ڪتاب جو نالو: پتنگ جئن پيدا ٿيو
مصنف: احمد خان چانڊيو، منظور مهيسر
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 563 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 65 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شهيد شايان ڳورڙ جي جدوجهد ۽ زندگيءَ تي لکيل مضمونن، تعزيتي تاثرات ۽ شاعراڻي ڀيٽا تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جا سهيڙيندڙ احمد خان چانڊيو ۽ منظور مهيسر آهن. شايان پنھنجي نوخيز جواني جي مختصر مدت ۾ ذھني ۽ شعوري سگھ جو ثبوت ڏنو، اھڙي ڪارڪردگي ھر نوجوان ڏئي، سنڌ صدين کان صدين تائين سرسبز رھي. هو 21 سالن جي ڦوهه جواني ۾ حادثاتي طور وڇڙي ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • پبلشر پاران
  • مهاڳ
  • مرڻا اڳي جي مئا! (شھيد شايان جون يادگيريون)

  • علي شير ڳورڙ
  • مَهان انسان: شايان ڳورڙ شھيد
  • شايان علي ڳورڙ ھڪ محبتي انسان
  • شايان ڳورڙ سماج کي تبديل ڪرڻ واري فڪري تحريڪ جو ھڪ سپاھي
  • ھي رت پن ڇڻ جي نه ھئي
  • شهيد شايان ڳورڙ نه وسرندڙ ڪردار
  • ساٿين سان گڏ سالگرهه ۾
  • پتنگ جيئن پيدا ٿيو
  • اي موت مئا شل موت اچئي
  • مون کي جياريو پرين جي ڳالھه
  • ھڪ فرمانبردار فرزند
  • مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور
  • توکي ڪير وساري سائين
  • سيسراٽيون ڪڍندڙ ڪمپيئر
  • شايان انقلابي رستي جو سپهه سالار ۽ سنڌ جو سپوت
  • شايان ميھڙ جو شان
  • سلڇڻو شھزادو
  • پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙھا ڳل سندن
  • شايان پتنگ هو
  • ٻالڪپڻ ۾ ڌرتيءَ جو درد رکندڙ
  • شھيد شايان ڳورڙ جو المناڪ وڇوڙو
  • شايان شير : نه وسرندڙ شخصيت
  • قربانيءَ جو مجسمو
  • شينهن جهڙو گجندڙ آواز
  • شايان ڳورڙ
  • ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
  • شايان ماڻڪ موتي داڻو
  • فرض شناس جي پرواز
  • پھرين ۽ آخري ملاقات
  • شايان علي ڳورڙ جدوجهد جي علامت
  • هيءَ نه ويل وڃڻ جي
  • ادب ۽ اخلاق جو مالڪ
  • ڀڳو آءُ نه چوان ماريو ته وسھان
  • شايان ڳورڙ جو وڇوڙو
  • ھا شايان ته ھليو ويو
  • شھيد شايان شير ڳورڙ سان گذاريل ڪجهه گهڙيون
  • رھيون اڌ ۾ ساجن سموريون رھاڻيون
  • شھيد شايان جو وڇوڙو
  • ھو وري ايندو
  • شايان تنھنجو شان ڪيئن ڪيان بيان!
  • اونداھيءَ ۾ سوجھرو
  • پتنگ جيئن پيدا ٿيو
  • ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارو ڌار
  • قربان ٿيڻ جو جذبو سيکاري ويو
  • شايان ڳورڙ جو مڪمل تعارف ۽ سياسي سماجي وابستگيون
  • تم کیا گئے کہ روٹہ گئے دن بہار کے
  • جدائي جو جام
  • شھيد شايان ھڪ تبديلي پسند اڳواڻ
  • شھيد شايان ڳورڙ جي خاندان جي مختصر تاريخ
  • ذھين ڀاءُ
  • راڻي رڻ ڪيو، جيڏيون منھنجي جيءَ سين
  • شھيد شايان تنھنجي جدوجھد کي سلام
  • مھان ماڻھو
  • صحافيءَ جي ڊائري
  • هڪ روشن شمع اجهامي وئي
  • عوامي جهموري پارٽي پاران شايع ٿيل رسالي “نئون ويساهه” ۾ شايان جي شايع ٿيل رپورٽ
  • شھيد شايان جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪا ۽ تقريرون

  • SSO جي مرڪزي اڳواڻ شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال
  • سائين علي شير ڳورڙ جي فرزند ارجمند ۽ SSO جي مرڪزي اڳواڻ شھيد شايان علي ڳورڙ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال
  • حق فائونڊيشن پاران ڪرايل تعزيتي ميڙاڪو
  • پيپلزپارٽي يوٿ ونگ پاران شھيد شايان جي ياد ۾ ڪرايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير
  • ڪڪول واهه آبادگار جدوجھد ڪاميٽي جي ڪنوينر سڪندر سوڍر پاران شھيد شايان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير
  • پيپلزيوٿ ونگ تعلقه ميھڙ ضلع دادو پاران، ايس ايس او جي مرڪز اڳواڻ شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال
  • 18 مارچ ٽيون ڏينھن وڪا موري کان نصيرآباد
  • 19 مارچ (چوٿون ڏينھن) سوجھرو خان ڳورڙ کان ميھڙ
  • شاگرد اڳواڻ شهيد شايان ڳورڙ جي پهرين ورسي جو اکين ڏٺو احوال
  • شهيد شايان جي باري ۾ لکيل تاثرات
  • شھيد شايان جي ياد ۾ ٿيل شاعري

  • شايان ڳورڙ جو وڇوڙو
  • نظم
  • موتي داڻو
  • بيت
  • غزل
  • شايان، شايان ھو!!
  • شايان جي جدائي
  • محبوب ڏيپر
  • ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا آھن
  • غزل
  • فضل فقير ڳورڙ
  • وفا جتوئي
  • نظم
  • مٺو موتي داڻو
  • قربان ٿي ويو
  • سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو
  • 1980ع ۾ شھيد شايان جي ڏاڏي سائين سرائي علي حيدر خان جي وفات تي کيس شاعري جي ڀيٽا
  • روشن ٻگهيو
  • فضل فقير ڳورڙ
  • فضل فقير
  • ENGLISH SECTION

  • Profile of Shaheed Shayan Sher Gorar
  • Condolence Notes:

  • سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2018ع
    ڪتاب جو نالو : پتنگ جئن پيدا ٿيو
    سهيڙيندڙ: احمد خان چانڊيو، منظور مهيسر
    سهڪار: شهيد شايان ڳورڙ اڪيڊمي ميهڙ
    ڪمپوزنگ: عبدالغفار همدم، نديم بروهي 03004322374
    الڪريم ڪمپوزرس فريدآباد
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبدالله جروار
    ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت ميهڙ
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    32737290-021

    قيمت : 300/= رپيا


    ارپنا

    انهن سڀني دوستن، همدردن ۽ وطن دوست،
    پورهيت دوست، سياسي سماجي تنظيمن جي نانءَ
    جيڪي شهيد شايان جيان ڌرتي ۽ ديس جو درد رکن ٿا ۽
    شهيد جي ابي امان جي نانءُ جنهن هماليه جيترا بلند
    حوصله رکيا ۽ شهيد شايان جي تربيت هڪ وطن
    دوست ۽ انقلابي طور ڪئي.


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شهيد شايان ڳورڙ جي جدوجهد ۽ زندگيءَ تي لکيل مضمونن، تعزيتي تاثرات ۽ شاعراڻي ڀيٽا تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جا سهيڙيندڙ احمد خان چانڊيو ۽ منظور مهيسر آهن.
    شايان پنھنجي نوخيز جواني جي مختصر مدت ۾ ذھني ۽ شعوري سگھ جو ثبوت ڏنو، اھڙي ڪارڪردگي ھر نوجوان ڏئي، سنڌ صدين کان صدين تائين سرسبز رھي. هو 21 سالن جي ڦوهه جواني ۾ حادثاتي طور وڇڙي ويو.
    هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت، ميهڙ پاران 2018ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان ڇپرايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا جي فضل الرحمان ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران
    جي راهه اجل ڪنهن ورتي آهي


    غالبن اهو 1999ع جو سال هو جڏهن منهنجي سائين علي شير ڳورڙ صاحب سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ شناسائي ٿي هئي. اسين عوامي تحريڪ ۾ سرگرم هئاسين اسان جي پياري دوست ۽ ساٿي محمد علي نوناري جو ميڊيڪل اسٽور اسان جو ٿاڪ هوندو هو. سائين علي شيرسان گهرائي ۽ ويجهڙائپ اتي ٿي.ڪڏهن ڪڏهن سائين پنهنجي ننڍڙي پٽ شايان کي به پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هو. ان وقت سندس عمر ستن اٺن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. جڏهن اسان سجاڳ ٻار تحريڪ جو مدينه ڪالوني ۾ يونٽ کوليو. تڏهن شايان به عهديدار مقرر ٿيو. ڪمسني ۽ ننڍڙي ڄمار ۾ شايان سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ زبردست سرگرمي شروع ڪئي. ان کي شاعري ياد ڪرائيسين، ڳاڙهو لالٽين، نوجوانن جو گيت، ماءُ ناول، ويٽنامي ڪهاڻيون، مائوزيتنگ جي آتم ڪهاڻين سميت تمام ٿوري عرصي ۾ قومي ۽ انقلابي ادب جو سٺو مطالعو ڪيائين.
    شايان اسان سمورن دوستن جي بي حد عزت ۽ احترام ڪندو هو. هن ۾ سهپ ۽ برداشت هئي. پنهنجي والد محترم جي سنگت سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ هن جي خاص خوبي هئي.
    ميهڙ جونهايت متحرڪ ۽ پرجوش نوجوان شايان ڳورڙ هر محفل جي جان لڳندو هو. هن ننڍڙي عمر ۾ تر جي علمي، ادبي حلقن ۾ خاص مقام پيدا ڪيو. دنيا جي عظيم گوريلا ليڊر
    چي گويرا کان تمام گهڻو متاثر هو. سندس اسٽائيل به چي جهڙو هو.
    جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِينهَن جو؛
    پَتَنگَ جِئَن پيدا ٿِيو، سامِي سِجَّ وَڙاءُ؛
    آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِيو.

    لطيف سائين جي ڪردار جهڙو هي نوجوان 14 مئي2017ع تي پنهنجي والد صاحب کي بچائيندي هميشه لاءِ امر ٿي ويو. اڄ هن جون يادون ۽ ڪردار زندهه آهن ۽ تاقيامت زندهه رهندا. اسان جي سمورن دوستن ۽ راڄ جو راڻو هو.
    شمع ٻاريندي شب پرهه باکون ڪڍيون
    موٽ مران ٿي مينڌران راڻا ڪارڻ رب
    تنهن جي تات طلب ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا

    شايان جي ڪمهلي ۽ اوچتي وڇوڙي سندس خاندان، دوستن ۽ عزيزن جون دليون جهوري وڌيون آهن. اسان طرفان سهيڙيل مضمون، تاثرات ۽ شاعري شايان کي خراج تحسين آهي. اسان بيحد شڪر گذار آهيون سردار غلام دستگير ڳورڙ، محترم غوث جتوئي، سينيئر سول جج روشن علي ٻگهيو، آزاد انور ڪانڌڙو، ساجد چانڊيو، اعجاز ڳورڙ، مير صدام ٻلهڙو، ايڊوڪيٽ رضوان حيدر تنيو، ماجد پنهور، سائين حبيب حضوري، سائين نور احمد جتوئي، ظهير ابڙو، ايڊوڪيٽ ساجد ڳورڙ، سيد منصف شاهه، طاهر محزون ڀٽي، سيد اعظم شاهه سميت سمورن دوستن جا جن اسان کي هن ڪتاب آڻڻ لاءِ اتساهيو.
    جاڀونءِ پيرين مون سان سا ڀونءِ مٿي سڄڻين
    ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺاسون
    ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي .


    احمد خان چانڊيو
    گاهي مهيسر ميهڙ


    پبلشر پاران

    پبلشر پاران


    شايان ڳورڙ ميهڙ ڀرسان ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ ۾ جنم وٺندڙ هڪ باشعور، متحرڪ، نوجوان شاگرد اڳواڻ، قومي ڪارڪن، سماج ۾ جاڳرتا ۽ تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ هو.
    سندس اوچتي دکدائڪ وڇوڙي جتي سندس خاندان، مٽن مائٽن، دوستن يارن کي ڏکارو ڪيو آهي، اتي اسان جي سماج ۾ عظيم رشتن تان کڄندڙ ويساهه واري تڪليف ڏيندڙ هن دجالي دور ۾ شايان ڳورڙ پنهنجي والد سائين علي شير ڳورڙ کي بچائيندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي، عظيم رشتن تي ويساهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو آهي.
    شايان ڳورڙ جتي سياسي، سماجي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪئي، اتي سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جي تقريبن، ادبي ميڙاڪن، سيمينارن، ريلين ۾ به شرڪت ڪري پنهنجو قومي فرض نڀايو. سندس ڪردار، جدوجهد بابت سندس ساٿين احمد خان چانڊيو، منظور مهيسر ڪتاب “پتنگ جِئن پيدا ٿيو” سهيڙي پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ نه صرف ادبي سرگرميون جاري رکيون آھن پر مختلف وقتن تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ جي ترجمان “ميھڙ جو آواز نيوز ليٽر” سان گڏو گڏ گذريل اٺن سالن کان مختلف ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ مثالي ۽ خوبصورت ڪتاب ڇپرايا آھن. جن ۾
    ... ۽ مان سنڌ پھچي ويس گورڌن شرمان گھايل 2010
    ورند جو ڪلام مرتب: جوھر بروھي 2011
    مگر تون مان نه ھونداسين اسحاق راھي 2011
    ڪاڇي پئي ڪوڪ جوھر بروھي 2012
    ايڪتا شاعري مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو 2013
    گل ڦل گيت جوھربروھي 2014
    سڄڻ سفر ھليا مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو 2015
    شامل آھن.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ جي ڪم سان ريس نه پر ساڙ ۽ بغض جي بنياد تي گذريل 30-25 سالن ۾ واندي ۽ ھلڪڙي قسم جي ماڻھن پاران ھڪ درجن کان وڌيڪ نام نھاد تنظيمون ٺاھيون جيڪي ڊھي دفن ٿي ويون آھن پر سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ کي نه لھر ۽ نه لوڏو اچي سگھيو آھي.
    آيا ويا سڪندر، سيوھڻ اڃان اتي آ،
    ھو کيرٿر کڙو آ، ويندا رھيا وناسي.
    (اياز)
    ان جو سبب سنڌ ادبي سنگت شاخ ميھڙ جي ڪارڪردگي آھي جيڪا ڪنھن ذات، فرد، گروهه جي انفرادي مفاد يا پاڻ پڏاءَ تحت نه پر اجتماعي، قومي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي مقصدن لاءِ سرگرم رھي آھي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران اسان جي ساٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جي همدرد شايان ڳورڙ بابت مانائتي دوستن احمد خان چانڊيو، منظور مهيسر پاران سهيڙيل ڪتاب “پتنگ جِئن پيدا ٿيو” ڇپائيندي، پنهنجي هڪ ساٿي کي ڀيٽا ڏيندي هڪڙو قرض ادا ڪرڻ ۽ هڪڙو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جي هيءَ ڪاوش پڙهندڙن وٽ ضرور مڃتا ماڻيندي.
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ


    مهاڳ

    مهاڳ


    بهادر شاهه ظفر ڪيڏو نه سچ چيو
    عمر دراز مانگ کي لائي ٿهي چار دن
    دو هجر ۾ ڪٽي اور دو انتظار ۾

    شايان ڳورڙ کي قدرت، سياست، محبت، سماج ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙ ۽ زندگي گذارڻ لاءِ ٿورڙو وقت ڏنو هو، 21 سالن جي مختصر ڄمار.
    شايان جي عمر به واقعي ڄڻ ته چار ڏينهن ئي هئي. 21 سالن جي مختصر ڄمار، پرائمري تعليم کان بي اي تائين پڙهائي، 7 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ سڄاڳ ٻار تحريڪ (عوامي تحريڪ) سان وابستگي، ڦوهه جواني ۾ 5 سال لاڳيتو محبت جي شمع سندن من ۾ روشن رهي ۽ 21 سالن جي عمر ۾ 14 مئي 2017ع ۾ موت هٿان کنڀجڻ. شايان ڳورڙ جي 21 سالن جي زندگي مختصر زندگي ۽ سندس سياسي، سماجي زندگي ۽ سندس ڪردار کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته شايان ڳورڙ ڄڻ ته بس هڪ مقصد لاءِ پيدا ٿيو هو.
    7 سالن کان سياست جي شروعات ڪندڙ شايان ڳورڙ زندگي دوران 14 سالن تائين سياست جي مختصر سفر ۾ هن گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ ايترو ڪم ڪري ڏيکاريائين جيڪو سندس نالي کي هڪ وڏي عرصي تائين زندهه رکندو.

    سوانحي خاڪو:
    شايان ڳورڙ ميهڙ ڀرسان ڳوٺ سوجهڙو ڳورڙ ۾ پهرين جنوري 1996ع تي اسان جي دوست ۽ ساٿي علي شير ڳورڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نالو عبدالباسط هو. شايان ڳورڙ پرائمري تعليم مدينه ڪالوني، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ون، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪئي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ پاس ڪيائين ۽ سندس جاگرافي شعبي ۾ داخلا ٿي. پر ڪجهه ذاتي سببن جي ڪري يونيورسٽي پڙهڻ نه ويو ۽ ايم اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگلش پاس ڪري وڪيل ٿيڻ جو ارادو ڪيو هئائين. ذاتي زندگيءَ ۾ به شايان هڪ محبتي نوجوان، همدرد انسان هو. هن زندگي ۾ شايد ئي ڪنهن سان ٻاڙو ٻوليو هجي. هڪ معصوم، هڪ خاموش، حساس، گهٽ ڳالهائو، ڪم سان ڪم رکڻ، وڏائي ۽ شوبازي کان پري رهندڙ، سلڇڻو ۽ سٻاجهڙو ۽ صدورو نوجوان هو. هو اسان جي سماج مان موڪلائي ويل قدرن کي پنهنجي والد علي شير ڳورڙ وانگر هر وقت قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ڪوشان رهندڙ مهمان نواز نوجوان هو. شهري مصروف زندگي ۾ به هر وقت مهمانن، دوستن جي ميڙ ۾ سندن آجيان ۽ خدمت لاءِ شايان اڳڀرو رهيو.
    سياست:
    شايان ڳورڙ هڪ باشعور ۽ حساس نوجوان هو. پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي شدت سان محسوس ڪندو هو. پنهنجي وطن واسين جي ڏکن سورن کي ختم ڪرڻ جا احساس کڻي هو سياست ۾ آيو. اها تِڙپ اهو احساس ۽ اهو روح جو آواز سندس آخري هڏڪي تائين جهڪو، ماٺو يا ختم نه ٿيو.
    18 هين صدي جي فرانسيسي جڳ مشهور مصنف، ڊراما نگار، ناول نگار، فلسفي والٽيئر پاران لکڻ جي شروعات دوران سندس والد کان ڪنهن پڇيو اوهان کي ڪيترا پٽ آهن، والٽيئر جي والد جواب ڏنو ٻه (جڏهن ته کيس 3 پٽ هئا.) مخاطب ٿيندڙ شخص کيس چيو اوهان کي ته 3 پٽ آهن. والٽيئر جي والد جواب ڏنو 2 ئي سمجهو، ٽيون شاعري ڪرڻ لڳو آهي. منهنجي نظر ۾ اهو مري چڪو آهي. سنڌ ۾ به اڪثر سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ والدين جي به اهڙي راءِ هجي ٿي ۽ اهي اولاد جي سياسي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر ٿيڻ / هجڻ تي سخت اعتراض ڪن ٿا. پر شايان ڳورڙ کي سندس والد قومي ڪارڪن ۽ استاد علي شير ڳورڙ ئي (19 هين صدي جي مشهور فرانسيسي ناول نگار گستائو فلائبير (Gustave Flaubert) جي والد وانگر) پاڻ ٻاراڻي وهيءَ ۾ 7 سالن جي عمر ۾ سياست ڏانهن راغب ڪيو. جيتوڻيڪ علي شير ڳورڙ جو بنيادي تعلق سنڌ جي آجپي واري تحريڪ جيئي سنڌ محاذ سان هو. ۽ هو جيئي سنڌ محاذ جو شهيد سميع الله ڪلهوڙو، شهيد غفار سومرو، پاويل جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت الله کوسو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو هو. پر هن روايتي سياسي انداز بجاءِ پنهنجي اولاد کي سياسي طور آزاد ۽ خود مختيار ڇڏيو. شايان ڳورڙ 7 سالن جي عمر ۾ عوامي تحريڪ جي ٻارن لاءِ قائم ڪيل سجاڳ ٻار تحريڪ مدينه ڪالوني يونٽ جو صدر ٿيو بعد ۾ عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيو. شايان ڳورڙ ننڍڙي عمر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن مرحومه زاهده شيخ، مريم پليجو ۽ نظير قريشيءَ کي نه رڳو ميهڙ تعلقي جا دورا ڪرايا پر ميهڙ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي عورتن کي گڏ ڪري تنظيم سازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ عوامي تحريڪ جي قيادت سان اختلافن بعد عوامي تحريڪ مان ڌار ٿي عوامي جمهوري پارٽي ۾ ابرار قاضي، حسين بخش ناريجو، ڀائو در محمد ٻرڙو، حريف چانڊيو، ميڊم نظير قريشي، وشنو مل ۽ ٻين سان گڏ ڪم ڪيائين. پاڻ عوامي جمهوري پارٽي جي شاگرد ونگ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو باني آرگنائيزر، مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ خزانچي به رهيو.
    سماج ۾ تبديلي ۽ سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙ:
    شايان ڳورڙ سماج ۾ تبديلي، سجاڳي لاءِ جاکوڙ ڪندڙ نوجوان اڳواڻ هو. هن هڪ نئين دنيا اڏڻ جا خواب ڏٺا هئا. ان لاءِ هن سياست ۾ به پير پاتو. سياست به اها جنهن ۾ ماڻهن جي حقن جي ڳالهه هئي. سماج ۾ تبديلي ۽ ترقي جي ڳالهه هئي. سماج کي بدلائڻ واري سوچ هئي. اقتداري سياست نه هئي. هو ڪيترن ئي صلاحيتن وارو نوجوان هو. چاهي هان ته ڪنهن اقتداري پارٽي ۾ شامل ٿي، اقتداري ڌر جا نعرا هڻي ٻين وانگر ڪا سٺي، سڻڀي نوڪري حاصل ڪري پئي سگهيو ۽ ڪروڙ پتي نه ته لک پتي ٿي پئي سگهيو ان ۾ ذهين ۽ ضمير جو سودو ڪرڻو پئي ٿو. پر هن ائين نه ڪيو ۽ هو ان سياسي جماعت ۾ رهيو جنهن جو مشن اقتدار نه پر سماج ۾ تبديلي، نئون سماج اڏڻ، مذهبي رواداري، جمهوريت جو قيام ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات هئي. هن سماج ۾ اسٽيٽسڪو خلاف جاکوڙ ڪئي. ميهڙ واسين جا پاڻي، بجلي، گئس، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جا مسئلا هجن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هجي، ڌارين جي آبادڪاري خلاف جهدوجد هجي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف تحريڪ هجي، شايان ڳورڙ هميشه اڳرو رهيو. مقامي سطح کان ضلعي سطح ۽ سنڌ سطح تي مقامي توڙي سنڌ جي قومي مسئلن تي تحريڪ ۾ هن نمايان ڪردار ادا ڪيو. پاڻ تعليم جي تباهيءَ خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي پيادل لانگ مارچ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. شايان جي اکين ۾ ديس ۽ ديس واسين جي خوشحاليءَ جا خواب هئا ۽ هو انهن خوبصورت خوابن جي ساڀيان لاءِ مسلسل جاکوڙ ۾ رهيو. شايان هڪ اهڙو بيچين روح هو جيڪو پنهنجي ذاتي يا انفرادي مسئلن بجاءِ اجتماعي مسئلن، سماج ۾ تبديلي ۽ سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو. شايان ڳورڙ سياسي، سماجي، شهري، سول سوسائٽي فورمن تي جيڪا جدوجهد ڪئي اها مثالي آهي. هو اڄ جي دور ۾ اڪثر نوجوانن وانگر مايوس ٿي، بي راهه روي يا سماجي براين جو شڪار ٿيندڙ نوجوانن جي اڪثريت واري دور ۾ هڪ رول ماڊل نوجوان هو. جيڪو نه صرف پڙهيو، سياست ڪئي، سماجي ڀلائيءِ جا ڪم ڪيا، قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، تعليمي تباهيءَ خلاف تعليم بچايو سنڌ بچايو جي نعري هيٺ پيادل مارچ ڪيا. مطلب ته شايان ڳورڙ هڪ با مقصد زندگي گذاري.
    ثقافت سان پيار:
    شايان ڳورڙ پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان بيحد پيار ڪندڙ نوجوان هو. روزانه ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سڏ تي 2009ع کان 2016ع تائين لاڳيتو 8 سال اجرڪ ٽوپي جي ڏهاڙي کان سنڌو درياهه جي ڏهاڙي، ايڪتا ڏهاڙن ۾ سدائين پرجوش ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ريلين، ميڙاڪن ۽ موٽر سائيڪلن ريلين جي اڳواڻي ڪندي پنهنجي ثقافت سان پيار ۽ ايڪتا جي اظهار لاءِ اڳڀرو رهيو. ميهڙ ۾ شايان جي قيادت ۾ ايڪتا ڏهاڙن تي ٿيل مختلف پروگرام ۽ ايڪتا ريليون ان جي اڄ به شاهدي ڏئي رهيون آهن. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته 21 سالن جي مختصر زندگيءَ کي شايان ڳورڙ با مقصد نموني گذاريو. برک شاعر امداد حسيني جي هن شعر تي سڄي زندگي عمل ڪندو رهيو.
    سنڌ جي سڏ تي سڏ جيڪو نه ڏي
    ڪوڙهيو ٿي مري
    شايان ڳورڙ ڪوڙهيو ٿي مرڻ بجاءِ سڄي حياتي سنڌ جي سڏ تي سڏ ڏيندو رهيو.
    قربانيءَ تي انحصار:
    مشهور ليکڪ ميڪسم گورڪي هڪ هنڌ لکيو آهي “گهريلو زندگي هڪ انقلابيءَ جي طاقت کي گهٽائي ڇڏيندي آهي. سدائين ائين ٿيندو آيو آهي. ٻار، بيوسي، ڳڀو حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرڪ ڊوڙ ۾ اسان کي هميشه اڳتي وڌڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسين اهي آهيون جن کي تاريخ چونڊيو آهي ته پراڻي دنيا کي ختم ڪري، هڪ نئين دنيا ويهي اڏيون.” شايان به زندگيءَ ۾ هڪ نئين دنيا، نئين سماج اڏڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
    مون کي ائين لڳندو هو ته ڄڻ ڪڏهن ڪڏهن مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري وانگر چوندو هجي “آءُ اتي هليو ويندس، جتان موٽي ڪوبه ڪونه آيو آهي. پوءِ توهان مون کي سڏيندا، پر توهان جو سڏ، توهان جي ڪنن سان ٽڪرائجي، توهان کي ٿڪائي وجهندو، پر توهين مون کي نه ڳولي سگهندؤ!” ۽ ان سان به ائين ٿيو. هن جنهن هميشه “قربانيءَ” تي انحصار ڪيو. پيار جي قرباني، والد مٿان پنهنجي جان جي قرباني ڪري هليو ويو ۽ اسين کيس ڳوليندا ئي رهون ٿا.
    سنڌ جي برک دانشور، ڏاهي حشو ڪيولراماڻي بابت ڪتاب “حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت” ۾ نامياري اديب مدد علي سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته حشو ڪيولراماڻي حياتيءَ دوران پنهنجي دوست علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو “منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي مزار جو هي ڪتبو ٿي سگهي ٿو هتي اهو ماڻهو رکيل آهي جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، انهن کان ڀڄي ويو، ان ڳالهه جي ڳولا لاءِ جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو!”
    سچ ته شايان ڳورڙ به ائين ئي ڪيو، هو اڄ ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي سوجهرو ڳورڙ جي قبرستان جي ڪلراٺي زمين ۾ ستل آهي. سندس ماءُ ۽ والد پنهنجي جوان پٽ جي مٿي تي موڙ ٻڌڻ ۽ ڀينرن پنهنجي ڀاءُ جي هٿن تي ميندي ۽ دوستن سندس هميشه ساٿ جا خواب ڏٺا هئا پر هو انهن سڀني کان هٿ ڇڏائي ائين اوچتو موت هٿان کنڀجي ويو، جو اسان کيس ڳوليندا ئي رهون ٿا!!
    شايان ڳورڙ لائبريري جو قيام:
    سوويت يونين جي يوڪرين شاعرا “ انا اخمتوفا ” لکيو آهي:
    حرفت سان چنڊ،
    شاهي دروازي مان پٺيان لڪي ڏٺو،
    ته ڪيئن مان شام جي وقت
    پنهنجي موت کان
    پنهنجي شهرت موٽائي ڏني،
    هاڻي هو مون کي وساري ڇڏيندا.
    منهنجا ڪتاب المارين ۾ پيا بوسيده ٿيندا.
    ۽ ڪائي گهٽي، يا گذر گاهه
    انا اخمتوفا جي نالي سان نه سڏي ويندي!
    اهو ڏک يوڪرين جي شاعره انا اخمتوفا جو ٿي سگهي ٿو پر شايان ڳورڙ جي وڇوڙي بعد سندس نالي پٺيان ميهڙ جي هاءِ اسڪول ٽو ۾ شايان ڳورڙ لائبريري جو بنياد سندس ياد هميشه تازي ڪندو رهندو ته اسان کيس وساريو ناهي سندس مثالي ڪردار، جدوجهد، ڪم ۽ قرباني جي هڪ ننڍڙي ئي سهي پر مڃتا ضرور ٿي آهي.
    شايان ڳورڙ بابت ڪتاب:
    گيتا ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي:
    “جسم فاني آهي. جيڪو پيدا ٿيو ان جو مرتيو يقيني آهي. جيڪو مري ويو، ان جو جنم اٽل! ان ۾ دک جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڏک ۽ سک، نفعو ۽ نقصان، هار ۽ جيت کي هڪ سمجهي تون ويڙهه ڪر!”
    اسان جي يار علي شير ڳورڙ جي جوان پٽ جي وڇوڙي جي درد کي سندس خاندان سان گڏ سندس ساٿين، دوستن احمد خان چانڊيو ۽ منظور مهيسر شدت سان محسوس ڪندي، حوصلي ۽ همت سان ان درد کي ڀوڳيندي ڀوڳيندي “هڪ دکدائڪ ياد” طور هميشه محفوظ رکڻ لاءِ سندس ياد ، سندس ڪم، سندس ڪردار، جاکوڙ کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ سندس شخصيت کي تاريخ ۾ هميشه زندهه رکڻ لاءِ هي ڪتاب “پتنگ جِئن پيدا ٿيو” سهيڙيو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران شهيد شايان ڳورڙ اڪيڊمي ميهڙ جي سهڪار سان ڇپرائي يادگار ۽ مثالي ڪم ڪيو آهي.
    هن ڪتاب ۾ ناميارن اديبن، شاعرن، ليکڪن، سياسي، سماجي مطلب ته مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن سائين جوهر بروهي، علي شير ڳورڙ، علي نواز ٻٽ، پاويل جوڻيجو، سليم مگسي، امتياز عادل سومري، عمر تيوڻي، ڪرم حسين وساڻ، ڊاڪٽر سراج سيال، طاهر محزون، حبيب حضوري، شمس ابن ضيا، شفيق چنا، لياقت علي ڏيپر، سردار غلام دستگير ڳورڙ، روشن علي ٻگهيو، ايڊووڪيٽ ساجد علي ڳورڙ، غوث جتوئي، انجنيئر جاويد علي ڳورڙ، اعجاز علي ڳورڙ ۽ ٻين جا مضمون، تاثر، تقريرون، شاعري ۽ ٻيو مواد شامل آهي. جنهن بابت وڌيڪ ڪجهه لکندي پڙهندڙن جي وچ ۾ اجائي ديوار بڻجڻ نه ٿو گهران.
    سچ ته هنن دوستن شايان ڳورڙ جي ڪردار، ڪم کي سوجهرو ڳورڙ ۽ ميهڙ جي مدينا ڪالوني جي سوڙهين گهٽين ۽ اماس راتين ۾ گم ٿيڻ ناهي ڏنو. هن ڪتاب “پتنگ جِئن پيدا ٿيو” جي اشاعت سان صدين تائين شايان ڳورڙ جي سفر کي گم ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي مثالي ڪردار تاريخ ۾ گم ٿي ويل نظر اچن ٿا.
    آزاد انور ڪانڌڙو
    ميهڙ، سنڌ
    03068577522
    25 اپريل 2018ع


    مرڻا اڳي جي مئا! (شھيد شايان جون يادگيريون)

    علي شير ڳورڙ

    علي شير ڳورڙ


    مان نه ليکڪ نه اديب باقي ادب دوست ضرور آھيان، پر شايان جي شھادت لکڻ تي مجبور ڪيو.
    وڃڻو ته مون کي ھيو، پر منھنجي ارڏي پٽ، موڀي پٽ شھيد شايان مون کي پتنگ بڻجي پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي مون کي بچائيندي شھادت جو جام پيتو ۽ وري ميھڙ تعلقي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ۽ ميھڙ شھر جي باشعور شھرين ۽ سنڌ جي ھر ضلعي مان ۽ ڪجھ بلوچستان مان قومپرست اڳواڻن سميت پھچي مون سان غم جي گھڙي ۾ گڏ رھيا. شھيد شايان جو دردناڪ واقعو ۽ منھنجو درد ھر ماڻھو پنھنجو درد سمجھيو، ۽ جنازه نماز ۾ تاريخي اجتماع ڏسي وڏي آٿت ملي، ان ڪري ئي مون کي جيئڻ جو گس ۽ حوصلو مليو.
    شھيد شايان جو اصل نالو عبدالباسط ھو، جيڪو پھرين جنوري 1996ع صبح جو 11:00 بجه ڌاري ڳوٺ سوجھرو خان ڳورڙ ۾ ڄائو، جيڪو ڳوٺ اسان جي پڙ ڏاڏي سرائي سوجھرو خان ڳورڙ جي نالي سان آھي، شايان جي نالي رکڻ جي رسم ۾ پنھنجا ويجھا رشتيدار ۽ ويجھا دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ھئا. منھنجي مائٽن ۽ دوستن سان بھتر روين جي ڪري وڌي چڙھي خوشي ملھائي ھئي ۽ سڀ مون کي عزت جي نگاھ سان ڏسندا ھئا ۽ ڏسندا آھن، شھيد شايان ھوشيار ۽ سلڇڻو ھوندو ھو، جڏھن چار سال جي ڄمار جو ٿيو ته شايان کي ڪامريڊ قربان پنھور جي ننڍڙي جي طھر سنت جي رسم ۽ وليمي جي دعوت ۾ وٺي ويو ھيس، جتي وليمي کان اڳ يعني ڦنڊر واري رات جو “خان جو ڳوٺ” ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت سميت سڀ دوست گڏ ٿيا ھئاسين. ٻھراڙي جي ڳوٺ ۾ واش روم جي سھولت نه ھئڻ سبب ڪجھ دوست رات جو ٻاھر نڪري وياسين ھر ڪنھن پنھنجي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ اوسا پاسا ورتا، شھيد شايان به گڏ ھليو ھو، ھن به چيو ابو مان به اوسو پاسو وٺان؟ اسان چيس وڃي ويھ، جڏھن پاڻي کڻي ٿوري پنڌ تي ويٺو، مون سان گڏ شھيد وھاب کوسو ٽارچ سميت بيٺا ھئاسين شھيد وھاب چيو ته شايان سان مذاق ڪيون؟ ٽارچ ٻاري شايان ڏي منھن ڪيائين ھُو ٻار ھو جڳھ مٽائيندو ۽ کلندو ۽ چوندو رھيو ته چاچا ٽارچ بند ڪر، پريشان نه ٿيو، اڃا به ھُو انجواءِ ڪندو رھيو ۽ پوءِ واپس اوطاق تي آياسين، ماني جو سٺو بندوبست ٿيل ھو، ماني کاڌي، ان کان پوءِ سياسي ڪچھريون، تبصرا ڪرڻ لڳاسين توڙي جو شھيد شايان ننڍڙو ٻار ھو، تنھن ھوندي به اھي ڳالھيون، ڪچھريون غور سان ٻڌندو رھيو، ھن لاءِ سڀ دوست تعريف ڪرڻ لڳا ۽ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳا ته ھي ننڍڙو سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، ھن ۾ ليڊر شپ جون سڀ صلاحيتون نظر اچن ٿيون، ان وقت ايڏا وڏا سياسي استاد ان جي تعريف پيا ڪن ته مان به دل ئي دل ۾ خوشي محسوس پيو ڪريان ته مان اھوئي ٿو چاھيان ته شايان سنڌ ڌرتي لاءِ پنھجو اھم ڪردار ادا ڪري.
    پوءِ دوستن ھُن لاءِ ٻارن جي تنظيم ۾ ايڪٽو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. منھنجي قومپرست سياست ۾ حصو وٺڻ سنڌ ڌرتي لاءِ پنھنجي حصي پتي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو سبب منھنجو ماما سائين الھرکيو خان ڳورڙ صاحب ھو. ڇو ته ان سان گھڻو وقت گڏ رھڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ ھن به پنھنجي زندگي قومپرست سياست ۾ گذاري. جڏھن ڪڪڙ ۾ ھيڊ ماستر طور بدلي ٿيا ھئا ته ان وقت مون کي گڏ وٺي ويا. پنھنجي اسڪول گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ پڙھايائون ۽ مشھور شاعر سائين محسن ڪڪڙائي کان ٽيوشن وٺي ڏنائون، ان کان بعد ماما سائين جي بدلي راڌڻ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ ٿي. تڏھن به مون کي پاڻ سان گڏ راڌڻ وٺي ويا. اتي ڏھين ڪلاس ۾ جنھن جو ڪلاس ٽيچر سائين حبيب الله ٻٻر وٽ مان پڙهيس . ماما سائين جا مون تي تمام گھڻا اثر پيا جو مان به قومپرست سياست يعني جيئي سنڌ وارن سان ھمدرد دوست طور سياست جي شروعات ڪئي، پوءِ وري باضابطه طور تي شام جو مون وٽ شھيد سميع الله ڪلھوڙو، پاويل جوڻيجو، ڪامريڊ شھيد غفار سومرو، سائين عابد ڪلھوڙو، سائين سراج احمد پنھور، ڊاڪٽر ھدايت الله کوسو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو وارا آيا. مان به گھٽي ۾ کٽون ڪڍرائي ورتيون، انھن سان ڪافي ڪچھريون ٿيون، ۽ چيائون ته توھان اسان سان ھمدرد دوست طور تي گھڻو گڏ ھليا آھيو، ھاڻي توھان جيئي سنڌ محاذ جا ميمبر ٿيو، جيڪا مون دعوت قبول ڪئي، تنظيمن جي طور طريقن وانگر مون کان درخواست لکرائي ورتي، ڪجھ ڏينھن کان پوءِ مون ڏي ضلع ڪاميٽي طرفان ميمبر طور ميمبرشپ جو ليٽر آيو، جيڪو اڄ تائين مون وٽ موجود آھي، ۽ شھيد سميع الله ڪلھوڙو جا ميٽنگن بابت خط اڄ به موجود آھن، انھن سان به سنڌ جي مسئلن تي جدوجھد جاري رکي، اصل ۾ سچ ھي آھي ته نظرياتي طور تي اسان جو سن جي سيد سان مضبوط رشتو ھو، پر پوءِ ڪجھ جيئي سنڌ جون سرگرميون گھٽجي ويون، اندروني طورتي ڄُنڊا پَٽَ شروع ٿي ويئي، جدوجھد ۾ ٿڌاڻ ٿي وئي، تنھن ٽائيم ۾ مان عوامي تحريڪ کي تيز ترين جدوجھد ڪندي ۽ اسٽڊي سرڪل ھلائي ڪارڪن جي تربيت ڪندي ڏسندو ھيس، انھن جي جدوجھد ۽ ڪم جي طريقيڪار کان متاثر ٿيس. ۽ اتي اسان جا دوست سائين احمدخان چانڊيو، منظور مھيسر، محمد علي نوناري وارا عوامي تحريڪ ۾ تمام گھڻو سرگرم ھئا. ڪجھ وقت انھن سان ھمدرد دوست طور ڪافي وقت جدجھد ۾ پئي ھلياسين انھن به اسان کي پنھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا مون ۽ روشن ٻگھيو قبول ڪئي، ان ۾ روشن ٻگھيو ميٽنگ ۾ وڃي عوامي تحريڪ جوائن ڪئي، پر مان اڻ اعلانيه طور پارٽي جوائن ڪئي، ڇوته مان جيئي سنڌ محاذ ۾ ھيس ان جي لاءِ مون حجاب ڪيو ھو، بقول احمدخان جي چوندو آھي، تون حجاب ٿو ڪرين، اسان عوامي تحريڪ ۾ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته اسان کي نئين تعلقي باڊي ۾ چونڊيو ۽ باضابطه طور تي جدوجھد عوامي تحريڪ کان زور شور سان شروع ڪري ڏني.
    جڏھن شايان پنج سال جي ڄمار جو ٿيو ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول المدينه ڪالوني ميھڙ ۾ داخل ٿيو، شايان کي ست سالن جي ڄمار ۾ پارٽي مدينه ڪالوني سجاڳ ٻارتحريڪ جو صدر چونڊيو ويو، مدينه ڪالونيون ۾ پنھنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، جڏھن پھرين ميٽنگ ۾ ڏھن پندرنھن ڏينھن ۾ ڪوٺائي ويئي ته ان ۾ ويھن ٻارن جي شرڪت ڪرائي سگھيو پوءِ رات جو مان تنقيد ڪندي چيومانس بابا تنظيم سازي ۾ واڌارو نظر نٿو اچي، مون کي چوڻ لڳو ابو ھتي مان ھڪڙو سجاڳ ٻار آھيان باقي ٻيا اڃان ننڊ ٻار آھن، انھن کي جاڳائڻ جي ضرورت آھي، تڪڙ نه ڪريو باقي ٻي ميٽنگ ۾ وڌيڪ شرڪت ڪرائيندس.
    ائين ئي تنظيم ۾ سرگرم ٿي جدوجھد ڪندو منزلون طئي ڪندو ويو. عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ (SST) ۽ پوءِ عوامي تحريڪ ۾ اڳتي پنھنجون سڀ صلاحيتون استعمال ڪندي سنڌ ڌرتي جي حقن لاءِ وڙھندو رھيو ۽ پنھنجو پاڻ مڃرائيندو رھيو ۽ اڳتي پارٽي اندر به مقبوليت ۽ عزتون وٺندو ويو.
    پوءِ ميھڙ شھر جا لوڪل اشوز (Local Issues) ھجن يا ايڪتا جو ريليون ھجن، سياسي سماجي پروگرام ھجن، ھر سياسي جدوجھد ۽ پروگرامن ۾ انائونسمينٽ (Annoucment) تقريرون ۽ اڳواڻي ڪندو رھيو.
    جڏھن سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون ادي زاھده شيخ، ادي مريم پليجو ۽ ادي نظير قريشي مرڪز کان پارٽي دوري تي آيون ھيون، شايان انھن سان تعلقي جو دورو ۽ عورتن سان ميٽنگون ڪرائي رات جو انھن کي پنھنجي گھر وٺي آيو ھو، انھن سان منور جتوئي پڻ گڏ ھيو ۽ گھر ۾ شايان پاڙي جون عورتون گڏ ڪري وڏي تنظيم سازي ڪرائي ھئي، رات جو اسان منور جتوئي سان اوطاق ۾ تنظيم جي مسئلن تي بحث مباحثو ۽ ڪچھريون ڪيون، تنھن ۾ به شايان سڄي رات ڪچھريون ڪيون ۽ ھر محاذ تي اڳيان اڳيان ھوندو ھو.
    عوامي تحريڪ ۾ اسان شايان سميت گڏ ھلياسين پر انھن جا ضابطا سخت ٿيندا ويا . پوءِ پارٽي پاليسي سان اختلاف ھجڻ ۽ مختلف دوستن تي بي بنياد الزام تراشي سبب پارٽي کان علحدگي اختيار ڪندي پنھنجا فورم ۽ تنظيمون ٺاھي، سنڌ ڌرتي ۽ مظلوم ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد جاري رکي.
    پوءِ ڪڏھن لوڪل اشوزتي پروگرام يا ليڪچر ڪرائيندا ھئاسين ڇو ته اسان کي سنڌ ڌرتي سان جيڪو وچن ڪيل ھو ته ويھڻو نه آھي، اسان ان وقت به ميھڙ شھر ۾ نمايان ھوندا ھئاسين ڪاڌرليکيا ويندا ھئاسين. انھي ھر جدوجھد ۾ شھيد شايان جي اڳواڻي جو ڪردار رھيو، ان ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي شينھن جي گجگوڙ ڪري ريلي کي گرمائي ڇڏيندو ھو، جڏھن ريلي گھنٽاگھر پھچي ويندي ھئي، جنھن جي اڳواڻي ڪندي انائونسمينٽ ۾ وڏي نعريبازي سبب رستي ويندڙ به موٽي جلوس ۾ شريڪ ٿيندا ھئا، اسٽيج جو بادشاھ ھوندو ھو، اسان سڀئي ۽ ريلي ۾ شامل ماڻھو چوندا ھئا. شايان شعر پڙھندو وڃي ۽ اسان ٻڌندا وڃون ڪي دوست ته فرمائشون ڪندا ھئا ته اڃان انقلابي شعر پڙھي ائين ئي سرگرميون جاري ھيون. ان جي فورمن عوامي فورمه ۽ ان ٽيم جا دوست احمدخان چانڊيو، غوث جتوئي، ڊاڪٽر غلام شبير جھتيال، شايان سميت روشن ٻگهيو، رياض چانڊيو، شامل ھئاسين، ۽ ان کان علاوه ادبي فورم جنھن ۾ سٺو ڪردار ادا ڪندڙ ماڻھن جن ۾ سائين حاجي عبدالڪريم ٻگھيو، ايڊووڪيٽ شاھ محمد سومرو ۽ ٻين سان ادبي رھاڻيون ڪيون. انھن سرگرمين ۾ جيڪي ذھين شاگرد انٽري ٽيسٽ پاس ڪندڙ جيڪي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ويندا ھئا انھن کي مڃتا ۽ ايندڙ نسل کي اتساھ ڏيڻ لاءِ وڏا وڏا شاندار آجياڻا ۽ وڏا پروگرام ڪياسون ۽ اسٽڊي سرڪل ۽ پروگرام مخلتف موضوعن تي جن ۾ وڏا وڏا دانشور، عبدالعزيز ٻرڙو، ڪامريڊ شبير سومرو، احمد مشتاق راڄپر، ممتاز کوکر کان ليڪچر ڪرايا ھيا. ان ۾ ھڪ دفعي احمد مشتاق راڄپر جو ليڪچر رکرايوسين، انھن ڏينھن ۾ احمد مشتاق به پارٽي کان ٿورو پاسيرو ٿي چڪو ھو. ان پروگرام ۾ غوث جتوئي، احمدخان چانڊيو، روشن ٻگھيو، منظور مھيسر، شايان سميت ليڪچر ۾ تڏھن به انائونسمينٽ شايان ڪئي ھئي، ليڪچر کان پوءِ رات جو احمد مشتاق راڄپر سان سياسي ڪچھريون ٿيون، بحث مباحثه پڻ ٿيا، اسان سنگت سان الڳ پارٽي ٺاھڻ جي ڳالھ رکي، احمد مشتاق کي چيوسين توھان سميت سڄي سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جو بنياد وجھندڙ دوست پاسيرا ويٺا آھن، سنڌ ۾ جيڪا موجوده صورتحال ۾ ٻيون تنظيمون سنڌ دوست ڌريون به ٿڌيون ٿي ويون آھن.
    جيڪا سنڌ ۾ مايوسي واري صورتحال آھي، ۽ ان کي خدمت ڪرڻ لاءِ اسان کي سنڌ اندر نئين پارٽي ٺاھڻ گھرجي ھونئن به اسان مختلف فورمن تي سنڌ جي حقن لاءِ ڪيترو وڙھنداسين. احمدخان سميت سڄي سنگت کي بھتر ڳالھ لڳي جيڪا سڀني مڃي ورتي. ان ڏينھن کان پوءِ پڪو پھ ڪري سڄي سنڌ ۾ جيڪي ھڪڙا پارٽي سان اختلاف رکي ڪاوڙيل ڪجھ ويٺل ڪامريڊن سان رابطا تيز ڪري ڏنا. ان نتيجي ۾ عوامي جمھوري ڪائونسل جوڙي ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ نئين قومپرست پارٽي وجود ۾ آئي، جنھن ۾ آئين منشور ۽ ھر ڪارڪن کي ليڊر ھجڻ جا حق ڏيڻ جھڙا قانون ٺاھيا ويا، جيڪو اھو منھنجي خيال ۾ ڪريڊٽ غوث جتوئي، احمد مشتاق ۽ احمد خان ڏانھن وڃي ٿو. ۽ ميھڙ شھر مان شروعات ڪري سڄي سنڌ ۾ تيزي سان سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد جاري رکي ويئي، جڏھن عوامي جمھوري ڪائونسل ميچوئر ٿي پوءِ عوامي جمھوري پارٽي جي نالي سان پاڻ مڃرائي ورتو، ان ۾ شاگردن جي لاءِ شاگرد ونگ جوڙڻ ۾ شايان اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ شاگردن سان گڏجاڻيون ڪري سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن (SSO) جو بنياد رکيو پاڻ پھريون مرڪزي اڳواڻ طور ڪم ڪرڻ لڳو.
    ائين ئي عورتن جي مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ عوامي جمھوري پارٽي عورتن جي ذميواري ادي نظير قريشي تي رکي وئي. عوامي جمھوري پارٽي جي اھا پھرين عورت جنھن سنڌ ۾ دورا ڪري عورتن سان گڏجاڻيون ڪرڻ شروع ڪيون جڏھن دوري ۾ آئي ھئي ان کي به تعلقي جا دورا ڪرائي، شايان ادي نظير قريشي کي پنھنجي گھر رھائڻ ۽ ان جي ميزباني جو شرف حاصل ڪيو، ۽ شايان جڏھن انٽر سٺين مارڪن ۾ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ ويٺو ھو جيڪا پاس ڪري جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي ھيس پر ڪجھ سببن جي ڪري به وڃي نه سگھيو.
    ھاڻي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ (M.A.English) سنڌ نيورسٽي ۾ ڪرڻ جو ارادو ھيس، ۽ پاڻ کي وڏو وڪيل ٿيڻ جو خواب ھيس جيڪو خواب اڌورورھجي ويو.
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿين مات،
    ھوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جِئا.


    مَهان انسان: شايان ڳورڙ شھيد

    مَهان انسان: شايان ڳورڙ شھيد

    جوھربروھي


    سنڌ جو ھر خطو ۽ ھر شھر يا واھڻ پنھنجي جدا جاگرافيائي مانَ سان گڏ، ھڪ جدا تاريخي شان به رکي ٿو، انھن شانائتن ڪردارن يا ڳڻن علائقي جي جوڙجڪ کي به اھميت آھي، ڇو ته ڌرتي ۽ انساني فطرت قطعي طور ھڪ جھڙيون آھن، جيئن اوھان ويھ ڪلو ميٽر سفر ڪيو ته اھو غيرآباد علائقو ھوندو، جھڙوڪ رڻ يا جابلو علائقو.
    ڌرتي جي بيھڪ جڏھن مختلف زاويا رکي ٿي ته پوءِ ڏسندڙن کي به ھڪ لطف اچي ٿو، ان ريت انساني مزاج آھي، جيڪڏھن ڪو انسان ھڪڙي ڪيفيت ۾ رھي ته ان سان ملڻ اٿڻ ويھڻ اوکو ٿي پوي، جڏھن لمحي لمحي انساني مزاج جو ڪيفيتون مٽجندڙ ھجن ٿيون ته پوءِ ان سان ئي لاڳاپا ۽ رشتا آھن، جيئن وڏير ڪو مزاج يڪسانيت جو شڪار آھي، ان ڪري ڳوٺ شھر ۾ وڏيري جو سماج اوپرو رھي ٿو، جيڪڏھن طبيعت ۾ عوامي پڻو ھوندو ته پوءِ اھا ڪامياب آھي.
    سنڌ جي ھر شھر ۾ ملوڪ ماڻھو جنم وٺن ٿا. جيڪي پنھنجي عزم، ڪردار سان تاريخ ۾ جاءِ والارين ٿا. جيڪو ماڻھو جنھن شھر ۾ رھي ٿو، جنھن ۾ ان جو گھر، روزگار ۽ رشتا آھن، ته اھو ان کي ڪافي پيارو آھي، تان ته آکيري جھڙي خالي رھائش گاھ به ھر پکي کي پياري آھي، ان ڪري سارو ڏينھن داڻو چوڻو چونڊي سانجھ ويلي ولر ڪري پنھنجي آکيري ۾ اچي ٿو، ۽ سڪون سان رات گذاري ٿو، ان ريت پنھنجو شھر ۽ شھر ۾ پنھنجو گھر به سڪون جو مرڪز ھجي ٿو.
    منھنجو اباڻو ڳوٺ فريدآباد آھي، جنھن جو مرڪزي شھر ميھڙ آھي، جنھن سان انيڪ يادون لاڳاپيل آھن، ميھڙ ڪن ڳالھين جي ڪري سنڌ يا سنڌ کان ٻاھر شھرت رکي ٿو، جنھن ۾ مائو، ميندي، جو ذڪر عام اچي ٿو، ان سان گڏ وقت تائين ميھڙ جو ماھيو مال به پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا جي لحاظ کان ڀاڳين وٽ ڪافي مقبول رھيو، جو بنيادي طور ميھڙ مَھين جي ملڪ جو وڏو ماڳ آھي، مَھين جي ملڪ جي ڳالھ تاريخن ۾ اچي ٿو، ھي شھر ان ڪري به اھميت رکي ٿو ھن جي چوڌاري ڍنڍون آھن، جيڪي درياھ جي اولھندي وھڪري جون نشانيون آھن، انھن ڍنڍن جي معلومات به جدا مضمون گھري ٿي.
    ھر شھر جا ماڻھو ڏاڍا مانَ ڀريا ، سٺي سلوڪ ۽ احسان وارا ماڻھو آھن، ان ريت ميھڙ جي ماڻھن جو به ھڪ جدا گانه ۽ مھرڀريو رويو آھي، جنھن جو ھيئن تجربو به ڪجي، ميھڙ جي علائقي ۾ ڪنھن ميھڙ واسي کان ڪو مسافر معلومات گھري ته ميھڙ واسي اميد ته قرب ۽ ادب سان معلومات ڏيندو، “ڪسا پڪا جٿ ڪٿ ھوندا”.
    ميھڙ علائقي ۾ ڪافي قبيلا رھن ٿا، ۽ جيڪي جدا جدا پنھنجو شان رکن ٿا. انھن ۾ ھڪ ڳورڙ قبيلو به آھي، سياست، ادب ۾ ته ھنن جو ڪم آھي، پرخاص طور تعليم جي ميدان ۾ ھن قبيلي ۾ شعور رکندڙن جي ھڪ وڏي فھرست آھي، ڳورڙ قبيلي جي ڳوٺن ۾ تعليمي ادارا واقعي تعليمي، تدريسي مرڪز آھن، ان ۾ ڳوٺ واسين جي دلچسپي به ھڪ سبب آھي.
    ڳورڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ سوچ ڀريو انسان دوست علي شير به آھي ، جنھن سان ھڪ عرصي کان واقفيت آھي، خاص طور ادبي ميڙن ۾ دوستن سان موجودگي ادبي دنيا لاءِ ھڪ آٿت آھي، مون کيس ڪڏھن اسٽيج تي نه ڏٺو آھي، ۽ نه وري ٻڌو آھي، پر شاعرن ۽ اديبن جي ڪچھري ۾ اول کان آخر تائين ساٿ ڏيندڙ ڏٺو آھي، ھن وٽ سنڌ جي آجپي ۽ آبادي جا خواب به آھن، سندس ھونھار فرزند شايان ڳورڙ جيڪو جيڏن ۾ ۾ مقبول ڳڀرو ھيو ۽ ساٿ جو سرواڻ به لکيو ويو، ان کي مون ڪونه ڏٺو، جي ڏٺو ھوندم ته ھن وقت ياد به ناھي، ٻالجتي کان سندس شعوري جاڳرتا جي خبر ٻڌي پروڙ پئي ته ميھڙ شھر کان ھڪ امل ماڻڪ کسجي ويو، شايد ايندڙ وقت ۾ ھو شھر جي لاءِ پارس ته شھر جي مسئلن لاءِ جاکوڙي ۽ سنڌ جاڳرتا ۾ نالو ڪمائي ھا. شيخ سعدي فارسيءَ ۾ چيو ته “تونگري جو تعلق دل سان آھي، مال سان ناھي، عمر جو تعلق عقل سان آھي، سال سان ناھي”.
    ننڍي وھيءَ ۾ شايان جو سوچون خوشبو واسيل ھيون، جيڪا معلومات سندس سڀاءَ متعلق مون کي ملي آھي، افسوس به ٿيو ته ساڻس ڪا ملاقات ھجي ھا، ملاقات ھجي ته پوءِ ھڪ يادگيرو به ھجي ھا.
    ميھڙ جي شخصيتن جو ھڪ تسلسل آھي، زندگي جي ھر شعبي ۾ ڪامياب ماڻھو ھن تَر ڄڻيا، جن جي مڻيا ميھڙ تاريخ ۾ سونن اکرن سان لکجي، فھرست به ايڏي ڊگھي آھي، نالا لکندي قلمڪار جا ھٿ ۽ قلم ٿڪجي پوندو.
    ميھڙ جي ڪامياب انسانن جي پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ نمايان ڪم، جيڪڏھن محترم شمس الدين بلبل کان شروع ڪري شايان ڳورڙ جي نالي تي فل اسٽاپ ڏجي ته اھي نالا به ھزارن ۾ ھوندا.
    شايان پنھنجي نوخيز جواني جي مختصر مدت ۾ ذھني ۽ شعوري سگھ جو ثبوت ڏنو، اھڙي ڪارڪردگي ھر نوجوان ڏئي، سنڌ صدين کان صدين تائين سرسبز رھي، مان ميھڙ جي ادبي دنيا جي طرفان شايان کي سلام پيش ڪريان ٿو.


    شايان علي ڳورڙ ھڪ محبتي انسان

    شايان علي ڳورڙ ھڪ محبتي انسان

    علي نواز ٻٽ


    ھڻڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ،
    مانجھيان ايءُ مرڪ،
    وجھن تان نه فرق، رڪ رھندي راند ۾.


    شايان کي آءُ سندس ڪيترن ئي پيڙھين کان سڃاڻان سندس خاندان سان منھنجي خاندان جا ڪيترن ئي پيڙھين کان گھريلو تعلقات ھئا آھن، سندس والد علي شير سندس چاچو حسين بخش (نظام الدين) سندس ڏاڏو سرائي علي اڪبر چاچا سرائي علي حيدر، چاچا سرائي علي نواز خان، ڏاڏا سرائي رانجھو خان ڳورڙ ۽ سندس سڄي خاندان ۽ پاڙي سان اسان ائين رھيا سون جيئن سڳا ڀائر پاڻ ۾ ھوندا آھن، ماسڙ محمد صادق، ماسڙ محمد يعقوب، چاچا محترم الھرکيوخان، چاچا نياز علي، چاچا سرائي غلام رسول خان، چاچا سرائي سوجھرو خان، چاچا شھاب الدين سڀ قربائتا ۽ محبتي انسان ھئا، ڪنھن جا نالا لکي ڪنھن جا لکان، سڀ قربائتا ھيا، ڳوٺ ۾ ته اوطاقون به گھڻيون ھيون، پر شھيد شايان علي جي وڏڙن جي اوطاق ۾ سدائين ميلو متل ھوندو ھيو، آيل ڀوڳ، ڪچھري، حال احوال سدائين محفل متل ھوندي ھئي.
    شھيد شايان کي قرب ۽ محبت ورثي ۾ ملي ھئي، ھڪ دفعو جيڪو مليو ته سدائين لاءِ دوست بڻجي ويو، ننڍي عمر ۾ وڏن سياستدانن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلڻ ھر ڪنھن جو ڪم ڪونھي، 1996-01-01 کان 2017-05-14 تائين ھن جو سياسي ۽ سماجي سفر پنھنجي معراج تي پھچي ويو.
    سجاڳ ٻار تحريڪ کان ٿيندو SST عوامي تحريڪ ۾ پوءِ عوامي جمھوري پارٽي تائين پنھنجي سياسي سفر ۾ ھن ڪڏھن به جھول نه کاڌو.
    منھنجو واسطو اگرچه جيئي سنڌ محاذ سان ھيو ۽ آءٌ سندن خاندان وٽ ايندو ويندو رھندو ھيس، ته ٻيا ڪي سوال ڪندا ھيا ليڪن ھي احترامن مون سان بحث نه ڪندو ھيو.
    ھو علائقي ۾ ھڪ سماج سڌارڪ ھيو، پنھنجي پاڙي جا مسئلا، گھٽي جا مسئلا، شايان آھي ته ٻئي ڪنھن کي فڪر ئي نه ٿيندو ھيو، ھو خدمت خلق جي جذبي تحت ھر سماجي مسئلي ۾ اڳ ڀرو ۽ اڳيان اڳيان ھوندو ھيو، ڪنھن به سياسي يا سماجي ورڪر لاءِ ھي ڳالھيون ضروري آھن:
    (1) علم
    (2) اخلاق
    (3) لالچ کان مٿانھون ھئڻ
    (4) خوف کان مٿانھون هئڻ.
    شايان ڊپلومه ڪيو، بي اي ڪئي ۽ سياسي، سماجي مسئلن متعلق ڪتابن جو مطالعو ڪيو، ھو مطالعي کي وڏي اھميت ڏيندو ھيو.
    آءُ اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيو آھيان ته شايان بلند اخلاق جو مالڪ ھيو سڀ ڪنھن سان نياز نوڙت سان پيش اچڻ، سڀ ڪنھن سان محبت سان پيش اچڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ انھن خوبين جي ڪري ميھڙ شھر جي سمورين سياسي ۽ سماجي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ساڻس محبت ڪندا ھيا، ان جو مثال اھو آھي ته مختلف جماعتون شايان لاءِ تعزيتي ميڙاڪا ٿيون ڪن ھن جو اخلاق ايترو بلند ھيو جو ھر ماڻھو جي اک آلي ھئي، ھر ماڻھو سمجھڻ لڳو ته شايان جي وڇوڙي سان سندس نقصان ٿيو آھي.
    شايان ۾ لالچ نه ھئي ذاتي مفاد ڦٽي ڪري ھن قومي مفادن لاءِ پاڻ ارپيو ۽ ھر قسم جي لالچ کان مٿانھون ٿي گذاريو.
    شايان ۾ لالچ نه ھئي، ته نه ھن ۾ خوف ھو، ھُو بي ڊپو سنڌين ۾ سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو ھيو.
    جڏھن ڪا قوم غلام ٿيندي آھي ته حاڪم طبقا انھن ۾ ھر قسم جون برايون داخل ڪندا آھن، ته جيئن اھا قوم انتشار جو شڪار رھي، سنڌي قوم ۾ انيڪ برايون نظر اينديون اھي سڀ حاڪم طبقن جون بڇيل آھن.
    حاڪم طبقا چاھيندا آھن ته اھا قوم جاھل ھجي، ڪرمنل ھجي، اخلاق جو ڏيوالو نڪتل ھجي، بک، بيروزگاري صحت جي سھولتن جي اڻاٺ، تعليم جي تباھي ھجي ته اھا قوم سدائين غلامي جا ڳٽ پائي ، ڇيرون پئي ڇمڪائيندي! سنڌي قوم سان اھي سڀ ڳالھيون لاڳو آھن، سنڌ اندر ڪرمنل ماڻھو ختم ئي نه ٿا ٿين، وري سڄي سنڌ ۾ نشي جي بيماري ھر محلي ۾ ڪٿي ته ھر گھٽيءَ ۾ موالين جي بيٺڪ ملندي ان مان ظاھر آھي ته نوجوان نسل، اڄ جي نوجوانن کي شايان جھڙن بي لوث ورڪرن ۽ ليڊرن جي ڪردار مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. ھو جتي به جنھن به پارٽي ۾ ھيو، ھو جنھن به حيثيت ۾ ھيو ته ويھي نه رھيو، ھن ڏک ۾ سُک ۾ پنھنجي مٿان سونپيل ذميوارين کي نڀاھيو، جڏھن به ڪو عمل جو وقت آيو ته ھو اڳيان اڳيان ھيو، سندس جماعت جي نظرئي سان اگر ڪوئي اختلاف ڪري ته ڪري سگھي ٿو، پر ھن جي ڪردار کان، ھن جي جدوجھد کان، ھن جي ڪم جي طريقي ڪار کان ھن جو ساٿ کي سنڀالي ھلڻ کان، ھن جو مختلف جماعتن سان نظرياتي اختلاف رکڻ باوجود گڏجي ڪم ڪرڻ کان، سنڌ جي يا علائقي جي مسئلن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگھي، ھو ڀرپور جدوجھد ڪندڙ با وقار نوجوان ھيو، جدوجھد وري جدوجھد جو قائل ھيو، ڪڏھن نه ٿڪو ۽ جدوجھد ڪندي حادثاتي طور اسان سڀني کان ڌار ٿي ويو.


    شايان ڳورڙ سماج کي تبديل ڪرڻ واري فڪري تحريڪ جو ھڪ سپاھي

    شايان ڳورڙ سماج کي تبديل ڪرڻ واري فڪري تحريڪ جو ھڪ سپاھي

    پاويل جوڻيجو


    جڏھن ھن جي شھادت جي خبر لکي رھيو ھئس ته لکي نه پئي سگھيم، منھنجي ھٿن جون آڱريون ليپ ٽاپ تي اھا خبر لکڻ کان نابري واري ويٺيون ھيون، ذھن سوچڻ ڇڏي ڏنو ھيو، ذھن ۾ ڪي لفظ نه ٺھي رھيا ھئا. دل ۾ ڏک جو احساس مون کي سُن ڪري ڇڏيو ھيو، خبر ھئي نوجوان پٽ پيءُ کي بچائيندي موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو، شھيد ٿيل نوجوان سان منھنجو ڪڏھن ميل ميلاپ ڪونه ھيو، جي ٿيو ھيو ته ياد نٿو اچي، ھن جو والد علي شير ڳورڙ منھنجو ذاتي، سياسي، نظرياتي گھرو دوست ھيو، شايد ان سان اھڙو رشتو ھجڻ ڪري منھنجي اھا ڪيفيت ٿي وئي ھجي، ان لمحي مان پنھنجي اھڙي ئي ذاتي ۽ سياسي، نظرياتي دوست احمدخان چانڊيو کي واقعي بابت حقيقي معلومات وٺڻ لاءِ موبائيل نمبر تي ڪال ڪئي، ته ھن انتھائي ڌيمي ۽ ڏک واري انداز ۾ ٻڌايو ته سائين علي شير ڳورڙ جو نوجوان پٽ شايان ڳورڙ سائين علي شير ڳورڙ کي بجلي جي ڪرنٽ مان بچائيندي پاڻ بجلي ڪرنٽ ۾ ڦاسي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، محسوس ائين ٿيو ته ڄڻ احمد خان چانڊيو جي دل، دماغ کي به وڏو صدمو رسيل ھيو، شايان ڳورڙ ڪير ھيو ڇا ھيو، ان جي باري ۾ شھادت کان پوءِ معلوم ٿيو ته، ھو اھو سماجي، سياسي طور متحرڪ نوجوان ھيو، جيڪو سماج کي تبديل ڪرڻ ۽ سماج کي تعليمي شعور ذريعي ھڪ انقلابي تحريڪ کي منظم ڪرڻ وارو نوجوان ھيو، جنھنجي والد علي شير ڳورڙ سميت سندس سياسي، تنظيمي دوستن تعليمي، سماجي، معاشي فڪر سان تربيت ڪري ھڪ علمي حوالي سان مڪمل متحرڪ نوجوان بڻايو ھيو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽي ڳوھي خوبصورت دلا ۽ مٽ ٺاھيندو آھي، شايان ڳورڙ جو اوچتو وڇوڙو سندس والد علي شير ڳورڙ کان وڌيڪ ھن سماج لاءِ وڏي صدمي جو ڪارڻ آھي ۽ سماج جي بھتري لاءِ علمي تحريڪ وڌائڻ وارن دوستن جو آھي، بھرحال شايان ڳورڙ سان ملاقات نه ھوندي به ھن جي موجوده سماج ۾ ادا ڪيل ڪردار بابت ڄاڻڻ کان پوءِ لڳي ائين ٿو ته ھو ڄڻ منھنجي وجود جو حصو ھيو ۽ اھو حصو ھن وقت منھنجي جسم، روح، دل، دماغ کان الڳ ٿي ويو آھي، ھو ھڪ فڪري تحريڪ جو سپاھي ھيو، ۽ بھادري سان ان فڪري تحريڪ جي مورچي تي وڙھيو ۽ پنھنجي والد سان پيار جي انتھا ڪندي ھن کي بچائيندي ھڪ وڏي عظيم قرباني ڏئي ويو جيڪو پڻ ھن اڄوڪي سماج ۾ اسان جي مستقبل جي معمارن، نوجوانن لاءِ ھڪ راھ روشني ۽ زندگي گذارڻ، گھارڻ جو ھڪ بھترين رستو آھي، جو مان ھي چوڻ تي مجبور آھيان ته زندگي ھجي به شايان ڳورڙ جھڙي زندگي گذارجي به شايان ڳورڙ جھڙي ۽ جنھن حوالي سان ھن پنھنجي زندگي گذاري پنھنجي والد مٿان قربان ڪئي آھي ته مان يقين سان چوان ٿو ته شايان ڳورڙ پنھنجي زندگي جي عمل، ڪردار ۽ زندگي جي انتھا واري عمل ڪري ڪڏھن مرڻو ناھي ھو سدائين زنده رھندو ھڪ سماج کي تبديل ڪرڻ تعليم جي حوالي سان باشعور ڪرڻ واري علمي، ادبي، سياسي، سماجي فڪر جي روپ ۾ ھو مرڻو ناھي، ڪنھن نه ڪنھن ويس ۾ سائين علي شير ڳورڙ جي گھر ۾ وري ورڻو آھي، ڇوته ڪابه فڪري تحريڪ ۽ علم مرڻو ناھي.


    ھي رت پن ڇڻ جي نه ھئي

    ھي رت پن ڇڻ جي نه ھئي

    سليم مگسي


    مقامي ھوٽل جي مٿئين حال ۾ آدم شماري جاگرتا مھم جي تحت سياسي اڳواڻ خالق جوڻيجو ۽ امداد قاضي صدارت ھيٺ پروگرام ھليو پئي ان دوران اسٽيج تي چي گويرا جھڙي ھيئر اسٽائل وارو نوجوان ڏاڍي چاھ سان شيخ اياز جي انقلابي شاعري ٻڌائي رھيو ھو. مون ساڻ احمد خان ۽ علي شير ڀرسان ويٺا ھئا مون کائئن پڇيو ھي نوجوان ڪير آھي؟
    علي شير يڪدم چيو تون ھن کي نه سڃاڻين؟
    ھي منھنجو وڏو پٽ شايان آھي.
    اھو ٻڌائڻ ۾ ھو بي حد خوشي ۽ فخر محسوس ڪري رھيو ھو. گھاٽن وڏن وارن وارو سانورو نوجوان شايان خوبصورت ۽ تندرست ھو، ھو روشن دماغ نوجوان ھڪ اھڙي سٿ جو ساٿي ھو جيڪي نوجوان پـنھنجي زماني جـي انڌي وشواس کان ڪوهين ڏور ھيا ھو انھن ماڻھن منجھان ھو جيڪي سائنسي، قومي، طبقاتي، شعور جي حاصلات لاء مطالعو ۽ جدوجھد ڪندا رھن ٿا سندن آس پاس سماج ۾ ڪيترائي منجھيل مسئلا ڪـر کنيو بيٺا هوندا آھن جھڙوڪ ( بيروزگاري، بي ايماني، بدامني،لٽ مار، دھشتگردي، توھم پرستي، پير پرستي، جھالت ۽ دقيانوسي سوچ ۽ ٻئي طرف وري دنيا اندر جديد سائنس ۽ جديد ٽيڪنالوجي ھڪ نئين سوچ ۽ فڪر کي جنم ڏئي رھي ھوندي آھي ) جيڪــا پوئتي پيل معاشرتي مروجہ زندگي سان ميل نہ پئي کائي اھڙو منجھيل ماحول بيشمار سوال ڪٺا ڪري ٿو. ان جا جواب ۽ حل پڻ چاھي ٿو انھن سوالن جا جواب ۽ منطقي حل ڳولڻ وارن منجھان شايان ڳورڙ به هڪ هو. هو پنھنجي اشراف ۽ ايماندار سياسي ورڪر پيُ جي سائي ۾ وڏو ٿيو شايان پنھنجي مختصر زندگي ۾ وڌيڪ سرگرم رھي ڪري پنھنجو پاڻ کي عملي نوجوان ثابت ڪيو. ھو ھر اجتماعي معاملن ۽ پنھنجي ساٿ جي ساٿين ساڻ جاکوڙيندي متحد رھيو. جيئن تہ زندگي وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ واقعن جو گھوارو ھوندي آھي ڪل ئي نه پوندي آھي ۽ ماڻھن سان اھڙا حادثا ٿي ويندا آھن جو روح لھسجي ويندو آھي ۽ زمين پيرن ھيٺان گسڪندي محسوس ٿيندي آھي سمورو وجود ڀور ڀور ٿيندي محسوس ٿيندو آھي.
    استاد علي شير دراصل ڪڏھن ايئن سوچيو ڪونہ ھو جنھن ان کي پڙھائي وڏو ڪيو ھو، لائق ڪيو ھو سو کيس بچائيندي پاڻ اجل جو شڪار ٿي کائنس الڳ ٿيندو. دردناڪ واقعـي مھل کيس لڳي پيو تہ ھو ھڪ ڀيانڪـ سپنو ڏسي رھيو آھي اکين تي اعتبار ئي نہ پئي آيس ھو سپنو ڪونـ ڏسي رھيو ھو سچ پچ ھن جو ھم خيال پٽ ان لمحي کائنس الڳ ٿي ويو ھو. استاد علي شير سياسي جدوجھد ۾ پنھنجي جواني کي پھريائين ٿڪائي ڇڏيو ھو پر جنھن جي سھاري ھن پنھنجو ٻڍاپو سک سان گذارڻ جو ھڪ رنگين سپنو ڏٺو ھو سو وڌوا جي چوڙي جيان جلدي ٽٽي پيو. ھو بيحد رنُو آھي ھاڻي ھو ھوريان ھوريان اندر جي گونگي سورَ سبب ٿڌا ساھ کڻي پيو ھو رستي ويندي ويندي سوچي ٿو، گھر اندر ويٺي ويٺي ڇت ڏانھن نھاريندي سوچي ٿو تہ گھر زال ۽ اولاد جو موھـ تہ سڀ ڪجھ ناھي ھي سنسار وڏو آھي. ڇا ڪاڻ ته علي شير ۽ شايان آدرشي ماڻهو آهن.


    شهيد شايان ڳورڙ نه وسرندڙ ڪردار

    شهيد شايان ڳورڙ نه وسرندڙ ڪردار

    امتياز عادل سومرو


    شايان ڳورڙ! ھڪ اھڙو نوجوان نالو جنھن کي ياد ڪرڻ سان ميھڙ شھر ۾ سماجي حوالي سان ڪجھ متحرڪ ۽ سرگرم نالا ياد اچي وڃن ٿا، شايان انھن ۾ پنھنجي نالي وانگر نمايان ۽ منفرد نظر ايندڙ نوجوان آھي، شايان ڳورڙ جنھن جو جنم ٿيو ته ھڪ ٻھراڙي واري ڳوٺ ۾ مگر هو پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جذبي جون روشنيون ميھڙ شھر ۾ ورھائڻ آيو، شايان ڳورڙ جنھن جو جنم تاريخ پھرين جنوري 1996ع تي معروف تعليمي ماھر ۽ بھترين سماجي خدمتگار سائين الھرکيو ڳورڙ جي ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ ٿيو، سندس والد ۽ گھرڀاتين گڏجي سڏجي سندس نالو باسط تجويز ڪيو، اھو باسط جڏھن نوجواني جي شھر ۾ داخل ٿيو ته شايان بنجي ويو، سندس والد جيڪو ھڪ علم دوست، ادب دوست ۽ خود سماجي ڪمن جي حوالي سان ميھڙ توڙي سوجھرو ڳورڙ ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي، سائين علي شير ڳورڙ کي شايان جي جنم کان اھو يقين ھو ته شايان پنھنجي علمي صلاحيتن ۽ سماجي خدمتن ۾ ضرور منھنجو نالو روشن ڪندو شايان جڏھن ميھڙ ۾ علمي سرگرمين ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳتي نڪري آيو ته سندس والد علي شير ڳورڙ ۽ سندس چاچو ناليوارو تعليمي ماھر سائين حسين بخش ڳورڙ خوشين جي خزانن جا مالڪ بڻجي ويا، ميھڙ شھر جا نوجوان، پڪا، پوڙھا شايان جي تعريف جا ترانا ڳائڻ لڳا، شايان جي شان ۾ گيت ڳائڻ لڳا، شايان جي تعريف جا گل سائين علي شير ڳورڙ ۽ سائين حسين بخش ڳورڙ جي ڳچي ۾ ھارن جي صورت ۾ وجھندا رھيا.
    شايان دوستن جو دوست، يارن جو يار پنھنجي پرائي جي مدد ۽ ھمددري لاءِ ھر وقت تيار شايد ھن ڪٿي اھو ضرور پڙھي ورتو ھو ته اصل عبادت آھي الله جي مخلوق جي خدمت، سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ رھيو تڏھن به سجاڳ ، سيرت ۽ ساڃاھ مطابق سڀني کان اڳرو، مستقبل جي معمارن جي صلاحيتن کي روشن ڪرڻ لاءِ سرگرم رھڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ نين نين راھن تي گامزن ڪرڻ ۾ اھم ۽ ڪاراِئتا قدم کڻندو رھيو.
    سنڌي شاگرد تحريڪ، عوامي تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن سنڌ جي رھبري وارو جھنڊو کڻڻ ۽ ٻيا اھڙا پليٽ فارم ملڻ سان شايان جون علمي، سياسي، سماجي صلاحيتون ويتر سگھاريون نروار ٿي پيون.
    حقيقت اھا آھي ته شايان جھڙا سجاڳ ۽ ساڃاھ وند، علم جا علمبردار، محبتن جا مشتاق پيار جا پوڄاري الفت جا ديوانا ۽ چاھتن جا چاھيندڙ قومن ۾ شعور جا گل ورھائڻ وارا ڪردار اسان جھڙن ماڻھن جي معاشرن ۾ ڪڏھن ڪڏھن پيدا ٿيندا آھن، شايان جھڙن انسانن جي وجود سان اسان جا بگڙيل معاشرا محبتن جا مرڪز بڻجي سگھن ٿا، قومن جي اصلاح ۽ ترقي جا نوان گس متعين ٿي سگھن ٿا، افسوس جي صورت بڻجي ماڻھو تڏھن رھجي ويندا آھن. جڏھن سنڌ جا شايان پنھنجي مِشن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ھن دنيا مان رخصت ٿي ويندا آھن.
    اسان ھاڻي وسنديون وساري ھلياسين،
    جي ڀلجي به ڳوليو مزارن ۾ ڳوليو.

