ڪتاب جو نالو: تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌ تحقيقي بورڊ
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1992
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 12 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 384 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 76 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي 21 عظيم مدبرن ۽ عالمن جو جيونيون شامل آھن.
دادا سنڌي نه رڳو، وڏن لاءِ لکيو آهي پر سنڌي ٻارن کي سنڌ سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌي مشاهيرن بابت ڄاڻ جو بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ان ڏس ۾، سندن ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ڳالهيون“ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هي ڪتاب ”تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون “ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو اميد ته ننڍن سان گڏ وڏن کي به پسند پوندو. هن ڪتاب جو هر ڪردار سنڌ جي تاريخ ۽ ساهت جو هڪ مڪمل باب آهي. ان ۾ شامل هر ماڻهو، موتي داڻو آهي. هر انسان، مثالي انسان اهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • تعارف
  • مهاڳ
  • چانڪيه پنڊت
  • حڪيم صالح سنڌي
  • شيخ خضر رحه
  • مائي چوچڪ بيگم
  • مريد جت
  • شاهه عنايت شهيد رح
  • مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح
  • نواب ولي محمد لغاري
  • روپلو ڪولهي
  • سيد صبغت الله راشدي
  • هيمون ڪالاڻي
  • حسن علي آفندي
  • جمشيد نسروانجي
  • ديوان ڏيارام گدومل
  • مائي ڄيٺي سپاهيملاڻي
  • حيدر بخش جتوئي
  • علامه آءِ – آءِ قاضي
  • پير حسام الدين راشدي
  • ڪامريڊ غلام محمد لغاري
  • محمد عثمان ڏيپلائي
  • غلام رسول ڪيهر
  • ڪتابيات

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ( سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ)
    سنڌ تحقيقي بورڊ جو ڏهون ڪتاب

    ڪتاب جو نالو:..... ...... تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون
    موضوع : ....... ....... تاريخ
    ليکڪ : ....... ....... دادا سنڌي
    ڇاپو :....... ....... پهريون جولاءِ 1992ع
    قيمت - 20 ( ويهه روپيه)


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    محترم ادل سومري جي نالي
    جنهن نثر ۽ نظم ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ وڏو واڌارو ڪيو آهي.

    دادا سنڌي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخي ماڻھو تاريخي ڳالھيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي 21 عظيم مدبرن ۽ عالمن جو جيونيون شامل آھن.
    دادا سنڌي نه رڳو، وڏن لاءِ لکيو آهي پر سنڌي ٻارن کي سنڌ سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌي مشاهيرن بابت ڄاڻ جو بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ان ڏس ۾، سندن ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ڳالهيون“ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هي ڪتاب ”تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون “ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو اميد ته ننڍن سان گڏ وڏن کي به پسند پوندو. هن ڪتاب جو هر ڪردار سنڌ جي تاريخ ۽ ساهت جو هڪ مڪمل باب آهي. ان ۾ شامل هر ماڻهو، موتي داڻو آهي. هر انسان، مثالي انسان اهي.
    هي ڪتاب 1992ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    سنڌ جي عظيم سپوتن تي، دادا سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ جو ڏهون ڪتاب آهي. جيڪو ڪتاب سنڌ جي نوجوان نسل جي رهنمائي ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي عظيم سپوتن بابت معلومات ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ڪري سگهيو ته اداري کي خوشي حاصل ٿيندي.

    ناز سنائي


    تعارف

    سنڌي تاريخ جا ڄاڻو، عالم ۽ لکندڙ، روز بروز ائين گهٽبا پيا وڃن، جيئن سنڌ اندر فارسي دانن جو قحط وڌندو رهي ٿو. حالانڪ سنڌ جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو تعداد جيئن وڌي رهيو آهي. ان حساب سان پنهنجي تاريخ جا ليکڪ ۽ شارح وڌڻ کپن ها. ان حساب سان پنهنجي تاريخ جا ليکڪ ۽ شارح وڌڻ کپن ها. پر بدقسمتي سان، ٿي ان جي ابتڙ رهيو آهي. اڄ هن ڏڪر واري صورتحال ۾، سنڌ جي تاريخ بابت، جيڪي چند ماڻهو سرگرم آهن، لکن ٿا، پڙهن ٿا ۽ تحقيق ڪن ٿا، انهن ۾ دادا سنڌي صاحب جو نالو به نمايان اهميت اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ جي اترئين ڇيڙي تي رهندي به، جتي نه ڪتاب ميسر آهن ۽ نه علمي ماحول ۽ نه وري ڪي ادبي مرڪز. سچ ته اهو دادا سنڌي جو دل جگر آهي، جو پاڻ وڏي همت ۽ پختي عزم سان تحقيقي ڪم ۾ مشغول آهي. هيل تائين لاتعداد مقالن کان علاوه اٺن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي.
    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، سنڌ جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ پڙهائي ويندي هئي ۽ درسي ڪتابن ۾، سنڌي مشاهيرن بابت، سبق شامل ڪيل هوندا هئا. ان ريت سنڌ جي نئين نسل کي آگاهي ڏبي هئي. بدقسمتي سان ان بعد هي صورتحال جاري نه رهي. آهستي آهستي ڪري،نصاب مان سنڌ جو ذڪر ۽ خيال خارج ڪيو ويو. اڄ جي اتفاق سان دودي چنيسر جي ڳالهه، ڪنهن ڪتاب ۾، سبق طور اچي ٿي ته دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيون، واڪا، اسيمبلين جي ايوانن ۾ ٻڌجن ٿا. مقصد رڳو هي آهي ته سنڌي ڪتابن ۾ سنڌي بجاءِ هند ۽ سنڌ بجاءِ، علي ڳڙهه جو ذڪر ٿئي. ڄڻ ته دريا خان، هوشو ۽ دودو نه هن ڌرتي جاڄاوا هئا ۽ نه وري انهن جو اسان تي ڪو حق به آهي.
    ان ڏکوئيندڙ ۽ دل آزاريندڙ، صورتحال ۾ دادا سنڌي نه رڳو، وڏن لاءِ لکيو آهي پر سنڌي ٻارن کي سنڌ سان روشناس ڪرائڻ ۽ سنڌي مشاهيرن بابت ڄاڻ جو بار به پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ان ڏس ۾، سندن ڪتاب ”سنڌ جو تاريخي ڳالهيون“ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هي ڪتاب ”تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون “ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو اميد ته ننڍن سان گڏ وڏن کي به پسند پوندو. هن ڪتاب جو هر ڪردار سنڌ جي تاريخ ۽ ساهت جو هڪ مڪمل باب آهي. ان ۾ شامل هر ماڻهو، موتي داڻو آهي. هر انسان، مثالي انسان اهي. علامه آءِ – آءِ قاضي صاحب، بلاشبه سنڌ جو روشن ضمير فلسفي هو. ڪامريڊ جتوئي سنڌ جو سچو خادم هو. ملازمت ۽ سياست گڏ نه ٿيون هلن. جڏهن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي ضرورت سمجهايائين، تڏهن نوڪري کي لت هڻي، ميدان عمل ۾ اچي ويو. جمشيد نسروانجي ۽ ڏيارام گدومل کي سنڌ جي تاريخ مان خارج ڪيو ويو آهي، جا هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت آهي. روپلو ڪولهي، غلام محمد لغاري ۽ مسڪين جهان خان ٿر سان گڏ، سنڌ جي اتهاس ۾ وڏو مرتبو رکن ٿا. سيد حسام الدين راشدي راشدي مرحوم پورهيت اديب هو. هن سنڌ جي تاريخ کي جيڪو رخ ڏنو.اهو اسان جهڙن سيکڙاٽ لکندڙن لاءِ مشغل راهه آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حسن علي آفندي جي علم دوستي عالم آشڪار آهي. هيمون ڪالاڻي ۽ سيد صبغت الله به حق سچ لاءِ آخرڪار ڦاسي جي ڦندي تي پهتا. مسڪين لاءِ شهيد عنايت جي قرباني وڏي عرصي تائين ياد ڪئي ويندي. مريد جت، مائي ڄيٺي، حڪيم صالح، پنڊت چانڪيه، شيخ خضر سڀ جا سڀ ڪردار مثلي ٿي گذريا آهن.
    چوندا آهن ته يا ٿجي مڙس يا ويجهي مڙسن جي پاڙي ۾. ولي محمد لغاري ۽ غلام رسول ڪيهر بلاشڪ مٿير مرد ٿي گذريا آهن. جيسين نواب ولي محمد لغاري زندهه هو تيسين ميرن جي صاحبي به برقرار رهي ته سنڌ جي آزادي به محفوظ. نواب صاحب جيئن ئي فوت ٿيو، تيئن ئي ٽالپرن جي حاڪميت ختم ٿي. خانصاحب غلام رسول ڪيهر جڏهن سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر هو تڏهن مجال آهي، ڪنهن ميمبر کي جو ايوان جو تقدس پائمال ڪري. اڄ جڏهن پاڻ هن جهان ۾ ڪونهي ۽ سنڌ جي حالت بدلجي چڪي آهي، تڏهن سندس کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي.
    دادا سنڌي صاحب، هن سڀني ڪردارن تي دل کولي لکيو آهي. پنهنجي سرت ۽ ساڃهه کي، وڏي همت ۽ سچائي سان پني تي آندو آهي. سندس ٻولي سلوڻي، صاف سٿري ۽ اجائي ٺاهه ٺوهه کان آجي آهي. خدا ڪري ته دادا سنڌي پنهنجي ساڻيهه سنڌ بابت اڃا به گهڻو لکي.

    غلام محمد لاکو
    ليڪچرار
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ


    مهاڳ

    تاريخ کي ماڻهو ٺاهين ٿا، پوءِ جيترو ماڻهو ڀلو، اوتري ان قوم جي تاريخ ڀلي. ڪي ماڻهو پاڻ مري قوم ۽ تاريخ سنوارين ٿا ۽ اهڙي طرح اهي ماڻهو مري به امر ٿي ويندا آهن. انهن جو نالو، قوم جي ٻچي ٻچي جي زبان تي هوندو آهي ۽ ڏاڍي فخر سان سندن ذڪر ڪيو ويندو آهي، اهي ماڻهو اُهي هوندا آهن، جن جو مرڻ ۽ جيئڻ، ملڪ جي ماڻهن لاءِ هوندو آهي. ڌرتي ۽ ڌرتي وارڻ سان پيار، سندن ايمان هوند و آهي.
    ٻارو! اوهان روز ڏسو ٿا ته ڪو بس هيٺان مئو، ڪو ٻڏي مئو، ڪو واٽ ويندي مئو، ته ڪو بستري تي ستي مئو، ڪنهن کي ڇتي پٽيو، ته ڪنهن کي ڪک سنگهيو. مرڻو ته اوسر آهي، ڀٽائي به زندگي کي جر تي ڦوٽو سڏيو آهي. پوءِ هي ٿورڙي حياتي، اهڙي نموني ڇو نه گذارجي جو هتان وڃڻ کان پوءِ به عوام ان کي چڱي نالي سان ياد ڪري. نالو زندهه، نه وڏن بنگلن ٺهرائڻ سان ٿئي ٿو، نه وري موٽر ڪارن ۾ چڙهڻ سان ٿئي ٿو. نالو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو آرام، پنهنجو مفاد ٻين لاءِ قربان ڪري ٿو. الله جي مخلوق سان پيار ڪري ٿو. اوهان پنهنجي درسي ڪتاب ۾ ابو بن ادهم جي نظم پڙهي هوندي، هن کي خود ڪائنات جي خالق پئي پيار ڪيو، ڇو ته هو الله جي بدن سان پيار ڪندو هو.
    منهنجي سنڌ جا پيارا نونهالو! اوهان کي مان سچ ٻڌايان ته، سنڌ اهڙا ته ڀلوڙ ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن ٻين لاءِ پنهنجو گهر ٻاري ڏياري ڪري ڇڏي. سنڌ جي تاريخ، اهڙن ماڻهن سان ڀري پئي آهي جيڪي بندن جا بندا ٿيا. پنهنجي لاٰءِ نه پر ٻين لاءِ جيئرا رهيا اهي ملڪ ۽ ملت جا سڄڻ هئا. گهڻگهرا هئا. اهي شير شاهه جا شڪرا نه هئا. اهي پنهنجن جا ويري نه سنڌڙي کي سهتائو ڪيو، پاڻ مري سنڌ کي جيئاري ويا. اهي چوڌاري چمڪاٽ هئا، ڏيئا ڏيئا لاٽ هئا. اڄ اهي اسان وٽ نه آهن، پر انهن جا سونهري ڪارناما ۽ انهن جو اعلى ڪردار اسان لاءِ آدرشي ۽ مثالي آهي. مون وٽ ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن سڄڻن جو اوهان جي زبان ۾ اوهان سان ذڪر ڪيو آهي اوهان به انهن مان آهيو، اوهان به انهن جي اولاد آهيو، اوهان به هن جنم ڀوميءَ جا سرواڻ آهيو. چوندا آهن ته ” ڀت بنياد تي ويندي آهي“ اوهان جي رڳن ۽ نسن ۾ انهن بزرگن جو خون ڊوڙِي رهيو آهي، جن پنهنجي وطن واسين جي سک ۽ آرام لاءِ تن من ۽ ڌن لٽائي ڇڏيو.
    مون هن ڪتابچي ۾ انهن بزرگن جي انسان دوستي، مذهبي رواداري ۽ هر شيءَ ۾ پرين پسڻ واري جذبي کي پيش ڪري اوهان کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انسانيت ڇاکي چئبو آهي ۽ خدمت خلق سان خدا کي ڪيئن راضي ڪبو آهي. مون کي اميد آهي ته اوهان ننڍڙا، جيڪي نفسياتي طور وڏن جي نقل ڪرڻ کي پسند ڪندا آهيو، پاڻ ۾ انهن جهڙو جذبو انگ پيدا ڪري هن ڪوڙهئي ۽ روڳي سماج مان ڪن ڪچرو ڪڍي سنڌ کي خوشحال، سرسبز ۽ سهائو سهانو ڪندا.


    دادا سنڌي
    داد لغاري
    12 مارچ 1989ع


    چانڪيه پنڊت

    گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، اٽڪل 322 ق-م جڏهن سڪندر مقدوني، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڌاڙيل ۽ ڦورو حاڪم، هندستان تي حملو ڪيوهو، هو سنڌ ۾ به آيو، پر هتان سڀني جا تير کائي ۽ ڌڪ سهي واپس هليو ويو. تن ڏينهن ۾ چندر گپت، ميدان ۾ آيو. هو هڪ سياح جي حيثيت سان گنگا ماٿري جي علائقي کان پنجاب ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت سڪندر جي فوج ۾ به رهيو، جڏهن سڪندر کي هتان ويندو ڏٺائين تڏهن پاڻ ڏنڊو پٽي ويهي رهيو ۽ هندستان ۾ ذاتي حڪومت قائم ڪيائين پالي پترا کان نند گهراڻي جي راجا کي ٻاهر ڪڍي ساري اڀرندي هندستان کي پنهنجي هٿ ۾ ڪيائين. مشرق ۾ پنهنجي هٿ ۾ ڪيائين. مشرق ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪري، هن پنجاب تي به چڙهائي ڪئي ۽ يوناني فوجين کي هڪالي سڀني راجائن کي تابع ڪيو. اهڙي طرح هي پهريون هندي حڪمران هو جنهن ساري هندستان تي راج ڪيو.
    چندر گپت جي ڏينهن ۾ سنڌ صنعتي، حرفتي ۽ تعليمي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي. ڪاريگرن، مزدورن ۽ پورهيتن کي چڱيون اجرتون ملنديون هيون، ڪوبه فرد غريب ۽ بيروزگار ڪونه هو. هن جي دور ۾ تعليم ۽ صحت لاءِ وڏا اسڪول ۽ مڪتب هئا، جتي طب، سياست، فلسفي ۽ ٻين علمن ۽ فنن جي تعليم ڏني ويندي هئي. تعليم جو معيار ايڏو ته بلند هو، جو هڪڙي ماڻهو کي ڪيترن ئي علمي شاخن جي تربيت وٺڻِي پوندي هئي. ان وقت جو هڪ سنڌي شاگرد نالي چانڪيا، ننڊپڻ کان ئي هوشيار ۽ علم جو شوقين هو. هو ڌن جو پڪو ۽ ارادي جو مضبوط هو. پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ، هن هر قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي دل سان مقابلو ڪيو.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته چانڪيا علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هڪ گهاٽي جهنگ مان لانگهائو ٿيو، واٽ ويندي ڀرٽ جي ڪنڊن جا ٻوٽا هر هر، سندس پيرن کي وڪوڙي ٿي ويا، هن وڏي ڪوشش ڪئي پر ڪنڊن کان جند ڇڏائي نه پئي سگهيو. آخر هڪ ڏينهن هڪ هنڌ تي بيهي، جهنگ ڏانهن منهن ڪري وڏي واڪي چوڻ لڳو ته ” آءُ چانڪيه آهيان تون هن وقت مون کي تنگ ڪرين ٿو پر ڪو وقت اهڙو به ايندو، جو آءُ وڏي عهدي تي پهچي تنهنجي چڱي طرح خبر وٺندس. “
    آخرڪار ڪجهه وقت کان پوءِ چانڪيه چندرگپت جي حڪومت ۾ تمام وڏي عهدي تي پهتو. هڪ دفعي کيس جهنگ وارو واقعو ياد آيو، هن عوام کي حڪم ڪيو ڏنو ته ” خاص ضرورت کان وڌيڪ هرڪو پنهنجي گهر ۾ کير جي بچت ڪري، ان مان ڏهي ڄمائي رکي. رعيت حڪم جي پوئواري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ٿورن ڏينهن ۾ گڏ ڪيل ڏهيءَ جو ڪافي ذخيرو موجود ٿي ويو، جيڪو گهڻي وقت رکڻ ڪري ڦٽي ڌپ ڪري ويو. جڏهن اهو سارو ذخيرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميڙي ميڙي چانڪيه وٽ پيش ڪيو ويو، تڏهن هن حڪم ڪيو ته اهو سڄو ذخيرو جهنگ ۾ ٻوٽن جي پاڙن ۾ هاريو وڃي. اها ڦٽل ڏهي، جنهن ۾ تيزابي مادو پئدا ٿي چڪو هو جڏهن ٻوٽن جي پاڙن ۾ پهتو ته سارو جهنگ سڙي صاف ميدان ٿي ويو. هن ميدان تي پوءِ پاڻيٺ ۾ اهم حيثيت حاصل ڪئي. هن ميدان تي پوءِ ٽي وڏيون جنگيون لڙيون ويون، جن برصغير جي رياست جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو ۽ ان انقلاب آڻڻ ۾ سنڌي چانڪيه جو هٿ هو. جنهن پنهنجي حڪمت عملي سان ميدان صاف ڪرائي ڇڏيو. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جو هي فرد، طب ۽ سائنس جو ڪيڏو نه ڄاڻو هو، ڪنهن شيءِ جي تيزابي اثر جي ايڏي وڏي ڄاڻ رکڻ، ڪا معمولي ڳالهه نه آهي.
    چانڪيه پنڊت هڪ وڏو عالم مصنف به هو، سندس لکيل ڪتاب ارٿا شاستر ( سياست نامو) هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سياست، حڪمت، طب، جهاز سازي، ملڪي تاريخ، حڪومتي انتظام، آدمشماري ۽ کاڻين کوٽڻ تي روشني وڌي ويئي آهي. هي ڪتاب افلاطون ۽ ارسطو جي سياسي ۽ سماجي تحريرن جي ڀيٽ ۾ جامع آهي، جنهن ۾ طب، ڌاتن ۽ سياست تي به بحث ڪيو ويو آهي. سندس ڪجهه ڳالهيون هيٺ ڏجن ٿيون.
    ( الف) سياست ۾ اخلاق ڪابه شيءِ نه هوندي آهي، تنهن ڪري ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪيو وڃي، عوام کي تڪليفن ۾ وجهڻ سياست آهي.
    ( ب) شڪ ڪوڙ ۽ عباري ملڪي انتظام کي درست رکڻ لاءِ ڪارائتا آهن.
    ( ث) شاهي درٻار ۽ عام درٻارين، وسيلي ماڻهن جا مقدما ۽ فيصلا ٻڌي، انهن تي مهر جو هٿ ڦيريو وڃي.
    سنڌي پنڊت، ماهر طب ۽ سياستدان چانڪيه جو هيءُ ڪتاب پهريون ڀيرو 1905ع ۾ جرمني ۾ ڇپيو.


