ڪتاب جو نالو: دنيا جون شاعر عورتون
مصنف: ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 693 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 168 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • ڪجهه نوٽس
  • مهاڳ
  • ٻه لفظ
  • قديم دور
  • سيفو
  • ڪورينايونان ( ٥ صدي ق.م)
  • پراڪسيلايونان (٤٥٠ ق.م)
  • سلپيشيا: روم (٢٠ ق.م)
  • سائي يين: چين – ٢٠٠ع
  • نامعلوم
  • وچيون دور (٦٠٠ع کان ١٥٠٠ع)

  • وچيون دور (٦٠٠ع کان ١٥٠٠ع)
  • نامعلوم شاعره: آئرلئنڊ – (٩ صدي عيسوي)
  • نامعلوم شاعر: انگلينڊ – (١١ صدي عيسوي)
  • الخنساء (اسلام کان اڳ جي عربي شاعر)
  • هندستان جي سنسڪرت شاعري (٧٠٠ع کان ١٠٥٠ع)
  • ڪاسيه بزنطيني يونان – (٩ صدي عيسوي)

  • ڪاسيه بزنطيني: يونان – (٩ صدي عيسوي)
  • منيوشو مان ورتل:جاپان (٦٥٠ع کان ٨٠٠ع)
  • ليڊي ڪاسا(٨ صدي عيسوي)
  • ليڊي اوٽومو آف ساڪانو(٧٢٨ع کان ٧٤٦ع)
  • اونونو ڪماچي:جاپان (٨٣٤ع کان ٨٨٠ع)
  • شهزادي شڪيشي:جاپان ١٢٠١ع
  • ڪوريا جِي هڪ نامعلوم شاعر(١٢٧٥ع - ١٣٠٨ع)
  • يوهئسان چي:چين (٩ صدي عيسوي)
  • چُوشُو، چين:چين – (١٢ صدي عيسوي)
  • لي چنگ چائو( ١٠٨٤ع – ١١٥١ع)
  • ولادااسپين (عربي)
  • مهاديوياڪا :هندستان – ڪَنَڙ ٻولي ١٢ صدي عيسوي
  • جاڳرتا وارو دور Renaissance

  • مارگريٽ ڊي نوار:فرانس (١٤٩٢ع کان ١٥٤٩ع)
  • لوئي لابفرانس (١٥٢٥ع کان ١٥٦٦ع)
  • ويرونيڪا گمبارا؛اٽلي (١٤٨٥ع)
  • گاسپارا اسٽيمبا:اٽلي (١٥٢٠ع کان ١٥٥٤ع)
  • مھري ھاتن: ترڪي (١٥٠٦ع)
  • ميران ٻائي: ھندستان (١٤٩٨ع کان ١٥٤٧ع)
  • ھوانگ چين اي : ڪوريا (١٥٠٦ع کان ١٥٤٤ع)
  • ھونان سورھان : ڪوريا (١٥٦٣ع کان ١٥٨٩ع)
  • مارگريٽ – ڊچيس آف نيوڪاسل : انگلينڊ (١٥٢٥ع کان ١٥٧٣ع)
  • سارجئانا انس ڊي لا ڪروز : ميڪسيڪو (١٦٥٢ع کان ١٦٩٥ع)
  • اينا ماريا لينگرن

  • اينا ماريا لينگرن : سئيڊن (١٧٥٤ع کان ١٨١٩ع)
  • ڪاگانو. چيو:جاپان (١٧٠١ع کان ١٧٧٥ع)
  • ڪيرولينا پاولوف:روس (١٨٠٧ع کان ١٨٩٣ع)
  •  لارن پاراسڪي: فنلئنڊ (١٨٣٣ع کان ١٩٠٤ع)
  • چرٽروڊس گوميز ڊي اويلايرا : ڪيوبا (١٨١٤ع کان ١٨٧٣ع)
  • روزالٽا ڊي ڪاسٽرو : اسپين (١٨٣٧ع کان ١٨٨٥ع)
  • ليليٰ ھنيم : ترڪي (١٨٤٧ع)
  • ايلزبيٿ بيرٽ برائوننگ : انگلينڊ (١٨٠٦ع کان ١٨٦١ع)
  • ايملي برانتي :انگلينڊ (١٨١٨ع کان ١٨٤٨ع)
  • ايملي ڊڪنس :آمريڪا (١٨٣٠ع کان ١٨٨٦ع)
  • ويھين صدي

  • بيلا اخما دولينا : روس (١٩٣٧ع)
  • مارگٽ ڪافڪا : ھنگري (١٨٨٠ع کان ١٩١٨ع)
  • ويسنا پارون : يوگو سلاويا (ڪروشين) (١٩٢٢ع)
  • رڪارڊا ھـچ : جرمني (١٨٦٤ع کان ١٩٤٧ع)
  •   ايلس لسڪر شلر : جرمني (١٨٦٩ع کان ١٩٤٥ع)
  • نييلي ساچس : جرمني (١٨٩٠ع کان ١٩٦٩ع)
  • انجيبارگ باچمئن : آسٽريليا (١٩٢٦ع کان ١٩٧٣ع)
  • ايڊٿ سوڊر گران : فنلئنڊ (سئيڊش ٻوليءَ ۾) (١٨٩٢ع کان ١٩٢٣ع)
  • ماريا وائين : سئيڊن (١٩١٢ع)
  • سيسل بيبڪر : ڊينمارڪ (١٩٢٧ع)
  • اسٽرڊ - ٽالفسين : ناروي (١٨٩٧ع کان ١٩٧٣ع)
  • اينجلا فگيرا : اسپين (١٩٠٢ع)
  •   نگار ھنيم : ترڪي (١٨٦٢ع کان ١٩١٨ع)
  • راحيل : اسرائيل(عبراني ٻوليءَ ۾) (١٨٩٠ع کان ١٩٣١ع)
  • ليهه گولڊ برگ : اسرائيل (عبراني) (١٩١١ع کان ١٩٧٠ع)
  • فرخ فرخزاد : ايران (اصل فارسي) (١٩٣٤ع کان ١٩٦٧ع)
  • چوئن چن : چين (١٨٩٩ع کان ١٩٠٧ع)
  •   لن لنگ : تائيوان (١٩٣٥ع)
  • لي چو : چين (ساڳيو دؤر)
  • نو چوان ميانگ : ڪوريا (١٩١٣ع کان ١٩٥٧ع)
  •   نامعلوم شاعره : افغانستان (پشتو)
  • امرتا پريتم : ھندستان (پنجابي) (١٩١٩ع کان ٢٠٠٥ع)
  • مريريدان – ايت ايٿڪ : موراڪو (١٩٤٠ع)
  • انوما ڪاني : آئوري ڪوسٽ (١٩٢٦ع)
  • ڊلميرا آگسٽيني : يوروگوئي (١٨٨٠ع کان ١٩١٤ع)
  •   گيبريلا مسٽرل : چـِلي (١٨٨٩ع کان ١٩٥٧ع )
  • ما گڊا پورٽل : پيرو (١٩٠١ع)
  • روزاريو ڪاسٽيلانوس : ميڪسيڪو (١٩٢٠ع)
  • جوليا ڊي برگاس : پيوريٽو ريڪو (اسپين) (١٩١٤ع کان ١٩٥٣ع)
  • مارگريٽ واڪر : آمريڪا ١٩١٥ع
  • گويندولن بروڪس : آمريڪا (١٩١٧ع)
  • ميري ايلزبيٿ : انگلينڊ (١٨٦١ع کان ١٩٠٧ع)
  •   ايلزبيٿ جيننگس : انگلينڊ (١٩٢٦ع)

  • ارپنا

    پنهنجي مـِٺي امان مرهيات جي نالي،
    جنهن جي مامتا جي ڪَٿ تڏهن ڪري سگهيس،
    جڏهن پاڻ ماءُ بڻيس.



    فهميده حسين


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب انگريزي ڪتاب “The Penguin Book of Women Poets’’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ نامياري ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه نهايت سولي ۽ سلوڻي انداز ۾ ڪيو آهي.

    هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي.

    هي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، ٿورائتا آهيون پياري امين ڀٽيءَ جا جنهن ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان سهيڙي ان کي ڪتابي ترتيب ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    ”دنيا جون شاعر عورتون“ اصل ۾ انگريزي ڪتاب “The Penguin Book of Women Poets’’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ نامياري ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه نهايت سولي ۽ سلوڻي انداز ۾ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قدامت ۽ اهميت تي ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه مهاڳ ۾ لکي ٿي، ته هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن ۾ سماجي سطح تي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن جو هڪ لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو.
    ظلم جي تاريخ ڏاڍي پراڻي آهي، جيڪو ظلم يونان ۾ ننڍڙي نينگري ’ٽماس‘ سان ٿئي ٿو ۽ اهو ظلم چين جي ڪنهن عورت سان ٿئي ٿو. ظلم ساڳيوئي آهي، پر چهرا تبديل آهن. هن شاعراني ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ اسان پنهنجي ديس جو اڀياس ڪنداسون، ته ان ۾ ڪافي هڪجهڙائي نظر ايندي. هيءُ ڪتاب سنڌي سماج کي نه رڳو سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، پر انهن جملي ناانصافين جي فوري تدارڪ ڪرڻ جي گُهر به ڪري ٿو. ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري نه رڳو ظلم جي عالمي تاريخ تان پردو کنيو آهي، بلڪه سنڌي سماج جي پٺتي پيل ۽ مدي خارج ريتن رسمن ۽ رواجن خلاف به آواز اٿارڻ جي هڪ اپيل ڪئي آهي، جنهن کي ورنائڻ رياست تي لازم ۽ فرض بڻجي ٿو.
    ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه جو بورڊ نهايت ٿورائتو آهي، جنهن هيءُ ڪتاب نه فقط بنا ڪنهن معاوضي وٺڻ جي، اسان جي حوالي ڪيو پر هن جا ٻه ڀيرا پروف به پڙهيا، بورڊ سندن اهڙي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ٿورا سائين امداد حسينيءَ جا به آهن، جن وقتاً بوقتاً بورڊ جي پبليڪيشن آفيسر مسٽر دين محمد ڪلهوڙي کي هن ڪتاب کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ مفيد مشورا ۽ صلاحون ڏيندا رهيا.
    ان کان علاوه بورڊ انهن سڀني دوستن ۽ ورڪرن جو به ٿورائتو آهي، جن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏنو. اميد ٿي ڪجي ته اسان جي هيءَ ڪوشش لائق پڙهندڙن کي وڻندي.

    اعجاز احمد منگي
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
    ڄام شورو، سنڌ
    اربع،٨شوالالمعظم١٤٢٧هه
    بمطابق١-نومبر٢٠٠٦ع


    ڪجهه نوٽس

    ماڻهو ٿيڻ ڏکيو آ
    ماڻهوءَ جو ڀاءُ ماڻهو نه، چاقو آ!
    پنهنجي ٻوليءَ کي شاهوڪار، وڌيڪ شاهوڪار ڪرڻو آهي ته ٻين ٻولين جا شهپارا جيڪي توهان پڙهيا هجن، جن توهان جي روح کي ڇهيو هجي، جن جو ڦهلاءُ اَپار آهي، اهي زندهه جاويد آهن، انهن تي فنا ناهي، اهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻيو – پر اهو اهم ۽ ڏکيو ڪم آهي. تخليق ۾ ته تخليقڪار آزاد آهي پر ترجمو ڪندڙ نه، آخر روح کي، عصر کي ترجمو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ پيڙ کي لفظ جي صورت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ اهو هڪ اهڙو تجربو آهي، جنهن مان تخليقڪار نٿو گذري. هو لاشعوري طور لکي ٿو، پر ترجمي ۾ شعور پيڙهه آهي، ٻنهي ٻولين، جنهن مان ترجمو ٿئي ۽ جنهن ۾ ٿئي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئڻ کپي. ساڳئي وقت رڳو لفظ به ناهن، انهن جي معنيٰ به آهي. ان رچنا/ ڪويتا/ شاعريءَ/ نظم / تخليق .... جو هڪ وايو منڊل آهي، فضا آهي، منظر آهن، ماڻهو آهن، جذبا ۽ احساس آهن، هڪ سج آهي جو لٿل ناهي – هڪ سج آهي جو لٿل آهي:
    آءٌ هن سرد گهر ۾ ڏڪان ٿي
    شهر جو لٿل سج
    ان ڪري به ترجمي جو ڪم تخليق کان وڌيڪ نه، ته گهٽ به ڪونهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ان جي اهميت وڌيڪ ئي هوندي آهي. خاص ڪري تڏهن تخليق جو چٽڪو هڻي ”ٻئي نمبر“ جو مال اگهايو وڃي ٿو! آءٌ ادب ۾ ۽ شاعريءَ ۾ جنس جي تخصيص نٿو مڃان. شاعر يا ته شاعر آهي يا ناهي. يورپ ۾ ته اها تخصيص Poet ۽ Poetess واري ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي آهي، خود هن ڪتاب جو نالو ”دي پينگئن بُڪ آف وومين پوئٽس“ آهي، ان ڪري آءٌ شاعر کي شاعر ئي سڏيندس- نه ڪي شاعرا يا شاعره. فهميده به ٻئي صيغا ڪتب آندا آهن:
    ”هوءَ پنهنجي دور جي وڏي ۾ وڏي شاعر هئي“

    (شهزادي نوڪاڊا)

    ان ڪتاب ۾ ڏنل شاعري گهرن جذبن جو اظهار آهي. ”وڌ ۾ وڌ ثقافتن“ کي نمائندگي ڏيڻ جي، اصل ڪتاب جي مهاڳ ۾، ڪوشش جي ڳالهه ڪيل آهي. ان ڏس ۾ ناڪاميءَ جو اعتراف به آهي. ڪارڻ؟ ”معقول ترجمن“ جي اڻهوند. ان ڪري ان ۾ سنڌو ماٿر جي ڪنهن به شاعر جو ڪلام ناهي. ٻين سڀني قديم تهذيبن – مصر، يونان، هندستان، چين جي شاعري ان ڪتاب ۾ موجود آهي، پر سنڌو ماٿر جي عظيم ۽ قديم تهذيب جي شاعري عدم موجود! ”ڪارڻ“ ان عظيم ۽ قديم تهذيب جي لپي (Script) پڙهجي ناهي سگهي! موهن جي دڙي جي عظيم ۽ قديم تهذيب پراچين مهان سڀيتا – سسٽميٽڪ ۽ آرٽسٽڪ شهر، مهرون، مورتيون، رانديڪا، ٿانو، انهن جي اڏاوت، گهڙاوت، لکاوت، بناوت ۽ انهن سڀني اهڃاڻن آڌار چئي سگهون ٿا ته هتي شاعريءَ جو وجود اوس هوندو. ”ناچڻي“ آهي ته سنگيت به هوندو. ته ٻول به هوندا! ڪتاب ۾ قبل مسيح جي شاعري موجود آهي، پر سنڌو ماٿر جي شاعري عدم موجود! سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون به ان جو ڪارڻ آهن، جن ۾ نه رڳو انسان جو ڪوس ٿيو، پر ڪتب خانا به ساڙيا ويا. سنڌ سان ايئن ٿيندو آيو آهي:
    سنڌ صدين کان دلوراءِ جي نگري آهي!
    ان ڪتاب ۾ سنسڪرت، تامل، ڪنڙا، گجراتي، هندي ۽ پنجابي شاعري به موجود آهي، پر سنڌي نه! جڏهن ته اسين اها به هام هڻون ٿا ته ويد سنڌوءَ ڪناري تي لکيا ويا آهن. خود ديوناگري لپيءَ ۾ به گرنٿ موجود آهن. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته فهميده هي ڪتاب ترجمو ڪري، ان ڏس ۾ ڳنڀيرتا سان سوچڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جو پڻ احساس ڏياريو آهي.
    ڪي لائبريريون اسان پاڻ دريا بُرد ڪري ڇڏيون. ڪي ڌارين جي ڀڙڪايل باهه جو بُک ٿي ويون. سنڌالاجيءَ کي ساڙڻ وارو واقعو اسان جي ئي سامهون ٿيو آهي.
    سنڌي شاعريءَ جي قدامت جو تاريخي حوالو هي شعر آهي:
    اِرهه برهه ڪنڪرهه
    ڪراڪري مندرهه
    جيڪو به عرب دور جو آهي، جنهن ۾ به وقت جي خليفي جي ثناخواني آهي، ان ڪري اسان جو آڌار لوڪ شاعري آهي، جيڪا سيني به سيني، نسل در نسل، سفر ڪندي اسان تائين پڳي آهي. فهميده سچ چيو آهي ته:
    ”اسان جي لوڪ شاعريءَ جون ته اڪثر صنفون آهن ئي عورتن جون چيل، جن ۾ لولي، ڳيچ، سهرا، لوڪ گيت، هيرا، ڪوڏاڻا، انيڪ چوڻيون، ٻاراڻا ٻول شامل آهن.“


    مهاڳ

    هي ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ فهميده جي مهاڳ کان پوءِ ئي ڄڻ مڪمل ٿيو آهي. ان ۾ فهميده سنڌ جي شاعرن جي مختصر پر جامع تاريخ ڏني آهي. مرکان شيخڻ کان سيما تائين. هوءَ لکي ٿي:
    ”هن ڪتاب ۾ دعويٰ ڪيل آهي ته اهو دنيا جي تقريبن سڀني خطن جي شاعرائن کي شامل ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هندستان جي شاعرائن کي شامل ڪري ايئن سمجهيو ويو هجي ته اهو خطو (هندو پاڪ) اچي ويو پر ته به مون کي سنڌ کي نه شامل ڪرڻ جو ٿورو دل ۾ ڏک رهجي ويو.“ ۽ فهميده کي پنهنجي (۽ اسان جي) ڏک جو دارُو ان ۾ سجهيو ته ”مهاڳ“ ۾ سنڌ جي شاعرن جو مختصر احوال ۽ سندن شاعريءَ مان مثال ڏئي، ڪاش! اسان جي لوڪ گيتن جو ترجمو به انگريزيءَ ۾ ٿيل هجي ها! ڪاش، ورهاڱي کان اڳي پوءِ جي شاعرن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ٿيل هجي ها! پر سنڌ سدائين اهڙن ڏچن ۾ رهي آهي، جو اهڙن ڪمن ڏانهن اسان جو ڌيان به نه ويو آهي. عطيه دائود جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ مڃتا به ماڻي چڪو آهي. سحر جي به ڪجهه نظمن جو ترجمو ٿيو آهي. پر دير سان.
    ڪتاب ۾، ”اعليٰ ادبي خوبيون“ هڪ جهڙايون ۽ ”واضح مقصد“ جي آڌار تي چونڊ ڪئي وئي آهي. وَهي وَهي ٿي وڃي مٺ مان واريءَ وانگي، سونهن نٿي رهي اها، گرمجوشي نٿي رهي. بهار گذري ٿي، سرد موسم لڱ ٿڙڪايو ڇڏي. هيڪلايون، دوريون، وقت سڀ ڪجهه کسي ٿو وٺي. ڀڃي ڀوري ٿو ڇڏي سڀ ڪجهه. پر نٿو کسي سگهي – نٿو ڀڃي ڀوري سگهي ته اها آهي شاعري! جيڪا هزارن سالن گذرڻ کان پوءِ اڄ به زنده آهي، خوبصورت آهي. جوان آهي. تازي تواني آهي. ”الخنساء“ جي ڀاءُ جي ڳاتل نغمن وانگي نغمه ريز آهي:
    تو جيڪي جنگ جا نغما ڳايا هئا
    وچ ميدان ۾ وڏي سر سان
    تو پڄاڻان اهي زنده رهندا
    اسان جي سينن ۾!
    انهن رچنائن تي ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. مثلاً ملڪ، تهذيبون، ڪردار، ويس، سڱ ٻنڌ، وَڻ ٽِڻ، گل، رويا، پهر، موسمون، لفظ، معنيٰ، رنگ، منظر، ماحول، سوچون، جذبا، احساس – سڀ کان وڌيڪ وقت (Time) ۽ وڇوٽي (Space) جنهن کي اورانگهي اها شاعري اسان تائين پڳي آهي. فهميده ان کي:
    ”اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ ...“
    ٿي سڏي. مان سندس ان ”مهاڳ“ کي ”سَمُهاڳ“ ٿو سڏيان. منهنجي خيال ۾ فهميده جيڪو ”سگهڙين سٿ“ وسيلي ڪم ڪيو آهي، اهو به گڏ ڪرڻ گهرجي ۽ ڇپائڻ گهرجي. پنهنجي ”سَمُهاڳ“ ۾ به هن گهڻي ۾ گهڻا حوالا ”سگهڙين سٿ“ ۽ عورتن جي اڪيلي رسالي ”سرتيون“ مان ڏنا آهن.
    ”ترڪي بيڪري“ هڪ خوبصورت ۽ گهري رچنا آهي. ان ۾ چار بند ۽ انهن چئن بندن ۾ پنج ڪردار آهن - چار مرد ۽ هڪ عورت. پر پيڙ ساڳي آهي ۽ اها عورت جي آهي. نان، پوڄا، پاڻي،شراب- ان عورت جي قيمت/ مجبوري آهي. انهن چئن بندن، چئن شين ۾ بند آهي هڪ زندگي. هڪ عورت جي ندگي. هر بند جي پڄاڻي هن سٽ تي ٿئي ٿي: ”جتي سوڙه، اوندهه ۽ گرمي آهي“، ڇا عورت جو نصيب آهي اهو؟ سَوڙهه، اونداهه ۽ گرمي! ۽ زندگي جا آزاد آهي سا قيد آهي انهن ٽن لفظن ۾! ”سُور جي سٽ“ مان سُور ڇُلڪي ٿوپوي. توڙي جو اهو ”سائي يين“ جو ذاتي ڏک آهي. مال غنيم ۾ ور چڙهيل، تاتاري سردار جي زوريءَ سريت بڻايل، ڀنگ تي ورايل ٻه پٽ پٺيان رهجي ويل – پر ان سور جي سٽ جي سٽ صديون اورانگهي آئي آهي:
    هت ماڻهو کَپَر کان وَڌ
    زهريلا آهن، وحشي آهن
    اهو زهر – اهو وحشيپڻو – ڪالهه به هو. اڄ به آهي ۽ سڀاڻي؟ ڪيترا ملڪ / قومون پنهنجي اهڙي ناانصافي، اڻبرابريءَ، ظلم، وحشي ۽ وهه وهاٽيل ”ڪالهه“ مان سبق پرائي، ان جو ٽوڙ/ ترياق ڳولي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ”اڄ“ کي انهن گندگين کان پاڪ ڪري، پنهنجي ”سڀاڻي“ کي محفوظ ڪري چڪيون آهن. اسين ڪڙهون پنهنجي ”حال“ کي، جيڪو ”بدحال“ آهي ۽ انڌو آئيندو! چين جيڪو اسان کان پوءِ آزاد ٿيو ۽ اڄ سپر پاور آهي ۽ اسين جيڪي هڪ سڌريل تهذيب جا وارث آهيون – اڄ لاوارث آهيون! چين جي ”سائي يين“ جون ٢٠٠ع ۾ جهونگاريل هي ”سُور – سٽون“ اسان جو ئي ته سُور سلين ٿيون:
    ۽ سُور جي ٻي سِٽَ جڏهن جهونگاريان ٿي
    منهنجي ٽٽل دل ۽ ڇڳل ويساهه جيان
    تار تنبوري جي به تڏهن
    ڇڄي پوي ٿي!
    ”منهنجا پيءُ ۽ ماءُ“ جون هي سٽون ڪيڏي نه نرميءَ سان اسان کي ڇهي ٿيون وڃن. خاموشيءَ سان هڪ رشتو جوڙي ٿيون وڃن:
    ٻنهي جي وچ ۾ خاموشيءَ جو رستو
    ڄڻ سڳو ٻڌل آهي ڪو
    وقت جو کنڀ نرميءَ سان کين ڇُهي ٿو
    هي جي منهنجا پيءُ ۽ ماءُ آهن
    ۽ جنهن آڳ مان مون جنم ورتو هو
    سا آڳ هاڻي سرد ٿي چڪي آهي
    ساڳي رچنا جي هيءَ سٽ ڪيڏي نه سادي سودي آهي:
    ۽ رات سچ پچ ته رات ئي آهي!
    ۽ سچ پچ ته رات لاءِ، اهڙي سٽ، مون نه پڙهي آهي. توڙي جو اها سٽ پڙهي مون کي ”شمشير“ جي هيءَ سٽ ياد اچي وئي:
    اسين رات کي رات چوندا رهياسين
    ”ڪاسيه“ جي هيءَ ڪويتا اڄ به نئين آهي ۽ موجوده حالتن وٽان آهي:
    هڪ پڙهيل ڳڙهيل جاهل! خدا جي پناهه!
    ڄڻ سوئر موتي پاتا هجن!
    ”گڏهن کي گج پائڻ“ واري اصطلاح جو به پسمنظر اهوئي آهي. ان موضوع تي منهنجون به ڪجهه سٽون آهن:
    نااهل جي ماتحت ڪم ڪرڻ
    ائين آهي
    ڄڻ ڪنهن منهنجي مٿي تي جُتا رکي ڇڏيا هجن!
    ”ڪاسيه“ جي هڪ ٻي رچنا، جنهن ۾ قدرتي طور هڪ جڏي، عذر واري ماڻهوءَ تي – هڪ ڪوڙو دلال جيڪو پاڻ چور، قاتل ۽ شرابي آهي- ٺٺولي ٿو ڪري، تڏهن اهو جڏو ماڻهوکيس جيڪو جواب ٿو ڏئي، اهو لاجواب آهي. ”ڪاسيه“ جي ٩ صدي عيسويءَ ۾ لکيل هيءَ ڪويتا:
    تون پنهنجي پرينءَ سان ملي جڏهن ٻهڪين ٿي
    ته تنهنجو چهرو چمڪي سونو ٿي پوي ٿو
    ڄڻ ته پارس ڇهي ورتو هجئي!
    پڙهي ”تنوير“ جو هي شعر ياد اچي ويم:
    اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون
    پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون
    يا لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ:
    تون پارس آءٌ لوهه، سڃين ته سون ٿيان!
    ”ڪاسيه“ جي هڪ ٻي رچنا کي فهميده سنڌيءَ ۾ هيئن ڪمپوز ڪيو آهي:
    غربت؟ دولت؟ ڪجهه به نه ڳول
    هڪ سان هٿ سُڄي پون ٿا
    ۽ٻيءَ سان پيٽ سُڄي ٿئي گول
    هڪ سوڄ محنت جي آهي – ٻي پيٽ ڀرائيءَ جي. اڄ به اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪن جا پيٽ پٺيءَ سان آهن، ته ڪن جا سڄيل، گول، اڳتي نڪتل.
    ”نياڻيءَ جو ڀاڳ“ رچنا ۾ ”سيفو“ ننڍي نيٽي ”ٽماس“ جي رک لوڙهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي پر سيفون سان زوريءَ پوريو ويو هو - ”اڻ پرڻيل ...!“ ٦ صدي قبل مسيح جي اها تخليق موجوده دور جي به عڪاس آهي. ”اونونو ڪماچيءَ“ جي هيءَ مختصر رچنا پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ئي ڀري سگهجي ٿو (سواءِ هڪ شاعر جي) اهو ڪومائجندڙ دل جو گل ڪنهن کي به نظر نٿو اچي:
    هڪ گل جيڪو ڪومائجي ٿو
    بنان ڪنهن کي نظر اچڻ جي
    اهو آهي هن دنيا ۾
    انسان جي دل جو گل!
    ”لارن پاراسڪي“ جي تخليق / رچنا ”ڌيءَ سان زوريءَ تي ماءُ جا تاثر“ هڪ دکي دل جي دانهن آهي جيڪا اڄ تائين ٻري ٿي، جنهن کي اها به ڄاڻ ناهي ته ڏوهاري ڪير آهي؟ يقيناً هڪ مرد! ”ڪولرج“ نظم لاءِ، سٽاءُ جي ڳالهه ڪري ٿو. سٽ سٽ سان، بند بند سان ائين جڙيل هجي جيئن انڊلٺ ۾ رنگ. ظاهر آهي ته ”نظم“ جي لغوي معنيٰ به اها آهي. سٽاءُ، ترتيب، ربط، وحدت، پر ڪنهن نظم جي ڪا سٽ/ ڪي سٽون يا هڪ اڌ بند وڌيڪ ڇو وڻندو آهي؟ ۽ اهي اسان کي يا ڄمار ياد رهجي ويندا آهن! پهرين اچو ته ”لارن“ جي ان نظم جي هيءَ سٽ پڙهون:
    منهنجي پکيءَ جا پَرَ پٽيل آهن
    پنهنجي ڌيءَ لاءِ، جنهن سان زوري ٿيل آهي، ان کان وڌيڪ ”تز پيڙيندڙ سٽ“ ٿي نٿي سگهي. هوءَ ڌيءَ کي ”پکيءَ“ سان ڀيٽ نٿي ڏي، پر ان کي ”پکي“ سڏي ٿي. پکي جيڪو آزاد هوندو آهي. سهڻو هوندو آهي. لاتيون پيو لنوندو آهي. سو ماريءَ جي ور چڙهي ٿو وڃي. ماري ان کي ماري نٿو، پر جيئڻ جهڙو به نٿو ڇڏي. ان جا پر پٽي ٿو ڇڏي! ان رچنا ۾ ”ڪاش“ ۽ ”شل“ ايڏي ته صحيح هنڌ تي ڪتب آيا آهن، جو انهن کي اتان ٿيڙي نٿو سگهجي. Translation ائين ئي Trans creation جي رتبي تي رسي ٿي. ”شل“ چئي هڪ بيوس ماءُ پٽون پاراتا ٿي ڏئي ان ظالم کي، جنهن هن جي ”ٻچڙيءَ کي هيئن سٽيو هو.“
    گهٽ ۾ گهٽ، هن سنڌي ٽرانسڪرئيشن/ پنر رچنا لاءِ، فهميده جيڪي گهاڙيٽا (Formats) تخليق ڪيا آهن، انهن تي هڪ پئراگراف ضرور لکندس. فهميده پاڻ لکيو آهي:
    ”ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري انگريزي ترجمن ۾ به اها ئي صنف استعمال ڪيل هئي. ڪٿي ڪٿي ٽه سٽا چَوسٽا به ڏنا اٿم.“
    شاعريءَ جي ترجمي لاءِ نثري شاعريءَ وارو گهاڙيٽو/ صنف سڀاويڪ آهي. آءٌ ان کي رچنا/ تخليق چوان ٿو. اسان وٽ نثري شاعريءَ کي سولو سمجهيو ٿو وڃي، جڏهن ته اها تخليقي سطح تي بيت کان به ڏکي صنف آهي. ڇاڪاڻ ته پابندين تياڳڻ سان هڪ ٻي پابندي اڳ ۾ ٿيو وڃي، پاڻ – هرتو. پابند صنف ۾ بحر وزن، قافيو، رديف، مخصوص صنف، فارميٽ، خانا، ليڪا، حد بنديون – الاءِ ڇا ڇا ملي ٿو وڃي، ان ڪري آسانيون – رعايتون ملي ٿيون وڃن. ڪڏهن ڪڏهن وزن جي پورائي لاءِ ڀرتيءَ جا لفظ به اچي ٿا وڃن. جڏهن ته نثري شاعريءَ ۾ اهڙي ڪابه رعايت ناهي! فهميده وٽ ”ٽيڙوءَ“ جو گهاڙيٽو به آهي:
    رستو ڪيڏو سانت لڳي ٿو!
    تنهنجو هَٿُ خوشيءَ مان جڏهين-
    منهنجو هَٿُ ڇُهي ٿو!
    جنهن کي فهميده ٽِه – سٽو ٿي سڏي. ان ريت ڪٿي پابند نظم جا اهڃاڻ به ملن ٿا:
    ٿڌي هوا سان ٿڙڪي ٿڙڪي
    لهرون ويرون دانهون ڪن ٿيون
    جي آءٌ ٻڌان ٿي - ۽ سوچيان ٿي
    ”چمبيليءَ جهڙو ديوتا“ جو پهريون بند ته مڪمل پابند نظم آهي:
    جئن ڪو پَٽ – ڪينئون
    جوڙي ٿو پنهنجوگهرڙو
    پيار مان اوتي ست سمورو
    ۽ مري وڃي ٿو تڙپي تڙپي
    پنهنجي حياتيءَ جي ڌاڳن ۾ وچڙي
    وَٽِ وٽيندي – ڏيندي ڦيرو
    تئن آءٌ به تڙپي تڙپي
    پنهنجو ساهه ڏيان ٿي.
    ۽ فهميده قافين کي صحيح هنڌ تي ڏنو آهي:
    سهڻو نه رهيو آ منهنجو چهرو
    لال گلابي جي هئا، سي نه رهيا منهنجا ڳل
    اڇي اُجري سهڻي کل – آهي هاڻ ٿڪل
    سو فهميده – پابند، آزاد، نثري – سڀني کان ڪم ورتو آهي ۽ مختلف تجربا ڪيا آهن جن ۾ هوءَ ڪامياب آهي. ”تسنيم يعقوب“ جي ڪري شايد! گهر، ور، ٻار، تدريس، لطيف چيئر- جي ڪمن ۾ فهميده ايترو رڌل رهي آهي، جوکانئس اهو وسري ويو آهي ته هوءَ تسنيم يعقوب کي، ڪنهن باغيچي جي اڪيلي بينچ تي ويهاري، جهٽ لاءِ اچڻ جو چئي آئي آهي،۽ ڪيتريون موسمون گذري ويون آهن ۽ هوءَ شاعر انهن موسمن کي اڃا ڀوڳي رهي آهي! ۽ مون کي ان جي هيڪلائيءَ تي الاءِ ڇو هيءَ تامل ڪويتا ياد اچي رهي آهي:
    ۽ هاڻي هيڪلائيءَ جي ڀوَ کان
    ايئن ڳران ۽ مران ٿي
    ڄڻ ڪنول گل کي
    ڪو جيت لڳو آ!
    هتي آءٌ ”تسنيم يعقوب“ جون هي سٽون ”فهميدهه“ تائين پهچائڻ چاهيان ٿو:
    منهنجو من گهائي
    ويٺو آن ڪهڙو ديس وسائي!
    فهميده کي، سندس جنم ڏينهن تي، سراج ”دپينگئن بُڪ آف وومين پوئٽس“ تحفي ۾ ڏنو ۽ چيائينس ته اهو ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جهڙو ڪتاب آهي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين اهو ڪتاب ترجمو ڪري اسان کي تحفي ۾ ڏنو آهي ۽ سچ پچ ته اهو هڪ املهه تحفو آهي.
    ”گبريلا مسٽريل“ جي تخليق ”سڀ ڪجهه گول آهي“ پڙهي مون کي الاءِ ڇو سحر جي هڪ نظم جي پڄاڻي ياد اچي وئي: ”لال ڦيري – گل ڦيري“ گبريلا جو اهو نظم ٻارن جهڙو ئي سهڻو ۽ ابهم آهي ۽ ان ۾ سڄي دنيا ۽ هر دور جا ٻار اچي وڃن ٿا. ان رچنا / تخليق جي سٽ، سٽون يا هڪ اڌ بند ڏيڻ کان سٺو آهي ته توهين پورو نظم پڙهو - ۽ ٻار بڻجي وڃو.
    ”رڪار ڊاهج“ جي هيءَ تخليق ڄڻ ڦٽ تي لوڻ وانگر آهي:
    تنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙها
    ائين وهي تو کي هلڪو ڪن ٿا
    جيئن مارچ مهيني ۾
    برف ڳاري ڇڏيندي آهي هوا!
    ”فرخ فرخزاد“ هڪ ذهين ايراني شاعر، جيڪا ڦوهه جوانيءَ ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري وئي – پر هوءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ اڄ به زندهه آهي. هوءَ اڄ به انهيءَ گهٽيءَ ۾ گهمي رهي آهي جيڪا ڄڻ زندگي هجي:
    هڪ گهٽيءَ منهنجي دل چورائي آ
    منهنجي ننڍپڻ جي ياد جي خاني مان!
    ”مار گريٽ ڊي نوار“ جي نظم ”اهو سڀ ڪجهه ته اجايو آ“ کي توڙي جو مذهبي چيو ويو آهي، پر اهو هر مذهب لاءِ آهي ۽ ان جي هر بند ۾ هڪ چتاءُ آهي ۽ جيڪو هر دور لاءِ آهي:
    ڪو اعلان ڪري خوشامد لاءِ
    ته ”تون اُوچي کان اُوچو آهين“
    ته اهڙي ڳالهه کان ڀڄجان
    ڪڏهن ڪوڙو فخر نه ڪجان!
    انهيءَ نظم جي بنيادي ٿيم اها آهي ته ”ڪوڙ کي فنا آهي“. دولت، عزت، شهرت بي بقا آهن:
    فاني شيون جتان اينديون آهن
    واپس به اوڏانهن وينديون آهن
    مايا موهه، ڪوڙ، هٺ ۽ ڏيکاءُ – کي دنيا جي هر شاعر ننديو آهي. ”ساميءَ“ وٽ ته فلسفو ئي اهو آهي. ”جوليا ڊي برگاس“ نشي جي هيراڪ، اسپتالن ڀيڙي ٿي گمناميءَ ۾ مري وئي، پر هن جي شاعري نه مري سگهي. ”جوليا ڊي برگاس ڏانهن“ سندس هڪ عجيب تخليق آهي، جنهن ۾ هوءَ پاڻ سان ئي مخاطب آهي. هڪ سماجي ڪوڙن جي بي جان ڀوري، ٻي انساني سچ جي دکندڙ چڻنگ، هڪڙي دنيا وانگي خود غرض، ٻي سچ لاءِ سڀ ڪجهه گهورڻ واري. هڪ سنجيده بيگم ۽ ٻي:
    آءٌ ته زندهه آهيان، قوت آهيان، هڪ عورت آهيان
    تون پنهنجا وار ڇلا ڇلا ڪرين ۽ منهن کي گلابي رنگ ٿي هڻين
    منهنجا وار هوا ٿي ٺاهي، منهن کي سج رنگ ڏنو آهي
    تون گهر جي بيگم آهين صابر، شاڪر، ميسڻي
    مردن جي هٺ ڌرميءَ اڳيان ڪنڌ جهڪائين
    آءٌ ته هڪ ڪُميت آهيان آزاديءَ سان اُڏامندي وتان
    ۽ خدا جي انصاف جون وسعتون ٿي ماڻيان!
    ڇا شاعري صرف پنهنجي لاءِ ٿي ڪجي؟ يا ٻين لاءِ (به)؟ ”ايملي ڊڪنس“ شاپنگ لسٽن، رسيدن، پني جي ٽڪرين ۽ ٽافين جي پنن تي ڪوتائون لکيون ۽ پيتيءَ ۾ بند رکيون. اهي هُنَ چو چواءُ باوجود به نه ڇپايون. سندس مرڻ کان پوءِ ڀيڻس اهي پيتيءَ مان ڪڍيون ۽ ڇپايون. ”قدرت جو بورچي“ ڏاڍي گهري تخليق آهي. ”سچل سرمست“ جي، فقير امير بخش (۽ عابده پروين) جي ڳايل ڪلام ”سُڻ بات برهه دي ڪيهي، ايهي عجب جيهي“ جي ان سان حيرت انگيز مماثلت آهي. فرق رڳو اهو آهي ته ”قدرت جو بورچي“ ۾ استعارو ”موت“ ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۾ ”برهه“ آهي.

