسامي ويا هئا، هن ڏٺو هر طرف اوندهه ئي اوندهه هئي، رڻ هيو جنهن ۾ ٿوهرن راڙا پئي ڪيا ۽ اڀ هيو جنهن ۾ ستارا پئي رنا. هو ڏڪندڙ قدمن سان آهستي آهستي اڳتي وڌيو، هو حيران ٿي ويو هن اڳتي وڌي وڃي ڏٺو، اتي ڪو به گهر نه هيو، ڪا به سيج نه هئي، ڪٿي به مينديءَ جي خوشبوءِ ۽ ڳاڙهي جوڙي جي سرسراهٽ نه هئي، ٻه ڳاڙها چپ ڪٿي به مرڪي نه رهيا هيا، ٻه پيار ڪندڙ ٻانهون ڪٿي به ڪر نه ڀڃي رهيون هيون، اتي قبرستان هيو. هر طرف موت ئي موت، ڌرتيءَ جي دامن ۾ وکريل لاشا ۽ ماڪ ڀنل کٻڙ. ڪلراٺي زمين ۽ زمين دوز ميرا ڪفن، سانت هئي جنهن ڏک جي شرناءِ پئي وڄائي، اڀ هيو جنهن رڙيون ڪري ڇرڪ پئي ڪڍيا، خاموشي هئي جنهن جي پڙاڏن کان دل پئي ڌڙڪي ۽ هڪ نئين قبر هئي جنهن تي ڦولن جو سهرو چڙهيل هيو. هو پريشان ۽ ڊڪندو ان قبر تي آيو، هن کي ان جي تازي مٽيءَ مان مينهن جي خوشبوءَ آئي. آڱر بتين جي دونهي هن جي وجود ۾ سوين ڀالا وهائي ڪڍيا، هو ڪرندي ڪرندي بچيو. هن هيٺ جهڪي ڦولن کي ڇهيو ۽ ڪتبي سان اکيون اکين ۾ ملائي بيهي رهيو،
    ”او راهه مان گذرندڙ انسان ٻڌ! مالڪ جي دل اهڙي قبر مثل آهي جنهن ۾ اسين جيئرا دفن آهيون.“ هن ڪتبي مٿان پڙهيو ۽ پوءِ هيٺ هن جي نظر هڪ ٿلهي اکر تي پئي، ”مرحوما شاني جنهن جوانيءَ ۾ پاڻ کي مالڪ حوالي ڪيو ۽ ان جي دل ۾ جيئري دفن آهي.“ راهب جي جسم جون مشڪون ڪنڊي ۾ اڀرندڙ ڌرڙين ڪري سخت ٿي ويون، هن ڪومايل ڦولن وارين لڙين کي قبر جي ڳچيءَ ۾ پائي، ان جي ٻانهن کي پنهنجي چوڌاري ويڙهي سيني سان لائي ڇڏيو.

    (هيءَ ڪهاڻي آمريڪي اديب هاٿورن جي نالي جنهن جي سحرانگيزيءَ مون کي متاثر ڪيو.)


    گوڊوٽ جو جنم

    سينا جي صحرا ۾ ڊڪندي هن کي ٻه ڏينهن گذري چڪا هيا، هر طرف ڦهليل واريءَ جا ڊهه ۽ انهن جي مٿان لڳندڙ گرم هوائن جا ڌنڌ، جيڪي ٿوهر جي ٻوٽن سان گسي گهوگهٽ پيدا ڪري رهيا هيا، هن جي وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڀڀوت بڻائي رهيا هيا، هن جي ڪائي منزل نه هئي، ڪو ئي ٽڪاڻو نه هيو. هوءَ هر مندر جي واسي هئي، هر مسجد جو آواز هئي.
    دنيا جي تختي تي هن جي به هڪ قوم هئي ۽ ان قوم ۾ ڪيتريون ذاتيون هيون، مختلف رسم و رواج هيا، الڳ الڳ ٻوليون هيون، هن کي پنهنجي قوم پنهنجي هوندي به ڪڏهن پنهنجي محسوس نه ٿي، هوءَ ڪم ذات هئي، شودر هئي پر آخر هئي انسان. هن سان پنهنجي ديس واسين اهو سوچي زنا ڪئي ته هوءَ ڪم ذات هئي، هن سان فرقي پرستن ان ڪري زنا ڪئي ته هن جو فرقو ٻيو هيو، هن سان قبيلي واسين ان ڪري زنا ڪئي ته هن جو قبيلو ٻيو هيو. هوءَ اڪيلي هئي، هر انسان اڪيلو آهي، هر مذهب، قوميت، ذات، ٻولي، رسم و رواج هن کي سينا جي ريگستاني دڙن جيان ديوار محسوس ٿيا، جن جي هڪ پاسي ڏانهن ٿوهر جهڙا اڪيلا انسان بيٺا هيا ته ٻئي پاسي ڏانهن ٻيا. هن کي انسانن کان واريءَ جا ذرا چڱا محسوس ٿيا، جيڪي هوائن جي اٺ تي سوار ٿي دنيا جي هر خطي ۾ پنهنجو قافلو ڪاهي سگهن ٿا، دنيا جا ريگستان انهن لاءِ آهن ۽ هو ريگسانن کي جنم ڏيڻ وارا.
    هن جو اصلي نالو مريم هيو، اها مريم جنهن اڄ کان سوين سال اڳ......... کي جنم ڏنو، اها مريم جنهن جي ........... جي ڪا به قوميت نه هئي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي ڪنهن باشندي جو رت شامل نه هيو. هو......... هيو. نيل جي تاريخ جيان الڳ ٿلڳ.
    مريم کي پنهنجي ديس واسين ڏاڍا ڏک ڏنا. هن کي آڪاش ۾ هر طرف ڦهليل اڇو جهڙ محسوس ٿيو، ڇڊو ڌرتيءَ جي انسانن جيان، گلوب جي مٿاڇري تي ٺهيل نقشي جي لڪيرن جيان، ڪڏهن به مينهن نه وسائڻ جهڙو جهڙ، اڃ ۽ رڃ، ڏڪر، تپيل ڌرتي، ڄڻ آدم جو چلهه تان لاٿل تازو گول تئو، ڳاڙهو. هابيل قابيل جي ابتدا ۽ بي انتها، جنهن جو ڪو به ڪنارو نه. قوميت جو قوميت تي تسلط ذات پات جا جهڳڙا، سر جڪڙين ۾ ڦاٽل شودرن جون ديولين ۾ بلند ٿيندڙ دانهون تاريخ جا ابتا پڙاڏا.
    مريم سوچيو آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ ڇو ان ڌرتيءَ کي جهونو ڇو بڻايو ويو آهي؟ هن جي موڪري منهن کي مذهب، قوميت، ذات ۽ ٻين نفاقن جي آڙ ۾ انسان جي وهايل خون مان برش ٻوڙي ٻڍائپ جون لڪيرون ڇو ڪڍيون ويون آهن. انسان انهن سڀني شين مان هٿ ڇا ڪيو آهي؟ هن ڇا پرايو آهي؟
    تسلط، بک، بربادي پر آخر هو سوچي ڇو نه ٿو. هو ڪروڙين رپيا بچاءَ تي خرچ ڪري ٿو، هن کي ڀوءُ ڪنهن مان آهي؟ پاڻ مان؟
    مريم سينا جي صحرا ۾ ڊوڙندي رهي، هن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون هيا، ڪنهن مذهبي ڪٽر جي تلوار تي ريلا ڪري وهندڙ لهوءَ جي دٻي جيان هن جي ڳاڙهي سلوار جهيريون جهيريون هئي، سٿرن تائين ڦاٽل، دنيا جي کوکلي ثقافت ۽ تهذيب جو نمونو، جنهن کي هو پنهنجو تاريخي تسلسل چئي پاڻ پڏائي ٿو.
