ڪتاب جو نالو: ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾
مصنف: انجم قاضي
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 09 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 562 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 162 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
انجم قاضيءَ جي شاعري ۾ نه رڳو سندس درد ڪٿا سمايل آهي، پرموجوده سماجي حالتون، جيڪي انسانيت کي وک وک تي ايذاءُ آڇن ٿيون جنهن سماج ۾ ماڻهپي جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، جتي لڄ ليڙون ليڙون ٿيندي نظر اچي ٿي، اتي انجم قاضي خاموش ٿي نه ٿو ويهي رهي، هو ڀوڳي ٿو، ۽ انهن سانگيئڙن جي دانهن ورنائيندي وقت جي بي رحمي ۽ مسلسل اڻ وڻندڙ وارتائن کي شعر جو روپ ڏئي وائکو ڪري ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، انجم جي شاعري ۾ قومي ۽ سماجي درد به شامل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ جو ڪتاب (6)
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • سنڌ جي زرخيز مٽي
  • ڏاهي ڏات روشن آ
  • ڏکن ۽ اهنجن کي پنهنجو ڪر
  • بي ترتيب ۽ آوارا الفاظ
  • ستارن جي جهرمٽ
  • هڪ سٺو شاعر ۽ بهترين انسان
  • ليکڪ پاران
  • غزل

  • جيون جو ڪو هاڻي اهڙو رستو ڪونهي ڪو،
  • هُن سان گهاريل ڪنهن گهڙيءَ جهڙي نه هئي،
  • اڳلي پل جي ناهه خبر ڪا، تڪڙو تڪڙو آءُ،
  • ٻڏي ڪشتي اچانڪ وئي ڪنارن کي نه پهتاسين،
  • ڪالهه جو آيس توڏي رستو، ڀاڪُر پائي سُڏڪي پيو،
  • پنهنجي وچ ۾ جي فاصلا هوندا،
  • وجود واسجي ويو، هي پيار ڄڻ گلاب آ،
  • زندگيءَ کان زندگي گُم ٿي وئي،
  • مڃجي ٿو هر شيءَ جي پنهنجي اهميت هوندي آ،
  • روح ۾ سي نه راحتون آهن،
  • ٿئي ٿو جي، ٿئي ڀلي جان ٿئي، اهو نقصان جو خطرو،
  • جملو جملو سوڳ ۾ مون سان هيو،
  • هن کان هاڻي ڏاڍو ڏور، هليو وڃبو،
  • جڏهن گيت ڪي مان لکان ٿو پنن تي،
  • ٿي ويون سڀ رونقون خاموش هِن،
  • آڱرين سان اچي جيئن مليون آڱريون،
  • اصولن، ارادن، عزم جي ڪهاڻي،
  • جيئين رات ٿي ۽ کڙيا ها ستارا،
  • نا واقف سڀ درد هي پنهنجا ترسي پيا آهن،
  • پيڙائن مان گذريا آهيون،
  • درد جيسين ڪو نه ٿو پنهنجو ڪري،
  • ايئن آهي پاڻ گهاري زندگي،
  • منهنجي لئه سا خودڪشي جهڙي هئي،
  • مَن اسان جو، جون جي جيئن ڌرتتي،
  • هوءَ جڏهن ڀي ڇوڪري مونسان ملي،
  • ڪيڏي ٿي وئي رات ستارا جاڳن ٿا،
  • ڇو ائين هر تهوار لڳي ٿو،
  • ٿي ويس مان بدنام الائي ڇا ٿيندو،
  • هيڏو هيڏو، اُن کان هيڏو چاهيان کيس،
  • پيار پروليءَ جهڙو آ،
  • مون لئه بالا تر آهي،
  • خودڪشيءَ جهڙي هئي مون لاءِ سا،
  • کڻي آئي سوين گڏ گڏ ستارا رات روشن آ،
  • منهنجي اک جو ساڳيو الڪو جاڳي ٿو،
  • شام جا پاڇا لڙن ٿا آءُ ني!!
  • ڏکي دل ته روئي پون ٿيون اکيون،
  • جنهن جي من ۾ محبت ناهي،
  • جا نه ٿي گهرڙو اڏي احساس ۾،
  • پيا وڇوڙي ۾ گذاريون ٻئي اسان،
  • سار تنهنجي جون گهليون هيرون هيون،
  • ٻه ٽي لُڙڪ هاريان ته مَنَ غم جهڪو ٿئي،
  • دل لڳيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي،
  • ناهن سڀ تو جهڙا ماڻهو،
  • ڳالهه جيڪا نه توکي سگهيس مان چئي،
  • نينهن جي ڄڻ نکار جهڙو آ،
  • گهڙي توکان هڪڙي وٿي ٿو ڪريان،
  • تو بنا ايئن زندگي گذري هئي،
  • هيا هونئن ته ڪيئي هزارن لکن ۾،
  • لهجي لهجي جي ٻي معنى،
  • اوهان جي پٺيان جيئن ويون هن اکيون،
  • روز کان وڌ روز، گهرو پيار ٿيندو ٿو وڃي،
  • وهه جيان هر گهڙي ٿي لڳي،
  • پيو پڙلاءُ اڻڄاتو،
  • هُو جو سامهون جڏهن اوچتو ٿو اچي،
  • جيون پويان درد قطارون لاڳيتيون،
  • سهارا نه پنهنجا سهارا رهيا،
  • ڏسجانءِ عشق آڙاهه ٿي ويندو،
  • ڏينهن اهو هڪ ٿيندو ڏسجو،
  • ڄاڻ سج ئي ويو لهي ويندس هليو،
  • ويون سڀ اورانگهي ڳليون يادگيريون،
  • جنهن ويل به مان هُن کان، ٿو دور وڃان ٿيندو،
  • ايندو رهي ٿو پڙلاءُ ڪوئي،
  • ڇو لڳي ٿو ايئن روز مان بار بار،
  • جڏهن تنهنجي در کان گذر ٿو ٿئي،
  • نه پل ڀي رڪيا نيڻ آهن اسان جا،
  • اکيون پنهنجون هتڙي ڇو الجهي رهيون هن،
  • جيئن ئي اجري باک ڦُٽي ٿي جيون تي،
  • تنهنجي دل مان جو تڙجي ويو هوس مان،
  • جيءُ پيو هو جُهري حوصلو ڪو نه هو،
  • پير پنهنجا رڪيا ئي نه ها عمر ڀر،
  • پاڻ کي ڄڻ روزانو ڏيندو،
  • توکان ڌار حياتي آهي،
  • جيئري ئي سڀ پيار وساري بهتر ڪيئي،
  • اسان ايئن اوهان جي شهر ۾ رهياسين،
  • نه تنهنجي محبت جي پائي هئي،
  • ويندي ويندي ويئي درد وساري منهنجي نيڻن ۾،
  • تنهنجي دل ۾ منهنجو آکيرو نه هو،
  • وايون

  • رات برسي پيون،
  • وڻ ٿا جهومن واءُ ۾،
  • بيچينيءَ مان ايتري،
  • جيئن جيئن منهنجي اوچتو،
  • لاڳيتو منهنجي مٿان،
  • ويچاري هيءَ هيکلي،
  • جارن مان ليئا وجهي،
  • پنهنجي رشتي ۾،
  • هجي پنهنجي وس ۾،
  • لوليون جهونگاري سدا،
  • ڄڻ ڪو ئي ايذاءُ!
  • ٿڪجي پيا آهيون،
  • سانئڻ! توکان پوءِ سڀ،
  • ڪاوڙجي توکان اٿيس،
  • پنهنجو پاڇو پاڻ سان.
  • لمحي لمحي ساڻ هن،
  • ڪوئي ڀي منظر،
  • ڀوڳي پيڙائون،
  • ساٿُ سٽي ڄڻ پاڻ ۾،
  • ڪيڏو ڀل چاهيان به مان،
  • پنهنجا ڌرتيءَ جي مٿان،
  • ڏينهن ته گذري ٿا وڃن،
  • جيڪو گذري وقت ويو،
  • گذري ويئي رات،
  • تنهنجي منهنجي پيار جي،
  • ٺاهيو پئي ٺاهين،
  • ڪيڏي گهري رات آ،
  • جيون مٿان ڌرتتي،
  • هئاسين خاموش ٻئي،
  • سُڪي ويا ڳوڙها،
  • لُڙهي لُڙڪ ويا،
  • ناهيان هاڻي هيڪلو،
  • جڏهن به مون سان تون ملينء،َ
  • بيت

  • جيئن جو ڏٺائين، ايندي مون کي اوچتو،
  • رات ڏسان مان خواب ٿو، جنت ۾ آهيان،
  • جرڳو ڪوٺايو ويو، گڏ ٿيا سڀيئي،
  • ڪالهه اچانڪ روبرو، جيئن جو ڏٺائين،
  • مڃان ماڻهن لاءِ مان، مري ئي ويندس،
  • منهنجي مُئي کان پوءِ تون، آخر ڪيئن ڪندينءَ،
  • جيسين پنهنجيءَ جان ۾، ساجن ساهه هجي،
  • سمنڊ سنڀالي ئي نه ٿو، پنهنجيءَ جهوليءَ کي،
  • جڏهن کان منهنجي روح ۾، آئي گوري آ،
  • رستو اچي هٿ ئي نه ٿو، ڀُلجي پيا آهيون،
  • ڪيڏي ڪاري رات، چنڊ نه ڪو تارو ڪٿي،
  • هُو جو نيري اُڀ تي، پکي اڏرن ٿا،
  • ڪاٽينداسين ڪيئن ٻئي، هيڏا وڇوڙا،
  • من کي هيڏي پياس ۽، ڏنئي لپ کڻي،
  • وک وک آهي حادثو، وک وک هڪڙو درد،
  • ڪڪري لاڳيتو مٿان، بيٺي برسي ٿي،
  • ٻه ٽي ڏينهن رهي هتي، لڏي وينداسين،
  • پکي پڃري ۾ ائين، ٻوليون ٻولي ٿو،
  • تڪڙو تڪڙو ڪيترو، گذري ويو ننڍپڻ،
  • سوچون هيٺان چنڊ جي، يادون سوئِن ٿيون،
  • اجهو گذري رات وئي، ناهي پل ستي،
  • جيڏو ڪاڇو تو ڏٺو، تيڏي تن کي تاس،
  • ڦتڪي ڦتڪي ويو مري، اندر جو انسان،
  • ڇا هي ساڳيو آ اهو، اڄوڪو انسان،
  • ويٺا هئاسين اوچتو، برسي مينهن ڪڻي،
  • هڪڙي رات خواب ۾، آئي حسينا،
  • سنڌ جي بهترين شاعر سائين مقصود گل جي نانءُ

  • مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ جو ڪتاب (6)

    ڪتاب ـــ نانءُ: ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾
    موضوع: (شاعري)
    شاعر: انجم قاضي
    سال، مهينو: جون 2015ع
    ڪمپوزنگ: مرتضيٰ لغاري
    ڪيليگرافي: پريتم قاضي
    ٽائيٽل ڊزائين: علي رضا
    ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ




    ملهه: 150 روپيه

    ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد . سنڌيڪا ڪتاب گهر، حيدرآباد
    - ڪاٺيواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي، - ڪنگ پن بڪ هائوس، حيدرآباد ،- ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو،- مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو- وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور،- سنڌيڪا ڪتاب گهر، سکر- تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس،- پريتم قاضي، نواب شاهه، - الفتح نيوز ايجنسي، سکر، – ڪنول ڪتاب گھر، قنبر،
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ


    ارپنا

    پنهنجي بابا سائين ’مرحوم‘ گل حسن قاضي جي نانءُ :
    جنهن باڪردار پيءُ جي حيثيت سان مون کي علمي، اخلاقي قابليت ڏني.
    پنهنجي چاچا، انور علي قاضي جي نانءُ
    جنهن کي پڻ مان ڪڏهن چاچا نه سمجهو
    پر بابا وڏو ڪري ڪوٺيندو هيس.
    پنهنجي پياري سوٽ، مرحوم عبدالطيف قاضي جي نانءُ، جنهن سان منهنجا رت جا رشتا ته هئا ئي پر سانڻس روح جا رشتا به هئا.

    انجم قاضي


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳوڙھو ڳوڙھو سوڳ ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر انجم قاضيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آهي.
    انجم قاضيءَ جي شاعري ۾ نه رڳو سندس درد ڪٿا سمايل آهي، پرموجوده سماجي حالتون، جيڪي انسانيت کي وک وک تي ايذاءُ آڇن ٿيون ... جنهن سماج ۾ ماڻهپي جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، جتي لڄ ليڙون ليڙون ٿيندي نظر اچي ٿي، اتي انجم قاضي خاموش ٿي نه ٿو ويهي رهي، هو ڀوڳي ٿو، ۽ انهن سانگيئڙن جي دانهن ورنائيندي وقت جي بي رحمي ۽ مسلسل اڻ وڻندڙ وارتائن کي شعر جو روپ ڏئي وائکو ڪري ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، انجم جي شاعري ۾ قومي ۽ سماجي درد به شامل آهي.
    هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    جرڪندڙ ڪوتا

    نئين ٽهي جي ڪوتانگر ۾ نئين ديري جي اڀرندڙ شاعر ”انجم قاضي“ جو شاعراڻو گهر ڀلي ته ٻين شاعرن جي قطار ۾ پُٺ تي اڏيل ڇو نه هجي، يا سندس ڪو اونچو محل ۽ مقام نه به هجي پر سندس تخليقي روشنيءَ ۾ جرڪندڙ ڪوتا گهر روشن روشن آهي، جيڪو پري پري تائين پنهنجي بهترين سڃاڻپ رکي ٿو.
    ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“ انجم قاضي جو پهريون شاعري جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ غزل، وائيون ۽ بيت شامل آهن. پر سندس غزل ۾ فني ۽ فڪري طور تي ڀرپور رچاءُ آهي. جنهن ۾ انجم پنهنجي محبوبه جي معصوميت ۽ محبوبيت وارو انداز اهڙي نموني اوتيو آهي، جو ڪٿي ڪٿي ته سندس غزل ۾ ڪنهن مصور جي ناياب مورتيءَ جيان سندس محبوبه جو چٽو عڪس پسي سگهجي ٿو.
    انجم جي شاعري جو هي ڪتاب سندس زندگي جو حصو آهي، هو پنهنجي زندگي ۾ ڪئي اهڙابه موڙ محسوس ڪندو رهيو آهي. جنهن جي درد ۾ سندس ڳوڙها به سوڳ جي صورت اختيار ڪن ٿا.
    انجم جي شاعري ۾ نه رڳو سندس درد ڪٿا سمايل آهي، پرموجوده سماجي حالتون، جيڪي انسانيت کي وک وک تي ايذاءُ آڇن ٿيون ... جنهن سماج ۾ ماڻهپي جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، جتي لڄ ليڙون ليڙون ٿيندي نظر اچي ٿي، اتي انجم قاضي خاموش ٿي نه ٿو ويهي رهي، هو ڀوڳي ٿو، ۽ انهن سانگيئڙن جي دانهن ورنائيندي وقت جي بي رحمي ۽ مسلسل اڻ وڻندڙ وارتائن کي شعر جو روپ ڏئي وائکو ڪري ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، انجم جي شاعري ۾ قومي ۽ سماجي درد به شامل آهي.

    مرتضى لغاري
    شهدادڪوٽ
    Cell: 0300-5182494
    0300-3429326


    مهاڳ

    ڏسئون، عشق ڇاهي!

    نئون ديرو ۽ رتو ديرو سنڌ جا اهڙا شهزادا شهر آهن، جن ۾ سنڌ جي سياست، توڙي ادبي تحرڪ ۾ نِستائي نظر نه ٿي اچي.
    شعر ۽ ادب ته دل جي شهرن ۾ باغ باغيچن ۽ سبز پارڪن وانگر هوندو آهي- جتي ڪيئي جوڙا، جوانيون ۽ ٻارڙا وتندا هن پَسار ڪندا ۽ مِٺيون مُرڪون مُرڪندا.
    نئين ديري جي حوالي سان ادبي نالا ته ڪيئي آهن، پر سائين عبدالغفار تبسم، منٺار سولنگي ۽ اياز جاني ته هڪدم اڳيان اُڀريو اچن، جيڪي شعرو ادب جي آسمان جا روشن ستارا آهن. ڀلي ته هڪ ئي اُڀ ۾ هزارين ستارا هوندا آهن، پر هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي جاءِ ۽ اهميت هوندي آهي. جيئن بخاري صاحب چوندو هو ته:
    هڪڙا اُڀ هزارين تاري، هر ڪنهن دي جاءَ اپڻي،
    هڪڙي دل هزارين پياري، هر ڪنهن دي جاءَ اپڻي.

    راتين جي جرڪار ۽ جادُوءَ ۾ ننڍڙي کان ننڍڙي ستاري جو به سهڻو ساٿ ۽ سهڪار شامل هوندو آهي. ايئن انجم قاضي به ادبي افق جي حسن ۾ حصيدار بڻيو بيٺو آهي.
    انجم قاضيءَ جي ادبي کيتر کي ٻنهي شهرن جو پاڻي نصيب ٿيو آهي. تنهن ڪري هن جو شعر به دو آبو، بلڪ دو آتشو ٿي پيو آهي، سائين مقصود گل ۽ غلام نبي گل صاحب سان ويجهڙائيءَ جي ڪري گُلن جا واسَ، هن به دل تي پئي ورتا آهن- اها ٻي ڳالهه آهي ته، فَن رشتيدارين، ذاتي تعلقات بجاءِ اَورچائي، پگهر ۽ پورهئي ڏي وڌيڪ مائل ٿئي ٿو ۽ پيار جي پکي ٿو پيهي- ۽ انجم قاضي ته مَن ۾ محبتون کنيون رنڍا روڙيندو ۽ محبتون آڇيندو ، وِر ڇيندو وتي:
    آءُ، جيڪي کڻين، کڻي وڃ تون،
    اڻ کُٽيون مَن ۾ محبتون آهن.

    ۽ وڏي ڳالهه ته هي همراهه، هڪ الله ڪرڻ وارو ۽ دُوئي کان دُور رهڻ وارو آهي. هي محبت ۾ مُوَحد آهي.
    محبت جي مذهب ۾ به گهڻن خدائن جي گنجائش ناهي، ڇو ته سُپرين گهڻو ريسارا هوندا آهن. ان لاءِ هي پاڻ واضع ٿو ڪري ته:
    جنهن جي نه ملي مونکي تشبيهه اڃان تائين،
    ايمان ۾ رهجي وئي، هڪ ذات اڪيلي آ.

    انجم وٽ پنهنجا ذاتي مشاهدا ۽ تجربا آهن، مشاهدن ۾ هڪجهڙايون به ملي وينديون آهن- گڏيل مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي به ماڻهو ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندو آهي.
    شهري زندگيءَ بابت هن جو مشاهدو به اهڙو ئي آهي، هن کي شهرن ۽ فليٽن ۾ پنهنجائپ نه ٿي محسوس ٿئي، ۽ کيس ڪکاوان گهر وڌيڪ اپيل ٿا ڪن.
    فليٽن مان بدبوءِ غيريت جي آئي،
    مليون محبتون بس ڪکاون گهرن ۾.

    هن دوستين کي مقصدن جي مير ۾ ميرو ٿي گم ٿيندي ڏٺو آهي، تنهن ڪري ٻڌائي ٿو ته:
    مون کڻي پيرا ڏٺا جو پوئتان،
    مقصدن ۾ دوستي گم ٿي وئي.

    هڪ فيلنگ، جيڪا ماڻهوءَ جو اندر کائيندي رهندي آهي- ۽ ماڻهوءَ کي درياهه وانگر پائيندي رهندي آهي، سو آهي ڏک ۽ وڇوڙي جو احساس. جنهن کي هر شاعر پنهنجي انداز سان اظهاريو آهي.
    توهان جي روش، زندگيءَ ۽ موت ڏانهن ڪهڙي به هجي، پر اها روش ان حقيقت جي ڪڙاڻ ۽ اثر کي ختم نه ٿي ڪري سگهي.
    رکي چپ، چميون جن کي ڏيندو هُئين،
    مٽيءَ ۾ سي گم ٿي ويون هن اکيون!

    انجم جي ڪن غزلن ۾ نظم جهڙي رواني آهي، ڪن غزلن جا قافيه، رديف، ٻُڌل هئڻ جي باوجود سُٺا ٿا لڳن ۽ غزل جو حسن متاثر ٿيڻ کان بچي ويو آهي. هن وٽ نوان رديف به ملن ٿا ته آزاد قافيي جو استمعال به ڪيو اٿائين. جيئن رستو، لهجو، لمحو وغيره. ايئن اسين به ڪريون ٿا. اڳي اها اجازت نه هئي غزل ۾.

    اڄ ڀي تنهنجي اوسيئڙي ۾ او سانئڻ،
    منهنجي من ڏي ايندڙ رستو جاڳي ٿو.

    گهور ٿين ٿا جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ تان،
    تاريخن ۾ تن جو چرچو جاڳي ٿو.
    -
    اوهان جي سار ۾ روئي،
    مليو پئي ساءُ اڻ ڄاتو.

