ڪتاب جو نالو: منهنجون ڪهاڻيون
مصنف: علي بابا
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1994
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 1112 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 345 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سائين علي بابا سِنڌ جو اُهو اُداس رُوح آهي، جيڪو گامَ گامَ، گليءَ گليءَ، بَنَ بَنَ مَنجهه اُنهيءَ سِنڌ کي ٿو ڳولهي، جا مَهاراجا شَهيد راجا ڏاهر جي دَورَ واري سِنڌ هُئي. ۽ شهيد دُولِهه درياهه خان جي وقتَ واري شانَ، شوڪتَ ۽ بَختَ واري سِنڌ هُئي. سائين علي بابا اُنهيءَ سِنڌو درياهه جو مُتلاشي آهي، جنهن جي ٻِنهيُن ڪنڌِيُن تي ٻيلا هُوندا هُئا، ۽ جنهن جو پاڻي آبِ حياتِ هُوندو هُيو. سائين علي بابا هميشه پنهنجي قلمَ منجهان جيڪي لِکڻِيُون تَخليِق ڪَيُون آهن، اُنهن جا ڪردارَ به ”سِنڌ جا سُورِما!“ آهن! آهن. ۽ نه ئي وري مايُوسِ ٿي ڪَري پاڻ کي مياري ثابِت ڪندا آهن.! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن منجهه اُهي سَڀِ معيارَ موجُودِ آهِن، جيڪي عالمي اديبن جي لِکڻِيُن منجهه هُوندا آهن. اِهو ثابِت ڪَرڻ جي لاءِ ڪِهڙي وضاحَتَ پِيش ڪَري سَگهجي ٿي! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن جي مَعيارَ کي اُهو ئي سَمجهي سَگهي ٿو، جيڪو خُودِ سِنڌ ۽ سِنڌهو درياهه جو پُوڄاري هُجي. يعني، ”جَلِ پُوڄاري!“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مان ۽ منهنجي ڪھاڻي
  • ڪهاڻيون

  • ڀاڳان
  • ڪارونجھر جو قيدي
  • اسين ماڻھو
  • چنڊ ۽ ماني
  • علي بابا جي ڪھاڻي
  • ھي سنگرام
  • سؤ رپيا نوٽ ماڻھو
  • جيون ڪوئي جھوٽو آھي!
  • نئون سال، پراڻو ڪال
  • گرڀ جو تيج
  • آڌي رات، اتر ۾ ڪانڀو
  • جانورن جي دنيا
  • سون ورنا سپنا
  • سونا پڙ ۽ ڪارا جھڙ
  • ڪجلا تجلا ماڻھو
  • اولڙن پٺيان ڊوڙ
  • دي ايڊيٽر
  • ڌرتيءَ ڌڪاڻا
  • آيل ڙي اولاڻا
  • ھڪ کن ۽ ھيءَ صدي
  • چار ڏسائون چارئي ڪاريون
  • بلئڪ ائنڊ وائيٽ
  • ٽانڊاڻي جي لاٽ
  • ھڪڙو سوال
  • ھڪ کن جو سفر
  • نانھن ۽ موٽ
  • اونداھيون ڏسائون ۽ مان
  • مان گدو بندر جو چريو
  • نوان پيغامبر
  • پڃري جا پکي
  • نھ تھ ساڻ ھلن ٿا سير ۾
  • ڪروڌ ۽ ٻھ ماڻھو
  • پولارن پاتالن ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو
  • سين ھنيائون سڃ ۾
  • سندر سپنا ڀيانڪ سپنا
  • ساڳيو ڌڻ، ساڳي لٺ، ساڳيو ڌنار
  • ٻٽا ٽيڙو
  • زندگي
  • وڏو ماڻھو
  • ڇپر ۽ ڇائون
  • ٻيٽاري
  • ڪلجڳ
  • ڪينجھر – اڌورو ماڻھو
  • ريلوائي جا ڇورا
  • پوئين پھر جو آواز
  • ڌاڳا نينھن جا
  • چائنا گيٽ
  • ساروڻا سارو جيون
  • پڄرندڙ پيڙائون
  • مھاڀاري پاڳل ماڻھو
  • پري، پولارن کان پري
  • ڏيھھ نھ ڪو پرڏيھھ
  • اڌ چريا ماڻھو
  • رئندا کلندا ماڻھو
  • ھيءَ ڪامڻ مايا
  • يگ يگ جي پيڙا
  • راٺوڙ، راجپوت
  • ھڪ کن ڏکن جو، ھڪ کن سکن جو
  • دور آڪاسن مان
  • وڻ ويڙھي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”منهنجون ڪهاڻيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    احمد شاڪر لکي ٿو:
    سائين علي بابا سِنڌ جو اُهو اُداس رُوح آهي، جيڪو گامَ گامَ، گليءَ گليءَ، بَنَ بَنَ مَنجهه اُنهيءَ سِنڌ کي ٿو ڳولهي، جا مَهاراجا شَهيد راجا ڏاهر جي دَورَ واري سِنڌ هُئي. ۽ شهيد دُولِهه درياهه خان جي وقتَ واري شانَ، شوڪتَ ۽ بَختَ واري سِنڌ هُئي. سائين علي بابا اُنهيءَ سِنڌو درياهه جو مُتلاشي آهي، جنهن جي ٻِنهيُن ڪنڌِيُن تي ٻيلا هُوندا هُئا، ۽ جنهن جو پاڻي آبِ حياتِ هُوندو هُيو. سائين علي بابا هميشه پنهنجي قلمَ منجهان جيڪي لِکڻِيُون تَخليِق ڪَيُون آهن، اُنهن جا ڪردارَ به ”سِنڌ جا سُورِما!“ آهن! آهن. ۽ نه ئي وري مايُوسِ ٿي ڪَري پاڻ کي مياري ثابِت ڪندا آهن.! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن منجهه اُهي سَڀِ معيارَ موجُودِ آهِن، جيڪي عالمي اديبن جي لِکڻِيُن منجهه هُوندا آهن. اِهو ثابِت ڪَرڻ جي لاءِ ڪِهڙي وضاحَتَ پِيش ڪَري سَگهجي ٿي! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن جي مَعيارَ کي اُهو ئي سَمجهي سَگهي ٿو، جيڪو خُودِ سِنڌ ۽ سِنڌهو درياهه جو پُوڄاري هُجي. يعني، ”جَلِ پُوڄاري!“
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 1994ع ۾ ڇپايو ويو. سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان کڻي اوهان سان نئين سر پيش ڪري رهيا آهيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مان ۽ منهنجي ڪھاڻي

    مان سٺو ڪھاڻيڪار آھيان؟
    مان اگھاڙو ڪھاڻيڪار آھيان؟
    مان ڪھاڻيءَ ۾ عورت کي ذليل ڪندو آھيان؟
    ڇا مون کان پاڻ مرادو ڪجھھ لازوال ڪھاڻيون لکجي ويون آھن؟
    يا منھنجيون ڪھاڻيون پنھنجي وقت سان پنھنجي فنا کي پھچي وينديون، انھن ۾ ڪا دائميت ڪانھي؟
    اھڙا ڪئين سوال منھنجي ذھن ۾ ترندا، ٻڏندا رھندا آھن. مون ڪڏھن بھ ھڪ ڪھاڻيڪار جيان سنجيدگيءَ سان انھن تي غور نھ ڪيو آھي. نھ ئي مان پنھنجي لاءِ مھا ڪھاڻيڪار جي چتي لڳائڻ يا ليبل چنبڙائڻ لاءِ تيار آھيان. ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڪھاڻيءَ جي لڙاٽ ۾ فقط ايترو سو محسوس ڪندو آھيان تھ مان فطري ڪھاڻيڪار آھيان. مان ڪھاڻيءَ کي وڌ ۾ وڌ خوبصورت بنائڻ لاءِ تجربا ڪندو آھيان. ڪجھھ نواڻ لاءِ جاکوڙ اڌاري ورتل يا پاروٿي نھ ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪھاڻي لکجي ويندي آھي، ڪڏھن مڙئي لکجي ويندي آھي، ڪڏھن پنا ڦاڙي اڇلائي ڇڏيندو آھيان.
    ڪڏھن ڪڏھن محسوس ڪندو آھيان تھ مان ڪھاڻي لکڻ ئي نٿو چاھيان، پوءِ بھ لکي ويھندو آھيان. ھر واري ڪھاڻيءَ کان ڏنڀجڻ کان پوءِ مان ڪھاڻي سان کيڏندو آھيان يا ڪھاڻي مون سان کيڏندي آھي. اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪار قسم جي ڪابھ شيءِ حائل ڪانھي. منھنجو ۽ ڪھاڻيءَ جو رومانس پاڻ ۾ ڪنھن بھ ڪاروبار يا ونھنوار کان سواءِ ھلندو اچي. انتھائي بيزار ٿي پوڻ کان پوءِ مان ڪھاڻيءَ سان پيار ڪيو آھي. مان ان کي ڪنھن بھ قيمت تي نھ ڇڏي سگھيو آھيان ۽ نھ ڇڏي سگھندس. ادب ۾ لمبي ساھي تھ پٽي سگھجي ٿي، پر رزائن ڪري نٿي سگھجي. شعر، افسانو، ناٽڪ، ناول لکڻ اميراڻو ذوق آھي.
    ادب جي تاريخ تي نظر ڦھلائينداسين تھ مھا ڀارت جي سرجڻھار ويد وياس کان وٺي ھومر، ڪاليدار، شيڪسپيئر کان ويندي شاھ لطيف تائين، گوئٽي کان وٺي ليوٽالسٽائي ۽ ٽئگور، سڀ اميراڻا ٻار ھئا. غالب بھ ھڪ نواب جو ٻار ھو. پوءِ مان غريب جو ٻار ان ڪم ۾ ڪيئن ٽپي پيس!..... ھاڻ نڀائجي تھ نڀائجي ڪيئن؟ ھن پل صراط جھڙي ترار تان ھلندي، پاڻ ڪيئن سنڀالجي؟ مٿان باھ ۽ ھيٺان لاوي جو ساگر پيو ڇلي، موت کان سواءِ ڪٿي نھ ختم ٿيندڙ سفر.
    ايڏي عذاب ۾ مان لکان ڇو ٿو؟
    ڇا ڪھاڻي سپنن جھڙي دنيا آھي، پراسرار ۽ وڻندڙ؟
    شايد مان لاڳيتو ھڪ فئنٽاسيءَ جي دنيا ۾ رھندو اچان. سپنا ئي سپنا اڻندو ٿو رھان. اھڙا سپنا، جي رڳو جاڳ ۾ اڻبا آھن. مون ڪڏھن بھ ٻئي اديب سان پاڻ کي ڀيڻي نھ ڏٺو آھي، پوءِ بھ مان ھر وقت ڪامپيٽيشن ۾ ھوندو آھيان. منھنجو اھو مقابلو فقط پنھنجو پاڻ سان ھوندو آھي. شايد آئون ٻين کان مختلف ان ڪري آھيان جو مان ٻين کي ٻڌندو ئي نھ آھيان.
    ھر ليکڪ سٺو پاٺڪ بھ ھوندو آھي. مون کي شيام جئسنگھاڻي وڻندو آھي. لعل پشپ وڌيڪ وڻندو آھي. گنو سامتاڻي، ايشور چندر ۽ موھن ڪلپنا وڻندا آھن. ائين تھ وڻڻ جي ڪا انتھا ئي ڪانھي. ائين جيئن چيخوف، اوھينري. مارڪيز مون کي چيخوف جيترو نھ وڻندو آھي، نھ لعل پشپ جيترو. اٽليءَ جو سلوانو جو مون ھڪ ئي ناول پڙھيو آھي، ”فونتا مارا“، منھنجي پسند سؤ جي اندر آھي، انھن ۾ سلوانو جو نالو ھر وقت ياد رھڻ جوڳو آھي.
    نسيم احمد کرل تمام وڏو ڪھاڻيڪار ھو. جيئري عالماڻيءَ جو بھ ڪو مٽ ڪين ھو. اڃان ھن ڪھاڻيون لکڻ شروع ئي مس ڪيون ھيون تھ پاڻ ڪينسر ھاڻي ٿي ويو. ساڳيءَ ريت ماڻڪ کي بھ موت جي پيئڻ بلا وقت کان اڳي پي وئي. پر ڪنھن جي مرڻ سان ڪھاڻي ٿوروئي مري ويندي آھي. ماڻڪ ويو تھ طارق عالم اچي لکي پيو. عالماڻيءَ لکيو ۽ ھاڻ اختر رند لکي پيو.
    مان موڊي آھيان.
    ھر ليکڪ کي موڊي ھئڻ گھرجي (ھوندو آھي).
    مون کي ادب جي ديويءَ آڏو گل چاڙھڻا ھوندا آھن. تازا، نوان، باغي ۽ جھنگلي، ٿورائي سھي پر مون کي پاڻ کي وڻڻ گھرجن. منھنجي خوبصورتي اھا آھي تھ مان فقط پنھنجي لاءِ لکندو آھيان. نقاد ويچارا تھ ڇا، منھنجي اڳيان پڙھندڙ بھ نھ ھوندا آھن. اھا فئنٽاسي منھنجي پنھنجي اندر جي شيءِ آھي، بلڪل شاھ جيان:
    ميي سي ئي ماڻيا، جتي نھ ڀريا ڀونر،
    ڪنواريون ۽ ڪؤنر، ھلو تھ پسون ڪاڪ جا.
    مون ڪھاڻين ۾ عورت کي نيچ ڪيو آھي؟ منھنجي تھ خيال ۾، منھنجي ڪھاڻين جو مرڪز ئي عورت آھي. ڪڏھن ڪڏھن ان سان ڏاڍي اڍنگي ۽ اڻوڻندڙ نموني پيش ايندو آھيان. ان کي مان پنھنجي ڪھاڻين جي خوبصورتي ٿو چوان، جنھن کي شايد فقط آئون پاڻ ئي محسوس ڪندو ھجان. عورت تھ منھنجي ڪھاڻين جو مرڪز ھوندي آھي. بلڪھ منھنجي ڪھاڻين جي ڪل ڪائنات جو مرڪز عورت، ڪيڏي اونچي، ڪيڏي مضبوط، ڪيڏي نازڪ ۽ ڪيڏي خوبصورت ھوندي آھي. مان ان کي جيئن جو تيئن پنھنجي ڪھاڻيءَ جي ڪينواس ۾ اتارڻ چاھيندو آھيان. مان وري ڪالرج جو سھارو ٿو وٺان:
    (The Woman is ray of God)
    ۽ شاھ ٿو چوي:
    کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سنڌا ڪيون.
    تھ پوءِ ڀلا مان عورت سان اھڙو ڪھڙو ناحق ڪندس؟ مان عورت جي خلاف نھ، پر عورت جي نيلام خلاف لکندو آھيان. عورت ويچاري تھ خوار خراب مھاجر ۽ بھاري ڪيمپن ۾ ٿيندي آھي، جتي وڏين وڏين ڏاڙھين وارا مذھبي ۽ سماجي ٺيڪيدار پنھنجو سياسي ۽ مالي ڪارخانو ھلائڻ لاءِ وڏن نعرن سان بھاري ۽ بنگالي عورتون، اسلام جي نالي ۾ گھرائي، واپار ڪندا آھن. اھڙن موقعن تي اڪثر مون کي نارائڻ شيام جي سٽ ياد اچي ويندي آھي. منھنجي آبزرويشن تي فٽ ٿي ايندي آھي:
    سردار ڪري واپار، سھڻي ٿانءَ ٺڪر جا وڪڻي.
    آئون خدا کان ڊڄي ڳالھھ ٿو ڪريان:
    ھر سال، ڏھھ ڏھھ، ويھھ ويھھ ھزار عورتون بنگال، ھندستان ۽ ٻين ملڪن مان گھرائي، انھن جي آبادڪاريءَ جي بھاني سان سندن وڪرو ڪيو ويندو آھي.
    ھا تھ ڳالھھ ھلي پئي ڪھاڻيءَ جي: ڪھاڻي مون وٽ فلسفي، ناصحاڻي، نقطي، اصلاح عامھ يا پروپيگنڊا وغيرھ جھڙن لفظن کان بلڪل جدا ۽ مٿاھين شيءِ آھي. ڪھاڻي فقط ڪھاڻي آھي ۽ ان کي ڪھاڻي ئي رھڻ کپي.

    علي بابا


    ڪهاڻيون

    ڀاڳان

    اونداھين کي ٽوڙي ڊاھي، چڙھيو آھي سج، اوڀر کان، کجين مٿان. روشن ٿي ويو آھي بند پٺيان، گرگلن جو ڏھاڪو جھوپا ڳوٺ.
    اندر ھڪ جھوپي ۾، سنڀري پئي جاڳان. شھر پنڻ لاءِ، وڄنس پيون چوڙيون، وارن ۾ ڦڻوٽو ڪندي ۽ ٻاھر تڙڪي تي ويٺي آھي ماڻس ڀاڳان، اوجھڙ ۾، جھوپي جي ڪکاھينءَ ڀت جي اوٽ وٺيو، چؤڦيٿي گاڏيءَ ۾، جنھن کي گھريندا آھن ٻار، کيس شھر پنائڻ لاءِ. نست نماڻن، ڏرا ڏنل، آسوچ نيڻن سان پئي نھاري سج ۾. پر ڪن اٿس اندر، چوڙين جي ڇڻڪاٽ تي. پئي کنھي چيڙھھ مٿو، پئي ڇنڀي اکيون سج ڏي نھاريو، بي فائدو.
    اڳي، گھڻو اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، سج گول گول ھو، وڻندو ھئس اکين کي، ھاڻ ڪونھ وڻيس. ھاڻ تھ سج بھ ڏسڻ ايندو اٿس جھڪو ۽ ڌنڌلو. باھ جو ڀڀڙ، ھان سج گول ڪونھي!
    اڳي گھڻو اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، تڏھن سج ڪيڏو نھ ويجھو ھو. ھي پڙو کنجھي ڊوڙ وجھي تھ کجين چڙھڻ کان اڳ وڃي ھٿ وجھيس! چڙھڻ نھ ڏئيس کجين مٿان! ھاءِ ھاءِ جواڻي..... ھوءِ ھوءِ وقت ..... ٿڌو شوڪارو ڀري، نھاري ٿي ھيٺ پيرن ڏانھن. وڍايو ويٺي آھي ڄنگھون، وڃايو ويٺي آھي جواڻي، الائي ڪڏھن کان!
    اکيون اٿس سج ڏانھن، ڪن اٿس اندر جھوپي ۾!
    ”ڪيڏو ڏينھن چڙھي آيو آ، ھيءَ ماءُ مئي ڪري ڇا پئي؟ چوڙين جو آواز ڪونھي، ڀانيان ڦڻوٽو ڪري، ٿي آھي تيار. ھاڻ زال ٽنگي پئي ھوندي آنھري مٿان. لپون سرمي جون ڀري ڏسندي اکيون. نرڙ تي ڪڍندي تلڪ، چپن تي ھڻندي سرخي، ڀڻ ڀڻ ڪري ڳائيندي، ڪنن جا ايرنگ ڏسندي، نڪ جي ٻولي، چٻرا ڏئي، سؤ مرڪون ڏيکاري آنھريءَ کي، ڇوري ڇتي ٿي پئي آھي پنھنجي مک مٿان. چري، جڏھن ڏس زال پئي آڍي ملي پاڻ کي. ويٺي کائي خار، ڌيءَ جي سنڀراو تي، پر ڪجھھ ياد ڪري ٿڌي ٿي وڃي ٿي. ياد ڪري جواڻي، ويٺي ڇنڀي اکيون، ويٺي ڀري شوڪارا.
    اڳي گھڻو اڳي، پاڻ بھ تھ ائين آنھريءَ مٿان لڙڪيو پئي ھوندي ھئي. ڪيڏو بھ پارو پوندو ھجي، ڪيئن نھ گھڙو مٿان گڙ گڙ گڙڪائيندي ھئي. ڪيئن نھ پاڻي ڇڻ ڇڻ ڪري وھندو ھو سندس وارن مٿان، ھيٺ ڌڙ کان پيرن ڏانھن. ايڏي ڏڪڻي ھوندي بھ ڪيڏو نھ وڻندو ھئس پاڻيءَ جو وھڻ بت مٿان ڌارا ڪري. ڪيڏا مھٽيندي ھئي پير. اصل نھار تھ منھن پيو ڏسڻ ۾ اچي. شھر مان ھلندي ھئي تھ ھلندو ھئس سڄو شھر پٺيان، وڄنديون ھيون سيٽيون. مسيت جي پاسي کان گذرندي ھئي تھ ملن جا ڳاٽ ڦري ويندا ھئا. رڳو وٽو ڪنھن اڳيان وڌائيندي ھئي تھ پوندو ھو ڏوڪڙن سان ڇڻ ڇڻ وڄي. واٽ ويندو ماڻھو بيھجي ويندو ھو. مجال آ جو ڪنھن ڏي لؤڻو ھڻي نھاري. لاٽ لاٽ تي اک ئي ڪانھ ٻڏندي ھيس. انگريچي اسڪول جو ماستر پيو اکيون ٺپيندو ھو.
    اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، سرتيون ڪنديون ھيس ساٺ. جونءَ ڳوليو ھيج مان ھڻنديون ھيس چھنڊڻيون، ڀرپور بدن تي. ڏينديون ھيس ڪنن ۾ طعنن ۽ ٽوڪن جا ڄيرا، ڇڏينديون ھئس ڄري، ھاڻ تھ ڪو سڻيس بھ ڪونھ. جونءَ پٽيو مارينس، ٻيون تھ ٺھيو پر ڪڏھن آنڊي ڄائي ڌيءَ بھ ھٿ لاھيس ڪونھ. جڳ لنگھي ويا، چڳون چيڙھ ٿي ويون، ويون اکيون کوٻن ۾ گھڙي، ويو ماس رس رڙي لڱن تان، وئي کل سڙي. ڪڏھن روز وھنجندي ھئي ليمي جي پاڻيءَ سان. پٺيان گوڏن کان ھيٺ لڙڪندو ھئس چوٽو. روز مليندي ھئي آٽڻ منھن کي. ٻھھ ٻھھ ٻرندي ھئس پيشاني. ڪانيءَ مٿان ڪاني پورو ٻڪ پائيندي ھئي سرمون، ڪري ڇڏيندي ھئي ڀؤنر اکين کي، مٿان ڪندي ھئي سرخيءَ جي ٿڦ ٿڦان چپن تي. نڪ ۾ سونو ڦل، ھي آنڱرين کان بھ ڊگھا ڊگھا ايرنگ ڪنن ۾، پنج پنج سونيون واليون، پندرھن تولن جو چانديءَ جو ھس ڳچيءَ ۾. آنھري ڏسندي پيٽ نھ ڍاپندو ھئس. کٽولي تي اونڌي ٿي منھن ھيٺان رکي ڏسندي ھئي آنھري. ماڻس چوندي ھئي: ”ڇوري باھ لڳي، ڇتي ٿي آھين ڇا؟ ملوڪ آھين ملوڪ. جيڏي مھل ڏس زال آنھريءَ مٿان اٽي ٿيو بيٺي آھي. ڦڪائي ڪانھي. اٿلي ھلي ڍوڍا ڍڙ.“
    سج ٻھ پاڇا. ڪوماڻل، روئڻھارڪن نيڻن سان ويٺي نھاري سج ۾. ويٺي ڀري ٿڌڙا ساھ، شوڪارا. ڦري اچيس ٿو سڄو شھر اکين آڏو. گھٽي گھٽي، ھٽ ھٽ، گھر گھر، در در، سڄي شھر کي سڃاڻي. ماڻھونءَ ماڻھونءَ جو ڳجھھ ڳوھھ ڄاڻي. انھيءَ ئي شھر ۾ وڃائي ھئائين جواڻي، وڍايا ھئائين پير!
    جڏھن اڃان مس ساماڻي ھئي، جڏھن اڃان مس ڪپڙا ڳاڙھا ڪيا ھئائين تھ شھر کان سواءِ سک ڪونھ ايندو ھئس. ڀائين تھ ماڻھون پٺياھنس سينڍون ھڻن، آواز ڪڍن. ايندو ھئس ماڻھن کي ساڙڻ ۾ مزو. اڃا مس صبح ٿيندو ھو، تڪڙي تڪڙي سنڀري، ساھيڙين سان ھلندي ھئي وٽو کڻي پنڻ. ماڻس چوندي ھيس: ”ڇوري پڙو پکيڙي ھلي آھين شھر پنڻ. ماڻھو ڪي خيال سان ھلي، پراون گھرن ۾ تيسين نھ گھڙجي، جيسين پڪ نھ ٿئي تھ گھر ڌياڻيون ويٺيون آھن. ڇڙھن ڇانڊ ماڻھن جي گھرن ۾ ڪڏھن نھ وڃجي، ڀل ڏھ رپيا ڏيکارين. ڇوري متان پير وڍائي اچين. ماڻھو ھوش سان ھلي، زمانو ڏاڍو ضعيف آھي.“ تڏھن ڪي ڪين سمجھي ھئي، پر ھاڻ جڏھن کان ڌيڻس جاڳان ڪپڙا ڳاڙھا ڪيا آھن، اڻ تڻ چئونرا کئونرا لڳي وئي اٿس. ويڙھي ويا ھئس وھم. ڇوريءَ کي سمجھائي سمجھائي نڙي سڪي وئي اٿس، پر ڇوريءَ کي عقل ئي ڪونھ ٿو اچي. ليکي ئي ڪانھ ٿي. ذات ٿي گھٽ ٿئيس، ميريءَ منڊيءَ، مڙھيءَ ماءُ سان گڏ پنندي، گاڏو ڌڪيندي شرم ٿو اچيس، ماڻھو ڇا چوندا. اڙي ھيءَ آھي چاڳان جي ماءُ، کلندس مٿان ماڻھو.
    پير وڍايو، ويڙھي ويٺي آھي وھمن ۾. چئونرا کئونرا اکين سان ويٺي نھاري سج ۾.
    وٽ کڻي اندران جھڳيءَ مان نڪتي آھي چاڳان، ڦڻي ڦوڪارا ڪري، پڙو لمڪائيندي، نورا ڇمڪائيندي. اکيون ڇنڀيندي بي وسيءَ مان نھاري ٿي ڌيءُ ڏانھن: ”ڇوريءَ تي جواڻي ڇا آئي آ، ٻوٽي ٻوٽي ٿي ڦڙڪيس. ڀانءِ تھ جي بند تان ڊوڙ وڌائين تھ سھڪي سان ڪجرو ڇني ڇڏيندي. ڇوري پڙو پيرن کان ٻھ وال پري اڇلائيندي ٿي ھلي. نڀاڳي، ڪنھن جي نظر بھ نٿي لڳيس. ماءُ مريس، ڏينھان ڏينھن وڃي ٿي وڌندي. وڃي ٿي کجي جي وڻ جيان اوچي ٿيندي.“
    ماءُ جي من ۾ اڻ تڻ چئونرا، کئونرا، ڀائين تھ رڙ ڪري چويس: ”اي ڇوري، ھلين ٿي ڪي نچين ٿي؟ ماڻھو ڪي عقل ڪري.“ پر چپ پيا اٿس سبيا. رڳو پئي ڌيءَ ڏي ڏسي. اکيون پئي ڇنڀي، بي وسيءَ مان. پير وڍايو، ويٺي آھي اوجھڙ ۾، ويٺي ڏسي ڌيءَ کي شھر ڏي ويندو.
    ”ڇوري، ڄڻ ڪا ڀلي گھوڙي بنديو بيٺي ھئي ڪئين ڏينھن کان، مس مس کلي آھي رسا ڇنائي. ڪيئن پستيون ھڻندي ٿي وڃي، ڄڻ ڀڄي ٿو وڃي شھر. ڇا ڏٺئين آ، ڇا ڏٺئين آ.....؟“
    ياد ٿو اچيس: اڳي، گھڻو اڳي، پاڻ بھ تھ ائين ھلندي ھئي، انھيءَ ساڳي بند تان. زمين ڌٻائيندي ويندي ھئي شھر پنڻ. گھٽي گھٽي، گھر گھر، در در، ڪيڏو وڻندو ھئس شھر ۾ ھلڻ، سينڍون، ميڇون، اکين جا اشارا، ڪيڏا اشراف ماڻھو ڪيئن تڙپندا ھئا. ڪانھ ٻوڙيندي ھئي اک ڪنھن مٿان. ڪيڏو ايندو ھئس ماڻھن کي ساڙڻ ۾ مزو. ڪڏھن ماءُ جي ڳالھھ ڪانھ ساڱاھي ھئائين. زمانو ڏاڍو ضعيف آھي: اي کدا کير ڪجانءِ......
    اي کدا کير ڪجانءِ..... ماءُ جو من اڻ تڻ، چئونرا کئونرا. وھم ئي وھم.......
    ياد ٿو اچيس: ھڪ ڏينھن بنا سوچڻ سمجھڻ جي گھڙي وئي ھئي ھڪ گھر ۾. اوچتو رکيو ھئس ڪنھن وات تي ھٿ. ڇڪي گھري ويو ھئس گھر ۾. يڪا سارا پنج ماڻھو چڙھي ويا ھئس، ڇتن ڪتن جيان. ڪيڏو ڦٿڪي ھئي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ، ڪيڏيون ڪيون ھئائين دانھون ڪيڪراٽون. اگھاڙو ڪري چھگ وجھي بدن ۾، وات ۾ اوتيندا رھيا ھئس ڪؤڙو ڪؤڙو دارون. پوءِ اونداھيءَ رات ۾ امان امان ڪندي ڀڳي ھئي گھر ڏانھن. ڀڳت جي باغ وٽان جھنگلو ٽپيندي، پيرن ۾ لڳيون ھيس زھيريلي ڪنڊن واريون تارون. منڊڪائيندي، ڊوڙندي وڃي ڦان ٿي ڪري ھئي ماءُ جي لڇ ۾. ڪڙھي پيا ھئس پير. ڪندي ھئي دانھون، ڪيڪراٽون. وٺي ويا ھئس اسپتال ۾، ڏاڪترن وڍي ڇڏيا ھئس پير ۽ انھن وڍيل پيرن مان ورتو ھو چاڳان جنم!
    ڇوري وئي آ شھر پنڻ، ماءُ جو من اڻ تڻ چئونرا کئونرا..... روز ويڙھي ويندا اٿس وھم. جيسين ناھي ورندي، تيسين لائي ڏيندو اٿس من دھڪو. ويٺي سڏ ڪندي آھي الله کي: اي کدا کير ڪجانءِ..... اي ساھ لطيڦ کير ڪجانءِ...... اي قلندر شاباج کير ڪجانءِ....... اسين نھ ھندن ۾ نھ مسلمانن ۾، ڏاڍا گريب ھون ڏاڍا گريب......
    پر خدا خير ڪونھ ڪيو. ھڪ ڏينھن ڊوڙندي آئي ھئي چاڳان، ريھون ڪندي، ھانءُ ھڪيءَ کان ٿي آيس: آئي..... آئي..... آئي..... رانڀاٽ ڪندي ڦان ٿي اچي ڪري ھئس ڍڍريءَ مٿان. ماءُ جو من ڦٿڪ ڦٿڪان.
    ”ڇا ٿيو.......؟ ڇوري ڳالھھ تھ ڪر، ڇا ٿيو.....؟ ڪھڙيءَ بلا کاڌو ٿئي؟ ڇوري، پير تھ ڪونھ وڍائي آئي آھين؟“
    اڇي پڙي تي ڳاڙھا چٽ، بڪين تي ڳاڙھو ڳاڙھو رت ڄميل.
    ماءُ جو من ڦٿڪ ڦٿڪان.
    ”چاڳان......“ ڌرتيءَ جي دانھن، آسمانن تائين، آسمانن کان مٿان، اننت تري تائين.
    ويٺي روئي ڀاڳان، چاڳان جي پيرن منھن وجھيو. ڍڪون ڀريو، وار پٽيو اؤرانٽجيو.
    روشنين کي ٽوڙي ڊاھي، چڙھي آھي اونداھي، اولھھ کان. اوجھڙ ٿيندو وڃي ٿو اکين کان، گرگلن جو ڏھاڪو جھوپا ڳوٺ.


    ڪارونجھر جو قيدي

    ڪارونجھر مٿان لڳاتار مانسون ھوائن جا گھيرا ھئا. مينھن ڪاريون واريون ڪيو پئي وٺو. رکي رکي اتر کان ٻڪرال چھبڪ جيان وٽ کائي چمڪاٽ ٿي ڪيا ۽ ڪارونجھر جي اتاھين چوٽين مٿان اوچتو مڇريل ڪوراڙ بلا جيان ڇارپ ڪري جھٽ ھڻي، ھانءُ ڏاريندڙ ڪڙڪي سان، ڪارونجھر جي ڦاڙن ۾ لھي ٿي وئي. ڪارونجھر ۾ زلزلي جھڙو پڙاڏو پئدا ٿيو ٿي ويو. ڄڻ انگريزن جون توفون ڇڙي ٿي ويون. ننگر پارڪر، سورا چند، اڌيگام، ڀوڏيسر، راڻپور ۽ اينچلاشور جي وسندين ۾ پري پري تائين خوف جي لھر ڊوڙي ٿي وئي. سمين، سوڍين، سومرين، ٺڪراڻين، رٻاڻين ۽ ڪولھياڻين جا ھانو ڄڻ ڦسي ٻھ اڌ ٿي پيا ھئا. توفن جي ڏھڪايل ٻارڙن کان خوف جا ڊيھا ۽ سياٽا ڇڏائي ٿي ويا. نينگرين جا نيڻ ڏس تھ نيسارا ڪريو پيا وھن، رت نھ ٺھي ڪنھن مک ۾. ساري ڪارونجھر جي جھروڪي جھروڪي جھانءِ ھئي، چؤنري چؤنري روڄ ھو. مڙساڻي پھر ڪانھ بتي ھئي، جو کڻي ڏڍ ڏئين. ڪارونجھر جو ذات رڻو، ٺڪر، کوسو، راٺوڙ، سمون، سومرو، پرمار ۽ ڪولھي انگريزن جي توفن سان سينو سھائيندي، ڪارونجھر مٿان ڪسجي ويو ھو. ڪارونجھر جا ڦاڙ، ڀٽياڻي ۾ گوڏڌرو وارا گھارا سندن لاشن سان سٿجي ويا ھئا. وڏي ويڙھاند کان پوءِ انگريزن جي گوجي اڳواڻن ڪولھياڻين تي رڳو ايترو رحم کاڌو جو کين ڪارونجھر جي ڦاڙن مان، پنھنجن وارثن جا لاشا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني ھئائون. ڪيترن کي پوري ڪيترن کي پورجي؟ ڪنھن لاءِ شمشان ٻاري ڪنھن لاءِ ٻارجي؟ ساڙڌرو جي پاڪ پوتر جھرڻي ۾ ڪنھن جي رک لوڙھي، ڪنھن ڪنھن جي لوڙھجي؟ ھانو تي ھٿ ھڻي ڪنھن لاءِ پٽڪارو ڪري ڪنھن لاءِ پٽجي؟ سارو ڪارونجھر لاش ئي لاش ھو، رت ئي رت ھو. پر الله سائين کي ڄڻ ٻاجھھ پئجي وئي. ڪارونجھر مٿان ڪارا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪندا آيا ۽ مينھن ڪاريون ڪري ڇڏيون. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ جا آواز ڪارونجھر جي چوٽين کان مٿي، آسمان تائين ٿي ويا. ڪولھياڻين وڏي مڙسي ڪئي. ھڪ ھڪ ساٿيءَ جو لاش چمي چمي، گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻيءَ ڦاڙ ۾ لوڙھھي ڇڏيائون ۽ مينھن رت جا درڳ ڌوئي ڇڏيا.
    ڪارونجھر ۾ ڪڪر ڄڻ ڦاسي پيا ھئا. ساندھھ پنجن ڏينھن کان، آگم اوھيرا ڪندا رھيا. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ڪڙڪاٽ ڪيو زوم سان وھنديون رھيون. راتين جو رکي رکي ھڪ طرف کان ڪارونجھر ۾ ڪڪرن گجگوڙون ٿي ڪيون تھ ٻئي طرف کان انگريزن جي توفن جا منھن کلي ٿي ويا. ڇو تھ راڻن اڃا ھار نھ مڃي ھئي. ڪارونجھر جي ڳجھن ڦاڙن ۽ پورن ۾ اڃان ھزارين ڪولھي، ڀيل، راٺوڙ، سما ۽ کوسا تکيون ترارون ۽ اونچيون بندوقون کنيو پئي ڦريا. راتين جو رکي رکي، اوچتو ڪارونجھر جي ڳجھن ڦاڙن مان انگريزن جي چوڪين مٿان نھار واري رومڙ ٿي ڪيائون ۽ انگريزن جا سپاھي ماري، وري ڪارونجھر جي اونھن پورن ۾ گم ٿيو ٿي ويا. ڪارونجھر ۾ ٺڪاون مٿان ٺڪاو ھئا. ڀانءِ تھ ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ، يا ڪي توفن جا منھن کليا آھن. ڪٿي وڄ ڪري آ ڪي ڪنھن ڪولھيءَ بند ڇوڙي آ. م ڀانءِ تھ ڪارونجھر جي ڪور مٿان مور رڙيو آ، ڪي چوٽين مٿان ڪو جھونجھار جوڌو ڪارونجھر جي چوٽين مٿان ريھھ ڪري، ھيٺ گوڙڌرو جي ڦاڙ ۾ ڪريو آ. ائين ڪولھياڻين، رٻارڻين ۽ سوڍين جا من واساما کائيندا ڏرندا رھيا. راتاھا ھڻندڙ ڪولھين، انگريز فوج جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي ھئي. خبر ڪانھ ٿي پئي تھ اڄ ڪارونجھر جي ڪھڙي ڦاڙ مان حملو ڪندا؟ اڃا رات پئي ناھي، ڪولھين جي ٻيگھي مچي ويندي ھئي. انگريزن جي چوڪين مٿان اوچتو اچي ڪڙڪندا ھئا ۽ وسندڙ برسات ۾ گولين جا مينھن وسائيندا، وري ڪارونجھر جي اونداھن پورن ۾ گم ٿي ويندا ھئا. رات ھجي ڪي ڏينھن، ڪارونجھر ۾ اندر ڪير گھڙي. انگريزن کي سڄي ھندستان ۾ اھڙي بغاوت ۾ ڪارونجھر پھار جھڙي ڏکي جنگ ڪٿي بھ لڙڻي نھ پئي ھئي. ڪيپٽن ٽروٽ تي جڏھن سر چارلس نيپئر جو دٻنامو آيو، تڏھن جواب ۾ رڳو ايترو لکي موڪليائين: ”مون کي افسوس آھي، اسين ھتي ماڻھن سان نھ بلڪھ ھڪ خوفناڪ ٻرندڙ آتش فشان پھاڙ سان لڙي رھيا آھيون.“ ويچاري ڪيپٽن ٽروٽ کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ راڻن ۽ ڪولھين کي ڪھڙيءَ طرح قابو ڪجي؟
    ھڪ رات جھڙو ئي ڪولھين اوچتو حملو ڪيو تھ جوابي حملي ۾ انگريز توفن جا منھن کلي ويا. ڪولھين جا اٺ ڏھ جوان ڦان ٿي ڪري پيا ۽ ھڪ ڪولھيءَ کي جيئرو جھلي وڌائون. ھو ھڪ زخمي ساٿيءَ کي ڪلھي تي کڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو تھ مٿان ٽروٽ جا سپاھي رائفلن سان گھيري ويس. ان ڪولھيءَ پنھنجو نالو روپا ٻڌايو. ھن کي ھڪدم ننگر پارڪر جي فوجي ڪيمپ ۾ ڪيپٽن ٽروٽ اڳيان پيش ڪيو ويو. ڪيپٽن ٽروٽ نئون سگار دکائي، قيديءَ مٿان نھار وڌي. اھو ڪولھي، ھندن جي مقدس ڪتابن واري شري ڪرشن مھاراج وانگي قد جو ڊگھو ۽ ڳوڙھو سانورو ھو ۽ ارجن مھاراج وانگي اتل ۽ اڏول ٿي نظر آيو.
    ”ٽنھنجو نالو؟“ اھو ڪيپٽن ٽروٽ جو پھريون سوال ھو.
    ”روپا.“
    ”ٽون ڪنھن جي زور تي وڙھي رھيو ھئين؟“
    ”ھر ماڻھو پنھنجي طاقتور ٻانھن جي زور تي وڙھندو آھي.“
    ”مونجو مٽلب آ، تنھنجو پشت پناھ ۽ اگوان ڪير آ؟“
    ”ڪارونجھر جبل.“
    ”ٽون ڇا لا وڙھي رھيو ھئين؟“
    ”آئون پنھنجي پھاڙ، پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙھي رھيو آھيان.“
    ”ٽوکي خبر آ، ان جي سزا ڇاھي؟“ ڪيپٽن ڪڙڪ ٿيندي چيو.
    ”ھا – وڌ ۾ وڌ موت.“
    کن لاءِ ڪيپٽن ٽروٽ ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ٽيڏي نظرن سان روپي ڏانھن نھاريندو رھيو ۽ پوءِ ڪجھھ سوچي ھلڪو ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين:
    ”روپا، اسين ٽوکي مارن نٿا چايون. تون اسان کي رڳو راني لاڌو سنگھھ ۽ ساٿين جو پٽو ٻڌائي ڇڊ. ٽون جيٽري چونڊين، اسين ٽوکي اوٽري جاگير ڊينداسين.“
    ڪيپٽن ٽروٽ جي ڳالھھ تي ڪولھي ڪروڌ ۾ اچي ويو. نڪ جون ناسون ڦنڊائيندي چيائين: ”ھيءَ سڄي ڌرتي منھنجي آھي. تون ڪير ٿيندو آھين مون کي جاگير ڏيڻ وارو؟“
    ڪيپٽن ٽروٽ چئن سوالن ۾ قيديءَ کي سمجھي ويو. وڌيڪ سوال ڪرڻ بيڪار سمجھندي، سگار جو وڏو ڪش ھڻندي، سڄو سگار اتي ئي کڻي ايش ٽري ۾ اجھائي موڙي ڇڏيائين ۽ سپاھين کي حڪم ڏنائين تھ ھن کي بنديخاني ۾ قابو رکو. سپاھي ھٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون پھريل قيديءَ کي کنڀي کڻي ويا.
    ان ڏينھن سپاھي قيديءَ کي سچي ڪرائڻ لاءِ سڄو ڏينھن طرحين طرحين جون سزائون ڏيندا رھيا، پر ھن اف بھ ڪانھ ڪئي. ھو ھر تڪليف ڏند ڀيڙھي سھي ٿي ويو. ان رات سپاھين ڪيپٽن جي حڪم سان ڀوڏيسر جي ڳوٺ مان قيديءَ جي زال کي بھ وٺي آيا. ھوءِ ننڍي نيٽي عورت ھئي، ڇھن ستن مھينن جي گرڀِ سان. ھن کي ميري ڪاون جڙيل پولڪ ۽ وڏو گھيردار پڙو پھريل ھو. شايد مڙس جو ٻڌندي ئي ھوءَ مٿي ۽ پيرين اگھاڙي ھلي آئي ھئي، يا تھ سپاھين کيس جتي پھرڻ ۽ گندي اوڍڻ جي مھلت ئي ڪانھ ڏني ھئي. ھن جو رنگ، قد بت ۽ مھانڊا مڙس سان ايترو تھ مليا ٿي، ڄڻ جنم ئي ھڪ ٻئي لاءِ ورتو ھئائون. ھوءَ ذرو بھ ڊنل ڪانھ ھئي، البتھ پريشان ضرور ھئي. ڪيپٽن کي سندس ڀريل پيٽ، غريباڻي عاج جي ٻانھين ۽ سروپا ڏاڍا وڻيا. ھن ڏاڍي نماڻائيءَ سان عورت سان ڳالھايو:
    ”ڊس، اسين ٽنھنجي مڙس کي مارن نٿا گھرون. ٽون کيس پيار سان سمجھاءِ تھ انگريز سرڪار سان وفاداري ڪري. اسين ٽوکي ۽ ٽنھنجي مڙس کي ويراوا جي زمين ۾ انعام ڊينداسين. اڄ جي رات ڀلي تون ساڻس گڊ رھ. اوانجي ڪوٽريءَ ۾ ڪو ڪونھ اينڊو. ٽون ڀل انڊران ڪنڊو ھرين ڇڊجان.“
    پوءِ ھو ڪولھڻ کي باندي خاني ۾ وٺي آيو، جتي سندس مڙس زنجيرن ۾ جڪڙيل ھو. بند اندر ايندي ئي ڪولھڻ رتو ڇاڻ مڙس اڳيان کن لاءِ ٻاڪو ڦاڙي بيھجي وئي. سندس اٻاڻڪا نيڻ مڙس ۾ کپي ويا، سڄي اھمي ٿي وئي. ڀانءِ تھ اجھا ريھھ ڪري بيھوش ٿي ڪري پوندي. ڪيپٽن ٽروٽ سڀني سپاھين کي اک جي اشاري سان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ بھ ڪولھڻ ۽ قيديءَ مٿان آخري نھار ڦيرائيندو ٻاھر نڪتو.
    ”روپا...... ھي روپا.......“ ڪولھڻ جو ھانءِ ڦسي پيو. نڪو جيل ياد رھيس، نڪي کليل در، نھ ڪنڊا نھ ڳڙکيون. ڊوڙي دٻڪو ڪري وڃي مڙس کي ٻک وڌائين ۽ ٽاڙھون ڏئي روئڻ لڳي. ”ھي روپا..... ھي روڻيا...... ھي مھنڌرا.....“
    ”ڇو آئي آھين؟“ زنجيرن ۾ جڪڙيل رتو ڇاڻ روپئي ڏانھس ڪنڌ جھڪائي نھارڻ کان سواءِ چيو.
    ”روپا، توکي آخري ڀيرو ڏسڻ ائي آھيان. متان موتان ڪارونجھر جون ڪولھاڻيون کلائين، متان سچي ڪرين، نھ تھ پوءِ مان بھ ڦري ويندي سانءِ. پيٽ تي ھٿ ھڻي ڇونديس تھ ھي ٻار روپلي جو نھ، ٻئي ڪنھن جو آھي. روپا، متان سچي ڪرين!“ ڪولھڻ مڙس جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ منھن وجھيو، ڍڪون ڀريو روئيندي رھي. روپي پھريون ڀيرو ڪنڌ کڻي زال ڏي نھاريو. سندس ڀنڀن وارن ڏانھن، عاج جي ٻانھينءَ ڏانھن، اڀريل ڇاتين ۽ پيٽ ڏانھن. سندس رت رتول مک مرڪي پيو. ڪولھڻ باندي مڙس کي ٻک وجھيو چمندي، چٽيندي، روئندي رھي. ڪيپٽن ٽروٽ کن لاءِ بيٺو ڏانھن نھاريندو رھيو. پوءِ ھن پنھنجي ھٿن سان بندي خاني جو در ٻيڪڙيو ۽ وڏا وڏا قدم کڻندو پنھنجي آفيس ڏانھن ھليو ويو.
    صبح جا پھريان ڪرڻا ڪارونجھر جي سؤ رنگ چوٽين سان ٽڪرائيندا، ساري ڀونءِ کي روشن ڪندا ويا. ڪارونجھر جي چوٽين ۾ ڪڪر، آتش فشان جي دونھين وانگر ڦاٿل ھئا. جيئن شينھن سان کي سٽي، ٻنڌ ھڻي سڄو رت ست چوسڻ کان پوءِ وات ڪڍندو آھي، تيئن ڪارونجھر بھ ڪڪر جو پورو ست نچوڙي، کيس کوکلو ڪري پوءِ ڇڏيندو آھي. ان ويل بھ ڪارونجھر جي چوٽين ۾ ڪڪرن سان اھا ئي ڪار ھئي. ھر ڪڪر پنھنجو سمورو پاڻي ڀٽياڻيءَ ۽ گوڙڌرو جي ڀيٽا چاڙھيو ننگر پارڪر مٿان چئاڪا چئاڪا ٽمندو ڦٿڪندو ٿي ويو. مينھن کان پوءِ ڪارونجھر جو ڳاڙھو، ھيڊو، سائو، نيرو، ڪارو، ڀورو، ناسي، سنگ مرمر، مور پک کان بھ سھڻو ۽ پرڪشش لڳندو آھي. ھر من کي موھي ڇڏيندو آھي. ان ويل، ڪيپٽن ٽروٽ جو من بھ پھار ڪجھھ ائين ئي موھي ڇڏيو ھو. ايڏو خوبصورت پھاڙ تھ ھن پوري يورپ ۾ ڪٿي نھ ڏٺو ھو. ھن کي الائي ڇا ياد پيو. ھن پنھنجي ڪوٽ جي کيسي مان چمڙي جي جلد وارو نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجھھ لکيو: ”جيڪڏھن ڌرتيءَ تي ڪا جنت آھي تھ اھو فقط ڪارونجھر پھاڙ آھي ۽ جي ڪٿي ڪا دوزخ آھي تھ اھو بھ فقط ڪارونجھر پھاڙ ئي آھي ۽ مون کي سندس ٻنھين روپن سان پيار آھي. مون کي جي انھيءَ پھار کان جدا ڪيو ويو تھ يقينن آئون خوش نھ رھندس.“
    ڪيپٽن ٽروٽ اڃان ريزيڊنسي ھائوس جي خوبصورت آڳنڌ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو ڪارونجھر جو من موھيندر نظارو ڏسي رھيو ھو، جو سپاھي ڪولھڻ کي وٺي آيا. ٽروٽ گھريءَ گھور سان ڪولھڻ ۾ نھاريندي، ھلڪو ڪنڌ ڌوڻي ڪولھڻ کي سلام ڪيو.
    ”ڍاٽن ٽنھنجي ۽ ٽنھنجي مڙس جي وچ ۾ ڪيري گال بول ھلي؟ ٽو کيس سمجھايو؟“
    ڪولھڻ ٽروٽ ڏانھن اک کڻي نھاري بھ ڪين، ڪنڌ پاسيرو ڪيو ڪروڌ مان بيٺي چيائين: ”تو واريون ڳالھيون مون کي زاد ئي ڪونھ پيون. مون کي وسري ويون، ڪي الائي مون ٻڌيون ئي ڪين ھيون!“ ڪولھڻ ٽروٽ کي حيران پريشان ڪندي، لوھ پائي، ھيٺ لاھ:ءَ ڏانھن تکي وڌي، پر اٺ ڏھ پير ڀري اوچتو بيھي وئي ۽ ڏاڍي ڪروڌ مان نڪ جون ناسون ڦنڊائي، ٽروٽ ڏي نھارڻ لڳي:
    ”گورا، تون ڀل اسان جا مڙس مارائي ڇڏ! آئون بھ ڏسنديس تھ ڪارونجھر ۾ گھڻا ڏانھن ٿو جڃ ڪرين؟ ڪولھياڻين جا پيٽ اڃا سڪا ڪونھن. ڪٿي حلال ڪين حرامي ڦر ڄڻي اوانکي مارائي نھ وجھون. اھي ڀاڙيا لاڌو سنگھھ ۽ روپا ھئا، جن کان منگھواڻن جي ڇوڙن ۾ لڪي پاڻ کي بچائي ويو ھئين. اسان جا ٻار توکي نرڳ ۾ بھ ڪونھ ڇڏيندا. شاھ بيگڙي وانگي ڀڄي وڃ گورا، ڀڄي وڃ، مري ويندين.“
    ٽروٽ دنگ رھجي ويو. ڪولھڻ ڇوھ ڇنڊيندي، ڀريل پيٽ سان پڙو لمڪائيندي، ھيٺ لھي، ڀوڏيسر ڏانھن سٽيندي ٿي وئي.
    قيديءَ کي اونڌو ڪري چيلھھ ۾ ڇھا وھايا ويا. آڪيڙا چاڙھيا ويا، پر ھن ڪجھھ ڪونھ ٻڌايو. رات جو کيس بند جي لوھي دروازي سان شيخ ڪري ٻڌيو ويو. سندس ڳچيءَ ۾ تکن سوئن وارو ڦندو شيخن سان ڪشي ٻڌيو ويو، جيئن ھو ھڪ سوت بھ چري پري نھ سگھي ۽ سندس تارونءَ تان وارن جي چتي لاھي، سندس تارونءَ تي ميڻ بتي کوڙي وئي ۽ جيئن جيئن ميڻ بتيءَ جي وٽ ميڻ ڳاريندي ھيٺ لھندي ٿي وئي، ڪولھيءَ جو ٽامي جھڙو بت پگھرجندو ٿي ويو، پر اھڙو ڪڇي جھڙي ڀت! پر ڪيپٽن ٽروٽ شايد کيس وڌيڪ ايذاءُ ڏيڻ نھ پئي گھريو:
    ”منھنجي خيال ۾ ٽنھنجي زال جي پيٽ ۾ ٽنھنجو اھو پھريون ٻار آھي؟“
    ”ڇا توکي پنھنجي ننڊي ٻار ڏسڻ جي تمنا ڪاني؟“
    ”غلام ٻار کي ڏسي ڇا ڪندس، ڪھڙي خوشي ٿيندي؟“
    ”ھا – “ قيديءَ ٻڏل آواز سان وراڻيو.
    ”ڇا ٽون راني لادو سنگھھ جو غلام نھ ھئين؟“
    ”نھ، جي مان محسوس ڪريان ھا تھ لاڌو سنگھھ جو غلام آھيان تھ مان ان کي بھ گوليءَ مان ڪڍان ھا.“ ڪيپٽن ٽروٽ تھ ٺھيو، پر سپاھي بھ وائڙا بيٺا قيديءَ ۾ نھاريندا رھيا. پل پل ميڻ جي وٽ ڳرندي قيديءَ جي تارونءَ سان اچي لڳي ھئي. قيديءَ جي مک ۽ سڄي بت مان پگھر نيسارا ڪريو پئي نڪتو. اوچتو ڪيپٽن کان رڙ نڪري وئي:
    ”ٽون مانھون آھين يا جن! ڇا ٽون تڪليف نھ پيو محسوس ڪرين؟“
    ”قيديءَ جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو. ڏند ڏندن سان، چپ چپن سان ۽ اکين جا ڇپر اکين سان ڀچي ويا. شيخ ٿي ويو. دل ڏاريندڙ رڙ ڪري چيائين:
    ”تڪليف...... تڪليف....... الائي ڇا ٿيندي آھي تڪليف.....؟“ الاھي قيدي جي سھڻ جي طاقت ڇڏائي وئي ھئي يا جيئڻ جي، ھن جي ٽامي جھڙي وگھرندر طاقتور ڌڙ، زور سان ڌڌڙي ڀري ڦٿڪو کاڌو، ڳاٽ چرڻ سان سوئا ڳچيءَ ۾ ويھي ويس. سندس ھٿن پيرن جون زنجيرون زور سان کڙڪيون ۽ قيديءَ جو پگھر ۽ رت ھڪ ٿي ويا. ڪيپٽن ٽروٽ وٺي ڊوڙ وڌي. ميڻ جي وٽ، قيديءَ جو تارون وٺي ڇڏيو ھو. ھو شيخ ٿي ٿڌو ٿي ويو ھو. ٽروٽ جي ھانو ۾ ڄڻ بڻڇي کپي وئي. وات مان رڳو ايترو اڪليس: ”مون کي..... مون کي....... ڪھڙي خبر تھ ھي ڪو ايترو جھٽ.......“
    جڏھن ٽروٽ بندي خاني مان ٻاھر نڪتو تھ سڄو ڪارونجھر پڙاڏا پڙاڏا ھو. خبر نٿي پئي تھ ڪڪرن گجگوڙ ڪئي آ يا توبن جا منھن کليا آھن؟ وڄ چمي آ يا ڪولھين جي بندوقن جا ڇيرا اڏاڻا آھن؟ سڄو ڪارونجھر دونھان دونھان، آڳ آڳ لڳو پيو ھو. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٽروٽ کي احساس ٿيو تھ ڪابھ ڌاري قوم پرائي ڌرتيءَ تي وڌ ۾ وڌ پنجويھھ سال قبضو ڪري سگھي ٿي، پر ڪارونجھر شايد کين ٻارھن سالن کان بھ اڳي خالي ڪرڻو پوي.


