ڪتاب جو نالو: آخري وسيلو
مصنف: حليم بروهي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1980
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 28 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 768 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 266 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
حليم بروهي ذاتي طور هڪ نرالو شخص هو، مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ واري دور ۾ هو سڀني کان الڳ ۽ اڪيلو هو. هن لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي راضي ڪرڻ، خوش ڪرڻ لاءِ مصلحت کان ڪم نه ورتو. حليم جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو، ان جو اظهار ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ ڀلي ڪنهن کي نه وڻي يا ڏکي لڳي، اها پرواهه ڪرڻ حليم بروهي سکيو ئي ڪو نه هو. هن جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ حليم بروهي اهو ئي ساڳيو ۽ هڪڙو هو. فقط حليم بروهي ئي ڪنهن کي کل کل ۾ چئي سگهيو ٿي ته، ”تون مون کي نٿو وڻين“.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • حليم ، آخري وسيلو ۽ آئون
  • ادبي ھٿيار
  • خوني سازش عرف دلبر جاسوس
  • آخري وسيلو
  • ٻہ قبرون
  • ڊرائنگ روم مان
  • جيئرو لاش
  • ھي پڙھڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيندو
  • سنڌي ڪتاب ۽ رسالا ڇا نٿا وڪامن؟
  • چرچو ۽ چرچائي
  • ھي سلسلو

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آخري وسيلو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ حليم بروهي جي لکڻين جو مجموعو آهي. حليم سچ لکندڙ هيو، پوءِ ڀلي ڪنهن کي وڻي يا نه .......
    شوڪت شورور صاحب لکي ٿو:
    ”حليم بروهي ذاتي طور هڪ نرالو شخص هو، مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ واري دور ۾ هو سڀني کان الڳ ۽ اڪيلو هو. هن لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي راضي ڪرڻ، خوش ڪرڻ لاءِ مصلحت کان ڪم نه ورتو. حليم جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو، ان جو اظهار ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ ڀلي ڪنهن کي نه وڻي يا ڏکي لڳي، اها پرواهه ڪرڻ حليم بروهي سکيو ئي ڪو نه هو. هن جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ حليم بروهي اهو ئي ساڳيو ۽ هڪڙو هو. فقط حليم بروهي ئي ڪنهن کي کل کل ۾ چئي سگهيو ٿي ته، ”تون مون کي نٿو وڻين“. حليم وٽ وڻڻ ۽ نه وڻڻ جا ڀلي پنهنجا ماپا هجن، پر ان ۾ رک رکاءُ يا منافقي نه هوندي هئي. حليم کي جيڪو ماڻهو نه وڻندو هو، ڀلي ان جا سبب ڪهڙا به هجن، هو ان کان هميشه الرجڪ رهندو هو. سندس لکڻ ۾ به اها ساڳي جولاني هوندي هئي. “
    ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر عبيد الله ٿهيم جا جنهن جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حليم ، آخري وسيلو ۽ آئون

    (ڪمپوزر پاران)

    ’حليم بروھيءَ کي زندگيءَ ۾ مون ڪڏھن بہ نہ ڏِٺو، ڪڏھن بہ نہ ٻُڌو پوءِ بہ سندس فين آھيان‘ اِھڙِي ٻٽاڪ ھڻندي آئون ڪنھن وڏي محفل ۾ داد تہ حاصل ڪري سگهان ٿو پر ٽيڪنالاجيءَ کان ڪيئن ٿو لِڪي سگهان؟ جنھن مون کي يوٽيوب تي حليم ڏيکاريو، ائين پيو لڳي تہ حليم اِجهو منھنجي سامھون ويٺو آھي ۽ منھنجي سامھون تجربا پيو ونڊي.. پر منھنجو سنگتي مسٽرماڪوڙو چوندو آھي تہ ’روبرو ملڻ جو مزو ئي پنھنجو آ‘، سو حليم بروھيءَ سان روبرو ملڻ جي خواھش ڪڏھن بہ پوري نہ ٿِي سگهندي... حليم جي شخصيت تي وڏن اديبن روشني وِڌي ھوندي جيڪڏھن اڃا بہ اوندھ سمجهو تہ حليم کي يوٽيوب تي ڳولھي سندس انٽرويو ٻُڌوس ان کان پوءِ توھان بہ حليم جي شخصيت تي پَھريدارن ۽ چوڪيدارن جيان روشني وجهي سگهو ٿا، آئون حليم جي شخصيت تي روشني وجهڻ کان پوءِ پاڻ اوندھ ۾ ھليو ويندس تنھنڪري في الحال ڇڏيو..
    حليم بروھيءَ جي ھِن آخري وسيلي بابت حليم جي ئي ھڪ آرٽيڪل ۾ پڙھيو ھُئم، جنھن کان پوءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرريءَ مان پڇا ڪيم، اُتي لائبرريءَ جي سافٽويئر ۾ ’حليم بروھي‘ لکون تہ لڀي ئي نہ پيو (سافٽويئر جو مسئلو ھو، مرحيات حليم جو نہ)، پوءِ لائبررين کي چيم تہ ”عبدالحليم“ لکي ڳولھا ڪر، ھن ائين ڪيو ۽ نتيجو سامھون آيو، توھان اندازو ڪندؤ تہ حليم بروھيءَ جا ھيڏي وڏي لائبرريءَ ۾ ڪيترا ڪتاب موجود ھوندا؟ فقط 3، ٿيڻ ائين کپي ھا تہ اُتي حليم بروھيءَ جا سڀ ڪتاب موجود ھُجن ھا پر ٽي ڪتاب مِليا جَن ۾ ھڪڙو ھِي ڪتاب جيڪو توھان ھاڻ پڙھندؤ (آخري وسيلو)، ’حليم جي سنڌي‘ (رومن وارو ڪتاب) ۽ ’ھٽلر لکيو‘.. حليم جو ناول، حليم جا ٻيا ڪتاب مون وٽ موجود ناھن جيڪڏھن اُھي ھُجن ھا تہ يقيناً اُھي بہ ڪمپوز ڪري رکون ھا.
    ’آخري وسيلو‘ جي ڪمپوزنگ کانپوءِ مُنھنجي ڪمپوزنگ رفتار ۾ ڪافي واڌارو اچي ويو آ (اھا خوشي جي ڳالھ صرف منھنجي لاءِ آھي، توھان لاءِ نہ) تنھنڪري سوچيان ٿو تہ ھاڻ حليم جا ٻيا ڪتاب بہ آنلائن ڪريان. سو في الحال سنڌسلامت جي پليٽفارم تان ھن ننڍڙي ڪتاب کي نئين سري سان ڪمپوز ڪري رکون ٿا، باقي مرحيات حليم جا ٻيا ڪتاب بہ ڪمپوز ڪري رکنداسين. اميد تہ توھانکي ھِي ڪتاب پسند ايندو، پنھنجي راءِ کان ضرور آگاھ ڪجو.

    عبيد ٿھيم
    (ايڊيٽر)
    سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
    www.sindhsalamat.com
    www.ubedthaheem.com


