ڪتاب جو نالو: ڀرپور سمندر گرجي ٿو
مصنف: مشتاق سعيد
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 215 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 198 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • ٿو گهنڊ وڄي اڄ وڃڻو آ،
  • پنهنجي پاران
  • مُهاڳ
  • ڪو نانءُ ڏيو مڌ کي. . .
  • شاعر پاران
  • ڪنهن جا پير ڪَنايان ٿو ؟
  • سنڌ سڄي آ تنهجو سايو
  • گيتن ساڻ رچي وڃ
  • ناکئا تنهنجي منزل ڏور آ
  • ڇير نه لاهي پاڻياري
  • مونکي ڪوئي سڏ سڏي ٿو
  • چنڊ لهي آ
  • منهنجي اچڻ ۾ دير ٿي وئي
  • موت پهريون ٿاڪ آ
  • ترارن جا تجلا
  • گيت اڏاڻا
  • نڪ نه ٽوپيو
  • ڪوِتا جي موسم
  • تنهنجو ڏس پُڇن ٿا
  • آوازن جي اوٽ ڏيو
  • جياپي جو محور
  • اي چنڊ ٻُڌا
  • ڪنهن تنهجا چپ سُبيا ؟
  • ڪيڏي تو ۾ بي ايماني آ ؟
  • اَڪ جو پن
  • پوڙهو چنڊ
  • گيت گلابن وانگي
  • مان مُور نه مرڻو هان
  • پکڙيل پانڌ
  • تاريخ تڙپي ٿي
  • تارن جا تڙڪا
  • سمنڊ لُڇي ٿو
  • پاڻياريون
  • اي ڀڳوان هلي آ
  • عمر جي آرسي
  • هيل ته تنهنجي ڪڇ به ناهي . . . !
  • ساموئيءَ تي چنڊ چڙهي ٿو
  • شوالو مندر
  • سمنڊ جا اُٻڙڪا
  • جنهن وقت هليو ويندس
  • موڪلاڻي
  • موڪلاڻي
  • مان به تِن سان ٿو وڃان
  • گھاٽ تي ناري
  • مون ۾ آهين تون
  • چنڊ ۽ مان
  • سج ته پوڙهو ٿيڻو ناهي
  • ڪٿي تنهنجي منزل ؟
  • ڏهر ڏهر تي خوشبو آ
  • ستارا پيا اڃان جاڳن . . . !
  • مصور
  • ازل ۽ ابد
  • ٻار سراپا فطرت هِن
  • موت مون ۾ آ لڪل
  • ڇو ڏات مون ڏي ٿي اچين؟
  • زندگيءَ جي سانجھه
  • زندگي اتاولي آ
  • اُڀريل اُرھه
  • غلاميءَ کي ڀونڊو
  • ميرا گيتَ
  • ڪينجھر رَت اُڳاڇي ٿي
  • اڃان ڪوئي پٺيان آهي
  • تڏهن تو تان جان به ڏينديس
  • ڪهڙو تنهجو دين ؟
  • نثري نظم

  • عاليه المهدي
  • محبت جو اظهار
  • جڏهن تون مِليئنءَ
  • ونسيٽ وان گوگ (ڊچ مصور)
  • منهنجي ننڊ،
  • حرامي ٻار جو خط
  • يادگيريون
  • نئين دور جو مذهب
  • حاصلات جي جُستجو
  • ناڪيلين جي روايت
  • غزل

  • هي ”سعيد“ جو مري ويو، آڪاس ڏي تري ويو،
  • اڃان ڇو سج نٿو اڀري، اڙي اوڀر ٻُڌائي تون،
  • گوڙ جا گُڙندي هئي سا وئي ٻُڏي،
  • ڦاسيءَ جي تختي تي بيٺي، تو جو گيت جُھنگاريو آ،
  • ذوق حياتي زهر نه ڪَر،
  • ائين نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي،
  • سڏ کي ڀي ساھ آ، احساس ۽ ويساھ آ،
  • ئه ڪَشَ جي مڌ آلي سُر ۾، ذهن ڇني ٿو زنجيرن کي،
  • رات لڙي ۽ ٽريو هَئو مَئو،
  • نانءُ وٺڻ سان ٽڙڪي پوندي،
  • وايون

  • روز وٺين ٿو نيرا نڀ،
  • روز وٺين ٿو نيرا نڀ،
  • هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،
  • تن من هي واريانءِ،
  • وارياسي جو رڻ،
  • آءُ ته توکي دل جو دل ۾، پنهنجو راز ٻڌايان،
  • اوڏِڻ جا هي ڳاڙها ڳل،
  • ڇا ڪجي هيءَ ڇيڳري،
  • ٿر ڀنو آ گھاٽ،
  • اڃان ڪتيون ڪارِ ۾،
  • جُهڙ نپوڙي ڏي،
  • پن نه پنهنجا ڇاڻ،
  • ماتا تنهنجي مندر مان،
  • ڪهڙا ڪهڙا وَنَ،
  • مڌ متيون هي راتڙيون،
  • اَڪَن تپيا پَن،

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ستاويهون ڪتاب ڀرپور سمندر گرجي ٿو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    جذبن جي نچوڙ سان
    سرجيل هي گيت
    جيڪي ولهه ٺاريل راتين ۾ جاڳي لکيم
    ارپيان ٿو ”ز“ جي نانءُ
    جنهن سان بي پناھ محبت ڪئي اٿم
    ۽ هوءَ
    منهنجي لُڇندڙ من جي
    مورت آهي . . . !


    ٿو گهنڊ وڄي اڄ وڃڻو آ،

    ٿو گهنڊ وڄي اڄ وڃڻو آ،
    ڪنهن دور انڌيري دُنيا ۾،
    ڀرپور سمندر گرجي ٿو،
    ڪنهن وسمئه جهڙي دنيا ۾.
    (شيخ اياز)


    پنهنجي پاران

    مشتاق سعيد لاڙ جي اُن مٽيءَ مان جنم ورتو آهي، جنهن مان سنڌ ڪيترا ئي اهم ۽ سڄاڻ شخص جنم وٺي چُڪا آهن، جن هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي.
    ۽ هاڻ وري مشتاق سعيد، پنهنجي هن پهرينءَ شعري ڳٽڪي ذريعي ان خطي کي هڪ نئين سڃاڻپ ۽ نئون انداز ڏيئي رهيو آهي.
    مشتاق هڪ پورهيت نوجوان آهي، جنهن پورهيت ڪلاس مان ئي جنم ورتو آهي، تنهن ڪري سندس شعر ۾ انهن سڀني پيڙائن جا پاڇا آهن، جيڪي هڪ پورهيت ڪلاس جي فرد ۾ هوندا آهن.
    سچائي اشاعت گهر سدائين، نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجي وس آهر سنڌي ادب جي عمارت ۾ وقت به وقت پي واڌارو ڪيو آهي، ايئن مشتاق سعيد هڪ نئون واڌارو آهي، مشتاق سعيد جو هيءُ پهريون شعري مجموعو اميد ته پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو.

    يوسف سنڌي


    مُهاڳ

    اوجاڳيل احساسن جو آواز

    محبتون جڏهن به دلين جي درياھ ۾ وهنجڻ لڳنديون آهن، ته احساس اُجرائپن سان ڀرپوريت جي ڀاڪرن ۾ ڀرجڻ لڳندا آهن، ۽ وقت جون وکون به وفائن جي وهڪرن سان اڳتي وڌڻ لڳنديون آهن، جن اڳيان هر رڪاوٽ جو رڻ بي معنى بڻجي ويندو آهي.
    محبتن جو مري وڃڻ ئي دنيا جي دفن ٿيڻ جيڏو الميو آهي، جنهن کي اندر جي اک سان ئي محسوس ڪري ٿو سگھجي.
    اسان جا سڀ صبح رات جي رولاڪين ۾ ته اڇلايا ويا آهن پر پوءِ به اڀرڻ جي احساس کان اوجھل ناهن ٿيا، مڃون ٿا ته درد جي هر ڌڙڪندڙ دور ۾ سچاين جا سِرَ ڪپيا ويا آهن، ۽ سولين جي سفر تي به جوان جذبن جا سڏ سمهاريا ويا آهن، پر پوءِ به عشق جي اکين ۾ ڪابه اونداهي ناهي لٿي ويتر مضبوطين جا محراب آزاديءَ جي اذانن ۾ اوتجڻ لڳا آهن، ڪعبي جي پرستارن کي ڪهڙي خبر ته خدا جو خيال اڃان به وڌيڪ خوبصورت آهي.
    اهڙي ئي خيال ۾ جڏهن ڪو انسان سڄو عشق ٿي ويندو آهي ته سمورا محور انهيءَ جي تعريف جو تاج ٿي ويندا آهن، جنهن کي ڪو به ڪوڙھ جهڙو ڪردار قتل نٿو ڪري سگھي.
    هميشه جي هٿن ۾ زندھ رهڻ ئي زندگي آهي جنهن جو ذڪر تعريفن جي تسبيح سان هر صبح جي آڱرين سان اوڍيل ٿو رهي !
    اهڙي ئي آزاد سوچ جو سفر جڏهن غبارن ۽ غلاميءَ جي گھيرن مان ٻاهر نڪرڻ لڳندو آ ته هر ظلم جون زنگيل زنجيرون ٽٽي ٽڪرا ٿي پونديون آهن، ۽ تاريخ به تندرستيءَ جي ترانن سان ساھ کڻڻ لڳندي آ.
    اهڙي ئي آزاد احساس کي جڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز محسوس ڪيو ته سندس شعور جي شهر مان نظم نيڻ کولي نهارڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته،
    اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
    آزاد هوا ڇا ٿيندي آ
    اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
    پرواھ بنا پَرَ ڪيئن هوندا
    آزاد فضا ڇا ٿيندي آ.
    پر جڏهن اهڙن ئي آزاد احساسن کي سنڌ جي هن نوجوان شاعر ”مشتاق سعيد“ محبوبيت سان محسوس ڪيو ته سندس سوچ ۽ آزاديءَ جو عشق آرس موڙڻ لڳو ۽ هر غلاميءَ کي بغاوت جو ڀونڊو ڏيئي چوڻ لڳو ته،
    جا مونکان ڏات لکائي ٿي
    سا سِٽَ غلاميءَ کي ڀونڊو
    جو روح ۾ روڄ مچائي ٿو
    سو گيت غلاميءَ کي ڀونڊو
    هي آزاديءَ جا تڙڪا هِنِ
    جي تارن مان ٿا جھرمر ڪن
    سي منهنجي مَن تي نازل ٿي
    ٿا ٻهه ٻهه باکون برکائن
    مان گيت لکان ٿو ڌرتيءَ جا
    ۽ پنهنجي من جي سرتيءَ جا
    ڪنهن شاعر جا ڌرتيءَ لاءِ گيت لکڻ ئي وڏي گواهي آهي، گھٻراهٽ جي غارن مان ٻاهر نڪري جڏهن به ڪو جذبو جرئتن جي جبل تي چڙهي ڏاڍ کي للڪارڻ لڳندو آ ته ڪئين جبر جھرڻ لڳندا آهن، ڪئين ڪنڌ ڪورجي پٽ تي ڪري پوندا آهن پر غيرتن مان ڪنهن شاعر جا گيت ٻاهر نڪرڻ ته ڇا پر گس بدلائڻ لاءِ به سوچيندا ئي ناهن.
    سچ پڇو ته هي گيت غلاميءَ جي گلي تي ڏنل هڪ گھٽو آهي، جيڪو هڪ ڏينهن پنهنجي منزل ضرور ماڻيندو ۽ هر ايندڙ نسل تي نازل ٿيندو رهندو.
    ڀڳت ڪنور رام جي گلي ۾ قتل ٿي ويل اڌوري گيت جو غم اڄ به ڌرتيءَ جي اکين ۾ آلاڻ جو احساس ٿو لڳي ۽ رُڪ اسٽيشن تي هاريل انهيءَ رت جو تسلسل جڏهن به ڪئين ڪردار ميڙي ڦاهيءَ تي لٽڪيل هيمون ڪالاڻيءَ تائين پڄي ٿو ته سنڌ سڄي خزان جي خيال جهڙي ٿيو ٿي وڃي ۽ وقت جا پير به ڄڻ ته معذوريءَ جي مُٺ ۾ اچي ٿا وڃن، ڄڻ ته هر ساعت پنهنجو ساھ وڃائي ويٺل هجي، پر ڦاهيءَ جي تختي تان ڌرتيءَ جو درياھ دل انسان اکيون پورڻ کان اڳ هر جيءُ سان ائين جڙجي ويندو آ جئين احساسن ۾ عشق اوتجي ويندو آهي ۽ روح جذبن ۾ جذب ٿي ويندو آهي.
    اهڙي ئي هڪ جذبي مان ڦٽل تخليقي تار جو آواز جرئتن جي جيئڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته،
    ڦاهيءَ جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جھونگاريو آ
    ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ
    هڪڙو تنهنجو جيءُ جھريو پر ڪيئي تو مان جيءُ جڙيا
    هر ڪنهن جيءُ ۾ تنهنجو واسو تو ئي ديس اجاريو آ.
    مشتاق جي من ۾ ڄڻ ته ڪوتا رچي وئي آهي ۽ سندس هر احساس جي ٽاريءَ مان گيت، غزل، نطم ۽ وايون ڦٽي ڦولارجي وطن جي هر واٽ کي واسي رهيون آهن.
    سندس سوچ جي سنڌوءَ جو سفر ڌڪجي سمنڊ جي سيني تائين پهچي چڪو آهي ۽ ڪافي قدر ان منزل کي ماڻي چڪو آهي جنهن منزل کي ماڻڻ لاءِ ماڻهن جون عمريون اجھامي وينديون آهن پر وقت انهن جي وک کي اڳتي وڌڻ ئي ناهي ڏيندو (زندگي تجربن جو گھر آهي) پر مشتاق سعيد پنهنجي زندگيءَ جي گھر ۾ ويهي اهي حيرت ناڪ مشاهدا ڪيا آهن جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان من ۾ هڪ نئين مانڌاڻ مچي ٿي وڃي، ۽ روح رَشڪ ڪرڻ ٿو لڳي ته سندس سٽ سٽ تي اکيون اڀيون ڪري ڇڏجن ۽ سڄي خيال کي مڌ جي مزي جيان صبر ۽ سڪون سان ويهي ماڻجي پر پوءِ دل مطمئن ٿيڻ ۾ ٿڙڻ ٿي لڳي ۽ چوڻ ٿي لڳي ته ڇو نه ساهن ۾ سمائي هميشه لاءِ صدين جي گسن تي گلن جو ويس ڪري وڇائي ڇڏجي ته جيئن تن کي ڪوبه وقت جو واءُ وڃائي نه سگھي.
    اهڙين ئي حقيقتن جي هُل جو آواز سرمد جو سڏڪو بڻجي ٺٽي جي رات ۾ رلندو رهي ٿو جنهن جو عڪس هن نوجوان ڪويءَ ڪيڏي نه ڪرڀ ۽ ڪماليات سان کليو آهي ته
    مڪليءَ جي هن ٽڪريءَ تي هِنِ
    قبرون قبرون ترخانن جون
    ساموئيءَ مان سڏ اچن ٿا
    چيخون ٿي طوفانن مان
    مڪليءَ جي مينارن تي ڄڻ
    لڙڪي پئي ٿي ڄڀ ڪپيل ڪا
    ۽ صالح آخوند پيو مرڪي
    ننگر کي ڪا باھ لڳي آ.
    جڏهن ٺٽي ننگر کي منگولن لٽي باھ ڏني هئي ته سچ پڇو ان باھ ٺٽي نه پر سڄي سنڌ جي وجود کي وڪوڙيو هو، ڪئين جسم جلي خاڪ ٿي ويا ها، ائين منظر ماٺار جي سوڳ سان سلهاڙيل ها جيئن هيروشيما جون زخمي حالتون پنهنجو سمورو حُسن وڃائي ويٺيون هيون پر هن نظم جي لوڇ ڪابه سمهڻ جي صدا نٿي ڏئي ويتر عقوبتن کي اگھاڙو ڪرڻ ٿي لڳي ته،
    ٺٽي ۾ گھنڊ وڄي ٿو
    اڄ ڀي ان جي بازارن ۾
    سرمد جا ٿا سڏڪا ڊوڙن
    مڪليءَ جي ماٺارن ۾ ٿا
    خاموشيءَ جا خيما ٽوڙين
    ڪا ئي صدا آ روز ڇڪي ٿي
    مونکي پنهنجي اور ڇڪي ٿي
    رات ٺري ٿي لوڪ سمهي ٿو
    مونکي ڪوئي سڏ سڏي ٿو
    حقيقتن جي هجومن جو حصو بڻيل هن شاعريءَ جو هر لفظ هر دور جي زخم کي طاهر ڪندي نظر اچي رهيو آهي، ڌوڙ جي درد ۾ دٻجي ويل دلين جا ديس اڄ به هن ڪوتا جي ڪک مان زخمي ڪونج جي ڪُرلاءُ جيان ڦٿڪندي محسوس ٿا ٿين، ته ڪٿ وري ٻڏندڙ سج جا سڏ اجھامڻ کان اڳ ڄڻ ته ڊگھي زندگيءَ لاءِ ضد ڪندا هجن، اهي سمورا عڪس مشتاق سعيد جي شاعريءَ جو مرڪز بڻيل رهيا آهن پر مونکي الائي ڇو بار بار ائين به محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته سندس خيالن ۾ هڪ خدائي خيمو کوڙي ويهي رهي آهي جيڪا هن ڪويءَ کان رهيل ڪم روانيءَ سان وٺي وجود جي وهڪرن کي وسيع بڻائي رهي آهي.
    مشتاق سعيد جا خيال سٽاءُ جي ايمان ۾ تازگي ءَ جو تسلسل ٿا لڳن جن اڳيان ساھ به سيس نمائي آجيان جو احساس ٿي وڃن ٿا،
    اهڙو ئي احساس سنجھا جي سينڌ ۾ گيتن جو سنڌور ڀريندي نظر اچي ٿو! پر ڪينجھر جيڪو رت اوڳاڇي ٿي اُن کي به روح جي رستن تي رُلندي ڪيڏي نه درد سان محسوس ٿو ڪري ته
    هيءُ ڪينجھر رت اُڳاڇي ٿي
    ۽ جنگشاهي جي جبلن تي
    ڪا ڪونج پئي ڪُرلائي ٿي
    هي اوچي آ جھمپير کجي
    جا گيت سنجھا جو ڳائي ٿي
    پر ٻرندڙ سج ٿو ٻاڪاري
    ۽ لهر لهر ۾ لالائي
    ڏس ڪيڏا غوطا کائي ٿي
    لهرن ۾ لالاڻ جا غوطا کائڻ ۽ انهن کي هينئين جي هٿن سان ٻاهر ڪڍڻ جي آنڌ مانڌ صرف تخليقڪار ئي ڪري سگھي ٿو،
    ٺيٺ سنڌي لفظن جي لباس ۾ ويڙهيل هن نظم جون ڪجھ ٻيون سٽون جيڪي روح کي رَڇ جئيان ويڙهي ٿيون وٺن،
    هو جر تي مهاڻو جوھ وجھي
    ٿو اڊڙيل رڇ کي اُڇلائي
    ۽ خالي خالي ڏور ڇڪي
    ٿو ڀڻڪي من کي ڀنڀلائي
    اڄ تڙ تي نوري ناهي ڪا
    ڪا گندري مُرڪ نه آڇي ٿي
    هي ڪينجهر رت اوڳاڇي ٿي
    سچ جي سيني تي هميشه هلائون ٿيون آهن پوءِ چاهي اهو سچ سورويٽ جي سڙڻ کان وٺي دنيا جي پهرين سوشلسٽ شهيد صوفي شاھ عنايت تائين پڳو هجي پر سچ هميشه سينو تاڻي ساھ ڏنو آهي جنهن جو ڊگھو تبصرو تاريخ جي تن تي اڄ به تيرن ۽ ڀالن جي بربريت سان ڀريل نظر ٿو اچي،
    اهڙي سچ جي ساز جو آواز جڏهن سُرندي جي صدائن ۾ لهي ٿو ته ڪئين عشق جا ڏياچ ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ اڏيءَ تائين پاڻ اڇلجي ٿا اچن ۽ ساز ۾ پنهنجو ساھ سمائڻ جي هڪ نئين ڪوشش ٿا ڪن، ۽ زندگيءَ جي سڀني ڇيڙن کي ڇڪي وقت جي وجود کان وڏو ٿا ڪري ڇڏين،
    اهڙي ئي سُر جو ٻيجل بڻجي مُشتاق سعيد به صدائن جو سمنڊ اُٿلايو آهي، ۽ زندگيءَ کي ساز جي راز ۾ رنڱيو آهي ته،
    تو ٻُڌو ٻيجل به پنهنجي ساز سان هو سِر لُڻيو
    زندگيءَ کي هو تڙيو
    زندگاني هڪ لُٽي ٻي زندگاني کي گھڙيو
    ساز جي هن راز کي سمجھين نٿو تون
    زندگي ۽ موت جي آواز کي سمجھين نٿو تون
    ساز جنهن جي آ هٿن ۾
    موت تنهن سان آ ڪفن ۾
    زندگي ڀي آهي تن ۾
    زندگي ۽ موت آهن
    دنگ ڇيڙا هڪ رسيءَ جا
    ٻئي ٻيڙا هڪ نديءَ جا
    پار ساڳئي پيا وڃن ٿا.
    فڪر جي فلسفي ۾ وڃائجي ويل زندگيون اڄ به ڳولا جي ڳالھ ۾ پنهنجو پاڻ کي اُڇلائينديون رهن ٿيون، ڪُجھ نه هئڻ جي احساس مان ٻاهر نڪري جڏهن انسان سڀ ڪُجھ هُئڻ ۾ هليو ويندو آهي ته پاڻ دنيا کان ۽ دنيا هُن کان پري ڌڪجي ويندي آ، ۽ پوءِ روح رولاڪين جي رمزن ۾ راحتن جا رنگ ماڻڻ لڳندو آ، فقيريءَ جي فراق مان ايترو ته فيضياب ٿي ويندو آهي، جو طلب ۾ عشق جي الله جا تنبورا تُڙڳڻ لڳندا آهن، وائين جا ورلاپ وک وک تي وفائن جو ورد ڪرڻ ۾ڪوشان هوندا آهن،
    اهڙي طلب جو طالب تنبوري جي تار کان ٽپي ڀٽائيءَ سان گڏجڻ جي گونج کڻي نڪتوآهي ته
    ڀٽائي تون مونکان اڳي ئي ڄمي وئين
    يا منهنجي اچڻ ۾ وڏي دير ٿي وئي
    پڙاڏو مان تنهجي صدائن سندو هان
    اُهو سڏ آهيان جا وائي چئي وئين
    مگر گونج آهيان
    اُها ڪونج آهيان
    جا تنهنجي نگر تي اڃان ڪُرڪندي آ
    اڃان ڦڙڪندي آ . . . .
    ڀٽائيءَ سان گڏ ڄمڻ جي ڳالھ مون هن سنڌ جي الستي شاعر کان پهريون چڪر ٻُڌي آ، اهڙي خوبصورت خيال جو حوالو منهنجي مطالعي مان ڪڏهن به ناهي نڪتو اُها مُشتاق سعيد جي سوچ ۽ فڪر جي وڏائي آهي جنهن جي وشالتا جي اُڀ ۾ ڪئين اُجرن احساسن جا اڇا ڪبوتر بنا ٿَڪ ڀڃڻ جي اُڏامندي نظر ٿا اچن،
    سچ پڇو ته مون جڏهن کان مشتاق سعيد جي شاعري کي پڙهڻ شروع ڪيو آهي ته سوچن ۾ ڪئين سوال ڪَر کڻڻ لڳا آهن ۽ آئون پنهنجو پاڻ ۾ ئي وچڙي ان گمان ۾ گم ٿي ويندو آهيان ته واقعي هن سنڌ جي سُجاڳ شاعر کي گھڻو اڳ ئي پيدا ٿيڻ کپندو هو،
    مُشتاق سعيد جي شاعريءَ ۾ موضوعن جي چونڊ ايڏي ته وزنائتي آهي جو هر خيال پنهنجي جوڀن سان جوان ٿو نظر اچي پاڻ اوجاڳيل احساسن جي شاعريءَ جو آواز آهي سندس ڪئين نظم هن ڪاغذ جي سيني تي لکڻ کان رهجي ويا آهن پر ڪتاب جي هر ورق کي واسي رهيا آهن، هن ڪتاب “ڀرپور سمندر گرجي ٿو” ۾ واقعي ڀرپوريت ڀريل آهي جنهن کي سنڌ جو هر سُڄاڻ ماڻهو يقينن سڌي موٽ ڏيندو، ۽ هن ڪتاب جا قدم ضرور مڃتا جي ميدان ۾ پنهنجا نشان رائيگان ٿيڻ نه ڏيندا بلڪه سڦلتا جي صُبح جا نيڻ چُمي هر رات ۾ روشنيءَ جي آوازن سان ٻرندا رهندا.

