ڪتاب جو نالو: فونو
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سوجهرو پبليڪيشن، ڪراچي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 19 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 477 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 128 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
رسول ميمڻ لکي ٿو:
”دوستو! ڪهاڻيون پوريون نه ٿيون آهن، مان توهان کي آخري ڪهاڻي ضرور ٻڌايان ها، پر وقت گهٽ هجڻ سبب اڃا نه لکي سگهيو آهيان. منهنجين ڪهاڻين کان وقت کي وڏي اهميت آهي، وقت جنهن کي وڪڻي مان وقت گذر ڪندو آهيان ۽ ڪهاڻيون جن کي لکي مان معاشي مسئلن ۾ ڦاسي پوندو آهيان. لکڻ عيوض ليکڪ کي شل ايترو ملي پوي، جنهن سهاري هو ڪجهه وڌيڪ لکي پوي. دوستو! آخري ڪهاڻي جو اوسيئڙو نه ڪندا، لکندس ته توهان کي ضرور پڙهي ٻڌائيندس اڻ پوري ڳالهه لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : مان ۽ منهنجيون ڪهاڻيون
  • لالواڻيءَ جي لئبريريءَ جا ڪوئا
  • جنن واري ڪوٺي
  • ڀورو ڪمبل
  • پرشوتم
  • فونو
  • عمر علي
  • کنگهه وارو ڪمرو
  • اڃايل
  • انڌو ڪوي ۽ عقاب جون اکيون
  • انڌي ٻُلهڻ
  • ڊاڪٽر ربنواز پوڙهو ڪيئن ٿيو؟
  • ڪربلا جا ڪبوتر

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: فونو
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ: رسول ميمڻ
    ڇاپو پهريون : 2009ع
    تعداد : 1000
    ڇپائيندڙ : سوجھرو پبليڪيشن ڪراچي
    قيمت : 150 روپيا


    ارپنا

    پنهنجي فرزند سميع الله جي نالي
    جيڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ مونکان وڇڙي ويو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”فونو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. ھو لکي ٿو:

    ”دوستو! ڪهاڻيون پوريون نه ٿيون آهن، مان توهان کي آخري ڪهاڻي ضرور ٻڌايان ها، پر وقت گهٽ هجڻ سبب اڃا نه لکي سگهيو آهيان. منهنجين ڪهاڻين کان وقت کي وڏي اهميت آهي، وقت جنهن کي وڪڻي مان وقت گذر ڪندو آهيان ۽ ڪهاڻيون جن کي لکي مان معاشي مسئلن ۾ ڦاسي پوندو آهيان. لکڻ عيوض ليکڪ کي شل ايترو ملي پوي، جنهن سهاري هو ڪجهه وڌيڪ لکي پوي. دوستو! آخري ڪهاڻي جو اوسيئڙو نه ڪندا، لکندس ته توهان کي ضرور پڙهي ٻڌائيندس اڻ پوري ڳالهه لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.“

    هي ڪتاب سوجھرو پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو. مھربانيون رحمت پيرزادي جون جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪرايو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : مان ۽ منهنجيون ڪهاڻيون

    دوستو ڪهاڻيون گهڻيون ٿيون، مان اڄ توهان کي هڪ ڪهاڻي نه پر ڪهاڻين جو هڪ مجموعو پڙهي ٻڌائڻ چاهيان ٿو. هن مجموعي ۾ بادشاهن ۽ گدڙن جو ڪهاڻيون آهن، سياستدانن ۽ لومڙين جون ڳالهيون آهن، وزيرن ۽ مشيرن جون ڪهاڻيون آهن. انهن شهزادن جون ڳالهيون آهن جن کي قتل ڪيو ويو، ديون ۽ ديوتائن کان وٺي انهن پرين تائين جن جا کنڀ سڙيل آهن، روحن جون ڳالهيون، رهبرن جون ڳالهيون، حسن عشق گل ۽ بلبل جون ڳالهيون، شراب ۽ ترقي پسنديءَ جون ڳالهيون، مان سڀني کي ورقن ۾ قيد ڪيو آهي. مان چاهيان ٿو ڪتاب جو در کوليان، ان جا ورق اٿلائيان پر مون تي هڪ خوف طاري آهي. منهنجو ڪتاب ڪورو ٿي ويندو. ان جا لفظ هوا ۾ اڏامي ويندا، ڇو جو اهي لفظ جيئرا آهن انهن ۾ روح جي رواني آهي. مان ڪتاب جا ورق اٿلائڻ لاءِ تيار آهيان، پر ٿورو ترسو، انهن لفظن جي مرڻ جو انتظار ڪريو، ساڪت لفظ، بي جان لفظ، ورقن تي ڄميل لفظ، گرجا جي گهنڊ ۾ سمهيل پوپٽ جهڙا لفظ. گل جي سڪل پنکڙين جهڙا لفظ، اي دوست ڇا تون سمنڊ ڪناري هوا کي روڪي سگهين ٿو؟ مان واريءَ تي تنهنجي نانءُ لکيو آهي، سامهون پهاڙ ڪورا ڏسجي رهيا آهن ۽ تخليقون واريءَ مٿان وکريل آهن، سمنڊ جون لهرون ڏور آهن، مينهن جو انتظار ڪر، واريءَ جا ورق ميسارجي ويندا ۽ ڏور پهاڙن تي هڪ تصوير نروار ٿيندي. ڪروڙها سال آڳاٽي پٿر تي اڪريل ڪنهن شڪاريءَ جي تصوير، ڪنهن اونداهي غار ۾ هڪ هرڻ ۽ خدا کان دعا گهرندڙ عاجز بندي جي تصوير، ان تصوير اڳيان هڪ چلهه آهي جنهن جا ٽانڊا اڃان به گرم آهن، انهن جي چمڪ ۾ چيتي جون اکيون ٻري رهيون آهن، مان انهن اکين سان اکيون ملائي ويٺو آهيان، ٻاهر مينهن وسي رهيو آهي، گجڻ آهي گوڙ آهي ۽ وڄ جو چمڪاٽ آسمان ۾ چير وجهي رهيو آهي. غار ٻاهران ڦٽل شهر ۾ وسندڙ مينهن ڪري مٽيءَ هيٺان هڪ انساني ڍانچو نروار ٿيو آهي. انساني ڍانچو جنهن جي ويڻيءَ ۾ هڪ نانگ نما ڪنگڻ چمڪي رهيو آهي، مان اٿي ان نانگ نما چمڪندڙ سوني ڪنگڻ کي ان هڏائين ويڻيءَ مان لاهي الڳ ڪري ڏٺو آهي، منهنجي رڙ نڪري وئي آهي. اي رب! اهو ئي ڪنگڻ جيڪو لکين سال اڳ مون هن کي ڏٺو، اهو ائين نروار ٿيو آهي جيئن ڪلهه ٺهيو هجي ۽ هن جو وجود! منهنجي تخليق جي بقا، هڪ سون جو ٽڪر آهي، جيڪو منهنجي هٿ تريءَ تي وسندڙ مينهن ۾ وڄ تي تجلا ڏيئي رهيو آهي.
    اي رب! تنهنجا اسرار تون ئي ڄاڻين، مينهن جي اڳيان ۽ پويان اونداهه آهي ۽ وچ ۾ مان روشنيءَ جي ذرن جيان موجود آهيان. منهنجي اڏام جي حد مقرر آهي، سمنڊ لا محدود، مان اڃان ڪناري کان ترڻ شروع ڪريان ٿو ته ان جون زوردار ڇوليون مون کي ڦيرائي ڪناري تي ڦٽو ڪن ٿيون. مان جيڪو خود اعتماديءَ جي فريب ۾ مبتلا هيس، اهو جنهن کان اکين جو نور کسجي ويو آهي ۽ هڪ اهڙي اوندهه نصيب ٿي آهي جيڪا حقيقت آهي، اها ئي زندگي آهي. شايد روح جو رنگ ڪارو آهي، جنهن جي ڪاراڻ ۾ اسان جا جسم ٿاڦوڙا هڻي ڪجهه ڳولهي رهيا آهن. اربها ۽ ڪروڙها سالن تي محيط ڪائنات ان جي ابتدا ۽ انتها منهنجن حواسن جي ارتقائي تعميل جو تسلسل ڏسڻ سنگهڻ ۽ سوچڻ جي سگهه. ڌرتيءَ تي موجود جاندار مختلف حواسن کان آشنا آهن، شايد نانگ ٻڌي نه سگهندو آهي، ٿي سگهي ٿو گڏهه کي پنهنجي ذلت جو ڏک نه ٿيندو هجي، ڏاند جي حواسن ۾ گهاڻي جا چڪر ئي ڪل ڪائنات هجن، اوندهه ۾ ٻلي ڏسندي هجي ۽ نوريئڙو انڌو هجي، سوجهرو چمڙي لاءِ اوندهه هجي، زلزلي اچڻ کان اڳ ڪن جانورن ۾ بي چينيءَ جو احساس ٿيندو هجي ۽ اهڙن ئي حواسن ڪري گهوڙي کي ملائڪ سڏيو وڃي ٿو. مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي آس پاس لاتعداد وجود موجود آهن، ڪٿي لقاءَ رونما ٿي رهيا آهن، ڪٿي اهڙيون شيون آهن جن کي مان ڪو به نانءُ نه ٿو ڏئي سگهان، ڇا آهن؟ اهو منهنجي ٻڌائڻ جي سگهه کان ٻاهر آهي، منهنجي وجود تي موجود. Micro organisms of normal flora مونکي نظر ايندڙ انساني Ovum جي جستجو ۾ ڦٿڪندڙ Spermatozoa مان ڏسڻ جي حواسن کي ٿوري سگهه ڏئي، اهو ڪجهه ڏٺو جيڪو شايد عام حالتن ۾ ڏسڻ جي لائق نه هجان. ڇو جون مان نامڪمل آهيان منهنجو ارتقائي سفر جاري آهي، ٿي سگهي ٿو ايندڙ لکين سالن ۾ اهو ڪجهه ڏسي سگهڻ جي لائق ٿيان جيڪو هينئر منهنجن حواسن کان ٻاهر آهي، ٿي سگهي ٿو منهنجي ڀرسان هڪ ٻيو وجود به موجود هجي جنهن کان مان اڻ ڄاڻ هجان، ۽ هو مون کان لاپرواهه هجي. هن کي منهنجي خبر نه هجي ۽ مان هن کان لاتعلق هجان. ٿي سگهي ٿو هو مون کي محسوس ڪندو هجي ۽ مان هن کان آشنا نه ٿيو هجان. منهنجي بورچي خاني ۾ ڪو هجي ۽ منهنجي رزق جي سار سنڀال لهندو هجي. بهار جي ڀوري خوبصورت ڪڪر مٿان ڪو اهڙو خوبصورت وجود ويٺل هجي جيڪو ڪنهن انسان ڏي محبت ۽ پيار مان نهاريندو لنگهيندو هجي، سياري ۾ ٽڙندڙ رنگ برنگي موسمي گل ڪنهن ٻئيءَ دنيا جون جلاوطن خوبصورت محبوبائون هجن، جيڪي ڌرتي تي ٽڙنديون هجن ۽ مرجهائجي ڪنهن ٽيئن دنيا ڏي پرواز ڪري اڏامي هليون وينديون هجن.
    مان اهڙي ٻيٽ تي بيٺل آهيان جنهن جي هر ڪناري تان هڪ لامحدود ڪاري پاڻيءَ جو سمنڊ ڏسجي ٿو ۽ ان سمنڊ مٿان اوندهه جو راڄ آهي، تون ۽ مان ان ٻيٽ تي بيد مشڪ جون ڪاٺيون ساڙي هٿ سيڪي رهيا آهيون، باهه جي روشنيءَ ۾ مان هڪ هيڊو ڳاڙهو چهرو ڏسي رهيو آهيان جيڪو منهنجي سامهون هڪ ٽئين پٿر تي ويٺو آهي. او منهنجا ٻئي پٿر تي ويٺل ساٿي جيڪر تون به ان کي ڏسي سگهي ها، جيڪر تون به ان ٻرندڙ باهه مان چڱان چڱان اڀ ڏي اڀرندڙ دونهي جي ڇلن اندر فضا ۾ بلند ٿيندڙ اهي وروڪڙ کائيندڙ وجود پسي سگهين ها جيڪي مٿي اڀري فضا ۾ ڇڊا پيا ٿيندا وڃن، جيڪر تون منهنجين اکين جي پتلين ۾ انهن شڪلين جو هٿ هٿ ۾ ڏئي وجد ۾ اچي ڪنڌ ڌوڻي دونهي جهڙن ڪارن وارن کي ڪلهن ۽ نرڙ تي وسندي ڏسي سگهين ها. ڌرتيءَ مٿان کڙيءَ جي لڳڻ سان ان ڌمال جو آواز ٻڌي سگهين ها، جنهن آواز تي ڌرتيءَ ۾ دفن مڙدا به ڪجهه دير ساهه کڻڻ شروع ڪري ڏين ٿا. مڙدا جن کي تنهنجي رقص سگهه عطا ڪري ٿي ۽ مان جيئرو جيڪو سگهه جي لاش کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي ان کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪنهن قبر جي جستجو ۾ سرگردان آهيان. اي سگهه! تون هاڻ منهنجن ڪلهن تان لهي وڃ، منهنجو نٻل وجود تنهنجو بار ڍوئي ٿڪجي پيو آهي. اي سمجهه! تون مون کي چريو ڪيو آهي، اي سچ! تون دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهين. سچ ته اهو آهي سچ آهي ئي ڪو نه. مان جيڪو مايوس آهيان هڪ چوواٽي تي توکي وڃائي ويٺو آهيان، هڪ اڻ ڄاڻ شهر ۾ توکي ڳولهي رهيو آهيان. هڪ شهر جنهن جي رهواسين جا چهرا تنهنجي چهري جهڙا آهن، پر تو ڪٿي آهين؟ مان غافل آهيان محدود آهيان، شايد تون آس پاس آهين، شايد نظر جو دوکو آهين. هو آهين، هيءَ آهين، شايد نه آهين. مان هڪ منجهيل وجود آهيان. منهنجي دماغ جون تنتون، منهنجيون رڳون، منهنجيون مشڪون چم ۽ هڏيون هڪ بي ترتيب ڍير ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. ٻه اکيون آهن جيڪي ان ساڪت ڍير ۾ جيئريون آهن ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيون آهن. منهنجو دماغ مائوف آهي، منهنجو دماغ بيٺل پاڻيءَ جي ڍنڍ مثل آهي جنهن ۾ تنهنجي ياد جا ڪنول ٽڙن ٿا، تون اچ ان ڍنڍ ڪناري ويهه پنهنجي نازڪ هٿ ۾ پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلاءِ ته ڪي لهرون پيدا ٿين، ڪي سوچون بيدار ٿين، تون اچ ۽ منهنجي هٿ تريءَ ڏي نهار مان تنهنجي چهري جي روشنيءَ ۾ قسمت جي لڪيرن کي پڙهڻ چاهيان ٿو. اهي ستارا جيڪي لڪيرن جي دائرن ۾ گردش ڪري رهيا آهن، لڪيرون جيڪي تاريخ آهن، پاڻيءَ جو وهڪرو آهن. جن ۾ ڪٿي تهذيبون، ڪٿي ثقافتون، اهرام، کنڊر، گهايل انسانن جا چچريل وجود، امير، فقير، شاهه ۽ گدا لڙهندا وڃي رهيا آهن. هٿ تريءَ جون لڪيرون جن جو رنگ ڳاڙهو آهي، انهن کي ائين ئي ڳاڙهو رهڻو آهي، جيئن ظلم کي هميشه ڌرتيءَ تي رهڻو آهي. ظلم جنهن کي بقا آهي، مظلومن ۽ شهيدن جو هڪ سلسلو آهي، هڪ قافلو آهي جيڪو طاقتور ظالم جي تلوار هيٺان صدين کان پنهنجو سفر جاري رکندو اچي، هڪ گوڙ آهي، گهمسان آهي، گهوڙن جي سنبن جون ٽاپون آهن، ڌرتيءَ جي اڏامندڙ ڌوڙ آهي، ڌماڪا آهن، ٺڪاءَ آهن، پينگهي ۾ سمهيل معصوم ٻار جا ڇرڪ آهن، شيشي جي ذرن جيان ٽٽل معصوم خواب آهن، خواب جيڪي زندگي جو واحد سهارو آهن، خواب جن ۾ ڪو به تسلسل نه آهي ابتا سبتا بي مقصد ياد نه رهندڙ خواب، غير واضح صورتون، ڌنڌلا منظر، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل وسري ويندڙ عڪس، ڪڏهن دل ۽ دماغ تي پٿر جهڙا نقش ڍاهي ويندڙ خواب دل ڏاريندڙ وجود کي لت هڻي ڇرڪ ڀري جاڳائيندڙ خواب، سڏڪا ڀري روئاريندڙ خواب، خواب تنهنجي يادن جو پاڇو آهن. ماضي جي کنڊرن ۾ يادون خوبصورت ڪبوترن جيان هيڏانهن هوڏانهن اڏامي رهيون آهن. کنڊر جن ۾ سانت آهي، سڪون آهي، هڪ اداسي آهي، جنهن ۾ لڪيل هڪ خوشي جو احساس آهي، دٻيل هلڪا ٽهڪ آهن، تنهنجا ٽهڪ جن ۾ هڪ پڙاڏو آهي، جيڪو ان پراڻي مندر جي ڀتين سان ٽڪرائجي پيدا ٿي رهيو آهي. جنهن مندر جي ڏاڪڻين تي اڃان به ڪي قدمن جا نشان چٽا آهن، مينهن ڀنل ڳاڙهين سرن واري ڏاڪڻ ۽ هر طرف وسندڙ مينهن ۽ ڦهليل مٽيءَ جي خوشبوءِ پوڙهو بڙ ۽ ان جي لڙڪندڙ پاڙن مان ٽمندڙ مينهن جو ٿڌو پاڻي، جيڪو منهنجي مستقبل تي ڄڻ ماتم ڪري رهيو آهي. مان جيڪو حال ۾ جيئرو هوندي به مري چڪو آهيان، مان جيڪو ان ماضي جي مندر جي ڪنهن مورتي ۾ جيئرو آهيان. حال ڪيترو به تڪليف ڏيندڙ ڇو نه هجي پر اهو ماضي ۾ تبديل ٿي خوبصورت نظر ايندو آهي. آفتون جيڪي حال ۾ دل ڏاري وجهنديون آهن، جيءُ جهنجهوڙي وجهنديون آهن، سي ماضيءَ ڏي سفر ڪري يادن ۾ تبديل ٿي دل تان ان ٿڌي پاڻي جيان تري وينديون آهن ۽ پوءِ هڪ آهه اڀامي اکين جي جهڙ مان ڳوڙهن جيان وسي پوندي آهي، ڪيڏو نه آٿت ۽ سڪون هوندو آهي انهن ڳوڙهن ۾.
    اي وقت! مون کي وقت ڏي جيئن ڪجهه وقت واندو ويهي ان کي ياد ڪري سگهان. اي روزگار! تون مون کي روز ضايع نه ڪر، پر شايد بک جي باهه تنهنجي ياد کي وسائي ڇڏي. اي زندگي! مون کي تربيت ڏي جيئن مان موت سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ ان کي برداشت ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪري وٺان. اي موت! مون کي مهلت ڏي جيئن مان توکي سمجهي سگهان. مون وٽ بقا ۽ فنا جو ڪو به مفهوم نه آهي مان ڇا هيس؟ آهيان ۽ ڇا ٿيندس؟ شايد مان نه سمجهي سگهيو آهيان. ڪائنات ۽ وجود تي منهنجو عقل حيران آهي، شايد سوچيندڙ ساهوارو ان چڪر جي پڄاڻيءَ تائين اها ڳجهارت يا ڳوٽ نه ڀڃي سگهي. رات جو اوندهه ۾ مان آسمان ڏانهن نهاري نه سگهندو آهيان ڇو جو مون کي خبر آهي ته آسمان ۾ ڪيئي اکيون لڙڪي رهيون آهن، ۽ هر اک منهنجين اکين ۾ نهارڻ جو انتظار ڪري رهي آهي. آسمان جي هڪ پاسي چنڊ آهي جيڪو مرڪندڙ چپن جيان آهي، اهو منهنجي ڄاڻ تي کلي رهيو آهي، مان جيڪو هيٺ ڪنڌ ڪري ڏيئي جي روشني تي منجهيل سٽ سلجهائي رهيو آهيان، مان جيڪو ترقي يافتا آهيان.
    اي دوست! مان توکي ڏاڍيون ڏک جون ڪهاڻيون ٻڌايون آهن، اچ ته توکي ڪجهه کلايان، توکي الميي جي سست ۽ ڏک ۾ ويڙهيل بکايل ڏٻري گهوڙي جي چيلهه تان لاهي مزاح جي بدمست مڪني هاٿيءَ تي چاڙهيان. اچ توکي هڪ اهڙي ٿيٽر ڏانهن وٺي هلان جنهن جي اسٽيج تي صدين کان هڪ اڻ کٽندڙ مزاحيا ڊرامو، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي انجام کي نه پهچندو هلي رهيو آهي. اچ هت منهنجي ڀرسان ويهه هو سامهون ڪجهه مسخرا ڏس هو ڊگهي ٽوپي وارو قاضي ڏس، هو جج ڏس، هو حڪمران جي محل جي چوکٽ ٻاهران ڪشڪول جهلي بيٺل انڌو قانون ڏس، هو بيمار صحت ڏس، هو جاهل تعليم ڏس، هو ڊگهي نڪ وارو شهنشاهه ڏس، هو وڏي پيٽ وارو وزير ڏس، وزيراعظم ڏس، هو بازيگر، ابتيون سبتون قلابازيون کائيندڙ ڪامورا ڏس، ماڻهن جي هجومن ۾ جادو جا ڪرتب ڏيکاريندڙ سياستدان ڏس، رستا ڏس، ناليون ڏس، جانورن جا ماسڪ پائي گهمندڙ ماڻهو ڏس. نوڪدار وڪوڙيل مڇن وارا وڏيرا ڏس، اڌ اگهاڙا هاري ڏس. هتي ويهه مزو وٺ، هوءَ چئن پئسن خاطر جسم وڪڻندڙ ناري ڏس، مڙدي جو ماس کائيندڙ ڳجهه جهڙا انسان ڏس، هو وڏي مٿي وارو رانديڪا ٺاهي خوش ٿيندڙ سائنسدان ڏس، هو پوپٽ پويان ٿاٻو کائي ٻار جيان هيٺ ڪرندڙ شاعر ڏس، هو پاڻ سان ڳالهائيندڙ دانشور ڏس، هو مٿي ۾ مٽي وجهي رستن تي گهمندڙ اديب ڏس، هو قلم سان ڏند کوٽيندڙ تاريخدان ڏس، هو بانسريءَ جي ڌن تي دٻڪڻي وڄائيندڙ مذهبي پيشوا ڏس، هو انساني ڍانچي جهڙو پنهنجي وزن کان وڌيڪ ڳورو ڳچيءَ ۾ دهل وجهي وڄائيندڙ انقلابي ڏس، مستيون ڏس، موجون ڏس، کلائيندڙ چلولايون ڏس، ايٽم کي ڦٽاڪي جيان ٻاريندڙ شرارتي ٻار ڏس، هوا ۾ اڏامندڙ شاپنگ بيگز ڏس، هو نوريئڙي جو پڇ ٽنگي وڻن کي ڪٽي هيٺ ڪيرائيندڙ جانور نما انسان ڏس، هو انساني کوپڙين جي مينارن وچ ۾ بگهڙ جو لباس پائي بيٺل هلاڪو ڏس، هو هيڊي منهن وارو سايون الٽيون ڪندڙ سڪندر ڏس، هو پنهنجي ڄنگهه جو ماس پٽي کائيندڙ چنگيز ڏس، هو پنهنجو پستول پنهنجي کوپڙيءَ تي رکي هلائيندڙ هٽلر ڏس.
    اي دوست! ٿورو کل ڇا ته ڊرامو آهي، ڇا ته ان جو ليکڪ آهي ڇا ته ان جا نڀائيندڙ آهن، الست بربڪم، قالو بلا، آدم حوا، هو هابيل هو قابيل، ڇا ابتدا ڇا انتها..............!
    اي دوست! الميي جي الم مان نڪري اچ، زندگي سهل ڪرڻي اٿئي ته مزاح جو حصو ٿي، کل ۽ ٽهڪ ڏي ته آساني ٿيئي، جيئڻ چاهين ٿو ته مسخرو ٿي گذار ۽ مذاق ۾ مري وڄ. اي منهنجا الميا نگار! نه ته زندگيءَ ۽ موت جهڙو ڪڙو ذائقو شايد ٻيو ڪو به نه آهي. تون سوچ کي ڀوڳ ۾ بيان ڪر، پٿر کي رومال ۾ ويڙهه، سنگسار ٿيندڙ انسان کي گل هڻڻ جي جديت نه ڪر، دوست پيدا نه ڪر، محبوبائون نه ٺاهه، انسان جي چمڙي ڏاڍي حساس آهي، گل جو ڌڪ نه سهي، چميءَ جو ڏنڀ نه سهي.
    اي شمس تبريز هي سنها ڪيڙا جيڪي تنهنجي جسم جي زخمن مان ڇڻيا آهن، تون انهن کي هيٺان کڻي واپس پنهنجي جاءِ تي ڇو ٿو رکين؟ تنهنجو فلسفو ڇا به هجي پر شايد تنهنجو چم انهن جي جدائي جو ڪم برداشت نه ڪري سگهي. حڪمت کي سمجهڻ لاءِ حڪمت گهرجي، هر پکيءَ جي پنهنجي اڏام آهي، ڪي اهڙا پکي آهن جيڪي اڏام کان وانجهيل آهن.
    انساني جسم ۾ ڪيڏا نه خم آهن، لاهيون آهن، چاڙهيون آهن، پهاڙ آهن، واديون آهن، لهرائيندڙ زلفن جون وهندڙ نديون آهن، اکڙين جون ڍنڍون آهن، ان جي ڳلن ۾ شفق جي لالاڻ آهي، ان جي درد ۾ چنڊ جي پيلاڻ آهي، ان جي مرڪ ۾ حياتي آهي، ان جي وڇوڙي ۾ مماتي آهي، ان جي هاٺي هماليا جيان آهي، ۽ هن جي ڳچي قدرت جو ڪمال آهي. ان تي ڇا ته ڦاهيءَ جون ماپون آهن، خمدار اڏيون آهن ۽ ان ڳچيءَ وٽان ڪٽجي انسان امر ٿئي ٿو. اي سرمد! تنهنجو روح اڃان ڪيستائين ائين دهليءَ جي جامع مسجد ۾ رقص ڪندو رهندو؟ شايد روح ٿڪبا نه آهن، انهن تي ڪنهن اورنگزيب جو حڪم نه هلندو آهي. روح آزاد آهي.
    دوستو! ڪهاڻيون پوريون نه ٿيون آهن، مان توهان کي آخري ڪهاڻي ضرور ٻڌايان ها، پر وقت گهٽ هجڻ سبب اڃا نه لکي سگهيو آهيان. منهنجين ڪهاڻين کان وقت کي وڏي اهميت آهي، وقت جنهن کي وڪڻي مان وقت گذر ڪندو آهيان ۽ ڪهاڻيون جن کي لکي مان معاشي مسئلن ۾ ڦاسي پوندو آهيان. لکڻ عيوض ليکڪ کي شل ايترو ملي پوي، جنهن سهاري هو ڪجهه وڌيڪ لکي پوي. دوستو! آخري ڪهاڻي جو اوسيئڙو نه ڪندا، لکندس ته توهان کي ضرور پڙهي ٻڌائيندس اڻ پوري ڳالهه لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.


    لالواڻيءَ جي لئبريريءَ جا ڪوئا

    ”ٻڙچيو،
    پاڙون،
    مٽيءَ ۾ هونديون آهن
    پر ڪڏهن هوا ۾ لڙڪي
    ڌرتي ڳولهينديون آهن.“
    موهن لالواڻي ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڪو ايڏو وڏو انقلاب ايندو، هڪ اهڙو انقلاب جيڪو سمنڊ جيان اٿلي پوندو ۽ ان سيلاب ۾ سڀ ڪجهه لڙهي ويندو.
    گرومندر جو موهن لالواڻي جنهن جي جاءِ جو هيڊو رنگ هيو ۽ ان جي اڱڻ ۾ سيتا ڦل جا وڻ هيا، اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪراچيءَ جي روڊن تي رت جا نشان نه هيا ۽ پوءِ به اهي روز صبح جو پاڻيءَ سان ڌوپجي صاف ٿي وهنجيل ڪلسري ڪبوتر جيان کنڀ ڇنڊيندي نظر ايندا هيا. موهن لالواڻي جيڪو مشهور اديب هيو، ان جي مٿي جا وار اڇا ٿي چڪا هيا. انهن ۾ ڪجهه ڪارا وار ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن اڇي پني تي لڪيرون هجن. موهن لالواڻي ڪاروباري لحاظ کان چمڙي جو واپاري هيو، وڌندڙ عمر سان هن جو اهو سمورو ڪم هن جي پٽ سنڀاليو، جيڪو انهن ڏينهن دبئي ۾ رهيل هيو. هن جو گهڻو وقت گهر اندر لئبريري ۾ گذرندو هيو. دنيا جي هر وڏي اديب جا ڪتاب هن جي لائبريريءَ ۾ موجود هيا. هڪ ٻئي ڀرسان شيشن جا ڪٻٽ ڪتابن سان ائين ڀريل هوندا هيا جيئن ڳورهاريون عورتون قطار ۾ بيٺل هجن.
    پاسي سان پيل ٽيبل ۽ ڪرسي جي چمڪ ڏسي محسوس ٿيندو هيو جيئن انهن تي تازو پالش ڪئي وئي هجي. ٽيبل تي هولڊر ۾ پيل پين ڪڏهن اڃايل نه هوندي هئي. ٽيبل جي ڀڪ ۾ رکيل پلنگ تي موهن لالواڻي ٽيڪ ڏئي مطالعي ۾ مشغول هوندو هيو. جڏهن هن جي دل لکڻ چاهيندي هئي ته هو پلنگ تان اٿي الماڙي کولي اتي لڙڪندڙ ڪاري ڪوٽي پائيندو هيو ۽ پوءِ ڪرسي تي ويهي ٽيبل جي خاني مان پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکائي وڏا سوٽا هڻي، پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ صاف ڪري پين ۾ هٿ وجهندو هيو.
    موهن لالواڻيءَ ڪئي ڪتاب لکيا، هن شاعري ڪئي، ڪهاڻيون لکيون، ۽ ڪجهه تاريخي مقالا لکيا. ڪيترين ٻين ٻولين ۾ هن جون تخليقون ترجمان ٿي شايع ٿيون. هن وٽ برصغير جا ڪيترائي ترقي پسند اديب ايندا هيا ۽ راتيون رهي رهاڻيون ڪندا هيا. عمر جي ان حصي ۾ هن لاءِ هاڻي ڪو به ڪم نه بچيو هيو، سواءِ ان جي ته هو پڙهندو ۽ لکندو رهي.
    هن جي لائبريريءَ ۾ شيشي جي ڪٻٽن کان وٺي لوهه جي ريڪس تي ڪتاب ڏاڍي صفائي ۽ نفاست سان رکيل هوندا هيا. هن جو نوڪر هر ويلي انهن جي ترتيب ۾ رڌل هوندو هيو. صبح جو سوير هو ان ڪڻا کڻي جاءِ اڳيان روڊ جي پرئين پاسي بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان پاريهرن جي ولر وٽ وڃي انهن اڳيان اڇلائيندو هيو، پاريهر اهي کائي هن کي دعا ڪري مٿي اڏامندا هيا ۽ پوءِ گرومندر مٿان انهن پاريهرن جو ڪارو ڪڪر هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڇانو ڪندي هليو ويندو هيو.
    شام جو هو پنهنجي گهر واري سان گڏ سيتاڦل جي وڻن هيٺان اڱڻ ۾ چانهن پيئندو هيو، هن جي نوجوان ڌيءَ جنهن جي اڃان شادي نه ٿي هئي، اها هڪ ننڍڙي ٽيبل تي چانهه دانيءَ مان ڪوپ ڀري انهن ۾ کير ملائيندي هئي.
    ”موهن ڇا پيو سمجهين؟“ هن جي زال فڪرمنديءَ مان چوندي هئي ”ملڪ جون حالتون ڪيئن بيهنديون، مون کي ته ڏاڍو برو وقت ٿو ايندي محسوس ٿئي.“
    موهن لالواڻيءَ جي نرڙ جا گهنج گهرا ٿي ويندا هيا.
    ”ڇا به ٿي پوي ملڪ ڇڏڻو ناهي.“ هو وڏي اعتماد سان چوندو هيو ”هتي رهي هر مصيبت جو مقابلو ڪبو ۽ زندگيءَ جا رهيل ڏينهن ڏکيا سکيا گذاربا.“
    پوءِ هو مٿي سيتا ڦل جي وڻن کي ڏسندو هيو ته هن کي اتي لڙڪندڙ ڦل ايئن نظر ايندا هيا جيئن انهن مٿان روڳ سان ڀريل ڳوڙهيون نڪري آيون هجن. هن جي نوجوان ڌيءَ جو سڱ ساڳي شهر ۾ رام باغ وٽ رهندڙ هڪ کنڊ جي واپاريءَ جي گهر ۾ ٿيل هيو، هن سوچي ڇڏيو هيو ته هن جو پٽ جيئن ئي پرڏيهه کان واپس ورندو ته سڀ کان پهريون ڪم هو ڌيءَ جي شادي ڪرائي پنهنجي ذميواري کان آجو ٿيندو.
    هڪ ڏينهن هو پنهنجي جاءِ جي اڱڻ ۾ چانهه پي رهيو هيو ته هن کي گهر ٻاهران گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، پوءِ الله اڪبر جا نعرا لڳا ۽ ٻه چار وڏا پٿر اچي هن جي آس پاس ڪريا، هن جي هٿن مان چانهه جو ڪوپ ڇڏائي پري وڃي ڪريو. هن تڪڙ مان ڪرسيءَ تان اٿي ڏٺو ته پري کان هن کي دونهون مٿي اڏامندڙ نظر آيو.
    پوءِ پورو شهر هيٺ مٿي ٿي ويو. هڪڙا وڃي رهيا هيا ته ٻيا اچي رهيا هيا، رام باغ وارو کنڊ جو واپاري وڃڻ وقت موهن لالواڻيءَ جي گهر آيو ۽ هن چيو ”جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ٻار شادي کان پوءِ امن سان رهي سگهن ته پوءِ توکي مون سان گڏ هلڻو پوندو.“
    موهن لالواڻي هڪ وڏي آنڌمانڌ ۾ مبتلا ٿي ويو، هن جو ذهن اهو قبولڻ لاءِ تيار نه هيو، شهر ۾ هر طرف فساد ٿي رهيا هيا ۽ اهڙو وقت به اچي ويو جو موهن لالواڻيءَ کي صرف ٻن ڪپڙن ۾ اها جاءِ خالي ڪرڻي پئي. هو زال ۽ ڌيءَ کي ساڻ ڪري اتان هليو ويو. گهر ڇڏڻ کان اڳ موهن لالواڻي سڏڪا ڀريندو پنهنجي لائبريريءَ ۾ ويو، هن ڪٻٽ مان ڪاري ڪوٽي لاهي ڪلهن ۾ وڌي، هن ڪرسيءَ تي ويهي لکڻ واري ٽيبل جي خاني مان پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکايو، پوءِ ٿلهن شيشن واري عينڪ پائي هولڊر مان پين ڪڍي لکڻ شروع ڪيو، هن وطن ڇڏڻ کان پهريون پنهنجي ڌرتي تي آخري نظم پئي لکڻ چاهيو، هن لکيو.
    ”اڄ وڃان ٿو ڏور جيئن ڪونج وڇڙيل اي وطن.“
    سٽ لکڻ کانپوءِ هن جو من ڀرجي آيو ۽ هو نظم اڳتي لکي نه سگهيو هن پين واپس رکي ڇڏي ۽ ٽيبل تي مٿو رکي روئي پيو، پوءِ هو گهڻو وقت سڏڪندو رهيو.
    موهن لالواڻيءَ جي وڃڻ کان پوءِ حڪومت هن جي جاءِ کي تالو هڻي سيل ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها ڪليم ۾ دکن جي هڪ اهڙي شخص کي ڏني وئي جيڪو جان بچائي اتي پهتو هيو.
    هر طرف الله اڪبر جا نعرا لڳي رهيا هيا ۽ ساوا جهنڊا ڦڙڪي رهيا هيا پر موهن لالواڻيءَ جي جاءِ ۾ دکن جو محمد انيس بي حد اداس هيو هن جو نوجوان پٽ جنهن جي عمر چوويهه سال هئي اهو وڳوڙن ۾ ڪٿي وڃائجي چڪو هيو. هن کي پڪ هئي ته هن جو پٽ جيئرو آهي ۽ اهو هڪ ڏينهن ضرور هنن کي ڳولهي لهندو پر اهو سوچي هن جي اکين ۾ پاڻي پئي ڀرجي آيو ته ڪٿي هو فسادن دوران مارجي نه ويو هجي. دکن ۾ جڏهن فسادن ڪر کنيو ته سڀ کان پهريون اتي گهر ساڙيا ويا محمد انيس جو به سڀ سڙي ويو هو، ٻن ٻارن ۽ زال سميت گهر کان نڪتو ۽ هن ريلور اسٽيشن جو رخ ڪيو، جنهن ريل ۾ هن کي جاءِ ملي اها ماڻهن سان ائين سٿيل هئي جيئن ماڻهو اک جي ڳوڙهن جيان ان مان وهي هيٺ ڪرڻ وارا هيا. اتي موجود هر ماڻهو زخمي هيو، هر طرف آهون بلند ٿي رهيون هيون، ريل جي امرتسر پهچڻ کان اڳ ان تي تلوارن سان مصلح ماڻهن حملو ڪيو، ڪيترن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ٿي ويون. محمد انيس پٺ ورائي ڏٺو ته هن جي زال ۽ ڌيءَ هن سان گڏ هيا، هن جو پٽ ڪٿي پوئتي رهجي ويو هيو، پوءِ زندگيءَ جي سفر جو اهو منظر هو ڪڏهن وساري نه سگهيو.
    محمد انيس پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان گڏ موهن لالواڻيءَ جي جاءِ ۾ سيتا ڦل جي وڻن هيٺان ايئن ويٺل هيو جيئن مينهن جي مند ۾ طوطو آلن کنڀن ۾ منهن وجهي هڪ ڄنگهه تي بيٺل هوندو آهي. اتي هر شي تي اداسي ڇانيل هئي، گهر اندر لائبريري ۾ موجود ڪتاب شيشي جي ڪٻٽن ۾ ٻوساٽجي ڄڻ زندگي جا آخري پساهه کڻي رهيا هيا ۽ ٽيبل تي هولڊر ۾ جهليل پين جي مس خشڪ ٿي چڪي هئي.
    دکن ۾ رهڻ دوران محمد انيس پنهنجي بقالڪي دوڪان کان ٿورو پري جنهن گتي تان آفيم وٺندو هيو، ان جهڙو نج ۽ ذائقيدار آفيم هن کي ڪراچيءَ جي ڪنهن به گتي تان نه مليو. وڇڙي ويل پٽ جي ياد کي وسارڻ لاءِ هن جي آفيم جي ضرورت پهريان کان وڌي وئي. هن جي ڌيءَ شيشي جي ننڍڙيءَ گلاس ۾ آفيم جو ذرو پسائي رکندي هئي ۽ پوءِ اسٽيل جي چمڪندڙ گلاس مٿان سائي اڳڙي رکي اهو ڇاڻي هن کي پيئڻ لاءِ ڏيندي هئي. آفيم پي هن کان آهه نڪري ويندي هئي.
    ”دکن هئي منهنجو وطن.“ هو چوندو هيو ۽ پوءِ وڇڙي ويل پٽ کي ياد ڪري روئي لائبريري ۾ رکيل پلنگ کي ٽيڪ ڏئي اکيون ٻوٽي ليٽي پوندو هيو.
    محمد انيس جي ڪٽنب لاءِ ان گهر ۾ زندگي جي هر سهولت ميسر هئي. اتي سڀ شيون موجود هيون پر اهي هوائون نه هيون، اهي منظر نه هيا، اهي عزيز نه هيا، اهي دوست نه هيا ۽ اهي قبرون نه هيون، جيڪي هو پنهنجي پويان ڇڏي آيا هيا. هن جي زال ۽ ڌي بورچي خاني ڀرسان ڪمري ۾ اداس ويٺل هونديون هيون ۽ محمد انيس لائبريري ۾ ان پلنگ تي ليٽيل هوندو هيو. جنهن پلنگ تي موهن لالواڻيءَ ٽيڪ ڏئي مطالعي ۾ مشعول هوندو هيو. هڪ ڏينهن محمد انيس ٿيڙ کائيندو بستري تان اٿيو ۽ هڪ ڪٻٽ جا شيشا کولي ڪتابن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو، هن کي مزو نه آيو ادب شاعري ۽ تاريخ هن جي مزاج جا مضمون نه هيا. هو هڪ گهريلو ڪاروباري ماڻهو هيو، هو بقالڪي دوڪان تي پراڻن ڪتابن جا ورق ڦاڙي انهن ۾ سودو ويڙهي ڏيندو هيو. هن وٽ ڪتابن جي اهميت نه هئي. ڪراچي ۾ هندستان کان آيل ماڻهو پنهنجا پير پختا ڪرڻ لڳا هر ڪو ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳو پر محمد انيس مايوسي جي عالم مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. هو ڏينهن رات پلنگ تي ليٽي آهون پيو ڀريندو هيو. ڪڏهن اکيون بند ڪري ٽيڪ ڏئي ڪن خيالن ۾ گم هوندو هيو، وقت سان هن جي آفيم جي ٻاڙ وڌندي وئي. ان شهر ۾ انهن لاءِ آمدنيءَ جو ڪو ذريعو نه هيو، محمد انيس پلنگ تي ليٽي ڌي کي سڏيندو هيو، ”ستارا، او ستارا! ڌيءَ هيڏانهن اچ.“ هو چوندو هيو، ”مون کي آفيم ڇاڻي ڏي، هيءُ وٺ اسٽيل جو گلاس، سائي اڳڙي هتي ڪنڊ ۾ رکيل اٿئي.“
    ستارا ڊڪندي لائبريريءَ ۾ ايندي هئي ۽ آفيم ڇاڻي هن کي ڏيندي هئي. محمد انيس ڪوڙو منهن ڪري گلاس مان چسڪيون ڀريندو هيو.
    ”بابا گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪونهي.” ستارا هڪ ڏينهن پيءُ کي چيو، “جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مان ڪنهن دفتر ۾ نوڪري ڪيان.“
    محمد انيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ پلنگ کي ٽيڪ ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو.
    ستارا کي سمنڊ ڪناري جهازن جي هڪ انشورنس ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي وئي، هن کي ايتري پگهار ملندي هئي جو گهر جو خرچ سڪو پڪو هلندو هيو. مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن کي پگهار ملندي هئي ته هو بندر روڊ تان واپس ايندي پٽيل پارڪ پويان هڪ بوهريءَ جي گتي تان پيءُ لاءِ آفيم جو ڳنڍو وٺندي هئي، جيڪو مهيني لاءِ ڪافي هوندو هيو. وقت سان گڏ موهن لالواڻيءَ جي لائبريريءَ جي حالت خراب ٿي وئي، ان جا ناياب ڪتاب ڌوڙ ۾ لٽجي ميرا ٿي ويا، ڪٻٽن ۽ لوهه جي ريڪس تي اهي بي ترتيب ۽ هيڏانهن هوڏانهن وکريل ائين نظر اچڻ لڳا، جيئن جنگ کانپوءِ ميدان ۾ شهيدن جا لاش پيا هجن. لائبريري ۾ هر طرف بوءِ ڦهلجي وئي ۽ اتي ڪوئا نڪري آيا. ڏسندي ئي ڏسندي سوين ڪوئا ڪتابن ۽ فرش تي هڪ ٻئي پويان ڊڪندي نظر اچڻ لڳا. محمد انيس کي ان ڳالهه جو ڪو به فڪر نه هيو هن وٽ پنهنجيون پيڙائون هيون پنهنجا درد هيا. هن جي نوجوان ڌي سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر روزيءَ لاءِ ڌڪا کائيندي هئي ۽ بورچي خاني ڀرسان ڪمري ۾ هن جي زال بستري تي ليٽي پٽ لاءِ پئي روئيندي هئي.
    آخر اهڙو وقت به آيو جو ڪوئن ڪتابن جا ورق کائي چٽ ڪري ڇڏيا. سون جي تعداد ۾ ڦاٽل ورق الماڙين ۽ هيٺ فرش تي پيرن ۾ رلڻ لڳا. ڪوئن جون لاتعداد ڦوڳڙيون هر هنڌ وکريل نظر اچڻ لڳيون، هڪ ڏينهن ستارا پيءُ وٽ آئي ۽ چيائين ”بابا آفيم کائڻ گهٽايو، منهنجي آمدني ايتري نه آهي جو گهر جو خرچ به هلايان ۽ آفيم به آڻيان.“
    هن جي ڳالهه ٻڌي محمد انيس کي چڙ وٺي وئي هن اسٽيل جو گلاس کڻي پري ڦٽو ڪيو.
    ”زندگي جا آخري ڏينهن ته سڪون سان گذارڻ ڏيو.” هن چيو “گهڻا ڏينهن آفيم کائيندس؟“
    ستارا روئندي هلي وئي هن کي احساس هيو ته تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائي سبب اهو ممڪن نه آهي ته ماني سان گڏ آفيم جو به بندوبست ڪري سگهجي. پوءِ مهيني جي هڪ پهرين تي هوءَ آفيم وٺي نه سگهي. هن کي هڪ وڏي رقم دوڪاندار کي قرض ۾ ڏيڻي هئي، هوءَ هٿين خالي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويهي رهي ۽ سوچڻ لڳي جيڪڏهن هن جي پيءُ آفيم لاءِ چيو ته هوءَ ان کي ڪهڙو جواب ڏيندي.
    جڏهن شام ٿي ته محمد انيس جو آواز گونجيو.
    ”ستارا او ستارا ڌيءَ هيڏانهن اچ مون کي آفيم ڇاڻي ڏي، هيءُ وٺ اسٽيل جو گلاس، سائي اڳڙي هتي ڪنڊ ۾ رکيل اٿئي.”
    ستارا ڏڪندڙ هٿن سان گلاس ورتو ۽ هو ڪنڊ ۾ سائي اڳڙي هٿن ۾ جهلي سوچڻ لڳي ته هاڻي هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، هن لائبريري ۾نظر ڦيري هر طرف ڪوئا گهمي رهيا هيا ۽ پنهنجن سنهن ڏندن سان ڪتابن جا ورق ڪتري رهيا هيا اتي هر هنڌ ڪوئن جون ڦوڳڙيون وکريل هيون، ستارا ٻه چار ڦوڳڙيون کڻي پسائي پوءِ سائي اڳڙيءَ ۾ ڇاڻي اسٽيل جي گلاس ۾ وجهي پيءُ کي پيئڻ لاءِ ڏئي ڇڏيون، محمد انيس جيئن ئي ڍڪ ڀريون ته هن جي دانهن نڪري وئي.
    ”ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي هر شي ۾ ملاوٽ وڌندي، هن منهن ۾ گهنج وجهي چيو هل ٺيڪ آهي وقت گذري ويندو.”
    ان ڏينهن کان پوءِ ستارا سوچي ڇڏيو ته هو آفيم ڪڏهن خريد نه ڪندي هن کي آفيم ۽ ڦوڳڙين ۾ ڪو فرق نظر نه آيو. هو دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳي ۽ پيءُ جي ڪمري مان نڪري وئي.
    محمد انيس ڌي کان جڏهن به آفيم گهرندو هيو ته هوءَ هن کي ڪوئن جون ڦوڳڙيون ڇاڻي ڏيندي هئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محمد انيس کي محسوس ٿيو جيئن هن جي دماغ جون رڳون ڌنونديون هجن هن کي الٽي اچڻ لڳي ۽ هوجسم کنهڻ لڳو، هو پلنگ تي ويهي جيئن ئي جسم کنهي رهيو هو ته اوچتو هيٺ ڪري پيو ۽ هن کي مرگهيءَ جو دورو پئجي ويو گج هن جي وات مان وهڻ لڳي ۽ ڳچي مان ڪٺل جانور جهڙا آواز اچڻ لڳا، ٿوري دير ۾ هو پر سڪون ٿي ويو ۽ اٿي پلنگ تي ويهي مٿي جي وارن کي کنهڻ لڳو، هو پلنگ تان اٿيو ۽ هن موهن لالواڻيءَ جي لکڻ واري ٽيبل جو خانو کوليو اتي ان جي سگريٽ جو پاڪيٽ ساڳي حالت ۾ موجود هيو. هن سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ پوءِ واپس پلنگ کي ٽيڪ ڏئي سوٽا هڻڻ لڳو، هن ڪنڌ ورائي لائبريري کي ڏٺو هر طرف ڪوئا ڊوڙي رهيا هيا، اهي ڪتابن جا ورق ڪتري رهيا هيا ۽ ڪتابن جا ورق ڦوڳڙين ۾ تبديل ٿي رهيا هيا. هن بک محسوس ڪئي ۽ جڏهن ماني کاڌي ته ان مان سواد آيو.
    هڪ ڏينهن هو لائبريري مان نڪري سيتا ڦل جي وڻن هيٺان اچي ڪرسي تي ويٺو ۽ چانهن جي فرمائش ڪئي هن پنهنجي زال کي سڏيو ۽ ڌيڻس چانهه آڻي اتي رکي.
    ”ڪيڏو نه خاموش ماحول آهي.“ هن ڪنڌ ڦيرائي چوڌاري ڏسندي چيو ”ايئن ٿو لڳي جيئن ڪنهن وقت جي زبان ڪٽي ڇڏي هجي.”
    ستارا کان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو.
    ”ڇا ڳالهه آهي بابا؟“ هن چيو ”اڄ ته شاعرن وارون ڳالهيون پيا ڪريون.“ ڌي جي ڳالهه تي هو ڪنهن مفڪر وانگر گهرين سوچن ۾ گم ٿي ويو. هڪ دفعي هو صبح جو سوير اٿيو ۽ ان ڪڻا کڻي روڊ جي ٻئي پاسي گهاٽي بڙ هيٺان ويٺل پاريهرن جي ولر وٽ وڃي انهن آڏو اڇلايا هو موٽي لائبريري ۾ آيو ۽ اتي پيل ميرن ڪتابن تي ايئن هٿ ڦيرن لڳو جيئن ماءُ ٻار جي مٿي تي هٿ ڦيريندي آهي، هن هڪ ڪتاب هٿ ۾ کنيو ۽ پلنگ کي ٽيڪ ڏئي مطالعي ۾ مشغول ٿي ويو. آفيم جي ٻاڙ هن کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي. هن ستارا کي سڏ ڪيو ۽ ستارا ڀڄندي اتي آئي، هن پي کي اسٽيل جو گلاس وٺي ڪوئن جو ڦوڳڙيون پسائي سائي اڳڙي ۾ ڇاڻي پيئڻ لاءِ ڏنيون. هو گلاس وڍي ايئن چسڪيون وٺڻ لڳو جيئن جيون جو سمورو ذائقو ان ۾ موجود هجي. هڪ ڏينهن محمد انيس پلنگ هيٺان پيل موهن لالواڻيءَ جي پراڻي چمري جي چپل ڪڍي ڇنڊي پيرن ۾ پاتي ٽيبل جي خاني مان پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکايو ۽ پوءِ سوٽا هڻندو ڏاڪڻ چڙهي مٿي ڇت تي هليو ويو. هن وڏي پيڙا پئي محسوس ڪئي، هو ڪنهن دانشور جيان گهرين سوچين ۾ گم ٿي بي چيني مان ڪوٺي تي چڪر هڻن لڳو. هن جي جسم جي خارش ختم ٿي چڪي هئي ۽ وري مرگهي جو دورو ڪڏهن نه پيو هن دماغ ۾ سج ٻرندي محسوس ڪيو، جنهن جي گرمي کان هن جسم جا عضوا روشن ٿي چڪا هيا.
    ان ڏينهن شام جو هن پنهنجي ڪٽنب سان سيتا ڦل جي وڻ هيٺان چانهه پيتي ۽ پوءِ هو لائبريري ۾ وڃي پلنگ کي ٽيڪ ڏئي مطالعي ۾ محو ٿي ويو. رات جو دير سان هن پنهنجي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي هن پيرن کان پيل چادر کولي مٿان وڌي. هن جو جسم ڄڻ ڪاٺ جيان سخت ٿي ڇت کي ڏسندو رهيو، ڳوڙها هن جي اکين مان ايئن نڪتا جيئن پٿر مان گرم پاڻيءَ جا چشما ڦٽي پيا هجن هو. آهستي پلنگ تان اٿيو ۽ الماڙي ۾ وڃي هٿ وڌو جنهن ۾ موهن لالواڻيءَ جي ڪاري ڪوٽي رکيل هوندي هئي، هن الماڙي کولي ڪوٽي لاهي ڪلهن ۾ وڌي ۽ پوءِ هو لکڻ واري ٽيبل وٽ وڃي ڪرسي تي ويهي رهيو. هن ٽيبل جو خانو کولي سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ وڏا سوٽا هڻڻ لڳو، اتي رکيل موهن لالواڻيءَ جي ٿلهن شيشن واري عينڪ اگهي پائي هن هولڊر مان پين ڪڍي ان ۾ تازي مس ڀري ٽيبل تي مٽي جي دز ۾ هن کي هڪ ڪاغذ نظر آيو، ڪاغذ ڇنڊي هن پڙهيو اتي موهن لالواڻيءَ جي وطن ڇڏڻ کان اڳ نامڪمل نظم جي پهرين سٽ لکيل هئي.
    ”اڄ وڃان ٿو ڏور، جيئن ڪونج وڇڙيل اي وطن.“
    هن غور سان اها سٽ پڙهي ۽ پوءِ سگريٽ جو سوٽو هڻي اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ سنڀالي لکيو،
    ”تو ڏني مون کي پناهه، هيس اجڙيل اي وطن.“
    شايد موهن لالواڻيءَ جي الوداعي نظم جو پهريون بند مڪمل ٿي چڪو هيو.