    سينا جي صحرا مان ٿيندي هوءَ يهودين جي ملڪ ۾ پهتي. ڪجهه يهودين هن جي شڪل کي نهاريو ۽ پوءِ رڙ ڪري هن ڏانهن وڌيا، ”وٺوس حرام زادي مسلمان، نانگن کي جنم ڏيڻ واري.“ ۽ پوءِ هوڪارو پئجي ويو. جيئن مئل ڳئون جي لاش تي هزارين ڳجهون لامارا ڏئي لهي پيون هجن. خاموش ڳئون، مئل ڳئون، جنهن ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. هن جي نصيب ۾ ڪهڻ جو لفظ لکيل آهي، احتجاج جو نه. يهودين هن کي خوب زنا ڪيو ۽ پوءِ هو بيهوش مريم کي ٽنگا ٽولي ڪري سرحد کان ٻاهر اڇلي آيا. هن کي هوش آيو ته هوءَ هڪ ٻئي ملڪ جي سرحد تي هئي. ڪجهه ماڻهو رڙ ڪري وري هن ڏانهن ڪاهي پيا، ”وٺوس اسان جي قوميت مان نه آهي.“
    هنن مريم سان زنا ڪئي ۽ ٻين جيان هڪ دفعو وري هن کي ٽنگا ٽولي ڪري سرحد کان ٻاهر اڇلي آيا. هوءَ هڪ ٻئي ملڪ ۾ هئي. ان ملڪ وارن به هن کي زنا ڪيو ڇو جو هن جي ٻولي ٻئي هئي.
    هوءَ هر ملڪ مان ٿيندي اڳتي وڌي، ڌرتيءَ جي ڳولا ۾ انسانن جي ڳولا ۾ اهڙي ڌرتي جتي ڪو به مذهب، قوميت، ذات ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت نه هجي، هڪ جهڙائي هجي، انسان ۽ دنيا جي وچ ۾ ڪا به ديوار نه هجي. هوءَ جنهن ملڪ مان لنگهي هن کي اتان جي ماڻهن غير سمجهيو، هن کي مذهب ۽ قوميت جي آڙ ۾ زنا ڪيو. هوءَ ايشيا جون سرحدون ٽپي يورپ پهتي. هن کي يورپ نه بخشيو. ڇو جو هوءَ ڪاري نسل جي هئي ۽ گورا ڪارن لئي ازلي دشمن. هن سان آمريڪا جي يهودين زنا ڪيو. هن کي ساري دنيا زنا ڪيو. هوءَ پناهه وٺڻ لاءِ جنهن به ملڪ ۾ گهري اتان جي ماڻهن جو تخم هن ۾ شامل ٿي ويو. هن کي ماڻهن ٽنگا ٽولي ڪري سرحدن کان ٻاهر اڇلايو. هن کي دنيا ۾ انسان نه پر فوج جا اهي ڇڙواڳ هاٿي محسوس ٿيا، جيڪي باهه کان ڊڄي پٺتي ڀڄندا آهن ۽ ويندي ويندي پنهنجي لشڪر جو به خيال نه ڪندا آهن، پنهنجا سپاهي پنهنجي ٿلهن پيرن هيٺان چيڀاٽي ماري ڇڏيندا آهن. هن خدا کان احتجاج ڪيو آخر هن جو ڏوهه ڪهڙو هيو جنهن جي عيوض هن کي اهڙي سخت سزا ڀوڳڻي پئي. آخرڪار انسان ڪيستائين نفرت جي چڪيءَ ۾ پسجندو رهندو، هن جو وجود ڪيستائين سامراجين جي پيٽ جو کاڄ ٿيندو رهندو.
    مريم پنهنجيون ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کڻي خدا کي مخاطب ڪيو، ”او خدايا تون ته هن ڌرتيءَ جو خالق آهين، توکي ته اڳڪٿيءَ جي شڪتي آهي، پوءِ تون اهو ڇو ڪو نه پيو سوچين ته هڪ لک چوويهه هزار نبي هن ڌرتيءَ تي اچي مختلف مذهبن ۽ قوميتن کي جنم ڏيندا، خانه جنگي ٿيندي، هزارين انسان مرندا. او خدايا تون هڪڙو مذهب ڇو نه پيدا ڪيو؟ هڪڙو نبي ڇو نه اماڻيو؟“
    ۽ پوءِ جڏهن هن لاءِ ڌرتي تنگ ٿي وئي ته هن روس مان ٿيندي ايشيا جو رخ ڪيو، هوءَ تاتارين مان ٿيندي چائنا ۾ گهري ۽ اتان تبت جو رخ ڪري اڳتي هماليه جي پهاڙن ۾ گم ٿي وئي. ڇو جو هوءَ بلند هئي. مذهب ۽ قوميت کان بلند. هن جو هنڌ بلنديون هيون. هن انسانن کي پرکيو هيو، هوءَ عام انسان نه هئي. مريم هماليه جي بلندين تي چڙهي پنهنجو آستانو ٺاهيو.
    ويهه سال گذري ويا، دنيا مريم کي وساري ڇڏيو، پر دنيا ۾ ساڳي بدامني، هر طرف هوڪارا، خوني انقلاب، گولين جي آواز تي اکيون مهٽي سجاڳ ٿيندڙ انسان، سامراج جي خلاف جنگ، مذهب جو مذهب سان مقابلو، قوميت جي قوميت سان جنگ، آزاديءَ جو نعرو، جديد سوچن جو دقيانوسي ٺاهن سان ٽڪراءُ، بارود جي ڌماڪن ۾ عورتن ۽ ٻارن جون آهون، جوانن جو مٽيءَ ۾ ملندڙ خون، بي گناهه انسان، جذبات جي آريءَ ڏي سرندڙ ڪاٺ، هر ڪو مذهب، قوميت، ٻولي، تهذيب، ذات ۽ ڪوڙن نظرين جي جنگ ۾ مصروف، ڪير شانتيءَ جو پيغام ڏئي، ڪير انهن جي ضد ۽ قدامت پسنديءَ کي ٽوڙي.
    ڌرتيءَ تي ساوڪ پوکڻ لاءِ ٺاهيل هٿ، ان ۾ ڳاڙهاڻ ڀريندا رهيا، جنگيون ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ جو قسم کڻي هلنديون رهيون، اوچتو ڪٿان ڪو آواز زوڪٽ ڪندو وڌندو آيو.
    ”بيهو اي انسانو بيهو..... بيهو، ..... اي انسانو بيهو........“ هر ڪنهن جا هٿ رڪجي ويا، هر ڪنهن جي منهن تي حيرت جا پاڇولا وڌي آيا، هر ڪو ٿڪيل هيو، امن ۽ شانتيءَ جي پيغام جو منتظر هيو، هر ڪو صرف مُنهَن جي پڪائيءَ سان وڙهي رهيو هيو، پنهنجي ضد ڏيکارڻ لاءِ، هر ڪنهن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو.
    ”تون ڪير آهين؟“ سڀني گڏجي چيو، هنن جي ٿلهي آواز ايٽم بم جيڏو ڌماڪو ڪيو.
    ”مون ۾ توهان سڀئي سمايل آهيو.“
    ”ڇا تون مسلمان آهين؟“ انهن مان هڪڙي سوال ڪيو.
    ”ها مان مسلمان آهيان.“
    ”ته پوءِ تون اسان مان ڪيئن آهين؟“ هڪڙي يهوديءَ چيو.
    ”مان يهودي به آهيان.“
    “ڇا تون هندو آهين؟”
    ”ڪميونسٽ آهين؟“
    ”تو وٽ منهنجي قوميت آهي؟“
    ”تو وٽ منهنجي ٻولي آهي؟“
    ڪن هن کان ذات پڇي.
    ”ها مون ۾ سڀ ڪجهه سمايل آهي.“
    ”ڇا تون آمريڪي آهين؟“
    ”يورپي آهين؟“
    ”آفريڪي آهين؟“
    ”آسٽريلوي آهين؟“
    ”ايشيائي آهين؟“
    هر ڪنهن چوٽيءَ ڏي منهن ڪري پڇيو.
