ڪتاب جو نالو: مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين
مصنف: مير نادر علي ابڙو
ڇپائيندڙ: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي، سنڌ
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 30 جولائي 2018 ع
پڙهيو ويو: 872 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 158 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : عبدالقادر جوڻيجو
  • پيش لفظ/تاثر

  • اميد جي مشعل : حميد سنڌي
  • علم وَ ادب جو هي برجستو نوجوان : الطاف شيخ
  • ڪجهه سٽون مير نادر علي ابڙي لاءِ : ادل سومرو
  • پيش لفظ : نصير مرزا
  • رنگَ نوان ڪي راڻي جا : اياز گل
  • منهنجو ڀاءُ مير نادر علي ابڙو : زاهده تاج ابڙو
  • آهـيـون ڪـٿـي اڪـيـلا : غلام محمد ڪنڀر
  • ليکڪ پاران
  • ڪالم/مضمون

  • درود شريف جا فائدا
  • اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان
  • 14 آگسٽ امن، آشتي ۽ ڀائيچاري جو ڏينهن
  • 6 سيپٽمبر يومِ دفاع جي حوالي سان
  • مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين
  • عيد جي حقيقي خوشين کان محروم معاشرو
  • پريمي جوڙا موت جي گهيري ۾
  • اپريل فول : چرچن، تحفن جو ڏينهن
  • اڻ لڀ بڻيل اٽو ۽ عوام جا احتجاج
  • ٿر جون يادون ۽ وسڪارو
  • ٻارڙن جا حق ۽ حقيقي جدوجهد کان وانجهيل سماج
  • تا ريخي ورثن جو درد ۽ رهجي ويل سوال؟
  • ننڊ ڇو ناهي ايندي؟
  • خانگي ٽي وي چئنل ۽ سنڌي ڪلچر
  • سنڌي اخباري دنيا کان اين جي اوز جي نگر تائين
  • سنڌ ۾ جھيڙن جو وڏو ڪارڻ
  • ڪيڏانهن وئي سنڌ جي تعليم
  • هڪ نئين صبح جي ڳولها ۾ سنڌ جو پورهيت
  • سنڌ جو بي پهچ ماڻهو، عدليه ۽ ڇڙ واڳ پوليس
  • ميرپورخاص جتي هرسال انبن جو ميلو مچي ٿو...!
  • ٺري ميرواهه ماکيءَ جهڙو شهر
  • ڪيڏانهن ويون سنڌ جون روايتون...؟
  • عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ميلو اڄ کان شروع
  • عمرڪوٽ ضلعو ڪڏهن بحال ٿيندو ڪوٽ ته عمر ڪوٽ
  • جهالت جي دز ۾ ڦاٿل ۽ نين راهن جي منتظر پاڪستاني قوم
  • شهدادڪوٽ: خوبصورتين ۽ محبتن جو شهر
  • ماءُ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان : ماءُ جي دعا، جنت جي هوا
  • عظيم شاعر احمد فراز جو لاڏاڻو
  • ويا مور مري
  • سنڌي ثقافت سان اظهار محبت وارو ڏهاڙو ۽ اسان جون ذميواريون

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب: مايوسين جي ميڙن کان، اميدن جي ميلن تائين
    موضوع: (ڪالم/مضمون)
    ليکڪ: مير نادر علي ابڙو
    ايڊيشن: پهريون، سال: جولاءِ 2018ع
    ڇپائيندڙ: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، يادگار ڪاميٽي، سنڌ
    باني: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، لاڙڪاڻو
    تعاون: بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ
    باني: ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي، عمرڪوٽ

    ڪمپوزنگ@ ٽائيٽل: سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر(03337523132)



    رابطي لاءِ:
    مير نادر علي ابڙو
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هائوس،
    علي نگر، قاسم آباد، حيدرآباد
    Cell: 0333-2618748




    ملهه: 300روپيـا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر علي ابڙو جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي. سائين عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو:
    مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
    هي ڪتاب 2018ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي پاران بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سنڌ جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سعيد سومري جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون مير نادر علي ابڙي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : عبدالقادر جوڻيجو

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي هن سڀاڳي پٽ، پاڻ جي مهربان علم دوست ۽ سنگت سان ٻئي ڪُلها وهي وڃڻ واري دوستن جي دوست، مير نادر علي ابڙو جي شخصيت تي جيترو گھڻو لکجي، اوترو گھٽ آهي. پر هتي پاڻ کي سندس هِن ڪتاب جي باري ۾ ٻه اکر لکڻا آهن، جيڪو سندس شخصيت جو هڪ خاص پهلو آهي.
    اسان وٽ سنڌي زبان ۾ اڪثر طور تي ڌيان ادب ڏانهن هوندو آهي يا وري سياست ڏانهن رُخ هوندو آهي. اهي ٻئي ڪم چڱا، پر اسان وٽ جنهن شئي جي وڌ ۾ وڌ کوٽ پاتي وڃي ٿي، اها آهي سماجي روين جي باري ۾ ڪتاب لکڻ. مير نادر علي ابڙو هن ڪتاب ۾ اها کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا وڏيءَ حد تائين هڪ ڪاميابي جي نشاني آهي.
    مير نادر علي ابڙو جي هن ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ ڪُل 30 مضمون موجود آهن، جيڪي آهن ته سنڌي سماج جي باري ۾ پر لکڻ جو انداز تخليقي آهي، سو ائين چئي سگھجي ٿو ته هي ڪتاب سماج ۽ تخليق جو ميلاپ آهي ته جيئن ادب پڙهندڙ جي به هن ڪتاب تائين رسائي هجي ته ٻئي پاسي سماج جا پرت به کُلندا وڃن. هي هڪ تجرباتي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي هڪ اها به خوبي آهي ته هيءُ ڪتاب ليکڪ پنهنجي محبوب والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل سندس والد جي ياد به ڏياري ٿو.
    اڪثر طور تي اهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي به ڪتاب سماجي روين جي باري ۾ لکيا ويا آهن، اُهي گھڻو ڪري ڏکي ٻوليءَ ۾ هوندا آهن يا وري اهڙن ڪتابن ۾ ٻين ٻولين جي ڀرمار هوندي آهي پر مير نادر علي ابڙو جو هيءُ ڪتاب تمام آسان سنڌيءَ ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب جيئن ته سماج جي باري ۾ آهي، انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ اهو خيال پاتو وڃي ٿو ته هيءُ ڪتاب گھڻن هٿن تائين پهچي سگھي ۽ گھڻا ماڻهو هن ڪتاب مان لاڀ پرائين. هن ڪتاب ۾ گھڻا مضمون اهڙا آهن، جن تائين عام ماڻهن جي رسائي ڪانهي، انهن مسئلن تان به پردو کنيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻهو به اهي سماجي يا انتظامي مامرا چڱيءَ طرح سمجھي سگھي. ايتري قدر جو مير نادر علي ابڙو هن ڪتاب ۾ پنهنجي کاتي کي به بخش ڪونه ڪيو آهي. اها سندس جي جرئت آهي نه ته اڪثر آفيسر پنهنجي کاتي جو ڀرپور انداز ۾ بچاءَ ڪندا رهندا آهن.
    ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ مير نادر علي ابڙو جي اها به خوبي نظر اچي ٿي ته سندس لکيل مضمونن ۾ وڏي پئماني تي ورائٽي ملي ٿي نه ته ههڙي قسم جي اڪثر ڪتابن ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي ته مضمونن جا عنوان ته ڌار ڌار هوندا آهن، پر پڙهڻ کان پوءِ لڳندو آهي ته سڀني مضمونن ۾ هڪ ئي ڳالهه بار بار ورجايل هوندي آهي. ايئن اهڙا ڪتاب پڙهندڙ کي رت ڪري ماريندا آهن، پر هن ڪتاب ۾ مضمونن جي ورجاءُ کان هٽي ڪري مضمونن ۾ ورائٽي پئدا ڪئي ويئي آهي ته جيئن پڙهندڙ ڪڪ ٿي ڪتاب هٿ مان نه ڪڍي.
    هن سڄي ڪتاب لاءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته هيءَ ڪتاب هڪ خوبصورت گلدستي وانگر آهي، جيڪو مير نادر علي ابڙو وڏي محنت سان جوڙيو آهي. هر گُل ٻئي گُل کان ڌار نظر ٿو اچي.


    پيش لفظ/تاثر

    اميد جي مشعل : حميد سنڌي

    هي ڪهڙيون مايوسيون آهن ۽ ڪهڙيون اميدون آهن جن منهنجي عزيز ۽ ساٿي مير نادر علي ابڙي کي اهو مجبور ڪيو آهي ته سنڌ جي مسئلن ۽ عام ماڻهو جيڪو صدين کان انهي اميدن تي جيئرو رهندو پيو اچي ۽ مايوسين کان به واقف آهي. هي ڪتاب انسان دوستي جو مظهر آهي، مير نادر علي ابڙي جي هنن ڪالمن ۽ مضمونن مان انسان دوستيءَ جي خوشبو اچي رهي آهي. انهي خوشبوءَ کي عزيز مير نادر علي ابڙي پاڻ وٽ سانڍي ڪيترن اهم موضوئن تي لکيو آهي ۽ چڱي طرح سان پنهنجو فرض بحيثيت هڪ مسلمان دوست جو حق ته ادا ڪيو آهي پر وڏي ڳالهه اها آهي جو هن جا موضوع انسانن جي مسئلن کان پالها نه آهن. هونئن به سندس رڳ رڳ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي رت ملهائڻ جو جذبو واضح ڏسي سگھجي ٿو. محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب پاڻ هڪ اميد هو ۽ هن اهڙي مشعل ٻاري هئي جيڪا مشعل سڄي معاشري ۽ ملڪ کي روشن ڪيو. سندس فرزند هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي قلم کنيو آهي، اهي پنهنجي جاءِ تي گھرائي ۽ گيرائي رکن ٿا. هي موضوع سطحي نه آهن هنن جو انسان جي ڏکن سکن سان تعلق آهي. مان ته حيران آهيان جو اسان جي مير نادر علي ابڙي ٿوري ئي عرصي ۾ ايترن مسئلن جو جائزو وٺي ههڙا مضمون لکيا ۽ انسان دوستيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. خاص طرح سان جھالت جي دز ۾ ڦاٿل ۽ نئين راهن جو منتظر پاڪستاني قوم وارو مضمون ۽ مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين وارو مضمون ته اهم آهن ئي آهن پر سندس قلم جي نوڪ جڏهن تکي وهي ٿي ته هن کي عيد جي حقيقي خوشين کان محروم معاشرو ياد اچي ٿو ۽ پريمي جوڙا موت جي گھيري ۾ جڏهن اچن ٿا ته سندس جائزي وٺڻ جي قوت ظاهر ٿئي ٿي. عوام جا احتجاج ٿر جون يادون ۽ وسڪارو، ٻارڙن جا حق ۽ حقيقي جدوجھد کان وانجھيل سماج هڪ مفڪر ئي لکي سگھي ٿو. هن ننڍي عمر ۾ عزيز مير نادر علي پنهنجو پاڻ قلم ڪار جي حيثيت سان نڀايو آهي. تاريخ جي ورقن جو درد ۽ خانگي ٽي وي ۽ سنڌي ڪلچر جو ذڪر سنڌي اخباري دنيا کان اين جي اوز جي نگر تائين هي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪو عام ماڻهو محسوس ته ڪري سگھي ٿو، ڇا ڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن ڪيئي ڏک ۽ درد سٺا آهن جن کي هڪ مالها ۾ پُوئڻ سولو نه هو. هتي پنهنجي دوست پراڻي ساٿي عظيم شاعر فراز جي وفات تي لکيل هن مضمون مونکي گھڻو ڪجهه ياد ڏياريو. خاص طرح سان ٿر ڏانهن لاپرواهيءَ جو ذڪر اسان جھڙن ماڻهن کي لوڏي وجھي ٿو جيئن ويا مور مري ۽ ٻين عمرڪوٽ جھڙن مضمونن جو ذڪر انهن جي مسئلن ڏانهن سرڪار کي ياد ڏيارڻ مير نادر علي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي.
    مان خاص طرح سان هونئن به محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي خاندان سان ذهني طرح ۽ دلئون ڳنڍيل آهيان تنهن ڪري هي ٻه اکر اميد ته ٻين ليکڪن کي آماده ڪندا ته هنن موضوعن کي وڌيڪ ۽ ورجائي لکن جيئن سنڌ جي سرڪار پنهنجي فرض کان ڪو شال آگاهه ٿئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي سنڌ جو هيءُ به ڪم جوڳو ڪم ڪيو آهي. جنهن کي جيترو به ساراهجي سو ٿورو آهي.


    علم وَ ادب جو هي برجستو نوجوان : الطاف شيخ

    آءٌ سمجھان ٿو ته والدين جي سٺي سڀاءُ ۽ ساڃاهه جو اولاد تي وڏو اثر پوي ٿو، خوشنصيب هوندا آهن، اُهي والدين جن جو اولاد سعادت مند ۽ فرمانبردار ٿئي.
    مير نادر علي ابڙو کي مون جڏهن ڏٺو ته اهي خيال منهنجي ذهن ۾ سمايل رهندا آهن ته مٿس سندس والد جي ڪردار جو وڏو اثر آهي. اهو به پروڙيم ته مير نادر علي ابڙو پنهنجي والد سان بي پناهه محبت ڪندڙ پٽ آهي.
    مير نادر جو تعلق آهي ته پوليس کاتي سان پر مون جڏهن به کيس ڪٿي ڏٺو ته مٿس پوليس جي ڇاپ مونکي ڪڏهن به نظر ڪونه آئي. سندس اخلاق کل مک طبيعت ڏسي اهو نه ٿو چئي سگھجي ته سندس تعلق پوليس کاتي سان آهي، گھڻي قدر آءٌ جيترو پوليس عملي کي سُڃاڻان ٿو ته هو ڪتابي دنيا کان پري هڪ پريڪٽيڪل لائف جا ماڻهو هوندا آهن، ڪنهن پوليس آفيسر جو لکڻ پڙهڻ سان چاهه مون گھٽ ئي ڏٺو آهي.
    آءٌ جڏهن ميرين انجنيئر جي حيثيت ۾ سامونڊي لهرن جون ويرون، وهڪرا ۽ ڇولين جي ڇم ڇم ڏسندو آهيان، يا ساحل تي نگاهون رکندو آهيان ته منهنجي اکين آڏو سنڌ گھمڻ لڳندي آهي، ڇوليون ڪنهن به ملڪ جون هجن پر مون اڳيان سنڌو درياهه جون ويرون ۽ ڇوليون رقصان هونديون آهن پوءِ ملڪن جا ماڳ ڏسي تشبيهون استعاراتي احوال ڪري سنڌ سان اچي ملندو آهي. آءٌ پنهنجي سفر ۾ جيئن قلم ۽ ڪتاب کي نه ٿو ڇڏي سگھان، ساڳئي ئي ڪرت مير نادر به ڪري ٿو، ڀلي تعلق پوليس سان رکي پر هٿ قلم ڪتاب ۾ اٿس.
    مير نادر جا مون ڪيترائي ڪالم پڙهيا آهن، سندس لکڻ جو انداز نهايت سلوڻو ۽ دلچسپ آهي پر مون کي نادر جي اها ڳالهه وڌيڪ چڱي لڳندي آهي ته هُن پنهنجي والد کي سنڌ سان گڏي رکيو آهي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون خدمتون سنڌ واسي وساري ڪونه ٿا سگھن پر وقت سان گڏ ڪيتريون شخصيتون ڌُنڌ ۾ اچي وينديون آهن، شاباس آهي مير نادر علي ابڙو کي جنهن پنهنجي والد جي ورسين ۽ سالگراهن کي ملهائي پنهنجي ذميدارين جو ثبوت ڏنو آهي. آءٌ نادر علي ابڙي جي ان عمل جي تعريف پنهنجي ٻين دوستن سان پڻ وڏي واڪي ڪندو آهيان، يقين پڇو ته آءٌ نادر علي ابڙو جي ان ذميداريءَ کي پسند ڪريان ٿو.
    اهو سڀ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سٺي تربيت جو نتيجو آهي جو اڄ سندس اولاد سنڌ جي نامور شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. آءٌ اڪثر سندن نياڻي زاهده تاج ابڙو جا ڪالم به پڙهندو آهيان، مونکي سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون به پسند آهن. آءٌ توهان کي ڪيترا سال اڳ جو هڪڙو واقعو ٻڌايان ته ڪراچيءَ مان آءٌ چڙهيس. جهاز ۾ هيس، ملائيشيا وڃي رهيو هيس پر آءٌ ان ڏينهن ڪجهه اداس هيس. ڪجهه ڳالهيون هيون، جيڪي ذهن کي مونجھاري منجهه آڻي رهيون هيون. مون عادت مطابق ڪجهه سنڌي اخبارون کڻي مطالعي لاءِ پاڻ وٽ، ايئر هوسٽ کان ورتيون. ان وقت هڪ ڪالم تي نظر پيم زاهده تاج ابڙو جو لکيل هڪ ڪالم هو جيڪو هُن پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسيءَ جي موقعي تي لکيو هو. آءٌ ڪالم پڙهندو ويس، پر ان ڪالم ۾ زاهده تاج ابڙو پنهنجي والد جي يادگيرين کي اهڙي ته چڱيءَ ريت سهيڙيو هو جو سندس والد سان انسيت ڏسي آءٌ پنهنجي ذهن جي اُها مونجهه وساري ويٺس ۽ هشاش بشاش ٿي ويس. ان وقت به آءٌ اهو ئي محسوس ڪري رهيو هوس ته اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي تربيت ۽ شخصيت جو اثر آهي جو کين سندس اولاد سانڍيندو ٿو اچي.
    جڏهن نادر علي ابڙو مون کي پنهنجي نئين ايندڙ ڪتاب لاءِ ٻڌايو ته مونکي بي انتها خوشي محسوس ٿي. مون سندس پهريون ڪتاب به پڙهيو آهي، سندس ڪالم وڻندڙ ٿين ٿا. هن وٽ لکڻ جي ڏات آهي جاکوڙي ليکڪ آهي. سنڌ جي مختلف شخصيات تي به گھڻو ڪم ڪيون اٿائين. نادر علي ابڙو جي ڏات ۽ ڏانءُ جي انيڪ خوبين مان هڪ خوبي اها پڻ آهي، هو نه صرف پنهنجي والد جي ورسي ياد رکي ٿو پر سنڌ جي ڪيترن انيڪ ٻين شخصيتن جي ورسي جي ڏينهن مطابق پڻ لکي ٿو. اها به وڏي ڳالهه آهي.
    هن ڪتاب جا ڪالم پڻ منهنجي نظر مان گذريا آهن، مختلف موضوعن تي قلم کي حرڪت ڏني اٿائين. سندس هر ڪالم پڙهڻ جھڙو آهي. ڪالمن ۾ ڀرپور ڄاڻ پڻ اٿس. هو هڪ اهل علم ۽ ادبي گھراڻي جو فرد آهي ۽ هاڻ هو پنهنجي ڏاهپ ۽ علم سان مختلف شخصيتن کي مڃتا ارپي رهيو آهي.
    آءٌ سمجھان ٿو ته سنڌي سماج ۾ مير نادر علي ابڙو جھڙي ادبي شخصيت جي گھرج آهي. سندس قلم جنهن چاهه سان اڳڀرو ٿي رهيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو ٿيندو.
    ميرنادر علي ابڙو جو ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين‘‘ ۾ سندن زندگيءَ جون يادون تحرير ڪيل آهن. ڪتاب جو هر رنگ ادبي لحاظ کان منفرد نظر اچي ٿو، ليکڪ جتي مذهبي رنگ پروڙيا آهن ته اتي ٿر کان عمرڪوٽ تائين جي تاريخي ماڳن مڪانن جو تذڪرو به بهتر ۽ سولي سنڌي منجهه ڪيو آهي. سندن ڪتاب ادبي لهجي جي حساب سان بهترين ۽ لاجواب چئي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ موجود سمورا مضمون ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن منجهه شايع ٿيل آهن جن کي سهيڙي ليکڪ هي ڪتاب تشڪيل ڏنو آهي جيڪو ضرور پڙهندڙ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ ان سان ادبي دنيا ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو واڌارو ٿيڻ سان گڏ عام ماڻهو کي به وڏي ڄاڻ ملندي هن ڪتاب ۾ ميرنادر علي ابڙو پنهنجون پراڻيون يادون سهيڙي پڙهندڙن سان اوريون آهن جن منجهه کوڙ ساري معلومات شامل آهي.
    مير نادر علي ابڙو جو ادبي قد ڪاٺ ڏسجي ته پاڻ سنڌ جي ٻين اديبن جي نسبت مختلف نظر اچن ٿا. اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ جهڙي کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هجڻ باوجود عام ماڻهن وانگي جيون گهارين ٿا ۽ جتي به ڊيوٽي ڪئي آهي اتي رهڻ دوران اتان جي ثقافت ۽ ڪلچر کي متعارف ڪرائيندي اتي جي تاريخ جي حوالي سان لکيو آهي ادبي پروگرام پڻ ڪرائيندو ٿو رهي. هن پنهنجي سڃاڻپ الڳ سان ٺاهي آهي، پاڻ سنجيده قسم جا ماڻهو آهن جنهن جو نمونو اسان سندس ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۽ مضمونن مان لڳائي سگهون ٿا ته سندس جذبا ڪهڙي قسم جا آهن، ڪتاب ۾ جيڪي به ڪالم شامل ڪيا آهن انهن ۾ هر ڪالم جو الڳ مزاج ۽ ذائقو آهي، سمورا ڪالم هڪ ٻي کان مختلف نظر اچن ٿا.
    ليکڪ جي ڪتاب ۾ اها به ڪوشش رهي آهي ته هر ڪالم ۾ ٻولي سادي ۽ جامع استعمال ڪجي جنهن سبب جيڪي به ڪالم ڪتاب منجهه شامل ڪيا آهن، سي پنهنجي اهميت جي حساب کان مٿڀرا نظر اچن ٿا. شايد ئي ڪو اهڙو اشو هجي جيڪو سندن نگاهه کان رهجي ويو هجي ۽ پاڻ هن تي قلم نه کنيو هجي، ايستائين جو پنهنجي ڊپارٽمينٽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان به ڀرپور ڪالم تحرير ڪيو آهي ۽ هن منجهه عوام کي اها صلاح ڏني آهي ته اهي ڪهڙي طرح هن کاتي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. سندس هر لکڻي ۾ ڪردار ڳالهائيندي ڪچهري ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن مان اسان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سندس شخصيت ۾ ادبي پورهيو ڪيتري حد تائين شامل آهي.
    مير نادر علي ابڙو جي شروعاتي پالنا ئي ادبي گهراڻي ۾ ٿي آهي ۽ پاڻ سنڌ جي تمام وڏي نانءُ سماج سڌارڪ اديب جج سياستدان استاد سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بنيادي ميمبر ۽ ارڏي صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر جنم ورتو ۽ سندن جا وڏا پٽ آهن جنهن ڪري سندن پالنا شروع کان ويندي ادبي ماحول ۾ ٿي ۽ پاڻ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ٺاهي. هن سان گڏ سوڀي گيانچنداڻي، مرحوم ابراهيم جويو ۽ ڄام ساقي جهڙن وڏن جي سرپرستيءَ جو هٿ مٿس رهيو، اهو ئي سبب آهي جو سندن منجهه ادبي خوبيون بي پناهه ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ سندن تحريرن کي پڙهندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته سندن شخصيت ۾ هڪ وڏو اديب موجود آهي ۽ سندن قلم ۾ بي پناهه قوت پلجي ٿي. مون ڏٺو آهي ته مير نادر علي ابڙو انٽرنيٽ تي پڻ علمي ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي حوالي سان بيحد سرگرم ۽ مقبول رهي ٿو . بحرحال هن برجستي اديب نوجوان مان آءٌ اها اميد رکان ٿو ته هُو آئينده به اعليٰ ڪتابن جا تحفه پڙهندڙن کي ارپيندو رهندو.


    ڪجهه سٽون مير نادر علي ابڙي لاءِ : ادل سومرو

    مير نادر علي ابڙي جي اها خوش قسمتي آهي جو هن کي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شفقت ۽ تربيت هڪ والد جي روپ ۾ ملي. ان ۾ ڪوبه وڌاءَ نه ٿيندو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو هڪ سچو سپوت هو. مير نادر علي ابڙي ۾ هڪ فرمانبردار پٽ جي حيثيت ۾ پنهنجي والد جي مهربانين کي به وساريو نه آهي ۽ سندس ياد کي سدائين تازو رکيو آهي. والد صاحب جي علمي، ادبي حلقي ۽ شخصيت سان وابسته مير نادر علي ابڙي کي لکڻ جو اُتساهه ڏياريو آهي. لکڻ پڙهڻ سان گڏ هو عالمي،ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. پنهنجي وس آهر بي پهچ ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهي ٿو. انڪري سچار ٿي پنهنجي قلم وسيلي، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهي ٿو. ائين کڻي چئجي ته سندس اندر جي تڙپ ۽ بيچيني ماٺي نه ٿي آهي. سندس ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. هو وقت جي حالات مطابق، اڀرندڙ عالمي، ادبي ۽ سماجي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهي ٿو. جن ۾ اجتماعيت جو رنگ وڌيڪ نمايان هوندو آهي.
    سندس اهڙن ڪالمن تي مشتمل ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. جنهن ۾ مير صاحب جا ذاتي مشاهدا به شامل آهن ۽ جن شهرن ۾ سندس پوسٽنگ ٿي آهي، هُن اتان جي دوستن کي به نه وساريو آهي. جيئن ’’ٿر جون يادون ۽ وسڪارو‘‘ ڪالم ۾ هن ٿر جون ساروڻيون لکيون آهن. اهڙي ريت، ٺري ميرواهه، شهدادڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کي به هن وساريو ناهي. عمرڪوٽ جي ميلي جو ذڪر ڪندي هن اتان جي يادگيرين کي سهيڙيو آهي. ان ڪري اهڙا ڪالم تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ هو سنڌ جي تبديل ٿيندڙ روايتن تي پڻ پريشان آهي ۽ ’’سنڌ جون روايتون ڪيڏانهن ويون؟‘‘ جي عنوان هيٺ ڪالم ۾ ٽٽندڙ بهتر روايتن جي الميي تي پريشان آهي. هو ’’سنڌ ۾ جھيڙن‘‘، ’’تعليم جي زوال‘‘ ۽ غريب طبقي جي معاشي حالتن تي پڻ پريشان رهي ٿو ۽ اهڙو اظهار پنهنجن ڪالمن ۾ ڪري ٿو. اهڙين مايوسين وارين حالتن جو ذڪر ڪندي به هو پر اُميد آهي ته اهي حالتون ضرور تبديل ٿينديون.
    هو پنهنجي ڳالهه نهايت سادي انداز ۾، عام ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو. جنهن ڪري هر طبقي جو پاڙهو هن جي احساسن کي آسانيءَ سان سمجھي سگھي ٿو ۽ اهائي مير نادر علي ابڙي جي انفراديت آهي.

    سکر
    31 مئي 2018ع


    پيش لفظ : نصير مرزا

    دؤر حاضر، ڪالم نويسن ۽ تجزيه نگارن جو دؤر آهي، ۽ هر طرف، ڇا ته ڪالم نگارن، ڪمپيئرن ۽ اينڪرن جي بهار لڳي پيئي آهي. بس رڳو ڪنهن ٽي. وي چينل جي اسڪرين يا ڪنهن اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي نظر وجهو. سڀ آواز رنگ رنگ جون گل افشانيون ڪندي نظر ايندا. هر هڪ جو انداز پنهنجو، آواز پنهنجو. غور سان ٻڌو ته لڳندو.
    ڳالهيون ته الائجي ڪهڙيون اٿن،
    ڪو ’ها‘ پيو ڪري، ڪو ’نه‘ پيو ڪري.

    هاڻي اهڙن رنگ رنگ جي اڪيچار ڪالم نويسن ۽ تجزيه نگارن وچ ۾ هي جيڪي اسين ٻه ويچارا ڪالم نگار، يعني هڪڙو هي آئون ناچيز، ۽ ٻيو هن ڪتاب جو مصنف، مير نادر علي ابڙو! اُهي ته صفا اشراف... ۽ ساده ڪالمنگار، پر هن نادر سان منهنجون ڪل ڪيتريون ملاقاتون، جي ها! ٿوريون روبرو ۽ گهڻيون بس سيل فون تي. هاڻي ڇا ٻڌايان، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ۽ ليکڪ ابن ليکڪ، هي مير نادر، روبرو ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندو آهي مون کي؟ وڻندڙ شخصيت... سهڻو جوان، صاف سٿرو، بدن تي لباس اڇو اجرو، مٿي تي وار، جيڪي هر وقت سليقي سان سنواريل. اجهو اهڙي هن نادر جي ٻي نادر خوبي هي به ته مزاجن مکڻ ماڻهو ۽ جڏهن جڏهن ڪٿي ملندو، قربت ۽ ويجهڙائپ جو هڪ وڌيڪ ڏيئو ٻاري دل ۾ رکي ويندو، ۽ اينٽي ڪرپشن جي بالا آفيسر ناتي هو ڪجهه وٺڻ ڏانهن مائل الائي نه... البت مون سان ڇا، جنهن جنهن سان به هو ملندو، ويندي ويندي ان کي پنهنجي ٻانهن جو هار ضرور پارائي وڃڻ جو قائل.
    ياد آيم غلام رباني آگرو صاحب، چوندا هئا... ڪو جي مون کان پڇي.. . تو مرزا قليچ بيگ ڏٺو؟ ته ٺهه پهه وراڻيندس: قليچ بي شڪ مون نه ڏٺو، پر چئي سگهان ٿو، مون محمد ابراهيم جويو ڏٺو. هاڻي ڇا حرج، جي چوان ته مون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، بي شڪ نه! پر سندن لائق فائق فرزند نادر ابڙو کي ضرور به ڏٺو، ۽ گڏوگڏ ادي شاهده ۽ ادي زاهده کي به ڏٺو. ۽ سچ ٿو لکان، هي سڀ، ڇا ته خوشبودار ملنسار ۽ پيارا قلمڪار، ۽ اهڙا جو، ساڻن ملي دل مان آواز نڪرندو آهي:
    اين خانه همه آفتاب است
    آئون ڀانئيان ٿو ته، سائين تاج محمد ابڙي صاحب جي نظرداريءَ هيٺ پلجندڙ هي سارو پريوار نادر، شاهده ۽ ادي زاهده ئي نه، سارو ئي ڪٽنب، ادب دوست... اديب شاعر، صاحب مطالع ۽ بي حد با ذوق. هونئن آخر هجي به ڇو نه، جو سڄاڻ والد، پنهنجي ساري اولاد کي سالگراهن تي، گفٽ ۾ ٻيو ڪجهه نه، صرف عظيم ليکڪن جا ڪتاب ئي تحفي طور پئي ڏنا. ٻي پاسي اولاد جي سعادتمندي ڏسو، ڪيڏا نه فرمانبردار ثابت ٿيا، جو والد صاحب جي ٻاريل مشعل کي ان کان پوءِ به روشن رکندا آيا.
    نادر جي ڪالمن، مضمونن جو هي ڪتاب جنهن جو نالو ’’مايوسيءَ کان اميد تائين‘‘ان ۾ هن جا ڪل 30 کن ليک مون کي نظر آيا. هن جي پنهنجي ههڙين ذاتي تحريرن کان اڳ هن کي هي شرف به حاصل، ته هن پنهنجي نامياري والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت ۽ خدمتن بابت ڪنهن وقت هڪ ڪتاب پڻ سهيڙيو هو: ’’سنڌ جو املهه هيرو‘‘. سندس اهڙي سهيڙ تي، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ گڏوگڏ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ پڻ، کيس بي حد داد ڏنو هو.
    نادر جي هن ڪتاب جي پهرئين ئي مضمون تي نظر پئم ته، ڀٽائي صاحب جي هيءَ سٽ ذهن ۾ پڙاڏجڻ لڳي هئم:
    بالله ري پرين، سڀ اُونداهي ڀانيان.
    اجهو ناصر ڪاظمي جو به ته هڪڙو، اهڙو ئي ڪو شعر آهي:
    مين ني جب لکنا سيکا ٿا،
    پهلي تيرا نام لکا ٿا.

    نادر هن ڪتاب جي ابتدا به، اهڙي ئي انداز ۽ احساس سان ڪئي آهي. ظاهر آهي جنهن خلقڻهار، بهترين مخلوق جي صورت ۾ اسان کي پيدا ڪيو آهي، ان جي واکاڻ اسان تي به ته لازمي آهي. ان مضمون ۾، نادر جا هي ڇا ته سهڻا خيال:
    سؤ صلواتون، درود پڙهڻ وارو شخص، ٽن قسمن جي درياهه ۾ ٽُٻي هڻي ٿو. نور توحيد، نور نبوت، نور ولايت جي درياهه ۾ ۽ گڏوگڏ ’’سبحان الله‘‘ چوڻ پڻ جهڙو ڪر.. برڪت ئي برڪت جو باعث...
    ۽ جنهن شخص، پاڻ سڳورن تي گهڻو درود شريف پڙهيو، ان ڄڻ، حضور پاڪ جن جي محبت خريد ڪري ورتي.
    نادر... شفاف هٿن، خلوص دل ۽ محبت سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ والد جو تربيت يافته پٽ آهي، جيڪو هن وقت اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ... ۽ ان سان گڏوگڏ، پاڻ به والد صاحب وانگر هڪ بااصول، نيڪ نيت ۽ آئيڊيل دبنگ آفيسر.... سو پنهنجي هڪڙي ڪالم ۾، ان کاتي بابت ڄاڻ ڏيندي لکي پيو:
    سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي، جتي آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري، ته بي پهچ ماڻهن جون دعائون، کيس الائي ڪٿي پهچائي سگهن ٿيون.
    بقول بابا تاج صاحب! انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها، ته سنڌ جا ڪامورا، سڀ کاتا ئي کائي هڙپ ڪري وڃن ها.
    شڪر مالڪ جو، مون وٽ روز الائي ڪيتريون عورتون ۽ مرد، روئيندا ايندا آهن ۽ انصاف ملڻ تي کِلندا، خوش ٿيندا، روانا ٿي ويندا آهن.
    گڏوگڏ نادر ڪن خوشگوار موضوعن تي به ته ڪالم لکڻ، نه وساريا آهن. مثال طور ’’عيد تهوار‘‘، ’’ثقافتي ڏهاڙا‘‘ ، ’’محبتن جو عالمي ڏينهن‘‘... جنهن ۾ هي ڪيڏو نه سهڻو سنيهو هن رقم ڪيو آهي:
    اچو ته هن عالمي ڏينهن تي، هر هڪ کي محبت جا گلاب آڇون. مُرڪن جي بازار آباد ڪريون.
    ائين اپريل فول!! ڪيڏو نه مزيدار موضوع جڏهن دوست احباب هڪ ٻئي کي بي وقوف بنائي خوش ٿيندا آهن.
    ياد ڪريو، مدر ٽريسا ڇا چوندي هئي؟ ماڻهن کي اٽي جي گهٽتائي نه، محبت جي اڻاٺ ماري ڇڏيندي آهي. پر هاءِ بدنصيبي، پاڻ وٽ سنڌ ۾ سڀ ڪجهه هوندي سوندي به، هڪ پاسي ڪڻڪ ۽ اٽي جي هٿرادو اڻاٺ ڏيکاري ويندي آهي ته ٻئي پاسي محبت جي. مٿان هي ذات پات جا ويڇا... ڪڙم قبيلن جا قبائلي جهيڙا، تفرقا ... اسان جو نادر انهن بابت لکي ٿو:
    بقول ڪامريڊ تاج محمد... سنڌ جون زمينون ايڏيون ته زرخيز، جو ڪو به بکيو نٿو سمهي سگهي. پر هاءِ، پرمار ۽ جاگيردار، جن جا پنهنجا ڀڀ ۽ ڀانڊا ته ڀريل، پر ڌرتي کيڙي ان اپائيندڙ پورهيتن جا ٻچا بکيا... ۽ لنگهڻ تي...
    عوام اٽي جي لپ لاءِ روڊن تي، ۽ ٻي پاسي واپاري، عيش ۽ آرام ۾...
    هوڏانهن ٿر، جتي گرينائيٽ، بليڪ گولڊ، پوءِ به اتي ڏڪر جو ڏڪر... ڪرم جو ڪڪر جي وٺو ته پوءِ اِهو ئي ٿر ۽ بر.. .سائو ۽ سرسبز. جنهن جي سير سياحت لاءِ سرندي وارا ويندا آهن، ۽ اڪن، روهيڙن ۽ ڪونڀٽن سان سيلفيون ڪڍي موٽي ويندا آهن، جتي پويان ٻار بک وگهي مرن يا مور، انهن بابت ڪير ٿو سوچي!
    اجهو ڪي ورهيه، مير نادر جڏهن ٿر مٺي ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي رهيو. انهن ڏينهن کي ياد ڪندي، هن اسان کي ٻڌايو آهي ته:
    ٿر جي شهر ننگرپارڪر ۾ مسڪين جهان خان کوسو ادبي لائبريريءَ جو بنياد رکيوسين (اميد ته اُها اڄ به اتي قائم ۽ دائم هوندي) پوءِ ٿر جي شهر چيلهار ۾، رائچند راٺوڙ جي ورسي به ملهائي سين.

    مورن ۽ ٿري ٻارن تان ياد آيو، ته هن ڪتاب ۾، نادر ٻارن جي عالمي ڏينهن تي به ته هڪڙو اهم ڪالم لکيو آهي. جنهن ۾ هن هيءَ ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه لکي آهي:
    ٻارڙن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ نشي آور شين جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.
    نادر جي ڪالمن جا، ٻيا به ڪيئي موضوع آهن ۽ خاصا رنگارنگ. مثال طور: ننڊ ڇو ناهي ايندي... اين جي اوز ڪلچر... سنڌ جا تپيدار ۽ مختيارڪار... پوليس جون من مستيون... پورهيتن جو عالمي ڏينهن... ثقافتي ڏهاڙا... ۽ اجهو اهڙن مختلف موضوعن جي وچ ۾ هي خوشبودار ڪالم پڻ، جنهن جو عنوان ’’ميرپورخاص ۾ انبن جو ميلو‘‘، هاڻي ڪير نٿو ڄاڻي ته، سنڌ جو هي سدا بهار، ميرپورخاص شهر بڙن ۽ پپرن جي وڻن سان ٺنڊا ٺار... جيڪو سڏبو ئي آهي ’’اين. جي. اوز ۽ مينگوز جو شهر‘‘ جتي سال به سال هي ڇا ته مينگو فيسٽيول وارو مؤج ميلو... بقول نادر:
    هتي انبن جي خوشبو، ٻارڙن ۽ عورتن جا ٽهڪ، رانديگرن جا ٽولا، ملهه پهلوانن جون زور آوريون، معنيٰ جنهن جنهن هن مينگو فيسٽيول جا منظر ڏٺا، اهو خوش نصيب ۽ جن نه ڏٺا اهي....
    ’’ٺري ميرواهه ماکي جهڙو شهر...‘‘ بقول نادر، هن شهر جو اهو ڇا ته مٺو مٺو نالو، ٻڌڻ سان ئي هيانءُ ٺريو پئي. ڪنهن وقت نوڪريءَ سانگي نادر ان شهر ۾ رهيو، ته لکيائين:
    ٿورو ئي وقت اندر، هن علائقي مان ايڏي ته سٺي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ موٽ ملي، جو مان خود وائڙو ٿي ويس. هونئن هتي جي هر شيءِ وهوا... پر هاءِ مٺي ماکي!
    ٺري ميرواهه کان سواءِ، شهداد ڪوٽ، شهر جيڪو هن جي والد گرامي تاج محمد ابڙي صاحب جو جنم شهر پڻ. نادر کي ان شهر ۾ به خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، اتي جي گرمي جو احوال ۽ مشاهدو، پاڻ هن ريت اسان کي ٻڌائي ٿو:
    “شهدادڪوٽ ۾ سخت گرمي، بجليءَ جي اک ٻوٽ... جنهن دؤران، اڪثر ماڻهن کي مون بي هوش ڏٺو.”
    ٻئي پاسي، شهدادڪوٽ جي قربدار ماڻهن جو ذڪر وري هُو هن ريت ٿو ڪري:
    هتي چوڻي مشهور آهي، ته شهدادڪوٽ، ائين نه موٽ، جي موٽ ته سڪ وٺي موٽ.
    ٻي سٺي ڳالهه، ته رڪشا هتي گهٽ ۽ هر طرف هزارين ٽانگا هلندا نظر ايندا.
    ’’مائن جي عالمي ڏينهن‘‘ واري ڪالم ۾، نادر هيءَ ڪيڏي نه املهه سٽ لکي آهي، ۽ بلڪل سچي سون جهڙي... جنهن کي به، خدمت عيوض ماءُ جي دعا لڳي وڃي، سو ست جنم رڱجي ٿو وڃي.
    نادر... سنڌ جي روايت ثقافتي مرڪز ‘اوطاق’ بابت به شاندار ليک لکيو آهي، ٿورو ٿڪو اِهڙو ڪلچر، سنڌ ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي رائج ئي آهي، پر لاڙڪاڻي ۾ محمد ايوب کهڙي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي صاحب جي اوطاقن جو ذڪر ته خاص طرح سان لاڙڪاڻي وارن تذڪرن ۾ مون بار بار پڙهيو آهي. اهڙين اوطاقن ۽ اوطاقي انسانن جي صحبتن کي ياد ڪندي، نادر بجا طور تي هڪڙي ڪالم جو عنوان رکيو آهي:
    ويا مورَ مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    مير نادر... اردو ٻوليءَ جي مقبول شاعر احمد فراز جي وفات بابت به ته تعزيتي ڪالم هن ڪتاب ۾ لکيو آهي. فراز صاحب بابت هن جي ان ڪالم تي اجهو فراز جو هي شعر ذهن تي تري آيو اٿم:
    شڪوهء ظلمتِ شب سي تو ڪهين بهتر ٿا،
    اپني حصي ڪِي ڪوئِي شمع جلاتي جاتي.
    ته بس... اسان جي همعصر قلمڪار، مير نادر علي ابڙي، هن ڪتاب جي صورت، سنڌي ادب جي اونداهي جاري ۾، پنهنجي حصي جي هيءَ هڪ، شمع ئي ته ٻاري رکي آهي. دعا آهي هن شمع جي لاٽ، سنڌ ۾ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين، سدا روشن رهندي. آمين. يا الرحمراحمين.