    جنن واري ڪوٺي

    اوندهه ڄارو،
    ان ۾ ڦاٿل
    هڪ ستارو
    ٽم ٽم ٽم ٽم
    ڄڻ ڏڪي ٿو
    ڪوريئڙي جيان
    چنڊ تڪي ٿو.
    تن ڏينهن انهن ٻن ڀائرن کي ڪا گهڻي اولاد ڪا نه هئي. ان گهر ۾ ڪل ملائي پنج ٻار هئا، سڀ کان ننڍو ٻار اها ڇوڪري هئي، جنهن جو منهن گول گلابي هو ۽ جڏهن اها کلندي هئي ته ان کي ڳٽن ۾ چگهه پوندا هيا. ڏاڏي جي پهرين زال جنهن مان اهي ڀائر ها تنهن کي مئي ڪافي سال گذري ويا هيا، تڏهن ڏاڏو اڌ وهيءَ جو هيو. هو هڪ خوبصورت اڇي گهوڙي تي چڙهي دونالي بندوق ڪلهي ۾ پائي زمينن جي وچ مان وهندڙ واهه جي ڪناري بند تي گهمندي نظر ايندو هيو. هڪ دفعي جڏهن هن کي بتيلو نالي ڳوٺ ۾ ڪنهن ڪم سانگي رات رهڻي پئي ته هن جي ملاقات هڪ بيوهه عورت سان ٿي، پوءِ هو روز اڇي گهوڙي تي سوارٿي، اتي پهچندو هيو ۽ ان بيوهه سان ملندو هو. وقت گذريو، ڏاڏي ان عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ ڌي ڄائي.
    ان ڪچين ٿلهين ڀتين واري وڏي گهر ٻاهران ڏاڏو اوطاق ۾ رهندو هو، جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو. ان جي ٻي زال جنهن کان ٻار ماٽيلي ڏاڏي سمجهي پري ڀڄندا هيا، اها هر وقت هن جي خدمت ۾ مشغول هوندي هئي. ان وڏي گهر ۾ پڌر جي پاسي کان هوڪڙ کائي مٿي ويندڙ ڏاڪڻ، جيڪا گيلريءَ ۾ کلندي هئي، ان گيلريءَ مان هڪ در اندر وڏو دالان هيو، جيڪو اناج ۽ بصرن سان ڀريو پيو هوندو هيو، ان دالان اندر هڪ ڪوٺي هئي. جنهن ۾ ڪاٺ جي ننڍڙي پيٽي اندر پراڻا رسالا ڪتاب ۽ شهيد ٿيل قرآن جا ڦاٽل ورق پيا هوندا هيا. اتي ايڏي ته اوندهه ۽ خاموشي هوندي هئي جو لڳندو هيو ته خاموشي ڦاٽي پوندي ۽ اوندهه ذرا ٿي اڏامي ويندي. ٻار ان ڪوٺيءَ کي جنن واري ڪوٺي چوندا هيا. ٻار ڪوٺيءَ ٻاهران دالان ۾ اناج جي رکيل ٻورين تي هيٺ مٿي ٽپا ڏئي اتي هاريل بصرن تي پيا کيڏندا هيا، اهي هڪ ٻئي کي قميص ۾ هٿ وجهي ڦيرائي پري ڦٽو ڪندا هيا ته بصرن تي رڙهندا وڃي ڀت سان لڳندا هيا ۽ پوءِ ٽهڪ مچي ويندا هيا. ڪو ٻار دالان ۾ کيڏندي ان اونداهي ڪوٺيءَ ۾ هليو ويندو هيو ته اندر اوندهه ۾ هن کي عجيب آواز اٿندي محسوس ٿيندا هيا ۽ پوءِ اهو خوف ۾ وٺي رڙيون ڪندو هيو، ”جن ڙي، جن ڙي.“ سڀ ٻار تيزيءَ سان دالان مان نڪري گيلريءَ طرف ڊوڙندا هيا ۽ ڏاڪڻ مان انهن جي هيٺ لهڻ جو آواز ايئن ايندو هيو، جيئن ڪنهن گهوڙن واري لشڪر ڳوٺ تي حملو ڪيو هجي.
    ٻئي ڀائر ٻنيون سنڀاليندا هيا ۽ منجهند جو هو کوهه وٽ واڙي تي منهيءَ هيٺان اچي ويهندا هيا، ڳاڙهين گجرن ۽ گوگڙن جا ڍير لڳا پيا هوندا هيا، جن کي شهر وڪري لاءِ سانڀاها پيا ٿيندا هيا. ٻئي ڀائر ڳاڙهيون گجرون ايڏي شوق سان کائيندا هيا، جو انهن جي منهن جو رنگ به انهن گجرن جي رنگ سان مشابهه ٿي ويو هو.
    ان گهر جو صبح ايئن هوندو هيو جيئن دنيا ان صبح جو ڄائي هجي ۽ ان کي وهنجاري ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو هجي. ڪوهيڙي ۾ لڪل ان گهر جا ٻار جڏهن جاڳندا هيا ته ڏاڏي هڪ وڏي چاڏي مٿان رسن کي ڇڪي ويٺي ڏڌ جهڳيندي هئي ۽ ٻار ڏڌ سان ماني کائي، ڪاٺ جي پٽي ۽ ڪتاب سنڀالي، ڳوٺ جي وڏي در مان اکين کان ائين اوجهل ٿي ويندا هيا جيئن ڳوٺ ٻاهران دنيا جو انت هجي.
    جڏهن ڏاڏو گذاري ويو ته وڏي پڌر ۾ ان جي کٽ چوڌاري سڀ موجود هيا، پنج ٻار جيڪي ڪڏهن روئي رهيا هيا ته ڪڏهن کلي رهيا هيا. ٻئي ڀائر جن جون اکيون انهن جي چهري جيان ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. ماٽيلي ڏاڏي ڏک کان جنهن جي ڳورين سونين والين ڄڻ هيٺ ڍرڪي هن جي ڪنن جي سوراخن کي ايترو ته وڏو ڪري ڇڏيو هيو جو اهي چيرجڻ وارا هيا ۽ ان جي نوجوان ڌي جيڪا ڪاري رئي سان هر هر اکيون اگهي رهي هئي، ان رات اهي سڀ گڏجي ڏاڏي جي ياد ۾ ڏاڍو رنا، صبح سان ڏاڏي کي جنهن قبرستان ۾دفنايو ويو ان قبرستان کان ٿورو پري سندس اڇي گهوڙي جي قبر هئي، باقي بندوق کي ڪٽ لڳي وڄڻ سبب بيڪار سمجهي مٿي جنن واري ڪوٺيءَ ۾ اڇلايو ويو، جيڪا پراڻي ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ٽيڪ ڏئي ايئن پيل هوندي هئي جيئن ڏاڏو مرڻ کان پوءِ رهجي ويل خزاني جي چوڪيداري ڪندو هجي.
    ڏاڏي جي وفات کان پوءِ هر ڪنهن جي حصي ۾ چڱو سوکو ٽڪر آيو. ٻنهي ڀائرن ٻنيون، جاءِ ڏاند ۽ ڪتر واري مشين ورهائي کنئي. ماٽيلي ڀيڻ کي مينهون مليون ۽ پوڙهي ڏاڏيءَ جي حصي ۾ اها خانداني سون جي دهري آئي جنهن ۾ ست لڙيون هيون، جيڪي ڳاڙهن ساون ٻڙن سان هڪ ٻي پويان ايئن لڙڪي رهيون هيون، جيئن سونهن جي ڊوڙ ۾ اهي هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن.
    ڏاڏي جي موت کان پوءِ اها جاءِ ڄڻ وڌيڪ ويڪري ٿي وئي هئي. ٻار جڏهن مٿي دالان ۾ کيڏي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ اندر ويندا هيا ته اتي انهن کي ڏاڏي جي ساهه کڻڻ جو آواز اهڙو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو هيو جيئن هو اوطاق ۾ سمهڻ وقت کڻندو هيو. ٻار ڌڙڪندڙ دل سان اهي آواز ڪنائيندا هيا، ”ڏاڏي جو آواز آهي.“ ڪو ٻار ڊنل آواز ۾ چوندو هيو ۽ ٻيا ٻار هيسيل منهن سان اندر ڏسندا هيا.
    ”نه جن آهي.“ وري ڪنهن ٻار جو آواز اٿندو هيو.
    سڀ کان وڏو ٻار جيڪو ٽڻڪ هيو، ان هڪ دفعي همت ڪئي، اهو سڀني ٻارن کي ان اونداهي ڪوٺيءَ ۾ اندر وٺي ويو، انهن اتي هيٺ ڏٺو ڌوڙ ۾ اڏوهيءَ جي گهمڻ ڪري هزارين سنهيون ور وڪڙ لڪيرون هيون، ٻار انهن ڏنگين ڦڏين لڪيرن کي ايئن ڏسڻ لڳا جيئن اتي ڪنهن غيبي زبان ۾ ڪي منتر لکيل هجن، پوءِ ڏاڏي جي پراڻي بندوق تي ٻار ايئن هٿ ڦيرڻ لڳا جيئن اهي ڏاڏي جي مئل جسم کي پيار ڪندا هجن. انهن هٿ وجهي ڪاٺ جي ڀڳل پيٽيءَ مان قرآن جا ڦاٽل ورق ڪڍڻ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ انهن کي اوندهه مان ڪي روئڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
    ”جن ڙي جن ڙي.“ ننڍي ٻار وٺي رڙيون ڪيون، سڀ ٻار ٻاهر دالان ۾ ڀڳا، ننڍڙي گول منهن واري ڇوڪري جيڪا ڏاڍي ڊنل هوندي هئي اها به انهن پويان ڀڳي ٻار جڏهن ڏاڪڻ مان هيٺ ڀڳا ته ننڍڙي ڇوڪري جو پير ترڪي ويو ۽ اها ابتيون سبتيون قلابازيون کائيندي ڏاڪڻ مان رڙهندي اچي پڌر ۾ ڪري. عورتون ڀڄنديون ويون ۽ سڌو ڪري ڏٺائون ته هن جي کاڏي ۽ ڏندن مان رت وهي رهيو هيو، ان ڏينهن وڏن ٻارن کي خوب پادر لڳا ۽ هو پٺيون مهٽيندا ٻاهر ڀڳا.
    هڪ ڏينهن جيئن ئي سڀ ٻار ڏاڪڻ مان ”جن ڙي جن ڙي.“ ڪندا گهوڙن جيان ڀڄندا پئي آيا ته ڏاڏيءَ وڃي ٻهاري ۾ هٿ وڌو.
    ”خبردار.“ هن وٺي رڙ ڪئي ۽ ٻه چار ٻهارا ڇوڪرن کي وهائي ورتا
    ”ان ڪوٺيءَ ۾ نه وڃجو.“ ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ چيو، ”اها ڪوٺي ڳوري آهي، اتي مون پنهنجين اکين سان جن ڏٺا آهن.“
    ڏاڏيءَ پوءِ ٻارن کي پڪڙي سمجهايو.
    ”جيستائين مان انهن جو ڪو ٽوڙ نه ڪڍان، تيستائين توهان اوڏانهن نه وڃجو.“
    ٻارن ڏاڏيءَ کي حقارت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٻانهن ڇڏائي هليا ويا، ڳوٺ جي مک دروازي وٽ سرور شاهه جو اوتارو هوندو هيو، سرور شاهه خانو ڪوريءَ جو سڀ کان ننڍو پٽ هيو، ننڍي هوندي هو ايڏو ته خوبصورت هوندو هيو جو هن جي ڀورن ڳٽن مان ڄڻ رت پئي ٽمندو هيو، هو اڪثر وڏيري قلندر بخش سان نظر ايندو هيو، هڪ ڏينهن اوچتو هن جي منهن تي ڏاڙهي ٻاهر نڪري آئي ۽ هن جي مٿي جا وار وڏا ٿي ڪلهن تي ڪري پيا، هن هڪ نوڪر رکيو جيڪو هن کي ڏسي يڪتارو وڄائڻ شروع ڪندو هيو ۽ جڏهن هو اوتاري ۾ داخل ٿيندو هيو ته اهو هٿ سان ماڻهن کي پري ڪري هن لاءِ رستو صاف ڪندو هيو. اڪثر وڏا ماڻهو ڇوٽڪاري لاءِ هن وٽ ايندا هيا.
    ڏاڏيءَ به پڪو پهه ڪيو ته هوءَ سرور شاهه کان اهڙو تعويز لکرائي ان ڪوٺيءَ ۾ رکندي جو جن اتان ڀڄي ويندا. هڪ ڏينهن ڏاڏي گهر آئي ته هڪ چاڏي هن کي هٿن ۾ هئي جنهن جو منهن اڇي ڪپڙي سان ڍڪيل هيو ۽ ان کي چوڌاري مضبوط رسي ٻڌي هئي، ڏاڏيءَ اها چاڏي آڻي وچ پڌر ۾ رکي، سڀ ٻار هن کي ورائي ويا.
    ”پٽ هاڻي ڳالهه ٻڌو.“ ڏاڏيءَ ٻارن کي سمجهائيندي چيو “هن چاڏيءَ ۾ اهڙو تعويز آهي جيڪو جنن کي ڪمري مان تڙي ٻاهر ڪڍندو، ڪنهن به ٻار جيڪڏهن هن چاڏيءَ جو ڪپڙو هٽائي منهن کوليو ته ان تعويز جو اثر ختم ٿي ويندو ۽ اهو ٻار هڪدم غائب ٿي ويندو، جن ان کي پاڻ سان گڏ اڏاري ويندا.”
    ڏاڏيءَ ٻارن کي سمجهايو ۽ هن اها چاڏي ان ڪوٺيءَ ۾ وڃي هڪ اونداهي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏي.
    ان ڏينهن کانپوءِ اها بند چاڏي ڄڻ ٻارن لاءِ تجسس جو سبب بڻجي وئي، ٻارن کي پڪ ٿي وئي ته چاڏيءَ ۾ موجود تعويز جي اثر ڪري جن ڪوٺيءَ مان نڪري ڀڄي ويا هوندا. هو پوءِ به مٿي دالان ۾ ابتا سبتا ٽپا ڏئي وڏي احتياط سان اندران ڪوٺيءَ جو در ٽپندا هيا ۽ ڪنڊ ۾ پيل بند چاڏيءَ مٿان ويهي ان کي ڏسندا هيا.
    ”سرور شاهه جو تعويز ڏاڍي ڪرامت وارو هوندو آهي.“ ننڍڙي گول منهن واري ڇوڪري چيو ”هاڻي جن ڪڏهن به اندر نه ايندا.“
    وڏي ٽڻڪ ڇوڪري چاڏيءَ کي هٿ سان ڇهيو ته ٻين ٻارن هن کي روڪيو.
    ”اسان کي مارائيندين ڇا؟“ هڪ ٻار هن کي ٽوڪيو، ”متان ان سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي اٿئي، گم ٿي ويندين.”
    ”مان ته ان کي کوليندس.“ ٽڻڪ شرارت مان چيو.
    هن جيئن ئي چاڏيءَ ۾ هٿ وڌا ته اوندهه ۾ روئڻ جو آواز پيدا ٿيو ۽ پوءِ ٻار ”جن ڙي...... جن ڙي......“ ڪندا وٺي ڀڳا، انهن کي دالان ٻاهران ماٽيلي ڏاڏي بيٺل نظر آئي جنهن جي هٿ ۾ ٻهارو هيو.
    ”توهان نه مڙندو.“ ان ٻهاري ٻارن تي اولاريندي چيو.
    سڀ ٻار زور سان وٺي هيٺ ڀڳا ۽ ڏاڪڻ مان پيرن سان ڌوڙا اڏائيندا هيٺ لهي ويا.
    اهي سياري جا ڏينهن هيا جڏهن ماٽيلي ڏاڏيءَ تي اڌ رنگي جو حملو ٿيو، هو ٻاهر پڌر ۾ تڙڪي تي ويٺل هئي ته اوچتو کٽ تي ڪري پئي. هن جو ساهه تيزيءَ سان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو، ڳوٺ جي حڪيم هادن کي آندو ويو، جنهن گهڻائي ٽڪا پنجا ڪيا پر هوش ۾ اچڻ کانپوءِ ڏاڏي جي کٻي ٻانهن ۽ ڄنگهه سڪي چڪي هئي، هن جي زبان هڪ هنڌ بيهجي وئي، هوءَ ڳالهائيندي هئي ته گونگي جهڙا آواز هن جي وات مان نڪرندا هيا، ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ هوءَ پنهنجن هٿ جا اشارا ڏيندي هئي. جيڪي ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندا هيا. ماٽيلي ڏاڏيءَ کي ٻوجهه سمجهي اوطاق ۾ الڳ ليٽايو ويو جتي نوجوان ڌي هن جي تيمارداري ڪندي هئي. اها ماءُ کان ڪڏهن ڪڏهن ان دهريءَ جي باري ۾ پڇندي هئي.
    ”امان دهري ڪٿي آهي؟“ هوءَ هن جي ڪن وٽ اچي چوندي هئي پوڙهي وات مان گونگن جهڙا لفظ زور زور سان ڪڍڻ شروع ڪندي هئي ۽ هٿ جي اشاري مان ايئن لڳندو هيو جيئن هوءَ ان کي ٻڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي هجي پر هن جي نوجوان ڌي کي هن جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي. هن جي نوجوان ڌي ماءَ جو سڀ نيون پراڻيون هڙيون ۽ بند پيتيون کولي جاچيون پر هن کي دهري ڪٿي به نظر نه آئي، آخرڪار هوءَ مايوس ٿي ويهي رهي.
    اتي جهلي ڪلواڙيءَ کان آندل نالي هڪ شخص اڪثر ايندو ويندو هيو، آندل جسم ۾ سنهو ۽ قد ۾ ڊگهو هيو جنهن جي منهن تي هلڪي ڏاڙهي هئي، ان کي ڊگهي قميص ۽ لنڊي سٿڻ پاتل هوندي هئي، وڏي ڀاءُ سان ان جي سالن کان دوستي هئي. اهو جڏهن به ڪم سانگي اتي ايندو هيو ته بهن، ڏوڏين ۽ لوڙهن سان ڀريل هڪ ڳوٿري ان کي ساڻ هوندي هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏانڊين سميت تازن پٽيل ڪنور جي گلن جو ويڙهو هوندو هيو. آندل اتي اچڻ کانپوءِ ٻه چار ڏينهن ضرور ترسندو هيو، هن جي سٺي خدمت چاڪري ٿيندي هئي. پيٺل ڌاڻا وجهي جڏهن سٺي گيهه ۾ ڪنب جون تازيون ڪرڙيون تئي تي تربيون هيون ته ان جي خوشبو کان ٻار پڌر ۾ نچڻ لڳندا هيا. گهر ۾ سدا گلاب چانور پچندا هيا ۽ پوءِ مهمان کان اڳ ٻار جست جي ٿالهين ۾ کاڌو وٺي کٽن تي چڙهي ويهي کائيندا هئا.
    ان سياري جڏهن آندل جهلي ڪلواڙيءَ کان اتي آيو ته سٺي گيهه جو ماٽو ۽ ڳُڙ هن سان ساڻ هيو، جيڪو وڏي قرب مان ڀاڪر پائي هن وڏي ڀاءُ کي ڏنو، وڏو ڀاءُ هجت ڪري هن کي گهر وٺي آيو، ڇو جو اوطاق ۾ بيمار ڏاڏي کي سمهاريو ويو هيو. تنهن موسم ۾ اناج ايترو ته گهڻو ٿيو هيو جو گهر جون سڀ ڪوٺيون ٻورين سان ڀرجي ويون هيون، ڪو به ڪمرو خالي نه هيو جتي آندل کي رهايو وڃي. گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مٿي جنن واري ڪوٺي خالي پيل آهي، آندل کي اتي رهايو ويندو.
    جڏهن رات ٿي ته جنن واري ڪوٺيءَ ۾ هٿ بتي ٻاري هڪ کٽ رکي ان تي رلهي وڇائي وئي، وڏو ڀاءُ جڏهن آندل کي اتي سمهاري ڏاڪڻ مان هيٺ لٿو ته ٻار پير پير ۾ ڏئي مٿي چڙهي جنن واري ڪوٺي ۾ آندل جي مٿان وڃي بيٺا انهن لاءِ اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي ته ان ڀوائتي ڪوٺيءَ ۾ هيڊي شعلي واري هٿ بتي ٻري رهي هئي ۽ هڪ شخص کٽ تي ويهي مرڪي انهن طرف نهاري رهيو هيو. ڏاڏي جي بندوق ڪاٺ جي پيٽيءَ کي ٽيڪ ڏئي ڄڻ مٿي تي هٿ رکي اداس ويٺل هئي، پريان ڪنڊ ۾ اڇي ڪپڙي سان بند چاڏي ننڊ ۾ اگهور هئي ۽ ٻار اتي ويٺل آند کي رحم جي نظرن سان ڏسي رهيا هيا.
    ”چاچا آندل“ هڪ ٻار چيو، ”تون هتي ڪيئن سمهندين، هتي ته جن آهن.“
    ٻار جي ڳالهه تي ڄڻ آندل جو منهن لهي ويو، هن اوپرين اکين سان ڪوٺيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو.
    ”هوءَ جيڪا چاڏي آهي نه؟” وري ڪنهن ٻار ڪمري جي ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”ان ۾ هڪ تعويز آهي، جنهن کان جن ڊڄندا آهن.”
    ڪوٺي ۾ وري چپ ٿي وئي، آندل ڪجهه نه ڳالهايو، هو صرف ٻارن ڏي حيرت مان ڏسي ڪنڌ لوڏيندو رهيو.
    ”چاچا آندل!” وڏي ٽڻڪ چيو، ”ان چاڏيءَ جو ڪپڙو نه کولجان، ڇو جو ان تعويز جو اثر ختم ٿي ويندو ۽ جن توکي گم ڪري ڇڏيندا.”
    ٻار کٽ جي چوڌاري بيهي آندل سان ڳالهائي رهيا هيا ته هيٺ اوطاق واري پاسي کان ڏاڏيءَ جون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون، سڀ وٺي اوڏانهن ڀڳا، جڏهن سڀ ڀڄندا ان مٿان پهتا ته ڏاڏيءَ جي وات مان تيز سمجهه ۾ نه ايندڙ آواز نڪري رهيا هيا، اها هٿ جي اشاري سان ٻنهي ڀائرن کي ڪا ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، ٻار هيسيل اکين سان هن جي هر اشاري کي ڏسي رهيا هيا.
    ”بابا” ٽڻڪ ٻار چيو ”منهنجي خيال ۾ ڏاڏي چئي رهي آهي ته چاچا آندل کي اتي ڪوٺيءَ ۾ رات نه رهائيو، ڇو جو اها ڪوٺي ڳوري آهي جن ان کي نقصان پهچائيندا.”
    ”بس ڪر ڙي ڇورا.” پڻس ڪاوڙ مان ڇڻڀيندي چيو، ”آندل ان ڪوٺيءَ ۾ ئي رهندو، ڇو جو ٻئي ڪا به جاءِ خالي نه آهي.”
    ماٽيلي ڏاڏي وات جي چٻي واڇ مان هر هر ڪي لفظ ڪڍي هٿ کي هوا ۾ لهرائيندي رهي، پر هن جا لفظ ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيا، جڏهن سڀ هليا ويا ته هوءَ مٿان بيٺل نوجوان ڌي سان گڏ ڍنڍڪريون ڏئي روئندي رهي.
    سڀ سمهي پيا ۽ مٿي جنن واري ڪوٺيءَ ۾ هٿ بتيءَ جو شعلو پٿر وانگر ٽڪ ٻڌي ٻرندو رهيو.
    اها رات ان گهر تي هڪ نه وسرندڙ واقعو ڇڏي وئي، جڏهن صبح جو سوير ٻار جاڳي ڊڪندا مٿي ويا ته انهن جي وات مان رڙيون نڪري ويون، انهن اتي جنن واري ڪوٺيءَ ۾ ڏٺو چاڏيءَ تان ڪپڙو لٿل هيو، ڪوٺيءَ ۾ پيل کٽ خالي هئي ۽ آندل گم هيو.
    ٻارن سوچيو پڪ سان رات آندل ان چاڏيءَ جو ڪپڙو هٽايو هوندو ۽ تعويز جي اثر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ جنن آندل کي گم ڪري ڇڏيو هوندو، ٻارن اهو سوچي وٺي رڙيون ڪيون، ”جن ڙي..... جن ڙي.....” اهي ڀڄندا دالان کان ٻاهر نڪري پيرن سان ڌوڙ اڏاريندا گهوڙن جيان ڏاڪڻ مان ايئن لٿا جيئن زلزلو اچي ويو هجي.
    اوطاق ۾ بيمار ڏاڏي وهاڻي تي ڪنڌ رکي روئندي رهي ۽ ان جي چٻي وات جا چچريل لفظ ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيا.


    ڀورو ڪمبل

    تنهنجي اچڻ کان اڳ
    پاڻ سان هيس،
    تنهنجي اچڻ کان پوءِ
    اڪيلو ٿي پيس.
    ان پٿر واري جيل جي ٻاهرين ڀت تي سمنڊ جون ڇوليون ايئن ٽڪرائبيون هيون، جيئن اهي جيل ٽوڙي قيدين کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن. اتي هر طرف چپ هوندي هئي، سواءِ ان جي ته جيل اندر قيدين تي ٿيندڙ تشدد ڪري. ڪڏهن ڪا اڀ ڦاڙ رڙ فضا ۾ بلند ٿيندي هئي يا قيد ٻاهران سمنڊ جا اڇا پکي هر هر پاڻيءَ ۾ ٽپي هڻي ڊگهين ڳچين مان سنها آواز ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن پيا اڏامندا هيا. ڪڏهن ڪو پکي جيل ٻاهران پٿرن جي ڀت مٿان ڏنل ڪنڊيدار لوهي تارن ۾ وچڙي پوندو هيو ته ان جا آواز ايستائين گونجندا رهندا هيا جيستائين اهو اتي لڙڪي مري نه ويندو هيو.
    اهو قديم جيل جيڪو هڪ ٻيٽاريءَ تي هيو ان جي ڀتين اندر اڇن پٿرن وچ ۾ پوسل تي سينور ڄميل هيو، جيل جي ٻاهرين ڀت وٽان شروع ٿيندڙ سمنڊ جو ڪٿي به انت نه هيو، ائين پئي لڳو پوري ڌرتي جيل ۾ تبديل ٿي وئي هجي.
    جيل اندر لوهي دروازن واريون کوليون هيون، جن ۾ قيدي اڪيلائيءَ جي سزا ڀوڳي رهيا هيا. عبدالحق به انهن قيدين مان هڪ هو، ان جي کولي جيل جي اوڀر ۾ هئي، جنهن مٿان جهنگلي نيرن گلن جون وليون وري آيون هيون، سج نڪرندو هيو ته ول جا نيرا گل ٽڙي وڏا ٿي ويندا هيا ۽ سج لٿي مهل گهڻا گل ڪومائجي ڇڻي سمنڊ جي لهرن ۾ گم ٿي ويندا هيا. ان ننڍڙي کوليءَ ۾ عبدالحق جو هيٺ وڇايل بسترو اولهه واري ڀت وٽ هيو. هڪ ڇڳل فراسي هئي، جنهن جي سيرانديءَ کان ميرو وهاڻو رکيل هيو ۽ فراسيءَ تي بي ترتيب ڀورو ڪمبل پيل هيو، عبدالحق ان ڪمبل کي اوڍڻ کانپوءِ شايد ئي ڪڏهن ويڙهي پيرانديءَ کان رکيو هيو. هو سج لٿي مهل ان ڪمبل ۾ گهڙي ويندو هيو ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ان مان نڪري اوڀر واري ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهندو هيو. اها کولي سوڙهي ۽ کوهه جيان اونهي هئي، ان ۾ روشندان گول سوراخ جيان هيو جنهن مان اڀرندڙ سج جا ڪرڻا اولهه واري ڀت تي گول پاڇي جيان پوندا هيا، پوءِ اڀرندڙ سج سان اهو روشنيءَ جو گول پاڇو ڀت تي هيٺ لهندو اوڀر واري ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺل عبدالحق جي صفا سامهون اچي ويندو هيو. عبدالحق سوچيندو هيو ته ڪنهن ڏينهن هو روشنيءَ جي ان گول دائري مان ٽپو ڏئي فرار ٿي ويندو.
    عبدالحق کي ان وقت پڪڙيو ويو، جڏهن جمهوريت لاءِ هلندڙ جدوجهد پنهنجي عروج تي هئي، فوجي آمريت کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ زير زمين پريس لڳائي وئي هئي، عبدالحق ان پريس جو هلائيندڙ هيو. پريس واري ان انڌياري ڪوٺيءَ ۾ هوا جو ڪو به گذر نه هوندو هيو، اتي حبس ۽ گرمي هوندي هئي، عبدالحق ۽ هن جا ساٿي هڪ وڏي جذبي سان اتي ڪم ۾ رڌل هوندا هيا. عبدالحق جڏهن اتي داخل ٿيندو هيو ته هو قميص لاهي ڪليءَ ۾ ٽنگيندو هيو ۽ پوءِ هو پريس جي ڦٽي تي ويهي پيرن ۽ هٿن سان ان کي حرڪت ڏئي ائين هلائيندو هيو ڄڻ هو جمهوريت جي استقبال لاءِ ساز وڄائيندو هجي. هزارين ڇپيل ڪاغذ هن جي هٿن مان گذري گڏ ٿيندا ويندا هيا. هڪ دفعي جڏهن هو اتي اڪيلو ڇپائيءَ ۾ مصروف هيو ته فوج ڇاپو هڻي هن کي ٻڌي وئي. هن کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هڪ ترت مقدمي کانپوءِ هن کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي ان ٻيٽاريءَ تي آندو ويو، جتي جيل جي ان کوليءَ اندر هن جي زندگي جا ڏينهن گذري رهيا هيا.
    هن کي روز کوليءَ مان ٻاهر ڪڍي عقوبت خاني ۾ آندو ويندو هيو، جتي هن مٿان سخت تشدد ڪيو ويندو هيو. هڪ ويڪري هال ۾ جتي سائي رنگ جون ڊگهيون ٽيبلون رکيل هونديون هيون، اتي هن کي هٿن ۾ رسا وجهي مٿي ڇڪيو ويندو هيو. هن کي لوهي ڪرسيءَ تي ويهاري مٿي جي چوڌاري تارون ويڙهي ڪرنٽ ڏنا ويندا هيا، جن جي شدت کان هن جي نڪ ۽ ڪنن مان رت وهڻ لڳندو هيو تشدد کانپوءِ هن کان ساڳيو سوال پڇيو ويندو هيو، ”پنهنجن انهن دوستن جا نالا ٻڌاءِ جيڪي ان پريس ۾ ڪم ڪندا هيا.“
    عبدالحق تي انهن هر تشدد ڪيو پر هن جي زبان ڪڏهن نه کلي. هو هن کي وارن کان گهليندا واپس کوليءَ ۾ اڇلي ويندا هيا، جتي هو کوليءَ جي اوڀر واري ڀت کي ٽيڪ ڏئي اولهه واري ڀت تي ٺهندڙ روشندان جي گول پاڇي ۾ آزاديءَ جا خواب ڏسندو هيو.
    انهن ڏينهن جمهوريت لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ سوين ماڻهو ماريا ويا هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ آمريت خلاف مظاهرا ٿيا، ماڻهو هٿيار کڻي ٻاهر نڪتا ۽ هٿياربند جدوجهد شروع ٿي وئي، ڳوٺن تي بم وسايا ويا. هڪ ڏينهن جيل اندر عبدالحق کي خبر پئي ته هن جو گهر تباهه ٿي چڪو آهي گولاباريءَ ۾ هن جو پيءُ ماءُ زال ۽ پٽ مارجي چڪا آهن، خبر ٻڌي هو سڪتي ۾ اچي ويو. هن کي لڳو هر شي فنا ٿي چڪي آهي. هن جو پورو ڪٽنب ڊهندڙ ڀتين هيٺان دٻجي دفن ٿي چڪو آهي، ان ڏينهن کان پوءِ هو اداس رهڻ لڳو.
    هڪ دفعي جڏهن شام جو کوليءَ جي ڀت تي روشندان جو عڪس نه هيو، سخت تشدد کان پوءِ سپاهي هن کي گهليندا کوليءَ ۾ اڇلي ويا، عبدالحق جي منهن جي پاسن کان رت رسجي رهيو هو، هن جي وات جي واڇ چيرجي چڪي هئي، دماغ ۾ لڳندڙ ڪرنٽ اڃان به محسوس ٿي رهيا هيا، سور کان هن جو مٿو ڦاٽي رهيو هيو، کوليءَ ۾ هلڪي روشني ڦهليل هئي، هن ڪنڌ کڻي پٽ تي وڇايل بستر ڏانهن ڏٺو هن جي سامهون بستري تي ڀورو ڪمبل پيل هيو. هو ڪجهه دير ان ڪمبل جي بي ترتيب گهنجن کي ڏسندو رهيو پوءِ هن محسوس ڪيو جيئن اهي گهنج ڪنهن انساني شبيهه ۾ تبديل ٿي ويا هجن. هن سامهون اهو ڪمبل هڪ انسان جيان وهاڻي تي مٿو رکي بسترو تي ليٽيل هيو. عبدالحق جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هو سڏڪڻ لڳو. هو اڳتي سري ڪمبل مٿان اچي ويٺو هن گهنجيل ڪمبل کي ايئن محسوس ڪيو جيئن اهو ڊگهي ڏاڙهي واري پوڙهو شخص هجي، جنهن جي شڪل هن جي پيءُ سان ملندي هجي. عبدالحق پنهنجو هٿ کڻي ان جي هٿ مٿان رکي ڇڏيو، ”معاف ڪجان بابا سائين.“ پوءِ هو ان سان مخاطب ٿيو ”مان تنهنجا خواب ساڀيان نه ڪري سگهيس، مان تنهنجو نافرمان پٽ، جيڪو نظرين جي ريگستان ۾ اڃايل اٺ جيان ڀٽڪندو رهيس. مان تنهنجي پيريءَ جو مددگار نه ٿي سگهيس، سکن بدران مون تنهنجن ڏکن ۾ اضافو ڪيو، توکي ان وقت اڪيلو ڇڏيم جڏهن توکي منهنجي ضرورت هئي، مون کي معاف ڪجان پيارا بابا، مان تنهنجين پوڙهين ٻانهن جو سهارو نه ٿي سگهيس.“
    پوءِ هو ڪمبل کي زخمي منهن تي ايئن ڦيرڻ لڳو جيئن اهو هن جي پوڙهي پيءُ جو هٿ هجي. هو ان کي پنهنجن زخمن تي ڦيريندو رهيو ۽ هن جوسور گهٽجي ويو، هن فرحت ۽ آرام محسوس ڪيو، هن جي اڪيلائي جو احساس ختم ٿي ويو.
    ان ڏينهن کان پوءِ عبدالحق ان ڀوري ڪمبل جي عزت ڪرڻ لڳو هو، سمهڻ وقت ان کي پيار سان اوڍيندو هيو. هو محسوس ڪندو هيو جيئن هو ننڍو ٻار هجي ۽ پيءُ جي ڀڪ ۾ پاڻ کي ڏاڍو محفوظ سمجهندو هجي. اها پوري رات ڪمبل اوڍي هو پيءُ کي ياد ڪري جاڳندو رهيو.
    ڪڏهن کولي جي اوڀر واري روشندان مان رات جو چانڊوڪي جا ڪرڻا داخل ٿيندا هيا، هڪ اهڙي ئي چانڊوڪي رات ۾ جڏهن هن کي دماغ تي ڪرنٽ ڏئي تشدد ڪيو ويو هيو، هو کولي جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڏسي رهيو هيو، هلڪي چانڊوڪي ۾ ڪمبل جا اهي گهنج گهرا ٿي ويا هن ڏٺو اتي هن جي ماءُ هئي، جيڪا وهاڻي تي مٿو رکي ليٽيل هئي. ماءُ جنهن جو هو اڪيلو پٽ هيو، جنهن هن کي لاڏ ڪوڏ سان پاليو هو. اڳتي سري ماءُ مٿان آيو ۽ هن جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ کڻي منهن تي رکيو. ماءُ جو هٿ هن کي ڪوسو محسوس ٿيو، جنهن کان هن جي زخمن کي آرام پئي مليو، هن ماءُ جو هٿ چميو.
    ”معاف ڪجان منهنجي ماءُ.“ هن چيو ”مان تڪليف جي ڏينهن تنهنجو سهارو نه ٿي سگهيس، مون کي تنهنجين اکين جا اهي ڳوڙها ياد آهن جيڪي موڪلائڻ مهل تنهنجي پوڙهن ڳلن تان هيٺ وهي رهيا هيا، اهي دعائون ياد آهن، جيڪي منهنجي ڪاميابي ۽ حفاظت لاءِ ڪيون هيون. مون کي افسوس آهي مان وقت تي نه موٽي سگهيس مان تنهنجين اميدن کي پورو نه ڪري سگهيس.“
    عبدالحق ماءُ جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهلي ڳالهائيندو رهيو پوءِ هن کي ڪا خبر نه پئي ته سور ۽ بي حاليءَ کان هن کي ڪڏهن ننڊ اچي وئي. جڏهن صبح جو جاڳيو ته هن جو ڪنڌ ڪمبل مٿان جهڪيل هيو، روشندان مان جهنگلي گلن جي خوشبو اندر اچي رهي هئي ۽ خاموشي ۾ سمنڊ جي ڇولين جو آواز پري کان ڪنهن ايندڙ زلزلي جهڙو لڳي رهيو هيو.
    عبدالحق تشدد ۽ اڪيلائيءَ ڪري بي حال ٿي ويو هيو، هن کي ڏوران ڪا به اميد جي چڻنگ دکندي محسوس نه ٿي رهي هئي. هن کي ظلم جي رات جو انت ڪٿي به نظر نه اچي رهيو هيو. هو محسوس ڪري رهيو هيو جيئن لوهي در کي لڳل سيخون موت جي فرشتي جا ڊگها ڏند هجن، جيڪي ساهه ڪڍڻ کان اڳ هن کي ڊيڄاريندا هجن. هڪ دفعي هو اداس ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هيو ته سامهون هلڪي روشني ۾ غير واضح هن کي بستري تي پيل ڪمبل پنهنجي پٽ جيان نظر آيو، هن جو ڏهن سالن جو پٽ جنهن کي هن زندگيءَ جا سڀ کان وڏا ڀاڪر پاتا، جنهن سان هن جو سچو پيار هو، جيڪو هن جو سڀ کان قيمتي سرمايو هو، هن اڳتي سري هن جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ پوءِ محسوس ڪيو جيئن اهو روئندو هجي، ان جي اکين مان ڳوڙها وهندا هجن، هن پنهنجن چپن سان ان جي چپن کي چميو ۽ پوءِ هو ان کي ڀاڪر ۾ وٺي سڏڪڻ لڳو.
    ”تون نه رو منهنجا پٽ.“ هن ڳوڙها ڳاڙيندي چيو، “مان تنهنجو خيال نه رکي سگهيس، توڏانهن واپس ورڻ جي خواهش ۾ رستو وڃائي ويٺس. تنهنجي پالنا جي حسرت ۾ پاڻ فنا ٿي ويس، تنهنجي تربيت جي خواهش ۾ پاڻ بي ترتيب ٿي ويس، منهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو پيار تولاءِ آهي، مان توکان وڇڙي ڄڻ راهن تان گم ٿي ويس. مون کي معاف ڪجان ٻچا، مان انهن رستن تي نه موٽي سگهيس، جن تي تنهنجيون اکيون منهنجو انتظار ڪري رهيون هيون، پوءِ هن ڪمبل کي بي اختيار چميون ڏنيون ۽ گهڻو وقت ان کي ڀاڪر ڀري روئندي رهيو.
    ڏينهن گذرندا ويا عبدالحق کي ان ڪمبل سان بي انتها پيار ٿي ويو، هن کي لڳو ان ڪمبل اندر هن جي دل ڌڙڪندي هجي، هو ڪمبل کي ڏاڍو عزيز رکندو هيو ۽ اٿڻ ويهڻ وقت ڏاڍو محتاط هوندو هيو، هو ڪوشش ڪندو هيو ته ڪمبل تي لت نه اچي. اهو هن هيٺان اچي چيڀاٽجي نه وڃي ۽ ان کي ڪا تڪليف نه پهچي. ان ڪمبل سان پيار کان پوءِ هن جي اڪيلائيءَ جو احساس ختم ٿي چڪو هيو. جڏهن هن تي تشدد ٿيندو هيو ته اهو ڪمبل پنهنجن گرم هٿن سان هن جي جسم جي ٽڪور ڪندو هو، هو عقوبت خاني جو هر عذاب وڏي صبر ۽ تحمل سان سهڻ لڳو، هن پنهنجي زبان ڪڏهن نه کولي ۽ سمورا راز سيني ۾ سانڍي رکيا.
    هڪ رات جڏهن روشندان مان چانڊوڪي بستري تي پيل بي ترتيب ڪمبل تي ڪري رهي هئي ته اهو هن جي زال جي روپ ۾ نروار ٿيو هن ڏٺو هن جي زال وهاڻي تي وار کولي ليٽي هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي. عبدالحق جون زخمي اڌ کليل اکيون چمڪڻ لڳيون ان کي ڏسي هو به مرڪيو ۽ پوءِ ڪمبل مٿان ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ زال جي جسم کي ڏسندو هجي، هن ان جو هٿ کڻي چميو ۽ پوءِ پيار مان هن جي ڳلن تي هٿ ڦيرڻ لڳو.
    ”پياري توکان وڇڙي مان ٻه اڌ ٿي پيس.“ هن وڏي پيار ۽ ڏک مان چيو ”زندگي جي ڀوڳنا ۾ تنهنجن نرم چپن جو سهارو کسجي ويو، تنهنجي سينڌ جا گلاب مرجهائجي ويا، تنهنجي ساٿ کان سواءِ راهون وڃائجي ويون. مون کي معاف ڪجان مٺي مان تولاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس. هن ٻانهن ورائي زال جي ڪنڌ هيٺان ڏني ۽ ان کي مٿي ڪري سيني سان لاتو، هو ان جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳو، اها چانڊوڪي رات هن لاءِ پيار ۽ سڪون جو پيغام کڻي آئي. روشندان کان ٻاهر جهنگلي نيرا گل هوا ۾ ائين پئي لڏيا جيئن خوشي جا ٽهڪ ڏيندا هجن. انهن گلن جي خوشبو کولي اندر ڦهلجي وئي ۽ هو ڪمبل کي ڀاڪر پائي ان کي پيار ڪندو رهيو.
    صبح جو هڪ سپاهي کولي جو در کولي اندر داخل ٿيو ۽ هن کي لت هڻي جاڳايو، جڏهن هو ڇرڪ ڀري اٿيو ته سپاهيءَ ٻئي هٿ ڪمبل ۾ وڌا.
    ”ڪمبل جي موسم ختم ٿي وئي.“ ان سپاهي چيو ”اهو مون کي ڏي هاڻي توکي ان جي ضرورت نه آهي.“
    عبدالحق ڪمبل کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، سپاهي ڀر ڪري هن کي منهن تي ڌڪ هنيو، هو پري وڃي ڪريو، سپاهي ڪمبل ۾ هٿ وجهي ان کي ائين گهلڻ لڳو جيئن هو عبدالحق جي زال کي ڪلهن هيٺان هٿ وجهي کوليءَ کان ٻاهر گهليندو هجي. عبدالحق اهڙو منظر ڏسي ڏڪي ويو هو ان کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌيو پر کولي جو لوهي در بند ٿي چڪو هيو.
    ”اڙي ڳالهه ٻڌ.“ هن در وٽان رڙ ڪئي، ”ان کي وٺي ته وڃين ٿو پر خدا جي واسطي ان جي عزت تي حملو نه ڪجان.“
    هو کوليءَ جي در وٽ بيهي رڙيون ڪري روئندو رهيو، هن کي لڳو هن جي عزت تي حملو ڪيو ويو آهي. هن جي غيرت کي للڪاريو ويو آهي، هو ڪيتري دير کوليءَ جي در وٽ روئندو رهيو، پوءِ هو مايوس ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. هن آلين اکين سان بستري ڏانهن ڏٺو، اتي ڪمبل نه هيو. اهو ڏسي هن کان آهه نڪري وئي، هن محسوس ڪيو هن جو پورو ڪٽنب يرغمال ٿي ويو آهي، هو ڪافي دير ڀت کي ٽيڪ ڏئي خالي بستر ڏانهن ڏسندو رهيو. هن جي اڪيلائي جو احساس وڌي ويو، هن کي دنيا ۾ پيار ڪرڻ وارو ڪو به نه بچيو، هن جي زخمن تي ٽڪور ڪرڻ وارا هٿ اتي نه رهيا، هو اڪيلائي ۽ نفرت جي عذاب کان گوڏن ۾ ڪنڌ وجهي ويهي رهيو.
    صبح جو ٻه سپاهي هن جي کوليءَ ۾ داخل ٿيا ۽ انهن هن کي کنڀي تشدد لاءِ عقوبت خاني ۾ ان سائي ٽيبل آڏو اچي ويهاريو، جنهن جي سامهون ڀت تي جنرل ضيا جو فوٽو لڳل هيو، هڪ سپاهيءَ هن کي وارن ۾ هٿ وڌا.
    ”پنهنجن ساٿين جا نالا ٻڌاءِ؟” ان چيو ”نه ته هتان تنهنجو لاش نڪرندو.“
    هن نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ٿوري دير ۾ ساڳيو ڀورو ڪمبل آڻي هن اڳيان ٽيبل تي رکيو ويو، پنهنجي سامهون ڀورو ڪمبل ڏسي عبدالحق جي اکين ۾ پيار ڀرجي آيو. هو ڪمبل کي ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ اتي سندس زال ويٺل هجي، جنهن جا ڏک کان وار کليل هجن ۽ اها ڳوڙهن ڀريل اکين سان هن ڏانهن ڏسندي هجي، پوءِ ان ڪمبل جا گهنج ڦري هن جي پٽ جي نقشن ۾ تبديل ٿي ويا، هن جو پٽ سائي ٽيبل تي ويهي معصوم نماڻين اکين سان هن طرف ڏسندو هجي، پوءِ اهو ڪمبل هن جي ماءُ جي صورت ۾ ڦري ويو، هن جي ماءُ ڄڻ ٽيبل تي زخمي حالت ۾ پيل هجي ۽ اها زندگي جا آخري ساهه کڻندي هجي. ساڳيو ڪمبل هن جي پوڙهي پيءُ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويو، هن جو پيءُ ڄڻ هٿ لوڏي هن کي الوداع چوندو هجي. عبدالحق ڪمبل کي ڏسندو ويو ۽ هن جي منهن جا رنگ ڦرندا ويا.
    ”اهو ڪمبل منهنجي حوالي ڪيو.“ هن آفيسر کي چيو
    آفيسر حيرانگي مان هن ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ”ڪمبل جي موسم ختم ٿي چڪي آهي.“ آفيسر هن کي چيو ”موسم تبديل ٿيندي ته اهو تنهنجي حوالي ڪيو ويندو....... يا ٻئي صورت ۾.”
    عبدالحق ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو، آفيسر تجسس مان هن ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ”مان موسم جي تبديليءَ جو انتظار ڪندس.“ عبدالحق چيو ۽ پوءِ هو ٽيبل تي پيل ڪمبل ۾ منهن وجهي سڏڪن ۾ مچي ويو.