    ”ڏوهاري ڪير؟“ سارجنا انس دي لاڪروز جو سوال آهي ۽ اڄ تائين اڻ جوابيل آهي. ان تخليق جو آخري بند انهن هٿ ٺوڪين نقادن لاءِ، هڪ آرسي آهي، جيڪي جڏهن ڪا عورت وڪڙ ۾ نه ايندن ته چوندا ته ”سخت ۽ سرد آهي“ ۽ سولائيءَ سان وڪڙ ۾ اچي وين ته چوندا ته ”چالو ۽ گرم آهي.“
    ”شهزادي شڪيشي“ جي هيءَ مختصر رچنا ”سيارو“ بنان ڪنهن ٽيڪا ٽپڻيءَ جي:
    هوا سرد آهي
    هڪ هڪ پن
    رات جي آسمان مان
    گم ٿي رهيو آهي
    چنڊ باغ کي
    ننگو ڪري رهيو آهي!
    ادب جو ۽ خاص طور تي شاعريءَ جو، فن جو، مقصد جيڪڏهن سکڻي نعريبازي هجي ها ته پوءِ طبقاتي، معاشي، تهذيبي ۽ جنسي فرق شاعريءَ کي، فن کي، ڪڏهوڪو ڳڙڪائي چڪو هجي ها ۽ اهي شهپارا به معدوم ٿي چڪا هجن ها، جيڪي هن ڪتاب، توڙي ٻين ڪتابن ۾ زندهه آهن – ساهه کڻي رهيا آهن.
    مون پنهنجي طويل نظم ”روٽس“ ۾ دنيا جي ٻين شاعرن سان گڏ ”سيفو، ميران ٻائي، قرة العين ۽ امرتا سان گڏ سحر“ جو ذڪر ڪيو آهي:
    قرة العين – ”اَمرتا“ تائين
    ۽ ”سيفو“ کان ”ميران“ تائين
    جوٺي جڳ جا ناتا ٽوڙي
    سارا سڱ سياڪا ٽوڙي
    پريت ريت جو ڌاڳو جوڙي
    جڳ ڪلجڳ کي سپنو ڄاڻي
    ڪنهن ڪوڙي جي ڪوڙ ڪهاڻي
    جيون مٿيس مايا سمجهي
    مايا ڇل ۽ ڇايا سمجهي
    ميران ٻائي جو ڳڻ بڻجي
    يڪتاري جي تند تپائي
    هري نام جا ڀڄن سڻائي
    ملڪي حد بندين مان نڪري
    سمئه جي سيمائن مان اُڪري
    جوٺي جڳ ۾ سچي ساڻيهه
    سنڌڙيءَ لئه سا ”سحر“ ٿئي ٿي!
    ”ماڳڊا پور گل“ جي رچنا ”شڪ“ جون هي سٽون – وڍيندڙ سٽون:
    ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
    ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
    اهي ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل، ڏرا ڏنل ۽ آخري حد تائين ڊنل اکيون هن مهل به انهن سٽن مان اسان کي گهوري رهيون آهن ۽ اجهٽ لاءِ به ڇنڀجن نه ٿيون.
    ”انسان جي ماءُ“ پڙهي الاءِ ڇو مون کي زينت صديقيءَ جو ڳايل لوڪ گيت ”ڇو ٿي ڄڻئي اهڙيون ڌيئر امان“ ياد اچي ويو. اها به ڏاڍي گهري رچنا آهن. مهڙ ۾ ان جون ئي ٻه سٽون ڏنيون اٿم. هتي ساڳيون سٽون وري ڏيان ٿو:
    ماڻهو ٿيڻ ڏکيو آ
    ماڻهو، ماڻهوءَ جو ڀاءُ نه چاقو آ!
    هتي ”ماڻهو“ کي چاقوءَ / چاقوءَ کي ماڻهوءَ سان تشبيهه نه ڏني وئي آهي، بلڪ ان کي ”چاقو“ چيو ويو آهي، جيڪو ڪُهي ٿو! ڇاڪاڻ ته ”چاقو“ ته هڪ بي جان شيءِ آهي ۽ انسان جي ئي ايجاد آهي. ڳالهه ان جي استعمال جي آهي، بلڪ ان هٿ جي آهي، جيڪو ائين استعمال ڪري ٿو:
    ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳنُ وڍيندڙ هٿ ۾!
    اهو ڪَوڙو سچ نه رڳو ”انسان جي ماءُ“ رچنا جي دور جو آهي، شاهه سائينءَ جي دور جو آهي، پر موجوده دور جو به سچ آهي!
    شاعريءَ کي پنهنجي هڪ طاقت آهي. ان جو اثر وقت جي سراڻ تي چڙهي وڌيڪ تکو ٿي ٿو وڃي. شاعريءَ جي حوالي سان ان کي ئي دائميت چئجي ٿو:
    منهنجي دل تو کان باغي آهي
    اڌ دل تو کي ڌڪاري ٿي
    اڌ دل کي تو سان پيار به آهي!
    اها ئي دل – اڌو اڌ دل – اسان / اوهان جي سينن ۾ اڄ به ڌڙڪي رهي آهي.
    ”وطن جي ياد“، ”الوداع اي وطن“، ”منهنجا مٺڙا بابلا“ ۽ ”وڃڻ مهل“ به ڏاڍا گهرا ۽ اهم نظم آهن. انهن مان هڪ نظم ۾ هڪ ڌرتيءَ جي ڌيءَ پنهنجي وطن لاءِ هڪ وڻ ٿي پوکي ۽ چئي ٿي ته انهيءَ کان وڌيڪ هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ هن جي شاعريءَ ۾ اهو پنهنجي وطن لاءِ پوکيل وڻ اڄ چهچ سائو سدائين لاءِ هڪ سرسبز استعارو. ڇا اسين پنهنجي وطن لاءِ هڪ وڻ نٿا پوکي سگهون. ”وڻ“ جيڪو صدقهء جاريه آهي. پر اسان ته وڻ ڇا ٻيلا وڍيا آهن!
    ”وَهِي ويندڙ وَهي به لهندڙ وير وانگي آهي
    – جيڪا وري نٿي وري!“
    (لهندڙ وير)
    پر ”ويل وقت“ ۽ ”لهندڙ وير“ کي وارڻ جو ڪرشمو صرف ۽ صرف شاعريءَ ۾ ئي ممڪن آهي.
    ائين وقت اڏامي ٿو، کڻي وڃي ٿو
    سال سمورا، حياتيءَ جا پل
    ڇا اسين به گل ڪنداسين وري ٽڙنداسين؟
    يقيناً نه. ڇو ته:
    موت کان سوا ڪجهه به يقيني نه آهي!
    شاهه گدا لاءِ ساڳي سا مهل
    موت نه ڪندو آهي ڪنهن تي ڪڏهن ڪا ڪهل!
    پر اسين چئي سگهون ٿا ته شاعريءَ کي، جيڪڏهن اها شاعري آهي ته، موت نه آهي، فنا نه آهي. اهڙي ئي امر /آفاقي شاعري هن ڪتاب ”دنيا جون شاعر عورتون“ ۾ آهي. پنهنجي مڪمل سونهن، تازگيءَ ۽ توانائيءَ سان!


    امداد حسيني
    ڄام شورو – سنڌ
    ١٧ سيپٽمبر ٢٠٠٦ع


    ٻه لفظ

    اهو سچ آهي ته هن معاشري جي ابتدا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عورت مرد کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي. اڄ به ڌيءُ ڄمڻ تي نه پر پٽ ڄمڻ تي خوشيون ڪيون وينديون آهن ۽ سهرا ڳايا ويندا آهن.
    آدم ۽ حوا کان اڄ ڏينهن تائين هن ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي جاگرافيائي ۽ تواريخي تبديليون ته آيون آهن، وهڪرن گس بدلايا آهن، نيل ۽ فرات کان وٺي سنڌو نديءَ ڪيئي شهر ٻوڙي ڇڏيا آهن ته ڪيئي آباد ڪيا آهن. ڪيئي تهذيبون ختم ٿي چڪيون آهن ته ڪيئي جنم وٺي چڪيون آهن. سائنس ترقي به ڪئي آهي ته تباهي به آندي آهي، پر ازل کان ابد تائين انسان جي من جي دنيا ۽ احساسن جي ڪائنات ۾ ڪا به اهم تبديلي نه ٿي آهي. عشق، محبت، پيار، نفرت ۽ ڌڪار، ڳوڙها، کلڻ، مرڪڻ، روئڻ، جنگين ۽ جهادن جي تذڪرن، مذهبي ڪٽرپڻي، جهاد ۽ ان جي نالي تي ٿيندڙ بربريت ۽ بربادي ۽ اهڙين ٻين حقيقتن ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي.
    هومر کان وٺي حسن درس تائين ۽ سيفو کان وٺي پشپا ولڀ ۽ ارم محبوب تائين شاعريءَ جا موضوع ساڳيا رهيا آهن. محبت، عشق، جدائي، قرب، ظلم ۽ تشدد خلاف جدوجهد جو آواز يا وطن دوستي ۽ جنگين جا قصا - اسلوب بدلجن ٿا، ڏات ۽ ڏانءُ ۾ فرق آهي پر جذبن، احساسن، موضوعن ۽ حالتن ۾ هڪجهڙائي آهي.
    ستين صدي عيسوي جي عرب شاعره الخنساء جو پنهنجي جنگجو ڀاءُ جي موت تي لکيل ڪيڏارو، ڀٽائيءَ جي ڪيڏاري کان ڪنهن به طرح مختلف ناهي.
    نائين صدي عيسويءَ جي بزنطيني يونان جي شاعره ڪاسيه جڏهن چوي ٿي:
    ”دولت گناهه کي ڍڪي ٿي
    ۽ غريب سُئيءَ وانگر اگهاڙا آهن.“
    ته مون کي ڀٽائيءَ جو اهو بيت ياد اچي ٿو ته:
    پاڇائي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،
    ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ.


    جپان جي شهزادي شڪيشي جڏهن ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ چوي ٿي ته:
    ”چيريءَ جا ڳاڙها گل
    سرهاڻ وڃائي چڪا آهن
    توکي ته اچڻ گهرجي ها،
    هوا کان به اڳ، مٺل!“

    ته ڀٽائيءَ جو هي بيت ازخود ئي دماغ تي تري ٿو اچي ته:
    سَر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.

    ***
    جڏهن ادي (ڊاڪٽر) فهميده حسين مون کي فون ڪري چيو ته ادا مون هڪ انگريزي ڪتاب، جنهن ۾ دنيا جي شاعرائن جو ڪلام آهي، سو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي توهان مهرباني ڪري اهو نظر مان ڪڍي ڏيو ۽ پنهنجي پاران به ٻه لفظ لکي ڏيو ته سچ پچ مون کي ڏاڍي خوشي به ٿي ۽ ڪجهه عجب پڻ لڳو.
    خوشي ان ڳالهه تي، ته اسان جي پياري ۽ سڄاڻ ڀيڻ پهريون ڀيرو مون کي ڪو ڪم چيو آهي، جڏهن ته مون کوڙ ڀيرا کين تڪليف ڏني هوندي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ماهوار پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيڻ، مهتاب اڪبر راشديءَ سان ملهايل شام ۾ پيپر پڙهڻ وغيره لاءِ.
    مان ۽ منهنجا سنڌي ادبي سنگت جا ٻيا دوست سٺن ادبي پروگرامن ۾ ڪنهن اديب عورت کان سٺي مقالي پڙهائڻ جو جڏهن سوچيندا آهيون ته هن گوناگون شهر ۾ پهريون نالو جيڪو ذهن تي ايندو آهي سو آهي فهميده حسين جو. پاڻ ايتري ته سدوري (Graceful) آهي جو مجال آهي جو کڻي ڪنڌ ڪڍرائي. ”ها ادا“، ”حاضر ادا“ اها آهي اسان جي معروف اديب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين.
    عجب ان ڳالهه تي لڳم ته ڊاڪٽر سورلي جي ڪتاب ڀٽ جو شاهه Shah Abdul Latif of Bhit جي ترجمي کي نظر مان ڪڍندڙ ۽ سڌاريندڙ هڪ پي.ايڇ.ڊي ڊاڪٽر جي پورهئي کي وري مان نظر مان ڪڍان ۽ ان تي ٻه اکر به لکان سو ڪهڙي قانون ۾؟ مون اخبارن ۾ چؤسٽن لکڻ ۽ ڪجهه ڪچي ڦڪي شاعريءَ کان سواءِ ٻيو ڪيو ڇاهي جو علم، ادب، صحافت ۽ شاعريءَ جي هڪ ئي وقت اهڙي سُريلي، سُڄاڻ، سگهڙ ۽ سانده، لڳاتار ۽ گهڻي ۽ معياري تخليقڪار ليکڪا بابت لکان!
    سچل سائينءَ چيو هو:
    ”ماٺ ڪريان ته مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافر.“
    انڪار ڪرڻ جي ته گنجائش هئي ڪانه سو کڻي چيم ”ادي حاضر.“
    مَسودو ادي انيس ميمڻ (انيسه رحمٰن) هٿان مليو جيڪا سندس ڀيڻ به آهي ۽ پاڻ به سٺي شاعره ۽ ليکڪا آهي.
    مَسودي سان گڏ جيڪڏهن اصل انگريزي ڪتاب به ملي سگهي ها جنهن تان هي ترجما ڪيا ويا آهن ته شايد مون کي ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوي ها پر مون جڏهن سمورو ترجمو پڙهي پورو ڪيو ته ڄڻ مون اِن ڳالهه جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ته ڪو اصل ڪتاب هجي ها.
    ترجمي ۾ ٻولي، سٽاءُ، ردم ۽ ان جي موسيقيت کي برقرار رکيو ويو آهي. ڏکين انگريزي لفظن توڙي محاورن کي نج سنڌي لفظ ڏئي شاعرن جي اصل جذبن جي ترجماني اهڙي نموني ڪئي وئي آهي جو ان جي روح ۽ جذبي کي لهس نه آئي آهي.
    شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻوليءَ جو اڪثر خانو خراب ٿي ويندو آهي ۽ ان تي اردوءَ جو اثر حاوي ٿي ويندو آهي. پر ڇو ته ادي فهميده جو تعلق اهڙي گهراڻي سان آهي جتي علم ۽ ادب جا واهڙ وهن ٿا، تنهنڪري سندس قلم جي ڌارا به اهڙي تز، تکي ۽ تيز آهي جهڙو مهراڻ جو وهڪرو. سندس ٻوليءَ ۾ شهري اثر بنهه ڪونه ٿو ڏسجي.
    شاعريءَ جو ترجمو، نثر کان ڏکيو ۽ مشڪل هوندو آهي ڇو ته شاعريءَ ۾ موسيقيت (Rhythm)، نظم، ضبط، لفظن جي پابندي ۽ اهڙو جڙاءُ هجي ٿو جيئن ڪو هار هجي. ترجمي جو مطلب ٿيو ته ان هار جي تند کي ٽوڙي ان کي ٻيهر ٻئي ڌاڳي ۾ پوئڻ - اصل سرجڻهار جي جڙيل هار کي جڏهن ٻيو سرجڻهار ٻئي ڌاڳي ۾ پوئي ٿو ته اصل ۽ نقل جو فرق ضرور بيهي ٿو. شاعري خوشبوءِ مثال آهي. جيئن خوشبوءِ جي احساس جو ترجمو نه ٿو ٿي سگهي اهڙي طرح ترجمو ڪندڙ اصل شاعر جي مطلب کي ته ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو پر ان جي خوشبوءِ ۽ اونهي احساس کي نه.
    غير ملڪي ۽ ڌاري زبانن جي شاعري، اُن جي محاورن، استعارن ۽ تشبيهن کي سنڌي زبان ۾ آڻڻ ۽ احساسن جي اصلوڪيت قائم رکڻ ته آهي ئي مشڪل ڪم. پر اسان سنڌي زبان جي مَهان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اردو توڙي ٻين زبانن ۾ ترجمن کي ئي مثال بڻايون ته انهن ۾ خود ايتري ٻاڙائي آهي جو مفهوم ته ڇڪي تاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي پر اها چَسَ، اهو چاههُ، اهو روح جي گهرائيءَ تائين گهڙي ويندڙ احساس ترجمن منجهان نه ٿو اڀري، جيڪو شاهه جي اصل بيتن منجهه سمايل آهي.
    اصل ڪتاب “The Penguin book of women Poets” جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ هن ريت اظهار ڪيو ويو آهي:
    ”اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ثقافتن مان شاعري ڏيئي سگهون پر ان جي باوجود ائين نه ڪري سگهياسون ڇو ته انهن جا معقول ترجما نه ٿي سگهيا.“
    شاعريءَ جي ترجمن جي انهن سڀني ڏکيائن جي باوجود ايڏي وڏي تعداد ۾ شاعرائن جو ايتري ٿورڙي عرصي ۾ ايڏو سُٺو ۽ سُوڌ ترجمو، ساڳيوئي شاعراڻي يا نثراڻي نظم ۾ اهڙي انداز ۾ ڪرڻ جو اصل شاعريءَ جي مفهوم جي احساس ۽ سچائيءَ کي به لهس نه اچي، هر ڪنهن جو ڪم نه آهي.
    قبل مسيح کان وٺي دور حاضر جي مختلف ملڪن جي سَوَن شاعرائن کي ترجمو ڪري هڪ هنڌ سهيڙي وري انهيءَ ۾ شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين لکندڙ يقيناً چاليهارو سنڌي شاعرائن جي شاعري ۽ سندن مختصر تعارف کي ساڳئي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ليکڪا، ايڏو ته ڪارنامو ڪيو آهي جنهن سان نه فقط اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ غير ملڪي ۽ سنڌي شاعري پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ شاگردن جي رهنمائي ٿيندي پر هر ادب کي به پرڏيهي توڙي سنڌي عورتن جي شاعريءَ ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ۽ هينئر به گهڻو لکندڙ شاعرائن جي نه فقط شاعري پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ملندي پر انهن جي زندگين بابت ڏنل ٿوري گهڻي ڄاڻ مان پڻ فائدو حاصل ٿيندو.
    تسنيم يعقوب ۽ ادي فهميده حسين (ساڳي ڳالهه آهي) سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ جنهن نهٺائيءَ سان ۽ سواءِ ”مان“ جي اعلان ڪرڻ جي، خدمت ڪري رهي آهي ۽ لڳاتار لکڻ ۽ معيار قائم رکڻ جي جيڪا خوبصورت روايت رکي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ کيس نوبل پرائيز ملي نه ملي باقي لکيل پڙهيل سنڌي معاشري ۾ هوءَ نهايت اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪي آهي ۽ سڀڪو کيس وڏي عزت جي نگاه سان ڏسي ٿو.
    اهو ئي وڏو انعام آهي.
    هدايت بلوچ
    ڪراچي
    مهاڳ

    گهڻا سال اڳي، منهنجي هڪ جنم ڏينهن تي هميشه وانگي ادا سراج هڪ ڪتاب آڻي ڏنو هئم ”دي پينگئن بڪ آف وومين پوئيٽس“ جي نالي سان ۽ چيو هئائين ته اهو ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جهڙو ڪتاب آهي، مون ڪتاب پڙهيو ۽ ان کي ترجمو ڪرڻ جو به ارادو ڪيم پر پوءِ ڪجهه مصروفيتن وڌڻ ڪري اها ڳالهه دل تان ئي لهي ويم ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن گهر پئي شفٽ ڪيم ته اوچتو ان ڪتاب تي نظر پيم، بس پوءِ پڪي ارادي سان ترجمو شروع ڪيم ۽ نيٺ هي ڪتاب مڪمل ٿي توهان جي هٿن تائين پهتو.
    هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين – يونان جي سيفو کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين جي شاعر عورتن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن ۾ سماجي سطح تي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن زيادتين جو هڪ لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو. ڇهين صدي ق.م ۾ يونان جي قديم شاعر سيفوءَ ننڍڙي نياڻي ٽماس جو جيڪو حال لکيو آهي، اسان وٽ اڄ به ساڳيو حال آهي. نياڻين نماڻين جو.... پنجين صدي ق.م ۾ ”ڪورينا“ نالي شاعر پنهنجي سماج ۾ مرد شاعرن اڳيان ڪنهن عورت جي شاعري ڪرڻ کي ڏوهه جهڙو سمجهڻ واري خيال کي پڌرو ڪيو آهي. اسان وٽ اڄ به عورتن جي اظهار تي پابنديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪا عورت اهڙي سگهه ساري به ٿي ته نقاد سندس فن کي پرکڻ مهل هڪ لحظي لاءِ به اهو ڪونه وساريندا آهن ته اها هڪ عورت آهي. ٻي صدي عيسويءَ جي ”سائي يين“ جي شاعري پڙهي خبر پوي ٿي ته ان دور ۾ به عورتن کي اغوا ڪيو يا کڻايو ويندو هو ۽ کين زوريءَ سريتون بڻايو ويندو هو. اڄ به اسان وٽ ائين آهي ۽ سماج ۾ عورت جي مرضيءَ جي ڪا اهميت ڪانهي. اينگلو سيڪسن (پراڻي انگريزي) جي يارهين صديءَ جي هڪ شاعره ”زال جو ڏک“ لکيو آهي جيڪو هزار سال گذرڻ کان پوءِ به بلڪل تازو آهي - اڄ به ڪيئي زالون اهڙو ڏک ڀوڳين ٿيون. ساهرن جا سهم، طعنا، مهڻا، مڙس جي دوري ۽ مجبوري اڄ به زال ذات سان لڳل آهن. ٻارهين صديءَ جي هڪ ڪوريا جي شاعر جو نظم ”ترڪي بيڪري“ پڙهي سماج جي مختلف طبقن طرفان عورت سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيءَ بابت معلوم ٿئي ٿو. اڄ به گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم ڪار لاءِ نڪرندڙ عورتن کي ماڻهو اکين سان، هٿن سان ۽ اشارن سان ائين ئي تنگ ڪندا آهن ۽ اڄ به سندن خلاف ڳالهيون پکيڙيندڙن جو ڪو انت ڪونهي. اڪيلائيءَ جو، بيوفائين جو، پيار ۾ دوکا کائڻ جو ۽ وري جسماني قيد بند سهڻ جو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان جتي اها خبر پوي ٿي اتي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شاعر عورتن نه صرف پنهنجا – عورتن جا ڏک سور پيش ڪيا آهن پر ڌرتيءَ جي ڏکن سورن کي به اندر ۾ محسوس ڪيو آهي، پنهنجن اباڻن ۽ پنهنجن ديس واسين جي پيڙائن کي به اندر ۾ اوتي لکيو آهي. ١٩ صديءَ جي ڪيوبا جي جلاوطن شاعر وطن ڇڏڻ مهل جيڪو درد محسوس ڪيو آهي اهو اندر ۾ وڍ وجهيو ڇڏي - چوي ٿي:
    الوداع! منهنجا وطن، منهنجا عدن
    جي ڪڏهن مون ساڻ قسمت ڪاوڙي
    تنهنجو مٺڙو نالو منهنجو من پرڀائيندو
    منهنجي دل ۽ روح کي ريجهائيندو.


    يا جيئن برلن جي يهودي شاعر پنهنجي وطن مان نازين جي ڊپ کان ڀڄي فلسطين پهچي ٿي ته اوپري ماحول، اوپري ٻوليءَ ۾ ڪيئن ٿي محسوس ڪري ۽ ڪيڏي درد مان ٿي چوي:
    آڪاس ۾ رلندڙ بادلن کي
    ڇا چوان نه ٿي ڄاڻان
    وطن جي تارن جي تصور کي ٿي چمان
    ته منهنجا چپ چمڪي ٿا پون.
    آئوَري ڪوسٽ جي انوهاڪاني نالي شاعر پنهنجي نيگرو نسل ۽ ڪاري چمڙيءَ واري قوم لاءِ ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ ان ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن ٿي سوچي جنهن ۾ سندس جڙون کتل آهن سو سندس نظم ”آفريڪا تو جيڪي ڪجهه مون کي ڏنو آهي“ پڙهي مون کي اياز جون هي سٽون ياد اچي ويون؛
    جت لڪ لڳي جت اڪ تپن
    سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
    جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
    ۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو
    جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جيئن ڪڙهن
    سو ديس مسافر منهنجو ڙي.


    آفريڪا جي پس منظر ۾ انگريزيءَ ۾ به هڪ ترانو آهي. ”ڪم بئڪ افريڪا“ جنهن جي طرز تي فيض احمد فيض به هڪ نظم لکيو هو ۽ سنڌيءَ ۾ نورالهديٰ شاهه به هڪ ڪهاڻيءَ تي اهو ساڳيو عنوان رکيو هو. ان نظم پڙهڻ سان نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ ٿا لڳن ۽ مارئيءَ جو وچن ٿو ياد پوي ”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“.
    انهن موضوعن کان سواءِ ڪيترين شاعر عورتن فلسفي، عشق ۽ ٻين تجريدي موضوعن تي پڻ لکيو آهي. منجهن حقيقت پسندي به نظر اچي ٿي ته رومانويت به موجود آهي. فني لحاظ کان به انهن ۾ ڪا ڪچائي ڪانه ٿي نظر اچي، گهٽ ۾ گهٽ انگريزي ترجمي مان اهڙي ڳالهه محسوس ڪانه ٿي ٿئي. هنن نثري نظم به لکيا آهن ته پابند شاعري به ڪئي آهي، پنهنجي پنهنجي دور جي رجحانن، تحريڪن ۽ خيالن جي به عڪاسي ڪئي آهي.
    هن ڪتاب ۾ اها دعويٰ ڪيل آهي ته اهو دنيا جي تقريباً سڀني خطن جي شاعرائن کي شامل ڪري ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هنن هندستان جي شاعرائن کي شامل ڪري ائين سمجهيو هجي ته اهو خطو (هندو پاڪ) اچي ويو پر ته به مون کي سنڌ کي نه شامل ڪرڻ جو ٿورو دل ۾ ڏک رهجي ويو، بلڪه ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي ڪا به شاعره هن ۾ شامل ڪانهي. ايتريقدر جو اردو ٻوليءَ کي به شامل ڪونه ڪيو اٿن، ان ڪري مون پنهنجي هن مهاڳ ۾ سنڌ جي شاعرائن جو مختصر احوال ۽ سندن شاعريءَ مان مثال ڏئي انهيءَ ڪميءَ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي رڪارڊ تي اچن.
    اسان وٽ لوڪ شاعريءَ جون ته اڪثر صنفون آهن ئي عورتن جون چيل، جن ۾ لولي، ڳيچ، سهرا، لوڪ گيت ڪوڏاڻا، انيڪ چوڻيون، ٻاراڻا ٻول شامل آهن، پر باقاعده شاعريءَ ۾ به ٻي سموري معلوم شاعريءَ جيان عورتن جي شاعري سومرن جي دور کان ملي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي پهرين معلوم شاعر سومرن جي دور ۾ يعني ستين صدي هجري (اٽڪل 12صدي عيسوي) ڌاري ٿي گذري آهي جنهن جو نالو هو ”مائي مرکان شيخڻ.“
    سندس ڪلام تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ڪلام مرکان شيخڻ“ نالي سان 1971ع ۾ محمد سومار شيخ بدين مان ڇپرائي پڌرو ڪيو جنهن ۾ سندس سوانح عمري، همعصر دور ۽ ان جا ٻيا شاعر ۽ سندس ڪلام جو نمونو ڏنل آهي.
    هيءَ شاعره درگاهه شيخ قرهيي ڀانڍاريءَ سان وابسته هئي جيڪا سومرن جي آخري تختگاهه روپا ماڙيءَ کان ٽي چار ميل پري اوڀر اتر طرف آهي.
    مرکان شيخڻ جي مڙس جو نالو راڌڻ هو ۽ سندس ذات چاوڙو هئي ۽ پاڻ ذات جي پڻياڻي هئي، پنهنجي مرشد شيخ قرهيي ڀانڍاريءَ جي ڪري شيخڻ سڏبي هئي. هن جو گهڻو ڪري سمورو ڪلام پنهنجي مرشد جي عقيدتمنديءَ ۾ چيل آهي. سندس ڪجهه ٻول هن ريت آهن؛
    هيءَ ڪانڊيرڙي لس، هيءَ واسيرڙي وس
    ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾، آءٌ کلندي ڪڏندي اچان.


    ان کان سواءِ مختلف موقعن تي پنهنجي پير جي ساراهه ۾ چوي ٿي:
    ٻيڙو قرهيل پير جو
    زوران زور ڀريو
    لک مبارڪون شيخن کي
    جنهن جي پاس لڙيو
    نماڻيون اکڙيون
    ائين ستيون ڪوهه ڪريو
    مون نماڻيءَ جو ڀاڳ وريو
    چشمن ساڻ چمان
    قرهيل چوڙ جهليو
    نماڻيون اکڙيون
    ائين ستيون ڪوهه ڪريو
    مون ولهيءَ کي
    وارث جاڳائي ڏيو
    اڇا پڙ قرهيل جا
    اڇو پاڻ رسول ڙي!
    قبي مٿي ڪونجڙي
    پئي لامارا ڏي
    مريد سڏايم ڦٽرا
    پيرل تنهنجي در تي
    پير سڀئي مصريون
    هلو ڄام ڏاتار تي.
    انهيءَ کان سواءِ مرکان ڳيچ به چيا آهن جيڪي اڃا تائين ان درگاهه تي مريدياڻيون ڳائينديون آهن.
    ارغونن جي زماني ۾ هڪ شاعره ”مائي ساران“ جو نالو به ملي ٿو جنهن جي مڙس کي سرڪار بي گناهه سزا ڏني جنهن سبب هو ٻيلي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وڃي ڌاڙيل ٿيو. سندس جدائيءَ ۾ مائي ساران ڪجهه ڪلام چيو جيڪو وقت جي دز ۾ گم ٿي ويو البت هڪ ٻي شاعره ”جادل جتڻي“ نالي ٿي گذري آهي جنهن جو هڪڙو ”ڇلو“ ملي ٿو. هن شاعره لاءِ چون ٿا ته تمام خوبصورت هئي ۽ جنهن زماني ۾ شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ان زماني ۾ پنهنجي تر ۾ پنهنجي سونهن سبب مشهور هئي. سندس ڇلي جا ٻول آهن؛
    ڇلا پورب پتڻي،
    جيوي جادل جتڻي
    جنهن جي ته نٿ آهي نچڻي
    شاهه لطيف جي دور ۾ ”مائي نعمت“ پڻ ٿي گذري آهي جنهن کي شاهه صاحب جو سمورو ڪلام ياد هو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪلام چوندي هئي پر اهو موجود ناهي.
    انگريزن جي دور ۾ به ڪي شاعر عورتون ملن ٿيون. پني عاقل جي پاسي هڪ شاعره غلام فاطمه لعل نالي ٿي گذري آهي، جنهن 1925ع ۾ وفات ڪئي. سندس مڙس جوانيءَ ۾ مري ويو هو جنهن جي غم ۾ شاعري ڪيائين جيڪا سندس جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي:
    رهندس ڪانه منجهه ڀنڀور، پنهل پڄاڻا جيڏيون،
    نڌر ڇڏي ويا ننڊ ۾، ڪانه ڪيائون تڪ تور،
    ور وٺي ويا وڻڪار ڏي، ڏني چانگن کي چور،
    هزارين هوتن جا، اٿم هينئڙي ۾ هور،
    ڪنهن سان ڪنديس ڳالهڙيون، رڙيندس اور،
    لطف ڪجا لعل مٿان، مديني جا مور.
    ان کان پوءِ شڪارپور جي هاسي ٻائي عرف رڪي ٻائي عرف ”نماڻو فقير“ سچل جي مريدياڻي ٿي گذري آهي. جنهن سچل کان متاثر ٿي صوفياڻو ڪلام چيو آهي. هن ١٩٢٥ع ۾ سچل جو هڪ رسالو به مرتب ڪري ڇپايو هو. هوءَ ١٨٨٨ع ۾ ڄائي ۽ سندس وفات ١٩٦٣ع ۾ بڙودي (هندستان) ۾ ٿي. سندس هڪ ڪافي آهي؛
    اديون عشق نه اٿوَ آسان
    پر جي پيو پير ان ميدان
    جيڪا سڪ جو سبق پڙهندي
    دنيا کان سا منهن موڙيندي
    طعنا تنڪا سر تي سهندي
    ڏاج ڏکن جو پلئه پائيندي
    اديون عشق نه اٿو آسان.


    هن ئي دور ۾ لاڙڪاڻي جي پاسي جي هڪ شاعره ”ڀڳواني“ نالي پڻ ملي ٿي جنهن پڻ مڙس جي موت کان پوءِ سندس ياد ۾ شاعري ڪئي؛
    پتي پران پيارا کپي ڌيان تنهنجو
    اندر ۾ رهي سدائين گمان تنهنجو
    اڪيلو ڪري مون کي موهن وئين تون
    سنڀاري ٿي داسي، درشن جي پياسي.

    هڪ ٻي شاعره ”ڀڳوان داسي“ جي شاعريءَ ۾ به وڇوڙي جا ورلاپ ملن ٿا. اها پڻ انگريزن جي دور ۾ ٿي گذري آهي:
    پرين منهنجا پيارا پياسڻ ڇڏي وئين
    ڏئي ڏکڙا ڏاتر ڏهاڳڻ ڇڏي وئين
    ڪيل قول پنهنجا نه پاڙيئي پريم
    اڪيلي ڪري ڇو اڀاڳڻ ڇڏي وئين.

    ”راما ٻائي“ نالي هڪ شاعره پڻ ٿي گذري آهي. سندس ڪلام جو نمونو هتي ڏجي ٿو:
    ڇڏيو نه داسي وساري ديالو
    سگهڙي لهجو منهنجي سنڀار
    عيب اوڻايون مون ۾ اپار
    ڄاڻو ٿا ڄاڻڻهار
    مهر ڪريو مسڪين تي
    سوامي مالڪ مون منٺار
    پنڌ ڪرڻ جي پهچ ناهي
    پريتم جي ٻڌجو پڪار
    وار وار ڪري وينتي
    ”راما“ ڪجو نه چرنن کان ڌار.


    هن دور ۾ ”ڪملا ڪيسواڻي“ هڪ ڪاليج ۾ پڙهيل عورت پڻ شاعره هئي ۽ اڪثر رسالن ۾ باقاعده شاعري ڪندي هئي. هن ڪجهه تنقيدي مضمون پڻ لکيا آهن. هن جو هڪ مزاحيه نظم ڏاڍو مشهو ٿيو هو جنهن جو نالو هو ”گوگڙن جي ڀاڄي:“
    ڇاتيءَ جو ٺار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي
    ماکيءَ جي لار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي
    آلو به آهن سوادي پر ڪجهه اثر ۾ بادي
    دل جو غبار لاهي ڀاڄي ته گوگڙن جي.
    توريون پسند ڪن کي، ڪن کي وڻن پڪوڙا
    منهنجو آڌار آهي ڀاڄي ته گوگڙن جي.
    ”گوپي هڱوراڻي“ نالي شاعره جو هڪ نظم ”مکڙي“ نالي عورتن جي آزاديءَ جي لاءِ باقاعده پهريون اظهار چئي سگهجي ٿو جيڪو ڪنهن عورت ڪيو آهي. هن علامتي انداز اختيار ڪيو آهي جيڪا شايد وقت جي ضرورت هئي:

    مکڙي
    هن بند ۾ اي باندي
    آهين اجايو ماندي
    تو لئه ڪڏهن آزادي؟
    سائو لباس لاهي
    ٻاهر آءُ ڪوٽ ڊاهي
    پنهنجو پسائي مکڙو
    راڻي ايڏو ڇو نخرو
    آئي آهي رُت بسنتي
    هر چيز ۾ آهي مستي
    هر جاءِ آهي هٻڪار
    ۽ آهي پرينءَ جي پچار
    لوئي هيءَ لال اوڍي
    پنکڙيون هوا ۾ لوڏي
    سڳنڌ سونهن وڌاءِ
    جيون سندءِ وڌاءِ.
    سنڌيءَ ۾ جنهن پهرين شاعر جو شاعريءَ جو ڪتاب ”لهرون“ نالي ڇپيو سا هئي ”سندري ٽهلراماڻي“. هيءَ ڊي جي ڪاليج جي شاگردياڻي هئي ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ شاعري ڪندي هئي. هن جو هڪ نظم انسان بابت هن ريت آهي؛
    دل جي اٿاهه درياهه اندر ٽٻيون هڻين ٿو
    انمول موتي آڻي دنيا اندر رکين ٿو
    ڪڏهن ڪرين ٿو الوليون ڪڏهن اداس آهين
    يا جڳ کي ڏين دلاسا يا خود نراس آهين
    هستي پتنگ جي ڇا سچ پچ پتنگ تون ئي
    چُپ چاپ ويهي ڇيڙين تون ساز زندگيءَ جو
    ٿيو لفظ لفظ تنهنجو آواز زندگيءَ جو.
    هن دور ۾ سنڌي مسلمان عورتن مان شڪارپور جي ”روشن آرا مغل“ چڱو نالو ڪڍيو. جيڪا ڪاليج ۾ به پڙهي هئي ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪندي هئي. سندس هڪ نظم جون سٽون آهن:
    رت آئي، مکڙي ڇا کان شرمائي
    ڪرڻا آيا، هر جاءِ ڇايا
    چُمي چُمي گل چشمن چايا
    ڏسندي ئي ڇو گهٻرائي
    مکڙي ڇاکان شرمائي.
    رُت آئي، ڀونئرن ڳايو
    پل ۾ پاتو ڪنول سان نازڪ ناتو
    هيءَ ڇو تنهن کان شرمائي.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گهڻي وقت تائين ڪنهن اهم شاعر عورت جو نالو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇڙيءَ ۽ سٺ واري ڏهاڪيءَ جي شروع وارن ڏينهن ۾ ”نور شاهين“ جي عروضي شاعري ڪيترن رسالن ۾ نظر اچڻ لڳي، جيڪا پوءِ مختلف مجموعن جي صورت ۾ به ڇپي. ”رس ۾ رسڻ گهريو“ سندس هڪ مجموعو آهي. ان کان سواءِ هن هڪ ناول ”ليليٰ“ به لکيو ته بيدل جو ڪلام ”پنج گنج“ نالي سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو. سندس مثنوي ”فتح استنبول“ سورنهن سو شعرن تي مشتمل آهي. هن بيت، ڪافيون، گيت، غزل، رباعي، مثنوي، هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. (هاڻ هن دنيا ۾ ناهي) سندس شاعريءَ جو نمونو هت پيش آهي:
    آهيان سورن جي ڄڻ کاڻ اديون
    ڪنهن ماڳ رسان مان هاڻ اديون
    منهنجي اوندهه ئي چانڊاڻ اديون
    هر آهٽ تي ڪن ڏيندي وتان
    هر راهه گذر کان ٻيهر پڇان
    ڏٺو ڪنهن هجي منهنجو يار متان
    ڇڏي جيڪو ويو ٿم پاڻ اديون.


    نور شاهين سان گڏ مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڌيءَ، ”ثريا سوز ڏيپلائي“ جڏهن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهندي هئي ته ان پڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي پر باقاعدگيءَ سان ستر واري ڏهاڪي ۾ لکيائين. هن ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا آهن. (تازو وفات ڪري وئي آهي) هڪ ننڍڙو نظم هي اٿس جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن جي شاعريءَ ۾ سماج ۾ عورت جي مرد کان گهٽ حيثيت تي احتجاج موجود آهي:
    عورت ڪنهن کان گهٽ ته ناهي
    مرد تي پيل ڪو ڇٽ ته ناهي
    ڇو وکريل آهي، لٽ ته ناهي
    همت ڪندينءَ ملندئي ماڳ
    جاڳ سرتي جاڳ!
    هڪ ٻي شاعره جنهن گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ سٺي شاعري ڪئي آهي، اها آهي ”مريم مجيدي.“ سندس ڪلام جو مجموعو ”سروم دکم دکم“ ڇپجي چڪو آهي. هوءَ اڃا تائين شاعري ڪندي آهي. هن آزاد کان وڌيڪ پابند لکيو آهي ۽ عورت جي درد کي محسوس ڪري لکيو آهي:
    عورت آهين مورت ناهين
    سکڻي سهڻي صورت ناهين
    لاکيڻي تون پاڻ وهيڻي
    مور نه آهين هيڻي جهيڻي.
    ستر جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي آزاديءَ ۽ سجاڳيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو ۽ سنڌيءَ ۾ ”سوجهرو“، ”اديون“ خاص عورتن جا رسالا نڪتا ۽ اخبارن ۾ خاص عورتن جا صفحا شروع ٿيا، جن مان هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ”سگهڙين سٿ“ صفحو مون سنڀالڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ صفحي جي ذريعي نثر ۽ شاعري لکندڙ ڇوڪرين جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي، اڳتي هلي انهيءَ مان ڪي نالا تمام اهم بڻجي ويا ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو بڻيا. ان کان اڳ جيجي زينت عبد الله چنا ”مارئي“ رسالي سان ان دور جي سرواڻي ڪئي.
    ج.ع. منگهاڻيءَ جي شاعري انهيءَ ستر واري دور جي آهي. هوءَ تمام گهڻو لکندڙ ڇوڪرين مان هئي ۽ سٺو لکندي هئي ۽ اڃا لکي رهي آهي. سندس تعلق ڪراچيءَ جي بڪڪ خاندان سان آهي. سندس ان دور جي ڪلام مان هڪ مثال:
    نيٺ ته ويندي، غم نه ڪر هيءَ رات ادي،
    نيٺ ته ايندي ظلم ستم کي مات ادي.
    دور اهو به جلد ئي ايندو جلد ئي ايندو
    نيٺ ته وسندي خوشين جي برسات ادي.
    گوندر ٿڏي خوشين جو بنياد وجهون
    مبارڪ ڏيندي ساري ڪائنات ادي.
    تازو گذاري ويل مشهور لوڪ فنڪاره زرينه بلوچ نه صرف سٺي ڳائيندڙ هئي پر هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هئي. سندس ڪهاڻي ”جيجي“ هڪ شاهڪار افسانو آهي. هت سندس شعر جو نمونو پيش آهي:
    ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
    ڪوڙي جڳ ۾ مورک انسان
    ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
    جنم جنم جا ساٿي سڀ
    ڌار ٿي ويندئي دوست دلارا
    ساٿ ڇڏيندا جيءَ جيارا
    ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
    نامياري شاعر ۽ ڪالم نگار سلطانه وقاصيءَ پڻ انهيءَ ساڳئي دور ۾ لکيو ۽ تمام گهڻو لکيو. هن نظماڻا نثر ۽ ننڍڙيون ڪويتائون لکيون آهن. ان کان سواءِ گهڻي وقت کان سنڌي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکي رهي آهي. سندس شاعري نوجوان نسل ۾ تمام پسند ڪئي وڃي ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ نالي سان ڇپيل آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو ڏجي ٿو:
    ڪنهن کي نه ٻڌائيندم
    ته به ٺهي ويندا
    ڪيترائي فسانا
    هن جڳ ۾.
    ***
    هر قدم تي مليا
    ڪيترائي خدا
    سدا سهڻا
    ڳالهيون مٺيون
    پر
    اوچتو ئي اوچتو
    ظاهر ٿيو پوي
    انهن جي اندر جو
    ابليس.
    ***
    ”سحر امداد“ پهرين سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. سنڌيءَ جي مشهور شاعر امداد حسينيءَ سان شاديءَ کان پوءِ سحر امداد جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. سحر جي شاعريءَ جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هن آزاد توڙي پابند شاعري ڪئي آهي. غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، ٽيڙو.... جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ ڇپيل آهي. سحر امداد ڪهاڻيون به لکيون آهن ته تحقيقي ڪم به ڪيو اٿس. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي ۽ جديد شاعريءَ جي موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪري چڪي آهي. سندس هڪ غزل آهي:
    بيڪل ويران ڪاري رات
    اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات
    دل ۾ دردن جي درٻار
    تن کي هردم تنهنجي تات.
    سوري پاڻ اچي تو اوڏو
    تون ڪر سورهيه اهڙي بات!
    ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
    نور جا ڪرڻا پائن جهات
    ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات
    ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!