    حيدرآباد
    5.6.2018


    رنگَ نوان ڪي راڻي جا : اياز گل

    1990ع ــــ 91ع جو زمانو هيو. ڪاليج ڇڏي، مون اچي يونيورسٽي وسائي هئي. نون پرُاڻن ڪيترن ئي دوستن سان روز پيو ملڻ ٿيندو هيو ـــ هڪ ڏينهن هڪ نوجوان ملڻ آيو هيو ۽ پنهنجو تعارف نادر علي ابڙي جي نالي سان ڪرايو هئائين. مون لاءِ سندس تعارف جو پويون حصو وڌيڪَ اهميت وارو هيو. ”پُٽُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ ـــ سندس سُڃاڻپ جو هي حوالو بي حد سگهارو هيو ـــ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي ڪيرُ نه سُڃاڻي ـــ ڏاهپَ، انسان دوستي ۽ ادب سان وابستگي، اسان جا وڏڙا اديبَ شاعرَ ذاتي توڙي ادبي محفلن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ذّڪرُ گهڻي پنهنجائپ ۽ احترام سان ڪندا هئا ۽ اهو احترام اسان جي دليُن ۾ به منتقل ٿي ويو هيو.
    نادر علي ابڙي، پڙهائي پُوري ڪري وڃي عملي زندگيءَ ۾ پيرُ پاتو، ڪڏهن ڪنهن عيدَ براد ۽ ڪڏهن ڪنهن خاص ڏِڻَ تي سندس نالي سان ڇپيل ڪارڊَ ملندا رهندا هئا، جن مان ئي سندس پوسٽنگ ۽ ترقيءَ جي خبر ملندي رهندي هئي ۽ ائين سِڪَ جو سڳو سُرندو رهيو، گهٽ ميل ملاقات باوجود به ساٿُ سلامت رَهيو ــ موبائيل آيا ته ايس. ايم. ايس جو نئون ناتو ڳنڍجي ويو ۽ ڪڏهن ڪڏهن فون تي به هڪٻئي جي خيريت پئي معلوم ٿيندي هئي. نادر علي ابڙو، جنهن جي سُڃاڻپ شروعاتي ڪيترن سالن تائين ”پُٽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ ئي رهي هئي، تنهن هاڻي هوريان هوريان پنهنجي به ڌارَ سُڃاڻپ ٺاهڻ شروع ڪئي هُئي، پر وري به اُها سندس سماجي سُڃاڻپ هُئي.
    نادر علي ابڙي منهنجي دل وڌيڪَ تڏهن خوش ڪئي، جڏهن هُن پنهنجي محترم والد جي هڪ ٻي سُڃاڻپ کي به پنهنجو ڪيو. اُها هئي ادب سان وابستگي ـــ هُنَ نه رڳو ادبي تنظيمن سان ناتو ڳنڍيو، پر لکڻ به شروع ڪري ڏنو. اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڪالم ڇپجڻ شروع ٿيا ۽ ائين اسانجو دوست نادر علي ابڙو اديبن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، تان جو سندس پنهنجي والد محترم جي زندگيءَ جي حوالي سان ڪِتابُ به ڇپجي پڌرو ٿي ويو ”سنڌ جو املهه هيرو“ ـــ اهو مير نادر علي ابڙي جو پهريون ڪتاب هيو، پهريون قدم ۽ ادب سان پهريون عشقُ !
    مير نادر علي ابڙي جي پهرين ڪتابَ تي، سنڌُ جي ٻن اهم شخصيتن سائين محمد ابراهيم جويي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ پنهنجا تاثرات لکيا ۽ دل کولي سندس ڳُڻَ ڳاتا، کيس ساراهيو ۽ شابسون ڏنيون. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ لکيو: ”مير نادر حقيقت ۾ نوجوان هوندي، پنهنجي بزرگن سان ڪيتري محبت ۽ لڳاءُ رکي ٿو، ان جو اندازو سندس هنن مضمونن مان لڳائي سگهجي ٿو. سندس لکڻ جو اسلوب برجستو، سونهن ۽ سوڀيا وارو آهي. مضمونن ۾ مختلف هستُين بابت سندس تحقيق ۽ کوجنا جي ڪيتري قدرو قيمت آهي، سا لڪيل ۽ ڍڪيل نه آهي. مان سندس محنت، محبت کي خراج عقيدت ۽ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ۽ مون کي خوشي ٿي ٿئي. ته اسان جا نوجوانَ پنهنجي تاريخَ ۽ بزرگن کي زندهه جاويد رکڻ چاهين ٿا“. مان سمجھان ٿو، سنڌُ جي هيڏي مانائتي شخصيت پاران، خوبصورت لفظن جي ڀيٽا مير نادر علي ابڙي لاءِ بلاشڪ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونهي.
    مير نادر علي ابڙي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو هي ڪتاب ”مايوسين جي ميڙن کان اُميدن جي ميلن تائين“ سندس مختلف سماجي ۽ ادبي موضوعن تي مشتمل آهي. اهي ڪالمَ ۽ مضمونَ سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ لڳ ڀڳ سمورن اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ سندس شخصي جذبن، تجربن، مشاهدن ۽ تجزين تي آڌاريل آهن. هُو جتي سرڪاري ادارن عدليه، پوليس، تعليم کاتي جي چڱن ڪمن کي واکاڻي ٿو، اُتي انهن ادارن جي ڪن ناقص ڪارڪردگين تي ٽيڪا ٽپڻي پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ حساس ۽ سچو ليکڪ ائين ڪندي ئي سُٺو ٿو سمجھيو وڃي، پنهنجي نوڪريءَ سانگي هُو جن جن ماڳن، مڪانن تي مقرر ٿيندو رهيو آهي، انهن ماڳن، اُتان جي ماڻهن ۽ روايتن کي به هُن ڪونه وساريو آهي ۽ سندن سونهن، ساڃاههَ ۽ سهڪارَ کي ساراهيو اٿائين. اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جي دنيا يقيناً ٻئي تخليقي ادب کان مختلف ٿئي ٿي، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ادب جو حصو ضرور آهي..... مير نادر علي ابڙي جا ڪالم ۽ مضمون پڙهي لڳي ٿو ته، اهي هڪ ساڃهه وند ۽ درد مند دل رکندڙ ليکڪ جا لکيل آهن. سنڌُ جو رشوت ٽوڙ کاتو، جنهن جو هو آئوٽ ۽ اَهم انگ آهي، ان ۾ مير نادر عليءَ جهڙا آفيسر اسان کي گهٽ نظر ايندا، جيڪي پئسي تي پيارَ کي اهميت ڏين ٿا. سماجي ۽ ادبي تقريبن جا مُهندار ٿين ٿا، منڊليون مچائن ٿا ۽ داٻي ۽ دهمان کان هٽي ڪري به عوام وٽان مانُ ۽ مڃتا ماڻن ٿا. جيئن ڪتابَ ۾ شامل ڪالمن ۽ مضمونن ۾، موضوعن جي رنگارنگي آهي، ائين ئي سندس شخصيت به انڊلٺ رنگي آهي. سادي پيرايي ۾ لکيل سندس هي ليکَ پرهندڙن ۾ ضرور مڃتا ماڻيندا ۽ کيس هڪ ڌارَ سُڃاڻپ ڏيندا، جيڪا مير نادر علي ابڙي جي بنهه پنهنجي سُڃاڻپ هوندي.

    سکر ـــ سنڌ
    4 جون 2018ع


    منهنجو ڀاءُ مير نادر علي ابڙو : زاهده تاج ابڙو

    مان سمجھندي آهيان ته جيڪو اکرن سان عشق ڪندو آهي، اُهو ڪڏهن به تنها نه ٿو ٿي سگھي، اُن جي من ۾ ميلا مچيل رهندا، ڀلي پوءِ قلم سان اکر لکي يا ڪتاب منجھان اکر پڙهي. هي عشق نرالو آهي اکر اکر ۾ طلسم لڪيل آهي، جيڪو ان جي سحر ۾ وڪوڙجي ويو، جنهن اکرن ۽ لفظن منجهه جاءِ والاري ورتي تنهن جو ذهن فڪر انگيز ۽ اثر انگيز مواد سان ڀرجي وڃي ٿو. اکرن ۽ لفظن ۾ جادو آهي، جيڪي اڪيلائپ جي احساس کي ختم ڪن ٿا.
    ڪتاب سان دوستي ڪڏهن به گھاٽي جو سودو نه ٿي سگھندي آهي، توڙي جو اڄ جي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي، هٿ ۾ رکيل موبائل تي نيٽ ذريعي سڄي دنيا جا ڪتاب پڙهي سگھجن ٿا، شعور کي عام ڪندڙ انٽرنيٽ جو طريقو ڪيترو به لاڀائتو تيز انداز ڇو ڪين هجي پر ڪتاب پوءِ به ڪتاب آهي، هٿ ۾ ڪتاب کڻي پڙهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، اڄ جو هر ٻيو نوجوان موبائل کڻي سڄي دنيا جي معلومات ڪٺي ڪري ٿو پر نتيجو ڇا! جنهن نوجوان کان پُڇو ته ڪنڌ ۽ پُٺيءَ جي سُور ۾ ورتو پيو آهي، اسان ننڍپڻ کان ڪتاب پڙهياسين پر ڪڏهن به ڪنڌ ۾ سُور نه پرايو اهو آهي ڪتاب جو فائدو، جيڪو صحت لاءِ هرگز هاڃيڪار نه آهي.
    ننڍپڻ تي ياد آيم ته مان ۽ مير نادر ننڍپڻ کان همسفر آهيون، ننڍپڻ جي واقعن کي ياد ڪندي مان پاڻ کي نادر کان ڌار ڪري نه ٿي سگھان. راند روند کان وٺي اسڪول وڃڻ تائين اسان ٻئي هميشه گڏ رهياسين، ڪتابن سان دوستي رکڻ اسان کي پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيکاري، اسان جي گھر ۾ هڪ وسيع ناياب جديد لائيبرري هئي، بابا سائين اسان سڀني ٻارن کي اسان جي تعليمي ڪاميابين تي خوبصورت ڪتابن جا تحفا ارپيندا هئا، جن ۾ ادبي ۽ عملي ڪتابن کان علاوه قرآن شريف، شاهه جو رسالو، ڊڪشنريون به شامل رهيا. ننڍپڻ کان ئي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان سڀني ٻارن کي هٿن ۾ ڪتابن جي طاقت ڏئي مضبوط ڪيو . اسان کي جاڳندي رڳو ڪتابن جا ڪٻٽ نظر نه ايندا هئا پر خوابن ۾ به ڪتاب هلچل مچائيندا هئا.
    بابا سائين جي شخصيت ۾ اهڙي ڪا ڪشش هئي جو لوڪ پاڻ مرادو ڏانهنس ڇڪجي ايندو هو. ڪامريڊ جون ڪچهريون هند سنڌ ۾ مشهور رهيون آهن، انهن ڪچهرين ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي کيتر جو وڏو تعداد موجود رهندو هو. وڏيون وڏيون شخصيات بابا سائين جي حلقي ۾ رهيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، ابراهيم جويو، شيخ اياز ، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا به ڪيترائي انيڪ نالا آهن، جن جو ذڪر بابا سائين تي لکيل ڪتابن ۾ موجود آهي. انهن ڪچهرين ۾ اسان ٻار به اڪثر موجود رهندا هئاسين. نادر جي ڪچي ذهن تي انهن گھرين ڪچهرين جو وڏو اثر رهيو.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان جو والد اسان لاءِ هڪ گھاٽي وڻ جي ڇانو جيان رهيو. بابا سائين جي ڪچهرين ۾ موتين جهڙن ماڻهن جي دانشمندانه ڪر نڪتن سان سينگاريل ماحول ۾ نادر جيڪي پل گذاريا ان اُتساهڪ ماحول نادر علي جي ذهن کي ڪچ مان ڪندن بڻائي ڇڏيو هو. انهن شخصيات جي بي لوث محبتن ۽ شعور جا انڊلٺي رنگ نادر جي شخصيت ۾ اوتجي ويا. هُو ڪو چلولو نوجوان نه هو، بابا سائين جي سگھاري شخصيت ۽ ماحول نادر علي کي باڪردار، ذهين، شائسته، سادگي پسند، مهذب ۽ دانشمندانه سوچ جي حامل شخصيت بڻائي ڇڏيو.
    نادر علي ابڙو جڏهن قلم هٿن ۾ کنيو ته هن نامور شخصيات جون اُهي اڻ مٽ يادگيريون سهيڙيون جن سان مليو ۽ جيڪي مٿس اثر انداز رهيون. آهسته آهسته بعد ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ اجتماعي سماجي احساسن جي ترجماني لاءِ به ڪالم شروع ڪيائين. نادر علي کي آسپاس جي ماحول تي ڳوڙهي نظر رکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل رهي آهي، ڪنهن سان ٿيندڙ ناانصافي هُن ڪڏهن به برداشت نه ڪئي. ان جو عملي توڙ به لڌو اٿائين ته وري قلم ذريعي شعور به اجاگر ڪندو رهيو آهي. جڏهن به هُن دک درد، ناانصافي، ناحق ۽ بک افلاس ڏٺو ته هُن قلم جي طاقت سان ان برائي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ٻين جي اذيتن کي محسوس ڪري اُهو ئي اهو سڀ لکي سگھي ٿو.
    نادر علي هڪ ديانتدار، ايماندار پوليس آفيسر آهي. هن وقت اينٽي ڪرپشن پوليس ۾ ڊائريڪٽر جي اعليٰ عهدي تي فائز آهي. پر هڪ عام ماڻهو لاءِ هُن کي نماڻائي ئي سندس شخصيت جي علامت آهي. تمام ٿورا ڪي اهڙا پوليس آفيسر هوندا جيڪي اديب هجن انهن ۾ نادر علي جو نالو ٽاپ آف دي لسٽ آهي.
    نادر علي پوليس آفيسر آهي يقينن پنهنجي جاءِ تي سخت به آهي، پر هڪ پُٽ جي حيثيت ۾ هو امڙ جيجل تي ساهه صدقو ڪندڙ فرمانبردار پٽ آهي. مان ڀيڻ آهيانس مون لاءِ ٿڌي ڇانوَ آهي. اولاد ۽ ڀائڙن، ڀينرن لاءِ سچو دوست آهي، هڪ بهترين جيون ساٿي آهي، رشتن جي انهن بي لوث محبتن جي رنگن سندس شخصيت ۾ ويتر نکار پيدا ڪيو آهي.
    نادر علي مون سان تمام گھڻو ويجھو رهيو آهي اسان ڀاءُ ڀيڻ جي دوستي جي حسناڪي ساهه ۾ سانڍڻ جھڙي رهي آهي، تنهنڪري نادر عليءَ جو هي ٽيون ڪتاب اچڻ تي مونکي دل جي گھرائين سان مسرت ٿي رهي آهي. شروع کان وٺي مونکي نادر عليءَ جا ڪالم موهيندا رهيا آهن هو ڪالمن کي ڪٿا جيان پيش ڪندو آهي، لکڻ جو منفرد انداز، اهميت، نفيس نثر، نرالن موضوعن جي فراواني، لفظن جي رواني ۽ منظر ڪشي اهڙي رکندو آهي جو اهو ناممڪن آهي ته ڪالم شروع ڪجي ۽ اڌ ۾ ڇڏي ڏجي.
    هن ڪتاب ۾ به ڪالم اهڙائي ناياب رکيا اٿائين، ڪٿي درود جي فضيلت ته ڪٿي وري اينٽي ڪرپشن جي معلومات ٿو ڏي، ته ڪٿي جدوجھد کان وانجھيل سماج ٿو ڏيکاري ته ڪٿي وري ٿر جون يادون ۽ وسڪارو ٿو بيان ڪري ته ڪالمن ۾ گھرائي ۽ دلچسپي ايتري اٿس جو ان مهارت تي کيس داد ڏجي.
    نادر علي رڳو قلم جو جادوگر نه آهي بلڪ هُو گفتار ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، سندس تقريرون به ٻڌڻ وٽان آهن، تقريرن ۾ سندس لفظن جي جذباتيت پوري پنڊال کي ساڪن ڪري ڇڏيندي آهي.
    مون کي يقين آهي ته نادر علي جو هي قلمي پورهيو سنڌي ادب ۾ تمام سٺي ۽ مٿاهين جاءِ ماڻيندو ۽ سندس ڪوشش اڃا جاري رهندي، ڇو ته مونکي خبر آهي ته نادر علي انتهائي محنتي جاکوڙي ماڻهو آهي. مون ڪڏهن به هن کي وقت وڃائيندي چپ ڪري ويهندي نه ڏٺو آهي. هُو هر وقت محنت ڪندو رهي ٿو ۽ محنت الله کي پسند آهي، پنهنجي نوڪريءَ جي فرض کي به پوري توجه سان نڀائي رهيو آهي ته ادب جي سفر جي منزل ڏانهن به وڌي رهيو آهي.
    منهنجي دعا آهي ته منهنجو ڀائڙو اڃان وڌيڪ ترقي ڪري ۽ عزت افزائي ماڻي.
    سندس ڪاميابين جو سفر جاري ۽ ساري رهي. (آمين)


    آهـيـون ڪـٿـي اڪـيـلا : غلام محمد ڪنڀر

    مير نادر علي ابڙو جو ڪتاب "مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين “ ڪالمن ۽ مضمونن جو بهترين ڪتاب آهي جنهن ۾ جيڪي به ڪالم شامل ڪيا ويا آهن سي پنهنجي ميار جي حساب سان بي مثال ۽ ادبي لڏي جي مرڪز نگاهه بڻيل رهيا آهن، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۾ شايح ٿيل آهن. هن کان اڳ به مير نادر علي ابڙو سنڌ جي تاريخي ڪردارن تي ڪتاب "سنڌ جا املهه هيرا" تحرير ڪري چڪا آهن جنهن جا ٻه ايڊيشن سال 2012ع ۽ 2016ع ۾ شايع ٿي چڪا آهن جن ڪتابن کي سموري سنڌ مان زبردست پذيرائي ملي. انهي همٿ محبتن جي نتيجي ۾ مير نادر علي ابڙو اڄ هي ٽيون ڪتاب "مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين “تحرير ڪيو آهي جيڪو تمام بهتر ساراهه جوڳو عمل آهي جنهن تي سندن کي مبارڪ هجي ته هيڏي محنت ڪري معياري ڪتاب اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي، جيڪو يقيني طور تي سنڌي ادب ۾ تمام وڏو واڌارو آهي جنهن سان اسان جي نوجوان اديبن کي گهڻو ڪجهه پرائڻ لاءِ ملندو.
    مير نادر علي ابڙو جو ادبي ڪردار تمام مٿانهون رهيو آهي. حساس طبيعت رکندڙ، غريبن جو ڀرجهلو، هميشه ٻين لاء خوشيون تلاش ڪندڙ، ساده زندگي گذاريندڙ، وڻن ٻوٽن پکين جانورن سان پيار ڪندڙ، صوفياڻي طبعيت رکندڙ، آفيسر هوندي به عام ماڻهو وانگي زندگي گذاريندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. سندن خدمتون لاڙڪاڻي کان ڪشمور تائين آهن جنهن جو اندازو اسان ڪتاب مان لڳائي سگهون ٿا جنهن ۾ پاڻ هر اشو تي لکيو آهي. مذهبي پرچار جا عڪس به شامل ڪيا آهن ته اتي عوام جا بنيادي مسئلابه تحرير ڪيا آهن سندن طبعيت ۾ سادگي سان گڏ ڪنهن حد تائين جذبات به شامل آهي منهنجو سندن سان واسطو سن 2001ع کان وٺي رهيو آهي، جڏهن پاڻ عمرڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جا سرڪل آفيس هئا، جتي اسان عمرڪوٽ ۾ گڏجي بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو بنياد رکيو، جنهن جون اڄ شاخون سموري سنڌ ۾ موجود آهن ان وسيلي ادبي پروگرام ٿيندا ٿا رهن هن ساٿ ۾ صدارتي ايوارڊيافته سماج سڌارڪ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ۽ سندن فرزند مهندرديو لکاني جو به ساٿ وساري نٿو سگهجي.
    مير نادر علي ابڙو سان زندگي جون تمام گهڻون ياديون وابسته آهن ۽ آئون سندن کي پنهنجي سرير جي ويجهو محسوس ڪندو آهيان. ننگرپارڪر جهڙي شهر ۾ مسڪين جهان خان کوسو لائبريري جو بنياد رکڻ، ’’تاريخ ريگستان‘‘ جي ليکڪ ’’رائچند راٺوڙ‘‘ جون ورسيون ملهائڻ کان ويندي سندن خدمتن جا ڪهڙا چرچا ڪجن. ميرپورخاص ۾ سروس دوران مينگو فيسٽيول ۾ نميا ڪردار ادا ڪرڻ هجي يا عمرڪوٽ ضلعي جي بحالي وارو اشو هجي پاڻ هر ڪنهن تي ڀرپور نموني سان قلمي پورهيو ڪيو جنهن آزادي سان لکيو آهي تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي سندن جو ادبي جنون آهي جو اڄ هي ٽيون ڪتاب شايع ٿي اسان جي هٿن ۾ پهتو آهي هن ڪتاب کي جنم ڏيڻ ۾ سندن کي ضرور ٽائيم لڳو هوندو سندن ڊيوٽي به متاثر ٿي هوندي پر ادب سان لڳاءُ ڪري مير نادر علي ابڙو هي ادبي پورهيو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. تاريخ ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن اهو سندن جو ادبي عشق آهي جنهن سندس کي ٽيون ڪتاب جنم ڏيڻ تي مجبور ڪيو نه ته اڄ جي هن هڻ وٺ واري دؤر ۾ ماڻهو وٽ ڪنهن لاءِ ٽائيم نه آهي پر پاڻ پنهنجي مصروف زندگي هوندي به ادب سان عشق جو ناتو محبوب وانگي نڀايو آهي جيڪو ضرور اڳتي هلي ڪري سنڌي ادب جي واڌاري منجهه پنهنجو ڪردار ادا ڪندو مير نادر علي ابڙو کي جيستائين مون ڏٺو آهي ته پاڻ جنوني اديب هئڻ سان گڏو گڏ نئي ٽهي اها جي اديبن جي همٿ افزائي ڪندڙ انهن کي مڃتا ڏيندڙ شخصيت جا سرواڻ هجڻ سان گڏ ادبي پروگرام ڪرائڻ ادبي ادارا قائم ڪرائڻ کان ويندي سندن جون ادب لاءِ خدمتون اهم آهن پاڻ دوستن جا دوست آهن جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندن وٽ ڪو مسئلو فرياد کڻي آفيس پهچي ٿو ته جهٽ ۾ پاڻ انهي جي مسئلي جي لاءِ ڪٿي فون ته ڪٿي هن سان گڏ وڃي انصاف ڏياريندا آهن.
    ڪتاب ۾ شامل هڪ ڪالم جنهن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جهٽن جو وڏو ڪارڻ تپيدارن ۽ مختيارڪارن کي ڄاڻايو آهي ته اهي سنڌ ۾ جهيڙن جهٽن جو سبب بڻجن ٿا، پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ عوام جا حقيقي مسئلا شامل ڪيا آهن. "مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين “ ڪتاب کي ڏنل نالو اهو سمجهاڻي ڏي ٿو ته ليکڪ ڪهڙي نموني سان مايوسين کي اورانگي مايوسين جي ميڙن کي ڇڏي اميدن جي ميلن ۾ پهتو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي ادبي ميدان ۾ تمام وڏو واڌارو آهي، اهڙو بهترين ڪتاب تحرير ڪرڻ تي مير نادر علي ابڙو کي کوڙ ساريون واڌايون هجن.

    عمرڪوٽ سنڌ
    05-06-2018
    0346-3610028
    اميد جي مشعل : حميد سنڌي


    ليکڪ پاران

    منھنجي ادبي سفر جو ھيءُ ٽيون ڪتاب ’’مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين‘‘ حاضر آھي. ڪتاب لکڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي جيئن ته منھنجو واسطو سنڌ جي مشھور علمي ادبي گھراڻي سان آھي. منھنجو والد سنڌ جو نامور اديب دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليمدان ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪتابن جو عاشق ھو ۽ پنھنجي اڌ کان مٿي ڪمائي ڪتابن تي خرچ ڪئي سندس ذاتي لائبريري سنڌ جي ڪجهه وڏين مشھور ذاتي لائبريرين منجھان ھڪ ھئي سو منھنجي پرورش به ڍير ڪتابن جي وچ ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ جڏھن به ڪو نئون ڪتاب بابا سائين آڻيندو ھو ته پتڪڙن ھٿن ۾ کڻي وڏي حسرت سان ڏسندو ھئس ۽ دل ئي دل ۾ چوندو ھئس ته مان به وڏو ٿي اھڙو ڪتاب لکندس.
    ننڍپڻ کان ئي وٺي انھيءَ ذاتي لائبريري جو مون پتڪڙي معصوم ٻار کي بابا سائين لائبريرين بڻايو ھو. ان وقت مون کي رڳو رنگ به رنگي ڪتابن جا ٽائيٽل وڻندا ھئا. اندر ڪتابن ۾ ڇا آھي ڪا سرت ڪو نه پوندي ھئم. بهرحال ھي منھنجو ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آھي ۽ ھر مضمون ٻئي مضمون کان بنهه مختلف آھي انھيءَ جو سبب شايد اھو به آھي ته مان مختلف شعبن ۾ رھيو آھيان. نائين درجي ۾ ھئس ته ٺٽي شھر ۾ بابا سائين الشھباز سروس اسٽيشن ٺاھرائي مون حوالي ڪئي ۽ مون اتي سيٺ طور ڪم سرانجام ڏنو. بابا سائين کي ايڏو وڏو ڪاروبار ننڍڙي ٻار جي سنڀالڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي.
    مئٽرڪ ۾ آيس ته بابا سائين ٻيو بار وڌو. يعني واپاري سان گڏ زمين به ٺٽي ۾ وٺي ڏنائين ته اھا به سنڀال. ٻاروتڻ ۾ ئي مزدورن ۽ ھارين کي سنڀاليم. وڏو تجربو رھيو. اڃا مئٽرڪ ۾ ئي ھيس ته بابا سائين ھميشھ لاءِ اکيون ٻوٽيون.
    بادشاھي ٻار ھئس سونن چمچن سان کاڌم. نوڪر چاڪر، بنگلا، موٽر ڪاريون، ٺٺ ٺانگر، اڳيان پويان پوليس ۽ ترن پٽڪن سان نائڪ پر جڏھن والد جو لاش اڇي ڪفن ۾ ويڙھيل ڏٺم ته انھيءَ ڏينھن کانپوءِ اڄ ڏيھن تائين رنگين ڪپڙو ڪونه پاتم، فقط ۽ فقط اڇن ڪپڙن ۾ دوستن ڏٺو ھوندو.
    1993 ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيم ته پبلڪ ڊيلنگ شروع ٿي باقاعدا عوام جي وچ ۾ آيس ۽ لاڙڪاڻي بار جي صورت ۾ بي شمار پيارا ۽ تمام گھڻا وڪيل دوست مليا. 1996 تي اينٽي ڪرپشن جھڙي سنڌ جي اھم ترين ايجنسيءَ ۾ سرڪل آفيسر طور آيم ته لاڙڪاڻي کان نڪري سڄي سنڌ ۾ ڊيوٽي دوران ننڍا وڏا شھر ڏٺم ۽ جيڪي ڏٺم انھن تي اخبارن ۾ مضمون لکندو ويس. عوام طرفان تمام گھڻي حد کان وڌيڪ شاباسي ملي ۽ اھڙي ھمت افزائي ۽ پزيرائيءَ مونکي سنڌ ۾ تمام گھڻو مقبول ڪيو. جنھن شھر ۾ به پوسٽنگ ٿي، اتي جا رھواسي وڏي شوق چاھ سان ملڻ ايندا ھئا.
    مون ھن ڪتاب ۾ نيڪ نيتيءَ سان لکيو آھي. بابا سائين چوندو ھو ته رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪتاب لکندس، جيڪو ڪجهه نوڪري دوران ڏٺم اھو زير زبر شد مد سان عوام آڏو آڻيندس پر ھن سان زندگيءَ ساٿ نه ڏنو پر منھنجي به اھا وڏي خواھش آھي ته زندگيءَ ساٿ ڏنو ته بابا سائين وارو خواب مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ انشااللھ ضرور پورو ڪندس.
    ھر انسان جو ھر شعبي ۾ ھڪ استاد ھوندو آھي، انھيءَ سلسلي ۾ مان تمام ئي وڏو خوش نصيب انسان آھيان جو مونکي ڪو ھڪ استاد نه پر سنڌ جا مشھور اديب شاعر ليکڪ سگھڙ، سماج سڌارڪ، تعليمدان، جج، وڪيل، صحافي، ليڊر سياستدان، وزير، سفير، عالم سڳورن پوليس آفيسرن ۽ واپارين تائين منھنجا استاد رھيا. مان ھتي انھن کي به ڪيئن ٿو وساري سگھان يعني لاڙڪاڻي جي املهه شخصيتن جن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري انيس انصاري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، امان اللھ شيخ، ھدايت منگي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا جن بابا سائين جي وفات تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي سنڌ جو بنياد وڌو. ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي تاريخي شھر عمر ڪوٽ جي موتين داڻن شخصيتن کي به ڪيئن وساريان جن ۾ ڊاڪٽر ھرچندراءِ لکاني، سردار شاھ، علي اڪبر راھمون، ارباب نيڪ محمد، جمن دربدر، حليم باغي، غلام محمد ڪنڀر ۽ ٻين مھربانن جو، جن بزمِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو بنياد وجھي مونکي ادبي پليٽ فارم ٺاھي ڏنو، جنھن جي بدولت نه فقط ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون ھرسال سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ورسيون ۽ سالگراھون ڌوم ڌام ۽ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايون پيون وڃن ۽ انھيء سان گڏوگڏ انھي بزم تحت بي شمار شخصيتن جون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ورسيون ۽ سالگراھون پڻ ملھايون پيون وڃن.
    واڍو وڻ جي ٿڙ کي ڪارائي سان ڪٽي رنڌا ھڻي ڪنڊون پاسا سڌا ڪري ڪليون ڪوڪا ھڻي ھٿوڙن سان ٺاھي ٺوڪي سھڻا سھڻا رنگ رنگي مارڪيٽ ۾ آڻيندو آھي، پوءِ انھن برپٽ مان ڪٽيل ٿڙ جي اھميت ٿيندي آھي مون تي به انھن محسنن جون اھڙيون ئي محنتون ٿيل آھن، جو اڄ بزم ۽ يادگار ڪميٽي تاج محمد ابڙو پاران 4 ڪتاب بابا سائين تي لکيل سنڌ جو املهه ھيرو, سھيڙيندڙ چاچا محمد ابراھيم جويو ۽ ٻه منھنجا ڪتاب سنڌ جا املهه ھيرا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن ۽ ھي ستون ڪتاب به اوھان جي ھٿن ۾ آھي.
    ھي مضمون سڀ جا سڀ اخبارن ۾ ڇپيل آھن ۽ اخبارن جي اھا پاليسي رھي آھي ته اڪثر ڪاٽ ڪوٽ ڪندا آھن. زيرو کان آخر تائين ھميشه ڪونه لکندا آھن. جيئن ته منھنجي اصل يعني تفصيلي لکيل مضمونن جي ڪاپين تان ھي ڪونه کنيا ويا آھن، اگر ڪا غلطي ھجي ته اھا منھنجي نه بلڪه اخبارن جي ٿي سگھي ٿي، ڇو جو اخبارن مان ئي جيئن جو تيئن کنيا ويا آھن. منھنجا مضمون جيئن ته تمام ئي گھڻين اخبارن ۾ لکيل ھئا پر اڪثر منھنجي لاپرواھي سبب اخبارن جي ڪٽنگ سانڍي نه سگھڻ سبب گم ٿي ويا. گھر ۾ جيڪي ڪجهه سانڍيل مليا، ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيا اٿم.
    اميد ته منھنجو ھيءُ سالن جو پورھيو ، اوهان پيارن پڙھندڙ وٽ قبول پوندو.
    دعاگو:

    مير نادر علي ابڙو


    ڪالم/مضمون

    درود شريف جا فائدا

    الله تبارڪ وتعالى سڀني کان اعلى ۽ افضل مرتبو حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن کي عطا فرمايو آهي. دنيا پيدا ڪرڻ بعد الله تبارڪ وتعالى نبين کي موڪليندو رهيو، ته مجلس ڄمندي وڃي. آخر ۾ ان مجلس جو امير ۽ سردار پيدا ڪيائين ته جيئن اهو صدارت جي ڪرسي تي جلوه افروز ٿئي ڇو جو تاجدار مدينا صلي الله عليه وآله وسلم انهي مجلس جا صدر آهن. انهي لاءِ انهن کي رتبو به اهڙو ئي بخشيو ويو. حضرت آدم عليه السلام کي اهو رتبو مليو جو ملائڪن کي حڪم ڪيو ويو ته کين سجدو ڪريو. حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي اهو شان مليو، جو سندس رهڻ واري جاءِ مڪي معظم کي حج جو مرڪز بڻايو ويو. حضرت موسى عليه السلام کي پاڻ سان ڪلام ڪرڻ جو شرف بخشيائين ۽ کين ڪليم الله جي لقب سان نوازيائين حضرت اسحاق عليه السلام ۽ حضرت يعقوب عليه السلام کي قوت ۽ بصيرت جو صاحب بنايائين. حضرت يعقوب عليه السلام کي خوش بياني ۽ لطافت ۽ بلاغت سان نوازيائين. حضرت عيسى عليه السلام کي پنهنجي قرب ۽ محبت سان نوازيائين. حضرت دائود عليه السلام کي حڪومت عطا فرمايائين. حضرت سليمان عليه السلام کي تخت، تاج، جن، ديو، پريون ۽ اڏندڙ پکين تي حڪومت جو درجو ڏنائين پر حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن کي سڀني کان وڏو ۽ بلند درجو ڏنائين، جو سندس اسم مبارڪ پنهنجي نالي سان گڏ رکيائين ۽ سندن ذڪر پنهنجو ذڪر ڪري فرمايائين. انهيءَ مرتبي ۽ شان کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ حڪم فرمايائين ته ’’ مان ۽ منهنجا ملائڪ به نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي درود پڙهون ٿا ۽ اي منهنجا بندا اوهين به اهو ڪم ڪريو جيڪو مان پاڻ ۽ منهنجا ملائڪ ڪندا رهون ٿا.‘‘
    معلوم هجڻ گھرجي ته الله تعالى دريائن ۽ سمنڊن ۾ وڏيون وڏيون دولتون ۽ نٿمتون رکيون آهن. انهي دريائن ۽ سمنڊن ۾ ٽٻيون هڻڻ وارا ئي انهن قيمتي جواهرن جي نعمتن کي حاصل ڪري سگھن ٿا. سچي موتي واري سپ کي ڏسو ته دريا ۾ ٽٻي ڏيڻ وارا سچي موتين جي سپين جا ڍير لڳائي ڇڏين ٿا پوءِ جڏهن انهن سپين مان سچا موتي نڪري اچن ٿا ته اهي بادشاهن جي تاجن ۾ لڳايا وڃن ٿا ۽ بادشاهه انهيءَ تاج کي پنهنجي سر تي رکن ٿا ، اها ڪيتري نه وڏي عزت ۽ ڪيڏو وڏو اعزاز آهي.
    سو صلوات ۽ درود شريف پڙهڻ وارو شخص جڏهن درود شريف پڙهي ٿو ته هو ٽن قسمن جي دريائن ۾ ٽپي هڻي ٿو. يعني هڪ نور توحيد جو درياءُ ٻيو نور نبوت جو درياءُ ٽيون نور ولايت جو درياءُ. جنهن وقت بندو اللهم چَوي ٿو ڄڻ ته ان کي الله تعالى جي سڀني نالن مبارڪن جي ذڪر جي فضليت حاصل ٿي وئي ۽ سڀني صفتن جو فضل کيس حاصل ٿي ويو. اهو صرف درود شريف جو پهريون حرف ’’اللهم‘‘ چوڻ سان ڄڻ ته الله تعاليٰ جي سڀني نالن مبارڪن جي تلاوت ڪري ورتائين. سبحان الله ڪهڙو نه برڪتن وارو لفظ آهي جنهن ۾ توحيد جو نور اسم ذات جو نور ۽ اسم صفات چمڪي رهيا آهن . اهو الله تعالى جي رحمت جو اهو بي ڪناري درياءُ آهي جيڪو اُن ۾ ٽٻي هڻڻ وارن کي ٻنهي جهانن ۾ نهال ڪريو ڇڏي، نه فقط اُهو پر هنن کي اهو لطف ۽ اهو مزو چکايون ڇڏي جو ان کان پوءِ انهن جا هوش حواس به هن دنيا ۾ صفا بدلجي وڃن ٿا، توهان درودشريف پڙهڻ وارن جو شان ڏٺو صرف اللهم کي پڙهندي نور توحيد جي درياءُ ۾ ٽٻي لڳائي ذاڪرين جي مرتبي تي پهچي ويا ۽ درود شريف پڙهڻ وارن جو رتبو الله تعالى جي ذڪر رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت تي عمل ڪرڻ وارن جي رتبي ۾ شامل ٿي ويو ۽ جڏهن درود شريف پڙهڻ وارو شخص صلي على محمد چوي ٿو ته سمجھيو ته ان آقا ۽ نامدار صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نور رسالت ۽ فضيلت ۾ ٽٻي هنئي آهي. اها ٽٻي لاجواب ٽٻي آهي ۽ سلامتيءَ واري ٽٻي آهي اها هميشه جي لاءِ درود شريف پڙهڻ واري کي رحمت ۾ ويڙهي ڇڏي ٿي، سندس قلب منور ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دل ۽ دماغ ۾ عجيب خوشبوءِ پيدا ٿي وڃي ٿي. هيءُ الله تعالى جي کُليو حڪم آهي ته جيڪو منهنجي رسول صلي الله عليه وآله وسلم تي هڪ دفعو درود پڙهندو ته مان ۽ منهنجا فرشتا ان ماڻهوءَ تي رحمتون نازل فرمايون ٿا ۽ جڏهن پڙهندڙ و على آله و بارڪ وسلم چوي ٿو ته فضل و ڪرم ۽ ڪرامت جي درياءُ ۾ ٽٻي لڳائي ٿو ۽ بلڪل پاڪ ۽ صاف ٿي وڃي ٿو. سبحان الله هاڻ صلوات شريف پڙهندڙ نئون لباس پائي ورتو جنهن کي نوراني وڳو چوندا آهن جيڪو هر ڪنهن کي نصيب نه ٿئي ٿو. صلوات سڳوري پڙهڻ واري کي الله تعالى جي طرفان ٽي تحفا ملن ٿا (1) رحمت (2) فضل و ڪرم (3)شفقت، اهڙي طرح بارگاه رسالت مان به درود شريف پڙهڻ واري کي ٽي تحفا ملن ٿا. (1)سلامتي (2) سلام (3) مغفرت ۽ شفا اهڙي طرح درود شريف پڙهڻ واري کي ملاڪن سڳورن جي طرفان به ٽي تحفا ملن ٿا. (1)رحمت (2)سلام (3)حفاظت ۽ الله تعالى به مٿن درود پڙهي ٿو ۽ رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به رحمت موڪلين ٿا. قرآن پاڪ ۾الله تعالى فرمايو آهي ته
    تحقيق الله تعالى ۽ سندس ملائڪ درود موڪلين ٿا. نبي صلي الله عليه وآله وسلم تي اي ايمان وارو اوهين به درود موڪليو نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي.
    الله تعالى اهو خاص حڪم پنهنجي خاص ڪتاب قرآن پاڪ ۾ پنهنجي خاص بندن کي موڪليو آهي خاص بندن مان مراد حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي امت آهي ۽ (خاص انداز۾) ان مان اها مراد آهي جو الله تعالى جو حڪم آهي جيڪو الله تعالى فرمايو آهي ۽ نبي چئي سڏيو اٿس نالو نه ورتو اٿس الله تعالى خود پاڻ کي به شامل ڪري حڪم فرمايو ته جڏهن خدا ۽ سندس ملائڪ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي درود پڙهن ٿا ته اي ايمان وارو اوهين به مٿن درود شريف پڙهو. رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته سڀني کان ڀلارو اهو شخص آهي، جيڪو اسان تي زياده درود شريف پڙهي ٿو . جنهن حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن تي زياده گهڻو درود شريف پڙهيو، ائين سمجيو ته ان شخص حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي محبت خريد ڪري ورتي ۽ دين و دنيا جو سڀني کان وڏو شاهوڪار بڻجي ويو، بيشڪ ته حقيقت ۾ ان کي سڀ ڪجهه ملي ويو جيڪو ان جي لاءِ مشڪل ۽ ناممڪن هو.