    ادبي ھٿيار

    ادبي ھٿيار
    سنڌي اديب سڏائڻ جي لاءِ جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿيل سڏائڻ ضروري آھي، مھنجي شڪل مان ظاھر آھي تہ مان جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿيل اديبن مان آھيان ۽ منھنجي ادبي تخليقات مان ظاھر آھي تہ مان شايد ئي ڪنھن شئي کان متاثر آھيان.
    ادب جي دنيا محدود آھي ۽ اديب جي دنيا نھايت بيھودي حد تائين محدود آھي. شايد ئي ڪو اديب ھجي جنھن ادب جي حدن کي چڱي طرح پروڙيو ھجي. مان انھن جو ذڪر نہ پيو ڪريان جيڪي ادب ۾ ڪالھہ ڄاوا ۽ جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر نہ ھئڻ سبب اڄ ادب جون حدون اورانگهي بہ چڪا آھن. مان اھڙن کي اديب ئي نٿو مڃان.
    اديب لاءِ ضروري آھي تہ ھو ڪنھن نہ ڪنھن عظيم شخصيت کان متاثر ٿيل ھجي ۽ جي نہ ھجي تہ متاثر ٿيل ھئڻ جو ڍونگ رچائي. اسان سنڌي اديب پاڻ کي سالن جا سال جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿيل سمجهڻ کانپوءِ ھن وقت پاڻ کي سچ پچ جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿيل سمجهي چڪا آھيون. جي ايم سيد جي شخصيت کان متاٿر ٿيل چورائي اسان سالن جا سال پنھنجي خيالن جي دنيا ۾ وڏا اديب ٿي رھيا آھيون.
    اسان وٽ جي ايم سيد کان وڌيڪ عظيم شخصيت نہ آھي نہ ٿيندي ۽ جي ٿيندي تہ اسان ان کي مڃڻ کان انڪار ڪنداسين. جي ايم سيد جي شخصيت اسان جو ٺاھيل بت آھي جنھن جي پوڄا اسان تي فرض ۽ جنھن جي حفاظت اسانجو حق آھي.
    ھن وقت اسان جي خيالن جي دنيا کي ڌونڌاڙيو پيو وڃي، لوڏيو پيو وڃي ۽ اسانکي رولي ۾ وڌو پيو وڃي. اڄ سوال اٿاري تہ جي ايم سيد جا خيالات احترام جي قابل آھن بہ يا نہ اسان جي جذبات سان ھٿ چراند ڪئي پئي وڃي. اڄ سوال اٿاري نہ جي ايم سيد جا ٻول احترام جي قابل آھن بہ يا نہ، اسان جي حقن کي للڪاريو پيو وڃي. اڄ جي ايم سيد جي شخصيت سان ھٿ چراند ٿي رھي آھي، ۽ اھا ھٿ چراند اھي شخص ڪري رھيا آھن جيڪي نہ اديب آھن ۽ نہ ادب جي آداب کان واقف آھن. ادب جي آداب جو پھروين ادب آھي جي ايم سيد کان متاثر ٿيل ھئڻ يا اسان مان گهڻن وانگي پاڻ کي خوامخواھ جي ايم سيد کان متاثر ٿيل سمجهڻ يا اسان مان باقي رھيلن وانگي خوامخواھ جي ايم سيد کان متاثر ٿيل ھئڻ جو مظاھرو ڪرڻ. جنھن بند ڪوٺڙي ۾ اسان سالن جا سال بند رھيا آھيون ۽ جنھن ڪوٺڙي جي حفاظت اسانجو فرض آھي تنھن جي ڀتن کي اڄ ڪي نالائق لوڏي اسانجي عظمت کي للڪاري رھيا آھن. ھي نالائق جيڪي بي دعوتا ڪاھي پيا آھن ادب ۾ سي جيئن ڍڳا ڪاھي پيا ھجن شيشي جي ٿانون جي ڪنھن دڪان ۾.
    پر زبان درازي يا قالم درازي کان ڪم وٺي اسانکي پاڻ پڌرو ٿيڻو ڪونھي، اسانکي زبان ۽ قلم ٻئي قابو ۾ رکڻا آھن. اسانکي سوچي سمجهي ھنن نالائقن کي منھن ڏيڻو آھي. پاڻ ڏسون تہ پاڻ وٽ ھٿيار ڪھڙا آھن ھنن نالائقن سان جنگ جوٽڻ لاءِ. ھٿيار اھڙا ھجن جيڪي ھنن نالائقن وٽ نہ ھجن، ھاڻي اھڙا ھٿيار پاڻ وٽ ڪھڙا آھن؟ بغض ۽ ڪينو ازل کان ھيڻن جو ھٿيار آھن، بغض ۽ ڪينو اھڙا ٻہ ھٿيار آھن جن جي اديبن وٽ کوڙ نہ ھوندي آھي جو اديب ازل کان ھيڻو آھي. اھي ٻہ ھٿيار پاڻ کي استعمال ڪرڻا آھن ۽ اھڙي طرح ڪرڻا آھن جو ھي نالائق پاڙئون پٽجن ۽ پاڻ پڌرا بہ نہ ٿيون. طريقو جيڪو پاڻ کي اختيار ڪرڻو آھي اھو آھي تہ پاڻ ھنن نالائق ليکن کي اھميت نہ ڏيون. ائين ظاھر ڪريون تہ جيئن اسان سندن ڪو ليک پڙھيو ئي ڪونھي، ڏٺو ئي ڪونھي. جڏھن بہ پاڻ سان ڪو ھنن نالائقن مان ڪنھن سان گڏجي تہ ائين گڏجي جيئن ھنن نالائقن ڪڏھن ڪو ليک لکيو ئي ڪونھي. اسان مان ڪوبہ سندن ڪنھن بہ ليک جو جواب نہ ڏئي تہ جيئن ھو محسوس ڪن تہ سندن ليکن کي اسان يا تہ پڙھيو ڪونھي يا ان قابل نہ سمجهيو اٿئون تہ ان تي ڪو تبصرو ڪجي. مان اوھان کي خاطري ٿو ڏيان تہ پاڻ جي ھن طريقي تي صبر، استقلال ۽ تنظيم سان عمل ڪيو تہ ھو نالائق دل شڪست ٿي لکڻ لکائڻ تان ھٿ کڻي وڃي گهر ويھندا. ھي ادبي طريقو آھي ڪنھن اديب جون پاڙون پٽڻ جو، ھي ادبي طريقو آھي نئين اديبن کي ادب جا دروازا بند ڪرڻ جو ۽ ھي ادبي طريقو آھي نئين اديبن کي اديب ٿيڻ کان اڳ ھميشہ لاءِ ختم ڪري دفنائي ڇڏڻ جو.
    ***
    • پنجابي سنڌ ۾ 1901ع کان آباد آھن، ڪڏھن پنجابين ڪنھن بہ سنڌي آفيسر کي بدلي ڪرڻ يا ڪڍڻ لا ڪو جلسو ڪيو؟ يا ڪو جلوس ڪڍيو؟
    • جنھن مسخري جو خيال آھي تہ شادي کانپوءِ ماڻھون وقت جو پابند ٿيندو آھي، تنھن مسخري کي اھا خبر ناھي تہ وقت جو پابند فقط غلام ھوندو آھي. ڪا اھڙي زال بہ ڪنھن ڏٺي جيڪا وقت جي پابند ھُجي؟
    • ڪا گهران ٻاھر نہ نڪري ۽ جي ڪا نڪري تہ ھن کي بڇڙو ڪريو. ماڻھون اوھان لک روپين جا آھيو، فقط اوھان جو قدر ڪونھي.


    خوني سازش عرف دلبر جاسوس

    خوني سازش عرف دلبر جاسوس
    اوچتو آفيس جو در زور سان کليو ۽ ھڪ پوڙھي عورت سڌو اچي منھنجي سامھون واري ڪرسي تي ويھندي ئي چيو تہ ”مان خرچ ڪري سگهان ٿي جو منھنجو نالو مسز ڪروڙ پتي آھي. مونکي سٺي جاسوس جي مدد گهرجي. تون پنھنجي لياقت ڏيکار“. مون بندوق سان راند ڪندي چيو تہ ”توکي ھڪ نڪ ٻہ اکيون آھن، ۽ جيڪڏھن مان غلطي نہ پي ڪريان تہ توکي ٻہ ھٿ ۽ ھڪ ٻہ ٽنگون بہ آھن جن تي تون ھلي....“ ”۽ منھنجا ھي وار نقلي آھن ۽ مان نوجوان سھڻي نينگر آھيان بس بس، تون سڀڪُجهہ ڄاڻين ٿو. پئسا وٺ ۽ مونکي منھنجو مڙس ڳولھي ڏي جيڪو چئن ڏينھن کان غائب آھي“ چوندي محترمہ ڪروڙپتي پنھنجي نقلي وارن جي ٽوپي لاھي ان مان نوٽن جو ٿھو ڪڍي منھنجي سامھون رکيو. مون گهنٽي وڄائي جيڪا وڳي تہ مان حيران ٿي ويس. منھنجي سيڪريٽري اندر آئي جنھن کي ھڪ نڪ ٻہ ڪن ٻہ اکيون ۽ ھڪ پُڇ ھو. پڇ سندس مڙس جو جنھن کان مان بيزار ھوس. بندوق جي نالي سان نوٽن ڏانھن اشارو ڪري سيڪريٽري کي ”ھٽائي پري ڪر“ چئي نقلي ڏاڙھي لڳائيندي مون مسز ڪروڙپتي کان پڇيوتہ ”ڪو نياپو؟“. ”فقط ٻہ ڏينھن اڳ ھڪ خط ٽپال ۾ آيو جنھن ۾ لکيل ھو تہ مسٽر ڪروڙپتي جو خير نہ آھي ۽ ھن جي ٽيجهي ۽ چاليھن جو بندوبست ڪري ڇڏ“ چوندي محترمہ ڪروڙپتي اچي روئڻ ۾ پئي. ”بس بس، سڄي ڳالهہ مان سمجهي ويس“ چوندي مون پستول کيسي ۾ وڌو ۽ بندوق کڻي آفيس کان ٻاھر آيس. ٻاھر ڪتو نہ ھو. ”پنھنجو گهر ڏيکار ۽ مسٽر ڪروڙ پتي جو ڪو ڪمرو ڏيکار“، مون مسز ڪروڙ پتي کي چيو.
    گهر ۾ فقط ھڪ ڪتو ھو جيڪو مائي ڪروڙ پتي جي پيرن کي چٽڻ ۽ مون ڏانھن ڀونڪڻ لڳو. مائي ڪروڙ پتي ڪتي جي مٿي تي ھٿ ڦيرائيندي چيو تہ ”ھي ڪتو مسٽر ڪروڙپتي جو پاليل ۽ نپايل آھي“. مسٽر ڪروڙ پتي جي ڪمري مان مون انسپيڪٽر رشتوي کي فون ڪيو جنھن پاڻ سان گڏ رشوت خور صوبيدار ۽ بي حيا جمادار آندو جنھن مسز ڪروڙ پتي کي گهوري ڏسندي مونکي چيو تہ ”ھن ڪيس ۾ اوھان سان گڏ ڪم ڪرڻ منھنجي لاءِ باعث فخر آھي“. ”ڪم ختم ٿي چڪو آھي“ چوندي مون انسپيڪٽر رشوتي کي اشارو ڪيو جنھن ھڪدم ھٿ ڪڙيون ڪڍي مسٽر ڪروڙ پتيءَ جي پاليل ۽ نپايل ڪتي کي پارايون. ڪتي ڪيڪڙاٽي ۽ پوءِ ”ڏسي رھندس“ چوندي جيل ڏانھن ھليو ويو.
    ”ھيءُ ڳجهارت اوھان ڪيئن ڀڳي؟“ انسپيڪٽر رشتوتي مسز ڪروڙپتيءَ کان رشوت وٺندي مون کان پڇيو ”سولو، تمام سولو“ چوندي مون مسز ڪروڙ پتي جي ڪارن وارن ۾ ھٿ وجهي ڇڪيو تہ اندران اڇا وار ظاھر ٿيا. ”ھي مسز ڪروڙ پتي در اصل مسٽر ڪروڙ پتي جي ماءُ آھي، ۽ ڪٿي جي روپ ۾ مسٽر ڪروڙ پتي دراصل مسٽر ڪروڙپتي جو پيءُ آھي. مسٽر ڪروڙ پتي اڃا ڄائو ئي ڪونھي. منھنجي لاءِ مونجهارو فقط ھي ھو تہ ڪتو ڪيڏانھن ويو“ چوندي مون جمعادار بيحيا ڏانھن ڏٺو جنھن ھاڻ مسٽر ڪروڙ پتي جي ماءُ ڏانھن نھاريندي مون کان پڇيو تہ ”اھو مونجهارو اوھان جو لٿو يا اڃان آھي؟“ . ”ھن مونجهاري جو حل مونکي ھن خط مان مليو جنھن ۾ لکيل ھو تہ ٽيجهي ۽ چاليھن جو بندوبست ڪري ڇڏ“ چوندي مون جمعادار بيحيا ڏانھن ڏٺو جنھن مسٽر ڪروڙپتي جي ماءُ ڏانھن ھاڻ گهوري نھاريندي مونکان پڇيو تہ ”اھو ڪيئن؟“ . مون پائيپ مان سوٽو ھڻي نڪ مان دونھون ڪڍندي چيو تہ ”صاف ظاھر ھو تہ ڪتو گذاري ويو ھو جنھن جي ٽيجهي ۽ چاليھن جو بندوبست ڪرڻو ھو. ھنن زال مڙس ٻنھي گڏجي ڪتي جي ٽيجهي۽ چاليھن تي ٿيندڙ خرچ کان بچائڻ لاءِ اھا خوني سازش رٿي. مڙس ڪتي جو روپ ڌاري ويھي رھيو ۽ زال کي مون ڏانھن اماڻيائين“.
    رشوت خور صوبيدار انسپيڪٽر رشوتي کان پنھنجو حصو وٺندي مون کان پڇيو تہ ”اھو ٽيجهي ۽ چاليھين ملھائڻ جي ھدايت وارو خط ڪنھن لکيو ھو؟“. ”اھو خط صاف ظاھر آھي تہ ڪتي جي ڪنھن مائٽ لکيو ھو“ چوندي مون مسٽر ڪروڙ پتي جي ماءُ جي وارن ۾ ھٿ وجهي زور سان ڇڪيو تہ اندران ڪتي جو چاچو ڪيڪڙاٽ ڪندو ظاھر ٿيو جنھن کان انسپيڪٽر رشوتي رشوت وٺي منھنجي مھرباني مڃيندي مونکي در تائين ڇڏڻ آيو جتي منھنجي سيڪريٽري پنھنجي پڇ سان گڏ بيٺي ھُئي. ٻنھي جا ڳاٽ فخر سان اونچا ھُئا، سيڪريٽري جو ڳاٽ بہ ۽ سندس پڇ جو ڳاٽ بہ.
    ***
    • ھن وقت قوم کي قومي غيرت جي ضرورت آھي. اھا غيرت جيڪڏھن ڪنھن بازاري عورت ۾ بہ آھي تہ اھا بازاري عورت بہ عزت جي قابل آھي. پر اوھان پنھنجو ڪم ڪندا ھلو، ۽ جنھن جي وارن تائين اوھان جا ھٿ رسن تنھن کي وارن کان جهلي رستي تي گھليندا ھلو. اھو مڙس ماڻھن جو ڪم آھي ۽ اوھانکي ٺھي ٿو.
    • جنھن مسخري جو خيال آھي تہ شادي کان پوءِ گر ٺھندو آھي، تنھن مسخري کي اھا خبر ڪانھي تہ شادي کان پوءِ گهر ٺاھڻو پوندو آھي، گهر نہ ٺاھبو تہ زال کي ويھاربو ڪٿي؟


