ڪتاب جو نالو: عشق اياڻو
مصنف: جاويد جوکيو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 27 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 461 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 159 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • کرو ۽ سچو ماڻهو...!
  • غزل

  • ڪيڏو ڀي ٿا پاڻ پڏايون،
  • جيون درديلو ڪلام آ،
  • عشق بي پرواهه آهي،
  • هوءَ اچي پئي،
  • باهه نئين ٻري اندر ۾ آ،
  • ڇوته نڙي ۾ اٽڪن پيا ٿا،
  • لڙڪ کي مرڪ ۾ بدلائبو،
  • توسان گهاريل پل،
  • سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،
  • هن عشق ۾ اڌوري ناڪام زندگي آ،
  • پيار تي پهرا ڪيسيتائين،
  • هاڻ دل ۾ حسرتون ناهن رهيون،
  • گوريءَ گجرا ڳالهائن ٿا،
  • اکيون ڀي احوال ڪنديون هن،
  • جيون ڄڻ ڪو ناڻو آ،
  • تنهنجون ئي يادون،
  • سوچون سارون ٿڪجي پيون هن،
  • ساجن تنهنجو الڪو رهي ٿو،
  • شوخيءَ جو سلسلو آ،
  • بند نه ٿيندا هي مئخانا،
  • سونهن تي ۽ سنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي،
  • رات روئي پيا تنهنجا ساٿي هئا،
  • نه ڪيو پيارآهي مون ڏني آ حاضري تنهنجي،
  • پيار هن معصومَ جي جذبن جي پارت ٿئي،
  • هان ڪٺل تنهنجي ادائن جو صنم،
  • وفا جي ڳالهه ڪئي مون دوکا هزار مليا،
  • بيت
  • ڪافي
  • وائي : چهرو تنهنجو چنڊ مثل
  • وائي: ڏسين مون کي تون
  • وائي : نيڻن پنهنجا لڙڪ وهائي
  • وائي : چپ چاپ اڪيلن راهن ۾
  • وائي : تون جو ملينءَ زندگيءَ جو
  • نَوَلکا ٽيڙو
  • نَوَلکا ٽيڙو
  • چئوسٽا
  • نثري نظم/آزاد نظم
  • اچو اچو دوستو
  • مان سمجهان ٿو تنهنجي احساسن کي
  • مان ڪو فرشتو ته
  • آءُ ڄاڻان ٿو توکي
  • شاهه او منهنجا ساهه
  • تو نه ته ڪنهن ٻئي جي
  • جيڪڏهن
  • ڪالهه اچتو
  • مان مڃان ٿو
  • اي خدا تون ته ڄاڻين ٿو
  • او حقيقت کان
  • زندگي
  • مهڪ
  • ڊَپُ
  • اڪيلي ڪمري ۾
  • ڌرتيءَ تي ٿا ڪيڏا قهر ٿين
  • منهنجي ڌرتي منهنجي ماتا،
  • ڳليء ڳليء هي گيت مون ڳاتا،
  • مٺي تون مونکي تيار ڪر....
  • مڌ ڪئي آ رهبري ء هوء اسان جي دلبري

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 45
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: عشق اياڻو
    موضوع: شاعري
    شاعر: جاويد جوکيو
    مرتب: وحيد جوکيو
    ڇاپو پهريون: فيبروري 2017
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 100 روپيا

    IShq Ayano
    (Poetry)
    By: Javed Jokhio
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    ارپنا

    پنهنجي اندر جي احساسن،
    اڌمن ۽ وڇوڙي جي
    جون جهڙي ساڙيندڙ ڏينهن ۽
    جنوري جي سرد راتين جهڙين ڪيفيتن کي
    لفظن ۾ پوئڻ جي هن ڪوشش کي
    پنهنجي محبوبه ۽ وني جي
    نانءُ ڪيان ٿو

    جاويد جوکيو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق اياڻو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ مضمون نگار جاويد جوکيي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    مڌ ڀريل اکڙين ۾ انيڪ سپنا سجائي هلندڙ ڏات ڌڻي ءَ جي سوچن جي ولوڙ جو پتو تڏهن پوي ٿو، جڏهن تخليقي عمل جا پيرا حساس دل جو سينو چيري اهڙي ماڳ تي رسائين، جتي خاص طور ٻين ڪاڻ جيئڻ جو فلسفو زندگيءَ جي معنويت سان آشنا ڪري ۽ جاويد جوکئي واقع ايئن ڪري ڏيکاريو. جاويد جوکيو ڀل جان اسان وچ ۾ نه رهيو هجي، پر سندس تخيلقي رنگن جي مهڪ هزارين دلين ۾ واسيل آهي. هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
    ڏٺو وڃي ته پنهنجي قول ۽ فعل تي ثابت قدم رهندڙ ڪالم نگار ۽ شاعر جاويد جوکيو جو قلمي پورهيو رائيگان نه ويو آهي، سندس سوچ ۽ اميد جو تسلسل ٻين تائين منتقليءَ جي مرحلن طرف روان دوان آهي ۽ اهڙي ئي سوچ تحت سمبارا پبليڪيشن پاران جاويد جوکئي جي وڇوڙي بعد شخصيت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ “ هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم“، ڪالمن جي ڪتاب” غلطي معاف“ کانپوءِ سندس شاعريءَ جو هي پهريون ۽ آخري مجموعو ” عشق اياڻو “ کي منظر عام تي آندو ويو آهي. ته جيئن سندس شخصيت ۽ تخليقي عمل جا مڙئي پاسا روشناس ٿي محفوظ هٿن تي رسي سگهن.
    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    پنهنجي پاران

    ذهن مندر ۾ يادن يا گهنڊ ان وقت وڄي پيا، جڏهن سوچن جو سمنڊ جوڀن جي مستيءَ ۾ تيز ڊوڙ کانپوءِ ساڻو ٿي ڪنهن الهڙ ڪامڻي وانگر ماٺ جي مانڊاڻ ۾ وڃي چڪو هو.
    اهو سلسلو ته ياد نه ايندڙ وقت عرصي کان هلندو پيو اچي، گذريل رات ته ڪجهه عجيب انداز سان گذري سالن جي سورن به اچي ڪڙو کڙڪايو، دردن ايئن اچي جمع ٿيڻ شروع ڪيو، جيئن ڪنهن ڳوٺ جي ويڙهي واري مسجد ۾ آذان ملڻ کانپوءِ ٻار توڙي جوان ۽ پوڙها وضو ڪري کجي جي پنن مان ٺهيل ٽوپيون پائي نماز لاءِ گڏ ٿيندا آهن.
    تنهنجي پاران مليل گهاوَ ايئن اچي نڪتا جيئن اڪثر ڳوٺاڻا ٻار گهر ۾ رکيل ان جي گنديءَ مان لڪي لڪي اَن کڻي ايندا آهن.
    پنهنجائپ جڏهن اوپرائپ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، تڏهن دنيا جون رنگينون گگهه اوندهه جي قبضي ۾ اچي وينديون آهن، ان وقت اڪيلائپ ۾ مار سياهه جهڙا ڀوائتا ويچار الهامي طرح نازل ٿيندا آهن. وقت جو وهڪرو ٽِياسن تي ٽنگيل محسوس ٿيندو آهي، اهي سموريون ڪيفيتون تنهنجي منهن مَٽڻ کانپوءِ منهنجي من ۾ احساسِ محرومي پيدا ڪري ويون هيون.
    پر هاڻي آءٌ ڌرتيءَ تي ڪِريل سڪل پن وانگر ٿي پيو آهيان، جيڪو موسمن سان ٽڪر کائي پِيلو ٿي ڇڻي پيو هجي، بس! هوا جي رخ تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي هلندو رهندو آهي، بنا خواهش جي، نه بهار لاءِ بيقرار ۽ نه خزان کان خوفزده، ٺيڪ آهيان. ان حال ۾ راضي آهيان، پر اي منهنجا محبوب منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجو منهن ضرور ڏسجاءِ، ڇو جو منهنجي منهن تي لکيل تحرير تو کانسواءِ ڪو ٻيو پڙهي نه سگهندو.
    تون ناهين ته بي معنيٰ
    ڇالاءِ جيئان جانان!

    جاويد جوکيو


    مهاڳ

    صبح جي پهر جهڙي شاعري...!