    خبرون، سوڀ ، عبرت ، هلال پاڪستان ، مهراڻ ، جاڳو، برستان ، الوحيد ،پڪار ،تعميرسنڌ ، سنڌ ، سڪار ،فيصلو ، جنگ ، نواءِ وقت، امن ، مساوات


    اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان

    سنڌ جو بي پهچ ماڻهو ۽ اينٽي ڪرپشن کاتو

    اينٽي ڪرپشن جو نالو مون تڏهن ٻڌو، جڏهن 1977ع ۾ منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن ٿيو. اڪثر مرحوم بابا سائين ڪچهري ۾ دوستن کي چوندو هو ته انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته هوند اسان جي سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها! مون کي ته هاڻي اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر ته لکن جا لک مال غنميت سمجهي ايئن هضم ڪيو وڃن ڄڻ ته ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي!
    بابا سائين ته پنهنجو وارو وڄائي ويو پر انهي وقت مان ٻار هيس ۽ مون کي اها سندن ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ ڪونه پئي آئي. پر خدا جي قدرت 1993ع ڌاري مان ايل ايل بي ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1994ع ڌاري ايل ايل بي جي بنياد تي اخبارن ۾ اشتهار آيو اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ. مون به پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني ۽ پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندو ميرٽ تي پاس ٿيس. ٽريننگ وغيره ڪري 1998ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ ٿيس. جيئن ته شهدادڪوٽ منهنجو پنهنجو اباڻو ڳوٺ هو، تنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هئي. تڏهن ئي مون کي بابا سائين مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا چيل مٿيان جملا ذهن تي تري آيا. ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس.
    منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جون دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين. مان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي تاريخ جو ننڍي ۾ ننڍو سرڪل آفيسر هيس. محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ سان ڪم کي چنبڙي ويس. ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان ٿيو وڃن. ڪنهن کي خط ته ڪنهن کي ڪارڊ، ڪنهن سان گڏجي آفيسرن ڏي وڃي کين انصاف وٺرائي ڏيڻ اهو سڀ مون پنهنجي دؤر ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان. شهدادڪوٽ کان پوءِ بدلي ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄامشورو زون آهيان.
    لکڻ جو مقصد فقط ۽ فقط هي آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام ڏاڍو اٻوجهه ۽ تعليم گهٽ رکندڙ آهي. انهن کي اها خبر ئي ڪونه آهي ته جيڪڏهن سندن سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃن؟ پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي وٺندا آهن يا وري ڪنهن وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيسر يا ڪورٽ وغيره تائين پهچڻ جي ڪوشش وغيره ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين پيرين اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن اهي بجاءِ ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃڻ کان اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم جي طرفان سندن سان ٿيل زيادتي جي حوالي سان لکي ڏين ته انهن جو ڪم هوند بغير ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي. انهيءَ لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري ڪي پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آءِ آر ڪٽڻ جي لاءِ لکندا آهيون. ايف آءِ آر ڪٽڻ جي اجازت پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزنل ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿئين لاءِ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي.
    ايف آءِ آر ڪٽڻ کان پوءِ جاچ شروع ٿي ويندي آهي. ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پُختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي. انهي سڄي ڪم ۾ وقت ضرور لڳندو آهي. پر فريادي (عرضدار) جو ڪم (ڪيس) مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي.
    اڪثر عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني آهي ڪافي وقت ٿي ويو پر اڃا ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿن. اها بلڪل حقيقت آهي، پر انهي دير ٿيڻ ۾ فريادي جو ڪيس به تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو ويندو آهي. اسان وٽ عام پوليس وانگر لٺ واري ڳالهه آهي ئي ڪونه، اسان وٽ آهي قلم جي ۽ حق واري ڳالهه. مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نا اميد ٿيندا آهن ته پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن.
    مون وٽ ته الائي ڪيتريون عورتون ۽ مرد روئيندا پٽيندا آفيس اچي پهتا آهن ۽ انصاف ملڻ تي کلندا ۽ خوش ٿيندا واپس ويندا آهن.
    هونئن به اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو جو رهيو آهي ٻهراڙين منجهه غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪريو ڇڏين مگر اٻوجهه ماڻهو خوف کان اف به ڪونه چوندا، انهي ڊپ کان ته متان فيل مست پوليس وري به نه ٽارچر ڪري. مان هتي واضح ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن، پر انهي ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسر منٿون ميڙيون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي ته پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب به کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان صلح ڪيو ورنه جي اسان مٿان ڪيس ثابت ٿيو ۽ چالان ٿيو ته اسان جون ترقيون ئي ڪونه ٿينديون. مون کي منهنجي ويجهي مائٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته ’’نادر! اينٽي ڪرپشن به عدليه جي ڀيڻ اٿئي.‘‘ جيئن ته مان خود به وڪيل رهيو آهيان. عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل گهرجي. غريب ماڻهوءَ کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ اهو مسڪين وڪيل صاحب جي في ڪٿان آڻيندو! پر ان جي بر عڪس اگر جي هو اسان وٽ رڳو هڪ رپئي واري اڇي پني تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته سندن سان انصاف ٿئي ٿو يا نه. انهيءَ جو ثبوت آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي گذريل ڪافي سالن کان چيف منسٽرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان ويندي ڪمشنرن ۽ وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪي آهي ڳالهه آهي فقط اسان جي سنڌ جي اٻوجهه عوام کي سمجائڻ جي ته اينٽي ڪرپشن ڇا آهي؟ هي غريب عوام انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن کي سمجهن ئي ڪو نه ٿا. اگر کين چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪو نه، جيڪو بغير وڪيل جي في ۽ بغير سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي ڪم ٿيو وڃي. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو، اگر اُهي هِن کاتي جو دروازو کڙڪائين ته.



    شام، سوڀ، مهراڻ، ڪلياڻ، عبرت، ، عوامي آواز، ڄامشورو وائس، ساک، جوت، سنڌو، خبرون، آزاد رياست، جُرات، سنڌ، سُڪار، ڪاوش، هلچل، جنگ، دنيا، ايڪسپريس، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، امراڻو، مقدمو، فيصلو، ڪاوش، ماهنامه ڪرائم زون، هفتيوار سدا بهار، نوائي وقت، وڪٽوريه، سچ


    14 آگسٽ امن، آشتي ۽ ڀائيچاري جو ڏينهن

    اڄ 14 آگسٽ جو ڏينهن آهي. اهو ڏينهن، جنهن ڏينهن تي آزادي جو سورج اسان لاءِ گهڻيون خوشيون کڻي نروار ٿيو. فضا ۾ هر طرف امن آشتي جا نغما گونجڻ شروع ٿيا. ٻارڙا توڙي وڏڙا مائرون ۽ ڀينرون سڀئي هڪ ٻئي سان گلي ملي آزاديءَ جون مبارڪون ڏيڻ لڳيون، اها آزادي جيڪا گهڻيون قربانيون ڏيڻ بعد نصيب ٿي، اڄ اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو هڪ آزاد ملڪ جا باشندا آهيون، اهو سڀ اسان جي وڏڙن جي قربانين جو ڦل آهي جو اسان کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جهڙو عظيم ملڪ حاصل ٿيو، اهو پاڪستان جنهن کي الله پاڪ هر طرح سان نوازي رکيو، هر قسم جي سهولتن آرائشن سان جديد دؤر جو پاڪستان جنهن جي آزادي لاءِ قائدِاعظم محمد علي جناح پنهنجي سموري ڄمار گهوري ڇڏي، رڳو ان لاءِ جو هن جو سپنو هو ته منهنجي ديس جا رهواسي غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڪري آزاد فضا ۾ ساهه کڻن، انهن جي اڳيان غلامي نالي ڪا شيءَ نه هجي اسان جي قائد جون مهربانيون جو اڄ اسان ان قابل ٿي چڪا آهيون جو ڪنهن دشمن ملڪ ۾ اها سگهه نه آهي جو اسان ڏانهن ميري نگاهه کڻي ڏسي سگهي، اڄ اسان آزاد آهيون هر ڪنهن کي آزادي آهي، سڀ ڪو پنهنجي خوشين ۾ مگن مست بڻيل نظر اچي ٿو پر ڪالهه جيڪو اسان تان گذري چڪو تنهن کي فراموش نٿا ڪري سگهون ته هن ملڪ پاڪستان ۾ اسان اڄ جيڪو آزاديءَ سان گهمون ڦرون پيا تنهن پويان اسان جي اڳوڻن نسلن ڪيڏيون لاتعداد قربانيون ڏنيون ۽ گهڻن مائرن جون هنجون اجڙيون، گهڻا ڀائر پنهنجي ڀيڻن جي سپنن جي رکوالي ڪندي هن ملڪ مٿان قربان ٿيا. ڪيترا گهراڻا لاشن جا ڍير بڻيا ۽ ڪيترن جا سهاڳ هٿن تي مهندي جي رنگ لهڻ کان اڳي شهيد ٿيا. اڄ انهن يادن جو ڏهاڙو نفرتن جي خاتمي ۽ محبتن جو ڏينهن هر طرف خوشين جا ميلا متل ٻارڙا رنگين لباسن ۾ گلاب ۽ موتئي جي گلن وانگي مهڪي پوري ماحول کي خوشگوار بڻائيندي، اهو سنديسو ڏئي رهيا آهن ته هي ملڪ عظيم کان عظيم تر آهي. جنهن کي وڏين قربانين بعد حاصل ڪيو ويو، تنهن ۾ محبتن جا ميلا مچايو ۽ خوشيون تقسيم ڪيو، حالانڪه ماضي جي پاڪستان کان حال جو پاڪستان جيڪو هڪ ائٽمي طاقت بڻجي چڪو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اها سگهه نه آهي جو هن ڏانهن اڳڀرائي ڪري. اسان اها ڳالهه اعتماد سان ڪري سگهون ٿا ته ايندڙ وقت هن ملڪ لاءِ اڳي کان بهتر سنديسو کڻي ايندو ۽ پاڪستان ترقي جون وڌيڪ ڏاڪڻيون چڙهندو. هن وقت گئس ۽ تيل کان ويندي هر لحاظ کان پاڪستان خود ڪفيل بڻجي چڪو آهي ۽ صدر جنرل پرويز مشرف جي صدارت سنڀالڻ بعد ملڪ جي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ته ٻاهرين ملڪن پڻ سيڙپڪاري جو سلسلو وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ناڻي جي حساب کان هن وقت حڪومت پاڪستان ٺيڪ ٺاڪ ڏوڪڙ ڪمائي چڪي آهي ۽ ٻاهرين ملڪن جو رهيل قرض پڻ واپس ڪيو آهي ته ٻئي طرف اڳئي دهشتگردي جي ڊپ کان جن ملڪن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه پئي ڪئي اُهي به هاڻي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن پيا، جڏهن ته موجوده حڪومت پاران دهشتگردن خلاف آپريشن کي ٻاهريان ملڪ ساراهي رهيا آهن ۽ پاڪستان کي انهن پر امن ملڪ قرار ڏنو آهي. اهي سموريون ڳالهيون پڻ ثابت ڪن ٿيون ته پاڪستان هڪ پرامن محبتي ماڻهن جو ملڪ آهي ۽ اڄ هن ملڪ جي عوام آزادي جو 59 جشن وڏي خوشي ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، اڄ انهي ڏينهن تي اسان سڀني وطن واسين کي سڀ ويڇا وساري هڪ جهنڊي هيٺ بيهي محبتن ۽ امن جو سنديسو ڏيڻ کپي ها، انتهاپسندي واريون واٽون ڀلائي هن ملڪ جي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي، ڇو جو اسان جو جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه پاڪستان سان آهي، جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسان به آهيون جي پاڪستان نه آهي ته اسان ڪجهه به نه آهيون. هن لاءِ ملڪ ۾ رهندڙ سنڌي پنجابي، پٺاڻ، بلوچ ۽ سڀني برادرين کي گهرجي ته بنا ڪنهن تعصب ۽ فرقيواريت جي رڳو اها سوچ رکڻ گهرجي ته اسان کي هن پياري پاڪستان کي سموري جڳ ۾ هڪ مثالي ملڪ بڻائڻو آهي. اهڙو ملڪ جنهن جو سموري دنيا مثال ڏي، هاڻي ڳالهيون ڪرڻ جو وقت گهٽ پر عمل ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته هن وقت ملڪ جي اندر اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کي گهر ويٺي انصاف ملي سگهي، ان کان علاوه موجوده حڪومت هن ملڪ جي ترقي ۾ صدر جنرل پرويز مشرف جي قيادت ۾ باقي ڪابه واٽ ناهي ڇڏي ۽ مسلسل جدوجهد پئي ڪري، هاڻي ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسان رڳو چهرا تبديل ڪرڻ واري مهم کي ڇڏي افراتفري واري سوچ کان هٽي ڪري موجوده حڪومت جا هٿ مضبوط ڪيون ۽ اڄ پاڪستان جي آزادي جي 59هين جشن جي موقعي تي ملڪ جي آزادي جي هيرن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پاڻ سان اهو وچن ڪيون ته اسان هن ملڪ کي امن، آشتي، محبتن ۽ ڀائيچاري جو ديس بڻائينداسين.

    عبرت، خبرون، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، تعمير سنڌ،
    هلچل، سُڪار


    6 سيپٽمبر يومِ دفاع جي حوالي سان

    دشمن جي ارادن کي
    ناڪام ڪندڙ پاڪ فوج

    6 سيپٽمبر جو ڏينهن ڀلا ڪنهن کي ڪيئن ٿو وسري سگهي؟ اهو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو لازوال ڏينهن آهي 6 سيپٽمبر 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج جنهن بهادريءَ سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اهو تاريخ جو بي مثال باب بڻيل آهي. انهي ڏينهن تي پاڪ فوج جي جوڌن پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏيئي دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. اهو ڏينهن سمورن پاڪستانين لاءِ انهن يادن جو آهي. جڏهن اسان جي شهرين بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي توبن آڏو بيهي پنهنجي جانين جو نظرانو ڏنو ۽ دشمن جي ارادي کي چڪنا چور ڪري حملي کان روڪيو. اها ئي زندهه قومن جي نشاني آهي ته اهي هر وقت پاڻ سان احتساب ڪنديون ٿيون رهن ۽ رات ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار بڻجن ٿيون.
    اڄوڪو ڏينهن اسان کان التجا ٿو ڪري ته اسان ماضي ڏانهن ڏسون ۽ پنهنجي ڪيل غلطين جو جائزو وٺي پنهنجي ماضيءَ جي مامرن کي صحيح راهه تي وٺي وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. اسان 1965ع واري جنگ ۾ پيش آيل واقعن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي پنهنجين ڪاميابين تي فخر ٿيندو. اها رب ڪريم جي اسان مٿان رحمت آهي. جو اسان کي 1965ع واري جنگ ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. جڏهن ته ملڪي عوام ۽ پاڪ فوج هڪ دل ۽ هڪ جان بڻجي دشمنن کي وڏي بهادريءَ سان روڪيو ۽ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو 1965ع واري جنگ کٽڻ جا سبب ڳولجن ته اهي به نظر ايندا ته ان وقت ۾ سموري قوم ۾ ٻڌي هئي. فوج ۽ قوم جي دل گڏ ڌڙڪندي هئي، انهيءَ جذبي ڪارڻ ئي اسان کي 1965ع واري جنگ ۾ سوڀ ملي. اها ڳالهه صحيح آهي ته فوج کي تڏهن ئي سوڀ ملي سگهي ٿي جڏهن هن ساڻ عوام شامل هجي ۽ اهي هڪ ٻئي سان محبت ڪن ۽ ڏکئي وقت ۾ ديوار بڻجي دشمنن آڏو بيهي رهن.
    1965ع واري جنگ ۾ انهيءَ جو عملي مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ گڏيل جذبي دشمنن جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ پاڪ فوج دشمن تي لوهي وار ڪري عبرتناڪ شڪست ڏني. ڀارت هڪ سوچي سمجهي پلاننگ وسيلي اها جنگ شروع ڪئي ۽ ان جو ٽارگيٽ هو ته لاهور کي فتح ڪجي، سيالڪوٽ جي زمين تي قبضو ڪجي ۽ وزير آباد کي هٿ ڪري اولهه پاڪستان کي ٻه اڌ ڪجي انهيءَ ويڙهه دوران پاڪ فوج ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، اکنور جي محاذ تي به ڪافي حد تائين پاڪ فوج اندر وڃي پيش قدمي ڪئي ته انهيءَ دوران جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو ويو.
    1965ع واري جنگ جي حوالي سان اڪثريت جي اها راءِ آهي ته جنهن وقت ڀارت اها جنگ پاڪستان تي مڙهي ان وقت پاڪستان جي جنگي تياري ڪابه ٿيل نه هئي. جڏهن ته ڀارت مڪمل طور تي جنگ وڙهڻ جي سنبت ۾ هو ان وٽ پاڪستان تي حملي ڪرڻ جو رڳو اهو ئي ڪارڻ هو ته ڀارتي قيادت جي ذهن ۾ پاڪستان دشمني گهر ڪري وئي هئي ۽ اڄ تائين ڀارت جي اها دشمني هلندي ٿي اچي ڀارت قيادت ڪڏهن به پاڪستان کي دل سان قبول ناهي ڪيو. ڀارت پهرين ڏينهن کان وٺي پاڪستان کي ختم ڪرڻ جا سانڀاها ڪندو رهيو آهي. انهيءَ نيت سان ان هڪ رٿ جوڙي هئي ۽ ڪشمير تي به قبضو انهيءَ جي هڪ ڪڙي هئي ۽ ڀارت هٿيارن جي هڪ وڏي کيپ گڏ ڪري ورتي ۽ انهيءَ غرور ۾ هن پاڪستان تي حملو ڪيو هو ته هو پاڪستان کي ڪجهه ڪلاڪن اندر فتح ڪري وٺندو. ڀارت جو انتهاپسند پارٽيون ڀارتي حڪومت تي اهو زور ڏينديون رهيون ته اهي بنا وقت وڃائڻ جي پاڪستان تي حملو ڪن. پر ان سان گڏ انهن کي پاڪ فوج جي طاقت جو به اندازو هو ته اها ڪمزور ناهي ۽ ان سان گڏ مسلم عوام آهي. اهي جوڌا اهڙا آهن جيڪي جان جو نذرانو به ڏئي سگهن ٿا.
    6 سيپٽمبر 1965ع واري جنگ ۾ پاڪ فوج پنهنجي قومي جذبي تحت جهاد جو جذبو کڻي ميدان جنگ ۾ وڙهي ۽ انهن سموري دنيا جي اڳيان جرئت همٿ ۽ مردانگي جا مثال قائم ڪيا. پوري جهان ڏٺو ته اهي سپوت پهاڙن کي ڀورا ڀورا ڪرڻ جو فن ڪيڏي بهادري سان ادا ڪري سگهن ٿا. نعراءِ تڪبير جي نعرن دشمن کي وائڙو ڪري ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج پنهنجي صلاحيتن ۽ مهارتن کان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته انهن جو مثال طوفان جهڙو آهي. اهي دريائن جي دلين کي به لوڏي سگهن ٿا. تاريخ جي اها بيمثال چوڻي آهي ته ڪاميابي هميشه انهيءَ جا قدم چمندي آهي، جيڪي حق تي هوندا آهن.
    1965ع واري جنگ بعد اسان کي اهو نياپو مليو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. 1965ع واري جنگ دشمنن کي اهو سنديس ڏيئي ڇڏيو ته پاڪ فوج کي ڪو آساني سان شڪست ڏيڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. جڏهن ته تنهن باوجود به دشمن ڪڏهن به ماٺ ۾ نه رهيو. هو ڪڏهن اسان کي فرقن ۾ ورهائڻ جي ته ڪڏهن وري ديني جذبن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ته جيئن اسان ۾ موجود اتحاد ختم ٿي، ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار بڻجي ۽ هو پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃي. پر اسان ۽ اسان جي پاڪ فوج دشمن جي انهن سمورن چالن کان باخبر آهي ۽ اسان جي فوج جيڪا پوري دنيا ۾ امن ڀائيچاري جي جذبي هيٺ ڪم ڪندي ٿي رهي. اها دشمن جي ارادن کان چڱي ريت واقف آهي ته هو هر وقت دشمن جي ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ لاءِ نعراءِ تڪبير الله اڪبر جي نعرن سان تيار آهن.
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    خبرون، مهراڻ، هلال پاڪستان، سوڀ، تعمير سنڌ، سُڪار، فيصلو، هلچل


    مايوسين جي ميڙن کان اميدن جي ميلن تائين

    ’’ساري سنڌ پرين جي پاڇي‘‘ واري چواڻي هاڻ پنهنجي معنيٰ وڃائيندي نظر ٿي اچي. ماڻهپو، انسانيت اڄوڪي دؤر منجهه ميلي ۾ رُلي ويل ٻار وانگي بنجي چڪي آهي. هر پاسي مايوسين جا ميلا مايوس چهرا ۽ اداسيون لامارا هڻندي ٿا نظر اچن، اهي اداسيون مايوسيون جيڪي هن دؤر ۾ معاشرتي تنگي مان جنم پيون وٺن آپگهاتن جون ڪوششون، عورتن کي زنده دفن ڪرڻ کان ويندي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو ذڪر ڪجي ۽ ڪنهن جو غم ڪجي. هتي هر ڏينهن خون مارا ماري جي هنج ۾ پاسا ڦيريندي نظر ٿو اچي. مايوس ماڻهو زندگي جي هن راند ۾ ڪاميابين کان مايوس بڻجي انتهائي جو قدم کڻڻ تائين تيار آهن، هو حال جون نعمتون ۽ مستقبل جا سندر پل وساري ويٺا آهن. هر طرف احتجاجن جو هڪ وڏو دائرو ٿو نظر اچي جن ۾ لاتعداد دانهون ۽ ڪوڪون سمايل آهن، جيڪي اسان کان گهڻو ڪجهه گُهرن ۽ سمجهائڻ جون ڪوشش ڪري رهيون آهن پر ڇا آهي جو انهن جو درد ۽ احتجاج اڄوڪي هن مصروفيتن واري دؤر جي دز ۾ لٽجندا پيا وڃن. ڪير ڪنهن لاءِ سهارو ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪورو آسرو ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي.
    ميرن جي راڄڌاني واري شهر ميرپورخاص ۾ محمد ميڊيڪل جا شاگرد فيل ٿيڻ جو صدمو برداشت نه ڪندي آپگهات جي ڪوشش ٿا ڪن. سندن اهو فيصلو گهڻن ماڻهن جا حواس خطا ڪري گهڻو ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري! انهن جي هن فيصلي ڪرڻ مهل هُو اهو وساري ويٺا هئا ته سندن جيون سان سندس والدين جا ڪيڏا خواب سلهاڙيل آهن. انهن اها واٽ ڇو اختيار ڪري مايوس ڇو بڻيا؟
    احتجاجن جا ٻيا به طريقا هئا، پر بهرحال اهي سڀ سوال آهن جيڪي اسان کان جواب تلاشن ٿا پر مايوس ٿيڻ گناهه آهي، انهن کي هي گناهه نه ڪرڻ کپي. هر قدم احتجاجي طريقي پنهنجي والدين جي خوابن کي سامهون رکي پوءِ کڻڻ کپي، اهڙو ڪو به قدم نه کڻڻ کپي جنهن کان سندن جا خواب ماٺا بڻجي وڃن. اسان انهن شاگردن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون پر ڇاڇرو جي معصوم صدام مڱڻهار جو به غم نٿا وساري سگهون، جيڪو عمرڪوٽ ۾ عيسن شاهه جو ميلو گهمڻ لاءِ آيو هو ۽ عمرڪوٽ پوليس کي موبائل چوري جي ڪيس ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بنايو هن معصوم جي بقول ته غربت سبب ان اهو سڀ ڪجهه ڪيو پر پوليس جو هتي رويو ڪنهن به طرح قابل برداشت نه هو. ننڍي عمر جي صدام جي گرفتاري کي جتي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا نمايان سرخين منجهه جاءِ ڏني ته اتي ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ اين جي اوز جو ڪوبه نمائندو نه صدام کان جيل تي ملڻ ويو نه حق ۾ احتجاج ڪيائون ۽ نه ڪو وري پريس رليز جاري ڪرڻ جي تڪليف ڪئي وئي آهي.
    اهي سڀ اهڙا سوال آهن، جيڪي جواب جا منتظر آهن پر ڪير آهي جيڪو انهن کي سمجهي ۽ انهن تائين پهچي. اسان ته سڀ ڪجهه ڄاڻيندي سمجهندي به نا سمجهه آهيون. هن نه سمجهي واري ڪاڄ واڌاري ۾ هڪ ٻئي کان نمبر کڻڻ لاءِ آتا بيقرار آهيون، پنهنجي اسان کي به خبر ته آهي. پر هڪ رڳو درد جو رشتو آهي جيڪو رهجي ٿو وڃي، اهو درد جنهن سان اسان سالن کان نڀاهه ڪندا ٿا رهون ۽ نئين حسرتن جي پويان ڊوڙيندي ڊڪندي سڀ ڪجهه وڃائڻ باوجود به هن اميد تي ٿا جيئون ته ايندڙ پل اسان جي جيون ۾ سک جا ڏينهڙا کڻي ايندو، پر نصيرآباد جي هن ٻن نياڻين جو ڪهڙو ڏوهه هيو، جن جا جسم گولين کان چور ڪرڻ بعد سندن جي لاشن مٿانهن ٽريڪٽر هلايو ويو جيڪو منظر ڪنهن ڪيئن برداشت ڪيو هوندو، تنهن کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي ها. غيرت جي آڙ ۾ قتل عورتن کي زندهه دفن ڪرڻ وارن مامرن جي درد کي موجوده حڪومت به محسوس ڪري ٿي، تڏهن حڪومت غيرت جي نالي تي قتل واري قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪندي سمورا اختيار پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪو فيصلو انتهائي ساراهه لائق آهي، اسان وٽ هن وقت سخت ضرورت آهي جيڪي ماڻهو عورتن جي اغوا ٻارڙن جي تشدد جهڙن واقعن منجهه ملوث آهن تن کي ڪنهن به طرح کان بخش ڪرڻ جو سوچيو به نه وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ حالتون به اڃا به ڳنڀير بڻجي ٿيون سگهن، جنهن ۾ اسان به برابر مجرم سمجهيا وينداسين. ڇو جو سڀ ڪجهه ڏسڻ واسڻ باوجود خاموش ٿي ويهڻ به وڏو جرم آهي، جنهن جو حصو لفظي سطح تائين چڪتو ڪرڻ نه سولو آهي پر عملي ميدان ۾ اهو سڀ ممڪن نه آهي وري به خواب ڪنهن بيواهه وانگي ڪنهن رلي ويل رڻ جيان ثابت ٿيندا.
    ان لاءِ موجوده حڪومت جيڪا مڪمل طور جمهوري آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جا راڳ ڳايا پيا وڃن ۽ خاص طور تي اهڙن قدمن خلاف تڪڙا اپاءُ ورتا پيا وڃن، تنهن لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير قائم علي شاهه هنن ڳالهين کي سمجهندي ٺاهوڪا قدم کڻي رهيا آهن. ٿورڙي وقت ۾ انهن اهڙا فيصلا ڪري ورتا آهن، جيڪي ماضي جون حڪومتون رڳو خوابن ۽ ڳالهين جي حد تائين ڪنديون رهيون آهن پر عملي طرح اهي هميشه پٺتي رهيون آهن پر موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي جيتري تعريف ڪجي اها ٿورڙي هوندي. سنڌ جي حوالي سان سيد قائم علي شاهه جيڪي ڳالهيون هيل تائين ڪيون آهن، تن کان پوءِ گهڻي وقت بعد سنڌ مان مايوسي جا بادل ڇڏجڻ شروع ٿي ويا. مايوس چهرن تي ٻيهر مرڪ موٽ کاڌي آهي پر هنن مرڪن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن قدم پيا کنيا وڃن، سي به ساراهه لائق آهن ۽ سنڌي ماڻهو تمام گهڻو خوش پهريون ڀيرو ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ۽ ملڪ ۾ جمهوري دؤر اچڻ کان پوءِ انهن کي سندن جا درد سمجهڻ لاءِ انهن جو آواز پرکي خوشين جو سامان مهيا ڪرڻ وارا نمائندا ملي ويا آهن.
    پهريون ڀيرو انهن جا نمائندا کليون ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا ٻڌي ٿڏي تي حل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ٿا ڪن، جيڪي مسئلا ماضي جي دز ۾ لٽجي ۽ لٽجي چڪا هئا ۽ عوام انصاف لاءِ پڪارون ڪندي ٿي رهي هاڻ انهن جي پورائي جو وقت اچي چڪو آهي هر طرف فضا ۾ آزاد جمهوريت جا راڳ ڳايا پيا وڃن. صدر آصف علي زرداري جي چونڊجڻ جي خوشي ۾ عوام ريلين جون قطارون ڪڍي رهي آهي ۽ ماڻهن جا ٻهڪندڙ چهرا وقت جي مايوسين بعد عوامي خوشيءَ جو هڪ وڏو سرچشمو آهي ۽ سنڌ ۾ وري اميدن ٻيهر موٽ کاڌي آهي.

    خبرون، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سنڌو، مهراڻ


    عيد جي حقيقي خوشين کان محروم معاشرو

    عيد جو سوچيندي اسان جو ذهن سڌو خوشين ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي. پر عيد کي خوشين سان منصوب ڪرڻ لاءِ خوشيون ڪٿان آڻجن. قرباني واري عيد جيڪا اسان کي قرباني جو جذبو سيکاري ٿي، انهيءَ قرباني جو سڌو تعلق حضرت ابراهيمعه پاران سندس جگر جي ٽڪري حضرت اسماعيلعه کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ سان آهي. انهيءَ قرباني کي ساريندي هزارين مسلمان سندن راهه تي هلندي قرباني واري جذبي کي زندهه رکندي سندن جان خاطر مال جي قرباني ڏيندا آهن، پر اسان جو معاشرو سدائين قرباني جو ٻڪرو ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن ڀوتار، سرڪار ته ڪڏهن پريوار اهڙي طرح هر فرد ڪشمڪش واري ۽ اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، انهي دؤر ۾ خوشيون، عيدون، قربانيون ڪيئن ٿيون ياد پون. پاڻي جي کوٽ ته چڱن زميندارن کي به ڪاٺيون وڪڻي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اتي ڀلا هارين ۽ بيروزگارن جو ڪهڙو حشر هوندو، ماڻهو ڏينهون ڏينهن احساس ڪمتريءَ جي ور چڙهندا وڃن، اڄوڪي دؤر ۾ سفيد پوشي برقرار رکڻ لاءِ به نه ڄاڻ ڪيترا جتن ڪرڻا ٿا پون نه ڄاڻ ڪيترا من اندر ئي اندر ۾ جُهرندا رهن ٿا، اهڙن سفيد پوشن جا گهرا زخم ايئن لڪيل آهن جيئن جُوتيءَ ۾ ٽٽل جوراب، جنهن کي ٿو ڇيڙجي ته ان جي درد ڪٿا ايڏي ته ايذائيندڙ هجي ٿي جو هانءُ ڇڄڻ لڳندو آهي، هتي خوشيون به ماتم ٿيون لڳن. ڪو وقت هوندو هو جو عيد، شادين ۽ خوشين جي موقعن تي ماڻهو هڪٻئي وٽ ويندا هئا ۽ خوشيون، درد شيئر ڪندا هئا، پر هن نفسا نفسي واري دؤر ۾ پيءُ پٽ جو دشمن ٿيو بيٺو آهي. اهڙي طرح پنهنجن جا گهاءُ به گهٽ ناهن، اڱڻ اڱڻ جو دشمن لڳو پيو آهي، گهر، خاندان، دوستيون سڀ کوکليون ٿينديون وڃن، اها به الله جي نعمت چئبي جو عيد ڏهاڙي ماڻهن وٽ سچيون خوشيون ميسر نه هوندي به ماڻهو مصنوعي خوشيون ۽ مرڪون منهن تي سجائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان جي علائقي جو هڪ من موهڻو ڪردار منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جنهن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي خوشي انسانن جي خوشي ۾ هئي، هميشه چوندا هئا ته جيڪڏهن سرمائيدار ۽ پئسي واريون قوتون پنهنجي پئسي مان زڪوات ايمانداري سان غريبن تائين پهچائين ته به ڪجهه قدر مسڪينن مان احساس ڪمتري ختم ڪري سگهجي ٿي، هو به خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن ٿا. جنهن سان هڪ ته اسلامي فرض ادا ٿي ويندو ته انساني همدردي به ٿي ويندي. اهڙي طرح ڪوماڻيل مُنجهيل مُنهن تي به مرڪون اچي وينديون ۽ ڪيترائي ٺريل چُلهه وري تپندا آهن، اهڙن هيسيل چهرن لاءِ هڪ آٿت جو ڪم ڪندي آهي، جيئن هڪ شاعر اهڙن ستايل ماڻهن کي آٿت ڏيندي چيو آهي ته:
    زندگي مسئلا هزار پر،
    مرڪ تنهنجي سڀن جو حل آهي.

    پنهنجن ديس واسين، ڳوٺ واسين پاران درد تحفي ۾ ملڻ کان پوءِ ڪنهن جي دل مان اها دانهن ڪري چئي ڏيندي آهي ته:
    دربدر شام و سحر، طعنا گلائون نفرتون،
    ڇا چوان ڇا ڇامليو انعام تنهنجي شهر ۾.

    هن سال توهان کي اهي پيارا به ڏاڍو ياد ايندا هوندا جيڪي گذريل عيد تي اوهان سان گڏ هئا پر انهن کان اوهين ناراض هئا پر عيد تي اهي اوهان کان ڏاڍو ڏور نڪري ويا آهن. ڀلا اهڙيون ڪاوڙون ڪهڙي ڪم جون، جن تي پڇتاءُ ٿئي، تنهن ڪري اڄ هن ڀلاري ڏهاڙي تي وچن ڪريو ته هاڻي سڀن رٺلن کي پرچائي قرباني وارو جذبو برقرار رکبو. هي عيد بازارون، عيد تي پيڪيج ڪهڙي ڪم جا، جڏهن ماڻهن وٽ نه خريدڻ جي سگهه آهي نه وڪامڻ جي سگهه! ڪڏهن عيد تي موڪليل عيد ڪارڊن جي ملڻ تي ته ڪڏهن انهن ڪنوارين ٻانهن تائين نه پهتل چوڙين جو سوچي به نير وهائي ويهندو آهيان، پر ان سڄي عمل جو ڪريڊٽ پوسٽ آفيس کي ڏجي يا ويڇا وجهندڙ هن معاشري جي مدي خارج رسمن کي!
    لک سماجي شڪايتن باوجود به اسان دل جي گهراين سان مرڪي هر ڪنهن جي مرڪڻ جي اميد سان گڏ عيد جون واڌايون ارپيون ٿا.

    هلال پاڪستان، سوڀ، سُڪار، تعمير سنڌ، خبرون، عبرت،
    عوامي آواز، هلچل، سنڌو، مهراڻ


    پريمي جوڙا موت جي گهيري ۾

    سمورو جهان عاشقن جو عالمي ڏينهن پيو ملهايو وڃي، ان ڏينهن هر طرف فضا ۾ انتظاري جا نوان گلاب نروار ٿيندا آهن. هر دل ان ڏينهن تي بيقراريت وچان انتظاري کي مات ڏيندي پاڻ کان بي خبر ٿي انتها تي پهچڻ ٿي چاهيو. عاشقن جو عالمي ڏينهن محبتن کي ميڙڻ ۽ نفرتن کي مات ڏئي نئون جهان آباد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. پر اسان ماڻهو انهن خوشين کان تمام پري ڪٿي ڪنهن جهنگ ۾ رلي ويل ٻار وانگي بڻجي چڪا آهيون اسان جي اڳيان اهي ڏينهن ڏهاڙا به ڪا به معنيٰ نه ٿا رکن. هي سڀ فضول پڻ بڻجي رهجي ويو آهي. اسان دنياوي خوشين ۽ غمن کان تمام پري ٿيندا وڃون بدلجندڙ حالتن جتي اسان کي نون مسئلن حوالي ڪيو ته اهي حالتون اسان جي محبتن تي به اثر انداز ٿيون. اهي محبتون جن کي اسان سالن کان سانڍي من اندر سموري جهان کان لڪائي رکيو پر انهن جو اظهار ڪرڻ جي ڪڏهن اسان ڀلجي غلطي نه ڪئي. اهي گلاب جا گل جن کي اسان پروئي ڪنهن کي آڇڻ ٿي گهريا هاڻ اهي مرجهائجي چڪا آهن. اسان جون محبتون اسان کان تمام پري بيٺل آهن اهي حقيقي محبتون جن کي پسڻ لاءِ هر دل بي حال آهي پر اسان تنهن باوجود به انهن مامرن کي اهميت نه ٿا ڏيون؟
    ساڳئي ڏينهن سموري جهان جا عاشق، معشوق اچي گڏ ٿيندا آهن. سمورن ملڪن جون بازارون ۽ تفريح گاهون عاشقن جي ميلن سان لٽيل رهيون. ڪنهن کي ڪا روڪ ٽوڪ ڪونه هئي هر هڪ ٻئي کي ٿو پسي پر اسان وٽ ائين ناهي ۽ وري به اسان اهو ٿا اسرار ڪريون ته ڇا جو عشق ۽ ڪهڙي وفا! حقيقي معنيٰ ۾ عشق سچائي کي پرکڻ انهن عاشقن جو درد ڪي چند ڪي ئي ماڻهو محسوس ڪري سگهن ٿا محبت ۾ انتظار جا لمحا انتهائي ڀيانڪ هوندا آهن. ڪنهن جو انتظار عذاب کان گهٽ ناهي نه ئي هوندو. اهو انتظار حد ٽپڻ بعد اختلافن کي جنم ٿو ڏي، انهن محبتن کي قائم رکڻ لاءِ هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ لازمي هوندو آهي.
    اسان ماڻهو انهن مامرن کان ڪجهه گهڻو ئي هٽيل آهيون، جنهن لاءِ سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي ڪنهن جو محبوب ان ڏينهن نه ٿو اچي ته اهو عذاب زندگي ڀر لاءِ زهر بڻجي ويندو آهي ۽ ان جي دل زهر جا ڍڪ ڀريو اهو پرچار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي “دنيا ۾ سڀ جوڙا جوڙا اسين اڪيلائي هائي گهوڙا” پر انهي اڪيلائي جي عذاب ۽ انهي جي درد ۾ پڪل ماڻهو دنيائي طور تي پاڻ کي سماج کان ڪٽيل محسوس ڪن جيڪا ڳالهه ڪنهن به حد تائين بهتري کان جنم نه ٿي ڏئي سگهي ۽ اڳتي هلي اها اڪيلائي عذاب بڻجي ٿي پوي اهڙي ڏينهن تي خوشيون گڏڻ، مرڪون ورهائڻ لاءِ اسان خوش رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ اهو جام ٻين کي به آڇڻ کپي، حقيقي محبتن تائين پهچڻ انتظار کي ختم ڪري ڪنهن جي نيڻن ۾ آيل لڙڪن کي اگهڻ جو ڏينهن آهي پر اسان الائي جو ڇو لک ڪوششن باوجود انهن مامرن کي ڇو ناهيون سمجهي سگهيا ۽ اسان ٻين جو رت واهڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهيون ۽ هر دؤر ۾ اسان وٽ چاهتن کي ڪارو لباس پارائي ڀري بر ۾ قتل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي پريمي ڪاروڪاري جي آڙ ۾ قتل ٿي وڃن ٿا. جن جي ايف آءِ آر نه ٿي ڪٽجي انهي غيرت جي آڙ ۾ محبتن جو قتل ٿو ڪيو وڃي. اهي محبتون جن جي رکوالي ڪندي ڪندي هو هڪ ٻئي مٿان پنهنجي ڄمار گهوري ٿا ڏين. ڪيترائي جوڙا سماجي بي رخين ڪارڻ ۽ ريتن رواجن کان فراريت اختيار ڪري گهران نڪتا، انهن جي فراريت ۽ اباڻا ڪک ڇڏڻ جو مقصد رڳو پنهنجي پريم جو ڀرم رکڻ هوندو آهي ۽ هو انهي ڀرم پويان گهڻو ڪجهه ڀوڳي ٿا ويهن ته ڪٿي انهن کي گولين جا شوٽ ۽ ڪهاڙين جا وار ٿا ٿين پر محبتن جي خمار ۾ هر رڪاوٽ کان بي نياز ٿا هجن ۽ هر پل هڪ ٻئي کي ٿا پسڻ گهرن ۽ هو سڪون ۽ چاهتن جا ميلا ٿا چاهين اسان وٽ هر دؤر ۾ اهي ڪهاڻيون هلنديون آيون آهن ۽ محبت واري ڏينهن ڪيترائي پريمي جوڙا تحفظ لاءِ دانهون پيا ڪن ۽ ڪورٽن جي چو واٽن تي پنهنجي محبتن کي ڀٽڪائي ۽ تڙپائي رهيا آهن. انهن کي پنهنجي جي ستمن جو خوف آهي ۽ هيل تائين ڪيترائي جوڙا سماجي ريتن رسمن حوالي چڙهي دفن ٿي چڪا آهن ۽ هر روز اخبارون اهڙن واقعن سان ڀريل ۽ پريمين جي تصويرن ساڻ خبرون نمايان هونديون آهن. آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيستائين ٿيندو ۽ ڪيسين سنڌ ۾ پيار جو ڪوس ڪيو ويندو ۽ نيٺ پريمين جي راهن ۾ ڪيستائين رڪاوٽون وجهيون وينديون. هاڻ اهو سلسلو ختم ٿيڻ کپي ۽ هر ڪنهن کي رضا خوشي ۽ آزادي سان هر ڪم ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي، ته جيئن انهن بيچين ۽ سماج جي تڙيل جوڙن جو مايوسين تي خوشيون ملهائڻ بجاءِ اسان کي انهن جو سهارو بڻجي کپي ۽ جيڪي جوڙا وڪيلن جون فيون نه هجڻ ڪري پناهه لاءِ ترسن پيا انهن کي تحفظ فراهم ڪيو ڏنو وڃي. سنڌ عاشق مجاز ماڻهن لاءِ نوگو ايريا بڻجي رهي رهجي وئي آهي. اها سنڌ جنهن جي ڌرتي تي شاهه لطيف کان ويندي سمورن صوفين، ولين محبتن جو درس ڏنو، پر ان درد کي ڪا موٽ ملڻ بجاءِ خوني نگاهون ۽ نفرتن جا واچوڙا ڪر کڻي رهيا آهن ته اسان کي گهرجي ته محبت واري عالمي ڏينهن تي هر ڪنهن کي محبتن جا گلاب آڇون ۽ مرڪن جون بازارون آباد ڪيون.