    ”مان سڀ ڪجهه آهيان، مون ۾ دنيا جو هر نسل سمايل آهي، مان توهان سڀني مان آهيان، مان گوڊوٽ آهيان، گوڊوٽ مون هڪ دفعو وري مريم مان جنم ورتو آهي، مان ان ميري جو پيدا ڪيل آهيان جنهن ۾ پوري دنيا جو تخم سمايل هيو. مان اهو آهيان جنهن کي پنجن کنڊن جي مٽيءَ مان، ستن سمنڊن جي پاڻيءَ سان ڳوهي ٺاهيو ويو، مون ۾ دنيا جو هر نسل هر تهذيب، قوميت نظريو، زبان ۽ ذات سمايل آهي، منهنجي وجود ۾ دنيا جو هر خطو موجود آهي. مان مختلف انساني ذرن جو گهڙيل آهيان، مان توهان جي اختلافن جو گڏيل مجموعو آهيان ۽ اختلاف مون ۾ ملي هڪ ٿي ويا آهن، مان مڪمل انسان آهيان، منهنجو ظهور توهان جي ايڪتا امن ۽ روشنيءَ جو سنهيو آهي، مون وٽ نفرتون نه آهن، ڪي به بغض نه آهن، ڇو جو مون وٽ انهن لاءِ ڪو به جواز نه آهي، مون کي منهنجو وجود ائين پيو محسوس ٿئي جيئن منهنجو ذرو ذرو توهان آهيو ۽ مون ۾ سمائجي هڪ ٻئي کي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ جڪڙي اهڙي ته سوگهائيءَ سان چهٽيا پيا آهيو، جو منهنجو بدن وجود ۾ اچي ويو آهي، اچو توهان به هڪ اهڙي جذبي سان مون گوڊوٽ جهڙي جسم کي جنم ڏنو، جيڪو ڌرتيءَ تي هڪڙي ئي مرڪز ۽ نڪتي جي ڏيک ڏئي.“ پوءِ گوڊوٽ هنن کان سوال ڪيو ”ڇا توهان مان ڪو به مون کي قتل ڪرڻ چاهيندو؟ شايد ڪو به نه ڇو جو هر ڪنهن کي احساس آهي ته ٿي سگهي ٿو هن ۾ اسان جو رت شامل هجي، هيءُ اسان جي تخم مان هجي، پر توهان پنهنجي ماضيءَ ڏي هڪ نظر ڦيرايو، ڇا توهان کي پنهنجي وجودن جي ايڪتا ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي؟ ڇا انساني ارتقا توهان لاءِ موت ۽ تباهيءَ جو سنيهو کڻي آئي آهي؟ توهان جو ڪروڙين سال پوئتي ڇڏيل ماضي توهان کي رڙيون ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته توهان هڪ ئي ستاري جا مختلف ترورا آهيو، جيو گهرڙي جنم ڏيندڙ سمنڊ شايد ان ڪري خشڪ نه ٿيو آهي جو اهو توهان جي سوچ تي صدين کان ڳوڙها ڳاڙي پاڻيءَ سان ڪنارن تائين پر لڳو پيو آهي. مون کي ڏسو آءُ بلڪل ان ماضيءَ جي ايڪائي جهڙو آهيان جنهن جا توهان ترورا آهيو ۽ ساڳين ماضيءَ جي ترورن ملي هڪ دفعو وري حال ۾ هڪ نڪتي کي جنم ڏنو آهي، جيڪو مان آهيان. اچو ۽ مون جيان هڪ دفعو وري پاڻ ۾ سمائجي سج جيان هڪ ٿي وڃون، ڇا هڪڙي سج جا مختلف ڪرڻا ڪڏهن هڪ ٻئي سان جنگجو ٿيا آهن؟ اهي ته منصف آهن، پوري دنيا لاءِ آهن، انهن ڪڏهن به پنهنجي روشني سان دنيا جي هڪ حصي سان زيادتي ڪري ٻئي کي نه نوازيو آهي. نه ئي ڪو ظالم سج کي ان ڳالهه تي راضي ڪري سگهيو آهي ته سدائين هن جي محل مٿان روشن هجي.
    گوڊوٽ هماليه جي چوٽيءَ تان گجندو رهيو، هن ڌرتيءَ وارن کي ٻڌي ۽ امن جو پيغام ڏنو، انهن جي دلين کي ڌوئي انسانيت جي ڌاڳي ۾ پوئي ايڪتا جي تسبيح جو روپ ڏئي ڇڏيو.
    انسانن کي پنهنجو مرڪز ملي ويو ۽ هو بي اختيار ٿي گوڊوٽ اڳيان جهڪي پيا، هنن کي پنهنجو ماضي ملامت ڪري رهيو هيو ۽ هو روئي روئي پنهنجي جذباتپڻي تي ماتم ڪري رهيا هيا.

    (سموئل بڪيٽ جي ڊرامي”گوڊوٽ جو انتظار“ Waiting for Godot جي جواب ۾.)


    پل جي پريان

    بئريج جا دروازا بند ٿي چڪا هيا ۽ ٻيڙين جي گهاٽ ڀرسان ماڻهن جو چڱو ڀلو جهڳٽو بيٺو هڪ ٻئي سان چئمگويون ڪري رهيو هيو. مليشيا ۾ ملبوس نوجوان سپاهي شموءَ پل وٽان اهو سڀ ڪجهه پئي بيٺي ڏٺو. ٻيڙين جي چرپر ۽ لنگوٽن ۾ بيٺل سرسبز ٻيٽاريءَ وٽ سگهاري جسم وارا ٽوٻا، جن هر هر پاڻيءَ ۾ گهٽ هڻي ڪنهن شيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، گهاٽ وٽ هڪ عورت پنهنجا وار پٽي پار ڪڍي رهي هئي ۽ ٻن ٽن ٻارن ڪناري تي ڦهليل گرم واريءَ ۾ ليٿڙيون ٿي پاتيون، منجهند جو ٽائيم هيو ۽ پل هيٺان وهندڙ پاڻي سج جي تپش ۾ ڄڻ ٽهڪي رهيو هيو. اهو هڪ شور مچائيندو ميل کن پري بيٺل ڇاهٺ دروازن واري بئريج طرف وڌي رهيو هيو، پل جي چوڌاري بيٺل شهر جون بلند ديوارون هڪ پاسي ڏانهن جهُڪي ويون هيون ۽ ڄڻ انهن جي زمين تي ڪرڻ ۾ ڪي گهڙيون وڃي بچيون هيون.
    سپاهي شموءَ بيٺي بيٺي ڪَر ڀڳا ۽ دل ئي دل ۾ ڪنهن نامعلوم شيءِ کي گار ڏئي هٿ وڌائي نرڙ تي آيل پگهر کي اگهي ڇڏيو. هن بيزاريءَ مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ جي چوگرد هٿ ڦيري اس ۾ ٽڙڪندڙ پت کي کنهيو ٿي. پل هڪ فرلانگ کن ڊگهي هئي جنهن جي ٻنهي ڇيڙن تي ٻه مختلف شهر آباد هيا، اڀرندي ڪناري ڪچين ۽ ڊگهين جاين وارو هڪ پراڻو شهر آباد هيو ۽ الهندي ڪناري جديد عمارتن وارو صنعتي شهر، جيڪو پل جي الهندي کان وٺي ويندي هڪ ميل پري بيٺل بئريج جي ڪنارن تائين ڦهليل هيو. شمو ان ئي شهر جو رهواسي هيو ۽ روز ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ هو هڪ ميل پنڌ ڪري اتي پهچندو هيو. ڊيوٽي به ڇا هئي هڪ فرلانگ ڊگهي پل جي حفاظت ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن ايندڙ مال جي چڪاس، جيڪا هو ڪڏهن ڪڏهن ڪندو هيو ۽ پنهنجو مطلب پورو ٿي وڃڻ کان پوءِ ان تان دستبردار ٿي ويندو هيو. سڄي ڏينهن جي بيهه بيهان هن کي ٿڪائي وجهندي هئي ۽ شام جو جڏهن هو پنهنجو فوجين جهڙو بوٽ لاهي جورابن کي وائکو ڪندو هيو ته هن کي ان مان مئل ٻلي جهڙي بدبوءِ ايندي هئي جيڪا هر وقت هن جي دماغ ۾ سمايل هوندي هئي، ڇو جو شهر جا ماڻهو مئل جانور پل جي الهندي طرف ڦٽيل قلعي ۾ اڇلائي ويندا هيا ۽ انهن جي بدبوءِ اتي چوويهه ڪلاڪ ڦهليل هوندي هئي. جنهن کان هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳندو هيو ۽ گهر وڃڻ کانپوءِ به هن کي هر شيءَ مان ويندي کاڌي مان به انهن مئل جانورن جي بدبوءِ ايندي هئي.