    انهي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري ته شاعري اندر جو آواز آهي، پر ان آواز کي ڪو ڪوي سٺي نموني سان ورنائي سگهي ٿو ته وري ڪو ڪوي ان آواز کي انهي الڳ آواز ۾ ورنائي ناهي سگهندو، جيئن هر گل جي پنهنجي منفرد خوشبو هوندي آهي بلڪل تيئن هر شاعر پنهنجي خوبصورت خيالن وسيلي سڃاتو ويندو آهي، موجوده ٽهي جيڪا اڃا شاعري جي ميدان ۾ نيون وکون کڻي پئي ان کان ڪجهه اڳ واري ٽهي کي غور سان پڙهون ته کوڙ سارا نالا اچي وڃن ٿا، انهن جي شاعري ۾ عجيب حسناڪي آهي، اها ئي ٽهي ته اتساهه جو نئون پيغام آهي، انهن ستارن جي طويل قطار ۾ هڪڙو ستارو جاويد جوکيو به آهي، جيڪو شاعري ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.
    شاعري اندر جو آواز ته رهي آهي پر ان ۾ انهن دکن دردن جون ڪهاڻيون به شامل رهيون آهن، جيڪي درد سماج جو پيڙهيل ماڻهو ڀوڳيندو رهيو آهي، شاعر حساس هوندا آهن، انهي جي ڪري ئي اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ نه صرف وڌيڪ محسوس ڪندا آهن پر جڏهن به هنن جو روح رتوڇاڻ ٿيندو آهي تڏهن اهي لکندا آهن، شاعري جي اهيا ئي خوبصورتي هوندي آهي جو اها هر دل جو آواز محسوس ٿيندي آهي، هزارين مصروفيتن باوجود شاعر لکندا آهن، شاعرن جي ڪيفيت ته هميشه اهڙي ئي هوندي آهي جيئن محمد علي جروار لکيو ته؛
    اڪيلو ڪوي حالتن جو ٻه واٽو
    ڪويتا لکي يا ڪمن کي سنڀالي
    هجي ڪو سهارو پناهون به آڻي
    خوشين کي سنڀالي غمن کي سنڀالي
    اهڙين حالتن ۾ هڪ حساس شاعر ڪيئن ٿو لکي اها پيڙا ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو،شاعري جو تسلسل صدين کان هلندو پيو اچي، جاويد به سالن کان ٿيندڙ ان شاعري جو تسلسل آهي، سائين عاجز اڄڻ لکيو هو ته؛
    ستم ڪيستائين، ظلم ڪيستائين
    اڃان سنڌ سهندي زخم ڪيستائين
    اڃان ڪيسين مظلوم بي ڏوهه مرندا
    ۽ جابر جا ڍڪبا جرم ڪيستائين
    اسان کي اهڙو خوبصورت اظهار جاويد جوکيو جي شاعري ۾ به ملي ٿو:
    پيار تي پهرا ڪيسيتائين،
    گهاوَ هي گهرا ڪيسيتائين.
    ڏاڍ کان ڏاڍا ڏڍ مليا هن،
    هيسل چهرا ڪيسيتائين.
    جاويد جوکيو هيڻن جو آواز آهي، هن جي شاعري ۾ مرندڙ مورن جون پڪارون آهن، ٿر جي ٿوهرن جو درد آهي ته وري رڻ ۾ ٺرندڙ رات جي ڳالهه به آهي، سندس شاعري ۾ صبح جي پهرين پهر جهڙي خوبصورتي آهي، هي ان ٽهي جو شاعر آهي جيڪا ٽهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ انهي ڪري به رکي ٿي جو هن ٽهي محنت وسيلي شاعري جي دنيا ۾ نوان گس ڳوليا آهن، هنن پنهنجي سڃاڻپ لاءِ سچائي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، جاويد توڙي جو وڇوڙي جو ورلاپ ڏئي ڪڏهوڪو مٽي اوڍي سمهي پيو آهي پر سندس لکيل ڪالم ۽ شعر جاڳن ٿا.
    هن دنيا ۾ جيئندڙ ماڻهو جياپي ڪاڻ الائي ته ڪيترا رنگ ۽ روپ ڌاريندا آهن، ڪٿي ڪو گمنامين ۾ گم ٿي نين رونقن کي ڳوليندو آهي، ڪو مندر آباد ڪندو آهي، ڪو مسجدن ۾ سجدا ادا ڪندو آهي ته ڪو وري مئيخاني ۾ پاڻ وڃائيندو آهي، ڪو مقتل اکين ۾ سجائيندو آهي ته ڪو وري اسيري لئه هليو ايندو آهي بلڪل ايئن جيئن فياض چنڊ ڪليري لکيو هو؛
    اسيري جا عادي به ايندا هلي
    تون مقتل اکين ۾ سجائي ته ڏس
    اکين ۾ مقتل سجائيندڙ ماڻهن جي دلين کي درد آشنائي وارو هنر ايندو هجي يا نه پر جيڪي اسيري جا عادي هوندا آهن انهن جي دل درد سان ڀريل هوندي آهي، اهي ته پاڻ ماريندا ۽ جياريندا به آهن، جيئن جاويد چوي ٿو
    سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،
    پنهنجو پاڻ ماري ۽ جياري ڏٺوسي
    زندگي تلخ تجربن جو نالو هوندي آهي، زندگي ته ان وڻ وانگر به هوندي آهي جنهن کان خزائون پن به کسي وٺنديون آهن پر زندگي ته ان وڻ وانگر به هوندي آهي جيڪو گهاٽي ڇانءُ ارپيندو آهي، زندگي جي انهن ئي لمحن ۾ ماڻهو جيئڻ جا جتن ڪندي درد اظهاريندو آهي، جاويد جي شاعري به انهي پيڙاءُ جو اظهار آهي جنهن ۾ لڙڪن جا سمنڊ آهن، انهن ۾ سڏڪن جون خاموش صدائون به آهن، جاويد جي شاعري رڳو ڪنهن هڪ صنف تائين محدود ناهي پر هن انيڪ صنفن تي نه صرف لکيو پر ان سان ڪمال جو نڀاءُ به ڪيو آهي، هينئر جڏهن انيڪ شاعر ڪافيون نٿا لکن ، هونئن به ڏسجي ته ماضي ۾ انيڪ شاعرن ڪمال جون ڪافيون لکيون آهن، جاويد جوکيو به شاعري ۾ جتي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي اتي وري هن ڪافيون به لکيون آهن، سندس شاعري ۾ خوبصورتي ته آهي پر هن سٺي نموني سان نڀاءُ پڻ ڪيو آهي، سندس هن ڪافي کي ڏسو؛
    سدائين دل جو درد بڻيو آ،
    جڏهن ڀي ڪوئي ساز ڇڙيو آ.
    هو ڌرتيءَ لاءِ دلداري هو،
    پر هت،ڪو نه بڻيو درٻاري هو،
    ڏوهه انهيءَ تي چکيا چڙهيو آ.
    اها ٻي ڳالهه آهي جو ڪٿي ڪٿي ڪا سٽ بحر وزن ۾ ٽٽي ويندي هوندي پر ان هوندي به جاويد جي شاعري انيڪ خوبصورتين سان ڀريل آهي، سندس نظم به حسناڪي جو نمونو آهن، سندس شاعري اميد جو اتساهه آهي ۽ ان ۾ مزاحمت به آهي، سندس هي نظم به سراپا مزاحمت آهي
    آءُ ڄاڻان ٿو توکي
    تون
    اقتدار
    جي حَوَسَ لاءِ
    قوم پرستيءَ جا پوز هڻي رهيو آهين
    تو کي
    خبر هئڻ گهرجي
    هيءَ ڌرتي محبت جي ڌرتي آهي
    ڇا توڳن اسان جي
    محبتن جي موٽ ڏئي
    سگهندين؟؟؟!
    اسان کان ته
    اڃا
    تنهنجي نانگ
    جي هتان سونهن ديويءَ خانه
    گگوش جو ئي بي ڏوهه قتل
    وارو واقعو
    وسري نه سگهيو آ
    جاويد جوکيو جو هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن پاران پياري ساجد سنڌي جي ئي ڪوشش سان جاويد جي سالگرهه تي ڇپجي پيو، مونکي پڪ آهي ته ان خوبصورت تحفي تي جاويد جو روح ضرور خوش ٿيندو هوندو، اميد اٿم ته هي ڪتاب ضرور مڃتا ماڻيندو۔


    حبيب لغاري
    حيدرآباد


    کرو ۽ سچو ماڻهو...!