    سڪار، خبرون، تعير سنڌ، فيصلو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل،


    اپريل فول : چرچن، تحفن جو ڏينهن

    اڄ اپريل فول آهي، انهيءَ ڏينهن تي ڪنهن سان ڪا به جُٺ ٿي سگهي ٿي، ڪوبه ڀوڳ ٿي سگهي ٿو! ان لاءِ هر طرح کان ذهني طور تي تيار رهيو، پر ڀوڳن جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. انهيءَ ڏينهن تي ڪنهن کي ڪو صدمو پهچي، اهڙي قسم جو ڀوڳ هرگز نه ڪنهن سان ڪيو وڃي. خاص طور تي اپريل ڦول جي ڏينهن دل جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن سان ملهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي جو جو اها مذاق کل، ڀوڳ ڪنهن جي جان به وٺي سگهي ٿي، ان کان اڳ به اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. ان لاءِ اپريل ڦول جي ڏينهن تي انهن ڳالهين جو خاص طرح سان خيال رکيو وڃي ته ڪٿي ڪنهن جي دل دکي نه ٿئي. جيترو ٿي سگهي ڀوڳن جي آڙ ۾ ٽهڪ برسايا وڃن ۽ ماڻهن کي عارضي ٿوري دير لاءِ به اپرل ڦول جي آڙ ۾ کل موٽائي ڏني وڃي. ڇو جو اهي مايوس ۽ سماجي دز ۾ وڪوڙيل چهرا هر پل خوشيون تراشين ٿا جيڪي انهن جو بنيادي حق آهي. اسان ماڻهو انهن خوشين جي تلاش ۾ هميشه ٿاٻا کائيندا ٿا وتون، پر اهي خوشيون حقيقي رونقون جيڪو اپريل ڦول جي صورت ۾ ڪجهه پلن لاءِ اسان جي اڱڻ تي لهن ته به لک لائق. اسان وٽ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تائين ڏهاڙا ملهايا ٿا وڃن، ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون، تقريرون ٿين ٿيون پر انهن تقريرن پويان رهجي ويل عڪس ڪير به نٿو پسي، بس سڀ هڪ ڏينهن کي ياد ڪري پنهنجي اندر جي باهه اوتين ٿا ۽ تقريرون ڪري هليا ٿا وڃن. اهي تقريرون جن ۾ عمل صرف لفظن جي حد تائين هوندو آهي.
    اهڙي طرح سان اڄ اپرل ڦول جو ڏينهن عالمي سطح تي کل، ڀوڳ، چرچن ۽ ڪنهن سسپينس ۾ رکڻ جو ڏينهن آهي. ان ڏينهن کي دوست هڪ ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ جي اڳواٽ ئي جتن ڪندا آهن ته ڪٿي وري گفتن جي صورت ۾ مذاق ۽ ڀوڳ ڪيا ٿا وڃن ته ڪٿي محبتن جا دلاسا معشوقن ۽ عاشقن وچ ۾ مذاق جا پل پسجڻ لائق هوندا آهن، پر تنهن باوجود به اسان ماڻهو اهو ٿا چاهيون ته مذاق اهو هجي جيڪا ڪنهن دل جي راحت بڻجي سگهي. اهڙي هرگز نه هجي جيڪا ڪنهن لاءِ عذاب بڻجي رهجي وڃي، سڀ کان وڌيڪ پياري مذاق انهيءَ ڏينهن تي هن چهري سان ڪري سگهجي ٿي، جيڪو ڪنهن جي انتظاري ۾ ويٺل آهي ۽ هن کي ٻڌائجي ته توکي جنهن جو انتظار هو اهو اچي چڪو آهي سچ پڇو ته هن چهري جي بعد ۾ جيڪا رنگ تبديل ٿيندو ۽ خوشين جا جيڪي بادل رقص ڪندا انهيءَ ۾ انتها جي ڪشش، پيار جو اظهار ۽ ڪجهه لمحن لاءِ محبتن جا ڳوڙها نيڻن ۾ تري ايندا ۽ ان جي جيون مان ڪنهن حد تائين انتظاري لفظ ضرور هٽيل نظر ايندا، اڄوڪي ڏينهن تي ڪي موبائيل فونن وسيلي به وڏي پيماني سان ڪنهن سان ڪهڙي جٺ ڪندا تنهن لاءِ به هر ڪنهن کي تيار رهڻ کپي ڇو جو ڪنهن به ماڻهو کان اڄ جي ڏينهن تي مذاق ڪري سگهجي ٿي تنهن لاءِ ڪي همراهه اڳواٽ ئي رٿابندي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اڄوڪي ڏينهن تي ڪي سچا واقعا ۽ حادثا به ڪجهه پلن لاءِ ڀوڳ لڳندا آهن ۽ ماڻهو سچين خبرن تي به اعتبار ناهن ڪندا پوءِ جڏهن اپريل ڦول جو ڏينهن گذري وڃڻ بعد سچايون انهن جي اڳيان هونديون آهن ته اهي پڇتاءُ ڪندي سامهون واري ماڻهو کي اهو چوندا آهن ته اپريل ڦول ڪارڻ اسان ان کي نظر انداز ڪيو.
    اها هڪ وڏي سچائي آهي ته هن ڏينهن تي گهڻا معنيٰ خيز بڻجي رهجي ويندا آهن، ڀوڳ اسان وٽ اڄوڪي جديد دؤر ۾ ڪابه معنيٰ نٿو رکي. پر تنهن باوجود به ڪي ماڻهو هروڀرو انهن ڀوڳن کي اشو بڻائي پاڻ لاءِ مسئلو کڙو ڪري ويهندا آهن ۽ اڃا به ڪي اهڙا به آهن جيڪي هن ڀوڳن جي جهان کان تمام پري بيٺل ٿا محسوس ڪن ته ڪي وري اڄوڪي ڏينهن ٻين کي خوشي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي دشمني پرائيندي هن ساڻ اهڙي جٺ ڪري ويهندا آهن جو اها جٺ انهيءَ لاءِ راحت بڻجڻ بجاءِ عذاب بڻجي ويندي آهي. اها به هڪ وڏي تاريخي حقيقت آهي ته اسان جي ٻهراڙي جي عوام کي اڃا اها به خبر ناهي ته آخر اپريل ڦول چئبو ڇا کي آهي ۽ ڇا لاءِ ملهايو ويندو آهي؟ ان لاءِ ٻهراڙي جي عوام ۾ هن حوالي سان نه هئڻ برابر دلچسپي هوندي آهي جڏهن ته وارياسي ديس ٿر جي ماڻهن کي اها به سرت ڪونهي تنهن ڪري عالمي طرز تي ڏينهن به ملهايا ٿا وڃن سواءِ ڪن پڙهيل لکيل همراهن جي.
    هونئن به اسان وٽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ غربت ۽ بيروزگاري عوام مان عالمي ڏينهن ملهائڻ وارو شعور کسي ورتو آهي. ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ ترسن ٿا ۽ بيروزگاري ڪاڻ هڪ ڪهڙي به حد پار ڪرڻ لاءِ بيتاب بڻيل آهن. تنهن ڪارڻ ڏينهون ڏينهن اسان وٽ ملهائجندڙ عالمي ڏينهن جي اهميت گهٽجندي پئي وڃي ۽ عوام ٻڏتر واري ماحول ۾ پريشان ۽ بي حال آهي، مون کي جيون جا اهي پل ياد ٿا پون جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سياسي، سماجي حوالن سان پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيندو هو ته پاڻ کلي عام اها ڳالهه ڪندو هو ته ماڻهن مان احساس محرومي ڪڍڻ لاءِ هڪ وڏي جهاد جي ضرورت آهي ۽ ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي رهيا آهن. انهيءَ لاءِ انهن جي اندر ۾ ويٺل انسان کي جاڳائي منجهن حقيقي خوشيون ورهايون وڃن، اڄ اهو ڏينهن ڪجهه پلن لاءِ به صحيح پر ڀوڳن جي جنم جو ڏينهن آهي، اهي ڀوڳ جن کي اسان اڄ وساري معاشي بي رحمي جو شڪار بڻجي ڪنهن ڪن ۾ دٻجي رهجي ويا آهيون تنهن کي ياد ڪرڻ پنهنجين سان سڀ غم وساري ڪجهه پل هجت جو ڏينهن آهي اچو ته اڄ سڀ گڏجي پنهنجن سان هٿ جت آزمائيندي کل ۽ ڀوڳ واري راند رچائي ڪي حقيقي ٽهڪ ،خوشيون ۽ مرڪون ورهايون.

    سڪار، عبرت، خبرون، هلچل، سوڀ، فيصلو، سنڌ، هلال پاڪستان


    اڻ لڀ بڻيل اٽو ۽ عوام جا احتجاج

    سموري ملڪ ۾ جتي سياسي هلچل متل آهي ۽ عوامي نمائنده جلسن ۽ ريلين جي صورت ۾ عوام آڏو وفائن جا گيت ڳائيندي نظر ٿا اچن ته انهي لمحن ۾ عوام اٽي جي لپ لاءِ روڊن تي احتجاج ڪندي نظر ٿو اچي ته ٻي پاسي وري واپاري لڏي اٽو مهانگو ڪري وڌو آهي ۽ ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ به اٽو ناياب بڻجي چڪو آهي. انهي اٽي جي کوٽ جهڙوڪ عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. عوام ويچارگي ۽ بيوسي وچان جيئڻ لاءِ اٽي جي لپ لاءِ ترسي ٿو پيو. پر ڇا آهي جو اسان وٽ هر مامري ۾ سنجيدگي گهٽ نظر اچي ٿي. جنهن سبب ئي ذخيره اندوزي ڪندڙ واپارين خلاف هيٺين سطح تي انتظاميه تحرڪ ناهي ورتو. جڏهن ته هن واٽ منجهه وفاقي ۽ سنڌ حڪومت چڱا اپاءُ ورتا آهن. پر تنهن باوجود به واپارين جي هڪ هٺي پنهنجي جاءِ تي ازل جيئان قائم آهي، هو ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، جيڪا ڳالهه سواليا نشان بڻيل نظر ٿي اچي.
    هن کان اڳ واپارين جي مهرباني سان اسان وٽ کنڊ، گيهه، بصر جو به بحران پيدا ڪيو ويو هو ۽ انهي بحران مان ڪيترائي لک پتي واپاري ڪروڙ پتي بڻجي ويا پر اهي ئي هٿ وٺي بحران پيدا ڪن ٿا، جيڪر حقيقت کي ڏٺو وڃي ته انهي واپارين وٽ ايڏي انگ ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جو هو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪن کي به فراهم ڪري سگهن ٿا، پر ڳالهه نيت ۽ سچائي جي آهي، جنهن کي بيدار ڪرڻو پوندو جيڪا اسان جي سماج ۾ سڪرات جو شڪار بڻيل نظر ٿي اچي، پر ڪي ماڻهو اڃا به آهن جيڪي هن راهه جا مسافر آهن.
    مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون ٿرپارڪر ضلعي مٺي جو سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن مقرر ٿيس ته اتي مون ٿري ماڻهن کي ڏٺو جيڪي ڪڻڪ جي اٽي جي هڪ ماني لاءِ مون کي ترسندي نظر آيا ۽ اتي فراهم ٿيندڙ اٽو ملاوٽي هجڻ سبب پيٽ جي بيمارين جو سبب به بڻيو آهي. جيڪڏهن انهي کوٽ جا پيرا کڻبا ته واپارين لڏي تي کٽي پوندا، تنهن لاءِ اڄ اها ڳالهه وقت سان گڏ محسوس ٿي ڪئي وڃي ته واپاري لڏي کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت هيٺين سطح تي ٺوس قدم وٺي ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن کي قانون جي دائري منجهه آڻي انهن جي خلاف فوري ۽ تڪڙي ڪارروائي ڪري.
    هن وقت اسان وٽ جيڪي ملڪي حالتون ۽ غربت آهي، انهي منجهه وري ذخيره اندوزي ڪري غريب عوام کي ڦرڻ ڪٿي جو انصاف چئبو، ڇو جو غربت ۽ بيروزگاري اڳئي ئي اسان جي سماج کي اڏوهي وانگر کوکلو ڪري چڪي آهي ۽ مٿان وري اها ذخيره اندوزي اسان جي سماج لاءِ موت بڻجي نروار ٿي پئي، انهي لاءِ يوسي، تعلقه ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمون تشڪيل ڏنون وڃن، جيڪي پوليس ۽ انتظاميا سان گڏ واپارين جي ريٽ لسٽن جي جاچ ڪن ۽ حڪومت پاران مقرر ڪيل قيمتن کي برقرار رکڻ لاءِ اوچتيون ڪارروايون ڪري ريٽ چيڪ ڪن ته ڪنهن حد تائين ذخيره اندوزي ضرور ضابطي ۾ ڪري سگهجي ٿي پر هن سلسلي ۾ مقامي سطح تي ئي ڪوششون لاڀائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون. ضلعي حڪومتون به پنهنجو ڪردار هن واٽ منجهه جتي نڀائي سگهن ٿيون ته اتي وري اين جي اوز به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
    مذهبي حوالي سان به ڏسجي اسان جي مذهب ذخيره اندوزي کي ننديو آهي. اها ڳالهه اسان کي ڪجهه سمجهائڻ ٿي چاهي ته آخر اسان ڪنهن جي ذاتي مامرن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪڏهن ڪنداسين، ثواب ته پنهنجي کاتي ۾ لکي ٿا ويهون پر ناڪامي جو ذميوار حڪومت کي برقرار ڏيڻ سمجهه کان مٿي آهي، اسان جي پنهنجن مامرن تي سنجيدگي اختيار ڪيون ته پوءِ ڪوبه واپاري ذخيره اندوزي نه ڪري سگهندو ۽ نه ئي وري اسان وٽ اهي بحران پيدا ٿيندا.
    مون کي ياد آهي ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اها ڳالهه ڀري بزم ۾ ڪندو هو ته سنڌ جون زمينون ايڏيون زرخيز آهن. جيڪي سموري ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿيون، اسان جون زمينون ته اڄ به زرخيز ۽ ساڳيون آهن پر فرق رڳو نيتن جو آهي، جيڪڏهن اهي حالتون رهيون ته ايندڙ وقت اسان جو ماڻهو آپگهاتن جي واٽ وٺندو، جيڪا ڳالهه اسان جي سماج لاءِ ڪنهن به قدم قابل قبول نه اهي، هن مامري منجهه ملڪ اندر اٽي جي کوٽ جون خبرون ۽ عوام جا احتجاج ڳڻتي جوڳي مقام تي بيٺل نظر ٿا اچن ۽ اهي ان ٽاڻي سنجيدگي ڪراس ڪري ويندا آهن، جڏهن اسان جي واپاري ڀائرن منجهان لوڀ لالچ جي نشي ۾ احساسيت مري ويندي آهي ۽ انتظاميا وري به انهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي ۽ ذخيره اندوزي جي ڏوهه ۾ کين گرفتار ٿي ڪري ته پوءِ وري انهن جون ٺهيل يونينون ۽ تنظيمون انتظاميا کي بليڪ ميل ڪرڻ احتجاج ۽ هڙتال جي راند ٿيون کيڏن.
    هن حالت ۾ انتظاميا گهڻي حد تائين مجبورن عوام جي مفاد خاطر احتياط کان ڪم وٺي ٿي، جنهن ڪارڻ واپاري لڏي جون من مستيون وڌنديون ٿيون وڃن ۽ هو وري ذخيره اندوزي تي لهي ٿو اچي ۽ ملڪ منجهه اٽي جي کوٽ به هن جي هڪ ڪڙي آهي.

    سوڀ، شام، مهراڻ، عبرت، سُڪار، سنڌو، سنڌ، تعمير سنڌ،
    هلال پاڪستان، عبرت


    ٿر جون يادون ۽ وسڪارو

    ٿر جي حوالي سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن، هر لحاظ کان ٿر، ٿر آهي، جتي سڪ، سونهن، صحبت ۽ اصل ڪلچر پسجڻ لاءِ ملي ٿو، جتي ڪير ڪنهن کان رُسي ئي نٿو. ٿر جي ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به پنهنجي شاعري ۾ انتهائي خوبصورت نموني سان ڪيو آهي ته اتي استاد بخاري کان ويندي شيخ اياز تائين ڪوبه اهڙو شاعر نه آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ ٿر جو ذڪر نه ڪيو هجي. انهي ٿر جا خوبصورت نظارا جتي هر ڪنهن کي سونهن ٿا بخشين ته اتي وڏين وارياسين ڀٽن جي اوٽ ۾ جيون بسر ڪندڙ ٿرين جا مسئلا ۽ جيون اوترو ئي دکي بڻيل نظر ٿو اچي، انهن جا مسئلا جيڪي اڄوڪي جديد دؤر ۾ به حل ٿيڻ جوڳا آهن پر تنهن باوجود حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ پنهنجي جاءِ تي ئي قائم دائم آهن. انهي ٿر کي پهريون ڀيرو گهمڻ جو موقعو ان زماني ۾ مليو، جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٿرپارڪر ائٽ ميرپورخاص جو سيشن جج مقرر ٿيو. ان زماني ۾ مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ضلعا نه هئا پر انهن جو هيڊڪوارٽر ميرپورخاص هو ۽ لکيو ويندو هو ته ٿرپارڪر ائٽ ميرپورخاص ان دؤر ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان ٿر گهمڻ جو موقعو مليو ۽ سندن واتان ٿرين جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ مليا پر هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي، اڳوڻو ٿرپارڪر ضلعو هاڻ چار ضلعن ۾ ورهائجي چڪو آهي. وري جڏهن آئون ٿرپارڪر ضلعي مٺي ۾ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر مقرر ٿيس ته اڳئين جي ڀيٽ ۾ ٿرپارڪر ضلعو مڪمل طور تي تبديل ٿيل نظر آيو، اڳيون ٿر نه رهيو هو پر هاڻ سهولت موجود آهي. وڏا ويڪرا روڊ رستا پيئڻ لاءِ صاف مٺو پاڻي، بجلي، هر نظام هن وقت ٿر ۾ رائج ٿيل نظر ٿو اچي ته ٻئي پاسي ٿر جي نالي تي گهڻو ڪجهه ڪمايو پيو وڃي. لاتعداد اين جي اوز هڪ ئي راڳ ٿرين جي محرومين جو ڳائي ٻاهرين ملڪن کان ڊالر ميڙي رهيون آهن. جي اهي صحيح نموني سان ڪم ڪن ها، ته اڄ ٿر جا گهڻا مسئلا حل ٿي چڪا هجن ٿا پر انهن جو ٿرين لاءِ درد رڳو سيمينارن، ليڪچر پروگرامن ۽ اخباري خبرن تائين ڏسجڻ ۾ اچي ٿو پر حقيقت جون گهرجون اڃا به ٻيون آهن. مون جيڪي ڪجهه پنهنجي نيڻن سان پسيو آهي، تنهن جي تذڪري ڪرڻ کي آئون اهم ٿو سمجهان. اڄوڪي هن جديد دؤر ۾ به ادارن جي حوالي سان ٿري ماڻهن وٽ معلومات نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب هو پنهنجا جائز ۽ حقيقي مسئلا به انهن ادارن ذريعي ناهن حل ڪرائي سگهيا. مختيارڪار کان ويندي هڪ عام ڪاموري کي درخواست ڏيڻ کان به لهرائيندا آهن، انهن ۾ هڪ ئي وقت جتي مظلوميت ڏسجڻ ۾ اچي ٿي ته اتي خوف ۽ هراس به پنهنجي جاءِ تي ڇانيل رهي ٿو ته اتي ٿر ۾ پٽيل ڪلچر جنهن جي رحم و ڪرم تي ٿري هلن ٿا ۽ اهي پٽيل وڏيرا پنهنجي خواهشن جي حاصلات لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. ڊس انفارميشن لڪڙ تار ايڏي ته سگهاري هوندي آهي جو اڄوڪي جديد دؤر منجهه چڱا خاصا ماڻهو انهي تي اعتبار ڪري ويهندا آهن، جنهن سبب ٿر ۾ پٽيل راڄ دؤر حاوي رهيو آهي، جنهن زماني مٺي جو سرڪل آفيسر هئس ته انهي دؤر ۾ ماڻهن کي ادارن جي حوالي سان ڄاڻ ۽ نڪو وري ڪم وٺڻ جو ڪو طريقو هو. جڏهن مون هتي جي لوڪل ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون ته انهن اهو چيو ته هتي جي ماڻهن کي خبر نه آهي ته اينٽي ڪرپشن جي نالي سان به ڪو کاتو آهي. هن لاءِ مون اتي وڃڻ سان ئي اداري کي متعارف ڪرڻ لاءِ سموري ضلعي ۾ سائن بورڊ لڳرايا، ماڻهن کي بريف ڪيو، تڏهن وڃي ڳالهه ٺهي ۽ ماڻهن اداري جو رخ ڪيو. هن عرصي دؤران مون کي اهو اعزاز مليو ته ٿر جي ڏڪار سٽيلن جي امداد لاءِ آيل ڪڻڪ جيڪا ڇاڇرو تعلقي ۾ ڪجهه پٽيلن لڪائي ڇڏي هئي، جنهن تي مون ريڊ ڪري دريافت ڪئي ۽ حقيقتون عوام آڏو آنديون، انهي کانسواءِ ڇاڇرو جي تعلقي اسپتال، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۾ به اينٽي ڪرپشن ۾ رهندي گهڻيون ڪارروايون ڪيون. ٿر ماڻهن کي انهن جو لٽيل مال واپس ڪرايو ۽ پنهنجي همت آهر لوڪل ماڻهن جي سهڪار سان سماجي جاڳرتا جو سلسلو جاري رکيو سين ته هن سان گڏ وري ادبي ماحول ٻيهر سرگرم ڪيوسين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسين ۽ سالگراهن جا پروگرام مٺي کان پوري ٿر تائين ٿيا ته اتي وري رائچند راٺوڙ، مائي ڀاڳي ۽ ٿر جي سدا بهار شخصيت جون ورسيون ۽ سالگراهه ملهائي ادبي ميلا مچاياسين. ٿر جي شهر ننگرپارڪر ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي پويان ڪارونجهر جي اوٽ ۾ وڏين ڪوششن کانپوءِ مسڪين جهان خان کوسو ادبي لائبريري جو بنياد رکيوسين، جنهن ۾ هتي جا نوجوان اڄ به فيضياب ٿي رهيا آهن. ٿر جي شهر چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ جي ورسي ملهائي ته سندن پٽ نالي واري اديب نفيس احمد ناشاد فون ڪري ٿورا مڃيا ۽ چيو ته بابا کي ٿرين وساري ڇڏيو پر اوهان کي شاباس آهي جو ياد ٿا ڪريو. ٿر جي ادبي پروگرامن ۾ عبدالقادر جوڻيجو صدارتي ايوارڊ يافته، برک سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي رام سنگهه سوڍو، ڪامريڊ روچيرام کي مهمان ڪيو سين، جن کي ٿرين ٻڌو. هن وقت دؤران ارباب امير حسن پاران آڇيل محبتون ۽ مهيش ڪمار ملاڻي، غلام محمد لاٽ، گل محمد لاٽ پنهنجي والد وانگر منهنجي سار لڌي، تنهن وقت کي آئون فراموش نٿو ڪري سگهان. انهي دؤران منهنجي مٺي مان بدلي ٿي ته نه ڄاڻ ڪيترا فون ٿر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيا. مٺي پريس ڪلب جا دوست مون کان موڪلائڻ واي تقريب ۾ روئي ويٺا هئا، هتي جي سينيئر صحافي پريم شيواڻي پيار مان چمي ڏيندي چيو هو ته هڪ بهترين دوست آفيسر کان ٿرپارڪر ضلعو محروم ٿي ويو آهي. ٿر جون انيڪ يادون کڻي آئون حيدرآباد کانپوءِ قمبر، لاڙڪاڻي پهتو آهيان، جتي به آئون ٿرين پاران ارپيل محبتون ۽ خلوص وساري ناهيان سگهيو. اتي جي ماڻهن کي آئون ليڪچر ڏيندي هر پل اهو ئي چوندو آهيان ته هي قبيلائي جهيڙا ۽ مارا ماري، ڪاروڪاري کي ڇڏيو ۽ پيار جو فن ٿرين کان سکو. اڄ وري گهڻي وقت کانپوءِ ٿر ۾ وسڪارو پيو آهي، هزارين ٿري ڪراچي ۽ سنڌ جي ڏورانهين علائقن مان موٽ ڪري وري ٿر طرف پيا ڪن، کيتر کيڙيا پيا وڃن، هر طرف ملڪ ڪشمير لڳو پيو آهي. ڪراچي کان ويندي سموري ملڪ مان هزارين ماڻهو ڪارونجهر گهمڻ لاءِ پيا اچن ۽ روپلي جي ديس جا ماڻهو خوشحالي جا گيت پيا جهونگارين. چيلهار جي راڻاسر کان ويندي مٺي شهر جي وچ ۾ موجود گڊي جي ماڻهن جا ميلا متل آهن. اهڙن لمحن ۾ ٿر تمام گهڻو ياد ٿو پوي پر آئون جسماني طور تي هن کان تمام پري ۽ ذهني ۽ نظرياتي طور تي تمام ويجهو آهيان. بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي تي جان گهوريندڙ ٿرين جي حوالي سان پاڻ اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته سنڌ جو اصل ڪلچر ۽ روايتون ٿر ۾ موجود آهن. جيڪا ڳالهه تمام گهڻي حقيقت پسندي تي ٻڌل آهي. اڄ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير تمام گهڻي لکيل پڙهيل ۽ ڏاهي سسئي پليجو آهي، تنهن کي منهنجي گذارش آهي ته خاص طور تي ننگرپارڪر ۾ جيڪي ٻاهريان کان گهمڻ لاءِ سياح اچن ٿا تن لاءِ جديد طرز تي ريسٽ هائوس، هوٽلون، ثقافتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ته جيئن هو هتي رهڻ دؤران هن علاقن جي حقيقتن ۽ سهولتن کان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان کانسواءِ موجوده حڪومت کي گهرجي ته ڪارونجهر جي قيمتي پٿر تي اتي ڪارخانا قائم ڪيا وڃن ته جيئن هتي جي ماڻهن کي اتي ئي روزگار ميسر ٿي سگهي ۽ پاڻي جي کوٽ کي روڪڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا وڃن ته جيئن ڏڪار واري حالتن ۾ ٿري ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ جي ضرورت نه پوي، جيڪڏهن اهڙي قسم جا قدم کنيا ٿا وڃن ته ٿر ۾ تمام وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو. هن سان گڏ ٿر جي ڪوئلي تي موجوده حڪومت جي پاليسي انتهائي بهترين آهي، جنهن کي ڏسندي اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته جي اهڙا قدم کنيا وڃن ته سنڌ ۽ ٿر دنيا جي خوشحال علائقو بڻجي ويندا ۽ ٿر ۾ تيل جي ڳولها جاري آهي. مختلف ملڪن جون ڪمپنيون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪٿي تيل ۽ ڪٿي ڪوئلي جا آثار مليا آهن. اميد اها آهي ته موجوده حڪومت ٿر جي حوالي سان تمام سنجيدگي سان قدم کڻندي ۽ هن کي ترقي وٺرائيندي ۽ هتي جي مارو ماڻهن کي انهن جون لٽيل خوشيون ٻيهر موٽائي ڏيندي، جنهن جي اوسيئڙي ۾ اڄ به هزارين ٿري موجوده حڪومت ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان تڪي رهيا آهن.

    سنڌو ڊائجسٽ، عبرت، مهراڻ، سنڌ، سُڪار، عوامي آواز، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، فيصلو، خبرون


    ٻارڙن جا حق ۽ حقيقي جدوجهد کان وانجهيل سماج

    اڄ سموري دنيا وانگي اسان وٽ به ٻارڙن جو عالمي ڏينهن پيو ملهايو وڃي، انهي سلسلي ۾ ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان تقريبن جو انعقاد به وڏي پيماني تي ڪيو ويو آهي. ڳالهه رڳو ٻارڙن جي حقن جي ناهي پر هتي ٻيا به کوڙ مسئلا موجود آهن جن تي هيل تائين چڱي نموني توجهه ناهي ڏني وئي.
    ٻارڙن جي حقن جي جيستائين ڳالهه آهي تنهن کي هر ڪو سمجهي ۽ محسوس ڪري ٿو ته هن وقت خاص طور تي سنڌ ۾ ٻارڙن تي جيڪي ڏاڍ ڏمر ڪريل آهن تنهن جي ماجرا ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي مون کي اڄ به اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن آئون سن 2006ع ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿرپارڪر ائٽ مٺي هئس ته هتي ٿر جي علائقي ۾ جيڪا مون ٻارڙن جي حالت ڏٺي ۽ ٻارڙن جي حقن جي جيڪا خلاف ورزي نيڻن سان پسي تنهن جي ڀلا ڪهڙي ڪهاڻي ويهي ڪجي.
    هتي جا مقامي ماڻهو چون ٿا ته 30 هزارن کان مٿي ٻارڙا ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ غاليچا ٺاهڻ جي کڏين ۾ ڪم ڪن ٿا، جنهن جون عمرون 5 سالن کان 15 سالن جي اندر مس آهن. جن مان ڪافي ٻار ننڍپڻ واري عمر دوران مختلف بيمارين جي جتي ور ٿا چڙهن ته اتي کڏين ۾ تيز اوزارن جي استعمال سبب ٻارڙن جا هٿ پير خراب ٿين ٿا، پر اتي ٽي بي، هيپاٽائيٽس جون بيماريون عام آهن. ڪهاڻي رڳو اتي نٿي پوري پوي پر انهن ٻارن کي اتان جا سيٺيان انهن کڏين ۾ جيل وانگي قيد ڪيو ويٺا آهن، اجرت نه هئڻ برابر ٿي ملي. جي انهي جي پويان جا سبب ڳولهبا ته اهي صاف نظر ايندا ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ بک، بيروزگاري ۽ ڏڪار وارين حالتن مان تنگ اچي اتي جا والدين پنهنجي ٻارڙن کي مختلف سيٺن وٽ گروي طور ڏئي ڇڏن ٿا ۽ بعد انهن ٻارڙن جو جيون انهي کڏين نما جيل ۾ پورو ٿيو ٿو وڃي، هو وقت کان پهرين ڳري هڏائون پنچرو ٿا بنجي وڃن.
    اها ڪهاڻي هتي دنگ نٿي ڪري پر هن جو درد اڃان به تمام مٿانهون آهي، عيد، ڏياري ۽ هولي جي موقعن تي سيٺيا انهن ٻارن کي موڪل نٿا ڏين. تنهن جو تازو مثال ڏياري تي کڏين ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙن کي موڪل نه ڏيڻ خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ميگهواڙ قوم جي اڳواڻن جي ڪيل بک هڙتال ۽ مظاهرو آهي. هيل تائين حقيقي معنيٰ ۾ انهن ٻارڙن جي درد کي ناهي ڪنهن پرکيو پر انهن جي محرومين کي هتي موجود اين جي اوز جا دوست ضروري ڪاروباري طور تي استعمال ڪندا ٿا رهن. جنهن سبب انهن جا سور گهٽجڻ بجاءِ وڌيا آهن ۽ اهي وڌيڪ ڀوڳنائن وارو جيون گذاري رهيا آهن ۽ هاڻ اهو جيون انهن لاءِ ڪا به اهميت نٿو رکي، انهن کڏين ۾ قيد پيل ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙن ۾ اڪثر هندو ڪميونٽي ۽ ميگهواڙ برادري سان تعلق رکي ٿي، جيڪي هر روز پنهنجي جيون جا سندر پل آپگهات جي ور چاڙهي هڪ نئين صبح جي آرزو جا گيت سموري زماني جي رنگينين کان اڻڄاڻ بڻجي ڳائن ٿا.
    انهن کي اها به خبر ناهي ته ايندڙ صبح انهن لاءِ ڪهڙو سنديسو آڻيندو، تنهن لاءِ اهي ٻارڙا عالمي ڏينهن کي ڪنهن اهميت ڀري نگاهه سان نٿا ڏسن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان وٽ عورتن کان ٻارڙن تائين جيڪي به عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا سي رڳو ريلين، ورڪشاپن ۽ ليڊرشپ چمڪائڻ ۽ ڏيکاءُ جي حد تائين نظر اچن ٿا. انهي جا حقيقي معنيٰ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪي به مثبت اثر اسان جي سماج تي بهتر نموني سان پوندي نظر نه آيا آهن، تنهن ڪري اڄوڪي سماج ۾ اسان وٽ اهي عالمي ڏينهن ڪا خاص معنيٰ نٿا رکن اهي سيمينار ورڪشاپ، وڏيون ريليون، ڊگهيون تقريرون عمل کان هٽيل ڳالهيون ٻارڙن جا درد ۽ مسئلا نه ٿيون گهٽائي سگهن. انهي لاءِ هڪ وڏي حقيقي جدوجهد جي ضرورت آهي، اها جدوجهد جنهن جو اسان ڪڏهن رخ ناهي ڪيو، پر تنهن باوجود ڪي ڳالهيون مسئلا انتهائي اهم ۽ توجهه لائق هوندا آهن تن کان رخ موڙن سماج لاءِ تمام گهڻو نقصانده ثابت ٿئي ٿو. هن وقت ٻارڙن جي حوالي سان اهڙو ڪوبه ڪم اسان وٽ ناهي ٿي سگهيو، جنهن کي ويهي ڳائجي.
    سموري سنڌ ۾ ٻارڙن سان زنا، اغوا، جبري مشقت هر قسم جي زيادتي سرعام ڪئي پئي وڃي. سيمينٽ جي فيڪٽري کان ويندي ٿر جي کڏين تائين جتي ڪٿي ٻارن جا حق ماريا پيا وڃن. هن جي پويان به ڪي سبب آهن جيڪي والدين جون محروميون نظر پيون اچن. وڌندڙ غربت ۽ بيروزگاري جا اثرات به جتي وڏن تي پون ٿا ته اتي انهي جو اثر ٻارڙن تي به برابر جو پوي ٿو. ڪيترائي ٻارڙا غربت ۽ بيروزگاري سبب اسڪول نٿا وڃي سگهن. يو ايس اي ۽ حڪومت تعليم جي واڌاري ۾ ڪنهن حد تائين ضرور ڪاميابيون ماڻيون آهن. مفت تعليم واريون به ڪوششون تعليم جي واڌاري ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ثابت ٿيون آهن پر اڃان به هن واڌ ۾ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي.
    مون کي اڄ به بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اها ڳالهه ياد پوي ٿي جيڪا هن ٻارڙن جي حوالي سان چئي هئي ته ٻار گلن کان به وڌيڪ حساس هوندا آهن هر ڳالهه کي جلدي ذهن تي وٺي ٿا ويهن جن جا اثرات انهن تي خراب انداز ۾ پئجڻ سان ۽ ٻارڙن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ نشي آور شين جي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. انهي ۾ ئي اسان جي ۽ ٻارڙن جي بهتري آهي ۽ ٻارن جي بهتر نموني نشو نماءُ ڪري سگهجي ٿي. خير اهي سموريون ڳالهيون سمجهڻ ۽ سوچڻ ڪجهه ڪرڻ جون آهن. جن جي طرف اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي خاص ۽ خصوصي طور تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو ٻارڙا مستقبل جا معمار ۽ اسان جو آئيندو آهن، پنهنجي آئيندي کي سنوارڻ ۽ خوابن جي ساڀيا لاءِ ٻارڙن جي بهتر نموني سان نشونما لاءِ اسان سڀني کي اڄوڪي ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ ٿي وچن ڪرڻ کپي ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کپي جنهن کي زمانن تائين ماڻهو ڳائيندا رهن.

    فيصلو، خبرو، سوڀ، مهراڻ، سنڌ، هلچل، سنڌو، عبرت، سُڪار
    تعمير سنڌ، هلال پاڪستان


    تا ريخي ورثن جو درد ۽ رهجي ويل سوال؟

    قومن جي سڃاڻپ انهن جي تاريخي آثارن مان لڳائي ويندي آهي ته اها قوم ڪيڏي پراڻي رهي آهي. ۽ هتان جا ماڻهو پنهنجي تاريخي ورثن سان انتها جي محبتون رکن ٿا. ۽ انهن جي ساربه لهندا ٿا رهن پر هن جي برعڪس اسان وٽ جيڪا هن ڏس ۾ حالتون ملن پيو اهي ڪنهن به طرح سان تسلي بخش نه ٿا چئي سگھون سنڌ جا آثار قديم ڀڪا ٿيندا پيا وڃن پر ڪنهن کي ڪا پريشاني ناهي هر ڪو پنهنجي ليکي پنهنجي مستي ۾ مگن پيو نظر اچي. گذريل ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ به سنڌ جي آثار قديم جي حفاظت ۽ انهن مٿي ٿيندڙ قبضن جي حوالي سان پنهنجي تشويش جو اظهار ڪندي قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙي قسم جا ليٽر به آراڪيالائجي ڊپارٽمينٽ ۽ متعلقه ڊي سي او ڏانهن اماڻيا ويا آهن. اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جو تمام وڏو ۽ تاريخي آهي.جنهن جي جيتري به ساراهه ڪئي وڃي اها گهٽ چئي ويندي هن وقت جيڪي حالتون آهن انهن منجهه سنڌ جا تاريخي ورثا ناجائز اڏاوتن سبب پنهنجي سونهن وڃائيندي محسوس ٿين ٿا. هتي ڪنهن جو ذڪر ڪنهن جو ڪري ڪنهنجو ڪجي! حيدرآباد جو قلعو هجي يا عمر ڪوٽ جو سڀئي قبضن جي لپيٽ ۾ آهن. جنهن سبب تاريخي شين جي سونهن کي به تمام نقصان پهتو آهي، جيڪي اڳتي نالي جي حد تائين سرگرم نظر پيو اچي باقي انهيءَ جو ڪردارهيل تائين ڪو خاص ناهي رهيو بس هڪ درد جو سلسلو آهي، جيڪو گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو رهي، جيڪر اها حالت رهي ته سڀاڻي اسان جا تاريخي ماڳ قبضا مافيا ‏جي ور چڙهي ڀڙڀانگ ويران ۽کنڊرات جي صورت اختيار ڪري وٺندا. اهي شيون سوچڻ لائق آهن ته اها به ڳالهه پنهنجي توجهه ڇڪائي پئي ته اهي حالتون رهيون ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي پنهنجي تاريخ کان ڪئين روشناس ڪرائي سگهنداسين ۽کين ڪيئن سمجهائينداسين ته اسان جي قوم ڪيڏي وڏي تاريخي اهميت جي حامل رهي آهي ۽ ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي شاهڪار ماضي کي سارينداسين. جيتوڻيڪ اسان وٽ هيل تائين انهن تاريخي ورثن جي حفاظت لاءِ ڳالهيون ته کوڙ ٿي چڪيون آهن ۽انهن ڳالهين جي حد تائين اسان جا قديم آثار تمام گهڻا سڌري چڪا آهن ۽ ان تي وڏا سيمينار، ورڪشاپ به ٿي چڪا آهن پر انهن سيمينارن، ورڪشاپن تي جيڪي لکين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، تن مان انهن ورثن جي ڪهڙي حفاظت ٿي سگهي آهي، ڪهڙي تاريخ اُجاگر ٿي سگهي آهي! ڏک انهيءَ ڳالهه جو آهي. اڄ موهن جي دڙي جهڙيون عظيم جايون به بي توجهي جي درد ۾ لٽيل نظر ٿيون اچن ۽ اسان تي اهو ٺٺوليون پيون ٿين ته اوهان آهيون ڪٿي ۽ ڇا پيا ڪيو، اسان کي بچايو، اسان جي سونهن سوڀيا کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ڪجهه ڪيو پر وري به درد انهي ڳالهه جو رهجيو ٿو وڃي ته اسان تاريخي سڪرات جي ڀاڪرن ۾ پساهه کڻندي ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ رڳو انهن جاين کي ڏسڻ جي حد تائين دلچسپي رکون ٿا پر انهن جي سار لهڻ لاءِ اسان وٽ ڪو به پلان ناهي سواءِ ڳالهين ڪرڻ جي ۽ انهن ڳالهين ۽ گهڻا مسئلا منجهائي ڇڏيا آهن.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته اسين ڀلجي به پنهنجن گهڻن معاملن تي سنجيدگيءَ جو ڪنهن گهڙيءَ مظاهرو ناهي ڪيو! انهيءَ سنجيدگيءَ جي کوٽ سبب اسان جي قوم کي ڀوڳنائن جي درد مان پار ٿيڻو ٿو پوي پر تنهن پڄاڻا به اسان خوش آهيون، ۽ هر جاءِ تي اڻ ڏٺيون، اڻ ٻڌيون ڳالهيون ڪري ويهندا آهيون جنهن جي پورائي ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي! سنڌ ۾ جيڪا تاريخي ورثن سان حالتون آهن تنهن تي مختلف عالمي ادارا به تشويش جو اظهارڪندا آهن ته اتي وري ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ سياحن کي به مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇو جو انهن جاين تي سياحن لاءِ ڪجهه به سهولتون مهيسر نه آهن! حالانڪ هن وقت سيٽلائٽ ٽي وي چئنل سٺي نموني سان انهن جي اهميت کي ڪئميرا جي اک سان فوڪس ڪيو آهي پر سوال وري اهو آهي، ته تنهن باوجود به ڇا ملي سگهيو آهي! اسان ايتري قدر ڪاميابي جي سيڙهي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ۽ ڪيتريون ناڪاميون اسان جي قسمت ۾ لکجي رهجي ويون آهن، جي انهن جو حساب ڪرڻ ويٺاسين ته تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ پاڻ کي گنگهار محسوس ڪنداسين.
    مون کي جيون جا اهي پل ياد پون ٿا ته جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٿر پارڪر ضلعي جو هيڊ ڪواٽر ميرپورخاص ۾ هوندو هو. انهي زماني ۾ بابا سان گڏ عمر ڪوٽ جو قلعو گهمڻ جو موقعو مليو هو ۽ بابا مرحوم هن جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه بريف ڪيو پر اڳي جي نسبت حالات تمام گهڻا تبديل ٿي چڪا آهن ۽ تاريخي جايون اڳي کان وڌيڪ ويران ۽ کنڊرات ٿي پيون آهن طوفاني هوائن ۽ برساتن به وقت سر انهي تباهي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ته مٿان وري قبضه مافيه ڪنهن کان پوئتي نه آهي رهي. انهي سموري ڪهاڻي پويان ڪهڙا مفاد سمايل آهن جيڪي في الحال سمجهه کان بالاتر نظر پيا اچن. هيل تائين هر ڪو خاموش آهي سڀ ڪو ڏسندو پيو رهي ڪير به ڪجهه نٿو ڪڇي پر سپريم ڪورٽ پاران اهڙو قدم کڻڻ وڏي اهميت جوڳو ڪم آهي اسان انهي فيصلي جي ڀرپور لفظن ۾ آجيان ٿا ڪريون ۽ خراج تحسين پيش ٿا ڪيون حالانڪ هي ڪم مڪاني انتظاميا جو هو پر انهن ڪو انهيءَ واٽ ۾ ٻوٽو نه ٻاريو. هاڻ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته انهن قبضن کي فورن ختم ڪري انهن تاريخي ماڳن جي روشنيون ۽ خوبصورتيون ٻيهر بحال ڪيون وڃن ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل ۽ اسان جي تاريخ جي ڀرجهلائپ ۽ بهتري ٿيئي.