    حڪيم صالح سنڌي

    سنڌ طبيبن جو ڏيهه آهي طب ۽ حڪمت هتان جي رهاڪن جو پراڻو شيوو آهي. سنڌ جي حڪيمن جي ساري دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، عربستان ۾ به سنڌي طبيبن پنهنجو نالو ڪڍيو، حضرت بيبي عائشه رضه جو علاج هڪ سنڌي طبيب ڪيو. سنڌ جا حڪيم عباسيه دور ۾ تمام گهڻي انداز ۾ عربستان ۾ رهندا هئا، انهن مان ”صالح پٽ ڀلو“ ناليرو طبيب ٿي گذريو آهي.
    هڪ ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو جو، بادشاهه سلامت جو سئوٽ ابراهيم پٽ صالح بيمار ٿي پيو. رات جي ماني دسترخوان تي تيار هجي بادشاهه سلامت هٿ ڌوئي ماني ڏانهن هٿ مس وڌايو ته کيس خبر پئي ته ابراهيم پوين پساهن ۾ آهي، هارون انهيءَ مهل هڪ رومي طبيب جبرئيل بختيشوع کي حڪم ڏنو ته هاڻي جو هاڻي ابراهيم کي خوش ڪيو وڃي. شاهي طبيب مريض جي طبيعت ڏسي نا اميد ٿي پيو ۽ بادشاهه کي دسترخوان تي ئي جواب ڏيئي ڇڏيائين ته همراهه جو چاڙهو ڪونهي، بس هن کان ماني وسري ويئي ۽ اونڌي منجي ڪري ويهي رهيو. صالح سنڌي بادشاهه جي اها حالت ڏسي چيو ته ”سائين مون کي مريض تپاسڻ جو موقعو ڏنو وڃي“. هارون کيس اجازت ڏني، هن بيمار کي تپاسڻ کان پوءِ چيو ته قبل جي اڄ رات ابراهيم ان بيماريءَ ۾ مري وڃي ته منهنجا سڀ غلام آزاد ڪيا وڃن. ساري ملڪيت ضبط ڪري غريبن ۾ ورهائي وڃي ۽ زالون طلاق ڏنل سمجهيون وڃن.“ اهو ٻڌي بادشاهه کي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ هن ماني کاڌي.
    صبح جو سج اڀري سنئون ئي نه ٿيو جو روئاٽ جو آواز آيو. خبر پئي ته ابراهيم مري ويو. صالح سنڌي چيو ته ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي. اچي جو ڏسي ته امير امراءَ بادشاهه سلامت سان گڏ بيٺا آهن. تجهيز تڪفين جو بندوبست ٿي رهيو آهي. مردي کي ڌوپ جو دونهون ڏنو پيو وڃي. صالح چيو ته ”بادشاهه سلامت ڪيڏو نه ظالم آهي جو جيئري کي دفنايو پيو وڃي، خدا جو قسم ابراهيم زندهه آهي. “ هو بادشاهه سان گڏ مردي وٽ آيا، سنڌي حڪيم نبض ڏسي ابراهيم جي پير ۾ سئي هنئي ته سندس بدن ۾ چر پر پئدا ٿي. ابراهيم چيوته سائين، ڪڏهن مردي کي به ايذاءَ جو احساس ٿيو آهي، يڪدم هن جي بدن تان موت واريون مليل خوشبوئون هٽايون ويون. سندس ڪفن لهرائي، کيس رواجي ڪپڙا پهرائي کٽ تي سمهاريو ويو ته جيئن هو هوش ۾ اچي ته پاڻ کي ڪفن ۾ ڏسي هانءُ نه ڏاري وجهي. ان کان پوءِ صالح چيو ته ”مان مريض جو علاج بادشاهه جي روبرو ڪندس“ سنڌي طبيب ڇا ڪيو جو هڪ خالص سنڌي دوا ڇڻڪڻي، گهرائي ڪٽي سنهي ڪري ڪپڙي ۾ ڇاڻي، مريض جي نڪ ۾ وجهي ڦوڪ ڏني. بس سائين ٿوري دير کان پوءِ، ابراهيم چرڻ پرڻ لڳو ۽ ٻه ڇڪون ڏيئي سنئون سڌو ٿي ويهي رهيو. بادشاهه سلامت وائڙو ٿي ويو، سندس حيرت ۽ خوشي جي حد ئي نه رهي ابراهيم کان پڇيائين ته ڇا ڳالهه آهي؟ هن چيو ته مان گهري ننڊ ۾ سمهيل هوس ته خواب ۾ هڪ جانور ڏٺم، جيڪو مون کي مارڻ لاءِ الر ڪري آيو ته مون ان کي هٿ سان روڪيو ته هن منهنجي آڱر ۾ چڪ پاتو، جنهن جو اڃا تائين ان آڱر ۾ سور اٿم“ انهيءَ واقعي کان پوءِ، ابراهيم ڪيئي سال زندهه رهيو ۽ مهدي عباسيءَ جي ڌيءَ سان، شادي ڪيائين. پڇاڙي ۾ مصر ۽ فلسطين ۾ گورنر به ٿي رهيو، سندس وفات مصر ۾ ٿي ۽ هونڏانهن خليفي هارون الرشيد سنڌي طبيب صالح جي پيشه ورانه صلاحيت کان متاثر ٿي کيس وڏو انعام ڏنو ۽ پنهنجو خاص مقرب مقرر ڪري، پاڻ وٽ شاهي طبيب ڪري رکيو.


    شيخ خضر رحه

    سنڌ جي سرزمين جيڪي عالم ۽ بزرگ، عارف ۽ ولي الله پيدا ڪيا آهن، تن مان شيخ خضر رحه به هڪ آهي. پاڻ سيوهڻ جا ويٺل هئا، پير طريقت، پرهيزگار ۽ تارڪ الدنيا هئا. سندس زهد، تقوى ۽ توڪل خدا ان حد کي پهتل هئي، جو ساري حياتي ۾ هڪ ڪوڏي به گڏ نه ڪيائون ۽ نه وري ڪو مال به ميڙيائون. هو سيوهڻ جي جبلن ۾ رهندو هو ۽ هڪ تنور منجهه ويهي ذڪر الاهي ڪندو هو، سياري ۽ اونهاري ۾ صرف هڪ گوڏ ٻڌل هوندي هيس. سندس ڪنهن سان به ذاتي دوستي ۽ دشمني ڪانه هئي، انساني وستي کان ڪوهين ڏور هو جتي سڀ مطلب جا يار رهن ٿا.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ساڻس سيوهڻ جو حاڪم ملڻ آيو، ڏسي ته شيخ سخت ڪاڙهي ۾ گرم پٿر ٿي مراقبو ڪيو ويٺو آهي، بزرگ مٿو کڻي کائنس پڇيو ته ” تون ڪير آهين ۽ هت ڇو آيو آهين.“ حاڪم جواب ڏنو ته ” اوهان جي زيارت لاءِ آيو آهيان، مون تي ڪو ڪم رکو ته اهو پورو ڪري سعادت حاصل ڪريان.“ شيخ جواب ڏنو ته ” مون کي اهڙو ڪوبه ڪم ڪونه سجهي جيڪو اوهان سان واسطو رکندو هجي.“ ڇو ته شيخ دنيا جي ڏچن ۽ اٿڻي ويهڻي کان بنهه پري هو، ان ڪري دنيا جي حاڪم ۾ به، سندس ڪو ڪم نه هو. وري کيس حاڪم عرض ڪيو ته شيخ چسي ته ” چڱو هينئن ڪر پهريون ته پنهنجو پاڇو مون کان پري ڪر، ڇو ته جيڪو ماڻهو الله جي پاڇي هيٺ گذري رهيو آهي، تنهن کي ٻئي ڪنهن به پاڇي جي ضرورت نه آهي. ٻيو ته جتان آيو آهين اوڏانهن هليو وڃ“ حاڪم اتان اٿي ٿي بيٺو ۽ فقير تان سندس پاڇو هٽي ويو. حاڪم پوءِ عرض ڪيس ته اوهان جڏهن الله تعالى جي يادگيري ۾، مشغول هجو، تڏهن منهنجي حق ۾ به دعا گهرندا ڪريو، شيخ چيو ته ” ڌڻي تعالى، شل اها مهل نه آڻي، جو سندس ذڪر وقت ڪو غير يا ٻيو دل ۾ اچي ۽ الله جي بندگي ۾ زخنو پوي.“
    هن ڳالهه ٻولهه مان شيخ صاحب جو مطلب هي آهي ته الله تعالى جي ذڪر وقت انسان جو تعلق ظاهري يا باطني صرف خدا سان هجي ۽ غيرالله ڏانهن ڌيان نه ڏجي ڇو ته، اهڙي طرح بندي جو خدا سان تعلق ٽٽي وڃي ٿو. عبادت به اها قبول آهي، جيڪا سچي نيت ۽ دل جي خلوص سان ڪجي من ۾ صرف حقيقي محبوب جو تصور هجي، انهي هڪ ئي معبود جي طلب ۽ تنوار هجي هر وقت الله جي وائي هجي جيتوڻيڪ هٿ ڪم ۾ رڌل هجن پر من ۾ پرين جو واسو هجي. شاهه ڪريم رح چيو آهي ته ” هينئون ڏجي حبيب کي لڱ گڏجن لوڪ“ شيخ رح دل ۽ لڱ، جان ۽ جسم، روح ۽ بدن، حقيقي محبوب جي حوالي ڪري، موت کان اڳ مري چڪو هو، سندن نفسياتي خواهشون ختم ٿي چڪيون هيون، ان ڪري کيس دنيا جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي.
    شيخ رح جي خليفن مان محمد مير، جنهن کي ميان مير رح سڏين ٿا، مشهور آهي، جنهن جو مقبرو لاهور ۾ آهي.


    مائي چوچڪ بيگم

    حڪومت ۽ بادشاهت به عجيب شيون آهن، جڏهن اهي ڪنهن کي هٿ اچن ٿيون ته پوءِ سائين پيءَ جو پٽ تي ۽ ڀاءُ جو ڀاءُ تي اعتبار نٿو رهي، ڇو ته هو سوچي ٿو ته اها بيش بها نعمت، مون کان ڪو کسي نه وٺي پوءِ کڻي اڳلو پنهنجي هڏ ۽ رت مان ڇو نه هجي. هندستان جو حاڪم، همايون مغل به ائين هو، هن کي جڏهن سندس ئي هڪ سپاهي شير شاهه سوريءَ هندستان مان تڙيو ته، هن وري اچي ڀائرن مان باهيون ڪڍيون، هن جو هڪ ڀاءُ هو مرزا ڪامران، اصل سڳو هڪ ئي ماءُ پيءُ مان. ڪامران، سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسن ارغون جو ڄاٽو هو ۽ ڪابل ۾ رهندو هو. سنڌ جا ارغون ۽ هندستان جا مغل اصل ۾ پاڻ ۾ مائٽ هئا، جيڪي وچ ترڪستان ۽ ايران مان مفت جو مال ميڙڻ ۽ قسمت آزمائڻ لاءِ برصغير ۾ آيا، بابر وڃي هندستان کي هٿ ڪيو ته وري شاهه بيگ اچي سنڌ ۾ کپ کوڙيا. همايون جڏهن سنڌ ۾ آيو، ته شاهه حسن سنڌ واسين جي زور ڀرڻ تي کيس ٿڙا ٻڌائي، مرزا عسڪري کيس پير کوڙڻ نه ڏنو، ان ڪري هو سڌو ڪابل ڪامران تي ڪاهي ويو ۽ ڪامران کي اتان ڪڍي، پاڻ بالم ٿي ويهي رهيو.
    بي گهرن ۽ لٽيل ڦريل ماڻهن جو اجهو، سدائين سنڌ رهي آهي، سو مرزا حڪمران به رت جا ڳوڙها وهائيندو ۽ هنجون هاريندو سنڌ ۾ آيو. شاهه حسن کيس دلاسو ڏنو، آٿت ڏني ۽ پنهنجي ڌيءَ مائي چوچڪ، جا سندس مڱ هئي، سا کيس پاٽ شهر ۾ پرڻائي ڏني. مائي چوچڪ جي ماءُ جو نالو حاجي ماءِ بيگم هو، جيڪا مرزا شاهه حسن جي ٻي گهرواوي هئي، هو ڄائي نپني سنڌ ۾ هئي ۽ سنڌو جو لڙاٽيل پاڻي پي، ملير جي مارئي بنجي وئي. مڙس سان محبت ۽ ور سان سچو رهڻ، جيڪا سنڌي عورت جو مرڪ آهي، سا کيس سنڌ جي مٽي مان ئي ملي. مارئي جيڪا روايت قائم ڪئي ان کي هن به نڀايو. ڇا ٿيو جو ڪامران ڪجهه لشڪر ۽ پئسو سهري کان وٺي همايون کان ڪابل کسڻ لاءِ مٿس ڪاهه ڪري ويو پر شڪست کائي ساٿي مارائي پاڻ وڃي سنڌ جي کوکرن وٽ لڪو. همايون ڏٺو ته ڪامران کيس آرام ڪرڻ نه ڏيندو ان ڪري هن راهه ڪنڊي کي ڇو نه ختم ڪجي. اهو خيال ڪري دلاسا دلبا ڏيئي هيٺيون مٿيون ٻڌائي کيس پاڻ وٽ گهرايو جڏهن هو وٽس پهتو ته پيارا ڀاءُ، مٺڙا ادا چئي ڀاڪر پائي وٺبي جو گرم پاتل جي سرائي پنهنجي پيءُ ڄائي ڀاءُ جو اکين ۾ گهمرايائين ته ابا همراهه انڌو. هاڻي ته ڪامران جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. مڙس اپاهچ، محتاج ۽ پاڻ وهيڻو بنجي ويو. بادشاهت يا حڪومت ته پنهنجي جاءِ تي هاڻي ته حياتي وبال بڻجي ويس ۽ ڀاءُ جي قيد مان حج جو بهانو ڪري موڪل گهري. همايون ته اڳ ئي هن دڳ جي ٿڏي کي ڪڍڻ پئي چاهيو سو وڏا وڏا ڀاڪر پائي کيس روانو ڪيو ۽ هو سڌو ساهرن وٽ سنڌ ۾ آيو.
    اهو 1555ع جو زمانو هو. چوچڪ بيگم پنهنجي ڏتڙيل، زخميل، پنهنجن جي ستايل ناتوان ۽ عاجز مڙس جي وڏي خدمت ڪئي. سهري کيس ساڌ ٻيلي ۾ ٽڪايو. بٺوري جو ڀرڳڻو کيس جاگير ۾ ڏنو ۽ فتح باغ ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏنائين. هن جي بورچيخاني جو خرچ تمام سٺو ٿيڻ لڳو ۽ اک جو ڦٽ به ڇٽي ويس ۽ تازو توانو ٿي پيو، کيس سنڌ ۾ سک ته ڏاڍو هو پر همراهه کي ڪعبي جي زيارت جو شوق سو هردم تيار هو. چوچڪ بيگم به مڙس سان وڃڻ لڳي. ماڻس روڪيس ت چوڻ لڳي ” امڙ وڏي ڳالهه آهي ته هن وقت، مان پنهنجي مڙس کي ڪيئن ڇڏيان؟ جڏهن ته هو نابين آهي، محتاج آهي، زندگي جي چپي چپي تي منهنجي کيس مدد ۽ تعاون جي ضرورت آهي“. آخر مڙس سان وڃي ٻيڙيءَ تي ويٺي ته اتي سندس والد شاهه حسن آيو، جنهن به کيس وڃڻ کان روڪيو. پر هن سنڌ جي نياڻي جنهن ۾ سنڌ جي مٽي جو هڳاءُهو ۽ سنڌي غيرت موجود هئي، تنهن جواب ڏنو ته ” بابا توهين ڇا ٿا چئو. مان پنهنجي مڙس کي ڇڏيان، جيڪو منهنجو مجازي خدا آهي، سرتاج آهي،جو رفيق حيات آهي. جنهن سان مرڻ ۽ جيئڻ جو وچن ٿيل آهي، دنيا اسان کي ڇا به چوندي ته جڏهن هو بادشاهه هو ته اسان ان سان مٽي ڪرڻ ۾ فخر ڪيو ۽ اڄ جڏهن هو گدا آهي، اپاهچ آهي ۽ در در جون ٺوڪرون کائيندڙ آهي ته اسان کيس ڌار ڪري ڇڏيون ؟ هن ڏکئي وقت ۾، جڏهن ڀاڻس به کيس ڀڄائي ڪڍيو ۽ دوست به ڇڏي ويس ته ان وقت مان زال به سندس ساٿ نه ڏيان ته اهو منهنجي غيرت ۽ محبت تي ڌٻو آهي. اوهان جنهنجي هٿ ۾ منهنجو هٿ ڏنو ته هاڻي اٿڻ ويهڻ ان سان ئي آهي، مان هاڻي پنهنجي مڙس جي قدمن ۾ مرڻ قبول ڪندس پر پيڪن وٽ رهڻ پسند نه ڪنديس“. بادشاهه ڌيءَ جو جواب ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ هو مڪي روانا ٿي ويا. جتي ڪامران 964ع ۾ وفات ڪئي ۽ چوچڪ بيگم پنهنجي مڙس جي مرڻ کان ست مهينا پوءِ پاڻ به گذاري وئي. اهڙي طرح هن سنڌ جي ڄائي مرڻ گهڙي تائين پنهنجي لڄ نه لڄائي پر مارئي ۽ سسئي وارو ڪردار ادا ڪندي، سنڌي ثقافت جو مان مٿاهون ڪيو ۽ مڙس سان وفاداري ۽ سچائي جو آدرشي مثال قائم ڪيو.


    مريد جت

    سنڌ ۾ ارغون گهراڻي جي حڪومت جو بنياد وجهندڙ شاهه بيگ ارغون جو پٽ شاهه حسن ارغون جڏهن مري ويو، تڏهن سندس نمڪ حلال ۽ پيارو نوڪر مرزا عيسى پٽ مرزا عبدالعلي ترخان سنڌ جي حڪومت جو دعويدار ٿيو، ڇو ته شاهه حسن کي اولاد ڪونه هو، پر اتر سنڌ، بکر ۾ سلطان محمود ڏنڊو پٽي ويهي رهيو. ان ڪري هنن ٻنهي مفت جي مال کي ورهائي کنيو. يعني سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو مرزا عيسا ترخان قبضي ۾ آندو ۽ ڏهه سال 1555ع کان 1565ع تائين دٻدٻي سان حڪومت هلائي.
    مرزا عيسى کي چار پٽ هئا، مرزا محمد باقي، مرزا صالح، مرزاغالب ۽ مرزا جان بابا. انهن ۾ مرزا باقي ۽ مرزا صالح ٻيئي ظالم هئا، پر مرزا صالح وڌيڪ ڪٺور ۽ سخت گير هو. هن پوڙهي پيءَ کي گوشه نشيني تي مجبور ڪيو. مرزا باقي کي ڪڇ ڏانهن ڀڄائي ڇڏيو. مرزا جان بابا کي سميجن ڏانهن اماڻي ڇڏيو ۽ مرزا غالب کي پاڻ سان رهائي، ڏنڊو پٽي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو.
    هاڻي ته اچي سنڌ واسي ڦاٿا، جنهن پيءَ ۽ ڀائرن سان نه رهائي، سو رعيت کي ڪهڙِ پڳ ٻڌائيندو. ڀٽ ڌڻي رح چيو آهي ته ” ڌاريان ئي ڌاريا، مٽ مئي نه ٿيا“. هو ڪٺور ڪپيتو، ظالم ۽ سڌڙيو ته اصل کان ئي هو. سنڌ جي مٽي مان ته هن جنم ڪونه ورتو هو جو ڪو احساس ٿئيس. هن طرح طرح جا ظلم ڪيا ماڻهن کي بي گناهه قتل ڪرڻ، جيلن ۾ وجهڻ، ڦٽڪا مارڻ ۽ هر سهڻي ڇوڪريءَ کي زوري کڻي وڃڻ سندس روز جا ڪم هئا، پر اڳيان به سنڌي غيور ۽ سورهيه هئا، جيڪي ٻيو سڀ ڪجهه ته برداشت ڪري ٿا سگهن پر ننگ ۽ نياڻين جو جنهن نانءُ ورتو، ان کي ماريندي دير نه ڪن. سو هڪ ڪٽنب جي وڏي مرزا صالح مارائي سندس ٻين ڀاتين کي جيل ۾ وجهي، ڇوڪريءَ کي زوري کڻائي ويو.
    اهو جتن جو خاندا هو. لاڙ جي پاسي جا ويٺل هئا، نه ڄاڻ ڇوڪريءَ جو ڀاءُ مريد جت، ڪنهن ڪم سانگي گجرات ويل هو. جڏهن موٽي آيو، تڏهن کيس خبر پئي ته ڪيئن نه هن جي گهر سان قهر ٿيو ۽ ڀنڀور ڀيليو ويو آهي. مڙس غيرت وارو هو. سنڌڙي جو تخم هو. مادر وطن جو سچو سپوت هو. همراهه ڳاڙهو لال ٿي ويو. بس ماني پاڻي ويس وسري. پٽڪو لاهي کڻي پٽ تي اڇلايائين، هڪدم ٺٽي آيو ۽ کلم کلا صالح سان دشمني ۽ وير رکڻ لڳو. هو چوندو هو ته ” جيستائين آءُ مرزا صالح کي ڀريل درٻار ۾ نه ماريندس، تيسين مٿي تي پٽڪو نه ٻڌندس“ هو هر چونڪ ۽ گهڻي ۾، چرين وانگي، ڇري کي تکو ڪندي چوندو هو ته ” اي ڇري، تون ڪم ڪندينءَ يا نه، اي دل تون مضبوط ٿجائين، توکي موقعي تي بي دليءَ جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته تنهنجي ئي ڏڍ تي،مون هي ڪم پنهنجي ذمي کنيو آهي.“ ٺٽي شهر جا سڀئي ماڻهو ۽ حڪومت جا سپاهي هن کي چيو سمجهندا هئا ۽ شهر جا ٻار، تماشو ڏسڻ لاءِ، هن جي پٺيان پيا ڊوڙندا هئا. هو جيڪي لفظ چوندو هو، ان کي گهٽيءَ ۽ بازار ۾ بيٺل ننڊا وڏا، پيا دهرائيندا هئا ۽ کيس هرڪو ” مريد مست“ ڪري سڏيندو هو.
    هڪ دفعي ڇا ٿيو جو، مرزا صالح شڪار تان موٽيو ۽ پنهنجي محل ڏانهن پئي ويو، ته اوچتو مريد جت به، ڇري کي ڪاغذ ۾ ويڙهي، فرياد ڪندو ڏانهن وڌڻ لڳو. دربانن کائنس درخواست گهري. پر هن چيو ته مون کي بادشاهه کي روبرو ٻيون به ڳالهيون ڪرڻيون آهن.“ مرزا صالح چويدارن کي حڪم ڪيو ته ” فقير کي نه روڪيو، کيس اچڻ ڏيو“ ان بهاني سان جڏهن هو غيرتمند ۽ بهادر سنڌي، بادشاهه جي ويجهو پهتو، تڏهن ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڇري ڪڍي ڏند ڪرٽي، پنهنجي سموري سگهه، قوت ۽ غيرت سان بادشاهه جي پيٽ ۾ اهڙي طرح هنئي جو هن جا آنڊا به ٻاهر نڪري آيا. اهو ڏسي بادشاهه جي نوڪرن، کيس ٿڏي تي شهيد ڪري وڌو. هن جي جسم تي بيشمار گهاءُ ڪيا ويا ۽ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو. پر سندس غيرتمند رت، مادر وطن کي رنگين بنائي ڇڏيو ۽ سندس سورهيائي، تاريخ جو سونهري ورق بنجي ويئي.
    هي واقعو ڇنڇر جي ڏينهن 23 شعبان 970 هجري جو آهي.