    پرشوتم

    ڪي ڪٿان اچن ٿا،
    ڪي ڪٿان اچن ٿا،
    دائري جا سڀ رستا،
    مرڪز ڏي وڃن ٿا.
    پرشوتم پيرين اگهاڙي اونڌي لڪ وٽ بيهي عرش کي ڏٺو. آرهڙ جي اس ۾ ان جي اکين اندر تيز تروار تيرن جيئن لهي ويا. هن کي ڦوهه تجلا ڏيندڙ سج چوڌاري ڄڻ تارا چمڪندي نظر آيا. هن اکيون هٽائي نظر کي ڦيريو ته اس هن کي اوندهه جيئن نظر آئي. هن اڪ جي ڦلڙين ۾ ڏٺو ۽ هيٺ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ ڏٺو. پري تائين ڀٽن تي گاهه جهڳٽن ۾ ايئن ڇڙوڇڙ هيو، جيئن اتي لاوارث لاش پيا هجن.
    گرو هيٺان پاتال مان اونڌي لڪ وٽ بيٺل پرشوتم کي بي چينيءَ مان ڏسي پنهنجي لٺ جي ڇيڙي سان ڌرتيءَ جي ڌوڙ کوٽي رهيو هو، ڄڻ هو بي چين ٿي چريائپ جي حد کي پهچي ويو هجي.
    ”پرشوتم“ پوءِ هن مٿي ڪنڌ ڪري زور سان چيو ”ڇا تو رب ڏٺو؟“ هن جا لفظ اڃايل پکيءَ جيان مٿي اڏاڻا ۽ ڄڻ پاڻيءَ بوند جي ڳولها ۾ پر هڻندا پري هليا ويا.
    پرشوتم مايوس هيو، ان هيٺ ڀٽ جي پاتال ۾ پيل گروءَ کي ڪنڌ نوائي ڏٺو.
    ”نه گرو، اهو ڪٿي به نه آهي. هن ڀر هن پاسي هتي يا هتي، عرش ۾ يا فرش هو ڪٿي به نه آهي.“ پرشوتم وجداني ڪيفيت ۾ چوندو ويو.
    گرو جيڪو بي حد ٿڪل هو، جنهن جي پيرن جون لڦون ڦاٽي پيون هيون، ۽ انهن مان پاڻي اک جي ڳوڙهن جيان پئي وهيو. ان ڌرتيءَ جي هر حصي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ رب رب ڪندي زندگي بسر ڪئي هئي. هن جي من ۾ ڪا مونجهه هئي هڪ آنڌمانڌ هئي، هڪ اضطراب هيو، هڪ بي چيني هئي. هن جي هر آهه ۾ دانهن سمايل هئي. ڪي ئي شڪايتون هيون، مونجهارا هيا، جيڪي هو رب کي ٻڌائڻ پيو چاهي، ان سان سلڻ پيو چاهي، هن هر هنڌ رب کي ڳولهيو هو، ڌرتيءَ تي ڊڪندو ڀڄندو پري پري تائين هليو ويو، هن کي رب ڪٿي نظر نه آيو.
    گرو وقت سان پوڙهو ٿي ويو. هن جا وار وقت جي واءُ ۾ بي رنگ ٿي ويا. هن جي طاقت هن جي جستجو ۾ سلب ٿي وئي. ڌرتي جي ڌور ۾ هن جي اگهاڙن پيرن جا نشان ماضيءَ جي مينهن ۾ ڌوپجي صاف ٿي چڪا هئا. هو هاڻي هليو پئي ته لڏيو پئي، هن ڏٺو پئي ته ڏڪيو پئي.
    گرو هڪ ڏينهن جڏهن رب رب ڪندي رڪجي ويو ۽ هن جا چپ چرڻ کان جواب ڏئي ويا ته پرشوتم هن کي سهارو ڏنو، ڳاڙهي ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي لهندڙ سانوري سانجهه جهڙو پرشوتم، جنهن اڃان زندگيءَ جا پنجويهه سانوڻ گهاريا هيا، جنهن جو جوڀن ڳاڙهي ڪارونجهر جيان سگهارو هو، جيڪو ٿڪل گروءَ جي شڪتي هو.
    گرو پنهنجي زخمي وجود سان ڌرتي تي ٿڪجي رڻ جي ريتي تي ويهي رهيو. پرشوتم اونڌي لڪ کان ڪنهن پکي جيان اڏامندو هن وٽ آيو.
    ”پرشوتم ڇا تو رب ڏٺو؟“ گرو وري هن کي سهڪندي چيو ”تون رب ڏٺو؟ ڪنهن هيٺائين تي، ڪنهن مٿاهين تي، بر جي ڪنهن وسندي ۾، ڪنهن اسندي ۾؟”
    پرشوتم گرو اڳيان ڪنڌ هيٺ ڪري ائين ويهي رهيو جيئن اڃايل پکي مرڻ کان اڳ واريءَ تي چهنب رکي پاڻ کي سهارو ڏيندو هجي.
    ”نه گرو هو ڪٿي به نه آهي.” پرشوتم مايوس لهجي ۾ چيو، “مون تنهنجي ٻڌايل هر گس هر گام تي ان کي پرکيو هو اتي نه آهي، چوڏس رجندڙ صحرا جي واريءَ ۾ وسيل مينهن جي چيڪي مٽيءَ ۾ چڪور ۾، چانڊوڪي ۾، رات جي ستل هستي ۾، ڏينهن جي مستي ۾، هو ڪٿي به موجود نه آهي، گرو رب ڪٿي به نه آهي!”
    پرشوتم جي ڳالهه تي گروءَ جي نڙي مان سڏڪي گجگوڙ جيان نڪري هن جي اکين مان آب جاري ڪري ڇڏيو.
    ”نه پرشوتم نه.“ گروءَ من ۾ ڪنهن اٿندڙ آنڌي کي دٻائيندي چيو هو آهي. ”هو ڪٿي نه ڪٿي موجود آهي، پنهنجين اکين سان ڪنن سان پنهنجي زبان ۽ دماغ سان، هو آهي ضرور هو ڪٿي آهي؟ ان جي وجود کي پسڻو آهي ڳولهڻو آهي.”
    گرو ميرن هٿن سان پنهنجا شفاف ڳوڙها اگهيا.
    ”گرو اهو سڀ تنهنجو وهم آهي.” پرشوتم اتي ئي پٽ تي گرو اڳيان گوڏن ڀر ويٺي چيو ”اهڙي ڪنهن به هستي جو ڪائنات ۾ ڪو به وجود نه آهي جنهن کي ڳولهي ان آڏو دانهين دل جو درد هلڪو ڪجي، اهو نه آهي جنهن جي حسرت تنهنجي من اندر موجود آهي.”
    گرو محسوس ڪيو جيئن رجيل شيهي جهڙي اس هاريندڙ سج هن جي دماغ ۾ ٻرندڙ هجي، هن جي من ۾ ڪروڌ ۽ نراسائي ڀرجي آئي.
    ”پرشوتم“ گرو چيو ”منهنجي اندر جي پڃري ۾ بند گهايل پکي جيان ڦٽڪندڙ صدائون آهن، جيڪي ڪنهن هستي اڳيان آزاد ٿي نروار ٿي اهو سڀ افشان ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪو صدين کان صدائن جي صورت ۾ اتي دفن آهي من جي مقبري ۾ مدفون آهي.”
    گرو پنهنجي خشڪ ڦاٽل چپن سان ڳالهائيندو ويو، پوءِ هن ڪنڌ مٿي ڪري اڇي اس ۾ ڌوتل آسمان ڏانهن نهاريو ۽ رڙ ڪري چيو ”ڪٿي آهين اي رب، اي پالڻهار، اي اکين کان اوجهل موجودات جي ڳجهه ۾ موجود، اڻ ڏٺل تون پاڻ ڏيکار ۽ منهنجي اڳيان عيان ٿي ته توکي اندر جا اهي گهاءَ پسايان جن مان رت بوند بوند ٿي وقت جيان وهي رهيو آهي. توکي اهو ڪجهه ٻڌايان جنهن کي ٻڌائڻ لئه منهنجي زبان پاڻي ٻاهر مڇي جيان ڦٿڪي رهي آهي. اي رب تون ڪٿي آهين ؟ مون کي سڏ ڏي ۽ منهنجي سڻ.”
    گرو پٽ تان واري کڻي پنهنجن وارن ۾ وڌي ۽ سندس سامهون ويٺل پرشوتم هن کي ٻانهن کان پڪڙي پنهنجي سيني سان لائي ڇڏيو هو. ٻئي عرش مان وسندڙ اس هيٺان سڏڪا ڀري روئندا رهيا، هن سهارو ڏئي گرو کي اٿاريو ۽ پوءِ گرو پنهنجي لٺ سهاري هن سان آهستي قدم کڻندو اڳتي وڌيو، ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنهن اهڙي آستان ۾ ڪنهن اهڙي مڪان ۾ جتي اهو موجود هجي، جنهن جي چاهت انهن جي اندر ۾ ڪنهن چوواٽي تي منجهيل ماڳ جيان موجود هئي.”
    جڏهن سج ڪارونجهر پويان ڪني ڪڍي بيٺو هيو ته گرو جين مندر جي در تي اچي هيٺ ڪري پيو. پرشوتم سهڪندي هن کي سڌو ڪري ويهاريو ۽ ٺڪر جي ڀريل ٿانو سان گرو جي خشڪ چپن کي آلو ڪيو.
    ”اي مهاوير“ گروءَ در اندر ارٿي تي ويٺل مرڪندڙ مورتي ڏي منهن ڪندي چيو ”اي ايامن کان ارٿي تي ويٺل تراشيل ديوتا! اي جين مندر جي ديوارن تي اڪريل تاريخ جون تصويرون، توهان ئي ٻڌايو اهو ڪٿي آهي، اي تاريخ جا تراشيل صدين کان خاموش صدائن اندر بت بڻجي ويل ڀڳوان، ڇا رب جو روح تو اندر ڄمي يخ ٿي ويو آهي؟ ڇا تون اها شڪتي آهين، جنهن تحت ڪائنات جو ڪاروبار هلي ٿو ۽ هي شي روان دوان آهي؟ ته پوءِ تون ڳالهاءِ، جيئن منهنجي بي يقين من کي اهو اعتبار اچي ته تون موجود آهين ۽ هن ناانصافين، ظلم غربت ۽ جهالت سان ڀرپور دنيا جو رکوالو ۽ موت کان پوءِ جاڳائي جزائون ۽ سزائون ڏيڻ وارو والي وارث آهين.”
    جين جون اڪريل مورتون چپ هيون ۽ ڪارونجهر تي مور ايئن رڙيون ڪري رهيا هئا جيئن اهي ڀڳوان جي ماٺ تي احتجاج ڪندا هجن.
    پوءِ سج لڙي هيٺ ٿيو ته ڪارونجهر جو رنگ ڪارو ٿي هر شي تي حاوي ٿي ويو، پريان ڪوين جا نيرا گهر ڪاراڻ ۾ گم ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪوي اوندهه ۾ پٿر تي ويهي تاريخ کي شاعريءَ جو روپ ڏئي ڇڏيو. تاريخ جيڪا ظلم ۽ بربريت سان ڀريل هئي، جنهن جي زخمي صفحن مان رت ڳڙي هيٺ واري ۾ جذب ٿي رهيو هيو، تاريخ جنهن جا لفظ ڳڀا ڳڀا ٿي ٽڙيا پکڙيا پيا هيا، تاريخ جيڪا رات جي انڌياري ۾ هڪ دانهن جو تسلسل هئي، جنهن ۾ امن جي خاموشي جي وٿي ڪٿي به سمايل نه هئي.
    پرشوتم گروءَ کي سهارو ڏئي هيٺ ڳاڙهين سرن تي ڪريل برج تي ٽيڪ ڏئي وهاريو ته چنڊ آسمان ۾ نروار ٿي چڪو هو، رابيل جهڙن تارن جي سجايل سيج تي چنڊ مهڪندڙ منهن سان مرڪي رهيو هيو. اهو ايئن شانت هو جيئن امن ان جي ٻوٽيل اکين اندر قيد ٿي ويو هجي.
    ”پرشوتم“ گرو ڌيمي آواز ۾ چيو ”ڇا رب اهو چندرما آهي جيڪو دنيا مٿان مرڪي انسانن جي ڦٽن تي مرهم رکي ٿو؟ مرهم جنهن جي زهر جهڙو ذائقو زخمن کي زندهه رکي ٿو. ڇا اهو ستارن جو رٿ ساڻ ڪري چانڊوڪي جي نور نروار ٿئي ٿو، شايد اهو ئي آهي جنهن جي جلوي جي روشني ۾ تون ۽ مان جاڳي جيئرا آهيون ۽ پسي پساهه کڻي رهيا آهيون.“
    پرشوتم چندرما جي پيلي چهري کي ڏسي ڄڻ هيڊي هوا ۾ ساهه کڻندو رهيو، هن کي اعتبار نه آيو ته ڪو عرش ۾ بيٺل چنڊ انهن جي جستجو جي منزل آهي.
    ”اي گرو ڪائنات جي هر شي پٿر آهي.“ پرشوتم پوءِ چنڊ تان اکيون هٽائيندي چيو ”هر طرف پٿر جا روپ آهن. اهو ڪٿي چمڪي رهيو آهي، ته ڪٿي مدهم آهي، ڪٿي قدمن ۾ پيو آهي، ته ڪٿي عبادت لائق آهي.“
    مور چانڊوڪي ۾ رڙ ڪري عرش ڏي اڏامندا ۽ ڪارونجهر تي لهندا رهيا. رات جي پوئين پهر جڏهن ٿڌ ۾ اضافو ٿيو ته گرو خواب ۾ رب کي ڏسي ڄڻ ڏڪندو رهيو.
    صبح ٿيو ته هو ٻئي هڪ ٻئي کي دلاسو ڏيندا رب رب ڪندا ڀٽن طرف نڪري ويا.
    پوءِ انهن هر هنڌ پڇاڻو ڪيو. ڌرتي جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين، هر گهير هر گهاٽ تان، جتان هو لنگهيا جتان هو گذريا، جتي انهن راتيون بستر ڪيون، جتي انهن ڏينهن گهاريا، انهن مسجد جو در کڙڪايو ۽ رب جو روپ ڏسڻ لئي هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. انهن ڪليسا جو رخ ڪيو ۽ ان جي بلند ايوانن ۾ جڏهن رب کي پڪاريو ته انهن جا سڏ هنن تي چٿرون ڪندا پڙاڏا بڻجي واپس موٽيا. ڪليسا جي ايوانن ۾ ابن مريم جو مجسمو وڏي اهتمام ۽ هنرمندي سان اکيون بند ڪري اٽوٽ ننڊ ۾ الوٽ هيو. انهن اتي بلند برجن تي بيهي رب کي پڪاريو ”اي رب تون ڪٿي آهين؟ تنهنجو جسماني احساس ڪٿي محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ تنهنجي روح جي خوشبو ڪيئن محسوس ڪري سگهجي ٿي؟ تنهنجو آواز ڪٿي لڪيل آهي؟ تنهنجو پاڇو ڪائنات جي ڪهڙي ڪنڊ تي ٺهي ٿو؟“
    گرو پنهنجي لٺ اٿي پراڻي پٿر جي فرش تي هڻي ڄڻ دنيا کي دلي جيان کڙڪائي جاچڻ لڳو ته اها ڪٿان ڏريل ته نه آهي. هن پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيا ته ڳوڙها لار ڪري اچي هن جي ترين تي ڪريا. پرشوتم هن جي کاٻي ڪلهي پويان ڪنڌ جهڪائي بيٺل هيو.
    ”اي رب سزا نه ڏي، سمجهه ڏي. جيئن مان توکي سمجهي سگهان.“ گرو هڪ دفعو وري وجداني ڪيفيت ۾ ڳالهائيندو ويو. ”منهنجا مفلوج حواس محدود آهن، اي لا محدود، مون مختصر تي ڪهل ڪر، منهنجين ٿڪل بي نور اکين کي اهڙي روشني ڏي جنهن روشني جي دائري اندر تون جرڪندڙ هجين، پاڻ پساءِ ته من جا مونجهارا ڪاري جهڙ جيان هٽن ۽ مان چنڊ جيان چمڪي پوان.”
    گرو روئندو رهيو ۽ پوءِ هن پويان بيٺل پرشوتم ڏي منهن ڪري پڇيو ”پرشوتم ڇا تون رب ڏٺو؟”
    پرشوتم ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺل هو.
    هو پوءِ مندر، مسجدون، ڪليسائون پڇائيندا، آتش ڪدن جي اڳيان اچي بيٺا. اتي چڳون چڳون ٿي لهرائيندڙ هيڊن شعلن جي سامهون زر تشت جي بيٺل مجسمي کي ڏسڻ لڳا، ٻرندڙ باهه جي گرمي ۾ انهن رب جي وجود جي حرارت محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. زر تشت جي اکين اندر پٿر ٿي ويل عڪسن ۾ انهن رب جي شبيهه ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي اهو ڪٿي به نظر نه آيو. هو مايوس ٿي ڀڳا ۽ پنهنجي زخمي قدمن سان انهن عجائب گهرن کان پري ڪنهن ڏور ڏيهه ۾ پهتا، ڪنهن پيغمبرن جي وادي ۾، جتي نه ماڻهو هيو نه ڇيڻو، پاڻي هيو نه وڻ. پري پري تائين واري جا ڊهه، هڪ ٻئي کي ڪلهن جو سهارو ڏئي ڌرتي تي پکڙيل هيا. اتي اڃ هئي ۽ رڃ هئي، انهن محسوس ڪيو اهو ڌرتي جو انت آهي. شايد ڌرتي انهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي کٽي چڪي آهي.
    اوچتو گرو منهن ڀر هيٺ ڪريو، هن جي پيشاني ڪنهن پٿر سان ٽڪرائي ۽ هٿ هڻڻ سان رت هن جي آڱرين تي جرڪڻ لڳو.
    ”پرشوتم ڇا هيءُ رب آهي؟“ گرو آڱرين مان ٽمندڙ رت کي ڏسي چيو ”هيءُ جيڪو اندر ۾ ڊوڙي ٿو ۽ زندگي سان همڪنار ڪري ٿو؟”
    هن گرو جي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو ۽ مايوسيءَ مان هن مٿان ويهي سڏڪندو رهيو. گرو وقت جي وهڪري ۾ هيڻو ٿي چڪو هو. هن جو پوڙهو جسم زخمي ٿي چڪو هو. پرشوتم محسوس ڪيو هي گرو جو آخري وقت آهي، هو هاڻي دنيا ڇڏڻ وارو آهي. اهو سوچي ڏک جي هڪ لهر هن جي من ۾ اڀامي هن هٿ سان گرو جي منهن تي پيل وارن کي هڪ پاسي ڪيو. گرو جي جسم جي شڪتي جواب ڏئي چڪي هئي. هو بي سڌ ليٽي آلين اکين سان عرش ۾ نهاريندو رهيو. مٿي اڏامندڙ هليون هن کي ڌرتيءَ تي پريشان انسان ذات جيان سرگردان نظر آيون. پوءِ گرو ڪنڌ لاڙي ڏٺو، پري کان هڪ پهاڙ تي بگهڙ موت جيان ڪَن ڪڍي انتظار ۾ ويٺل هو.
    گرو پنهنجيون ڳوڙهن ڀريل اکيون پرشوتم ڏي ڪندي هن کان پيڇو ”پرشوتم ڇا تون رب ڏٺو؟“ پرشوتم ڪيتري دير گرو جي آلين اکين اندر ڏسندو رهيو پوءِ هڪ اداس مرڪ هن جي چپن تي نروار ٿي هن کي محسوس ٿيو جيئن اهو هن کي ملي ويو هجي، هن گرو جي آلين اکين اندر مسلسل نهاريندي ان عڪس کي غور سان ڏٺو ۽ سوچيو ها هي اهوئي آهي جنهن جي جستجو ۾ هو جاڳي صدين کان سرگردان رهيا.
    ”ها گرو مون رب ڏٺو.” پوءِ هن چيو
    ۽ هڪ هڏڪيءَ کانپوءِ گروءَ جون آليون اکيون بند ٿي ويون.


    فونو

    ”ايئن
    يادون من ۾ سمايل آهن،
    جيئن
    پاڇا ڇانو ۾ لڪيل آهن.“
    موچي بازار جون سوچياڻيون ست رنگي گهگها پائي دڪانن ٻاهران قطارن ۾ ايئن ويٺل هونديون هيون، جيئن ڪيئي رنگن وارا پکي ڍنڍ تي لٿا هجن. بازار ۾ ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي. بازار جي بلڪل وچ تي هڪ پراڻي وڏي دڪان ۾ پوڙهو جيٺا نند ڪنهن مفڪر جيان ويٺل هوندو هيو. هن جي ٺوڙهه جي پاسن کان اڇا وار ڪنن تائين ڪريل هوندا هيا، سدائين اڇي ڪڙتي ۽ پاجامي ۾ ملبوس هوندو هيو. اسٽول تي ويٺي هر ايندڙ ويندڙ کي ايئن پيو ڏسندو هيو جيئن هر ڪو هن لاءِ اوپرو هجي ۽ هو ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. هو ڳالهائيندو گهٽ هيو ۽ ڪنن تي هٿ رکي پوءِ ٻڌندو هيو. هن جي وڏي دڪان ۾ ڪاٺ جي ٺهيل خانن اندر گرامو فون ريڪارڊ بي ترتيبيءَ سان رکيل هوندا هيا ڪيترائي رڪارڊ دڪان جي فرش تي هيٺ مٽيءَ ۾ پيل هوندا هيا، ان پراسرار پوڙهي سان ماڻهو گهٽ لهه وچڙ ۾ ايندا هيا ۽ هو به ڪن خاص گراهڪن کي پنهنجا رڪارڊ وڪڻندو هيو. سانجهيءَ جو جڏهن وهيا سنڌوءَ پار کان کارڪون کائي شهر مٿان ولر ڪري اڏامندا لنگهندا هيا، ته شهر جون چمنيون روشن ڪيون وينديون هيون. پوڙهي وٽ دخل تي هيڊي شعلي وارو پراڻو جست جو چراغ ٻرندو هيو، جنهن ۾ هن جي منهن جون ريکائون گهريون ٿي وينديون هيون.
    غريب آباد محلي جو ماستر محمد بخش راڄ گهاٽ واري پاسي کان وکون کڻندو ان وٽ پهچندو هيو ۽ پوءِ رڪارڊن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. جيٺانند هن لاءِ خاص رڪارڊ سڀ کان هيٺين دراز ۾ رکندو هيو. جنهن کي کولي هو ريپر ڇنڊي سليٽ جهڙو ڪارو رڪارڊ هن کي ڏيندي چوندو هيو ”ماستر خيال سان.“
    ماستر محمد بخش ان رڪارڊ کي ايئن وٺندو هيو جيئن کيس انعام ۾ مليو هجي. هو ٻئي هٿ ورائي ان ۾ وجهندو هيو ۽ پوءِ گهر روانو ٿيندو هيو. هن جي وڃڻ کانپوءِ پوڙهو جيٺانند اسٽول تي ويهي لڪيل مرڪ سان من ۾ شرارتي ٽهڪ ڏيندو هيو.
    ماستر محمد بخش ڏينهن جو ٻار پڙهائي شام جو گهر موٽندو هيو ته گهر ٻاهران ٺهيل اوطاق ۾ سندس پوڙهو پيءُ کٽ تي ويهي حقو ڇڪيندو هيو. جڏهن هو نڙ ۾ وات وجهي ٻاڦ وٺڻ لاءِ مٿي ڇڪيندو هيو، ان مان گڙ گڙ جا آواز ايئن نڪرندا هيا، جيئن ڪنهن بکايل جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ هجن. ماستر اوطاق ۾ وڃي پيءُ سان حالي احوالي ٿي گهر ۾ گهڙندو هيو ۽ پوءِ جڏهن رات ايندي هئي ته روڊ پريان شيدي بادشاهه جي مزار تي ڌمال لڳندي هئي، جنهن جو آواز شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين پيو ٻڌبو هيو. ان ڌمال تي ماستر جي گهر اندر اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ تي ويٺل پکي ائين چپ ٿي ويندا هيا جيئن سرور ننڊ جي صورت ۾ انهن جي کنڀن اندر واسو ڪيو هجي. اتي ئي وٿاڻ تي مينهن پڇ لوڏي بيٺي اوڳاڇيندي هئي ۽ ان جو ڪونر سدائين خالي هوندو هيو. ڪچي جاءِ جي مٿين منزل تي ماستر جو فونو هڪ ڪاري چوڪور آبنوسي ٽيبل تي رکيل هوندو هيو. ڀرسان ئي چانديءَ جيان چمڪندڙ سيون هڪ دٻي ۾ پيل هونديون هيون ۽ ڪارا رڪارڊ فوني ڀرسان رکيل هوندا هيا. ماستر رات جي ماني کائي اڇي فتي ۽ گوڏ ۾ اچي فوني مٿان بيهندو هيو. هو هيٺ جهڪي جڏهن وڏي احتياط سان فوني جي چاٻي ڦيرائيندو هيو ته هن جا اگهاڙا ماس سان وٽيل ڏورا ڀرسان ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي روشني ۾ ڪنهن ناهموار رستي جي کڏن کوٻن جيان ڏسبا هيا جن تي هن جون سيٽيل رڳون نانگ جيان گهمندي نظر اينديون هيون.
    ماستر جڏهن فوني کي چاٻي ڏئي رڪارڊ رکي سئي بدلائيندو هيو ته اتان پاتال مان ڪنهن دفن ٿيل اڃايل آواز ۾ ڪو ڪلام شروع ٿي ويندو هيو. ماستر ڀرسان ئي پيل بيد جي آرام ڪرسي تي ويهي اکيون ٻوٽي اڳتي پوئتي ائين لڏڻ لڳندو هيو جيئن فوني مان نڪرندڙ آواز تي هو وجد ۾ اچي ويو هجي. جڏهن آواز فوني مان نڪري ڪمري ۾ ڦهلجي ويندو هيو ته پوءِ اهو دروازي مان نڪري ٻاهر وڌاوڙي مان ٿيندڙ ڏاڪڻ مان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي ٽن بند ڪمرن اڳيان لنگهي پريان دالان ۾ داخل ٿيندو هيو ۽ اتي جاري ۾ رکيل هٿ بتي کي روشن ڪري ڇڏيندو هيو. ان جي هلڪي روشني ۾ ڪجهه ڊگها پاڇا چرپر ڪرڻ لڳندا هيا، اتي هڪ ماءُ هوندي هئي ۽ ان جا ٻار هئا، جيڪي پراڻين واڻيل کٽن تي اکيون کولي ليٽيل هوندا هيا. هيڊي بتي جو عڪس هر ٻار جي اکين ۾ الڳ شعلي جيان لڏندو هيو. ماءُ جيڪا بي حد ٿڪيل هوندي هئي، اها ڪمري جي پرئين ڀت ڀرسان پيل کٽ تي ليٽي ٻارن کي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.
    شهزور بادشاهه ۽ لال بادشاهه جا قصا، روپ ۽ بسنت جون ڳالهيون، اهڙيون انيڪ ڪهاڻيون جن جا ڪاردار جيئرا ٿي هٿ بتي جي سامهون واري ڀت تي پاڇن جي صورت ۾ نروار ٿيندا هيا، ٻارن جون اکيون ڪردارن جي چرپر سان حرڪت ڪنديون هيون.
    ماءُ چوندي هئي ”پوءِ هوا لڳي ۽ اها واچوڙي ۾ تبديل ٿي وئي، گول ڦرندي مٿي اڏامي ۽ مينهن سان گڏ گجگوڙ ٿيا، کنوڻ کلي، ته روشنيءَ ۾ هڪ ديو ظاهر ٿيو شهزادي مياڻ ماڻ تلوار ڪڍي ۽ ديو تي حملو ڪيو.“
    ماءُ ٻڌائيندي هئي ۽ ٻار چادرن ۾ سوڙها ٿيندا ويندا هيا، ڪو وقت ايندو هيو جو ڳالهه ٻڌائيندي ٿڪيل ماءُ کي ننڊ جو گهيرٽ اچي ويندو هيو ۽ اها چپ ٿي ويندي هئي، هر طرف سانت ڇائنجي ويندي هئي ڄڻ ڪائنات رڪجي وئي هجي. ڪو ٻار رڙ ڪندو هيو.
    ”امان پوءِ ڇا ٿيو اڳتي ٻڌاءِ؟“
    ٻار جي رڙ تي ماءُ ڇرڪ ڀري جاڳندي هئي ۽ قصو وري شروع ٿي ويندو هيو. ڪو ٻار اڀو ٿي کٽ تي ويهي چوني ڇڻيل ڪچي ڀت تي هٿ ڦيري ڇڻيل چاپڙن جي نشانن ۾ چٽيل عڪسن اندر ماءُ جي ٻڌايل قصي جي ڪردارن کي مورتين جي صورت ۾ ڏسڻ شروع ڪندو هيو. چوني ڇڻيل ڀتيون لاتعداد عڪسن سان سٿيل هونديون هيون. هر رخ کان اتي مورتون پيون ٺهنديون ۽ تبديل ٿينديون هيون. ماءُ جي ڀڪ ۾ ستل ننڍو ڀاءُ ڀتين تي چرپر ڪندڙ وڏن ٻارن جي ڊگهن پاڇن کان ڄڻ ڊنل لڳندو هيو، ماءُ جي چولي سان چنبڙي ان جي ڇاتي ۾ منهن لڪائي ڇڏيندو هيو.
    ماستر محمد بخش جو فونو رات جو دير تائين وڄندو رهندو هيو. ان جي ڀونپوءَ مان آواز ڪتي جيان نڪري ڄڻ گهر جي چوڪيداري ڪندو هيو. جڏهن فونو بند ٿيندو هيو ته اوندهه ڀونپوءَ مان نڪري ٻاهر وڌا وڙي مان ٿيندي ڏاڪڻ مان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي ٽن بند ڪمرن اڳيان لنگهي پريان دالان ۾ داخل ٿي اتي جاري ۾ رکيل هٿ بتيءَ جي هيڊي شعلي کي وسائي ڇڏيندي هئي ۽ سڀ پاڇا اوندهه ۾ گم ٿي ويندا هيا.
    پوءِ ماستر محمد بخش جو فونو وقت سان گڏ وڄندو رهيو، ان کي ڏنل هر چاٻيءَ تي هٿ بتيءَ جا ڪئين هيڊي روشنيءَ وارا شعلا ٻريا ۽ وسيا. اڱڻ ۾ ٻڌل ڪاري مينهن جي ڪونر هيٺان رهندڙ چٽڪٻرا نانگ راتين جو جاڳي اتي بيٺل سگهاري نم جي ٿڙ تي چڙهي سرسبز ڏارن ۾ لڏيا ۽ لٽڪيا، انهن جا سوين جيتن جهڙا ٻچا پيرن هيٺان لتاڙجي مئا. تازي پيتل مينهن جي کير جي گج ٻارن جي مٿين چپ تي اڇين مڇن جيان ٺهي ۽ تيز گرميءَ ۾ جڏهن ٻارن جون اکيون اٿلي پيون ته چيڪي مٽي جا پها ٺاهي اکين ۾ کنڊ ٻرڪي انهن تي رکيا ويا. قطار ۾ بيهاري انهن جا طهر ڪيا ويا ۽ ٻار ڳاڙهيون گوڏيون ٻڌي سور کان سٿرون کولي اتي اڱڻ ۾ گهميا.
    مٿي ڪمري ۾ فوني تي رکيل رڪارڊ ڦرندو هيو ته ٻاهر وڌا وڙي ۾ رکيل جنڊ ڦرندو هيو. ڏاڏيءَ جا هٿ جنڊ کي ايئن ڦيرائيندا هيا جيئن اهي رب کان رزق کسيندا هجن. جنڊ جي ڪنارن تان اڇو ناسي اٽو ڏڏرجي سنهو ٿي هيٺ رڙهندو ان چوڌاري ڏنل ٺڪر جي ٻني اندر ڪٺو ٿيندو هيو. ڪڏهن ڏاڏي ننڍو ڦوٽو وجهي ڏڏريل ڪڻڪ جو ڀت پچائيندي هئي ته ٻار ان جا ڪوسا ڍڪ ڀري گيت ڳائيندا هيا. ٻار گاسليٽ جي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ تي سمهندا ۽ جاڳندا هيا ۽ پوءِ اهي دونهين کان هڪ ٻئي جي ڪاراٽجي ويل ناسن تي ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄائيندا هيا.
    فونو هلندو هيو ۽ ماکيءَ جون مکيون فوني مٿان ويهي آوازن جي رس چوسينديون هيون ۽ اهي نم جي ڏارن ۾ ننڍڙي ڍولڪ جهڙا مانارا ٺاهينديون هيون.
    موچي بازار جي جيٺانند ان رات جيڪو رڪارڊ ماستر کي ڏنو، اهو دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ ميري فرش تي پيل هيو. ان جڏهن اهو کڻي ڪپڙي سان صاف ڪري ماستر کي ڏنو ته ماستر ڪيتري دير ان کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو جيئن سندس دل چوندي هجي ته هو ان کي بدلائي ان جي جاءِ تي ٻيو ڪو رڪارڊ ڏي. ”ماستر ڏسڻ ۾ پراڻو آهي پر اٿئي صفا نئون.“ جيٺانند دخل تي ٻرندڙ چراغ جي روشنيءَ ۾ پيلي پگهر واري پيشانيءَ کي کنهندي چيو.
    ماستر ڏاڍي بي دليءَ سان رڪارڊ وٺي ريپر ۾ وڌو.
    ”چڱو ڄيٺانند جيڪا تنهنجي مرضي، ڀلا ڪڏهن پهريون تنهنجي هٿ جو ورتل رڪارڊ موٽائيو آهي.“
    ماستر کليو ۽ ڄيٺانند جي چپن تي هڪ مرڪ نروار ٿي، جيڪا ڊگهي ٿيندي هن جي هڪ ڪن کان ٻئي ڪن تائين ڦهلجي وئي.
    رات گهري ٿي ته ستارا مائيءَ جي داڻن جيان اڀ جي بدن تي نروار ٿي بيهي رهيا. ماستر چاٻي ڏئي سئي بدلائي فوني تي رڪارڊ رکيو ته ڀونپوءَ مان آواز نڪري ٺمريءَ ۾ تبديل ٿي ويو، ڇير وڄڻ لڳي ۽ مٿي ڪوٺي تي مجرو مچي ويو. آواز گهگهرو پائي ڪمري جي دروازي کان ٻاهر نڪتو، اهو وڌا وڙي مان ٿيندو ڏاڪڻ مان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي ڇم ڇم ڪندو ٽن ڪمرن وٽان لنگهي دالان ۾ داخل ٿيو ۽ اتي جاري ۾ رکيل هٿ بتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيو. شعلو ٻريو ته ڀتين تي پاڇا چرپر ڪرڻ لڳا. ان رات اتي ماتم متل هيو. پنجاهه کن ڪمزور چهري وارين عورتن جا پاڇولا هيا، جيڪي زارو قطار روئي رهيا هيا. اتي ماءُ هئي ۽ ان جا ٻار هيا، هڪ ٻار ويٺل عورتن جي وچ ۾ کٽ تي ليٽيل هيو ۽ اهو زندگي جا آخري ساهه کڻي رهيو هيو. روئندڙ عورتن جا پاڇا ڀتين کان ڊگها ٿي ڇت تي لڏندڙ لاٽ ڪري هلڪي هوا ۾ ڪاري ڪپڙي جيان لڏي رهيا هيا.
    ”اي الله منهنجي ٻار کي زندگي ڏي.” ماءُ روئي هٿ کڻي هر هر ساڳيو جملو ورجائي رهي هئي. هڪ ٻار ان جي ڪلهي ڀرسان هنجون هاري رهيو هيو ۽ ٻيو ان جي گوڏن تي مٿو رکي سڏڪي رهيو هيو. بيمار ٻار جون اکيون اڌ کليل هيون ۽ ان جي نڙيءَ مان هڏڪين جا آواز اچي رهيا هيا. اهو ڪجهه گهڙين جو مهمان هيو. اتي ٻاهر اڱڻ ۾ چٽڪٻرو موت ڪاري مينهن جي ڪونر هيٺان اکيون کولي جاڳي رهيو هيو. ڪي تيز قدمن وارا پاڇا ٻاهر اڱڻ ۾ ڊوڙندا ويا ۽ اتي روڊ تان ان ننڍڙي قد واري ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيا، جيڪو رات جو انگريزن جي زماني وارو اهو وڏو ٽوپ پائيندو هيو، جيڪو انگريز اس کان بچاءَ لاءِ پائيندا هيا. ان کي ڪنڌ ۾ ڪاري بَو پاتل هوندي هئي ۽ مٿين چپ تي نقطي جهڙيون مڇون هونديون هيون. ان جي ڀولي واري سئي ايتري ته مشهور هوندي هئي جو جڏهن شام ٿيندي هئي ته ننڍڙي شهر جا اڌ ماڻهو ان وٽ اچي ڪٺا ٿيندا هيا ۽ هجوم کي ڏسي شهر جا کدڙا کلندا هيا، وڏي ٽوپ وارو ڊاڪٽر جڏهن ان پيلي روشني واري دالان ۾ داخل ٿيو ته عورتن اٿي ان کي جاءِ ڏني ڊاڪٽر کٽ تي سمهيل ٻار کي تپاسيو ۽ پوءِ دوائن واري پيتيءَ کي کولي ان مان هڪ ننڍڙي بوتل ڪڍي وڏي آواز ۾ چيو ”بابا طبيعت ڏاڍي خراب اٿس، آخري سئي هڻانس ٿو، حياتي هوندس ته بچندو نه ته الله جي امانت.“
    پوءِ ان سئي تيار ڪئي ۽ عورتن ۾ ريهٽ پئجي ويا.
    ”او منهنجا الله رحم ڪر.“ ماءُ ٻاڏائيندي چيو ”منهنجي ٻچڙي جي تڪليف معاف ڪر.“
    ننڍا ٻار نڙي تي زور ڏئي تيز روئڻ لڳا.
    ڊاڪٽر ٻار کي سئي هنئي ۽ پوءِ هو ڪجهه مردن سان ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    اتي ٻرندڙ هٿ بتيءَ جو شعلو وڏو ٿي ويو. جيئن گهر کي باهه لڳڻ واري هجي بيمار ٻار جو هڏڪيون بند ٿي ويون ۽ ان جو اڌ کليل اکيون مٿي ڇڪجي ويون، ساهه آهستي ٿي ويس ۽ اهو ڄڻ موڪلائڻ لڳو. ماءُ روئندڙ عورتن جي هجوم سان ٻاهر نڪري اڱڻ ۾ اچي سجدي ۾ ڪري پئي. ”مان نه ڏسي سگهنديس، منهنجا رب اهو سڀ مان نه ڏسي سگهنديس.“ ان وٺي دانهون ڪيون.
    هلندي هلندي اوچتو ماستر جو فونو بند ٿي ويو، اسپرنگ ٽٽي پيس، ۽ چاٻي فرش تي ڪري پيس، ڀرسان بيد جي آرام ڪرسيءَ تي لڏندڙ ماستر حيرت ۽ خوف کان اڀو ٿي بيهي رهيو. فوني جو آواز بند ٿيو ته ڀونپوءَ مان اوندهه نڪري ٻاهر وڌا وڙي مان ٿيندي هيٺ ڏاڪڻ مان لهندي اڱڻ ۾ اچي ٽن بند ڪمرن وٽان لنگهندي دالان ۾ داخل ٿي ۽ اتي جاري ۾ ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي هيڊي شعلي کي وسائي ڇڏيو، سڀ پاڇا اوندهه ۾ گم ٿي ويا.
    رب ماءُ جي دعا اگهائي ورتي، فونو ڀڄي پيو ۽ اهو ڀڳل فونو ڪو به مستري نه ٺاهي سگهيو.
    ساڳيو ڪٽ چڙهيل فونو اڄ به غريب آباد محلي جي بند پيل ڪچي جاءِ ۾ مٿي حوريءَ اندر ان ساڳي آبنوسي هڪ ٽنگ ڀڳل ٽيڏي ٽيبل تي رکيل آهي.