    ”تسنيم يعقوب“ منهنجو ئي ٻيو نالو آهي جيڪو مون شاعريءَ لاءِ اختيار ڪيو هو، 1972ع ۾ ”سوجهرو“ رسالو ڪراچيءَ مان جاري ٿيو، انهيءَ وقت منهنجو پهريون نظم ان ۾ انهيءَ نالي سان شايع ٿيو هو ۽ پوءِ ٻين به ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ نظم ڇپيا. ”سوجهرو“ ۾ ڇپيل پهريون نظم هتي ڏيان ٿي جنهن جو عنوان آهي ”تمنا“:
    تو چيو هو:
    ”ڪاش مان ڪوي هجان ها
    تو لاءِ گيت لکان ها جيڪر
    تنهنجي مرگهه نيڻن تي
    جن ۾ منهنجي تصوير آ
    جن مان منهنجو پياسو من
    جهاتيون پائيندو آ“!
    تو چيو هو:
    ”ڪاش مان چترڪار هجان ها
    ڪو چٽ چٽيان ها جيڪر
    ٻن نيرين ڪارين ڍنڍن جو
    جن جي بي انت گهراين ۾
    منهنجو وجود
    ڪنول جي گل جيان
    ٻڏندو ترندو رهندو آ.“
    هاڻ جڏهن تون نه ڄاڻان ڪٿي آن
    منهنجو من ٿو چاهي
    جي مان ڪوي هجان ها
    توڏي گيت لکان ها:
    ”او هرجائي!
    مرگهه نيڻن جي پياس وڌائي
    هن جيون رڻ ۾
    رڃ پويان ڇو رولي ويو آن؟“
    منهنجو من ٿو چاهي
    جي مان چترڪار هجان ها
    تنهنجو چٽ چٽي پڇانس جيڪر
    ”او منهنجي من جا چور
    منهنجو من گهائي
    ڪهڙو ديس وسائي
    ويٺو آن!“
    ...۽ جي مان خدا هجان ها!!
    ”شبنم موتي“ ساڳئي دور ۾ تمام گهڻو ۽ سٺو لکندڙ شاعره هئي جنهن هاڻ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. سندس ڀيڻ ”ثريا سنڌي“ پڻ شاعري ڪندي هئي. سندس وڌ ۾ وڌ شاعري ”سگهڙين سٿ“ ۽ ”اديون“ ۾ ڇپيس آهي:
    سنڌ جي نياڻي جاڳ تون جاڳ
    جاڳ ته جاڳي سنڌ جو ڀاڳ
    تون قهري ڪوٽن کي ڪوري آءُ
    هنن ڀتين کي تون ڀوري آءُ
    اڄ سنڌ سڏئي ٿي اوري آءُ
    آءُ ٻاري سوني سچ جي آڳ
    سنڌ جي نياڻي جاڳ تون جاڳ
    تون زندان زنجيرون ٽوڙي آءُ
    هن قيدن کان منهن موڙي آءُ
    اڄ واٽ وطن جي ووڙي آءُ
    آ مونجهارن ۾ تنهنجو ماڳ
    جاڳ ته جاڳي سنڌ جو ڀاڳ.


    ”شمشاد مرزا“ پڻ هن دور جي هڪ گهڻو لکندڙ شاعر هئي. مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل سان شاديءَ کان پوءِ لکڻ ڇڏي چڪي آهي. سندس هڪ نظماڻو نثر هت ڏجي ٿو:
    آرسيون اکيون، لڙهندڙ پاڇا، سر سارنگ، سر ڪرهو
    رنگ پکڙيل، ڇيرون ڇمڪار
    ناٽ نٽڻيءَ جا، آدم جي اهنڪار
    تالا، جند، ٻيڙيون بند، اڻ لکي انڊلٺ
    ڪوي، چترڪار ٻن پيالن ۾ بند
    آرسيون اکيون
    نيڻ نم نم، ڇپ گم سم
    لڙهندڙ پاڇا، لڙهندڙ ليٽ
    ٻن پيالن ۾ بند
    آرسيون اکيون گهٽيل ٻوٽيل
    ڦٽ ڦٽ ڏار
    ويڻ ورلاپ آڏو تنهنجي.
    ”انيس ميمڻ“ (هاڻي انيسه رحمان) پي آءِ اي ۾ مارڪيٽنگ مئنيجر آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان انٽرنيشنل رليشن ۾ ماسٽرس ڪيل اٿس ۽ شاگرد سياست ۾ به ڪافي فعال رهي. سگهڙين سٿ ۾ لکڻ کان ابتدا ڪيائين. پوءِ ٻين به ڪيترن رسالن ۾ لکيائين. هڪ رسالو ”سگهڙين سٿ“ نالي پڻ ڪڍيائين. سندس شاعريءَ ۾ مختصر لفظن ۾ وڏي معنيٰ هوندي آهي:
    ٻه اکيون، ٻه چپ!
    چپ - چپ چاپ ڏسندا رهيا
    اکيون - ڄڻ ته ڳالهائينديون رهيون.
    سگهڙين سٿ رسالي ۾ ڇپيل نظم ”ماءُ“:
    سوچيم پئي
    خيالن ۾ لهي ويس هيٺ
    شعور ۽ لاشعور کان دور
    چنڊ جي مٺي مٺي روشنيءَ
    سڪون ڦهلائي ڇڏيو هو
    ماٺ هئي ايتري
    چانڊوڪيءَ جي به ڄڻ
    چاپ ٿي ٻڌم
    شڪ ٿيم
    اڄ به تنهنجا چپ
    منهنجي نراڙ تي
    پنهنجي محبت جا
    چٽ ٿا چٽين
    خيالن مان موٽي آيس
    شعور، لاشعور، تحت الشعور کان پري
    ڏٺم ”ماءُ“ کي
    سوچيم
    سڀني شعورن کان اتم
    سڀني خيالن جي اندر
    تنهنجي ڪنهن سان ڀيٽ نه آ
    محسوس ڪيم
    خوشبو!
    تنهنجي خوشبو
    مٽيءَ جي خوشبو
    ان مٽيءَ جي خوشبو
    جنهن ۾ منهنجي اور پوريل آهي
    پوءِ ڀانيم
    ته سڀني شعورن منجهه
    سڀني خيالن اندر
    منهنجون ٻئي مائرون
    هڪ جنهن جنم ڏنو
    هڪ جنهن جي ڪڇ ۾
    موت کان پوءِ
    وڃڻو اٿم!
    اڳ ۾ ئي هڪ ماءُ
    منهنجي اور
    ٻيءَ ماءُ وٽ امانت طور پورائي آ
    ۽ اهي منهنجي نراڙ تي
    پنهنجي محبت جا چٽ چٽي
    مون کان جاڳرتا جي جوت جلائڻ جو
    وچن پيون وٺن
    ۽ مان
    ڪيئن پنهنجي مائرن جو
    وچن نه پاڙيان؟
    ”زبيده ميتلو“ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي پهرين اتي ئي نوڪري ڪئي پوءِ مهراڻ يونيورسٽي وئي، اڄ ڪلهه تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ ۾ آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڏات ڏوهاري“ ڇپجي چڪو آهي. جنهن تي اڪئڊمي ادبيات پاران انعام به مليل آهي. سندس ڪلام:
    اوندهه آهه ته ڇا ٿيو
    ڪرڻا ڪرڻا لفظ لکان
    ٻاري ڏات – ڏيو.
    ”نورالهديٰ شاهه“ سڀ کان پهرين ”سگهڙين سٿ“ ۾ ڪهاڻيون لکيون، پوءِ ٻين رسالن ۾ به لکيو. ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ڇپيل اٿس. ان کان پوءِ ڪجهه وقت شاعري به ڪيائين جنهن جو پڻ مجموعو ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ ڇپيو اٿس. سندس ٽي وي ڊرامن کيس سموري پاڪستان ۾ سڃاڻپ ڏياري آهي. سندس هڪ نظم سگهڙين سٿ ۾ ڇپيل ڏجي ٿو:
    ساڻو ساڻو ساهه
    هيءَ ته ڪا ناري آ
    ملهه لڳس وچ بازار
    ڪنهن سيٺ هٿئون
    وڪاڻي آ.
    بکايل بکايل پيٽ
    اڃايل اڃايل ساهه
    نڪي پاڻيءَ ڦڙا
    نڪي مانيءَ ڳڀا
    ائين ئي مئا
    هن جا ٻار.
    انهيءَ ساڳئي دور ۾ گذريل دور جي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ جنهن جو نالو ادبي تاريخن ۾ اچي ٿو. ”جميله تبسم“ (جنهن جون ڪهاڻيون مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالن ۾ ڇپيون هيون) پڻ ٻيهر لکڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس ڪيترائي نظم سگهڙين سٿ ۾ ڇپيا هئا جن مان هڪ پيش آهي.
    زنده خواب
    جڏهن حقيقتون چئني طرفن کان باهه لڳائين
    جڏهن سچ جو زهر
    قطرو قطرو ٿي وجود کي ساڙڻ لڳي
    ان لمحي دل چاهيندي آهي ته
    ڪجهه ساعتون زندگيءَ کان جدا ٿي
    اکيون بند ڪري خوابن جي دنيا ۾
    گم ٿي وڃجي
    انهن ڪوڙن لمحن جا خواب
    ڪڏهن نه پورا ٿيڻ وارا خواب
    چند گهڙين لاءِ سهي
    دل کي خوش ڪندڙ خواب
    اهڙا خواب ڏسجن
    جن جي تعبير اکين کلڻ سان سچ هجي
    سنڌ تنهنجي ۽ منهنجي هجي.
    هن ساڳئي دور ۾ ”نسرين جوڻيجو“ به لکڻ شروع ڪيو ۽ تمام گهري جذبي سان لکيائين. پاڻ ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ هاڻ گهڻو نٿي لکي:
    پيڙا
    ڏاڍي ٿم اساٽ
    تن ۾ گرمي
    من ۾ گرمي
    سوچ ۾ گرمي
    لوچ ۾ گرمي
    اڻ پورين آسن جي گرمي
    خون ٿيل خوابن جي گرمي
    اکين مان ٿا الا نڪرن
    خيالن ۾ ٿا ڀنڀٽ ڀڙڪن
    ڇاتيءَ ۾ ٿا ٽانڊا ٽچڪن
    دل ۾ ڏک هزار
    کامڻ جي ٿم شروعات
    آهيان هينئر ٽانڊو ڳاڙهو
    پوءِ ٿيندس ڪوئلو ڪارو
    آخر ٿيندس رک
    مٽيءَ جهڙي خاڪي رک
    دل ٿي چاهي
    دور وڃان مان
    دکن دولابن جي نگريءَ کان
    پنهنجي سکڻين
    سوچن لوچن کان ڀي دور
    پنهنجي زهري جيون کان دور
    هماليه جي چوٽيءَ تائين
    اتان کڻي مان ٽپو ڏيان
    اونهي کاهيءَ منجهه ڪران
    وري وڃيم ڪا برف مٿان
    مليم ڪا ٿڌڪار
    ٿڌڙي ٿڌڙي
    موت جهڙي ٿڌڪار.
    ”شميم ميمڻ“ پڻ ڊاڪٽرياڻي آهي. هيءَ تمام ذهين ۽ حساس ليکڪا آهي. هن پهرين ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا پوءِ ڪجهه عرصو شاعري ڪيائين ۽ شاديءَ کان پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنائين.
    اوسيئڙو
    هاءِ ڙي جيون!
    آندو ماندو
    اوسيئڙو – اکيون جر ٿر
    اڻڀا وار – ڳوڙها ڳل
    ڪنهن لئه آ
    ڪوئي پاڳل
    ڪو به نه آيو
    ماڻهن جي هن ميڙ ۾ ڪوئي
    هيڪل وياڪل
    من ٻالڪ کي
    پرچائي پرڀائي
    آس جي جوت جلائي
    چؤواٽي تي نيڻ وڇائي
    نهاري پل پل
    ڪنهن اڻڄاتي آديسيءَ لاءِ.
    هن ساڳئي دور ۾ ”نذير ناز“ پڻ شاعري ڪئي ۽ اڃا تائين ڪري رهي آهي ۽ اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻ ناري پبليڪيشن ذريعي عورتن جا ڪتاب پڻ شايع ڪندي رهي آهي. سندس شاعري هت ڏجي ٿي:
    درشن پياسي، نيڻ اداسي،
    ڇلڪن نير وهائي، تنهنجي ياد ستائي
    تو بن سڃ ئي سڃ ٿي ڀانيان
    جيون رڃ ئي رڃ ٿي ڀانيان
    ساري سڪ مان جيڪي سرجيان
    وکريل سپنا ساڀيان ٿيندا
    ساجن تنهنجي آئي
    تنهنجي ياد ستائي.
    هن دور ۾ ٻيون به ڪيتريون اهم شاعرائون هيون جن مان نسرين شاهه، سوسن مرزا، عذرا جبين ميمڻ، سعيده ميمڻ وغيره. جا نالا اهم آهن. نئين ٽهيءَ مان پڻ ڪيتريون ئي شاعرائون تمام سٺو لکي رهيون آهن، جن مان ڪجهه اهم نالا هي آهن.
    عطيه دائود، پشپا ولڀ، بانو محبوب، ارم محبوب، شبنم گل، امر سنڌو، تانيا ٿيٻو، گلبدن جاويد وغيره انهن مان ڪن جي شاعري هت ڏجي ٿي.
    عطيه دائود (لاڙڪ) ستر جي ڏهاڪي کان سگهڙين سٿ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، پر سندس مڃتا پوئين دور ۾ ٿي جڏهن منجهس پختگي آئي. هن وقت سندس شاعريءَ جي اردو ۽ انگريزي ترجمي وڏي حلقي ۾ مڃتا ماڻي آهي. سندس هڪ نظم ”پيار جون سرحدون“ نالي هت ڏجي ٿو:
    منهنجا محبوب، مون کي توسان محبت آهي
    پر مان تنهنجي اڱڻ جو کوهه بنجڻ نٿي چاهيان
    جيڪو تنهنجي اڃ جو محتاج هجي
    جيترو ان مان پاڻي ڪڍجي ته شفاف ٿئي
    جي نه ڪڍجي ته ٻاڙو ٿي وڃي
    مان ڪڪر جيان وسڻ چاهيان ٿي
    منهنجو اندر تولاءِ آتو آهي
    پر اهو ناتو جيڪو ڀولڙيءَ ۽
    مداريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي
    سو مان نٿي چاهيان
    تنهنجي قرب جي ڪشش مون کي ڏاڍو موهي ٿي
    پر تنهنجي خواهشن جي گهاڻي ۾
    چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڦرڻ نٿي چاهيان
    تنهنجي اڱڻ تي ڀرم جي ڪليءَ سان ٻڌجي
    وفائون ڀؤنڪڻ نٿي چاهيان
    لولي لنگڙي سوچ سان لانئون لهي
    انڌن ٻوڙن ۽ گونگن ٻارن کي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان
    مان سڀ حواس رکندڙ آهيان
    سو لوچيان به ٿي ۽ سوچيان به ٿي
    بک، ڏک ۽ خوف موت جا پاڇولا بڻجي
    منهنجي رت سان راند پيا ڪن.
    ۽ تون منهنجي اکين ۾ حيا ڏسڻ ٿو چاهين
    ٻاهر جي درد جا ڀڀڙ پيا ٻرن
    سا لهس ته مون کي به لڳي آهي
    تون منهنجي چمڙيءَ کي گلاب جيان ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاهين
    مان تنهنجي خيالن جي ڪينواس تي
    ٺاهيل ڪا تصوير نه آهيان
    جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رنگ ڀريندو رهين
    ۽ مان تنهنجي ڪٿيل فريم مان ٻاهر نڪري نه سگهان
    ڄاڻان ٿي توکان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان
    مون کان سواءِ تون ڪجهه نه آهين
    محبت جو ماڳ ماڻڻ لاءِ
    اچ ته هڪ ٻئي لاءِ آئينو بڻجي وڃون
    منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي
    مون سان چنڊ متعلق نه ڳالهاءِ
    منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون ڪر
    جيڪي دوستن سان ڪندو آهين.
    ”پشپاولڀ“ نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعره آهي. سنڌي اديب وليرام ولڀ جي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر آهي ۽ تمام سٺا نظم لکيا اٿس. سندس هڪ نظم آهي:
    توکي ڪهڙي خبر
    اسان توکي ڪيئن رکون ٿا
    بند ڇپرن ۾
    اکين وانگر
    دنيا جي هر ڪک کان پري
    بند ڪتابن ۾
    گلابن وانگر
    تنهنجي خوشبوءَ کان
    هر ساهه ۾ سموئي
    کليل اکين جي
    هر خواب وانگر
    جو تو سواءِ پورو ناهي
    هڪ آس آهي
    جنهن سهاري
    زندگيءَ جي ڏاڪڻ جو
    هڪ هڪ ڏاڪو چڙهجي ٿو
    عذابن وانگر.
    ”امر سنڌو“ (اصل نالو سلميٰ لغاري) ٿرپارڪر (ميرپورخاص) سان واسطو رکي ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي. سندس ڪي سٺا نظم مختلف رسالن ۾ ڇپيا آهن. سندس نظم ۾ انداز تجريدي آهي:
    ڇا!
    تون پنهنجي
    نظريي جو ڪمبل
    مون کي اڌارو ڏيندين
    مان!
    پنهنجن سپنن کي
    سيءَ کان بچائڻ ٿي چاهيان
    هوءَ!
    جنهن کان ڊگهي ڪس
    وٺڻ چاهي هئي مون
    رات!
    ان جي سپنن سيءَ کان بچڻ لاءِ
    خودڪشي ڪري ڇڏي.
    ”شبنم گل“ انگريزيءَ ۾ ايم اي آهي ۽ ليڪچرار آهي. هن جي سڃاڻپ شاعر هئڻ کان سواءِ ٽي وي ۽ اسٽيج جي ڪمپيئر جي پڻ آهي. سندس اصل نالو رضيه سلطانه لاشاري آهي.
    وقت
    مختلف روپن
    مختلف چهرن
    مختلف صورتن ۾
    تنهنجا ڏنل سمورا درد
    ۽ منهنجي نالي ارپيل
    سموريون پيڙائون
    سمورا گهاءَ
    ساهه ۾ سانڍي رکيا اٿم
    ۽
    جيئن ڪو پهرين محبت جي
    نالي کي
    دل جي ڪتاب ۾
    سنڀالي رکندو آهي.
    ياد جون اڌ کڙيل
    مکڙيون
    انتظار جي علامت .
    ”ميمڻ روشن تبسم“ جو تعلق مٽياريءَ سان آهي. پاڻ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڪم ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو پڻ ڇپجي چڪو آهي. ڪلام جو نمونو ڏسو:
    ماءُ جي قدمن ۾ جنت
    دعائن ۾ رحمت
    سندس پيار زندگي
    خدا جي قدرت!
    ”زيب نظاماڻي“ – مرحوم نثار حسينيءَ جي جيون ساٿي، جتي ان سان گڏجي سنڌي ٿيئٽر کي جياريائين اتي خوبصورت شاعري به ڪيائين – هي ڏسو:
    هيل موسم جيان
    موٽ مون وٽ وري
    آس جي اڀ تي
    چنڊ وانگيان ٻري –
    ڪونج گهاريل ٻڙي –
    هاءِ ڏاڍو ڪري –
    درد جي شام هي
    هاڻ ويندي ٽري
    واٽ وندر مٿي
    وقت ويندو ڀري -
    ”بانو محبوب جوکيو“ جو نالو ادب جي دنيا ۾ تمام جلد ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ اهم بڻجي ويو. جنهن جو سبب سندس منفرد انداز آهي جنهن سان هوءَ تمام گهري معنيٰ ظاهر ڪري ٿي. سندس هڪ آزاد نظم ڏسو؛
    ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
    بنان ڀاڙي
    مفت ۾ اجاڙي
    سڪون جا تڏا پٽرائي
    هاءِ اجاڙي
    ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
    مفت مفت ۾ منظر آڏو
    غمن گوندرن جو گهلي گاڏو
    بڻجي ڪاسائي، بڻائي پاڏو
    هاءِ ڏاڍو ڦٿڪائي
    ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
    ماضي ڏاڍو ماري ٿو
    ياد جي ڇيڻيءَ سان ڏاري ٿو
    ماري وري جياري ٿو
    من وجهي ٿو گهائي
    ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
    ساروڻيون جٿا ڪن ٿيون
    دشمنن جيان حملا ڪن ٿيون
    قرضين جيان ڪڍ لڳي
    ڏاڍو بي حال بنائي
    ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي
    وڃڻ وارا ويٺا آهن
    يادن کي پويان بڇيندا آهن
    ڏکن جا اسان لئه کاتا کولي
    سکن کي ڏور سٽيندي
    ويندا هن وَئلن جو واءُ گهلائي
    ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي.
    ”گلبدن آصف“ هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر آهي ۽ هڪ سٺي شاعره آهي. شاديءَ کان پوءِ گلبدن جاويد مرزا سڏجي ٿي. سندس وائي:
    منهنجو توسان چاهه الا – منهنجو توسان چاهه الا
    هيءَ جواني دلبر جاني، صدقي توتان ساهه الا،

    منهنجو توسان چاهه الا.
    توکي ساريان هنجون هاريان، روز ڏسان پئي راهه الا،


    منهنجو توسان چاهه الا.
    رنگ رچائي، مچ مچائي، برهه تنهنجي باهه الا،


    منهنجو توسان چاهه الا.
    چوي ديوانو سارو زمانو، پيار ڪيو تنهنجي پاهه الا،


    منهنجو توسان چاهه الا.
    منهن مٽي دل ڦٽي، ڪيڏي ڪئي تو ڪاهه الا،


    منهنجو توسان چاهه الا.
    تڙپي تڙپي رات گذاريان، ورهه اسان جي واهه الا،


    منهنجو توسان چاهه الا.

    ٿر جي ڀٽن ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ گوري ولڀ گهٽ لکيو آهي پر تمام سٺو لکيو آهي. پنهنجي ديس لاءِ سندس هي خيال ڏسو:
    اي ٿر جون ڀٽون
    اي اڪ جا ٻوٽوءَ!
    اي ڪونڀٽو
    اي اونهاري جي گرميءَ ۾
    پچندڙ پيرونؤ!
    اي ڀٽن تي
    ٽهوڪن وارا مورؤ!
    منهنجي سڃاڻپ توهان سان آهي
    منهنجي جسم ۾ موجود گرمي
    هتي جي تتل واريءَ سان آهي
    جڏهن مينهن جا ڦڙا
    واريءَ تي ڪرن ٿا
    ته ڄڻ آءٌ جاڳي پوان ٿي
    تڏهن مان – مان نٿي رهان
    ٿر ٿي پوان ٿي
    ”ارم محبوب“ نئين ٽهيءَ جي شاعره آهي ۽ مشهور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جي ڌيءَ آهي. نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ڪيل اٿس. سندس ڪلام:
    ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي،
    ها ڏاڍي ڪاري رات هئي
    ويس ڍڪي اوڌر جي چانڊاڻ جو
    چنڊ دريءَ مان مرڪيو ائين ٿي
    ڄڻ ڊيڪوريشن پيس هيو ڪو
    ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي
    ها ڏاڍي ڪاري رات هئي
    ۽ من ۾ ڪيڏا ها طوفان
    يادون يادن سان ٽڪرائجي
    پار ڪڍي ڄڻ رُنيون ٿي
    پر دل جو آواز ڇو ڪنهن نه ٻڌو پئي
    ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي
    ها ڏاڍي ڪاري رات هئي
    ۽ دنيا ڄڻ ڪائي قبر هئي
    چنڊ اهو پسي ها پوءِ رنو هو
    پوءِ وڃي ڪا ماٺ ٽٽي هئي
    ڪاري رات کٽي هئي
    ۽ تڏهن وڃي ڪا باک ڦٽي هئي.

    شگفته شاهه جو تعلق حيدرآباد سان آهي، پاڻ سٺي چترڪار به آهي، سندس هي شعر ڏسو:
    نما شام
    هيءَ تنها تنهاڪوئل
    وڻ جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي اڏري
    ڪنهن کي آخر ڳولي ٿي
    ڪيڏي پيڙا مان
    ڪُو ڪُو ڪوڪي ٿي
    ٻول مٺا سي ٻولي ٿي
    تانيه ٿيٻو، نسيم ٿيٻو ۽ رسول بخش پليجي جي ڌيءَ آهي، پاڻ گهٽ پر سٺي شاعري ڪئي اٿس.
    ڊوڙيا هئا سين ننڍڙي پوپٽ لاءِ
    مون ته ڏٺا ها، سپنا ها سي
    گلڙن تي جي ويٺا ها
    اونداهي چوڌاري
    ۽ ان جي پوئيواري
    پرهه سڪينه گاد جي شاعريءَ ۾ عورت سان بي جوڙ شاديءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ ڪيس تي احتجاج ملي ٿو:
    اڄ وري ڪا ناري
    بنا جوڙ نڪاح جي
    ٻنڌڻن ۾ ٻڌي وئي
    اڄ وري ڪنهن جا سپنا
    انا خاطر نراس ڪيا ويا
    اڄ وري ڪنهن ناريءَکان
    شرعي حق کسيو ويو
    سندس ڏڪندڙ ۽ سڏڪندڙ
    ڪنڌ کي زوريءَ لوڏي
    هاڪار ڪرائي وئي
    شاهدن مبارڪون ڏنيون
    سندس ڀاءُ مبارڪون
    وصول ڪيون!!
    فرزانه شاهين مڱڻيجو اسي-نوي جي ڏهاڪن ۾ مشهور ٿي، سندس شاعريءَ جو پنهنجو ڌار لهجو آهي. هي غزل ڏسوس:
    يادن جي گهيري ۾ آهيان
    پوءِ به مان ٿي تنها ڀانيان
    پنهنجو مون کي پاڻ لڳي ٿو
    ڀيانڪ ڪوسپنو آهيان
    احساسن کان خالي خالي
    پٿر جي ڪائي مورت آهيان
    من ۾ اوسيئڙي آهٽ
    سپنن ۾ ٿي تو کي ڳوليان
    ريکائن ڇو مات ڏني آ
    رسمن جون ڇو رسيون پايان
    نسرين نوري، مشهور شاعر آهي. سندس ٻين شاعرئن کان ڪجهه مختلف ڏسجي ٿي.
    ڪي ڪي موتين داڻا ماڻهو
    مکڻ جا ڄڻ چاڻا ماڻهو
    پاڻهي هانو هندوري لوڏيان
    اهڙا ساهه سيباڻا ماڻهو
    قرب وارن سان ڪاوڙجي ڪي
    ڏاڍا ڪن ٿا ماڻا ماڻهو
    ڏک انهن کي ڏاج ٿي مليو
    سورن ۾ ساماڻا ماڻهو
    حميده قاضيءَ جو تعلق رتيديري جي مشهور قاضي خاندان سان آهي. جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ فنڪار فرد شامل آهن، قاضي مقصود گل، قاضي منظر حيات، قاضي خضر حيات وغيره. سندس نثر توڙي نظم جو پنهنجو منفرد انداز آهي.
    پيڙائون پڄرن
    ترقي پسند روايتن
    ۽ قدرن جو حامي
    سماج ..... !
    جنهن جي سيني تي
    اسين ايئن آهيون ڄڻ
    زندهه لاش!
    ناريءَ جي هر قدم
    هر وک جو ويري
    هر وک تي ڏئيس ٿو
    بنواس ..... !
    تسليم زنئور جي وائيءَ جون ڪي سٽون ڏسو:
    تو کي ڳوليندي رهيس
    اڀاڳن جيان هر واٽ
    ٿر ۾ ٿوهر ڦٽندا رهيا
    لاش گلن جا منهنجي پلئه ۾
    هيل بهارن منجهه سرٻاٽ
    ٿر ۾ ٿوهر ڦٽندا رهيا
    ”رخسانا پريت چنڙ“ هڪ ڊاڪٽرياڻي آهي. هن جي ڪلام جو مجموعو ”پياسي ساڀيا – جل ٿل خواب“ ڇپجي چڪو آهي:
    اڃا جيئون هر سزا مليل آ
    اهڙي ڪنهن جي دعا مليل آ
    تنها ئي ۾ اڀ چانڊوڪيون
    چاهت آ يا چتا مليل آ
    ڪوٽن کي اورانگهي وئي آ
    شايد هن سان هوا مليل آ
    ”پارس عباسي“ مشهور شاعر مرحوم تنوير عباسيءَ جي نياڻي آهي. پر هن جو پنهنجو لهجو آهي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو به ڇپيل آهي، سندس شاعريءَ جو نيارو رنگ ۽ آهنگ آهي:
    لهندڙ سج تڪيندا آهيون
    ڇڻندڙ پن ڳڻيندا آهيون
    آکيرن ڏانهن ورندڙ پنڇي
    ڪرندڙ پنک جهٽيندا آهيون
    اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي
    ننڊ جا پير جهليندا آهيون
    ”نجمه نور ڦلپوٽو“ جو هڪ مجموعو ”اَجرڪ ۽ چنڊ“ ڇپجي چڪو آهي. هن جو ڪلام پختو آهي. سندس مجموعي ادبي حلقن جو ڌيان ڇڪايو آهي. پاڻ مسلسل لکي رهي آهي. ان جي گيت ”جشن بهار “ مان ٻه بند:
    صحرا ۾ ڄڻ ساگر پلٽيو
    پن ڇڻ پنهنجي آر نه پار
    جشن بهاران جي آ بهار
    ڌرتيءَ پنهنجا سور نه ساريا
    اوٺي آيا موڙي مهار
    جشن بهاران جي آ بهار
    ”اختر افروز شاهه“ ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. حيدرآباد ۾ رهي ٿي. پاڻ ڪهاڻيون به لکندي آهي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”دل پٿر ته نه آهي“ ڇپيل آهي:
    نانگ مان زهر ڪڍي سگهجي ٿو
    انسان مان زهر ڪڍڻ مشڪل آ
    هت ماڻهو، ماڻهوءَ کي هر وقت ڏنگي ٿو
    نانگ جيان ڳولهي بدلو وٺي ٿو!
    ”نجمه پنهور“ ڪهاڻيون به لکي ٿي ۽ شاعري به ڪري ٿي. ”سرتيون“ جي جوائنٽ ايڊيٽر آهي. پاڻ ڳچ عرصو ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر به رهي آهي.
    ڏوهه سڀئي بخشائڻ اينديس
    پيارن کي پرچائڻ اينديس
    بسنت رت ۾ تڙپي پونديس
    پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ اينديس
    ”بنفشه بهار“ ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. پاڻ ڊاڪٽرياڻي آهي. آزاد توڙي پابند شاعري ڪري ٿي. سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ تازگي آهي:
    وساري به وسرن نٿا ڇا ڪجي
    جي وسري وڃن ته به غضب ٿي وڃي
    ستل سور دل ۾ کنيو ٿو وتان
    جي جاڳي پون ته به غضب ٿي وڃي
    * **
    پنهنجا درد اُڌارا ڏي
    مون کي اهي سارا ڏي
    تنهنجا نيڻ سانوڻي بادل
    مون کي اهي وسڪارا ڏي
    ”ثمينه ميمڻ“ ڪهاڻيون به لکيون آهن ته شاعري به ڪئي آهي. هوءَ ٽه – ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي چڪي آهي. ثمينه ”سرتيون“ جي ايڊيٽر به رهي آهي. هن وقت سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين آهي:
    ڌنڌ ۾ ويڙهيل يادکي
    مون کولڻ جو سوچيو هو جڏهن
    مون کي ايئن هو لڳو ڄڻ
    ڌنڌ ويندو هٽي
    ياد ويندو جهٽي!
    ”بينا بيدل“ بيدل مسرور جي گهر واري آهي. هوءَ شاعريءَ کي گهٽ وقت ڏئي ٿي، پر سٺي شاعري ڪري ٿي. پاڻ ٽي وي آرٽسٽ رهي آهي. زلزلي تي ”سرتيون“ ۾ سندس ڪيترن ئي ڇپيل نظمن مان هڪ:
    موت کي ساٿي ڪري
    وقت (جيڪو ڪٿي بيهي نٿو!)
    زندگيءَ سان راند ڪا اهڙي رچي
    قدرت آڏو
    فقط هڪ ڇڪيءَ سان
    خاموش ٿي وئي زندگي!
    ”روبينه راجپوت“ حيدرآباد ۾ رهي ٿي. پاڻ سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪري ٿي.
    تنهنجو منهنجي اڱڻ اچڻ
    ائين آهي ڄڻ
    خزان جي موسم ۾
    ڪو گلابي گل ڦٽڻ
    ”حميره نور“ هڪ اين. جي. او سان لاڳاپيل آهي. پاڻ نثر ۾ به لکي ٿي ته شاعري به ڪري ٿي. هن جا موضوع توڙي اسلوب منفرد آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”درد جي خوشبو“ ڇپجي چڪو آهي:
    وڃڻ کان اڳ نهاري وڃجان
    ڪڏهن ڪنهن کي پڪاري وٺجان
    ثواب خاطر يا احسان ڪرين
    مئي جلدي ۾ پياري وٺجان
    ”زبي پروين ڏاهري“ ڳچ عرصي کان لکي رهي آهي ۽ سٺو لکي رهي آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”اسان جون نهارون“ ڇپيل آهي:
    عورت لاءِ
    زندگي زندان مثل آ
    هن معاشري جي مقتل ۾
    مائٽن جي گهر
    ڄڻ هن لئه ٿاڻو – عارضي ٺڪاڻو!
    ”سيما“- هن ويجهڙائي ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي. هيءَ نثري شاعري ڪري ٿي. سندس موضوع منفرد، اظهار ۽ لهجو چڀندڙ ۽ گهرو آهي:
    پکين جون ٻوليون
    وڃائجي ويون آهن
    گلن جي خوشبو باروت جي ڍير ۾
    لتاڙجي وئي آهي
    ٻارن جا رانديڪا کسجي ويا آهن
    خوابن جا پوپٽ
    اکين مان اڏامي ويا آهن
    ننڊ سان گڏ!
    مٿي ڏنل تفصيل ۾ مختلف دورن مان تمام گهڻا نالا ۽ انهن جي شاعري هتي شامل ٿيڻ کان رهجي وئي آهي. مون سنڌي شاعر عورتن کي هن مجموعي ۾ نمائندگي ڏيڻ جي خيال کان هر دور مان مختصر چونڊ ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ پڻ عورتن جو چڱو وڏو تعداد طبع آزمائي ڪري رهيو آهي ۽ سندن موضوع ڪائنات، انسان ۽ خاص ڪري عورت جون پيڙائون رهيا آهن. اها سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي هڪ ڪهڪشان آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻيا تارا جگمگائي رهيا آهن ۽ هر هڪ تارو پنهنجي جاءِ تي پنهنجي مدار ۾ هڪ سج آهي جيڪو اوندهه سان جهيڙي رهيو آهي !!
    هن ڪتاب ۾ لفظ ”پوئيٽيس“ يا ”شاعره“ بدران ”وومن پوئٽ“ ”عورت شاعر“ يا ”شاعر عورت“ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جو سبب پڻ ڄاڻايو ويو آهي پر مون اهڙي ڪا به پابندي ڪانه رکي آهي. شاعر عورت يا شاعره ٻئي لفظ استعمال ڪيا آهن. اسين هروڀرو اهڙي ڪنهن ڪامپليڪس جو شڪار ڇو ٿيون؟ هاڻ ته اسان وٽ حالتون عام طرح گهڻيون سازگار آهن ۽ اسان جي ادب ۾ ليکڪائن ۽ شاعرائن پنهنجو پاڻ مڃرائي ورتو آهي ۽ هو ليکڪن ۽ شاعرن سان برابريءَ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿيون. تعداد ۾ نه سهي معيار ۾ ته هو ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن. هونءَ به تعداد (Quantity) کان معيار (Quality) وڌيڪ هئڻ گهرجي.
    هن ترجمي ۾ به مون چونڊ ڪئي آهي جنهن جا ٻه سبب آهن، هڪ ته سڀني شاعرائن جي سڀني نظمن جي ترجمي سان ڪتاب تمام وڏو ٿي وڃي ها. ٻيو ته ڪيترا نظم اهڙا هئا جن ۾ لوڪل يا مڪاني ڏند ڪٿائون اهڙيءَ ريت آيل هيون جو انهن جي پسمنظر کان اڻواقف ماڻهوءَ کي اهي سمجهه ۾ ئي ڪونه اچن ها، ڪن نظمن ۾ وري ايترو ته کليل اظهار هو جيڪو اگهاڙپ جي دائري ۾ اچي ها جيڪو مون سنڌيءَ ۾ شامل ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو، ڇو ته هر سماج جا پنهنجا ڪي قدر ۽ تقاضائون هونديون آهن، جن جو لحاظ ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
    منهنجي چونڊ اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندي. ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري انگريزي ترجمن ۾ به اها ئي صنف استعمال ڪيل هئي. ڪٿي ڪٿي ٽِه سٽا، چوسٽا به ڏنا اٿم.
    آءٌ سنڌيءَ جي ناميارين شاعرائن سلطانه وقاصي، شبنم موتي ۽ عطيه دائود جي ٿورائتي آهيان جن هن ڪتاب تي هڪ نظر وجهي ان کي پسند ڪيو ۽ جلد ڇپرائڻ جو مشورو ڏنو، پر ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري ويا آهن، ڪجهه منهنجي سستي ڪجهه ...!!
    ڀاءُ هدايت بلوچ جي پڻ ٿورائتي آهيان جنهن هن ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ جي مهرباني ان وقت ڪئي هئي، پر سڀ کان وڌيڪ ٿورائتي آهيان سنڌ جي ڀلوڙ جديد شاعر سائين امداد حسينيءَ جي جنهن نه صرف هن ڪتاب کي پسند ڪيو پر مون کي تمام ڪارائتا مشورا ڏنا. هن تسنيم يعقوب کي هن شاعريءَ جي ڪتاب جو ڪريڊٽ ڏنو آهي ۽ آءٌ ڀانيان ٿي ته جيئن ڪالم نگاريءَ مون کان ڪهاڻيون ڇڏائي ڇڏيون تيئن سنجيده تحقيقي ڪم شاعريءَ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. جيئن تازو مون پنهنجو ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرايو آهي تيئن ئي هن ڪتاب ذريعي مون تسنيم کي جاڳائي وڌو آهي. شايد جلد ڪو مجموعو اچي وڃي.


    ڊاڪٽر فهميده حسين

    اصل ڪتاب جو مهاڳ

    1755ع ۾ هڪ ناليري انگريز ايڊيٽر عورتن جي شاعريءَ جو ڳٽڪو شايع ڪيو هو، جنهن جو عنوان هو: ”مشهور عورتن جون ڪوتائون“ (Poems of Eminent Ladies) ان ڪتاب جو مهاڳ پنهنجي نموني جو هڪ منفرد مثال هو ۽ ڄڻ ته ان ڳالهه جو هڪ تفصيلي جواز هو ته اهو ڪتاب ڇو پئي پيش ڪيو ويو. ان لاءِ ڪهڙا سبب هئا، ان جون ڪهڙيون حدبنديون يا پابنديون هيون، ان جي سائيز اهڙي ڇو هئي، ان مان ڪن کي ڇو خارج ڪيو ويو هو ۽ ٻين کي ڇو شامل ڪيو ويو هو؟ بلڪ خود ان جي وجود لاءِ به جواز ڏنل هئا... ان جو هڪ هڪ جملو، هڪ هڪ لفظ، ان جي مرتب ڪرڻ وارن جي انڪساريءَ سان ڀريل هو. تنهن هوندي به ڏٺو وڃي ته اهو ڪتاب شاعر عورتن جي تمام خيال سان ڪيل چونڊ جو سٺو مثال هو. ان ۾ افرابيهن جو بيباڪ جنسي اظهار به هو ۽ اين فرينچ جي بهترين ذهانت ۽ حاضر دماغي به هئي، مارگريٽ ڪيوينڊش جي تمام سنجيده تخيل سان گڏ ڪجهه گهٽ مشهور ليکڪائن جي طرفان ڪيل سچي ۽ حقيقت نگاريءَ واري شاعري به هئي، جن سماج ۽ ڪٽنب جي مخالفتن جي باوجود اها تخليق ڪئي هئي. اها ڏاڍي حيرت جي ڳالهه هئي جو اهڙي هڪ ايماندار ۽ سٺي ذوق واري ايڊيٽر ڪا اهڙي ڳالهه محسوس ڪئي جو هيئن به لکڻو پيس ته:
    ”ائين چوڻ ۾ ڪنهن جانبداريءَ جو خيال نه اچڻ گهرجي ته هن مجموعي ۾ پڙهندڙن کي مختلف موضوعن تي پنهنجي قسم جا بهترين اقتباس ملندا ۽ هيءَ چونڊ ڪنهن به ريت مردن جي ڪيل ڪم منجهان ٿيل اهڙي ڪنهن چونڊ کان گهٽ يا ڪمتر ڪانهي.“
    گذريل ٻن صدين جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي سماجي ۽ ثقافتي تبديليون اچي چڪيون آهن پر تنهن هوندي به اڄ (١٩٧٧ع ۾) به اهو ضروري ٿو لڳي ته اهڙيون وضاحتون ۽ جواز ڏئي پوءِ عورتن جي شاعريءَ جي چونڊ پيش ڪجي. اڄڪلهه ڪيتريون ئي عورتون اهڙي زندگي گذارين ٿيون جنهن ۾ سندن ڏات ۽ صلاحيتن جي واڌ ويجهه کي ڪي به رڪاوٽون ڪونه آهن. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به وڌ ۾ وڌ عورتن کي همٿايو وڃي ٿو ۽ ڪيترين ته اهو سڀڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو ورجينا وولف ذهانت ۽ آرٽ جي ڦلجڻ ڦولجڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو هو.
    مثلاً ”معاشي پاڻ ڀرائي“ ۽ هڪ بنهه پنهنجو ”ذاتي ڪمرو“. بهرحال اصلوڪيون رڪاوٽون، جهڙوڪ معاشي، سماجي، نفسياتي ٻنڌڻ، اڃا به عورتن جي فن جي پيدائش اڳيان ڪر کنيو بيٺيون آهن ۽ انهن کي فنڪارن جي حيثيت ۾ مڃتا حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا به اهي آڏو اچن ٿيون.
    آرٽ جي پيدائش لاءِ سازگار سبب ڪهڙا به قطعي طور منجهيل هجن، ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته فنڪار عورتن کي پنهنجي جنس جي ڪري هميشه هڪڙي خاص حيثيت ملندي رهي آهي. پنجين صدي قبل مسيح جيتري قديم دور ۾ هڪ يوناني شاعره ڪورينا ڪيئن نه طنزيه نموني لکيو هو؛
    آءٌ ته مر ٽسسِ کي ڏوهه ڏيندس
    جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي،
    ته به ڪيئن هن هڪ عورت هوندي،
    پنڊار آڏو اچڻ جي سگهه ساري!