    شاهه عنايت شهيد رح

    سنڌ ڏکويلن جو ڏيهه آهي، ڀٽ ڌڻي رح هن کي ان ڪري ئي ” دردوندي جو ديس“ سڏيو آهي. مشهور برطانوي ليکڪ رچرڊ برٽن جي لفظن ۾ هي ” ڏکويلن جي ماٿري“ آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو هتان جو معاشرو، ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي. هڪ مٿيون طبقو جن ۾ زميندار، جاگيردار ۽ وڏيرا آهن جن وٽ پيداوار جو مکيه ذريعو، زمين فقط هڪ شخص جي ذاتي قبضي ۾ آهي،جيڪو ساري آمدني جو مالڪ آهي، جيڪو انهيءَ جاگيردار وٽ، سندس ٻني تي ڪم ڪري ٿو، پورهيو ڪري ٿو، پڇاڙي ۾ کيس پيٽ قوت لاءِ ڪڻا به ڪونه ٿا ملن. هي ڌرتي ان لاءِ لطيف سائين جي لفظن ۾ ” دوزخ جي دونهين“ مثل آهي. انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، لٿل چهرا، ڏٻرا ڏيل،آليون اکيون، اڻڀا وار. زندگي ڄڻ ٿوهر جو وڻ، اهڙا غريب هاري،اسان وٽ نوانوي سيڪڙو آهن. پاڪستان جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايل آهي ته ” لکين ماڻهن وٽ، زمين جو هڪ جريب به ڪونهي ۽ ٻئي طرف مٺ تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو، هزارها ايڪڙن جا مالڪ آهن.“ سنڌ ۾ اها حالت اڄ جي ڪونهي پر صدين کان اهو سلسلو هلندو ٿو اچي ۽ شايد هلندو رهندو.
    گهڻا گهڻا سال اڳ، جڏهن سنڌ ۾ مغلن جو راڄ هو، تڏهن به جاگيردارن وٽ وڏيون وڏيون زمينون هيون. سندن حڪم کان سواءِ وڻ جو پن به نه چرندو هو. غريب هارين سان نسورو ناحق هو. وٺ ونگار، لائي لاپو، وياج بٽئي، هڻي سندس ڍڍر به ڍرا ڪري ڇڏيا هئا. ان زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن به جاگيردار، بنا ڪنهن ڏوهه جي سوين ماڻهو مارائي پئي ڇڏيا ته ڪوبه کائنس پڇڻ وارو ڪونه هو. مغل حاڪمن پنهنجن خوشامدين کي لکها ايڪڙ زمينون ڏنيون، جن هارين کي ڍورن وانگر وهايو. هڪ مورخ جي لفظن ۾ ته جنهن بيدادننگريءَ، بيڪسن ۽ ويچارن جي ڏيهه ۾ اڻ ڳڻيا بگهڙ ۽ راڪاس موجود هجن، اتي غريب هارين جي بي ڪسيءَ جو ڇا ذڪر ڪجي. هو زمين کيڙيندا، راهيندا ۽ فصل اپائيندا رهيا، پر زمين تي سندن ڪنهن به قسم جي اختيار ڪونه هو، نه عارضي نه مستقل. جيڪو اناج هو پنهنجي پگهر مان اپائيندو هو، ان جو وڏو حصو، جاگيردار، ٺيڪيدار، سيد ۽ زميندار کڻي ويندا هئا.“
    اهي حالتون ڏسي، جهوڪ جي هڪ صوفي بزرگ شاهه عنايت پٽ فضل الله لانگاهه هارين کي منطم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو 1065هه ۾ جهوڪ ۾ ڄائو ۽ روحاني فيض، شمس شاهه کان ورتائين. پوءِ ٺٽي ۾ اچي فيض جا واهڙ وهايائين. شاهه عنايت عالم باعمل هو. هو هڪ باشعور ۽ انقلاب پسند انسان هو. هو انسان جي عظمت جو قائل هو ۽ سڀ ۾ پرين پسڻ وارو هو. هن وٽ پورهيت ۽ پگهر وهائيندڙ جو قدر هو، جنهن لاءِ حضور ﷺ فرمايو ته ” کين اجورو، پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ڏيو.“ شاهه عنايت پهريون شخص هو، جنهن سنڌ ۾ پنهنجي حالتن، ريتن، رسمن ۽ رواجن مطابق هارين کي طبقاتي شعور ڏنو. هن پيداواري عمل ۾، ” مساوي شراڪت“ تي زور ڏنو. ان ڪري پاڻ وقت ۽ ماحول سان بغاوت ڪندي اعلان ڪيو ته زمين جو مالڪ زميندار يا وقت جو حاڪم نه پر اهو پورهيت آهي جيڪو رات ڏينهن پورهيو ڪري ٿو ۽ هر هلائي ٿو. اهڙي طرح شاهه صاحب پنهنجي تعليم ۽ تبليغ سان، پنهنجن مريدن ۾ گڏيل کيتي جو بنياد وڌو، ۽ ساري پيدائش جا ذريعا هارين وٽ رهيا، انهن ۾ هڪ انقلابي لهر آئي ۽ هاري خوشحال ٿيڻ لڳا، ۽ شاهه جي فقيرن کي ڏسي پاسي اوسي وارا هاري به اچي انهن سان گڏيا. اها سجاڳي ۽ اهو عمل وقت جا وڏيرا ۽ پير ڪٿي ٿا سهن؟ ان ڪري هنن مغل حڪومت جي ڪارندي نواب اعظم خان کي پاڻ سان شريڪ ڪري 1718ع ۾ جهوڪ ۾ ” هارين جي وستيءَ“ تي حملو ڪيو. اهڙي طرح شاهه عنايت شهيد ٿيو. هزارين فقير تلوار جي بک ٿيا ۽ جهوڪ جي ڳوٺڙي ۾ ويراني اچي واسو ڪيو. چون ٿا ته فقير ۽ هاري ايترا ته شهيد ٿيا جو تيرهن کوهه سندن لاشن سان ڀرجي ويا، جن کي هاڻي ” شهيد گنج“ چئجي ٿو.
    شاهه عنايت رح جي هي هاري تحريڪ، پهرين اجتماعي زراعت واري تحريڪ هئي، جنهن طبقاتي جنگ لاءِ هارين کي جاگيرداري ظلم خلاف شعور ڏنو ۽ جدوجهد لاءِ منتظم ڪيو، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن جاگيردار ۽ زميندار وچ ۾ نه پون ته کيتي سهڻي نموني سان ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ ۾ اڄ کان گهڻو اڳ، هارين ۽ پورهيتن ۾، اجتماعي طبقاطي شعور پنهنجي انتهائي تنظيم کي پهتو هو ۽ ان شعوري لاڙي هيٺ سنڌ جي پورهيت طبقي، جاگيرداري نظام خلاف هڪ باقاعدي ۽ منظم جنگ لڙي، پنهنجو رت وهائي ثابت ڪيو ته هتان جو عوام به، هر انقلابي تحريڪ کي، اپنائڻ جو حوصلو رکي ٿو، پر ڪو انهن جي حوصله افزائي به ڪري.


    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح

    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح، سنڌ جا محدث فقيهه عالم ۽ وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن، جنهن کي عربي دنيا ۾ وڏي عزت سان ڏٺو ويندو آهي. هو تفسير، فقهه، حديث، علم معقول ۽ علم رجال ۾ ماهر هو، ان ڪري کيس سنڌ جو شاهه ولي الله چئجي ٿو. هن ٺٽي ۾ ” مدرسه هاشميه“ جو بنياد رکيو. جنهن کي ان دور ۾ ” اسلامي يونيورسٽي “ جي حيثيت حاصل هئي. مخدوم صاحب سنڌي، عربي ۽ فارسي ۾ ڏيڍ سئو ڪتاب لکيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ” بياض هاشمي“ چئن جلدن ۾ لکيل آهي، جنهن لاءِ مولانا عبيدالله سنڌي چيو هوته ” بياض هاشمي پڙهڻ کان پوءِ، منهنجا ڪيترائي حديث جا مسئلا حل ٿي ويا“ ان ڪتاب جو ڪجهه حصو سنڌ جي ديني تاريخ ۽ فضيلت ۾ به لکيل آهي، جنهن مان هڪ اقتباس هٿ پيش ڪجي ٿو ته سنڌ جي ٻارن کي به خبر پوي ته هي ديني عالم ڪيڏو نه محب وطن ۽ وطن پرست بزرگ هو.
    هڪ دفعي افغانستان جو ڪو تاجر عبدالرئوف واپار سانگي سنڌ ۾ آيو. هن نام نهاد عالم، فارسي ٻولي ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي تهذيب جي گلا ڪئي. مخدوم صاحب جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو، تڏهن سندس ادبي شعور، علمي جذبي ۽ قومي غيرت اهو برداشت نه ڪيو. ان ڪري هن ” مدح سنڌ“ لکي ان نام نهاد فارسي عالم کي جواب ڏنو. مخدوم صاحب لکن ٿا ته ” اي چريا افغاني ٻچا! تو هي ڇا چيو آهي. ڇو ته پنهنجو قيمتي وقت سنڌ جي گلا ۾ وڃايو اٿئي.“ اي افغاني تو لکيو آهي ته ” سنڌ ۾ عقل ڪونهي. سڀ سنڌي بيووقوف آهن.“ ڇا تو حضور ﷺ جي حديث نه ٻڌي آهي ته ” بهشت جا زياده تر ماڻهو، ساده لوح هوندا. مطلب هي آهي ته اهي دينوي معاملات ۾، سڌا سادا ۽ شريف هوندا. ڪنهن کي دوکو نه ڏيندا ۽ خدا جا احڪام چڱي طرح بجا آڻيندا ۽ ديني معاملن ۾ سياڻا هوندا. سنڌي ماڻهو مذهب جي معاملي ۾ عقلمند آهن ۽ ڪنهن سان به ٺڳي نٿا ڪن. سنڌ جا ماڻهو خدا ترس ۽ مسڪين آهن. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته، ماڻهو حق جي راهه ۾ ڪم اچي. باقي دنياوي سڃاڻپ ڪهڙي ڪم جي، جنهن مان آخرت به نه سڌري.
    تو لکيو آهي ته ” سنڌ ۾ علم ڪونهي. اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. سنڌ ۾ علم جي ڀيٽ ۾ عمل وارا وڌيڪ آهن. جنهن شهر ۾ مان رهان ٿو، اتي ٻه وڏا مدرسا آهن ۽ سنڌ ۾ ٻين جاين تي به اهڙا مدرسا گهڻا آهن. علم اهو سٺو آهي، جنهن ۾ عمل هجي. سنڌ ۾ عمل وارا عالم گهڻا آهن. عمل کان سواءِ عالم ائين آهي جيئن ماکي کان سواءِ مک. هت جيڪو به قرآن پڙهي ٿو اهو بدعت کي ترڪ ڪري، سڌي راهه تي هلي ٿو اهو بدعت کي ترڪ ڪري، سڌي راهه تي هلي ٿو. علم اهو آهي جيڪو شريعت محمدي تي ثابت قدم رهي، صراط مستقيم ڏيکاري. اهڙو علم سنڌ ۾ گهڻو آهي. هن ٺٽي شهر ۾ وڏا وڏا اديب عالم ۽ شاعر آهن، جن جو تصنيفون قابل تعريف آهن.“ تو لکيو آهي ته ” سنڌ ۾ پئسو ۽ دولت ڪونهي. سڀ سنڌي، سڃا، محتاج ۽ فقير آهن.“ مخدوم صاحب کيس جواب ڏيندي لکي ٿو ته ” هي تنهنجي وڏي بيوقوفي آهي. قناعت سڀ کان سٺي شيءِ آهي. خوراڪ ۽ پوشاڪ لاءِ، هن ملڪ ۾ پئسو گهڻو آهي. دراصل دنيا کائڻ پيئڻ ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي گڏ ڪري رکڻ جو نالو نه آهي، ڀلا، توهان ماڻهو هت ڇوٿا واپار ڪرڻ اچو. ان ڪري ته هتان اوهان کي گهڻو نفعو ملي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ مان ايترو نٿا ڪمايو“ اوهان لکيو آهي ته هت فقير گهڻا آهن. پر هي ياد رکو ته اسان ماڻهو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پنڻ ڪونه ٿا وڃون جڏهن ته کوڙ سارا، افغاني هت دربدر آهن ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو سنڌ ۾ آهن. جي دولت گهڻي ٿي وڃي ته پوءِ ماڻهو گناهه جا ڪم ڪري ٿو يا وري خدا کان منهن موڙي غريب آزار بنجي ٿو. اسان الله جي ورهاست تي راضي آهيون، جنهن کي علم ڏنو ۽ جاهلن کي دنيا ڏني“.
    عبدالرئوف افغاني لکيو ته ” سنڌ ۾ اولياءَ گهٽ آهن“ مخدوم صاحب کيس چيو ته ” اهو به غلط آهي. ڇو ته سنڌ ۾ قلندر شهباز آهي، جيڪو اولياءَ ڪرام ۾ سچو موتي آهي. هو زماني جو مشهور ولي، قطب، قلندر ۽ عالم آهي. جنهن جون ڪيتريون ئي تصنيفون آهن. روهڙي ۾ وار مبارڪ آهي، جنهن جي زيارت گناهن جو ڪفارو آهي. حضرت عبدالقادر جيلاني رح جي دستار مبارڪ آهي. شاهه معصوم به سنڌ ۾ آهي ته شاهه خيرالدين به سنڌ ۾ آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي عبادت گذار ٻانها آهن. مولوي محمد اسماعيل، جيڪو طريقت جي بهار آهي سو به سنڌ ۾ آهي. ان کان سواءِ سنڌ هڪ لک 25 هزار اوليائن جو مدفن آهي.
    هيءَ مختصر تحرير مخدوم صاحب جي سنڌ سان محبت، قومي غيرت ۽ اعلى علمي ذهنيت جو زندهه ثبوت آهي. شال! اسان به پنهنجن وڏڙن واري غيرت ڌاري، موجوده دور ۾ به سنڌ جي شڪوه ڪندڙن کي جواب ڏيئي سگهون.


    نواب ولي محمد لغاري

    سنڌ جي راڄوڻي قبيلن مان لغاري قبيلو مشهور آهي. لغاري اصل ۾ ديرا غازي خان جا ويٺل آهن جن مان ڪجهه خاندا ن ڪلهوڙن جي دور۾، سنڌ لڏي آيا. انهن مان غلام محمد نگار 1140 هه ۾، سنجهوري تعلقي ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو. هو مير بهرام خان ٽالپور جو درٻاري هو ۽ ان سان سندس وڏي عقيدت هئي. هو ميان عبدالغني هٿان شهيد ٿي ويو. نواب ولي محمد لغاري هن جو ئي فرزند هو، جيڪو 1165هه ۾ سنجهوري ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ان وقت ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ نواب ولي محمد، ميرن جي درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ وڏو مقام ماڻيائين. هو وزير، سپهه سالار، سفير، منتظم، انجنيئر، حڪيم، راڄن جو خيرخواهه، شاعر، اديب ۽ محبت وطن هو. جڏهن 1192هه ۾، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي جنگ لڳي تڏهن هي پنهنجي قبيلي جا ماڻهو وٺي، مير فتح علي خان جي طرفان وڙهيو ۽ جنگ ۾ وڏا جوهر ڏيکاريائين. هڪ روايت مطابق ته لڙائيءَ جي سوڀ جو سهرو ئي هن جي سر تي سونهي ٿو، ڇاڪاڻ ته لڙائي جو نقشو سندس تيار ڪيل هو. مير فتح علي خان، سندس بهادري ۽ سورهيائي کان متاثر ٿي، کيس ” نواب “ جو لقب ڏيئي پنهنجو وزيراعظم بنايو.
    نواب ولي محمد لغاري، مير فتح علي خان کان وٺي مير غلام علي جي دور تائين، سنڌ جو حقيقي معنى ۾ حاڪم رهيو. هن ٻاهرين مداخلت کي ٻنجو ڏيئي، سنڌ جي مڪمل آزادي کي برقرار رکيو. شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ وارو علائقو، ڪابل جي بادشاهه، تيمور شاهه ابدالي، پٺاڻن جي قبضي کان آزاد ڪرايو. ڪراچي جو پرڳڻو، ميان عبدالغني قلات جي والي جي حوالي ڪيو هو، سوبه هن ٻيهر سنڌ سان ملايو. ميان عبدالغني جيڪو نڪ جو نرڄو هو ۽ کيس جنم ڀومي جي نيڪنامي، لڄ ۽ ناموس جو ڪوبه خيال ڪونه هو، تنهن مير بجار خان کي مارائڻ جي عيوض، عمرڪوٽ جو پرڳڻو، جوڌپور جي راجا جي حوالي ڪيو هو، سو کائنس واپس ورتائين. اهڙي طرح هن، سنڌ جي سرحدن کي مضبوط بنائڻ لاءِ، قلعن جي تعمير ڏانهن ڌيان ڏنو. هن مختلف ڪوٽن ۽ قلعن جو ڪم، اٺن سالن ۾ پورو ڪرايو. پهريائين فتح ڳڙهه ۽ اسلام ڪوٽ قلعا ٺهرايا جنهن ڪري جوڌپور جو راجا، سنڌ تي حملو ڪري نه سگهيو. لاڙ ۾ وڪربندر، جاتي بندر ۽ ساڪري طرف ننڍا ننڍا ڪوٽ ٺهرايائين. 1234هه ۾ سندس نظرانداري ۽ مشهوري هيٺ، رني ڪوٽ جو مشهور قلعو 17 لک روپين سان ٺهيو، جيڪو دادو ضلعي ۾ آهي ۽ سنڌ ۾ قلعن جي تعمير جي فن جو هڪ نمايان يادگار آهي.
    نواب ولي محمد، ڪجهه وقت لاڙڪاڻي جو گورنر به ٿي رهيو. ان زماني ۾ هن اتي واهه ۽ ڪڙيا کوٽيا ۽ ملڪي تعلقات کي بهتر بنائڻ لاءِ، ٻاهرين ملڪن ڏانهن نمائيندا موڪليا ۽ ساڻن خط و ڪتابت ڪئي. جڏهن هو وزيراعظم ٿيو، تڏهن حڪومت جو سمورو انتظامي حڪم، اندروني يا بيروني سندس هٿ ۾ هو. عدالتي اختيارات هلائڻ، جاگيرون ڏيڻ، آبپاشي ۽ حفاظتي انتظام لاءِ آخري فيصلا ڪرڻ ۽ ڍلن ۽ محصولن جا، اگهه مقرر ڪرڻ مطلب ته هر لحاظ کان هو مختيار ماليه هو.
    هن زماني ۾ انگريز به هندستان ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ هندستان جي اندروني علائقن تي قبضا ڪندا پئي رهيا. سندن لالچي نظرون سنڌ ۾ به هيون. نواب صاحب هنن جي چال مان چڱي طرح واقف هو. هو چوندو هوته:
    ” آن فرنگي ک فتدها دارد، بائهال نيز کيز ها دارد“
    يعني فرنگي سنڌ جي عوام ۽ حاڪمن ٻنهي جو دشمن آهي ۽ ٻنهي سان ڪينو رکي ٿو. هو هنن جي سخت خلاف هو. هڪ دفعي ٺٽي ۾، انگريزن جو هڪ جهاز آيو، جنهن تي فرنگي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. نواب صاحب، اهو برداشت ڪري نه سگهيو ته، سنڌ جي علائقي ۾، هڪ غير قوم جو جهنڊو جهومي. ستت ئي ڪجهه سوار وٺي اتي پهتو ۽ جهنڊي کي لاهي، هيٺ اڇلي چند انگريز سپاهي ماري واپس وريو. جيمسبرس لکي ٿو ته ” نواب ولي محمد ۾، نه فقط اميرن جو ڪلي اعتبار آهي، پر عجب اهو ته عوام کي به سندس واسطي عزت ۽ احترام آهي.“
    مطلب ته نواب ولي محمد لغاري، سنڌ جو گهڻگهرو ۽ سورهيه پٽ هو. هو عوام توڙي حڪمرانن ۾، هر دلعزيز شخصيت هو. هو جيستائين زندهه رهيو تيستائين ٽالپربه، متحد رهيا ته، سنڌ جي عظيم سرزمين تي، انگريز به قابض ٿي نه سگهيا. هن ئي، سنڌ کي سنڌين جي سرزمين سمجهيو ۽ پٺاڻن، افغانن ۽ ايرانين کي سنڌ مان تڙي، هن کي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم رياست بنائي رعيت ۽ حڪمرانن ۾ هڪ جيترو مان حاصل ڪيو.