    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
    اياز امر شيخ
    23 جولاءِ 2012
    03003275166


    ڪو نانءُ ڏيو مڌ کي. . .

    حياتيءَجي ڊوڙ ايڏي ته تيز رفتار ٿي ويئي آهي جو گردش حالات ۾ گھايل وجود کي گھيلڻ به مسئلو بڻيل آهي ماس ۽ مٽيءَ جي پتلي جا پنهنجا عذابن جا ايڏا ٻوجهه آهن جو گھڙي پل سڪون جي سڪ ۾ سال وهامي ويا آهن، اُتي زماني تي ويهي سوچجي ۽ لفظن جي اجھاڳ ۽ ڀرپور سمندر مان سوچن جو سپيون ۽ اکرن جا الک ڳولهي مالهائون مڙهڻ يقينن ڪو سولو ڪم نه آهي، ڏات ته وڏي شئي آهي، پر انهن مجموعن ۾ سمايل درد ۽ پيڙائن کي پروڙڻ به پروليون سلجھائڻ برابر آهي، قدرت جي خلقيل پُرڪيف نظارن، سانوڻي وسڪارن، انڊلٺ جي رنگن، مورن جي مستين، ۽ محبوبن جي ادائن تي هر دل ڌڪ ڌڪ ته ضرور ڪندي آهي پر ان جو لفظن سان اظهار ڪرڻ کان زبان قاصر رهندي آهي، اها شاعري ئي آهي جيڪا ٿر جي بظاهر بي ضرر ڀڙڀانگ ڀٽن کي اکرن، آوازن ۽ اندازن سان امرتا بخشي املھ بڻائي ڇڏي ٿي حياتيءَ ۾ سج ته ڪيئي لَهن چڙهن ٿا، چنڊ به اڀرن ۽ لهن ٿا پر شاعر انهن ساعتن جي هر هڪ لمحي کي زندگي بخشي ڇڏين ٿا شايد تڏهن ئي ته گلوبل وليج جي مشيني زندگين سان ڀرپور هن برق رفتار دور ۾ اڄ به شاعري عروج تي ويهي مسڪرائيندي ۽ دلين تي راڄ ڪندي نظر اچي ٿي.
    ”مشتاق سعيد“ جي قلمي پورهئي ۽ شعري فلسفي جو هڪ مجموعو ”ڌيمي وَهڪ درياھ جي“ ڇپجي چڪو آهي، جنهن جي سُرهاڻ جي سڳند ڪنڊ ڪڙڇ تائين ويئي آهي ، ان مَهڪ ڪنهن کي ڪيترو معطر ڪيو آهي اهو ته پڙهندڙ پاڻ ئي بهتر بيان ڪري سگھي ٿو، مختصرن ته جنهن جو جيترو ذهن هوندو ان اوترو ئي پروڙيو هوندو، موجوده گلوبل دنيا جي نئين ٽهي ۽ نوجوان نسل ۾ هن وقت تخليق ته ڏور پر مطالعي طرف به لاڙو ناهي، ۽ اڪثر نئين ٽهيءَ جا ڏات ڌڻي يا ته محبوبن جي سونهن جا ڪلما، يا ته جدائي ۽ فراق جا مرثيا يا وري شاھ پرستي ڪندي شاهن جي شان ۾ قصيدا پڙهندا نظر ايندا، پر ”سعيد“ ڄڻ ته روايتن کي پٺي ڏيئي آزادي ۽ جدت جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي.
    چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪو املھ زمرد پٿر جهنگ مان ڪنهن ڪاٺير کي هٿ لڳي وڃي ته هو ويچارو اٻوجھ وڌ کان وڌ ان جي چمڪ ۽ ڪشش کان متاثر ٿي کڻي گڏھ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندو پر ان پٿر جي قدر و قيمت ته ڪو جوهري ئي ڄاڻندو ته اهي پٿر ته شاهي تاجن جي زينت هوندا آهن. ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ لاءِ ٻه اکر لکڻ ڪاڻ قلم ته کنيو اٿم پر گذريل ڪيترن ڏينهن کان سوچن جي ساگر ۽ لفظن جي دريا ۾ غوطا هڻي رهيو آهيان ۽ فيصلو ئي نٿو ٿئي ته ڪهڙي ريت ڀيٽا ڏيان ان شاعر کي جنهن سرڪشيءَ جو سهرو ٻَڌي حقيقتن جي مُک تان دَز هٽائڻ لاءِ قلم کنيو آهي جنهن شاهن جي درٻارن ۾ ويهي ”جئي، جئي“ ڪرڻ بجاءِ مسڪين پورهيتن جي وڪالت ڪئي آهي جيڪو تاريخن جا ورق اٿلائي پٿلائي حقيقتن جي کوجنائن ۾ نڪري پيو آهي، ”سعيد“ جي شاعري رڳو عشق تائين محدود ناهي پر هن فطرت جي حقيقتن جي ترجماني ڪندي تاريخ کي شاهد بنائي امرتا جي منزل جو دڳ ورتو آهي، ڪنهن مهل مغلن جي دور ۾ فارسي نه پڙهڻ تان ٺٽي جي مخدوم صالح جي ”ڄڀ“ ڪٽجڻ کان پوءِ سندس آواز پيو بڻجي ته ڪنهن مهل مغربي مصور ونسيٽ وان گوگ جو ڪپيل ڪن ڏسي سندس سماعت پيو بڻجي، ته ڪنهن مهل سُقراط جو بچايل وَھ پيئڻ لاءِ آتو آهي ۽ منصور جي سوليءَ کي پيو چمي، جنهن جي شاعريءَ ۾ ڀنڀوراءِ جي جوڙايل ڀنڀور جي ڀٽڪيل سسئي جون دانهون به آهن ته ڀالوا جي ڀٽن مان کنڀيل مارئيءَ جو صدائون به آهن. جنهن ٻيجل جا ساز به ڇيڙيا آهن ته ميران ٻائيءَ جي سُرندي جا سُر به ڇيڙيا آهن جنهن جي شاعري ڄڻ ته مرکان شيخڻ جا لاڏا هجن.. منهنجا هي حقير چند اکر سندس سمونڊ جهڙي شاعري سان ڪڏهن به انصاف ڪري نه سگھندا. . .
    ”سعيد“ پنهنجي شاعريءَ ۾ جدت جا جيڪي تاڪ کولڻ لاءِ قلم جي ڪُنجيءَ سان روايتن جي جبلتن جا ڪُلف ڇوڙيا آهن تنهن لاءِ هو يقينن جس لهي، هُن دستوري درٻاري شاعري کي پُٺي ڏيئي، حقيتن تان پردا کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن مسڪين ماڻهن جي اهنجن جي ترجماني ڪئي آهي، هو ڪهڙي مڌ جو پياسو آهي ؟ هن ڪهڙو گس ورتو آهي، هن جا دڳ ڪيڏانهن ٿا وڃن ادب جي اسيرن کي اهي پيرا کڻڻ گھرجن، سج کان سوجهرو ۽ چنڊ کان چمڪ وٺي اڀريل هن ستاري کي افق ۾ اڀرڻ جو پورو حق آهي هن جي شاعري جو مڌ ڪنهن نانءُ جو منتظر آهي . . .

    شيراز گل ميمڻ
    گجو، ضلعو ٺٽو
    03226521157
    25 جولاءِ 2012


    شاعر پاران

    هي ڪلهي تي ڪينرو ڪيسين وڄايان . . . !