    خبرون ، سوڀ ، عبرت ، سنڌ ، مهراڻ ، هلال پاڪستان ، سڪار ، تعمير سنڌ ، فيصلو.


    ننڊ ڇو ناهي ايندي؟

    ننڊ جي ضرورت ٻار، پوڙهي، ڪمزور، طاقتور، حيوان ۽ انسان سڀني کي هوندي آهي سنڌي ۾ وڏڙن جو چوڻ آهي ته ننڊ سؤلي تي به اچي ويندي آهي در حقيقت جڏهن اسين سخت دماغي ڪم يا جسماني محنت ڪندا آهيون ته اسان جو جسم ٿڪجي پوي ٿو، تڏهن ئي اسان کي ٻيهر قوت بحال ڪرڻ لاءِ جسماني عضون کي آرام حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. آرام متعلق اسان ۾ ڪافي غلط فهميون به پکڙيل آهن انهن کي دور ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
    ننڊ جا ٻه قسم آهن. هڪ ڪچي ننڊ ٻي پڪي ننڊ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ننڊ پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ئي اک کليو پوي انهي کي ڪچي ننڊ چئبو آهي . در حقيقت ان جو سبب ڪا پريشاني يا وري ڪا هاضمي جي خرابي هوندي آهي ۽ پڪي ننڊ اها آهي جنهن ۾ اسان جي جسم تي موت جي حالت طاري ٿي ويندي آهي يا کڻي ائين چئجي ته اسان جا حواس پڻ پنهنجو ڪم ڇڏي آرام ڪرڻ لڳندا آهن. جوانن جي نسبت ٻڍن ۽ ٻڍن جي نسبت ٻارن کي سمهڻ جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.
    ننڊ جو ڏينهن ۾ ڪيترو وقت هجڻ گهرجي انهي لاءِ هر ماڻهوءَ جو صحت ۽ جسماني لحاظ کان پنهنجو وقت مقرر هوندو آهي. البت ميڊيڪل ۽ حڪمت جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو وقت مقرر هوندو آهي. ميڊيڪل جي لحاظ کان تقريبن هر انسان کي گھٽ ۾ گھٽ 24 ڪلاڪن مان 8 ڪلاڪ ننڊ لاءِ ضرور ڏيڻ گھرجن . البت هر عمر جي ماڻهن جو جدا جدا ننڊ ڪرڻ جو ٽائيم نوٽ ڪيو ويو آهي. پڙهندڙ آڏو سمجھڻ لاءِ هيٺ هڪ فاڪر ڏجي ٿو .
    ستن سالن کان نون سالن تائين 12 ڪلاڪ روزانو .
    ڏهن سالن کان ٻارنهن تائين 11 ڪلاڪ روزانو.
    تيرنهن سالن کان سترهن سالن تائين 10 ڪلاڪ روزانو .
    ارڙنهن سالن کان اوڻيهه سالن تائين 9 ڪلاڪ روزانو
    ۽ ويهه سالن کان سٺ سالن تائين 8ڪلاڪ روزانو .
    اڄ ڪلهه جي هن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دؤر ۾ اسان جيڏي ترقي ڪئي آهي اوڏو ئي اسان نفسياتي طرح پٺتي پئجي ويا آهيون. نفسياتي مسئلن مان هڪ وڏو ۽ اهم مسئلو ننڊ جو به آهي. اڄڪلهه اوهان کي آرام متعلق هر ٻيون ٽيون ماڻهو شڪايت ڪندو نظر ايندو. ڪي ماڻهوته هيئن به چوندا آهن اسان جي ته سڄي رات اک ئي ڪونه لڳي ، ٿي سگھي ٿو ته هو ڪجهه ٽائيم پنهنجي ضرورت مطابق ننڊ ڪئي هجي پر هو ذهني طرح اها ڳالهه قبول نه ڪندا آهن.
    منهنجو هڪ دوست اتفاق سان مون سان هڪ رات ڪمري ۾ گڏ ستو توهان کي تعجب ٿيندو جڏهن هو صبح جو اٿيو ته چيائين مونکي سڄي رات ننڊ ئي ڪونه آئي آهي. حقيقت اها هئي ته آئون سڄي رات هن جي کونگهرن سبب ڏاڍو پريشان رهيس. دراصل بي آرامي بيماري نه هوندي آهي البت بي آراميءَ جو احساس بيماري ٿي ويندي آهي. ماڻهو انهي کي وڏي بيماري سمجهي فڪر ۽ پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه پنهنجو کيسو گرم ڪندڙ حڪيم وغيره انهن جي ذهنن ۾ ڳالهه ويهاري ڇڏيندا آهن ته هو انهي وگهي آهستي آهستي پنهنجو دماغ ڪمزور ڪري چريا ٿي ويندا.
    آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته هر ماڻهوءَ جو انهيءَ جي عادتن طبيعت ۽ جسماني صحت وغيره جي ڪري ننڊ ڪرڻ جو وقت ۽ اوقات وغيره هڪٻئي کان مختلف هوندا آهن، خوشي ۽ ننڊ جو تعلق هڪ رنگين سهڻي پوپٽ جيان آهي، جيڪڏهن هن کي پڪڙڻ لاءِ هن جي پويان ڀڄنداسين ته هو اڃا به وڌيڪ اسان کان پري ڀڄندو . پر جي ويهي پنهنجو ڌيان ٻي طرف ڪنداسين ته اسان جي بلڪل ويجھو اچي آهستي آهستي اسان جي مٿان ويهندو. اڄ ڪلهه هن نفانسي جي دؤر ۾ جڏهن ماڻهو نفسياتي طرح پريشانين کان ٿڪجي ٽٽي آرام لاءِ جڏهن بستري تي ڪري ٿو ته هو ننڊ چاهي ٿو پر جڏهن اها هن کي نٿي اچي ته هو آرام ڏيڻ جون قسمين قسمين دوائون استعمال ڪري ٿو. جيڪي وقتي بلڪل فائدو ڏئي سگھن ٿيون پر اڳتي هلي هو نشي جو عادي ٿيو پوي ۽ هن جي زندگي انهن نشي آوره دوائن کانسواءِ ننڊ بنهه اچڻ ڇڏيو ڏي. دراصل ماڻهو کي ننڊ نه اچڻ جا سبب ڳولهڻ گھرجن ته آخر ڪهڙن سبب ڪري ننڊ نٿي اچي باقي دوائن ذريعي نشو ڏيئي ننڊ ڪرڻ دراصل بي آرامي جو حل آهي ئي ڪونه، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته انسان جو کٽ سان تمام وڏو رشتو آهي . اها کٽ ئي ته آهي جتي ماڻهو ڄمي ٿو اها کٽ ئي آهي جتي زندگي جو ڳچ حصو سمهي ٿو ۽ آخر ۾ به اها ئي کٽ آهي جنهن تي هو مري ٿو. جنهن شيءِ سان انسان جو ايڏو رشتو هجي انهي جو خيال رکڻ به اسان لاءِ سٺي ننڊ جو سبب ٿئي ٿو منهنجو مطلب ته کٽ هميشه ڇڪيل هجڻ گهرجي ويهاڻو ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي ڪڏهن ڪڏهن دماغي ڪم گهڻي ڪرڻ يا ڪنهن ڪم سانگي گهڻي دير تائين جاڳڻ ڪري دماغ ۾ خشڪي پيدا ٿي پوندي آهي، اهڙي صورت ۾ صاف تازي هوا ۾ اکيون بند ڪري دنيا جي فڪرن يا خيالن کي دل مان ڪڍي چپ چاپ سمهي رهجي، ائين ڪرڻ سان به ننڊ اچڻ لڳي ٿي، رات جي وقت وڻن وغيره مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس نڪري ٿي جا انسان لاءِ نقصانڪار آهي اهڙن هنڌن تي قطعي رات جو نه سمهجي پر ننڊ اهڙي جاءِ تي ڪجي جتي ٿڌي هوا تيزي سان نه ايندي هجي ۽ نه ئي گرمي ايتري قدر هجي جو بيچيني محسوس ٿئي. اڪثر ماڻهو منهن لڪائي سمهندا آهن جيڪو پڻ چـڱو نه آهي رات جو سمهڻ مهل ڪپڙا هلڪا ڦلڪا هجڻ گهرجن جئين خون جي گردش ۾ رڪاوٽ نه ٿيئي ۽ جسم جي واڌ ۾ به روڪ نه ٿيئي.
    هتي آءُ خاص منهنجن گهريلو ڀينرن امڙين ۽ خصوصن وڏي ڄمار وارن کي اهو عرض ڪندس ته اهو کٽ يا پلنگ بجاءِ فرش تي يا ڪنهن ڪاٺ جي صندل وغيره تي سمهن ته اهو انهن لاءِ چيلهه جي سور وغيره ۾تمام گهڻو مفيد ثابت ٿيندو. اهو آڳاٽي زماني کان وٺي آزموده رهندو پيو اچي. اسان جي مذهب ۽ حڪمت ۾ اهو چيو ويو آهي ته منجهند جي ماني کائي آرام ڪرڻ ۽ رات جي ماني کائي چهل قدمي ڪرڻ صحت لاءِ ڏاڍو فائدي مند آهي. منجهند جي ماني کائي وڌيڪ نه سمهجي ڪجهه منٽ ئي سهي آرام ضرور ڪجي، جئين ڏينهن جي ٿيل ٿڪاوٽ وغيره دور ٿي وڃي ان جي ڪرڻ سان به رات جو ننڊ سٺي اچي ٿي جو منجهند جو ننڊ ڪري ٿڪاوٽ ڪونه ٿي رهي ۽ رات جو گهري ننڊ اچي وڃي.
    هڪ دفعي آءٌ وري عرض ڪندس ته بي آرامي ڪا بيماري ڪونهي ان جو دوائن وغيره رستي ڪو علاج اڄ ڏينهن تائين ايجاد ٿيو ئي ڪونهي ۽ نه ئي ٿيندو . سٺي آرام جو اگر ڪو علاج آهي ته اهو آهي توهان تمام گهڻو کيڏو، ورزش ۽ پنڌ ڪيو. اهڙين مشغلن جي مدد سان توهان کي ڪنڊن جي بستري تي به گهري ننڊ اچي ويندي.

    عوامي آواز، خبرون، سوڀ، عبرت، هلال پاڪستان، سچ، الوحيد، جاڳو،


    خانگي ٽي وي چئنل ۽ سنڌي ڪلچر

    ڪو دؤر هو جڏهن اسان جا ماڻهو ٽي وي تي سنڌي ٻولي ٻڌڻ لاءِ ترسندا هئا، انهيءَ زماني ۾ پوءِ ايڪڙ ٻيڪڙ پرگرام پي ٽي وي تي ڪلاڪ کن نشر ٿيندو پر هاڻي ائين ناهي رهيو بدلجندڙ حالت ساڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي، ٻين چئنلن جي مقابلي ۾ سنڌي خانگي ٽي وي چئنل گهڻا اڳ ڀرا ڏسجڻ ۾ اچن ٿا پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي لک ڪوششن باوجود رهجي ٿيون وڃن.
    سوال رهجي ٿو ته اهي چئنل دنيا جي اڳيان ڪهڙن طور طريقن سان سنڌي ڪلچر ۽ روايتن کي پيش ڪن پيا ۽ انهن سان عوام ڪيتري حد تائين سهمت آهي؟ اهي ڳالهيون آهن جيڪي ڌيان ٿيون چاهن پر اسان هن زماني جي هڻ هڻان اڄو ڪي وقت جي ويرن ۾ پنهنجي پاڻ کان بي خبر بڻجي ويا آهيون هن وقت سنڌي سيٽلائيٽ چئنل هلن پيا گهڻي ڀاڱي ڀارتي اردو چئنلن وانگر آهن، اها اهڙي واٽ آهي جنهن کان اسان نج ماڻهو تمام پري بيٺل آهيون هن ٽاڻي سواءِ چند پروگرامن جي، باقي ڪٿي به ڪا سنڌي ڪلچر ۽ روايتي جهلڪ به نظر نه ٿي اچي! سنڌي گيتن ۾ ماڊلنگ ڪندڙ ڇوڪرين جا چهرا متعارف ڪرايا پيا وڃن اهي چهرا سان جي سماج جي بيهڪ کان تمام پري هٽيل ٿا نظر اچن. اڪثر گيتن ۾ ماڊل ڇوڪرين کي پينٽ شرٽ وغيره يا اهڙي قسم جو ٻيو لباس پارايو ٿو وڃي جيڪي ڀارتي ماڊل ڇوڪريون استعمال ۾ آڻينديون آهن. جنهن ساڻ سنڌي ڪلچر جو هونءَ به پري جو به ڪو تعلق ناهي پر اهي ويس وڳا به پرڏيهي ملڪن جا اسان جي ڪلچر تي حاوي ٿيندي نظر ٿا اچن . جنهن جو اهو نتيجو آهي جو اسان جي ڳوٺن، وستين ۾ جيڪي عورتون اسان جي سنڌي ڪلچر ۽ روايتن جو ڀرم رکنديون پيون اچن اهي انهي سيٽلائيٽ چئنل جي ور چڙهي، ويس وڳا به اهڙي قسم جا استعمال ٿيون ڪن، جنهن ڪري سنڌي ڪلچر کي تمام گھڻو نقصان ٿو پهچي. سنڌي ڪلچر کي بگاڙڻ بجاءِ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل سنڌي ڪلچر کي ٻيهر جيئارڻ ۾ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. تنهن لاءِ چئنل جي سربراهن کي سنجيده دلي سان ڪم وٺندي، پنهنجن سمورن پروگرامن، گيتن ۾ سنڌي لباس ۽ ڪلچر کي اوليت ڏيڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان نه رڳو اهي چئنل پوري سنڌ ۾ سنڌي ڪلچر جي رکوالي جو ڀرم رکي سگھندا پر انهن وسيلي سنڌي ڪلچر ٻين ملڪن ۾ به پنهنجا اثرات ڇڏڻ ۾ سوڀارو ٿيندو ۽ اتي جا ماڻهو به سنڌي لباس ۽ ڪلچر طرف متوجهه ٿيندا جي اسان پاڻ پنهنجون روايتون ۽ ڪلچر ڇڏي ٻين جا اپنايا ته پوءِ اسان جو ڪلچر به وقت جي دز ۾ اچي لٽجي ويندو.
    ڪي ڳالهيون ۽ مسئلا اهڙا هوندا آهن جن کي وقت جي نزاڪت سان ويجهڙائي سان وٺڻو پوندو آهي، جي اسان انهن مامرن کي نظر انداز ڪيوسين ته ايندڙ وقت ۾ انهيءَ جا اثرات اسان لاءِ انتهائي ڳرا نتيجا کڻي اچي سگھن ٿا. مڃون ٿا ته هي دؤر تبديلي جو آهي. هر ماڻهو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ ۽ اڳتي نڪرڻ جي سنبت ۾ آهي پر اها تبديلي اسان کي اهڙي آڻڻي آهي جنهن سان اسان جي سنڌي ڪلچر کي ڇيهو نه رسي ۽ ان سان گڏ وقت جي ڦيري سان سنڌي ڪلچر کي سنواري سڌاري ٻي دنيا آڏو آڻڻو آهي، جيئن هر ڪنهن کي اها خبر پوي ته سنڌي قوم ڪلچر جي حوالي سان شاهوڪار آهي.
    مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن شهدادڪوٽ کان سرڪل آفيسر عمرڪوٽ مقرر ٿيس ته هتي منهنجي ملاقات اهڙي مهان انسان سان ٿي جنهن کي پوري سنڌ ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي جي نانءُ سان ياد ڪري ٿي. هي شخص اسلام آباد کان لاهور تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ڪلچر جي جياپي لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ اتي ميلن ۽اسٽالن ۾ سنڌي ڪلچر جون شيون متعارف ڪرايون. ڊاڪٽرهرچند کان عمرڪوٽ جي آرڪيالاجي کاتي وارن به ڪجهه يادگار تاريخي شيون گھريون هيون پر پاڻ انڪار ڪري ڇڏيو هئائين. هن مهان سنڌ جي جهوني تاريخي ۽ سنڌي ڪلچر جي عاشق ڊاڪٽر هرچند راءِ جي دل ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جا ڪيئي باب دفن ٿيل آهن پر انهن تائين ۽ انهيءَ جي دردن تائين ڪير پهچڻ وارو هجي. عمرڪوت کان ويندي نگرپارڪر ۽ ٿر جي علائقن جا هزارين ماڻهو سنڌي ڪلچر کي اڄ به زندهه رکندا پيا اچن.
    هن وقت به اسلام آباد جھڙي شهر ۾ ڪلـچر ۽ هٿ جي هنر جي حوالي سان ڪافي دڪان اهڙا آهن جيڪي عمر ڪوٽ جي سيٺين جي مهربانين سان هلن ٿا ۽ اهي سنڌي ڪلچر اسلام آباد کان پوري دنيا ۾ ڦهلائي رهيا آهن پر هاڻ تبديل ٿيندڙ حالتن سان گھڻو ڪجهه تبديل ٿيندو ٿو وڃي هاڻ انهي امر جي ضرورت تمام گهڻي حد تائين محسوس ٿي ڪئي وڃي ته سنڌي سيٽلائيٽ چئنل سنڌي ڪلچر جي واڌاري ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪن، انهي لاءِ صرف انهن کي پنهنجي پروگرامن ۾ سنڌي لباس کي عام طورتي اداڪارن ۽ ماڊلنگ ۾ استعمال ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ جا اثرات ڪجهه ئي وقت ۾ اسان جي سامهون هوندا ۽ سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ سنڌي ڪلچر ۽ لباس اسان کي عام ۽ جام نظر ايندو ته ٻاهرين ملڪن ۾ انهن چئنلن جي مدد سان سنڌي ڪلچر کي اسان متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب وينداسين ته اتي وري مارڪيٽنگ واري شعبي ۾ انهيءَ جي ڊيمانڊ پاڻ مرادو وڌندي، جنهن سان هتي جي مزدور طبقي کي سٺي اجرت ملي سگھندي اهڙن طريقن کي استعمال ڪرڻ سان جتي سنڌي خانگي ٽي وي چئنل پنهنجو حقيقي صحيح معنى ۾ سنڌ لاءِ ڪردارادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ته ٻي پاسي وري سنڌي سماج ۾ انهيءَ حوالي سان جوڳي تبديليءَ جا آثار نسرڻ شروع ٿيندا، جيڪي اڳتي هلي سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۾ پنهنجي نمايان ڪردارادا ڪري سگھن ٿا. ڳالهه ورري سمجھڻ ۽ پرکڻ ۽ انهن شين ۽ مامرن تائين پهچڻ جي آهي چوڻ لاءِ ته ماڻهو الائجي ڇا چئي ويهي رهندو آهي پر سموري ڳالهه جو دارومدار عمل تي هوندو آهي ۽ عمل نه ٿيڻ ڪري دارومدار جتي آهي اتي رهجي ويندا آهن اهو به لازمي ناهي ته منهنجي انهن ڳالهين کي سڀئي دوست سنجيدگيءَ سان وٺي پنهنجو ٽائيم ضايع ڪن ۽ پريشان ٿين ۽ هونئن به اسان وٽ ڪنهن ڳالهه تي ويهي غور ڪجي، اهو ضروري ته ناهي!

    فقط سوڀ اخبار لاءِ امداد اوڍو سان ڪيل واعدو


    سنڌي اخباري دنيا کان اين جي اوز جي نگر تائين

    سنڌ جيڪا ڪنهن زماني ۾ امن ڀائيچاري محبتي ماڻهن ميلن،ملاکڙن جو ڏيهه هو هاڻ ائين ناهي رهي لڳي ٿو ته هن درويشن صوفين ۽اوليائن ڪرامن جي ڌرتي کي ڪنهن جي بد نظري لڳي چڪي آهي، ماڻهو انسانيت جي دائري جا ليڪا لتاڙي ماضي وساري هڪ ٻئي پويان ڪات ڪهاڙا اڀا ڪري ٿا پيا هلن، اخباري خبرون پڙهندي ۽ صحافتي دنيا جي صفن ۾ بيٺل سنڌ جي تصوير ڏسڻ مهل دل چوندي آهي زور سان رڙيون ڪجن، ماتم ڪجي ۽ ماڻهن کي ٻڌائجي ته اوهان هي ڇا پياڪيو، ڇو ٿا ماڻهو ماريو ۽ ڪنهن جي گلن جھڙي جيون ۾ زهر اوڳارو آئون تمام حساس طبيعت جو ماڻهو آهيان ۽ اهڙيون ڳالهيون لک ڪوششون ڪرڻ باوجود برداشت ناهيان ڪري سگھندو پر ڇا ڪجي اکيون ٻوٽي زهر جو ڍڪ ڀري جڏهن ڪجهه ڪري ناهيان سگھندو ته قلم کي پنهنجو ساٿي بڻائي انهيءَ تي لکڻ جي ڪندو آهيان هاڻي هتي جي اخباري رپوٽنگ موجب هاڻوڪي سنڌ کي ڏسبو ته گھڻو ڪجهه تبديل ٿيل نظر ايندو پر اها حقيقت آهي ته رڳو هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ٿيو آهي، جيڪو ڪنهن به قدر ۽ حساب سان انسانيت جي دائري ۾ شمار نه ٿو ٿئي، رڳو هڪ ڏينهن جي اندر سنڌ جي باگڙجي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ ٽن عورتن کي قتل ڪيو ويوآهي ته ساڳي ئي علائقي باگڙجي ۾ مڙس تشدد بعد پنهنجي زال جا وار ڪٽيا آهن ته وري نصير آباد ۾ بلقيس خاتون کي اغوا ڪيو ويو. جنهن لاءِ جرڳو ٿيو ۽ 350000 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. هڪ طرف هيءُ ته ٻي طرف سنڌ جي ٽي نمبر وڏي شهر سکر مان انٽر جي شاگردياڻيءَ کي شادي جي دعوت بهاني سان وٺي وڃي مسلسل 6 ڏينهن تائين جنسي ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو. ٻي طرف اها خبر به اهم بڻيل آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي مان هڪ پوليس آفيسر جي نوجوان ڌيءَ کي اغوا ڪيو ويو آهي. سمورا واقعا رڳو هڪ ڏينهن ۾ ٿيا آهن. جيڪي اسان وٽ اخباري رپوٽنگ وسيلي پهتا ۽ هن کان هٽي ڪري کوڙ ٻيا به اهڙي قسم جا واقعا ٿيا هوندا جيڪي اسان جي راڄ جي چڱن مڙسن وچ ۾ پئي اتي ئي دٻائي ڇڏيا هوندا، انهن خبرن جي دائري ۾ ويهي سوچيو ته هاڻوڪي سنڌ ڪٿي بيٺل آهي، اهي واقعا ۽ حادثا ڪنهن به طرح کان اسان جي صحت مند سنڌ لاءِ چڱا ناهن، اسان کي هن وقت کان ئي مثبت سوچن کي جنم ڏيڻ لاءِ رٿائون جوڙڻيون پونديون، ٻيهر محبتن جا ميلا آباد ڪرڻ لاءِ مرڪون تقسيم ڪرڻيون پونديون. هي مارا ماري، جنسي رانديون، اغوا جون وارداتون ڇا لاءِ ٿيون ڪيون وڃن جڏهن ته اسان کي اها خبر آهي ته سنڌ ڌرتي اها آهي جتي ڪنهن عورت سان زيادتي ڪندڙ کي بزدل سمجھيو ٿي ويو تنهن پڄاڻان ڪو ماڻهو ڪنهن عورت سان ڪريل حرڪت ڪري ويهي رهندو هو ته هن کي سنڌ ۾ مڙس ماڻهو نه سمجهيو ويندو هو، ايستائين جو سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڪجهه اهڙي قسم جا واقعا ڌاڙيلن هٿان ٿيا جن ۾ مڙس مرد ماڻهن کي اغوا به ڪيو ويو ان سان ڦر به ٿي پر اتي موجوده عورتن جو ڌاڙيلن نانءُ نه ورتو ۽انهن جي عزت ڪئي پر هي سڀ هاڻ لڳي ٿو ته اسان وٽ تبديل ٿي چڪو آهي. ماڻهن جي اندر ويٺل انسانيت زهر جا ڍڪ ڀري آپگھات ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن ته اهڙي قسم جا ڪريل واقعا پيش ٿا اچن، اهڙن واقعن ڪارڻ جتي اسان جي سنڌ جي نصيب ۾ بدناميون لکيون ٿيون وڃن ته اتي سنڌ ۾ سرگرم اين جي اوز جا ماڻهو اهڙن واقعن ۽ خبرن کي اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪيش ڪرائي پروجيڪٽ ٿا وٺن ته سنڌ ۾ سڀ ٿئي پيو ۽ اسان انهن واقعن جي روڪٿام ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ اين جي اوز پاران مهم هلائڻ ٿا چاهيون ۽ پوءِ اهي ڏوڪڙ ٿا حاصل ڪن هن وقت اها صورتحال آهي جو سنڌ ۾ روز ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ڪافي اي جي اوز لاءِ روزگار جو سبب بڻيل آهن پر اهڙيون شيون سنڌ جي خطي لکڻ ساڻ بدناميءَ جو ٽِڪو لڳي ٿو. اين جي اوز جيڪي به هن وقت مختلف اشوز تي سنڌ ۾ سرگرم آهن اهي ڪيستائين ڪامياب ۽ ناڪام رهيون آهن جي هن حوالي سان سروي ڪبي ته چڱا خاصا ماڻهو پريشان ٿي ويندا، سواءِ انهن کي وڏن سائين بورڊن ۽ ويلڪم ۽ خداحافظ وارن لفظن ۽ انهن جي عاليشان آفيسن جي ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو پر تنهن هوندو به اسان وٽ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا ساٿي خوش آهن ته اهي تمام وڏو ڪم پيا ڪن پر اسان جهڙن ماڻهن کي ته انهن جو ڪم ڪٿي نظرنه ٿو اچي.
    اهڙي طرح سان سنڌ ۾ عورتن جي نانءُ تي به سنڌ ۾ ڪافي تنظيمون سرگرم آهن، پر انهن جو ڪم رڳو اخباري بيان بازي تائين ڏسجڻ ۾ اچي ٿو. هاڻ جي انهن جي پس منظر ۾ ويهي سوچجي ته هيل تائين انهن اين جي اوز سنڌ کي ڇا آهي ڏنو ۽ ان کان ڇا آهي ورتو ته اسان کي گھڻو ڪجهه نه سمجهڻ باوجود به سمجهه ۾ اچي ويندو پر ڳالهه وري به پرکڻ جي آهي اين جي اوز جا دوست سنڌ جا سور ڪيش ڪرائي روزگار جا وسيلا تراشن ٿا اهو ئي انهن جو مين ۽ وڏو مقصد ڏسجڻ ۾ اچي ٿو. پرهاڻ اسان کي پنهنجو پاڻ کي سجاڳ ڪرڻو پوندو ۽اندر ۾ ويٺل انسانيت واري جذبي کي ٻيهر جيئارڻو پوندو ۽ جتي به جنهن علائقي ۾ اهي واقعا قتل، اغوا، ڪاروڪاري، مارا ماري، جنسي زيادتيون ٿين ٿيون، اتي جي سڄاڻ حلقن کي بيدار ٿي پنهنجي علائقي ۾ انهن ماڻهن وٽ وڃڻ کپي ۽ انهن کي انسانيت جي قدر ۽اڳوڻي صوفين ولين جي امن ۽ محنتي ماڻهن واري سنڌ ياد ڏيارڻي پوندي ۽ انهن کي سچل، قلندر، شاهه، سامي جا پيغام ياد ڏيارڻا پوندا جي اسان ائين ڪرڻ ۽ انهيءَ مهم ۾ ڪامياب وياسين ته ٻيهر ڪڏهن به اخباري دنيا ۾ هاڻوڪي سنڌ اسان کي نظر نه ايندي ۽ اسان جي سامهون هڪ دفعو وري سچل، قلندر، سامي ۽ شاهه واري اها ئي محبتن ۽ امن ڀري سنڌ هوندي.

    تعمير سنڌ، سنڌ، مهراڻ، سوڀ


    سنڌ ۾ جھيڙن جو وڏو ڪارڻ

    سنڌ ۾ هڪ پراڻي چوڻي مشهور آهي ته دنيا ۾ جھيڙو زن، زر ۽ زمين تائين ئي ٿيندو آهي. وڏڙن اها ڳالهه ڪهڙي سبب چئي، اها ته مونکي خبر ڪو نه آهي البته مان جڏهن 1993ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ته مان ڪرمنل سائيڊ تي عبدالرزاق سومري ۽ بعد ۾ ڪامريڊ سوپي گيانچنداڻي جو جونيئر رهيس، جيڪي اتر سنڌ ۾ ڪرمنل سائيڊ جا ناليوارا وڪيل آهن. انهن ڏينهن ۾ ئي جمال ابڙو به لاڙڪاڻي گهمڻ آيو. غالبن بدر ابڙي جي شادي هئي، انهيءَ ۾ موجود هياسين ته جمال ابڙي مون کان پڇيو ته ’’نادر! ڪهڙي سائيڊ وڪالت پيو ڪرين؟’’ مان چيو ته ’’ڪرمنل سائيڊ تي‘‘ يڪدم چيائين ته ’’اگر منهنجي صلاح وٺين ته سول سائيڊ تي وڪالت ڪر ڇو جو زمين (ملڪيتن)جا ڪيس تمام گهڻا آهن.‘‘ جمال ابڙي اهي لفظ ڇو چيا اهو ننڍي هجڻ جي حيثيت ۾ بحث ڪندي ڪونه پڇيا پر ان جي ڳالهه به زمين سان لاڳو هئي، پر جڏهن مان وڪالت ڇڏي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ۽ پوءِ ئي مون کي وڏڙن واري چيل مٿين چوڻي ۽ جمال ابڙي واري ڳالهه سمجهه ۾ چڱي طرح ويهڻ لڳي، ماڻهو پنهنجي موروثي ابن ڏاڏن جي زمين سالن کان ڀلي پيو پنهنجي هٿن سان کيڙي ۽ آباد ڪري پر خبر تڏهن پوندس جڏهن ڪنهن طرح روينيو رڪارڊ ۾ ڪنهن ٻئي صاحب جي نالي چڙهي ويندي ۽ نئون هٿ ٺوڪيو مالڪ پيو پوليس چاڙهيندو يا پيو وڏيرن، سردارن، ميرن ۽ ڀوتارن وٽ پيو مسڪين کي ڇڪيندو ته سائين زمين به وڪرو ڪري ڏني اٿائين پر قبضو به ڪونه پيو ڏئي. اصلي مالڪ مسڪين پيو قرآن مٿي تي کڻندو پر ٿيندس ڪجهه به ڪونه ڇو جو روينيو رڪارڊ تي جو وڪرو ڏيکاريل هوندي، تپيدارن صاحبن سان گڏ هنن جا جوڙيوال مختيارڪار صاحب به تپيدارن مٿان ائين پيا ڪک رکندا ڄڻ هڪڙي پيءُ جو اولاد هجن. عورتن سان ظلم، زيادتي ۽ ناحق جيڪو سنڌ جا تپيدار ڪن ٿا سو ته خدا جي ڪتابن ۾ لکيل آهي سنڌ جي عورت ويچاري گهر ۾ هوندي قيد برقعن ۽ پڙدن ۾ انهي جو ته هونئن حصو ڦٻائڻ اهڙو ته سولو ٿي پيو آهي. ڪوڙين شاهديون طور ٻن ماڻهن جا بيان ڏياري سندن ملڪيت جو حصو ائين ويندو هليو ڄڻ هن دنيا ۾ ڄائيون ئي ڪانه هيون. مطلب ته عورت جو حصو ڄڻ مال غنيمت هجي، ويٺو لٽ ۽ ڦر، اهڙي طرح ئي سرڪاري زمين به عام ماڻهو کي تپيدارن جي آشيرواد سان ڦٻائڻ ڏاڍي سولي ٿي پئي آهي پر حيرت ان وقت ٿيندي اٿم، جڏهن تپيدار ۽ مختيار ڪار مسجدون، مندر ۽ قبرستان به وڪڻي ڇڏيندا آهن، نه ڪا قهل نه ڪو رحم ته اسان به سڀاڻي مرنداسين ڪو اسان جي قبر مٿان به هر ۽ ٽريڪٽر هلائي کيڙي نه ڪري!
    اهڙو ئي هڪڙو ڪيس مون پنهنجن هٿ سان رجسٽر ڪيو جڏهن مان ڪجهه سال اڳ شهدادڪوٽ ۾ سرڪل آفيسر هيس. ٻارن جو قبرستان تعلقي ميروخان ۾ تپيدارن ۽ مختيار ڪار گڏجي وڪيو هيو، باقي جي کڻي تپيدارن صاحبن جا بنگلا ڏسبا ته ماڻهو پريشان ٿي ويندو ته 5 گريڊ ۾ تپيدار جو بنگلو آهي يا ڪنهن ڪمشنر جو آهي، تپيدار ته بنگلن ۾ ويهي کائي پيئي پيو عيش ڪندو پر جن ماڻهن جا زمين جا کاتا تبديل ڪيا وڃن ٿا، انهن جو ڇا ٿو ٿئي اهو اوهان سڀئي پڙهندڙ سنڌ جي اخبارن ۾ روز پڙهندا هوندا ته زمين ٽڪر تي فلاڻي ذات ۾ ڪالهه هيترا خون ٿيا، ڪجھه ئي ڏينهن ٿيا آهن جو مون کي هاڻي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٺري ميرواهه ۾ رکيو ويو آهي، پر سنڌ جي ٻين علائقن جيان هتي جي تپيدارن ۽ مختيارڪار صاحبان جا ڪارناما به سنڌ جي ٻين علائقن کان ڪنهن طرح به گھٽ ڪو نه آهن. مسڪين روز مون وٽ روئيندا پٽيندا پيا ٿا اچن ته سائين اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت روينيو کاتي ٻين جي نالي ڪري ڇڏي آهي! ڏيڍ سال اڳ مان عمر ڪوٽ ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن هيس مون کي هڪ تپيدار جي ملڪيت جاچ ڪرڻ جي انڪوائري ملي. مون جاچ شروع ڪئي ته عمر ڪوٽ جو مختيارڪار همراهه منهنجي آفيس ۾ ٺڪاءُ ڪري اچي پهتو ته ادا وڌيڪ انڪوائري نه ڪر نه ته مان توکي بحيثيت مختيارڪار جي تپيدار جي ملڪيت جو تفصيل هرگز ڪو نه ڏيندس. واقعي به مختيارڪار صاحب تپيدار آڏو پاڻ مڃايو ۽ تپيدار جي ملڪيت جو تفصيل ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيائين. جڏهن ته مون ڊي سي او ميرپورخاص کي سندس برتاءُ لاءِ لکيو ته مختيارڪار تپيدار تي ڪک رکي رهيو آهي پر منهنجي لکپڙهه بر ۽ ريگستان ۾ آذان ڏيڻ برابري ٿي ۽ آخرڪار اها انڪوائري مون کان کسي وئي ۽ ڪنهن ٻئي آفيسر کي ڏني وئي. هاڻي جڏهن تپيدارن صاحبان تي مختيارڪار جيڪي هنن جا بالا آفيسر آهن اهي ائي سندن گناهه ڍڪڻ ۾ سندن مدد ڪن ته پوءِ آخر مسڪينن ۽ پيرن اگھاڙن سنڌ جي اٻوجهه طبقي جو آخر ڇا ٿيندو. هتي منهنجي آخر ۾ اها ئي صلاح مشورو رهندو ته روينيو رڪارڊ کي سڄي سنڌ اندر ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي ۽ روينيو کاتي جي بالا آفيسرن کي گھرجي ته تپيدارن تي ڪڙي نظر رکن جي نه ته پوءِ بجاءِ سنڌ جو عوام ترقي ڪرڻ جي تباهي ۽ بربادي ڏانهن وڌندو رهندو، ڇو جو اسان جي قوم ڌرتيءَ کي ماتا (ماءُ) ڪري مڃيندا آيا آهيون پوءِ اهڙو ڪهڙو نوجوان هوندو، جنهن کان ابن ڏاڏن جي موروثي ملڪيت کسجي وڃي ۽ هو غيرت ۽ جوش ۾ اچي ڪو خطرناڪ قدم نه کڻي ۽ پوءِ واقعي به سنڌ ۾ زمينن جي ٽڪرن تي ڳڀرو جوانن جا لاش ڪرندا رهندا ۽ وڏڙن جي چواڻي ته جهيڙو هميشه زن، ۽ زمين تي ئي ٿيندو آهي سو واقعي هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ به ٿيندو رهندو ۽ گهرن جا گهر تباهه ويران ۽ برباد ٿيندا رهندا.

    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    سچ، ڪوشش، سنڌ، مهراڻ، هلچل، تعمير سنڌ، عبرت، شام

    نوٽ: انهي مضمون لکڻ کان پوءِ ئي سنڌ صوبي جي مختيارڪار آفيسن ۾ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو. ۽ هر مختيارڪار آفيس ۾ هڪ ڪمپيوٽر آپريٽر روزگار سان لڳو. سوين بي روزگار نوجوانن کي ڪمپيوٽر آپريٽر جي نوڪري ملي. جن جون دعائون مون سان هميشه گڏ رهنديون.


    ڪيڏانهن وئي سنڌ جي تعليم

    هونءُ ته سنڌ جي عوام جي نظر ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پوليس، واپڊا، روينيو ۽ ڪسٽم وغيره مشهور رهيا آهن پوليس لاءِ مشهور آهي ته هي دنيا جو واحد کاتو آهي ته جنهن ۾ ماڻهو مارڻ تي ترقي ٿيو وڃي، وري جي روينيو کاتو ته ماشاءَالله مئل جيئرا، جيئرا مئل، مسجدون، مندر، قبرستان، روڊ رستا توڙي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻه پئسا ڏئي ماڻهو پنهنجي نالي ڪرايو ڇڏي پر انهن کاتن کان وڌيڪ هڪ اهم ۽ ڌيان طلب کاتو تعليم آهي. جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو شايد فضول سمجهندي نظر انداز ڪندو رهيو آهي، سنڌ جا اديب، دانشور، ليکڪ ۽ ڪالم نويس سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي تي اخبارن ۾ مضمون لکي لکي آخر ٿڪجي پيا پر سنڌ جو عوام تعليم جهڙي اهم ترين شعبي تي ڌيان نه ڏئي نه ڏنو. اڄ هي مضمون لکندي سچ، پچ ته ڏک منجهان دل ڀرجي آئي آهي ته سنڌ ته تعليم جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشهور هئي، ملڪ جي مختلف صوبن توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو وڏي شوق منجهان سنڌ پڙهڻ پئي آيا، آخر ڇو نه اچن سنڌ ته دنيا جو اهو خطو آهي جو جڏهن دنيا جي ٻين علائقن جا ماڻهو بغير ڪپڙن ۾ اگهاڙا غارن ۾ پئي رهيا ته ان وقت سنڌ (موئن جي دڙي) جا ماڻهو عاليشان جڳهين ۾ پئي رهيا، جڏهن ٻين خطن ۾ ڪو به اسڪولن ڪاليجن، وارو سلسلو ڪو نه هيو ته سنڌ (موئن جي دڙي) جا ماڻهو يونيورسٽي ۾ پئي پڙهيا پر هاڻي ته سنڌ جا ماڻهو ٻين صوبن ڏانهن پڙهڻ پيا وڃن آخر سنڌ جي تعليم سان هي ڇا ٿي ويو آهي. اگر سنڌ جي تعليم جو واقعي به ٻيڙو ٻڏل ڏسڻ چاهيو ٿا ته فقط امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ٻاهران تعليم جو حشر بيهي ڏسي سگهو ٿا اگر اندر سينٽر ۾ سئو شاگرد امتحان ڏين ته ڪاپي پهچائڻ لاءِ سندن مددگار مائٽ توڙي دوست ٻاهر اوهان کي ٻن سون کان مٿي نظر ايندا، باقاعده هڪ ميلي جو ڏيک هوندو، واقعي به ڪنهن ميلي کان گهٽ رش ڪا نه هوندي انهن شاگردن جا مددگار دوست ڀائر، پيئر، ماما، چاچا توڙي سندن استاد خود جيڪي سينيئر استادن کان سوالن جا جواب حل ڪرائيندا آهن ۽ پوءِ اهي استاد جيڪي معاشري جا ابا آهن، شاگردن جي بزرگن ۽ دوستن جي چوڻ تي سندن مدد ڪندا آهن حل ٿيل سوال پوليس يا وري ڪاليج ۾ اسڪول جي استادن يا پٽيوالن معرفت امتحان ڏيندڙن کي پهچيو وڃن ۽ سنڌ جا اٻوجهه نوجوان ڪچڙا ذهن رکندڙ شاگرد ناز فخر ۽ معتبري منجهان ڪاپي ڪري ڳاٽ اونچو ڪري نعرا هڻندا سينٽر کان ٻاهر وڏي فاتح جي حيثيت ۾ نڪرندا آهن. انهي عمل تي شاگرد خوش، استاد خوش، والدين خوش، پوليس توڙي تعليم کاتي جا آفيسر خوش ته ۽ خيراسلوبي سان شاگردن پرچو ڪري ڇڏيو پر ڪنهن سوچيو آهي ته اهي ئي شاگرد سڀاڻي اسان جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ ڊاڪٽر، انجنيئر، جج ۽ استاد وغيره ٿيندا. آئون سنڌ جي مختلف ضلعن جي اسڪولن ۾ پهرين درجي کان ڏهين درجي تائين ايڪويهن اسڪولن ۾ پڙهيس، ان جو سبب اهو هو ته منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي پوسٽنگ جيڪو ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو ته ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿيو پئي پر ڪڏهن ڪنهن به ضلعي ۾ مونکي اڄ ڪلهه جي دؤر جا ڪاري مٿي وارا نوجوان استاد اسڪولن ۾ نظر ڪونه آيا جيڪي سياست يا سفارش جي زور تي ڀرتي ٿي اچن. مگر مونکي ته اهي اڇي مٿي وارا جهونڙا فرشتا صفت استاد چڱي طرح ياد آهن جيڪي درسي تعليم کان سواءِ اخلاقي تعليم به ڏيندا هئا ته زندگيءَ جي لاهن چاڙهن سان ڪيئن منهن ڏجي. جڏهن مان بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي انهي پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ استاد ڊي اي اوز يا ايس اي اوز تي ايف آءِ آر ڪٽي چالان ڪندو آهيان ته شرم ايندو آهي ته پيغمبري پيشي سان واسطو رکندڙ هي استاد آهن. جيڪي سنڌ سرڪار جا لکين رپيا پنهنجي شاگردن يعني اولاد جي نالي تي مال غنيمت سمجهي هضم ڪيو وڃن. بحيثيت مسلمان جي اسان جي آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم تي قرآن پاڪ نازل ٿيو ته شروعات سڀ کان پهرين اقرا يعني پڙهه اکر سان ٿي، جيڪو اسان جي مالڪ، خالق، خدا جو حڪم هيو. پاڻ سڳورن صه خود فرمايو ته ’’علم پرايو پينگهي کان قبر تائين‘‘ نه فقط ايترو پر وڌيڪ فرمايائون ته ’’تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اگر چين وڃڻو پئي ته به وڃو.‘‘ سنڌ جا نوجوان جڏهن روزگار لاءِ رليو ٿڪجو پون تڏهن ئي مجبوري ۾ وڃيو استاد ٿين، جنهن مان به صاف ظاهر آهي ته اهي مجبوري ۾ ڀرتي ٿيل استاد پغمبري پيشي استاد کي فقط ۽ فقط روزگار سمجهن ٿا نه ڪي نبين سڳورن جو پيشو، اهڙي حالت ۾ آخر سنڌ جي تعليم جو ڇا ٿيندو، منهنجي خيال ۾ سنڌ جا ٻيا ڀلي ڪهڙا به وڏي کان وڏا مسئلا واقعي به مسئلا هجن پر مان تعليم جو مسئلو سڀني مسئلن کان مٿانهون ٿو سمجهان منهنجي خيال ۾ جڏهن تعليم نه رهي ته دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته اها قوم جلد دنيا جي نقشي تان ختم ٿيڻ ۾ دير ڪانه لڳائيندي، مان آخر ۾ سنڌ جي دانشورن، اديبن، وڪيلن سياستدانن، استادن، شاعرن، سگهڙن، شاگردن ۽ سندن والدين کي پر زور اپيل ڪندس ته خدارا اچو ته گڏجي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تارڻ جي ڪوشش ڪريون. اگر هر ماڻهو اهو فرض سمجهي ڪوشش ڪندو ته تڪڙو نه سهي آهستي آهستي ڪجهه نه ڪجهه بهتري ضرور ايندي. نه ڪو وقت اهڙو به ايندو جو هاڻي ته اسان جا نوجوان ڪاپي سان ڪوڙي ڊگري وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن ۽ سفارش يا ٻين ذريعن جي زور تي ڀلي روزگار به وٺيو وڃن پر مون کي اهو ڏينهن پري نظر نه ٿو اچي جڏهن سنڌ ۾ ڪاپي ڪرائڻ وارا سينيئر استاد به نه رهن ته پوءِ سنڌ جي نوجوانن جو ان وقت ڇا ٿيندو! اهو سڀئي سمجهون ته ضرور ٿا پر انهي جهاد ۾ اڳتي ڪير اچي، اها ڳالهه شايد اڳتي هلي ڪٿي سڄي قوم لاءِ شرمندگيءَ جو باعث نه بڻجي.