    آخري وسيلو

    آخري وسيلو
    پاڻ جي گڏياسين ڪڏھن تہ ڌار ٿيڻ وقت مان تنھنجي نظرن ۾ ڪريل ھوندس. جي تون چاھين تہ مان تنھنجي نظرن ۾ ڪڏھن نہ ڪران تہ مھرباني ڪري، ڏس تہ تنھنجو منھنجو اتفاق سان بہ ڪڏھن گڏجڻ نہ ٿئي.
    پنھنجو ڳالھائڻ ڪڏھن نہ ٿيو، پر مون تنھنجيون اکيون ڏٺيون آھن. الائجي ڇو مون ھميشہ محسوس ڪيو آھي تہ تنھنجي دل ۾ منھنجي لاءِ تمام گهڻي عزت آھي. مونکي اعتبار نہ ايندو تہ تون بيخبر آھين، ھڪ پڙدو آھي تہ تنھنجي منھنجي وچ ۾ ڪوڙي رک رکاءُ جو، ڪوڙي عزت ڪوڙي اڻڄاڻائي جو، جيڪو پڙدو شايد توکي پيارو ھجي پر جنھن پڙدي کي مان لاھي ڦٽو ڪندس جي اتفاق سان بہ تنھنجو منھنجو ڪڏھن گڏجڻ ٿي ويو ھن دنيا ۾.
    تنھنجي دل ۾ عزت آھي مون لاءِ جو توکي خبر آھي تہ مون ھڪ عشق ڪيو ھو، تنھنجي دل ۾ عزت آھي مون لاءِ جو توکي خبر آھي تہ فقط ھڪڙو عشق ڪيو جنھن ۾ ٻڏل ھوندي مون ڪڏھن توڏانھن نہ نھاريو تہ ڪنھن ٻئي ڏانھن ڇا نھاريو ھوندو. پر اھا اڻپوري آکاڻي آھي تنھنجي دل ۾ منھنجي عزت جي گهر ڪري وڃڻ جي.
    آکاڻي پوري تڏھن ٿي ٿئي جڏھن مان توکي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن مون پئي عشق ڪيو تڏھن مونکي بہ خبر ھئي تہ تو بہ عشق پئي ڪيو، ۽ اڄ اسان ٻنھي کي خبر آھي تہ پاڻ ٻنھي سان ساڳئي وقت دوکو ٿي رھيو ھو. ٻئي مظلوم ھئاسون، ٻئي لاچار ھئاسون. پنھنجي ھڪ ٻئي لاءِ عزت دراصل ھڪ ٻئي تي قياس جو ٻيو روپ آھي. مان اعتبار نہ ڪندس تہ تون بيخبر آھين، ۽ توکي بہ اعتبار نہ ايندو تہ مان بيخبر آھيان تہ پنھنجي ھڪ ٻئي لاءِ عزت فقط ساڳئي ظلم جو شڪار ٿيل ھئڻ جو نتيجو آھي. ھي ڀائي چارو آھي، ھن کي برادري جو درد چئبو آھي. پنھنجي دل تي ساڳيو ظلم ٿيل آھي، پاڻ ٻئي ساڳيو ڌڪ سيڪي رھيا آھيون.
    پر مونکي الائجي ڇو پنھنجو ھي ھڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ ڪڏھن نہ وڻيو، الائجي ڇو مان ھميشہ ائين محسوس ڪندو رھيو آھيان تہ جيئن اسان ھڪ ٻئي جي عزت ڪري ھڪ ٻئي تان چٿرون ڪندا رھيا آھيون. بھتر ھو جي تون نہ ڄاڻين ھا تہ مون ڪڏھن ڪٿي ڪو ڌڪ بہ کاڌو، ۽ بھتر ھو جي مان بہ نہ ڄاڻان ھا تہ توسان بہ ڪنھن ڪڏھن زيادتي ڪا ڪئي ھئي. پاڻ ٻئي پنھنجي نظرن ۾ ڪريل آھيون، بي انتھا ڪريل آھيون ۽ پنھنجو ھي ھڪ ٻئي جي مظلوميت جو سھارو وٺي ھڪ ٻئي کي عزت جي قابل سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو طريقو پاڻ کي پنھنجي نظرن ۾ اڃان بہ وڌيڪ ڪيرائيندو ۽ ذليل ڪندو رھيو آھي.
    جي تون چاھين تہ تون ھميشہ اھا منھنجي ڪوڙي عزت ڪندي رھين تہ مھرباني ڪري مون کان پري رھُ جو ھاڻ پاڻ ڄاڻون ٿا تہ پاڻ ھڪ ٻئي لاءِ ڇوٽڪاري جو آخري وسيلو آھيون.
    ***
    • اھا لوفر جيڪا پنھنجي قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ھلي، جيڪا پنھنجي قوم خاطر قوم کان بہ ٻہ قدم اڳيان ھلي، ۽ جيڪا قوم جي بيغيرتن ۾ بہ غيرت پئدا ڪري، ان شريف زادي کان وڌيڪ عزت جي قابل آھي جيڪا شريف رھي شرافت سان مري وڃي ۽ قوم کي محسوس ٿيڻ بہ نہ ڏئي تہ ڪا ھئي يا مري کپي بہ وئي.
    • شريف جي شرافت ڪھڙي ڪم جي جيڪڏھن ھو ايتري بيغيرت ھجي جو قوم کي مصيبت ۾ ڏسي بہ گهران ٻاھر نہ نڪري؟
    • ڪڏھن بہ ڪا پنھنجي قوم خاطر گهران نڪري ٻاھر رستي تي اچي تہ ھن کي ”مشھوري کپيس“ ۽ ”کيس ٻين آندو آھي“ چئي بدنام ۽ خوار خراب ڪريو. ھن ۾ اوھان جو ڀلو آھي.