    ١٩ صديءَ جي يورپ ۾ جڏهن فڪشن جي ادبي مارڪيٽ ۾ گهڻي طلب هئي ۽ اهو انهيءَ سبب گهڻو وڌيو ويجهيو ته پبلڪ جي ليکڪائن ڏانهن مخصوص رويي سبب جارج اليٽ، برانتي سسٽرز، جارج سينڊ وغيره پنهنجا نالا مردانا رکي ڇڏيا هئا.
    لفظ ”شاعر“ (Poet) جي عام طرح سان معنيٰ ۾ مذڪر جنس لاڳاپيل سمجهبي هئي، جڏهن ته ان جو مؤنث اکر شاعره (Poetess) اچارڻ سان يڪدم جذباتيت ۽ هلڪڙائيءَ جي معنيٰ ڏيڻ لڳندا هئا. اهڙي قسم جو ساڳيو تصور اسان جي دور تائين هلندو اچي. ايملي ڊڪنس جي شاعريءَ جي ١٩٣٠ع واري ايڊيشن جي مٿان صرف هڪ آرٽسٽ جي ٺاهيل ڪنهن شاعر جي تصوير نظر اچي ٿي جيڪا پڻ ڪنهن فوٽوءَ تان ورتل آهي ۽ فوٽوءَ واري سادگي ۽ سچائيءَ کي گهڻي رومانوي پورٽريٽ سان بدلايو ويو آهي. ائين هڪ بولڊ ۽ تيز وڍيندڙ شاعر کي ڦيرائي ”شاعره“ بنايو ويو آهي. ان ڪري ان ڳالهه تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته اڄ به ڪيتريون شاعر عورتون انهيءَ ڳالهه جي اجازت نه ڏينديون آهن ته ڪو سندن شاعريءَ کي ڪنهن اهڙي مجموعي ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو صرف عورتن لاءِ مخصوص هجي (انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ به ڪيترين اهڙين شاعر عورتن کي شامل ڪري نه سگهيا آهيون جنهن جو اسان کي افسوس آهي.)
    شاعر عورتن کي عام طرح سان ٻئي درجي تي رکڻ جو رواج رهيو آهي ۽ ان سان گڏ سندن شاعريءَ کي نظر انداز ڪرڻ جو لاڙو پڻ عام آهي. هاڻي به، جڏهن وڌ ۾ وڌ عورتون شاعري ڪري ۽ ڇپائي رهيون آهن ۽ هر ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ سندن وڏو حصو آهي ته به انگريزي ترجمي ۾ قومي شاعريءَ جا مجموعا انهن مان تمام ٿورين کي شامل ڪندا آهن، ان ڪري هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ هڪ طرح جو توازن قائم ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهي. ان کان سواءِ موجوده دور ۾ عورتن جي فنڪارن واري حيثيت ۾ دلچسپيءَ سبب ماڻهن طرفان سٺي موٽ پڻ ملي ٿي.... جڏهن شاعر عورتن جي ڀرپور ڪاميابيءَ کي تاريخ ۾ جاءِ ملندي ۽ اهي ڪنهن ڀيٽ لاءِ اڳتي آنديون ويون ته سيفو، لوئس لابي، يي چنگ چائو ۽ اينا اخماتوف جهڙين شاعر عورتن جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻيون ڪيتريون شاعر عورتون جيڪي انگريزي پڙهندڙن لاءِ اوپريون آهن، انهن ڏانهن به توجهه ويندو ۽ اهي اها مڃتا ماڻينديون جنهن جون هو حقدار آهن.
    اهو تمام مشڪل آهي جو هن ننڍڙي مهاڳ ۾ ايترين سارين شاعر عورتن جي سموري تاريخي پسمنظر کي بيان ڪجي، تڏهن به اهو نه ٿو وساري سگهجي ته انهن مان هر هڪ تاريخ جي ڪنهن دور ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي گهڻ رنگي روايت جو حصو رهي آهي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ گينديشائيم جي راهبائن جي اڳواڻ (Abbess) هرا سوٿا پنهنجي راهبائن جي روحاني رهبريءَ لاءِ به لکيو ۽ ٽيرينسس جي ڪلاسيڪي انداز ۾ لئٽن ٻوليءَ ۾ ڊراما به لکيا.
    چيني شاعر عورت لي چنگ چائو (12-11 صديءَ ۾ سنگ حڪومت دوران) ”ٽروس“ (tzus) لکيو، جاپان جي اونونوڪوماچيءَ (9 صدي) ”ٽنڪا“ (Tanka) لکيو ۽ گاسپارا اسٽامپا پنهنجا ”سانيٽ“ لکيا، ائين انهن سڀني پنهنجي روايتي انداز ۾ گهرن جذبن جو اظهار ڪري بهترين تاثر قائم ڪيو.
    چوڏهين صديءَ ۾ ڪرسٽين ڊي پسان دنيا جي پهرين عورت هئي جنهن پنهنجي گذر سفر لاءِ لکڻ جو رواج وڌو. يعني شهزادن ۽ نوابن جي خوشنودي ۽ حفاظت جي حوالي سان لکيائين. سندس رونڊيليو (rondeleaux) ۽ چانسن (Chansons) ۽ ٻي شاعريءَ وانگر هن به ڪي تمام اهم شيون لکيون جن ۾ همعصر دور جي سياسي ۽ ادبي معاملن جا حوالا آهن، جن مان هڪ ۾ هن عورتن جو بچاءُ پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ زان ڊي ميونگ (Jean De Meung) جي عورتن سان نفرت واري نظم ”رومن ڊي لاروز“ (Roman de la Rose) خلاف به لکيو ۽ جون آف آرڪ جي حمايت ۾ لکيو.
    ان دور ۾ شاعر عورتون پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان جڙيل هونديون هيون. انهن کي هڪ ئي مجموعي ۾ گڏي پيش ڪرڻ سان موضوع جي مناسبت ختم ٿي وڃي ٿي، پر هڪ ئي وقت گهڻين ٻولين ۽ ثقافتن مان شاعريءَ جي چونڊ ڪري انگريزيءَ ۾ پيش ڪرڻ سان وري اهي وڌيڪ روشن ٿي پون ٿيون ۽ سندن ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
    ان ڏس ۾ اها خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته هي ڪتاب اهڙي وقت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي جڏهن ڌارين ٻولين جي ادب سان دلچسپي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري شاعراڻن ترجمن جي رواج کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ ترجمن جي واڌاري سان حقيقت ۾ ترجمي جي ڏکيائين جي به ڄاڻ حاصل ٿي آهي. دراصل انهن مسئلن کي مختلف نقطئه نظر جي ماڻهن بحث هيٺ آڻڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي خيال ۾ هڪ سٺو شاعراڻو ترجمو اصل نظم جو مفهوم صحيح نموني واضح ڪري ٿو ۽ ان ۾ شاعر جي انفرادي جذبي ۽ اسٽائيل جي به گهڻي قدر ترجماني هوندي آهي ۽ ساڳئي وقت اها هڪ نئين انداز ۾ پڙهڻ جي شيءِ به ٿي ويندي آهي.
    هن مجموعي ۾ شامل نظمن جي لاءِ اسان شاعرن، اسڪالرن ۽ پروفيشنل مترجمن جي وڏي تعداد کان ڪم ورتو آهي، لازمي طرح ترجما گهڻن ئي قسمن جا ٿي پيا آهن. همعصر اصطلاح ۾ آزاد نظم (Free Verse) ۾ ترجما به آهن ته وزن، بحر ۽ قافين وارا به آهن. ڪن قديم نظمن ۾ اهڙو اسلوب اختيار ڪيو ويو آهي جيڪو اڄڪلهه مروج ڪونهي ۽ ڪن ۾ وري انهن جو اصلوڪو نمونو پڻ قائم رکيو ويو آهي. يعني ضرورت آهر مختلف نموني جا ترجما ڪيا ويا آهن ته جيئن اصل وارو مفهوم ادا ٿي سگهي ۽ پڙهڻ ۾ به سولائي ٿئي. جيئن انگريزيءَ جا بهترين نظم هوندا آهن.
    اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ثقافتن مان شاعري ڏئي سگهون پر ان جي باوجود ائين نه ڪري سگهياسين ڇو ته انهن جا معقول ترجما ميسر نه ٿي سگهيا. اسان کي احساس هو ته ٣٥٠٠ سالن جي وسيع عرصي جي چاليهن ادبي روايتن کي هڪ ئي واليوم ۾ پيش ڪرڻو آهي، ان کان سواءِ جڳهه جي تنگيءَ سبب اسان کي پنهنجي چونڊ ۾ محدود ٿيڻو پيو.
    اسان جي مواد جي چونڊ ۾ ٽن ڳالهين کي مدنظر رکيو ويو آهي. پهرين اها خواهش ته گهڻ – ثقافتي رنگ ذريعي وڌ ۾ وڌ ٻولين جو ادب ڏجي، ٻي اها خواهش ته هر ڪنهن ٻوليءَ جي ادب جي صحيح نمائندگي ٿئي ۽ آخري پر سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ان ۾ اعليٰ ادبي خوبي هجي جنهن کي ٻين ڳالهين تي فوقيت هجي.
    هن ڪتاب جو دائرو مخصوص ڪرڻ مهل اهو محسوس ڪيو ويو ته ڪيترين تهذيبن جي روايتي شاعريءَ جي وڏي دولت اسان جي دائري کان ٻاهر آهي. مکيه ادبي ۽ لوڪ روايتن ۾ موجود نامعلوم شاعرن جو ڪلام گهڻو ڪري خارج ڪري ڇڏيوسين، سواءِ انهن چند نظمن جي جيڪي عورت جي زبان مان ادا ڪيل هئا يا ڳائيندڙ عورتن مشهور ڪيا هئا. ان کان سواءِ جڳهه جي تنگيءَ سبب همعصر دور جي نوجوان ٽهيءَ کي شامل ڪونه ڪيو اٿئون ته جيئن قديم ۽ گذري ويل نسلن جـِـي شاعرن کي وڌ ۾ وڌ جڳهه ملي جن جي نظرانداز ٿيڻ جو انديشو آهي. اهو ڄاڻندي ته اڄ جي دور ۾ گهڻي تعداد ۾ شاعري لکجي رهي آهي، اسان موجوده دور جي شاعرن مان تمام مختصر چونڊ ڪئي آهي.
    جڏهن به ڪو مجموعو انهيءَ مقصد سان ڇاپيو ويندو آهي ته متان ڪٿي ڪي اهم شاعر نظرانداز نه ٿي وڃن ته پوءِ چونڊ مهل ايڊيٽرن جي ذميواري هميشه کان وڌي ويندي آهي. اسان جيڪو مواد چونڊيو ۽ گڏ ڪيو آهي ان ذريعي اهڙي سـِـٽا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئون، جنهن سان مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ تعلق به محسوس ٿئي ته انفراديت به نمايان ٿئي. هن ڪتاب جي تنظيم کي تاريخوار رکڻ سان ئي اسان کي منطقي طرح تقابلي عنصر ملي سگهيو، ائين ڪرڻ سان اسان مختلف ملڪن جي غير معقول مجموعن جهڙو ڪو مجموعو ڪڍڻ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ساڳئي دور جي شاعرن کي گڏ پيش ڪبو ته انهن جي روايتن ۾ ڪهڙا به فرق هجن، انهن جون هڪجهڙايون ۽ مقصد وڌيڪ واضح ٿي بيهندا آهن. آهه زاري ڪرڻ يا رسمي مرثيو لکڻ يا ذاتي ڏک جي دانهن ڪرڻ به اڪثر ملڪن جي ادب ۾ مشترڪ آهي ۽ ڪن تهذيبن ۾ ته اهو ردالين يا ماتمي ڳائڻين ۽ اوسارڪندڙن لاءِ مخصوص هوندو آهي. اهڙيءَ ريت ستين صديءَ جي بدوي شاعر عورت الخنساءَ جي پنهنجي ڀاءُ لاءِ چيل مرثيي ۽ نائين صديءَ جي هڪ نامعلوم ويلش شاعر عورت جي مرثيي ”ايگل آف پينگورن“ ۾ نمايان هڪجهڙائي ملي ٿي.
    اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻارهينءَ کان سورهين صديءَ تائين هلندڙ تحريڪن جو عڪس هندستاني شاعرن مهاديويڪا ۽ ميران ٻائيءَ جي عقيدت واري شاعريءَ ۾ ۽ اسپين جي سينٽ تيريسا جي شاعريءَ ۾ نمايان آهي. ڪن حالتن ۾ اهڙيون هڪجهڙايون ان ڪري به نظر اچن ٿيون جو مختلف قومن جي اديبن ساڳي عالمي ادبي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. اهڙيءَ ريت يورپي جاڳرتا (Renaissance) واري مشهور سانيٽ واري نموني کي اٽليءَ جي گسپارا اسٽامپا، فرانس جي لوئي لابي ۽ نوآبادياتي ميڪسيڪو جي سار جوانا ڊي لاڪروز استعمال ڪيو آهي.
    هن سموري شاهوڪار مواد مان اسان اهڙو ڪتاب ٺاهڻ چاهيو جيڪو شاعر عورتن کي نئين ۽ پرجوش تناظر ۾ پڙهندڙن آڏو آڻي سگهي. هر ڪنهن شاعر جي پٺيان پنهنجا پنهنجا پسمنظر ۽ حوالا آهن. قومي تاريخ، تهذيبي حالتون، انفرادي تجربا، انهن ۾ اسان هڪ نئين حوالي کي شامل ڪيو آهي. جنسي سڃاڻپ جو حوالو، جنهن سان زمان ۽ مڪان جي سلسلي ۾ شاعر عورتن تي ضرور اثر پوندو.
    صدين کان شاعر عورتن پاڻ مڃائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هي ڪتاب اهڙيءَ طرح پيش ڪيو ويو آهي جو اسان کي اميد آهي ته هر هڪ نظم کي ان جي خوبين سبب سمجهيو ويندو ۽ اهو هر هڪ شاعر جي پنهنجي آواز ۾ چيل محسوس ٿيندو.


    قديم دور

    قديم دور
    شاعر نامعلوم – پيار جا گيت
    مصر ( ١٥٦٧ – ١٠٨٥ ق.م)

    هيءَ شاعري ازرا پائونڊ ۽ نيل اسٽاڪ اٽليءَ ۾ بورس ڊي رچولٽز طرفان ڪيل ان ادبي ترجمي تان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪئي جيڪو مصر جي تصويري ٻوليءَ مان ڪيو ويو هو. مصر جو گهڻو اصلوڪو مواد نامڪمل صورت ۾ محفوظ آهي جيڪو ١٠٨٥ کان ١٥٦٧ ق.م جو آهي.

    تون ۽ مان
    پاڻ موٽي اچون ٿا، مـِـٺل!
    وڻن سان ڀريل باغ ۾
    منهنجا هٿ گلن سان ڀريل
    ***
    پاڻي آهي تلاءَ ۾ بيٺل
    ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسان ٿي
    منهنجو وجود سمورو ڄڻ ته گل
    ***
    عڪس ۾ ڏسان ٿي توکي
    هري هري پٻن تي پٺيان ايندي
    ته جيئن مون کي چُمين
    ۽ پڻ منهنجا سرها وار کليل
    ***
    تنهنجي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ جڪڙيل
    ائين ڀانيم ڄڻ ته
    مان هجان فرعون سان جڙيل
    ***
    سيموءَ جا گل ايڏا پتڪڙا آهن
    جو انهن کي ڏسندڙ پاڻ کي
    ڪنهن ديو جيڏو ٿو محسوس ڪري
    ***
    آءٌ ته تنهنجو پهريون پيار آهيان
    ائين جيئن ماڪ ڦڙن ۾ وهنتل
    ڪچڙو سائو گاهه ۽ سرها سيموءَ جا گل
    ***
    تنهنجي کوٽيل نهر نياري
    اتر هير جي هلچل سان
    لڳي ٿي ڪيڏي پياري
    ***
    رستو ڪيڏو سانت لڳي ٿو
    تنهنجو هٿ خوشيءَ مان جڏهين
    منهنجو هٿ ڇُهي ٿو
    ***
    تنهنجو مٺڙو آواز جياري ٿو
    جهڙو ڪر ڪو مڌ
    توکي ڏسڻ ڀانيان ٿي
    ڪجهه کائڻ پيئڻ کان وڌ
    ***
    باغ ۾ جي گل آهن
    تولاءِ ڇني سي پوتا ٿم
    ڏس ته ڪيڏا امل آهن
    ***
    جڏهن تون مست ٿي
    اکيون ٻوٽي سمهين ٿو پوين
    ڪيڏو ٿو وڻين
    پوءِ ڌوئان ٿي اچي مان
    تنهنجي پيرن جي پڻي
    ***
    اهو منهنجو يار آ
    پاڻيءَ ۾ پير
    هٿن ۾ جنهن کي ڄار آ
    ***
    اسين نيرن ڪيون ٿا
    ۽ بيئر پيون ٿا گڏجي
    پنهنجي بدن جو جادو
    جڏهن آڇيانس ٿي
    منڊ ۾ وڃي ٿو منڊجي
    ***


    سيفو

    سيفو
    يونان (٦ صدي ق.م)

    سيفو جي زندگيءَ جي ڪهاڻي اصل تاريخي بنياد بدران داستان گوئيءَ واري نموني بيان ڪيل ملي آهي. البت اهو چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هوءَ هڪ تمام مشهور شاعر عورت هئي ۽ ڪيتريون ئي ننڍڙيون نينگريون هن وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ليسباس ٻيٽ تي اينديون هيون ۽ ايفروڊائيٽ ديويءَ جي لاءِ مخصوص پوڄا ۽ سيوا ۾ به حصو وٺنديون هيون. سيفو جي باري ۾ جيڪا ڳالهه يقيني آهي سا اها ته سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو اڃا موجود آهي جنهن مان وڏن عظيم شاعرن ۾ سندس رتبو معلوم ٿئي ٿو.

    ننڍڙا نظم
    ماڻهو بيشڪ ڳالهيون ڪن ٿا
    ۽ ليڊا جي لاءِ چون ٿا
    ته هن ڪو ڳڀ لڌو هو
    جيڪو لڪل هو
    سنبل جي گلن جي جهڳٽي ۾.
    ***
    توکي جڳهه جي خبر آ – پوءِ
    ڪريٽ کي ڇڏ، اسان وٽ اچ
    جتي تنهنجو انتظار آ
    ٻارين ۾ ورهايل هنن
    سهڻن وڻن جي جهڳٽن ۾
    جي تنهنجي لاءِ مقدس آهن
    ***
    قربان گاهه تي اگر ٻرن ٿا
    صُوفن جي وڻن وچان
    ٿڌا جهرڻا وهن ٿا
    جوان گلابن جي پاڇي ۾
    ڏڪندڙ مست اکين ۾
    ٿڌڙي هير ننڊ اوتي ٿي
    ***
    چراگاهن ۾ جتي
    گهوڙا هري مري ويا آهن
    اتي بهار جي پِيلن گلن جي خوشبو
    هوا کي سرهاڻ بخشي ٿي.
    ***
    اي راڻي، اي سائپرين!
    پيار ۾ ٻوڙيل مڌ سان
    اسان جي سُنهري پيالن کي
    پُر ڪري ڇڏ فوراً
    ***
    هو ۽ تون
    هو ڪنهن سورمي کان به وڌ
    منهنجي لاءِ ڄڻ ته خدا آهي
    ها، اهو ئي ماڻهو جنهن کي
    تنهنجي ڀرسان ويهاريو ويو آهي
    اهو جيڪو تنهنجا مٺڙا ٻول
    تنهنجي سس پس ڪَنُ ڏئي
    پيار مان ٻڌي رهيو آهي
    اها ئي جادوءَ ڀري کل کلي رهيو آهي
    جا منهنجي دل جي ڌڙڪَنُ وڌائيندي آهي.
    ***
    جي توسان اوچتو ملڻ سان
    ماٺ ٿي وڃان ٿي... سو ان لاءِ ته
    منهنجي زبان ڄڻ ڦٽجي پئي آهي
    منهنجي تن اندر ڪائي
    باهه ٻري وئي آهي
    ڏسان ٿي، نڪي ٻڌان ٿي
    بس ڄڻ پنهنجا ئي ڪن وڄن ٿا
    پگهر ۾ پسي ڏڪان ٿي
    هيڊي سڪل گاهه جيان
    هيڊي ٿي وڃان ٿي
    اهڙي وقت موت مون کان
    ڪو ايڏو دور ته ناهي
    ***
    نياڻيءَ جو ڀاڳ
    اسين لوڙهيون ٿا
    هيءَ دکي هن ٻيڙي ۾
    انهن اکرن سان ته:
    ”هن ۾ رک آهي
    ننڍي نيٽي ٽماس جي
    جنهن کي پُرسيفون سان
    زوريءَ پوريو ويو هو، اڻ پرڻيل
    اونداهي ڪوٺيءَ اندر
    ۽ هن گهر کان بي گهر
    جلاوطن ننڍڙي نياڻيءَ خاطر
    هڪ جيڏين ڏک ۾
    تيز تکا بليڊ کڻي
    پنهنجا سهڻا سندر
    وار ڪوڙي ڇڏيا هئا.
    ***


    ڪورينايونان ( ٥ صدي ق.م)

    بوئيوشيا جي علائقي ۾ ٽانا گرا جي رهاڪو هيءَ شاعر عورت قديم شاعر پنڊار جي همعصر هئي، سندس گهڻي شاعري مڪاني داستانن تي ٻڌل آهي، جنهن جا ڪي ٽڪرا دستياب ٿيا آهن. انهن ۾ سندس هنر پڌرو آهي.

    ننڍڙا نظم
    هو مون تي مهربان نظر وجهي ٿو
    جڏهن آءٌ ٽانا گرا جي
    اڇا ڪپڙا پهريل عورتن لاءِ
    پنهنجا ويرتا وارا مانائتا گيت ڳايان ٿي
    سمورو شهر جهومي اٿي ٿو
    منهنجي آواز ۽ مڌر سرن سان.
    ***
    ڇا تون سدائين ستل رهندينءَ!
    اڳ ته اي ڪورينا!
    تون اهڙي غافل نه هئينءَ.
    ***
    آءٌ ته مرٽس کي ڏوهه ڏينديس
    جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي
    ته به ڪيئن هڪ عورت هوندي
    پنڊار آڏو اچڻ جي هُن سگهه ساري!
    ***


    پراڪسيلايونان (٤٥٠ ق.م)

    سسيان جي شاعر پراڪسيلا ”ڊورين يوناني سماج“ جي پيداوار هئي جتي عورتن کي ايٿنس کان وڌيڪ آزادي هئي. هن جا ڪيترن قسمن جا شعر لکيل هئا پر گهڻا محفوظ نه رهي سگهيا. سندس شاعريءَ مان ڪجهه سٽون هڪ چوڻيءَ طور مشهور آهن جن مان هڪ آهي ”پراڪسيلا جي اڊونس کان به بدتر...“ معنيٰ ته شاعري ڪيئن هجي يا ڪيئن نه هجي ان لاءِ اهو جملو استعمال ٿيندو هو، جيڪو ادبي ماڻهن وٽ مروج هو.

    ”اڊونس“ (مان هڪ ٽڪرو)

    اڊونس، مرندي؛
    ”پنهنجي پويان جيڪي ڇڏي وڃان ٿي
    تنهن ۾ منهنجو ”سج“ پاڻ به آهي
    ان کان سواءِ ڪيترا ٽمڪندڙ ”تارا“ آهن
    ۽ امڙ ”چنڊ“ جو سهڻو چهرو آهي
    ۽ سڀ سوادي مندائتا ميوا
    صوف، ناسپاتيون ۽ ونگا
    سڀ هت ڇڏيو ٿي وڃان.“
    ***
    ڌيان ڪر منهنجي پياري
    هر هڪ پٿر هيٺان
    هت هڪ وڇون ويٺل آهي
    ***
    دريءَ مان مون ڏانهن نهاريندڙ
    اي پياري سهڻي نينگر
    ڪنوار جي سندر روپ ۾
    تنهنجو منهن لڳي ٿو ڪيڏو پوتر!
    ***


    سلپيشيا: روم (٢٠ ق.م)

    سلپيشيا لاطيني ٻوليءَ جي واحد شاعر عورت آهي جنهن جو پتو پئجي سگهيو آهي. سندس پيءُ هڪ مشهور وڪيل هو ۽ آگسٽس جي دور ۾ ٿي گذريو آهي ۽ هو سسيرو جو دوست به هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ هڪ مشهور سياستدان سرپرستي ڪيس جيڪو فن جو قدردان هو. ان ڪري سندس چوڌاري ڪيترا شاعر جمع هوندا هئا، جن مان سڀني کان وڌيڪ اهم ٽبيولس هو. هوءَ هڪ مڃيل شاعر بڻجي وئي. هتي شامل سندس شعر ٽبيولس واري قلمي نسخي جي پڇاڙيءَ ۾ مليو هو.

    نظم

    الا! منهنجي نفرت انگيز سالگره
    آءٌ ڪيئن ملهائينديس
    ان پراڻي ورچائيندڙ
    ڏورانهين ڳوٺ ۾
    سيرٿس جي ڀاڪرن کان سواءِ؟
    اها ڄڻ ته ماتم جهڙي هوندي!
    واه ! ڇا ته هن شهر جي
    خوشين ڀري پرلطف زندگي آ
    ۽ هو پراڻو سنياريل ڳوٺاڻو گهر
    ڪنهن جوان ڇوڪريءَ لاءِ ڀلا
    ڪهڙي ڪشش ٿو رکي سگهي؟
    ۽ اها اريزو جي سرد ندي
    ڪنهن کي ڪيئن وڻي ٿي سگهي؟
    مـِـٺڙي ميسالا! مهرباني ڪري ترس
    منهنجي خوشيءَ خاطر
    اهو ڏکيو سفر روڪي ڇڏ
    ذهن مان اهو خيال به ڪڍي ڇڏ!
    جي مون کي زوريءَ نيندا
    ته منهنجو روح ۽ دل هتي رهجي ويندا
    مون کي منهنجي زندگي ڇا لاءِ
    پنهنجي مرضيءَ سان
    گذارڻ نٿي ڏني وڃي؟
    ***
    مان تنهنجي ٿورائتي آهيان
    سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ خاطر
    جا تو هينئر مون تي ڪئي
    من کي پاڳل بنجڻ کان روڪيئي
    بچايئي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ کان!
    - وڃ وئشيائن پويان جي چاهين
    پينگهون لڏندڙ نينگرين کي
    وڃي ڦاسائڻ جي ڪر
    اتي گهڻا ئي موقعا ملندئي!
    هن سرو ديس سليپش جي ڌيءُ مان
    آخر ڇا ملندئي؟
    توکي ڪنهن مهربان دوست بدگمان ڪيو
    مون کي ٻئي سان ڏسڻ جي ڳالهه ڪئي
    شايد اصل ڳالهه ئي اها هئي.
    ***
    مون سان ملڻ جي لاءِ جاني
    جا تانگهه هيئي، تن ۾ تونس هيئي
    تنهن ۾ اها ڳالهه نه آهي
    آخر ٿيو ڇاهي؟
    هن سموري حياتيءَ ۾
    مون اڳ نه ڪا هئي ڀل ڪئي
    ڇا راتوڪي ڳالهه تي رٺو آهين؟
    منهنجي توبهه زاري
    راتوڪي منهنجي ڀُل کي ڀلجي
    پرچي پئو سهڻا سائين!
    مان جو رات هلي ويس
    توکي اڪيلو ڇڏي، ڊُڪ پائي
    سا جي ڀُل ڪيم ته سچ پچ
    لڄ کان، توکان لڪڻ لاءِ
    تو اڳيان پيار جي اظهار جي
    سگهه جو نٿي ساريم!
    ***


    سائي يين: چين – ٢٠٠ع

    روايتي طرح هيءَ چين جي پهرين وڏي شاعر عورت آهي. هن جو پيءُ به هڪ ليکڪ هو ۽ سائو سائو جو دوست هو جيڪو ”ٽن بادشاهن واري دور“ جو فوجي هو. هيءَ بيوهه هئي. هڪ ڀيري هن کي ”هُنز“ (Huns) گرفتار ڪيو ۽ اتر طرف کڻي ويا جتي کيس هڪ سردار جي سريت ڪري رکيو ويو ۽ ان مان ٻه پٽ به ٿيس. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس پيءَ جي دوست سائو سائو هن کي ڀنگ ڀري واپس آندو ۽ پنهنجي هڪ عملدار سان پرڻايائينس. سندس ٻئي پٽ پٺيان رهجي ويا. هن ترجمي ۾ هن ”تاتاري“ انهن ”هنز“ کي سڏيو آهي.

    سور جي سٽ
    1- مون امن جي دَور ۾ جنم وَرتو
    پر پوءِ عرش جي مرضيءَ سان
    هَئن حڪومت ختم ٿي وئي
    ۽ عرش مون لاءِ بي رحم بڻجي ويو
    مونجهه ۽ جدائيون موڪلي
    ڌرتيءَ کي به درد ڏنائين
    ۽ منهنجو باقي جيون
    ان دور ۾ گذريو
    هر طرف هر هنڌ جنگ هئي
    هر رستو هر راهه تنگ هئي
    شهري ۽ فوجي، هر هنڌ هر جاءِ
    ٿي لڪا موت ۽ مصيبت کان
    ڌرتيءَ تي ظالم تاتاري لشڪر
    ڌوڙ ۽ دونهون پکيڙي ڇڏيو
    هر ماڻهو هو منجهيل ۽ موڳو
    آءٌ اها بربريت سمجهي نٿي سگهان
    نه ئي اهڙي بنجي ٿي سگهان
    روز ظلم ٿي سهان، اپمان ٿي جهليان
    تنبوري جي تارن سان جڏهن
    سور جي پهرين سٽ اچاريان ٿي
    تڏهن ڪو به ناهي جيڪو
    منهنجو سور سڃاڻي
    منهنجي پيڙا ڄاڻي.
    ***
    2- هڪ تاتاري سردار کڻائي
    زوريءَ مون کي پنهنجي سريت بڻايو
    ۽ عرش جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن نيو
    جت ڏاڍا ڏونگر ۽ ڪارا بادل
    منهنجي گهر جو رستو روڪين ٿا
    واچوڙا - ڌوڙ ۽ واريءَ سان ڀريل
    هزارين ميلن تائين اڏامن ٿا
    هت ماڻهو کپر کان وڌ
    زهريلا آهن، وحشي آهن
    زرهون پائي زوراور بنجي
    تير تاڻي مون کي ڊيڄارين ٿا
    ۽ سُور جي ٻي سٽ جڏهن جهونگاريان ٿي
    منهنجي ٽُٽل دل ۽ ڇڳل ويساهه جيان
    تار تنبوري جي به تڏهن
    ڇڄي پوي ٿي!
    ***


    نامعلوم

    ڪلاسيڪي تامل شاعريءَ مان
    نامعلوم

    هندستان (١ – ٣ صدي عيسوي)

    هي نظم ڪلاسيڪي تامل جي قديم مجموعي ڪرنٽو ڪائي مان اي ڪي رامانجن جا چونڊيل آهن. تامل ٻولي هندستان جي ٻن ڪلاسيڪي ٻولين مان هڪ آهي. هي نظم آزاد صورت ۾ لکيل آهن ۽ انهن سان ڪي ڏند ڪٿائون به لاڳاپيل آهن، جن مان هڪ ”عظيم ٻوڏ“ بابت پڻ هئي، اهي نظم عورتن جا لکيل آهن.

    سپنو
    ڪوڙا واعدا ڪرڻ وارو منهنجو پريتم
    رات منهنجي پاسي ۾ ستل هو
    هڪ سپنو -
    بنهه سچ جهڙو هو
    جاڳڻ تي ڇا ڏٺم
    ته خالي هنڌ تي پئي هٿڙا ڦيريان
    ۽ هاڻ هيڪلائيءَ جي ڀَوَ کان
    ائين ڳران ۽ مران ٿي
    ڄڻ ڪو ڪنول گل کي
    جيت لڳو آ !
    ***
    هن جي سرتيءَ هن کي چيو:
    ”اچ ته چمبيليءَ جي ول سان ڍڪيل
    هن ٽڪريءَ تي چڙهي ڏسون
    ته شام ويل پريان ايندڙ اها موسيقي
    ڏاندن جي جوڙيءَ سان گڏ
    ڍاپي ايندڙ ڌڻ جي
    چڙن جي چونگار ته ڪانهي؟
    يا هن جي بيل گاڏيءَ ۾ ٻڌل
    ٽليون ته نٿيون وڄن؟
    ۽ هو ٻيلي جي آلي مٽيءَ مان
    موٽي رهيو آهي، ڪم لاهي
    ۽ هن جو من محبت ۽ محنت جي مزي کان
    مُرڪي ڪجهه جهونگاري رهيو آهي
    ۽ هن جا تير انداز ساٿي متان
    هن سان گڏجي موٽندا هجن.“
    ***

    اوڪار مڪاتي
    تامل

    پيار
    پکين جي چهڪار سان چهڪيل
    وڻن جي جهڳٽن ۾
    سهڻن گلن سان جهنجيل ٻار ۾
    اسان ڪڏهن پيار ڪيو هو
    منهنجي اکين ۾ هُو هو
    منهنجي ڪنن ٿي هن کي ٻُڌو
    ڪيڏي سونهن هئي ڪيڏو ٻَل هو
    منهنجي ڀريل ڀاڪر ۾
    ۽ هن کان دوري ڪيئن نه
    منهنجي ٻانهن جو سمورو ٻل ڪڍي
    سمورو ست نپوڙي وڌو آهي
    ان مان ڀلا مان ڇا سمجهان – اي سرتي!
    ***


    وچيون دور (٦٠٠ع کان ١٥٠٠ع)

    وچيون دور (٦٠٠ع کان ١٥٠٠ع)

    لئڊان
    آئرلئنڊ - ( ٧ صدي عيسوي)


    لئڊان ستين صديءَ جي شاعر هئي. هن پنهنجي محبوب ”ڪوريٿو“ کي ڇڏي هڪ راهبه بنجڻ قبوليو هو، پر پوءِ پنهنجي ان فيصلي تي پڇتائيندي هوءَ ڪوريٿو وٽ موٽي وئي هئي.... پر ان وقت تائين هو به هڪ راهب بنجي چڪو هو ۽ هن کي ڏسي سمنڊ پار ڪري ڀڄي نڪتو هو.
    ٩ صديءَ ۾ اها ڪهاڻي منظرعام تي آئي جيڪا ١٦ صديءَ ۾ هڪ قلمي نسخي ۾ محفوظ ڪئي وئي.

    اقرار

    ڪيڏي ڏکويل آهيان
    هاءِ! مون هي ڇا ڪري ڇڏيو؟
    پنهنجي دل جي مالڪ کي
    ڏکوئي وڌم، پر ڇو؟
    عرش جي مالڪ جي ڊپ کان!
    ڇا هو موٽي مون وٽ ايندو؟
    درد جي رستي
    بهشت جي ڳولا
    اجائي ته نه هئي؟
    آءٌ لئڊان آهيان
    ڪوريٿو سان ٿي پيار ڪيان
    مثالي سچو پيار، الا
    جي ٿورا پل ساڻس گهاريم
    تن جو مٺڙو ساٿ سنڀاريان
    ٻيلي جي سمورن وڻن ٽڻن
    اسان لئه ٿي ڳايو
    سمنڊ جي سنهري لهرن
    ٿي ساز وڄايو
    مون ڀُل ۾ پنهنجو پيار وڃايو
    هن لاءِ به سڀڪجهه
    مان ئي ته هئس
    ڪوبه گمان، ڪوبه ڌيان
    ايئن دوري نه وجهي ها
    الا! مون ڪيڏي ڀل ڪئي
    پر اڄ بنا لڄ جي
    اقرار ڪريان ٿي
    هن کي پنهنجو پرين چوان ٿي
    ڇو ته منهنجي دل کي جا ڄر لڳي آ
    هن بنا مان جاڙ جيان ٿي
    ***


    نامعلوم شاعره: آئرلئنڊ – (٩ صدي عيسوي)

    بيئر نالي ٻيٽ جي هڪ پوڙهي عورت ”هيگ“ نالي پنهنجي ويل جواني ۽ مري ويل محبوب لاءِ تڙپي ٿي. بيئر اصل ۾ آئرلئنڊ جي ڏاکڻي ساحل وٽ هڪ ٻيٽ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪنهن ديو مالائي عقيدي سان تعلق هجي جنهن ۾ هڪ زرخيزيءَ جي ديوي (Goddess of Fertility) جو تصور آهي جيڪا سڀني انساني قبيلن ۽ نسلن جي ماءُ سمجهي ويندي هئي.

    لهندڙ وير
    پاتال مان هڪ لهر اٿي
    مون لئه آتي آهي
    منهنجي حياتيءَ هاڻي
    موٽ کاڌي آهي
    اهڙي لهندڙ وير وانگي
    جا ٻيهر نه چڙهندي آهي
    آءٌ ”بيئر“ جي ”هيگ“ آهيان
    سهڻو لباس پائي
    ڪيڏي نه سونهندي هئس
    اڄ غريبيءَ ايئن ساڙي آهيان
    جو ليڙ لٽن ۾ آهيان
    اڄ جون نينگر ڏسن ٿيون
    دولت ملڪيت جا سپنا
    پر جوانيءَ ۾ اسان
    بس پنهنجا پرين ٿي ڏٺا
    ياد اٿم ڪيئن!
    هو گهوڙن تي گهمندي، پيار منجهاران
    اکڙين سان آکيندا هئا
    پر چپن سان ڪجهه به نه چوندا هئا
    پر اڄ هر ڪو پوءِ ڍائو
    آهي ڪوڙ جو ڪوڏيو
    اندر ڪين جو ڪُنو
    پر ٻاهر وڏو شو!
    پر مالڪ جا لک ٿورا
    وقت جي وير سان ڏنائين
    سهڻا سَجيل گاڏيون گهوڙا
    محبوب مٺا مون کي مُڪائين
    هي نٻل هٿڙا جيڪي هاڻي
    جوان بدنن لئه بيڪار لڳن ٿا
    پر ڪڏهن ته اهي ڀي
    راڻن کي رائيندا هئا.
    ***
    اَلا نٿي هلي سگهي
    جوانيءَ جي چڙهيل درياهه تي
    هاڻ هيءَ پراڻي ٻيڙي
    منهنجي سونهن جا سهڻا پل ويا
    ۽ تن من اندر جون
    ساريون خوشيون انگل ويا
    ٿڌي هوا سان ٿڙڪي ٿڙڪي
    لهرون ويرون دانهون ڪن ٿيون
    جي آءٌ ٻڌان ٿي - ۽ سوچيان ٿي
    نه ڪو امير نه ئي ڪو غلام
    مون وٽ ايندو اڄوڪي شام!
    ***
    اڄ ته ٻڌان ٿي ونجهه جو آواز
    سوچن ۾، لهرون چيريندو
    ڇا اڄ هو ايندو؟
    يا وري اهي ونجهه سمهي پوندا
    مون وانگي سويرو؟
    واريءَ اندر هڪ پاتال به آهي
    طوفاني لهرون جا شيءِ به آڻين ٿيون
    پاتال اها هٿن مان کسي وٺي ٿو
    آءٌ انهيءَ کي سڃاڻان ٿي
    اهو سڀڪجهه ڳهي ويندو آهي
    آءٌ انهيءَ کي ڄاڻان ٿي
    منهنجي اندر ۾ پڻ
    اهڙو ئي هڪ پاتال جو آهي!
    ***
    سمورين تخليقن مان
    هيءَ مرد جي ذات عجب آهي
    سندس طوفاني غرور نظر ايندو
    پر وير جو موٽڻ لڪائي ڇڏيندو.
    ***


    نامعلوم شاعر: انگلينڊ – (١١ صدي عيسوي)

    (پراڻي انگريزيءَ ۾)

    هتي ڏنل نظم اينگلو سيڪسن شاعريءَ جي هڪ مجموعي ”ايڪسٽر بڪ“ مان ورتل آهي جيڪي ايڪسٽر جي گرجا ۾ پيش ڪيا ويا هئا، جيڪي ١٠٥٠ع ۽ ١٠٧١ع جي وچ ۾ هڪ پادريءَ پيش ڪيا هئا. ان مجموعي ۾ ڪيترا نظم ۽ ڳجهارتون شامل آهن.

    زال جو ڏک

    آءٌ هڪ ڏکويل عورت
    پنهنجي ڏک ۾ ڳايان ٿي
    اهو ڏک اها پيڙا
    پنهنجي جنم کان جوانيءَ تائين
    سَٺِي اٿم سدائين
    اها ڪهاڻي نئين يا پراڻي سمجهو
    پر اڄ پڻ سچي آهي، دوستو!
    مون پنهنجو صليب هميشه لاءِ
    پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي
    منهنجي محبوب مون کي هت آندو هو
    پوءِ پاڻ ڏيساور ڏي
    سمنڊ جي لهرن تي سوار ٿي
    هو هليو ويو
    هن جا پور سوين پاليم
    راتيون روئي روئي ڪاٽيم
    ڪٿي هوندو، ڪيئن هوندو؟
    سوچي سوچي دل ٿي ڦاٽيم
    جدائيءَ جي جهوريءَ ۾
    جهاتيون هر هر ٿي پاتيم
    هن مرد جي مائٽن جا هئا
    ڪارا سينا ميرا مَنَ
    سٺم سَور ٿي هردم
    اسان کي وڇوڙڻ خاطر
    حياتيءَ ۾ نفرت جو زهر ڀريندا رهيا
    هو سـِـٽون ڪي سـِٽيندا رهيا
    ڏک سوين ڏئي ڏَنڀيندا رهيا
    ته به جدائيءَ ۾ جُهرندي ڀُرندي
    آءٌ هن کي ساريندي رهيس
    جنهن پيار جي گهر ۾ هن
    مون کي پرڻائي آندو هو
    ات پيار بنان، هن جي ساٿ بنان
    ڪيئن گهاريان ٿي گذاريان ٿي
    سو بس آءٌ ئي ڄاڻان ٿي
    روح رڙي ٿو، من تڙپي ٿو
    دل دُکي، دور خوشي
    هن جي دل ۾ الائجي ڇا هو؟
    من جو مير لڪائي، ڪوڙي مرڪ سجائي
    مون سان ڪيئي قول ڪيا هئائين
    هٿ ۾ هٿ جهلي چيو هئائين
    ”موت وڇوڙيندو توکان مون کي
    ٻئي ڪنهن کي طاقت ناهي.“
    اهو ماضي هو، پر حال ۾ ڇاهي؟
    دوستي اسان جي پيار اسان جو
    جو اڳ هو اهڙو ڪجهه به ته ناهي
    هن کان دوري هاڻي سهڻي پوندي
    حياتي اڪيلي ئي جيئڻي پوندي.
    ***
    هاڻ ته ڌارين ڌڪاري ڪڍيو آ
    جهنگ ۾ مون پنهنجو گهر اڏيو آ
    شاهه بلوط جي ڇانوَ جي هيٺان
    حياتي هيڪل وياڪل گذاريان ٿي
    پل پل هن کي ساريان ٿي
    هيءَ وادين جي اونداهي
    هي ترايون ۽ هيءَ کاهي
    هي اڱڻ ۾ اسريل ڪارا ٿوهر
    هو ياد اچي ٿو هر هر
    هو ڪيڏو دُور هليو ويو آ
    دوريءَ دل بيمار ڪئي آ
    دنيا ۾ دوستن جي کوٽ ته ناهي
    پيار ڏئي پيار ڪمائي
    ڪيئي گڏجي پاڻ ۾ گهارين ٿا
    ۽ آءٌ اڪيلي هت صبح سويري
    شاهه بلوط جي وڻ هيٺان
    جڏهن ٿڪجي اچي ويهان ٿي
    آرهڙ جي طويل ڏهاڙن ۾
    پنهنجي بدبختيءَ جو ڏک ڪڍان ٿي
    سُور ۽ سختيون ساري
    روز روئان ٿي روز رڙان ٿي
    آخر ڪيستائين؟ ڪيستائين؟
    او منهنجا سهڻا سائين!
    ***


    الخنساء (اسلام کان اڳ جي عربي شاعر)

    عربي – ( ٧ صدي عيسوي)

    الخنساء اسلام کان اڳ جي انهن چئن عربي شاعر عورتن مان آهي جن کي مڃيو وڃي ٿو. انهن سڀني مان وڌيڪ مشهور تمعذير بنت عامر هئي جيڪا ٥٩٠ع ڌاري ڄائي ۽ ٦٤٤ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پويان هڪ ڌيءَ عامره نالي ڇڏيائين جيڪا پاڻ به شاعر هئي. بهرحال هن جي زندگيءَ جو اهو واقعو مشهور ٿيو ته هن هڪ پوڙهي ماڻهوءَ سان شاديءَ کان انڪار ڪيو هو. سندس شادي مشهور جنگجو مرداس سان ٿي. پنهنجن ٻن ڀائرن جي موت تي جيڪو ڏک پهتس ان جي ڪري شاعري ڪيائين. هوءَ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن ڏانهن موڪليل اسلامي وفد ۾ به شامل هئي.
    الخنساء جو شاعر وارو ڪردار هڪ مرثيه گو جو هو جيڪو عربن وٽ روايتي طرح عورتون ئي ادا ڪنديون هيون. ڪيتريون زباني روايتون ڏانهس منسوب آهن.

    پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ
    روئو، روئو، روئو!
    روڄ ۽ ماتم اِهو
    منهنجي ڀاءُ لاءِ آهي
    مٽيءَ جيڪو پردو وڌو آهي
    سو ڪڏهن به هٽي نه سگهندو
    ڀائڙا! تون ان کاري پاڻيءَ ڏانهن ويو آهين
    جيڪو هڪ ڏينهن
    هر ڪنهن کي چکڻو آهي
    تون جو معصوم هئين
    گناهن جي پاڇي کان دُور هئين
    ۽ چيو هيئي؛
    ”حياتي تير جي چهنب جيتري جاءِ مٿان
    ڄڻ ڪنهن گهريتڙيءَ جي ڀون ڀون آهي“
    پر اي منهنجي ابي امڙ ڄايا
    منهنجي دل ۾ تون زنده آهين
    ۽ آءٌ لُڪ ۾ لوساٽيل گاهه جيان
    سڙي رهي آهيان سدائين
    مون پنهنجو پاڻ کان گهٻرائي
    پاڻ کي اندر پوري ڇڏيو آهي
    سڀ چون ٿا:
    هو مري ويو آهي – ها اهو ئي
    جو اسان جي قبيلي جي ڍال هو
    جو اسان جي گهر جي پيڙهه هو،
    ڄڻ اسان تي آفت ڪري پئي آهي
    هو مري ويو آهي، ها اهو ئي
    جو سورهين جو سُونهون هو
    هو جو دُور جبل تي ٻريل
    بهادرن جي لاءِ هڪ مشعل هو
    هو مري ويو آهي – ها اهو ئي
    جو مُلهه مهانگن گهوڙن جو سوار هو
    سهڻن ويس وڳن جو سينگار هو
    ڪلهي ۾ پاتل پٽي وارو اهو هيرو
    ها اهو ئي – مري ويو آهي
    سونهن ۽ ويرتا وارو سورهيه
    جُنگ جوان هاڻ جيئرو ڪونهي
    سخاوت جي ساڄي ٻانهن ڇڻي پئي آهي
    ڏاڙهيءَ بنان سُونهندڙ
    اسان جي قبيلي جو سردار
    هاڻ اسان ۾ ناهي
    ۽ هُن پٿر هيٺان ستو پيو آهي
    چئو هن جي گهوڙيءَ الوا کي
    ته روئي ۽ سوڳ ملهائي
    هاڻ هميشه جي لاءِ
    مٿس ڪو به سوار نه چڙهندو!
    ***

    ڀائڙا!
    جڏهن ڳاڙهي پٿر جي جنڊ ۾
    جوانيءَ جا ڳاڙها گل پيٺا هئا
    تو هزارين گهوڙن جا دستا
    انهيءَ الوا کي اَڙي هڻي اُڏايا هئا
    ۽ ڪيئن چانديءَ جي زره کي پاتو هو
    تو نيزن کي نئين سر جياريو هو
    تن جي تجلن کي تڙپايو هو
    او منهنجا زره پاتل شير دل ڀاءُ!
    بي پرده گهمندڙ سهڻين نارين کي
    صبح پهر تو ڪيئن بچايو هو
    اهي ڄڻ ته هرڻين جي ولر جيان هيون
    جن جي سُونهن ڄڻ
    مينهن جي پهرين قطرن کي
    پريشان ڪرڻ جهڙي هئي
    تو جيڪي جنگ جا نغما ڳايا هئا
    وچ ميدان ۾ وڏي سُر سان
    ڪيئن تيرن جيان وڃي کــُتا هئا
    او منهنجا مٺڙا سهڻا ڀاءُ
    تو پڄاڻا اهي زنده رهندا
    اسان جي سينن ۾!
    ***
    هاڻ ڀل ته ستارا اجهامي وڃن سدا
    ڀل ته سج اُلهي وڃي
    ۽ کڻي وڃي پنهنجا سڀ شعاع
    اهو ئي اسان جو سج، اسان جو تارو هو
    نما شام مهل ڪير وڃي هاڻي
    اجنبي مسافرن کي آڻيندو
    جڏهن اتر جي تيز هوا جا گُهوگهٽ وڄندا؟
    ***
    اي مسافرو! هن مٽيءَ ۾ اڄ
    اوهان جنهن کي پوريو آهي
    ان ميزبان اوهان کي کارايو پياريو هو
    ۽ اوهان جي آجپي لاءِ
    اگهاڙي تلوار کي اُلاريو هو
    توهان هن کي اونداهيءَ ۾ لاهي
    نازبوءَ جي گلن سان سجائي
    ابن ڏاڏن جي مقام ۾ سمهاريو آهي
    جتي ڏينهن، مهينا ۽ ورهيه گذري ويندا
    جيئن ابن ڏاڏن کي گذريا آهن
    اهو اوهان لاءِ هاڃو، مون لئه ڏک آ
    او سليمانين جا ٻچڙا!
    هاڻ آءٌ ڪڏهن به نه کلنديس
    او سليمانين جون ڌيئرو!
    اکين ۾ ڳوڙها آڻي ماتم ڪريو
    پار ڪڍو ۽ روئو، روئو!
    ***


    هندستان جي سنسڪرت شاعري (٧٠٠ع کان ١٠٥٠ع)

    ١١٠٠ع ۾ هڪ ٻُڌي اسڪالر وديا ڪارا نالي هڪڙو چونڊ شاعريءَ جو مجموعو ٺاهيو هو جنهن جو مواد جگادا جي مندر ۾ هڪ وڏي لائبريريءَ مان هٿ ڪيو هئائين. ان ۾ ٻه سو شاعرن جي درٻارن سان لاڳاپيل سنسڪرت شاعري شامل هئي جنهن ۾ چڱي تعداد ۾ عورتن جي شاعري به موجود آهي جيڪي ٨ صديءَ کان ١١ صديءَ تائين ٿي گذريون هيون. هن مجموعي مان اسان کي مسلمانن جي فتح کان اڳ جي هندستاني روين جي ڄاڻ ملي ٿي.

    وديا
    سج

    آءٌ ساراهيان ٿي اڀرندڙ سج جو گولو
    چَتونءَ جي چهنب جيان ڳاڙهو، تيز ڪرڻن وارو
    ڪنول گلن جي جهڳٽن جو پيارو
    پورب ديويءَ جي ڪن جو والو.
    ***

    بيوفا
    چئو، اي سرتي! ڇا اڃا سڀڪجهه ساڳيو آهي؟
    جمنا ڪناري اسريل وڻن ۾ خلوتون ساڳيون آهن
    اهي ئي گوپيون، اهي ئي انگل آرا
    راڌا جي پريم جا ساٿي ساڳيا آهن؟
    هاڻ جڏهن کجيءَ جا پن وڍڻ جي گهرج ئي ڪانهي
    ڪنهن پريميءَ لئه وڇائڻ خاطر
    ته ڊڄان ٿي انهن جي ساوڪ سڙي ويندي
    ۽ پراڻا ٿي ٽڙڪي پوندا!
    ***

    سلا ڀاتريڪا
    بيوفا


    منهنجو ور اهو ئي ساڳيو آهي
    جنهن منهنجو سڱ ورتو هو
    چانڊوڪيون راتيون به ساڳيون آهن
    ونڌيا جي ٽڪرين تان جو واءُ گهلي ٿو
    موتئي جي مهڪ سان واسيل آهي
    آءٌ به اها ئي ساڳي آهيان
    پر ته به سڀڪجهه ساڳيو ناهي.
    اڄ منهنجي دل تڙپي ٿي،
    نهر جي ڪپ تي سَر جي ٻُوڙن لاءِ
    جيڪي گواهه هئا اسان جا
    ۽ ان پيار جي انمول اڻکٽ گهڙين جا!
    ***


    ڪاسيه بزنطيني يونان – (٩ صدي عيسوي)

    ڪاسيه بزنطيني: يونان – (٩ صدي عيسوي)

    بزنطين جي تاريخ ۾ اها ئي هڪ نمايان شاعر عورت آهي. روايت آهي ته شهنشاهه لاءِ هن کي ڪنوار چونڊجڻو هو، پر هن کي انڪري رد ڪيو ويو جو هن شهنشاهه کي برجستا جواب ڏنا هئا (جيڪا هن جي خاص خوبي هئي) ان کان پوءِ هن هڪ خانقاهه جوڙي ۽ باقي عمر ان ۾ راهبه بنجي گذاريائين. هن ڪيترائي شعر ۽ مذهبي نظم جوڙيا جيڪي هاڻوڪي يوناني ڪليسا ۾ به مشهور آهن.

    پارس
    تون پنهنجي پرينءَ سان ملي جڏهن ٻهڪين ٿي
    ته تنهنجو چهرو چمڪي سونو ٿي پوي ٿو
    ڄڻ ته پارس ڇُهي ورتو هجئي!
    ***
    دولت گناهه کي ڍڪي ٿي ڇڏي
    ۽ غريب سُئيءَ وانگر اگهاڙا آهن.
    ***
    غربت؟ دولت؟ ڪجهه به نه ڳول،
    هڪ سان هٿ سُڄي ٿا پون
    ۽ ٻيءَ سان پيٽ سُڄي ٿئي گول!
    ***
    هڪ اڌ – ٻوڙي، گنجي، لُولي،
    ٻاتي، بندري، ٽيڏي، بڇڙي،
    ڦڏيءَ چال واري ماڻهوءَ تان
    جڏهن هڪ ڪوڙي دلال،
    چور، قاتل ۽ شرابيءَ ٺٺولي ڪئي
    ته هن بدنصيب جواب ڏنو:
    ”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟
    ڇا مون ائين ٿيڻ چاهيو هو؟
    مون کي سڀڪجهه منهنجي خالق ڏنو آ
    پر تون! پاڻ ذميوار آهين
    تنهنجي مالڪ توکي ڪجهه به نه ڏنو هو
    ڏس! تون جو آهين، پاڻ بڻيو آهين!“
    ***
    هڪ پڙهيل ڳڙهيل جاهل؟! خدا جي پناهه!
    ڄڻ سوئر موتي پاتا هجن!
    اهڙي ٿيڻ کان ته ڄمجي ئي نه
    جي ڪو ڄمي پوي ته به
    ڌرتي شل ان جي قدمن کان پناهه ۾ رهي
    بنان انتظار، شل اهو سڌو دوزخ داخل ٿئي
    اهڙن جاهلن جو ڪو علاج ئي ناهي
    انهن جو موت سواءِ ڀلا حل ڇاهي؟
    عملدار هجي ته رڳو ڦوڪجي ۽ وڦلي
    کيس حد کان وڌ ٺلهي واهه واهه وڻي
    پٿر جا پيل پاوا جهڪي سگهن ٿا
    پر ڪو اهڙو جاهل مجال جو مڙي.
    ***


    منيوشو مان ورتل:جاپان (٦٥٠ع کان ٨٠٠ع)

    منيوشو يا ڏهه هزار پنن جو مجموعو جاپاني شاعريءَ جي مجموعن مان سڀ کان پراڻو ۽ مشهور آهي. اٺين صديءَ جي وچ ڌاري اهو گڏ ڪيو ويو هو. ان ۾ ٤٥٠٠ نظم آهن، جن مان گهڻا درٻاري اميرن جا آهن. ان ۾ شاعر عورتن جي سٺي نمائندگي ٿيل آهي ۽ انهيءَ مجموعي ۾ انهن کي گهڻي اهميت مليل آهي.

    شهزادي نوڪاڊا
    ٧ صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ شهزادي نوڪاڊا ٿي گذري آهي، جنهن شهنشاهه ٽيمو جي دادلي سريت جي حيثيت ۾ کيس هڪ ڌيءُ ڄڻي ڏني ۽ ڪجهه وقت شاهي محل ۾ رهي. هوءَ پنهنجي دور جي وڏي ۾ وڏي شاعرهئي.
    هتي ڏنل نظم جو پسمنظر اهو آهي ته هڪ ڀيري شهنشاهه ٽينجيءَ پنهنجي وزيراعظم فيوجي وارا ڪماتاريءَ کي چيو ته ”ٻڌاءِ، بهار ۾ ٽڙندڙ سهڻن گلن ۽ خزان ۾ پهاڙن تي داغدار پنن مان ڪهڙا وڌيڪ شانائتا آهن؟“ تڏهن شهزادي نوڪاڊا هن نظم ذريعي ان جو جواب ڏنو:

    بهار ۽ خزان
    جڏهن سياري جي قيد مان ڇٽي
    بهار اچي ٿي ته
    پکي جيڪي سانت هئا سي چهڪن ٿا
    گل جيڪي بند هئا سي مهڪن ٿا
    پر ٽڪرين تي وڻن جي گهڻ وچان
    گلن تائين پهچڻ مشڪل آ
    ۽ گلن سان گڏ ڪنڊن جي گهڻ مان
    انهن کي هٿن ۾ کڻڻ مشڪل آ
    پر جڏهن خزان ۾ ٽڪرين تي
    اسين سڪل پن ڏسون ٿا
    اهي پيلا پن ڪيڏا نه وڻن ٿا
    جي هٿن ۾ کڻي سگهجن ٿا
    پر – سبز پنن کي ساراهي
    وڻن جي ٽارين ۾ ٽنگيل ڇڏيون ٿا
    انهن کي هٿن ۾ کڻڻ جو مشڪل آ
    ۽ مون کي ان جو ڏک آهي
    ته مون لاءِ آهن فقط
    ڇو خزان جون ٽڪريون!
    ***


    ليڊي ڪاسا(٨ صدي عيسوي)

    ليڊي ڪاسا جا ٢٩ ”ٽنڪا“ نالي نظم مليا آهن جيڪي هن منيوشوءَ جي شاعر اوٽوموياڪاموچي کي مخاطب ٿي چيا هئا.

    ٽنڪا
    ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ
    جيڪو پيار جي موٽ نه ڏي
    ائين آهي جيئن پوڄا ڪجي
    ڪنهن ٻوڌي ديول ۾
    ڪنهن بي پرواهه ديوتا جي!
    ***


    ليڊي اوٽومو آف ساڪانو(٧٢٨ع کان ٧٤٦ع)

    هيءَ اوٽومو سوڪونامارو سان پرڻيل هئي ۽ ڪيترائي ٻار هئس. هڪ ڌيءَ به شاعر هئس جيڪا ”ليڊي اوٽومو آف ساڪانو جي وڏي ڌيءَ“ طور سڃاڻبي هئي. سندس هڪ ڀائٽيو اَوٽومو ياڪموچن به وڏو شاعر هو.

    اڻ ڄاتو پيار
    اڻ ڄاتو پيار
    اهڙو تلخ هوندو آهي
    جيئن ڪو ڪنوارو سوسن جو گل
    جيڪو اسريو هجي
    آرهڙ جي آلي مٽيءَ ۾
    ***
    منهنجي دل، اهو سوچي ته
    ”هو ڪيڏو پيارو آهي“
    ڪنهن تيز وهڪري وانگر
    بند مٿان بند ٻڌڻ جي باوجود
    ڄڻ قابوءَ ۾ ناهي!
    ***


    اونونو ڪماچي:جاپان (٨٣٤ع کان ٨٨٠ع)

    شاهي فرمان موجب تيار ٿيل پهرئين شعري مجموعي ڪوڪنشو جي ڇهن بهترين شاعرن ۾ اونونو ڪماچي به شامل آهي. هوءَ پنهنجي سونهن ۽ صلاحيتن جي ڪري گهڻو مشهور ٿي ۽ شاهي درٻار ۾ ٩ صديءَ ۾ ملازم هئي. جاپان جي لوڪ ادب ۾ هن جون ڪهاڻيون به آهن .

    نظمَ
    هڪ گل جيڪو ڪومائجي وڃي ٿو
    بنان ڪنهن کي نظر اچڻ جي
    اهو آهي هن دنيا ۾
    انسان جي دل جو گل!
    ***
    هيءَ چنڊ بنا رات آهي
    هن سان ملڻ جي ڪا واٽ آهي؟
    چاهت کان چري بنجي
    ڇاتيءَ منجهه دل ڌڙڪي ٿي
    ۽ ڪو باهه جو شعلو ڀڙڪي
    دل کي ورائي وڃي ٿو.
    ***
    ايڏي ته اڪيلي آهيان
    ڄڻ ڪو ترندڙ اڪيلو پن
    ٽاريءَ کان ڇڳل
    پاڻيءَ جي وهڪري سان
    وهندو وڃي وياڪل


    شهزادي شڪيشي:جاپان ١٢٠١ع

    هيءَ شهنشاهه گوشيرا گاوا جي ٽين ڌيءُ هئي. هن کي جوانيءَ ۾ راهبه بنايو ويو هو ۽ سموري حياتي اڻ پرڻيل رهي. سندس هي نظم هڪ شاهي مجموعي ”شيڪو ڪنشا“ مان ورتل آهي جيڪو ١٢٠٥ع ۾ مڪمل ٿيو هو.

    سرءُ
    هتي ته ڪجهه به نه بدليو آهي
    ها پر هاڻ آءٌ جوان نه رهي آهيان
    سرءُ جي هوا لڳي ٿي
    ۽ آءٌ اڳي جيان ئي پريشان آهيان.
    ***

    سيارو
    هوا سرد آهي
    هڪ هڪ پن
    رات جي آسمان مان
    گم ٿي رهيو آهي
    چنڊ باغ کي
    ننگو ڪري رهيو آهي
    ***

    بهار
    چيريءَ جا ڳاڙها گل
    سرهاڻ وڃائي چڪا
    توکي ته اچڻ گهرجي ها
    هوائن کان به اڳ، مـِٺل!
    ***


    ڪوريا جِي هڪ نامعلوم شاعر(١٢٧٥ع - ١٣٠٨ع)

    هت ڏنل گيت ”ترڪي بيڪريءَ“ نالي هڪ پيشيور ڳائڻيءَ جو چيل آهي پر اڪثر نقادن جو خيال آهي ته اهو هڪ لوڪ گيت آهي.

    ترڪي بيڪري
    آءٌ وڃان ٿي ترڪي دڪان تي
    هڪ بن وٺان ٿي
    هڪ پوڙهو ترڪ منهنجو هٿ جهلي ٿو
    هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
    ته اي تاڪ تي ويٺل گڏڙي!
    ان جي ذميدار تون هوندينءَ
    آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
    جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
    ***

    آءٌ وڃان ٿي سمجنگ مندر ۾
    هڪ مها پروهت منهنجو هٿ جهلي ٿو
    هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
    ته اي مندر جا ننڍڙا پوڄاري
    ان جو ذميدار تون هوندين
    آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
    جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
    ***
    آءٌ وڃان ٿي ڳوٺ جي کوهه تي
    پاڻي ڀريان ٿي
    اندر ويٺل هڪ اجگر منهنجو هٿ جهلي ٿو
    هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
    ته اي گهڙولي!
    ان جي ذميدار تون هوندينءَ
    آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
    جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
    ***
    آءٌ وڃان ٿي ميخاني ۾
    شراب وٺان ٿي
    هڪڙو نوڪر منهنجو هٿ جهلي ٿو
    هيءَ ڪهاڻي جي ٻاهر پکڙي
    ته اي صراحي!
    ان جي ذميدار تون هوندينءَ
    آءٌ ته وڃان ٿي، ها وڃان ٿي هن جي خلوت ۾
    جتي سوڙهه، اوندهه ۽ گرمي آهي!
    ***


    يوهئسان چي:چين (٩ صدي عيسوي)

    يوهئسان چي، چانگ اين ۾ ڄائي هئي ۽ هڪ عملدار هن کي پنهنجي سريت بڻايو، انڪري سندس زال هن کان سڙڻ لڳي ۽ ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيائينس، جنهن کان پوءِ هوءَ ٽائوسٽ جي ڪليسا جي پروهت بنجي وئي. ان کان پوءِ گهڻو ئي سفر ڪيائين، گهڻن ماڻهن سان دوستيون ڪيائين. آخر ۾ پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ موت جي سزا مليس.

    هڪ پاڙيسري ڇوڪريءَ کي صلاح

    سج کان خوف کائي
    تون پنهنجي ريشمي ٻانهن سان
    پنهنجو منهن ٿي لڪائين
    بهار جي راڳ کان ٿڪجي
    تون پنهنجو سينگار ٿي ڀلائين
    مُلهه مهانگا مڻيا ملڻ سولا آهن
    پر سچي دل وارو مرد ملڻ مشڪل آهي!
    ***
    پنهنجن ڳجهن ڳوڙهن سان
    ڇو ٿي تون وهاڻو ڀڄائين
    گلن ۾ ڇو پئي ٽٽل دل لڪائين
    وڃ وڃي سُنگ يي جهڙو ڪو سهڻو ڳول
    ان بيوفا کي ٿي تون ياد ڪرين؟
    جنهن جو موٽي اچڻ، تو سان ملڻ، مشڪل آهي!
    ***


    چُوشُو، چين:چين – (١٢ صدي عيسوي)

    هن شاعره جي باري ۾ گهڻي معلومات ڪانهي پر هن کي چين جي هڪ تمام سٺي ۽ نفيس شاعر سمجهيو وڃي ٿو. هن جا نظم ١١٨٢ع ۾ شايع ٿيا هئا جن کي سندس موت تي مائٽن ساڙي ڇڏيو هو.

    آلو بخارَي جا گل
    برف نچي ٿي، پارو وسي ٿو
    بانس جي تيلين مان اڻپورو
    نظارو ڏسجي ٿو
    ۽ آلوبخاري جي جهڪيل ٽارين جا پاڇولا
    اوچتو ڪا ٿڌي مٺي سُرهاڻ
    تاتاري بانسريءَ جي سُر سوڌي
    اچي پردا کولي هنن ڏانهن وڌي ٿي
    انهيءَ سُرهي هوا ۾ ويڙهجي
    ڀلا خوشي ڪير نه ماڻيندو؟
    منهنجا ڪارا وار وکري وڃن ٿا
    مڌ جي مستيءَ کان وڌ، بي سڌ بنجي
    اسين رُسُون ۽ پرچون ٿا
    گلن سان جهنجهيل هنڌ جو مزو وٺون ٿا.
    ***


    لي چنگ چائو( ١٠٨٤ع – ١١٥١ع)

    هيءَ سموري دنيا ۾ چين جي وڏي ۾ وڏي شاعر طور مشهور آهي. هن جو مڙس چائو منگ چينگ ۽ هيءَ پاڻ وڏ گهراڻا هئا ۽ ٻئي شاعر هئا، ان کان سواءِ عالم به هئا ته خطاطي، مصوري ۽ ٻين فنن جو پڻ شوق هئن. جڏهن ١١٢٧ع ۾ چن تارتر جي فوج سنگ چين تي حملو ڪيو ته هنن ٻنهي کي گهر مان ڪڍي ڇڏيائون. ان ڪري سندن سمورو فن جو ذخيرو زيان ٿي ويو. ١١٢١ع ۾ جڏهن لي ٤٦ سالن جي هئي ته هن جو مڙس گذاري ويو ۽ هوءَ اڪيلي سر پنهنجي گڏ ڪيل شين کي محفوظ رکڻ لاءِ لڪندي وتندي هئي. هوءَ چين جي شاعريءَ جي هڪ صنف ”زو“ جي وڏي ۾ وڏي شاعر هئي.

    نئين سال جي شام
    سج جو لهڻ، ڄڻ شيهو پگهريل
    شام جا بادل، مرمر جا گهوڙا، ٿڪل
    هو ڪٿي آهي؟
    روشنيءَ جو ڌنڌ، بيد جي وڻن کي داغدار ڪري ٿو
    آلو بخاري جي وڻن مان بانسريءَ جو روڄ ٻڌجي ٿو
    توکي ڪهڙي خبر؟
    بهار جو خمار! نئين سال جي شام!
    خوشين جو جشن ۽ سهڻي موسم!
    هوا به آهي ڄڻ ته اڃا ستل
    مينهن پوي ٿو، دوست اچن ٿا
    گهوڙي گاڏين ۾ شراب پيئندڙ دوست ڏسي
    سوچيان ٿي!
    انهن جو، جي گڏجي شعر جوڙيندا هئا
    پنهنجا شعر، پنهنجي گهر، پنهنجي ڪمري ۾.
    ياد ڪريان ٿي!
    هڪ گذري ويل نئين سال جي شام
    مون پاتو هو ساون کنڀن جي ٽوپ مٿان
    زريءَ ڀريل برف جهڙو اڇو اسڪارف
    ڇا ته سونهن هئي، جنهن جي ڀيٽ نه هئي
    ۽ هاڻ ڇا آهيان؟
    نست، ٿڪل، هوا سان وار وکريل
    گلن وچ گهمڻ کان به هٻڪان ٿي
    جيڪي ڪليسا وٽ، برف سان آهن ڍڪيل
    بس چپ چاپ ٻڌان ٿي
    کلڻ ۽ ڳالهائڻ جا آواز، دريءَ منجهان ايندڙ.
    ***


    ولادااسپين (عربي)

    ١١ صدي عيسوي

    اسپيني عرب شاعر ولادا ڪاربووا ۾ يارهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ رهندي هئي. هوءَ وقت جي خليفي جي ڌيءَ هئي ۽ سندس بيٺڪ ۾ ڪيترائي شاعر ۽ ليکڪ اچي گڏ ٿيندا هئا. هوءَ هڪ تمام خود مختيار عورت هئي ۽ پردو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هئائين ۽ پنهنجي ادبي حيثيت لڪائڻ کان به نابري واري بيٺي هئي. عربيءَ جو بهترين ڪلاسيڪي شاعر ابن زيدون سندس محبوب هو جنهن سان اندلس ۾ رهندي هئي. هن جي شاعري زيدون سان منظوم خطن جي صورت ۾ آهي.
    هي پهريون نظم هن زيدون جي ان شڪايت جي جواب ۾ لکيو، جنهن ۾ هن کيس گهٽ ۽ ننڍڙين ملاقاتن بابت چيو هو.

    چري چاهت
    سوچيان ٿي،
    ڇا ڪو ٻيو رستو ڪونهي
    وڇوڙي کان پوءِ، وري ملڻ جو
    هڪ ٻئي سان پيار ونڊڻ جو.

    اڳ ۾ سياري جي مند ۾،
    جڏهن، تون آيو هئين
    مون اَنِگي اڇلائي ڇڏي هئي
    اهڙي تن ۾ اچي باهه لڳي هئي

    هاڻ توکان سواءِ ڪيئن رهان مان؟
    ڄاتو ٿي ڀاڳ مون پنهنجو
    ٿيو اهو ئي جو ٿيڻو هو،
    ڪنهن کي هاڻ چوان مان!
    وقت وڃي رهيو آ، نٿي وڃي دُوري
    تنهنجي لاءِ منهنجي چاهت ۾
    صبر ائين ڄڻ ڪا سوري!

    تون جِت وسين ٿو شل سو ديس وسي
    بادل برسي بس نه ڪن
    ڍنڍون ڍورا جرٿر هجن.

    خوشفهمي
    (هي نظم ولادا ان وقت لکيو جڏهن پنهنجي محبوب جي دلچسپي سندس ٻانهيءَ ۾ ڏٺائين.)

    جي مون سان پيار ونڊين ها
    پل لئه مون کان دُور نه ٿِين ها
    منهنجي هن ٻانهيءَ سان پوءِ تون
    بنهه سرچي ڪين سگهين ها.

    هيءَ سهڻي ڦلدار شاخ ڇڏي
    ڀنڀلجي ويو آهين جنهن ڏانهن
    تنهن ۾ مون جهڙو ڦل ڪٿي!

    تون ڄاڻين خوب سڃاڻين ٿو
    آءٌ بهشت جو پورو چنڊ آهيان
    پوءِ به ڏک جي ڳالهه اها
    ”المستوريءَ“ سان پاڻ وندرائين ٿو.
    (المستوريءَ جي هڪ معنيٰ ته ”خريد ڪيل“ آهي ۽ ٻي معنيٰ ”زهره گرهه“ يا سَيارو پڻ آهي.)
    ***


    مهاديوياڪا :هندستان – ڪَنَڙ ٻولي ١٢ صدي عيسوي

    مهاديوياڪا ١٢ صديءَ جي شاعر ٿي گذري آهي. هن کي هڪ گروءَ ڏهن سالن جي عمر کان شو پوڄا لاءِ تيار ڪيو هو. هن جي مائٽن هن جي هڪ اهڙي سردار سان شادي ڪرائي جيڪو ڌرم ۾ يقين ڪونه رکندو هو، انڪري هوءَ کيس ڇڏي دنيا گهمڻ نڪري پئي ۽ شو جي پوڄا ڪندي رهي، جنهن کي ڪنهن هڪ روپ ۾ چنبيليءَ جهڙو اڇو ديوتا به چوندا آهن. وچولي دور جي هندو مت جي هڪ صوفياڻي (Mystic) تحريڪ ”ويراسيوا“ سان لاڳاپو پيدا ٿيس، جنهن موجب هندو ڌرم جي ڪن رسمن رواجن کان هن انڪار ڪيو هو. ويراسيواجي ڀڳتن جي شاعري آزاد صورت ۾ آهي، جنهن ۾ ذاتي ارپنا وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي. ڪَنَڙ ٻولي هڪ دراوڙي ٻولي آهي، جنهن جي ادبي روايت پندرهين صديءَ تائين ملي ٿي.

    چمبيليءَ جهڙو ديوتا

    جئن ڪو پَٽ - ڪينئون
    جوڙي ٿو پنهنجو گهرڙو
    پيار مان اوتي ست سمورو
    ۽ مري وڃي ٿو تڙپي تڙپي
    پنهنجي حياتيءَ جي ڌاڳن ۾ وِچڙي سِچڙي
    وَٽ وٽيندي، ڏيندي ڦيرو
    تئن آءٌ به تڙپي تڙپي
    پنهنجو ساهه ڏيان ٿي.
    ***
    جيئن ڪو پڃري اندر طوطو
    ساري ساٿي پنهنجو
    تيئن آءٌ به ساريان ٿي توکي
    تون جيڪو آهين چنبيليءَ جهڙو
    مون کي آڻي سنئين راهه تي سائين
    ڪر تون مون کي پاڻ ڀيڙو

    نيرن نيلمن جي پهاڙن تي سوار ٿي
    هيرن موتين جا جُتا پائي
    سنک وڄائي، ڪڏهن تو وٽ اينديس
    او شيوا!
    سَرهي ٿينديس توکي سيني لائي
    ڪڏهن ته ملنديس توسان
    تن جو شرم وڃائي، من جو ڀرم ٻُلائي.
    ***


    جاڳرتا وارو دور Renaissance

    مارگريٽ ڊي نوار:فرانس (١٤٩٢ع کان ١٥٤٩ع)

    مارگريٽ ڊي اينگوليم پنهنجي پھرين شاديءَ کان پوءِ الينڪوٽ جي ڊچس بڻي ۽ ١٥٢٧ع ۾ نوار جي راڻي بڻي. ھوءَ فرانس جي بادشاھ فرانڪوس پھرئين جي ڀيڻ ھئي ۽ ھڪ ٻئي فرينچ بادشاھ ھينري چوٿين جي ڏاڏي به ٿي. ھن کي فرانس ۾ نئين سجاڳيءَ جي ماءُ پڻ سڏيو ويو آھي ڇو ته ھن ڪيترن ئي شاعرن ۽ انسان دوستن جي ھمت افزائي ڪئي ۽ انهن کي بچاءُ ڏنو.
    جيتوڻيڪ ھن ڪيترائي ڊراما ۽ نظم لکيا آھن پر ھوءَ پنهنجن ناولن جي ڪري وڌيڪ مشھور آھي. ھتي ڏنل نظم جو مضمون اھو آھي ته ”سڀڪجهه اجايو آھي“ يا ”سڀڪجهه ھوا ۾ گم ٿي ويندو“ - ان جو پسمنظر مذھبي آھي.

    اھو سڀڪجهه ته اجايو آھي

    جي ڪو تنهنجو اپمان ڪري
    ھلڪي دل سان سھي وڃجان
    جي توتي ڪا تهمت آڻي
    تون ڪجهه به نه ٻڌجان
    ڳالھيون ته پيون ٿينديون آھن
    اھو سڀڪجهه ته اجايو آھي!

    جي ڪو ”ايمان“ جي ڳالهه ڪري
    ۽ ان جو ٿو ملهه گھٽائي
    قانون جي ڪارج سان ڀيٽي
    ان جو مان ُ وڌائي
    اھو ته عجيب قاعدو آھي
    تون ڪجهه به نه مڃجان، ھلندو وڃجان
    اھو سڀڪجهه ته اجايو آھي!

    ۽ جي تنهنجي عقيدي بدران
    ڪو تنهنجا اعليٰ عمل ساراھي
    ڪو اعلان ڪري خوشامد لاءِ
    ته ”تون اوچن کان اوچو آھين“
    ته اھڙي ڳالهه کان ڀڄجان
    ڪڏھن ڪوڙو فخر نه ڪجان
    اھو سڀڪجهه ته اجايو آھي!

    جي دنيا تو وٽ ھلي اچي
    عزت، شھرت، دولت سان للچائي
    تون دل جي مرضيءَ سان
    اھي ٺڪرائي ڇڏجان
    فاني شيون جتان اينديون آھن
    واپس به اوڏانهن ئي وينديون آھن
    اھو سڀڪجھ ته اجايو آھي!

    جي ڪو توکي اھڙي جاءِ ٻڌائي
    جتي سچو سک، سانت ۽ نجات ملي
    خدا جي ھستيءَ کان سواءِ
    اھو تنهنجي روح کي مارڻ ٿيندو
    ان کان باغي ٿي بيھجان
    اھڙا عالم سڀ ڪوڙا آھن
    اھو سڀڪجهه ته اجايو آھي!
    ***

    موت جي خوشبو

    موت جي خوشبوءِ اھڙي ته تکي آھي
    ڄڻ ته ملهه مھانگو ڪو مـَنڌ ُ ھجي
    اڻڄاڻ چکڻ کان جو ڇرڪن ٿا
    پر بهشت جي منزل تي پھچڻ لاءِ
    موت جھڙوڪر ڪو پنڌ ھجي!

    ڀاءُ جي مرڻ سان ڀيڻ کي ڇا ٿيو آھي؟
    موت کان ڊڄڻ بدران، ڀاءُ سان گڏجي
    ان جي خوشبو سنگھڻ ٿي چاھي
    خدا ڏانهن سفر جو اھو رستو ۽ در آھي
    ان منزل ڏي پاڻ به وڃڻ ٿي چاھي
    موت جي خوشبو ڪيڏي مڌر آھي
    دل کي جھڙوڪر جياري ٿي
    انتظار ڪري ۽ ان کي پڪاري ٿي!
    ***


    لوئي لابفرانس (١٥٢٥ع کان ١٥٦٦ع)

    لوئي لاب ھڪ ننڍڙي علائقي ليان ۾ ڄائي ھئي. ھن جو پيءَ ۽ مڙس ٻئي شاھوڪار ھئا. ھن کي عام طرح ”لابيل ڪارڊيئر“ چوندا ھئا. ھن يوناني، لئٽن، اسپيني ۽ اطالوي ٻوليون ننڍي عمر ۾ سکي ورتيون ھيون ۽ پنهنجي ظرافت توڙي سونهن جي ڪري مشھور ھئي. ھوءَ ھڪ سٺي گھوڙيسوار به ھئي. ھن ھڪ جنگ ۾ به حصو ورتو ھو. ھن جي ھڪ سٺي لائبريري به ھئي ۽ ھڪ مشھور ادبي بيٺڪ به ٺاھي ھئائين ۽ پنهنجي دور جي ڪيترن شاعرن سان چڱي واقفيت ھئس. ھن کي فرينچ نئين سجاڳيءَ جي وڏي شاعر چيو وڃي ٿو. ھن ١٥٦٦ع ۾ ليان ۾ ئي وفات ڪئي.

    ترس، اي موت!

    جيستائين آءٌ روئي سگھان ٿي
    گذري ويل خوشيءَ جي گھڙين لاءِ
    جيستائين لڙڪ لاڙي سگھان ٿي
    ۽ جيستائين ڏک جا ساز وڄائي
    منهنجو آواز چٽو ڳائيندو رھندو
    ۽ جيستائين نازڪ ھٿن جون آڱريون
    تنهنجي ساراھھ جو سُرندو وڄائي سگھنديون
    جيستائين منهنجي من کي
    سک دلاسو ڏيندو رھندو
    ۽ تنهنجي درد آشنائيءَ سان
    روح رچيو رھندو
    تيستائين، ھا تيستائين آءٌ مرڻ نٿي چاھيان
    پر جڏھن منهنجون اکيون سڪي وڃن
    منهنجو آواز ڳرو ٿي وڃي
    منهنجا ھٿ ۽ آڱريون نست ٿي وڃن
    ۽ دنيا جي ڌرتيءَ تي منهنجو روح
    پيار جي زندگيءَ جي ھڪ پل لاءِ
    سڪڻ لڳي
    ته پوءِ اي موت تون ڀلي اچجانءِ
    منهنجي ڏينهن کي رات ڪري ڇڏجانءِ!
    ***


    ويرونيڪا گمبارا؛اٽلي (١٤٨٥ع)

    ويرونيڪا گمبارا ١٤٨٥ع ۾ پراتلبوانو ۾ ڄائي. ١٥٠٩ع ۾ لارڊ ڪوريجيو سان شادي ڪيائين جيڪو ٩ سالن کان پوءِ مري ويو ته پنهنجي ننڍڙي رياست جي حڪومت ھن کي سنڀالڻي پئي ۽ ٻھ ننڍڙا ٻار به پاليائين. ھن جا ڪيترن اھم ليکڪن سان تعلقات ھئا جن ۾ پيٽرو بيمبو به شامل ھو. ھن پنهنجي درٻار ۾ شھنشاھھ چارلس پنجين جي ٻھ ڀيرا ميزباني ڪئي.

    وقت اُڏامي ويو

    جڏھن ڌرتيءَ جي سونهن ڏسان ٿي
    ھزارين سھڻن پيارن گلڙن سان
    ۽ جيئن آسمان ۾ ھر ستارو چمڪي ٿو
    تيئن ڌرتيءَ تي سوين رنگ چمڪن ٿا
    ھر جاندار اڪيلو ۽ اٻاڻڪو
    اندر جي اڇل کان، امالڪ اچي ٿو ٻاھر
    ٻيلن مان، جھونين غارن ۽ ٻِرن مان
    پنهنجو ساٿي ڳوليندو، حُب مان
    - ۽ جڏھن آءٌ اھي وڻ ڏسان ٿي
    سھڻن گلن سان سجيل، نوان گونچ اسريل
    ۽ قسمين قسمين پکين جا
    سھڻا مٺڙا مڌر سُر ٻڌان ٿي
    جڏھن ھر ھڪ ندي وھنجاري ٿي
    پنهنجا گلن سان سينگاريل ساحل
    ته جيئن فطرت پنهنجو پاڻ تي موھجي
    پنهنجي سونهن پاڻ ڏسي مُرڪي
    تڏھن دل ئي دل ۾ ڄڻ چوان ٿي
    ”ھيءَ ڪمبخت فاني زندگي
    ڪيڏي نه ٿورڙي آھي!“
    ***

    ھيءَ سھڻي سائي گلن سان گلزار ڌرتي
    جا اڳ ھئي برف سان ڍڪيل
    ۽ ٿڌي ڳري ھوا سان
    آسمان به ھو ڄڻ ته منجھيل
    ۽ ھو گڏجي گھمندڙ پيارا جانور
    پھاڙن ۽ ٻيلن ۾ اڪيلا ھئا لڪل
    نه ئي سھڻا سجيلا گيت ھئا
    نرم نازڪ ٻوٽن ۾ پيار پکين جا
    ھوا ڪاوڙ مان وڻ سٽيا ھئا
    پکي خاموش ۽ وڻن جا پن سڪل
    تيز تکين ندين ۽ نئن کي
    برف باندي بنائي ڇڏيو ھو
    ھاڻ جي سھڻا ۽ سُرھا آھن
    ھن مند ۾ ھئا موڳا ۽ منڌل
    ائين وقت اڏامي ٿو، کڻي وڃي ٿو
    سال سمورا، حياتيءَ جا سڀ پل!
    ڇا اسين به گل ڪنداسين، وري ٽڙنداسين؟
    تَنهن جي ڪانهي ڪا ڪل
    موت کان سواءِ ڪجھ به يقيني ناھي
    شاھه گدا لاءِ ساڳي سا مھل
    موت نه ڪندو آ ڪنهن تي ڪڏھن ڪا ڪھل!
    ***


    گاسپارا اسٽيمبا:اٽلي (١٥٢٠ع کان ١٥٥٤ع)

    گاسپارا اسٽيمبا پاڊوا ۾ ڄائي ھئي ۽ اٽليءَ جي نئين سجاڳيءَ جي سٺي شاعر ھئي. ھوءَ وينس جي ھڪ فنڪار خاندان ۾ وڏي ٿي ھئي. ھوءَ ھڪ ايماندار طوائف ھئي ۽ اڪثر نظمن ۾ پنهنجي محبوب نالي ڪولاٽينو ڊي ڪولاتو جي بيوفائيءَ جي شڪايت ڪئي اٿس، جنهن سان سندس تعلق صرف ٽي سال رھيو، جنهن دوران به ھو گھڻو ڪري ٻاھر فرانس ۾ رھيو.