    ڪجهه ڏينهن کان هن جي ڊيوٽيءَ ۾ هڪ ٻئي ڳالهه به شامل ڪئي وئي هئي ۽ اها هئي ويندڙ جي احساسن ۽ جذبن جي شناخت. هاڻي اهو هن جي ڪم ۾ شامل ٿي ويو هيو ته هو هر ان ايندڙ کي جاچي ڏسي جنهن ۾ هن کي خودڪشي ڪرڻ جو ذرو به گمان ٿئي. ڪجهه ڏينهن کان نه پر هميشه کان اتي اهو دستور رهيو هيو ته هر هفتي ٽي يا چار خودڪشي جا واقعا ضرور ٿيندا هيا، انهن سڀني ۾ وڌيڪ واقعا اهڙن نوجوانن جا هوندا هيا، جيڪي يا ته بي روزگار هوندا هيا يا ته عشق جا ماريل. ڪڏهن ڪڏهن ڪو چريو به اتي پهچي ويندو هيو ۽ وچ پل تي پهچي پاڻ کي پاڻيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هيو. گذريل ڪجھ هفتن کان ته انهن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو هيو. ڪيترن ئي انسانن ٽپا ڏئي پنهنجا انت آندا هيا ۽ اڃا ڪيترائي هيا جيڪي روز اتان جا چڪر هڻي پاڻ کي ڇوٽڪاري لاءِ پيا آمادهه ڪندا هيا. هاڻي شموءَ جي ڊيوٽيءَ ۾ اها ڳالهه به شامل ٿي وئي هئي ته هو ايندڙ ويندڙ کي پرکي جنهن ۾ هن کي ٿورو به بيزاري يا ڳنڀيرتا جو احسا ٿئي ۽ هو اهڙي ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري جيئن ان کي سيکت ڏئي جيئڻ تي راضي ڪيو وڃي. شمو هر ان ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي پيو چتائيندو هيو جنهن جو به ان پل تان لنگهه هيو، پر ڪجهه ڏينهن کان باوجود هن جي پرکڻ جي به ٻه چار اهڙا واقعا ٿيا، جيڪي هن لاءِ عجيب هيا. هن جي سامهون سامهون ئي هڪ اهڙي خوش مزاج ۽ ڀريل جسم واري جوان خودڪشي ڪئي، جنهن ۾ هن جو شڪ ئي نه هيو ته ڪو اهڙو انسان به خودڪشي ڪري سگهي ٿو. اهو روز اڀرندي شهر کان کير کڻي الهندي ڏي وڪڻڻ ويندو هيو، بلڪل چاڪ چڱو ڀلو ۽ مرڪندڙ، پر هڪ ڏينهن ان وچ پل تي پهچي پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اڃا تائين ان جو لاش نه لڌو. تنهن کانپوءِ ٻيا ٻه پوڙها هيا جن ۾ هڪ انڌو به شامل هيو ۽ ٻيو هڪ غريب رازو هيو، جن هڪ ٻئي پٺيان خودڪشي ڪري هن کي حيران ڪري ڇڏيو. شمو آخر تائين ان ڳالهه کي سمجهي نه سگهيو هيو ته هن جي پرک جو انداز ڪهڙو هجي، هو ڪيئن سمجهي ته پل جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين لنگهندڙ سَون انسانن مان هيءُ ئي اهو انسان آهي، جنهن جو اندرُ ڀري ٽٽي چڪو آهي ۽ هو پندرهن قدمن جو مهمان آهي. شمو مجبور هيو ۽ هن پاڻ کي ڏٺو، ٽٽل ڦٽل اندر ۽ پل جي هيٺان وهندڙ پاڻيءَ ۾ هن جو نظر ايندڙ منهن، جنهن جا نقش باوجود ڪوشش جي به هو ڪڏهن نه ڏسي سگهيو هيو.
    پل جي هيٺان ڦهليل ريتيلي ڪناري تي ماڻهن جو هل وڌي ويو هيو ۽ شموءَ ڏٺو ڪجهه ٽوٻا هڪ سجيل لاش کي ٽنگا ٽولي ڪري ٻاهر ڪڍي رهيا هيا، لاش جو ڪنڌ هڪ پاسي ڍرڪيل هيو ۽ سجيل منهن جي چمڙي حد کان وڌيڪ اڇي ٿي چڪي هئي. ان جي وارن مان پاڻي پئي ڳڙيو ۽ اڇي قميص بدن سان چهٽيل هئي. ماڻهو هٿ هٿ ۾ ڏئي لاش کي ٻاهر ڪڍي آيا ۽ هيٺ واريءَ تي اچي رکيائون، عورت بيهوش ٿي چڪي هئي ۽ ان جي وات مان گفت پئي نڪتي. شموءَ بيزار ٿي ٻانهن کي کنهيو ۽ سامهون واري منظر کان لنوائڻ لاءِ سج ڏانهن نهاريو، سج جا تيز ڪرڻا هن جي اکين ۾ لهي اوندهه پکيڙي ويا ۽ هن اکيون ڇنڀي ڪري ڪنڌ پري ڪيو. هن سمجهيو شايد ڪاري انجڻ واري ريل اچي رهي آهي، پر اتي ڪجهه نه هيو ڪرڻن جي روشنيءَ جا انڌيرا هيا جيڪي هن جي نظرن ۾ سمائجي ڪيروسين جي دٻن ۾ تبديل ٿي ويا.
    تازو نڪتل لاش شايد ان اڌڙوٽ عمر واري شخص جو هيو جنهن رات پل تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو هيو. ان وقت اتي هن جي رات واري ساٿي سڄڻ جي ڊيوٽي هئي، سڄڻ ئي هن کي ٻڌايو هيو ته رات جڏهن ٿوريءَ دير لاءِ هن جي اک لڳي ته اوچتو هن هيٺ پاڻيءَ ۾ ڇٻڙڪ ٻڌيو هيو پر هن کي ننڊ اچي رهي هئي ۽ هن اهو سوچي لنوائي ڇڏيو هيو ته شايد ڪا مڇي هوندي يا ڪو ٻيڙيءَ وارو ونجهه ڇڪيندو هوندو، پر هن کي اثر سان هيٺ ڪنارن تي بيٺل ٻيڙين وارن ٻڌايو ته ڪنهن شخص رات پل تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي ۽ ان جو لاش اتي ڪٿي ئي ڪنهن پٿر جي تري ۾ اٽڪي پيو آهي ۽ هاڻي ان بدنصيب جو لاش لڌو ويو هو پورن اٺن ڪلاڪن کانپوءِ ۽ ان جي حالت ۾ ته اهو سجي پلپلو ٿي ويو هيو ۽ ڏسڻ وٽان نه رهيو هيو.