    سنڌ اُها خوشنصيب ڌرتي آهي، جنهن جي ڪُک مان ڪيترن ئي انمول ماڻهن جنم ورتو آهي. اُنهن ماڻهن جي سڃاڻپ سندن ڪردار، دليري، سچائي ۽ ايمانداري بڻي آهي. توڙي جو اُهي ماڻهو هاڻ اسان ۾ موجود ناهن رهيا، تڏهن به هميشه گڏ گڏ محسوس ٿيا آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ اُهي ماڻهو اڄ به زندهه آهن. اهڙن خوشنصيب ماڻهن مان جاويد جوکيو به هڪ آهي. هُو هميشه خوش اخلاق ۽ غريبن جو همدرد رهيو. هن سنڌ جي سورن تي قلم کنيو، هن ڪڏهن به بااثرن جي داٻ دٻدٻي اڳيان پاڻ نه جهڪايو، هن صحافت جي دنيا ۾ پڻ پاڻ مڃايو.
    جاويد جوکيو جو جنم پهرين فيبروري 1971ع ۾ عطا محمد جوکيو جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد به هڪ ايماندار انسان هو، هو درزڪو ڪم ڪري پنهنجن ٻچن کي پيٽ پاليندو هو، هن جاويد کي به مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري، ان بعد جاويد پنهنجي مدد پاڻ تحت وڌيڪ تعليم پرائي. 2007ع ۾ جاويد جو والد به جهان ڇڏي ويو ته سڄي گهر جي ذميواري جاويد سنڀالي، جاويد جي امڙ ته 1996ع ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وئي هئي، والد جي وفات بعد سموري گهر جي ذميواري جاويد سنڀالي، 1990ع ڌاري جاويد کي واپڊا ۾ نوڪري ملي هئي، هن نوڪري سان گڏ صحافت کي به جاري رکيو، رات ڏينهن محنت ڪري هُن پنهنجن ٻارن جو پيٽ ته پاليو، پر اُن سان گڏوگڏ هن ڀيڻن ۽ ڀائرن کي خوشيون ڏيڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽايو. هُو پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن تي ساهه نڇاور ڪندڙ شخص هو، هن ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون به ڪرايون. جاويد پنهنجي ڪامياب زندگي گذاري، هُن کي سٺي ۽ نيڪ گهرواري مان ٽن ٻارن جو اولاد به ٿيو، جن۾ هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ شامل آهن.
    جاويد جوکيو صحافت جي ميدان ۾ 1996ع ۾ آيو، هُن ڪيترائي ڪالم لکيا، سندس ڪالم غلطي معاف جي عنوان سان شايع ٿيا ته انهن وڏي مڃتا ماڻي، صحافت ۾ قدم رکڻ بعد، هُن جڏهن سچ لکيو ته ڪيترائي سچ دشمن سندس ويري بڻجي. پر، هن هڪ قدم به پوئتي نه هٽايو، ڌمڪين ۽ خطرن باوجود هن سچ لکيو. سندس هميشه اهو چوڻ رهيو ته منهنجي زندگي جيتري مقرر هوندي، اوتري ئي ملندي، آئون بزدل ٿي نه جيئندس. هي ته اهو ئي شخص هو، جنهن مدئجي ۾ پريس ڪلب جو بنياد وڌو، هو سڄو ڏينهن نوڪري ڪندو هو ته شام جو پنهنجون صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندو هو. هن جتي مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، اتي هن ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر طور پنهنجون ذميواريون به نڀايون. 2010ع واري ٻوڏ دوران هن پڻ هن خطي جي ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچايو، هو حساس دل ماڻهو هو، ان سان گڏ پيار ڪندڙ شخص به هو، ۽ هه بهترين شاعر به هو، هن پنهنجن جذبن کي قلم وسيلي عوام تائين پهچايو، سندس هي شاعري جو ڪتاب” عشق اياڻو“ نه صرف هن جي دل جي دکن دردن جي ڪهاڻي آهي، پر هو هن شاعري ۾ اسان سڀني جي دل جي ترجماني ڪري ٿو.

    مهناز بلوچ


    غزل

    ڪيڏو ڀي ٿا پاڻ پڏايون،

    ڪيڏو ڀي ٿا پاڻ پڏايون،
    تنهنجي آڏو ڪجهه ڀي ناهيون.

    نيڻن جي چوڪنڊي ۾ ڦاسي،
    پاڻ ڪيون ٿا تنهنجون پڇائون.

    پنهنجي ملڪيت تون ئي آهين،
    تانگهن تولئه يار نگاهون.

    پڄري ويندس تون جي روئندين،
    تنهنجي سهاري زنده آهيون.

    ناهه جفا من منهنجو شيوو،
    پاڻ ٿينديون ڪونه جفائون.

    ماڻهو واري جي مُٺ وانگر ٿئي،
    جآويد نه ڪر ڳالهيون اجايون.
    *


    جيون درديلو ڪلام آ،

    جيون درديلو ڪلام آ،
    ڄڻ مڪلي جو مقام آ.

    جوڀن ڇٽي جي ڇانءُ ۾،
    ڇڙواڳ من جو نظام آ.

    سونهن کي هي سير سدائين،
    سدا جهڪي ڪندو سلام آ.

    ڪنهن جي نظر لڳي ويس،
    وائڙي ڪراچيءَ شام آ.

    فڪر هو ڦٿڪائي ويو،
    هاءِ! ديس ڌڻي غلام آ.

    هاڻي وطن يا ڪفن گهرجي،
    هي اندر جو الحام آ.

    مرسون ته به سنڌ نه ڏيسون،
    هوشوءَ اهو پيغام آ.

    پَلَوَ پراڻا نه ٿيندا،
    ڏس هر گهر هُل شام آ.

    هيءَ نصيبن ماري جند،
    ڀٽائي تنهنجي سامَ آ.

    جآويد نام لکي ڇڏيو،
    ڪئي بغاوت سرعام آ.
    *


    عشق بي پرواهه آهي،

    عشق بي پرواهه آهي،
    ها اهو ئي ها الله آ.

    صاف صوفين آ سڃاتو،
    ٿي ويو ويساهه آهي.

    دل جي ئي ايوان ۾ اڄ،
    پاس ٿيو ٺهراهه آهي.

    ٿي پيوآخر نشابر،
    چريو ڪيڏو چاهه آهي.

    سور۽ سورائن تي ئي،
    اڄ اسان جي ڪاهه آهي.

    منهن تي آ مرڪ سجايل،
    من اندر آڙاهه آهي.

    عشق جاويد ۽ عقل جو،
    يار نه ٿيڻو ٺاهه آهي.
    *


    هوءَ اچي پئي،

    هوءَ اچي پئي،
    دل به نچي پئي.

    من مونجهه کان،
    يار بچي پئي.

    ڏس وار ويڙهي،
    باک ڦٽي پئي.

    هن جي ويندي،
    عمر کُٽي پئي.

    منهن مٽائي،
    ساهه سُڪِي پئي.

    چنڊ چانڊوڪي،
    پاڻ لڪي پئي.

    من جي مندر ۾،
    ڊيل نچي پئي.

    “جاويد” موکي،
    هاڻ مِلي پئي.
    *


    باهه نئين ٻري اندر ۾ آ،

    باهه نئين ٻري اندر ۾ آ،
    دل راتاڪون ٻڏتر ۾ آ.

    آنءُ وڃانس، يا هِت ايندي،
    ڏاڍي اداس ٻڌم! گهر ۾ آ.

    ڪنهن ڀي گل مان ڪونه اچي ٿي،
    خوشبوءِ جا پيار پڌر ۾ آ.

    رات جو سو پيئڻ ۾ ڪاٿي،
    مزو جيڪو پرهه پهر ۾ آ.

    ٿس ڳل تي گرمي جو داڻو،
    ڄڻ ڪنول تڙيو ڪينجهر ۾ آ.

    ڳالهه لڪايم ڪيڏي جڳ کان،
    جاويد هُلي وئي تر ۾ آ.
    *


    ڇوته نڙي ۾ اٽڪن پيا ٿا،

    ڇوته نڙي ۾ اٽڪن پيا ٿا،
    لفظ ويچارا ڦٿڪن پيا ٿا.

    ڀل جان دور گذارن ساٿي،
    پوءِ به منهنجا سڏجن پيا ٿا.

    پاڻ ته سادا صوفي آهيون،
    ماڻهو ڇا ڇا سمجهن پيا ٿا.

    جيون جي نٽهڻ اُس ۾،
    ڏک جا شيشا چمڪن پيا ٿا.

    پيار پرين اوهان سان آهي،
    لفظ چٺيءَ ۾ لکجن پيا ٿا.

    ڪوڙي موٽ معاشري جي آ،
    “جاويد” سڀ سور سجهن پيا ٿا.
    *


    لڙڪ کي مرڪ ۾ بدلائبو،

    لڙڪ کي مرڪ ۾ بدلائبو،
    ساءَ کي سرڪ ۾ بدلائبو.

    عشق ۾ ڪو ٻيو ڇالئه شريڪ،
    ايمان کي نه شرڪ ۾ بدلائبو.

    آزمائي نه توکي او پرين،
    پيار ڪيئن پرک ۾ بدلائبو.

    ديس ڏيئي ۾ رت ساري وجهي،
    ٻاٽ کي جرڪ ۾ بدلائبو.

    ڪانڊ ڌرتيءَ ڪئي آهي اگر،
    ڪڪر کي برق ۾ بدلائبو.

    سر ڏئي سرخرو جاويد ٿي،
    ماٺ کي تحرڪ ۾ بدلائبو.
    *


    توسان گهاريل پل،

    توسان گهاريل پل،
    آهن ياد اڃا مومل.

    توکان پيار مليو،
    ڄڻ ڪا سنڌوءَ ٿل.

    پ ٻڏاسين ٻئي،
    ياد ٿئي ڪيڏي مهل.

    اوسيئڙي اڄ ڀي،
    پنهنجا ساهه سڪل.

    درد لڳن ٿا ايئن،
    جيئن ڪا ٻير پڪل.

    “جاويد” جيءَ بڻيو،
    ڄڻ ڪو شهر ڦٽل.
    *


    سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،

    سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،
    پنهنجو پاڻ ماري ۽ جياري ڏٺوسي.

    هئو وعدو گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جو،
    ٻڏڻ مهل سو ٻئي ڪناري ڏٺوسي.

    ڏنو ساٿ ڪنهنجو ۽ ڪنهن ڪنهنجو ناهي،
    مگر پو ڀي ڪنهن کي پڪاري ڏٺوسي.