    اسين ماڻھو

    ھو تکو ڪونھ ھلي سگھندو ھو. ھن جي کاٻي ٽنگ يا تھ ڪچيءَ کان ڌڏ مان نڪتل ھئي، يا شايد چنڊ گرھڻ ھيس. پر مان پڪ سان چئي سگھان ٿو تھ ھن جي ٽنگ ۾ مڙئي ڪو ڦير ھو، جو سندس ھلڻ جي لوڏ مان پيو لکائيندو ھو. سدائين جھڙو ٿڪل ٿڪل، اداس اداس، بيمارن وانگي، ڏس تھ قياس پيو اچي.
    ھو اسان جي گڊس آفيس ۾ سيل مئن (Sealman) ھو. عمر ڪا ٢٠-١٢ سان ھونديس. اٻوجھھ چھرو، ننڍو قد، بُت ۾ سڪل ۽ سنھڙو – پري کان ڏس تھ جھڙو چوڏھن سالن جو ڇوڪرو پيو اچي. سڄو ڏينھن پيو گڏھن وانگر وھندو ھو ۽ ڇڙٻون ۽ گاريون کائيندو ھو.
    ارڍ او نظامو کڍ بچڍ! جا، ايک آنڍ کا برف لڍ آ. ارڍ او سيل مئن! کڻاڻ مر گيا؟ يھ پئسڍ لو، فٽ سڍ دو لفافڍ لڍ آ.“
    اسان جي آفيس ۾ ٻيو ڪوبھ چپراسي ڪونھ ھو، تنھن ڪري سڀ ڪم ھن کي ئي ڪرڻو پوندو ھو. ھڪ ڪم مان جند آجي ٿيندي ھيس تھ ٻئي ڪم سان ڀڳو ويندو ھو.
    ”ابڍ او حرامي، کڻان مر گيا تھا؟ جا يھ ميمو دڍ آ. ”سي . ٽي . او“ کو، ايک ”وائڍ . ايف . او“ کو اور واپسي ميڻ ميرا کھانا ليتڍ آنا. ابڍ او مردود، يھ کيسڍ چلتا ڻڍ؟ جلدي جا، سالا ايک ميمو دينڍ ميڻ سارا دن لگا ديتا ڻڍ.“
    برسات پئجي رھي ھجي، آسمان مان باھ وسي رھي ھجي يا ڀلي طوفان برپا ھجي، ھو سڄو ڏينھن پيو يارڊ ۾ لنگڙ – لنگڙ ڪري ھلندو ۽ گاڏن ۾ ليبلون ٻڌي سيل ڪندو رھندو ھو. تان جو رات جا ڏھھ – يارھن وڄي ويندا ھئس.
    مون ڪئين دفعا ھن کي سندس ميرو ٽوال (جنھن سان ھو ڏينھن تتي مھل پنھنجو مٿو ڍڪيندو ھو) پيٽ تي سندرو ٺاھي ٻڌل ڏٺو ھو. جي کڻي پڇ تھ اڙي ھي پيٽ سان ٽوال ڇو ٻڌو اٿئي؟ تھ چوندو ھو: ”ايسڍ ڻي پيٽ ميڻ تکليف ڻڍ.“ ڪڏھن ڪڏھن تھ سڄو ڏينھن پيو پيٽ جي سور سان وٽبو ھو. الائي ڪھڙي بيماري لڳي ھيس جو ڏينھون ڏينھن ويو ٿي لڙھندو.
    مون سان مڙئي ياراڻي ھيس، سو جڏھن ڪا ڳالھھ پڇڻي ھوندي ھيس يا گھر کان آيل چٺي چپاٽي پڙھائڻي ھوندي ھيس تھ ٻين کي ڇڏي، منھنجو پاسو اچي وٺندو ھو. آفيس جي معاملن ۾ بھ مون سان کلندو ھو. ڪابھ ڳالھھ دل ۾ ھونديس تھ ڦري گھري اچي مون سان اوريندو ھو.
    ”بابو جي! يھ ريلڍ اوور ٽائيم کيوڻ نھيڻ ديتڍ ڻيڻ؟ ديکھو نا، صبح آٽھھ بجڍ آتا ڻوڻ، رات کڍ گياره بجڍ جاتا ڻوڻ!“ يا چوندو ھو: ”بھائي! يھ کھکھھ آئوٽ کڍ کيا معنيٰ ڻوتي ڻڍ؟ بڙا صاحب جب بھي مجھھ سڍ ناراج ڻوتا ڻڍ، کھتا ڻڍ کھکھھ آئوٽ کردونگا.“ ڪڏھن ڪڏھن ھو اھڙا سوال ڪندو ھو جو مون کي کل اچي ويندي ھئي ۽ ائين بھ ٿيندو ھو جو ھن جي ڪيترن سوالن جا جواب نھ ڏئي سگھندو ھوس.
    ھڪڙي ڏينھن ھو مون کي ڏاڍو خوش نظر آيو. انھيءَ ڏينھن پگھار جو ڏينھن ھو. الائي ڪنھن اھا ڳالھھ مٿي ۾ ويھاري ڇڏي ھيس تھ پگھار وڌي ويو آھي، سو ڏاڍو پئي ٽڙيو. چئي: ”بھائي! آج تو فلم ديکھيڻ گڍ! سنا ڻڍ ”ٽئڪسي ڊرائيور“ بڙي اچھي فلم ڻڍ.“ ۽ ڪجھھ دير کان پوءِ جڏھن پگھار وٺي آيو تھ ڄڻ ھٿ وڍائي آيو ھو. الائي ڪھڙن وسوسن ۾ پئي گھوتا کاڌائين. ”بھائي! يھ ميرڍ دو روپئڍ کيوڻ کاٽ ديئڍ؟ ميري تو سب حاجريان تھيڻ.“ مون کيس ٻڌايو تھ ٻن مھينن کان جو واشنگ الائونس ملي رھيو ھو، سو بھ ڪاٽي ورتو اٿن، پر ھن ويچاري کي ڪھڙي خبر تھ واشنگ الائونس ڪھڙيءَ بلا جو نالو آھي؟
    آفيس ۾ سڀني جو خيال ھو تھ ھن کي ٽي . بي لڳل آھي، تنھن ڪري آفيس جي مٽ مان پاڻي پيئڻ جي کيس منع ٿيل ھئي، پر مان پڪ سان چئي سگھان ٿو تھ ھن کي ٽي . بي يا اھڙي قسم جي ڪابھ ٻي بيماري لڳل ڪانھ ھئي. مان ئي ڇا، سڀني کي خبر ھئي تھ ھن کي ڪھڙي بيماري لڳل ھئي ۽ سندس بيماريءَ جو علاج ڇا ھو؟ پر اسان ڪڏھن بھ انھيءَ باري ۾ غور نھ ڪيو ھو ۽ اسين سڀئي ھن کي ڏس ڏيندا ھئاسين تھ ڪنھن سٺي ڊاڪٽر سان علاج ڪراءِ، نھ تھ مري ويندين ۽ اھا حقيقت آھي تھ جڏھن بھ آئون ھن جي پيٽ تي ميرو ٽوال ڏسندو ھوس تھ مون کي بھ ھن جي صورت کان پيو خوف لڳندو ھو. ڊپ اھو ٿيندو ھوم تھ متان پئسا نھ گھري، ڇو جو مون کان سواءِ ٻئي ڪنھن کان بھ اھڙي قسم جي حجت نھ ڪندو ھو. ”بھائي! آج تو بڙڍ جور کي بھوکھھ لگ رڻي ڻڍ! چار آنڍ دڍ دو، تنکا کڍ روج دڍ دوڻ گا.“ ھو اھڙي تھ مسڪين ۽ معصوم صورت بنائي ائين چوندو ھو جو ڪاوڙ جي بجاءِ ھن تي رحم اچي ويندو ھو ۽ اھي پئسا ھو پگھار جي ڏينھن ضرور موٽائي ڏيندو ھو.
    ھڪڙي ڏينھن اسان جي آفيس جو عملو جمعي جي نماز پڙھڻ ويو ۽ اسين ٻئي آفيس ۾ اڪيلا ويٺا ھئاسين. مون کي ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪونھ ھو، سو آفيس جي بينچ تي مزي سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙھيو، سگريٽ جا سوٽا پئي ھنيم ۽ اخبار بھ پئي پڙھيم. ھن پنھنجي منھن ويٺي ٻلٽين جي ڪتاب تي ٺپا ھنيا ۽ شوڪارا ڀريا. مون صحيح ڪيو تھ اڄ ڪا جٺ ٿي اٿس، پر منھنجي لاءِ اھا ڪا نئين ڳالھھ ڪانھ ھئي. ڀلا ڪھڙو ڏينھن خالي ھو جو ھن سان جٺ نھ ٿي ھجي؟ ھن پاڻيھي ڀڙڪو کاڌو:
    ”بھائي! اب تو اس نوکري سڍ جي کھٽا ڻوگيا ڻڍ. آج پھر بڙڍ صاحب نڍ چارج چھيٽ دڍ ديا ڻڍ. بھلا ميڻ کوئي پڙھا لکھا ڻوڻ جو روج روج بيٽھا چارج چھيٽ کا جواب لکھوڻ!“
    ”کس بات کا چارج چھيٽ ڻڍ؟“ مون پڇيو.
    ”آج بڙڍ بابو نڍ مجھڍ روئي کڍ بوروڻ ميڻ سوتڍ ديکھھ ليا. ديکھو نا، بھائي ميڻ بھي انسان ڻوڻ – صبح آٽھھ بجڍ کام پر آتا ڻوڻ، رات ڪو دس – دس، گياره گياره بجڍ جاتا ڻوڻ. تم اپنڍ ايمان سڍ کڻو، کبھي يھ لوگ مجھڍ چين سڍ بيٽھنڍ ديتڍ ڻيڻ؟ اور تو اور، آتبار کڍ روج بھي کام پھ آنا پڙتا ڻڍ. پھر بھي اگر کسي روج تھوڙا دير سڍ آجائوڻ تو يھ لوگ ڻجار باتيڻ سناتڍ ڻيڻ اور چارج چھيٽ تھما ديتڍ ڻيڻ – سچ، ميڻ تو روج روج کڍ جھگڙڍ سڍ تنگ آگيا ڻوڻ – سوچتا ڻوڻ نوڪري چھوڙ دوڻ.“
    ”اور کيا کرو گڍ؟“
    ھن منھنجي ڳالھھ جو ڪو جواب نھ ڏنو. الائي ڪھڙيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويو ھو. مان سندس گھريلو حالتن کان واقف ھوس. مان ئي سندس گھران آيل خط کيس پڙھي ٻڌائيندو ھوس. مون کيس چيو: ”پگلڍ! ايسا خيال کبھي دل ميڻ نھ لانا. نوکري بڙي مشکل سڍ ملتي ڻڍ اور پھر تم اکيلڍ تو نھيڻ ڻو، تمھارڍ پيچھڍ پورڍ سات افراد کھانڍ والڍ ڻيڻ، ان کا کيا ڻوگا؟“
    ”پھر يھ لوگ مجھڍ چين سڍ کيوڻ نھيڻ رڻنڍ ديتڍ؟“
    ”بھائي، تم نڻيڻ جانتڍ، ميڻ پڻلڍ ڻي کتنا دکھي ڻوڻ!“
    ھن پنھنجو ڪنڌ ميز تي جھڪائي، منھن تي ٻانھن ڏيئي ڇڏي. ھن ڳوڙھا ڪونھ ٿي ويا، ھن سڏڪا ڪونھ ٿي ڀريا، پر ھو روئي رھيو ھو. ھو ائين ئي روئندو ھو – سدائين پيو روئندو ھو.
    تنھن کان ٻئي ڏينھن ھڪ ضروري ڪم سان مون کي حيدرآباد وڃڻو پيو ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ جڏھن آئون صبح سوير آفيس پھتس تھ نظاموءَ جي جڳھھ تي ھڪ ٻئي ڇوڪري کي آفيس جون ميزون ڪرسيون صفا ڪندي ڏٺم. مون سوچيو ڪو نول ڀنگي آھي، ٻھاري ڏيڻ سان گڏ آفيس جون ميزون ڪرسيون جھاڙڻ بھ پنھنجي ڊيوٽي سمجھي ٿو. سو، ڌوڙ کان بچڻ لاءِ آئون آفيس کان ٻاھران ٽيلار ڪرڻ لڳس.
    اھا مون کي پوءِ خبر پئي تھ نظاموءَ کي ڊسچارج ڪيو ويو آھي. ھن ڪنھن واپاريءَ کان سيل لڳائڻ جا پئسا گھريا ھئي ۽ ھن جون ٻيون بھ گھڻيون ئي شڪايتون ھيون، تنھن ڪري کيس نوڪريءَ کان خارج ڪيو ويو ھو.
    جڏھن مون افسوس جو اظھار ڪيو تھ اسان جو ھڪ بابو صاحب ڪاوڙجي چيو. چئي: ”ارڍ تم نڻيڻ جانتڍ وه سالا کتنا حرامي ڻوگيا تھا. مياڻ، وه ھم تم سڍ زياده کما ليتا تھا. خدا کي قسم! سيل لگانڍ کڍ لئڍ ايک روپئڍ سڍ کم نڻيڻ ليتا تھا!“
    مون چيو: ”کھاڻ يار! وه بيچاره تو سارا دن بھوکا مرتا تھا.“
    انھيءَ تي منھنجي ھڪ ٻئي ساٿيءَ بل کاڌو:
    ”ارڍ تمڻيڻ کيا معلوم! وه تو سالا ميري لوڊنگ کڍ پيسڍ بھي کھا جاتا تھا. جو نيا بيوپاري آتا، اس سڍ کڻتا پئسڍ نکالو تو تيرا مال جلدي گاڙي ميڻ بھجوا دوڻ گا. جبھي تو مبين سالڍ سڍ جلتا تھا. سالا حرامي، ڪمذات.“
    اتي اسان جي ھڪ پنجابي بابوءَ کان بھ نھ رھيو ٿيو. ھڪدم چيائين: ”اجي، اس دي گل کي کردڍ ڻو. او تڍ ساڊا بھي باب بنگيا سي! مينوڻ کڻدا سي، بابو جي! تسي اتنڍ پئسڍ کماندڍ ڻو، کدي سانون بھي چائڍ پاني کرانيڻ! ميڻ سالڍ دڍ مون تڍ چٽاخ سڍ چاٽا ماريا تڍ سالڍ دا مون ئي لال ڻوگيا. سور دي اولاد!“
    انھيءَ ڳالھھ تي ٽھڪڙو مچي ويو. سڀني نظاموءَ کي گاريون ڏئي پيئي خار ڪڍيا.
    وري ھو مون کي ڪڏھن بھ ڏسڻ ۾ نھ آيو. ھا، سندس وڃڻ کان پوءِ جلد ئي ھن جو ھڪڙو خط مون کي مليو، جو اڃا تائين مون وٽ رکيو آھي. چوندا آھن تھ پرائو خط پڙھڻ اخلاقي جرم آھي، پر مان توھان کان لڪايان نٿو. ھن جو خط مون پڙھيو آھي. ھونئن بھ، ھن جا خط مان ئي کيس پڙھي ٻڌائيندو ھوس. شايد انھيءَ ڪري ھن جو خط پڙھندي منھنجي ضمير مون کي ڪا ملامت نھ ڪئي. اھو خط مان توھان کي بھ ٻڌائڻ چاھيان ٿو. گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھھ ڪانھي. مان توھان کي يقين ڏياريان ٿو تھ انھيءَ خط ۾ اھڙي ڪابھ ڳالھھ ڪانھي، جنھن کي توھان جو ضمير ٻڌڻ لاءِ آمادھ نھ ٿئي. ھي ھڪ ماءُ جي ڏنگن ڦڏن اکرن سان لکيل، ھڪ سڌو سادو خط آھي – اسان جي ملڪ جي ڪروڙن انسانن جي ھڪ درد ڀري ڪھاڻي آھي، جنھن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. پر انھيءَ باري ۾ ڪڏھن بھ غور نٿا ڪريون. نظاموءَ ڏانھن سندس ماءُ جي لکيل انھيءَ خط جي عبارت ڪجھھ ھن طرح آھي:
    ”نور چشم نظام الدين، خدا توکي سلامت رکي!
    ھن کان اڳ بھ ھڪ خط توکي موڪلي چڪي آھيان، پر تو انھيءَ جو ڪوبھ جواب نھ ڏنو. ھتي آئون سخت پريشان آھيان. تنھنجي ننڍڙي ڀاءَ جي طبيعت سخت خراب آھي، مدي جو بخار ٿي پيو اٿس. ڊاڪٽر چوي ٿو تھ سيون لڳنديون، نھ تھ...... مڪنھنجو تھ ھينئون ٿو ڦاٽي! مٺا پٽ، ڪيئن بھ ڪري، اڌارا سڌارا وٺي ويھھ رپيا موڪل. بيماري جدا تھ گھر جو وري ھي حال آھي جو شام لاءِ اٽو بھ ڪونھي. دڪان واري اڌاري ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي. ٻيو تھ ھن واري مڙئي ڪفايت سان ھٿ ھلائجانءِ. رڳو دڪان واري جا ئي پنجيتاليھھ روپيا ٿي ويا آھن. تنھن کان سواءِ ٻي گھڻيئي ڏيڻي – وٺڻي آھي. تنھنجي وڏيءَ ڀيڻ جو چولو صفا ڦاٽي ليڙون ٿي ويو آھي، ھن کي ڏسي تھ منھنجو اندر ٿو کامي. تنھنجي چاچي بھ مون سان مائٽي ڇني وڃي ڌارين سان ناتو ڳنڍيو آھي. ڀلا پاڻ غريبن جي نياڻي کين ڪيئن پسند ايندي! ٻيو تھ اڳئين خط ۾ تو لکيو ھو تھ تنھنجي طبيعت ٺيڪ نھ آھي. انھيءَ ڏينھن کان منھنجو سک ڦٽي ويو آھي. مٺا پٽ، اڄڪلھھ جي بيماري تمام خطرناڪ آھي. پنھنجي دوا دارونءَ جو خيال رکجانءِ ۽ توکي ڏٺي ڏاڍا ڏينھن ٿي ويا آھن، جو جيڪڏھن پگھار نھ ڪٽجي تھ ڪڏھن اچي منھن ڏيکاري وڃ. ھاڻي تنھنجي لاءِ روح ڏاڍو ٿو سٽون کائي. پنھنجي صحت جي باري ۾ ضرور لکجانءِ تھ منھنجيءَ دل کي ڏڍ ٿئي. ٻيو ھي تھ توکي ڪوارٽر ڪڏھن ملندو؟ مٿينءَ ڳالھھ جو خيال رکجانءِ ۽ ھن خط کي تار سمجھي، ويھھ رپيا ڪيئن بھ ڪري موڪلجانءِ. خدا تنھنجي روزگار ۾ برڪت وجھندو. – فقط تنھنجي ماءُ......“


    چنڊ ۽ ماني

    تڏھن مان تمام ننڍڙو ھوس. مون کي اڄ بھ چٽيءَ طرح ياد آھي، ھڪ ڏينھن منھنجي ماءُ ڏاڍي پريشان ھئي. مان صبح کان بکايل ھئس. اسان جي گھر جو سمورو راشن کٽي ويو ھو. صبح جو امان مون کي ھڪ پاروٿو مانيءَ جو ٽڪر ٻڪريءَ جي ٻاڙي کير سان ڏنو ھو ۽ مٿان اچي شام پئي ھئي. منھنجي پيٽ ۾ بک کان وڍ پئجي رھيا ھئا. امان مون کي پاڙي واريءَ ڏانھن اڌاري اٽي لاءِ موڪليو ھو، پر اتان بھ جواب مليو ھو. امان سڄو ڏينھن پنھنجين مٺڙين ۽ لطيف ڳالھين سان منھنجي دل وندرائيندي رھي، جن سان ٿوريءَ دير لاءِ منھنجي بک جو احساس ڪجھھ گھٽجي ويو. پر ڪڏھن ڳالھين سان بھ پيٽ ڀرجي سگھيو آھي؟ چاھي انھن ۾ ماکيءَ جي ميٺ ھجي يا ڪيتريون ئي لطيف ھجن، انھن سان پيٽ نٿو ڀري سگھجي. پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ تھ صرف ماني درڪار آھي، صرف ماني. جا منھنجي ماءُ وٽ نھ ھئي. منھنجي بک رکي رکي اوچتو شدت اختيار ڪري ٿي وئي. ڄن اوچتو ڪنھن دھل تي ڏونڪو ھڻي ٿي ڇڏيو. منھنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ٿي ويو. نيٺ مان رھي نھ سگھيس ۽ ماءُ جي چولي سان چنبڙي پنھنجي دل جو حال اوريم. ”امان مون کي بک لڳي آھي.“ امان منھنجي وارن تي ھٿ ڦيريو ۽ چيائين: ”مران شال، ھاڻ ڇا ڪيان؟ دڪان واري بھ اڌار ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي.“ امان پنھنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. اوچتو ھن ڪجھھ سوچيندي چيو: ”ھلي آ پٽ تھ پنھنجو گھر ڳوليون، شايد ڪٿي پئسا رکي ڀلجي وئي ھجان.“ پوءِ تھ بس – مون ۽ امان سڄو گھر ڦٿوڙي ڇڏيو. ڪٻٽ، جارا، پيتيون، ھڪ ھڪ ڪري اٿلائي ڏٺاسين، پر ڪٿان ھڪ پائي بھ نھ ملي. امان ٿڪجي اچي موڙي تي ويٺي ۽ مان بھ سندس سامھون اچي کٽ تي ليٽي پيس. اوچتو امان کي ڪا ڳالھھ ياد آئي ۽ چوڻ لڳي: ”اڙي! ھڪڙي جڳھھ تھ پاڻ ڀلجي وياسين! وھنجڻ جي ڪمري جو جارو تھ پاڻ ڏٺو ئي ڪونھ!“ پوءِ تھ مون وٺي امان جي پٺيان ڊوڙ پاتي، ڄڻ اتي روپين جو مينھن وسي رھيو ھجي. امان جلديءَ سان جاري ڏانھن ھٿ ڊگھيريو. خوشيءَ کان ھن جي وات مان رڙ نڪري وئي. ڄڻ ھن کي قارون جو خزانو ملي ويو ھجي. ”ملي ويا.“ مون تيزيءَ سان امان کان پئسا ڦرڻ لاءِ ھٿ وڌايا، پر امان مون کي روڪي ڇڏيو ۽ چيائين: ”نھ ڀائي، ائين نھ، پھرين ٻڌاءِ گھڻا پئسا آھن منھنجي مٺ ۾؟“ اھي پئسا امان اڃا پاڻ بھ نھ ڏٺا ھئا. ”روپيو.“ مون خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
    ”غلط“
    ”اٺ آنھ.“
    ”نھ“
    ”ڀلا ٻھ آنھ.“
    ”نھ“ ۽ جيئن جيئن انھن پئسن کي ڏسڻ لاءِ منھنجي بيچيني وڌندي ٿي وئي، تيئن تيئن منھنجو واڪ گھٽبو ٿي ويو.
    ”آنو.“ مون آخري واڪ ڏنو. امان ھڪدم پنھنجي مٺ کولي ڇڏي. اسان ٻنھي ماءُ پٽن جي واتان رڙ نڪري وئي، ”چار آنھ.“
    پر ٻئي لمحي اسان جو آواز ڪمري ۾ ھڪ اداس پڙاڏو ڇڏي ٻڏي ويو. اسان ٻنھي ماءُ پٽن جون اکيون ڦاٽل رھجي ويون. اھا پائلي ڪوڙي ھئي. ڪٽيل زنگ آلود، پر منھنجي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. چيم، ”امان! ھلي ويندي، آچر جي ماءُ انڌي آھي. شام جو دڪان تي اھا ئي وھندي آھي. انھيءَ کي ڏيندس.“
    ”ھشت ڪنا ڇوڪرا.“ امان ڪاوڙ مان چيو: ”اسڪولي ٻار ٿي اھو نيچ خيال تنھنجي دل ۾ ڪيئن آيو؟ ڇا توکي خبر نھ آھي تھ ڪنھن کي دوکو ڏيڻ گناھ آھي؟“ مان ڦڪو ٿي ويس. امان ٻانھن جي پوري طاقت سان اھا پائلي ٻاھر اڇلائي ڇڏي.
    مان وري اچي کٽ تي ليٽيس. امان ڪنھن گھري سوچ ۾ ٻڌل ھئي. ھوءَ ڪمري ۾ ھڪ ڀت کان ٻي ڀت تائين اچ وڃ ڪري رھي ھئي. جيئن اسان جو ماستر حساب ڏين مھل ڪلاس ۾ اچ وڃ ڪندو ھو. امان جي چھري تي ھڪ عجيب تاثر ھو. ڄڻ ھوءَ ڪو وڏو مسئلو حل ڪري رھي ھجي. ھن جا قدم ڪڏھن تيز ٿي ٿي ويا تھ ڪڏھن آھستي. اوچتو امان ڪنھن جو آواز ڪنائيندي بيھي رھي ۽ چيائين: ”وڃ پٽ! انھيءَ گھورڙئي کي وٺي آ.“ مون ڪنايو ـــــــــــــ اھو آواز پراڻا ٽامي ۽ پتل جا ٿانو وٺڻ واري گھورڙئي جو ھو. مون کيس وٺي آڻي گھر جي دروازي تي بيھاريو.
    ”ڀائي! ھن وٽي جا گھڻا پئسا ڏيندين؟“ امان در جي اوٽ مان وٽي وارو ھٿ ٻاھر ڪڍي چيو. گھورڙئي جواب ڏنو: ”اٺ آنھ.“ امان ھڪدم چيو: ”ڀائي! ڪجھھ خيال تھ ڪر ـــــــــ نئون ڪورو وٽو آھي.“ گھورڙئي وٽو موٽائي، پنھنجو گاڏو وڌائيندي چيو: ”مائي، اڄڪلھھ مھانگائيءَ جو زمانو آھي. ٽامي، پتل کي ڪير ٿو پڇي؟“ امان ڪجھھ دير تھ منجھي بيھي رھي. پوءِ مون ڏانھن غور سان نھاري پيار سان مٿي تان ھٿ گھمائي چيائين: ”ڊوڙ پٽ، انھيءَ گھورڙئي کي وٽو ڏئي اٺ آنھ وٺي دڪان تان اٽو وٺي اچ تھ توکي ماني پچائي ڏيان.“
    ٻئي لمحي منھنجي ھٿ جي تري تي ھڪ آڌي ستاري وانگر چمڪي رھي ھئي. مان پوريءَ طاقت سان مٺ ڀيڙي دڪان ڏانھن ڊوڙيس. اڃان مان دڪان پھتو ئي مس ھئس تھ آچر دڪان بند ڪري رھيو ھو.
    ”سير اٽو ڏي.“ مون ھٿ واري آڌي وڌائي کيس چيو.
    ”پڻھين پئسا موڪليا آھن ڇا؟“
    ”ھا.“ منھنجي وات مان نڪري ويو. آچر يڪدم منھنجي ھٿ مان آڌي وٺي چيو: ”وڃ! پھرين گھران منھنجا پئسا وٺي اچ، پوءِ اچي اٽو وٺ.“ مون کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. مون ڪجھھ چوڻ چاھيو ٿي، پر منھنجي چپن تي ڄڻ مھر لڳي وئي ھئي. مان لاچار خالي ھٿين موٽي آيس.
    امان منھنجو لٿل منھن ۽ خالي ھٿ ڏسي گھٻرائجي پڇيو: ”ڇو پٽ! اتو ڪٿي آھي؟ پئسا ڪري پيا ڇا؟“
    ”نھ، آچر ڦري ورتا.“ مون روئڻھارڪو ٿي چيو.
    ”اڙي انھيءَ ۾ روئڻ جي ڪھڙي ڳالھھ آھي. ھن جا تھ اڃان پاڻ ڏانھن پئسا آھن.“
    ”امان مون کي بک لڳي آھي.“ مون ڳوڙھا روڪڻ جي ڪوشس ڪندي چيو.
    ”بس ڳالھھ بھ ايتري. ھلي آ تھ پنھنجي پٽ کي بوندي ڏيان.“
    ”بوندي ڪٿان آئي؟“
    امان چيو: ”پٽ! سليم کي ڀاءُ ڄائو آھي، انھن ورھائي آھي.“
    پوءِ امان ھڪ ساسر ۾ بوندي رکي ۽ گلاس ۾ ٻڪريءَ جو کير وجھي منھنجي اڳيان آڻي رکيو، پر اھا ٿورڙي بوندي ۽ کير منھنجي سڄي ڏينھن جي بک اجھائڻ لاءِ ڪافي نھ ھئا.
    شام جا دونھاٽيل ڌندلڪا پاڇا گھرا ٿيندا رات جو روپ ڌاريندا ويا. ڪٿان ڪٿان ڪڪرن جي ڪارن تھن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ تارو ٽمڪي پنھنجو نور نچوئي رھيو ھو. امان چيو: ”پٽ! رات پئجي وئي آھي. ھاڻ اچ تھ توکي ننڊ ولايت جي ڪھاڻي ٻڌايان.“ پوءِ مان ۽ امان پنھنجي کٽ تي اچي ليٽياسين. امان پنھنجي ٻانھن منھنجي سيرانديءَ ڏيئي مون کي ننڊ ولايت جي ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳي، جتي ماڻھو ڇھھ مھينا سمھندا ۽ ڇھھ مھينا جاڳندا ھئا. مون امان جي ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽيندي چيو:
    ”امان! اھي ماڻھو ڇھھ مھينا ڪيئن سمھي سگھندا ھئا؟ ڇا کين بک ڪانھ لڳندي ھئي؟“ امان مون ڏانھن غور سان نھاريو ۽ مرڪي چيائين: ”ھا! انھن کي بک ڪانھ ھئي. تون ماٺ ڪري ڳالھھ ٻڌ.“
    ”مون کي بک لڳي آھي.“ مون ضد ڪيو.
    امان جون اکيون اونداھي آسمان ڏانھن کڄي ويون، ڄڻ ھن جون نظرون ڪجھھ تلاش ڪري رھيون ھجن ۽ ھن انتھائي ڀريل آواز سان چيو: ”ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آھي؟ پاڻ غريب آھيون. پنھنجي مانيءَ جو حساب چنڊ وانگي آھي. ڪڏھن چوٿو، ڪڏھن اڌ، ڪڏھن سڄي تھ ڪڏھن آھي ئي ڪونھ.“ مون اونداھي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ اگھور ننڊ ۾ پئجي ويس.


    علي بابا جي ڪھاڻي

    ڪراچي وڃڻ لاءِ، ٽويوٽا جي پوئين سيٽ ملي وئي اٿس. سڄي ڄمار ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي مرضيءَ جا دل گھريا ڪپڙا پاتا اٿائين ۽ سلائي بھ دزريءَ دل تي ڪئي اٿس. وڏي ڪالر سان ھلڪو نيرو بش ڪوٽ، اڇي ٽئٽران جي بيل باٽم پينٽ، نئون ڪارو پنجھتر روپين جو چائنا بوٽ، نوان جوراب، بريف ڪيس ۾ بھ اھڙو ئي خوبصورت جوڙو ۽ ساڍا ست سؤ روپيا. کيسي ۾ گولڊ ليف جو پئڪٽ. مڙس ڏس تھ ڪپڙن ۾ نھ پيو ماپي. ڏاڍو پيو پاڻ کي ھلڪو ۽ ايزي محسوس ڪري. وري جو ڪمند جي رس جو گلاس پيتائين تھ ھانءُ ٺري پيس. بود ۾ اچي ويو، ڀائين تھ بس ۾ جھڙس ڪو آھي ئي ڪونھ. ڏاڍي ٽانءِ مان سگريٽ دکائي لڳو آھي ڇڪڻ.
    اڳي سدائين آفيس جي ڪمن ڪارين سان ڪراچي ويندو ھو تھ سدائين اٻالو. جي کڻي ڪپڙا نوان ۽ ڌوٻي جا ڌوتل تھ بوٽ ڇنل. ھلي تھ لوڏ ئي ڦريو وڃينس. وري کيسي ۾ پئسا ايترا جو راھ ھلندي، عورتن کي تاڻيندي جي ڪنھن گھومو عورت کان لفٽ ملي وڃينس تھ کيسي ۾ ايترو ڏوڪڙ نھ ٺھيس جو کڻي ڪنھن ھوٽل ۾ چاڙھيس يا فلم ڏيکارڻ جي صلاھ ھڻيس. بس سکڻو ڏسندو تڙپندو رھجي وڃي.
    اڄ نڪتو آھي عيش ڪرڻ، چئن ڏينھن جي ڇوٽي وٺي. سڄي عمر جي ناڪامين جون باھيون ڪڍڻ. ”پھريون ھوٽل وڃي ڪمرو وٺندس. ڊبل بيڊ روم، ھوٽل مئنيجر کي ٺاھي ڇڏيندس. لکائيندس پنھنجو ۽ پنھنجي زال جو نالو. پوءِ سڙڪن تي ڳوليندس ڪا ٺاھوڪڙي زال. گھمائيندوسانس ھل پارڪ. سندس چيلھھ ۾ ھٿ پئي، ھڻندس ايلفيءَ جا چڪر. ڪراچيءَ ۾ اھڙيون گھومو عورتون کوڙ ملي وينديون آھن. ڪابھ عورت جي ھڪڙي ڀيري مون سان ريجھي تھ پوءِ يار ٿي ويندي. بس ماڻھوءَ ۾ رڳو ٽئلينٽ ھئڻ گھرجي ۽ مٿئين خرچ لاءِ پئسو، پوءِ تھ لئي آھي.“ من ئي من ۾ پروگرام پيو ٺاھي ۽ گھڙيءَ گھڙي ڇڙواڳ وارن کي ڄمائڻ لاءِ، مٿي تان ھٿ پيو گھمائي. ھن واري حجام وار بھ اھڙا ئي ڪٽيا اٿس، جھڙا وڻندا اٿس. بلڪل فيس تي ٺھڪندڙ وڏا وڏا، بلڪل نيچرل.
    اڳينءَ سيٽ تي ٻھ برقعا پوش عورتون ويٺڪ آھن. انھن سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا بھ آھن. کانئس اڳين سيٽ تي ھڪ ٺاھوڪڙي مھاجر عورت وپيٺي آھي. کيس اڇو رنگا رنگ سنڌي ڀرت ڀريل چولو ۽ اڇي وڏ پائنچي واري سلوار پھريل آھي. ”اڳي تھ اسان جي وڏي پائنچي تان کلنديون ھيون. ھاڻ ڏس تھ پاڻ لڦ لڦ ڪنديون ڇاپاڪ ھڻنديون گھمن.“ عورت جو چوٽو گھاتو ۽ پٺي ويڪري آھي. جڏھن ڪنڌ ورائي، ڀر ۾ ويٺل مڙس سان ڳالھائي ٿي تھ ڳٽا ٻٽا ڏسيو وٺيس. اک کي وڻيس پئي. ڀايس ٿو تھ سفر سھڻو نبرندو. ”بس رڳو ٻھ سواريون اچي وڃن تھ ويگن ھلي. ھينئر ساڍا ٽي ٿيا آھن، ڇھين وڳي ڪراچيءَ ۾ ھوندس. پھرين ڳوليندس ھوٽل جو ڪمرو ۽ پوءِ پرديسي پکي.“ سگريٽ جا سوٽا ھڻندي پير پيو سوري تھ باقي ٻھ سواريون اچي وڃن.
    سندس ڏسندي ئي ڏسندي ٻھ عورتون ويگن ۾ داخل ٿين ٿيون. اڳيان ھڪ گوري گوري، سئين مھانڊين، چاليھارو سالن جي صحتمند عورت آھي ۽ ان جي پٺيان ٽيھارو سالن جي آڙاھ سھڻي عورت. قداور، ڪڻڪ رنگي حاملھ عورت. لڳي ٿو اٺن مھينن جو گرڀ ھوندس. ڌڙ تي ويڙھيل اٿس ھلڪي نيري نائلون جي ساڙھي. نيڻن ۾ مامتا جو موھ ۽ گھراڻ، پيٽ وڏو وڏو، گول گول، ايڏو وڏو جو اندر وارو ٻار ان ۾ آسانيءَ سان بولاٽيون کائي تڙپي سگھي. پيٽ جي ٻوجھي کان ڳلن تائين پگھر پيو ڳڙيس ۽ ساھ ڦوڪيل. وڏي ڏکيائينءَ سان ٿي آھي ويگن ۾ داخل. ڀائين ٿو، عورتن جي اچن ڪري پوئين سيٽ تان اٿڻو پوندس، پر ٻئي عورتون ڏاڍيون فاورڊ نڪتيون. بنا ڪنھن ھٻڪ جي سندس ڀر ۾ ويھي رھيون. وچين سيٽ سٺي ۽ آرام واري ھئڻ ڪري، وڏي عورت گرڀ واريءَ کي ان تي ويھڻ لاءِ چيو، جا مٿانھس اڇاتري لڄوڙي نھار ڦيرائيندي، سندس ڀر ۾ ويھي وئي ھئي. ويھڻ مھل وات مان دٻيل چنگھھ نڪري وئي ھيس ۽ ھوءَ رومال سان منھن تان پگھر اگھندي، ڦوڪيل ساھن سان سيٽ کي ٽيڪو ڏئي، لڳي ھئي ڦوڪيل ساھ جائتو ڪرڻ.
    گرڀ واري عورت جي پاسي ۾ اچڻ سان نوجوان جي حالت ئي غير ٿي وئي ھئي. ھڪ تھ پوري حياتي ۾ ڪا عورت سندس ايڏو ويجھو نھ آئي ھئي، ٻيو تھ ھيءَ عورت ڪيڏي نھ حسين ھئي. کن لاءِ نوجوان گھرن گھرن نيڻن جي تصور ۾ لڙھي ويو. اکيون ايڏيون اونھيون، ايڏيون اونھيون جو نھار تھ گرڀ ۾ ستل ٻار بھ نظر اچي وڃي ۽ بدن مان نڪريس پئي اڻ لکي بوءِ. اھڙي بوءِ، جھڙي ڪنھن گل، ڪنھن ڦل جي خوشبوءِ ۾ ڪانھي. جا رڳو ڪنھن گرڀ وتي عورت جي ديھھ مان اڌما کائي نڪري سگھي ٿي. پاگل بنائي ڇڏڻ واري بوءِ. سوچي ٿو: ”گرڀ ٿيڻ کان پوءِ عورت جي اندر جي سونھن ڪيڏو نھ نکريو اچي. نيڻن مان، ڳلن مان، ڪلھن مان، ڇاتين مان، ٻانھن مان، ڪکن مان، پولھھ مان، وار وار مان، چمڙي جي پور پور مان، ساھ ساھ مان سندس مامتا جھلڪيون پائيندي آھي. جيئن پاڻيءَ مٿان سج جا اولڙا. ان عورت جو ڀر ۾ ايندي ئي ھڪ اڃاتل، ھانءُ ٺاريندڙ آسيس پيو محسوس ڪري.
    پنھنجو منھن ڪيو ويٺو آھي. نٿو نھاري عورت ۾. ڊڄي ٿو متان گھڙيءَ گھڙيءَ ائين گھور وجھي نھارڻ ڪري سيٽ نھ بدلائي ۽ انھن اڍائي ڪلاڪن جي ان حسين سفر کان محروم ٿي وڃي. عورت سندس ايڏو تھ ويجھو ويٺي آھي جو نھارڻ کان سواءِ کاٻي اک جي پاسي کان ڏسيس پيو. پنھنجو منھن ڪيو ويٺو آھي. عورت جي بدن مان ايندڙ بوءِ ۾ ٻڏاڻو. اچانڪ محسوس ڪري ٿو تھ عورت کي سندس سگريٽ جو دونھون نھ پيو وڻي.
    ”معاف ڪجو، آئون سگريٽ اجھائي ٿو ڇڏيان.“ ۽ ان کان پھرين جو عورت ڪي ڳالھائي، سگريٽ پير ھيٺان چيڀاٽي اجھائي ڇڏي ٿو.
    ”مھرباني!“ عورت ڏانھس ٿورائتي نظرن سان نھاري مرڪي ٿي پوي. مرڪ سان اندر ۾ ڊوڙي وڃينس ٿي، خوشيءَ جي ھڪ اٿاھ لھر. ايڏي خوشي، ايڏي خوشي، جيڏي اڳي ڪڏھن بھ محسوس نھ ڪئي ھئائين. ”آواز، ڪيڏو نھ مٺو اٿس. ڄڻ اندر ۾ ڀريل اٿس راڳڻيون، جن کي ڇيڙي ويٺو گرڀ ۾ ليٽيل ھڪ ننڍاکڙو ٻالڪ.“
    ”اوھان کي اڳيان ويھڻ کپندو ھو.“ بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڳالھائي ٿو ويھي. عورت سندس ان اوچتي جملي تي ڪي پل ڳاڙھي کھنبي ٿي وڃي ٿي.
    ”جي نھ، سپر ھاءِ وي تي جمپ ڪونھ اچي.“
    عورت مرڪ لڪائيندي، دٻائيندي، پنھنجو منھن ڪري ٿي ويھي. ”الا ڪيڏو اٿس کيپ اکين ۾.“
    اچانڪ محسوس ڪري ٿو، ويگن روڊ کي چيريندي اڏاڻي ٿي وڃي. ڄامشوري جي پل، ڦاٽڪ ڪيئن گذري ويا؟ ڪل بھ ڪانھ پيس. سڄي دنيا کان ڪٽجي، ڀر ۾ ويٺل گرڀ وتي منڌ جي ڪامڻي دڙ ۾ اڙجي ويو آھي، جا ويگن جي لوڏن تي ڄڻ جھومندي ٿي وڃي. من چاھيس ٿو ان عورت سان ايئن ڳالھائيندو وڃي، انت گھڙيءَ تائين ھي رستو نھ کٽي.
    اچانڪ خيال ٿو اچيس: ”ڪيڏو نھ سٺو ھجي ھا جي ھيءَ عورت منھنجي زال ھجي ھا. ان جي گرڀ ۾ اھو ٻار منھنجو ھجي ھا. جڏھن ھھڙي سھڻي زال ھجي، ھھڙي ڀاري ڀاري پيٽ سان ۽ سڀ ماڻھو ڄاڻندا ھجن تھ زال مڙس پيا وڃن تھ شھر جي سڙڪن تان، پارڪن مان، ھٿ ھٿ ۾ ڏئي گھمڻ ۾ ڪيڏو نھ مزو اچي. اھا ڪھڙي لذت ھوندي؟ آئون نٿو ڄاڻان. اھڙو اندازو لڳائڻ مون لاءِ ناممڪن آھي. مون اڄ تائين ان پھنجائپ کي محسوس نھ ڪيو آھي ۽ ھينئر ــــــــ جڏھن ھيءَ عورت منھنجي ناھي، نھ ئي ان جي پيٽ وارو ٻار منھنجو آھي ۽ نھ ئي آئون ان عورت کي ڇھي سگھان ٿو، تھ بھ آئون ڪيڏي آسيس ۽ فرحت پيو محسوس ڪريان. ان ھڪ گھڙيءَ جي قرب تان تھ جيڪر سڄي حياتي گھوري ڇڏجي.“
    اچانڪ ڪنھن اٻھريءَ ڇڪ کان، منھن ورائي عورت جي ڀرپور ڪلھي تائين اگھاڙين ٻانھن ڏانھن نھاري ٿو. ڳوري ڳوري ٻانھن، لسڙي لسڙي، نرم نرم، جنھن تي ڪچڙن ڪچڙن خاڪي وارن جي ٻر. اچانڪ اندر مان جڳن کان لڇندڙ ڦٿڪندڙ، ڦٽيل چچرل تمنائون جھينجھڻي جيان جھڻجھڻ ڪنديون، رڳ رڳ مان ريلا ڏينديون، ڦاٽ کائي ٿيون اڀرنس. من چاھي ٿو ان نرم لسڙيءَ لسڙيءَ ٻانھن کي ڇھي ڏسي. لئوندڙيون ڪوسيون ٿي ويون اٿس، منھن ۾ ڪيوليون پيون ڊوڙنس، چپن ۾ آجگاد جي تئونس ۽ ھٿن ۾ ڏڪڻي. ھٿ پاڻ مرادو ڌي وڃن ٿا چاھنس. روڪڻ ٿو چاھي ھٿن کي نٿا روڪجن! اچانڪ ڪنھن اڄاتل خوف کان ڊڄي منھن ڦيرائي، اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. وري نٿو ڏسڻ چاھي ان عورت ۾، پر مونجھھ محسوس ڪري وري کولي ڇڏي ٿو اکيون.
    ”اوم.....“ اوچتو بريڪ جي لوڏي سبب عورت جي واتان دٻيل چنگھھ نڪريو وڃي ۽ محسوس ڪري ٿو، ڪجھھ کائي پئي.
    ”ميٽ پئي کائي. گرڀ ٿيڻ کان پوءِ عورتون ميٽ ڇو کائينديون آھن؟ ھڪ ڀيري تھ مينسفيلڊ اسٽريٽ جي ھڪ وڏي دڪان تي پڪل ميٽ ڏٺو ھئائين، جي ڪرسچن ۽ وڏيون وڏيون پڙھيل لکيل امير عورتون وٺڻ اينديون ھيون، ڪارن واريون بھ. عورت ڪيترو ترقي ڪري، انگريزي پڙھي، سلوار ڇڏي، ساڙي پائي، پر گرڀ وارن ڏينھن ۾ ميٽ ضرور کائيندي!“ نيڻ کڻي عورت جي چپن ڏانھن نھاري ٿو. چپ.... بيچين، سڪل چپ، جن مٿان ڄميل آھي اڻ لکي ميٽاھين تھھ.
    ”ميٽ کائيندي عورت ڪيڏي نھ پرڪشش لڳندي آھي. ميٽ جو سواد ڪيئن بکندو اٿس مک مان. ڪيئن ڏندن ۽ تارن سان ڄڀ ٽڪرائي، ڇڪيندي ويندي آھي.“ اچانڪ اندر ۾ ڀڙڪي اٿيس ٿي انھن چپن کي چمڻ جي چاھنا. ڀاسيس ٿو ڪنھن اڄاتل خوف کان نڙي، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا اٿس. اندر ۾ جاري ٿي وڃينس ٿي جنگ. وڏي مشڪل سان گھٽي ٿو، اندر ۾ پئدا ٿيل ان چاھنا کي. وڏي مشڪل سان پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ٿو.
    ”سولي آھين نھ؟“ گرڀ واريءَ عورت جي ساٿي عورت پڇي ٿي.
    ”ھا“ – گرڀ واري عورت زبان سان تارونءَ مان ميٽ ڇڏائيندي، وڏي آسيس مان وراڻي ٿي ۽ ويگن جي جھوٽن تي پنھنجي ڄنگھن ۽ بدن کي ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي، جھوٽن ۾.
    ”اولي ٿين تھ ٻڌائجانءِ.“ ساٿي عورت کيس تاڪيد ڪري ٿي، پر محسوس ڪري ٿو عورت اولي آھي. کيس ڪنڌ کان ٻانھن جي سھاري جي ضرورت آھي. من چاھيس ٿو، ڪنڌ کان ٻانھن جو سھارو ڏئي، کيس پنھنجي سيني تي ليٽائي ڇڏي. وارن ۾ سرسر ڪري کيس پنھنجي ڪڇ ۾ سمھاري ڇڏي. ماڻھو ھھڙين سھڻين ۽ نازڪ زالن کي ھھڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ٿا تنھا سفر ڪرڻ ڇڏين؟ مون کي جي ھھڙي زال ھجي تھ آئون کيس پل بھ پاڻ کان جدا نھ ڪريان. مان تھ جيڪر ڪنھن بھ طرح کيس نھ ڇڏيان.“
    ”اوم.....“ عورت وري ھڪ اوچتي جمپ تي چنگھھ ڪري ٿي ۽ ٻھ ٽي وڏا ساھ ڀري ٿي. وڏا وڏا، ايڏا وڏا جو ھوا سندس ڦڦڙن کان گذرندي، سندس اندر جي گھرائين تائين پڄي وڃي، سندس ٻار تائين. عورت جي چنگھھ تي اچانڪ ماءُ ٿي ياد اچيس، جيجل ماءُ! سانوري، پيارا پيارا گھرا نيڻ، چپن تي ھلڪي، اڻلکي ميٽ جي تھھ ڄميل، ڀاري ڀاري گول گول پيٽ، کٽ مٿان ڍري ڍري ليٽيل.
    اڳي گھڻو اڳي، ننڍڙي لاڪي، جڏھن پنجن ڇھن سالن جو مس ھو، ڪيڏو نھ وڻندي ھيس ماءُ، ڪيڏو چنبڙندو ھئس، چولو مٿي ڪري ڏسندو ھئس پيٽ.
    ”اوم..... نھ ڪر پٽ، پيٽ تي زور نھ ڏي. ھلي آ ڪڇ ۾ـــــــ“ ماءُ گونڌاڙي ھڻندي ھئس ڪڇ ۾. ڪيڏو نھ وڻندو ھئس ماءُ جي ڪڇ ۾ منھن ھڻي سمھڻ. پوءِ اوچتو ماءُ کي پيو ھئس پيٽ ۾ سور، کڻي ويا ھئس اسپتال ۽ اسپتال مان کڄي آئي ھيس کٽ. ڳوٺ جون عورتون پار ڪڍي پٽڪو ڪرڻ لڳيون ھيون ۽ ھو ريھھ ڪري بيھوش ٿي ڪري پيو ھو.
    ”اوم.....“ ڪي منجھاڻو، وساڻو ڇرڪ ڀري ان عورت ۾ نھاري ٿو. ”ڇا سڀ عورتون گرڀ وارن ڏينھن ۾ ھڪ ئي نموني ڪنجھنديون ۽ چنگھنديون آھن؟ نيڻن ۾ ساڳيا مامتا کيپ ڀري.“ موڳا موڳا، وائڙا وائڙا نيڻ ڄمي ويا اٿس، عورت جي مکڻ کان لسڙين ٻانھن تي، ڦوڪڻن کان وڌيڪ ملائم ڇاتين ۾. ساھ سئن ۾ ئي ٿو اچيس. جڳن کان اندر ۾ دٻيل خواھشون سندس اندر جي پاتالن مان گھماٽيون کائينديون، وري جھينجھڻي جيان وڄنديون ٿيون اڀرن. زوم سان، رڳ رڳ مان ريلا ڏينديون. ڀاسيس ٿو، جڳن کان تنھا تنھا ھلندي ٿڪي پيو آھي. الائي ڪيترن زمانن کان نھ مليو اٿس سھارو. ڀائين تھ ان عورت جي نرم نرم، جھوٽا جھوٽا ھنج ۾ منھن وجھي رانڀاٽ ڪري روئي، روئندو سندس ڪڇ ۾ سمھي پوي. ھڪ وارو وري ننڍڙو ٿي وڃي، ايڏو ننڍڙو جو وري ان گرڀ ۾ سموئجي وڃي. وري ھڪ ڀيرو گرڀ ۾ پيھي تڙٻيون ۽ بولاٽيون پائي. خواھش وڃينس ٿي وڌندي، ايڏو..... ايڏو جو نھ رھيو اٿس ڪنڌ وس ۾. پگھر جي کيپ ھاڻي بوءَ ۾ ٻڏاڻو، ڪنڌ وڃينس ٿو ڍرندو، ننڍاکڙي، ليپ ھاڻي حالت ۾ ڪنھن گرڀ وتي گود ڏانھن. اچانڪ ڪنھن اٻھري خوف کان ڇرڪجي، اکيون کولي ٿو ڇڏي: ”ماڻھو ماريندا.“ ياد ٿو اچيس، ھڪڙي ڀيري شھر جي سڙڪ تان ھلندي سندس من ۾ اھڙي ئي خواھش پئدا ٿي ھئي. ايڏي ئي زوم مان ھڪ گرڀ وتي عورت پٺيان پاٿ تي ھلندي، اندر جي تانگھھ کان بيچين، ان عورت کي ٻانھين کان وڃي جھليو ھئائين. عورت ڊڄي دانھن ڪئي ھئي. پوءِ ڇا ھو، چئني طرفن کان ماڻھو کيس ورائي ويا ھئا. ھنيا ھئائونس ھٿوڙي جيان پيٽ ۾ ٺونشا، نڪ ۾ ٺونشا، پٽيا ھئائونس وار. نڪ مان نڪيلي وھائيندو، پيٽ تي ھٿ ڏئي ڪري پيو ھو فٽ پاٿ تي. سال ٿي ويو اٿس، اڄ ڏينھن تائين پيٽ پيو ڏکيس. ٿورو اس ۾ ھلي تھ نڪيلي وھيو اچيس. خوف کان چاھي ٿو حواسن کي قابو پائڻ. من ۾ پئدا ٿيندڙ اٻھرين خواھشن کي ٽارڻ لاءِ دريءَ کان ٻاھر نھارڻ لڳي ٿو. ٽڪريون، وڻ ٽڻ تيزيءَ سان گذرندا وڃن. پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندو ٿو وڃي. ”پاڳل ٿورو ئي آھيان.“
    ”اوم......“ عورت وري چري پري ٿي ۽ سولائيءَ خاطر اڃا وڌيڪ ڦھلجي، کاٻي ٻانھن سندس ڪنڌ پٺيان سيٽ تي ڍاري، جسم ڪار جي جھوٽن تي ڍرو ڇڏي ٿي ڏئي. ڪجھھ – آلو آلو، ويڙھجي ٿو وڃي. عورت جي ڪڇ مان ايندڙ بوءَ جي کيپ ھاڻي ھڳاو ۾. پنھنجي ڪنڌ پٺيان نرم نرم ٻانھن محسوس ڪري، اچانڪ وري اندر ۾ وڄڻ لڳنس ٿا، جھينجھڻا جھڻ جھڻ ڪندا. جاڳي ٿيون پونس اندر ۾ سموريون دٻيل، گھٽيل، نپوڙيل خواھشون. لئوندڙيون ڪوسيون ٿينديون وڃنس، منھن ۾ ڪيوليون پيون ڊوڙنس. ڀاسيس ٿو ننڍڙو ٿيندو وڃي، پتڪڙو. ويگن اتي جو اتي بيٺي آھي، رڳو مٿو پيو ڦريس. ”ساڳيا پيارا پيارا نيڻ، ساڳيون نرم نرم ٻانھون، چپڙن تي اڻلکي ميٽ جي تھھ ڄميل، ڀاري ڀاري گول گول پيٽ، ڍرو ڍرو، جھوٽا جھوٽا بدن، ھيرون ۽ ھٻڪارون ڀريل. ڪنھن نشيلي کيپ ۾ ٻڏاڻو، ڪنڌ وڃينس ٿو ڍرنندو، ڪنھن اڄاتل آسيس مان، گرڀ وتي گود ڏانھن.
    جھوٽن ۾ ويندي، ڪنھن اٻھري ڏھڪاو کان اچانڪ ڊڄي، ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو پوي.
    ”گاڏي روڪيو، گاڏي روڪيو.“
    ”ھتي لھڻو اٿئي ــــــــ !“ ويگن ۾ ويٺل سڀ ماڻھو وائڙا ٿي ڏانھس نھارين ٿا. ويگن کي بريڪ لڳي ٿو ۽ ھو ھيسيل، موڳاٽيل، پريشان، ٿڪاڻو، بريف ڪيس کڻي، تڪڙو تڪڙو، سنسان ٽڪرين وچ ۾ لھي وڃي ٿو.