    (اسحاق راھي)
    ۽ ائين ئي تاريخ 2017-05-14 آچر جي ندوري ڏينھن تي شايان پنھنجي والدين، دوستن ۽ ميھڙ واسين کي اکين ۾ اشڪن جا انبار ڏئي ان ڏيھه جي راھ وٺي ھليو جتان اڄ تائين وري ڪو واپس آيو ئي ناھي، منھنجي دلي دعا آھي ته رب پاڪ شايان کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي، ۽ سندس والدين، دوستن سڄڻن ۽ ھمدردن کي سندس وڇوڙي واري وڍ کي شايان جي مشن جي تڪميل واري جذبي ۽ سگھ ۾ تبديل ڪري، (آمين)
    ڪچھريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه ھونداسين.
    نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه ھونداسين.
    ضرورت وقت ڪي شاھينگ کڙڪائيندا دروازو،
    اسان جون يادون ئي رھنديون، مگر تون مان نه ھونداسين.
    اسان جي پيار جي خوشبوءِ سان ويندا واسجي “راھي”،
    سڀئي واھڻ، سڀئي وسنديون، مگر تون- مان نه ھونداسين.

    (سائين اسحاق راھي)


    ساٿين سان گڏ سالگرهه ۾

    ساٿين سان گڏ سالگرهه ۾

    غلام عمر تيوڻو


    مون ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ته جڏھن قومن جي تنزلي انتھا درجي جي ھوندي آھي ته ان وقت ڪي معجزا رونما ٿيڻ لڳندا آھن ۽ ان خسته حال قوم مان ئي ڪي فرد پنھنجي زندگي داءُ تي لڳائي قوم جي ترقي ۽ تبديلي لاءِ اھم رول پلي ڪرڻ لاءِ رول ماڊل ٿي انسان اڀري به ايندا آھن، ۽ مرده قومن ۾ وري ھڪ دفعو ٻيھر روح ڦوڪجي ويندو آھي، ۽ قومون وري زنده ٿي پونديون آھن، دنيا جي ھر خطي ۾ اھڙا اڻ ڳڻيا مثال موجود آھن، ته ڪيئن فردن قومن جي ترقي ۾ تبديلي لاءِ ڪردار بڻجي سامھون آيا مثلن آمريڪن نيگروئن سان جيڪا جٺ اتي ٿيندي ھئي جيڪڏھن مارٽن لوٿر ڪنگ جھڙو ڪردار نه اڀري ھاته آءٌ نه ٿو سمجھان شايد آمريڪا ۾ ڪڏھن بارڪ اوبامه جھڙو نيگرو صدر ٿي سگھي ها، ساڳئي طرح آفريڪا جي سڄي کنڊ اندر جيڪڏھن نيلسن منديلا جھڙو ماڻھو اٿي ئي نه بيھي ھا ته اڇي چمڙي وارا گورا انھن کي سدائين غلام رکڻ لاء نسلي، مذھبي، لساني طور غلام رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ترڪيبون ڪتب آڻي چڪا ھئا صدين جي ڊگھي غلامي ڪارن کي بذات خود ٿڪائي ڇڏيو ھيو، ليڪن بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلڻ جي مصداق ڪي فرد پنھنجي ڪرشما تي ٽيڪنڪس سان مئل قوم کي زنده رکڻ جو ھنر ڄاڻي وٺندا آھن، ۽ قومون وري سرخرو ٿي زنده ٿي وينديون آھن، اھڙي طرح جيڪڏھن مذھبي طرح سان به ڏسنداسين ته جڏھن جڏھن انسان پنھنجي انساني کل مٽائي حيوانيت طرف موٽ کاڌي آھي ته اھڙي وقت خداءِ ذولجلال ھن ڌرتي تي پيغمبر موڪليا آھن ته جيئن ٻيھر انساني شعور جي ترقي ۽ آبياري ڪري سگھجي سوا لک پيغمبرن جو مثال ته اسين ھميشه ٻڌندا رھيا آھيون، صرف مسلمان ھجڻ جي ناتي سان اھڙي طرح ٻين مذھبن جا پيغمبر رشي، ولي، صوفياءِ، ڪرام ۽ نيشنل ھيرو سجاڳ فرد، آزاد خيال ذھن، سوچيندڙ دماغ پڻ آھن جيڪي پنھنجي پنھنجي قومن جي تعمير، وترقي، فلاح بهبود لاءِ وقت بوقت ڪم پئي آيا آھن ۽ پنھنجي پنھنجي خطي، قوم، قبيلي، مذھب، مسلڪ، نظرئي لاءِ پنھنجون توانايون صرف ڪندا رھيا آھن. حقيقت بياني کي سمجھي سگھڻ جي سگھ رکندا آھن، اھڙي طريقي سان اسان جي سون ڌرتي سنڌ پڻ پنھنجي پيٽ مان انيڪ ھيروز کي جنم ڏيندي رھي آھي، جن وقت اچڻ تي پنھنجي وطن تان وار جي وڃڻ واري فلسفي تي ھلندي پنھنجي جان جي پرواھ به نه ڪئي آھي، سنڌ جنھن لاءِ اوائلي مذھبي ڪتابن ۽ ويدن ۽ سنڌ کي سھڻن گھوڙن جي ڌرتي، سون ۽ چانديون اپائيندڙ زمين ۽ صوفين ۽ ولين جي ديس طور مشھوري ملي ته ساڳئي وقت ان لاءِ ظلمتن جا ڪيترائي داستان به رقم ٿيا، دنيا جي سڀني ڏاڍين وحشي قومن سنڌ جي سرزمين تي حملا ڪيا ان جي آزادي ۽ خوشحالي کي تاراج ڪيو ۽ اتي پنھنجي گھوڙن جي سنبن ھيٺان پيو لتاڙيو آھي، ليکڪن اتهاس جي پنن تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌي ماڻھن ڪنھن به مستقل ڌاري حاڪميت قبول نه ڪئي آھي ۽ ڪڏھن غلام ته ڪڏھن آزاد ٿيندا رھيا آھن مطلب ته سنڌ جي ماڻھن ڪڏھن به نفسياتي طرح غلامي ۽ غير جي حاڪميت قبول نه ڪئي آھي، ھا ائين ضرور ٿيو آھي ته ڪجھ وقت ڪمزور پاليسين، غلط حڪمت عملين جي ڪري پنھنجي حاڪميت وڃائيندا، رھيا آھن، اھو به ڪڙو سچ آھي، اھڙن موقعن کي سجاڳ فردن وقت جي فرعونن سان چوٽون پئي ڪيون آھن هار ناھي مڃي پوءِ اھي مها راجا ڏاھر جو پٽ جيسين ھجي يا دودو سومرو، ھوشو، ھيمو ھجي، يا دولھ دريا خان، شھيد سميع الله ڪلھوڙو ھجي، وري نظير عباسي ھجي اھي سڀ پنھنجي پنھنجي وقت پنھنجي وطن جي وارثي ۾ مالڪي ڪندي وطن تان وارجي ويا آھن، اھڙي طرح سنڌ جي سھڻي شھر ميھڙ جنھن جي مائي ۽ ميندي جي ھاڪ ملڪان ملڪ مشھور آھي، ان ميھڙ پڻ پنھنجي ڪک مان ڪيترن ئي با ضمير غيرتمند پٽن کي وقتن بوقتن پئي جنم ڏنو آھي، اھڙو ئي هڪڙو ڪردار اسان جو ننڍڙو نوجوان شايان ڳورڙ به آھي جنھن پنھنجي مسڪين ماروئڙن جي منھن تي مرڪ کي واپس ورائڻ لاءِ سياست جي پرخار رستن جي چونڊ ڪئي ڪنھن ٿي ڄاتو ته ھي نوجوان جيڪو پنھنجي ورهاست مان علم وا دب جون مشعلون کڻي پنھنجي وطن جي وارثي ۽ مالڪي جي دعوا ڪندو ھو، ھي اھو نوجوان ھيو جنھن لاءِ مرشد لطيف چيو ھيو ته
    مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالھڙي.

    الهڙ وھي جڏھن ڪر موڙي اٿندي آھي ته ھو نوجوان جي ھڪ آئيڊيل دوشيزه ھوندي آھي، جنھن جي ذلفن جي ڇانورن ۾ ويھڻ جي آس ڪر موڙي جاڳي پوندي آھي، جنھن جي چپن مان شرابن طھورا جا جام ڀري ڀري پيئڻ تي دل چوندي آھي، جنھن ۾ ارھن جي آرتي تلوار جي پرواھ به نه ڪبي آھي، جڏھن اھا ماھ لقا سامھون گذري ته ان تان پنھنجي جان فِدا ڪري ڇڏڻ لاءِ دل چوندي آھي، ان جي ھڪ اشاري تي سِر تري تي رکي عشق جي آڙاھ ۾ ڪاھي پئبو آھي، اھا الھڙ وھي جڏھن چڱن ڀلن شھسوارن کان ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيندي آھي اڙيل گھوڙي جي سواري ڪرڻ جو مزو آھي ھي اھڙي جذبات جي وھڪري ۾ وھي وڃڻ واري عمر ھجي ٿي ۽ ان مان ڪي نوجوان اھڙا به مشاھدي ۾ آيا آھن جيڪي ڪنھن مست نوخيز نشيلن نظرن کان پاڻ بچائي پنھنجي ھٿن ۾ ڳاڙھن چپن جي جڳھ تي ڳاڙھن جلدن وارن ڪتابن سان دل لڳائي ويھي رھن ته سچ ته اھڙن نوجوانن کي آءٌ وقت جو ولي الله نه چوان ته ٻيو ڇا چوان؟ ۽ وري ان تي ثابت قدمي سان بيھي رھڻ کي ڇا چئجي عربي ۾ چوڻ آھي ته:
    الا استقامت فوق الڪرامت
    اھڙن سڀني گڻن جو مالڪ اسان جو ھي ننڍڙو ڀائٽيو شايان پنھنجي ٻالڪپڻ کان وٺي پنھنجي اخلاق، ڪردار، تعليمي درسگاھن ۾ استادن طرفان ملندڙ سبقن کي صرف ھيئن سان ھنڍايو آھي ثابت ڪري ڏيکاريو ته عمر جي پاڇي کان اڳتي نڪري تجربي جي بٺي ۾ سڙڻ کان سواءِ به ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو کي وڏا ڪم ڪرڻا پوندا آھن ۽ ڪبا آھن، ھنجي عمر ئي ڪيتري ھئي جڏھن ھن سياست جي پرخار رستن جي چونڊ ڪئي جڏھن اڃا اسڪول ۾ پرائمري، مڊل شاگرد ھجي ٿو اھا عمر صرف راند روند ۾ گذارڻ جھڙي ھجي ٿي ۽ ھو پنھنجي عمر ۽ پنھنجي وزن کان وڌيڪ بار کڻي ٻالڪ تحريڪ ۾ شامل ٿي پنھنجي وطن جي ٻارڙن جي سياسي تربيت ۾ جنبي وڃي ٿو، سڀ ڪجھ ھو ان لاءِ ڪري ٿو ته جو ھو ڄاڻي چڪو آھي ته قومن جي ترقي سياست جي درست لاڙن سان ئي ٿي سگھي ٿي، ڏسندي ڏسندي ھو ڪاليج پھچڻ جي عمر تائين شاگرد سياست جو سٺو نالو ٿي اڀري ٿو جيتوڻيڪ ھن جي تعليم، تربيت ۾ ھن جي والد تعليمي ماھر سائين علي شير ڳورڙ جو ھٿ ھجي ٿو جتي ھو پنھنجي پيءُ ڏي ايندڙ دوستن ۽ سياسي ساٿين سان به ملاقاتون ڪري سکڻ جي سگھ کي وڌائيندو رھي ٿو پر آءُ ائين چوندس ته جيئن مون ھن ۾ جيڪو ڪجھ محسوس ڪيو ته ھو پنھنجي شعوري عمر، تجربي کان وڌيڪ ڪري سگھڻ جي سگھ رکندڙ نوجوان ٿي اڀري رھيو ھو ۽ سندس ملنسار طبيعت جي ڪري کيس ڀرپور موٽ ملي رھي ھئي ۽ ھن جي جذبن کي ڄڻ ڏينھون ڏينھن نکار اچي رھيو ھيو، مون اڪثر ڪري ڏٺو آھي ته اسان جو نوجوان بي راھ روي جو شڪار ٿي ڪري فلمي ھيروز کي پنھنجو آئيڊيل ٺاھيندو آھي، ليڪن شايان شاھ عبدالطيف کي پنھنجو آئيڊيل ٺاھي ٿو، ھو جھوڪ جي عنايت کان ھن جي فلسفي جي سُتي کڻي ٿو ۽ ديبل جي بادشاھ جي فوج ۾ شامل ٿي وطن جي ويڙھيچن جي وارثي ڪرڻ جرنيل ھوش محمد شيدي ٿي بيھي رھي ٿو ۽ ننڍڙي عمر ۾ سياست، علم، ادب فلسفي جي ڪتابن سان عشق ڪري ٿو بجاءِ ان جي ته ڪنھن جي لب و رخسار جي پيچ وخم ۾گم ٿجي ھو ڪتاب جي ڪاري مس حاشين پنن ۾ پنھنجي وطن جي دردن جو درمان ڳولي ٿو، پر ڇا خبر ھئي ته سنڌ کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي آھي، جڏھن به ڪو ٻلوان شعور جون ڏياٽيون ٿو ٻاري ته موت راڪاس بنجي زندگي جو ڏيئو گل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ائين ئي ھڪ ڏينھن اھا خبر پڙھڻ لاءِ ملي ٿي ته شايان پنھنجي پيءُ کي بجلي جي ڪرنٽ کان بچائيندي پنھنجي زندگي ھارائي ويٺو آھي ته لڙڪ تري اچن ٿا، اي بدنصيب سنڌ تنھنجو ھڪڙو وڌيڪ رکوال نوجوان اڄ وارجي ويو ۽ تون ڏسندي رھجي وئي آھين، جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان ته منھنجي اکين ۾ لڙڪن جي لار آھي ۽ استاد بخاري جون سٽون آھن ته-
    ھونئن ته مٽي جي چپٽي آھيان،
    جيئي سنڌ ته، ڌرتي آھيان،
    ساٿين سان گڏ سالگرھ ۾،
    وڇڙي ويس ته ورسي آھيان.


    پتنگ جيئن پيدا ٿيو

    پتنگ جيئن پيدا ٿيو

    ڪرم حسين وساڻ


    گھوڙڻ ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    شايان علي ڳورڙ سان منھنجي پھرين ملاقات ميھڙ شھر ۾ تڏھن ٿي جڏھن ثقافتي ڏھاڙي تي آءٌ، پروفيسر سائين منظور ڇڄڙو صاحب ۽ ڪامريڊ اميربخش شيخ (مرحوم) ميھڙ جي ثقافتي ھال ۾ پھتاسين.
    جھڙو شاندار پروگرام ترتيب ڏنل ھيو، اھڙي ئي اسان جي شاندار آجيان ٿي ھئي. سموري پرگرام جو محور شايان علي ڳورڙ ھيو.
    اسان کي ته دعوت پراڻن دوستن سائين علي شير ڳورڙ، سائين منظور علي مھيسر، اقرار علي چانڊيو، احمدخان چانڊيو جن جي ھئي، ۽ پارٽي حڪم ڪيو ھيو. پر پروگرام جي حوالي سان عادل چانڊيو ۽ شايان علي جي نوجوان دوستن جي ٽيم، پروگرام کي اصل چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ھئا.
    شايان علي جي عمر توڙي گھٽ ھئي، پر ان جي تربيت ايتري ته اعلى ھئي، جنھن جو جواب نه ھيو، سندس گفتگو ۽ ملڻ جو انداز نرالو ھيو.
    جوڳيءَ کي جڙاءُ، نسورو ئي نينھن جو،
    پتنگ جئين پيدا ٿيو، ساميءَ سج وڙاءُ،
    آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارِين ڪڪوريو.

    (شاهه)
    زندگي موت جي امانت آھي. افسوس شايان اسان سان جسماني طور گڏ ناھي پر خاندان ۽ دوستن جي دلين مان نڪري به نٿو سگھي ۽ دعا آھي ته پاڪ پروردگار کيس جنت فردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي. آمين
    “جا ڀونءِ پيرين مون سان ڀونءِ مٿان سڄڻين”


    اي موت مئا شل موت اچئي

    اي موت مئا شل موت اچئي

    ڊاڪٽر سراج سيال


    موبائيل تي SMS آيو پڙهيم ته اعتبار ئي نه پيو اچي، وري ٻيهر پڙهيم ۽ تصورن جي دنيا ۾ ذهن جي اسڪرين تي هڪڙا منظر ظاهر ٿيڻ لڳا ته وري ٻيا اچڻ لڳا ۽ ائين طبيعت ۾ افسردگي وڌندي وئي. هن سان پهرين ملاقات هيئن ٿي هئي جو سنڌي شاگردن جي نون بنيادن تي هڪ نئين نرالي تنظيم جڙڻ جي تياري هئي ۽ ان لاءِ شروعاتي شاگردن جي ڳالهه ٻولهه پئي هلي ان ۾ جتي به نوان شاگرد پئي تيار ٿيا ته اتي پراڻن سياسي گهرن جا شاگرد به زيربحث هئا ۽ ميهڙ ۽ دادو سان وابسته دوستن جو چوڻ هو ته علي شير ڳورڙ جي فرزند شايان ڳورڙ کي به شامل ڪجي ۽ ائين شايان ڳورڙ سان 4 مارچ تي SSO ٺهڻ واري ڪنوينشن ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ملاقات ٿي ۽ هو SSO جو پهريون مرڪزي خزانچي چونڊيو ويو. شايان نه رڳو پنهنجي پيءُ جي سياسي سرگرمين ۾ گڏ هو پر آخري وقت ۾ پنهنجي پيءُ کي بچائيندي اجل جو شڪار ٿيو. هو جيڪو هر ننڍي وڏي ڪم ۾ اڳيان اچڻ ۾ ڪو به عار نه ڪندو هو، هن آخري دم تائين مهل ڪرڻ، ساٿ ڏيڻ ۽ خود قرباني جو اعليٰ مثال ڪيو.
    تنهن وقت لڙي ٿا لڙڪ پون ٿي تن ۾ مانڌاڻ مچي
    جنهن وقت گلابي گيتن جو ڪو پنڇي اڏري ويندو آ.


    مون کي جياريو پرين جي ڳالھه

    مون کي جياريو پرين جي ڳالھه

    ايڊووڪيٽ: محمد علي نوناري


    مون کي چڱي ريت ياد نه آھي ته اھو ڪھڙو سال ھو پر گھڻي ڀاڱي 02/2001 جو سال ٿو لڳي، جڏھن مان سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ گھڻو سرگرم ھوندو ھئس اسان ڪافي دوست ھياسين جنھن جي پاڻ ۾ سٺي (under standing) ھوندي ھئي، جن ۾ اسان جو دوست سائين احمدخان چانڊيو وڌ کان وڌ سرگرم ۽ رابطي ۾ رھندڙ دوست ھيو، ٻئي نمبر تي قربان پنھور ھئو، جيڪو ٽن سالن ۾ تعلقي جو صدر ۽ سائين احمد خان جنرل سيڪريٽري ھئو، ٻنھي دوستن جي محنت سان اسان جي سنگت (پارٽي) ۾ ھڪ اھڙي جوڙي جي انٽري (داخلا) ٿي جنھن جوڙي اسان نوجوانن خاص ڪري ميھڙ شھر جي نوجوانن کي وڏي ھمت ۽ حوصلو ڏنو ڇو ته ٻنھي دوستن ۾ حد کان وڌيڪ ھم آھنگي ۽ خيالن جي ھڪ جھڙائي ھئي، ۽ وڏي ڳالھ ته پاڻ ۾ سھپ به ھوندي ھئي، اھي دوست جيڪي جوڙي جي صورت ۾ اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيا سي ھئا، سائين روشن ٻگھيو صاحب ۽ سائين علي شير ڳورڙ صاحب ٻئي دوست جيئن ئي اسان جي سنگت ۾ شامل ٿيا، تيئن ئي ڄڻ سنگت ۾ نئون ساھ ۽ روح اچي ويو ھجي، اسان سڄو سڄو ڏينھن پارٽي ۾ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندا ھئاسين، اڳيئي اسان دوستن يعني سائين احمدخان ۽ منظور مھيسر جي گڏيل ھم صلاح ۽ ھم خيال ٽيم ھئي.
    پر مٿين ٻن دوستن جي اچڻ ڪري اسان تمام گھڻا خوش ٿياسين ۽ اسان جو سياسي سرگرميون ايتريون ته وڌي ويون جو اسان کي پنھنجا ذاتي ڪم ڪار يا گھر جا مسئلا گھڻي ڀاڱي وسريل ھئا، روشن صاحب ۽ سائين علي شير جي مزاحيه طبيعت اسان جا سمورا ٿڪ لاھي ڇڏيندي ھئي، ھنن ٻنھي دوستن جي جوڙي سان گڏ جيڪا ٽئين پياري ۽ معصوم گفٽ اسان کي ملي سا ھئي، سائين علي شير جي ننڍڙي معصوم مرڪ واري پياري پٽ شايان جي گِفٽ، جيڪو گھڻي ڀاڱي سائين علي شير سان گڏ منھنجي ميڊيڪل اسٽور تي ايندو ھو، جنھن جون پياريون ادائون ۽ معصوم شرارتون ۽ شرارتي جملا مون کي اڄ به ياد آھن، 17 ۽ 18 سالن جي گذري وڃڻ کان پوءِ سندس پيءُ سان ڪيل چرچا اڄ به دل تي آھن.
    ٻنھي پيءُ ۽ پٽ جي ذھني ھم آھنگي ايڏو ته متاثر ڪندي ھئي جو دل ئي دل ۾ تمنا ٿيندي ھئي، ته ڪاش اسان جي به پنھنجي والدين سان ايتري محبت يا ھم آھنگي ھجي يا مستقبل ۾ جڏھن اسان والدين بڻجون ته اسان به پنھنجي پٽن ۽ ٻارن سان ائين کل ڀوڳ ۽ مزاح ڪيون. جيئن سائين علي شير پنھنجي موڀي پٽ شايان سان پيو ڪري شايان جي اھڙين شرارتن جي ڪري مان کيس پاڻ سان گڏ ويھاري ڪچھري ڪندو ھئس، ۽ جڏھن ھو اڪيلو مون وٽ دوائن جي پرچي کڻي دوائون وٺڻ ايندو ھو، تڏھن سندس مزيدار ڳالھيون ٻڌي مون کان به وسري ويندو ھو، جيڪو ٻارڙو دوائون وٺڻ آيو آھي تنھن سان ڪا مجبوري يا ايمرجنسي ٿي سگھي ٿي.
    بس سندس مزاحيه انداز ۾ پياريون ۽ مٺڙيون ڳالھيون ٻڌڻ جو سلسلو ھوندو ھو ته اوچتو شايان جو آواز نماڻي عرض سان “چاچو ھاڻي مان ھلان دير پئي ٿئي” .
    سو پيارو ۽ معصوم شايان ننڍڙوئي ھو ته سائين علي شير کي سندس ڳڻتي ورايو، چئي ته مان چاھيان ٿو ته منھنجو پٽ شايان به ڪامريڊ ٿئي، سو محمد علي ۽ سائين احمدخان منھنجي پٽ جي تربيت ڪن ۽ کيس سرگرم سياسي ۽ نظرياتي ڪامريڊ ٺاھي ڏيکارين، اسان کيس چوندا ھئاسين ته شايان اڃا ننڍڙو آھي، وڏو ٿئي بلڪل تربيت ڪبي، ۽ کيس سرگرم ڪرائبو، منھنجي وڪالت جي سند اچڻ ۽ منھنجي ڪراچي وڃڻ جي ڪري شايان جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪردار ادا نه ڪري سگھيس، سو پڇتاءُ ۽ افسوس ھميشہ رھندو پر جيڪا ڳالھ مون کي خوشي ۽ فخر ڏياري ٿي سا اھا ته اسان جو دوست ۽ استاد سائين احمدخان پنھنجي وعدي کي پاڻي ڏيندي شايان جي تمام سٺي تربيت ۽ ذھني اوسر ڪئي، آھستي آھستي شايان ڪتاب پڙھڻ لڳو شعرو شاعري ياد ڪرڻ لڳو جڏھن اسٽيج تي نمودار ٿيندو ھو ۽ اعتماد سان شاھ، اياز ۽ بخاري جا شعر جوش ۽ جذبي سان پڙھڻ لڳندو ھو، مون کي اھو وقت ياد اچڻ لڳندو ھو جڏھن سندس سرگرمين جا خواب ڏسندا ھئاسين ۽ تربيت جون ڳالھيون ڪندا ھئاسين، نه رڳو ايترو پر پنھنجي سرگرمين وارو وقت به ياد ايندو ھو، ڏينھن ڏينھن پويان ويا سال ٿيندا، مان ڪراچي جي ڪنڊ ۾ ويھي شايان جون خبرون اخبارن ۾ پڙھندو ھئس، ۽ سندس فوٽو سوشل ميڊيا تي ڏسندو ھئس، خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو ھئس ته سائين علي شير جيئن چاھيو پئي تيئن شايان ٿيو، نيٺ 14-05-2017 وارو ڏينھن ھن ڏينھن مدي خارج ريتن ۽ رسمن پٽاندر “اڀاڳو” يا بدنصيب ڏينھن چوندا آھن، پر مان شايان جي شھادت واري ڏينھن کي ڪڏھن به ڀلجي بدنصيب يا اڀاڳو ڏينھن نه چوندس ڇوته ھن ڏينھن تي شايان کي ھڪ عظيم موت نصيب ٿيو ڀلا جيڪو نوجوان پٽ پنھنجي پيءُ کي موت جي منھن مان ڪڍي پاڻ ھميشه ھميشه لاءِ امر ٿي وڃي، تنھن جي امر ٿيڻ واري ڏينھن کي پاڻ بدنصيب يا اڀاڳو ڏينھن ڪيئن چئون، اھڙو موت يا شھادت ڀاڳ وارن کي نصيب ٿئي.
    شايان جو ھن دنيا مان رحلت ڪرڻ سوبه ايتري ننڍي يا مختصر عمر ۾ ضرور سائين علي شير ۽ اسان جي ڀاڄائي اندرئي اندر ۾ ............... ڇھندو ھوندو سندن ڏک جو نه ڪو اندازو ۽ ڪاٿو لڳائي سگھجي نه ڪي ڪو تدارڪ يا ازالو ٿي ٿو سگھي، پر ايترو ضرور آھي، جيئن شاعر چيو آھي.
    گهري زخمون ڪو بهرني مين وقت تو لگتا هي.
    شايان جي ابو امڙ پنھنجن ٻين گلن جھڙن ٻارڙن جا منھن پسي ضرور انھيءَ سور کي گھڙي کن لاءِ وساريندا ھوندا. ضرور کين بصير يا انيد جي اکين ۾ شايان جو نور ۽ عڪس نظر ايندو تڏھن ئي زال مڙس کي کن پل ئي سھي پنھنجي روح جي آنگن ۾ گل ٽڙندي محسوس ٿيندا ھوندا.
    ھي سٽون جڏھن لکندي مان ماضي ۾ جھاتيون پائي گذري ويل وقت جو يادون سارڻ ويٺو آھيان.
    شايان جون ڳالھيون سندس موت ۽ سائين علي شير جو ھن عمر ۾ پٽ دُکائتي موت جو درد محسوس پيو ڪريان ته ائين پيو لڳي ته ڄڻ آءُ پنھنجي ميڊيڪل اسٽور جي ڪنڊ ۾ ويٺو ھجان سامھون شايان ايندو ھجي، ڳچ ڳالھيون ڪرڻ لڳو ھجي، ۽ ڳالھيون ڳالھيون ڪندي ڪندي ٿورڙي خاموشي کان پوءِ چوندو ھجي ته “چڱو چاچو مون کي دير پئي ٿئي ھاڻي مان ھلان ٿو”


    ھڪ فرمانبردار فرزند

    ھڪ فرمانبردار فرزند

    شمس ابن ضيا ابن بلبل


    ھڪ فرمانبردار فرزند، سرويچ سپوت، بانڪو بھادر ۽ مانجھي مرد پنھنجي پيءُ تان قربان ٿي ھميشه لاءِ امر بڻجي، شھيدن جي شھرخموشان جو شھري ٿي ويو.
    اڄ نه اوطاقن ۾، سي طالب تنوارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.

    سندس مغفرت لاءِ ڪھڙي دعا گھران؟ الله تعالى جو قرآن مجيد ۾ ارشاد موجود آھي ته “شھيد زندھ آھي، شھيد کي اسان وٽان رزق ملي ٿو” سبحان الله ڇا شان شھيد جو، ۽ شھادت به ڪھڙي؟ پنھنجي پيءُ کي موت منھن مان بچائيندي، پنھنجي حياتي جو نذرانو ڏئي، پيءُ مٿان قربان ٿي شھادت جو درجو ۽ مٿاھون مرتبو ماڻي ويو ۽ پنھنجي پرين پيءُ جا ٿورا لاھي ويو.
    ٿورا نه ٿورا، مون تي مارؤ جي ڪيا،
    ڀلائي جا ڀيرا ڳڻي ڳڻيا ڪيترا.

    عبدالباسط عرف شايان ڳورڙ پنھنجي والد محترم علي شير کي بجلي جي ڪرنٽ مان بچائيندي پاڻ شھادت ماڻي ويو. سنڌ سونھاري جيڪڏھن اھڙين جيجل مائُن جي وجود تي ناز ڪري جن سنڌ کي اھڙا سورھيه ۽ سلڇڻا سپوت ڏنا آھن، ته بجا آھي، اھڙا سلڇڻا، سدورا، سندر، سڌير، سوڀياوان، سرواڻ سپوت ۽ جگر جا ٽڪرا جيڪڏھن پنھنجي ڦوھ جواني ۾ پنھنجي معمر والدين کان وڇڙي کين اھڙو دماغ مفارقت ڏئي وڃن ته پوءِ اھڙو زخم سور ته بڻجي سگھي ٿو، مگر ميسار جي يا ڇٽي نه ٿو سگھي، جوان سلڇڻي اولاد جي وڇوڙي جو سور سھڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي، صبر ايوبي گھرجي، الله تعالى شايان جي والدين ۽ لواحقين کي به اھڙو صبر جميل عطا فرمائي، آمين، باقي شايان ته بلا ڪنھن شڪ و شبهي جي الله تعالى جي جواررحمت جو مستحق مھمان ٿي چڪو آھي، اسان جو قرآن مجيد فرقان حميد مٿان غير متزلزل ايمان آھي، قرآن مجيد جو حرف حرف سچ آھي، حق آھي ۽ حق جو فرمان آھي.
    الله تعالى جيئن ته شايان جي عمر ٿوري مقرر ڪئي ھئي ان ڪري کيس ٿوري وقت اندر پنھنجو ڪم مڪمل ڪرڻ جي سگھ ۽ صلاحيت ۽ حوصلو به وڏو بخشيو ھو، ھن نوجوانيءَ جي عمر ۾ ئي ڀرپور زندگي گذاري ۽ عوام اندر مڃتا ماڻي ۽ نوجوانن جو ساٿي ۽ سرواڻ بڻيو، شايان ننڍپڻ کان وٺي سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ھڪ ٻاراڻي تنظيم سان وابسته رھي ٻارن جي حقن جي حفاظت ڪئي ۽ ساڳي وقت سياسي ڪمن ۾ به مشغول ۽ مصروف رھيو ۽ عوامي جمھوري پارٽي سان منسلڪ رھي تعليمي پروگرامن ۾ اھم رول ادا ڪيائين، شايان سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت سان پيار ڪندي محترم علي قاضي جي پروگرام سنڌ صدين کان۽ ڀرپور بھرو ورتو ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان جي حيثيت ڏيارڻ ۾ گھڻو پاڻ پتوڙيو، شايان ھڪ شاندار ۽ جاندار ڪمپيئر طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو ھو، شايان بيشڪ جرئت ۽ بھادري جونشان ھو، سندس ڪمپئرنگ جو اندازئي نرالو ھو.
    شايان غريبن، ھارين ۽ مزدورن جو ھڏ ڏوکي ھو ۽ سندن ڀلائي جي ڪمن ۾ گھڻي دلچسپي رکندڙ شخص ھو ۽ سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جو سرگرم ڪارڪن طور مشھور ۽ مقبول ھو، ھُو ھن تنظيم جو نائب صدر ۽ خزانچي به ھو، شايان شڪل صورت جو سھڻو، سليقه مند ۽ خوش پوشاڪ ۽ سٺي ڪردار جو ھڪ ملوڪ مثال ھو، سڄي شھر ميھڙ بلڪ پوري تعلقي اندر سندس سٺي ساک ھئي.
    شايان جي جنم جي تاريخ پھرين جنوري 1996ع آھي، انهيءَ حساب سان ھن جڳ جون صرف 22 بھارون ڏسي سگھيو ۽ کيس پنھنجي رب پاڻ وٽ گھرائي ورتو، افسوس اِن غنچوں پے جوبن کھلے مرجھا گئے .
    شايان جھڙا سلڇڻا پٽ الله تعالى شال ھر شخص کي عطا ڪري پر سندن ماءُ،پيءُ جي جھولي ايترو جلدي خالي نه ڪري، شايان برابر اسان کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي مگر شھيد ھجڻ جي حيثيت سبب ھو زندھ جاويد آھي ۽ اسان سان گڏ آھي.
    ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
    ڪي سبنرجن نه ڪڏھين، ڪي نه وسرن مور.

    شاھ لطيف

    جن جيجل جي جھولي ٺاري سي زنده آھن،
    جن قوم جيئاري سي مور نه مرڻا آھن،
    جيون جي گاڏي “شمس” ھلندي،
    ڏئي موت کي مات ھو ورڻا آھن.


    مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور

    مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور

    منظور مهيسر


    ميهڙ سنڌ ۾ مائي ۽ ميندي جي شهر طور مشهور آهي. جنهن جي مردم خيز مٽي هجڻ سبب ميهڙ بهترين ڪردار پيدا ڪيا آهن جن پهنجي وطن ۽ عوام لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ سندس عوام دوست ڪردار ، جدوجهد سبب نه صرف سنڌ بلڪه پاڪستان توڙي ايشيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. تاريخ ۾ ڪيترائي ڪردار آهن جيڪي هميشه ياد رکيا پيا وڃن. انهن ڪردارن جو ياد رکڻ پنهنجي ڌرتي ،وطن ، عوام سان پيار پاٻوهه آهي. ارتقا ۽ سائنس جي اصول موجب هر شي پنهنجو وجود تبديل ڪري پئي . ماڻهن جو اچڻ ۽ وڃڻ هڪ معمول آهي. زندگي ۽ پنهنجي مقصد ۾ هڪڙا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي منزل تي رسڻ لاءِ گڏ هلڻ لاءِ نڪرندا آهن. ۽ انهي رستي تي اگر منزلن جا مسافر اچانڪ جدا ٿي وڃن يا اوچتو ڪنهن حادثي جو شڪار ٿين ته ان جو وڇوڙو نه صرف جيءَ کي جهوري ٿو وجهي پر ان جي هر پل جي ياد ساڻس گڏ گذاريل لمحه، پل خوبصورت خيال وسرڻ ۽ دل تان ٽارڻ ڄڻ ته نه حل ٿيندڙ معمو بنجي ٿووڃي. ۽ نه چاهيندي به اهي خيال ۽ يادون وري وري دل تي تري اينديون آهن.
    اڄ جي نفسا نفسي ۽ منافقت واري دور ۾ هم خيال دوست ئي زندگي جو سهارو هوندو آهي. ميهڙ جي ماڻهن ۾ ميندي ۽ مائي جو ڀريل مٺاس ئي آهي. جيڪو ماڻهن کي پاڻ سان ڳنڍڻ جو فن رکي ٿو . ميهڙ جي مائي جهڙو مٺو ڪردار رکندڙ اسان جو دوست شايان ڳورڙ به هو جيڪو اسان کان ايئن اوچتو وڇڙي ويندو ان جو ڪنهن کي پتو هو آڪاش انصاري جيئن ته
    “ مگر دل هي پاڳل مڃي ڪين مور
    تون ايندين تون ايندين ضرور”
    شايان جنهن سان ذهن ۽ ضمير جا رشتا هئا. اهو اسان کي ائين ڇڏي وڃڻ کي دل مڃي ئي نه ٿي. شايان سان اسان جورشتو صرف هڪ شهري هڪ پارٽي ورڪر هڪ دوست وارو نه پر تمام گهرو هو . هن سان سندس ٻالڪپڻ کان وٺي انتهائي ويجهڙائي وارو هو. ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين هن سان ڪيترائي ناتا رهيا. هو اسان جي پيار، تربيت هيٺ رهندي وڏو ٿيو. هن سان ڪيتريون ئي حجتون، پنهنجائپ هئي . هن سان ڪچهري مذاق ، کل ڀوڳ جو پنهنجو مزو هيو. سندس پيءُ سان سالن کان واسطو ، دوستي ، ذهني ، نظرياتي لاڳاپو ۽ هڪ ئي مقصد هجڻ ڪري شايان به پنهنجي اولاد کان وڌيڪ پيارو هو. هو ڳورڙ خاندان ۽ قبيلي ۾ منفرد سوچ ، منفرد خيال ۽ منفرد طبيعت جو مالڪ هو. هو جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍو هو پر پنهنجي خيالن ، اٿڻ ويهڻ ، ڪم ڪار توڙي ذهني سطح ۾ عمر کان گهڻو وڏو لڳندو هو. احمد فراز جيان ته:
    دوست بھی ملتے ہیں، محفل بھی جمی رہتی ہے
    تو نھیں ہوتا تو ہر شے میں کمی ہوتی ہے ۔

    هو هڪ ئي وقت ڪارڪن هو ته اڳواڻ به هو شايان لاءِ اهو اعزاز آهي ته هڪ عوامي جهموري پارٽي جي شاگرد ونگ جو باني اڳواڻ هو. هن پنهنجي سياست سجاڳ ٻار تحريڪ کان شروعات ڪئي. سنڌي شاگرد تحريڪ، ايس ايس او جي وڏن عهدن تي رهيو. هن تعليم لاءِ هلايل جدوجهد ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو. هو پنهنجي هم عمر دوستن ۾ اڳوڻ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سندس دوست ڀلي ڪهڙي به سياسي پارٽي سان لاڳاپيل هوندا هئا. پر سندن رهنمائي شايان ڪندو هو . شايان ۾ هاڻي ڪيتريون ئي خاصيتون ۽ خوبي اچي ويون هنيون جو سندس پيءُ جا دوست به پنهنجي ٻارن کي شايان وانگر متحرڪ ڏسڻ چاهيندا هئا. هو نهايت ئي برجستو ۽ رشتا نڀائيندڙ نوجوان هو.هن سماج کي سڃاڻي ورتو هو ۽ ان ئي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. شايان جيڪو فرمانبردار پٽ هو . هن پنهنجي پيءُ کي بچائيندي پيءُ مٿان پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ۽ نه صرف پنهنجي خاندان بلڪه دوستن کي ائين اوچتو ڇڏي ويو.


    توکي ڪير وساري سائين

    توکي ڪير وساري سائين

    لياقت ڏيپر


    کرڪڻا لاھي، سک نه ستا ڪڏھن
    اوسيئڙو آھي، کاھوڙين کي پنڌ جو،

    سڀ تعريفون مالڪ مٺي لاءِ جنھن مٽيءَ جي مٺ مان احسن الانسان خلقيو، انسان جي تخيلق جو سبب انسانيت جي آبياري، ماڻھن سان محبت خدا جي وحدانيت جي پرچار خالق ڪائنات جي حسناڪين جنھن ۾ جمادات، انسانيت، ڪمالات کي پنھنجي حسن ڪارڪردگي سان ظاھر ڪرڻ اھي سمورا احساسي، خيال، فڪر ۽ سوچون ھر ماڻھوءَ ۾ ھڪ جيتريون پروان نه ٿيون چڙهن اھي خاص جذبا ۽ دليون، خدا جي خلق جي ڀلائي خاطر پنھنجون سموريون صلاحيتون خرچ ڪرڻ ماڻھو جي وس طاقت ۾ نه ٿيون ھجن، اھي جيئن سچا خلوص ڀريا، لائق، فھيم، لاجواب، باڪردار ماڻھو مختصر ھجن ٿا، ڪائنات ۾ باقي رھڻ واريون شيون ڪردار ۽ قابليت، خلوص ۽ نيڪ نيتي، نيڪ جذبن ۾ عملي انسان زنده رھندا آھن، عملي انسان ھميشه دلين ۾، دعائن ۾ زنده رھندا آھن، زنده رھڻو آھي ته پوءِ لطيف کان پڇون ته سائين ڇا ڪريون سندن چوڻ آھي ته علم ۾ماھر ٿي، قابل ٿي، ڄاڻو ٿي، باڪردار ٿي، پو لائيٽ ٿي، پيارا ٿي، پاڪ دامن ٿي، دنيا جھان استادن سان ملي جلي ھمت ڀريا، ھالار سار ٿي اڳواڻيون ڪريو، رھنمايون ڪريو، رھبر ٿيو منجھيل جي مشعل بڻجي شعور ۽ شعاع جا ڪرڻا بڻجي ڪمزورن کي طاقت فراھم ڪريو، ماھر ۽ معتبر ٿيو، باقي محروم، جاھل، ڪاھل ڪمزور، ڄٽ، بي سمجھ نه بنجو پنھنجن جذبن کي خيالن کي، دماغن کي، چڙيا ۽ جھرڪي جي ڪمزور گھر جھڙو نه بڻايو، پاڻي جي ڦوٽي جھڙا ڪمزور نه بڻجو ان لاءِ لطيف سائين چيو.
    محروم ٿي مري ويا ماھر ٿي نه مئا،
    چِڙِي جيان چھنب ۾ لڏيائون لئا،
    حباب ئي اھا انھيءَ واديءَ وچ ۾.

    ڏسڻ ۾ سھڻو، ڪم جو ڪوڏيو، پيار ڏيندڙ، پيار وٺندڙ انسان ڳالھائي ته ھيانءُ ٺري پوي، ڏسي ته من جا گلاب ٽڙي پون، اسٽيج تي اچي ته پڇڻو پوي ھي ڪير ٿو ڳالھائي، نياز نوڙت اھڙو جھڙو ميوي ڀريل وڻ، کِلمُک ۽ ٻھڳڻو انسان، سدا سٻاجھو، اڳواڻي ڪرڻ جا سمورا ڳڻ ڪچھري جو قابل وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪندڙ، توھان پڇندو ڪير؟ جي پيارو شھيد شايان علي ڳورڙ جيڪو ھن فاني دنيا مان 2017-05-14 تي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، وڇڙيو ته آھي، پر وسريو ته ناهي، سندن ڪم، ڪردار، لڇڻ ڳڻ، سموريون سندن سعادتون اسان سان گڏ آھن، الله تعالى سندن کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي، مالڪ مٺو سدا سندن قبرڪشادي ۽ روشن فرمائي- آمين
    شيخ اياز جي لفظن ۾:
    ڇَرَ تي ڇڏيئي پيرڙا ڪري ھنج اُڏار،
    سڄڻ تنھنجي سار صديون رھندي ساھ ۾.

    شايان علي ڳورڙ سندن جنم جو ھنڌ سوجھرو ڳورڙ، سائين الھرکيو ڳورڙ صاحب جن جي فيملي جو چشم چراغ، جنھن ڳوٺ ۾ ھاءِ اسڪول قائم ڪرايو جيڪو اڄ به شان شوڪت سان ھلي رھيو آھي، شايان علي (شھيد) جو والد جناب محترم سائين علي شير ڳورڙ جيڪو ھن وقت ھاءِ اسڪول (2) ميھڙ ۾ (HST) استاد آھي، سندن تعليم ۽ تربيت ھيٺ رھندڙ شايان علي ڳورڙ جنھن پرائمري کان سيڪنڊري تائين ميھڙ ۾ پڙھي سول ڊپلومه ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ ميھڙ، گريجوئيشن شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي، پاڻ سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، عوامي تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي سان انتھائي ذميواري سان واڳيل رھيا. پاڻ سنڌي اسٽوڊٽنس آرگنائيزيشن جا باني ۽ مرڪزي اڳواڻ ھيا، ۽ حق فائونڊيشن سان آخري دم تائين واڳيل ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رھيا، ھي ٻھراڙي جا لوڪل لعل صاحب سرواڻ انسان جوانيءَ ۾ ئي استاد کان جدا ٿي ويو آھي، اڄ سندن کي ڏسڻ لاءِ اکيون وڏ ڦڙا وسائن ٿيون.
    استاد بخاري جي لفظن ۾:
    جوءِ تڪي جن لاءِ، ساھ سڪي جن ڪاڻ.
    اڱڻ آس وندن جي الله اھي آڻ.
    سوجھرو ۽ سرھاڻ سھڻيون جن جون صحبتون،

    ھر ماڻھوءَ کي موت جو ذائقو چکڻو آھي، مام اھا آھي، ته ماڻھو ھن ڪائنات ۾ ڇو آيو آھي؟ ڇا ڪرڻو آھي؟ ڪيڏانھن واپس وڃڻو آھي؟ انسان جي زندگي ٽن سوالن جي دائري ۾ ھلي ٿي، ڇا جايون، بنگلا، جائداد بينڪ بيلنس، زمين، زر، زور، زيور حاصل ڪريون انھيءَ شيءِ جون نالو زندگي آھي، ڇا کائڻ پيئڻ، سمھڻ چاڪي جي ڏاندن وانگر گذارڻ اکيون ٻڌي زندگي جي جانڊه ۾ ھلڻو آھي، فرعون، ھامان، شداد بڻجي جائز نا جائز دولت جا انبار لڳا ئڻا آھن، اھا زندگي آھي؟ اھوئي مقصد آھي؟ نه، زندگي جو مقصد آھي ٻين جي ڪم اچڻ، ٻين ڪاڻ جيئڻ، پاڪ پيغمبر ٿورن ۽ جامع لفظن ۾ فرمايو ته بھترين ڪم انسانن جي خدمت ڪرڻ آھي، شھيد شايان ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو نمايان رھيو ۽ ھو زندگي جو متحرڪ ڪردار رهيو، نرمي ۽ مهرباني جي جذبي سان سرشار ھيو، شھيد شايان علي اسان جي دلين ۾ سٺن اخلاقن سبب رچيل بَسِيَلُ آھي، مولانا رومي جو ھي قول سندن عملي جدوجھد تي ٺھڪي اچي ٿو ته “پنھنجي آواز بجاءِ دلين کي اوچو ڪريو ڇو ته گل بادل جي گجڻ سان نه پر وسڻ سان ڦٽندا آھن” شال اسان توھان ۽ سندن سان پيار ڪرڻ وارن جي دلين ۾ سندن عمل ۽ ڪردار جا گل ڦٽن ۽ سندن مشعل راھ جا مسافر بنجي ماڻھن جي خدمت ڪريون.

    توکي ڪير وساري سائين،
    توکي وسارڻ اوکو ھوندو،
    پنھنجو پاڻ سان دوکو ھوندو،
    جيسين موت نه ماري سائين،
    توکي ڪير وساري سائين.


    سيسراٽيون ڪڍندڙ ڪمپيئر

    سيسراٽيون ڪڍندڙ ڪمپيئر

    طاھر محزون


    ھينئر رات جا ٻه ٿيا هن پنهنجي ڪمري ۾ مڪمل اوندھ آھي، خاموشي آھي، گھڙي جي ٽِڪ ٽِڪ سان گڏ منھنجي ذھن جي خلائن ۾ الفاظ اڏري رھيا آھن........ سوچيان پيو دوستن چيو آھي ته شايان تي لکان بستر تان اٿي ٽيبل ليمپ کوليم ڪجھ پنا ۽ پين کڻي لکڻ جي شروعات ڪيم ته لڙڪ نڪري پيا، منھنجي ڪمري ۾ پيل ھرشي مون سان گڏ سوڳوار پئي لڳي ۽ مان خوب روئڻ لڳس!
    ھاڻي ڪلھ جي ئي ڳالھ آهي ته علي شير وَٽ رات جي ماني پئي کاڌي ته شايان پنھنجي ھٿن سان اسان کي ڀاڄي، ماني ۽ سلاد پئي کڻي ڏنو، انھي کي چند ڏينھن به ته گذريا ھوندا ته ھو ھڪ ڏينھن زندگي جي سفر ۾ حادثي جي نذر ٿي ابدي ننڊ سمھي پوندو ۽ اسان سڀ ڪلھي تي ان جي ميت کي کڻي شھر خموشان ۾ ڇڏي اينداسين ۽ پوئتي يادن جي ڊگھي قطار کان سواءِ ڪجھ به نه بچندو.
    پھرين جنوري 1996ع تي ميھڙ شھر کان چند ڪلوميٽر جي فاصلي تي ھڪ ڳوٺ ۾ رھندڙ علي شير ڳورڙ جي گھر ھي جنم وٺڻ وارو موڀي پٽ عبدالباسط شايان علي پوري خاندان جي لاءِ خوشيون راحتون ۽ مسرتون کڻي آيو ۽ زندگي جي ٻن اڍائي ڏھاڪن کان پوءِ پاڻ سان گڏ واپس کڻي ھليو ويو.
    چوڏھين مئي 2017ع تي منجھند جو اسان جي دوست منظور مھيسر جو ميسيج پھتو ته شايان علي پنھنجي والد جي جان بچائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ھن فاني دنيا کي ڇڏي ھليو ويو آھي، منھنجي ته پيرن ھيٺيان زمين نڪري وئي ۽ ڪجھ دير لاءِ سڪتو طاري رھيو.
    ھي اھو نوجوان جنھن جي اکين کي الاھي خواب ڏسڻا ھيا اھي اکيون ايترو جلدي ڪيئن ٿيون بند ٿي سگھن؟ جنھن نوجوان جو ڪڙڪيدار آواز ڌرتي دشمنن لاءِ گولي کان وڌيڪ تيز ھو اھو آواز اچانڪ ڪيئن ٿو بند ٿي سگھي!!
    مون کي اڄ ته ياد آهي ته عوامي جمهوري پارٽي جي لانگ مارچ ۾ شايان ڪمپئرنگ ڪري رهيو هو، ته جسم مان سيسراٽيون پئي نڪتيون هن جي آواز ۾ هڪ قدرتي ڪشش هئي جيڪا سوين ۽ هزارين ماڻهن جي مجموعي ۾ هرهڪ جو خون گرمائڻ جي سگهه رکي پئي !! ان آوازجي سگهه ايتري آهي جو اڄ به اسان جي ڪنن ۾ گونجي پيو، مگر افسوس جو هرڪو قدرت جي اڳيان بي وس آهي، ڪير ڪيتري به ڪوشش ڪري وڃڻ وارو هليو ٿو وڃي.
    شايان جو موت هڪ بهادر جو آهي، جنهن پنهنجي جان جي پرواهه ڪئي بغير پيءُ جي جان بچائي جام شهادت نوش ڪيو، هن جو اوچتو موت به وسري نٿو سگهي.


    شايان انقلابي رستي جو سپهه سالار ۽ سنڌ جو سپوت

    شايان انقلابي رستي جو سپهه سالار ۽ سنڌ جو سپوت

    حبيب ”حضوري“


    ھي دنيا آھي، جنھن کي اسان سدائين رھڻ جو مقام سمجھيو آھي، اسان جي زندگي ۾ ئي الاھي ماڻھو ڄميا آھن، ۽ فوت ٿي راھ رباني ورتي اٿن، موت ۽ زندگي جو فلسفو حڪيمن، ڏاھن، باخبر انسانن ۽ باشعور عقلمندن ٻڌايو آھي، پر اسان ان تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ، حياتيءَ جون قيمتي گھڙيون گذاري رھيا آھيون، قرآن پاڪ چيو آھي ته “موت ۽ زندگي جو سلسلو ان ڪري رکيو ويو آھي، ته اسين ڏسون ته اوھان مان ڪير ٿو سٺا ۽ سھڻا عمل ڪري ڏيکاري!” (احسن عملا) سھڻي، سٺي، صالح ۽ سالم عمل ڪرڻ وارا تمام گھڻا ماڻھو آھن، ته وري ڏسون ته انھن مان به وڌيڪ سٺو ۽ سھڻو عمل ڪنھن ڪري ڏيکاريو! ان جو مقام ۽ مرتبو وري ٻين کان اعلى ۽ ارفع آھي، ھي ڳالھ طئه ٿيل آھي ته موت زندگي جو پيڇو ڪري رھيو آھي، ھتي ڪوبه ھميشه ناھي رھيو، ھي حسين پر شوق زندگي ڪنھن به وقت موت جي ويران ۽ اڻ کٽ وادي ۾ وڃي اختتام پذير ٿيندي، اھا به پڪ آھي ته حياتي جو ڏيئو ڪنھن به وقت طوفان جي ورچڙھي وسامي ويندو، پر ان ھوندي به وسيلا ۽ وک بڻجي زندگي جي شاھراھ تي ملندا رھون ٿا، پڪي پوک ۾ لابارو پوي ته ڪا عجب جھڙي ڳالھ ناھي! پر ڪچڙيون ڪليون ٽڙڻ کان اڳ ۾ مرجھائجي وڃن ته ذھن، دل ۽ دماغ تي ڪاپاري ڌڪ ضرور لڳي ٿو.
    شايان علي شير ڳورڙ ھڪ نوجوان عزم ۽ ھمٿ سان سرشار ذھانت ۽ اھليت سان ڀرپور، ڪي ٽو، هماليه جھڙو حوصلو رکندڙ، سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي جا خواب سيني ۾ سانڍي گھمندڙ، باضمير، باشعور سنڌ جو آئيندو، ائين تڪڙو ڏوراھين سفر تي ھليو وڃي! ته سندس والدين ۽ عزيز واقارب ته ضرور سوڳوار ٿيندا! پر اسين دوست، احباب ۽ سنڌ واسي به غمگين ۽ ڏکارا ضرور ٿينداسين! اھو ھڪ فطري عمل آھي، جيتوڻيڪ منھنجي ذاتي طرح ڪا شايان سان ويجھڙائپ ڪانه ھئي، ڇو ته نوجوان نوخيز ۽ نوعمر 22-21 سالن جو ڳڀرو ۽ شھزادو ۽ آءُ عمر رسيده، پڪو پوڙھو، جھونو، پر سائين علي شير ڳورڙ ۽ سائين حسين بخش ڳورڙ سان ته نه رڳو پراڻي شناسائي، پر محبت، قرب ۽ دوستي جو به رشتو آھي، ھا! پر شايان سان ذھني ۽ نظرياتي ھم آھنگي ھئي، ھو منھنجو آئيندو، منھنجو روشن مستقبل ۽ سنڌ جو سپوت انقلابي دستي جو سپهه سالار ھو.


    شايان ميھڙ جو شان

    شايان ميھڙ جو شان

    عابد ڪلھوڙو


    شايان اتي پليو ۽ وڏو ٿيو، اھا ڪالوني يعني مدينه ڪالوني، جيڪا ميھڙ ۾ سڀني ڪالونين کان پوئتي پيل ڪالوني سمجھي ويندي ھئي، جنھن ڪالونيءَ ۾ گھڻائي اھڙن ماڻھن جي ھئي، جيڪي چور، ڦورو، چرسي، آفيمي، ڪوڪڙي، جواري ۽ ڪيترائي ڪرمنل ڪم ڪندڙ ماڻھو اتي گھڻائيءَ ۾ موجود ھئا. ايتري قدر جو شھر ميھڙ جا ماڻھو مدينه ڪالوني واري مين روڊ يعني ٿيٻا روڊ تي ڪيترائي چانھ جا ھوٽل ھئا. جن تي وڏيون T.V ۽ L.C.D لڳل ھيون، جتي واندا ماڻھو ۽ ڪرمنل قسم جي ماڻھن جا ھجوم ويٺل نظر ايندا ھئا. اھڙي ماحول ۾ شايان استاد بخاري جي شعر وانگر رھيو ته :-
    گندگي ۾ زندگي گھاري، وڃڻ سولوئي نه آ،
    گھار جي ويندي به اجاري وڃڻ سولي نه آ،
    وير واري واءُ تي شايد نشان اڪري وڃي،
    وات تي پربات، بيھاري وڃڻ سولي نه آ.

    شايان ڪنول جي گل وانگر اسان کي ھميشه چمڪندو نظر آيو. ھي ان ماحول جي حصي ٿيڻ بدران ان ماحول کي مٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو ۽ ان ۾ تمام گھڻو ڪامياب به ٿي ويو. اڄ اھا مدينه ڪالوني بھترين ۽ صاف سٿرين ڪالونين مان ھڪ آھي ۽ ان جو ڪريڊيٽ سڄو شايان ڏانھن وڃي ٿو عزير جي چوڻ وانگر ته شايان جھڙا ماڻھو وقت کان تمام گھڻو اڳ پيدا ٿيندا آھن، استاد بخاري جي شعر وانگر ته:-
    وقت نه ھڻ ھام، مون سان گڏ ھلڻ جي.
    توجھڙا مون جام، پوئتي ڇڏيا پنڌ ۾.

    وري ٻئي ھنڌ بخاري شايان جھڙن ماڻھن لاءِ ئي چوي ٿو ته:-
    اسان جي ھر قدم تي ھڪ نئين دنيا جو نقشو آ،
    اسين تخليق جي قوت جا اعلى شھڪار آھيون.

    شايان به تخليقي ماڻھو ھيو. جنھن جي سوچ جو دائرو عام ماڻھو کان گھڻو مٿانھون ھيو، ھتي ماڻھوننڍين ننڍين ڳالھين تي پاڻ ۾ الجھيا پيا آھن، اتي شايان اجتمائي مسئلن تي سوچيندو ھو، ۽ انھن لاءِ ھميشه مصروف عمل رھيو، ڪڏھن به ماٺو نه ٿيو ڪڏھن به غافل ٿي ننڊ نه ڪيائين. ۽ ننڊ کي موت جو ٻيو نالو سڏيندو ھو. ھو جيستائين جيئرو ھو ته سماجي ۽ سياسي تنظيمن سان جڙيو رھيو. ۽ غريبن پورھيتن ماڻھن جي حقن جي حاصلات لاءِ وڙھندو رھيو، ھن جي شخصيت ۾ حيدربخش جتوئي جو روپ، جي ايم سيد جي دانش ۽ ذوالفقار ڀٽي جو دماغ ھڪ ئي وقت موجود ھئا. ھن دنيا جهان جي شاعري اديبن کي پڙھيو ھيو، پر پوءِ به ھي بلوچستان جي عظيم دماغ اڪبر بگٽي ۽ بالاچ مري کان گھڻو متاثر ھيو ھن جو زندگي گذارڻ جو ھڪ پنھنجو انداز ھيو، ھن پنھنجي ئي گھر ۾ ھڪ الڳ ڪمري ۾ ھڪ الڳ آکيرو ٺاھي ڇڏيو ھيو، جتي ھي ھميشه غلام قوم کي بھتر مستقبل ڏيڻ ۽ آزاديءَ جا پرعطا ڪرڻ لاءِ غور ۽ فڪر ۾ رھندو ھو، ھي ھميشه ڪنھن شاعر جون اھي سٽون چوندو ھيو ته :-
    تون ڳالھ ڪرين ٿو زلفن جي.
    مان اڻڀن اڻڀن وارن جي.
    تون ڪوڪ سڻين ٿو ڪوئل جي،
    مان پيٽ بکايل ٻارن جي.

    شايان ھڪ سنڌ جو سرمايو ھو، ھي انھن ماڻھن مان ھو، جيڪي آفيمي قومن کي دنيا جون محنتي ۽ جفاڪش قومن ۾ تبديل ڪندا آھن.
    وڌيڪ مان شايان لاءِ لطيف سائين جو ھي شعر لکندس جيڪو پڻ شايان جھڙن ماڻھن تي ٺھڪي ٿو اچي.
    کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
    سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر،
    تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
    جھڪو ٿيو جوھر، جانب جي جمال سين.

    شايان جي اکين ۾ مون سدائين اھڙا خمار ڏٺا ، جيڪي بند وسڪي جي بوتل کولڻ وارن جي اکين ۾ به نظر نه ايندا آھن، قدرت واري ھن ۾ ڪمال جون خوبيون رکيون ھيون، ھي سلڇڻو، سٻاجھو، مھمان نواز، سماج سڌارڪ ۽ بھادر ھيو، ھن جي روبيسٽ شخصيت، ڊگھو قد، ويڪري ڇاتي، ۽ خوبصورت منھن تي چاپائين ڄميل ڏاڙھي ائين محسوس ٿيندي ھئي جيئن اڪبر بگٽي جي جواني.
    شايان جيڪو سائين علي شير ڳورڙ جو وڏو پٽ ھيو، ۽ باھوش، سچو پنھنجي ڳالھ تي بيھڻ وارو ھر دل عزيز دوست آھي، جنھن جو ھر گفتو منڊيءَ تي ٽڪ وانگر لڳندو آھي، سائين روشن ٻگھيو چوندو آھي ته چرچو سائين علي شير کي لڳي يا سائين ٻئي کي چرچو ھڻي، پر سائين ھر چرچي تي ائين کلندو آھي، جو ائين دوست کي منجھائيندو آھي، ۽ ھن جو پلڙو سدائين ڀاري رھندو آھي، ۽ ڪنھن محفل ۾ سائين علي شير ڪنھن مجبوري سبب موجود نه ھجي ته اھو دوست نه ھوندو جيڪو سائين علي شير جي پڇا نه ڪندو ھجي، ھر ماڻھو جي وات تي اھا ڳالھ ھوندي آھي ته ڇو سائين علي شير ڪونھي، ڪجھ ٽائيم کان پوءِ وري بي خودي مان ڪو ٻيو دوست چوندو ته سائين علي شير ڪونھي يار مزو ڪونھي، اھڙي پياري ماڻھوءَ کي ھن نوجوان پٽ جي اوچتي شھادت دلي طرح جھوري وڌو آھي، ھر ماڻھو پنھنجي دل تي ھٿ رکي ته خوشبوءِدار پٽ جو وڇوڙو ڪيئن ٿيندو آھي؟ چوندا آھن ته جت باھ ٻري سا جاءِ سڙي، سو سائين علي شير کي خدا صبر جي توفيق ڏيندو ۽ شايان کي جنت فردوس ۾ جڳھ عطا ڪندو.
    باقي شايان جھڙا ماڻھو ته صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آھن، جيڪي پنھنجي لاءِ گھٽ پر قوم، ملڪ ۽ وطن لاءِ گھڻو ڪم ڪندا آھن.
    جيئن عبدالواحد آريسر صاحب جي لفظن ۾ ته “اھڙن ماڻھن جي سوچ جو دائرو خدا جي زمين وانگر وسيع ۽ ويڪرو ھوندو آھي، ۽ ھنن جا ولولا آسمانن جي وُسَعتن ۾ اڏامڻ لاءِ تيا ھوندا آھن، ۽ حوصلا جسماني ۽ روحاني مصيبتن کان بي نياز ھوندا آھن، ۽ پنھنجي قوم سان بلڪه پوري انسان ذات سان وحدت الوجودي ڌاڳي ۾ پوئجي ويندا آھن، ماڻھن جو ڏک ھو پنھنجي ھانءَ ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي محسوس ڪندا آھن ۽ قوم جي ھر فرد جي خوشي کي ھو من مندر جي محبوبا جي مرڪ جھڙو دلڪش محسوس ڪندا آھن، قوم جي ماڻھن جا ڏک ھنن کي پنھنجا ڏک ۽ درد محسوس ٿيندا آھن، قوم جڏھن خوش ھوندي آھي ته ھنن جي چپن تي اھڙي عظيم مرڪ اچي ويندي آھي ڄڻ ته معصوم ٻار جي چپن تي ماءُ جي اڇي اجري ٿڃ ھار جي پئي هجي”
    شايان ڄمندي ڄام ھيو، هن ننڍي عمر ۾ ئي سجاڳ ٻار تحريڪ کان پنھنجي سياسي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين سياسي سماجي تنظيمن سان سلھاڙيل رھيو، لطيف سائين به اھڙن ماڻھن لاءِ چيو آھي ته:-
    جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءِ پيٺي سڪندي کي سڄڻين.

    (شاهه)
    سنڌ کي ماڻڪ، نسيم کرل ۽ حسن درس جي وڇوڙي کان پوءِ شايان ڳورڙ جي وڇوڙي جو صدمو به برداشت ڪرڻو پيو، شايان جي وڇوڙي تي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سڄي سنڌ ۾ تڏو وڇايل ھجي، شيخ اياز جي لفظن سان پڄاڻي :-
    آھه اجائي انت تي، پنھنجي ادا سائي،
    ھرشي ھن سنسار ۾، آھي اَبناسي،
    مٽيءَ سان ٿئي، موٽي ھر سياسي،
    ورسو جنھن واسي، پنھنجي سرت سڳنڌ سان.

    (اياز)


    سلڇڻو شھزادو

    سلڇڻو شھزادو

    ظھير ابڙو


    مَرُ مَرين، آئون رئنءِ! موٽي آءُ مَ ڪانڌَ
    ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏينھڙا،

    (مرشد لطيف)

    سائين علي شير جو نھايت سُلڇڻو، باادب پٽ شايان علي جنھن سان نھايت مختصر ملاقاتون رھيون پر انھن ٿورڙين ملاقاتن به ڄڻ مون کي ھن جو پرستار ڪري ڇڏيو، تعليمي لانگ مارچ جي موقعي تي ھن جو پھريون ديدار ٿيو ٽرڪ جي مٿان بيٺل سانورو رنگ جو باھمٿ نوجوان جيڪو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان مرشد لطيف جي شاعري ٻڌائي رھيو ھو ۽ ڪنھن ڪنھن مھل پرجوش نعرا به ھڻائي رھيو ھو، ھُو موسم جي سختي ۽ ٿڪاوٽ کان بي نياز پنھنجي قومي فرض ائين ڀرپور نموني ملھائي رھيو ڄڻ انھيءَ ڪم لاءِ پيدا ٿيو ھجي.
    ساجَنَ ڪارڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئي.
    اندرِ جنين اُڃَ پاڻي اڃيو اُنِ کي،

    (شاهه)

    شايان علي سان پھريون ڀيرو ملاقات سائين علي شير پاران دوستن جي مانَ ۾ ڏنل ھڪ مانجھاندي ۾ ٿي جتي شايان پنھنجي بابا جي دوستن جي خدمت ائين ڪري رھيو ھو، ڄڻ ڪي مقدس مھمان اچي ھن جي اڱڻ تي اُسھيا ھجن انتھائي احترام ۽ خوش دلي سان سڀني دوستن جي خدمت ڪري رھيو ھو، ۽ ھلڪي ھلڪي چرچي ڀوڳ کي به خوش دلي سان قبول ڪري مسڪرائي رھيو ھو، ماني کائڻ ۽ چانھ پيئڻ جي دوران هو، مسلسل بيٺو رهيو ۽ خدمت ڪيائين، مختصر ملاقات ۾ به دل ۾ گهر ڪري ويو شايان علي.
    1996-01-01 ۾ جنم وٺندڙ هي سهڻي سڀاءٌ دلبر زندگيءَ جون 21 بهارون ئي ڏسي سگهيو پر ان 21 سالن ۾ ايڏي ڀرپور زندگيءَ ۽ ايڏي جدوجھد شايان علي جي حوصلي ۽ همت جو ثبوت آھي، اَٺن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي هي شهزادو سجاڳ ٻار تحريڪ سان سلهاڙ جي ويو ۽ سائين علي شير جهڙي سٻاجھي ۽ همت ڀرئي استاد جي نگراني ۾ هن سياسي شعور جو سفر شروع ڪيو ۽ پڙهائي سان گڏو گڏ سياسي تعليم ۽ سماجي معاملن بابت شعور به حاصل ڪيائين.
    سجاڳ ٻار ۽ عوامي تحريڪ کان پوءِ عوامي جمهوري پارٽي ۽ سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ان سان گڏوگڏ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ حق فائونڊيشن نالي سماجي تحريڪ جو به انتهائي متحرڪ اڳواڻ رهيو ۽ پنهنجن آس پاس جي عوام لاءِ هميشه جي جان خدمت ڪيائين هميشه متحرڪ رهندڙ هي سڄڻ هر معاملي ۽ مسئلي کي مسڪرائي منهن ڏيڻ جي سگهه رکندڙ هو.
    مرشد لطيف چواڻي:
    گهيڙان ڪَري نه گهوُرَ، تَڙتَڪَڙِ کان نه لهي.
    جنهن کي سِڪَ ساهَڙَجي، پُورَنِ مٿي پُورَ،
    ڪاريءَ رات ڪُنَن ۾، وَھَمَنِ ڪي وَھلوُرَ
    جنھن کي ساڻ پريان جا سُورَ، تنھن کي ندي ناھ نگاھ ۾.

    مرحوم شايان علي جو آخري سفر به لطيف سائين جي هنن سٽن سان ڪيئن ٺهڪي اچي ٿو جو هن سهڻي به ڪابه پرواھ نه ڪٺي ۽ ڪجھ سمجھڻ سوچڻ بغير بابا سائين کي بچائيندي ڪو گهٽ گهير ۽ بچاءَ جو تڙ به نه جا چيو ۽ گھڙي پيو گهير ۾ ۽ محبوب کي بچائيندي پاڻ هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
    مختصر وقت ۾ ايڏي شاندار زندگي ۽ جدوجهد شايان علي جوئي ڪمال هيو ۽ مختصر ملاقاتن جي باجود دلبر جي مسڪراهٽ، خدمت ۽ جدوجهد هميشه ياد رهندي ۽ ذهن جي پردي ۾ ڦرندي رهندي، شال سائين علي شير کي همت ۽ حوصلي جي طاقت ملي.


    پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙھا ڳل سندن

    پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙھا ڳل سندن

    منور جتوئي


    14 مئي 2017ع تي آچر جي ڏينھن تقريبن صبح جو 12 وڳي فيس بڪ تي ويٺو ھيس ته پياري ۽ ماضي ۾ ايس ايس ٽي ۽ عوامي تحريڪ ۾ گڏجي ڪم ڪندڙ دوست منظور مھيسر جي وال تان اھا ڏکوئيندڙ ۽ درد ناڪ خبر پڙھيم ته ايس ايس او جو مرڪزي اڳواڻ ۽ ميھڙ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت ۽ استاد سائين علي شير ڳورڙ جو وڏو پٽ شايان علي ڳورڙ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري شھيد ٿي ويو آھي، ان کان پوءِ تقريبن سڀني دوستن جي والس تان اھا ڏکوئيندڙ خبر شيئر ٿيندي رھي ۽ ھڪدم سڄي شھر ۾ ڏک ۽ غم جي لھر ڇانئجي وئي شايان جي ان اوچتي ۽ 21 سالن جي ڦوھ جواني ۾ ھن جھان مان وڇڙي وڃڻ تي جيڪو صدمو سندس جيجل امڙ ، والد ۽ گھر جي ڀاتين کي ڏنو ھوندو، ان جو حقيقي احساس ته انھي کي ئي ٿيو ھوندو.
    لطيف جي مڃيل عالمي سچ جي باوجود شايان جي اوچتي ۽ 21 سالن جي الھڙ جواني ۾ وڇڙي وڃڻ واري ڏکوئيندڙ خبر ضرور انساني ڌڙڪندڙ دل کي تڪليف ڏني ھوندي ۽ سوچيندڙ ذھن کي صدمو پھچايو ھوندو.
    منھنجي دل ۽ ذھن تي به ھڪدم اھائي ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ تمام گھڻو ڏک ۽ صدمو پھتو خيال ۽ سوچون ھڪدم ماضي جي يادن ۾ ھليا ويا.
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا،
    بند اکڙين منجھان بند ڀڄندا رھيا،
    وقت تنھنجو ھي ورتاءُ واجب نه ھو،
    گھايلن تي نئون گھاءُ واجب نه ھو،
    وِک وِک تي وڇوڙا وڍيندا رھيا،
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا.

    شايان سان منھنجو واسطو ۽ تعلق ان وقت کان شروع ٿيو جڏھن منھنجي ويجھڙائي ۽ دوستي سندس والد سائين علي شير ڳورڙ سان ان وقت شروع ٿي جڏھن ان وقت شھر ميھڙ شھر جي اندر عوامي تحريڪ ايس ايس ٽي- ايس ايس ٽي سمورن پارٽي دوستن جي تربيت ۽ رھنمائي ڪندڙ دوست ۽ ان وقت پورھيت انقلابي جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار احمدخان چانڊيو ڪچھريون ڪري ۽ عوامي تحريڪ ۾ وٺي آيو، ھر وقت احمد خان جو ھڪ اھڙو ئي منفرد ۽ شاندار ڪردار رھيو آھي.
    مون کي ياد آھي ته جڏھن ان وقت مان مدينه ڪالوني ۾ تمام گھڻو ويندو ھيس ۽ خاص طور تي ان وقت ايس ايس ٽي ۽ ايس بي ٽي جون گڏجاڻيون ۽ پروگرام ڪرائيندو ھيس، ان وقت مدينه ڪالوني ۾ ايس بي ٽي جو نئون يونٽ کوليو ھيوسين، جنھن ۾ ان وقت مدينه ڪالوني جي يونٽ جنھن ۾ ان وقت خاص طور تي شايان ڳورڙ، وحيد لاشاري، راشد ڇٽو، نادر ٻرڙو، بشير جتوئي، مقصود چانڊيو ۽ قاسم ڇٽو وڌيڪ سرگرم ھوندا ھئا. ان وقت اھي ھڪ ته منھنجي سينٽر تي انگريزي به پڙھندا ھئا ته وري ايس بي ٽي جون سرگرميون به ڪندا ھئا. جنھن جي ڪري مدينه ڪالوني جو پرائمري اسڪول خاص طور تي آچر جي ڏينھن اسان جي سرگرمين جو مرڪز ھوندو ھيو، جنھن ۾ اسين گڏجاڻيون به ڪندا ھئاسين، اسٽيڊي سرڪل به ھلائيندا ھياسين ته وري اتي ننڍڙا ننڍڙا پروگرام به ڪندا ھئاسين، مون کي ياد آھي ته ھڪ پروگرام ۾ اسان سنڌ جي عظيم ۽ کاھوڙي ڪردار ۽ منھنجي سياسي ۽ تعليمي استاد ايڊووڪيٽ ماما رسول بخش بروھي کي به دعوت ڏئي وٺي آيا ھياسين، جنھن پڻ مدينه ڪالوني جي پروگرام ۾ تقرير به ڪئي ھئي ته انھن ئي سرگرمين دوران سائين علي شير ڳورڙ شايان کي وٺي اچي منھنجي حوالي ڪيو ھيو ته ھي منھنجو پٽ شايان توھان جي حوالي آھي ۽ ھن جي توھان تربيت ڪيو ۽ ايس بي ٽي جي سڀني سرگرمين ۾ شامل به ڪيوس، شاعري به سيکاريوس اسٽيج تي انائونسمينٽ ۽ تقرير ڪرڻ جابه موقعا وٺي ڏيوس پوءِ اتان ئي شايان جي تربيت جو سلسلو شروع ٿيو، ان وقت مدينه ڪالوني جي ايس بي ٽي ۽ ايس ايس ٽي جي سرگرمين ۽ پوءِ سندس سئوٽ فاروق احمد ڳورڙ، صداقت علي ڳورڙ، احسان سومرو، سجاد شيخ، جنيد حسين ڳورڙ، ظھير پنھور، عبدالستار ملاح، سڌير ملاح ۽ ٻيا به ڪافي دوست اسان جي ٽيم ۾ گڏ ھوندا ھيا ۽ ان وقت مدينه ڪالوني ۾ تمام گھڻيون سرگرميون ڪندا ھئاسين، سو شايان اسان جي ڪيل انھن گڏجاڻين اسٽيڊي سرڪل ۽ پروگرامن مان ئي تيار ٿي نڪتو ھن، ھن ڪتاب ۾ ھڪڙي ان وقت جي تقرير به شامل آھي، جنھن ۾ شايان اسان سان گڏ بيٺو آھي.
    شايان جي مون سان نڪتل اها تصوير ان ئي دور جي ھڪ ننڍڙي جھلڪ آھي جنھن ۾ ھو اسان سان شامل ھيو، پوءِ شايان اڳتي ھلي ۽ ايس ايس ٽي جي سرگرمين ۾ به شامل ٿيو، ۽ پوءِ اڳتي ھلي انائونسمينٽ ۽ تقريرون به پر اعتماد انداز ۾ ڪندو رھيو، پوءِ جڏھن اڳتي ھلي عوامي جمھوري پارٽي ٺھي ته ھو ان ۾ شامل ٿيو ۽ جڏھن پوءِ عوامي جمھوري پارٽي جي شاگرد محاذ ايس ايس او يعني سنڌي اسٽوڊنٽ آگنائزيشن ھيو ته شايان به انھن بنياد وجھندڙن مان ھڪ ھو ۽ پوءِ ايس ايس او جي اھم مرڪزي عھدن تي پڻ رھيو جنھن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ رھيو.
    ھو پنھنجي ان ننڍڙي عمر ۾ تمام گھڻو سياسي ۽ سماجي طرح اڳتي نڪري آيو جي قدرت ھن سان ائين نه ڪري ھان ته ھو ھن بي رحم ظالم ۽ پورھيت دشمن سماج کي تبديل ڪرڻ واري جدوجھد ۾ ھڪ مثبت ۽ شاندار ڪردار ضرور ادا ڪري ھا.
    نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين،
    اجھا ميو پرن توکي ساريون سپرين،


    شايان پتنگ هو

    شايان پتنگ هو

    روشن علي ٻگھيو


    اھا تڏھن جي ڳالھ آھي. جڏھن مون کي اڃا مُڇن جي نئين ساول لٿي ھُئي، پر آءٌ ننڍڙي لاڪون ئي چالاڪڙو ۽ چست ھوندو ھيس، بابو سائين حد کان وڌيڪ سوشل ھئڻ جي ڪري ڪڏھن ھِت ته ڪڏھن ھُت، موڀي پٽ ھجڻ جي ناتي اڃا ميٽرڪ ئي مس پاس ڪئي ھئم ته سڀني زماني جي شين پگھار وٺڻ کان وٺي گھر ھلائڻ ۽ ٻين کوڙ سارين زميوارين کي سنڀالڻ لڳو ھئس، توڙي جو پگهار، ٻني ٻارو ۽ مال متاعُ ھجڻ جي باجود گھڻي تڻي معاشي تڪليف ڪونه ھئي، پر تنھن جي باجود کيسي خرچ ۽ گھروھٿ ونڊائڻ ۽ شين کي بھتر ڪرڻ خاطر آءٌ ڌنڌا ڪرڻ شروع ڪيا ھئا، غالبن اھا 1990ع جي ڳالھ آھي، جڏھن آءٌ ميھڙ جي مين روڊ تي پوسٽ آفيس جي سامھون سبزي جو دڪان ھلائڻ شروع ڪيو ته پنھنجي ملڻي جلڻي طبيعت ۽ سٺي سڀاءَ جي ڪري کوڙ سارا سھڻا سيبتا تعلقات جڙيا ۽ ڪڏھن به ڪنھن ڌاريي ڇا پنھنجي جي آڏو به ھٿ ٽنگڻو نه پيو، انھن ئي ڏينھن ۾ سائين ديدار ڳورڙ سائين علي شير سان منھنجو ذڪر ڪيو، ته ھڪ نوجوان سلڇڻو ميھڙ ۾ سبزيءَ جو ڪاروبار ڪري ٿو، اچ ته ان سان ملاقات ڪريون اھا ملاقات سائين علي شير سان وئي وڌندي توڙي جو ھن جي عمر ۽ منھنجي عمر ۾ تقريبن 10 سالن جو فرق ھو، پر ذھني Maturily جسماني عمرين جا فاصلا ختم ڪري ڇڏيندي آھي، انھن ڏينھن ۾ سائين علي شير سوجھرو ڳورڙ کان ميھڙ شفٽ نه ٿيو ھو، پر ميھڙ جام ۽ جڏھن ايندو ھو ته مون وٽ ضرور ايندو ھو، توڙي جو ماڻھو اڄ تائين تمام گھڻين شين تي غالب اچي چڪو آھي، پر اڃان تائين ان جي ڪافي ڳالھين ۾ بيوسائي پڻ آھي، ڪافي شيون اڃان تائين ھن جي وس ۾ ناھن، جيئڻ، ڄمڻ، پسگردائي جو ماحول ۽ ڪمسني ۾ آسانيءَ سان ٻين جي ھٿن ۾ کيڏڻ، استعمال ٿيڻ ۾ ٻين جا خيال ۽ نظريا جلدي جلدي اپنائڻ لڳندو آھي، آءُ نمازي ته اڳ ۾ ھئس پر انھن ڏينھن ۾ دعوت اسلامي جو ماحول نئون نئون جڙيو ھو، آءٌ ان ۾ تيزي سان شامل ٿيس، منھنجي ڪري سائين علي شير منھنجي ئي دڪان ۾ رکيل مصلي تي گڏگڏ نماز پڙھڻ شروع ڪئي، اتفاق سان 25 اپريل 1992ع تي ٻنھي جي شادي ھجڻ جي ڪري ٻئين ھڪ ٻئي جي شاديءَ ۾ شامل ٿي نه سگھياسين وري اتفاق سان مون کي به پھريون ئي پٽ ڄائو، علي شير سمجھدار ۽ ھڪ Mature ماڻھو اڳ ۾ ئي ھو، وري لکڻ پڙھڻ جو ماحول جو مليو ته منھنجي ئي ڪري جيئي سنڌ تحريڪ ڇڏي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو، جنھن باڊيءَ ۾ ميھڙ تعلقي عوامي تحريڪ جو صدر، ته ھو خزانچي ھو، پوءِ ته اسان جو اڪثر وقت گڏ گذرڻ لڳو، ادبي فورم، جلسا ميٽنگس، ڌرڻا، شارٽ مارچ ۽ لانگ مارچ، لطيف ڊي، شامون، رھاڻيون، مھورتون، گڏ گڏ رھياسين، سنگت ۾ منھنجو پنھنجو ڍنگ ھوندو هو ته آءُ دوستن کي فيملي ميمبر ۽ گھرڀاتين کي دوست سمجھندو ھيس، تنھن جي ڪري ئي جڏھن بابا سان شام ملھائي وئي ته چاچي حاجي محمد ملوڪ کان وٺي سائين شبير جھتيال جو فادر چاچا الحاج علي نواز خان جھتيال غوث جتوئي جو والد مولابخش ۽ ڪامريڊ بگن چانڊيي وارا سڀ شريڪ ٿيا، ۽ جڏھن مان صبور کي ھر محفل ۽ پروگرام ۾ گڏ کڻڻ شورع ڪيو ته شايان به اسان سان گڏ گڏ ھوندو ھو، ھڪڙي دفعي شايان جڏھن اسان سان ڀٽائي جي ميلي تي گڏ ھيو ته سائين علي شير مون کي ٺوٺ ھنئي، مون شايان سان مذاق ڪئي ته جيب جو خيال ڪجانءِ جيب ڪترا گھڻا اٿئي، متان ڪو کيسو ڪٽي وڃئي، غالبًا شايان اٺن نون سالن جو مس ھوندو، پر تيزي ڦڙتائي جو جواب ڏنائين ته “ڏنو ٽڪو نه اٿئين! جيب ڪترا آڱوٺو ڪڍندا ڇا؟” ائين شايان پنھنجي چستي چالاڪي جو ثبوت ڏيندي سجاڳ ٻار تحريڪ جوائن ڪئي، ۽ پوءِ سنگت جڏھن عوامي تحريڪ کان ڌار ٿي.
    عوامي جمھوري پارٽي ٺاھي ته شايان ان جي ذيلي تنظيم sso جو مرڪزي اڳواڻ چونڊيو ويو، شايان ڄڻ مسلسل ڄمندي ڄام ھيو، ھو طبيعتً نھٺو، نماڻو ۽ حليم سڀاءُ جو مالڪ ھو، پر جڏھن اسٽيج تي يا مائيڪ ھٿ ۾ کڻندو ھو ته چڱن ڀلن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون ھيون، ۽ ھڪ ٻئي کان پڇندا ھئا ته ھي گجگوڙ شايان جي آ!
    قدرت ان کي پنھنجي پيءُ جي ابتڙ وڏو قد ڪاٺ ۽ باڊي ڏني ھئي، جڏھن ھو سنڌي ٽوپي، اجرڪ ڪلھي ۾ ۽ بوسڪي جا ڪپڙا ڪفلنگ ۽ ھٿن ۾ سونيون منڊيون پائي ھلندو ھو ته ھو اسان کي سدائين گھوٽ اڻموٽ لڳندو ھو، شايان ننڍڙي عمر ۾ پاڻ تي ۽ سماج تي الاھي تجربا ڪيا، آءُ ان کي خاموش انقلابي ڪوٺيندم ۽ مون کي چوڻ ڏيو ته شايان باغي به ھو، شايان پنھنجي سڄي قبيلي ۾ بھادر ھو، ۽ نيڪ پڻ، شايان جي قبيلي ۾ سڀ ماڻھو سني مڪتبهءِ فڪر سان تعلق رکن ٿا. پر شايان 9 ۽ 10 محرم تي ڪارا ڪپڙا پائي پير اگھاڙا ڪري، ڪربلا جي شھيدن جي محبت ۾ جڏھن سيني تي ھٿ ھڻندو ھو ته مون کي ان تي رشڪ ايندو ھو، شايان پنھنجي پيءُ کي بچائيندي ڦوھ جوانيءَ ۾ بھادريءَ جو مظاھرو ڪندي قربان ٿيو، ۽ شھادت جو جام پيتو، امام حسين جو قول آھي ته “شھادت زندگيءَ جو بھترين انجام آھي” ۽ شايان يقينً اڄ ان ٽولي ۾ ھوندو، شايان پتنگ ھو، ھن کي توڙي جو لنئون ۽ لھس لڳل ھئي، پر ھو روايتن جو به امين ھو، ۽ پنھنجي جذبن تي قابو پائي روايتون ۽ وڏڙن جو ادب بر قرار رکيو.
    بس امر ربي ڪل نفس ذائقة الموت مڃڻو آھي، ۽ ھي جھان جڙيو ئي ڊھڻ لاءِ آھي، جيڪو ماڻھو خدا کي به نه مڃي اھو به موت جو انڪاري ناھي! سائين سرڪش چواڻي:
    ڪنھن ھوندي ضرورت، ته به ھليا ويندا آھن.
    ۽ ماتم مچائي ويندا آھن.
    شايان جو تڏو، ٽيجھو، ماني AJP جو دعا ھوٽل تي تعزيتي ميڙاڪو PP يوٿ جو پروگرام حق فائونڊيشن جو پروگرام تقريرون، شاعري ۽ گيت ٻڌائين ٿا ته ھو جنھن خيال يا ڌر جو ساٿاري ھو، ڪاش ظالم وقت اڃا اجازت ڏئي ھا! ته شايان اڃا وڏو نالو ڪمائي ھا، سائين علي شير۽ ٻين کوڙ ماڻھن کان اھو ٻڌم اسان پاڻ کي توتي صدقو ڪريون ھا! اگر ھڪ ڀيرو آزمائي ڇڏين ھا.
    پر شايان ايئن ھليو ويندو ڪنھن جي وھم گمان ۾ به ڪونه ھو پر......
    موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ.
    يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ.
    ڏسجي ڪير اچي ٿو اڳ ۾،
    مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.