    ٻہ قبرون

    ٻہ قبرون
    ]ڪراچي کان چار ميل اڳتي سمنڊ ۾ ھڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آھي ”ٻن قبرن وارو ٻيٽ“ جي نالي سان مشھور آھي. ھن ٻيٽ ۾ فقط اھي ٻہ قبرون آھن ۽ ٻي ڪابہ قبر ڪانهي. ھي ٻئي قبرون ھڪ ٻئي کان پورن ويھن قدمن تي آھن. عجيب ڳالهہ اِھا آھي تہ ھن ٻيٽ ۾ ڪو ساھ وارو بہ ڪونهي، ماڻهون جانور تہ ڇڏيو پر ڪو پکي جيت يا مجاور بہ ڪونهي. اھا زيادتي آھي. ورھن جي کوجنا کان پوءِ بہ ھي راز اڄ تائين راز رھيو آھي تہ اھي ٻہ قبرون اتي ڪيئن آيون، ۽ جي آيون نہ تہ ڪنھن ٺاھيون، ۽ جي ڪنھن ٺاھيون تہ اھي ٺاھڻ وارا ڪير ھُئا ۽ ڪيڏانھن ويا. ھي راز اڄ تائين راز رھيو آھي جو مون اڄ تائين پنھنجو وات نہ کوليو آھي. پراڄ مون کي پنھنجو وات ۽ ھي راز کولڻ کان ڪوبہ روڪي نٿو سگهي جو اڄ منھنجي گهر واري مائٽن ڏانھن ويل آھي.[
    ٽي چار سؤ سال اڳ جي ڳالهہ آھي جڏھن مان اڃا جاسوسي کاتي ۾ ھوس. خوني خون ڪري ڀڄي رھيو ھو ۽ مان کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس پويان ھئس. اوچتو خوني بل ڏيئي ھڪڙي جاءِ ۾ گهڙي ويو. مان منجهي پيس، پر پوءِ مان بہ بل ڏيئي ٻي جاءِ ۾ گهڙي ويس. خوني جنھن جاءِ ۾ گهڙي ويو ھو سا سندس پنھنجي ھئي، ۽ جنھن جاءِ ۾ مان گهڙي ويو ھئس سا پرائي ھئي. مون پنھنجو ٻلو ڏيکاريو تہ مونکي بہ چانھہ مِلي. ”گهڻا ڏينھن لڪندو؟“ مون دل ۾ آھستي سوچيو تہ جيئن خوني ٻڌي نہ وٺي. ھن نہ ٻڌو، ۽ ھفتو پورو جاءِ ۾ لڪي ويھڻ کان پوءِ جڏھن نڪتو تہ مان سندس پويان ھوس ۽ ڀريل روالور منھنجي ھٿ ۾ ھو.
    خوني ھڪڙي اسٽال تان اخبار ورتي. مان سمجهي ويس. مون ٻئي اسٽال تان ٻي اخبار ورتي. ساڳي اخبار ورتي ھجيم ھا تہ خوني ھڪدم سمجهي ويو ھجي ھا تہ مان سندس پيڇو ڪري رھيو آھيان. جاسوسي کاتي ۾ مون ڪچيون گوليون نہ کيڏيون ھيون. خوني ھلڪي سيٽي وڄائيندو شاھي بازار ڏانھن روانو ٿيو. پوري ويھن قدمن تي مان بہ ھلڪي سيٽي وڄائيندو سندس پويان لڳي ويس. خوني ھڪڙي دڪان تان ٻہ جوراب ۽ ھڪ رومال ورتو يا الائجي خريد ڪيائين. مان ويھن قدمن تي ھوس، تنھنڪري خبر نہ پيم. خوني شاھي بازار مان ٿيندو قلعي وٽان نڪري اسٽيشن روڊ جو رستو ورتو. جاسوسي کاتي ۾ جاسوسن کي الائجي ڇو ويھن قدمن تي رھڻ جي سکيا ڏني ويندي آھي. مان جوراب ۽ رومال وٺي نہ سگهيس. اسٽيشن تي خوني انٽر ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي گاڏي ۾ ويٺو، ۽ پوريون ويھ سيٽون ڇڏي مان جو ويٺس تہ پاڻ کي پاسي واري گاڏي ۾ ڏٺم جو خوني واري گاڏي ۾ ڪل سيٽون سورنھن ھيون. ريل ھلڻ لڳي ۽ منھنجو دل ڌڙڪڻ لڳو. ھي پھريون ڀيرو ھو جو مان ڪنھن اھڙي خوني جي پويان ھوس جنھن ڏھ خون ڪيا ھئا. خوني بہ اڪيلو ھو ۽ مان بہ اڪيلو ھوس. مون گيدي ۾ ھٿ وجهي روالور کي ھٿ لاتو. منھنجي سڄي بدن ۾ گرم رت ڊوڙڻ لڳو. گيدي ۾ رھڻ ڪري روالور گرم ٿي ويو ھو. ڪراچي تائين خوني پنھنجي گاڏي مان نہ لٿو، ۽ مان بہ پنھنجي گاڏي مان نہ لٿس. منھنجي لھڻ تي جي اتفاق سان گاڏي ڇڏائجي وڃيم ھا تہ ھن خوني کي جيئرو يا مئل گرفتار ڪير ڪري ھا؟ ھن جي سر تي ويھ ھزار روپيا انعام رکيل ھو. مان پگهرجي پيس. خوني صدر اسٽيشن تي لٿو ۽ فٽ پاٿ وٺي ڪياماڙي ڏانھن روانو ٿيو. اھا سندس غلطي ھُئي، سٽي اسٽيشن تي لھي ھا تہ ڪياماڙي ويجهي پويس ھا. پر خير، صدر اسٽيشن تي فٽ پاٿ نہ ھئڻ جي باوجود ھي رھزن خوني فٽ پاٿ تي پئي ھليو ۽ پوري ويھن قدمن تي ھي بندو پويان لڳو ويس.
    ]مان اوھان کي ٿوري ۾ ٻُڌايان تہ ٿيو ڇا ھو، ھن خونيءَ ڏھ خون ڪرڻ کان پوءِ جڏھن ٽيليفون تي زور سان ٽھڪ ڏيئي جاسوسي کاتي جي سربراھ کي چيو ”تون ۽ تنھنجو جاسوسي کاتو منھنجو ڪُجهہ نٿا بگاڙي سگهن ۽ منھنجو پروگرام آھي پورا يارنھن خون ڪرڻ“ تڏھن سربراھ مونکي گهرائي چيو تہ ” پوليس ۽ جاسوسي کاتي ۾ تو کان وڌيڪ برجستو ۽ ھمٿ ڀريو آفيسر نہ آھي ۽ نہ ٿيندو. ڇا ٿو چئين؟“ مون ”ھا“ چئي غلطي ھڪئي، ۽ ھاڻ مونکي پنھنجا ٻار ياد اچي رھيا ھئا. مان زال جو نالو نہ وٺندس. اسان جي آڪھ ۾ مُڙس پنھنجي زال جو نالو نہ وٺندو آھي.[
    ھلندي ھلندي اوچتو خوني جهونا مارڪيٽ ڏانھن رخ ڦيرايو. مون ويھن قدمن تي ئي پنھنجو رخ ڦيرايو ۽ ڌُو وڃي مُنھن ڀت سان ھنيم. ڊوڙي وڃي پھتوسانس، اھا سندس چالاڪي ھئي. شايد سمجهي ويو ھو تہ مان سندس پويان آھيان. ھڪڙي ھوٽل ۾ ويھي ھن ماني کاڌي. مان ٻاھر بيٺو رھيس جو اندر ويھ ڪرسيون نہ ھيون. الائجي ڇا کاڌائين. ايتري ۾ رات ٿي وئي. اوندھ انڌوڪار ۾، جنھن ۾ ھٿ نہ ڏسي مڇ کي، ويران رستي تي خوني جي قدمن جي آواز جي سھاري پوري ويھن قدمن تي مان ھلندو رھيس. اوچتو مونکي ھڪڙو خيال آيو ۽ مان پيرن کان مٿي تائين سڄو ڪنبي ويس. ائين تہ ڪونھي تہ اوندھ انڌوڪار ۾، جنھن ۾ ھٿ نہ ڏسي مڇ کي، منھنجي پنھنجي قدمن جي آواز جي سھاري پورن ويھن قدمن تي ھي خوني پيو ھلي؟ مان پگهرجي پيس. پگهر ريلا ڪري منھنجي ڪياڙي تان وھڻ لڳو. مون رومال ڪڍي ڪياڙي اُگهي، ۽ گيدي ۾ ھٿ وجهي روالور تي آڱريون مضبوط ڪيم. مٿي اللہ ۽ ھيٺ زمين تي ھڪ روالور منھنجو ساٿي ھو. ھاڻ مونکي ڪا پرواھ نہ ھُئي. مان ھلندو ھليس... اوچتو ماٺ ٿي وئي. صفا ماٺ ٿي وئي. آواز ڪيڏانھن ويو؟ مان گهٻرائجي ويس. خوني جي قدمن جو آواز ڪيڏانھن ويو؟ مان صفا گهٻرائجي ويس. مونکي ڏڪڻي وٺي وئي. گهٻراھٽ ۾ روالور تي ھٿ رکي دماغ تي زور ڏيئي غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم. اوچتو چلڪو ٿيو ۽ مان ھڪدم پٽ تي ليٽي پيس. اھو چلڪي سان گڏ پٽ تي ليٽي پوڻ بہ اسان کي جاسوسي کاتي ۾ سيکاريو ويندو آھي تہ جيئن ڪابہ گولي اسانکي سڌي منھن يا بدن ۾ نہ لڳي. بيٺل ماڻھون کي ڪوبہ سولائي سان گولي ھڻي سگهي ٿو. ھاڻ جو غور سان ڏسان تہ خوني سگريٽ دکائڻ لاءِ بيھي رھيو ھو! اھو ئي سبب ھو جو سندس قدمن جو آواز غائب ٿي ويو ھو. ۽ مان اُٿي بيٺس. روالور تي ھٿ رکي دماغ تي زور ڏيڻ بدران جي مان گهٻراھٽ ۾ دماغ تي ھٿ رکي روالور تي زور ڏيئي ڇڏيان ھا تہ ھي قصو اوھانکي اڄ مون بدران اھو خوني ٻُڌائي رھيو ھجي ھا. الله رحيم ۽ ڪارساز آھي. مون سگريٽ ٻاري سوٽو ڀريو. نيٽي جيٽي تي پھچي خوني ھڪڙي ٻيڙي خريد ڪري پاڻ ھلائيندو سمنڊ ڏانھن روانو ٿي ويو، پھرين تہ مان ڏسندو رھيس، پر پوءِ مان بہ ھڪڙي ٻيڙي خريد ڪري پاڻ ھلائيندو ھن جي پويان روانو ٿيس. منھنجو دل ڌڙڪي رھيو ھو. ويھ قدم پري رھڻ ھاڻ ڏکيو ھو جو قدم ڳڻڻ لاءِ پاڻي ۾ ٿي لٿس تہ ٻُڏي ٿي مئس. مون پنھنجي دل مضبوط ڪئي. ٻڏي مرڻ لاءِ اسان جاسوسي کاتي وارا ھر وقت تيار ھوندا آھيون، پر ويھن قدمن تي. ۽ پوءِ وڏو سمنڊ اچي ويو جنھن ۾ خوني جي ٻيڙي ڇولين تي نچڻ ڪڏڻ لڳي. مان ڏسندو رھيس، ۽ پوءِ جڏھن پوري ويھن قدمن تي منھنجي ٻيڙي آئي تڏھن ھو بہ نچڻ ڪڏڻ لڳي. مون ھمٿ نہ ھاري. اسانجي جاسوسي کاتي ۾ ھمٿ نہ ھارڻ تي خاص زور ڏنو ويندو آھي. الائجي ڪٿان اوچتو ڪنارو اچي ويو. خوني ٻيڙي ڪناري سان ٻڌي سگريٽ دکائي بيھي مونڏانھن ڏسڻ لڳو. مان ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري پوري ويھن قدمن تي پنھنجي ٻيڙي ٻڌي منھن ٻئي پاسي ڪري سيٽي وڄائڻ لڳس تہ جيئن خوني محسوس نہ ڪري تہ مان ڪو سندس پيڇو ڪري رھيو آھيان. ھي طريقو بہ اسانکي جاسوسي کاتي ۾ سيکاريو ويندو آھي. آھستي آھستي خوني مونڏانھن وڌڻ لڳو. خوني ڏانھن منھنجي پٺ ھئي، پر اسان جاسوسن جا ڪن تيز ھوندا آھن. مان سيٽي وڄائيندو ٻئي پاسي وک وڌائڻ لڳس. خوني قدم تيز ڪيا تہ مون بہ تڪڙا قدم کنيا. اوچتو خوني ڊوڙڻ لڳو تہ مان بہ اچي ڊڪ ۾ پيس. جاسوسي کاتي ۾ اسانکي ڇھ مھينا ملٽري وارن سان ڊوڙ ڊڪ سيکاري ويندي آھي، ھي خوني مون کي ڪٿان ٿو پھچي؟ اسانجي سربراھ جو حڪم ھو تہ ”ڪڏھن بہ ڪنھنجو پيڇو ڪرڻو پوي تہ ھن کان ويھ قدم پري رھڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو“. مان ڊوڙندو ويس. ڊڪندي ڊڪندي ھڪڙي سيڪنڊ لاءِ خيال آيم تہ قاعدي موجب خوني کي اڳيان ۽ مون کي سندس پويان ھئڻ گهرجي. پر ھي وقت خوني سان بحث ڪرڻ جو نہ ھو. مان ڊوڙي سڄو ٻيٽ ڦري آيس. ڏسان تہ خوني اتيئي بيٺو ھو! سڄو منھنجو وھم ھو. مان منھن ٻئي پاسي ڪري سگريٽ دکائي سوٽا ھڻڻ لڳس. خوني جي قدمن جو آواز مونڏانھن وڌڻ لڳو. ھي وھم ھو. اسانکي جاسوسي کاتي ۾ وھم تي وڏا ليڪچر خوني ھڪ ڏيڍ انچ ويڪرو ۽ چار فٽ ڊگهو ڇرو منھنجي پٺيءَ ۾ ھٿئي تائين ھڻي پوءِ وار مٿان وار ڪرڻ لڳو. اھو وھم نہ ھو. مون ھڪ فلڪ شگاف رڙ ڪئي ۽ اتي جو اتي اُڦٽ مري ويس. ھي خوني جو يارھون خون ھو. پوءِ خوني ھڪ اونھي قبر کوٽي ان ۾ مونکي دفنائي مٿان مڻ مٽي جا وجهي باقاعدي قبر ٺاھي فاتح پڙھي منھنجي قبر تي ئي ويھي سگريٽ دکائي پيڻ لڳو. اھو سنھري موقعو ھو. اسان جي کاتي جي سربراھ جو چوڻ آھي تہ ”ڪوبہ سنھري موقعو ھٿان نہ وڃايو“. مان آھستي آھستي قبر مان نڪتس ۽ روالور جي نلي سندس ڪياڙي جي مٿان مٿي سان لڳائي ھڪ ٻئي پويان ڇھ فائر ڪيم. ھن جا آخري لفظ ھُئا تہ ”ڏسي رھندس، توکي بہ ۽ تنھنجي سربراھ کي بہ“. مون پنھنجي قبر کان ويھن قدمن تي ھڪ قبر کوٽي ان ۾ خوني کي دفنايو، ۽ پوءِ پنھنجي قبر ۾ داخل ٿي سمھي پيس. ھي آھي راز انھن ٻن قبرن جو جيڪي ھڪ ٻئي کان ويھن قدمن تي آھن، ۽ اتي آھن جتي ماڻھون جانور تہ ڇا ڪو پکي جيت مجاور بہ ڪونھي.
    ***
    • پنجابي سنڌ ۾ ڇھ مھينا ٿو رھي تہ سنڌي ٻولي سمجهڻ ٿو لڳي، ٻن ٽن سالن ۾ پنجابي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ بہ لڳندو آھي. اڄ سنڌ ۾ ھزارين پنجابي اھڙا آھن جيڪي گهڻن سنڌين کان وڌيڪ سٺي لکندا ۽ ڳالهائيندا آھن. پر اسان انڌا آھيون جو اسان کي انھن انڌو ڪيو آھي جن کي سنڌي ٻولي ڳالهائيندي شرم ٿو اچي.
    • ون يونٽ جا حامي ڪير آھن؟ اھي جيڪي ڀٽي جي مخالفت ڪري رھيا آھن، اھي جيڪي ڀٽي کي ڪافر چئي رھيا آھن. ۽ ياد رکو تہ اُھي پنجابي ھرگز ڪونھن.