    عمر علي

    ”لاش کڻندي،
    ايمبولينس روڊ تان
    وئي پئي رڙندي.“
    (انهن بي گناهه ڊاڪٽرن جي نالي جن کي فرقيوارانه ڇڪتاڻ هيٺ بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو.)
    ٺڪاءُ ٿيو ۽ اوندهه ۾ گولي باهه جيان ٻرندي عليءَ جي ڪلهي وٽان لنگهي وئي، علي پري ٿي ويو ۽ ذري گهٽ پنهنجي دوست عمر مٿان وڃي ڪريو. عمر ڀت جي اوٽ ۾ سهڪي رهيو هو، ان تيزيءَ سان ڪنڌ ورائي هوڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ علي کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي اڳتي ڀڄڻ لاءِ چيو. اڃان هو ڀڄڻ لاءِ مڙيائي مس ته وري ٺڪاءَ ٿيو ۽ گولي پري کان ٽٽل تاري جيان ٻرندي انهن جي ڀرسان لنگهندي سامهون بيٺل بڙ جي ٿڙ ۾ وڃي لڳي. هو ٻيئي تيزيءَ سان ڀڳا ۽ هاڪي گرائونڊ کان مٿي پهاڙيءَ تي ٺهيل بنگلن هيٺان پيل وڏن پٿرن ۾ وڃي لڪا.
    رات گهڻي نه گذري هئي ۽ عرش مان بوندن جو سلسلو جاري هيو. اونهاري ۾ ان شهر جو آسمان سدائين ڀوري رنگ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ناسي جهڙ عرش ۾ ڊوڙون پائي ڪنهن وڇڙيل کي پيو ڳولهيندو آهي ۽ ٿوري دير کانپوءِ مينهن جيان ڳوڙها وهائي پيو روئندو آهي. ان رات به بوندون هيٺ وسي رهيون هيون ۽ پاڻيءَ پسيل آلن رستن تي قديم بڙ جي وڻن جا پن ڇڻي هيٺ ڪري رهيا هيا.
    هو ٻئي ننڍ پڻ جا دوست گڏ کيڏيا ۽ پڙهي وڏا ٿيا هيا، عمر ان ئي شهر جي وڏي اسپتال ۾ گڙدن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هيو. هن گڙدن جي تبديليءَ جا ڪامياب آپريشن ڪري، ڪيترن ئي انسانن جي جان بچائي ۽ علي ان ساڳي شهر جي دل جي وڏي اسپتال ۾ سوين انسانن جي دلين جا آپريشن ڪري انهن کي گهمڻ ڦرڻ جي لائق بڻايو هو. ٻئي ان شهر جا ڄاتل سڃاتل ۽ وڏا ڊاڪٽر هيا. سڄي زندگي پڙهڻ ۽ ڀوڳڻ کانپوءِ هو ان لائق ٿيا هيا ته بيمار ۽ ڏکايل انسانن جي خدمت ڪري انهن کي تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهن. هو اڃان نوجوان هيا انهن ۾ ڪم ڪرڻ جي لوچ ۽ صلاحيت ڀرپور طريقي سان موجود هئي. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کانپوءِ هو ٻئي تفريح لاءِ گهر کان نڪتا هيا. انهن جي گاڏي جڏهن شهر جي سڀ کان ڊگهي ۽ ويڪري رستي تان ٿيندي مٿي مزار طرف مڙي ته ڪجهه دهشتگرد جن جو تعداد ستن اٺن کان مٿي نه هيو، انهن کي رستي تي بيهي هٿ سان روڪڻ جو اشارو ڏنو، علي جيڪو گاڏي هلائي رهيو هيو، اهو صورتحال کي سمجهي ويو ۽ عمر هن کي صلاح ڏني ته هو ڪنهن به صورت ۾ گاڏي نه روڪي. علي گاڏيءَ کي تيز هلائيندي روڊ تي بيٺل انهن دهشتگردن جي صف کي ٽوڙي وڌو ۽ گاڏي جيئن ئي اڳتي وڌي ته دهشتگردن انهن پويان گوليون هلايون ڪجهه گوليون گاڏي جي پوئين ڊگي ۾ لڳيون ۽ هڪ گولي زوڪٽ ڪندي وڃي گاڏي جي ڦيٿي ۾ لڳي، گاڏي جو توازن ٽٽي پيو ۽ علي ان کي هوشياري سان هلائيندو چڱو پري تائين گهلي ويو پري وڃي گاڏي بيهي رهي عمر تيزي سان ڪار جو دروازو کوليو ۽ علي ڦڙتائيءَ سان هيٺ لهي عمر کي ساڻ ڪري وٺي ڀڳو هو. ٻئي اڳتي ڊوڙيا ۽ سرڪاري ڪاليج کان اڳڀرو ٽپي ڪنهن مدد لاءِ واجهائڻ لڳا.
    عرش مان بوندون سست رفتاريءَ سان وسي رهيون هيون، روڊ پري پري تائين آلا ٿي چڪا هيا، ڪٿي روڊ جي پاسن کان پاڻيءَ جا هلڪا دٻا پڻ نظر اچي رهيا هيا. روڊ تي ٽريفڪ عام ڏينهن کان گهٽ هئي، دهشتگردن جي هلايل گولين جي آوازن تي آس پاس جا روڊ سنسان ٿي چڪا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪا گاڏي خوف ۽ دهشت مان ان روڊ تان تيزيءَ سان ويندي پئي نظر آئي، نه ته ماحول تي سانت ڇانيل هئي.
    عمر ۽ علي ڊوڙندا چوسول تي ٺهيل ڳاڙهن پٿرن واري تاريخي عمارت وٽ پهتا ته گوليون انهن جي پيرن کي ڇهنديون وڃي پٿرن ۾ لڳيون. پٿرن جا ذرا ڪپهه جيئن اڏري پري وڃي ڪريا. هو ٻئي بچي ويا، هنن ڳاڙهن پٿرن واري ڀت کي ٽيڪ ڏئي پويان ڏٺو پري کان ست اٺ دهشتگرد جن جي هٿن ۾ جديد هٿيار هئا، اهي هنن ڏانهن ڊوڙندا پئي آيا. عمر ۽ علي ڳاڙهن پٿرن واري عمارت جي مٿين طرف ڊوڙيا.
    ”علي مون کي موبائيل ڏي.“ عمر ڊوڙندي تيزي مان چيو، عليءَ موبائيل ڪڍي عمر کي ڏني.
    ”نمبر ملاءِ اهي پهچڻ وارا آهن.“ علي سهڪندي چيو عمر ڊوڙندي موبائيل تي پنهنجيون آڱريون ڦيريون ۽ هن ڪن تي رکي هلو ڪئي، ۽ پوليس کي فون ڪري سڀ تفصيل ٻڌايا. هن کين ٻڌايو ته هو ڊاڪٽر آهن ۽ ڪجهه دهشتگرد انهن کي مارڻ لاءِ پويان اچي رهيا آهن، جيڪڏهن پوليس جلدي نه پهتي ته هو دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿي ويندا. هن پوليس کي ان جاءِ کان به آگاهه ڪيو جتي هو ان وقت پهتا هيا. پوليس عمر کي حوصلو، دلاسو ڏنو ۽ جلدي پهچڻ جو چئي رابطو ختم ڪري ڇڏيو.
    عمر عليءَ کي موبائل واپس ڪيو ۽ اڳتي ڊوڙندي ڪنڌ ورائي پوئتي نهايو، بيد مشڪ جي وڻن پويان پري کان دهشتگردن جو ٽولو هنن طرف وڌندو ٿي آيو. عمر جيئن ئي ڪنڌ ڦيري اڳتي وک کنئي ته هلڪي مينهن ڪري ڦهليل چيڪڙ ۾ هن جو پير ترڪيو ۽ پير سان گڏ هو رڙهندو هيٺ هليو ويو ٺيڪ ان مهل گوليءَ جو ٺڪاءُ ٿيو ۽ گولي هيٺ ڪريل عمر جي مٿن کان لنگهندي زوڪٽ ڪندي پري هلي وئي. علي خوف ۾ هيٺ جهڪيو ۽ هن عمر کي هٿ جو سهارو ڏئي مٿي اٿڻ ۾ مدد ڪئي.
    عمر ۽ علي مينهن جي بوندن ۾ آلا ٿي ويا هيا، انهن جا ڪپڙا ڄڻ خوف کان جسم سان چهٽي پيا هيا، لڳندڙ واءُ ۾ انهن کي ٿورو سيءُ محسوس ٿي رهيو هيو.
    ان شهر ۾ ٻن معصوم انسانن جو قتل ٿيڻ وارو هيو ۽ شهر ائين ئي روان دوان هيو. تازي ٿيل فائرنگ ڪري اتي آس پاس ٻن چئن روڊن کانسواءِ پوري شهر ۾ گاڏين جي اچ وڃ پنهنجي عروج تي هئي. ونڊ اسڪرين تي پوندڙ مينهن جي بوندن مٿان گاڏين جا وائيپر وڄندڙ ڊيڪ جي آوازن تي ڪنڌ لوڏي مستيءَ ۾ جهومي رهيا هيا، ان روشنين جي شهر ۾ هر طرف نور جو اجالو هيو، اتي جا هوٽل ۽ تفريح گاهه ٽهڪڙن سان گونجي رهيا هيا ۽ هو ٻيئي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪنهن پناهه گاهه جي ڳولا ۾ ڊوڙندا سهڪي رهيا هيا ۽ مينهن جو پاڻي انهن جي پيشانين کان پگهر جيان ٿي وهيو. هو ڊوڙندا هڪ اهڙي محلي ۾ پهتا جيڪو قبرستان جيان خاموش هيو، اتي جا در ۽ دريون ڄڻ صدين کان بند هيا. ان شهر جي سرڪاري محلي جي هر گهر اندر پپل ۽ بڙ جا وڻ هيا، انهن اڳتي وڌي چيڪڙ کان بچڻ لاءِ بڙ جي لڙڪندڙ پاڙن ۾ هٿ وڌو ته انهن محسوس ڪيو جيئن انهن جا هٿ وقت جي حڪمران جي ڏاڙهيءَ ۾ وڃي پيا هجن. بڙ جي لڙڪندڙ پاڙن مان پاڻيءَ جون بوندون هيٺ ٽمي رهيون هيون، انهن هٿ هٿ ۾ ڏيئي اڳتي وڌي ان محلي جو هر دروازو کڙڪايو، ماڻهن کي سڏيو، پر ڪجهه نه ٿيو. هو ٻيئي مايوس ٿي ويا، ان کان اڳ جو دهشتگرد انهن کي ويجهو پهچن هو ٻيئي وري وٺي اڳتي ڀڳا.
    دهشتگرد هنن کي ويجهو ٿيڻ وارا هيا، اهي هٿيار هوا ۾ جهنڊي جيان جهولائيندا پري کان وڌندا پئي آيا، مينهن جي بوندن ۾ انهن دهشتگردن جا وجود ڌنڌلا ۽ غير واضع هيا، اهي موت جي ڪاري پاڇي جيان انهن پويان ڊوڙندا ٿي آيا.
    عمر ۽ علي سرڪاري محلي مان ڀڳا هو پريشاني مان اهڙي جاءِ ڳولڻ لڳا جتي جلد لڪي پنهنجي جان بچائي سگهن. هو اڃان هيڏانهن هوڏانهن لڪڻ لاءِ جاءِ ڳولهي رهيا هيا ته رستي تي بيٺل لوهه جي ٿنڀن مٿان رکيل ٽرانسفارمر سان مينهن جي ڪرندڙ بوندن ڪري ڪجهه چڻنگون نڪتيون ۽ اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، هر طرف اوندهه ڇائنجي وئي، ڄڻ مايوسيءَ مان موت جي فرشتي جون اکيون بند ٿي ويون. هو ٻئي اوندهه جو فائدو وٺي کٻي هٿ ڏانهن مڙيا ۽ پريان ننڍڙي پهاڙي جنهن تي ڪيترائي گهر اڏيل هيا، ان جي پاڙ ۾ پيل ڳوري پٿر پويان کڏ ۾ وڃي لڪا. اوندهه ۾ گولين جا ڪيترائي برسٽ هليا، جيڪي انهن کان پري چڻگون ڇڏيندا وڃي زمين ۾ لڳا. آلي ڌرتيءَ مان ڌوڙ مٿي اڏامي چوڌاري ڦهلجي وئي. هنن کي پڪ ٿي وئي ته هو دهشتگردن جي نشاني کان پري ۽ انهن جي اکين کان اوجهل آهن گهڙي گذري ته ڳورن بوٽن سان دهشتگرد ڊوڙندا ان وڏي پٿر اڳيان لنگهيا جنهن پٿر پويان هو ٻئي کڏ ۾ لڪيل هيا ۽ پوءِ دهشتگردن جي ڳورن بوٽن جا آواز پٿريلي زمين تي لڳندا ڏور ٿيندا ويا. هنن ٻنهي جي جسم ۾ ڄڻ جان موٽي آئي، کڏ ۾ ويٺي انهن اکيون بند ڪري ٿڌو ساهه کنيو ته پهريون دفعو ڄڻ پنهنجي منهن تي پوندڙ مينهن جي هلڪي بوندن جو انهن کي احساس ٿيو. عليءَ کيسي مان آلو ٿي ويل رومال ڪڍي پنهنجو منهن صاف ڪيو، هنن کي افسوس ٿي رهيو هيو ته گهڻو وقت گذرڻ باوجود به اڃان هنن وٽ پوليس نه پهتي هئي.
    عليءَ جلدي ۾ پنهنجي کيسي مان وري موبائيل ڪڍيو ۽ پنهنجي ڪنهن دوست کي چيو ته اهو ڪنهن اعليٰ عملدار کي اطلاع ڪري انهن جي بچاءَ جو بندوبست ڪري. عمر اتي کڏ ۾ هن جي ڪلهي تي مٿو ٽيڪي سمهي رهيو هيو، انهن ٻنهي ان پناهگاهه مان نڪرڻ مناسب نه سمجهيو، ٻئي اوندهه جو فائدو وٺي اتي لڪيا رهيا، دهشتگرد انهن پويان کين ڳوليندي ڪافي اڳتي لنگهي ويا ۽ هو ٻئي خوف ۽ ٿڪاوٽ کان اتي اوندهه ۾ سهڪندا رهيا.
    ”علي هن شهر جا ماڻهو ڪيڏا نه بي حس ۽ بي درد ٿي ويا آهن، هن ڏکي وقت ۾ ڇا اهڙو ڪو به انسان نه آهي، جيڪو اڳتي وڌي اسان جي مدد ڪري.“ عمر وڏي افسوس مان چيو.
    علي جنهن جون اکيون خوف ۽ دهشت کان ڍريون ٿي چڪيون هيون اهو خاموشيءَ سان سهڪي رهيو هيو.
    ”هن شهر جي ماڻهن ايڏو ته قتل عام ڏٺو آهي جو انهن لاءِ ڪنهن به انسان جو خون ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، اها بي حسي هڪ عام رواجي ڳالهه ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.” عليءَ هوريان وراڻيو هو ٻيئي ڪجهه دير خاموشي سان کڏ جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي اوندهه ۾ مٿي آسمان هيٺان ڊوڙندڙ ڀورن بادلن کي ڏسندا رهيا، مينهن جون بوندون انهن جي منهن ۽ جسم تي ڪرنديون رهيون.
    ”علي اسان کي هن ملڪ ڏانهن نه موٽڻ گهربو هيو، جنهن ملڪ اندر ڪو قانون، امن ۽ امان نه هجي، ان ملڪ اندر ڪو ڪهڙي نموني ڪنهن ماڻهوءَ جي سچائي سان خدمت ڪري سگهي ٿو. جتي پنهنجي جان جنجال ۾ هجي اتي ٻئي ماڻهو جي ڪهڙي جان بچائي سگهجي ٿي.” عمر مايوسيءَ ۾ چيو ۽ ڪنڌ عليءَ جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو.
    علي ءَ جي اکين مان ٻه ڳوڙها وهي هن جي منهن تي پوندڙ مينهن جي بوندن ۾ ملي ويا.
    ”ها عمر تون سچ ٿو چوين، هيءُ ملڪ ۽ ان جو قانون سڀ دهشتگردن کي بچائڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. هن ملڪ اندر شريف ماڻهوءَ لاءِ ڪا به پناهه گاهه نه آهي.” علي ٿورو جذباتي ٿيندي چيو.
    صرف آسمان ڏسجي رهيو هيو ڀورا بادل عرش ۾ ڄڻ هنن وانگر ڪنهن پناهه گاهه جي تلاش ۾ ڊوڙي رهيا هيا. بوندون وسي رهيون هيون پر اتي پهاڙ جي ڳاڙهي واريءَ ڪري چيڪڙ نه هئي. انهن ٻنهي جڏهن محسوس ڪيو ته دهشتگرد گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن ته هو همت ڪري هٿ هٿ ۾ ڏئي کڏ مان ٻاهر نڪتا ۽ دهشتگردن جي ٻئي پاسي مخالف روڊ تي تيز قدم کڻندا ڄڻ ڊوڙندا ويا. هنن سوچيو شايد هو ٻئي دهشتگردن کان گهڻو پري نڪري آيا آهن.
    مينهن جي پهرين بوند ان شهر جي ٽرانسفارمرن لاءِ ڄڻ گوليءَ جو ڪم ڪندي هئي. انهن جي ڌماڪي سان روشنيون اڏامي وينديون هيون ۽ اوندهه مينهن ۾ هر شيءَ کي وڌيڪ سحر انگيز بڻائي ڇڏيندي هئي. بجليءَ جي بند هجڻ ڪري هر طرف ڦهليل گهري اوندهه ۾ هنن کي رات جي ڪافي گذري وڃڻ جو احساس ٿي رهيو هيو. هو ٻئي اوندهه جو فائدو وٺي رستن جي پاسن کان پوکيل وڻن ۽ ٻوٽن جو سهارو وٺي لڪندا، ڪنهن پناهه گاهه جي ڳولها ۾ اڳتي وڌندا رهيا. هو جڏهن پل ٽپي ڪنهن شهيد جي نالي پويان منسوب ٿيل باغ وٽ اچي پهتا ته هنن کي وري پري کان ڳورن بوٽن جي ڀڄڻ جو آواز ڪن تي پيو. هو ٻئي پاسو وٺي، اتي روڊ جي ڪناري ٺهيل نرسريءَ جي وڻن ۽ ٻوٽن پويان وڃي لڪا. انهن لڪندي وڻن ۽ ٻوٽن مان منهن مٿي ڪري اڳتي نهاريو، انهن ڏٺو پري کان ساڳيا دهشتگرد هنن کي ڳوليندا ان طرف وڌي رهيا هيا.
    ”علي شايد هو هيڏانهن اچي رهيا آهن؟“ عمر خوف سان ڀريل آواز ۾ چيو.
    علي جنهن جي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي ان عمر کي دلاسو ڏنو، “شايد انهن اسان کي نه ڏٺو آهي.” علي ٿورو مطمئن ٿيندي چيو. پوءِ هو ٿورو پرڀرو جتي ٻوٽا تمام گهاٽا هيا اتي وڃي لڪا. دهشتگرد انهن کي ويجهو ٿيندا ويا ۽ ذري گهٽ انهن مٿان اچي پهتا. هو ٻئي لڪندي ٿورو ڪنڌ مٿي کڻي ڏسي رهيا هيا، دهشتگردن جو جديد اسلحو ۽ مينهن جي چيڪڙ ۾ ڀريل بوٽ انهن کان ڪجهه فاصلي تي موجود هيا. دهشتگرد نرسريءَ وٽ پهچي بيهي رهيا ۽ هيڏانهن هوڏانهن انهن کي ڳولڻ لڳا. علي ۽ عمر کي دهشتگردن جا چهرا نظر اچي رهيا هيا. انهن محسوس ڪيو سچ ته هر ظالم جو چهرو بگڙيل ۽ داغدار هوندو آهي. دهشتگرد ڪجهه وقت اتي نوسيندا رهيا ۽ پوءِ وري هو کاٻي پاسي ڏانهن روڊ تي ڊوڙندا هليا ويا. دهشتگردن جي وڃڻ کانپوءِ هنن ٻنهي جا خوف کان سخت ٿي ويل لڱ ڍرا ٿي ويا. انهن ٿڌو ساهه کنيو، ٿوري دير کانپوءِ هو نرسري مان ٻاهر نڪري روڊ جي سڄي پاسي ڏانهن اڳتي وڌيا. اوندهه ايتري گهري هئي جو رستي تي پيل پاڻي جي دٻن ۾ ڪرندڙ مينهن ڪري ٺهندڙ دائرا نه ڏسجي رهيا هيا. اتي رستي تي پيل پاڻي ۾ ڪي به روشنيون پنهنجا عڪس نه ٺاهي رهيون هيون ۽ پوندڙ مينهن جي بوندن ڪري پاڻي جا ڪي به ڦوٽا نه ٺهي رهيا هيا، انهن جون مايوس دليون زور سان ڌڙڪي رب کي ياد ڪري رهيون هيون. هو سمجهي رهيا هيا ته سندن آخري سهارو ٻيو ڪو به نه آهي، بس خدا ئي آهي، جيڪو هنن جو ساٿ ڏيئي سگهي ٿو.
    هو ٻئي شهيد جي نالي پويان منسوب باغ جي سڄي پاسي کان اڳتي وڌي جڏهن بيد مشڪن واري ويڪري رستي تي پهتا ته سندن خوف ۽ حيرت جي انتها نه رهي، انهن ڏٺو ساڳيا دهشتگرد روڊ جي پريان ڪافي فاصل تي موجود هيا. هنن ٻنهي جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، جيئن ئي پٺي ورائي واپس ڀڳا ته دهشتگردن جي نظر گوليءَ جيان اتي اچي پهتي. ٺڪاءُ ٿيو ۽ گولي هڪ دفعو وري زوڪٽ ڪندي چڻنگ جيان اوندهه ۾ گم ٿي وئي. هو ٻئي روڊ جي پاسي کان سنهي گهٽي ۾ مڙيا ۽ دهشتگرد ڳورن بوٽن سان انهن کي للڪاريندا پويان ڀڄندا آيا.
    عمر ۽ علي هڪ دفعو وري ڪنهن پناهه گاهه جي ڳولا ۾ اڳتي ڊوڙيا هنن محسوس ڪيو سڄو شهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ان شهر جا در ۽ دروازا تباهه ٿي چڪا آهن، اتي ڪا به پناهه گاهه نه آهي، ماڻهو ڪنهن قهر ۾ فنا ٿي چڪا آهن ۽ چوسول تي بيٺل چار بکايل ڪتا اتي جا حڪمران آهن. هو ٻئي ڀڄندا رب کي ياد ڪندا ويا. مينهن جي پاڻيءَ ۾ انهن جي پوندڙ قدمن ڪري پيدا ٿيندڙ آواز ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو هو ته هو جيئرا آهن. انهن محسوس ڪيو جيئن سندن پوري توانائي انهن جي قدمن ۾ ڪٺي ٿي چڪي آهي ۽ هو اڳتي ڊوڙندا رهيا، دهشتگرد ڪجهه فاصلي تائين انهن پويان ڊوڙندا آيا ۽ پوءِ انهن محسوس ڪيو جيئن هو هڪ دفعو وري انهن کان گهڻو پري نڪري آيا آهن. هنن ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريو روڊ سنسان هيو، اوندهه ۾ وڻن جا پن مينهن جي پاڻي ۾ چهٽي هوا ۾ نه اڏامي رهيا هيا. هنن ٿڌو ساهه کنيو پر پوءِ به خوف مينهن جي بوندن جيان انهن جي من ۾ خاموشي سان وسي رهيو هيو. هو ٻئي بي حد گهٻرائيل هيا ۽ سوچي رهيا هيا ته خدا ڪري هو ڪنهن پناهه گاهه ۾ پهچي پاڻ لڪائي سگهن.
    ”ائين پيو محسوس ٿئي هن شهر ۾ اسان کي بچائڻ وارا دهشتگردن جي ور چڙهي ختم ٿي چڪا آهن.“ علي سهڪندي چيو.
    ”سمجهه ۾ نه ٿو اچي آخر هن ڊوڙ جو انت ڪٿي ٿيندو؟“ عمر مايوسي ۾ اڳتي وڌندي چيو.
    هنن ويڪري روڊ تي پهچي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو اتي ڪو به ڪو نه هيو. رات گهڻي گهري ٿي چڪي هئي، اوندهه ۽ مينهن ۾ خوف، خاموشي سان ستل هيو. هنن ڪنڌ ورائي واپس سنهي گهٽيءَ ڏانهن ڏٺو اتي هوا ۾ اوندهه گهلي رهي هئي. هنن سوچيو شايد دهشتگرد گهڻو پوئتي هنن کي ڳوليندي ڀٽڪي رهيا آهن. ان کان اڳ جو اهي وري هنن جي سامهون اچي وڃن، هنن کي ڪا اهڙي پناهه گاهه هٿ ڪرڻ گهرجي جتي هو رات جا بچيل باقي پهر گذاري، زندگي بچائي سگهن.
    هنن ڏٺو روڊ جي ٻئي ڀر هڪ عبادتگاهه جو دروازو کليل هو، عبادتگاهه جو کليل دروازو ڏسي هنن کي حيرت لڳي پر هنن جي من ۾ خوشيءَ جي لهر پڻ اڀري، هنن سوچيو خدا جي گهر کان وڌيڪ هڪ انسان لاءِ ڪهڙي پناهه گاهه ٿي سگهي ٿي. هو ٻئي روڊ ٽپي اچي عبادتگاهه کي ويجهو پهتا، هنن اڳتي وڌي عبادتگاهه جي ڏاڪڻين تي پنهنجا قدم رکيا، هنن مٿي پهچي پنهنجن پيرن ۾ پيل مينهن جي چيڪڙ وارا بوٽ لاهي پاسي سان رکيا، انهن عبادتگاهه ۾ اندر ڏٺو اتي ڪجهه ماڻهو هڪ هال جي پرين ڀت کي ٽيڪ ڏئي پنهنجن چهرين تي مذهبي ڪتاب ڏئي تلاوت ڪري رهيا هيا، هنن ٻنهي کي خوشي محسوس ٿي. هنن سوچيو هو به ائين عبادتگاهه ۾ ويهي مذهبي ڪتاب ۾ منهن لڪائي رات جا باقي پهر گذاري دهشتگردن کان بچي ويندا، هنن دل ئي دل ۾ خدا جا ٿورا مڃيا، جنهن هنن جي جان بچائڻ ۾ مدد ڪئي. هو اندر هال ۾ پهتا هنن ڏٺو ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺل ماڻهن جي وچ ۾ ٿوري جاءِ خالي هئي، جتي هو ويهي مذهبي ڪتاب کولي پنهنجي منهن تي ڏئي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويا. هو خوف مان ڪڏهن ڪڏهن منهن مٿي ڪري عبادتگاهه جي ٻاهري در ڏانهن پڻ ڏسي رهيا هيا.
    هنن کي اتي مذهبي ڪتاب ۾ منهن لڪائي تلاوت ڪندي گهڻو وقت گذري ويو، هاڻي هنن جي من مان خوف جهڪو ٿي چڪو هيو. هو دل ۾ سڪون ۽ جسم ۾ آرام محسوس ڪري رهيا هيا، هنن کي خوشي محسوس ٿي رهي هئي ته هو خطري کان ٻاهر نڪري آيا آهن. اوچتو علي ۽ عمر ڪنڌ ورائي پنهنجن پاسي وارن ڪلهن ڏانهن نهاريو، هو جيئن ڏسندا ويا تيئن هنن جا منهن خوف کان هيڊا ٿي اڇي رنگ ۾ تبديل ٿي ويا، منهن اڳيان ڏنل مذهبي ڪتاب انهن جي هٿن ۾ ڏڪڻ لڳا، هنن ڏٺو انهن جي ٻنهي پاسن ڏانهن مذهبي ڪتابن ۾ منهن لڪائي ويٺل ماڻهو اهي ئي دهشتگرد هيا جيڪي انهن جي پويان پئي آيا.
    عمر ۽ علي جي اکين مان رت جا ڳوڙها وهندا هيٺ ڪريا ۽ انهن جي ڏڪندڙ هٿن ۾ جهليل مذهبي ڪتابن ۾ جذب ٿي ويا.


    کنگهه وارو ڪمرو

    هن پڇيو.
    ”ڪيئن ٿي لڳان؟“
    مون چيو
    ”هيڊو جسم، سايون رڳان.“
    رهاڪن جي ان ويڙهي اندر صرف هڪ ڪوٺي هئي، جنهن کي ڪچين سرن ۽ گاري سان ٺاهيو ويو هيو. پورو ويڙهو جيڪو اٽڪل پندرهن مردن، ويهن عورتن ۽ گهڻن ٻارن تي مشتل هيو اتي ڪيترن سالن کان رهيل هيو. جڏهن رات ٿيندي هئي ته ان ويڙهي جو پڌر ڀاتين سان ائين سٿيو پيو هوندو هيو جيئن جنگ جي ميدان ۾ ڦرلٽ کانپوءِ لاش پيا هجن.
    ڏينهن جو مرد زالن سميت ٻنين تي ڪم ڪندا هيا ۽ رات جو انهن وٽ زالن کانسواءِ ڪا وندر نه هوندي هئي. رات جيئن گهري ٿيندي هئي ٻڍا ٻار ۽ ڪنواريون ننڊاکڙا ٿيندا هيا ته ڪو مرد زال کي ساڻ ڪري رلهي ڪلهي تي رکي ان واحد ڪمري ڏانهن وڌندو هيو، ڪمري اندر ايتري ته اوندهه هوندي هئي جو در اندر اهولامحدود اوندهه سان ڀريل هوندو هيو. جڏهن مرد ان ڪمري اندر داخل ٿيندو هيو ته پهريون اهو ان ڳالهه جي خاطري ڪندو هيو ته ڪمرو خالي آهي، ٻي صورت ۾ ڪمري اندران کنگهه جو آواز ايندو هيو، جيڪو ان ڳالهه جي گواهي ڏيندو هيو ته ڪمري اندر پهريون ڪوئي موجود آهي.
    گهڙي سوا ۾ هر ڪو فارغ ٿي ٻئي کي موقعو ڏيندو هيو ته ڀل اهو به ٻه چار پل اتي نويڪلائيءَ ۾ گذاري سگهي. دير سوير هر ڪنهن کي موقعو ملي ويندو هيو ۽ ائين اهو ڪمرو پوري رات رهاڪن جي ان ڪٽنب لاءِ وڏي اهميت جو باعث هيو.
    رهاڪن جو اهو ويڙهو، ڳوٺ ٻاهران ٻنين وچ ۾ جريب کن زمين تي اڏيل هيو. ويڙهي ٻاهران ڪانڊيرن ۽ ٽوئن جا لوڙها ڏئي، ان کي محفوظ ڪيو ويو هيو. ڪجهه مَنهيون هيون جن ۾ ڏاند ۽ ٻيو مال ٻڌل هوندو هيو. سانجهي ٿيندي هئي ته اتي دونهين دکندي هئي ۽ مرد ڏاندن کي هڪليندا واپس لانڍين ڏانهن ورندا هيا. انهن جا ڏينهن ساڳيا ڏاند جي ڳچيءَ ۾ پيل نوڙ جهڙا گذرندا هيا. پورو ڏينهن پرائي زمين جي سيوا ڪندي ۽ بٽئي تي مليل ان ڪڻا، جيڪي اڌ ڀرئي پيٽ تي انهن کي جيئري رکڻ لاءِ ڪافي هيا.
    رهاڪن جي ان وڏي ڪٽنب جي ايتري آمدني نه هئي جو اهي وڌيڪ ڪمرا ٺهرائي سگهن، جيئن مرد انهن کي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهن. زميندار جي ٻنين مان محنت جي صلي ۾ ايترو مس حاصل ٿيندو هين جو رکيو سکيو کائي زندگي بسر ڪن. اهو واحد ڪمرو جنهن کي ويڙهي جا ڪجهه چلولا جوان کنگهه وارو ڪمرو چوندا هيا. جيڪو انهن جو زالن سان ميلاپ لاءِ واحد وسيلو هيو. ڏينهن جو ڪجهه نوجوان ان ڳالهه تي هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍو کلندا هيا ته ڪيئن نه پوري رات اهو ڪمرو مصروف رهي ٿو.
    ”اڙي ڇورا ڌوڙ پويئي منهن ۾.“ اڌ وهيءَ وارو موسو ڪنهن جوان کي ڀونڊو ڏيندي چوندو هيو، ”روز اها رلهي ڪلهي تي کڻي ٿو ڀڄندو وتين شرم نه ٿو اچئي؟”
    هن جي ڳالهه تي سڀ ٽهڪن ۾ مچي ويندا هيا.
    ”چاچا توکي ته رب رکي.“ ڪو چلولو چاچي کي چيڙائيندي چوندو هيو ”هاڻي ڇڏ پچر پوڙهيءَ جي.”
    موسو ان جي ڳالهه تي پنهنجي ڇڳل جتيءَ ۾ هٿ وجهندو هيو ۽ چلولا جوان ٽهڪ ڏيندا پري ڀڄي ويندا هيا.
    رهاڪن جي ان ڪٽنب جو ڏکيو سکيو وقت ان ويڙهي اندر غمن ۽ خوشين سان گذري رهيو هيو. ويڙهي جي پڌر ۾ اَن جون پنج گنديون ڪنهن ڀڳوان جي بت جيان بيٺل هونديون هيون جن جي حفاظت ڪتا ڪندا هيا. اتي گندين مٿان ڪانءَ ويٺل هوندا هيا جن کي لولو ملي ويندو هيو. اهي اَن جون گنديون، ان ڪٽنب جي سڀ کان وڏي ميراث هيون. ڪٽنب جو وڏو رجب علي برابريءَ جي بنياد تي اَن داڻا ڪٽنب جي ڀاتين ۾ ورهائيندو هيو ۽ پوءِ ڇيڻن جي دونهين پويان نظر نه ايندڙ چلهن تي اتي ڍوڍا پچندا هيا، جيڪي اڌ پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي هوندا هيا ۽ پيٽ جو ٻيو اڌ ان اميد سان ڀريل هوندو هيو ته نيٺ سکيا ڏينهن ضرور ايندا.
    ڪٽنب جو کهرو ماڻهو محرم علي اَن ڪڻن تي ڪڏهن ڪر ڪر ڪري وجهندو هيو.
    ”منهنجا ڀاتي ڏس ۽ اَن لپ ڏس؟” هو رجب علي کي چوندو هيو، “ڪجهه وڌائي ڏي، تون انصاف ته ڪر ني.”
    پوڙهو رجب علي ڏاڙهي کنهي هن کي ڏسندو هيو.
    ”هل ته ٺوڪيان نه موچڙو.“ هو چوندو هيو، “اهو کائڻو ٿي ته کاءُ نه ته ............کاءُ.”
    محرم علي اکيون ڳاڙهيون ڪري هن کي ڏسندو هيو ۽ پوءِ مڇ وٽي هليو ويندو هيو.
    سڄي ويڙهي ۾ ڪو هٿيار نه هوندو هيو سواءِ محرم علي جي ان واحد چمڪندڙ ڪهاڙي جي، جنهن کي هو تيل هڻي ڪٽ لڳڻ کان بچائيندو هيو. گهر ۾ ڪاٺين وڍڻ لاءِ زنگ آلوده ڪهاڙو پڻ موجوده هو، پر محرم علي جي چاندي جيان چمڪندر ڪهاڙي جي ڳالهه ئي نرالي هئي.
    هڪ رات جڏهن ويڙهي جو پورو پڌر ڀاتين سان سٿيو پيو هيو ته محرم علي رلهي ڪلهي تي رکي زال کي ساڻ ڪري ڪمري طرف وڌيو هن جيئن ئي اندر اوندهه ۾ قدم رکيو ته سندس ڪن تي ڪنهن جي کنگهه جو آواز پيو. هو جهجهڪيو ۽ بيهي رهيو، سندس من ۾ آيو ته ڪهاڙي کڻي ٺڪاءُ ڪرائيس، پر ڳيت ڏئي ڪاوڙ پي ويو ۽ ويندي ٻه دفعا کنگهيو. جنهن جو مطلب هيو، ”جلدي ڪر.”
    ان ويڙهي جا ڪتا ٻين ڪتن جي برعڪس ڏينهن جو ڀونڪندا هيا، رات جو اهي ان ٻانهينءَ هيٺان اڳين ٽنگن تي منهن رکي ستل هوندا هيا، جنهن ٻانهينءَ ۾ هيڊي رنگ وارو لالٽين ٻرندو هيو. ويڙهي جي ڪنهن جوان جي شادي ٿيندي هئي ته اهو ڪمرو هڪ رات لاءِ ان جوان جي ملڪيت هوندو هيو ۽ ڪنهن کي به کنگهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ان رات عورتون پڌر ۾ سهرا چونديون هيون، مرد نچندا هيا ۽ ڪتن کي ڀونڪڻ جي اجازت هوندي هئي.
    سڀني جوانن جي پنهنجي وقت اچڻ تي شادي ٿي وئي، سواءِ ربڏني جي. ربڏنو ان ويڙهي جو ڪمزور، انتهائي سست جوان هيو. جسم ۾ سنهو هجڻ ڪري هن جي پٺيءَ جا هڏا ڪنهن پکيءَ جي پرن جيان ٻاهر نڪتل هوندا هيا. ويڙهي جا ماڻهو هن کي ڏٻرو چئي پڪاريندا هيا.
    ”اڙي گهوڙا ڙي سڀني ڪنوار ماڻي منهنجي يار ڏٻري جي ڪا ڪلهي ڪا نه چڙهي.” ويڙهي جو مسخرو محمد بخش هن کي چيلهه کان پڪڙي مذاق ۾ چوندو هو.
    ”اڙي ڇو ڏٻري جي ڪڍ پيا آهيو.” ڪو ٽهڪڙن جي وچ ۾ چوندو هيو، “ڏٻرو شل پنهنجو وزن ته کڻي.”
    سڄو ويڙهو ڏٻري مٿان پيو کلندو هيو. ڏٻرو ڏينهن رات پڌر پريان ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ڇڳل کٽ تي ستل هوندو هيو. ويلي تي اڻڀو ڳڀو کٽ تي رکي ويندا هيس، جيڪو هٿ ورائي ڪڏهن چٻاڙي کائيندو هيو. ڪڏهن اٿي ڪٽنب جي ڀاتين کي هٿ به ونڊائيندو هيو. ڍورن کي چارو ڏيندو هيو ۽ ڪڏهن پاڻيءَ جي مند ۾ ٿورو گهڻو رونبو ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو هيو، نه ته سدائين ڪنڊيءَ هيٺان سمهي، وڻ تي ويٺل ڳيرن کي پيو ڏسندو هيو.
    رات ٿيندي هئي ته ڏٻرو پريان اکيون کولي ان ڪمري کي ڏسندو هيو جتان سڄي رات گهڙي پل کانپوءِ کنگهه جو آواز ايندو هيو. جڏهن سج نڪرندو هيو ته ڏٻري کي کنگهه مچندي هئي ۽ ويڙهي وارا هن تي کلندا هيا.
    ”اڙي ڏٻرا خير ته آهي؟” ويڙهي جو مسخرو محمد بخش چوندو هيو، “اڪيلو ٿو کٽ تي کنگهين؟”
    ڏٻرو ڪو جواب نه ڏيندو هيو، هو صرف شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري مرڪندو هيو.
    ”اڙي بابا هن ڏٻري جو ڪو بندوبست ڪيو.” هن کي چيڙائڻ لاءِ وري جو چوندو هيو “اڪيلو کنگهي کنگهي مري ويندو.”
    “اڙي بڪ بڪ بند ڪر.” محرم علي اکيون ڳاڙهيون ڪري چوندو هيو. “گهر کڻي مٿي تي کنيو اٿئي. ڌوڙ پئي آ توکي به ته ان ڏٻري کي به.”
    ويڙهي ۾ چپ ٿي ويندي هئي، رڳو ان جي گندين تي ويٺل ڪانءَ گوڙ ڪري لولي جو انتظار ڪندا هيا.
    تنهن سال چانورن جو فيصل سٺو نه ٿيو، مٿي درياهه تي ڊيم ٺهڻ ڪري پاڻي سڪي ويو، وقت تي پاڻيءَ جو وارو نه ملڻ ڪري سارين جي پوک اهڙي ته ڪساري ٿي، جو بٽئي وقت رهاڪن جي حصي ۾ ايترا ان ڪڻا آيا جو هو انهن کي آڱرين تي ڳڻتي پئي سگهيا.
    جڏهن گندين جا پيٽ نه ڀريا ته ماڻهن جا ڪيئن ڀربا، ويڙهي جي وڏي چيو “خبر نه آهي وقت ڪيئن گذرندو؟”
    سڄو ويڙهو پريشان ٿي ويو ۽ پوءِ وقت سان ان ڪٽنب جي پريشانين ۾ اضافو ٿيندو ويو، جتي گوڏي جيڏي پاڻي ۾ بيهي هو رونبو ڪندا هيا، اهو پاڻي هنن جي پيرن جي ترين هيٺان ٿيندو سڪي ويو. سارين جو فيصل ته ڇٽو پر ان سال ڪڻڪ به اهڙي ڪساري ٿي، جيئن پوڙهي جي مٿي تي ڇڊا وار. پاڻيءَ بنا ڌوڙ ئي ڌوڙ ٿي وئي. لُڪ پئي لڳي ته مٽي پئي اڏامي، جتي اڌ پيٽ ڀربو هيو اتي چوٿون حصو ڀرجڻ لڳو، ويڙهي جا مرد مايوس ۽ پريشان ٿي ويا. هر ڪنهن جي منهن تي تاءَ واري ڪيفيت هئي، سڀ اوپرين اکين سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا. ان تاءَ جو اثر ٻيو ته ڪجهه نه ٿيو پر رات جي وقت ان واحد ڪمري ڏانهن اچ وڃ وڌي وئي ۽ پوري رات اهو ڪمرو هڪ وڏي کنگهه سان گونجڻ لڳو.
    هيڻن جسمن تي بيمارين جو حملو ٿيو ۽ مائي اميدان جو مڙس حاڪم علي سيءَ تپ ۾ ڏڪي ڏڪي پندرهن ڏينهن کانپوءِ ڪارا پيشاب ڪري مري ويو. اميدان جوان جماڻ عورت هئي، ان جي ڀائرن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻيو ڪو رستو نه ڏسي ان کي ڏٻري سان پرڻائي ڇڏيو. ڏٻري اها پوري رات ان ڪمري اندر گذاري، جنهن کي ڪڏهن پريان هو ڇڳل کٽ تي سمهي حسرت سان ڏسندو هيو. صبح ٿيو ته ويڙهي وارن ڏٺو ڄڻ هڪ ئي رات ۾ ڏٻرو صحتمند جوان ٿي پيو هجي. رواج موجب پيٽ تي لت ڏئي ويڙهي وارن ان شادي ٿيل جوڙي کي صبح جو نيراني بسري کارائي ۽ ڏٻرو چيلهه سڌي ڪري سڻڀن چپن سان زال کي ساڻ ڪري کٽ تي ويهي رهيو.
    پوءِ اها رات خالي نه هوندي هئي جو سج لهڻ سان ڏٻرو سڀ کان پهريون ڊڪندو رلهي ڪلهي تي کڻي نئين پرڻيل ڪنوار کي ساڻ ڪري ان ڪمري ۾ داخل ٿيندو هيو ۽ پيو کنگهندو هيو.
    ويڙهي جا مرد پريشان ٿي ويا انهن کي ڏٻري مان اها اميد نه هئي. ڪو مرد اڳتي وڌي ڪمري ۾ گهرندو هيو ته ڏٻرو کنگهه ۾ مچي ويندو هيو ۽ ائين ويڙهي ۾ مردن کي وارو ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. هڪ صبح جو محرم علي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڏٻري ڏانهن ڏٺو.
    “اڙي ڪهڙا جوڻين آنا لاٿا هن جو سڄي رات تون انهن تي اندر ويهي آرو ٿو ڪرين؟” هن ڏٻري کي ڪاوڙ ۾ چيو ۽ ڏٻرو ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو.
    ان سال سانوڻ ۾ ايترا مينهن نه وسيا جو ڌرتيءَ جو سينو نرم ٿي سگهي ۽ ان تي هر هلائي چيري سگهجي. پاڻيءَ جو ايڏو ڪال پيو جو ماڻهو ته ڇا پر مال مويشي به بک تي بدحال ٿي ويا. اَن جون گنديون انهن جي پيٽ جيان خالي ٿي ويون ۽ ان ويڙهي جي ڪتن لاءِ اتي ڪو به ڪرڻ جهڙو ڪم نه بچيو، اهي نه ڏينهن جو ڀونڪندا هيا ۽ نه رات جو. ڪنهن ڇڻيل وڻ جي ڇانو ۾ ليٽي سنهي پيٽ سان پيا ساهه کڻندا هيا.
    مردن وٽ هڙ ۾ ايترا پئسا نه بچيا جو پندرهن ڪلو ميٽر پري وڏي شهر جو چڪر هڻي تازا توانا ٿي اچن. اهي سڄو ڏينهن ڇڳل کٽن تي ليٽي پيا آسمان کي ڏسندا هيا ۽ رات جو انتظار ڪندا هيا.
    بک ۽ فاقن ڪري ان ڪٽنب جي ٻارن ۽ عورتن جا منهن پيلا ٿي ويا ۽ انهن جون واڇون ڦاٽي پيون، ويڙهي جون ڳورهاريون عورتون ڪمزور ۽ مئل ٻارن کي جنم ڏيڻ کانپوءِ پاڻ به موت جي حوالي ٿيڻ لڳيون. ويڙهي ۾ گهمندڙ اگهاڙن ٻارن جا پيٽ وڏا ۽ پاسيريون ڦڻيءَ جي ڏندن جيان ڏسجڻ لڳيون.
    هڪ رات ڏنگو مڙس محرم علي جيئن جوءِ کي ساڻ ڪري ڪمري ۾ گهريو ته اندرا کنگهه جو آواز آيس، اکيون اوندهه ۾ وڄ جيان ٻري پيس.
    ”اڙي ڪهڙو آن؟” هن اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سڀ حجاب ٽوڙيندي چيو، “چوان ٿو نڪر اتان.”
    هن ڳالهائي بس ڪئي ته وري کنگهه جو آواز آيس، هو زهر جو ڍڪ ڀري مڙي ويو ۽ واپس مڙيو. ٻاهر پڌر ۾ اچي ڪنڌ ورائي نهاريائين، بظاهر سڀ ستل هيا. هن ڏٺو پريان ڏٻري جي کٽ خالي هئي. صبح ٿيو ته هن ويڙهي جي پرئي مڙس رجب علي کي دانهن ڏني.
    “هن کي سمجهاءِ نه ته ڏٻري چيلهه ڀڃي ڇڏيندو مانس.” هن ڳاڙهين اکين مٿان ڀرون کي ڇڪيندي چيو.
    پريون مڙس ڏٻري وٽ ويو ۽ هن کي چيائين “بابا ڪجهه خيال ڪر ماڻهو اجايو ايڏو حريس به نه ٿئي، پاڻ ۾ ڀائر آهيو، ٺهي رهو ان ۾ ئي توهان جي چڱائي آهي.”
    ڏٻري ٻڌو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري پوتڙي سان منهن اگهيائين، ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو.
    هڪ رات ويڙهي جو مسخرو محمد بخش رلهي کڻي جيئن ڪمري اندر وڌيو ته پريان کنگهه جو آواز ڪن تي پيس واپس. کٽ تي ويهي هيڏي هوڏي نهاريائين پڌر جي ٻانهينءَ ۾ ٻرندڙ لالٽين جي پيلي روشني ۾ ڏٺائين سڀ کٽون ڀريل هيون، پري ڪنڊيءَ هيٺان پيل کٽ خالي هئي سمجهي ويو، ڏٻرو اندر آهي.
    صبح ٿيو اهو سارو ڏينهن مسخري محمد بخش ڪنهن سان مذاق نه ڪئي، هن نه ڪنهن کي کلايو ۽ نه ڪنهن سان ڊيگهه ڪئي، چپ رهيو ۽ حيرت مان ڏٻري کي ڏسندو رهيو.
    ويڙهي جي مردن ۾ هڪ ڪاوڙ واري ڪيفيت ڊوڙي وئي، هو سڪل منهن سان هڪ ٻئي طرف ڏسي ڄڻ اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کان سوال ڪرڻ لڳا ته آخر مسئلي جو حل ڇا ٿيڻ کپي؟
    پرئي مڙس رجب علي انهن کي گهڻو سمجهايو، “بابا توهان جو ڀاءُ آهي، تازي شادي ٿي اٿس، صبر ڪريو، ڪجهه برداشت ڪريو، اجايو ايڏا ڇتا نه ٿيو.”
    پر پيٽ جي بک سان گڏ هنن جي جنسي بک به وڌندي وئي ۽ سڀ گڏجي ان ڳالهه تي ويچارڻ لڳا ته هو هڪ ڏينهن ڏٻري کي گستاخيءَ جي سزا ضرور ڏيندا. ويڙهي وارن محسوس ڪيو ته ڏٻرو ڏينهون ڏينهن انهن کان پري رهڻ لڳو آهي هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن جو هو اونڌو منهن ڪري ڪنڊيءَ هيٺان ڇڊي ڇانو ۾ پيو هوندو هيو ۽ رات ٿيندي ئي کٽ تان غائب ٿي ويندو هيو.
    اها چانڊوڪي رات هئي، چنڊ ويڙهي مٿان ڄڻ واڍ ۾ لڙڪي رهيو هيو، سرءُ جا ڏينهن هيا ۽ ٻه چار ٻارڙا کٽن تي سمهي بند اکين سان سيءَ تپ ۾ ڏکيا پئي. سياري جا آثار هوا ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا هيا ۽ رکي رکي اتر جي هوا پئي گهلي، ڪو مرد رلهي کڻي اٿيو ۽ ان ڪمري جو رخ ڪيو اندران جڏهن کنگهه جو آواز آيس ته چڙي پيو. چانڊوڪي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پريان جڏهن ڏٻري جي خالي کٽ نظر آيس ته صفائي توائي ٿي ويو، وٺي گوڙ ڪيائين.
    ”اڙي ايڏو ظلم.” هن رڙ ڪري چيو، “هيءُ ڏٻرو ته وڏيري علي نواز خان کان به گوءِ کڻي ويو، بٽئي ۾ اڌ ته ملندو آ، هت ته اڌ به ڪو نه ٿو ملي.”
    وڃي محرم علي کي اٿاريائين محرم علي کي اشاري جي ضرورت هئي هڪدم وڃي پنهنجي چمڪندڙ ڪهاڙي ۾ هٿ وڌائين ٻه چار مرد ٻيا به اٿيا ۽ انهن به گار گند ڏيڻ شروع ڪيو. ويڙهي جون عورتون اٿيون ۽ انهن وٺي هاءِ گهوڙا شروع ڪئي، ٻار جاڳيا ۽ انهن روئڻ شروع ڪيو.
    مرد اندر ويا ته ڏٻرو کنگهيو.
    ”اڙي آهين ڪاٿي ماءُ جا......” محرم علي اوندهه ۾ هڪل ڪئي، محمد بخش کيسي مان ماچيس ڪڍي تيلي ٻاري، نورل ڊڪندو ويو ۽ ٻانهينءَ مان لال ٽين لاهي آيو.
    هنن ڏٺو ڏٻري جو منهن هيڊي ڪپڙي جهڙو هيو. هو هيٺ پاٿاري تي ليٽيو کنگهي رهيو هيو، سندس پريان زال اميدان وات تي رئو رکي روئي رهي هئي. اهو ڏسي محرم علي جي هٿن مان ڪهاڙي ڇڏائجي هيٺ ڪري پئي. هن اڳتي وڌي ڏٻري کي چتائي ڏٺو، هو مسلسل کنگهي رهيو هيو. هن هٿ وڌائي ان جي پيشانيءَ کي ڇهيو، اها باهه جيان ٻري رهي هئي. هن کنگهي ڳاڙهو بلغم ٻاهر ڦٽي ڪيو. رت جي ڌار هن جي واڇ وٽ ظاهر ٿي جيڪا پوتڙو کڻي هن اگهي ڇڏي. پوءِ هو سهڪڻ لڳو ۽ ڀائرن ڏانهن افسوس ۽ شرمندگي مان نهارڻ لڳو.
    “منهنجا ڀائرو مون کي بخشجو، ٻاهر ولهه ۾ سمهڻ منهنجي وس ۾ نه هيو، منهنجي کنگهه ڪري توهان کي تڪليف پهتي، ايترا پئسا به نه هيا جو مان علاج لاءِ چئي سگهان.” ڏٻري سهڪندي آهستي ڳالهائيندي چيو.
    سڀ هن ڏانهن ڏک ۽ ندامت مان نهاريندا رهيا، ڏٻري جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. هن جي حالت ڏسي پريو مڙس رجب علي سڏڪي پيو، ڏٻري کي ٻانهن جو سهارو ڏنو ۽ پوءِ روئندي چيو.
    ”هاءِ ڙي غربت تو جهڙي ٻئي بيماري نه ڪا!“