    ٻالڪپڻ ۾ ڌرتيءَ جو درد رکندڙ

    ٻالڪپڻ ۾ ڌرتيءَ جو درد رکندڙ

    سراج پنھور


    اسان جو پيارو دوست ۽ سينيئر استاد سائين علي شير ڳورڙ جيڪو اسان جي پاڙي جي ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ جو رھاڪو آھي، سائين علي شير ڳورڙ سان اسان جو ميل ملاقات اويل سويل ھڪڙي علائقي سان تعلق رکڻ جي ڪري ٿيندي رھندي ھئي، سائين علي شير ڳورڙ جو تعلق ھونئن به نامياري تعليمي ماھر ۽ سينئر سماجي ۽ ادبي شخصيت سائين مرحوم الھرکيو ڳورڙ صاحب جن جي خاندان سان آھي، منھنجو سندس سان گھرائپ وارو تعلق اسان جي پياري دوست ۽ ڀاءُ عبدالحميد چنه ٿرڙي محبت واري جي ڪري ٿيو، جيڪو سائين علي شير ڳورڙ جي ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد بنجي آيو، سائين عبدالحميد چنه، سائين علي شير ڳورڙ ۽ آءُ جيئي سنڌ محاذ تعلقي ميھڙ جي باڊي ۾ شھيد سميع الله ڪلھوڙو، ڊاڪٽر ھدايت علي کوسو، ڊاڪٽر امام الدين کوسو، عبدالغفار سومرو، پاويل جوڻيجو ۽ مرحوم پرائمري استاد عبدالقادر ڀٽو سان گڏجي ڪم ڪيو تمام گھڻو عرصو گڏ ڪم ڪرڻ جي ڪري سائين علي شير ڳورڙ سان تمام گھڻي ڪچھري ٿيندي ھئي، ڪچھري جو موضوع اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست سياست ھوندي ھئي، اڪثر ڪري سائين علي شير ۽ آءٌ سائين عبدالحميد گڏ ھوندا ھئاسين، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي يا ڪنھن سياسي ۽ سماجي ۽ ادبي تقريبن ۾ به گڏ هوندا هئاسين، جڏهن جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن ۾ انضمام ٿيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهيو ته اسان ٽئي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ به گڏجي ڪم ڪيوسين، مطلب ته سائين علي شير ڳورڙ سان اسان جو ملڻ جلڻ تمام گهڻو ٿيندو هيو، هڪ ٻئي جي خوشي ۽ غمي ۾ به شريڪ ٿيندا هياسين، جنوري 1996ع جي پهرين تاريخ تي سائين علي شير ڳورڙ جي گهر ۾ هڪ پٽ جنم ورتو جنهن جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ سائين علي شير ڳورڙ دوستن ۽ ڳوٺ وارن جي ڇٺي واري ڏينهن دعوت ڪئي، اسان سندس پٽ جي ڇٺي واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين، سائين علي شير پنهنجي پٽ جو نالو عبدالباسط رکيو، سائين جي پٽ جي ڄمڻ تي سڀني دوستن کي ڏاڍو خوشي ٿي سائين علي شير به ڏاڍو خوش هيو ائين وقت گذرندو رهيو، اسان به پنهنجي گهرو ذميوارين سبب سياست کان پاسيرا ٿي وياسين، جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ڌڙابندي جي ڪري ڪيترائي دوست جيئي سنڌ قومي محاذ کي ڇڏي ويا، ڪي سماجي تنظيمن ۾ هليا ويا ۽ ڪي خاموش ٿي پنهنجي ذاتي ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويا، سائين علي شير ڳورڙ عوامي تحريڪ ۾ هليو ويو ۽ ان مان ڌڙابندي سبب ٺهيل عوامي جمھوري پارٽي ۾ شامل ٿيو، ذاتي مصروفيتن سبب منهنجو سائين علي شير ڳورڙ سان ملڻ جلڻ گهٽ ٿي ويو، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اليڪشن ڊيوٽي دوران يا وري شهر ۾ اوچتو ملڻ ٿي ويندو هيو، بهرحال وقت گذرندو رهيو آءٌ هڪ روحاني تنظيم محبان حبيب و جماعت غوثيه مخدوميه ۾ شامل ٿيس، ۽ اڃاتائين ان ئي روحاني تنظيم ۾ شامل آھيان، ھي تنظيم يا جماعت صوفياڻو رنگ رکندڙ آھي، ائين وقت جو ڪانٽو ھلندو رھيو، ائين چوڏھن مئي 2017ع تي رات جو سوشل ميڊيا تي ھڪ خبر ھلي ته سائين علي شير ڳورڙ جو نوجوان پٽ شايان ڳورڙ پنھنجي والد صاحب کي بچائيندي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو.
    تمام گھڻو صدمو رسيو، سائين علي شير سان سندس تڏي تي تعزيت ڪئي سين، جڏھن سائين علي شير کان شھيد شايان جي باري ۾ معلومات ورتيسين ته سائين ٻڌايو ته ھي اھوئي ڇوڪرو ھيو، جنھن جي ڇٺيءَ تي سائين عبدالحميد چنه ۽ توھان آيا ھيا، جنھن جي ڇٺيءَ جو نالو عبدالباسط ھيو ۽ کيس شايان علي جي نالي سان سڏيندا ھئاسين، جڏھن سائين علي شير ڳورڙ شھيد شايان علي جو پروفائيل ٻڌايو ته حيرانگي وٺي وئي، سائين ٻڌايو ته شھيد شايان اڃا پرائمري اسڪول مدينه ڪالوني ۾ پڙھندو ھيو ته ھڪ ٻاراڻي تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ جو اڳواڻ بڻيو ۽ ھڪ سياسي شاگرد تنظيم SSO جو اڳواڻ، عوامي جمھوري پارٽي سنڌ جو اڳواڻ ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن SSO جو باني ۽ مرڪزي اڳواڻ رھيو ۽ آخري وقت تائين ھڪ سماجي تنظيم حق فائونڊيشن جو اڳواڻ به ھو، جڏھن سائين علي شير ڳورڙ جي زباني شھيد شايان علي ڳورڙ جو پروفائيل ٻڌوسين ته منھنجي ذھن ۾ ھڪ شاعر جا ھي لفظ تري آيا:
    “جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

    اسان کي اندازو ئي نه ھو ته سائين علي شير ڳورڙ جو اھو موڀي پٽ جنھن جي ڄمڻ جي خوشيءَ واري تقريب ۾ اسان شريڪ ٿيا ھئاسين، ٻالڪپڻ ۾ ئي پنھنجي ڌرتي، پنھنجي قوم، پنھنجي ثقافت، پنھنجي ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جھانگيئڙن لاءِ ايترو درد رکندڙ بڻبو، سنڌ جي مردم خيز مٽي اھڙا انيڪ ۽ انمول ھيرا پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجي سوچ ۽ لوچ کي پنھنجي وطن، پنھنجي ڌرتي، پنھنجي ٻولي ۽ پنھنجي ثقافت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ ڌرتي ھزارين ھوشو، ھيمون، دودا، دولھ، سورھيه بادشاھ ۽ جي ايم سيد جھڙا دلير ۽ ارڏا پٽ ڄڻيا آھن، جن پنھنجي عشق ۽ محبتن جو مرڪز سنڌ ڌرتي، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت کي بنايو آھي، انھن مان شھيد شايان ڳورڙ به ھڪ ھيو جنھن پنھنجي ٿوري عمر ۾ ئي سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جو درد محسوس ڪيو، سنڌ جو ھي حلالي پٽ سياسي ۽ سماجي پليٽ فارم تي پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجي قوم لاءِ جدوجھد ڪندرو رھيو ، پوءِ اھي سياسي ميڙاڪا ھجن ثقافتي ريليون ھجن يا تعليمي جاڳرتا وارا لانگ مارچ ھجن، مسلسل جاکوڙيندو رھيو، اھڙي ئي جاکوڙي مسلسل جدوجھد جي سوچ رکندڙ سنڌ جي ارڏن ۽ حلالي پٽن تي سنڌ کي ناز رھيو آھي، اڄ جي ھن طبقا تي ۽ ظالم سماج ۾ جتي اڪثر ماڻھو دانشور، اديب، ليکڪ ۽ سياستدان ويڪائو بنجي چڪا ھجن، پنھنجي ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح ڏيندا ھجن ۽ سماج ۾ مايوسي ۽ بيگانگي ڇانيل ھجي،اُتي شھيد شايان جھڙن قوم جو درد رکندڙ نوجوانن ۽ انھن جي جدوجھد کي ڏسي اسان جو ايمان پختو ٿئي ٿو ته جيسين شھيد شايان ڳورڙ جھڙا سنڌ جا ارڏا ۽ حلالي پٽ موجود آھن، تيسين سنڌ جي وحدت کي ڪوبه نقصان نٿو پھچائي سگھي، سنڌي قوم کي ڪوبه غلام بنائي نٿو سگھي شھيد ڪڏھن مرندا ناھن پر ھو زنده ھوندا آھن، شھيد شايان جيتوڻيڪ اڄ اسان وٽ جسماني طرح موجود نه آھي، پر ھو اسان وٽ روحاني طرح موجود آھي، ھو سنڌي قوم جو سرمايو ھيو، شھيد شايان جو وڇوڙو ۽ سندس جدوجھد جو خال ڀرڻ تمام ڏکيو ۽ ڪٺن آھي، پر ھو اڄ جي نوجوانن جو رول ماڊل آھي، اڄ جي نوجوان کي شھيد شايان جي نظرياتي ۽ قومي جدوجھد مان سبق وٺي پنھنجون راھون متعين ڪرڻ گھرجن پنھنجي سوچ ۽ لوچ کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آجپي لاءِ وقف ڪرڻ گھرجي، مختلف پليٽ فارمن تي پوءِ اھو سياسي ھجي،سماجي يا ادبي پليٽ فارم ھجي پنھنجي منزل سنڌي قوم جو آجپو ھجڻ گھرجي ذاتي مفاد کي ڇڏي قومي مفاد اولين ترجيح ھجڻ گھرجي، مشڪل مرحلن مان گذرڻ لاءِ مسلسل جدوجھد ڪرڻ گھرجي، شھيد شايان جھڙن نظرياتي جاکوڙي نوجوانن کي ڏسي اھو ويساھ پختو ٿئي ٿو ته سنڌي قوم ھڪ ڏينھن ضرور آجپو ماڻيندي ھي طبقاتي، جاگيرداراڻو سماج ضرور ختم ٿيندو، معاشري مان مايوسي ۽ بيگانگي ختم ٿيندي، ھڪ نه ھڪ ڏينھن سنڌي قوم پنھنجو پراڻو وقار ضرور حاصل ڪندي.
    تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي،
    متان ٿئي اونداھ ، پير نه لھين پرينءَ جو.


    شھيد شايان ڳورڙ جو المناڪ وڇوڙو

    شھيد شايان ڳورڙ جو المناڪ وڇوڙو

    رياض چانڊيو


    اسان ھڪ سياسي گڏجاڻي ۾ ويٺل ھئاسين ته يقين نه ڪرڻ جھڙي اڀاڳي خبر ٻڌي سون ته شاگرد اڳواڻ شايان ڳورڙ پنھنجي ابي کي بچائيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويو آھي اھا خبر مون لاء انتھائي صدمي واري خبر ھئي جيڪا خبر ڪنفرم ڪرڻ لاء ھڪ دوست کي فون ڪيم ته مونکي ھيلو بجاء اوڇنگار جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ پوء آءُ اکيون ۽ چپ بند ڪري ڪنھن مھل نرڙ تي ته ڪنھن مھل پنھنجي ئي بند ڪيل اکين تي ھٿ رکي سوچڻ لڳس تي ھي سڀ ڪجھ ڪيئن ٿي ٖويو؟؟؟
    شھيد شايان اڃا ھڪ صديء جي چوٿاڻ وارو جوڀن به ڪونه گذاريو ھيو پر مالڪ سائين ھن ۾ ايتريون ته صلاحيتون رکيون ھيون جو ھي ان ننڍي عمر ۾ به مونکي اڌ صدي کان وڏو انسان پئي لڳو خدا کيس جيتريون صلاحيتون ڏنيون ھيون ته وري اوتري سونھن به ڏني ھئي سندس منجھ سمايل ادب اخلاق وارو پيمانو ماپڻ کان گھڻو ھيو جنھن سبب ھن ھزارين دليون فتح ڪيون پاڻ کان ننڍن سان پيار ۽ پاڻ کان وڏن جي عزت ڪرڻ انھن کان سکڻ سندس رھنما اصول رھيو شايان ننڍ پڻ کان وٺي وڏا خواب ڏسڻ وارو اھو نوجوان ھيو جنھنکي خبر ھئي ته ھن ڌرتيءَ کي نوجوان قيادت ئي عذابن مان نجات ڏياري سگھي ٿي ھي سياسي جماعت عوامي جھموري پارٽي جي شاگرد ونگ ۾ سنڌ جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ ٿوري عرصي ۾ ئي ھن سڄي سنڌ جي شاگردن ۾ تعليمي ادارا آباد ڪرايو واري مھم ھلائڻ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي شھيد شايان ڳورڙ مقامي سطح تي سياسي سماجي خدمتن ۾ ته ڪافي سرگرم رھيو پر ھن سنڌ سطح تي به وڏي مڃتا ماڻي وري جڏھن خاص طور تي سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويندو ھيو ته ڌرتي ء سان محبت سندس رڳ رڳ ۾ رلجي ويندي ھئي سوين دوستن سان گڏ جڏھن قومي لباس ۾ نڪرندو ھيو ته نوجوانن جو شھزادو لڳندو ھيو، شھيد شايان ڳورڙ جو والد سائين علي شير ڳورڙ صاحب منھنجو دوست آھي ان لاء ھو اڪثر طور تي مونسان چاچا ڪري ملندو ھيو ھن کي خاص ڪري ڪمپيئرنگ ۾ تمام وڏي مھارت حاصل ھئي ان لاء ھو مختلف وقتن تي مون سميت پنھنجن سينئرن سان ڪچھريون ڪري سکڻ جي ڪوشش ڪندو ھيو شايان جڏھن ڀٽائي اياز بخاري سرڪش عادل ساحر ۽ فيض احمد فيض کي پڙھندو ھيو ته ان جو پنھنجو انداز ھوندو ھيو ھروقت چھري تي مرڪ رکندڙ ھن نوجوان جو وڇوڙو يقينن سندس خاندان لاء ته ھڪ وڏو صدمو ھوندو پر شايان جو وڇوڙو اسان سڀني لاء به وڏو صدمو آھي، شھيد شايان ڳورڙ ٻالڪپڻي ۾ ئي جدوجھد جي شروعات ڪري ڇڏي ھئي پرائمري 5 درجا پنھنجي پاڙي واري اسڪول ۾ پڙھڻ کانپوء جڏھن ھاء اسڪول ۾ پڙھڻ لاء پھتو ته عوام ۽ قوم جي درد کيس سمھڻ نه ڏنو ۽ ھن ان وقت کان ئي ڌرتي جي دردن کي گھٽائڻ لاء جدوجھد جو آغاز ڪري ڇڏيو ھي جڏھن ڦوھ جواني تي پھتو ۽ ھن ڌرتي ڌڻين جي خدمت لاء جدوجھد ڪرڻ لاء ذھن ۾ منصوبا بندي پئي ڪئي ته وري سندس مائٽن شايان جي ھٿن تي ميندي ھڻڻ لاء پئي سنبت ڪئي ۽ تاريخون پئي طئي ڪيائون ته قيامت برپا ٿي وئي شايان پنھنجي جوڀن جي رت جو لطف ئي نه ورتو ته ھميشه لاء موڪلاڻي ڪري ويو ۽ سندس ٺرندڙ جسم ۽ بند ٿيل اکيون ھڪ سوال پيون ڇڏين ته آءُ ڇو ھليو ويس آڪاش انصاري جي چواڻي موجب ته:
    تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟
    تون پڇين ٿو پرين!مان هليو ڇو ويس؟
    جڏهن شام جو جام،خالي نه هو.
    رات رم جهم هُئي،تنهنجي ساهن جي،
    جهيڻن سُرن سان سُتل
    منهنجي بستر تي
    مُنڪر ڪا موسم هئي۔
    تنهنجي ڪجلين اکين جي،
    ڪنارن مٿي،
    منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
    لڳي ئي لڳي،
    ها! انهي کان اڳي،
    مان هليو ڇو ويس؟
    سچ پڇين او پرين!دل به چاهيو گهڻو،
    ڪا گهڙي تنهنجي،
    وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان
    واس وٺندو رهان!ٻن گهڙين لئه سهي
    تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾
    ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
    مان پناهون وٺان،
    کن پل لئي سهي،
    ٿڪ ٿورو ڀڃان۔
    دل ته چاهيو گهڻو،
    تنهنجي نيڻن جون،
    نرمل هي چانڊوڪيون،
    سدا مست نينڍون نياپا کڻي
    روح جي رڻ مٿان
    ايئن رقصان رهن۔
    دل ته چاهيو گهڻو،
    تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
    ۽ ڪومل وليون،
    سونهن سرهاڻ جا
    سئو سنديسا کڻي
    منهنجي تن تي سدا
    ايئن وکريل رهن۔
    ها مگر ڇا ڪجي؟
    تنهنجي ڪاڪل جو قيدي
    ٿيڻ کان اڳي،
    قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!جيڪا ويئي ڇڪي۔ دل ته ماڻڻ گُهريون،
    تنهنجون سڀ دلبريون،
    ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي،
    پنهنجي لذت هئي،
    جيڪا وئي ڇڪي،
    تون پڇين ٿو پرين
    مان هليو ڇو ويس.


    شايان شير : نه وسرندڙ شخصيت

    شايان شير : نه وسرندڙ شخصيت

    اظهر سولنگي


    اهو آچر 14 مئي جو ڏهاڙو هيو ۽ شام جا 4 وڄي رهيا هئا منهنجين ننڊاکيل اکين، خماريل دماغ کي موبائل تي ميسيج لڳو جنهن مونکي مڪمل طور جاڳائي وڌو. منهنجي دوست فاروق سومرو پاران موڪليل ميسيج پڙهڻ سان مونکي يقين نه ٿي آيو، مون بار بار ميسيج کي پڙهيو ۽ سوچيم ته ڪٿي فاروق کان غلطي ته نه ٿي آ، وري چيم نه نه فاروق ڪڏهن به غلط ڳالهه مون تائين ڊليور نه ڪئي آهي. هن ميسيج مونکي گهڻي تڪليف ڏني ۽ پريشان ڪيو، ڀلا هن ميسيج سان ڪنهن کي تڪليف نه پهتي هوندي، مان يقين سان چوان ٿو ته هر ان دوست کي تڪليف ۽ گھرو ڏک پهتو هوندو، جيڪو هن جو دوست هيو، هر ان شهري کي ڏک پهتو هوندو جنهن جا هن سان تعلقات هيا، هر پاڙيسري محلي دار کي ضرور ڏک پهتو هوندو جنهن سان هن جي هيلو هاء هوندي هئي. ها انهن سڀني کان گهڻو دلي صدمو مونکي ان ميسيج ڏنو جنهن ۾ شايان شير جي موت جي خبر لکي مون ڏانهن موڪليو ويو.
    ان وقت مونکي موت جو فلسفو بلڪل به نه ٿي سمجهه ۾ آيو ته هي موت جو ننڍو لفظ هڪ باهمت، بهادر ۽ همت نه هاريندڙ شخص کي هي موت ڪيئن شڪست ڏئي سگهيو هوندو...؟ مون جيئن پوء تيئن گهڻو غور ويچار ڪندو رهيس ۽ سوچيم ته ڇا اهو موت اسان کان، اسان جو هڪ بهادر نوجوان اڳواڻ اهو به شايان...! اسان وچان الڳ ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو..؟ مون کي قطعي به يقين نه ٿي آيو ۽ نه ئي آهي ته ڪو شايان اسان کان جدا آهي. موت جو لفظ مونکي شايان جي ڪردار ۽ شخصيت کي مٽائڻ لاء ڪافي نه آهي. مونکي يقين نه ٿي آيو ته اسان کان شايان جهڙو بهادر، همت ڀريو نوجوان، ظلمت خلاف للڪاريندڙ آواز رکندڙ اڳواڻ ڇني ڌار ڪري اسان کان دور دور وٺي ويندو... ۽ ها مونکي ته ڇا پر جڏهن هي ڏک ڀريو نياپو پنهنجي ساٿي دوست عامر (جيڪو ان وقت به مون سان گڏ هيو جڏهن نياپو مليو هو ) سان رات جو دير دير تقريبن ڏهه وڳي شيئر ڪيو ته هو به غور فڪر ۾ ويهي رهيو ۽ چيائين ته ڇا واقعي ائين ٿي سگهي ٿو.. مون بغير وراڻئي جي چپ ڪري ويهي رهيس. ان وقت مون سوچيو هو ته سائين علي شير سان رابطو ڪري ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جو اظهار ڪيان پر مونکي ان وقت اهو سڀ ڪجهه رسمي اظهار پئي لڳو. جيڪو ڏک ونڊڻ جو سچو اظهار ۽ احساس دل ۾ آهي اهو فون ذريعي ڪٿي ٿو ونڊجي سگهي. منهنجي اهڙي خيال تي منهنجي دل به منهنجو ساٿ نه ڏنو ۽ ذهن ته پهرين ئي ان ڳالهه کي مڃڻ لا تيار نه هيو ته پوء اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان شايان جهڙي شخصيت جي مرتئي تي ان جي بابا سان فون تي تعزيت ڪيان.
    هو اهو شايان هو جنهن کي خدا اهڙي ڏات ڏني هئي جو مونکي هن جي اسٽيج تي اچڻ وقت اياز ۽ بخاري جي شاعري جو اتساهه لڳندو هيو.
    هن ۾ شايد ازل کان اڳواڻي ڪرڻ جي به خاصيت موجود هئي تڏهن ته هن سنڌي شاگرد اتحاد نالي هڪ اتحاد جوڙيو جنهن ۾ شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ سياسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهتر پليٽ فارم آهي.
    هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ فطري طور سماج کي نئين سر اڏڻ جي جستجو ۽ لگن شامل هئي تڏهن ته معصوميت واري ئي عمر ۾ هتي جي ڏکويل، ستايل عوام جي حقن جي حاصلات لاء يڪسان رفتار سان ڪوششن ۾ رهيو.
    هو ننڍڙي عمر ۾ ئي بي چين رهيو ٿي ته سماج ۾ حقدارن کي حق ڪيئن ڏيارجي ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ڀٽڪندڙن کي انصاف ڪيئن ڏيارجي، پوء هن ائين ڪرڻ لاء ميدان ۾ لهي پيو ۽ معاشري ۾ ظلم ۽ جبر جي خلاف للڪاريندو رهيو ۽ هن جو پويان ڇڏيل ويزين هميشه هن معاشري ۾ ظلم ۽ جبر ڦهلائيندڙن خلاف للڪاريندو رهندو. هن جو آواز ڏيهه جي ڏاڍن خلاف ڳالهائيندو رهندو ۽ پڇندو رهندو ته اي ظالمو..! سنڌ ۽ سنڌين مٿان ظلم آخر ڪيسين..؟ اهڙي مڙس مٿير جي آئون ڪيئن عذرخواهي ڪيان، مان علي شير ڳورڙ کي ڪيئن چوان ته شايان اسان کان جدا ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو اسان جو شايان شير آهي اهو اسان سان گڏ رهندو. هن جو سياسي قد ڪاٺ، اخلاقي بلندي ۽ احساسن جون سمنڊ جيان ڇوليون هڻندڙ ڳالهيون ۽ يادون اسان سان گڏ رهنديون.
    هن جو اسٽيج تي بيهي ڪڙڪيدار آواز جيڪو ٻڌندڙن کي موهي وجهندو هو ، اهو انداز گفتگو ۽ شاعري جي تلفظن جي ادائگي ڀلا ڪير وساري سگهندو..! اسين ڪيئن ٿا وساري سگهون اهو شايان شير جيڪو ظالمن جي ظلم خلاف نڪرندڙ ريلين ۾ اڳيان اڳيان هلندي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن خاطر بلند آواز ۾ ظالمن کي للڪاريندو هو.
    هو اهو شايان شخص هو جنهن ۾ سمورا گڻ ۽ خاصيتون موجود هيون، بااخلاق، باڪردار، يقين جي پختگي رکندڙ شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن هو. هن جي اخلاق جي بلندين کي ڏسي ڪيئن ئي سچائين جا دعويدار رشڪ ڪندا هئا.
    اي..! شايان جا ابا ۽ امان توهان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيو جو اوهان جو پٽ شايان آهي. ۽ ٻي طرف شايان جي وڇوڙي واقعي اوهان کي پيڙائن ۾ ڌڪي ڇڏيو هوندو پر اوهان غم زده ڪڏهن به نه ٿجو ته اوهان جو پٽ شايان شير اوهان کان جدا ٿيو آهي. هو توهان کان جدا نه ٿيو آ هو اوهان سان جڙيل آ، اها ڪيڏي نه فخر جهڙي ڳالهه آ جو شايان پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ هيڏو سارو وڏو جهان جوڙي ويو آهي، جنهن جهان ۾ ان شايان جا سڀ پنهنجا آهن ڪو به پرايو يا ڌاريو ڪونه آهي. اهو ان جي محبت ۽ پيار جو صلو آهي جنهن پنهنجي پويان اڻ ڳڻيا سندس سان پيار ۽ محبت ڪرڻ وارا ڇڏيا آهن. ان شايان شير تي فخر ڪرڻ گھرجي جيڪو پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ هڪ امر ڪردار بڻجي ويو آهي.
    شايان جي امڙ ۽ بابل علي شير اوهان جي اها ڪيڏي ته قابليت ڀائنبي جو اوهان شايان جي بهترين تربيت ڏئي پالنا ڪئي، اها پالنا ۽ تربيت ڏني جنهن ۾ انا نه هئي، جنهن ۾ گھمنڊ ۽ وڏائي نه هئي. سادگي هن جو سينگار هئي. هن کي اوهان محبت، اخلاق ۽ پيار جا سبق پاڙهيا ۽ اوهان پاران ان ڏنل سبق کي هو به سماج ۾ وهائڻ جو ئي هميشه ڪم ڪندو رهيو.
    اڄ شايان اسان سان جسماني طور گڏ ناهي پر هو اسان سان پنهنجي امر ڪردار ذريعي گڏ گڏ رهندو. هو اسان کي ياد رهندو پنهنجي دليري ۽ بهادري جي عيوض. جڏهن به پٽ جو پي سان بي انتها پيار ۽ محبت جو ذڪر ٿيندو ته يقين سان انهن کي شايان شير ياد ايندو. جڏهن اسان جي سماج ۾ پيءُ سان پٽُ جو معاملو ٿيندو ته يقين سان ان پٽُ کي شايان جو قصو ٻڌائي والدين ُ سان محبت ڪرڻ جو مثال شايان شير ڏنو ويندو.
    شايان شير جي قرباني ڪا عام قرباني نه آهي ان قرباني عيوض هو هميشه جي لاء امر ٿي ويو آ.


    قربانيءَ جو مجسمو

    قربانيءَ جو مجسمو

    پروفيسر عبيدالله لاکير


    ميھڙ جي نوجوان عبدالباسط عرف شايان جي زندگيءَ جو قصو ڏاڍو صدمو ڏيندڙ ۽ حيرت ۾ وجھندڙ آھي ته ھن 21 سالن جي عمر تائين به ڪونه ڪري سگھي، ھن جو ھڪ ھڪ پل ٻين لاءِ ھو، 8 سالن جي ڄمار ۾ ٻارڙن جي حقن لاءِ جدوجھد ان کان پوءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي جدوجھد، ڪمپئرنگ ڪري پنھنجا خيال مھان شاعرن شاھ لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي جي شاعري مان چونڊ ڪري عام ماڻھن تائين پھچائڻ، ھو جيڪو ڌرتيءَ سان جذباتي حد تائين جڙيل ھو، نه صرف ماڻھن جي چاھت ۾ انھن لاءِ ھر وقت سوچ ۽ فڪر ۾ ھوندو ھو، پر ڌرتي جي ٻولي ۽ ثقافت سان کيس خاص قسم جو اُنس ۽ عقيدت ھئي، ھو پھرين جنوري 1996ع کان 14 مئي 2017ع جو ھڪ مختصر قصو ھو، پر ان قصي ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ قصا لڪل آھن، ھن ھوش سنڀالڻ کان وٺي شھادت تائين پنھنجي زندگي، پنھنجي لاءِ استعمال نه ڪئي، ھن جي صرف ھڪ ايجنڊا ھئي، ته زندگي نالو ئي ٻين لاءِ جيئڻ جو آھي ھن نه صرف اھو سمجھيو ھو، پر ھن ثابت به ڪيو پنھنجي عملي جدوجھد سان ھڪ ھڪ پل ڌرتي، ماڻھو، سماج، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھو ۽ آخر ۾ به سندس شھادت پنھنجي عظيم رشتي والد صاحب جي زندگي بچائيندي ٿي.
    ھي قربانيءَ جو مجسمو ھو، ھن جو ھر پل ٻين لاءِ ھو، ھن جا پنھنجا ڪي به خواب نه ھئا، پر ھو ٻين جي خوابن جي تڪميل لاءِ وقت ۽ توانائي قرباني ڪندو رھيو ۽ آخر ۾ جان قربان ڪري امر ٿي ويو.
    شايان تون تارريخ جو اھو باب آھين جتان نوجوان اُتساھ وٺندا رھندا ۽ توکي ياد ڪندا رھندا.


    شينهن جهڙو گجندڙ آواز

    شينهن جهڙو گجندڙ آواز

    عادل چانڊيو


    انسان جي ڄمار ۾، يعني ننڍي هوندي کان وٺي جوان ۽ پوڙهو ٿيڻ تائين ڪيتريون ئي منزلون ۽ مرحلا اچي وڃن ٿا. جڏهن ماڻهو پرائمري پاس ڪري مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو ته ڪافي سمجهدار ٿيو وڃي. عام طور تي ان عمر جا ٻار (ڇوڪرا) اسڪول جي وقت کان پوءِ راند روند ۾ مصروف هوندا آهن، هر طرف مذاق مستي، کيڏڻ ڪُڏڻ، حرڪتون ڪرڻ، مطلب ته شام جو سمورو وقت صرف ڪجهه وقت ڇڏي جنهن ۾ اسڪول کان مليل گهرو ڪم ڪبو آهي، باقي سمورو وقت مٿين سرگرمين ۾ گذرندو آهي. هاءِ اسڪول کان پوءِ جڏهن ڪاليج لائيف شروع ٿئي ٿي ته انهي اسٽيج تي نوجوان پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مستيءَ ۾ گم هوندو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري نوجوان صرف پنهنجي ذات جي لاءِ سوچيندو آهي ته مون وٽ ڀلا ڪپڙا هئڻ گهرجن، سٺي موبائل فون هئڻ گهرجي، موٽر سائيڪل هجي، روز جي بنياد تي کيسي ۾ پئسه (Pocket Money) هجڻ وغيره وغيره. ٿلهي ليکي انهي عمر جي نوجوانن (Majority) وٽ انفرادي سوچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو!!.
    پر انهي ساڳي ئي ننڍڙي عمر ۾، ظاهري طرح ننڍڙي سائيز جي دماغ ۾ تمام وڏو عقل ۽ فهم رکندڙ شايان ڳورڙ هو. جنهن پنهنجا سڀ انفرادي مفاد پاسي تي رکي ڪري اجتماعي مفادن ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪري تمام وڏي سجاڳي ڏيڻ جي اڻ ٿڪ ڪوشش ڪئي. ٻاراڻي عمر ۾ هن يگاني ۽ سنڌ جي بيباڪ سپاهي سجاڳ ٻار تحريڪ کان پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ ايس ايس ٽي، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (ايس ايس او) ۾ متحرڪ اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ نظر آيو ۽ ڏسندي ڏسندي تمام ٿورڙي عمر ۾ هو تمام وڏي ڪردار جو مالڪ بڻجي ويو.
    2010ع ۾ جڏهن مان ڏهين درجي جو شاگرد هيس، ته هن سان منهنجي ملاقات سائين احمد خان چانڊيو جي ڪري ٿي، پهرين ملاقات ۾ ئي هن جي متاثر ڪندڙ شخصيت مون کي به پنهنجو ديوانو بڻايو. هو مون کان ٻه سال ننڍو هيو، پر هن جي اخلاق، ملڻ ۽ گفتگو جي انداز ۽ سامهون واري ماڻهو کي گهربل موٽ ۽ عزت ڏيڻ جي سليقي مان هو تمام وڏو ماڻهو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هڪڙي ئي شهر ۾ رهڻ جي ڪري مختلف وقتن ۽ جڳهين تي ڪافي ڀيرا ملاقاتون ٿينديون هيون، شايان مون کان جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍو هيو پر هو مون کان سياست ۾ سينيئر هيو، ڪچهرين ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏوگڏ شاگرد سياست تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، ۽ شايان جنهن انداز سان شاگرد سياست تي روشني وجهندو هيو ۽ پنهنجي سياسي اک سان شاگرد سياست تي جيڪا نظر ڦيرائيندو هيو سا ادا کيس محفل جو مور بڻائي ڇڏيندي هئي. 2011ع ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (SSO) جو بنياد پيو، هي جوان SSO جو پهريون مرڪزي خزانچي چونڊيو ويو. ۽ هن موٽي اچي ميهڙ ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو ته هڪ اها سياسي شاگرد تنظيم وجود ۾ اچي چڪي آهي جنهن جي هن 21هين صدي جي نوجوانن کي سخت ضرورت هئي. 2011ع ۾ ئي ميهڙ اندر SSO جي تنظيم سازي جو سلسلو شروع ٿيو ۽ SSO جي مرڪزي قيادت طرفان جنهن ۾ مرڪزي صدر خان چانڊيو، جنرل سيڪريٽري شيراز سيال ۽ خزانچي شايان ڳورڙ ضلعي دادو ۽ لاڙڪاڻو جا دورا ڪرڻ شروع ڪيا. ميهڙ جي مدينه ڪالوني (جيڪو سندس رهائشي علائقو هيو) جي پرائمري اسڪول ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ SSO جي ويزن تي ڀرپور بحث مباحثو ٿيو ۽ ميهڙ جي شاگردن کي ايس ايس او ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي، تنهن کان پوءِ تعلقي ميهڙ جي باڊي ٺاهي وئي جنهن ۾ مان جوائنٽ سيڪريٽري طور چونڊيو ويس. مطلب ته منهنجي سياسي زندگي جي شروعات SSO کان ٿي ۽ مون کي SSO ۾ شامل ڪرڻ وارن دوستن منجهان شايان ڳورڙ جو به هڪ مُک ڪردار هيو. هن دلير ۽ ارڏي شاگرد اڳواڻ کي پارٽي اندر تمام گهڻ سرگرم ساٿين منجهان هڪ ڏٺو ويو. پارٽي جو ڪو مرڪزي سڏ هجي يا مقامي طور تي ڪا سرگرمي ڪرڻي هجي هي مڙس مهلائتو هيو، سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ هيو ۽ هر سرگرمي جي اڳواڻي ڪندڙ هيو. مقامي طور تي ٻين پارٽين سان اتحاد ڪرڻ، ڪا گڏيل طور تي جدوجهد ڪرڻي هجي، احتجاجي مظاهرا، هڙتالون، سياسي ڪچهريون، يا پارٽي اندر ڪي پروگرام يا اسٽڊي سرڪل هجن، هي همراهه اتان غيرحاضر ته پري جي ڳالهه پر ٻي صف ۾ بيٺل به ڏسڻ ۾ ڪا نه آيو ۽ هميشه پنهنجي ساٿين سان اڳين صفن ۾ بيٺل نظر آيو. پارٽي طرفان سنڌ اندر تعليم جي بهتري لاءِ جيڪا سنڌگير تحريڪ هلائي وئي، جنهن ۾ تعليمي ڪانفرنسز، ڪرپٽ تعليمي بورڊن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪرڻ، ڪاپي جي وڌندڙ رجحان خلاف مهم هلائڻ، وسل اسٽاپ ٽوئر، شارٽ مارچ يا تعليمي انقلابي لانگ مارچ هجي، شايان هنن پروگرامن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو يا وري مقامي شاگردن کي ڪن پروگرامن بابت ڪا به اپ_ڊيٽ کپندي هئي ته هڪ ٻن سينيئر ساٿين سان گڏ شايان ڳورڙ کان پڻ رهنمائي ورتي ويندي هئي.
    شاعر جي هن سٽن جيان ته:
    ڪڏهن ٿجي ڪن، ڪڏهن ٿجي وات،
    ڪڏهن ٿجي ٻڪرو، ڪڏهن ٿجي ڪات.

    ڪنهن وقت هي بلڪل عام ڪارڪن ٿيندو هيو ته ڪنهن وقت هي تمام وڏو اڳواڻ ٿي آڏو ايندو هيو، ضرورت پوڻ تي هي بلڪل خاموش رهندو هيو ۽ ضرورت پوڻ تي هي پنهنجين ڳالهين، ڪچهرين، تقريرن ۽ انائونسمينٽ ۾ شينهن جيان گجگوڙ ڪندو هيو. هن جي انائونسمينٽ جي انداز سموري ميهڙ شهر کي هن جو ديوانو بڻائي رکيو هيو، پنهنجي پارٽي جو ڪو به پروگرام هجي، انائونسمينٽ جو ڊپارٽمينٽ شايان جي حوالي هوندو هيو پر پارٽي کان الڳ پروگرامن ۾ به انائونسمينٽ ۾ شايان جي ضرورت پوندي هئي. هي قداور مڙس، جنهن جو شينهن جهڙو گجندڙ آواز ۽ سندس لهجي ۾ پنهنجائپ ۽ مٺاس مان سمورا ٻڌندڙ متاثر ٿيڻ کان بچي ڪين سگهندا هئا.
    شايان جهڙي ڪردار جا مالڪ، دنيا جي انهن عظيم شخصيتن جو تسلسل هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پوري ڄمار پنهنجي وطن ۽ عوام جي بي پناهه خدمتون ڪندي گهاريندا آهن. شايان، سنڌ اندر تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي تارڻ لاءِ، امتحانن دوران ڪاپي جي رجحان جو خاتمو آڻڻ لاءِ، نااهلي جا ٺهيل مينار ڊاهڻ لاءِ ۽ سنڌ مٿان تعليم جي اڻهوند جي ڇانيل ڪارن ڪڪرن خلاف جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي انقلاب جي جيڪا مشعل کڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نڪتو تنهن روشني جا ڪرڻا ڪڏهن به ختم ناهن ٿيڻا.


    شايان ڳورڙ

    شايان ڳورڙ

    ذوالفقارعلي کوسو


    اڃا رات آھي، ننڊ اکن جو گفتو،
    اٿو! ڏينھن ٿي ويو، سجاڳن جو گفتو،
    ملي ئي نٿو ڪجھ! ڪراڙن جو گفتو،
    وٺي رھبو، سڀڪجھ، جوانن جو گفتو.

    استاد بخاري ھي سٽون شايد شايان ڳورڙ جھڙن نوجوانن لاءِ چيون آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ، ڊاءَ مايوسي جي، ننڊاکين اٿاري، حوصلو بخشي اڳتي وڌڻ ۽ حقوق جي حاصلات جو درس ڏيڻ لاءِ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪري ھليا ويا. ۽ اسان کي به اتساھ ڏئي سمجھائي ويا ته “عزم، ھمٿ ۽ اٽل ارادي سان سڀ ڪجھ حاصل ڪري سگھجي ٿو” شايان جي اوچتي وڇوڙي تي، ڏاڍو صدمو ٿيو، مون وٽ اھي لفظ ناھن جن سان مان پنھنجي اندر جي جذبن جي ترجماني ڪري سگھان، قدرت جي فيصلن کي ڪير ٽاري ئي ڪونه ٿو سگھي. شايان مختصر زندگي کي امر بنائي ويو، ماڻھو عظيم نه ھوندو آھي، ان جو ڪردار، ان جي سوچ ۽ ان جو فڪر کيس امرتا بخشيندو آھي، شايان جو فڪر عظيم ھو، ھن ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن جي خوشحالي جا خواب پئي دل ۾ پاليا، ھن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڳالھ پئي ڪئي، ھن جي ذھني پالنا عوام دوست ساٿين پئي ڪئي، ھي نه جھڪڻ وارو نوجوان ھو، سندس ڳالھيون پيون ڳائبيون، ڇو ته ھو نالي وانگر شايان شان ھو، آءُ سائين علي شير ڳورڙ سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان، ۽ سائين حسين بخش ڳورڙ ۽ ٻين سوڳوارن سان دلي ھمدردي ڪريان ٿو، آءٌ خود انھيءَ محلي ۾ رھيو آھيان، مدينه ڪالونيءَ ۾، مون شايان کي ھميشه وڏن، ننڍن جو ادب، احترام ۽ عزت ڪندي ڏٺو، مصروف ترين زندگي گذاري ويو، ۽ ٿورڙي عرصي ۾ ايترو ڪم اڪلائي ويو، جو ڪو عمر دراز ۾ به، اھڙو عظيم ڪارنامو سرانجام نه ڏئي سگھندو! سوين نه پر ھزارين ماڻھن جي دلين ۾ محبت جا ٻوٽا پوکي وڃڻ ڪو آسان عمل نه آھي! پر شايان اُن ناممڪن کي به ممڪن ڪري ڏيکاريو.


    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

    سيد اعظم علي


    14 مئي 2017ع جي شام جو الطاف ٻلھڙي موبائيل تي ٻڌايو ته علي شير ڳورڙ جو پٽ شايان بجلي جي ڪرنٽ ۾ پنھنجي بابا جي جان بچائيندي پنھنجي جان ڏئي ڇڏي خبر ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ھئي.
    علي شير ڳورڙ منھنجو محسن، سٺو ۽ مانائتو دوست آهي، شايان ان جو جگري پٽ ھيو.
    مون سان اڪثر ان جون فخر سان ڳالھيون ڪندو رھندو ھو، ان جو اھڙو وڇوڙو منھنجي لاءِ ڏکارو احساس ھيو. ھونئن ته ھر شام کي پنھنجو فطرتي رنگ ھوندو آھي. پر ان شام ۾ سڏڪن جا آواز ھيا سڀ رنگ بي رنگ ٿي ويا ھئا. ھڪ عجيب اداسي جو پاڇو لھي آيو ھو. جنازي جي نماز تي سائين علي شير سان ايڏي وڏي حادثي ٿيڻ سبب لفظن ۾ جرئت ڪونه محسوس ڪيم.
    مان توتي ڪھڙي گل جو ڪفن وجھان.
    تون جڏھن جدا ٿئين وڻن جا ھٿ خالي ھئا.

    شايان ھڪ باشعور، ارڏو، ھماليه جيان مضبوط، ھڏ ڏوکي، پيار ڪندڙ ۽ پاڻ ارپڻ واري شخصيت جو مالڪ ھيو.،اھڙا پُٽَ وَرلي پيدا ٿيندا آھن.
    شايان ۾ پاڻ ارپڻ وارو جذبو شدت سان موجود ھيو، جيڪو ھن ثابت ڪري ڏيکاريو، ھن پنھنجي بابا لاءِ جيڪا قرباني ڏني، ان قرباني ھن کي امر ڪري ڇڏيو ۽ اھڙا دلبر ھميشه لاءِ دل تي اُڪرجي ويندا آھن، ڀٽائي صاحب چيو آھي:
    ڪي ويجھائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،

    شايان جيڪا قرباني ڏئي ويو آھي، اھا اسان کان ڪڏھن به نه وسرندي، ھو ھميشه اسان جي دلين ۽ روحن ۾ موجود رھندو، ھو ٻرندي ٻرندي پاڻ ته وسامي ويو پر ان جي ڏنل روشني جو تاثر اسان جي زندگي جي دائمي قدرن ۾ ھڪ روشن واٽ جيان رھندو.
    شايان جي قرباني تاريخ جو ورق بنجي ھر باشعور نوجوان لاءِ ھڪ وڏو سبق رھندو.
    ڌڻي در دعا آھي ته شايان کي جنت فردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ ان جي عزيزن کي صبر جي تلقين ڏئي. آمين
    شايان لاءِ ھيٺيان لفظ لکان ته وڌاءُ نه ٿيندو:
    مون ويندي ويندي تن جا پير ڏٺا.
    مون ڇاڇا مڙس مٿير ڏٺا.
    جي ڪيئي سج اڀاري ويا،
    جي ڪيئي سچ سمائي ويا.


    شايان ماڻڪ موتي داڻو

    شايان ماڻڪ موتي داڻو

    اميربخش شيخ


    ھا اھا 2017-05-14 جي گرم منجھند ھئي، آءٌ اسڪول کان گھر اچي رھيو ھيس، گرم ھوا پنھنجي عروج تي ھئي، پر ان کان بي خبر آءٌ پنھنجي ڌن ۾ مست ھيس، جڏھن پنھنجي محلي ۾ پھتس ته فضا ڪجھ عجيب و غريب لڳي رھي ھئي، ھر طرف خاموشي ڇانيل ھئي، مون کي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو، ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو، گھر جو رخ ڪيم ، اڃا گھر اندر قدم مس رکيم ته گھر جو ماحول به عجيب لڳو پيو ھو، ننڍي وڏي جي اکين مان نير وھي رھيا ھئا. مان گھٻرائجي ويس، نيٺ وڏي مايوسي ۽ گھٻراھٽ مان گھر وارن کان پڇا ڪيم ته آخر ڇا ماجرا آھي!!
    گھرواري ڳوڙھا ڳاڙيندي، سڏڪا ڀريندي ٻڌايو ته شا....يا....ن شايان و....فا....ت وفات ڪري ويو، پر آخر ڇو، ڪيئن؟ دل ئي نه پئي مڃي.
    انھن ئي پيرن تي گھر کان ٻاھر نڪري سائين محترم حسين بخش ڳورڙ جي گھر جو رُخ رکيم، گھر ۾ قيامت صغرى لڳي پئي ھئي، ھر اک زارو قطار روئي رھي ھئي، پڇڻ تي معلوم ٿيو ته پنھجي بابا کي بچائيندي، پاڻ بجلي ۾ اچي ويو ۽ ھميشه لاءِ امر ٿي ويو.
    ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج.
    ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بھار جي.

    شايان!! اسان جي وھم گمان ۾ ئي نه ھو ته اھڙي ننڍڙي عمر ۾ اسان کان اوچتو موڪلائي شھادت جو رتبو ماڻيندو، ان ڏينھن ته ڇا پر اڄ تائين دل ئي نٿي مڃي ته شايان اسان کان جدا ٿي ويو آھي.
    واهه ڙي شايان تنھنجو شان!! پنھنجن کي ته گھاءُ ڏئي وئين پر پنھنجي دوستن، استادن، عزيزن قريبن، ۽ محلي توڙي اوڙي پاڙي وارن کي ڇورو ڪري ويو آھين. شھادت واري ڏينھن پرائي توڙي پنھنجن جون اکيون نير وھائي رھيون ھيون، لکڻ وارو چوي ٿو ته ان ڏينھن شايد ڪو اھڙو ھجي، جنھن کي ماني نصيب ٿي ھجي.
    شھيد شايان ھڪ مدبر، قول جو پڪو،سچ گو، نھٺو، نماڻو، با ادب، بااخلاق، رلڻو ملڻو، ھر وقت لبن تي پياري مُرڪ جھڪي ادب سان منفرد انداز ۾ مرڪي ملڻ سندس جو نرالو انداز ھو، پوڙھو ھجي يا نوجوان، واقف ھجي يا اڻ واقف، سڀني سان ساڳي انداز ۾ ملندو ھو، ڇا ته سندس جو نرالو انداز ھو، مجموعي ۾ واه واه جون صدائون ٻڌڻ ۾ اينديون ھيون، ڪچھريءَ جو مور، گفتي جو پڪو، چرچي ڀوڳ جو پڪو مون کي ھميشه چوندو ھو، سائين ڪو مزاحيه ايس ايم ايس موڪليو حالانڪ شھيد مون وٽ پڙھيو ھو، ليڪن شايان ۽ منھنجي وچ ۾ استاد ۽ شاگرد نه بلڪه وڏي ۽ ننڍي ڀاءُ وارا يا ائين کڻي چئجي ته بلڪل پھنجائپ وارا لاڳاپا ھئا. پُڪارڻ مھل، اڪثر سر ڪري سڏ ڪندو ھو، ايتري پنھنجائپ جي باوجود به ڪڏھن حد کان وڌيڪ ھُجت نه ڪئي، مون کي سندس پرسنلٽي مان “بالاچ مري” جو عڪس نظر ايندو ھو، اسان جي وھم گمان ۾ ئي نه ھو ته شايان ايترو جلدي اسان کان وڇڙي ويندو.


    فرض شناس جي پرواز

    فرض شناس جي پرواز

    عباس علي ڪنڀر


    شايان ھڪ اھڙي پرواني جو نالو ھيو جنھن سماج ۾ ثقافتي ادبي جھان کي ڄاڻ ۽ شعور جي آگاھي ڏني، اھا به ايتري قدر جنھن لاءِ ھي سٽون لکڻ لازمي ٿي پيون جيئن ڪنھن ڏاھي چواڻي موجب ته گفتار جي خرار کان ڪردار جا ڪڻا وڌيڪ ملوڪ ۽ ملھائتا آھن ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ٺلھي پرچار ۽ لٻاڙ جي گفتار کان وڌيڪ چڱيون ۽ لاڀائيتون آھن، اھي انسانيت جي قافلي کي دڳ لائي ڪاميابي سان توڙ رسائن ٿيون.
    جوڀن جواني جن جي ھڪاندي حسن،
    محبت ماڻي جن ۾ ڏونگر سي ڏارين.

    شايان پنھنجي قافلي کي شعور ۽ آگاھي واري دنيا ۾ آڻڻ لاءِ اڻٿڪ جستجو ڪئي سندس منزل ڊگھي سفر جي شڪل اختيار ڪري چڪي ھئي، جنھن ٿورڙي مدت ۾ کيس مقبول ترين آئيڊيل بڻائي ورتو ھن ادبي ۽ سماجي باريڪين کي سمجھي ورتو ھيو، اھوئي سبب ھو جو ھن اھڙين سرگرمين کي ٻي ھر ڳالھ کان مٿاھون رکيو جنھن ڪري کيس ھر ماڻھو قدر جي نگاھ سان ڏسڻ لڳو.
    شايان شاگرد تحريڪ کي ھڪ جديد ۽ سگھارو فورم مھيا ڪيو جنھن جي آئينده جاري رھڻ واري حيثيت کائنس ڪير به کسي نٿو سگھي شاگردن واري تحريڪ جي معاملي ۾ سندس آگاھي ۽ شعور مون کي ته صف اول وارو نظر آيو.
    سوچڻ ۽ بحث مباحثي ڪرڻ جي ته لاجواب صلاحيت موجود ھيس، جيتوڻيڪ ھن زوال پذير معاشري ۾ جنھن ۾ ادارا زوال جو شڪار ٿيندا ھجن اتي ڪنھن شخص جو ائين ڪاميابي سان ھلڻ در اصل اھا ڪاميابي سماج جي ڪاميابي ڳڻبي ھونءَ به بي خبر سماج کي باخبر سماج ۾ بدلائڻ جي ڪوشش کي ئي باڪمال شخص چئبو آھي، اھڙن ئي ڪردارن جي لاڳيتي عمل مان ئي قومن جي تشڪيل، سياسي، سماجي طبقن جي اوسر ٿئي ٿي ۽ اھڙا تاريخي ڪردار تاريخ جي ان واقعن ۽ رخن لاءِ ميدان سازگار بنائڻ جو ڪارڻ بڻبا آھن.
    جيئن ته ھر دور ۾ ماڻھو پنھنجي تاريخ جوڙڻ ۾ مصروف عمل آھن، ليڪن ان لاءِ نظرياتي شرط ھجڻ لازمي جز آھي.
    نظرياتي ھجڻ ته شايان پنھنجو شان سمجھيو اھڙا ئي قومي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن مطالعي ۽ موروثيت مان مراد حاصل ڪري نھايت ڏاھپ سان ان کي پنھنجي قومي مقصدن لاءِ ڪم آڻيندا آھن، اھڙا اڳواڻ ۽ ڪارڪن قومي نفسياتي لاڙن ذھني لاڳاپن کان اڻ ڄاڻ ٿي تبديلي طرف وک وڌائڻ جي ڪاميابي سان ڪوشش ڪندا آھن. مون پڙھائڻ دوران شايان ۾ محنت ڏٺي شعور ڏٺو لڳاءُ ڏٺو، اھي سڀ شيون اھڙيون آھن، جيڪي ملي ڪري فطرت کي تبديل ڪنديون آھن، شايان اھڙن لاھين چاڙھين ۾ ورن وڪڙن واري لمبي ۽ ڪٺن جدوجھد پنھنجي من ۾ سمائي مضبوط مورچي ۾ ويھي لڙڻ شروع ڪيو.
    ڪرڙا ڏونگر ڪھ گھڻي،
    ٻي واٽن تي واري،
    آڏا، لڪ لطيف چئي، بر سجھن باري،
    جا منزل ماري سا قادر ڪيم رسائڻ.


    پھرين ۽ آخري ملاقات

    پھرين ۽ آخري ملاقات

    منصف علي شاهه


    انھي کان پھرين منھنجي ڪڏھن ھن سان ملاقات نه ٿيل ھئي، اھا ان سان پھرين ملاقات ۽ آخري ملاقات ھئي، اڄ جڏھن ته ملاقات ۽ ديدار جا منتظر مون سميت ماڻھن جا انبار مدينه ڪالوني جي گھٽين ۾ موجود ھئا. ھر اک آلي ۽ دل مرجھايل ھئي، تڏي تي ويٺل ھر شخص خاموشيءَ سان گفتگو ڪري رھيا ھئا. ۽ اندر ئي اندر ۾ قدرت کان ھُن جي اچانڪ وڇوڙي تي سوال پڇي رھيا ھئا. ۽ ان جا جواب تلاش ڪري رھيا ھئا.
    اڄوڪي شام ٻين شامن کان منفرد ھئي، اڄوڪي شام سرمائي رنگ جي نه پر سرخي مائل ھئي، جنھن سان مان ھُن جي جذبي ۽ باغي سوچ کي محسوس ڪيو، ڄڻ ته اڄوڪي شام به شھيد ٿي ھجي، ۽ سندس ريٽو رت اُڀ ۾ آکيرن ۾ واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پيا لامارا ڏين ائين پيو لڳي ته ڄڻ سراپا احتجاج ھجن، جنھن مان شھيد کي انسانيت ۽ جاندار لاءِ ھڏ ڏوکي پئي پرکي جيڪو ڪردار مان ھن ۾ پرکيو،اھي ڪردار ته ھن دؤر ۾ اڻلڀ آھن، اڄ ڪلھ ته قلم ۽ آواز ته ٽڪي پيو وڪامي پر ھن جوان جو جوش ۽ سچائي مان اتي ڪيترن ئي ويٺلن مان محسوس ڪئي، ۽ مان به خاموشي جي گفتگو ۾ قدرت کان اھو سوال پڇيم ته جنھن سوچ، لوچ ۽ جوش جذبي جي قوم کي ضرورت آھي، انھن جا حادثاتي وڇوڙا ڇو آخر؟ مطلب ڇا آھي؟.
    اسان جي پوءِ جڏھن به نوجوان سياست جوش ۽ ولولي جي ڪا ڳالھ ٿيندي ته شھيد شايان ڳورڙ جي ذڪر کان سواءِ اڌوري ھوندي.


    شايان علي ڳورڙ جدوجهد جي علامت

    شايان علي ڳورڙ جدوجهد جي علامت

    عامر ڪمال سولنگي


    اهو اڀاڳو ڏينهن شايد ڏسڻو ئي هيو جنهن جو ڪو گمان ئي نه هيو ، اسان اسلام آباد ۾ هياسين جو ميسيج ڪال آيو ته اسان جي پياري ۽ پراڻي سماجي ورڪر سائين علي شير ڳورڙ جو لاڏلو ۽ سورهيه پٽ شايان علي پنهنجي والد جي جان بچائيندي قرباني ڏئي موت جو جام پي ويو، هن ميسيج نه رڳو اکين ۾ آلاڻ آڻي ڇڏي پر دل کي به جنجهوڙي ڇڏيو هڪ طرف سندس وڇوڙو جو تازو صدمو ته ٻئي طرف ساڻس گڏ گهاريل يادگار گهڙيون ذهن ۾ ڊوڙڻ شروع ٿي ويون ، مونکي ياد اچي ويا اهي پراڻا پل جڏهن مان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس جو اتي هڪ دوست عثمان ڳورڙ ڪلاس م اچي ڪري ايس. ايس. او تنظيم ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي ، جنهن تي مان کيس لبيڪ چيو ته پوء هو مونکي ميهڙ ۾ تنظيم جي ميٽنگ پروگرام ۾ وٺي آيو. جتي شايان علي سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي مونکي ياد اٿم پروگرام ۾ تعارف ٿيو هيو ته اسان ايتري قدر نوان هياسين جو تعارف به مشڪل سان ڪرايو هيو. ان م به وڏو هٻڪيو هيم ، پر شايان علي وارا ائين ڳالهائي رهيا هيا جو مونکي عجب وٺي رهيو هو، جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته مونکي هي لفظ چوندي شايان علي مخاطب ٿيو هيو ته سر اوهان جو ڪوبه سوال وغيره هجي ته ڪريو، پر تڏهن آءُ صفا نئون ماڻهو هيس ڪائي خبر ان وقت نه ٿي پئي ته سوال وري ڪهڙو ڪيان ها ؟ پوءِ پروگرام بعد مون کي ۽ عثمان کي شايان علي پنهنجي بيٺڪ تي وٺي آيو هو. جتي اسان جي خدمت چاڪري ڪري پوء اسان کي اجازت ڏني وئي هئي. ان بعد ڀاءُ شايان سان لڳاتار پروگرامن ۾ ملاقاتن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو، اسان شروعات ۾ ئي شوق ۽ ذوق سان تنظيمي ڪم ۾ ڪاهي پياسين پر شايان علي جي سرگرمي اسان کان اڳري هئي. اسان پوء ڳوٺ ۾ پروگرام رکرايو جنهن ۾ شايان علي سميت ڪجهه دوست جن ۾ صداقت علي، عرفان کوسو، حسن ڀرٽ ۽ خاص مهمان محمد خان چانڊيو ايس .يس .او جو تڏهوڪو صدر هو . ان ۾ به شايان علي سان ڪچهري ٿي هئي . جنهن ۾ مونکي اتي پارٽي جي ڪم جي حساب سان ڪافي ڳالهيون سمجهايون به هيون ۽ جڏهن پارٽي جي واسطي تحت اتي نجي پرائمري اسڪول کولايو ويو هيو ته انجي رپورٽ به شايان علي ماهوار ويساهه ۾ لکي هئي. ان بعد ڪافي دفعا جڏهن به ڪا ميٽنگ ٿيندي هئي ته ان ۾ شايان علي ۽ سندس جو والد محترم باقائده شرڪت ڪندا هئا، تنظيم جي سالياني ڪنوينشن ۾ به شايان علي جي ڀرپور شرڪت رهندي هئي، ۽ واٽ سان پاڻ آزاد ماحول ۾ گپ شپ ڪندا ويندا هياسين.
    شايان علي جي آواز ۾ اوچائي ۽ طاقت هوندي هئي، ان ڪري جڏهن به انائونسمينٽ جو موقعو ايندو هيو ته مائيڪ شايان علي جي هٿ ۾ ڏني ويندي هئي، جڏهن لانگ مارچ ٿيو هيو ته ان ۾ به شايان علي پنهنجي ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ کان وٺي انائونسمينٽ شروع ڪئي هئي ۽ پيادل هليو هيو، مطلب ته هن نوجوان کي ننڍي عمر ۾ ئي ڳالهائڻ جو اهڙو ڏانءُ ايندو هيو جيڪو ڪنهن وڏي سينيئر ورڪر کي شايد پلئه پيو هجي، هن نوجوان جيتري جدوجهد ننڍي عمر ۾ ڪئي، جيترو هن قومي ، سماجي ڪمن لاء پاڻ پتوڙيو، تنهن جي ڳالهه جيتري ڪجي سا گهٽ آهي، جتي جنهن سماج ۾ نوجوان طبقو آوارگي جي ور چڙهيل هيو اتي شايان ڀاءَ جدوجهد ڪري قلم جي نوڪ جو نالو نمايان ڪرڻ جي ڪوشش، جستجو۽ جدوجهد ڪندو رهيو. بس مان ايترو ئي چوندس ته شايان علي جهالت سان ڀريل اونداهي سماج ۾ روشن صبح لاء جاکوڙيندڙ هڪ انمول ماڻهو هيو .


    هيءَ نه ويل وڃڻ جي

    هيءَ نه ويل وڃڻ جي

    ڊاڪٽر آزاد منگي


    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته موت زندگيءَ جي ائڊريس تي آيل اهو بيرنگ لفافو آهي جيڪو نه رڳو وصول ڪرڻو پوي ٿو پر ان جي رقم به ادا ڪرڻي پوي ٿي‘ موت ۽ زندگي ٻئي اٽل حقيقتون آهن جن کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر ڪي ماڻهو جيڪي هن سماج ۾ پنهنجي لاءِ گهٽ پر ٻين لاءِ وڌيڪ جيئندا آهن انهن جو بي وقتو وڇوڙو جيءُ جهوري وجهندو آهي‘ هر جيوُ جنهن جو هن ڌرتيءَ تي جنم ٿيو آهي ان کي موت ضرور اچڻو آهي پر جوانيءَ ۾ موت جو اچڻ هڪ اهڙو گهاءُ آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ سالن تائين ته ڀرجڻ ناممڪن آهي‘ اسانجي يار علي شير ڳورڙ جي ڳڀرو پٽ شايان ڳورڙ جنهن جي منهن تي اڃان موڙ به نه سجيا هئا‘ جنهن جي ڪاڄ جا لاڏا ڳائڻ لاءِ سندس جيجل ۽ سندس ڀينرون حسرتون سانڍي ويٺيون هيون کيس ميندي لڳائي گهوٽ اڻموٽ بنائڻ لاءِ امان جيجل جا سپنا اڃان ساڀيان ٿيڻا هيا اڃان سندس هڪ جيڏن سان حجتون ڪرڻ گڏجي سماج مان اڻبرابريءَ واري نظام کي ختم ڪري هڪ سيبتو ۽ سهڻو نظام آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻو هيو جنهن لاءِ هن جدوجهد جي جتيءَ ۾ اڃان مس پير ئي ته پاتو هو‘ پر سماج جي نام نهاد ٺيڪيدارن وانگيان موت کي به سندس اڙانگن پنڌن جو اهو سفر قبول نه هيو جو کيس بي وقتو علي شير جي هٿن مان زوريءَ کسي هميشه لاءِ ڏور ڏاڍو ڏور کڻي ويو هليو‘ پاڻ واري سادڙي سٻاجهي يار علي شير جيڪو شايان جو اهو بدنصيب پيءُ آهي جنهن کي پنهنجي ڳڀرو پٽ جي ڪلهي تي کڄي اڻموٽ ماڳ ڏانهن وڃڻ بجاءِ ڀري جوانيءَ ۾ پنهنجي جگر جي ٽڪري جو ئي ڪلهي ڪانڌي ٿيڻو پيو ڪيترن ڏينهن کان اسرار پئي ڪيائين ته شايان تي ڪجهه لفظ لکي ڏيو‘ ڏاڍو نٽايومانس ڇو ته ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي ڳڀرو ڀاءُ جو لاش ڪلهن تي ڍوئڻ کان پوءِ من اندر جي موسم ۾ اها سگهه ناهي رهي ته وري ڪنهن ڳڀروءَ جي اڻمندائتي وڇوڙي تي قلم کڻي سگهان پر يار اصل نه ڇڏيو وٺ وٺان لائي ڏنائين بس زوريءَ قلم کڻي اڄ هي آڏيون ابتيون سٽون لکان پيو جيڪا يقينن شايان کي ڀيٽا ته نه ٿي ٿي سگهي ڇو ته شايان پنهنجي مختصر عمر ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ۽ سماج جي سڌاري لاءِ جيڪي تنظيمي سرگرميون جاري رکيون ان تي لکڻ لاءِ ڪا وڏي سگهه گهرجي بس هي چند سٽون لکان پيو انهي اميد سان ته شايان جي ڪيل جدوجهد ۽ علي شير جي ان اٿاهه پيار جو ڪجهه قرض لهي سگهي شايان سان منهنجي ڪا گهڻي ويجهڙائي يا ڏيٺ ويٺ ڪونه هئي پر سندس سماجي ۽ سياسي سرگرمين کان ڀليءَ ڀت واقف هيس هن پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات سجاڳ ٻار تحريڪ کان ڪئي جنهن کانپوءِ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ۾ به هڪ سرگرم ورڪر طور پنهنجا فرض نڀايا جنهن کان بعد عوامي جمهوري پارٽي جوائن ڪري ان ۾ پنهنجيون سرگرميون جاري رکيون سندس وڏو ڪارنامو سنڌي اسٽونٽس آرگنائيزيشن جو جوڙڻ هيو، جنهن کي آخري دم تائين بهتر انداز سان هلائيندو رهيو. 14 مئي 2017 جو اهو اڀاڳو ڏينهن ڪڏهن ڀي وساري نه ٿا سگهون جنهن ڏينهن شايان پنهنجي والد اسان جي جگري يار علي شير کي بچائيندي پاڻ بجليءَ جي ڪرنٽ جو شڪار ٿي اسان کان هميشه لئه جدا ٿي ويو‘ دعاگو آهيون ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري ۽ اسانجي پياري معصوم دوست علي شير ڳورڙ جنهن جو جيءُ جهري پيو آهي ان کي به هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري‘ آءُ شايان جي سهڻي سنگت کي اپيل ٿو ڪريان ته هو سندس اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي جاري ۽ ساري رکي ڪري سندس سپنن کي ساڀيائن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکن جنهن سان شايان جي روح کي به سڪون حاصل ٿيندو.


    ادب ۽ اخلاق جو مالڪ

    ادب ۽ اخلاق جو مالڪ

    قادر بخش چانڊيو


    اليگزينڊر 20 سالن جي عمر ۾ بادشاه بڻيو. ۽ هو 23 سالن جي عمر ۾ مقدونيا کان نڪتو هن سڀ کان پهرين يونان فتح ڪئي ان کان پوءِ هو ترڪي ۾ داخل ٿيو. پوءِ ايران جي دارا کي شڪست ڏنائين پوءِ هو شام پهتو آخر ۾ هندستان آيو. هن هندستان ۾ پورس سان جنگ وڙهي. هن پنهنجي عزيز گهوڙي جي ياد ۾ پهاليا شهر آباد ڪيائين. مڪران کان ٿيندو هن واپسي جو سفر شروع ڪيو. رستي ۾ هو ٽائفائيڊ جي بخار ۾ مبتلا ٿيو. 33 سالن جي عمر ۾ بخت نصر جي محل ۾ وفات ڪري ويو.
    شايان ڳورڙ 6 سالن جو هو ته هن کي شاگرد سياست ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. هن پنهنجو سياسي سفر سجاڳ ٻار تحريڪ کان شروع ڪيائين. سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. آمر مشرف واري دور حڪومت ۾ جتي سڄي سنڌ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان گذري رهي هئي. اتي شايان ڳورڙ ٻارڙن جي تفريح ذهني اوسر لاءِ پروگرام ارينج ڪندو هو. جڏهن هو 20 سالن جو هو ته سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو. پر پوءِ شايان ڳورڙ ۽ اسان سڀ دوست عوامي تحريڪ کي ڇڏي. عوامي جهموري پارٽي ۾ سرگرم ٿياسين. شايان ٿورڙي عرصي ۾ اي جي پي جي يوٿ ونگ جو مرڪزي آرگنائيزر پڻ ٿيو. منهنجي شايان سان تفصيلي ڪچهري انهن ڏينهن ۾ ٿي. جڏهن عوامي جمهوري پارٽي جو نئون قيام عمل ۾ آيو ۽ ان جي اسٽوڊنٽ ونگ جي پهرين ميٽنگ هئي ۽اسان انهن ڏينهن ۾ عوامي تحريڪ کي ڇڏي اي جي پي ۾ سرگرم ٿيا هئاسين. سنڌ ۾ يوٿ ونگ لاءِ ميٽنگ هئي شرڪت ڪرڻ لاء مون سميت ِ احمد خان. منظور. قاسم سولنگي ۽ شايان ڳورڙ. حيدرآباد لاءِ ميهڙ کان پنهنجي گاڏي ۾ حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. ميهڙ کان حيدرآباد تائين سياسي ڪچهري کان علاوه شعرو شاعري. جو مباحثو ٿيو. مون ڏٺو ته شايان ڳورڙ وٽ شاعري جو تمام گهڻو مواد هو. ۽ تمام گهڻي انقلابي شاعري پڻ ياد هوس. ۽ شاعري پڙهڻ جو انداز پڻ شاندار هو. ۽ مون شايان کي چيو. ته تون سٺو ڪمپيئر ٿي سگهين ٿو. ۽ محنت ڪر سائين احمد خان پڻ شايان کي استاد بخاري، شاه عبدالطيف ڀٽائي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ زاهد شيخ جا ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏني. ائين سياسي ڪچهري ۾ اسان جو سفر وارو ٽائيم به جلد گذري ويو. ۽ ڄامشوري پهچي ويا سين. ڄامشوري ۾ چانهن پيئڻ سان تازهه ٿي حيدرآباد يوٿ ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿياسين. يوٿ ڪنويشن ختم ٿيو. رات حيدرآباد ۾ رهياسين. رات جو پراڻن ڪامريڊ دوستن سان وڏيون ڪچهريون ٿيون ۽ شايان سان دوستن جو تعارف ڪرايوسين. سڀ اهي دوست گڏ هئاسين جيڪي عوامي تحريڪ ۾ تمام گهڻا سرگرم هوندا هئاسين. ۽ تقريبن سمورن پروگرامن ۾ شرڪت هوندي هئي. شايان انهن دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو.
    مون ڪجهه سالن کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي. منهنجي ٻي ملاقات شايان سان رئيس مظهر علي ڳورڙ جي پڳ رسم ۾ ٿي جنهن ۾ سائين علي شير ڳورڙ. جنهن کي اسان دوستن چرچن چرچن ۾ چيو ته شايان هاڻي توکان وڏو ٿي ويو آهي تڪڙ نه ڪجانس. .... ان تي شايان چيو چاچا مون کي بابا سائين دوستن جيئن پيار ڪندو آهي. ۽ اسين دوست آهيون.
    شايان ڳورڙ ۾ مون اڪثر ڏٺو ته هو سائين علي شير جي دوستن سان نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. ادب ۽اخلاق جو مالڪ هو. سندس ان اخلاق جي ڪري سائين علي شير جا سمورا دوست شايان سان محبت ڪندا هئا. منهنجي لاءِ اهو منحوس ڏينهن هو جنهن ڏينهن منهنجي پاسي ۾ ويٺل هڪ دوست موبائل تي ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه پئيِ ڪئي ۽ بار بار شايان ڳورڙ جو نالو پئي کنيائين ۽ وڏي افسوس سان چوڻ لڳو. يار شايان ڪيئن مري ويو ڇا ٿيو، بجلي ۾ ڪئين ڦاٿو. مون هن کان پڇيو يار تون ڪهڙي شايان جي ڳالهه ٿو ڪرين. پر مون هن جي اکين ۾ پاڻي ڏٺو. ۽ روئڻ هارڪو ٿيندي چيائين مدينا ڪالوني جو منهنجو دوست آهي. سچ پڇو منهنجون هزارين دعائون شايان جي خيريت لاءِ منهنجي اندر مان نڪتيون.
    وري مون ان دوست کان تفصيل سان پڇيو. جڏهن ان سائين علي شير جو نالو کنيو ته منهنجي اکين مان پاڻي اچي ويو ۽ مون اها ڏک ڀري خبر مون وڪيل امجد علي ٻلهڙو کي ٻڌائي ته هن رڙ ڪري چيو ته ڪئين ۽ ڇا ٿيو. مون ڏٺو ته شايان لاءِ رڳو اسين غم زده ناهيون پر جيڪو خبر ٻڌي ٿو اهو مون وانگي شايان جي هن ڏک ڀري خبر جي غم ۾ غمزده ٿي وڃي ٿو.
    ائين اسان کان هڪ مستقبل جو سٺو دوست. ڀائٽيو . ادب ۽ اخلاق جو مالڪ ۽ بهترين سياسي ورڪر ۽ هڪ سٺو ڪمپيئر سٺو انسان اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.


    ڀڳو آءُ نه چوان ماريو ته وسھان

    ڀڳو آءُ نه چوان ماريو ته وسھان

    ساجد علي چانڊيو


    ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو ته وسھان،
    ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان.
    ته پڻ لڄ مران ، جي ھُونَس پٺ ۾،

    لطيف سائين عظيم ڪردارن لاءِ لکيو آھي ته جنگ جي ميدان ۾ مري پوڻ ته اھا ڳالھ انھن جي وارثن لاءِ فخر جو باعث آھي، نه ڀڄڻ ۽ ڪنڌ ڪڍائڻ.
    اھڙي طرح اسان جو نوجوان دوست به بجلي جي شاڪ سان ويڙھاند ڪندي، پنھنجي والد محترم کي بچائيندي شھيد ٿي ويو، پر پوئتي نه ھٽيو.
    شايان ننڍڙي عمر کان پنھنجي والد محترم جي دست فيض ھيٺ سجاڳ ٻار تحريڪ جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ مختلف عھدن تي رھيو ۽ مرڻ گھڙي تائين انقلابي سياست سان منسلڪ رھيو.
    جڏھانڪر ٿيام، ساڃھ سُپرين سين،
    تڏھانڪر تِر جيتري، ويل مَ وسريام.