    ھي سنگرام

    ٻاھر ٻاٽ ڪاري رات آھي. سارو لوڪ سمھي پيو آھي. ھر طرف چپ چپات آھي، آئون جاڳان پيو. ڳاڙھي زيرو بلب جي روشنيءَ ۾ مھراڻ رسالي مان ڪاٽيل شمشير الحيدري جي تصوير ”موت جا تجربا“ کي ڏسان ٿو. آسمان مان ھڪ ميزائل جھٽ ھنيو آھي. ھر ڪا شيءِ فنا ٿي وئي آھي. رھجي ويون آھن انساني ڪيپراٽيون ۽ ڪرنگھا، ڀيانڪ ۽ ھانو ڏاريندڙ. منھنجي اندر ۾ سيؤھات پئجي وڃن ٿا. آئون ڪجھھ چئي نٿو سگھان. مون کي فن ۽ آرٽ جي ڄاڻ ڪانھي. پوءِ بھ مون کي تصويرون وڻنديون آھن. آئون انھن کي پنھنجي البم ۾ سجائيندو آھيان. تصويرون، جي ڳالھائينديون آھن، مرڪنديون روئنديون آھن، خوشيءَ جا ٽھڪ ڏينديون آھن، درد مان دانھون ڪنديون آھن. تصويرون، جي ڇير ٻڌي نچنديون آھن. ڪڏھن ڪڏھن مون کي پنھنجي تصويرن کان خوف ٿيڻ لڳندو آھي. آئون اھا تصوير چمبڙائڻ لاءِ ڏڪندڙ ھٿن سان ليبن ۾ اڇلايل البم کڻان ٿو. مٿاھنس دز ڇنڊيان ٿو. آئون پنھنجي من ۾ مونجھھ محسوس ڪريان ٿو. آئون انھيءَ البم ۾ پھرين چمبڙايل تصويرن کي ڏسڻ نٿو چاھيان. پوءِ بھ آئون ڏڪندڙ ھٿن سان البم جا پنا اٿلايان ٿو ۽ منھنجي آڏو البم ۾ لڳل پھرين تصوير ڦھلجي وڃي ٿي. ھڪ ويران، اجڙيل، سنسان باغ آھي. پس منظر ۾ پري پري تائين ھر طرف سڪل ٽاريون، ڪک، پن ۽ ڪانڊيرا بيٺل آھن ۽ پس منظر ۾ ھڪ گلاب جي ٽاري آھي، جنھن ۾ لڙڪي رھيو آھي موسم بھار جو پھريون گل. ٽڙيل، مھڪندڙ، لال گلاب ۽ تمام پري پولار مان کڄي رھيو آھي ھڪ خوفناڪ واچوڙو. آئون تصوير کي ڏسندي بيچين ٿي پنو اٿلايان ٿو. سامھون پاڪ مريم بيٺي آھي. سوچ ۾ ٻڏل، اٻاڻڪي، رنجور، ڪجھھ ڊنل، ڪجھھ ھيسيل، مکڙي تي مامتا جو موھ، گھرا نيڻ، سڪل سنڌوءَ جيان سندسن ۽ ڪڇ تي اٿس ننڍڙو عيسيٰ. بيپرواھ بادشاھ، آسي پاسي جي ماحول کان بيخبر، بھار جي گل جيان ٽڙيل، مرڪندڙ، مھڪندڙ، ھونگڙيون ھڻندڙ. آئون وري مريم ڏانھن نھاريان ٿو، ڄڻ ھوءَ ڪجھھ چوڻ ٿي گھري، ڪا وڏي ڏک جي ڳالھھ. مون کي پنھنجي اندر ۾ دل ٻڏندي محسوس ٿئي ٿي. آئون ڊڄي ورق ورايان ٿو.
    آئون ڏسان ٿو، صليب سجايل آھي. عيسيٰ جي سيني، ھٿن ۽ پيرن ۾ وڏا ڪلا ٺوڪيل آھن، جن مان رت وھي رھيو آھي. سندس سدا اوچو ڳاٽ نستائيءَ کان ھيٺ ڍرڪي ويو آھي. مٿان مينھن آھي ۽ ھيٺ اھا لھوءَ ندي، جنھن جو ڪو پار ڪونھي. لکيل آھي: ”ھي اھو رت آھي، جنھن مان ڪروڙين ڪوڙھيل ماڻھن پنھنجا بدنام ٻوٿ ڌوتا ھئا.“ مون کي ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ آئون رت جي ساگر ۾ لڙھندو ٿو وڃان، لڙھندو ٿو وڃان ۽ پوءِ ڪئين موت جا قبرستان ڦھلجي وڃن ٿا، جنھن مٿان نيڻ نھار تائين صليب کتل آھن، ڄڻ ڪروڙھا ماڻھو آسمان ڏانھن ٻانھون ڦھلائي، روئي، ٻاڏائي رھيا ھجن ۽ ھي ڪنھن جو قبرستان آھي، انھن قبرن ۾ ڪير ستل آھي؟ ڇا اھي جن صليب سجايو ھو؟ يا اھي جن کي صليب تي لڙڪايو ويو ھو؟ ڪجھھ بھ خبر نٿي پوي. آئون ڦاٽل نظرن سان قبرستان ڏانھن نھاريان ٿو. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ آئون پاڻ بھ صليب آھيان. منھنجي سيني تي ڪروڙھا ماڻھن کي لڙڪايو ويو آھي. جيڪو بھ ڇرو جنھن تي بھ ھليو، سو منھنجي رت رتو آھي. ماڻھو ھميشھ منھنجي وجود کي رت مان لپي ويندا آھن. آئون جڳن کان پنھنجي سيني تي اھو سور سھندو آيو آھيان، پر ھاڻ اھو ظلم منھنجي برداشت کان ٻاھر ٿيندو ٿو وڃي. آئون ڪو ڪاٺ جو سليب نھ آھيان، آئون انسان آھيان. منھنجي نيڻن کي رت جي ھوليءَ جي نھ، پرھ جي رنگن جي تلاش آھي. مون کي موت جي قبرستانن جي نھ، زندگيءَ جي شھرن جي تلاش آھي. اھي روشنيءَ جا شھر ڪٿي آھن، دنيا جي ڪھڙيءَ ڪنڊ ۾ ڪھڙي ديس ۾؟ آئون موت جي قبرستان مان نڪرڻ لاءِ بي تحاشا ڊوڙان ٿو. ڊوڙندو ٿو وڃان ۽ پوءِ ھر طرف کان جنگ جا ميدان ڦھلجي وڃن ٿا، رت رتي ڌرتي آھي، آسمان ۾ بمن جو دونھون ۽ ڳجھن جا لامارا آھن، دڳ دڳ تي جنگي ٽينڪون پاسا کوڙيو، اونڌيون پيون آھن. چئني پاسن کان ھزارھا لاش چچريل، چيڀاٽيل، سڄيل، رت ۾ ڳاڙھا ٿيا اونڌا سڌا پيا آھن. ھر لاش جي مٿان ڳجھن جي ڄڃ ويٺي سندس ماھ ڇني رھي آھي ۽ دور ھڪ ديوانو توف جي اڳيان بيٺو تنبورو وڄائي، امن جو گيت ڳائي رھيو آھي. آئون ساھ گھٽيندڙ بدبوءِ ۾ بيٺو، ڦاٽل اکين سان لاشن ۾ نھاريان. ھي ڪھڙي ڪربلا جو ميدان آھي، ھي ڪير ماڻھو آھن، ھنن جو نسل ڪھڙو آھي، ھي ڪھڙي مذھب جا ماڻھو آھن، ھنن مان ڪير دوست ۽ ڪير دشمن آھي؟ ڪا خبر ڪانھ ٿي پوي. ڪجھھ سمجھھ ۾ نٿو اچي.
    ديوانو تنبورو وڄائي،
    روئي،
    امن جا گيت ڳائي رھيو آ.
    آئون بيچين ٿي سامھون وڃان ٿو ۽ ڪاوڙ مان اڀ ڏاريندڙ رڙ ڪيان ٿو: ”بند ڪر، بند ڪر اھو آواز! تون ۽ تنھنجو تنبورو جنگ بازن کي ڪڏھن بھ جنگ کان روڪي نھ سگھندا. ھتي تنھنجو آواز ڪوبھ نھ ٻڌندو. آئون تنھنجو اھو تنبورو ڀڃندس.“منھنجي ڳالھھ تي ديانو خوف مارڙ ڪري ٿو ” نھ نھ، آئون ڳائيندس، پڄاڻيءَ تائين ڳائيندو رھندس. گيت منھنجي زندگي آھن، مون کي ڪوبھ ڳائڻ کان روڪي نھ سگھندو.“ آئون ڪاوڙ ۾ اچي سندس تنبورو ٽڪر ٽڪر ڪري ٿو ڇڏيان. منھنجي اکين آڏو اوندھ اچي ٿي وڃي. ھوريان ھوريان ڪا شيءِ روشن ٿيندي ٿي وڃي. آنڱرين جي وٿين مان آئون ڏان ٿو تھ آئون ٻرندڙ جبل جي سامھون بيٺو آھيان. ٻرندڙ جبل گجي گجي ٻري رھيو آھي، ۽ ان جي چوٽيءَ جي ھڪ پاسي کان ھڪ سڪل شاخ تي ڪوئل ويٺي ڪوڪي رھي آھي. آئون وائڙو ٿي ٻرندڙ جبل ڏانھن نھاريان ٿو. وري ڪوئل ڏانھن ۽ وري ڪنڊ ۾ اڇلايل البم جي ڪاري مروٽيل صفحي ڏانھن. آئون اٿي ڏڪندڙ ھٿن سان مروٽيل صفحو کڻي، گھنج ڀڃي سڌو ڪري، جنگ جي ميدان ۾ بيٺل راڳي ويراڳي ڏانھن نھاريان ٿو. منھنجي اندر مان دانھن نڪري، ”او ڪوي، منھنجا ٻيجل، منھنجا شاعر، منھنجا ڀاءُ. تنھنجو من مڻيو، دل دنبورو ۽ رڳون رباب آھن، مون کي معاف ڪجان. مون تنھنجو تنبورو ڀڳو آھي. توکي لوڌڻ کان پھرين آئون ڀلجي ويو ھئس تھ ڪوئل جو ڪم فقط ڳائڻ آھي، پوءِ ڀل ھوءَ انب جي ٽاري تي ويٺل ھجي يا ٻرندڙ جبل جي چوٽيءَ تي. مون کي معاف ڪجان ڀائو، مون کي معاف ڪجان.“ آئون ڏڪندڙ ھٿن سان ڦاڙيل صفحي جا گھنج ڀڃي، سڌو ڪري، کيس ساڳي جڳھھ تي چنبڙايان ٿو.
    جنگ جي ميدان ۾ ڪو ديوانو ڳائي بيٺو.
    ٻرندڙ جبل تي ڪوئل ٻولي پئي.
    ٿر جي ماءُ ڍڪرن ۾ آھي. ٻارڙا بک کان ڇڙھيون پيا ھڻن. آسمان مان باز جھٽ ھنيو آھي. ڪڪڙ رڙ ڪري ٻچن کي پرن ۾ لڪايو آھي. آسمان مان ھڪ جنگي بمبار جھٽ ھنيو آھي. ھيرو شيما جا محل ماڙيون ۽ ماڻھن جي گوشت جا ٽڪر فضا ۾، باھھ، رت ۽ دونھين جي سمنڊ ۾ تري رھيا آھن.
    ھيٺ لکيل آھي.
    “Abstract of life”
    آءُ تصوير ۾ نھاريان ٿو. منھنجو روھ ڏڪي وڃي ٿو. آءُ خوف کان اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان. ڳاڙھي زيرو جي بلب جي روشنيءَ ۾ منھنجي اکين جي پردن جا ڏورا ٻرن ٿا. ڪئين رنگ پکڙجي وڃن ٿا. رت کان ڳاڙھا، باھھ کان تکا، دونھين کان ڪارا، جن ۾ تري رھيا آھن ڪروڙين انساني لاش. منھنجو ساھ گھٽجڻ لڳي ٿو، آئون ڊڄي اکيون کولي ٿو ڇڏيا. آئون الاءي ڇا ٿو محسوس ڪريان. مون کي ڪجھھ سمجھھ ۾ نٿو اڇي. آئون ڊڄي ورق واريان ٿو. آئون ڏسان ٿو، ھڪ تمام ننڍڙو ماڻھو، ھڪ تمام وڏو بت گھڙي رھيو آھي. ايڏو وڏو، جنھن کي ساري دنيا سج جيان پنھنجي گھرن مان ويٺي ڏسي سگھي ٿي. آئون وائڙو ٿي ڏانھس نھاريان ٿو. ”ڪير آھين تون؟ ھي ڇا پيو ٺاھين.“ منھنجي آواز تي ھو ڇيڻي ۽ ھٿوڙو روڪي مون ڏانھن نھاري، زخمي آڱرين سان نرڙ تان پگھر اگھي ٿو. سندس زخمي آڱرين جو رت پگھر سان ملي سندس ڳٽن تان ڳڙي ٿو. ھو ساھھ سڌو ڪرڻ لاءِ اونھون ساھھ کڻي، دکي، گھٽيل ۽ اڀامندڙ ساھھ سان مون ڏانھن نھاري چوي ٿو، ”منھنجو نالو واسديو ”سنڌو“ ڀارتي آھي، آئون بت آھوڙيون آھيان. قديم زماني کان مورتيون گھڙيندو ٿو اچان. مون بيشمار خوبصورت مورتيون ٺاھيون آھن، ھاڻ آئون ويٽ نام جي ماءُ جي مورتي ٺاھي رھيو آھيان.“
    آئون مورتيءَ ڏانھن نھاريان ٿو. ھڪ ماءُ ڊنل ڪڪڙ جيان پنھنجي ٻار کي ڪڇ ۾ لڪايو آھي. ھن جو ٻاڪو خوف کان ڦاٽل آھي. ھڪ ھٿ خوف کان آسمان ڏانھن کڄل اٿس، ڄڻ اجھو اجھو آسمان مان باز جيان ڪو خوفناڪ بمبار جھٽ ھڻندو. سندس ننڍڙي ابھم کي نھوڙي نيندو. منھنجي ڪنن ۾ ڪروڙھا ڪڪڙين جي ڪاڪار مائرن جي ٻاڪار جا آواز گونجي وڃن ٿا. آئون ڪنن تي ھٿ ڏئي ويٽ نام جي ماءُ ۽ ان جي خالق ڏانھن نھاريان ٿو. منھنجي وات مان رڙ نڪري وڃي ٿي: ”بت آھوڙيا! تون پاڳل آھين. تون باز کان ڪڏھن بھ ھن جي جھٽ ھڻڻ واري عادت ڇڏائي نھ سگھندين. تون پنھنجي جسم جو سمورو رت ست ڏئي بھ ان عورت جي ٻار کي خوني بمبار جھازن جي لامارن کان بچائي نھ سگھندين. ادب ۽ آرٽ سڀ بڪواس آھي. انھيءَ ماءُ جي ٻاڪار ڪوبھ نھ ٻڌندو. آئون ان عورت جون رڙيون نٿو ٻڌي سگھان. منھنجو دماغ ڦاٽي پوندو، آئون ان کي ڀڃندس.“ بت آھوڙيو رڙ ڪري ٿو: ”نھ نھ، آئون توکي پنھنجي مورتي ڀڃڻ نھ ڏيندس. ھيءَ مورتي منھنجي اندر جو پڙاڏو آھي، وقت جي پڪار آھي. تون منھنجيون مورتون ڀڃڻ چاھين ٿو تھ پوءِ آئون توکي الاھي ساريون مورتيون ڏيندس. مون قديم زماني ۾ موھن جي دڙي جي مورتي ٺاھي ھئي. مون وٽ مھاتما ٻڌ جون بيشمار مورتيون آھن. مون فرانس جي خوبصورت موناليزا جي پراسرار مرڪ کي پنھنجي ڪينواس تي لاٿو آھي. مان ڀاڳ جي ديويءَ لڇميءَ جو خالق آھيان. تون مون کان منھنجيون سڀ مورتيون ڦري وٺ، پر ھن کي نھ ڀڃ. ياد رک! تون پڇتائيندين. تون ديوانو آھين، آئون توکي پنھنجيون مورتيون ڀڃڻ ڪونھ ڏيندس.“ ھو پنھنجي مورتي کي بچائڻ لاءِ پوري طاقت سان منھنجي مٿي ۾ ھٿوڙو وھائي ٿو. آئون وڏي دانھن ڪري ڪري پوان ٿو. منھنجي اکين ۾ رت جا ڳوڙھا اچي وڃن ٿا. پوءِ منھنجي اڳيان ھڪ وڏي آرسي اچي وڃي ٿي. سوين سيرون پيل ٽڪرا ٽڪرا آرسي، جنھن ۾ آھن ھزارين چھرا. چٻا، چنجھا، ڪوڙھيا، بدصورت ۽ بدنما. لکيل آھي: آرسي جو ڪم فقط عڪس ڏيکارن آھي، اھو ئي روپ ۽ رنگ، جيڪو اوھان جو پنھنجو جيئن ۽ تيئن آھي. مون کي انھن چھرن کان وحشت ٿيڻ لڳي ٿي. آئون آرسيءَ آڏو پنھنجو منھن ھٽائي ڇڏيان ٿو.
    ”ڇم ڇم!! ڇم ڇم!!“
    ننڊاکڙي نچڻي مد مست نچي رھي آھي.
    ”آھ!“ منھنجي اندر مان دانھن نڪري ٿي وڃي. ”منھنجا واسديو، منھنجا سنڌو، تون آمر آھين، تون آدجڳاد کان آھين. ساري سنڌوءَ کي موھن جي دڙي جيان مسمار ڪري سگھجي ٿو، پر تنھنجي مورتيءَ کي نھ. اھي موھن جي دڙي جي ننڊاکڙي نچڻي جيان سدا آمر رھنديون. ايندڙ نسل اسان جيان انھن جي عظمت آڏو پنھنجو سر نوائيندا. آئون عقيدت سان ننڊاکڙي نچڻيءَ ڏانھن نھاريان ٿو، سندس چپن کي پيار مان چمان ٿو. ھوءَ پنھنجي ڌن ۾ مگن نچي رھي آھي. سک جي سپنن جو ناچ، ھا ھا! تڏھن دنيا ھن جي پائل جي مڌر آواز تي مٺي ننڊ ڪندي ھئي، ھوءَ پنھنجي ڪامڻين ٻانھن ۾ ساري جڳ کي ٺپري مٺڙي ننڊ سمھاريندي ھئي. ڪڏھن ھن جي پائل ۾ ھيرن ھڳاءُ ھو، ھاڻ دنيا وارن کيس شيشي جي شوڪيس ۾ بند ڪري رکيو آھي.
    آئون وري ڌرتيءَ ماتا جي سٻاجھڙي مورتيءَ ڏانھن نھاريان ٿو. ڪيڏي نھ مامتا آھي انھيءَ مورتيءَ ۾، ڄڻ چئي رھي آھي: ”اڃا آئون جيئري آھيان.“ آئون وري قديم سنڌ جي پر امن مھا پوڄاريءَ ڏانھن نھاريان ٿو. ھن جي مرجھايل چھري مان اڃا بھ بھار جي بوءِ اچي رھي آھي، جنھن کي محسوس ڪندي ئي ماڻھوءَ جو من سانت ٿي ويندو آھي، مھاتما ٻڌ جيان.
    آئون ٿڌو ساھ ڀري پنو اٿلايان ٿو. منھنجي آڏو موھن جي دڙي جي ھڪ ننڍڙي جھروڪي جي کوٽائيءَ جو منظر ڦھلجي وڃي ٿو. ٻھ انساني ھڏاھان پڃرا اونڌا پيل آھن، جن مان ھڪ ٿڃ پياڪ ٻار جو آھي ۽ ان جي مٿان وريل آھي ھڪ عورت جو پڃرو، جنھن جي ٻانھن ۾ چوڙو، ڳچيءَ ۾ ھسلي ۽ ڪرنگھر ۾ ڪان کتل آھي، شايد جنگ ۾ ويل ھوءَ پنھنجي ٻار بچائڻ لاءِ سڄي مٿانھس ڪڪڙ جيان وري وئي ھئي. غور ڪري ڏسڻ سان ئي ڪٿان ڪٿان ھن جي ڪنڌ، ڪرنگھر ۽ پاسراٽين جي ھيٺان سندس ٻارڙي جي ڪيپراٽيءَ، ٻانھڙين ۽ ٽنگن جي ھڏن جي خاڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تصوير جي ھيٺان لکيل آھي: ”مامتا“. انھيءَ عورت کي ڏسي منھنجي اندر ۾ وڍ پئجي وڃن ٿا. اھا عورت منھنجي ديس جي ندوري ماءُ آھي، جنھن جو ڪو اوھي نھ واھي، جنھن کي ڪنھن بھ سھارو نھ ڏنو، ڪنھن بھ ھن جو بچاءُ نھ ڪيو. نھ ڄاڻي ڪيترن ورھين کان ھوءَ اتي ايئن ئي پئي آھي. روز دور دور ديسن کان ماڻھو ايندا آھن، ڪروڙھا اکيون روز کيس ڏسنديون آھن، پر ڪوبھ عبرت نٿو کائي، ڪنھن وٽ ھن لاءِ لڙڪ نھ آھن. آھ، ويچاري موھن جي دڙي جي ماءُ! آئون نير ڀريل نيڻن سان ڏانھس نھاريان ٿو، منھنجي اکين آڏو ھرڪا شيءِ گم ٿيندي ٿي وڃي. آئون ڏسان ٿو، دنيا جي سڀ کان وڏي ملڪ آمريڪا جي (سابق) صدر لنڊن بي جانسن پنھنجي نئين ڄاول ڏوھٽي کي خوشيءَ مان ٻانھن تي مٿي فضا ۾ لڙڪائي جھليو آھي. ھو بي انتھا خوش آھي، ڄڻ کيس دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو ملي ويو آھي، ڄڻ چئي رھيو آھي: ”ڏسو، منھنجي لوسيءَ جو ٻار، منھنجو ڏوھٽو، رات ڄائو آھي، ڪيڏو نھ پيارو آھي، جھڙو ڪافور جو گڏو، آھي نھ دنيا جو سڀ کان خوبصورت ٻار؟“ آئون پنھنجا لڙڪ پي دکي مرڪ سان مٿي ٻانھن تي لڙڪايل جانسن جي ننڍڙي ڏوھٽي ڏانھن نھاريان ٿو، سچي بھ ڪيترو نھ پيارو آھي. جھڙو والٽ ڊزنيءَ جو سھو، ماءُ جي ڪڇ ۾ ايترو ئي سھڻو لڳندو ھوندو، جيترو گلاب جي ٽاريءَ ۾ موسم بھار جو پھريون گل. آئون وري پنھنجي ديس جي ندوري ماءُ ڏانھن نھاريان ٿو.
    مھا پوڄاري سڪتي ۾ آھي.
    ڌرتي ماتا ڄڻ سڪرات ۾ پئي آھي.
    ننڊاکڙي نچڻي کي ڄڻ نانگ ڏنگ ھڻي ويو آھي. ٿر جي ماءُ جي مامتا لولي ڪاڻ لڇي رھي آھي. آئون وري گلاب جي ٽاريءَ ڏانھن نھاريان ٿو.
    مريم سوچ جي ساگر ۾ ٻڏل آھي.
    آئون ويٽ نام جي ماءُ ڏانھن نھاريان ٿو. موھن جي دڙي جي ندوري ماءُ جيان، ويٽ نام جي ماءُ جو ٻاڪو ڦاٽي ويو آھي. ٻار ڪڇ تي، ٻيو ھٿ آسمان ڏانھن ڦھليل.
    ڌرتيءَ تان ڄڻ اڀ ڏاريندڙ ريھھ آسمان ڏانھن اڀري آھي: ”بند ڪيو، بند ڪيو اھا خوني ران! پاڪ مريم جي ٻار جي محابي، پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن جي صدقي، مون ندوريءَ جي آبھم تي رحم کائو، انھن وڄون وسائيندڙ صليب نما جھازن کي بند ڪيو، مون ماءُ تي رحم کائو، رحم کائو.“ آئون پوري طاقت سان ڪنن تي ھٿ ڏئي، منھن ڦيرائي ٿو ڇڏيان. سامھون مھراڻ رسالي مان ڪاٽيل نئين رت رنگيل ڀيانڪ تصوير مون کي چٻرا ڏئي ٿي. خوف کان آئون رڙ ڪيان ٿو: ”نھ نھ، منھنجي تصويرن جي پڄاڻي ايڏي ڀيانڪ. آئون انھيءَ تصوير کي پنھنجي البم ۾ نھ لڳائيندس. آئون ٻي ڪا تصوير تلاش ڪندس. ھاڻ انھيءَ خوني راند کي ختم ھئڻ گھرجي.“ آئون انھيءَ تصوير کي خار مان پرزا پرزا ڪري ٿو ڇڏيان ۽ البم کي پوري طاقت سان پري اڇلايان ٿو ۽ وھاڻي ۾ منھن ھڻي اندر ئي اندر ۾ رانڀاٽ ڪري روئان ٿو.


    سؤ رپيا نوٽ ماڻھو

    سائين، تو ڳالھھ ڪئي، سمجھھ مري چڪو آھي، ڇڏاءِ منھنجي رقم. ڇڏاءِ!“
    ”ميان، آئون ڪيئن سمجھان مري چڪو آھي، ڪيئن؟“ چڱو خان چڙي ٿو وڃي.
    ”ھيئن.“ ڀرام چپٽي ٿو وڄائي. ”واھ سائين واھ! اسان لکن جا ليکا ڪين ڪريون ۽ اوھان سؤ روپئي تي پڙ ڪڍيو بيٺا آھيو. ماڻھو ٿو مارائين يا مرون؟“ ڀرام جون ڪنواريون ڳاڙھيون اکيون ڏسيو چڱو خان ڪين مڙئي ٿڌو ٿي وڃي ٿو.
    ”نھ، پھرين ٻڌاءِ ماريندينس ڪيئن؟“
    ”اھو آئون ڪونھ ٻڌائيندس. آئون پيشاب ٿو ڪريان سؤ روپين جي نوٽ مٿان، سوين آيا سوين ويا.“ ڀرام ڏاڍي ڪروڌ مان، پيگ ھڪ ئي ڳيت سان خالي ڪندي، وڏي ھوٽل جي ٽماڙ ڪمري جي دريءَ مان ھيٺ ٽرئفڪ ڏانھن ٿو نھاري.
    ”ان اجائي بڪواس کان تھ سٺو آھي تھ ماڻھو وڏي در جو چڪر لڳائي اچي. سؤ رپيا اتي بھ ملي ويندا آھن چڱا خان!“ ڀرام ڪاوڙ مان، ڪمري مان نڪري وڃڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿو، پر در وٽ، چڱي خان جي ٻانھن آڏنھس رڪاوٽ ٿيو وڃي.
    ”پر، تون تھ ڳالھھ ڳالھھ تي ٽانڊو ٿي ويندو آھين. اڙي خون ٿو ڪرين، ڪا ٻانھن ڪانھ پيو ڀڄائين.“
    ”اڳي ڄڻ خون ڪيا ئي ڪونھ ٿئون. چڱا خان، ٻڌاءِ اھو ڪير ھو، جنھن تيرھن سالن جي ڄمار ۾ راڄ لتاڙي ٻارھن سالن جو ٻار ماءُ جي ڪڇ مان خنجر ساڻ ماريو ھو؟ حيف ٿئي چڱا خان، سؤ روپين تي ايڏي بي اتباري؟“ ڀرام جي ڳالھھ تي چڱو خان مرڪي ڳجھو ساھ کڻي، ڏاڍا ساڙ ٿو ڇنڊي:
    ”پٽ، اھا ڳالھھ نھ آھي. آئون قانون جي ڳالھھ ٿو ڪريان....! ٻڌاءِ نھ، پاڻ ڪيئن بچائيندين؟ اڳيان بھ ڇتا برڦت ٿي، مڙس ڏاڙھيون کنھندا، پير ڇڪيندا آھن، پرين تائين پلاند وٺندا آھن.“
    ”خون ڪرڻ ويل منھنجو پير پٽ تي نھ ھوندو آھي. ٻڌاءِ، ڪڏھن ڪو پيرو ڇڏيو ٿئون.....؟ خون ڪرڻ مھل ماڻھو ستين آسمان مان عذرائيل جيان لھندو آھي.“ ڀرام واتان سگريٽ جي دونھن اوڳاڇيندي، چڱي خان کي سندس گلاس ۾ اڃا وڌيڪ دارون اوتيندو ڏسندو ٿو رھي.
    ”پٽ، اڳي ايڏا راڄ ڪڏھن ڪين لتاڙيا ھوندءِ.“ چڱو خان ڏاڍو ڳجھو ٿو ڳالھائي.
    ”ڳالھائين ڪنھن سان پيو؟!“ ڀرام بر ٿي ھڪ ئي ڳيت سان اڌ گلاس ڏوگھي ٿو وڃي.
    ”راڄ..... راڄ....... اسان سڄو ملڪ ڀيليو ويٺا آھيون. ٻڌاءِ، ڪھڙو راڄ آھي، جو سؤ روپين تي ٿو ساڙائين؟ ڪھڙي آسمان تي آھي؟“
    ”...... يار، تون سمجھين ڇو نھ پيو؟“ چڱو خان بيزاريءَ کان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي، ميز تي ڪاوڙ مان مڪ ٿو وھائي.
    ”يار، تون اسان جي بھ ٻڌندين يا رڳو پنھنجي لاڦ ھڻندين؟“
    ”ھا، اسان جو ڌنڌو آھي، سؤ روپين لاءِ لاڦ ھڻن جو.“
    ”توبھن، وري اونڌي معنيٰ ورتيئي نھ؟ يار ڀرام، ڏاھو ٿي، ٿڌو ٿي، ڪنھن ڪتي جي پٽ کي غور سان ٻڌ تھ سھي.“
    ”ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، آزمايل کي ڇو ٿو آزمائين؟“
    ”ڪا خبر ٿئي مارڻو ڪنھن کي آھي؟“
    ”ڪنھن کي....؟“
    ”ٿڃ پياڪ ٻار......“
    ”ڇا....؟ ماءُ جي ڪڇ ۾ ئي!“
    ”ھا، وات ۾ گوليءَ جي نشان سان.“
    ”شگل، ھاڻ تنھنجي سؤ روپين شرط تي اسان پستول چوري ڪنداسين. اھڙن سؤ روپين کي مان مٽان بھ نھ.“ ڀرام سڄو گلاس خالي ڪري، واڇ کان ڳڙندو مڌ، ھٿ جي تريءَ سان اگھي رڙ ٿو ڪري.
    ”ٻڌين پيو نھ چڱا خان؟“
    ”اڙي ھا، پستول توکي آئون ٿو ڏيان نھ، سائلينسر لڳل. قران ڪنوارو پستول، حرام آھي جو مون ٽيسٽ بھ ڪيو ھجي، اڙي ھاڻ تھ خوش ٿئين.“
    ”واھ، ڏاڍي خوشي ٿي، ڄڻ اڳي ڪڏھن پستول ڏٺائي ڪين ٿئون.“
    ”بابا، ھن ھٿيار جي ڇڏي ڏي. موليٰ جو قسم، ڳوڙھا گئس جا ڏھ ٻارھن ڦٽاڪا ڇوڙي، وچ شھر ۾ ڏينھن ڏٺي سؤ ماڻھو ماري اچ. رڳو دونھن ھوندو. ڳوڙھا.... تان جو ڪلاڪ کان پوءِ خبر پوندي تھ گھٽين ۾ لاش پيا آھن. ماچس جي تيليءَ ۾ بھ ڪو آواز ٿيندو آھي. اھو مال آھي.“
    ”اصل اينھين.“
    ”ٻيو، اسان وري ڪو سؤ روپين کي مٽيندا آھيون ڇا؟ ڪم نھ بھ ھجي ھا، اھا سوکڙي تو لاءِ ھئي.“
    ”واھ واھ، پوءِ تھ يار ديدار ٿي وڃن؟“
    ”پر خبر ٿئي ٻار ڪنھن جو آھي؟“
    ”ڪنھن جو؟“
    ”وڏيري عارب خان جو. واري ساڻ رلڙيءَ پٽ قلندر تي ڀڳو بيٺو ھوندو ھو، تھ قلندر پٽ ڏي.“
    ”ڇو ڀلا، وڏيري عارب کي ڇو نھ؟“
    ”نھ، مارڻو سال جو ٿڃ ڌائڪ ٻار آھي - ۽ چيچلائڻا وڏيرو عارب ۽ جوڻس آھن.“
    ”جوڻس ويچاري ڇو؟“
    ”ويچاري...... آڱوٺي جھڙي، ڌوتيءَ ھٿان چورائي موڪليومانس تھ ڊاڪٽر کي ٻار ڏيکارڻ بھاني سان دل باغ بھار ڪرائي وڃي تھ جوءِ مڙس کي وڃي دانھن ڏني آھي. ڳالھھ راڄن تائين پھچي وئي. ابا، نھ ماءُ نھ ڀيڻ.......“
    ”مارڀھ.....“
    ”اڙي چڱو خان پلو پاري ڄاڻي، دل ۾ چيم پٽ ٿورڙي ڳالھھ پراڻي ٿئي تھ پوءِ ڏس، ڪيئن ٿو ھانو ۾ ڏار وجھانس. اڙي وٺ ڇا ياد ڪندين.“
    چڱو خان ڀرام ڏانھن سؤ روپيا ٿو اڇلائي ۽ ڀرام ان کي مٿان ئي جھسي چمي ٿو ڏئي ۽ نچ نئين ڪڙڪ نوٽ کي وڄائيندي، اونھينءَ گھور سان چڱي خان ۾ ٿو نھاري:
    ”ٺلھو سؤ روپين مان ڪم ڪين ھلندو، اسان واري امانت ڪڍ.“ سندس ڳالھھ تي چڱو خان چيلھھ سان ٻڌل پسٽل ڪور مان نج نڪور پسٽل ٿو ڪڍي ۽ ٻئي گيدي مان سائلينسر.
    ”مار، چيلھھ سان ٻڌيو گھمين!“
    ”ٻيو، اسان کي ڪا منھن آھي ڇا؟ اسان جون چيلھون ئي پستول ٻڌڻ لاءِ ٺھيون آھن.“ ھو وري کٽڪو کائيندي ڳالھائي ٿو:
    ”ٻڌ، ھوٽل جي بيرن مان توکي ڪو سڃاڻي تھ ڪونھ نھ؟“
    ”يار، پاڻ ڪمزور يار رکون ئي ڪين. آئون ھوٽل ۾ ايئن لڪندو آيو آھيان، جيئن رات جي اونداھيءَ ۾ ڪنھن سنگيتاڻيءَ سان ملڻ وڃبو آھي. ڄارين ۽ وڻڪارين مان ڪنھن جنازو جيان.“
    ”خوش رھ. قران، توکي ڏسي اندر ٺري پوندو آھي.“
    ”ڇنايو تھ مون بھ پئي.“ ڀرام پستول لوڊ ڪري مٿانھس سائلينسر ٿو چاڙھي ۽ ڏاڍو چرياڻ ٿي، پستول جا انگ اکر ٿو جانچي.
    ”واھ، پستول تھ تنھنجي ھٿ ۾، ڪيئن ڀرام؟ سرمو بھ اک اک ئي ٺھي.“
    ”ھا، خبر ٿئي، ھن پستول کان سواءِ آئون قرضي ھئس.“ ڀرام جو منھن ٽامڻي ھڻي ٿو وڃي.
    ”اڙي گھڻو قرض ٿئي؟ حڪم تنھنجو.“
    ”قرض ايترو آھي جو آئون بھ پاڻ چڪائي نھ سگھندس. خبر ٿئي، مون ساک تي وڏيري رمضان کان سؤ روپيا ورتا ھئا.“
    ”مار، اڃا قرض رھيو پيو آھي؟! اھو بھ تو لاءِ قرض.“
    ”ھا – چيائين مڙس جو پٽ تڏھن مڃيانءِ، جڏھن چڱي خان جي ڀڀ ۾ سندس ئي پستول جي گولي ھڻي ايندين.“
    ”ڇا!؟......“ چڱو خان ڊيھي سان چار قدم پوئتي ھٽي ٿو وڃي.
    ”ڇو ڊڄي وئين؟“
    ”نھ، اھا ڀاڙيائي آھي.“
    ”ڀلا نئين ڄاول ٻار جي وات ۾ گولي ھڻائڻ واري کي ڇا چوندا آھن؟ چڱا خان، اڄ اھو بھ ٻڌائي ڇڏ.“ ڀرام جي اکين ۾ رت لھي ٿو اچي.
    ”ڀرام!...... نھ....... نھ.......“
    ”ڊڄ نھ چڱا خان. آئون وعدي جو پڪو آھيان. ٻي گولي تنھنجي ٿڃ پياڪ دشمن جي وات ۾ ويندي. سؤ روپين جي نوٽ جيان ڏاڍو کرو ماڻھو آھيان.“ ڀرام ٽرئگر دٻائي ٿو.
    ۽ ان سان گڏ ئي چڱو خان ٻئي ھٿ دل تي رکندي، آواز ڦاٽل ٻاڪي سان، فرش تي ڦھڪو وڃي ٿو ڪري.
    ۽ لفٽ جو بٽڻ، خونيءَ کي ڄڻ ڳڙڪائي ٿو وڃي.


    جيون ڪوئي جھوٽو آھي!

    تار ڪڻ ڪڻ، نديءَ ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات. ڪارا ڪارا بادل، ڀنڀا ڀنڀا وار، وٽڙيل وٽڙيل روشني، اڍڙيل اڍڙيل ساھ، چمر جھمر ۾، چنڊ ٽٻيءَ ۾، ارھ جو تجلو، آڳ بدن ۾. ڇنن..... ڇنن...... ڇم..... ڇم...... پائل جي جھنڪار.
    - او سرتا! ڇا پيو ڦولھين؟
    - ساھن جي سرھاڻ (۽ ٽڙي پوي ٿو دل جو گلاب) او ست سنڱيڻي، پيار وھيڻي سپنن جي راڻي! تنھنجو مکڙو سون سمان، تنھنجو ڌڙ ھيرن جي کاڻ، ھي چنڊ جو تيج ۽ ھي ڪڻ ڪڻ تارا، سڀ بي معنيٰ آھن. نيڻن جو ڌوڪو آھن، جو ڪجھھ آھين تون آھين – او شال جواڻي ماڻين! جوڀن جي ڦلواڙيءَ مان ڪي گل ڇنڻ ڏي...... گل ڇنڻ ڏي.......
    چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا. ٻرڻ ٺرڻ جي راند. ڇمر جھمر آڳ بدن ۾ ۽ ڀنين وارن جا تيج ھڻي ٿو چنڊ.
    - اونھھ لوڀي، ڀلا گل چونڊي ڇا ڪندين؟
    - سپنن جا مھل سجائيندس. (ڪو دل جي ڳالھھ ڪري ٿو)
    - ڀلا سپنا ڇا ٿيندا آھن؟
    - ماضيءَ جون يادون.
    - ڀلا ماضيءَ مان ڇا ملندو؟
    - ساھن جي سرھاڻ.....
    - ڀلا يادن کان پوءِ ڇاھي؟
    - اونداھي اوماس!
    - اونداھي اوماس!
    - ھا، او سرتي، اونداھي اوماس!
    - ..................!
    ۽ پوءِ ڪو نيڻ ۾ نيڻ کپائي ھيئن ٿو چوي: ”او ست سنڱيڻي، سپنن جي راڻي، ھي جيون ڪوئي جھوٽو آھي. باغن مان ڪي گل ڇنڻ ڏي..... گل ڇنڻ ڏي......“
    ڇمر جھمر ۾، چنڊ ٽٻيءَ ۾، اڻ تڻ من ۾، آڳ بدن ۾، ڇنن........ نھ نھ ....... نھ نھ نھ ........ نھ ڇم....... ڄڻ جھڄي پوي ٿي پائل جي جھنڪار.
    - او وڻجارا! سچ چوين ٿو، ھي جيون ڪوئي جھوٽو آھي. آئون توتان گھور وڃان، ڀل گل ڇني ٻيڙيءَ ۾ وجھھ، جھيڻو جھيڻو ونجھھ ھلاءِ ۽ يادن جا محل سجاءِ. ڇا ڇا مون کي ياد ڪندين تون!
    پورنماس ندي لھرن جا لوڏا ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات ۽ ڪو پيار مان ڪنھن کي ھيئن سڏ ڪري ٿو: او سرتا!
    - جي او جيڏي!
    - ھي جيون ڇاھي؟
    - سپنن جي ڦلواڙي.
    - جي گل ڪوماڻجي ويا تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟
    - پوءِ بھ چانڊوڻي ايئن ئي ڇڻندي رھندي.
    ۽ پوءِ ٻلھار ٿي ڪوئي ھيئن چوي ٿي: ھا ھا، جيڏا سچ چوين ٿو، ھي جيون ڪوئي جھوٽو آھي. آئون توتان گھور وڃان. ڀل گل ڇني ٻيڙيءَ ۾ وجھھ، جھيڻو جھيڻو ونجھھ ھلاءِ، منھنجو تن من تو لاءِ.
    ڇا ڇا مون کي ياد ڪندين تون!
    تارا ڪڻ ڪڻ، ھير ڏکڻ جي، ناءُ نديءَ ۾، لھرن جا لوڏا ۽ ٻڏتر جي راند – چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا، ٻرڻ ٺرڻ جي راند ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات ۽ ڪو مدھوش ٿي ڪنھن کي ھيئن سڏ ڪري: او سرتا!
    - جي او جيڏي!
    - ھيءَ روپھري رات ۽ ھي لھرن جا لوڏا وسري تھ نھ ويندءِ؟
    - ھيءَ روپھري رات ۽ ھي لھرن جا لوڏا ڪو وساريندو! (۽ ٺري پون ٿا، نيڻن جا نيل ڪنول)
    - ڀلا اڄوڪي رات ۾ ڇاھي؟
    - چانڊوڻي ڌرتي......
    - ڌرتيءَ تي ڇاھي؟
    - سونا ڏونگر.......
    - ڏونگرن ۾ ڇاھي؟
    - کير ڌارا جيئن وھي رھي آ ھڪ ندي......
    - نديءَ ۾ ڇاھي؟
    - ھڪڙي ناءُ.
    - ناءُ ۾ ڇاھي؟
    - ھڪ مسافر.....
    - ھڪ مسافر!......
    - ھا، ھڪ مسافر!...... (۽ مک ٿي وڃي ٿو لال گلاب)
    پوءِ ڪو آنھلجھي ھيئن چوي ٿو: ”ھا ھا، او ساٿي! پاڻ ٻئي ھڪ آھيون. منھنجي ٻانھن ۾ پيھي آ. ڀل تون منھنجا ڳجھھ بھ ڳول، ڀل تون ڀري ڇڏ پنھنجي جھول. امرت پي، جڳ جڳ جي. ھيءَ روپاھين رات وري ايئن مور نھ مڙندي. ٽپڪي رھي آ روشن لار، پيھي وڃ پاتار، منھنجو تن من تو لاءِ، ڇا مون کي ياد ڪندين تون..... (۽ بوند جھٽڻ لاءِ ڄڻ سپيءَ جو وات کلي ٿو)
    چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا. ھتڙي ڇا ڇا سپنا سرجن ٿا ۽ سرجي سرجي ڪچيءَ تند جيان ڇڄيو وڃن!
    تارا ڪڻ ڪڻ، نديءَ ڪنارو، ڪتيءَ ۾ ڪنبڻي، اڍڙيل ساھ، اک آلي ۽ من ؟؟؟ ساڳيءَ ڀر کان چنڊ چڙھي ٿو.
    چنڊ چڙھي ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. چنڊ لھي ٿو، نيڻ ٽمن ٿا.
    کئون ...... کئون ...... کئون ......ڄڻ اڍڙي دل جا ڦٽ پون ٿا.
    - ساٿي! ڇا پيو ڳولين؟
    - ساھن جي سرھاڻ (۽ پوءِ ٻوڙا لڙڪ لڙن ٿا)
    - او ست سنگيڻي، پيار وھيڻي، سپنن جي راڻا! ھيءُ جڳاڻو سپنو آھي. ھي چنڊ جو تيج ۽ اڀ جا تارا، سڀ نيڻن جو ڌوڪو آھن! جوڀن ڇا ڇا جاڙ ڪري ويو..... (۽ پوءِ ڇلڪي نيڻ پون ٿا.
    چنڊ چڙھي ٿو، نيڻ روئن ٿا. چنڊ لھي ٿو، نيڻ روئن ٿا، لاٽ ٻاٽ جي راند ۽ ڪو سڏڪي ڪنھن کي دل جو ڏڍ ڏئي ٿو:
    - او جيڏا! تون تھ ڊڄي ويو آھين!
    - ھا او جيڏي! منھنجو ساھ منجھي ٿو.
    - ڏاڍو مون سان پيار ڪرين ٿو؟
    - ھا او سرتي، توتي ساھ ڏيان ٿو. (۽ پوءِ سڏڪي چپ چپن کي چمن ٿا)
    کئون ...... کئون ...... کئون ......کنگھھ جو کرٽو. ساڳيءَ ڀر کان چنڊ چڙھي ٿو، ھانءُ سڙي ٿو (۽ ڳلن تان لڙڪ ڳڙن ٿا)
    - او جيڏا، تون تھ ڊڄي ويو آھين!
    - ھا او سرتي، منھنجو ھانءُ ھڄي ٿو.
    - ڇا لاءِ تنھنجو ھانءُ ھڄي ٿو؟ تو وٽ يادن لاءِ ڦول ناھن ڇا؟
    - آھن، سرتي آھن....
    - ڇا تو وٽ يادن لاءِ سپنا ناھن ڇا؟
    - آھن سرتي آھن.....
    - ڇا ڇا مون ھا پيار لٽايا – ياد اٿئي؟
    - ھا او جيڏي، سڀ ياد اٿم!
    ۽ پوءِ سڏڪي ڪوئي ھيئن چوي ٿو: چڱو مسافر! آئون ھلان ٿي. ڇا ڇا گيت سڻايم توکي! ڇا ڇا پيار لٽايم توتان! ھاڻي ڪھڙو واس وٺين ٿو. منھنجي يادن سان دل وندرائج. ڇا ڇا مون کي ياد ڪندين تون.....! (۽ پوءِ ڪنھن جو ساھ منجھي ٿو)
    کئون ...... کئون ...... کئون ...... کنگھھ جو کرٽو، رت جي الٽي ۽ ڪوئي ريھھ ڪري لاش تي لڙڪي ٿو، سڏ ڪري ٿو، چپ چمي ٿو. پويانيءَ جو واس وٺي ٿو، روئي روئي رڇ ڀري ٿو.
    چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. روئي روئي روڇ ڀري ٿو.
    چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. جيءَ اندر ۾ جھير پون ٿا.
    تارا ڪڻ ڪڻ، نديءَ ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۽ ساڳيءَ ڀر تان چنڊ چڙھي ٿو.
    ساڳيو سپنو.
    ڪارا ڪارا بادل، ڀنڀا ڀنڀا وار، وٽڙيل وٽڙيل روشني، اڍڙيل اڍڙيل ساھ، ڇمر جھمر ۾، چنڊ ٽٻي ۾، ارھ جو تجلو، آڳ بدن ۾..... ڇنن........ ڇنن..... ڇم...... ڇم....... پائل جي جھنڪار.
    - ھي جيون ڇاھي؟
    - سپنن جي ڦلواڙي.
    - ڀلا سپنا ڇا ٿيندا آھن؟
    - ماضيءَ جون يادون
    - ڀلا يادن کان پوءِ ڇاھي؟
    - اونداھي اوماس!......
    چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا. چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا. ٻرڻ ٺرڻ جي راند.
    چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا، لاٽ ٻاٽ جي راند.
    اک آلي ۽ من پورالو. ھڪ مسافر ھيکل وياڪر، تنھا، تنھا، بيٺو سوچي: ھي جيون ڇاھي!......