    جيئڻ مرڻ

    عشق مون سان ائين ڪيو جو
    سدائين ڪنهن باھه ۾ سڙان ٿي
    ڌرتيءَ تي ھڪ نئين ”سلينڊر“(1) وانگي
    ڪڏھن مران ڪڏھن جيئان ٿي
    ”فينيڪس“ (2)پکيءَ وانگي
    سڙي مرڻ، مري جيئڻ راند ھجي ڄڻ
    ۽ ھو جنهن جي لئه سڀڪجھ سھان ٿي
    مون لئھ ڇا ڇا سوچي ٿو، پرواھه ڪانه ڪيان ٿي
    باھه جو ھڪ اُلو وسامي ٿو
    ته پاڻمرادو پيار منجھان ٻيو ٻاريان ٿي
    جنهن ۾ اڳ کان وڌ سيڪ ۽ تَو ھجي ٿو
    جيستائين منهنجي دل چورائڻ وارو يار
    انهيءَ ٻرڻ ۽ سڙڻ مان خوش رھي ٿو
    مون کي پڇتاءُ ڪونه ٿئي ٿو
    مان ته ھن سان بي لوث پيار ڪريان ٿي
    جي مون کي يقين ھجي ھا
    ته موت سڀ سُور ختم ڪري ڇڏيندو
    ته ان کي ڳوليان ھا
    پر ڄاڻان ٿي ته موت ماري ڪين سگھي ٿو
    اھو ته ڪوڙو آٿت آ
    موت کان پوءِ به سور ٻيڻا ٿي ويندا آھن
    مون ته ڏينهن ۾ ڏھه ڀيرا
    مري ڏٺو آ
    ۽ ھر ڀيري ان مان نئين پيڙا جاڳي ٿي
    ۽ پيار نئين سر جيئي ٿو
    پنهنجو پيار زنده رکڻ لاءِ
    ھاڻ مون سوچيو آ
    ڇو نه روز مران ۽ روز جيئان!
    ***

    (1) باهه جو ڪينئون
    (2) هڪ خيالي پکي جيڪو مري وري جيئرو ٿيندو آهي.


    مھري ھاتن: ترڪي (١٥٠٦ع)

    ھيءَ عثمانيه سلطنت جي ھڪ وڏي شاعر ھئي. سندس پيءُ ھڪ جج ھو جيڪو پاڻ به شاعر ھو. ھن عربي فارسيءَ جي بهترين تعليم ورتي ھئي ۽ شڪل صورت جي به تمام سھڻي ھئي. ڪيترن سالن تائين سلطان بايزيد جي پٽ شھزادي احمد جي علمي ادبي حلقن ۾ شامل رھي. ١٩٦٧ع ۾ سندس شعري مجموعو سوويت يونين اڪيڊميءَ طرفان شايع ٿيو.

    ٽـِھ سـِٽا

    ھڪ نظر ۾
    مون توسان پيار ڪيو
    ھزار دلين سان

    ھو مون تي
    ڪو گناھ نٿا مڙھي سگھن
    سواءِ پيار جي

    ڀل ته زاھد سمجھن پيار گناھ آھي
    مون کي ان پيار لاءِ دوزخ جي باھه جي
    بنهه ڪا پرواهه ناھي
    ***


    ميران ٻائي: ھندستان (١٤٩٨ع کان ١٥٤٧ع)

    ميران ٻائي پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ھڪ ڪھاڻي ھئي پر مرڻ کان پوءِ به ھڪ روايت بنجي ويئي. سندس ارپنا واري شاعري، عشقيه گيت، ڪرشن ڀڳوان لاءِ پيار سڀ ھن ھڪ خاص انداز ۾ ڳايو. سندس ڏاڏو ھڪ کتري راجا ھو ۽ وشنو ڀڳوان جو پوڄيندڙ ھو. روايت آھي ته ننڍي ھوندي ميران کي ڪرشن جي ھڪ مورتي ڏني وئي ھئي جنهن کي ڀڳتي تحريڪ جا پوئلڳ وشنوءَ جو روپ سمجھندا آھن. ميران جي شادي ١٨ سالن جي عمر ۾ ميواڙجي راڻا سنگرام سنگھ جي شھزادي پٽ سان ٿي ته ھوءَ انهيءَ مورتيءَ کي به پاڻ سان کڻي ڀوڄراج وئي ۽ جڏھن پنهنجي ساھرن جي چوڻ تي ڪالي ماتا جي پوڄا کان انڪار ڪيائين ته اھي ڪاوڙجي پيا. مڙس جي مرڻ کان پوءِ ھوءَ مندر ۾ ڀڄن ڳائي وقت گذاريندي ھئي ۽ جوڳين سامين سان ملاقاتون ڪندي ھئي، جيڪا ڳالهه سندن خانداني روايتن جي خلاف ھئي انڪري راڻي کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيتريون تڪليفون سھڻ کان پوءِ آخر ميران کي ميواڙ ڇڏڻو پيو. ڪرشن ڀڳوان جي نالي سان منسوب جاين تي رھندي ھئي ۽ آخرڪار دوارڪا ۾ ديھانت ٿيس.

    پريم ديواني

    اي راجا!
    آءٌ ڄاڻان ٿي ته تو مون کي زھر ڏنو ھو
    جو مون امرت سمجھي پيتو ھو
    ۽ ھاڻ مون ٻيو جنم ورتو آھي
    جيئن سون باھه ۾ سڙي
    سوين سجن کان وڌ ٿي ويندو آھي
    خانداني شان ۽ دنيا جو ڊپ
    سڀ مون پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا آھن
    ھاڻ تون پاڻ کي لڪائي
    او راجا!
    آءٌ ته ھڪ ڀوري، بيوس، نٻل ناري آھيان
    ڪرشن جو ڪان ُ دل ۾ لڳل اٿم
    ڪجھ به نه سوچيان ٿي نه سمجھان ٿي
    ساڌُو سنتن کي ارپيو اٿم
    پنهنجو تن من ۽ ڌن
    پاڻ کي انهن جي پيرن جي پڻي ڀانيان ٿي
    انهن جي گولي ٻانهي بڻجي
    پنهنجو پريتم پرچايان ٿي!

    (مٿيون سٽون انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل آھن. اصل ھنديءَ ۾ ڪجھ سٽون ھن ريت چيل آھي؛
    راڻا ني ڀيڄا وش پيالا مين امرت ڪر پي جانا
    ميري راڻا جي مين تو گوبند ڪي گن گانا
    ميران ٻائي پريم ديواني مين تو سانوريا ڪو پانا).
    (مترجم)
    ***


    ھوانگ چين اي : ڪوريا (١٥٠٦ع کان ١٥٤٤ع)

    ھيءَ ڪوريا جي شاعرن ۾ سڀ کان مشھور شاعر ٿي گذري آھي جيڪا سانگ ڊو ۾ رھندي ھئي ۽ سندس ڪيترائي پرستار ھئا. بادشاھ چنگ چانگ جي دور ۾ ھيءَ وڌيڪ مشھور ٿي. ھن جا عشقيه نظم فلسفياڻا آھن جن ۾ ھن جي قابليت مٿاھين سطح تي نظر اچي ٿي.

    ۽ جڏھن ھُو ايندو

    آءٌ نومبر جي ڊگھي رات کي
    ٻن اڌن ۾ وڍي ورھائي
    ھڪ اڌ ويڙھي پنهنجي چادر جي ھيٺان
    لڪائي رکان ٿي
    جنهن ۾ بهار جي ھوا جي خوشبو آھي
    ۽ جڏھن ھو اڌ رات جو ايندو
    ته اھا ٻاھر ڪڍنديس
    ۽ آھستي آھستي کوليندي رھنديس
    ته جيئن باقي رات
    ڇڪبي رھي، ڇڪبي رھي!
    ***

    جبل ھڪ ھنڌ بيٺا آھن
    پر جبلن جا چشما
    وھندا وڃن، ھلندا وڃن
    سڀئي ”ڪالھ “ وھندڙ چشمن وانگي آھن
    اڏامندا وڃن
    ۽ عظيم سورما، مھل ملھائي
    مرندا وڃن، مرندا وڃن!
    منهنجو نينهن نيرو جبل آھي
    ۽ ھن جي سڪ سائو چشمو
    جي سائو چشمو وھي وڃي
    ته نيرو جبل ڪيئن ٻڌائي؟
    پر آءٌ ڀانيان ٿي ته
    سائو چشمو نيري جبل کي ڇڏڻ مھل
    دانهن اَوس ڪندو آھي!
    ***


    ھونان سورھان : ڪوريا (١٥٦٣ع کان ١٥٨٩ع)

    ھيءَ ”ڪاسا“ نالي مڪاني صنف جي پھرين شاعر عورت ھئي. پاڻ ھڪ وزير جي ڌيءَ ھئي ۽ ھن جي ڀاءُ پھريون ڪوريائي ناول لکيو ھو. ھيءَ جوانيءَ ۾ ئي مري وئي ھئي پر ڪيترائي نظم ڇڏيا اٿس جيڪي ڪوريائي ۽ چيني ٻولين ۾ آھن. ھيٺ ڏنل نظم سندس ھڪ طويل نظم مان ورتل آھي.

    ھڪ عورت جو ڏک
    ياد اٿم
    ته ڪالھھ ڪيڏي جوان ھئس
    پر افسوس! وھي وڃي رھي آھي
    اجايو سوچڻ مان ڇا ورندو؟
    ڪيڏانهن ويا جوڀن جا سرھا ڏينهڙا؟
    ھاڻ جو آءٌ پوڙھي آھيان
    ڏک ۾ ساهه منجھي ٿو،
    چوڻ لاءِ ڪجهه ڪين سجھي ٿو
    امڙ ساھھ سان ڪيئن سانڍيو ھو
    بابل مون لاءِ ڇا ڇا خواب ڏٺا ھئا
    جيئن ڪا شھزادي ڪا راڻي
    يا ڪنهن سورھيھ سردار جي ڪنوار ٿيان
    پر ھڪ ڌوتيءَ منهنجو سڱ ڳنڍيو
    ۽ ھڪ بي پرواهه جي مون کي ڪنوار ڪيو
    ائين ھلندي ھئس ڄڻ
    ڪو خواب ڏسندي ھجان
    پندرنهن سورنهن سال به ڪا عمر آ
    جوڀن جواني، سونهن سنهري
    منهن ۾ مڻيا، بدن بيتاب ھو
    ڀانيم ٿي ته ھن سان
    صدين لاءِ ھو ناتو ڳنڍيو
    وقت جي وير چڙھي لھڻ لڳي جڏھن
    ديوتا به ڄڻ ته منهنجي سونهن کان ٿي سڙيا
    ڪئين بهار جون ھوائون گھُليون
    ۽ سانوڻ جا مينهن وٺا
    مندون مَٽيون، وقت اڏامي ويو
    منهن ملوڪ نه رھيو
    بدن جي بيتابي به نه رھي
    اڄ جڏھن نيرو لالٽين ٻاريندي
    سائي رنگ جي بينن تي
    نيري ڪنول جو گيت وڄايان ٿي
    ته ان مان منهنجو ڏک وسي ٿو
    جيئن مينهن وسي سائو سيانگ جبلن تي
    يا بانس جي بينن اندر ڪجھ ٽڙڪي ٿو
    ڄڻ ڪا ڪونج ڪرڪي ٿي!
    پر جو ڪجهه به سڻايان ٿي
    ڪو ڪونه ٻڌي ٿو
    ھي ڪمرو به ته اڄ خالي آھي
    بس پردن تي ڇپيل ھي ڪنول گل آھن
    ھر ستين چنڊ جي ستين ڏينهن تي
    اڀ ۾ ھڪ ڪاپائتي ۽ ھڪ ڌنار
    ڪيئن نه اچي ملن ٿا
    ڪھڪشان جو رستو ڪيڏو مشڪل آ
    پر پوءِ به ملڻ ڪين وسارين ٿا
    ھر سال ساڳئي ڏينهن تي!
    پر جڏھن کان ھو وڇڙيو آھي
    آءٌ ھيڪل وياڪل جيئان ٿي
    ڪھڙي جادوءَ جي پاڻيءَ ھن کي نيو آھي
    ۽ ھـُن پاسي ھو ڇو ماٺ رھيو آھي؟
    ڪٽھڙي تي بيٺي راھه ڏسان ٿي
    جتان ھو ويو ھو سا واٽ ڏسان ٿي
    ڪچڙي گاھه تي ماڪ چمڪي ٿي
    شام جا بادل رمندا وڃن ٿا
    ساون بانس جي وڻن وچان
    اداس پکي ڳائين پيا
    ڏکويلن جو ڪو انت نه آ
    پر مون جھڙو ڏکويل ڪو به نه ھوندو
    جيئڻ مرڻ پنهنجي وس ۾ ناھي
    ھا منهنجي غم جو ڪارڻ ھُو ئي آھي!
    ***


    مارگريٽ – ڊچيس آف نيوڪاسل : انگلينڊ (١٥٢٥ع کان ١٥٧٣ع)

    ھڪ نقاد ھن شاعر لاءِ لکيو ھو ته ”ھن جي غير معمولي شعرن ۾ ھڪ قدرتي ڏات آھي جنهن کي جيڪڏھن سکيا ملي ھا ته اھا چمڪي پوي ھا ۽ سندس شاعريءَ کي تمام مٿاھون مقام ملي ھا.“ ھوءَ پنهنجي ھمعصرن پاران بنهه چري ته نه پر ڪجهه ٿڙيل سمجھي ويندي ھئي. ھن پنهنجي مڙس جي سوانح به لکي ھئي. ان جي باري ۾ ھڪ نقاد لکيو ھو ته ”اسان جي نيوڪاسل جي لارڊ جي کـِل جھڙي تاريخ جيڪا سندس زال لکي آھي، ڏيکاري ٿي ته ھوءَ چري، ھٺيلي ۽ بيھوده عورت ھئي ۽ ھو پاڻ گڏھھ ھو، جنهن ھن کي پنهنجي لاءِ اھو سڀڪجهه لکڻ ڏنو ۽ اھو برداشت ڪيو.“ پر پوءِ چارلس ليمب ان ساڳي تاريخ کي ھڪ ”املھ ماڻڪ“ سڏيو ھو.

    قدرت جو بورچي
    ”موت“ قدرت جو بورچي آھي
    ۽ اسين ڏسون ٿا
    سوين سھڻا انسان، سھڻا ويس وڳا پائي
    ڪيئن قدرت کي ريجھائين ٿا
    پر قدرت جو بورچي – موت
    ڪن کي ٻرندڙ تپ ۾ پچائي ٿو
    ڪن جي جلندر سان جان جلائي ٿو
    ڪي ڳري مري کپي وڃن ٿا
    ڪن جو ست ڪڍي السر سان الجھائي ٿو
    ڪن کي اندر ۾ ڳوڙھا ۽ پيڙا ڏيئي
    جيئري جھنم ۾ جلائي ٿو
    ڪن کي سانڌاڻي وانگر سَنڌي
    ڪن جا سَنڌ سڪائي ٿو
    ڪن کي سوئر جيان شراب ۾ ٻوڙي
    ڪن جا ھڏا بادفرنگ سان ڀوري
    فرينچ سوپ جيان ٽھڪائي ٿو
    ڪن کي ڪوابن جيان ٽانڊن تي پچائي
    ڪن کي غربت جي خوراڪ سان کاري خوار ڪري
    ڪن کي ڪيڪ جيان بيڪ ڪري جيءَ جلائي ٿو
    ڪن کي ٽيئڙ تپ ۾ ھر ھر ماري جياري
    ڪن کي پگھر ۾ شل ڪري نمڪين بنائي ڳاري
    ڪن کي سيئو تپ ڏئي تڙپائي ٿو
    ڪن جا مغز مرگھيءَ ۽ مٿي جي سور سان
    ڪوڙڪن ۾ ڦاسائي ٿو
    ڪن کي پيٽ ۾ ساڙ ڏئي اندر ۾ آڙاھھ ٻاري
    ڄڀ کي پيٽ جي گرميءَ کان سڪائي ٿو
    ۽ تن جي تونس وڌائي نڙيءَ ۾ وڍ وجھي
    ڄڻ ته نسورا رت جا ڍڪ ڀرائي ٿو
    ڪن کي ھرڻ جيان شڪار ڪري سـِِجي بنائي
    ڪن کي ڳائي مال جيان ڪنڌ تي ڪات وھائي ٿو
    ڪن جو نزلو منجھائي، بلغم سان ڀرپور بنائي
    لوڻيل سوئر جيان ٻاڦ ڏئي سيڪائي ٿو
    ”موت“ قدرت جو بورچي آھي!
    ***


    سارجئانا انس ڊي لا ڪروز : ميڪسيڪو (١٦٥٢ع کان ١٦٩٥ع)

    لاطيني آمريڪا جي ادب ۾ وڏن نالن مان ھڪ نالو ھن شاعره جو به آھي. ھيءَ ھڪ نن (راھبه) ھئي پر ته به ھن لکڻ پڙھڻ ۽ دوستن سان ملڻ ترڪ ڪونه ڪيو ھو ۽ گھڻي مشھور ٿي. جڏھن پوبلا جي وڏي پادريءَ ھن کي دنياوي علمن ڏانهن لاڙي جو احساس ڏياريو ته ھن پنهنجي ھڪ مشھور نظم ۾ ان جو جواب ڏنو ھو. جنهن ۾ ھن ”عورتن لاءِ ذھني سجاڳيءَ جي حق“ تي زور ڏنو ھو. پوءِ ھن پنهنجا سڀ ذاتي مشغلا ڇڏي ڏنا. ھڪ وڏي وبا ۾ مريضن جي خدمت ڪندي بيمار ٿي ۽ پوءِ ١٦٩٥ع ۾ مري وئي.
    ھي ھڪ طنزيھ (Satirical) نظم آھي ”پيار“ جي عنوان تي، جيڪو ھن مردن کي مخاطب ٿي چيو ھو:

    ڏوھاري ڪير؟
    اڻ ڄاڻ مَردو! ڇڏي ٿا ڏيو
    عورتن کي بي عقل ڄاڻي
    ڇا اوھين بلڪل نٿا ڄاڻو
    ته ان جو ڪارڻ اوھين پاڻ ئي آھيو

    ھنن کي حقير ڄاڻي پيرن ۾ لتاڙيو
    ۽ پوءِ به ھنن مان چڱائي ٿا چاھيو
    سندن شرم جھڙي حالت جو
    اصل ڪارڻ اوھين پاڻ ئي آھيو!

    ان کان وڌ ڪھڙو ڀوڳ آھي
    جو لاپرواھيءَ جي ڌنڌ سان
    آئينو ڌنڌلائي، پوءِ ڪو چوي
    ته اھو صاف ئي ناھي!
    ***

    اي نقادو! توھان کان سچ ته
    ڪا عورت کٽي ئي نٿي سگھي
    ڪو وٽس وڃي نه سگھي ته چئو
    ”ڏاڍي سخت ۽ سرد آھي“
    ۽ جي ڪو وٽس سولائيءَ سان ھليو وڃي
    ته چئو ته ”ھوءَ چالو، بي شرم
    ھر ڪنهن لاءِ نرم گرم آھي!“
    ***
    آءٌ توکي روڪي به نه ٿي سگھان
    ۽ توکي ڇڏي به نه ٿي سگھان
    توکي روڪڻ لاءِ ڇا ڪريان؟
    ۽ توکي ڇڏڻ لاءِ ڇا چوان؟
    مون کي توسان پيار به آھي
    پر ڪڏھن ڪڏھن ڇو الائي
    دل چوي ٿي آخر تو ۾ ڇاھي؟
    ***
    تون پاڻ کي ڪجهه بدلائي
    نه ته پوءِ مون کي ڪجهه نه چئجان
    جي ويس توکان پاڻ ڇڏائي
    ***
    منهنجي دل توکان باغي آھي
    اڌ دل ڌڪاري ٿي توکي
    اڌ دل کي توسان پيار به آھي!
    ***
    ائين ئي وڙھندي جھڙندي
    رُسندي ٺھندي پيار اسان جو
    پلبو رھندو، جيئندو رھندو.
    ***
    ڀل تون ڪجهه ڏيڻ نه چاھين
    ۽ آءٌ ڪجهه وٺڻ نه چاھيان
    پر تنهنجي ٺلھي ارادي تي ئي
    اعتبار ڪرڻ ٿي چاھيان!
    ***


    اينا ماريا لينگرن

    اينا ماريا لينگرن : سئيڊن (١٧٥٤ع کان ١٨١٩ع)

    ھيءَ اپسالا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جي ڌيءَ ھئي ۽ پاڻ ڪلاسيڪي لاطيني تعليم ورتي ھئائين ۽ شاعري ۽ ڊرامن جي ترجمي جي ڪري گھڻي مشھوري مليس. ١٧٨٠ع ۾ ھن شاعري ڪئي ۽ اسٽاڪ ھوم ۾ رھڻ لڳي جتي سندس مڙس ھڪ اخبار ”اسٽاڪ ھوم پوسٽ“ جو ايڊيٽر بڻيو ھو. جنهن ۾ سندس شاعري ڇپي. ھيءَ ھڪ سٺي ڳائڻي به ھئي ۽ ڪيترائي گيت پاڻ ڪمپوز به ڪيا ھئائين. ھن پنهنجي شاعري ڇپرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو جيڪا سندس مرڻ کان پوءِ ڇپي. ھيءَ پھرين عورت ھئي جنهن کي سئيڊن اڪئڊمي طرفان ساليانو وظيفو ملندو ھو. ھيءَ ويھين صديءَ کان اڳ جي تمام وڏي سئيڊش شاعر ھئي.

    نوان ڪپڙا – نوان رواج

    منهنجي ماسيءَ ھڪ ڏينهن چيو مون کي
    ”جڏھن آءٌ جوان ھئس – ڌيئڙي!
    سال سترنهن سو ٽيھھ(١٧٣٠ع) ڌاري
    سنهڙي ڄاريءَ جي گائون بجاءِ
    ٿلھا اوني ڪپڙا پائي، پاڻ لڪائي
    ھر ڪا عورت ھت ھلندي ھئي
    سرخي پائوڊر، روج لڳائڻ بنان ئي
    فضيلت سان اھا سونهندي ھئي
    ھن وٽ جيڪو ذھن ھوندو ھو
    سو مضبوط سندس ڪپڙن جيان ھو
    پر ھاڻ ته سڀڪجهه بدلجي ويو آھي
    حياتي اھا ساڳي ناھي – ڌيئڙي!“
    ”نوان ماڻھو، نوان فيشن، نوان لاڙا
    سلڪ ٽفيٽا ۽ ٻيا ويس وڳا
    نيون ريتون، نيون رسمون، نيون قرب ڪھاڻيون
    ننڍڙيون نينگريون ۽ مڙسن واريون
    ھوس جي رستي تي ڇڙواڳ رھن ٿيون
    بي شرميءَ، بي حيائيءَ جو ھي دور آھي
    ميڪ اپ، سنهڙي ململ، اگھاڙيون ڳالھيون
    چون ٿا 'ماڊرن وقت آھي،
    ”ھن سان ھلڻو آھي ھٿ ۾ ھٿ ملائي!“
    ***


    ڪاگانو. چيو:جاپان (١٧٠١ع کان ١٧٧٥ع)

    ھيءَ ھائيڪو جي مشھور شاعره ھئي ۽ مشھور شاعر باشوءَ کان ست سال پوءِ ڄائي ھئي.

    ھائيڪا

    سانوڻ وسڪارو
    ھر شيءِ کي بنائي ٿو
    ڪيڏو پيارو
    ***
    گلابي گل تي شبنم ڇاھي؟
    جي وکري وڃي
    پاڻيءَ کان سواءِ ڪجهه به ناھي
    ***
    سرءَ جو چنڊ چمڪي ٿو
    آءٌ وڃان ٿي دور
    ڌارئين آسمان ۾ به مُرڪي ٿو.


    ڪيرولينا پاولوف:روس (١٨٠٧ع کان ١٨٩٣ع)

    ھيءَ پولينڊ جي عظيم شاعر مڪيويز سان پيار ڪندي ھئي، جنهن ھن جي زندگيءَ تي ڏاڍو جذباتي اثر ڪيو. سندس شادي مشھور روسي ناول نگار نڪولس پاولوف سان ٿي، پر ان سان خوش ڪانه ھئي. ھيءَ ھڪ شاھوڪار گھراڻي جي عورت ھئي ۽ ڪيترو وقت ماسڪو ۾ ھڪ ادبي بيٺڪ ھلائيندي ھئي. جڏھن نقادن ھن جي شاعريءَ کي اھميت ڪانه ڏني ته پوءِ ھوءَ بالٽڪ ۾ وڃي رھي. ھڪ ٽھيءَ بعد علامت نگاريءَ جي پوئلڳن ھن کي ڳولي ھٿ ڪيو ۽ ان کي اھا اھميت ڏني جيڪا ھن لھڻي ٿي، ھن جي شاعريءَ جو موضوع ڏکويلن جي ھمت آھي.

    مادام يلٽينف ڏانهن
    تون مون کي چوين ٿي؛
    ”سھڻي، سچي ۽ اتساهه ڀريل
    جوان پيار ڪندڙ ماءُ ۽ سرھي زال!“
    ”مون کان صلاح وٺ
    جو دنيا وڏڙن کان صلاح وٺندي آھي“
    تون مون کي چوين ٿي؛
    ”پنهنجو آواز ھلڪو رک!“
    ڇالاءِ؟
    تون مون کي ڇينڀين ٿي
    ڇالاءِ؟
    آءٌ ڄاڻان ٿي
    تون صرف اعتماد ۽ اعتبار ٿي چاھين
    پر تون مون تي اعتبار نٿي ڪرين
    ڇالاءِ؟
    بي رحم ورتاءُ، سخت رويو
    ڇالاءِ؟
    دل جي خوشي هميشه خشڪ بڻيل
    ڇالاءِ؟
    تون چوين ٿي
    ”آءٌ اھو سھي نٿي سگھان
    تو ۾ ڏسي نٿي سگھان
    مون کي سڀڪجهه پسند ناھي!“
    ڇالاءِ؟
    ۽ آءٌ چوان ٿي
    مون ته اڌوري زندگي گھاري آھي
    دوست چاھيو ھئم
    پر ھي ته ڄڻ منهنجو مالڪ آھي
    شڪ جو شڪار آھيان
    بس توکان پڪ ٿي چاھيان
    مون کي معلوم آھي
    اميد، اعتبار ۽ پيار جو ملهه
    آءٌ ڏسان ۽ پرکيان ٿي تنهنجي دل
    توسان ڪھڙو جھيڙو؟
    مون طوفانن سان جھيڙيو آھي!
    بنان ڊپ ڊاءَ جي انصاف ۽ سچ جو
    مون هميشه خواب ڏٺو آھي
    ڇا تون ناراض آھين مون کان؟
    پر سڙيل دل ھوندي به چپ آھيان
    جذباتيت جي سزا ٿي ڪاٽيان
    زندگيءَ سان به ھر وقت ٿي جھيڙيان
    پر منهنجي اندر سڀڪجهه گم ٿي ويو آھي
    مون سڀڪجهه ڄاڻي، ڪجهه به نه ڄاتو آھي!
    ***


     لارن پاراسڪي: فنلئنڊ (١٨٣٣ع کان ١٩٠٤ع)

    ھيءَ فنلئنڊ جي مشھور شاعر ۽ لوڪ ڳائڻي ھئي، ھن کي ھزارين گيت، نظم ۽ ڏند ڪٿائون ياد ھيون. ھوءَ ڄائي نپني، ٻار پيدا ڪيائين سينٽ پيٽرسبرگ (لينن گراڊ) جي شاھوڪار ٻھراڙيءَ ۾، پر سندس باري ۾ ١٨٧٧ع ۾ معلوم ٿيو، ان کان پوءِ ھوءَ ھيلنسڪيءَ آئي، سندس تصوير به ان دور جي ٻن مشھور فنڪارن ٺاھي ۽ ١٩٤٩ع ۾ سندس ھڪ مجسمو ھيلسنڪيءَ ۾ لڳايو ويو ھو.

    ڌيءَ سان زوري ٿيڻ تي ھڪ ماءُ جا تاثر
    منهنجي ننڍڙي پياري ڌيءَ
    ڌرتيءَ تي بي سڌ پيل آھي
    منهنجي پکيءَ جا پـَـر پٽيل آھن
    ڪاش آءٌ ڄاڻي سگھان ھا
    ته اھو ظالم ڪير ھو؟
    جنهن منهنجي ٻچڙيءَ کي ھيئن سٽيو ھو
    شل ھو ڪينئرو ٿئي
    شل ھن کي ڪو نانگ ڏنگي
    جھنگ جي باھه ۾ سڙي
    ڪنهن گھري ڌٻڻ ۾ ڦاسي
    ڪني پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري!
    ***
    عورت جلد پوڙھي ٿيو وڃي
    سھڻو نه رھيو آ منهنجو چھرو
    لال گلابي جي ھئا، سي نه رھيا منهنجا ڳل
    اڇي اُجري سھڻي کل – آھي ھاڻ ٿڪل
    عمر جھٽ گذري وئي
    جواني بس گذري وئي
    سال ۾ مس ڪو ڇيلو ملي ٿو
    مھيني ۾ ڪو گابو اچي ٿو
    ڇا خدا مون کي ان لاءِ خلقيو
    ته سال ۾ ھڪ ڇيلو کاوان
    مھيني ۾ مس گابو ماڻيان
    اڪثر مڙس جي پاسي ۾ ھوندي
    سڙان پچان ٿي ۽ پڄران ٿي!
    نوٽ: ھن نظم ۾ ڇيلو ۽ گابو مڪاني علامتون آھن.
    ***
    ڪونج اداس آھي
    ڪونج اُداس آھي
    سياري جي سرد پاڻيءَ ۾ ترندي
    اھا اداسي اڃا ته وڌندي
    گھر کان بي گھر جڏھن ٿيندي
    ويتر وسيع دنيا ۾ گھمندي ڦرندي
    مٺڙي پکيءَ جي اداس دلڙي
    جڏھن ڌاريو داڻو چڳندي
    اڃا به روئندي ۽ رڙندي
    ننڍڙي جھرڪيءَ جي ڳچي جيئن ٿڙڪي
    برف جا ڪڻا چـُڳندي
    ان کان به وڌ اُداس آھيان مان
    ان کان به وڌ سيءَ منجھ ٿي ٿڙڪان!
    ***


    چرٽروڊس گوميز ڊي اويلايرا : ڪيوبا (١٨١٤ع کان ١٨٧٣ع)

    (اسپينيءَ ۾)

    ھيءَ پيورٽو پرنسپل ۾ ڄائي ۽ ٢٢ سالن تائين ڪيوبا ۾ رھي. ان کان پوءِ سندس ڪٽنب اسپين لڏي ويو ته ھن پنهنجو مشھور سانيٽ لکيو ”آن ليونا“ يا ”وڃڻ مھل“. ھن ھميشه ڪيوبا سان پنهنجي گھري وابستگي سمجھي ۽ پنهنجي ماتر ڀوميءَ لاءِ پيار جو شاعريءَ ۾ اظھار ڪيو. ھن کي ميڊرڊ ۾ ١٨٤١ع ۾ پنهنجو پھريون ڪتاب ڇپرائڻ سان شھرت ملي ١٨٥٩ع ۾ پاڻ ڪيوبا موٽي وئي جتي پھچڻ سان کيس قومي شاعر واري سڃاڻپ ملي، شاعريءَ سان گڏ ھن ناول ۽ ڊراما به لکيا آھن.

    ”وڃڻ مھل“

    سمنڊ جا موتي، اولھ جا ستارا
    چمڪندڙ ڪيوبا منهنجا پيارا!
    رات وجھي ٿي تنهنجي روشن آسمان تي پردو گھرو
    ڄڻ غم جي بادلن ۾ لڪل منهنجو چھرو
    وڃڻ جي ويل اچي وئي آ
    ھو تڪڙا جھازي سڙھ سنباھين ٿا
    مون کي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ھوا
    پڻ پنهنجو رخ بدلايو آ
    الوداع – منهنجا وطن، منهنجا عدن!
    جي ڪڏھن مون سان قسمت ڪاوڙي
    ته اي منهنجي پياري ڪيوبا جي ڌرتي
    تنهنجو مٺڙو نالو منهنجو من پرڀائيندو
    اھو منهنجي دل ۽ روح کي ريجھائيندو
    الوداع! ھو ڏس سڙھ ڦڙڪي ٿو
    لنگر کڄي ٿو ۽ ونجھ ھلي ٿو
    لھرون ويرون چيريندو
    ڪيڏو ماٺ ميٺ ۾ جھاز وڌي ٿو...
    ***


    روزالٽا ڊي ڪاسٽرو : اسپين (١٨٣٧ع کان ١٨٨٥ع)

    (گيليڪن ٻولي)

    روزالٽا ڪاسٽرو جي شاعريءَ کي تمام گھڻو ساراھيو ويو آھي. دير سان مڃتا مليس. ان جو سبب اھو ھو ته ھن پنهنجي شاعري قومي ٻولي ڪيسٽيلين بدران مادري ٻولي گيليڪن ۾ ڪئي. ھيءَ ڪمپوسٽيلا ۾ ڄائي ھئي ۽ شاديءَ کان پوءِ ڪيسٽائيل ۾ رھائش اختيار ڪيائين، پر ان ۾ خوش ڪا نه ھئي. ھن جي ٻولي سادي ۽ سنئين سڌي آھي پر سندس موضوع غم ۽ فطرت آھن.

    فطرت

    آسمان ۾ سڀڪجهه نيرو آھي
    ڌرتيءَ تي ھر شيءِ سائي آھي
    منهنجي روح ۾ جا گھرائي آھي
    ات سڀڪجهه گھرو ڪارو آھي
    ***
    ڪيڏو نه سھڻو ھي سفر آھي
    ڇا کِل ڀوڳ ۽ خوشي آھي
    پر منهنجي اکين ۾ اڃا تائين
    اھو ئي ساڳيو لڙڪن جو پاڻي آھي
    ***
    ساوڪ ساڻ ڍڪيل
    سھڻي ٻني ڄڻ ٻھڪي ٿي
    ۽ منهنجي سيني ۾
    ڪا باھه اندر ئي ڀڙڪي ٿي.
    ***


    ليليٰ ھنيم : ترڪي (١٨٤٧ع)

    ھن ڪلاسيڪي عثمانيه شاعريءَ جي سکيا مشھور شاعر ڪيڪزاد عزت مولا کان ورتي ھئي. ھن جي شادي ھڪ ھفتو به ڪانه ھلي. پوءِ ھوءَ مولوي ڪانگريس ۾ وڃي شامل ٿي جنهن کي اولھ وارا رولو فقير سڏيندا ھئا. ھيءَ في البديہ شاعري ڪرڻ لاءِ مشھور ھئي. سندس اڪثر شاعري ان وقت جي مَروج اخلاقي قدرن موجب ناپسنديده ھئي.

    ماڻھو ڇا چوندا؟
    ڪندي رھ جو ڪرڻ ٿي چاھين
    پنهنجي پريتم سان جشن ڇونه ملھائين
    نه سوچ ته ماڻھو ڇا چوندا!

    پيئندي رھ جي پيئڻ ٿي چاھين
    پنهنجي پريتم سان شراب سدائين
    نه سوچ ته ماڻھو ڇا چوندا!

    ڪنهن جي پرواھ ڇو ڪرڻ ٿي چاھين
    پنهنجي پريتم سان ٻڌل تون آھين
    نه سوچ ته ماڻھو ڇا چوندا!

    ليليٰ خوشيون ڇو نه ٿي ماڻين
    پنهنجي پريتم سان، دنيا کي ساڙين
    نه سوچ ته ماڻھو ڇا چوندا!
    ***


    ايلزبيٿ بيرٽ برائوننگ : انگلينڊ (١٨٠٦ع کان ١٨٦١ع)

    ھن کي مشھور شاعر رابرٽ برائوننگ جي شاعريءَ سان بي پناھھ محبت ھئي. ھن پنهنجي جواني ميلورن ھلز، ڊيون ۽ لنڊن ۾ گذاري. ڪجهه وقت لاءِ اپاھج به ٿي وئي ھئي. ھن جي پيءُ پنهنجي ڌيئرن کي شادي ڪرڻ کان جھلي ڇڏيو ھو ۽ جڏھن بيرٽ کي برائوننگ سان پيار ٿي ويو ھو ته ان سان ڀڄي وڃي شادي ڪيائين جنهنڪري کيس سندس پيءَ ڪڏھن به معاف نه ڪيو ۽ ھن باقي سموري زندگي اٽليءَ ۾ گذاري. سندس سڀ کان بهترين شاعري ”اروراليهه“ نالي آھي جيڪو ھڪ شاعراڻو ناول آھي، جنهن ۾ ارورا جو مکيھ ڪردار خود ليکڪا جو ڪردار آھي، جيڪو ھڪ شاعره ۽ فلسفيءَ جو ڪردار آھي. ھتي ڏنل ٽڪري ۾ ھوءَ شاعريءَ جو اھو فرض ٿي ڄاڻائي ته اھا حال جي روز مره زندگيءَ جي عڪاس ھئڻ گھرجي.

    ارورا ليهه

    نقاد چون ٿا ته ”ايپڪ“ مري ويا آھن
    مون کي انهن تي اعتبار ڪونهي.
    آءٌ مڃي نٿي سگھان
    ته ھومر جا سورما ٻارنهن فوٽ ڊگھا ھوندا
    آخر ته اھي انسان ئي ھوندا!
    ھن جي ”ھيلن“ جي مٿي ۾
    ڪنهن به مـِس سمٿ وانگي
    آخر اڇا به پيا ھوندا!
    ۽ ”ھيڪٽر“ جو ٻچڙو به رنو ھوندو
    ھن جي ھيٽ جو کنڀ پٽڻ جي لاءِ.
    جيئن گذريل جمعي جي ڏينهن تي
    تنهنجي پٽ کيٽو ڪيو ھو
    ٽرڪيءَ جو کنڀ پٽڻ جي لاءِ!
    ۽ سڀ سورما آخر انسان ئي آھن
    ۽ سڀ انسان امڪاني سورما آھن
    ھر دَور جا پنهنجا پنهنجا!
    ھر سورمو مناسب سگھھ رکي ٿو
    ھر سورمي جا ٻئي رخ به ھوندا
    ھو نيڪ به ھوندو ته بد به ھوندو
    ھو اڳ ڏسندو ته پٺ به ڏسندو
    ھو صبح جي اميد به رکندو!
    ھا پر ائين به آھي ته
    ھر دور ۾ جي روح رھن ٿا
    (ڪارلائل کان پڇي ڏسو)
    تن کي سو بنهه ڪونه وڻي ٿو
    جيئن اسان جو ھي دور ڏسو
    شاعرن جو شعور ڏسو
    دانشور ان کي ڄاڻن ٿا
    آڱر سان نبض سڃاڻن ٿا
    ۽ چون ٿا
    ”ملاوت جو دَور آھي
    پتل ۽ ٽامي جھڙن ڌاتن تي
    سونا ورق چڙھيل آھن“
    شاھوڪار ماضيءَ کان وانجھيل
    پراڻي چوغي ۾ چتيءَ مثل آھي.
    وچ وارو بدلجندڙ دَور بي معنيٰ،
    ان جو سمورو ورثو بي مطلب آھي
    سو ھنن کي ٿو شرمائي
    پر آءٌ ڀانيان ٿي
    ايئن سوچڻ ھڪ ڀل مثل آھي
    صرف غلط سوچون ئي
    ڪمتر شاعريءَ کي جنم ڏينديون آھن
    ھر دور جون پنهنجون گھرجون آھن
    ***


    ايملي برانتي :انگلينڊ (١٨١٨ع کان ١٨٤٨ع)

    ايملي برانتي ڏاڍي خاموش زندگي گذاري، ھوءَ يارڪشائر ۾ رھندي ھئي. سندس گھر جي ويجھو ھڪ قبرستان ھو، جنهن جي چوڌاري وڏو خالي ميدان ھو، جنهن جي خاموشي ۽ پراسراريت ھن جي تخيل تي اثر انداز ٿي ۽ ھن صوفياڻي شاعري ڪئي ۽ سندس شاھڪار ناول”ودرنگ ھائيٽس“ لکڻ جو ماحول پيدا ڪيو.

    اوسيئڙو

    گھر خاموش آھي، سڀ ستل آھن
    برف سان ويڙھيل وادين ۾
    ھر طرف بس بادل آھن
    جي ھوا کان ڊڄي ڊوڙن ٿا
    ۽ واچوڙن سان وکري وڃن ٿا
    ۽ ھوا سان وڻ ٽڙڪن ٿا

    پنهنجي پناھھ گاھھ ۾ خوش ھرڪو
    فرش تي وڇايل نرم گرم غاليچو
    در درين مان ھوا ڪانه ٿي اچي
    ننڍڙو ڏيئو پڻ پيو ٽمڪي
    ان سان پاڇا لرزن ٿا
    آءٌ وٽ کي سوريان ٿي
    جيئن صبح جي تاري وانگي
    مسافرن کي ڏيئو راھھ ڏسي
    ھوا جي جھوٽي وانگي
    ھو ايندو، منهنجو پيارو
    سندر سھڻو ۽ سگھارو
    ھو مون سان پيار ڪري ٿو
    پر اکر به ڪنهن سان ڪين سلي ٿو
    ھو ڪنهن کان ڦاسڻ جو ناھي
    ھن حياتيءَ ۾ ڪيئن سگھندس
    ھن جا ھزارين ٿورا لاھي.
    اي ننڍڙا ڏيئا، ٻرندو رھجان
    جيئن روشني پکڙي چوڏس
    شش – ڪو کنڀ لڏي ٿو
    ڀانيان ٿي ھوا جو جھوٽو ھو
    ھو جنهن جي راھھ نهاريان
    شايد اھو ئي اچي ٿو
    اي پراسرار قوت – تنهنجي سگھھ واھھ واهه
    توکي به شابس ھجي اي منهنجي وفا!
    ***


    ايملي ڊڪنس :آمريڪا (١٨٣٠ع کان ١٨٨٦ع)

    ھيءَ گھڻو وقت پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ اڪيلي رھي. ڪيتري
    ھمٿ افزائيءَ، چئو چواءُ باوجود ھن پنهنجي شاعري پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇپرائڻ ڪانه ڏني. سندس موت کان پوءِ سندس ڀيڻ ليوينا ھڪ پيتيءَ مان سندس ھزارين نظم ڪڍيا جيڪي ھن ننڍڙن ڪاغذ جي ٽڪرن تي، شاپنگ جي لسٽن ۽ رسيدن تي، ٽافين جي پنين تي ۽ لفافن تي لکي ڇڏيا ھئا. ١٨٩٠ع ۾ پھريون ڀيرو اھي ڇپيا ۽ ١٩٥٥ع ۾ سندس سڀ نظم ڪل ١٧٧٥ ھڪ ڪتاب ۾ گڏي ڇاپيا ويا.