    شاعري مسلسل رياضت به آهي. ان ۾ وِٿي پئجي وڃي ته، اها محسوس ڪرائيندي آهي. پر ڇا ڪجي،
    ’اور ڀي غم هين زماني ۾ محبت ڪي سوا!‘
    اسان مان گهڻا سمجهندا آهن ته، شعر ۾ جا ڳالهه چوڻ چاهيندا آهن، سا چئي ويا آهيون، پر حقيقت ۾ سِٽون اهو ناهن چئي سگهنديون. شعر جي سِٽ جو وزن بيلنس ڪرڻ لاءِ، ته، هو، ڀي، يا آ وغيره وجهي پورائو ڪيو ويندو آهي. تڏهن پڙهڻ وارو اها ڳالهه سمجهي ويندو آهي ته، شاعر جا وَٽ کوٽا آهن.
    مون محسوس ڪيو آهي ته، انجم کان جيترو ڌيان ۽ گيان شاعري گهريو آهي، لڳي ٿو هي همراهه ان کي ايترو ناهي ڏيئي سگهيو. ان کي ڪٿي ڪٿي ٿورو رفائين ٿيڻ جي ضرورت به محسوس ٿئي ٿي، جيئن گلن جي ٽارين جي ٿوري ٿوري ڇانگ ٿيندي آهي. ڪٿي ڪٿي هي شعر جي وزن ۽ رواني کي نظر ۾ رکندي، لفظن جي اصل ادائگيءَ تان ڌيان هٽائي ويو آهي، ۽ لفظ جي فطري بيهڪ متاثر ٿي پئي آهي.
    اڪثر اوهان جي سار ۾ آهي،
    سرهو سڄو هي ساهه ٿي ويندو.
    ...
    ڪٿي ڪو نه تنها ڪڏهن بي ڇڏيو آ،
    ڏينديون ساٿ گڏ گڏ هليون يادگيريون

    هن مجموعي ۾ انجم ڪلاسيڪل صنفون، بيت ۽ وايون پڻ شامل ڪيون آهن. کوڙ سارا دوست وايون لکن ٿا، ۽ سٺيون ٿا لکن- پر بيت مڙئي گهٽ ٿو لکيو وڃي، خاص ڪري سٺو بيت...! انجم کي بيت، وائي جي حوالي سان پنهنجن ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن کي وري پڙهڻ گهرجي. انجم جي واين مان ڪجهه بند ۽ بيتن مان ڪجهه سٽون تڪڙي مطالعي لاءِ ڏجن ٿا، جن ۾ هن پنهنجي محسن قاضي مقصود گل کي پڻ ڀيٽا پيش ڪري ياد ڪيو آهي.
    سڀ کي سڳيءَ ماءُ جيئن،
    ڄڻ ٿي ويهاري ،
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.
    ...
    لفظن ۾ نه هيو مگر،
    هن جي لهجي ۾
    رهجي آهي درد ويو.

    تو کان پو محسوس ٿيو،
    ساري محلي ۾،
    رهجي آهي درد ويو.
    ...
    درد وڃي گهيراءُ ڪيس،
    ڇوريءَ نيڻن جا،
    رنگ ڪٿي گم ٿي ويا.
    ...
    وڪجي ڪا ويئي، ناري خون پلاند ۾،
    ...
    ۽ پو سڏڪيائين، پئجي مون سان ڀاڪرين.
    ...
    سمنڊ سنڀالي ئي نه ٿو، پنهنجي جهوليءَ کي،
    ڇوليءَ ڇوليءَ کي، هوا ٿي اغوا ڪري.
    ...
    هُو هر ويلي سار ۾، اچي پهچي ٿو،
    ۽ در کڙڪي ٿو، دل ۾ هڪڙي درد جو.

    انجم جي هن مجموعي ۾ کوڙ ساريون سِٽُون آهن، جن ۾ شاعراڻو حُسن ۽ احساس آهي. نئون رنگ به آهي ڪٿي ڪٿي، جو واقعي دل چوي ٿي ته اهو رنگ کڻي، هڻي ڏسجي.
    ڏسئون ته پير پائي ڙِي، ڏسئون ته عشق ڇاهي ڙِي،
    نئون نئون ڪلاس آ، نئون نئون نصاب آ.
    ...
    ويندي ويندي وقت رکي ويو وک وک آ،
    پاڻ ٻنهي تي کوڙ ميارون لاڳيتيون.
    ...
    ڇا خبر پل اڳيون ، ڪهڙي آڻي خبر،
    حادثي جي پٺيان حادثو ٿو اچي.
    ...
    وقت انجم کڻي درد بيٺو اتان،
    پاڻ گذرون پيا ٿا جتان بار بار.
    ...
    کڄندو ٿو ويساهه وڃي پيو، رت جي رشتن تان،
    ها پر توسان ٻيا ڪي رشتا، تڪڙو تڪڙو آءُ.
    جيئن بخاري صاحب چوندو هو:
    ”هي ياري هڪ ٻي ياري آ ناهي ماڻهن واري!“
    دعا آهي، ته هن جو اهو رشتو، جيڪو ٻيو رشتو آهي، شاعريءَ سان، زندگيءَ سان، دوستيءَ سان، اهو شل اڃان وڌيڪ سگهارو ٿيندو وڃي- روز قلم زور!


    علي دوست عاجز
    حيدرآباد.
    30.04.2015


    سنڌ جي زرخيز مٽي

    نيڪيءَ، بديءَ، چڱائيءَ لڱائي جي جنگ روزِ ازل کان جوٽيل آهي ۽ جيسين هن وشال ڪائنات ۾ ڪو نفس باقي آهي تيسين اهو معرڪو جاري رهڻو آهي. پر ڪائنات جي جوڙڻهار جيئن ته هر درد جي دوا پڻ رکي آهي پر ڪو درد جي اڃان لادوا رهجي ويو آهي ته ان ۾ انساني تلاش جي گهٽتائي آهي نه ڪي اڻ آفاقي..
    نيڪي بديءَ جي ان جنگ ۾ قدرت قلمڪار کي پڻ اهم ذميواري سونپي آهي ته هو قلم ذريعي ان ازلي ويڙهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ تڏهن قلمڪار قبيلو قلم سان پنهنجي جنگ جوٽڻ لاءِ سنبهي ٿو ته ان جهد ۾ سندس لفظ سڀ کان وڌيڪ اثرائتا هٿيار بڻجن ٿا. لفظن جي حرمت ۽ اهميت کي جڏهن ڏات ڌڻي سمجهي استعمال ٿو ڪري ته اُهي آفاقي ۽ الهامي ڪتابن جي تسلسل جيڏو رتبو ماڻن ٿا، پاڻ وٽ ڀٽائيءَ جو رسالو ان جو وڏو ثبوت آهي.
    ڀٽائيءَ رحمت الله عليه جي واٽ وٺندي سندس پيرن جي ڇڏيل نشانن تي هن ڌرتيءَ جو پڻ هر شاعر پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجيءَ جلا يا بقا جون وکون وڌائي رهيو آهي. ان قبيلي ۾ اسان جو ”انجم“ قاضي پڻ نووارد مسافر جيان پنهنجو پنڌ تاڻي هن امرتائن جي سفر ۾ روان دوان آهي. پنهنجي اجري من ۾ منزل ماڻڻ جون اڻ کٽ خواهشون کنيون منهنجو ڳوٺائي جڏهن پنهنجين پورين سچائين سان مطالعي، مشاهدي ۽ ٻوليءَ جي تقدس جو وطيرو پاڻ سان گڏ کڻي هيءَ امرتائن جا پيچرا تاڻيندو ته ضرور ڏات جو معراج ماڻيندو. ڌرتيءَ جو سنڱ سڃاڻيندي پنهنجي مٽيءَ سان نباه جو وچن ورجائيندي اڳتي وڌندو ته سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ضرور کيس مان مرتبو عطا ڪندي.
    سندس چواڻيءَ ته:

    مان مٽيءَ جو هڪ ٺهيل انسان هان،
    ۽ مٽيءَ ۾ ئي لهي ويندس هليو.
    (انجم)

    يا هڪ وائيءَ ۾ هو پاڻ چوي ٿو ته:

    لوليون جهونگاري سدا،
    پيئي سمهاري.
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.

    انجم جڏهن پنهنجي زندگيءَ جو سفر سڦل ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ ڏات کي پوريون سچائيون ارپيندو ته لاشڪ پنهنجي وجود تي ثابت جي مهر ماڻيندو. آئون سندس هن نور نچوئڻ واري عمل کي سندس امرتا جي گسن پنڌن جو اُهاءُ سمجهي کيس دعائن ۽ دلاسن جون ارپنائون ضرور آڇيندو رهندس. باقي ثابت قدمي ۽ باخبري سندس احترام ۾ آهي. مان سندس لاءِ سدائين دعاگو.


    عبدالغفار تبسم
    9 اپريل 2015ع
    ڪراچي


    ڏاهي ڏات روشن آ

    انجم پنهنجي گذر سفر لاءِ پورهئي سان گڏ شاعريءَ سان به نڀائنيدو ٿو اچي. کڻي ايئن کڻي چئجي ته هڪ پورهيو کيس گهر جي گذران لاءِ ڪرڻو پوي ٿو، جنهن جي ڪمائي هو پنهنجي گهر ڀاتين سان ونڊي ورهائي ٿو، باقي شاعري ته هو پنهنجي پيار جي ڀاونائن ونڊڻ لاءِ ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ هو شاعري جو پورهيو ڪري، ان جي ڪمائي سموري ڏيهه سان، ڏيهه جي سڀني ماڻهن سان ونڊي ورهائي ٿو.
    انجم کي ديس جي خفن توڙي ڌرتيءَ لاءِ پنهنجي فرضن جو به احساس آهي. ور نه عام طور پنهنجا حق ته هر ڪنهن کي ياد رهندا آهن، باقي فرض ته ڪنهن کي ڄڻ ياد ئي ناهن رهندا. انجم هن ڌرتيءَ لاءِ، پنهنجي لاءِ فرضن جو احساس هن ريت ڏياري ٿو:
    سارو ئي حل نڪري ايندو ڌرتيءَ جو،
    پاڻ سچا ٿي سوچيون پنهنجي فرضن تي.

    فرض جو احساس اسان جي گڏيل سماجي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ٿو. جيئن ته گڏيل سوچ ئي سماج جي اوسر جو بنياد هوندي آهي. تنهن ڪري جيسين گڏيل سوچ نه ٿي اپنائجي تيسين هر ڪو اڪيلي سر پيو سور ڀوڳيندو.
    وک وک آهي حادثو، وک وک هڪڙو درد،
    ڀوڳي ٿو هر فرد، پنهنجي پنهنجي روپ ۾.

    جيسيتائين گڏيل سوچ ۽ گڏجي فرض جو احساس پيدا نه ڪنداسين ۽ رڳو پنهنجيءَ ۾ ئي پورا هونداسين ته عام ماڻهو لاءِ، معاشرو تنگ ٿيندو ويندو.
    سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ آ پورو، ڪير ٿو ڪنهن جي ٻڌي،
    سوڙهه ۾ سوڙهو سڄو سنسار ٿيندو ٿو وڃي.

    انجم رڳو پنهنجيءَ ۾ پورو نه آهي پر ٻين جي سور سلڻ تي به سندس نيڻ ڀرجي ٿا اچن.
    تڏهن نيڻ پنهنجا به برسي پيا ها،
    روئي ڪنهن جو پنهنجون سليون يادگيرون.

    اهو احساس هن باشعور شاعر کي هٿ ٻڌي ويهي رهڻ بدران، اڪيلو ئي سهي، پر عملي طور ڪجهه ڪرڻ لاءِ ٿو اتساهي، ته جيئن غم جي اونده کي گهٽائي سگهجي.
    رڳو رات ڪاري، منجهي ساهه ٿو ڄڻ،
    ڪوئي ديپ ٻاريان ته من غم جهڪو ٿئي.

    مجموعي طور تي انجم جي شاعريءَ ۾ حسرتون به آهن ته محروميون به، خواب به آهن. ته ساڀيائون به، ديس به آهي ته ديس ۾ وسندڙ پرين به...! پرينءَ جو پيار به آهي ته پرينءَ جا ماڻا به آهن، ڏکن جا ڏوراپا به آهن ته سکن جون اميدون ۽ دعائون به آهن.
    من دعا ڪائي تڪميل ماڻي وٺي،
    ٿو انهيءَ آس تي هٿ کڻا بار بار.

    معاشري جي هڪ باشعور فرد طور کيس پاڻ ۾ ڪنهن ڪمي يا پنهنجي مڪمل نه هئڻ جو به احساس آهي.
    ڪو نه ٿو ڪو به ماڻهو مڪمل ٿئي،
    ٿي رهي ڄڻ ڪمي ڪانه ڪا عمر ڀر.

    هيءَ هڪ اهڙي ڪمي آهي، جيڪا کوٽ جي معنى رکي ٿي ۽ جنهن جي پورائي لاءِ انجم شاعري جي ميدان ۾ ووڙيندو جاکوڙيندو ۽ اڳتي وڌندو رهي ٿو. ٻي ڪمي ڪوتاهي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڪجي ٿي ته انفرادي عمل طور اها ماڻهوءَ جو ڏوهه ڳڻجي ٿي، جنهن جي رنڊ روڪ ۽ نندا نه ٿيڻ سبب، اهو انفرادي عمل اڳتي هلي اجتماعي رخ وٺي ٿو ۽ پوءِ نيٺ اهو زور وٺي معاشري جو گڏيل رويو بڻجي پوي ٿو. جنهن کي روڪڻ جي همت نه ساري، معاشري جا عام فرد ڀلي ان کان اکيون پوري ڇڏين، پر هڪ باشعور اديب، شاعر ۽ قلمڪار ان کان هرگز هرگز نه ٿو لنوائي سگهي. معاشري ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جي هوءَ کُلي طرح للڪاري نه به سگهي ته علامتي اظهار سان ئي، اهي موضوع پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ذميداري نڀائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    ايم ڪمل چواڻيءَ ته:
    ”هن جهان ۾ ڪيتريون ڳالهيون جي چڱيون ناهن، صحيح ناهن، انهن کي درگذر ڪرڻو پوي ٿو، انهن کان اکيون پورڻيون پون ٿيون. پر شعر و شاعريءَ جي جهان ۾ جيئڻ لاءِ انهن کان منهن نه ٿو موڙي سگهجي. جي انهن کان اکيون پوري شاعري ڪبي ته شعر مان روح غائب ٿي ويندو.“
    انجم جي شاعريءَ ۾ اهڙا مختلف سماجي واقعا ۽ حادثا آهن، جن جو اثر هن شدت سان محسوس ڪيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.
    خاص ڪري سندس هي شعر پڙهندي منهنجي ذهن ۾ نوجوان راڳيءَ مريد عباس ڪٽپر جي قتل ۽ ان کان پوءِ سندس ٻڍڙيءَ ماءُ جي حالتِ زار اکين اڳيان اچي ٿي وڃي. مثال طور:
    جنهن جو جوان جماڻ جوانيءَ ۾ پُٽ ماريو ويو،
    ان جيجل جي جهول ۾ پِٽڪا ترسي پيا آهن.

    شاعر جو اهو احساس ئي آهي جو هو معاشري ۾ ظلم ۽ ناانصافي ڏسي ڪري دين ڌرم تي آڱر کڻڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي. جيئن انجم جو شعر آهي:
    ملي جي نه انصاف انسان کي ٿو،
    مڃيون پوءِ ڪهڙي ڌرم جي ڪهاڻي.

    اهو ئي ماڻهن جو الڪو ۽ ديس وارن جو اونو انجم کي وطن جي محبت سان سرشار ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس تي فخر ڪندي، ان جي ساراهه ڪندي اتساهه ماڻي ٿو.
    ڪيان جيئن سنڌ جي ساراهه، ٿئي ٿو ساهه تيئن سرهو،
    فخر آ ديس پنهنجي تي ۽ ڏاهي ڏات روشن آ.

    اهو وقت، اهي پل، جن ۾ سڄڻ جو ساٿ ۽ صحبت نصيب ٿئي، دل چوندي آهي ته جيڪر هيءَ وقت هڪ جاءِ تي ئي بيهجي وڃي، پر اهو وقت ڪيڏو تڪڙو، ڪيڏي تيزيءَ سان گذري وڃي ٿو. اهو احساس وڇوڙي کان پوءِ تائين وڌي وڃي ٿو. وري جڏهن دل چوندي آهي ته وڇوڙي جو هي وقت وهندي گذري وڃي ته ويتر به اهڙو وقت چاهيندي به نه گذرندو آهي. ايئن لڳندو آهي ڄڻ وڇوڙي جو وقت هڪ جاءِ بيهي رهيو هجي.
    توسان گڏ گڏ تڪڙو گذري ڪيڏو وقت ويو،
    توکان ڌار، لڳن ٿا لمحا ترسي پيا آهن.

    اهڙي بيقراري ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾، دل کي ڪيڏو به کڻي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي پر پرينءَ جي در وٽان گذرندي قدم بيهجي بيهجي ويندا آهن.
    ڏاڍو مون سمجهايو دل کي، تنهنجي در تي پر!
    پير اچانڪ پوءِ به منهنجا ترسي پيا آهن.

    ياد ٿو پويم ته هڪڙي ڀيري سائين سوڀي گيانچنداڻيءَ وٽ آئون، مرحوم لالا بشير ۽ ڪورٽ جا ٻه جج ويٺل هجون، سوڀي صاحب چيو:
    “I can not lose my faith in human beings!
    I have given my respecat to all and I am respecated by all”
    ”مان انسان ذات مان پنهنجو ڀروسو نه ٿو ڇڏي سگهان! مون سڀ ڪنهن کي عزت ڏني آهي، تڏهن وٽانئن عزت ملي ٿي.“
    هڪ آدرشي انسان جو اهو يقين ئي آهي جيڪو کيس جيون ۾ جيئڻ جو ساهس به ڏئي ٿو ته اهو ئي يقين کيس جيون پڄاڻا به زنده رکيون اچي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ هميشه جيئرو جاڳندو نظر ايندو آهي. انجم پنهنجي شاعريءَ ۾ اها ڳالهه هن طرح چئي آهي ته:
    پاڻ دفن ٿي ويا هن توڙي مٽيءَ ۾،
    سچا ته به ڪردار پيارا جاڳن ٿا.



    عبيد ڪٽپر
    ڪراچي


    ڏکن ۽ اهنجن کي پنهنجو ڪر

    نئون ديرو منهنجي جنم ڀومي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دورِ حڪومت دوران نئين ديري ۾ منهنجي والد صاحب (قاضي خضر حيات) لاڙڪاڻو شگر مل، ٺهرائڻ ۾ وڏو اهم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو. نئين ديري ۾ مشهور قاضين جو ويڙهو، اسان جي وڏڙن جو ويڙهو...!!
    جتي سائين قاضي قمرالدين (پڦا)، چاچا غلام مصطفى (مرحوم) المعروف، ”چاچا مسطڻ“ ۽ چاچا عطا محمد (مرحوم) المعروف، ”چاچا عطن“ جا گهر منهنجي ٻالڪپڻي کان جوانيءَ تائينءَ، جواني کان اڳتي زندگي جي وکن ۾ هميشه زنده جاويد رهندا...!
    ”چاچا عطن“ ته منهنجي محسنن مان هڪ هو. جنهن ڪڇ تي کڻي منهنجا ناز نخرا برداشت ڪيا. ۽ پيار جي نازڪ رشتي سان پرورش ڪئي، اُن انسان جا ٿورا عمر ڀر نه لاهي سگهندس. نه ئي منهنجي اهڙي اوقات آهي.
    وقت ۽ حالات انسان کي ڪيڏو نه بدلائي ٿا ڇڏين. اهو اڄ وڃي ٿو احساس ٿئي_ ننڍڙو ”مُنو سائين“ هيس ته پيار ۽ پاٻوهه جي اتاهه سمنڊ ۾ پيو غوطا کائيندو هيس. ”مُني سائين“ کان ”سڪندر آفتاب“ ۽ ”سڪندر آفتاب“ کان پوءِ هاڻي ”پريتم قاضي...!“
    آهستي آهستي زندگيءَ ڪٺن ۽ اڻانگي ٿي وئي آهي. لڳي ٿو ته زندگي ۾ گهڻو ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ جي چاهنا ته ڪري سگهان ٿو پر ان کي حاصل ڪرڻ ممڪنات ۾ ئي ناهي. ڇا گذري ويل وقت واپس وري سگهي ٿو!؟ نه ڪڏهن به نه !
    اگر ايئن هجي ها ته مان قدرت واري کان پنهنجو ’گل بابا‘ ( قاضي مقصود گل) واپس گهرايان ها...! ڪاش ايئن ٿي سگهي ها...!!
    گذريل ٻن سالن کان سائين ”گل“ جي ڪري، مرتضى لغاري سان پيار ۽ پريت جي سڳي ۾ پوئجي ويس ۽ هاڻ سنڌي ٻولي جي ادبي مئگزين ”نئين آس“ ۽ ”مرڪ پبليڪيشن“ جو به ادنى ڪارڪن آهيان.
    مرتضى تازو ئي گڏيل شاعري جو ڪتاب”نئون نئون مڌ آ“ مرتب ۽ پبلش ڪيو، جنهن ۾ انجم قاضي جي شاعري پڻ اکين آڏو گذري، پڙهڻ کان پوءِ شاعري دل ۾ گهر ڪري وئي. جڏهن اصل نالي ۽ ائڊريس تي نظر پئي ته ڇرڪ نڪري ويو...! سوچ ذهن ۾ پهرين پهرين اها اڀري ته ... انجم اهڙي سٺي شاعري ڪيئن ٿو ڪري!؟ جڏهن پروڙ پئي ته پوءِ اهو اطمينان ۽ تسلي ٿي ته مون وانگر انجم جي ادبي آبياري به گل بابا (قاضي مقصود گل) ئي ڪئي آهي.
    انجم قاضي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ رابطي ۾ آيو ۽ جهڙوڪ نئين ديري سان منقطع ٿيل تعلقات اِستوار ٿيندي محسوس ٿيا. اڄڪلهه روز رابطو رهي ٿو ته ڀايان ٿو ته ڄڻ مان وري پنهنجي ٻاراڻي زندگيءَ ڏانهن پاڻ کي موٽندي محسوس ڪيان ٿو. ۽ ساڳيو ئي ”چاچا مسطڻ“ ۽ ”چاچا عطن“ جي ڏنل شفقت کي تصوراتي طور محسوس ڪندو آهيان...!
    منهنجي ذاتي راءِ اها آهي، جنهن تي اڄ به قائم آهيان ته سُٺو اديب، سٺو تخليقڪار تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن هو اندران سٺو انسان هجي...! ۽ جڏهن سٺو انسان هوندو ته هو نهايت حساس هوندو ۽ ٻين جي ڏکن ۽ اهنجن کي پنهنجو ڏک ۽ اهنج سمجهندو. ۽ جيترو مون انجم کي ڄاتو آهي ته هو، نهايت نفيس، ٻاجهارو ۽ پيار ورڇيندڙ انسان ڀاسجي ٿو ۽ شايد انهيءَ ڪري هو شاعري سگهاري سرجي رهيو آهي. انجم ۽ مان آهيون ته ساڳي ”گل“ جي خوشبو....!! اهو ”گل“ جنهن جي خوشبوءَ جي واس سان سموري سنڌ سونهاري معطر رهي آهي ۽ سدائين معطر رهندي... انشاءَالله.
    انجم لاءِ دل منجهان اِها دعا نڪري ٿي ته جهڙيءَ ريت هُن پنهنجي احساسن کي قلم وسيلي اظهارڻ جو رستو اپنايو آهي تهڙي ريت ئي صحيح ۽ مثبت روين سان انسانيت ۽ سونهاري سنڌ جي خدمت ڪندو رهي.(آمين)
    هن چيو مذهب هجي، مون چيو انسانيت،
    سمجهه جو ڦيرو هيو بس! ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.
    (قاضي مقصود گل)