    ڊرائنگ روم مان

    ڊرائنگ روم مان
    مان انھن اڀاڳين مان آھيان جن جي قسمت ۾ لکيل آھي تہ عشق مٿان عشق ڪن پر شادي نہ ڪن. اڳي مونکي پنھنجي قسمت تي روئڻ ايندو ھو، پر ھاڻ مان ڪڏھن ڪڏھن کليو ڏيان.
    منھنجو پھريون عشق مونکي عجيب لڳو ھو جو جڏھن شادي جو چيومانس تہ ھڪڙي تمام سھڻي ۽ نازڪ ڪنوار وٺي وڃي گهر ويٺو ۽ مان ڳوڙھا اگهي ويھي رھيس. وقت گذڻ لڳو ۽ پوءِ زمانو گذري ويو. ھڪڙي ڏينھن جڏھن مان ڦوھ جواني اڪرڻ تي ھيس تڏھن ھو آيو ۽ منھنجي گوڏن ۾ منھن وجهي سڏڪا ڀري رئڻ لڳو. جيئن ڪو ننڍو ٻار ھجي، جيئن مان سندس ماءُ ھُجان، ھو روئندو رھيو ۽ پوءِ روئي روئي ماٺ ٿي ويو.
    چوڻ لڳو تہ ”مون نفسيات ۾ پڙھيو ھو تہ زال جو بدصورت يا معمولي صورت جو ھئڻ مڙس ۾ احساس ڪمتري پئدا ڪندو آھي. منھنجو خيال ھو تہ عشق ماڻهون ڪنھن سان بہ ڪري. ڪھڙي سان بہ ڪري پر شادي اھڙي سان ڪري، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ شڪل شبيھ ۾ اھڙي ھُجي جو ان کي پنھنجي زال چوڻ ۾ ماڻهون فخر محسوس ڪري. منھنجي خيال ۾ تہ زال اھڙي ھجي جيڪا ڊرائنگ روم ۾ ويھارڻ جي قابل ھجي، جنھن کي جيڪڏھن شوڪيس ۾ رکجي تہ شو ڪيس چمڪڻ ۽ تجلا ڏيڻ لڳي.
    ”تنھنجي سانوري رنگ، ٿلھن چپن ۽ ڳري بدن جي ڪري مون توسان شادي نہ ڪئي. تنھنجو منھنجي زال سڏائڻ مونکي نفسياتي تڪليف ڏئي ھا، تو سان شادي ڪئي ھجيم ھا تہ مان احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويو ھجان ھا. مون توسان شادي نہ ڪئي، مان احساس ڪمتري جو شڪار نہ ٿيس، مان نفسياتي تڪليف کان پاڻ کي بچائي ويس، پر مان اتي ڦاٿس جتان مون کي فقط تون ئي بچائي سگهين ٿي.
    ”منھنجي زال سھڻي آھي، تمام سھڻي، ھن جي سھڻائپ ظاھر ظھور ھن جي چھري ۽ جسم تي لکيل آھي، ڪا شئي ئي ڪانهي جنھن جي مونکي ھن ۾ ڳولها ڪرڻ جي تڪليف وٺڻي پوي، پر مان پنھنجي ھن جسم کي ڪيڏانھن ڪريان جيڪو تنھنجي سانوري رنگ، ڀريل چپن، ۽ ڳري بدن کان پري ھاڻ ھڪڙو ڏينھن بہ گهاري نٿو سگهي؟ وڏي فخر سان مان محسوس ڪندو رھيو آھيان تہ سنھڙا گلابي چپ منھنجي زال جا آھن، پر تون منھنجا ھي چپ ڏس جيڪي تنھنجي ڪارن ڀرين چپن لاءِ سڪندا رھيا آھن. نازڪ سڊول جسم جيڪڏھن منھنجي زال جو آھي تہ منھنجي ڪھڙي ڪم جو جڏھن منھنجو پنھنجو جسم تنھنجي ڳري ۽ مضبوط جسم جو محتاج ھجي؟ گلاب ۽ موتيي جي خوشبو منھنجي زال کي وڻي ٿي ۽ دنيا کي وڻي ٿي، پر مان ڇا ڪريان جيڪڏھن مان پنھنجو منھن تنھنجي پگهر ۾ شل جسم ۾ لڪائي دنيا کي وساري ڇڏڻ لاءِ آتو رھان؟ مونکي غلط ڳالھيون پڙھايون ويون، مون کي غلط ڳالهيون سمجهايون ويون، مونکي غلط دنيا ڏيکاري وئي، مون کي غلط تجربا ٻڌايا ويا. نرم ۽ نازڪ زال منھنجي مونکي احساس ڪمتري کان بچائي مونکي احساس برتري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي، پر ھي احساس برتري منھنجي ڪھڙي ڪم جوو جيڪڏھن منھنجو روح تنھنجي کھري جسم جي قربت لاءِ ھميشہ بيقرار رھي؟ ڊرائنگ روم سينگارجي ويو، شوڪيس چمڪي ويو، مان شادي شدہ آھيان ۽ توسان شادي نٿو ڪري سگهان. مان ڇا ڪريان، مان ڪيڏانھن وڃان.“
    مون ٿورو سوچيو، پوءِ چيومانس تہ ”تون ڪُجهہ نہ ڪر، تون ڪيڏانھن نہ وڃ. مان انھن اڀاڳين مان آھيان جن جي قسمت ۾ لکيل آھي تہ عشق ڪن ۽ شادي نہ ڪن. جتي مون ايترا عشق ڪيا آھن اُتي تون ھڪڙو ٻيو عشق سھي، فقط ٿورو مونکي عجيب ٿو لڳي ساڳئي ماڻهون سان ٻيو ڀيرو عشق ڪرڻ.“
    ***