    هُو هيڪاندو ساز وڄائيندو رهيو، راءِ ڏياچ جا ڇيھ ڇڄي پيا، سمورو رنگ رتول سُرن سان سريکو ٿي پيوهو پر ٻيجل بس ڪرڻ جو نانءُ ئي نه ٿي ورتو، سندس سُرن جو آلاپ راءِ ڏياچ جي روح کي روڙي رهيو هو. نيٺ راءِ ڏياچ چئي ڏنو ته ”مڱڻا گُهر جيڪو گھرجيئي“. ٻيجل ٻوليو “تنهنجي سِرَ جو گھورو آهيان” ٻيجل مال متاع جون آڇون ٺُڪرائي ڇڏيون، سُرَ جي بدلي صرف سِرَ جي صدا هڻندو رهيو، تان جو ڪٽار سان راءِ ڏياچ جو ڪپيل ڪنڌ وٺي پوءِ راهي ٿيو. تڏهن تاريخ چيخي پئي هئي ۽ اُفق جي صفحي تي هڪ تحرير جنم ورتو ته “ سُرَ ۽ سِرَ جو ڪيڏو نه ويجھو رشتو آهي . . . !
    اهي سُرَ ئي آهن جيڪي سمندر جي لهرن مان ڇڙن ٿا، اهي بي باڪيءَ سان هلندڙ هوائن جو آواز آهن، اهي سُرَ وڻن جي پڙلائيندڙ پنن ۾ به جرڪن ٿا ۽ رات جي سانت ۾ ساھ وجھن ٿا. ڪَتيءَ جي مند ۾ سارين جي سنگن جو جھومڻ ۽ مهاڻي جي رڇ اڇلڻ سان پاڻيءَ ۾ شپڪو ٿيڻ به ته سُرَ ئي آهن. ڪوئل جي لات ۽ ٻاٻيهن جي ٻوليءَ کان ويندي ڪانگن جو ڪانگيرو به ته هڪ آلاپ آهي، اهي آلاپ ۽ سُرَ ئي آهن جي ڪائنات ۽ زندگيءَ جي محور کي جڪڙيو بيٺا آهن.
    ميران ٻائيءَ جي سُرندي نه صرف انسانن جي ٺاهيل هٿرادو قانونن ۽ تهذيبن جا بکيا اڊيڙيا پر هڪ نئين تاريخ به جوڙي، سُرَ ۽ سنگيت جي هڪ تاريخ جا زندگيءَ جي خمير مان جڙيل آهي. اڪيلائيءَ ۾ اکيون پوري غور ڪريو ته ساھ جي رواني به هڪ سُرَ جيان ڀاسندي، آئون سُرَن جي انتها ۽ گھرائيءَ جو متلاشي رهيو آهيان، مون آدجڳاد کان وٺي واري واري سان ڪيترائي هڪ طرفا ۽ ناڪام عشق ڪيا آهن ۽ هر ناڪام عشق جي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تي مونکي سُرن سهارو ڏنو آهي، آئون تڏهن به سُرَن جي تلاش ۾ هوس جڏهن هن روءِ زمين تي انسانذات نه هئي، جڏهن چنڊ ڌرتيءَ کي ويجھو هو ۽ گرم ڌرتي آهستي آهستي ٿڌي ٿي رهي هئي. جڏهن زندگي ارتقا جي شروعاتي مرحلن ۾ هئي، ها آئون تڏهن به هوس ۽ سُرن جي تلاش ۾ هوس.
    جڏهن انسان نه هئا تڏهن مون وڻن سان محبت ڪئي هئي، آبشارن ۽ پهاڙن سان محبت ڪئي هئي، تيز گھُلندڙ هوائن سان محبت ڪئي هئي، ۽ پوءِ جڏهن انسان ارتقا جا مرحلا طئه ڪري حَسين روپ ۾ رچجي ويو تڏهن مون انسانن سان محبت ڪئي ۽ مون هميشه هڪ طرفي محبت ڪئي آهي، محبت جي بدلي ۾ محبت نه گھري اٿم، اهوئي سبب آهي جو آئون هڪ طرفي محبت کي محبت جي تڪميل سمجھندو آهيان.
    آئون تڏهن به ڳائيندو هوس جڏهن ڌرتي تي انسان نه هئا ۽ آئون اڄ به ڳايان ٿو جڏهن لکين انسانن جي گھيري ۾ آهيان، مون لاءِ سُرَ زندگي آهن ۽ آئون فطرت کي هر ڀيري رابندرناٿ ٽئگور جون هي سِٽون ڳائي ٻڌائيندو آهيان ته،
    ”هن ڪمزور ٿانَوَ کي تون وري وري خالي ڪرين ٿو،
    ۽ پوءِ وري وري پاڻ ئي ان کي نئين زندگي سان پُر ڪرين ٿو“
    آئون ائين محسوس ڪندو آهيان ته جڏهن “وليم ورڊس ورٿ” صبح ساجهر جي وقت ”ويسٽ منسٽر برج“ وٽان بيهه لنڊن شهر جو حُسن ڏٺو هو ۽ کيس سڄو شهر ننڊ ۾ ستل پر ڪنوار جيان سينگاريل محسوس ٿيو، آئون ڄڻ ته تڏهن به ساڻس گڏ هوس ۽ مون به ان سونهن کي پنهنجي احساسن ۾ محسوس ڪيو هو. ورڊس ورٿ جڏهن جبل تي چڙهي رهيو هو ته جبل جي ڀر واري واديءَ ۾ ڳوٺاڻي حَسين ۽ موهيندڙ ڇوڪريءَ کي ڏٺو هئائين، جيڪا اڪيلي سِر ڏانٽي سان فصل جي ڪٽائي ڪري رهي هئي ۽ ڪو درديلو گيت ڳائي رهي هئي، تڏهن به آئون ساڻس گڏ هوس، مون ان ڪنواري ڳوٺاڻي ڇوڪري کي گُھوري ڏٺو هو، سندس حُسن آڏو تهذيبن جي تاريخن جا ڪنگرا به ڪِرندي محسوس ٿيا هئا، وليم ورڊس ورٿ پنهنجي نظم ”ساليٽري ريپر“ ۾ لکيو آهي ته ” هُن لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جو آواز ان ڪوئل جي آواز کان به وڌيڪ موهيندڙ هو جيڪا عربستان جي وارياسن ميدانن ۾ کجيءَ جي وڻ تي ويهي مٺڙي آواز سان مسافرن جا ٿَڪَ دور ڪندي آهي“.
    آئون ورڊس ورٿ سان تڏهن به گڏ هوس، جڏهن هُن برفاني پهاڙيءَ تي طوفاني رات ۾ مري ويل خوبصورت ڇوڪري ”ليوسي گري“ کي مري وڃڻ کان پوءِ به وادين ۽ ميدانن ۾ هوائن سان گڏ ڳائيندي ٻُڌو ۽ ڏٺو هو ۽ نظم ”ليوسي گري“ لکيو هئائين. ورڊس ورٿ ته هليو ويو پر آئون اڄ به ليوسي گري جا هوائن سان گڏ گيت ٻُڌي رهيو آهيان.
    آئون سُرَن جي تلاش ۾ هوس، آهيان ۽ هميشه رهندس، آئون شيخ اياز جي اها سِٽِ بنجي پيو آهيان جنهن ۾ اياز چيو هو ته ”ڪنهن سائي پن تي ماڪ ڦڙا ٻيهار ڏسي مان ڳائيندس . . . !“ آئون هر ڀيري هڪ طرفو عشق ڪندس ۽ هڪ درديلو گيت ڳائيندس ۽ پوءِ تاريخ جي دز چڙهيل ورقن ۾ ڍڪجي ويندس . . . !
    اي منهنجي جوانيءَ جا دوستو، اوهان کي قسم آهي انهن محبوبائن جو جن سان توهان بي پناھ محبت ڪريو ٿا، جڏهن آئون مَري وڃان تڏهن منهنجي قبر تي اچي ڪي درديلا گيت ضرور جھونگارجو، ڇو ته مونکي سُرن سان محبت آهي، آئون جنم جنم ۾ گيتن ۽ سُرن سان رچجڻ چاهيان ٿو ۽ بي معنى زندگيءَ کي ڪا معنى ڏيڻ چاهيان ٿو... !
    آئون محترم يوسف سنڌي، ۽ سچائي اشاعت گھر جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجا هي گيت جيڪي مون ولھ ٺاريل راتين ۾ اڌ رات جي سانت ۾ ننڊاکڙين اکين سان لکيا هئا، سي منظر عام تي آندا جو منهنجي بي معنى زندگيءَ کي ڪا معنى ملي سگھي، آئون پنهنجن پيارن دوستن اياز امر شيخ، شيراز گل ميمڻ ۽ عزيز سرواڻ جو پڻ ٿورائتو آهيان جن جي محنتن سان هي ڪتاب سهيڙجي سگھيو.
    اوهانجو پنهنجو
    مشتاق سعيد
    03332723101


    ڪنهن جا پير ڪَنايان ٿو ؟

    ڏيئن سان گڏ ٽمڪي ٽمڪي
    ساجھر ساھ سمايان ٿو ۽
    آڌيءَ آڌيءَ رات اُٿي مان
    ڪنهن جا پير ڪَنايان ٿو ؟
    ڪنهن جو مونکي اوسيئڙو آ
    ڪنهن لئه تلڪ لڳايان ٿو مان
    ڪنهن جا پير ڪنايان ٿو ؟
    ڪائي نيٺ ته اچڻي آهي
    منهنجي گيتن جي گھنگھرن سان
    ڇيرون پائي نچڻي آهي
    هوءَ جا تارن ۾ ٿي تڙڳي
    ڏور چتائي جاڳائي ٿي
    آڌيءَ آڌيءَ رات اٿاري
    مونکان گيت چوائي ٿي
    هوءَ جا جر تي ٻيڙيءَ وانگي
    جنت جا ٿي ٻيٽ وڙولي
    هوءَ جا مُهاڻيءَ جي ئي من ۾
    اسر ويلي ٻول ٿي ٻولي
    هوءَ جا ڪوئل انب جي وڻ تي
    راڳن سان ٿي روح رتولي
    هو جي تاڙا تُڻ تُڻ ڪن ٿا
    هو جي ڀونئرا ڀُڻ ڀُڻ ڪن ٿا
    هو جي اڪ جھليون هِنِ ڦُلڙيون
    هو جي ڍنڍ تي اُڏريون آڙيون
    تن جي سونهن ۾ آهي سمائي
    سا ئي منهنجي ڏات بڻي آ
    مَن تي ور ور ايئن لٿي آ
    جاڳي جهپڪي ڳايان ٿو مان
    لهرون سڀ لهڪايان ٿو مان
    تَنهن جا پير ڪَنايان ٿو مان
    ڏيئي جي جا وَٽِ ٿي جرڪي
    تنهن کي ڀي ڪا معنى آهي.
    ڪاڇي ۾ ڪا ڪونج ٿي ڪُرڪي
    تنهن کي ڀي ڪا معنى آهي
    لهرون سمنڊ ڪناري ٽَڪري
    سرگم سُر سان ڇيڙن ٿيون
    ڪنڌيءَ تي هو ڪاھ ڪري ڏس
    ڪيڏو تنهن سان جهيڙن ٿيون
    مان تن کان ڪيئي سُر وٺي
    هي پنهنجا گيت سجايان ٿو
    مان ڪنهن جا پير ڪنايان ٿو
    مان ڪنهن جا پير ڪنايان ٿو


    سنڌ سڄي آ تنهجو سايو

    ڪينجھر جي ڪنهن تڙ تي تڙڳي
    چڙهندڙ ڪوئي چنڊ ڏسين ۽
    منهجو ڪوئي گيت ٻڌين تون
    آگم آگم بنجي برسين
    سورج سورج بنجي اڀرين
    ڪاش اهو تون سمجھين سپرين
    سنڌ سڄي آ تنهجو سايو
    ۽ تون آهين منهنجو سايو
    آ تون منهنجي ڏات ڏيئي مان
    هڪڙي شمع جرڪائي وڃ
    مڌر هوا ۾ مهڪ گھڻي آ
    پل کن جيون مهڪائي وڃ
    ساز ڇڙيا هِن ابدي سُر جا
    گيت گگن کي آ گرمايو
    سنڌ سڄي آ تنهنجو سايو
    ۽ تون آهين منهنجو سايو
    سِيرَ به تون آ ناوَ به تون آن
    ويڄ به آهين گھاوَ به تون آن
    ڪاڇي تي جي اڏريون ٿي تن
    ڪونجن جو ڪُرلاو به تون آن
    تون ئي هرڻي تون ئي بارش
    تون ئي آهين من جو مايو
    سنڌ سڄي آ تنهنجو سايو
    ۽ تون آهين منهنجو سايو


    گيتن ساڻ رچي وڃ

    گيت نه ڪڏهن تڙپيو ايڏو
    جيڏو اڄ اُڀامي پيو آ
    لاٽ ڏيئي جي لهڪي لهڪي
    وٽ وٿيون ٿي کامي پيو آ
    هي جي منهنجا سڏ سڏِن ٿا
    توکي مقتل ساري پيو ٿو
    هي جو جر تي جاٽ بنيو آ
    ٻيڙي ٻيهر تاري پيو ٿو
    اولهه ڏي ڏس تارا ڪُن مان
    وهنجي وهنجي نڪتا آهن
    تن سان پنهنجا خواب سمورا
    نکري نکري نڪتا آهن
    هي ساز نه ٻيجل وارو آهي
    پر هي ان کان نيارو آهي
    آءُ ته توکي امرتا جي
    سُرڪي ساهڙ پياريان ٿو مان
    تو تي امرت هاريان ٿو مان
    منهنجي گيتن ساڻ رچي وڃ
    گھنگهرو پائي ڇيرون پائي
    ڇم ڇم ٿي ڇمڪار هوا ۾
    موتئي جيئن مهڪار هوا ۾


    ناکئا تنهنجي منزل ڏور آ

    وهانءُ تارو ٽمڪي پيو ٿو
    جر تي لهرون ڳاٽ کڻن ٿيون
    هوءَ جا سِير ۾ ناوَ هلي پئي
    تنهن تي ڪتيون گھات هڻن ٿيون
    ناکئا تنهنجي منزل ڏور آ
    ڏور اولهه ۾ جزيرن کان
    پريان اوچن ٻيٽن پويان
    جت ستارا وهنجن ٿا ۽
    نکري ٻيهر اُڀرن ٿا
    توکي اوڏانهن وڃڻو آهي
    واپس مُور نه ورڻو آهي
    هوءَ جا وستي روز تڪي ٿي
    توکي پنهنجي اور ڇڪي ٿي
    گيت جتي اڪ ڦلڙين وانگي
    ٻهڪن ٽهڪن گُلڙن وانگي
    پيارَ جتي نه اڌورا آهن
    آسون ڀي اڻپوريون ناهن
    تارن سان ٽمٽار نگر آ
    سچ جي لئه ڪي سُوريون ناهن
    من نچوڙي جي مون لکيا
    گيت منهنجا ٿا اڏرن اوڏانهن
    سا ئي تنهنجي منزل آهي
    جت ستارا وهنجن ٿا ۽
    نکري ٻيهر اُڀرن ٿا.


    ڇير نه لاهي پاڻياري

    ڇير نه لاهي پاڻياري تون
    رات اڃان هيءَ مس ٺري آ
    ڪي ئي ڳڀرو ڳائڻ لاءِ
    وستيءَ وستيءَ آتا آهن
    تند اڃان ڪا تپڻي آهي
    مڌ اڃان ڪي ماتا آهن
    ساز اڃان ڪي سجڻا آهن
    گيت اڃان اڻ ڳاتا آهن
    ڪيئي هرڻيون بن تي ڀٽڪي
    پاڻيءَ لاءِ تڙپي تڙپي
    ٺوٺ مٽيءَ تان موٽيون آهن
    تن کي هي سنگيت ڇڪي ٿو
    شايد تنهنجو گيت ڇڪي ٿو
    بن جي واريءَ واريءَ تي هي
    پيرا ڪنهن پرديسيءَ جا هِن
    ڪو ته مسافر اچڻو آهي
    ميلو ڪو هت مچڻو آهي
    ڪلهه اڏامي ڪونج وئي جا
    سا اڄ منهنجي هانءُ هُري آ
    ڇير نه لاهي پاڻياري تون
    رات اڃان هي مس ٺري آ.


    مونکي ڪوئي سڏ سڏي ٿو

    مڪليءَ جي هِنَ ٽڪريءَ تي هِنِ
    قبرون قبرون ترخانن جون
    ساموئيءَ مان سڏ اچن ٿا
    چيخون ٿي ڄڻ طوفانن جون
    مڪليءَ جي مينارن تي ڄڻ
    لڙڪي پئي ٿي ڄڀ ڪپيل ڪا
    آخوند صالح مرڪي پيو ۽
    ننگر کي ڪا باھ لڳي آ
    اڄ ڀي ڪوئي ڪُرڪو آهي
    سڏ پويان ڪو سُڏڪو آهي
    جيڪو مونکي روز ڇڪي ٿو
    ٺٽي ۾ ڪو گھنڊ وڄي ٿو
    اڄ ڀي ان جي بازارن ۾
    سرمد جا ٿا سُڏڪا ڊوڙن
    مڪليءِ جي ماٺارن ۾ ٿا
    خاموشيءَ جا خيما ٽوڙِن
    ڪا ئي صدا آ روز ڇڪي ٿي
    مونکي پنهنجي اور ڇڪي ٿي
    رات ٺري ٿي لوڪ سُمهي ٿو
    مونکي ڪوئي سڏ سڏي ٿو
    مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان بيهي
    مونکي ڪوئي سڏ سڏي ٿو.


    چنڊ لهي آ

    ڪڏهن ته چنڊ لهي به آ
    چڪور جي چو واٽ تي . . .!
    اڏار آ ٿَڪي ٿَڪي
    تنوار آ جَھڪي جَھڪي
    گھنگھور رات ساٽ تي
    ڪڏهن ته چنڊ لهي به آ
    چڪور جي چو واٽ تي . . .!
    گلاب جون ڪليون ڀنيون
    انار ٿو ڦُلارجي
    اٻاڻڪي ندي لڳي
    هيءَ رات ڪيئن گذارجي ؟
    اداس ڍنڍ ٿي تڪي
    نه نيرڳي لُڙاٽ تي
    نقش ٿو تون چِٽين
    آڪاس کان ئي گھاٽ تي
    ڪڏهن ته چنڊ لهي به آ
    چڪور جي چو واٽ تي . . .!
    ڪڏهن ته چنڊ لهي به آ
    چڪور جي چو واٽ تي . . .!


    منهنجي اچڻ ۾ دير ٿي وئي

    ڀٽائي تون مونکان اڳي ئي ڄمي وئين
    يا منهنجي اچڻ ۾ وڏي دير ٿي وئي . . . ؟
    پڙاڏو مان تنهنجي صدائن سندو هان
    اهو سڏ آهيان جا وائي چئي وئين
    مگر گونج آهيان،
    اها ڪونج آهيان
    جا تنهنجي نگر تي اڃان ڪُرڪندي آ
    اڃان ڦڙڪندي آ
    ستارا هزارين افق تان لهي ويا
    ولر ڪيئي آيا اُتر کان ڪَهي ويا
    سڄو لوڪ سانجھيءَ سمهي اڄ پيو آ
    مگر منهنجي من ۾ ڪو ماتم متو آ
    اڃان ٻول ڪيئي ٻُرايان پيو مان
    اڃان تنهنجون وايون ٿو ڳايان پيو مان
    کڻي جوڳ پنهنجو تون آخر رمي وئين
    ڀٽائي تون مون کان اڳي ئي ڄمي وئين
    يا منهنجي اچڻ ۾ وڏي دير ٿي وئي . . . ؟


    موت پهريون ٿاڪ آ

    موتَ منهنجي روپ جو
    تون ته پهريون ٿاڪ آن . . !
    تو اچڻ سان زندگي
    نئين سِري سان جيئندي
    ڪوڪ ٿي پولار ۾
    هيءَ حياتي ڪُوڪندي
    تون ته منهنجي جاڳ جو
    جوڳ جو، ويراڳ جو
    سنجوڳ جي ڌوپ جو
    تون ته پهريون ٿاڪ آن . . .!
    هر گھٽا سان برسندس
    سانوڻيءَ ۾ گرجندس
    ڪنوار جي ڇاتين جيان
    سونهن جي سيني منجهان
    روز نکري ٻهڪندس
    مان نه مرڻو هان هتي
    مان ته ورڻو هان هتي
    تون ته منزل ڪو نه آن
    تنهنجي پويان منزلون
    ڪيتريون ئي ٿو ڏسان
    زندگيءَ جي روڳ جو
    تون ته پهريون ٿاڪ آن
    موت منهنجي روپ جو
    تون ته پهريون ٿاڪ آن.


    ترارن جا تجلا

    هي تجلا تيز ترارن جا
    ۽ ڌڌڪا منهنجي مارُن جا
    هر بڙڇي بڻجي گيت وئي
    نا ڌُڏيا پير ڪنڌارن جا

    تاريخ لکي هت ويندي آ
    هر دور جي ڪوسي رت منجھان
    فانوس جلايا ويندا هِنِ
    ڪنهن مور جي ڪوسي رت منجھان

    مان جيل منجھاران جھپڪا ڏئي
    هو تارا شاهد ٺاهيان ٿو
    مون ڪهڙيون راتيون ڪيئن ڪٽيون
    مان ڪهڙا گيت ٻڌايان ٿو

    هوءَ نار رَلي جا ٺاهي پئي
    هي ڳاڙها ڌاڳا رت هڻي
    هوءَ تنهن تي گيت به ٽاڪي پئي
    جي سرجيا مون هِنِ سَتُ هڻي

    هي اوجاڳا ۽ ويڙهانديون
    هي رت رچايون جي رانديون
    سي رنگ ته آخر لائينديون
    تاريخ وري بدلائينديون
    هر بڙڇي بڻجي گيت وئي
    سو پاڻياريون ئي ڳائينديون.