    اسان جي سياسي استاد محترم رسول بخش بروھي مرحوم سان جڏھن منھنجي ڀاءُ وقاراحمد حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي، ۽ ان بعد جڏھن مامي رسول بخش بروھي مون سان وقار جي ملاقات متعلق ڳالھ ٻڌائي ته ھُن مون کي مبارڪ ڏني ۽ اھا ڳالھ ٻڌائي ته وقار جا وطن دوست خيالات ۽ انقلاب پسند نظريا ۽ زبردست تربيت جو نتيجو آھن، ته اھڙي طرح اسان جي ويجھو وابستگي جي اھميت آھي.
    ھُونءَ ته زندگي ۽ موت اٽل معاملا آھن، پر زندگيءَ ۽ موت لاءِ جيڪڏھن ڪا ڪسوٽي آھي ته، اھا آھي جدوجھد ۽ وابستگي .
    مرندو ھرڪو ڪونه رھندو ڪو ھِتي،
    ڪو گنگا جي گود ۾ ته سنڌوءَ جي ڀرڪو،
    اھڙو ڪم ڪرڪو، جيڪو ماري موت کي،

    چين جي اندر ٿيندڙ عظيم جدوجھد لانگ مارچ جي شھيدن جي قبرن جي ڪتبن تي ھي لفظ لکيا ويا ته:
    “عظيم زندگي، شاندار موت”

    جيڪڏھن اسان اھي ساڳيا لفظ شھيد شايان ڏانھن به منسوب ڪريون ته وڌاءَ نه ٿيندو.
    شايان صرف ٻُڌ سُڌ وارو ڪارڪن نه ھو، بلڪه ھڪ تمام ذھين ۽ محنتي ۽ جدوجھد ۾ اڳرائي ڪندڙ نوجوان ھو، جنھن جا ڪيترائي مثال دوستن بيان ڪيا آھن.
    ته ڪر ڪيئن سُئي جي سيرنه گهڙي سھڻي.
    ھِت حياتي ڏينھڙا، ھَڏنھن تان نه ھُئي،
    چُڪي تنھن چريڪي ڪئي، جا ڏِنس ان ڏُھي.
    ھُونءِ به ھوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

    اھڙي طرح شھيد شايان به پنھنجي زندگي نظرياتي، سائنسي اصولن مطابق گذاري، جيڪي نظريا ھِن ڪرڀ جھڙي سماج کي تبديل ڪرڻ جو گس ٻڌائين ٿا ۽ نئين سماج اڏڻ جي نويد ڏين ٿا.
    واقع اھي فڪر عظيم آھن، جيڪي نئين انسان تخليق ڪرڻ جو بنياد فراھم ڪن ٿا، ته اھڙي وابستگي سڀني انسانن کي ميسر نه ھوندي آھي، بلڪه ھي شايان جي پنھنجي چونڊ ھئي، سندس انسان دوستي ھئي، سندس پورھيت دوستي ھئي، جنھن کيس ھن محبت ۾ جڪڙي ڇڏيو ھيو ۽ ھُن انسانيت جي آجپي جا نعرا پئي ھَنيا. ۽ سڀ انقلابي گيت ۽ نظم پئي اچاريا جيڪي اعلان بغاوت به آھن، نئين سماج اڏڻ جا خواب به آھن، ته اسان جي زندگيءَ جا عين نصيب العين به آھن.
    ۽ يقينًا سڀني دوستن، جيڪي به شھيد شايان جا گھرا دوست ھئا، اھي چڱي نموني ڄاڻن ٿا ته شھيد شايان وٽ عظيم زندگي، شوشا واري نه ھئي، بلڪه انقلابي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ واري ھئي، ھُن ڪڏھن والدين لاءِ ڪي فرمائشون ڪونه رکيون، پر سڄي سماج جي درد کي پنھنجو درد سمجھي، انقلابي دوستن جي سٿ سان گڏ ٿي بيٺو.
    ڪَڇين ڪاڇوٽي، نانگن ٻُڌي نينھن جي،
    جھڙا آئيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي،
    سِک نه سُتا ،ڪاپڙي، لاھي لانگوٽي.
    تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.


    شايان ڳورڙ جو وڇوڙو

    شايان ڳورڙ جو وڇوڙو

    اقرار چانڊيو


    شايان ڳورڙ جي حادثاتي طور وڇڙي وڃڻ جي خبر مون سميت سندس چاھيندڙن،دل گهرين دوستن مٽن مائٽن سنگتين ساٿين پارٽي ورڪرن اڳواڻن ۽ وارثن جا جئ جھوري ڇڏيا.ڏک سکن جي سونھن ھوندا آھن انساني تاريخ گواھ آهي ته انسان جي دردن تڪليفن وڇوڙي جي ڏنل گھائن جو تعلق خانداني رشتن ناتن جي سطح تائين محدود ناھي ھوندو پر سدائين ڏک درد رنج علم زندگي ۾ عطا ٿيل سکن خوشين تي سدائين حاوي رھندا آيا آهن انسان جي زندگي جو اعلي مقصد ٻين ڪاڻ جيئڻ آهي جيڪي انسان ٻين ڪاڻ جيئندي جيئندي ھن دنيا مان حادثاتي يا فزيڪلي طور زندگيءَ جو مشن پورو ڪندي وڇڙي ويندا آهن ته انھن جي وڇوڙي جو درد سندن خانداني فردن سنگتين ساٿين ۽ اعلي آدرشي مقصدن سان سلھاڙيل پارٽي ورڪرن ڪارڪنن اڳواڻن کي اوتروئي درد تڪليف ايندي آھي جيتري سندن ماء پي ڀاء ڀيڻ ۽ ٻين گهر ڀاتين کي ٿيندو آهي اھڙو ئي ھڪ حادثو اسان جي پراڻي ساٿي سائين علي شير ڳورڙ جي وڏي پٽ سان پيش آيو آهي عوامي جمهوري پارٽي جي اسٽوڊنٽ ونگ ايس ايس او جي (مرڪزي) اڳواڻ نھايت اعلي دلير سمجهه ڀريو عقلمند ڏاھو ذھين شاگرد سائين علي شير ڳورڙ جي گهر جو چراغ لخت جگر ڇپر ڇانو اکين جو تارو روشن ڏيئو شايان ڳورڙ ھميشہ لاء اجھامي سڄي گهر ۽ ويڙھي کي اونده جي انڌ ۾ لپيٽي سموريون حسرتون خواب چڪناچور ڪري سڄي عمر جو گهاء ڏيئي ويو. انھن نه ڀرجندڙ گھائن سان گڏ ھو پنھنجي زندگي جو پل پل پنهنجي والد محترم جي ڏسيل واٽ تي ثابت قدمي سان بيھي سندس ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سموري گهر جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ سان گڏ معاشري ۾ معياري سٺو ۽ ساراھ جوڳو ڪردار ادا ڪري دوستن سان گڏ پنھنجي سياسي مخالفن وٽ به اھم جاء ٺاھي. پنهنجي وارثن کي بچائيندي جان جو نذرانو ڏيئي ويندي ويندي ٻين ڪاڻ جيئڻ جو اعلي درس ڏيئي معاشري ۾ پنھنجي والد سميت سموري ڳورڙ برادري جو ڳاٽ اوچو ڪيو. ايس ايس او جي مرڪزي اڳواڻ شايان ڳورڙ جي اڻمندائتي موت تي سندس وارثن سان ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آھيون ۽ ڌڻي در دعاڳو آھيون ته پنھنجي ساٿي شايان ڳورڙ کي جنت الفردوس ۾ جاء ڏي.


    ھا شايان ته ھليو ويو

    ھا شايان ته ھليو ويو

    گلاب ڳن


    شھيد شايان علي ڳورڙ ھي سٻاجھڙو نوجوان پڙھيل خاندان ۾ پيدا ٿيو شايان پيدا ته ميھڙ شھر کان 15 ڪلو ميٽر اتر طرف ۽ انڊس ھاءِ کان ھڪ ڪلو ميٽر اولھ طرف ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ پيدا ٿيو شايان اڃا ننڍڙو ئي ھيو ته ان جي خاندان پنھنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي اچي المدينه ڪالوني ۾ رھائش اختيار ڪئي، جتي شايان به پھريون ڀيرو المدينه ڪالوني جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان پرائمري پاس ڪري ڳورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽو ۾ داخلا وٺي ميٽرڪ کان پوءِ ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ورتي ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ بي اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سول انجنيئرنگ مونوٽيڪنيڪل ميھڙ مان پاس ڪئي.
    ھي نوجوان محنت ۽ جفاڪشي ڪندي مختلف تنظيمن ۾ رھيو. اھو 14 مئي تاريخ شايان جي لاءِ منحوس ثابت ٿيو، ۽ ھو ھڪ اھڙي پاسي ھليو ويو جتان ھن وقت تائين واپس ئي نه ٿيو، ھو پنھنجي خاندان ۽ دوستن کي ھميشه لاءِ ڇڏي ھليو ويو.
    ھا شايان ته ھليو ويو پر اھا مدينه ڪالوني جنھن ۾ ھي نوجوان دوستن سان گڏ گھمندو ھيو ۽ ھر طرف رونق ئي رونق ھوندي ھئي، پر اھا رونق اڄ ختم ٿي وئي، اھي شايان جا دوست اٻاڻڪا گھمندي نظر آيا ۽ ان جي خاندان جي تمام گھڻي مايوسي نظر آئي، ڇاڪاڻ ته شايان جي اوچتي موت جيڪو بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب واقعي ٿيو.
    اسان ڊاڪٽر آزاد ۽ مان جڏھن سائين علي شير ڳورڙ جيڪو شايان جو والد آھي ان سان عذرخواھي ڪندي ان وقت سائين علي شير تمام ڏکارو نظر آيو ھي سائين اھو ماڻھو آھي، جيڪو جڏھن به اسان سان مليو ته کلندي نظر ايندو ھيو ۽ دوستن جي مختلف پروگرامن ۾ ھن جي اچڻ سان ماحول تمام خوشگوار ٿي ويندو ھيو اڄ علي شير تمام ڏکارو ھيو ۽ کلڻ کان رسي ويو ھجي.
    منھنجي خدا جي در دعا آھي ته شل ڪڏھن به والد کان نوجوان اھڙي وقت نه کسجي جڏھن ھنن والدين کان نوجوان سھارو ڏيڻ وارا ھجن اسان سائين علي شير ۽ ان جي خاندان سان ھن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون، الله سائين ھنن کي ھي ڏک برداشت ڪرڻ جي ھمت عطا ڪري.
    گھوڙن ۽ گھوٽن ،جيئڻ ٿورڙا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.


    شھيد شايان شير ڳورڙ سان گذاريل ڪجهه گهڙيون

    شھيد شايان شير ڳورڙ سان گذاريل ڪجهه گهڙيون

    ڊاڪٽر قادر ٻگھيو


    شھيد شايان شيرڳورڙ زنده دل کل ڀوڳ ڪندڙ ۽ مثبت سوچ رکندڙ نوجوان ھيو، آءُ ھن سان ميھڙ ۽ اڪثر مخلتف پروگرامن تي ملندو رھندو ھيس،. واقفيت ته گھڻو اڳ کان ھئي، پر ويجھڙائپ تڏھن ٿي جڏھن ھُو چانڊڪا ڪاليج ۾ اسان جي روم نمبر 6 تي رھڻ آيو ھن جي اسان سان رھڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي ھئي جي ميڊيڪل جي تعليم ڏاڍي ڏکي ھوندي ھئي، ۽ اسان جي مزاج ننڍين وڏين پريشانين ۾ جڪڙيل ڪئمپس کان موٽي جڏھن روم تي ايندا ھئاسون ته شھيد شايان جي مرڪ اسان جو آڌرڀاءُ ڪندي ھئي، ھن جي موجودگي ڄڻ اسان جا ٿڪ لاھي ڇڏيندي ھئي، جن ڏينھن ۾ آيو ھو تن ڏينھن ۾ چانڊڪا ۾ نئين بيچ آئي ھئي، پوءِ اسان شايان کي ساڻ ڪري ڪيمپس ۾ دوستن کي شايان جو تعارف نئون سليڪٽ ٿيل شاگرد ٻڌائيندا ھئاسون، ھن کي شايد ھڪ ٻه ڪلاس به اٽينڊ ڪرائيندا ھئاسون، روم تي شايان سان مختلف موضوعن تي بحث مباحثا ھلندا ھئا. اسان کان عمر ۾ چار سال ننڍو ھيو، پر تنهن عمر ۾ به سماجي، مذھبي فطرتي مسئلن جي چڱي ڄاڻ ھيس شايان وٽ ادب سان لاڳاپيل ٽي کان چار ڪتاب بوڪ ضرور ھوندا ھئا، مون کي پڪو ياد آھي ته ھن مون کي ميڪسم گورڪيءَ جو لکيل ڪتاب ماءُ ناول پڙھايو، اھو ڪتاب منھنجن انھن چند ڪتابن مان ھيو جنھن منھنجي ادب سان لڳاءٌ کي وڌايو شايان جي ان احسان جو سڄي عمر ٿورائتو رھندس، شھيد شايان اسان جي روم تي روشن ستاري وانگر ھيو، ان جا ٽھڪ اڃا به ھاسٽل 3 جي روم 6 ۾ گونجندا ھوندا، پر افسوس جو شايان پاڻ نه رھيو، جڏھن مون کي ھن جي اوچتي وڇوڙي جي خبر پئي ته يقين نه پئي آيو، آءُ لاھور ۾ ھيس، روم ۾ ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھيس، جڏھن خبر ميسيج ۾ پڙھيم ته مون کان ڄڻ پنھنجو حال گھڙي کن موڪلائي ويو ۽ مان ماضي وڃي پھتس، يڪدم شايان سان گڏ گذاريل آخري لمحا ياد اچي ويا، ذھن جي سامھون ملاقات جو چٽو نقشو ٺھي آيو، مان ماسات بدر ساجد ٻگھيو چانھ پيئڻ لاءِ سينڌل مھيسر ھڪ ھوٽل تي ويٺاسون جتي شايان اڳ ۾ ڪن دوستن سان ويٺو ھو، اسان جي ڪافي منع ڪرڻ جي باوجود به پنھنجي سنگت کي ڇڏي اسان سان اچي ويٺو ۽ اسان ٽنھي کي چانھ پياري ۽ تقريبن 15 منٽن کان پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلايوسون بهرحال موت جي اڳواٽ خبر ھجي ته انسان ان کان پري نه ٿئي شايان به ايترو جلدي ھن جھان مان ھليو ويو، جو اڃان ڪي چند گهڙيون گڏ گذارڻ جو موقعو ئي نه مليو، مار پوي ھن موت کي جنھن اسان کان اسان جو نوجوان ساٿي کسيو موت اچڻو آ، ھر ڪنھن کي اچڻو آ، پر ايترو جلدي ھرگز نه اچي، بھرحال چوندا آھن، لکيئي جي ليک کي ڪير ٽاري نٿو سگھي، آءُ شايان جي مغفرت ۽ آخر ۾ اعلى درجات لاءِ ھردم دعاگو رھندس.
    شال رب پاڪ سندس والد ماما علي شير ۽ امڙ سميت ھر گھرڀاتي کي شايان جي جدائي برداشت ڪرڻ جي سگھ ڏئي. (آمين)


    رھيون اڌ ۾ ساجن سموريون رھاڻيون

    رھيون اڌ ۾ ساجن سموريون رھاڻيون

    عذير ڪلھوڙو


    شايان جي موت جي خبر ٻڌي ڪي ماڻھو ڏک جي شدت ھيٺ دٻجي ويا ته ڪن کي ھن سان گھاريل گھڙيون ياد آيون، ڪي ھن جي گھاريل مختصر زندگي ۽ ھن جي ڪيل ڪٺن جدوجھد تي بحث ڪرڻ لڳا، ھن جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي جيڪو ڪجھ ھو، جيئن جپان ۾ ٿيندو آھي، جپاني ماڻھن جي احسان کي سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، ڇوته ھو ھر وقت مسڪرائيندا ۽ کلندا آھن، ايستائين جو جڏھن ٻن گاڏين جو ايڪسيڊنٽ ٿيندو آھي، تڏھن به اھي ھڪ ٻئي سان وڙھڻ بدران مرڪي ملندا آھن، ٻئين، چوندا آھن، ته منھنجي غلطي آھي معاف ڪندا، يعني ڀلي قيامت برپا ٿي وڃي پر ھنن جو رويو ساڳيو رھندو، اھوئي سبب آھي، جو جپانين کي سڄي دنيا ۾ مڪار سمجھيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته ھو چاھين ڇاٿا. ھو سوچين ڇاٿا، ھنن جا احساس ۽ جذبا ڪھڙا آھن، اھا ڳالھ سمجھي نٿي سگھجي ڇو ته کلڻ ۽ مسڪرائڻ ھنن جي روايت بڻجي چڪو آھي ساڳيءَ طرح اسان جون روايتون وري اسان سان ساڻ آھن، اسان وٽ ڪنھن مٽ مائٽ، يار دوست جو وڇوڙو يقينن پوري شھر يا پاڙي ۾ ڏک جي ڪيفيت پيدا ڪندو آھي، ۽ ھر ماڻھو ڏکارو ھوندو آھي، اھو بلڪل ائين ھوندو آھي، جيئن جپاني ماڻھو ھر وقت ڦڪي کل کلندا آھن، يعني اھو ڏک يا غم ھڪ رواجي ڪيفيت ھوندو آھي پر شايان ڳورڙ جي موت جي خبر ان ڏک کان مختلف ھئي، اھو ڏک اھڙو ڏک نه ھو جيڪو ڪنھن ڀاءُ ڪنھن ڀائٽي يا ڪنھن مائٽ جي موت تي ٿيندو آھي، ھي ڏک واقعي به ھڪ الڳ قسم جو ۽ منفرد ڏک ھيو، ٽيئگور لکيو آھي.
    If you cry becomes the run has gone out of your life, your tears will prevent you to see the stars.
    يعني جڪڏھن توھان رڙيون ٿا ڪريو ڇاڪاڻ ته توھان جي زندگيءَ مان سج ھليو ويو آھي، توھان جي زندگي جو سج لھي ويو آھي ته توھان جا ڳوڙھا توھان کي تارن ڏسڻ کان به روڪيندا.
    تنھن ڪري اسان رڙيون ڪرڻ سکيائي ناھيون. “ٻڌ” جي ان فلسفي وانگر جڏھن اسان کي ڪو ويھي لتون ھڻندو آ، تڏھن به ائين محسوس ٿيندو آھي، ته اھو تشدد اسان تي نه پر ڪنھن ٻئي تي ڪيو ٿو وڃي.
    واقعي به اھڙو واقعو (شايان جو اوچتو موت) ڪنھن ٻئي سان ٿئي ھا ته انھن جي حالت تمام خراب ھجي ھا. ھڪ نوجوان پٽ جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آھي، اھو توھان کي گرو رجنيش اوشو جي ليڪچرس ۾ ملي نه سگھندو. ھڪ نوجوان ڀاءُ جو موت ڪھڙي قيامت برپا ڪندو آ. اھا خبر ته خليل جبران کي به نه ھئي.
    جنھن باغي زال ۽ قاتل ڪنوار جھڙيون ڪھاڻيون لکيون، اھو ته صرف توھان کي سائين علي شير ڳورڙ ۽ بصير ڳورڙ ئي ٻڌائي سگھن ٿا. جيڪي ھڪ نوجوان پٽ/نوجوان ڀاءُ جو ئي نه پر ھڪ سياسي فڪر جي وارث جو ڏک کڻي به لوڪ کان لڪي لڙڪ لاڙيندا آھن. ائين سائين علي شير ڳورڙ جا ٽھڪ اڄ به محفلن ۾ ائين گونجندا آھن، جئين شايان جي موت کان اڳ گوجندا ھئا. چوندا آھن ته.
    When pain is over the remember once of it often becomes pleasure
    مطلب ته جڏھن ڏک جي شدت وڌي ويندي آھي ته پوءِ جڏھن ان ڏک کي ياد ڪيو ويندو آھي ته ان ڏک جي يادگيري ھڪ خوشي بڻجي ويندي آھي.
    چوندا آھن ته ڪنھن ماڻھوءَ جي اجائي تعريف ڪرڻ ان جي بي عزتي آھي. ھي سڀ ڪجھ اجائي تعريف ناھي سنڌ جي ان سياسي ڪارڪن جي جنھن جو نالو شايان ڳورڙ ھو، نه ئي ھي لفظ فقط لکڻ خاطر لکي ڇڏيا آھن، نه ائين به نه آھي، ھيءَ ھڪ ننڍڙي ڀيٽا آھي، چاپائين ڏاڙهي واري ھڪ نوجوان جيڪو اڄ اسان جي وچ ۾ نه رھيو آھي، اھو دور جنھن دور ۾ سياست ڪرڻ گناھ ھجي، جنھن دور ۾ سياست جھڙي مقدس لفظ کي بدنام ڪيو ويو ھجي ان دور ۾ ھن جيڪا عملي سياست ڪئي. مان جڏھن ان تي ويھي سوچيندو آھيان ته الائي ڇو مون کي ھڪ انگريز ڏاھي فرانسس بيڪن جا اھي لفظ ياد ايندا آھن.
    A wise man will make more opportunties than he finds
    (ھڪ ڏاھي ماڻھوءَ کي جيترا موقعا ملندا آھن، ان کان وڌيڪ موقعا پاڻ پيدا ڪندو آھي)
    ھا واقعي به ھن رڳو سياست ئي نه ڪئي ھئي پر ھن پڙھيا ھئا ھڪ روسي اديب جا اھي لفظ ته سڀني کي دنيا کي تبديل ڪرڻ جو فڪر آھي پر ڪو به پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. يا وري مولانا رومي جون اھي سٽون ته :.
    Yesterday jwas clver so I wanted to change the world today Iam wise so I want to change my self.
    )ڪالھ مان ھوشيار ھيس تنھن ڪري دنيا کي تبديل ڪرڻ پئي چاھيو پر اڄ مان ڏاھو آھيان تنھن ڪري مان پنھنجو پاڻ کي تبديل ڪيان ٿو)
    اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڪو به شايان جي ڪردار تي آڱر نه ٿو کڻي، شايان ھڪ منفرد ۽ معتبر اھو ڇوڪرو ھو جنھن سنڌ جي سياسي اتھاس ۾ پنھنجا ڀال ڀلايا.
    انقلابي سپنا ڏسندڙ اھو انسان پنھنجي ٽھيءَ جي سمورن ماڻھن کان مختلف ھيو، اھو ڇوڪرو جيڪو صرف ھڪ سياسي ڪارڪن ئي نه پر ھڪ ادبي شاگرد به ھو جيڪڏھن ننڍڙو ماڻھو شايان جي ڪردار تي آڱر کڻي ۽ ھروڀرو حملا ڪري ته ان لاءِ ڀڳت ڪبير جون اھي سٽون ئي ڪافي آھن ته:- جيڪڏھن کنوڻ وچ سمنڊ ۾ ڪري پوي ته اھا سمنڊ جو ڇا بگاڙيندي. ھن دنيا جي وٺ وٺان ۾ ھر ماڻھو ٻئي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي. ھڪ ماڻھو جيڪو ٻئي کي متاثر ڪرڻ ٿو چاھي اھو وري ڪنھن ٻئي جو راضپو ٿو چاھي ان دور ۾ ھي شھرت کان پري ڀڄندڙ اھڙو شخص ھيو، جنھن کي معلوم ھيا، اھي لفظ :-
    People do not care about how much you know but about how much you care for then.
    (ماڻھو کي ان ڳالھ جي ڳڻتي نه هوندي آھي ته توھان ڪيترو ٿا ڄاڻو پر ماڻھن کي ان ڳالھ جي ڳڻتي ھوندي آ ته توھان انھن جو ڪيترو خيال رکو ٿا)
    يعني ھن دور ۾ ماڻھن کي ان ڳالھ کان سواءِ ٻي ڪا پرواھ ئي نه ھوندي آھي ته توھان انھن کان ڪيترو متاثر آھيو ۽ ھنن جي ڪيتري تعريف ٿا ڪريو ھن ڦرلٽ جي دنيا ۾ ھڪ پرائمري ٽيچر جي گھر ۾ جنم وٺندڙ اھو ڇوڪرو ھن دنيا جي ريتن ۽ رسمن کان بغاوت ڪندو ھو، ڇو ته ھن جي چھري تي رکيل چاپائين ڏاڙھي بلڪل اھڙي ھوندي ھئي. جيئن چي گويرا.


    شھيد شايان جو وڇوڙو

    شھيد شايان جو وڇوڙو
    (توسان گڏجڻ جون حسرتون رھنديون)

    علي شير ڳورڙ



    انسان جڏھن ڄمي ٿو ته ان کي اھا ڄاڻ نه ٿي رھي ته ھُو ڪاٿي ۽ ڪنھن وٽ پيدا ٿيندو، يا پنھنجي زندگي ڪيتري ماڻيندو ۽ ان ۾ ڇاڇا حاصل ڪندو، اھو ھڪ وڏو رب جو ڳجھ ٿئي ٿو، اسان جھڙي ملڪ جي ماڻھن جي دنيا جھان کان ئي ڪھاڻي الڳ ٿئي ٿي. اسان جو حسب نسب اٿڻي ويھڻي، طور طريقا مٺاس محبت وارا ۽ سرائيڪي زبان جنھن کي دنيا خاص ڪري برصغير جا ماڻھو مٺڙي زبان يا ٻولي قرار ڏيندا آھن، ھڪڙو ته زبان جو اثر ٻيو جيڪي مٽي سان لاڳاپي ھئڻ جي ڪري اسان جي وڏڙن جي ضمير ۽ ضمير ۾ کوڙ سارا چڱا گُڻ جيڪي فطري ھئا ۽ اھي خود ڄڻ مون کي ورثي ۾ مليا. جن ۾ ھڪٻئي کي اوکي سوکي، آنڌي مانجھي ۾ ڪم اچڻ، اڌرات مڌرات ۾ سڌ ۾ سڌ ڏيڻ ۽ ھڪڙي ڪُني مان ذرو ذرو ڳوٺ جي آخري حد تائين پھچائڻ ھر گھر پنھنجي ذميداري سمجھندو ھو، اھا ڳالھ پوءِ دير سان بلڪه گھڻو دير دنيا جي ڏاھن فلسفي ۽ نظرئي دانن سمجھائي ته مساوات ۽ برابري انسانيت جو اعلى ترين گُڻ آھي، ان ماحول جو اثر ھو جنھن ۾ آءُ نپيو ھيس، جتي نه ڪو تڪبر نه ڪو نسلي فرق سڄو ڳوٺ ڄڻ ھڪ فيملي جيان رھندو ھو، اسان جي ڳوٺ سوجھرو خان ڳورڙ جون اھي روايتون جن کي پوءِ دنيا جي وڏن ڏاھن ڪامياب قرار ڏنو، دنيا ۾ توڙي جو جاگيردارانه سرمائيدارانه نسلي ۽ مذھبي فرق ڪٿي آھستي ته ڪٿي شدت سان ڪَرَ کڻڻ لڳو، پر سنڌ جي اڪثريت قبيلن جيان اسان جو به قبيلو پُر امن ھو. ۽ پُر امن رھڻ پسند ڪيو، گھڻي ھٻڇ ۽ حَوَس نه رھي اسين ڳوٺ ڇڏي ميھڙ مدينه ڪالوني ۾ رھائش اختيار ڪئي، ان جو سبب اھو ھئو ته ڳوٺ ۾ بدامني ۽ صحت جوڳا انتظام نه ھئڻ، ۽ تعليم جي سھولت جي کوٽ ھئي.
    مجموعي طورتي مان پنھنجي حصي پتي جو سنڌ توڙي انسان ذات جي ڀلي ۽ بهتري خاطر جدوجھد ڪندو رھيس، تعليم کاتي ۾ نوڪري ھجڻ جي ناتي سماج ۾ ۽ ھُون ئي ھڪ سٺي نگاھ سان ڄاتو سڃاتو پئي ويس، پر پنھنجي ڪردار کي ھڪ استاد ۽ وڏڙن جي تاريخي پس منظر ۽ اڇي اجري ڪردار ھجڻ جي ناتي کي ميرو ٿيڻ نه ڏنم، پنھنجي استاد برادري لاءِ به جدوجھد ۾ ھميشه اڳرو رھيم، پنھنجي قبيلي لاءِ وِت ۽ وَس آھر به پاڻ پتوڙيندو رھيو آھيان ۽ قومي تنظيمن ۾ به باقاعدا نشانبر رھيو آھيان، پنھنجي مزاج ۾ ڪَسَ رَسَ کائڻ وارو ۽ جتي به رھيو آھيان، اتي ڏڦيڙ تضادات کي گھٽائيندو رھيو آھيان ان ڪري ئي ڪافي ھنڌن تي امين جي حيثيت ۾ عزتون ماڻيندو رھيو آھيان، اھي سڀ شيون شعوري طور تي ۽ نسلي طورتي منھنجي شھيد شايان ۾ منتقل ٿيون.
    ھُو شخص به ننڍڙي عمر ۾ پنھنجي شاندار ڪردار جنھن کي اسان خانداني طورتي وڏي ميراث سمجھندا آھيون، وڏو نالو ڪمايو ۽ پنھنجي محنت، جدوجھد ۽ حسنِ اخلاق جي ڪري تمام ھڪ نرالي شخصيت ٿي اڀريو جيئن سنڌ جا ھيرا ھوشو، ھيمو، ڪالاڻي ۽ ڀڳت سنگھ ننڍڙي عمر ۾ وڏو نالو ڪمايو، ائين ئي منھنجو شھيد شايان جوجڏھن اوچتو وڇوڙو ھڪڙو وڏو حادثو ۽ سانحو منھنجي گھر ۾ نه بلڪه سنڌ جي تمام حلقن ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل رھي، پر اسان سڀني مائٽن مِٽن، دوستن ۽ سياسي سماجي ۽ علمي ادبي حلقن ان جي تڏي تي آيل ھزارين ماڻھن ۽ تاثراتي نوٽ بوڪن مان اھو نتيجو ڪڍيو ته ھي نوجوان عام رواجي نه ھو ھڪ شاندار نظريي سان سلھاڙيل ھيو ۽ ھن جيڪو شينھن جي وات ۾ ھليو وڃي ۽ اتان مورڙيي جيان پنھنجي عزيزن کي ڇڪي ڪڍي ھن جي ان عمل کي ڏسي اسان پنھنجي درد کي وساري ھن جي ڇڏيل مشن کي ھٿ ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميھڙ شھر جون گھٽيون، چوڪ، ھوٽل ھن جي ذڪر ، فڪر، نعرن ۽ تعزيتي ميڙاڪن سان گونجي اٿيو، ۽ ميھڙ جي نوجوانن لاءِ ھڪ وڏو اتساھ جو سبب بڻيو جو اڄ به شھيد شايان يادگار ڪاميٽي جوڙي اسٽيڊي سرڪل (Study Circle) ھلايا پيا وڃن جيڪو اسان جي خاندان لاءِ ھڪ وڏو اعزاز ۽ ھڪ وڏو تعارف ۽ ھڪ سڃاڻپ ڏيئي ويو آھي.
    جيڪو وڏن وڏن ارب پتي ۽ نالي وارن جي نصيب ۾ ڪونه ايندو آھي، شھيد شايان جو وڇوڙو لطيف سائين جي معنى ۽ مفھوم ۾ ائين سمجھيون ٿا، جيئن لطيف سائين فرمايو:
    الست بربڪم جڏھن ڪن پيوم،
    قالو بليٰ قلب سين، تڏھن تت چيوم،
    تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

    اھو واعدو ھيو جيڪو پورو ٿيو، اسين ڀلي ھاڻي ڪھڙيون به ڳالھيون ڪيون، پر اھو ڪيل واعدو پورو ٿيو، ۽ ان کي روڪڻ ته ڪنھن جي وس ۾ ھيوئي ڪونه، ان لاءِ اسين پڻ اوڏانھن ئي وڃڻا آھيون ته جيئن سڀاڻي واري ملاقات ٿئي ته اکيون اکين سان ملائي سگھجن ۽ مياري نه ٿيون.
    ٻي خبر ناھي، پر مرڻ کان پوءِ
    تو سان گڏجڻ جون حسرتون رھنديون


    ھو وري ايندو

    ھو وري ايندو

    گوھر گل ڳورڙ


    ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ جي ڪلراٺي زمين جي مٽيءَ تي سائين علي شير ڳورڙ جي گھر ۾ تاريخ 01-01-1996 تي جنم وٺندڙ شايان ڳورڙ (جنھن جو اصل نالو عبدالباسط آھي) جيڪو اڄ اسان وٽ جسماني طور موجود نه آھي، جنھن جي ڦوھ جواني جوڀن ڪُمھلي وڇوڙي تي نه فقط ھن جا ويجھا عزيز، مائٽ ۽ دوست سوڳوار آھن، پر ميھڙ شھر جي ميندي جي رنگت ۽ مائي جي مٺاس پڻ سوڳوار آھن، ميھڙ شھر جو گھنٽاگھر چونڪ روڊ رستا ۽ مدينه ڪالوني جون گھٽيون پڻ شايان شير جي موت تي ماتم ڪري رھيون آھن، ڪنھن ٿي ڄاتو ته ننڍڙي عمر ۾ ھن جي ڪيل سياسي، سماجي خدمتن جي سفر ۾ ھو ايڏو جلدي پنھنجي صلاحيتن کي مڃائي نروار ٿيندو، سائين علي شير ڳورڙ جي اوطاق تي سدائين سياسي، سماجي ۽ قلمي قبيلي جي ماڻھن جا ميلا متل رھيا آھن، شايان شير جي وڇوڙي کان پوءِ سائين علي شير ڳورڙ جي اوطاق تي اڄ وقتي طور مڪلي جھڙي ماٺ ڇانيل آھي، اھا ماٺ وقت جي حالتن موجب ڇانئجي وئي آھي، جيڪا عارضي آھي، سائين علي شير ڳورڙ ھڪ سٺو استاد آھي، جيڪو پنھنجي شاگردن کي سچائي، اخلاق، ماڻھپي ۽ سجاڳي جو درس ڏيندو رھي ٿو، شايان شير ڳورڙ آرٽ گريجوئيٽ ۽ سول ڊپلومه جي ڊگري حاصل ڪري پنھنجي سياسي جدوجھد جي شروعات سجاڳ ٻار تحريڪ کان ڪئي، ان سان گڏ عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر ۽ عھدي دار پڻ رھيو، ساڳي پارٽي جي شاگرد ونگ سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جو ميھڙ ۾ بنياد وجھندڙ پڻ پھريون جاکوڙي ماڻھو ھيو سنڌ جي مختلف اھم اشوز تي شايان شير ڳورڙ مختلف قومپرست اڳواڻن سان پيادل لانگ مارچ جو اڻ ٿڪ سفر نھايت ئي سچائي سان پنھنجي زندگي جي آخري ھڏڪيءَ تائي جاري رکيو، سائين علي شير ڳورڙ پنھنجي مالي وسيلن جي سگھ آڌار پنھنجي اولاد جي تمام سھڻي ۽ بھترين تربيت ڪئي آھي، خاص طور تي پنھنجي نيڻن جي ٺار موڀي پٽ ڳڀرو جوان شايان شير ڳورڙ کي ھميشه پاڻ سان گڏ رکيو ۽ ھن جي دوستن جيان پيار ۽ ھج جي ماحول ۾ پالنا ڪئي، جنھن مان شايان شير ڳورڙ کي بيحد حوصلو ۽ اُتساھ مليو اھوئي ھڪ پُراعتماد سياسي ڪارڪن ٿي اُڀريو شايان شير ڳورڙ جي جدائي تي سائين علي شير ڳورڙ جي دل مان ڏک جي صدا ھنن سٽن جي صورت ۾ ضرور اُڀري ھوندي ته :
    دوست ڪنھن کان جدا، خدا نه ڪري،
    ڪنھن کي ھي غم عطا، خدا نه ڪري.

    (احمدخان مدھوش)
    تاريخ 14-05-2017 بروز آچر تي شايان شير جو جسماني وڇوڙو ضرور ٿيو آھي، پر ھن جي ڪيل ڪم ۽ جدوجھد تي ڪڏھن به زوال نه اچڻو آھي، ھو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عاشقن جي لسٽ ۾ پنھن جو نالو لکرائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيو آھي، ۽ تاريخ جي ورقن ۾ ھن جو ذڪر به اچڻو آھي، شايان شير ڳورڙ ھڪ عشق جو نالو آھي، ۽ عشق ڪڏھن به مرندو يا فنا نه ٿيندو آھي، شايان شير مکڙيءَ مان ٽڙيل تازي گلاب مثل ھو جنھن جي ڪنواري خوشبوءَ جي واس مان ڌرتيءَ جي باغ جي ڀئنورن جي روح جي راحت پڻ اڻپوري ۽ اڃاري رھجي وئي آھي، شايان شير اسان وٽ ھن ڌرتيءَ تي نئين جنم ۽ روپ ۾ ھر ھر ايندو رھندو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي باغ جي اُڃاري ۽ اداس ڀئنورن کي ٻيھر پنھنجي نرالي خوشبوءَ سان واسيندو سائين احمد خان مدھوش جي چواڻي جيان ته:

    اي زمانا وري وري ايندس
    عشق آھيان تري تري ايندس.

    احمدخان مدھوش


    شايان تنھنجو شان ڪيئن ڪيان بيان!

    شايان تنھنجو شان ڪيئن ڪيان بيان!

    حسين بخش ڳورڙ


    شھيد شايان سنڌ ڌرتي جي قديم ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ 1996-1-1ع سياري جي سخت سردين ۾ ڄائو ان جو عقيقو تمام وڏي پيماني تي ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ ملھايو ويو، ھو جنھن ۾ مٽ مائٽ، دوست، عزيز شريڪ ٿيا ھئا. ان موقعي تي استاد سائين محمدڄام چانڊيو سڄي فيملي سميت اسان جي خوشين ۾ شريڪ ٿيو ھيو، شايان ننڍپڻ کان ئي سلڇڻو ۽ سدورو ٻار ھو ان ۾ ادب ۽ احترام جا وڏا ڳڻ ھئا. شايان سميت ۽ ٻيا سڀئي ڀائٽيا ڀائٽيون مون کي بابا وڏا ڪري مخاطب ٿيندا آھن، شھيد جي ادب ۽ احترام تي مون کي ياد آئي آھي ته ھڪ دفعي مون وٽ سائين محمد يوسف ڪوريجو ۽ ٻيا دوست مھمان ٿي آيا. اوطاق ۾ ويٺا ھئاسون ته بجلي بند ٿي ويئي گرمي به گھڻي ھئي، سو سائين ڪوريجو صاحب چيو ته وڻن جي ڇانوَ ۾ ھلي ويھون مون چيو مانس ڇوڪرا گھر ڪونھن ڪرسيون ڪير ٻاھر کڻي ھلي، ائين ڪندي منھنجا ڀائٽيا شايان ۽ عاقب ٻئي آيا. مون چيو بابا ھي ڪرسيون وڻن ڏانھن کڻي ھلو اسان اتي ويھنداسين، ٻئي ڀائٽيا ڪرسيون کڻي ھليا اسان اتي ويٺاسين ته ڪوريجو صاحب منھنجي ڀائٽن کان پڇيو ته سائين توھان جو ڇا ٿئي؟ ھنن ٻنھي وراڻيو ته بابا وڏو آھي، ھنن ائين نه چيو ته اسان جو چاچو آھي، ڪوريجو صاحب اچرج ۾ اچي ويو ته چاچو نٿا چون بابو وڏو ٿا چون، مھمانن منھنجي ڀائٽين کي چيو ته اڄ جي دور ۾ايڏي شناس ۽ ادب وڏي ڳالھ آھي.
    شايان ۾ ادب ۽ احترام وڏو ھوندو ھو، ننڍي وڏي جي تمام وڏي عزت ڪندو ھو، ھن جي ملڻ جلڻ جو پنھنجو منفرد انداز ھو، ڪچھري جو ڪوڏيو ھو، شھيد شايان جڏھن کلندو ۽ مرڪندو ھيو ته اھو ھن جو وڻندڙ ۽ نرالو انداز ھوندو ھو ان جي اٿڻي ويھڻي نرالي ھئي، گھر ۾ گھڻو گوڙ گمسان کان پاسو ڪندو ھيو. کائڻ پيئڻ ۾ ڪڏھن گھپي ڪروڌ نه ڪيائين وڏو صابرين ۽ ننڍن وڏن کي سٺي ٿيڻ جي تلقين ڪندو ھيو، شھيد شايان ھڪ دلير ۽ بھادر مڙس ھو، شھيد شايان ۾ سھپ ۽ بردباري تمام گھڻي ھئي، جو ساڻس اوڙي پاڙي ديسي پرديسي به پيار ڪندا ھئا. ان جي شھادت تي ميھڙ شھر ۾ سوڳ جي لھر ھئي، پاڙي جي گھرن ۾ به روڄ راڙو ھيو، ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ سڄي سنڌ ۾ تڏا وڇايل ھئا. شھيد شايان جي جنازي نماز ميھڙ جي مشھور ماڳ شھيد عاشق حسين جتوئي پارڪ ۾ مولانا علي حسن پنھور پڙھائي جنھن ۾ سياسي سماجي، واپاري، ھاري ۽ مزدور طبقن جي ماڻھن تاريخي ۽ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، سندس تدفين اباڻي ۽ تاريخي قبرستان سيد فريد شاھ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي جيڪو اسان جي وڏڙن جو آخري آرامگاھ آھي.
    شھيد شايان جي وڇوڙي کي گھڻا ڏينھن ته نه ٿيا آھن، پر اڃان تائين جدائي جا گھاءُ تازا آھن، شھيد جون تصويرون جيڪي عوامي جمھوري پارٽي ۽ سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي دوستن پاران پاڙي واري چونڪ ۽ سندس گھٽي ۾ لڳايون آھن، جيڪي ماڻھو اتان گذرندا آھن، ته ڪجھ لمحا بيھي روئي ۽ ڳوڙھا ڳاڙي ھليا ويندا آھن، شھيد شايان جي وڇوڙي تي اسان جي گھرن ۽ دلين ۾ سوڳ واري ڪيفيت آھي، مان جڏھن گھر کان ٻاھر نڪرندو آھيان ته شھيد شايان جي تصوير ڏانھن ڏسي نه سگھندو آھيان ان جي وڇوڙي منھنجي جيءَ کي جھوري وڌو آھي، شھيد شايان پاڻ ته ھليو ويو، پنھنجي پيءُ کي بچائي پاڻ امر ٿي ويو. ۽ شھادت جو رتبو حاصل ڪري ويو. الله تعالى کان دعا آھي ته کيس سھڻي حبيب ﷺ جي ڪچھري ۽ پنجتن جي سائي ۾ رکي.
    ڪڻا منجھ قرار ھئا، ھيڪاندا سنگ ۾،
    ڳاھي ڳاھ فراق مان ڪيا ڌارو ڌار
    نه ڄاڻان ٻيھار ڪير ملندو ڪنھن سان.


    اونداھيءَ ۾ سوجھرو

    اونداھيءَ ۾ سوجھرو

    شعبان علي ڳورڙ


    جانِ من جانِ وفا جانِ بھار
    جان محفل، دلربا صد افتخار،
    اوچتو محفل ڇڏي راھي ٿئين،
    ھر بشر تولاءِ ڏسان ٿو سوڳوار.

    اڄ به دل ۽ نگاهون شهيد شايان کي ڳوليندي نهاريندي ڏسن ٿيون ته ڪا ڀيڻ اداس آ ته ڪو ڀاءُ غمگين آ ته ڪو چاچو پريشان آ ته ڪو سئوٽ بي حال آ ۽ دوست مائٽ خاندان سڀ ڏک ۾ ورتل آهن. هن جو اخلاق ڪردار اٿڻ ويهڻ ۽ دوستڻ مائٽن سان ايتري ته سادگي سان پيش ايندو هو جو ڪڏهن به ڪنهن سان ڏاڍيان به نه ڳالهائيندو هو، خوش مزاج کل ڀوڳ ۽ ڪچهري جي سونهن هوندو هو، جنهن ڪچهري ۾ هوندو هو ته ٽائيم جي خبر نه پوندي هئي ته رات هجي يا ڏينهن ائين گذري ويندو هو، ڄڻ منٽ گذري ويا هجن، نه پنهنجو پاڻ پڏائڻ نه ڊاڙ ٻٽاڪ هڻڻ ائين ئي پيش ايندو هو، ڄڻ ته ڪو عام ماڻهو آهي هاڻي ماڻهو ائين چون ٿا ته هي ڪو وڏو ماڻهو وڏي ليول جو هيو، پر ڪڏهن هن نه ٻڌايو ته مان اهڙن عهدن تي آهيان، يا جدوجهد ڪريان ٿو اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن جيڪي پاڻ کي گهٽ ٻي کي وڏو تسليم ڪرڻ اها ته ولي يا بزرگ جي نشاني آهي، ائين ئي محسوس ڪيون ٿا ڄڻ ته ڪو هو ولي هيو، ڇو ته هن کي ڪو به منهن تي تنقيد ڪندو هو ته رڳو کلندو ۽ مرڪندو هيو، چوينس ته هو ڇا ٿا چون ڪو جواب ته ڏي چوندو هيو ته مان جو پنهنجو پاڻ کي وڏو تسليم ڪيان ته رب پاڪ ناراض ٿيندو، ڪنهن جي چوڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، عزت ذلت منهنجي رب وٽ آهي، ڏسجي ٿو ته هي وڏا لفظ آهن جيڪي ڪجهه چون ٿا ته هو تمام با اخلاق سلڇڻو، سٻاجهڙو، انسانيت سان ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ هو. جڏهن هن جي عمر رانديڪن سان کيڏڻ جي هئي ته هن سجاڳ ٻار تحريڪ (S.B.T) جو مدينه ڪالوني ۾ يونٽ کوليو جنھن جو صدر ٿيو ۽ سٺو ڪم ھلايو، مدينه ڪالوني جا ڪيترائي ٻار ميمبر ٿيا ۽ انھن ٻارن جون تصويرون ۽ تقريرون اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيندا ھئا. ھُو ننڍپڻ ۾ ئي تمام ذھين ھوشيار ھيو، ھن کي رب سائين نيڪ صورت ، نيڪ سيرت ، خوبصورت انداز ۽ قدآور ھيو، جو جيڪا ڊريس جسم تي پائيندو ھيو، ته ائين لڳندو ھيو ڄڻ سڀ شيون ھن لاءِ ٺھيل آھن، ھو خوش لباس ۽ سٺي پرسنلٽي وارو ھيو، موت ھڪ اھڙو ذائقو آھي، جو ھر انسان کي چکڻو آھي، رب العالمين ھر انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آھي، پر ڪي انسان سُھڻا سٺا ته ڪي بھادر پر سڀ الله ئي پيدا ڪيا آھن، ته وري ڪي انسان عقلمند ذھين ھوشيار بھادر ته ڪي گھٽ به ھوندا آھن، اھا سڀ قدرت جي هٿ وس آھي، نيڪ صورت نيڪ سيرت بااخلاق ۽ ڏاھپ سڃاڻپ جي ڏات ڪنھن ڪنھن کي نصيب ٿيندي آھي، شھيد شايان به انھن مان ھڪ ھو.
    ماڻڪ مٽ سندوم، اونداھيءَ ۾ سوجھرو.
    حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نه ويندوم،
    ساريو سڏ ڪندوم، ڪوھيارو ڪيچ ڌڻي،

    ھر انسان ھڪ ڏينھن ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺندو آھي، خواب وانگر ٻئي ڏينھن ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ ھليو ويندو آھي، زندگي خواب وانگر گذري ويندي آھي، خبرئي نه پوندي ته زندگي جو باب ختم ٿي ويندو آھي، ھڪڙا انسان سؤ سال جي زندگي گذاريندا آھن، پر ڪي اھڙا انسان ٿوري زندگي ۾ اھڙو ڪردار ادا ڪندا آھن، ۽ اھي سؤ سال ته ڇا پر اھي تاريخ ٿي وڃن ٿا. جو اھا تاريخ ڪڏھن به ختم نه ٿيندي آھي، شھيد شايان قومپرست سياست ۾ ايڪٽو ته ھيو وڏن عھدن تي رھيو ۽ پنھنجو پاڻ سٺو اڳواڻ ٿي مڃرايو، وھنجڻ لاءِ تيار ويٺو ھيو ته وھنجڻ وڃان پر اوچتو دانھن ٿي ته ابو بجلي ۾ آيو آ، ائين ڪمري مان آيو ٻيو ڪجھ ڏسڻ ۾ نه آيس صرف نگاھ پنھنجي والد ۾ ھيس ته بس ابو وٽ پھچان ھن پنھنجي زندگي کي نه ڏٺو نه ڇاٿو ڪيان، ڄڻ مٿان رب کان ڪو حڪم ٿيو ھجي ته شھادت جو ته وڃ پنھنجي پيءُ کي بچايو ۽ شھادت ماڻيائين اھا به ڪا رب جي رضا ھئي ۽ ائين ڪرڻو ھيس، پيءُ پٽ جي ھڪ ٻئي سان ايتري ته محبت ھئي جو انھن کان ڪو سِکي شھيد شايان ۾ ڪو ڪم ھوندو ھو ته علي شير کي چوندا ھئاسين ته شايان کي ننڊ مان اٿار ڪم اٿس چوندو ھيو، ننڊ آ جڏھن پاڻ اٿي مان ڪون اٿاريندو مانس، ايتري ته انھن ۾ محبت ھئي جيئن حضرت يعقوب عليه اسلام جي پنھنجي پٽ حضرت يوسف عليه اسلام سان ھئي، جنھن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ پڻ موجود آھي، ھن عقل سڃاڻپ ڏاھپ ھوشيارپ ايتري ته تيز ھئي، جو اسان جي خاندان يا گھر جو ڪو مسئلو حل ڪرڻ به ھن سان مشورا صلاحون ھونديون ھيون، ھي نه ھوندو ھو ته ڪابه صلاح يا مشورو ئي نه ڪندا ھئاسين، ھن ۾ رب سائين اھڙي ته ڪا طاقت رکي ھئي جو عمر ۾ ته ننڍڙو ھيو، پر اسان وڏا ھن جو ايترو ته احترام ڪندا ھئاسين، جو اڄ محسوس ڪريون ٿا ته ھُو وڏي ھستي ھئي، ڪافي مسئلا پاڻ حل ڪري پاڻ کي تڪليف ڏيندو ھو پر ڪنھن ٻئي کي تڪليف نه ڏني اھا ھن جي برداشت سھپ ۽ بردباري ھئي، اڄ اسان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪريون ٿا. پنھنجي پاڙي يا برادري يا خاندان ۾ غمي يا شادي ھوندي ھئي ته اسان وڏن کي ھي سجاڳ ڪندو ھو ته ڇا ڪرڻو آھي، ڇا تياري آھي، ڄڻ سڄي اٿي ويٺي جو وزن ھن تي ھيو ۽ اسان سان گڏوگڏ ھوندو ھو، ڪاش رب تعالى ھن کي اڃان وڌيڪ حياتي ڏئي ھا ته اسان جي تڪليف ۽ ڏکاين ۾ ھُو ڀرجھلو ٿي بيھي ھا ۽ اسان جون تڪليفون ۽ مسئلا ان جي ڪري گھٽ ٿي وڃن ھا.
    دوست ڪھائي، دادلا محب مارائي،
    خاص خليلن کي سختيون سھائي،
    الله صمد بي نياز سا ڪري جا چاھي،
    انھي منجھ آھي، ڪا اونھي ڳالھ اسرار جي.


    پتنگ جيئن پيدا ٿيو

    پتنگ جيئن پيدا ٿيو
    اھڙا ماڻھو مرڻا ناھن

    نويد حيدر


    شھيد شايان منھنجو ماسات ھو، ۽ ھُو منھنجو ڀائٽيو به ھو، منھنجي شھيد سان ايتري قدر محبت ھئي، سا اڄ مان بيان به نٿو ڪري سگھان شھيد شايان مون سان گڏ ڏکي سکي وقت ۾ گڏ رھيو ھو، شھيد شايان مون کي ڪڏھن به نالي سان سڏ نه ڪندو ھو ۽ مان به شايان کي ڪڏھن ابا ته ڪڏھن ماسات ڪري سڏ ڪندو ھيس، شھيد شايان جو مون سان ساٿ ھميشه رھندو ھو، گھر ۾ ھجان يا اسپتال ۾ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٻاھر پر مون سان گڏوگڏ منھنجي پاڇي جيان ھوندو ھو، جڏھن منھنجي شاديءَ جي تاريخ طئي ٿي ھئي ته سڀ کان وڌيڪ شايان کي خوشي ٿي ۽ منھنجي شادي ۾ ڀرپور خوشي ڪئي. اسان شھيد شايان کان جڏھن به ڪنھن ڳالھ جي صلاح وٺندا ھياسين، ته ھو وڏي عمر وارن جيان اسان کي صحيح صلاح ڏيندو ھو، شھيد شايان جي عمر 21 سال 5 مھينا ھئي، ان جي ننڍي عمر ۾ به ان جو دماغ ھڪ وڏي عمر وارن جيان ڪم ڪندو ھو، شايان مون کان عمر ۾ ننڍو ضرور ھو، پر شايان جي محبت جي اثر ان عمر جو فرق محسوس نه ٿيڻ ڏنو.
    شايان جڏھن ڄائو ھو ته مان ۽ علي شير ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ ھياسين، ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ شايان جي ڄمڻ جي خبر ڳوٺ جي ماڻھن ۾ خوشي جي لھر پيدا ڪري ڇڏي. ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۽ ان جي آس پاس وارن شھرن جي ماڻھن اسان کي مبارڪون ڏنيون، شھيد شايان مون سان ھر ڳالھ شيئر ڪندو ھو. اسان جڏھن گڏ ھوندا ھئاسين ته ماڻھو اسان کي چوندا ھئا ته توھان ڀائر آھيو يا دوست؟ اسان ماڻھن کي چوندا ھئاسين توھان جيڪو سمجھو، منھنجو وڏو پٽ جنھن تي منھنجي بابا سائين جو نالو آھي، علي حيدر خان، منھنجو ننڍو پٽ جنھن تي منھنجي نانا سائين جو نالو راوت علي خان اھي شايان کي ادا ڪري سڏيندا ھئا. شايان جي وڇوڙي تي اھي منھنجا ٻئي پٽ اداس نظر اچن ٿا. جيڪي شايان سان تمام گھڻو خوش رھندا ھئا. انھن جي شاپنگ به شايان ڪندو ھو، عيد ھجي يا شادي جيڪو پاڻ پائيندو ھو ته اھوئي منھنجي پٽن لاءِ آڻيندو ھو. منھنجي وڏي پٽ کي نوين ۽ ننڍي پٽ کي متين پيار مان شايان اھي نالا رکيا. شايان جو رعب تاب اسان کي تمام وڻندو ھو. ۽ اسان جا ٻار به شايان کي اوترائي وڻندا ھئا.
    منھنجو سدا حيات ماسات اسان سان جسماني طور ته جدا ٿي ويو آھي، پر اسان سان ھو روحاني طور گڏ آھي، شھيد شايان جو وڇوڙو اسان جي خاندان ۾ ھڪ وڏو خال آھي، جنھن جو ڀرجڻ ناممڪن آھي، اسان جي دلين ۾ ان جي خوشي اڌوري رھجي وئي، اسان جي دل وَ دماغ تي جيڪو پھاڙ ڪِريو آھي، اسان ۽ علي شير، شايان لاءِ دعاگو آھيون. جنھن ڪڏھن به اسان کي ڪنھن ڳالھ تي اسان جي دل نه رنجائي، الله پاڪ شھيد شايان کي جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. آمين
    سي جيءَ جيارا ماڻھو ھا،
    سي سڀ کان پيارا ماڻھو ھا،
    جن ساھ ڏيئي ويساھ ڏنو،
    جي دل ۾ درد دکائي ويا.


    ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارو ڌار

    ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارو ڌار

    انجنيئر جاويد ڳورڙ


    ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارو ڌار،
    اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان.

    اھو آچر جو ڏينھن ھيو، مان ۽ ادا اعجاز ڳوٺان موٽي رھيا ھئاسين، اڃان ميھڙ جي ويجھوئي ھياسين ته فون آئي شايان کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو آھي، جلدي سان سندن والد ڀاءُ علي شير کان معلوم ڪيو، جنھن ٻڌايو ته واقعي مون کي بچائيندي شايان کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو آھي، ۽ ھن کي اسپتال وٺي ويا آھن، اسان ڪجھ ئي منٽن ۾ تعلقه اسپتال ميھڙ پھتاسين، جيئن ئي اندر پھتاسين ته ھڪڙو قيامت خيز منظر ھيو، شايان کي واپس ايمبولينس ۾ رکي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ ته ھو ھميشه جي لاءِ اسان کان موڪلائي چڪو ھيو، سندن والدين ۽ ٻيا گھرڀاتي انھيءَ آس ۾ ويٺا ھئا. ڪھڙي مھل ٿو اسان جو ٻچڙو گھر ٿو اچي، پر انھن کي اھا خبر ڪانه ھئي ته ھو، اسان کي سڄي عمر جي جدائي ڏئي ھليو ويندو.
    ڀاءُ علي شير رشتي ۾ اسان جو ماروٽ ٿئي، پر ھن سان جو تعلق تمام ويجھو ۽ ڀائرن وانگر رھيو آھي، پر شايان جي فواد سان دوستي ۽ ويجھڙائپ جي ڪري گذريل ڪجھ سالن کان دادو ۾ اڪثر اچڻ ٿيندو ھيو، جنھن ڪري ساڻس تمام گھڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون.
    شايان جي بچپن ۽ جواني جون انگڙايون ويجھي کان ڏٺيون، ھن ۾ ڳالھ رکڻ ۽ ڳالھ ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ھيو، سچ ته ھُو پنھنجي عمر جي لحاظ کان تمام پڪو ۽ پختو لڳندو ھيو. ڀاءُ علي شير جي ڪري به شايان کي سڀني سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ مٽن مائٽن ۽ ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن وٽان به بيحد پيار نصيب ٿيو، ۽ باقائدي سياسي، تربيت ملي.
    شايان ھڪ محنتي، بااخلاق، ارڏو ۽ ڪمٽيڊ انسان ھيو، ھن سياسي ۽ پوءِ چاھي اھي عوامي مسئلن لاءِ احتجاج ھجن، تعليمي ريليون ھجن يا ثقافتي ڏھاڙا ھجن، پنھنجو ڪردار ڀرپور نموني سان نڀايو، ھن جو گجگوڙ جھڙو آواز اڪثر پروگرامن ۾ گوجندو ھيو، ميھڙ ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ اڪثر ميزباني جا فرائض شايان ئي سرانجام ڏيندو ھيو. ھن جو شمار ته عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ۾ ٿيندو ھيو، مطلب ته ماڻھو جيڪو سڄي عمر ۾ مشڪل سان ڪري سگھندا آھن، شايان اھو ڪم پنھنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪري ڏيکاريو بحرحال ڏک ان ڳالھ جو ناھي شايان اسان کان جلدي جدا ٿي ويو، پر روئڻو ان ڳالھ تي ٿو پوي ته محنت ڪري ڪو ذھن قومي ڪم لاءِ ٺاھجي ٿو ۽ اھو جلدي اسان کان کسجي ويندو ۽ اسان کان ايڏو جلدي ھليو ويندو اھو يقين ئي نٿو اچي.
    ڪافي ڏنيھن کان شايان لاءِ تعزيتي مضمون لکڻ کان پئي لنوايم ڇاڪاڻ ته اھڙي پياري ماڻھو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مان لفظ ڪٿان آڻيان جو ان غم جو مان مڪمل اظھار ڪري سگھان، جواني ۾ شايان اسان کان وڇڙي ويو، جن جي ھٿن تي اڃا مھندي به ڪانه لڳي ھئي، ائين شايان جي امڙ ۽ بابا جون اميدون اڌوريون رھجي ويون، شايان جي ادڙين جون اميدون ته ڀاءُ کي پلئون ڏينديون سين، اھي آسون آسون ئي رھجي ويون ۽ اسان سڀ ھن کي گھوٽ جي روپ ۾ ڏسي نه سگھياسين ۽ شايان جو وڇوڙو سڄي عمر جو خال رھندو.


    قربان ٿيڻ جو جذبو سيکاري ويو

    قربان ٿيڻ جو جذبو سيکاري ويو

    شعيب عزيز ڳورڙ


    شايان ھڪ فرمان بردار، فرض شناس اسان جو دوست ۽ قومپرست نوجوان ھو، شايان پنھنجي والد جي جان بچائڻ لاءِ پيرين ۽ پُٺي اُگھاڙي موت سان مھاڏو اٽڪايو، شايان جو وڇوڙو جنھن انداز سان ٿيو اھو غير فطري ھو، شايان پنھنجي والد جي جان بچائيندي بچائيندي پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ شھادت جو درجو ماڻيو، شايان جي اوچتي وڇوڙي ھڪ اھڙو خال پيدا ڪيو آھي، جنھن جو ڀرجڻ مشڪل آھي جنھن جو ازالو ناممڪن آھي. شايان پنھنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ پنھنجي زندگي جي قرباني ڏئي ڪري اھو مثال پيدا ڪيو آھي ته فرض شناس ڪيئن ٿجي، ٻين جي زندگي جي خوشين لاءِ پنھنجي زندگي ۽ خوشيون ڪيئن قربانيون ڪبيون آھن.
    آ مرڻو ھر ڪنھن ماڻھو کي،
    پر ائين نه مرنداسين ساٿي،
    ڪا آگ لڳائي وينداسين،
    ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

    شھيد شايان پنھنجي زندگي جي قرباني سان ٻين لاءِ قرباني ڏيڻ واري جذبي جو ٻارڻ ٻاري ويو آھي، ۽ شايان اھو سيکاري ويو آ ته فرض شناسي وارو ڪردار ڪيئن نڀائجي، انسان دوستي واري رشتي سان نباھ ڪيئن ڪجي، ائين ڪرڻ سان موت به ھن کي مات ڏئي نه سگھي، شھيد شايان جسماني طور تي اسان کان وڇڙي ويو پر سڀني جي دلين ۽ ذھنن ۾ ھميشه لاءِ گھر ڪري ويو.
    شھيد شايان پنھنجي والدين، فيملي، مٽ مائٽ ۽ دوستن لاءِ اثاثو به ھيو، پر ان سان گڏوگڏ شايان قومي ا ثاثو به ھيو، شايان ھڪ عام رواجي شاگرد ٻاويھ سالن جي عمر ۾ پنھنجي پروفيشنل ۽ اڪيڊمِڪ تعليم پوري ڪئي، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه ڪئي، پر ان سان گڏوگڏ علمي، تعليمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو ورتو.
    ڪنھن قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تحريڪن جو وڏو ڪردار ھوندو آھي، ۽ انھن تحريڪن جي ڪاميابي ۾ وري شاگردن جو وڏو اھم رول ھوندو آھي، شايان به قومي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجي حصي پتي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪري پئي سگھيو، ڇو ته شھيد شايان سجاڳ ٻار تحريڪ (SBT) جي ھنج ۾ پليو ھيو، سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) ۾ به متحرڪ رھيو ۽ آخر ۾ عوامي جمھوري پارٽي (AJP) جي اسٽوڊنٽ ونگ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (SSO) جي به مرڪزي اڳواڻن مان ھيو، ٻاويھ سالن جي ھن ننڍڙي زندگي ۾ شھيد شايان کي جيڪو سياسي، ادبي، ۽ سماجي تجربو ھيو ۽ شايان جي جيڪا مثبت ۽ تعميراتي سوچ ھئي، ان جي آڌار تي اھو چئي سگھجي ٿو ته شايان مستقبل ۾ اسان جي معاشري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪري پئي سگھيو.
    تاريخ ۾ اھي ماڻھو ۽ ڪردار ھميشه لاءِ زنده رھندا آھن، ۽ امر ٿي ويندا آھن، جن جون تمام گھڻيون خدمتون ۽ قربانيون ھونديون آھن. شھيد شايان به پنھنجي ڪردار، خدمتن ۽ قربانين جي ڪري اسان جي ھن خطي ۽ ميھڙ جي تاريخ ۾ ھميشه زنده رھندو.
    شھيد شايان ٻين سڀني خوبين سان گڏوگڏ ھڪ سٺو دوست چورائڻ جو حقدار به ھيو، شايان ھڪ محبت ڪندڙ ۽ وفادار دوستن مان ھيو، منھنجي ننڍي ڀاءُ مطھر عزيز جي ويجھن دوستن مان ھيو، شايان سڀني دوستن کي گڏ کڻڻ وارن دوستن مان ھيو، ننڍين ننڍين ڳالھين کي برداشت ۽ درگذر ڪرڻ ۽ دوستي ۾ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ مظبوطي پيدا ڪرڻ وارين خوبين جو مالڪ ھو، شايان سان جڏھن مان، منھنجا ڀائر، بابا، چاچا، وارا مذاق ڪندا ھئاسين ته ان جي جواب ۾ مذاق نه پر شايان جي چھري تي مسڪراھٽ ھوندي ھئي، اسان جي مذاق جو جواب ھو کل ۽ مسڪراھٽ سان ڏيندو ھو ۽ ھن جي اھا عادت اسان کي شايان اڃا به وڌيڪ ويجھو ڪندي ھئي.
    احساسات ۽ جذبات جو جيڪو رشتو ھجي ٿو، ان رشتي سان شھيد شايان اسان سان ھر وقت گڏ ھوندو آھي ۽ گڏ رھندو ايندو، ھيئر به اھو محسوس پيو ٿئي ته شايان اسان کي اتساھيندو ھوندو ۽ اھوئي چوڻ چاھيندو ھوندو ته:
    وٺي ھر ھر جنم وربو،
    مٺا مھراڻ ۾ ملبو،
    ختم ٿي ويندي اونداھ،
    چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.


    شايان ڳورڙ جو مڪمل تعارف ۽ سياسي سماجي وابستگيون

    شايان ڳورڙ جو مڪمل تعارف ۽ سياسي سماجي وابستگيون

    ڌڻي بخش ڳورڙ


    مار پوئي موت ، اڻ مندائتو آئين،
    ڪرين ھا جي ٽارو ، ڪانه پوئي ھا کوٽ ،
    گھايئي اھڙا گھوٽ ، جنين مند نه ھئي مرڻ جي.

    شهيد شايان ڳورڙ تي لکڻ کان اڳ ۾ دل مڃي ئي نه پئي ته ڪو شهيد شايان ڳورڙ اسان کان جدا ٿي ويو آهي اسان ته اڄ به هن کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪيون ٿا هو اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو ۽ هن جون سياسي ۽ سماجي خدمتون هن کي زنده رکنديون بھرحال دل تي پٿر رکي لکڻ شروع ڪيم سائين علي شير ڳورڙ وارن سان اسان جي وابستگي تمام گهڻي پراڻي ۽ گهري آهي ڇاڪاڻ ته اسان هڪ ڳوٺ جا آهيون ۽خاص ڪري هنن جي خاندان سان تمام ويجهڙائي هئي ۽ آهي ۽ الله سائين اسان کي نڀائڻ جي توفيق ڏيندو اسان جڏهن سمجهه سان ٿياسين ته اسان پاڻ کي هنن سان گڏ ڏٺوسين ڇو ته اسان جي والد صاحب جو چاچي علي اڪبر خان چاچي علي حيدر خان ۽ چاچي نظر علي خان وارن سان ڀائرن جهڙا تعلقات هيا ۽ اسان به انهيءَ رشتي کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ ڪنداسين ڇو ته انهن جا ڀائر ۽ پٽ به اسان سان گهڻي محبت ڪندا آهن، جيڪي سرائي مظهر علي خان ڳورڙ ( جنهن کي اسان جي برادري ۽ ڳوٺ وارن تازو ڳوٺ سوجهرو خان ڳورڙ جي پڳ ٻڌرائي آهي ) سائين حسين بخش ڳورڙ، سائين علي شير ڳورڙ، علي حسن ڳورڙ، سائين شعبان علي ڳورڙ، سرائي نويد علي خان ڳورڙ، خادم حسين خان ڳورڙ ۽ سئوٽ عبدالقدير جي صورت ۾ مليا آهن، اتي سرائي بخت جمال خان ڳورڙ، سائين منور علي خان ڳورڙ ۽ مقصود علي خان جو ذڪر ڪرڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته هو هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، پر اسان جي دلين ۾ سدائين زنده رهندا، بحرحال اهو 14 مئي 2017ع جو بدنصيب ڏينهن هيو جيئن ته اسان جي آدمشماري جي ڊيوٽي هئي مان سرڪل آفيسر هيس ۽ سرڪل وزٽ ڪري اچي گهر ۾ آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پيس ته موبائل جي رنگ وڳي فون اٽينڊ ڪيم، دوست ٻڌايو ته سائين جو پٽ شايان علي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو. اھو ٻڌي مان ۽ توصيف احمد جيڪو منھنجو ڀائٽيو آھي، مدينه ڪالوني ۾ پھتاسين ته پوري ڪالوني ۾ روڄ ۽ راڙو ھو، ھر اک آلي ھئي، ھر ڪو غم ۾ بيحال ھو، آھون ۽ اوڇنگارون ھيون ۽ اتي قيامت صغرى منظر ھو، جڏھن اوطاق تي پھتاسين ۽ سائين وارا سڀ ڀائر، سوٽ، رشتيدار، دوست ۽ پاڙي وارا حال کان بيحال ھيا، مان پنھنجي دلي ڪيفيت بيان ڪرڻ کان قاصر آھيان، ۽ جڏھن شام جو جنازي نماز ٿي ته اتي به سخت گرمي ھئڻ باوجود ماڻھن جي شرڪت جو ڪاٿو لڳائي نه پيو سگھجي.
    شايان نرالي شخصيت جو مالڪ ھو، ھن جي محبتن جو ھڪ الڳ جھان ھو، ھو پيار جو پيڪر ھو، تڏھن ته ھيترا سارا ماڻھو ان سان محبت ڪن ٿا. شايان ڄمندي ڄام ھو، ھو سياسي، سماجي پنڌ تي ڪٿي به نه ٿڪو، ھُو مسلسل جدوجھد جي جھان ۾ ھو، سندس حوصله ھماليه وانگر بلند ھئا. ھن جون ڪوششون ڪارونجھر ھيون، ھو نھايت محنتي ۽ پيار ڪندڙ انسان هو، ۽ سندس چپن تي سدائين مرڪ هوندي هيس، ھن جي شھادت تي. پهريون تعزيتي ميڙاڪو دعا هوٽل تي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ عوامي جمهوري پارٽي پاران ڪرايو ويو، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ علي نواز ٻٽ، عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ صدرالدين پنهور، ايس ايس او(SSO) جو مرڪزي اڳواڻ عادل چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ جو منور علي جتوئي، شهري اتحاد جا اڳواڻ، سول سوسائٽي ۽ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
    ٻيو ميڙاڪو پيپلز پارٽي يوٿ طرفان مير صدام حسين ٻلهڙو جي نگراني ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت غلام دستگير خان ڳورڙ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو ڪئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ رياض احمد کوسو، رياض احمد چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت جو آزاد انور ڪانڌڙو ۽ پير آف ميهڙ سيد محمد شاهه شرڪت ڪئي، ۽ جڏهن اسٽيج تي ايڊووڪيٽ امجد علي ٻلهڙو آيو ته هن سڄي پنڊال کي روئاري ڇڏيو ۽ ائين محسوس ٿيو ته شهيد شايان علي ڳورڙ تي پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ تي ڳالهائي رهيو آهي، ۽ اسان کي اهو يقين ٿيو ته ايڊووڪيٽ امجد علي ٻلهڙو ۽ مير صدام حسين ٻلهڙوجي هوندي وڏڙن واري ڀائپي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاري ٿيندي.
    ٽيون تعزيتي ميڙاڪو حق فائونڊيشن طرفان چيئرمين حق فائونڊيشن عبدالشڪور ٻگهيو جي نگراني ۾ گونمينٽ پرائمري اسڪول دائود مهيسر ميهڙ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد طرفان محمد امين مگسي، حبيب الله ڏيرو (حبيب حضوري) ايڊووڪيٽ ساجد علي ڳورڙ، ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ شرڪت ڪئي. ان ميڙاڪي ۾ غوث جتوئي جڏھن شھيد شايان ڳورڙ تي ڳالھائڻ شروع ڪيو، ته ھر ماڻھو پنھنجي پاسي ۾ ڏسڻ لڳو، ته شايد شايان علي منھنجي ڀر ۾ ويٺو آھي، ۽ پوري پنڊال تي سڪتو طاري ٿي ويو مان غوث جتوئي صاحب جي حالت ۽ ڪيفيت بيان نٿو ڪري سگھان ڇاڪاڻ ته انھيءَ ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ مون کي لفظ نٿا ملن آخر ۾ مان اھو چوندس ته شايد شھيد شايان علي ڳورڙ جھڙن ماڻھن لاءِ چيو آھي ته:
    اسان جي مئاسين، سفر ۾ اوساٿي،
    ته ماڻيندا منزل، پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    شايان جھڙا ماڻھو قسمتن سان پيدا ٿيندا آھن. اھڙن ماڻھن جو خال ڀرجڻ مشڪل نه پر ناممڪن آھي مان پراميد آھيان ته شايان جو مشن ان جا دوست ۽ سچا ساٿي پنھنجي تڪميل تي پھچائيندا ۽ ان جي ٻاريل شمع روشن رکڻ لاءِ پنھنجون سڀ صلاحيتون ۽ خوبيون استعمال ڪندي ان جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيندا.


    تم کیا گئے کہ روٹہ گئے دن بہار کے

    تم کیا گئے کہ روٹہ گئے دن بہار کے

    اعجاز ڳورڙ


    ویسے تو بھی موت کے منتظر رہتے ہیں۔
    اچانک تیری جدائی نے سب کو رلا دیا ۔
    تم کیا گئے کہ روٹھ گئے دن بھار کے۔


    ھونئن ته زماني ۾ انسان ڏک سک ڏسندو رھي ٿو، ڪن جو اثر گھڙي کن رھي ٿو، ۽ ڪي دل ۽ دماغ تي اثر ڇڏي وڃن ٿا، پر بدنصيب گھڙي 14 مئي 2017 جي جنھن ۾ اسان جي شايان جي شھادت جي خبر ملي چوندا آھن ته ذھن جي اسڪرين ڪمپيوٽر ۽ ٻين جديد آلات کان ڪيئي دفعا وڌيڪ تيز آھي، ان ذھن جي اسڪرين تي ياد آيل 21 سال 5 مھينا اڳ سوجھرو ڳورڙ ۾ پنھنجي دوست ۽ عزيز جي پھريٺي ۽ موڀي پٽ شھيد شايان جي ڇٺي جي خوشي ۾ نه رڳو آءٌ پر بابا، امان ۽ سائين محمدڄام چانڊيو فيملي سميت گھرمان نڪرڻ وقت ئي دل ئي دل ۾ خوشيون ڪندا شريڪ ٿياسون، ۽ ڌام ڌوم سان سندس تي نالو عبدالباسط ۽ شايان رکيو ويو، جئين ايندڙ وقت به ڪنھن کي خبر ھوندي آھي ۽ چوندا آھن ته اميدن تي دنيا جھان ھلندو آھي، ھر والدين جيان ادا علي شير به پنھنجي فرزند ۾ کوڙ ساريون اميدون رکيون ھونديون، ٻچڙا ته سڀ ڪنھن کي آھن، ۽ خواھش به سڀ ڪنھن کي ھوندي آھي، ته اولاد چڱو نالو ڪمائي ۽ تربيت ۾ به ڪو ڪسر ڪونه ڇڏيندو آھي، پر دنيا جا سڀ ڏاھا ۽ انسانن جا ٻار ان ڳالھ تي متفق آھن ته فطرت ۽ سڀا جو وڏو عمل دخل آھي.
    ھونئن ته اسان جي فيملي سوجھرو ڳورڙ ۽ آس پاس جي ڳوٺن تي منھنجي والد محترم سائين الھرکيو ڳورڙ جي محنت جفاڪشي ۽ جدوجھد ، سچائي جي ڪري ڪافي حوالن کان اسان جي خاندان / پاڙو ڪافي شين ۾ اڳڀرو ھيو، جنھن جو ويجھڙائي ۾ مثال نٿو ملي، منھنجو بابا سائين جو خاص زور علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي شمع جي جلائڻ تي ھيو، ايتري تائين جو چاچا خادم حسين ابڙو ٻڌائيندو آ ته اسان رضاڪارانه حيدرآباد جي پسگردائي جي علائقن به ورھائي کنيا ھئا ۽ اتي تعليم ۾ ائين مشغول رھياسين جيئن پنھنجي اولاد کي پڙھائبو آھي، ان ئي شخصيت جو اثر ۽ اولڙو فطري اسان جي خاندان جي نوجوان شايان تي پوڻو ھو، ڇو ته انسان رڳي اندروني اثر نه قبوليندو آھي، پر خارجي اثر به قبوليندو آھي، ڪي سڌي طرح ڪي اڻ سڌي طرح ، نوجوان به آئيڊيل ٺاھيندا آھن، ۽ پوءِ ان منزل طرف پنھنجا رخ رکندا آھن، اسان جو پيارو شايان به مٿين طرز ۽ ماحول کي نظر ۾ رکي ڪري پنھنجي زندگي ننڍڙي لاڪون اھڙي رستي تي وٺي ويو جن سبقن پڙھائڻ ۾ سالڪن استادن ۽ فلسفين کي سال ٿيندا آھن، شايان پنھنجي تعليم سان گڏوگڏ ھڪ فرض شناس پٽ جيان پيءُ جو ڀرجھلو به ٿيندو رھندو. ھو ھڪ سجاڳ ٻار جيان سجاڳي جي رستي تي نه صرف پاڻ ھليو، پر ھڪ جيڏن کي به سجاڳي جي صلاح ۽ گڏ کڻي ھلڻ ۾ ڪوشان ھيو، پر افسوس موت اڻٽر آھي، پر ھڪڙي شھادت ۽ صاف شفاف آئيني جھڙو جيون سڀني کي نصيب نه ٿيندو آھي، جھڙو شايان جون ڪافي ساريون خوبصورت يادون اسان سان ھميشه گڏ رھنديون ۽ اسان جي دوست ڀاءُ علي شير جي لاءِ اتساھ ۽ ڏڍ جو سبب بڻبيون، ھو يقينن وڏي دل رکندڙ پيءُ آھي جنھن جي مڃتا نه رڳي مان ڪيان ٿو پر ھر ماڻھو جي وات ۾ آھي، ۽ ھن جي صبر رب جي رضا تي راضي رھڻ ۽ بيٺو رھڻ ھڪ وڏي ڳالھ آ، اسين ھن سان توڙي ھر وقت ھر ھنڌ ھر محاذ تي گڏ گڏ ھوندا آھيون ۽ ھڪ ٻئي سان ڏک سک جا ساٿي به آھيون، ڇوته اسان جو رڳي رت جو رشتو نه آھي، پر شعور ۽ ضمير جو رشتو آھي، جيڪو مٿي ۽ تمام مٿي آھي.
    شايان اھڙو جيون گذاريو ۽ اھڙي ئي بھادري سان محبت ۽ دليري جو ثبوت ڏيندي موت سان اکيون اکين ۾ ملائيندو ھيو، جھڙو صرف اسان ڪن ناولن، فلمن يا دنيا جي موجودهه گوريلا ويڙھ ۾ ڪٿي ھيري جھڙو وڙھڻ ۽ شھيد ٿيڻ ٻڌندا پڙھندا ۽ ڏسندا آھيون، حياتي ته ھونئن به بي بقا آھي، پر شھادت عظيم موت آھي، ھن جي زندگي کي ڀيٽا ڏجي ته به ھڪ باب ٿي سگھي ٿو، پر جيڪڏھن شھادت تي لکجي ته ڪو ڀلوڙ سنڌ جو شاعر ڪيڏارو لکي سگھي ٿو، منھنجي ڀيٽا، شايان لاءِ يا ان جي خاندان لاءِ صرف لفظ يا پنا ڀرڻ جي ناھي منھنجو روح منھنجي دل اڄ به ڌڙڪي ٿي ۽ جيئن ڌڙڪندي گڏوگڏ ڌڙڪندي رھندي، يقينن روح سان رچيل سون لفظن ۾ ساھ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.