    سچ، خبرون، سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان، سوڀ، عبرت، عوامي آواز


    هڪ نئين صبح جي ڳولها ۾ سنڌ جو پورهيت

    پهرين مئي جو اڄوڪو ڏينهن تمام وڏي اهميت رکي ٿو، هيءُ ڏينهن انهن انسانن جي نانءُ آهي، جن جي محنتن ۽ پورهيت هٿڙن ڪارڻ اسان جي ديس جون مرڪون قائم ۽ دائم آهن. اڄ جتي پوري دنيا جي مزدور برادري گڏجي انهيءَ ڏينهن جي ياد کي تازو ڪندي پنهنجي حقن جي حفاظت ۽ يادگيرين لاءِ ريليون پئي ڪڍي ته اتي وري اسان جي ملڪ جي مزدور برادري انهيءَ ڏينهن جي اهميت کي سمجهندي ريليون ڪڍي رهي آهي. اڄ يومِ مئي جي حوالي سان پوري دنيا جي مزدور برادري اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو، تاريخي سچائي آهي ته ڪنهن ملڪ جي ترقي ۾ هتي جي مزدور برادري جو تمام وڏو هٿ رهندو آيو آهي. اسان جي ملڪ جي پورهيت برادري به ڪنهن کان گهٽ ۽ پٺتي ناهي رهي، رات ڏينهن هڪ ڪري ملڪ جي خدمت ڪئي آهي.
    اڄ جيڪي اسان وٽ زندگي جون آرائشون ۽ سهولتون موجود آهن اهي سموريون انهن پورهيتن جي هٿن جو ئي ڪمال آهي، اچو ته اڄوڪي امر عظيم ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ملڪ جي مزدور برادريءَ سان اهو وچن ڪيون ته اسان انهن جي هر ڏک ۽ سور ۾ انهن جا ڀرجهلا ٿينداسين ۽ انهن پورهيتن جي ٻارڙن کي تعليم، صحت کان ويندي زندگيءَ جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ پنهنجو وقت آهر اهم ڪردار ادا ڪنداسين ۽ انهن مظلوم غريب پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ رٿابندي ڪنداسين. اڄ پهرين مئي پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اها به ڳالهه زير غور رکي سگهجي ٿي ته هن وقت پوري ملڪ ۾ بلدياتي نظام هيٺ سلسلو هلي ٿو پيو، ان لاءِ خاص طور تي ضلعي حڪومتون پنهنجي ضلعن ۾ مزدورن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ گڏوگڏ مختلف ڪاميٽيون پڻ تشڪيل ڏنيون وڃن، جيڪي انهن پورهيتن جي گهرن تائين پهچي انهن سان ملن، انهن جا مسئلا ٻُڌي ٿَڏي تي حل ڪن نه ته اڄوڪي ڏينهن جي اهميت رڳو ريلين، سيمينارن، تقريبن، تاڙين ۽ نعرن تائين ئي محدود رهندي ۽ ڪي به جوڳا نتيجا نه نڪري سگهندا جڏهن ته مزدور برادري پاران پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پڻ مختلف تنظيمون جڙيل آهن، پر اهي به هيل تائين غيرموزون ثابت ٿيون آهن، جنهن ڪري ئي مزدور برادريءَ جا مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وقت سان گڏ وڌندي نظر ٿا اچن، جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن هلندو رهيو ته اهو مزدور طبقو ماڳئي غربت جي لڪيرن کان به ڪريل جيون بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو، انهيءَ لاءِ اسان کي هن وقت کان سوچي ڪجهه ڪرڻ لاءِ رٿابندي جوڙڻي پوندي تڏهن ئي وڃي ڪي نتيجا ملي سگهندا.
    بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج هوندا هئا ته ان وقت ۾ کين ڪو مزدور ملندو هو، انهيءَ وقت ۾ پاڻ هن کي فوري انصاف وٺرائي ڏيندا هئا ۽ انهيءَ سان ٿيل زيادتيءَ جو ازالو ڪندا هئا ۽ ٻين جج صاحبان کي به هدايتون ڪندا هئا ته انهن مزدورن ۽ پورهيتن جا هٿ مضبوط ڪريو جيڪر انهن سان ڪو ناانصافي ڪري ٿو ته انهن کي سزائون ڏيو، ڇو جو اهو پورهيت طبقو اسان جو سرمايو آهي. انهن سمورين ڳالهين جو هتي ذڪر ڪرڻ تمام اهم هيو، ڇو جو اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن آهي انهيءَ ڏينهن تي هر انهيءَ ماڻهوءَ جو ذڪر ٿيڻ کپي جنهن مزدورن جي حقن جي حاصلات واري جنگ جوٽي. آئون وري به اڄوڪي ڏينهن تي سڀني ماڻهن کي پنهنجي پاران اها وينتي ڪندس ته انهن پورهيو ڪندڙن جو خاص خيال رکو، انهن جي هر ڏک سور ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو، ڇو جو اهي پورهيت طبقو اسان جو انمول سرمايو آهي، پاڻ ڏکيا ڏينهن ڏسي اسان جي خوشين جي حاصلات واري جنگ پيو وڙهي، انهيءَ لاءِ انهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ اسان سڀني جو اولين فرض آهي.

    عوامي آواز، خبرون، هلچل، مقدمو، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سُڪار، عبرت، تعمير سنڌ، خبرون، فيصلو


    سنڌ جو بي پهچ ماڻهو، عدليه ۽ ڇڙ واڳ پوليس

    سنڌ جو ماڻهو شروع کان ئي عدليه جو دل سان احترام ڪندو پيو اچي، غريب ماڻهو جڏهن هر طرف کان مايوس ٿئي ٿو ۽ هر پاسي کان اميدن جا دربند ٿيندي ڏسي ئي ڪورٽ جو دروازو کڙڪائي ٿو. مون کي ته چڱي طرح ياد آهن ننڍپڻ جا ڏينهن، جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هئو. ان وقت ته سنڌ جا ماڻهو جڏهن ڪورٽ ۾ داخل ٿيندا هئا ته جتيون ۽ بوٽ لاهي مسجد ۽ مندر جيان پيرن اگهاڙا اندر ڪورٽ ۾ داخل ٿيندا هئا. جيڪا روايت اڃا تائين سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ هلندي پئي اچي. پر سنڌ جي ويجهي ماضي کان سنڌ عدليه سان ڪجهه اهڙا واقعا پيش آيا آهن جن کي ڏسي دل ڏک ۾ روئي رهي آهي. مان 1994ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هئس، سڀني پڙهندڙن کي چٽيءَ طرح ياد هوندو ڏوڪري جي ٿاڻي تي مسڪين بي پهچ ماڻهن کي نا حق بند ڪري ايس ايڇ او امجد شاهه سخت تشدد جو نشانو بنائي رهيو هيو. شايد انهن مسڪين بي پهچ ماڻهن وٽ ڪو ڍور ڍڳو يا ڪا نياڻي سنڱ (پئسن عيوض وڪڻڻ لاءِ) ڪونه هئي جو وڪڻي پنهنجي جان آجي ڪرائين. سو مجبور ٿي اچي آخري در عدليه جو دروازو کڙڪايو. ڊسٽرڪٽ سيشن جج لاڙڪاڻي هڪ ايڊيشنل سيشن جج ۽ هڪ سول جج کي ٿاڻي تي ڇاپي هڻڻ جو حڪم ڏنو جن ڏوڪري وڃي ڇاپو هنيو ته واقعي به مسڪين بغير ڪنهن ايف آءِ آر ڪٽڻ يا روزنامچي ۾ انٽري جي جانورن جيان تشدد هيٺ واڙيل مليا. جن کي جج صاحبان ته پنهنجو فرض پورو ڪري آزاد ڪرايو پر ايس ايڇ او ڇا ڪيو اهو به دنيا ڏٺو ۽ مون لاڙڪاڻي سيشن ڪورٽ آڏو پنهنجي اکين سان ڏٺو ٽريڪٽر ٽرالين تي ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ سياسي جلوس جيان وڏو جلوس سيشن ڪورٽ ۾ زبردست نعرا هڻندي پهتو. هاڻي ته اوهان پڙهندڙ آڏو اهي نعرا لکندي به شرم ٿو اچي ۽ حيا منجهان قلم لکڻ جي همٿ ڪو نه ٿو ڪري. بهرحال اسان لاڙڪاڻي بار جا سڀ جا سڀ وڪيل اهو تماشو ڏسي يڪدم اچي بار روم ۾ ميٽنگ ڪئي ۽ صحافي برادري کي گهرائي پريس ڪانفرنس ڪئي سون ته اڄ اسان پوليس جي انهي ڪڌي عمل خلاف لاڙڪاڻو بار جو بائڪاٽ ڪريون پيا، سڀاڻي سنڌ بار ڪائونسل به اسان سان گڏ بائڪاٽ ڪندي ۽ پوءِ به اگر ايس ايڇ او کي سزا نه ڏني وئي ته پوءِ پاڪستان بار ڪائونسل به اسان سان گڏ بائڪاٽ ڪندي. پر ڪافي ڏينهن جي بائڪاٽ ڪرڻ کان پوءِ به اهو ٿيو جو ان ساڳي ايس ايڇ او کي بدلي ڪري رتوديرو جو ايس ايڇ او ڪري رکيو ويو.
    وري ساڳيو واقعو ٻيهر سکر ۾ وڏي ديده دليري سان ورجايو ويو آهي. ٿيو هئين آهي ته ٽي ناحق مسڪين سکر جي آباد ٿاڻي تي قيد ڪيا ويا جن جي وارثن سيشن جج کي درخواست ڏني، جنهن تي جڊيشل مئجسٽريٽ محمد ابراهيم سومرو کي ڇاپي لاءِ مقرر ڪيو ويو ته آباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي بي گناهه ٽنهي ماڻهن کي آزاد ڪرائي پر مئجسٽريٽ صاحب بجاءِ بي گناهه مسڪين ڇڏائڻ جي ذري گهٽ پاڻ پئي اندر ٿيو پر هوشيارپ ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪري وقت جي نزاڪت سمجهندي ڪنهن طرح سان ٿاڻي مان جان ڇڏائي نڪري آيو پر موٽ ۾ پوليس ڇا ڪيو اهو به دنيا اخبارن ۾ پڙهي رهي آهي ته سکر ضلعي جي سڀئي ايس ايڇ اوز ۽ ٽي پي اوز بجاءِ فورس جي دائري ۾ رهڻ جي عام سياسي جماعتن وانگر ٻڌي اتحاد ڪري سرڪاري موبائيلن جي جلوس ۾ سائرن وڃائيندا نعريبازي ڪندا ڊي پي او آفيس پهتا.
    مان اڄ ڪلهه عمرڪوٽ ۾ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن آهيان، ججن سان ٿيل ساڳيو واقعو مون سان به ٿي گذريو آهي. 1999 ۾ مان جڏهن سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ هئس ته هڪ غريب مسڪين پيرين اگهاڙو اچي مون وٽ پهتو ته ’’سائين منهنجو ويجهو مائٽ لاڪپ ۾ بند آهي پر جڏهن مان اڄ ساڻس ملڻ ويس ته ٿاڻي تي جمعدار مون کي ملاقات ته ڪرڻ ڪونه ڏني الٽو ڏاڍي بي عزتي به ڪئي اٿائين ۽ چيو اٿائين ته پئسا ڏي ته ملاقات ڪرايائين.‘‘ همراهه هيو غيرت وارو سو پنهنجي بي عزتي برداشت ڪري نه سگهيو ۽ روئيندي اچي اسان وٽ ايف آءِ آر ڪٽرائي. مون به مئجسٽريٽ پاڻ سان وٺي وڃي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو مگر جمعدار کي گرفتار ڪرڻ شرط ئي ايس ايڇ او شهدادڪوٽ عبدالجبار بجاراڻي اهو ئي ڪيو جيڪو روايتي پوليس ڪندي آهي پر جيئن ته ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن خالد صلاح الدين سومرو هيو، جيڪو نوجوان ايماندار ۽ هوشيار آفيسر طور سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن پوليس سان چٽاڀيٽي ڪندي منهنجي هر طرح جي ڀرپور مدد ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪرايائين ۽ 14 ڏينهن کن جوابدار سينٽرل جيل ۾ رهيو ۽ ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ چالان ٿيو. اهڙي نموني جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهتو ۽ وري ڪڏهن به سنڌ پوليس اسان جي کاتي اينٽي ڪرپشن سان اکيون اکين ۾ ملائي سامهون ڪونه ٿئي.
    اهڙي ئي نموني مان هتي اهو چوندس ته عدليه اگر اڄ کان اهو طئه ڪري ڇڏي ته جڏهن به ڪورٽن طرفان ٿاڻن تي ڇاپو هنيو ويو ۽ بي ڏوهي ٿاڻي مان بغير ايف آءِ آر يا روز نامچي جي انٽري جي مليو ته ڪورٽ ان ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هميشه جيان وارننگ (معافي) ڏئي ڇڏڻ جي بجاءِ سخت کان سخت سزائون ڏي ته هوند پوليس جون اکيون کلي وڃن ۽ اڳتي وري اهڙو برتاءُ جيڪو هاڻي عدليه سان پوليس جي طرفان ڪيو ويو آهي سو وري شايد هتي ڪڏهن به ڪو نه ور جائبو .
    عدليه جا غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آخري در آهي. سکر جي واقعي کان پوءِ بي پهچ ماڻهو اهو ٿيندي ڏسن ته سندن حامي ۽ مددگار جج بجاءِ اسان مسڪين غريب بي ڏوهين کي ڇڏائڻ جي ٿاڻي تي پوليس هٿان ججن کي بدسلوڪي جو برتاءُ سهڻو پوي ۽ کين ٿاڻي تي زبردستي ويهارڻ جي ڪوشش پوليس طرفان ڪئي وڃي پوءِ اهو غريبن کي آخري در به پوليس آڏو بيوس نظر اچي ته پوءِ غريب طبقي لاءِ پري تائين اوندهه ئي اوندهه نظر ايندي. جيڪا اسان جي معاشري لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندي. تنهن ڪري سکر واري واقعي ۾ ملوث پوليس کي سخت کان سخت سزا ڏئي سنڌ جي مسڪين بي پهچ ۽ پيرين اگهاڙن ماڻهن جي بي چيني دور ڪئي وڃي ۽ پوليس کي اهڙين ڪڌين حرڪتن تي مڪمل لغام ڏنو وڃي.

    تعمير سنڌ، سنڌو، هلال پاڪستان، مهراڻ، عوامي آواز


    ميرپورخاص جتي هرسال انبن جو ميلو مچي ٿو...!

    ميرپورخاص سموري جڳ ۾ انبن جي حوالي سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ الڳ حيثيت جو حامل رهيو آهي. ميرن جي راڄڌاڻي واري شهر ميرپورخاص جو ذڪر ٿئي ۽ انبن تي بحث نه ٿئي سا اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي! اڄ انب جي جوڀن جي موسم آهي ۽ پنهنجن پيارن کي انب تحفي طور اماڻيا پيا وڃن. ميرپورخاص جي گهر گهٽي ۽ واٽ تي انبن سان سجايل اسٽال ٿا نظر اچن ۽ ماڻهو پنهنجن پيارن کي انب تحفو ڏيڻ لاءِ خريد پيا ڪن ته اهڙي موسم ۾ ميرپورخاص جي تاريخي سڃاڻپ بڻيل انبن جي حوالي سان ضلعي حڪومت ميرپورخاص پاران 4 جون کان 6 جون 2010ع تائين 45 هون نيشنل مينگو اينڊ ثمر سوٽ فيسٽيول 2010ع جو وڏي پئماني تي بندوبست ڪري سجايو ويو آهي، جنهن کي رونقون بخشڻ جي لاءِ ايم اين اي مير منور خان ٽالپر جتي نمايان نظر اچي ٿو ته اتي ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ به ڪا ڪثر باقي ناهي ڇڏي.
    هن تاريخي فيسٽيول ۾ جتي انبن جو ذڪر ٿيندو ته اتي ٻاهران مهمانن جي تفريح لاءِ به ٿيل بندو بست ڏسڻ لائق آهن. راندين کان ويندي محفل موسيقي تائين سمورا پروگرام لاجواب ۽ بي مثال ترتيب ڏنل آهن. ميرپورخاص جي تاريخ جي 45 هين نيشنل مينگو فيسٽيول 2010ع جو افتتاح 4 جون تي شام 8 ڌاري ٿي رهيو آهي افتتاح سيد علي نواز شاهه جن ڪري رهيا آهن. جيڪي ايگريڪلچر کاتي سنڌ جا صوبائي وزير پڻ آهن. ان افتتاح کان پوءِ اسپورٽس جا رنگ ڄمائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ رات جي رنگينين ۾ سجايو ويندو، جنهن ۾ مهمان خاص وفاقي وزير ڪلچر سيد آفتاب حسين شاهه جيلاني هوندا. جڏهن ته ٻهراڙي کان ايندڙ ۽ مال جو شوق رکندڙن لاءِ ڍڳن جي ريس جو به فيسٽيول ۾ انتظام ٿيل آهي. فيسٽيول جي اها به وڏي خوبي آهي جو جتي عام طبقي جي ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ جو بندوبست ٿيل آهي ته انهن معذورن کي وساريو ناهي ويو، انهن لاءِ پڻ ريس جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيف گيسٽ ڊي سي او ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ جن آهن ته اتي عورتن جي تفريح جو به خيال رکندي مينا بازار سجائي وئي آهي، جنهن جي مهمان خاص شميم آرا پنهور جي هوندي ۽ عورتن لاءِ هن مينا بازار ۾ هر قسم جي تفريح فراهم ڪري ڏنل آهي. جڏهن ته سيمينار جو پڻ انتظام ٿيل آهي، جنهن ۾ نالي وارا اسڪالر ۽ اديب شرڪت ڪندا جڏهن ته سيمينار جو مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر عبدالقادر مغل جن هوندا. تنهن کانسواءِ هن فيسٽيول ۾ کوڙ اهڙيون شيون موجود آهن جن کي پسڻ جي لاءِ هزارين دليون بي چين بڻيل آهن جتي فيسٽيول ۾ ٻيا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا ته اتي ضلعي سطح تي فٽبال ٽورنامينٽ جا رنگ به ڇانيل هوندا. جنهن ۾ مهمان خاص اي ڊي او ايجوڪيشن جميل احمد لاشاري جن هوندا ته اتي پاڪستان جي قومي راند هاڪي کي به ناهي وساريو ويو، جنهن ۾ مهمان خاص طور محمد بچل راهيپوٽو هوندو. جڏهن ته ملهه جا پهلوان به سندرا ٻڌندا جنهن ۾ سنڌ جا چوٽي جا ملهه حصو وٺندا ۽ ملاکڙي جو مهمان خاص مير انور علي خان ٽالپر آهي جيڪي چيئرمين ايس پي ڊي سي به آهن ان کان علاوه جتي ايترو ڪجهه سجايو ويو آهي ته اتي باسڪٽ بال کي به ناهي وساريو ويو.
    ميرپورخاص جي تاريخ ۾ 45 هون ڀيرو سجندڙ هن نيشنل مينگو اينڊ ثمر سوئيٽ 2010ع ۾ ايم پي اي مير محبوب ٽالپر، ذاڪر علي شاهه اي ڊي او فنانس، نديم رحمان ڊي پي او ميرپورخاص منير احمد شيخ، فهيم احمد الطافي، ايم پي اي شميم آراءِ پنهور ۽ ٻيا مختلف پروگرامن ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪري رهيا آهن ته اتي وري هن ڪاڄ کي يادگار ۽ تاريخي بڻائڻ ۾ ڪردار مهمان خاص مينگو فيسٽيول مير منور علي خان ٽالپر ۽ ڊي سي او ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ جن ادا ڪيو آهي. تنهن کي ڀلا ڪئين ٿو فراموش ڪري سگهجي، جن رات ڏينهن ڪوششون وٺي هيڏو سڄو مانڊاڻ مچايو آهي.
    ميرپورخاص جا سماجي حلقا توڙي ادبي شهري هن فيسٽيول کي تاريخي قرار ڏئي رهيا آهن ڇو جو هن فيسٽيول ۾ ڪابه اهڙي شي ناهي ٻڌي وئي جيڪا نه ٿي هجي. جتي انبن جي خوشبوءِ واس ڏيندي ته اتي ٻارڙا ۽ عورتن جا ٽهڪ ۽ ميلا متل به نظر ايندا ته اتي رانديگرن جا ٽولا بازيون هڻڻ لاءِ جتن ڪندي ڏٺا ويندا ته هتي سنڌ جا ملهه پهلوان به بازي کٽڻ لاءِ زور لڳائيندي نظر ايندا پوءِ اهو ته قسمت تي آهي ڪير کٽي ٿو ۽ قسمت ڪنهن جو ٿي ساٿ ڏئي، هن فيسٽيول ۾ جنهن پنهنجي قسمت نه آزمائي آهي تنهن کي آئون بدقسمت سمجهان ٿو ان لاءِ هن تاريخي فيسٽيول هر ڪنهن کي پنهنجي قسمت آزمائڻ گهرجي ۽ هتي فراهم ڪيل تفريحي ۽ مقابلن مان ڀرپور مزو وٺڻ گهرجي.
    ميرپورخاص جي 45 هين مينگو فيسٽيول جي آخري گهڙين جي خوشين ۾ 6 جون تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ اچي شريڪ ٿيندو ۽ هن مينگو فيسٽيول ۾ مختلف ميدانن ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙن کي ۽ ڀلن انبن جا اسٽال لڳائيندڙ باغبانين کي انعامن سان نوازيندو ۽ سندس گڏ مير منور علي خان ٽالپر ۽ ڊي سي او ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ ۽ ٻيا علائقي جا ڪيترائي معزز گڏ هوندا ان لاءِ اچو ته ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ هن تاريخي مينگو فيسٽيول ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃرايون.

    روزانه خبرون، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌ، عبرت، جرات، مهراڻ، سنڌو، سُڪار، هلچل، نوائي وقت، عوامي آواز، هفتيوار سدا بهار.

    نوٽ: هن مضمون لکڻ تي ضلع حڪومت ميرپورخاص ايوارڊ، شيلڊ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو.


    ٺري ميرواهه ماکيءَ جهڙو شهر

    هر علائقي جي مٽيءَ جو پنهنجو مانُ ۽ شانُ آهي. هونئن ته سنڌ سموري سون آهي. سنڌ ماتا جي ڪهڙي ڪنڊ جي تعريف ڪجي پر هر انسان کي ڪونه ڪو شهر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ياد رهندو آهي. مون کي جڏهن سن 2003ع ۾ عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه ۾ بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ڪري رکيو ويو ته اڃان عمرڪوٽ ۾ ئي هيس ته پريشان ٿي ويس ته ٺري ميرواهه سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ۾ ڪيئن رهي سگهندس پر سرڪاري ملازم به ويچارو ڏاڍو مظلوم ٿئي ٿو. فقط اڌ پني ٽڪر جو مهمان، پکيءَ جيان ڪا خبر ڪانه پوندي ته ڪهڙي لمحي اڏامي هڪ وڻ ڇڏي ٻئي وڻ تي ويهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته انسان جي جتي روزي رب پاڪ لکي ڇڏي اتي بندو اوس پهچي ئي پهچي. جڏهن مان ٺري ميرواهه پهتس ته اتي ادبي لحاظ کان مون کي بنهه پري پري تائين اوندهه نظر آئي، آخر مجبور ٿي ٺري ميرواهه تعلقي ۾ مون ادبي سرگرمين جو هڪ ڀرپور سلسو شروع ڪيو جنهن ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن، سماج سڌارڪ شخصيتن جون ورسيون، تعزيتي ميڙاڪا، مشاعرا، سگهڙ ڪانفرنسون، ادبي رهاڻيون ويندي ڪتابن جا ميلا به لڳرايا.
    ٿوري ئي وقت اندر مون کي هن علائقي مان ايڏي ته حيرت ۾ وجهندڙ سٺي موٽ ملي جو مان خود وائڙو ٿي ويس. ادبي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي موٽ ۾ منهنجي والد سنڌ جي نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ تعليمدان ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي سان هتان جي شهرين، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ ٻين فلاحي تنظيمن پاڻ مرادو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار لائبريري قائم ڪري ورتي جيڪا ٺري ميرواهه تعلقي جي پهرين واحد لائبريري آهي جتان هاڻي ٺري ميرواهه جا سوين نوجوان علمي، ادبي طرح سٺو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. انهيءَ سڄي ڪم ۾ منهنجو ڪو به ڪمال ڪونه هو، مان ته صرف انهن کي ملائڻ جو بهانو بڻيس جو هو ادب جي ميدان ۾ اڳي کان اڳرا ٿي پيا ۽ ڳالهه ايتري حد تائين وڌي جو ٺري ميرواهه جا رهواسي ادبي پروگرام رچائڻ لاءِ مونکي دعوتون ڏيڻ لڳا.
    ٺري ميرواهه جي ڌرتي شاعرن ۽ اوليائن جي ڌرتي رهي آهي. جيڪڏهن اسان فقط غلام حيدر گدڙيو فقير، فولاد فقير ۽ جمشيد فقير ڏسون ٿا ته حيرت ٿي وٺي.
    وڏي نالي وارا اولياءَ ۽ شاعر آهن جن کي ٺري ميرواهه جي ڌرتي جنم ڏنو آهي اهي ٽئي شاعر ۽ اولياءَ سيد ، مخدوم، پير يا قريشي وغيره نه آهن بلڪ شر بلوچ آهن ۽ مونکي ته لڳندو آهي ته هتان جي شر قوم تي انهن اوليائن جو وڏو اثر ڇڏيل آهي، تنهن ڪري ئي شايد مون کي هر چوٿون شر قوم جو ماڻهو شاعر نظر آيو. ٺري ميرواهه ۾ رهندڙ قومن ۾ جوڳي، ٻانڀڻ، دستي، شر، مانڊڻ، لغاري، ڦل، سوڍڙا، اعواڻ، ڪٻر، خاصخيلي، لاشاري، چنا، بهڻ، بوزدار ۽ ٻيون کوڙ ساريون ذاتيون آهن مختلف ذاتين هوندي به هتي اهي سڀ هڪٻئي سان پيار، محبت سان گڏجي رهن ٿا ٺري ميرواهه جيئن ته اپر سنڌ جي ٿر جو علائقو آهي ۽ ٿر جي واريءَ جا ماڻهو قدرتي محبتي، سٻاجهڙا، مهمان نواز ۽ امن پسند ٿين ٿا.
    مون اتي جي ماڻهن کي غربت هوندي به دل جا دريا محسوس ڪيو هتي سنڌ جي ٻين علائقن جيان سردار، چيف سردار، سردارن جا ڪمدار، ڪمدارن جا نوڪر ۽ نوڪرن جا چاڪر ۽ چاڪرن جا چوڪرا ڪونه آهن. تنهن ڪري ئي ٺري ميرواهه تعلقي اندر نه ٿين جرڳا، نه ٿين فيصلا، انهن ڳالهين نه هئڻ ڪري ئي هن تعلقي ۾ سنڌ جي مشهور ڪڌي رسم ڪارو ڪاري، خون، زنا، ڌاڙا، ڦرون، چوريون ۽ اغوا وغيره نالي ماتر نه هجڻ برابر آهن ۽ سنڌ جو هي تعلقو امن جي حوالي سان جنت جي ٽڪر جيان آهي. ٺري ميرواهه زراعت جي حوالي سان به ملڪان ملڪ مشهور آهي.
    هتي ڦٽي، سرنهن، ڪڻڪ ۽ ٻيا کوڙ سارا فصل ٿين ٿا پر انهن سڀني فصلن کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٺري ميرواهه ماکيءَ جي حوالي سان ڪجهه گهڻو ئي مشهور آهي. اتي ماکي تمام گهڻي پيدا ٿيڻ جي باوجود پئسن سان ڪونه وڪامجي جو اتان جو رهواسيءَ ماکي کي وڪڻڻ وڏو عيب سمجهن ٿا. تنهن ڪري تحفي طور ماکي ملي ته ملي نه ته پاڻ کي وڻن تي چڙهي لاهڻي پوي ٿي. ٺري ميرواهه شهر واسين جو تمام ئي وڏي کان وڏو مسئلو گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ کڏ جو هيو، شهر جو گندو پاڻي جو نيڪال هڪ سرڪاري قدرتي کڏ ۾ پئي ٿو.
    سنڌ جو روينيو کاتو ماشاءَ الله پنهنجو مٽ پاڻ آهي. مالڪ ڀلي پيو پنهنجي ابن ڏاڏن جي زمين کيڙي پر خبر تڏهن پوندس جڏهن زمين ڪنهن ٻئي جي نالي تي روينيو رڪارڊ ۾ چڙهي ويندي. ٺري ميرواهه جي انهيءَ گندي پاڻي جي سرڪاري کڏ سان به روينيو کاتي اهڙي ئي تعدي ڪري ڇڏي ۽ بااثر ڌرين انهي کڏ ۾ جڏهن مٽي وجهرائڻ شروع ڪئي ته مون ان جي مڪمل انڪوائري ڪري اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر ۾ ڪيس خلاف ٺاهي موڪليو. مون کي پوءِ اهو احساس ٿيو ته خدا مونکي عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه انهيءَ ايڏي وڏي ڪارنامي ڪرڻ لاءِ چونڊي موڪليو هيو. ڇو جو اگر ڪا وڏي برسات اچي ها ته برسات جو پاڻي کڏ ۾ نيڪال نه ٿيڻ ڪري ٺري ميرواهه شهر سمورو ٻڏي وڃي ها ۽ هزارين ماڻهن جا لاش ڍوئڻا پون ها ايڏي وڏي ثواب جو ڪم خدا جي ذات مونکي ٺري ميرواهه موڪلي منهنجي هٿان ڪرايو.
    با اثرن مون کي نهن چوٽيءَ جا زور لڳرائي بدلي ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي پرکين هر دم ناڪامي نصيب ٿي، الٽو منهنجي عوامي محبت ۾ اضافو ٿيو ۽ شهرين ڏاڍيون دعائون ڏنيون.
    ٺري ميرواهه واسين جو وڏي ۾ وڏو خواب ٺري ميرواهه ضلعو ٿيڻ آهي جيڪو سندن اڃا پورو ٿي نه سگهيو آهي. خيرپورميرس اٺن تعلقن تي وڏي آبادي ۽ وڏي ايراضي تي مشتمل سنڌ صوبي جو وڏو ضلعو آهي تازو ئي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ اهم ۽ انقلابي قدم کڻندي ڪافي ضلعا ٺاهيا آهن. خيرپور رياست جي ميرن جا حڪومت سان ٿيل معاهدن هئڻ ڪري ٺري ميرواهه ضلعو ٿي نه سگهيو، پر ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته خيرپور ميرس مان به ضلعا ٿيڻ وارا آهن. سنڌ اندر ٿيندڙ ڪجهه نون ضلعن ٿيڻ واري مرحلي ۾شايد ٺري ميرواهه به ضلعو ٿي وڃي شال ٺري ميرواهه وارن جو اهو خواب خدا جلد پورو ڪري.
    بهرحال اڄ مونکي ٺري ميرواهه ڇڏي چار مهينا گذري چڪا آهن پر اتان جي رهواسين طرفان جيڪا مون کي سڪ، پيار ۽ پنهنجائپ ملي آهي تنهن کي مان زندگي ڀر وساري ڪونه سگهندس ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ ٺري ميرواهه کي ۽ سندس ماکيءَ جهڙن مٺڙن رهواسين کي ياد ڪندي دل ۽ اکيون ڀرجي اينديون آهن.