    هجر ڄڻ ته هجرت ڪري آ هلي ويو،
    جڏهن نانءُ تنهنجو اچاري ڏٺوسي.

    سمنڊ يار سارو ويو ڄڻ ته وسري،
    اکين ۾ جو تنهنجي نهاري ڏٺوسي.

    تنهنجي هڪ نظر سان ويا سور سارا،
    کڻي نيڻ توکي پڪاري ڏٺوسي.

    خدارا سڏي هاڻي ڀر ۾ ويهاريو،
    گهڻو هيڪلائن ۾ گهاري ڏٺوسي.
    *


    هن عشق ۾ اڌوري ناڪام زندگي آ،

    هن عشق ۾ اڌوري ناڪام زندگي آ،
    پنهنجي گهٽين ۾ پنهنجي گمنام زندگي آ.

    او پوپري گلابي او پرهه جهڙي ڇوڪري،
    تو ساڻ مان جي آهيان هر شام زندگي آ.

    جي پيار جا پوڄاري جي سونهن جا سلامي،
    ڇالاءِ تن جي ٿي وئي بدنام زندگي آ.

    “جاويد” مون آ سمجهيو هن درد جي نگر ۾،
    ڄڻ خواهشن جو ڪوئي نيلام زندگي آ.
    *


    پيار تي پهرا ڪيسيتائين،

    پيار تي پهرا ڪيسيتائين،
    گهاوَ هي گهرا ڪيسيتائين.

    ڏاڍ کان ڏاڍا ڏڍ مليا هن،
    هيسل چهرا ڪيسيتائين.

    رهزن ٿورو غور ڪر تون،
    ماڻهو مهرا ڪيسيتائين.

    او درٻاري شاعر تو لاءِ،
    داد هي دهرا ڪيسيتائين.

    سچ جو سج به اڀري پوندو،
    گهگهه انڌيرا ڪيسيتائين.

    نيٺ ڪڏهن “جاويد” بدلبا،
    سور ۽ صحرا ڪيسيتائين.
    *


    هاڻ دل ۾ حسرتون ناهن رهيون،

    هاڻ دل ۾ حسرتون ناهن رهيون،
    ڇو ته ساجن نفرتون ناهن رهيون.

    پاڻ دنيا کان پري ٿياسون تڏهن،
    دوست ساڳيون محبتون ناهن رهيون.

    دل جو ڪنهن وٽ داد ناهي دوستو،
    جو پراڻيون قربتون ناهن رهيون.

    روز رت جون هوليون آهن هتي،
    يا ته تنهنجون قدرتون ناهن رهيون.

    دوست مون کي سچ چون “جاويد” ٿا،
    هاڻي تو ۾ جُرَتون ناهن رهيون.
    *


    گوريءَ گجرا ڳالهائن ٿا،

    گوريءَ گجرا ڳالهائن ٿا،
    سارا مجرا ڳالهائن ٿا.

    پاڻ کي پيرَ سڏائڻ وارا،
    تنهنجا شجرا ڳالهائن ٿا.

    عَبا قباءَ لڪي نه سگهندين،
    مسجد هجرا ڳالهائن ٿا.

    جذبا قيدي ڪيئن ڪندي تون،
    پيار تي پهرا ڳالهائن ٿا.

    تن تي پاتل تنهنجا ڇوري،
    ڪپڙا اجرا ڳالهائن ٿا.

    پنهنجا ڀي اڄ ڇالئه توسان،
    جملا اگرا ڳالهائن ٿا.

    اڄ ايندي “جاويد” جي سجني،
    گهر جا ڪمرا ڳالهائن ٿا.
    *


    اکيون ڀي احوال ڪنديون هن،

    اکيون ڀي احوال ڪنديون هن،
    اوکا اوکا سوال ڪنديون هن.

    مذهب تن جو پنهنجو آهي،
    حرام کي به حلال ڪنديون هن.

    جنهن تي ڪرم هي ڪن ٿيون پيارا،
    تنهن کي مالا مال ڪنديون هن.

    جي نه ڏمرجي پون هي ساٿي،
    جيئڻ ڀي جنجال ڪنديون هن.

    ڳل ڳراٺيون پائن جڏهين،
    “جاويد” يار ڪمال ڪنديون هن.
    *


    جيون ڄڻ ڪو ناڻو آ،

    جيون ڄڻ ڪو ناڻو آ،
    محبوبن جو ماڻو آ.

    ڌرتيءَ لاءِ جو وڙهيو آ،
    سو ئي املهه داڻو آ.

    سنڌ سڄڻ سان يارسچو،
    پنهنجو پيار پراڻو آ.

    هر هڪ سنڌي ماڻهوهت،
    ڄڻ ته مکڻ جو چاڻو آ.

    ديس ڌڻين جا درد ڏسي،
    اندر ٿي پيو ڇاڻو آ.

    صرف انا ۾ ڦاٿل آ،
    ڪيڏو يار اياڻو آ.

    چانهه ۾ بسڪيٽ ٿو ٻوڙين،
    تنهنجو خيال ٻاراڻو آ.

    ڌرتي نٽهڻ اس ٿي آ،
    تنهنجي مٿي وهاڻو آ.
    *


    تنهنجون ئي يادون،

    تنهنجون ئي يادون،
    ڪن ٿيون پيون تعديون.

    هرپل نيڻن مان،
    جاري برساتون.

    وسرن ڪو نه ٿيون،
    سونهن ڀريل ڇاتيون۔

    در جي وِٿين مان،
    پاتيون تو جهاتيون.

    تنها ڪيئن گذاريان،
    سياري جون راتيون.

    “جاويد” من اندر،
    تنهنجون سدا لاتون.
    *


    سوچون سارون ٿڪجي پيون هن،

    سوچون سارون ٿڪجي پيون هن،
    نيڻ نهارون ٿڪجي پيون هن.

    گل جو چين چورائي ويو ڪو،
    ۽ مهڪارون ٿڪجي پيون هن.

    عشق تنهنجي ۾ آليون اکڙيون،
    لڙڪن لارون ٿڪجي پيون هن.

    ڏاڍ سان اٽڪي اٽڪي ساٿي،
    پيار پڪارون ٿڪي پيون هن.

    “جاويد” آسون ڇڏ تون لاهي،
    شايد بهارون ٿڪجي پيون هن.
    *


    ساجن تنهنجو الڪو رهي ٿو،

    ساجن تنهنجو الڪو رهي ٿو،
    وڌنددو دل جو ڌڙڪو رهي ٿو.

    ويران دل جي ديول ۾ ڏس،
    يادن جو هي لڙڪو رهي ٿو.

    ڪاٿي ڪهڙي حال ۾ هوندئين،
    پور اهو ئي کٽڪو رهي ٿو.

    سڀئي ٽڪ ٻڌي ٿا گهورن،
    ڇوري ڇاتيءَ ڇلڪو رهي ٿو.

    حياتيءَ هوٽل چانهه چاهت جو،
    هر ڪو چکندو چسڪو رهي ٿو.

    “جاويد” ڪنهن سان سور نه سلجانءِ،
    پر پٺ کلندو هر ڪو رهي ٿو.
    *


    شوخيءَ جو سلسلو آ،

    شوخيءَ جو سلسلو آ،
    زندگي ڄڻ زلزلو آ.

    هي دنيا تنهنجي سموري،
    پنهنجو نه ڪو ڀر جهلو آ.

    عشق بخشيو ماڻهيو ۽،
    جستجو جو مرحلو آ.

    پل جو ناهي ڀروسو ڪو،
    ساهه پاڻيءَ بلبلو آ.

    ڪرنه ڳالهيون هي دلين جون،
    عشق آتش جو اُلو آ.

    تنهنجي منهنجي لئه رڳو هت،
    مسئلو ئي مسئلو آ.

    ڪهڙي ٿيندي ڏس قيامت ،
    هر گهٽي گهر واويلو آ.

    عشقَ “جاويد” ۽ ڪيو پيٽ،
    شهر دل جو کوکلو آ.
    *


    بند نه ٿيندا هي مئخانا،

    بند نه ٿيندا هي مئخانا،
    پيار جا آهن هتڙي خزانا.

    ساقي تنهنجي درشن ڪارڻ،
    آيا هن تنهنجا ديوانا.

    جام به جهمريون پائيندا هن،
    تنهنجي هٿن جا پسي پئمانا.

    مسجد مندر کائن ٿا ڄڻ،
    ٺلهي عقيدي ڪيا ويرانا.

    تنهنجي زيارت ساڻ ٿين ٿا،
    روح اسانجا تازا توانا.

    “جاويد” ڏٺي جا رمز رندانا،
    توکي ڪهڙي خبر زمانا.
    *


    سونهن تي ۽ سنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي،

    سونهن تي ۽ سنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي،
    ۽ تنبوري تند تي ئي گهوربي هي جندڙي.

    شاهه تنهنجيءَ شاعريءَ ئي مرتبو آهي ڏنو،
    بيت وائيءَ بند تي ئي گهوربي هي جندڙي.