    گيت اڏاڻا

    هر گيت اُڏاڻو گَجرا ٿي
    ڪنهن ڪنيا اوڙيو آ تن تي
    هر سانوڻ برسي ساک ڏني
    هي جھرمر آهي بن بن تي
    جي منهنجا گيت اُلائن ٿا
    ۽ اڳتي وک وڌائن ٿا
    سي تنهنجي تِکَ وڌائن ٿا
    مون پنهنجو پاڻ ۾ پنڌ ڪيو
    ۽ منزل ماڻي هنڌ ڪيو
    مون اهڙا چونڊي گل کنيا
    جي ڪنهن به نه پهرين ڇاڻيا ها
    مون ڪُنڊ ڪُنڊ تي آذان ڏني
    ۽ سُرَ سان سينا تاڻيا ها
    آ گڏجي منزل ڏي ڌوڪيون
    تون دور ڀلا ڇو بيٺو آن ؟
    جي پنهنجي منزل هڪڙي آ
    پو ڏور ڀلا ڇو بيٺو آن ؟
    جي جر تي ٻيڙيون تارِن ٿا
    سي پاڻ ٻنهي کي سارِن ٿا
    تون آ ته هلون هُن ساگر تي
    هو ڪيڏو روز پُڪارين ٿا


    نڪ نه ٽوپيو

    هي نڪ نه ٽوپيو ناڪيليون
    آ ريت ۽ پُشت غلاميءَ جي
    جنهن وقت حوا جون بيٽيون هي
    بازار وڪاڻيون پئسن تي
    تنهن وقت نڪن ۾ ناڪيليون
    هو وحشي تن کي هڻندا ها
    ۽ ڇيلن ٻڪرين ڍورن جيئن
    ها واڪ انهن تي لڳندا ها
    اڄ سا ئي ريت پراڻي آ
    آ ٽوپيو نڪ هر نياڻي آ
    او ٿر جون ڄايون ٿاريليون
    هي نڪ نه ٽوپيو ناڪيليون
    آ ريت ۽ پشت غلاميءَ جي


    ڪوِتا جي موسم

    ڪوِتا مون مان ائين ڦُٽي ٿي
    سانوڻ ۾ جيئن ٿر تي ڦُلڙيون
    سُرمئي سُرمئي سانجهه اچي ٿي
    تارا نيارا ٽم ٽم ڪن ٿا
    شعر افق مان اڏري اڏري
    منهنجي من جو ماڳ وٺن ٿا
    ڪنهنجون ڇيرون ڪنهنجي پايل
    ساڀائيءَ جو ڇم ڇم ٿئي ٿي
    منهنجي من جو ماڻهو جاڳي
    مون مان ڪيئي گيت لکي ٿو
    امرت جھڙي ريت لکي ٿو
    ننڊ اکين تي گھيرا آهن
    پو ڀي دل تي سويرا آهن
    ڏات به ڄڻ ڪا ماڪ وسي ٿي
    ڪوتا مون مان ايئن ڦٽي ٿي
    سانوڻ ۾ جيئن ٿر تي ڦلڙيون


    تنهنجو ڏس پُڇن ٿا

    هو جي تنهنجا ڏس پڇن ٿا
    هڪٻئي کان ئي گس پڇن ٿا
    تون جو تن ۾ رليل آهين
    روپ الوپ ۾ رچيل آهين
    پيهي پاڻ ۾ ڪين ڏسن ٿا
    هڪٻئي کان ئي گس پڇن ٿا
    تون جو آهين لهر لهر ۾
    ساگر سِپَ ۽ موڪي جر ۾
    هر هڪ سيني ساھ کڻين ٿو
    جيون ۾ ڪا جوت ڀرين ٿو
    ڪيڏو تن کي اوڏو آهين
    پوءِ به تو لئه ڪيئن تڙپن ٿا
    هڪٻئي کان ئي گس پڇن ٿا


    آوازن جي اوٽ ڏيو

    ساز نگر جي سوداگر کي
    آوازن جي اوٽ ڏيو
    هي جو رمتو راڳي جوڳي
    جيئڻ لاءِ جاڙ ڪري ٿو
    لهرن ڇولين تي ڪو سرگم
    ڳائي ڳائي تاڙ ڪري ٿو
    رڳ رڳ تاڻي روح ولوڙي
    موتين جهڙا گيت چوي ٿو
    هن جي من جي تند تپي آ
    ڳلي ڳلي سُرهاڻ ڇَٽي ٿو
    لوچي ٿو هو
    سوچي ٿو هو
    پنهنجي پنهنجي ميڻ بتيءَ مان
    هن کي ٿوري جوت ڏيو
    ساز نگر جي سوداگر کي
    آوازن جي اوٽ ڏيو


    جياپي جو محور

    ناري تنهنجي ڇاتي ۽ ٿڻَ
    ٻن مردن جو محور آهن
    هڪڙو جيڪو ٿڃ وٺي ٿو
    توکي پنهنجي ماتا چئي ٿو
    ۽ ٻيو جيڪو رات لڙيءَ ۾
    تنهنجا ڳورا اُرھ چُمي ٿو
    تنهنجي تن سان چنبڙي پئي ٿو
    سهڪي سهڪي ساھ کڻي ٿو
    تون ته ٻنهي جو آهين جياپو
    جيون جي رڻ راهي پنڌ ۾
    تون ئي تن لئه گھاٽو آن وڻ
    ناري تنهنجي ڇاتي ۽ ٿڻَ
    ٻن مردن جو محور آهن


    اي چنڊ ٻُڌا

    رات مٿان راتاها تون
    چنڊ هڻين ٿو روزاني
    چٻرا هي چڻ ڀڻ ٿا ڪن
    ڇا لئه ايڏو چمڪين ٿو ؟
    دور گگن مان گُھور ڪري
    هر وِٿيءَ مان جانچين ٿو
    مُور نه تن کي آئڙين
    رات لڙيءَ جي نڪرن ٿا
    انڌڪاري ۾ ڀُڻڪن ٿا
    تن جو دشمن ها ها تون
    رات مٿان راتاها تون
    چنڊ هڻيي ٿو روزاني.


    ڪنهن تنهجا چپ سُبيا ؟

    درزي آخر ڪهڙو آ جنهن
    ڏاها تنهنجا چپ سبيا هِنِ؟
    ڪيڏا سنڌ سان ويل وهيا پر
    پَرِ وهيا ڪي هيل وهيا پر
    ڪائي ٻڙڪ نه ٻولين ٿو تون
    چپ نه پنهنجا کولين ٿو تون
    ڦاهيءَ ڦندا روز ڦلاريا
    ڪيئي ڳڀرو ڳولي ماريا
    تنهنجي منهنجي ڀيڻ آ ساڳي
    ڪيڏيون تنهن جون ڪيهون آهن
    وستي واهڻ ريهون آهن
    پو به نه پنهنجا پلڪَ جهپيا هِنِ
    درزي آخر ڪهڙو آ جنهن
    ڏاها تنهنجا چپ سبيا هن


    ڪيڏي تو ۾ بي ايماني آ ؟

    تون پنهنجي سونهن لڪائين ٿي
    ڏس ڪيڏي تو ۾ بيماني آ . . ؟
    آ چنڊ جهڙو هي چهرو تنهنجو
    تون ڪارو برقعو پائين ٿي
    ڄڻ اجري اجري چنڊ مٿان
    ڪو ڪارو داغ لڳائين ٿي
    ڏس ڪيڏي تو ۾ بيماني آ. . . ؟
    جيئن وارياسي جي ڀِٽَ مٿان
    ڪنهن هرڻيءَ جي لِڏِ پَسري پَئي
    تيئن تنهنجي ڳوري مُک مٿان
    هي ڪاري چادر اُتري پئي
    هي سونهن تي ڪوئي ڀونڊو آ
    ۽ ڳاڙهن ڳاڙهن ڳلڙن تي
    هي ڪارو ڪارو رونڍو آ
    تون ايمانن جي نالي تي
    ڏس بيمانيءَ کي چاهين ٿي
    تون پنهنجي سونهن لڪائين ٿي
    ڏس ڪيڏي تو ۾ بيماني آ . . . ؟


    اَڪ جو پن

    اڪ جو پن ڪنهن ڇڪي ٽوڙي ڇڏيو
    کير تنهن مان آ ٽميو
    کير جو هر هڪ ڦڙو
    ڏهر جي واريءَ مٿان آ ائين ڪِرِيو
    چڻ ته واريءَ جي نئين اتهاس لئه
    ورق تي مَسِ آ بنيو
    ٿي هرڻ جي لِڏِ ڀي تازي لڳي
    ڄڻ ته هاڻي ئي هتان ڪو آ لنگھيو
    روجهه جو ڊڪندو اچي
    اڪ جي هن کير جا ٽميل ڦڙا
    زهر جهڙا ٿو پيئي
    ڏس ته جيئڻ لاءِ هو
    ڪيترا ٿو وس ڪري.


    پوڙهو چنڊ

    ڪڪرن مان پيو رڙهندو آهين
    هوريان هوريان پير کڻين ٿو
    چنڊ تون لٺ تي ڄڻ ته هلين ٿو
    ايڏو پوڙهو ٿي ويو آهين . . . !
    چنڊ ٻڌائي
    چنڊ ٻڌائي
    هاڻ ته تنهنجي نگاھ نه هوندي
    ايڏي پختي ايڏي سڄري
    جو تون ڌرتيءَ جي سيني تي
    ڌڳندڙ ڪيئي داغ ڏسين ۽
    اجڙيل ڪيئي باغ ڏسين . . . !
    تنهنجا هاڻي ڪَنَ به شايد
    چيخون ڪيڪون ڪين بُڌن ٿا
    ڌرتيءَ تي انسان ڪُسن ٿا
    تن جا گُھٽيل واڪا ٻاڪا
    آڪاسن تي روز گَجن ٿا.


    گيت گلابن وانگي

    منهنجا گيت گلابن وانگي
    تنقيدون هِنِ پاڏن وانگي
    چٿري چٿري نيٺ ٿَڪيون هِنِ
    ليڪن خوشبو ڪين مِٽي ٿي
    شعر، شعر ۾ سونهن به آهي
    ڪين گَھٽي ٿي
    ويتر مون ۾ ڏانءُ ڀَري ٿي
    هو جي آڌيءَ رات اچن ٿا
    جھرڪين جي ڄڻ ولرن وانگي
    منهنجي من تي روز لهن ٿا
    چُون چُون ڪن ٿا
    تن جي گونج اڃان به اچي ٿي
    ڪاڇي جي ڪنهن ڍنڍ ڪِناران
    ٽُليل ڪونج اڃان به اچي ٿي
    ڪُرڪي ٿي ۽ ڄَرڪي ٿي
    تنهن جو مان ڪُرلاءُ جھٽيان ٿو
    سسئيءَ جيڪي سڏ ڪيا ها
    تن مان ڀي آواز وٺان ٿو
    ٿر جي مورن جي پک پک مان
    سهڻا سهڻا رنگ وٺان ٿو
    تن کي سهيڙي گيت لکان ٿو
    تارا ونتيءَ جي ڳل جهڙي
    اُجري ريت پريت لکان ٿو
    اڏران عرش عقابن وانگي
    منهنجا گيت گلابن وانگي


    مان مُور نه مرڻو هان

    مان پنهنجي کٽ تي ليٽيل هان
    ۽ چوڌاري آ راڙ متل
    آ وسمئه جهڙو منظر هي
    ۽ چوڌاري ٻاڪار متل
    هو اُڇنگارن ۾ آلاپين
    ”هي هاڻ ويو بس هليو ويو“
    اڻڄاتي اوکي دنيا ۾
    ڪنهن روپ الوپي دنيا ۾
    آ ناوَ نه موٽي ڪا به اتان
    ڪو ايندو واپس ڪئين ڪٿان
    مان تن کي ڪيئن هي سمجھايان ؟
    جو شور هوا ۾ لهرائي
    سو مُور نه مورک مرڻو آ
    انسان ڀلي چئو فاني آ
    پر شور هميشه رهڻو آ
    جو ماس مٽيءَ ۾ پوريندئو
    سو سانوڻ سانوڻ ڦُٽڻو آ
    آواز اسان جو پڙڏا ٿي
    هر ڏهر ڏهر تي گجڻو آ
    مون ابدي ننڊ لئه نيڻن کي
    هر خواب سهيڙي پُوريو آ
    ڪو راڳ سهيڙي پُوريو آ
    آ لُڪ لڳي ۽ ڏينهن تتل
    ۽ چوڌاري آ راڙ متل


    پکڙيل پانڌ

    پينوءَ وانگي پانڌ پکيڙي
    تو کان ٿورا گيت گُھران ٿو
    منهنجي او تون ڏات سڀاڳي
    نيري اُڀ ۾ اڏري اڏري
    مون تي جو تون لهندي آهين
    ڇيرن جي ڇمڪارن وانگي
    منهنجي من ۾ وڄندي آهين
    ريت اڊوڙي ريت لکان ٿو
    مورن جهڙا گيت لکان ٿو
    هارِ ته مون ۾ سِرِجي ناهي
    جُڳ جُڳ جي مان جيت لکان ٿو
    ريٻاريءَ جي ڳلڙن جهڙا
    گرمائيندڙ گيت لکان ٿو
    لهر لهر تي اُڀري ٿو جو
    اهڙو سُر سنگيت لکان ٿو
    ڪنواري مَن ۾ کاٽ هڻي جا
    اهڙي اَمر پريت لکان ٿو
    تون جو پنهنجا وار وڇائي
    مونکي ايڏي ڇانوَ به ڏين ٿي
    مون تي پنهنجو نانءُ رکين ٿي
    ڪي ڪي موتي رهجي ويا هِنِ
    انڌياري ۾
    هيل ته ٽڙندا سي ڀي آخر
    وسڪاري ۾
    تن جي هُڳاوَ لاءِ تڪيان ٿو
    پينوءَ وانگي پانڌ پکيڙي
    توکان ٿورا گيت گھران ٿو.


    تاريخ تڙپي ٿي

    اڃان آخوند صالح جي زبان مان خون ٽپڪي ٿو
    اڃان راتيون ٺٽي تَرَ جون سرءُ جي واءُ وانگي هِنِ
    اڃان تاريخ تڙپي ٿي اڃان مڪلي به گھايل آ
    سوين ئي سڏ سڏڪن ٿا گھڙيون چڻ گھاءُ وانگي هِنِ
    پڙاڏا روز گونجن ٿا هوائون روز هٻڪن ٿيون
    قبر مان ڪنڌ ڪڍي دولهه خموشان شهر کي گھوري
    سڏي ٿي روز ساموئي ترارون روز تجلن ٿيون
    اسان جون همٿون هاڻي ويون هِنِ موڪلائي ڇو ؟
    اهو سرمد جو ننگر آ جتي ڪو گيت ڳائي ٿو
    اڃان ڇو جنبشون ناهن چڙهي آ سانت سانجھيءَ تي
    سڄي ڪينجھر زهر ٿي آ ڏيئو ڪو ونجهه وانجھيءَ کي
    هلو ڪا جوت جرڪايون اٿو ڪا ساٿ سنڀرايون
    اڃان تارا اُفق تي هِن اوهان ڇو همٿون هاريون ؟
    اڃان ڪا آس جاڳي ٿي هلو ڪا جوت جرڪايون
    صبح ٿيندو نه گھٻرايون
    اڃان احساس باقي هِن لڪل اتهاس باقي هِن
    اڃان ڪنهن ڪنوار جي من ۾ ڪنوارا خواب جاڳن ٿا
    اڃان رولاڪ راتين جا رڳو بي تاب جاڳن ٿا
    اڃان تاريخ تڙپي ٿي نئين تاريخ لکرايون
    هلو ڪا جوت جرڪايون
    صبح ٿيندو نه گھٻرايون.


    تارن جا تڙڪا

    تڙ تي تڙڪا تارن جا
    اُڀ ڏي ڄڻ اُڪساهن ٿا
    ڌرتيءَ تي آ ڌوڙ گھڻي
    مونکي عرش گھرائن ٿا
    ڄڻ ته چوائن ٿا
    آءُ اڏامي اُڀ ڏي هيڏي
    ڪتيون ٻانهون کولين ٿيون
    ڄڻ ته ڏين ڪي لوليون ٿيون
    تارا منڊ پروليون ٿيون
    جيئن جيئن سياري سانجهه لڙي ٿي
    اُڀ تي اڀري ڳائن ٿا
    مونکي ٿورو سُهاءُ ڏئي هو
    مونکان گيت لکائن ٿا
    آءُ اڏامي اُڀ ڏي هيڏي
    مونکي عرش گھرائن ٿا.


    سمنڊ لُڇي ٿو

    هي سمنڊ ڇُلي ڇُلڪاٽ ڪري
    هر رات مونکي ڄڻ ڌوڏي ٿو
    هر لهر لهر تي لوڏو آ
    سو منهنجي من کي لوڏي ٿو
    مان آڌيءَ آڌيءَ رات اٿي
    ٿو اُڀ تي ڪارونڀار ڏسان
    هي ٽٻڪا ٽٻڪا تارن جا
    ٿا ليئا پائن لهرن مان
    جئن چنڊ ڇڻي ٿو پاڻيءَ ۾
    تيئن سمنڊ گھڻو ٿو شور ڪري
    ڄڻ مون تي ڪائي گھات هڻي
    ٿو شور هي پنهنجي اور ڇڪي
    هن ٻيڙيءَ ۾ ڪا مهاڻي آ
    جا مس مس ئي ساماڻي آ
    ها ڏاڙهونءَ جهڙا ڳل اٿس
    ڄڻ جر جي ڪائي راڻي آ
    هي اک جا تارا اُپٽي ٿي
    ۽ اُڀ جا تارا جانچي ٿي
    هو ٽيڙو هاڻي ٽڙڪيا هِن
    بس ساجھر جھٽ ۾ ٿيڻي آ
    هوءَ ويڙهي رڇ کي ورڻي آ
    هوءَ جوڀن سان سرشار بدن
    جو پاڻيءَ ساڻ پُسائي ٿي
    ڄڻ سمنڊ سڄو لرزائي ٿي
    ٿو جر تي جوڀن جاٽ ڪري
    هي سمنڊ ڇُلي ڇُلڪاٽ ڪري
    هر رات مونکي ڄڻ ڌوڏي ٿو
    مان لهرن کان آلاپ وٺي
    ٿو گيت لکان گرنارين جا
    ۽ مڌ ونتي هن مهاڻيءَ جي
    ٿو مهڪ سمايان شعرن ۾
    ٿو چنڊ ڏسي ۽ سمنڊ ڏسي
    ٿا گُھورين تارا ماٺ ڪري
    هي سمنڊ ڇُلي ڇُلڪاٽ ڪري
    هر رات مونکي ڄڻ ڌوڏي ٿو
    هر لهر لهر تي لوڏو آ
    سو منهنجي من کي لوڏي ٿو.