    روپلو ڪولهي

    پارڪر جي نالي کان ڀلا ڪير اڻ واقف هوندو؟ هي ٿر جو هڪ مشهور شهر آهي. گهڻا گهڻا سال اڳ، هٿ سوڍن جو راڄ هوندو هو ۽ ڪيترن ئي سوڍن هٿ حڪومت ڪئي. هنن پنهنجي دور ۾، ٿر ۽ پارڪر کي وڏي ترقي وٺرائي ۽ اهڙي طرح هر طرف کان خوشحالي ۽ سلامتي جي هٻڪار اچڻ لڳي.
    1832ع جي ڳالهه آهي ته، انگريزن جي هڪ وڏي لشڪر اوچتو ڪاهه ڪري، سوڍن کي پارڪر مان هڪالي ڪڍيو ۽ هن ايراضي تي قبضو ڪري، فوجي چوڪيون قائم ڪيون. سوڍن کي ته پنهنجي ديس سان محبت هئي. پيار هو. ” سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري“ آخر پنهنجي جنم ڀومي ته هر هڪ کي وڻندي آهي. ڀلا ڪير پنهنجي گهر ۾ ٻاهرئين کي اچڻ ڏيندو. وطن به ته گهر آهي نه ! سو سوڍن کي گهرائي اعلان ڪيو ته ” اهو اسان جو وڙ نه آهي جو وطن ڌارين جي حوالي ڪري پاڻ ويهي سک سان روٽي کائون. هت ياته ڌاريا رهن يا پاڻ رهون. اچو ته گڏجي ساڻن مقابلو ڪيون. جيڪڏهن نه به کٽون، پر بهادرن وانگر ساڻيهه تان سر گهوري ڇڏيون“ آخر هنن سڀني گڏجي، انگريزن جي فوجي چوڪين تي حملا ڪيا. ڪيترن ئي سرڪاري علمدارن کي ماري، خزاني کي لٽي انگريزن کي پريشان ڪيائون. انگريزي لشڪر ڪرنل ايونس جي سرڪردگي هيٺ، مٿن ڪاهه ڪري آيو. سوڍن جي بهادري سان سندن مقابلو ڪيو، پر انگريزي فوجون مٿن غالب پئجي ويون. هن جنگ ۾ راڻي مهاسينگ وڏي بهادري ڏيکاري، پر هو دشمن سان مقابلي ۾ مارجي ويو. ان کان پوءِ اڌ سينگهه ۽ روپلو ڪولهي، ميدان ۾ ڪاهي آيا. هنن جڏهن ڏٺو ته، انگريز بارود ۽ لشڪر ۾ هنن کان وڌيڪ آهن ۽ دوبدو لڙائي ٿيڻ ڪري متان پاڻ ختم ٿي وڃي ۽ پٺيان قوم جي قيادت وارو ڪوبه نه هجي ۽ اهڙي طرح آزادي جي تحريڪ بنهه رڪجي وڃي ان ڪري هو ٻين ڪولهين کي ساڻ ڪري ڪارونجهر جبل تي چڙهي ويو ۽ اتان انگريزن تي گوليون هلائڻ شروع ڪيون. هنن فوجي ڇانوڻين تي حملا ڪيا. راتاها ماريا. سندن رسد جي ٽرڪن کي ڦريو. انگريز اچي ششدر ٿيا ۽ راڻي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر سندن دال نه ڳري. هنن کي ٻن سوڍن روپلي ۽ راڻي جي ڳولا هئي جيڪي ٻيئي هن تحريڪ جا روح روان هئا. آخر هڪ غدار سوڍي انگريزن کان وڏي رقم وٺي روپلي ڪولهي کي پڪڙايو. جڏهن هو انگريزن وٽ آيو، تڏهن انهن کانئن راڻي لاءِ پڇيو ته ” هو ڪٿي آهي؟“ انگريز حڪومت ان لاءِ کيس نقد انعام، جاگير ۽ عهدن ڏيڻ جو به واعدو ڪيو. پر هن بهادر، غيور ۽ محب وطن سوڍي نه سليو. بس پوءِ ته اچي ڀنڀور کي باهه لڳي. انگريزن ڪاوڙ ۾ اچي روپلي سان ڇا ڇا نه ڪيو! هن جي هٿ جي تري تي تيل رکي آڱرين تي وٽون ٺاهي، تيلي ڏني، پر سنڌڙي جي هن سپوت ايڏو سور سهندي به جواب ڏنو ته ” چاندي جي چند سڪن ۽ دنوي عزت تي موهجي يا هنن سورن کان ڍڄي، پنهنجي ضمير ۽ وفا کي وڪڻي، راڻن، سوڍن ۽ پنهنجن ديس واسين ۽ ساڻيهه سان ڊوهه نه ڪندس ان کان ته مون لاءِ موت هزار بار بهتر آهي. پرواهه ناهي جي پنهنجي جنم ڀومي ۽ راڻي لاءِ قربان ٿي ويس. پر بزدلي ۽ غيرتي واري عزت کان مون کي بهادري جو موت قبول آهي. “ انگريزن سندس اهو جواب نه سٺو. هنن ٻي اٽڪل ڪئي جو سندس زال کي ڏوڪڙ ڏيئي چيائونس ته تون مڙس کي سمجهاءِ ته اسان جي آڻ مڃي“ مائي هائوڪار ڪئي، ان ڪري کيس روپلي وٽ وٺي آيا. زال مڙس کي چيو ته ” روپلا! تنهنجي قوم، تنهنجي مرڻ تي ته ماتم سهي ويندي پر غداري ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. ڇو جو مائرون اڃا سنڍ نه ٿيون آهن. جيڪي اڃان ڪيئي روپلا پيدا ڪنديون. وڃ سر ڏيئي سنڌڙي کي سرخرو ڪر“ روپلي اهو ٻڌي خوشي سان ها ڪئي ۽ انگريزن هن محب وطن کي 21 آگسٽ 1859ع تي ٻٻر جي وڻ ۾ ڦاهي ڏيئي شهيد ڪيو.
    روپلو ڪولهي وطن جو جان نثار ۽ وفادار پٽ هو. هن مرڻ قبوليو پر بي وفا ۽ بزدل نه ٿيو، ان ڪري سندس نالو تاريخ ۾ زندهه رهندو. روپلي جي مرڻ کان پوءِ ٻيا ڪيترائي سوڍا گرفتار ٿي آيا، جن کي انگريزن جاگيرن جي لالچ ڏيئي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن غلامي ۽ بي عزتي جي نذرانن ۽ القابن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ سندن ” جي حضوري“ نه قبولي. ان ڪري ئي دشمنن جي قيد ۾، وطن لاءِ ساهه ڏنائون.
    هي ٺڪر سنڌي سوڍا، سنڌ جو سينگار آهن جن پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ مرڻ ۽ دشمنن جي جتين چٽڻ کان عزت جي موت کي بهتر سمجهيو ۽ زندگي قربان ڪري، تاريخ ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪيو. جيڪو ملڪ ۽ ملت لاءِ لڙندو آهي، اهو امر بنجي ويندو آهي ۽ ان جو نالو سدائين ڳائبو آهي.


    سيد صبغت الله راشدي

    سنڌ سونهاري، فقيرن جي خانقاهن ۽ دويشن جي درگاهن جو مرڪز پئي رهي آهي. انهن درگاهن مان خاص پير ڳوٺ جي درگاهه راشديه آهي. جنهن جون علمي، ادبي ۽ قومي خدمتون، اسان جي تاريخ جو سونهري ورق آهن. هن درگاهه جن شخصيتن کي جنم ڏنو، تن مان سيد صبغت الله شاهه صف اول جا سرموڙ آهن.
    سيد صبغت الله شاهه، مردان شاهه جا فرزند هئا. ننڊپڻ کان ئي آزاد طبع، حريت پسند ۽ سامراج دشمن ذهن رکندڙ هئا. جرئت، همت، جوان مردي، جفاڪشي، ارادي جي پختگي، تنظيمي صلاحيتون، تدبر ۽ خودمختياري سندس طبيعت جون اهم خوبيون هيون. فن سپاهيگري جا به وڏا ڄاڻو هئا. قناعت ۽ ڪفايت، سندن زندگي جو شعار هو. هن پنهنجي چوڌاري رونما ٿيندڙ واقعن ۽ حالتن کي غور سان ڏٺو ۽ جاچيو ۽ تاريخ ۽ سياست جي کيس چڱي پروڙ پيئي. پاڻ صرف 12 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺا. اهو انگريزن جو دور هو. جن ديس واسين کي، طرحين طرحين جا عذاب ڏيئي، غلامي جي آڙاهه ۾ پئي جلايو. پير صاحب کي ساري خبر هئي ته، ماضي ۾ سندس وڏن سان، برٽش حڪومت ڇا ڇا نه ڪيو؟ ان ڪري کين انگريزن کان ذاتي نفرت هئي. هڪ ڀيري، سندس چاچي علي گوهر شاهه ثاني جي نالي، انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو، فريم ۾ ڪمري جي ڀٽ تي ڏٺائون. سندس غيور ذهن اهو نه قبوليو ۽ چيائون ته ” اسان جا وڏا، ڪهڙا نه سادا هئا جو الله تعالى، سندن ذاتي عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي هي رکي ڇڏيا اٿن“ ائين چئي، اهو آفرين نامو ۽ فريم لهرائي ڀڃي ڇڏيائون.
    انگريز حڪومت ته اڳئي هن گادي کي، سندس سياسي ۽ خودمختياري جي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ ڪري، شڪ جي نظر سان ڏسندي هئي، تنهن ڪري هن پير صاحب تي اثر وجهڻ شروع ڪيو ۽ لالچائڻ لڳي. هڪ ڀيري برٽش حڪومت کين هڪ تلوار، هڪ بندوق ۽ خطاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر پاڻ جواب ڏنائون ته ” هٿيار اسان وٽ پنهنجا ئي کوڙ آهن، ۽ پير پاڳاري جو خانداني خطاب ڪافي آهي. اسان کي هنن هٿرادو خطابن جي ضرورت نه آهي.“ انگريز ڀلا ڪٿي ٿا اهڙي خودمختيار ۽ حريت پسند سنڌيءَ کي برداشت ڪن؟ ان ڪري ڪوڙو ڪيس ڪري، پير صاحب کي رتنا گري جيل ۾ قيد ڪري رکيائون. ڏهه سال سزا ڪاٽڻ کان پوءِ، هو آزاد ٿي جڏهن وطن وريا، تڏهن پنهنجي جماعت کي منظم ڪرڻ شروع ڪيائون. منجهائن سماجي برائين کي ختم ڪرڻ لاءِ، حڪم ڪيائون ته هو هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪن، ڪوبه ولائتي ڪپڙو نه پائين، پر پنهنجي ملڪ جو ٺهيل ڪپڙو پائن. ڳوٺن ۾ مسلمان توڙي هندو متفق ٿي رهن ۽ ڪوبه فتنو فساد نه ڪن“ هن مان صاف ظاهر آهي ته پاڻ هندو – مسلم اتحاد قائم ڪري، پنهنجي جماعت مان، معاشرتي برايون ڪڍي منجهن احساس بالاتري پيدا ڪري هڪ متحده محاذ ٺاهي، انگريز حڪومت خلاف، آزادي جي تحريڪ هلائڻ پئي چاهي. ان ڪري هن ”غازي تحريڪ“ جو بنياد وجهي، پنهنجن مريدن کي حڪم ڪيو ته، سڀ غازي اچي نالو داخل ڪرائين. سوين سرفروش مريد، سر سان ڪفن ٻڌي، بنگلي تي اچي گڏ ٿيا. عجيب جوش ۽ جذبي جو سمو هو. هڪ منڊو مريد نالو داخل ڪرائڻ آيو. پاڻ کيس چيائون ته ” تون معذور آهين ڀڄي ڪيئن سگهندين؟“ هن سنڌي سوڍي جواب ڏنو ” قبلا، هت وطن يا مرشد تان سر ڏيڻ جا سودا آهن، ڀڄڻ ڪم ڪائنرن جو آهي. يا وڙهبو يا شهيد ٿبو، ميدان ڇڏي ته ڪونه ڀڄبو.“
    انگريز حڪومت، پير صاحب جي چر پر تي ڪڙي نظر پئي رکي. کين جڏهن غازي تحريڪ جي خبر پئي، ته هنن کي باهه وٺي ويئي. حڪومت پير صاحب تي الزام هنيو ته، هو پنهنجن مريدن کي تربيت ڏيئي، حڪومت خلاف اڀاري رهيو آهي. ان ڪر پير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. بس پوءِ ته وٺ وٺان ٿي ويئي. حرن ۽ انگريزي سپاهين جو دوبدو مقابلو ٿيو. ساري سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي. مارشل لا جاري ٿي ويئي. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري علمدار مئا، ريلون ڪريون، پوليس ٿاڻا سڙيا، دفتر ڀسم ٿيا، نوجوان ۽ بهادر سنڌي سوڍن کي سنگينن سان چيريو ويو، ڪن کي ڪاري پاڻي اماڻيو ويو، ٻڍن ٻارن ۽ عورتن کي قيد ڪيو ويو. پير صاحب ۽ انگريزن واري اها جنگ ڪنهن به حالت ۾ ويٽنام ۽ الجزائر جي جنگين کان گهٽ نه آهي. ان جنگ ۾ بمبار هوائي جهاز، ٽئنڪ ۽ توبون استعمال ڪيون ويون ۽ هن ۾ به بمبئي کان جهاز اچي سنڌ تي بمباري ڪندا هئا، پر پير صاحب کي ڪوبه رنج يا ملال نه ٿيو، پر پاڻ خوش ٿيندي چيائون ته” حق جي راهه ۾ شهادت حاصل ڪرڻ، منجهن ابن ڏاڏن جي سنت آهي. اسان جنهن شيءَ کي حق سمجهون ٿا، ان لاءِ ڦاسي تي چڙهڻ اسان لاءِ عبادت آهي، اسان غلام ٿيڻ لاءِ نه پر غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ پنهنجو، مقصد حيات سمجهون ٿا.“ آخر پاڻ 20 مارچ 1943ع تي صبح جو 8 بجي سر ڏيئي سرها ٿيا.
    پير صاحب تحريڪ آزادي جا عظيم شهسوار هئا، کين مڪمل يقين هو ته، سندن قائم ڪيل هلچل ضرور ڪامياب ٿيندي غازي تحريڪ وقت، هڪ فقير کانئن پڇيو ته ” قبلا“ انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿبو؟ ته پاڻ چيائون ” انشاءَ الله توهان ۽ اسان مان، جيڪي جيئرا هوندا، سي پاڻهي ئي رنگ ڏسندا.“ ۽ هي تاريخي حقيقت آهي ته انگريزن کي ڀڄايو سنڌ جي هن مجاهد ۽ سنڌي سوڍن.!
    پيرصاحب نهايت سادا ۽ شريف انسان هئا، تڪبر ۽ وڏائي کان پري هئا، پنهنجي ماني پاڻ پچائيندا هئا، پنهنجن فقيرن سان گڏجي رواجي ڪم به ڪندا هئا، پر تڏهن به خودار ۽ عزت نفس جا مالڪ هئا. هڪ آفيسر کائنس پڇيو ته ” اوهان سرڪار ۽ سرڪاري ڪاموري جي عزت ڇو نه ٿا ڪريو؟ تڏهن چيائون ته ” عام هلت چلت ۽ اطوار ڏسڻ کان پوءِ، جڏهن اوهان جي عزت ڪرڻ جو رڳو خيال اچي ٿو ته، مون کي نسل ۾ شڪ پوي ٿو ته آءُ ڪو حسيني آهيان.“


    هيمون ڪالاڻي

    1942ع جو زمانو هو. ساري هندستان تي انگريزن جو قبضو هو. ٻڪر ٻوساٽ جو دور هو. برطانوي سامراج پاران مڙهيل جاگيرداري نظام، سڀني غريبن جو رت چوسي ڇڏيو هو. مسڪين پورهيتن جي زندگي خراب ٿي چڪي هئي. اقتصادي ڦرلٽ چوٽ چڙهيل هئي. محب وطن ۽ آزادي جي پتنگن کي، کڄي برطانيا وڃڻ لڳي ۽ هتان جو عوام ڏينهون ڏينهن ويو بکن ۾ ڳرندو ۽ جهرندو. اها حالت ڏسي، سنڌ ۾ حر تحريڪ شروع ٿي ۽ وچ هندستان ۾، مهاتما گانڌي ” هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو هنيو. ان وقت ماڻهن جي دلين ۾، انگريزن خلاف نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. ان ڪري هندستان جي آزاديءَ لاءِ هرڪو هن نعري کي کي لبيڪ چوندو اڳتي وڌيو. هن نعري جو پڙاڏو سکر جي هڪ نوجوان جي ڪن تي به پيو هو. ڳڀرو هو، الهڙ هو، نئون رت هوس. هن چاهيو ٿي ته هي ظالم سامراج، جنهن اسان جي ڌرتي تي، رت جي راند کيڏي آهي ترت ختم ٿئي. هن جو نالو راهي هيمن هو، پر پيار مان کيس هيمون چوندا هئا. هو 11 مارچ 1924 ع ۾ پراڻي سکر ۾ ڄائو. سندس پيءُ پيسو مل ٺيڪيداري ڪندو هو. هو ان وقت مئٽرڪ جو شاگر هو. منجهس سياسي ڄاڻ ۽ قومي شعور هو، آزادي جي تڙپ ۽ ولولو هو. سندس ڄاڻ سڄاڻ اهڙن ماڻهن سان هئي، جيڪي آزادي جي راهه جا پانڌيئڙا هئا. 23 آڪٽوبر جي رات هئي، جڏهن هنن کي خبر پيئي ته فوجين سان ڀريل، هڪ اسپيشل ٽرين اچي پئي، جيڪا سکر مان ٿيندي ۽ لازمن اهي فوجي ديس جي آزادي جي شمع تان، پتنگن وانگر سر ڏيندڙن لاءِ، اجل جو سبب بڻيا. هنن گڏجي، فوجي ٽرين کي ختم ڪرڻ، سر تري تي رکي ريل جي پٽڙيءَ کي اکيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. عين وقت کيس سپاهي فيروز خان پڪڙي ورتو ۽ سندس ٻيا ساٿي ڀڄي ويا. هيمون کي جيل ۾ وجهي، مٿس ڇا ڇا نه تشدد ڪيو ويو هن کي سخت سردي ۾ برف جي بلاڪن تي 22 ڏينهن لاڳيتو اگهاڙو سمهاريو ويو، ڦٽڪا هنيا ويا، لوهه جي تتل سيخن سان ڏنڀ ڏنا ويا، پر هن ڪجهه نه سليو. آخر کيس ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. جتي هڪ دفعي چيو هئائين ته ” مون ريلوي لائين ان لاءِ اکيڙي ٿي ته، فرنگين جي ٽرين کي، ناس ڪريان ته بدقسمتي جو ان ۾ ناڪامياب ٿيس“ اهو اقراري بيان سندس جرئت ۽ همت جي نمائندگي ڪري ٿو. ٽي سال ساندهه ڪيس هليو ۽ آخر کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني ويئي، جيڪا دنيا جي تاريخ ۾ هڪ بالغ ٻار کي پهرين سزا هئي. موت جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ، هيمون جي وڪيل، پيرزادي عبدالستار، سندس مامي کي موڪليو ته هو هيمون جي هٿ اکرن سان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملندي. پرهن چيو ته ” ڦاسيءَ جو ڊپ ڪائنرن کي ٿيندو آهي، جيڪي پنهنجو ضمير چانديءَ جي چند سڪن تي وڪڻي ڇڏيندا آهن. موت جو نالو وٺي، مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو. معافي ان لاءِ وٺان ته مون پنهنجي ڪارڪردگي تي پڇتايو هجي، پر ائين نه آهي. مون کي پنهنجي ڪئي تي فخر آهي، ناز آهي. جيئرو رهيس ته اهڙا ڏوهه وري ڪندس. فرنگين کان معافي گهرڻ تي، ڌرتي جي آزادي وارو موت هزار درجا بهتر آهي. موت کان گيدي ڊڄندا آهن. پر وطن جي سپاهي، سوري کي سينگار سمجهندا آهن ۽ رت کي سهاڳ جي ميندي جو رتبو ڏيئي سيني سان لائيندا آهن.“ جڏهن ساڻس ماءُ آئي ۽ ان به کيس معافي وٺڻ لاءِ چيو. ان کي جواب ڏنائين ته ” تون منهنجي ماءُ آهين ۽ مون کي سڄي دنيا کان پياري آهين پر منهنجي ماءُ هڪ ٻي به ماءُ آهي، جنهن جو درجو ۽ مرتبو تون کان به اتاهون آهي. اها آهي هن ننڊي کنڊ جي ڌرتي. مان ان سنڌين جي ڌرتي ماتا تان صدقو ٿو ٿيان. دعا ڪجائين“ هيمون جي انهيءَ جذبي ۽ حب الوطني جي لڳاءُ، دشمنن کي به ڏڪائي ڇڏيو. چون ٿا ته هو جيل ۾ نهايت خوش رهندو هو ۽ پنهنجن ڏورن تي هٿ هڻي چوندو هو ته ” هنن بازن کان ڪم وٺڻو آهي ۽ انگريزن کي ملڪ مان ڀڄائڻو آهي“. هو چوندو هوته ” جڏهن مان آزاد ٿيندس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس ۽ ايستائين ڪندو رهندس، جيستائين انگريز ملڪ نٿو ڇڏي.“ هو دوستن کي چوندو هو ته ” هو مت جي ڪري لڄي نه ٿيندو پر هڪ بهادر جي موت مرندو ۽ ٿيو به ائين! هن 21 جنوري 1943ع جي صبح جو سوريءَ کي چمي ڏيئي، آزادي جي حور مٿان سر قربان ڪيو.
    هميون تاريخ جو عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي، ثابت قدمي ۽ سرفروشيءَ جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي جو هڪ معصوم ٻار دار کي چميو هجي. امين کوسي سچي چيو آهي ته ” هيمون جو موت هڪ بهادر جو موت آهي، جيڪو ميٽاجڻ ۽ ميسارجڻ جونه آهي.“