    نئون سال، پراڻو ڪال

    ڳالھھ ٿا ڪن تھ اڄ کان سوين سال اڳي، ھن ٿويءَ تي سون ولات نالي ھڪ وڏو سکيو ڀاڳ ڀريو ملڪ آباد ھو. ان مان ڪئين نديون وھنديون ھيون، جن مان سڀ کان وڏي نديءَ جو نالو سوشوما ھو. اھا ندي ٻارھوئي اتانھن پھاڙن کان گجگاھ ڪيو پئي وھندي ھئي. سڄي ملڪ جي زراعت جو دارومدار ان نديءَ تي ھوندو ھو ۽ سون ولات جي پرٿوي سدائين اناج سان ڀريل کيتن، ميوي دار وڻن، ڪپھھ جي گوگڙن ۽ ماکين سان ٽنڊڻي پئي ھوندي ھئي.
    ھڪ سمان ان ملڪ تي آئوڌ نالي ھڪ آريائي نسل جي راجا ڪاھھ ڪئي ۽ اتي جي مڙني راجائن کي ماري مات ڪري، دڳي جو ڌڻي ٿي ويٺو. جنگ کٽڻ کان پوءِ ھن سون ولات جي ڏيھي ماڻھن کان ملڪيتون ۽ جاگيرون ڦري پنھنجي آريھ سپاھين کي ڏنيون ۽ ھو آريھ لوڪن جو جيترو گھڻگھرو ھو، ڏيھي ماڻھن جو اوترو ئي ويري. ويچارن ڏيھي ماڻھن جو ھن جي نالي کان ئي ساھھ سڪي ويندو ھو. جيئن ٻڪرين جي ڌڻ ۾ بگھڙ! جنھن کي وڻيس ڇيڇاڙي، جنھن کي وڻيس ماري. ويچاري مٺي بھ ماٺ مٺي بھ ماٺ. بيداد نگري ۾ ڪير ڪڇي.......
    راجا آئوڌ سدائين اتي جي ڏيھي ماڻھن مان ڪنھن چاپلوس، لالچي ماڻھو کي پنھنجو وڏو وزير چونڊيندو ھو، ڇو تھ ھو اتي جي ڏيھي ماڻھن جي ٻولي ڪانھ سمجھي سگھندو ھو، تنھن ڪري ڊپ لڳندو ھئس تھ ھتي جا ماڻھو ڪا بغاوت نھ ڪن. تنھن ڪري اھو وزير کيس ھر وقت ملڪ ھي حال احوال ۽ خطري کان واقف ڪندو رھندو ھو، پر جي ڪو وزير ڏيھي ماڻھن ۾ مقبول ٿي ويندو ھو ۽ عوام جي خير خواھي جو ڪم ڪندو ھو ۽ مھاراجا کي مٿس ٿورو بھ شڪ پوندو ھو تھ وزارت جي ڪرسيءَ تان لاھي کڻي ڪاٺ ۾ ھڻندو ھئس.
    ان ئي سمي سون ولات لڳ جھرڻا نالي ھڪ گمنام ٻيٽ ھو، جنھن جي ڪل آئوڌ کي بنھھ ڪانھ ھئي. سوشاما ندي ٻارھوئي جھرڻا ٻيٽ جي پرٿوي تي اچي گھاگھر وانگي پلٽي پوندي ھئي ۽ جھرڻا جا ٿر بر سڀ جل ٿل ٿي ويندا ھئا. درياھھ جي ميرانجھڙي پاڻيءَ تي فصل ايترو تھ ڀلو ٿيندو ھو جو لکين ماڻھو ان تي پيٽ پاريندا ھئا. تنھن ڪري اتي جا ماڻھو جھرنا ٻيٽ جي ان حصي کي لکي ديھھ ڪري سڏيندا ھئا. سوشوما ندي ٻارھوئي پئي مٿن سڪار ڪندي ھئي. اھي ماڻھو ٻارھوئي فصل لھڻ مھل سوشوما ندي جي ڪناري تي گڏجي جشن ملھائيندا ھئا. سڀ گڏجي قسمين قسمين جا طعام چاڙھيندا ھئا. زالون اوچا وڳا، ھار سينگار ڪري جمالو ۽ ڇيڄ ڳائينديون ھيون. نينگريون ناچ ڪري چيڪليون پائينديون ھيون. ٻارڙا وڻن ۾ پينگھون ٻڌيون لڏندا ھئا. جوان مڙس پاڻ ۾ پيا ملھون ۽ ٻلھاڙا ڪندا ھئا. ھر طرف سک، خوشي ۽ منڊل متو پيو ھوندو ھو.
    ڪرڻي خدا جي، ھڪ ڏينھن جڏھن لکي ديھھ جا رھواسي پنھنجي سرڳ سمان کيتن ۾ لابارا لھڻ جو جشن ملھائي رھيا ھئا تھ اتان مھاراجا آئوڌ جو وڏو وزير نيڀراءِ اردلي اچي شڪار سانگھي لانگھائو ٿيو ۽ جبلن وانگي ان جا کرا ۽ ساوا سڪاريا کيت ڏسي دماغ جا تاڪ لڳي ويس. سو ويھي ويچار ڪيائين تھ وزارت جي ڪرسيءَ تي ڪھڙو ڀروسو، الا ڪڏھن مھاراجا آئوڌ ڏمرجي لت ھڻي ڪرسيءَ تان ڪيرائي وجھيم. سو ڇو نھ ھينئر جو مھاراجا وٽ ھيڏي ھلندي ۽ ھوڏ اٿم، تنھن مان ٻين وزيرن وانگي فائدو وٺجي. سو سٽ ڏئي گھوڙي جي واڳ ورايائين ۽ شڪار جو سانگو ڇڏي، نئون منڊ منڊڻ لڳو ۽ وڃي مھاراجا آئوڌ جي پيرن ۾ سجدو ڀري، پنھنجون جفاڪشون ۽ وفاداريون دھرايائين ۽ پير چمي چيائين:
    ”اي جيئندا قبلا! اي سون ولات جا سرواڻ! لکي ديھھ جي ڌرتي ڏاڍي ڀاڳ ڀليري آھي، پر اتي جا ماڻھو ڏاڍا ٽوٽي ۽ ڪمچور آھن. سڄي زمين ويران پئي آھي. جي اھا زمين مون کي ملي تھ آئون سرڪار کي ٻيڻي ڍل ڏيندس.“ مھاراجا آئوڌ مٿس ڏاڍو مھربان ھو، ڇو تھ ھن کيس ڪيترن خطرن کان آگاھ ڪيو ھو، سو تڙي کڙي ڪاڳر تي مھر ھڻي ڏنائينس تھ لکي ديھھ جي ڌرتي تنھنجي آھي، وڃي پوک. اردلي وزير مھاراجا جي پيرن ۾ وڏا سجدا گھوريا ۽ مھاراجا جا پير چمي لکي ديھھ ھٿ ڪرڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو روانو ٿيو.
    ٻئي ڏينھن پرھھ ويل لکي ديھھ جا ھاري ناري، مالوند ۽ مارو، جنڊن ۽ ولوڙڻ جي مٺي آواز تي ننڊ مان اکيون مھٽي اٿيا ۽ پنھنجي ڳوڀن کي کڙ ڪتر ڳوھت ڪري ڏيڻ لڳا تھ پنھنجي زمينن تي سرڪاري ڪامورن جي ويھون ڏسي وائڙا ٿي ويا. سو وڌي ڏھاڪو ويھارو مڙسن جو ٿي گڏجي کانئن خبرون چارون وٺڻ لاءِ ويا ۽ کين ڀليڪار ڏئي چيائون:
    ”سائين، خير مان اچڻ ٿيو آھي.“
    تڏھن ھڪ ڪاموري ڏيڍي اک ڪري گوراک وجھي، ڏانھن نھاري چيو:
    ”اڙي انڌن جا ڦرنئون! ڏسو نٿا تھ زمين جو ڪاڇو پيا ڪيون.“ ڪاموري جي ھڪل ڄڻ الله جو آواز. ويچارا سڀ ڳوٺاڻا ھيسجي ويا، پر ھڪ ڪراڙي مڙس مڙئي دل جھلي چيو: ”پر سائين، اھي زمينون تھ اڳيئي ڪٿيل ۽ ماپيل آھن. اھي آد جڳاد کان اسان جون آھن. اسين ھتي ويد ڪال کان بھ اڳي جا آباد آھيون.“
    ”اوھان جي بابي جون آھن. خبردار جو ڪنھن رنڙي پٽ ٽون ٽان ڪئي آھي. چيري چوڏھن ٽڪر ڪري، لوڻ ٻرڪائيندوسانس. اڙي اٺ جا پٽؤ، ھي زمين مھاراجا آئوڌ پنھنجي وڏي وزير نيڀراءِ اردلي کي ڏني آھي. سڀاڻ سج اڀرڻ کان اڳي اوھان پنھنجا ڀنگا ھتان پٽي ٻئي ڪنھن ھنڌ وڃي اڏيو. اڙي سمجھو ٿا يا وجھانو جوتن جي گھاڻي!“ پوءِ ڇا ھو، ماڻھن ويچارن جي پيرن ھيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي. ڏاڍي جي ڪٺ کي ٻھ مٿا. زور جي اڳيان زاري آ. ڪير ٻڙڪ ڪڇي! ٻيو ڪوبھ چارو نھ ڏسي سڀ وٺي پنھنجي گوگي پير ڏي ڀڳا.
    گوگو پير سندن سڀ کان وڏو ديوتا ۽ پيشوا ھو. اھي غريب ماڻھو ٻارھوئي کيس ڏن ڏيندا ھئا، ڇو تھ ڏڪار ۽ اھڙي مصيبت جي موقعي تي سدائين کين گوگو پيو ڪم ايندو ھو. تنھن ڪري سڀني گڏجي وڃي گوگي پير جي گھر جو ڪنڍو کڙڪايو. گوگي پير پنھنجيون ڳاڙھيون ڪرڙيون اکيون مٿي کڻي ڏاڙھيءَ تان ھٿ ڦيرائيندي چيو: ”ابا! ديوتا مڙئي چڱي ڪندا. ھي ڪامورا بي پيرا بي پاڙا، انھن تي ڪنھن جو وس ڪونھ ھلي. منھنجي پاڻ ٥٠٠ جريب زمين ڪاڇي ۾ اچي وئي آھي، پر ابا! جيڪو ڏاڍو سو گابو. جبل سان مٿو ٽڪرائبو تھ مٿو ڦاٽندو. جبل کي ڪي ڪين ٿيندو. متان اٻھرا ٿي گوڙ گٻوڙ ڪيو اٿو. آئون ويٺو آھيان، سڀ چڱي ٿيندي.“ گوگي پير کين گھڻائي ڏڍ ڏنا، پر چوندا آھن جھريءَ کي ڪھڙو جھل. ويچارن کي ٿھمر ڪونھ آيو. ويچارا ماٺ ڪري پنھنجي گھرڙن ڏي ھليا ويا.
    ان ئي ديھھ ۾ سرويچ نالي ھڪ نوجواڻ نينگر رھندو ھو. ھو جھڙو ئي بت جو جانٺو، سھڻو ۽ دلير ھو، عقل جو بھ اھڙو ئي اڪابر ۽ ڳالھين جو وينجھار ھو. تنھن ڪري لکي ديھھ جا ماڻھو کيس ڏھيسر جي نالي سان سڏيندا ھئا ۽ گوگي پير کان سواءِ سڀ کيس ڏاڍي عزت جي نگاھھ سان ڏسندا ھئا. ان نينگر کي جا ان ھاڃي جي ڪل پئي، تنھن جھرڻا ٻيٽ جي سڀني چڱن مڙسن کي گڏ ڪري پنچائت گھرائي ۽ ھزارين ماڻھن جي حشام ۾ ھڪ پيھي تي چڙھي، وڏي آواز سان چيائين: ”ڀائرو! ھيءَ زمين ازل کان اسان جي آھي. ويد ڪال کان بھ اڳي اسان جي ابن اچي ھي پٽ وسايا ۽ صدين جي محنتن سان اسان ڪيڙون ھڻي، ھر ھڻي، ٻنا ٻڌي ھن زمين کي فصل جي قابل بنايو. ان زمين تي رڳو اسان جو حق آھي. ھيءَ زمين اسان جي جيجل ماءُ آھي، اسان جو ايمان، اسان جي عزت، اسان جو سڀ ڪجھھ آھي. ڇا اھو سڀ ڪجھھ ٻين جي ھٿن ۾ ڏئي ڇڏيندا؟ ڪڏھن بھ نھ! اوھان ما ڪو ايئن نھ ڪندو. ڀائرؤ! اڳي اسان جي زمين اسان کان رڳو ٻانھن جو پورھيو ۽ پگھر گھرندي ھئي، پر اڄ اسان جي زمين اسان کان رت جو ڀاڻ گھري ٿي ۽ اسين اھو بھ ڏينداسين ۽ اسان ان جي حفاظت لڍين، ڪاتن ۽ ڪھاڙين سان ڪنداسين. ڀائرؤ! واعدو ڪيو تھ اسين ھر ظلم، جبر ۽ انياءُ جو مقابلو ڪنداسين. اسين مرنداسين پر پنھنجي زمين ٻين جي ھٿن ۾ ڪونھ ڏينداسين.“ تنھن تي ماڻھن ۾ اھڙو تھ اچي جوش پئدا ٿيو جو سڀني وٺي لٺيون ۽ ڪھاڙيون مٿي ڪيون ۽ چيائون: ”اسين مرڻ مارڻ لاءِ تيار آھيون. اسين مئي مارائي پڄاڻا پنھنجي زمين ٻئي جي ھٿن ۾ ڪونھ ڏينداسين.“
    گوگي پير کي جو ان ڳالھھ جو ڪڙ واءُ ڪن پيو، سو ھڪدم پاڻ کي ڏولي تي کڻائي پنچائت ۾ آيو ۽ ڏوليءَ تان ئي سھڪندي چلم وانگي گڙگڙائيندي چيائين: ”ابا ٿڌا ٿيو، ماڻھو جيڪو واءُ ڏسي ان کي اھڙو منھن ڏئي. اسان جو مقابلو جبل سان آھي. ڇورن ڇلنگن جي چوڻ تي اٻھرا نھ ٿيو. اھي وات ڳاڙھا ڇورا اوھان جو سر وڃائيندا. راجا نيٺ بھ راجا، پرجا نيٺ بھ پرجا آھي. منھنجي بھ تھ ٥٠٠ جريب زمين ڪاڇي ۾ اچي وئي آھي.“ گوگي پير جي ان ڳالھھ تي نوجوان نينگر ڏھيسر کي آئي ڪاوڙ، سو ھڪل ڪري چيائين: ”گوگا پير، تون ڄاڙي بند ڪر. توکي ڪھڙي خبر تھ زمين ڇا کي چئبو آھي! تو ٻانھن جي پورھئي سان زمين ورتي ھجي يا ھر ھلائي پگھر وھايو ھجي تھ توکي ڪل پوي. تو سدائين پن جا ٽڪر کاڌا ۽ غريب مريدن جي ڏن جي ڏوڪڙن تي چار ايڪڙ زمين ٺاھيئي. توکي ان جو ڪھڙو قدر ۽ قيمت.“ ڏھيسر جي ان ڳالھھ تي گوگي پير کي باھ لڳي وئي. منھن ٽامڻي ھڻي ويس. ڏڪندي سھڪندي پنچائت مان اٿي کڙو ٿيو ۽ ويندي ويندي چيائين: ”اوھان ڄڻ ٻچي گھاٽن ۾ پيرھبا. اھي لفنگا ڇورا اوھان کي کاھي ۾ ھڻندا. ديوتائن جي منافقت جو حشر ٿيڻو آھي.“ ماڻھن ڪنھن طرح بھ پنھنجي گوگي پير کي ناراض ڪرڻ نٿي چاھيو، تنھن ڪري پنچائت کان موٽڻ مھل سڀ سندس در تان ڦيري پائيندا ويا.
    گوگير پير واءُ جو رخ تاڻي چيو: ”اوھان اصل بيوقوف آھيو. ڪين جھڙا ڇورا اوھان جو سر وڃائيندا. انھن ٽڪي جي ڇورن جي عزت کان بھ مٿي ٿي ڇا!؟ توھان جي اڳيان ھن ڇا ڇا لٻاڙ ھنئي. توھان مان ڪنھن کيس چيو. نيٺ بھ تھ آئون اوھان جو ديوتا آھيان، جيڪي ڪندس سو آئون ڪندس. ۾آنھو اھڙي ھلت ھلي جو نانگ بھ مري ۽ لٺ بھ نھ ڀڄي. منھنجي مھاراجا آئوڌ جي دربار ۾ چڱي ھلندي آھي. اوھان سڀ گڏجي مون کي ھڪ ھڪ سونو سڪو ڏيو تھ مان ديوان داڙا ڪري مھاراجا آئوڌ جي درٻار ۾ اوھان جي حقن ۽ انصاف لاءِ وڙھان.“ ماڻھن کي گوگي پير جي اھا صلاح ڏاڍي وڻي. سو ھر ھڪ کيس سونو سڪو آڻي ڏنو ۽ صبح جو سويري گوگو پير سونن سڪن جي ٿيلھي ڪڇ ۾ ڪري، ڀلن بگن ڍڳن جي گاڏي ۾ ويھي سون ولات جي راڄڌاني سون مياڻ ڏي روانو ٿيو ۽ اتي وڃي مھاراجا آئوڌ جي وڏي وزير نيڀراءِ اردلي سان ملاقات ڪيائين ۽ ھٿ ٻڌي ھن جي پيرن ۾ وڏا سجدا گھوريندي چيائين: ”شال اوھان جو بخت ڀليرو ھجي. آئون ديھھ لکي جو وڏو زميندار گوگو پير آھيان. جھرڻا ٻيٽ جا سڀ ماڻھو منھنجي سڳي ڦيڻي ۾ ايئن ٻڌل آھن، جيئن جوڳيءَ جي مرليءَ ۾ نانگ! پر رڳو ھڪ ڇوري جو ڪارو منھن ٿئي، سڄو ڪم ڦٽايو ويٺو آھي. رڳو زھريلا ڦوڪارا پيو ھڻي ۽ ماڻھن کي ايڏو تھ ڀڙڪايو اٿس، جو سڀ ڪات ڪھاڙا کنيو ويٺا آھن. جيڪو ويندو، سو ڪسندو. وڏي بغاوت ٿيندي. ممڻ مچندو ۽ ڇتي جنگ لڳندي، پر جي رڳو ان ڇوري جي ڄاڙ بند ڪرائي وڃي تھ ٻيا ماڻھو منھنجي مرلي ۾ قابو آھن.“ پوءِ گوگي پير اردلي وزير کي ڪن ۾ ڪو ڦسڪو ڪيو. ڪن واري ڳالھھ تي اردلي وزير ٺري ڳنڱ ٿي پيو ۽ ھڪدم سندس مريد ٿي ويو ۽ ساڻس واعدو ڪيائين تھ ھو سندس زمين جي ٽڪر کي ھٿ بھ نھ لاھيندو ۽ پاڻ سرڪار کان ٻي زمين بھ کيس وٺرائي ڏيندو. ان ڏينھن اردلي وزير گوگي پير کي ڏاڍا قورمان ڪمام کارائي، ڏاڍيون سوکڙيون سوغاتون ڏئي لکي ديھھ روانو ڪيائين.
    ٻئي ڏينھن مھاراجا جا ڪامورا ۽ سپاھي سونين چونين سان ھر ڪاٺ جا گھوڙا، لوھھ جا لغام قطاري لکي ديھھ پھتا تھ ھزارين ڳوٺاڻن کي لٺيون، ڪات، ڪھاڙا کنيو بيٺل ڏسي ڪجھھ مڙئي ڏڪي ويا. نوجوان نينگر ڏھيسر سڀني جي اڳواڻي ڪندي سرڪاري ڪامورن جي سامھون ٿيندي چيو: ”ھن ڌرتي تي رڳو اسان جو حق آھي. اسان پنھنجي جيئري پنھنجو حق ٻئي کي ڪونھ ڏينداسين. توھان کي ڪو حق ڪونھ ٿو پھچي تھ اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو.“ ڏھيسر جي ان ڳالھھ تي وڏي ڪاموري کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر مام پروڙي ڪاوڙ جي بجاءِ ڪجھھ ھيٺاھين وٺندي چيائين: ”سرڪار اوھان جو حق ڦٻائڻ نٿي چاھي. حقيقت ۾ ھيءَ زمين سون جي کان آھي، سون جي کاڻ. اوھان رڳو نم جي ٿڌي ڇانءُ ھيٺان زالن سان ٻک وجھي سمھڻ ڄاڻو. اوھان کي اھا زمين اصل ڪانھ ٿيندي. اسان ان کي سونين چونين ڪاٺ جي گھوڙن، لوھھ جي لغامن سان کيڙينداسين ۽ ان جي بدلي سرڪار اوھان کي ٻي زمين ڏيندي.“ ڪاموري جي ان ڳالھھ تي نوجواڻ ڏھيسر کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ ڏاڍي رعب سان چيائين: ”ڪامورا! اھا اڻ ٿيڻي آھي. سڀاڻ اوھان چوندؤ تھ اوھان جون زالون ڏاڍيون سھڻيون آھن، پر اوھان تھ کين پير ۾ جتي بھ ڪانھ ٿا پھرائي سگھو. توھان انھن کي نٿا سنڀالي سگھو. اسين کين ملڪھ سڏينداسين ۽ قلوپطرھ وانگي محلن ۾ ٺٺ سان رھائينداسين ۽ کين اوچا وڳا پھرائينداسين. اھي زالون اسان کي ڏيو. اسان انھن جي عيوص اوھان کي ٻيون زالون ڏينداسين. ڪامورا! ايئن ڪڏھن بھ ڪونھ ٿيندو. اھا مٽا سٽا اسان کان اصل ڪانھ ٿيندي. خبردار جو ڪنھن بھ اسان جي زمينن تي ھر کيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اسان ان جا ھٿ وڍي ڇڏينداسين. ھيءَ ڌرتي آدجڳاد کان اسان جي آھي. ان لاءِ اسين مرڻ مارڻ لاءِ تيار آھيون. آھي ڪنھن کي ھمٿ جو ميدان ۾ نڪري نروار ٿئي؟“ وڏي ڪاموري پنھنجي چوڌاري ھزارين ماڻھن ڏي نھاريو، جي مرڻ مارڻ لاءِ تيار بيٺا ھئا. سو ڏٺائين تھ گھمسان جي جنگ لڳندي، جنھن ۾ سندس لشڪر مان ھڪ سپاھي بھ نھ بچندو، سو مڙي ويو.
    ان ڏينھن لکي ديھھ وارن پنھنجي نوجواڻ اڳواڻ ڏھيسر کي خوشي کان ڪلھن تي مٿي کنيو. ان رات ڳوٺ ۾ وڏو جشن ملھايو ويو. ڏھيسر جي ننڍي نيٽي ڪامڻي زال ساھيڙين جي سٿ ۾ پئي سونھين. زالون توڙي مڙس ڏھيسر جي ساراھ مان ڍاپيا نٿي.
    ھوريان ھوريان جشن جا ديپ اجھاڻا. لکي ديھھ جا ھاري ناري، لاھياريون، جي ٻن راتين کان جنگ جي ڏھڪاءُ کان سمھي نھ سگھيا ھئا، آھستي آھستي ھڪ ٻئي کان موڪليائي وڃي پنھنجي ڪکين پنين آسائتا ٿيا. چئني پاسن کان ننڊ جي ديوي آري تي ويٺل ڪڪڙ وانگي پنھنجا اونداھا پر ڦھلايو ويٺي ھئي. ھر طرف رات جو راڄ ھو.
    ان رات جڏھن ھرڪو ماڻھو پنھنجي ڀنگي ۾ ننڊ ۾ الوٽ ھو تھ ڳوٺ ۾ ائوڌ جو لشڪر گھڙي آيو. انھن جي اڳواڻي گوگو پير ڪري رھيو ھو، جنھن وٺي وڃي کين نوجواڻ اڳواڻ ڏھيسر جي گھر جي در تي بيھاريو. ڏھيسر پنھنجي ننڍڙي گھر ۾ ڳوڙھي سوچ ۾ ٻڏل ھو. ھن جو ھڪ سال جو ننڍڙو پٽ ۽ نوجواڻ زال پينگھي ۾ ستا ننڊ ۾ مرڪي رھيا ھئا. ڏھيسر پاڻ منجي تي ڪلڪ ھٿ ۾ کنيو ڪاڳرن تي جھڪيل ھو تھ ٻاھران گوگي پير اچي سڏ ڪيو. گوگي پير جي آواز تي ڏھيسر جھڙو ئي ٻاھر نڪتو تھ مھاراجا آئوڌ جي لشڪر وات تي ھٿ ڏئي کڻي کنڀي کنيس ۽ سڪ ڪري ڇڏيائونس.
    صبح جو سويري اھا خبر وڄ وانگي سڄي وسنديءَ ۾ ڪڙڪي وئي تھ آئوڌ جي لشڪر ڏھيسر کي گرفتار ڪيو آھي ۽ کيس ھزارين ماڻھن جي حشام اڳيان کلي ڦاھي ڏني ويندي. سڄي لکي ديھھ جا ماڻھو، ٻار زالون بِر ٿي ويا ۽ پنھنجي نوجواڻ اڳواڻ کي بچائڻ لاءِ ڪات ڪھاڙا کنيائون، پر گوگو پير آڏو اچي وين ۽ چيائين: ”خبردار جو ڪنھن ٻڙڪ ڪڇي آھي، نھ تھ سڀني جي ويڌن ڏھيسر جھڙي ٿيندي. زمينون تھ ويندو، پر ماڳھن ڄڻ ٻچي گھاڻن ۾ پيڙبئو. توھان جي ننڍڙن ٻارن جا لاش مھاراجا آئوڌ جا ڪتا کائيندا. راجا نيٺ بھ راجا ۽ پرجا نيٺ بھ پرجا آھي. انھن ڪين جي پٺيان لڳي پنھنجا سر وڃائيندؤ. مون تي اعتبار ڪيو. مان اوھان جو گوگو پير آھيان، مان اوھان کي اوھان جون زمينون بھ وٺرائي ڏيندس ۽ ڪامورن کي چئي ڪري ڏھيسر جي موت جي سزا بھ بخشائيندس، پر ان شرط تي تھ اوھان مان ڪو ٻڙڪ بھ نھ ڪڇندو. ان ۾ سرڪار، منھنجو، اوھان ۽ ڏھيسر جو ڀلو آھي.“ سڀني ماڻھن پنھنجا ڏنڊا، ڪات، ڪھاڙا کڻي ھيٺ ڪيا ۽ پنھنجي ديوتا جي ڳالھھ مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جا سڀني جي فائدي جي ڳالھھ ھئي.
    ان ڏينھن لکي ديھھ جي ٻنين جي وچ ۾ نوجواڻ اڳواڻ ڏھيسر کي بيھاري کيس ڦاھيءَ جو حڪم ٻڌايو ويو.
    سڀ ڳوٺاڻا ويچارا زالون مڙس ھن جي جان بخشيءَ لاءِ گوگي پير ڏي نھاري رھيا ھئا. گوگي پير ڏاڍي گنڀيرتا سان سڀني ڳوٺاڻن ڏي نھاريو ۽ ريسم جھڙيءَ اڇي، نرم ڏارھيءَ تان ھٿ ڦيرائيندي، آئوڌ جي وڏي ڪاموري کي عرض ڪيو: ”قبلا! منھنجي صلاھ تھ اھا آھي جو ڦاھي ڏيڻ کان سٺو ٿيندو تھ ان نينگر جي زبان ڪاڪڙي ڪري وڍي وڃي، جيئن وري ڪنھن کي ايئن ڄاڙ ھڻڻ جي ھمت نھ ٿئي.“
    گوگي پير جي اھا صلاح ڪاموري کي ڏاڍي وڻي. تنھن ھزارين ماڻھن جي وچ م اٿي چيو: ”اسين ان نينگر کي ڦاھي ڏيون ھا، پر گوگي پير جي سفارش سان سندس جان بخشي ٿي وڃي. ھن سرڪار جي خلاف عوام کي ڀڙڪايو ھو، تنھن ڪري سندس زبان ڪاڪڙي کان وڍي ويندي.“
    ان ڳالھھ تي ڏھيسر ھڪ وڏي رڙ ڪندي چيو: ”ظالمو! ايشور جي نالي منھنجي زبان نھ وڍيو. منھنجي زبان انسان جي اندر جو پڙاڏو آھي. مون کي ڦاھي ڏيو، مون کي تلوار ھڻي منھنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو، منھنجا ھٿ پير وڍي ڇڏيو، مون کي ڀالا ھڻي منھنجي جسم کي پروڻ ڪري ڇڏيو، پر اوھان کي ديوتائن جو سوڳنڌ، منھنجي زبان نھ وڍيو.“ پر ھن جي آھ زاري ڪنھن نھ ٻڌي. گوگي پير جي ٺونٺ جي اشاري سان ڪاموري پنھنجي سپاھين کي زبان وڍڻ جو حڪم ڏنو. چئن ٿلھن ٿنڀرن سپاھين حڪم ٻڌندي ئي نوجواڻ ڏھيسر کي کڻي ٻڪس ٻس ڪيو. سندس نڙيءَ تي لت ڏئي تکيءَ ڇريءَ سان سندس زبان وڍي ڇڏي. ھن جون رڙيون آسمان تائين ٿي ويون ۽ ھن جي وات مان نڪرندڙ رت جي گرڙين سان لکي ديھھ جي زمين جو ٽڪر ڳاڙھو ٿي ويو. ڏھيسر جي نوجوان زال پنھنجي مڙس جو اھو حال ڏسي وڏي ڪيھھ ڪري ڏندڻجي ڪري پئي. ڏھيسر جو ننڍڙو پٽ خوف ۽ ڏھڪاءُ کان اکيون ڦاڙيو پنھنجي پيءُ کي ڦٿڪندو ڏسندو رھيو. ھو ايترو تھ ڊڄي ويو ھو جو سندس وات مان دانھن بھ ڪانھ نڪتي. پنھنجي اڳواڻ جو اھو حال ڏسي سڀني ڳوٺاڻن زالن توڙي مرشن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا. گوگو پير پنھنجي اڇي ريشمي ڏاڙھيءَ تان ڏاڍيءَ گنڀيرتا سان ھٿ ڦيرائي ڪامورن سان اٿي کڙو ٿيو.
    ان ڳالھھ کي ڪي وقت گذري ويا. زمانو پنھنجي ساڳي چال تي بيٺو آھي. چون ٿا تھ سوشوما ندي اڄو اڄ تائين سون ولات جي پرٿويءَ تان سوئا ڳئون وانگي رنڀندي جھرڻا ٻيٽ ڏي ڊوڙندي آھي. سڀ ٿر بر جل ٿي ويندا آھن.
    آئوڌ بھ آھي، اردلي وزير بھ آھي، گوگو پير بھ آھي، ساڳيو عوام بھ آھي ۽ اولاد ڏھيسر بھ آھي. پر چون ٿا تھ انھيءَ آئوڌ ڪال کان وٺي ڏھيسر جي اولاد جي وائي بند ٿي وئي ۽ سڀ ڏھيسر پيڙھيءَ بھ پيڙھيءَ گونگا پئدا ٿيندا آھن. جيڪڏھن ڪو ڏھيسر جوش ۾ اچي ڪي ڳالھائيندو بھ آھي تھ ويچارو عوام ھن جي گونگي ٻولي نھ سمجھي سگھي.


    گرڀ جو تيج

    ھو ميٽروپول مان پي کائي ڌت ٿي نڪتو آھي.
    وايو منڊل ۾ ڄڻ تارا، ترورا ڪندا، تر ٿيندا، ڪڻيون ڪڻيون ٿي ھيٺ ڇڻي آيا آھن ۽ ڌرتي تي، ھوائن ۾ چانديءَ ھاڻي دز پئي اڏي.
    ھو ڪنھن جي کوج ۾ چوڏس نھار ڦھلائي ٿو. سندس نيڻ ڦرندا، سامھون بيٺل ڪارن ڏانھن کڄي ٿا وڃن. سامھون سڙڪ جي ھن پار، اھا گرڀ وتي منڌ کيس ھئنڊ بئگ کنيو بيٺل نظر اچي ٿي، جيڪا ٿوري دير اڳ بار ۾ ھڪ کڙپيل امير پوڙھي سان ويٺل ھئي.
    ھو گھريءَ اونھين گھور سان عورت جي گھڙاو، رنگ، روپن، ساروپن ۾ نھاري ٿو. سندس واڄٽ وڄيو وڃن. عورت ڇا ھئي، بور ھئي بور. ڊگھي ڊگھي جھڙو ونجھھ، بُبا ڄڻ ڪنھن مسيت جا قبا. مٿن اٺن مھينن جي گرڀ ٿوٿر ھوندي بھ دن جي اونھاڻ اھڙي جھڙي ڌبڻ. ڄڻ ٻارن ڄڻڻ لاءِ قدرت کيس ٻٽا ٻر ڏنا ھجن. ٻٽيون شڪتيون ڀاري ڀاري ھيس. چيلھھ ۾ چاٻين جو ڇڳو لڙڪيل. نيري ساڙھيءَ مٿان نرڙ تي نيرو گھرو تلڪ، اشانت مک، جھڙي نيل گوپي. ساروپا اھڙا جو ھڪ وار ڏسڻ کان پوءِ سدا لاءِ اکين ۾ ڇاپجي وڃن. فريز ٿي وڃن ميڄالي ۾.
    - ۽ ٻنھين جي وچان ڊوڙندا وڃن ٿا، ڪارن جا اکٽ سرسلا.
    ھن لائونج ۾ ڪروڙ پتي مھاجر پوڙھي سان سندس ڳالھھ ٻولھھ ٻڌي پئي. عورت لاءِ پئسن جو مسئلو ھو ۽ پوڙھي لاءِ سنھڙي چھبڪ چيلھھ واري عورت جو مسئلو، پر پوءِ بھ ھوءَ ڪجھھ پئسا ان مرچوٺ پوڙھي مان ڪڍي چڪي ھئي – چمين ۽ چٽڪن جي عيوض ۽ عورت جي اٿندي ئي ھو سڄو پيگ ھڪ ئي ڳيت سان خالي ڪري ٻاھر نڪري آيو ھو، کيس ٽريپ ڪرڻ لاءِ.
    ٻنھين جي وچان ڪارن جا اکٽ سرسلا تيزي سان ڊوڙندا ٿا وڃن.
    ھو ھڪ اک لانجھي ڪري چروٽ دکائي ٿو ۽ عورت کي قابو ڪرڻ لاءِ پنھنجي ھيپناٽڪ گھور سان ڏانھس نھاري ٿو. ڏسڻ چاھي ٿو تھ موٽ ۾ عورت طرفان ميچ ۾ کيس ڇا ٿو ملي؟
    ۽ موٽ ۾:
    موٽ ۾ اشانت عورت کن لاءِ ڏانھس نھاري ٿي ۽ ڪنڌ نارمل انداز سان ھيٺ ڍاري، آنڱرين سان چاٻيون ڇڻڪائيندي ٿي رھي.
    ۽ پوءِ ٻئي کن ۾:
    ٻئي کن ۾ عورت جي نھائين ۾ ٻار ڄن چلولايون ڪندي دڙھا ٿو ھڻي. سندس ديھھ کي انگھائڻ لاءِ اندر ئي اندر ڪولاٽيون کائيندو کيچل ڪندو ٿو رھي. ڪتڪلايون ۽ عورت جي اندر ۾ وھامندڙ سموري وارتا – لھرون، لس، ليٽ پالوٽ ٿيندي، سندس چپن، ڳلن ۽ نيڻن مٿان ھلڪي مرڪ سمان ڇاٽون ھڻندي کڙي ٿي اچي. ھوءَ کن لاءِ جھڪيل ڪنڌ مٿي کڻي ڏانھس نھاري ٿي ۽ وري ھيٺ ڍاريو ڇڏي.
    (ڳوڙھي ميچ، جنھن ۾ آھي ھا بھ ۽ نھ بھ.....)
    ۽ ھوائن ۾ چانديءَ ھاڻي دز جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وڃي. سائن بورڊ ٻري اجھي، عورت مٿان انڊلٺ جھڙا رنگ اڇلائيندا ٿا رھن. جيئن ئي ٽريفڪ کن لاءِ بند ٿئي ٿي، ھو تيزيءَ سان سڙڪ پار ڪري، عورت ڏانھن وڌي ٿو. ايئن جو ڏسڻ وارا ايئن سمجھن ڄڻ زال مڙس آھن، ٽئڪسي لاءِ سيڙھيا بيٺا آھن.
    ”ريئلي يو آر اي گريسيس. تو وينس ديويءَ جي ٻانھيءَ افروسن جيان ھڪ ئي نھار سان مون کي پنڊ پھڻ بڻائي ڇڏيو، بنھھ پٿر.“
    ”ٿئنڪس، پر آئون ھت گراھڪ ڦاسائڻ لاءِ نھ آئي آھيان.“
    ”مون کي بھ ڪرائي جون عورتون ڪين وڻن. توبھھ توبھھ! ڇا عورت، ڇا اگھھ پاڙ. منھنجي خيال ۾ تھ عورت کي مدرگاڊيس بڻائي، جي سڄي دنيا کان کيس سجدا ڪرائجن تھ بھ ھوند جيڪر سندس وار جي قيمت بھ ادا نھ ڪري سگھجي. ديھھ جي تھ ڳالھھ ئي ٻي آھي.“
    ”مطلب جي ڳالھھ ڪر، ڇا کپئي؟“ عورت تلخ ٿي وڃي ٿي.
    ”تون کپين.“
    عورت ٻٽون سٿرن تي نچائيندي پنھنجي ٿوٿريل پيٽ ڏانھن نھاري ٿي.
    ”آخر اھا چرپڻ ڇو؟ مان اٺين مھيني سان آھيان.“
    ”چرپڻ!..... تون ڀلي انھيءَ کي چرپڻ سمجھھ. گرڀ ونتي عورت کي پھنجائيندي، پنھنجي راتين کي امرتا ملندي آھي.“
    عورت اڃا وڌيڪ تکي ٿي وڃي ٿي:
    ”توکي تھ امرتا ملندي، پر منھنجو ٻار مري ويندو. ٻڌ ھي عورت جي ديھھ جي قيمت فقط ٻھ اڍائي سؤ روپيا آھي. انھيءَ امير پوڙھي کان پنھنجي جسم چمائڻ ۽ ٻار بچائڻ لاءِ مان سؤ روپيو وٺي آئي آھيان.“
    نوجوان کن لاءِ ڪروڌ ۾ اچي وڃي ٿو:
    ”توبھن، جيڪولين تائين جيتريون بھ حسين عورتون آھن، امير پوڙھن ڦٻائي رکيون آھن. ڇتي ڪتي جيان سندن ماھھ کي ڇنڻ، چٽڻ ۽ چوسڻ لاءِ.“
    ”نھ چمڻ لاءِ. ڇنندا، پٽيندا، چوسيندا اوھان نوجوان سيڪس ھنگري، ترسٽي آھيو. ٻڌاءِ نھ، منھنجي پٺيان نوس نوس ڇو ڪندو آيو آھين؟ ان حالت ۾ ڀلا ڪابھ عورت توکي ڪيئن ٿي ڪمپني ڏئي سگھي؟“
    ”منھنجي خيال ۾ عورت ڪمپني ڏين چاھي تھ ڏھين مھيني ۾ ڏئي سگھي ٿي ڇڻڻ واري رات کان ڪي اڳ....“
    ”ھا ڏ ٻئي ڏينھن کيس مئل ٻار ڇو نھ ڄمي؟“ عورت جو منھن ڪوڙو ٿي وڃي ٿو.
    ”نھ، جيئرون اوئان اوئان ڪندڙ. ڀلا ڪڏھن ڪو ڪبوترن جي آنن مٿان ويھندو آھي تھ آنا ڀڄي پوندا آھن ڇا؟ ٻڌ تون ڪا منھنجي جيون ۽ پھرين گرڀ وتي ناھين - ۽ مون اڄ ڏينھن تائين قتل نھ ڪيو آھي.“
    ”ڇا.....!“ عورت کي ڄڻ سندس ڳالھين تي يقين نٿو اچي. نوجوان جي چھري ۾ غور سان نھاري ٿي. کيس ڊڄ ٿئي ٿو.
    ”او نو..... مون کي ڊڄ نٿو ٿئي. يو آر اي بائرونڪ مين.“
    ”اونلي باءِ فيس اپيئرنس باءِ اسٽائيل، ناٽ باءِ ڪئريڪٽر. يقين ڄاڻ، آئون تنھنجي اندر ۾ باھيون ڀري، ھٿن ۾ مشعلون ڏئي توکي پنھنجي ڀلن گھوڙن جي مقابلي ۾ ڪين ڊوڙائيندس، سمجھينءَ؟“
    عورت اڻ تڻ چئونرا کئونرا مان ڏانھس نھاري ٿي. ھوءَ پاڻ کي ڪنھن مقناطيسي ڪشش ۾ ٿي محسوس ڪري ۽ ھڪدم ان ڪشش مان نڪرڻ لاءِ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي، فٽ پاٿ تان ھلڻ لڳي ٿي.
    ”ٿئنڪ يو......“ ھو عورت پٺيان ھلي ٿو ۽ ھلندي ھلندي عورت جي ٻانھن ۾ ٻانھن ڦاسائي ٿو. عورت جي ٻانھن سندس ٻانھن کان وچڙي ڦٿڪي ٿي ۽ پوءِ سندس ڦٿڪاٽ ڪندڙ ٻانھن پاڻھي کيري ٿي، نوجوان جي ٻانھن سان ڳنڍجيو وڃي ۽ ھوءَ وچڙندي، کيپن ساڻ، نوجوان سان گڏوگڏ ھلندي ٿي وڃي. اھو سڀ ڪجھھ ماٺ مٺيءَ ۾ ٿي وڃي ٿو، جيئن سدائين ٿيندو آھي.
    ھاڻي سڙڪ تان ھلندي ھلندي عورت ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي.
    ”عجيب ماڻھو آھين، ڏھين مھيني بھ! ٻار جي پئدائش کان فقط ھڪ رات اڳي! ٻيا مڙد تھ پري ڀڄندا آھن.“
    ”ھا، پر مون کي ان ۾ وڌيڪ مزو ايندو آھي، ٻٽو.“
    ”ائين ڪرڻ سان توکي ڇا ٿيندو آھي؟“
    ”ازل جا پڙاڏا، جيڪي ڪنھن عورت جي چنگھھ سان پيدا ٿيندا آھن.... اوم.... اوم.... اوم.....“
    عورت جي چپن تي ڪوڙاڻ ڦھلجيو وڃي:
    ”اونھن، ازل جا پڙاڏا، توکي ڪھڙي خبر تھ ويم ويل عورت ڪيڏي پيڙا ڀوڳيندي آھي؟“
    ”ڪوڙ، نسورو ڪوڙ، اوھان عورتن جي سائيڪولاجي تي شايد اڄ تائين حضرت موسيٰ جي ذات جا ڏھڪاو ويٺل آھن.“
    ”ڪھڙا؟“
    ”اي عورت، تو گناھ ڪيو آ، توکي بھشت مان ڌڪاريو ويندو، ھاڻ تنھنجي سزا اھا آھي جو ان ويم جي پيڙا کي ايترو اينگھائي ڇڏ جو تون چڙي چڙي، چنگھي چنگھي، ٻاڪاري ٻاڪاري، سورن سان ٻار ڄڻيندينءِ.“
    ”ايئن ناھي ڇا؟“
    ”آھي، پر ويچاري ان کي آسماني ڪتاب لکندي ڪھڙي خبر ھئي تھ ان ويم جي پيڙا ۽ ٻاڪار ۾ عورت ڪيڏا نھ مزا ماڻيندي.“
    ”مزا....!“
    ”ھا، نھ تھ سڀ عورتون ٻچي دانيون ڪڍائي ڇڏين ھا ۽ پرٿوي تي باقي بچي ڌوڙ ھا. ڇا اھو سچ ناھي؟“
    جواب ۾ عورت حيرت ۾ حيران ٿي سندس منھن ۾ نھاري ٿي.
    ”ٻڌاءِ نھ، تنھنجي ٻار ڄڻڻ جي چاھنا ڪڏھن ختم ٿيندي؟“
    عورت کن لاءِ سن ٿيو وڃي.
    ”ڇا تون يھودي آھين؟“
    ”نھ.“
    ”عيسائي.....“
    ”نھ....“
    ”ھندو آھين.“
    ”نھ مان سنڌي آھيان.“
    ”تون ڪوڙو آھين، سنڌي تھ گڏھھ ھوندا آھن. مون کي سنڌين کان نفرت آھي. توبھن توبھن ڪھڙي نھ واھيات قوم جو نالو ورتو اٿئي.“
    ”منھنجي خيال ۾ تون بھارڻ آھين.“
    ”ھا.....“
    ”پوءِ تون ٺيڪ ٿي چئين. ان لاءِ تھ تون رڳو وڏيرن سان سنجوگ ڪيو ھوندو. باقي نھ تو سنڌ ڏٺي آھي نھ ڪو سنڌي. ڊڄ نھ، مان نھ وڏيرو آھيان نھ وڏيري جو پٽ. مان توکي پوري سيٽسفڪيشن ڏيندس.“
    ”الائي ڇو، ھاڻي توسان ھلندي مون کي ڊڄ پيو ٿئي.“
    ”ھرڪا عورت مون سان ملڻ کان ڪترائيندي آھي. جيئن ٻار ڄڻڻ کان. ھاڻ ٻڌاءِ ڇڏي سگھين ٿي مون کي تھ ڇڏي وڃ. روڪيان ٽئڪسي؟“
    ”تون سوئر سنڌي آھين، تو مون کي نيڻن ئي نيڻن ۾ ائين ڪپل ڪري ڇڏيو آھي جيئن......“
    ”ڪيئن ڪتو ڪتيءَ ساڻ.“ نوجوان جملو پورو ڪري ٿو ۽ اوچتو ٻنھين واتان ٽھڪ نڪري ٿا وڃن.
    ٽئڪسي بيھي وڃي ٿي. ھو ٻئي رات جي نوائيءَ ۾ ھڪ ننڍڙي ڪيبن نما بنگلي ۾ پيھي ٿا وڃن. بلئڪ ٽيوب جو بٽڻ آن ٿيندي ئي بتين تي لڳاين تصويرون ۽ شوپيس ٻھھ ٻھھ ٻري ٿا پون. چوڌاري آھن چپ، ھٿ، ڪرايون، آنڱريون، نڪ، اکيون ۽ ارھ. عورت چوڌاري حيرت مان نھاري ٿي، نھاريندي ٿي رھي:
    ”تون ڪيئن ٿو چئين تھ تون وڏيرو ناھين؟“
    ”ناھيان....“ ھو اونھو ساھ ڀري ٿو، ”جيئن تون منھنجي ناھين، تيئن ھن ڪمري جي تھ ڇا پر ھن پوري ملڪ جي ڪابھ شيءِ منھنجي نھ آھي. ھڪ تيلو بھ نھ..... ھي بنگلو منھنجي ھڪ مسڪين اردو آرٽسٽ دوست جو آھي. سمجھينءَ؟“
    ھو نيل ينگ جي گيتن جي ڪيسٽ لڳائي ٿو ۽ سارو ڪمرو جھيڻي موسيقيءَ ۽ درد ۾ ٻڏاڻل، ھڪيءَ مان ڦات کائي نڪرندڙ نيل ينگ جي مڌر آواز سان گونجي وڃي ٿو. ھڪ سمان ٻڌجي ٿو وڃي. ڀتين تي لڳل طرحين طرحين جون تصويرون، ڪاري روشنيءَ ۾ ائين چٽاڻيون ٿينديون ٿيون وڃن، جيئن وماس جي راتين ۾ ترن تارن، تروڪڻين جو تيج.
    ۽ پوءِ آھي مٺي مٺي آڳ....... آڳ، جيڪا نڪرندي آھي گرم گرم جسمن مان. جسم، جي ڪپڙن کان جدا آھن ۽ جيئن جيئن رات انگھندي ٿي وڃي، تيئن تيئن گرڀ وتي منڌ جي پيڙا وڌندي ٿي وڃي. اندر ۾ الاو، ھٿن ۾ مشعلون، ھوءَ ليڊي ڪيرولن ليمب جيان، ڀلن گھوڙن سان ڊوڙندي ٿي وڃي. اڃاتل ڏسائن ڏانھن، ھانڀارا ھڻندي. ھڪ ساھيءَ ڊوڙندي، سنڌ سنڌ ۾ کنوڻين جا پاڻي ڀريو. ڀلا گھوڙا ڪٿي نٿا بيھن ۽ ھن جي ڊوڙ جي پڄاڻي ڪٿي نٿي ٿئي. ھڪ نانھن آھي، پڄرائيندڙ نانھن، جنھن جو ڪوئي انت، ڪوئي ڇيھھ ڪونھي ۽ پوءِ ڄڻ سندس وياءَ جي جاءِ انگھندي ٿي وڃي. انگھندي وڏي ويڪري ٿيندي ٿي وڃي ۽ سندس ڄڻ اندر ۾ ٻچي دانيءَ جا سارا ڌاڳا ٽوڙي ٻار سندس رحم کان ٻاھر اچڻ لاءِ بولاٽيون کائيندي، سسي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ سيڙھ ٿو ڪري، زور ٿو لڳائي. سندس رحم مان ٿونا ھڻي ٻاھر نڪرڻ ٿو چاھي. اچانڪ عورت جو ڦاڪو ڦاٽي ٿو وڃي. ھوءَ ويم جي پيڙا کان رڙي ٿي:
    ”الا مران ٿي. او ذليل سنڌي ڪتا، تون منھنجو ٻار ڪيرائڻ ٿو چاھين. آھ..... آھ.... اونھن...... اونھن..... اون...... اوم....... اوم..... اوم........“
    ۽ پوءِ درد جي پيڙا کان ھوءَ خطا ٿيو وڃي. رڙيون نڙيءَ ۾ اندر ئي گھٽجيو وڃنس ۽ پوءِ اکين آڏو اچي وڃنس ٿا تارا، تر، تروڪڻيون. جيئن جاڙا ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڪا عورت ساني ٿي ھوش کان نڪري وڃي. ھوءَ عجيب کيپن ۾ اچي اکيون ٻوٽي ٿي ڇڏي. ڄڻ کيس نرواڻ ملي وئي ھجي. (جيئن ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڪنھن منڌ کي ملندي آھي)
    صبح جو ڳاڙھي اجرڪ اندران پيٽ تي چمين جو مڌر ڇھاءُ محسوس ڪندي، ھوءَ سرت سنڀالي ٿي ۽ پنھنجي پيٽ تان ھٿ ڦيريندي، لڄوڙي ٿي، پنھنجي ساٿي جي بغلن ۾ منھن لڪائي ٿي.
    ”توبھن، رات تھ ڄڻ ڪاري قيام گذاري وئي. تون جادوگر آھين.“
    ”نھ مان لارڊ بائرن آھيان، نھ جادوگر...... مان سنڌي گڏھ آھيان.“
    لفظن جي تلخي کي محسوس ڪندي ھوءَ اندران اندران پنھنجي ننگي بدن جي ڄار ۾ کيس ڪوريئڙي جيان وچڙائي ٿي.
    ”شايد رات نشي ۾ مان توکي الاھي ڳالھائي ويس. ڪاوڙيو آھين....؟“
    ”نھ، مان انھن ڳالھين جي پرواھ نھ ڪندو آھيان.“
    عورت کيس اڃا وڌيڪ ڀڃي ٿي.
    ”الا....... رات ھئي، ڇا ھئي! ايڏي پيڙا تھ مون ڪڏھن ٻار ڄڻيندي بھ نھ ڀوڳي ھئي.“
    ”مون کي عورتن کي ٻار ڄڻائڻ جي پوري شڪتي آھي.“
    اوچتو عورت کي ڪي ياد اچي ٿو:
    ”اوھ، مون کي وڃڻو آھي. منھنجا ٻار منھنجو انتظار ڪندا ھوندا.....“
    (کن لاءِ گھري ماٺار.....) عورت اٿي ٿي.
    ”وري ڪيئن ملنداسين؟ ڇا ساڳئي موڙي تي؟“
    ”مان ور ور نھ ملندو آھيان.“
    عورت ساڙھي ٻڌندي ڏاڍي آھم مان ڏانھنس نھاري ٿي:
    ”ڇو؟“
    نوجوان ٿڌو ساھ ڀري کن لاءِ ڄڻ ٻٽجي ٿو وڃي.
    ”ان لاءِ تھ ھاڻ وڌيڪ گاريون ٻڌڻ جي مون ۾ سھپ نھ رھي آھي.“
    ”تون ڪاوڙيون آھين؟“ عورت رڙ ٿي ڪري.
    ”.......“
    ”رسامون ڇڏ نھ...... آئون سڀاڻ ساڳيءَ جاءِ تي تنھنجي اوسيئڙي ۾ بيٺل ھونديس.“
    ”ٺيڪ آ......“
    ۽ پوءِ گھريءَ اونھينءَ چميءَ جي ٻچڪاٽ سان ٻنھين جا چپ جدا ٿين ٿا. عورت ڏاڍي پيڙا مان ڏانھس نھاري ٿي:
    ”اوڪي..... گڊ باءِ.“
    ”باءِ......“ ھو کيس ڇڏڻ لاءِ گيٽ تائين اچي ٿو. ٻنھين جي وچ ۾ وڇوڙي جي رنڀندڙ ماٺار آھي.
    (ڪڏھن ڪو پل، صدين تي ڀاري پئجي ويندو آھي)
    ”ٻڌ.....“ مرداڻو آواز.
    ”چئھ......“
    ”سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ھاڻ اوھين ڪھڙي پار وڃڻ ٿا چاھيو؟“
    ”ڇا مطلب......؟“ عورت گھور سان ڏانھس نھاري ٿي.
    ”منھنجو مطلب آھي تھ ھندستان اوھان کي نھ وڻيو، بنگال اوھان کي راس نھ آيو، سنڌ ۾ رڳو آھن ڪتيون ۽ ڪتا. ٻڌاءِ پوءِ ڪيڏانھن ويندؤ، ڪھڙي پار؟“
    ”ڇو......؟ تو اھڙو سوال ڇو ڪيو؟“
    ”شايد توکي وڃائڻ کان پوءِ مون کي توکي ڳولڻو پوي.“
    ”ايئن ڇو نٿو چئين تھ اوھان اسان کي ڌڪاري ڪڍڻ ٿا چاھيو.“
    ”نھ، اھو غلط آھي، جيڪي ٻج ڌرتي ۾ مروج نھ ٿي سگھندا آھن، اھي ڀسم ٿي ويندا آھن.“
    عورت وسامي لاجواب ٿيو ٽڪ ٻڌيو ڏانھس نھاريندي ٿي رھي.
    ”آخر تون سنڌين کي ڪتو ڪيئن ٿي چئين؟ ٻڌاءِ تنھنجو ڪھڙو مھاجر آھي، جنھن ان مردود پوڙھي جيان تنھنجي ڌڙ کي مال غنيمت سمجھي، خريدڻ لاءِ واڪ نھ ڏنو آھي. ٻڌاءِ اھي ڪھڙا ڪتا آھن جن توکي عورت مان پراسٽيٽيوٽ بنائي ڇڏيو آھي، بيس وومن؟“
    ”او....ف...... بس ڪر، بس ڪر.“ عورت جي ٻڌڻ جي سھپ ڄڻ ڀسم ٿي وڃي ٿي. ھوءَ تڪڙي ٽئڪسي ڏانھن وڌي ٿي ۽ جيئن ئي ٽيڪسي اسٽارٽ ٿئي ٿي، نوجوان وڏي لوھ پائي ٽئڪسيءَ جي پوئين دري وٽ اچي ٿو:
    ”ٻڌ......“ ھو وڏيءَ لوھ سان ڪار جي دريءَ ڏانھن وڌي ٿو اچي.
    ”اڃان بھ ڪو تير آھي ڇا؟“ عورت آسانت ٿي وڃي ٿي.
    ”نھ، مون..... اھو پئي چيو تھ مان ستارن جي گردش جو ڄاڻو ناھيان، نھ ان ۾ ڀرم رکندو آھيان، پر..... مان محسوس ڪريان پيو تھ لاڏاڻي جا ڪجھھ نوان ستارا کڙيا آھن. الائي ڪنھن ڪنھن کي پنھنجو وطن ڇڏڻو پوي. شايد مان ۽ تون پوءِ چاھڻ جي باوجود بھ ملي نھ سگھون.“
    عورت بيچين ٿي منجھس ٽڪ ٻڌي نھاريندي ٿي رھي:
    ”ٻيو ڇا ٿو چوڻ چاھين؟“
    ”ٻيو...... ھا.....! مون کي پنھنجا توڙي پراوا ٻار وڻندا آھن. شايد ان لاءِ تھ ٻار پئدا ئي پيار ڪرڻ لاءِ ٿيندا آھن – جڏھن تون اھو ٻار ڄڻين ۽ جڏھن انھيءَ بارڙي جي لسڙي ڪڻڪاھينءَ کل مٿان، چٽي جا اڇا اڇا داغ توکي ڏسڻ ۾ اچن تھ پوءِ ڀلجي ڪڏھن ڪوميلا واري ان بنگالي بواءِ فرينڊ جيان ساروڻن ۾، مون کي بھ سنڀارجان........“
    عورت جو من ڄڻ ڀرجي ٿو اچي، ھوءَ ٽئڪسيءَ واري کي ھلڻ لاءِ چوي ٿي ۽ پوئين شيشي مان ڪر کڻي، پٺيان نھاريندي ٿي وڃي ۽ جيئن جيئن ٽئڪسي پري ٿيندي ٿي وڃي، تيئن تيئن سندس اندر ۾ ڄڻ چير پوندا ٿا وڃن.


    آڌي رات، اتر ۾ ڪانڀو

    من ۾ تانگھھ – نراس نيڻن ۾، آس جا ڏيئڙا، ڄنگھون گوڏن کان اکڙيل ھڙٻاٽيون نڪتل، ھڪ مسافر، اوماس جي لڙاٽيل رات ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو وڃي رھيو آھي منزل جي تلاش ۾.
    ساھن ۾ سھڪي – ڏڪندڙ زخمي پير ۽ ٿڪ جا ڏانواڻ.
    ھڪ وک ....... (ھڪ ڪوشش)
    ٻي وک .....
    ٽين وک .....
    وک مٿان وک...... (منزل تي پڄڻ جي ڪوشش) ۽ آٿڙي وچري ُڃن ٿا پير – ڦان ٿي ڪري پوي ٿو – ڄڻ واچوڙي ۾ اوچتو ئي اوچتو ٻري ٻري ٺري وڃن ٿا آرس جا ڏيئڙا ۽ مڙي اچي ٿي ھڪ اٿاھ اونداھي.
    تانگھھ ۽ ھانو ۾ ھڄندڙ رڙيون، ”آھ، آئون ٿڪي پيو آھيان. منھن نڙي سڪي وئي آھي، ڪو آھي، مون کي سھارو ڏئي.“
    دور دور تائين چپ چاپ – ماٺ جي ماٺ (ڪٿان ڪوئي آواز ڪونھ ٿو اچي) ڦٿڙي سٿڙي اٿڻ جي ڪوشش (وري ڪري پوڻ) وري اٿڻ جي ڪوشش (وري ڪري پوڻ)
    وري ھڪ وار اٿڻ جي ڪوشش ۽ ڪنڌ جو ھيٺ ڍرڪي وڃڻ – ڄڻ ڌنوي ڌنوي بند ٿي وڃي ٿي ساھن جي ڌمڻ – مسلسل ڪنھن پاتال م لڙھندو وڃڻ. گھور انڌو پاتل – اونھون ۽ بي انت.
    ڪنھن ستاري جي روشني ڪانھي – ڪارو نڀ، ڪاري واري ڌرتي ۽ آھي ڪاريھر نانگ جيان اونداھي وات جو ڏنگيل ھڪ مسافر! ڄنگھون ۽ ٻانھون ڦھلايون ڦان ٿيو پيو آھي اوندھ جي پاتال ۾.
    (الائي ھن ڏائڻ رات ڪنھن ڪنھن کي ڪٺو آ)
    ھڪ وک......
    ٻي وک.......
    ٽين وک......
    ساڳي ڀر کان. اونداھين مان وڌندو اچي ٿو پيو مسافر – من ۾ تانگھھ، نراس نيڻن ۾ آس جا ڏيئڙا. ساھن ۾ سھڪي – ڄنگھون گوڏن کان نڪتل. وک مٿان وک (منزل تي پڄڻ جي مسلسل تلاش)
    ۽ پوءِ اچانڪ ڇرڪي بيھجي وڃن ٿا قدم – دڳ تي اونڌي ٻوٿ پيو آھي ڪوئي لاش. مٿان لڙڪي ٿو.
    اکين ۾ آس جا ڏيئڙا ۽ سيني ۾ سرندڙ ساھ (زندگيءَ ۽ موت جي جنگ)
    ۽ مسافر وڌي پاڻيءَ جي کلي لاس جي چپن سان لڳائي ٿو. جيئن تيليءَ سان ھوريان ھوريان روشن ٿي وڃي ٿي، اجھاڻل ڏيئي جي وٽ ۽ جگمگائجي وڃي ٿو ويران ۽ سنسان مندر ۽ وڄي پوي ٿو ھيات جو ڪٽيل ۽ ٻوڙو گھنڊ.
    ”آھھ..... تون ڪير آھين؟“
    ”تو جيان روشني جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ ھڪ مسافر.“
    ڄڻ رني ڪوٽ جي اڏول ديوارن سان ٽڪرائجي موٽي اچي ٿو آواز.
    ”آھ، ائون ٿڪي پيو آھيان. منھنجي ڄنگھن ساھ ڇڏي ڏنو آھي.“
    ”تھ پوءِ ڇاھي ساٿي، منھنجي گوڏن ۾ تھ ساھ آھي. اچي آئون توکي سھارو ڏيان. شاباس، ھمت کان ڪم وٺ، ڪنڌ سڌو ڪر.“
    (۽ ڄڻ ٻڏندڙ کي ڪنڌيءَ جي ٻوڙن جو سھارو ملي وڃي ٿو)
    ”آھ، ڪيڏو نھ نست ٿي ويو آھيان.“
    ”ھا، ڏاڍو اڻانگو آھي ھي چوھڙ جو پنڌ. اچي ھي ٻاجھر ڀور چٻي وٺ، ساھ سڌو ٿي پوندءِ، منزل ڏاڍي ڏور آھي.“
    ”نھ نھ، منھنجي ڄاڙھين ۾ طاقت ڪانھي. چٻي نھ چٻيندي. ساٿي تون وڃ، منزل سڏي پئي – مون کي سھارو ڏيندي ڪٿي تون بھ نھ رڻ ۾ رلي وڃين.“
    ”توکي رڻ ۾ ڇڏي آئون ڪيئن منزل ماڻيندس – ڏاھو ٿي، اچي ھي ٻاجھر ڀور – پاڻيءَ سان پسائي چٻ – ساھ سڌير ٿي پوندءِ - اسان گڏجي ڏونگر ڏارينداسين – منزل ڏاڍي ڏور آھي.“
    ۽ ٻاجھر جو چوٿو پانيءَ سان ڀور ڀور ٿي نڙيءَ کان ھيٺ لھي وڃي ٿو. (ھڪ گھرو آٿت جو ساھ)
    ”ڪيئن ساٿي – آھي نھ ان ايمان؟“
    ”ھا ساٿي، ان وڏو ايمان آھي.“
    ”چڱو ڪجھھ ساھ سڌو ڪري وٺ – ڏاڍو اڻانگو آھي چوھڙ جو پنڌ.“
    اوماس جي ڊگھي لڙاتيل رات، ڪاريھر جيان ڪاري وات، جنھن تي ڦان ٿيل ٻھ مسافر. سيني ۾ ڌنوري رھي آھي ساھن جي ڌمڻ – اڀ جھاڳيندڙ اکيون ۽ گھري سوچ ۽ سانت.
    ”ڪيڏي نھ ڊگھي رات آھي. ھي اوماس جي رات – دور ڌنڌ ۾ ڪٿي ڪو ڏيئو بھ ڪونھ ٿو ٻري – ڄڻ صدين کان ھن آسمان جي ھيٺان ڪڏھن ستارو بھ ٽمڪيو ڪونھي.“
    ”ھا، صدين کان! چون ٿا صديون اڳي ھن اڀ جي ھيٺان ھڪ ستارو ٽمڪيو ھو – وھائوءَ کان وڌ روشن. اھو تاريخ ۾ ھن ڌرتيءَ جي اک جو پھريون تارو ھو – ھن ڌرتيءَ جي سينڌ ۾ جھومر جيان ٻھڪندو ھو، پر پوءِ......“
    ”پوءِ ڇا؟“
    ”ھڪ ندوري رات اھو ستارو ٽٽي ويو – چون ٿا، ان رات ھڪ وڏي ٺڪاو سان ڌرتيءَ جو سينو ڌڏي ويو ھو – اھو تارو ٽٽي ويل بھ ھن ڌرتيءَ تان پنھنجيون ڳارھيون چڻنگون گھوريندو، پولار جي انڌي ڪوھيڙي ۾ گم ٿي ويو.“
    (۽ کن لاءِ ڦھلجي وڃي ٿي ھڪ گھري ماٺ)
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ ھڪ گھٽيل آواز.
    ”پوءِ ڇا ٿيو – پوءِ سڄو مانڌاڻ مٽجي ويو – ھيءَ ڌرتي ھميشھ ھميشھ لاءِ اوندھ جي پاتال ۾ لڙھي وئي. پر خبر اٿئي ڪجھھ ماڻھو ٿا چون!“
    ”ڇا ٿا چون؟“
    ”چون ٿا انھيءَ ستاري جون چڻنگون اڃا تائين اونڌاھي پولار جي رستن ۾ گردش ڪري رھيون آھن. نئين روشني انھيءَ جي آخري چڻنگ مان جنم وٺندي، پر ھي تنھنجيون اکيون ڇو پيون ٻرن – ڇا تون روئين پيو؟“
    گھٽيل سڏڪا ۽ سانت ۽ ھڪ گھرو اونھو ساھ. ”او پيارا! تو ڇو گھٻرايو آ – منھنجو تھ انھيءَ روشنيءَ ۾ ايمان آھي – انڌي پولار جي وسعتن ۾ جي اھو ستارو ٻڏي ويو تھ ڇا ٿيو. تنھنجي نيڻن ۾ تھ انھيءَ جون چڻنگون موجود آھن. ھمت کان ڪم وٺ، منزل ڏور ناھي – چون ٿا ھن چوھڙ لڪ جي پٺيان آھي، دل وارن جو ڳوٺ – اٿي ڪٿي نھ ڪٿي ڪنھن ”جھڳي“ ۾ ڪو ڏيئو ٻري رھيو ھوندو.“ من ۾ تانگھھ، نراس نيڻن ۾، ٻري پون ٿا آس جا ڏيئڙا.
    ”ھا ھا ساٿي، مون کي وٺي ھل – انھيءَ سپنن جي ڳوٺ ڏانھن. آئون بھ ان ستاري جيان ان ڌرتيءَ تان ڪي گھورڻ چاھيان ٿو.“
    ھڪ وک...... (ھڪ ڪوشش)
    ٻي وک ..... (ٻي ڪوشش)
    ٽين وک....... (منزل تي پھچڻ جي مسلسل ڪوشش)
    من ۾ تانگھھ، نراس نيڻن ۾ آس جا ڏيئڙا – ڄنگھون گوڏن کان اکڙيل، ھڙٻاٽيون نڪتل – اوماس جي ڊگھيءَ لڙاٽيل رات ۾ اتاھن پيچرن تان ٿڙندا ٿاٻڙندا – مسافر، ھڪ ٻئي پٺيان وڌي رھيا آھن – روشنيءَ جي تلاش ۾.