    پريتم قاضي
    سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه
    19_04_2015ع


    بي ترتيب ۽ آوارا الفاظ

    شاعري، فعلن فعلن، فعولن فعولن، مفاعيلن مفاعيلن، فاعلاتن مفاعلن فعلن، جو نالو نه آهي ۽ نه ئي شاعري سکڻن ڪافين ملائڻ ۽ لفاضي جوڙڻ جو نانءَ آهي...! شاعري ڏات آهي، شاعري ڳوڙهي فڪر، سماجي عڪس ۽ اولڙن جو نانءُ آهي، شاعري شعور جي زبان آهي. هڪ شاعر پنهنجي لکڻين وسلي تمام اهي شيون، تمام اهي حادثا، تمام اهي احساس، (جيڪي هر عام فهم ۾ عام ماڻهو تائين رسائي نه ٿا ڪن)، تن کي تمام سادڙن سولڙن ۽ ڀرپور لفظن سان بيان ڪرڻ جو بهترين ڏانءُ ڌاري ٿو، جنهن جي پيشڪش سان هڪ نئون جنون جاڳي ٿو، جذبا جواني ماڻن ٿا ۽ ماڻهو حقيقي جستجو طرف وڌڻ لڳي ٿو. شاعري اونداهي سماج ۾ ٻرندڙ فانوسي جيان ٿئي ٿي. جنهن جي روشني سان ماڻهو پير پير تي ئي سهي پر، پنهنجي حقيقي منزل تائين ضرور رسائي ڪري ٿو.
    ۽ هر اهو شاعر وڏو شاعر ثابت نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو اهڙن مهاورن، اهڙن لفظن يا اهڙن تشبيهن جو سهارو وٺي پاڻ کي وڏو شاعر مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري، جنهن جو شعر هر عام ماڻهو جي مٿان گذري وڃي. پر شاعري اهڙي فن ۽ فڪر جو ناءُ آهي جنهن کي هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي. اهڙن شاعرن ۾ اسان جي ڀونءِ جو ڀاتي شاعر، ’انجم قاضي‘ ضرور شامل آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ آسانيءَ سان پڙهي ۽ پرجهي سگهجي ٿي. انجم قاضي جو شاعراڻو تعارف منهنجي لاءِ ايترو پراڻو نه آهي، جو ڪي ماضي جا حوالا پيش ڪري سگهان پر سندس شاعري سادن سودن لفظن جو جڙاءُ آهي جيڪو کيس خوبصورتي ۽ معيار بخشي ٿو. يقينن انجم قاضي مسلسل لکي رهيو آهي، ته مٿس ڏات ديوي عاشقانه انداز ۾ مهربان آهي. جو بي ترتيب ۽ آوارا الفاظ به سندس شعر ۾ پوئجي معنى خيز بڻجي پون ٿا. يقينن اهڙي ئي رواني انجم قاضي جو تخليقي مان مرتبو وڌائي ٿي.

    عائشه ميمڻ
    18 مئي 2015ع


    ستارن جي جهرمٽ

    سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي اڳوڻي دريائي ڦاٽ يعني پراڻي گهاڙ واهه جي ڪناري تي هاڻوڪن ٻن وڏن واهن دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال جي مڌر وهڪري جي رواني سان ساهه کڻندڙ گلابي گلن، انبن ۽ زيتونن جي باغن جي وچ ۾ آباد شهيدن جو شهر نئون ديرو، خصوصن سنڌ، پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. باغن جي هن خوبصورت شهر لاءِ اڄ کان ويهه سال اڳ مون لکيو هو ته:
    مون لئه ڇانوَ ڇپر نئون ديرو، علم ادب جو گهر نئون ديرو.
    سنڌو جي آ ساڄي ڪپ تي، سهڻو ائين جيئن تِرُ ڪو چپ تي.
    (منظور منگي)
    هي سهڻو شهر سماجي زندگي جي مڙني شعبن ۾ خاص طور تي سياسي، ۽ صحافتي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجي نرالي، مستحڪم ۽ مستند سڃاڻپ ۽ تاريخ رکي ٿو. هن شهر مُلڪي تاريخ جا وڏا سياسي اڳواڻ صحافي مدبر محقق ۽ بهترين شاعر پيدا ڪيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، پير علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي، ذوالفقار راشدي کان وٺي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ عبدالغفار تبسم تائين هن شهر جي سياسي سماجي ادبي ۽ صحافتي تاريخ سنڌ ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ جاءِ والاري ٿي. سنڌ جي ادبي آسمان جي ستارن جي جهرمٽ ۾ منهنجي ڳوٺ جو ’دين محمد‘... ”انجم قاضي“ به ڪنهن وِهائو تاري کان گهٽ نه آهي. شاعر انجم قاضي نَئين ديري جي ادبي مالها جي لڙيءَ ۾ هڪ جگمگائيندڙ موتيءَ جو دل لڀائيندڙ اضافو آهي، جيڪو نئين ديري شهر جي وڌيڪ سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاعر شاعري جي کيتر ۾ طبع آزمائي ڪري رهيا آهن، انهن مڙني شاعرن جي ميڙ ۾ انجم قاضي به شامل آهي. انجم قاضي جو شاعراڻو اسلوب ۽ انداز نج پنهنجو آهي، انجم جي شاعري سادڙي سهنجڙي ۽ عام انساني ڪيفيتن جي اپٽار جو نرالو اظهار آهي. هي پورهيت ڪلاس جو نمائندو شاعر آهي. سنڌ جي خوبصورت شاعرن ’قاضي مقصود گل‘، ’عبدالغفار تبسم‘، ’منٺار سولنگي‘ ۽ ٻين هم اثر شاعرن جي صحبت ۽ ويجهڙائيءَ ۾ رهڻ سبب هن جي شاعري ۾ ڪافي فڪري پختگي نمايان نظر اچي ٿي. فني اعتبار کان به انجم سٺو شاعر آهي. هو پورهيت ڪلاس سان ۽ پوري انسانيت سان پيار ڪندڙ روشن خيال شاعر آهي. هن ڪتاب کان اڳ ۾ به انجم قاضي جو سنڌ جي ٻين شاعرن سان گڏ هڪ مجموعو ”نئون نئون مڌ آ“جي نالي سان مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران شايع ٿي چڪو آهي. جنهن کي پڻ پڙهندڙن سٺي موٽ ڏني آهي. هڪ دوست ۽ شهري هجڻ جي ناتي مون کي حڪم ڪيائين ته منهنجي ڪتاب تي ٻه اکر لکو، مان انجم جي حڪم جي تعميل ۾ مختصر طور تي هن شاعر ۽ پنهنجي شهر جو مختصر احوال اوريندي انجم سان محبت جو اظهار ڪيو اٿم. دعا آهي ته انجم علم ۽ ادب جي ميدان ۾ اڃان وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي.(آمين)


    منظور منگي نئون ديرو
    22_04 _2015ع


    هڪ سٺو شاعر ۽ بهترين انسان

    ارسطو جي نزديڪ شاعر تخليق ڪار آهي، هو عمدگي پيدا ڪري ٿو ۽ تخيل جي دنيا آباد ڪري ٿو. جهڙي طرح خالق جو ڪم ڪاريگري ڪرڻ آهي، اهڙي طرح شاعر ايجاد ۽ تخليق جي طاقت جو مالڪ هوندو آهي. هڪ اهڙو ئي شاعر ’انجم قاضي‘ به آهي. جنهن جو پورو نالو دين محمد، ولد گل حسن ذات قاضي جنم 15 فيبروري 1974ع تعليم مئٽرڪ ۽ رهائش قاضي محلو نئون ديرو اٿس. هن لکڻ جي شروعات 1992ع کان ڪئي سندس شاعري ۾ پهريون استاد ’قاضي مقصود گل‘ ۽ پوءِ ’علي دوست عاجز‘ ۽ ’غلام نبي گل‘ اٿس. جڏهن سائين مقصود گل لاڙڪاڻو شگر مل نئون ديرو جو 1990ع کان 93 ع تائين ڊپٽي مئنيجر هو ته ان عرصي دوران انجم قاضي کانئس شاعري جي فني سکيا وٺندو رهيو. بقول انجم قاضي جي ته ان وقت ”سائين مقصود گل مون کي چيو ته سنڌي ادبي سنگت (شاخ) رتوديرو ۾ هر هفتي گڏجاڻيون ٿينديون آهن ۽ تون به اچي ضرور شرڪت ڪر...!“ ۽ پوءِ انجم قاضي مارچ 1993ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو جو ميمبر ٿيو. اهڙي طرح هو 1993ع کان 94 تائين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهيو. ان وقت سنگت رتوديرو جو مان ئي مسلسل ٻه سال سيڪريٽري هيس. ۽ اسان جون گڏجاڻيون هر هفتي موڪل واري ڏينهن صبح جو ميونسپل ڪاميٽي رتوديرو جي لطيف هال ۾ پابندي سان ٿينديون هيون ۽ انهن گڏجاڻين ۾ سائين مقصود گل، سائين مرتضى اعظم عباسي، مختار گهمرو، ارشاد سولنگي، سرويچ گل ڀٽي، رحيم بخش، رضا مگسي، سفير ميمڻ، قمرالدين ڀٽو، گوپي چند ٻڊلائي، سوز جلباڻي، ناصر قاضي، روشن گهانگهرو، شاهنواز شيدائي، ۽ ٻيا ڪافي شاعر ۽ سگهڙ اچي شرڪت ڪندا هئا.
    طارق اشرف هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، سنڌي ادبي سنگت اديب پيدا ڪيا آهن. مان پاڻ کي انهن اديبن مان سمجهان ٿو. جيڪي سنڌي ادبي سنگت جي پيداوار آهن. پيداوار ان لحاظ کان ته جيڪڏهن سنگت ۾ لکڻين تي صحتمند تنقيد نه ٿئي ها ته اهي ان مقام تي نه هجن ها، جتي اڄ هو آهن. بلڪل اهڙي طرح انجم قاضي جي شاعري به سنڌي ادبي سنگت (شاخ) رتوديرو جي صحتمند تنقيدي ڪلاسن مان پچي ۽ وڌيڪ پختي ٿي نروار ٿي.
    هونئن به سنڌي ادبي سنگت (شاخ) رتوديرو جي ماضي واري ڪارڪردگي تمام تيز ۽ شاندار رهي آهي. جنهن جو ثبوت سنگت جو رڪارڊ آهي. انجم قاضي جي شاعري سنڌ جي ڪافي اخبارن رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪي آهي. ۽ اڄ به شايع ٿيندي رهي ٿي. انجم قاضي هڪ سٺي شاعر سان گڏو گڏ هڪ بهترين انسان به آهي. هن پنهنجي نالي جي نمائش کان وڌيڪ تخليقي زندگي کي ترجيح ڏني آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي دلڪش شاعري جي ڪري ادبي دنيا ۾ نمايان سڃاڻپ رکي ٿو. سندس شاعري اظهار_ ذات کان اظهار_ ڪائنات تائين اچي پهتي آهي. جنهن ڪري سندس شاعري خوشبوءَ جيان آهي. جيڪا هر وقت ۽ هر موسم ۾ سٺي لڳي ٿي. منهنجو اهو ايمان آهي ته هڪ سٺو شاعر پنهنجي جاءِ پاڻ بڻائيندو آهي. سو انجم قاضي جو شمار به هڪ ڏينهن سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ٿيندو. انجم قاضي جو هي پهريون شعري مجموعو دلين ۾ زنده رهڻ وارو ڪتاب آهي. اميد اٿم ته سندس شاعري جو هي پهريون ڪتاب ادبي حلقن ۾ خاصي پذيرائي حاصل ڪندو.


    سميع ساجد جوڻيجو
    رتوديرو


    ليکڪ پاران

    منهنجو شعور منهنجي زندگيءَ جو دوست آهي!
    اندر جا احساس به مختلف ٿيندا آهن ۽ اُهي احساس پنهنجي رنگينين سان گڏو گڏ، تمام نازڪ ۽ خوشبودار هوندا آهن، جيڪي زندگي کي معطر ڪري ڇڏيندا آهن. پوءِ زندگي ڪيڏي به ڏُکي ٿي پوي، اُهي خوشبو دار ۽ رنگين احساس اميدن جا چٽا حوالا ماڻين ٿا. اهو يقين اميدن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي جيون ۽ زندگي کي بهتريءَ ڏانهن ڇڪي آڻي ٿو.
    اهو چٽو سچ آهي ته زندگي اها محبوبه آهي، جنهن سان هر ماڻهو بي انتها محبت ڪري ٿو. ڪيڏو به جيءَ ڏکايل هجي، ڪيڏي به تڪليف هجي، مصيبت جا پهاڙ پار ڪري به هر ماڻهو زندگي کي چاهي ٿو. زندگي ڏاڍي سهڻي، ڏاڍي مٺي آهي. وڏڙن جي شفقت، رشتن ۽ دوستين جي محبت ويتر زندگيءَ کي پُر ڪشش بڻائي ڇڏي ٿي. منهنجو شعور منهنجي زندگيءَ جو بهترين دوست آهي، مان پنهنجي جنم ڀوميءَ جي الفت کي شعور سمجهان ٿو، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ پُر امن انسان، پوءِ چاهي ان جو ڪهڙو به رنگ، نسل، ڪهڙي به دين، ڌرم سان واسطو هجي، مان ان جي احترام کي شعور سمجهان ٿو. مان پوري انسانيت تي ٿيندڙ انياءُ جي مزاحمت کي شعور سمجهان ٿو. اڃان به مختصر ڪري ايئن چوان ته، مجموعي طور تي اخلاقيات کي مان پنهنجو شعور سمجهان ٿو.
    ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“ منهنجي شاعري جو پهريون مڪمل ڪتاب آهي، هن شاعريءَ جي مجموعي ۾ منهنجي محسوسات شامل آهي. مون جيڪو ۽ جيئن محسوس ڪيو آهي، ان خيال، ان فڪر، کي لفظن جو ويس اوڍائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي شاعريءَ ۾ هر ان شاعر جو اثر شامل آهي، جيڪو مون کي سٺو لڳندو آهي. الائي ته ڪيترا اهڙا نالا آهن، جن جي شاعري پڙهندي مون کي يڪدم پنهنجو ڪري ڇڏيندي آهي، اهڙن سيبتن شاعرن جي وچ ۾ منهنجي هيءَ شاعري جيڪڏهن ڪنهن کي ”کِل“ به ڏياري ته مان پنهنجي ڪاميابي سمجهندس.
    پنهنجي چوڌاري درد پکڙيو پيو آهي، اهو درد مختلف روپ وٺي، مونسان ملندو رهيو آهي. ڪڏهن رشتيدارن جي روپ ۾ ته ڪڏهن دوستيءَ جي روپ ۾ ڪڏهن غربت جي روپ ۾، ڪڏهن امام بارگاهن اندر بم ڌماڪن جي روپ ۾، ڪڏهن درسگاهن اندر پوپٽ جهڙن سهڻن ۽ نازڪ معصوم ٻارڙن مٿان بم ڌماڪن جي روپ ۾...! هي وک وک تي آجيان لاءِ اڳيان اڳيان رهيو آهي. يا وري مزاج جي حساسيت درد کي وڌيڪ محسوس ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي شعرن ۾ درد جو چٽو عڪس نظر اچي ٿو، تڏهن هن ڪتاب جو نالو اداسيءَ سان لاڳاپو رکي ٿو.

    ڪتاب ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“ ۾ ڪافي شاعري 1993 ۽ 94ع واري ڏني اٿم اندازن يارهن ٻارنهن سال لکڻ جو سلسلو معطل رهيو. وري تازو ئي اندر جي اڻتڻ شعر جو روپ وٺي ظاهر ٿي آهي. يقينن منهنجي ڪوشش هوندي به فني حوالي سان ڪافي ڪوتاهيون رهجي ويون هونديون. ڇو ته ڪو به انسان ڪڏهن به مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، ۽ مان به اڃان سکڻ واري مرحلي ۾ ئي آهيان.
    منهنجي هن ڪتاب کي پڌرو ڪرڻ ۾ منهنجي ادبي، قلمي، بابا جهڙي دوست، سائين ’مقصود گل‘ جو وڏو هٿ رهيو. جنهن مون کي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ اتساهيو. افسوس جو اهڙو عظيم انسان، بهترين ليکڪ ظاهري طور تي اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي. اي ڪاش جي اڄ هُو مون سان گڏ هجي ها ! يقينن ڏاڍو خوش ٿئي ها. ۽ منهنجو ڪتاب هٿن ۾ ڏسي مونسان پيار ڪري ها.

    ڀائرن جهڙو دوست، ’مرڪ پبليڪيشن‘ جو سرواڻ مرتضى لغاري، جنهن هن ڪتاب کي پنهنجي پيار ۽ محنت سان حقيقت جو روپ ڏئي مرڪ پبليڪيشن پاران پڌرو ڪيو، آئون سندس ٿورائتو آهيان. ان کان علاوه سائين ’علي دوست عاجز‘ جا وڏا وڙ، جنهن پنهنجي مصروفيت هوندي به هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو. ساڳي ريت منهنجي سائين ’عبدالغفار تبسم‘ جا به لک احسان جنهن هن ڪتاب تي مختصر تاثر لکيو. منهنجو عزيز ’پريتم قاضي‘ جيڪو رشتيداري کان علاوه منهنجو سٺو دوست آهي، جنهن تاثراتي نوٽ به لکيو ۽ ڪتاب شايع ٿيڻ جي آخري مرحلي تائين سهڪار جاري رکيو. ان جا به وڏا وڙ. ان کان علاوه منظور منگي، سميع ساجد جوڻيجو، عبيد ڪٽپر، ۽ سانئڻ عائشه ميمڻ صاحبه جا به لک ٿورا جنهن هن ڪتاب جي بيڪ پيج لاءِ مختصر تاثر لکڻ ۾ خوشي محسوس ڪئي.
    ٿورا مونتي ٿورا ناهن، ساجن جا،
    جي نه سگهان ٿو لاهي پوءِ به ڳايان گيت.
    (انجم)


    انجم قاضي
    نئون ديرو
    03342778935


    غزل

    جيون جو ڪو هاڻي اهڙو رستو ڪونهي ڪو،

    جيون جو ڪو هاڻي اهڙو رستو ڪونهي ڪو،
    جنهن ۾ تنهنجي ياد مٺي يا الڪو ڪونهي ڪو.

    اهڙو آيو وقت اسان تي هاڻي جو سانئڻ،
    پنهنجي اکين ۾ ثابت ڪوئي سپنو ڪونهي ڪو.

    ڇو ايڏو ٿي ڏور وڃون ٿا هڪ ٻئي کان ٿيندا،
    شايد پاڻ ٻنهي هڪ ٻئي کي سمجهو ڪونهي ڪو.

    پنچائت ۾ ويهي مون ڪلهه ايئن محسوس ڪيو،
    نانءُ جا آهن رشتا سارا پنهنجو ڪونهي ڪو.

    هيمون اڄ ڀي اونچو آهي سنڌ جي نقشي ۾،
    گدارن جو تاريخن ۾ درجو ڪونهي ڪو.

    عمر سڄيءَ جي مزدوريءَ مان ڪاٿي ڪو نه مليو،
    سچ آ واقعي جيئڻ ايڏو سستو ڪونهي ڪو.

    مرڪي ”انجم“ جي شعرن کي تو جيئن داد ڏنو،
    ان کان وڌ ان لئه ٻيو ڪوئي تمغو ڪونهي ڪو.
    **


    هُن سان گهاريل ڪنهن گهڙيءَ جهڙي نه هئي،

    هُن سان گهاريل ڪنهن گهڙيءَ جهڙي نه هئي،
    زندگي ئي زندگيءَ جهڙي نه هئي.