    اڃايل

    ڪڏهن نخلستان جي ان کوهه چوڌاري اٺ ائين ڦرندو هيو جيئن هو خدا کان پنهنجا گناهه بخشرائڻ لاءِ طواف ڪندو هجي. اتي ايٽ ۾ اٺ گيان ۾ گم اکيون بند ڪري گول ڦرندو هيو. کوهه جي ڪينرين مان پاڻي هيٺ ڪرندو هڪ وڏي نيسر مان وهندو، ڌرتي تي ڪنهن فاتح جيان ڊڪندو ويندو هيو. اتي سڀ ساهه وارا اڃ اجهائيندا هئا. صحرا جي ان نخلستان جو اهو کوهه انهن جي زندگي جو واحد سهارو هيو. اتي کوهه جي چوگرد کجين جا وڻ هيا ۽ هيٺ ڌرتي تي ساوڪ جو تهه گرم هوا ۾ لهرن جيان پيو لڏندو هيو. نخلستان جي چوڌاري پري پري تائين واريءَ جون ڀٽون ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ائين بيٺل هونديون هيون جيئن انهن سڀ رستا روڪي ڌرتي کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. ان نخلستان کانسواءِ اتي ڪنهن به آبادي جا ڪي آثار نه هيا. ڪجهه سالن کان ڄڻ جهڙ ان صحرا جو رستو ڀلجي ويو هيو ۽ سج اڳيان ڪڏهن به ڪنهن ڪاري چادر جو پردو نه لهرايو. ڪڏهن به عرش ۾ وڄ جو چمڪندڙ چير پيدا نه ٿيو ۽ گجگوڙ ڪري ڦاٽندڙ آسمان مان ٽمندڙ پاڻي جو وڏڦڙو صحرا جي سيني تي ڪري هيٺ جذب ٿيندي نظر نه آيو.
    هڪ ڏينهن هلندي هلندي ايٽ ۾ ٻڌل اٺ جا چپ سڪي ويا ۽ هو بيهي رهيو، گول ڦرندڙ ايٽ جي ڪينرين مان پاڻيءَ بدران واري ۽ ڌوڙ نيسر ۾ ڪري ۽ نخلستان جو سائو گلم ان ڌوڙ ۾ ميرو ٿي پنهنجو رنگ وڃائي ويٺو. آخر اهڙو ڏينهن به آيو جو ايٽ ۾ ٻڌل اٺ اڃ تي هيٺ ڪريو، ۽ مري ويو. ڪجهه ماڻهن ان کي ازل کان ٻڌل ايٽ جي طوق مان ٻاهر ڪڍي مالهه جي واڍ سان ويڙهي گهلي کڻي پري ڀٽ تي اڇلايو. ڳجهن ڊگهيون چهنبون وجهي اٺ جي جسم جي سڪل رت سان پنهنجي اڃ اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اٺ جو ڪاٺ جهڙو ڍانچو تپيل سج هيٺان سڙي خاڪ ٿي ويو. نخلستان جي کجين جا نرڄو ساوا پن ناسي ٿي لڙڪي پيا ۽ کجيون انهن پوڙهين جيان نظر اچڻ لڳيون جيڪي ڏيساور ويل پنهنجن جون ريگستان جي ڀٽن پويان بيهي راهون نهاري، اڻڀا وار کولي انتظار ڪنديون هجن. سج مان ڪرندڙ باهه ڪري واريءَ مان اٿندڙ ڄر ۾ هر شي زلزلي جيان لڏندي نظر اچڻ لڳي. ماڻهن پنهنجا گهر ڇڏيا ۽ انهن پريان ڀٽن تان بيهي ڪنڌ ورائي نخلستان کي ڏٺو، ته اهو نخلستان انهن کي ائين نظر آيو، جيئن صحرا جي سيني ۾ هڪ کڏ اندر سڀ دفن ٿي چڪو هجي ۽ کجيون ميرا وار کولي ماتم ڪنديون هجن.
    جڏهن سڀ هليا ويا ته پوڙهي راهب سوچيو ڀٽن پويان ڀٽڪڻ مان ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي؟ انسان جيڪو ازل کان اڃيو آهي ان جي پياس صحرا جو ڪو به کوهه نه ٿو اجهائي سگهي، هو اڃايل آيو آهي ۽ هن کي خشڪ چپن سان دنيا کي الوداعي چمي ڏئي، آلين اکين سان واپس ورڻو آهي. راهب جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ هن پنهنجا پوڙها هٿ کڻي رب کي التجا ڪئي “اي رب مون کي مار.” هن چيو ۽ پوءِ هو سڏڪن ۾ مچي ويو. هن جي سڏڪن جو پڙاڏو خاموش صحرا ۾ ڄڻ ويچارا ڪڍي هن کي چڙائڻ لڳو. “اي رب هن حياتي جو ڪهڙو فائدو، جنهن ۾ انساني زندگي کي ڳوليندي موت جي منهن ۾ هليو وڃي. اي رب مان آپگهات ڪري تنهنجي امانت مليل چئن ڏينهن جي حفاظت نه ڪري، خيانت ڪرڻ بدران پنهنجي زندگيءَ جو بچيل هڪ ڏينهن واپس تنهنجي حوالي ڪرڻ چاهيان ٿو. اي رب مون کي موت ڏي، خودڪشي جي گناهه کان پناهه ڏي.”
    پوءِ پوڙهي راهب سوچيو، هو پنهنجي زندگي جيڪا هن جي رب جي امانت آهي، اها ان کي واپس ڪرڻ لاءِ تيز سج هيٺان صحرا جي تپندڙ واريءَ تي بيهي، پنهنجا ٻئي هٿ کڻي رب کي التجا ڪندو ۽ هو ايستائين ان کي ٻاڏائيندو جيستائين هن جي موت لاءِ ڪيل التجا اگهامي نه ٿي ۽ رب ان کي قبول نه ٿو ڪري.
    اهو سوچي هو اٿيو ۽ ان برباد نخلستان کي الوداع چئي، هو صحرا طرف وڌيو هو تپندڙ سج هيٺان واريءَ جي گرم ڀٽن تي هلندو، هڪ تمام اوچي ۽ وڏي ڀٽ تي چڙهي بيهي رهيو. هن هيٺ ڏٺو سمورو صحرا ڄڻ پاتال ۾ دکندڙ دوزخ جيان هيو، جنهن مان ڄر گناهگارن جي روح جيان پئي اڀري. اوچائي تي هجڻ ڪري هن جي نظر پري پري تائين ٿي پئي، اتي رڃ ۽ سڃ هر طرف واڪا ڪري رهي هئي. اتي ڄڻ اڃ جو شينهن خشڪ چپن سان رت چوسڻ لاءِ جاندارن کي ڳولهي رهيو هيو. هن ڪنڌ مٿي ڪري سج کي ڏٺو، هن محسوس ڪيو سج هن جي دماغ ۾ ٻري رهيو هيو، جنهن جا تيز ڪرڻا هن جي اکين مان نڪري ڌرتيءَ کي روشن ڪري رهيا هيا. هن جون اکيون ٽانڊن جيان دکي رهيون هيون، هو رنو ته هن پنهنجي ڪنن ۾ باهه تي پاڻيءَ ڇنڊا پوڻ ڪري پيدا ٿيندڙ آواز ٻڌا، هن روئي پنهنجا هٿ مٿي کنيا ۽ وري رڙ ڪري رب کي ٻاڏايو “اي رب مون کي مار هيءُ بدحال اڃايل بکايل زندگي مون کان واپس وٺ. اي رب اي جهان جا مالڪ تون مون تي ڪرم ڪر، ٻاجهه ڪر. مون کي پاڻ وٽ گهراءِ مان هن پياس سان ڀريل پاپي دنيا ۾ جيئن نه ٿو چاهيان.”
    هو رڙيون ڪري رب کي ٻاڏائيندو رهيو، پريان ڪا ڳجهه اڏامندي ظاهر ٿي ۽ اها ڊيڄاريندڙ سيٽين جهڙا آواز ڪڍندي هن مٿان ڊگها پر کولي ائين هلي وئي جيئن سج اڳيان ڪو ڪاري جهڙ جو ٽڪر لنگهيو هجي، جنهن کن پل لاءِ هن مٿان ڇانو ڪئي هجي. ڳجهه پنهنجن تيز آوازن سان صحرا جي سانت کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ اها گول چڪر لڳائيندي پر هڻندي پري هلي وئي.
    هن سوچيو ڳجهه هن جي مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، اها وري ضرور موٽندي ۽ هن کي پڪ هئي ته جڏهن اها واپس ورندي ته هو مري چڪو هوندو، هن اڃايل دنيا مان موڪلائي چڪو هوندو ۽ صحرا جي سڀ کان وڏي ڀٽ تي هن جو لاش نيزي پانڌ لٿل سج هيٺان ڳوڙهن کان پاڪ خشڪ کليل اکين سان پيو هوندو ۽ پوءِ اها ڳجهه هن جي پيٽ تي هن جو جيرو کائي هن جي موت جو غم محسوس ڪرڻ بدران خوشي محسوس ڪندي.
    پوڙهو راهب پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪري پوءِ ان ڀٽ تي بيهي روئي رب کي پڪاريندو رهيو. ڪيترائي سج لٿا ۽ چڙهيا، ڪفن ۾ ويڙهيل ڪيترين راتين جا جنازا تارن جي ڪلهن تي چڙهي هن آڏو لنگها، اڃايل چنڊ زرد چهري سان هن مٿان پيلي چانڊوڪي جون الٽيون ڪندو اڀريو ۽ الوپ ٿيو، تپندڙ صحرا جي ڄر ۾ عرش تي تارا پگهر جي بوندن جيان نروار ٿيا ۽ سج آسمان ۾ اڃايل پکيءَ جيان صحرا جي سج ۾ سهڪندو هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ڏانهن ڏامندو رهيو. وقت سان گڏ اڻ لڀ ٿي ويل پاڻيءَ ڪري هر شي اڃ جي آتش ۾ جلندي رهي. هن کي ان وڏي ڀٽ تي بيٺي ڪئين ڏينهن لنگهي ويا. هو هر هر رب کي موت لاءِ ٻاڏائيندو رهيو پر موت هن جي ويجهو نه آيو ۽ گرمي ۾ هن جو ماس رجندو پگهرجي بوندن جيان ٽمندو هيٺ ڪرندو رهيو. هن جي منهن جا هڏا ٻاهر نڪري آيا ۽ جسم سڪل ڪاٺين جي ڍانچي ۾ تبديل ٿي ويو. ڪڏهن هن جي من ۾ اهو خيال پئي آيو ته هو توبهه تائب ٿي رب کان معافي وٺي، انسانن جيان نخلستان کي الوداع چئي، اهڙي وسندي طرف نڪري وڃي جتي ڪنهن گهاٽي وڻ هيٺان ويهي کوهه جو ٿڌو پاڻي پي وري زندگيءَ جي وهڪري ۾ شامل ٿي وڃي. وري ڪڏهن هو سوچڻ لڳو اهو سڀ فضول آهي، جڏهن موت هڪ ڏينهن اچڻو آهي ته پوءِ زندگي کي ڊيگهه ڏيڻ مان ڇا فائدو؟ وري هڪ نئين پيڙا ۾ مبتلا ٿي ڪشالن ڪڍڻ مان ڇا هڙ حاصل ڪري سگهجي ٿو؟
    هو سوچي ئي رهيو هيو ته هن مٿان هيٺ گرميءَ ۾ چانديءَ جيان چمڪندڙ واريءَ جي ڀٽن کي ڏٺو، هڪ هرڻ پنهنجي ڌڻ کان وڇڙجي رستو ڀلجي اڪيلو ان صحرا جي ڀٽن تي ڊوڙي وائڙن جيان چوڌاري ڏسي سهڪي رهيو هيو. اڃ کان ان جو وات خشڪ هيو. سندس جسم هيڻو ۽ ڪمزور جيئن ڪيترن ڏينهن کان ان کي کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نصيب نه ٿيو هجي. اهو هرڻ هر هر ناسون هڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري وائڙن جيان ڪنڌ کڻي عرش ڏانهن ڏسي رهيو هيو.
    پوڙهي راهب محسوس ڪيو اهو هرڻ ڄڻ هن جيان هيو جيڪو پڻ رب کان ڄڻ موت لاءِ دعا گهري رهيو هيو. ان جي جسم ۽ منهن جون ٻاهر نڪتل هڙٻاٽون هن جيان هيون ۽ سنهڙين ڪاٺيءَ جهڙين ٽنگن جو پاڻي صحرا جي باهه ۾ سڪي ويو هيو، هرڻ حيرانگيءَ مان هڪ طرف ڏسي ننڍڙو پڇ لوڏي، پوءِ وٺي ڊوڙيو ۽ هو پري ڊوڙندو هليو ويو. پوڙهي راهب جون اکيون مٿان ڀٽ تان ان هرڻ جي ڊوڙن پويان ڀڄنديون ويون. هرڻ هڪ طرف ڊوڙندو پري وڃي بيهي رهيو ۽ پوءِ وري وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. ان ڪنڌ ورايو ۽ پوءِ وٺي واپس ڀڳو ۽ ڀڄندي ڀڄندي سهڪي پيو. اهو ائين ان صحرا ۾ ڪيتري دير هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڀڄندو سهڪندو رهيو. پوڙهي راهب سوچيو پڪ سان اهو هرڻ صحرا جي سڃ ۾ رڃ اندر ڦاسي پيو آهي. ان جون اکيون پاڻيءَ جي پاڇي ۾ پياس جي پناهه گاهه لاءِ تڙپي رهيون آهن، اهي موت جي منهن ۾ زندگيءَ جون ريکائون ڳولهي رهيون آهن، اهي جيئري رهڻ جي جستجوءَ ۾ موت جي وڇايل دوکي جي ڄار ۾ پاسي پيون آهن. پوڙهو راهب رڃ پويان اڃايل هرڻ کي زندگيءَ جي جستجو ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڀڄندو ڏسندو رهيو. هن محسوس ڪيو اهو هرڻ جيئن هن جي پياسي روح جيان آهي، ان روح جيان جيڪو سوڪهڙي ۾ سڙي ويل جسم سان پرواز ڪرڻ لاءِ ته تيار آهي پر جيئري رهڻ جي جستجوءَ ۾ زندگي جي رڃ پويان ڊوڙي ٽانڊن جيان دکندڙ زندگيءَ تي پاڻيءَ ڇنڊڻ لاءِ بي تاب لڙڪندڙ خشڪ زبان سان واجهائي رهيو آهي.
    پوءِ اهڙو وقت به آيو جو اهو هيڻو هرڻ صحرا جي رڃ پويان زندگيءَ کي ڳولهيندي ڳولهيندي هڪ هنڌ ماٺو ٿي بيهي رهيو، ان جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون ۽ اهو ٿيڙ کائڻ لڳو. اهو هيٺ گرم واريءَ تي ويهي رهيو ۽ پوءِ عرش ڏي اکيون کڻي پنهنجا خشڪ چپ چوريندو رهيو. هرڻ پوءِ نماڻا نيڻ کڻي پري صحرا ۾ ڏٺو ۽ ان جي اکين ۾ ڄڻ وري مٺي پاڻيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو. اهو هرڻ همت ڪري اٿيو ۽ وري وٺي ڀڳو اهو ڊوڙندو ويو ۽ پوءِ ان جون ٽنگون هڪ ٻئي ۾ وچڙڻ لڳيون، اهو ٿيڙ کائي هيٺ ڪريو ۽ ان واريءَ تي مٿو رکي عرش ڏانهن ڏٺو، تيز اس ۾ ان جي اکين جو رنگ سائو ٿي ويو ۽ راهب ڏٺو ڪا ڳجهه هڪ دفعو وري ڪنهن ڪاري موت جي پاڇي جيان هن مٿان لنگهندي، وات مان تيز آواز ڪڍندي اوڏانهن اڏامندي وئي جتي هرڻ هيٺ ڪريل هيو. ڳجهه جڏهن تيز چهنب هرڻ جي ماس ۾ وڌي ته ان جي جسم مان رت جي ڪا به بوند ڇڻي اتي اڃايل واريءَ مٿان ڪا نه ڪري، ڄڻ هرڻ جو بت صحرا ۾ تبديل ٿي چڪو هيو، ان مان روح پاڻيءَ جي گرم ٻاڦ جيان اڏامي چڪو هيو.
    پوڙهو راهب هرڻ جي موت تي نه خوش هيو ۽ نه ڏکايل، هن سوچيو زندگي رڃ جيان آهي، جنهن پويان ڊوڙڻ سان موت کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. پوءِ هن کي خيال آيو ته شايد اها ئي بهادري آهي ته ڪمزور هرڻ جيان موت جو انتظار ڪرڻ بجاءِ جيئري رهڻ جي جستجو ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ هڪ جدوجهد کان پوءِ جسم کي ڪنهن ظالم ڳجهه حوالي ڪجي، پر موت برحق آهي. اهو ڪنهن به صورت ۾ اچڻو آهي. دنيا اڃايل آهي، بکايل آهي، ڏکايل آهي. پوءِ پوڙهي راهب جي اکين مان ڳوڙها وهي رب ڏانهن کنيل هن جي هٿن تي اچي ڪريا. هو سڏڪن ۾ مچي ويو ”اي رب منهنجي تپيندڙ من کي شانتي ڏي سڪون ڏي، اي رب مون کي موت ڏي.“
    هن چيو ۽ هو صحرا جي اوچي ڀٽ تي بيهي، رب کي ٻاڏائي روئندو رهيو.
    وقت سان وڏيءَ ڀٽ تي بيٺل هن جو جسم پري کان ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻ اهو ٿوهر جو ٻوٽو هجي، جنهن جي شاخن تي ڪنڊا نڪري آيا هجن. هن جو جسم تپيل تيز سج مان نڪرندڙ گرميءَ ڪري سڪي ٺوٺ ٿي ويو ۽ دعا لاءِ کنيل هٿ اتي ئي ڄمي ويا. هن جي اداس اکين مان ڳوڙها اڃان به ڇڻي هن جي ٻڪ ۾ ٿي ڪريا ۽ چپن جي چرپر ۾ ساڳيون رب کان موت لاءِ التجائون هلڪن آوازن ۾ ٻڌجي رهيون هيون. هڪ سانجهيءَ جو جڏهن سج صحرا جي ڀٽ پويان ڌرتيءَ جي نه سهندڙ عذاب کي محسوس ڪندي پنهنجيون اکيون لڪائي رهيو هيو ته هن پنهنجي ٿوهر جهڙي جسم ۾ لڙڪندڙ نير وهائيندڙ اکين سان ڏٺو پريان ڪارو نانگ لهندڙ ڳاڙهي سج اڳيان واريءَ تي وڪڙ هڻندو، هن ڏانهن وڌي رهيو هيو، نانگ ڪڏهن رڪجي ڪنڌ مٿي ڪرڻ، ڦڻ ڪڍي زبان هوا ۾ لهرائي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي جائزو وٺي رهيو هيو ۽ وري اهو هيٺ هلندو پوڙهي راهب ڏانهن اچي رهيو هيو.
    پوڙهي راهب سوچيو نيٺ رب هن جي ٻڌي ۽ موت جي فرشتي کي هڪ نانگ جي روپ ۾ هن ڏانهن موڪليو جيئن اهو سندس زندگيءَ کان ڇوٽڪارو ڏئي سگهي.
    پوڙهو راهب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اکيون ان نانگ جي چال ۾ اٽڪائي ان جي پاڻ ڏانهن پهچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، نانگ وڌي هن ويجهو آيو ۽ ان ڦڻ کڻي هن جي جسم جو جائزو ورتو، پوڙهي راهب سوچيو سندس آخري وقت اچي چڪو آهي، هاڻي هن جون دعائون قبول ٿيڻ واريون آهن، هاڻي هو هن ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀريل دنيا مان روانو ٿيڻ وارو آهي، هن موت جو انتظار ڪرڻ لاءِ جيئن ئي اکين کي بند ڪيو ته ٻه ڳوڙها انهن مان ڇڻي هن جي ٻڪ ۾ اچي ڪريا. جڏهن ڪجهه وقت کان پوءِ هن اکيون کوليون ته هن ڏٺو نانگ هيٺ هن ڀرسان موجود نه هيو اهو ٿورو پري نڪري ويو هيو ۽ بي تابيءَ مان هر هر ڪنڌ مٿي ڪري زبان هوا ۾ هڻي ڪجهه ڳولهي رهيو هيو. پوڙهو راهب مايوس ٿي ويو هن سوچيو جيڪڏهن موت جو اهڙو بهانو سندس هٿن مان نڪري ويو ته شايد وري موت هن ويجهو نه ايندو اهو سوچي هن وٺي رڙيون ڪيون.
    ”اي سانوري سانجهيءَ جهڙا موت جا فرشتا، مان هتي موجود آهيان، جنهن کي تون ڳولهي رهيو آهين. اهو مان ئي آهيان. جنهن رب آڏو زندگيءَ کان پناهه لاءِ موت گهرندي پنهنجو هيڻو حال ڪري ڇڏيو آهي. مون ڏانهن ڏس ۽ مون کي موت حوالي ڪري پوءِ روانو ٿي.“
    پوڙهو راهب هٿ کڻي روئندو رهيو ۽ جوش کان هن جي ڳنڍيون ڏئي ويل جسم ۾ لرزش پيدا ٿي، نانگ هڪدم ڦڻ ڪڍي ڦوڪ ڏني ۽ هن جي زبان ڄڻ جوش ۾ ڏڪڻ لڳي، نانگ موٽيو ۽ هن جي ڀرسان اچي ڄنگهن ۾ وچڙيو. اهو هن جي جسم سان ويڙهجي مٿي هن جي چيلهه سان گسندو اچي ٻانهن تي ويٺو ۽ رب ڏانهن کنيل هن جي هٿن وٽ ڦڻ ڪڍي ڦوڪون ڏئي هن جي منهن سامهون اُڀو ٿي بيهي رهيو.
    پوڙهي راهب کي هاڻي پڪ ٿي وئي ته سندس دعا قبول ٿيڻ واري آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ هو موت جي منهن ۾ هليو ويندو. هن جو ڪارو نيرو مڙهه واريءَ جي ڍير تي پيو هوندو ۽ ڪا ڳجهه هن جو جيرو کائيندي. هن پنهنجي منهن سامهون هٿن وٽ ڦڻ ڪڍي ويٺل نانگ کي ڏٺو، جيڪو هن کي ڏنگڻ لاءِ ڄڻ بلڪل تيار هيو. پوڙهي راهب آخري دفعو روئي رب کان گناهن جي معافي ورتي ۽ پوءِ اکيون بند ڪري نانگ جي ڏنگڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. نانگ ڪجهه دير هن جي هٿن وٽ ويٺو رهيو، پوءِ ان ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجو وات کولي جهٽڪي سان هيٺ ڪيو ۽ ان جو وات وڃي پوڙهي جي هٿن تي ڪريو، نانگ ڏاڍو اڃايل هيو، ان ٻڪ ۾ پيل پوڙهي راهب جا ٻه چار وهايل ڳوڙها چپن سان چوسيا ۽ پوءِ ڄڻ خدا جو شڪر ڪري هو واپس هن جي چيلهه چوڌاري وڪڙ هڻي گول ڦرندو هن جي ڄنگهن وٽان لهي واريءَ تي هلندو پري اوندهه ۾گم ٿي ويو.
    پوڙهي راهب جا ٺپ ئي ٺري ويا، هن اٻاڻڪين اکين سان ان موت جي فرشتي کي واپس ويندي ڏٺو، جيڪو هن کي مارڻ بنا موت ڏئي ويو هيو. هن گناهه جي محسوس ٿيندڙ شدت کان موت لاءِ مٿي کنيل هٿ پنهنجي منهن کي ڏئي ڇڏيا ۽ پوءِ هن انهن هٿن سان وهندڙ ڳوڙهن کي اگهي ڇڏيو.