    جانورن جي دنيا

    تڏھن مان ٽيون سنڌي پڙھندو ھئس. مون کي گدڙن – بگھڙن، ڀولڙن جون ڪھاڻيون ڏاڍيون وڻنديون ھيون. امان مون کي روز ڪا نھ ڪا ڪھاڻي ٻڌائيندي ھئي. تڏھن اھي جانور مون رڳو ڪتابن ۽ تصويرن ۾ ڏٺا ھئا.
    ھڪ ڀيرو مان پنھنجي ماءُ سان گڏجي ڪراچيءَ پنھنجي نانيءَ جي گھر ويس. منھنجو نانو تازو ئي حيدرآباد مان بدلي ٿي ڪراچيءَ آيو ھو. ڏاڍو اديب ۽ فيلسوف قسم جو مآنھو ھو. مون کي ڏاڍو ڀائيندو ھو. ڪراچيءَ پھچڻ جي ٻي ٽي ڏينھن نانو مون کي ڪراچيءَ جو چڙيا گھر گھمائڻ وٺي ويو.
    چڙيا گھر ۾ ايندي ئي سڀ کان پھرين منھنجي نظر زنجيرن سان وڻ ۾ ٻڌل ھاٿيءَ تي پئي. مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ايڏو وڏو جانور ڏٺو ھو. تنھن ڪري ھاٿيءَ جي ويجھو ويندي مان ڊپ محسوس ڪري رھيو ھئس. نانو شايد صحيح ڪري ويو ۽ مشڪي مون ڏانھن نھاري چيائين: ”ڊڄين ٿو ڇا؟“ مون ڪنڌ ڌڳڻي نھ ھئي. نانو مون کي ھاٿيءَ جي بلڪل ويجھو وٺي ويو ۽ چيائين: ”پٽ، ھيءُ ھاٿي آھي. دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ عظيم جانور. ھي تمام ھوشيار ۽ امن پسند جانور آھي، تنھن ڪري ھن کان ڊڄڻ نھ گھرجي. ھي سدائين وڏن ٻيلن ۽ چراگاھن ۾ ڍنڍن ۽ ندين جي ڪناري پيو ٽلندو آھي. سڀني ننڍڙن توڙي وڏن جانورن کي پيار جي نظر سان ڏسندو آھي. سونڍ لوڏي کين سلام ڪندو آھي چوندو آھي ساري جھنگ ۾ اسان سڀني کي ھڪ جيترو حق حاصل آھي. مان پنھنجي حصي جو گاھ کائيندو آھيان، ھرڻ پنھنجي حصي جو ۽ سھو پنھنجي حصي جو. جڏھن بھ جھنگ ۾ ننڍڙن جانورن کي خطرو درپيش ايندو آھي تھ ھي سڀني جي اڳواڻي ڪندو آھي. سونڊ مٿي کڻي زور زور سان لوڏي دشمن کي للڪاريندو آھي. شينھن سندس سڀ کان وڏو ويري ھوندو آھي. سدائين لڪي مٿانئس حملو ڪندو آھي ۽ سندس ميڄالو ڪڍي کائيندو آھي.“ مون ناني جي ڳالھھ حيرت سان ٻڌي ۽ چيم: ”نانا! پنھنجي ملڪ ۾ بھ ھاٿي ٿيندا آھن؟“ منھنجي ڳالھھ تي ناني ڪجھھ سوچيندي وراڻيو: ”پنھنجي ملڪ ۾ ھاٿي سوين سالن کان پوءِ پئدا ٿيندا آھن، پر ھتي جي آب ھوا کين ڀانءِ ڪونھ پوي. جحت مريو وڃن. ھاٿيءَ جي بدران ھتي سوئر گھڻا پئدا ٿيندا آھن. انھن کي بھ ھاٿيءَ وانگي پاسن کان ڏڦا ھوندا آھن.“ مان حيرت سان ھاٿي ڏسندو رھيس. امان سچي چوندي ھئي تھ پٽ، ھاٿي پنھنجي گھر کان بھ وڏو ٿيندو آھي.
    پوءِ ناني مون کي ٻانھن کان جھلي شينھن جا پڃرا ڏيکاريا ۽ چيائين: ”پٽ، ھي ٻيلائي شينھن آھي. ھي ٻئي واگھھ آھن ۽ ھي ھن پاسي واري پڃري ۾ چيتو آھي.“ مان ڪيتري دير تائين انھن خوفناڪ جانورن کي ڏسندو رھيس! ٻيلائي شينھن جي چوڌاري گوشت جا ٽڪرا پکڙيا پيا ھئا ۽ ھو ايندڙ ويندڙ ڏانھن جوھھ ٻڌي نھاري گري، پڃري جي اندران لوھون پائي رھيو ھو. ناني چيو: ”پٽ! ھي سڀ ھڪ ئي نسل جا جانور آھن ۽ پاڻ ۾ چاچا ڀائيٽيا، جھنگ جا حڪمران. ھنن جون نظرون شڪار جي ڳولا ۾ سدائين موٽر جي لائٽ وانگي پيون ڊوڙنديون آھن. سدائين پنھنجو پيٽ ڀرڻ جو الڪو ھوندو اٿن. جتي بھ ڪو شڪار ڏسندا، ڪڪر وانگي گوڙ ڪري وٺي مٿاھن رومڙ ڪندا، اک ڇنڀ ۾ وڃي نڙگھٽ مان جھليندس. سڄو رت چوسي کڻي پٽ سان اچلائيندس. ويچارن ھرڻن، ڦارھن، سھن جو تھ ھنن جي گجگوڙ کان ئي ساھ سڪي ويندو آھي.“ مان ڪيتر ي دير تائين خوفناڪ شينھن جا پڃرا ڏسندو رھيس. ان کان پوءِ ناني مون کي بگھڙن، گدڙن، رڇ ۽ چراغ جا پڃرا ڏيکاريا ۽ چيائين: ”پٽ! ھي جھنگ جا انتھائي چاپلوس، چالاڪ ۽ خوفناڪ جانور آھن. ھي سدائين شينھن جي پٺيان پيرن ۽ وزيرن وانگي ھلندا آھن. شينھن جتي بھ ڪو شڪار ڪندو آھي تھ ھي ان جي بچايل ڍونڍ ۽ ھڏن کي اچي پاسو ڏيندا آھن. ھي جانور جھنگ ۾ سدائين ڇتن ڪتن وانگي پيا لوھون پائيندا آھن. ھنن جي خوفناڪ اوناڙين ۽ آوازن کان سڄو جھنگ ڏڪي ويندو آھي. سڀني ننڍڙن جانورن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويندو آھي.“ مان ھڪ ھڪ جانور کي غور سان ڏسندو رھيس. پوءِ ناني جي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي اڳتي وڌيس. ناني مون کي ھڪ پڃري وٽ آڻي بيھاريو. مون غور سان ڏٺو، ھڪ وڏي چٽ ڪمري بلا ترپال وانگي ويڙھيو سيڙھيو ڪنڊلي ھنيو ويٺي ھئي. نانا صاحب چيو: ”پٽ، ارڙ نانگ ٻڌو اٿئي نھ، اھو ارڙ نانگ آھي. دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ خوفناڪ زھريلو نانگ. ھي نانگ سدائين دولت جي تلاش ۾ ھوندو آھي. جتي بھ ڪو خزانو ڏسندو، اتي ڪنڊلي ھڻي کوپو کوڙي وھندو آھي. ھي نانڪ جڏھن بھ ڪو شڪار ڏسندو آھي، پھرين ڇپ ھڻندو آھي، جيئن شڪار ھن جي ويجھو ايندو آھي تھ ھي ڦڻ ڪڍي غار جھڙو خوفناڪ وات ڦاڙي، کنوڻ جي تيزي سان مٿس حملو ڪندو آھي ۽ اک ڇنڀ ۾ سڄي جو سڄو شڪار ڳڙڪائي ويندو آھي. ھي نانگ پنھنجي ملڪ ۾ تمام گھڻا پئدا ٿيندا آھن ۽ سڀ ٿر بر ويران ڪري ڇڏيندا آھن.“
    ”نانا! امان چوي ٿي، ٿر ۾ پيئڻ بلا بھ پيدا ٿيندي آھي، جا ماڻھوءَ جو ساھ پي ويندي آھي.“
    ”ھا پٽ، ٿر بلائن جو گھر آھي. تون وڏو ٿي انھن سڀني بلائن کي مارائي ڇڏجانءِ.“ مون ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.
    ان کان پوءِ ڀولڙن جا پڃرا آيا. ڀولڙا ڏسي خوشيءَ کان منھنجيون واڇون ٽڙي ويون ۽ ناني ڏي نھاري چيم: ”نانا! ڀولڙا بھ مانھو کائيندا آھن؟“ ناني چيو: ”نھ پٽ، ڀولڙا جھنگ جا سڀ کان ھوشيار، سٺا ۽ سٻاجھڙا جانور آھن. البتھ اسڪولي بارن وانگر ٿورو شرارتي ھوندا آھن. شينھن، گدڙن، بگھڙن سان سندن اصل ڪانھ پوي. جتي بھ کيس ڏسندا، چٻرا ڏيندا. وڻن جا ٽار ڀڇي کين مٿانئن اڇلائي ھڻندا. ارڙ نانگ کي جتي بھ ڏسندا، سونٽا کڻي اچي وٺندس. ھڻي مٿو مڃ ڪري رکندس. وٺي ايڏو تھ ھل مچائيندا جو سڄي جھنگ کي خبر پئجي ويندي تھ ڪا وڏي مصيبت آئي آھي، سو سڀ پنھنجي گھرڙن ۾ لڪي ڇپي ويندا آھن.“ مان حيرت مان ناني جون ڳالھيون ٻڌندو رھيس. امان تھ اھڙيون ڳالھيون مون کي ڪڏھن بھ ڪونھ ٻڌايون.
    ان کان پوءِ ناني مون کي روجھھ، اٺ پکي، زيبرا، قسمين قسمين جا سھا ۽ ھرڻ ڏيکاريا. مان ھرڻن جي ننڍڙن ٻچڙن کي ٽونٽڪيون ھڻي ڊوڙندو ۽ مائن کي ڌائيندو ڏسي خوش ٿي ويس. ناني چيو: ”پٽ، ھيءُ آھي جھنگ جو غريب نماڻو عوام. سڀ کان ھيڻو، سڀ کان ڪمزور، سدائين ويچارن کي ساھ سان لڳي پئي ھوندي آھي، نھ پوري طرح گاھ چري سگھن، نھ پاڻي پي سگھن. سدائين اڌ ڍاوا، اڌ بکيا، پنھنجي اونداھن اجھن ۾ وڃي ڊھندا آھن. ڪوبھ سندس داد ۽ فرياد ٻڌن وارو ڪونھي. ڪوبھ کين ڏڍ ڏيڻ وارو ڪونھي.“ ان ئي مھل ھڪ آواز اڀريو. مون حيرت سان ناني ڏانھن نھاريندي چيو: ”نانا! ھيءُ ڇا جو آواز آھي؟“
    ”پٽ، اھو مور جو آواز آھي. ھل تھ توکي مور ڏيکاريان. ھن باغ ۾ جنھن ماڻھو مور نھ ڏٺو، تنھن سمجھھ ڪجھھ بھ نھ ڏٺو.“
    پوءِ ناني مون کي قسمين قسمين جي کين، ملڪ ملڪ جي ڪڪڙين، تترن، مٺن جا پڃرا ڏيکاريا ۽ پوءِ اسان مور جي پڃري وٽ اچي بيٺاسين. مور ڏسي مان دنگ رھجي ويس. ڀايان تھ ڏسانس پيو. ناني چيو: ”ھيءُ آھي مور. دنيا جو سڀ کان حسين پکي. ھي انتھائي جوشيلو ۽ شاعراڻي فطرت جو پکي آھي. شاعر سمجھين ٿو نھ پٽ؟“
    ”ھا، جيڪي بيت چوندا آھن، جيئن شاھھ عبداللطيف.“
    ”شاباس!“ ناني خوش ٿيندي چيو: ”پٽ، تيئن ھي مور جھنگ جي جانورن ۽ پکين جو شاعر ھوندو آھي. جڏھن جھنگ ۾ خوفناڪ جانورن جون ڪارروايون وڌي وينديون آھن ۽ ھر طرف جھنگ ۾ ھاءِ واويلا مچي ويندي آھي، تڏھن ھي پکي پنھنجا انڊلٺ جھڙا رنگين پر ڦھلائي اڏامندو آھي ۽ رکي رکي رڙ ڪري ايڏيون ھڪلون ڏيندو آھي، جو سڄو جھنگ گونجي ويندو آھي. ھن جي از غيبي آواز جو پڙالو ٻڌي شينھن جھڙو بي ڊپو جانور بھ ڇرڪي، ڊڄي، ڀڄي ويندو آھي.“
    مون ناني جي ڳالھھ حيرت سان ٻڌي ۽ چيم: ”نانا! مور پنھنجي ملڪ ۾ بھ پئدا ٿيندا آھن.“
    ”ھا پٽ! مور پکي اسان جي ملڪ کي ازل کان انعام ۾ مليو آھي.“
    ان کان پوءِ بھ نانو مون کي ڪيتري دير تائين باغ ۾ گھمائيندو رھيو ۽ پوءِ اسان پنھنجي گھر موٽياسين.
    ان رات الائي مون کي ڪھڙي ھوا لڳي وئي. گھر پڄندي ئي مون کي تيز بخار اچي ويو. امان ۽ ناني سڄي رات منھنجي سيراندي ويٺيون رھيون. مان سڄي رات ننڊ ۾ وڦلندو رھيس. صبح جو نانو مون کي ڏسڻ آيو تھ ناني مٿس چڙھي وئي. چي: ”واھ جو ڇوڪري کي گھمائي آيو آھين. سڄي رات ڇوڪري ڇرڪ ڀريا آھن. ڍنڍ ۾ پوي تنھنجي اھا فلاسافي. مون کي ڇوڪرو مارائڻو ڪونھي. خبردار جو منھنجي ڇوڪري کي ڪيڏانھن گھمائڻ وٺي ويو آھين.“
    نانو ھڪدم ھڪل ڪري نانيءَ تي چڙھي ويو. چيائين: ”وات بند ڪر، آھي گدڙ جو ڊنو آھي. رن، توکي ڪھڙي خبر. اڄ ھي ننڍو آھي، سڀاڻ ھن کي ھڪ وڏي جھنگ ۾ وڃڻو آھي. ھينئر ئي ٿو پڪو ڪيانس. سمجھينءَ؟“
    ”ڌوڙ سمجھيم.“ ناني ڪاوڙ مان ٻئي ڪمري ۾ ھلي وئي.
    ناني مون ڏانھن پيار سان نھاري چيو: ”رات تون ڊنو ھئين ڇا؟“
    ”نھ، ناني غلط ٿي چوي. رات خواب ۾ مون بھ شينھن ماريا ھئا.“
    ”شاباس.“ ناني ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين: ”ھنن رنن جي چوڻ تي ڪڏھن نھ ھلجانءِ ۽ ڪڏھن بھ ڪنھن کان نھ ڊڄجانءِ.“
    ان ڳالھھ کي ڪي ١٥ سال گذري ويا آھن. ھاڻ منھنجي عمر ٢٦ سال آھي. منھنجو نانو ويچارو گذري ويو آھي. ھاڻ مان ھڪ وڏي اونداھي گھاٽي جھنگ ۾ رھندو آھيون، جو سڄو خوفناڪ جانورن سان ڀريو پيو آھي. منھنجي سانڀر ۾ ئي ان جھنگ جا جيترامڙا جانور اڃا ھن سان ايترو ھريا مريا ڪونھن. خوفناڪ جانور سدائين جھنگ ۾ ڇتن ڪتن وانگي لوھون پيا پائيندا آھن. ڪڏھن اوچتو ڀولڙن ۾ ٻاڪر ڪوٽو پئجي ويندو آھي. سڀ ننڍڙا جانور، پکي ۽ پسون پنھنجي گھرڙن م لڪي ويندا آھن ۽ سڄو جھنگ سنسان ٿي ويندو آھي. ڪڏھن پي جھنگ جي ڪنھن ڪنڊ مان مور جي رڙ جو آواز ايندو آھي. سڄو جھنگ ان جي پڙالي سان گونجي ويندو آھي. ڀولڙا وڻن جي ٽارن تي چڙھي زور زور سان ھل مچائيندا آھن. مان پنھنجي اونداھي غار مان نڪري حيرت سان مور جي اڏام ڏسندو آھيان. ڍنڍ جي ڪناري کان ھاٿي سونڍ مٿي کڻي سلام ڪري، سڀني ننڍڙن جانورن کي پاڻ ڏي سڏيندو آھي، پر ويچارا سوئرن جي ڊھن جا سٽيل ھرن، ڦاڙھا، سھا، ھاٿي جي ڀر ۾ ويندي ڊڄندا آھن.


    سون ورنا سپنا

    مھڙ
    رات جو وقت، وڄ جو چمڪو. ھڪ پيچرو روشن ٿي وري اونداھو ٿي وڃي ٿو. ڪيميرا تيز آنڌي، مينھن ۽ طوفان ۾ ھڪ نوجوان عورت (مارل) سندس ڏھن سالن جي ڌيءُ (شمع) ۽ اٺن سالن جي پٽ (مراد) کي پيچري تان برسات ۾ پسندو، ويندي ڏيکاري ٿي. مارل بيمار ۽ بي حال ٿي نظر اچي. سندس ٻئي بار ڊنل ۽ پريشان ٿا لڳن. ٻئي ٻار ماءُ کي سھارو ڏيندا، ٿڙندا ٿاٻڙندا پيا اچن.
    وج جي ھڪ وڏي ڪڙڪي سان ٽائيٽل ختم ٿئي ٿو. ٻئي ٻار حراسجي ماءُ کي چنبڙي ٿا وڃن.
    ڌيءَ (ڊڄندي): ”امان، پاڻ ڪيڏانھن پيا وڃون؟ مون کي ڊڄ ٿو ٿئي.“
    ماءُ (دلگيري ڏيندي): ”ڇا جو ڊڄ، آئون جو اوھان سان گڏ آھيان – ھان ھي ڏھاڳ ختم ٿي ويندا. ھو سامھون اوھان جي پيءُ جو ڳوٺ آھي.“
    ٻئي ٻار پري وڄ جي چمڪي سان روشن ٿيندڙ ڳوٺ ڏانھن نھارين ٿا. ماءُ جون اکيون ڪنھن اڃاتل خوشيءَ مان ڀرجي ٿيون اچن. ٽيئي وري ٿڙندا ٿاٻڙندا ڳوٺ ڏانھن وڌڻ لڳن ٿا.

    پھريون ڏيک
    وسندي پسنديءَ ۾ مارول ٻنھي ٻارن سوڌو صوبدار خان (مڙس) جي عاليشان محل نما سنڌي اسٽائيل جاءِ جي آڏو اچي ٿي. محل جي در جي وڏي گيٽ تي ٻھ شمعدان ٻري رھيا آھن ۽ اندران خونخوار ڪتن جا آواز پيا اچن. محل جي در اڳيان ٻھ پھريدار بندوقون کنيو بيٺل آھن. مارل چوڪيدار آڏو اچي ٿي.
    مارل: ”رئيس صوبدار خان جو گھر ڪھڙو آھي؟“
    چوڪيدار (بيزاريءَ مان): ”اھو ئي گھر آھي، ڇو ڪھڙو ڪم اٿئي؟“
    چوڪيدار (ٽوڪ مان): ”واھ، رئيس کي ٻيو ڪم ئي ڪونھي جو ھن وقت توسان ملندو. صبح جو اچجانءِ، ھينئر رئيس آرامي ھوندو.“
    مارل: ”نھ نھ، تون رڳو منھنجو نالو وڃي وٺ، رئيس پاڻھي ڊوڙندو ايندو. ائون ھن جي ٻارن جي ماءُ آھيان.“
    چوڪيدار (ٽوڪ مان): ”ڇا تھ ھي صوبدار خان جا ٻار آھن!“
    مارل (بيچينيءَ مان): ”ھا ھا، تون وڃي کيس ٻڌاءِ تھ سھي.“
    چوڪيدار (ڪاوڙ مان): ”مائي، اھي ٻيا ٺڳيا ھوندءِ....... ھل تکي تھ ڪرايائين نھ ڪتن جي بڇ.“
    مارل ڪجھھ وائڙي ٿي سندس منھن ۾ نھاري ٿي. چوڪيدار کيس دڙڪو ڏئي ٿو.
    چوڪيدار: ”ٻڌئي ڪونھ ڇا؟ ڇوليان ڪتا تھ ڊوڙائي ڪنئي ڏينھن – ھونھ....... جيڪارن گھران ڀڄي سا چوي تھ صوبدار خان جي گھر واري آھيان – او مائي ٻيو ڪو غريب غربو وڃي تاڻ.“
    مارل وائڙي ٿي حيرت مان ڏانھس نھاري ٿي ۽ ٻنھي ٻارن کي وٺي مايوس ٿي موٽي ٿي – ماءُ ۽ ٻنھي ٻارن جو ري ايڪشن.

    ڏيک ٻيو
    تيز برسات، آنڌي ۽ طوفان. ڪيميرا مارل ۽ سندس ٻنھي ٻارن کي ھڪ ڀونگي (چؤنري) جي اوڍر ۾ ويٺل ڏيکاري ٿي. ٻنھي ٻارن جا ڪنڌ ماءُ جي ڪلھن تي ڍرڪيل آھن. ٽيئي سيءَ کان ڏڪي رھيا آھن.
    ماءُ: ”الائي ڇو، اڄ تھ ھيءَ مئي برسات بس ئي ڪانھ ٿي ڪري.“
    مراد: ”امان، مون کي سيءُ ٿو ٿئي.“
    ماءُ: ”ھا پٽ، پر ڇا ڪجي؟ مئا نوڪر اسان کي سڃاڻن ڪونھ – صبح ٿئي تھ تنھنجي پيءُ کي چئي آئون انھيءَ مئي مڇوءَ کي نوڪريءَ مان ڪڍرائيندس.“
    ڌيءُ (وائڙي ٿي محل ڏانھن نھاريندي): ”امان، بابو انھيءَ گھر ۾ رھندو آھي؟“
    ماءُ: ”ھا پٽ، اھو پنھنجو گھر آھي. ڏسجو، اوھان جو پيءُ اوھان کي ڏسي ڪيئن ٿو ڀاڪر پائي.“
    ڌيءَ (شمع) سندس محل ڏانھن نھاري ٿي – مک ڪنھن اڄاتل خوشيءَ مان ٽڙي ٿو پويس. ھوءَ وري ماءُ جي ڪلھن تي سري ڍرڪايو ڇڏي.

    ڪٽ
    ڏيک ٽيون

    صبح جو وقت، ڪيمرا پين ڪري صوبدار خان جي محل نما خوبصورت ٽھ ماڙ گھر جو منظر ڏيکاري ٿي. محل جي اندران ٻنھي پاسن کان وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا ڇانيل آھن. گيٽ جي اڳيان ٻھ نوڪر ھڪ اڇي ڀلي سينگاريل گھوڙي کي ٻوچڪارا ڏئي جھليو بيٺا آھن. ڪجھھ ٻانھيون ڪم ڪار سان ڏاڪڻين تان ھيٺ مٿي اچن ۽ وڦن ٿيون. ڪيمرا پين ڪري رئيس صوبدار خان جي محل جو خوبصورت ڊرائننگ ھال ڏيکاري ٿي. ڊرائننگ ٽيبل تي صوبدار خان جا ماءُ ۽ پيءُ امھون سامھون ويٺل آھن. ھڪ پاسي کان صوبدار خان ۽ سندس وڏو ڀاءُ ويٺل آھن. ٻئي طرف کان صوبدار خان جي ڀاڄائي ۽ سندس ٻھ ننڍڙا ٻار نون سالن جو پٽ ۽ ستن سالن جي ڌيءَ ۽ خاندان جون ڪجھھ نينگريون ڇوڪر ويٺل آھن. صوبدار خان پنھنجي پيءُ جيان تمام رعب وارو ماڻھو ٿو لڳي. ھو قداور ۽ نھايت ئي جانٺو جوان ٿو لڳي. سندس ڪنن ۾ ھيرن جا والا پيل آھن. اڇي سلوار قميص ۽ سونھري ماڊرن ڪوٽ ۾ ھو انتھائي خوبصورت ٿو لڳي.
    وڏو رئيس (پيءُ): ”صوبدار، ھو سونھري ديھھ جي زمين جي ٽڪر جو ڇا ٿيو؟“
    صوبدار: ”اھو مون پنجاھ ھزار روپين ۾ خريد ڪري ڇڏيو آھي.“
    وڏو رئيس: ”تمام سٺو.“
    صوبدار: ”چڱو ھاڻ آئون ھلندڙ. مون کي ڪنھن ضروري ڪم سان وڃڻو آھي.“
    کاڌي جي ميز تان اٿي ٿو ۽ ڏاڪڻن تان ھيٺ اچي ٿو. ھيٺ ڪجھھ نوڪر ۽ ڪمدار بيٺل آھن. ڪمدار کيس سلام ڪري ٿو.
    ڪمدار: ”سائين اڄ پاڻيءَ جو وارو آھي.“
    صوبدار: ”ھون.... ڏھ خون ٿي وڃن، تڏھن بھ وارو نھ ڏجو. جو ڪجھھ ٿيندو، ڏٺو ويندو – سمجھين؟“
    ڪمدار: ”سائين اوھان بي فڪر رھو.“
    صوبدار خان لڪڻ لھرائيندو گھوڙي تي لانگ ورائي ٿو. سندس تيز رفتار گھوڙو جھڙو ئي ھڻڪار ڪري نرا کڻي تيزيءَ سان گيٽ ڏانھن ڌي ٿو تھ مارل ۽ سندس ٻئي ٻار سندس اڳيان اچيو وڃن.
    مارل (رڙ ڪري): ”صوبدار گھوڙو جھل.“
    صوبدار (گھوڙي کي قابو ۾ آڻيندي حيرت مان): ”تون......!“
    مارل: ”ھا ھا، آئون اچي وئي آھيان.“
    صوبدار (ڪاوڙ مان رڙ ڪري): ”ڇو آئي آھين؟“
    مارل: ”آئون تنھنجا ٻار وٺي آئي آھيان – تون منھنجي گھر جو در ڀلجي وئين تھ آئون پاڻ تنھنجي گھر ھلي آئي آھيان. حيف اٿئي، ڪڏھن ڀلجي سار بھ نھ لڌيئي.،
    صوبدار: ”توکي ھتي نھ اچڻ گھرجي ھا – توکي جي پئسن جي ضرورت ھئي تھ گھرائي وٺين ھا.“
    مارل (وائڙي ٿيندي): ”پئسا! آئون پئسن کي ڇا ڪنديس؟ مون کي توکان سواءِ ڪجھھ نھ گھرجي.“
    صوبدار: ”بڪ نھ، محلن ۾ مھاڻيون ۽ ماڇاڻيون ڪونھ ويھاربيون آھن.“
    مارل (رڙ ڪري): ”صوبدار.“
    صوبدار: ”آئون چوان ٿو منھنجو نالو نھ وٺ.“
    مارل (رڙ ڪري): ”آئون سؤ ڀيرا تنھنجو نالو وٺنديس – تون مون کان منھنجو حق نٿو ڦري سگھين. صوبدار، تون ڄام تماچيءَ کان وڏو بادشاھ تھ ڪونھ آھين. تماچيءَ کي بھ ڪو خراب ڪونھ ٿو چوي. ننگ سڃاڻ، ميري آھيان، مندي آھيان – تنھنجي آھيان.“
    صوبدار تپي باھ ٿي گھوڙي تان لھي ٿو.
    صوبدار: ”اوھ، بدڪار عورت تھ تون ائين ڪونھ سمجھندينءَ، ھاڻ متان سر مان تتي آھين.“
    صوبدار نيٽ جي لڪڻ سان مٿس وار ڪري ٿو. سڀ گھر جا ڀاتي، نوڪرياڻيون ھل تي ڏانھن نھاريندا رھن ٿا. صوبدار جو سمورو خاندان مٿان گيلريءَ تان اھو منظر ڏسندو رھي ٿو. مارل جي مٿي مان رت جون ٺينڊيون وھڻ لڳن ٿيون. ھوءَ ڌڪن جو تاءُ نھ جھلي ڪري پوي ٿي. ٻئي ٻار امان امان ڪري کيس بچائڻ لاءِ مٿس ڪري پون ٿا. صوبدار جو ھڪ ڌڪ ننڍڙي کي لڳي وڃي ٿو. پٽ ماءُ جي منھن کي ڏسي، ڪنڌ کڻي پيءُ ڏي نھاري ٿو. صوبدار خان جو روح ڄڻ ڏڪي وڃي ٿو. سندس ھٿ از خود روڪجيو وڃي.
    صوبدار زال ڏانھن نھاري، ڪاوڙ مان ڏڪندي: ”ٻڌ، موٽڻ ويل جي توکي ھن ڳوٺ ۾ ڏٺم تھ ٻنھي ٻارن سان گڏ قتل ڪندوسانءِ.“
    ڪاوڙ مان گھوڙي ڏانھن وڌي ٿو ۽ ڪجھھ سوچي ڪمدار ڏانھن نھاري چوي ٿو:
    صوبدار: ”ڪمدار، ھن عورت کي ٻھ اڍائي ھزار روپيا ڏئي روانو ڪري ڇڏجانءِ. موٽڻ ويل آئون ھن کي ھتي نھ ڏسان. سمجھين؟“
    گھوڙي تي لانگ ورائي ٿو. سندس ڀلو گھوڙو وڏي ھڻڪار سان نرا کڻي تيزيءَ سان محل جي گيٽ کان ٻاھر ڊوڙي ٿو، ننڍڙو پٽ نھايت ئي جوش ۽ ڪاوڙ مان ڏانھس نھاري ٿو. پٽ جو ري ايڪشن. ڪيميرا صوبدار خان جي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ننڍڙي ڀائٽيئي ۽ ڀائٽيءَ جو ري ايڪشن ڏيکاري ٿي.
    گئلريءَ تان غور سان مارل ۽ سندس ٻارن ڏانھن نھاريندي.
    وڏو رئيس: ”سومار، انھيءَ عورت کي منھنجي ڪمري ۾ وٺي اچ.“
    ڪيميرا مارل کي ڏيکاري ٿي. سندس ٻئي ٻار مٿانھس جھڪيل آھن. ھوءَ ڀواٽيون کائيندي اٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

    ڪٽ
    ڏيک چوٿون

    وڏي رئيس (صوبدار خان جي پيءُ) جو خوبصورت وڏو ۽ ويڪرو ڪمرو – ھو پريشانيءَ جي عالم ۾ اچ وڃ ڪري رھيو آھي تھ ايتري ۾ ھڪ نوڪر، مارل ۽ سندس ٻنھي ٻارن کي اندر وٺي اچي ٿو. وڏي رئيس کي ڏسي مارل ۽ سندس ٻنھي ٻارن تي خوف طاري ٿي وڃي ٿو. وڏو رئيس مارل ۽ ٻنھي ٻارن ۾ غور سان نھاريندي رعب مان:
    وڏو رئيس: ”ڇوڪري، ڊڄ نھ – ڪير آھين تون؟“
    مارل (خوف وچان): ”آئون صوبدار خان جي نڪاح ٻڌي زال آھيان. ھي ٻئي ٻار اوھان جا آھن.“
    وڏو رئيس (غور سان ٻنھي ۾ نھاريندي): ”ھون....... رئيسن جي ٻارن کان اڪثر اھي غلطيون ٿي وينديون آھن. آئون صوبدار خان جو پيءُ اھيان – ٻڌاءِ ھاڻ تون ڇا ٿي چاھين؟“
    مارل (گندي سولي ڪري سندس پيرن ۾ ڪرندي): ”مون کي ڪجھھ نھ گھرجي. الله ۽ اوھان کان سواءِ منھنجو ڪوبھ اوھي واھي ڪونھي. مون کي پنھنجي پيرن ۾ جڳھھ ڏيو – آئون پنھنجن ٻارن ۽ اوھان جي خدمت ڪنديس.“
    رئيس (رڙ ڪري): ”اھو ناممڪن آھي.“
    مارل: ”نھ نھ، مون تي رحم کائو – ائون ھنن ٻارڙن کي وٺي ڪٿي ڌڪا کائينديس – اھي اوھان جو رت آھن.“
    وڏو رئيس: ”ڇوڪري، رئيسن ۽ رئيس جي اولاد جي سوچ ۾ تمام گھٽ فرق ٿيندو آھي. اسان توتي فقط ايترو رحم کائي سگھون ٿا تھ تنھنجي ننڍڙي ڌيءَ کي پناھ ڏيون – ان لاءِ تھ اھا ڇوڪري اسان جو رت ۽ لڄ آھي.“
    مارل (حيرت مان): ”ڇا.....!“
    وڏو رئيس: ”ڇوڪري ڊڄ نھ، رئيس پنھنجي اولاد جي ويھاريل عورتن کي پورو پورو خرچ ڏيندا آھن. مون تي ڀروسو رک، آئون تنھنجي پٽ لاءِ توکي پورو خرچ موڪليندو رھندس.“
    وڏي ٽجوڙيءَ مان ڪجھھ نوٽن جون دستيون ڪڍندي ڏانھس وڌائي ٿو. مارل پئسا ڏسي ڪنھن اڄاتل خوف کان ڏڪي ٿي.
    وڏو رئيس: ”ھان...... ھي وٺ. اڄ کان تنھنجي ڌيءُ اسان وٽ رھندي. اسين شھر ۾ تنھنجي رھڻ جو بندوبست ڪري ڇڏينداسين.“
    مارل: ”نھ نھ، مون کي پئسا نھ گھرجن – آئون سڀ سمجھان ٿي – آئون پنھنجي ڌيءَ کان جدا ڪيئن رھي سگھنديس؟“
    وڏو رئيس: ”پر اھو اسان جي غيرت جو سوال آھي. ھيءَ ڇوڪري اسان جي لڄ آھي – اسان ھن کي تو وٽ اڪيلي نھ ٿا ڇڏي سگھون.“
    مارل (باھ ٿيندي – ٽوڪ مان): ”آئون بھ تھ اوھان جي لڄ آھيان – مون تي اوھان کي غيرت ڇو نٿي اچي؟“
    وڏو رئيس (رڙ ڪري): ”ڇوڪري.“
    مارل: ”رئيس، پنھنجا اھي نوٽ پنھنجي ٽجوڙي ۾ رکي ڇڏ، ڪم اچي ويندءِ- پنھنجا ٻار تھ جھرڪي بھ پالي ويندي آھي – آئون تھ عورت آھيان.“
    ٻنھي ٻارن ڏانھن خوف مان نھاري کين ٻانھن کان جھلي:
    مارل: ”ھلو پٽ، ھي ماڻھو تھ ڏونگر کان بھ ڏاڍا آھن.“
    ٻار وٺي وڃڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿي. وڏو رئيس سٽ ڏئي ديوار تي ٽنگيل بندوق ۾ ھٿ وجھي ٿو ۽ پوري طاقت سان گجگوڙ ڪري ٿو.
    وڏو رئيس: ”ڇوڪري تھ پوءِ ٻڌ! تون ھتان ڌيءَ جو لاش کڻي ويندينءَ.“
    مارل جو روح ڄڻ ڪنبي وڃي ٿو. ھوءَ ڏڪڻيءَ مان رئيس ڏانھن نھاريندي ٿي رھي.
    مارل (دانھن ڪري): ”نھ نھ، اھو نسورو ناحق آھي، ظلم آھي، انياءَ آھي.“
    ڪاوڙ ۽ ڏکويل ڀرايل آواز سان ڏڪندي.
    وڏو رئيس: ”ھا، اھو ناھق آ، ظلم آ، انياءُ آ – پر آئون صدين جي ھلندڙ دستور اڳيان بي وس آھيان، معاشري اڳيان مجبور آھيان. جي تون ڌيءَ کي جيئرو ڏسڻ چاھين ٿي تھ پوءِ چپ چاپ پٽ وٺي ھلي وڃ.“
    مارل ڪنھن اڻڄاتل خوف کان ڪنبڻي مان ڏانھنس نھاريندي ٿي رھي.
    وڏو رئيس (ڪاوڙ پيئندي، ڪجھھ نرميءَ سان): ”ڇوڪري، منھنجو رئيساڻو قول آھي. اھا ڇوڪري ھن مھل ۾ شھزادين جيان رھندي ۽ منھنجي جائداد مان کيس منھنجي پٽن جيترو ئي حصو ملندو.“
    مارل: ”اسان کي جائداد نھ گھرجي.“
    وڏو رئيس (تپندي): ”پر مون کي اھا ڇوڪري ھر قيمت تي گھرجي. (بندوق جو ٽرائيگر دٻائيندي) ٻڌاءِ، تون ڌيءَ کي جيئرو ڏسڻ ٿي چاھين يا مئل؟“
    مارل ڊوڙندي ڌيءَ کي چنبڙي ٿي وڃي.
    مارل: ”نھ نھ، منھنجي ڌيءَ کي نھ مار، آئون ڌيءُ اوھان وٽ ڇڏي وينديس، آئون اھو سور پي وينديس.“
    مارل ڌيءُ کي ڀائر پائي رانڀاٽ ڪري روئي ٿي. وڏو رئيس ڪجھھ دير کين ڏسندو ٿو رھي ۽ پوءِ وڌي کيس ڌيءُ کان جدا ڪري ڇڏي ٿو.

    ڪٽ
    پڄاڻي

    ڪيميرا مارل ۽ سندس پٽ کي محل جي ڏاڪن تان ڏڪندي، گھوماٽيون کائيندي، لھندي ڏيکاري ٿي. مارل جي نست ھٿن مان ھٽ ھڪ ھڪ ٿيندا اڏامندا سڄي محل ۾ پکڙندا ٿا وڃن.
    مارل (لڇندي لھندي): ”يا حسين! مون سان قھر ٿي ويو، آئون لٽجي ويس، تباھ ٿي ويس.“
    نينگر (مراد) جي اکين ۾ ڳوڙھا، ڪروڌ ۽ نفرت آھي. محل جا ڪتا ڀونڪندا ٿا رھن. ٻئي ماءُ پٽ ھڄندا، رنڀندا محل مان نڪري وڃن ٿا.


    سونا پڙ ۽ ڪارا جھڙ

    ڇوريءَ ۾ اونھين گھور سان نھاري ٿو ۽ تکين تيز اکين سان ڇوري جي ماءُ نوران ٻائي ۾ نھاريندي، وسڪيءَ جو وڏو ڍڪ ڀريندي، نئون سگريٽ دکائي ٿو. سندس چپن تي ڄڻ ڪوڙاڻ جا سوين تھھ چڙھيو ٿا وڃن.
    ”پيش سون! ڪڏھن ڏٺو بھ اٿئي پيش سون؟....... ھتي تھ لوڻ ۾ ملاوٽ آھي، مون کي ڪيئن يقين اچي؟ ٻڌاءِ، ڪنھن جي ڌيءَ آھي؟ ڪھڙي لٺ سردار، پير، شھزادي يا نواب جي؟.....“
    ”تو واري سردار جي، وڏو پارکو آھين، مھانڊا نٿو سڃاڻينس.“ نوران ٻائي اھا ڳالھھ خوف کان ڄڻ ڌيءَ کي بھ لڪائيندي، ڀڻڪن سان ڊڄندي ٿي ڪري ۽ پوءِ ھٿ جي سٽ سان ڇوري جي اڌ اگھاڙين ڇاتين کي ويتر اگھاڙو ڪريو ڇڏي. اڌ اگھاڙا ارھ، چوٿ جي چنڊ جيان تجلا ٿا ڏين، تيج ٿا ھڻن.
    ”ھا، اکيون کولي ڏس، ھيءَ تھ راڄن جي راڻي، ڪيئن نھ پڙن مٿان سونا پڙ چڙھيا پيا اٿس. اڃان تھ ٻارھن سالن جي مس آھي. اھي پڙ ايئن ڪونھ چڙھيا اٿس. بڻيائتي ۽ پيڙھيائتي آھي. رڳو ارھ تي ھٿ رکي ڏسينس تھ ڪيئن نھ رڳ رڳ رباب بڻجي وڄي ٿي پويس.“
    ”ھٿ رکي؟......“ فنڪار، نوران ٻائيءَ جي ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽي ٿو ڇڏي:
    ”ٻائي، چيم تھ منھنجي ھٿ ۾ ڪامڻ آھي، جادو آھي، ڪشش ثقل آھي، چقمق. اھو ھٿ جي آئون تو کڙپيل پوڙھيءَ جي ڪنھن بھ سنڌ تي رکان تھ نھنجي نھائينءَ جو ئي ڇا، نانھن جو تار تار تنبير جيان وڄي پوندو. نيٺ تو مون کي سمجھيو ڇا آھي؟ ڪو وڏيرو يا نواب، جو نوٽن کان سواءِ ڪنھن جي اندر ۾ پاڻ لاءِ ھلڪو موھ بھ پئدا نھ ڪري سگھان.“
    فنڪار جي تکي ٿي وڃڻ تي نوران ٻائي ڪي دھلجي، سندس ھيٺاھيون ٿي وٺي:
    ”تڏھن ئي تھ تنھنجي پيرن ۾ پيا آھيون. ڪيو ٿس ڪو ميڪ اپ، تون سمجھين نھ پيو. منھنجي چوڻ جو مطلب اھو ھو تھ قرآن جو قسم تھ ڇوري سڄي ساري سون کاڻ آھي. توکان ڪيھي لک، الله جو سنھن تھ اڃان ڪنوارپڻي جو ڪو ڌاڳو بھ نھ ڇڳو اٿس. اعتبار نھ اچئي تھ سڄي رات پيو تنبير جيان وڄايو ٺڪيو ٺوڪيو جانچي ڏسجانس. مون ھن کي وڏيرن ۽ سؤ روپين وارن گراھڪن لاءِ تاتيو ناھي. آواز ٻڌئي، ناچ ڏٺئي. ٻڌاءِ، آھيس ڪا ڪاڻ؟ ڪيئن بھ ڪري مون کي ڇوري چوٽ چاڙھي ڏي.“
    ”ڪاڻ ڪانھيس تھ پوءِ منھنجو مٿو ڇو پئي کائين؟“
    ”نھ، تون رڳو سڃينس تھ سون ٿي پوي؟“
    ”تھ پوءِ اھا سودي بازي ڇو پئي ڪرين؟ چيم نھ تھ ڇوريءَ کي فنڪار بڻائڻو اٿئي تھ پوءِ ڇوڪريءَ تان ھٿ کڻي ڇڏ، آھو پلي ڇڏ. ھاڻ ھيءَ چڪلي ۾ نھ رھندي.“
    ”ڇا مطلب؟!.....“ نوران ٻائي جي ڄن ديھ ڌبي ٿي پوي. ھوءَ اکيون ڇنڀڻ کان سواءِ فنڪار ۾ نھاريندي رھجي ٿي وڃي.
    ”ايئن سمجھھ تھ جيڪو نواب يا سردار، چڪلي ۾ عياشيءَ لاءِ قوم جو رت ست چوسي، ڌيءَ کي سون جي کاڻ سمجھي، سدا لاءِ پان سان گڏ ويڙھين ۽ ولھارن ڏانھن وٺي وڃڻ لاءِ آيو آھيان. ٻڌاءِ، منظور اٿئي؟....“
    ”نھ نھ!.....“ ٻائي وڏي ٻوڏار ۾ اچي حيرت مان بي پرواھ فنڪار ۾ نھاريندي ٿي رھي.
    ۽ آسانت، اسڌ، اسرت، اٻاڻڪي ڇوريءَ ڪڏھن ماءُ ۽ ڪڏھن ان اڄاتل ماڻھو ڏانھن اوس ٿيو نھاريندي ٿي رھي. کيس ننڊ کان اوٻاسيون پيون اچن، پر مجال آ جو کن پل ننڊ جھوٽو ھڻي. ننڊ بھ پرائي وس. کيس تھ اھا بھ ڪل ڪانھين تھ سون کاڻ ڇا ٿيندي آھي؟ ڪير ڪنھن کي چڪلي ۾ گروي رکي ويو، مامرو ڪھڙي ڳالھھ تان متو آھي؟ ماڻس تھ ڪنھن ۾ اک ڪانھ ٻوڙي، پر ھن اڄاتل ماڻھوءَ آڏو ايڏو جھيڻو ڇو پئي ٻولي؟ ھن ماڻھوءَ وٽ آھي ڇا!....... کن لاءِ ھوءَ ان ماڻھوءَ م نھاريندي ٿي رھي. ننڊاکڙن نيڻن ۾ ٻالاپڻ جي ٻوڪ سان ۽ پوءِ جيئن ھوءَ سدائين گراھڪن آڏو نچي نچي، ننڊ کان چور ٿي سمھي پوندي آھي، تيئن ھوءَ سراڻو کڻي، وچ ۾ پيل غاليچي تي سيراندي رکي، ليٽي ٿي پوي ۽ ننڊاکڙن نيڻن سان ڪڏھن ڪڏھن ان ماڻھوءَ ۾ چور نيڻ سان نھاري ٿي وٺي.
    ”ٻائي، گڍڙين ۾ ڇو پئجي وئي آھين، جواب ڇو نٿي ڏين؟“
    ”ڇا سدا لاءِ؟“
    کن لاءِ فنڪار اسڌ، اسرت ڇوريءَ جي ڍڪيل ليٽيل ديھھ ۽ ننڊاکڙن نينن تان نيڻ ھٽائي ڏاڍي ارڏائي ۽ گھرائي مان نورا ٻائيءَ ڏانھن نھاري ٿو ۽ ڪروڌ مان نئون سگريٽ دکائي تيلي وسائي ٿو:
    ”ھا – سدا لاءِ.“
    ”نھ..... اھا تھ ڏاڍي ڏکي ڳالھھ آھي.“
    ”ٻيو تون ڇا ٿي سمجھين؟ فنڪار ٿيڻ سولي ڳالھھ آھي. ٻڌاءِ ٻائي، تون ڇا ٿي سمجھين تھ ڪالو خان تبلو وڄائيندو، راڻي نچندي، اھو فن يا آرٽ ٿي ويندو؟ جي اھو فن آھي تھ پوءِ وڏن وڏن ميڙن ۾، سرگسن جي اسٽيج مٿان زنانا ڪپڙا پائي سڀ ناچو ڇورا فنڪار ٿيا يا نھ؟ ٻڌاءِ، ان ناچو ڇوري ۽ پاڪستاني ايڪٽريسن جي ناچ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟..... ٻائي، جيئن اھي ڇوڪرا ڇوريون ناھن، تيئن اھو فن بھ فن نھ آھي. سمجھيئي؟ ٻڌاءِ ڪھڙو تبلائي آھي، ڪھڙي راڻي ٻائي آھي، جنھن جو آواز ڪنور ڀڳت يا جيوڻي ٻائيءَ جي آوازن جيان لکين پابندين کان پوءِ بھ ڄڻ آواگون جي پولارن پاتارن مان ايندا ھڪن. اڄ تائين ڪير روڪي سگھيو آھي انھن ازلي آوازن کي؟ موت تھ ڪا شيءِ ڪانھين. فنڪار...... فنڪار ٿيڻ ڪا ٻارن جي راند ڪانھين.“
    ”تھ پوءِ ٻڌءِ تھ ڇا ڪريان؟“
    ”چيم نھ، ڇوري تان آھلو پلي ڇڏ. آئون ھن کي پاڻ سان گڏ کيرٿر، ھارھو، مڻي، ھنگلاج، ڀڳو ٺوڙھو، پٻ، چوھڙ، ھالار، ڪانڀو ۽ ڪارونجھر جا پنڌ ڪرائيندس. آئون ھن جي ھٿن م چمٽو ڏئي، ھن کي بيراڳڻ بڻائي، وستي وستي، واھڻ واھڻ، ٿر بر گھمائيندس. ھيءَ نگري نگري، واھڻ واھڻ ڳائيندي، نچندي، ناٽڪ ڪندي، منڊليون رچائيندي ويندي. ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلمن جون مشينون پانمرادو ھن جي ڪشش ۾ ڊوڙنديون اينديون. آئون ھن کي انھن پھارن مٿان، ايترو مٿي اڇلائيندس جو ھي ڪئميرائن ڏانھن مڙي نھاريندي بھ ڪانھ. سمجھيئي؟....“
    ٻائي جي اکين ۾ چمڪو اچي ويو:
    ”پر جھنگلن جا ايڏا رولاپڙا ۽ ڪشالا ڇو؟ اھا سکيا تھ تون ھن کي حيدرآباد يا ڪراچيءَ جي ڪنھن وڏي بنگلي ۾ بھ ڏئي سگھين ٿو.“
    ”ٻائي، ڳالھائين ڪنھن سان پئي، ڇا سمجھيو ٿئي مون کي؟ ڇا ڀڙوو؟؟.....“
    فنڪار جي اوچتيءَ رڙ سان ٻائي جي لئون لئون ڪنبي ٿي وڃي. ڪچي ننڊ ۾ وھاٽيل ڇوري بھ جاڳيو پوي. ڪروڌ ۾ آيل فنڪار کن لاءِ وسڪيءَ جا وڏا ڍڪ ڀريندو، ھوريان ھوريان ماٺو ٿيندو ٿو وڃي: ”سھونھن بنگلو، ٻڌاءِ نھ، پوءِ ھيءَ ڏڪاريل ڍاٽڻ عورت جو ڪردار ڪيئن نڀاھي سگھندي؟ ٻڌاءِ، سڪارئي ڪارونجھر ۾ مورن جا ازلي ناچ ڏسڻ کان سواءِ، ھيءَ نرت ڪلا کي ڪيئن پرکي سگھندي؟ ڏڪارين ڀٽن ۾ ڀٽڪڻ کان سواءِ ھن جي نڙي ۾ اڃايل مورن واري رڙ جي پيڙا ڪيئن گھلي سگھندي؟ ڪيئن نڪرندي سندس نڙي مان ڪوئل جي ڪوڪ؟ ٻائي، فن ڌرتي جي امانت ھوندو آھي. ان لاءِ تھ فن کي ڌرتي جا ڏک ۽ ڏولا ئي جنم ڏيندا آھن، نھ تبلا ۽ گھنگھرو. فنڪار ٿيڻ لاءِ تھ وڏا چلا ڪڍڻا پوندا آھن. ٻڌاءِ ڌيڻھين ميران ديويءَ کان ڪا وڌيڪ پاڪ پوتر، حسين، ڪومل ۽ نازڪ آھي ڇا؟.....“
    ٻائيءَ جا واڄٽ وڄي ٿا وڃن. ھن جي ٻڌڻ جي شڪستي ڀسم ٿيو وڃي:
    ”پر اھو تھ ڏاڍو جان جوکم جو ڪم آھي، اسين چڪلي جا ماڻھو ڇا ڄاڻون انھن ڪمن مان!“
    ”تھ پوءِ سڪڻ جون سڌون ڇو ٿي ڪرين؟ چڪلي جي آھين تھ چڪلي ۾ رھ، حدون اورھانگڻ جي ڪوشش نھ ڪر.“
    کن لاءِ بنھي جي وچ ۾ موت جي ماٺار پئدا ٿيو وڃي، پر ان کان پھرين جو فنڪار گلاس خالي ڪري، اٿي ھليو وڃي، ٻائي ڏاڍي چالاڪيءَ سان سندس ڪلاس ۾ وسڪيءَ جا ٻيڻا ٻاڻ ڀري ٿي ڇڏي ۽ فنڪار جي چپن ۾ آيل نئين سگريٽ کي لائيٽر سان دکايو ڇڏي ٿي ۽ پاڻ بھ مقابلي لاءِ وسڪيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون چسڪيون ڀريندي ٿي رھي. فنڪار وڏي ڪڙيءَ ڳيت سان ڍڪ ڏوگھي ٿو وڃي ۽ جادوھاڻين اکين سان ٻائيءَ ۾ نھاريندو اونھو ٿڌو ساھ ڀري ٿو.
    ”ٻائي، ڏاڍي اٻوجھھ آھين جو چڪلي ۾ رھي بھ نيري ستارن ڀريل سرڳڌام ۾ جايون جوڙڻ ٿي گھرين ۽ آئون بھ وڏو گڏھ آھيان..... چڪلي ۾ فن ڳولھڻ آيو آھيان.... چڪلي ۾!........ چڪلي ۾ سرگسي پنڊالن تي نچندڙن ڇورن جي ناچ واري دلبي جيان، ڪوڙي سونھن کان سواءِ ٻيو آھي ڇا؟.......“
    ٻائي واساما کائيندي فنڪار ۾ نھاريندي ٿي وڃي تھ ڪھڙي ماڻھو سان پلئھ اڙيو اٿس. فنڪار جي اکين جي جوھر جو تيج جيئن پوءِ تيئن تکو ٿيندو ٿو وڃي. چڪلي ۾ ڄائي ھئي ٻائي، تنھن کان ڇوري ڇڏائي وڃي، اھو تھ ڪنھن ڪتاب ۾ لکيل ڪونھي. ٻائي پنھنجي اکين جا ڪامڻ تکا ڪندي ٿي وڃي.
    وڏي ڳيت سان فنڪار وري ڀڻڪي ٿو:
    ”ٻائي، تون بھ تھ وڏي کڙپيل آھين، ساري ڄمار چڪلي کي ڏني اٿئي، ٻڌائي سگھين ٿين تھ سونھن آھي ڇا؟....“
    ٻائي رڳو فنڪار ۾ نھاريندي رھجي ٿي وڃي. ھوءَ ان سوال جي جواب کان ڪوري ۽ ڪوجھي آھي. فنڪار وري ڀڻڪي ٿو:
    ”ڇا ٻھڪندڙ ڳورا ڳورا لڱ؟ سون سمان تجلا ڏيندڙ گول گول ارھن جا قبا؟ ڀنؤر اکيون؟ ڳاڙھا ڳل، اڀريل پولھھ، لسڙا ٿڙھا يا ڪين ڊگھيون ڊھيون ملين ڊالر ڄنگھون؟ آخر سونھن آھي ڇا؟ جيڪا ماڻھن کي ايئن پاڳل بڻايو، منجھايو، ماريو ڇڏي!....“
    ٻائي لاجواب ٿيو فنڪار ۾ نھاريندي رھجي ٿي وڃي. ھوءَ محسوس ڪري ٿي تھ ھوءَ بنھھ کوکلي آھي، ڪوري مٽ جيان ٺٺ خالي:
    ”ڇو، منھن ڇو لاٿو اٿئي؟ اڃان تھ تون جوپ لڳي پئي آھين. اٿي، آئون توکي ٻڌايان تھ سونھن ڇا آھي، ڪٿي آھي؟......“
    ٻائي سچي بھ ڄڻ سندس ڪشش ۾ اچيو وڃي. فنڪار جي شاھد آنڱر سندس پيٽ تان، گول دائرا بڻائيندي، سندس امدر مان ٿڌڙا ڪڍندي، اوچتو برف جيان سندس دن ۾ پيھي سندر اندر ۾ باھيون پئدا ڪري ٿي ڇڏي.
    ”ٻائي، ھانو تي ھٿ رکي سچ سچ ٻڌاءِ تھ تون سونھن وڃائي آھي؟“
    ”نھ....... نھ......“ ٻائي کان دانھن نڪريو وڃي.
    ”ٻڌاءِ، پوءِ ڇو مانھو توکي ڇڏي، تنھنجي اڻ سمايل ڌيءَ پٺيان ڇتن ڪتن جيان پيا ڊوڙون پائن؟“
    مون کي خبر ڪانھين!......“ ٻائي وگھرجي روئڻھارڪي ٿيو وڃي.
    ”ٻائي، آئون توکي ٻڌايان سونھن ڇا آھي. مٺو آواز ڇا ۾ آھي، حسين عورت جي ڊگھي ڊگھي ڳچيءَ ۾، نڙي ۾ يا ڪاني جي نڙانڍيءَ ۾، نڙي، نڙ، نڙانڍي، ھٿ، ڪرايون، آنڱريون، سڀ جدا جدا شيون آھن. تو ڪڏھن پرھ ويلا ۾ چنڊ جو آواز ٻڌو آھي؟ فن جي دنيا ۾ ھي ويلا ڪنھن حسين رنڊيءَ جي نھ، مائي ڀاڳيءَ جي آھي، جنھن جا آواز پرڏيھي پکين جيان ڍٽن ۽ ڀٽن مان ايندا آھن. ھي ويلا تو نوران ٻائي جي نھ، مائي نور بانو جي آھي، جيڪا واھڻن جي ڄائي ۽ ٿوھرن جي نپائي آھي. ڪڏھن اھا سٽ ٻڌي اٿئي: ”منھنجي مٺڙن مارن تان، ڪڪر ڇانءُ ڪجان، جھڙ جي جھول ڪجان“ ٻائي تنھنجي يا تنھنجي ڌيءَ جي آواز ۾ اھا جڳن جي اسات لوڇ، ٻلڪار ۽ پيڙا ڪٿي، جا ڪڪرن جا ڪنڌ ڌوڻي، آسمانن کي روئاري ڇڏي. ان امرتا آڏو سونھن ڪا شيءِ ناھي. سونھن تھ ٻرندڙ گھرندڙ ميڻ آھي، جا ڀسم ٿي ويندي آھي. ٻائي، يقين ڄاڻ تھ تون جسماني طرھ ھينئر بھ اوتري ئي حسين آھين، جيتري ڏھ سال اڳي. تو ويچاري کي ڪھڙي خبر تھ آئون جي ھينئر توکي ننگو ڪري تنھنجو پورٽريٽ ٺاھيان تھ اھو موناليزا جي تصوير جيان سدا لاءِ امر ٿي وڃي، پر تون...... تون ڏھن روپين جي نوٽ ۾ ڏھ ڀيرا ننگو ٿي سگھين ٿي، پر پورٽريٽ لاءِ ڪنھن ملھھ ڪنھن قيمت تي بھ نھ. ان لاءِ تھ تون تھ ويچاري سڌڙي سادڙي سٻاجھڙي رنڊي آھين، توکي ڪھڙي خبر تھ پورٽريٽ ڪھڙي بلا جو نالو آھي؟.....“ کن لاءِ فنڪار ڏاڍو دکي ٿي وڃي ٿو ۽ ٻائي جو سڄو اندر ڄڻ فنڪار جي آنڱر جي ڇھاو سان سراپجندو، ٿوٿرجندو، انگھندو ٿو وڃي. ھوءَ فنڪار جي اکين جو تاءُ نھ جھلي، سندس ٻانھن ۾ ڍرڪندي، انھلندي ٿي وڃي.
    ”مھڻا ڇو پيو ڏين؟ ڪنھن جھليو آ توکي تھ مون کي ننگو نھ ڪر؟....“
    ”ننگو!....“ فنڪار ڇرڪي ويتر دکي ٿي، ٻائيءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. لڳاتار نھاريندو.
    ”نھ..... نھ...... اڳي گھٽ ماڻھو توکي ننگو ڪندا رھيا آھن جو ھاڻ ائون بھ توکي ننگو ڪريان؟.... مون ۾ ڪنھن عورت جي ديھھ تي ٻولي لڳائڻ جي شڪتي ڪانھي، ان لاءِ تھ مون کي خبر آھي تھ عورت جي ديھھ جي نيلام جي قيمت چڪائڻ لاءِ ڌي چڪلي ۾ ڳھي رکڻي پوندي آھي. ٻائي ٻڌاءِ، ايئن آھي يا نھ؟ ٻڌاءِ ھيءَ ڇوري انھيءَ ڏي وٺ، خريد فروخت جو ڦل آھي يا نھ؟.....“
    ڀائي ڍڪرن ۾ اچي پھرين فنڪار ۽ پوءِ ننڊ ۾ الوٽ ڌيءَ ڏانھن نھاري ٿي ۽ لڳاتار نھاريندي ٿي وڃي:
    ”ھا ائين آھي.....“ ٻائي روئڻھارڪي ٿيو وڃي ۽ فنڪار ھڪ ئي ڳيت سان گلاس خالي ڪريو ڇڏي.
    ”ٻائي، شايد...... مون تنھنجو الاھي وقت برباد ۽ پنھنجو سجايو ڪيو. شايد منھنجو وڙاؤ توکي اڳرو لڳيو ھجي. ڀل لڳو ھجي، آئون ان جي پرواھ نھ ڪندو آھيان. ان لاءِ تھ آئون ماڻھن جي اندر جي پولارن پاتارن جا ڳجھھ ڳوھھ ڳوليندو ۽ کوليندو آھيان. تون ڇا، تنھنجي ڌيءَ ڇا، تنھنجي ايندڙ زمانن واريون پڙ پوٽيون، ڏھٽيون بھ پيار ڪنديون. پوءِ ڀل اھي چڪلن ۾ نپجن ڪين محلن ۾، نيٺ ھي چڪلائي، ڪڏھن تھ چڪلا ختم ڪندا.... چڱو، موڪلاڻي.“
    فنڪار اونھي گھري ڏکويل ساھ سان اٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ کن لاءِ غاليچي مٿان اسڌ، اسرت، ٻالاپڻ جي ٻوڪ ۾ ستل ڇوري ڏانھن نھاري ٿو. کن لاءِ کيس سچي بھ ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ سندس سامھون ننڍڙي لاڪي وارن ديون پرين وارين ڪھاڻين واري، سون ولات جي شھزادي ستي پئي آھي. پڙن مٿان، سونا پڙ چڙھيل. کن لاءِ ھو ڏانوڻجيو وڃي. پوءِ ھو تڪڙو نڪري وڃڻ لاءِ ھيٺ ڏاڪڻ ڏانھن وڌي ٿو.
    ”رات رھي پوين ھا......“ نوران ٻائيءَ جي آواز ۾ ڪنھن بھ قسم جو فريب يا دولاپ ڪينھي.
    ”نھ، مھرباني.....“
    ”ڀلا ڪڏھن اچڻ جو وڙ ڪندين ڪين؟.....“
    ”الائي، مون کي ڪابھ خبر ڪانھي تھ ھاڻ آئون ڪيڏانھن پيو وڃان؟“
    ”ٻڌ، دليان پئي چوانءِ، منھنجو تن من تو لاءِ آھي. آئون تھ تنھنجي پرپٺ جي عاشق آھيان. جڏھن دل چوئي، ھليو اچجانءِ، اصل بي ڌڙڪ......“
    فنڪار ھڪ ٻھ ڏاڪا لھي ويندي، مڙي ڏاڍي ڏکويل مرڪ سان نوران ٻائي ۾ نھاري ٿو ۽ ڏاڪڻ ھيٺ لھي، چڪلي جي گھٽين ۾ گم ٿي وڃي ٿو.