    پاڻياريون

    تلاءُ ڪناري پاڻياريون
    ننگي پيرين نڪرن ٿيون
    پاڻيءِ ڏول ٽُٻائن ٿيون
    واريءَ پيرا ٺاهن ٿيون
    اُڀ تي سج اُڀامي ٿو
    گَجَ تي ٽانڪيل شيش ٽڪرَ
    روشن ٿي تجلائن ٿا
    ڄڻ ته تلاءُ جي ڪنڌيءَ تي
    هنج ڪي پَرَ ڦڙڪائن ٿا.
    *


    گھنگھرن سان رَچيل رات

    جا رات رچي ٿي گھنگھرن سان
    سا باک ڦٽيءَ کان بهتر آ
    هي مڌ متو آ سالن کان
    ٿو سرسي سُرڪي ڏوڪي جو
    سو انگورن کي پوکي ٿو
    ٿي وليون وليون ديس ويو
    ۽ ڪليون ڪليون جرڪن ٿيون
    تن انگورن جي آڙ وٺي
    ۽ پوئين رات پڇاڙ وٺي
    جو سُرڪ ڀري ٿو امرت مان
    سو آدجگاد ۾ اُڀري ٿو
    ۽ چوڌاري ٿي ڇم ڇم ٿئي
    جا رات سڄي ٿي سرگم ٿئي
    سا باک ڦٽيءَ کان بهتر آ
    هي تارا ٽم ٽم ڳائن ٿا
    ۽ چنڊ گٽار وڄائن ٿا
    ٿي لهرون سمنڊ به لرزي ٿو
    آڪاش سجي ٿو ڪڪرن سان
    جا رات رچي ٿي گھنگھرن سان
    سا باک ڦٽيءَ کان بهتر آ


    اي ڀڳوان هلي آ

    ورهيه اي ڀڳوان لنگھي ويا
    جھور پراڻي مندر ۾ تون
    پير پساريو بيٺو آهين
    پوڄارين جي ننگر ۾ تون
    بي ست بنيو بيٺو آهين
    ڇا هي چوديواري توکي
    قيد جيان ئي ڀاسي ٿي يا
    قيد دريءَ مان گُھٽيل واءُ جي
    بانس تنهنجو مَن واسي ٿي ؟
    ڪيئن قبولي تو آ غلامي
    مندر جي ديوارن اندر
    جُڳ جُڳ جو تون والي آهين
    گھر نه تنهنجو آ هي مندر
    اُڀ ۾ تارا ٽم ٽم ٽمڪن
    ٽيڙو جرڪن ڪتيون اُڀرن
    جر تي لهرون ڳاٽ کڻن ٿيون
    درياھ ۾ سنگيت وڄي ٿو
    ڏور پپر تان ڳيرو ڳائي
    تنبوري جو تن تپي ٿو
    سي ئي تنهنجا مظهر آهن
    هي جي هيڏا مندر آهن
    پوڄارين جا پاپ نگر هِنِ
    پاپ ڌوئڻ لئه گھاٽ بڻيا هِن
    واپارن جي واٽ بڻيا هِن
    مندر جي ديوار ڀڃي ڇڏ
    ٻاهر اي ڀڳوان هلي آ
    آ ته اُفق ڏي پرڙا ساهيون
    تارن سان گڏ ٽمڪون جرڪون
    آزاديءِ جا گيت ڪي ڳايون
    آءُ ته هي دنيا ئي اکيڙي
    ٻيهر ٻي ڪا دنيا ٺاهيون
    آءُ ته گڏجي جوت جلايون.


    عمر جي آرسي

    عمر جي آرسي ٽڙڪي
    ڇڻي پيا گيت شيشن جيئن
    حياتي جا ملي هِرڪي
    سا واريءَ جي ٻُڪن وانگي
    ڏهاڙا روز ويا ڇڻندا
    سُڪي واريءَ ذرن وانگي
    اڌورا خواب ويڙهياسين
    ننگي تن تي ڪفن وانگي
    اسان جي ڪل جمع پونجي
    اهي جي گيت ڳاتاسين
    ڌڪاريوسين انڌيري کي
    ڏيئن جا هار پاتاسين
    اسان تاريخ جي کيتر
    اکيڙي آ ۽ کيڙي آ
    اسان جاٽون ڪيون جڳ ۾
    ويا جيڪي هتان اڳ ۾
    اسان تن جا کڻي پيرا
    وڃون ٿا اڄاتي ڏيهه
    جتي ناهن غمن گھيرا
    اُتي آهن سکن ديرا
    وڃون گجگوڙ جان گڙڪي
    عمر جي آرسي ٽڙڪي
    ڇڻي پيا گيت شيشن جئن


    هيل ته تنهنجي ڪڇ به ناهي . . . !

    ساٽائوءَ جا سيءَ ورن ٿا
    هيل ته تنهنجي ڪڇ به ناهي . . . !
    جنهن ۾ پنهنجو منهن لڪائي
    جنت جهڙي خوشبو ماڻيان
    تنهنجي ڳل تان امرت چوسي
    ماکيءَ جهڙو مڌ مچايان
    تون هان موکي تنهنجا چپڙا
    متواري جي هير بڻيا هِن
    تون جو وئي آن توکان پوءِ
    مُند خزان جي ڪونه کُٽي ٿي
    برکا برسڻ ڪونه اچي ٿي
    تارا اُڀ ۾ اونڌا ٿي پيا
    چنڊ کي اُلٽيون روز اچن ٿيون
    سج اُٻڙڪا روز ڏئي ٿو
    مڌ جون ماٽيون ڪين کِجن ٿيون
    ڪنهن جا وار وٽي آڱر تي
    سرگوشين ۾ سرٻاٽن ۾
    اندر جي اُڻ تُڻ کي اوريان ؟
    هاڻ هلي آ تو بن پياري
    پل به ڄڻ ڪي سال ٿين ٿا
    هيل ته تنهنجي ڪڇ به ناهي
    جنهن ۾ پنهنجو منهن لڪائي
    جيون جاڳ جو ٿڪ ٿميان مان
    واءُ اُتر تي پن ڇڻن ٿا
    هاڻ هلي آ هاڻ هلي آ
    ساٽائوءَ جا سيءَ ورن ٿا


    ساموئيءَ تي چنڊ چڙهي ٿو

    ساموئيءَ تي چنڊ چڙهي ٿو
    ساٽائوءَ جي جھونڪن سان گڏ
    دولهه دريا خان اچي ٿو
    ارغونن جا ترخانن جا
    لاش لتاڙي رقص ڪري ٿو
    دولهه دريا خان اچي ٿو
    تارا ڄڻ تاريخ لکن ٿا
    ساموئيءَ جي سانت نگر جي
    ڪا ته اچي ٿي راڙ اڃان ڀي
    ڄڻ ته سسئيءُ جا سڏڙا گونجن
    مڪليءَ جي هر قبر قبر مان
    ڪنهن جا ٿا هي هڏڙا گونجن
    ٺٽي ننگر تي ٺار هوا ۾
    موتيا ڪيئي گل جھلين ٿا
    اڄ ڀي کير بازار ۾ خوشبو
    سرمد جي ٿي مهڪي جرڪي
    اڄ به اڀيچند جي آ ساڳي
    سونهن ٺٽي جي هر نينگر ۾
    جن کي گُهوري روز ڏسي ٿو
    هو جو آڌيءَ رات اٿي ٿو
    دولهه دريا خان اچي ٿو
    ساموئيءَ تي چنڊ چڙهي ٿو
    ساٽائوءَ جي جھونڪن سان گڏ
    دولهه دريا خان اچي ٿو


    شوالو مندر

    هي شوالو آهي مندر
    جنهن اندر هوءَ واڻياڻي
    ڪافرياڻي
    روز سانجھيءَ جو ڏيئا ٻارڻ اچي ٿي . . !
    آئون مومن
    ڪافرياڻيءَ جي حُسن کي جو ڏسان ٿو
    هن مٿان ڪلمون پڙهان ٿو
    ڄڻ ته ڪافر ٿي پوان ٿو
    ها مگر هن ۾ ڪشش ايڏي ته آهي
    جو خدا کي هڪ گھڙيءَ لئه
    ڄڻ وساري مان ڇڏيان ٿو
    ڪافرياڻيءَ کي ڏسي بس
    هن مٿان ڪلمو پڙهان ٿو
    مسجدن ۽ مندرن جا در ئي ڀلجي وڃان ٿو.


    سمنڊ جا اُٻڙڪا

    سمنڊ اُٻڙڪا ڏيئي ڏيئي
    لهرن کي ٿوڪاري ٿو ڄڻ
    ڏور ڪنارو چميون ڏيئي
    واپس لهرون واري ٿو ڄڻ
    ڏينهن کٽي ٿو سانجهه لڙي ٿي
    سمنڊ هوا سان شور ڪري ٿو
    جيئن ئي ٿڌڙي هير گھلي تيئن
    ساگر ويتر زور ڪري ٿو
    هڪڙيون لهرون پٿرن سان ٿيون
    هر هر سِر ٽڪرائن پنهنجو
    گھرائيءَ ۾ ٻيهر لهرون
    پاسو ٿيون بدلائن پنهنجو
    هر هڪ ڇُلڪو سرگم ڇيڙي
    تهه ۾ ڪيئي موتي ميڙي
    ساگر ڪيڏا راز ڇُپايا
    دنيا کان آواز لڪايا
    ليڪن شاعر جاڳي ٿو پيو
    سمنڊ جي سرگم ساز ۽ سُر تي
    راڳي ڪوئي راڳي ٿو پيو
    جيڏي دل ڪويءَ جي آهي
    ايڏو سمنڊ نه گھرو تون آن
    جيڏا گيت افقي آهن
    تيڏيون لهرون مورِ نه توسان


    جنهن وقت هليو ويندس

    جنهن وقت مَري مان راهي ٿيان
    ڪنهن ڏور قبر جي ڏيساور
    پوءِ ايئن نه ڪڏهن ڀانئجو
    هي موت پڄاڻي ٿيو آخر

    مان پڄري پڄري ذرڙا ٿي
    ها واريءَ ۾ ٿي واري پر
    ٻيهار وڻن کي واسيندس
    ۽ پن پن ۾ پڙلائيندس.

    مان ماضي سڀ ڌڪاريندس
    پر هڪڙو جذبو آڻيندس
    جو نانءُ محبت ٿو سڏجي
    سو جنم جنم ۾ واسيندس.

    هت رشتن جو ڀي ذائقو
    ڏس ڪيڏو پيارا ڪئوڙو آ
    ٿو ڪوئي ڪنهن لئه جان ڏئي
    پر انت ته نيٺ وڇوڙو آ.

    ٿو هر ڪنهن گل تي بهار اچي
    ها هر جي مٽي ساڳي آ
    آ جيون جو هر ٿانءُ ڀريو
    پر ڪنهن ڪنهن ۾ مڌ ماٽي آ.

    جي لاٽ اجھامي ويندي آ
    هي شعلو ويندو آ ڪيڏانهن ؟
    ڪو ڄاڻي ٿو ڇا ڄاڻي ٿو
    هر ٽولو ويندو آ ڪيڏانهن؟

    هر روح مسافر وانگي آ
    پوءِ ڀٽڪڻ ڇا لئه آيو آ؟
    هو ڊاهي پنهنجا پيرا پوءِ
    ڇا ڄاڻان ڪيڏانهن راهيو آ؟

    جي هت هڙيئي گڏ هيا
    ٻيهار وري ڇا گڏ هوندا؟
    جي گونجيا بڻجي گونجارون
    ڇا ساڳيو سوئي سڏ هوندا؟

    ڇا ٻيڙي هيءَ جا ويندڙ آ
    هر روز مسافر چاڙهي ٿي
    سا موٽي مُورِ نه اچڻي آ
    جا اونداهي ڏي لاڙي ٿي

    جي تون مان سانجھيءَ ويلي جو
    هيءَ ڀونءُ ڇڏي جو وينداسين
    ڇا سپني وانگي روپ مَٽي
    ٻيهار وري هت اينداسين؟

    هي ڇٻرن تي جي ماڪ ڦُڙا
    هر ساڀائيءَ جو جرڪن ٿا
    سي صدين کان ئي ساڳيا هِن
    بس روپ نئين سان رچجن ٿا

    هي موت ته ڪائي خوشبو آ
    جو من ۾ گھيرٽ آڻي ٿو
    هر ڪوئي سڪون سان اک پوري
    ڪا ابدي مستي ماڻي ٿو

    هي موت ته گھري سمنڊ جيان
    ماٺار رچائي ٿو من ۾
    جنهن وقت اچي ٿو پير ڌري
    هٻڪار رچائي ٿو من ۾

    هي موت پرينءَ جي آهي چٺي
    جا هيڪر کولي پڙهجي ٿي
    ٿي من ۾ ايڏي ماٺ رچي
    جو ٻيهر ٻڙڪ نه ٻڌجي ٿي
    جيئن سنهڙي تار کي لوڏڻ لئه
    ٿو واءُ لڳي ٿا سُر نڪرن
    ايئن منهنجو من ڀي لرزي ٿو
    ٿا روز زبان تي گيت اچن

    مون دل کي چَئِن ڏيڻ جي لا
    هي مندر مسجد ٺاهيا هِن
    پر مان ته فضا ۾ ڀي آهيان
    مون چنڊ ستارا تياڳيا هِن

    جيئن چنڊ چڙهي ٿو ها اُڀ تي
    ۽ عڪس انهيءَ جو پاڻيءَ ۾
    پاڻي به سُڪي جي ويندو آ
    ڇا هوندو عڪس پو واريءَ ۾؟

    ماڻهو به ته هڪڙو عڪس آهي
    جو نيٺ ته مٽجي وڃڻو آ
    ٿو ڪيئن وڃي ڪيڏانهن وڃي ؟
    سو راز نه ڪنهن کي ملڻو آ

    ها مان تن وڃان ٿو ناوَ چڙهي
    هُن موت انڌاري واديءَ ڏانهن
    ٻيهار وري پر ڳائيندس
    ڪنهن دور نئين جي راڳيءَ مان.


    موڪلاڻي

    ها چيٽ تي هي چاندنيون
    چئو ڪيئن ڀلا وسري سگھن ؟
    جي روح ۾ رلجي ويا
    سي دل مٿان چئو ڪيئن لهن ؟
    ها پر وڃان ٿو
    ڏور مان . . . . !
    ڪنهن ديس اهڙي ڏانهن جتان
    آ ڪونه واپس ڪو وريو
    ڄڻ ڏَور پئي ٿي ڪا ڇڪي
    هن ساھ کي اونداھ ڏانهن
    جي چند گھڙيون هن روپ سان
    جا زندگي گھاري اٿم
    سان اڻ مَئي پياري اٿم
    ها پر وڃان ٿو
    ڏور مان . . . . . !
    جي اڌ صدي جاڳي لکيا
    مون گيت تنهنجي سونهن تي
    سي سنڌ تي جَرڪن پيا
    ۽ تاب سان ڄرڪن پيا
    مان پَرَ ساهي ٿو وڃان
    جي گيت ڳائي ٿو وڃان
    سي سانڍجان پيو روح سان
    آ موڪلاڻي ٿو وڃان
    ڪنهن ديس اهڙي ڏانهن جتان
    آ ڪو نه واپس ڪو وريو


    موڪلاڻي

    ها چيٽ تي هي چاندنيون
    چئو ڪيئن ڀلا وسري سگھن ؟
    جي روح ۾ رلجي ويا
    سي دل مٿان چئو ڪيئن لهن ؟
    ها پر وڃان ٿو
    ڏور مان . . . . !
    ڪنهن ديس اهڙي ڏانهن جتان
    آ ڪونه واپس ڪو وريو
    ڄڻ ڏَور پئي ٿي ڪا ڇڪي
    هن ساھ کي اونداھ ڏانهن
    جي چند گھڙيون هن روپ سان
    جا زندگي گھاري اٿم
    سان اڻ مَئي پياري اٿم
    ها پر وڃان ٿو
    ڏور مان . . . . . !
    جي اڌ صدي جاڳي لکيا
    مون گيت تنهنجي سونهن تي
    سي سنڌ تي جَرڪن پيا
    ۽ تاب سان ڄرڪن پيا
    مان پَرَ ساهي ٿو وڃان
    جي گيت ڳائي ٿو وڃان
    سي سانڍجان پيو روح سان
    آ موڪلاڻي ٿو وڃان
    ڪنهن ديس اهڙي ڏانهن جتان
    آ ڪو نه واپس ڪو وريو
    ساز ۽ ساهه

    تو ٻُڌو ٻيجل به پنهنجي ساز سان هو سِرِ لڻيو
    زندگيءَ کي هو تڙيو
    زندگاني هڪ لُٽي ٻي زندگاني کي گَھڙيو
    ساز جي هن راز کي سمجھين نه ٿو تون ؟
    زندگي ۽ موت جي آواز کي سمجھين نه ٿو تون ؟
    ساز جنهن جي آ هٿن ۾
    موت تنهن سان آ ڪفن ۾
    زندگي ڀي آهي تن ۾
    زندگي ۽ موت آهن
    دنگَ ڇيڙا هڪ رسيءَ جا
    ٻيئي ٻيڙا هڪ نديءَ جا
    پار ساڳئي پيا وڃن ٿا
    روپ ڪيئي راھ تي هو ائين ڍڪِنِ ٿا
    جي ويا ڳائي وڄائي
    ۽ ٻُڌائي
    زندگيءَ جو انت ڇا هي ؟
    ڪي رهيا هن تار تي ڪي ڪُن ۾ ڦاسي پيا
    جي ڀونءَ کي واسي ويا
    سي موت کي ماري ويا
    جوءَ کي جياري ويا


    مان به تِن سان ٿو وڃان

    نيڻ جا هي ٻئي ڇپر ڄڻ
    ڪنهن نديءَ جا ٻئي ڪپر ڄڻ
    ڪونه هاڻي ٿا ملن
    رات جاڳي ٿا ڏسن
    واٽ ڪنهن راهگير جي جو
    نيٺ لنگھڻو آ هتان
    ڪو ته اچڻو آ هتان
    جنهن مٿان
    ڪونج جو ڪُرلاءُ ٿيندو
    سج جو ڀي تاءُ ٿيندو
    ۽ گُلن جون بارشون ڀي
    هُن مٿان ئي واربيون
    ڪي صديون هاڪاربيون
    هي رسيون گھوڙن سنديون
    هي قافلا ويندا اڳيان
    مان به تن سان ٿو وڃان
    جي ازل کان ٿا اچن
    ها ابد ڏي ٿا وڃن
    تيستائين
    گيت ڪي لکندو رهان
    جي روح کي گرمائيندا پيا
    ۽ اُفق لهرائيندا پيا .