    جيئرو لاش

    جيئرو لاش
    مون لاش ڏٺو. ڏند ٽڙيل، ھٿ ۾ ڇري، مائي بصران جو لاش رت جي تلاءَ ۾ ٻُڏل ھو. چار گوليون دل جي آر پار ويون ھيون، ٻہ گوليون اکين ۾ ۽ ھڪ ٻہ گوليون ٻن بڪين ۾ اٽڪيل ھيون. مائي بصران کي ٻہ بڪيون ھيون. ٽي گوليون ڦڦڙن ۾ ائين اٽڪيل ھيون جو ھر ھڪ ڦڦڙ جي حصي ۾ ڏيڍ گولي آئي ھئي. ھڪڙي گولي ننڍي آنڊي مان ٿيندي وڏي آنڊي تائين پھچندي ھضم ٿي چڪي ھُئي. اوجهري گولين سان ڀريل ھئي. ٻٽيھ گولين سان مائي بصران جا ٻٽيھ ڏند اڏايل ھئا ۽ ڏندن جي جاءِ گوليون والاري چڪيون ھيون. سڀ گوليون ٿري ناٽ ٿري رائيفل مان ھلايل ھيون. مان پيٽ جهلي ويھي رھيس. پنھنجو پيٽ، مون لاش جي پيٽ کي ھٿ نہ لاتو. انسپيڪٽر ھومز مشڪڻ لڳو. صوبيدار واٽس ٽھڪ ڏيندي مونکي چيو تہ ”اوھان ناميارا جاسوس آھيو، پر ھي ڪيس اوھان کان بہ زور ٿو ڏسجي.“ ڪيس مونکان زور نہ ھو. مان لاش جي حالت ڏسي سمجهي ويو ھوس تہ چا ٿيو ھوندو ۽ قاتل ڪير ھوندو، پر لاش ڏانھن نظر ٿي ڪيم تہ پيٽ ۾ وڪڙ ٿي پيم. پيٽ زور سان جهلي مون لاش ڏانھن ٻيو دفعو نھاريو. لاش جي پيرانڌي مائي بصران جو مڙس اوڇنگارون ڏيئي روئي رھيو ھو. اھو ڪافي ھو. مان پيٽ جهلي ڪمري کان ٻاھر نڪري آيس.
    ٻئي ڏينھن صبح سوير انسپيڪٽر ھومز منھنجي گهر آيو. نيرن کان فارغ ٿي سگريٽ ڇڪيندي پڇڻ لڳو تہ ”اوھان سمجهي ويا آھيو تہ اھو مائي بصران وارو قتل ڇو ٿيو آھي ۽ ڪنھن ڪيو آھي؟“ مون ”ھا“ چوندي جواب ۾ پائيپ ڇڪيو.
    ”اوھان مونکي ٻڌائي سگهو ٿا؟“ انسپيڪٽر جي آواز ۾ التجا ھُئي. اڄ ھن جي چھري تان مشڪ بہ غائب ھئي ۽ صوبيدار واٽسن ٽھڪ سميت بہ غائب ھو. ”منھنجو ڊي ايس پي ٿيڻ جو چانس آھي، ۽ جي مون ھي ڪيس نہ ٽوڙيو تہ مان ڪڏھن بہ ڊي ايس پي ٿي نہ سگهندس، ۽ جي مان ڊي ايس پي نہ ٿي سگهيس تہ ايس پي ڪٿان ٿيندس؟ منھنجي مدد ڪريو. خدا جي واسطي منھنجي مدد ڪريو.“ انسپيڪٽر جي آواز ۾ درد ھو، جيئن سندس پير ۾ ڪا لڦ ھجي.
    ”ھن شرط تي تہ تون ھن صوبيدار واٽسن جي ٽھڪ کي ٻنجو ڏيندين ۽ تون بہ مشڪڻ بند ڪندين.“
    ”خدا جو قسم مان آئيندہ ڪڏھن بہ نہ مشڪندس ۽ ھن صوبيدار واٽسن سان ڪو بہ واسطو نہ رکندس. ۽ صوبيدار وري ڇا جو، ايس پي مائٽ اٿس تنھنڪري سٺو ٿاڻو وٺيو ويٺو آھي، نہ تہ جيڪر ڪڏھوڪو رورٽ ٿيندو رنگروٽ ٿي ويو ھجي ھا. ڄاڻي ڇا ٿو؟“ انسپيڪٽر ھومز جي اکين ۾ نفرت ھُئي، جيئن بوٽ گهڻي تڪليف ڏيئي رھيو ھجيس.
    ”ٺيڪ. ھاڻ ٻڌ، تون فقط منھنجي سوالن جا جواب ڏيندو ھل ۽ قتل جو راز فاش ٿي ويندو. ھي مائي بصران وڌ ۾ وڌ گهڻيون گوليون کائي مري ٿي سگهي؟“ مون انسپيڪٽر ھومز جي بوٽ ڏانھن غور سان نھاريندي پڇيو.
    ”الائجي“ انسپيڪٽر ھومز بوٽ جا ڪشا کوليندي چيو.
    ”بلڪل صحي جواب آھي. ’الائجي‘. بلڪل صحي جواب آھي. ھي جواب آھي؟ چڱي طرح دماغ کان ڪم وٺي ٻڌائي تہ ھي مائي بصران وڌ ۾ وڌ گهڻيون لھي؟“ مون ڇڙٻ ڏني.
    ”وڌ ۾ وڌ چار“ انسپيڪٽر ھومز جواب ڏنو
    ”۽ لڳل گهڻيون اٿس؟“ مون پڇيو.
    ”ڏيڍ ٻہ سؤ، ڇو؟“ بوٽ لھڻ سان گڏ انسپيڪٽر جي وات مان سوال نڪري ويو.
    ”تون سوال پڇي ڊي ايس پي ٿيڻ جو چانس نہ وڃائي. جي وڌ ۾ وڌ چار گوليون لھي تہ پوءِ ھن کي ڏيڍ سئو گوليون ھڻڻ جي ضرورت ڪھڙي ھُئي“ مون انسپيڪٽر ھومز جي پير جي بانس برداشت ڪندي پڇيو.
    ”اللہ کي خبر“ چئي انسپيڪٽر ھومز پير جي لڦ تان سنھڙي چمڙي لاھڻ لڳو.
    ”۽ ھن کي بہ خبر آھي جنھن اھي گوليون مائي بصران کي ھنيون آھن. خبر فقط توھان پوليس وارن کي ڪانھي. ھي ڏيڍ سئو گوليون مائي کي ھڻڻ واري جي ذھن ۾ ڪھڙا خيال ٿي سگهن ٿا؟“ منھنجي مرضي ھُئي تہ انسپيڪٽر ھومز پير جي پچر ڇڏي.
    ”ھڪڙو خيال تہ ھي ٿي سگهي ٿوتہ مائي ڏيڍ سئو گولين کان گهٽ سان نہ مرندي.“ انسپيڪٽر لڦ کي لڳو رھيو.
    ”۽ ٻيو خيال؟“ مون صبر کان ڪم وٺندي پڇيو.
    ”تہ مائي سخت ضدي قسم جي آھي ۽ جي نہ چاھيندي تہ ڪڏھن نہ مرندي.!“ انسپيڪٽر ھومز لڦ جي چوڌاري آڱر سان مھٽيندي جواب ڏنو.
    ”۽ ٽيون ڪو خيال؟“ مون برداشت ڪندي پڇيو.
    ”ڊپ تہ متان مائي جيئري رھجي وئي ھُجي“ چئي انسپيڪٽر ھومز پير مٿي ۽ مٿو ھيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”۽ ھاڻ ٻُڌاءِ تہ مائي جي وات ۾ گهڻيون گوليون لڳل آھن؟“
    ”ٻٽيھ“
    ”۽ وات ۾ ٻٽيھ ڇا ھوندا آھن؟“
    ”ڏند“ چئي انسپيڪٽر ھومز ھڪڙي سيڪنڊ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري مونڏانھن فاتحانہ انداز سان نھاري وري ڪنڌ ھيٺ ڪري لڦ کي جنبي ويو.
    ”۽ اھا خبر ڪنھن کي ھئڻ گهرجي تہ مائي جي وات ۾ ٻٽيھ ڏند آھن؟“
    ”ڏندن جي ڊاڪٽر کي“ چئي انسپيڪٽر ھومز ھڪڙي سيڪنڊ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانھن ٻيھر فخر سان نھاري وري ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻيھر لڦ کي جنبي ويو.
    ”تنھنجي پنھنجي وات ۾ گهڻا ڏند آھن؟“ اھا ٻيھر لڦ جنبي وڃڻ واري ڳالهہ مونکي نہ وڻي.
    ”ايڪٽيھ.. ٻٽيھون ڪيئان کائي ويا.“
    ”۽ اھا خبر تنھنجي ڊاڪٽر کي آھي؟“ دل پئي ٿيم تہ ڪنڌ تي ڌڪ ھڻانس.
    ”نہ.. فقط ڪينئن ۽ منھنجي زال کي آھي.“
    ”ھاڻ تون سڌي رستي تي آھين. جي تون فقط ھن لڦ جي پچر ڇڏين. اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھن کي پڪ ھجي تہ مائي بصران جي وات ۾ پورا ٻٽيھ ڏند آھن؟“
    ”سندس مڙس“ چئي انسپيڪٽر ھومز لڦ واري ڳالهہ صفا ٽاري ويو.
    ”۽ اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھن کي پڪ ھجي تہ مائي بصران ڏيڍ ٻہ سؤ گولين کان گهٽ سان نہ مرندي؟“
    ”سندس مڙس.“ انسپيڪٽر جي سڄي توجہ لڦ ڏانھن ھُئي.
    ”۽ اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھن کي ڊپ ھجي تہ مائي بصران متان جيئري رھجي وئي ھُجي؟“ منھنجي سڄي توجہ سندس پير جي بانس ڏانھن ھُئي.
    ”سندس مُڙس“
    ”۽ اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھن کي مائي بصران اھڙين ذليل ۽ ڪريل نظرن سان ڏسڻ جي عادي ھجي جو ھو مائي بصران جي ھرھڪ اک جي تاري ۾ ھڪ ٿري ناٽ ٿري جي گولي ھڻڻ لاءِ تڙڦندو رھيو ھجي؟ جيڪڏھن شادي شدہ آھين تہ دماغ تي ٿورو زور ڏيڻ سان ٻڌائي ويندين.“ مون دعا پئي گهري تہ انسپيڪٽر ھومز جلد پير بوٽ ۾ وجهي. ظلم جھڙي ڌپ ھُئي. مون پيٽ کي زور سان جهليو. پنھنجي پيٽ کي، انسپيڪٽر جي پيٽ کي مون ھٿ بہ نہ لاتو. منھنجو ڪھڙو واسطو؟
    ”سندس مُڙس.“ انسپيڪٽر دنيا و مافيھا کان بيخبر لڦ ۾ رڌل ھو.
    ”۽ اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھن کي مائي بصران ايترو ننديو ھُجي جو ھو ھن جي وس ھلي تہ مائي بصران جي دل ۾ چار توب جا گولا ھڻي، پر توب ھٿ نہ اچڻ ڪري سخت لاچاري حالتن ۾ رائفل جون گوليون ھلائڻ تي مجبور ٿيو ھُجي؟“
    ”سندس مُڙس.“
    ”۽ اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھن جي ڪنن جا ڪيئان مائي بصران جي بڪ بڪ ٻُڌي مري ويا ھُجن، ۽ جيڪو مائي بصران جي وات تي ھٿ رکڻ جي ھمٿ نہ ساري ھن جي بڪ بڪ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ھن جي ڦڦڙن مان فقط ھوا ڪڍڻ لاءِ ٽي گوليون ٿري ناٽ ٿري جون زيان ڪرڻ لاءِ بہ تيار ٿي وڃي؟“
    ”ڪنن جا ڪيئان بہ ٿي سگهن ٿا ۽ سندس مڙس بہ ٿي سگهي ٿو.“ انسپيڪٽر ھومز پھريون انگريز ھو جنھنجي پيرن ۾ ايتري ڌڪ ھُئي.
    ”تون پنھنجي زال کان پري ۽ سلامت آھين. ھاڻ ٻڌاءِ تہ ڪير ٿو ٿي سگهي؟“ بانس جي ڪري منھنجي مغز جا ڪيئان مري رھيا ھُئا.
    ”سندس مڙس“ چوندي انسپيڪٽر ھومز ھڪڙي سيڪنڊ لاءِ سنيو تاڻي ھڪدم ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي وري لڦ کي لڳي ويو. الائجي ڇا ھو لڦ ۾. مان لڦ کي غور سان ڏسڻ لڳس.
    ”۽ ھاڻ آخري سوال. اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جنھنکي مائي بصران جا پير جهلي رئڻ جي عادت ھجي؟ جيڪڏھن شادي شدہ آھين تہ دماغ تي زور ڏيڻ کان سواءِ بہ ٻڌائي ويندين.“
    ”سندس مڙس“
    ”۽ آخري سوال نمبر ٻيو. اھو ڪير ٿو ٿي سگهي جيڪو مائي بصران کان ايترو ڊنل ھجي جو مائي جي مري وڃڻ کان پوءِ بہ سندس پير جهلي روئي تہ جي اتفاق سان مائي جيئري بہ رھجي وئي ھجي تہ مٿس شڪ نہ ڪري؟“
    ”سندس مڙس.“
    ”تہ پوءِ قاتل ڪير؟“
    ”سندس مڙس؟“ انسپيڪٽر کان حيرت ۾ پير ڇڏائجي ويو. سندس پير وجهہ ڏسي بوٽ ڏانھن وڃڻ لڳو.
    ”توکي انسپيڪٽر ھومز خبر بہ نہ پئي تہ مان توکان آخري سوال نمبر ٽيون بہ پڇي ويس، پر تون تڪڙ ڪري مائي بصران جي مڙس کي گرفتار نہ ڪجئين. ھو بيگناھ تہ ڪونھي، پر مظلوم ضرور آھي. ھن جي مدد ڪرڻ ھر ھڪ شادي شدہ مڙد جو فرض آھي، ۽ نہ وسار تہ تون پاڻ بہ شادي شدہ آھين.“ منھنجي آواز ۾ ھلڪو دڙڪو ھو.
    ”ڇو؟“ انسپيڪٽر بيوقوفن وانگي پڇي پير مٿي ڪري وري لڦ کي لڳي ويو.
    ”ڇو؟ مونکي خبر ھئي تہ اھو ڇو وارو سوال تون پڇڻ کان سواءِ رھي نہ سگهندين، سو مون جواب اڳ ئي تيار ڪري ڇڏيو ھو. انسپيڪٽر ھومز، فقط ھڪ منٽ لاءِ خدا جي واسطي ھن لڦ کي ڇڏي پنھنجي دل تي ھٿ رکي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي قسم کڻي ٻڌاءِ تہ اھو ڪير ھوندو آھي جيڪو پنھنجي مڙس جو رت پيئڻ تي ھريل ھوندو آھي؟ اٿئي ڪو اھڙو جانور نظرن ۾؟ ياد ڪر تہ مائي بصران جي لاش جي ھٿ ۾ ڇري ھئي.“
    ”اوھانجو مطلب آھي تہ مائي بصران جي مڙس اھو قتل پنھنجي بچاءُ ۾ ڪيو؟“ انسپيڪٽر پھريون ڀيرو عقل کان ڪم وٺي سوال ڪيو.
    ”بيشڪ، بيشڪ، ۽ ھر ھڪ شادي شدہ مڙس جي بقاءُ لاءِ ڪيو“ چئي مان انسپيڪٽر ھومزکي بوٽ پارائي در تائين ڇڏڻ آيس. در وٽ انسپيڪٽر ھومز مونسان ھٿ ملائيندي پڇيو تہ ”ھن سڄي خوني کيل تي تھ تائين اوھان ڪيئن پھتا؟“
    ”سولو، تمام سولو“ چئي مون آسمان ڏانھن نھاريو، ۽ پوءِ آسمان ڏانھن نھاريندو رھيس. انسپيڪٽر ھومز مونکي غور سان ڏسڻ لڳو. منھنجي اکين ۾ پاڻي ھو ۽ منھنجا چپ آھستي آھستي ڏڪي رھيا ھئا. منھنجو نڪ ڀرجي آيو. انسپيڪٽر ھومز کان رومال وٺي نڪ صفا ڪندي ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن چئني پاسي نهاري خاطري ڪندي مون آھستي سان انسپيڪٽر ھومز جي ڪن ۾ چيو تہ ”مان پاڻ بہ شادي شدہ آھيان.“
    ***