    حسن علي آفندي

    جهالت رڳو لکي پڙهي نه ڄاڻڻ کي ڪونه چئبو آهي، پر وقت جي نين تقاضائن کان منهن موڙڻ به جهالت جو ٻيو نالو آهي. هي معاشرو تغير پذير آهي ۽ نوان نوان هنر، فن ۽ فڪر ايندا رهن ٿا. جيڪا قوم وقت کي سڃاڻي ان جو ساٿ نه ٿي ڏئي ته اها مقابلي جي ڊوڙ ۾ بنهه پوئتي رهجي ويندي آهي ۽ تاريخ ۾ ان جو وجود به ختم ٿي ويندو آهي. جن ماڻهن تعصب ۽ تنگ نظري يا روايت ۽ قدامت پسنديءَ وچان، زماني جي نون قدرن ۽ تقاضائن کي قبول ۽ اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهي ٻين ترقي يافته افراد هٿان، پستي ۽ غلامي جي ڪن ۾ غرق ٿي ويا. ساڳي حالت اسان سنڌي مسلمانن سان 1857ع جي جنگ آزادي کان پوءِ ٿي. اسان انگريزن سان دشمني ۽ نفرت وچان، انگريزي ٻولي سکڻ کان ڀڄڻ لڳاسون. ان ڪري جديد علم ۽ فڪر جا دروازا، اسان لاءِ بند ٿي ويا. ان جو نتيجو هي نڪتو جو هندو وقت جو فائدو وٺي وڏن درجن تي پهتا ۽ اسان اقتصادي ۽ سياسي طاقت ۾، توڙي سماجي حيثيت ۽ درجي ۾ هندن کان پوئتي رهجي وياسون. ان وقت سنڌ جو ڪمشنر مسٽر جينڪنس هو. هو سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت بابت لکي ٿو ته ” سنڌ جا مسلمان، تعليم ۾ تمام پوئتي پيل آهن، هن وقت ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچي ۾ فقط ٽي مسلمان شاگرد آهن ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مسلمانن کي تعليم ڏيڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي رهيا آهن.“
    اها صورتحال سنڌ جي مسلمانن لاءِ تباهه ڪن هئي ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن ترت ڪارگر علاج جي ضرورت هئي. ان وقت حسن علي آفندي، مسيحاءِ قوم بنجي ميدان ۾ آيو ۽ هن سنڌي مسلمانن جي ان بيماري جو واحد علاج ” جديد تعليم“ ۾ سمجهيو هو.
    خان بهادر حسن علي پٽ ميان احسان 1830ع ۾ حيدرآباد جي هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. خانگي طرح، هن سنڌي، عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪري، ڪاٺين جي هڪ منڊي تي نوڪر بيٺو. ان کان پوءِ منشي ٿيو، ڪلارڪ ٿيو ۽ پنهنجي محنت ۽ جفاڪشي سان انگريزي سکي، قانون ۾ مهارت حاصل ڪري وڪيل ٿيو. هو ڪراچي جو پهريون مسلمان وڪيل هو. وڪالت مان هن تمام گهڻو پئسو ڪمايو ۽ سندس شماران وقت جي آسودن گهراڻن ۾ ٿيڻ لڳو. پر اها دولت ۽ پئسو هن کي پنهنجي قوم کان ڌار نه ڪري سگهيو. هو پنهنجي قوم جي ڪرندڙ حالت کان غافل نه هو. کيس ان جي بهتري ۽ بهبودي جو خيال ستائيندو رهندو هو. هن مسلمانن جي ڀلي لاءِ پهرين ” انجمن اسلام“ قائم ڪئي، جنهن کي سرڪار طرفان مالي مدد ملڻ لڳي. هن انجمن جي ڪوشش سان ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ مسلمان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول کليا ۽ تعليم ۾ واڌارو آيو. اهڙي طرح سنڌي مسلمان ڪجهه جديد علم سان روشناس ٿيا.
    هن دور ۾ حسن علي کي پنهنجن ٻارن جي اعلى تعليم لاءِ علي ڳڙهه وڃڻو پيو. اتي هن ڏٺو ته جيڪر سنڌ جي مسلمانن لاءِ نه ڇونه، هن قسم جهڙو ڪاليج ڪراچي ۾ قائم ڪجي. بس! اتان موٽڻ کان پوءِ، هن اها ڪوشش شروع ڪري ڏني. هو هڪ باهمت ۽ مڙس ماڻهو هو. پنهنجي ذاتي همت ۽ ڪشالي سان، ايڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو هئائون ان ڪري سندرو ٻڌي هن ڪم ۾ هٿ وڌائون. ماڻهن جي ميڙن کي خطاب ڪيو. وڏيرن، زميندارن ۽ سرمائيدارن کي منٿون ڪيون. چندا وصول ڪيا. هو ان مقصد خاطر، مدراس ۽ ڪلڪتي تائين به بيک مڱڻ ويو. سندس مخالفت به وڏي پئماني تي ٿي. ڪن کيس انگريزن جو پٺو سڏيو. ڪن ان تعليم کي اسلام جي خلاف سڏيو، ڪي وري مدرسته الاسلام کي ” مدرسه شياطين “ چوڻ لڳا. پر هن دل ۾ نه لاٿي. کيس هي خبر هئي ته چڱي ڪم جي هميشه مفاد پرست مخالفت ڪندا آهن. هو قوم جي ترقي کي پنهنجي انا جي خلاف سمجهندا آهن. هن پنهنجي ذاتي بي عزتي کي قوم جي ڀلي تي قربان ڪري ڇڏيو. مدرسي لاءِ هن لاڳيتو ٻارهن سال محنت ڪئي ۽ آخر پهرين سيپٽمبر 1885ع ۾ هن جو بنياد پيو ۽ هڪ مسواڙي جاءِ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. داخلا جي رٿا هيءَ تيار ڪئي ويئي ته ” سنڌ جي 52 تعلقن مان في هڪ هوشيار ڇوڪرو هڪ تعلقي مان جديد تعليم مطابق چونڊيو وڃي ۽ انهن جي تعليم، تربيت رهائش ۽ کاڌي خوراڪ جو بندوبست ڪاليج طرفان ڪيو وڃي. انهن جي پاس ٿيڻ کان پوءِ، تعلقن مان ساڳي طرح ٻيا نينگر به چونڊڻ گهرجن. اهڙي نموني اهو تعليمي سلسلو هلندو رهي.“ مدرسي شروع ٿيڻ کان پوءِ آفندي چپ ڪري نه ويٺو، پر ان بلڊنگ لاءِ ڪوشش ڪري عاليشان عمارت به ٺهرائي.
    سنڌ مدرسي کي اسان جي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي، هن اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. هن مدرسي سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، ادبي، قومي، ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي. هن وڏا وڏا عالم، بزرگ ۽ سياستدان پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي تحريڪ آزادي ۽ ادب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح، غلام حسين هدايت الله، ڊاڪٽر دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، اي ڪي بروهي، پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه، شمشيرالحيدري اهڙا شخص آهن جن جو ملڪ ۽ ملت لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جو هڪ باب آهن ۽ ان تاريخ جي سونهري باب جو نقطئه آغاز مرحوم حسن علي آفندي آهي، جنهن ثابت ڪيو ته ” انسان مرندا نه آهن، پر پنهنجن ڪارنامن سبب سدائين زنده رهندا آهن. “


    جمشيد نسروانجي

    هر ساهه وارو مولا جي مخلوق آهي. پوءِ اهو جيت هجي يا جن، پکي هجي يا پرندو، جانور هجي يا پسون. انسان ته سڀ کان افضل پر بي زبان ۽ گونگي خلقت جي سار سنڀال ڪرڻ ۽ ان جي ڏک سک جو خيال ڪرڻ به وڏي عبادت آهي. الله جي راضپي جو راز انهيءَ ۾ ئي سمايل آهي. اسان کي پنهنجو مذهب سيکاري ٿو ته ” گگدامن تي ڪهل ڪريون، ساهه وارن جي سار لهون ۽ بي زبانن سان رحمدلي وارو سلوڪ ڪريون“ پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي ته ”ساهوارن کي نه ڏکويو“ پر ايتري تاڪيد ڪئي اٿن ته ”سائو وڻ به نه وڍيو“ اسان جي سنڌ ۾، اهڙا ڪيترائي انسان ٿي گذريا آهن، جيڪي پيغمبر انسانيت ﷺ جي هن قول جو عملي نمونو هئا. اڄ مان اوهان کي انهن مان ”جمشيد نسروانجي “ جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان.
    جمشيد نسروانجي ڪراچي جي مشهور پارسي خاندان جي خان بهادر نسروانجي ميهتا جو پٽ هو، جنهن وٽ دولت جا انبار هئا. ڪراچي ۾ سندس ڪاروبار لکن ۾ هوندو هو. جمشيد جيئن ڄائو ته چوڌاري نوڪر چاڪر هٿ ادب جا ٻڌيو بيٺل ڏٺائين. کيس ڪاٺي ڀڃي ٻيڻي نه ڪرڻ پيا ڏينس. ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پليو. آرام ۽ سڪون سان تعليم حاصل ڪيائين. آخر وڏو ٿيو ته شادي کان جواب ڏنائين. ٺٺ ٺانگر ڇڏي، سادي زندگي گذارڻ شروع ڪيائين. پائڻ سادو، پهرڻ سادو، کائڻ سادو. ڪاٺ جي صندل تي چادر وڇائي سمهڻ لڳو. پنهنجي روزاني زندگيءَ جا اٺ ئي پهر خالق جي مخلوق لاءِ خرچ ڪرڻ لڳو. سج اڀريو همراهه موٽر تي چڙهيو. ميلن جا ميل پري وڃي، بيوهه عورتن، يتيم ٻارن ۽ مسڪين ماڻهن جا ڏک سور ٻڌي انهن کي دور ڪرڻ لڳو. ڪراچي ۾ ڪٿي باهه لڳي، ڪو حادثو ٿيو، ڪو بيمار ٿيو، ڪٿي موت ته هن جو آرام ڦٽو. شادي ۾، غمي ۾، ڏک ۾ سک ۾، مطلب ته هردم هي مهتو متل نظر ايندو. هو خلق جو خاد ۽ خيرخواهي چاهيندڙ اعلى اصولن جو مالڪ هو. سندس زندگي جو مقصد هو خدا جي هر مخلوق جي سواءِ ڪنهن مت ڀيد جي خدمت ڪرڻ. هن حياتي جو هر لمحو سجايو خرچ ڪيو. سواءِ ڪنهن غرض، لالچ ۽ طمع جي انسانن جي خدمت ڪندو رهيو. سندس چوڻ هو ته ” عوام کان خدمتن جو بدلي طلب ڪرڻ جي اميد نه رک. اڪثر ان جو بدلو ناشڪري ملي ٿو. هن غريبن ۽ مسڪينن،
    ڏتڙيل ۽ ڏکويلن لاءِ رليف فنڊ قائم ڪيو، جنهن مان سندن مدد ڪندو هو. هن فقيرن جا سوال مڃيا ۽ ڪوڙهين ۽ بيمار جا مرڪز قائم ڪيا. سندس سخاوت جي ڪمن مان هزارين ماڻهن فائدو حاصل ڪيو. هو خيرات اهڙيءَ طرح ڏيندو هو جو ٻئي هٿ کي خبرئي نه پوندي هئي. هن نه ڪنهن جي گلا ڪئي ۽ نه ئي بي عزتي. ڪوئيٽا ۾ جڏهن زلزلو آيو تڏهن سندس ننڊ ڦٽي ويئي، بروقت اتي وڃي پهتو. 1929ع واري برسات ۽ 1942ع واري ٻوڏ ۾، هر وقت مصيبت زدن ۽ ستايلن جي مدد ڪندو رهيو. ان ڪري ئي کيس ” مهر ڀريو مهتو“ ۽ محبت جو اوتار سڏيندا هئا.
    جمشيد، انسان ته ڇڏيو پر حيوانن، بي زبان پکين پرندن جي به پيو خدمت ڪندو هو. وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن جي پيو سار لهندو هو. ٻين جي حقن جي احترام ڪرڻ جي اها حد هئي جو تڙ به ماپيل ۽ توريل ٿانءُ سان ڪندو هو ته متان گهڻي پاڻي خرچ ڪرڻ ڪري ڪراچي جو ڪو ماڻهو، جانور يا وڻ ٽڻ ڍڪ پاڻي کان، محروم رهي اڃ جو شڪار نه ٿي وڃي. هو جڏهن ڪراچي جي ميونسپل ڪارپوريشن جو سربراهه ٿيو، تڏهن حڪم ڪيائين ته جانورن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي. گگدامن تي ڪهل ڪجي. چٽر گڏهه يا منڊو گهوڙو ڪم نه آڻجي. سواري مقرر انداز ۾ کڻجي. هن زخمي جانورن لاءِ اسپتالون ٺهرايون ۽ انهن لاءِ ٿڌي پاڻي جا حوض ٺهرايا. پاڻ جانورن سان بي رحمي جي ڪيسن پڪڙڻ لاءِ باقائده جج ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا، جيڪي شهرن ۾ گشت ڪندا هئا، انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته جمشيد، پنهنجي موٽر ۾ چڙهي، ميونسپالٽي جي آفيس ڏانهن ويو ته رستي تي هڪ چٽيل ۽ زخمي گڏهه ڏٺائين جنهن جي ڦٽ مان گند ٿي وهيو ۽ مکين پئي ڀون ڀون ڪئي. پاڻ يڪدم موٽر مان لٿو گڏهه کي پيادل ڪاهي اسپتال وٺي آيو. پنهنجي سامهون ان جي ملم پٽي ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر کي چوڻ لڳو ته ڦٽ کي هوريان هوريان صفا ڪري ته متان گگدام کي درد به ٿئي. ملم پٽي کان پوءِ ڊاڪٽر کي حڪم ڪيائين ته ”گڏهه کي ايستائين اسپتال ۾ رکيو وڃِي، جيستائين هو چاڪ چڱو ڀلو ٿئي ۽ سندس کاڌ خوراڪ جو به بندوبست ڪيو وڃي“ جنهن جو سارو خرچ هن پنهنجي کيسي مان ڏنو. وڏي ڳالهه ته گڏهه جي مالڪ کي هٿ ٻڌي منت ڪيائين ته في الحال کائنس ڪم نه وٺي، جيستائين هو تندرست نه ٿئي ۽ ان لاءِ هو پنهنجي مزدوري جو حساب کائنس وٺندو رهي. کيس ڪجهه اڳواٽ پئسا به ڏنائين.
    ٻارو اهڙا انسان الله وٽ پيارا هوندا آهن، جيڪي سئو ساهوارن جي سک لاءِ خرچ ڪندا آهن.


    ديوان ڏيارام گدومل

      ديا جي معنى آهي ٻاجهه، رحم ۽ ڪهل، دياوان ان کي چئبو آهي جيڪو رحمدل هجي ٻئي جو ڏک پنهنجو سمجهي، ٻئي کي تڪليف ۾ ڏسي مٿس ڪهل ڪري. ديوان چئبو آهي معتبر ۽ عزت واري واڻئي کي. اڄ مان اوهان کي هڪ اهڙي ديوان جو ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جنهن ديا ۽ رحم جا واهڙ وهائي ڇڏيا. اهو آهي ديوان ڏيا رام، جيڪو حيدرآباد جي شهر ۾ شاهاڻي خاندان مان هو. سندس پيءُ منشي گدومل، ميرن جي درٻار ۾ وڏي مرتبي ۽ درجي وارو هو. ديوان ڏيارام، عربي، فارسي ۽ سنڌي پڙهي، انگريزي ۾ بي اي ۽ ايل ايل بي جا امتحان پاس ڪري جج ٿيو. هن انهيءَ عهدي تي رهي سدائين انصاف جو ساٿ ڏنو ۽ مظلومن جي مدد ڪئي. سندس فيصلا سنڌ جي عدالتي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندا. هن ڏوهي کي ڪڏهن به نه بخشو، پوءِ اهو کڻي ڪيڏو به وڏو ماڻهو ڇونه هجي.
    هڪ دفعي شڪارپور جو هڪ وڏو سيٺ زنا جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي آيو. سيٺين کي پڪ هجي ته جج صاحب هندو آهي ۽ ذات پات جو خيال رکي، هو سيٺ کي ضرور آزاد ڪندو. پر خبر تڏهن پئي جڏهن کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ملي. ساڳي نوڪري ۾ هو سنڌ کان ٻاهر سورت، احمد آباد، پوني ۽ خانديش ويو. جتي به حق ۽ انصاف جو پاسو نه ڇڏيائين. اُهي اُهي فيصلا ڪيائين جو عوام ۽ سرڪار کي ڏندين آڱريون اچي ويون. خانديش ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر ڪنهن سرڪاري ڪيس ۾ وٽس سفارشي ٿي آيو، پر هن کيس دروازي تان ئي موٽائي ڇڏيو.
    احمد آباد جي هڪ مسجد جي پلاٽ تي ڪن هندن قبضو ڪيو. ڀريا 9 سئو سال گذري ويا، پر ڪنهن به جج کي همت نه ٿي جو حقي فيصلو ڪري. جيئن ئي ديوان پهتو تيئن ئي مسجد جي فائدي ۾ فيصلو ڪري هر هڪ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. مورخن جو رايو آهي ته منصفي ۽ بي ريائي جي هڪ اهڙي روايت قائم ڪئي، جيڪا سنڌ جي معاشري لاءِ، پوءِ به امتياز ۽ قومي سرخروئي جو سبب بڻي. سنڌ جو حج ۽ انصاف نه ڪري، اها ڳالهه سوچ ۾ ئي نه ايندي هئي.
    ديوان ڏيارام هڪ سچو پچو انسان هو. کيس انسان ذات سان محبت هئي، هر وقت غريبن جي جاني ۽ مالي مدد ڪندو رهندو هو. کيس 1120 روپيا ماهوار پگهار ملندو هو. جنهن مان صرف ڏيڍ سئو پنهنجي خرچ لاءِ رکيائين ۽ باقي ساري رقم خير جي ڪمن تي صرف ڪيائين. هن ڌرمائو ٽرسٽ قائم ڪري پنهنجي سموري ملڪيت ان جي حوالي ڪئي. ٽرسٽ جي مقصد بيان ڪندي لکيو هئائين ته ” علم عام ٿئي، دکي انسانيت جي ملم پٽي ٿئي. خلق خدمت جي ادارن جي سار سنڀال ٿئي، علم، صحت ۽ سهائتا جي امداد ٿئي، غريبن کي پورهيو رسايو وڃي، محتاجن جي سار لڌي وڃي. شيوا ڌاري سوسائيٽين جي دل کولي مدد ڪئي وڃي.
    اهو سندس قول نه هو پر هن لکت جو عملي نمونو هو. 1898ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جهڙي موذي مرض منهن ڪڍيو، تڏهن پاڻ ٽي مهينا موڪل وٺي ” پليگ اسپتال “ کوليائين جنهن ۾ چار ڊاڪٽر ۽ سورهن نرسون ڪم ڪنديون هيون، جن جي پگهار پنهنجي کيسي مان پاڻ ڏنائين روزانو 5 ڪلاڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو ۽ باقي وقت بيماري خلاف اپاءُ وٺڻ ۽ شهر ۾ صفائي ڪرائڻ تي صرف ڪندو هو. جڏهن ٿر ۾ ڏڪر پيو ته پاڻ وڃي سستي علاج جا دڪان کوليائين ۽ نون کوهن کوٽائڻ ۾ مدد ڪيائين.
    احمدآباد ۾ ڪوڙهه جي مرض منهن ڪڍيو ته بيمارن جي دوادرمل ڪرڻ لڳو. ڌرمپور ۾ سلهه جو سينيٽوريم کولرايائين جيڪو اڄ به هلي پيو. ” غريبڙي بئنڪ “ کولي، مسڪين ماڻهن ۾ پئسي جي بچت جي عادت وڌائين.
    ديوان ڏيارام کي، غريب ماڻهن جي تعليم جو ڏاڍو اونو هوندو هو. منجهن علمي شعور پئدا ڪرڻ لاءِ، ڪيترائي ڪاليج ۽ اسڪول کوليائين. حيدرآباد ۾ عورتن جي تعليم لاءِ، اسڪولن جو ڄار وڇرايائين. سنڌ ۾ ٻه ڪاليج سندس مدد سان کليا.
    ايڏي وڏي ملڪيت ۽ پئسي هوندي به ديوان صاحب تمام سادو سودو هوندو هو. اڇا کاڌي جا ڪپڙا ۽ مٿي ت پڳڙي. سادگي جي انتها اها هئي جو چتين لڳل ڪپڙا پائيندو هو‏، جن کي ڌوئيندو به پاڻ هو. پٽڪي ٻڌڻ لاءِ پاڻ وٽ آئينو به نه رکيائين، پر آفيس جي شيشن ۾ پاڻ ڏسي، پڳڙي کي ٺاهيندو هو. انڪسار ۽ ملنسار، حد کان وڌيڪ هو. سٺو اديب ۽ شاعر به هو. ستر کان مٿي سنڌي، فارسي ۽ انگريزي ڪتاب لکيائين. مطلب ته ديوان ڏيارام اهڙو سڌارڪ هو، جنهن پاڻ جلائي، پنهنجن ماڻهن جي اونداهين گهرن ۾ روشني آندي ۽ پنهنجي زندگي جي هڪ گهڙي به ضايع نه ڪئي ۽ پنهنجي پگهر جي ڪمائي، ساري قوم جي ڀلي تي خرچ ڪئي.