    روز روز جي حادثن شموءَ کي بي چين ڪري ڇڏيو هيو، اها بيچيني هن جي فرض جي ڪوتاهي ڪري هئي. مٿين آفيسرن حڪم جاري ڪري ڄڻ سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو هيو. جنهن ڏينهن کان وٺي شموءَ وٽ پل تان لنگهندڙ ماڻهن جي شناخت جو نوٽيس آيو هيو ان ڏينهن کانپوءِ آفيسرن وري ان ڪم جي جاچ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي هئي. جڏهن ته روز اهڙا واقعا پيدا ٿيندا هيا جن جي فوري جهل ضروري هئي، پر شمو تمام بي چين هيو هن کي ضمير جهنجهوڙي رهيو هيو. هن کي محسوس ٿي رهيو هيو جيئن هن جي ڪا به حيثيت نه هجي پل تي سڀ ڪجهه پاڻ هرتو پيو ٿيندو هجي. جنهن ۾ هن جي ڪا به رڪاوٽ نه هجي، ان جو وجود اتي هڪ اهڙي بت جيان هجي جيڪو هڪ هٿ ۾ سنگين واري بندوق جهليو، پير ملايو خاموش ڪنهن شهيد جو يادگار بڻيو بيٺو هجي. هن کي شرم محسوس ٿي رهيو هيو ۽ ان شرم کي مٽائڻ لاءِ هن ضروري سمجهيو ته هو ٻن ٽن اهڙن انسانن کي پڪڙي سزا ڏيارائي سرخرو ٿئي جن ۾ هن جو ذرو به شڪ هجي، گهٽ ۾ گهٽ هن جي پنهنجي به ڪا حيثيت هئي.
    شموءَ ان آخري واردات کانپوءِ پل تي هر ايندڙ ويندڙ تي سخت نظر ڪري ڇڏي، هو هر ايندڙ جي اکين کي پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هيو. جيئن هن سوچيو هجي ته عزرائيل جو گهر انسان جي اکين ۾ آهي ان ڪم کي جاچيندي هن جي پهرين پهرين نظر هڪ اهڙي لنگڙي فقير تي وڃي پئي جيڪو صبح شام ان پل تان لنگهندو هيو ۽ ان جي گهوڙين جي ٺڙڪ ٺڪ هن جي جسم جيان سست ۽ ڍلي هوندي هئي. جڏهن منجهند لڙڻ ۾ ڪجهه دير هوندي هئي ته اهو لنگڙو پنهنجي پراڻي گودڙيءَ سان چنگهندو اتان لنگهندو هيو ۽ وري رات جو جڏهن شموءَ جي ڊيوٽي ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه منٽ بچندا هيا ته اهو ساڳيو لنگڙو ڪنجهندو آهستي آهستي هن جي اڳيان اچي لنگهندو هيو ۽ خاموشيءَ سان سر جهڪائي هليو ويندو هيو. ان فقير ڪڏهن به اک کڻي شموءَ ڏي نه نهاريو ۽ نه ئي ڪڏهن شموءَ ان ڏي ڪو ڌيان ڏنو بس هو ڪڏهن ڪڏهن بيٺي هن کي پٺيان ويندي نهاريندو هيو ۽ هن جي زندگيءَ تي عجب کائيندو هيو، پراڻين لٿڙين ۾ ڍڪيل معزور بدن ۽ گودڙين جي وزن کان جهڪيل ڪلها. ان ۾ ڪو شڪ نه هيو ته هو جوان هيو ۽ وڌيل ڏاڙهي ڪري پنهنجي عمر کان ڏهه سال وڏو پيو نظر ايندو هيو ۽ هن جي پيلي منهن جي سنجيدگيءَ مان ائين پيو لڳندو هيو جيئن ان ڪڏهن مرڪيو ته ڇا ڳالهايو به نه هجي. هڪ عجيب خوداري ۽ هڪ جهڙائي هئي ان جي چال ۾. هو ڪڏهن ڪڏهن ٿڪ ۽ وزن کان چگهندو به هيو، جنهن مان هن جي زندگيءَ سان ناراضگي پئي بکندي هئي ۽ ان ڪري سڀ کان پهريون شموءَ ان شخص کي منتخب ڪيو، جيڪو هن کي ٻين سڀني کان وڌيڪ پاڻي جي لهرن جي ويجهو هوا ۾ لڙڪيل محسوس ٿيو.
    شموءَ هڪ ڏينهن ان فقير کي وڏي شهر مان ايندي پل جي ڇيڙي وٽ روڪيو. ان فقير ڪنڌ کڻي شموءَ کي ائين نهاريو جيئن هڪ فقير ٻئي فقير کي روڪي ان کان خيرات گهري هجي ۽ هن جي اکين ۾ نماڻائي ڀرجي آئي. جيئن هو چوندو هجي او رستي ۾ بيٺل مان به تو جهڙو آهيان.
    پر شمو هن جي اکين جي نماڻائي کي نظر انداز ڪري سوال ڪيو. ”تون روز هيڏي ڪاڏي ويندو آن؟“
    ”ڪاڏي به وڃان تنهنجو تنهن ۾ ڪم؟“ فقير بي جگريءَ سان چيو ۽ شمو ککو وکو ٿي ويو.
    ”تنهنجو نالو؟“ ۽ پوءِ هن پنهنجو پاڻ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي چيو. ”خدو“ فقير چيو ”خدا بخش ولد امير بخش ولد رب نواز، ٻيو ڪو سوال؟“
    ”ڇا هيڏي پراڻي شهر ۾ تنهنجا ٻار ٻچا رهندا آهن؟ منهنجي چوڻ جو مطلب آهي زال ٻار، شموءَ کي پاڻ کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا چئي ويو.“
    ”فقيرن جون زالون انهن جا پيٽ هوندا آهن.“
    خدوءَ چيو ”منهجي شادي ٿيل نه آهي.“
    شموءَ ڏٺو پري منهن ڪري بيٺل فقير جي منهن ۾ رت گاڏڙ ڳنڀرتا ڀرجي آئي.
    ”ته پوءِ پڪ تنهنجا پيءُ ماءُ هوندا.“
    ”نه انهن کي مئي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي؟“
    شمو حيران ٿي ويو.
    ”ته پوءِ تون روز هنن ٻن شهرن جي وچ ۾ ڇا جا چڪر هڻندو آهين؟“
    هن سختيءَ سان چيو ۽ فقير جي منهن ۾ مسلسل نهاريندو رهيو.
    ”گهڻي گهمڻ سان مون ۾ جيئڻ جو احساس وڌيڪ ٿي ويندو آهي.“ فقير چيو ۽ پوءِ هن شموءَ ڏي ڏسڻ کانسواءِ ئي پنهنجو وزن گهوڙيءَ تي وڌو ۽ ٺڙڪ ٺڪ ڪندو هليو ويو. شمو هن کي روڪڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ هن پل جي ڀتن ڦٽن تي فقير کي ويندي ائين نهاريو جيئن هو زندگيءَ ۾ ان کي پهريون ڀيرو ڏسندو هجي.
    ان ڏينهن جي ملاقات کانپوءِ شموءَ وٽ اهو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويو ته ڪيئن به ڪري ايندڙ شخص اهو ئي هوندو جيڪو خودڪشي ڪري هڪ دفعو وري هن جي ستل بيزاريءَ کي چهنڊڙي پائي جاڳائي ڇڏيندو ۽ هو نه پيو چاهي ته ڪو هاڻي روز پل تي اهڙا حادثا ٿين جيڪي هن کي وڌيڪ بدنام ڪن. جڏهن ته ان ۾ بدناميءَ جي ڪا به ڳالهه نه هئي، ماضيءَ ۾ ٿيل حادثن کانپوءِ به هو اهڙو ئي آزاد هيو، جهڙو هاڻي، پر پوءِ به هو اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڏانهن منسوب ڪري رهيو هيو ۽ ان احساس کي مٽائڻ لاءِ هن کي هڪ اهڙو شخص ملي چڪو هيو جنهن کي گرفتار ڪري هو ڪجهه وقت لاءِ سرخرو ۽ مطمئن ٿي سگهيو ٿي. پاڻ کي هو محسوس ڪرائي سگهيو ٿي ته هو به محافظ آهي.