    ھي پڙھڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيندو

    ھي پڙھڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيندو
    ]اوھان ڪنھن اھڙي ماڻهون کي سڃاڻو جيڪو ڏاڙھي ڪوڙائڻ جي لاءِ حجم جي دڪان تي پنھنجي واري اچڻ جي انتظار ۾ پنج منٽ بہ ويھڻ لاءِ تيار نہ ھُجي؟ اھڙا ماڻهون آھن. ھي چاھيندا آھن تہ سندن داخل ٿيڻ شرط حجم ٻيون سڀ ڏاڙھيون اڌ ۾ ڇڏي پھرين سندن ڏاڙھي ڪوڙي پوءِ ٻين جو اڌ ۾ ڇڏيل ڏاڙھيون ڪوڙي.[
    ھڪڙو ماڻهون حجم جي دڪان ۾ داخل ٿيو ۽ پڇائين تہ ”گهڻو وقت لڳندو؟“ حجم اڳ ويٺل گراھڪن تي نظر ڊوڙائيندي چيو تہ ”اوھانکي ڪلاڪ ٻہ انتظار ڪرڻو پوندو.“ ماڻهونءَ انتظار نہ ڪيو. يڪدم ھليو ويو.
    ٻئي ڏينھن اھو ماڻهون وري حجم جي دڪان تي آيو ۽ پڇيائين تہ ”ڪيتري دير لڳندي؟“ حڪم اڳ آيل گراھڪ ڳڻيندي چيو تہ ”اوھانکي ڪلاڪ ڏيڍ انتظار ڪرڻو پوندو. اوھان تيسين اخبار وغيرہ ڏسو.“ ماڻھو ويٺو ڪونہ، ھليو ويو.
    ٽئين ڏينھن اھو ماڻهون وري آيو، ۽ پڇيائين تہ ”ڪيتري دير لڳندي؟“ حجم جواب ڏنس تہ ”چار گراھڪ اوھان کان اڳ جا ويٺل آھن. اوھان جو وارو ڇھين نمبر تي ايندو. اوھان انتظار ڪري سگهو تہ ڪرسي تي ويھي اخبار رسالا پڙھو.“ پر ھو ڪونہ ويٺو. تڪڙو ھليو ويو.
    ھو ماڻھو روز حجم جي دڪان تي ايندو رھيو ۽، روز اھو ٻُڌي تہ کيس انتظار ڪرڻو پوندو، بنا ڏاڙھي ڪوڙائڻ جي ھليو ويندو رھيو. ھن جي ڏاڙھي وڌندي رھي، پر ھو ڏاڙھي ڪوڙائڻ لاءِ پنھنجي واري اچڻ جو پنج منٽ بہ ويھي انتظار ڪرڻ لاءِ ڪڏھن بہ تيار نہ ٿيو.
    ھڪڙي ڏينھن جڏھن حجم جي ٻُڌائڻ تي تہ ”اوھانکي ڪلاڪ اڌ انتظار ڪرڻو پوندو.“ ھو ماڻهون اڃان دڪان تان لٿو تہ حجم پنھنجي نوڪر کي چيو تہ ”ھن جو پيڇو ڪري ڏس تہ ھي اچي ڪٿان ٿو جو ھڪڙو منٽ بہ ڪري نٿو سگهي.“ نوڪر ڊوڙي وڃي ھن ماڻهونءَ جي پويان لڳو. موٽي اچي نوڪر حجم کي ٻُڌايو تہ ”اچي ڪٿان ٿو سا مونکي خبر ڪانھي، پر وڃي سڌو اوھانجي گهر ٿو.“
    ]ھاڻ ضروري ڪونھي تہ سڀ ماڻهون ھن ماڻهون جھڙا ھجن. ڪي اھڙا بہ آھن جيڪي ڏاڙھي ڪوڙائڻ کانسواءِ نہ ويندا آھن ۽ وڃڻ بہ نہ گهرجي. ۽ اھو بہ ھرگز ضروري ڪونھي تہ سڀ ماڻهون ھن حجم وانگي ھجن. وڪيلن، ڊاڪٽرن، آفيسرن، دڪاندارن، واپارين، ڪلارڪن ۽ حجامن ۾ بہ گهڻا اوھان کي اھڙا ملندا جن جو سندن نوڪرن يا پٽيوالن کي حڪم ڏنل ھوندو آھي تہ ڪير بہ اچي پڇي تہ اڃا باقي ڪيترو ڪم رھيل آھي يا اڃا صاحب ڪيتري دير آفيس ۾ ويھندو تہ ھڪدم اھڙي ماڻهون جو پيڇو ڪري ڏسن تہ ھو اچي ڪٿان ٿو. پٽيوالو يا نوڪر اھڙي معاملن ۾ ھميشہ اھو ئي ٻُڌائيندو آھي تہ ھو وڃي ڪيڏانھن ٿو.[
    ھن جي پڙھڻ سان گهڻن جو ڀلو ٿيو ھوندو؟
    ***
    • جڏھن ڀٽي صاحب ون يونٽ جي مخالفت ڪئي تڏھن ھن ون يونٽ جي مخالفت کليل لفظن ۾ ڪئي. تنھن ھوندي بہ پنجابي عوام اڄ بہ ڀٽي صاحب سان آھي. صاف ظاھر آھي تہ ون يونٽ پنجابين کي ايترو پيارو نہ ھو جيترو انھن کي ھو جن فقط ڀٽي سان ساڙ ۽ حسد ڪري اصغر خان جو سھارو ورتو ۽ پوءِ فقط ڀٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ ايوب خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بہ ٿيار ٿي ويا ھئا. پنجابي عوام جيڪڏھن ون يونٽ جو حامي ھجي ھا تہ ڪنھن بہ صورت ۾ ڀٽي جي حمايت نہ ڪري ھا.
    • جيئن سنڌين ۾ ڪي غدار ھئا جن ون يونٽ ٺاھي سنڌي قوميت، سنڌي تھذيب ۽ سنڌي ٻولي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، تيئن پنجابين ۾ بہ ڪي غدار ھئا جن ون يونٽ ٺاھي پنجابي قوميت، پنجابي تھذيب ۽ پنجابي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو. جيئن سنڌين کھڙي ۽ راشدي وارن کي ڌڪاري ڇڏيو آھي، تيئن پنجابين بہ چوڌري محمد علي ۽ دولتانہ کي ڌڪاري ڇڏيو آھي.