    ڪيتريون سهڻيون هيون ميلي ۾ پر،
    ڪا به منهنجي سانوريءَ جهڙي نه هئي.

    رقص ۾ پنهنجا لڪائي درد ها،
    دل مگر هيءَ نرتڪيءَ جهڙي نه هئي.

    ڪيترو چاهيو هُيو ته به زندگي،
    اُڀ تي اڏندڙ پکيءَ جهڙي نه هئي.

    زلتون، در، در ڌڪا، بي واجبيون،
    ته به ڪا نعمت زندگيءَ جهڙي نه هئي.

    مون چکي ماکي مٺي ڏاڍي هئي،
    پو به تنهنجي دوستيءَ جهڙي نه هئي.

    مون گهمي ”انجم“ ڏٺي هن شهر جي،
    ڪا گهٽي هن جي گهٽيءَ جهڙي نه هئي.
    **


    اڳلي پل جي ناهه خبر ڪا، تڪڙو تڪڙو آءُ،

    اڳلي پل جي ناهه خبر ڪا، تڪڙو تڪڙو آءُ،
    گڏجي گڏجي گهاريون لمحا، تڪڙو تڪڙو آءُ.

    کڄندو ٿو ويساهه وڃي، پيو رتُ جي رشتن تان،
    ها پر توسان ٻيا ڪي رشتا، تڪڙو تڪڙو آءُ.

    رستي رستي دهشت گردي، رستي رستي خوف،
    ڪيڏا دل کي خدشا کُٽڪا، تڪڙو تڪڙو آءُ.

    ننڍڙي ننڍڙي هيءَ حياتي، ڏاڍي ننڍڙي آ،
    آءُ ڪريون سڀ پَلَ هي اُجرا، تڪڙو تڪڙو آءُ.

    جيڪي آهن خواب سجايا، پنهنجي اکڙين ۾،
    سپنا سي تعبير گهرن ٿا، تڪڙو تڪڙو آءُ.

    جيڏا ماڻهو، تيڏيون ڳالهيون، ويٺو ڳوٺ ڪري،
    تير لڳن ماڻهن جا جملا، تڪڙو تڪڙو آءُ.

    جيڪا هاڻي آهي ”انجم“ سائي پنهنجي آ،
    ويل نه موٽي ايندي آ سا تڪڙو تڪڙو آءُ.
    **


    ٻڏي ڪشتي اچانڪ وئي ڪنارن کي نه پهتاسين،

    ٻڏي ڪشتي اچانڪ وئي ڪنارن کي نه پهتاسين،
    ويون لهرون ڪري اغوا، پڪارن کي نه پهتاسين.

    جتي دل جي خلوصن جي نه ڪا اهميت هجي اُتڙي
    اسان سادا سچا ماڻهو، سهارن کي نه پهتاسين.

    ڪنڊا راهون هيون ساريون، مسلسل پنڌ هو پنهنجو،
    خزان کان ٿورڙو اڳتي، بهارن کي نه پهتاسين.

    نه ڪائي ڪاڪ جي مومل، نه ڪا سهڻي به حاصل ٿي،
    اندر ۾ چاهتن هوندي به، پيارن کي نه پهتاسين.

    کٽي سين کيپ ڪائي ۽، نه ئي ٻيو ڪارنامو ڪيو،
    حياتي ڀر ڪڏهن گلڙن جي هارن کي نه پهتاسين.

    وياسين جيئن بلندي تي، وڃن تيئن ڏور ٿيندا ٿا،
    ڪيون سين ڪوششون ڪيڏيون، ستارن کي نه پهتاسين.

    جنوني عشق آ پنهنجو، رولي ٿو روح کي ”انجم“
    رڳو هي بيقراري آ، قرارن کي نه پهتاسين.
    **


    ڪالهه جو آيس توڏي رستو، ڀاڪُر پائي سُڏڪي پيو،

    ڪالهه جو آيس توڏي رستو، ڀاڪُر پائي سُڏڪي پيو،
    وک وک تي ڄڻ ڪوئي صدمو، ڀاڪر پائي سُڏڪي پيو.

    ڪهڙي ڪم جو ٿيندو جيون، تنهنجو پيار نه پاتو جي،
    حسرت ماريل هڪ هڪ لمحو، ڀاڪر پائي سُڏڪي پيو.

    دوکي وارو دين کڻي جيئن، پير پليتن پاتا ها،
    سنڌ امڙ جو رستو رستو، ڀاڪر پائي سُڏڪي پيو.

    واڪ لڳا پئي جسمن جا ۽، محبت ٿي هُئي، بي معنى،
    صاف سچارو دل جو رشتو، ڀاڪر پائي سڏڪي پيو.

    ڪيڏا گهرا درد ٻُڌائي، پنهنجائپ مان ”انجم“ کي،
    ويٺي ويٺي ڏُک مان پوڙهو، ڀاڪر پائي سڏڪي پيو.
    **


    پنهنجي وچ ۾ جي فاصلا هوندا،

    پنهنجي وچ ۾ جي فاصلا هوندا،
    سمجهه پوءِ دل ۾ زلزلا هوندا.

    ڀل وڃون ڪيترو پري پوءِ ڀي،
    ڪنهن نه ڪنهن رشتي واسطا هوندا.

    توڙي هر چيز ئي وڃي لٽجي،
    عشق ۾ پوءِ به فاعدا هوندا.

    هاڻ هر موڙ تي لڳي ٿو ڄڻ،
    درد جا ساڻ قافلا هوندا.

    پاڻ کي سڀ قبول ڪرڻا هن،
    وقت جا جي به فيصلا هوندا.

    ڪنهن نئين روپ ۾ اچي سامهون،
    ڪيترا بيٺا حادثا هوندا.

    ڪيئن ”انجم“ جيُ پوءِ ڀلا سگهندو،
    جي نه پنهنجا ته رابطا هوندا.
    **


    وجود واسجي ويو، هي پيار ڄڻ گلاب آ،

    وجود واسجي ويو، هي پيار ڄڻ گلاب آ،
    مسين مليو سڪون آ، پورو ٿيو خواب آ.

    ڏسئون ته پير پائي ڙي، ڏسئون ته عشق ڇاهي ڙي،
    نئون نئون ڪلاس آ، نئون نئون نصاب آ.

    وڃي ڪندو ٿو ڪاهه پيو، اندر ۾ ڀڃّ ڊاهه پيو،
    جهڪو نه ٿو ٿئي اڃان، شديد هي عذاب آ.

    مطالعو ڪيان پيو، مشاهدو ٿيو نه آ،
    عجيب فلسفو سڄو، عجيب ڄڻ ڪتاب آ.

    نه ڄاڻ پيچرا نوان وٺي وڃن ڪٿي مون کي،
    وڏي ته زور شور سان، وڌيو مون ڏي سيلاب آ.

    رڳو ئي رُڃ ڌرتتي، نه ڪوئي ماڳ جو پتو،
    کٽي ئي پنڌ ڇو نه ٿو، سراب ئي سراب آ.
    **


    زندگيءَ کان زندگي گُم ٿي وئي،

    زندگيءَ کان زندگي گُم ٿي وئي،
    هٿ ڇڏائي هر خوشي گُم ٿي وئي.

    موجَ ۾ ٿي بيخبر انجام کان،
    سمنڊ ۾ هڪڙي ندي گُم ٿي وئي.

    تيز ڊوڙيندي حياتي پئي وئي،
    هڪ گهڙيءَ ۾ ٻي گهڙي گُم ٿي وئي.

    مون کڻي پيرا ڏٺا جي پوئتان،
    مقصدن ۾ دوستي گُم ٿي وئي.

    ريڊيو اخبار ۾ آئي خبر،
    ٿي چري هڪ ڇوڪري گُم ٿي وئي.

    واعدا، اعلان واپس سڀ وٺي،
    اوچتو ئي رهبري گُم ٿي وئي.

    رات ”انجم“ تيز تر طوفان ۾،
    هڪ ڪکائين جهوپڙي گُم ٿي وئي.
    **


    مڃجي ٿو هر شيءَ جي پنهنجي اهميت هوندي آ،

    مڃجي ٿو هر شيءَ جي پنهنجي اهميت هوندي آ،
    ها پر ماڻهوءَ لاءِ ضروري عزت هوندي آ.

    کوڙ مطالعا، کوڙ مشاهدا، پاڻ ڪيا آهن،
    سڀ کان ڏاڍي سهڻي سچ جي صُحبت هوندي آ.

    مظلومن، مجبورن سان ٿو، جيڪو ڏاڍ ڪري،
    تنهن تي پڌري پڌري پنهنجي لعنت هوندي آ.

    سارا رشتا ڀائيندا هن من کي واقعي ڀي،
    سڀ کان پياري ماڻهو کي پر محبت هوندي آ.

    جيڪو کائي سنڌ جو، پو به سنڌ سان وير رکي،
    اُن ماڻهو سان ويريءَ کان وڌ نفرت هوندي آ.

    سي ئي وڏو سرمايو ٿين ٿا تاريخن جو،
    جن ۾ جواڻ جماڻ سدائين جرئت هوندي آ.

    سارا ئي ڪم ڪار وڃن وسريو مون کان ”انجم“
    جڏهن به منهنجي آڏو تنهنجي صورت هوندي آ.
    **


    روح ۾ سي نه راحتون آهن،

    روح ۾ سي نه راحتون آهن،
    عشق جون پو به عادتون آهن.

    نفرتن ۾ گذارجن ڇو پوءِ،
    مختصر ئي ته ساعتون آهن.

    آءُ جيڪي کڻين، کڻي وڃ تون،
    اڻ کٽيون من ۾ محبتون آهن.

    اک ۾ ڳوڙها خيال ۾ گُم سُم،
    عشق جون ئي علامتون آهن.

    ڪيترا عيب ڀي چڱا ٿا لڳن،
    قرب جون سڀ ڪرامتون آهن.

    مون دعائون گهريون محبت جون،
    پر نصيبن ۾ نفرتون آهن.

    تون نه آهين ته هاڻ ”انجم“ ڪيون
    درد تنهنجي سان دوستيون آهن.
    **


    ٿئي ٿو جي، ٿئي ڀلي جان ٿئي، اهو نقصان جو خطرو،

    ٿئي ٿو جي، ٿئي ڀلي جان ٿئي، اهو نقصان جو خطرو،
    مگر خود کان نه ڪو ٿيندو، کنيون ايمان جو خطرو.

    خدا انسان کي ڪيڏو، ڏنو آ مان دنيا ۾،
    اهو انسان دنيا ۾ ٿيو انسان جو خطرو.

    عمر ساري سنڀاليندو، رهيو جي ساهه پنهنجي ۾،
    ڏٺو پنهنجو اهو ڌَنُ ئي، بڻيو ڌنوان جو خطرو.

    پئي روئي ٿي رُت ڏک مان، ڪٿي گُم ٿي وئي محبت،
    ڪري گهر دل ۾ نفرت وئي، وڌيو سرطان جو خطرو.

    انهيءَ ڪردار تي لعنت، رکي تاريخ آ پڙهجو،
    بڻيو جو سنڌ جي آهي، مٽيءَ جي مانُ جو خطرو.

    اسان ”انجم“ قدم پنهنجا وڌايا ها سي جنهن پاسي،
    رهيو وک وک اڳيان پنهنجي سدا طوفان جو خطرو.
    **


    جملو جملو سوڳ ۾ مون سان هيو،

    جملو جملو سوڳ ۾ مون سان هيو،
    ڄڻ ته لهجو سوڳ ۾ مون سان هيو.

    توڏي ايندين ڪالهه مون محسوس ڪيو،
    رستو رستو سوڳ ۾ مون سان هيو.

    سڀ ٽُٽي رشتا ويا پر پوءِ ڀي،
    هڪڙو رشتو سوڳ ۾ مون سان هيو.

    مان اڪيلو ئي رهيس هر موڙ تي،
    ڪو نه منهنجو سوڳ ۾ مون سان هيو.

    جو ڪري ڪاهون هليو آيو هيو،
    سوئي صدمو سوڳ ۾ مون سان هيو.

    هُن جي نيڻن جو ڪيو اڀياس جيئن،
    ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾ مو ن سان هيو.

    درد ”انجم“ جو نه گهٽجي هو سگهيو،
    لمحو لمحو سوڳ ۾ مون سان هيو.
    **


    هن کان هاڻي ڏاڍو ڏور، هليو وڃبو،

    هن کان هاڻي ڏاڍو ڏور، هليو وڃبو،
    ڪيسيتائين سهبو سور، هليو وڃبو.

    ڀُلجي هتڙي، ڀلجي اچبو ڪو نه ڪڏهن،
    پاڻ ئي ڀلجي ويندو پُور، هليو وڃبو.

    کلندي کلندي آخر سهڻيءَ دنيا مان،
    ٿيندو هڪڙو ڏينهن ضرور، هليو وڃبو.

    ڏينهن، مهينا، سال ويا ٿي ڪو نه ويو،
    ساڻ کنيون هي دل جو سور، هليو وڃبو.

    ڪو نه قدر ڪيو وقت ڪڏهن ديوانن جو،
    ڏور هتان کان ”انجم“ ڏُور، هليو وڃبو.
    **


    جڏهن گيت ڪي مان لکان ٿو پنن تي،

    جڏهن گيت ڪي مان لکان ٿو پنن تي،
    ته ڄڻ عڪس پنهنجو چٽيان ٿو پنن تي.

    نه ٺاهي سگهيس مان ڪو گهر ڪنهن جي دل ۾،
    اڃا تائين تنها رُلان ٿو پنن تي.

    نه ٿي دل هي ڀرجي نه ٿي سڪ هي گهٽجي،
    لکي نانءُ تنهنجو چمان ٿو پنن تي.

    نه کولي ڪڏهن تو پڙهيو مون کي ڀُلجي،
    مان بند ڊائري جي رهان ٿو پنن تي.

    خيالن پنهنجن کي سهيڙي ٿو ”انجم“
    لکي شاعري مان رکان ٿو پنن تي.
    **


    ٿي ويون سڀ رونقون خاموش هِن،

    ٿي ويون سڀ رونقون خاموش هِن،
    امن کان خالي گهٽيون خاموش هِن.

    نفرتون ڪاهون ڪري آيون هليون،
    ٿي ويون ساريون دليون خاموش هن.

    موج درياءَ جي ڪٿي گُم ٿي وئي،
    ديس پنهنجي جون ٻنيون خاموش هن.

    ڪو نه ڪو آواز ٿو ڪاٿان اچي،
    ٿي زبانون ڇو ويون خاموش هن.

    شخص هڪ ماريو سري بازار ويو،
    سوڳ ۾ اڄ ٿيون ڳليون خاموش هن.

    ڪو به پائي ڪو نه ٿو جهاتيون ڏسي،
    درَ درين جون ڄڻ وٿيون خاموش هن.

    ڄڻ وڇائي ڪوئي اوندهه آ ويو،
    چئو طرف ”انجم“ بتيون خاموش هن.
    **


    آڱرين سان اچي جيئن مليون آڱريون،

    آڱرين سان اچي جيئن مليون آڱريون،
    پاڻ ۾ پوءِ ٻکجي پيون آڱريون.

    تو ڇڏي هٿ منجها هٿ چيو ’الوداع‘
    هڪ ٻئي کان جدا ٿي رُنيون آڱريون.

    مون جڏهن ڀي لکيو سنڌ جي سور تي،
    سُور مان سُڏڪنديون هي رهيون آڱريون.

    ياد اڄ ڀي اٿم پوئتان تو اچي،
    منهنجي اکين تي پنهنجون رکيون آڱريون.

    ڪنهن اچانڪ ڏسي ڪالهه ورتو توکي،
    جنهن سمي تو دريءَ مان کنيون آڱريون.

    ساٿ تنهنجي سوا هاڻ” انجم“ کي ٿيون،
    ڄڻ لڳن پنهنجون ڇوريون ڇنيون آڱريون.
    **


    اصولن، ارادن، عزم جي ڪهاڻي،

    اصولن، ارادن، عزم جي ڪهاڻي،
    پڙهي ڪو نه ڪنهن هئي قلم جي ڪهاڻي.

    ملي جي نه انصاف انسان کي ٿو،
    مڃون پوءِ ڪهڙي ڌرم جي ڪهاڻي.

    سَلي عشق پنهنجو سگهياسي نه ٻيئي،
    اچي وچ ۾ ويئي شرم جي ڪهاڻي.

    رڳو ڊوهه، ڌوڪا، مليا هر قدم تي،
    ڪجي ويهي ڪنهن محترم جي ڪهاڻي.

    پنهنجي ذات تائين ها محدود سارا،
    ٻُڌي ڪنهن به ڪنهن جي نه غم جي ڪهاڻي.

    جسم جو زخم ڀرجي”انجم“ ويو پر،
    اڃا ياد آ تنهن زخم جي ڪهاڻي.
    **


    جيئين رات ٿي ۽ کڙيا ها ستارا،

    جيئين رات ٿي ۽ کڙيا ها ستارا،
    بيهي تنهنجي گهر تي رهيا ها ستارا.

    ڪندا جيڪي روشن ها جيون اسانجو،
    وڃائجي اُهي سڀ ويا ها ستارا،

    تڏهن پاڻ محسوس سرهو ڪيو هو،
    جڏهن تنهنجا منهنجا مليا ها ستارا.

    چڱا ڏينهن ايندا، ڏينهن ۾ اجهو ئي،
    مون اخبار ۾ ڪلهه، پڙهيا ها ستارا.

    وڃي پنهنجي ڪمري ستينءِ جيئن توکي،
    ۽ جاري مان ڏسندا رهيا ها ستارا.

    نه پهچي سگهياسين انهن تائين ”انجم“
    اسان کان مٿي هو گهڻا ها ستارا.
    **


    نا واقف سڀ درد هي پنهنجا ترسي پيا آهن،

    نا واقف سڀ درد هي پنهنجا ترسي پيا آهن،
    لاڳيتو ئي اک ۾ ڳوڙها ترسي پيا آهن.

    توسان گڏ گڏ تڪڙو گذري، ڪيڏو وقت ويو،
    توکان ڌار هي ساجن لمحا، ترسي پيا آهن.

    ڏاڍو مون سمجهايو دل کي تنهنجي در تي، پر!
    پير اچانڪ پوءِ به منهنجا، ترسي پيا آهن.

    جنهن جو جواڻ جماڻ جوانيءَ ۾ پُٽ ماريو ويو،
    ان جيجل جي جهول ۾ پِٽَڪا ترسي پيا آهن.

    بند اکيون اورانگهي جيڪي آنڌيءَ ۾ آيا،
    تعبيرن جي آس ۾ سپنا ترسي پيا آهن.

    ڪهڙا ڪهڙا پاڻ سنڀاليون هاڻي اي ”انجم“
    آڌر ڀاءَ لئه وک وک صدما ترسي پيا آهن.
    **


    پيڙائن مان گذريا آهيون،

    پيڙائن مان گذريا آهيون،
    پاڻ تڏهن ئي اُسريا آهيون.

    ڪيڏا گذري ڏينهن ويا هن،
    گڏجي يار نه مرڪيا آهيون.

    توسان ملندي ماڪ ڀنيءَ جي،
    گلڙن وانگي نکريا آهيون.

    ڌرتي تنهنجي ويرين جي لئه،
    باهيون بڻجي ڀڙڪيا آهيون.

    سارو جيون پل ڀي هڪڙو،
    ڪو نه ڏکن کان وسريا آهيون.

    جائي، پائي ڇا ڏس توکان،
    واقعي ڀي وسري ويا آهيون.

    جيون گهاٽي جهنگل جهڙو،
    رستي ۾ ڦاسي پيا آهيون.

    ايندا نيٺ هلي سي ”انجم“
    جنهن لئه جڳ ۾ ترسيا آهيون.
    **


    درد جيسين ڪو نه ٿو پنهنجو ڪري،

    درد جيسين ڪو نه ٿو پنهنجو ڪري،
    ڪيئن تخيل پوءِ ٿو سرجي سگهي.

    مون ڏٺو ڪڪرن جي اڄ هُو اوٽ ۾،
    چنڊ ٿو ڪائي بتي ننڍڙي لڳي.

    ايترا ٿيا درد واقف پاڻ کان،
    ڪو اڳيان ۽ ڪو پٺيان بيٺو سڏي.

    مَنُ سچي شاعر جو گهرو سمنڊ آ،
    جو لُڇي ٿو گيت لهرُن ۾ لکي.

    مون پڙهيو ڪائنات جي تاريخ کي،
    پيار سڀ کان ٿو وڏي اهميت رکي.

    ڪيترو لُڙُ، هن هجومَ وچ ۾ آ،
    ڪير آهي ڪنهن جا جو سڏَ ٿو ٻڌي.

    پاڻ جيئنداسين پيا هر حال ۾،
    بس رُڳو هڪ ڀروسو قائم رهي.

    سڀ وڃن ”انجم“ کي وسري سور ٿا،
    جنهن سمي ٿو پيار مان ڀاڪر ڀري.
    **


    ايئن آهي پاڻ گهاري زندگي،

    ايئن آهي پاڻ گهاري زندگي،
    ڄڻ بتيءَ وانگي ته ٻاري زندگي.

    لاشعوري لُڙڪ منهنجا پيا وهي،
    مون جڏهن پنهنجي نهاري زندگي.

    پاڻ کان پنهنجي سنڀالي ڪين وئي،
    آيا آهيون ڄڻ وساري زندگي.