    سج لهڻ وارو ئي هيو ۽ درياءَ جي ڪناري تي پار کان ايندڙ هنداڻن جا ٻيرا اچي رڪيا ٿي. ماڻهن جي هجوم لهندڙ مال تي واڪ پئي ڏنا. درياءُ گاجيون ڪندو وهي رهيو هيو، ايندڙ سنجها جي ڪاراڻ ۾ ان جو پاڻي وڌيو ڀوائتو ۽ گهرو پئي لڳو. هڪ ميل پري بيٺ بئريج جون قطار ۾ روشن ٿيندڙ بتيون لشڪر جي سپاهين جيان سينو تاڻي هڪ ڊگهي صف ٺاهيو بيٺيون هيون. هڪ عورت وچ پاڻيءَ ۾ ٻيڙي جو ونجهه هلائي لهرن ۾ لڙهي ايندڙ ڪاٺ جا ٽوٽا پئي گڏ ڪيا، سڀ ڪجهه هميشه جيان هو ۽ هو به هميشه جيان خاموش بيٺو ان کي ڏسي رهيو هيو. سانجهي ٿوري گهري ٿي ته شموءَ کي الهندي قلعي جي پويان ڪو پاڇو لنگڙائيندو پل ڏي وڌندو نظر آيو. اهو شخص جڏهن پل کي ويجهو ٿيو ته شموءَ ڏٺو اهو لنگڙو خدو هيو، جيڪو هميشه جيان پنهنجي جسم جو وزن کنيو چنگهندو اچي رهيو هيو، شموءَ کي حيرت ٿي هن خدوءَ کي ڪڏهن به سانجهيءَ مهل ڪچي شهر ڏي ويندي نه ڏٺو هيو. هو ته ان مهل پل ڪراس ڪري پڪي شهر ۾ پهچي ويندو هيو ۽ هاڻي ته ڪافي اوندهه پکڙجي چڪي هئي، ان مهل هن کي خدوءَ جو ڪچي شهر ڏانهن وڃڻ ٿورو کٽڪڻ لڳو ۽ هن به فيصلو ڪيو ته هو اڄ اهو معلوم ڪري رهندو ته آخرڪار ان لنگڙي خدوءَ جو هن ڪچي شهر ۾ ڪهڙو آستان آهي، جڏهن ته هو پڪي شهر جو رهندڙ آهي. خدو هميشه جيان هيٺ ڪنڌ ڪري هن جي اڳيان لنگهي ويو ۽ پوءِ ڪاٺ جي ڦٽن تي هن جي گهوڙيءَ جي ٺڙڪ ٺڪ جا آواز وڌيڪ گهرا ٿي ويا، شموءَ ڪجهه گهڙيون هن کي ويندي ڏٺو ۽ پوءِ جڏهن هو وچ پل تي پهتو ته شمو به هن جي پوئتان وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
    جڏهن هو ٻئي پل ٽپي شهر ۾ گهريا ته ڪافي اوندهه ڦهلي چڪي هئي. گهٽين جا هيڊا ۽ اداس بلب روشن ٿي چڪا هيا، ڪيترا انسان درياهه کان ايندڙ هوا ۾ گهرن ٻاهران کٽون ڪڍي ڪچهريون ڪري رهيا هيا. ڊگهين ڪچين عمارتن جي وچ مان ٿيندا جڏهن هو هڪ سنهيءَ گهٽيءَ ۾ پهتا ته شموءَ گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽان بيهي خدوءَ کي هڪ ويران جاءِ ڏانهن مڙندي ڏٺو. رستي تي گندگي ڦهليل هئي ۽ڪيتريون ئي ڪچيون جايون هيٺ جهڪيل هيون، انهن جا ڇهتير مٽيءَ جي ڀنجن ۾ اونڌا ٿيا پوريا پيا هئا. خدو هڪ ويران جاءِ ۾ گم ٿي چڪو هيو. شمو پير پير ۾ ڏئي ان جاءِ جي ڀرسان آيو هن ڏٺو هڪ ڀڳل جاءِ جي هيٺائين تهه ۾ هڪ ڪوٺي ٺهيل هئي، جنهن جو دروازو مٽيءَ جي ڀرائن کان هيٺ دٻجي ويو هيو ۽ ان ڪوٺيءَ جون دريون مٿين حصي کانسواءِ باقي هيٺ پوريل هيون. شمو ان دروازي جي اوٽ ۾ ڪجهه دير بيٺو رهيو پوءِ هو احتياط سان آهستي آهستي زمين ۾ دٻيل دريءَ جي مٿين ڇيڙي وٽ اچي ڪن رکي بيهي رهيو. هن کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا هن اندر ڏٺو هڪ انڌي عورت خدوءَ جي ڪنڌ ۾ هٿ ڦيري هن جا وار چمي رهي هئي، هڪڙي ڪنڊ ۾ هيڊي لاٽ واري هٿ بتي پئي ٻري، ان جي آس پاس گندگي ڦهليل هئي، جنهن ڪري هن کي تيز بدبوءِ محسوس ٿي رهي هئي. هڪ ننڍڙو گهر هيوٻه پراڻا جست جا وٽا ۽ انهن جي ڀرسان ئي سينور ۾ ٿڦهيل دلو. شمو اندر ڏسندو رهيو ۽ هن کي ڪَوَ اچڻ لڳي، هن جي دل چاهي تو هو اتان ڀڄي هليو وڃي پر هو اتي ئي دريءَ جي پاسي کان ٽيڪ ڏيو بيٺو رهيو ۽ اندر نهاريندو رهيو.
    ”اڄ ڏاڍي دير ڪيئي خدو، ڏاڍي دير ڪيئي؟“
    عورت جو آواز جذبات ۾ ڏڪيو پئي، ائين پئي لڳو جيئن ان جي اندر ۾ ڪو روئندو هجي، عورت پنهنجا هٿ خدوءَ جي چو گرد پئي ڦيريا ۽ خدو ڪنڌ هيٺ ڪيو هڪ فرمانبردار عاشق جيان خاموش هيو.
    ”توکي هتي ايندي تڪليف به ته ٿيندي هوندي نه؟“
    انڌي عورت هڪ دفعو وري ڳالهايو.
    ”پوري ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي آءُ تو ڏانهن پنڌ ڪري لاهيندو آهيان، توکي خبر نه آهي لالي ته توکي ڏسڻ کانپوءِ مون کي ڪيترو نه سڪون ملندو آهي.“ خدوءَ چيو پوءِ هن پنهنجي گودڙيءَ ۾ هٿ وجهي کاڌو ڪڍيو ۽ ٻئي کائڻ لڳا.
    ”آءُ اڄ پورو ڏينهن سوچيندي رهيس تنهنجي ڳالهين کي ياد ڪرڻ سان آءُ ڏينهن جي ڊيگهه کي گهٽائڻ چاهيندي آهيان، توکي خبر نه آهي. خدو جڏهن تون نه هوندو آهين ته ڏينهن ڪيڏو نه ڊگهو ۽ اڻ کٽ ٿي ويندو آهي. اسان ڪيڏا نه بيزار آهيون. خوامخواهه جي ڊيگهه مان زندگيءَ جي ڊيگهه کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي اسان ڪيئن نه مختصر ڪري ڇڏيو آهي. تون آيو آهين ته ائين پيو محسوس ٿئي جيئن هميشه ائين ئي هجي، جيئن آهي. مون کان ته تنهنجي ملڻ کانپوءِ وقت جي ڊيگهه ويڪر سڀ ڪجهه وسري ويندي آهي. مون کي ائين لڳندو آهي جيئن آءُ ورهين کان پنڌ پئي هجان ۽ مون کي هڪ اهڙي بڙ جي ڇانو ملي وئي هجي. جنهن جي هيٺان ويهڻ سان پوري تڪليف خواب ۽ کل جهڙي بي ڪار شيءَ پئي محسوس ٿي.“
    انڌي عورت ڳالهائيندي وئي ۽ ائين لڳو جيئن هن کي ڳالهائڻ ۾ مزو ايندو هجي. پوري ڏينهن جي بيزاري کان پوءِ هن کي هاڻي وڃي ڳالهائڻ جو موقعو مليو هيو. هن کي لڳي رهيو هيو جيئن ڪو هن کي قبر ۾ جيئرو دفن ڪري هليو ويو هجي ۽ خدوءَ هن کي قبر کوٽي هڪ دفعو وري نئين زندگي ڏني هجي.