    سنڌ جون ئي سُورميون هن ماروي سسئي جهڙيون ٻيون،
    ديس جي مُنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي.

    ڪيترن سالن پڄاڻان ٿر تي سرهايون پڳيون،
    مينهن جي تنهن مند تي ئي گهوربي هي جندڙي.

    سنڌڙي منهنجي امان آزاد توکي ئي ڏسان،
    ڇونه ڪاتين ڪنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي.

    چين، سک ۽ امن آزادي ضرورت سنڌ جي،
    ڌرتيءَ لئه هر هنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي.
    *


    رات روئي پيا تنهنجا ساٿي هئا،

    رات روئي پيا تنهنجا ساٿي هئا،
    ياد توکي ڪري رات روئي پيا.

    روح ريهان ڪري درد اٿلي پوي،
    هاڻي ڪيئن مان ڪيان سور سنگتي ٿيا.

    آ رهيو ڇا رهيو هاڻِ مون ۾ مٺا،
    آ ڪري قربڙو ڏينهن منهنجا پڳا.

    پيار پکجي نٿو ساه گهٽجي پيو،
    ٿو پيو مان لڇان رات ڏينهن تو سوا.

    ڇو ڇڏيو تو ڇڏيو جو جتي هو ڇڏيو،
    اتُ ئي “جاويد” ٿو ويٺو سوري سڳا.
    *


    نه ڪيو پيارآهي مون ڏني آ حاضري تنهنجي،

    نه ڪيو پيارآهي مون ڏني آ حاضري تنهنجي،
    دعا ڏيان ٿو رهي قائم سدا برتري تنهنجي.

    جي ٿي روشن شمع پروانه ايندا، سڙي پوندا،
    سڀئي بي موت مرندا جن ڏٺي آ بي رخي تنهنجي.

    اها ٿي پڪ وئي آ مون کي ملندي نيٺ منزل ڀي،
    ملي وئي جو اٿم اڄ مرڪ ٿي رهبري تنهنجي.

    اهو جيئي ته ڪيئن جيئي ڏس تون ئي ڀلا سائين،
    جنهين کي ڪا نه آ حاصل سچي دلبري تنهنجي.

    نه هان “جاويد” اڄ تائين به سالم هوش ۾ مان ٿيو،
    چکي آهي جڏهن کان من چپن چاشني تنهنجي.
    *


    پيار هن معصومَ جي جذبن جي پارت ٿئي،

    پيار هن معصومَ جي جذبن جي پارت ٿئي،
    ۽ اکين مان وهندڙ لڙڪن جي پارت ٿئي.

    ناز آ توکي حسن سرڪار تي پيارا،
    رحم ڪر پرور پرين غلامن جي پارت ٿئي.

    حسن جي تون باغ جو آهين مٺا گلڙو،
    پياس ۾ پهتل بي گهر ڀوئرن جي پارت ٿئي.

    گڏ جيئڻ جا ۽ مرڻ جا قول هن توسان،
    ااو مٺا محبوب تن واعدن جي پارت ٿئي.

    توکي پوڄو آ خدا سمجهي بقا سمجهي،
    تون ئي سڀ “جاويد” جي سجدن جي پارت ٿئي.
    *


    هان ڪٺل تنهنجي ادائن جو صنم،

    هان ڪٺل تنهنجي ادائن جو صنم،
    ها غزالي نيڻ تنهنجن جو قسمُ.

    آهي سجدي ۾ تنهين تي آسمان،
    جنهن زمين تي ها مٺا تنهنجا قدمُ.

    ڪونه چمڪڻ چنڊ کي آيو پرين،
    ٿو ڪري تنهنجي اڳيان شايد شرمُ.

    تنهنجي نالي کي چمڻ لئه دلربا،
    اڄ ادب مان ٿو جُهڪي منهنجو قدمُ.

    تون ئي ڪعبو تون ئي قبلو اي پرين،
    ٻيو نه ڪو “جاويد” جو آهي ڌرمُ.
    *


    وفا جي ڳالهه ڪئي مون دوکا هزار مليا،

    وفا جي ڳالهه ڪئي مون دوکا هزار مليا،
    عشق ۾ مونکي اهي انعام بار بار مليا.

    جتان ٿيندو هو تنهنجو گذر پرين،
    اڄ تن رستن تان آهن آزار مليا.

    محفل سجائي سپرين تولاءِ،
    تو پورا اچڻ جا نه اقرار ڪيا.

    بدنام ٿياسين جن لاءِ سڄڻ،
    اڄ سي ئي اسان کان ڌار ٿيا.

    کَرن سان گڏ توکي کلندو ڏسي،
    سور “جاويد” جا ناسور بڻيا.
    *


    بيت

    بيت

    ساري حياتي ساجن ڄڻ آهي اکٻوٽ،
    چڙهي وئي چوٽِ، دنيا ۾ دل آزاري.
    *
    رات ڀٽائيءَ گهوٽ ستي جاڳايو،
    درد وڌنِ ڀل چان ٿيئي سور سوايو،
    منهن نه مٽايو، محبتن جي ماڳ کان.
    *
    محبتن جي ماڳ کان منهن نه مٽايو،
    عشق ۾ الف کان ٿيو ميمُ سوايو،
    اسان جهڪايو، آسير سداعين تي.
    *
    توکان پيار مليو، دوست اڻ مليو،
    دل جي دفتر ۾، تنهنجو نانءُ لکيو،
    وڌي چاهه ويو، پهريون دفعو پاڻ سان.
    *


    ڪافي

    ڪافي

    ٿلهه:سدائين دل جو درد بڻيو آ،
    جڏهن ڀي ڪوئي ساز ڇڙيو آ.
    *
    اڌما اڇنگارون ٿا ارپن،
    ٿا جذبا ويٺا جان جلائن،
    مقتل ۾ ڪوئي ڪنڌ ڪپيو آ.
    *
    هو ڌرتيءَ لاءِ دلداري هو،
    پر هت،ڪو نه بڻيو درٻاري هو،
    ڏوهه انهيءَ تي چکيا چڙهيو آ.
    *
    هائو رڳون رباب ٿي پيس،
    تڏهن ته دل جي تار ٽٽي ٿيس،
    منهنجو ويساهه ٿي پيو آ.
    *
    پيو سنڌ جو قومي هيرو سڏبو،
    صاف آزاديءَ جو پيرو سڏبو،
    ميرُ زندهه ‘جاويد’ ٿي ويو آ.
    *


    وائي : چهرو تنهنجو چنڊ مثل

    وائي

    چهرو تنهنجو چنڊ مثل،
    واسينگن جهڙا ٿئي وار،
    رلائي ڇڏئي ڙي يار.

    اکڙيون ڄڻ شراب جا پيالا،
    مکڙ ويڳي ٿو مينگهه ملهار،
    رلائي ڇڏيئي ڙي يار.

    نيڻن کان ته آهين اوجهل،
    دلڙيءَ کان تون ناهين ڌار،
    رلائي ڇڏيئي ڙي يار.

    پيارا جي هيئي پريت جا پيالا،
    اجھ به آهن تنهنجا خمار،
    رلائي ڇڏيئي ڙي يار.

    ڪهڙا لکي آءُ ڪهڙا لکان،
    دلڙيءَ ۾ آهن درد هزار،
    رلائي ڇڏيئي ڙي يار.

    وِکَ وِکَ تي تو آتڙ پايو،
    پوءِ به ‘جاويد’ کي تنهنجي مار،
    رلائي ڇڏيئي ڙي يار.
    ***


    وائي: ڏسين مون کي تون

    وائي

    ڏسين مون کي تون،
    ڇو مرڪي پئينءَ.

    ڳالهائيندي هڪٻئي سان،
    پيون هٻڪي زبانون،
    ڇو مرڪي پئينءَ

    ڪڍي سوپاري کيسي مان
    جنهن توکي ڏني مون
    ڇو مرڪي پئينءَ.

    تولاءِ ورتيون ريشم گليءَ مان،
    ڀانههه ۾ سي پائي چوڙيون،
    ڇو مرڪي پئينءَ.

    ‘جاويد’ ڪيون جيڪي تنهنجي نالي،
    ڏسي ڊائريءَ ۾ سي وايون،
    ڇو مرڪي پئينءَ.
    ***


    وائي : نيڻن پنهنجا لڙڪ وهائي

    وائي

    نيڻن پنهنجا لڙڪ وهائي،
    پيار کي بدنام ڪرين ٿو،
    اڙي او نادان.

    منزل ملڻي ناهي توکي،
    ڇالئه چڪور پروان ڪرين ٿو،
    اڙي او نادان.

    دل جا رشتا درد جا آهن،
    پوءِ به اڃا تون سور ڏين ٿو،
    اڙي او نادان.

    هٿن مان پنهنجو پرين ڦرائي،
    پوءِ ڇالئه ‘جاويد’ روئين ٿو،
    اڙي او نادان.
    ***


    وائي : چپ چاپ اڪيلن راهن ۾

    وائي

    چپ چاپ اڪيلن راهن ۾،
    هر ويل ڪنهن کي پڪارين پيو،
    اهو ڪير اٿئي جنهن سارين پيو.