    تون جڏهن ڀي هٿ ڇڏائي وئين هلي،
    زهر سمجهي سا هئي هاري زندگي.

    اذيتون سهندي به هر ماڻهوءَ کي،
    ٿي لڳي ڏاڍي پياري زندگي.

    ڪيترو هڪ هڪ چيو ته به ڪو نه مان،
    ٿي سگهيس تبديل ساري زندگي.

    هو ڏسو ”انجم“ کي چاهن درد ٿا،
    ٿي سدا گڏ گڏ گذاري زندگي.
    **


    منهنجي لئه سا خودڪشي جهڙي هئي،

    منهنجي لئه سا خودڪشي جهڙي هئي،
    جا گهڙي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    درد جيون تي سدا قابض رهيو،
    هر خوشي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    جيئن وڌيو طوفان مون ڏي اوچتو،
    روشني مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    پيار وارن پيچرن تي هڪ هُئي،
    ڇوڪري مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    ڪيتري پياري رکيم پر پوءِ ڀي،
    زندگي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    سامهون آيو ڏکن جو رڻ جڏهن،
    دوستي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    تون ملينءَ ”انجم“ کي پو احساس ٿيو،
    هر ڪَمي مون کي ڇڏي ويئي هلي.
    **


    مَن اسان جو، جون جي جيئن ڌرتتي،

    مَن اسان جو، جون جي جيئن ڌرتتي،
    ڇا ڪندي پو مينهن جي هڪڙي ڪڻي.

    محبتون قائم رهن ٿيون جيڪڏهن،
    ٿي پوي آسانُ پو ٿي زندگي.

    پيار جي دنيا جو پنهنجو رنگ آ،
    درد ۾ ڀي ڏي مزو ٿي عاشقي.

    عمر جي ميراث ٿي ڄڻ سا لڳي،
    جا گذاري پاڻ هئي گڏجي گهڙي.

    پنهنجي مزدوري نه پوري پيٽ ۾،
    ڪيئن وٺون بازر مان پئسن تي خوشي.

    تون نه آهين منهنجي جيون ۾ مٺي!
    ٿي لڳي من جي گهٽي ڪيڏي ٻُسي.

    پاڻ ئي ڄڻ پاڻ کان بيزار ٿي،
    پنهنجي طبيعت ۽ مزاجي سادگي.

    ڪير ايئن ”انجم“ نڀائي ٿو جيئن،
    درد ماڻهوءَ سان نڀائي دوستي.
    **


    هوءَ جڏهن ڀي ڇوڪري مونسان ملي،

    هوءَ جڏهن ڀي ڇوڪري مونسان ملي،
    ڄڻ لڳي ٿو زندگي مونسان ملي.

    مون شهر جي هر گهٽي جاچي ڏٺي،
    ڪا نه هئي ڪائي خوشي مون سان ملي.

    رات مون کولي پڙهي جو زندگي!،
    درد جو مضمون ٿي مون سان ملي.

    شام هن جي در اڳيان گّذريس جئين،
    سڏڪندي ڄڻ هير هئي مون سان ملي.

    ڪنهن به رستي تي نه هو وڻ جو وجود،
    هر قدم تي ڌرتتي مون سان ملي.

    ڪيترو صدمو رسيو دل کي هيو،
    جنهن سمي ٿي اوپري مون سان ملي.

    ڪو نه آئي ڪيترا ٿي ڏينهن ويا،
    سوڳ ۾ ريشم گلي مون سان ملي.

    ٿي وڃي اونداهه ۾ گُم ٿي نظر،
    ڪو نه ”انجم“ روشني مون سان ملي.
    **


    ڪيڏي ٿي وئي رات ستارا جاڳن ٿا،

    ڪيڏي ٿي وئي رات ستارا جاڳن ٿا،
    تن سان گڏجي ڪي دل وارا جاڳن ٿا.

    عمر وئي گذري آهي پر ڪو نه ستا،
    لاڳيتو ئي درد، مونجهارا جاڳن ٿا.

    پاڻ دفن ٿي ويا هن توڙي مٽيءَ ۾،
    سچا ته به ڪردار پيارا جاڳن ٿا.

    پاڻيءَ کي آ قيد ڪيو ويو ڊيمن ۾،
    پياسا سنڌوءَ هيل ڪنارا جاڳن ٿا.

    ڪيئي گذري سال ويا پر ناهي کليو،
    بند ڪمري ۾ ڄڻ ڪي ڄارا جاڳن ٿا.

    ڪاريون ڪاريون ڪڪريون واپس شال ورن,
    ماروئڙن جا نيڻ اڃارا جاڳن ٿا.

    ايندين نيٺ ته موٽي ايندين ”انجم“ ڏي،
    اوسيئڙي ۾ رستا سارا جاڳن ٿا.
    **


    ڇو ائين هر تهوار لڳي ٿو،

    ڇو ائين هر تهوار لڳي ٿو،
    دل تي ڄڻ ڪو بار لڳي ٿو.

    تنهنجي هڪڙي پيار بنا ڄڻ،
    جيون ئي بيڪار لڳي ٿو.

    پنهنجو من ڀي هاڻي سائين،
    موئن جو آثار لڳي ٿو.

    پئسي پويان ماڻهو، ماڻهو،
    پاڻ کان ئي بيزار لڳي ٿو.

    ڪمپيوٽر جي َدور ۾ ڪيڏو،
    سوڙھو هي سنسار لڳي ٿو.

    ڳوٺ سڄي ۾ هڪڙو سهڻو،
    سهڻيءَ کي ميهار لڳي ٿو.

    کلندي روئي پوندو آهي،
    ”انجم“ ننڍڙو ٻار لڳي ٿو.
    **


    ٿي ويس مان بدنام الائي ڇا ٿيندو،

    ٿي ويس مان بدنام الائي ڇا ٿيندو،
    روز لڳي الزام الائي ڇا ٿيندو.

    خاموش رهي هاڻيِ پنهنجي عاشق جو،
    ڏسجانءِ تون انجام الائي ڇا ٿيندو.

    مينديءَ جي مند اڪري ٿي پر ڪونه مُڪو،
    هيل مٺيءَ پيغام الائي ڇا ٿيندو.

    عمر سڄي بس پورهيو ڪيو آ محبت جو،
    دشمن جي ٿيو عام الائي ڇا ٿيندو.

    لفظن جون رنگينون ساريون دور ڪري،
    ليکڪ ٿيو گمنام الائي ڇا ٿيندو.

    اڳتي اڳتي پير رکيا ته به ”انجم“ ها،
    سوچيان ٿو انجام الائي ڇا ٿيندو.
    **


    هيڏو هيڏو، اُن کان هيڏو چاهيان کيس،

    هيڏو هيڏو، اُن کان هيڏو چاهيان کيس،
    لفظ نه اهڙا مون وٽ جيڏو ڀايان کيس.

    ٿورا مون تي ٿورا ناهن ساجن جا،
    جي نه سگهان ٿو لاهي پوءِ به ڳايان کيس.

    جيڏي ڪاوڙ ۾ اڄ ڪلهه هُو رهندو آ،
    ان کان ٻيڻو پيار ڏئي پرچايان کيس.

    ڏاڍي معنى پيار رکي ٿو جيون ۾،
    ٻارُ هُجي ڳل لائي ۽ سمجهايان کيس.

    جيڪا هن جي سار نه ساري ڪوئي پل،
    اهڙيءَ دل کي باهه ڏئي ته جلايان کيس.

    فرض ڪريون منهن موڙيون سچ کان، ۽ جي پوءِ،
    ڪوڙ ڀڀڙ ٿي ڀڙڪي ڪيئن لڪايان کيس.

    هو ڏس جيڪو چنڊ سان گڏ گڏ تارو آ،
    دل چوي ٿي اُڏري ”انجم“ لاهيان کيس.
    **


    پيار پروليءَ جهڙو آ،

    پيار پروليءَ جهڙو آ،
    سنڌي ٻوليءَ جهڙو آ.

    توسان جيڪو ساڻ رهان،
    سو ڏينهن هوليءَ جهڙو آ.

    ڪاوڙ ۾ لهجو تنهنجو،
    لڳندو گوليءَ جهڙو آ.

    ڪنهن به نه گيت امڙ تنهنجي،
    ڳايو لوليءَ جهڙو آ.

    هائي ڪراچي تنهنجو سور،
    جيجل جهوليءَ جهڙو آ.

    انجم! جو منُ زخمي ٿيو،
    ڇوليءَ، ڇوليءَ جهڙو آ.
    **


    مون لئه بالا تر آهي،

    مون لئه بالا تر آهي،
    سانئڻ! تنهنجو گهر آهي.

    ظاهر مرڪون آهن پر،
    جيون هونئن زهر آهي.

    جنهن ۾ تنهنجي سار نه ڪا،
    اهڙو ڪو نه پهر آهي.

    جيڪا پاڻ لڪائي سا،
    سمجهي ڳالهه شهر آهي.

    هيل به دل جي ڌرتيءَ تي،
    برسيو ڪو نه ڪڪر آهي.

    پيار کان خالي، خالي ڄڻ،
    لڳندو منُ ئي بر آهي.

    بي درديءَ سان هر انجم!
    گذريو غم جو قهر آهي.
    **


    خودڪشيءَ جهڙي هئي مون لاءِ سا،

    خودڪشيءَ جهڙي هئي مون لاءِ سا،
    جا گهڙي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    درد جيون تي سدا قابض رهيو،
    هر خوشي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    پئي وڌيو طوفان موڏي اوچتو،
    ۽ بتي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    پيار واري پيچري تي هڪ هئي،
    ڇوڪري مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    ڪيتري پياري رکي مون پوءِ ڀي،
    زندگي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    سامهون آيو ڏکن جو رڻ جڏهن،
    دوستي مون کي ڇڏي ويئي هلي.

    تون ملينءَ ”انجم“ کي هو احساس ٿيو،
    هر ڪمي مون کي ڇڏي ويئي هلي.
    **


    کڻي آئي سوين گڏ گڏ ستارا رات روشن آ،

    کڻي آئي سوين گڏ گڏ ستارا رات روشن آ،
    اوهان جي سار ۾ جهرمر بڻي جذبات روشن آ.

    ڪيان جيئن سنڌ جي ساراهه ٿئي ٿو ساهه تيئن سرهو،
    فخر آ ديس پنهنجي تي ۽ ڏاهي ڏات روشن آ.

    عصُر ويلي سنيها ڪوڪ ۾ ڪوئل ڏنا ويٺي،
    کليون اکيون ڏٺم اجري ڦُٽي پرڀات روشن آ.

    حياتي ئي وئي وسري، رڳو بس ياد آ مون کي،
    گذاري جا هئي گڏجي اها لمحات روشن آ.

    گواهيون ٿيون صديون آڇن، پڙهو تاريخ دنيا جي،
    وڃي هر شيءَ فنا ٿي بس، خدا جي ذات روشن آ.
    **


    منهنجي اک جو ساڳيو الڪو جاڳي ٿو،

    منهنجي اک جو ساڳيو الڪو جاڳي ٿو،
    ڪو نه سُتو آ لمحو، لمحو جاڳي ٿو.

    اڄ ڀي تنهنجي اوسيئڙي ۾ او سانئڻ!
    منهنجي من ڏي ايندڙ رستو جاڳي ٿو.

    بلب بتيون ۽ دروازا سڀ بند ڪري،
    لوڪ سمهي پيو شاعر هڪڙو جاڳي ٿو.

    سارا درد لڪائي تنهنجي سامهون مان،
    ٽهڪ ڏيان پر دل ۾ صدمو جاڳي ٿو.

    گهور ٿين ٿا جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ تان،
    تاريخن ۾ تن جو چرچو جاڳي ٿو.

    ڏينهن وڃن ٿا هفتن ۾ تبديل ٿيو،
    ڇو نه الائي موٽين خدشو جاڳي ٿو.

    تنها تو بن ڪيئن گذاريندو ”انجم“
    کُٽڪي پويان ڪوئي کُٽڪو جاڳي ٿو.
    **


    شام جا پاڇا لڙن ٿا آءُ ني!!

    شام جا پاڇا لڙن ٿا آءُ ني!!
    هو پکي واپس ورن ٿا آءُ ني!!

    ڪين جيءُ سگهندس ڪڏهن توکان سواءِ،
    ڳوٺ جا ماڻهو چون ٿا آءُ ني!!

    روز تنهنجي ياد جي مالها کڻي،
    نيڻ هي رستو ڏسن ٿا آءُ ني!!

    پنهنجي زلفن جي اچي ڪر ڇانوَ ڪا،
    جونِ جا جهولا لڳن ٿا آءُ ني!!

    اوچتو ڪنهن تيز ڄڻ طوفان جان،
    درد ڀي ڊوڙي اچن ٿا آءُ ني!!

    هي جواني سونهن، جوڀن ڏينهنڙا،
    خواب ٿي گذري وڃن ٿا آءُ ني!!

    ڪنهن مٽيءَ جي ٿانوَ جان سپنا به ڄڻ،
    ڀورا ڀورا ٿيو پون ٿا آءُ ني!!

    ڪو پُڇي ”انجم“ جڏهن تنهنجو پيو،
    نير نيڻن مان وهن ٿا آءُ ني!!
    **


    ڏکي دل ته روئي پون ٿيون اکيون،

    ڏکي دل ته روئي پون ٿيون اکيون،
    ڪڻيون مينهن جون ٿي وسن ٿيون اکيون.

    نه ٿا دل تان لاهي انهن کي سگهون،
    ڏسڻ لاءِ جن جي سڪن ٿيون اکيون.

    هزارن لکن ۾ پئي سونهن آ،
    مگر مون کي تنهنجون وڻن ٿيون اکيون.

    نه جن آ سنڀاريو سڄي سال کان،
    اڃا خواب تن جا لهن ٿيون اکيون.

    وجودن کي ورثي ۾ پيڙا ملي،
    ڪيئي ڀوڳنائون ڀوڳِنِ ٿيون اکيون.

    سچائيءَ جو تڏهن پوي ٿو پتو،
    اکين سان جڏهن ڀي ملن ٿيون اکيون.

    نه ٿو سلسلو آرزو جو کٽي،
    قبر ۾ هليون هي وڃن ٿيون اکيون.

    انهيءَ مهل ”انجم“ ٿئي ٿو اداس،
    جڏهن تنهنجا فوٽو ڏسن ٿيون اکيون.
    **


    جنهن جي من ۾ محبت ناهي،

    جنهن جي من ۾ محبت ناهي،
    ان جي ڪاٿي اهميت ناهي.

    ساک کڻان ٿو، پيار اوهان جي،
    جهڙي ٻي ڪا نعمت ناهي.

    وڙهندي ڌرتيءَ لاءِ مئو جو،
    ان جي ويندي شهرت ناهي.

    تنهنجي جهوليءَ ۾ جهٽ روئان،
    دل جي ٻي ڪا حسرت ناهي.

    تنهنجي گهر ۾ ڪائي سانئڻ،
    منهنجي لئه ڇو عزت ناهي.؟

    سڀ گلائون پنهنجي سِر تي،
    پوءِ به ڪنهن سان ڪلفت ناهي.

    ايئن اچي ڪيئن توڏي ”انجم“،
    ان کي ڪائي دعوت ناهي.
    **


    جا نه ٿي گهرڙو اڏي احساس ۾،

    جا نه ٿي گهرڙو اڏي احساس ۾،
    ڳالهه سا ڪهڙي اچي وشواس ۾.

    درد لاڳيتو نڀايو ساٿ آ،
    عمر گذري وئي خوشيءَ جي آس ۾.

    ڇا حقيقت آهي يا منهنجو جنون؟
    عڪس تنهنجو ٿو ڏسان گلاس ۾.

    مون اکين ۾ توکي پاتو هو فقط،
    ڪيئن الائي وئين لهي پوءِ ماس ۾.

    تنهنجي وارن جو مليو جيئن ڇانورو،
    واسجي ويو آ وجود ئي واس ۾.

    مَنَ ملي اڳتي ڪٿي پَلُ ڪو سڪون،
    هل هلي ”انجم“ ڏسون بنواس ۾.
    **


    پيا وڇوڙي ۾ گذاريون ٻئي اسان،

    پيا وڇوڙي ۾ گذاريون ٻئي اسان،
    روز ويٺا نِير هاريون ٻئي اسان.

    پيار پنهنجي تي رواجي بندشون،
    دل تي ٽانڊا پيا ٿا ٻاريون ٻئي اسان.

    آ ويو مهڪارجي جوڀن سڄو،
    ڪيتري هي ڳالهه ٽاريون ٻئي اسان.

    ڇا الائي پيار جو انجام ٿئي،
    جي سچي ڪيون ڳالهيون ساريون ٻئي اسان.

    نيٺ ويندي پاڻ کي منزل ملي،
    آس جا ٿا ديپ ٻاريون ٻئي اسان.

    سهڻي ۽ ميهار جي اچ روپ ۾،
    ڇو نه ”انجم“ پاڻ گهاريون ٻئي اسان.!؟
    **


    سار تنهنجي جون گهليون هيرون هيون،

    سار تنهنجي جون گهليون هيرون هيون،
    درد ۾ مون سان رُنيون هيرون هيون.

    رات سپني ۾ مون سان گڏ گڏ هئين،
    گونچ ٿي ڄڻ ڪي ڦٽيون هيرون هيون.

    ياد ٿئي گڏجي هلون ٻئي سمنڊ تي،
    مينهن جون وسندڙ ڪڻيون هيرون هيون.

    تو کنڊيريا وار پنهنجا واءُ ۾،
    چاهتن ۾ ٿيون چريون هيرون هيون.

    مون سدا محسوس ڪيون هر موڙ تي،
    پنهنجي پياري ڳوٺ جون هيرون هيون.

    ڳالهه ٻي آ ڌرتتي پئي پاند ۾،
    مون دعائن ۾ گهريون هيرون هيون.

    تون ڇڏي ”انجم“ هليو وئين اوچتو،
    سوڳ ۾ مونسان رُنيون هيرون هيون.
    **


    ٻه ٽي لُڙڪ هاريان ته مَنَ غم جهڪو ٿئي،

    ٻه ٽي لُڙڪ هاريان ته مَنَ غم جهڪو ٿئي،
    اوهان کي سنڀاريان ته مَنَ غم جهڪو ٿئي.

    مصيبت ۾ مومن ڳڻيندو مڻيا آ،
    مان بي ورد واريان ته مَنَ غم جهڪو ٿئي.

    رڳو رات ڪاري منجهي ساهه ٿو ڄڻ،
    ڪوئي ديپ ٻاريان ته مَنَ غم جهڪو ٿئي.

    وڃي آخري هي رهيون هن اميدون،
    خدا کي پڪاريان ته من غم جهڪو ٿئي.

    ڪري ڪوششون ٻي وٺان راهه نئين ڪا،
    نوان ساٺ ساريان ته من غم جهڪو ٿئي.

    ماضي حال مايوس گذريو مسلسل!!
    آئيندو گذاريان ته من غم جهڪو ٿئي.

    اداسين وکيري ڇڏيو آهي ”انجم“
    کلي هاڻ گهاريان ته من غم جهڪو ٿئي.
    **


    دل لڳيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي،

    دل لڳيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي،
    زندگيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.

    تون نه ٿي جنهن ڏينهن گذرين تنهنجي ڄڻ،
    پئي گهٽيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.

    ايئن لڳي ٿو روز مون کي چنڊ جي،
    روشنيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.

    ڪيترو گمنام آهيان توسوا،
    هر خوشيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.

    شدتن سان پيار ۽ وشواس جي،
    دوستيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.

    ڪانه برسي ڪا گهٽا ٿر جي مٿان،
    ڌرتتيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.

    ٿي تلاشي آ دميءَ جي خون کي،
    دشمنيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.
    ¬¬¬¬¬¬
    هيتري ”انجم“ محبت پوءِ ڀي،
    عاشقيءَ کي پياس ٿي محسوس ٿئي.
    **


    ناهن سڀ تو جهڙا ماڻهو،

    ناهن سڀ تو جهڙا ماڻهو،
    جڳ جا جهڙا تهڙا ماڻهو.

    هر لمحي ايذاءُ اچي ٿو،
    گهاءُ ڏين ٿا اهڙا ماڻهو.

    سارا رشتا پار ڪري ڄڻ،
    ويندا آهن مٺڙا ماڻهو.

    جيڪي دل تان درد مٽائن،
    ٿورا ٿورا اهڙا ماڻهو.

    ڏاڍو ويجهو ٿيندا آهن،
    ڌار هوندي ڀي هڪڙا ماڻهو.

    ڪاٿي ڪين ڪي ملندئي سائين،
    جڳ ۾ ”انجم“ جهڙا ماڻهو.
    **


    ڳالهه جيڪا نه توکي سگهيس مان چئي،

    ڳالهه جيڪا نه توکي سگهيس مان چئي،
    ڪيئن الاءِ هُلي ڳوٺ ۾ سا وئي.

    پاڻ ڀي اوچتو ٿي وينداسين فنا،
    تيز طوفان ۾ جيئن اڏامي رئي.

    ازيتون پيار کي ٿيون چٽو ڄڻ رکن،
    عشق ۾ درد جي ڳالهه ناهي نئي.

    سا گهڙي منهنجي انمول آهي وڏي،
    تون جڏهن ٿي پوين ڀاڪرين ڀي ڀئي.

    منهنجا سارا ڌوپي درد دل تان ويا،
    هيل محبت اچي جيئن ڏنئي اڻ مئي.

    ڪو نه وسري سگهيون ڪوششن باوجود،
    وقت اهڙيون به آ ساعتون ويو ڏئي.