    انڌو ڪوي ۽ عقاب جون اکيون

    ”مينهن
    مزار
    پسيل پڪسرو پيچرو،
    قدمن جي آواز تي ڪبوتر
    آکيري مان
    اڏري ويو.“
    ڳوٺ جو انڌو ڪوي کٻڙ جي ڏنگي ڦڏي لٺ سهاري کجين جي وچ مان ويندڙ ڪچي پيچري تي هليو ٿي ته سندس پراڻي جتيءَ مان ڌوڙ، ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ٻاڦ جيان ٿي اڏامي. ان پيچري تان لنگهڻ سندس روز جو معمول هيو هو، ان پيچري جي لاهن چاڙهن کان واقف هيو. هو هلندو پٿر جي ان ڏاڪڻ کي ويجهو ٿيو، جيڪا مٿي ان ننڍڙي ٽڪريءَ تي چڙهي رهي هئي، جتي قديم نيرين سرن وارو قبرستان هيو. ڪوي هلڪا قدم کڻندو مٿي ڏاڪڻ تي چڙهيو ته سنڌوءَ کان ايندڙ اتر جي واءُ ۾ هن جا ڪپڙا ڪنهن زخمي روح جيان ڦٿڪڻ لڳا. هو مٿي چڙهي قبرستان جي ٿلهي تي پهتو ۽ پوءِ لٺ سهاري اڳتي وڌي قبرن جي پراڻن سنگ مرمر جي ڪتبن ۾ هٿ وجهندو ان مخصوص جاءِ تي ويٺو جتان ٻن شهرن کي ملائيندڙ پل چٽي نظر اچي رهي هئي. انڌي ڪويءَ ڏسڻ بنا انهن نظارن تي لاتعداد لافاني نظم لکيا. هن پنهنجي شعور کي وسعت ڏني ۽ هن جو تصور حقيقت کي اورانگهي هڪ عقاب جي صورت ۾ ان واديءَ مٿان هوائن ۾ اڏاميو. جڏهن ڪوي ان پراڻي قبرستان جي ڪنهن نيرين سرن واري قبر کي ٽيڪ ڏئي ويهندو هيو ته سندس تصور جو عقاب هن جي ڪلهي تان اڏامي مٿي اڃايل ڌرتي جيان ڏرا ڏئي ويل جهڙ هيٺان ائين ڦرندو هيو، جيئن اهو اتان جو حڪمران هجي. ڪويءَ اهڙا نظم لکيا جو سندس هاڪ هر هنڌ ٿيڻ لڳي. هن جا گيت ان ملڪ جي ماڻهن جي چپن تي گلاب جي خوشبو جيئن مهڪيا. مٿي ٽڪريءَ تي ٺهيل قبرستان هيٺان ڪچين سرن وارو هن جو ڳوٺ ڪنهن ميرن گيڙو ڪپڙن ۾ ملبوس مراقبي ۾ ويٺل شخص جيان کجين جي گهاٽي جهنڊ ۾ ويڙهيل هيو. سرءُ لنگهي چڪي هئي ۽ اتر کان سيارو پنهنجين ٿڌين اکين سان اوچتو ٽپي پوڻ لاءِ واجهائي رهيو هيو. سنڌوءَ کي ويجهو هجڻ ڪري اهو ڳوٺ سدائين ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڪنهن خواب جيان غير واضح ڏسڻ ۾ ايندو هيو.
    ڪوي ان ئي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، جڏهن هو ڄايو ته سندس اکيون رابيلن جيئن اڇيون هيون. هن کي ماءُ هنج ۾ کڻي چميو ۽ پوءِ جڏهن اها رني ته ان جا ڳوڙها ڳلن تان رڙهندا هيٺ هن جي اکين تي ڪريا. اهي ڳوڙها ڪڏهن نه سڪا. ڪوي جڏهن به پنهنجين پيدائشي انڌين اکين کي ڇهيو ته هن کي اتي پنهنجي ماءُ جي تازن ڳوڙهن جي آلاڻ هميشه محسوس ٿي.
    ڪوي ڳوٺ ٻاهران وهندڙ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي جڏهن پنهنجي آڱرين سان ڇهيو ته هن پهريون گيت چيو. اتي ئي ڪناري تي جڏهن هن سانوڻ جي ڏکڻ کان ايندڙ هوا ۾ مٽيءَ جي خوشبوءِ محسوس ڪئي ته فطرت سان پهريون عشق ڪيو. فطرت هن جي محبوب جيان هئي، جنهن جون اکيون هن جي تصور ۾ ڄڻ سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان ڌوتل هيون.
    ڪوي پنهنجي عمر جا سٺ سال پورا ڪري چڪو هيو، سندس اڇي جهڙ جهڙي ڏاڙهي جنهن مان ڪڏهن هن جي اکين جا ڳوڙها هيٺ ترڪندي وهي پوندا هيا ته هن کي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻو پوندو هيو ته سندس اکيون جيئريون آهن.
    هو زندگي جي محدود ضرورتن وارو انسان هيو، ٻه پراڻا کاڌيءَ جا جوڙا ۽ کاڌي پيتي جو ٿورو ضروري سامان. ملڪ اندر هن جي مداحن جو هڪ وڏو تعداد هيو، هن جا نظم ۽ گيت اڻٽيهين جي اوندهه ۾ ستارن جيئن جرڪندا هيا. ڪيترا ماڻهو عقيدت مان پئسو پائي به هن آڏو نظر ڪندا هيا پر هن پنهنجي محدود ضرورتن کان اڳتي ڪنهن به اهڙي شيءِ کي نه قبوليو جيڪا هن جي ضمير مٿان ٻوجهه ٿي پوي.
    نيرين قبرن وارو ٿلهو ڄڻ ڪويءَ جو اهڙو تخت هيو جتي ويهي هو پنهنجي تصور ۾ موجود فطرت کي حڪم ڏيندو هيو ته اها ٺهي پوندي هئي ۽ سميٽجي شاعريءَ جي سٽن ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. جڏهن هو قبرن جي ڳاڙهين سرن وارن محرابن کي آڱرين سان ڇهندو هيو ته اهي محراب هن کي ڪنهن عورتن جي چهري جهڙا لڳندا هيا، جيڪا منهن مٿي ڪري عرش کي ڏسندي هجي. سانوڻ ۾ سنڌو جا گجگوڙ ڄڻ هن شينهن جي وات مان ٻڌا ۽ انهن گجگوڙن پويان پاڻيءَ جي وهڻ جو شور هن کي هرڻ جي ڪنڌ مان تازي وهندڙ رت جيان محسوس ٿيو، پر اڄ سنڌو سست هيو، گهاٽي بڙ هيٺان ويٺل سئو سالن جي ڄمار واري ان شخص وانگر جنهن جا عضوا مري چڪا هجن پر دماغ جاڳندو هجي.
    ٿڌي هوا جو جهوٽو ڪويءَ جي جسم سان ٽڪرايو ته هن کي لڳو اتر طرف سيارو سوڙ هيٺان جاڳيو آهي ۽ هلڪا قدم کڻندونيري ٿلهي واري قبرستان طرف هن ڏانهن وڌي رهيو آهي. ڪويءَ جي ڪلهي تي ويٺل هن جي تصور جو عقاب ڀڙڪو ڏئي اڏاڻو ۽ نيري اڀ هيٺان اتر طرف ترندو هليو ويو. ان ايندڙ سياري جو استقبال ڪيو، ٿڌي هوا ان جي پرن کي نئين قوت بخشي ۽ ان جي اکين تبديل ٿيندڙ نئين وايو منڊل کي پاڻ ۾ قيد ڪيو. عقاب جڏهن واپس انڌي ڪويءَ جي ڪلهي تي لٿو ته هن اڳيان ڪاغذ تي نئون گيت لکيل هيو، اهڙو گيت جنهن جا لفظ برف جي ڳنڍن جيئن ڪاغذ جي گرم ڌرتيءَ تي رجي رهيا هيا. ڪوي مرڪيو ۽ هن گيت کي ويڙهي پنهنجي گودڙيءَ ۾ ائين وڌو جيئن ماءُ ٻار کي جنم ڏيڻ کانپوءِ پيار مان پنهنجين ٻانهن ۾ وٺي سيني ۾ لڪائيندي آهي.
    منجهند ٿي ته ننڍڙو راهب ڳوٺ واري پيچري تان ٿيندو ٿلهي واري ڏاڪڻ کي ويجهو ٿيو. هن جي هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو لوٽو ۽ ٻئي ۾ ماني هئي. هو جڏهن پٿرن واري ڏاڪڻ ٽپي مٿي پهتو ته هن کي ڪوي ڪنهن پٿر جي ديوتا جيئن ڏسڻ ۾ آيو. قبر جي ڪتبي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل ڪوي ڄڻ پاڻ به سنگ مرمر ۾ تبديل ٿي چڪو هيو. ڪويءَ جي تصور جو عقاب ڪٿي ڏور عرش هيٺان اڏامي رهيو هيو ۽ هن جي ذهن ۾ موجود دنيا ڪنهن نرالي ڍنگ جا عڪس وکيري رهي هئي. راهب هن وٽ آيو ۽ هن جڏهن ماني ۽ پاڻيءَ جو لوٽو هن آڏو رکيو ته ڪوي ڇرڪ ڀري جاڳيو. سندس تصور جو عقاب تيزيءَ سان ڪلهي تي لٿو ۽ عرش ۾ اڏرندڙ روح ڄڻ هن جي اکين مان اندر لهي جسم ۾ سمائجي ويو.
    ”ڪير راهب؟” ڪويءَ چيو ۽ پوءِ مرڪ هن جي بند چپن جي هڪ ڪنڊ کان ڇڪجي ڄڻ هيٺ ڪري پئي.
    راهب جي اچڻ تي ڪويءَ کي خوشي محسوس ٿي، نون سالن جو راهب ان ئي ڳوٺ جو رهواسي هيو، ڳوٺ جي ڪجهه چڱن مڙسن هن مٿان اها جوابداري رکي هئي ته هو انڌي ڪوي جي پرگهور لهي، ان کي وقت تي ماني ٽڪي پهچائي، گهر جي سار سنڀال ۽ صفائي جو بندوبست ڪري. راهب ڪويءَ جي صحبت ۾ رجي ميڻ ٿي پيو. ننڍڙو راهب جنهن ڪويءَ جي پوڙهين انڌين اکين سان هڪ نئين دنيا ڏٺي، ان جا نوان منظر ۽ نرالو حسن ڏٺو ۽ انڌو ڪوي جنهن هڪ حساس ٻار جي ڏسندڙ اکين سان دنيا جي حقيقتن کي ويجهي پوڻ جا خواب ڏٺا، راهب پاڻيءَ سان ڪويءَ کي هٿ ڌوئاريا ۽ پوءِ ڪويءَ ماني جو ڳڀو کڻي چٻاڙيو.
    هيٺان سنڌوءَ جي ڪپ تان ڪانگ اڏاڻا ۽ مٿي اچي قبرستان جي ٿلهي تي وات کولي ٽپا ڏئي ماني ڳڀي لاءِ واجهائڻ لڳا. راهب مانيءَ جو ڳڀو کڻي انهن ڏانهن اڇلايو ته سڀ ڪانءَ جهپٽو ڏئي وڃي ماني جي ڳڀي مٿان ڪريا.
    ”بابا هي ڪانگ سدائين بکايل ڇو هوندا آهن؟” ننڍڙي راهب چيو، ”ڪانون جي ڪک اکين اڳرڻ سان ڀربي آهي. جيڪي مون وٽ نه آهن، جو آءُ انهن کي آڇي سگهان.” پوڙهي ڪويءَ مانيءَ جو گرهه اڳرندي جيئن ئي چيو ته ڄڻ ڳڀو هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. راهب پاڻي جو لوٽو هن جي هٿ ۾ ڏنو. پوڙهي پاڻي کي وات تي چاڙهيو ته اهو واڇن کان ايئن وهيو جيئن سندس پيڙا جا بند ڀڄي پيا هجن. سامهون ٻن شهرن کي ملائيندڙ پل وٽان ريل ڪارو دونهون ڪڍي ڊوڙندي وئي ته قبرستان جي ٿلهي واري پهاڙي تنبوري جي تند جيان لڏڻ لڳي.
    راهب ڪنڌ کڻي پري سنڌوءَ جي ٻيٽ اندر بيٺل ڪچي کي نهاريو، اڃان ڦلهار ڪو نه ڦٽيو هيو، سرنهن جي ساوڪ ڌرتيءَ تي مٿو ٽيڪي تازي ڄايل ٻار جيان مرڪي رهي هئي. سنڌوءَ پريان ڪناري تي ڦهليل سائي پٽي ۾ گينڊي جي گلن جا جهڳٽا ڄڻ هيڊي منهن وارن سلهه جي مريضن جيان ڪناري تي ويهي رت جون الٽيون ڪري رهيا هيا. راهب پنهنجو منهن پري ڪري ڪويءَ جي انڌين اکين کي نهاريو، اهي سنڌوءَ جيان هيون جنهن جي پاڻيءَ مٿان اڇو جهڙ بيٺل هيو.
    “بابا تنهنجيون اکيون سنڌو ۾ ترندڙ اڇن ڪنگن جيان صاف ۽ شفاف آهن.” راهب چيو.
    “ها اهي اکيون پاڪ آهن. جن ڪجهه نه ڏٺو.” پوڙهي ڪويءَ چيو ۽ پوءِ هن جي تصور جو عقاب هن جي ڪلهي تان اڏاڻو ۽ نيري عرش هيٺان پر هڻندو سنڌوءَ مٿان موج ۾ اڏامڻ لڳو. ڪويءَ قلم سنڀاليو ۽ لکندو ويو “پاڻيءَ کي ڪو به رنگ نه آهي. هيءَ جا نيراڻ آهي، سا عرش جو پاڇو آهي. هيءَ جا ميراڻ آهي، اها انسانن جي مر آهي. ڏور چوني جا پهاڙ پنهنجن اعمالن تي اڇا ڏند ٽيڙي مرڪي رهيا آهن. ساوڪ جي زهر ۾ ڪارا نانگ ڪنهن جي ياد جيئن چري رهيا آهن، دريا جي پيٽ اندر بيٺل ٻيلي ۾ مندر اندر مورتي ۾ سنگ مرمر جهڙو روح آهي، ساڌ ٻيلي ۾ مور نچن ٿا ته گهنگهروءَ جو آواز اچي ٿو، ڪو ڳائي ٿو ته ڪنڌ ڪرن ٿا. هوءَ گهمي ٿي ته سج رڪجي ٿو هلي، هوءَ ڳائي ٿي ته ڪتبا لُڏن ٿا.”
    ڪويءَ جي تصور جو عقاب رنو، ٻه ڳوڙها سڏڪن جيئن هن جي اکين ۾ اڀريا.
    پوڙهي ڪويءَ هٿ وڌائي ننڍڙي راهب جي اکين کي ڇهيو، هزارين منظر ۽ ڪيئي رنگ ڄڻ هن جي آڱر مان خون جيان گردش ڪري جسم ۾ شامل ٿي ويا. هن جون آڱريون مختلف رنگن ۾ رنگجي ويون.
    ”بابا جيڪي آهي اک آهي، شايد ٻاهر ڪجهه به نه آهي.“ راهب اداس لهجي ۾ چيو.
    پوڙهي ڪويءَ جون اکيون سندس سيني ۾ اٿندڙ ڪنهن سٽ کان بند ٿي ويون، ”منظر رنگ ۽ پيار مدهوشيءَ جي حالت ۾ اکين کان پري اندر جي ڪنهن تهه خاني ۾ ستل آهن، خاموشيءَ ۾ ڪنهن کڙڪي تي اهي جاڳن ٿا ۽ ڊگهي گهيرٽ ۾ غرق ٿين ٿا.”
    ننڍڙي راهب جي اکين کي ڇهندڙ انڌي ڪويءَ جي آڱرين مان پوءِ سڀ موسمون لنگهي ويون، ڪمبل ۾ ويڙهيل سيارو نيرين قبرن واري ٿلهي کي پنهنجي سرد اکين سان ڏسندو، هيٺان ڪچي پيچري تي کجين جي سخت پنن مان ڇڻندڙ ماڪ ۾ ڀڄندو، ڳوٺ کان پري تائين ڦهليل ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويو. ڄڻ سيارو پوڙهي ڪويءَ جي جسم مان ڌرڙيءَ جيان نڪري ويو ۽ پوءِ بهار جا رنگ ننڍڙي راهب جي اکين مان هيٺ ڇڻي پيا. گونچ ڦٽيا ۽ پريان سنڌوءَ جي وچ ۾ ڪنهن بحري ٻيڙي جيئن بيٺل ساڌ ٻيلي اندر مندر جي سنگ مرمر جون ڀتيون سائي زمرد ۾ تبديل ٿي ويون ۽ انهن اڳيان ڪيسو ڦل نارنگي ڌٻن جيئن بي ترتيب ٿي بيهي رهيا.
    پوڙهي ڪويءَ ننڍڙي راهب جي اکين ۾ بهار جا سڀ رنگ مرڪندڙ ڳوڙهن جيان وهندي پنهنجين آلين اڱرين سان محسوس ڪيا. انهن رنگن لاءِ پوڙهي ڪويءَ وٽ پنهنجو احساس ۽ سوچ هئي، هن جي تصور جو عقاب اڏاڻو ته جيتري ان جي اڏام جي اوچائي هئي اوتري گهرائيءَ اندر سنڌوءَ ۾ هيٺ ان جو عڪس ٺهي رهيو هيو ۽ پوءِ پوڙهي ڪويءَ سوچيو بيشڪ دنيا انڌي آهي، سوين عقاب عرش جي انهن اوچائين تي اڏري رهيا آهن، انهن جي اوچائين جي حد ايتري ته بلند آهي جو موجود هوندي به اهي نه ڏسجي رهيا آهن. جڏهن عقاب اوچائين تان هيٺ هن جي ڪلهي تي لٿو ته انڌي ڪويءَ اڳيان پني جو رنگ سائو ٿي چڪو هيو ۽ انڊلٺ جا رنگ اتي هارجي چڪا هيا.
    ”بهار اهڙي هوليءَ جو نالو آهي جنهن ۾ اکين جو خون ٿيندو آهي. رنگ ضروري آهن، شين کي واضح ڪن ٿا. شايد ڪجهه نه آهي رنگن سان ڀريل وجود آهي، سوچ آهي. اسين هارجي پئون ٿا ۽ رنگن جي بي ترتيبيءَ ۾ ڪا شڪل تلاش ڪري وجهون ٿا. سوچ آهي احساس آهي. جي هر شي جي بي ترتيبيءَ کي پنهنجي ڍنگ سان قبولين ٿا. هر ذهن ۾ موجود تصور کي پنهنجي تيزي ۽ اڏام آهي. هر جدا ذهن اندر ساڳي عڪس جو جدا تصور آهي. مون ان کي ٻوٽي ۾ ڏٺو ۽ هو گل جيئن ڦٽي پيو. هو بي ترتيب رنگ ۾ ڪٿي آهي، مون هجوم کي هٽائي ان کي ڳولهي وڌو. ڪجهه نه آهي جيڪي آهي منهنجي سوچ آهي. ڪائنات منهنجي سوچ جا وکريل ورق آهن. منهنجو وجود انتها جي حد آهي ٻئي پاسي وهم آهن گمان آهن. مان آهيان ته هو آهي. هو منهنجي حصار ۾ ڪٿي قيد آهي..... يا شايد ڪجهه به نه آهي..... تصور اوندهه جي پيداوار آهي.......” پوڙهي ڪويءَ جون آڱريون جڏهن راهب جي اکين تان هٽيون ته اهي ڪاري گلاب جي قلمن ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. هن پنهنجي هٿ ۾ گلابن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي. هڪ اهڙي خوشبوءِ جنهن جي هوائن ۾ هزارين انسان ڪارا ڪپڙا پائي ماتم ڪندا هجن. اڇاڻ رنگن کي جنم ڏيندڙ ۽ ڪاراڻ رنگن جي فنا آهي. ڪارا گلاب هن جي انڌي تصور جي پنکڙين جيئن سندس آڱرين تي ڦٽيل هيا. هڪ ڪاراڻ هئي جنهن عرش کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي هر طرف اوندهه پکيڙي ڇڏي هئي. ڪارو جهڙ هن جي سوچ جي آنڌ مانڌ جيان بي چين عرش تي ڦري رهيو هيو. ڪٿي وڄ گجگوڙ جيان مٿي بلند ٿي تلوار هنئي ته ڪاري جهڙ اندر هڪ چير ڊگهي زخم جيئن ان کي وڍيندو پري هليو ويو، ڄڻ رت وسي پئي ۽ سانوڻ پنهنجي عروج تي پهچي ويو.
    ساڌ ٻيلي اندر چپ ويٺل پٿر جي مورتي اڳيان مور پر وکيري سانوڻ جو پهريون نرت هنيو ته اها مرڪي پئي ۽ پوءِ وڏ ڦڙو ائين وسيو جيئن ڪويءَ تي لفظ وسي پيا هجن.
    ”وڄ جي چمڪ ۾ بوندون ٻري رهيون آهن.” هن گجگوڙ ۾ راهب جو آواز ٻڌو.
    هن جي تصور جو عقاب آلا پر هڻندو مٿي اڏاڻو ۽ مينهن ۾ هوائن سان وڙهندو ڦيرا پائڻ لڳو. ان محسوس ڪيو هو ڌرتيءَ تي اڪيلو ساهوارو آهي. بادلن، هوائن ۽ مينهن تي هن جو حڪم هلي ٿو. وڄ اهڙي روشني آهي جيڪا هن جي اکين مان نڪري ٿي. مندر اندر مور جو ٽهوڪو وهم ۽ گمان کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
    تنهن ويل سانوڻ اهڙو وسيو جو ڪويءَ جي جهول لفظن جي بوندن سان ڀرجي وئي. لفظن جو وڏڦڙو نيرين قبرن مٿان هيڊن گلن جيان سڄي قبرستان ۾ وکرجي ويو. سنگ مرمر جي ڪتبن تي اڪريل تعزيتي شعر وهندڙ پاڻي ڪري لهندڙ مٽيءَ هيٺان دفن ٿيل آوازن جيئن جيئرا ٿي پيا. ڪتبا جهونگارڻ لڳا ۽ انڌو ڪوي انهن جي وچ ۾ ائين ويٺو رهيو جيئن ڪنهن وليءَ تي عرش کان بوندن جي صورت ۾ صحيفا نازل ٿيندا هجن.
    ان سانوڻ ۾ ڪوي ايڏو لکيو جو هن جي گودڙي ڪويتائن سان ڀرجي ڪنهن اڀريل قبر جيان نظر اچڻ لڳي ۽ اڇي ڏاڙهيءَ سان هن جو وجود ان قبر جي مٿي کان ڪنهن سنگ مرمر جي ڪتبي جيان خاموش بيٺل ڏسڻ ۾ آيو.
    انڌي ڪويءَ جو نئون ديوان جڏهن منظر عام تي آيو ته هن جا لفظ هر شهر ۽ ڳوٺ جي واٽن چوواٽن تي ڳالهائڻ لڳا، هن جي آوازن کي هر درد مند دل ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. هو ملڪ جي وڏي ڪويءَ طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويو. ان کان اڳ به هن جا ڪيئي ديوان منظر عام تي اچي چڪا هئا، جن ملڪ جي ماڻهن کي حيرت ۽ عبرت ۾ وجهي ڇڏيو هيو. هر پڙهندڙ کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته آخر هڪ انڌي ڪويءَ ڏسڻ جي اڏي وسعت ڪيئن حاصل ڪري ورتي؟ ان جا منظر ۽ عڪس ڪنهن اکين واري کان به تيز ۽ گهرا آهن، ان وٽ اهڙا منظر آهن جيڪي اڻ ڏٺا ۽ نوان آهن. هر ڪنهن اهو سوچيو ته ڪويءَ وٽ نظر نه هوندي به جيڪڏهن ڪائنات جا ايڏا وسيع عڪس آهن ته جيڪڏهن ان وٽ نظر هجي ها ته شايد هو ڪائنات کي ڏسي ان جو وڌيڪ مشاهدو ڪري اهڙيون عظيم ڪويتائون تخليق ڪري ها، جو هن کي دنيا جي سڀ کان وڏي ڪويءَ طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ها.
    انڌي ڪويءَ جي ان ديس جي ماڻهن وٽ سٺي عزت ۽ مقام هيو. ان ئي شهر جي هڪ مقامي اسپتال جي اکين جو ڊاڪٽر پڻ هن جي مداحن ۾ شامل هيو. ان ڊاڪٽر جڏهن هڪ انڌي ڪويءَ جون اهڙيون عڪس ۽ منظرن سان ڀرپور ڪويتائون پڙهيون ته اهي سڀ هن لاءِ حيرت جو سبب هيون. هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪنهن انڌي جو مشاهدو ايترو وسيع ۽ لامحدود ٿي سگهي ٿو، جو هو ڪنهن ڏسڻ جي سگهه واري کان به گهرو ۽ واضح ڏسي سگهي.
    انڌي ڪويءَ ڪڏهن به پنهنجن مداحن سان رابطو نه رکيو. هن جي دنيا اهو ننڍڙي پهاڙي تي ٺهيل نيرو قبرستان هيو. پري پري تائين ڦهليل سنڌوءَ جو پاڻيءَ ان مٿان ٻن شهرن کي ملائيندڙ پل. سنڌوءَ جي پرئين ڪناري تي ڪنهن شهيد ٿي ويل جوڌي جي وڍيل وجود جهڙو ڦٽل قلعو ۽ وچ سنڌو ۾ بيٺل ساڌ ٻيلو. جنهن جي مندر جي ڳاڙهين سرن واري ڏاڪڻ وٽ ڄڻ ان انڌي ڪويءَ جو مجسمو رکيل هيو. اهي سڀ منظر پنهنجين ڏنگين ڦڏين ليڪن ۽ رنگن جي ترتيب سان ان انڌي ڪويءَ جي تصور ۾ موجود هيا. هن جي تصور جي عقاب جي اک هر ڇنڀ تي نواڻ پسندي هئي ۽ انڌ ڪويءَ ان عقاب جي اک جي هر ڇنڀ جي هر منظر کي ڪاغذ تي اڪريل محسوس ڪندو هيو. اهي ئي ان ڪويءَ جون ڪويتائون هيون، جن هن لاءِ هر مداح جي من ۾ عزت ۽ پيار پيدا ڪيو.
    ان ئي سال جڏهن سانوڻ جا پڇاڙڪا ڏينهن هيا ۽ ڪڪر ٽڪر ٽڪر ٿي عرش ۾ پکڙجي الڳ ٿي رهيا هئا ته راهب ڊوڙندو مٿي ٿلهي تي هن وٽ آيو.
    ”بابا ڪو اکين جو ڊاڪٽر آهي توهان سان ملڻ چاهي ٿو.“ هن پوڙهي ڪويءَ کي چيو.
    ڪوي ڪجهه دير خاموشي سان سوچيندو رهيو.
    ”اکين جو ڊاڪٽر؟” پوڙهو ڪوي ايترو چئي سگهيو.
    ”ها، هو چوي ٿو اهو توهان جي مداحن مان آهي ۽ توهان سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو.” راهب تيزي سان هڪ ئي ساهي ۾ چيو.
    ”ها، ڇو نه، هن کي مٿي وٺي اچ.“ پوڙهي ڪويءَ فڪرمند لهجي ۾ چيو. راهب هيٺ لهي ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ صاف سٿرن ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ اڌ وهيءَ جو ڊاڪٽر پوڙهي ڪويءَ آڏو اچي ويٺو. ڊاڪٽر پوڙهي ڪويءَ جي نظمن ۽ گيتن جي ساراهه کان پوءِ ان کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، ته جيڪڏهن هو پنهنجين اکين جي علاج کان پوءِ ڏسڻ جي قابل ٿي وڃي، ته هن جي ڏسڻ جي سگهه هن جي مشاهدي کي وڌيڪ وسعت ۽ گهرائي عطا ڪندي. جنهن ڪري هو وڌيڪ سٺيون ۽ لازوال ڪويتائون لکڻ جي قابل ٿي ويندو.
    انڌو ڪوي ڊاڪٽر جي ڳالهه سان متفق نه ٿيو ۽ ڊاڪٽر ان کي قائل ڪرڻ لاءِ پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.
    ”جڏهن اهو ممڪن آهي ته هڪ آپريشن کان پوءِ توهان جون اکيون ڏسڻ جي قابل ٿي وينديون، ته پوءِ آخر انڪار ڇو؟“ ڊاڪٽر مايوس ٿي انڌي ڪويءَ کي چيو.
    انڌو ڪوي ڊاڪٽر جي ڳالهين تي اداس ٿي ويو.
    ”مان توهان جو اهڙو ڪو به ٿورو کڻڻ نه ٿو چاهيان، جنهن ڪري پنهنجي دل تي ڪو ٻوجهه محسوس ڪريان. مون کي منهنجي دنيا ۾ ڇڏي ڏيو.” انڌي ڪوي وڏي اعتماد سان چيو.
    ڊاڪٽر مايوس ٿي اٿي بيٺو ۽ پٿر جي ڏاڪڻ وٽ بيهي پٺ ورائي هن انڌي ڪويءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ هن جون نظرون سامهون ڦهليل منظرن ڏانهن کڄي ويون. هن سوچيو جيڪر هو اهو سڀ پنهنجين اکين سان ڏسي اڃان به لازوال ڪويتائون تخليق ڪري سگهي پر ڪويءَ جو چهرو سخت ٿي چڪو هيو ۽ هن جي انڌين اکين جون پنبڙيون تيزي سان حرڪت ڪري رهيون هيون. مايوس ڊاڪٽر پٿر جي ڏاڪڻ تان آهستي آهستي هيٺ لهندو نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
    گهڻا ڏينهن گذري ويا ۽ نيٺ هڪ ڏينهن ان شهر جي مداحن انڌي ڪويءَ کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته جيڪڏهن هو ڏسڻ جي قابل ٿي وڃي ته هُن جي ڏسڻ جي سگھ هن جي لکڻين کي وسعت بخشيندي ۽ پوءِ نيٺ هڪ ڏينهن انڌو ڪوي پنهنجن ڪجهه مداحن سان گڏ ان ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ ڊاڪٽر ان جي اکين جي معائني کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اندر ان جي اکين جو آپريشن ڪيو. ڊاڪٽر انڌي ڪويءَ جي آپريشن کان پوءِ بي حد خوش نظر آيو. هو مرڪندو ٻاهر آيو ته ماڻهو هن کي چوڌاري ويڙهي ويا.
    ”ڇا ڪوي ڏسڻ جي قابل ٿي ويو؟” ڪنهن هن کان پڇيو.
    ”ها آپريشن ڪامياب رهيو. ڪوي هڪ عام انسان جيان سڀ ڪجهه ڏسڻ جي قابل ٿي ويندو.“ ڊاڪٽر جوش ۽ خوشيءَ ۾ جواب ڏنو. هجوم ۾ موجود سڀني مداحن جي منهن تي سرهائي ۽ مرڪ اچي وئي، ”ته پوءِ هن جي اکين جي پٽي ڪڏهن کلندي؟“ ڪنهن وري پڇيو، ”ستن ڏينهن کان پوءِ.” ڊاڪٽر چيو.
    ڊاڪٽر جي ڳالهه تي هجوم ۾ موجود ماڻهن اهو فيصلو ڪيو ته ستن ڏينهن کان پوءِ جيئن ته ڪوي پهريون دفعو هن ڪائنات کي ڏسڻ جي لائق ٿيندو، تنهن ڪري اهو هڪ وڏي اهميت وارو ڏينهن هوندو، ان ڏينهن لاءِ خاص اهتمام ڪيو ويندو.
    ڪنهن صلاح ڏني ته ڪويءَ جي اکين جون پٽيون اهڙي هنڌ کوليون وڃن، جتي هو منظر ۽ رنگ واضح طور ڏسي سگهي ۽ ساڳي ڏينهن هڪ ڪاغذ ۽ قلم جو بندوبست ڪري اتي هن حوالي ڪيو وڃي جيئن هو زندگيءَ جا پهريان منظر پنهنجين اکين سان ڏسي دنيا جي لازوال ڪويتا لکي سگهي.
    هجوم ۾ موجود ماڻهن کي اها صلاح بي حد پسند آئي ۽ نيٺ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ستن ڏينهن کانپوءِ ڪويءَ کي شهر جي بلند تاريخي مناري تي بيهاري هن جي اکين جون پٽيون کولي هڪ ڪاغذ ۽ قلم هن حوالي ڪري ڪجهه دير اڪيلو ڇڏيو ويندو، جيئن هو پنهنجين اکين سان دنيا جا پهريان منظر ڏسي لافاني ڪويتا لکي سگهي.
    ان شهر جي لکيل پڙهيل ماڻهن ۾ هڪ نئون جوش ۽ خوشي جي لهر هئي، هر ڪو اهو سوچي رهيو هيو ته پيدائشي انڌو ڪوي جنهن وٽ نه ڏسندي به دنيا جا عظيم سگهارا عڪس ۽ منظر آهن آخر اهو ائين نظر جي ايندڙ ان اوچتي سگهه کانپوءِ اتي ڪيتري نه لازوال ۽ عظيم ڪويتا تخليق ڪري وٺندو.
    ستن ڏينهن کانپوءِ شهر جي هڪ پهاڙيءَ تي بيٺل چار سو سال پراڻي ڳاڙهين سرن مان ٺهيل مناري تي مٿي آڻي، ڊاڪٽر ڪوي جي اکين تي ويڙهيل اڇي پٽي کي کوليو ۽ پوءِ هو ڪويءَ کي اتي اڪيلو ڇڏي هيٺ لهي ويو.
    ڪويءَ ٿوري دير ڪوشش کانپوءِ جڏهن آهستي آهستي اکين کي کوليو ته نيري اڀ هيٺان نظرن جي وسعتن تائين ڦهليل هڪ عجيب وايو منڊل ڏسي هن جي دل دهلجي وئي. سور جي هڪ سٽ هن جي دل مان نڪري دماغ تائين پهتي، هن اکيون بند ڪيون ۽ پوءِ وري جڏهن کوليون ته ڄڻ هن کي مايوس وڪوڙي وئي، هن آڏو نيري اڀ هيٺان ڦهليل دنيا اها نه هئي جنهن جو هن تصور ڪيو هيو. اها بلڪل ڦڪي ۽ مايوس ڪندڙ هئي. اتي اهي رنگ نه هيا جيڪي هن سوچيا هيا. اهي منظر نه هيا جيڪي هن ڏٺا هيا. هن کي حقيقت ڏاڍي ڇسي ۽ حقير نظر آئي. هن کي منظر ۽ عڪس عام رواجي ڏسڻ ۾ آيا. ايڏا ڇڊا ۽ مصنوعي رنگ ڏسي، هن جي من ۾ موجود سڀ گهرا عڪس ڌنڌلا ٿيندا ويا. هن کي لڳو هو اهڙي پاڻيءَ ۾ وهنجيو هجي جنهن پاڻيءَ هن جي وجود تي ٺهيل رنگدار عڪسن کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هجي.
    مناري کان هيٺ هن جي مداحن جو هجوم هن جي لازوال ڪويتا جي انتظار ۾ مٿي ڏسندو رهيو. آخر ڪويءَ بي دلي سان اتي پيل پني ۽ قلم کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ڪجهه لکڻ چاهيو. هن ڏٺو سندس ڪلهي تي ويٺل تصور جو عقاب اڏامي مناري کي ويڙهيل لوهي سيخن ۾ اٽڪي پيو. هن ڏٺو ڄڻ عقاب جون اکيون انڌيون ٿي پيون هجن.
    ڪويءَ گهڻي ڪوشش ڪئي ته هن جو عقاب اڏامي نئين نظر ايندڙ دنيا مٿان گردش ڪري پر هن جي تصور جو انڌو عقاب مناري جي لوهي سيخن ۾ ڦاسي پر ڦڙڪائيندو رهيو. انڌي عقاب جي چهنب ڪنهن زخمن جيان ڦاٽل هئي، ان جي بي نور اکين مان رت جا ڳوڙها گلابن جيئن ڦٽي رهيا هيا، اهو مناري جي لوهي پڃري ۾ ڪنهن غلام ڪيل آزاد ديش جي فرد جيان بي چين ٿي پنهنجو مٿو لوهي سيخن سان ٽڪرائڻ لڳو. عقاب ڦتڪيو ته سندس پر ٽڪر ٽڪر ٿي مناري کان هيٺ ڇڻيا. ڪويءَ جي تصور جا منظر اهي نه هيا جيڪي هن اڳيان واضح هيا. ڪوي رنو ۽ هن هٿ هڻي ڳوڙهن کي محسوس ڪيو، هن جا ڳوڙها ڪنهن ناسور مان وهندڙ روڳ جهڙا گهاٽا هيا. ڪويءَ انڌي عقاب کي ڏٺو، انڌو عقاب ڪنهن اوندهه ۾ راهه وڃايل واٽهڙو جيئن وائڙو هيو. ڪويءَ عقاب کي حڪم ڏنو “اي عقاب اڏر، مون کي منظر ڏيکار ۽ رنگ عطا ڪر؟” پر عقاب پنهنجا چنبا لوهي سيخن ۾ جهلي انڌين اکين سان پريشاني جي عالم ۾ ڦتڪندو رهيو ۽ ڪويءَ جو قلم ڪاري الٽي ڪرڻ لاءِ جاءِ ڳولهيندو رهيو ۽ ڪورو ڪاعذ هن جي هٿن ۾ ڏڪڻ لڳو.
    ڪويءَ محسوس ڪيو، هو هاڻي شايد ڪڏهن به ڪا ڪويتا جوڙي نه سگهندو. هو مايوس ٿي مناري جي وچ تي ٺهيل پٿر جي ٿلهي تي ويهي رهيو. ڳوڙها هن جي اکين مان سڏڪن جي ساز تي هيٺ ڇڻندا رهيا. سنڌو کان ٿڌي هوا جو جهوٽو هن جي اکين سان ٽڪرايو ته هن کان آهه نڪري وئي. سندس اکيون بند ٿي ويون. هر شي هن اڳيان اوجهيل ٿي وئي. تيز روشني اوندهه ۾ تبديل ٿي وئي. شهر جون بلند عمارتون سڪون جي پردي پويان گم ٿي ويون. نيري عرش هيٺان بيٺل بادلن جا ٽڪرا امن جي اڇن پکين ۾ تبديل ٿي ويا. چوڌاري ڦهليل دل کي دهڪائيندڙ گوڙ جو آواز هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي چڻگن ۾ تبديل ٿي زائل ٿي ويو. ڪوي ڪيتري دير اکيون بند ڪيو ويٺو رهيو. هن محسوس ڪيو زخمي انڌو عقاب مناري جي لوهي سيخن مان پنهنجا چنبا ڇڏائي سندس ڪلهي تي اچي ويٺو هجي. ان هن جي ڪلهي تي ويهي پنهنجا کنڀ ڇنڊيا هجن، پنهنجي چنبي جي ننهن سان اکين کي کوٽيو هجي، ته انهن هيٺان سندس نيون اکيون ظاهر ٿيون هجن. عقاب جي پريشانيءَ ۽ خوف پَرن جي ڇنڊڪي سان ڌوڙ جيان اڏامي پري وڃي ڪريا هجن. عقاب نوبنو ۽ ڦڙت ٿي پيو هجي. ڪوي ڪيتري دير اکيون بند ڪيون، ڪنهن بت جيان ويٺو رهيو. هن محسوس ڪيو، هو واپس پنهنجي دنيا ۾ موٽي ويو آهي. هڪ اهڙي دنيا جتي اوندهه جي عظيم منارن مان روشني جا ڪرڻا وسيع سنڌ جي سيني تي ڪري رهيا آهن. هڪ رات جتي اميد جا ستارا امن ۽ خوشيءَ جي عرش تي مرڪي رهيا آهن، ڪويءَ جي چهري تي سڪون ۽ سانت جا پاڇا روشنين جي لهندڙ سج پويان هيٺ لهي آيا. ڪويءَ بند اکين سان پنهنجي ڪلهي تي ويٺل تصور جي عقاب کي حڪم ڏنو ”اُڏر اي عقاب مون دنيا کي تو لاءِ هموار ڪري نئون عرش ۽ ڌرتي تخليق ڪئي آهي، وڃ ۽ مون کي نون رنگن ۽ عڪسن سان واقف ڪراءِ.”
    عقاب ڪويءَ جي ڪلهي تان نوبنو ٿي ڀڙڪو کائي اڏاڻو ۽ پَر هڻندو مناري جي لوهي سيخن کي پار ڪري ڏور عرش هيٺان گول ڦيرا پائڻ لڳو. ڪويءَ پنهنجي هٿ ۾ قلم سنڀاليو ۽ ڪورو ڪاغذ مختلف رنگن ۾ تبديل ٿي ويو. ان تي منظر اڀريا ۽ ڪيترا ئي عڪس ان تان ڇڻي اکيون بند ڪري ويٺل ڪويءَ جي هنج ۾ ڪريا.
    ڪويءَ جو اهو نظم واقعي ئي هڪ عظيم تخليق هئي، جنهن ۾ هن جي دل جي دردن کانسواءِ هڪ نئون تجربو پڻ سمايل هيو.


    انڌي ٻُلهڻ

    ”ڏيئي جي لاٽ
    مٿان روشني
    هيٺان ٻاٽ.“
    ڪنهن وسيع ۽ عريض درياهه جي ڪپ تي ڪو شهر آباد هيو. شهر کان ڏور چن جي پٿرن جا ننڍا وڏا پهاڙي سلسلا هيا، جن تان چڙهي جڏهن ڏسبو هيو ته اهو نديءَ ڪناري اڏيل شهر ائين لڳندو هيو جيئن ڪنهن زمين کوٽي ان جي ناهموار سطح تي ننڍا وڏا مٽيءَ جا دڙا ميرين مٿي اڀريل جائين جيئن پکيڙي ڇڏيا هجن. پريان هڪ ننڍڙي پهاڙيءَ تي ٺهيل تاريخي منارو ڪنهن قداور عظيم انسان جيان سٺي وقت جو انتظار ڪندي ڄڻ اتي ئي ڄمي ٺوٺ ٿي ڳاڙهين سرن ۾ تبديل ٿي چڪو هيو. ان شهر مٿان ڪئي سج لٿا ۽ چڙهيا، هر سج جي گرمائش پهريون کان گهڻي هئي ۽ هر ڏينهن نوان عذاب کڻي ان شهر مٿان نازل پئي ٿيو.
    مناري تان چڙهي ڏسبو هيو ته اڻ کٽ ڊگهي درياهه جي ڪپ تي جايون ڄڻ پاڻيءَ اندر ڪرڻ جون منظر هونديون هيون، اهي پاڻيءَ اندر اکيون اٽڪائي ان انتظار ۾ هونديون هيون ته ڪڏهن اهو پلٽجي پوندو ۽ ڪو سيلاب انهن اندر موجود عذابن کي لوڙهي ويندو. درياهه اهڙي ازدها جيان پئي لنگهيو جنهن ازدها جي ڊيگهه جو ڪو انت نه هيو. اهو ڊڪندو پئي ويو ۽ ان جي وات مان باهه پئي نڪتي.
    راهب ان ئي شهر جي گهٽين ۾ ڊوڙيندي وڏو ٿيو ۽ جوانيءَ جي حدن کي پهتو. نيٺ هن جي منهن جي چمڙي ڳٽن وٽان لٽڪي پئي ۽ هن جي احتجاج ڪندڙ ڪاري ڏاڙهي ۾ امن جهڙا ڪجهه اڇا وار ظاهر ٿيا. راهب هڪ ناڪام عاشق ۽ سچائيءَ جي راهه ۾ ڀٽڪندڙ انسان هيو. هن پنهنجي عمر جا چاليهه سال ان شهر اندر انصاف کي ڳولهيندي گذاري ڇڏيا. هن عشق ڪيو پر سندس محبوبا کي هن کان ائين الڳ ڪيو ويو جيئن شهر جي ڪنهن چوواٽي تي ماڻهن جي هجوم اندر اڏيءَ تي ڪنڌ رکي ان کي ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي. هو ان شهر جي گهٽين ۾ گهمندڙ بغير سسيءَ وارو ڌڙ هيو. هن سوچيو هن جا هٿ سلامت آهن پير محفوظ آهن، هو انصاف کي ضرور ڳولهي لهندو پر ان شهر اندر سچ ۽ انصاف ٻئي لاڏاڻو ڪري ويا هيا. هن جو چهرو واپس ڪرڻ وارو اتي ڪو به نه هيو، هن رڙ ڪري جڏهن انصاف لاءِ ٻاڏايو ته سندس ٻانهن کان گهلي ”جهان خان“ آڏو پيش ڪيو ويو. جهان خان جنهن جي هڪ هٿ ۾ ڏنڊو هيو ۽ ٻئي ۾ بندوق، سوڙهي سخت ورديءَ ۾ ملبوس جهان خان ڪرسيءَ تي اڀو ٿي ائين ويٺل هيو جيئن هو ٺڪر جو ٺهيل هجي. راهب جهان خان کي پريان ڏسي سڃاڻي ويو ۽ هن رڙ ڪري چيو ”هيءُ ته اهو ئي آهي جنهن منهنجي محبوبا کي الڳ ڪيو، هي مون کي ڪهڙو انصاف ڏئي سگهندو، هن آڏو فرياد مان ڇا فائدو؟“
    ”ڇا توکي خبر نه آهي ته هن شهر جو چڱو مڙس جهان خان آهي؟” ڪنهن سندس گريبان ۾ هٿ وجهندي چيو ”هن جي زبان مان نڪتل هر لفظ آئين آهي ۽ هن جو هر عمل انصاف جو اشارو آهي.”
    راهب حيران ٿي ويو ۽ سندس ويڪريون اکيون گول ٿي ويون، هن ڪاوڙ مان گريبان ۾ پيل هٿ ڇڏائيندي چيو ”پر منهنجي محبوبا ته سچ جيان هن جي حرم ۾ قيد آهي.”
    چار چنبا اچي سندس چهري تي وسيا، سامت ۾ آيو ته ڪنهن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد هيو. صبح جي سج جا پهريان ڪرڻا پيا ته هن لوهه جي سيخن جو عڪس پنهنجي وجود تي پوندي محسوس ڪيو. هن کي لڳو سندس جسم ڪٽجي ورهائجي ويو هجي. هن جي وجود تي ڪنهن تيز ڌار آلي سان ڊگها چيڙ ڏنا هجن، هو چنگهندو اٿيو ۽ ڏٺو سج لوهه جي سيخن کان ٻاهر هيو ۽ باقي سڀ اندر دنيا قيد خانو هئي ۽ روشني آزاد ڪرڻا جن کي ڪو قيد نه ٿو ڪري سگهي. ظلم هڪ اهڙي اوندهه جيان هيو جنهن سڀني کي انڌو ڪري ڇڏيو هجي. هن کي هر شخص پنهنجي ڄار اندر وچڙيل نظر آيو، ان شهر مٿان انصاف جو سج ڪڏهن بلند نه ٿيو هيو. آسمان تي اڀرندڙ چنڊ جي روشني ڪوڙ هئي ۽ ظلم ان ڌرتي تي اڏرندڙ ڌوڙ هئي. اتي ذلت ماڻهوءَ جي پاڇي جيان ٺهي لهندڙ سج اڳيان ڊگهي ٿيندي اوندهه جيان ٿي ڦهلي، اتي بک ۽ بيماري انسان جون سڳيون ڀينر هيون، اتي ڄمندڙ هر انسان جي هٿ ترين تي غربت ۽ بدحالي جو، لڪيرون هيون، اتي توهين ۽ ملامت هر انسان جي ڳچي ۾ توڪ جيان پيل هئي، اتي غربت ۽ جهالت پنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ وجهي ڦاٽل ميرن ڪپڙن سان رستن تي رلي رهي هئي، اتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هيا.
    راهب ان شهر جون ناانصافيون ڏسي روئي پيو هو. رنو ۽ پوءِ هن ڪال ڪوٺڙيءَ جي سيخن ۾ هٿ وجهي انهن سان مٿو ٽڪرائي وٺي ڍنڍڪيون ڏنيون. هن کي ڪا خبر نه پئي ته سندس هٿن تي ڪرندڙ آلاڻ ڳوڙهن جي آهي يا نرڙ مان وهندڙ رت جي. هو دل کولي رنو ۽ نيٺ ساڻو ٿي هيٺ ڪريو. رات ٿي ڏينهن ٿيو ۽ پوءِ وري رات ٿي ۽ ڏينهن ٿيو. نيٺ اهڙو ڏينهن به ٿيو جو راهب کي آزادي نصيب ٿي.
    جڏهن کليل هوا ۾ هن ساهه کنيو ته سندس سيني اندر ويندڙ هوا ۾ هن ڪا به تازدگي محسوس نه ڪئي، هن نظرون کڻي ڏٺو زندان ٻاهران اهي ئي لوهي سيخون سندس پٺيءَ واري پاسي کان موجود هيون. پوءِ هن سمجهيو اهو شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ لوهي سيخن جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي. آزادي ڪهڙي پاسي آهي، اها ڳالهه هن کي سمجهه ۾ نه آئي.
    راهب شهر جي گهٽين ۾ پنهنجين ذلتن جا توڪ پائي دربدر گهمندو رهيو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته آخر هو ڪنهن کي دانهن ڏئي، ڪنهن آڏو فرياد ڪري، جو کيس انصاف ميسر ٿئي، ظلم ۽ بدحالي مان هر ڪو نجات ماڻي سڪون جو ساهه کڻي، امن ۽ آشتي جو دور شروع ٿي سگهي، سچ ۽ حقيقت جي ڪا جهلڪ نمايان ٿئي، عذاب جا ڏينهن گهٽجن ۽ غربت ڏور ٿئي، ڪا بيمارن جي پاڙ پٽجي ۽ بک جي ڳجهن کي پٿر هڻي هيسائجي.
    راهب اهو سوچيندو ويو ٿي ڏينهون ڏينهن ڏکايل ۽ ڏٻرو ٿيندو، هڪ ڏينهن اهڙن ئي خيالن ۾ هيو ته سندس ملاقات شهر جي ڏاهي سان ٿي. شهر جي ڏاهي کي روڪي رستي جي پاسي کان بيهاري هن سوال ڪيو ”آهي ڪو اهڙو جنهن کي هو دل جا درد ٻڌائي. کيس اڳيان دانهين اهو چئي ته هن شهر اندر ڪهڙا نه ڪلور پيا ٿين؟ آهي ڪو اهڙو جيڪو هن سان انصاف ڪري ۽ هن شهر اندر ٿيندڙ ناحق کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو بندوبست ڪري؟”
    ڏاهي کيس تسلي ڏني ۽ سندس دل کي مطمئن ڪيو.
    ”ها هڪڙو آهي.“ ڏاهي چيو ”بادشاهه سلامت.”
    راهب اتاولو ٿي ويو.
    ”پوءِ هن جو محل ڪٿي آهي؟ مون کي ٻڌاءِ هن شهر جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۽ حصي ۾ آهي؟ جتي مان وڃي فرياد ڪيان ۽ سندس آڏو اندر جا احوال اوريان.”
    ڏاهي کيس شانت رهڻ لاءِ چيو.
    ”ايڏو تڪڙو نه ٿي، منهن جي ڳالهه پهريان غور سان ٻڌ.“ ڏاهي چيو ”شايد توکي خبر نه آهي ته هن شهر جو مالڪ بادشاهه آهي جيڪو وڏو سخي ۽ ڏاتار آهي. انصاف ۽ سچ هن جي محل جا درٻان آهن، هو ظالمن کي تباهه ڪندڙ ۽ مظلومن جو حامي آهي. جيڪڏهن تون هن کي دانهن ڏئين ته هو تو سان ضرور انصاف ڪندو.“
    راهب کي خوشي محسوس ٿي.
    ”ته پوءِ مون کي ٻڌاءِ اُهو ڏاهو ڪٿي آهي؟“ راهب چيو، ”مان ان وٽ جلد پهچڻ چاهيان ٿو.“
    ڏاهي راهب کي ٻانهن ۾ هٿ وڌو.
    ”اچ مان توکي ٻڌايان ته بادشاهه ڪٿي آهي.” ڏاهي چيو ۽ پوءِ هو هن کي گهلي درياهه جي ڪپ تي وٺي آيو ۽ آڱر کڻي درياهه جي ٻئي ڪپ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين.
    ”بادشاهه هوڏانهن آهي، دريا جي هن پار، جتي ٻيو ڪپ نظر اچي رهيو آهي.”
    راهب ڏٺو درياهه ڪنهن ازدها جيان وات مان باهه ڪڍندي پئي لنگهيو،
    ”ته ڇا پنهنجي دل جا درمان ان تائين پهچائڻ لاءِ مون کي اهو درياهه اڪرڻو پوندو.” راهب چيو.
    ”ها.“ ڏاهي سينو ٻاهر ڪڍندي وڏي اعتماد سان چيو ”اتي بادشاهه آهي. جيڪو اتي پهتو ان انصاف حاصل ڪيو، اهو سڀ تنهنجي همت ۽ جستجو تي آهي ته تو ۾ آخر پار پوڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي، تو وٽ تياڳڻ جا ڪهڙا تيور آهن، تو وٽ سنياس جي ڪهڙي آس آهي، تو وٽ جدوجهد جو ڪهڙو جذبو آهي ۽ تپسيا جي ڪيتري تمنا آهي؟”
    وهندڙ دريا جا ڌڌڪا ٻڌي راهب صفا دهلجي ويو، سندس جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو، هو سوچي ئي رهيو هيو ته ڏاهي وري ڳالهايو.
    ”تون آخر اهو ڪيئن ٿو سوچين ته ڪنهن شيءِ کي جدوجهد ۽ قرباني بنا حاصل ڪري وٺين، جيسين گهيڙ ۾ نه گهڙندين ته پار ڪيئن پوندين؟ همت ڪر ۽ هُن پار وڃي بادشاهه سان سور سل ۽ اندر جا وڃي اور ته ڪو انصاف ملي ۽ شهر جي مخلوق جو ڀلو ٿئي، ڪو ظلم ٽري غربت ۽ مفلسي جو خاتمو ٿئي.”
    ڏاهي جون ڳالهيون ٻڌي راهب پڪو پهه ڪيو ته هو هن پار پهچي بادشاهه جي سامهون ٿي هن کان انصاف ۽ رحم ضرور حاصل ڪندو، هو هن کي شهر اندر ٿيندڙ هر ان ظلم ۽ ناانصاف کان آگاهه ڪندو، جنهن کان هر ماڻهو سخت بي چيني ۽ بي آرامي ۾ مبتلا آهي.
    ”مان بادشاهه کي ضرور ويجهو پوندس ۽ پو هن وٽ پهچي حق انصاف لاءِ ضرور داهيندس.” راهب جذباتي ٿيندي چيو “اي ڏاها مون کي ڏس ڏي ۽ راهه کان واقف ڪر، ڪو اهڙو گر ٻڌاءِ، جو مان هن ازدها جهڙي دريا جو پيٽ چيري، حق ۽ انصاف کي ويجهو پوان. بادشاهه کي ڏسان ۽ سچ کي حاصل ڪري عذاب ۾ مبتلا ماڻهن جي دردن جو درمان ٿيا.” ڏاهو خوش ٿيو ۽ مرڪيو.
    ”ها تون حق کي ضرور حاصل ڪندين ۽ تنهنجي قرباني ڪو نئون سج ضرور اڀاريندين. ڏاهي چيو هاڻي ويهه ته توکي اهڙي واٽ ڏسيان جو جلدي جلوو ڏسين ۽ پار پهچين.”
    ڏاهو راهب کي دريا ڪناري ڦٽيل سائي گاهه جي ٽڪر طرف وٺي ويو ۽ پوءِ هو ٻئي وڃي اتي ويٺا ڏاهو آڱر مٿي ڪري ڳالهائڻ لڳو ۽ راهب ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. پريان سج آسمان جو سفر ڪري دريا جي ٻئي ڪپ تي غرق ٿيڻ وارو هيو، شفق جي لالاڻ ۾ پکين جا ولر قطارون ڪري وٿاڻن ڏانهن وري رهيا هيا ۽ پوءِ هر طرف اوندهه ڦهلجي وئي.
    نيٺ اهڙو وقت به آيو جو ڪنهن سڀاڳي صبح جو راهب ۽ ڏاهو ان منجهيل گهٽين واري ظلم جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل شهر جي گهٽين مان نروار ٿي اچي دريا جي ڪپ تي پهتا. راهب اها سموري رات سوچ ۽ پيڙا ۾ ڦٿڪندي گذاري هئي. جنهن ڪري هن جون اکيون ڪنهن انقلاب جيان ڳاڙهيون هيون. ڏاهي هن کي سڀ ڏس پتا ڏنا، اهڙا گر ۽ هنر هن حوالي ڪيا جو سندس منزل آسان ٿي سگهي، پر اهو به چتاءُ ڏنو ته هو ان سفر کي معمولي نه سمجهي، ڇو جو کيس وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي. جنهن کانپوءِ هو جيئري منزل کي ويجهو ٿي سگهندو. جيڪڏهن هو راهه تان ڀٽڪيو ته غورابن جو گرهه ٿي سدائين لاءِ غرق ٿي ويندو. راهب نديءَ ڪناري پهچي سندرو ٻڌو ۽ جڏهن هن اڳتي وڌي ڏاهي جي پيرن تي هٿ رکيا ته ڏاهي هن کي ٻانهن کان وٺي مٿي اٿاري سيني سان لاتو. راهب ڏٺو صبح جي هير ۾ ڏاهي جي ڏاڙهي لڏي رهي هئي ۽ هن جي اکين مان حسرت ۽ شادماني بکي رهي هئي، سندن وارن ۾ لڪيل سنهڙن چپن تي اميد جي مرڪ هئي. راهب ڏاهي جو چهرو ڏسي پاڻ به مرڪيو ۽ هن جي همٿ وڌي. هن اڳتي وڌي ڪنڌي لڳل بيٺل بتيلي تي لانگ ورائي ۽ وڃي ونجهن ۾ هٿ وڌا، ڏاهي ڪنڌي لڳ ڪلي مان واڍ ڇڏائي ۽ پوءِ بتيلو ڪنهن آزاد ڪيل غلام جيان، خوشي ۽ سرور مان ڪنڌ لوڏي اڳتي ڪاهي پيو. جڏهن سج نڪتو ۽ نيراڻ اس جي اڇن ڪرڻن ۾ جذب ٿي وئي، ته ڏاهي ڏٺو بتيلو درياهه جي سير ۾ پهچي چڪو هيو ۽ پريان راهب جون ٻانهون ونجهه هلائيندي ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ جي پرن جيان پئي محسوس ٿيون. جڏهن اهو نظر کان اوجهل ٿيو ته سج سوا گز کان مٿي اڀري آيو هيو ۽ ڏاهو ڪپڙا ڇنڊي کلندو واپس وريو.
    راهب کي ونجهه هلائيندي گهڻو وقت ٿيو، ندي جو ٻيو ڪپ ڏسڻ ۾ ته اوراهون هيون پر جيئن ٿي ويو بتيلو اوڏانهن ڌڪيندو تيئن ٿي ويو ڪپ ڏورانهون ٿيندو. هن ڏاهي جو ٻڌايل هر حربو استعمال ڪيو. واٽ کي آسان بنائڻ لاءِ ان جي هر عمل کي ڪتب آندو، پر هن ڏٺو نديءَ جو ٻيو ڪپ ايترو آسان نه هيو جيترو هن سمجهيو هيو. اهو ڏسڻ ۾ جيترو آسان ۽ ويجهو هيو عمل ۾ ايترو ئي اڙانگو. راهب جيئن جيئن پري پهچندو ويو ندي وئي ٿي اونهي ٿي ناهموار ۽ خوفائتي ٿيندي. ان جي تک ۽ سير ايتري ته هئي جو هن جو بتيلو ڪنهن لاش جيان ويو ٿي ان ۾ لڙهندو ۽ وهندو ندي مٿان ڪيترا سج لٿا ۽ چڙهيا پر راهب نه ٿڪيو. هن جو جذبو ويو ٿي اڳي کان جوان ٿيندو. راهب جا هٿ ونجهن ۾ ائين مضبوط هيا جيئن هن جو ارادو ۽ اعتقاد. هن گجگوڙ ڪندڙ ندي جي تک ۾ هر هر ونجهه ائين پئي سٽيا جيئن هو پاڻي کي لٺين سان ماري مڃائيندو هجي. ونجهه هلائيندي هن جون ٻانهون عقاب جي پرن جيان پئي اڏاميون ۽ هو ويو ٿي اڳتي وڌندو، پر ٻيو ڪنارو جتي هن جي ڳولها جي حد هئي، اهو نظر ايندي به ويو ٿي نظرن کان ڏور ٿيندو ۽ پري پوندو.
    نيٺ هلندي هلندي هڪ ڏينهن راهب جي بيک نڪري پئي، سندس ٻانهن جا ڏورا سڄي ٺوٺ ٿي پيا ۽ ويڻيون وٽجي وڍجي پيون. هٿ ونجهن مان ڇڏائجي ويس ۽ مرگهي جي مريض جيان گڦ ڳاڙينديو ٻيڙي ۾ ڪري پيو. بتيلو ويس ٿي ڪنهن لاوارث جانور جيان جهنگ ۾ ڊوڙيندو. منهن تي ڇنڊا محسوس ٿيس ته هوش ۾ آيو. اک کولي اٿي ڏٺائين، مينهن وسي رهيو هيو. آسمان ۽ ندي هڪ جهڙا ڏسجي رهيا هيا. آسمان ۾ گجگوڙ ڪندڙ ڪارا بادل ۽ وڄ جي چمڪن ۾ نظر ايندڙ ڪاري ندي. ڏاڍو پريشان ٿي ويو. نديءَ جي وهڪري ۾ وهندڙ لاوارث ٻيڙي جي ونجهن ۾ هٿ وڌائين ته ڄڻ ڇڙواڳ گهوڙي جي واڳن ۾ هٿ پئجي ويس. هڪ دفعو وري همت ڪيائين ۽ ونجهن کي وٺي زور سان هلايائين، طوفان تيز ٿيندو ويو ۽ وڏ ڦڙو پٿرن جيان پٺي تي وسندي محسوس ڪيائين. کنوڻ جون ڊگهيون ليڪون هر هر عرش تي ٺهيون پئي ۽ ڊهيون پئي. ڪارو جهُڙ رستو وڃائي ويٺل راهگير جيان آيو پئي ۽ ويو پئي. تيز هوا ۾ ندي جو پاڻي پوڙهي جي جسم جيان پئي ڏڪيو ۽ هن جو بتيلو لهرن تي مٿي ٿي ائين ٿي هيٺ لٿو جيئن اهو اونڌو ٿيندي هر هر بچي ويندو هجي، پر راهب ڏاهي جا ڏسيل اهڙا وٺي ونجهه هلايا جو هر دفعي ويو ٿي بچندو ۽ طوفان مان پار پوندو. نيٺ جهڙ ٽڪر ٽڪر ٿيو، سج ڪڏهن ظاهر ٿيو پئي ۽ ڪڏهن لڪيو پئي، ڪڏهن اس هئي ته ڪڏهن ڇانور ۽ هو بتيلي ۾ ايڏو ته ٿڪيل ۽ هيسيل هيو جو مايوسي جسم جي هر حصي تي حاوي هيس. سندس من چاهيو ته موٽي وڃي ۽ بادشاهه کي وساري ڇڏي. اهڙي ئي سوچ ۾ هيو ته پاڻي مان ٻه جل پريون نڪري اچي بتيلي جي اڳئين حصي تي ويٺيون. ائين اوچتو جل پرين جي نڪري نروار ٿيڻ تي سندس ڇرڪ نڪري ويو، ونجهه هلائيندي هٿ رڪجي ويس. جل پريون ڏسي سندس هوش ئي اڏامي ويا.
    ”ايڏيون خوبصورت.“ هن من ۾ چيو”ڇا ته سندس سونهن ۽ سوڀيا آهي.“
    هو اڃان سوچي ئي رهيو هيو ته جل پرين پاڻيءَ ۾ ٽپا ڏئي هر هر ظاهر ٿي هن اڳيان اهڙو ته نرت پيش ڪيو جو سندس دل باغ بهار ٿي وئي.
    ”واهه.“ سندس وات مان نڪتو، ”اهڙو نرت، اهڙو رقص، اي جل پريون وري هڪ دفعو وري.”
    جل پريون ٽهڪ ڏئي کليون ۽ گهڻن ڏينهن کانپوءِ هو به کليو. جل پريون سندس بتيلي ڀرسان هلنديون رهيون ۽ هو انهن خوبصورت پرين جو جلوو ڏسندو بتيلو هلائيندو رهيو. جل پرين جي حسن سندس من موهي وڌو. هن کان بادشاهه وسري ويو. هو مدهوشيءَ جي عالم ۾ ويو ٿي انهن پويان ونجهه هلائيندو. جل پريون مرڪيون ٿي ته هو به مرڪيو ٿي. جل پرين جا ناز ۽ انداز هن مٿان حاوي ٿي ويا ۽ هو هر شيءِ کان غافل ٿي انهن پويان هلندو ويو.
    گهڙي گذري ته ڪو واڳون پريان وات ڦاڙي هن جي بتيلي پويان ڀڄندو آيو. ويجهو اچي ٻيڙي کي چڪ هڻي اهڙي اڇل ڏنئنس جو ذري گهٽ اونڌو ٿيندي بچيو. سڄو لڏي ويو. ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته هوش اڏامي ويس. ايڏو وڏو واڳون هن زندگيءَ ۾ نه ڏٺو هيو. ان کان اڳ جو هوش سنڀالي واڳونءَ ڊڪي وري حملو ڪيس. ٻيڙي پاڻي ۾ ائين لڏڻ لڳي جو تري تي هُن جا پير ئي نه پئي ڦٻيا. سڄو توازن تباهه ٿي ويس. هيٺ ڪريو، اٿيو ۽ ونجهه ۾ هٿ وجهي کڻي سڌو ڪيائين. واڳون وري جيئن ويجهو آيس ٺڪاءُ ڪرايائينس مٿي ۾ واڳو وات ڦاڙي پڇ ورائي واپس ڀڳو. پاڻيءَ ۾ اهڙيون لهرون اڀريون جو لڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ بي توازن ٿي پٺي ڀر ڪريو. وري اٿيو ۽ ونجهه ۾ هٿ وجهي واڳون جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڏٺائين واڳون پري کان پاڻي اندر لڪي اکيون ٻاهر ڪڍي هن ڏانهن نهاري رهيو هيو. سمجهيائين ڀڄي ويو پتيلي ۾ هيٺ ويٺو ۽ ڊگها ساهه کڻي وري ونجهه ۾ هٿ وجهي بتيلو اڳتي سوريائين ٿورو هلي پٺ ورائي نهاريائين واڳون نه ڏسي اطمنان ۽ سک جو ساهه کنيائين. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين جل پريون نظر نه آيس، مايوسي سان ڪنڌ هيٺ ڪري ڪروڌ مان دريا جي ٻئي ڪپ ڏانهن ڏٺائين، ڪنارو اڃان پري هيو، تمام پري. اهو سوچي ونجهه هلائيندو هلندو رهيو ٿورو ٽڪر اڳتي هليو ته وري پاڻيءَ مان ساڳيون جل پريون ٽپو ڏئي اچي بتيلي اڳيان ويٺس. انهن جا سڻڀا جسم تيز اس ۾ چمڪي رهيا هيا. هن جل پرين کي ڏٺو ۽ دل ۾ هڪ دفعو وري خوشي ڀرجي آيس. جل پرين وري ٽهڪ ڏئي اهڙو نرت وڌو جو سندس دل ٽپا ڏئي ڌڙڪڻ لڳي. جل پرين سان گڏ هن به ٽهڪ ڏنا ۽ پوءِ هو جل پرين پويان ويو ٿي بتيلو تيز هلائيندو ۽ اڳتي وڌندو.
    هو پنهنجي ڌن ۾ مگن هيو ته اوچتو خبر نه پئي ڪا تيز شي اچي هن جي بتيلي سان ٽڪرائي. هو ذري گهٽ اونڌو ٿيندي بتيلي مان پري وڃي پاڻي ۾ ڪرڻ وارو هيو ته هن پنهنجن گوڏن ۾ هٿ وجهي سنڀاليو. ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريائين ته ساڳيو واڳون سندس پويان وات ڦاڙي حملي جون تياريون ڪري رهيو هيو. موت کي ايڏو ويجهو ڏسي ذري گهٽ رڙ نڪري ويس. تارا ڦوٽاري وٺي واڳون کي گهٽ وڌ ڳالهائين.
    ”تون هاڻي نه بچندين، حرام خور، مردود ڪمينا ڪنهن جاءِ جا.“ هن چيو ۽ پوءِ ونجهه سڌو ڪري منهن ۾ ڏنائين. واڳو وات ڦاڙي ڏند ڪڍي الر ڪيس، وري ونجهه مٿي ڪري ٺڪاءَ ڪرايائينس. واڳون ڊنو ۽ پڇ پاڻي ۾ هڻي وريو.
    ”گيدي ڪنهن جاءِ جا.“ هن ڪاوڙ مان چيو ”ڀاڙي، لوفر.“ هو وڦلڻ لڳو، سندس گگ واڇن وٽان ڳڙي هيٺ ڪرڻ لڳي. واڳون پري وڃي پاڻيءَ اندران اکيون ڪڍي وري نهارڻ لڳس. هو ٿڪجي ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي بتيلي تي ويهي رهيو. ڪجهه سوچيائين بادشاهه کي ياد ڪيائين.
    ”مار؟” سندس من مان رڙ نڪتي. هو ته سڀ وساري ويٺو هيو مظلومن جون آهون، بادشاهه جو محل ۽ ڏاهي جا پار پتا، انهن جل پرين ته هن کي ديوانو ڪري ڇڏيو هيو. نه ته هن حرام خور واڳونءَ جي ايڏي مجال جو جيئري جاڳندي مٿس حملو ڪري، ائين نيست و نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
    سوچي ئي رهيو هيو ته جل پريون ٽهڪ ڏينديون اڳيان آيس. منهن موڙي ڇڏيائين. جل پريون مايوس ٿي ندي جي تري ۾ واپس غرق ٿي ويون. هو هڪ دفعو وري هوشيار ٿي، سڌي چيلهه ڪري ويٺو ۽ منهن ورائي هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ڪٿي واڳون نظر نه آيس. پاڻي جي سطح تان ڪٿي به ٻه سڄيل اکيون هن پويان نه اچي رهيون هيون. ٿورو اطمنان ۽ اعتماد محسوس ڪيائين.
    ونجهه هلائيندي راهب جي هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. هو نديءَ جي لهرن سان وڙهندي ساڻو ٿي پيو. ڪنارو ويو ٿي پري ڌڪبو ۽ گهلبو، پر من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها پڪ هيس ته هو هڪ ڏينهن اتي ضرور پهچندو ۽ ڪنهن سائي باغيچي جي وچ ۾ ٺهيل بادشاهه جي محل ۾ پهچي ضرور فرياد ڪندو، ته هن جي رعايا ۾ امن ۽ انصاف جهڙين شين جو ڪو به نانءُ نشان نه آهي، اتي ظلم ڪوڙ ۽ دغا جو دور دورائو آهي، هو هن کي امن ۽ انصافن جي درخواست ڪري پاڻ ڏانهن ضرور راغب ڪندو ۽ ائين هو پنهنجو مقصد ماڻي وٺندو. هو اهڙن ئي خيالن ۾ کوئيل هيو، سندس بتيلو ويو ٿي ونجهن جي پيرن سان پاڻي تي پنڌ ڪندو اڳتي وڌندو.
    جيئن وقت گذريو راهب جا هٿ ڄڻ ونجهن مان ڇڏائبا ويا، سندس جسم ڏٻرو ٿي هڏن ۾ تبديل ٿي چڪو هيو ۽ پيٽ جي کل پٺي سان ملي چڪي هئي، اکيون ڏرا ڏئي هڏن هيٺان هليون ويون هيون. هن کي پريان منزل ڪنهن وهم ۽ گمان جيئن ٿي نظر آئي، جيڪا ڄڻ رڃ جيان وئي ٿي واري ۾ تبديل ٿيندي. آخر اهڙو وقت به آيو جو هو هلندي هلندي سهڪي بتيلي منجهه ڪري پيو ۽ بتيلو هن جي هٿن مان ڇڏائجي گمراهي ۽ گمناميءَ جي راهه تي هلڻ لڳو. هو اٿيو ٿي ته هن جي مٿي کي چڪر ٿي اچڻ لڳا، هن ونجهن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته سندس هٿ ڏڪي انهن کان الڳ پئي ٿي ويا، مايوسي هن کي هر طرف کان ويڙهي وئي ۽ موت هن کي پنهنجي ويجهو محسوس ٿيو. سندس کڏن ۾ پيل اکيون دفن ٿيڻ لڳيون ۽ هن وٺي رڙيون ڪيون. “اي بادشاهه تون ڪٿي آهين؟ ...........ڇا تون آهين؟ ............. ڇا تون نه آهين؟ ......... تون سچ آهين؟ ............. تون ڪوڙ آهين؟ .......... ڇا تون واقعي ئي حڪمران آهين؟ ............ محڪومن جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ۽ انصاف جو علمبردار آهين؟”
    هو وڦلڻ لڳو ۽ گج هن جي وات مان وهي هيٺ ڪرڻ لڳي، گهڙي ماٺ کانپوءِ هن وري رڙ ڪئي ۽ چيو “آهي ڪو ئي جنهن بادشاهه ڏٺو هجي، جيڪو بادشاهه کان واقف هجي؟ جنهن وٽ بادشاهه جا پار پتا هجن؟
    هن مايوسيءَ مان هر هر چرين جيان پئي ڳالهايو. گهڙي گذري ته ڪا انڌي ٻلهڻ هن جي بتيلي ڀرسان پاڻي مان ٽپو ڏئي مٿي نڪتي، ان هر ٽٻيءَ سان گڏ وات مان ڪجهه آواز پئي ڪڍيا. انڌي ٻلهڻ کي ائين بتيلي ڀرسان ٽپا ڏيندو ڏسي، هو همت ڪري ٿورو اٿي ويٺو ۽ هن ڪنائڻ شروع ڪيو، جيئن سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي ته انڌي ٻلهڻ ڇا پئي چئي؟ انڌي ٻلهڻ هر هر ٽپو ڏئي ڪجهه چوڻ پئي چاهيو. جڏهن هن ڪوشش ڪئي ته هو انهن الفاظن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن سمجهيو انڌي ٻلهڻ هر هر اهو چئي رهي هئي ”مون بادشاهه ڏٺو، بيشڪ مون بادشاهه ڏٺو.“
    هو حيران ٿي ويو ۽ سڌو ٿي سوچڻ لڳو ته آخر انڌي ٻلهڻ بادشاهه ڪيئن ڏٺو اها ته انڌي هئي. ان نديءَ ۾ رهندڙ دنيا جي منفرد ٻلهڻ جيڪا نسلي طرح پيدائشي انڌي هئي، اکين نه هوندي اها دعويٰ ڪري رهي هئي ته ان بادشاهه ڏٺو؟
    هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ هن ٽپا ڏئي پاڻي ۾ هيٺ مٿي ٿيندڙ ٻلهڻ جي آواز کي وري ڪنائڻ شروع ڪيو، هن واضح لفظن ۾ ٻڌو اها چئي رهي هئي ”مون بادشاهه ڏٺو بيشڪ مون بادشاهه ڏٺو.“
    راهب ڪاوڙ مان هڪل ڪري ٻلهڻ کي چيو ”او انڌي جيڪو سڄن نه ڏٺو اهو تون ڪيئن ڏٺو؟ هي اکيون ڪنهن عرصي کان بادشاهه کي ڏسڻ بنا بي قرار آهن، اهو ڪنهن ڏٺو جو تو انڌيءَ ڏٺو؟“
    پر پريان ٻلهڻ ٽپا ڏئي ساڳيو لڙ لڳايون بيٺي هئي، ”مون بادشاهه ڏٺو بيشڪ مون بادشاهه ڏٺو.”
    هو حيرت مان ان مخلوق ڏانهن منهن ڪري ڪيتري دير کاڏي تي هٿ رکي ويٺو رهيو ۽ پوءِ وري ڳالهايو.
    ”او انڌي جاهل ٻلهڻ پري ٿي منهنجي رستي تان ته ونجهه مٿي ۾ هڻي رت نه ڪنڍانءِ، ڇڏ اها اجائي بڪ بڪ، وٺ پنهنجو رستو ۽ اتي پهچ جتي اکين جو علاج ڪرائي ڪجهه ڏسڻ جي قابل ٿئين. تون جڳ نه ڏٺو بادشاهه ڏٺو؟ راڄ نه ڏٺو راڻو ڏٺو؟ ڄڃ نه ڏٺي گهوٽ ڏٺو؟ هل هتان ته ناس نه ڪيانءِ.” هن چيو ۽ هيڻن هٿن سان بتيلي مان ونجهه ڪڍي کڻي سڌو ڪري پاڻي ۾ ٺڪا ڪرايائين، پاڻي جا ڇنڊا مٿي اڀريا ۽ بتيلي جو توازن خراب ٿيڻ ڪري هو هيٺ ڪري پيو.
    پريان انڌي ٻلهڻ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي، سندس سنهي چهنب جهڙي وات مان هر هر ٽهڪ پئي نڪتا، ڄڻ اها هن جي هيڻائي تي چٿر ڪندي هجي. اها وات کولي هن کي چيڙائيندي ترندي بتيلي ڀرسان آئي ۽ پوءِ ٽٻي ڏئي هيٺ هلي وئي. هن ونجهه سڌو ڪيو، هيڏي هوڏي ڏٺائين ته ڪٿان ظاهر ٿئي ته مٿس وهائي ڪڍي پر ونجهه جهلي اڀو ٿي بيهڻ کانپوءِ ڪٿي نظر نه آيس.
    هو هڪ دفعو همٿ ڪري وري سڌو ٿي ويٺو ۽ بتيلي جا ونجهه جهلي ان کي اڳتي هڪلڻ لڳو. پوئين پاسي کان پريان ڪي آواز پئي آيس. ساڳيا آواز، جيڪي انڌي ٻلهڻ جا هيا، ”مون بادشاهه ڏٺو بيشڪ مون بادشاهه ڏٺو.“ هو ڪنائيندو رهيو ۽ پوءِ سوچيائين شايد سندس وهم آهي، انڌي ٻلهڻ پري پري تائين ڪٿي به پاڻي مان نروار ٿي ٽٻي نه پئي هئين.
    انڌي ٻلهڻ کي ياد ڪري ڪاوڙ مان هن جو جسم اڃا به ڏڪي رهيو هيو. پوءِ هن محسوس ڪيو اهي آواز ۽ انڌي ٻلهڻ ڪٿي گم ٿي چڪا هيا. هن سڪون جو ساهه کنيون ۽ هڪ دفعو وري پنهنجي شڪتيءَ کي ڪٺو ڪري ونجهه هلائڻ شروع ڪيا. هن ڏاهي جي ڏسيل قولن کي ياد ڪيو ۽ پوءِ هن کي لڳو سندس بتيلو سڌي ۽ سنئين واٽ تي هلي رهيو آهي.
    گهڻن ڏينهن کان پوءِ هن کي ٻيو ڪنارو ڪجهه ويجهو ٿيندي نظر آيو. هن جي همٿ وڌي وئي، منهن تي مرڪ وري آيس. وٺي ونجهه تي زور ڏنائين ۽ ويو منزل کي ويجهو پوندو. سندس خوشيءَ کان من ۾ سرور جون لهرون جاڳيون، جيڪي هن نديءَ جي لهرن کان وڌيڪ ٿڌيون محسوس ڪيون.
    ”بيشڪ ڏاها تون سچو تنهنجا قول ۽ اقرار سچا، تنهنجا رستا سچا، تنهنجيون راهون سچيون.“ هن چيو ۽ ڪنارو سندس ڪجهه فاصلي تي رهجي ويو. هن سوچيو هو اتي پهچي وقت وڃائڻ بنا بتيلي تان ٽپو ڏئي وڃي بادشاهه جي محل جو گهنڊ وڄائيندو ان جي درٻار ۾ حاضري ڀري هڪدم پنهنجا ڏک ۽ سور ٻڌائي هن آڏو انصاف ۽ امن جي اپيل ڪندو، رحم دل بادشاهه هن جا سڏ ضرور ورنائيندو ۽ سندس شهر مان ظلم، ناانصافي، غربت ۽ بيمارين ۽ جهالت جي پاڙ پٽجي ويندي ۽ پوءِ اتي امن ۽ سڪون جي حڪمراني هوندي.
    هو ٽهڪ ڏئي کليو، کيس گهڻن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي تپسيا جو ڦل ملڻ وارو هيو، هن جو تياڳ پنهنجو رنگ ڏيکارڻ وارو هيو، هن جي جستجو پنهنجي انجام کي پهچڻ واري هئي.
    ”بيشڪ دير آهي انڌير نه آهي.“ هن چيو بتيلو آهستي آهستي جيئن ڪناري کي ويجهو ٿيندو ويو، هن کي پريان ڪجهه ٺهيل عمارتون نظر اچڻ لڳيون. هن ڏٺو ۽ سوچيو شايد اهي بادشاهه جي وسيع محل جا برج ۽ منارا آهن، ان جي باغ باغيچن جي ڪنڊن تي ٺهيل رکوالن جا چوئنرا ۽ چبوترا آهن، هن جي نائبن جون سرسبز ميدانن ۽ وڻن جي وچ ۾ بيٺل جاگيرون ۽ رهائشون آهن. پري کان خوشبوءِ اچي کيس معطر ڪرڻ لڳي، ڊگهو ساهه کنيائين ته سمورا ٿڪ لهي ويس. ڏرا ڏئي ويل اکيون نوبنيون ٿي کلي ٻاهر نڪري بيهي رهيس، جان ۾ رت آيس ۽ دل تيز ڌڙڪڻ لڳيس. پريان ٻئي ڪناري جا منظر ڏسي روح کي راحت نصيب ٿيس ۽ پاڻ کي خوشنصيب سمجهيائين ته هو اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو کلندو مرڪندو ڪناري کي ويجهو ٿيندو ويو پاڻ کي ڇهي چڪ پائي پڪ ڪيائين ته ڪو خواب يا وهم ته نه آهي، چڪ محسوس ڪيائين ۽ سمجهيائين ته هوش و حواس ۾ جيئرو آهي.
    نيٺ اها گهڙي به اچي پهتي جو هن جي بتيلي نديءَ جي ٻئي ڪناري سان وڃي ٺڪا ڪيو ۽ هن جو ڇرڪ نڪري ويو. اٿيو ۽ جوانن جيان ٽپو ڏئي رسي ۾ هٿ وجهي کڻي بتيلي کي ٻڌائين.
    هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ڪو نظر نه آيس، مڙي مٿي مٽيءَ جي بند تي چڙهيو، جڏهن اوچائي تي پهتو ته ڇا ڏسي پريان ڪو شهر آهي ۽ ان ۾ زندگي ائين ئي روان دوان آهي جيئن ڪنهن شهر ۾ هوندي آهي. ڪنڌ ورائي محلات کي ڳولهيائين نظر نه آيس، سوچيائين متان وسندي جي ٻئي ڀر هجي. اهو سوچي مٽي جي بند تان هيٺ لهي شهر ۾ گهڙيو، هن ڏٺو اهو شهر هن جي شهر جهڙو هيو، سندس من مان خوشي اکين جي ڳوڙهن سان وهي پٽ پيس مايوس ٿي ويو، هيڏانهن هوڏانهن مدد لاءِ واجهايائين هڪ ٻن کي سڏ به ڪيائين پر ڪنهن ڌيان نه ڏنس. هر ڪو پنهنجي منهن سان پنهنجي ڀوڳي رهيو هيو. هڪ کي هٿ کان جهلي عرض ڪيائين ”اتي بيهه مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ بادشاهه جو محل ڪهڙي طرف آهي؟“
    اهو عجيب نظرن سان ڏسي هٿ ڇڏائي هليو ويس، ٻئي کي ٻانهن کان جهليائين ۽ وري عرض ڪيائين ”او دلبر اتي بيهه، منهنجي ڳالهه ٻڌ مون کي بادشاهه جو محل ٻڌاءِ ڪهڙي پاسي آهي.“
    ان ڪاوڙ مان ٻانهن ڇڏايس ۽ حقارت مان ڏسندو هليو ويو. منجهي بيهي رهيو، ماڻهن جي منهن ۾ ڏسندو رهيو پر ڪنهن ڌيان نه ڏنس ٿڪيل هيو ۽ هڪ چوواٽي تي مونن ۾ منهن وهي ويهي رهيو. گهڙي گذري ته ڪنهن ڪلهي کي لوڏيس، ڳاڙهيون روئڻهارڪيون اکيون کڻي ڏٺائين ته ڪو بزرگ پويان بيٺو هوس. ڪنڌ ورائي پيرن تي ڪري پيس، روئي روئي ساڻو ٿي پيو. بزرگ هيٺ نوڙي حوصلو ڏنس ۽ ڳوڙها اگهيائيس، سڌو ڪري ويهاري حال احوال ورتائين.
    ”ڪير آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟ ڇا ٿو چاهين؟ اهڙي حالت ڇو ڪئي اٿئي؟”
    ان سوال ڪيس ته منجهي پيو جواب ۾ هن صرف هڪ سوال ڪيس.
    “اي بزرگ مون کي ٻڌاءِ بادشاهه جو محل ڪٿي آهي؟ مون کي ان وٽ دانهن ڏئي انصاف حاصل ڪرڻو آهي.”
    بزرگ گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ ٻانهن کان وٺي هن کي اٿاريندي چيائين، “ها بادشاهه جو محل آهي، هن طرف اچ منهنجي پويان اچ.”
    ان چيو ۽ پوءِ هو ان پويان ائين پئي هلندو آيو، جيئن بزرگ هن کي چيلهه ۾ رسو وجهي شهر جي گهٽين ۾ گهليندو هجي.
    ٿڪاوٽ هن جي جسم کي سڪل ڪاٺيءَ جيان ڀڃي وڌو هيو، سندس مغز ساڻو ۽ پير ڳورا ٿي چڪا هيا، شام جو پهر هيو ۽ پاڇا قدآور ٿي چڪا هيا، آسمان تي ڳاڙهاڻ هئي ۽ ڪارن پکين جون قطارون لهندڙ سج ڏي سفر ڪري رهيون هيون. هو بزرگ پويان ان اميد ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري هلندو رهيو ته هو بادشاهه جي محل ۾ پهچڻوارو آهي ۽ بزرگ ڪنهن شاندار عمارت آڏو بيهاري هن کي اشارو ڏيندي چوندو ته اهو آهي محل، جنهن اندر سندس دردن جو درمان آهي، امن ۽ انصاف آهي. جڏهن سج لهڻ وارو هيو ۽ هلڪي سانجهي جا سانورا پر هر طرف ڦهلجي رهيا هيا ته بزرگ راهب کي آڻي ساڳي ندي جي ڪناري تي بيهاريو جتي سندس بتيلو ٻڌل هيو، هن کي پنهنجي ڀر ۾ بيهاري آڱر سان اشارو ڪندي چيائين “بادشاهه جو محل هوڏانهن آهي ندي جي ٻئي ڪناري، بادشاهه ڏاڍو رحمدل ۽ امن پسند آهي. تون جيڪڏهن اوڏانهن پهچي وڃين ته هو توکي ضرور انصاف مهيا ڪندو. همت ڪر بتيلو ڪاهه ۽ هن پاسي وڃ.”
    بزرگ چيو ۽ راهب جي جسم مان روح ئي ڇڏائجي ويو، جسم ڍلو ٿي ويس، چپ ڏڪڻ لڳس ۽ مٿو ڦرڻ لڳس. ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي پٽ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ايترو رنو جو وهائڻ لاءِ وٽس ڳوڙها نه بچيا. ٻئي هٿ کڻي پنهنجي مٿي ۾ هنيائين ۽ چيائين.
    ”ڇا ڪنهن بادشاهه ڏٺو؟”
    پريان ندي مان آواز آيس، ”ها مون بادشاهه ڏٺو، بيشڪ مون بادشاهه ڏٺو.“
    نظر کڻي پري نديءَ ۾ نهاريائين، لهندڙ ڳاڙهي سج اڳيان انڌي ٻلهڻ ڪاري پاڇي جيان پاڻي مان ٻاهر ٽپو ڏئي هيٺ ٽٻي هڻندي چئي رهي هئي.
    ڪجهه دير سوچيائين ۽ آهستي چپن ۾ چيائين ”ها بيشڪ بادشاهه انڌي ٻلهڻ ڏٺو.”
    پوءِ اکيون بند ڪري ڇڏيائين ۽ اتي ئي ڪناري تي ليٽي پيو.