    جيون کي جنجال بڻائي،
    لڙڪ لڪائي آهه دٻائي،
    اها ڪيئن حياتي گهارين پيو،
    اهو ڪير اٿئي جنهن سارين پيو.

    برهه جو باتيون روڳي راتيون،
    مورن جهڙي من جو لاتيون،
    ڇو ڪانگا روز اڏارين پيو،
    اهو ڪير اٿئي جنهن سارين پيو.

    ڇو درد چپائي نيڻن ۾،
    ‘جاويد’ پيو مرڪين وڻين ۾،
    اها ڪنهن جي راهه نهارين پيو،
    اهو ڪير اٿئي جنهن سارين پيو.
    ***


    وائي : تون جو ملينءَ زندگيءَ جو

    وائي

    تون جو ملينءَ زندگيءَ جو،
    ڄڻ بانڊ کلي پيو آ.

    تاحيات ڪافر رهيس پر،
    ڀر ۾ توکي ڏسي بندگيءَ جو،
    ڄڻ بانڊ کلي پيو آ.

    گناهن ۾ گهارڻ جو سبب جڏهن،
    خدا خود پڇيو شرمندگيءَ جو،
    ڄڻ بانڊ کلي پيو آ.

    حياتي هزار مسئلا هئي پر،
    تنهنجي اچڻ سان ذهني تازگيءَ جو،
    ڄڻ بانڊ کلي پيو آ.

    ‘جاويد’ جڏهن کان توتي لکيو آ،
    قسم آ تنهنجو منهنجي شاعريءَ جو،
    ڄڻ بانڊ کلي پيو آ.
    ***


    نَوَلکا ٽيڙو

    نَوَلکا ٽيڙو

    ۱
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    توسان ملڻ لاءِ پرين،
    ڳالهيون تير پتير.
    ۲
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    چانئٺ تڪيان ٿو پيو،
    پائي وڃ تون پير.
    ۳
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    منهنجو من ويڳاڻو،
    ۽ لڳي ڏکڻ هير.
    ۴
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    سدا در تڪڻ جي،
    پئي اکين هير.


    ۵
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    مڪم ڪيئي نياپا،
    صبح سانجهي سوير.
    ۶
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    تنها ئي ساڙي پئي،
    يادن وسايا تير.
    ۷
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    تڪي راهون تنهنجون،
    پيار اکين ۾ جهير.
    ۸
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    ڏسي حال منهنجو،
    کلن پيا غير.
    ۹
    تنهنجي اچڻ ۾ دير،
    “جاويد” جوکيي وسايو،
    جان محمد پير.
    *


    نَوَلکا ٽيڙو

    نَوَلکا ٽيڙو

    ۱
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    ڏسڻ سان ئي منهنجي،
    ننڊ ويون کسيون.
    ۲
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    ملي منهنجي اکين سان،
    پائي ڀاڪر ٻکيون.
    ۳
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    تن تي شاعرن شايد،
    آهن وايون لِکيون.
    ۴
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    ڏسي تاب تن جو مون،
    پنهنجون اکيون ڍَڪيون.

    ۵
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    دنيا ڌڏي وئي منهنجي،
    جڏهن پئي وَسيون.
    ۶
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    منهنجون اکيون تن اڳيان،
    هر هر پئي جهڪيون.
    ۷
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    تن کي منهنجي اکين،
    ڏنيون ڏاڍيون چميون.
    ۸
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    منهنجي ڏسڻ لاءِ آخر،
    ايڏيون ڇو هن بکييون.
    ۹
    تنهنجون سهڻيون اکيون،
    ڪري قرب ويون مون تي،
    اهي نَوَ لکيون.
    *


    چئوسٽا

    چئوسٽا

    ماکيءَ کان مٺي آهي،
    هؤ ڏاڍي سٺي آهي،
    محور عشق جو ‘جاويد’،
    بس سنڌ جي مٽي آهي.
    *
    مندر ۾ رکيل هڪ مورت جهڙي،
    سادي سونهن سلوڻي عورت جهڙي،
    ارمان نه هڪڙو ڀي پورو ٿيو ٿيس،
    دل جي حالت آهي پورهيت جهڙي.
    *
    پيار لئه اظهار ضروري ناهي،
    سور سان سهڪار ضروري ناهي،
    بس دوست اندر کي اجاري ڇڏيو،
    نيڻن مان وسڪار ضروري ناهي.
    *
    راهه سڄي هموار ضروري ناهي،
    چوڌاري هٻڪار ضروري ناهي،
    سائين نٽهڻ ۾ به گذاري وڃبو،
    هرپل ڪو ٿڌڪار ضروري ناهي.
    *

    پيار کان انڪار ڪيئن ڪيان،
    يار سان اظهار ڪيئن ڪيان،
    دل چريءَ جون ڳالهيون چريون،
    زندگي بيڪار ڪيئن ڪيان.
    *
    توسان ڪهڙا ليکا ساجن،
    ٽپي وياسي ليڪا ساجن،
    دليون قيد ڪرڻ جا توکي،
    آهن ڪيئي طريقا ساجن.
    *
    تحريرون تڙپن پيون،
    تقديرون تڙپن پيون،
    خواب سمورا خوڪ ٿيا،
    تعبيرون تڙپن پيون.
    *
    دوستو گڏجو اچو هي ڪيون وچن،
    آهه ڪرڻو سنڌ جو روشن صحن،
    ناهه رهڻي ڪا هميشه ئي خزان،
    بهار ڏس هاڻي اجهو ٿا گل ٽڙن.
    *


    نثري نظم/آزاد نظم

    نثري نظم/آزاد نظم

    رات جي سنسان سناٽي ۾،
    سارون ۽ ساروڻيون،
    دل جي پيڙائن جا پيرا کڻي،
    اندر جي ديوانن جون
    ڀتيون ٽپي
    دردن جي
    ڊرائنگ روم تائين پهتيون،
    جتي
    هنن دردن جي ديوتائن کي
    زمين تي
    ۽ عشق کي ريوالنگ چيئر،
    تي مرڪندي ڏسي
    شرم کان،
    پيار جي پردن پويان،
    پناهه ورتي
    هميشه لاءِ.
    *


    اچو اچو دوستو

    اچو اچو دوستو
    ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
    ڪيڏي ڏسو ٿا ٻاٽ آ
    جا امن منهن تي چماٽ آ
    پيٽ بکيو ۽ ساهَه سڪلَ
    ڇو اڃان ڀي پنهنجا چپ سبيل!!!؟
    ڪهڙو هي نظام آ
    ٿيو ديس ڌڻي غلام آ
    هِتِ سڀ جو آهي جيءُ جُهريو
    مڙس ٿيو ڪاٽل ڪيو
    ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
    هاڻي چپ ۾ ڪين گهاربو
    ٻار نئون ڪو ٻاربو
    پاڻ مٽيءَ ساڻ ملهائبو
    جنهن جي ڪُکِ ۾ وڃڻو آهي
    ساٿ نه تنهنجو ڇڏڻو آهي
    اچو ڪو گڏجي ڪيون بلو
    هي ڪيسين هلندو سِلسِلو

    موت ڀي ايندو اوچتو
    اچو اچو دوستو
    ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
    جي ڌرتيءَ ڪارڻ شهيد ٿياسي
    سمجهو ويل کان بچي پياسي
    نه جيون اجايو گهاريو
    ڏسو وقت آ پڪاريو
    سياڻا ٿيو ڌيان ڌريو
    ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
    جي آزاد ديس ڏسڻو آ
    ۽ آزاديءَ سان رهڻو آ
    هِتِ ڌاريو هڪ نَه رهائيون
    چونڊي چونڊي ماريون
    هوشو ٿي للڪاريون
    پنهنجا رنگ ولاريون
    پنهنجو پاڻ ملهائبو
    منهنجو عرض اگهائيو
    اچو اچو دوستو
    ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
    ساٿ............
    *


    مان سمجهان ٿو تنهنجي احساسن کي

    مان سمجهان ٿو تنهنجي احساسن کي
    ۽ تنهن جي جذبن کي
    او سادڙا پيرين اگهاڙا
    منهنجا قومي ڀاءُ
    تنهنجي اکين جي ڳاڙهاڻ مان
    ان ماٺ جي مانڊاڻ مان
    مان سمجهان ٿو
    مان سڀ سمجهان ٿو
    بدامنيءَ جو راڪاس ٿو ڊوڙي
    تنهن ڇڏيا هن ساهه پنوڙي
    وري ڌرتيءَ تي رت وهيو آ
    جان مان نڪري سڌ ويو آ
    مان سمجهان سڀ سمجهان ٿو
    تنهنجي غيرت منهنجي غيرت
    ساڳي قومي غيرت آهي
    ڇاجو نسل ڇاجي ذات
    پنهنجو مقصد، سنڌوءَ ساٿ
    سچل سامي، شاهه ڀٽائي
    توکي سڏن ٿا مون کي سڏن ٿا
    ڌرتي تي ڌر تتي ٿي پئي آ
    اوکي هر هڪ ويل ٿي پئي آ
    ماٺَ ۾ ڇو سهون عذاب
    اچ به بڻايون نئون سماج
    جنهن جو آخري آهي علاج
    انقلاب، انقلاب، انقلاب
    *