    روز جيون جا حالات ”انجم “ کڻي،
    زندگي ماڳ پنهنجي ڏي وڌندي وئي.
    **


    نينهن جي ڄڻ نکار جهڙو آ،

    نينهن جي ڄڻ نکار جهڙو آ،
    من اسان جو به ٻار جهڙو آ.

    تنهنجو سڏڪو ڪڙي زهر وانگي،
    ٽهڪ ماکيءَ جي لار جهڙو آ.

    ڇو نه ٿو هيڪلو ڇڏي مون کي،
    درد تنهنجي ئي سار جهڙو آ.

    جيڪو توکان پري پري آهيان،
    لڳندو سو ڏينهن هار جهڙو آ.

    پاڻ کي پنهنجو ٿو لڳي جيون،
    ڪنهن سڪل ڄڻ ته ڏار جهڙو آ.

    جو به توساڻ مون گذاريو آ،
    سو ئي لمحو قرار جهڙو آ.

    تو نه محسوس ڪيو ڪڏهن ”انجم“
    ڳوڙهو ڳوڙهو ميار جهڙو آ.
    **


    گهڙي توکان هڪڙي وٿي ٿو ڪريان،

    گهڙي توکان هڪڙي وٿي ٿو ڪريان،
    لڳي ٿو ته ڄڻ خودڪشي ٿو ڪريان.

    اهو عشق تنهنجي جو آ معجزو!
    وڃائي مان سڀ ڪجهه خوشي ٿو ڪريان.

    ڪندو پار حد ڄڻ وڃي پيار ٿو،
    غلط ڀي لڳي ٿو صحيح ٿو ڪريان.

    ويهي پينگهه تي آنءُ وڻ جي هيٺان،
    تنهنجي ياد سان ڪچهري ٿو ڪريان.

    لڳي هونئن ته اگري پئي زندگي،
    محبت تنهنجي سان مٺي ٿو ڪريان.

    توکي پائي محسوس ”انجم“ ڪيو،
    سڦل هيءَ حياتي سڄي ٿو ڪريان.
    **


    تو بنا ايئن زندگي گذري هئي،

    تو بنا ايئن زندگي گذري هئي،
    ڄڻ سزا ۾ هر گهڙي گذري هئي.

    نيٺ ڳوڙها پيا وهي منهنجا ته اڄ،
    تنهنجي گهر جي جيئن گهٽي گذري هئي.

    واٽ کي ئي واس ڄڻ ويڙهي ويو،
    جنهن به رستي سانوري گذري هئي.

    جيئن نظر پئي اوچتو مون تي هئس،
    سڏڪندي ڀَرَ مان مٺي گذري هئي.

    ڇو الائي منهنجي جيون کان سدا،
    اوپري ٿي هر خوشي گذري هئي.

    ڪيتري بيڪار بي معنى لڳي،
    جا پري توکان گهڙي گذري هئي.

    ڇانوَ ڪائي ڀي نه هئي ”انجم“ مٿان،
    راهه هر هڪ ڌرتتي گذري هئي.
    **


    هيا هونئن ته ڪيئي هزارن لکن ۾،

    هيا هونئن ته ڪيئي هزارن لکن ۾،
    مگر ڪو به تارو نه پنهنجو گگن ۾.

    فليٽن مان بدبوءِ غيريت جي آئي،
    مليون محبتون بس ڪکاون گهرن ۾.

    جيڪا تنهنجي ڀاڪر ۾ محسوس ڪئي مون،
    ملي ڪين خوشبو ڪا اهڙي گلن ۾.

    پري پلُ به ناهين ڪو مون کان مٺي تون،
    سمائي ڇڏيو مون آ توکي اکين ۾.

    وئي زندگي آ، هي اجري ٿي منهنجي،
    وڏو معجزو آهي تنهنجي چمين ۾.

    انهن جي نه ڪائي به تشبيهه ”انجم“!
    لهي جي ويا روح جي هن تهن ۾.
    **


    لهجي لهجي جي ٻي معنى،

    لهجي لهجي جي ٻي معنى،
    جملي جملي جي ٻي معنى.

    سارا رشتا سهڻا هن پر،
    دل جي رشتي جي ٻي معنى.

    دردن جا سَوَ روپ ٿين ٿا،
    سڪ جي سڏڪي جي ٻي معنى.

    ظاهر ۾ سڀ پنهنجا آهن،
    ها، پر پنهنجي جي ٻي معنى.

    شايد اڄ هو اچڻو آهي،
    دل جي دهڪي جي ٻي معنى.

    وقت مڙئي گذري آ ويندو،
    اهنجي، سهنجي جي ٻي معنى.

    اڄ ڪلهه ساڳيو ناهي ”انجم“
    آهي لهجي جي ٻي معنى.
    **


    اوهان جي پٺيان جيئن ويون هن اکيون،

    اوهان جي پٺيان جيئن ويون هن اکيون،
    اڃان ڪو نه واپس وريون هن اکيون.

    ڪٿي ٿڪ وڃي هاڻ ڀڃينديون ڏسئون،
    حياتي هي، پنهنجون رليون هن اکيون.

    الائي ته ڇاڇا ٿيون ڏسنديون رهن،
    جڏهن کان اسان جون کليون هن اکيون.

    ڪيئي روپ ٻهروپ ماڻهو رکن،
    سڃاڻي نه ماڻهو سگهيون هن اکيون.

    رکي چپ چميون جن کي ڏيندو هئين،
    مٽيءَ ۾ سي گُم ٿي ويون هن اکيون.

    اچو هاڻ تڪڙو اوهان لاءِ ئي،
    اسان پنهنجون کولي رکيون هن اکيون.

    واچوڙو وڪوڙي ويو آ وجود،
    ۽ الجهي مٽيءَ ۾ پيون هن اکيون.

    ڪٿي ننڊ نيڻن کي آئي گهڙي،
    اوجاڳن ۾ ”انجم“ چٽيون هن اکيون.
    **


    روز کان وڌ روز، گهرو پيار ٿيندو ٿو وڃي،

    روز کان وڌ روز، گهرو پيار ٿيندو ٿو وڃي،
    شخص هڪڙو عشق ۾، بيڪار ٿيندو ٿو وڃي.

    جيترو تو، مون لڪايو، پاڻ کي پئي لوڪ کان،
    اوترو ئي نينهن ڄڻ، نروار ٿيندو ٿو وڃي.

    مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل سچو هڪ آدمي،
    پاڻ کان خود پاڻ ئي بيزار ٿيندو ٿو وڃي.

    سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ آ پورو، ڪير ٿو ڪنهن جي ٻُڌي!؟
    سوڙهه ۾ سوڙهو سڄو سنسار ٿيندو ٿو وڃي.

    مون محبت پئي ڪئي دل جي خوشيءَ جي واسطي،
    ۽ هو منهنجي لاءِ ڇو آزار ٿيندو ٿو وڃي.!؟

    ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي روئي پيو ”انجم“ پئي،
    ڄڻ طبيعت ۾ سفا ڪو ٻار ٿيندو ٿو وڃي.
    **


    وهه جيان هر گهڙي ٿي لڳي،

    وهه جيان هر گهڙي ٿي لڳي،
    زندگي ئي ڪڙي ٿي لڳي.

    روز هي درد لمحن مٿان،
    ڄڻ تکي ڪاتڙي ٿي لڳي.

    پيار ناهي ته پوءِ زندگي،
    ڪا سڙيل جهوپڙي ٿي لڳي.

    منهنجي نيڻن جي ڀاڪر ۾ آ،
    سار بي ساهڙي ٿي لڳي.

    هڙَ سهارا وڃائي ڪٿي،
    دل چري وائڙي ٿي لڳي.

    جنهن سمي ٿو ڀرين ڀاڪرين،
    سا گهڙي سوکڙي ٿي لڳي.

    تون نه آهين ته ”انجم“ اداس،
    چانڊوڪي راتڙي ٿي لڳي.
    **


    پيو پڙلاءُ اڻڄاتو،

    پيو پڙلاءُ اڻڄاتو،
    گهليو ڄڻ واءُ اڻڄاتو.

    سنهو هو سور پهريائين،
    وڌي ويو گهاءُ اڻڃاتو.

    وڇوڙو ويو ڏئي آهي،
    نئون ايذاءُ اڻڄاتو.

    چري دل جو هيو هڪڙو،
    وڻيو پڇتاءُ اڻڄاتو.

    اوهان جي سار ۾ روئي،
    مليو پئي ساءُ اڻڄاتو.

    مڙئي هڪڙو نه ٻيو ”انجم“
    رهيو سوداءُ اڻڄاتو.
    **


    هُو جو سامهون جڏهن اوچتو ٿو اچي،

    هُو جو سامهون جڏهن اوچتو ٿو اچي،
    دل مٿان ڄڻ ته ڪو زلزلو ٿو اچي.

    جو نه ٿو ياد ڀُلجي به مون کي ڪري،
    ياد سو شخص ڇو ايترو ٿو اچي.

    ڪاش! ڪو ئي اچي دل جي دنيا ڏسي،
    جنهن سمي سانورو مرڪندو ٿو اچي.

    ڇا خبر پل اڳيون ڪهڙي آڻي خبر،
    حادثي جي پُٺيان حادثو ٿو اچي.

    آزمائي ڏٺو، روز مون عشق ۾،
    هر قدم تي نئون مرحلو ٿو اچي.

    هن جي ڀاڪر ۾ ايندي ئي ”انجم“ مونکي،
    زندگي جو حقيقي مزو ٿو اچي.
    **


    جيون پويان درد قطارون لاڳيتيون،

    جيون پويان درد قطارون لاڳيتيون،
    پوءِ به مون کي تنهنجون سارون لاڳيتيون.

    ويندي ويندي وقت رکي ويو وک وک آ،
    پاڻ ٻنهي تي کوڙ ميارون لاڳيتيون.

    تو بن منهنجي جوڀن کي چانڊوڪيون ۽،
    راس نه آيون بوند، بهارون لاڳيتيون.

    ڪاڏي الائي هٿ ڇڏائي گُم ٿي وئين،
    ڀٽڪن منهنجون نيڻ نهارون لاڳيتيون.

    آس کڻي، جو جيئي تولئه، انهيءَ جون،
    ڪو نه لڌئي ڀلجي به سنڀارون لاڳيتيون.

    جيت ڏسڻ ٿو چاهيان ”انجم“ تنهنجي مان،
    ڀلجان منهنجي ڀاڳ ۾ هارون لاڳيتيون.
    **


    سهارا نه پنهنجا سهارا رهيا،

    سهارا نه پنهنجا سهارا رهيا،
    قسمت جا گم سڀ ستارا رهيا.

    ٿيندو ويڪرو ڄڻ ته درياءَ ويو،
    پري ڪيترا ٻئي ڪنارا رهيا.

    محبت نه موسم جي محتاج ٿي،
    گواهه هي سيارا، اونهارا رهيا.

    جيئڻ جي پو باقي وجهه ڇا رهي،
    نه جي ساڻ پنهنجا پيارا رهيا.

    نه آئين وري من اڱڻ تي مٺا!
    سدا ساهه تي ڏُک جا ڄارا رهيا.

    سڄي عمر ٻين جو سهارو بڻيا،
    ۽ پيريءَ ۾ خود بي سهارا رهيا.

    سڄي زندگي ۾ نه ڪا واند ٿي،
    رڳو مسئلا ۽ مونجهارا رهيا.

    پري توکان جيڪي مون گهاريا هئا،
    ڪُلئي ڏينهن ”انجم“ ڪسارا رهيا.
    **


    ڏسجانءِ عشق آڙاهه ٿي ويندو،

    ڏسجانءِ عشق آڙاهه ٿي ويندو،
    هو شخص مڪمل تباهه ٿي ويندو.

    هلندي نئين ڪا چوٽ هو ڏيندو،
    پختو جڏهن ويساهه ٿي ويندو.

    اڪثر اوهان جي سار ۾ آهي،
    سرهو سڄو ئي ساهه ٿي ويندو.

    جو پيار جيون ۾ نه ٿو پائي،
    سو شخص آ، بي ساهه ٿي ويندو.

    مون کي ڇڏيندو اوچتو ٻوڙي،
    ڄاتو نه مون درياهه ٿي ويندو.

    ڪهڙي کڻي پوءِ آس جيئنداسي!
    پنهنجو فنا جي چاهه ٿي ويندو.

    تنها سوا تنهنجي او جانان!
    ”انجم!“ سڪي ۽ پاهه ٿي ويندو.
    **


    ڏينهن اهو هڪ ٿيندو ڏسجو،

    ڏينهن اهو هڪ ٿيندو ڏسجو،
    منهنجي لئه روئيندو ڏسجو.

    ڌار صفا ٿي وياسين اڄ کان،
    درد وڇوڙو ڏيندو ڏسجو.

    ڇو ته الائي پڪ آ مون کي،
    مون ڏي موٽي ايندو ڏسجو،

    پاڻ ٻنهي تي ڳوٺ سمورو،
    پيو الزام ٿڦيندو ڏسجو.

    اوڀر کان ئي اڀري ايندو،
    صبح چٽو آئيندو ڏسجو.

    اڄ هو ڀائين نه ڀائين ڀلجان،
    نيٺ ته هو ڀائيندو ڏسجو.

    وقت سان ”انجم“ جي اندر جو،
    گهاءُ به مٽجي ويندو ڏسجو.
    **


    ڄاڻ سج ئي ويو لهي ويندس هليو،

    ڄاڻ سج ئي ويو لهي ويندس هليو،
    ٿي فنا پل ۾ ڊهي ويندس هليو.

    مان مٽيءَ جو هڪ ٺهيل انسان هان،
    ۽ مٽيءَ ۾ ئي لهي ويندس هليو.

    تنهنجي دنيا، تنهنجي مرضي ٿي هلي،
    ماٺ ۾ سڀ ڪجهه سهي ويندس هليو.

    پيار جون گونجن پيون جت بانسريون،
    پيار مان اوڏانهن ڪهي ويندس هليو.

    مان مسافر اوپرو هن شهر ۾،
    ڏينهن ٻٽڙي ڪي رهي ويندس هليو.

    پوءِ ئي احساس شايد کيس ٿئي،
    مان جڏهن ”انجم“ وهي ويندس هليو.
    **


    ويون سڀ اورانگهي ڳليون يادگيريون،

    ويون سڀ اورانگهي ڳليون يادگيريون،
    خيالن جي رڻ ۾ رُليون يادگيريون.

    ڪٿي ڪو نه تنها ڪڏهن ڀي ڇڏيو آ،
    ڏينديون ساٿ گڏ گڏ هليون يادگيريون.

    جڏهن هاڙهه ۾ ڌرتتيءَ پئي هو ساڙيو،
    تڏهن هير ٿي ڪي گهليون يادگيريون.

    تڏهن نيڻ پنهنجا به برسي پيا ها،
    روئي ڪنهن جو پنهنجون سليون يادگيريون.

    اُداسيون وڇائي ويون چئو طرف کان،
    جڏهن ڀي اوهان جون مليون يادگيريون.

    سڄيءَ هن حياتيءَ کي وڻ جان هميشه،
    وڪوڙي ويون ٿي وليون يادگيريون.

    هُيا ڪيئي ڪم ڪار دنيا جا انجم!
    نه هڪ شخص جون ته به ڀليون يادگيريون.
    **


    جنهن ويل به مان هُن کان، ٿو دور وڃان ٿيندو،

    جنهن ويل به مان هُن کان، ٿو دور وڃان ٿيندو،
    مان پاڻ ئي پنهنجي لئه، ڄڻ سور وڃان ٿيندو.

    جنهن ڏينهن ملي مون سان سو عيد ڏهاڙو آ،
    جنهن ويل ڇڄان هُن کان، عاشور وڃان ٿيندو.

    پنهنجي ته وڇوڙي کي، جيئن ڏينهن وڃن پوندا،
    ٿو عشق ۾ روزانو، مجبور وڃان ٿيندو.

    اهڙي ته حياتيءَ کان آ موت چڱو مون کي،
    جي سنڌ امڙ جي لئه، ناسور وڃان ٿيندو.

    دل هاڻ سوا هن جي، ڪنهن ساڻ لڳي ئي نه ٿي،
    ٿا دوست چون پرپُٺ، مغرور وڃان ٿيندو.

    ڪو ڪيئن سڏي مون کي، ڪو ڪيئن چوي مون کي،
    ٿو ڳوٺ سڄي ۾ مان، مشهور وڃان ٿيندو.

    هي جسم ته منهنجو آ، هو ساهه ڀريندو آ،
    هُن شخص سوا ”انجم“ معذور وڃان ٿيندو.
    **


    ايندو رهي ٿو پڙلاءُ ڪوئي،

    ايندو رهي ٿو پڙلاءُ ڪوئي،
    آواز ۾ آ ايذاءُ ڪوئي.

    ويندي ڇڏي پنهنجي لاءِ ويو آ،
    ڄڻ وقت وک وک پچتاءُ ڪوئي.

    مٽجي نه سگهيو اڄ ڏينهن تائين،
    رهجي ويو من ۾ گهاءُ ڪوئي.

    هيءُ هيل هيڏو پيارا وڇوڙو،
    ٿو روز آڻي سوداءُ ڪوئي.

    ڄڻ زندگي ڀي ڪو فلسفو آ،
    اٽڪيل سدائين الجهاءُ ڪوئي.

    هڪ درد دل ۾ رهجي ويو آ،
    موسم نه آندو ڇو ساءُ ڪوئي.

    ويا خواب وکري ”انجم“ اسان جا،
    اهڙو گهلي پيو آ واءَ ڪوئي.
    **


    ڇو لڳي ٿو ايئن روز مان بار بار،

    ڇو لڳي ٿو ايئن روز مان بار بار،
    هڪ گهڙي ٿو جيان ۽ مران بار بار.

    پيار تنهنجو حياتيءَ جو تمغو لڳي،
    هيءُ اعزاز دل چئي رکان بار بار.

    مون وچن آ ڪيو سنڌ سان ساک تي،
    سچ چوندس پيو ڀل ڪُسان بار بار.

    تنهنجي پر پُٺ الائي ڇا سوچي اچان،
    پر نه سامهون ڪڇي ٿو سگهان بار بار.

    پيار ماڻي به ڄڻ ڊاپجان ئي نه ٿو،
    دل چوي ٿي جنم مان وٺان بار بار.

    مَن دعا ڪائي تڪميل ماڻي وٺي،
    ٿو انهيءَ آس تي هٿ کڻان بار بار.

    وقت ”انجم“ کڻي درد بيٺو اتان،
    پاڻ گذرون پيا ٿا جتان بار بار.
    **


    جڏهن تنهنجي در کان گذر ٿو ٿئي،

    جڏهن تنهنجي در کان گذر ٿو ٿئي،
    نه پُڇ دل سان ڪهڙو حشر ٿو ٿئي.

    جو توکان پري ٿو گذاريان جڏهن،
    سو محسوس لمحو زهر ٿو ٿئي.

    تو دل مان ڌڪاريو ته احساس ٿيو،
    ته ڪيئن ڪو ئي ماڻهو بي گهر ٿو ٿئي.

    نه جو شخص ماڻي ڪڏهن پيار ٿو،
    عمر ئي سڄي دربدر ٿو ٿئي.

    نه ورهين کان جاٿي ڪا برسات پئي،
    محبت سوا منَ سو برُ ٿو ٿئي.

    اها دل ٻڌائي سگهي ٿي صحيح،
    مٿان جنهن جي نازل قهر ٿو ٿئي.

    هلي آءُ ”انجم“ جيئون پل ٻه ٽي،
    هي بيڪار جيون بسر ٿو ٿئي.
    **


    نه پل ڀي رڪيا نيڻ آهن اسان جا،

    نه پل ڀي رڪيا نيڻ آهن اسان جا،
    لاڳيتو رُليا نيڻ آهن اسان جا.

    نه آواز ڏيو اڄ، ڇڏي ڏيو اڪيلو،
    جو مس مس سُتا نيڻ آهن اسان جا.

    سڄي زندگي ئي سفر ۾ مسلسل،
    کڻي غم هليا نيڻ آهن اسان جا.

    ڪنڊا ٿي چڀيا خواب جيڪي ڏٺاسين،
    گواهي بڻيا نيڻ آهن اسان جا.

    تلاشي سڄو هي زمانو اوهان تي،
    هي رُڪجي پيا نيڻ آهن اسان جا.

    الائي ڪٿي گُم اسان کان ويا ٿي،
    پُٺيان جن هليا، نيڻ آهن اسان جا.

    اوهان جي وڃڻ بعد روئندا رهن ٿا،
    ڏکارا رهيا، نيڻ آهن اسان جا.

    پرين ايندا ”انجم“ انهيءَ آس تي ئي،
    اڃايل اَڃان نيڻ آهن اسان جا.
    **


    اکيون پنهنجون هتڙي ڇو الجهي رهيون هن،

    اکيون پنهنجون هتڙي ڇو الجهي رهيون هن،
    لڳي ٿو ته رستو ئي ڀُلجي پيون هن.

    وري چنڊ اڀريو هي آڪاس تي آ،
    وري يادگيريون اوهان جون وريون هن.

    رڳو ڌرتتي آ اسان جو هي جيون،
    نه برسي گهٽا ڪا، نه ڇانئون مليون هن.

    اکين سان اکين کي چمڻ ٿو مان چاهيان،
    اسان کي اوهان جون وڻي ويون اکيون هن.

    نه دولت، نه شهرت، نه لالچ ٻي ڪائي،
    رُڳو محبتون، عزتون ئي گهريون هن.

    ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا، اوهان کان جدا ٿي،
    لڳي ٿو ته گذري ويون ڄڻ صديون هن.

    نه ڪوئي ڀي ”انجم“ جي آيو قبر تي،
    اجهامي ڪڏهن جو ويون هي بتيون هن.
    **


    جيئن ئي اجري باک ڦُٽي ٿي جيون تي،

    جيئن ئي اجري باک ڦُٽي ٿي جيون تي،
    تيز حياتي ڊوڙي پيئي رستن تي.

    سچُ آ اڄ ڀي ننڍڙو ڄڻ مان ٻار آهيان،
    روئي پوندو آهيان ننڍڙين ڳالهين تي.

    توکان وڇڙي مون کي ٿو محسوس ٿئي،
    برف جيان آ درد ڄمي ويو لمحن تي.

    وقت وجهي ويو ڪيڏيون دوريون ماڻهن ۾،
    زنگ چڙهي ويا آهن رتُ جي رشتن تي.

    اڄ ڀي مون کي پوري پوري پڪ آهي،
    ساڀيان جو سجُ اڀري ايندو سپنن تي.

    حل سمورو نڪري ايندو ڌرتيءَ جو،
    پاڻ سچا ٿي سوچئون پنهنجن فرضن تي.

    خط کي ”انجم“ جيئن جو کولي پڙهندو ويو،
    خون وهي پيو جذبن جو هو لفظن تي.
    **


    تنهنجي دل مان جو تڙجي ويو هوس مان،

    تنهنجي دل مان جو تڙجي ويو هوس مان،
    واءُ ٿي دربدر پو رُليو هوس مان.

    ڪو ڏئي ٽهڪ ۽ ڪو ڏسي طنز سان،
    تنهنجي پاڙي ۾ ڄڻ ڪو چريو هوس مان.

    تاڪ کولي اکين جا لڙيءَ رات جو،
    خواب آيا هلي جيئن سُتو هوس مان.

    زندگي تجربن ۾ ئي گذري وئي،
    روز جڙندو ۽ ڀرندو رهيو هوس مان.

    تنهنجي نيڻن ۾ جيئن جو چتائي ڏٺم،
    پڪ ٿيم پاڻ حق تي کريو هوس مان.

    ياد مون کي نه ڀلجي ڪڏهن تو ڪيو،
    ايئن ڀلائي ڇڏيئي ڄڻ قصو هوس مان.

    ڪالهه ”انجم“ چري جا هئي پاڻ لئه،
    اڄُ انهيءَ لاءِ ڄڻ اوپرو هوس مان.
    **


    جيءُ پيو هو جُهري حوصلو ڪو نه هو،

    جيءُ پيو هو جُهري حوصلو ڪو نه هو،
    واٽ اوندهه هئي سوجهرو ڪو نه هو.

    سال جيئندا رهياسين حياتي ائين،
    ڪنهن به پل تي پڪو ڀروسو ڪو نه هو.

    ڀر مان گذري اچانڪ ايئن ڪالهه هوءَ،
    ڄڻ ته پنهنجو ڪڏهن واسطو ڪو نه هو.

    وقت وک وک وڇائي ڇڏيو خوف کي،
    شانتيءَ ۾ ڪٿي پيچرو ڪو نه هو.

    سجُ جو تيک ساڙي پيو ساهه کي،
    روڊ رستن مٿان ڇانورو ڪو نه هو.

    جيئن ”انجم“ اکيون پنهنجون ٻوٽي ڇڏيون،
    پنهنجي پوءِ درميان فاصلو ڪو نه هو.
    **


    پير پنهنجا رڪيا ئي نه ها عمر ڀر،

    پير پنهنجا رڪيا ئي نه ها عمر ڀر،
    ماڳ پوءِ ڀي نه ماڻي سگهيا عمر ڀر.

    ٿا سفر ۾ هلن پاڻ سان ساڻ ساڻ،
    هر قدم تي نوان حادثا عمر ڀر.

    ڪو نه ٿو ڪو به ماڻهو مڪمل ٿئي،
    ٿي رهي ڄڻ ڪمي ڪانه ڪا عمر ڀر.

    وقت اغوا ڪري ساڀيائون ويو،
    خواب بس خواب رهجي ويا عمر ڀر.

    زندگي پيئي پوڙهي لڳي وڻ جيان،
    لمحا ٿي ڄڻ پنن جان ڇڻيا عمر ڀر.

    هُو اچي ڀي متان رستو ڀلجي ڪڏهن،
    آس جا ديپ ٻرندا رهيا عمر ڀر.

    ٿي جدا جيئن ئي ”انجم“ ويا پاڻ کان،
    پو نه ڪاٿي ڪڏهن هو مليا عمر ڀر.
    **


    پاڻ کي ڄڻ روزانو ڏيندو،

    پاڻ کي ڄڻ روزانو ڏيندو،
    وقت وڃي ٿو طعنو ڏيندو.

    هر پيڙاءُ کان گذري توکي،
    دعائون ويو ديوانو ڏيندو.

    سانحو پنهنجو آهي وڇوڙو،
    جوڙي ڪو افسانو ڏيندو.

    هڪڙي مرڪ جي بدلي جانان!
    ڪيئي درد زمانو ڏيندو.

    تنهنجي در کان اڳتي رستو،
    مون کي آ ويرانو ڏيندو.

    گهرا گهرا راز اندر جا،
    ڄڻ آهي ميخانو ڏيندو.

    ڇا ڇا ”انجم“ وقت ورهائي،
    سڀ کي ويو نذرانو ڏيندو.
    **


    توکان ڌار حياتي آهي،

    توکان ڌار حياتي آهي،
    جسم مٿان ڄڻ ڪاتي آهي.

    ڏيهه سڄي جي زنگجي ويئي،
    نفرت سان اڄ ڇاتي آهي.

    پاڻ ٻنهي سان وقت ڪري ويو،
    ڄڻ ڪا ويساهه گهاتي آهي.

    ڪيڏا مون سان ڪيس ڪري ٿي،
    ڏاڍي دل جذباتي آهي.

    تنهنجي ڪاوڙ موت لڳي ٿي،
    تنهنجو پيار حياتي آهي.

    ڪمرو سارو ٻهڪي پيو آ،
    تو، جي جهاتي پاتي آهي.

    روز نئون نئون نانءُ ته ڏيندو،
    تنهنجو ڀاتي ڀاتي آهي.

    سنڌ ڌرتيءَ جو هر ڏُک مون کي،
    ”انجم!“ لڳندو ذاتي آهي.
    **


    جيئري ئي سڀ پيار وساري بهتر ڪيئي،

    جيئري ئي سڀ پيار وساري بهتر ڪيئي،
    پنهنجي هٿن سان مون کي ماري بهتر ڪيئي.

    پنهنجي اڄ اوقات سڃاڻي ورتي مون،
    ساري مون تي ڪاوڙ هاري بهتر ڪيئي.

    تنهنجي لائق هاڻ رهيو ئي ناهيان مان،
    منهنجي سڀ کان ڳالهه ئي ٽاري بهتر ڪيئي.

    پوءِ به ڪنهن رشتي ناتي ۾ هونداسين،
    توڙي پنهنجي دل مان ڌڪاري بهتر ڪيئي.

    جيئڻ لاءِ ضروري هوندي محبت آ،
    دير سان ئي پر پاڻ سنڀاري بهتر ڪيئي.

    روئڻ سان ٿو هلڪو دل جو بار ٿئي،
    اک مان ٻٽڙي ڳوڙها هاري بهتر ڪيئي.

    اونداهيءَ ۾ دم ٿو گهٽجي ”انجم“ جو،
    هڪڙو ننڍڙو ديپڪ ٻاري بهتر ڪيئي.
    **


    اسان ايئن اوهان جي شهر ۾ رهياسين،

    اسان ايئن اوهان جي شهر ۾ رهياسين،
    ڪلورن جي وچ ۽ قهر ۾ رهياسين.

    جي جيهڙيون ته ڦاهيون، جي ٻوليون ته گوليون،
    تنهنجي شهنشاهي نگر ۾ رهياسين.

    دغا ۽ نه دوکو نه ئي ميرُ من ۾،
    زماني جي تڏهين نظر ۾ رهياسين.

    چٽو چشمي پويان ڏٺوسين زمانو،
    هي سڀ ڪجهه سهي ڀي صبر ۾ رهياسين.

    نه ڪا ڪال، ميسيج، خط ۽ نه نياپو،
    ائين جيئري ئي ڄڻ قبر ۾ رهياسين.

    هي خودڪش ڌماڪا، هي ڌاڙا هي چوريون،
    ڪڏهن ڪين بيخوف گهر ۾ رهياسين.

    اڳئين سال جان هيل ڀي ساڳيو”انجم“
    اَمُن، شانتيءَ جي ڏُڪر ۾ رهياسين.
    **


    نه تنهنجي محبت جي پائي هئي،

    نه تنهنجي محبت جي پائي هئي،
    لڳي عمر ئي ڄڻ اجائي هئي.

    نه ڀلجي ڪڏهن ياد ان کي پيس،
    نه پل ياد جنهن جي ڀُلائي هئي.

    جڏهن ڀي وڃي ويجهڙي کان ڏٺم،
    لڳي هر خوشي ڄڻ پرائي هئي.

    الائي ته ڪيئن لوڪ ڄاڻي وتي،
    نه جا ڳالهه ڪنهن کي ٻڌائي هئي.

    لڪائڻ سان ڪاٿي ڪو سچ ٿو لڪي،
    اکيون ويون چئي جا سچائي هئي.

    ڏٺم هو به دنيا ئي جهڙو هيو،
    حياتي مون جنهن لئه وڃائي هئي.

    تو پنهنجو ڪيو هو مون کي جنهن گهڙي،
    سا ”انجم“ گهڙي ئي سجائي هئي.
    **


    ويندي ويندي ويئي درد وساري منهنجي نيڻن ۾،

    ويندي ويندي ويئي درد وساري منهنجي نيڻن ۾،
    آئي پيڙا پنهنجو عڪس اُڪاري منهنجي نيڻن ۾.

    منهنجين هيڏين آشائن جو، ڪيرُ ڪري سگهندو ڪاٿو،
    روز نيون ٿو آسون وقت ويهاري منهنجي نيڻن ۾.

    ڪاريءَ ڪاريءَ رات ۾ سارون، مون کي منهنجي سانئڻ جون،
    ڄڻ آ ويئي پنهنجي ياد جا، ڏيئا ٻاري منهنجي نيڻن ۾.

    هڪڙي ساري رات ڀٽائي تي مون ويهي سوچيو هو،
    ڏانءُ لطيف جو روز ٿو سج اڀاري، منهنجي نيڻن ۾.

    هيڏن ڏينهن بعد ملياسين جيئن اچانڪ رستي ۾،
    ڳوڙها روڪي ڪو نه سگهي هوءَ، نهاري منهنجي نيڻن ۾.

    ويل صبح جي، سانجهي ڌاري سڀ پهر سڀ راتين جو،
    وڇڙي ويئي آهي هوءَ لُڙڪ بيهاري منهنجي نيڻن ۾.

    ڪجهه به نه ”انجم“ ڪجهه به نه گهرجي، هڪڙي ئي بس آس اٿم،
    عمر سڄي بس مون سان هوءَ گذاري منهنجي نيڻن ۾.
    **


    تنهنجي دل ۾ منهنجو آکيرو نه هو،

    تنهنجي دل ۾ منهنجو آکيرو نه هو،
    پيار کان مَنُ پو به پاسيرو نه هو.

    روز لُٽجي ڀي خلوصن ۾ اسان،
    من ڪڏهن پنهنجو ڪيو ميرو نه هو.

    ڪيترو ڪُوڪيو، رڙيو ڪوئي هيو،
    ڳوٺ جاڳيو، پر اُتي پيرو نه هو.

    تون جڏهن کان موڪلائي وئين هليو،
    ڪيو ڪڏهن ڀلجي خوشي ڀيرو نه هو.

    ڏينهن اهڙو ڪو به ٿيو ”انجم“ نه هو،
    جنهن ۾ دل تي درد جو گهيرو نه هو.
    **


    وايون

    رات برسي پيون،

    رات برسي پيون،
    مينهن جون جيئن ڪڻيون.
    هُن جي جهانجهر جا آلاپ جاڳي پيا.

    ڪيترو دير سان مس سُتو،
    درد ٻوٽي اکيون.
    هُن جي جهانجهر جا آلاپ جاڳي پيا.

    اوچتو اوچتو روح تي،
    ڄڻ ته هيرون گهليون.
    هُن جي جهانجهر جا آلاپ جاڳي پيا.

    ريشمي هن بدن کي ڇهي،
    بوندون مهڪيون هيون.
    هُن جي جهانجهر جا آلاپ جاڳي پيا.

    جهومنديون ئي رهيون رقص ۾،
    دل جون ساريون ڳليون.
    هُن جي جهانجهر جا آلاپ جاڳي پيا.
    **


    وڻ ٿا جهومن واءُ ۾،

    وڻ ٿا جهومن واءُ ۾،
    ساون پنن جي.
    مٿان بوندون ٿيون وسن.

    مٽي ٿي مهڪي پئي،
    رستن ڪچن جي.
    مٿان بوندون ٿيون وسن.

    چوڏس ٿيون هيرون گهلن،
    ٻارن ٻنن جي.
    مٿان بوندون ٿيون وسن.

    سرمئي ٿي وئي شام آ،
    ڳوٺ جي گهٽين جي.
    مٿان بوندون ٿيون وسن.

    هُن جي مرڪي هو ڏٺو،
    لڳو ٽانڊن جي.
    مٿان بوندون ٿيون وسن.
    **


    بيچينيءَ مان ايتري،

    بيچينيءَ مان ايتري،
    سمنڊ جي ڇولي.
    ڪنهن کي ڳولي ٿي.

    گهٽي گهٽي ڪاوڙ منجهان،
    چري ٿي گولي،
    ڪنهن کي ڳولي ٿي.

    لاڳيتو ئي ٿو ڏسان،
    جيجل جي جهولي.
    ڪنهن کي ڳولي ٿي.

    مون سان گڏجي ڄڻ پئي،
    رُت هي ساڙولي.
    ڪنهن کي ڳولي ٿي.
    **


    جيئن جيئن منهنجي اوچتو،

    جيئن جيئن منهنجي اوچتو،
    هُن تي ديد پئي.
    ۽ هوءَ مرڪي پئي.

    منهن تي پنهنجو ٻُڪ جهلي،
    هوريان ڇا ڇا چئي.
    ۽ هوءَ مرڪي پئي.

    چنريءَ جي ڪنڊ کي وٽي،
    ڏندن منجهه ڏئي.
    ۽ هوءَ مرڪي پئي.

    سپني جي هُن ساڻ مون،
    جيئن جو ڳالهه ڪئي.
    ۽ هوءَ مرڪي پئي.

    مون چيو منهنجو تو سوا،
    ڪو به نه ٻيو ڪوئي.
    ۽ هوءَ مرڪي پئي.
    **


    لاڳيتو منهنجي مٿان،

    لاڳيتو منهنجي مٿان،
    بيهي مون کي رات.
    چنڊ تڪيندو پئي رهيو.

    هڪڙي تنهنجي سار هئي،
    چوڌاري ٻي سانت.
    چنڊ تڪيندو پئي رهيو.

    وس مان نڪري ٿا وڃن،
    پنهنجي سڀ حالات.
    چنڊ تڪيندو پئي رهيو.

    جڏهن کان ناهين ساڻ تون،
    نوٽ ڪري هر رات.
    چنڊ تڪيندو پئي رهيو.

    تنهنجي گهر مٿان وٺي،
    تارن جي بارات.
    چنڊ تڪيندو پئي رهيو.

    ڪوئل ڪوڪيندي رهي،
    پنهنجي ويٺي لات.
    چنڊ تڪيندو پئي رهيو.
    **


    ويچاري هيءَ هيکلي،

    ويچاري هيءَ هيکلي،
    هيڏن دردن ۾.
    ڦاسي پئي آ زندگي.

    اڻڄاتو ڪو خوف آ،
    وک وک رستن ۾.
    ڦاسي پئي آ زندگي.

    هڪڙي تنهنجي پيار ۽،
    جڳ جي ڳالهين ۾.
    ڦاسي پئي آ زندگي.

    پئجي ويا ڄڻ ڏار هن،
    رت جي رشتن ۾.
    ڦاسي پئي آ زندگي.

    ماڻهو سوڙهو ٿي پيو،
    ڄڻ ته مسئلن ۾
    ڦاسي پئي آ زندگي.
    **


    جارن مان ليئا وجهي،

    جارن مان ليئا وجهي،
    ڪنهن کي ايئن تاڙي.
    روزانو ئي چنڊ ٿو.

    ڄڻ ڪائي معنى کڻي،
    وستيون لتاڙي.
    روزانو ئي چنڊ ٿو.

    گذري منهنجي گهر کان،
    پيرين اگهاڙي.
    روزانو ئي چنڊ ٿو.

    اڪثر مون آهي ڏٺو،
    بيهي هڪ پاڙي.
    روزانو ئي چنڊ ٿو.

    اوجاڳن جي درد ۾،
    ڳورها ڄڻ ڳاڙي.
    روزانو ئي چنڊ ٿو.
    **


    پنهنجي رشتي ۾،

    پنهنجي رشتي ۾،
    رهجي هڪڙو درد ويو.

    لفظن ۾ نه هيو مگر،
    ها پر لهجي ۾.!
    رهجي هڪڙو درد ويو.

    تنهنجي وڇڙڻ بعد ڄڻ،
    لمحي لمحي ۾.!
    رهجي هڪڙو درد ويو.

    جيڪو تنهنجي در وڃي
    انهيءَ رستي ۾.!
    رهجي هڪڙو درد ويو.

    توکان پو محسوس ٿيو،
    ساري محلي ۾.!
    رهجي هڪڙو درد ويو.

    ”انجم!“ جي هر گيت جي،
    جملي جملي ۾.!
    رهجي هڪڙو درد ويو.
    **


    هجي پنهنجي وس ۾،

    هجي پنهنجي وس ۾،
    سڀ ڪجهه ڀلايان.
    جيڪر ننڍڙو ٻار ٿي.

    تنهنجي وارن ۾ مٺي،
    هٿ مان گهمايان.
    جيڪر ننڍڙو ٻار ٿي.

    هر ضد پنهنجو زور سان،
    توکان مڃايان.
    جيڪر ننڍڙو ٻار ٿي.

    بي فڪرو هر ڳالهه کان،
    پاڻ رڳو ڀايان.
    جيڪر ننڍڙو ٻار ٿي.
    **


    لوليون جهونگاري سدا،

    لوليون جهونگاري سدا،
    پيئي سُمهاري.
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.

    سڀ کي سڳيءَ ماءُ جيئن،
    ڄڻ ٿي ويهاري.
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.

    اوڀر اجرا روز ئي،
    سِجُ ٿي اڀاري.
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.

    چوڏس بم گولا ڏسي،
    هنجهون ٿي هاري.
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.

    سانڍي وک وک درد ٿي،
    سياري اونهاري.
    ڌرتي پنهنجي هنج ۾.
    **


    ڄڻ ڪو ئي ايذاءُ!

    ڄڻ ڪو ئي ايذاءُ!
    اڄ به ٿئي محسوس ٿو.

    ڪو نه مٽايو وقت ڀي،
    منهنجي من جو گهاءُ!
    اڄ به ٿئي محسوس ٿو.

    ڪمري ۾ موجود آ،
    تنهنجو ئي ته هڳاءُ!
    اڄ به ٿئي محسوس ٿو.

    رهجي هڪڙو آ ويو،
    مون وٽ ڄڻ پڇتاءُ!
    اڄ به ٿئي محسوس ٿو.

    هو، جو گذري ويو هتان،
    وري ورندو واءُ!
    اڄ به ٿئي محسوس ٿو.

    **


    ٿڪجي پيا آهيون،

    ٿڪجي پيا آهيون،
    لاڳيتو ئي پنڌ ڪري.

    جيون صحرا رُڃ رڳو،
    رُلجي ويا آهيون.
    لاڳيتو ئي پنڌ ڪري.

    ڪو آهي؟ رستو ڏسي،
    ڀلجي پيا آهيون.
    لاڳيتو ئي پنڌ ڪري.

    تنهنجي ئي بس ياد سان،
    گڏجي پيا آهيون.
    لاڳيتو ئي پنڌ ڪري.

    چوڌاري اڏندڙ مٽي،
    الجهي پيا آهيون.
    لاڳيتو ئي پنڌ ڪري.
    **


    سانئڻ! توکان پوءِ سڀ،

    سانئڻ! توکان پوءِ سڀ،
    منهنجي جوڀن جا.
    رنگ ڪٿي گُم ٿي ويا.

    ڪاٿان ڳولا هاڻ ڪيون،
    سڀ هن جيون جا،
    رنگ ڪٿي گُم ٿي ويا.

    درد وڃي گهيراءُ ڪيس،
    ڇوريءَ نيڻن جا.
    رنگ ڪٿي گُم ٿي ويا.

    ڏاڍا سهڻا جي لڳا،
    سندر سپنن جا.
    رنگ ڪٿي گُم ٿي ويا.
    **


    ڪاوڙجي توکان اٿيس،

    ڪاوڙجي توکان اٿيس،
    پوءِ يڪو پڇتاءُ.
    آڻيندو هڪ درد ويو.

    هڪڙي پنهنجي زندگي،
    ٻيو تنهنجو سوداءُ.
    آڻيندو هڪ درد ويو.

    توکان پوءِ جيون مٿان،
    جڏهن به گهليو واءُ.
    آڻيندو هڪ درد ويو.