    گھاٽ تي ناري

    هوءَ گھاٽ تي ناري هئي
    سا رنگ جي ڪاري هئي
    پر هُن ۾ ايڏي ڪشش
    جو ڇاڪ منهنجا ويا ڇُٽي
    ۽ تاڪ دل جا ويا ڌڏي
    هوءَ ريت تي ڪنهن وڻ جيئن
    وئي مينهن ۾ ڀِڄندي ايئن
    جيئن ڪونڀٽن جي ٽار تي
    بارش ڦڙا ٿي جرڪيا
    ۽ خواب منهنجا تڙڦيا
    هوءَ روءِ ڌرتيءَ جي مٿان
    ڄڻ اڻ لِکي تاريخ هئي
    ها ڄڻ ته اهڙي چيخ هئي
    جا روح صدين جو هئي
    ۽ ڄڻ ته ڪا خوشبو هئي
    هوءَ روح گھايل وئي ڪري
    پر موت ڀي ٿي ويو پري
    هوءَ منهنجي گيتن ۾ رچي
    هر روز مونسان ٿي ملي
    ۽ ساھ صدين جو لڳي
    ٿي ذهن تي طاري وئي
    جا گھاٽ تي ناري هئي
    سا رنگ جي ڪاري هئي


    مون ۾ آهين تون

    ها چوين ٿو اچ مون ڏي
    واٽ تي پر ساڻ آهين
    مان ئي آهيان
    يا تون مون ۾ پاڻ آهين ؟
    ايترو تون ڏور کان پيو ٿو سڏين
    پر وري ويجھو به آهين
    ٿو گُھرائين ڏور اهڙي پار ڏي
    رات ڪاري آ جتي انڌار ڏي
    ڪانه ڪشتي آ وري موٽي اتان
    تياڳ ايڏو ڇو پرين ؟
    ويجھو به آهين پو پرين
    ٿو سڏين هُن پار ڏي
    ڇا اتي ڪا چاندني آ ؟
    چنڊ رات ۾ ٻٻرن مٿان ڪا
    روشني آ ؟
    يا هِتي ئي انت آهي ؟
    زندگيءَ جو ونت ناهي
    ڪجهه ٻُڌائي . . . .؟
    ڪجهه ٻُڌائي . . .. ؟


    چنڊ ۽ مان

    رات ڀَر پيو ٿو تڪي
    چنڊ مونکي مان انهيءَ کي
    چنڊ جا چارا به ساڳيا
    ۽ گگن تارا به ساڳيا
    آ اسان جو درد ساڳيو
    ۽ زبان تي ورد ساڳيو
    هو به تنها مان به تنها
    ابتدا کان انتها تي
    ٻئي اڏامون ٿا فضا تي
    زندگي اذيت وانگي
    ٿي لڳي
    ۽ ڪچي ڪنهن ٿانوَ وانگي
    ٿي ڀُري
    ها جڏهن
    موت لامارو ڏئي ٿو
    جھٽ سان زندگي کسي ٿو
    ڪو حَسين ماڻهو جڏهن
    ڀي مري ٿو
    چنڊ ڏاڍو ٿو رڙي
    ۽ گگن ٿو لڙڪ لاڙي
    نهر نانجھي ٿي وَهي
    رات ڀر پيو ٿو تڪي
    چنڊ مونکي مان انهيءَ کي


    سج ته پوڙهو ٿيڻو ناهي

    تون مان پوڙها ٿي ويا آهيون
    سج ته پوڙهو ٿيڻو ناهي . . . !
    تو ۾ مون ۾ جوت اهائي
    جيڪا سج ۾ جرڪي ٿي
    هو به ڪري ٿو ڌرتي روشن
    سڏ به پنهنجا ايئن ٿا گونجن
    هرڪو جن سان جاڳي پئي ٿو
    صدين تائين ساکي ٿئي ٿو
    جاڳيو جو سو مرڻو ناهي
    سج ته پوڙهو ٿيڻو ناهي . . . !
    ماڻهو ليڪن مات ڏسي ٿو
    موت هڻي سا گھات ڏسي ٿو
    تون مان آخر ٿڪڻا آهيون
    ڏور انڌاري هلڻا آهيون
    ڪين هتي بس رهڻا آهيون
    ها پر پو ڀي
    ڏات ڏني سا بات ئي رهندي
    وڻ وڻ ويهي ڳائيسين سا
    لات ئي رهندي
    هائو هتان اڄ وڃڻو آهي
    گيت مگر هت رهڻو آهي
    سورج سان گڏ ٻرڻو آهي
    سج ته پوڙهو ٿيڻو ناهي . . .. !


    ڪٿي تنهنجي منزل ؟

    ڪنهن گھاٽ تي نٿو ٽڪين
    ڪنهن واٽ تي نٿو رڪين
    ٿو ايترو اڳتي وڃين
    ڪيڏانهن تون چئو کڻي ؟
    مسافريون سوين هيون
    جي قافلا هتان لنگھيا
    پر سانوڻيون وسيون جڏهن
    ٿي پل گھڙي اتي رڪيا
    جي برف سان وڻ ڍڪيا
    ڪي ساعتون اتي ٽڪيا
    ڪن ساز تي صدا هنئي
    ڪن گيت جي ٿي گونج ڪئي
    پر تون پيو اڃان وڃين
    ڪيڏانهن ٿو چئو کڻي
    ڇو واٽ تي نٿو رُڪين ؟
    ڇا منزلون ئي دنگ آ ؟
    هي رهگذر فضول آ ؟
    ڇا باک ئي ابتدا ؟
    هي رات بي اصول آ ؟
    هن واٽ تي ڀي جاٽ آ !
    جا زندگيءَ جي لاٽ آ!
    پر ڪاش ڪو ڄاڻي وٺي
    ۽ زندگي سڃاڻي وٺي . . .. !


    ڏهر ڏهر تي خوشبو آ

    پاڻيءَ ڀريل کوهن ۾ جي
    عڪس ستارن جا ٿا تڙڳن
    ٽٻڪا ٽٻڪا ايئن ٿا جَرڪن
    جيئن ڀنڀوريون گل تي گڏجن
    ٿر جي ٺريل رات هوا ۾
    ڪوئي جادو آهي فضا ۾
    هرڻيون نغما ڳائن ٿيون ڄڻ
    جھومي ٿوهر ٿوهر جو وڻ
    وارياسي تي مينهن وسي ٿو
    ڊيل ڊُڪي ۽ مور نچي ٿو
    ڏهر ڏهر تي خوشبو آهي
    جيئن جيئن تاڙا لات لنون ٿا
    تيئن تيئن تنهنجي ياد اچي ٿي
    تون جو آهين ڄڻ ته سڳنڌ ڪا
    هيڪر منهنجو من واسي وڃ
    آءُ رَلي وڃ منهنجي روح سان
    من کي آهي صدين جي اڃ


    ستارا پيا اڃان جاڳن . . . !

    ستارا پيا اڃان جاڳن . . . . !
    نوع آدم ٿڪي پيو آ
    صدين جا سور جاڳن ٿا
    اڃان انسان آ پنڌ ۾
    تري جا ناوَ پئي جَرَ تي
    اها ڦاٿي آهي ڪُن ۾
    سڄو درياھ گَجِي پيو آ
    ستارا پيا اڃان جاڳن . . . !
    نوع آدم ٿڪي پيو آ

    ڏسو تهذيب جي رڇ ۾
    سڀئي جذبا پيا ڦاسي
    اُڻون ٿا خواب سانجھيءَ جو
    صبح قبرن هڏا باقي
    سڄو ماڻهو مِٽي پيو آ
    ستارا پيا اڃان جاڳن . . . .!
    نوع آدم ٿڪي پيو آ

    سوين اکڙيون پٽيون پوريون
    ورهين جا داغ دزجي ويا
    جھڪي ماڻهو وريو پٺتي
    سوين ويراڳ مٽجي ويا
    مگر پنڌڙو بچي پيو آ
    ستارا پيا اڃان جاڳن . . . . !
    نوع آدم ٿڪي پيو آ


    مصور

    ڇو مصور پنهنجي ئي تخليق کي
    ائين بگاڙي ٿو ڇڏي ؟
    سونهن جي هستيءَ کي جيئن
    موت ساڙي ٿو ڇڏي ؟
    ٿو مگر ٺاهين حَسين تون صورتون
    پو وري ڊاهين حسين ڇو صورتون ؟
    ائين ايڏا ٿو ڀرين رنگ ڪنهن جي ذات ۾
    سڀ مٽائي ٿو ڇڏين ڄڻ ته ڪاري رات ۾
    کيل ڪهڙو آ ڀلا هي
    ڪونه سمجھيو مون الاهي
    ڏات جي مهتاب سان
    ڏيهه سارو ٿو جلي
    ها مگر جو ڏات جو آ ڌڻي
    ٿي وڃي ٿو سو پَڻي
    ڇو مصور ڇو ڀلا ؟
    ٺاهيا ۽ ڊاهيا تو قافلا
    جي به آيا سي ويا ڇو هيڪلا ؟
    ڇو مصور ڇو ڀلا ؟


    ازل ۽ ابد

    آزاد هوا جي جھونڪن تي
    هي پنڇي پر ڦڙڪائن ٿا
    هي ماڻهو ويڙهيل ڪپڙي ۾
    ڇو سيءُ کان بت لڪائين ٿا؟

    هي تار درياھ جو ڌڌڪيو ٿي
    هاڻي ته وري هي لهڻو آ
    ۽ پاڻيءَ ڪپ تي واريءَ ۾
    ڪو ٻُوڙو ٻيهر ڦُٽڻو آ.

    هر ماڻهو ماڻهو موجون ٿي
    آ جيون جي للڪار بڻيو
    پر اڳيان اوندھ اڻڄاتي
    جو هليو ويو انڌڪار بڻيو.

    هت ڇيرون ڪيئي ڇمڪن ٿيون
    آ ساھ پڄاڻان خاموشي
    ٻيهار وري محفل ٿيندي؟
    يا ڇا هُت ڄاڻان خاموشي؟

    آ موت ازل جي آزادي
    ۽ ابدي ننڊ سمهاري ٿو
    پر سوئي جُڳ جُڳ جيئندو آ
    جو جاڳي جوءَ جياري ٿو

    ها پاڻ هتي ٻئي گڏ آهيون
    ٻي پار هلي ڀي ملنداسين؟
    يا وڇڙي موت ڪناري تان
    ٿي ڌار هميشه وينداسين؟

    آ جھونگاريون ڪو گيت ٻئي
    هت پاڻيارين جي مُرڪن جو
    هي سنڌ هميشه ساکي آ
    هت جوڳي جاڳي رَميو ڪو


    ٻار سراپا فطرت هِن

    هي ٻار سراپا فطرت هِن
    جن پنهنجي اوگھڙ ڪين ڍڪي . . . . !
    هي جهڙا ڄايا ننگا ئي
    ٿا انگ تي اڳڙي ڪين رکن
    هي دنيا کان بي پرواھ ٿي
    ٿا رانديون رونديون ائين ڪڏن
    جي روئن ته به دل کولي ٿا
    ۽ ٽهڪ ڏين ته به بي پرواھ
    هي پتڪا پتڪا پير کڻي
    ڄڻ ڌرتيءَ کي به ڌٻائين ٿا
    آزاد حجابن جي بند کان
    جنهن وقت کڻي ڪجهه کائن ٿا
    ٿا صرف سراپا ديد ٿين
    جي ڪائي چيز چتائين ٿا
    هي قدرت جا ڄڻ باني هِنِ
    هي فطرت ۾ لافاني هِنِ
    پابند نه ڪنهن جي رسمن جا
    لاتعلق آهن تهذيبن کان
    هي تاريخن کي ڇا ڄاڻن ؟
    هي تدبيرن کان آجا هِنِ
    هي انسانيت جي اَمرت هِنِ
    هي ٻار سراپا فطرت هِنِ.


    موت مون ۾ آ لڪل

    منهنجي اوگھڙ انگ وانگي
    موت مون ۾ آ لڪل
    ڪنهن ونيءَ جي ننگ وانگي
    زندگي رابيل گل وانگي مگر
    موت ماکيءَ ڏنگ وانگي
    زندگيءَ جو رَس چوسي
    ڪا ته اَمرت ٿو نچوڙي
    سا ولوڙي
    ڪو ته جيئڙو نئون ٿو جوڙي
    موت جو آ زندگيءَ جي دنگ وانگي
    ٻاجھرين جي سنگ وانگي
    ڳاھ ڳاهي
    روپ سهسين ٿو رچائي
    موت جي منزل ته ڪا آ
    ڪنهن ته وسمئه جي دنيا ۾
    هي دريچو ٿو کُلي جو
    زندگيءَ کي هٿ هٿ ۾ ڏئي وڃي ٿو
    هي هتي جو سج لهي ٿو
    ويل ساڳي ڪنهن ڪنڌيءَ اڀري به ٿو هي
    ها اڳيان ڀي ڪا دنيا آ
    جنهن جو ڪوئي انت ناهي
    موت هڪڙي ناوَ آ
    جا اڪاري ٿي پتڻ تان ان اڳيان ڀي
    زندگي آ
    زندگي آ ابد تائين
    موت آخر مات ٿيندو


    ڇو ڏات مون ڏي ٿي اچين؟

    ڏينهن روشن ٿا رَمن پيا
    ڇو مگر هر رات مون ڏي ٿي اچين ؟
    ڇو ڀلا ايئن ڏات مون ڏي ٿي اچين؟
    چور وانگي پير پائي
    پاڻ مون ۾ ايئن سمائي
    رنگ سهسين ٿي ڀرين
    ڇو مگر هر رات مون ڏي ٿي اچين ؟
    ڏينهن جي گجگوڙ ۾ تون ڄڻ ته ناهين
    رات سان گڏ پير پنهنجا ٿي ڄمائين
    جو به مون کان ٿي لکائين
    ڇا لکائين ڇو لکائين ؟
    ساز ٿي ڄڻ ٿي وڄين
    ڇو ڀلا ائين ڏات مون ڏي ٿي اچين ؟
    ڄڻ ازل کان جاڳ ڏيئي
    اڻ ڏٺو ويراڳ ڏيئي
    آزمائي پئي ڏسين
    ڇو مگر هر رات مون ڏي ٿي اچين ؟
    ڇو ڀلا ائين ڏات مون ڏي ٿي اچين ؟
    ڏينهن روشن ٿا رَمن پيا
    ڇو مگر . . . . . . ؟
    ڇو ڀلا . . . . ؟


    زندگيءَ جي سانجھه

    ٿورڙي ڳاڙهاڻ مونکي اي شفق تون وڃ ڏئي
    زندگيءَ جي هاڻ سانجھي پئي ٿئي
    خواب ڪيئي مون اُڻيا ها
    گيت ڪيئي مون ڄڻيا ها
    ڪي چڙهي پروان سگھيا، ڪي اڌورا ئي رهيا
    ٿي سڏي سانجھي مونکي
    ٿو وڃان هُن پار ڏي
    ناوَ بيٺي آ لڳي
    ٿي سڏي هُن تار ڏي
    آخري لالاڻ مونکي اي شفق تون وڃ ڏئي
    زندگيءَ جي هاڻ سانجھي پئي ٿئي
    رات جي چانڊاڻ مون تي ائين لٿي
    ڏات جي آ ڏاڻ مون تي ائين لٿي
    لوڪ سارو پيو سمهي
    مون ئي جاڳي ٿي ڏٺو
    زندگيءَ جي راز جو ايڏو اثر
    هائي پو ڀي ٿو وڃان مان بي خبر
    ڏور ڪيڏانهن ٿو وڃان
    پتو نه آهي، ها اتان
    ڪو نه موٽيو ڪو جتان
    ڏور وستي ڪا اڄاتي پئي سڏي
    زندگيءَ جي هاڻ سانجھي پئي ٿئي


    زندگي اتاولي آ

    زندگي اتاولي آ ۽ صبر موت کي آ
    موت جو حيات جي هر گھاٽ تي تاڙ ۾ آ
    ساھ جي پڇاڙ ۾ آ
    ماٺ سان آڪاس کان پيو ٿو تڪي
    ۽ صبر سناٽ ۾ ئي ٿو رهي
    هر اٽل اويل تي ئي ٿو وسي ماڪ وانگي
    زندگي ڇڏي ٿو ڇاڻي
    روح ۾ نواڻ ڪائي ٿو رچي
    ويل کان اڳي نه ڪڏهن ٿو اچي
    زندگي مگر ڏسو ڪيئن بي صبر آ نه ڪيڏي . . . . !
    منزلن جي تاڙ ۾ ٿي
    پئي رُلي اجاڙ ۾ ٿي
    هر ڪٺن اڄاڻ رستي تي هلي
    ٿي ڊُڪي نٿي ڪٿي ڪنهن پل رُڪي
    نيٺ ٿي ختم وڃي ٿي
    روز نئون جنم وٺي ٿي
    بي صبر روانگيءَ سان آ روان راھ تي جا
    راھ ٿي وڃي وٺي پر موت ڏي
    موت جو وڏي صبر سان زندگيءَ جي اچڻ جو
    منتظر اڳي ئي آهي
    ها مگر اُتي ئي آهي
    حيات کي جتي آ کٽڻو
    موت سان مگر آ ملڻو


    اُڀريل اُرھه

    تون جو تن تي چولو پائي پنهنجا اڀريل اُرھ ڍڪين ٿي
    چهرو پوڀي کليل آهي
    لبڙن جو تاثير ڏٺو ٿئي ؟
    اکڙين جو شهتير ڏٺو ٿئي ؟
    ڳورا ڳورا لال هي ڳلڙا
    هر ڪنهن کي ڏس گھائن ٿا پيا
    مُرڪ به تنهنجي سانجهه ڏيئو آ
    پتنگا پر ڦڙڪائن ٿا پيا
    گُهورن سان جو گھات هڻين ٿي
    هر جيون تي مات هڻين ٿي
    چهرو ائين عيان جو آهي
    ڇا لئه پنهنجا اُرھ ڍڪين ٿي ؟
    شايد تنهجي سونهن کان سَرسي
    ملڪيت تنهنجا اُرھ تي آهن
    جن کي چولي منجهه لڪائي
    ويڙهي سيڙهي پوءِ هلين ٿي
    چهرو پو ڀي کليل آهي
    پنهنجا اڀريل اُرھ ڍڪين ٿي