    جدائي جو جام

    جدائي جو جام

    علي اڪبر “عاقب”


    ڇا زندگي ۾ ڪو خواب آھي يا بس اسان جي سوچ آھي.
    14 مئي کان پوءِ مون کي ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ مان ڪو خواب پيو ڏسان ۽ اچانڪ منھنجي اک کلي ته مون سان ڪوئي ھٿ ڇڏايون پيو وڃي، ۽ پنھنجون اکيون بند پيو ڪري جيڪي مان سوچي به نٿو سگھان ته ائين اچانڪ بند ٿيون، اھي ھٿ پيو ڇڏائي جيڪي منھنجو سھارو ھيا، اھي چپ ھميشه لاءِ خاموش پيا ٿين جيڪي ھميشه مسڪرائيندا ھئا.
    14 مئي مون کان منھنجو ساٿي، سھارو، ڏک، سک ۾ ھميشه گڏ بيھڻ وارو منھنجو شايان مون کان کسيو.
    جڏھن کان ھوش سنڀاليو آھي ته مان ۽ شايان ھميشه گڏ ھوندا ھئاسين. ڏينھن ھجي يا رات، اُس ھجي يا ڇانوَ ٿڌ ھجي يا گرمي بس ائين چئجي اسان ھڪ ٻئي جي اھڙي عادت بڻجي ويا ھئاسين جيڪا اسان ڪڏھن به ڇڏي نه سگھون ھا، ڪم منھنجو ھجي يا شايان جو پر ويندا ھميشه گڏ ھئاسين.
    ھاڻي جڏھن مان گھران نڪران ٿو ته اڪيلو ئي نڪرندو ھان ته متان شايان ٻاھر بيٺو ھجي ۽ مان ان جي جڳھ ٻئي ڪنھن کي ڪيئن ڏيان ھاڻي به ائين لڳندو آھي ته يا ڪو برو خواب آھي يا شايان شھر کان ٻاھر ويل آھي، جيڪو ڪيڏي مھل به اچي سگھي ٿو ھاڻي به جڏھن بابا علي شير ڏي ويندو ھان ته پڇندو ھان شايان ڪاٿي آ؟ اڃا تائين مان پاڻ کي سمجھائي ناھيان سگھيو ته شايان مون کان رسي ويو آ، ھن اھڙي ڪاوڙ ڪئي آ جو مون سان ڪڏھن نه ڳالھائيندو نه مون ڏي نماڻين اکين سان ڏسندو ۽ نه ئي ان گلاب جھڙن چپن سان مون کي سڏ ڪندو گھر وارن يا بابا وارن کي اسان ۾ ڪو ڪم ھوندو ھيو ته اسان ٻنھي مان ڪنھن ھڪ سان رابطو ڪندا ھيا ته اِھا پڪ ھوندي ھئن ته اسان ٻئي گڏ ھونداسين.
    گڏ ھوندا ھياسين ته ھي شھر، ڳوٺ، رستا مون کي پنھنجا لڳندا ھئا ۽ ھاڻي مون کي سڀ اجنبي ٿا لڳن رستا به پڇن ٿا ته ڪاڏي ويو تنھنجو ساٿي شايان تون اڪيلو ڇو آھين.
    ھاڻي به منھنجي گھر وارا، چاچا وارا، بابا علي شير سئوٽن ۽ (چاچي) شايان جي امڙ جو اکيون مون کان اھوئي پڇنديون آھن.
    ڪاڏي ويو شايان توسان گڏ ھوندو اڄ تون گھر اڪيلو آيو آھين............ مان نظرون ھيٺ ڪري پاڻ کان پڇندو ھان ته ڪاڏي ويو شايان جنھن کان سواءِ مان ٻاھر نه ويندو ھيس ۽ نه ئي ان کان سواءِ گھر ايندو ھيس.. ڇا مون کان ڪا اھڙي غلطي ٿي آھي جو شايان مون سان ڪاوڙجي ويو آھي، اڄ قلم به منھنجي ھٿن جو ساٿ نٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته جنھن جو نالو سرائي شايان ڪري لکندو ھئين اڄ تون ان کي شھيد ٿو لکين پاڙي وارن، مٽن مائٽن، دوستن سان تمام گھڻو پيار ۽ چاھ رکندڙ انسان ھو.
    ان سان گڏوگڏ ھڪ سٺو شاگرد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ به ھيو، ننڍي عمر ايڏا وڏا ڪم شايد ئي ڪنھن ڪيا ھوندا جو ھر ماڻھو جي دل ۾ ڇانيل آھي.
    جيڪو چاھيون پيا اھو ٿيو ڪون جنھن جو تصور به نه ھيو اھو ڏينھن زندگي ڏيکاري ڇڏيو اھو قيامت کان گھٽ نه ھيو مون تي.
    مان جن دوستن کي شايان جي شادي جا ڪارڊ ڏيڻ پيو چاھيان، مان خيرات جي ماني جا ڪارڊ پيو ڏيان.
    اھڙو ڏينھن به ايندو مان سوچيو به نه ھيو.
    جدائيءَ جو جام، ڏنائون ڏکيءَ کي،
    منگل منھنجي مَنَ ۾ ، ٻاريو ھوت حمام،
    ارکِ ٿيو آرامُ، ڪاڪُل پسي ڪانڌ جو،

    (شاھ)
    جڏھن به دوست پاڻ ۾ ويھندا آھيون ته ڪو ڪو دوست شايان جو نالو ضرور کڻندو آھي، ۽ ان کان پوءِ موت مار خاموشي ٿي ويندي آھي، ۽ ھاڻي اھو محفل جو مور ۽ راڻو اسان جي وچ ۾ ناھي رھيو ھميشه لاءِ موڪلائي ويو آھي.
    شايان ھميشه چوندو ھيو ته خوشنصيب آھي اھو ماڻھو جنھن کي سڀ دوست آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪن.
    امر آھي اھو ماڻھو جنھن کي ھن دنيا ڇڏڻ جي باوجود به ھزارين دلين ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ شايان به امر آھي، اڃا زنده آھي، اسان جي سوچ ۽ ذھن ۾.
    اھڙا ماڻھو مرڻا ناھن،
    ويس مٽائي ، ورڻا آھن.


    شھيد شايان ھڪ تبديلي پسند اڳواڻ

    شھيد شايان ھڪ تبديلي پسند اڳواڻ

    ايڊووڪيٽ ساجد علي ڳورڙ


    شھيد منھنجو ڀائٽيو به ھو ته منھنجو نظرياتي دوست ۽ ساٿي به ھو. اسان جون ڪافي ڪچھريون ٿينديون ھيون پر شايان سدائين پُرجوش نظر آيو، ۽ محسوس ٿيندو ھيو ته شايان لطيف سائين جون ھي سٽون سمجھي ورتيون ھيون ته:
    سِيوا ڪر سمنڊ جي ، جتي جر وھي ٿوجال،
    سوين وھن سير ۾ ماڻڪ موتي لال،
    جي ماسو ملئي مال ته پوڄارا پر ٿين.

    جنھن جو مطلب ته انسان جو مقصد تمام اُوچو ھجڻ کپي جيئن اگر ماڻھو سمنڊ ۾ ھيرا ۽ جواھر ڳوليندو ته ٽائيم، محنت ڪرڻي پوندي پر جي اتان ذرو به حاصل ٿيو ته ان جي اھميت تمام وڏي ھوندي ۽ ائين ئي شايان جومقصد تمام اوچو ۽ عاليشان ھو ۽ ڪو عام رواجي نه ھو جيئن اسان وٽ ھر ماڻھو عام رواجي ٿئي ٿو، ته بس زندگي گذارڻي آھي، نوڪري ڪرڻي آ گھر ھلائڻو آھي، پوءِ آخر ۾ واپس وڃڻو آھي، جن ڪم ڪيو ۽ ان جي ڪري اسين سڀ شايان کي ۽ سندس ڪردار کي ياد ڪري رھيا آھيون ۽ ڪندا رھنداسين ته شايان سنڌ ڌرتي تي جھالت ۽ خراب نظام ۾ تبديلي جي لاءِ عملي جدجھد ڪئي، ان سلسلي ۾ انقلابي شاعريون پڙھي سنڌ جي ماڻھن کي تبديلي جو پيغام ڏيندو رھيو، ان کان علاوه سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرائڻ لاءِ شايان انقلابي مارچ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سنڌ جي ماڻھن کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان علاوه شايان ننڍا وڏا تمام گھڻا پروگرام ڪرايا، گھڻن ۾ حصو ورتو ۽ ائين ئي سنڌ ۾ تبديلي جي تحريڪ ھلائيندو رھيو ان ڪري ئي مان سمجھان ٿو ته شايان جو ھڪ اعلى مقصد ھو، ۽ ان مان ڪافي لاڀ ٿي مثال طور ڪيترن ٻارن ۽ شاگردن ۾ تبديلي پسند سوچ آئي، تنھڪري چئي سگھجي ٿوته شايان جو مقصد شاھ صاحب جي شعر جيان هڪ اعلى ۽ اوچو مقصد ھو ۽ ٿوري عمر ۾ ئي جيڪو حاصل ٿيو ۽ اعلى مقصد ھئڻ ڪري ٿوري وقت ۾ به گھڻو ڪجھ حاصل ٿيو، جنھن جي تمام وڏي اھميت آھي، ۽ اھڙا ماڻھو دنيا جي تاريخ جي ورقن ۾ عام نه پر خاص لکيا ويندا آھن، ۽ انھن جي ٿوري حاصل ڪيل مقصد جي اھميت تمام وڏي ھوندي آھي، شايان سان اڪثر ڪچھريون ٿينديون رھيون، S.S.O جي باري م تمام گھڻو ٻڌائيندو ھو، ۽ ائين لڳندو ھو ته شايان S.S.O سميت سنڌ ۽ ان جي مظلوم ماروئڙن کي پنهنجو ڪري پيو. جنھن مان لڳندو ھو ته شايان ھڪ ذميوار ماڻھو ھو.
    شايان جون ٻيون ته گھڻيون خوبيون پر شايان ۾ مون ڪنھن ٻئي ماڻھو لاءِ ساڙ يا حسد نه ڏٺو ۽ ان مان محسوس ٿيندو ھو ته شايان ھڪ اھل ماڻھو آھي، ڇاڪاڻ ته اھل ماڻھو اڳتي ضرور نڪري ايندا آھن، پر ٻين سان ساڙ يا ڪين جي ڪوشش سان نه پر پنھنجي گھر وارن جو اثاثو ته ھو، پر شايان اسان جي خاندان جو اثاثو ھو ۽ ان سان گڏ سموري سنڌ جو به اثاثو ھو.
    مون سان تمام گھڻي لڳندي ھيس، ۽ منھنجي به شايان سان ذھني ھم آھنگي ھئي. حقيقت ۾ شايان جي وڇوڙي سان اسان جو نقصان ٿيو آھي، ڇاڪاڻ ته شايان جي شروعات ئي اڃا ھاڻي ٿي ھئي جيئن ان جو خواب ھو ته مان سٺو وڪيل ٿيان وغيره ته ھو اڃا وڌيڪ نالو ڪمائي ھا پر زندگي کيس ساٿ نه ڏنو، پر ننڍي عمر ۾ شايان جيڪو ڪم ڪيو، ان موت کي به مات ڏني ۽ شايان زنده رھندو اسان جي يادن ۾ ،اسان جي جذبن ۾، خيالن ۾ شايان جي مقصد کي اسين سڀ دوست پنھنجي منزل تائين پھچائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.


    شھيد شايان ڳورڙ جي خاندان جي مختصر تاريخ

    شھيد شايان ڳورڙ جي خاندان جي مختصر تاريخ

    حسين بخش ڳورڙ


    سرائي رانجھو خان جونيئر جي وفات 20 جولاءِ 1969ع تي ٿي ان کان پوءِ سندس اڪيلي پٽ سرائي علي نواز خان کي پڳ ٻڌرائي وئي جنھن پھرين مارچ 1975ع تي وفات ڪئي، ان جي وفات کان پوءِ سندس چوٿين نمبر پٽ سرائي بخت جمال عرف سرائي راوت علي خان کي پڳ ٻڌرائي وئي، جيڪو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم ھيو، نوڪري ۾ مصروف ھئڻ سبب ڳوٺ ڳورڙ برادري جون ذميواريون اسان جو چاچو سرائي علي حيدرخان سنڀاليندو ھيو، ۽ فيصلا وغيره نبيريندو ھيو، جيڪو پڻ 15 جنوري 1980ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ان کان پوءِ سندس وڏو ڀاءُ سرائي علي اڪبر خان ولد سرائي حسين بخش ڳورڙ ڳوٺ ۽ برادري جون ذميواريون سنڀالڻ لڳو، جنھن ۾ ڳوٺ جا مسئلا جنھن ۾ ڳوٺ جي چوڪي، واھن جي کاٽي، کوھن جي کاٽي ۽ ٻيا سماجي ڪم ۽ فيصلا وغيره ڪندو رھيو، ان دوران اسان جو ماما سائين الهرکيو خان جوبه اھم ڪردار رھيو ۽ مسئلن ۾ گڏ گڏ هوندا هئا. بابا سائين سرائي علي اڪبر خان کي دل جي تڪليف سبب 2 مئي 1985ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ان کان پوءِ ڳوٺ ۽ برادري جون ذميواريون اسان جي سؤٽ سرائي منور علي خان سنڀالڻ شروع ڪيون، جيڪو پڻ پرائمري استاد ھيو ۽ پنھنجون ذميواريون تمام سٺي نموني سرانجام ڏنيون، ھن ۾ برادري جي ماڻھن سان سٺا رويا ننڍي، وڏي جي عزت ڪرڻ ۽ سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ جون صلاحيتون موجود ھيون، ڪنھن ۾ ڪو فرق نه ڪيائين ۽ سندس وفات 13 آگسٽ 2016ع تي ٿي. جنھن کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ سرائي مظھر علي خان کي 26 مارچ 2017ع تي پڳ ٻڌرائي وئي، جيڪو وڏي پئماني تي تاريخي پروگرام ٿيو، جنھن ۾ پنھنجي ڳورڙ برادري سميت ٻين قبيلن جي سردارن ۽ چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سرائي حسين بخش ولد سرائي علي بخش خان جي ٻئي نمبر پٽ کي چار پٽ چار نياڻين جو اولاد ھيو.


    ذھين ڀاءُ

    ذھين ڀاءُ

    طاھر شعبان ڳورڙ



    کرڪڻا لاھي، سک نه ستا ڪڏھن،
    اوسيئڙو آھي ، کاھوڙين کي پنڌ جو.


    ڀائو شھيد شايان علي ڳورڙ جي ڦوھ جواني ۾ اوچتي وڇوڙي اسان جي جيءُ کي جھوري وڌو آھي، ڀائو شايان اسان سان ڀائرن وانگر پيش ايندو ھو، ۽ وڏن سان ادب سان پيش ايندو ھو، ۽ ننڍن سان به پيار، محبت سان پيش ايندو ھو، ڀائو شايان ھڪ سٺو انسان ۽ ذھين ھوندو ھو ۽ ھڪ بھترين شاگرد اڳواڻ ھو، ڀائو شايان جتي به سياسي سماجي پروگرام ٿيندا ھئا ته اسان کي پاڻ گڏ وٺي ھلندو ھيو، ڀائو جڏھن به اسٽيج تي ڪمپئرنگ لاءِ چڙھندو ھيو ته شينھن جي گجگوڙ وانگر ۽ زوردار آواز سان شعر پڙھندو ھوته پنڊال ۾ ماڻھو تاڙين کان سواءِ رھي نه سگھندا ھئا. جڏھن ڀائو آخر ۾ اسٽيج تان لھندو ھوته ماڻھو اسان کان پڇندا ھئا ته ھي ڪير آھي؟ ته اسان سڀ وڏي فخر سان چوندا ھياسين ته ھي اسان جو وڏو ڀاءُ شايان ڳورڙ آھي.
    سنڌ جو غريب عوام تعليم جي زيور کان محروم رھيو آھي، ان جي ڪري عوامي جمھوري پارٽي ان جو نوٽيس وٺندي، سڄي سنڌ ۾ پيادل لانگ مارچ تعليمي جاڳرتا لاءِ اعلان ڪيو، جنهن ۾ ڀائو شايان ان جدوجهد ۾ حصو ورتو اهو قافلو نصير آباد کان نڪرندي ڀائو شايان ڪمپئرنگ ڪندي پنهنجي ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ ۾ پهتا جتي ڳوٺ جو چڱو مڙس سرائي چاچا منور علي خان ڳورڙ ۽ سندس ڀاءُ سرائي چاچا مظهر علي خان ڳورڙ جي اوطاق تي رهائش پذير ٿيا، جتي سڄي قافلي جي ڀاءَ شايان ۽ چاچا علي شير ميزباني ۽ خدمتون ڪيون ۽ رات جو اڳواڻن سان ڪچهريون ڪيون، ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ جو چڱو مڙس ۽ ڳوٺ بهاول خان ڳورڙ جو چڱو مڙس پنهنجن برادرين سميت ڀاءُ شايان سان گڏ هئا ۽ سڄي قافلي کي رهائش ۽ ماني ۽ بسترن جو بندوست ڪيائين رات جو سڄي قافلي آرام ڪيو ۽ صبح جو ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ مان 8 بجي نڪتا مرڪزي اڳواڻ حسين بخش ناريجو، ڀائو شايان، علي شير ڳورڙ جي اڳواڻي ۾ قافلو روانو ٿيو، برادري اسٽاپ تي چاچو علي شير ڳورڙ، ڀائو شايان، محترم منظور مھيسر، محترم احمدخان چانڊيو ماني جو بندوبست ڪيو، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ استقبال ڪيو ۽ اڳواڻن تي گلن جي ورکا ڪئي، وري پيرين پنڌ قافلو روانو ٿيو، ڀائو شايان سڄي قافلي سان رستي ۾ ڪمپئرنگ ڪندي جذباتي نعرا ھڻائيندي سڀني ماڻھن کي جوش ۽ جذبي سان جھومائي ڇڏيو ۽ ھر اسٽاپ تي سندن آجيان ڪئي وئي، گلن جي ورکا ڪئي، اھڙي طرح سڄي سنڌ ۾ پيادل لانگ مارچ ھلندو رھيو، جنھن جي نتيجي ۾ حڪومت نوٽيس وٺندي تعليم لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ بايو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرائي گھوسٽ استادن کي ريگيولر بڻائڻ بند پيل اسڪولن کي سختي سان کولرائڻ جو بندوبست ڪيو، شھيد شايان کي سنڌ جي ھر مسئلي تي چاھي ايڪتا جو ڏينھن ھجي، ۽ واپڊا لوڊشيڊنگ خلاف ۽ ھر اشو تي پنھنجو آواز اٿاريو، ھر سال ثقافتي ڏينھن ملهائيندو هو ته مدينه ڪالوني مان موٽر سائيڪلن جي ريلي ڪڍندو هو ۽ انهن جي اڳواڻي ڀائو شايان ڪندو هو ۽ 2010 ۾ ايڪتا جي حوالي سان A.J.P جي پليٽ فارم تان ڪميونٽي سينٽر ميهڙ ۾ پروگرام منعقد ڪرايو، جنهن ۾ A.J.P اڳواڻن محترم ڪرم حسين وساڻ، محترم حسين بخش ناريجو، محترم آزاد انور ڪانڌڙو، محترم پرفيسر منظور حسين ڇڄڙو، محترم منظور مهيسر، محترم احمد خان چانڊيو، محترم چاچا علي شير ڳورڙ،۽ شهر جي اديبن دانشورن، شاعرن، استادن، سگهڙن ۽ ميهڙ جي باشعور عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان پروگرام ۾ ڀائو شايان ڪمپيئرنگ ڪئي ثقافتي پروگرام شاندار رهيو ۽ راڳ رنگ ٽيبلوز خاڪا ۽ قومي گيتن تي ننڍڙن ٻارن توڙي وڏن زبردست رقص ڪري پنڊال کي جهومائي ڇڏيو.
    خلائن مان مون کي نه آواز ڏي،
    اڃا هن دنيا ۾ رهڻ ٿو گهران،
    اي موت منهنجو آ مقصد عظيم،
    مان انسانيت لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿو گهران.


    راڻي رڻ ڪيو، جيڏيون منھنجي جيءَ سين

    راڻي رڻ ڪيو، جيڏيون منھنجي جيءَ سين

    شاھ پسند ڳورڙ


    ڏينھن آچر موڪل جو ھيو، معمول مطابق مان ان ڏينھن ٿورو دير سان اٿيس، موڪل ڏينھن اسان دوست گڏجي ڪو گھمڻ يا ڪچھري جو پروگرام ڪندا آھيون. ان ڏينھن به اسان وٽ ڪجھ دوست آيل ھئا ۽ ڏاڍو خوشگوار موڊ ۾ ڪچھري ۽ وڏا ٽھڪ پئي ڏناسين، ايتري ۾ منھنجي گھر جي نمبر تان فون آئي، روئڻ جو به آواز آيو Network نه ھجڻ ڪري آواز صحيح سمجھ ۾ نه آيو ته پريشاني ٿي. ڪمري مان ٻاھر نڪري آيس ۽ ٻيھر ڪال ملائي، جنھن ۾ جنيد سان ڳالھ ٿي. جنيد روئيندي ٻڌايو ته شايان بابا علي شير کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو آھي، پر شايان تمام گھڻو سيرئيس آھي، خبر ٻڌندي ئي جسم مان ست ڇڏائي ويو ۽ سوچ ختم ٿي وئي، زمين پيرن جو ساٿ ڇڏي ڏنو، قدم وڌائيندي به ائين پئي لڳو، جيئن زمين گول گھمي رھي آھي، ايتري ۾ دوستن پريشاني ڏسي، مون سان مخاطب ٿيا ۽ پڇندا رھيا ته ڇا ٿيو آھي، خير ته آھي، منھنجي زبان جيئن بند ٿي وئي ھئي، روئڻ کان سواءِ ڪو لفظ نه پئي نڪتو، آخر انھن سان مون ڳالھ ڪئي، ته منھنجي ننڍڙي ڀاءُ کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو آھي، ايتري ۾ جنيد جي وري ڪال آئي ته شايان بابا علي شير کي بچائيندي شھيد ٿي ويو آھي، پوءِ ته چرين وانگر ڳالھائڻ ڪجھ چاھيان ۽ نڪري ڪجھ ٻيو پئي ويو، ايتري دير ۾ منھنجي دوستن گاڏي گھرائي جنھن تي مون سان گڏجي بس اسٽاپ تي ڇڏڻ لاءِ ھليا ۽ سيٽ بڪ ڪرائي بس ۾ ويھاري واپس موٽي ويا. Time 4:30 p.m تي راولپنڊي کان روانو ٿيس. نه کٽڻ جھڙا ڊگھا وڏا پنڌ پوري رستي ۾ آءُ شايان جي ياد ان جون ڳالھيون، ان جون ڪچھريون ۽ اچڻ واري موت جي باري ۾ سوچيندو رھيس زارو زار روئندو رھيس، ٻئي ڏينھن صبح جو 10:45 تي لاڙڪاڻي ۾ لٿس، معمول مطابق لاڙڪاڻي کان ميھڙ جو رستو ھڪ ڪلاڪ جو آھي، پر ان ڏينھن مون کي اھو ھڪ ڪلاڪ ورھين جو پئي محسوس ٿيو. اچي ميھڙ پھتاسين، ائين پئي لڳو جيئن ڪنھن ٻئي شھر ۾ اچي پھتو آھيان، پنھنجو شھر پنھنجو ڪونه پئي لڳو، ۽ شايان شايان ڪندي گھر پھتس، بدنصيبي جو آخري ديدار به پنھنجي دلبر جو نصيب نه ٿيو. شايان جو مطلب وڏي شان وارو آھي، منھنجي ننڍڙي ڀاءُ کي الله پاڪ ايڏوئي شان۽ مانَ وارو بنايو ھو، وڏي سوچ ۽ سمجھ ننڍي ۽ وڏي جي سڃاڻ، عزت ۽ احترام سان ڳالھائڻ مائٽن جي قدر رشتن جي سڄاڻ چاچن، مامن، سئوٽن، ماروٽن ۽ ننڍڙن وڏڙن ٻارڙن سان ان جو تمام گھڻو لڳاءُ ۽ پيار ھيو، شايان دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار ھو، خود اعتمادي، وڏن سگھڙن وانگر ڳالھائڻ ڪچھري ڪندي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ، مٺي ٻولي ڳالھائڻ ائين سڀني کي مطمئن ڪري ڇڏيندو ھو، جو وڏا وڏا ماڻھو حيرت ۾ اچي ويندا ھئا. شايان جون ڳالھيون لکندي لکندي ڪيترائي ڏينھن لڳي وڃن، ڪيترائي پنا ۽ بوڪ ڀرجي وڃن پوءِ به نه گھٽجڻ واريون آھن، شايان جڏھن مون کي ڀاءُ ڪري سڏيندو ھو، تڏھن منھنجي جان ۾ جان اچي ويندي ھئي، ۽ سڀ ڳالھيون ڇڏي پھرين ان جي ڳالھ ٻڌندو ھئس، شايان منھنجو ماروٽ ۽ پڦاٽ به ھو، پر ان کان وڌيڪ منھنجو رشتو ان سان دوستي وارو ھو، منھنجي دل جي جيڪي به ڳالھ ھوندي ھئي، مان شايان سان شيئر ڪندو ھئس، شايان عمر ۾ مون کان ننڍو ضرور ھو، پر جيڪا به ڳالھ ۽ ڪو مسئلو ھوندو ھو، آءٌ شايان کان مشورو ضرور وٺندو ھيس، ۽ شايان به وڏن ماڻھن وانگر وڏي سوچ رکي ڪري سٺو مشورو ڏيندو ھيو، حال ۽ مستقبل سان ھلندي تمام بھترين طريقي سان مطمئن ڪندو ھو، شايان سان گذريل وقت منھنجي زندگيءَ جو مثالي وقت آھي، مون کي ياد آھي، ته جنھن ٽائيم منھنجي شادي ٿي رھي ھئي، ان وقت مون سان گڏ منھنجو ننڍڙو ڀاءُ ھر ڳالھ ۾ ائين صلاح ۽ مشورو ڏيندو ھو، جيئن وڏو ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي سمجھائيندو آھي، منھنجي شاديءَ جي تيارين ۾ ۽ مون کي سينگارڻ ۾ تمام گھڻو خوش ٿيو ھو.
    شايان تمام گھڻو خوش مزاج ھو، ھن جي ڪوشش ھوندي ھئي ته ھميشه مسڪرائيندو رھجي ۽ ٻين کي خوش رکجي، شايان وڏي دل وارو انسان ھو، جيڪا ڳالھ به سچي ھوندي ھئي سا منھن تي چئي ڏيندو ھو، ۽ سچي ماڻھوءَ جون اُھي نشانيون آھن.

    راڻي رڻ ڪيو، جيڏيون منھنجي جيءَ.سين،
    من مينڌري وڍيو، ڌٻي ڌڙپيو،
    ٻجھان، ٻھر ويو، ھنئون ھنڌ نه ھيڪڙي.

    شاھ


    شھيد شايان تنھنجي جدوجھد کي سلام

    شھيد شايان تنھنجي جدوجھد کي سلام

    ساگر حسن ڳورڙ


    موت زندگي جي اھا حقيقت آھي، جنھن کان ڪير به انڪاري نه آھي، پر اسان جي پياري سئوٽ شھيد شايان شير جي اوچتي وڇوڙي اسان جو جيءُ جھوري وڌو آھي.
    ڪلھوڪو ڏينھن آھي، جو ھو اسان سان گڏ هو ۽ اڄ اھو ڏينھن آھي، جو ھو اسان کان ھميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو آھي. فقط ان جون يادون اسان وٽ موجود آھن، سندس ماڻيٺي طبيعت مان ائين محسوس ٿيندو رھيو ته سندس ذھن ۾ بيشمار سوچون ۽ سيني ۾ الاھي محبتون موجود آھن، ھو ھڪ سٺو انسان ھيو، ائين چئجي ته وفائن جو نمونو ھو.
    شھيد شايان نه صرف ذھين بلڪه بھترين انسان سان گڏوگڏ ھڪ سچو شاگرد اڳواڻ به ھيو، پاڻ سدائين وڏن سان ادب ۽ ننڍن سان پيار سان پيش ايندو ھو.
    شھيد شايان شير تعليم جي شعبي ۾ تمام ذھين ۽ ھوشيار ھوندو ھو، شھيد شايان وٽ ھر ڪتاب ھوندو ھو. چاھي سفرنامو ھجي، چاھي ناول ھجي، چاھي شاعري وغيره ھجي.
    ھو اڪثر ڪري اڪيلائي ۾ استاد بخاري جي شاعري جا ڪتاب پڙھندو ھو، ھن پاڻ کي سياسي ميدان ۾ به پاڻ مڃرايو، ھميشه تعليم جي جاگرتا ريلي ۾ شريڪ ٿيندو. ھو تقريبن ڏھن يا نون سالن جي عمر ۾ ننڍن ٻارن جي اڳواڻي ڪئي، پاڻ جڏھن جوان ٿيو ته ھن عوامي جمھوري پارٽي (A.J.P) جوائن ڪئي.
    ڪجھ سالن بعد ۾ ھن ھم خيال دوستن سان گڏجي (S.S.O) “سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن” جو بنياد وڌو پاڻ (A.J.P) پاران نڪتل تعليمي جاگرتا ريلي سکر کان حيدرآباد تائين ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان جي اڳواڻي به ڪئي.
    شايان (S.S.O) ۽ (A.J.P) ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي به رھيو. جڏھن علي قاضي صاحب ايڪتا ڊي ملھائڻ جو اعلان ڪيو ته شايان ھر سال ميھڙ ۾ (A.J.P) طرفان موٽرسائيڪلن جي اڳواڻي ڪندو ھو. شھيد شايان مختلف پروگرامن ۾ اسان کي گڏ وٺي ھلندو ھو، ۽ اسان کي چوندو ته توھان به تقريرن ۾ حصو وٺو ۽ سٺا سماجي ڪارڪن ٿيو، شايان ڪمپئرنگ ۾ پنھنجو پاڻ مڃرايو، سندس آواز ۾ ايڏو رعب ۽ مٺاس ھوندو جو جڏھن به اسٽيج تي چڙھندو ھو ۽ ڪمپئرنگ شروع ڪندو ھو ته سڄو پنڊال تاڙين جي آواز سان گونجندو ھو.
    شايان اسان کان جسماني طور تي ته جدا ٿي ويو آھي، پر سندس يادون اڄ به اسان جي سيني ۾ موجود آھن، ان جون ڪاوشون ان جي تعليم لاءِ جاکوڙ ۽ ان جي 21 سالن جي زندگي ۾ ڪيل جدوجھد اسان کي ياد رھندي، شھيد شايان اسان ٻارن لاءِ ھڪ رول ماڊل آھي، ايتري ننڍي عمر ۾ ڪيل جدوجھد ھڪ عظيم ڪارنامو آھي، ۽ اسين وچن ٿا ڪريون ته سندس ٻاريل مشعل کي ڪڏھن به وسامجڻ نه ڏينداسين.
    الله سائين پنھنجي ڏنل شيء واپس ورتي، بس اسان کي رب جي رضا ۾ راضي رھڻو آھي.
    وڏا وس ڪيا مون، وڃڻ وارا ويا ھليا،
    جدائي جو ڏئي ڏک، گڏ رھڻ وارا ويا ھليا.


    مھان ماڻھو

    مھان ماڻھو

    علي حسن ڳورڙ


    شايان وٽ ھڪڙو مقصد ھيو، ھڪڙي منزل ھئي، عملي جدوجھد ھئي، رعبدار نعرا ھڻائڻ واري لغت کان اتم ھيو.
    ھن کي صرف آئينده جا مقصد حاصل ڪرڻ جو اونو ھيو، جيئن ته مافيه ھر دؤر ۾ رنگ ڍنگ بدلائي پئي، حق سلب ڪيا آھن، جن جي خلاف وڏي اورچائي ۽ سورھيائي، سان جدوجھد ھلندڙ آھي، شھيد شايان به اھڙن ڪردارن ۽ سورمن مان ھڪ ارڏو اڳواڻ ھيو.
    آءُ صرف ايترو چوندس ته مبارڪ آھن، اھي وکون جيڪي انھي واٽ تي ھليون، مقدس ھئي اھا دل جنھن پنھنجو فرض نڀايو فرض سمجھي، جيتوڻيڪ شھيد شايان اڃا مس مس جواني موڙي سجاڳ ٿي ھئي، جنھن ھر جڳھ محبت جو مچ مچائي ڇڏيو.
    دلين جي داغدار دنيا کي صاف ڪري ڇڏيو، اھو ئي مھان ھيو، اھوئي شھيد شايان ھيو.


    صحافيءَ جي ڊائري

    صحافيءَ جي ڊائري

    فاروق ڀنگوار ملير ڪراچي


    14 مئي اسان لاءِ اڀاڳو ۽ بد قسمت ڏينهن هو. پنهنجي دوستن ايڊووڪيٽ فاروق ڳورڙ ۽ صداقت ڳورڙ وارن سان گڏ گلشن معمار جي هوٽل تي ويٺاهئاسين ته فاروق صاحب ڏانهن جون آئي ۽ ٿوري دير سان فاروق زاروقطار روئڻ لڳو ۽ اسين حيران ۽ پريشان ٿي وياسين. سائين کان پڇيو ته سر خير ته آهي جنهن ٿي چيائين ته ادا ظلم ٿي ويو اسان جو ڪنڌار ڀاءُ شايان ڳورڙ شهيد ٿي ويو. اها منحوس خبر ٻڌي اسان جي پيرن هيٺان ڄڻ ته زمين کسڪي وئي اها خبر اسان مٿان وڄ ٿي ڪڙڪي جنهن اسان جا هوش حواس ساڙي پسم ڪري ڇڏيا ۽ هن جي يادگيرن جا بند نيڻن مان ٽٽي پيا اسانجي حوصلن لڙڪڻ شروع ڪيو آڪاش چواڻي ته:
    بند اکڙين جا بند ڀڄندا رهيا
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رهيا
    چنڊ چٿرون ڪيون دل جي تنهائيءِ تي
    هن آڪاش جي اڪيلائيءِ تي
    طنز ساڻ تارا تڪيندا رهيا
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رهيا.

    سائين علي شير ۽ فاروق صاحب جي فيملي جو هي ارڏو، ارٻنگ ۽ سرڪش پٽ ايترو جلدي ءَ ۾ اسان کان پرواز ڪري ڏور غفائن ۾ هليو ويو. شايان جنهن جي خوابن جو مرڪز سنڌ،سنڌي ماڻهو ۽ روءِ زمين جا محڪوم ۽ مظلوم ماڻهو هئا هن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جا سندر سپنا اڻياهيا. هن ۾ هيمونءَ جي همت ۽ هوش محمد شيدي وارو حوصلو هو. چيگويريا اسٽائيل ڏاڙهيءَ واري هن نوجوان جي مون جڌهن ڊائريءَ ۾ چيءَ جو هي قول پڙهيو ته “موت جتي به آيو اسين سندس مرڪندي آجيان ڪنداسين” چي گويريا ۽ دنيا جا ٻيا غريب پرور ۽ مظلوم جا حامي ۽ ڀرجهلا اڳواڻ هن جا آئينڊيل هئا ۽ انهن کي پنهنجو رول ماڊل سمجهندا هئا شايان مئڪسم گورڪي، ميخائيل شولو خوف، آنھ ڊڪ، يانگمُو جي ناولن ۽ ڪهاڻين جو هڪ انقلابي ڪردار هو. شايان ڳورڙ عوامي تحريڪ جي اسڪول اُف ٿاٽ جو شاگرد هو. ستن سالن جي ٻالڪپڻي ۾ ئي هن جي سنڌ سان جند جڙي
    سنڌ سان اهڙي جند جڙي
    جو ٻيا سڀ نعرا وسري ويا

    شايان کي ٻين پارٽين يعني اقتداري پارٽين جي ماڻهن ۽ انهن جماعتن ۾ ويٺل سندس عزيزن ۽ دوستن خوب لالچايو ته شايان اوهان هوشيار،ذهين ۽ قابل قومي ڪارڪن آهيو انائونسمينٽ جا به بادشاه آهيو اچو ڪنهن وڏيري، ڀوتار يا سردار جي پاسي اهي اوهان کي ٽيڪائي ڇڏيندا پوءِ وري ان کي مثال ڏيندا هئا ته ڏس تنهنجي والد جو فلاڻو فلاڻو دوست اقيداري پارٽين جو انائونسر آهي انهن ڪيڏو مال ڪمايو آهي. پر شايان شهيد ڪو معمولي ماڻهو ته نه هو جو انهن لالچن ۽ ڳالهين ۾ اچي پنهنجن آدرشن تان هٿ کڻي ۽ هو انهن کي سر عام چوندو رهيو ته:
    ايءَ نه مارن ريت، جون سيسڻ مٽائين سون تي
    اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪريت
    پکن جي پريت ماڙيئين مون نه مٽيان.

    هن ۾ لطيف جي سورمن واريون خوبيون هيون 22 سالن جي مختصر عمر ۾ هن اهڙا ڪم ڪيا جو هتي 80 سال وارن به شايد نه ڪيا هجن سجاڳ ٻار تحريڪ، ايس ايس ٽي، عوامي تحريڪ کان عوامي جمهوري پارٽي يا شاگردن جي سنڌ گير تنظيم ٺاهڻ ۾ به هن جو بنيادي ڪم ۽ ڪردار هو. عورتن جي حقن ۽ انهن کي سجاڳ ڪرڻ جي حوالي سان به هن جو عملي ڪم ڪيو هو رسول بخش پليجو جر گهر واري ادي زاهده شيخ، مريم پليجو، ادي نظير قريشي صاحبه واريون به شهيد جي ڪوٺ ۽ دعوت تي سندس گهر آيون هيون جنهن ۾ هن پنهنجي فيملي سميت 200 کان وڌيڪ سنڌياڻيون گڏ ڪري ڪانفرس ڪرائي هئي.
    اهڙي قومي ڪردار ۽ اسان جي سورمي شايان شهيد جو تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائڻ ملير پريس ڪلب ۽ مون لاءِ فخر ۽ اعزاز جي ڳالھ آهي.
    جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
    پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ
    آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارن ڪڪوريو.

    شاه


    هڪ روشن شمع اجهامي وئي

    هڪ روشن شمع اجهامي وئي

    سراج احمد ايس ايس راڌڻ


    سرنهن جي ڦولار ساوڪ سان سرجيل ميهڙ تعلقي جي ڪشمير وادي روشنين جي ڳوٺڙي يعني سوجهرو ڳورڙ ۾ محبت ۽ پيار، اَمُن ۽ سِڪ جا سنيها ڏيندڙ قلم سان نئين نسل کي حق، سچ جي واٽ ڏيکاريندڙ سائين علي شير ڳورڙ جن جي گهرڙي ۾ پريت جي پل ۾ امن جي شمع روشن ٿئي ٿي يعني عبدالباسط جو جنم هڪ سنڌ ماتا امڙ جي جهولي ۾ مرڪون مک تي سچائي، ويڳاڙن هيسا پل جهرن تي شانتي ۽ چاھ جا چٽ چٽي ٿو 01-01-1996ع جي دلربا گهڙي هتي جنهن گهڙي هڪ روشني جي ڪرن سائين علي شير ڳورڙ جي گهر نمودار ٿئي ٿي جا هڪ روشن شمع بڻجي هر وادي روشن ڪري ٿي پوءِ چاهي پرائمري اسڪول هجي يا هاءِ اسڪول اتي باسط جي روشني اڳ کان اڳري ان کان وڌ يونيورسٽي ڇو نه هجي. باسط سنڌ ڌرتي جي حقن ۽ شاگردن لاءِ شايان جي روپ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ،عوامي تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ:-
    سنڌ سجاڳ تحريڪ ۽ ٻين سياسي سماجي پليٽ فارمن تي آزادي امن جو جهنڊو کڻي شايان جي روپ سان آزادي سفر ڏانهن نڪري پيو هر ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي ۽ نروار ٿيو.
    هر ميدان پليٽ فارم تي اول چيف هوندو هو هي هر ميدان ۾ هوشو ڪاٿي هيمو ڪٿ دودي جيان ڌرتي جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ڇاڪاڻ تي سنڌ جي جنون ۾ ڪم ڪري هن چيو ته،
    “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”
    هن سنڌ لاءِ آخر گهڙي تائين جنگ جوٽي اها گهڙي هڪ پل جي نه پر صدين جي گهڙي هئي جا قيامت بڻجي هن گهر تي ڪِري هن تي هيرو شيما غم جيان ڪيترن ئي دلين جو خون ڪيو.
    سا 14-05-2017ع جي گهڙي هئي هُون تي شعبان اسلامي مهينو امامن جي لاءِ خوشين جو مهينو آ پر هن گهر لاءِ محرم مهينو ٿي نِسريو. جن هٿن تي ميندي جا رنگ لڳن سي ميندي بنا ڀينرن جي ڳانن ٻڌڻ جي حسرت سکڻي ميندي جا ارمان لوڙهي ماءُ جي لبن تي سِهرن جي جاءِ تي روڄ راڙا ڏيئي پيءُ جي حيات کي رکي تاحيات پاڻ ظالم بجلي جي وڪڙ ۾ اچي پيءُ کي سورن جو جنڊ پيهڻ لاءِ ابدي ننڊ ۾ هليو ويندو آ جا امن جي شمٿ روشن هوندي آ سا سورن جي جهوٽن ۾ اجهامي ويندي هميشه لاءِ اهو ڪنهن سوچيو به نه هو ڪڏهن.
    بڇڙا اس ادا سي ڪي رت هي بدل گئي
    اڪ شخص ساري شهر ڪو ويران ڪر گيا.


    عوامي جهموري پارٽي پاران شايع ٿيل رسالي “نئون ويساهه” ۾ شايان جي شايع ٿيل رپورٽ

    عوامي جهموري پارٽي پاران شايع ٿيل رسالي “نئون ويساهه” ۾ شايان جي شايع ٿيل رپورٽ



    ميھڙ تعلقي ۾ عوامي جمھوري پارٽي، عوامي جمھوري ڪائونسل ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران جيڪي به سرگرميون، پروگرام ۽ مظاھرا ڪيا ويا آھن. انھن جو مختصر جائزو ۽ رپورٽ پيش ڪجي ٿي.
    ميھڙ ۾ عوامي جمھوري ڪائونسل جڙڻ کان به اڳ دوستن جون مختلف فورمن جي پليٽ فارم تان سرگرميون جاري ھيون، ميھڙ جي دوستن پاران نوجوان دانشور احمد مشتاق کان ليڪچر پرگرام ڪرايو ويو، جنھن ۾ محترم نورنبي راھوجو سميت شھر جي نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. 12-12-210 تي عوامي جمھوري پارٽي پاران ميھڙ جي ڪميونٽي سينٽر ۾ ايڪتا ڏينھن ملھايو ويو، جنھن ۾ سوين شھرين شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ حسين بخش ناريجو سائين ڪرم حسين وساڻ، سائين منظور ڇڄڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. پرگرام ۾ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا.
    16-7-2010 تي A.J.P جي مرڪزي اڳواڻن محترم ابرار قاضي، محترم وشنومل ميھڙ ٿرڙي محبت جو دورو ڪيو. ميھڙ شھر ۾ ڪارڪنن سان گڏجاڻي ۽ ٿرڙي محبت جو دورو ڪيو. ميھڙ شھر ۾ ڪارڪنن سان گڏجاڻي ۽ ٿرڙي محبت ۾ سنڌ جو آئيندو؟ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام ٿيو جنھن ۾ ڊاڪٽر آزاد منگي، منظور مھيسر، قادر چانڊيو، وشنومل خطاب ڪيو ۽ ابرار قاضي صاحب موضوع تي ليڪچر ڏنو.
    3-4-2010 تي شاگردن جو قومي ڏھاڙو ملھايو ويو. جنھن ۾ مشتاق راڄپر، حريف خان چانڊيو ۽ نورنبي راھوجو پڻ خطاب ڪيو.
    25-11-2010 تي ميھڙ ۾ ليڪچر پروگرام ڪيو ويو، جنھن ۾ مشتاق راڄپر، حريف خان چانڊيو ۽ نورنبي راھوجو شريڪ ٿيا.
    19-1-2011 تي A.J.P ميھڙ پاران A.J.P جي دوست ساجد ڳورڙ کي لنڊن مان قانون جي ڊگري وٺڻ تي پروقار آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ ايڊووڪيٽ سيد لال شاھ، منظور مھيسر، سائين علي شير ڳورڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو.
    5-2-2011 تي ميھڙ ھاءِ اسڪول (1) ۾ A.J.P ضلع دادو جو ڪنوينشن ۽ ھاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول عرف بگن چانڊيو جي ورسي ملھائي علي احمد لغاري، سائين سراج سيال، مختيار عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
    7-6-2011 تي SSO ميھڙ پاران ڪيڊٽ ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل شاگردن صبور ٻگھيو، سمير جھتيال ۽ ٻين جي مانَ ۾ پر وقار آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ خان چانڊيو، نورنبي راھوجو، ڀائو درمحمد ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
    18-11-2010 تي نوجوان دانشور احمد مشتاق جو سنڌ جا مسئلا ۽ ان جو حل جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ويو. جنھن ۾ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
    19-10-2011 تي مرڪزي اڳواڻ حريف خان چانڊيو، نورنبي راھوجو ميھڙ جو دور ڪيو ۽ تنظيمي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
    23-10-2011 تي SSO ميھڙ پاران ٿرڙي مان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ڪيل شاگردن جي بازيابي لاءِ شايان ڳورڙ صداقت ڳورڙ ۽ عرفان کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
    12-4-2011 تي SSO ميھڙ پاران شايان ڳورڙ صداقت حسن ڀرٽ عرفان کوسو جي اڳواڻي ۾ آدمشماري دوران انگن ۾ هيراڦيري خلاف مظاھرو ڪيو ويو.
    28-11-2010 تي SSO پاران اسڪولي ٻارن جي ايڪتا جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي.
    1-1-2011 تي SSO تي مرڪزي صدر خان چانڊئي ميھڙ تعقلي جو تنظيمي دورو ڪيو، جنھن ۾ ميھڙ سٽي، ٻيٽو، عاقل سولنگي، سوجھرو ڳورڙ ۾ شاگردن جي گڏجاڻين ۽ آجياڻن کي خطاب ڪيو. ۽ ڳوٺ عاقل سولنگي ۾ پرائمري اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو ۽ SSO اڳواڻن جي ڪوشش سان ڳوٺ ۾ ھڪ اسڪول کوليو ويو آھي. جنھن ۾150 ٻار تعليم پرائي رھيا آھن.
    SSO تعلقه ميھڙ جي باڊي
    صدر: صداقت ڳورڙ
    ج س: عمران چانڊيو
    جوائنٽ س: عادل چانڊيو
    ن صدر: ايم حسين ڀرٽ
    خزانچي: عاقب ڳورڙ
    پريس س: ڪاشف سھول
    SSO سوجھرو ڳورڙ يونٽ
    صدر: مجيب الرحمان ڳورڙ
    ن صدر: ايم عثمان
    ج س: غلام رسول ڳورڙ
    خزانچي: شايان ڳورڙ
    4-10-2011 تي ميڊيا فورم پاران ثقافتي جلوس ۾ SSO.AJP پاران منظور مھيسر، علي شير ڳورڙ، شايان، سجاد ڏھر، ماجد پنھور، صداقت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پارٽي جھنڊن سان ڀرپور شرڪت ڪئي وئي.
    4-10-2011 تي شام جو AJP جسقم STP پاران گڏيل ثقافتي شو ڪرايو ويو، جنھن ۾ سمورن پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي، AJP جي پاران ڀائو درمحمد ٻرڙو خطاب ڪيو، ان موقعي تي ٽيبلوز ۽ صوفياڻو راڳ جي محفل به منعقد ٿي، پروگرام ۾ SSO.AJP جي ڀرپور شرڪت رھي.
    AJP ميھڙ جي باڊي
    صدر: منظور مھيسر
    ج س:عبدالصمد ٻگھيو
    خزانچي: ماجد پنھور
    پريس س: سجاد ڏھر
    سال 2010 ۽ 2011 ۾ A.J.C - S.S.O - A.J.P پاران ڪيل پروگرام ۽ سرگرميون
    4-3-2010 ميھڙ ۾ AJP طرفان 4 مارچ جو ڏينھن ملھايو ويو. نورنبي، ڀائو در محمد ۽ ٻين جي شرڪت.
    16-7-2010 محترم ابرار قاضي ۽ ڪامريڊ وشنومل جوميھڙ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۽ ٿرڙي ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو.
    18-11-2010 ميھڙ ۾ حريف خان چانڊيو، نورنبي راھوجو ۽ مشتاق احمد جو ليڪچر.
    1-12-2010 تي AJP ميھڙ پاران ايڪتا ڪلچرل پروگرام حسين بخش ناريجو، ڪرم حسين وساڻ، پروفيسر، منظور ڇڄڙو ۽ ٻين جي شرڪت.
    19-1-2011 AJP پاران عباس ھوٽل ۾ ساجد ڳورڙ کي آجياڻو ايڊووڪيٽ لال شاھ ۽ ٻين جي شرڪت.
    5-2-2011 AJP ضلع دادو ڪنوينشن ۽ ڪامريڊ غلام رسول عرف بگن چانڊيو جي ورسي، مھمان ابرار قاضي، سائين خادم حسين ٽالپر، سائين سراج ،غوث جتوئي ، علي احمد لغاري، مختيار عباسي ۽ ٻين جي شرڪت.
    8-6-2010 تي SSO پاران عبدالصبور ٻگھيو ۽ ٻين کي پروقار آجياڻو.
    29-10-2011 نورنبي راھوجو، حريف خان چانڊيو جو تنظيمي دورو.
    4-11-2011 SSO.AJP پاران جسقم STP سان گڏجي ملھايل ثقافتي شو.
    5-11-2011 SSO.AJP پاران ايڪتا ريلي ۾ سائيڪل موٽر ريلي جي صورت ۾ شرڪت.
    1-10-2011 تي SSO جي مرڪزي صدر جو ميھڙ جو دورو، ميھڙ سٽي، ٻيٺو، عاقل سولنگي ۾ گڏجاڻيون ۽ آجياڻا.
    (ويساهه رسالي جي پيج نمبر 21 تان ورتل)


    شھيد شايان جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪا ۽ تقريرون

    SSO جي مرڪزي اڳواڻ شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال

    SSO جي مرڪزي اڳواڻ شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال
    آچر 21 مئي 2017ع

    رپورٽ: بصير احمد ڳورڙ



    اھڙا ماڻھو، مرڻا ناھن
    ويس مٽائي، ورڻا آھن

    14 مئي 2017 سنڌ ۾ خاص طو تي عوامي جمھوري پارٽي ۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن SSO لاءِ “بليڪ ڊي” ۽ اڀاڳو ڏينھن، جنھن ڏھاڙي اسان جو بھادر ۽ سورھيه ساٿي AJP ۽ SSO جو باني ڪارڪن ۽ اڳواڻ ساٿي عبدالباسط شايان ڳورڙ پنھنجي والد محترم ۽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سائين محترم علي شير ڳورڙ جي جان بچائيندي 21 سال 5 مھينن جي ڦو ھ جواني ۾ شھادت ماڻي تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويو، ضلع دادو ۽ ميھڙ جي دوستن شھيد شايان ڳورڙ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس ياد ۾ SSO ۽ AJP طرفان ميھڙ جي دعا ريسٽورنٽ ۾ تعزيتي ميڙاڪي جو اھتمام ڪيو، مئي 2017ع تي ٺيڪ 9:30 بجي جڏھن AJP ضلع دادو جي سيڪريٽري اقرار چانڊيي لطيف سائين جي رزميه شاعري سان ميڙاڪي جي پروگرام جي شروعات ڪئي، اسٽيج تي AJP جي مرڪزي رھنما سائين ڪامريڊ صدرالدين پنھور AJP قمبر شھدادڪوٽ جي رھنما ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير ڪامريڊ محمد صلاح چانڊيو، SSO جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عادل چانڊيو، سينيئر صحافي ۽ AJP اڳواڻ منظور مھيسر، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ علي نواز ٻٽ، قومي عوامي تحريڪ جي منور جتوئي، صحافي رياض چانڊيو، سماج سڌارڪ عبدالشڪور ٻگھيو کي اسٽيج تي ويھاريو ويو، پروگرام ۾ شھيد جي چاچي سينيئر استاد ۽ تعليمي ماھر سائين حسين بخش ڳورڙ صاحب تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي، شھيد شايان کي ڀيٽا لاءِ احمدخان کي سڏيو ويو، جنھن چيو ته “شھيد شايان جي جدوجھد نوجوانن لاءِ مشعل راھ کي آهي، ھو نوجوانن لاءِ رول ماڊل ھو”، قومي عوامي تحريڪ جي منور جتوئي چيو ته “شايان جو اوچتو وڇوڙو شاگرد سياست ۽ قومي تحريڪ جو وڏو نقصان آھي”، ڪامريڊ محمد صلاح چيو ته “شايان جي جدوجھد تي اسان سموري پارٽي کي فخر آھي، اسان کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.
    سينيئر صحافي رياض چانڊيو، حق فائونڊيشن جي چيئرمين شڪور ٻگھيو چيوته “شھيد شايان سنڌ جي لکيل پڙھيل ۽ نظرياتي ڪارڪنن لاءِ وڏو سرمايو ھو، ھن جي جدوجھد تي قوم کي فخر رھندو”، جيئي سنڌ محاّذ جي اڳواڻ ۽ سائين جي ايم سيد جي ويجھي ساٿي علي نواز ٻٽ چيو ته “شايان جو وڇوڙو منھنجو پنھنجو نقصان آھي، نوجوانن کي گھرجي ته شايان جي جدوجھد مشعل راھ بنائين ، SSO جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عادل چانڊيي چيو ته “شھيد شايان مون کي SSO جو ميمبر بنايو ۽ پوءِ اسان گڏجي شاگردن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. AJP جي مرڪزي رھنما ڪامريڊ صدرالدين پنھور چيو ته “شايان SSO جو نھايت سنجيده بردبار بھادر ۽ اڻ موٽ اڳواڻ ھو، ھن ننڍي ڄمار ۾ زبردست ڪم ڪيا آھن، جيڪي وطن ۽ ڌرتي جي بھبود۽ ڀلائي وارا ھئا. شايان جي جدوجھد تي اسان ۽ پارٽي کي ھميشه فخر رھندو، تعزيتي ميڙاڪي کي صدام ٻلھڙو، بصير ڳورڙ، مشرف ڳورڙ صداقت ساگر ۽ عاقب ڳورڙ پڻ خطاب ڪيو.
    آخر ۾ اظھارالحق صديقي شھيد شايان کي نظرانه عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنھنجي شاعري ترنم ۾ ٻڌائي سڄي پنڊال کي روئاري ڇڏيو.


    سائين علي شير ڳورڙ جي فرزند ارجمند ۽ SSO جي مرڪزي اڳواڻ شھيد شايان علي ڳورڙ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال

    سائين علي شير ڳورڙ جي فرزند ارجمند ۽ SSO جي مرڪزي اڳواڻ شھيد شايان علي ڳورڙ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال
    27 جون 2017ع

    رپورٽ: اوشاق احمد ڪانڌڙو


    14 مئي 2017ع سنڌ ۽ خاص طورتي حق فائونڊيشن ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي لاءِ ھڪ ڏکوئيندڙ ڏينھن آھي، ھن ڏينھن تي اسان جو بھادر ساٿي حق فائونڊيشن جو ميمبر ۽ AJP ۽ SSO جو باني ڪارڪن ۽ اڳواڻ ساٿي عبدالباسط شھيد شايان ڳورڙ پنھنجي والد محترم علي شير ڳورڙ جي جان بچائيندي 21 سال 5 مھينن جي ڦوھ جوانيءَ ۾ شھادت ماڻي تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويو، ضلع دادو ۽ ميھڙ جي دوستن شھيد شايان علي شير ڳورڙ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ سندس ياد ۾ حق فائونڊيشن طرفان ميھڙ شھر جي دائود مھيسر پرائمري اسڪول جي گرائونڊ تي تعزيتي ميڙاڪي جو اھتمام ڪيو، 27 جون 2017ع تي شام جو 7:30 بجه حق فائونڊيشن جي چيئرمين عبدالشڪور ٻگھيو لطيف سائين جي شاعريءَ سان پروگرام جي شروعات ڪئي.
    اسٽيج تي مھمان خاص ليکڪ، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي سيڪريٽري سائين محمد امين مگسي صاحب، محمد يوسف پنھور صاحب ھاءِ ڪورٽ، خان پنھور دادو، سينيئر استاد حبيب حضوري، عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غوث بخش جتوئي، الشفيق ويلفيئر اسيوسيشن جي صدر شفيق احمد صاحب، ايوان صحافت جي صدر سينيئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو صاحب، يوسي گاھي مھيسر جي ڪائونسلر ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگھيو صاحب، ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي کوسو صاحب، ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ صاحب، سينيئر صحافي رياض احمد چانڊيو صاحب، شاعر محبوب علي ڏيپر صاحب، ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻ سڪندر علي سوڍر صاحب کي اسٽيج تي ويھاريو ويو.
    پروگرام جي شروعات محترم سائين حبيب حضوري تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي، مھمانن کي آجياڻو سپيريئر لاڪاليج لاھور جي شاگرد عبدالصبور ٻگھيو ڏنو، شھيد شايان ڳورڙ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ عذير عابد ڪلھوڙو کي سڏيو ويو، جنھن چيو ته “شھيد شايان علي شير ڳورڙ اسان نوجوانن لاءِ مشعل راھ ھيو، ۽ اسين نوجوان تعليم ۽ خدمت خلق تي يقين رکندڙ تنظيمن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڀرپور نموني سان پنھنجو ڪردار ادا ڪنداسين.
    عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غوث بخش جتوئي ميڙاڪي کي شھيد جون محنتون ۽ جفاڪشيون ٻڌائي روئاري ڇڏيو.
    ڪڪول واهه آبادگار جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻ سڪندر سوڍر چيو ته حق فائونڊيشن جي ساٿي بھادر نوجوان شھيد جي جدوجھد تي ھن قوم کي فخر آھي.
    ان موقعي تي شاعرن محبوب علي ڏيپر، سنياسي چانڊيو، منظور مولائي کوسو، احمد ٻگھيو، وفا اشفاق مگسي ۽ ٻين شاعري ٻڌائي ۽ اظھارالحق صديقي ترنم ۾ شاعري ٻڌائي سڄي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي رياض احمد چانڊئي چيو” ته اسان کي اڃان تائين يقين نه پيو اچي اھڙو جو شيلو جوان، سنڌ جو ھڏ ڏوکي، ھمدرد اسان کان جدا ٿي ويو آھي، اھڙي ڏک جي گھڙي ۾ سائين علي شير ڳورڙ سان اسين سڀئي گڏ آھيون ۽ ڪوشش ڪنداسين ته اھڙا نوجوان پيدا ڪري سگھون جيڪي سنڌ جي خدمت ڪندا رھندا.
    محترم احمد خان چانڊيو ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته “شھيد شايان ڳورڙ اسان جو ساٿي ھيو، اسين شھيد شايان کي ڪڏھن به وساري نه ٿا سگھون، ۽ اسين سنڌ جي نوجوانن مان اميدون رکون ٿا ته ھو شھيد جي خواب کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، اسان جو ساڻن سھڪار رھندو”
    سينيئر صحافي ايوان صحافت جي صدر آزاد انور ڪانڌڙو ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته “شهيد شايان ڳورڙ ۾ ڪارڪن ۽ اڳواڻ وارا اهي سڀ گڻ موجود هئا.، ۽ زندگي جيڪڏهن هن جو ساٿ ڏئي ها ته هو سنڌ جي تمام وڏي خدمت ڪري ها، شهيد جي محنت تي اسان کي فخر آهي. سائين حبيب حضوري ۽ عابد حسين ڪلهوڙي مقالا پيش ڪري شهيد شايان ڳورڙ جي ياد تازه ڪري ڇڏي، ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگهيو ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي کوکر صاحب، ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ صاحب، ايڊووڪيٽ ساجد علي ڳورڙ صاحب، sso جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عادل چانڊيو، منصور علي ٻگهيو، پ پ يوٿ ونگ جو جنرل سيڪريٽري صدام حسين ٻلهڙو، بصير ڳورڙ پڻ خطاب ڪيو. آخري خطاب مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي سيڪريٽري سائين محمد امين مگسي صاحب، چيو ته اهڙا پروگرام ڪرڻ محنت ڪش نوجوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ بهترين عمل آهي آءُ حق فائونڊيشن کي جس ٿو ڏيان جيڪا سماجي تنظيم پنهنجي شهيد ٿيل ساٿين کي به نه ٿي وساري، يقينن شهيد زنده آهن، شهيد شايان جون يادون هن جا ڪيل ڪم ۽ هو پاڻ اسان سان گڏ آهي.
    شهيد شايان علي شير ڳورڙ نه صرف حق فائونڊيشن جو ساٿي هيو بلڪه هو گهڻ رخي شخصيت پڻ هيو.
    شهيد شايان جي محنت، ڪم، سوچ اسان جي نسل جي لاءِ مشعل راهه آهن ۽ اسين اهڙن نوجوانن سان گڏ آهيون.
    آخر ۾ چيئرمين حق فائونڊيشن پروگرام ۾ آيل سڀني دوستن جا ٿورا مڃيا.


    حق فائونڊيشن پاران ڪرايل تعزيتي ميڙاڪو

    حق فائونڊيشن پاران ڪرايل تعزيتي ميڙاڪو
    شهيد شايان کي ڀيٽا

    غوث جتوئي جي ڪيل تقرير


    اڄوڪو هي پروگرام جيڪو تعزيتي پروگرام آهي، ميهڙ جي سرزمين جيڪا شعور سان سرسبز آهي، هر عيد تي اسان جي مختلف تنظيمن جي طرفان ڪونه ڪو پروگرام ٿيندو رهندو آهي اهائي، سڃاڻپ آهي ته ميهڙ ۾ ميهڙ جي ماڻهن ۾ ميهڙ جي دوستن ۾ ھڪ شعور آھي، ھڪ جاڳرتا آھي، ھڪ ٻڌي آھي ۽ ان جو ثبوت اھو آھي ته ھر دفعي اسان پنھنجي خوشين جي ٽائيم تي گڏ ٿيندا آھيون اڄوڪو جيڪو ڏينھن خوشي جو ۽ عيد جو ڏينھن آھي اڄ ان عيد جي ڏينھن تي حق فائونڊيشن جي سٿ جي طرفان اسان ان پنھنجي ساٿي دوست پنھنجو ننڍڙو ان جي اوچتي وڇوڙي تي الڳ ٿيڻ تي اڄوڪي عيد واري ڏينھن تي اسان ان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آھيون، ھتي جيڪو تعزيتي ميڙاڪو ڪيو آھي، مان حق فائونڊيشن جي سڄي سٿ کي سلام ڪيان ٿو انھن بھترين ڪم ڪيو آھي، اسٽيج تي ويٺل اسان جو استاد محمد امين مگسي صاحب عوامي جمھوري پارٽي جو مرڪزي نائب صدر، ايڊووڪيٽ لياقت ملڪ صاحب، سائين حبيب حضوري صاحب، سائين ذوالفقار کوکر صاحب، سائين محبوب ڏيپر صاحب، وڪيل ساجد ڳورڙ صاحب، وڪيل فاروق احمد ڳورڙ صاحب ۽ ٻيا دوست ۽ ھيٺ ويٺل سائين علي شير ڳورڙ، احمد خان چانڊيو، منظور مھيسر ٻيا جيڪي به دوست ويٺا آھن سائين روشن علي ٻگھيو صاحب، ڀائو يوسف پنھور صاحب، خان پنھور صاحب، اعجاز ڳورڙ ۽ سڀ اسان ھتي گڏ ٿيا آھيون ڪو مقصد آھي، ڪا ڳالھ آھي، جنھن جي ڪري اسان گڏ ٿيا آھيون مان اھو چوان ٿو ته اسان جنھن ماڻھو کي ياد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آھيون منھنجي نظر ۾ منھنجي خيال ۾ ته ٿوروئي ٽائيم ٿيو آھي ته مان ان کي الڳ ٿو سمجھان تصور به ائين نٿا ڪري سگھون ته ھو اسان کان الڳ ٿي ويو آ، شھيد شايان کي اسان ان کي ائين به نٿا چئي سگھون ته ھو وفات ڪري ويو آ، پر منھنجي ذھن ۾ منھنجي خيال ۾ منھنجي سوچ ۾ ھو ھن مهل به زندھ آھي، اسان جي وچ ۾ ھن ميڙاڪي ۾ اسان سان گڏ ويٺو آھي، ڇو ته عيدن تي يا ڪي ٻيا پروگرام ڪندا ھئاسين ته شايان ائين ئي اسٽيج سنڀاليندو ھو ائين ئي اچي انائوسمينٽ ڪندو ھو، ائين ئي شعر پڙھندو ھيو، ائين اسان جي پروگرامن جون اڳواڻيون ڪندو ھيو، جئين ھڪ وڏو ليڊر ڪندو آھي، اسان جي سٿ ۾ ھوندو ھيو سرگرم ھوندو ان جي سرگرمي ان جو ايترو باشعور ٿيڻ ان جو ننڍي لاءِ کا وٺي ننڍڙي عمر ۾ ھڪڙو وڏي اسٽيج تي اچڻ ۽ منھنجي خيال ۾ سنڌ جا جيڪي سٺا سٺا انائونسر آھن، اھو انائونسر ٿيڻ ان ۾ ھو اوچتو نه ٿيو پر اسان سمورن دوستن روشن ٻگھيو صاحب، سائين علي شير ڳورڙ، احمدخان چانڊيو، اسان جو اعجاز ڳورڙ انھن اھو سوچيو ھو ته اسان جيڪو ڪردار ادا ڪيون ٿا ذرو پُرزو يا گھڻيون ڪوششون ڪيون ٿا ته ھن سماج کي سڌارڻ لاءِ اسان پنھنجي علائقي کي سڌارڻ جي لاءِ اسان سنڌ ۾ جيڪا جھالت آ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿورو يا گھڻو ڪردار ادا ڪريون ٿا. اسان ته ڪريون ٿا پر اسان کان پوءِ ڇاھوندو (؟) ته ان کي اسان برقرار رکڻ لاءِ ان سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ اسان پلاننگ ڪئي ته اسان پنھنجي گھر ۾ پنھنجي نوجوانن کي پنھنجي اولاد کي تيار ڪيون ۽ انھن کي اھا تربيت ڏيون ته اڳتي ھلي اسان واري جيڪا گيپ آ اھا گيپ نه رھي، اھو تسلسل جاري رھي اسان سمورا دوست ڳالھائي وينداسين تعريف ته ڪري وينداسين، پر شايان ڳورڙ جو ڏک سائين علي شير کي ھوندو اھو مان تصور به نٿو ڪري سگھان ته ان کي ڪيترو ڏک آھي ان جي اولاد اڳي ان جي سڄي زندگي ڀڳل ھڏ جيان چڀندي رھندي ۽ ھو اھو سوچيندو رھندو ڇو ته ھر انسان ھڪ جانور پاليندو آھي، ھڪڙو پکي پالي ٿو ۽ ان جي وڇڙڻ تي به ڏک ٿيندو آھي، پنھنجو ھڪ جگر آھي، اوچتو ئي اوچتو ھليو ويو اوچتو موڪلائي ويو ۽ اھو اولاد جنھن کي اسان شعور ڏنو سون پيار ڪيو سون ھي اڳتي ھلي اسان جي سنڌ جو وڏو ليڊر ٿيندو اھو ليڊر رات اسان کان ھليو ويو پر ان ڏک جي جڏھن مون کي اھا خبر پئي ته شايان اسان کان جدا ٿي ويو آ اسان لاءِ ھڪڙو چئلينج ھيو ته سائين علي شير کي اسان ڪھڙي آٿت ڏيئي سگھنداسين ته ڪھڙي نموني سان ان کي سمجھائي سگھنداسين ته سائين توھان دلجاءِ ڪريو شايان ويو ھليو ته اسان ان کي ڪيئن آٿت ڏيئي سگھنداسين، اھو اسان لاءِ چئلينج ھو پر پوءِ به اسان اھو چئلينج قبول ڪري رڳو اسان نه پر ميھڙ جي ماڻھن ميھڙ جي دوستن سمورن جيڪي سائين علي شير جا ساٿي آھن، استاد سڀ انھن سان گڏ اھو وچن ڪيوسين سائين علي شير جي اولاد ھيو پر اسان جو به اولاد ھيو، اسان جو ڀاءُ اسان جو ننڍڙو ھيو مون کي ياد آ جڏھن اسان دوست عوامي تحريڪ کان الڳ ٿيا ھئاسين ته الڳ ٿيل ،مايوس ٿيل دوستن کي گڏ ڪري جڏھن جدوجھد ھلائي ھئي ته انھن کي گڏ ڪري ھڪ تنظيم ٺاھي ان ۾ شاگرد سياست جي تنظيم ۽ شاگردن جي ضرورت ھئي . 2011ع ۾ اسان پنھنجا دوست پنھنجي اولاد کي گڏ ڪري شايان کي چيوسين توکي سنڌ جو وڏو ليڊر ٿيڻو آھي، توکي اڳتي اچڻو آ، چيائين ته چاچا اسان توھان سان گڏ آھيون توھان جيڪو حڪم ڪندئو مان توھان سان گڏ ھوندس. پوءِ پھريون ڀيرو اسان پارٽي ٺاھي ، عوامي جمھوري پارٽي جي شاگرد ونگ ايس.ايس.او جو ان کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيوسين، ھن سڄي سنڌ ۾ ھڪ جھاد ڪيو ڇوته ھن دؤر جو جھاد ته سمورا جھاد پنھنجي جڳھ تي ھر جدوجھد پنھنجي جڳھ تي ھڪڙو چوندا آھن ته عظيم جھاد اھو آھو آ ته اسان جي سنڌ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ جيڪا جدوجھد آ، اھا سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ جي بقا لاءِ ھڪ عظيم جھاد آھي، ان جھاد ۾ سکر کان لاڙڪاڻي ويندي حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪراچي تائين شايان اسان سان ان جدوجھد ۾ گڏ ھيو پيادل ھيو، مارچ ڪيائين، احتجاجن ۾ گڏ ھيو، شارٽ مارچ ۾ گڏ ھيو، سيمينارن ۾ اسان سان هر هنڌ گڏ ھيو، اسان ھر وقت ھر ھنڌ گڏ ھيو، ان اھو احساس نه ڏياريو ته اءٌ ننڍو آھيان پر ھو اسان سان دوست بڻجي ھڪڙو بھادر بڻجي باشعور بڻجي ھن اسان سان جدوجھد ڪئي ۽ آخر وقت تائين جڏھن به اسان کي ڪا ضرورت پوندي ھئي ميھڙ ۾ ڪا ميٽنگ ڪرڻي پوندي ھئي، يا ڪو سيمينار ڪرڻو پوندو ھو ته اسان ٽيليفون سائين علي شير کي ڪرڻ بجاءِ شايان کي ڪندا ھئاسين ته شايان چاچا ڏي احوال ھي ڪم ٿيندو؟ چوندو ھيو ٿي ويندو چاچا معنى نه ٿيڻ جي ڳالھ ھن جي شعور ۾ ئي نه ھئي ذھن ۾ نه ھئي چاچا ٿي ويندو ڪو مسئلو ئي ناھي ڪري وينداسين ۽ ڪري ويندو ھيو، اھڙا نوجوان اھڙا باشعور ساٿي وري ملندا آھن ته اھو ھڪ باشعور نوجوان آخري وقت ۾ جڏھن ته نوجوانن جي دؤر ۾ ائين آ ته جڏھن پيءُ ماءُ پوڙھا ٿين ٿا انھن سان جيڪا ويڌن ٿئي ٿي، جيڪو اولاد انھن سان ڪري ٿو پر ھي اھا اولاد ھئي جو جڏھن پيءُ کي بچائي ، وڃڻو سائين علي شير کي ھيو پر ھڪڙي جنگ ڪري پنھنجي پيءُ کي بچائي ۽ پنھنجي زندگي ڏني، مان اھو سمجھان ٿو ته جيڪڏھن ڀلي اسان مذھبي طورتي قومي طور تي ڪنھن ڳالھ ۾ ڪنھن ماڻھو کي لقب ڏيندا آھيون پر منھنجي نظر ۾ اھو آ ته شايان واقعي شھيد آھي، اصلي شھيد اھو آ جو ھن پنھنجي پيءُ کي بچايو ۽ ان جو پيءُ اھو آھي جيڪو استاد آھي، استاد معنى تعليم ڏئي معنى سنڌ ۾ شعور پيدا ڪري معنى سنڌ جي شعور کي بچائڻ جي لاءِ ھن پنھنجي جان قربان ڪئي، ھن پنھنجي زندگي ڏئي ڇڏي ۽ ھن پنھنجي سنڌ جي شعور کي بچائي ورتو ته تنھن جي ڪري واقعي شايان شھيد آھي ۽ سچو پچو شھيد آھي، آءٌ ان کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ ان جي جدوجھد کي اسان رڳو ھي ان جي تعريف ۾ ڳالھيون نٿا ڪيون جو اسان جو پنھنجو ٻچو ھو اسان جو ننڍڙو ڀاءُ ھو ۽ اسان جو دوست ھيو . هن سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي، جنگ ڪئي، ويڙھ ڪئي ۽ اڳين صفن ۾ ويڙھ ڪئي توھان آزاد انور ڪانڌڙي صاحب کان پڇا ڪيو ته جڏھن ڪلچرل ڊي ٿيندا ھيا ته شايان اڳيان اڳيان ھوندو ھو ته اڳيان اڳيان نعرا ھڻندو ھو، پنھنجي ڪلچر کي بچائڻ جي لاءِ پنھنجي تعليم کي بچائڻ جي لاءِ ته پنھنجي شعور کي بچائي ٿو پنھنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪري ٿو ته اھواسان جو رھنما آھي، اسان جو اڳواڻ آھي، اسان جو رھبر آھي، ۽ شايان واقعي ئي اسان جو اڳواڻ ھو، اسان جو ليڊر رھيو، جيڪو اسان کان وڇڙي ويو آ، پر منھنجي نظر ۾ اسان سڀ پاڻ گڏ ٿيون ٿا سائين محمد امين جھڙو ماڻھو ٻيا دوست محبوب ڏيپر جھڙو ماڻھو پوئتي ويھي جڏھن ان کي ياد ڪيون ٿا سڀ ماڻھو ياد ڪنداسون سنڌ جي ميھڙ جي ڪريم آ، جڏھن ان کي ياد ڪيون ٿا ته اسان ان کي (فِيل) محسوس ڪيون ٿا ته سائين علي شير شايان زندھ آ، شايان زندھ آھي، شايان اسان جي دلين ۾ آھي، اسان جي شعور ۾ آھي، اسان جي ذھن ۾ آھي، شايان زندھ رھندو ۽ ان جي ڳالھ زندھ رھندي ۽ تون اڪيلو نه آھين، اسان سڀ تنھنجا ڀائر آھيون، اسان جي اولاد تنھنجي اولاد آ، تو دل نه ھارجان تون ائين نه چئجان اسان شايان کي ائين ڀيٽا ڏيون ٿا ته شايان اسان جو آھي، تنھنجي دل ۾ به رھندو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ شايان جو ڪردار برقرار رھندو ۽ مان وري به سمورن دوستن کي اڄ جيڪو حق فائونڊيشن جيڪو پروگرام ڪيو آ، ھن کان اڳ ۾ SSO ۽ AJP پروگرام دعا ھوٽل تي ڪيو ان کان پوءِ سنڌ پيپلزيوٿ ونگ طرفان به شاندار تعزيتي ميڙاڪا ڪيا ويا يعني ھي ٽيون وڏو تعزيتي ميڙاڪو آھي، اھا نشاني آھي ته شايان جو مانَ مرتبو ھيو، ان کي اسان ڀيٽا ڏيون ٿا، ان کي مانَ مرتبو ڏيون ٿا، اھا اسان سنڌ جي ميھڙ جي ماڻھن جي شعور جي نشاني آھي مان وري به سمورن دوستن جو شڪرگذار آھيان شايان کي ياد ڪيو، توھان سنڌ جي تعليم کي ياد ڪيو ۽ شايان جو جيڪو پيغام آھي، ان کي گھر گھر پھچايو سنڌ جا اسڪول کولرايو سنڌ جي تعليم بحال ڪرايو سنڌ جو امن بحال ڪرايو، اسان سمجھندا سون ته اسان شايان کي شايان جيڪو شعور آ جيڪا ڳالھ ھئي، ان کي جاري رکنداسين مان اھي لفظ چئي پنھنجي جڳھ وٺندس وري به حق فائونڊيشن جي سٿ کي ساراھيان ٿو شايان لاءِ پروگرام ڪيو آھي، ۽ اميد ٿا ڪريون ته اھڙا سمورا ماڻھو جيڪي سنڌ جي شعور لاءِ سنڌ جي جدوجھد لاءِ سنڌ جي سجاڳي لاءِ ويڙھ ڪن ٿا. انھن کي اسان ياد ڪنداسين ۽ حق فائونڊيشن پنھنجو اھو ڪردار ادا ڪندي رھندي. مھرباني


    پيپلزپارٽي يوٿ ونگ پاران شھيد شايان جي ياد ۾ ڪرايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير

    پيپلزپارٽي يوٿ ونگ پاران شھيد شايان جي ياد ۾ ڪرايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير
    (28 مئي 2017ع آچر)

    غلام دستگير ڳورڙ
    (پ پ پ جنرل سڪريٽري ضلع دادو)


    اسان جي اسٽيج تي ويٺل سيد محمد شاھ، سرائي مظھر علي خان صاحب، آزاد انور ڪانڌڙو صاحب، رياض چانڊيو صاحب، منھنجا سائين جيئن ته ھي جيڪو پروگرام آھي، اھو ھڪ نوجوان شايان ڳورڙ جي شايد شايان شان نه ھجي، مگر ايترو مان ضرور چوندس ۽ جس ڏيندس صدام کي ته ھن ھڪڙو ته سڀني کي گڏ ڪري ۽ اھو پيغام ڏنو ته شايان جيڪڏھن زندگي ۾ جيڪو ڪم ڪري ويو، ته اسان جي ميهڙ جا ماڻهو ايترا فرسوده ناهن جو پنھنجي نوجوانن کي پنھنجي محسنن کي ياد نه ڪن، اسين جيئن ته تمام ڏکويل آھيون، اسين سنڌي ماڻھو ڏاڍا ڏکويل آھيون، اسين ڏاڍا سٺا سٺا ماڻھو جيڪي ڇڏي ھليا ويا آھن، اسين وڃايا آھن، ۽ اسان کان کسيا ويا آھن، مگر تقدير جي ڪري ئي آھي، ھي دنيا جو جھان ھلندو رھندو، اسان جي ننڍڙي برادري آھي، ميھڙ تعلقي ۾ ان جو ھي ھڪ موتي داڻي جھڙو ماڻھو جنھن پنھنجي ننڍڙي عمر ۾ مان سمجھان ٿو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو، چڱن ڀلن ماڻھن لاءِ وڏا وڏا ارب پتي، کرب پتي ماڻھو گذاري ويندا آھن، مگر انھن لاءِ اھڙا ميڙاڪا ڪونه ٿيندا آھن، ۽ ھي مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھن کي ڏاڍي تڪليف ڪرڻي پوندي آ، وڏا ڪشالا ڪرڻا پوندا آھن، مگر ھي ڪنھن ڪنھن جي نصيب ۾ اھڙي ڳالھ ايندي آھي، جو انھن جي مرڻ کان پوءِ به انھن جي ياد ۾ اھڙا سٺا سلجھيل سڄاڻ ڌرين جا دوست گڏجي ڪٺا ٿي ھڪ آواز ٿي چون ته شايان جھڙو ماڻھو ڪونه ٿيندو، سائين منھنجا اسان جي ھن معاشري ۾ معاشرو ھميشه تبديلي جي لاءِ واجھائيندو آ. معاشري کي فرد ٺاھيندا آھن ۽ فردن مان توھان کي ٻڌايان تعليم جيڪڏھن ڪتابن ۾ ھجي ھا ته پوءِ يونيورسٽيون، اسڪول ۽ وڏا ڪاليج قائم نه ٿين ھا، صرف لائبرريون ھجن ھا، يا ڪتابن جا وڏا دڪان ھجن ھا، انھن تان وٺي وڃي گھر پڙھون ھا، مگر اسان جي تربيت گاھون به آھن.
    يونيورسٽيون به آھن، ڪاليج به آھن، مدرسا به آھن، اتي سڀ شاگرد پڙھن ٿا. ۽ سڀئي ليڪچر به وٺن ٿا. سڀني کي سبق به ملي ٿو، مگر ڪي ڪي دوست آھن، جيڪي جيڪي اتان نڪري ٿا اچن اھا ھڪ اھڙي شئي آھي، ھر انسان کي الله سائين صلاحيتون ڏنيون آھن، مگر انھن صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو ڪنھن کي موقعو ملي ٿو. ڪنھن کي نٿو ملي، سوال ھي آھي ته جيڪڏھن موقعو نٿو ملي ته موقعا پيدا ڪبا آھن، ماڻھو ھڪڙا اھڙا پتوڙيندڙ ماڻھو آھن، جيڪي مون کي خبر آھي، جيڪي موقعي جي تلاش ۾ آھن ته اسان کي موقعو ملي ته اسان صلاحيتون اجاگر ڪيون اسان وٽ ڪيئي مثال آھن، جيڪي ماڻھو ننڍين ننڍين پوزيشن تي ھئا ۽ وڏي وڏي منزل تي پھچي ويا. ننڍي ننڍي عمر ۾ ھيا. وڏي وڏي منزل تي پھتا ڇاڪاڻ ته انھن پنھنجي مشن ، پنھنجي پروگرام سان سچائي جو ثبوت ڏنو مان چوان ٿو توھان ڪھڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق رکو، توھان ڪھڙي به سياسي جماعت سان تعلق رکو مگر ياد رکو توھان جنھن به نظرئي تي آھيو، ان نظرئي سان سچا ھجو ۽ نظرئي جي سچائي توھان کي منزل پھچائيندي. سياسي جماعت ڀلي توھان ڪا مذھبي جماعت مان کڻي چوان ڀل جماعت اسلامي جوائن ڪيو. مگر سياست ضروري آ، سياست ۾ ئي اسان جو مستقبل آھي، سياست جوائن ڪرڻ سان اھو ٿيندو ته توھان کي خبر پوندي ته صحيح ڇا آھي، غلط ڇا آھي، پر جيڪڏهن توهان پاڻ ان ۾ شامل نه ٿيندئو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان کي ڪوڄڻ مون جهڙو ڀلائي به سگهي ٿو، تنهنڪري مان چوندس ته شايان ننڍڙي عمر ۾ ٿي ڪري هڪ اهڙي جدوجهد جو هڪڙو اهڙو ٻوٽو پوکيو آ. جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ آهي، اڄ اسان جا هي نوجوان ڏسن ٿا. ته 21 سالن جي عمر ۾ شايان جيڪڏهن بجلي جي جھٽڪي سان اسان کان ڌار ٿي ويو ته پرواھ ناھي.
    الحمدالله علي شير ويٺو آ، بهادر ماڻھو آ، ھن کي الله سگھ ڏيندو ۽ طاقت ڏيندو اولاد جھڙي صدمي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه صدمو ناھي مگر مان ان کي چوندس منھنجا ڀاءُ علي شير تون گھٻراءَ نه تنھنجو شايان ھميشه زنده آھي، ڇاڪاڻ ته ھو، اھڙي مشعل ٻاري ويو آھي اھڙي شمع روشن ڪري ويو آ. جو جنھن تي ھميشه پروانه پيا جھومندا توھان يقين رکو ته شايان سان منھنجون ٿورڙيون ملاقاتون ٿيون ۽ جڏھن به ٿينديون ھيون ته مان يقين سان چوندو ھيس ته ھن ماڻھو ۾ مون کي مڻيا نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته ان جو ڳالھائڻ، ان جو انداز، اخلاق ۽ رويو (Behavior) به اھڙو ھوندو ھو جيڪو مان سمجھان ٿوته ڪنھن وڏي ماڻھو پڙھيل لکيل ماڻھو ۽ تجربيڪار ماڻھو ۽ وڏي اٿيل ويٺل ماڻھو مان مون کي محسوس ٿيندو ھو، ته ننڍڙي عمر ۾ ايترو عقل پرايو جو مان سمجھان ٿو ته ادب ان کان پري ئي نه ھو ته پيارا ساٿيو مان توھان کي ٻڌايان ٿو ته جيئن ته اسان ھن معاشري سنڌ جي معاشري ۾ رھون ٿا. اسان ھي معاشرو پاڻ ٺاھينداسين اسان اڄ جنھن منزل تي آھيون، اھا ايندڙ منزل ھنن نوجوانن جي آ. اسان کان ھي اڃان اڳتي به وڌي سگھن ٿا. اڃان اڳتي ايندڙ وقت ھنن جو آ. توھان نوجوان جيڪڏھن تعليم حاصل ڪيو ٿا ته ان تعليم تي عمل ڪرڻ جي سگھ به ھجڻ کپي اسان جيڪڏھن ڪو علم ۽ ادب سان تعلق رکون ٿا. اسان اھو به سوچون ته جيڪڏھن مون کي ڪا تعليم ملي آھي، ته آيا ھن تعليم جو منھنجي ٻين تي ڪيترو فائدو پھچي سگھي ٿو. جيئن چوندا آھن، جانور ۽ انسان ۾ ڪھڙو فرق آھي، جانور ۽ انسان ۾ ھڪڙو فرق آ. ته جيئن جانور پنھنجي لاءِ بس سوچيندو، ۽ انسان ٻين ڪاڻ سوچيندو آ. ايترو فرق آ، ھاڻي جيڪڏھن اسان سڀئي گڏجي ٻين لاءِ سوچڻ شروع ڪيون ته ھن اسان جي معاشري مان ڪافي گندگيون دور ٿي وينديون. ته اسان وٽ انشاءَالله تعالى ته ھي معاشرو جيڪو آ. اھڙو ٿي پوندو ماڻھو اسان جي لاءِ جٿي ڪٿي چوندا ته سنڌ جو معاشرو عظيم معاشرو آ، ته مان سمجھان ٿو ته سڀني ھتي شريڪ ٿي شايان کي جيڪا ڀيٽا ڏني آ، جيئن اسان جي سائين انور ڪانڌڙو صاحب چيو اسان جي رياض چانڊيو صاحب به چيو حقيقت آ، واقعي اين جي اوز يا سماجي تنظيمون ڪڏھن به انقلاب ناهن آڻينديون . انقلاب ته سياسي، جماعتون آڻينديون آھن، مگر سياسي حالات ، سماجي حالات ليڊر پيدا ڪندا آھن ۽ اھي ليڊرئي گڏجي قومن کي وٺي ھلندا آھن، جڏھن ڪٿي ڪٿي ائين ٿيندو ھو، جو موت! موت ته بر حق آ، پر ان کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگھي مگر ڪي ڪي اھڙا ماڻھو آھن. جيڪي موت سان مھاڏو اٽڪائن ٿا. جن کي خبر آھي، ته اسان جو ايندڙ وقت ڏاڍو ڏکيو آ. ھي شايد اسان لاءِ موت جو پيغام کڻي اچي مگر ان جي باوجود به ان پنھنجي ارادي تي اٽل رھن ٿا. چاھي موت اچي، ڀلي اچي پر اسان انھي ڳالھ تان نه ھٽنداسين.
    محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جڏھن پاڪستان پئي آئي ته آمريڪا ۾ ھئي، اڃا ته ان کان پوءِ دبئي ۾ اچڻو ھو، اتي ڪنھن صحافي سوال ڪيو ته محترمه توھان پاڪستان وڃون ٿا؟ خبر پئي آ ته توھان لاءِ اتي ڏاڍي ڏکيائي آ، اتي ڪجھ خوڪش بمبار آھن، توھان جي پويان ماڻھو لڳل آھن، جيڪي چون ٿا ته بينظير صاحبه ايندي ته اسان ان کي مارينداسين، ۽ ان تي حملا ڪنداسين، ان کي زندھ ڪونه ڇڏينداسين، ان باوجود به وڃڻ چاھيو ٿا؟ ته محترمه خوبصورت جواب ڏنو. محترمه چيو زندگي ۽ موت منھنجي الله جي ھٿ ۾ آ، جيڪڏھن مرڻو ھوندو ته مان ڪنھن واشنگٽن جي روڊ تي گاڏي جي ھيٺان اچي مري وڃان، اتي پنھنجي ڀائرن سان ان کان بھتر ناھي، ته مان پنھنجي سنڌ جي ڌرتي تي وڃي اتي شھيد ٿيان. اھو بھتر آھي، ته پيارا ساٿيو موت برحق آھي، موت انسان کي انسان کان ڌار ڪري سگھي ٿو، مگر مان سمجھان ٿو موت انسان کي پنھنجي معاشري کان الڳ ڪڏھن به نٿو ڪري سگھي ڇاڪاڻ ته ان جون ڪيل خدمتون ھميشه ياد رھنديون ۽ جيڪي معاشرا سڌريل معاشرا آھن، جيڪي به اسرندڙ معاشرا آھن، اھي پنھنجي محسنن کي ياد رکن ٿا. جيئن اڄ اسان جي ميھڙ ۾ ھي ميڙاڪو آ، ھن مان ثابت ٿيو ته اسان جو نوجوان سمجھي ٿو ته اسان کي اڳتي لاءِ ڇا ڪرڻو آ، توھان سڀني جي مھرباني توھان سڀني مون کي ٻڌو ھنن لفظن سان چوندس ته مان آخر ۾ علي شير کي سائين حسين بخش، سائين علي حسن، سائين اسان جي شعبان، اسان جي نويد کي سڀني کي ته سائين منھنجا توھان يقين رکو ته ھي الله جي طرفان ھڪڙي شي آ جيڪو توھان کان ڌار ٿي ويو آ، ان جون يادون توھان سان گڏ ھونديون، توھان کي الحمدالله ٻيو به اولاد آھي، انشاءَالله تعالى اھي به شھيد شايان جي نقش قدم تي ھلن ، جيڪي به خواھشون ھونديون ته انشاءَالله پوريون ٿينديون.
    آخر ۾ جيئي ڀٽو، جيئي سنڌ، وڏي مھرباني.