    تعمير سنڌ، سچ، عبرت، عوامي آواز، هلال پاڪستان، خبرون


    ڪيڏانهن ويون سنڌ جون روايتون...؟

    منهنجي عمر 30 سال کن ٿيندي پر پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي صحبت ۾ رهي سنڌ ماتا جون اهي پراڻيون سڀ روايتون ٻڌم. جيڪي اسان نئين ٽهي اکين سان ڪونه ڏسي سگهياسين. ڪجهه نه ڪجهه ته ڏٺيون سين پر اهي پنهنجي دؤر ۾ دم ڏئي ختم ٿي رهيون هيون هونئن ته هن سائنس جي دؤر ۾ دنيا سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلجي پر اهو به سٺو نه آهي ته اسان پنهنجي وڏڙن جون سڀ روايتون وساري ڇڏيون.
    ڪٿي آهن اهي اوطاقون جتي شهر، ڳوٺ ۽ محلي جا سڀئي دوست توڙي دشمن ننڍا توڙي وڏا اچي ويهندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا ڏک سک تڪليفون ويهي ونڊيندا هئا. انهي سان هڪ ته ڏک سک ونڊجي ٻوجهه ۾ هلڪا ڦلڪا ٿي ويندا هئا، انهي جو سبب ئي هو هڪ ٻئي سان مدد جو جذبو، انهن ڪچهرين ۾ ننڍا ٻار ويهي ڳالهيون ٻڌندا هئا. اهڙي طرح ننڍن جي پڻ پرورش ۽ تربيت ٿيندي هئي. مان اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان سو انهن بزرگن جي ڪچهري مان سکيس.
    ڪيڏانهن وئي سنڌ جي تعليم ، جا پوري ملڪ ۾ مشهور هئي، سنڌ ۾ ته پوري دنيا جا ماڻهو پڙهڻ پئي آيا پر افسوس جو هاڻي اسان سنڌي ٻين صوبن ڏانهن پڙهڻ پيا وڃون! ڪيڏانهن ويا اهي استاد؟ جيڪي درسي تعليم سان گڏ شاگردن جي اخلاقي تربيت به ڪندا هئا. اڄ به انهن اڇي مٿي وارن استادن جي ياد ايندي آهي جڏهن اڄڪلهه جي نوجوان ڪاري مٿي وارن استادن کي ڏسندو آهيان جيڪي سياسي زور تي ڀرتي ٿي اچن ٿا. مان اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر آهيان روئڻ ايندو آهي جڏهن استادن، ايس ڊي اي اوز ۽ ڊي اي اوز تي ايف آءِ آر ڪاٽي چالان ڪندا آهيون، اهي اسان جي نئين جنريشن کي تعليم پيا ڏين جڏهن ته پاڻ ئي سنڌ سرڪار جا شاگردن جي نالي تي ڏنل پئسا هضم ڪيو وڃن. اهڙن استادن کي چوڪن تي بيهاري سرعام ڦاسي تي چاڙهجين ته جيئن ٻيا ڏسي توبهه ڪن. مان سنڌ جي ڪافي اسڪولن ۾ پڙهيو آهيان پهرين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين 21 اسڪولن ۾ تعليم ورتم، انهي جو سبب هو بابا سائين جي نوڪري، ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ته ڪڏهن ڪهڙي ضلعي جو، مگر 21 اسڪولن منجهه مون کي ڪوبه اهڙو اڄڪلهه جي استادن جهڙو استاد ڪونه گڏيو جو اسڪول ٽائيم کان پوءِ گڏجي ويهي وي سي آر تي غير اخلاقي فلمون ڏسڻ، گڏ سگريٽ پيئڻ، گڏ هوٽلن تي چانهه پيئڻ، گڏ هڪ ئي هوٽل تي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهڻ وغيره وغيره.
    ڪيڏانهن ويون اسان جون غمي واريون رسمون! اڳ ۾ ته جڏهن ڪنهن کي بيمار ٻڌبو هيو ته اچي سڀ دوست يار مٽ مائٽ گڏ ٿيندا هئا ته ڪچهري ڪري وٺونس متان ڪٿي همراهه اکيون نه ٻوٽي ڇڏي. هڪ ته مريض دوستن احبابن مٽن مائٽن کي ڏسي دل وڏي ڪري ڇڏيندو هو انهي خوشيءَ ۾ ته مان بيماري ۾ اڪيلو ڪونه آهيان هونئن به اها انساني نفسيات آهي ته جڏهن به ماڻهو تڪليف ۾ هوندو آهي ته رڳو ڪو همٿ افزائي ڪريس ته هو دل جو شينهن ٿي ويندو آهي پر جي خدا نه خواسته اهو شخص دنيا ڇڏي به وڃي ته پوءِ انهن احبابن عزيزن کي ڏک ڪونه رهندو هو ته ڪو اسان آخري ملاقات ڪونه ڪئي سون.
    ڪيڏانهن ويون اسان جون خوشيون ڪا شادي رٿي نه آهي ته سال اڳ ئي عورتون ٻارن جا ڪپڙا لٽا پيون تيار ڪرائينديون هيون. شادي جي دعوت ڏيڻ پاڻ روبرو وڃبو هو، مٺائي يا کنڊ ذرو به کڻي وڃبو هو، انهي سان ميل جول وڌندي هئي، بجاءِ اڄڪلهه جي ته پوسٽ ۾ ئي شادي جو دعوت نامو ڏياري موڪليو يا وري ڪنهن نوڪر جي هٿان شادي جو ڪارڊ موڪليو وڃي ٿو، انهي عمل سان ماڻهو بي دليو دعوت ۾ ويندو، نه شادي ۾ مزو ايندو نه ئي خوشي رهندي.
    ڪيڏانهن ويون اهي عورتون، جن جي شادي ٿيڻ تي ذهن ۾ اهوئي هوندو هو ته ابي امان جي گهران رخصت ٿيان پئي پر جنازو مجازي خدا (مڙس) جي گهران ئي نڪرندو، ڏک سک ۾ مڙس، سس، سهري سان بيمارين سيمارين ۾ پيون نڀائينديون هيون. بجاءِ اڄڪلهه جي مڙس جي گهر زال پهتي ڪونه آهي پهرئين ڪوشش اها هوندس ته مڙس کي پوڙهي سس ۽ سهري کان جلد ڌار ڪيان، گهر کي ٽائيم گهٽ ريشم گلين ۾ وڌيڪ شاپنگ ڪرڻ پسند ڪنديون. پردو گهٽ ۽ آزادي زياده پسند ڪنديون اگر اهي ڳالهيون نه ٿي سگهيون ته آخر ڳالهه وڃي علحيدگي تائين پهچندي. مان لاڙڪاڻو ۾ ڪجهه سال وڪالت به ڪئي آهي پر انهي ٿوري عرصي ۾ مون طلاقن جا ڪافي ڪيس ڏٺا، انهي جو سبب فقط اسان جي سنڌ ۾ پراڻين روايتن جو ختم ٿيڻ آهي.
    ڪيڏانهن ويا اهي دريا دل دوست! جيڪي دوستن تي فدا ٿيندا هئا چوندا ئي اهو هئا ته پئسو کپئي ته کڻ، نياڻي (رشتيداري لاءِ) کپئي نه کڻ، وڙهڻو آهي ته رت کپي يا سر ته کڻ، هاڻي ته نه اهي دوستيون رهيو آهن نه ئي اهي زنده دل دوست! ياد اٿم جڏهن مان 1993ع ۾ بيروزگار هيس، اوچتو منشي ابراهيم سومرو سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي ويئي پڇيائين ته ’نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين؟‘ مان چيو ته ’روزگار تلاش پيو ڪريان‘ اهو ٻڌندي ئي چيائين ته ’مير منور علي ٽالپر ايڪسائيز جو وزير آهي انهي مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين اها نوڪري مان توکي ٿو ڏيان منهنجي پٽ جو ڀاڳ منهنجي پٽ سان.‘ اهي لفط ٻڌي منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون ۽ الائي ڪيئن منٿون ايلازيون ڪري منشي ابراهيم سومري کان معافي وٺي جند ڇڏايم ته توهان جي پٽ جي نصيب تي مان قبضو ڪونه ڪندس، اهي هيون دوستيون، اهي هيون سنڌ جون پراڻيون روايتون، اها هئي مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوستن جي قبر کي عزت ڏيڻ.
    ڪيڏانهن وئي اها سنڌ جي پوليس! پوليس ته آهي ئي پوليس ان جي تعريف ڪرڻ مان گناهه ٿو سمجهان پر تنهن هوندي به اڄ جي پوليس کي سنڌ جي پراڻي، پوليس سان ضرور تشبيهه ڏيندس منهنجو نانو ۽ ڏاڏو انگريزن جي دؤر ۾ پوليس آفيسر هئا پر خدا جو خوف انهي حد تائين هو ته خون جو پئسو ڪونه وٺبو. سندن خيال هو ته قبر ۾ هڪ خدا هوندو ٻيو بندو، پئسو ورتوسون ته اسان به قاتلن ۾ شمار ٿينداسون پراون گهرن ۾ ڪونه گهڙبو، پاڻ به نياڻين وارا آهيون. مطلب ته چادر چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪونه ڪبو، هاڻي ته پئسن لاءِ ٿاڻن مان لاش پيا نڪرن، معصوم کير پياڪ پوليس جي هٿان شهيد پيا ٿين. شايد لاڙڪاڻي شهر جو تازو واقعو سڀني کي ياد هوندو ته معصوم ٻارن جي مٿان پوليس اٽالي هنڌ بسترا اڇلايا هئا جنهن جي ڪري معصوم کير پياڪ ٻار ساهه منجهڻ ڪري شهيد ٿي ويو، اهو ته هڪ واقعو هو. شاباس آهي سنڌي پريس کي ته اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا لکن پيا پر ڪافي اهڙا واقعا به ٿيندا هوندا، جيڪي ممڪن آهي ته اخبارن تائين ڪونه پهچندا هجن.
    ڪيڏانهن ويا سنڌ جا ڊاڪٽر ۽ حڪيم! جو بغير پئسي ڏوڪڙ جي لالچ جي علاج وغيره ڪرڻ، در تي ڪو مريض جو مائٽ پهتو ڪونه آهي ڊاڪٽر حڪيم انهي مريض تائين پهتو ڪونه آهي پر هاڻي ته ڊاڪٽرن علاج کي ڪاروبار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيڪل سينٽر، ڪلينڪون، پرائيوٽ ڊاڪٽر ته پرائيوٽ پر سرڪاري ڊاڪٽر به انهن سينٽرن تي سڄو ڏينهن ڄميا ويٺا هوندا. ايستائين جو سرڪاري اسپتالن ۾ ڊيوٽي دوران به ٽيبل پريڪٽس ڪندي ڏٺا ويا آهن. سندن سڄو ڌيان ۽ شوق پرائيوٽ اسپتالن، ميڊيڪل سينٽرن ۽ ڪلينڪن تي هوندن، سرڪاري اسپتالن ۾ غريب مسڪين پيرين اگهاڙا پيا ڌڪا کائيندا نه ٽڪي ملندن ۽ نه وري ئي مريضن جي مرض تي ڌيان ڏنو ويندو. شايد ڪن ماڻهن کي ياد هجي ڪراچي جي ڊاڪٽر جو واقعو جنهن جي في شايد غريب ماڻهو پنهنجي سڄي حياتي ۾ ڪمائي به نه ڏئي سگهي ها، سو اڪيلي ئي پٽ جو پيءُ هو پر هڪ ڏينهن ڪنهن چيس ته ’’سائين هڪ لاوارث مريض بيهوشي جي حالت ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي پهتو آهي هلي آپريشن ڪيوس‘‘ پر افسوس ڊاڪٽر کي في نه ملڻ جي ڪري اهو همراهه مري ويو. مرڻ کانپوءِ خبر پيس ته اهو ڪو ٻيو نه سندس اڪيلو موڀي پٽ هيس جو لاوارث هجڻ ڪري بيهوشي جي حالت ۾ مري ويو.
    ڪيڏانهن ويا سنڌ جا بيورو ڪريٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا، هاڻي ته ڪو سنڌي آفيسر ٿيو ڪونه آهي مغز خراب ٿيو ڪونه اٿس. پنهنجن غريبن کي ڌڪيندو ۽ نفرت ڪندو. چوندا آهن ته ڍؤ جَهلي هڪ مينهن ٻيو واڻيو. باقي شل نه اسان جو ڪو سنڌي آفيسر ٿي ڪو مٽ مائٽ پيري اگهاڙو ويس نه نوڪر ائين ڌڪي ٻاهر ڪڍندس، ڄڻ عذاب ڪريو هجين. ياد اٿم هڪ دفعي بيرزگاري جو دؤر ۾ هڪ سنڌي سنڌ جي وڏي مشهور بيورو ڪريٽ (سيڪريٽري) وٽ نوڪري لاءِ ويس پر صاحب نه سيڪريٽريٽ ۾ ملي نه وري بنگلي تي منهنجيون جتيون گسي ويون، آخر زوري ڪنهن طرح سان بنگلي تي مليو مانس مون کي ڏسندي ئي بڇڙي شڪل ڪري يڪدم چيائين (هتي به ڪونه ٿا ڇڏيو) اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو مايوس ٿي، نڪري آيس.
    ڪيڏانهن ويا سنڌ جا سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پير شهيد راڻي بينظير ڀٽو صاحبه ، سائين صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جهڙا، جن پنهنجي قوم ۽ ڌرتي سان نڀائيندي کلندي کلندي سر سولي حوالي ڪيا پر نه جهڪيا. نه ڪي اڄڪلهه جي سياستدانن وانگر..... وغيره وغيره
    ڪيڏانهن وئي سنڌ جي ونگار! شايد اڄ ڪلهه جو ڪوئي ئي نوجوان ونگار لفظ جي معنيٰ ڄاڻيندو هجي جي غريب هو ته دوستن يارن مٽن مائٽن پاڙي وارن کي چوندو هو ته ادا جهڳو (گهر) ٺاهڻو آهي مزدورن کي مزدوري ڏيڻ جيترا پئسه ڪونه اٿم، مهرباني ڪري سڀاڻي ونگار وهي وڃجو ته اچي سڀ گڏ ٿيندا هئا، غريب جي جاءِ تيار سو به بغير پئسي ڏوڪڙ جي غريب کي اجهو سولائي سان ملي ويندو هو، ڪنهن تي به بوجهه وغيره ڪونه ٿيندو هو. اها هئي سنڌ جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ پيار، پر جي هاڻي ڪنهن کي ونگار لاءِ چئبو ته اهو منهن سڄائي اهڙي ڳالهه ڪندو جو وري ڪونه چئي سگهبس.
    ڪيڏانهن ويا اسان جا اهي ڌاڙيل! سنڌ ڌاڙيلن جي عذاب کان شروع کان ئي تڪليف ۾ رهي آهي پوءِ شايد قدرتي سنڌ جي بيهڪ ئي اهڙي آهي يا ڪنهن بي ڳالهه هڪ ته بلوچستان جي بارڊر ٻيو ٻيلي ۽ ٽيون جابلو علائقي ڀرسان هئڻ ڪري ڌاڙيلن جو عتاب سنڌ جو ماڻهو ڀوڳيندو آيو آهي پر جي تشبيهه ڪبي نه وري به پوليس وانگر ڌاڙيلن جي تعريف ڪرڻ گناهه مثال آهي پر اڳي اهو ٿيندو هو ته ڌاڙو لڳو ته ڌاڙيل نياڻين ۽ عورتن جو دل سان احترام ڪندا هئا، نياڻين کي پاسيرو ڪري بيهاريو ويندو هو ۽ کين امان ۽ ادي ڪري عزت ڏيندا هئا، نه ڪي اڄڪلهه جي ڌاڙيلن وانگر نياڻين ۽ عورتن جي ڪنن مان والا به ڇڪي ڇني لاهي کين رتورت ڪريو ڇڏين، ڪا قهل ۽ شرم اکين ۾ ئي ڪونه.
    ڪيڏانهن ويون سنڌ جون طوائفون، جيڪي لال بازار ۾ اگر ڪو نئون جوان (خوبرو ڇوڪرو) وڃين ته اهو چئي موٽائي ڇڏينديون هيون ته هن گند مان نڪري وڃ. اڃا تون ٻار آهين اڃا ته زندگي پئي اٿئي هن ڳالهه ۾ نه ڦاس نه ڪي اڄڪلهه جيان، ڪو نوجوان ٿيندڙ خوبرو ڇوڪرو ويو ڪونه اٿن ۽ سندس کيسو خالي ٿيو نه آهي ۽ هو انهي گند ۾ ڦاٿو ڪونه آهي. ويندو ڦاسندو ۽ ويندو تباهه ٿيندو.
    ڪيڏانهن ويا ڪامريڊ، مرحوم حيدر بخش جتوئي جهڙا ڪامريڊ جيڪو انگريزن جي دؤر ۾ ڪليڪٽر هو پر ڪليڪٽري ٿڏي وڃي جيل ۽ ريل قبوليو. نه ڪي اڄڪلهه جي ڪامريڊ لڏي وانگر ٻن پئسن عيوض الاهي ڇا ڪري ويهن سواءِ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي جيڪو منهنجي والد جو شاگرد، منهنجو استاد ۽ ابو آهي، باقي ته مڙئي خير آهي! انهي سان گڏ مان ڪامريڊ روچيرام ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي به شامل ڪندس جيڪي نوجوان ڪامريڊن لاءِ مشعلِ راهه آهن.
    ڪيڏانهن ويا سنڌ جا وڏيرا، سنڌ جي وڏيري نواب نبي بخش خان ڀٽو ۽ جي ايم سيد جهڙا، جن پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪول ٺهرايا نه ڪي اڄڪلهه جي وڏيرن وانگر ته رڪارڊ ۾ اسڪول پر حقيقت ۾ مينهن ۽ ٻڪرين جا واڙا جيئن تر جي ماڻهن ۾ شعور پيدا نه ٿي.
    ڪيڏانهن وئي اها سنڌ جي غيرت، جو ڪنهن زمين جي ٽڪر خاطر زال، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ڪنهن ڌاري مرد سان زوري ڦاسائي غيرت ۽ ڪاري جو نالو ڏئي شهيد ڪري ڇڏڻ ۽ اهڙي طرح سان زمين ٽڪر خاطر خاندان ۽ قوم کي بدنام ڪري مٿان وري ڳاٽ اوچو ڪري ديده دليري سان نعرا هڻي ٿاڻي ۽ جيل تي وڃي پاڻ کي مڙس ماڻهو سڏرائڻ اها ڪا غيرت ۽ مڙسي نه بلڪه بي غيرتي ۽ بي شرمائپ آهي.
    ڪيڏانهن ويا سنڌ جا صحافي ڪامريڊ جمال الدين بخاري مرحوم جهڙا جن سنڌ کي صحافت ذريعي شعور ڏنو. امرتسر جو هيءُ پنجابي اچي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪري، سلام آهي امرتسر جي مٽيءَ کي، جنهن اهڙا جوڌا لعل پيدا ڪيا.
    ڪيڏانهن ويا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا وڪيل ۽ جج جو مرڻ تائين هٿين خالي سڪرات ۾ هئا ته پوءِ به سنڌ لاءِ سنڌ جي عوام لاءِ پريشان. بستر مرڳ تي ستل علاج لاءِ پئسو به ڪونه پوءِ به ڏاڍو خوش ۽ مطمئن. حالانڪه ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بحيثيت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ايڪويهين 21 گريڊ مان رٽائر ڪيو پر نه ته ڪڏهن وڪالت واري دؤر ۾ ئي ڪو اهڙو ڪيس کنيائين جو ڪنهن گناهه گار مجرم کي ڇڏائي نه ئي وري جج شپ دوران ئي ڪو اهڙو ڪڌو ڪم ڪيائين جو اسان اولاد ڪنڌ جهڪائي هلون.
    آخر ۾ مان عدليه تي ڪجهه به ڪونه ڳالهائيندس ڇو جو مان به خود ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو پٽ آهيان، منهنجي رڳن ۾ جج جو خون ٿو ڊوڙي.
    بونا پارٽ جڏهن دشمن سان جنگ پئي لڙي ته صحافين چيس ته اوهان ته جنگ هارايو پيا. هن چيو ته مان جنگ کٽيان پيو ڇو جو اسان جي عدليه مضبوط آهي. صحافين ٻيهر چيس ته اوهان جنگ هارايو پيا. بونا پارٽ ٻيهر اهو ئي چيو ته مان جنگ کٽيان پيو ڇو جو اسان جي عدليه مضبوط آهي وري ٽيهر صحافين چيس ته اوهان جنگ ته هارايو پيا بونا پارٽ ٽيهر به ساڳيو ئي جواب ڏيندي چيو ته مان جنگ هارائي ئي نه ٿو سگهان ڇو جو اسان جي ملڪ جي عدليه مضبوط آهي، آخرڪار واقعي بونا پارٽ جنگ کٽي. کٽڻ کان پوءِ صحافين پڇيس ته اوهان جيڪو باربار چئي رهيا هئا ته عدليه مضبوط آهي انهي جو جنگ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ چيائين ته جيڪي جنگ ۾ جوان وڙهي رهيا هئا انهن کي پڪ هئي ته اگر جنگ ۾ اسان مري به وياسين ته اسان جي پوئين سان انصاف ضرور ٿيندو، تڏهن ئي انهن جوان مردي سان دشمنن جو مقابلو ڪري کٽيو.
    سنڌ جي وڏي اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان ايلسا قاضي جي مڙس علامه آءِ آءِ قاضي چيو ته اسان جي ملڪ جو قانون ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي جنهن ۾ مک ۽ مڇر ته ڦاسي سگهي ٿو. ڏاند ۽ اٺ نه!
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي انهن اکرن سان هِن وقت جي ملڪي صورتحال ۾ متفق نٿو ٿي سگهجي، ڇو جو هاڻ پنهنجي وطن ۾ به عدليه آزاد ۽ خود مختيار ڪردار ادا ڪندي ڏاند ۽ اُٺ کي هٿيڪو ڪندي نظر اچي پئي.


    تعمير سنڌ، سچ، عبرت، عوامي آواز، هلال پاڪستان، خبرون


    عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ميلو اڄ کان شروع

    وفاقي حڪومت پاران سال 2007ع کي ثقافت ۽ سياحت جي حوالي سان ملهائڻ واري اعلان بعد اڄ 16 فيبروري کان 17 ۽ 18 فيبروري تائين عمرڪوٽ جي تاريخي ضلعي ۾ ٿر جي ثقافت کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ميلي جو نفاذ ڪيو پيو وڃي، اهو ميلو وفاقي سرڪار پاران سنڌ جي اهڙي شهر ۾ لڳايو پيو وڃي جيڪو سموري سنڌ ۾ تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، هي شهر ڪنهن دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ به رهي چڪو آهي. مومل جي ماڙي کان ويندي هزارين رنگ هن شهر ۾ پسجڻ لائق آهن جيڪي به ملڪي ۽ غير ملڪي سياح هن ۾ شرڪت ڪندا، يقيني طور تي انهن کي هن ميلي ۾ هزارين دل ۾ سانڍڻ جهڙا رنگ نظر ايندا جتي انهن کي ماروي جي حب الوطني جا آثار نظر ايندا ته اتي وري ٿري ڪلچر ريتون رسمون رواج جا رخ به پسجڻ لاءِ ملندا. هن شهر جي تاريخ تمام آڳاٽي رهي آهي، تنهن کي موجوده حڪومت قبوليندي، هي يادگار پل سهيڙيا آهن، سموري عمرڪوٽ کي خوبصورت بينرن سان سينگاريو ويو آهي جن تي ڀليڪار جهڙا لفظ چٽيل آهن، شهر ۾ حقيقي رونقون ۽ مرڪون جوڀن تي ڏسڻ جهڙيون آهن، اڄوڪي ڏينهن جنهن دل امراڻي کي به پسيو، اها بد نصيبي لکي ويندي اڄ عمرڪوٽ ۾ حقيقي خوشين موٽ کاڌي آهي، جنهن جو ثبوت عمرڪوٽ ڄائو جهونو تاريخدان ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي جن آهن جيڪو ٿر ۽ عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ثقافت ميلي جي حوالي سان پنهنجن جهونن هٿن سان هڪ خوبصورت اسٽائل لڳايو آهي، ان کان علاوه مختلف تعليمي ادارا، اين جي اوز ۽ سماج سڌار هن ميلي ۾ پنهنجا پنهنجا اسٽائل لڳائي رهيا آهن جن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي ثقافت جا رنگ چٽيل آهن. انهي کان علاوه هن ثقافتي ميلي ۾ رات جو علائقائي فنڪار محفل کي رنگ بخشيندا، هي ميلو جتي ٿر ۾ تفريح جا ذريعا فراهم ڪندو ته اتي وري عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ جو سبب بڻجندو ۽ ٻاهرين ملڪن جي سياحن جي ويتر دلچسپي هن علائقي سان وڌندي. هن ڪاڄ پويان وفاقي حڪومت جا هٿ آهن، جنهن هن ڳالهه کي محسوس ڪيو آهي ته عمر ڪوٽ ٿر ۽ بيراج جو گيٽ وي ۽ گڏيل مزاج تي ٻڌل تاريخي شهر آهي. مون کي ياد آهي ته جڏهن بابا مرحوم تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص هو ته هن زماني ۾ بابا سائين سان گڏجي عمرڪوٽ جو تاريخي قلعو گهميو هو ۽ هن دؤر جا يادگار ڏٺا هئا پر هاڻ زمانو گذري چڪو آهي دنيا ڪٿي کان ڪٿي وڃي پڳي اسان ماڻهو به ترقي ڪري چڪا آهيون ۽ هي شهر گهڻو تبديل ٿي چڪو پر جڏهن وري آئون سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن طور بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته مون کي اها ئي سڪ سونهن ۽ پنهنجائپ نظر آئي ۽ حقيقي محبتون ۽ قرب پسجڻ لاءِ مليو، هيڏو سارو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ آئون هتي جي ماروئڙن جي محبتن کي وساري ناهيان سگهيو. اڄ هن شهر ۾ ثقافتي ميلو لڳڻ سان هڪ نئون مزاج جڙي رهيو آهي. هن کان اڳ به هن قلعي ۾ هڪ يادگار ميلي جو انقاد ڊاڪٽر هرچند لاکاڻي ڪيو هو جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. اڄ وري اهو ميلو وفاقي حڪومت جي سرپرستي هيٺ لڳي پيو ۽ ميلي جي موقعي تي سياحن کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويا آهن، شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ بينرن ۽ گيٽن سان سينگاريو ويو آهي. قلعي جي شاهي ديوارن تي لائيٽنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قلعي جي ميوزيم ۾ موجود يادگار شيون ضرور ٻاهران کان ايندڙ سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب بڻبيون. ٿر جي حساب سان هي تمام وڏو تاريخ ساز ميلو آهي، جنهن جا اثر سموري ٿر تي ڪيئي سالن تائين رهندا ۽ ٿر جي ثقافت ٻاهرين ملڪن ۾ پذيرائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.

    سوڀ، هلال پاڪستان، خبرون، تعمير سنڌ، مهراڻ، سنڌ، عوامي آواز، سنڌو، سُڪار، فيصلو


    عمرڪوٽ ضلعو ڪڏهن بحال ٿيندو ڪوٽ ته عمر ڪوٽ

    1977ع ڌاران منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن جج ميرپورخاص ٿيو تڏهن ٿرپارڪر جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو ۽ چئبو هو ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص. تڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين مرحوم مون کي پاڻ سان گڏ عمرڪوٽ قلعو گهمائڻ لاءِ عمرڪوٽ وٺي آيو، تڏهن عمرڪوٽ شهر تمام ننڍڙو هو ۽ آبادي به اڄ کان تمام ٿوري هئي. انهيءَ ڳالهه کي به 26 سال گذري چڪا آهن، 26 سالن جي وٿيءَ کان پوءِ مون کي بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن عمرڪوٽ ڪري رکيو ويو، جتي مون پنهنجي زندگي جا ٻه سال گذاريا ۽ اهڙي طرح سنڌ جي هن پٺتي پيل ٿر جي علائقي کي چڱي طرح گهمڻ ۽ ڏسڻ جو باقاعده موقعو ميلو، جڏهن عمرڪوٽ پهتس ته مون کي 26 سال اڳ وارو عمرڪوٽ بنهه ٻيو لڳو، اڳ جي بنسبت آبادي تمام گهڻي ٿي چڪي آهي، روڊ رستا وڏا ٺهي چڪا آهن، اڳ ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين پڪو رستو ڪونه هو پر هاڻي اها وڏي ڳالهه محسوس ڪيم ته عمرڪوٽ کي سڀ روڊ رستا ڏنا ويا آهن، عمرڪوٽ جو پاڙيسري تعلقو ڪنري آهي، جيڪو پوري ايشيا ۾ مرچن جي وڏي ۾ وڏي منڊي طور مشهور آهي.
    انهي کان علاوه عمرڪوٽ جو ٻيو پاڙيسري تعلقو سامارو آهي، جتي جي زرخيزي ملڪان ملڪ مشهور اهي پر هاڻي سنڌ جي مجموعي طور پاڻي جي کوٽ جو اثر هتي به ٿيو آهي، تنهن ڪري سامارو تعلقو هاڻي زرخيزي جي لحاظ کان جيڪو سو ڪجهه گهٽ ۽ پٺتي پئجي ويو آهي، سامارو تعلقي جا مکيا فصل ڪمند، ڪڻڪ، اسپنگر، ڄانڀو، ۽ بصر وغيره آهن.
    عمرڪوٽ جو ٽيون پاڙيسري تعلقو پٿورو آهي، جيڪو پير پٿوري جي ڪري پٿورو تعلقو سڏو وڃي ٿو، جتي پٿور ريلوي اسٽيشن پڻ آهي، پير پٿورو هند توڙي سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جي نظر ۾ وڏو پير ليکيو وڃي ٿو، جتي هر سال ميلو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، تعلقي پٿوري جا مکيه فصل ڪڻڪ، مڪئي، ٻاجهر ۽ ڦٽيون آهن .
    عمرڪوٽ سنڌ جو اهم ۽ تاريخي شهر رهيو آهي هي سنڌ جي گادي جو هنڌ پڻ رهيو آهي هن شهر عمرسومري بادشاهه جي دؤر ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي جڏهن عمر سومري ٿر مان مارئي کي اغوا ڪري اچي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪيو، مارئي غيرت مند نياڻي هئي سا ڪنهن به لالچ منجهه ڪونه آئي آخرڪار عمر سومري کي آڻ مڃڻي پئي ۽ مارئي پنهنجو ڳاٽ اونچو ڪري واپس پنهنجن ماروئڙن ڏانهن عزت، آبرو ۽ سلامتي سان واپس وئي، عمرڪوٽ سياست ۾ به سنڌ جي ٻين علائقن کان ڪنهن کان به گهٽ ڪونه رهيو آهي، عمرڪوٽ سنڌ کي تمام سٺا سياسي ماڻهو ڏنا آهن، جن ۾ سيد مظفر حسين شاهه، راڻا چندر سنگهه، نواب يوسف ٽالپر، عبدالواحد آريسر، علي مردان شاهه، ڊاڪٽر هرچند راءِ ۽ جادم مڱريو شامل آهن. عمرڪوٽ ادب جي لحاظ کان به ڪنهن طرح سان سنڌ جي ٻين علائقن کان گهٽ ڪونه رهيو آهي، هن سنڌ کي بيشمار ادبي شخصيتون ڏنيون آهن جن ۾ خان صاحب عبدالڪريم پلي، جمن دربدر ، معمور يوسفاڻي، حليم باغي، سردار شاهه، ارباب نيڪ محمد، ڊاڪٽر مير امان الله ٽالپر، غلام محمد ڪنڀر ۽ علي اڪبر راهمون شامل آهن.
    عمرڪوٽ جي مٽي فنڪارن جي لحاظ کان به ڏاڍي اونچي رهي آهي، انهن فنڪارن منجهان شفيع فقير، مصري جوڳي، ڦوٽو جوڳي ۽ موهن ڀاٽ شامل آهين. جن ملڪ کان ٻاهر وڃي پاڪستان جو نالو مڃرايو آهي عمرڪوٽ رڳو عمر سومري ۽ مارئي جي ڪري ئي تاريخي ڪونه رهيو آهي پر هن جي مشهوري جو ٻيو سبب هندستان جي نامور بادشاهه اڪبراعظم جو عمرڪوٽ ۾ ڄمڻ آهي جنهن جي جاءِ پيدائش کي اڄ به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن ته حيرت ۾ پئجي ويندا آهن ته هندوستان جو هيڏو مشهور بادشاهه عمرڪوٽ ۾ ڄائو!
    انگريز سرڪار جي دؤر ۾ 1936ع تائين ٿرپارڪر ضلعي جو هيڊڪوارٽر پڻ عمرڪوٽ ئي هيو پوءِ 1936ع ڌاران عمرڪوٽ کي ختم ڪري ميرپورخاص کي ٿرپارڪر جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو، عمرڪوٽ جو بخت ۽ ڀاڳ وري ٻيهر 1993ع کان شروع ٿيو، جڏهن سنڌ جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم سيد غلام حيدر شاهه جيڪو صوبائي وزير به هيو تنهنجو فرزند سيد مظفر حسين شاهه عمرڪوٽ جي مٽيءَ کي مان ڏيندي وزيراعليٰ سنڌ جي عهدي تي اچڻ شرط ئي عمرڪوٽ کي ضلعو بڻايو، جيڪو ڪجهه سال ته ضلعو رهندو آيو پر ضلعي جي ڌار بجيٽ منظور نه هجڻ سبب مالي کوٽ هجڻ ڪري سنڌ مان عمرڪوٽ ضلعي ۽ بلوچستان مان چئن ضلعن کي ختم ڪيو ويو، جيئن ته تازو ئي ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙ وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي ٿيو آهي جنهنجو اڻ سڌي طرح سان گهڻو واسطو سنڌ ڌرتي سان رهيو آهي. هونئن به بلوچ سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو آهن، انهي جا تاريخي سبب ته تمام ئي گهڻا آهن پر هن مضمون ۾ انهيءَ تي ڪونه لکبو.
    وزيراعظم پاڪستان ميرظفرالله خان جمالي بلوچستان جا چارئي ختم ٿيل ضلعا بحال ڪيا آهن ته سنڌ صوبي جو هي پٺتي پيل علائقو عمرڪوٽ ضلعي کي بحال ڪري ميرظفرالله خان جمالي سنڌ سان بلوچستان جي تاريخي ۽ قديمي رشتي کي نڀائيندي اڃان وڌيڪ سنڌ بلوچستان جو دوستاڻو رشتو مضبوط ڪري. عمرڪوٽ جي غريب عوام جون هاڻي شدت سان عمرڪوٽ ضلعي جو باني اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ ۽ هاڻوڪي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه ۽ وزير اعظم پاڪستان مير ظفر الله خان جمالي ڏانهن نظرون کتل آهن ته بلوچستان جي چئن ضلعن جي بحال ٿيڻ بعد ڪهڙي لمحي ٿو هي عمرڪوٽ ضلعو به بحال ٿئي.
    بهرحال مون کي منهنجي پوسٽنگ (نوڪري) دوران جا سڪ، پيار ۽ قرب عمرڪوٽ (ٿر) جي عوام ڏنو سو فقط ۽ فقط منهنجي دل ئي ڄاڻي ٿي. جنهن جو مان اظهار لفظن ۾ نه ٿو ڪري سگهان واقعي به ٿر جا ماڻهو مٺڙا، سٻاجهڙا، يارويس، دريا دل، محبتي ۽ پر امن جهڙا ڪتابن ۽ تاريخ ۾ پڙهيا هيم، اهڙا ئي ماڻهو اکين سان ڏٺم.

    هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌ، خبرون، ڪوشش، سنڌو، تعمير سنڌ

    نوٽ: هن مضمون جي لکڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ضلعو بحال ٿيو ۽ مونکي مڃتا ڏيندي، اڳوڻي وزير اعليٰ ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد مظفر حسين شاهه ايوارڊ شيلڊ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو.


    جهالت جي دز ۾ ڦاٿل ۽ نين راهن جي منتظر پاڪستاني قوم

    قيام پاڪستان بعد فوري طور تي تعليم جي ضرورت کي محسوس ڪيو ويو ۽ تعليمي ڪانفرنس ذريعي هن سلسلي ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. پر شروعاتي مرحلي ۾ ان جي ڪابه رزلٽ سامهون نه آئي. 1959ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪي دوران تعليمي ڪميشن جي رپورٽ ترتيب ڏني وئي. اهڙي نموني سان 1969ع ۾ نور خان جي اڳواڻي ۾ مڪمل تياري سان ڪميشن تشڪيل ڏنو ويو. 1972ع ذوالفقار علي ڀُٽي جي باقاعدگي سان تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ شرح خواندگي وڌائڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم جي وسيلي ٻنهي علائقن جي اندر تعليمي تناسب برقرار رکيو ويو.
    ياد رهي ته اهو ڪوٽا سسٽم رڳو ڏهن سالن تائين هو ڇو جو ان وچ ۾ حڪومت کي ايترو وقت ملي وڃي جو هو ٻهراڙي ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهي ۽ هتي جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار جي تلاش جي اندر شهرن جا چڪر نه ڪاٽڻا پون. تنهن بعد ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جي تعليمي پاليسي ۾ اردو زبان کي 15 ورهيه يعني 1988ع تائين سرڪاري ادارن جي اندر مڪمل طور تي رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته گڏوگڏ ملڪي نجي تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت جو حصو ٺاهيو ويو، ته جيئن تعليم جو حصول هر ڪنهن کي سولو ٿي سگهي. 1992ع جي اندر خواندگي جي شرح وڌائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون ۽ نواز شريف پنهنجي 1998ع واري دؤر ۾ 2010ع جو حدف مقرر ڪيو، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ 4-2001ع ۾ هڪ ايڪشن پلان ٺاهيو ويو. جنهن تحت تعليم ۽ بارگاهن 72000 مرڪز قائم ڪيا ويا ۽ خواندگي جي شرح 60 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو ارادو ڪيو ويو ته گڏوگڏ سنڌ حڪومت پرائمري تائين تعليم بلڪل مفت ڪري ڇڏي ته پنجاب حڪومت وري ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
    جيستائين خواندگي جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان آهي ته هن جي شروعاتي صدي ۾ 1965ع جي اندر آمريڪي تنظيم نيشنل ايجوڪيشن سائينٽيفڪ اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن (يو اين اي ايس سي او) ڪئي. تنهن بعد هر 8 سيپٽمبر تي خواندگي جو عالمي ڏينهن پوري دنيا اندر ملهائجڻ شروع ٿي ويو. تنهن بعد 1990ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي اعلان ڪيو ته خواندگي جو عالمي ڏينهن باقاعدگي سان هر سال ملهايو ويندو. هن سال سمورن ملڪن اهو وچن ڪيو آهي ته اهي خواندگي جو ڏينهن پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ملهائيندا ۽ گڏوگڏ تعليم سماجي ۽ معاشي پروگرامن کي هن ساڻ ترقي ڏيندا. اهڙي طرح سان هر سال 8 سيپٽمبر تي خواندگي جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، جنهن جو اصل مقصد انفرادي، اجتماعي ۽ معاشرتي حوالي سان تعليم کي اجاگر ڪرڻ آهي.
    هڪ رپورٽ موجب موجوده دؤر ۾ دنيا ۾ هر ستن ماڻهن مان هڪ ماڻهو اڻ پڙهيل آهي. هن وقت دنيا ۾ 860 ملين مرد ۽ 500 ملين عورتون اڻ پڙهيل آهن. اقوام متحده جي عالمي تعليمي حدف موجب 2015 تائين تعليمي شرح 85 سيڪڙو تائين اڳتي وٺي وڃڻ جو ارادو آهي، جنهن لاءِ سمورا ملڪ وٺ پڪڙ ۾ رڌل آهن. پر تنهن باوجود ڪاميابيون انهن کان ڪوهين ڏور پري بيٺل نظر ٿيون اچن. پاڪستان جي آبادي جو 1947ع ۾ جيڪو 32 ملين هئي اها هاڻ وڌي ڪري 145 ملين تائين پهچي چڪي آهي، چوڻ جو مقصد ته چوڻو واڌارو ٿيو آهي انهيءَ طرح سان 1974ع ۾ اها شرح 16.1 تائين پهتي، اها شرح هاڻ حڪومتي انگن اکرن موجب 50 سيڪڙو آهي. پاڪستان جي آبادي جيڪو 15 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي، جنهن جون تعليمي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ جي ڊي پي جو 2.4 سيڪڙو تعليم لاءِ مخصوص ٿيل آهي جيڪو يونيسڪو جي قائم ڪيل اداري جي معيار جو اڌ آهي. يونيسڪو جي معيار مطابق ترقي پذير ملڪن کي پنهنجي مجموعي پيداوار جو 4.5 سيڪڙو قومي بجيٽ کان 18 سيڪڙو مختص ڪرڻو آهي.
    ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سريلنڪا، خواندگي جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ هڪ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته انڊونيشيا 84، ڀوٽان 52، ڀارت 53، بنگلاديش جي شرح خواندگي 45 سيڪڙو آهي. جيتري قدر پاڪستان جي شرح خواندگي جو لاڳاپو آهي ان جا انگ اکر ٻيا آهن. اين جي اوز ۽ ٻيا حڪومت خواندگي جي شرح 50 سيڪڙو ٻڌائين ٿا. جڏهن ته غير حڪومتي ذريعن موجب اها شرح 35 سيڪڙو جي ويجهو آهي. يونيسڪو جي رپورٽ مطابق ايشيائي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻي پاڪستان جي اندر پرائمري اسڪولن جي اندر 43.7 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم آهن. انهن ۾ 38.2 ڇوڪرا، 49.2 ڇوڪريون شامل آهن. ٻئي نمبر تي نيپال ٿو اچي وڃي جتي 27.1 سيڪڙو پرائمري تعليم کان ٻار پوئتي آهن. انهن ۾ ڇوڪرن جو تناسب 20.6 ۽ ڇوڪرين جو 34 سيڪڙو آهي جڏهن ته بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ 22.6 ۽ ننڍن علائقن ۾ خواندگي جي شرح 86 سيڪڙو آهي. جڏهن ته هتي 185 ملين آبادي تعليم کان هٽيل آهي پاڪستان جي 46 سيڪڙو بالغ آبادي ناخواندگي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ 80 لک کان مٿي ٻار پرائمري اسڪولن ۾ نٿا وڃن. جڏهن ته دنيا جي اندر خواندگي جي شرح ۾ مرد 16 سيڪڙو عورتون 26 سيڪڙو پاڪستان جون ڇوڪريون تعليم جي سلسلي ۾ ڪافي پٺتي رهجي وڃن ٿيون. اقوام متحده جي عالمي تعليمي حدف 2015ع تائين تعليم سڀني جي لاءِ سلسلي ۾ سمورا ملڪ ڪوششون وٺڻ پيا، پر تنهن پڄاڻان پرائمري تعليم کان 12 ڪروڙ 10 لک ٻارڙا 6.5 ڇوڪريون شامل آهن. هر ملڪ ۾ خواندگي جي حوالي سان الڳ الڳ سبب ٻڌايا ٿا وڃن. پر پاڪستان جي اندر جيڪڏهن انهن ڪارڻن پويان ڊوڙبو ته اسان کي تعليم کاتي ۾ بي پناهه اوڻايون ئي نظر اينديون.
    اڄ خواندگي جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏينهن تي اسان کي اهو وچن ڪرڻ کپي ته اسان ملڪ عظيم جي هر ٻار کي تعليم ڏيارينداسين ۽ پوري ملڪ ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.