    ھيءَ دنيا ۽ ھوءَ دنيا

    مون محسوس ڪيو ھڪ لاش
    پنهنجي ذھن اندر
    ۽ ان جاما تامي روئندي پٽيندي
    ھيڏانهن ھوڏانهن ھلندي
    تان جو ائين لڳم
    منهنجا حواس گم ٿيندا ٿا وڃن

    - ۽ پوءِ جڏھن سڀ ويھي چڪا
    ۽ ھڪ ماتمي نغارو وڳو
    وڄندو رھيو، وڄندو رھيو
    تان جو سمجھيم
    منهنجو دماغ سُنَ ٿيندو وڃي
    ۽ پوءِ کڻندي ٻڌم
    ھنن کي پنهنجو تابوت مٿي
    منهنجو روح ھو ڄڻ ٽڙڪيو
    ساڳين ”لوھي بوٽن“ سان وري
    تان جو ڀانيم
    سارو وايو منڊل ڦرندو ھجي
    ائين لڳم
    ڄڻ ته سمورو عرش ڪو گھنڊ
    ۽ منهنجو وجود ڪَنَ ھجي
    مون خاموشيءَ سان ڊوڙ پڄائي
    آءٌ اڪيلي، تباھه حال
    ۽ ”ھيءَ دنيا“
    ۽ پوءِ عقل جو ھو بُت ڀڳو
    آءٌ پيھندي ويس پاتال ۾
    ھيٺ، اڃا ھيٺ، گھرائيءَ ۾
    ۽ ھر جھٽڪي ۾ ھڪ نئين دنيا ڏٺم
    ائين ختم ٿيندي ويس، ٿيندي ويس
    تان جو ڄاتم
    ”ھوءَ دنيا!“
    ***


    ويھين صدي

    بيلا اخما دولينا : روس (١٩٣٧ع)

    ھيءَ نه صرف روس ۾ پر ان کان ٻاھر به مشھور ھئي. ھن جو جنم ماسڪو ۾ ٿيو ھو. سندس ھڪ شادي ايوجيني پيتو شنيڪو سان ٿي ھئي پر پوءِ ٻي شادي مشھور روسي نقاد ۽ ليکڪ يوري نجيبن سان ڪيائين. ھوءَ پنهنجي ملڪ جي ماڻھن ۾ تمام گھڻي پسند ڪئي وڃي ٿي. ھوءَ مترجمن جي يونين جي ھڪ ميمبر پڻ رھي آھي.

    ڪُنوار

    سھڻن گھنڊيدار وارن تي
    اڇي چمڪندڙ لباس مٿان
    سنهڙي ڄاريءَ جو نقاب پائي
    ڪنوار بنجڻ ڪيئن ٿو لڳي؟
    برف جھڙين ٿڌين منڊين ۾ آڱرين جو ڪنبڻ
    ۽ گلاسن جو ٽڪرجڻ
    سُرڪيون ڀرڻ، ڪيئن ٿو لڳي؟
    آخرڪار دنيا جو مڃي وڃڻ
    دوستن جو گلاب ڏيڻ
    پُٽن لاءِ دعا ۽ ڀوڳ ڪرڻ
    ڳل کي چمي، نئين زندگيءَ لاءِ
    آس ڪرڻ، ڪيئن ٿو لڳي!
    ۽ جڏھن منهنجي اڇي لباس تي
    شراب جو ڳاڙھو رنگ ھارجي
    ان کي داغدار ٿو ڪري
    ته سامھون ميز تي ويھي
    خوشين سان گڏ وسوسن سان
    ڄڻ ته ويڙھجي ٿي وڃان
    ايندڙ لمحن ۾ ڇا ٿيندو؟
    ڊپ ۽ انتظار ۾ ٿي سوچيان
    مٺڙي امان ۽ سندس اکين ۾
    اڻمندائتي مينهن جيان
    ڀرجي آيل آب ٿي ڏسان
    ۽ ھا ڏسان ٿي پنهنجي سھڻي سجايل سيج تي
    پاڻ کي ڪنوار جي سھڻي شاھي ويس ۾
    تنهنجي ويجھو – بنهه پاسي ۾
    تنهنجي اکين ۾ ڏسڻ، توسان پيار ونڊڻ
    سڀڪجهه ڄڻ ته خواب ٿو لڳي
    اھو سپنو ناھي ساڀيان آھي
    ساجن! ان کان وڌ تو ۽ مون کي ڇا کپي؟
    ***


    مارگٽ ڪافڪا : ھنگري (١٨٨٠ع کان ١٩١٨ع)

    ھيءَ ناگيڪاروليءَ ۾ ھڪ اھڙي خاندان ۾ ڄائي جيڪو پھرين تمام شاھوڪار ھو پر پوءِ تمام غريب ٿي ويو ھو. پيءُ جي مرڻ وقت ھوءَ صرف ڇھن سالن جي ھئي. ھن ڪانوينٽ اسڪول ۾ تعليم ورتي ۽ بڊاپسٽ جي شھر جي ھڪ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. سندس پھريون شاعريءَ جو ڪتاب ١٩٠٣ع ۾ ڇپيو جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ١٩١٨ع ۾ ھوءَ ۽ سندس پٽ انفلوئنزا جي وبا پکڙجڻ سبب گڏ مري ويا. ھن کي ھنگريءَ جي تمام وڏي ليکڪا سمجھيو وڃي ٿو.


    منهنجا مٺڙا بابلا!

    ھو چون ٿا ته ھن جون وڏيون عجيب اکيون
    قيمتي ھيرن جھڙيون ۽ نراليون ھيون
    جيڪي ڏور پولارن ۾ نهارينديون ھيون
    ھو ڪنهن گلن جي ٻاري تي جھڪي
    گلن جي خوشبو، نازڪ پنکڙين بابت
    اڌ ڏينهن ڳالھائي ٿي سگھيو
    ھن عورت ۾ صرف ان جو روح ٿي ڳوليو
    ھن کي شوق ھوندو ھو
    تصويرن، ڪتابن ۽ اڻلڀ شين ڳولڻ جو
    ھن جي دسترخوان تي سدا
    عجيب رونق رھندي ھئي
    ڪرسٽل جي قيمتي گلاسن ۾
    پراڻي مڌ جي مھڪ مچندي ھئي
    ھن جا پراڻا خادم خاموشيءَ سان اھو
    مھمانن کي پيا پياريندا ھئا
    وقت جو ڦِيٿو ڦرندو رھيو
    حالتون ابتر ٿينديون رھيون
    ملڪ جا سڀ امير امراءَ
    خوشامد سان سرخرو بنجي
    وڌندا ويا وڌندا ويا
    ٽھڪ، ڀوڳ ۽ گوڙ ھر طرف
    ھو چُپ چاپ ڏسندو رھيو
    چپ سبيل، اکين ۾ اداسي اٽڪيل
    ھن کي لڳو، ھو اڪيلو ھو
    ھن جي سڏ تي اچڻ وارو بس
    ھن جو پالتو پلونگڙو ھو
    اھو ئي ھن جو ساٿي
    اڪيلائيءَ ۾ چپ چاپ ھن جي ھنج ۾
    ڪنڌ لاڙي سمھندو ھو
    صبح جي گھميل مست ھوا ۾
    ھنن بس ھڪ ٻئي کي ٿي ڏٺو
    تن ڏينهن ۾ مون جنم ورتو ھو
    ھو چون ٿا ته ھن جون وڏيون عجيب اکيون
    بس پوءِ صرف وڃي مون ۾ کتيون
    آءٌ ھن جي اکين جي روشني بڻيس
    مون لئھ ھن ٻيا سڀ گل وساري ڇڏيا
    ۽ منهنجي سھڻي چٽيل ھندوري مٿان
    ھن پنهنجي ڪئي ھئي ڇانءَ
    ڄڻ ھجان چينيءَ جو ڪو نازڪ ٿانءُ
    مون کي سنڀالي، ھر ھر مون ڏانهن نهاري
    ھن پاڻ کي ٿي پرڀايو ڄڻ،
    ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن جڏھن
    مون پھريان اکر لکڻ سکيا ھئا
    ھن منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪيو
    ”شابس منهنجي ٻچڙي
    وڏي تون ٿيندينءَ
    دنيا ۾ ڪم ايندئي اھي ئي“
    ۽ پوءِ اھا نڀاڳي نينگر بيمار ٿي پيئي
    ۽ منهنجو ابو به ڊڙجي پيو
    ھن کي پنهنجو انت ٿي سُجھيو
    ان وقت ھو ايترو ئي ھو
    آءٌ آھيان ھينئر جيتري
    ھن کي ھر وقت منهنجي ڳڻتي ھئي
    مون کي ڏسي ھٿ مھٽيندو ھو
    ۽ ھڪ ڏينهن پيار مان منهنجو ھٿ وٺي
    ڏڪندڙ آواز ۾ ھئائين چيو
    ”الاءِ ڇو تنهنجو اڳ ۾ مون نه سوچيو
    ڇونه پنهنجي ھٿ کي مون روڪيو
    ھاڻ تولاءِ مون وٽ فقيريءَ کان سواءِ
    ٻيو ته ڪجهه به ناھي بچيو“
    منهنجا مٺڙا بابلا!
    ڪاش تون ڄاڻي سگھين ھا
    مون کي ڪجهه به نه گھربو ھو
    بس مون کي تنهنجي سار رھندي ھئي
    تنهنجي قبر تي لڳل مرمر جو ڪتبو
    ۽ ان تي لکيل سنهري اکر سمورا
    سڀ ڪجھ وقت جي وير سان لڙھي ويو
    مون به سالھا سال ڇا ڇا نه ھو سٺو
    ڪيئي طوفان، آفتون ۽ جٺيون
    منهنجي حياتيءَ سان ھيون ڪٺيون
    پر منهنجا مٺڙا بابلا!
    ڪاش تون ڄاڻي سگھين ھا
    اڄ مون وٽ آھي تنهنجو
    ھي چمڪندڙ اکين وارو پيارو ڏوھٽو
    تنهنجي ننڍڙي نينگر جي ڪک مان
    آھي جنهن جنم ورتو،
    ڪاش ھن جون تون اکيون ڏسين ھا
    جي آھن تو مون کان جدا
    ۽ جي ڪڏھن ڪي طوفان اچن
    ته ھي دنيا کي جيئن ڏسندو
    تيئن ھو تو ڏٺو نه مون ڏٺو!

    تنهنجي عمر منهنجي عمر جيڏي ھئي
    توکي ڌرتيءَ اندر سُتي آھن ڪيئي سال لنگھيا
    تنهنجا سنهري اکر سمورا لڙھي ويا
    او منهنجا مٺڙا بابلا!
    اڄ وري تنهنجي ياد وري آ
    اڄ وري ٿي توتي گل چاڙھڻ اچان
    زندگيءَ ۾ ڪيڏو گھمسان آ
    بابلا سچ ته ڏاڍي ٿڪجي پئي ھان!
    ***


    ويسنا پارون : يوگو سلاويا (ڪروشين) (١٩٢٢ع)

    ھيءَ زلارٽن جي ٻيٽ تي ڄائي ھئي جيڪو سائبنيڪ جي ويجھو آھي. ھيءَ شاعريءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق آھي. جنگ کان پوءِ واري دور جي ڪروشيائي شاعرن جي ٽھيءَ سان واسطو اٿس.

    انسان جي ماءُ

    امڙ! مون کي ڄڻڻ بدران
    ڪاري مٽي ڄڻين ھا ته چڱو ٿئي ھا
    ڪو رڇ، ڪو نانگ ڄڻين ھا
    ته به سـُکي ھجين ھا!
    منهنجي منهن چمڻ بدران
    ڪو پٿر چمين ھا
    ڪاش ڪنهن عورت جي ٿڃ بدران
    آءٌ ڪنهن جانور کي ڌايان ھا
    ڪو پکي ڄڻي به تون ماءُ ھجين ھا
    ٻچڙي کي ڪوڙي ۾ ڪري تون خوش ٿين ھا
    ڪو وڻ ڄڻين ھا ته اھو به بهار ۾ ٽـِڙي ھا
    ليمو ھجي ھا ته گل جھلي ھا
    گاھھ ھجي ھا ته تنهنجي گيت سان سائو ٿئي ھا
    ڪنهن گھيٽي جي ماءُ ھجين ھا ته اھو پيرن ۾ ليٽي ھا
    تون جھونگارين ھا يا روئين ھا
    ته تنهنجا ٻچڙا ٻڌي روئن ھا
    اڄ تون اڪيلي آھين
    قبرن سان ڏک ٿي اورين
    ھيڪل وياڪل جھرين مرين ٿي
    سچ ماڻھو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آ
    ماڻھوءَ جو ڀاءُ، ماڻھو نه، پر چاقو آ!


    رڪارڊا ھـچ : جرمني (١٨٦٤ع کان ١٩٤٧ع)

    ھيءَ برنسوڪ ۾ ڄائي ۽ زيورچ يونيورسٽيءَ مان تاريخ ۾ ڊگري ورتائين، ٻھ شاديون ڪيائين.، پھرئين مڙس کي طلاق ڏيئي پنهنجي سوٽ سان شادي ڪيائين جنهن کان به ڌار ٿي وئي. ھن کي جرمنيءَ ۾ ٢٠ هين صديءَ جي اھم ليکڪا مڃيو ويو آھي. ھن شاعريءَ کان سواءِ ناول، تنقيد ۽ تاريخ به لکي ۽ مارٽن لوٿر جي عقيدي ۽ انجيل بابت مضمون به لکيا. ھن جو واسطو اٽلي ۽ جرمنيءَ جي مشھور تحريڪن سان رھيو ۽ ھڪ ناول مزدور طبقي جي زندگيءَ بابت پڻ لکيائين. ھيءَ اٽليءَ ۽ جرمنيءَ جي ڪيترن شھرن ۾ رھي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ميونخ ۾ رھڻ لڳي ھئي.

    دوزخ ۾ داخل ٿيڻ تي

    دوزخ جي گفا ۾
    ھڪ نئين مھمان قدم رکيو
    ”ڀلي ڪري آئين ڪامريڊ
    چئو تنهنجو نالو ڇا ھو“
    سھڻي ڌرتيءَ تي؟
    روشن سج جي خبر ڏي
    گلابي گلن جي ڳالهه ڪر!
    ڇا اڃا به آڪاس تي
    ننڍڙا پکي خوش ٿي اڏامن ٿا؟

    ”چانڊوڪيءَ ۾ ھٿ ھٿ ۾
    پيار ڪندڙ جوڙا ڏٺا ھوندئي
    اسان جي قبرن تي ماتم ڪندي
    ڏيئا ٻاريندي پيارا ڏٺا ھوندئي!“

    ”تنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙھا
    ائين وھي توکي ھلڪو ڪن ٿا
    جيئن مارچ مھيني ۾
    برف ڳاري ڇڏيندي آھي ھوا“

    ”ھا بهار جي سندر مند ۾
    مون کي زوريءَ اماڻيو ويو آ
    ۽ پاڻ سان گڏ ھن گفا ۾ مون
    پنهنجي سيني تي پيل ھارن مان
    بنفشي جي گلن جي سرھاڻ آندي آ“.
    ***


      ايلس لسڪر شلر : جرمني (١٨٦٩ع کان ١٩٤٥ع)

    ھيءَ ھڪ وچولي طبقي جي يھودي گھر ۾ ڄائي، ٢٥ سالن جي عمر ۾ برلن جي ھڪ ڊاڪٽر سان شادي ٿيس، جنهن مان ھڪ پٽ پال نالي ھئس جيڪو آرٽسٽ ھو ۽ ٢٨ سالن جي عمر ۾ سلھھ جي مرض وگھي مري ويو. ھن جو پھريون شاعريءَ جو ڪتاب ”اسٽڪس“ نالي ١٩٠٢ع ۾ شايع ٿيو. ھيءَ اظھاريت واري تحريڪ ۾ نمايان رھي. ١٩٢٠ع ۾ ھن جون لکڻيون ١٠ جلدن ۾ شايع ٿيون ۽ ھن کي ڪليسٽ انعام به مليو. ١٩٣٨ع ۾ نازين جي ڊپ کان ڀڄي سئيزرلئنڊ ۽ پوءِ فلسطين پھتي جتي سندس آخري ڪتاب ١٩٤٣ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو نالو ھو”ماءِ بلو پيانو“. يروشلم ۾ وفات ڪيائين.

    وطن جي ياد

    آءٌ نٿي ڄاڻان ۽ سڃاڻان
    ھن ڌارئين ديس جي ڌارين ٻولي
    ان جو لھجو منهنجو پنهنجو ناھي،
    آڪاس ۾ رلندڙ بادلن کي
    ڇا چوان – نٿي ڄاڻان
    ھتان جي رات لڳي ماٽيلي ماءُ جيان
    فرعون جي ھنن ٻيلن ۾ گھمندي سوچيندي
    وطن جي تارن جي تصور کي ٿي چمان
    منهنجا چپ چمڪي ٿا پون ھت
    ان ڏورانهين ڏيھھ جي ٻولـِي ٻولي
    اي منهنجي ڌرتي، تنهنجي ھنج ۾ مان
    ڄڻ ڪو تصويرن جو ڪتاب ھجان
    پر تنهنجي سھڻي چھري جي اڳيان
    منهنجا لڙڪ پردو وجھي ٿا ڇڏين،
    منهنجي سھڻن پکين جا پر ڪٽجي ويا آھن
    باغ جي وڻن ۾ آکيرا پٿر بڻجي ويا آھن
    منهنجن اباڻن جي قبرن جي ڪنهن بي حرمتي ڪئي آ
    سندن دعائون پوتر نديءَ ۾ لڙھي ويون آھن!


    نييلي ساچس : جرمني (١٨٩٠ع کان ١٩٦٩ع)

    ھيءَ برلن ۾ ڄائي. سندس شروعاتي لکڻيون رومانوي روايت موجب ھيون پر پوءِ نازين جي دور ۾ انهن ۾ ڦيرو آيو. جڏھن ھوءَ ١٩٤٠ع ۾ سئيڊن ڏانهن ڀڳي ته پوءِ ڪنهن حد تائين ان ھلچل کي قبول ڪري ورتائين ۽ اھو ئي سندس شاعريءَ جو موضوع بنجي ويو. ١٩٦٦ع ۾ اسرائيلي ليکڪھ ايس واءِ ايگنان سان گڏ ادب جو نوبل انعام مليو ھئس. تجريدي انداز ۾ ھڪ نظم ھت ڏجي ٿو.

    تجريدي نظم

    جاڳائيندڙ
    پکين جا آواز
    رات جي کوھھ مان
    وقت پاڻيءَ سان وھندڙ
    شام – صبح جو تارو
    ڦڪو ٻج
    ڪنڊن سان ڀريل
    زندگيءَ ۾ موت داخل
    ڳنئون ۽ گابو
    گرم واڙي ۾ بيٺل
    تخليق جي ابتدا جو
    سونهري ڊپ اکين ۾ کتل
    ***


    انجيبارگ باچمئن : آسٽريليا (١٩٢٦ع کان ١٩٧٣ع)

    ھيءَ ڪيرينيٿا ۾ رھندي ھئي ۽ ويانا ۾ فلاسافيءَ جي تعليم ورتائين ڊاڪٽريٽ لاءِ ھن وجوديت جي مارٽن ھيجر جي فلسفي تي ڪم ڪيو. ھيءَ روم، آمريڪا، ميونخ، زيورچ ۽ برلن ۾ به رھي ۽ پنهنجي شاعري ١٩٥٣ع ۾ شايع ڪرايائين. ھن تمام گھڻي شاعري ڪئي ۽ نثر به لکيو جنهن ۾ ڊراما به شامل آھن. ھن کي ١٩٦٤ع بڪنر (Buchner) انعام به مليو ھو.

    رواجي روز مره زندگي

    جنگ اڃا بند ناھي ٿي
    روزاني زندگي رواجي ناھي رھي
    سورما جنگ کان دور آھن
    ۽ ھيڻا پڙ ۾ چور آھن
    صبر جو يونيفارم ٺاھي
    نوڙت جي تارن سان سجائي
    اميد جو لباس بنائي
    سڀني کڻي پاتو آھي
    اميد! جيڪا ملندي آھي
    جنگ جي نغارن جي ماٺ سان
    جڏھن دشمن گم ٿي وڃن
    ۽ ھٿيارن جا پاڇولا
    آسمان کي ڍڪي ڇڏين.
    اميد! جيڪا ملندي آھي
    جھنڊو ترڪ ڪرڻ سان
    دوست جي منهن ۾ ڌڪ ھڻڻ سان
    رازن جون غداريون ڪرڻ سان
    رواجي روزاني ھلت خلاف ھلڻ سان


    ايڊٿ سوڊر گران : فنلئنڊ (سئيڊش ٻوليءَ ۾) (١٨٩٢ع کان ١٩٢٣ع)

    ھي سينٽ پيٽرس برگ (لينن گراڊ) ۾ ڄائي ھئي. ھن جا مائٽ سئيڊش ٻولي ڳالھائيندڙ ھئا، جن جو فنلئنڊ ۾ ھڪ ننڍو نسلي گروھھ رھندڙ ھو. کيس سئيڊش ٻوليءَ جي ادبي روايت جي گھڻي ڄاڻ ڪانه ھئي. روسي انقلاب کان پوءِ ھن روسي سرحد وٽ پناھھ ورتي، غربت ۾ وقت گذاريو. ھن جي شاعري ھيلسنڪيءَ ۾ شايع ٿي. ھيءَ بک ۽ سلھھ جي بيماريءَ وگھي مري وئي ھئي. سندس موت کان پوءِ ھن کي سئيڊش ٻوليءَ جي ھڪ سڌاريندڙ جي حيثيت ۾ فنلئنڊ ۽ سئيڊن ۾ تمام گھڻو ساراھيو ويو ۽ وقت گذرڻ سان وڌيڪ مشھوري مليس.

    ھڪ فيصلو

    آءٌ ھڪ ڏاھي عورت آھيان پر ڪو به مون کي نٿو سڃاڻي
    منهنجا دوست به نه!
    ھو مون بابت غلط رايو رکن ٿا
    آءٌ ڪا بي ھمت عورت ناھيان
    ڪنهن شڪاري پکيءَ جي چنبن سان
    مون بي ھمتيءَ کي توريو آھي
    اي باز! تنهنجي پرن جي اڏام ڪيڏي نه پياري آھي
    ڇا تون به ھر ٻي شيءِ وانگي ماٺ ٿي ويندين
    شايد تون به شاعري لکڻ ٿو چاھين؟
    تون ڪڏھن به شاعري ڪونه لکي سگھندين
    ھر ھڪ نظم ٻئي کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو
    ۽ پوءِ ڪو به نظم نه بچندو
    بس جي ڪجهه باقي رھندو
    ته اھي شڪاري پکين جي چنبن جا نشان ھوندا!
    ***


    ماريا وائين : سئيڊن (١٩١٢ع)

    ھن شاعر عورت جو پھريون ڪتاب ١٩٤٣ ۾ ڇپيو، جنهن جا ٣ ٻيا جلد چاليھن جي ڏھاڪي ۾ شايع ٿيا، جن کيس ھڪ اھم ليکڪا طور سڃاڻپ ڏني. ١٩٥٠ع کان وٺي ھن جي شاعريءَ جا ڪل ١٢ جلد ڇپجي چڪا آھن. ھن ڪجهه نثر به لکيو آھي. ھن جي شادي سئيڊن جي ھڪ اھم نقاد آرٿر لنڊ ڪوسٽ سان ٿيل آھي.

    عورت ۽ جنگل

    اي عورت، تون جنگل کان ٿي ڊڄين؟
    جڏھن به تون اوندهه ۾ گھوري ٿي ڏسين
    ته آءٌ اھو تنهنجي اکين ۾ ڏسي ٿي سگھان
    ڪنهن ڊنل جيوَ جي اکين ۾ موجود ڊپ جيان.
    اي عورت، تون ته پاڻ جنگل آھين
    عجيب ۽ گھرو، ۽ آءٌ ته ڀانيان ٿي
    تون پنهنجو پاڻ کان ئي ڊنل آھين


    مون کي پيار ڪر

    مون کي تون پيار ڪر
    پر ايڏو ويجھو نه اچ
    خوشيءَ سان پيار کي ڄاڻڻ لاءِ
    ۽ ان جو مزو ماڻڻ لاءِ
    ٿورو فاصلو ضروري آھي.
    منهنجي ريشمي ڀورن وارن کي
    ڇوڙي ڇڏ ته اھي آزاد ٿين
    ***

    پوڙھا ماڻھو

    پوڙھا ماڻھو ڪو نه جوڙيندا آھن
    مستقبل لاءِ نوان منصوبا
    اھي ٻئي ٽئين ڏينهن تي
    ڪا ڳالهه ڪونه ڇڏيندا آھن
    شام جي پھر ھو بخاري ۾
    پراڻا خط ويھي ساڙيندا آھن
    ۽ ھر نئين ڄاول صبح تي
    خدا جو شڪر بجا آڻيندا آھن
    پنهنجي گذري ويل حياتيءَ جو
    جنهن جو رنگ روپ نه رھيو ساڳيو
    موت جو نالو وٺڻ کان ھرڪو
    ھنن کي جھليندو آھي
    جنهن سان ويتر من ھنن جو
    وياڪل وياڪل ٿيندو آھي
    ھو ڪنهن سان به ڪڏھن
    ان اڻٽر مھل موقعي بابت
    ڳالھائي ڪين سگھندا آھن!
    ***


    سيسل بيبڪر : ڊينمارڪ (١٩٢٧ع)

    ھيءَ فريب ريڪا شھر ۾ ڄائي، ڪجهه وقت چانديءَ جو ڪم ڪيائين. ١٩٥٣ع ۾ شادي ڪيائين ۽ چار ڌيئرون اٿس جن مان ٻھ سندس ايٿوپيا ۾ ترسڻ دوران نپائڻ لاءِ ورتل آھن! ھن جي شاعريءَ جا چار مجموعا آھن، ھڪ ناول، ھڪ ڊرامو ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون، ٻارن جا ڪتاب ۽ ريڊيو ڊراما پڻ لکيا اٿس. ھن کي ڪيترائي انعام پڻ ملي چڪا آھن.

    ڪاوڙ جي ٻني

    ٻچڙا! تون پنهنجي ڪاوڙ جي ٻني کڻي ڪيڏانهن ويندين؟
    جڏھن ته رستن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ پکڙيا پيا آھن
    ۽ توکي سزا کان وڌ ان ڪاوڙ جو ڊپ آھي.
    ٻچڙا! تون پنهنجي نفرت جو ٻج کڻي ڪيڏانهن ويندين؟
    جڏھن ته تنهنجي ماءُ به تنهنجي خلوص کي نٿي سمجھي
    ۽ اجنبي ماڻھو تنهنجي راندين تي کلندا ٿا رھن،
    تون ھڪ دٻي ۾ مٽيءَ کي پکيڙي
    پنهنجي لاءِ ھڪ ٻني ٺاھي وٺ
    ۽ ان ۾ پنهنجي ڪروڌ جو پھريون ٻج پوکي ڇڏ.
    ڇا تون مرده گڏن گــُڏين سان راند ڪندين؟
    دنيا ۾ سچ ڳالھائيندڙ ماڻھن کي ٻڌائي ڇڏ
    ته اھي تنهنجي پوکيل نفرت کي ضرور لڻي وٺن
    ۽ تنهنجو منهن ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي
    تنهنجي ڪاوڙ جي ٻنيءَ ۾ ھر ھلائي ڇڏين!
    ***


    اسٽرڊ - ٽالفسين : ناروي (١٨٩٧ع کان ١٩٧٣ع)

    ھيءَ پور سگرين ناروي ۾ ڄائي ھئي ۽ ھڪ آفيس ۾ ڪم ڪندي ھئي. پنجاھھ سالن جي عمر تائين سندس شاعريءَ کي ڇاپڻ لاءِ ڪنهن به قبول ڪونه ڪيو پر جڏھن اھا ڇپي ته سندس ٻئي جلد اچڻ تائين ھوءَ ناروي جي جديد ليکڪن ۾ اھم بنجي ويئي. مالي پريشانين سبب ھن نوڪري ڇڏي سمورو وقت لکڻ کي ڏنو ۽ ڪتاب ڇپرائڻ لڳي. سندس ڪل ١٤ جلد ڇپيل آھن.

    ڪم وارو صبح

    شيون پنهنجا گڏيل نالا ڪونه ٿيون ڄاڻن
    ڪتابن کي خبر ڪانهي ته منجھن ڇاھي
    سگريٽون پنهنجو اثر نٿيون ڄاڻن
    ٽائپ رائيٽر کي ھٿن جي ڪھڙي خبر
    وائلن ماٺ ۾ به خوش ڇو آھي
    ھن کي پنهنجو دماغ جو ناھي
    اھي ڀلا ڇا ٿا سوچي سگھن،
    صبح جي پھرئين سگريٽ جي
    مھڪ ۽ چمڪ وڻي ٿي
    اڻ ڄاڻ، اڻ ڌريا، اڻ گھريا خاموش
    اڻ محسوس، اڻ چرندڙ وجود
    ڪيئن نه ھڪ ٻئي کي ويجھا آھن!
    ***


    اينجلا فگيرا : اسپين (١٩٠٢ع)

    ھيءَ بليوا ۾ ڄائي ۽ اتي ئي اسپيني لٽريچر جي پروفيسر ھئي.

    عورتون – مارڪيٽ ۾
    اڌڙوٽ عورتون ياعمر
    ڄڻ کارو پاڻي، چن جو پٿر
    پراڻي زنگيل عينڪ اندر
    اکيون پيٺل برف جيان سرد نظر
    وار خشڪ منجھيل ۽ وکريل
    نسن ۾ کارو رت ڄميل
    صبح سويري سودي لاءِ نڪرنديون آھن،
    ھر شيءِ جي نوس نوسان کوٽ کوٽان
    داغيل ٽماٽا، ڳريل نارنگيون ڳولينديون آھن
    ڪوماڻل ڌپ ھاڻيون ڀاڄيون
    سڙيل ٻـُوٽيون مٽيءَ جھڙيون
    ڪاري ٿيل جيرانڊي ڳنهنديون آھن،
    مُلھ ڏيڻ مھل اھي ويچاريون
    تر تائين ھٿ سان ڦولي
    ميري ٻٽونءَ مان پئسا ڳولي
    پڇاڙڪي پائي جڏھن ڪڍنديون آھن
    ته ڄڻ ڏک ۾ پيون ڏڪنديون آھن
    ساڻن سدائين ھڪ ٻار ھوندو آ
    ميرو گدلو، وار منجھيل
    نڪ پيو جنهن جو وھندو آ
    سڻڀي چولي ۾ ھٿ وجھي ھلندي ھلندي
    ٽول وٺي ڏيڻ جي کيٽي ۾ سو
    رون رون رون روئندو رھندو آ
    يا ڪو ڦٿل ڪيلو صوف وغيره
    چوسيندو گگون ڳاڙيندو ويندو آ
    سندن اڱڻ به عجيب ھوندا آھن
    جن ۾ ڪتن، ٻارن ۽مکين جي گھڻائي
    ۽ جھيڙاڪ پاڙيسرين جي جھڪ جھڪ ھوندي آ،
    جت ڪاٺين جي دونهين، ميرن ڪپڙن جي ڍير کان سواءِ
    تماڪ پگھر ۽ شراب جي ڌپ ھاڻو ھڪ ماڻھو
    چاٻا ڏيندي، قسم کائيندي ٿڪيندو رھندو آ
    ھو ھر رات ميري ڌپ ھاڻي ھنڌ ۾
    بنان پيار ڪرڻ، مٺا ٻول ٻولڻ جي، وحشي بنجي
    حيوانن وانگي بي صبريءَ سان
    ھن جي پيٽ کي ڄڻ ته سزا ڏيندي
    ان ۾ ھڪ نئون ٻج ڇٽيندو آ
    ۽ ھڪ ورچائيندڙ نئين ٻوجھھ جو ڊگھو عرصو
    ھن کي ڀوڳڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو آ
    نه نه، مان انهيءَ جي ڪارڻ تي نٿي سوچيان
    ائين ڇو آھي، اھو پڻ نٿي سوچيان
    پر زندگي صرف اھا ئي ڪانهي
    ھن ڪائنات جا ٻيا ڪئين رخ آھن
    حياتيءَ جا سھڻا سوين رنگ آھن!
    ***


      نگار ھنيم : ترڪي (١٨٦٢ع کان ١٩١٨ع)

    ھيءَ ھڪڙي عثماني بادشاھ جي ڌيءَ ھئي. ستن سالن جي عمر ۾ ھڪ فرينچ اسڪول ۾ داخل ٿي. چوڏھن سالن جي عمر ۾ شادي ٿيس، ڪيترائي سال ناخوش زندگي گذارڻ کان پوءِ آخر طلاق مليس. ھن کي مشرقي ۽ مغربي ثقافتن جي چڱي ڄاڻ ھئي ۽ ڪيتريون ئي ٻوليون پڻ ڄاڻندي ھئي. ھن شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپرايا ۽ ھڪ ڪتاب ادبي خطن جو پڻ ڇپايائين. ھڪ ڪتاب نثر جو ۽ ھڪ ڊرامن جو پڻ ڇپيس، جيڪو ٽن ايڪٽن تي ٻڌل ھو. ١٩٥٩ع ۾ سندس آتم ڪھاڻي پڻ ڇپائي وئي.

    مون کي وري ٻڌاءِ!
    ڇا آءٌ ئي تنهنجو اڪيلو پيار آھيان
    سموري دنيا ۾ ھن مھل تائين؟
    ڇا آءٌ ئي تنهنجي محبت جو
    سموري حياتيءَ ۾ واحد مرڪز آھيان
    ڪائنات جي ھن ڪنڊ کان ھن ڪنڊ تائين؟
    تنهنجي دل ۾ جي پيار جا اڌما اٿن ٿا
    ڇا اھي سڀ صرف مون لاءِ آھن؟
    مون کي وري ٻڌاءِ!

    مون کي تون ٻڌاءِ ھينئر
    تنهنجا سڀ غم اداسيون ۽ فڪر
    احساس ۽ جذبا، پيار ۽ ذڪر
    ڇا سڀ صرف مون لاءِ ئي آھن؟
    مون کي وري ٻڌاءِ!

    مون وٽ ھليو آ منهنجا پيارا
    مون تي اعتبار ڪري ڏئي ڇڏ مون کي
    پنهنجا تون ڏک سمورا،
    توکي ڪنهن ڏکويو آھي
    مون کي وري ٻڌاءِ!
    ***


    راحيل : اسرائيل(عبراني ٻوليءَ ۾) (١٨٩٠ع کان ١٩٣١ع)

    راحيل بلاسٽين، جيڪا صرف راحيل جي نالي سان مشھور آھي، روس ۾ ڄائي ھئي پر ١٩٠٩ع ۾ فلسطين لڏي آئي جتي ھوءَ زراعت سان وابسته ٿي ڪم ڪرڻ لڳي ۽ بنيادي تجرباتي مشترڪ آبادي(ڪميونل اسٽيبلشمينٽ) ۾ حصو ورتائين! پھرين مھاڀاري لڙائيءَ ۾ يورپ ۾ ھن چتر ڪاري ۽ زراعت جي سکيا ورتي ۽ روس ۾ يھودي پناھگيرن جي ٻارن کي پڙھائيندي ھئي. جنگ کان پوءِ وري فلسطين آئي جتي سلھھ وگھي مري وئي.
    پنهنجي وطن لاءِ
    مون تنهنجي ساراھھ جا گيت نَٿَي ڳايا
    بهادريءَ جي ڪھاڻين ۾
    يا جنگ جي تباھين ۾
    مون تنهنجو نالو به روشن ڪونه ڪيو آ
    مون صرف اردن جي خاموش ساحل تي
    ھڪڙو وڻ پوکيو آ
    تنهنجن ميدانن ۾
    ھڪڙو ئي دڳ ورتو آ
    امڙ ڌرتي! ڄاڻان ٿي ته اھو ڪجهه به ڪونهي
    سڀ سمجھان ٿي پر تنهنجي ھيءَ ڌيءَ
    ڀلا ان کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇاٿي سگھي؟
    ته ھڪ روشن ڏينهن تي
    دل کولي ٽھڪ ڏئي کلي
    ۽ تنهنجي محروميءَ تي
    لڪي لڪي روئي ۽ تڙپي.
    ***


    ليهه گولڊ برگ : اسرائيل (عبراني) (١٩١١ع کان ١٩٧٠ع)

    ليهه گولڊ برگ، لٿونيا ۾ جنم ورتو ۽ ھڪ عبراني درسگاھھ ۾ پڙھي ۽ سامي ٻولين ۾ بون يونيورسٽيءَ مان ١٩٣٣ع ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. ان کان پوءِ فلسطين لڏي ويئي، جتي ھن ھڪ صحافي ۽ مترجم جو ڪم ڪيو پوءِ يروشلم جي عبراني يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿي.
    ھڪ شاعر ۽ عالم جي حيثيت ۾ ھن يورپ جا ڪيترا ئي ادبي رجحان عبراني ٻوليءَ جي ادب ۾ آندا. ھن جي شاعري ۽ ٻارن لاءِ تخيلاتي ڪتاب تمام گھڻا مشھور آھن.

    منهنجي ماءُ جو گھر
    منهنجي ماءُ جي ماءُ مري وئي
    زندگيءَ جي بهار جي وچ ۾
    ھن جي صورت اڪريل ھئي
    صرف منهنجي نانا جي دل ۾.
    ***


    فرخ فرخزاد : ايران (اصل فارسي) (١٩٣٤ع کان ١٩٦٧ع)

    فرخ فرخزاد ايران جي شھر تهران ۾ ڄائي، ١٧ سالن جي عمر ۾ شادي ٿيس. ھڪ پٽ به ٿيس پر ٽن سالن کان پوءِ مڙس کان علحدگي ٿي ويس. ھن جي شاعريءَ جي موضوع ۽ شخصي زندگيءَ جي غير روايتي انداز سبب دقيانوسي سماج ھن کي خراب شھرت ڏياري. ھن جي زندگيءَ ۾ ئي شاعريءَ جا چار مجموعا ڇپيا. ھن ھڪ فلم ٺاھڻ ۾ به حصو ورتو. ڪوڙھين جي ھڪ ڪالونيءَ جي باري ۾ دستاويزي فلم ٺاھيائين جتي ھوءَ ڪجهه وقت وڃي رھي ۽ اتان ھڪ ٻار به وٺي نپايو ھئائين. ھوءَ ٣٢ سالن جي عمر ۾ ڪار جي ھڪ حادثي ۾ گذاري وئي.