    ”خدو جڏهن تون نه هوندو آهين ته مون کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڦهليل انڌيرن کان ڪو به خوف محسوس نه ٿيندو آهي، ڇو جو مون کي خبر آهي ته انڌيرا موت کان به وڌيڪ خوفناڪ آهن ۽ مون کي موت سڀني شين کان پنهنجي ويجهو محسوس ٿيندو آهي، پر جڏهن تون ايندو آهين ته مون کي پنهنجي آس پاس جي هر شيءِ کان خوف محسوس ٿيندو آهي ۽ صرف توسان پيار ٿي ويندو آهي.“
    ”چڱو چڱو هاڻي بس ڪري کاءُ.“ خدوءَ هن کي ٿورو پيار سان مرڪي ڇڻڀيو هو خاموشيءَ سان ڪيتري دير ويٺا کائيندا رهيا ۽ خدو هن جي منهن ۾ نهاري مرڪندو رهيو.
    ”لالي تون ڪيتري نه پياري آهين.“
    خدوءَ اوچتو هن جي ڳل تي چمي ڏني. شموءَ جنهن دريءَ کان ويٺي اهو سڀ ڪجهه پئي ڏٺو ان ذري گهٽ الٽي ڪري ڏني. خدوءَ جي مٽيءَ هاڻي گندي ڳل تي چمي هن کي ائين لڳي جيئن هو پل تان هيٺ ڪري مهاڻن جي اڇليل ڪني بدبودار مڇين جي ڍير مٿان وڃي ڪريو هجي.
    هو ڪيتري دير پاڻ ۾ پيار ڪندا رهيا ۽ شمو اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيو. هن کي خدوءَ جو سمورو اسرار معلوم ٿي چڪو هيو. هن کي دل ئي دل ۾ خدوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ان ڪاوڙ جو مفهوم هو پاڻ به سمجهي نه سگهيو. هن کي پل ڏانهن موٽندي رات ٿي وئي ۽ جڏهن هو اتي پهتو ته سڄڻ اڳ ئي سنگين واري بندوق تاڻيون، رات جي ڊيوٽيءَ لاءِ تيار بيٺو هيو. هن اتي پهچي هن کي سلام ڪيو ۽ ڀرسان ئي ڪئبن ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. سڄڻ وٽان لنگهندي هن کي ان جي وات مان شراب جي تيز بوءِ آئي.
    ”اڄ هن مهل تائين اتي آهين. خير ته آهي؟“ سڄڻ بيٺي بيٺي اندر ڪئبن ۾ ويٺل شموءَ کان سوال ڪيو.
    ”بس يار اڄ خوامخواهه هڪ بي ڪار شيءَ پٺيان ايڏو وقت برباد ڪيو.“ شمو سهڪندي قميص جي پاند سان پاڻ کي هوا ڏيندي چيو. سڄڻ پنهنجي ليکي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن ۾ وڏي معنا رکيل هئي، ”هتي جنهن به شيءِ جي پويان وڃبو اها برباد ڪري ڇڏيندي.“ سڄن ڳالهائي هڪ دفعو وري کليو.
    ”تون غلط سمجهيو آهي سڄڻ! اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي.“ شموءَ چيو ۽ بيزاري ظاهر ڪندي اوٻاسي ڏني.
    ”پاڻ ڄاڻ يار!“ سڄڻ چيو ۽ ٽهڪ ڏئي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي چيو ”اسان به ڦٽل آهيون هيءُ ڏسين ٿو اسان جي دل جو يادگار ٺهيل ٿي.“ سڄڻ مذاق ۾ سامهون واري پراڻي قلعي ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي شموءَ کي چيو ۽ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
    ”لڳي ٿو اڄ ضرورت کان شايد گهڻو ئي پئي ويو آهين.“ شموءَ چيو ۽ پاڻ کي ڪرسيءَ ئي ڍلو ڇڏي ڏنو. ٿوري دير گذري ته خدو پل جي ڦٽن تان ٺڙڪ ٺڪ ڪندو لنگهيو. شمو ان وقت ڪئبن ۾ ڪرسيءَ تي ڍلو ٿيو پيو هيو. هن گهوڙين جي کڙڪي تي هن ڏانهن ائين نهاريو جيئن ان جو ئي انتظار ڪندو هجي. ان کان اڳ جو خدو پل ٽپي شهر ڏانهن وڌي شمو سٽ ڏئي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هن خدوءَ جي ٻانهن ۾ وڃي هٿ وڌو.
    ”ٻڌاءِ ڙي اها ڪير هئي؟“ شموءَ جوش سان چيو. ڇو جو هن کي خبر هئي ته خدو خودار ۽ روبيلو شخص آهي، جيڪڏهن ان سان ڪاوڙ ۽ ڦڙتائيءَ سان نه ڳالهايو ته خدوءَ جون ڳالهيون هن کي کائي وينديون.
    خدو هن اوچتو واقعي تي بلڪل حيران ٿي ويو هن ڳيت ڏئي وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي هيٺ لاٿو.
    ”ڪير؟“
    ”جنهن سان تون اندر کنڊر ۾ ويٺو ڪچهري ڪري رهيو هئين.“
    شموءَ جي ڳالهه تي سڄڻ جيڪو ڀرسان ئي بندوق تاڻيو بيٺو هيو ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو. هن جوش ۽ کل کان لفظن تي ڪنٽرول ڪندي وات مان گڦ جي ڪري اڏامندڙ ڦينگن کي روڪيندي چيو، ”چئبو ته هن لنگڙي جي قسمت به پاڻ کان سٺي آهي.“ ۽ هو کلندو رهيو.
    ”ٻڌاءِ اها ڪير هئي؟“ شموءَ چيو ۽ پوءِ هو پنهنجي پاڻ پريشان ٿي ويو. هو آخرڪار خدو تي رعب ڇو رکي رهيو هيو؟ اها هڪ معمولي ڳالهه هئي، هڪ انڌي سان پيار ۽ سو به ڪنهن گناهه کانسواءِ، خدو بلڪل ککو وکو ٿي ويو هيو. هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪي به لفظ ڪو نه رهيا هيا، هو چپ چاپ شمو جي اکين ۾ ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن همٿ ڪندي چيو ”اها منهنجي سڀ ڪجهه هئي.“
    ”ڇڙي زال نه هئي؟ ائين نه.“ سڄڻ چيو ۽ وري ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
    شموءَ کي ضمير ملامت ڪئي هو سوچي رهيو هيو آخرڪار ڪهڙو جذبو هيو جيڪو هن کي پنهنجي دنيا ۾ گم سم رهندڙ فقير سان اچائڻ تي مجبور ڪري رهيو هيو، هو ڪجهه به سمجهي نه سگهيو ته آخر هن اهو ڇو ڪيو.
    ”توکي ان انڌي عورت سان ڏاڍو پيار آهي؟“
    شموءَ نرمي سان چيو.
    ”انڌي سان پيار.“ سڄڻ ڇرڪ ڀري زور سان چيو ۽ وري ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
    خدوءَ چپن کي چورڻ چاهيو پر هن ڪنڌ لوڏيو. ”بي حد پيار.“ هن مشڪل سان چيو. شموءَ ڏٺو خدوءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هيو. هو ان کي ڪجهه وڌيڪ دير اتي روڪي ها ته شايد هو روئي پوي ها. هن ٿورو پري سري هن کي رستو ڏنو خدوءَ ڪنڌ جهڪائي جسم کي اڳتي زور ڏئي گهوڙين سان وک کنئين ۽ اڳتي وڌي ويو. سڄڻ ويندي ويندي هن کي پٺيان ڪجهه چوڻ چاهيو پر هن جا لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، هڪ ٺلهو ۽ زوريءَ ڏنل ٽهڪ هن جي نڙيءَ مان نڪتو.
    ”هي ڪڏهن به پل تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي سگهي ٿو.“
    خدوءَ جي هلي وڃڻ کانپوءِ شموءَ سڄڻ کي چيو ”آءُ هن کي وچ پاڻيءَ مان به ٻاهر ڪڍي ايندس.“ سڄڻ چيو ۽ هن جو منهن جوش کان ڳاڙهو ٿي ويو، ٻئي خاموش ويٺا رهيا، ٿوري دير کانپوءِ سڄڻ ڳالهايو.