    غلاميءَ کي ڀونڊو

    جا مونکان ڏات لکائي ٿي
    سا سِٽَ غلاميءَ کي ڀونڊو
    جو روح ۾ روڄ مچائي ٿو
    سو گيت غلاميءَ کي ڀونڊو
    هي آزاديءَ جا تڙڪا هن
    جي تارن ۾ ٿا جھر مر ڪن
    سي منهنجي مَن تي نازل ٿي
    ٿا ٻهه ٻهه باکون برکائن
    مان گيت لکان ٿو ڌرتيءَ جا
    ۽ پنهنجي مَن جي سرتيءَ جا
    مون پنهنجو نُور نچوڙيو آ
    ۽ جيون کي جهنجهوڙيو آ
    مون جاڳي جاڳي جلوا ٿي
    ها جوڀن ڪيئي جاڳايا
    جي گيت ازل کان رهجي ويا
    سي پنهنجي سُر ۾ سرچايا
    مون نوڪ قلم سان جا به لکي
    سان ريت غلاميءَ کي ڀونڊو
    هر جيت غلاميءَ کي ڀونڊو


    ميرا گيتَ

    هر ڪو گيت لڳي ٿو ميرو
    اجري پڻ کان آ پاسيرو
    ڪهڙا تن تي رنگ چڙهي ويا ؟
    صدين جا ڪي زنگ چڙهي ويا
    پولارن ۾ تارن ٽم ٽم
    بادل ۾ ٿي ڌنڌلي وئي آ
    ها سا رُت بسنت اچي ٿي
    ليڪن سا ڀي بدلي وئي آ
    ساڳيا گل گلابي ناهن
    تن تي ساڳيا ڀئونرا ناهن
    ساڳيا راڳ نه راڳين ڳايا
    جن ٿي ميرا تن جلايا
    زنجيرن ۾ سوگھو آهي
    هر قلم ڄڻ موڳو آهي
    سِٽَ نه سنڀري ڪوئي سويرو
    هر ڪو گيت لڳي ٿو ميرو
    شعور مٿان هت آهي انڌيرو
    هر ڪو گيت لڳي ٿو ميرو


    ڪينجھر رَت اُڳاڇي ٿي

    هي ڪينجھر رت اُڳاڇي ٿي
    ۽ جنگشاهيءَ جي جبلن تي
    ڪا ڪونج پئي ڪُرلائي ٿي
    هيءَ اوچي آ جهمپير کجي
    جا گيت سنجها جو ڳائي ٿي
    پر ٻڏندڙ سج ٿو ٻاڪاري
    ۽ لهر لهر ۾ لالائي
    ڏس ڪيڏا غوطا کائي ٿي
    ٿي ٽٻڪا ٽٻڪا سونهري
    هن پاڻيءَ ۾ لهرائي ٿي
    هو جَرَ تي مهاڻو جُوھَ وجھي
    ٿو اڊڙيل رڇ کي اڇلائي
    ۽ خالي خالي ڏَور ڇڪي
    ٿو ڀڻڪي مَن کي ڀنڀلائي
    اڄ تڙ تي نوري ناهي ڪا
    ڪا گندري مرڪ نه آڇي ٿي
    هي ڪينجھر رت اُڳاڇي ٿو


    اڃان ڪوئي پٺيان آهي

    وڃو ٿا ڀل وڃو ليڪن .. . !
    ستارن کي اهو چئجو
    اڃان ڪوئي پٺيان آهي
    ڪنارن کي اهو چئجو
    اڃان ڪوئي پٺيان آهي
    رهي جا ڪُن ۾ ٻيڙي
    اتي ٿي ڦيرڙيون پائي
    انهيءَ ۾ ڪو مسافر آ
    اڃان تائين پيو ڳائي
    اڃان ڪوئي پٺيان آهي
    اڃان انڌڪار باقي آ
    اڃان للڪار باقي آ
    اڃان ڪو چنڊ نه آ اڀريو
    اڃان ساهڙ نه آ سنڀريو
    اڃان ڪا لات باقي آ
    اڃان ڪا بات باقي آ
    اڃان ڪو گيت باقي آ
    اڌورو خواب باقي آ
    اندر جو تاب باقي آ
    پيو من کي اڃان گھائي
    اڃان ڪوئي پٺيان آهي
    ابد جو گھنڊ وڄي ويندو
    تڏهن پاڻهي اچي ويندو
    اڃان سُوري سَجي ناهي
    جڏهن مقتل رچي ويندو
    تڏهن پاڻهي اچي ويندو
    ترارن کي اهيو چئجو
    اڃان ڪوئي پٺيان آهي
    اڃان تائين پيو ڳائي


    تڏهن تو تان جان به ڏينديس

    ڳاڙهن ڳاڙهن ڏاڙهونءَ جهڙن
    چپڙن سان مان چميون توکي
    تڏهن ڏينديس گھوٽ او راڻا
    تو لئه پنهنجا وار وڇائي
    ڇيرون پائي سينڌ سجائي
    صدقو تو تان تڏهن ٿينديس گھوٽ او راڻا
    جڏهن تون هن آزاديءَ جي
    جنگ کٽي هت مرڪي ايندين
    سِر تي سوڀ جو تاج سجائي
    آزاديءَ جو پيڪر ٿيندين
    تڏهن توتان جان به ڏينديس
    جيون جوڀن سڀ آڇينديس
    ائين نه ٿئي جو سَرتيون مونکي
    طعنن جا ڪي تير هڻن ۽
    لڄ مران جو ائين چون
    تنهجو ڪانئر گھوٽ ڀڄي ويو
    سنڌ سڏيو پئي ڌِڱَ ڪٺا پئي
    هو ته وٺي ڪا اوٽ ڀڄي ويو
    هوءَ جا هاڻي جنگ ڇڙي آ
    مقتل ۾ آ خوشبو ڪائي
    وڃ او ساهڙ هيءَ گھڙي آ
    رت سان ڌرتي ريجي آ تون
    پوءِ منهنجي ويجھي آ تون.


    ڪهڙو تنهجو دين ؟

    هو جو گھوڙن جا لشڪر ٿي
    منهنجي ديس تي ڪاھ ڪرن ٿا
    هو سڀ مونکان روز پڇن ٿا
    ڪهڙو تنهنجو دين ٻڌائي ؟
    ڪافر مسلمين ٻڌائي ؟
    هو جو پاڻ سان گڏ پلاڻي
    پنهنجو پالڻهار اچن ٿا
    ائين چون ٿا
    هي ئي اسان جو خالق آهي
    هي ئي اسان جو مالڪ آهي
    توکي هن کي مڃڻو پوندو
    هن کي سجدو ڪرڻو پوندو
    مان جو سجدي لاءِ جھڪان ٿو
    هو سڀ منهنجي ميڙي چونڊي
    مٺ ڀري پو راھ وٺن ٿا
    ائين خدا جو خاڪو ٺاهي
    مون کان منهنجو ماھ کسن ٿا
    جيئڻ جو ويساھ کسن ٿا
    هو سڀ مونکان روز پڇن ٿا
    ڪهڙو تنهنجو دين ٻڌائي ؟
    ڪافر مسلمين ٻڌائي ؟


    نثري نظم

    عاليه المهدي

    فطري سونهن جو کليو اظهار،
    ملڪن کي به لوڏي ڇڏيندو آهي . . . .!
    ڇا تو ڪونه ڏٺو ؟
    ته مصر جي عاليه المهديءَ
    پنهنجا ننگا ڦوٽو انٽرنيٽ تي ڇڏي
    سڄي دنيا کي پنهنجي جسم جي
    فطري سونهن ڏيکاري هئي.
    تڏهن مصر جو ملڪ به لڏي ويو هو
    ۽ عاليه المهديءَ
    انساني اتهاس جي روايتن کي لت هڻي
    ائين به چيو هو ته
    “پنهنجي جسم جي فطري سونهن ظاهر ڪرڻ جي ڏوھ ۾
    مونکي ڀل ماري ڇڏيو
    پر،
    مونکي مارڻ کان اڳ
    دنيا جا سمورا فن پارا ساڙي ڇڏيو
    ۽ مونکي مارڻ کان پوءِ
    آئيني اڳيان ننگا ٿي
    پنهنجي جسم جي فطري سونهن محسوس ڪريو
    ۽ پوءِ پاڻ کي به باھ ڏئي ڇڏجو . . . . . ! “


    محبت جو اظهار

    ڇا تون ڄاڻين ٿي ؟
    ته تون محبت جي لفظي اظهار ۾
    ڪيڏو نه کوئجي وئي آهين . . . !
    تون لفظي اظهار ۾ ڇيهه ڪريو ڇڏين
    پر،
    محبت جي عملي اظهار کان
    ڇو لنوائين ٿي . . . . . ؟
    ڇا تون ڄاڻين ٿي ته
    محبت جو عملي اظهار
    “جنس” ئي ته آهي
    جنهن کان تون ائين ڇرڪين ٿي
    جيئن ڪو مهاڻو
    ڄار ۾ ڦاٿل ڪاري نانگ کي مڇي سمجھي
    هٿ وجھندو آهي
    ۽ هٿ ۾ آيل نانگ ڏسي
    ڇرڪي پوندو آهي . . . . . .!


    جڏهن تون مِليئنءَ

    تون مونکي ائين ملي هئينءَ
    جيئن،
    ڪارونڀار سان ڇانيل
    انڌيري رات ۾
    ڀٽڪندڙ پتنگي کي
    ڪنهن بڙ کي لڳل باھ جو
    شعلو ملي ويندو آهي . . .. . . !
    پر،
    تنهنجي ملڻ کانپوءِ
    منهنجو انجام به اهڙو ئي ٿيو
    جهڙو،
    شعلي سان ملڻ کانپوءِ
    پتنگي جو ٿيندو آهي . . . . . !.


    ونسيٽ وان گوگ (ڊچ مصور)

    ڇا تو ٻُڌو هو ؟
    ته ونسينٽ وان گوگ هڪ ڊچ مصور هو
    ۽ پنهنجو ڪن ڪپي محبوبا لاءِ تحفي طور کڻي ويو هو
    مان به توکي اهڙو ئي تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو
    مان اهڙو تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو
    جو ماڻهو عمر ڀر توکان منهنجي باري ۾
    سوال پڇندا رهن . . . . . !
    تون جو منهنجي هڪ طرفي محبت آهين
    مان توکي چاهيان ٿو
    پر ڄاڻان ٿو ته تون مونکي نٿي چاهين
    تون منهنجو نانءُ ٻڌڻ به پسند نٿي ڪرين
    پر آئون توکي تحفو ڏيندس
    اهڙو جو ماڻهو توکان انجي باري ۾
    ۽ منهنجي باري ۾
    هر هر سوال ڪندا رهن
    مان ڪَن ڪپي نه ڏيندس
    ڇو ته مان ٻڌڻ چاهيان ٿو
    مان توکي ”زبان“ ڪپي ڏيندس
    ڇو ته منهنجو آواز
    تون ئي ته آهين
    مان جڏهن به ڳالهايان ٿو
    صرف تنهنجو ئي ذڪر ڪريان ٿو
    اگر ڳائڻ جي ڏوھ ۾
    هُنن منهنجي زبان نه ڪپي
    ته اها زبان ڪپي توکي تحفي طور موڪليندس.


    منهنجي ننڊ،

    منهنجي ننڊ،
    منهنجي نيڻن جو رستو ڀلجي وئي آهي
    ۽ ڏور پولار ۾ ستارن سان گڏ
    ڀٽڪي رهي آهي . . . . .!
    ۽ آئون
    هتي جُهڳيءَ ۾ جاڳي رهيو آهيان
    آئون پنهنجي ننڊ کي ڳولي رهيو آهيان
    ۽ ننڊ مونکي ڳولي رهي آهي
    بلڪل ائين جيئن
    ”سنڌيت“ سنڌين کي ڳولي رهي آهي
    ۽ سنڌي ماڻهو سنڌيت کي ڳولي رهيا آهن.


    حرامي ٻار جو خط

    حرامي ٻار
    وقت جي حاڪم کي خط لکيو
    ”ناجائزي منهنجي ماءُ ڪئي جو
    پنهنجي پيار جي نشاني طور مونکي پيٽ ۾
    پاليائين ۽ جنم ڏنائين“ . . . . . !
    ”ناجائزي منهنجي پيءُ ڪئي جو
    بنا شاديءَ جي پيار جو آبشار
    امان جي پيٽ ۾ اوتي ڇڏيائين
    پر مون ڪهڙي ناجائزي ڪئي . . . . ؟
    جو مونکي ناجائز ٻار چيو وڃي ٿو ؟
    اي وقت جا حاڪم
    ناجائز اوهان آهيو
    ناجائز اوهان جا ٺاهيل قانون آهن
    جي محبت آڏو ديوار بنجن ٿا
    مون ڪو به ڏوھ ناهي ڪيو
    مونکي ناجائز ۽ حرامي ڇو ٿو چيو وڃي“ . . . . .؟


    يادگيريون

    ها منهنجي وڃڻ کانپوءِ
    منهنجون يادون
    گھڻي وقت تائين
    تنهنجي ذهن تي ٽم ٽم ڪنديون رهنديون
    ائين جيئن
    مينهن وسي بند ٿي ويندو آهي
    پر،
    آلي وڻ تان پاڻيءَ ڦڙا
    گھڻي دير تائين ڌرتيءَ تي ٽپڪندا رهندا آهن.


    نئين دور جو مذهب

    ٻوڏ ۾ منهنجو گھر لُڙهي ويو
    گذريل اڌ زندگيءَ ۾ ڪيل شاعري
    ۽ لکيل نثر جو وڏو حصو لُڙهي ويو
    گھر ۾ رکيل الهه تلهه لُڙهي ويو
    آئون امدادي ڪئمپ تي
    امداد لاءِ چڪر ڪاٽي رهيو هئس
    امداد لاءِ هڪ فارم ڀري جمع ڪرائڻو هو
    مون فارم ۾ پنهنجا
    ۽ پنهنجي نقصان جا مڪمل تفصيل لکيا
    هڪ خاني ۾ مذهب لکڻو هو
    اُتي منهنجو قلم رڪجي ويو . . . . .!
    مونکي جرمن شاعر هائنرش هائني جي
    هڪ سٽ ياد آئي
    جنهن لکيو هو ته
    ”اسان جي دور هڪ نئون مذهب پيدا ڪيو آهي
    جنهن جو نالو آزادي آهي“
    مون مذهب جي خاني ۾
    هائنرش هائني جي اها سٽ لکي ڇڏي
    ۽ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو
    ٻئي ڏينهن امداد بدران جوابي پرچي ملي
    جنهن تي لکيل هو
    ”هي امداد فقط مسلمانن لاءِ آهي . . . .!“


    حاصلات جي جُستجو

    آئون توکي حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾
    زندگيءَ کي وڃائي ويٺو آهيان
    مون زندگيءَ ۾
    جي تارا ڪٺي ڪري رکيا ها
    چانڊاڻ کي من ۾ رچائي رکيو هو
    ۽ مڌر گيت سجايا ها
    سي سڀ
    تنهنجي جستجو ۾ بٽڪي ويا
    ۽ رَندن تي رُلي
    پنهنجا ئي پيرا وڃائي ڇڏيا
    ۽ گمنام غفائن ۾
    موت جي انڌيري واديءَ جي ور چڙهي ويا
    منهنجو موت به ليونارڊو ڊاونچيءَ جي موت جهڙو ٿيو آهي
    تو ٻُڌو هو ته ليونارڊو ڊاونچي
    هڪ مغربي مصور هو
    ۽ نشي جي حالت ۾
    پاڻيءَ ۾ چنڊ جي عڪس کي پڪڙڻ جي جستجو ۾
    ٻڏي مري ويو هو
    ها تون چنڊ آهين
    ۽ مان ڊاونچيءَ جيان تو لئه مري ويو آهيان


    ناڪيلين جي روايت

    تون اڄ
    نڪ ۽ ڪَنَ ٽوپائي آئي آهين
    واليون ۽ ڦلڪو وجھڻ لاءِ
    ۽ تون ڏاڍي خوش آهين
    جو تون نڪ ۽ ڪن ٽوپايا آهن . . . .!
    ڇا توکي خبر ناهي
    ته نڪ ۽ ڪن ان لاءِ ٽوپايا ويندا هئا
    جو انهن ۾ رسيون ٻَڌي
    نڪ ۾ ناڪيليون وجھي
    عورتن کي بازارن ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ
    آندو ويندو هو
    عورتن کي ناڪيليون وجھي
    وڪرو ڪرڻ جي روايتن جي
    اهڃاڻن کي جياريندي
    تون نڪ ۽ ڪن ٽوپائي آئي آهين
    ۽ تون ان تي ڏاڍي خوش آهين . . . . . !؟


    غزل

    هي ”سعيد“ جو مري ويو، آڪاس ڏي تري ويو،

    هي ”سعيد“ جو مري ويو، آڪاس ڏي تري ويو،
    ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو، ڪو واٽ تان وري ويو.

    هي زندگي ڪو بار آ، ۽ سمنڊ جي گَجار آ،
    گَجي گَجي ٿڪو تڏهن، اُماس ۾ ٺري ويو.

    هي گيت جي اڀار ٿيا، ۽ زندگيءَ جي سار ٿيا،
    رچي رچي نکار ٿيا، ته گونج ۾ هُري ويو.

    نه “سعيد” جو هي موت آ، هي روپ جو ئي پوت آ،
    حيات جو ڏيئو آ جو، دکي دکي ٻري ويو.


    اڃان ڇو سج نٿو اڀري، اڙي اوڀر ٻُڌائي تون،

    اڃان ڇو سج نٿو اڀري، اڙي اوڀر ٻُڌائي تون،
    نه ڪي تارن ڪتين اُڀ تي، ڪئي جھرمر ٻُڌائي تون.

    سڄي نوڙت نماڻائي، وئي آخر ٻُڏي آ ڇا ؟
    ڪٿي اڄ ناز نوريءَ جا، ڀلا ڪينجھر ٻُڌائي تون.

    ٿڙيا جي پير منهنجا ها، سنڀالين تون ته ها خود کي،
    سَٽي پَٽَ تي مليو ٿئي ڇا ؟ اڙِي ٺوڪر ٻُڌائي تون.

    سڄو ڄاڻي پڇين پيو تون، ڀلا ڪيئن زندگي گذري ؟
    چُرياسين ته به حڪم تنهنجو، اهو بهتر ٻُڌائي تون.