    سنڌي ڪتاب ۽ رسالا ڇا نٿا وڪامن؟

    سنڌي ڪتاب ۽ رسالا ڇا نٿا وڪامن؟

    1. ڇوتہ سنڌين کي فقط اھي رسالا ۽ ڪتاب وڻندا آھن جن مٿان ۽ جن تي واھيات فوٽا ھوندا آھن. سنڌين جي ھن واھيات ڪمزوري جو فائدو غير سنڌي رسالا وٺي رھيا آھن. ڏوھ غير سنڌين جو ڪونھي، ڏوھ اسان سنڌين جو آھي جو ايتري قدر تہ واھيات آھيون جو پنھنجي واھيات ڪمزوري تي فخر ڪندي اسانکي شرم بہ محسوس نہ ٿيندو آھي.
    2. دڪاندار ۽ اسٽال وارا گهڻو ڪري غير سنڌي آھن. ھو سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پويان ۽ غير سنڌي رسالا اڳيان رکندا آھن تہ جيئن ماڻھن جون نظرون غير سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي ئي پون.
    3. اسان سنڌين جي دماغ ۾ اُٺ ويٺل آھي تہ سنڌي ادب ۾ ڪُجهہ آھي ئي ڪونہ ۽ سنڌي اديب تمام گهڻو پوئتي آھن.
    4. اسان سنڌين کي اللہ صبر تمام گهٽ ڏنو آھي. اسان جلد مشھور ٿيڻ لاءِ پنھنجي ڪتابن جو وڏو حصو مفت ورھايو ڇڏيون ۽ اسان اھو وساريو ڇڏيون تہ ھڪڙو مفت ۾ ڏنل ڪتاب يا رسالو گهٽ ۾ گهٽ سئو گراھڪ کاري ٿو.
    5. اسان سنڌي ڪُجهہ اھڙا بيشرم آھيون جو مفت ڪتاب وٺڻ ۾ ذرو عار محسوس نہ ڪندا آھيون.

    دڪاندار ۽ اسٽال وارا ڇا ٿا ڪن؟
    سنڌي رسالا ۽ ڪتاب وڪڻي ڇڏڻ کان پوءِ بہ اڙدو رسالا وي-پي تي بہ ڇڏائي سنڌين کي چوندا آھن تہ ”ڪل آنا... آج پئسي نھين ھين“، ۽ اھا سندن ”ڪل“ اچڻ ۾ ڪڏھن تہ مھينا لڳيو وڃن، ڪڏھن تہ سندن ”ڪل“ صفا غائب ٿيو وڃي ۽ اسان سنڌي وري اھڙا بيغيرت آھيون جو ور ور ڪري ھنن وٽ بيٺا آھيون.

    پاڻ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    اسان مان ڪوبہ پنھنجي ڪنھن بہ ڪتاب يا رسالي جي ھڪڙي ڪاپي بہ ڪنھن کي مفت ۾ نہ ڏئي، دوست يار جيڪڏھن سچ پچ دوست يار ھوندا تہ خريد ڪندا ۽ اديب جيڪڏھن اديب آھن تہ ھنن کي ادب سان ايترو پيار ھوندو جو ھو خريد ڪندا. جن جا ليک ڪتاب ۾ شايع ٿيل ھجن تن کي مفت جي ڪاپي ھرگز نہ ڏيڻ گهرجي ڇوتہ ھو فقط پنھنجن ليکن خاطر اھو ڪتاب ضرور خريد ڪندا. مفت ڪتاب ڏيڻ يا ورھائڻ پنھنجو پاڻ کي خوار خراب ڪرائڻ آھي، ۽ اھڙو خوار خراب اسان پاڻ کي ۽ سنڌي ٻولي کي گهڻو ڪري چڪا آھيون.
    ھنن اسٽال وارن ۽ دڪاندارن جو ڇا ڪجي؟
    1. اچو تہ گڏجي عھد ڪريون تہ اسان مان ڪوبہ ڪنھن بہ اھڙي دڪاندار يا اسٽال واري کي پنھنجي ڪتاب يا رسالي جي ھڪڙي ڪاپي بہ وڪري لاءِ نہ ڏيندو جيڪو ڪنھن ھڪڙي بہ سنڌي رسالي يا ڪتاب جا پئسا روڪي ويٺو ھجي.
    2. اچو تہ پاڻ گڏجي ھڪڙو سينٽر کوليون جتي ھرڪو سنڌي ڪتاب ۽ رسالا ڇپائيندڙ پنھنجا ڪتاب يا رسالا موڪلي، ۽ پوءِ فقط اھو سينٽر ئي دڪاندارن ۽ اسٽال وارن سان ڏيتي ليتي ڪري. ھن طرح اسانجي آواز کي اھميت ھوندي، ۽ اسان اھي پئسا بہ ھنن اسٽال وارن کان وصول ڪري سگهنداسين جيڪي ھي ڦٻايو ويٺا آھن.
    3. پاڻ جيڪڏھن گڏجي ڪم ڪريون ۽ پنھنجا رسالا ۽ ڪتاب ھڪڙي آفيس مان ورھايون تہ ھي اسٽالن وارا پاڻيھي اچي اسان سان ڳالهائيندا ۽ پئسا اڳواٽ ڏيڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويندا.
    4. پاڻ پنھنجا اسٽال بہ کولڻ جي حيثيت جي رکي سگهنداسين جيڪڏھن اسان فقط ديانتداري سان پنھنجي ھرھڪ رسالي ۽ ڪتاب جي ھرھڪ ڪاپي سينٽر جي معرفت ورھائي.
    5. پاڻ پنھنجي آفيس بہ کولي سگهنداسين، پنھنجو ڪلارڪ بہ رکي سگهنداسين ۽ گڏيل اشتھار بہ شايع ڪري سگهنداسين.

    فقط
    1. ٿوري ھمٿ کپي
    2. ٿورو ھڪ ٻئي تي ويساھ کپي
    3. سياسي ۽ ادبي اختلافن کي ھن معاملي ۾ دخل انداز ٿيڻ نہ ڏجي، ۽
    4. ٿورو صبر کپي.

    پاڻ
    1. ھر ھنڌ پنھنجو فقط ھڪ ايجنٽ رکون
    2. ھڪڙو ماڻهون پگهار يا ڪميشن تي رکون جيڪو وصولي ڪري، ۽
    3. گڏجي ھنن عذاب جھڙن اسٽالن وارن دڪاندارن سان منھن ڏيون.
    مان ھي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، مان سڀ ڪُجهہ ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، فقط اوھان منھنجو ساٿ ڏيو، فقط اوھان منھنجي مدد ڪريو ۽ پنھنجي ڪنھن بہ ڪتاب يا رسالي جي ڪاپي مفت ۾ نہ ورھايو، فقط اوھان پنھنجي رسالي يا ڪتاب جي ھرھڪ ڪاپي مونڏانھن اماڻيو تہ جيئن مان انھن اسٽالن وارن سان ڳالهائڻ جھڙو ٿيان. جيڪڏھن مون وٽ اٺ ڏھ رسالا يا ڪتاب ڏيڻ جو حق ھوندو تہ ھي مونسان ڳالهائڻ چاھيندا. اوھان مان ڪنھنجو ڪوبہ بل ڪنھن تي رھيل ھُجي تہ مھرباني ڪري اھو مون ڏانھن موڪلي تہ اسان ڏسون تہ ھنن اسٽال وارن مان ڪھڙا شريف آھن ۽ ڪھڙا مفت خور آھن. اوھان منھنجي مدد ڪريو، مان اوھان لاءِ سڀ ڪُجهہ ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.

    عبدالحليم بروھي،
    روم نمبر پھريون،
    منظور چيمبرس، گاڏي کاتو، حيدرآباد (سنڌ)


    چرچو ۽ چرچائي

    چرچو ۽ چرچائي
    ھڪ سئو تيرنھن مولوين جي فتويٰ ھڪ دفعو وري ثابت ڪري ڇڏيو تہ مولوين ۾ اڃا بہ ڪي آھن جيڪي چرچي مان ڄاڻين. جن ڪالهہ تائين چيو پئي تہ مولوي ڇا ڄاڻين چرچي مان، تن کي تہ جيئن ڪنھن بلانسنگهي ڇڏيو. ائين ڪڇن جيئن ڀت!
    چرچا ڪندي ڪندي چرچائي ٿبو آھي. مولوي گهڻو وقت آئوٽ آف پرئڪٽس رھڻ ڪري اھو چرچو غلط وقت تي ڪري ويٺا. اھا سندن فتويٰ پھرين اپريل تي اچڻ گهربي ھُئي.
    ھن فتويٰ کان پوءِ ڀٽي صاحب وارو جلوس، جيڪو پنجيتاليھ ميل ڊگهو نڪرڻو ھو، نوي ميل ڊگهو ٿي ويو. اھڙيون جي ٻہ چار ٻيون فتوائون آيون تہ ھنن مولوين بہ ڀٽي صاحب جي جلوسن ۾ شامل ٿيڻو پوندو.
    جيڪڏھن اسلام انسان جي فطرت مطابق آھي تہ بُک ۽ اوگهڙ جو علاج ڪرڻ بہ انسان جي فطرت ۾ آھي. سوشلزم بک ۽ اوگهڙ جو علاج آھي جيڪو جيڪڏھن اڄ مولوين جي سمجهہ کان ٻاھر آھي تہ سڀاڻي سمجهہ ۾اچي ويندن. تيستائين مولوي ھڪڙو ٻيو چرچو ڪري سگهن ٿا، اھو ھي تہ صبر کان ڪم وٺي سگهن ٿا.


    ھي سلسلو

    ھي سلسلو
    ”عجيب سلسلو اوھانجو پنھنجو ڪتابي سلسلو آھي“ چئي مان اوھانکي خوش فھمي ۾ مبتلا نہ ڪندس. ھي ڪتابي سلسلو منھنجو پنھنجو آھي ۽ ھن سان ڪنھنجو ڪوبہ واسطو ڪونھي. پئسا منھنجي ھڪڙي دوست محمد ذاڪر جا آھن.
    مونڏانھن خط لکي مونکي صلاحون ڏيئي اوھان مون م سڌارا آڻي سگهو ٿا. منھنجي ھن ڪتابي سلسلي ۾ سڌارا آڻڻ مان ڄاڻان منھنجو ڪم ڄاڻي. اوھانجا موڪليل افسانہ، ڪھاڻيون، مضمون ۽ شعر وغيرہ مان شايع ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، پر شرط ھي تہ مونکي وڻن. ھرھڪ صفحي تي منھنجو پنھنجو نالو مونکي پاڻ کي بہ نٿو وڻي، پر مصيبت ھي اُھي ھن ڪتاب جو ھرھڪ لفظ منھنجو لکيل آھي.

    عبدالحليم بروھي
    روم نمبر ھڪ، پھرين منزل
    منظور چيمبرس، گاڏي کاتو،
    حيدرآباد (سنڌ)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267726
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387997
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