    ”اڄ گهر نه ويندين، پل تي ڪنهن سان انجام ٻڌل اٿئي ڇا؟“
    شمو پهريون دفعو هن جي ڳالهه تي مرڪيو.
    ”اڄ خبر نه آهي ڇو مان پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهيو آهيان.“
    شموءَ چيو ۽ پوءِ ٿڌي هوا ۾ ساهه کنيو.
    ”اڪيلائيءَ ۾ ڏوهن جو احساس وڌي ويندو آهي، هتي ٿڌي هوا ۾ بيهه يا هڪ ساٿيءَ کي ساڻ ڪري ڪمري ۾ هليو وڃ.“ سڄڻ چيو ۽ هن دفعي شموءَ ٽهڪ ڏنا.
    ٻه هفتا گذري چڪا هيا پر پل تي ڪو به اڻ وڻندڙ واقعونه ٿيو هيو. ان ڏينهن کانپوءِ شموءَ جي خدوءَ سان ڪا لهه وچڙ نه ٿي هئي. خدو هميشه جيان اڃا به پل جا چڪر هڻندو هيو ۽ شمو هن کي ڏسي ڪند هيٺ جهڪائي بيهي رهندو هيو. هن خدوءَ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هيو. هن ۾ هاڻي بيزاريءَ جو احساس نه رهيو هيو. هن جو خدوءَ سان ڪو به مطلب نه هيو. هن هر انسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هيو. آخرڪار هن جو ان ۾ ڇا ته ڪو انسان پنهنجي زندگيءَ مان بيزار ٿي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن کي اڃان به پڪ هئي ته لنگڙو خدو هڪ نه هڪ ڏينهن ان پل تان ٽپوڏئي پنهنجو انت ضرور آڻيندو ۽ هو ان جي لاش کي لهرن جي وچ ۾ هيٺ مٿي ٿيندو ائين ڏسندو جيئن هن هاڻي تائين مختلف لاشن کي ڏٺو هيو.
    نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو شموءَ کي انتظار هيو. پل تي ماڻهن جو هڪ وڏو جهڳٽو موجود هيو ۽ هيٺ درياءَ ۾ ٽوبا گهتون هڻي ڪنهن شيءَ کي ڳولي رهيا هيا. ڪجهه ماڻهن هيٺ بندر تي بيٺي وچ سير ۾ ڊوڙندڙ ٻيڙين جو تماشو پئي ڏٺو، ته ڪجهه ماڻهو مٿي پل تي پيل انهن گهوڙين کي ڏسي رهيا هيا جيڪي ڪنهن لنگڙي انسان هيٺ ٽپي ڏيڻ کان اڳي اڇليون هيون. شموءَ کي لنگڙي جي سُجي ٻاهر نڪري ظاهر ٿيندڙ لاش جو انتظار هيو. رات جڏهن سڄڻ جي اتي ڊيوٽي هئي ته اهو حادثو پيش آيو هيو، پر سڄڻ اتي موجود نه هيو. جڏهن هو صبح جو اتي پهتو هيو ته هن کي اتي وچ پل تي اهي گهوڙيون نظر آيون هيون. هن انهن ئي گهوڙين کي ڏسي صبح سان شموءَ کي ٻڌايو هيو ته جنهن شيءِ جي مرڻ جي پيشنگوئي هن ڪئي هئي، اها صحيح نڪتي. شموءَ کي اها ڳالهه ٻڌڻ سان ڏاڍو افسوس ٿيو هيو. شموءَ سوچيو اها ڳالهه ڪيئن به ڪري ٿيڻي هئي، آخرڪار هڪ چيچلائيندڙ لنگڙو انسان ڪيستائين پاڻ کي جيئرو رکي سگهيو ٿي. اهو به ان حالت ۾ ته هو فقير هجي ۽ هن کي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ڪا به سهولت ميسر نه هجي.
    سج ڪافي چڙهي آيو هيو ۽ ڪناري تي بيهي تماشو ڏسندڙ ماڻهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيو هيو. ائين ٿي لڳو جيئن ڪنهن به ٽوٻي يا ٻيڙيءَ واري کي ان لنگڙي جي لاش سان ڪا به دلچسپي نه هجي، بس هو اهو سڀ ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ ڪندا هجن. بئريج جا دروازا بند ڪيا ويا هيا پر ائين ٿي لڳو لاش ان جڳهه تان سري اڳتي وڌي چڪو هجي. گرمي وڌي چڪي هئي ۽ شموءَ کي هاڻي ان لنگڙي جي لاش سان ڪا به دلچسپي نه رهي هئي. پهريون هن جي من ۾ ڏک اڀريو هيو، پوءِ ان بدنصيب شخص جي لاش ڏسڻ جي تمنا، جنهن کي هن هروڀروبه ڪيترا دفعا آزاريو هيو، پر هاڻي اها تمنا به هن جي دل ۾ دم ٽوڙي چڪي هئي.
    منجهند جا پاڇا لڙيا ته شموءَ جا سمورا ڪپڙا هن جي بدن مان ڏامر جيان رجندڙ پگهر ۾ آلا ٿي ويا، ڪڇن وٽان هن جي ڪاري پوشاڪ وڌيڪ ڪاري ٿي وئي ۽ هن کي پنهنجي جسم مان اٿندڙ بدبوءِ آزارڻ لڳي، هن جيئن ئي هٿ سان ڪنڌ اگهي ٿڌو ساهه کڻي پاسي کان نهاريو ته هن کي ڌرتيءَ مان اٿندڙ ڄر جي پوئتان هڪ عجيب شيءَ پاڻيءَ جي لهرن جيان لڏندي ۽ سسندي پاڻ ڏانهن وڌندي نظر آئي. هو حيران ٿي ويو، هن جڏهن چتائي ڏٺو ته اهو خدو هيو، جيڪو پنهنجي گهوڙين جي سهاري ٺڙڪ ٺڪ جا آواز پيدا ڪندو پل ڏانهن وڌي رهيو هيو، شموءَ جي پگهرن ۾ اضافو ٿي ويو، هن جي من ۾ ستل درد هڪ دفعو ڄڻ وري جاڳي پيو. آهستي آهستي خوف گاڏڙ خوشي هن جي ذهن تي ڇانئجي وئي، هن محسوس ڪيو جيئن هو خواب ڏسندو هجي، جيئن هن بيٺي بيٺي ننڊ ڪئي هجي يا هاڻي ننڊ شروع ٿي هجي.
    هن خدوءَ کي پري کان ئي ڏسي رڙ ڪئي ”خدو تون جيئرو آهين؟“ خوشيءَ کان شموءَ جا چپ ڏڪيا پئي.
    ”ها مان جيئرو آهيان.“ خدو هن جي ويجهو ايندي چيو، پوءِ هو شموءَ جي حيرت تي نه چاهيندي به رڪيو.
    ”پر ڇو؟“ هن الٽو هن کان سوال ڪيو.
    ”اسان سمجهيو تون مري چڪو آهين.“ شموءَ چيو. خدوءَ جي اکين جا گهيرا سوڙها ٿي ويا. جنهن کان هن جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويو.
    ”مان ڪيئن مري سگهان ٿو؟“ هن چيو ۽ پوءِ وري چيو ”مان ته جيئرو آهيان. تون هميشه غلط سوچيو، بلڪل غلط سوچيو.“
    شمو سن ٿيو هن جي اکين ۾ ڏسندو رهيو ۽ خدو اتي وڌيڪ دير ترسڻ کانسواءِ ئي هليو ويو. هن ويندي ويندي شمو جي جسم کي ائين نهاريو جيئن مڙدي جي جسم کي.
    شمو ڪيتري دير ڪنڌ ورائي خاموشيءَ سان ان لنگڙي چٿڙيدار جسم کي ويندي ڏسندو رهيو، جو پل تان وڃي رهيو هيو ۽ ان جي مرڻ جو ڪو به گمان باقي نه رهيو هيو. اهو جيئرو هيو ۽ اڳتي وڌي رهيو هيو، پل جي پريان، جتي انڌو پيار هن جو انتظار ڪري رهيو هيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1250712
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385150
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