    عوام آواز، خبرون، سوڀ، سنڌ، مهراڻ، سنڌو


    شهدادڪوٽ: خوبصورتين ۽ محبتن جو شهر

    شهدادڪوٽ منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ته جنم ڀومي آهي ئي پر تنهن هوندي به منهنجي لاءِ هي شهر اڄ کان ڪجهه سال اڳ بلڪل نئون هو پر جڏهن هن شهر ۾ منهنجي پوسٽنگ بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿي ته مون کي شهدادڪوٽ کي گهمڻ، ڏسڻ ۽ پرکڻ جو ڀرپور موقعو مليو، شهدادڪوٽ کي مون سياست جي حوالي سان تمام ئي گهڻو اڳتي ڏٺو، هتان جي ليڊرن ۾ احمد نواز خان کهاوڙ، خدا ڏنو خان چانڊيو، نور نبي جوڻيجو، سردار محمد بخش کهاوڙ، مير نادر علي مگسي، احمد سلطان کهاوڙ ۽ تازو ئي صوبائي وزير ٿيندڙ مير نادر علي مگسي کي مون ڏاڍو سياست ۾ سرگرم ڏٺو. مير نادر علي مگسي ۽ مير عامر خان مگسي سياسي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿا. مير نادر علي خان مگسي صوبائي وزير خوراڪ آهي، جڏهن ته مير عامر خان ايم اين اي آهي، سندن ٽيون ڀاءُ ذوالفقار علي مگسي گورنر بلوچستان آهي، جڏهن ته شهدادڪوٽ وارو تڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو اباڻو تڪ رهيو آهي، جنهن تان هن وقت محترمه فريال ٽالپر صاحبا بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ شهدادڪوٽ جو عوام محترمه فريال ٽالپر صاحبه مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو سڪون لاهي رهيو آهي ۽ فريال ٽالپر صاحبه نئون ديرو هائوس عوام جا مسئلا ٻڌي ٿڏي تي حل ڪري رهي آهي. سندن پاران عوام جي ڀلي لاءِ بڻيل قدمن جو هتي جو باشعور عوام تمام گهڻو خوش نظر اچي ٿو ته اتي سندن مان اڻ ڳڻيون اميدون وابستا ڪري ويٺو آهي.
    ادب جي حوالي سان به شهدادڪوٽ وينا شرنگي، عبدالغفور ڀرڳڙي، استاد پيرل قمبر، محمد صديق ابڙو، گل محمد ’گل‘ شاه بخاري، احمد علي ’صابر‘ چانڊيو توڙي ٻين کوڙ سارن ليکڪن کي جنم ڏنو آهي، جن ادب ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو آهي.
    لاڙڪاڻي ڊويزن جو آباديءَ جي لحاظ کان شهدادڪوٽ وڏي ۾ وڏو تعلقو ليکيو وڃي ٿو. شهدادڪوٽ واسين جو وڏي ۾ وڏو خواب شهدادڪوٽ ضلعو ٿيڻ آهي. زراعت جي حوالي سان ڏسجي ته ساريالي علائقي هجڻ سبب سارين ۽ چانورن جي حوالي سان به هي ضلعو ملڪان ملڪ مشهور آهي ۽ ملڪ جي وڏين اناج منڊين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو اندازو فقط انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هي پاڪستان جو غالبن واحد ضلعو آهي، جنهن ۾ سارين جا اٽڪل 60 کن سيلر آهن، هي شهر گڏهه گاڏن جي شهر طور به مشهور آهي، ڇو جو غريب هارين لاءِ گڏهه گاڏو سارين ڍوئڻ ۾ ٽريڪٽر ٽرالين سان گڏ وڏو مددگار آهي، حالانڪه شهدادڪوٽ جو هر روڊ وڏو ۽ ڪشادو هوندي به جيڪڏهن شهر جي ڪنهن به روڊ تي گاڏي تي چڙهبو ته گڏهه گاڏن جي لاتعداد هجڻ سبب روڊ جي چپي چپي تي گڏهه گاڏن جي رڪاوٽ سبب ماڻهو جيڪڏهن تڪڙو هوندو ته بيزاري وچان ڪار تان لهي مجبورن گهر پيرين پنڌ وڃڻ بهتر سمجهندو، شهدادڪوٽ ڪاروباري لحاظ کان به ملڪ جي وڏي منڊي طور شهرت رکي ٿو، ڪاروباري منڊي هجڻ سبب لاڙڪاڻي جو شهري به مون ڏٺو ته اڪثر شاپنگ ڪرڻ لاءِ بجاءِ لاڙڪاڻي جي شهدادڪوٽ کي سستي سمجهندي خريداري ڪرڻ پسند ڪري ٿو، شهدادڪوٽ شايد واريءَ جي دڙي تي ۽ قبو سعيد خان جي جبل هئڻ سبب جيڪو شهدادڪوٽ جي ويجهو آهي، مون گرمين ۾ شهدادڪوٽ کي تمام ئي گهڻو گرم ڏٺو وري جڏهن شهدادڪوٽ جي بجلي اڪثر اکٻوٽ ڪندي هئي ته اڪثر شهر جا ماڻهو بيهوش ٿي ويندا هئا، هتي مشهور اولياءَ ميان محمد صديق وچ شهر ۾ ابدي ننڊ ستل آهي ۽ اڪثر شهر جا ماڻهو هن دنياوي نفسانفسي واري دؤر ۾ جڏهن مايوس پئي ٿيا ته هن درگاهه تي ويندا آهن ته روحاني طور سڪون وٺي نوان سنوان ۽ تازا توانا ٿي موٽندا آهن، مون درگاهه تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل ڏٺو، هتي جي وڏين ذاتين ۾ کهاوڙ، مگسي، چانڊيا، جوڻيجا، کوسا، بروهي، جمالي، ڪمبوهه، شيخ، هندو، سومرا، ابڙا، سيلرا، لانگاهه، تنيا ۽ ٻيون کوڙ ساريون ذاتيون آهن، بلوچستان ويجهو هجڻ سبب هتي بلوچستان جي رسمن جا به ڪجهه اثر آهن، هتان جي ٻولين ۾ سنڌي، سرائڪي، بلوچي، بروهڪي، پنجابي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن پر مجموعي طور تي هتي ٻولي سنڌي اڪثر ڪري عام جام ڳالهائي ويندي آهي.
    شهدادڪوٽ نئين ايندڙ ماڻهوءَ لاءِ هڪ پهاڪو به مشهور آهي ته ’’شهداڪوٽ ائين نه موٽ، جي موٽ ته سڪ وٺي موٽ‘‘ اها به حقيقت آهي ته مان تقريبن پنهنجي نوڪري جي ايام ڪاريءَ ۾ اتان جي رهواسي انتهائي محبت ڏيندڙ يارويس، باشعور، ادبي، سماجي، سياسي سمجهه رکندڙ، همدرد ۽ سڌا سنوان مهمان نواز ڏٺا ۽ پرکيا، شهدادڪوٽ کي پراڻي دؤر کان وٺي هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي، غالبن روز هڪ ٽرين لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ ۽ شهدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي ايندي ويندي آهي، جنهن جي اسپيڊ لاءِ مشهور آهي ته اڃ لڳي ته هلندڙ ٽرين مان لهي پاڻي پي وري ٽرين ۾ چڙهو، هتي هڪ مشهور ۽ اهم ڪوٽو موٽو چوڪ آهي، جيڪو ٻن هندو ڀائرن ڪوٽو موٽو چوڪ جي انهيءَ چوڪ تي دڪان هئڻ، سبب اهو چوڪ سندن نالي منسوب ٿيل آهي پر انهيءَ چوڪ تي دڪان هئڻ سبب اهو چوڪ هاڻي بک هڙتالن جي لحاظ کان به مشهور آهي، منهنجي خيال ۾ حيدرآباد پريس ڪلب چوڪ جيڪو سنڌ ۾ بک هڙتالن جي لحاظ کان مشهور آهي، شهدادڪوٽ ۾ اهو اندازو ٿيو ته هتان جو ماڻهو ملڪ جي ٻين شهرن کان تمام گهڻو باشعور ۽ پرامن آهي، جو بجاءِ شهر بند ڪرائڻ جي هڙتالن، ڌرڻن ۽ جلسن جلوسن ڪڍڻ جي پرامن، مذهب طريقو، (بک هڙتال) اختيار ڪندي ڏٺم، هن شهر ۾ مون کي هڪ وڏي سٺي ڳالهه محسوس ٿي ته شهدادڪوٽ وڏي شهر هوندي به هتي رڪشائن جو نه هجڻ آهي، جنهن جي آواز ۽ شور کان هتان جا ماڻهو بچيل آهن ۽ اڃا پراڻي دؤر جو رواج ٽانگو هلندو پيو اچي، هتان جي صحافين غريبن، مسڪينن پيرين اگهاڙن، بي زبان اٻوجهه ماڻهن جي آواز کي اڪثر ايوانن تائين پهچايو آهي ۽ سندن مسئلن ۽ تڪليفن جي دادرسي ڪئي آهي، بهرحال اڄ به مون کي شهدادڪوٽ سنڌ جو نمائندو شهر لڳندو آهي، هن شهر ۾ سروس ڪرڻ کي آئون پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ٿو سمجهان، اڪثر هي پهاڪو منهنجي ذهن تي بار بار تري ايندو آهي ته ’’شهدادڪوٽ ائين نه موٽ، جي موٽ ته سڪ وٺي موٽ‘‘.
    ****
    تعمير سنڌ، خبرون، شام، سنڌ، شهدادڪوٽ بليٽن، سوڀ، عبرت، تعميرِ سنڌ، هلال پاڪستان


    ماءُ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان : ماءُ جي دعا، جنت جي هوا

    ڪالهه مائرن جو عالمي ڏينهن ٿي گذريو، اهو ڏينهن جنهن کي مڃتا ڏيڻ جيترا لفظ به مون وٽ ناهن جو آئون انهن لفظن سان هن عظيم هستي کي ڀيٽا ڏيان. ماءُ جي حوالي سان ڇا لکي ۽ ڇا لکجي آئون ته اهو ته سمجهان هن عظيم ماءُ جي حوالي سان جيترو ڪجهه لکيو وڃي ۽ هن جي احترام ۾ اڄوڪي ڏينهن جيترا هن جا گڻ ڳائجن تنهن کي آئون تمام نه هئڻ برابر ٿو سمجهان پر اڄوڪي هن تنگي واري دؤر ۾ اسان جو ماءُ سان ڪهڙو رويو آهي ڪهڙو هئڻ کپي اهو هڪ تمام وڏو سوال آهي، تنهن ڪري سوچڻ پر تمام گهڻو سوچڻ جي ضرورت آهي، اسان جا رويا جيڪي ماءُ سان هئڻ کپن اهي ناهن رهيا، اڄوڪي دؤر ۾ ماءُ تمام ڏکويل آهي تنهن جي درد جي درمان جي ضرورت آهي سڀ کان پهريان ماءُ جي عزت جو سوال آهي سا هن کي ڪيتري حد تائين اسان جي سماج ۾ ملي ٿي اهو به اسان جي سامهون آهي، اڪثر طور تي مائرن تي تشدد جا ڀيانڪ واقعا به اسان جي نظر چڙهندا رهيا آهن ۽ اڪثر طور تي اخبارن ۾ ائين به خبرون وڏين سرخين ۾ شايع ٿيل هونديون آهن ته پٽ هٿان ماءُ قتل يا ڪارو ڪاري جي شڪ ۾ ماءُ کي پٽ قتل ڪري ڇڏيو، يا وري پٽ جو ماءُ تي تشدد اُهي خبرون حقيقي معنيٰ ۾ جيڪي اثر اسان جي سماج تي ڇڏين ٿيون تن جو احساس هر هُن ماڻهو کي ضرور ڪنهن حد تائين ٿيندو جيڪو سماجي درد رکي ۽ ممتا کي سمجهي ٿو. ماءُ جي عظمت کان ڪير به انڪاري نٿو ٿي سگهي، اسان جي مذهب اسلام ۾ ته جيڪا ماءُ کي حيثيت حاصل آهي سا تمام عظمت ڀري ۽ ساراهه لائق آهي ۽ ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت جو به چيو ويو آهي، جيڪو ماءُ جي خدمت ڪري ٿو هن کي الله پاڪ پاران جيڪو نتيجو ملي ٿو سو تمام وڏو ۽ اعليٰ آهي، ماءُ گُل مثل آهي اهو گل جنهن جي خوشبو تاحيات اسان جي زندگي ۾ واس ٿي ڏي، ماءُ پاڻ راتين جون راتيون جاڳي اسان لاءِ سُک ٿي تلاش ڪري ۽ پنهنجي ٻچڙن جي اکڙين ۾ آيل لڙڪن کي اگهي هن کي مرڪن کان وينجهاري ٿي اُهي سدا حيات مرڪون جن جي هڪ جهلڪ اسان جي جيون کي سنواري سينگاري، جيئڻ جا نوان گس ٿي ڏيکاري، اسان پنهنجي ماءُ جي ڪيل هڪ رات جي اوجاڳي جي به قيمت صحيح معنيٰ ۾ ادا نٿا ڪري سگهون، جيڪو هوءَ راتين ۾ ننڊون ڦٽائي اسان خاطر اوجاڳا ڪٽي ٿي ماءُ جنهن جو نانءُ آهي اهو نانءُ اسان کان تمام گهڻو ڪجهه گهري ٿو، هن جي چاهت، محبت جيڪا اسان کي هن ارپنا ڪئي آهي سا اسان ڪڏهن ڀلجي به وساري نه ٿا سگهون، ماءُ جي هنج جنهن ۾ سمهڻ بعد زماني جا سمورا درد هوائن سان گڏ اڏامي ٿا وڃن ۽ هن جي هنج جي طاقت اسان جي سرير ۾ هڪ نئون ساهه اوتي اسان کي وري وري جياري ٿي، ماءُ اها شي آهي جيڪا هر وقت پنهنجي ٻارن اولاد لاءِ الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ دعا گهري ٿي، اها دعا جيڪا اسان جي زندگي تبديل ٿي ڪري سگهي ماءُ جي اها خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪري جيڪو سڀاڻي هن جي اولاد کي جڳ واکاڻي هن نيت سان هو پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ ڪا به ڪسر باقي نٿي ڇڏي، تنهن لاءِ اڪثر طور تي اهو چيو ويندو آهي ته صحت مند سماج لاءِ صحتمند ماءُ هجڻ ضروري آهي ڇو جو اگر ماءُ صحتمند هوندي ته هو پنهنجي ٻارڙن اولاد جي اهڙي بهتر نموني سان تربيت ڪري سگهندي هن لاءِ ماءُ کي صحتمند رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان بحيثيت اولاد پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪيون، ڇو جو ماءُ جي خدمت ڪرڻ هن جي سهائتا لهڻ اسان سڀني تي انتهائي فرض ٿئي ٿو، اسان مان جن جن جون مائرون پوڙهيون ۽ بيمار آهن تن جي بهتر خدمت ڪرڻ ۽ علاج ڪرائڻ اسان تي تمام لازمي بڻجي وڃي ٿو، اڪثر طور تي اهو به ڏٺو ويو آهي ته جن جون مائرون پوڙهيون ۽ پيرسن ٿي وڃن ٿيون ته انهن کان بيزاري جو به عمل اڪثر طور تي اسان پنهنجي سماج ۾ ڏٺو آهي، سو عمل هن پيرسن ماءُ جي ڇاتي تي ڪهڙا گهاءُ ٿو ڇڏي، تنهن جو نه پڇو! بس هڪ اڳي دردن ماري ٻين دردن کي گلي سان لائي ٿي هاڻ وقت اچي چڪو آهي ته اسان پنهنجا رويا تبديل ڪيون ۽ خاص طور تي ماءُ جي حوالي سان پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻيون، مون کي ياد آهي ته جڏهن بابا مرحوم ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو ته هن وقت ۾ بنگلي کان ڪورٽ طرف وڃڻ کان پهرين پنهنجي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي موڪلائيندو هو، موٽ ۾ سندس ماءُ کيس دعا ڪندي چوندي هئي ته پُٽ جيڏانهن پير تيڏانهن خير، اها ماءُ جي دعا آهي جنهن اڄ اسان کي ايڏي منزل تي پهچايو آهي نه ته اسان ۾ ڪهڙي طاقت ڪٿان آئي، ماءُ جي دعا ۾ الله پاڪ اها طاقت رکي آهي جيڪا وڏا وڏا جبل ڏاري سگهي ٿي، تنهن لاءِ اڪثر اولاد گهر کان ٻاهر وڃڻ کان اڳئي مائرن کي پيرين پئي دعا لاءِ چوندا آهن ڇو جو ماءُ جي دعا جنهن کي لڳي وڃي تنهن جا ٻيڙا ئي پار ٿي وڃن، منهنجي خواب ۽ خيال ۾ به ڪو نه هو ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ ايڏيون ساريون ڪاميابيون ميڙي ايڏن وڏن عهدن تي پهچي سگهندس اهو سڀ امڙ جي دعائن جو نتيجو آهي منهنجي ذهن تي اڄ به ٻاراڻي دؤر جو اهو وقت چٽيل آهي جڏهن اها مون کي سنواري سينگاري اسڪول موڪليندي هئي، جتي پرائمري واري دؤر ۾ هڪ گيت اسڪولي ڪتابن ۾ پڙهندو هئس جيڪو اڄ به منهنجي ذهن تي ڪالهه وانگي نقش ٿيل آ ته
    مونکي ڪنهن ٿي کير پياريو
    پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتو
    منهنجي امڙ، منهنجي امڙ
    اڄ انهيءَ عظيم هستي ماءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون اوهان سڀني کي اها ونتي ٿو ڪيان ته پنهنجي مائرن جي خدمت ڪيو انهن جون دليون کٽيو انهن کان دعائون وٺو ڇو جو جنهن کي ماءُ جي دعا لڳي وڃي سو ست جنم رنگجي وڃي ٿو.

    مهراڻ، تعمير سنڌ، خبرون، شام، سنڌ، سوڀ، عبرت، تعميرِ سنڌ، هلال پاڪستان


    عظيم شاعر احمد فراز جو لاڏاڻو

    نالي وارو انقلابي ۽ رومانوي شاعر احمد فراز نيٺ زندگي کان ويڙهاند واري جنگ هارائي ويٺو ۽ قوم هڪ عظيم شاعر کان محروم ٿي وئي. اهو شاعر جيڪو هر پل پنهنجي قوم لاءِ سوچيندو هو احمد فراز هند ۽ پاڪ جي عظيم ۽ اردو جو بي مثال شاعر ٿي اُڀريو اهو جنهن جي شاعر وڏي عمر کان ويندي نوجوانن تائين وڏي چاهه سان پڙهي ۽ ٻڌي ويندي هئي. احمد فراز 14 جنوري 1931ع ۾ نوشهرو شهر ۾ جنم ورتو سندس اصل نالو سيد احمد شاهه ۽ تخلص فراز هو. احمد فراز جي مادري ٻولي پشتو هوندي هئي. هن پشاور مان اردو ۽ فارسي ۾ ماسٽرس ڪئي. هن پشاور جي مشهور ايڊورس ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. احمد شاهه فراز ترقي پسند ۽ انقلابي شاعرن فيض احمد فيض ۽ سردار علي جعفر کان گهڻو متاثر هو سندن جو خاندان ڪوهاٽ جي مشهور بزرگ حاجي بهادر سان تعلق رکندڙ هو. سندن والد بعد ۾ لڏي پشاور ۾ رهائش اختيار ڪئي سيد احمد شاهه فراز پنهنجي هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته هو هاڻ ايڏو جهور ٿي چڪو آهي ته شاعري پڙهڻ دوران سندن کي ڏکيائي پيش اچي ٿي رياضي ۽ جاگرافي ۾ هو انتهائي ڪمزور پنهنجي پاڻ کي سمجهندو هو، ايستائين جو کين نقشا به ياد نه رهندا هئا. احمد فراز ننڍپڻ ۾ هڪ عيد تي والد پاران آندل ڪپڙا وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهي ڪپڙا کين نه وڻيا بعد ۾ ڪپڙن جو جوڙو پنهنجي وڏي ڀاءُ حوالي ڪيائين ۽ انهيءَ دؤر ۾ پاڻ پنهنجي زندگي جو پهريون شعر لکيو ته
    لعي هين سڀ ڪي لئي ڪپڙي سيل سي
    لئي هين هماري لئي ڪمبل جيل جيسي.
    احمد فراز کي گرمين جي موڪلن دوران پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري وٽ رياضي پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو پر هو اتي رياضي پڙهڻ بدران بيت بازي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو ۽ اڪثر فراز پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري کان بيت بازي جي مقابلي ۾ هارائي ويندو هو پر پاڻ جڏهن شعر لکڻ شروع ڪيا، تڏهن هن پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري کي بيت بازي ۾ شڪست ڏني. نالي واري شاعر احمد فراز پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪيائين. هن پشاور يونيورسٽي ۾ اردو پڙهائي 1976ع ۾ اڪيڊمي ليٽر جو باني ڊائريڪٽر بڻيو بعد ۾ اُتان کان ئي چيئرمين جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. احمد فراز ڪيترن ئي سالن تائين نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو چيئرمين رهيو. نالي وارو رومانوي ۽ انقلابي شاعر احمد فراز حڪومت ۾ فوج جي مداخلت جو سخت مخالف رهيو. هن 2004ع ۾ مليل هلال امتياز ايوارڊ 2006ع ۾ حڪومتي پاليسين خلاف احتجاج ڪندي واپس ڪيو. ضياءَ جي مارشل واري دؤر ۾ هن فوجي مداخلت خلاف ڪيترائي نظم لکيا. ضياءَ دؤر ۾ ئي هو حڪومت خلاف هڪ نظم پڙهي رهيو هو ته کين گرفتار ڪيو ويو پر بعد ۾ کيس پاڻ مرادو ئي جلاوطن ٿي ويو. ٽي سالن جي جلاوطني دوران پاڻ برطانيا، ڪئناڊا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پاڻ سوين انقلابي رومانوي نظم تخليق ڪيائين. احمد فراز ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ کيس بيشمار قومي توڙي عالمي ايوارڊ پڻ مليا. احمد فراز جي مشهور ڪتابن ۾ درد آشوب، تنها تنها، جانان جانان، نايافت، سب آوازين ميري هين، بي آواز گلي ڪوچون مين، آئينون ڪي شهر ۾ نابينا، غزل بهانا ڪرون، خواب گل پريشان هين، سخن آراسته هي ۽ اي عشق جنون ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جڏهن ته احمد فراز ڪيترائي نظم لکيا، ان مان انقلابي نظم محاصره سڀ کان وڌيڪ مشهور ٿيو، جيڪو هن جلاوطني جي جيون ڌارڻ دوران لکيو هو.

    محاصره–

    میرے غنیم نے مجھ کو پیام بھیجا ہے
    کہ حلقہ زن ہیں میرے گرد لشکری اُس کے
    فصیل شہر کے ہر برج، ہر مینارے پر
    کماں بدست ستادہ ہیں عسکری اُس کے
    وہ برقِ لہر بجھا دی گئی ہے جس کی تپش
    وجودِ خاک میں آتش فشاں جگاتی تھی
    بچھا دیا گیا بارود اس کے پانی میں
    وہ جوئے آب جو میری گلی کو آتی تھی
    سبھی دریدہ دہن اب بدن دریدہ ہوئے
    سپرد ِدار و رسن سارے سر کشیدہ ہوئے
    تمام صوفی و سالک، سبھی شیوخ و امام
    امید ِلطف پہ ایوان ِکجکلاہ میں ہیں
    معززین ِعدالت حلف اٹھانے کو
    مثال سائلِ مبرم نشستہ راہ میں ہیں
    تم اہلِ حرف کے پندار کے ثنا گر تھے
    وہ آسمان ِہنر کے نجوم سامنے ہیں
    بس اس قدر تھا کہ دربار سے بلاوا تھا
    گداگران ِسخن کے ہجوم سامنے ہیں
    قلندرانِ وفا کی اساس تو دیکھو
    تمھارے ساتھ ہے کون؟‌آس پاس تو دیکھو
    تو شرط یہ ہے جو جاں کی امان چاہتے ہو
    تو اپنے لوح و قلم قتل گاہ میں رکھ دو
    وگرنہ اب کہ نشانہ کمان داروں کا
    بس ایک تم ہو، تو غیرت کو راہ میں رکھ دو
    یہ شرط نامہ جو دیکھا، تو ایلچی سے کہا
    اسے خبر نہیں تاریخ کیا سکھاتی ہے
    کہ رات جب کسی خورشید کو شہید کرے
    تو صبح اک نیا سورج تراش لاتی ہے
    تو یہ جواب ہے میرا میرے عدو کے لیے
    کہ مجھکو حرصِ کرم ہے نہ خوفِ خمیازہ
    اسے ہے سطوتِ شمشیر پہ گھمنڈ بہت
    اسے شکوہِ قلم کا نہیں ہے اندازہ
    میرا قلم نہیں کردار اس محافظ کا
    جو اپنے شہر کو محصور کر کے ناز کرے
    میرا قلم نہیں کاسہ کسی سبک سر کا
    جو غاصبوں کو قصیدوں سے سرفراز کرے
    میرا قلم نہیں اوزار اس نقب زن کا
    جو اپنے گھر کی ہی چھت میں شگاف ڈالتا ہے
    میرا قلم نہیں اس دزدِنیم شب کا رفیق
    جو بے چراغ گھروں پر کمند اچھالتا ہے
    میرا قلم نہیں تسبیح اس مبلغ کی
    جو بندگی کا بھی ہر دم حساب رکھتا ہے
    میرا قلم نہیں میزان ایسے عادل کی
    جو اپنے چہرے پہ دوہرا نقاب رکھتا ہے
    میرا قلم تو امانت ہے میرے لوگوں کی
    میرا قلم تو عدالت میرے ضمیر کی ہے
    اسی لیے تو جو لکھا تپاکِ جاں سے لکھا
    جبھی تو لوچ کماں کا، زبان تیر کی ہے
    میں کٹ گروں یا سلامت رہوں، یقیں ہے مجھے
    کہ یہ حصارِ ستم کوئی تو گرائے گا
    تمام عمر کی ایذا نصیبیوں کی قسم
    میرے قلم کا سفر رائیگاں نہ جائے گا

    احمد فراز جي لاڏاڻي بعد ملڪ هڪ عظيم ۽ وڏي شاعر کان محروم ٿي ويو آهي ۽ ادبي دنيا مڪمل طور تي سوڳوار بڻيل ٿي نظر اچي دعا آهي ته شل رب ڪريم هن عظيم ۽ انقلابي انسان کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.
    خود به زبان فراز

    اس تنوع ڪا ذڪر، سنتي چلي هي ڪون اپني طرح ڪه جس ني،
    غم جهان ڪي ستم بهي جهيلي هون، عاشقي بهي ڪمال ڪي هو.

    سنڌو، تعمير سنڌ، خبرون، شام، سنڌ، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت


    ويا مور مري

    ٿر جي حوالي سان اڄڪلهه هڪ اهم خبر اخباري توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ وڏي واڪي هلي پئي ته ٿر جو ناياب پکي مور مري رهيو آهي. اها خبر ڪيڏي درد ڀري ۽ توجهه لائق آهي، تنهن کي اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن ڪڏهن مور پکي جي حسن کي پرکيو هجي. مور صدين کان ٿر جي سڃاڻپ، سونهن بڻيل رهيو آهي ته اتي هن پکي جي ٿر ۾ تمام گهڻي عزت آهي ۽ ٿر جي گهڻن علائقن جا ماڻهو چاهه وچان مور کي پاليندا آهن، نه ته هي جهنگ جو ولر ٿر جي وارياسي ڀٽن ۾ ڪنهن حسين خواب جيان خيال لڏي گم ٿي ويندو آهي. مور جي رقص ۽ ڊانس اهڙي آهي جو گهڻن جا نيڻ هن کي ڏسي حسرت ڀريل اکڙين کان مور کي تڪيندي رهجي ويندا آهن. ڪنهن دؤر ۾ سنڌ جي لوڪ گيتن جي حوالي سان مشهور فنڪاره جيجي زرينه بلوچ به مور جي ٽلڻ جي حوالي سان هڪ سهرو ڳايو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي ته ’’راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي، مامن جي ڪلهي، چاچن جي ڪلهي، راڻا راڻا مور ڀلين ٿو ٽلي‘‘ پر اهو ٽلندڙ پکي اڄ زندگي موت جي چو واٽي تي پساهه پيو کڻي، جيڪا ڳالهه تمام وڏي ڏک لائق آهي. اهو نچندڙ پکي ائين موت پيو مري جيڪو ڪڏهن ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته ٿر جا مور اهڙي بيدردي سان مري ويندا. هن کان اڳ ڪڪڙين ۾ به ضرور برڊ فلو جي حوالي سان بيماري جي خبر هلي هئي پر مورن ۾ بيماري ڇرڪائڻ جهڙي ڳالهه آهي، تنهن کي ڀلا ڪير ٿو سمجهي سگهي سواءِ آسرن ۽ وڏين ڳالهين ڪرڻ جي.
    مور جي موت تي رڳو هتي ڪجهه ٽيمن انهن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ پهتيون آهن، جن بيمار مورن جي رت جا سيمپل به ورتا آهن، جن کي چيو پيو وڃي ته ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويا آهن. جنهن ٽيسٽ وسيلي چيو پيو وڃي ته اهو پتو پئجي سگهندو ته مورن ۾ اها بيماري ڇا جي ڪري پيدا ٿي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بيماري ۾ ورتل مورن جي اکين جو نور هليو ٿو وڃي ۽ اهي انڌا ٿا بڻجي پون، ڦڦڙ ڪم ڇڏيو ٿا ڏين. دل ڪم نه ٿي ڪري، جنهن ڪري هو مريو ٿا وڃن، هيل تائين الائجي ڪيترائي مور هن بيماري جي ور چڙهي مري ويا آهن ۽ جهنگ جو اهو پکي تيزي سان مرندو پيو وڃي ۽ وري به هن جي تحفظ لاءِ ڪجهه به حقيقي نموني سان ناهيون ڪري سگهيا ۽ نه وري ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. نه ته هيل تائين نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اين جي اوز ٿر جي نالي تي جيڪي ڪاروبار ٿيون ڪن اهي ضرور هن جي نالي پويان ڪجهه ريليون ڪڍائي تصويري سيڪشن ڪرائي ٻاهرين ملڪن کان انهن کي ڪيش ڪرائي ڊالر ڪمائڻ لاءِ ضرور روڊن تي نڪرن ها پر ڪمال جهڙي ڳالهه اها به آهي ته مور جهڙي مرندڙ پکي تي هن جي تحفظ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ٿر ۾ هڪ اهڙي به اين جي اوز آهي، جيڪا مورن جي نالي تي ڪاروبار ڪري ٿي ۽ انهن جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڊالر ميڙي رهي آهي پر مور جي تحفظ جي حوالي سان هن جو جيڪو ڪردار آهي، اهو معنيٰ خيز بڻيل آهي.
    مور جي تحفظ جي حوالي سان اين جي اوز کي ڇڏي ڪري اسان به گهڻو ڪجهه ڪري پيا سگهون پر هن رستي ۾ سچائي جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان اها سچائي اسان وٽ گهٽ ڏسجڻ ۾ اچي ٿي ۽ هر شيءِ ڪاروبار بڻجي چڪي آهي، جنهن ڪري اسان هر دؤر ۾ ڀوڳيون ٿا ۽ هن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ مور مرن پيا ۽ اسان پيا ڏسون پر اسان اها جرئت ناهي ڪئي جيڪا پڻ ڪمال جي ڳالهه آهي. هونئن به فطرتي حسن جي لحاظ کان ٿر بي مثال ۽ لاجواب آهي، جڏهن منهنجي بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پهريون ڀيرو مقرري ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۾ ٿي ته نئون ڪوٽ کان مٺي ايندي وچ روڊ ۾ ڪيترن ئي مور پکين منهنجي آجيان ڪئي ۽ مون انهن کي مستي ۾ رقص ڪندي ڏٺو. انهن جي رقص جا عڪس اڄ به نيڻن ۾ تازا آهن. انهن جو ٽلڻ ۽ جيئڻ جا سڀئي خواب مئل آهن، جيڪو آئون سانڍي ويٺو آهيان. ٿر جي حوالي سان بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص هو ۽ ان دؤر ۾ عمرڪوٽ ۽ مٺي ضلعي ميرپورخاص سان لاڳاپيل هئا. تنهن دؤر ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مون کي ٿر گهمايو هو ۽ گهمڻ مهل مون کي چيو هو ته سنڌ جي اصل سڃاڻپ، ثقافت ۽ قدرتي حسن سڀ نظارا ٿر ۾ آهن. ان وقت آئون ننڍو هوس، جڏهن وڏو ٿيس ۽ بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ٻه ڀيرا جڏهن مقرري ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۾ ٿي ۽ ٿر ڏٺو. ٿر جي هر واهڻ وستي گهمي ڏٺي سين ته مون کي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا ڪيترائي سال اڳ چيل اهي لفظ بلڪل حقيقت ۾ نظر آيا پر انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ٿر جو مور پکي به ٿر جي سڃاڻپ رهيو آهي. اڳ اهي به ڳالهيون ٿر ۾ لڪڙتار طور مشهور رهيون آهن ته ٿر جي مور کي کڻي مختلف ماڻهو بالا آفيسرن کي گفٽ طور ڏين ٿا ۽ ايتري تائين جو مور جا آنا به محفوظ نه آهن، اهي به ڳالهيون مون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مٺي ۾ رهڻ دوران مختلف ڳوٺاڻن جي واتان ٻڌيون هيون ته ٿر ۾ مور جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ۽ بعد ۾ هن حوالي سان اخباري خبرون به اينديون رهيون آهن، جن ڳالهين کي خير هر ڪنهن برداشت ته ڪري ورتو پر بيماري کي ڀلا ڪيئن برداشت ڪري سگهجي ٿو، جيڪر اها بيماري هن نموني سان هلندي رهي ته ٿر ۾ مور پکي جو نسل مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو، جيڪا ڳالهه ڪنهن به ريت برداشت جوڳي نه آهي ۽ هر حساس دل ۽ حسن جو پياسو ماڻهو هن مور جهڙي پکي جي اهڙي بيدردي سان موت کي نه قبوليندو، ڇو جو اهو پکي خدا جي ولين ۽ انهن جي درگاهن جو عاشق آهي، جتي به خدا جا ولي، الله جا پيارا آرامي آهن، هو اتي وڃي حاضري ڏيندو آهي ۽ هي پکي صوفي اعظم محبتن جو درس ڏيندڙ پکي آهي، تنهن جي نسل کي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪجهه ٿيڻ کپي ۽ هن وقت جمهوري حڪومت آهي ۽ ٿر مان چونڊيل تمام عوامي نمائندا ٿري عوام جي بهتري لاءِ جاکوڙين پيا. انهن نمائندن کي منهنجي نماڻي گذارش آهي ته هو هن واٽ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري مور جي ناياب نسل کي بچائين. نه ته مور ۽ مور جهڙن سهڻن ماڻهن جي موتن کي ڏسندي ڪنهن دؤر ۾ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو هو ته:
    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو

    هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، خبر ون، شام، ڪوشش، سنڌ، سوڀ، عبرت


    سنڌي ثقافت سان اظهار محبت وارو ڏهاڙو ۽ اسان جون ذميواريون

    سنڌ جي ثقافت کان اظهار محبت جي حوالي سان ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ سموري سنڌ ۾ سرگرميون پنهنجي جوڀن تي ڇانيل ٿيون نظر اچن. عورتون، ٻارڙا توڙي مرد ٻڍڙا سڀ پنهنجي ليکي سرگرمين ۾ ڪنهن کان جتي پٺتي نظر نه پيا اچن ته اتي سياسي، سماجي، ادبي توڙي شهري حلقا به هن ڏينهن جي حوالي سان پنهنجيون سرگرميون چوٽ چاڙهي چڪا آهن، ماحول ۾ هڪ قسم جي نواڻ محسوس ٿئي ٿي ۽ ماڻهن جي اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌيت جاڳ کاڌي آهي ۽ هو پنهنجي ثقافت جو نعرو هڻندي روڊن تي نڪري پيا آهن ۽ فخر ٿا ڪن ته هو سنڌي آهن انهن جي تهذيب ڪلچر اجرڪ ٽوپي انهن جو شان آهي اهي هن جي حفاظت ڪندا. سنڌي اجرڪ ٽوپي جي حوالي سان جيڪي ماڻهن جا هن وقت جذبا آهن تن کي بيان ڪرڻ جيترا لفظ ئي نه آهن جو جن وسيلي آئون انهن کي بيان ڪيان ثقافت سان محبت جي حوالي سان سموري سنڌ هڪ دفعو ٻيهر سجاڳي ۾ گهڻي وقت کانپوءِ آيل نظر ٿي اچي ۽ ماڻهو سجاڳ ٿيا آهن اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي وساري ويٺا هئا انهن کي انهيءَ شيءِ جو تمام ويجهڙائي کان احساس ٿيو آهي ۽ هو هن ڏينهن کي ڀرپور طور ملهائڻ لاءِ تياريون پيا ڪن، ريليون ڪڍي سنڌي هئڻ جو نعرو پيا هڻن ته اٿو سنڌي ٽوپي اجرڪ بچايو پنهنجي ثقافت جو مان سموري دنيا ۾ مڃرايو اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي منهنجي خيال ۾ ته جنهن انداز سان هن قوت ۾ سنڌي ٽوپي اجرڪ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي شايد ئي هن انداز کان ٻئي ڪنهن ملڪ جي عوام پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ اهڙي طرح يادگار ڏينهن ملهائڻ جو بندوبست ڪيو هجي جيڪا سرگرمي هن وقت سنڌي عوام ڏيکاري رهي آهي ٽوپين ۽ اجرڪن ۾ سجايل سنواريل ٻارڙا ۽ انهن جي معصوميت اسان کي اهو سنديسو پئي ڏي ته اٿو هي نفرتون ڇڏيو محبتن جي جنگ وڙهو مرڪون تقسيم ڪيو، جنهن جو محور صدين کان سنڌ رهي آهي عورتن جا جذبا مردن کان ثقافت جي حوالي سان مٿڀرا ڏسجڻ ۾ اچن ٿا اهي به مردن کان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي مٿي تي ٽوپي سجائي ڪلهن ۾ اجرڪ پائي جنهن انداز سان پنهنجي محبت جو اظهار ثقافت کان ڪن پيون تنهن جو مثال دنيا جي ٻين ملڪن ۾ شايد ئي نظر اچي سنڌ ثقافت جي حوالي سان مالا مال بڻيل رهي آهي ته اتي هن جي ثقافت ۽ ڪلچر ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ دلچسپ بڻيل رهيو آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته جڏهن دبئي ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ميچ پئي کيڏي وئي ته انهيءَ ميچ ۾ گرائونڊ ۾ موجود سنڌي ٽوپي پاتل نوجوان گهڻن جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهيو ۽ ٽي وي اسڪرين تي ميچ دوران گهڙي گهڙي انهيءَ سنڌي ٽوپي پاتل نوجوان جي تصوير ئي ڏيکاري وئي هن مان اسان اندازو لڳائي ٿا سگهون ته اسان جي ثقافت ڪيڏي پرڪشش ۽ توجهه ڇڪائڻ جهڙي آهي جنهن کي هڪ ڀيرو ڪير ڏسي ٿو ته پوءِ ڏسندو ئي رهجي ٿو وڃي سنڌي ثقافت جي حوالي سان جيڪو هي ڏينهن جنهن نموني ۽ انداز سان ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي ۽ جيڪا هن سلسلي ۾ بيداري عوام جي اندر خاص طور تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا آندي آهي ۽ انهن جيڪو ثقافت جي حوالي سان عوام کي سجاڳ ڪيو آهي تنهن جي جيتري به تعارف ڪجي اها نه هئڻ برابر هوندي ثقافت جي حوالي سان انهن جون ڪوششون ڪاوشون هميشه سنڌ جي تاريخي صفحن ۾ سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون اهڙي ثقافتي سجاڳي واري مهم ڪنهن ملڪ جي ميڊيا هيل تائين نه هلائي هوندي جيڪا سنڌي ميڊيا ٽوپي ۽ اجرڪ جي حوالي سان هلائي آهي تنهن تي سندن جي جيتري واکاڻ عوامي حلقا جتي ڪري رهيا آهن ته اتي سياسي، سماجي ۽ سماجي توڙي ادبي حلقا به سندن جي ڪردار کي دلي طور تي تسليم ڪن ٿا ثقافت جي ايڪتا ڏينهن جي اهميت سنڌي ماڻهن ۾ عيد کان به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي سنڌي ماڻهو انهيءَ ڏينهن تي خوشيون ميڙڻ لاءِ تمام گهڻا بيقرار آهن ته هي ڏينهن ڪڏهن ٿو اچي جنهن تي اهي پنهنجيون حقيقي خوشيون جيڪي سنڌي ثقافت سان محبت جون آهن اهي ميڙي سگهن.
    هن ڏينهن جي حوالي سان سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ الڳ الڳ پروگرام ترتيب ڏنا آهن جنهن ۾ مچ ڪچهريون، سگهڙن جون ڪچهريون، مشاعرا، محفلون، ريليون، سنڌ جي اوليائن جي درگاهن آڏو صوفياڻي راڳ رنگ جون محفلون ۽ ٻيا ثقافتي رنگ سجايا پيا وڃن هن ثقافت جي ڏينهن ورهين کان مايوسين جي ور چڙهيل سنڌي عوام کي عيد کان به ويتر وڌيڪ خوشيون موٽائي ڏنيون آهن ۽ سنڌ جو هر چهرو ثقافت جي انهيءَ ڏينهن جي حوالي سان پنهجون محبتون نڇاور ڪرڻ لاءِ انتهائي بيقرار بڻيل ٿو نظر اچي سنڌي ثقافت جي هن ڏينهن تي جتي سنڌي عوام کي خوشيون موٽائي ڏنيون آهن ته اتي سنڌي ٽوپي اجرڪ جي جيڪا مارڪيٽ ڏينهون ڏينهن ختم پئي ٿيندي ويئي ۽ اجرڪ ٽوپي تيار ڪندڙ مزدور فاقاڪشي تي مجبور هئا انهن جي هنر کي به وڏي هٿي ڏني آهي. مون کي ياد آهي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جڏهن بنياد رکيو ويو هو ۽ هن دؤر ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنيادي ميمبر بڻيو هو ته هن دؤر ۾ سنگت جون گڏجاڻيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري چيمبر ۾ ٿينديون هيون جتي اياز قادري کان ويندي سوڀو گيانچنداڻي کان وٺي سنڌ جا چوٽي جا اديب اچي گڏ ٿيندا هئا انهن ڪچهرين ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سڀني اديبن تي زور ڀريندو هو ته سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کي زنده رکڻ لاءِ ڪا مهم هلائجي ڪجهه ڪجي ۽ هن کان علاوه بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سنڌ ۾ ثقافتي سجاڳي آڻڻ لاءِ ثقافتي يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۽ صوفي ازم جي حوالي سان به يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي هڪ تمام وڏي خواهش هئي اڄ مون کي انتهائي تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا خواب حقيقت بڻجي منهنجي سامهون اچي رهيا آهن هن جي سنڌي ثقافت جي حوالي سان خواهش جتي پوري پئي ٿئي ته اتي سنڌ حڪومت صوفي ازم کي زنده رکڻ لاءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اڄ منهنجي خوشي جي ڪا به حد ناهي رهي جو بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا خواب ساڀيان پيا بڻجن اڄ پاڻ حيات هجن ها ته پنهنجي خوابن جي پالنا پنهنجي نيڻن کان ضرور ڏسن ها. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ناهي ته ڇا ٿيو هن جي سنڌ ثقافت ٻولي ڪلچر جي صوفي ازم ته سلامت آهي جنهن لاءِ هو جهاد ڪندي اسان کان پردو ڪري ويو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيڪي ڪوششون ڪيون سنڌي ثقافت جي حوالي سان تن کي اڄ حقيقي طور تي سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تسليم ڪندي ثقافت سان اهو محبت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي هن ڏينهن کي آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ڏٺل خوابن جي فتح جو ڏينهن ٿو سمجهان هاڻ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هن ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملهايو وڃي ۽ پنهنجي جذبن خواهشن جو ڀرپور انداز سان اظهار ڪرڻ کپي نه صرف ايترو پر هن ڏينهن تي انهن هٿڙن کي به ياد رکڻ کپي جن جي هٿن جي آڱرين جي زور تي اڄوڪي اسان جي ثقافت قائم ۽ دائم آهي انهيءَ ڏينهن تي اجرڪ ۽ ٽوپي تيار ڪندڙ مزدورن جي خوشين جو به هن ڏينهن تي خيال رکيو وڃي انهن جي مزدوري وڌائڻ کان ويندي حڪومتي سطح تائين انهن جي ڀرپور نموني سان پرگهور لهڻ جي حوالي سان به ڪجهه قدم کڄڻ کپن ته جيئن اهي هٿ جي هنر سنڌي ثقافت جي سهيڙيندڙ بادشاهه پنهنجو جيون بهتر نموني سان گذاري سگهن سنڌي ثقافت سان محبت جي ڏينهن جي حوالي سان جنهن سچائي ۽ نيڪ نيتي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي اهو اڳ تمام گهٽ نظر آيو آهي هر طرف هن ڏينهن جي مناسبت جي حوالي سان سرگرميون هر ڪو پنهنجي ليکي ڪري پيو وڃي اهو اڳ تمام گهٽ نظر آيو آهي هر طرف هن ڏينهن جي مناسبت جي حوالي سان سرگرميون هر ڪو پنهنجي ليکي ڪري پيو ۽ ڪنهن کان هن سلسلي ۾ پٺتي رهڻ لاءِ تيار نه آهي سا به ڳالهه ساراهه لائق آهي سنڌي قوم وڏي خوشنصيب آهي جو اُها موهن جي دڙي جي وارث آهي ۽ انهن جي ثقافت موهن جي دڙي وانگي دنيا آڏو ڇانيل آهي سنڌ جي اجرڪ، پڳڙي ۽ ٻيون به ڪافي اهڙيون شيون آهن جيڪي ثقافت جي حوالي سان سنڌي قوم جون وڏيون نشانيون آهن.
    سنڌي ثقافت کان اظهار محبت واري ڏينهن جي سنڌ حڪومت به ڀرپور حمايت ڪئي آهي سا به ڳالهه تعريف جهڙي آهي پر هن سان گڏ منهنجي سنڌ حڪومت کي اها گذارش آهي ته حڪومتي سطح تي سنڌي ثقافت کي جيارڻ لاءِ به هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن قومي توڙي علائقائي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌي ثقافت کان اظهار محبت واري ڏينهن کي ملهائڻ جي حوالي سان انتهائي مانائتي موٽ ڏني آهي ۽ ان حوالي سان خاص پروگرام پڻ نشر ڪيا پيا وڃن هن سموري سمان ۽ لمحن کي اجرڪ ٽوپي وارن کي ڏسندي هاڻ ڪڏهن به ڪير ائين چوڻ جي جرئت نه ڪندو ته “هئي سنڌ ۽ سنڌي وارن جي ٻولي .”

    سنڌو، تعمير سنڌ، خبرون، شام، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، عبرت


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258300
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386411
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