    ڪڪول واهه آبادگار جدوجھد ڪاميٽي جي ڪنوينر سڪندر سوڍر پاران شھيد شايان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير

    ڪڪول واهه آبادگار جدوجھد ڪاميٽي جي ڪنوينر سڪندر سوڍر پاران شھيد شايان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير
    (27 جون 2017ع)

    سڪندر علي سوڍر


    ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،
    ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.

    اسٽيج تي ويٺل سائين محمد امين مگسي صاحب، حبيب حضوري صاحب، محترم غوث جتوئي صاحب، اسان جو سگھڙ شاعر محبوب ڏيپر صاحب سڀئي صحافي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو محترم آزاد انور ڪانڌڙو صاحب، ايڊووڪيٽ ساجدعلي ڳورڙ صاحب، ايڊووڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ صاحب، ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگھيو صاحب ۽ ھيٺ ويٺل سائين علي شير ڳورڙ صاحب ۽ ٻيا ساٿيو جيئي سنڌ جو سلام پيش ڪريان ٿو، منھنجا دوستو اڄوڪو ڏينھن اڄوڪي گھڙي اڄوڪو لمحو اسان کي انھي شخصيت جي پٽ شھيد شايان علي ڳورڙ جنھن گڏ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، مان حق فائونڊيشن جي دوستن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي ماڻھن کي ياد ڪن ٿا. ۽ ھن جي ٿوري عرصي ۾ ھي ٽيون تعزيتي ميڙاڪو آ، شھيد شايان جو ميڙاڪو آھي، آءٌ گذارش ڪندس سائين علي شير ڳورڙ صاحب کي ته مان اسٽيج تي ضرور ويٺو ھيس، پر نظر منھنجي شھيد شايان ڳورڙ جي والد صاحب تي ھئي، ته مون کي مايوس ۽ اکين مان ڳوڙھا وھندي نظر آيا. سائين توھان اسان جا استاد آھيو، توھان ھن سماج ۾ ھڪڙي تربيت ڏيڻ جا ماھر آھيو، جو شايد ھر ڪنھن انسان ۾ اھا صلاحيت شايد نه ھجي، خوشنصيب والد آھيو، توھان پنھنجو اھڙو اولاد ڄڻيو آ، جو ان اسان سڀني کي ھتي گڏ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آ، خوش نصيب توھان جا ٻيا پٽ به آھن، خوش نصيب ته شايان جون ڀينرون به آھن، ان جا ڪزن آھن ۽ ان جي ڳوٺ وارا آھن جو اڄ ھن پروگرام ۾ انھي جي بابا جي وچن کي ورجايو پيو وڃي انھي کي شھادت جو لقب ڏنو پيو وڃي ۽ ھن جي ڪيل جدوجھد تي ڳالھايو پيو وڃي توھان ته خوش نصيب آھيو.
    مايوس ٿيڻ جي بجاءِ توھان پنھنجي اولاد کي حوصلو ڏيو ته اڄ حوصلي جو ڏينھن آ، ڀلي منھنجو ان سان تعلق گھٽ ھيو، پر توھان سان گھڻو ۽ ويجھو تعلق ھيو ۽ آھي پر توھان کي ياد ھوندو ته ڪڪول واھ متعلق ھلايل تحريڪ دوران عورتن جو جلوس روڊ بند ڪرڻ جو پروگرام ھيو، ته سائين احمدخان چانڊيو کي مون چيو ھيو ته ڪمپئرنگ لاءِ مون کي ھڪڙو دوست کپي ته احمدخان چانڊيو صاحب چيو ته سائين علي شير جو پٽ آھي، انھي کي اسين آڻينداسين ته توھان کي ياد آھي ته باربار چيو ھو، سائين ڪمپئرنگ جي لاءِ توھان پنھنجي پٽ شايان کي آڻجو پر توھان کان شايد وسري ويو، اسان باربار توھان کي سلام پيش ٿا ڪريون ته توھان خوشنصيب پيءُ آھيو، خوشنصيب شھيد شايان آ، خوشنصيب امڙ جو پٽ آ ۽ ھن سنڌ ۾ اسان کي ھن سماج ۾ حوصلي ڏيڻ جي لاءِ اھڙين مائرون ۽ والدين جي ضرورت آ. جو جيڪڏھن سڀ والدين پنھنجي اولاد جي اھڙي تربيت ڪن ته ھي تعليم لاءِ به جدوجھد ھلي ته پاڻي جي کوٽ خلاف به جدوجھد ھلي ته ٻين سماجي براين خلاف به جدوجھد ھلي سماج ۾ ظالم ذھن برايون پيدا ڪن ٿا. انھن خلاف به جدوجھد ھلي اسان کي توھان جھڙن والدين ۽ استادن جي ضرورت آ ۽ انھن ذھنن جي ضرورت آ جيڪي اڄ پنھنجي ماڻھن کي ياد ڪرڻ جي لاءِ حق فائونڊيشن جھڙا دوست گڏ ڪري شھيد شايان ڳورڙ کي ڀيٽا پيش پيا ڪن ته جيڪڏھن ٿوري مختصر ٽائيم ۾ ته جيڪڏھن ھڪڙوئي شھيد شايان تي ڳالھائيندس ته شايد سج اڀري ويندو ۽ ڪافي دوست ويٺا ھوندا، انھن کي به ٽائيم نه ملندو اسان کي سکڻو آ ۽ سمجھڻو آ. اسان جا وڪيل دوست اسان جا سڀئي دوست ۽ دانشور اڃان ويٺا آھن، انھن کان سکنداسين انھي شعر سان گڏوگڏ ڇوته ھي مجموعو اڄ جيڪو ميڙاڪو آ ته ماڻھو ته سڀ ڪو مري ويو، وڏيرا به مرن پيا سردار مرن پيا سڀ ڪو مري پيو، پر ھي ميڙاڪا ڪنھن ڪنھن جي لاءِ ٿيندا آھن. جيئي سنڌ...مھرباني


    پيپلزيوٿ ونگ تعلقه ميھڙ ضلع دادو پاران، ايس ايس او جي مرڪز اڳواڻ شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال

    پيپلزيوٿ ونگ تعلقه ميھڙ ضلع دادو پاران، ايس ايس او جي مرڪز اڳواڻ شھيد شايان ڳورڙ جي ياد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جو اکين ڏٺو احوال

    تحرير: مير صدام ٻلھڙو
    پيپلز يوٿ ونگ جنرل سيڪريٽري تعلقه ميھڙ


    ميھڙ شھر جي ميندي جھڙي خوشبوءَ رکندڙ نوجوان ساٿي شاگرد اڳواڻ ۽ ھروقت پنھنجي چھري تي مُرڪ سجائي رکندڙ شھيد شايان علي شير ڳورڙ جي وڇوڙي جي ان وقت نڀاڳي خبر ملي جڏھن آءُ سيتا اسٽيشن ۾ لغاري ھائوس تي پنھنجي پارٽي جو اجلاس اٽينڊ ڪري رھيو ھيس، ان وقت آچر 14 مئي ھئي، اھا خبر ٻڌندي ئي زمين پيرن ھيٺان ھلي وئي پھرين ته آءُ خبر ڏيندڙ پنھنجي ننڍي ڀاءُ ۽ شھيد شايان جي ويجھي ساٿي دوست مير صداقت سان مسڪرائي رھيو ھئس ته شايان نه ھوندو تون مذاق پيو ڪرين، پر پوءِ ڏٺم مون سان گڏ اجلاس ۾ وڏو ڀاءُ سينيئر وڪيل امجد حسين ٻلھڙو جي اکين منجھان لڙڪ وھي رھيا ھئا. آءُ وري پڇو ته ادا اوھان اجلاس ۾ روئي رھيا آھيو؟ چوڻ لڳو ادا شايان بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب پئُ کي بچائيندي شھيد ٿي چڪو آھي، نيٺ دل کي دلاسو ڏيئي سندس وڇوڙي کي قبوليو، اھڙي طرح اسان کان مستقبل جو ھيرو ۽ ارڏو ۽ ڳڀرو نوجوان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، شھيد شايان جو ڏک ۽ درد ۽ دل مٿان ھماليه جبل جھڙو غم گھٽائڻ لاءِ پنھنجي ساٿي جي ياد پنھنجي پارٽي جي تنظيم پيپلزيوٿ آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي ويئي.
    28 مئي آچر ڏينھن پيپلزيوٿ آرگنائيزيشن ضلع دادو جي اڳواڻن پنھنجي اڳواڻي ۾ ميھڙ باءِ پاس لڳ پنھنجي تنظيم جي آفيس ۾ شام جو ٺيڪ 6 وڳي پروگرام جي شروعات الله پاڪ جي ڪلام پاڪ تلاوت سان ڪئي وئي. قرآن پاڪ جي تلاوت سنڌ جي مشھور درگاھ سائين حضرت سعدي موساڻي جي گادي نشين فقير گلاب احمد پيرزادو ڪئي ۽ شھيد کي مغفرت بخشڻ لاءِ ڌڻي در دعا پڻ گھري.
    تعزيتي ميڙاڪي جي اسٽيج آءُ پاڻ سنڀالي رھيو ھيس جڏھن مون سان گڏ شھيد شايان جو ننڍو ڀاءُ بصير ڳورڙ به شھيد جون سڪون لاھي رھيو ھو.
    پروگرام ۾ شريڪ پيپلزپارٽي ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ تحريڪ پاڪستان ۾ حصو وٺندڙ باني قائدِاعظم جي ويجھي ساٿي سيد علي اڪبر شاھ رحه جي فرزند سماجي اڳواڻ سيد محمد شاھ آف ميھڙ p.p.p جي انتھائي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيئر وڪيل امجد حسين ٻلھڙو p.p.p ميھڙ سٽي جي صدر انجنيئر رياض کوسو اي.جي.پي اڳواڻ احمدخان چانڊيو، سنڌي ادبي سنگت (مرڪز) جو پريس سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو، p.p.p دادو جو اڳواڻ دانشور ۽ ليکڪ رياض احمد چانڊيو، اي.جي.پي جي ضلع صدر منظور مھيسر شھيد شايان جي والد محترم سائين علي شير ڳورڙ برادري جي چڱي مڙس سرائي مظھرعلي خان ڳورڙ، سرائي بھاول خان، شاعر گوھرگل ڳورڙ سميت مذھبي اسڪالر علامه عابد حسين عرفاني، ھاءِ اسڪول 2 ميھڙ جي ھيڊ ماستر سائين بشيراحمد مھيسر، شاعر منظور کوسو، شاعر محبوب ڏيپر ۽ ميھڙ شھر جا سياسي سماجي اڳواڻ پڻ پروگرام ۾ شريڪ ٿيا.
    شھيد جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ جتي سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪنن ڳورڙ برادري سان گڏ اتي شھيدشايان جي ساٿي دوست سنڌ يونيورسٽي ۾ اعلى تعليم پرائيندڙ مختلف ڊپارٽمينٽ جا شاگرد پھتا ۽ پڻ شريڪ ٿيا.
    شھيد شايان جي زندگي تي ڳالھائيندي صدارتي مھمان سردار غلام دستگير ڳورڙ چيو ته شايان ھڪ اھڙو گل ھيو جنھن جي خوشبوءِ ڪومائجي وڃڻ کان پوءِ به برقرار رھندي ۽ سندس سياسي، سماجي خدمتون تاريخ جي سھڻن اکرن ۾ لکي وينديون، ايڏا وڏا پروگرام ۽ تعزيتي ميڙاڪا ڪنھن ارب پتي ،کرب پتي ماڻھن جي نصيب ۾ به نه ٿيندا آھن، مذھبي اسڪالر علامه عابد عرفاني چيو ته (شايان علي) جو مطلب آھي ته وڏي شان وارو ھن چيو ته نوجوان شاگرد اڳواڻ جو وڇوڙو ۽ شھادت سندس دوست وچ ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو جيڪو ڪڏھن به ڀرجي نه سگھندو.
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي سينيئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته ميھڙ جي سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ شاگرد اڳواڻ شھيد شايان علي شير ڳورڙ پنھنجي ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو سوين سالن تائين ياد ڪيو ويندو، هن چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ اندر جيڪي به (اين جي اوز) ڪم ڪري رهيون آهن
    انهن اڄ تائين سماج ۾ ڪابه مثالي تبديلي ناهي آندي جڏهن ته شاگرد سياست ۾ تڪڙو اڀري ايندڙ شايان اهڙو ته پنهنجو شان ٺاهي ويو جو هر ماڻهو سندس زندگي کي ياد ڪري روئي رهيو آهي.اها تبديلي ڪنهن (اين جي اوز) يا سماجي تنظيم جي ناهي پرسٺي سياست جي تبديلي آهي اهڙي طرح اڄ جي نوجوانن کي گهرجي ته ڪنهن به سٺي سياسي پارٽي جو حصو بڻجي ( شايان) بڻجي وڃي سياسي سماجي اڳواڻ سيد محمد شاه آف ميهڙ چيو ته شايان جي شهادت جي خبر سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڇانيل رهڻ سبب ميهڙ جو ماحول لڳاتار سوڳوار بڻجي ويو، ھن چيو ته ٻن ھفتن تائين سندس شھادت جو ذڪر ٿيندو رهيو ته شاگرد اڳواڻ شهيد شايان سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندو، پيپلزپارٽي جي سينيئر وڪيل اڳواڻ ۽ شھيد شايان جو وڏي ڀاءُ جيان رھندڙ سينيئر وڪيل امجد حسين ٻلھڙو جڏھن اسٽيج کان ڊائيس طرف شھيد جي زندگي بابت ڳالھائڻ آيو ته پن پن ٿي جھري پيو ۽ اکين مان نير ھاريندي چيو ته شايان جي اھا مرڪ اڄ به مون کي ياد آھي، شايان جون يادگيريون اسان کان وسرڻ جوڳيون ناھن، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي جيڪڏھن ھي لُڙڪ اجازت ڏين ته آءُ اڃان به ڪيتريون ئي شھيد جون خوبيون ۽ مرڪون بيان ڪري سگھان ٿو پر آءُ اڄ پنھنجي لڙڪن ۽ شھيد جي اچانڪ وڇوڙي ھٿان ايترو ته مجبور آھيان جو ڪنھن موضوع تي ڳالھائي نٿو سگھان جنھن کان پوءِ پنڊال ۾ ويٺل سوين ماڻھن کي سوڳوار ماحول ۾ ڇڏي ڊائيس تان مائيڪ ڇڏي پنھنجي ڪرسي تي ويٺو.
    دانشور، اديب، ليکڪ رياض چانڊيو چيو ته ھن وقت اسان جي ھتي گڏ ٿيڻ جو سبب شھيد شايان جو اوچتو وڇوڙو سائين علي شير ڳورڙ جيڪو ننڍڙي فيملي سان تعلق رکي ٿو پر اڄ ھزارين آلين اکين ۾ شھيد شايان سمايل آھي انھيءَ جو سبب سائين علي شير ڳورڙ جي بھتر تربيت ۽ سٺي سوچ سماجي خدمتن ۽ بھتر سياست سان گڏ اعلى حڪمت عملي پڻ شامل آھي.
    جنھن سبب اسين اڄ سندس نوجوان فرزند جي شھادت تي غمگين آھيون ھن چيو ته شايان جون تقريرون ۽ شاعري جي پڙھڻ جو انداز ۽ آواز اڄ به منھنجن ڪنن ۾ ڪڙڪاٽ ڪري گونجي رھيو آھي. تعليمي جاڳرتا ريلي ھجي يا ڪالاباغ ڊيم خلاف مظاھرو ھجي ھر فورم تي سنڌ دشمن منصوبن ۽ جمھوريت دشمن قوتن خلاف شھيد جون ارڏايون اڄ به منھنجي اندر ۾ سمايل آھن.
    آءُ پنھنجي ساٿي دوست شھيد شايان جي ياد ۾ پنھنجي تنظيم پاران تعزيتي ميڙاڪي ۾ آيل عزت ماب مھمانن ۽ مقررين جي اجازت سان پنڊال ۾ ويٺل سوين شھرين ۽ پارٽي ڪارڪنن کي شھيد جي زندگي بابت گھڻو ڪجھ ٻڌائڻ پئي چاھيو پر ٽائيم کي نظر ۾ رکندي شھيد سان گھاريل اھي يادگيريون ۽ يادگار لمحا ڪٿي ٿا وسرن جو آءُ ھڪ مقرر ٿي ڪري ويٺلن کي مخاطب ٿي سگھان.
    شھيد پنھنجي والد محترم کي بچائيندي امر ٿي ويو، پر اسان جي وچ ۾ ھڪ اھڙو خال پيدا ڪري ويو آھي، جو ڪڏھن به ڀرجي نه سگھندو.
    بھادر ساٿي جون مرڪون ۽ سنڌ جو ڏک اکين ۾ اڳيان تازو بيٺو آھي، آءُ سندس جي وڇوڙي بابت ايترو چوندس.
    توکي ڪير وساري سائين،
    توکي وسارڻ اوکو ھوندو،
    پنھنجو پاڻ سان دوکو ھوندو،
    جيسين موت نه ماري سائين،
    توکي ڪير وساري سائين،

    شھيد جي وڇوڙي کان ڇھ مھينا اڳ منھنجي ننڍڙي ڀاءُ جي شادي ٿي ھئي جنھن ۾ شھيد جون خوشيون ائين پيون لڳن ڄڻ ته باغي کي پنھنجو ديس آزاد مليو ھجي، ان جي اھا خوشي اڄ به ساھ ۾ سانڍيل آھي، شھيد پنھنجي زندگي ۾ خوش مزاج ۽ قربائتو ھيو، جڏھن مير صداقت جي شادي تي ايڏي خوشي جو سبب پڇيو ته شايان مرڪندي وراڻيو ھي قرض طور ڏيون پيو وڃان ڇاڪاڻ ته ايندڙ سال ھن ئي مھيني ۾ جڏھن سنڌ پنھنجو سائو ويس مٽيندي ته آءُ به ان وقت لائون لھندس ۽ پوءِ اوھان ھي منھنجو قرض لاھجو پر اسان کي ڪهڙي خبر ته سنڌ ڌرتي جي گرم موسم ۾ ٿڌي طبيعت جو مالڪ 14مئي تي اسان کان وڇڙيو ڀٽائي جي بيت کي ساڀيان ڪندو.لطيف سائين اهڙن گهوٽن ۽ جوڌن ارڏن پٽن بابت فرمايو ته:
    گهوڙن ۽ گهوٽن ، جيئن ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.


    18 مارچ ٽيون ڏينھن وڪا موري کان نصيرآباد

    18 مارچ ٽيون ڏينھن وڪا موري کان نصيرآباد

    ”تعليمي انقلاب ڪتاب تان ورتل“


    ڪتاب جو نالو: تعليمي انقلاب، پيج 110 کان 113 تائين ورتل
    مرتب: دين محمد ڪلھوڙو، منظور ڇڄڙو، ڀائو درمحمد ٻرڙو
    ڇپائيندڙ: نئون ويساهه پبليڪيشنز حيدرآباد سنڌ، ڊسمبر 2014ع
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    ان تان ورتل 18 مارچ ٽيون ڏينھن وڪا موري کان نصيرآباد پيج 110 کان 113 تائين ورتل. تعليم بچايو- سنڌ بچايو لاءِ ھڪ عظيم الشان تاريخي پيادل لانگ مارچ 16 مارچ کان 19 اپريل 2014ع تائين لاڙڪاڻي کان ڪراچي سنڌ اسيمبلي تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو ويو ٽيئن ڏينھن جمع جو وڪا موري کان نڪري قافلو نصيرآباد جي ويجھو رسيو ته وارھ ڳوٺ آڍو خان لاشاري مان 27 ڄڻن جو ھڪ جٿو اچي قافلي ۾ شامل ٿيو، جنھن ۾ وارھ مان ڪھي آيل دوست علي اصغر ميراڻي، محمد جمن ميراڻي، عبدالوحيد تنيو شامل ھئا، قافلو ڊگري ڪاليج نصيرآباد پھتو هت ڪاليج جي استادن مان پروفيسر سڪندر گائينچي (پرنسپال)، پروفيسر اختر علي ڪلھوڙو، سميت اي-جي-پي جي مرڪزي اڳواڻ منظور ڇڄڙي، جساف (بشير قريشي گروپ) جي مجاھد سومري، منور ميراڻي، آفتاب ڦلپوٽي، (جنرل سيڪريٽري) پڻ قافلي جي مرحبا ڪئي ۽ اي جي پي جي ھن قدم کي ساراھيو، قافلو نصيرآباد شھر ۾ پھتو ته شھرين ھن قافلي جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪئي. شھر جي مين چوڪ تي عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻن حريف خان، چانڊئي، حسين بخش ناريجي، نورنبي راھوجي، صلاح چانڊئي، فقير ھدايت الله چانڊئي، رياض چنجڻي، سجاد ٻرڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو قافلو ڌامراھ واھ تي پھتو ته اتي ڳوٺ قائم خان مغيري جي رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قافلي جي پرجوش آجيان ۽ گلن جي ورکا ڪئي ۽ ھنن قافلي جي ساٿين کي ڪول ڊرنڪ ۽ ٿڌا پاڻي پيئاريا ۽ ڳوٺ سوجھري خان ڳورڙ تائين قافلي سان گڏ لانگ مارچ ڪيو ڇوته رات ترسڻ جو پروگرام ڳوٺ سوجھري خان ڳورڙ ۾ سائين علي شيرڳورڙ وٽ طئه ٿيل ھو.
    گنجڙوٺ شاخ تي ڳوٺ سوجھري ڳورڙ جي ماڻھن قافلي جو ڀرپور استقبال ڪيو آجيان ڪندڙ ۾ اي جي پي اڳواڻن مان غوث جتوئي، منظور مھيسر، احمدخان چانڊئي، S.S.O جي اڳواڻن شايان ڳورڙ، جنيد ڳورڙ، فاروق ڳورڙ، صداقت ڳورڙ، بصير ڳورڙ ۽ ڳوٺاڻن مان ڳوٺ سوجھري ڳورڙ جو چڱو مڙس سرائي منورخان ڳورڙ،سرائي مظھر علي خان ڳورڙ، ڳوٺ بھاول خان ڳورڙ جي چڱي مڙس سرائي بھاول ڳورڙ شوڪت علي نديم ڳورڙ ۽ ٻيا شامل ھئا. قافلو ڌامراھ واھ جي ڀرسان ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ۾ سائين علي شير ڳورڙ وٽ ترسيو.


    19 مارچ (چوٿون ڏينھن) سوجھرو خان ڳورڙ کان ميھڙ

    19 مارچ (چوٿون ڏينھن) سوجھرو خان ڳورڙ کان ميھڙ

    (ڪتاب تعليمي انقلاب پيج نمبر 116 تان کنيل(


    19 مارچ (چوٿون ڏينھن) سوجھرو خان ڳورڙ کان ميھڙ: سنڌ ۾ تعليم بچايو جي بحالي تعليمي ايمرجنسي جي نفاذ لاءِ نڪتل پيادل لانگ مارچ چوٿين ڏينھن، ڳوٺ سوجھري ڳورڙ بعد منجھند جو پير بري دائريو ۾ پھتو جتي S.S.O جو مرڪزي اڳواڻ شايان ڳورڙ شفيق، گل بھادر، تابش، طالش، عاقب، ڪاشف ڀٽي، بشير ڀٽي، سرفراز، منور علي، سرائي مظھر علي خان ڳورڙ، مدد علي ڳورڙ، شوڪت علي، ڪاشف علي سھول، نديم ۽ ڳورڙ برادري جي ٻين دوستن سائين علي شير ڳورڙ جي اڳواڻي ۾ مانجھاندي جو بندوبست ڪيو، مانجھاندي کان پوءِ انڊس ھاءِ وي کان پنھنجو سفر جاري رکندي رستي ۾ شايان ڳورڙ جا پر جوش نعرا ۽ خطاب قافلي کي گرمائيندا ۽ ھمتون ڏياريندا رھيا، شايان خطاب ۾ چيو ته پيرن ۾ لڦون ڀلي ھجن پر منھن تي مرڪ ھجي سسئي جا پنڌ لطيف لکيا پر اوھان جا پنڌ تاريخ لکندي ان سفر ۾ حسين بخش ناريجي، ڀائو درمحمد ٻرڙي، اياز چانڊئي، ڪليم ملڪ، محمد صلاح چانڊئي، ايڊووڪيٽ لياقت ملڪ، احمد خان چانڊئي، منظور مھيسر، سائين علي شير ڳورڙ جي اڳواڻي ۾ شام جو 4 وڳي ميھڙ پھتو، لانگ مارچ جي قافلي کي ميھڙ جي ڳوٺن سوجھرو ڳورڙ، بھاول ڳورڙ، عاقل سولنگي، ڪوٽ بخشل خان ڏھر، پير بري دائريو، گل محمد واھ، راڄ واھ سميت مختلف ڳوٺن جي ماڻھن گلن جي ورکا ڪئي، ۽ ڀرپور استقبال ڪيا جڏھن قافلو ميھڙ باءِ پاس پھتو ته S.N.M سنڌ نيشنل مومينٽ جي اڳواڻ سڪندر علي سوڍر جي اڳواڻي ۾ گلن جي ورکا ڪئي ۽ جڏھن قافلو ميھڙ پھتو ته تعلقي اسپتال وٽ جسقم ايس.ٽي.پي سنڌ نيشنل مومينٽ، سنڌي ادبي سنگت پي.ٽي.الف سي.ڊي.سي جيئي سنڌ تحريڪ، شيخ اتحاد سميت شھر جي سياسي سماجي تنظمين سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ شھرين گلن جي ورکا ڪري قافلي جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ تعلقي اسپتال ميھڙ کان اي.جي.پي مرڪزي اڳواڻ سائين علي شير ڳورڙ، منظور مھيسر، احمدخان چانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، گھنٽاگھر وٽ جلسو ٿيو جنھن جي انائونسمينٽ ايس.ايس. او جي مرڪزي اڳواڻ شايان ڳورڙ ڪئي، جلسي کي ميھڙ بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري عبدالحليم ٻگھئي، ايڊووڪيٽ ساجد ڳورڙ پروفيسر منظور ڇڄڙي، ڀائو درمحمد ٻرڙي، حسين بخش ناريجي ۽ اقرار چانڊئي خطاب ڪيو، اڳواڻ علي شير ميھڙ ۾ قافلي جي آجيان ڪئي، آجيان ڪندڙن ۾A.J.P جي دوستن سميت جسقم جو اڪبر کوکر، شيخ برادري جو صدر انور شيخ، شھري اتحاد ميھڙ جو اڳواڻ عبدالستار چنو، عبدالحليم ٻگھيو، ايڊووڪيٽ اقرار چانڊئي، عاشق سولنگي، اعجاز چانڊئي، سڪندر علي سوڍر ۽ ٻيا شامل ھئا.
    ميھڙ ۾ آجياڻو اقرار چانڊئي ڏنو، جسقم اڳواڻ اڪبر کوکر خطاب ۾ اي.جي.پي جي لانگ مارچ سان ساٿ نڀائڻ جو يقين ڏياريو چيو ته پنجاب سامراج سنڌي قوم کي غلام بڻايو آھي، انور شيخ خطاب ۾ چيو ته ھن رياست ۾ سنڌي ماڻھن سان ويساھ گھاتي ڪئي پئي وڃي، ۽ اسان جا تعليمي ادارا ھٿ وٺي تباھ ڪيا پيا وڃن، ھن سڀني کي اپيل ڪئي اچو ته اي.جي.پي وارن جو ساٿ ڏيون S.N.M جي اڳواڻ سڪندر سوڍر تقرير ۾ A.J.P جي ھن قدم کي ساراھيو ۽ پنھنجي تنظيم طرفان مڪمل ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، ايس، اين، ايم جي اڳواڻ سڪندرسوڍر، پاويل جوڻيجو، حبدار چانڊئي، لياقت ڏيپر، غلام نبي سوڍر، غلام مصطفى چانڊئي، صفدر چانڊئي، منير سوڍر ۽ ٻين اڳواڻن قافلي جي نعيم ڀنڊ،اسحاق سوڍر، اشرف چانڊئي، امتياز علي چانڊئي، خالد حسين چانڊئي پانڌيئڙن کي مقامي ھوٽل ۾ آجياڻو ڏنو، غلام مصطفى، سنڌي ادبي سنگت جي آزاد انور ڪانڌڙي صحافي رياض چانڊئي، پاويل جوڻيجي پڻ خطاب ڪيو ۽ مارچ جي پانڌيئڙن کي خراج عقيدت پيش ڪئي، قافلي جي رات جي ماني ۽ رھائش جو بندوبست ميھڙ ۾ ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگھئي ڪيو، ۽ صبح جو ناشتو S.N.M جي اڳواڻ سڪندر سوڍر ڪرايو، جيڪو پانڌيئڙن سان باءِ پاس ميھڙ تائين گڏ ھليو ۽ قافلو ڪي.اين. شاھ لاءِ روانو ٿيو.


    شاگرد اڳواڻ شهيد شايان ڳورڙ جي پهرين ورسي جو اکين ڏٺو احوال

    شاگرد اڳواڻ شهيد شايان ڳورڙ جي پهرين ورسي جو اکين ڏٺو احوال

    ڪيڊٽ فراز غوث جتوئي


    12 مئي ڇنڇر 2018ع تي سنڌ جي مشهور ۽ تاريخي ڳوٺ سوجهرو خان ڳورڙ ۾ اسان کان وڇڙي ويل پياري دوست ۽ ڀاءُ ادا شايان ڳورڙ جي پهرين ورسي جو پروگرام رٿيل هو. عوامي جمهوري پارٽي ضلع دادو پاران قومي سٿ جي بهترين ۽ جاکوڙي ساٿي جي پهرين ورسي ۾ شرڪت لاءِ آءٌ بابا سان گڏ حيدرآباد کان 11 مئي تي پنهنجي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي پهتس.
    جيئن ته ورسي تقريب وارو پروگرام 12 مئي ڇنڇر تي شام 7 بجه رکيل هو. آءٌ بابا ۽ چاچا احمد خان سان گڏجي ٺيڪ 5 وڳي ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ پهتس.
    جتي خوبصورت پنڊال سجايو پئي ويو S.S.O جا سرگرم دوست شهيد جو ڀاءُ محمد علي، بصير ڳورڙ، نديم ڳورڙ، وڪيل صداقت علي ڳورڙ، ساگر حسين ڳورڙ، طاهر شعبان ڳورڙ، امان الله ڳورڙ، ڪاشف سهول ۽ ٻيا ڳوٺاڻا اسان سان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان مليا. ڪجهه لمحن کان پوءِ چاچا نور نبي راهوجو، محترم سائين واحد بخش لانگاهه ۽ خوبصورت شاعر محترم رحمت آخوند وارا به اچي پهتا. پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ شهيد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ان جي مزار تي A.J.P جو جهنڊو ۽ گلن جي چادر چاڙهڻ لاءِ فريد شاهه قبرستان (ساٿين جي وڏي قافلي جي صورت پهتاسون) چاچا سائين علي شير صاحب پنهنجي وڇڙي ويل ڪنڌار پٽ جي قبر مٿان هڪ خوبصورت مزار جوڙائي آهي.
    ڪتبي مٿان جمن دربدر جي شاعري جون هي امر سٽون لکيل هيون.
    وٺي هر هر جنم وربو
    مٺا مهراڻ ۾ ملبو.
    دل ئي دل ۾ پنهنجي سورهيه ساٿي کي سرخ سلام ڪيم. مونکي عظيم چيني اڳواڻ جا اهي لفظ ياد آيا ته: “شاندار زندگي ۽ عظيم موت!” ها واقعي هن جي عظيم زندگي هئي هن جي ڪشادي سيني ۾ سنڌ هئي ۽ سنڌ جا سور هئا. دنيا جي عظيم گوريلا ليڊر چي گويرا جي چاپائين ڏاڙهي کان متاثر ٿي اهڙي اسٽائيل جي ڏاڙهي رکائيندڙ شهيد شايان ڳورڙ کي عقيدت جا گل ارپڻ لاءِ ڏسندي ڏسندي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان سندس ساٿين ۽ دوستن جا قافلا اچڻ شروع ٿي ويا. بلوچستان جي دنگ واري ضلعي جيڪب آباد مان جکراڻي سردارن جو نوجوان ۽ A.J.P جو مرڪزي رهنما محترم تاج خان جکراڻي، امر جليل جو ڳوٺائي ۽ A.J.P جو مرڪزي اڳواڻ چاچا حڪيم زنگيجو صاحب پهتا ته اسٽيج تان سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي.
    شهيد شايان اسان جي پارٽي ۾ هڪ پرجوش انائو نسر طور سڃاتو ويندو هو.
    پر اڄ جڏهن مون شهيد جي ننڍي ڀاءُ ادا بصير کي شايان جهڙي انداز سان انائونسمينٽ ڪندي ڏٺو ته اياز جون هي سٽون ذهن تي تري آيون ته:
    جي راههَ اجل ڪنهن ورتي آ
    هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ
    هڪڙو پرجوش قافلو ميهڙ لڳ سيد جو ڳوٺ مان سيد نويد شاهه، الطاف حسين خاصخيلي، ڳوٺ گنجا مان الطاف حسين ملاح، صداقت ملاح جي اڳواڻي ۾ پهتا. ٻيو پرجوش قافلو موهن جي دڙي ۽ ڪامريڊ سوڀي جي پاڙيسري ڳوٺ عمر ڀيو مان شفقت چنه، نياز چنه، ڳوٺ بچل شاهه مان آصف چنه، معراج چنه، ڳوٺ ڇتو واهڻ مان صدام چنا، حاجي شاهه محمد چنا، فريد آباد مان اقرار چانڊيو، قمبر شهدادڪوٽ مان ڌڻي بخش بليدي، وارهه مان ڪامريڊ محمد صلاح چانڊيو، ڄامشورو مان نور نبي راهوجو، رحمت آخوند، دولت پور مان سائين واحد بخش لانگاهه، لاڙڪاڻو مان چاچا محمد يوسف پنهور، ٺري ميرواهه مان چاچا روشن علي ٻگهيو، ميهڙ سٽي مان شهيد شايان ڳورڙ لائبريري جو انچارج سائين سيد اعظم علي شاهه صاحب، تعليمي ماهر سائين عبدالرحيم شاهه جا فرزند سيد فهيم شاهه صاحب، سائين روي ڪمار صاحب، رضوان حيدر تنيو، ماجد پنهور، نوشاد ٿيٻو جي قيادت ۾ قافلا پهتا.
    سماجي تنظيم حق فائونڊيشن جو قافلو چيئرمين سائين عابد ڪلهوڙو، وڪيل ساجد علي چانڊيو، صمد ٻگهيو جي قيادت ۾ پهتو سمورن قافلن جي ڀرپور آجيان ڪئي پئي وئي.
    ٺيڪ 8 وڳي پروگرام جي شروعات سائين حبيب حضوري جي تلاوت سان ڪئي وئي. آجيان لاءِ شهيد جي سئوٽ نامياري وڪيل محترم فاروق احمد ڳورڙ صاحب کي سڏيو ويو. جنهن مهمانن جي آجيان ڪئي. اسٽيج تي A.J.P جي اڳواڻن محترم نور نبي راهوجو، محترم حڪيم زنگيجو، محترم تاج خان جکراڻي، محترم واحد بخش لانگاهه، اقرار چانڊيو، محترم غوث جتوئي، محترم منظور مهيسر، محترم وڪيل فاروق احمد ڳورڙ، پ پ اڳواڻ سردار غلام دستگير ڳورڙ، سنڌي ادبي سنگت جو اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو ۽ ٻين کي ويهاريو ويو ۽ خطاب ڪيو.
    ساس ٿرڙي محبت جي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي ڊاڪٽر آزاد منگي ترنم ۾ گيت ٻڌائي داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي مقررن شهيد شايان ڳورڙ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته “شهيد شايان ڳورڙ قومي تحريڪ جو اثاثو هو. هن ننڍپڻ کان ئي سنڌي قوم جي خوشحالي ۽ آجپي جي دل ۾ آس رکي جدوجهد ڪئي. هو ڪميٽيڊ ڪارڪن هو.”
    تقريرن جي نشست کانپوءِ آيل سوين مهمانن کي ماني کارائي وئي.
    ٻئي نشست ۾ صوفياڻي محفل جو اهتمام هو. جنهن ۾ نوابشاهه مان آيل نوجوان صوفي راڳين رضوان چانڊيو ۽ ڪامران چانڊيو، سچل سائين، بُهلي شاهه، سلطان باهو، اعجاز سائين جا صوفياڻا ڪلام ٻڌائي محفل ۾ ويٺل سوين ماڻهن تي وجداني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. ورسي جي تقريب رات دير تائين هلندي رهي.


    شهيد شايان جي باري ۾ لکيل تاثرات

    ”شايان علي گھوٽ اڻموٽ“

    ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ،
    ڪڏھن مڙهه مقام جو.


    اڄ شايان جي وڇوڙي تي ھي تاثراتي بوڪ آڻائڻ به ڄڻ وڏو دل تي پٿر رکڻو آھي. پر حقيقت کان منھن نٿو موڙي سگھجي. شايان گھوٽ اڻ موٽ ھو. اسان جي شايان تي محنت، تربيت ھئي. ھن ۾ جوھر به ھئا، ھو اسان جي مستقبل جو تمام وڏو ماڻھو ھو. پر افسوس زندگي ساٿ ايترو نه ڏنو. اميد ته پونيئرن کي خاص ڪري سائين علي شير کي رب سائين صبر جي توفيق ڏيندو.
    روشن علي ٻگھيو
    سينئر سول جج ٺري ميرواهه

    l l l


    با اخلاق، با ڪردار ۽ سلڇڻو جوان

    اسان جي شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇڙي وڃڻ جي خبر تي مون کي ذاتي طور سخت صدمو پھتو آھي. شايان ھڪ با اخلاق، با ڪردار، نھٺو، ۽ سلڇڻو جوان ھو. شايان اسان جو دوست، ڀائيٽو ۽ سياسي سماجي جدوجھد جو ساٿي ۽ اڳواڻ ھو. سائين علي شير ۽ سندس خاندان جو ته ھڪ وڏو نقصان ته آھي ئي آھي. پر سنڌ جي نوجوان سياست جو ھڪ ناقابل نقصان پڻ ٿيو آھي.
    شايان ڳورڙ پنھنجي زندگي سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم کي بچائڻ لاءِ سدائين ميدان عمل ۾ رھيو.
    عوامي جمھوري پارٽي جي شاگرد محاذ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو بنيادي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ مرڪزي نائب صدر رھيو. ميھڙ سميت سموري سنڌ ۾ سياسي سماجي ثقافتي سرگرمين ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھيو.
    شايان ڳورڙ منھنجي ۽ سمورن جي دلين ۾ زنده رھندو.
    غوث جتوئي
    مرڪزي اڳواڻ A.J.P سنڌ

    l l l

    شايان جي جدو جھد کي سلام
    اڄ شايان ڳورڙ جي اوچتي وفات تي مون کي سخت ڏک پھتو آھي. شايان ڳورڙ اسان جي تنظيم s.s.o جو مرڪزي عھديدار ھو. اسان جو سياسي دوست ۽ سچو انسان ھو.
    حسنين رضا ملاح
    اڳوڻو مرڪزي جنرل سيڪريٽري
    s.s.o سنڌ

    l l l



    اڙي يار!
    اڙي يار! شايان ايترو جلدي وڇوڙو ڪري ويندين! سوچيو نه ھو. ڀاءُ شايان سان ملندي ڪجھ عرصو ٿيو ھو. اڄ شايان جي وڇوڙي جو ٻڌي ڪري يقين ئي نه ٿيو!
    اڻ مندائتو موت، شل رب ڪنھن کي نه ڏي.
    سجاد حيدر سولنگي
    سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

    l l l

    وڇڙيو آھين، وسريو ناھين.
    شايان جي باري ۾ لکجي ته ھو ھڪ سٺو دوست ھو. شايان سان ڏھاڪو کن ملاقاتون ھيون، پر جڏھن به مليو سدائين کلندي مذاج ۾ مليو، عاقب جي ڪري اسان کي ڀائرن وانگر عزت ڏيندو ھيو. کل، مذاق، مشڪري، دوستن کي کلائڻ ۾ جيترو ڪنڌار مڙس ھو اوترائي ڪنڌار ٽھڪ ڏيندو ھيو. الله تعالى کيس اعلى مقام عطا فرمائي.
    عباس علي سولنگي

    l l l
    توکان ٿيندي ڌار!
    اڙي! شايان بس اوھان جي باري ۾ ڇا چوان؟ اوھان سان ملاقاتون ته چند ٿيون. پر اوھان سان جڏھن به مليس ته ڏاڍو مزو آيو ۽ خوشي ٿيندي ھئي. اوھان کان ڌار ٿيندي ڏاڍي تڪليف ۽ ڏک ٿيو.
    شاھزيب ماڇي
    سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو

    l l l


    تون شير آھين.
    شايان شير، واقع تو شير آھين.
    دنیا کی عادت ہے بدل لیتی ہے آنکھیں
    میں اس کی دم لینے کی سبب سوچ رہا ہوں

    مون ڪڏھن اھو سوچيو نه ھو ته مان شايان تي تاثرات لکندس. شايان اھو شخص ھو. جيڪو سدائين خوشگوار موڊ ۾ ھوندو ھيو، سياسي پروگرام ۾ ھجي، غمي، شادي جو موقعو ھجي اتي شايان سدائين اول پھچڻ واور شخص ھو.
    سانسوں کی مہلت کب تک ختم ہوجائے معلوم نہیں
    دکھ کوئی ملا ہو میری ذات سے تو معاف کرنا

    محمد حسن ڀرٽ ميھڙ

    l l l

    بچھڑا اس ادا سے کہ رت ہی بدل گئی،
    اک شخص سارے شہر کو ویران کر گیا۔

    We Always For Ever love With U
    سجاد علي ڳورڙ

    l l l

    شايان ڳورڙ جي وڇوڙي تي تمام گھڻو صدمو پھتو. سندن پونيئرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون.
    محمد نوح تيوڻو
    استاد ھاءِ اسڪول (1) ميھڙ

    l l l


    اسان جو سياسي دوست
    اڄ اسان کي شايان جي اوچتي خبر حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو ۽ حقيقت ۾ڪلاڪن تائين يقين نه پئي آيو.
    شايان اسان جو ڀائٽيو به ھيو ته اسان جو سياسي دوست به شايان سان منھنجون ڪچھريون ٿينديون رھنديون ھيون. لڳندو ھو ته شايان سنڌ لاءِ ھڪ بھترين ثابت ٿي سنڌ ڌرتي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. پر شايان پنھنجو سفر پنھنجي سياسي ساٿين لاءِ ڇڏي ھليو ويو. جيڪو اسان کي ياد رھندو ۽ شايد ڪنھن شايان لاءِ چيو ھيو ته.
    اسان جي مئاسين، سفر ۾ اوساٿي.
    ته ماڻيندا منزل، پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    بيريسٽر ساجد علي ڳورڙ
    اڳواڻ P.T.I سنڌ

    l l l

    شايان جي اوچتي وڇوڙي تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي. شايان با اخلاق با ڪردار ماڻھوهو. هن جو هر ڪنهن سان سٺي نموني پيش اچڻ جو رويو تمام گھڻو متاثر ڪندڙ ھو، شايان جو اخلاق، سياسي، سماجي خدمتون ھميشه ياد رھنديون.
    ڊاڪٽر ماجد علي ڳورڙ ميھڙ

    l l l

    مند نه جن جي مرڻ جي،
    مار پوئي موت، اڻ مدائتو آئين،

    گھايئي اھڙا گھوٽ مند نه جن مرڻ جي، مولا علي عه جن. فرمايو ته “ انسان کي موت ايندو آھي پر ان جي ڪردار کي نه” ڇو جو انسان جوڪردار ته زنده ھوندو آھي، شايان جو ڪردار تمام بلند ۽ اعلى ھو. انجون جيڪي ڳالھيون سندس عزيز دوست ۽ ساٿي ڪن ٿا سي بلڪل درست آھن، مولا کيس اعلى درجو عطا ڪري .
    عاشق حسين چنو ڇتو واھڻ، ڏوڪري
    l l l

    جيئڻ ٿورا ڏينھڙا
    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا،

    شاھ
    شايان جي موت جي خبر جيئن ئي سائين شعبان ٻڌائي ته زمين پيرن هٺيان نڪري وئي ۽ مان کٽ جي ٻانهين ۾ هٿ وجھي ويهي رهيس، هوش حواس گم ٿي ويا ته هي اچانڪ ڇا ٿي ويو. اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا، ڇا ته ھن جو اخلاق ھو، کلڻو ملڻو ماڻھو اسان کان جدا ٿي ويو. ڌڻي شل سندس خاندان کي صبر عطا فرمائي.
    امجد علي کوسو ميھڙ

    l l l

    بسم الله الرحمن الرحيم
    اِنَّا لِلهِ وَ اِنَّااِلَيۡهِ رَاجِعُوۡن
    الصلواة وسلام عليڪ يا رسول الله عليه وسلم
    جيئن فون جي ڪال آئي ۽ خبر پئي ته محترم جناب علي شير ڳورڙ جو فرزند ارجمند شايان جي بجلي ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري شھادت ٿي وئي آھي. ته ان وقت زمين پيرن هيٺان نڪري وئي، تمام گھڻو ڏک رسيو، جنھن جي حد نه رھي، پر الله جي رضا ۾ بندي کي راضي رھڻو آھي. اھوئي پنھنجي حڪمت جو مالڪ ۽ صاحب آھي. والدين لاءِ نوجوان پٽ جو وڇوڙو جھوريندڙ آھي. پر پاڻ سڳورن جو ارشاد آھي ته “نوجواني جو موت شھادت آھي ۽ حادثي جو موت به شھادت آھي” الله تعالى ھن جي قسمت ۾ شھادت لکي ڇڏي ھئي. ان جي ايتري زندگي ھئي. الله تعالى ان کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي آمين، شايان جھڙو ان جو نالو ھيو اھڙوئي اخلاق وارو، جسامت وارو، برد بار نوجوان، جڏھن به ان سان ملڻ ٿيندو ھيو ته وڏي ادب ۽ احترام سان پيش ايندو ھو، اسان ان جي وڇوڙي تي رشتيدارن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون. دعا آھي ته رب پاڪ کيس جنت الفرودس عطا فرمائي.
    بنده ناچيز
    مولوي عرض محمد طاھري، ميھڙ
    l l l

    گھايئي اھڙا گھوٽ
    ماري پوئي موت شل، اڻ مندائتو آئين،
    گھايئي اھڙا گھوٽ، جن جي مند نه ھئي مرڻ جي.

    شايان ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي جو ٻڌي يقين نه پئي آيو ته شايان اسان کان جدا ٿي ويو آھي.
    سائين علي شير ۽ شايان اسان ڄڻ ته ھڪ ئي گھر جا ڀاتي آھيون، شايان ھڪ بردبار، بااخلاق ۽ باڪردار نوجوان ھو، ھن ۾ تقرير ۽ ڪمپئرنگ جا به وڏا گڻ ھئا. اسان سندس خاندان سان ھن سانحي ۾ برابر جا شريڪ آھيون.
    عبدالصمد ٻگهيو
    ھ- م دائود مھيسر اسڪول
    خزاچي پ ٽ الف ميھڙ

    l l l


    منھنجو پيارو شاگرد
    شايان منھنجو پيارو شاگرد ۽ ٻچو ھو. مون ھن جي تربيت ڪئي ۽ اسٽيج جي دنيا تائين پھچايو، تمام سٻاجھڙو ۽ پيارو ٻچو ھو، نه فقط شايان پر سڀئي ڳورڙ منھنجا ڀائر، وڏا ۽ دوست آھن، مان پنھنجو پاڻ کي ڄڻ ته ڳورڙ فيملي جو ڀاتي سمجھندو آھيان، اڄ جڏھن ان جي اوچتي موت جي خبر پئي ته تمام گھڻو ڏک ۽ صدمو پھتو. دل جي ڳالھ اھا آھي ته ھن تمام ننڍڙي عمر ۾ ڄڻ ته پنھنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ۽ شخصيت ٺاھي ورتي ھئي ۽ اھا ان جي شخصيت متاثر ڪندڙ شخصيت ھئي. ھن تمام ننڍڙي عمر ۽ عرصي ۾ ھڪ تعليمي، سماجي ۽سياسي حيثيت ۾ مختلف حلقن ۾ ھڪ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت ۾ پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي. اگر جي خدا ان کي اڃان حياتي ڏيئي ھا ته ھو مستقبل ۾ ھڪ قومي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سنڌي قوم لاءِ ضرور پنھنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪري ھا!.
    توکي ڪير وساري سائين،
    توکي وسارڻ اوکو ھوندو،
    پنھنجو پاڻ سان دوکو ھوندو،
    جيسين موت نه ماري سائين،
    توکي ڪير وساري سائين.

    منور جتوئي، ٻيٽو
    مرڪزي اڳواڻ قومي عوامي تحريڪ

    l l l

    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا.

    اڄ سائين علي شير ڳورڙ جو نوجوان، بااخلاق، ذھين ۽ فضيلت ڀريو لائق فرزند پياري شايان علي جي بي وقتائتي رخصتي تي تمام ڏک رسيو، شال ڌڻي تعالى سوڳوار خاندان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    لياقت علي ڏيپر
    ھاءِ اسڪول ٽيچر
    l l l

    اڄ اسان کي دلي صدمو پھتو آھي. اسان جو جيءُ جھري پيو، جڏھن اسان کي اسانجي پياري دوست علي شير ڳورڙ جي فرزند جي اوچتي وفات جي خبر پئي. مولا پنجتن جي ڇانو ھوندس.
    رئيس پرويز احمد چانڊيو، ميھڙ

    l l l

    پياري دوست سائين علي شير جي فرزند جي اوچتي وڇوڙي تي سخت صدمو رسيو ڌڻي در دعا آھي ته سندس درجات بلند رھن.
    SIPاميدعلي شيخ، ميھڙ

    l l l

    گيت اڌورا آءُ نه ھوندس

    ڪڏھن ھوا دروازو کولي
    منھنجي گھر ۾ پيھي ايندي،
    ۽ مون کي ڪرسي تي ڳولي.
    مايوسي مان موٽي ويندي،
    منھنجي ميز مٿان سؤ ڪاغذ،
    پکڙيل ھوندا آءُ نه ھوندس.
    گيت اڌورا آءُ نه ھوندس
    ۽ ٻِيو ڇاڇا آءُ نه ھوندس.
    اسان جي يار سائين علي شير ڳورڙ جي نوجوان فرزند شايان ڳورڙ جو اوچتو ڏکوئيندڙ وڇوڙو سندس خاندان لاءِ وڏي صدمي سان گڏ اسان لاءِ به ھڪ صدمي کان گھٽ نه آھي.
    شايان ڳورڙ ھڪ متحرڪ ۽ سرگرم سياسي ڪارڪن قومي ڪارڪن ھو، ھونئن ته پڙھيل لکيل نوجوانن جو تعداد سون ھزارن ۾ ھجي ٿو. پر انھن ۾ ٿورڙا نوجوان ھجن ٿا، جن کي پنھنجي ماڻھن ،ديس ڌرتي قوم جو فڪر، تبديلي ۽ آزادي جي سوچ سندس ذھن ۾ ھجي ٿي ۽ کيس بيقرار به ڪري ٿي. شايان ڳورڙ به قومي سوچ جي جذبي سان سرشار ھو. ۽ ھن پنھنجي ديس ڌرتي ۽ ماڻھن جي خوشحالي لاءِ سياست جي شاگرد ونگ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ھڪ سٻاجھو، سادو، محبتي نوجوان ھو. سندس ڪمھلو وڇوڙو ڏاڍو ڏکوئيندڙ آھي.
    آزاد انور ڪانڌڙو
    مرڪزي ترجمان سنڌي ادبي سنگت

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جو ننڍي عمر ۾ وڇوڙو وساري نٿو سگھجي. شايان علي بھترين انسان ھيو، شايان علي جي ننڍي عمر ۾ سوشل ڪمن کي وساري نٿو سگھجي
    ذوالفقار علي کوسو
    جنرل سيڪريٽري گسٽا ضلع دادو

    l l l

    شايان جي موت مائٽن کان سواءِ دوستن کي به صدمي ۾ وجھي ڇڏيو آھي.
    گلاب خان ڳن
    رپورٽر: عبرت ٿرڙي محبت

    l l l

    شايان جي موت جي خبر ٻڌي سچ ته ڄڻ اکين آڏو اونده ٿي وئي ھئي. ھو نه صرف اسان جو مائٽ ھيو. پر ڄڻ ته دلي دوست به ھو. شايان يارن جو يار ھو. اھڙا مکڻ ماڻھو صدين بعد پيدا ٿيندا آھن.
    ڊاڪٽر ذوالفقار ڳورڙ

    l l l



    رھنمائي ڪندڙ
    شايان علي جو اوچتو وڇوڙو ڪنھن صدمي کان گھٽ نه آھي. آءُ نواب شاھ ھيس ته منھنجي ڀائٽي، شايان علي جي شھادت جي خبر ڏني. يقين ئي نه پئي آيو. ته ڪو شايان اسان کان جدا ٿي ويو.
    .آءُ اھو چوندس ته شايان منھنجي رھنمائي ڪندڙ ھيو. ننڍڙي عمر ۾ شايان ھڪ ليڊر طور اڳيان آيو. وڏين خوبين جو مالڪ ھيو. شايان جو خال ڀرڻ ڏکيو آھي.
    حاجي عبدالشڪور ٻگھيو،
    چيئرمين حق فائونڊيشن، ميھڙ

    l l l

    شايان جي وڇوڙي کي وساري نٿو سگھجي، ھو بھترين انسان ھيو. ھن ننڍڙي ڄمار ۾ پنھنجي جدا سڃاڻپ پيدا ڪئي.
    غلام مصطفى ٻگھيو، چارو
    سوشل ورڪر، ميمبر حق فائونڊيشن

    l l l

    ھڪڙو قومي نقصان

    اڄ سائين علي شير جي فرزند شايان جي تڏي تي دعا گھرڻ آياسين. شايان جي وفات سائين علي شير لاءِ ته وڏو صدمو آھي. پر مان سمجھان ٿو ته اھو ھڪڙو قومي نقصان به آھي، ڇو ته 22 سالن جو ڳڀرو نوجوان ميھڙ شھر جي عوامي ۽ قومي مسئلن تي ھميشه اڳڀرو رھيو ۽ وڏي جوش ۽ جذبي سان بي لوث خدمت ڪيائين ۽ جيڪڏھن موت کيس ھڪ موقعو ٻيو ڏئي ھاته گھڻو ڪجھ ڪري وڃي ھا.
    پر اڄ سندس مائٽ روئندڙ ۽ سِسڪندڙ حالت ۾ آھن ۽ پاڻ اھڙي ڏيھ ھليو ويو آھي. جو کيس ڳولڻ بلڪل ناممڪن آھي.
    میں تیرے اجنبی شھر میں ڈونڈتا پھر رھا ھوں تجھے ،
    مجھ کو آواز دے مجھ کو آواز دے،

    گل حسن مغيري، وڪيل

    l l l

    اسان جي مئاسين، سفر ۾ او ساٿي،
    ته ماڻيندا منزل، پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    انتھائي ڏکوئيندڙ خبر ڪالھ شام ڌاري گذري، تمام گھڻو ڏک ٿيو. اسان جي سفر جي ساٿي سائين علي شير جي جوان فرزند جي وڇوڙي دل کي جھوري وڌو، اسان سندس خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آھيون.
    ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي
    عوامي تحريڪ ميھڙ

    l l l

    رب جي رضا تي راضي رھڻو آھي.

    شايان جي شھادت جي خبر ٻڌي يقين ئي نٿي آيو. ته ڪو شايان اسان کان وڇڙي ويو آھي، شايان سلڇڻو ۽ بااخلاق نوجوان ھيو.
    فقير شمس الدين آڳرو ميھڙ

    l l l

    اسان جي مئاسين، سفر ۾ او ساٿي،
    ته ماڻيندا منزل، پنهنجا ڍول ڍاٽي.

    شل ڪنهن جو نوجوان پٽ ڪنهن کان جدا نه ٿئي!!!!!!.
    فياض احمد انصاري ميهڙ.

    l l l


    شايان گهوٽ

    ادا علي شير منهنجا ڀاءَ ڪهڙا تا ثرات لکون، بس شهيد گهوٽ کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏيون ٿا
    عاشق علي کوسو
    P.T.I مڊل اسڪول منگواڻي

    l l l

    با صلاحيت نوجوان جو وڇوڙو.

    سماجي ڪمن ۾ هميشه اڳڀرو رهندڙ شهيد شايان ڳورڙسنڌ جو عاشق هو. تمام گهڻين خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ هو. پاڻ سدائين انساني خدمتن ۾ اڳڀرو رهندو هو. سدائين نوجوانن جي دلين ۾ زندھ رهندو.
    شفيق احمد چنه
    صدر الشفيق ويلفيئر ايسوسيشن
    لال شاھ ڪالوني ميهڙ.

    l l l

    موت بر حق آهي.
    شايان ! اُف

    اها خبر ته شايان جيڪو مون کي پنهنجي پٽ وانگي پيارو هئو، هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ته منهن جي لاءِ وڏو صدمو هئي. شايان پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ هڪ وڏي سوچ جو مالڪ هيو، هو هر ڪنهن جو هر دلعزيز ۽ پنهنجي حلقهءِ احباب جي اکين جو تارو هئو. ۽ مون اهڙا نوجوان تمام گهٽ ڏٺا آهن. موت بر حق آهي. مگر ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار سان گفتار سان ۽ عمل سان موت جهڙي ڀيانڪ شئي کي به شڪست ڏئي ويندا آهن. شايان انهن مان هڪ آهي.
    اسان جي دعا آهي خاص طور سائين علي شير ۽ سائين حسين بخش ڳورڙ لاءِ اها آهي.
    (p.t.c) ته هو هميشه خوش رهن ۽ کين هن صدمي کي سهڻ جي رب پاڪ کين توفيق عطا ڪري ۽ شايان شهيد کي الله تعالى جنت ۾ جاءِ ڏئي آمين.
    غلام دستگير ڳورڙ
    چيئرمين ٽائون ڪاميٽي راڌڻ ۽
    جنرل سيڪريٽري پ پ ضلع دادو.

    l l l

    جيڪي جيءَ کي جيارين
    سي لاهوتي لڏي ويا

    شايان علي ڳورڙ جي اچانڪ وڇوڙي تي دلي صدمو رسيو آهي. هن گهوٽ پٽ جي وڇوڙي تي رب پاڪ ان جي والد سائين علي شير کي صبر جي توفيق فرمائي.
    اسان محترم علي شير سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
    بدرالدين سهول
    سابق صدر ميهڙ پريس ڪلب

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي تي ميهڙ واسين ۽ دوستن کي دلي صدمو رسيو. هن جو خال تمام ڏکيو ڀربو.
    شوڪت علي پلهه، احسان علي پلهه
    ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ.

    l l l



    شهيد شايان علي ڳورڙ هڪ مدبر، غيرت مند ۽ جوش جذبي رکڻ وارو شاگرد هو. جڏهن اسڪول ايندو هو ته ٻار سندس صحبت ۾ ويهندا هئا. ۽ ٻار چوندا هئا. ته شايان کان اسان گهڻو ڪجهه سکي رهيا آهيون. ان کان علاوه سماجي مسئلا به پاڻ ٻين سان گڏجي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا هيا. سندس اچانڪ وڇوڙي تي سڄي ميهڙ سوڳوار ٿي وئي.
    سيد ذوالفقار علي شاهه
    H.S.T هاءِ اسڪول ون.

    l l l

    محترم سائين علي شير ڳورڙ جي جوڌي ۽ ارڏي پٽ شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي تي سڄي ميهڙ سوڳوار نظر آئي، موت ته هڪ اٽل حقيقت آهي. مگر شايان علي جي شخصيت يا ان جي تصوير وڌيڪ چٽي نظر آئي. جڏهن ان جي جنازي نماز ۾ مڪمل ميهڙ ۽ آسپاس جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ان جي با اخلاق هجڻ جو ثبوت ڏنو. اسان جي دعا آهي. ته محترم شايان علي شهيد جي ناتي جنت ۾ هوندو، شايان جي جملي خاندان کي هن ڏک سهڻ جي طاقت عطا فرمائي.
    اقبال احمد لاکير
    ھ پ گ اسڪول نئون ڳوٺ

    l l l

    مار پوئي موت گهايئي اهڙا گهوٽ.
    مند نه جن جي مرڻ جي.

    اهڙا جوڌا صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي تاريخ ۾ ياد رهن ٿا. سائين علي شير جي فرزند ارجمند جي حياتي ۾ والدين جو حق ادا ڪيو. محترم شايان علي جو چهرو جهڙو حسين هيو. اوترو ئي نيڪ سيرت هيو.
    احمد رضا بن مولوي
    حزب الله آڳرو ميهڙ
    l l l

    شايان ڳورڙ جي خبر پئي ته دل مڃي نه پئي. ته نوجوان شاگرد ائين وڇڙي ويندو. اهو تمام وڏو صدمو آهي.
    شايان اسانجو ڀائيٽو هيو. جتي ملندو هو. لک عزتون ڏيندو هيو. اڄ هو اسان کان هميشه لا ءِ موڪلائي ويو آهي ڌڻي در دعا آهي سندس خاندان هي صدمو سهي سگهي، مونکي دلي طرح ڏاڍو ڏک ٿيو آهي پر ڇا ڪجي موت کي.
    فاروق سومرو گاهي جو ڳوٺ

    l l l

    شھيد شايان ڳورڙ وڏو ھمدرد انسان ھيو. ھن ميھڙ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو.
    ايڊووڪيٽ اسدعلي مھيسر
    ميھڙ

    l l l

    شايان ڳورڙ ھڪ بھترين شاگرد اڳواڻ ذھين، سوبر ۽ مدبر ماڻھو ھو. ھن جو اوچتو وڇوڙو خاندان سميت دوستن لاءِ وڏو صدمو پڻ آھي.
    جميل احمد مھيسر
    سابق صدر ميھڙ پريس ڪلب

    l l l

    پياري دوست علي شير جي ڳڀرو پٽ شايان جي اوچتي وڇوڙي تي مون کي تمام گھڻو ڏک ٿيو. سندس لاءِ ھميشه دعاڳو آھيون.
    سراج احمد پنھور
    محبان حبيب و
    جماعت غوثيه مخدوميه، ميھڙ
    l l l


    اسان جي ڀاءُ روشن علي جي دوست علي شير ڳورڙ جو وڏو پٽ شايان تمام پيارو ۽ دلبر منھنجو ڀائٽو ھو. ھميشه دل ۽ جان سان ملندو ھو. تمام ھوشيار ۽ ذھين ھيو. اھڙا ماڻھو تمام ٿورڙا آھن. ھو سستي شھرت جو قائل نه ھو ۽ نه ئي لئي جي بک ھيس. ھميشه جستجو ۾ رھندو ھيو. ھن جو خال رھندو ۽ ان جون يادون رھنديون.
    ايڊوو ڪيٽ عبدالرشيد ٻگھيو

    l l l

    شايان سان پھرين ملاقات

    اڄ کان ڪافي سال پھرين جڏھن آءُ نادر ٻرڙو، نور جتوئي، راشد ڇٽو ۽ ٻيا دوست S.B.T ۽ S.S.T ۾ سرگرم ھئاسين ۽ ان کان پوءِ ھڪ ننڍڙو، سھڻو نوجوان پڻ ھيو، جيڪو ھر وقت ايڪٽو، پوءِ شاعري ھجي يا تقرير بازي، اھو ھو اسان جودوست شايان علي ڳورڙ ۽ ان کان پوءِ اسان ته پنھنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي وياسين. پر اھا ٽيم شايان جي اڳواڻي ۾ تمام گھڻو سرگرم ٿي ۽ پوءِ شايان ۾ جيڪي لڪل خوبيون ھيون اھي ظاھر ٿيڻ لڳيون S.S.T ۽ عوامي تحريڪ جي سفر کان A.J.P تائين شاگرد ونگ ۾ اڳيان اڳيان رھيو. شايان ۾ ھڪ ليڊر وانگر خاصيتون ھيون. پڙھائي جي ميدان ۾ به پاڻ ملھايائين پر ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته اسان جو پيارو دوست اسان کان ائين ئي جلدي وڇڙي ويندو، بھرحال شايان سان گھڻي ذھني ويجھڙائي رھي. جنھن ۾ ھن جون مسڪراھٽون ھر وقت ياد رھنديون .
    وحيد لاشاري
    ميھڙ

    l l l



    شايان اسان جو پارٽي دوست ھيو. آءُ جڏھن قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ھيس. ته منھنجي پھرين ملاقات شايان سان ٿي ھئي.
    علي احمد ھالو
    جنرل سيڪريٽري
    قومي عوامي تحريڪ ميھڙ

    l l l

    ڀاءُ شايان جو اڻ مندائتو وڇڙي وڃڻ ڏاڍو دل کي ڏاريندڙ لمحو آھي، ڇو ته اسان جا ڪافي سالن کان سائين علي شير سان وڏي ڀائرن جھڙا تعلقات رھيا آھن. اسين. جڏھن به ملندا آھيون ته تمام وڏي سڪ ۽ چاھ سان ملندا آھيون۽ ان دوران شايان سان به ائين ئي پنھنجائپ وارو رشتو رھيو. جتي به ملندو ھو ته مرڪي اچي کيڪار ڪري ملندو ھيو.
    مون وٽ ايترا لفظ نه آھن، جو اڄ ھن ڏک ڀرئي لمحي تي آءُ بيان ڪري سگھان.
    بس ڌڻي در دعا آھي ته رب ھن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي.
    ذوالفقار علي چانڊيو وڪيل
    صدر عوامي تحريڪ تعلقه ميھڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جو وڇوڙو نه رڳو ھن جي خاندان لاءِ پر سڄي شھر ۾ ھن جي موت تي سوڳ ڇانيل آھي. شايان خود شايان شان ھو.
    ھن جي اوچتي وڇوڙي تي دل کي ايترو ته صدمو رسيو جو لفظ ناھن جو بيان ڪجن. الله پاڪ کان دعا آھي ته سندس والدين کي صبر ۽ تحمل عطا ٿئي.
    سيد محمد شاھ، آف ميھڙ

    l l l

    ھونءَ ته ھرھڪ کي ھيءَ دنيا ڇڏڻي آھي پر ڪجھ حادثا ۽ واقعا ايترو ته اثر ڇڏيندا آھن. جن کي نه وساري سگھبو آھي. شايان علي جو حادثاتي موت به انھن واقعن ۾ ھڪ واقعو آھي. سندس والدين ۽ عزيز ته جلدي کين نه وساري سگھندا. پر جيڪي به شايان کي سڃاڻيندا ھوندا اھي به ھن جي اخلاق ۽ جواني واري حادثي کي ڪافي ٽائيم تائين ڪونه وساري سگھندا.
    پروفيسر واحد بخش ٻگھيو، ميھڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جو جواني ۾ اوچتو حادثاتي موت تمام گھڻو ڏکوئيندڙ ۽ صدمي ڀريو آھي. جيڪو ڪڏھن به نه وسرندو.
    محمد يوسف مرڙاڻي چانڊيو، ميھڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ پنھنجي ننڍڙي عمر ۾ تمام وڏا ڪم ۽ جدوجھدون ڪيون . ھو ميھڙ جو ھر دلعزيز شاگرد اڳواڻ ھيو، جنھن نوجوانن جي تربيت ڪئي.
    محبوب علي ٻگھيو، ميھڙ

    l l l

    شايان کي ھڪ بھترين فرمانبردار، محنتي ۽ سنجيده شاگرد طور ڏٺو. ھي منھنجو ڪجھ وقت شاگرد رھيو، ان عرصي دوران ھي پنھنجي پڙھائي ۾ تمام گھڻو سنجيده رھيو، استاد کي عزت ڏيڻ ۽ انجو خيال رکڻ ھن جي پھرين ترجيح ھئي. ھميشه خوش مزاج رھندو ھو. مسڪراھٽ ھن جي چھري تان نه ويندي ھئي.ڪلاس ۾ به ڪلاس فيلوز سان به ھن جو انتھائي بھترين ۽ مطمئن ڪندڙ رويو ھيو. ڪڏھن ڪنھن دوست تي ڪابه ٽوڪ نه ڪندو ھيو. نه ئي ڪنھن جي خلاف سازش ڪندو ھيو. سمورن کي گڏ کڻي ھلڻ جي طبيعت رکندڙ ھو. ھن ۾ ليڊر شپ اسڪلز ھئا. دوستن کي ليڊ ڪرڻ، بھترين نموني دوستن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ اڳيان ھوندو ھيو، خصوصي طور تي اسڪول يا ڪاليج ۾ شاگردن سان ٿيندڙ مسئلن تي شاگردن سان گڏ ھوندو ھيو. سماج کي سڌارڻ ۽ بھتر بنائڻ لاءِ سدائين سرگرم رھيو. ڪانفيڊنس ليول بھتر ھيس، اسٽيج تي پنھنجو ڪيس تمام بھتر انداز سان پيش ڪرڻ، ڪنھن آفيسر سان ڳالھائي پنھنجو مسئلو حل ڪرائڻ ھن جي طبيعت ھئي.
    شايان جو وڇوڙو نه صرف والدين پر اسان سمورن لاءِ وڏو صدمو آھي. ۽ اڄ شاگرد جددجھد کي وڏو ڌچڪو رسيو آھي. ڌڻي شل ھن جي خاندان کي صبر ۽ تحمل ڏئي. ۽ ھو جنت ۾ اعلى مقام تي ھجي، آمين.
    A.D ميمڻ، ميھڙ

    l l l

    شايان شھيد اسان جي شھر جو باشعور ۽ متحرڪ نوجوان ھيو. ھن جي وڇوڙي تي دلي صدمو پھتو آھي.
    عبدالوحيد ملڪ، ميھڙ

    l l l

    شهيد شايان علي ڳورڙ اسان جي علائقي جو نهايت باشعور نوجوان هيو. هن جمهوري ۽ انساني حقن لاءِ هميشه آواز بلند ڪيو. ڌڻي در دعا آهي ته سندس خاندان سندس وڇوڙي تي صبر ڪري ۽ شهيد لاءِ دعاڳو رهن.
    شاه رخ طلعت اقبال مهيسر
    گاھي مھيسر

    l l l



    شهيد شايان ڳورڙ نهايت سلڇڻو نوجوان هيو. هن جي ننڍپڻ کان ئي صبر واري طبيعت هئي. شايان پنهنجي بابا کي بچائيندي شهادت جو جام پيتو. رب پاڪ والدين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    ڊاڪٽر اخلاق احمد سمون
    ميھڙ
    l l l

    آءُ ان ٽائيم تمام گهڻو پريشان ۽ خاموش ٿي ويس، جڏهن ڪنهن دوست ٻڌايو ته سائين علي شير جو جوان پٽ وڇڙي ويو آهي. مان خاموش ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته اسانجو دوست علي شير جوان پٽ جو صدمو ڪيئن برداشت ڪندو. آءُ شايان کي ان ٽائيم کان سڃاڻان جڏهن هو پارٽي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو. هو تمام هوشيار ۽ بهادر هو. رب علي شير کي صبر جي توفيق ڏيندو.
    رياض حسين ڏيرو
    ايڊووڪيٽ ميهڙ

    l l l

    گيت آزاديءَ جاگونجن جيئن ئي،
    کير جي گا گھر قبر تي ھارجانءِ
    تون سوين ڏيئاڀتين تي ٻارجانءِ

    شايان کي ھميشه مون متحرڪ ڌٺو، ھن ننڍڙي زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ڪيا ۽ ايترا وڏا ڪم، جو مون کي سندس زندگي ۾ ڪٿي به ڪا ساھي يا ڪاما نظر نه آئي بلڪه مون کيس شروعات ۾ ڏٺو ۽ آخر ۾ وري سندس زندگي جو فل اسٽاپ نظر آيو.
    ڪانظر لڳي وئي، ڄڻ گھرجي بھارن کي،
    ڪو نانگ سراپي ويو، نينھن نظارن کي.