    ڪجلا تجلا ماڻھو

    ھو آمريڪن اسڪالر عورت سان وڏيءَ ڊگھيءَ ڪاري بيوڪ ڪار ۾، پوئينءَ سيٽ تي ڪنڌ ڍاريو پيو آھي. امريڪن اسڪالر تي ننڊ جا کيپ آھن. ھوءَ جھوٽا کائيندي، ھن جي ڪنڌ مٿان مٿو ڍاريو ڇڏي ۽ ھو پاڻ سوچن جي ٻوڏارن ۾ لڙھندو ٿو وڃي. سوچون، جي ڪڏھن بھ، ڪٿي بھ ذھن ۾ ڦرموٽيءَ جيان ڦري سگھن ٿيون (۽ ڦرنديون رھنديون آھن، ستي لوءِ بھ)
    ھو سوچي ٿو: ”ڪڏھن ڪڏھن پنھنجيون ڳالھيون، پنھنجو جيون بھ پرايو لڳندو آھي. جيون ۾ جو ڪجھھ آھي، ڄڻ سڀ پرايو آھي. پنھنجو ڪوئي ڪونھي. ڀلا آئون پنھنجو ڪڏھن رھيو آھيان! الا.... مون تھ پاڻ کي ڪڏھن اڻ لکي اھميت بھ ڪانھ ڏني. مان زال جو آھيان، ڌيئرن ۽ پٽ جو آھيان، پوڙي ماءُ ۽ پيءُ جو آھيان، ڳوٺ وارن، سنگتين ساٿين، واين ماين ۽ شھر وارين جو آھيان. الا..... ھي جيون ڪيڏو نھ عذاب آھي، ڪيڏو نھ ڪلاپ، ماڻھو پنھنجو پاڻ سان ڪوڙو؟..... پنھنجو پاڻ کان وڻواند!.....“
    ڪار پٺيان ٽي ٻيون ڪارون بھ آھن. ھڪڙيون گائيڊز ۽ سامان سان سٿيل تھ ٻيون ٻھ جيپون، گپ راڦي ۽ ڀٽن ۽ اڏن ڏونگرن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ.
    بيوڪ ٽنڊي مھمد خان جي واھيات روڊ تان، ھندوري جيان جھلندي ٿي وڃي. ھو ان اسڪالر کي سنڌ جي فلاس ٺاھڻ جو ھنر ڏيکارڻ لاءِ، ڪڙيو گھنور وٺيو پيو وڃي. مھيري جتن جي جھرن جھنگلن ۾ اکٽ ڇنن ڏانھن، پري پري کارين کٻڙن ۾ ڇڊا پاڊا ڇنا، منھھ، ڀونگا، جتي ٺھندا آھن دنيا جا اچا رگس، جي راتو ڏينھن جي محنت سان مھيني ۾ ھڪ سؤ رپئي جي مزوري ڪاڻ ٺاھيا ويندا آھن، جيڪي پوءِ ھوائي جھازن جي ڀاڙن سان امريڪا، جاپان، انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ وڪيا ويندا آھن، لکين ڊالرن جي حساب سان.
    امريڪن عورت جا وار قدرتي سونا آھن، ھوءَ بنھھ گريڪ ھيلن ديويءَ جيان حسين، ٽال ۽ گولڊن ليڊي آھي. سونا وار ڇڙھو ڇڙ ٿي پکڙندا، ھن کي ڊسٽرب پيا ڪن. ھو وري سوچن جي ٻوڏار ۾ آھي. يادن جا ڏنگ ۽ ڏنڀ. ساروڻن مٿان ساروڻا. ذھن جي ڀرڻيءَ ۾ ڄڻ پن چڪيءَ جو وڏو ڦرڻو تکو تڪڙو ھلي رھيو ھجيس. يادن جي ھوائن جي دٻاءُ تي ھانءُ چير ساروڻا.
    ھان- ويساھھ، اويساھ؟!..... ويساھ ئي نٿو اچي تھ ڪڏھن انھيءَ ڏامر جي سڙڪ جي مرمت مون ڪئي ھئي، پيٽي ٺيڪي ۾. ٺيڪيدار جو پٽ جو ھئس. مون تھ شاندار سڙڪ ٺاھي ھئي. ھڪ رتي ڏامر جي بھ دوکو نھ. ڀلا جي ھر ڏھاڙي، نيٺ پرافٽ تي سؤ روپيا ھجن تھ پوءِ ڌوڪي جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جڏھن پورھيت بھ خوش ھجن ۽ ماڻھو پورھيتن سان پورھيت ھجي. پنجويھھ سال..... ڪيڏو نھ ڊگھو عرصو؟ پوءِ بھ ڄڻ ڪالھھ ڪالوڻو ڏينھن! جڏھن تھ اڃا مان تيرھن سالن جو مس ھوس. ڀلا ڪو اعتبار آڻيندو تھ انھيءَ سڙڪ تان آئون پنجويھھ سال اڳي، راڪٽ گھوڙي ۽ ويسا ويس گاڏي چاليھن ميلن جي رفتار سان ڊوڙائيندو ھوس.
    جيئن ئي ڪار کٿڙ جي اسٽيشن کان ٻھ ٽي ميل اڳتي وڌي ٿي، ھو رستي جي پرئين پار کاٻي پاسي نھاريندي، اوچتو چرين جيان ريھھ ٿو ڪري:
    ”اسٽاپ..... اسٽاپ دي ڪار.“ اسڪالر عورت جاڳي ٿي پوي.
    ”واٽ ھيپنس وٿ يو؟......“
    ”نو، ڪجھھ ڪين.“ ھو ڪار مان لھي ڦليليءَ جي ڪپ ڏانھن کيڙيءَ مان پوري طاقت سان ڊوڙندو ٿو وڃي.
    ۽ گوني، ساڳيءَ گوناگون وھڪ سان وھندي ٿي وڃي. مھاڻيون ۽ واھڻن جون مايون ساڳيءَ ريت سان ڪپڙا سٽيو، گوني ڪناري ڌوپ ڌڙا پيون ڪن. ٻارڙا، جواڻ، پوڙھا، آسامايل، اٻالڙيون، ڇوريون ۽ مينھون ساڳيءَ ريت پيون گونيءَ ۾ ترن ۽ تڙڳن. ذھن جي مھاڀاري ڀرڻي کيس گھوماٽيون ڏئي، الائي ڪھڙين وڃايل ويلاٽن ۾ اڇلائي ٿي ڇڏي. ھو گونيءَ جي وچ سير ۾ غوطا ٿو کائي، ھاسيڪار..... پنھنجي ٻارنھن سالن جي ڪولھڻ ڇوريءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ، جا ڪپر تي ڌوپ پئي ڪري، جا سدائين کيس ڇڙواڳ پاڻي ۾ وھنجڻ کان منع ڪندي آھي، چغليون ھڻندي آھي سندس پيءُ سان.
    ”آھ..... آوپ....... ٻوڏتو ھان..... بچائيو...... ٻوڏتو ھان.......“ ۽ ھوءَ ڪيئن نھ ڪيڪراتون ڪندي، ٻارڙن سان گونيءَ ۾ گھڙي ھئي. تکيريون ڳجھڙيون ترندي، ھن ڏانھن آئي ھئي.
    ”روڻيا...... روڻيا......“ ھو پنھنجي سرتيءَ جي رڇ ۾ ڦاٿل ٻلھڻ جيئن پاڻيءَ ۾ تڙپڻ تي کل جھلي نٿو سگھي. وات مان وڏا ٽھڪ نڪريو ٿا وڃنس. ھو ٽھڪ ڏيندي، کيس غوطا کائيندو ڏسي، کانئس پاڻ ڇڏائي، کيس تاريندو ڪناري تي وڏن جھيڙن سان اچي ٿو. ٻنھي وچ ۾ مھاڀاري جنگ:
    ”سور..... ڪوتيا..... ڪوڙيئا، نراتما، مان نان سوڏ......“ ھوءَ پوري ڪروڌ مان سندس وار پٽيندي، کيس ٻوٿ ۾ رھنڊڙا پائيندي، ڪپڙن جي سونٽي سندس چتڙن ۽ پٺن تي وھائيندي، پڻس سان چغلين کائڻ جا ڊاؤ ڏيندي، روئندي، رنڀندي، پنھنجي لڏي ڏانھن ڊوڙي ٿي ۽ ھو ڪپر تي گپ مٿان – نج نڪور، نين وشال آسائن ۽ آسيس سان ليٿڙيون ٿو پائي، پائيندو ٿو رھي. ”ھان.... ھي..... ڪيئن نھ سھڻيءَ جيان ڪنن ۾ ڪاھي ٿي پوي! ايڏو پيار؟.....“
    اوچتو ڪنھن ھارن جي آواز تي ھو آليون اکيون اگھي سرت ۾ اچي ٿو ۽ وڃايل ويلائن جي ٻوڏار مان نڪري، ٻئي ھٿ پينٽ جي اڳين گيدن ۾ وجھي، ھوريان ھوريان موٽرن ڏانھن ٿو وڌي. اسڪالر عورت ڏاڍي حيرت ۽ اونھيءَ گھور سان ڏانھس نھاري ٿي ۽ نھاريندي ٿي وڃي.
    ”واٽز ديئر؟!.......“
    ”نٿنگ..... نو ايني ٿنگ..... اونلي لٽل ميموريز.......“
    ”ميموريز!....“
    ”پاپ، ميموريز آف ماءِ چائيلڊ ھڊ. مائي فرسٽ لو.“
    ”شي از لائيو؟......“
    ”نو – پليز ليو اِٽ.....“ ھو آشانتائي ۽ آنڌ مانڌ کان ڪنڌ موٽر جي پوئين سيٽ تي ڍاريو ڇڏي. کن لاءِ سندس ساٿي اسڪالر عورت بھ اشانت ٿيندي، ڄڻ پنھنجي پھرئين پيار جي ٻوڏار ۾ لڙھندي، ڄڻ پاتارن ۾ ھلي ٿي وڃي. ھونئن بھ اھا عورت کيس پنھنجي لاءِ الاھي ڪجھھ ٻڌائي چڪي ھئي تھ ھوءَ ڏھاڪو سال ھتي رھي آھي ۽ امريڪا کان گريڪ ڏاھڻ ڏاھڻ رلندي، ڪشمير کان سنڌ پھتي آھي. ھوءَ نھ رڳو سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽس ٿي ڏسڻ گھري، پر ماڳھن پورو جيون. اڪال ڪالن کان ھنن صدين سالن تائين ڏسڻ ٿي چاھي.
    مھيري جتن جي گوئرن تائين پھچندي رم جھم بوند بھار پئجيو ويئي. گاڏيون راڦي ۾ ڦاسيو ٿيون پون. واھڻن ۾ ھو ان عورت کي اڻ گھڙيل ڪاٺن مٿان فراسي ٺھڻ جو ڪم ڏيکاري ٿو، تانڃي پيٽي کان وٺي، ننڍڙي پينگھي ۾ نئين تنجيل ٻار تائين، جيڪو سينڌين سرمن تلڪن سان ستل آھي گھري ننڊ، لڇمي ديويءَ جي گود ۾، ھو ڪئميرا مين کي فراسين جي تانڃي پيٽي کان وٺي، تنجيل ٻار تائين جي ڊائريڪشن ڏئي ٿو. اوچتو ڏھاڪو کن جواڻ جماڻ عورتون ڇني ۾ پيھي ٿيون اچن.
    ھڪ ڏڪندي ڳالھائي ٿي: ”اي ادا، ڏس تو لاءِ اسان ڦوٽو ڪڍايا. ڏس نھ ڦوٿو ڪڍائڻ پان مآڻھڻ م ڪيڏو عيب آھي، پر اسان کي ھئي توکي عزت ڏيڻي. ھاڻ ڀيڻن جو کڻي ھيڪڙو ڪم ڪر. ھن انگريچانيءَ کي چئھ تھ ڀٽي ساب کي چئھ اسين راتو ڏينھن سورھن سورھن ڪلاڪ ويھو ٿيون اھي چت چٽيون، اڃا اسان شھھ ڪاريگريءَ تي رسون ئي ڪين تھ اکين ۾ موتيو ڪريو پوي. بس ڏاڪتر کي اسان جي پارت ڪري. اسين آيون مزور ماڙھو، مئو رڳو اک اٿلائي ڏسي تھ بھ خاشو.“
    ”ھا، ھا... چوندس...... چوندس.“ ھو انھن املھھ فراھمي ٺاھيندڙ املھھ انڌين ۽ ڪاڻين، سپنن جھڙين سندر نارين ۽ سنگھارن ڏانھن نھاريندو رھجي ٿو وڃي، ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي ٿو وڃي، اندر مان ڄڻ دانھن نڪريو ٿي وڃيس: ”الا، منھنجي ملڪ جون ناريون آھن يا ويس ديويءَ جون گريسيس!.....“ وطن جون سڀ سوڍيون ۽ سنگھاريون ڄڻ مياريون ٿي، ميڙاڪا ڪري مٿان بيھي ويون اٿس. ھو گھٽيل اواز سان، اسڪالر عورت کي عورتن جو فرياد ٻڌائي ٿو ۽ تڪڙو ڇني مان نڪري ٿو وڃي. پٺيان اسڪالر عورت جي رڳو رڙ ٿي ٻڌڻ ۾ اچيس: ”اوھ گاڊ، اٽز ٽيريبل...... ويري ٽارچرنگ!.....“
    ڪم ختم ٿي ويو، وڇوڙي جي رات آئي ۽ حيدراباد جو انڊس ھوٽل ھو. ھو اسڪالر عورت ۽ پنجابي ڪئميرامين سان بيئر جون ڳيتون ڀريندو ٿو رھي. موضوع پوليٽڪس آھي، اسلام ۽ ھندو ازم ان سنڌ. ھو پوليٽڪس تي ڳالھائڻ کان نفرت جي باوجود بھ اوچتو ڦاٽ ٿو کائي: ”نو، ديئر از نو ڪئوسچن آف اسلام آر ھندو ازم. ديئر از اونلي ون ڪئوسچن.... اونلي ون، وچ از ڪمنگ ٿرو سينچوريز، ويري وائيلڊ ازم، ڪيپيٽلزم...... دس از دي ريزلٽ آف ڪيپيٽلزم ويري بلائينڊ سسٽم آف ھيومن لونگ، واءِ يو پئپلز آر گوئنگ ٽو ميڪ اين ادر بينگلاديش ان ماءِ ڪنٽري. نو، ديز آر بلائينڊ ٿنڪنگز. ويري وائيلڊ ٿنڪنگز.“
    ۽ پوءِ بيئر جو آخري گفاس ختم ڪندي، ھو اٿي ٿو ۽ نويڪلائيءَ ۾ ان اسڪالر عورت کان موڪلائي ٿو. عورت ڏاڍي موھ سان ساڻس ڳالھائي ٿي: ”الا.... تنھنجي ملڪ جا ماڻھو تھ ڏاڍا سھڻا من مھڻا آھن. جتي بھ آئون ويس، مٿي تي نئين گندي ۽ ھٿ ۾ ڏھ روپيا، پنج روپيا تھ نياڻي ست قرآن. سچ مون تھ پاڻ کي اڃا تائين دنيائن جي مھاراڻي پئي محسوس ڪيو. واٽ اي بيوٽيفل ٽريڊيشنز آءِ سا ان دس ڪنٽري! دنيا ۾ تھ شايد ائين ڪٿي بھ نھ آھي!“
    ھوءَ ھن جي ملڪ جون تعريفون ڪندي ڍاپي نٿي. ”او – ڪي ليڊي، آءِ ھيو فنشڊ ماءِ ورڪ. نائو آءِ ايم گوئنگ ٽو ماءِ ھوم، سوئيٽ سوئيٽ ھوم.“
    ھو سؤ سؤ جي ڳٺي ڪڍي ڏانھس وڌائي ٿي: ”سڀاڻ ڪراچي انٽي ڪان ۾ اينڊين نھ؟......“
    ”ساري ليڊي، آءِ ايم ناٽ اي گائيڊ. نو پيمينٽ، نو نيڊ آف پيمينٽ، يو آر ان دي آرٿ آف موھن جو دڙو.“ ھو سندس چڳ سان کيڏندي، کيس ڪس ڪرڻ بدران ساڻس ڀرپور ھٿ ملائي ٿو: ”وش يو گڊ لڪ سويٽ پينو.“
    ۽ ھو ھوٽل جي روشنين مان تکا ڊگ ڀريندو، پيادل رات جي انڌوڪار ۾ شاھ جا بيت جھونگاريندو، گم ٿي وڃي ٿو.


    اولڙن پٺيان ڊوڙ

    ڊارلنگ، سمجھھ ۾ نھ پيو اچي، ڪھڙي يگ جو وير ٿي پارين. ڪھڙي جنب، ڪھڙي حال ڪال جو!....... تو جيئن چيو آھي، مون تيئن ڪيو آھي. ائون ننڍڙو فنڪار سھي، ھل ننڍڙو بھ نھ، ماڻھو تھ آھيان. توکي مون تي اعتبار ڇو نٿو اچي؟ قرآن مان ٿڪي پيو آھيان. ايڏو جو ڪالھھ مان ھڪ وڻ ھيٺان نست ٿي ڪري پيس. چڱو ٿيو جو وڻ ھو. ھاڻ تھ مون کي ھوريان ھوريان دل جا دورا پوڻ لڳا آھن. سڇ ڪانگ رڙي آيا آھن. ڪانگ ۽ ڪبوتر پرٿويءَ جا سڀ کان ذھين پکي آھن. ڪانگ تھ ماڻھوءَ کان بھ وڌ ذھين آھن. ڪانگن مٿان منھنجي ڏاڍي سٺي آبزرويشن آھي. ڪانگ گھڻو ڪري ماش خور ھوندا آھن. جڏھن بھ ڪا چرندڙ پرندڙ ساھ واري شيءِ نست ٿي ڪري پڇاڙڪا پساھ ڏيڻ لڳندي آھي تھ ھوريان ھوريان مٿس ڪانگ لھندا آھن. مون ڪانگن کي ڏڪارئي ٿر ۾ اڃن ۽ بکن کان پاھ ٿي ڪرندڙ ڍورن جون اکيون ڪڍندي ڏٺو آھي. سچ آھي تھ ڏاڍو ڏکوئيندڙ فيلنگر آھن ۽ آئون، آئون توکي ايترو ڏک بھ ڇو ڏيان تھ ٿر ۾ ھيئن بھ ٿيندو آھي، ھونئن بھ ٿيندو آھي. توبھن، ٿرن برن ۾ الائي ڇا ڇا ٿيندو آھي!
    ھو ايترو خط لکي، يوڪلپٽس جي سرھاڻين ڀريل ڇايا ھيٺان اٿي، وڻن ڏانھن ويندڙ پاڻيءَ جي ناليءَ مان ٻھ ڍڪ پاڻيءَ جا پيئي ٿو ۽ ڇنڊن سان منھن ٿڌو ڪري، يوڪلپٽس جو ھڪ پن پٽي، ھٿن ۾ مھٽي، ڏاڍي آسانتائيءَ مان سگھي ٿو ۽ سوچي ٿو، چٺي لکان نھ لکان؟....... ۽ وڏن مونجھارن ۾ ٿو اچي وڃي. کٻي ٻانھن ۾ مٺو مٺو سور محسوس ڪندي، ٻانھن تپندڙ ٻھڪندڙ سج ڏانھن ڊگھيريو ڇڏي، سوريھ – ٽاڪوڙ لاءِ ۽ الائي ڪيتري دير کان پوءِ وري وڻ جي ڇايا ھيٺ، ڇٻر مٿان پيل ڪتاب ۽ ڪاڳر کڻي وري خط لکڻ لڳي ٿو:
    ڏس نھ، تو چيو ھو: ”منھنجي جيون مان نڪري وڃ. ماڻھو مون تي آڱريون کڻندا، سوين ڳالھيون ڪندا. سور مون وٽ اڳيئي ڏڪارئي مال جيان وٿان ڪري ويھي ويا آھن.“ ۽ مان مرڪندو رھجي ويو ھئس. تنھنجي نيڻن جي منٿ ۾ ڪيڏا نھ ڪامڻ ھئا ۽ آئون شاندار نموني سان تنھنجي جيون مان نڪري ويس. اھا تمام وڏي ڳالھھ آھي. منھنجو تنھنجو جيون مان نڪري وڃڻ، جڏھن تھ روز جا گس گام ساڳيا ھجن، ساڳي ڊوڙ ھجي، ساڳئي سڄ پٺيان! تنھن ھوندي بھ مان ڪڏھن بھ تنھنجي سامھون نھ آيو آھيان. ھڪ ٻھ ڀيرو ڀل چڪ ۾ تون پاڻ سامھون اچي ويئي آھين، نھ آئون. مون کان ڀل ٿئي، اھو آئون سوچي بھ نٿو سگھان. اھو امپاسيبل آھي. ان لاءِ تھ آئون دنيا ۾ ھڪ ئي ڳالھھ سکي سگھيو آھيان، وقت کي ڪئنچي ڪيئن ھڻجي؟ مون ان پل کي پنھنجي جيون مان ڪتري ڇڏيو آھي، جنھن پل ۾ تنھنجو ڪٿان ترورو بھ نظر اچي. پوءِ بھ توکي شڪايت آھي تھ مان تنھنجا دڳ ٿو جھليان.......! تو منھنجي گھر جي ڀاتين سان شڪايت ڪري، مون کي ٻڏڻ ھاڻو ڪري ڇڏيو آھي.
    - ۽ چٺي لکندي ھو وري سوچي ٿو، لکان نھ لکان؟....... ”توبھن، مون تھ سڄيءَ ڄمار ۾ ڪنھن کي خط ڪين لکيو. مون کي ڪھڙي خبر تھ ھي ڌوڙ پيو خط ڪيئن لکبو آھي؟ ان ڪري ئي تھ آئون ڪنھن کي خط لکان ئي ڪين.“ ھو پاڻمرادو وڦلندو، ڪاڳر مٿان ڪاپي اونڌي ڦھڪائي، وڻن ۾ لاتيون لوندڙ پکين ڏانھن نھاري ٿو. پري پري سڙڪن ۽ پيچرن تان ماڻھون اچن پيا، ماڻھو وڃن پيا. ھو ٿڪي، آرس ڀڃڻ لاءِ يوڪلپٽس جي لسڙي ٿڙ جو ٽيڪو وٺي، ننھن کان چوٽيءَ تائين سڄيءَ ديھھ جو ٻوجو وڻ مٿان ڍاري ٿو ڇڏي، الائي ڪيتري دير لاءِ. پوءِ اچانڪ ڪنھن جي پيرن جون آھٽون محسوس ڪندي، ھو جھٽ ڇال ڏئي، پاڻ کي وڻ کان ڊسڪنيڪٽ ڪري ٿو. پٺيان کان ايندڙ ڇوڪريءَ کي ڏسي، کيس پنھنجي نيڻن تي ڄڻ ويساھ ئي نھ پيو اچي:
    ”تون......... مون تھ دعا بھ نھ گھري ھئي، عجب آھين تون!“
    ”ڇو ڀلا، توکي عجب پيو لڳي؟ ۽ ھا، ڪالھھ بس مان لھندي ڇا پئي چوڻ گھريئي؟ دري بند ھئي، مون کي تھ ڪي بھ سمجھھ ۾ نھ آيو.“
    ”اوھ....... آئون لڄيندو آھيان....... مون کي ڪجھھ اڌارا پئسا گھرجندا ھئا.“
    ”اوھ، بيڊ لڪ. مون واپس ڪراچي موٽي وڃڻ پئي گھريو. ھتي چين نٿو اچي، ۽ منھنجو ........ ھتي تھ آئون بک مري ويندس.“
    ”ٻڌاءِ نھ ڇا ڪريان؟ پويون تاريخون آھن.“
    ”مينشن ناٽ.“ ۽ ھوءَ روشن مرڪن جي ڇاتن سان موڪلائيندي ھلي ٿي وڃي ۽ ھو ڪياڙي کنھندو پاڻمرادو وڦلي ٿو:
    ”توبھن – آئون بھ وڏو گڏھ آھيان. ھاڻي ڀلا اھو بھ ڪو طريقو ھو پئسن گھرڻ جو؟“ ۽ ھو ڪالھھ جي فليش بئڪ ۾ لڙھي ٿو وڃي.
    ھڪ ماڻھو بس مان لھي، اڳيان عورتن واريءَ بند کڙڪيءَ کي ناڪ ٿو ڪري. اندر بس ۾ ويٺل ڇوڪري حيرت مان شيشي مان نھاري ٿي. اشارتي ٻولي، لڄوڙي مرڪندڙ ماڻھوءَ جو آڱوٺو ۽ ڏسڻي آڱر نچائي پئسا ڊمانڊ ڪرڻ. ڇوڪريءَ جو ڪجھھ نھ سمجھڻ ۽ بس جو اسٽارٽ ٿي کيس ڇڏي وڃڻ.
    ھو ڳچيءَ ۾ ھٿ وجھي، سرڪس جي ماڻھن جيان زور سان بولاٽي کائي، ڪالھوڪي ان حرڪت تي پاڻ کي لوئي ۽ لٻي ٿو ۽ ٽھڪ ڏئي کلي ٿو. ھن کي ياد ٿو اچي ٻالاپڻ. ننڍڙي لاڪي جيڏن سرتن ساڻ کيل ڏسڻ لاءِ، ماءُ پيءُ جي اک وٺي، ڏاڏيءَ کان ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ ڪيئن نھ ڏسڻي آڱر آڱوٺي سان نچائي بلئنڪ ٽاس ڪري ڪري، اک ڀڃي ڀڃي ڏاڏيءَ کي گھيتاري ڏوڪڙ ڇڏائي ويندو ھو.
    ”آ..... ھ...... ھ....... ھ.......“ ھو وڏو اونھو گھرو ساھ ٿو پري. اڳي ۽ ھاڻي ۾ ڪيڏو نھ وڏو فرق آھي. ھاڻي تھ ساھ کڻڻ بھ ڏکيو ٿي پيو آھي. ھاڻي تھ جيون پاڻ کيل تماشو ٿيندو ٿو وڃي. وڏو پرابلم. ھاڻي ڪيتري نھ عجب جھڙي ڳالھھ آھي تھ ھن جي ڪا پينٽنگ پنجاھ روپين ۾ بھ نٿي اگھامي. ھو وري ڪراچي ڀڄي وڃڻ ٿو چاھي، جتي ھوائي جھازن جي اڏام آھي، روپيا ئي روپيا ڦھليا پيا آھن، جتي وڏن بنگلن ۾ نوٽن جي ٿھين ساڻ فٽ بال کيڏي سگھجي ٿي. ڪا ڳالھھ ساري، ھو وري چٺيءَ تي ويچار ڪري ٿو ۽ سوچي ٿو، جيھي تيھي چٺي لکجي ويندي ۽ وري ٻاھر ٻاڦي ٿو:
    ”ھونھن، آئون ڪو ھتي چٺي لکڻ آيو آھيان؟ افسانھ لکھھ رھي ھون، دل بي قرار کا. مون کي ڪنھن جي پرواھ نھ آھي. مان جو ئي آھيان، سو ئي آھيان ۽ وري ٻانھن ۾ ڏاڍو سور محسوس ڪندي، پوري طاقت سان ٻانھن شيخ ڪري، سج کي ٽاڪوڙ لاءِ ڏئي ٿو ڇڏي ۽ ٻانھن کي جھٽڪا ڏيندي وري وڻ جي ڇايا ھيٺ اچي ٿو. اوچتو سندس نھار ھيٺ لاھيءَ ڏانھن ھلي ٿي وڃي. پري وڻن جي قطار جي ڇايا وٺيو، سرلا ايندي ٿي نظر اچي:
    ”ٺيڪ آھي، اڄ ان سان بھ ڳالھھ ٻولھھ ٿي وڃي. آئون بھ ڪو واھيات آھيان. ھونھن – سؤ روپيا پينٽنگ نھ وڪامندي. ھاڻي ھي ڪھڙو زمانو اچي ويو آھي، جو ھڪ شاندار پينٽنگ تان، شانائتي نموني سان سؤ روپيا ملڻ بھ اھکا ٿي وڃن. ڀلا ھي فائن آرٽ آھي ڇا؟ ٺيڪ آھي، اڄ چوندوسانس تھ ڇا آئون چترڪار نھ آھيان؟ پينٽنگز...... پينٽنگز...... آئون تھ سؤ روپين لاءِ ٿوٻي گھمائيندو آھيان ڪينواس مٿان. مان پينٽر نھ، سنئون سڌو فلاسافر آھيان. ويري جينئس فلاسافر. فائونڊر آف دي نيو ھيومن فلاسافي، ويري نيو ٿنڪنگز آف دي سينچوري ٿرو دي ڪاريدورز آف ٽائيم، دس از ويري اگلي ائنڊ ڊارڪيسٽ سينچري آف دي فرسٽ ورلڊ وار، سيڪنڊ ورلڊ وار. وار، وار ود آئوت اينڊ ود آئوٽ اينڊ!..... وار..... وار..... ايور ويئر وار...... سينچور آف بگ بامز. شيم، ھاڻي ڏس نھ، ڇا فلاسافي پينٽنگز ۾ ٽانڪي وڃي، ٽاچڻيءَ سان؟!....... مون کي سؤ روپپيا گھرجن، ڪيئن بھ. ايمانداريءَ سان چئھ، ھيءَ پينٽنگ ڪنھن ڪتاب جو ٽائيٽل نٿي ٿي سگھي؟ آئون ڪنھن وڏي اداري جي ڪتاب جي ڳالھھ نھ پيو ڪريان. آرڊنري مئگزين جيڪي نڪرندا آھن، ڪتن کان بھ گھڻا. اڙي ڀائي، سٺو لکڻ ڇا، سٺو سچن لاءِ بھ سٺي ايٽماسفيئر جي ضرورت ھوندي آھي. اٽز ويري نچيرل، اسين دوتا نھ ماڻھو آھيون. اسان جون بھ گھرجون آھن. مون کي ان جي پرواھ نھ آھي تھ ھيءَ تصوير تون ڪھڙي ايڊيٽر جي منھن تي ڦھڪائيندينءَ؟ مون کي ڏوڪڙ گھرجن. نيٺ ڀلا ھي ٽئونڪري سنڌيءَ جا ڦر فائن آرٽ کي سمجھن ڇا ٿا؟ ٻوليءَ جي کوجنا ٿا ڪن. ٻڌاءِ نھ، ڪھڙو سائنٽيفڪ ايڪيوپمينٽ اٿن، جنھن سان کوجنا ڪندا؟ دس از دي ڪمپيوٽر ايج.“ ھو ڪروڌ ۾ اچي سوچي ٿو ۽ جڏھن وري مڙي ايندڙ ڇوڪريءَ ڏانھن نھاري ٿو تھ کيس ڏاڍي مونجھھ ٿي محسوس ٿئي. ڇوڪري سرلا نھ، ان جيڪي بھ نھ، الائي ڪير آھي. شايد ايئن ئي پري کان سندس نيڻ دوکو کائي ويا ھئا. ھن جو سڄو ڪروڌ ڀسم ٿي وڃي ٿو. ڇوڪري ڀر مان، وڻن جي ھوائن ۾ ھلندي ٿي وڃي. ھو ڇوڪريءَ جي سڊولتا ڏسي، اونھون ساھ ڀري، ڪاڳرن ڏانھن مڙي ٿو ۽ وري ڇٺي لکڻ ٿو لڳي.
    تو چيو ھو آپگھات ڪري ڇڏ، مري ٺري وڃ، پر آئون آپگھات ڇو ڪريان؟ نيٺ ڇو؟!....... آپگھات تھ ڇا، آئون واٽ مٽائڻ لاءِ بھ تيار نھ آھيان. ھن رووليوشن جي دنيا ۾ تون ڪير ٿيندي آھين مون تي اھڙا حڪم ھلائڻ واري؟ منھنجي پنھنجي واٽ آھي، منھنجي واٽ تنھنجي واٽ سان ملي ھڪ ٿي وڃي ٿي تھ ان سان آئون ٻڌل آھيان ڇا؟ آئون ڪنھن کان بھ پوئتي ڇو رھجي وڃان؟ آئون اڳتي نڪري وڃڻ بھ نٿو چاھيان. آئون تھ ھڪجھڙائي پسند ماڻھو آھيان. پوءِ ڀلا ڀ اتي گھوٻي ڪيئن ھڻندس؟ اھا تھ پنھنجو پاڻ سان ويساھ گھاتي ٿي. ھا يا نھ؟ ساري، ڪڏھن بھ مون کي انھن واٽن تان ھلڻ کان نھ روڪجانءِ، جيڪي توکي وڻنديون ھجن. سچ ڏاڍي موذي ۽ مرچوٺ آھين. ايڏو تھ نھ اڀري اچ، جو ٻيا ڏسڻ ۾ بھ نھ اچن. آئون – آئون ڇا ٿو لکڻ چاھيان؟ تون ھر ڳالھھ کي سڌو پڙھي وڃجان، ان لاءِ تھ مون کي چٺي لکڻ ڪانھ اچي. مون ڪڏھن ڪنھن کي چٺي لکڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪانھ ڪئي. وري ماڻھو پڙھيل بھ تھ ڪين ھئا. رڳو نياپن تي ڪم ھلندو ھو. فلاڻي يا فلاڻي کي منھنجو ھي ڪم چئجانءِ. جيترو جاڳندو رٻاري سرشتو. واھڻن ۾ تھ اڄ بھ اھو ئي سرشتو آھي. سچ مان منجھي ويو آھيان، پر نھ مان دھلجي ويو آھيان، ان لاءِ تھ مون کي سوسائٽيءَ جي سڄي خبر آھي، ھاءِ سوسائٽي مور ائنڊ مور ھاءِ سوسائٽي!.......
    ڏس، آئون ڪنھن بھ چڪر ۾ نھ آھيان. ڪلھھ ھڪ پراڻو شاعر دوست مليو ھو، چيائين: ”آئيڊيل ملڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. آئيڊيل تائين رسڻ لاءِ سڄو سولر سسٽم مٺ ۾ قابو رکڻو پوندو آھي.“ تون اجايو مون ڏانھن ميارون پئي موڪلين. آئون........ آئون تھ اڃا ھڪ ننڍڙي دؤر مان گذري رھيو آھيان – مون کي تھ پنھنجي آئيڊيل ڇوڪريءَ جا ساروپا بھ وسرندا ٿا وڃن. ڪڏھن ڪڏھن اھڙن مھانڊن جي ڇوڪري ڏسي، ٿڌو ساھ ڀري، آس پلي ڇڏيندو آھيان. ھونئن بھ اسين سڀ ائيڊيل لائيف گذارن جا سپنا کڻيو، ٿڙندا ٿاٻڙندا ھلندا آھيون. سچ، مان تھ ڏاڍو ڊڄي ويو آھيان. ڀلا اھو بھ ڪو جياپو آھي جو منھنجي ڪارڻ ڪجھھ ماڻھو ڏک ڏسن ڀوڳين (جي اڳيئي ڀوڳين پيا!) سچ مون لاءِ اھا وڏي ڏھڪائيندڙ ڳالھھ آھي. ھاڻ ڀلا توکي ڪيئن سمجھايان تھ ايئن ناھي، جيئن تو سمجھيو آھي. منھنجي اندر ۾ تو لاءِ ڏاڍا سٺا، سھڻا ۽ سلوڻا جذبا آھن، ڏاڍا ڪومل. منھنجو وس ھلي تھ جيڪر اوشا ۽ سنڌيا جي ھوائن کي چوان تھ تنھنجي ڇڙواڳ چڳن مٿان ادب سان گذرن.
    اچانڪ ھو رڙ ٿو ڪري:
    ”اڙي ڙي ڙي ڙي...... چڙي تھ ڪانھ پوندي؟ الائي ڇا لکي ويو آھيان. مار پويس، ھيءَ چٺي تھ انگھندي ٿي وڃي. الائي متان ڪا اونڌي معنيٰ ڪڍي وھي!“ ھو وڏن ويچارن ۾ اچي وري يوڪلپٽس جا پن ھٿن ۾ مروڙي واس وٺندو ٿو رھي.
    ”ھون – ھي ڪھڙي موڙ تي اچي ويو آھيان؟ آئون لکڻ ٿو چاھيان، سڀ ڪجھھ جيڪو شدت سان محسوس ڪيو اٿم. ڳالھيون ڪٿي ختم ئي نھ ٿين – ڪٿي ايئن تھ نھ ٿيندو، جيئن، جيئن سارو جيون اجايو گذري ويو آھي، باقي جيون؟....... پر نھ، ھاڻ شايد ائين نھ ٿئي. جيون ئي تھ گھارڻو آھي، ٿورڙو عقل کان ڪم وٺي ڏاڍي سھڻائيءَ سان گھاري سگھجي ٿو. سچ ھاڻ تھ ايئن ٿو ڀاسي ڄن چوراسي لک جيوڻين جو نرڳ ڀوڳي موٽيا آھيون. ھن ھيڏي وڏي عظيم صديءَ ۾ بھ ايڏا ھيڻا، ڪمزور، ٿڪاڻا، ٽٽاڻا؟.....“ ھو ٿڌي ساھ سان سوچي وري خط لکڻ لاءِ ڪاڳر ٿو کڻي ۽ سوچي ٿو: ”ڇا لکان.....؟“ ۽ ھو لکڻ ٿو لڳي:
    سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڇا لکان؟ آئون سمجھان ٿو تھ ڪنھن ڇوڪريءَ ڏانھن اھو منھنجو پھريون ۽ آخري خط آھي. ايتري دير ۾ تھ آئون ڏاٺي سٺي تصوير ٺاھي ڇڏيان ھا. توکي موھڻ لاءِ چٺيءَ ۾ ڪو ڪوڙ لکڻ نٿو چاھيان. اھو سچ آھي تھ آئون ھر موڙ تي توکي ڏسن چاھيان ٿو، اندر جي اننت جي گھراين سان مورتي ٺاھڻ لاءِ، پر تون ڪڏھن ڏسڻ ۾ ئي ڪانھ ٿي اچين. ڪڏھن محسوس ٿيندو آھي ڀر مان ڪو گذري ويو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اھو بھ پنھنجو وھم ۽ گمان لڳندو آھي. اڳي.... الاھين سال اڳي، ٽينيج ۾، جڏھن چاھيندو ھئس سپني کي ساڀيان ۽ ساڀيان کي سپنو بڻائي ڇڏيندو ھئس. ھاڻي سپنا ڇا، ننڊ بھ الائي ڪيئن ايندي آھي! ھاڻ مون پڪو ارادو ڪيو آھي تھ ڪڏھن بھ مورتي ڪين ٺاھيندس (اندر ۾ ڪي آھي ئي ڪونھ) اوھ...... ساري. ڀلا مورتي سان تنھنجو ڪھڙو لاڳاپو!..... سچ، خط لکڻ نٿو اچي، پر ڪيئن بھ آئون چاھيان ٿو غلط فھم دور ٿي وڃي. ڇو مٺا ماڻھو پاڻ ۾ کٽا ٿي وڃون! ڇا ضروري آھي تھ ھڪ ماڻھو جيئن چاھي، تيئن ٿيڻ گھرجي؟ پوءِ تھ ماڻھو جي ميجارٽي جنگ پسند آھي. جي ايئن نھ ھجي تھ پوءِ دنيا ۾ جنگيون ڪيئن ٿين! پرٿويءَ جا وڏا توڙي ننڍڙا سڀ ملڪ، سڀ قومون ھيروئزم جو شڪار آھن. ھر قوم ٻيءَ قوم کي پنھنجو دٻدٻو، ڏھڪاو، طاقت، ٺٺ ۽ اڊمبر ٿي ڏيکارڻ چاھي ۽ يگن کان ائين ھلندو اچي.
    خط لکندي ھن جو ھٿ بيھي ٿو وڃي:
    ”الائي ڇا پيو لکان، ڇو پيو لکان.......“ کن لاءِ ھن جو ذھن ڪم نٿو ڪري، ھو چوڏھن ھيٺاھين ڌرتيءَ ڏانھن نھاري ٿو ۽ مٿي سج ڪاپار تي آھي. ھو وڻن جي ڏارن مان سج کي ٿڌو ٿڌو ڪري ٿو ڏسي، سائيرو سائيرو سج. ”ڪير ٿو ڪنھن جي ٻولي سمجھي؟!“ ھو ڄڻ يوڪلپٽس ۾ پناھ ورتل ڳيري سان ٿو ڳالھائي ۽ خط ٽڪريون ٽڪريون ڪندو ٿو رھي ۽ پوءِ ننڍڙيون ننڍڙيون ٽڪريون لڪ جي ھڪ جھوٽي ۾ اڇلائي ٿو ڇڏي.
    ڪاڳرن جون ٽڪريون ھوائن جي زور تي اڇن ڪبوترن جي وڳر جيان ھيٺاھينءَ ڏانھن اڏاڻيون ٿيون وڃن ۽ انھن پٺيان ھو چپ چپات ھلندو ٿو وڃي، ڏوجھرا کائيندو ھلندو ٿو وڃي.


    دي ايڊيٽر

    جيئن ريل جون پٽڙيون پيرلل پيون وينديون آھن يا ھر جٽيل جڙ ڏاند، تيئن ھو ٻئي ويھارو سالن کان جٽ ھلندا ٿا اچن. ساڳيءَ ٽور سان، ساڳين مرڪن، ڏکن ونجھن ۽ پيار سان. چوٿين پنجين ڏينھن ڪڏھن ڀاڳين تھ ڪڏھن باقاعدي پروگرام سان. جڏھن تمام گھڻا پئسا ھوندا اٿن تھ ٽرپل فائيو ڇڪيندا آھن، نھ تھ امبيسڊر کان وٺي ڪي – ٽو جي چوٽيءَ تائين سڀ ڪجھھ ھلائي ڇڏيندا آھن. جيئن چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوھن تي ڳولي لھي، تيئن ھڪ ٻئي کي لھي وٺندا آھن ۽ جيئن سدائين گھڻو ڪري ڀاڳين ملندا آھن، تيئن اڄ بھ ڀاڳين ملي ويا آھن، سنڌو ڪناري ۽ سنڌو لھر لھر ڏھڪاو ڦھلائيندي، اجھل سنڌو، سدا جيان گجگاھ ڪريو وھندو ٿو وڃي. ٻئي ھڪ ٻئي کي آمھان سامھان ڏسي، اندر ۾ سدا جيان ڪائي پراسرار شڪتي اڀامندي محسوس ڪري مرڪي پوندا آھن، تيئن سدا جيان اونچي ڳاٽ پاڻ ۾ ملن ٿا. ھٿ ملائڻ يا ڀاڪر پائي پيار جتائڻ کان ڇوٽڪارو ماڻيل. سدائين جيئن درد ڀريل ڀڻ ڀڻ سان:
    ”يار سڀ درياھ اھڙا ھوندا آھن يا رڳو سنڌو ئي ايڏو زوردار ۽ تيجان تيج آھي؟“ ٻنھي مان جيڪو ايڊيٽر آھي، او اھونچي سگريٽ جو پئڪٽ وڌائي ٿو.
    ”سڀ درياھ زوردار ھوندا آھن. سڀني جي پاڻيءَ جو رنگ ساڳيو ھوندو آھي. مصر جي ماڻھن لاءِ نيل، سنڌوءَ کان وڌيڪ وڏو، ڀلارو ۽ تيجان تيج درياھھ آھي ۽ اسان لاءِ اسان جو.“ ايڪٽر دوست وراڻي ٿو. ايڪٽر جيڪو ڪڏھن پاڻ بھ رائيٽر ۽ ايڊيٽر ھو، تمام گھڻن پئسن ڪمائڻ ڪاڻ ايڪٽر ٿي ويو ھو. پئسا تھ ڪونھ ڪمائي سگھيو، باقي رھي کھي عاقبت بھ وڃائي ويٺو آھي.
    ”يار، مان تھ ھن مئگزين مان ڦاسجي ويو آھيان. مون کي تھ ھر گھڙي ايئن ڀاسندو آھي ڄڻ منھنجو سڄو ٽئلينٽ انھيءَ ايڊيٽريءَ جي ڪري اٻاٽجندو ٿو وڃي. اسين ماڻھو آھيون يا ڍور!“ ايڊيٽر دور سنڌوءَ مٿان وڏاندرا پر ھڻندي ويندڙ ڳيري ڏيکارڻ لاءِ آڱر ٿو کڻي. کن لاءِ ٻئي سنڌوءَ مٿان ۽ ڪارن ڪڪرن جي ڪوھيڙي ھيٺان اڏاڻي ويندر ڳيري ۾ نھاريندا ٿا رھن. ايستائين جو ڳيرو ننڍڙو ٽٻڪو ٿي، گوناگون پولار ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    ”ھان ( ڪھڙي ڳالھھ پئي ڪئيسين؟!.....“ ايڊيٽر ذھن تي زور ڏئي ٿو.
    ”شايد ڪو روڄ پئي رنوسين، پٽڻ پئي پٽيوسين.“ ٻئي وڏا ٽھڪ ڏين ٿا.
    ”ھا يار، مون کي تھ سدائين ايئن ڀاسندو آھي، جيون راڙا ئي راڙا آھي، موت جا راڙا. اسين سڀ ڄن ھڪڙو ئي پڙاڏو ڇڏڻ آيا آھيون، موت جي راڙ جو پڙاڏو. باقي اسين پنھنجو پاڇولو بھ پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آھيون.“
    ”تون ٺيڪ پيو چوين. تنھنجي شاعري ھاڻ مون کي ھانو تي گولي کاڌل ماڻھوءَ جي راڙ لڳندي آھي.“
    ”آڱوٺي جو مٿو. يار تو وٽ ڪا ٻي ڳالھھ ڪانھي! انھيءَ ڀڙوي شاعريءَ کان سواءِ؟!“
    ”پوءِ انھيءَ ڀڙويءَ کي طلاق ڇو نٿو ڏئي ڇڏين؟“
    ايڪٽر جي ڳالھھ تي شاعر کن لاءِ وسامي ٿو وڃي، ايئن ئي جيئن سگريٽ جي ڌڳندڙ مھاڙي تي، مينھن جي پھرين ڦڙي ڪري. ھو ڪنھن وڏي ٻوڏار ۾ پيھندي ڄڻ ٽٻي مان ٻاھر نڪري ٿو اچي.
    ”ھائو يار، ڪڏھن ڪڏھن شاعري، زال، گھر، ٻار سڀ بڪواس لڳندا آھن.“ ايڊيٽر ڏاڍي پيڙا مان آڪاس ۾ نھاريندو ٿو رھي. ان پار، جيڏانھن ڳيرو گم ٿي ويو آھي.
    ”نيٺ ڀلا اڄ ايڏي مونجھھ ڇو، آھي ڇا؟“
    ”منجھندو منھنجو آڱوٺو. خبر ڪانھ ٿئي آئون ڄيرا کڻي ھلندڙ ماڻھو آھيان. مون کي پنھنجي وت ۽ ست جي پوري خبر آھي.“ يار جو ڪروڌ ڏسي کيس ٿڌي ڪرڻ لاءِ ايٽر ناؤ ڏانھن آڱر ٿو کڻي.
    ٧ وچ سير ناؤ ۾ آھي ھڪ جواڻ جماڻ وينگس، ھڪ ٻارھن سالن جو ٻار ۽ ھڪ ڏھن سالن جي بيبي. اڌ ننگي بوجي بيبي سکان سنڀاليندي ٿي وڃي ۽ ماءُ ۽ ٻار رڇ ڇڏيندا ٿا وڃن ۽ ناؤ سنڌوءَ مٿان ڏور ڏور ھندوري جيان جھلندي ٽلڪندي ٿي وڃي.
    ”ھون – ڇا پئي ڳالھايوسين؟“ ويچارو ايڪٽر سگريٽ جو مزو نھ ماڻيندي ڌڳندڙ سگريٽ مان ٻيو سگريٽ ڌکائي ٿو.
    ”يار، رن واھ جي ھئي، نھ؟ پاڻ تھ غور سان ڏٺئي بھ ڪانھ.“
    ”مون چتائي ڏسي ورتي ھئي. قران جيھي سنڌوءَ جي جل پري.“
    ”ھا – اھي سڙھ سڌا ۽ لاڄو نوان رکڻ واريون سڀ ناريون، نوريءَ جيان نور ئي نور ھونديون آھن. ڄام تماچي بھ ڇا ماڻھو ھوندو!....“ ايڊيٽر ٿڌو ساھ ڀري ۽ وري وڦلي ٿو:
    ”آئون جي ڄام تماچي ھجان ھا تھ سنڌو ڇا، سڄو سمونڊ فشريز وارن کان کسي فشرمين جي حوالي ڪري ڇڏيان ھا.“
    ”پر ڏک اھو آھي جو اسان مھاڻا بھ نھ ٿي سگھياسين. الا – ڇا ڇولان ڇول وھندڙ جيون آھي.“
    (ٿڌن ساھن ڀريل ماٺار)
    ٻئي ڪنڌيءَ ڏيو ھلندا ٿا وڃن. ڪڏھن ڪڏھن آگم ڀريل اڀ ۾ نھارين ٿا، ڪڏھن لڙھندڙ ٿڙن ۾، ڪڏھن سڙھ کنيو درياھ ۾ چير وجھي اوڀار ايندڙ ٻيڙين ۾.
    ”يار، تنھنجي رومانس جو ڇا ٿيو؟ ڇا ضروري آھي اسين ھر وقت ادبي روڄ روئون؟!“
    ”يار، سڄو آھي ادبي روڄ روئون.“
    ”ڇو ڙي، اڃا تائين حرامپايون ڪونھ ڇڏيندين.“
    ”ڪمال آھي يار، حرامپائي جي ڪھڙي ڳالھھ آھي.“
    ”لنوائين ڇو ٿو؟“
    ”يار ڪاوڙجي وئي، نھ وڻيومانس.“
    ”ڇو؟“
    چيائين: ”جي مون کي ڪنھن ايڪٽر سان ئي رومانس ڪرڻو پيو تھ پوءِ اوٽول مون کي سڀني کان گھڻو وڻندو آھي. لارينس آف اربيا ۽ ھن جا پٺا ڏاڍا سھڻا ٿي لڳا.“
    ”يار تون بھ کڻي ٿورڙو پرايون سرايون ڪارون پٺيانس وڌيڪ ڊوڙائين ھا.“
    ”تون ڇا ٿو سمجھين، مون ايئن نھ ڪيو ھوندو! يار ڪار تي ئي تھ ھوءَ چڙي پئي ھئي.“ چيائين: ”تون مون تي ڪار جو رعب وجھڻ آيو آھين، اھا تو جھڙي ماڻھوءَ لاءِ شرم جھڙي ڳالھھ آھي!“
    ”اڇا، ايئن چيائين؟!“
    ”ٻيو ڇا، ڀلا تون ئي چئھ نھ، ھڪ اسڪالر عورت جو ھڪ اشتھاري فلمن جو پرفارمر آئيڊيل ٿي سگھي ٿو؟! يار مون تھ ھن لاءِ فيچر فلمن جو ملندڙ ڪم بھ ڇڏي ڏنو.“
    ”اڙي ڀڙوا، فلمن ڇا، تون تار مڪان سان ئي نڪري ويو آھين!“
    ”ھا – تون تھ ڄن ڪڏھن نڪتو ئي ڪونھ ھئين. سچ ٻڌاءِ، توکي وڻي ٿي يا نھ؟“
    ”ھا يار، آھي تھ گولڊن ليڊي، ود گولڊن گلاسز، پر ان کان وڌيڪ مون کي تون پيارو آھين. ھوندي اسڪالر ليڊي.“ ايڊيٽر جو موڊ اف ٿي وڃي ٿو.
    ٧ وھندڙ پانيءَ مان وڏو وڏو ڪڇئون، نانگ جيڪي ڳچي ڪڍي وري ٽٻيءَ ۾ ھليو ٿو وڃي. ٻئي کن لاءِ ڪڇون ۽ پوءِ درياھ جي گوناگون وھڪ ۾ نھاريندا ٿا رھن ۽ جيئن جيئن سج ڍرندو ٿو وڃي، گوناگون پاڻي ڄڻ پلاٽينم ٿيندو ٿو وڃي. وگھريل اتانگھھ چوٽين کان ايندڙ لاوي جيان گڙگاٽ ڪندڙ پلاٽينم.
    ”ٻڌ، تون ڪھاڻيون ڇو نٿو لکين؟“
    ”ان سان ڇا ٿيندو؟ تون تھ ايسٽابلشڊ پوئٽ آھين. توکي ڇا مليو آھي جو مون کي ڪي پراپت ٿيندو.“
    ”اڙي سوئر، پوءِ آخر ڪندين ڇا؟......“
    ”منھنجو آڱوٺو ڪجھھ ڪري. اڄڪلھھ مان ھپي ازم تي اسٽيڊي ڪري رھيو آھيان.“
    ”يار، تون ھپي ازم تي ٿيسز لکي، پي – ايڇ – ڊي ڪري وٺ نھ.“
    ”يار، الائي ڇا پيو چوين. پھرين تھ اھو ٻڌاءِ تھ تنھنجي مئگزين ۾ ھپي ازم تي ڪجھھ لکي سگھجي ٿو؟!.....“
    ”پوءِ ڀلا آخر ڇا ڪندين؟“
    ”يار سوچيان ٿو، سٺو ڪتو پاليان. نالو رکانس رنس جو رن.“
    ”ھا – پيٽ نھ پاريان ڪتا ڌاريان. ھيئن ڪر، تون پاڻ ڪو جادو ٻادو سکي ڪتو ٿي وڃ.“
    ”يار، پوءِ بھ ڊگري ڪانھ ملندي.“
    ”ڇو؟.....“
    ”توکي ھر ڪنھن آڏو پڇ لوڏڻ جي عادت ڪانھي.“
    ”ھا يار، ڪڏھن ڪڏھن ڀاسندو آھي اسين اھي پڇ ڪٽيل، سڌريل وفادار ڊاگز آھيون، جن کي پڇ ئي ڪونھي. لوڏينداسين ڇا.....؟“
    ]ماٺار، درياھ جي ڇولان ڇول گاج ڀريل ماٺار.[
    ٻئي ھلندي ھلندي بيھي ٿا وڃن، وري ھلن ٿا. وري بيھي ٿا وڃن، نوان سگريٽ دکائڻ لاءِ.
    ”ڇا موٽون؟.....“ ايڊيٽر وڏي مشڪل سان ڳالھائي ٿو.
    ”ھتي آيا ئي موٽڻ لاءِ آھيون.“ ۽ ٻئي واپس پل ڏانھن ھلڻ لڳن ٿا.
    ”ٻڌ....“ ايڊيٽر جي اندر ۾ ڪا مونجھھ آھي.
    ”ٻڌاءِ بھ کڻي.“
    ”مون اھو ٿي چيو تھ دنيا جا جيترا بھ جينئس ماڻھو ٿي گذريا آھن يا موجود آھن، آھن سڀ دکي؟! ٿرو سنچريز!........ مھاتما ٻڌ ۽ شاھ تھ اسان وٽ سمبل آھن.....“
    ”شايد ان لاءِ تھ جينئر ماڻھن کي دنيا ۾ سک ڏسڻ ۾ ئي ڪين ايندا آھن. پرٿويءَ تي ساري ڄمار ڀٽڪڻ کان پوءِ سرووم دکم دکم يا ڏاگھي جيڏا ڏک چئي ڊھي پوندا آھن. ڪڏھن وڻن ھيٺان تھ ڪڏھن ڪنھن رڻ ۽ رائي ۾.“
    ”ان جو ڪارڻ شايد سک آھن، ھر ماڻھو سک ماڻڻ ٿو چاھي جڙو سک! سچي پائدار سکن لاءِ ڪوئي ڪونھ ٿو سچي. ان ڪري سک جو اسان وٽ ڪو اميج ئي ڪينھين.“
    ”ھا – پر ھاڻ تھ بور پيا ٿيون. يار، سمو ڏاڍو رومانٽڪ آھي، ڇا پل آڏو اوپن ھوٽل ۽ ديدار بازي الله راضي نھ ھلي ڪريون.“
    ”اڙي سوئر! ھاڻ تھ ايئن بھ نٿا ڪري سگھون. اڌ کان مٿي سڃاڻ ڄاڻ واريون ڇوريون ھونديون. گدڙ کي ھرڪو سڃاڻي. ڀل چڪ ۾ ڪنھن کي اک نھ ھڻي ويھون!“
    ”قرآن خوش ٿيندي.“
    ”قرآن تي تھ ايئن ٿو اچين ڄڻ پڻھين جي جاگير آھي.“
    ”يار حيف ٿئي، اسان وٽ ايتري جاگير بھ برداشت نٿو ڪرين.“
    ”چڱو ھل تھ اڄ ڪارو منھن ھلي ٿا ڪريون.“
    ۽ پوءِ ٻئي ھوريان ھوريان پل ڏانھن وڌڻ لڳن ٿا، جتي چھل پھل آھي، رنگا رنگ، لڳڙ ۽ سلوڻا جسم آھن، سونھن ۽ اسپيڊ آھي.......