    مان ڪو فرشتو ته

    مان ڪو فرشتو ته
    نه آهيان
    جو
    بي عيب هجان
    مان ته
    ان آدم جو اولاد آهيان
    جنهن
    يا خبر هوندي به
    لذت گناهه کان
    رهي نه سگهيو
    ۽
    جنت مان ڌڪيو ويو
    توکي غور ڪرڻ گهرجي
    منهنجي ڏوهه تي
    ۽ مون لاءِ
    نفرت تي
    *


    آءُ ڄاڻان ٿو توکي

    آءُ ڄاڻان ٿو توکي
    تون
    اقتدار
    جي حَوَسَ لاءِ
    قوم پرستيءَ جا پوز هڻي رهيو آهين
    تو کي
    خبر هئڻ گهرجي
    هيءَ ڌرتي محبت جي ڌرتي آهي
    ڇا توڳن اسان جي
    محبتن جي موٽ ڏئي
    سگهندين؟؟؟!
    اسان کان ته
    اڃا
    تنهنجي نانگ
    جي هتان سونهن ديويءَ خانه
    گگوش جو ئي بي ڏوهه قتل
    وارو واقعو
    وسري نه سگهيو آ
    *


    شاهه او منهنجا ساهه

    شاهه او منهنجا ساهه
    او فخر سونهن
    تنهنجي نگريءَ جو آهيان رهواسي
    پوءِ به حياتي پياسي پياسي!!!
    تنهنجي در تي
    سين هنئي آ
    اُنهي ڪشڪول بين کنئي آ
    تون ئي ڏي ڪو دان او سائين
    تون ئي ڏي ڪو دان،
    دنيا جاني دشمن ٿي پئي
    جيئڻ به هاڻي ڪين ڏي پئي
    تنهن ناهي ڪرڻو ٺاهه
    شاهه او منهنجا ساهه
    پيار ڪيو آ پاڻ کي پڌرو
    هنيو آ تنهنجي در تي ڌرڻو
    ڏئي ڇڏ اڄ ڳچ ڪو چاهه
    شاهه او منهنجا ساهه
    دوستو
    جڏهن سين ٻڌائي
    ڏسي ڏاڍو مرڪي ڏنائين
    پيار سان منهنجو
    دامن ڀريائين
    ڏنائين پراڻ ميو ڏنائين
    اهو اٿو شاهه جنهن ۾ منهنجو ساهه
    *


    تو نه ته ڪنهن ٻئي جي

    تو نه ته ڪنهن ٻئي جي
    گهر جي زينت بڻجي وئينءَ
    مان مڃان ٿو تنهنجو ڏوهه نه هو
    تون بيوس هئينءَ
    تنهنجي زندگيءَ جو فيصلو تنهنجي وڏن
    توتي زوريءَ هڙهيو هو
    تنهنجي
    شاديءَ جي شرناين سان
    منهنجي پيار جي ار ٿي
    تنهنجي ڄانڃن کنئي هئي
    ها ياد اٿم
    ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي
    پر ڳالهه
    ڪنهن ٻڌايو ته
    تون پنهنجي شريعتي محبوب سان گڏ
    منهنجي شهر ۾ اچي رهي آهين
    ڇا ڪيو سمجهه ۾ ڪجهه نٿو اچي
    تون ته
    منهنجي روح کي وسڪيءَ وانگر پي
    لڙکڙائي هلي وئينءَ
    جسم کالي ڄڻ بوتل پيو لڳي
    شل ڀڄي پوان
    يا پاڻ ئي اچي نئين ستم جو پٿر هڻي ٽڪرا ٽڪرا
    ڪري ڇڏ.
    *


    جيڪڏهن

    جيڪڏهن
    تون مون کي نه ملينءَ
    ته مان به ڪنهن کي نه ملندس
    مون کي تون چاهيو آهي
    منهنجو شرير تنهنجي امانت رهندو
    هن شرير تي هميشه
    تنهنجي چپن ۽ هٿن جي
    روشني
    چمڪندي رهندي
    هنن نيڻن ۾
    هميشه تنهنجي ياد
    ڪنهن تن ۾ واچوڙي جيان
    گهوماٽيون کائيندي رهندي
    ۽ جيڪڏهن تون مون کي نه ملينءَ ته
    مان هن سماج جي
    سمورين رسمن سان
    ٽڪر کائي پنهنجي وجود کي
    تنهنجي ياد جو المناڪ کنڊر بڻائي ڇڏيندس
    *


    ڪالهه اچتو

    ڪالهه اچتو
    اخبار ۾ تنهنجو
    فوٽو سان گڏ انٽرويو ڏسي
    ڌڏي ويس
    منهنجي ذهن جي اڏام
    پنج سال پوئتي وڃي
    هڪدم رڪجي وئي
    جيئن سيل ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ
    گهڙيال جا ڪانٽا
    همٿ هاري ويهي رهندا آهن
    توسان گهاريل
    شامون ۽ ڪيل انتظارن جون
    يادون تري آيون
    تنهنجي تصوير کي ڏسي
    شاهه صاحب جو بيت هر هر
    منهنجي ڪنن ۾
    گونجيو پئي ته
    “چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان نه پرينءَ سين”
    “تون اڇو مَ رات سڄڻ نت سوجهرو”
    *


    مان مڃان ٿو

    مان مڃان ٿو
    پکي پالڻ
    تنهنجو ننڍپڻ جو شوق آهي
    تون سڄو ڏينهن
    انهن سان دل وندرائيندو آهين
    پر
    خدا جي واسطي
    ڪنهن جوڙي کي هڪٻئي کان جدا نه ڪجانءِ
    تنهنجي منهنجي
    به ته
    هڪ جوڙي آهي
    ڇا آءٌ چاهيندس؟
    توکي مون کان ڪو ڌار ڪري.
    *


    اي خدا تون ته ڄاڻين ٿو

    اي خدا تون ته ڄاڻين ٿو
    ته مان
    تنهنجي وجود جو قائل آهيان
    او!
    ڪائنات جا تخليقار مان
    تنهنجي هر تخليق کي
    تو وانگر چاهيو آهي
    پر
    هن سماج جا مفتي مون کي
    ڪافر!
    پيا چون
    ڇو جو آءُ تنهنجي هٿن سان ٺاهيل
    تخليق
    جو پوڄاري آهيان
    *


    او حقيقت کان

    او حقيقت کان
    نا آشتا
    ماڻهو
    تون وڏي هام ڀري هئي
    ته
    دريا جي سيني کي
    چيري
    ڦاڙي
    آسانيءَ سان ٻئي
    ٻئي ڪناري پهچي سگهين ٿو
    پر توکي منهنجي
    اندر ۾ هڪ
    بکي ڌٻڻ جي ڄاڻ ئي آهي
    ڌٻڻ اها
    جنهن ۾ هزارين وجود دفن ٿيل آهن
    او سانئڻ
    مان حقيقت جو انڪاري ناهيان.
    *


    زندگي

    زندگي
    عذابن جو هڪ اڻ کٽو سلسلو آ
    جيڪا هٿ تي چٽيل ريکائن جيئان
    ورن وڪڙن سان ڀرپور آ
    ۽
    جنهن جي هڪ هڪ ڌڪ سان
    انسان جو وجود ڄڻ
    ٺپا ٿو لڳرائي
    ۽ مان
    هن ٺپن سان جهڙوڪ چٿيل هجان
    جنهن تي
    تازو ٺپو تو هنيو آ
    پنهنجي بيوفائن ۽
    شڪوا ترازن جو
    *


    مهڪ

    مهڪ

    تو اچڻ مهل
    سوچيو هوندو
    ته مان توکي نه ڏسي سگهندس
    اڙي چريا
    شايد
    تون نٿو ڄاڻين
    مان تنهنجي جسم جي مهڪ
    تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾
    محسوس ڪندو آهيان.
    *


    ڊَپُ

    ڊَپُ

    توکي پنهنجي ويجهو ڏسي
    ڊڄان ٿو
    سوچان ٿو
    دنيا وارا ڏسي نه وٺن
    ڇو ته ظالم صرف ظلم ئي سکيا آهن
    ايئن نه ٿئي جو ٻنهي کي جدا ڪن
    تون به تڙپين
    مان به پنهنجو وجود مٽائي ڇڏيان
    ان ڪري مون سان ايڏو ويجهو نه ٿي
    مان ڊڄان ٿو
    بس ضد ڇڏ
    مون کي ڀلائي ڇڏ
    *


    اڪيلي ڪمري ۾

    اڪيلي ڪمري ۾
    تنهنجن يادن کي ٻيهر ياد ڪندي،
    روئي ڏنم
    ڊائري ۾ لکيل تنهنجا لفظ اکين جي سامهون هئا
    جنهن جي ڀرسان تنهنجو نالو لکيل هو
    غور ڪيم
    تو ۾ ۽ لفطن ۾ ڪيڏو فرق آهي!
    شايد توکي ياد هوندو
    تو لکيو هو
    “پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ سک”
    مان ته ان ڏينهن کان پاڻ تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آ
    مان ته اڄ به تو لاءِ ٿو جيئان
    پر تون........................!!!!
    *