    انڌيرو تو مٿان ايڏو، ڀلا غالب ٿيو ڇو آ ؟
    ڪٿي آ سونهن تنهنجي او، سَکي ساجهر ٻُڌائي تون.


    گوڙ جا گُڙندي هئي سا وئي ٻُڏي،

    گوڙ جا گُڙندي هئي سا وئي ٻُڏي،
    هي سمندر ڇو ڀلا سمهي رهيو . . . ؟

    لهر ايڏا ڳاٽ اوچا ٿي کنيا،
    شورِ ساگر ڇو ڀلا سمهي رهيو . . . ؟

    رات جهاڳي باک ويجھي ٿي تڏهن،
    سحر ساجھر ڇو ڀلا سمهي رهيو . . . ؟

    ننڊ مان ڀڳوان جاڳي هو پيو،
    پوءِ مندر ڇو ڀلا سمهي رهيو . . . ؟

    رت ٿو آخوند صالح جو سڏي،
    شهر ننگر ڇو ڀلا سمهي رهيو . . . ؟


    ڦاسيءَ جي تختي تي بيٺي، تو جو گيت جُھنگاريو آ،

    ڦاسيءَ جي تختي تي بيٺي، تو جو گيت جُھنگاريو آ،
    ان جي سُر ۽ سازن منهنجي، من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ.

    تون جو مرندي اَمر ٿي وئين، جيئڻ جو نئون گيت چئي،
    تنهن مان سانجھيءَ جوتُ کڻي هي، چندرما سينگاريو آ.

    مٽي تنهنجي پيرن جي آ، مُشڪ جيان ئي مَهڪي ٿي،
    تنهنجي سوچن صدين تائين، دهشت کي للڪاريو آ.

    هڪڙو تنهنجو جيءُ جُهريو پر، ڪيئي تو مان جيءَ جُڙيا،
    هر ڪنهن جيءَ ۾ تنهنجو واسو، تو ئي ديس اجاريو آ.


    ذوق حياتي زهر نه ڪَر،

    ذوق حياتي زهر نه ڪَر،
    موت جي ڀئو کان ٺَهر نه ڪر.

    موت مٽائڻ روپ جو نالو،
    مليل روپ تي قهر نه ڪر.

    مڌ متو آ مَتوارا ڙي،
    ايندي پويون پهر نه ڪر.

    حورون هِت به کوڙ حَسين،
    اوڌر وارو وَهر نه ڪر.

    جنت آ اُت جِت تون آهين،
    کول اکيون ڏس ڳهر نه ڪر.


    ائين نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي،

    ائين نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي،
    ٿر اُتر ۽ لاڙ نه ڳائي.

    راڳي تنهنجا گيت غضب جا،
    هيڏا هِنئين ڦاڙ نه ڳائي.

    مارئي به جاڳي پوندي ير،
    مارن جا هي راڙ نه ڳائي.

    ڳيرا ڳڀرو ساھ لڪائين،
    بازن جي تون تاڙ نه ڳائي.

    تنهنجو ڦندو ڄاڻ ٺهي ٿو،
    ائين وطن جي آڙ نه ڳائي.

    هيڪر سُر مَتا جو آهن،
    ڦاسيءَ جي آ جاڙ نه ڳائي.


    سڏ کي ڀي ساھ آ، احساس ۽ ويساھ آ،

    سڏ کي ڀي ساھ آ، احساس ۽ ويساھ آ،
    سڏ ۾ جو سڏ ڏيندو، سوئي منهنجو ڀاءُ آ.

    ڪيئي آيا ويا هليا پر، سي جيا هن ڀونءَ تي،
    جن به مقتل کي رڱيو، جن ڀونءَ جي ساڃاھ آ.

    روز چارڻ چنگ چوري، سِر گھري ٿو دان ۾،
    روز راءِ سِر ڏين ٿا، ساز جو پڙلاءُ آ.

    جن ٻُڌي آ زندگيءَ جي، خوبصورت راڳڻي،
    سي ئي ڄاڻن هر تنبوري، کي به پنهنجو تاءُ آ.

    نيٺ ڦٽندا گل ڏاڙهونءَ جا، کُنڀي هن رَت مان،
    چنڊ وانگي جَرڪندو هي، جو گَلي تي گھاءُ آ.


    ئه ڪَشَ جي مڌ آلي سُر ۾، ذهن ڇني ٿو زنجيرن کي،

    ئه ڪَشَ جي مڌ آلي سُر ۾، ذهن ڇني ٿو زنجيرن کي،
    مَن جي آڳنڌ ساز وڄن ٿا، جاڳائين ٿا دلگيرن کي.

    جھوپي جھوپي مڌ وسي ٿو، متوارن جا ميل لڳن ٿا،
    قطرو قطرو جيئن لهي ٿو، کيپ چڙهن ٿا راهگيرن کي.

    موتَ اجايو منڊلائين ٿو، وَس نه تنهنجي وڻجارا هي،
    هي ٻه ٻرانگھون توکان اڳتي، ماريندي ڇا شهميرن کي.

    آزاديءَ جو جن ڀي ڳاتو، گيت آ تن جي جاڳ اٽل آ،
    سي ٿا روز حوالا آڇين، آڪاسن جي تحريرن کي.

    ساڀيان کان ڏِسِ ڪوهين اڳتي، “سعيد” اڃان ڀي سپنا ساڳيا،
    رِند وٺي ٿا رَند رُلن، ۽ ڳولين ٿا هو تعبيرن کي.


    رات لڙي ۽ ٽريو هَئو مَئو،

    رات لڙي ۽ ٽريو هَئو مَئو،
    مونکي تنهنجي وڇڙڻ جو ڀَئو.

    گِھنڊ سڏي ٿو ديس اَڄاتي،
    ٻاجھارو ڪو ٻول ته تون چَئو.

    ها ها مونکي وڃڻو آهي،
    دنيا مان ٿي ويو آهي ڍَئو.

    تارا تِڙڪا تَڙ تَڙ هارين،
    تن مان مونکي ڀاسي ٿو تَئو.

    ڪيڏي هَڻ وَٺ آهي حياتي،
    سامت اوڍيو آهي ڄڻ رَئو.


    نانءُ وٺڻ سان ٽڙڪي پوندي،

    نانءُ وٺڻ سان ٽڙڪي پوندي،
    هوءَ ته ڄڻ ڪا خاموشي آ.

    اظهارڻ کان آهي مٿاهين،
    اسرارن ۾ البيلي آ.

    جيڏو اونهو سمنڊ لڳي ٿو،
    تيڏي هن جي گھرائي آ.

    پيار جي ماپي کان به مٿي آ،
    فطرت جي ڄڻ رنگيني آ.

    هوءَ سراپا سونهن لڳي ٿي،
    نوري تجليءَ جهڙي ئي آ.


    وايون

    روز وٺين ٿو نيرا نڀ،

    روز وٺين ٿو نيرا نڀ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !

    تارا هي اڻ ڳڻيا تو ۾،
    سانجھيءَ ٽاڻي جَرڪن سڀ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !

    محبوبا جيئن شوخيون تنهنجون،
    ڪارونڀار ۾ اوچا اُڀ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !

    ڪڪرن ۾ منهن روز لڪائي،
    چنڊ کي ڀاڪر، ايڏي حُبَ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !


    روز وٺين ٿو نيرا نڀ،

    روز وٺين ٿو نيرا نڀ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !

    تارا هي اڻ ڳڻيا تو ۾،
    سانجھيءَ ٽاڻي جَرڪن سڀ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !

    محبوبا جيئن شوخيون تنهنجون،
    ڪارونڀار ۾ اوچا اُڀ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !

    ڪڪرن ۾ منهن روز لڪائي،
    چنڊ کي ڀاڪر، ايڏي حُبَ،
    چنڊ کان ايڏيون چميون . . . !
    وئي وِھِ ٿي آ،
    ڪلالو،
    اڃان ڀي پيئو پيا . . . !

    بَکي باک آهي،
    اجالو،
    اڃان ڀي پيئو پيا . . . !

    سڄو ذهن چُوسي،
    خيالو،
    اڃان ڀي پيئو پيا . . . !

    جوابن پڪاريو،
    سوالو،
    اڃان ڀي پيئو پيا . . . !.


    هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،

    هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،
    لوڻ نه ٻرڪيو لالڻا ! !

    رِندن ڪيڏا ميڙ هي،
    موکي تنهنجي مَٽَ تي،
    هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،
    لوڻ نه ٻرڪيو لالڻا ! !

    ڇيرن ڇمڪا ڪيترا؟
    پاڻيارين جي پَٽَ تي،
    هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،
    لوڻ نه ٻرڪيو لالڻا ! !

    آيا ويا اڻ ڳڻيا،
    قافلا هن گَھٽَ تي،
    هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،
    لوڻ نه ٻرڪيو لالڻا ! !

    هير گھُلي ٿي ٿر مٿي،
    واءُ لڳي ڪونڀٽ تي،
    هئه هئه منهنجي ڦَٽَ تي،
    لوڻ نه ٻرڪيو لالڻا ! !.


    تن من هي واريانءِ،

    تن من هي واريانءِ،
    الا وو آءُ ته جان ڏيانءِ. . . !

    جيڪر آهيان جيئري،
    ور ور گھور وڃانءِ،
    الا وو آءُ ته جان ڏيانءِ. . . !

    پيرن ۾ سرڙو رکي،
    داسي در ٿيانءِ،
    الا وو آءُ ته جان ڏيانءِ. . . !

    روح ۾ رچجي وڃين،
    ايڏو قرب ڏيانءِ،
    الا وو آءُ ته جان ڏيانءِ. . . !

    تو بن ڪهڙي زندگي،
    پنهنجو من چوانءِ،
    الا وو آءُ ته جان ڏيانءِ. . . !


    وارياسي جو رڻ،

    وارياسي جو رڻ،
    ٿر بر سانوڻ ٿو گَجي.

    چوٽيءَ گل چنبيل جو،
    سينڌ آ سهاڳڻ،
    ٿر بر سانوڻ ٿو گَجي.

    هرڻ ڪيڏا ها لنگھيا،
    پير نه تن جا ڳڻ،
    ٿر بر سانوڻ ٿو گَجي.

    وارياسي جي ڀِٽ تي،
    ڪونڀٽ جو اُسرڻ،
    ٿر بر سانوڻ ٿو گَجي.

    ٿاريلين جي ٿاڪ تي،
    گجرن جو چمڪڻ،
    ٿر بر سانوڻ ٿو گَجي.


    آءُ ته توکي دل جو دل ۾، پنهنجو راز ٻڌايان،

    آءُ ته توکي دل جو دل ۾، پنهنجو راز ٻڌايان،
    اکڙين سان سمجھايان.

    مون ۾ تون جو رچيل آهين، پنهنجو پاڻ پسايان،
    اکڙين سان سمجھايان.

    تنهنجي تن جي گرمي مون ۾، جڳ سڄو گرمايان،
    اکڙين سان سمجھايان.

    تنهنجا سارا رنگ نچوئي، دنيا کي مهڪايان،
    اکڙين سان سمجھايان.

    اندر ۾ جا اڻ تُڻ آهي، چوري چَنگ سُڻايان،
    اکڙين سان سمجھايان.

    ڪوته جلي ٿو شعلو من ۾، تنهن سان آڳ لڳايان.
    اکڙين سان سمجھايان.


    اوڏِڻ جا هي ڳاڙها ڳل،

    اوڏِڻ جا هي ڳاڙها ڳل،
    مون کان ڄڻ ايمان کسي ويا.

    چوٽيءَ ۾ جي ٽئونر ٽريا تن،
    چيلهه مٿان هئي چَلِ،
    مون کان ڄڻ ايمان کسي ويا.

    گدرن کاري ڪڻس مٿي تي،
    پاڻ به گدرن گل،
    مون کان ڄڻ ايمان کسي ويا.

    ڪيڏو مومن مسلم هان پر،
    هاءِ نينهن اُڇل،
    مون کان ڄڻ ايمان کسي ويا.


    ڇا ڪجي هيءَ ڇيڳري،

    ڇا ڪجي هيءَ ڇيڳري،
    ڇير کي لاهي نٿي.

    ڇا ته ڇم ڇم رات ۾،
    ننڊ واري نابري.

    ماڪ ۾ مقتل ڀنا،
    ڪا نچي ٿي سانوري.

    ڇو ته مونکي جاڳ آ ؟
    اڄ اڳي کان آڪري.

    ڪا ته مونکي ٿي ڇِڪي،
    ڇڪ آڄڻ ڇانوري
    ڇير کي لاهي نٿي.


    ٿر ڀنو آ گھاٽ،

    ٿر ڀنو آ گھاٽ،
    وڏ ڦُڙي جي رات ۾.

    ٻنڀي ٻنڀي ٻهڪي پئي آ،
    ڇپر تي ڇڻڪاٽ،
    وڏ ڦُڙي جي رات ۾.

    هاءِ اڃارا ٻاٻيها سڀ،
    لاهين اُڃ اُساٽ،
    وڏ ڦُڙي جي رات ۾.

    ٿاريليءَ ڄڻ ڇيرون پاتيون،
    تيز هوا سوساٽ،
    وڏ ڦُڙي جي رات ۾.

    شايد تون آن شايد تون آن،
    ڇڪڙي جو چيچاٽ،
    وڏ ڦُڙي جي رات ۾.


    اڃان ڪتيون ڪارِ ۾،

    اڃان ڪتيون ڪارِ ۾،
    ساجھر سونهون ناهي ڪو. . . !

    ويندي ويندي تڙ تَڪي،
    هرڻ ڪارونڀار ۾،
    ساجھر سونهون ناهي ڪو. . . !

    اڃان تاڙا تات سان،
    تڙڪا ڳولين تار ۾،
    ساجھر سونهون ناهي ڪو. . . !

    موکيءَ مٽ متو نه آ،
    متوارن جي سار ۾،
    ساجھر سونهون ناهي ڪو. . . !

    ڪيستائين سانوريون،
    رهنديون راھ نهار ۾،
    ساجھر سونهون ناهي ڪو. . . !


    جُهڙ نپوڙي ڏي،

    جُهڙ نپوڙي ڏي،
    ٿر کي ٿورومينهن کپي..!
    ڪجليءَ ڪارا وار وکيريا،
    هرڻي ڊوڙ اچي،
    ٿر کي ٿورومينهن کپي..!
    مور اُڃايل ويندڙ بادل،
    گُهوري روز ڏسي،
    ٿر کي ٿورومينهن کپي..!
    هئه هئه تنهنجا ڇيرن ڇمڪا،
    تتل ٿر مٿي،
    ٿر کي ٿورومينهن کپي..!
    گُل جو جوڀن مُرجهي ويندو،
    تو بن بادل ڙي،
    ٿر کي ٿورومينهن کپي..!


    پن نه پنهنجا ڇاڻ،

    پن نه پنهنجا ڇاڻ،
    ڇانو ڏي ٿوري اڃان..!
    پپر تنهنجي پاڙ ۾، سانوڻ جي سُرهاڻ،
    ٿڪ مسافر ٿو ڀڃي،ايندي تو ڏي هاڻ،
    بلبل ڀيرا ٿي ڏئي، بسنت جو اُهڃاڻ،
    تنهنجي سِرَ تي ڇانورو، اُڀ جي آ نِيراڻ،
    ڇانو ڏي ٿوري اڃان..!


    ماتا تنهنجي مندر مان،

    ماتا تنهنجي مندر مان،
    هڪڙو گهنڊ ڪِرِي پيو..!
    هُنَ جو وهنجي وارَ سُڪايا،
    تڏهن منهنجي اندرمان،
    هڪڙو گهنڊ ڪِرِي پيو..!
    هنج اُڏاڻا سانجهيءَ ٽاڻي،
    ڄڻ ڪو ڪيٽي بندر مان،
    هڪڙو گهنڊ ڪِرِي پيو..!
    ترخانن جا گهوڙا هڻڪيا،
    منهنجي مڪلي ننگر مان،
    هڪڙو گهنڊ ڪِرِي پيو..!
    ڏنڊا ٻيڙيءَ ڇڻڪي ڳاتو،
    قيديءَ جي هن سنگهر مان،
    هڪڙو گهنڊ ڪِرِي پيو..!


    ڪهڙا ڪهڙا وَنَ،

    ڪهڙا ڪهڙا وَنَ،
    ٽوليون ٽوليون ڪاپڙي..!
    مڌ به ساڳيو موکي ساڳيو،
    هر ڪنهن سُرِڪ چپن،
    ٽوليون ٽوليون ڪاپڙي..!
    پنڌ به ساڳيو منزل ساڳي،
    واٽ وِٿي رستن،
    ٽوليون ٽوليون ڪاپڙي..!
    ساگر ساڳيو ناوَ به ساڳي،
    پتڻ وِيڇا تِنِ،
    ٽوليون ٽوليون ڪاپڙي..!


    مڌ متيون هي راتڙيون،

    مڌ متيون هي راتڙيون،
    وڏ ڦُڙيون برساتڙيون،
    ڪيسين رهنديون ڪاڪ تي..!
    پير پايل ڇير ڇمڪا،
    روح ريجهيل باتڙيون،
    ڪيسين رهنديون ڪاڪ تي..!
    نيٺ ساجهر ساک ڏيندي،
    من پکيءَ جون لاتڙيون،
    ڪيسين رهنديون ڪاڪ تي..!
    گيت اُڏرن ٿا گگن ۾،
    هاءِ مومل ماٺڙيون،
    ڪيسين رهنديون ڪاڪ تي..!


    اَڪَن تپيا پَن،

    اَڪَن تپيا پَن،
    تتا ٿُوهر ٿر جا..!
    ڪيڏيون اُس اُساٽيون،
    هرڻيون ٿيون هڻڪن،
    تتا ٿُوهر ٿر جا..!
    لوءَ جي ساڙيا پرڙا،
    ٻاٻيها تڙپن،
    تتا ٿُوهر ٿر جا..!
    تل ترائي ڪونهي،
    تاڙا اُڃ مرن،
    تتا ٿُوهر ٿر جا..!
    ٿاريليون ٿيون مَٽَ ۾،
    واري روز وجهن،
    تتا ٿُوهر ٿر جا..!
    ڪاڙهي ڪاڙهيا مارُو،
    ”سعيد“ پيا سُڏڪن،
    تتا ٿُوهر ٿر جا..!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468579
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