    ساڙي ٿو ساندهه چٽو،
    چانڊوڪيءَ جو تاءُ.
    آڻيندو هڪ درد ويو.
    **


    پنهنجو پاڇو پاڻ سان.

    پنهنجو پاڇو پاڻ سان.
    رستي رستي ۾.
    خاموشي آهي.

    ڪونهي ڪو سُرٻاٽ ئي،
    هر هڪ لمحي ۾.
    خاموشي آهي.

    منهنجي ساري ڊائري،
    جي هر صفحي ۾.
    خاموشي آهي.

    آئي ناهي ڪالهه کان،
    هوءَ باغيچي ۾.
    خاموشي آهي.

    پنهنجو پاڇو پاڻ سان،
    رستي رستي ۾.
    خاموشي آهي.
    **


    لمحي لمحي ساڻ هن،

    لمحي لمحي ساڻ هن،
    ساجن هي سڏڪا.
    پوءِ به پانڌي پيار جا.

    چوڏس ڪاري ٻاٽ آ،
    ناهن ستارا.
    پوءِ به پانڌي پيار جا.

    جيون جي هر موڙ تي،
    وکريل ڄڻ شيشا.
    پوءِ به پانڌي پيار جا.

    چاهيندا توکي اچون،
    ڀل ته ملن صدما.
    پوءِ به پانڌي پيار جا.

    توڙي پير پٿون ٿين،
    اکڙين ۾ ڳوڙها.
    پوءِ به پانڌي پيار جا.
    **


    ڪوئي ڀي منظر،

    ڪوئي ڀي منظر،
    خالي ناهي خوف کان.

    تون ۽ مان نه رڳو،
    سارو هيءُ شهر.
    خالي ناهي خوف کان.

    پکڙيل آهن دهشتون،
    هاڻي ڪوئي نگر.
    خالي ناهي خوف کان.

    تنهنجا ڀاتي مون خلاف،
    مون لئه تنهنجو گهر.
    خالي ناهي خوف کان.

    ڪراچي، حيدرآباد ۽،
    سانگهڙ يا سکر.
    خالي ناهي خوف کان.
    **


    ڀوڳي پيڙائون،

    ڀوڳي پيڙائون،
    آءُ مري ويندس.

    عمر سان گڏ ٿي ويون،
    پوڙهيون آشائون،
    آءُ مري ويندس.

    ڪيڏي اُس هي تيز آ،
    ڪِٿ نه ڪي ڇانئون.
    آءُ مري ويندس.

    توکي پنهنجي پيار جون،
    ارپي ڪوتائون.
    آءُ مري ويندس.

    هڪ هڪ کان منهنجون پرين،
    ڪندين پڇائون.
    آءُ مري ويندس.
    **


    ساٿُ سٽي ڄڻ پاڻ ۾،

    ساٿُ سٽي ڄڻ پاڻ ۾،
    سهڻا رنگ کڻي.
    پوپٽ اُڏرن ٿا.

    ٽاريءَ مٿان اوچتو،
    برسي مينهن ڪڻي.
    پوپٽ اُڏرن ٿا.

    خوشيءَ مان جهومي پيا،
    ڏسي پدمڻي.
    پوپٽ اُڏرن ٿا.

    سندر سندر ڪيترا،
    خوشبو، خواب کڻي.
    پوپٽ اُڏرن ٿا.
    **


    ڪيڏو ڀل چاهيان به مان،

    ڪيڏو ڀل چاهيان به مان،
    مون ۾ سوين عيب.
    پوءِ به رهجي ٿا وڃن.

    ڪنهن سان ناهي دشمني،
    ڪيئي يار رقيب.
    پوءِ به رهجي ٿا وڃن.

    ڪنهن کي نوازين ڪيترو،
    ماڻهو ڄڻ ته غريب.
    پوءِ به رهجي ٿا وڃن.

    پنهنجي رشتي تي مٺي،
    ڇو هي خيال عجيب.
    پوءِ به رهجي ٿا وڃن.

    **


    پنهنجا ڌرتيءَ جي مٿان،

    پنهنجا ڌرتيءَ جي مٿان،
    ڇڏي ڪي نشان.
    آئون هليو ويندس.

    نازڪ گلڙا خواب ۽،
    کڻي سَوَ ارمان.
    آئون هليو ويندس.

    روزانو هن شهر کي،
    تاڙن ٿا طوفان.
    آئون هليو ويندس.

    ٿڪجي پوندين سڏ ڪري،
    پر مڃيندس ڪا نه.
    آئون هليو ويندس.

    مانيءَ ويلي لاءِ ٿي،
    وڪاڻا ايمان.
    آئون هليو ويندس.

    **


    ڏينهن ته گذري ٿا وڃن،

    ڏينهن ته گذري ٿا وڃن،
    جُونِ ۾ پر جوڀن.
    گُهري گهرو فڪر ٿو.

    مرڻو ئي ناهي سچن،
    فنڪارن جو فنُ
    گُهري گهرو فڪر ٿو.

    روزانو ڏاڍو وڻي،
    مون کي ٿو ساجن.
    گُهري گهرو فڪر ٿو.

    پنهنجو پنهنجو ٿو لڳي،
    جاني ۽ جيون.
    گُهري گهرو فڪر ٿو.
    **


    جيڪو گذري وقت ويو،

    جيڪو گذري وقت ويو،
    سو سڀ يادن ۾.
    ڄڻ ته وڃي ٿي قيد ٿو.

    ساري ئي پنهنجي عمر،
    ماڻهو اميدن ۾.
    ڄڻ ته وڃي ٿي قيد ٿو.

    ڇو ٿو مون کي ايئن لڳي،
    وجود ئي هن ۾.
    ڄڻ ته وڃي ٿي قيد ٿو.

    ڇو آخر هڪ شخص جو،
    اُلڪو اکڙين ۾
    ڄڻ ته وڃي ٿي قيد ٿو.

    هيڏو سارو درد ۽،
    ساهه به سڏڪن ۾.
    ڄڻ ته وڃي ٿي قيد ٿو.
    **


    گذري ويئي رات،

    گذري ويئي رات،
    درد سُتو ناهي اڃان.

    تنهنجون يادون ۽ مٿان،
    برسي ٿي برسات.
    درد سُتو ناهي اڃان.

    گڏگڏ جاڳي ٿي پئي،
    مون سان منهنجي ڏات.

    درد سُتو ناهي اڃان.

    پوڙهي ٿيندي ٿي وڃي،
    جاني! روز حيات.
    درد سُتو ناهي اڃان.
    **


    تنهنجي منهنجي پيار جي،

    تنهنجي منهنجي پيار جي،
    جي کُلي ڪهاڻي.
    سوچ ته ڇا ٿيندو.

    نيڻن ۾ سَوَ رنگ ڀري،
    آهين ساماڻي.
    سوچ ته ڇا ٿيندو.

    پاڻ ٻنهي کي پاڙي جي،
    ڏٺو حاجاڻي.
    سوچ ته ڇا ٿيندو.

    خدا نه ڪري ڦٽي وڃي،
    ياري پراڻي.
    سوچ ته ڇا ٿيندو.

    ”انجم!“ جي اچ روبرو،
    ڪري گڏجاڻي.
    سوچ ته ڇا ٿيندو.
    **


    ٺاهيو پئي ٺاهين،

    ٺاهيو پئي ٺاهين،
    تنهنجي سڳي ٿي پوان.

    هر هر رکي آڱريون،
    ڇاتيءَ سان لائين.
    تنهنجي سڳي ٿي پوان.

    پنهنجي وارن ۾ سٽي،
    ڏاڍو تون ڀائين.
    تنهنجي سڳي ٿي پوان.

    جيون جي هڪ آس آ،
    تون جي ايئن چاهين.
    تنهنجي سڳي ٿي پوان.

    پهريائين ڪر هڪ واعدو،
    لاهي نه اڇلائين.
    تنهنجي سڳي ٿي پوان.
    **


    ڪيڏي گهري رات آ،

    ڪيڏي گهري رات آ،
    پنهنجي جيون تي.
    ڪڏهن صبح ٿيندو؟

    اکر ڪاري پين جا،
    اڇن پنن تي.
    ڪڏهن صبح ٿيندو؟

    سوچان اڪثر ٿو اهو،
    جهوپن ڪکن تي.
    ڪڏهن صبح ٿيندو؟

    شال ساڀيائون ٿين،
    منهنجي سپنن تي.
    ڪڏهن صبح ٿيندو؟

    ڪيڏا پياسا ٿا لڳن،
    پکي ڍنڍن تي.
    ڪڏهن صبح ٿيندو؟
    **


    جيون مٿان ڌرتتي،

    جيون مٿان ڌرتتي،
    روڊن تي لاشا.
    ڳولن ٿا انصاف کي.

    اَمنُ، بجلي، گيس ۽،
    پاڻيءَ لئه پياسا.
    ڳولن ٿا انصاف کي.

    ماڻهو، ماڻهو ساڻ ٿي،
    پنهنجا ئي پاڇا.
    ڳولن ٿا انصاف کي.

    وارث پنهنجي ديس جا،
    ساڻ کڻي آشا.
    ڳولن ٿا انصاف کي.

    ”انجم“ سڄيءَ سنڌ جا،
    چوُنڪ، چوراها.
    ڳولن ٿا انصاف کي.
    **


    هئاسين خاموش ٻئي،

    هئاسين خاموش ٻئي،
    اکين اکين ۾.
    ڳوڙهن ڳالهايو.

    ڪيڏي رکي عاجزي،
    ڌيمن لهجن ۾.
    ڳوڙهن ڳالهايو.

    توکان پوءِ ڪائي مهل،
    مون سان رستن ۾.
    ڳوڙهن ڳالهايو.

    ڪيڏو تنهنجي روبرو،
    سهنجن لفظن ۾.
    ڳوڙهن ڳالهايو.
    **


    سُڪي ويا ڳوڙها،

    سُڪي ويا ڳوڙها،
    گونگيون اکيون ٿي ويون.

    لهجي ۾ ڄڻ ٿي ويا،
    لفظ سڀئي سوڙها.
    گونگيون اکيون ٿي ويون.

    ڪيڏي ٿي ويئي عمر،
    پيار نه ٿيا پوڙها.
    گونگيون اکيون ٿي ويون.

    ڪو نه ڪري منهنجون سگهيون،
    گهوڙا ڙي گهوڙا.
    گونگيون اکيون ٿي ويون.
    **


    لُڙهي لُڙڪ ويا،

    لُڙهي لُڙڪ ويا،
    نيڻن جي نديءَ ۾.

    چوڌاري پنن جيان،
    ڦُٽي درد پيا.
    نيڻن جي نديءَ ۾.

    سانئڻ! پنهنجي پيار جا،
    ترندا گُل رهيا.
    نيڻن جي نديءَ ۾.

    اجرن رنگن سان اجهو!
    هنجَ پکي لٿا.
    نيڻن جي نديءَ ۾.

    تون ايندينءَ پو مٺي!
    اُڏري رنگ ايندا.
    نيڻن جي نديءَ ۾.
    **


    ناهيان هاڻي هيڪلو،

    ناهيان هاڻي هيڪلو،
    تنهنجي وئي کان پو!
    مون کي ڏک پنهنجو ڪيو.

    هيڏي هن سنسار ۾،
    منهنجو ناهي ڪو!
    مون کي ڏک پنهنجو ڪيو.

    هڪ هڪ ٿو مون کان پُڇي،
    آخر ايڏو ڇو!
    مون کي ڏک پنهنجو ڪيو.

    ڀلجي منهنجي لاءِ پل،
    ڪڏهن نه سوچيو تو!
    مون کي ڏک پنهنجو ڪيو.

    رستي رستي تي اچي،
    ڀاڪر وجھي هو!
    مون کي ڏک پنهنجو ڪيو.

    نيڻن جون ڪڪريون ڀلي،
    برسي پيون برسو!
    مون کي ڏک پنهنجو ڪيو.
    **


    جڏهن به مون سان تون ملينء،َ

    جڏهن به مون سان تون ملينء،َ
    انهيءَ ويل سکي!
    جيون جاڳي پيو.

    ڏسندي نيريءَ ڍنڍ تي،
    رنگن ساڻ پکي!
    جيون جاڳي پيو.

    کلندي کلندي پيار مان،
    پيا نيڻ ٻکي!
    جيون جاڳي پيو.

    الماڙيءَ ۾ اوچتو،
    جيئن تصوير بکي!
    جيون جاڳي پيو.

    پنهنجي من ۾ بي حساب،
    تنهنجو پيار رکي!
    جيون جاڳي پيو.
    **


    بيت

    جيئن جو ڏٺائين، ايندي مون کي اوچتو،

    جيئن جو ڏٺائين، ايندي مون کي اوچتو،
    اکيون اکين ۾ وجهي، ڄڻ ڪجهه ڳوليائين،
    ”ڪيئن ٿي گذرئي مون سوا“ مون کان پڇيائين،
    نير اچي منهنجا پُڳا، نيٺ چپن تائين،
    پوتيءَ پنهنجي سان پئي، ڳوڙها اگهيائين،
    ۽ پوءِ سُڏ ڪيائين، پئجي مون سان ڀاڪرين.
    *


    رات ڏسان مان خواب ٿو، جنت ۾ آهيان،

    رات ڏسان مان خواب ٿو، جنت ۾ آهيان،
    ڪيئي حورون روبرو، جاڏي واجهايان،
    پوءِ به تنهنجي ئي ڪمي، شدت سان ڀايان،
    اڌورو آهيان، سوا تنهنجي ساٿ جي.
    *


    جرڳو ڪوٺايو ويو، گڏ ٿيا سڀيئي،

    جرڳو ڪوٺايو ويو، گڏ ٿيا سڀيئي،
    هڻندا رهيا واڪ پئي، پڌر ۾ ويهي،
    وڪجي ڪا ويئي، ناري خون پلاند ۾.
    *


    ڪالهه اچانڪ روبرو، جيئن جو ڏٺائين،

    ڪالهه اچانڪ روبرو، جيئن جو ڏٺائين،
    جهيڻي لهجي ۾ مڙي، مون کي سڏيائين،
    ۽ پوءِ رُنائين، پئجي مون سان ڀاڪرين.
    *


    مڃان ماڻهن لاءِ مان، مري ئي ويندس،

    مڃان ماڻهن لاءِ مان، مري ئي ويندس،
    ڪنهن کي ڀلجي ڀي ڪڏهن، ياد نه مان ايندس،
    پڪ اٿم جيئندس، جيڏي تنهنجي جيءُ ۾.
    *


    منهنجي مُئي کان پوءِ تون، آخر ڪيئن ڪندينءَ،

    منهنجي مُئي کان پوءِ تون، آخر ڪيئن ڪندينءَ،
    ننڍڙا ننڍڙا سور هي، ڪنهن سان سليندينءَ،
    ڏاڍو روئيندينءَ، گوڏن تي ٻئي هٿ هڻي.
    *


    جيسين پنهنجيءَ جان ۾، ساجن ساهه هجي،

    جيسين پنهنجيءَ جان ۾، ساجن ساهه هجي،
    دل ۾ وهندڙ درد جو، ڀل درياءَ هجي،
    بس ويساهه هجي، پختو پنهنجو پيار تي.
    *


    سمنڊ سنڀالي ئي نه ٿو، پنهنجيءَ جهوليءَ کي،

    سمنڊ سنڀالي ئي نه ٿو، پنهنجيءَ جهوليءَ کي،
    ڇوليءَ ڇوليءَ کي، هوا ٿي اغوا ڪري.
    *
    ڪجهه نه پاتوسين اسان، توکي وڃائي،
    سڀ ڪجهه هارائي، آيا آهيون پاڻ ڄڻ.
    *


    جڏهن کان منهنجي روح ۾، آئي گوري آ،

    جڏهن کان منهنجي روح ۾، آئي گوري آ،
    لڳندي ٿوري آ، پنهنجي هڪڙي هيءَ عمر.
    *


    رستو اچي هٿ ئي نه ٿو، ڀُلجي پيا آهيون،

    رستو اچي هٿ ئي نه ٿو، ڀُلجي پيا آهيون،
    ڪاٿي پهتا پاڻ هون، اُلجهي پيا آهيون،
    ٿڪجي پيا آهيون جيون جي پويان ڊُڪي.
    *


    ڪيڏي ڪاري رات، چنڊ نه ڪو تارو ڪٿي،

    ڪيڏي ڪاري رات، چنڊ نه ڪو تارو ڪٿي،
    برسي پئي زور سان، مٿان اڄ برسات،
    چوڏس گهري سانت، آهي قبرستان ۾.
    *


    هُو جو نيري اُڀ تي، پکي اڏرن ٿا،

    هُو جو نيري اُڀ تي، پکي اڏرن ٿا،
    سکي اڏرن ٿا، ڏيئي پيغام پيار جا.
    *


    ڪاٽينداسين ڪيئن ٻئي، هيڏا وڇوڙا،

    ڪاٽينداسين ڪيئن ٻئي، هيڏا وڇوڙا،
    اکڙين مان ڳوڙها، سوچي برسي ٿا پون.
    *


    من کي هيڏي پياس ۽، ڏنئي لپ کڻي،

    من کي هيڏي پياس ۽، ڏنئي لپ کڻي،
    ڄڻ ڪا مينهن ڪڻي، برسي صحرا جي مٿان.
    *


    وک وک آهي حادثو، وک وک هڪڙو درد،

    وک وک آهي حادثو، وک وک هڪڙو درد،
    ڀوڳي ٿو هر فرد، پنهنجي پنهنجي روپ ۾.
    *


    ڪڪري لاڳيتو مٿان، بيٺي برسي ٿي،

    ڪڪري لاڳيتو مٿان، بيٺي برسي ٿي،
    سمجهان سُڏڪي ٿي، ڪائي ڄڻ پيڙاءُ کڻي.
    *


    ٻه ٽي ڏينهن رهي هتي، لڏي وينداسين،

    ٻه ٽي ڏينهن رهي هتي، لڏي وينداسين،
    ڇڏي وينداسين، تو وٽ پنهنجي ياد کي.
    *


    پکي پڃري ۾ ائين، ٻوليون ٻولي ٿو،

    پکي پڃري ۾ ائين، ٻوليون ٻولي ٿو،
    ڄڻ هو ڳولي ٿو، آزاديءَ جو پيچرو.
    *


    تڪڙو تڪڙو ڪيترو، گذري ويو ننڍپڻ،

    تڪڙو تڪڙو ڪيترو، گذري ويو ننڍپڻ،
    هيو سپنو ڄڻ، کُلندي اک گُم ٿي ويو.
    *


    سوچون هيٺان چنڊ جي، يادون سوئِن ٿيون،

    سوچون هيٺان چنڊ جي، يادون سوئِن ٿيون،
    ڄڻ هو پوئن ٿيون، لمحي لمحي کي کڻي.
    *


    اجهو گذري رات وئي، ناهي پل ستي،

    اجهو گذري رات وئي، ناهي پل ستي،
    جاڳي ٿي بتي، مون سان ڪمري ۾ اڃان،
    *


    جيڏو ڪاڇو تو ڏٺو، تيڏي تن کي تاس،

    جيڏو ڪاڇو تو ڏٺو، تيڏي تن کي تاس،
    پنهنجي پوءِ پياس، ڪيئن ڀلا پوري ٿئي.
    *


    ڦتڪي ڦتڪي ويو مري، اندر جو انسان،

    ڦتڪي ڦتڪي ويو مري، اندر جو انسان،
    جيون آ شمشان، ساڙيندو بُت ٿو وڃي.
    *


    ڇا هي ساڳيو آ اهو، اڄوڪو انسان،

    ڇا هي ساڳيو آ اهو، اڄوڪو انسان،
    جنهنجو اونچو مانُ، جڳ ۾ سڀ کان ٿو ٻڌان.
    *


    ويٺا هئاسين اوچتو، برسي مينهن ڪڻي،

    ويٺا هئاسين اوچتو، برسي مينهن ڪڻي،
    ڇرڪي پدمڻي! ٻکجي ڀاڪر ۾ وئي.
    *


    هڪڙي رات خواب ۾، آئي حسينا،

    هڪڙي رات خواب ۾، آئي حسينا،
    مان ٿو مهينا، سوچيان انهيءَ خواب تي.
    *


    سنڌ جي بهترين شاعر سائين مقصود گل جي نانءُ

    سنڌ جي بهترين شاعر سائين مقصود گل جي نانءُ


    پنهنجي پنهنجي پيار جا، ڇٽريا سڀ ڪنهن گل،
    چئني پاسي هُل، ڦهليا سڏڪن جا هئا.
    *
    منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن ٿيا، وڳي نه آهي ٽون،
    لاڳيتو ئي فون، توکي ساري ٿي پئي.
    *
    ڪيو ايئن محسوس مون، پهريون اڄ ڀيرو،
    سڄو رتوديرو، غم ۾ ٿيو غمگين آ.
    *
    ناهن اهڙا لفظ جو، توکي ڀيٽا ڏيان،
    سوچي سوچان مان، ۽ الجهي پوءِ ٿو پوان.
    *
    هو هر ويلي سار ۾، اچي پهچي ٿو،
    ۽ در کڙڪي ٿو، دل ۾ هڪڙي درد جو.
    *
    بيٺو وڻ اداس آ، خالي اٿس لام،
    ڪيڏي ٿي وئي شام، پکي موٽيو ڪو نه آ.
    *
    مٺا تنهنجي سار، آئي جيئن جيئن اوچتو،
    لڙڪن جي پوءِ لار، اکڙين ۾ رهجي وئي.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 729
    ڪتابن جو مشاهدو: 1083549
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 355819
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