    رياض چانڊيو، ميھڙ
    سياسي تجزيه ڪار
    نوجوان صحافي

    l l l



    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھه ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    منھنجو محبوب دوست ۽ پيارو سوٽ شايان شير ڳورڙ جنھن جو اوچتو وڇوڙو اسان لاءِ تمام وڏي اذيت آھي. شايان ڳورڙ خوش اخلاق، باڪردار، باعمل ماڻھو ھو. جڏھن به مليو ته مسڪرائي مليو. ھن جي طبيعت ۾ مزاح جو پھلو به ھيو، منھنجي زندگي جو گھڻو وقت ھن جي صحبت ۾ گذريو.
    شايان سان ادب، سياست، عشق ۽ انقلاب تي وڏيون ڪچھريون ٿينديون ھيون، ھو انھن موضوعن تي وڏي ڄاڻ رکندو ھيو، ھو انقلابي سوچن ۽ خيالن جو ماڻھو ھو. ھن سان روح جا ناتا ھئا. ھن جي وڇوڙي کان پوءِ اسان ذھني طور فنا ٿيا آھيون.انھن خوشين جي بحالي ناممڪن آھي. شايان اسان جي دلين ۾ زنده رھندو.
    ڳورڙ دانيال بدر

    l l l

    محترم سائين علي شير جو فرزند شايان علي ڳورڙ جيڪو سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو ھو، ھن جي شھادت اسان سمورن باشعور ماڻھن لاءِ وڏو صدمو آھي.
    محمد اسلم پنھور
    پرائمري استاد ڀٽائي محله، ميھڙ

    l l l

    شھيد شايان ڳورڙ ھڪ نيڪ انسان ۽ اسان جي شھر جو متحرڪ ۽ جاکوڙي ڪردار ھو. ھن جي وڇوڙي سندس خاندان کي لوڏي ڇڏيو آھي.
    رضامحمد ڀٽو
    H.S.T ھاءِ اسڪول (1) ميھڙ

    l l l

    ويٺي نت نھاريان، راڻا تنھنجي راھ،
    موٽائي ماڳن تي شل آڻيندئي الله،
    سوڍا تو ۾ ساھ نه ته راڻا گھڻا آھن راڄ ۾.

    اڄ منھنجو سوٽ ۽ جان کان به وڌيڪ پيارو دوست شايان علي ڳورڙ اسان کي اڪيلو ڪري ويو. جيڪو منھنجي زندگي جو وڏي ۾ وڏو صدمو آھي. شايان ھميشه خوش مزاج ھر ڪنھن سان دوستن وارو رويو ھوندو ھيس. شايان اسان جو بچپن جو ساٿي ھيو، ھميشه کان گڏ گھمندا ڦرندا ھئاسين. شايان سان سياست ۽ سماجي ڳالھين تي بحث ٿيندو رھندو ھيو.
    شايان اھو شخص ھو جنھن سان ڪچھريون ڪندي ڪڏھن بور نه ٿيندا ھياسين. جنھن ڏينھن شايان سنگت ۾ نه ھوندو ھو. ائين لڳندو ھو ته سنگت ۾ سڀ گونگا آھن. شايان کي گھمڻ ڦرڻ ۽ فوٽوگرافي جو وڏو شوق ھوندو ھو.
    شايان ھڪ بھترين دوست سان گڏ ھڪ دلير پٽ ھئڻ جي ثبوت ڏئي ويو. آخري وقت تي پنھنجي والد صاحب جي جان بچائيندي پاڻ شھيد ٿي ويو. ۽ سڄي سنگت کي اڪيلو ڪري ويو.
    مطھر عزيز ڳورڙ، ميھڙ

    l l l

    اڄ زندگي جي ڪاري رات آھي. اڄ منھنجي ننڍپڻ جو دوست ۽ پيارو ساٿي اچانڪ اسان کان وڇڙي ويو آھي. ھن جي اچانڪ وڇوڙي دلي صدمو پھچايو آھي. دل مڃڻ کان انڪاري ته ڪو شايان وڇڙي ويو آھي. اسان اڪثر گڏ ھوندا ھئاسين. جڏھن ھن جو يادون ذھن تي اچن ٿيون ته دل رت جا ڳوڙھا ٿي ڳاڙي. شايان ھڪ بااخلاق ۽ باڪردار انسان ھو. اڄ شايان جو اچانڪ وڇڙڻ منھنجي لاءِ ڪنھن مصيبت کان گھٽ ڪونھي.
    عاشق علي ڀرٽ، ميھڙ

    l l l


    جيئين ته نورچشم شايان علي شير ڳورڙ جي شھادت جي اوچتي خبر پئي. ڪافي وقت تائين يقين نه پئي آيو. پر سمورن کي ھلڻو آھي. شايان علي جي موت جو صدمو سڀني ڀاتين کي پھتو. پر ان سان گڏ سموري برداري ڏک ۾ ورتل آھي. افسوس ٿيو جو برادري ھڪ با صلاحيت نوجوان کان محروم ٿي وئي.
    ديدار حسين ڳورڙ
    ڳوٺ سرائي ولي محمد ڳورڙ

    l l l

    اسان جي پياري دوست سائين علي شير جي موڀي پٽ شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ افسوس ٿيو، شايان سلڇڻو ۽ عزت ڏيڻ وارو دوست ھيو.شايان ھر ڳالھ جو مسڪرائي جواب ڏيندو ھيو. پر مون سان گڏ ڊپلومه ڪيائين جتي به ڏسندو ھو اچي ملندو ھو. شايان سياسي ۽ سماجي ورڪر ھيو ۽ سدائين پروگرامن جي اڳواڻي ڪندو ھيو. سندس آواز ۾ وڏو مٺاس ھوندو ھو. اھڙي بھادر پٽ جي وڇوڙي تي صدمو پھتو آھي.
    ايڊووڪيٽ رضوان حيدر تنيو
    A.J.P ميھڙ

    l l l

    جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
    اتي اوتريون گھڙيون گھارڻ آئيون.

    (لطيف)
    سائين علي شير جي پٽ شايان علي ڳورڙ جي وفات جو ٻڌي ڏاڍو صدمو رسيو، نوجوان اڳواڻ شايان علي ڳورڙ جي وڃڻ جا ڏينھن ته نه ھئا، پر تقدير جا فيصلا اٽل آھن. صبر کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آھي. اسان جون ھمدرديون، سائين وارن سان گڏ آھن. الله تعالى کين صبر، ھمت ۽ حوصلو عطافرمائي. آمين.
    حافظ نوراحمد جتوئي، ميھڙ
    l l l

    اڄ منجھند جو محترم سائين علي شير ڳورڙ جي پٽ شايان علي ڳورڙ جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي تمام گھڻو صدمو ٿيو، تازو شايان علي ڳورڙ مون مسڪين طرفان سائين عبدالله شاھ گودڙيو تي ڏنل دعوت ۾ شريڪ ھو. ۽ تمام سڪ ۽ محبت سان شامل ٿيو.
    سندس يادگار تصويرون مون وٽ سانڍيل آھن، کيس اسان پاران مليل پيار ۽ محبت کي ڏسندي شايان علي ھميشه اسان جي پروگرامن ۾ پاڻ شامل ٿيندو رھيو. اھا منھنجي پٽ صدام حسين جي شادي ھجي يا ٻيو ڪو پروگرام، شايان علي ھميشه اسان سان گڏ رھيو. تازو سرائي مظھر علي خان ڳورڙ جي پڳ واري رسم ۾ ڪمپئرنگ ڪندي به ھو مون سان گڏ رھيو. ۽ منھنجي مدد ڪندو رھيو، سندس اخلاق ۽ محبت کي وساري نٿو سگھجي.
    مدد علي ڳورڙ، سوجھرو ڳورڙ

    l l l

    موت پوئي موت تون، جي آئين اوچتي،
    گھڻا ڪونڌر گھائيا، ارڏا ۽ اڻموٽ،
    لاڙو ڪرين ھا لطيف چئي ڪانه پوي ھا کوٽ.
    گھايئي اھڙا گھوٽ، جن جي مند نه ھئي مرڻ جي.

    آءُ دلي طور تي سائين علي شير ڳورڙ جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان، سائين جي نوجوان ۽ ڪونڌر پٽ جي المناڪ شھادت، مظلوم قومن ۽ طبقن کي جھوري وڌو آھي.
    حافظ رسول بخش مينگل
    رھنما نيشنل پارٽي
    ضلع لسٻيلا بلوچستان

    l l l



    اڄ منھنجو دوست منھنجو ڀاءُ شايان علي ڳورڙ اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو. شايان جھڙا بااخلاق ۽ بھترين دوست ڀاڳن وارن کي ملندا آھن، ھن جي بغير اسان پاڻ کي اڪيلا محسوس ڪنداسين.
    دعا آھي ته شل ڌڻي پاڪ ھن جي خوابن کي ساڀيان ڪري.
    مير صداقت علي خان ٻلھڙو
    ميھڙ

    l l l

    اسان جو پيارو ساٿي شايان علي اسان وٽ موجود نه آھي، پر سندس جذبا ۽ جدوجھد عوامي جمھوري پارٽي جي قافلن سان گڏجي ھلڻ واريون يادون، ھميشه اسان وٽ ياد رھنديون.اسان سندس وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون.
    ڌڻي بخش بليدي
    ج س A.J.P ضلع قمبر شھدادڪوٽ

    l l l

    مار پوئي موت، تون اڻ مندائتو آئين،
    گھايئي گھڻا گھوٽ، مند نه ھئي مرڻ جي.

    محمد صلاح چانڊيو
    A.J.P اڳواڻ، ڪائونسلر
    وارھ ضلع قمبر

    l l l



    نه سي وونئن وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پسيو بازاريون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي.

    (شاھ)
    ڪالهه جڏهن محمد يوسف پنهور صاحب پاران فيس بوڪ تي مهربان، ملنسار، ڪشاده دل سائين علي شير ڳورڙ صاحب جي نوجوان فرزند، نالي شايان علي جي اوچتي وڇوڙي واري پوسٽ پسيم هيڪر ته ڏک ۽ افسوس واري ڪيفيت سان من ٽٻٽار ٿي ويو. مرحوم جومنهنجي خيال ۾ شهيد ٿي ويو آهي، ظاهري جسامت ۾ نهايت خوب صورت ۽ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ ٿي لڳم، اهو سوچي مون کي ته ڳالهه سمجهه کان مٿي لڳي تن ان صدمي کي ابي، امان، ڀينرن ۽ ڀائرن ڪيئن منهن ڏنو ھوندو! رب ڪريم پنهنجي بيپرواهي ۽ بي نيازي کي عجب طريقن سان پيو ظاهر ڪندو آهي. هن جي فيصلن آڏو اسان هيڻن ۽ بيوس انسانن وٽ سواءِ صبر جي ٻيو ڀلا ڪهڙو هٿيار آهي، يا واهه آهي. شهيد پنهنجي تعليم ۽ تربيت جو صحيح اسعمال ڪرڻ وارو هن معاشري جو هڪ ڪارائتو فرد هيو. جنهن جو وڇوڙو جتي سندس خاندان لاءِ انتهائي صدمي جو باعث هوندو. پر ساڳي وقت شهر ميهڙ ۾ اسانجو سنڌي سماج هڪ هونهار شخصيت جو نقصان جهيلندي محسوس ٿئيم ٿو. اڄ سائين حضور بخش جتوئي سان گڏ شهيد جي وڇوڙي تي سائين علي شير ڳورڙ سان رضا الاهي ڪندي، هن کي صبر ڪرڻ جي تلقين وارا لفظ ادا ڪري نه سگهيس، جو هن جو صدمو الاهي وڏو ۽ هي لفظ تمام ننڍا لڳم.
    شال رب ڪريم پنجن ٻارنهن جي مهابي شهيد کي جنت الفردوس ۽ خاندان کي صبر عطا فرمائي آمين ثم آمين.
    سيد اشرف علي شاهه
    حضور بخش جتوئي
    لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ

    l l l



    شايان ڳورڙ جي شھادت جي خبر اسان لاءِ وڏو صدمو ھئي، شايان ڳورڙ ميھڙ شھر جو نھايت متحرڪ ۽ باشعور نوجوان ھيو، ھن جو شاگرد سياست ۾ به اھم ڪردار ھيو، ھو ميھڙ ۾ اسان سمورن دوستن کي ياد رھندو.
    نياز علي ٻرڙو
    اڳواڻ P.T.I ضلع دادو
    ڪائونسلر ايم سي ميھڙ

    l l l

    مسڪرائي ملندڙ ۽ سدائين کلندڙ، شايان ڳورڙ جي منھن تي مون ڪڏھن به ڪاوڙ نه ڏٺي، ۽ ڪڏھن به ڪنھن تلخ ڳالھ تي ھو تيز نه ڳالھائيندو ھو ۽ سمجھائيندو ھو، فرق نه ڪندو ھو، ته ھي منھنجو ڀاءُ آھي۽ ھي منھنجو سوٽ آھي، يا ھي ڪو منھنجو پري جومائٽ آھي. ھو سڀني مائٽن ۽ دوستن جي انصاف سان ھڪ جيتري عزت ڪندو ھو، ھو سٺو ماڻھو ۽ سمجھدار ھو، سچائي جي عزت ڪندو ھو. ڪوڙ سان نفرت ڪندڙ ھيو ۽ ڪوڙي ماڻھو تي ڪرڙي نظر رکندو ھيو، شايان جھڙي ارڏي، نوجوان قومپرست پٽ کي وسارڻ سؤلو ته ناھي، پر پاڻ سان دوکو ڪري ھن جي وجود کي وساري سگھجي ٿو ته شايان شايد دادو يا لاڙڪاڻي ڪنھن ڪم سان ويو آھي، ۽ شام جو موٽي ايندو ته سندس ننڍو بصير جيڪو سمجھي پيو ته اڄ ھن کان سندس طاقت جدا ٿي رھي آھي. ته اھو عجيب اداس، تمام مايوس چھري ۽ سواليه نظرن سان خدا کان سوال ڪري رھيو ھيو. ته اي خدا! مون کان منھنجو پيارو وڏو ڀاءُ جيڪو ماءُ پيءُ جي برابر ھوندو آھي. اھو ڦوھ جواني جي عمر ۾ ڇو اسان کان جدا ٿي رھيو آھي.؟
    اي خدا! بس اوھان جي رضا تي اسان کي راضي رھڻو آھي، انسان ته ويچارو بيوس آھي ۽ دعا ڪري سگھي ٿو.
    سردار علي ڳورڙ
    مدينه ڪالوني ميھڙ
    l l l



    شايان سان تمام گھڻيون يادون وابسته آھن. ڪھڙين يادن جو ذڪر ڪجي.ھن جي لاءِ جيڪا اسان جي دل ۾ ننڍن ڀائرن وانگي جيڪا محبت ھئي. ان جو اظھار ڪھڙن لفظن ۾ ڪري ڪھڙن لفظن سان ڪجي. شايان سان جيڪو ننڍڙن ڀائرن جو رشتو ھيو. اھو ھڪ ته ھن جي طبيعت ۽ مزاج ھو، جيڪو يڪدم پنھنجو ڪندڙ ھو. ۽ ٻيو ماما علي شير جي وڏي فرزند ھجڻ جي ڪري به ھو. اسان کي ماما علي شير کان جيڪو قرب ۽ پيار ھميشه ملندو رھيو آھي. انجوئي وري اظھار اسان جي طرفان شايان ڏانھن محبت ۽ شفقت وارا لاڙا ھوندا ھئا. آخري سالن ۾ شايان جي جيڪا منھنجي ننڍي ڀاءُ مطھر ۽ سوٽن وقار، فواد ۽ عمير سان جيڪا ويجھڙائپ پيدا ٿي ان ته اڃان به شايان جي اسان جي دلين ۾ ھڪ خاص مقام پيدا ڪري ڇڏيو. شايان جسماني طور تي اسان جي ذھنن ۽ دلين ۾ ھميشه ياد رھندو. اسان جي دعا آھي ته شايان کي ڌڻي جنت الفردودس عطا ڪري آمين.
    شعيب عزيز ڳورڙ

    l l l

    مون غريب سيد کي شايان اولاد جيان پيارو ھو. انھيءَ واقعي جو ٻڌي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي. شديد دلي صدمو رسيو. شايان ھڪ فرمانبردار سلڇڻو نوجوان ھيو. جتي به ملندو ھو ادب ۽ احترام سان مليو. معتبر گھراڻي جو فرد ھيو. رب پاڪ کيس شھيدن جو درجو عطا فرمائي، آمين.
    سيد غلام حسين ”غريب“ شاهه
    ميھڙ، ٽيچر

    l l l



    شھيد شايان ڳورڙ ھڪ تمام سٺو ۽ ذھين شاگرد ھو. ھو غريب شاگردن جو ھمدرد ۽ ھڏ ڏوکي ھو. شھيد غريب ۽ امير ۾ فرق نه ڪندو ھو. ھو مائٽن، دوستن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندو ھيو. وڏو خوش مزاج انسان ھو. دعا آھي ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس عطا ڪري، آمين.
    فرمان علي ڳورڙ، ميھڙ

    l l l

    سائين علي شير جي فرزند جي اوچتي وڇوڙي جي خبر ٻڌي بيحد ڏک ٿيو، چوندا آھن ته پيءُ ماءُ اولاد تان قربان ٿيندا آھن. پر اي بھادر ۽ سورھيه پٽ! تون پيءُ تان قربان ٿي شھادت جو جام پيتو. ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ وڏو مان ۽ مرتبو ماڻيو. دعا آھي ته سدائين امر رھين.
    الطاف احمد ٻلھڙو، ميھڙ
    F.A
    G.H.S NO:2 Mehar

    l l l

    اي شايان! مان توتي ڇا لکان؟ تنھنجي شھادت جي خبر ٻڌي ھوش خطا ٿي ويا. تون دوستن جو دوست، يارن جو يار. منھنجو ته ڀاءُ، دوست ۽ پاڙيسري ھئين، تون دوستن لاءِ ڏڍ سھارو ھئين. تنھنجو خال ڪڏھن به نه ڀربو.
    اقرار احمد ٻلھڙو
    ميھڙ

    l l l


    اڄ شايان جي تعزيت لکندي يقين ئي نٿو اچي ته شايان اسان کان جدا ٿي ويو آھي. شايان. واقعي شايان ھيو. شايان جي شان جي ڪھڙي واکاڻ ڪري ڪھڙي واکاڻ ڪريان. ايڪتا جو ڏينھن ھجي يا ٻيو ڪو ميڙاڪو ھجي، شايان اتي پيش پيش هوندو ھيو. منھنجو نه فقط پيارو شاگرد ھو بلڪه ھڪ مخلص دوست پڻ ھيو. شايان کان سواءِ ڪابه محفل يا ڪابه ننڍي وڏي ڪچھري اڻ پوري ھوندي ھئي. آءُ ائين چوندس ته شايان نه فقط والدين يا ڳورڙ برادري جو اکين جو ٺار ھيو. بلڪه گھر گھر جو اوڙي پاڙي جو اکين جو ٺار ھيو، سندس جدائيءَ تي اھڙو ڪوبه گھر نه ھو جو سوڳوار نه ھجي. دعا آھي ته سندس والدين ۽ مٽن مائٽن کي شل رب ڪريم ڏک برداشت ڪرڻ جي سگھ عطا فرمائي آمين.
    امير بخش شيخ
    وائيس پرنسپال وي آءِ پي ھاءِ اسڪول ميھڙ

    l l l
    ھوا ڪي جھونڪي سي، طوفان رخ نھين بدلتا،
    تاريخ گواھ ھي، شھيد ڪبھي نھين مرتا،

    اسان کي شھيد شايان ڳورڙ جي وڇوڙي تي تمام وڏو صدمو پھتو آھي. رب پاڪ ان جي ڏکويل خاندان کي صبر جي توفيق ڏئي.
    شوڪت علي سھول، ميھڙ

    l l l

    اسان کي ادا علي شير ڳورڙ جي نوجوان فرزند ھر دلعزيز، شايان جي وڇوڙي تي سندس خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آھيون. شايان انسان ذات جي ڀلائي لاءِ سڄي زندگي ڪوشان رھيو. ھو بھترين انسان ھو. دعا آھي ته رب پاڪ کيس اعلى مقام عطا فرمائي.
    غلام حسين سھاڳ
    W.H.C . PS ٿرڙي محبت

    l l l



    شايان ڳورڙ جي اوچتي شھادت جي خبر ٻڌي بيحد صدمو ۽ ڏک رسيو. ائين محسوس ٿيو ڄڻ پنھنجو ڪو ويجھو عزيز وڇڙي ويو آھي.
    شايان وڏو ذھين، ھوشيار ۽ سماج سڌارڪ ھو. ھن جي دل ۾ انسانيت جو درد موجود ھو. ھن جو خال صدين تائين نه ڀرجي سگھبو.
    فيض محمد ٻلھڙو
    نصيرآباد

    l l l

    ڀاءُ شايان ڳورڙ جي اوچتي موت جي خبر ٻڌي تمام گھڻو صدمو پھتو. شايان علي ھڪ بھترين ڀائرن جھڙو دوست ھو. ھو سماجي ڪمن ۾ تمام گھڻو ايڪٽو ھوندو ھو. ھن سان ڪافي ڪچھريون ٿيون، ھن جي چھري تي ھميشه مرڪ ھوندي ھئي. شايان علي جي شروعاتي تربيت سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ ٿي. ھو ڪافي ايڪٽو به ھوندو ھو. ھن دل ڏکائيندڙ واقعي ۾ برابر جا شريڪ آھيون.
    مير کوسو
    صدر عوامي تحريڪ ضلع دادو

    l l l

    شايان جي ڏکوئيندڙ وفات جي خبر ٻڌي انتھائي ڏک ٿيو. شايان جو خاندان ۽ منھنجو خاندان پاڻ ۾ سڳن ڀائرن جيان رھيو آھي. شايان جو والد، چاچا ۽ اسان ھڪ ٻئي کي ڀاءُ سمجھندا آھيون. مون کي چاچا علي اڪبر ۽ چاچا علي حيدر جو قرب نصيب ٿيو. ھو انتھائي قربدار ھئا. شايان منھنجي خاندان جو فرد ھيو. ھن ۾ خدمت خلق جو جذبو ھيو. ھو پنھنجي ھڏئون وڙئون عام خلق ۾ سجاڳي پيدا ڪري رھيو ھو، سندس وڇوڙو ھڪ سانحو آھي.
    علي نواز ٻٽ
    مرڪزي جنرل سيڪريٽري جيئي سنڌ محاذ

    l l l



    شايان جو وڇوڙو اسان سمورن لاءِ تمام وڏو سانحو آھي، ھن جي جدوجھد محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ ھئي، اھڙا ماڻھو تاريخ ۾ زنده رھندا.
    ڊاڪٽر طفيل احمد ڳورڙ

    l l l

    شھيد شايان ڳورڙ بھترين انسانن منجھان ھو، ھُو اسان جو بھترين دوست ھيو، ۽ انسان ذات جو ھمدرد ۽ ھڏڏوکي پڻ.
    ديدار علي ڏيپر
    فياض ايڪسري ميھڙ

    l l l

    جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو ته شهيد شايان ڳورڙ هڪ بهترين انسان هيو. جڏهن به هن سان ملاقات ٿيندي هئي ته اهو محسوس نه ٿيندو هيو. ته هو ڪو پرائو آهي. هو اسان کي پنهنجن وانگر سمجهندو هيو. دعا آهي ته ڌڻي شل هن جا درجا بلند ڪرڻ فرمائي آمين.
    اشرف علي ڏيپر
    الفلاح بينڪ ميهڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جو وڇوڙو سائين علي شير جو نقصان آهي ئي آهي، پر ان سان گڏ سنڌ جي ترقي پسند، قومپرست علمي، ادبي لڏي جو نقصان به آهي.
    نثار علي پنهور دادو
    غلام الله سهول ميهڙ

    l l l



    ڳڀرو شايان! تنهنجي وڇوڙي جو ڏک رڳو تنهنجي والدين ۽ عزيزن کي نه آهي. پر ميهڙ جي ميندي جي خوشبو ۽ رنگ به تنهنجي اوچتي وڇوڙي تي سوڳوار آهي. تنهنجي ننڍي عمر ۾ سياسي، سماجي شعور ۽ جدوجهد جي ساک ميهڙ جون گهٽيون، چونڪ ۽ روڊ رستا به ڏئي رهيا آهن. تنهنجي هن ڪيل جدوجهد ضرور رنگ لائيندي تون تاريخ جي ورقن ۾ امرتا ماڻي ورتي آهي.
    ڳڀرو جوان شايان جي وڇوڙي تي آءُ جهري پيو آهيان، هئه هئه ڦوه تنهنجي وهي.
    گوهر گل ڳورڙ
    وليو کوسو

    l l l

    زندگي هڪ خواب وانگر هڪ حسين پل آهي. جيڪو ماڻهوءَ جي ڪردار سان ياد ڪيو ويندو آهي. ۽ اهو ڪردار سان ياد ڪيو ويندو آهي. ۽ اهو ڪردار هر انسان کي نه ملندو آهي. ان جي لاءِ جدوجهد ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. انهن ياد گيرين کي زنده رکڻ لاءِ ڪردار اهم هوندو آهي. ساڳي طرح سان جواني ۾ ڪيل ڪم، جدوجهد هميشه ياد ڪئي ويندي آهي. شايان به هڪ اهڙو ئي ڪردار جيڪو جدوجهد ڪندڙ ۽ هر دلعزيز انسان، سڀني کي ڪم ايندڙ ڏکي وقت ۾ ساٿ نڀائيندڙ ڪردار هيو، ۽ اهو ڪردار هر شخص جي حصي ۾ نه ايندو آهي. جيڪو وقتن تائين ياد رکيو ويندو آهي. موت هڪ فطري عمل آهي. پر ڪردار ڪڏهن نه مرندو آهي. شايان به اهڙي ڪردار جو مالڪ هيو. جيڪو مدتن تائين ياد ڪيو ويندو.
    شيراز احمد ڳورڙ ميهڙ

    l l l



    اي موت توکي ائين نه اچڻو هو.
    اڄ سائين علي شير سان تعزيت ڪندي انتهائي ڏک ٿيو. سندن وڏو فرزند شايان علي ڳورڙ هن فاني دنيا کي ڇڏي مٽي ۾ مدفون ٿي ويو. ڳالهه ڪجهه ائين آهي آءُ رات جو ڪنهن هنڌ ويٺو هيس ته اچانڪ سوشل ميڊيا تي هڪ خبر تي نظر پئي، جيڪا سائين منظور صاحب جي رکيل هئي. مون بابا کي فون ڪري حقيقت معلوم ڪئي. دل ڏاريندڙ سانحو ۽ واقعو هو. شايان منهنجو پرسنلي دوست نه پر ڀاءُ جيان هو. هن جو ذهن هر شئي ۽ صورتحال لاءِ تيار رهندو هيو.امتحانن جا مسئلا ۽ مشڪلاتون هجن يا قومي ايڪٽوٽيز هجن، هو اڳيان رهندو هو. شايان جي تربيت ۾ بابا جو وڏو ڪردار هو. آءُ به خواهش مند هيس ته شل هن جهڙو ٿي پوان! هن جي ادب دوستي ۽ مطالعي هن کي الڳ مقام تي پهچائي ڇڏيو.
    دعا آهي ته الله پاڪ هن جا درجات بلند فرمائي.
    سعيد احمد خان چانڊيو
    گاهي مهيسر
    سنڌ يونورسٽي ڄامشورو

    l l l

    منهنجي ڀائرن جهڙي دوست سائين علي شير ڳورڙ جي نوجوان پٽ جو وڇوڙو اسان سمورن دوستن لاءِ سانحي کان گهٽ ناهي.
    آءُ سوڳوار خاندان سان غم ۾ شريڪ آهيان.
    رحيم بخش ٻگهيو وارهه

    l l l



    شايان جهڙي دلير، بهادر ۽ اڻ موٽ پٽن تي مائرون ڀل مرڪن، هو ساھ ڏيئي ويساه ڏئي ويو. هن عملي طور سر گهورڻ جون صدائون هنيون. ۽ سر گهورڻ جو حق ادا ڪيو. اهڙا ڪنڌار پٽ ويس مٽائي ورڻا آهن آءُ پنهنجي دوست سان ڏک ۾ شريڪ آهيان.
    ممتاز علي ڪانڌڙو
    حسين آباد حيدرآباد

    l l l

    شايان ماڻهو سهڻو، موتي جو داڻو پيارو،
    جدايون ڪري، اسان کان ويو آهي هي پيارو.

    سائين علي شير صاحب منهنجو روحاني والد آهي. سائين وٽ مان هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهيان. شايان جي وڇوڙي جي خبر وڄ جيان وجود تي محسوس ڪيم. شايان منهنجو وڏو ڀاءُ هيو. دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.
    اظهار الحق صديقي
    ميهڙ باءِ پاس

    l l l

    جڏهن ڀاءُ شايان جي وڇوڙي جي خبر بابا فون تي ٻڌائي تڏهن زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. شايان پنهنجي بابا تي سر گهوري دنيا وارن لاءِ وڏو مثال ڇڏي ويو. هن قرباني جي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
    ابرار الطاف ٻلهڙو
    سنڌ يونورسٽي، ڄامشورو

    l l l


    مار پوئي ڙي موت، اڻ مندائتو آئين،
    گهايئي اهڙا گهوٽ، مند نه جن جي مرڻ جي.

    شهيد شايان جي اوچتي وڇوڙي پريشان ڪري ڇڏيو، دل مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، ته ڪو شايان وڇڙي ويو آهي. ادا شايان سجاڳ ٻار تحريڪ جو اڳواڻ رهيو ۽ تعليمي لانگ مارچ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي. هن سڄي عمر سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ۽ هن جو موت پنهنجي پي کي بچائڻ جي جدجهد ۾ ٿيو! ادا شايان جي ڪچهري ۽ ان سان گذاريل وقت کي وساري نه سگهنداسين.
    حسام اسلم مهيسر

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جي اوچتي موت جي خبر ٻڌي دل کي ڏاڍو صدمو پھتو،
    ھي نوجوان باادب، سلڇڻو، پيار ۽ احترام ڪندڙ ھو. اسان جي دعا آھي ته الله پاڪ سائين علي شير کي ھي صدمو سھڻ جي توفيق عطا فرمائي.
    سيد فيض محمد شاھ
    سيد عطاءُالله شاھ
    سوجھرو ڳورڙ

    l l l

    شايان اسان جو سٺو دوست ۽ ساٿي ھيو، طبيعت ۾ تمام بھترين قسم جو انسان ھيو، ان ۾ بھترين خوبيون ھيون، جيڪي اسان جي سماج جي نوجوان ۾ تمام گھٽ ھجن ٿيون، شايان جو وڇوڙو دل جھوريندڙ آھي. الله سندس خاندان کي صبر عطا فرمائي.
    ايڊووڪيٽ خوش محمد کوسو
    اڳواڻ عوامي تحريڪ ضلع دادو

    l l l



    ھن سان منھنجي روبرو ته ڪا ملاقات نه ھئي. پر حسرت ھئي ته ھن سان ملاقات ڪري ڪچھري ڪجي. شايان جا سڀ دوست منھنجا دوست آھن. ھن جون تقريرون ھميشه دوستن وٽ ڏسندو ھيس. اوچتو ھن جي موت جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو.الله ھن کي جنت نصيب ڪري.
    جميل سائينداد کوسو
    ڪي اين شاھ
    ڪيميسٽري ڊپارنمنٽ سنڌ يونيورسٽي

    l l l

    شايان جي موت جي دردناڪ خبر اسان کي لوڏي ڇڏيو، نھايت سلڇڻو، لکيل پڙھيل تعليم يافته، مستقبل جو وڏو مدبر ليڊر ٿي پئي سگھيو. پر افسوس جو موت ھن کي مھلت نه ڏني. موت سان مھاڏو اٽڪائي موت کي شانائتو ڪري ڇڏيائين. شل رب ھن جا درجات بلند فرمائي، آمين.
    غلام قادر چانڊيو
    ڪمال پور
    ڊپٽي ڊي اي او

    l l l

    شھيد شايان ڳورڙ جو منھنجي خيال ۾ موت ھڪ اڻ موٽ، بيباڪ ۽ دلير پٽ جو موت آھي. موت ھن کي مھلت ڏئي ھا ته ھو علائقي جي غريب مزدورن ۽ ھارين جو وڏو سھارو ۽ ڏڍ بڻجي ھا.
    پر افسوس جو جلد اسان کان وڇڙي ڏور غفائن ڏانھن راھي ٿي ويو. اسان سندس خاندان ۽ پارٽي سان ڏک ۾ شريڪ آھيون.
    نورنبي ٻگھيو
    وائيس چيئرمين، حق فائونڊيشن

    l l l


    سائين علي شير جو بھادر پٽ ۽ اڻ موٽ فرزند شھيد شايان ڳورڙ جيڪو مون کي پنھنجي پٽن وانگر ھو. جنھن ننڊڙي عمر ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ عزت ۽ شھرت ماڻي، ھن پنھنجي والد کي بچائيندي شھادت ماڻي جيڪو قيامت ۾ شھيدن جي وچ ۾ ھوندو.
    اسان جي دعا آھي ته رب سائين سوڳوار خاندان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي، آمين.
    دعاگو
    حزب الله قاسمي، ميھڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ اسان جي پياري دوست سائين علي شير جو موڀي پٽ ھيو، جنھن جو وڇوڙو دل ڏاريندڙ سانحو آھي. الله پاڪ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي، آمين.
    محمد رمضان مھيسر
    H.S.T ھاءِ اسڪول (2) ميھڙ

    l l l

    سائين علي شير ڳورڙ جو سلڇڻو ۽ با ادب فرزند اڄ اسان کان وڇڙي ويو آھي. دعا آھي ته رب سائين ھن جا درجات بلند ڪرڻ فرمائي، آمين.
    علي نواز سولنگي
    استاد ھاءِ اسڪول (2) ميھڙ

    l l l
    سائين علي شير ڳورڙ جي فرزند جي شھادت تي دلي صدمو ۽ ڏک پھتو آھي. الله پاڪ کيس جنت نصيب ڪندو.
    سڪندرعلي سوڍر
    ڪنوينر ڪڪول واھ جدوجھد ڪاميٽي، ميھڙ

    l l l


    سائين علي شير جي نوجوان پٽ جو وڇوڙو اسان لا ءِ وڏو سانحو آھي. دعا آھي ته رب کيس جنت نصيب ڪرڻ فرمائي آمين.
    عبدالله چانڊيو
    استاد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (1) ميھڙ

    l l l

    اسان جي محترم سائين علي شير ڳورڙ جي وڏي فرزند ارجمند شايان ڳورڙ جي شھادت جي خبر پئي تمام ڏک پھتو ۽ دلي درد جي خبر ھئي. جواني جو وڇوڙو شھادت آھي.
    الله پاڪ شھيد جا درجا بلند فرمائي، آمين.
    حافظ خليق الرحمان سومرو
    (فھد) ميھڙ

    l l l

    اي موت شل! موت پوئي،
    تو ڪھڙا ڪھڙا، ڪونڌر گھايا.

    شايان علي شير ڳورڙ جي اوچتي موت جي خبر وڄ جيان ڪڙڪي پئي، موت بيشڪ برحق آھي. پر جواني جو موت ھڪ انڌوهناڪ الميو آھي جنھن جو صدمو فقط ماءُ، پيءُ يا گھر ڀاتين کي ئي نه پر. ھر ان ڌڙڪندڙ دل کي ٿئي ٿو. جيڪي پنھنجي وجود۾ احساس ۽ جذبا رکي ٿي. بھرحال الله جي رضا کي تسليم ڪرڻو آھي. دعا آھي ته رب پاڪ سوڳوارن کي ھي صدمو سھڻ جي توفيق عطا فرمائي.
    ڊاڪٽر آزاد منگي
    صدرپريس ڪلب ٿرڙي محبت

    l l l


    اسان جو ساٿي ۽ ڀائرن جھڙو دوست شھيد شايان ڳورڙ اسان کان وڇڙي ويو آھي. ھن جون يادون سدائين اسان جي دل ۾ زنده رھنديون.
    عرفان بدر سھول
    صحافي ميھڙ

    l l l

    اسان شايان ڳورڙ جي وڇوڙي تي سائين علي شير ڳورڙ ۽ سندس خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آھيون.
    اڪبر کوکر
    سماجي ڪارڪن ميھڙ

    l l l

    قرباني ڏيندڙ ڪڏھن به مرندا ناھن. ھميشه زنده رھندا آھن.
    علي انور شيخ

    l l l

    وه عھدِ طفلي سي پيري مين پائون رکھتا ھي،
    کسي غريب کا بچه جوان نھين رھتا.

    اسان جي پياري دوست سائين علي شير ڳورڙ جي نوجوان ھونھار پٽ جي اوچتي وڇوڙي تي دلي صدمو پھتو آھي.
    دعا آھي ته رب کيس جنت نصيب فرمائي آمين.
    نواز چانڊيو، ڪراچي

    l l l



    اسان جي پياري دوست شايان علي ڳورڙ جي وڇوڙي تي تمام گھڻو ڏک پھتو.
    الله پاڪ کيس جنت نصيب فرمائي، آمين.
    اويس علي سومرو
    احمدخان، ميھڙ

    l l l

    اسان جو پيارو ڀاءُ شايان علي تمام بھترين ۽ کلڻو ملڻو ۽ سھڻي زبان استعمال ڪرڻ وارو ھيو.
    الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي
    محمدعلي ڪانڌڙو
    ايڊووڪيٽ ميھڙ

    l l l

    ڪالھ شام جو جڏھن اسان جي پياري ڀائٽي شايان علي ڳورڙ جي داکدائڪ موت جي خبر پئي ته دل کي تمام وڏو ڌچڪو لڳو. شايان علي جڏھن به ملندو ھو ته مون کي چاچا ڪري پڪاريندو ھيو. سندس اھو انداز دل کي وڻندو ھيو. اڄ مون کي ھن جا ٻالڪپڻ منظر نظرن آڏو ڦرڻ لڳا. شايان اسان جي وچ ۾ ته نه رھيو پر ھن جون يادون اسان جي دلين ۾ رھنديون. دعا آھي ته رب پاڪ سندس خاندان کي ھي صدمو سھڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين
    ايڊووڪيٽ
    عبدالخالق ٻگھيو ميھڙ

    l l l



    ڪالھ جڏھن شايان جي ڪمھلي موت جي خبر ٻڌي ته يقين ڪونه ٿي آيو. ته ڪو شايان اڄ سان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو آھي. شايان ھڪ سنڌ دوست، قومي سوچ رکندڙ برجستو نوجوان ھيو. اسان جي سٿ جو ساٿي ھئو. اڄ ھن ڏک جي گھڙيءَ اسان سندس والد علي شير ۽ سندس خاندان سان برابر جا شريڪ آھيون.
    ايڊووڪيٽ سعيد احمد پنھور
    ميھڙ

    l l l

    ڪالھ جڏھن شايان جي موت جي خبر پئي ته يقين نه ٿي آيو. شھيد اسان جو بھترين دوست ھو. مرڪندڙ چھري جو مالڪ. اڄ اسان کان ڏور ھليو ويو. پر اسان جي يادن ۽ خوابن ۾ زنده رھندو.
    امتياز چنجڻي، ميھڙ

    l l l

    شايان جھڙي پياري، بااخلاق ۽ مھذب نوجوان جي اوچتي ۽ ڏکائيندڙ موت تي تمام گھڻو ڏک ۽ دلي صدمو پھتو آھي. شايان سان سندس پياري پيءُ سائين علي شير جي دوستيءَ سبب پيار ۽ پاٻوھ جو رشتو ھو. ھو مون لاءِ ڀائٽي جيان ھو. سدائين چاچا ڪري مخاطب ٿيندو ھو. ننڊپڻ کان ئي سندس پارٽي ۾ سرگرم ٿيڻ جي خواھش ھوندي ھئي. جيڪا S.S.O جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيڻ تائين ۽ پوءِ به جاري رھي. ھڪ اتساھ واري نوجوان جي فوتگي تي تمام گھڻو صدمو رسيو آھي. سندس پيءُ، ڀائرن، چاچن ۽ سوٽن سڀني مائٽن ۽ سنگت لاءِ ھمدردي ۽ دعا آھي ته ھي ڏک ڀريو واقعو وسارڻ ۾ کين ھمت ۽ صبر ملي، پيءُ، ماءُ لاءِ ته ھي صدمو وسارڻ يا برداشت ڪرڻ جھڙو آھي نه، منھنجي دعا آھي ته سائين علي شير جا ٻيا ٻارڙا ڀاءُ جي سڪ پوري ڪندا. ۽ پيءُ، ماءُ جو ڏڍ بڻجندا.
    ايڊووڪيٽ محمد علي نوناري، سانگھڙ

    l l l



    ڪالھ جڏھن اسان جي پياري سوٽ شايان جي وڇوڙي جي افسوس ناڪ ۽ ڏکوئيندڙ خبر پئي ته اچانڪ ڄڻ پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي، دل کي تمام گھڻو صدمو رسيو ۽ دل ان ڳالھ کي تسليم ئي نه پئي ڪري.
    شايان اسان جو سوٽ بلڪل ڀائرن وانگر ھيو، تمام بااخلاق، باڪردار ۽ ھميشه کل ڀوڳ ۽ چھري تي مسڪراھٽ رکڻ وارو ھيو. شايان جي باري ۾ ھن تاثراتي بڪ تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ھو. پر دل تي پٿر رکي ڪري ان جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو آھي.
    دعا آھي ته شايان کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي، ۽ پوري خاندان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    انجنيئر دانش بدر ڳورڙ
    ميھڙ

    l l l

    لکان ته لکي نٿو سگھان،
    ھن سرموڙ نوجوان جي،
    وڇوڙي تي ھئو صفا صاف سٿرو،
    لکان ته لکي نٿو سگھان.

    جيئن ته اسين آدمشاري جي ڊيوٽي جي سلسلي ۾ فيلڊ ۾ ھئاسين، ته اچانڪ منھنجي پٽ عبدالجليل ٻڌايو ته شايان شھيد ٿي ويو آھي. شايان جي وڇوڙي پاڙي جي نوجوانن کي جھوري وڌو آھي. شايان تمام بااخلاق نوجوان ھو، ھن جو خال ڀرجڻ ۾ وڏو وقت لڳندو.
    دعا آھي ته رب کيس جنت نصيب فرمائي.
    عبدالحفيظ جانوري، ميھڙ

    l l l


    جئين ته اوچتو پنهنجي آدمشماري جي ڊيوٽي دوران شايان علي ڳورڙ جي وفات جو ٻڌي ڏاڍو صدمو رسيو، جئين ته شايان هڪ بهترين انسان هو سندس اها مسڪراهٽ اڄ به اسان جي اکين ۾ سمايل آهي، رب پاڪ کان دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.
    حافظ شميم حسين ٿيٻو، ٿيٻا

    l l l

    محترم سائين علي شير ڳورڙ جي وڏي فرزند جي اوچتي وڇوڙي تي اسان سمورا غمگين آهيون ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي.
    زاهد حسين ڳورڙ
    وليو کوسو

    l l l

    عاشقان رسول شهيد شايان علي ڳورڙ کي الله پاڪ شل جنت عطا ڪرڻ فرمائي، هي هڪ سچو ۽ عظيم انسان هيو.
    وحيد احمد شيخ عطاري ايڊووڪيٽ
    ميهڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ اسان جي ڀاءُ سائين علي شير جو بهادر فرزند جيڪو پنهنجي والد جي جان بچائيندي شهيد ٿي ويو جنهن تمام ننڍڙي ڄمار ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو. آءُ کيس سرخ سلام پيش ڪيان ٿو.
    عبدالقيوم ٻگهيه، ميهڙ

    l l l


    مان پنهنجي پياري دوست، هر دلعزيز سائين علي شير ڳورڙ جي ڪونڌر پٽ شينهن جي اک جو ڏيک ڏيندڙ محترم شهيد شايان ڳورڙ کي دعا ڏيان ٿو. آءُ شايان کي زندگي ڀر نه ٿو وساري سگهان. شايان توکي سلام.
    سجاد ڏهر ميهڙ

    l l l

    اڄ اچانڪ سائين علي شير ڳورڙ صاحب جي فرزند جي وفات جي خبر ملي، جنهن تي تمام دلي صدمو پهتو. سائين علي شير جي فرزند لاءِ اسين دعاڳو آهيون.
    منظور احمد پنهور صدر گسٽا دادو
    قربان علي پنهور تعلقه دادو

    l l l

    سائين محترم علي شير ڳورڙ جو پٽ شايان ڳورڙ جيڪو سائين جو وڏو فرزند هو. شايان هڪ بهترين انسان هو. دوستن جو دوست هو. شايان عوامي جمهوري پارٽي جو بهترين اڳواڻ هيو.
    گلزار علي عباسي، ميهڙ

    l l l

    قومون فردن جي اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد سان پنهنجو منزلون طئي ڪندي غلامي جا زنجير ٽوڙيندي، خود مختياري ۽ خوشحالي جي مومل ماڻينديون آهن. اڄ شايان ڳورڙ جي پٿر تي هي چند سٽون لکڻ به ايتريون آسان ناهن. اسان هڪ بهادر، سمجهدار ۽ ڏاهي نوجوان، ۽ قومي ڪارڪن جي وڇڙي وڃڻ تي تمام گهڻا ڏکارا آهيون. هي جيڏو وڏو نقصان سندس خاندان ۽ سائين علي شير ڳورڙ جو آهي. ان کان وڌيڪ سنڌي قوم جو نقصان آهي.خدا مرحوم کي بلند درجا ڏئي ۽ خاندان کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري.
    صدرالدين پنهور مرڪزي اڳواڻ
    A.J.P سنڌ
    l l l


    سائين محترم علي شير ڳورڙ صاحب جي فرزند ۽ موڀي پٽ شايان ڳورڙ جو وڇوڙو سندس خاندان ۽ ٻين عزيزن لاءِ هڪ وڏي صدمي جي حيثيت رکي ٿو. شايان جي اوچتي وڇوڙي جو ٻڌي تمام گهڻو صدمو رسيو، شايان جو وڇوڙو سندس خاندان۽ اسان عزيزن لاءِ هڪ وڏي خال جيان آهي. شايان هڪ نوجوان محنتي ۽ جاکوڙي نوجوان هو، الله پاڪ سندس خاندان کي حوصلو عطا ڪري.
    ضمير علي ڳورڙ
    صدر گسٽا ميهڙ

    l l l

    شايان ڳورڙ جنھن ننڍي عمر ۾ ڪافي منزل طئي ڪري چڪو ھو. ھو ارڏو، بھادر ۽ ھمت ڀريو نوجوان ھيو، سندس اندر ۾ انيڪ صلاحيتون موجود ھيون، ھن سماج کي تبديل ڪرڻ ٿي چاھيو ۽ ان تبديلي لاءِ ھو ھميشه متحرڪ رھيو. ھو سماج جي تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ ھو. قومي تحريڪ جي اڳين صفن جو ڪارڪن به ھو، ۽ اڳواڻ به. شايان اڃان ته دنيا ۾ ذميوارين کڻڻ جھڙو ھاڻي ٿيو ھو. ڦوھ جواني سندس شاديءَ جون تياريون ۽ اميدون به اڌوريون رھجي ويون. ھن سان گھاريل زندگيءَ جا تمام گھڻا لمحا ھر وقت ذھن تي ڦرن پيا. ھن سان ذھن ۽ ضمير جا رشتا ھئا. اسان کيس ننڍپڻ کان ڏٺو ھن جي تربيت ۾ اسان جو ننڍڙو ڪردار ھو. ھو تربيت سبب پنھنجي قبيلي اندر الڳ خوبين جو مالڪ ٿي ويو ھو. ۽ خبر ئي نه پئي ائين وڇڙي ويندو. اسان لاءِ شايان ھميشه دلين ۾ رھيو آھي ۽ رھندو. ھن جي وڇوڙي سندس خاندان سميت اسان سموري سنگت کي جھوري وڌو آھي.
    منظور مھيسر، آواز ٽي وي
    A.J.P ميھڙ

    l l l



    غير متوقع لمحو
    قدرت جي ڪجھ منظم اصولن سان سڄي ذات حيات جو وايو منڊل گامزن آھي. ۽ جڏھن اھڙن لمحن ۾ غير متوقع لمحه اچي مٿان ڪرندا آھن ته اھي ناقابل برداشت ھوندا آھن. ان ڏينھن ڪنھن دوست جي نمبر تان ايس ايم ايس آيو ته شايان ڳورڙ جي شھادت ٿي وئي آھي. ته ھڪ پل لاءِ اکيون خاموش رھجي ويون يقين نه پئي آيو مون جلدي دوستن کان تصديق وٺڻ لاءِ رابطه ڪيا، ته متان اھا ڳالھ ڪوڙي ھجي مگر افسوس جو اھا خبر حقيقت ھئي. شايان سان گذاريل اھي لمحا اچانڪ سان ياد اچڻ لڳا جيڪي پاڻ گڏجي پارٽي پليٽ فارم تان گذاريل اھي شايان جا چيل شعر، اھا جستجو، اھو ولولو جيڪو شايان جو حقيقت ۾ ڄڻ ته عڪس ھيون. اھي سڀ ياد آيا. جئين اکين جا لڙڪ لڙي آيا. اھي لمحا يقينن ڏاڍا ڏکيا لمحا ھوندا آھن. ڪا ش ائين نه ٿئي ھا. ڪاش شايان اسان سان گڏ ھجي ھا. بس آءُ دعاڳو رھندس ته شايان جي سمورو خاندان ان جي امڙ، ابي کي اھڙي وڏي غير متوقع سانحي کي برداشت ڪرڻ جي سگھ عطا فرمائي.
    طارق مرزا کوسو
    ميھڙ

    l l l

    موت طئي ٿيل حقيقت آھي. ان کان ته ڪنھن کي به انڪار نه آھي. پر بي وقتائتو موت انسان جو جيءَ جھوري وجھندو آھي. ان سماجي اڳواڻ سائين علي شير ڳورڙ جي دوست پٽ شايان ڳورڙ جو وڇوڙو ڏاڍو جيءُ جھوريندڙ واقعو ھيو.
    بارگاھ الاھي ۾ دعا آھي ته رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي آمين
    ڊاڪٽر وحيد درياڻي
    l l l


    اسان جو پيارو ڀاءَ شايان علي ڳورڙ تمام سھڻي اخلاق جو مالڪ ھيو. ادا شايان سان منھنجون ڪافي ملاقاتون رھيون. ادا شايان جي خوش مزاجي مون کي ڏاڍو وڻندي ھئي. دعا آھي ته سندس سوڳوار خاندان ھن جي ٻاريل لاٽ کي روشن رکي.
    ايڊووڪيٽ اشرف علي کوسو، ميھڙ

    l l l

    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    اڄ اسان جي پياري دوست سائين علي شير ڳورڙ جو فرزند شايان علي ڳورڙ اوچتو ئي اوچتو اسان کان وڇڙي ويو.
    سندس بي وقتائتي موت سبب منھنجي دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙي رھي آھي. دعا آھي ته رب سندن خاندان کي صبر عطا فرمائي، آمين.
    فاروق احمد سيال، ميھڙ

    l l l
    يقين بڻجي ماڻھو، زندگيءَ ۾ ايندا آھن،
    خواب بڻجي اکين ۾، سمائجي ويندا آھن،
    پھريان يقين ڏياريندا آھن،
    پوءِ الائي ڇو اڪيلا ڇڏي ويندا آھن.

    شايان شير ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي تي اسان کي دلي صدمو پھتو آھي. اسان جي ھن سان گھري دوستي ھئي. مائٽ ڪري مخاطب ٿيندا ھئاسين. شايان سدائين مرڪندي ڏسندا ھئاسين گلاب جي گل جيان پيو ٽڙندو ھو. جتي به ويندو ھيو ته خوشبو پکيڙيندو ھيو. شايان وڇڙي ته ويو پر سڄي زندگي ياد رھندو.
    عاقب امير سھول
    مدينه ڪالوني ميھڙ

    l l l


    وٺي ھرھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.

    اڄ شايان جو اسان کان ائين وڃڻ وڏو صدمو آھي. جيڪو شايد ذھن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. شايان سان منھنجو ڪافي وقت گذريو آھي. مون ھن جي چھري تي ڪڏھن به اداسي نه ڏٺي . سدائين کل ڀوڳ جي موڊ ۾ رھندو ھو. ھن سان جڏھن به ويھبو ھو ته وقت جي خبر ئي نه پوندي ھئي. راتين جون راتيون گذري وينديون. خبر ئي نه پوندي ھئي. اڄوڪو ڏينھن اسان سمورن لاءِ ڪارو ڏينھن آھي.
    شايان سان گذاريل گھڙيون ۽ لمحا سدائين ياد رھندا دعا آھي ته اسان شھيد جي مشن کي اڳتي وڌايون، آمين.
    عمير احمد ڳورڙ، ميھڙ

    l l l

    اڄ جيئن ته شايان علي ڳورڙ جي تڏي تي وڃڻ ٿيو. ان لاءِ اسان سڀني کي ڏاڍو ڏک پھتو آھي جنھن جو ازالو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پر اسان شايان کي ڪڏھن به وساري نه سگھنداسين.
    برڪت علي ڏھر، ميھڙ

    l l l

    ننڍڙي شايان جي اوچتي وڇوڙي جو ٻڌي اکين مان آب وھي پيا، دوست سمورا روئي پيا.
    مِٽ مائٽ به لڙڪ وھائي ويٺا. نه وھي ھئي وڃڻ جي “مولائي منظور” ڦٽ سارا اٿلي پيا.
    ننڍڙي شايان جي وڇوڙي اسان سمورن شاعرن، اديبن ۽ ساڃاھ وندن ساٿين کي جھوري وڌو آھي. شايان ميھڙ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي محفلن جو مھندار ۽ راڻو ھيو. ھن جو خال گھڻي وقت تائين ڀرجڻ مشڪل آھي.
    مولائي منظور کوسو، راڄ واھ ميھڙ

    l l l


    موت ھڪ حقيقت آھي. ان کان ڪوبه انڪار نه آھي. ڀر بي وقتائتو موت ھر ڪنھن کي ڇرڪائي ڇڏيندو آھي. ۽ ڪي ڪي ماڻھو اھڙا ھوندا. جنھن جي موت جي خبر ٻڌندي يقين نه ٿو اچي. شايان ڳورڙ به انھن ماڻھن مان آھي. جنھن جي موت جو يقين نٿو اچي.
    شايان جو موت رڳوڳورڙ برادري جو نه بلڪه پارٽي، ذاتي دوستي، پاڙي وارن ۽ سڄي ميھڙ جو نقصان آھي. شايان جھڙا ماڻھو پنھنجي ٿورڙي زندگيءَ ۾ ھن جھان مان گذاري ويندا آھن. اھڙي زندگي ۾ وڏيون وڏيون شخصيتون به پنھنجي سڄي ڄمار ۾ اھڙا ڪم ڪري نه سگھندا آھن. شايان نه وسرڻ جو مرڪز رھندو. الله تعالى سندس خاندان کي صبر ڏئي.
    اسان بدين جا دوست سائين علي شير سان غم ۾ شريڪ آھيون.
    مير خيرمحمد ٽالپر انڊھلو
    بدين، ضلع اڳواڻ A.J.P

    l l l

    اسان جي پياري دوست سائين علي شير ڳورڙ جي وڏي فرزند شايان ڳورڙ جي اوچتي وفات تي تمام گھڻو ڏک ٿيو. دعا آھي ته ڌڻي سوڳوار خاندان کي حوصلو عطا فرمائي.
    مير جمن ٽالپر انڊھلو
    بدين ضلع اڳواڻ A.J.P

    l l l



    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    انتھائي خوبصورت دل جو مالڪ ۽ سلڇڻو ٻار شايان علي هميشه تمام گهڻي پيار ۽ اڪير سان مليو. تمام ٿوريون ملاقاتون رهيون، دلبر نوجوان سان پر هن جي سڀاءَ ۽ اڪير سدائين ياد رهندي. بهادر، سلڇڻو، انسان دوست پيار ڪندڙ شايان ائين موڪلائي ويندو اهو وهم گمان ۾ به نه هو. سائين علي شير لاءِ تمام وڏو سانحو آ. شال مضبوط رهي ۽ انهيءَ غم واري ڪيفيت مان پار اڪري.
    ظهير الدين ابڙو ميهڙ

    l l l

    اسان جي پياري دوست سائين علي شير جي هر دلعزيز فرزند جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک ٿيو. شايان هميشه پيار ڪرڻ ۽ مرڪڻ وارو هو. جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.
    عبدالڪريم پنهور، ميهڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جي جدوجهد ۽ تحريڪ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هئي. هن هارين ۽ مزدورن سان گڏ شاگردن جي حقن لاءِ هميشه آواز بلند ڪيو. هن جو وڇوڙو وڏو سانحو آهي.
    قربان علي آڳرو ايڊووڪيٽ
    صدر ميهڙ بار

    l l l



    جيئن ته هي شايان علي جو ڪمهلو وڇوڙو نه رڳو سائين علي شير لاءِ وڏو سانحو ۽ الميو آهي، پر اسان سمورن ساڃهه وندن جو وڏو نقصان آهي. دعا آهي رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي
    همت علي کوسو
    J.S.T گورنمينٽ هاءِ اسڪول 1 ميهڙ.

    l l l

    جيئن ته ابهم، گلن جهڙو، نازڪ، پيارو شاگرد شايان علي هڪ سلڇڻو ۽ سٻاجهڙو هو. نوجوان اولاد جو جهان ڇڏڻ به دل کي ٻه اڌ ڪري ڇڏي ٿو. شايان علي جو موت هڪ وڏو حادثو آهي. اهڙا انمول هيرا صدين پڄاڻان ڪا ماءُ پيدا ڪندي هر اک آلي آهي ابي امڙ لاءِ ته ڪربلا کان گهٽ نه آهي. هن اوچتي سانحي تي وڏو دلي صدمو پهتو آهي. پر قدرت جو قانون تبديل نه ٿو ٿي سگهي. جيڪا ٺهي آهي، هڪ ڏينهن ضرور ڊهڻي آهي.
    عاشق علي ڪلهوڙو
    ڪلهوڙا محله ميهڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ گلاب جو گل هو. بلند اخلاق جو مالڪ هو. پنهنجن وڏن، ننڍن ۽ پاڙي وارن سان اهڙو ته سلوڪ رکندو هو. جو هر اک آلي آهي. هڪ وڏو هوشيار هيو. هن عوامي تحريڪ ۾ به وڏو ڪم ڪيو. پروگرامن ۾ اسٽيج به سنڀاليندو هيو. هن جي ڏاهپ ۽ سٺن ڪمن جي ڪري پنهنجن ۽ پراون کي وڏو صدمو ڏئي ويو آهي، هن جو موت شهادت جو موت آهي. شهادت جو موت تمام سٺن ماڻهن کي ملندو آهي.
    عبدالجبار واهوچو، نصيرآباد

    l l l


    مون کي پنھنجي پياري شاگرد شايان علي جي اوچتي موت تي دلي صدمو پھتو آھي. دعا آھي ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.
    عبدالمجيد ٻگھيو
    ن م گ.پ مين اسڪول ميھڙ

    l l l

    مون کي پنھنجي پياري دوست سائين علي شير جي فرزند شايان جي شھادت تي دلي صدمو پھتو آھي.
    بخشل خان سوڍر
    ن. م گ.پ مين اسڪول ميھڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ اسان جي قبيلي ۽ برادري جو نھايت سلڇڻو، با شعور انسان ھو، ھن سان اسان جا تمام ويجھا تعلقات ھئا. شھيد شايان جو وڇوڙو اسان سمورن ۽ برادري توڙي باشعور ماڻھن لاءِ وڏو سانحو آھي.
    علي حسن ڳورڙ
    ڳوٺ بھال ڳورڙ، ميھڙ

    l l l
    ھر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آھي “القرآن”
    شايان جي بي وقتائتي موت جي خبر منھنجي دل جي دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو. دل جي ڌرتي تي وڄ جيان ڪڙڪي پئي.
    سوچيان پيو ته سندس والد کي ڪھڙي دلجاءِ ڏيان. شايان ڳورڙ ھڪ بھترين انسان علم دوست، ادب دوست، انسان دوست ۽ صوفي منش ماڻھو ھو. سندس وڇوڙي جيءَ کي جھوري وڌو آھي.
    ماڻھو مکڻ جھڙو، دل ۾ رکڻ جھڙو.
    لياقت سنڌي ميھڙ

    l l l



    جيئن ته اسان جي پياري دوست علي شير ڳورڙ جي فرزند جي شھيد ٿيڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍو دلي صدمو پھتو ۽ بيحد افسوس ٿيو.
    شايان علي ڳورڙ ڏاڍو سٺو ۽ محبت وارو ماڻھو ھيو. الله سائين کيس جنت فردوس ۾ جڳھ ڏيندس.
    عبدالغفار وڪو، ميھڙ

    l l l

    سائين علي شير ڳورڙ جو وڏو فرزند شايان ڳورڙ جيڪو ھي فاني دنيا ڇڏي ويو آھي.سندس موت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. شايان ڳورڙ انتھائي شريف ۽ ذھين ماڻھن ۾ شمار ٿيندو. انتھائي سلڇڻو ۽ نيڪ سيرت جو مالڪ ھو. اسان سائين علي شير سان ھن ڏک جي گھڙيءَ ۾ گڏ آھيون. خدا کان دعا ٿا گھرون ته کيس اعلى مرتبو عطا ڪري.
    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    شاهه
    امان علي سمون، ميھڙ

    l l l

    شاگرد اڳواڻ شايان ڳورڙ هڪ بهترين انسان ۽ سچو دلير انسان هو. شهيد شايان عوامي جمهوري پارٽي جي احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ شريڪ رهندو هو. پنهنجي والد جو دوست پڻ هو. پنهنجي مختصر زندگي ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ويو.
    امجد کوکر
    مينيجر U.B.L ميهڙ

    l l l


    شايان ڳورڙ جو اوچتو وڇوڙو اسان سمورن جو وڏو نقصان آهي. دعا آهي الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.
    ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين.
    ڪليم الله تيوڻو ميهڙ

    l l l

    اسان شهيد شايان ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي تي سوڳوار خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آهيون.
    محمد امين مگسي ميهڙ

    l l l

    گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.

    شايان علي ڳورڙ جي بي وقتائتي وڇوڙي اسان جي ذهن تي اهڙو ته اثر ڇڏيو آهي، جو پاڻ سنڀالڻ ڏکيو هو. هن جو هر ننڍي وڏي سان پيار هيو. اهڙا پٽ صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. هن جهڙا پٽ وري ماءُ نه ڄڻيندي.
    شاهد علي ڳورڙ ميهڙ

    l l l

    عوامي جمهوري پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۽ خالق جوڻيجو گروپ پاران آدمشماري جاڳرتا بابت ميهڙ جي مقامي هوٽل عباس تي پروگرام هلي رهيو هو. جنهن جي صدارت امداد قاضي مهمان خاص عبدالخالق ڪري رهيا هئا. پروگرام ۾ اسٽيج تي هونهار نوجوان شيخ اياز جي شاعري پڙهي رهيو هو. مون احمد خان چانڊئي کان پڇيو هي نوجوان ڪير آهي؟ هن ٻڌايو شايان ڳورڙ، سائين علي شير جو فرزند آهي. علي شير به ڀرسان ويٺو هو. منهنجي نهارڻ تي کلي ڏنائين چيائين نٿو لڳئي نه ته مون ڪمزور جو قداور پٽ!
    شايان پنهنجي بابا جو نظرياتي ساٿي پڻ هو، ترقي پسند تحريڪ جو سجيلو نوجوان هو. سنڌ کي اهڙن ئي باشعور نوجوانن جي گهرج آهي. شايان جو وڇوڙو والدين لاءِ ناقابل برداشت آهي. ليڪن اسان سڀني جو پڻ نقصان آهي. قحط الرجال دور ۾ جتي مردم سازي جو ڪم سست ۽ ناپيد هجي اتي جڙيل نظرياتي ساٿي جو وڇوڙو نهايت افسوس ناڪ آهي. خير هن جي مختصر وقت ۾ سندس جدوجهد ۽ ڪردار هميشه زنده رهندو.
    سليم مگسي ميهڙ

    l l l

    شايان ڳورڙ هڪ بهترين انسان هيو هن سان منهنجي ملاقات اٺ ڏهه ڀيرا ٿي چڪي هئي. هي نوجوان با اخلاق ۽ پڙهيل ڳڙهيل انسان هيو. هن پنهنجي والد صاحب جي جان بچائيندي شهادت ماڻي. انجو رب پاڪ کيس اجورو ڏيندو.
    بابر اعجاز خان سهول
    پ پ پ اڳواڻ

    l l l

    سائين علي شير ڳورڙ جي پٽ شايان خان ڳورڙ جي اوچتي خبر پوڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. جيئن مون سان سرفراز علي ڳالهه ڪئي. ته مان هن سان چڙي ويس، ته ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين! شايان فرمانبردار، هوشيار ۽ عقلمند هيو. هن جو وڇوڙو وڏو صدمو آهي.
    آفتاب احمد ٻلهڙو
    مدينه ڪالوني

    l l l


    شايان خان جي خبر پوڻ سان يونيورسٽي وڃڻ تي دل نه چيو، شايان خان پيءُ جي مٿان شهيد ٿي ويو آهي. اسان جي سنگت ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي. جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. اسان جو بهترين دوست هو. دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت عطا ڪري.
    بلخ آفتاب ٻلهڙو
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

    l l l

    اڙي موت! مٿان ڪو موت پوئي،
    تو يارن کان هن يار ڇنيا،
    تو ڀائرن کان هن ڀائر کسيا،
    تو ماروئڙن کان مور ڇنيا،
    تو ڇاڇا کسيو هن دنيا کان،
    توکي حيف هجي توکي حيف هجي،
    تو شايان جهڙا شينهن کسيا.
    شايان اسان جو پيارو دوست هيو. شايان خوش مزاج ۽ بهترين ماڻهو هو. شايان با اخلاق هو. جڏهن ايڪتا جو ڏينهن ٿيندو هيو. ته سڄي ميهڙ مان ريليون ڪڍرائيندو هيو. پوءِ شايان کي ڏسي ائين لڳندو هيو.ته شايان مسقبل جو وڏو سياسي اڳواڻ ٿيندو. جڏهن شايان سان ڪچهري ٿيندي هئي. ته سندس ڳالهين ۾ جذبو نظر پئي آيو. شايان کي ڏسي اهو به لڳو ته سنڌ ۾ باشعور ۽ غيرت مند ماڻهو موجود آهن. شايان شينهن مڙس ۽ معتبر ماڻهو هو وسرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ۽ اسان جي اها دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين.
    علي رضا ڳورڙ ميهڙ

    l l l



    موت شل موت پوئي
    بهترين زندگي خاندان کي جيارڻ ۾ هوندي آهي. ۽ بهترين موت به خاندان کي جيارڻ ۾ آهي. اسان جا پيارا دوست اسان لاءِ زندهه مثال آهيو.
    نادر منظور کوسو ميهڙ

    l l l

    جيئن ته سائين علي شير جي فرزند جي وڇوڙي جي خبر پئي ته تمام وڏو افسوس ٿيو. پر ان وقت زبان تي هي لفظ تري آيا ته موت هڪ حقيقت آهي. ان کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.
    صابر حسين ٻگهيو ميهڙ

    l l l

    شايان علي محنتي سياسي ورڪر هيو. جنهن جي وڇوڙي سان دلي صدمو رسيو. شايان سان ميهڙ کان حيدرآباد جو سفر ڪيم. عوامي جمهوري پارٽي جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پي وياسين، سفر دوران شايان لطيف سائين جا بيت ۽ شاعري ٻڌائي. جنهن سان سفر گڏ ڪرڻ دوران مون کي شايان ۾ سياسي ورڪر واريون سموريون خوبيون نظر آيون. شايان سان اڪثر ڪري منهنجون فون تي رابطو ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. ويجهر ۾ منهنجي شايان سان رئيس جي پڳ رسم دوران ڪچهري ٿي جنهن جو وڇوڙو منهنجي لاءِ وڏو صدمو آهي.
    ڪي ماڻهو، تاريخ ٿين ٿا،
    گهايل ڌرتي، جي سيني تي،
    اهڙي گهري، چيخ ٿين ٿا.
    جا دنيا کي بدلاءِ ٿي.

    قادر چانڊيو
    قاسم سولنگي ٿرڙي محبت

    l l l


    شهيد شايان ڳورڙ جو تعلق نهايت لکيل پڙهيل خاندان سان هو. هن جي بي وقتائتي وڇوڙي جي خبر ڏاڍو صدموپهچايو، هن جي موت جي جنهن کي به خبر پئي، ان کان ڳوڙها ڳڙندا رهيا.
    اسان جي دعا آهي ته رب کيس جنت عطا ڪري.
    عبدالحسين ڪانڌڙو نصير آباد

    l l l

    کهلتي هين گل يهان کهلڪي بکهرني کو.
    مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو دلي صدمو پهتو ته شايان علي ڳورڙ هن دنيا ۾ ناهي رهيو، جگر ٽٽي پوندا آهن. مان ته ائين سمجهان ٿو ته هڪ ڏاهو، دانشمند، باشعور شايان علي ڳورڙ هن دنيا مان اسان کان وڇڙي ويو آ. ڄڻ ته روشني موڪلائي وئي هجي ميهڙ مان.
    لياقت علي کوسو ڳوٺ کوندي

    l l l

    اسان کي جڏهن خبر پئي ته شايان علي هن دنيا ۾ ناهي رهيو ته دلي صدمو پهتو. اسان سائين علي شير ۽ سندس خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آهيون.
    لاله بخش چانڊيو
    مرڪزي رهنما A.J.P

    l l l

    زندگي موت جي امانت آهي. اهو ٻڌندا هئا سين پر پهنجن جو وڇوڙو جڏهن ٿيو ته ان جملي جي اهميت جي خبر پئي. سائين علي شير جي فرزند جي اوچتي وڇوڙي سچ پچ ته جيءَ کي جهوري وڌو آهي، شايان گهڻ پاسائون ماڻهو هيو. هن۾ تمام وڏيون خوبيون هيون، اڳواڻي جا گر هئا. دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت نصيب فرمائي.
    محمد هاشم سوڍر ميهڙ
    l l l



    شايان ڳورڙ منهنجي دوست علي شير ڳورڙ جو فرزند مون کي پنهنجي اولاد مثل هيو. سندس اوچتو موت سوشل ميڊيا تي پڙهيم. آءُ حيدرآباد ۾ هيس اهڙي با صلاحيت نوجوان ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪم ڪندڙ جو ٻڌي تمام گهڻو حد کان وڌيڪ دلي صدمو پهتو. هي رڳو علي شير جو نقصان نه آهي پر هر دل رکندڙ ۽ سنڌ تي ڪم ڪندڙ جو نقصان آهي. نوجوان پٽ جو اوچتو وڇوڙو سندس والدين لاءِ برداشت جوڳو ناهي. الله پاڪ کين صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    محمد هاشم ڏيرو
    اڳوڻو ADEO تعليم ميهڙ

    l l l

    جینا وہ ہے جو سانس لیکر جیئے ۔
    جینا وہ ہے جو ، مرکر بھی زندہ رہے ،

    شايان ڳورڙ جو حادثاتي وڇوڙو، ضرور وارثن مٽن، مائٽن دوستن لاءِ غم جو داستان هوندو ته شايان ڳورڙ مٿين اردو جي شعر جي عڪاسي ڪندي زندگي گذاري، شايان ڳورڙ جو جسماني وڇوڙو ضرور ٿيو آهي. پر روحاني طور صدين تائين ياد رهندو. سائين علي شير جي چيلهه جو سندرو بڻيل سندس پٽ شايان ڳورڙ جي وڇوڙي تي صبر ۽ تحمل ڪرڻ جو دعاڳو رهندو.
    اقرار چانڊيو
    جنرل سيڪريٽري عوامي جمهوري پارٽي
    ضلع دادو

    l l l



    شايان ڳورڙ جو اوچتو وڇوڙو اسان سڀني لاءِ وڏو حادثو آهي. شايان جي ڪمي اسان کي گهڻي وقت تائين محسوس ٿيندي. الله سائين شايان کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو. شايان کي اسان هميشه ياد ڪندا رهنداسين شايان ۽ مان شاگرد سياست گڏ ڪئي. ايس.ايس.او جا مرڪزي اڳواڻ هئاسين. شاگرد سياست تي تمام گهڻوڪم ڪيوسين. شايان سان جيڪي ڏينهن زندگي جا گڏ رهيا. اهي زندگي ڀر ياد رهندا.
    محمد خان چانڊيو
    سابق مرڪزي صدر SSO سنڌ

    l l l

    شايان ڳورڙ جو اوچتو وڇوڙو اسان جي دل ۾ وڏو گهاءُ وجهي ويو آهي. شايان اسان کي هتي اڪيلو ڪري ويو.
    محمد موسى کچي

    l l l

    گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.

    شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي اسان کي تمام ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. سائين علي شير ڳورڙ جي هن موڀي پٽ کي رب پاڪ جنت جاءِ ڏيندو.
    عبدالجبار سيال
    SSO تعلقه خيرپور ناٿن شاهه

    l l l


    ڏک جهڙي خبر جڏهن دوستن کان ٻڌوسين ان مهل گهڙي کن لاءِ ته اعتبار ئي ڪون پيو اچي. موت بي وقت سڀني تي لازم آهي. پر اوچتو ۽ جواني وارو موت تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هوندو آهي. پيارو دوست شايان هميشه جڏهن به ملندو هيو. ته مسڪرائي ملندو هيو. سندس طبيعت تمام پياري هوندي هيس.شايان هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو
    مهتاب سومرو ميهڙ

    l l l

    شايان علي جي اوچتي وڇوڙي جو تمام گھڻو ڏک ٿيو. دعا آھي ته الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي.
    عبدالخالق جتوئي پٽيجي

    l l l

    اسان سائين محترم علي شير ڳورڙ سان سندس موڀي پٽ جي وڇوڙي تي غم ۾ شريڪ آهيون، ۽ رب آڏو دعا آهي ته کيس جنت نصيب ٿئي.
    الله بخش ٻگھيو، ميهڙ

    l l l

    سائين علي شير ڳورڙ جي هن ڏک ۾ اسان گڏ آهيون، هن نوجوان پٽ جو وڇوڙو اسان سمورن لاءِ سانحي کان گهٽ نه آهي.
    ڊاڪٽر قمرالدين ٻگھيو
    شھاب الدين ٻگھيو
    فريدآباد

    l l l



    آءُ دعاڳو آھيان ته الله پاڪ شايان علي ڳورڙ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو ۽ ان جي گھر وارن کي صبر جي توفيق ڏيندو. ۽ الله سائين کان دعاگو آھيان ته کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪندو.
    ڪامران احمد ڳورڙ
    وڪيل لاڙڪاڻو

    l l l

    جاکوڙي انسان

    شايان علي شير جي موت جو ٻڌي منھنجو وجود لُڏي ويو! موت برحق آھي، ۽ ھڪ نه ھڪ ڏينھن ضرور اچڻو آھي، پر نوجواني ۾ حادثاتي موت کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو آھي، شايان جو حادثاتي موت سو به 21 ورھين جي ڄمار ۾ يقينن وڏو نقصان ٿيو آھي، جنھن جو ڏک لفظن ۾ سمائي نٿو سگھجي ۽ وري ان کان به وڌيڪ ڏک اھو آھي، ته شايان ڪو عام رواجي ماڻھو نه ھو، جو ان موت جو ٻڌي ڪن لاٽار ڪجي، شايان ھر وقت گھر، پاڙي ۽ ميھڙ جي ماڻھن جي حقن لاءِ ھر ھنڌ ھڪ اثرائتو آواز ھيو، تعليم بي روزگاري کان وٺي ھر عمل ۾ ھن آواز بلند ڪيو، پر ھي نوجوان سدائين سوچ ۽ فڪر ۾ رھندو ھيو، الائي ڇو مان ھن کي ڏسي سوچيندو ھيس ته الائي ھي ڪھڙين سوچن ۾ گم آھي، شايان سائين علي شير کي اڪيلو ڪري ويو، پر ان سان اسان کي به رئاري ويو. ھي نوجوان ٽائيم جو پابند، اسٽيج جو ھيرو، جڏھن به اسٽيج تي بيھندو ھو پروگرام ۾ جان پئجي ويندي ھئي، شايان جا مون کوڙ سارا پروگرام اٽينڊ ڪيا. ۽ ھو شينھن جيان پيو گجندو ھو، ھن جي اٿڻ، ويھڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو انداز نرالو ھيو، جڳ مشھور ڏاھي، نارمن ڪنھن ھنڌ چيو ھو ته “گھڻا ماڻھو جڏھن عمر جي آخري حصي ۾ پھچندا آھن ته کين افسوس ٿيندو آھي ته ھو ڪجھ به نه ڪري سگھيا، يا ڪنھن کي معاف نه ڪري سگھيا، موت زندگيءَ جو وڏو الميو آھي، پر زندگي جو الميو اھو آھي ته حياتيءَ ۾ ئي لاش جھڙا بنجي وڃو!” ان چواڻي مطابق شايان ٿورڙي عمر ۾ گھڻو ڪجھ ڪري ويو. جيڪي گھڻا ماڻھو ناھن ڪري سگھندا. پرشايان، شايان ھو ھن کي ناڪاميءَ جو ڪوبه خوف نه ھيو، ھو ڪامياب رھيو ۽ موت کي مات ڏئي ويو.
    عبدالحفيظ ٻگھيو

    l l l

    اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنھنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙھن جون بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لھي.