    مائي ڄيٺي سپاهيملاڻي

    سنڌ جي سرزمين، اهڙين ڪيترين ئي صدورين سياڻين ۽ سرويچ نياڻين کي جنم ڏنو آهي، جن تاريخ جي هر دور ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف جنگ جوٽي، نه صرف آواز اٿاريو، پر جنهن سهاڳن ۽ لخت جگرن جي قرباني ڏيئي به ديس جي مٽي کي ملهايو ۽ مان مٿاهون ڪيو. سومرن جي دور ۾ سنڌي عورت، ديس جي ڌارين جي غلامي کان بچائڻ لاءِ سڄو خاندان قربان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به ميدان ۾ نڪري آيون. هنن ۾ وطنيت، خود قرباني، استقلال ۽ همت جو ايڏو ته جذبو هو جو پنهنجي وطن ۽ ان جي ناموس لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي. هن دور ۾ سنڌي عورت سياست ۽ دفاع ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مائي تارا ٻائي دودي پهرئين جي ڌيءَ پهرين عورت آهي، جنهن ساري برصغير ۾ پهريون ڀيرو حڪومت ڪئي. ان کان سواءِ سنگهار جي مرڻ کان پوءِ، سندس زال همون ٻائي حڪومت جون واڳون سنڀالي، هوشمندي سان راڄ ڪيو. اڄ مان اوهان کي هن صديءَ جي هڪ اهڙي ناتوان سنڌي عورت جي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جنهن ملڪ جي آزادي، خودمختياري ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. ڏينهن رات ٻين جي ڪم اچڻ لاءِ پنهنجي وجود کي وسارڻ سندس شيوو هو. هن مائي ملڪ جي سياست ۽ معاشرت ۾ ڀرپور حصو وٺي، پنهنجي قوم مان مٿاهون ڪيو. سندس نالو هو مائي ڄيٺي. هو ڄائي نپني، حيدرآباد جي سيٺ تلسيداس سپاهيملاڻي جي گهر ۾ ۽ مئٽرڪ جو ۽ بي اي جا امتحان ڪراچي مان ڏنائين.
    اهو زمانو گورن جي حڪومت جو هو، ڪارن لاءِ قهري قانون جڙيل هئا. هيءَ مڙس ٿي اچي ميدان ۾ لٿي. تعليم کي ڇڏي ڏنائين، بس پوءِ ڪيڏهن جيل ۾ ته ڪڏهن ريل ۾. کيس ڪيڏيون به تڪليفون آيون ۽ تشدد ٿيا، پر هن مقصد کي نه ڇڏيو ۽ ملڪ واسين کي نه وساريو. هو ارادي جي پڪي هئي. سندس دوستي ۽ دشمني، قومي مقصد ۽ آزادي خاطر هئي. هن جي راهه ۾ جيڪي به پٿر آيا، تن کي هن ٿڏي ڇڏيو. هٿڪڙين کي چوڙيون ۽ جيل کي پيڪو گهر ڪري ڇڏيائين. هن ۾ خود قرباني جو جذبو هو ۽ آزادي جي واٽ ۾ سندس ارادو اٽل هو ۽ هو ان ڏس ۾، بي خوفي سان اڳتي وڌندي رهي. 1942ع جي ڳالهه آهي ته ”ڪئٽ انڊيا “ جي هلچل جي ڪري هو جيل ويئي. سخت گرمي ۽ جيل جي ڪم کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ هڏا به نڪري آيس هوم منسٽر کيس ڏسڻ ويو. چيائينس ته ” بيمار ٿي ڏسجين، توکي جيل مان آزاد ڪرڻ گهرجي“ منسٽر خيال ڪيو ته، هوءَ به کيس آزادي لاءِ منٿ ڪندي پر هن غيور عورت، ان کي پنهنجي خودداري ۽ آزادي جي هلچل جي روايتن خلاف ڄاڻيندي کيس جواب ڏنوته ” جن جهليو آهي، انهن تي ڇڏيل آهي ته، جيڪي وڻين سو فيصلو ڪن، پر جيڪڏهن تون ڀائين ته آءُ پنهنجي رهائي لاءِ توکي عرض ڪنديس يا ڪو يقين ڏيارينديس ته ڪنهن کي به اهڙي اميد منهنجي جتي مان به رکڻ نه گهرجي.“ ڪيڏو نه جرئتمندانه جواب آهي. ڏسو ته سهي هڪ نازڪ اندام ناري ورهين جا ورهيه جيل ۾ رهي، پوءِ به ايڏي خوداري.
    ٻئي دفعي جي ڳالهه آهي ته، سندس غلام حسين سنڌ جو وزير اعلى هجي. هن خيال ڪيو ته مائي ڄيٺي وڏين تڪليفن ۾ آهي. جيڪڏهن هو لکي ڏي ته اڳتي هو ” آزادي جي تحريڪ “ ۾ حصو نه وٺندي ته پوءِ اسان کيس، آزاد ڪرڻ لاءِ برٽش حڪومت کي آماده ڪريون “ پر هن اورچ ۽ باهمت مائي صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن جيل وڃڻ قبوليو پر آڻ نه مڃي. ويتر ڏک ٿيس ته وطن جي آزادي لاءِ قومي ڪارڪن هر قسم جون تڪليفون سهي رهيا آهن، پر سندس ٻين وطني ڀائرن ۾ انهيءَ قرباني يا وطن دوستي جو احساس به پيدا نه ٿيو آهي. هن کي ملڪ جي مصنوعات جو وڏو قدر هو. ” کاڌي تحريڪ “ وقت وديشي ڪپڙا ساڙي، کاڌي پائڻ شروع ڪيائين ۽ ديسي شين ڪتب آڻڻ ۾ وڏو ڪم ڪيائين. هن نه صرف سياست ۾ پاڻ موکيو ۽ قوم لاءِ اڻ مٽ نقش ڇڏيا، پر سماجي سرگرمين ۾ به ڪم ڪندر رهي ۽ هميشه قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي. هن سنڌي ٻارن جا مسئلا پيش ڪندي رهي هو ڪيترن ئي سماجي عهدن تي رهي، جتي هر وقت قومي ۽ سماجي خدمت کان هڪ پل به واندي نه ويٺي. هن ڪراچي شهر جي زناني تعليم لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. هن شراب نوشي ۽ ان جي روڪڻ لاءِ، وڏي تحريڪ هلائي. هوءَ جيترو وقت زندهه رهي، سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڪم ڪندي رهي.


    حيدر بخش جتوئي

      ڪامورو ان کي چئبو آهي جيڪو کاتي ۾ وڏو آفيسر هجي. اڇي ڪاري جو مالڪ هجي. کيس وڏا وڏا اختيار هجن. جنهن کي وڻيس ته ٻڌي، جنهن کي وڻيس ته ڇوڙي. جنهن جي پڳڙي لاهي ته ڪو کيس چوڻ وارو نه هجي. مرضي پويس ته ڪنهن کي اڏي ڇڏي ۽ جي ڪاوڙجي ته ڪنهن جو جهڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏي. پر سڀ ڪامورا ائين نه هوندا آهن، ڪي ڪي ته فرشتا به ٿي رهيا آهن. اڄ مان اوهان کي هڪ اهڙي ڪاموري جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جيڪو قرب ۽ سڪ، پيار ۽ محبت جو مجسمو هو، ۽ اهو ڪامورو هو حيدربخش جتوئي، جيڪو اصل بکي ديري ڳوٺ جو ويٺل هو. سندس والد الهداد خان هو ته ڳوٺاڻو پر پنهنجي ٻار کي تعليم اعلى ڏياريائين، ان ڪري هو وڌي وڃي ڪامورو ٿيو. هو هيڊ منشي، مختيارڪار، ڊپٽي ڪليڪٽر، اسٽنٽ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ۽ ڪورٽ آف وارڊس جهڙن عهدن تي فائز رهيو. پر جتوئي خدا جو بندو هو ۽ خدا جي بندن جو بندو ٿي رهيو. هن سڄي حياتي پنهنجي قوم ۽ مظلوم ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري. هن روينيو کاتي ۾ رهي چڱي طرح ڏٺو ته ڪيئن نه ذميندار، آفيسرن سان ملي، غريب هارين کي ڦرين ۽ لٽين ٿا. جيڪو انگ اگهاڙو ڪري، رات ڏينهن لنڊيون لتاڙي ٿو ۽ ٻارا اٿلائي ٿو، ان کي ڪيئن نه تباهه ڪيو وڃي ٿو. هن ان جو گهرو مطالعو ڪري سندن مدد ڪرڻ شروع ڪئي. هن وستين ۽ واهڻن ۾ وڃي، هارين سان رلي ملي، سندن ڏک سور سڻي انهن جي تلافي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڪرسي جو به خيال نه ڪيائين. ڪامريڊ عبدالقادر چوندو هو ته ” حيدر بخش هارين جو همدرد آهي. آفيسر ٿي ڪري به هارين جي مدد پيو ڪري جيڪو ڪڙمي وٽس ويندو هو، ان کي ڀاڪر پائي، ڪرسي تي وهاري چانهه پياري، پل ۾ سندن ڪم ڪندو هو“ هن جو عقيدوهو ته ”جيستائين ملڪ جو هاري آسودو نه آهي تيستائين ملڪ خوشحال ٿي نه سگهندو.“ هو چوندو هو ته ”اناج پيدا به هاري ڪري ته بک به هاري مري. ڪپهه پوکي به هاري ته انگ اگهاڙو به هاري جو“ هن هر مهل ۽ هر گهڙي سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪئي. 1936ع جي ڳالهه آهي ته قادپور ۾ ٻوڏ آئي. پاڻ ان وقت گهوٽڪي جا مختيار ڪار هئا، پر ان هوندي به ڇيڙ وٺي، اچي بند ٻڌرايائون ڌڌڙ ۾ ڌوڙ ٿي هارين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺا رهيا. چوڻ لڳا ته ”جڏهن به ڳوٺن يا ملڪن تي، اهڙيون مهلون اچن ته پاڻ پنهنجي جان جو به اونو نه ڪن پر ميدان ۾ ڪاهي پون“ هڪ دفعي مختيار ڪار جي حيثيت ۾ سندس هڪ ڳوٺ ۾ منزل ٿي. وڏيرن روايت موجب حلوا، پلاءُ، ڪڪڙيون، مٺايون ۽ شربت تيار ڪيا پر جڏهن جتوئي اتي پهتو، تڏهن اها ساري ماني اتي آيل غريب هارين کي کارايائين ۽ پاڻ ٻاجهري جي ماني ڏڌ سان کائي سرهو ٿيو.
    1941ع ۾ هو اسسٽنٽ مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ۽ ڪورٽ آف وارڊس مقرر ٿيو. ان وقت هن ڪيترن ئي بي واهن غريب ۽ مسڪين رنن زالن ۽ يتيمن جي خدمت ڪئي ۽ ڪورٽ آف وارڊس ۾ آيل سيون ملڪيتون تباهي ءَ کان بچايائين. 1942ع ۾ هو جڏهن ”اسپيشل رڪوري آفيسر ڪوآپريٽوز سوسائيٽيز آف سنڌ“ ٿيو، تڏهن سوين مسڪين هارين جا قرض ۽ وياج معاف ڪري ڇڏيائين. هن رات ڏينهن هارين جا قرض ۽ وياج معاف ڪري ڇڏيائين. هن رات ڏينهن، هارين جي ڀلي ۽ فائدي لاءِ ڪم ڪيو. هڪ دفعي ته هڪ غريب هاري جي مدد ڪرڻ تي، وقت جي گوري حاڪم کي ڪاوڙائي وڌائين پر پنهنجي ضمير جي خلاف ڪم نه ڪيائين. سندس بي لوث خدمت کي ڏسي، برٽش سرڪار قبول ڪيو ته ”سنڌ ۾ فقط ٻه ڪامورا ايماندار ۽ ديانتدار آهن هڪ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيو نورالدين صديقي.
    هيءَ حقيقت آهي ته سنڌ جو اسي سيڪڙو عوام هاري آهي، ان ڪري گهڻائي ۾ هوندي به هن جو ڪوبه هڏ ڏوکي ۽ مددگار ڪونهي، پر جڏهن حيدربخش جتوئي آفيسر هوندي به هارين جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن وڏيرن، پيرن ۽ سرمائيدارن گڏجي هن جي مخالفت ڪئي. ان ڪري هو نوڪري کي ڇڏي ميدان ۾ لهي آيو. پوءِ ته مٿس ته قاتلانه حملا به ٿيا، الزام مڙهيا ويا، ڪافر ۽ ملحد سڏيو پر هن مڙس ٿي هر مخالفت جو مقابلو ڪيو. سندس ئي ڪوششن سان، هارين کي حق مليا ۽ معاشري ۾ سندن حيثيت تسليم ٿيڻ لڳي.
    مرحوم حيدربخش جتوئي سادو ۽ شريف انسان هو‏، جيڪو هر هڪ کي پنهنجو ڀاءُ سمجهندو هو. هن شخص سنڌ جي ڏتڙيل ۽ بي پهچ هارين لاءِ هڪ وڏي جابر، جاگيردار، سرڪش زميندار ۽ وڏيري سان جنگ جوٽي هن ڪسڻ ۽ قيد ڪاٽڻ قبوليو، اعلى نوڪري ڇڏي پر هارين جي مدد ڪرڻ نه ڇڏيائين. جتوئي مرحوم نه صرف هارين جو محبوب اڳواڻ هو پر هو سنڌ جي مظلوم عوام، پيڙيل طبقي ۽ شڪسته دل نوجوانن جو عظيم قائد به هو. هو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري واري تحريڪ جو رهبر به هو. هن آرام ۽ آسائش ڇڏي، وڏي کان وڏي عهدي ۽ ڪرسي کي ٺوڪر هڻي، پنهنجي زندگي جو ڳپل حصو سنڌ ديس خاطر جيل ۾ گذاريو. جڏهن سنڌ جون لکها ايڪڙ زمينون، مال غنيمت سمجهي ٻاهرين ۾ ورهايون پئي ويون، تڏهن هن مانجهي مڙس رسالا ۽ ڪتابچا لکي، انگن اکرن سان ثابت ڪيو ته ڪهڙي طرح سنڌ جي هارين سان ظلم ٿي رهيو آهي ۽ گهر ڌڻين کي گهر مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. هن حياتي جو عيش آرام، دماغ جون صلاحيتون ۽ قلم جو سڀ قوتون قوم لاءِ وقف ڪيون. نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ هو اڪثر ڪري جيلن ۾ رهيو ۽ جنهن قوم لاءِ هن ايڏي قرباني ڏني ان کيس هٿڪڙيون پارايون. پر هو خوش هو، راضي رهيو ڇو ته هن پنهنجو ذاتي مفاد، قومي مفاد مٿان قربان ڪري ڇڏيو. ڪنهن کيس چيو ته ” هن وقت نوڪري ۾ هجين ها ته ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر هجين ها، ناحق انهن ماڻهن لاءِ پنهنجو مستقبل خراب ڪيئي، جن وٽ تنهنجو قدر ناهي“ هن جو جواب هو ته ” منهنجو مستقبل قوم کان سواءِ ڪجهه نه آهي جيڪو ڪيو اٿم ان تي باوجود مشڪلاتن جي خوشي اٿم، ارمان ڪونه اٿم“ ڏسو سندس جواب! هن ۾ اوهان لاءِ ڪيڏو نه سبق سمايل آهي.
    جتوئي ارڏو انسان هو. سندس وڏي دل هئي ڪيڏا به طوفان آيا، پر هو هماليه وانگر، سينو سپر ڪيو، عذاب سهندو رهيو. هن ايوبي آمريت ۽ يحى آمريت ۾ جنهن دليري ۽ خنده پيشاني سان جيل ڪاٽيا، ان جو مثال نه ٿو ملي. پنجاب جي مشهور صحافي، شورش ڪاشميري جو چوڻ آهي ته ”جيل جي زندگي ۾، ڪامريڊ جتوئي جهڙا بهادر ۽ شريف انسان مون تمام گهٽ ڏٺا آهن.“ ۽ هي سندس دليري ۽ قرباني جو نتيجو هو. هن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪرندو ڏسي اک ٻوٽي. اهڙي طرح سندس ڪاميابي، هن جي اڳيان هٿ جوڙي اچي بيٺي.