    ڊاڪٽر ربنواز پوڙهو ڪيئن ٿيو؟

    ”وڻي پئي،
    جڏهن عبادت لاءِ هٿ
    کڻي پئي.
    هن ۾ خدا هيو،
    هوءَ مون ۾ هئي.“
    پئٿالاجسٽ ڊاڪٽر ربنواز اسپتال جي ڪوريڊور مان لنگهي ليبارٽريءَ تائين پهتو ته سندس پويان نرس الوينا ٿڌي آهه ڀري ڪنهن کي چيو ”سڀ وڏيون مڇيون ڄار ۾ ڦاسايم سواءِ هن هڪ ڊاڪٽر جي.“
    هن جي ڳالهه تي سندس ڀرسان بيٺل اسپتال جي پراڻي نرس ٽهڪ ڏئي کلي.
    ”مون کي اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر ربنواز جي جوانيءَ جو راز معلوم نه ٿي سگهيو. گذريل پنجويهه سالن کان مان هن کي ڏسندي پئي اچان، پر هن جي هاٺي ڪاٺيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو، هن جو چهرو ائين ئي آهي، جيئن اڄ کان پنجويهه سال پهريون.” پراڻي نرس حيرت مان چيو ۽ پوءِ نرسن جو ٽولو ٽهڪ ڏيندو وارڊ ڏانهن روانو ٿي ويو.
    ڊاڪٽر ربنواز اسپتال جي ليبارٽريءَ ۾ پهچي پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. هن ڪوٽ جي کيسي مان پرس ڪڍي، ڪنهن پراڻي تصوير کي ڏٺو. ڪاري اڇي تصوير، جيڪا ڄڻ سندس روح جهڙي اڇي ڪاري دونهين مان ٺهي، ڪاغذ تي پنهنجو پاڇو وجهي رهي هئي. اڇو ڪارو دونهون، جيڪو بخارن جيئن هن جي دماغ مان مٿي بلند ٿي رهيو هيو ۽ ان دونهين ۾ اهو عڪس واضح طور موجود هيو. هڪ حسين خوبصورت منهن واري ڇوڪري، جنهن جي چمڪندڙ چپن تي هڪ خوبصورت مرڪ محسوس ٿي رهي هئي. هڪ جوان ۽ حسين چهرو جنهن تي وقت بيٺل پاڻيءَ جيان ساڪت هيو. اتي ڌرتي جي گردش بند هئي ۽ ڦرندڙ موسمن جو وڻن ۽ دريائن تي ڇڏيل ڪو به نشان نه هيو. هن جي تصور اندر، قيد خاني ۾ بند هن جي محبوبا جو چهرو، جيڪو سدا جوان هيو ۽ ان تي ڪڏهن وقت جون ريکائون نه پيون. ڊاڪٽر ربنواز پراڻي فوٽوءَ تي نظر ڦيري مرڪي پرس بند ڪري کيسي ۾ وڌو ۽ پوءِ هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو.
    گهڙي گذري ته ڊاڪٽر آصف سندس آفيس ۾ آيو، ڪمزور اڇي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو. اکين جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر جنهن جون اکيون ٻين جون بيمار اکيون ڏسي ڄڻ ڏک مان لڙڪيل ۽ ننڍيون ٿي ويون هيون. هن محسوس ڪيو هر ماڻهو مٿان وقت ساڳي رفتار سان نه ٿو لنگهي، ڪي گردش جي تکي چڪر ۾ ڦاٿل آهن ۽ ڪي گردش جي هلڪي ڦيري ۾ سڪون ۽ آٿت سان اکيون ٻوٽي مزو ماڻي رهيا آهن. ڊاڪٽر آصف هن جو دوست ۽ هاءِ اسڪول جي زماني جو ساٿي هيو، هو گڏ پڙهيا ۽ ساڳي اسپتال ۾ گذريل پنجويهن سالن کان گڏجي سروس ڪيائون پر وقت ساڳي رفتار سان ٻنهي تي اثر انداز نه ٿيو.
    ٿوري دير کانپوءِ هو جڏهن چانهن پي رهيا هيا ته ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو چپن تائين ڪوپ آڻيندي، سندس سامهون ويٺل دوست جا هٿ ڪنهن پوڙهي جيان ڏڪي رهيا هيا.
    ”مون کي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي جوانيءَ جو راز معلوم نه ٿي سگهيو؟“ ڊاڪٽر آصف ڳالهايو ته سندس آواز هٿ ۾ جهليل ڪوپ جيان لرزڻ لڳو.
    هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز مرڪيو، سندس خوبصورت چهري تي ڀريل ڳل ڪنهن نوجوان عورت جي ڇاتين جيئن اڀا ٿي بيهي رهيا. هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز خاموش رهيو ۽ مرڪي چانهن جي ڪپ کي مزي سان چپن تائين ائين آڻيندو رهيو جيئن هو تصور ۾ ڪنهن جي خوبصورت منهن تي پنهنجا چپ رکندو هجي.
    ”شايد مان وقت کان پهريون پوڙهو ٿي ويس.“ ڊاڪٽر آصف وري ڳالهائيندي چيو ”جواني جيڪا مون وٽ مهمان ٿي لنگهي وئي، شايد تو وٽ اها ترسي واپسي جا سڀ رستا وڃائي ويٺي.”
    هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز کان ٽهڪ نڪري ويو.
    ”سچ چوين ٿو دوست.“ ڊاڪٽر ربنواز چيو، ”جواني منهن جي محبوب جيان آهي، هڪ سچي محبوب جيان جيڪا ڪڏهن به مون سان بي وفائي نه ڪندي؟“
    پنجاهه سالن جو ڊاڪٽر ربنواز جنهن جي مٿي جو هڪ وار به اڇو نه ٿيو هيو، اهو هر ڪنهن لاءِ حيرت جو سبب هيو. سندس نوجوانن جيان خوبصورت منهن ۽ ڊگهي قد تي ڀريل ۽ ٺهندڙ خوبصورت هاٺي، هر ڪنهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي، ته ڇا واقعي ئي هو پنجاهه سالن جو شخص آهي. هو اسپتال جي ڪوريڊور سان لنگهندو هيو ته نوجوان نرسن جون اکيون هن جي بوٽن پويان بانبڙا پائينديون گڏ هلنديون هيون، پر ڊاڪٽر ربنواز جنهن جي منهن تي هڪ اهڙي مرڪ هوندي هئي جيئن هن سڀ فتح ڪري ورتو هجي. هن جي هلڻ ۽ لوڏ ۾ هڪ اعتماد ۽ انا سمايل هوندي هئي.
    ڊاڪٽر ربنواز شام جو گهر پهتو ته سندس خالي گهر ۽ ڪتابن آڌرڀاءُ ڪيو، ڪتاب جيڪي هن کي ڏسي جيئرا ٿي پوندا هيا. اکيون مهٽي شيلفن ۾ جاڳي پوندا هيا، ٽيبل ۽ پلنگ تي وکريل ڪتاب اوٻاسي ڏئي اکيون مهٽيندا هيا. هو گهر ۾ گهڙيو ته ڪتاب جي ورقن مان هزارين آواز، ورقن جي چپن مان ڀڻ ڀڻ ڪندا رهيا. هن گهر ۾ گهمي ڄڻ پيار مان انهن جي مٿي تي هٿ ڦيريو ته اهي وري هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏئي ليٽي پيا. هن ڪپڙا بدلايا ۽ وري هڪ دفعو پرس کولي ان اڇي ڪاري فوٽوءَ تي نظر ڦيري هڪ نوجوان خوبصورت چهرو جنهن کي ڏسي هن جي چپن تي مرڪ ائين ڊوڙي وئي، جيئن ڌرتيءَ ۾ اگهاڙي وڻ هيٺان رکيل پاڻيءَ جي دلي مٿان جهڙ وري آيو هجي. هو مرڪندو رهيو. هڪ جوان مرڪ جيڪا وقت جي رڪيل مرڪ هئي، اهي نيڻ جن ۾ آسمان تري رهيو هيو، اهي زلف جن مان هير گهلي رهي هئي، چپ جيڪي اڃان نرم ۽ جيئرا هيا، ڊاڪٽر ربنواز پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون، هو ان اڇي ڪاري فوٽوءَ ۾ جذب ٿي ويو.
    هن ڏٺو 1974ع جو زمانو آهي، لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ هو پنهنجي محبوبا سان گڏ هڪ جلوس جي اڳين صف ۾ نعرا هڻندو اڳتي وڌي ٿو. سندس محبوبا جو چهرو پنهنجن تکن نقشن سان گڏ هن جي تصور ۾ موجود آهي. ان جو چهرو جيڪو جوش ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو آهي ۽ سندس چهري جي ڳاڙهاڻ ان کي انفراديت بخشي ٿي، اهو اهڙو واضع آهي، جيئن وقت جي ڌوڙ ان کي ڪڏهن به ڌنڌلو نه ڪري سگهندي. جلوس ميڊيڪل ڪاليج جي ٻاهرين ڀت وٽ پهتو آهي ته اتي بيهي ڪجهه دوستن هن کي روڊ جي پاسي پيل وڏي پٿر تي چاڙهيو آهي ۽ هن جوش مان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، “اسلامي سوشلزم جو نعرو ائين آهي جيئن ڪنهن جانور جو ڌڙ شينهن جو ۽ منڍي ٻڪري جي هجي، هن قوم جو ڇوٽڪارو اهڙي قوم پرست سوشلزم ۾ آهي جيڪا قوم کي بيدار ڪري، سرمائيداري ۽ جاگيرداري جو خاتمو آڻي، هڪ برابري وارو سماج پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.” هو جوش ۾ ڳالهائي رهيو آهي ۽ سامهون هن جي محبوبا ٻين سان گڏ تاڙيون وڄائي رهي آهي. ان جو جوش ۽ ڀريل چهرو سندس سامهون آهي، اهو جوان رت سان ڀريل چهرو، جيڪو هميشه هن جي اکين ۾ اندر لهي هن جي چهري ۾ سمائجي ويو آهي. هن جي محبوبا جيڪا سدائين ڪلهي ڀرسان هلندي رهي ۽ پوءِ ان ڏينهن جڏهن هو تقرير ڪري رهيو هيو ته پوليس جون گاڏيون اتي پهچي ويون، پوليس وارا گاڏين مان تيزي سان لهي، هنن جي جلوس کي چوڌاري ورائي ويا، ٿوري دير ۾ ڳوڙها گيس جو دونهون، ڌماڪن سان گڏ هر طرف ڦهلجي ويو، جلوس ۾ ڀاڄ پئي ۽ هن ڏٺو، سندس محبوبا جو منهن هن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو پر هو بيٺي رهي. ان وقت جي ايس پي جا هٿ هن پنهنجي گريبان ۾ محسوس ڪيا، هو گهليندو، هن کي وچ روڊ تي ڇڪي آيو. سپاهين هن کي ڳورن بوٽن سان ڄنگهن ۾ لتون هنيون، هن محسوس ڪيو، سندس پيرن تائين رت رسجي رهيو آهي ۽ پوءِ هن کي ڪجهه ياد نه رهيو، سواءِ هڪ چهري جي جيڪو ڳوڙها ڳاڙائيندو گيس ۾ ڪنهن چنڊ جيان ائين بيٺو هيو جيئن اهو جهڙ مان نظر ايندو هجي.
    جڏهن هو هوش ۾ آيو ته اسپتال جي شاگرد وارڊ ۾ بستري تي سور کان ڪنجهي رهيو هيو، سندس رڳ ۾ گلوڪوز جي ٿيلهي هلي رهي هئي ۽ ڄنگهون ڪنهن مصر جي ممي جيان پٽين ۾ ويڙهيل هيون. هن ڏٺو سندس ڀرسان هو آلين اکين سان بيٺل هئي. هن مرڪي ان جي اکين ۾ نهاريندي چيو ”ڇا اڃان ڳوڙها گيس جو اثر گهٽ نه ٿيو آهي؟“
    هن جي ان مذاق تي سندس محبوبا جي چهري تي رونق اچي وئي ۽ ان پنهنجي رئي جي پاند سان ڳوڙها اگهندي چيو.
    ”ڳوڙها گيس ايترو نه روئاريو جيڏو تنهنجن زخمن. ربنواز هي ماڻهو نه وحشي آهن، هنن وٽ اقتدار کانسواءِ ڪنهن به شي جو قدر نه آهي.“
    پوءِ هو ڳالهائيندي رهي ۽ هُو هن جي چهري کي ڏسندو رهيو. هن جو چهرو جنهن جي ڏسڻ سان سندس زخمن جي تڪليف دور ٿي رهي هئي، هن جو چهرو جنهن ۾ شفا هئي، جيڪو دردن جو دارون هيون، جنهن ۾ ڇوٽڪارو هيو، جنهن ۾ جدوجهد ۽ انقلاب هيو. هُو هن کي ڏسندو رهيو ۽ جلد شفاياب ٿي ويو. جڏهن هن جون پٽيون کليون ته هن ڏٺو سندس گوڏن کان وٺي پيرن تائين هن جي چمڙي بي ترتيب ۽ ناهموار هئي، پوءِ سندس سڄي زندگي اهي نشان هن جي ڄنگهن تي نقش ٿي ويا. هو جڏهن به پنهنجين ڄنگهن کي هٿ سان ڇهندو هيو ته انهن رهجي ويل زخمن جي نشانن ۾ هن جي محبوبا جو چهرو ڪنهن شفا جيان موجود هوندو هيو ۽ اڄ به جڏهن ڊاڪٽر ربنواز پنهنجين ڄنگهن کي هٿ لائي محسوس ڪري رهيو هيو ته اهي رهجي ويل بي ترتيب چمڙيءَ جا نشان هن کي اهڙي قبرستان جيان نظر آيا، جتي هر نشان هيٺان هن جي ماضيءَ جو ڪو نه ڪو واقعو دفن هيو.
    ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي محبوبا جو فوٽو واپس پرس ۾ وڌو ۽ هو اڳتي سري جڏهن آرسيءَ اڳيان آيو ته هن پاڻ کي ڏاڍو خوش ۽ توانو محسوس ڪيو. هن ڏٺو واقعي وقت اثر نه ڇڏيو هيو، سندس خوبصورت چهري جي چمڙي ائين ڇڪيل هئي جيئن سندس ٻنهي ڪلهن تي ويٺل اعمالن جا فرشتا ان کي هٿن سان ڇڪي بيٺا هجن. چمڪندڙ ويڪري پيشاني جنهن تي ڪڏهن به افسوس جو گهنج نه پيو، ڀريل هاٺي ۽ سڌو جسم، جنهن تي ڪڏهن ڪنهن ڪراڙپ جي ڪٻ جو پاڇو نه پيو. هو هڪ اهڙي امر جوان جيان هيو جنهن کي ڄڻ تيزيءَ سان گذرندڙ وقت ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ موت وساري ويٺا هيا.
    ڊاڪٽر ربنواز آرسيءَ ۾ پاڻ کي پسندو رهيو ۽ پوءِ هو تصور ۾ ماضي ڏانهن موٽي ويو، هن ڏٺو سندس محبوبا گرلز ڪاليج اڳيان پمفليٽ ورهائي رهي آهي، ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين شاگرد يونين جون چونڊون پنهنجي عروج تي آهن. هڪ وڏو پرجوش ۽ سرگرم ماحول آهي. هر طرف ڳاڙها ساوا بينر هوا ۾ لهرائي رهيا آهن. حڪومت جو زور آهي ته سندس پارٽي سان لاڳاپيل شاگرد يونين جو پينل ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرجي. ڪاليج ٻاهران سرڪٽ هائوس ۾ وزير صحت ڪٽپر جي ڪئمپ لڳل آهي، پوري سنڌ جا سياستدان شاگردن جي اليڪشن سان سڌي يا اڻ سڌي طريقي لاڳاپيل آهن، قومپرست تنظيم پاران بيهاريل پينل ۾ ڊاڪٽر ربنواز کي ميگزين سيڪريٽريءَ جي سيٽ لاءِ بيهاريو ويو آهي. ڊاڪٽر ربنواز ڪاليج آڊيٽوريم ۾ هڪ زوردار تقرير ڪري رهيو آهي. مٿان گيلريءَ ۾ هن جي محبوبا بيٺل ڇوڪرين سان گڏ پمفليٽ هوا ۾ اڇلائي رهي آهي. پمفليٽ آڊيٽوريم جي هوا ۾ اڇن ڪبوترن جيان اڏامي هيٺ ويٺل شاگردن جي ڪلهن تي ڪري رهيا آهن، هر طرف سنڌ جا نعرا آهن ۽ اتي بيٺل حڪومت لاءِ مخبري ڪندڙ ماڻهن جا چهرا پريشان آهن.
    اليڪشن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي، حڪومت جي پارٽي سان لاڳاپيل شاگردن جو پينل چونڊ ۾ هارائجي ويو آهي. قوم پرست جماعت وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، سواءِ سيڪريٽري جنرل جهڙي اهم سيٽ جي جنهن تي جمعيت جو هڪ حافظ ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي محبوبا سان گڏ ڪاليج جي مين گيٽ وٽ بيٺو آهي، هن کي شاگرد ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن ۽ هو مرڪي انهن کي سيني سان لڳائي رهيو آهي. رات جو دير سان هڪ وڏي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ نئين چونڊيل يونين جي نمائندن کي بيهاري دهلن سان جلوس جي صورت ۾ سڄي لاڙڪاڻي شهر ۾ گشت ڪرايو ويو آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو اخبارن جي شهه سرخين ۾ وزيراعظم جي شهر ۾ هن جي پارٽي سان لاڳاپيل شاگردن جي پينل جي هار کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. جمعيت جي چونڊيل حافظ جي ڪاميابيءَ تي حڪومت مخالف پارٽين پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي، ڊاڪٽر ربنواز کي ياد هيو ته ڪيئن نه ان حافظ کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي، ڪراچي گهرائي ائير پورٽ تي جماعت جي وڏن ليڊرن سندس ڀاڪر پائي استقبال ڪيو هيو.
    ڊاڪٽر ربنواز سوچيندو ويو ۽ ماضي ڪنهن اڳتي وڌي ويل بادل جيان واپس موٽي هن مٿان يادن جي برسات پئي ڪئي. ماضيءَ جي وسندڙ هر بوند ۾ هن جي محبوبا جو چهرو هيو ۽ ايڏا چهرا هيا جو هن جو وجود انهن وسندڙ چهرن جي وچ ۾ پنهنجي هستي وڃائي انهن جهڙو ٿي چڪو هيو. هن جو تصور هڪ اهڙو جوان چهرو هيو، جيڪو هن جي اکين کان ڪڏهن الڳ نه ٿيو هو. ان چهري تي جيئن سوچيندو ويو، اهو چهرو ڄڻ جيئرو ٿيندو ويو. ان ڄميل چهري پنهنجيون اکيون ڇنڀيون ۽ مرڪي پيو، ان جي سهڻن ڳلن تي جواني جي سرخي جاڳي ۽ زلف لڏڻ لڳا.
    هن تصور ۾ ڏٺو ميڊيڪل ڪاليج جي وسيع آڊيٽوريم اندر سوين شاگردن جي وچ ۾ هوءَ انتهائي خوش آهي ۽ مرڪي هن ڏانهن نهاري رهي آهي. نئين چونڊيل يونين جي قسم کڻائڻ واري رسم دوران هڪ وڏي جوش ۽ شور وارو ماحول آهي، هال ۾ هيٺ ۽ مٿي گيلرين ۾ سٿيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي آواز ۾ نعري بازي ڪري رهيا آهن. هر طرف سنڌ ۽ سنڌ جا نعرا آهن، ائين پيو محسوس ٿئي، جيئن سنڌ ڪجهه ئي گهڙين ۾ آزاد ٿي ويندي. مهمان خصوصي طور ويٺل صحت کاتي جو ٺوڙهو سيڪريٽري پريشاني جي حالت ۾، ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي نهاري رهيو آهي. اسٽيج تي ايناٽامي جو پروفيسر چوڌري يونين جي هر عهديدار کي واري سان قسم کڻائي رهيو آهي ۽ هر عهديدار جي قسم کڻڻ کان پوءِ شاگرد هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان تاڙيون وڄائي نعري بازي ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي واري اچڻ تي هڪ نئين ڍنگ سان قسم کنيو آهي، هن پنهنجي نيري ڪوٽ جي کيسي مان شعر جي صورت ۾ لکيل هڪ قسم نامي کي ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو.
    ”مون کي قسم آهي ڪارونجهر جي ڪور جو
    ۽ آزادي لاءِ اٿندڙ هن شور جو.“
    ڊاڪٽر ربنواز پڙهڻ شروع ڪيو آهي، هن جي آواز جي گونج تي شاگرد سڄي هال ۾ اڀا ٿي بيهي رهيا آهن. نعرن جو هڪ طوفان آهي جيڪو هال ۾ واچوڙي جيان گول ڦري رهيو آهي. تاڙين جي آوازن تي ڪنن جا پردا ڦاٽي رهيا آهن، جوش ۾ نعرا هڻندي هڪ شاگرد گئلري مان هيٺ ويٺلن مٿان ڪري پيو آهي. هن کي ڪي خاص ڌڪ نه لڳا آهن ۽ جوش مان اٿي هڪ دفعو وري نعرا هڻڻ شروع ڪيا آهن. مٿان گئلري مان ڪنهن شرارتي شاگرد ڪيلي جي کل هيٺ ويٺل ٺوڙهي سيڪريٽري جي مٿي تي اڇلائي آهي، ڪاوڙ ۾ سيڪريٽري ٺوڙهه ڇنڊيندو تيزي سان هال مان ٻاهر نڪري ويو آهي.
    ڪاليج جو پرنسپال ۽ پروفيسر پريشانيءَ جي حالت ۾ هن پويان هال مان ٻاهر نڪتا آهن. ڊاڪٽر ربنواز جي قسم کڻڻ وقت هڪ افراتفري جو عالم آهي. هن جي شاعريءَ ۾ کنيل قسم نامي جي هر سٽ تي شاگرد اڳيان پيل بينچن کي هٿن سان ڌڪ هڻي سيٽيون وڄائي رهيا آهن ۽ پوءِ قسم کڻائڻ واري رسم جي پڄاڻيءَ تي اهو طوفان جهڪو ٿيو آهي.
    ٻئي ڏينهن ڪاليج ڀرسان ٺهيل سرڪٽ هائوس ۾ وزيراعظم هڪ ميٽنگ دوران پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون کولي هڪ ڀونڊو ڊي آءِ جي ۽ ٻيو ڀونڊو ڊي سيءَ کي گهروڙي منهن ۾ ڏنو آهي.
    ڪاليج ۾ گرفتاريون شروع ٿي ويون آهن. رات جو ٽئين وڳي پوليس هاسٽلن جو گهيراءُ ڪري تلاشي شروع ڪئي آهي. ستن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ڊاڪٽر ربنواز به شامل آهي. ڊاڪٽر ربنواز کي پندرهن ڏينهن لاڪپ ڪري مٿس معافي نامي لاءِ زور ڀريو ويو آهي. هن معافي نامي تي صحيح ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي. انتظاميه آخر مجبور ٿي ٻين شاگردن سان گڏ هن کي لاڙڪاڻي نيڪالي ڏئي زوريءَ مائگريشن سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ ڏئي، ڄامشوري جي ميڊيڪل ڪاليج ڏانهن اماڻيو آهي. مائگريشن سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ وٺندي ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو جيئن هو ٻه اڌي ٿي ويو هجي.
    لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن جي ريسٽورينٽ ۾ هن اڳين سندس محبوبا اکيون هيٺ ڪري ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل آهي، هن نيڻ مٿي ڪري ڏٺو آهي، سندس اکيون پاڻيءَ ۾ ڍلجي ويون آهن. ڊاڪٽر ربنواز کي محسوس ٿيو آهي، جيئن سندس من موهن جي دڙي پويان ڳاڙهي سج جيان غروب ٿي ويو هجي.
    ”مان واپس ايندس.“ ڊاڪٽر ربنواز هلڪي لهجي ۾ چيو ”وقت سدائين ساڳيو نه هوندو آهي منهنجو وقت اچڻو آهي.”
    سندس محبوبا جي جهڪيل چهري تي دريءَ مان پوندڙ روشنين ڪري ڳلن تي ڳوڙهن جي آلاڻ چمڪي رهي آهي.
    ”ربنواز اڪيلو نه وڃ، مان توساڻ هلندس.“ سندس محبوبا التجا ڀريل آواز ۾ چيو.
    ربنواز سيني اندر سور جي هلڪي سٽ محسوس ڪئي.
    ”نه.“ هن چيو ”تون ته منهنجي دل اندر هڪ ٻئي ننڍڙي دل جيان ڌڙڪندي رهندينءَ. تون ته مون کي جيئرو رکندينءَ.” سندس محبوبا جي نڙي ۾ آواز ڦاسي پيو آهي.
    ”ربنواز ٻڌاءِ!” هن گهٽيل آواز ۾ چيو “تنهنجي منهنجي ميلاپ جي گهڙي وري ڪڏهن ايندي؟ سانوڻ ڪڏهن ورندو؟ مور ڪڏهن نچندا؟”
    ”وڇوڙو ته نان ئي وري ملڻ جو آهي اهڙو بهار ضرور ايندو جڏهن خون جا گل ٽڙندا ۽ ڳوڙهن جا پکي لوندا، وڻجارا ورندا ۽ ميلاپ جا گيت ڳائيندا.”
    سندس ڳالهين تي محبوبا جي دل اطمنان محسوس ڪيو آهي ۽ هو اکين جا ڳوڙها اگهي، منهن مٿي ڪري سڌي ٿي ويٺي آهي.
    ”وڇوڙو ڇا ماريندي پياري.” ڊاڪٽر ربنواز درد گاڏڙ اعتمان سان چيو ”تون مون ۾ جيئري آهين ۽ مان تو ۾ جيئرو رهندس.”
    سندس محبوبا جي مک تي مرڪ وري آئي آهي، هو هن جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي پيار ڀريل نظرن سان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڏسندو رهي ٿو. هڪ اداس مرڪندڙ جوان چهرو جنهن جي خماريل اکين ۾ گلابي ڏورا آهن، جنهن جا پياسا چپ مرڪندي سنها خوبصورت ٿي چڪا آهن، جنهن جي چهري تي ڳوڙهن جي آلاڻ اڃان به اميد جي ڪرڻن جيان جرڪي رهي آهي.
    ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو سندس آئيني اڳيان بيٺل وجود جنهن جي چپن تي مرڪ هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ، ماضي جي ان مينهن جي بوندن جيان چمڪي رهي هئي، جيڪا پنجويهه سالن جي عرصي دوران ڪڏهن نه سڪي.
    هو اڳتي وڌي ڪتابن جي شيلف وٽ آيو ته سندس ان عرصي دوران لکيل ڪهاڻين جا مجموعا هن سان هم ڪلام ٿيا. هن هٿ اڳتي وڌائي پنهنجين ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ٻاهر ڪڍي ان کي ڏٺو. ڪتاب جو ٽائيٽل کولي پهرين پني تي نظر وڌي سن 1976ع هن پڙهيو ۽ سندس ڇرڪ نڪري ويو.
    وڇوڙي جي ڏينهن ۾ ڄامشوري کان واپسيءَ وقت سکر ۾ ٿيل ملاقات دوران هن جي محبوبا جي هٿن ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو هيو.
    فاصلن جي دوري هنن کي هڪ ٻئي کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو، سندس ملاقاتن جا سلسلا دل جي مرض ۾ مبتلا مرندڙ ان شخص جي ڪار ڊيو گرام جهڙا ٿي ويا، جنهن ۾ هڪ سئين لڪير کانپوءِ دل جي لڳندڙ ڪنهن جهٽڪي سان زندگيءَ جي وروڪڙ ڏنگائيءَ جو احساس ٿيندو آهي.
    ڄامشورو سخت پٿرن جو ڍير جتي درد جون تيز هوائون ڳوڙها خشڪ ڪيو ڇڏين. الطبري هاسٽل ۾ هن جو جسم رهندو هيو ۽ روح لاڙڪاڻي جي گهٽيل ماحول ۾ ساهه کڻندو هيو. لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي الوداع ڪندڙ هڪ چهرو جيڪو ريل جي رفتار سان پوئتي ٿيندو ڌنڌلو ٿي، اکين کان اوجهل ٿي ويو، سو هن جي من ۾ هميشه موجود رهيو. وڇوڙي جي ڏينهن جي اس تيز ۽ رات وڌيڪ ڪاري هوندي آهي. ڊاڪٽر ربنواز چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن گهميو ته چنڊ ڪنهن ياد جيان هن سان گڏ هليو.
    اڪيلي ڪمري ۾ ڏٺل ان جي ڪنهن خواب کانپوءِ هن جو ڏينهن سٺو گذريو، اڪيلائيءَ جا اداس ڏينهن ڪيڏا نه منجهيل ۽ سست رفتار هوندا آهن. اهو احساس ربنواز کي ڄامشوري جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿيو ۽ جڏهن ڊگهيون راتيون تمام ڊگهيون ٿي ويون ته وڇوڙي جون وٿيون اوندهه جي انبارن سان ڀرجي ويون.
    آخري سال جا امتحان قيامت جي سج جيان ڏيڍ گز جي نيزي تي لٿل هيا ۽ هو پڙهائي ۾ مشغول هيو. هن جڏهن به ڪتاب کوليو ته اتي سندس محبوبا جي چهري کانسواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. سڀ رابطا ٽٽي چڪا هيا ۽ هن هڪ ڏينهن ڪتابن کي بند ڪري لاڙڪاڻي جو رخ ڪيو، لاڙڪاڻو جتي هن جي بندش پيل وجود پهچي پاڻ تي پيل سڀ ڄار ڇنائي ڦٽا ڪيا.
    هو جڏهن اتي پهتو ته ڏينهن جا ٻارنهن ٿي رهيا هيا. هڪ ڊگهي رستي جي ڌوڙ سندس وکريل وارن ۾ ماضيءَ جي ڪنهن ڪيل گناهه جيان موجود هئي. اڻ ڌوتل منهن تي وڌيل ڏاڙهيءَ جي وارن ڄڻ هن کي ٿوهر بنائي ڇڏيو هيو. ميرن گهنجيل ڪپڙن ۽ هٿ ۾ جهليل بريف ڪيس سان جڏهن هو ڪاليج ۾ پهتو ته سندس محبوبا ڪجهه ساهيڙين سان لائبريري مان نڪري روڊ تي اچي رهي هئي. ان کي ڏسڻ سان هن محسوس ڪيو جيئن سندس اکين ۾ اڀامندڙ پاڻي ڪري بيٺل وڻن جا پن ناسي ٿي ويا هجن. هوءَ سري هن وٽ آئي ۽ پوءِ هو ٻئي پاسو وٺي ان آڊيٽوريم جي آخري بينچن تي اچي ويٺا، جتي هن ڪڏهن يونين جي عهديدار جو قسم کنيو هيو.
    هن ڏٺو سندس محبوبا جون اکيون ڪنهن پڇتاءَ کان مسلسل هيٺ جهڪيل هيون.
    ”ڇا ڳالهه آهي تنهنجي خطن جي جواب کان به وياسي؟” ربنواز چيو، جنهن ۾ شڪايت جو عنصر شامل هيو.
    هوءَ ڪجهه دير چپ ويٺي رهي ۽ پوءِ جڏهن ان منهن مٿي ڪيو ته ان جي اکين اندر ڳوڙهن ۾ هن پنهنجو چهرو ترندي محسوس ڪيو.
    ”ربنواز مون کي معاف ڪر.“ ان روئڻهارڪي آواز ۾ چيو ”مان توسان وفا ڪري نه سگهيس.” پوءِ هوءَ سڏڪي پئي. ان رئي جي پانڌ سان ڳوڙها اگهيا ۽ ان وري ڳالهايو ته سندس آواز ڪنهن سڏڪي جيان هن جي نڙيءَ مان نڪتو. “شايد قدرت کي اسان جو ميلاپ منظور نه آهي.” ان ايترو چيو.
    ربنواز خالي آڊيٽوريم جي ڀتين ۽ مٿي گئلريءَ ڏانهن نهاريو. هن محسوس ڪيو سوين هٿن جي تاڙين جا آواز سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا هجن. آوازن جو طوفان هڪ واچوڙي جيان خالي آڊيٽوريم جي بينچن مٿان گول ڦرندو، دروازن کان ٻاهر نڪري ويو هجي.
    ”اهي وعدا اهي اقرار آخر ڇا ڳالهه آهي؟ ايڏي تبديلي جو جواز، ڪو ڪارج؟” هن چيو ۽ پوءِ هو سوالين نظرن سان ان ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ”مون معاشري کان گهڻي بغاوت ڪئي ربنواز، شايد توکي خبر نه هجي، مان هڪ دفعو آپگهات جي ڪوشش به ڪئي پر منهنجي مائٽن کي تون ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهين.”
    ربنواز جي منهن تي ڪاوڙ جون هلڪيون ريکائون اڀري آيون “ڇو، آخر ڇو مان انهن لاءِ قابل قبول نه آهيان؟ مون سرڪار ۽ معاشري جو آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي مون کي ايڏي ڪڙي سزا ڏني وئي؟”
    ”ربنواز هي معاشرو توکي دهريو، بدمعاش ۽ غنڊو سمجهي ٿو.” هن سڏڪن ۾ چيو “پر ربنواز منهنجي من ۾ تنهنجي تصوير اڄ به ڪنهن مندر ۾ رکيل مورت جيان آهي، جيڪا هميشه عبادت لائق رهندي.”
    ۽ پوءِ هو ٻئي ڪجهه دير خاموش ٿي ويا.
    ربنواز جون اکيون آڊيٽوريم جي اسٽيج ڏانهن کڄي ويو، هن محسوس ڪيو، هو ڪنهن شعر جي صورت ۾ ڪجهه پڙهي رهيو آهي ۽ هر شخص هن مٿان پٿرن جي بارش ڪري رهيو آهي.
    ربنواز جو جسم زخمي ٿي ويو، سندس وجود مان وهندڙ پگهر هن کي رت جيان ريڙهيون پائيندي محسوس ٿيو، هڪ پڇتاءُ ۽ بدگماني جو احساس سندس من ۾ وري آيو.
    “مان توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.” سندس محبوبا چيو، “ربنواز هل هن معاشري هن گهٽ ۽ ٻوسٽ مان ڀڄي هلون.”
    ربنواز جو من ڏرا ڏئي ڀڄي پيو هيو. هن پاڻ کي گناهگارن جي قبيلي جو سردار محسوس ڪيو، سندس اکين آڏو هر شيءِ ڳوڙهن پويان ڌنڌلڪي ٿي وئي.
    “مان دهريو ۽ لادين شايد تنهنجي قابل نه آهيان، تنهنجا مائٽ توکي ٺيڪ چئي رهيا آهن، مون کي معاشرو ڀلي بدمعاش ۽ غنڊو ڪوٺي پر مان اهڙو ڪو به قدم نه کڻندس، جنهن سان تنهنجي بدنامي ۽ تنهنجي مائٽن کي ڪو ڏک پهچي. مون توکي پيار ڪيو ۽ توکي پيار ڪندو رهندس.” ربنواز چيو ۽ پوءِ هو بريف ڪيس کڻي تيزيءَ سان آڊيٽوريم جي در مان ٻاهر نڪري ويو. سندس پويان هوءَ اڪيلي ڪجهه دير اتي ويهي سڏڪندي رهي.
    ڊاڪٽر ربنواز کي اها رات ياد هئي، جڏهن ٻئي ڏينهن شام جو هو واپس ڄامشوري پهتو هيو ۽ چانڊوڪي رات ۾ چنڊ کي پٺ ڏئي، هڪ پٿر تي اداس ويٺو هيو ته سندس پاڇي ۾ هڪ وڇون پڇ مٿي ڪري پريشانيءَ مان چڪر ڪاٽي رهيو هيو. ربنواز پٺ ورائي چنڊ کي ڏٺو يارهينءَ جو چنڊ ڪناري وٽان هن جي دل جيان ڀڳل هيو ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو هيو چنڊ هن جي محبوبا جي چهري جيان هٿ لوڏي الوداع ڪندو تيز هلندڙ ريل جي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ ڌنڌلو ٿيندو، الوپ ٿي ويو، پر هن جي اکين ۾ اهو هميشه لاءِ قيد ٿي ويو. هڪ مرڪندڙ خوبصورت جوان چهرو، جنهن تي واپسيءَ جي اميد جون ريکائون چمڪنديون هجن. اهو چهرو ربنواز جي دل تي نقش ٿي ويو ۽ ان چهري جي سهاري هن پنهنجي زندگي گذاري ڇڏي. هُو ٻئي پوءِ ڪڏهن نه مليا، هن کي اهوچهرو ڏسڻ وري ڪڏهن نصيب نه ٿيو.
    آخري سال جي امتحان ۾ ربنواز ٻن مضمونن ۾ فيل ٿي پيو، هن سپليمينٽري امتحان ۾ اهي مضمون پاس ڪري اتي ئي هڪ سال لاءِ هائوس جاب ڪيو.
    سرڪاري نوڪريءَ دوران هن ڊيپوٽيشن وٺي، بيسڪ ميڊيڪل سائنسز جي پئٿالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي.
    بيسڪ ميڊيڪل سائنسز ۾ مائڪرو اسڪوپي ڪندي، هو سکر کان آيل ڪنهن دوست سان ڳالهائي رهيو هيو. ڳالهين دوران هن کي خبر پئي ته سندس محبوبا جي شادي ڪجهه عرصو پهريون هڪ سيني جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر سان ٿي وئي آهي ۽ هوءَ اڄ ڪلهه لبيا ۾ آهي. اها ڳالهه ٻڌي سندس هوش اڏامي ويا، هٿ ۾ جهليل پين ڏڪڻ لڳس ۽ نظر ايندڙ سلائيڊ جو ٽشو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ تبديل ٿي ويس. ان ڏينهن هن سڀ رپورٽون غلط ٺاهيون، جڏهن رپورٽون ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر کان تصديق لاءِ سندس آفيس ۾ ويون ته ان کيس چڱي خاص ڇڻٻ ڏنس. ڪجهه دير کانپوءِ هو ان ٻڌل واقعي کي وساري مائڪرو اسڪوپ ۾ سلائيڊون ٻيهر غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. پر ڏک ۽ پيڙا جي اولڙن کانسواءِ کيس ڪجهه به نظر نه اچي رهيو هيو. هن جا ڪرندڙ ڳوڙها ڪيسنر جي ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي رهيا هيا. هن جو ذهن مائوف ٿي چڪو هيو، پوءِ هو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر نڪري ويو هيو.
    ان کان وڇڙي پنجويهن سالن جو عرصو ريل جي هلڻ سان اٿندڙ ڌوڙ جي طوفان ۾ جسم جي وڇوٽي کي ته وڌائي ويو پر روحن کي نه. ربنواز محسوس نه ڪيو. هن جي جسم ۾ هن جي محبوبا جو روح آهي. هو ته ڪڏهن جو مري چڪو هيو پر هاڻي هو ڪڏهن به مرڻو ناهي.
    اڄ هو شهر جي اسپتال ۾ هڪ ناليوارو پئٿالسٽ هيو. وقت کيس دولت ۽ شهرت عطا ڪئي، ان عرصي دوران سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ۽ شاعري جو هڪ ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ هن من ۾ رهندڙ محبوبا جي چهري کي ڪاعذن تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وقت هن کي ڪڏهن به پوڙهو نه ڪيو. ان کان وڇڙي سندس ڄمار ڄڻ پنجويهن سالن تي رڪجي وئي. هو هڪ فنا ٿيل، مئل ماڻهو هيو. جنهن جي اندر هڪ جوان خوبصورت عورت جي روح جي حڪمراني هئي.
    هڪ دفعي ايڊز پروگرام پاران ڪرايل ورڪشاپ تي جڏهن هو سکر کان ڪراچي ڏانهن روانو ٿي رهيو هيو ته ريلوي اسٽيشن تي سندس ويجهو دوست ڊاڪٽر آصف الوداع ڪرڻ لاءِ ساڻ هيو، جڏهن هو ريل جي دٻي ۾ سوار ٿي رهيو هيو ته اڇن وارن واري هن جي دوست مذاق طور چيو، ”ربنواز، آخر تون پنهنجي جواني جو راز مون کي نه ٻڌايو.”
    ڊاڪٽر ربنواز هميشه جيان ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
    ”وعدو آهي واپسيءَ تي توکي ضرور ٻڌائيندس.“ هن چيو ۽ گاڏي هلي پئي.
    ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽر ربنواز صبح سان ٺهي سنڀري سروسز اسپتال پهتو ته ورڪشاپ شروع ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه دير هئي. اٺ ڏهه شخص هڪ ڊگهي ٽيبل جي چوڌاري ڪرسين تي ويٺا هيا. هو سڀني سان هٿ ملائيندو پنهنجي هڪ واقفڪار ڊاڪٽر رفيق جي ڀرسان ڪرسي تي وڃي ويٺو. ٿوري دير ۾ ڪجهه ٻيا مهمان جن ۾ عورتون به شامل هيون اتي اچي ويٺا. ورڪشاپ شروع ٿي ۽ ڊاڪٽر شاهه ڪجهه ڪتاب ۽ پمفليٽ مهمانن ۾ ورهايا. هڪ غير ملڪي ايڊز جو ماهر سامهون بيهي دنيا ۾ ان جو موجودگيءَ جا انگ اکر ٻڌائي رهيو هيو. ڪجهه وڏي عمر جون عورتون ڊاڪٽر ربنواز جي سامهون ٽيبل پريان اوڏانهن ڏسي ڪنڌ لوڏي رهيون هيون. اوچتو سندس ڀر ۾ ويٺل دوست ڊاڪٽر رفيق کيس هلڪو ڪلهو هڻندي آهستي ڳالهائيندي چيو ”ربنواز سامهون ويٺل عورت کي سڃاڻين ٿو؟”
    هن جي ڳالهه تي ربنواز غير ملڪي ماهر مان اکيون هٽائي سامهون نهاريو. اتي ويٺل عورتن ۾ هن کي ڪو به سڃاتل چهرو نظر نه آيو.
    ”نه مون کي ته ڪا به واقفڪار عورت نظر نه اچي رهي آهي.“
    ”هو جيڪا کاڏيءَ تي هٿ رکي ويٺي آهي.” ڊاڪٽر رفيق چيو. هن هڪ دفعو وري غور سان اوڏانهن ڏٺو، سندس حيرت جي انتها نه رهي وقت جي رفتار زوڪٽ ڪندي سندس اکين اڳيان لنگهي وئي. هن سامهون هڪ اڌڙوٽ عمر واري عورت هئي، جنهن جي وارن ۾ اڇيون چڳون نظر اچي رهيون هيون. ان جو چهرو ماکي جي ماناري جيان هيٺ لڙڪيل هيو، وقت جي ڌوڙ ان چهري جي چمڪ کي ڍڪي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو هيو. ڏرا ڏئي ويل اکيون قبر جهڙن ڪارن نشانن ۾ دفن ٿي چڪيون هيون، ان جا ڳل اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جيان هيٺ لڙڪي بيهي رهيا هيا، سندس چپن جون هيٺ ڪريل ڪنڊو ڄڻ ويل وقت تي روئي رهيون هيون. هن ڏٺو اها سندس وڇڙي ويل محبوبا هئي، جنهن کي وقت پنهنجي مٺ ۾ ڀيڪوڙي بگاڙي ڇڏيو هيو. هن ڏٺو اهو ساڳيو چهرو جنهن کي هو سدائين پنهنجين اکين ۾ سانڍيندو آيو هيو، اڄ اهو چهرو بدلجي ڪنهن ٻئي چهري ۾ تبديل ٿي چڪو هيو.
    ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو سندس اکين ۾ ڦاٿل ٻوڏ اتي موجود چهري کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هجي، سندس اکين ٻرندڙ جبل جي ڌماڪي جيان ڦاٽي ان چهري کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو هجي. هن جي اکين مان ڪنهن ڀڳل چهري جا ذرا اڏامي ٻاهر وڃي رهيا هجن.
    ڪجهه ڏينهن ۾ ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جڏهن هو سکر پهتو ته ڏاڍو ٿڪيل هيو، سول اسپتال جي ليبارٽري ۾ جڏهن هو مائڪرو اسڪوپيءَ ۾ مشغول هيو ته ڊاڪٽر آصف هن وٽ آيو. ڊاڪٽر آصف کي ڏسي هن پنهنجو چهرو هيٺ ڪري لڪائي ڇڏيو. ڊاڪٽر آصف محسوس ڪيو جيئن هو لنوائي رهيو آهي. هن غور سان سندس چهري کي چتايو هن ڏٺو ڊاڪٽر ربنواز جو چهرو ميڻ جيان رجي هيٺ لهي آيو هجي، هن جا وار اڇين چڳن ۾ تبديل ٿي چڪا هيا، اکيون ڏرائي ڏئي ويون هيون ۽ وات جي ڪنارن وٽان چپن جون ڪنڊون ائين هيٺ لهي آيون هيون جيئن انهن ۾ چنگهه سمايل هجي. ڊاڪٽر آصف جي حيرت جي انتها نه رهي، صدمي کان ذري گهٽ ان جي رڙ نڪري وئي. هن پنهنجي وات تي هٿ ڏنو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ هن پريشانيءَ مان چيو ”ٽن ڏينهن ۾ ايڏي تبديلي منهنجي مشاهدي ۾ پهريون اهڙو ڪو به واقعو نه آهي.“
    هن جي ڳالهه ٻڌي ڊاڪٽر ربنواز پنهنجو گهنجيل منهن ٻئي طرف موڙي ڇڏيو.
    ”آخر هيءُ ڪهڙو راز آهي.“ ڊاڪٽر آصف چيو ”ٻڌاءِ ربنواز آخر هيءُ ڪيئن ممڪن آهي؟“
    ڊاڪٽر ربنواز پنهنجو منهن ڊاڪٽر آصف ڏانهن ڪيو ۽ پوءِ هن جهيڻي آواز ۾ چيو ”ڊاڪٽر آصف منهن جو چهرو منهن جو نه آهي، منهن جو چهرو منهنجي محبوبه جو چهرو آهي.“