    جئين ته شايان منھنجي سوٽ علي شير جو وڏو فرزند ھو. جيڪو اسان سمورن کي ڏاڍو پيارو ھو، تمام گھڻو سلڇڻو انسان ھو، اسان جي خاندان ۾ جدوجھد ڪندڙ ماڻھو ھو، ھن تي اسان فخر محسوس ڪندا ھئاسين. ته اسان جو به اھڙو نوجوان پيدا ٿيو آھي، جيڪو سنڌ جي محڪوم ۽ مظلوم ماڻھن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري رھيو آھي.
    سرائي مظھرعلي خان ڳورڙ
    ڳوٺ سوجھرو خان ڳورڙ

    l l l



    ڪي ڪي ماڻھو مارين موت،
    موت چون ٿا، ماري آ،
    موت کي مارڻ وارن ماڻھن،
    جڳ جي جوت جياري آ،
    دنيا ساري ماڻھو ماڻھو،
    ڪوڪو ماڻھو موتيءَ داڻو،
    تنھن کي سيني جوھر جرڪي،
    باقي سيني واريون واريون،
    موت نه توکي ماري سگھندو،
    موت توئي ماريو آ.
    آزادي فقط زنجيرن جي کلڻ جو نالو نه آھي، اھا ته عزت ڀري زندگي گذارڻ ۽ ٻين جي آزادي ۽ احترام سان ڏسڻ جو سليقو آھي، ۽ ٻين جي آزادي کي حاصل ڪرڻ جي جستجو، آس ۽ امنگ شايان ۾ مون ھميشه ڏٺي. اسان جڏھن به مليا ھئاسين ته ھو صرف ان موضوع تي ئي ڳالھائڻ کي ترجيح ڏيندو هو.
    ان سلسلي ۾ مون کي به ھدايت ڪندو رھندو ھو ته ان آزادي کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ اوھان به شامل ٿيو، ھڪ عظيم تعلق ٻن سببن ڪري جڙندو آھي، پھريون ته ھڪجھڙايون ڳولجن ۽ ٻيو ته هڪٻئي جو احترام ڪجي ۽ شايان کي مون ھميشه ائين ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو، ھزارين دوست ايندا ويندا آھن. مٺا دوست ورلي ملندا آھن. کين ڇڏڻ ڏکيو ھوندو آھي. ۽ شايان به اھڙن دوستن مان ھڪ ھو. ھميشه اسان جي دلين ۾ رھندو. الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندو. آمين
    عبدالصبور ٻگھيو
    سپريئر لا ڪاليج لاھور

    l l l



    خلائن مان مون کي نه آواز ڏي،
    اڃان ھن دنيا ۾، رھڻ ٿو گھران،
    اي موت! منھنجو آ مقصد عظيم،
    مان انسانيت لاءِ، ڪجھ ڪرڻ ٿو گھران.

    جيئن ته اچانڪ سؤٽ شايان علي ڳورڙ جي اوچتي خبر پئي ته ھو اڄ اسان ۾ نه رھيو آھي، ته وڏو دلي صدمو رسيو، شايان اسان جي برادريءَ ۾ وڏو سلڇڻو ۽ فراخ دل انسان ھو، ھن ۾ تمام گھڻيون خوبيون ھيون، ننڍي، وڏي جو ادب ۽ احترام ڪندو ھو، رب پاڪ شل ھن کي جنت الفردوس عطا فرمائي، آمين.
    سرائي شفيق احمد ڳورڙ

    l l l

    آءُ تمام گھڻو پريشان ٿي ويو آھيان ته اسان جو پيارو دوست اسان کان وڇڙي ويو آھي، شايان ھڪ تمام بھترين ۽ اسان جو پيارو ۽ دلبر دوست ھيو، دعا آھي ته رب کيس جنت نصيب ڪري.
    راشد علي ڳورڙ

    l l l

    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    موت برحق آھي، ھر ماڻھو، جاندار کي واپس وڃڻو آھي، شايان ڳورڙ جي اوچتي لاڏاڻي تي دلي صدمو پھتو آھي.
    شايان تمام ٿورڙي عمر ۾ تمام گھڻو سياسي سماجي ڪم ڪري ويو. شايان جو سياسي سماجي ڪم سدائين ياد رھندو.
    محمد اسحاق چانڊيو
    وائيس چيئرمين يوسي فريدآباد

    l l l


    ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،
    ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.

    شايان ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي جھڙوڪ جيءُ کي جھوري وڌو آھي، شايان اھو نوجوان ھيو جنھن ۾ کوڙ ساريون اميدون ھيون، شايان سياسي، سماجي حوالي سان اھڙو ته متحرڪ نوجوان ھيو جنھن عوامي جمھوري پارٽيءَ جو ڄڻ ته بنياد وڌو ھيو. اسٽيج تي ڪڙڪيدار آواز سان پيش ايندڙ ھي نوجوان سنڌ جي سمورن مسئلن تي نظر رکندو ھو، نه صرف نظر رکندو ھو، بلڪه ان جي حاصلات لاءِ پڻ ڪوشان رھندو ھو، سندس اوچتي شھادت تي ڏاڍو رنج ٿيو، اسان سندس والد محترم سائين علي شير ڳورڙ صاحب سان سندس شينھن پٽ جي وڇوڙي جي غم ۾ شريڪ آھيون. الله سائين، سائين جن کي صبر تحمل عطا فرمائي، آمين.
    احسان زنگيجو، ميھڙ

    l l l

    شايان علي ڳورڙ نوجوان سلڇڻو، ساڃھ وند انسان ھو، سماجي طورتي گھٽ عمر ھوندي وڏي انساني خوبين جو مالڪ ھيو، سدائين مرڪندڙ ۽ متحرڪ زندگيءَ جو مالڪ ھيو، ننڍي عمر ۾ اھڙا گھٽ نوجوان ھوندا آھن. جيڪي انسانيت جي بھتري لاءِ ڪم ڪندا آھن،
    دعا آھي ته رب پاڪ سڀني نوجوانن کي شايان جھڙوسلڇڻو بنائي. ۽ سائين علي شير ڳورڙ کي صبر عطا فرمائي. آمين
    عبدالستار چنه
    صدر شھري اتحاد ميھڙ

    l l l



    شھيدن جي ڌرتي سنڌ ۾ شايان ڳورڙ جو اوچتو وڇوڙو وڏي صدمي جو باعث آھي، سيوھڻ کان حيدرآباد ويندي رستي تي فاروق سومري جو ايس ايم ايس مليو، جنھن ۾ شايان جي شھادت جي خبر پئي، شايان ڳورڙ سياسي، سماجي طور ھتان جي عوام لاءِ جدوجھد ۾ مصروف رھيو، ڪچھرين ۾ مون کي شايان مان سماجي خدمت جو وڏو جذبو نظر ايندو ھيو، سنڌ جي تعليم لاءِ تمام گھڻو پريشان نظر ايندو ھيو، ھن تعليم جي بھتري لاءِ جدوجھد ڪئي. سندس اوچتي وڇوڙي وڏو خال پيدا ڪيو آھي، اسان سندس پوئنرن والد صاحب علي شير ڳورڙ ۽ سندس ڀائرن مان اميد رکون ٿا ته شايان ڳورڙ جي صدمي کي جذبهءِ خدمت ۾ تبديل ڪري، سندس ڇڏيل مشن ۽ خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندا.
    نياز ڀٽي
    اڳواڻ سنڌ ڪائونسل
    ميمبر پ پ ش ڀ،
    سرپرست ميھڙ پريس ڪلب

    l l l

    ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھن مڙھ مقام ۾
    شھيد ڪڏھن مرندا ناھن شايان ڳورڙ منھنجو پاڙيسري ھجڻ سان گڏو گڏ، ھڪ ھمدرد انسان، سدائين کلڻو ملڻو، مھان دوست ۽ علم دوست انسان ھو، ان جي جدائي جو افسوس آھي، اسان شايان جي مقصد، سنڌ جي مظلوم ۽ پيڙيل طبقن لاءِ جدوجھد ڪري ان کي خراج تحسين پيش ڪنداسين. دعا آھي ته الله تعالى سوڳوارن کي صبر عطا ڪري.
    سعيد احمد ٻگھيو
    سينڌل مھيسر

    l l l


    صبح جو يونيورسٽي ويندي پياري دوست ۽ ڀاءُ شايان جي وڇوڙي جي خبر پئي، بيحد ڏک ۽ افسوس ٿيو، شايان جھڙا مڙس مٿير صدين کان پوءِ جنم وٺندا آھن، دعا آھي ته شل اسان جا نوجوان شايان جي نقش قدم تي ھلن، آمين.
    بلخ آفتاب ٻلھڙو
    مدينه ڪالوني ميھڙ

    l l l

    مار پوئي موت، اڻ مندائتو آئين،
    گھايئي اھڙا گھوٽ، مند نه جن جي مرڻ جي.

    احسان چنو
    خيرمحمد آريجا

    l l l

    شايان جي شان جو، ڇا ته ھيو شان،
    ايڪويھ سال جو ھيو، ھي نوجوان،
    سندس جو موت، ھڪ الميو ھئو،
    ايس ايس او تنظيم جو ھيو سرواڻ.

    تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.

    افسوس جو ھن سنڌ ڌرتي مان ھزارين سپت ڀريا نوجوان موڪلائي ويا آھن، انھن مان شايان علي به ھڪ آھي، شايان ھڪ بھادر، محنتي، مخلص استادن جي حد کان عزت ڪندڙ، سڄڻن جو ساٿي. ۽ غريبن جو دوست ھو، مان ته سندس شخصيت مان ايترو ته متاثر ھيس جو جڏھن به منھنجي سامھون ايندو ھو ته يقين رکو سندس جواني ۾ رکيل ڏاڙھي ۽ زلفن جو اسٽائيل ته ايترو منھنجي روح کي افروز ڪندو ھو ته جئين ڏيئو ڪنھن ڪمري کي روشن ڪندو آھي، ڇو ته ڏيئو جلي ٻين کي سھائي ڏيندو آھي، ھو به جواني ۾ پاڻ کي تڪليف ڏئي. شاگردن جا مسئلا حل ڪرائيندو ھو.
    شايان علي خوش خلق ۽ خوش مزاج ھو، ڪيترائي انسان پنھنجي لاءِ جئيندا آھن، شايان علي والدين، مٽن مائٽن، استادن، ايس ايس او تنظيم جي بھبود لاءِ ڪوشان ھيو، افسوس جو ھُو پنھنجي منزل ۽ مقصد تائين پھچي نه سگھيو.
    اسان جي مئاسين سفر ۾ اوساٿي،
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    ھن شعر مثل شايان سفر ۾ وڇڙي ويو پر اھا آس ۽ اميد رھندي ته ھڪ ڏينھن شايان جو خواب ضرور ساڀيان ٿيندو.
    غلام قادر پنھور، ميھڙ

    l l l

    سائين علي شير ڳورڙ جو فرزند شايان جنھن کي رب پاڪ جي طرفان وطن جي حب اھڙي عمل ۾ ڌرتي سان پريم ۽ پيار نصيب ٿيو ھيو، جيڪو تمام ٿورڙن ماڻھن کي نصيب ٿيندو آھي.
    علي اڪبر سوڍر
    مرڪزي رابطه سيڪريٽري
    پيپلز ليبر يونين سئي گئس
    سنڌ بلوچستان

    l l l

    شايان منھنجو بھترين دوست ھو، جنھن جي وڇوڙي تي اسين تمام گھڻا ڏکارا آھيون، پنھنجي پيءُ تي سرگھوريندڙ شھيد شايان شل جنتون ماڻي.
    سعيد احمد ڳورڙ
    اعجاز ڳورڙ

    l l l


    اوچتو موت جيءُ جھوري ڇڏيندو آھي، انسان جو عقل ڪم ناھي ڪندو، شايان نوجوان، سڻھو سيبتو، بااخلاق ۽ با ادب انسان ھو، دعا آھي ته الله کيس جنت نصيب ڪري، آمين.
    جي ايم سنڌي وارھ

    l l l

    الله سائين شھيد شايان علي ڳورڙ کي جنت ۾ جڳھ ڏيندو ۽ انھن جي گھروان کي صبر ۽ تحمل ڏيندو.
    محمد اسلم چانڊيو
    سنيئر سول جج نوشھرو فيروز

    l l l

    شايان پنھنجي نالي جي تفسير جيان شايان ٿي ويو، ننڍي عمر ۾ تمام وڏي ڪردار ۽ شخصيت جو مالڪ ھيو، سندس شھادت واري قرباني به بي مثل آھي، سندس پيءُ سائين علي شير کي بچائڻ خاطر پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو جيڪو تمام وڏو تاريخي عمل آھي، سياسي زندگي کان وٺي عام زندگي به قومي مفادن ۽ قومي ڪارڪنن سان ميل جول ۽ شايان جي حقيقي زندگي رھي آ. شايان نه وسرندڙ ڪھاڻي جو نالو آھي.
    سڄي فيملي جي جان ۾ ارمان ھيو ۽ رھندو.
    ظھير عباس پنھور

    l l l



    شھيد شايان جي موت نه رڳو ھن جي خاندان پر منھنجي جواني تائين جو سفر منھنجي اڳيان طئي ٿيو آھي، ھو جيڪو نھايت پيارو ٻالڪ اسان جي وچ ۾ عجيب ڳالھيون ڪندڙ نھايت ئي چالاڪ ۽ ھوشيار مختلف وقتن تي پياري دوست علي شير ڳورڙ سان گڏ اسان سان ساٿ ۾ ھوندو ھو، شايان جون يادون اڄ به مون سان گڏ آھن، ھن جون ڳالھيون ھن جا سوال سچ ته ھو وڏن جي ڪچھرين ۾ ننڍڙو ھجڻ جي باوجود سڀني جي ڌيان جو مرڪز ھوندو ھو، سائين علي شير ڳورڙ ۽ سائين حسين بخش ڳورڙ وارن سان پنھنجائپ جي ڪري سدائين اھو احساس پئي رھيو آھي، ته ھي گھر ۽ خاندان، منھنجي گھر ۽ خاندان جو حصو رھيو آھي، ان نسبت سان شايان ڄڻ ته منھنجي پنھنجي گھرجي ڀاتين مان ھڪ ڀاتيءَ جو وڇوڙو آھي، ھن پياري ڀاتيءَ جي وڇوڙي جي ڏک ۾ پاڻ سڀ برابر جا شريڪ آھيون.
    توڙي اڄ ھو ھن دنيا ۾ ناھي رھيو پر ھن جون ڳالھيون ۽ يادون منھنجي وجود ۽ زندگي جو ھڪ خوبصورت ۽ اڻ مٽ حصو آھن.
    مري ويندين، موت تون منھنجي چائنٺ تي،
    چائنٺ کان اڳتي ، آءُ امرتا آھيان،
    ھن جون يادون امر آھن ، ۽ رھنديون.

    جي اين کوسو
    صدر عوامي تحريڪ سنڌ

    l l l


    شايان علي سان منهنجو سڳي ڀاءُ جهڙو رشتو هو. پاڻ اڄ اسان کان تمام ڏور وڃي چڪا آھن، منھنجي خيال موجب ڀاءُ شايان جن جيتري گھٽ زندگي گذاري، ان گھٽ عمر ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنائون، الله تعالى انھن کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي.
    ڪو وقت ھو ۽ يار ھئا،
    دوست مٺا دلدار ھئا،
    ھڪ ٻيڙي ھئي جا ٻڏندي وئي،
    ۽ تاڪ انھيءَ جا ترندا ويا،
    وقت جو اھڙو واءُ لڳو،
    ڪو ڪاڏي ويو، ڪو ڪاڏي ويو.
    فراز غوث جتوئي

    l l l

    تنھنجي ياد جي وري آ وير.

    اڄ آءُ ھڪ سنڌ جي ان نوجوان تي تاثراتي لفظ لکي رھيو آھيان، جنھن جي ذھن ۽ دل ۾ ھميشه سنڌ ساھ کڻندي ھئي، ھو ھڪ اھڙو نوجوان ھو، جنھن عمر جي ان حصي ۾ شاگرد جدوجھد ڪئي، جڏھن سندس سڀ ھمعصر ليلا مجنون جي ڳالھين ۾ گم ھئا. ميھڙ تعلقي جو انتھائي سنيجده باصلاحيت نوجوان شھيد شايان ڳورڙ ھو، جيڪو اسان فطرت جي جيءُ جھوريندڙ ورتاءٌ سبب اسان کان ڪرنٽ لڳڻ سبب وڇڙي ويو آھي، شايان ڳورڙ جڏھن کان شعور سنڀاليو تڏھن کان ھن جو ڪردار شاگرد ڪارڪنن کان اڳواڻ تائين انتھائي سرگرم رھيو، سندس ڪيل قومي خدمتون سدائين ياد رھنديون.
    عابد آزاد جھتيال
    جسقم ميھڙ

    l l l


    شھيد شايان ڳورڙ منھنجن پيارن شاگردن مان ھڪ ھو، شايان ننڍپڻ کان وٺي ھڪ سلڇڻو شاگرد ھو، ھن کي مون پنجون درجو پڙھايو ھو، شايان ننڍي ھوندي کان ئي سياسي سرگرمين ۽ اسڪول جي ھر پروگرام ۾ حصو وٺندو ھو، شايان سرائيڪي ٻولي ڳالھائيندو ھو، ھن جا اڄ به ھر لفظ ياد اچن ٿا، منھنجي ڌڻي در دعا آھي ته شل ھو جنتون ماڻي آمين
    محمد افضل ملڪ
    مڊل بوائز اسڪول شادي خان چانڊيو،
    تعلقه ميھڙ

    l l l

    سائين علي شير ڳورڙ صاحب جو وڏو پٽ شايان علي ڳورڙ ڦوھ جوانيءَ ۾ اچانڪ اسان کان وڇڙي ويو، شايان علي ھڪ بھادر، بااخلاق،معتبر، محنتي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ننڍن سان محبت ڪندڙ وڏن جو ادب ڪندڙ، اسان کي چاچا ڪري مخاطب ٿيندو ھو، تمام وڏين خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ ھو، جيڪر موت ھن کي مھلت ڏئي ھا! ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي وڏي خدمت ڪري ھا.
    دعا آھي ته شل جنتون ماڻي آمين.
    ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻگھيو

    l l l

    سائين علي شير صاحب جو وڏو فرزند نھايت بااخلاق، باصلاحيت ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ ھيو، ھن جي اوچتي وڇوڙي سندس خاندان ۽ اسان سمورن دوستن کي لوڏي ڇڏيو آھي.
    دعا آھي ته رب سندس گھر وارن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.
    محمدبخش ٻگھيو، چارو
    l l l


    شايان منھنجي بھترين دوستن مان ھڪ ھيو، ذاتي ۽ سياسي دوست ھئاسين A.J.P جي شاگرد تنظيم S.S.O جو بنيادي ميمبر ھئاسين.
    شايان جي موت منھنجي لاءِ وڏي صدمي جي خبر آھي، اڃان تائين مون کي اعتبار نه ٿو اچي ته ھو ڪو مري ويو آ، ھو زندھ رھندو اسان جي دلين ۾.
    شيراز سراج سيال
    حيدرآباد

    l l l

    اسان جو پيارو ڀاءُ شايان علي اسان کان وڇڙي ويو، اسان جو وڏو ڀاءُ اسان جو بھترين دوست به ھيو پاڻ تمام سٺن اخلاقن ۽ بلند ڪردار جو مالڪ ھو، ڀائو جي وڇوڙي سبب اسان جي گھر ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آھي، اھو ڀرجڻ ته محال آھي، پر اسان پنھنجي شھيد ڀاءُ سان وچن ۽ واعدو ٿا ڪريون ته اي! اسان جا شھيد ڀاءَ اسان توھان جي ٻاريل شمع کي اجھائڻ نه ڏينداسين.
    شھيد جا ننڍا ڀائر
    بلاول ۽ انيدخان ڳورڙ

    l l l

    اھا بدنصيب گھڙي جنھن اسان کان جگر جو ٽڪرو جدا ڪيو، شھيد شايان اسان سان گڏ گذاريل لمحا ۽ گھڙيون ذھن تي ڦرن پيون، ھينئر به يقين نه ٿو اچي ته ڪو ھو اسان کان جدا ٿيو آھي، ايترو بھادر ۽ عقلند ھو، جو اسان ڀائر جڏھن ڪنھن ڳالھ تا تيز ٿيندا ھئاسين ته ھن کي ڏسندئي کلي ڏيندا ھئاسين، ھن ۾ ڪا اھڙي قدرتي مڻيا ھئي جو ننڍا توڙي وڏا ھن جي ضابطي ۾ ھئا، طبيعت ۾ تمام ٿڌو بااخلاق، باڪردار، ۽ نماڻو جو جنھن سان به ھڪ ڀيرو ملي ته اھو ھن جو دوست بڻجي ويندو ھيو، ۽ خواھش ڪندو ھو ته ٻيھر ھن سان ڪچھري ڪيان، 22 سالن جي مختصر ڄمار ۾ ھن اھڙا ڪم ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا، جو ماڻھو سئو سال ڄمار تائين نه ڪري سگھيا، ھو پارس ھو، جيڪو پٿر توڙي لوھ کي لڳي ته اھو سراپا سون بڻجي پوي، ھن جون يادون ۽ ڪردار جي خوشبو اسان جي دلين ۾ وھائوتاري جيان پئي جرڪندي.
    شعبان علي ڳورڙ
    (شھيد جو چاچو)

    l l l

    سي جئَ، جيارا ماڻھو ھا،
    سي سڀ کان، پيارا ماڻھو ھا،
    جن ساھ ڏئي، ويساھ ڏنو،
    جي دل ۾، درد دکائي ويا.

    اسان جو پيارو ڀاءُ اسان لاءِ وڏي عظيم نعمت ھو، اسان جي مٿان ڄڻ ڪو مصيبت جو پھاڙ ڪريو ھجي، اسان جو عظيم ڀاءُ اسان لاءِ شفقت جو ڪڪر ھيو، ھو سڄي خاندان لاءِ ڇپر ڇانءُ ھو، ھن وٽان سدائين اسان کي پيءُ ماءُ جيترو پيار مليو، ننڍي لاڪُر قومي سياست سان لاڳاپيل ھئڻ سبب ھن جا سڄي سنڌ اندر سٺا ۽ سلجھيل دوست ھئا، ادا عورتن جي حقن بابت اسان کي ليڪچر ڪندو ھو، ٻه ٽي سال اڳ ادا شايان اسان جي گھر ۾ عورتن جي ڪانفرنس به ڪوٺائي ھئي، جنھن ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ڀيڻ آپا مريم پليجو ۽ ادي زاھده شيخ واريون به شريڪ ٿيون ھيون، ادا شايان اسان کي نصاب سان گڏ علمي، ادبي رسالا ۽ ڪتاب پڙھائيندو ھو، ھن جو آدرش ۽ خواب ھو ته زندگي جي آخري پل تائين پنھنجي مقصد سان اٽل ۽ سچو رھان، ھو ساھ ڏئي اسان کي ويساھ ڏئي ويو.
    رينا ڳورڙ
    (شھيد جي ڀيڻ)

    l l l


    ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا،
    ھن گھايل ڌرتي جي سيني تي،
    اھڙي گھري چيخ ٿين ٿا،
    جا دنيا کي جاڳائي ٿي ۽ ھر ڪنھن کي بدلائي ٿي.

    ادا شايان جي شان ۾ جيڪي به لفظ چئجن اھي ٿورڙا آھن، ھن جون ڪھڙيون ڳالھيون ۽ ڳڻ ڳائجن.
    بلند اخلاق جا مالڪ، خاندان جي ننڍي وڏي فرد سان دوستاڻا ۽ مھذب رويا، ڀينرن ۽ ڀائرن جي خواھشن پوريون ڪرڻ وارا ھن جي سياسي، سماجي مرتبو ۽ مانُ ڏسي اسان ۾ جيئڻ جو نئون ويساھ ۽ حوصلو پيدا ٿيو آھي ته شايان جي وڇوڙي جي ڪمي نه رڳو اسان محسوس ڪيون پيا، پر ادا ۽ بابا جا دوست به رت جا ڳوڙھا ڳاڙي رھيا آھن، ادا ايس ايس او ۽ اي جي پي جا باني اڳواڻ ھئا، شھيد ڀاءُ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪا ۽ انھن پروگرامن ۾ ڀائرن جي تقريرون اسان جا حوصلا بلند ڪيا آھن ۽ اسان جا ڪنڌ ڳاٽ فخر وچان اوچا آھن، ته اسان جي شھيد ڀاءَ بابا تان قربان ٿي اَمر ٿي ويا.
    عروج علي ڳورڙ
    (شھيد جي ڀيڻ)

    l l l



    شايان اسان جو ڀاءُ به ھو ته دوست به، اسان جڏھن به گھر کان ٻاھر نڪرندا ھئاسين ته ادا شايان اڪثر اسان سان گڏ ھوندا ھئا، ھن جو اسان ڀائرن تي شفقت ۽ پيار وارو ھٿ ھوندو ھو، ۽ اسان به ادا کي بابا وارو درجو ڏيندا ھئاسين، ھن جو ماسات نويد جي ننڍڙي نويد عرف سرائي علي حيدرخان سان ڏاڍو پيار ھوندو ھو، جيڪو ادا جي وڇوڙي کان پوءِ اداس رھڻ لڳو آھي، ادا ننڍي ھوندي کان ئي قومپرست، سياست ۾ سرگرم ھو، سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ ايس ايس ٽي عوامي تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي ۽ آخر ۾ ايس ايس او جو مرڪزي رھنما رھيو، پارٽيءَ جي ھر سڏ کي لبيڪ چوندو ھو، ٻٽي بلدياتي نظام خلاف جڏھن قومپرست ڌرين سنڌ ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو، ته ادا شايان وارن به ميھڙ ۾ زبردست ھڙتال ڪرائي، اسان سڀني ڀائرن سوٽن ۽ دوستن کي گڏ وٺي مدينه ڪالوني مان ادا شاندار ريلي ڪڍرائي ۽ پوءِ روڊن تي ٽائرن کي باھيون به ڏنيون ويون، شھيد شايان بي ڊپو قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ھيو، ادا شايان اسان کي چيچ کان وٺي قومي ۽ ايڪتا پروگرامن ۾ ضرور وٺي ويندو ھيو، ادا شايان جو ھر پروگرام ۾ دوست انتظار ڪندا ھئا، پوءِ اھو آزاد انور جي ايڪتا ريلي ھجي يا اي جي پي جا پروگرام ھجن، ھن ۾ ليڊرشپ وارا گڻ ۽ خوبيون ھيون، انائوسمينٽ جا جوھر به ڏيکاريندو ھو.
    ڪڏھن ڪڏھن اسان نٽائيندا ھئاسين ته ادا اڄ گرمي آھي، پروگرام تي ڪنھن ٻئي ڀيري ھلنداسين، ته چوندو ھو ته:
    تتيءَ ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي،
    متان ٿئي اونداھ ته پير نه لھين پرينءَ جو.

    سنڌ جي تعليم لاءِ جڏھن عوامي جمھوري پارٽيءَ لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪئي، تڏھن به ادا تمام گھڻو سرگرم رھيا، انقلابي تعليمي لانگ مارچ جي ادا پنھنجي ڳوٺ سوجھروخان ڳورڙ ۾ شاندار آجيان ڪرائي، ڳوٺ قيام جو بندوبست ڪرايو، ۽ ڳوٺ کان ميھڙ تائين قافلي جي اڳواڻي پارٽي پاران ادا شايان جي حوالي ڪئي وئي، جيڪا ادا لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالھ ھئي، ۽ ادا قافلي ۾ ھلندي لائوڊ تي ھر شھر ۾ چوندا رھيا.
    زبان پنھنجي، اھائي ساڳي،
    متان تون سمجھين، مري وئي آ،
    اڃان ته دل پنھنجي آ اھائي چنچل،
    متان تون سمجھين مري وئي آ.

    شھيد ادا شايان اسان کي چوندو ھيو ته زندگيءَ ۾ جيئڻ لاءِ ماڻھوءَ جو مقصد ۽ آدرش ھجڻ لازمي آھي، بنا مقصد جيئڻ وارو انسان ئي ناھي.
    شھيد شايان سان وچن آھي ته اي شھيد ڀاءُ اسان توھان جي مشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکنداسين.
    بصيرعلي ڳورڙ (شھيد جو ڀاءُ)

    l l l

    مون سان ان جي پھرين ملاقات ڪي اين شاھ ۾ ٿي، شھيد شايان ھميشه خوش مزاج ھوندو ھو، ۽ مون کي حسرت ھوندي ھئي، ته شايان سان وڏيون ڪچھريون ڪجن، پر شايد ان جي زندگي ايتري ھئي، ان سان ڪچھري ڪرڻ جي آس دل ۾ رھجي وئي.
    ظفر شڪور کوسو K.N Shah
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

    l l l

    اڄ سائين علي شير ڳورڙ سان ان ڪيفيت ۾ ملڻ (تعزيت ڪرڻ) آيس.
    جيڪا ڪيفيت ۽ ڏک اھو پيءُ محسوس ڪري سگھي ٿو. جنھن ڪيفيت مان اڄ سائين علي شير ڳورڙ گذري رھيو آھي، سائين علي شير ڳورڙ جو فرزند شھيد شايان ڳورڙ ھڪ سنجيده سھڻو ۽ کلمک نوجوان شاگرد اڳواڻ جنھن پنھنجي خدا داد صلاحيتن جي آڌار تي سماج ۾ پنھنجو منفرد مقام ٺاھي ورتو ھو، سندس دکدائڪ شھادت بابت ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو اٿم، ۽ حقيقت ۾ دلي صدمو رسيو اٿم، رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ خاندان کي ان صدمي سھڻ جي سگھ عطا فرمائي. آمين
    امتياز عادل سومرو
    l l l


    ڪامريڊ شھيد شايان اسان جو دوست نه پر ڀاءُ ھو. ٻه ڏينھن اڳ اسان سان ھوٽل تي مليو ھو، ان ماڻھوءَ کي ھر وقت خوشي ھوندي ھئي، ھو عوامي جمھوري پارٽيءَ جو ڪارڪن نه پر دل ھو.
    بدر ٻگھيو

    l l l

    شھيد شايان ميھڙ شھر لاءِ تمام گھڻي جدوجھد ڪئي، ڪالھ ان جي جنازي نماز ۾ سڄي ميھڙ شھر جي ماڻھن جو موجود ھجڻ ان ڳالھ جو ثبوت آھي، ته ھو يارن جو يار ۽ وڏو اڳواڻ ھو.
    پيربخش سولنگي،
    ڳوٺ صادق ماڇي

    l l l

    شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ دلي صدمو رسيو، سندس لاءِ دعا آھي ته الله پاڪ کيس جنت عطا فرمائي، آمين.
    عبدالحميد بروھي، ميھڙ

    l l l

    سڀ تعريفون الله رب العالمين لاءِ آھن، جيڪو سڀني کان وڌيڪ مھربان آھي، جنھنجي قدرت ۾ حساب ڪونھي انسان ويچاري جي عمر ٿورڙي آھي، ھن ڪائنات ۾ ڪيئي انسان آيا ويا، ھرڪو پنھنجي ڪردار سان سڃاڻپ ڪرائيندو آھي، تن ۾ ھڪڙو نوجوان شايان ڳورڙ جو آھي، جيڪو جوانيءَ ۾ اسان کان وڇڙي ويو آھي، ھن کي اڃان زندگي جون ڪيئي بھارون ڏسڻيون ھيون، پر بي رحم موت کيس انھن بھارن کي ڏسڻ ئي ڪونه ڏنو، اڃان ته شايان موڙ ئي ڪونه ٻڌا ھئا، بي رحم موت اسان کان جدا ڪري ڇڏيو.
    مار پوئي موت اڻ مندائتو آئين،
    گھائيه اھڙا گھوٽ مند نه جن جي مرڻ جي.

    مون کي شايان جي وڇڙڻ جو انتھائي ڏک آھي، ان ڳالھ جو ڪير يقين ڏياري ته شايان اھڙي راھ جو راھي ٿي ويو آ، جنھن منزل تان ڪوبه مسافر موٽيو نه آھي، دعا آھي سندس والد اسان جو دوست سائين علي شير ڳورڙ کي رب سائين حوصلو عطا ڪري.
    برابر ماڻھو مٽي آھي ھو مرڻ کان پوءِ مٽي بڻجي ٿو، وڃي پر ان جو ڪردار ڪڏھن به فنانٿو ٿي سگھي ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته.
    انسان کی قیمت کچھ نہیں،
    قیمت کردار کی ہوتی ہے۔

    فاروق سومرو
    ڪاوش نيوز پيپر ايجنٽ ميھڙ،
    ميمبر پريس ڪلب ميھڙ

    l l l

    شھيد شايان ولد علي شير ڳورڙ جي گذاري وڃڻ جي خبر طوفان جيان ھلڻ لڳي، جڏھن ٻڌو ته اکين مان لڙڪ وھي پيا، ڇاڪاڻ ته شايان علي شير منھنجو چڱي طرح ٻڌل ۽ روبرو ڏٺل ھيو ھڪ تمام سوڀر، سلڇڻو، سياسي ۽ سماجي نوجوان ھيو، ھن کي ٻڌڻ ۽ لکڻ ۽ڳالھائڻ جو فن ھيو، ان خوبين جي ڪري ھن جي نماز جنازي ۾ ميھڙ جي شھرين، ننڍن، وڏن، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن شھر جي دڪاندارن، واپارين مطلب ته ھر مڪتبه فڪر وارن شرڪت ڪئي، مان ساڳي وقت سائين علي شير ڳورڙ جي ساراھ ڪندس ته جنھن نموني شايان جي تربيت ڪئي آھي، اھا به تمام ساراھ جوڳي آھي، بس ھن وقت شايان جي والد سائين علي شير ۽ سندس امڙ ۽ ڀائرن عزيزن ۽ دوستن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    بشير احمد مھيسر
    ھيڊ ماستر: گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (2) ميهڙ
    l l l


    منھنجو پيارو ماروٽ ماما علي شير ڳورڙ جو وڏو فرزند شايان علي ڳورڙ جيڪو اڄ اسان ۾ نه رھيو آھي، تنھنجي وڇوڙي جو دل کي وڏو صدمو پھتو آھي، شايان علي ڳورڙ ھڪ سٺي طبيعت رکندڙ ماڻھو ھو، ھن جو اخلاق ايترو ھو، جو ھر ماڻھو سان کلي ڳالھائڻ واري واٽ ھئس، ھن ننڍڙي عمر ۾ پنھنجو ۽ پنھنجي وڏن جو نالو روشن ڪيو، ھو عوامي جمھوري پارٽيءَ جو اڳواڻ ھو، آءٌ الله تعالى کان دعا ڪندس ته شايان علي ڳورڙ کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ ماما علي شير ۽ سندس ڀائرن کي صبر عطا ڪندو، آمين.
    حامد علي ڳورڙ

    l l l


    ننڍي عمر ۾ وڏو اڳواڻ

    وہ شام رخصت کا سما یاد رہے گا
    وہ شہر وہ مقام یاد رہے گا
    نا بھول سکے ہیں، نا تجہے بھول سکے گے
    تو یاد تھا، یاد ہے، تو یاد رہے گا۔

    تاريخ 14 مئي 2017ع ڏينهن آچر تي ڀاءُ شايان جيڪو منهنجو سؤٽ سان گڏ ڀائرن وانگر هو، جو ڦوه جواني ۾ انهن کان اڄ اوچتو وڇوڙو ڪري هن فاني دنيا مان هليو ويو آهي، ڀاءُ شايان ويندي ويندي هڪ وڏي شهادت ماڻي. گھڻائي اهڙا نيڪ ماڻھو هن دنيا مان هليا. ويا آهن، انهن ماڻهن مان ڀاءُ شايان به هڪ هيو، ڀاءُ شايان ننڍن سان پيار ۽ محبت، وڏن سان ادب ۽ سلڇڻو ماڻهو هو.
    جڏهن اسين سڀ پنهنجي گهر ۾ ويهي، صبح يا شام جو ڪچھري ڪندا ھئاسين ته اتي ڀاءُ شايان اچي ويھندو ھيو ته ڪچھري ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو ھو.
    ڀاءُ شايان جڏھن ستن اٺن سالن جي ڄمار جو ھو ته ھن سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ سنڌي اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن جو باني رھيو ۽ ماڻھن جي وڏي خدمت ڪيائين. ڀاءُ شايان جڏھن چوڏھن پندرھن سالن جي ڄمار جو ٿيو ته ھن جلسن، ريلين ۽ ٻين ڪيترين ئي پروگرامن ۾ اڳواڻي ۽ ڪمپئرنگ پڻ ڪئي.
    ڀاءُ شايان سکر کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ريلي ۾ اڳواڻي ۽ ڪمپئرنگ ڪئي، اسان چاھيون ٿا ته ڀاءُ شايان اڄ به جلسن، ريلين ۽ ٻين پروگرامن ۾ اسان سان گڏ ھجي ھا، پر الله پاڪ نه چاھيو ۽ اسان کان ھڪ خوبصورت دوست کسي ورتو.
    اسان دعاگو آھيون ته ڀاءُ شايان کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ اعلى مقام تي جاءِ عطا فرمائيندو ۽ چاچا علي شير ۽ ان جي گھر ڀاتين کي الله پاڪ صبر جي توفيق عطا فرمائيندو. آمين
    عبدالحنان
    (شھيد جو سئوٽ)
    l l l



    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ، ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    اسان جو پيارو نوجوان شايان علي ڳورڙ جي اوچتي وڇوڙي جيءَ کي جھوري وڌو آھي، شھيد شايان علي ڳورڙ ننڍڙي عمر ۾ تمام گھڻو اڳتي وڌي ويو تمام پيارو ۽ قرب ڏيندڙ ھيو سندس جو رعب تاب وارو چھرو ڪڏھن به وساري نه سگھبو،شايان علي جتي به ملندو ھيو ته تمام گھڻو پيار ۽ قرب ڏيندو ھو سياسي سماجي ۽ علمي ڪمن ۾ اڳڀرو رھيو، شايان علي تمام بھترين ڪمپئرنگ پڻ ڪندو ھيو، الله تعالى کيس جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ سندس والدين سائين علي شير ڳورڙ ۽ ٻين عزيزن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين
    سيد محمد حسن شاھ
    واھ شايان تنھنجو اخلاق

    l l l

    اڄ جيڪو ڏينھن آچر جو آھي، مان ھن ڏينھن کي ڪيئن وساريان، ھي افسوسناڪ واقعو منھنجي پياري دوست سائين علي شير اڱڻ تي وڏي سونھن ھوندي ھئي، جيڪا اڄ وڏو خال بڻجي وئي. آھي، ڇا ته شھيد جو اخلاق ۽ ادب ھيو، جيڪو مون شهيد شايان ۾ ڏٺو جيڪو ھن وقت به منھنجي ذهن ۽ دماغ ۾ سمايل آھي، ھي واقعو ھميشه منھنجي زندگي ۾ ھر وقت ياد رھندو، شھيد شايان علي دوستن جو دوست ھيو ۽ پنھنجن وڏن جي دوستن سان ائين پيش ايندو ھيو، جيڪو خاص طورتي مون کان نٿو وسري، شھيد شايان جڏھن به مون سان ملندو ھيو، مون کي پنھنجن پٽن واري عزت ملندي ھئي، جيڪا منھنجي دماغ ۾ ھن وقت به گونجي ٿي، شھيد شايان علي جا ڪجھ لفظ مون کي ھن وقت به ياد ايندا آھن، ته اکڙين ۾ لڙڪ تري ايندا آھن. ته ڪاش شھيد سان ڪجھ گھڙيون اڃا گڏھجان ھا، مان جڏھن ٿورو وقت اڳ سائين علي شير ۽ سائين شعبان علي سان ملڻ لاءِ مدينه ڪالوني آيس ته شھيد مون کي پنھنجي گھرواري گھٽي ۾ مليو ۽ چيائين ته سائين بابا، چاچا احمدخان چانڊيو سان گڏجي شھر ويو آھي، چاچا سائين به گھر ڪونھي، اھي لفظ چئي شھيد پنھنجا نماڻا اخلاق ڀريا ھٿڙا ٻڌي چيائين ته سائين توھان ھن دڪان تي ويھو توھان کي چانھن يا ٿڌو پياريندس ۽ مون کي منٿون ڪندو رھيو ته سائين بابا جا دوست آھيو، منھنجا به وڏا آھيو، محسن آھيو، شھيد جا اھي ھٿڙا اخلاق قرب ڏسي ھن وقت شھيد جي تڏي تي ويھي صدمي ۽ ڏک سان چوان ٿو ته شايان جهڙا بھادر، قربدار، اخلاق ۽ ادب وارا پٽ ڀاڳ وارن وٽ پيدا ٿيندا آھن.
    شال الله سائين پنھنجي حبيبﷺ جي صدقي شھيد کي جنت ۾ جاءِ ھجيس، رسول ڪريمﷺ جي پناھ رکيس ۽ گھر وارن کي ۽ ڪٽنب کي صبر تحمل عطا فرمائي.
    رئيس جان محمد چانڊيو

    l l l

    شايان پٽ جڏھن ننڍڙو ھو ته مان پڇندو ھيو مانس ته پٽ تنھنجو نالو ڇا آھي؟ جواب ڏيندو ھو ته شايان. ڪنھن جو پٽ آھين ته پنھنجي ٻاتڙي زبان سان چوندو ھو علي شير جو سندس شھادت تي دلي افسوس ٿيو، ڄڻ ته اسان جو رشتيدار دنيا مان ڇڏي ويو آھي.
    الله کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس والدين کي صبر عطا ڪري. آمين

    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورڙا ڏينھڙا.
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.

    سيد اعظم علي شاھ
    هيڊ ماستر، سوجھرو ڳورڙ

    l l l


    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

    شهيد شايان ڳورڙ پهرين جنوري 1996 تي ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ جي معزز گهراڻي ۾ جنم ورتو پاڻ هڪ بهترين استاد سائين علي شير جو فرزند هو هي هڪ على اخلاق ۽ محنتي ڇوڪرو هيو، جيڪو هر وقت سماجي ڪمن ۾ مصروف هوندو هو ۽ جڏهن به ڪو ڪم سياسي سماجي يا ڪو اهڙو پروگرام هوندو هو ان ۾ على ڪردار ادا ڪندو هو ۽ هر ڪنهن دوست سان عزت ۽ احترام سان ملندو هيو.
    مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ان جي وڇوڙي کان چار يا پنج ڏينهن اڳ محترم نويد ڳورڙ سان گڏ ڪار ۾ ميهڙ پئي ويو ان جو اهو اعلى اخلاق جو هو گاڏي روڪي ۽ مون سان حوال ڪري چڱ ڀلائي ڪري ۽ پوءِ موڪلائين هي ان جو اعلى گڻ هيو ۽ استاد جي عزت ۽ عظمت جو احترام هيو ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهڙا اعلى اخلاق جا مالڪ تمام گهٽ ملندا آهن مان استاد سائين علي شير کي جس ٿو ڏيان جن پنهنجي فرزند کي اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏياري.
    آخر ۾ مان شهيد شايان لاءِ اهي لفظ استعمال ڪندس ته الله تعالى ان کي جنت الفردوس ۾ داخل ڪري ۽ پونئين کي صبر ۽ تحمل عطا ڪري ۽ ان لاءِ هميشه دعاگو رهن آمين
    امتياز ڳورڙ
    H.S.T
    ھاءِ اسڪول سوجھرو ڳورڙ

    l l l



    اڄ شايان ڳورڙ جو اوچتو حادثو 14 مئي 2017ع ڪڏھن به مون کان نه وسرندو، جڏھن سائين شعبان ڳورڙ ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين ته ادا اڄ اسان کان پنھنجو پيارو ڀائٽيو اسان کي ڇڏي ھليو ويو، سچ پچ ته پنج ڏھ منٽن لاءِ ساھ بند ٿي ويو، شايان علي ڳورڙ ضرور ھيو پر ان جو ملڻ جلڻ ادب ڪرڻ ائين ھيو، ڄڻ پنھنجو عزيز يا ننڍڙو ڀاءُ ھجي شايان علي ڳورڙ ذھين شاگرد ۽ اخلاق وارو ۽ سماجي ڪارڪن به ھيو، عوامي جمھوري پارٽي شاگرد ونگ جو پڻ مرڪزي اڳواڻ رھيو، ھو اسان جو اڳواڻ رھيو، ھو اسان وٽ پڙھيو ڪونه ھيو، پر جڏھن گنجڙوٺ شاخ يعني سندس پنھنجي اباڻي ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ ملندو ھو، ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ته ھو اسان وٽ سالن کان پڙھندو ھو، شايان علي ڳورڙ جھڙا پٽ ھن دنيا ۾ تمام گھٽ پيدا ٿيندا آھن.
    اھڙا محبتي پٽ ھن دنيا ۾ به امر ۽ آخرت ۾ به امر ھوندا آھن ۽ جنتي ھوندا آھن. آمين
    امانت علي چنجڻي
    H.S.T ھاءِ گورنمينٽ اسڪول سوجھروڳورڙ

    l l l

    اڄ پڻ ڪن، وڻجهارا وڃڻ جون.
    روئان تان نه رھن سپرين، ٻڌان تن ٻانھون.
    منھنجون دانھن مٿان دانھون، ته به ھن جي تياري تڪڙي.

    اکين ڪين ڪيو، جو رت نه رنائون،
    پلاڻيندي پري، کان بيٺي ڏنائون،
    تن اکين ۾ آءُ، ڪجل ڪھڙو پايان.

    شايان علي ڳورڙ ھن ڌرتي ماءُ جو دلير پٽ ھو، ھر ھڪ سماجي، سياسي ورڪر ھو، محنتي شاگرد ۽ با اخلاق ۽ باڪردار نوجوان ھو، اسان کي شھيد جي اڻ مندائتي موت گھڻو صدمو رسايو آھي، اسان سندس مغفرت لاءِ ڌڻي تعالى جي در دعاڳو آھيون ته شھيد کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. آمين
    پي. ايس. ٽي نثار احمد ٻلھڙو
    l l l


    شھيد شايان جي اوچتي وڇوڙي اسان جي جيءُ کي جھوري وڌو آھي.
    شفقت خادم چنه
    ڳوٺ عمر ڀيو

    l l l

    شھيد شايان اسان جي خاندان جو اثاثو ھو، ۽ اسان جي دلين ۾ ھميشه زنده رھندو.
    خادم حسين ڳورڙ

    l l l

    شھيد شايان اسان جي طاقت ھو، ھن جي ڪيل جدوجھد کي سلام پيش ڪريون ٿا.
    عبدالقدير ڳورڙ

    l l l


    شھيد شايان جي ياد ۾ ٿيل شاعري

    شايان ڳورڙ جو وڇوڙو

    شايان ڳورڙ جو وڇوڙو

    جوھربروھي

    مينڌرو ڪاڪ جو ھاءِ وڇڙي ويو،
    پنڇي افلاڪ جو ھاءِ وڇڙي ويو.

    مند ملھار ۾ گيت سنڌو جو ھو،
    ڄڻ ڦڙوماڪ جو ھاءِ وڇڙي ويو.

    بيت سائين ڀٽائي جو؛ ڪلياڻ ھو،
    ماڻھو ھڪ ساک جو ھاءِ وڇڙي ويو.

    اڄ ستارن کان وڇڙي وئي روشني،
    ھو منجھند ٽاڪ جو ھاءِ وڇڙي ويو.

    نوجواني ۾ ويو منھن مٽي شخص سو،
    سونھن ادراڪ جو؛ ھاءِ وڇڙي ويو.

    جڳ سڄي منجھ “جوھر” جياپا ھجن،
    شخص بي باڪ؛ جو ھاءِ وڇڙي ويو.



    نظم

    نظم

    محبوب ڏيپر

    “شايان” جيان ڪري ڀلا ھي ته ڏسي،
    ڪو قربان پيءُ تي ٿي ته ڏسي،

    ڪردار “شايان” اھڙو ڪري ويو،
    ھينئر اکين کان ٿي پري ويو،
    جڳ ۾پاڻ کي جياري ويو،
    ڏيئي موت کي مات ماري ويو،
    ڪو جام شھادت پي ته ڏسي.

    گلابي گل جيان ٽڙندو پيو ھو،
    شان ۾ “شايان” نکري پيو،
    ڪو مري ھن جيان جي ڏسي،
    ڪو قربان پيءُ تان ٿي ته ڏسي.

    نئون پائي ادب ۾ پير رھيو ھو،
    ڏاھن کان ٿي ڏاھوپيو ھو،
    غير لاءِ بڻجي ڦاھو پيو ھو،
    ھي محبوب ٿي زنده باد ويو،
    ٿي ٻار ٻڍي کي ياد ويو.

    ويو “ڏيپر” ڏيھ ۾ نانءُ ڳڻائي،
    پاڻ کي شير جو پٽ ويو شير بڻائي،
    ڪو ٽٽل دلڙي سبي ته ڏسي،
    ڪو قربان پيءُ تان ٿي ته ڏسي.


    موتي داڻو

    موتي داڻو

    اظهار علي رند


    شايان ماڻهو سھڻو موتي جو داڻو پيارو
    جدايون ڪري اسان کان ويو آهي پيارو

    سائين علي شير جو پٽ ھو وڏو ۽ نعمت
    چھري جي سونهن پياري ھو راڄ جو ھي راڻو

    جدايون ڪري اسان کان ويو آهي پيارو
    ٿوري عمر ۾ عزت ڀائو وڏي ڪمائي

    شايان لاء سنگت به چئي پئي ته ھو نماڻو
    جدايون ڪري اسان کان ويو آهي پيارو

    رب جي رضا تي راضي رهڻو آهي اسان کي
    اقبا اسان جي سمري شايان جيءُ جيارو

    جدايون ڪري اسان کان ويو آھي پيارو
    الطاف سائين مونکي چيو آ ته حاضري ڏيو

    شايان تي ڏکوئيندڙ مون گيت آهي ٺاهيو
    جدايون ڪري اسان کان ويو آهي پيارو


    بيت

    بيت

    محبوب ڏيپر

    “شايان” تنھنجو نٿو سھي سگھان سور،
    ھليو وئين ھٿن مان ٿي دلبر مون کان دور،
    جدائي تو جانب جي جھوري ڪيو جھور.
    روئي روئي اکڙين جو ويو نپوڙ جي نور،
    شھادت تو پاڻ پنھنجي آ مٺا ڪئي منظور،
    ٿي شاھي شوق ۾ وئي مٺا ٿي مشھور،
    پلپل تنھنجو پور ٿو مٺا روئاري “محبوب” کي.

    ٻڌي “شايان” تنھنجي موت جون ڪيون البيلن آھون،
    ڪي تڪي تنھنجون رھيا راڻا ھا راھون،
    موٽائڻ جون بند ٿي ويون سڀئي واھون،
    ميندي نه لاتئي ھٿڙن کي نه لالڻ لڌي ئي لائون،
    ٻڌي درد ناڪ دانھون پيو ڏري ھنيانءُ “ڏيپر” جو










    غزل

    غزل


    “شايان علي” جي تنھنجي شانَ ۾،
    مان ڇاڇا لکان ڏس مانَ ۾،
    خوبيون ادب اخلاق واريون،
    سڀ ھيون تو جوان ۾،
    جھٽ ھٿن مان وئين تون ھليو،
    نه ڳالھ ويٺي ڪا ڌيان ۾.

    تو جيان ٻيو نه پھتو ڊڪي،
    ھن موت سندي ميدان ۾،
    موت اڱڻ آيو بھانو بجليءَ جو ڪري،
    شھادت ماڻي، تون وئين اھڙي عنوان ۾،
    سلام تنھن بردباري کي سدا رهي ھي شھيد،
    سگھاري سوچ تنھنجي اھڙي ٻي رھي انسان ۾.










    شايان، شايان ھو!!

    شايان، شايان ھو!!

    حبيب ”حضوري“

    “شايان” ڪيڏو نه شايان ھو،
    سھڻين خصلتن جو، گلدان ھو،
    امڙ ۽ ابي جو ھيرو لاڏلو،
    اکين جي اڳيان ڄڻ گلستان هو.
    اسان سنڌ واسين جو ارمان هو.
    ميڙي دوستن کي ڪيائين متحد!
    سڄي ساٿ جو پاڻ نگران هو،
    موهن هو، مڪلي هو مهراڻ هو،
    بلاول جو ديرو، باغبان هو،
    جو خاڪو ڀٽائي جي بيتن ۾ آ.
    هي شايان اهڙو ئي انسان هو.
    ڪندو ديس پنهنجي سان چاهت گهڻي هو.
    دودي وانگي، دشمن لئه دهمان هو.
    اڃا حسرتون دل ۾ موجود هيون،
    هليو ويو ايئن ڄڻ ڪو مهمان هو.
    دعاڳو هان دل سان سڀني دوستن جو،
    جن “حضوري” کي ڪوٺي ڏنو مانُ هو.


    شايان جي جدائي

    شايان جي جدائي

    وفا اشفاق مگسي

    آ ياد يارجي اڄ، گھر ڪري وئي.
    “شايان” جي جدائي محشر ڪري وئي.

    آليون اکيون نه ھتڙي، منھنجون وفا پر،
    لڙڪن سان آلو تَر ڪري وئي.

    اُڃارن لئه وسندڙ ڪڪر ٿي وڃن ٿا،
    سي “شايان” ارڏا امر ٿي وڃن ٿا.








    محبوب ڏيپر

    محبوب ڏيپر

    شايان تنھنجي جدائي جيئڙو منھنجو آ جھوريو،
    ويھي مٺا مون توسان دل جو نه حال اوريو،
    تون صدقي مون تان ٿيئي اڳ۾، مان صدقي تو تان ٿيان،
    تون جواني ماڻين ھا ٻچڙا، پنھنجو مان سر ڏيان ھا.
    رھجي ڏکن لئه ويس مان، تو مون تان ھي تان سرڙو گھوريو.

    توبن تنھنجي ڀائرن نه ويس مٽيو آ،
    روڄ راڙي پنھنجو جن وقت ويھي ڪٽيو آ،
    چاھت سڀني جي کي تو بلڪل ڀڃي آ ڀوريو.

    چاچن، مامن، سوٽن کان پنھنجو تون منھن مٽي وئين،
    دوستن دل وارن کان ڀي رشتو صفا ڪٽي وئين،
    سورن ماس ھڏ مان تا آھي، ڪپيو ڪوريو.

    نديم، قدير ۽ عديل عمير رھيو آ،
    ھليو فواد جو وس نه ڀرٽ ٿي ويا ڀور پيو آ،
    عاشق راجا ڀرٽ ڀي سڳڙو ٿي يار سوريو.

    مطھر عزيز تو لئه روئي رڙي ٿڪاھن،
    علي رضا، فيضان بيٺا اتي يڪاھن،
    ھر ڳالھ وئي ھٿن مان چپ نه ڪنهن ٿي چوريو.

    ميھڙ سڄي جا “محبوب” ماڻھو ساري رھيا ٿئي،
    “ڳورڙ” “ڏيپر” “ٻگھيا” “چانڊيا” ھنجون ھاري رھيا ٿئي،
    ماٺ ڪندا ڪيئن سي جن سان تو يار ڏوريو.


    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا آھن

    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا آھن

    محبوب ڏيپر

    شايان توکي ساري رھيا ھن.
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا ھن.

    ڏسي “علي شير” تنھنجي واٽ پيو،
    سائين “حسين بخش” چيو جھٽ ڇا ٿي ويو.

    ڪري گھوڙا گھوڙا ھنياءُ ڏاري رھيا ھن،
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا آھن.

    تنھنجي ڀاءُ “بصير” نه ويس مٽيو،
    روئي “عنيد علي” جي ڏينھن ڪيو.

    گھوڙا گھوڙا “بلاول” پاڻ سٽيو،
    آيو ازل اھڙو جو تِر نه ھيو.

    روئي واٽ ويندا به روئاري رھيا آھن،
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا آھن.

    چوي “نويد” ٿو جو ٿيو سو ٿيو،
    “سرفراز” “شاھ پسند” وارا چون ڪاڏي ويو،
    “سرائي مظھر خان” جو ھيو ڀائٽيو پيارو
    “خادم” “حامد” وارا چَون پيا ھيو جيءَ جيارو.

    سارو جڳ روئاري رھيا ھن،
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا ھن.

    مير “صداقت” چيو واھ جو ھو يارو،
    چيو “عاقب علي” ھو ماڻھو پيارو،
    چيو “دانيال بدر” ھو ساھ سھارو،
    ھليو فواد جو ڪو وس نه چارو.

    سڏڪي سارا پڪاري رھياھن،
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھيا ھن.

    ٿيو “عاشق” “راجا ڀرٽ” ويڳاڻو،
    “مُطھر عزيز” جي روح جو راڻو،
    چيو “ڪاشف سھول” ھو موتي داڻو،
    “محمد حسن ڀرٽ” چيو ھو ماڻھو نماڻو،

    سڀ ياد جا ٻارڻ ٻاري رھياھن.
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھياھن.

    تون شھادت ماڻي “شايان” وئين،
    ماڻي وڏو رتبو مان وئين،
    وٺي رب پاڪ کان اھڙو دان وئين،
    واھ جو ملھائي ميدان وئين.

    توبن گونگن جيان گھاري رھياھن.
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھياھن.

    توکي آب ڪوثر پياريو ويندو،
    شھيدن سان ته اُٿاريو ويندو،
    مُرڪي تو ڏي نھاريو ويندو،
    تنھنجي “شايان” شان کي ساريو ويندو،

    تولئه پکي پيار جا اُڏاري رھياھن.
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھياھن.

    توکي سرخ سلام آ يارن جو،
    ھن “محبوب ڏيپر” پارن جو،
    ھن “ٻلھڙن” “ڳورڙن” مارن جو،
    ھن “حق فائونڊيشن” وارن جو،

    تنھنجو نالو وٺي جيءَ جياري رھيا ھن.
    ڳوڙھا رت جا سڀئي ھاري رھياھن.










    غزل

    غزل

    مولائي منظور کوسو

    “شايان” اھو ارمان آھي.
    تنھنجي وڃڻ جي وھي ناھي.

    اسان کي ڏک آ ڏاڍو پيارا،
    اسان جي دل روئي رھي آھي.

    ادب ۾ مٽ نه ڪو تنھنجو،
    تڏھن ھرڪو پيو توکي چاھي.

    “مولائي منظور” نه پر ھر ماڻھو،
    تنھنجا ڳڻ ھر ھر پيو ڳائي.


    فضل فقير ڳورڙ

    فضل فقير ڳورڙ

    مٺڙا “شايان علي” نيڪ ڀلارا.
    ڏئي وئين سنگت کي ڏاڍا سور،
    مامن، چاچن، ابي، امڙ کي تنھنجا پون ٿا پل پل پور.

    سر ڏئي پنھنجو پيءُ بچايُئي،
    جنت ۾ پنھنجي جاءِ بڻايئي،
    جنتي آھين جنت ملندئي،
    ميوا کارائيندئي ھٿن سان حور.

    ننڍڙي عمر ۾ تو ڪئي الوداعي،
    ڪيئن سھون سھڻا تنھنجي جدائي،
    توکان سواءِ آھيون سڀئي ديوانا،
    دليون ٽُٽي ٿيون چڪنا چور.

    سھڻو ھُئين ڄڻ موتي جو داڻو،
    عقل جو گوھر سياڻو نماڻو،
    چھرو تنھنجو ائين لڳي پيو،
    ڄڻ نوراني آھين نور.

    اي جي پي جو ھُئين تون ميمبر،
    دوستن ۾ ھُئين تون پھريون نمبر،
    وڏي محبت ھمت سان تون،
    ڪوشش ڪيئي ڏاڍي ڀرپور.


    تنھنجون نيڪيون ڪھڙيون ڪيان مان،
    ناھي طاقت ڇاڇا لکان مان،
    نيڪ نمازي شريعت وارو،
    پنجتن جو ھُئين خاص فقير.

    ايڪيھ سال ھئي عمر تنھنجي،
    دل سان مدد ڪيئي سڀ ڪنھن جي،
    سڀني بھادر روح جو مومن،
    سوالي نه خالي موٽايوئي مُور.

    عظمت تنھنجي کي سلام آھي،
    ٺاھيو “فضل فقير” ھي ڪلام آھي،
    پنجتن پاڪ جو پيارو آھين،
    مدد ڪندئي اچي پاڻ حضور.








    وفا جتوئي

    وفا جتوئي

    وڇوڙي شايان تنھنجي ڇڏي دل جلائي.
    اکين ۾ ھي ڳوڙھا ڏئي وئين ننڊ فٽائي.

    سواءِ تنھنجي سھڻا سري ڪانه سگھندي،
    سڄو ڏينھن سُڏڪي سُڏڪي منھنجي دل پئي روئندي.

    ماري ڇڏيندي تنھنجي مٺا ھي جدائي،
    تنھنجو خال اھو مشڪل سان ڀربو.

    محفل ۾ ذڪر تنھنجو جڏھن يار ڪڍبو،
    تنھنجو پيار پنھنجي دل مان نه سگھندس ڀلائي.

    “وفا” دعا گھران ٿو اُگھي نيڻ آلا،
    جنت ۾ جاءِ ڏيندو توکي منھنجو مولا،
    “جتوئي” مان جيسين جيئندس ايندي ياد پئي.


    نظم

    نظم

    گوھر گل ڳورڙ

    جيجل جو نيڻن جو ٺار ھيو.
    ھر محفل جو سينگار ھيو.

    ھن جوءِ سندو جھونجھار،
    ۽ موتيي جو مھڪار ھيو.

    ڏکڻ جي ھير ھندوري واري ۾،
    ھا لڏندڙ ڪنھن جو پيار ھيو.

    ھو سچائي جي جذبن سان،
    ڀرپور سڄو سَرشار ھيو.

    ھُن جنگ جھالت سان جوٽي،
    ٿيو جڳ اندر نروار ھيو.

    ھو مظلومن جي دردن جي،
    آٿت به ھيو، غم ٽار ھيو.

    ھُو ظالم لئه للڪار ھيو،
    ھُو سھڻو باڪردار ھيو.

    ھُو ڀٽڪيل کي دڳ لائي ويو،
    ھُو پنھنجو پاڻ ملھائي ويو.


    مٺو موتي داڻو

    مٺو موتي داڻو

    اظھارالحق صديق

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.
    سو شايان سھڻو ويو موڪلائي.

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.

    جواني ۾ جاني جدائي ٿي تنھنجي،
    جواني ۾ پيارو ويو موڪلائي.
    سو شايان سھڻو ويو موڪلائي.

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.

    ڪچھري ۾ ڏاھپ سنديون سھڻيون ڳالھيون،
    سو نرمل سياڻو ويو موڪلائي،
    سو شايان سھڻو ويو موڪلائي.

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.

    ڀائو روشن صاحب ميڙاڪو سڏيو،
    “عبدالشڪور” چئي پرين ويو موڪلائي،
    سو شايان سھڻو ويو موڪلائي.

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.

    حق فائونڊيشن جي ميڙاڪي ۾ يارو،
    ھرڪو پيو ڳولھي ويو موڪلائي،
    سو شايان سھڻو ويو موڪلائي.

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.

    “علي شير” سائين جو لخت جگر ھو،
    پرين پار اھڙي ويو موڪلائي،
    سو شايان سھڻو ويو موڪلائي.

    مٺو موتي داڻو ويو موڪلائي.



















    قربان ٿي ويو

    قربان ٿي ويو

    سينگار سنياسي


    تو ري ميان ميڌرا مون کي ماريو ٿيون مارين.
    طول وھاڻا تڪيا ٿا ڳٽ اندر ڳارين.
    ھڪ جيڏيون حمل چئي ھنجون ٿيون ھارين،
    سوڍا ٿيون سارين ٻيلي، توکي ڪنواريون ڪاڪ جون

    جھڙي سھڻي سنڌ، تھڙو ھو شايان،
    ھمت تنھن جي حوصلي جو ڪريان ڇا بيان
    اھڙو نه ڏسان ڏيھ ۾ جو ھجي ڪومٽ شان

    سينگار جنت ۾ جوان آھي خوش امامن سان،
    آھي موت کسي شايان ويو،
    يار ڌرتي تان سٺو انسان ويو.

    “علي شير” توسان ھم غم آھيون،
    تو سڏ ته صحيح ته دم، آھيون،
    پٽ توتان قربان ٿي ويو

    يار دنيا مان سٺو انسان ويو،
    باعلم سان گڏ باعمل ھيو،
    ڏاھو ڏيھي مور مڪمل ھيو.

    ڏيئي سورن سامان ويو، يار دنيا مان سٺو انسان ويو.
    آھي موت کڻي شايان ويو،
    ھن دنيا مان سٺو انسان ويو.

    حق فائونڊيشن ھي فلاح آھي،
    راضي خدمت ۾ ته الله آھي،
    ھي ڪونڌر وِڇڙيو جوان آھي.



















    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو

    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو

    اظھارالحق صديقي

    عمر جنھن جي ننڍڙي سوچون وڏن جون،
    گلن کي پوکيندڙ مالهي ھليو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو

    سھڻي سنڌ امان تي نه ڪک ھي ھو سھندو،
    جلوسن ۽ جلسن جو سينگار ھليو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو

    ٻارن جي تعليم ۽ ھو سنڌ جو ھي حامي،
    ھيو انقلابي اکر سو وسيلو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو

    “استاد احمد خان” گل تيار ڪيو ھڪ،
    اھو گل گلابي ۽ گلدان ھليو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو

    “سائين علي شير” جو جان نشين ھو ھي،
    مزدورن ۽ ھارين جو ساٿي ھليو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو

    “حسين بخش” “علي شير” “چاچو شعبان ساري،
    نويد ۽ عاقب کي دکائي ھليو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو

    “بصير علي” ڀائو “انيد” ۽ “بلاول”“اظھار”کي به روئاري ھليو ويو،
    سھڻي سنڌ جو سھڻو ٻچو ھليو ويو.
    ھا شايان مٺڙو نماڻو ھليو ويو











    1980ع ۾ شھيد شايان جي ڏاڏي سائين سرائي علي حيدر خان جي وفات تي کيس شاعري جي ڀيٽا

    1980ع ۾ شھيد شايان جي ڏاڏي سائين سرائي علي حيدر خان جي وفات تي کيس شاعري جي ڀيٽا

    شاعر: فضل فقير

    سرائي سدائين سڄڻ اسا ڏا.
    ڪڏان نه کاڌيس ڪنھن تي خار،
    راڄ ڪون ڪيتس ڳچي دا ھار،
    عمر دا ننڍڙا عقل وڏا ھس،

    سڀني ڀراوان دا خيال وڏا ھوس،
    سارا بار سر تي چايا ھس،
    سوڪرڳيا جدائي اڄ دلدار،

    ذات ڳورڙ دي ڀڳ به آھس،
    پڇي به ڪنھن ڪون نه ايزا يس،
    راڄ ڪون ڪيتس ڳچي دا ھار،
    ھرڪنھن نان پئي مٺڙا ڳالھايس.
    توڙي معصوم ھووي ننڍڙا ٻال.

    علي حيدرخان دا شان ھي اھڙا،
    ٻيا نه ٿيسي خان اھين جھڙا،
    ھيڪر چُمين ھا ٻَچي دا منھڙا،
    اھي اُٿدي هن سور لک ھزار.


    اھا ڏائڻ آئي ڪا بيماري،
    جو تئين ڪِتي پرديس تي تياري،
    بيٺا آھا ڪو اٿھين ماري،
    جنھن ڪِتوئي ٻچان ڪنون ڌار،
    ٽائيم ٻارھن رات سومر دي،
    تيرھين تاريخ جنوري دي،
    ائين جدائي نھين ڪريدي،
    جيئرا ڏيکانھون ھا منٺار،

    سرائي “علي اڪبر“ دي طاقت اھوين،
    “نظام الدين” دا ناز به اھوين ،
    ننڍيان ٻچان دا بابا به اھوين ،
    سي روندي اٿ ھِن زارو زار،

    مھينا پھريان سال به اسي،
    ڳالھ ته ٿي پئي ڏاڍي ڪسي،
    اسان ڪنون رب مت چاء کسي،
    باري رب دي ھي سرڪار،

    اھين درد ھي ميڪون روايا،
    غم وچون ۾ شعر چا ٺاھيا،
    “سرائي منور” تيڏا ميڪان آيا،
    جنھن ٻڌايا ميڪون سڀ اظهار،

    نويد ھر ھر پيا نھاري،
    تنھن ڪون ڇوڙيئي ڪنھن دي سھاري،
    ڏٺي جيڪو ھنياءِ پيا ڏاري،
    شل مولا ڏيوس وڏي ڄمار،



    الله ڪريسي وڏڙا ٿيسي،
    پڳ به پيودي آپ ھليسي،
    رب دي ٿيس قرب قرار،

    مولا ڏيسئي ڏوھان دي معافي،
    قرب ڪريسئي آپڻا شافي،
    “فضل فقير” ھي ٺاھي ڪافي،

    شفا ڏيسس رب ستار،
    ڪڏان نه کاڌيس ڪنھن تي خار،
    سرائي سدائين سڄڻ اساڏا،
    ڪڏان نه کاڌيس، ڪنھن تي خار.


















    روشن ٻگهيو

    روشن ٻگهيو

    شايان تنهنجو شان هو نرالو
    اڄ ڪلهه بابا ڏئي رڳو تنهنجو حوالو
    ننڍڙي عمر ۾ تو ڪمايو وڏو نالو
    افسوس جو عمر کي لڳي ويو تالو

    sss
    ڀريل لڳي ٿو سارو سنسار
    ڪهڙا تنهنجا پنڌ پڇان پار
    رهي هر دم هر وقت تنهنجي سار
    وڇڙي ويو جلد آ شايان يار

    sss
    چنڊ جي چانڊاڻ ۽ سج جا ڪرڻا هن
    شهيد مرڻا ناهن، ور ور ورڻا هن
    ڪم جي ڇڏيا تو شايان اڌ ۾ هن
    سي روشن ۽ سنگت کي سڀ ڪرڻا هن

    sss


    فضل فقير ڳورڙ

    فضل فقير ڳورڙ

    سجاڳ ٻار تحريڪ جا توکي ڪن سلام.
    ٻه سال خدمت ڪئي پورا ڪيئي انجام.
    “فضل” ھي پيغام ٺاھيو تنھنجي شان ۾.

    ايس ايس ٽي جو ھُئين تون اڳواڻ،
    سھڻي پنھنجي سنگت سان تو ڪم ڪيا پاڻ،
    ننڍي وڏي جو قدر تو وَٽ،
    توکي وڏي ھئي سُڃاڻ.

    سماجي تنظيم سان تنھنجو ھيو پيار،
    ساٿ ڏنُئي دل سان ھردم ٿي ھوشيار،
    سنڌي شاگردن توکي پارايا ھار،
    چوي “فضل” اھا ڪار،
    قادر وڃائيندئي ڪين ڪي.








    فضل فقير

    فضل فقير

    علي حيدر ڇڏيو ٿئي اباڻو مڪان.
    آھي پارت رب کي ڏيندئي امن امان.

    تنھنجي قربن جي ڪھڙي ڳالھ ڪيان،
    تنھنجا قرب ھيا ھر روز نوان،
    سڀ سور ھاڻي ٿيا آھن سنوان،
    تن دردن ٺاھيا اچي دل ۾ دُڪان.

    تو جھڙو سڄڻ ٻيو ڪونه ٿيندو،
    تو جھڙا ڪم ٻيو ڪونه ڪندو،
    ھاڻي ڪير نه تو لاءِ ھت روئي رڙي،
    تنھنجي وڃڻ جي خبر مٺا ڪنھن کي ھئي ڪانه.

    وئين ڀاڳ تون ، پنھنجو ھتڙي ڇڏي،
    وئين سڀني عزيزن کي غم ۾ گڏي،
    وڏي ڏک ۾ بيٺا آھيون تنھنجي تڏي،
    گھرون دعا ٿا اھا، رب ڏيندوئي شان.

    تنھنجو ڀاءُ تنھنجي ، ڪاڻ پيو روز رڙي،
    جنھن جو سينو جگر، پيو يار سڙي،
    تنھن کي دردن ڇڏيو آهه يار ڪڙي،
    جدائي تنھنجي ۾ ، جنھن کي ناھي ڌيان.



    تنھنجي محبت ڏسي پيا ڳوڙھا ڳڙن،
    ايڏو سور وڏو ڀلا ڪيئن سَھن،
    جيڪي يار ڏنا تو ڦَٽَ اٿن،
    جن دلڙي کي ڪيو آ پريشان.

    اھا رب کي ڪيئن ڳالھ وڻي،
    جو تنھنجي ميت آيا ايمبولنس ۾ کڻي،
    تنھنجي ڀاءُ جي ڀرسان مزار بڻي،
    تون وقت ٿورو ھنئين ھت مھمان.

    تنھنجي دردن دل ۾ زخم ڪيو،
    آھي “فضل فقير” ھي شعر چيو،
    ڏسي سُور اھو به سَھڻو پيو،
    جيڪو ظاھر ڪيو مون آھي زبان.


    ENGLISH SECTION

    Profile of Shaheed Shayan Sher Gorar

    Profile of Shaheed Shayan Sher Gorar


    01. Name: Shayan Sher
    02. F/Name: Ali Sher
    03. By caste: Gorar
    04. Date of Birth: 01-01-1996
    05. Native Place: Sojhro Gorar
    06. Primary Education: 31-05-2006(Medina Colony Mehar)
    07. Matriculation: 2011(Govt: High School Mehar No:01
    08. Intermediate: 2013(Govt: Degree College Mehar)
    09. Diploma: 2016(Civil From Polytechnic College
    Mehar)
    10. B.A(Pass)Part II: Result About to Come(Imminent)
    11. Date of Death: 14-05-2017(17 Shoaban 1435,
    at 12 pm on Sunday)
    12. Political Inclination: Sojag Bar Tahreek ,S.S.T, the Central Leader of Sindh Student Organization, General Secretary of Sindh Student Organization and the founder of HAQ Foundation as well as the General Secretary.


    Condolence Notes:

    Condolence Notes:



    Today, I went for the condolence of a young son of great teacher, Sir Ali Sher Gorar named Shayan who achieved the standing of martyrdom while saving his father. As known that he was very elevated in the art of compeering and had a good hoard of Sindhi Poetry. He was blessed by Allah and chosen for the life hereafter before maturity. Indeed, it is a huge loss for his family as well as the local area or his friends. His name would be counted as one of the glorious persons in the history. May Allah give his soul peace and bestow Paradise/Jannat.
    Zaffar Ali Khan Jatoi,
    Betto Jatoi.

    l l l

    I feel deeply sorrow over the sudden death of Shaheed Shayan Ali Gorar. he was not only delegent but also a barve leader. And such personage ever remain fresh in hearts with his work or struggle, he utilized his life for serving humanity and helpning of student in the field of amount of time.
    His earlier death saddened us and his friends.
    May Allah give him place in paradise and rest his soul in peace.
    Justice Aftab Ahmed Gorar

    l l l

    Shayan was like my brother Saboor. Two months ago, he wrote some glorious lines on the Condolence of my great father Haji Abdul Karim which was published in the said book “Jug Jug Jean Say”. His lines symbolized that he wanted to live and struggle for the amelioration of the society, but I did not find any fear of death. Death is inevitable and is to be tasted by everyone. It was exemplary and intolerable loss for all those who were nearer to him. He played his role as a guest actor for uniting Gorar Community and remained energetic and agile to emphasize Sindhi nation as well the inhabitants of Mehar in the field of Education and extra curriculum activities. In the contemporary society, there is an acute shortage of characters like this exemplary character. Undoubtedly, he was honest and straightforward. If he was bestowed more years, he might have been found one of the great leaders. Such admission is not only from my part but also so many his readers/friends like Qadir who admitted that Shayan was the man who made the reading literature as the part of his life.
    I hope from all who remained with Mr. Shaheed Shayan must be honest towards their families, friends, nation, education, party and continue his mission honestly because honesty is the best policy.
    His nature was noble, adorned with nice tolerance and patience. So, I hope this that Allah Almighty may make me his neighbor in the life of hereafter. .
    Roshan Bughio
    14.5.17
    l l l

    The sudden and shocking news of demise of youthful, loving and caring kid Shayan Ali Gorar, the elder son of Ali Sher Gorar, jolted me in deep grief.
    First of all, I did not believe the news, but the death is inevitable. I was totally shattered and could not collect courage to go for condolence. I am also a father and can feel the pain of other father. May his soul rest in peace, and give courage to sain Ali Sher to bear the shock.
    Akhtar Ali Sehol
    GHS o1 Mehar.
    l l l

    We are from Allah and to Allah is our return
    Those are really blessed who beg blessings from the parents and sacrifice themselves for serving them. Indeed, they are martyr. So; it is the same case of martyrdom.
    May Allah bestow and award him all boons as awarded to the martyrs and blessed ones or pious persons.
    Ali Asghar joyo
    15.05.17
    l l l

    l l l

    مجہے غروب نہ سمجھو کہ میں رفق پہ ہوں
    بکھر گیا ہوں اندھیروں میں کہکشاں کی طرح


    It is not important nor sure to go to heaven after death but it is important and laudable to create heaven before leaving this world.
    Shayan Ali is one of those people who created heaven themselves like him. As he gave sacrifice of his life to save the life of his lovely father who received electronics shock in his home. It was very unfortunate day of 14th may of 2017. I was deeply shocked and grieved to listen about the sudden demise of my beloved cousin.
    He was always sincere with his study and he played very active role in students politics and other social activities for the welfare of students as well as poor people of the locality.
    In very short age of his life he made large number of friends by his social and political activities good behavior and good moral, he was role model for young generation.
    He was embued with great qualities of head and heart with endeared him to all.
    He will be remembered till years his death is a big loss, which has created a void which will be difficult to fill for a long time.
    May Allah bless his soul and place him in heaven as he was good and noble human being. We will miss him dearly.
    Advocate Farooq Ahmed Gorar

    l l l

    Shayan was a genius, handsome personality. In a short period of life, he made a lot of friends and achieved an enviable popularity in our society. In my opinion, he was unrivaled.
    Siraj Ahmed Gorar
    GHS Radhan.
    l l l

    l l l

    I have heard too much about Shayan’s political and social activities. He proved himself a good model for the youth of the concerned society. His memoirs would ever remain in our hearts.
    May God bless him heaven.
    Aftab Ali Siyal
    01-06-2017
    l l l

    Shayan was a role model for youth and new generation. I miss him always. May Allah bless him in paradise.
    Altaf Hussain Khokhar

    l l l

    very, very sad news!
    News heard of Shayan’s unexpected death .May Allah keep his soul in heaven and may award patience to his father, Mr. Ali Sher Gorar and his family, and may Allah make his soul peaceful.
    Ghulam Rasool
    GDC Qazi Arif

    l l l

    He was a great personality and worked for his friends, neighbors, relatives and family members.
    May Allah award him paradise and issue patience to his family.
    Nawaz Ali Panhwar

    l l l




    It is very sad news about the sudden death or martyrdom of Shayan Ali Gorar. We all the teachers of GHS No: 01 Mehar are also deeply grieved over his earlier departure. May Almighty Allah rest his soul and give patience to his family.
    01.Mr. Aftab Halo
    02.Aziz Rehman Mahesar
    03.Jahangeer Ahmed Chandio
    04.M.Khan Qambrani
    26.05.2017

    l l l

    Shayan Gorar was not near to me, but he was the son of soil, as in the short period, he made name and fame in the society, and his struggle was based on honesty.
    May Allah rest his soul in peace.
    Sher Ali Chandio,
    Advocate.

    l l l

    It was very unfortunate day of 14th may 2017, when I received shock to hear about the sudden death of my beloved cousin Shayan Ali He was most genius and hard worker student , in field of education, study of literature and other social activities. I had spend a lot of time with him he always remained active in his study and different activities as well as in social, politics and welfare of people and students also in their educational problems to enhance their talent. He was role model for the society. The sudden demise of Shayan Ali has created large vacuum which is not easy to fill, He is very difficult for us to say that, he is no more amongst us now but his political and social sewis will be long remembered.
    We pray to Al mighty allah to shower his countless blessings on him and may his soul rest in eternal peace and give patience to my uncle Ali Sher. (Ameen)
    Sadaqat Ali Khan Gorar
    Advocate

    l l l

    I was deeply shocked, when I heard about the sudden death of lovely cousin Shayan Ali. He was a great person, a hard worker student and good politician in his student life, he possessed many qualities in his personality, he was a role model for youth an dnew generation. His death his created big vacuum in the society which cannot be filled hill many years.
    May Almighty Allah place his soul in heaven and give patience to our elders, specially Chacha Sain Ali Sher Gorar.
    Sirai Saeed Ahmed Gorar

    l l l

    It Sudden death of our beloved cousin Shayan Ali, has left us in state of great shock and deep grief. He was known with his moral attitude, miss behavior and with his good personality and good repartition in the society.
    His activities and work as a social worker, as political and of welfare of people and students always would be reminded in the hearts of people.
    May Allah give him place in heaven.
    Junaid Hassan Gorar

    l l l

    Mr. Shayan Gorar was really a great personalty.He was a good political worker as well as social. His service mostly for students cannot be forgotten. Even; I cannot forget this brave person in my life.
    Unknown
    28/05/2017


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258277
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386400
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