    علامه آءِ – آءِ قاضي

    سنڌ جي سرزمين جي ماڻهن تي فخر ڪندر رهندي تن مان علامه آٰءِ آءِ قاضي به هڪ آهي. هو پاٽ جهڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن جي ڪري جڳ ۾ مشهور ٿيو۽ سندس نالو ديسان ديس ٻڌجڻ لڳو.
    علامه امداد علي قاضي پٽ امام علي قاضي، هڪ مڃيل مڃايل انسان هو. هو قدرت جي فياضين جو هڪ انوکو نمونو هو. انساني اوصاف جو حسين مجموعو هو. ذهني ۽ روحاني ڪمالات جو پتلو هو، ڏاهپ جو ڏيئو هو، دانش جو درياهه هو، علم ۽ فضل جو خزانو هو. هن پنهنجي ساري حياتي انسانذات لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هڙان توڙي وڙان، غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪري کين اعلى درجي تي پهچايو. سندن سڀاءُ وري اهڙو هو، جو ڪنهن کان به شيءَ مدد طور وٺڻ پسند ئي نه ڪندو هو. پاڻ نهٺو نماڻو، خودي جو صاحب ۽ پنهنجي راءِ جو پاڻ مالڪ هو. هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن پاڻ خيرپور رياست جا جج هئا. ميرن جي حڪومت هئي، جيڪي پاڻ اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهند هئا. سندن حڪم کان سواءِ پن به نه چرندو هو. مير علي نواز خيرپور رياست جو والي هو. سندس خاص نوڪر، ڪنهن ڏوهه ۾ قاضي صاحب وٽ حاضر ٿيو، ۽ مير صاحب، قاضي صاحب کي سفارش ڪئي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. علامه صاحب اها حالت ڏسي، نوڪري ڇڏي اچي گهر ويٺو. اهڙي طرح انصاف ۽ حق پرستي کي هٿان نه وڃڻ ڏنائين.
    علامه قاضي صاحب کي سنڌ جي نوجوان نسل جي تعليم ۽ تربيت لاءِ وڏو اونو هوندو هو، 1951ع ۾ جڏهن کيس يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بنايو ويو، تڏهن پنهنجون سموريون صلاحيتون، استعال ڪري يونيورسٽي کي هن اعلى درجي تي پهچايو. ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان لڏائي حيدرآباد آندو ويو ۽ سنڌ جي هن اعلى درسگاهه جو سارو لڏو چئن ٽرڪن ۾ مس هو. علامه صاحب حڪومت کي يونيورسٽي جي گرانٽ وڌائڻ لاءِ لکيو ته وزير تعليم جواب ڏنو ته ” سنڌ يونيورسٽي کي اسان سنڌ مدرسه وانگر هڪ لک روپيا گرانٽ ڏيون ٿا. باقي قاضي جي گهر ته سوکين ڪو سمجهائي ته اسان کي سارو پئسو، سنڌ يونيورسٽي تي خرچ ته ڪونه ڪرڻو آهي، پر ساري سنڌ جي تعليم کي سڌارڻو آهي.“ مجبورن قاضي صاحب ان هڪ لک روپئي جي خيرات مان پائي پائي بچائڻ لاءِ، سنڌ يونيورسٽي جي عملي کي پرزور تاڪيد ڪيائون. يونيورسٽي جي ڪم لاءِ يا وي – سي جي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ ڪابه موٽر ڪار نه ورتائون. گهر کان يونيورسٽي اچڻ لاءِ 75 روپين جي حساب سان گهوڙي گاڏي رکيائون. پر اهي پئسا به يونيورسٽي جي بدران پنهنجي پگهار مان ڏنائون. آفيس مان سندس گهر، مس اسٽيلون ۽ ٻيا پنا موڪليا ويا ته انهن جو بل پاڻ ادا ڪيائون ۽ چيائون ته مون کي ڪوبه حق ڪونهي، جو يونيورسٽي جي اسٽيشنري پنهنجي گهر يا پنهنجي ڪم ۾ آڻيان. “
    ان ئي زماني جو هڪ واقعو آهي ته پاڻ يونيورسٽي جي سائنس لئبارٽري جي سامان وٺڻ لاءِ، انگلينڊ ويا ته اداري ڀاڙي وٺڻ کان نابري واريائون. پٺيان اختياري وارن اها رقم سندن بئنڪ اڪائونٽ ۾، داخل ڪري ڇڏي. جڏهن موٽڻ تي، کين اها خبر پئي تڏهن ساڳئي رقم جو چيڪ ڪڍي، يونيورسٽي جي اڪائونٽ ۾ داخل ڪندي، چيائون ته ”بابا! آءُ ته ذاتي ڪم سبب لنڊن ويو هوس ۽ سامان سڙي وٺڻ لاءِ ڪو ايڏو پئسو ۽ وقت به ڪونه لڳو هو، جو مان ان جو عيوضو وٺان يونيورسٽيءَ جو ايترو ته مون تي حق آهي، جو مان سندس ضروري سامان وٺي روانو ڪيان.“
    علامه صاحب، هڪ سادو سودو سنڌي هو. سندن زندگي سنئين سڌي ۽ صاف سٿري هئي. اجائي ڏيک ويک ۽ ڪوڙي اڊنبر کان ڪوهين ڏور هو. هيڏي وڏي ماڻهو هوندي به ساري حياتي، هڪ مسواڙي مڪان ۾ گذاريائين. پاڻ پنهنجي روزاني اٿڻي وهڻي ۾ هڪ پائي به اجائي ۽ فضول خرچ نه ڪيائين. جڏهن يونيورسٽي جي اعلى عمارت جڙي راس ٿي ۽ آفيس کي سينگاري والارڻ جو ويلو آيو ته پروفيسرن ۽ پنهنجي آفيس ۾ تڏا ۽ نکون وڇارائي ڇڏيائين. چيائون ته ” گلم ۽ غاليچا آهن، وڏن ماڻهن جون عياشيون، اسان سنڌي ماڻهو آهيون مارو ماڻهو. اسان جو اباڻو ورثو ۽ مرڪ آهي ڪک پن. هي ادارو مارو ۽ مسڪين ماڻهن جي غريب يونيورسٽي آهي ۽ سندس مول مقصد آهي، علم ڦهلائڻ، نه گلم غاليچن جي نمائش ڪرڻ.“
    قاضي صاحب هڪ خوددار ۽ آزاد منش هئا. هو عالمن کي سيني سان لائيندا هئا ۽ علم جي شائقين کي قرب جي نظر سان ڏسندا هئا. سندس ضرورتن کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهند هئا. سندس چوڻ هو ته ” جڏهن انسان ڪنهن جي خدمت ڪرڻ جي لائق نه رهي، تڏهن ان کي جيئڻ جو ڪوبه حق ڪونهي. ان ڪري پاڻ جيستائين زندهه رهيا، علم ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائيندا رهيا ۽ ڪيترائي پياسا هن سرچشمي مان آب حيات جون سرڪون ڀري پاڻ به تعليم جي روشن شمع بڻجي ويا. سندس بنگلي تي هروقت ماڻهن جو انبوهه رهندو هو. جتي نوجوان نسل کي خودداري، انسان دوستي ۽ روحانيت جو سبق ملندو هو.
    علامه صاحب جي وڏي خوبي هيءَ هئي ته هو ٺلهي خوشامد، ڪوڙي تعريف ۽ آفيسرانه رعب تاب کان نفرت ڪندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته صوبائي گورنر، مشتاق احمد گورماني، حيدرآباد ۾ منزل انداز ٿيو ۽ چانسلر جي حيثيت ۾ يونيورسٽي گهمڻ پئي آيو. قاضي صاحب سندس ڏنل وقت تائين انتظار ڪيو، پر هو نه آيو ۽ آفيس ٽائيم کان پوءِ اچڻ لاءِ چيو. پاڻ جواب ڏنائون ته ”مون کي افسوس آهي جو آفيس ٽائيم ختم ٿي چڪو آهي ۽ مان هن وقت گورنر سان ملي نٿو سگهان.“ اهو ٻڌي گورماني صاحب واپس هليو ويو.
    سچ پچ ته علامه صاحب، سنڌ جا روشن مينار هئا ۽ فڪر جا قنديل هئا. هن ئي ڪوششن سان، اها يونيورسٽي جيڪا اڳ صرف امتحان وٺندڙ ادارو هئي، سا هاڻي خودمختيار تدريسي ادارو بنجي، سنڌ جي علم ۽ دانش جو مرڪز ٿي پيئي آهي. هن اداري جي پيڙهه ۾ علامه صاحب جي بي لوث خدمت جو رت پيل آهي، جنهن رت کي هن شمع وانگر جلائي روشن ماحول پيدا ڪيو. هاڻي هو، هن ئي زمين ۾ ستل آهي. اسان کي سوچڻو آهي ته پوءِ انهيءَ درسگاهه کي اسان ڪيترو سنواريو ۽ سينگاريو آهي.


    پير حسام الدين راشدي

    قومون پنهنجن مشاهرن سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ سنڌ جيڪي مشاهير پيدا ڪيا آهن، تن مان پير حسام الدين راشدي به هڪ آهي جيڪو ايندڙ هر دور ۾، سنڌ جي علم ۽ عظمت جو يادگار رهندو.
    سائين حسام الدين راشدي بنيادي طرح سيد هو، جن جو عام طور گذران ٽوڻن، ڦيڻن، تعويذن ۽ ٻوهل تي هوندو آهي. پير صاحب کي سندن والده ماجده چوندي هئي ته ”زمانو ڦرڻ وارو آهي، وڏيرڪي ۽ پيري جٽاءُ نه ڪندي، جيڪڏهن علم حاصل ڪندئو ۽ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهندئو نه ته پيا ڌڪا کائيندئو“ پير صاحب پنهنجي امڙ جي هدايت کي هيئين سان هنڊايو ۽ ان تي پوري ريت عمل ڪري، ويهين صديءَ جي سنڌ جي آسمان تي هڪ روشن ستاري وانگر چمڪيو. هو دنيا جو مڃيل اسڪالر ۽ عالم هو ۽ ايڏو وڏو عالم ۽ سندن علمي هاڪ ۽ ڌاڪ برصغير پاڪ وهند کان سواءِ ايران، افغانستان، چين، روس، آمريڪا، برطانيه، آفريڪا، آسٽريليا، هانگ ڪانگ ۽ سلون تائين پکڙجي ويئي. هو هر علمي ۽ ثقافتي وفد جو سربراهه ٿيو ۽ دنيا جي هر ملڪ ۾ وڃي، پنهنجي علمي عظمت کي چار چنڊ لڳايا. هر ملڪ جو عالم سندن عزت ڪندو هو ۽ پير صاحب سان ٻه گهڙيون گذارڻ، پنهنجي لاءِ فخر سمجهندو هو. پاڻ فارسي قديم توڙي جديد جا وڏا ماڻهو هئا ۽ فارسي ادب جي خدمت جي صلي کين ايران جو قومي اعزاز به مليو هو.
    پير صاحب محنت جا سرچشما ۽ پورهيت اديب هئا. روزانو وڏي عصر اٿندا هئا ۽ اٿڻ شرط لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي لڳي ويندا هئا. چانهه بسڪٽ جو دور هلندو هو ۽ پاڻ پنهنجي ميز تي ڪتابن ۾ گهيريل رهندا هئا. پير صاحب هجي هڪ تاريخدان هو. سنڌ جي تاريخ، جيڪا ماضي ۾ درٻاري مورخن جي ويڪاڻو قلم ذريعي اسان وٽ پهتي آهي، کي نئين سر لکي، ورهين جي ڪوڙي ۽ خوشامدي واري لٽ لاهي سچاين کي سامهون آندو. هن سنڌ جي تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو سندس عظمت جي گواهي ڏي ٿو. هن تاريخ نويسي جي فن جي عبارت ۽ طرز تحرير ۾ نئون رنگ ۽ ڍنگ پيدا ڪري، مقامي نج سنڌي محاورا، اصطلاح ۽ ترڪيبون آڻي، ان جي خشڪي ختم ڪري، کيس دلچسپ بنايو. سندس ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن “ جيڪو سنڌ جي سماجي تاريخ آهي، اهڙي ته دلنشين سادي ۽ سليس زبان ۾ لکيل آهي جو ٻار خواهه ٻڍو، گهڻو ۽ ٿورو پڙهيل، شهري يا ڳوٺاڻو هڪ جيترو لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي ٽي سئو مقالا ۽ يارهن ڪتاب سنڌي ۾، چار ڪتاب اردو ۾ ۽ ستاويهه ڪتاب فارسي زبانن ۾ لکيا.
    پير صاحب علمي ۽ ادبي زبانن جو روح روان هو. سندس ٺاهيل ادارا، سندس خدمتن کي صدين تائين ياد رکندا. سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، مرڪزي اردو بورڊ، انجمن اردو ترقي بورڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا، سندس رهنمائي جو زنده ثبوت آهن. انهن علمي ۽ ادبي ادارن سان کين عشق هو. هو علمي ادارن ۾ لائق ۽ قابل ماڻهن کي ترجيح ڏيندا هئا. هڪ دفعي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾، هڪ ليڪچرر جي تقرري هن جي مشوري کان پوءِ ٿيڻي هئي. وائس چانسلر کيس چيو ته ”فلاڻي ماڻهو جي وزير سفارش ڪئي آهي“ پاڻ جواب ۾ چيائون ته ”وزير سڀني جا خير خواهه آهن. توهان اداري جا سربراهه آهيو. هي علمي ادارو آهي، هن ۾ لائق ماڻهو هئڻ گهرجن. هتي سفارش نه ٻڌڻ گهرجي“ هن صرف ان اميدوار جي حق ۾ راءِ ڏني جيڪو ان جو وڌيڪ اهل هو.
    پير صاحب جاگيرداري نظام ۽ پيري مريدي خاندان جا فرد هوندي به هڪ خليق انسان بنجي، جاگيرداري سرشتي جي هر شيءِ کي نه صرف ٿڏي ڇڏيو، پر ٻين سڀني ۾ به آزادي پسندي، انسان دوستي، خودداري ۽ هر فرد سان، انصاف جا گر پيدا ڪيائون. هن پنهنجي ماحول جا صدين وارا پيل زنجير توڙي رنڊڪون هٽائي، ذاتي ۽ ذهني آزادي حاصل ڪري سنڌي سماج ۽ سنڌين جي سماجي شعور ۽ سياسي سجاڳي لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هو جڏهن به پنهنجي ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن پنهنجين هارين ۽ نوڪرن، ڪمين ۽ ڪاسبين سان ڀاڪر پائي قرب ۽ محبت سان ملندا هئا. کين پاڻ سان گڏ کٽن تي وهاري کانئن ڏک سک پڇندا هئا. پنهنجن نوڪرن جو وڏو خيال ڪندا هئا. سندن ڍڳن جو به کين احساس هوندو هون. انهن کي اُس ۾ وهڻ بلڪل نه ڏيندا هئا. هارين کي پڪل پوک مان ڍورن کي گاهه کارائڻ جي اجازت هئي. ڪو هاري جيڪڏهن بيمار ٿيندو هو، ته کين پگهر پڇڻ ويندا هئا ۽ مهيني ٻين سندن گهر وڃي کانئن خيريت معلوم ڪندا هئا، پوک نه ٿيڻ جي حالت ۾ هارين کي اڳواٽ ان ڏيندا هئا. ان ڪري ڳوٺ جا هاري کيس ”هارين جو يار“ سڏيندا هئا.
    پير صاحب کي سنڌ سان ڏاڍو پيار هو، ۽ هو سدائين سنڌ کي سرسبز ۽ سنڌ ۾ رهڻ واري کي سدائين خوشحال ڏسڻ گهرندو هو. سنڌ جي نوجوانن مان سنڌ جي خوشحالي لاءِ کيس وڏيون اميدون هيون. ان ڪري هو سندن رهنمائي ۽ همت افزائي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هو. سندس خواهش هئي ته ”سنڌ جا نوجوان نه صرف سياست ۾، سنڌ جا حق حاصل ڪن، پر ادب ۽ تاريخ ۾ به اعتماد ۽ کليل ذهن سان سنڌ جي سموري سرمائي کي نون فڪري ۽ سائنسي رجحانن سان مالا مال ڪن پاڻ چوندا هئا ته ”نوجوان ۽ نئين نسل سان گڏجي ۽ ڪچهري ڪري، مان پاڻ کي نوجوان محسوس ڪند و آهيان ۽ ايمان تازو ٿي ويندو اٿم، ڇو ته منهنجي زندگي جو سرمايو، منهنجون تخليقون ۽ منهنجي لائبريري ”سنڌ جو نئون نسل “ آهي.
    هاڻي اهو اسان جو فرض آهي ته پير صاحب کي جيڪي اسان مان، اميدون ۽ خواهشون هيون ان جي پوئواري ڪري ان کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪريون، ۽ اهڙي طرح هن عظيم محسن جي روح کي تسڪين پهچائي سگهون.


    ڪامريڊ غلام محمد لغاري

    هن دنيا کي دارلمحن يعني ڏکن جو گهر سڏيو ويو آهي. هر اهو ماڻهو جنهن جي پوءِ کڻي معاشري ۾ ڪهڙي به حيثيت هجي، سندس واسطو ڏکن ۽ سورن سان ضرور پوي ٿو. جيڪي شخص ڀرپور زندگي گذاريندا آهن ۽ پنهنجن خداداد قوتن کي الله جي ٻانهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سونپڻ جو ارادو ڪندا آهن، انهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختيون سهڻيون پونديون آهن. ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي به ننڊپڻ کان ئي، سورن جي ستي پياري ويئي جو ” سرجي تان سور، سامائي ته سک ويا“ وارو معاملو ٿي پيو. ٻارو! جيڪو تن من عوام کي ارپي ڇڏيو آهي. عوام ظالمن کان حق وٺي ڏيڻ لاءِ سرگردان رهندو آهي، اهو سدائين سختيون سهندو آهي. ڪامريڊ سان به اها ئي ڪار هئي. ڪامريڊ لغاري هو ۽ تاريخ گواهه آهي ته لغاري سنڌ جي آزادي، خودمختياري ۽ خوشحالي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. نواب ولي محمد لغاري لاءِ ته اوهان پڙهي آيا آهيوته هو ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جو وزيراعظم هو، جنهن تاريخ ۾ اهم رول ادا ڪيو. جڏهن انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سڀني لغارين قرآن شريف تي هٿ رکي قسم کنيو ته هو انگريزن سان مقابلو ڪندا، ان وقت لغارين چيو ته ”هي ملڪ سنڌ، اسان بلوچن لاءِ ماءُ برابر آهي. جنهن جي ڇاتي مان اسان پشت به پشت ٿڃ پي پليا آهيون ۽ وڏا ٿيا آهيون. ماءُ پيءُ تي اولاد جا وڏا حق آهن اسان پنهنجي ماءُ تان، جان نثار ڪنداسون“ اهڙي طرح دٻيءَ ۽ مياڻي جي جنگين ۾، غلام محمد لغاري، محمد خان لغاري، ميرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندا رهندا نظر اچن ٿا. ساڳي طرح ڪامريڊ غلام محمد لغاري نسلي روايتون برقرار رکندي، هر آمر، هر ڊڪٽيٽر هر ڦورو ۽ هر ظالم سان سينو ساهيو، سامهون ٿيو، مقابلو ڪيو.
    ڪامريڊ لغاري، هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. سندس والدين هاري هئا، مسڪين ٿريا هئا. ”ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا، ٻارڻ جن جو ٽوهه“ هو. هو ان گهر ۾ ڄائو. هن مذهبي تعليم ديني مدرسن ۾ حاصل ڪئي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ پڙهيو، باقي سنڌي ته سندس جيجل جي ٻولي هئي، جيڪا لولي جي صورت ۾ ٿڃ سان ملي، سندس سرير ۾ رت سان گڏ ڊوڙي رهي هئي. هن جو اباڻو گهر نبي سر روڊ ۾ آهي.
    ٿر ۾، سنڌ جو جاگيردارنه ۽ وڏيرا شاهي وارو نظام نهايت پختو ۽ مضبوط رهيو آهي ۽ پيداوار جي اهم ذريعن تي انگريزن جي پٺن ۽ چمچن جو قبضو رهيو آهي، جيڪي وطن وڪڻي ڌارين وٽ سرخرو ٿيا. پنهنجن کي مارائي ڪمشنر تروٽ کان جاگيرون ورتائون. ڪامريڊ انهن ديس دروهين ۽ سون تي سيڻ وڪڻندڙن جي سامهون ٿيو ۽ واهه جو ٿيو. هو سنڌ جي ڌرتيءَ جو سرفروش عاشق هو. هو محب وطن هو ۽ سچو انقلابي هو. هن جي تمنا هئي ته اهڙو انقلاب اچي جو حديث نبوي صلعم موجب ”ٻني ان جي آهي، جيڪو ان کي کيڙي“ سندس خواهش هئي ته اهڙو دور اچي جو هي سونا سنگ اپائيندڙ هاري، پنهنجي پورهئي جو ڦل پاڻ کائي، ٻيو ڪو به ڌاريو، ڪوبه لٽيرو، ڪوبه رهزن کانئن ٽڪر ڳڀو ۽ وات جو گرهه نه کسي. ان ڪري هن انگريز سامراج ۽ ان کان پوءِ هو آمر سان ٽڪر کاڌو. هو زندگيءَ جا پورا 19 سال سي ڪلاس ۾ اخلاقي ڏوهاري قيدن سان جيل ۾ رهيو ۽ جلاوطني جون سزائون به ڪاٽيون. سندس چوڻ موجب ته ” ساري عمر جيل ۾ گذري“ ابراهيم منشي ڪهڙو نه سٺو چيو آهي ته :
    جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو، تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو
    ڪامريڊ غلام محمد لغاري سدائين غريبن جو يار ۽ مظلومن جو مددگار هو. حديث شريف ۾ آهي ته ”جتي ظلم ٿيندي ڏسو، ان کي هٿ سان روڪيو، هٿ سان روڪي نه سگهو ته پوءِ زبان سان روڪيو ۽ جي زبان سان به روڪي نه سگهو ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ان کي پنهنجي دل ۾ برو سمجهي، اتان هليا وڃو، پر ياد رکو ته اهو ايمان جو آخري حصو آهي“ مرحوم لغاري، هن حديث نبويءَ جو جيئرو جاڳندو مثال هو. ڪيڏو به ڪو کڻي خان خانان جو پٽ هجي، پر ان ڪنهن مسڪين کي ستايو، ڪنهن غريب جو گهر لتاڙيو، ڪنهن رن زال جو ٻنو کسيو ته پوءِ، ڪامريڊ ڪاريهر وانگر مڇرجي پوندو ۽ پوءِ اهو امير هوندو ۽ هيڏانهن هي غريب لغاري. سندس دل ڏسو ته هٿ ڪنهن سان ٿو اٽڪائي. اهو انسان جيڪو پاڻ کي زمين جو خدا ٿو سڏائي. هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ڪنهن غريب جي گهرواري ميرپورخاص جو هڪ امير کڻي ويو. هن مسڪين گهڻائي گهر ڏٺا، پر سڀ اڳلي ماڻهو جو اثر رسوخ ۽ رعب تاب ڏسي، سندس مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيائون. آخر هو ٻي ڪابه واهه نه ڏسي، ڪامريڊ وٽ آيو. هن ڀلي مانس به نه ڪئي هم نه تم کيس ساڻ ڪري، سڌو امير جي بنگلي تي آيو. مائي کي اندران ڪڍي مڙس جي حوالي ڪري، ٿر جي اهڙي طرف اماڻي ڇڏيو جو وڃڻ کي ويئي، سا موٽي موٽي ڪينڪي.
    ڪامريڊ سنڌ جي وجود، سنڌ جي بحالي، سنڌين جي خوشحالي ۽ سنڌين جي فارغ الباليءَ لاءِ، پنهنجي زندگي جون ڪيئي بهارون، دل جون ڪيئي خوشيون ۽ من جون ڪيئي تمنائون قربان ڪري ڇڏيون. زمين جي ورهاست هجي. اڌو اڌ بٽئي جو مسئلو هجي، هارين جي جماعت جو بنياد هجي، الاٽمينٽ هجي، لوڪل هارين کي زمين ڏيڻ جو مسئلو هجي ون يونٽ ٽوڙ هلچل هجي، سنڌين کي قومي ٻولي بنائڻ جو سوال هجي. ڪامريڊ سڀ کان اڳ هڪ ڪري چوندو ته ” آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿين“ هو عوام لاءِ زندهه رهيو. هن کي پنهنجي ذاتي ڪابه خواهش ڪانه هئي.
    1943ع ۾ سکر بئراج کي گهارو پيو، ڪيئي ڳوٺ لڙهي ويا، ماڻهو بي گهر ٿيا. ڪامريڊ ويهه ڏينهن لڳاتار بنا ڪنهن دنوي لالچ ۽ جاهه وجلال جي غريب مخلوق خدا جي خدمت ڪندو رهيو. هو مسڪين ڪٽنب جو فرد هو، هن پورهيو ڪيو پڪوڙا تريا، هر ڪاهيا، زمين کيڙي، دڪان هلايو، لوهه ڪٽيو، ڪاٺ وڍيو، اوڏڪو ڪم ڪيو. بس ” جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام“ پر مڙس اڏول هو، وڏيءَ ڇاتي واور. هنن پورهيتن سندس وار به ونگو نه ڪيو.
    ڪامريڊ هڪ بهادر، بي ڊپو ۽ بي باڪ اڳواڻ هو. خاص ڪري وڏيرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ راشي ڪامورن سان سندس ڪانه پئي. هڪ دفعي اليڪشن ۾، ڪنهن تمندار سان بيٺو. هو سڀ جيپون ڪاهي پڻس وٽ اچي ويٺا ته پٽ اچي ويٺا ته پٽ کي هٿ کڻائي. هو واهڻ جو واسي، سدائين وڏيرن جو ڊنل سو پٽ کي چوڻ لڳو ته” ابا چريو آ ڇا، ڪنهن سان ٿو بيهين، ڪجهه خيال ڪر“ ڪامريڊ پيءُ کي چيو ته ”ابا هنن پيرن ۽ وڏيرن، هيترا ڏينهن تنهنجو ڪو سلام ڪيو، ڪنهن ڪو اوهان وٽ آيا، يا توهان کي ڪٿي گهرايائون، اڄ اوهان جي در تي تڏهن آيا آهن، جڏهن مون غريبن ۾ سجاڳي آندي آهي، ڀائين ٿا ته غلام محمد جو ڪيل ڪم هت ختم ڪري ڇڏيندا. آئيندي به جيڪو غريب سجاڳ ٿي، اٿيو ته ان کي به اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏيندا. بابا سائين آءُ ڪڏهن به هٿ ڪونه کڻند. جي مري ويس، يا هنن مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي جيل حوالي ڪيو ته ڪابه پرواهه نه آهي، جيل مان اڳ به ڏسي چڪو آهيان “ سندس هن جواب مان هن جي همت، دلي قوت، بي خوفي ارادي جي بلندي ۽ مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي.
    مرحوم ڪامريڊ هڪ بي باڪ صحافي ۽ سنڌين جو صحيح ترجمان هو. سندس قلم هڪ بهادر سپاهي وانگر انسانيت جي دشمنن جا سر قلم ڪندو رهندو هو. هن سچائي ۽ بيداري اخبارون جاري ڪري، ڪيترن ئي جاگيردارن، ظالم زميندارن ۽ مڪار ليڊرن جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. سندس اخبارن، غريب هارين کي حقن وٺي ڏيڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو.
    اڄ ڪامريڊ، اسان وٽ ڪونهي، پر سندس چڱا ڪم هميشه ياد رهندا ۽ هن جي ياد سدائين رهندي.