    ڌرتيءَ تي ٿا ڪيڏا قهر ٿين

    ڌرتيءَ تي ٿا ڪيڏا قهر ٿين
    توکي خدا ڇا ٿيو آ
    هو ڏس ڏس پوڙهو
    غور سان ڏس
    ماڻهن جي وچ ۾ بيٺل
    اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيو آهي
    جنهن کي تو پنهنجي طرفان
    چار پٽ ڏنا هئا
    اي خدا غور سان ٻڌ
    چوندا آهن اولاد تنهنجي طرفان ڏنل نعمت
    هوندي آهي
    ته پوءِ هن پوڙي کي
    ڇا جي سزا ڏني اٿئي هن جي ننڍي پٽ کي
    پاڻيءَ ۾ ٻوڙيئي
    ڇو جو ڪک پن تنهنجي حڪم کانسواءِ نه چرندو آهي
    هن جي ماءُ اڄ تائين اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهي
    آهي
    خدا توکي ڇا ٿيو آهي
    ڪالهه وري ساڳئي پيءُ جي ننڍي پٽ کي
    وڏي پٽ جي هٿان سيني ۾ گولي هڻايئي
    ڇو جو ڪک پن به تنهنجي حڪم کان سواءِ نه چرندو آ
    چوندا آهن ڪنهن کي مارڻ يا ٻيو ڪو فساد ڪرڻ
    شيطاني ڪم آهي
    خدا تون شيطان کي ختم ڇو نه ٿو ڪرين
    يا وري اهو مڃ ته
    هو تو کان گوءِ کڻي ويو آهي!
    *


    منهنجي ڌرتي منهنجي ماتا،

    منهنجي ڌرتي منهنجي ماتا،
    گهور ڪرڻ لئه سر هي آتا،
    ڀٽ جي سائنڻ ، سر جا سودا،
    ڪهڙا ليکا ڪهڙا چوکا.
    *


    ڳليء ڳليء هي گيت مون ڳاتا،

    ڳليء ڳليء هي گيت مون ڳاتا،
    گهور ٿيس جي توتان ممتا،
    منهنجو جوڀن، نينهن ، نشيمن،
    سڀ ڪجھ تو لئه واريان توتان،
    محبوبن کان مقدس آهين،
    سنڌ منهننجو تقدس آهين.
    *


    مٺي تون مونکي تيار ڪر....

    مٺي تون مونکي تيار ڪر....
    سين پهريون

    رهزن وري رومڙ ڪئي،
    اچو ته ساهيون سندرا،
    مٺي تون مونکي تيار ڪر،
    هاڻي آزاديء سان پيار ڪر،
    *
    مون کي تنهنجن زلفن جوقسم،
    ء حسين مرڪن جوقسم،
    مون لئه تون اتم آهين،
    سکي تون ئي دين ڌرم آهين،
    پرهيء جيڪا ڌرتي آ،
    سا پنهنجي پيار کان اوچي آ،
    *
    سنڌ....!سرمد سمجهي سڏ ڪيو،
    مون اڄ کان تنهنجو سنگ ڇڏيو،
    جوڌن کي وري للڪاريو ويو،
    لاش شهيدن جو ساڙيو ويو،
    قربان پنهنجو ساھ ڏنو،
    روپلو هن سان گڏ سڙِيو،
    *

    مان ڪيئن رهان تنهنجي ڀاڪر ۾،
    قومي موت آ اهڙي ٺاپر ۾،
    قوم سان پنهنجو عشق اٿاھ،
    ماء سان يڏو ڏاڌ انياء....!
    هي ڪير ڪو ڏسندو ويهي لقاء،
    مٺ تو کان ڪيان پيو الوداع،
    مهنجا پٽ به تيار ڪجان،
    ء سنڌ تان تون قربان ڪجان.
    *





    سين نمبر ٻيو
    مٺا مان تنهنجي محبوبا هان،
    تو ساڻ پل پل نينهن نڀايا،
    پنهنجو پيار قربان ڪيان،
    گڏجي تو سان ساھ ڏيان،
    ڏس پنهنجو پاڻ تيار ڪيم،
    هڪل ڪئي تو هلي آيم،
    *
    هاڻي هار سينگارجي ڳالهه نه ڪيون،
    اٿ هٿيار ء بارود کڻون،
    ويڙھ گڏجي وڙهڻي آهي،
    زندگي هونء به وڃڻي آهي،
    بس ڳالھ هتي هڪ رهڻي آهي،
    *

    مون کي تنهن کا نفرت آهي،
    جنهن۾ قومي غيرت ناهي،
    پنهنجو پيار قربان ڪيون،
    هر هر سنڌ تان سر ڏيون،
    ماريون،ماريون ء ماريون،
    ڌرتيء جو هر ويري ماريون،
    *
    پنهنجي پوتي سندرو ڪيان ٿي،
    اهڙي اڄ مان ويڙھ وڙهان ٿي،
    توسان گڏجي آء هلان ٿي،
    جي ٻئي ويڙھ ۾ ماريا ويا سين،
    هي جاڙا جيون گهور ڪيا سون،
    *
    پوء پنهنجو پيار اتم آهي،
    نه ته پيار ڪهاڻي ختم آهي،
    موت اهڙو ڊزائين ڪيون ٿا،
    جنهن کي موت نه ماري سگهندو،
    ء ڪوبه نه لاشا ساڙِ سگهندو،
    اٿندو هر انسان هي اٿندو،
    پوط ئي پنهنجو پيار امر آ....
    *








    سين نمبرٽيون
    ڀل جان پاڻ ننڍڙا آهيون،
    جيجل تنهنجا ٻچڙا آهيون،
    بابل توکي سڏ ڪيو،
    مون ڀيڻ سڏي ء ڀاء سڏيو،
    ڌرتيء لئه هي ڪنڌ کڻو،
    سنڌ کان ناهي سر مٺو،
    گڏجي اهڙِ جنگ ڪيون،
    هلي ويرين جا ٿا ڪنڌ ڪپيون....
    *
    سين نمبر چوٿون
    هو آ سرمد تون آن ٻاگهي،
    هي ٻچڙا عشق جا آهن ساکي،
    اهڙي ويڙھ جي صورت کي،
    هن عشق جي اهڙي مورت کي،
    مون داد ڏنو مون ڀٽ ڇڏي،
    منهنجي هٿن سان تيار ٿيو،
    آء به اوهان سان گڏ هلان ٿو،
    منهنجو وايون منهنجا بيت،
    بڻڇيون ڀالا نيٺ بڻيا،
    باقي سڀ کي آء سڏيان ٿو،
    آزاديء جي سين هڻان ٿو،
    منهنجي سڏ ۾ سڏ جي ڏيندا،
    سيئي هاڻي سنڌ جا سڏبا،
    سيئي هاڻي سنڌ جا سڏبا.....
    *

    شهيد قربان کهاوڙ ۽ شهيد روپلو چولياڻي جي شهادت تي


    مڌ ڪئي آ رهبري ء هوء اسان جي دلبري

    مڌ ڪئي آ رهبري ء هوء اسان جي دلبري

    ساهن ۾ سانڊڻ جهڙي ڇوڪري،
    منهنجي ڇاتيء جي وشال ڌرتيء تي،
    را ت جي سانت ۾،
    مکڙين نما پنهنجن چپن سان چمندي رابيلن جا گلدستا ٺاهيندي رهي ،
    ان ساعت مونکي ائين لڳو،
    ڪائنات جا انڊلٺي رنگ،
    هن جي ڳاڙهن ڳٽول ڳٽن ۾ سمائجي ڄڻ اڌارا ساھ کڻي رهيا هئا..........!
    سچ پچ هوء ڇوڪري منهنجي سپنن جي پوپري،
    بلڪل گلن جي ٽوڪري......

    جام اسانجي جان بڻيو،
    جنهن سان پنهنجو جيء جڙيو،.......
    پئمانن جي ڳالھ نه ڪر،
    مٽڪن کان گهٽ ناهي گذر،......!
    مئخاني ۾ موهت ٿيا سين،
    مئخارن سان روح رليو.

    پنهنجو جيون جاڙو جيون، پورو جيون سارو جيون ،
    ڳاڙهو،سائو،پيلو جيون،عاشقيء جي رنگ رتو.

    مئڪشِي ء مھجبين جاڙ جيون جي مڳي....!
    مڌ ڪئي آ رهبري ء هوء اسانجي دلبري،پوري حياتي ڦلجهڙي،
    ڪينئن چوان اجائي آهي پوري عمر سجائي آهي،

    مون رڙ ڪئي هن رهڙ ڏني،جو ضبط ڪيم واهر ملي ،
    ڪڏهن وڻي، ڪاٿي ملي؟ پر جيون ڀر جو ساھ بڻي،
    مدهوشيء جي ڳالھ نه ڪر موکي تنهنجو ناهي مثل،
    هيء حياتي کوڙ حياتيون،پنهنجو سپنو ساڳو سپنو،


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258322
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386415
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