    ڪربلا جا ڪبوتر

    ”پتنگ،
    رات جو
    اڏريا پئي.
    ڏينهن جو
    هوا اڏاريا پئي.“
    ”جڏهن حضرت حسين کي شهيد ڪيو ويو ته ڪبوتر روئندا ان جي رت تي لٿا ۽ انهن جا پير ڳاڙها ٿي ويا. اهو ئي سبب آهي جو ڪبوترن جا پير اڄ به ڳاڙها آهن.”
    نجف تي قبضو ٿي چڪو هيو ۽ اتحادي ڪربلا طرف ڌوڪيندا پئي آيا. انهن جا جهاز سرڻين جيان لامارا ڏئي بم وسائي رهيا هيا ۽ هيٺان ريپبلڪن گارڊز جي جهازن کي ڀڄائيندڙ گنين مان گولا ڌرتيءَ تان دانهون ڪندڙ سوين ٻارن ۽ عورتن جي آهن سان مٿي اڏامي رهيا هيا.
    حضرت حسين جي مزار تي ويٺل ڪبوترن ڏٺو، روايتون دهرائجي رهيون هيون. ڪربلا جو رڻ وري لاشن سان سٿيو پيو هيو. مرندڙ انسانن جي تازن زخمن مان رت پٽ تي ريڙهيون پائي وهي رهيو هيو. حضرت حسين جي مزار جا ڊنل ڪبوتر ڪرندڙ بم جي هر ڌماڪي تي ڇرڪ ڀري اڏاميا ٿي ۽ انهن جي اکين گشت ڪندي هيٺ ڪربلا جي ميدان ۾ اهو ٿي ڏٺو جيڪو انهن صدين کان پنهنجن وڏڙن کان ٻڌو هيو.
    ”يا حسين، هئي حسين.“ هڪ زخمي ماءُ مئل ٻار مٿان سينو ڪٽي رهي هئي، ته ان جي سيني تي لڳندڙ هٿن سان زخمن مان رت چڻنگن جيئن ٿي اڏاميو.
    ”او آمريڪا، او برطانيا خدا توهان کي ناس ڪري.” ڪو پوڙهو عرش ڏي هٿ بلند ڪري رب کي ٻاڏائي رهيو هيو.
    اتي ئي ڀر واري گهر ۾ هڪ نوجوان پنهنجي مري ويل ماءُ جي جسم جي ٽڪرن کي گڏ ڪري رهيو هيو ۽ جذبات ۾ اچي هر هر چئي رهيو هيو، “قاتل صدام، خوني صدام، ظالم صدام.” نوجوان رڙيون ڪري بي وسي مان روئي رهيو هيو.
    ڪبوتر رت جي رڻ ۾ رلندا کنڀ هڻندا وري اچي حضرت حسين جي مزار تي لٿا، اهي سهڪي رهيا هيا. گول پريشان اکين سان وڏو وات کولي هيٺ حضرت حسين جي مزار اڳيان ڦهليل پڌر ۾ ڏسي رهيا هيا. اتي اَن اڇلائيندڙ ڄڻ مري چڪا هيا ۽ پاڻيءَ جا پاٽڙا ڪبوترن جي زبانن جيئن خشڪ هيا.
    جنگ کي شروع ٿئي ست ڏينهن مس ٿيا هيا. ريپبلڪن گارڊز جا دستا ڪربلا جي آس پاس موجود هيا. ڪجهه سپاهين هيٺ حضرت حسين جي مزار ٻاهران خندقون کوٽي، انهن ۾ بمبار جهازن کي ڀڄائڻ واريون گنيون رکيون هيون. اڪثر ماڻهو گهرن ۾ لڪيل هيا ۽ ڪجهه ٻاهر رستن تي پاڻي ۽ ڳڀي جي ڳولا ۾ سرگردان هيا. اتحادين جا جهاز مٿاهين اڏام ڪندي ريپبلڪن گارڊ جي مورچن کي نشانو بنائي بم ڪيرائي رهيا هيا. ڪڏهن ڪو بم نشاني تان هٽي آباديءَ مٿان ٿي وڃي ڪريو ته ماڻهن جا هوڪارا ٿي بلند ٿيا. ٻارن جي روئڻ سان گڏ عورتن جي آهن ڄن خدا ئي قهر کي ٿي جاڳايو.
    نجف جي طرف اٿندڙ ڪاري دونهي مان سرمئي ڪبوترن جو ڪو ولر ائين نڪتو جيئن اڀامندڙ دونهون ننڍڙن ذرن۾ ورهائجي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويو هجي. ڪبوتر ائين ظاهر ٿيا جيئن دونهي جي سڙيل ڄار مان جان بچائي نڪتا هجن. اهي پري کان پر هڻندا حضرت حسين جي روضِي تي لٿا ته سانورن پاريهرن جا پر دونهي جهڙا ڪارا ٿي چڪا هيا. انهن مزار جي نيرين سرن تي لهي وات کولي سهڪڻ شروع ڪيو. پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي بي چين ٿي ڄڻ وري اڏرڻ جا سانباها ڪرڻ ٿي لڳا. اهي حضرت عليءَ جي مزار جا ڪبوتر هيا. نجف تي اتحادين جي قبضي کان پوءِ هر طرف ڦهليل ڪاري دونهي ۽ ڇرڪائيندڙ ڌماڪن جي آوازن مان اهي جان بچائي نڪتا هيا. انهن جو ٻيو ڪو به گس ڏٺل نه هيو سواءِ حضرت حسين جي مزار جي، جتي پهچي هو اڃان به اٻاڻڪا ٿي ويا. اتي ويٺل ڊنل ڪبوترن انهن جو استقبال ڪيو ۽ پوءِ اکيون ڦوٽاري انهن ڏانهن ڏسندا رهيا.
    مزار جي ڪنڊ ۾ لڪيل پوڙهي پاريهر سري انهن آيل ڪبوتر جي ڀر ۾ اچي پڇ زمين سان گسائي، ڳٽڪي گول ڦيريون ڏيڻ بجاءِ خاموشي سان انهن سهڪندڙ ڪبوترن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڄڻ ڪجهه ڳولهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ان ڏٺو اتي اکين اندر رڻ ۽ ماتام هيو ۽ پاڻي بجاءِ رت جا دٻا ڦهليل هيا. انهن اجنبين جون اکيون ڄڻ حضرت حسين کي دانهن ڏئي رهيون هيون ”اي حسين ڪربلا جي ڪا حد نه آهي. اها ايتري ئي وسيع ۽ عريض آهي جيتري ظلم جي حد، هن دنيا اندر موجود آهي.“
    پوڙهو پاريهر انهن اڃايلن جو ڪو تدارڪ نه ڪري سگهيو ۽ پنهنجي خشڪ زبان انهن اڳيان ڪڍي سهڪڻ لڳو. ان کان اڳ جو اتحادي جهازن جي بمباري شروع ٿئي ۽ گنين مان گولا وڄ جيان چمڪن، پوڙهو پاريهر ڪنڌ هيٺ ڪري وڃي مزار جي ڪنڊ ۾ ٺهيل جاري ۾ ويٺو. هن کي خبر هئي ته هاڻي هن جي پرن ۾ ڀڙڪو کائي اڏامڻ جي شڪتي نه رهي آهي. هو زندگيءَ جا چار ڏينهن ان بي آب آکيري ۾ گذاري، دنيا مان راهي ٿئي ۽ پوءِ پوڙهو پاريهر پنهنجي آستاني ۾ اچي اکيون بند ڪري ”هُو..... هُو..“ ڪرڻ لڳو.
    اڃايل ڪبوترن جو ولر مزار جي سونهري گنبذ تان اڏامي هيٺ اڱڻ ۾ لٿو، اتي ان جا داڻا نه هيا پر لوهه جا ذرا ڦهليل هيا. اتي پاڻي نه هيو پر رت ۾ ٻڏل گوشت جا سڻڀا ٽڪر هيا، جيڪي ڪٿان اڏامي اچي اتي ڪريا هيا. ڪبوتر سڪل ٻوٽن ڀرسان نرم ڌرتي کوٽي ان ۾ چهنب هڻي ڪجهه چونڊڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳا.
    گهڙي گذري ته اتحادين جو هڪ جهاز هيانءُ ڦاڙ آواز ڪندو موت جي ڪاري ديو جيان اچي اتي پهتو. هڪ ميزائيل ان جي پاسي واري پر مان نڪري هيٺ ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ پوءِ جهازن سان مقابلو ڪندڙ گنين جا منهن کلي ويا. جهاز بم ڪيرائيندو رهيو ۽ گنيون هيٺان ڪتن جيان انهن کي ڏاڙهينديون رهيون.
    ڪبوتر ڇرڪ ڀري مٿي اڏاڻا ۽ مزار جي اڱڻ مان پر هڻندا عرش ڏانهن هليا ويا. ولر جا ڪجهه ڪبوتر هيٺان ايندڙ گنين جي گولن جي زد ۾ اچي کنڀ کنڀ ٿي هوا ۾ ڦهلجي ويا. بچيل ڪبوتر واپسيءَ جو رستو نه ڏسي عباس علمبردار جي مزار تي ايترو ته تيزيءَ مان لٿا جو انهن مان ڪجهه اونڌي منهن هيٺ وڃي ڪريا پريشان ڪبوترن ڪنڌ مٿي ڪري وري هيٺ ڌرتي ڏانهن ڏٺو.
    ”الله اڪبر“ هيٺ ريپبلڪن گارڊز نعرا هڻي مٿي گولا وسائي رهيا هيا. اتحادين جي جهاز مان نڪتل هڪ ميزائيل تيزيءَ سان اڳتي اچي هڪ مورچي ڀرسان ڪريو. ڪجهه رڙيون بلند ٿيون ۽ هر طرف باهه ۽ دونهون ڦهلجي ويو. ڪجهه فوجي مري ويا ۽ ڪجهه هٿيار ڦٽا ڪري پوئتي ڀڳا. اتحادي جهازن اتي موجود هر مورچي کي نشانو بنايو.
    هيٺ ڪربلا جي ميدان ۾ انساني جسمن جا ٽڪر عرش ۾ اڏامندڙ سرڻين کي هيٺ اچڻ جي دعوت ڏيڻ لڳا پر اتي عرش ۾ ڪا به سرڻ موجود نه هئي. سرڻيون سهڪنديون ريگستان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڄڻ واري وات ۾ وجهي چٻاڙي رهيون هيون. اتي بس موت هيو، جيڪو سرڻين جيئن لامارا ڏئي رهيو هيو.
    سانت ٿيڻ کان پوءِ پوڙهي پاريهر آکيري مان نڪري کنڀ ڇنڊيا ته انهن مان رت جون بوندون ڇڻي ڌوڙ سان گڏ پري وڃي پيون. پوڙهو پاريهر سري پريشان ڪبوترن جي وچ ۾ ائين آيو جيئن هن مجلس پڙهڻ شروع ڪئي هجي. ان جي اکين ۾ ڳوڙهن جون گولائيون چمڪڻ لڳيون. اڃايل ڪبوتر ان آڏو ائين ڪٺا ٿي ويا جيئن ان پنهنجي ڪاري چهنب مان ڪو نوحو پڙهڻ شروع ڪيو هجي ۽ پوءِ پنهنجي ڳاڙهن پيرن ڏانهن ڏسي زارو قطار رنو هجي.
    سانجهي ٿي ته سج لهڻ سان اولهه طرف خاڪي ورديءَ وارا ڳاڙهي سج کي پٺي ڏئي، سرمئي ٽينڪن سان ڪربلا طرف وڌندا نظر آيا. حضرت حسين جي مزار جي سونهري گنبذ اڏامندڙ دونهي ۽ لهندڙ رات جي ڪاراڻ ۾ اکين کان اوجهل ٿي ويو. ڪبوتر هڪ ٽنگ تي بيهي اکيون بند ڪري گيان۾ گم ٿي ويا. انهن سوچيو شايد رات انهن اڃايلن کي پنهنجي پناهه ۾ ڪا جاءِ ڏئي ڪجهه گهڙيون سڪون جون مهيا ڪري سگهندي. اهي اکيون بند ڪري تصور ۾ امن کي ڪنهن رڃ جيان ريگستان اندر ڏسي رهيا هيا. پوڙهو پاريهر مزار جي ڪنڊ ۾ اڃايل ڳلي سان “هُو...... هُو......” ڪري رهيو هيو.
    اتحادين جي وڌندڙ ٽئنڪن کي روڪڻ لاءِ اوچتو ريپبلڪن گارڊز جو هڪ جٿو انسانن جي آبادي واري حصي مان ظاهر ٿي ڊڪندو اڳتي وڌيو، انهن جي هٿن ۾ مشين گنيون هيون ۽ ڪجهه سپاهين جي ڪلهن تي راڪيٽ لانچر هيا. ريپبلڪن گارڊز حضرت حسين جي مزار جي اولهه طرف ٿورو اڳتي سري هڪ مورچي اندر پنهنجي پوزيشن سنڀالي سامهون ايندڙ اتحادين جي ٽئنڪن جو جائزو ورتو. هلڪي اوندهه ۽ دونهي اندر اتحادي ٽئنڪون بغير ڪنهن خوف جي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيون هيون. جڏهن اهي ڪربلا جي ميدان ويجهو ٿيون ته اوچتو آواز آيو ”جيئي صدام.“ ۽ پوءِ راڪيٽ لانچر مان هڪ ميزائيل باهه ڪڍندو اڳتي وڃي ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ اتحادين جي وڌڙن ٽئنڪن جو قافلو رڪجي ويو، اوڏانهن ڪجهه آواز اٿيا ۽ پوءِ ٽئنڪن جي نالين جا منهن مٿي ٿي حملو ڪندڙن کي ڳولهڻ لڳا.
    ريپبلڪن گارڊز مورچي ۾ ويهي وري حملي جي تياري ڪئي، ”جيئي صدام“ جو نعرو لڳو ۽ ميزائل وري باهه ڇڏيندو کجين جي جهنڊ ۾ وڃي ڪريو. کجين جي ٿڙن کي باهه وڪوڙي وئي ۽ اهي ٽڙڪا ڏئي سڙڻ لڳا.
    اتحادين جي ٽئنڪن گڏيل پوزيشن سنڀالي، ٽئنڪن جي نالين کي سڌو ڪري هڪ مهل ڪيترائي گولا اڳيان نشاني تي اڇلايا. هر طرف قطار ۾ باهه پويان باهه وڌندي نظر آئي. ڌماڪن سان آسمان ڏري پيو. ماڻهن جا ڪوڪارا، بلند ٿيندڙ باهه ۽ تيز آوازن ۾ دفن ٿي ويا. حضرت حسين جي مزار تي ويٺل ڪبوتر وائڙا ٿي ڦتڪڻ لڳا. اوندهه ۾ ماڻهن جي اکين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اهي ڄڻ انڌن وانگر ٿاڦوڙا هڻي پر ڦڙڪائي سڪون ۽ امن جي ڳولها لاءِ جاکوڙڻ لڳا. ريپبلڪن گارڊز جي مورچن جي مٽي انهن جي رت سان آلي ٿي اڏامي وئي. ڪجهه اسلحي سميت پوئتي ڀڳا ۽ ڪجهه زخمي سپاهين کي سهارو ڏئي ڪنجهندا منڊڪائيندا آباديءَ واري پاسي ڏانهن گم ٿي ويا.
    ”خبردار ڪرائي جا گڏهه...... ڪتي جا پٽ.“ هڪ اتحادي سپاهيءَ ٽئنڪ جو ڍڪ کولي منڍي ٻاهر ڪڍندي پريان زور سان چيو ”هٿيار ڦٽا ڪيو نه ته قيمو ڪري ڪتن کي کارائي ڇڏيندو مانءِ.“
    هر طرف ماٺ ڇائنجي وئي. سواءِ حضرت حسين جي مزار تي ويٺل ڪبوتر جي ڦڙ ڦڙاهٽ جي، جيڪي اڃان به بي چينيءَ مان اوندهه ۾پر هڻي خوف مان ڦٿڪي رهيا هيا.
    ”پوئتي موٽي وڃ امريڪي ڪتا برطانو ڀڙوا.“ اوندهه ۾ ڪربلا جي آباديءَ واري پاسي کان ڪو وڏي آواز ۾ چئي رهيو هيو.
    ”خبردار جو اڳتي وڌيو آهين، ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو مانءِ.“ ۽ ان کان پوءِ ”جيئي صدام“ جو نعرو هڻي ڪنهن گن جو منهن کولي ڇڏيو. گوليون چڻنگن جيان لاٽ ٻارينديون هڪ ٻئي پويان نڪتيون ۽ اتحادين جي ٽئنڪن کي ڇهنديون هيڏانهن هوڏانهن وکرجي ويون. اتحادي ٽئنڪون اڳتي وڌڻ بجاءِ اتي بيهجي ويون ۽ پوءِ سموري رات اتي زخمي انسانن جي آهن کانسواءِ ۽ مري ويلن جي مڙهن مٿان ماتم ڪندڙ مائرن ۽ زالن کانسواءِ ڪو به آواز نه هيو. حضرت حسين جي مزار جا ڪبوتر شانت هيا ۽ اهي هڪ دفعو وري هڪ ٽنگ تي بيهي اکيون ٻوٽي گيان ۾ گم ٿي ويا ۽ ڪي کنڀن ۾ منهن لڪائي ڄڻ دنيا جي بيحسيءَ تي احتجاج ڪرڻ لڳا. صبح ٿيو ته ڪربلا جي ميدان ۾ اڀرندڙ سج جي پهرين ڪرڻن سان ڄڻ ڄمي ويل رت پگهرجي چمڪڻ لڳو، انساني جسم جا حصا ۽ گوشت جا ٽڪرا ريپبلڪن گارڊز جي خالي ڪيل مورچي ٻاهران مٽيءَ گاڏڙ رت هيٺان وکريل هيا. اتحادي ٽئنڪون حضرت حسين جي مزار کان ٿورو پري اولهه طرف قطار ۾ بيٺل هيون ۽ ريپبلڪن گارڊز انساني آبادي ۾ وڃي لڪا هيا. ڪڏهن ڪنهن گن جو آواز انساني آبادي مان بلند ٿي گوليون ڦهڪائي رهيو هيو. جيڪي اتحادي ٽئنڪن کي ڇهنديون عجيب آواز پيدا ڪري رهيون هيون. اتحادي فوجي هر هر ٽئنڪ جو ڍڪ کولي دور بين سان حملي ڪندڙ جو جائزو وٺي رهيا هيا.
    ”اڙي ڪرائي جا گڏهه انساني آبادي مان ٻاهر نڪرو ته توهان کي ڏسون.“ ڪنهن اتحاديءَ رڙ ڪري چيو.
    ”واپس موٽي وڃو، اسان جي سرزمين تان. سوئر جي اولاد.“ ٿوري دير کانپوءِ انساني آبادي واري پاسي کان آواز آيو.
    اتحادي فوج محسوس ڪري رهي هئي ته اڳتي وڌڻ انهن لاءِ خطرناڪ آهي، زمين تان انساني آبادي اندر موجود ريپبلڪن گارڊز جي مورچن تي حملو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهي محسوس ڪري رهيا هيا ته اڳتي وڌي هو حملو نه ٿا ڪري سگهن، پرجيڪڏهن انساني آبادي مان ڪو فائر ڪيل راڪيٽ ڪنهن ٽئنڪ سان ٽڪرايو ته وڏو نقصان ٿيندو.
    اتحادي فوج ٽئنڪن اندر ڪربلا جي ميدان ٻاهران پڙاءُ ڪري بيهجي وئي.
    ڪبوتر حضرت حسين جي مزار تان اڏامي هيٺ ڪربلا جي ميدان ۾ لٿا. ريپبلڪن گارڊز جي تباهه ٿيل مورچي ڀرسان وکريل نرم مٽيءَ ۾ چهنب هڻي. کوٽي ڪجهه کائڻ لاءِ ڳولهڻ لڳا. اتي ڪو به داڻو دفن ٿيل نه هيو، سواءِ انساني گوشت گاڏڙ سنهين ٻوٽين جي، جيڪي قيمي جيان مٽي ۾ مليون پيون هيون. انساني گوشت ڏسي بکايل ڪبوتر ٽهي ائين ڀڳا جيئن ڪو نيڪوڪار گناهن کان پاسو ڪري پري ٿي وڃي. پوڙهو پاريهر پنهنجي “هُو..... هُو...” کي روڪي، ٽهندڙ ڪبوترن جي مٿي مزار تي لهندڙ ولر ويجهو اچي ڄڻ انهن جي اکين ۾ ڏسندي چيو “بيشڪ ڪبوتر بک مري پر گوشت نه اڳري.”
    هيٺ ڪربلا جي ميدان ۾ جتي ڪيترا انسان ماريا ويا اتي ڪبوترن جا ڪئي ولر جهازن کي ڀڄائيندڙ گنين جي گولن جو شڪار ٿيا. حضرت حسين جي مزار جا ڪبوتر ڪڏهن ٽهي حضرت عباس علمبردار جي مقبري تي پئي لٿا ته ڪڏهن علي اصغر جي مزار جا ڪبوتر اڏامي حضرت حسين جي مزار تي پئي ويٺا. آسمان ۾ ڦهليل ڪاري دونهي ۾ سرمئي ڪبوتر سهڪندا بي چينيءَ ۽ پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن اڏامي چهنب کولي امن کي ڳولهيندا رهيا.
    جيئن ته آبادي اندر لڪيل ريپبلڪن گارڊز وڌندڙ اتحادي فوج اڳيان وڏي رنڊڪ هيا، ان لاءِ اتحادي جهازن جا هوائي حملا ڪارگر ٿي نه پئي سگهيا. آباديءَ اندر بمبار جهازن کي مزاحمت ڪندڙ ريپبلڪن گارڊز کي نشانو بنائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي. انهن لاءِ اهو هڪ ڏکيو ڪم هيو ته اهي ڳتيل آبادي اندر انهن کي هٿ ڪري، سڌو سنئون نشانو بنائي سگهن. ٻن ڏينهن جي هوائي حملن دوران ريپبلڪن گارڊز جون گنيون اتحادين جو ڪو به جهاز ڪيرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون هيون. اتحادي جهازن جي تيز ٿي ويل حملن دوران سوين بي گناهه انسان موت جي ور چڙهي ويا.
    حضرت حسين جي مزار تي ويٺل ڪبوترن جا ولر ڪيترن ساٿين جي موت جو کاڄ ٿي وڃڻ کانپوءِ ڄڻ ڇڊا ٿي ويا هيا. اهي ڦاٽندڙ بمن جي آواز تي ٽاهه کائي اڏاڻا ٿي ته اهو منظر ڏسي پوڙهي پاريهر جون اکيون اداس پئي ٿي ويون. ان تصور ۾ امن جي ڏينهن جي اها اڏام پئي ڏٺي جڏهن ڪربلا جي مزارن جا ڪبوتر موج ۾ اچي مٿي اڏرندا هيا ته هيٺ رڻ مٿان انهن جي ولرن جو پاڇو پاڻيءَ سان ڀريل بادلن جهڙو نظر ايندو هيو. امن جي ڏينهن جون اهي اڏامون سوڪهڙي ۾ تبديل ٿي ويون ۽ هاڻي ته انهن اڃايل ڪبوترن جي جسم ۾ ايترو پاڻي به نه رهيو جو روئي ڳوڙها هاري سگهن.
    سج لهڻ کان ٿورو اڳ جڏهن حضرت حسين جي سونهري گنبذ جو اولهه وارو پاسو تجلا ڏئي چمڪي رهيو هيو ته پريان نجف ڏانهن ڦهليل ڪاري دونهي مان اتحادين جو هڪ جهاز هيٺائين اڏام ڪندو، ٽئنڪن مٿان لنگهيندو، اچي ڪربلا جي آباديءَ واري حصي مٿان ڪڙڪيو. اتحادي فوجين ٽئنڪن مان نڪري دوربينين سان ڏٺو، ان جهاز آبادي مٿان ڪلسٽر بم مينهن وانگر وسائڻ شروع ڪري ڏنا. ڌرتي دهلجي وئي. اها ڦاٽي ۽ ڪيترا انسان موت جو کاڄ ٿي، پنهنجو پاڻ ان ۾ دفن ٿي، قبرن ۾ تبديل ٿي ويا. ڪلسٽر بمن جي ڌماڪن انساني کوپڙين کي لوڏي ڇڏيو، ڪا به آهه نه نڪتي، ڪا به رڙ بلند نه ٿي ۽ موت آنڌيءَ جيان هر شيءِ مٿا وري ويو.
    حضرت حسين جي مزار جا ڪيترا ڪبوتر ڦاٽندڙ بمن جي آواز تي ڦڙڪندا هيٺ اچي ڪريا، پريشانيءَ مان گول اکيون ڪري کنڀ هڻندا وري مٿي اڏاميا ۽ هر ڌماڪي تي انهن جي پريشان پرواز وڌيڪ تيز ۽ ور وڪڙدار ٿي وئي. حضرت عباس علمبردار ۽ اڃايل علي اصغر جي مزارن جا ڪبوتر ٽاهه کائي اچي انهن سان مليا ۽ هڪ وڏي ولر جي صورت ۾ هيٺان اٿندڙ ڪاري دونهي اندر اڀ ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ چوڌاري ڦرڻ لڳا، ڪيترا ڪبوتر دهشت مان ڌماڪن جي آواز تي ولر کان وڇڙي هر هر هنڌ هيٺ پئي ڪريا ۽ ڪيئي ڪبوتر هڪ وڏي ولر جي صورت ۾ ڪاري دونهي اندر بي چينيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن گول ڦرندا امن کي ڳولهيندا رهيا. جهاز ڪلسٽر بم وسائي هيٺ هر شيءِ کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. اهو آرام سان هيٺائين پرواز ڪندو هر شيءِ کي نشانو بنائيندو ويو.
    آخر اهڙو وقت به آيو جو جهاز جيئن ئي هيٺائين اڏام ڪندو بم وسائيندو ڏکڻ طرف مڙيو ته ڪارن ڪبوترن جو هڪ وڏو ولر دونهي مان ظاهر ٿي اوچتو وڃي جهاز جي ڦرڻين ۾ ڦاٿو. ڪجهه ڪبوتر اندر جهاز جي انجڻين ۾ هليا ويا ۽ ڪجهه ان جي سامهون شيشن سان ٽڪرايا، ڪبوترن جي پورو ولر جهاز سان ٽڪرائي عرش تان اوجهل ٿي ويو، ڦرڻين ۾ ڦاٿل ڪبوترن جا پر ذرا ذرا ٿي اڀ ۾ ڦهلجي ويا ۽ انجڻين اندر ڦاٿل ڪبوترن جي رت انهن جي جسمن مان ڇڪجي الڳ ٿي هيٺ حضرت حسين جي مزار تي مينهن وانگر وسي پئي ڪربلا جو ميدان کنڀ کنڀ ٿي ويو ڦرڻين ۾ پاٿل ڪبوترن جي وجود ڄڻ انهن کي جام ڪري روڪي وڌو ۽ جهاز جي انجڻين اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهڙي گذري ته جهاز هڪ وڏي رڙ ڪري هيٺ رڻ ۾ ڪريو ۽ ان کي باهه وڪوڙي وئي. جهاز جي هيٺ ڪرڻ سان ڪو ”الله اڪبر.“ جو نعرو هڻي آبادي واري پاسي کان ٻاهر نڪتو ۽ ان کانپوءِ ريپبلڪن گارڊز ”جيئي صدام.“ چئي هيٺ ڪريل جهاز وٽ پهچي، هٿيار هوا ۾ لهرائڻ لڳا.
    اتحادي فوجين دوربينين مان جيڪي ڪجهه ڏٺو اهو انهن جي عقل کان ٻاهر هيو، اهي افسوس مان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا.
    هيٺ ڪريل ٻرندڙ جهاز وٽ ڪجهه ڪيميرا مين ۽ صحافي پهچي ويا. دنيا ۾ خبر نشر ٿي ته عراقي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ڪربلا جي ميدان ۾ هڪ اتحادي جهاز ماري هيٺ ڪيرايو آهي.
    اتحادين ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته جهاز جو ڪرڻ هڪ حادثو هيو. جيڪو فني خرابي سبب پيش آيو.
    پر انهن سڀني کان ڏور حضرت حسين جي مزار جو پوڙهو پاريهر ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي ڪري رهيو، ”هُو...... هُو...... هُو....“.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258267
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386395
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