    محمد عثمان ڏيپلائي

    پير پرستي ۽ قبر پرستي، سنڌين جي معاشرتي ۽ سماجي براين ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. سندن تباهي جو ڪارڻ هي رسم آهي. دراصل، پير پرستي وارو عقيدو، نفسياتي طور، انسان مان روحانيت ۽ خودي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.ذهنيت تي زنگ چڙهي ويندو آهي، روح فنا ٿي ويندو آهي، ڄاڻ عقل جو صلاحيتون ناس ٿي وينديون آهن. هن عقيدي مان وهم ۽ وسوسو جنم وٺندو آهي، جنهن جي ڪابه اصليت يا حقيقت نه هوندي آهي، پر اهو وهم، بزدلي ۽ خوف پيدا ڪري، ايماني قوت، دلي جرئت ۽ صحيح عقيدي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. انسان ڪانئر ۽ ڊڄڻو ٿي پوندو آهي پوءِ هو پٿرن، ٺڪرن، وڻن ۽ مٽي جي ڍڳن۽ کي وتندو سجدا ڪندو ۽ پوءِ جيئن ئي لاعلاج مريض پيو ويڄ ۽ طبيب پڇائيندو آهي تيئن هي به وتندو دعائون ۽ تعويذ وٺندو، هٿ ڏيکاريندو، قسمت پڇندو، قبرن تي سکائون باسيندو، پير پڇائيندو ۽ ولي ڳوليندو. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ” پيري مريدي ۽ توهم پرستي، سنڌي مسلمانن جي ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيو ۽ منجهن جيڪي به صلاحيتون هيون، سي سڀ ختم ٿي ويون. درگاهن، قبرستان ۽ پيرن جي آستانن مان، پيدا ٿيندڙ ماحول، انساني ذهن کي لٻي لڙاٽي، گند ڪري ڇڏيو. سوچڻ، سمجهڻ ۽ سچ ڪوڙ کي پرکڻ واري قوت منجهائن نڪري ويئي ۽ سنڌ جو ماڻهو، انهن زهري اثرن ڪري ملول ۽ نستو ٿي پيو. قوت ارادي ختم ٿي ويئي. فڪر جي آزادي هلي ويئي. خودشناسي خواهه خداشناسي ٻيئي ختم ٿي ويون، نه پنهنجي انفراديت رهي نه وري خدا جي وحدانيت قائم رهي.“ اهڙي طرح سنڌي معاشرو تباهه ٿيڻ لڳو.
    جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي اها سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ڏٺي تڏهن سندس جسم ۾ ويٺل انساني خدمت جو جذبو، سجاڳ ذهن ۽ زندهه ضمير ڪر موڙي اٿيو. هن قلم کنيو ۽ پير پرستي واري کڙي ڪيل تابوت ۾ زور سان ڌڪ هنيو. بس ڄڻ ککر ۾ کڙو لڳو. چوڌاري ڀون ڀون شروع ٿي ويئي، پر هي اڏول مڙس نقلي پيرن ۽ زور جي مرشدن، خلاف محاذ قائم ڪيو آيو. هي لکي ٿو ته ”مون جڏهن اک کولي، تڏهن چوڌاري رهندڙ ماڻهو، ڪنهن نه ڪنهن طرح، چئن ظالمن جي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن، جن کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر مرڻ جو به حق ڪونهي. اهي ظالم آهن نيم ملا، نقلي پير، زميندار، سرمائيدار ۽ سرڪاري آفيسر“. مرحوم ڏيپلائي، انهن سڀني نقلي پيرن ۽ هٿ ٺوڪين مرشدن جي خلاف قلم کنيو. هن جو چوڻ هو ته نقلي پير ۽ مرشد، سادن ۽ اٻوجهه سنڌين جي ذهن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ذهن، سوچڻ جي لائق ئي نه ٿو رهي ته پوءِ انسان جو زندهه رهڻ مشڪل ٿيو پوي. هو نقلي پير ۽ مرشد کي ڪاري نانگ کان به وڌيڪ خطرناڪ سمجهندو هو، ڇو ته اهو انسان تي پنهنجي زهر جو اهڙو اثر ڪري ٿو، جو ان جو احساس نه نه ٿو رهي ۽ انسان جو شعور ۽ فڪر ختم ٿي وڃي ٿو.
    مولانا ڏيپلائي، انسان کي صحيح راهه ڏيکارڻ لاءِ 1938ع ۾ حيدرآباد ۾، پنجاهه روپين سن هڪ ادارو قائم ڪري اشاعتي سلسلو شروع ڪيو. هن خدا جي ڀٽڪيل مخلوق کي حق جي واٽ ڏيکارڻ جو عزم ڪيو. پر هي ڪم تمام ڏکيو هو. وک وک تي عزى ۽ منات سان مقابلو ڪرڻو هو. مٿس ڪوڙا مقدما داخل ڪيا ويا. جيل ۾ وڌو ويو، سختيون ڏنيون ويون، پريس کي ساڙيو ويو. ڪافر، منڪر، دهريو، پيرن جو پٽيل ۽ وهابي سڏيو ويو، پر هو هٿرادو ٽڪساٽ کان ڪڏهن به ڊنو ۽ نه گهٻرايو، ڇو ته هو نيڪي ۽ سچائي جو پرچارڪ هو. هن انسانيت جي عظمت ۽ ڀلائي لاءِ قدم کنيو هو. هن ان مقصد لاءِ 140 ڪتاب لکيا. سندس تحرير جيئن ته سادي سلوئي، سولي ۽ سليس هئي، ان ڪري هن جا ڪتاب هر پڙهندڙ تي اثر ڪرڻ لڳا، توڙي کڻي هو گهٽ پڙهيل به ڇو نه هجي. سندس مسلسل محنت جو اهو نتيجو نڪتو جو ماڻهن جي ذهنن مان، ٻهروپي پيرن، مجاورن، فقيرن ۽ ٽوڻن ڦيڻن جو خوف نڪري ويو ۽ هو پاڻ کي سڃاڻڻ لڳا ۽ پنهنجي سڃاڻ ئي، انسان جي شرف ۽ شان جي سڃاڻ آهي. ڏيپلائي جا ڪتاب سنڌ جي پيڙهيل ۽ اٻوجهه عوام لاءِ روشن مشعل آهن، جن جي شعاءُ تي هنن غلط راهه ڇڏي، سڌو رستو ورتو. ذهني پست حالي ۽ عوام جهالت جي ڪُن مان نڪري روشن دنيا ۾ آيا ۽ اهڙي طرح سنڌي معاشرو اصلاح پذير ٿيو.
    مولانا محمد عثمان ڏيپلائي، اجتماعي مفاد لاءِ ڪم ڪيو هو. زندهه به پنهنجي قوم لاءِ رهيو ۽ مرڻ مهل به سندس زبان تي ”پريس ۽ عوام “ جا لفظ هئا. هن ذاتي فائدن جي بدران مشترڪه قومي مفاد کي ترجيح ڏني. هن جي ڏسيل هدايت تي، سنڌي فرسودهه ۽ دقيانوسي طور طريقي کي ڇڏي، جديد علوم حاصل ڪري پاڻ کي ۽ ملڪ کي خوشحال بنايو. بهرحال ڏيپلائي جو ” ادب“ هڪ صحتمند ۽ تعميري ادب آهي. جنهن کي اسان جي آئيندي جي خوشحالي ۾ وڏي اهميت حاصل آهي.


    غلام رسول ڪيهر

    لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو آهي. هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو. ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ مرد خيز خطو آهي. ڏاڍا ڀلوڙ ماڻهو پئدا ڪيائين. ڇا ادب ۾، ڇا سياست ۾، ڇا معاشرت ۾، هر جاءِ ۽ هر جڳهه تي، هتان جي سپوت پٽن پاڻ ملهايو. اهڙن املهه ماڻڪن مان، خانصاحب غلام رسول ڪيهر به هڪ هو. پاڻ لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ماهوٽ جا رهاڪو هئا. عادي بنيادي زميندار هئا پر نيڪ نفس، غرور ۽ تڪبر کان پري پوري عوام جا سچا هڏ ڏوکي ۽ خيرخواهه هئا. تعليم حاصل ڪري سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيا. مختيارڪار مان ڪليڪٽر ٿيا. سٺا عهدا ماڻيائون. 1952ع ۾ رٽائرڊ ٿيا ۽ 1954ع ۾ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا ۽ اسپيڪر ٿيا.
    خانصاب غلام رسول ڪيهر بي انتها نيڪ ۽ شريف انسان هئا. هر هڪ سان نيڪي ۽ شرافت، ڪنهن جي برائي نه گلا. عوام جا خيرخواهه، سياست ۾ صاف دامن، اصول پرست، نوڪري ۾ ايماندار ۽ شريف انسان. بي ريا، اجايو ڏيک ويک، رشوت ۽ سفارش کان ڪوهين ڏور. بلڪل سڌا سادا ۽ معياري مسلمان، چڱا ڀلا زميندار، پر نه اهو وڏيرڪو اڊنبو ۽ نه جاگيردارانه ارڏايون. نه خوءِ نه خودي هارين سان ڀائرن جهڙو ڀاءُ.
    1939ع جو زمانو هو، سکر واري مسجد منزل گاهه جو جهيڙو چوٽ چڙِيل هو. هندو مسلمان، ورهين کان گڏ رهندڙ، اچي پاڻ ۾ ٻکيا. ڪيترائي هندو به مئا ته مسلمان به. هندن جو زور هجي، ته سڀني مسلمان کي، اهڙي سزا ملي جو کين ڇليءِ جو کير ياد اچي وڃي. مسلمانن جو چوڻ هجي ته، ڪيس بنهه ڪوڙو آهي. ايترا ڏوهي، ته هو به نه آهن. برٽش حڪومت ڏٺو ته گوڙ ٿو وڌي، ان ڪري هنن ٻنهي ڌرين کي ٺارڻ لاءِ، اهڙي جج کي ڳولهيو، جنهن جي اصول پرستي ۽ انصاف پسندي، ڪوهين مشهور هجي، جيڪو باضمير هجي ۽ الله کي حاضر ناظر ڄاڻندڙ هجي. صرف پنهنجي ضمير جو آکڻ مڃي. آخر حڪومت جي عقابي نگاهه ڪيهر مرحوم تي پئي. اهڙو مقدمو جنهن ۾ هندو مقتول ۽ مسلمان قاتل هجن ۽ جج وري به مسلمان ٿئي، هندو ڪٿي ٿا مڃين؟ پر جڏهن هنن ڪيهر جو نالو ٻڌو ته چوڻ لڳا، اسان کي قبول آهي. توڙي کڻي هو مسلمانن کي ڇڏي به ڇو نه ڏي. ڇوته هو انصاف جو پتلو ۽ بي ريا جج هو. هن جهڙو انصاف پسند حاڪم سڄي سنڌ ۾ ملڻ محال هو. وڏا نام ڪٺيا، هندو وڪيل آيا. ڪيس هليو، ڪيهر ڳالهيون ٻڌيون ۽ مسلمانن کي آزاد ڪري اهڙوفيصلو ڪيائين جو هندو، اپيل به ڪري نه سگهيا.
    1954ع جي ڳالهه آهي ته، ڪيهر مرحوم سنڌ جو وزير خوراڪ ٿيو يعنى سنڌ جو ان داتا. ماڻهن جي پيٽ جو مالڪ. تن ڏينهن ۾ ڪپڙو، کنڊ ۽ اٽو ڪنٽرول تي وڪامندو هو، جيڪو کاڌ خوراڪ واري وزير جي هٿ ۾ هو. انهن جنسن جو جيڪو ٺيڪيدار ٿيو، ان کي ڄڻ ته قارون جو خزانو ملي ويو. ان ويلي ڪيهر مرحوم سهڪندي، اچي سنڌ جي وزير اعلى کي ڪن ۾ چيو ته هي فوليو کانئس وٺي، ڪنهن ٻئي کاتي سان گڏي، ڪنهن ٻئي وزير جي حوالي ڪيو وڃي ڇو ته هي ڪنو ۽ خطرناڪ فوليو آهي ته وزير اعلى تپرس ۾ پئجي ويو ته هي ڪمائيءَ وارو فوليو، جنهن ۾ هڪ همراهه چند منٽن ۾ ڪروڙن جو مالڪ بنجي وڃي. ڪيهر ڏڪندي ڇو ٿو ڇڏي. هن کانئس پڇيو ته ”آخر ڳالهه ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته ”ساري ڄمار ۾، اڄ پهريون دفعو، هڪ واپاريءَ کي، جرئت ٿي آهي جو مون کي رشوت آڇي آهي. چوي ٿو ته راشننگ جي ساري صوبي جي ايجنسي هن جي حوالي ڪئي وڃي، جنهن جي بدلي ۾ هو مون کي اڌ ڪروڙ روپيا ڏيندو ڇو ته هن ڪم مان کيس هڪ ڪروڙ نفعو ملندو“. ان تي کيس وزيراعلى چيو ته ”اهڙو ماڻهو پوليس جي حوالي ڇو نه ڪجي.“ هن چيو ته ”مذڪوره ماڻهو ايڏو وڏو آهي جو هو، ملڪ جي وزيراعظم سان گڏ، هڪ ئي ڪوچ تي ويٺل هو. ان ڪري هن کاتي ۾ ايڏي حرام خوري جي گنجائش ڏسي، منهنجو روح ڏڪي ٿو ۽ ننڊ ئي نه ٿي اچي“. اهڙا ايماندار، نيڪ ۽ شريف النفس شخص اڄ ڪٿي ٿا ملن. جڏهن ته جيڏانهن نظر ڪر چور بازاري، ذخيره اندوزي، رشوت ۽ سفارش جي بازار گرم لڳي پئي آهي. حرام جي ڪمائي، انسان کي فرعون بنائي ڇڏيو آهي. ماڻهپو ۽ باهمي روارداري ختم ٿي ويئي آهي. صرف پنهنجو گهر سجائڻو آهي. ٽي وي، فرج، موٽر ڪار، صوفا سيٽ، پلنگ ۽ پٿراڻيون وٺڻيون آهن. حضور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته ”حرام جي ڪمائي سان پاليل جسم کي، دوزخ جي باهه جو بک بنايو ويندو“.
    1955ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٺاهي، سنڌ کي غلام بنايو ويو، تڏهن هن کي وزارت جي ڪرسي پئي ڏنائون، پر هن غيور پٽ سنڌ وڪڻي سيج ماڻڻ نه قبولي ۽ ان اقتدار جي ڪرسيءَ کي لت هڻي ڇڏي.
    اهڙا اصول پرست ۽ محب وطن ماڻهو اڄ گهٽ ملندا.


    ڪتابيات

    ڪتابيات

    نيازهمايوني _ سنڌ جي طبعي تاريخ ( ڀاڱو پهريون) 1
    مولائي شيدائي _ جنت السنڌ 2
    مولائي شيدائي _ تاريخ تمدن سنڌ 3
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ _ سومرن جو دور 4
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ _ ڳاهن سان ڳالهيون 5
    مولانا دين محمد وفائي _ تذڪره مشاهير سنڌ 6
    مولانا اعجازالحق قدوسي _ تاريخ سنڌ ( ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون) 7
    مترجم : نياز همايوني _ تاريخ طاهري 8
    مترجم : رشيد ڀٽي _ جڏهن جهوڪ جهريو 9
    مولوي عبدالرسول قادري بلوچ _ مخدوم محمد هاشم ٺٺوي 10
    مرتب : عبدالقادر منگي _ وتايو فقير 11
    جيمس برنس _ سنڌ جي درٻار 12
    منگهارام اوجها _ پراڻو پارڪر 13
    رائچند _ تاريخ ريگستان 14
    تبسم چوڌري _ تذڪره پير پاڳاره 15
    جي ايم سيد _ جنم گذاريم جن سين – ٻه حصا 16
    پير علي محمد راشدي _ اهي ڏينهن اهي شينهن – ٻه حصا 17
    پير حسام الدين راشدي _ هو ڏوٿي هو ڏينهن 18
    علي احمد بروهي _ ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا 19
    مجنون بلوچ _ مسڪين جهان خان کوسو 20
    پير حسام الدين راشدي _ سه ماهي مهراڻ – پير حسام الدين نمبر 21
    آزادي نمبر _ سه ماهي مهراڻ 22
    ماهوار نئين زندگي _ 23
    الوحيد سنڌ _ آزادي نمبر 24
    روزانه مهراڻ _ سانگهڙ نمبر 1960ع 25
    مرحوم غلام محمد لغاري _ منهنجي آکاڻي 26
    عبدالواحد آريسر _ ماڻهو مينگهه ملهار 27
    جنگ مڊ ويڪ _ 28
    4/ 1987ع _ سه ماهي مهراڻ 29


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 695
    ڪتابن جو مشاهدو: 948537
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 320559
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