    ڌرتيءَ ڌڪاڻا

    ھو جپان ايئر لائنز جي جھان سان سفر ڪري رھيو ھو. ھڪ وڏي ڊوڙ ۽ زوزٽ کان پوءِ جڏھن جھاز ايران جي ڌرتي ڇڏي تھ ھن پنھنجي اندر عجيب سياٽا ۽ سيڙھاٽ اڀرندا محسوس ڪيا. ھن سوچيو، ٽن ڪلاڪن کان پوءِ منھنجو جھاز پاڪستان جي سڀ کان وڏي شھر ڪراچيءَ ۾ لھندو. ڪراچي، منھنجي ماءُ جي سپنن جو شھر، منھنجي جيجل جي جنم ڀومي، جنھن کي پيار مان ھوءَ سدائين ڪلاچي سڏيندي آھي. قديم نالي سان ياد ڪندي آھي. پر آئون ان شھر کي ڏسڻ لاءِ بيچين ڇو آھيان؟ ان شھر کي ڏسڻ لاءِ منھنجي اندر ۾ ايڏو ولوڙ ڇو آھي، ڇو آھي ايڏي آنڌ مانڌ؟ آئون ان شھر جو سير ڪرڻ ڇو ٿو چاھيان؟ آئون ڪلفٽن ڇو ٿو گھمڻ چاھيان، ڇو ٿو چاھيان تھ ميٽرو پول جي خوبصورت لائونج ۾ ويھي ٺٺ سان پلو کاوان، منگھي پير تي واڳون وڃي ڏسان، مورڙي ميربحر جو مقبرو ڏسان، ڪنھن بڪ اسٽال تان شاھ جو رسالو خريد ڪري، ڪنھن پارڪ ۾ وڃي پڙھان. ان شھر سان منھنجي تھ ڪا تر جيتري يادگيري بھ ڪانھي. ورھاڱي ويل، جڏھن منھنجي ماءُ کي جلاوطن ڪيو ويو ھو، تڏھن تھ آئون فقط چئن مھينن جو ھئس، سو بھ ماءُ جي پيٽ ۾. مون تھ ان شھر جي ھوا بھ نھ جھٽي آھي، جا پئدائش ويل ھڪ ٻار جا بند ڦڦڙ وڏي ريھھ سان جھٽي ڦٿ ڦٿ ڪري ھلڻ لڳندا آھن ۽ ساھن جي ڌمڻ چالو ٿي ويندي آھي. مون تھ زندگيءَ جا اھي پھريان ساھ آگري جي ھڪ کوليءَ ۾ جھٽيا ھئا. پوءِ ان شھر کي ڏسڻ لاءِ منھنجي اندر ۾ ولوڙ ڇو آھي؟ ڇا رڳو ان لاءِ تھ ڪراچي منھنجي ماءُ جو وطن آھي، جنم ڀومي آھي؟ ڇا رڳو ان لاءِ تھ ننڍڙي لاڪئون، مون ماءُ جي واتان ڪراچي جي باري ۾ الاھي ساريون ڳالھيون ٻڌيون آھن؟ ڪلاچ جي سمونڊ جون، منھوڙي جون، ڪلفٽن جون، زولاجي گارڊن جون، ميوزيئم جون، منگھي پير جون، مورڙي مير بحر جون، جنھن ڪلاچ جي سمونڊ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي وھيل مڇي ماري ھئي، جنھن جو ڪنڊو اڄ تائين ميوزيم ۾ رکيل آھي. امان چوندي ھئي، ھرڪيوليس ھجي يا جوليئس سيزرس ھجي يا ڪو رستم، دنيا جو ڪو پھلوان مورڙي جو مٽ ٿي نٿو سگھي. مورڙو ھمٿ ۽ مردانگيءَ جو Symbol آھي. امان چوندي ھئي، درياھ سنڌ جا واڳون دنيا جا سڀ کان وڏا واڳون ٿيندا آھن. تون منگھي پير تي وڃي ڏسندين تھ توکي ھڪ ھڪ واڳون پندرھن فوٽن جو نظر ايندو. بس ڏسندي ئي ماڻھو کي دھشت وٺيو وڃي. امان چوندي ھئي، ڪراچيءَ جو سمونڊ دنيا جو سڀ کان نيروکھرو سمونڊ آھي. اتي سدائين ڇوٽ ۽ ڇڙواڳ ھوائون ھلنديون آھن. اتي تون ھوا جي جھوٽن کي ھلندو ڦرندو محسوس ڪندين. ھيئن مٿي نھاريندين تھ توکي اھو ھوا جو جھوٽو ڪنھن چنچل ناريءَ جيان ساڙھيءَ وچڙندڙ ڊوڙندڙ محسوس ٿيندو. آھ! ڪراچيءَ جي ڪھڙي ڳالھھ ڪجي. وطن جا وڻ وساري ھوءَ ڄڻ روئي پوندي ھئي. وس پڄيس تھ ڄڻ اجھا پر ڪري اڏامي وڃي. ڪيڏي نھ ايلاز مان چوندي ھئي: ”رام....... ھي ڪين ھيا سياستدان تھ سدائين پاڻ ۾ وڙھيو پيا پرچن. ڪڏھن نھ ڪڏھن تھ پاسپورٽ کلندا. تون جڏھن وڏو ٿين تھ ھڪ ڀيرو مون کي وطن جا وڻ ضرور ڏيکارجانءِ، آئون سنڌ ساگر جي پوڄا ڪنديس، موھن جي دڙي جي ڌرتيءَ کي سجدا ڪنديس، شاھ تي پڙ چاڙھينديس، نھ تھ منھنجي آتما، گنگا جي گوديءَ تي سدائين نراتمائن جيان ڀٽڪندي رھندي، لڇندي رھندي. آئون ھڪ ڀيرو وطن موٽي وڃڻ چاھيان ٿي. رڳو ھڪ ڀيرو-“ پوءِ ھن جي نڙي ڄڻ گھٽجي ويندي ھئي. اکين تي ھٿ ڏئي وٺي پنھنجي ڪمري ڏانھن ڊوڙ وجھندي ھئي، اندران ڪڙو چاڙھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مونن ۾ منھن پايو پئي روئندي ھئي ۽ پوءِ جڏھن ھوءِ در کوليندي ھئي تھ ايئن ڀاسندو ھو، ڄڻ ھوءَ جڳن جي ڪا پوڙھي عورت ھجي، جا روئي روئي نيڻن جي جوت وڃائي چڪي ھجي. ”اونھن، دقيانوسي عورت، ٽيويھھ سال گذري ويا آھن، اڄ تائين وطن وساري نھ سگھي آھي.“ اڄ تائين سندس نيڻن جو پاڻي خشڪ نھ ٿي سگھيو آھي. ھن وڏيءَ بيچينيءَ سان سيٽ تي پاسو بدلايو. وري ڪجھھ ياد آيس. ان ڏينھن، جڏھن ھو ماءُ کي نئين ڪار ۾ ويھاري بمبئي گھمائڻ وٺي ويو ھو تھ ھوءَ بمبئيءَ سمونڊ ڪناري Gate Way of India تي اچي ڪيڏو نھ خوش ٿي ھئي. ٿڌو ساھ ڀري ڪيڏي نھ اڪير مان چيو ھئائين: ”الا.... اھو سدورو ڏينھن الائي ڪڏھن ايندو، جڏھن آئون ھيئن ڪلفٽن تان سنڌوءَ ساگر جو مشاھدو ماڻينديس.“
    تڏھن ھن ماءُ کي چيڙائيندي چيو ھو: ”امان، تون ڪراچيءَ جي سمونڊ کي سدائين سنڌو ساگر چوندين آھين، پر تاريخ يا جاگرافيءَ ۾ تھ ان نالي جو ڪوبھ سمونڊ ڪونھي. ڪراچيءَ جي سمونڊ کي تھ عربي سمونڊ چوندا آھن، بحر عربArabian Sea.“
    ”واھ – عربي سمونڊ ڇو! عربي سمونڊ تھ ٿيو عربن جي فتح کان پوءِ، ڀلا ڏاھر جي وقت ۾ بھ ڪو کيس عربي سمونڊ چوندو ھو ڇا؟“
    ”پر آئي، سنڌ تي تھ ھينئر بھ مسلمانن جو قبضو آھي. اھي سڀ پاڻ کي عربن جو اولاد سڏائيندا آھن. پاڪستان ۾ اڄڪلھھ ون يونٽ آھي. ھاڻي ڌرتيءَ جي نقشي تي سنڌ نالي ڪوبھ ملڪ ڪونھي. تون تھ اجايو سنڌ سنڌ ڪري دل کي ڪوڙا دلبا ڏيندي آھين. سنڌ ڪٿي بھ ڪانھي.“
    ھن جي ماءُ کي ڄڻ وڇون ڏنگ ھنيو ھو. گھائل گھور سان ڏانھس نھاري چيو ھئائين: ”رام – مون کي تھ خبر ڪانھ ٿي پوي تھ اوھان ماڻھن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڇا پڙھايو ويندو آھي؟ اوھان جي ڄاڻ ڪيڏي نھ محدود آھي. ٻڌ رام، مون کي اڄ بھ چٽيءَ طرح ياد آھي. ننڍڙي لاڪي، جڏھن آئون اڃان چوٿون سنڌي مس پڙھندي ھئس، تڏھن تنھنجو نانو مرحوم ھڪ ڀيري مون کي لڪي ڌارا تيرٿ جو ميلو گھمائڻ وٺي ويو ھو. اتي مون ڀڳي ٺوڙھي جي ھڪ بٺيءَ تي ڪليءَ سان پنھنجو نالو لکيو ھو: ساوتري ھنڱوراڻي، پرھندڙ درجو چوٿون سنڌي. ان ڳالھھ کي اڄ الائي ڪيترا ورھيھ ٿي ويا آھن. آئون يقين سان چوان ٿي تھ وقت جي بي رحم وھڪري ڀڳي ٺوڙھي جي ان بٺيءَ تان منھنجو نالو ميساري ڇڏيو ھوندو، پر ان سان ڇا ٿو ٿئي؟ ڀڳو ٺوڙھو تھ منھنجي جڳھھ تي اٽل بيٺو آھي. رام، سنڌ ھڪ قديم ملڪ آھي، ان جا بنياد ڀڳي ٺوڙھي، سورجاڻي، ڪانڀوءَ، پٻ، پاراشر، کيرٿر، ڪارونجھر، چوھڙ ۽ ھالار تي رکيل آھن. سنڌ ڪنھن نڌڻڪي ساوتريءَ جو نالو ڪونھي جو جيڪو لئي مان لٺ ڀڃي ليڪو ھڻي کيس ڊاھي ڇڏي. ڪو آھي ماءُ ڄائو جو ڀڳي ٺوڙھي کي پنھنجي جڳھھ تان ڌوڏي سگھي، ڪو آھي جو ڪارونجھر، کيرٿر، ھالار کي پنھنجي جڳھن تان اکوڙي سگھي، ڪو آھي جو پاراشر ۽ سورجاڻي کي پاڙان پٽي اڇلائي؟ اڃا گھڻا سڪندر ايندا، پر درياھ شاھ وھندو رھندو. سنڌ کي ڪمزور ساوتري سمجھڻ وارا ڀليل آھن. سنڌ دنيا جو سڀ کان قديم ترين ملڪ آھي. اڄ نھ تھ ھزار سالن کان پوءِ بھ سنڌ جاڳندي.“ ۽ پوءِ ھن جي ماءُ کي ڄڻ ڪنھن گھٽو ڏنو ھو. ھوءَ ڪيئن نھ اکين تي ھٿ ڏئي ڍڪون ڀري روئڻ لڳي ھئي. ايڏو ھانءُ ڀارو – ايڏو ھانءُ ڀارو جو ھانو پروڻ ٿي وڃي. تڏھن ھو ننڍڙن ٻارن جيان ماءُ کي ڀاڪر پائي چنبڙي ويو ھو. ”آيل، مون کي معاف ڪري. مون کي ڪھڙي خبر تھ توکي ايڏو ڏک ٿيندو. آئون ڇا ڄاڻان تھ وطن ڇا ٿيندو آھي؟ آئون تھ انھيءَ جذبي کان ڪورو آھيان، خالي آھيان.“ ”ھا، توکي ڪھڙي خبر تھ وطن ڇا ٿيندو آھي؟ تون تھ ان ويل منھنجي پيٽ ۾ ھئين. توتي اتي جي ھوا بھ نھ جھٽي آھي. تنھنجي تھ ڪنھن وڻ جي لام سندي يادگيري بھ ڪانھي. توکي ڪھڙي ڪل تھ مانڊيءَ جي منڊ ۾ ڦاٿل پکيئڙو ڇو ڦٿڪندو آھي، توکي ڪنھن ماريءَ جي ڪوٽ ڪڙن جي ڪھڙي خبر؟ - مون کان ھٽي پري ٿي.“ ھن جي ماءُ، سندس بانھون زور سان ڇنڊي ننڍڙي ٻارڙي جيان ڪاوڙجي روئندي ڊوڙندي ڪار جي پوئينءَ سيت تي وڃي ويٺي ھئي. ان ڏينھن بمبئيءَ کان موٽندي ماءُ سڄي واٽ ھڪ اکر بھ نھ ڳالھايو ھو. ان ويل ھن پنھنجي ۽ ماءُ جي وچ ۾ ڪيڏا نھ ويڇا محسوس ڪيا ھئا، ڪيڏي نھ دوري، ڄڻ ھو جمنا جي ھڪ پاٽ تي بيٺو ھجي ۽ سندس ماءُ دور سنڌوءَ جي ٻئي پاٽ تي. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ھن محسوس ڪيو تھ وطن جو جذبو زندگيءَ جي سمورن جذبن کان مھان آھي. وطن جي اڳيان زندگيءَ جا سمورا رشتا وڍجي ويندا آھن، ڪپجي ويندا آھن، ٽٽي ويندا آھن، چرخيءَ تي ڊوڙندڙ ڪچيءَ تند جيان.
    پر آئون نٿو ڄاڻان تھ وطن ڇا ٿيندو آھي؟ آئون انھيءَ جذبي کان ڪورو آھيان. انھيءَ مٽ جيان جو ڪنڀر جي نھائينءَ ۾ ئي ٽوڪرجي پيو ھجي، سيرجي پيو ھجي، ٽٽي پيو ھجي. منھنجو اندر بھ ائين ٽٽل، ڪورو ۽ ٻٽ اونداھو آھي.
    “Are you felling any difficulty?”
    ھن ڇرڪي پنھنجي مٿان ٽري کنيو. جھڪيل جپاني ھوسٽس ڏانھس نھاريو.
    “No, I am only thinking about my country.”
    جپاني ھوسٽس مرڪي پئي. چيائين:
    ”ھا، وطن جو جذبو دنيا جو سڀ کان عظيم جذبو آھي. آئون جڏھن ملڪ ملڪ مان ڦري وطن ورندي آھيان تھ پاڻ کي ايڏو تھ ھلڪو محسوس ڪندي آھيان، جو جيڪر چاھيان تھ بنا پرن جي اڏري سگھان. وطن وطن آھي.“ ھوءَ مرڪون پکيڙيندي اڳتي وڌي وئي. ھو جھاز جي آخري سري تائين ڏانھس واجھائيندو رھيو. ھن سوچيو: ”ھيءَ عورت ڪيڏي نھ خوش نصيب آھي. بلڪل ان پکيئڙي جيان جو وڻ وڻ جي لام تان لڙڪندو پڇاڙي جو پنھنجي آکيري ۾ وڃي آرامي ٿئي ٿو. منھنجي ماءُ بھ ڪيڏي نھ خوش نصيب آھي. ھن جو بھ ڪو وطن آھي، ھن جي خوابن جو ڪو درياھ آھي، جنھن کي ساري ھوءَ ڳوڙھا ڳاڙيندي آھي. وڏن وڏن پھاڙن تي ھن جا نالا لکيل آھن. ھن جي سپنن جو سمونڊ دنيا جو سڀ کان نيرو گھرو سمونڊ آھي. ھن جي وطن ۾ ھوا جا جھوٽا اپسرائن جيان نچندا، ڊوڙندا نظر ايندا آھن. ھن جي ملڪ جو شاعر دنيا جي سڀني شاعرن کان وڏو شاعر آھي، جنھن جو ڪتاب ھوءَ رات جو سيني تي رکي، سھڻن سپنن ۾ لڙھي ويندي آھي. ھن جو خاص سر سنگيت آھي، جو دنيا جي سڀني سرن، ساري سنگيت کان نيارو آھي. ھن جي وطن جا ماڻھو دنيا جي سڀني ماڻھن کان سھڻا، سٺا ۽ سٻاجھڙا آھن. دنيا ۾ ماڻھوءَ جو ڪو نھ ڪو وطن ھوندو آھي. ماڻھو پنھنجي وطن سان پيار ڪندا آھن، ماڻھو پنھنجي وطن جا گيت ڳائيندا آھن. ماڻھن کي پنھنجي وطن جا واڳون بھ وڻندا آھن. رڳو آئون ئي ھڪ ڌرتيءَ ڌڪاڻو انھن جذبن کان ڪورو آھيان، رڳو آئون ئي آھيان، جنھن جو ڪو وطن ئي ڪونھي، ڪو ٿڙ ٿانءُ ڪونھي، ڪا ڌرتي، ڪو شھر، ڪو سر سنگيت ڪونھي. آئون نٿو ڄاڻان تھ ڪوھياريءَ، ڀاڳيري، راڻي ۽ ڪيرولز جي سرن ۾ ڪھڙو سر مٺو آھي؟ مون کي دنيا جا سڀ سمونڊ، شھر ۽ درياھ ھڪجھڙا نظر ايندا آھن. آئون انھن ڳالھين کان صفا ڪورو ۽ اڻڄاڻ آھيان. منھنجو اندر گھپ اونداھو آھي. ان موٽر سائيڪل واري رانديڪي جيان، جنھن کي ٻارڙا چابي ڀري فرش تي ڇڏي ڏيندا آھن، جو بي مقصد فرش تي ڊوڙندو رھندو آھي. آئون ان رانديڪي جيان زندگيءَ جي حسن، سونھن، رس ۽ سرھاڻ کان محروم آھيان. مون کي تھ ھر گھڙيءَ ايئن ٿو ڀاسي، ڄڻ ڪنھن منھنجي مرضيءَ جي خلاف، زوري منھنجي سيني ۾ چاٻي ڀري ڇڏي آھي. ڌڪ ڌڪ ڌڪ. آئون ھلان پيو – بي مقصد. الائي ڪڏھن، ڪٿي اھا چاٻي ختم ٿي ويندي ۽ آئون سدا لاءِ بيھي ويندس. پر آئون ھي ڪيڏانھن پيو وڃان! ڇو پيو وڃان، ڇا لاءِ؟ مورک من مون کي ڪيڏانھن اڏايو کنيو وڃي؟ اھا ڌرتيءَ جي ڪھڙي ٽڪري آھي، جتي مون کي سڪون ملندو، آئون ھوائن کي رقص ڪندو محسوس ڪندس. آئون تھ اھو رام آھيان، جنھن جي بنواس جو ڪو مدو ڪونھي، ڪو ڇيھھ، ڪا پڄاڻي ڪانھي ۽ جنھن جي ڪا سيتا ڪونھي. آئون ڪيڏانھن پيو وڃان؟ ڌرتيءَ جو ڪو بھ ماڻھو مون کي پنھنجي وطن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي. منھنجي پنھنجي ماءُ بھ نھ. آئي چوندي آھي: ”خبردار جو ڪڏھن منھنجي وطن جي باري ۾ اولو سولو ڳالھايو اٿئي. لپاٽ سان ٻوٿ ڦيرائي ڇڏيندي سانءِ.“ نانو مرھوم چوندو ھو: ”ابو، منھنجي وطن جي ڳالھھ ئي نھ پڇ، جک ٿا اچن، ماٺ ڀلي آھي.“ ۽ ويچاري نانيءَ مرحومھ جا پاڻ کي وڏي وشنو سڏيندي ھئي، ڪيئن نھ زبان کي چشڪو ڏئي چوندي ھئي: ”اڙي ھل ڙي پيٽو، منھنجي ملڪ جو رڳو پلو کائي ڏسين ھا تھ ھندستان جا ست طعام ڀلجي وڃين ھا. ڏٺو ڇا اٿئي.“ ياد نٿو اچي تھ آئيءَ ڪڏھن ڀلجي پنھنجو وطن چيو ھجي. سدائين چوندي آھي ”منھنجو وطن“ تھ پوءِ منھنجو وطن ڪٿي آھي؟ تھ ڇا، جي آئون انگلينڊ ۾ جنم وٺان ھا تھ انگريز ٿي پوان ھا ڇا؟ جي ايئن آھي تھ پوءِ ھندو ماءُ جي پيٽان ھندستان ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ آئون ھندستاني ڇو نھ بڻجي سگھيو آھيان؟ اڄ ڏينھن تائين آئون ڇو نھ مھسوس ڪري سگھيو آھيان تھ بمبئيءَ جو سمونڊ دنيا جو سڀ کان نيرو گھرو سمونڊ آھي. مون اڄ ڏينھن تائين ھوائن کي رقص ڪندي ڇو نھ محسوس ڪيو آھي؟ مون دنيا جي وڏن وڏن شاعرن جو شعر پڙھيو آھي، مون کي ميران ۽ ڪاليداس وڻندا آھن، پر اڄ ڏينھن تائين آئون اھا دعويٰ ڇو نھ ڪري سگھيو آھيان تھ ميران يا ڪاليداس دنيا جا سڀ کان وڏا شاعر آھن؟ گنگا ۽ جمنا ھندستان جون سڀ کان پوتر ۽ مقدس نديون آھن، پر آئون انھن جي سونھن ۽ حسن ۾ اھا ڳالھھ ڇو نھ محسوس ڪري سگھيو آھيان، جا ناني مرحوم سنڌوءَ ۾ ڪئي ھئي. ھندستان ۾ وڏا وڏا خوبصورت رنگا رنگ پھاڙ آھن، تاج محل آھي، جامع مسجد آھي، قطب مينار آھي، ايلوا ۽ اجنتا جا مندر ۽ غارون آھن، سومناٿ کان بھ قديم وڏا وڏا مندر آھن، ماڻھو يادگيريءَ لاءِ انھن تي پنھنجا نالا لکندا آھن. منھنجي نانيءَ مرڻ ويل بھ ننڊ ۾ ڪيئن مرڪي رھي ھئي. ڄڻ مرڻ کان پوءِ بھ سندس وات ۾ پلي جو سواد اڃا باقي ھو، پر آئون اڄ تائين ڪنھن بھ کاڌي جي شيءِ مان اھڙو سواد ڇو نھ ماڻي سگھيو آھيان؟ آخر اھي سڀ ڳالھيون جو ھڪ عام ماڻھو پنھنجي زندگيءَ ۾ محسوس ڪندو آھي، آئون ڇو نٿو محسوس ڪريان؟ ڇو آھيان زندگيءَ جي انھيءَ سونھن، سرھاڻ، رس رنگ ۽ سواد کان ايڏو محروم ۽ اڻڄاڻ!
    پر اڄ منھنجي اندر ۾ ايڏي چونرا کونرا ڇو آھي؟ آئون ڪيڏو نھ عذاب پيو محسوس ڪريان. ڇا اھو سچ نھ آھي تھ مون ڄاڻي ٻجھي اھڙي جھاز سان سفر ڪيو آھي، جو ڪراچيءَ مان ٿيندو ھندستان وڃي. ان لاءِ مون کي ٽي ڏينھن انتظار ڪرڻو پيو ھو. ٻيڻا پئسا ڀرڻا پيا ھئا. اھو سڀ ڪجھھ ڄاڻندي بھ تھ ڪراچي ايئرپورٽ تي اسان جو جھاز فقط چاليھھ يا پنجيتاليھھ منٽ ترسندو. آئون اتي ايئرپورٽ ٽرانزٽ لائونج کان ٻاھر ڪيڏانھن بھ نھ وڃي سگھندس. آئون ڪلفٽن، مورڙي مير بحر جو مقبرو، منگھوپير ميوزيم گھمي نھ سگھندس. آئون اھو بھ ڄاڻان ٿو تھ ٽرانزٽ ۾ پلي ملڻ جو سوال ئي ڪونھ ٿو پيدا ٿئي. پلو تھ موسمي ميوو آھي. وري اھو بھ تھ ٻڌو اٿم تھ سنڌو سڪل آھي. پر ٿي سگھي ٿو تھ ڪراچي ايئرپورٽ تي لھندي اسان جي جھاز کي حادثو پيش اچي وڃي، آئون سخت زخمي ٿي پوان، مون کي علاج لاءِ ڪجھھ ڏينھن ڪراچيءَ ۾ ترسايو وڃي. پر اھي سڀ ڳالھيون اھڙيءَ طرح محسوس ڪري سگھندس، جيئن منھنجي ماءُ ڪيو ھو؟ ٿي سگھي ٿو تھ آئون اھو ساءُ، سونھن، رس ۽ رنگ محسوس نھ ڪري سگھان. ھانگ ڪانگ ۾ ھڪ ڀيري چيني ڇوڪريءَ سان کيکڙن جو سوپ پيئندي منھنجو ھانءُ ڪيڏو نھ ڪچو ٿيو ھو. مون پلو ڪڏھن بھ نھ کاڌو آھي. ٿي سگھي ٿو پلو کائيندي مون کي ڪکي اچي وڃي. جي ايئن ٿيو تھ پوءِ ڪيڏي نھ مايوسي ٿيندي. پر آئون اھو سڀ ڪجھھ ڇو پيو سوچيان؟ منھنجو ذھن لاٽونءَ جيان ھڪ ئي محور تي ڇو بيھي رھيو آھي؟ رکي رکي منھنجي دل ۾ خواھش ڇو ٿي اڀري تھ جھاز کي حادثو پيش اچي؟ ھن وري پنھنجي اندر ۾ عجيب مونجھھ محسوس ڪئي. پوءِ جڏھن مائڪروفون تان جھاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ جو اطلاع مليو تھ ھن محسوس ڪيو تھ سندس ھٿ پير ڪنبي رھيا ھئا. ھو ڪنھن اٻھري خوف کان گھٻرائجي ويو آھي. ھن محسوس ڪيو، ڄڻ سندس ھانءُ ڪنھن پاتال ۾ لھندو وڃي. اونھي اننت پاتال ۾. جھاز سلامتيءَ سان ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي لھي چڪو ھو. سڀ مسافر ھڪ ھڪ ٿي جھاز مان ھيٺ لھڻ لڳا ھئا. ھو کن لاءِ ٻٽيو منجھاڻو ويٺو ھو. ”لھان نھ لھان – ڇا آئون اھو عذاب برداشت ڪري سگھندس؟ ٿي سگھي ٿو ٻاھر ھوا بند ھجي. ڀلا چاليھھ يا پنجيتاليھھ منٽ ٽرانزٽ لائونج ۾ ويھڻ سان مون کي ڇا ملندو؟ اف ڪيڏو نھ عذاب پيو محسوس ڪريان. شايد مون کي ھتي نھ اچڻ کپندو ھو. مون ڄاڻي ٻجھي پاڻ کي سزا ڏني آھي. آخر ھن ڌرتيءَ سان منھنجو ڪھڙو تعلق آھي؟ پر آئون ايئن ڇو منجھاڻو ويٺو آھيان؟ ڇا منھنجي لاءِ اھو سٺو نھ ٿيندو تھ سنڌو نديءَ جو ھڪ اڌ گلاس پاني پي پنھنجي اندر کي ٺاريان. آئون پنھنجي اندر ۾ ڪيڏي نھ تئونس پيو محسوس ڪريان. ڄڻ مون جڳن کان پاڻي نھ پيتو آھي. منھنجي خيال ۾ منھنجي لاءِ سٺو ٿيندو تھ وقت گذارڻ لاءِ آئون بڪ اسٽال تان ڪو ڪتاب خريد ڪري ٽرانزٽ لائونج جي ڪنھن ھيڪلي ڪنڊ ۾ ويھي پڙھان.“ ھو منجھاڻو مسافرن جي پٺيان جھاز جي در ڏانھن وڌڻ لڳو. در تي ايندي اوچتو ھوا جو ھڪ تيز جھوٽو سندس وارن کي ڦلھوريندو مٿانس لنگھي ويو. ھن ڇرڪ ڀري پوئتي مڙي نھاريو. ھن جي ڌڙ کي ڪنبڻي وٺي وئي ھئي. ھن کي ائين ڀاسيو ڄڻ ھن جي اکين آڏو ڳاڙھا ساوا ترورا ڊوڙي رھيا ھجن. ھن محسوس ڪيو ڄڻ ھن جي ڦڦڙن رڪجي اوچتو تيزيءَ سان ھلڻ شروع ڪيو ھجي. ھن جي دل چاھيو نئين ٻار جيان رانڀاٽ ڪري روئي. ھن پاڻ سنڀاليندي پنھنجي پيشانيءَ ۽ ڪارائيءَ کي ڇھي ڏٺو.
    ”اوھ، مون کي تھ بخار آھي، آئون ٻري رھيو آھيان. منھنجا پير ڪيڏا نھ ڳورا ٿيندا ٿا وڃن، ڄڻ منھنجا پير ڌرتيءَ ۾ کپي وڃڻ ٿا چاھين، ڌٻي وڃڻ ٿا چاھين.“
    ھو کن لاءِ سنسان نيڻن سان ايئرپورٽ جي بلڊنگ جي گيلريءَ ۾ نيري نڀ ھيٺان ڦھليل وسيع ڪشادي شھر جي بلڊنگ ڏانھن نھاريندو رھيو. کيس ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ھو جڳن کان ڪنھن بنواسيءَ جيان ڀٽڪي رھيو آھي. وڏي مشڪل سان ھو ڳورا قدم کڻندو ٽرانزٽ لائونج ۾ آيو ھو. ديوان تي موھن جي دڙي تي چوڙيلڻ، پروھت، سرندو وڄائيندڙ ھڪ سنڌي پينار ۽ اوٺين جون وڏيون تصويرون ڏسي ھو ڪجھھ دير بيٺو رھيو ۽ پوءِ ھو ھڪ خالي ڪنڊ ۾ ھڪ ڪوچ تي ويھي بنا سوچڻ سمجھڻ جي مينو پڙھڻ لڳو ھو.
    “Yes Sir”
    ” آئون ڪجھھ بھ نھ کائيندس. مون کي رڳو پاڻي گھرجي.“
    بيرو پانيءَ جو جڳ سندس آڏو رکي ادب سان ڪنڌ جھڪائي ٻي ٽيبل ڏانھن ھليو ويو. ھو کن لاءِ پاڻيءَ جي گلاس ڏانھن وائڙن جيان نھاريندو رھيو. پوءِ ھو ھڪ ئي ساھيءَ ۾ سڄو گلاس پي ويو. ھن کي ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ھن جي اندر جي تئونس ھيڪاري وڌي وئي ھجي. ايتري، ايتري جو جيڪر ھو سڄو درياھھ بھ پي وڃي تھ سندس اندر جي تئونس نھ مٽجي. ھو گھٻرائجي ڪوچ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ ڳورا ڳورا قدم کڻندو بڪ اسٽال ڏانھن وڌي ويو.
    ”شاھ جو رسالو آھي؟“
    ”شاھ کيا؟“
    ”شاھ عبداللطيف بھٽائي کا رسالھ؟“
    ”جي نڻيڻ.“
    ”ڀؤنر ڀري آڪاس!“
    ”جي نڻيڻ.“
    ”روح رھاڻ!“
    ”جي نڻيڻ.“
    ”اور کوئي سندھي رسالھ يا اخبار؟“
    ”جي نڻيڻ، ڻمارڍ پاس سندھي کي کوئي کتاب نڻيڻ ملتي.“
    ”مگر ھندستان ميڻ تو يھ کتابيڻ مل جاتي ڻيڻ.“
    ”ھندستان ميڻ ملتي ڻوڻ گي، يھ پاکستان ڻڍ، يڻاڻ کي قومي زبان اردو ڻڍ.“
    ھو مايوس نيڻن سان بڪ اسٽال تان نھار ڦيرائيندو موٽي وري ساڳئي ڪوچ تي اچي ويھي ٿو. ھن سوچيو: ”اف، آئون ڪيڏي نھ تنھائي پيو محسوس ڪريان. ڪير چوندو تھ ھي سنڌ جي سڀ کان وڏي شھر ڪراچي جو ايئرپورٽ آھي. ھنن چئن پنجن تصويرن کان سواءِ ڀلا ھتي جي ڪھڙي شيءِ آھي، جنھن کي کڻي سنڌ جو سمجھجي. منھنجيون اکيون دوکو کائي نٿيون سگھن. مان تھ مھرواڻ ممتاڻي ۽ ڀڳوان ڪپور جي ايبسٽريڪٽ خاڪن ۾ بھ سنڌي رنگن ۽ مھانڊن کي سڃاڻي ويندو آھيان، پوءِ ھن جيئري جاڳندي زندگيءَ ۾ منھنجيون اکيون ڪيئن ٿيون دوکو کائي سگھن؟ توبھن…… ھي چاليھھ يا پنجيتاليھھ منٽ گذارڻ مون لاءِ ڪيڏا نھ ڏکيا ٿي ويا آھن. مون سان ڪيڏي نھ وڏي ٽريجڊي آھي. منھنجي عمر ھينئر پورا ٽيويھھ سال آھي، پر ھيءَ ڪيڏي نھ عجيب ڳالھھ آھي تھ ساڍا ٽيويھھ سال اڳي بھ مان ھتي موجود ھئس، ماءُ جي پيٽ ۾. ان ويل مون ڌرتيءَ تي پنھنجا پير نھ کوڙيا ھئا، ڇا ٿيو. منھنجي ماءُ جا پير تھ ڌرتيءَ تي مضبوط ھئا. منھنجا ڦڦڙ بند ھئا تھ ڇا ٿيو، منھنجي ماءُ جي ساھن جي ڌمڻ تھ چالو ھئي. پوءِ ڇو منھنجي ماءُ کي جلاوطن ڪيو ويو؟ ان ويل ھن ڪيڏو نھ عذاب محسوس ڪيو ھوندو. اڄ آئون ڪيڏو نھ عذاب پيو محسوس ڪريان. ڪير چوندو تھ آئون اھو ساڳيو ماڻھو ساڍن ٽيويھن سالن کان پوءِ موٽي آيو آھيان. پر ھيڏو عذاب تھ مون اڳي ڪڏھن بھ محسوس نھ ڪيو آھي. ڇا آئون پاڻ کي قيد نھ پيو محسوس ڪريان؟ آئون ڪٿي ڦاسجي ويو آھيان. منھنجي اندر ۾ ڪيڏي نھ مونجھھ آھي. ڪٿي ايئن تھ نھ آھي تھ آئون پنھنجو پاڻ کي سمجھي نھ سگھيو آھيان، يا آئون ذھني توازن وڃائي چڪو آھيان. منھنجو ذھن للهآٽون جيان ھڪ ئي محور تي ڇو بيھي ويو آھي؟ ماڻھوءَ کي ٿورو ئي خبر پوندي آھي تھ ھو ڪو ذھني توازن وڃائي چڪو آھي. جي ايئن ھجي ھا تھ پوءِ ماڻھو چريا ڇو ٿين ھا. ھي سڀ ڳالھيون منھنجي ذھن ۾ گردش ڪري رھيون آھن. مون کي پاڳل بنائڻ لاءِ ڪافي ناھن ڇا! ڇا ھيءَ حيرت جھڙي ڳالھھ نھ آھي تھ جا ھوا مون کي ٽيويھھ سال اڳي جھٽڻ گھرجي ھا، سا اڄ پيو جھٽيان ۽ جو پاڻي مون کي ٽيويھھ سال اڳ پيئڻ گھرجي ھا، سو اڄ پيو پيان. سو بھ جپان ايئر لائنز جي مھربانيءَ سان فقط چاليھن يا پنجيتاليھن منٽن لءِ مون کي ھتي ساھ کڻڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي اجازت ملي آھي. آئون پنھنجي مرضيءَ سان ھتي ھڪ منٽ بھ نٿو رھي سگھان.
    ھن وري پنھنجي اندر ۾ ٻٽ ڪاري مونجھھ محسوس ڪئي. ھن محسوس ڪيو تھ سندس ڇاتي سڙي رھي آھي. ھو ھڪ ٻيو پاڻيءَ جو گلاس ھڪ ئي ساھيءَ ۾ پي ويو ۽ خالي خالي نظرن سان ديوارن تي ٽنگيل تصويرن ڏانھن نھاريندو رھيو. پورن مٿان پور، ھو منجھاڻو ويٺو رھيو ۽ پوءِ اوچتو مائڪروفون جو آواز گونجيو:
    Your Attention Please – Attention Please Japan airlines Flight 017 is ready to Fly. Attention Please, Attention Please.
    جپان ايئر لائنز جا سڀ مسافر ھڪ ھڪ ٿي Tranzit Lounge کان ٻاھر جھاز ڏانھن وڃڻ لڳا ھئا. ھن کي محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن سندس مرضيءَ جي خلاف زور زور سان سندس سيني ۾ چاٻي ڀري ڇڏي ھئي. ھو مسافرن پٺيان اٿي ڳورا ڳورا قدم کڻي ھلڻ لڳو.
    آھ....... ھي ڪھڙو بنواس آھي، آئون ڪيڏانھن پيو وڃان، مون کي سڪون ڪٿي ملندو؟ اھا چاٻي ختم ڇو نٿي ٿي وڃي! آئون سدا لاءِ بيھجي ڇو نٿو وڃان؟ منھنجا پير ڪيڏا نھ وزني آھن، آئون ڌرتيءَ ۾ ڌٻي ڇو نٿو وڃان؟ دنيا ۾ ھر ماڻھوءَ جو ڪو نھ ڪو وطن ھوندو آھي، آئون پنھنجي وطن کي ڪٿي ڳوليان، ڪھڙي ڌرتيءَ سان پيار ڪريان، ڪنھن سمونڊ کي پوڄيان؟ آئون ڪنھن کي ڏوھھ ڏيان؟ مون سان دوھ ٿيو آھي، ويساھ گھاتي ڪئي وئي آھي، ڪپت ڪئي وئي آھي، آئون ڪنھن کي بھ معاف نھ ڪندس، پنھنجي ماءُ کي بھ نھ. ڪاش ڪا وڻ جي لام ھجي ھا، جنھن کي مان پنھنجو سمجھان ھا، ڪا ڌرتيءَ جي ايتري تڪري جنھن تي آئون پنھنجو نالو لکي سگھان ھا: رام پٽ ساوتري ھنڱوراڻي – پڙھندڙ درجو ٽيون.
    ٺيڪ ان ويل جڏھن جھاز ھڪ وڏي ڊوڙ ۽ زوزٽ سان ڪراچيءَ جي ڌرتي ڇڏي تھ ھن جي اک جي اندرئين پولارن مان ھڪ لڙڪ واچوڙا مچائيندو، ھن جي ڳٽي تان ڳڙي، ڪاري ڪوٽ جي ڪالر جي اونداھ ۾ گم ٿي ويو ھو ۽ ھو ٻنھي ھٿن سان پنھنجو منھن لڪائي ننڍڙن ٻارڙن جيان ڍڪون ڀري روئڻ لڳو ھو.


    آيل ڙي اولاڻا

    وماس جي ڪاريھر جيھي رات آھي ۽ ھوائن ۾ ھنياءُ ڦاڙ ڦوڪارا. اسرت ۽ اسڌ عورت جو ھيٺيون ڌڙ ۽ ڪپڙا رت پت سان ٻڏاڻا ۽ بوءِ ھاڻا آھن. ھو عورت کي بچائڻ لاءِ سندس ڳاٽ ۽ پولھھ ھيٺان پوري طاقت سان ھٿ ڏيو، پنھنجي سيني سان ڦٻايو، جھر جھنگ، ٻنين ۽ واھڻن مان رات جي انڌوڪار ۾ وڏي سھڪي سان وکاريندو ٿو وڃي. پر ڳچ پنڌ پٽڻ کان پوءِ، ھر واري نست ٿيو، گھاٽن وڻن ۽ ڄارين جي جھنڊ ۾ کيس لڪايو، واري واري سان کيس سرت ۽ ھونش ۾ آڻڻ لاءِ حيلا ٿو ڪري. ھن جا پنھنجا ھٿ بھ رت ٻڏاڻل آھن. رت، جنھن ۾ اھي پت جو سڻڀ. ھو ھر واري عورت جي دل کي پمپ ڪري ٿو، سندس ناڙي اندران ھٿ وجھي، تازي رت پت جون لپون ڀري، عورت جي تارونءَ تي زور سان مالش ڪري ٿو. کيس سرت ۾ آڻڻ لاءِ مٿي ۾ تِري ٿو ھڻي تھ من ڪو ايترو سامت ۾ اچي جو کيس ڪلھي تي ھٿ رکي، سندس سھاري سان گھرجندي ھلي، پر ھر واري ھو ناڪام ٿي وري عورت کي ڳاٽ ۽ پولھھ ھيٺان ھٿ ڏئي، وري کيس کنڀي ٿو کڻي ۽ وري ساڳيءَ طرح وڏا وڏا گام ڀريندو، کانٽن، کيڙين، ٻنين ۽ جھرن جھنگن مان وکاريندو ھلندو ٿو وڃي. ھو جلدي کان جلدي ڪاري ڪاري رات جي ڪک مان، تمام پري نڪري، ڪنھن انساني وسنديءَ م پھچڻ لاءِ واجھائيندو ٿو وڃي. رات جي انڌوڪار ڇڄڻ کان اڳ، ھن کي ايتري بھ ڪل آھي تھ ٻروچ وڏي نگري ذات آھي. پيرا کڻي بھ سؤ ڪوھن تي پھچي ويندس. ٿي سگھي ٿو آڏوھيو، ھو پاڻ بھ ڪھاڙين جي وڄ وراڪا ڌڪن سان خونا خون ٿي ڪري پوي ۽ جيستائين پوليس پنھنجي شان سان، رشوتن سان جاءِ واردات تي پھچي، تيستائين سندس پنھنجو لاش بھ ٿوٿرجي ڦاٽي پوي ۽ کيس ڏيوالٽيءَ ۾ لاھڻ لاءِ ڀنگي بھ نڪن تي ڪپڙا ٻڌا پورڻ کان پڙ ڪڍي بيھن. کن لاءِ کيس واساما اچن ٿا:
    ”الائي ھيءَ اڄاتل خونا خون عورت مري ڪين بچي، آئون ڇو پنھنجي جان جوکي ۾ وجھان؟“ ڪئين ڀيرا عورت کي ڇڏي ڀاڄ لاءِ سندس من ۾ واساما اچن ٿا، پر وري عورت جا اڻلکا ساڻا کاڻا، ليڙاٽيل، اوراٽيل، چِنگھھ جا آواز ٻڌي ھو ڏانوڻجيو وڃي. ھو عورت جي دل کي پمپ ڪري، وري سندس دل جي حرڪت جا آواز ڪنائي ٿو. کيس عورت جي دل جي ڌڪ ڌڪ جا اڻلکا، ٻڏاڻا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ھو عورت کي سڌير ڪرڻ لاءِ وري ھٿ پير ھڻي ٿو، پر عورت جيئن پوءِ تيئن نست ۽ ھيڻي، اساھ ٿيندي ٿي وڃي. رکي رکي ھلڪي ٻڙ ٻڙ سان، جيئن ڀريل گھاگھر اونڌي ڪجي، دنان ھيٺان رت پت جا ڍارا ٿي ڇڏي. ھو کن لاءِ سن ۾ اچيو، وات ۾ ھٿ وجھيو، روئڻ جھڙو ٿيو وڃي:
    ”توبھن، آخر ھنن بي غيرتن ھن عورت جي ڌڙ کي ڪيو ڇا آھي؟ شايد ڪاري ٿيڻ ڪري مڙس غيرت ۾ اچي ڪھاڙيءَ جو ڳن يا ڪو ٿلھو ڏنڊو عورت جي وجود ۾ پيھي ڇڏيو ھجي!..... اٿاھ غيرتن ۽ باھين مان يا ڪي ڪنواري آھي، کيس ڪاري ڪري مارڻ کان اڳ ڪکين ۾ لتون ھڻي سندس ڪچو ٻار ڪيرايو ھجين. پيٽ جي نرماڻ مان تھ ڪجھھ ائين ٿو ڀاسي. آخر ايڏو رت پت ۽ مرا ڇو؟.....“
    اچانک کيس ڀاسي ٿو تھ سندس وات زھر جھڙو ڪسارو ٿي ويو آھي. اچانک کيس ياد اچي وو تھ اچرج کان وات ۾ وڌل ھٿ عورت جي رت پت ۽ مرن سان ڀريل آھي. اوچتو کيس اٻڪايون اچن ٿيون. الٽيءَ جيھا اوراٽا اچن ٿا. ساھي پٽيندي ھو ڏاڍيءَ پيڙا مان عورت ۾ نھاري ٿو. کيس محسوس ٿئي ٿو تھ ھاڻي ھو ان عورت جو ٻوجھھ کڻڻ کان لاچار آھي. ھو وري عورت کي ھونش ۾ آڻڻ لاءِ کيس ڌونڌاڙون ٿو ڏئي، کيس منھن ۾ لپاٽون ٿو ھڻي، گھٽيل سھڪي سان، عورت جون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪري، سندس دل کي پمپ ڪندي، بانھن ۽ ڇاتين کي زور زور سان مھٽي ليلائي ٿو:
    ”ڊڄ نھ ھونش ڪر، مڙس ماڻھو ٿي. رڳو پير جھل، نھ تھ سر ويندءِ. آئون انھن قاتلن کان توکي تمام پري کڻي ويندس.“
    عورت وراڻيءَ ۾ چنگھي ٿي ۽ سندس اکيون وري ٻوٽجيو ٿيون وڃن، جھڙو لاش، سندس ھيٺئين ڌڙ مان رڳو ٻڙ ٻڙ جا آواز اچن ٿا. ڄڻ ڪنھن گھيڙي جي نڙگھٽ کي سير ڏئي ڇڏي ھجي.
    کن لاءِ سندس من ۾ اچي ٿو تھ ان عورت کي ڇڏي ھليو وڃي. ھن جي پنھنجي پٺيان پوليس آھي.
    ڪاري ڪاري رات، ڀونءِ مٿان لاش جيان پيل خونا خون عورت جي ڀرپور ديھھ، جھڙ تازي ويم ڪيل چنگھندڙ وڦلندڙ ڪاري ڪاري اپڇرا. اچانڪ سندس اندر مان ڪھڪاءُ ڀريل آواز اچن ٿا:
    ”نھ نھ.... عورت جي ھي ڦوھ ڪامڻ ڪايا، ھي ديھھ مايا، اڀين ڪھاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ ناھي. نھ ئي سندس ماس ڳجھن ۽ جھنگلي جانورن ۽ مڇين جي ڇن پٽ لاءِ آھي. ھيءُ تھ جيئري جاڳندي آھي! آئون ڪيئن ايئن کيس روھ ۾ رلائي ھليو ويندس؟“
    ھن کي خبر آھي تھ سنڌ جا ماڻھو، پوءِ ڀل ٻروچ ھجن ڪين سماٽ، پنھنجي عورتن کي ڪاري ڪري ماري، گھاٽن وڻن جي جھنڊن ۾ ڇڏي ويندا آھن يا درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيندا آھن! ھو خوف ۽ ڏھڪاءُ کان عورت کي وري ڳٽ ۽ پولھھ ھيٺان ھٿ ڦٻائي، پوري طاقت سان کنڀي ٿو کڻي ۽ اونداھين مان واکاريندو ھلڻ جي ٿو ڪري.
    ۽ عورت – بور ۽ ڀرپور آھي. سندس ڊگھا ڊگھا وار پٽ سان لرڪندا ٿا ھلن. جيئن جيئن ھو وکاريندو ٿو وڃي، تيئن تيئن سندس ساھ اڀامندا ٿا وڃن. ھونئن بھ لاش جيان لڙڪيل جسم کي کڻڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آھي. تڏھن، جڏھن ساھ ۾ ڪھڪاءُ سان گڏ ڏھڪاءُ بھ ھجن ۽ ماڻھو اھو بھ محسوس ڪندو ھجي تھ پٺيان ڪھاڙين سان ماڻھو پيڇو ڪندا ھوندا. تڏھن تھ ماڻھو متيون وڃائي ويھندو آھي جو ويلا ۽ پھر اتر اولھھ جي ڪابھ ڪل ڪانھ پوندي آھي.
    ھو کانٽن مان، کيڙين مان، ٻنين ۽ جھرن جھنگلن مان مڙھ سان عورت کي ٻانھن ۾ کنيو وکاريندو ٿو وڃي. ھن کي اھا بھ ڪل ڪانھ ٿي پوي تھ اڳيان مانجھند آھي، سن آھي، کماڻ آھي ڪين ٻڍاپور؟ ھن کي رڳو ايتري سڌ آھي تھ جي وھائو تارو نڪتو تھ پوءِ سندس بھ خير ڪينھي. ھن کي ايتري بھ پڪ آھي تھ ھو عورت جي پيرين، ويرين يا واھرن کان گھڻو پنڌ ڪونھ نڪري آيو آھي. ٻروچ تھ ڪاري عورت کي سؤ ڪوھن تي ڳولي ماريندا آھن ۽ ھو پاڻ ايڏو ٿڪائو ۽ ھيڻو ٿي ويو آھي جو ھاڻ ھو ان عورت جو ٻوجھھ کڻڻ کان لاچار ٿيندو ٿو وڃي، بنھھ لاچار. کيس ساھ پٽڻ لاءِ ساھيون ٿيون ڪرڻيون پون، ڄنگھن ۾ ساھ نھ ساري لاچار ھو عورت کي وڻن جي جھنڊ تائين لڙڪائيندو پھچائي ٿو.
    اچانڪ وري کيس واساما اچن ٿا:
    ”توبھن، اڄ جي وارتا کيس پيش نھ اچي ھا تھ ڪھڙو آسمان ڏري پوي ھا يا سنڌ سڳوريءَ کي لوڏو اچي وڃي ھا. اھڙا خون تھ سنڌ ۾ روز پيا ٿين. سيڪس کي ھنن ماڻھن سمجھيو ڇا آھي؟ جنھن مھل پاڻ سيڪس انجواءِ ڪرڻ لاءِ چڪلي ۾ پوليس وارن ۽ ڀڙون جا جوتا ٿا جھلين، ان مھل سندس غيرت ڪٿي ھوندي آھي؟ جنھن مھل پنھنجو ٻج چڪلي ۾ ٿا ڇڏي اچن، ان مھل کين غيرت ڪانھ ٿي اچي تھ پنجن ڏھن روپين تي شھواني بک لاھڻ کان پوءِ ان رنڊيءَ جو ڇا ٿيندو؟ پٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ؟ باقي عورت ويچاري جي انتھائي سيڪس کان ڇتي ڪتي ٿي ڪنھن سان ٻکئين پئي تھ ڪھاڙيون ھلي وينديون!......“
    کن لاءِ اھو انڌوڪار وارو ڏھڪائيندڙ چھچٽو سندس اکين آڏو اچيو وڃي. اونداھيون، ڪيڪراٽون ۽ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ڪھاڙين جا زپازپ وراڪا. بھادر بھ ايترا جو پستول جا ٻھ ٽي فائر ٻڌي اھڙي ڀاڄ کاڌائون جو اھو بھ وسري وين تھ باقي ھڪ کي جيئرو جاڳندو ڇڏيو پيا وڃن. ڄڻ پوليس وري وئي ھجين. يا عيسيٰ خان ترخان جو لشڪر اچي ڪڙڪيو ھجي. خون ڪري، ٻڌائڻ لاءِ ڪوبھ تيار ڪينھي تھ اھو خون مون ڪيو آھي. کن لاءِ سندس آڏو ٻيءَ عورت جا ڳڀا ڳڀا، سريءَ لٿل لاش اچيو وڃي ۽ ھن جي سموري ديھھ ۾ دڌڙيون اچيو وڃن ۽ مٿي ۾ ڀنواٽيون.
    اچانڪ پري کان ھيٺاھين ڏي سندس اکين آڏو چانديءَ جيھي اڇان نظر اچي ٿي. ھو محسوس ڪري ٿو تھ ھو درياھ ڪناري آھي. ھو ڊوڙي درياھ ڪناري اچي ٿو. پري درياھ ڪناري کيس انڌوڪار ۾ مھاين جي وسنديءَ جا اھڃاڻ نظر اچن ٿا. ڀونگن مان اڻ لکي روشنيءَ جا ترورا. اچانڪ سندس ذھن ۾ ڪئين خيال، ڪئين سوال اڀريو ٿا اچن:
    ”ڇا مھاين کان مدد وٺان؟ يا چپ چپات سان مھاين جي ٻيڙي ھاڪاري، عورت کي ٻيڙيءَ ۾ وجھي نڪري وڃان؟ ڇا مھاين کان مدد وٺڻ ۽ عورت کي موت جي منھن ۾ ڏيڻ ساڳي ڳالھھ ناھي؟ اسان جي ملڪ ۾ اھڙي ٻانھن لاءِ تھ وڏيون وڙولون ھلنديون آھن. مجال آ جو ڪاريءَ عورت کي ڪو سڄيءَ سنڌ ۾ پناھ ڏئي. سنھن ساک ڏئي وٺي ويندا، باقي سنڌ ۾ قران آھي ڇا لاءِ. بس جي ٿوري مڙسي ڪريان تھ پتڻ تاڻ ٻيڙي ڪيري مان ڪڍي، عورت کي ٻيڙي ۾ وجھي، درياھ جي پور تي پاڻ کي ڇڏي ڏيان.“
    وھائو چڙھيو آھي، ھو ٻيڙي ھٿ ڪرڻ لاءِ لڪندو پوري طاقت سان مھاين جي وسنديءَ ڏانھن ڊوڙي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن جون اوڍرون وٺندو، ٻيڙيءَ تائين رسي ٿو وڃي ۽ ٻيڙيءَ جو ڪلو ڪڍي، ٻيڙيءَ کي درياھ ۾ ھوريان ھوريان وڏي بانس جي زور سان ڪپر ڇڏائي ھلندو ٿو وڃي.
    جيئن ئي ھو ان پڙ جي ويجھو اچي ٿو، اچانڪ ڪھاڙين جي زپڪاٽن سان کيس عورت جون گھٽيل دانھون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ پوءِ درياھ ۾ ڦٿڪندڙ لاش جي ڪرڻ جو شپڪو.
    ٽي چار ماڻھو، ڪھاڙين جي تجلن سان، ڪاري جھنگ مان ڊوڙندا گم ٿي وڃن ٿا.
    درياھ جي وھڪ، ٻيڙيءَ کي لاش جي ويجھو آڻي ٿي.
    ٽارچ جي روشنيءَ ۾ رت ٻڏاڻا ڊگھا ڊگھا وار، پاڻيءَ ۾ بُڙڪاٽن سان لڙھندا، ٽوٻار ۾ گم ٿيندا ٿا وڃن.
    ۽ ھو اوندھ ۾ اچي، ڊگھي ڊگھي بانس کي اڀ ڪپري جي ڪاپ ۾ ڏئي، پوري طاقت سان ٻيڙيءَ کي لھرن جي تيک ۾ آڻي، ساڻو ٿي، ڀنواٽيون کائيندڙ مٿي سان ٻيڙيءَ ۾ ڊھي پوي ٿو.
    ۽ بيڙي سنڌوءَ جي وھڪ ۾ اچي، لھرن مٿان ٽلڪندي ڪک پن جيان وھندي ٿي وڃي.