    رچنائون
    آءٌ ھڪ اھڙو اونداھو ڪارو اکر آھيان
    جيڪو ھر دم تو کي ئي اچاريندو رھي ٿو
    جيسين تون جاڳين پنهنجي دائمي آرام گاھھ مان
    اھو اکر ڄڻ ته منهنجو پنهنجو ساھھ ھجي.
    انهيءَ ساھھ ۾ بس تون ئي اچين وڃين ٿو
    ۽ اھو اکر تو کي وڻن، پاڻيءَ ۽ باھه سان ٻڌي ڇڏي ٿو
    ***
    - زندگي ڄڻ ته ڪا گھٽي ھجي
    جتان ٿي ھوءَ روز لنگھي
    ھٿ ۾ ھڪ ٽوڪريءَ سان
    - زندگي ڄڻ ته ڪا رسي ھجي
    جنهن ۾ ھو پاڻ کي ٽنگيندو ھجي
    - زندگي ڄڻ ته ڪو ٻار ھجي
    جو روز اسڪول کان موٽندو ھجي
    - ۽ زندگي ڄڻ ته سگريٽ جو دکائڻ ھجي
    پيار ڪندي وچ واريءَ ڪنهن وٿيءَ ۾
    - يا اھا ڪنهن پيادل جي خالي نگاھھ ھجي
    جيڪا ھو ٻئي پيادل کي ڏسي وجھندو ھجي
    - ۽ ھٿ کي لوڏي خالي مرڪ گڏي
    ”گڊ مارننگ“ جو ڪو سڏ ھجي

    زندگي ٿي سگھي ٿو ته اھو رڪجي ويل پل ھجي
    جڏھن منهنجي نگاھھ تنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾
    ھڪ بار ڏسي وڃائجي وڃي
    ۽ آءٌ جا اونداھھ سان جڙيل ھوندي
    پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪريان ڪنهن چنڊ کي.
    ***
    ھڪ خاموش اڪيلي ڪمري ۾
    منهنجي پيار سان ڀريل دل
    پنهنجي خوشيءَ جا خسيس جواز ٿي ڳولي
    شايد گلدان ۾ پيل سھڻا گل
    شايد اسان جي اڱڻ ۾ تنهنجو پوکيل ٻوٽو
    يا شايد ننڍڙا سھڻا پيارا پکي
    جن سان ڄڻ ته دري ھجي چھڪيل
    ***
    آھھ! مون سان ڇا ٿي گذريو آھي
    ھڪ پردي آسمان تي ڪفن وڌو آھي
    منهنجو ڪنهن ڀڳل ڏاڪڻ تان لھڻ
    جلا وطنيءَ سان وھانءُ ڪري، ڪنو ٿيڻ
    منهنجي وجود جو ياد جي اداس باغ ۾ ڊوڙڻ
    مرندي ڏک مان ھڪ آواز جو مون کي چوڻ
    ”آءٌ تنهنجن ھٿن سان پيار ڪريان ٿو.“
    ***
    ھڪ باغ ۾ مون پنهنجا ھٿ پوکيا آھن
    ڄاڻان ٿي ته اھي اوس ڦٽندا
    ڄاڻان ٿي، ھا ڄاڻان ٿي ابابيل آنا لاھيندا
    منهنجي مس سان ڀريل آڱرين جي آکيرن ۾
    ٻن ڳاڙھن ٻيرن جي جوڙي منهنجا ايرنگ بنجندي
    ۽ ڳاڙھن گلن جون پنکڙيون منهنجا ننهن سينگارينديون
    ***
    اتي اڃا به اھا گھٽي ھوندي جتي ساڳيا
    وکريل وارن، سنهڙين ڳچين ۽ ڏنگين ٽنگن وارا
    ڇوڪرا رھندا ھوندا
    جيڪي ڪڏھن مون سان پيار ڪندا ھئا
    ھڪ نينگر انهن کي اڄ به ياد ھوندي
    جنهن جي مرڪ بنهه ھئي سادي سودي
    جيڪا رات جي ھوا سان گھلي وئي ھئي
    ھڪ گھٽيءَ منهنجي دل چورائي آ
    منهنجي ننڍ پڻ جي ياد جي خاني مان
    ***
    ھڪ وجود وقت جي ويران چـَوواٽي تي رلندي
    ان دڳ کي پنهنجي اندر ۾ اوتڻ ٿو چاھي
    اھو وجود محسوس ڪري ٿو ھڪ عڪس کي ايندي
    خوشيءَ جي آئيني مان ٻاھر
    ۽ ائين ئي ڪنهن جي حياتي گذري ٿي
    ۽ ڪو مري وڃي ٿو تڙپي تڙپي
    ***
    ڪو به ٽوٻو ڪڏھن به اھو موتي موٽائي ڪو نه سگھندو
    جو ننڍڙي واھيءَ لوڙھي وڃي وڌو ھو کوھھ ۾
    ***
    ۽ آءٌ ھڪ ننڍڙي اداس جل پري سڃاڻان
    جا رھي ٿي سمنڊ جي وچ ۾
    ۽ نرم سُرن سان بانسري وڄائيندي
    اھا ننڍڙي اداس جل پري
    رات پھر ھڪ چميءَ سان مري وڃي ٿي
    ۽ روز ھڪ چميءَ سان وري ڄمي ٿي!
    ***


    چوئن چن : چين (١٨٩٩ع کان ١٩٠٧ع)

    چين ۾ ھن شاعر کي سندس شاعريءَ سان گڏوگڏ سياسي سمجهه ۽ جدوجھد سبب سڃاتو ويندو آھي. ھيءَ ھڪ وڪيل جي ڌيءَ ھئي ۽ سندس شادي ١٨ سالن جي عمر ۾ ٿي پر ٻارن جي پيدائش کان پوءِ جاپان پڙھڻ لاءِ ھلي وئي، جتي
    سن يات سين جي انقلابي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي. ان جي ليڊر بڻي. ١٩٠٦ع ۾ ھوءَ واپس آئي ۽ ھڪ اسڪول ۾ ٽيچر ٿي جيڪو اصل ۾ انقلابي فوج جو ھٿيارن جو ڳجھو اڏو ۽ ھيڊ ڪوارٽر ھو. ھوءَ جون ١٩٠٧ع ۾ مانجو حڪومت طرفان گرفتار ڪئي وئي. سندس نظمن کي سندس غداريءَ جي ثبوت طور پيش ڪيو ويو. ١٥ جولاءِ تي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. پنجن سالن اندر ئي مانجو حڪومت پڻ ختم ٿي وئي.

    عمل جو سڏ

    بنان ڪنهن چتاءَ جي ھنن جو آکيرو
    ابابيلن لاءِ خطرناڪ بنجي ويو آھي
    اسان جو وطن پوڙھو ٿي وڏا بار سھي رھيو آھي
    اوڀر کان لڳاتار حملن جو خطرو
    اولھھ کان سازشن جو گھيرو
    فنڪارو، دانشورو، پنهنجا برش اڇلائي ڇڏيو
    ڪوٽن ۾ بند پرديدار عورتو، ھٿيار کڻو
    ھن ڀيري صرف بهادر ئي اسان کي بچائي سگھندا
    سڀ گڏجي ھنن طوفاني لھرن سان
    مھاڏو اٽڪائي سوڀ پائي سگھندا.

    ”ندي سرخ آھي“ نالي نظم جي طرز تي
    ھن دنيا جي ڌوڙ ۽ گند مان لنگھي
    ڪيترا ڏاھا ۽ سورما بنجي سگھيا آھن؟
    ڪيتريون سھڻيون سورميون بنيون آھن؟
    اسان وٽ ڪئين مشھور جرنيل عورتون آھن
    چن – ليانگ- يو ۽ شين – يو – اين
    جيتوڻيڪ لڙڪن سان سندن لباس ڀِڳل ھئا
    سندن دليون خون سان ڀريل ھيون
    سندن تلوارن جون تيز ڌارون
    بلائن وانگر لرزنديون ھيون
    ۽ ڪنهن اڄاتي درد کان اھي
    جھڙوڪر تڙپنديون ھيون.
    آزاديءَ جي خوشبو ۽ پنهنجي وطن جو ڏک
    منهنجي دل ۽ دماغ کي ساڙين ٿا
    آخر اسين ڪڏھن آزاد ٿينداسين؟
    ڪامريڊو! ڪن ڏئي ٻڌو.
    ڪا به جدوجھد ڪو به حيلو نه ڇڏيو
    آخرڪار اسان جي ھم وطنن سک لھڻو آ
    ۽ ھيرن جواھرن جي لباسن
    ۽ ننڍڙن بوٽن ۾ بگاڙيل پيرن کان
    اسان جي به جند ڇٽندي
    ۽ ھڪ ڏينهن ھي آسمان ڏسندو
    خوبصورت آزاد ناريون کلندي
    گلن جي باغن جيان ٽڙندي
    ۽ شانائتن مانائتن انسانن کي
    گھڻي اتساهه مان جنم ڏيندي
    ***


      لن لنگ : تائيوان (١٩٣٥ع)

    لن لنگ کي لي چي جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. اھي ٻئي قلمي نالا ھوين شانگ نالي ھڪ تائيوان جي اصلوڪي شاعر جا آھن. ھن تائيوان مان آمريڪا وڃي پڙھڻ شروع ڪيو ته شاعري ڇڏي ڏنائين پر سندس شاعري پنهنجي ترنم ۽ عڪسيت جي ڪري اھم سمجھي وڃي ٿي.

    سارين جي فصل ۾ رستا ڪراس ڪن ٿا

    تون ڄڻ ته عمودي ليڪ
    ۽ آءٌ ڪا اُفقي ليڪ
    ھڪ ٻئي کي ڪراس ڪري
    سموري ڪائنات
    ۽ چارئي ڏسائون
    پاڻ ۾ آھن اسان ورھايون،
    اسين ازل کان اچي
    ھتان لنگھون ٿا
    ۽ ھڪ ٻئي جي سامھون اچي
    آخرڪار پاڻ ۾ ملون ٿا
    ھڪ سارين جي ٻڏل فصل ۾
    ھڪ ٻگھھ پکي خاموش پرن سان
    اچي ھيٺ لھي ٿو.
    ۽ اسين موسم جي باري ۾ ڳالھائيندي
    ”وري ملنداسين“ چئي موڪلايون ٿا
    ۽ ھڪ ٻئي کان پري
    ٻن ٽڪرين تي چڙھي وڃون ٿا
    ۽ بلندين تان ڏسون ٿا
    ھڪ سھڻو اڇو کنڀ ھوا ۾ ترندو
    اھو کنڀ جيئن ئي ھيٺ لھي ٿو
    الا، انهيءَ پل
    اسان ٻئي ڪيئن نه آس ڪيون ٿا
    ته خوشي به اھڙو ئي ڪو کنڀ ھجي ھا
    چپ چاپ پاڻيھي ھيٺ لھي اچي ھا
    اسان جي اھا آس-- !
    ان ھوندي به ته
    پکين کي ته پر ھوندا آھن!
    ***


    لي چو : چين (ساڳيو دؤر)

    ھيءَ ھونان صوبي جي ٽنگ فنگ علائقي واري تاييھھ ضلعي جي مشترڪ فارم يا کيتيءَ جي ميمبر آھي.

    عوام لاءِ ڪڻڪ جو لڻڻ

    ھي سال سٺي فصل جو آھي
    ڪڻڪ ڳاھجڻ لاءِ آندي وڃي ٿي
    ٻيو نمبر ڀيڻ ان کي لُڻي ٿي
    وڏي ڀيڻ ان کي ڳاھي ٿي
    ٽيون نمبر ڀيڻ ان کي ڇنڊي ۽ ڦوڪي ٿي
    ته جيئن اھا وائرجي صاف ٿئي
    ۽ بُهھ کي صفائيءَ سان ڌار ڪري ٿي
    گول گول ڏاڙھونءَ جي داڻن جيان چمڪندڙ سھڻا داڻا
    ڏند سان چڪ وجھي چکڻ جھڙا داڻا
    اس تي سُڪايل ڪڻڪ جي داڻن جو پھريون سونهري ڍڳ
    اسين عوام ۾ ورھائڻ لاءِ رکون ٿا
    ته اھو اکين کي ڪيڏو نه وڻي ٿو!
    ***


    نو چوان ميانگ : ڪوريا (١٩١٣ع کان ١٩٥٧ع)

    ھيءَ اڃا ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي ته سندس شاعري ڇپي ۽ ”سوان“ نالي رسالي ۾ پڻ حصو وٺندي ھئي. ھن جي شاعريءَ جا چار جلد ڇپيا. آخري جلد ١٩٥٨ع ۾ ڇپيس.

    تڏ

    منهنجو گھرڙو نه ڏٺو ٿئي
    منهنجي غربت نه وائکي ٿـِئي
    ان ڪري سموري رات لڪي لڪي
    آءٌ مستقل روئندي ٿي رھان
    ۽ مون وانگي ئي ڪو نه ڪو ڪٿي نه ڪٿي
    ضرور روئندو ھوندو، اھو سوچي
    آءٌ چانڊوڪيءَ ۾ ڀڄي ڪنهن پٿر پٺيان
    پنهنجي رات جو ڏک تازو ٿي رکان.
    ***


      نامعلوم شاعره : افغانستان (پشتو)

    ”لنڊي“ نالي ننڍڙا نظم پشتو جي قديم روايتي شاعريءَ جو حصو آھن، پشتو ۾ ھزار سال پراڻا اھڙا نظم موجود آھن. افغانستان ۾ تحريري شاعريءَ ۾ لکندڙ عورتن مردن جي معيار موجب محبوب جي سونهن جو ذڪر ڪيو آھي پر ھن قسم جي نظمن ۾ ھو پنهنجي نسواني معيار موجب اظھار ڪن ٿيون.

    سون ۽ مٽي

    ڪو سنت مٽيءَ ڏانهن ڏسي
    ته اھا سون ٿيو پوي
    پر منهنجو محبوب اھڙو ڪونهي
    ھو مون کي ئي سون ٿو سڏي،
    پر ھن جي ھڪ نگاھھ
    مون کي مٽي ڪريو ڇڏي
    ***
    منهنجو محبوب وٺي رھيو آھي
    ٻين گلن جو واس
    ھو نٿو ڄاڻي ھن پيلي گل کي
    جو اٿس آسپاس
    ***
    تون سمورو اونهارو ڪابل ۾ گذاري
    سياري ۾ موٽيو آھين
    ته به پنهنجا گل ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاھين!
    ***
    امڙ، منهنجا وار وڌڻ ڏي
    انهن کي نه وڍ
    ڳائيندڙ پيارا پکيئڙا
    وڍيل وڻن تي ڪو نه ايندا آھن.


    امرتا پريتم : ھندستان (پنجابي) (١٩١٩ع کان ٢٠٠٥ع)

    امرتا چوڏھن کان وڌيڪ شاعريءَ جي ڪتابن جي ليکڪا آھي، ١٣ ناول لکيا اٿس ۽ افسانن جا پڻ ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا اٿس ۽ پنهنجي دؤر جي تمام وڏي ھندستاني ليکڪا آھي ۽ پھرين عورت آھي جنهن ساھتيه اڪيڊمي انعام حاصل ڪيو آھي. ھن جون لکڻيون ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آھن. ھيءَ ھڪڙي ماھوار رسالي ”ناگمني“ جي ايڊيٽر پڻ رھي آھي. دھليءَ ۾ پنهنجي ڪٽنب سان رھي ٿي. ھن رسيدي ٽڪٽ نالي سان پنهنجي آتم ڪھاڻي به لکي، جنهن کيس ادب ۾ اڃا به اعليٰ مقام ڏياريو. (ويجھڙائيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آھي. مترجم)

    ڏھاڙي

    نيري آسمان جي ھڪ ڪنڊ ۾
    رات جي مـِـل سيٽي وڄائي ٿي
    ۽ چنڊ جي چمنيءَ مان
    گھاٽو اڇو دونهون اڇلائي ٿي
    ***
    سپني جي اوڙاھن اندر
    پورھيت جو پيار
    سڀني باھين کي وڌائيندڙ
    ***
    آءٌ پنهنجي ملاقات ڪمايان ٿي
    تو کي ڀاڪر ۾ پل لاءِ ڀرڻ
    منهنجي ڏينهن جي مزدوري!
    آءٌ پنهنجي روح جو کاڌو ڳنهي
    پچايان ٿي ۽ کانوان ٿي
    ۽ خالي ٿانوَ سجائي رکان ٿي
    ***
    رات جي مِل سيٽي وڄائي ٿي
    ۽ چنڊ جي چمنيءَ مان
    دونهون نڪري ٿو
    اميد جي علامت بنجي
    ***
    آءٌ جيڪي ڪمايان ٿي
    سوئي اڄ کانوان ٿي
    نه ڪالھوڪو ڪجهه پاروٿو بچيل آھي
    نه ئي سڀاڻي لاءِ داڻو بچايان ٿي!
    ***


    مريريدان – ايت ايٿڪ : موراڪو (١٩٤٠ع)

    چاليھن جي ڏھاڪي ۾ ھيءَ ازيلال جي ھڪ طوائف ھئي ۽ پنهنجن سھڻن گيتن لاءِ مشھور ھئي، جيڪي پاڻ وٽ ايندڙ مردن لاءِ ڳائيندي ھئي. گھڻو ڪري روايتن تي ٻڌل سندس بربر (Berber) ٻوليءَ جا گيت واديءَ جي تهذيب جي چڱي عڪاسي ڪن ٿا، خاص ڪري عورتن جي زندگيءَ جي. اڃا ٽيھن سالن جي به ڪا نه ٿي ھئي ته جنگ کان پوءِ اوچتو گم ٿي وئي ۽ وري ڪنهن به کيس ڪٿي ڪو نه ڏٺو. ھڪڙي فرينچ سپاھيءَ ھن جي شاعري فرينچ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ١٩٥٩ع ۾ ڇپرائي.

    واعدا
    ”لالا حليمان! ڌڪاريل نياڻين جي واھر ڪر
    اي خدا! ڪنهن تي اعتبار ڪريان؟
    ھا مون کي ڪنهن به مرد تي اعتبار نه رھيو آ
    ھنن جا واعدا بس ڄڻ دونهون ۽ ھوا.

    جڏھن مون ٻنيءَ ۾ پنهنجا ڌڻ پئي چاريا
    ته ”مقدم“ جي پٽ وڏا وڏا واعدا ٿي ڪيا
    پر جڏھن ڪنهن خچر جي اڃ اجھامي وڃي
    ته اھو وڌيڪ پيئڻ نه چاھيندو آ

    ”مائون“ وڏا ميڊل کڻي موڪل تي آيو ھو
    ٻين جيان ھن به سڀڪجهه پاتو ھو
    ۽ جڏھن خچر کي اڃ نه رھي ڪا
    ته پوءِ ھن ڪجهه به پيئڻ نه چاھيو ھو.

    ڏھھ جوان، ڏھھ پوڙھا ۽ ڏھھ رنڙ مون سان
    ڪوڙا شاديءَ جا واعدا ڪري گم ٿي ويا
    مون سندن اڃ اجھائي پر پوءِ - ھاءِ الا
    ھو ڪنهن ٻئي پاسي پياس اجھائڻ نڪري ويا

    او ٻاجھارا مالڪ! ڪنهن تي اعتبار ڪريان؟
    ھا مون کي ڪنهن به مرد تي اعتبار نه رھيو آ
    ھنن جا واعدا بس ڄڻ دونهون ۽ ھوا


    ١- لالا حليمان؛ ھڪ مسلمان تارڪ الدنيا زاھده عابده عورت جنهن کي ڪنوارين ڇوڪرين جي واھر ڪندڙ سڏيو ويو آھي
    ٢- ”مقدم“ راڳيندڙن جو اڳواڻ ٿيندو آھي.
    ٣- ”مائون“ الجيريا جي فوج جو ھڪ آفيسر

    ***


    انوما ڪاني : آئوري ڪوسٽ (١٩٢٦ع)

    انوما ڪاني ھڪ ڪاري (نيگرو) عورت آھي ۽ آئوري ڪوسٽ جي سفير بنجي اسرائيل ۾ به رھي ھئي! ھن نظم ۾ ھن پنهنجي نسل جي ماڻھن جو درد اوتيو آھي.

    آفريڪا، تو جيڪي ڪجهه مون کي ڏنو آھي

    تو جيڪي ڪجهه به مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
    جھنگ، ڍنڍون، کاري پاڻيءَ جا سينگاريل دُٻا
    جيڪي ڪجهه به تو مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
    سنگيت، رقص، باھه جي مچ جي چوڌاري قصا
    منهنجي چمڙيءَ تي جيڪي رنگ آھن تو چٽيا
    منهنجن وڏڙن جي ڪاري رنگ جا
    منهنجي رت ۾ رھندا سي سدا چمڪندا.
    جيڪي ڪجهه به تو مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
    منهنجي ھلڻ چلڻ جو منهنجو ڍنگ
    ھر قدم ٻئي قدم کان لڳي ٿو جدا
    وقت جي بار ڪيئن آھن ڀڳا منهنجا ھڏا
    ۽ مسلسل سفر سان پير سڄيل ۽ وڏا
    اھو ئي سڀڪجهه ته مون کي تو ڏنو آھي، آفريڪا!
    منهنجي پيرن جون کڙيون ۽ انهن ۾ لڦون
    جن کي آءٌ نرڙ تي سجايان فخر سان
    ھاڻ مون وٽ وڃائڻ لاءِ ٻيو بچيو آھي ڇا؟
    ھاڻ آءٌ اڳتي وڌندي وڃان
    پنهنجي نسل کي ٻين جي برابر ڇو نه چوان؟
    ڪنهن کان ڪمتر يا برتر ان کي آءٌ ڇو مڃان؟
    جيڪي ڪجهه به تو مون کي ڏنو آھي، آفريڪا!
    منجھند جي سج ۾ چمڪندڙ سھڻا چراگاھھ
    تنهنجا جاندار جي ماڻھن کي وحشي لڳن ٿا
    تنهنجيون کاڻيون ۽ ڪئين خزانا اَڻ ڏٺا
    تنهنجو خوف ماڻھن جي دلين ۾ ڀوت جيان
    تنهنجا درد، جي وڃايل جنت لاءِ تو سٺا
    اھي سڀ آءٌ پنهنجي اندر ۾ ٿي سھان
    ۽ تنهنجي حقن جي حفاظت جو قسم ٿي کڻان
    تنهنجي افق تي رھي قائم روشني سدا،
    آءٌ تنهنجي ڌيءَ پنهنجو فرض پورو ڪريان
    شل تون جيئين سدائين ۽ ماڻين مزا
    ۽ جيڪي ڪجهه به تو مون کي ڏنو ، آفريڪا!
    ***


    ڊلميرا آگسٽيني : يوروگوئي (١٨٨٠ع کان ١٩١٤ع)

    ڊلميرا ڏھن سالن جي عمر کان شاعري ڪرڻ لڳي ھئي. ھن جي بهترين شاعراڻي مستقبل جي پڄاڻيءَ جو ڪارڻ سندس شادي ھئي. ھن لاءِ ساھرن طرفان سندس لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ تي بندش کي قبول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو بنجي ويو ۽ ھن طلاق جي گھر ڪئي، جنهن تان سندس مڙس کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي به ماري ڇڏيائين.

    وڇوڙو

    ھڪ خاموش جلوس ۾ ھري ھري
    آءٌ ڪلاڪن کي گذرندو ٿي ٻڌان
    پنهنجي مخصوص ڌيمي سر سان
    تنهنجي دوري سدائين رئاڙي ٿي وجھي
    تنهنجي قدمن جي آواز سان ننڊ ۾ به ٿي کلان.

    ڄاڻان ٿي ته تون موٽي ايندين ، نئين صبح سمان
    اونداھھ سان ڀريل افق تي روشنيءَ جي ليڪ جيان
    ھن ويراني ۾ تنهنجي کـِل جو ترنم
    ڄڻ ته ڪنهن جھرڻي جو پڙاڏو ٿي ٻڌان

    وڇوڙي ويل ٻھ - واٽي تي موڪلائڻ مھل
    مون پنهنجو ڀاڳ تنهنجن ھٿن تي ھو رکيو
    ڀلا ٻيو تو کي آڇڻ لاءِ مون وٽ ڇا ھو؟

    تنهنجو منهنجو روح ھڪ ٻئي کي سامھان
    ڄڻ سمنڊ ۽ آسمان ۽ وچ ۾ ڪيئي پاڇولا
    طوفانن، دورين، وقت، زندگيءَ ۽ موت جا!
    ***


      گيبريلا مسٽرل : چـِلي (١٨٨٩ع کان ١٩٥٧ع )

    گيبريلا مسٽرل قلمي نالو ھو لوسيلا گوڊ وائي الڪاياگا جو، جيڪا چليءَ جي شھر وڪونا ۾ ڄائي ھئي. ھن کي پھرين ١٩١٥ع ۾ شاعريءَ سبب ملڪ ۾ مڃتا ملي. پوءِ ١٩٤٥ع ۾ ادب جو نوبل انعام به حاصل ڪيائين. ھوءَ اسپيني ادب جي ھڪ وڏي ليکڪا سمجھي وڃي ٿي.

    ھلڪي برسات

    ھي پاڻي، اداس ۽ ڊنل
    ڪنهن بيمار ٻار وانگر
    ڌرتيءَ کي ڇُھڻ کان اڳي
    ھوا ۾ گم ٿي ٿو وڃي،

    ھوا کي ۽ وڻن کي خاموش ڪريو
    انهيءَ گھري خاموشيءَ ۾
    ھي ھلڪو ۽ تلخ گيت اوھين ٻڌو

    آسمان ڪنهن دل جيان
    وشال، کليل ۽ تلخ – جنهن مان
    اھو مينهن نه، پر آھن رت ڦڙا
    جي ھري ھري آھن وسي رھيا

    گھرن اندر بند ماڻھو
    انهيءَ تلخيءَ کي نٿا ڄاڻن
    جا پاڻيءَ جي اداس وھڪري ۾ آ
    جو عرش کان ھلندو اچي.

    انهي فتح ٿيل پاڻيءَ جو
    ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ وھڪرو
    اپاھج ۽ ستل ڌرتيءَ ڏانهن ئي ته آھي

    مينهن وسي رھيو آھي
    ڪنهن اداس گدڙ جيان
    ميدانن ڏانهن نهاري سوچي رھيو آھي
    ته ڌرتي ماءُ جي ڪک منجھان
    آخر ڇا اُسرندو ۽ ڇا نـِسرندو؟

    ڇا تون ستو رھندين؟
    ٻاھر مصيبت جيان وسي رھيو آھي
    ھي ھلڪو موتمار پاڻي
    جو موت جو ساٿي آھي!

    ***

    سڀڪجهه گول آھي
    ستارا ٻارن جا گھيرا آھن
    راند کيڏندي ڌرتيءَ ڏانهن ڏسي رھيا آھن
    ڪڻڪ جا آڀون ٻارن جا جسم آھن
    راند کيڏندي جھومي رھيا آھن،
    نديون به ٻارن جون ٽوليون آھن
    راند کيڏندي سمنڊ ڏانهن ڊڪي رھيون آھن
    ڇوليون ننڍڙين نينگرين جون ٽوليون آھن
    راند ڪُڏندي، دنيا کي ڀاڪر پائي رھيون آھن!

    ***


    ما گڊا پورٽل : پيرو (١٩٠١ع)

    ما گڊا پورٽل جا ٽي شاعريءَ جا مجموعا ڇپجي چڪا آھن، ھڪ ناول، ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ مضمونن جا ڪتاب پڻ لکيا اٿس، جن مان ڪن جو موضوع نسواني تحريڪ بابت پڻ آھي. ھوءَ پيرو جي کاٻي ڌر ۾ گھڻي فعال ھئي ۽ ١٩٥١ع ۾ ھڪ ناڪام بغاوت ۾ حصو وٺڻ سبب جلاوطن ڪئي وئي. سفر دوران سندس ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ ٢٥ سالن جون لکڻيون ٻئي سامان سان گڏ گم ٿي ويا. لاطيني آمريڪا ۾ مارڪسزم جي پوئلڳ جوز ڪارلوس ميريا ٽيگي ھن شاعره کي پيرو جو اصلي آواز سڏيو.

    شڪ

    اداس ڍنڍون
    ٿڌن ستارن کي وھنجارين ٿيون
    آءٌ خود پنهنجي بي يقينيءَ کان
    تنگ ٿي پئي آھيان
    ھلڪن ڌڪن سان شڪ نرم پوي ٿو
    ۽ تنهنجو مون لاءِ شڪ ڏسي
    خود منهنجو پاڻ تان اعتبار کڄي ٿو.

    ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
    ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
    رات جي اڌ ڪلاڪ جي پسار مھل
    ڏڪندڙ، مدد لاءِ ايلاز ڪندڙ
    منهنجي سامھون ھيون!
    ***
    ۽ تون آھين
    منهنجي ڪٺ پتلين جي ٿيٽر جو جادوگر
    ۽ آءٌ سنهڙي رسيءَ تي ھلندڙ
    آخري امتحان تائين
    ۽ ھلندي رھنديس خاموشيءَ ساڻ
    جيسين تنهنجون اکيون منهنجي ڪرڻ جو اعلان ڪن!
    ***
    اي زندگيءَ کي توازن ڏيڻ وارا
    آءٌ رڙ ڪرڻ ٿي چاھيان
    ”ڪري پئو، ڪري پئو!“
    ۽ راھھ جا سڀ پٿر رت سان ڀرڻ ٿي چاھيان.
    ***
    تنهنجي نگھبان اکين اڳيان
    منهنجي رڳن جا ڌاڳا جھليندڙ!
    پنهنجن سگھارن ھٿن سان
    مون کي پيڙا ڏيندڙ جادوگر!
    آءٌ تنهنجا ھٿ چُمڻ ٿي چاھيان.
    ***


    روزاريو ڪاسٽيلانوس : ميڪسيڪو (١٩٢٠ع)

    چياپاس ۾ ڄائي ۽ ميڪسيڪو يونيورسٽيءَ مان فلاسافيءَ ۾ گريجوئيشن ڪيائين ۽ ميڊرڊ ۾ اڳتي پڙھڻ لاءِ اسڪالر شپ مليس. ھن ١٩٤٠ع ۾ شاعري لکڻ تڏھن شروع ڪئي جڏھن اڃا ١٥ سالن جي ھئي ۽ ھن وقت تائين ست مجموعا ڇپرائي چڪي آھي. سندس پھريون مجموعو ١٩٤٨ع ۾ ڇپيو ھو. ھوءَ سٺي نثر نگار ۽ نقاد پڻ سمجھي وڃي ٿي.

    ھڪ پراڻي پٿر کي خاموشي پريشان ڪري ٿي
    ھتي آءٌ پنهنجن سمورن لفظن ساڻ کــُتل آھيان
    ڪنهن تازي ميوي جي ٽوڪريءَ جيان
    ھزارين تباھه ٿيل قديم خدائن جا ڀڳل ٽڪرا
    منهنجي رت ۾ مڙي اچن ٿا
    ۽ پنهنجا مجسما ٻيھر جوڙڻ گھرن ٿا،
    سندن ڀڳل منهن منجھان نڪري
    ھڪ گيت منهنجي چپن تي اچڻ ٿو چاھي
    ڪنهن سڙيل ٿانو جي ڌپ
    ڪنهن پراسرار پٿر تي اُڪريل اکر
    مون کي چيڙائين ٿا، پر
    انهن کي وساري ٿو ڇڏيان، بغاوت!
    ڪنهن ڪوڏ جيان، جنهن سمنڊ جي وير جو
    ڪو ننڍڙو نشان به نه پاڻ وٽ رکيو
    آءٌ تباھه ٿيل ديولن کي به نه ٿو ڏسان
    وڻن جا پاڇا لرزن ٿا جن مٿان
    جي گذرندڙ ھوا کي ڄڻ زھريلا چڪ پائين ٿا
    مون کي معلوم آھي ته منهنجي پٺيان
    ھڪ ٻيو جسم به موجود آ
    ۽ منهنجي چوڌاري ڪيئي ٻيا ساھھ
    لڪي لڪي گذرن ٿا
    ٻيلي ۾ رات جي جيتن جيان
    مون کي معلوم آ، ته ڪٿي نه ڪٿي
    صحرا جي ٿوھر جيان
    ڪنڊن سان ڀريل ڪا دل
    ڪنهن نانءَ جي انتظار ۾ آ،
    جيئن ٿوھر مينهن لاءِ ھجي وياڪل
    پر مون کي معلوم آھن صرف چند لفظ
    وينجھارن جي ٻوليءَ جا
    جن جي ھيٺان منهنجا وڏڙا
    زنده دفن ڪيا ويا ھئا!
    ***


    جوليا ڊي برگاس : پيوريٽو ريڪو (اسپين) (١٩١٤ع کان ١٩٥٣ع)

    جوليا ڊي برگاس ٻھراڙيءَ جي علائقي جي رھندڙ ھئي ۽ مزدورن جي تحريڪ ۾ به حصو ورتو ھئائين ۽ مزدورن جي ھڪ رسالي لاءِ به لکندي ھئي. ھن کي نشي جي عادت ھئي جنهنڪري اڪثر اسپتالن حوالي ھوندي ھئي. سندس موت نيويارڪ جي ھڪ گھٽيءَ ۾ گمناميءَ جي حالت ۾ ٿيو. پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪا مڃتا ڪانه مليس پر ھاڻي پنهنجي ملڪ جي شاعريءَ جو اھم نالو آھي. ھن نظم ۾ ھوءَ پنهنجي وجود ۾ موجود تضادن ڏانهن اشارو ٿي ڪري ۽ شاعر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ کي مخاطب ٿي آھي.

    جوليا ڊي برگاس ڏانهن

    ماڻھو چون ٿا ته آءٌ تنهنجي دشمن آھيان
    ڇو ته شاعريءَ ۾ آءٌ توکي ماڻھن اڳيان ٿي رکان
    ھو ڪوڙا آھن جوليا، ھو ڪوڙ ٿا ڳالھائين جوليا ڊي برگاس!
    شاعريءَ وارو آواز تنهنجو ناھي، اھو ته منهنجو آواز آھي
    ڇو ته تون لباس آھين، روح ته آءٌ آھيان
    تنهنجي منهنجي وچ ۾ ته وڏو اوڙاھھ آھي
    تون ته سماجي ڪوڙن جي بي جان ڀوري آھين
    ۽ آءٌ انساني سچ جي ڌڳندڙ چڻنگ آھيان
    تون ته درٻاري منافقيءَ جو مثال آھين،
    آءٌ پنهنجي نظمن ۾ پنهنجي دل کولي ٿي رکان
    تون، پنهنجي دنيا وانگي، خود غرض آھين
    مون ته سچ لاءِ سڀڪجهه داءَ تي ھنيو آھي
    تون ته صرف ھڪ سنجيده بيگم آھين سينورا ڊونا جوليا!
    آءٌ ته، آءٌ ته زندگي آھيان، قوت آھيان، ھڪ عورت آھيان.

    تون ته پنهنجي مڙس، پنهنجي ”مالڪ“ جي آھين
    آءٌ ڪنهن جي به نه يا سڀ ڪنهن جي، ھا سڀ ڪنهن جي آھيان
    آءٌ پنهنجن سچن جذبن ۽ خيالن ۾ پاڻ ظاھر ٿي ڪريان.

    تون پنهنجا وار ڇلا ڇلا ڪرين ۽ منهن کي گلابي رنگ ھڻين
    منهنجا وار ھوا ٿي ٺاھي، منهن کي سج رنگ ڏنو آھي
    تون گھر جي بيگم آھين، صابر، شاڪر، ميسڻي
    مردن جي ھٺ ڌرميءَ اڳيان ڪنڌ جھڪايو ڇڏين
    آءٌ ته ھڪ ڪَميت آھيان، آزاديءَ سان اڏامندي وتان
    ۽ خدا جي انصاف جون وسعتون ٿي ماڻيان!
    ***


    مارگريٽ واڪر : آمريڪا ١٩١٥ع

    مارگريٽ واڪر برمنگھم ۾ ڄائي ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ پلي نـِپني. ١٩٣٥ع ۾ نارٿ ويسٽرن يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿي پوءِ آئيوا يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪيائين ۽ فيڊرل رائيٽرس پراجيڪٽ جي ميمبر ھئي. شڪاگو ۾ نوڪري پڻ ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ۽ ھڪ ناول ڇپيل آھي. سندس ناول ”جبلي“ کي ڪارن آمريڪي ليکڪن جو اھم آواز سڏيو ويندو آھي.

    ورثو

    منهنجيون نانيون ڏاڏيون ڏاڍيون سگھاريون ھيون
    ھَر جو مُٺيو ڀيڙي ڌرتيءَ کي کيڙي
    سموري ٻنيءَ ۾ ھٿ سان ٻج ڇٽينديون ھيون.
    ھنن جا ھٿ سگھارا ھئا، جن جي ڇھاءَ سان
    ڌرتيءَ مان اَن اسري ايندو ھو
    ھو قوت سان ڀرپور ھردم ڳائينديون رھنديون ھيون
    منهنجيون نانيون ڏاڏيون ڏاڍيون سگھاريون ھيون.
    ھنن وٽ ڪيڏيون زنده يادون آھن
    صابڻ، بصر ۽ آلي مٽيءَ جي بوءِ ھاڻا
    اڀريل نسن وارا محنتي کھرا ھٿ ھوندي
    ڪيڏا پيارا اجرا ٻول پيون ٻولينديون آھن
    منهنجون نانيون ڏاڏيون ڏاڍيون سگھاريون ھيون
    پوءِ آءٌ انهن جھڙي ڇو ناھيان؟
    ***


    گويندولن بروڪس : آمريڪا (١٩١٧ع)

    گويندولن بروڪس ڪينساس ۾ ڄائي پر شڪاگو ۾ وڏي ٿي ۽ سندس شاعريءَ جي پسمنظر ۾ به گھڻو ڪري شڪاگو جي زندگي آھي. ڪارن آمريڪين جي ھڪ اھم نمائنده آھي. ١٩٤٥ع کان مسلسل ڇپجي رھي آھي. سندس شاعريءَ جا ٩ جلد، ھڪ ناول ۽ آتم ڪھاڻي ڇپيل آھن. ھن کي ڪيترا ملڪي ايوارڊ مليل آھن جن ۾ پلٽزر انعام به شامل آھي. ١٩٦٨ع ۾ ھن کي اليناس اسٽيٽ جي شاعره جو لقب مليو. ھيءَ شادي شده آھي ۽ ٻھ ٻار اٿس.

    شھر جو لٿل سج ---- ڪيٿلين ايلين

    پيار منجھان يا ھوس منجھان ھاڻي
    ڪو به ماڻھو مون ڏانهن نٿو نهاري
    منهنجون ڌيئرون ۽ پٽ مون کي
    پنهنجي گــُڏين ۽ بلورن سان ويھاري
    گھر ڇڏي ھليا ويا آھن
    منهنجو مڙس ۽ ٻيا سڀ پيارا
    نرميءَ ۽ پاٻوھھ منجھان ڳالھائين ٿا
    ۽ رات سچ پچ ته رات ئي آھي!

    سچ پچ ته ٻاھر سردي آھي
    ۽ اھا ئي ڳالهه حقيقي آھي
    مون کي ڪا خوشفھمي ناھي
    ڄاڻان ٿي بهار جي مند موٽي وئي آ
    جيتوڻيڪ اس به نڪري ٿي
    ۽ پکي پڻ ڳائين پيا.
    بهار جي مند موٽي وئي آھي
    ھا سمجھان ٿي ته ھن حياتيءَ ۾ ھاڻي
    اھا وري نه اچڻي آھي
    منهنجا سڀ گل ڪومائجي ويا آھن
    سڀئي جذبا پڻ مري ويا آھن
    گاھن جي چمڪ ھلي وئي آھي
    ۽ ھر طرف ڪيڏي بي رنگيني آھي!

    سچ پچ ته ٻاھر سردي آھي
    پيلا پن آخر ڇڻڻا آھن
    ھاڻ سياري کي منهن ڏيڻو پوندو
    منهنجي ضرورت آھر ڪو
    منهنجي گھر ۾ ڪونهي ڪو ڪمرو
    آءٌ ھن سرد گھر ۾ ڏڪان ٿي
    ۽ ھن گھر جا خالي ڪمرا
    گم ٿي ويل پڙاڏن سان
    گونجن ۽ ٿڙڪن ٿا
    آءٌ ھڪ عورت آھيان
    بي دليءَ سان نوجوانن جا
    نوان پيار ڏسان ٿي
    آءٌ ھڪ عورت آھيان
    عبادت ۾ سارو وقت گذاريان ٿي
    اندر جا خاموش چتاءَ آٿت آھن مون لاءِ
    انهيءَ صحرا ۾ ڏک ڪيو آھي ڊاٻو
    ٻاھرئين ساحل سان ڏک ٽڪرائي ٿو
    اندر ۽ ٻاھر جا اھي ٽڪراءَ
    عجب کڙڪا ڪن ٿا
    جي آءٌ ڪن ڏئي ٻُڌان ٿي
    اھو عجب ٻٽو مونجھارو آھي،
    ڇا چپ چاپ ڪومائجي ڇڻي وڃجي
    يا وڏي ٻرانگھھ ڀري مري وڃجي؟
    ڪو انهيءَ کي حماقت ٿو سمجھي
    ڪنهن لاءِ اھو ڄڻ ته ڪو ڀوڳ آھي
    ھاءِ حياتي ڇاھي؟
    ***


    ميري ايلزبيٿ : انگلينڊ (١٨٦١ع کان ١٩٠٧ع)

    ميري ايلزبيٿ جي زندگي بظاھر اھڙي اھميت واري ڪانه ھئي پر ته به ھن جي واقفيت وقت جي وڏن وڏن فنڪارن سان ھئي جن ۾ برائوننگ، ٽينيسن، مليس ۽ برجز شامل ھئا. ھيءَ ناول ۽ شاعري لکندي ھئي جيڪي سندس زندگيءَ ۾ ڇپيا. ھن جي گھڻي شاعري مذھبي آھي پر ڪجهه نظمن ۾ اھڙي ئي سگھھ ملي ٿي جھڙي سندس مائٽ مشھور شاعر سيميول ٽيلر ڪولرج ۾ ھئي.

    سوکڙيون

    مون پنهنجي دوست ڏانهن گلن جو ھار اڇلايو
    جيڪو ماڪ ڦڙن سان ڀنل ھو
    اھو ھن لاءِ صبح جو تحفو ھو
    جيڪو ھن جھٽي پنهنجي مٿي تي سجايو
    پر اھو ڪنڊن جو تاج بنجي ويو،
    مون پنهنجي دشمن ڏانهن ھڪ خوني تير اڇلايو
    اھو ھن پنهنجي ھٿ ۾ جھٽي ورتو ھو
    ۽ پوءِ مون ھن کي کلندي ٻڌو
    جنهن کي ھن جي دل جي پار ھئڻ گھربو ھو
    انهيءَ کي جڏھن مون ڏٺو
    ته اھو ھڪڙو سونهري لڪڻ بڻجي ويو ھو!
    ***


      ايلزبيٿ جيننگس : انگلينڊ (١٩٢٦ع)

    ايلزبيٿ جيننگس لنڪنشائر ۾ ڄائي ۽ آڪسفورڊ مان تعليم ورتائين. جتي اڃا تائين رھي ٿي. ھن کي ١٩٥٦ع ۾ سمرسيٽ ماھم ايوارڊ مليو ھو. ھن جي شاعريءَ جو مجموعو ١٩٦٧ع ۾ ڇپيو ھو.

    منهنجا پيءُ ۽ ماءُ

    ھاڻ ھو ڌار ڌار بسترن ۾ ليٽيل آھن
    ھو ڪتاب کڻي ٿو دير تائين بتي ٻاري
    ۽ ھيءَ ننڍڙي ڪنهن نينگر وانگي
    اکيون کولي پئي جوانيءَ جا سپنا ساري
    سڀ مرد ھر ھنڌ ھر جاءِ - انتظار ڪندا آھن
    ڪنهن نئين نڪور موقعي جو.
    ھـُـن اھو ڪتاب اڃا پڙھيو ناھي
    ۽ ھوءَ سامھون پوندڙ پاڇا پئي نهاري.

    ڪنهن تباھه ٿيل جھاز جيان بي حال
    اڳوڻي ڪنهن جذبي کان
    ٻئي خاموش پيا آھن، ڦان
    نه ڪو لفظ نه ئي ڪو ڇھاءُ
    ڄڻ ته ڪو اعتراف يا اھاءُ
    ڪنهن جذبي جي اڻھوند جو
    يا ماڳھين حد کان بي حد جو
    ھنن جي منزل سامھون آھي
    جنهن لاءِ سموري حياتي
    ھنن پاڻ پتوڙيو ھو
    اھا عجيب دوري ۽ عجيب قربت آھي
    ٻنهي جي وچ ۾ خاموشيءَ جو رشتو
    ڄڻ سڳو ٻڌل ھجي ڪو.
    وقت جو کنڀ نرميءَ سان کين ڇُھي ٿو
    ڇا ھو ڄاڻن ٿا ته ھو پوڙھا ٿي ويا آھن؟
    ھي جي منهنجا پيءُ ۽ ماءُ آھن
    ۽ جنهن آڳ مان مون جنم ورتو ھو
    سا آڳ ھاڻ سرد ٿي چُڪي آھي!
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258293
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386408
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