    ھڪ کن ۽ ھيءَ صدي

    رات آھي ۽ سنگم، ھڪ ڇوري ۽ ڇوريءَ جو.
    جيئن ھر پرھ کي پنھنجو ڪامڻ آھي، تيئن ھر رات کي بھ پنھنجو ڪامڻ، پنھنجا تر تروکڙيون ھونديون آھن ۽ ھو ٻئي ڀاڳين مڙيا آھن. ٽن چئن مھينن کان پوءِ ٻنھي وٽ پنھنجا رساما ۽ واساما آھن:
    ”ٻڌاءِ نھ، ڏٺو ڇا اٿئي مون ۾؟..... ڇا........ ڀلا ائين دڳ جھلڻ مان ڇا ملندءِ؟...... ھان!....... ٻڌاءِ نھ، ملندءِ ڇا؟.....“
    ”دڳ؟ مان تھ پنھنجو دڳ وٺيو پئي ويس! ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ تون ڪا ان پار کان ٽيلار ڪندي ايندينءَ!..... ائين اوچتو مڙي وينداسين!........ سچ جي مون کي خبر ھجي ھا، تون آھين تھ آئون واٽ مٽائي ھليو وڃان ھا.“
    ”ڇو؟..... ان جو مطلب تھ تون ڪانشيئس آھين، تو ۾ گلٽ آھي، ائين آھي نھ؟“
    ”نھ، ڪڏھن مون ۾ سون ڀريل ھو ۽ ھاڻي!........ ھاڻي تھ شيھو بھ ڪينھي. مون تو ڏانھن نھاريو بھ ڪين.“
    ”نھ، منھنجي ڀر مان گذرندي تون منجھي بيھي ويو ھئين.“
    ”آئون چوان ٿو نھ ڇا؟ ائين ٿيو ھوندو. ڀلا تو جيھي ناريءَ کي ڏسندي کن لاءِ جي ماڻھو سونھن ۾ جڪڙجي ٿٿان وٿان ٿي وڃي تھ ڏوھ ٿيو لين ڊوھ؟!...... مان...... مان تھ ڪڏھن ڪڏھن گھوڙيل ڦلڙي ڏسي بھ ان جي ھيڊاڻ ۾ پيھي ويندو آھيان.“
    ”ڏس، ٻڌي ڇڏ، مان نھ اڪ ڦلڙي آھيان نھ گھوڙيل ڦلڙي.“
    ”ھا، تون تون آھي.“ ھو اونھون ساھ ڀري ھن جي وارن ۾ نھاري ٿو. ڇڙواڳ جٽائون، ڄڻ ڪڪر ڪارونڀار اڏندا ٿا وڃن ۽ رات، رات شام جي سرھيل وڻ جي ڇايا جيان وڌندي، ٿڌيري ٿيندي ٿي وڃي.
    ”ٻڌ، ڏينھن ڏٺي سپنا ڏسڻ ڇڏي ڏي، ڪجھھ نھ ملندءِ.“
    ڇوري ڪروڌ مان ھن ڏانھن نھاري ٿي ۽ ھو، ھو چوٽ کائي مرڪي ٿو پوي. ٻئي وڇڙي وڃڻ ٿا چاھين پر وڇڙن ڪين ٿا. واٽ ساڳي آھي ۽ ٻنھي جي ٽيلار ڪرڻ جي رفتار بھ ساڳي آھي ۽ تھڻ ٻئي ڪين ڄاڻن. نھ ڊپ نھ ڊاءُ، نھ ڳالھھ نھ ٻولھھ. کن لاءِ ويجھا پئي، وري ٻئي ھڪ ٻئي کان جدا ٿي، ڏامر جي سڙڪ جون ڪناريون وٺي ٿا ھلن. ھو سڙڪ جي ھن پار ۾، ھوءَ ھن پار، وچ ۾ ڪاري ڪاري ڏامر جا پٽا دڙڳ دڙڳ سڙڪ ۽ چانڊوڻيءَ رات ۾ سڙڪ جي ٻنھي پاسي لڳل سرھيل وڻن ۾ ھلورا کائيندڙ سرھاڻين ڀريل ھوائن جا جھوٽا، ھندورا ھندورا جھوٽا. ھو ڇوڪريءَ ۾ نھارڻ کان سواءِ پري پھاڙيءَ مٿان وڏي انگاس بلڊنگ جي روشنين ۾ نھاري ٿو. بلڊنگ کيس ڏاڍي وڻندي آھي، الائي ڇو، شايد ان ڪري تھ ان سڄي بلڊنگ ڇا، سڄي ايريا جو انچارج سندس يار آھي، پراڻو ساٿاري. ھو وري ڇوڪريءَ ۾ نھاري ٿو. سادن ڪپڙن ۾ بھ ھوءَ کيس موناليزا، وينس، ڪلوپيٽرا، ڪرائيسيا، مومل جيان ٿي لڳي، پر نھ انھن کان بھ سھڻي. ھلندي کوئجي، ھو پاڻمرادي ڀڻڪي ٿو:
    ”توبھن، سمون آھي ڪين ويد ڪال کان بھ ڪنھن پراڻي ڪال جي چوڏھين چٽاڻي رات!“ ميل کن پري، بلڊنگ جي روشنين ۾ الائي ڪھڙو وندر ووڙيندي ھو ڇرڪي ڇوڪريءَ ۾ نھاري ٿو، ڏاڍي پيڙا مان آواز. ڪوئل جيھو، پر ڏنڀ ڏيندڙ، تڙپائيندڙ.
    ”ڪٿي تون ڄاڻين ٻجھي پنھنجي وٽ اِنگھائين تھ نھ پيو؟ تون تھ سدائين ھن موڙ تان واڪ ڪندو، مڙي ويندو آھين. جي ائين آھي تھ مون کي خبر آھي تھ ڇو آھي؟“
    ”تون جيئن سمجھھ. منھنجي واٽن جي تھ مون کي بھ خبر نھ ھوندي آھي. مون انساني سوسائٽيءَ کان پاڻ کي الاھي ڪٽيو آھي. منھنجي واٽ بنھھ جدا آھي. منھنجي واٽ منھنجي پنھنجي واٽ آھي، ڪٿي نھ ختم ٿيندڙ واٽ.“
    ھو جھڪيل ڳاٽ ۽ ڦاٽ کاڌل آواز سان وراڻي ٿو ۽ اوچتو وري ڦاٽ ٿو کائي، ڪجھھ تکاڻ، ڪجھھ نرماڻ مان:
    ”ڀلا جيئن تو سمجھيو بھ آھي، جي ائين آھي بھ تھ توکي گھاٽو ڪھڙو آھي؟ ائين ئي سمجھھ تھ تنھنجي قدمن جي آواز تي آئون ڏاڍي آسيس پيو ماڻيان. کيپ چڙھندا ٿا وڃن سپنن جيھا. ڄڻ ٻانھن مٿي کڻڻ سان چنڊ تريءَ تي اچي ويندو. ٻڌاءِ نھ، توکي ڪھڙو ڇيھو آھي؟ توکي ڪھڙي خبر، ماڻھو تھ توکي الائي ڪٿان ڪٿان، ڪيئن ڪيئن ڏسندا ھوندا. ڪالھھ تنھنجي پٽيوالي پئي چيو تھ سائين قرآن، وڏي شان مان واري راڄاڻ عورت آھي.“
    ”ھون تھ ھاڻ تون منھنجي پٽيوالي تائين بھ پھچي وئين.“ ھو اڀامندڙ ڪروڌ پئندي ٿي وڃي.
    ”اڙي ڀائي، تون تھ اجايو پئي وڦلين، اھو پٽيوالو منھنجو پراڻو يار آھي. تڏھن تو حيدرآباد بھ نھ ڏٺي ھوندي. اسان جي ڏاڍي سٺي ياري آھي، سگريٽ جي ياري.“
    ”چرس جي نھ؟“
    ”نھ، الا..... مون کي خبر ناھي تھ ھو چرس بھ پيئندو آھي ڪين نھ. مان بھ عجيب ڀوڪ آھيان. مان تھ پنھنجي سنگت جي ڪا خبر ئي ڪانھ رکان.“
    ”ھا، ويچارن پٽيوالن جي خبر ڪيئن رکبي. خبر رکبي آھي پنھنجي اسٽئنڊرڊ واري سنگت جي. سچ ٻڌاءِ، گھڻا ڀيرا چرس پيتو اٿئي؟“
    ”آئون ڀانيان ٿو تھ موجودھ امريڪن پريزيڊنٽ کان ٻھ چار ڀيرا وڌيڪ پيتو ھوندم. ھڪ گولي ۾ يوڪلپٽس جي پنن جي ملاوت ھئي. مون کي تھ ذرو مزو نھ آيو. مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ان کان تھ گولڊ فئلڪ سٺو ھوندو ھو. آھ، ڪيڏو نھ شاندار پيڪٽ ھوندو ھو. بوسڪيءَ جي گيدن مان ڏسڻ ۾ ايندڙ ھيڊو ھيدو پيڪيٽ. مون تھ ھزارن جي حساب سان ڇڪيا ھوندا گولڊ فلئڪ!...... ھا، مون کي منھنجي ننڍڙي لاڪي جي گرل فرينڊ ڇوڪري سپلاءِ ڪندي ھئي. گروسن جي حساب سان. خبر ٿئي ڇا چوندي ھئي؟“
    ”ڇا؟!.....“
    ”آ، سگريٽ مون ۾ لائي، ٿو مني جِدي فلم رو ديو آڻند لاڳي ھي.“ ھو روئڻ جيھو ٿي وڃي ٿو.
    ”پر تون مون کي ھپي لڳندو آھين.“ ھوءَ اڃا وڌ روسامو ٿي ڪري.
    ”ريئلي، آئون توکي ھپين جيھو ٿو لڳان. ھپي تھ شاندار ماڻھو ٿيندا آھن، شاھ جيان وستي وستي ووڙيندڙ.“
    ”ڇا تون ھپي ناھين؟!....“
    ”نھ.... پر اڄ تون اھڙا سوال ڇو پئي ڪرين؟ تون تھ اھڙيون آڏيون پڇائون پئي ڪرين، جيئن ڇوڪريون شادي ڪرڻ کان اڳ پنھنجي بـواءِ فرينڊ جا سمورا ڳجھھ ڳوھھ لھنديون آھن، گڊ ۽ بئڊ جا.“
    ”مسٽر، سنڀالي ڳالھاءِ، منھنجي شادي ٿيل آھي.“
    ”آئون بھ ڪو ڇڙو ڇانڊ نھ آھيان. گھر ۾ جوان ڪي پوڙھي، ڇڄ ٻارن سان مڌوبالا جيھي زال ويٺي آھي. ھينئر ڏکڻ ھير ۾ ننڊون پئي ڪندي ھوندي.“
    ”۽ تون ھتي ڇا ڪرڻ ايندو آھين؟“
    ”مان پنھنجي مرضيءَ جو مالڪ آھيان، ٻالاپڻ کان زوراور. ڇو تھ سنڌوءَ ۾ تڙڳي تڙڳي وڏو ٿيو آھيان. اڄ شام جيڪڏھن مون کي ڪٿان سؤ رپيا ملي وڃن ھا تھ ھينئر آئون سنڌوءَ ۾ ونجھھ سان کيڏي رھيو ھجان ھا. ونجھھ ھلائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آھي.“ اچانڪ ٻئي ڪلھو ڪلھي ڇھاءُ سان بجليءَ جھڙي ڪرنٽ سان ھڪ ٻئي کان وٿيرجي ٿا وڃن.
    ”تون ائين ڄاڻي ٻجھي ڪيو آھي.“
    ”نھ، اسين ڳالھائيندي پاڻ مرادي ھڪ ٻئي جي ويجھو اچي ويا ھئاسين. ڳالھائڻ ڪي وڙھڻ ويل ائين ٿيندو آھي.“
    ”ٿيندو ھوندو.“ ھو وري سرڪ جي ھن ڪناري سان پنھنجو منھن ڪري چپ چپات سان ھلڻ ٿي لڳي، سوڻل منھن سان ۽ ڪارائي سان نرڙ تان پگھر ٿي سگھي ۽ ڇوڪرو، ڇوڪرو وڏو ڪر موڙي اونھون ساھ ٿو کڻي.
    ۽ آھي کن پل لاءِ ٻنھي جي وچ ۾ گھٽيندڙ تڙپائيندڙ ماٺار.
    ”تون ڪيستائين واڪ ڪندين؟“
    ”تون چوين تھ آئون واڪ ڪرڻ بدران ھن وستيءَ مان واڪ آئوٽ ڪري وڃان سدا لاءِ؟..... چئھ نھ.“
    ”مان ڇو چوان؟“ وري کن لاءِ ٻئي سانت سان سڙڪ جي ڪنارين سان ھلندا ٿا رھن. ٻنھي جا وڏا وڏا پانچا ھوائن ۾ ڦڙڪاٽ وجھندا ٿا وڃن. رکي رکي ڇوڪري رکائي مان ڳالھائي ٿي:
    ”مان سڀ سمجھان پئي. مان جادوگراڻين جيان ماڻھوءَ جي اندر جو اکر اکر پڙھي وٺندي آھيان. مان بولڊ عورت آھيان. توکي جو ڪجھھ چوڻو اھي، چئي ڇو نٿو ڏين. يا رڳو مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍيا اٿئي؟ اھا تھ سستي شھرت ٿي. ھا نھ......؟“ ڇوڪريءَ جي ڳالھھ تي ڇوڪري کان ٽھڪ نڪري ٿو وڃي.
    ”ھوڏانھن بولڊ، ھوڏانھن وري بدناميءَ جو ڀؤ. مان تھ توکي ايڏو ھيڻو ڪڏھن بھ نھ سمجھيو ھو. قرآن، تو اجايو پئي وڦلين. تون رولڊ گولڊ نھ، نسوري ھڏ چم ماھ جي سچي پچي جيئري جاڳندي عورت ھين. جھڙيون قديم يگن جون ديويون ٿينديون ھونديون. جي توکي ڪرشن مھاراج بھ ڏسي ھا تھ پنڊ پھڻ ٿي وڃي. ڪڏھن ڪرشن مھاراج جي مورتيءَ تي غور ڪيو ٿئي؟“
    ”نو.... نو جينٽلمين، گھڻي تعريف ڪرڻ جي ضرورت ڪانھي. سڀ ڪجھھ اجايو آھي. تون ڀل پاڻ کي ڪرشن سمجھندو ھج.“
    ”نھ، سڀ ڪجھھٿ سجايو آھي. رڳو ماڻھو پاڻ اجايو نھ ھجي.“
    .ھون، ھا. اھا ڳالھھ تھ تو شانائتي ڪئي آھي.“
    ”ٿئنڪز..... ٻڌ، ھڪ منٿ ڪريان؟“
    ”کلي ڳالھاءِ، سي اوپنلي. مون ۾ ٻڌڻ جي سگھھ آھي.“
    ”تون ھن پاسي کان، منھنجو مطلب آھي، چنڊ واري پاسي کان ھل نھ..... پليز؟......“
    ”چنڊ واري پاسي کان؟!...... ڇو....... مان نھ سمجھيس.“
    ”ڏس نھ، ھن پاسي چنڊ آھي. تون سڙڪ جو کاٻو ڪنارو ڏئي ھل ۽ آئون ساڄي. ٻھ فرلانگ تھ رھجي ويا آھن.“
    ”پر ڇو؟!..... عجيب چريائپ آھي!......“
    ”سياڻپ آھي. اڄ تو پرفيوم ڏاڍو وڻندڙ لڳايو آھي. چنڊ جي ڌيمي جوت، جھومندڙ وڻ ۽ سڳنڌ. قرآن، آئون ڪجھھ ڪين ڳالھائيندس، نھ حدون اورانگھيندس. بس رڳو محسوس ڪندس تھ چوڏھينءَ چانڊوڻي رات ۾ ڪو پاڇو سرھاڻيون ڦھلائيندو پيو وڃي. ٿي سگھي ٿو، اڄ رات منھنجو پينٽنگ ٺاھڻ جو موڊ جڙي پوي ۽ مان کي ڪٿان سؤ رپيا ملي وڃن. سؤ رپين وڪامندي آھي ھڪ پينٽنگ.“
    ”مون کي ڪھڙو لاچار پيو آھي.“
    ”پوءِ اھو ايٽيڪيٽز ۽ مينرز جو جن ڇو؟ ھپي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا تھ ھلندا ئي ھوائن جي اوڀار آھن، بنان ڪنھن جي چوڻ آکڻ جي، جيئن ايندڙ ويندڙ ٿڪاڻا ٽٽاڻا ماڻھو سندن ديھھ جي سڳنڌ ۾ آس ماڻيندا وڃن. دنيا ۾ وڃي واس ئي تھ رھڻو آھي.“
    ”او – ڪي“ ھوءَ ڪاوڙ مان سڙڪ جي ھن ڪناري ھلي ٿي وڃي ۽ ھو چنڊ ۾ نھاريندو سڙڪ جي ھن ڪناريءَ، سرھاڻين جي ڪنھن جھوٽي ۾ الوپجندو مگن ھلندو ٿو ھلي.
    ۽ ٻھ پاڇا چانڊوڻيءَ ۾ ھلندا ٿا وڃن، ھڪ ٻئي کان وٿيرڪا. رٺاڻا، کويل، اٻاٽيل، اجھاڻل ۽ تارا ٽونڪلنگ ڪندا ٿا رھن ۽ وڇوڙي جو موڙ ويجھو پوندو ٿو وڃي. ڳچ پنڌ ھلندي ڇوڪري اچانڪ ٽرن ٿي ڪري.
    ”تون مون کي روڳي ٿو لڳين، سائيڪولاجي جو مريض. تو منھنجي نائيٽ واڪ ۾ رنڊڪ وڌي آھي. مون کي مٿي ۾ سور پوڻ لڳو آھي.“
    ”اسين سڀ روڳي آھيون. آئون دل ۾ پير پيو محسوس ڪريان. سڄي انساني سوسائٽي بيمار ۽ روڳي موڳي آھي. تڇ آھي، نفرتنھاڻي.“
    ”ڪيئن؟..... ڪجھھ سوچيو بھ اٿئي. تو سڄي انساني سوسائٽي مٿان لفظن جو گند اڇلايو آھي!“
    ”ھا، مان سوچي سمجھي ڳالھائيندو آھيان. جي سوسائٽيءَ کي يگن کان ايئن ئي ھلڻو آھي تھ آئون اھڙي سوسائٽي مٿان ٿڪيان ٿو. جي منھنجي ھٿ ۾ گند جو کارو ڪڏھن اچي بھ ويو تھ آئون وڏي واڪ اڇلائيندس. آئون بھتري سوپر ليڊر آھيان. تو ڪڏھن ڀنگين جي وڏن وڏن، سيڙھ جي ڪنڊن کان تکن ٻھارن جو سوچيو آھي، جن سان ھو اسان جون سڙڪون، گھر ۽ گند صاف ڪندا آھن؟ ان ٻھاري سان ماڻھو ماڻھوءَ سان ڇا، افريڪا جي شينھن سان وڙھي سگھجي ٿو. انھيءَ کي نچائي سگھجي ٿو.“
    ”اھو ٻھارو وري وچ ۾ ڪٿان اچي ويو؟......“
    ”ان لاءِ تھ گڊ ھيومن سوسائٽي کي ان ٻھاري جنم ڏنو آھي.“
    ”تنھنجي خيال ۾ گڊ ھيومن سوسائٽي بھ آھي ڇا؟ جي آھي تھ ڪٿي آھي؟“
    ”ھر ھنڌ آھي. پاڻ ٻئي گڏ پيا ھلون. ڇا پاڻ سٺيون ڳالھيون نھ پيا ڪندا ھلون. ڇا اھا گھٽ ڳالھھ آھي تھ تو مون لاءِ سرھاڻين جا سڀ در کولي ڇڏيا. مون کي خبر ھئي تھ تون شاندار عورت آھين، تڏھن ئي تھ مون توکي منٿ ڪئي. سچ، اڄ تھ مون کي سپنن ھاڻي ننڊ ايندي. الائي ڪيترن سالن کان مون ڪو سپنو ئي ناھي ڏٺو!.....“ ھو روئڻھارڪو ٿي، گھرو اونھون ساھ ٿو کڻي ۽ ان کان پھريون جو ھو روئي پوي، ھو بھي ٿو وڃي ۽ ويندر ڇوڪريءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. ڇوڪري پوئتي مڙي نٿي نھاري، جيئن نھ نھاريندي آھي ۽ ھو موٽ ٿو کائي. منجھي ٿو وڃي. وري اوچتو ٽرن ڪري چار پنج وکون ڊوڙ پائي رڙ ٿو ڪري:
    ”ٻڌ تھ، مون کي تنھنجي گھرج آھي، ڏاڍي وڏي گھرج آھي، ڌرتيءَ جي گولي کان وڏي گھرج.“ ماٺار – سيتجي پنڊ پھڻ ٿي ويل بوتا. برف جيان ڄمي چڪا ٿي ويل نيڻ.
    (ٻئي ڄڻ وڏن ڏوجھرن ۾ آھن ۽ پوءِ ھوريان ھوريان ڇوڪريءَ جو چھرو ٽامي جي ڏاٽي جيان ٻرندڙ سواليھ نشان بڻجي ٿو وڃي)
    ”تون مون کي گھرجين. ھن پرٿوي تي تون منھنجي سڀ کان وڏي گھرج آھين. ڇا تون اسان جي ڪنھن ڪارج ۾ نٿي اچي سگھين؟“
    ”ڪھڙي ڪارج؟“ ڇوڪري اڳيانئس چپ ٿيو، بيھجيو وڃي.
    ”ڏس نھ، پرٿوي سٺن ۽ گندن ماڻھن سان ڀري پئي آھي. يگن کان ھڪڙا ماڻھو جنگيون ۽ فساد کڙا ڪندا اچن ۽ ٻيا ماڻھو پرٿويءَ کي سرڳ بنائڻ لاءِ زھر جا وٽا ڏوگھيندا پيا اچن. ھن ڌرتيءَ کي سرڳ بنائڻ لاءِ تھ ٻالاپڻ جي راند جيھو ڪم آھي. ھيءَ صدي سائنس جي دنيا جي سڀ کان وڌ مھاڀاري صدي آھي. ھن ئي صدي ۾ اسان کي خبر پيئي آھي تھ موت تي قبضو پائڻ ناممڪن آھي، ڪنھن پر بھ نھ. اٽ از ناٽ اين امپاسيبل مشن ۽ اھڙي سوچ رکندڙ ماڻھن مان آئون بھ ھڪ پتڪڙو ماڻھو آھيان.“
    ”يو مين، ڪنٽرول آن ڊيٿ از پاسيبل مشن.“
    ”يس، ويري ويري پاسيبل مشن. ويري ويري ايزي ائنڊ پاسيبل. آءِ نيڊ يو. بڪاز يو آر جينئس، يو ڪانٽ اميجن، وچ ڪائينڊ ليڊي يو آر.“ ھو ڏاڍي سڪ، ڏاڍي آس، ڏاڍي نرماڻ مان ٿو ايلاز ڪريس.
    ”.....!......!.......“ ۽ ھوءَ ڳاٽ اوچو ڪيو منجھس نھاريندي ٿي رھي.
    ”ڇا توکي اعتبار نٿو اچي؟ سچ، موت تي قبضو مون لاءِ ھنڊريڊ پرسينٽ شؤر آھي. پر...... پر منھنجو ۽ تنھنجو وري ايئن اتفاق سان ڀاڳين ملڻ بھ ڏاڍو اوکو آھي. مان...... مان تھ ان ڳالھھ لاءِ سپني جي آس بھ نٿو رکي سگھان ۽ سپنا...... سپنا نرواڻڪ ماڻھو پسند ڪندا آھن. مون کي تھ ھر گھڙي ايئن ٿو ڀاسي ڄڻ منھنجي بنواس جي پڄاڻي موت تي قبضي کان پوءِ بھ ڪانھي.“
    ”او – ڪي، گڊ نائيٽ، ماءِ لؤ ٽو يؤر لتل ڪڊس، باءِ.“ ۽ ھو ھن ۾ نھارڻ کان سواءِ وڻ مان پن پٽي وات ۾ وجھي، تڪڙو ٽرن ٿو ڪري ۽ وکاريندو سينڍ وڄائيندو ٿو وڃي. نيڻن ۽ چپن ۾ دٻيل مرڪن ساڻ ۽ چانڊوڻي رات ۾ سرھاڻين سمويل عورت ۽ وڻ ٿڌيرا ساھ کڻندا ٿا رھن.


    چار ڏسائون چارئي ڪاريون

    آئون ھڪ نعرو آھيان،
    جنھن کي ڏاڍ ۽ ڏمر تھ ڇا، موت بھ ختم نٿو ڪري سگھي.
    سج لھي ويو آھي. ھو درياھ جو بچاءُ بند ڏيو، مائوزي تنگ جو ڪتاب ڏاڍي موج سان سٿر سان ٺپيندو، ڏاڍي شان سان ھلندو وڃي ۽ وماس جي رات جي ٻاٽ جو گھيرٽ ڦلارجندو ٿو وڃي، ائين ئي جيئن ھن جي ذھن تي مائوزي تنگ جون سدا روشن سٽون:
    مون کي موت بھ ختم نھ ٿو ڪري سگھي.....
    - ڪيڏي نھ ڪاري ٻاٽ آھي. جڏھن بھ وماس جون اونداھيون ٿرن ۽ برن کي وڪوڙي وينديون آھن تھ روشنيون ڪيترو نھ پري ھونديون آھن؟.......
    ھو ڏوجھرا کائيندو، سوچيندو ھلندو ٿو وڃي، مانجھند جي پراڻي سنسان مندر ڏانھن.
    اڃا دريا جو بچاءُ بند نئون نئون پيو ٻڌجي. درياھ مٿان مير بحرن جو ٻيڙياتو ڳوٺ آھي. ويچارا ميربحر ڄمن بھ ٻيڙين ۾، مرن بھ ٻيڙين ۾! ۽ باگڙين جا ڇنا ۽ منھن آھن، جي درياھ جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ لئي جي لاڪڙ مان کارا ٺاھي پيٽ گذر ڪندا آھن. اھو زميندارن جو مال ٿي ويندو آھي ان ڪري تھ لاڪڙ جا ڌڻي زميندار ھوندا آھن نھ باگڙي. ويچارا باگڙي تھ رڳو ايترو ڄاڻندا آھن تھ لاڪڙ مان ڇا ڇا ٺاھي سگھجي ٿو؟
    ويچارا مير بحر بھ سدائين ڊناڻا.
    ويچارا باگڙي بھ سدائين ڊناڻا.
    درياھ ساھ ۾ ڏينھن ڏٺي بھ بلائون اينديون آھن. وڏيون وڏيون اجگر بلائن کان بھ وڏيون. ڪھاڙين سان، پوليس جي ورديءَ سان، چيلھھ سان ٻڌل ٻن ٻن پستولن سان، ڪي ڦل ماڇيءَ جي روپ ۾ تھ ڪي رئيس گلڻ ڪاڇيءَ جي شڪل ۾. بلائون ڪھڙيون بھ ھجن، بلائون بلائون آھن. پر سڀ کان وڏي ويڌن تھ ھن سان آھي. ھو نئون نئون آھي. مھمان آھي ۽ وڏي مونجھاري ۾ آھي. وڏي ڀوڳنا ڀوڳي رھيو آھي ۽ اڃا دادو ضلعي جو پھريون ڏاڪو آھي ۽ ھو وڏي ذھني پيڙا پيو ڀوڳي:
    سائين انھيءَ ويران مندر ۾ متان ويو آھين. انھيءَ ۾ رڳو ھندن جا ڍيڍ اٿئي. ٽنگن ٻانھن کان سڪي پوندين. اھڙا تھ پليت اٿئي جو ماڻھو ڪلمو مبارڪ پڙھندئي تھ رام رام ڪندي. الله نھ ڪنھن کي ڍيڍ جي منھن چاڙھي، ويندي جي ويرم.
    ماڻھن جا وات بھ وڏا آھن ۽ ڳالھيون بھ!.....
    درياھ شاھ ۾ وڏي لاٺار آھي. ڪير چوندو تھ منجھس مستي بھ ايندي.
    - درياھ سڪي ٻيلاٽيون ٿي ويندا آھن. درياھ شھرن جا شھر ٻوڙي ميدان ڪري ڇڏي ويندا آھن.
    - ماڻھو تھ آھن ئي ماڻھو.
    ماڻھوءَ ۽ درياھ کي ڪا جھل پل بھ آھي ڇا؟......
    ھو سوچي ٿو:
    - ھيڏو حسناڪ مندر، جنھن ۾ شري ڪنور ڀڳت ڀڳتيون ڪري وڏو ٿيو ھجي، جنھن ۾ علڻ فقير جھڙو سنت ماڻھو ٻھاريون ۽ ڏيئا ٻاري وڏو ٿيو ھجي، ان کان ماڻھو ايڏا ڊناڻا، ايڏا جو ويندا تھ ڄنگھون سڪي ويندين! شايد ماڻھن جون دليون دڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن. تمام ننڍڙيون ٿي ويون آھن.
    - ڀلا ھي سڀ آھي ڇا؟!...... سوچن جي لڙاٽ
    - ھون....... مندر تھ کڻي ھندن جو ٿيو، پر شاھ اويس قرنيءَ جو مزار ويران ٿي ويو. اڳي گھڻو اڳي، انگريزن جي زماني ۾ اتان تھ شاھ اويس قرنيءَ جو واھڙ وھندو ھو، ٻنيءَ ٻاري لاءِ. اھو بھ سڪي ويو. وڏو سوال تھ شاھ اويس قرنيءَ تي لائيش ڇو ڪينھي. شاھ اويس قرني تھ سنڌ سڳوريءَ جو پھريون ۽ سچو مسلمان ھو، پوءِ سندس شھر مٿان اوندھ جو اڇلائي وئي آھي؟......!.......؟
    - ڪارڻ؟......
    - ....... ! .......
    ھو ھلندو سوچيندو ٿو وڃي، ڏوجھرا کائيندو ٿو وڃي.
    - ھون، مندر جو ڪارڻ تھ آھي. درياھ شاھ مانجھند جي پراڻي شھر کي پنھنجي مستيءَ ۾ اچي ايئن کڻي ويو جو ھان انھن پڊن تي رڳو لئيءَ جا کيت آھن، ٻيو نالو الله جو. بس رڳو ھڪ ھيکل ويران سنسان مندر جيئن جو تيئن رھجي ويو آھي. ان ڪري تھ مندر جون پيڙھيون ۽ پنڊال ڏاڍا اونھان ٻڌا ويا ھئا، نھ تھ ڪو جادوءَ جي زور سان ڪين بچي ويو ۽ شاھ اويس قرني ٽڪرين تي آھي.
    - باقي ماڻھو؟
    - ڇا اھي ماڻھو ماڻھو آھن؟
    - ڇا اھي ڍور ڍور آھن!......
    کن لاءِ ھو پريشان ٿي وڃي ٿو. کن لاءِ ڇا، گھڙيءَ گھڙيءَ پريشان ٿي وڃي ٿو. اھو تھ سنڌ سڳوري جو ڏاڍو ڀلاسو پاسو آھي. اڳيان سن سڳورو، پوءِ لڪي ڌارا تيرٿ، پوءِ سيوھڻ شريف، قلندر جي نگري، سوني دروازي ساڻ، پوءِ دادو ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر دادو.
    ھو ڏوجھرا کائيندو، وڌندڙ اونداھيءَ ۾ اوجھڙ ٿيندڙ درياھ شاھ تان نھار ڦھلائيندو ٿو وڃي. مير بحرن وٽ گاسليٽ ڪينھي، تنھن ڪري ٻيڙين ۾ اوندھ آھي. پري پري لاڪڙ جي مھاڄار جيھي کيت مان ڪٿان ڪٿان ڪا دونھين ڌوندي ٿي نظر اچي ۽ پارو پلٽي پيو آھي. پوھ لائا لوھ آيو ڪين آيو. سياري جي مھاڙ مچي پئي پر پوءِ بھ درياھ پھرئين پھر جي سونھن کي پنھنجا ڏاوڻ ھوندا آھن. رڳو ڏسندڙ جي اکين ۾ موتئي جو پاڻي نھ پئجي ويو ھجي.
    ھو ڏسائن ۾ ٿو نھاري.
    اتر،
    ڏکڻ،
    اڀرندو،
    الھندو،
    چار ڏسائون
    وري آڪاس ۾ ٽيڙو.
    وڇون، ڪتيون، کير ڌارا سڀ اوجھڙ اوجھڙ آھن، ڌنڌلا ڌنڌلا آھن، درياھ شاھ جيان. رڳو آڪاس ۾ ڪارا ڪڪر ھاٿين جيان ھلندا ٿا وڃن.
    ھو اجرڪ ويڙھي ٿو ڇڏي. ان ڪري تھ اڄ ھن وٽ وقت ڪينھي، نھ تھ ويچارا مير بحر چوندا:
    - او مسافر، اڄ ڏاڍي سٺي مڇي آھي. اسان جو بھ ڪڏھن مانيءَ ڳڀو کائي وڃ، ذات ڪانھ گھٽ ٿي پونديئھ.
    آواز
    تانگھھ
    اتساھھ
    اڪير
    پيار جي پالوٽ – پوءِ ڪير ڀيرو ڀڃندو
    ڪڏھن وري باگڙين جون مايون چونديون:
    - او سائين، ڪشمور ۾ وڏا وڏا ھنر ھلائي آيا آھيون، ھھڙي سڌي لاڪڙ تھ اسان قيام نھ ڏٺي. رئيس کي اسان جي پارت ڪر تھ ڌوڙ مان ڌن ٺاھي ڏيونس.
    پر ويچارن باگڙين کي ڪيھي خبر تھ رئيس کي سون نھ، اڌ تولو آفيم، پنجاھ کن پراڻي نوڙيءَ وٽيل چرس جون سلفيون کپن. پوءِ ڏوڏيءَ جو گلاس ۽ مٿان پاءُ کن ڪچڙي ڀنگ. ويچارن ٻڙن کي آفيم ڳارڻ اچي ڪٿي. تڏا، تؤنريون، لاڪڙ جون خوبصورت چڪون، موڙا ۽ ڀنگا ٺاھڻ کان سواءِ اچين ڇا ٿو. رئيس روز کانئن موچڙا ھڻي اڌ تولي آفيم جي رقم نھ ڇڏائي تھ ٻيو ڇا ڪري؟ ڪٿان آڻي آفيم لاءِ پئسا؟ باقي پستول ڪو نانيءَ جي قبر تي ڊيڪوريشن پيس ڪري ٺوڪڻ لاءِ ورتو اٿس ڇا!
    ھو ڪرو جھنگ لتاڙي ويران وندر ۾ آيو آھي. قديم سنڌ جي اڏاوتي ڪم جيان، ھر ڪا شيءِ سندس آڏو ٻھڪندي ٿي رھي. ٻاروچي ٽوپيءَ جيان سونھري ٽائيلز ڄڻ ڏيئن جو ڪم ٿا ڏين. ھيڏي ساري مندر ۾ ڪٿي بھ بت جو ڪوئي نشان ڪينھي. جي ڪو بت آھي تھ ھو پاڻ آھي. جي ڪٿي ڪو ڏيئو ٻري پيو تھ اھا سندس سگريٽ جي لاٽ آھي. ھو ھڪدم موٽ ٿو کائي ۽ نڀ مان تارا ڪتيون ڪڪرن جي ڪارونڀار ۾ ائين لڙھي ويا آھن، ڄڻ ڪنھن ھندو سنت روھڙيءَ جي پراڻي پل متان ٻڪ ٽڪن جا درياھ شاھ ۾ اڇلائي ڇڏيا ھجن.
    خون خون...... وارو ڪريو مڙس مئو پيو آھي.
    صبح جو سويري امام جي الم ھيٺان وڏو چؤٻول آھي.
    - ادا مڙس، مڙسان مڙسيءَ ماريل آھي. مجال آھي جو ڪو لاش سڃاڻي سگھي.
    لاش سچي بھ سڃاڻڻ کان ٻاھر آھي. لاش جي سري آھي ئي ڪانھ. رڳو ڳچيءَ وڍيل، ھنداڻي جيان ڳاڙھي، رتو ڇاڻ آھي. ڪلھي تي قلندر جي پائلي جو نشان اٿس. ڪي چون ٿا ڪير آھي، ڪي چون ٿا ڪير آھي. ڪير ٿو ٿي سگھي؟
    گھڻا وات آھن، گھڻيون ڳالھيون آھن. پوليس بھ پنھنجي آھي.
    ۽ ھو صبح جو سويري امام جي پڙ مان ٿيلھو کڻي اڳتي اسرڻ جي ٿو ڪري ۽ سوچي ٿو:
    - ڀلا ويھھ ميل بھ ڪو پنڌ آھي. ٻيلو ٻھ وکون ۽ ھو بنان سوچڻ سمجھڻ جي پيرن تي زور ٿو ڏئي.
    ڪنڊيون ۽ ٻٻڙن جا جھنگ لتاڙيندو ھو ھلندو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ ھن کي خبر آھي تھ ھو ھزارين ماڻھن جي ھشام ۾ رھيو آھي، جتي کيس چڱيءَ ريت سڃاتو وڃي ٿو ۽ ھن کي اتي وڃي جلسي لاءِ اسٽيج سجائڻو آھي، سيٽ لڳائڻو آھي، اتي ھن جا پنھنجا راڄ آھن، باقي ڀاڳن جي خبر کيس ڪانھي، ان ڪري تھ ھو نجومي نھ آھي.
    - ۽ ھي ٻيو تڙ آھي.
    ۽ ٻيڙياتا آھن.
    - ۽ ڌوٻي سندس دوست آھي. ساندھ ٻھ ڏھاڙا تھ ھو اسٽيج پنڊال جي سجاوٽ تي سوچيندو رھي ٿو. اھو سمورو ڪم کيس چئن ڏھاڙن ۾ مڪت ڪرڻو آھي.
    اڃا پھريون ڏھاڙو مس گذريو اٿس. مھمانن جي ڌوم شروع ٿي وئي آھي. الائي ڪھڙين ڪھڙين ڏسائن جا ماڻھو. ھو پنھنجي ڪمن ڪارين سان ھلندو درياھ جي بچاءُ بند تي آسيس ماڻڻ لاءِ اچي ٿو ۽ ھن کي ڀاسي ٿو تھ مير بحرن ۾ ڪاري قيام متل آھي. ميربحرن جي ٿڃ پياڪ ٻار سان ستل ٻانھن، ڪي شاھينگ بندوق پستولن سان راتو واھ کڻي ويا آھن. عورتن، ٻارڙين پوڙھن، پوڙھين ۾ روڄ راڙو آھي.
    - آواز.....
    - دل کي چيڀاٽيندڙ آواز، نفرتن جا طوفان. ھو ڪروڌ مان اٿي درياھ جي بند کان لھي وڏي پنڊال ڏانھن ھليو ٿو وڃي جو ڪڏھن ھندن جو ٽڪاڻو ھوندو ھو.
    ڀلا ھي سڀ آھي ڇا؟!...... ؟!...... ۽ سياري جو سج شرم کان ڄڻ نڪري ئي نٿو. ھو پوڙھي فلاسافر ڏانھن ڪچھريءَ لاءِ ھليو ٿو وڃي ۽ ھو پوڙھي فلاسافر جي ماٺار کي سمجھي نٿو سگھي. م ڀانءِ اڀري رھيو آھي م ڀانءِ الھي رھيو آھي!
    پوڙھو فلاسافر ڄڻ ڀڻ ٿو ڪري:
    ”تنھنجو ڪم ڏاڍو سست آھي.“
    ”نھ، اسان جا ماڻھو ڪم چور آھن. ڇو؟ مان ان جو سبب سمجھي نھ سگھيو آھيان.“
    ھن جي ڳالھھ تي پوڙھي فلاسافر جي پيشانيءَ تي سوچن جا ھزارين تھھ چڙھي ٿا وڃن. ھو مرڪي ٿو پوي. (ھن ۾ سچ ٻڌڻ جي سگھھ آھي يا نھ؟ ھو ڪوبھ جواب نھ ٻڌي، اٿڻ جي ٿو ڪري.
    ”ٻيو بھ ڪجھھ چوڻو اٿئي؟“
    ”ھا، پراڻي ٽڪاڻي ۾ ٻھ سؤ کن ڪتا آھن سبحان شاھ جا، اھي تھ ايندڙ مھمانن کي ڦاڙي ڇڏيندا.“ ۽ ھو ڪجھھ ڪجھھ وڌيڪ ڳالھائڻ بدران وڏي ادب سان اٿي ھليو وڃي ٿو، پنھنجي ڪمري ڏانھن.
    ۽ ھو پنھنجي ڪمري ۾ اچي سوچي ٿو:
    - ھر ماڻھو پنھنجي گھر جي ڀاتين ھٿان ڪتي جو موت مرڻو آھي ۽ اھا سنڌ جي پراڻي ريت آھي.
    اچانڪ گولين جا ڌوڙيا ٿي وڃن ٿا. ڪتن جا ڪوڪاٽ ڄن ستين آسمان تائين پڙالجندا ٿا وڃن. ھو ڊوڙندو ٻاھر نڪري ٿو. سندس آڏو پنجن پونگڙن واري مادي ڪتي مئي پئي آھي، جيڪا بيحد کھري ھئڻ جي باوجود ساڻس بھ ھري وئي ھئي.
    ڳارھيون ڪتا مار جيپون، ھٿياربند ماڻھن سان ڊوڙن پيون. ھو ڊوڙندو پوڙھي فلاسافر وٽ وڃي ٿو:
    ”سائين، ھيءَ انقلاب ۾ بدديانتي آھي، ويساھ گھاتي آھي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”وائيلڊ لائيف ۾ ڪتو بھ ايڏو ئي ڪارائتو جانور آھي، ڪيترو اٺ، گھوڙو، ٻڪري. الاھين ملڪن ۾ ڪتو کاڌو ويندو آھي ۽ ايڪسپورٽ بھ ڪري سگھجي ٿو. سوئرن کان ڪتن کي ۽ ڪتن کان سوئرن کي ڦاڙائڻ بدران اوھين عيسائي ڌنار رکي انھن جي افزائش نسل بھ ڪري سگھو ٿا. آخر ايڏي جھالت ڇو؟“
    ۽ ھو محسوس ڪري ٿو، دکي پوڙھو فلاسافر ڄڻ دم ٽوڙي رھيو آھي.
    مھاڀاري ماٺار...... ماٺار........
    ”ساري سر، منھنجو خيال آھي، مون کي الاھي ڏھاڙا ٿي ويا آھن. منھنجي عينڪ ۽ گرم ڪپڙا ڪٿي وسري ويا آھن. مان واپس پنھنجي ڳوٺ موٽندس.“
    ماٺار...... گھٽيندڙ ماٺار...... ڄڻ سڀني مري ويل ڪتن جي بدبوءِ حويليءَ ۾ ڪاھي پئي ھئي ۽ ھو چپ چپات ۾ نڪري ٿو وڃي ۽ ٿيلھو کڻي رومال نڪ تي ڏئي رتو رت گھٽين مان جلدي کان جلدي نڪرڻ لاءِ ڌڪيندو ٿو وڃي.
    ”ڪنھن تو سان بد شد ڳالھايو آھي؟“ ھڪ ساٿي سندس رسي وڃڻ تي ڪروڌ مان ڊوڙندو ٿو اچي.
    ”ڪنھن کي ڄڀ پٽائڻي آھي پيارا سائين! ٿئنڪز.“ ۽ ھو محسوس ڪري ٿو تھ ھي سڀ ماڻھو انھيءَ پوڙھي فيلسوف سان ڪلاپ ڪري رھيا آھن، دوکو ڪري رھيا آھن! سنڌ جا نعرا ھڻي ۽ ھو ڌارا تيرٿ ۾ وھنجڻ ۽ قلندر شھباز جو سونو دروازو ڏسڻ کان اڳ ويگن ۾ ويھي جلدي کان جلدي انھيءَ اونداھي ٽڪري مان نڪري ٿو وڃي.


    بلئڪ ائنڊ وائيٽ

    مان حيران آھيان تھ ٻيھر، ٻيو ڀيرو، اوچتو ئي اوچتو، مان سندس جيون ۾ ڪيئن آيس، ڪھڙي سانگ، نيٺ ڇو؟!...... جڏھن تھ اسان ٻنھي جي وات ساڳي ھوندي بھ اسان ٻنھي ۾ وڏاندري نظرياتي جنگ آھي. ايڏي ئي وڏي، جيڏي چين ۽ روس جي وچ ۾ ٿي سگھي ٿي. جيئن موجودھ حالتن ۾ آھي، جيئن جتي ڪٿي ذھني توڙي ھٿيارن واري جنگ جاري آھي. اسان ٻنھي جي وچ ۾ بھ ڪڏھن ڪڏھن ايڏا ويڇا پئجي ويندا آھن. مان کانئس رسي ھليو ويندو آھيان، وڏن گھاٽن جھنگن، کيٽن، ڍنڍن، درياھن ۽ سمونڊن ڏانھن. ڪڏھن مير بحرن سان ميربحر ٿي، ھارين سان ھاري ٿي ۽ ڪڏھن جوڳين، سامين، ڪاپڙين سان پيو پنھنجا ويچار لڙائيندو آھيان. مان پٺيان مڙي نھارڻ جو عادي نھ آھيان. دنيا ڏاڍي وڏي ۽ ڪشادي آھي. وري ڪڏھن ڪڏھن ڪٿي نھ ڪٿي ايئن بھ ٿيندو آھي جو واٽون ويھھ وڃي، ھڪ وڏي شاھراھ سان ملي ھڪ ٿي وينديون آھن ۽ حيران پريشان ٿي سوچيندو آھيان تھ ساڳين ڄاتل سڃاتل سڙڪن ۽ موڙن تان نھ چاھيندي ڇو ھلندو ويندو آھيان؟ مان پاڻ چاھيندو آھيان تھ ساڻس ڪڏھن بھ نھ ملان. مون پاڻ تي وڏن فنڪشنن، ميڙن، منڊلين جا سڀ دروازا ڄاڻي ٻجھي بند ڪري ڇڏيا آھن. پر الائي ڪھڙي يگ، جنب، ڪال، اڪال جا ڦيرا آھن جو اسان ٻئي، ڪٿي نھ ڪٿي، ڪنھن نھ ڪنھن موڙ تي ملي ويندا اھيون. ان ساڳئي پراڻي ڀرپور انداز سان، لک ئي نھ پوندي اھي تھ اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪي وڏا ويڇا آھن. مون کي ڏسي ھوءَ ڇا محسوس ڪندي آھي؟ ان جو اندازو آئون نھ لڳائي سگھندو آھيان. پر مان کيس ڏسي سک ئي سک ماڻيندو آھيان. مون کي رڳو ايتري خبر پئي ھئي تھ سوريھ گرھڻ جي ڪري ھوءَ ڪلر بلائينڊ ٿي وئي آھي ۽ ڪلر بلائينڊ سان گڏ ڪڏھن رڙيون ڪري بيھوش ٿي ويندي آھي. ھونئن بھ اسان جي ميلاپ تي ڪا پابندي ڪانھي، سندس ماءُ مون کي پٽن جيترو پيار ڪندي آھي.
    ان ڏھاڙي ٻھ سؤ ميلن جي سفر، منھنجو سنڌ سنڌ الوڙي ڇڏيو ھو. ڪينٽ اسٽيشن تان ٿيلھو لڙڪائيندو وڏي ٿڪ سان ھڪ ٽانگي واري کي چيم:
    - يار، منھنجي طبيعت ٺيڪ ڪانھي. مون کي فريئر ھال پھچاءِ ۽ جڏھن فريئر ھال جي گھاٽن وڻن جي ڇايا ھيٺ ڪجھھ وسرام ڪري مون کي تؤنس لڳي تھ پراڻا ٽٽل پاڻيءَ جا نلڪا ڳولڻ لڳس. الائي ڇو، انھن نلڪن جو شفاف پاڻي مون کي وڻندو آھي ۽ ٺيڪ جڏھن مان نلڪي مان ھٿ منھن پير ڌوئي رھيو ھئس تھ منھنجي نھار امريڪن ايمبسيءَ سامھون گيٽ وٽ، ساوتري تي پيئي. ان کي ھڪ نرس سان ڏسي، کن لاءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ نيچر مون سان وڏي جنگ لڙي رھي آھي، جيڪا شايد مون کي مارڻ کان سواءِ بازي کٽي ڪانھ سگھندي.
    - ھان، ٽن چئن سالن کان پو؟ اڀھو بھ ساڳي فريئر ھال ۾!.....
    ويچارو اندر جو ماڻھو!......
    ۽ ھوءَ.... ھوءَ مون کي سڃاڻي، کن لاءِ ٽڪ ٻڌي نھاري ٿي. نرس کي مون ڏانھن اشارو ڪري ڪجھھ چوي ٿي ۽ وري سرجان مارشل جي گھوڙي جي پاڻي پيئڻ واري پئماني نما ٺھيل رڪاھين ھاڏر ۾ الاھي ڇا ووڙيندي، منھنجي قدمن جي آواز تي، آڌر ڀاءُ لاءِ اڳتي ٿي وڌي.
    - سچ ٻڌاءِ، تنھنجي گمان ۾ ھو تھ آئون صبح سويري فريئر پارڪ ۾ ھونديس. جڏھن تھ آئون سڀ رنگ وائي چڪي آھيان. ھاڻي تھ باغن ۾ ڪجھھ بھ نھ رھيو آھي.
    کن لاءِ مان گھور ٻڌي منجھس نھاريندو رھيس، ڏسندو رھيس.
    - رنگ..... ھونئن بھ رنگ آھن ڪٿي؟ ماڻھو ڏينھن ڏٺي، انڌا بھ ٿي ويندا آھن. ان سان ڇا ٿو ٿئي......
    - ھوندو.... ۽ ائين آھي بھ. ھا..... ممي توکي ڏاڍو ياد ڪندي آھي. چڱو ٿيو تون اچي وئين. مون ھڪ وڏو فيصلو ڪيو آھي. خبر اٿئي، ھينئر تون مون کي ڪيئن پيو ڏسڻ ۾ اچين؟ جھڙوڪر پاڪستاني بلئڪ اينڊ وائيٽ فلمن جو ڪو ڪردار. اھا ڪيڏي نھ ڏکوئيندڙ ڳالھھ آھي. پر اندر چيڀاٽ سان گڏ مون محسوس ڪيو تھ باغن ۾ ھلندي اڄ بھ ھوءَ اڏامندڙ نازڪ پوپٽيءَ جيان رنگا رنگ آھي ۽ ائين ڀاسندو آھي، ڄن ڇھاءُ سان سندس رنگ ھٿن ۽ چپن تي چڙھي ويندا، پوپٽ جي پرن جي رنگ سمان.
    گھر ۾ ساوتري جي ممي جي امٽ سدا سوڀياوان مرڪ ڏسي، کن لاءِ محسوس ڪيم ڄڻ سارا سور مٽجي ويا، ڄڻ گھر پھچي ويس، ان ماءُ وٽ جنھن ڄڻيو ھئم. پر وري مرڪندڙ اٿاھ خوش نيڻن ۾ لڙڪ ڏسي ڀانيم تھ ڀڄي وڃان. سک، چين، سانت ڪٿي بھ ڪانھي ۽ اڳي جڏھن اھڙي حالت ٿيندي ھيم تھ ميران ديوي وانگي رڳو پيو پرڀو شانتي.... پرڀو شانتي پڙھندو ھئس ۽ پوءِ جلدي محسوس ڪري ويس تھ اھي ھندو ٽوٽڪا آھن. مان نھ ٻڌ آھيان، نھ ميران. منھنجي پنھنجي ڊگر آھي ۽ منھنجي ...... منھنجي پنھنجي جدا واٽ آھي. ووڙواند ڏڦير واٽ – جنھن مٿان مون کي گذري وڃڻو آھي، ڏاڍي شانائتي مانائتي انداز سان.
    سنجھا سنجھا رات
    ڪوھيڙو.
    تاڙي جي لات. سڀ آواز نڀ جي ماٺار ۾ ماٺار ٿيندا ٿا وڃن. مون کي خبر بھ ڪانھ پئي تھ ساوتري منھنجي ڪمري ۾ ڪيئن پيھي آئي؟
    آئون...... ٻري اجھامي ۽ اجھامي ٻرڻ لاءِ جٿن ٿو ڪريان ۽ سوچيان ٿو مان ميڻ بتي بھ ناھيان. الائي ڇو، ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي شڪست جو احساس وجود ۾ ڪرٽ وھائيندو ويندو آھي. آئون حيرت ۾ آھيان تھ ھوءَ اسان سڀني کي ھيکل شڪست ڏيندي ٿي وڃي. بنان ٻنين ٻارن ۾ ڍرڻ جي. بنان ڪنھن ڏڪاريءَ لاھياريءَ جي ٻار مٿان ھٿ ڦيرائڻ جي. ڇا ھوءَ اسان کان اڳاھين نھ لڳندي آھي.... تمام وڏي. تمام......
    - ڪمري ۾ توکي ڪا شيءِ خراب تھ نھ پئي لڳي؟
    - نھ..... مان ڏانھس نھارڻ کان سواءِ وراڻيان ٿو.
    - سچ ٻڌاءِ، ڪھڙي ڪارج سان آيو آھين؟
    - توکي وٺڻ آيو آھيان.
    - ڪيڏانھن وٺي ويندين مون کي؟ منھنجو علاج ھتي آھي ئي ڪونھ ۽ ٻاھر، پرڏيھھ...... جي ڪڏھن پنھنجي ڏيھھ ۾ ئي ڪي ڪين آھي تھ پرڏيھھ ۾ ڇا ھوندو؟
    - پرڏيھھ جي ڳالھھ ڪير ٿو ڪري؟ مان ٿرن برن ولين ۽ واڙين جون ڳالھيون ٿو ڪريان، ڳوٺن جون ڳالھيون.
    - ڇو؟......
    - تون اسان جي ملڪ جي وڏار ھاري ليڊر عورت آھين.
    - ائين ڇو نٿو چئين تھ اوھان سڀ ٿڪي ٽٽي ساڻا ٿي پيا آھيو. اوھان کي واھڻن ۾ وڃڻ لاءِ حسناڪ ڇوڪرين ۽ عورتن جو ساٿ گھرجي.
    - ساٿ نھ ھوندو آھي ڇا؟ جي انقلاب ۾ عورت حصو نھ وٺي تھ دنيا جو ڪوئي مرد ھيکل يا سڀ مرد گڏجي ڪوئي بھ ڪنھن بھ قسم جو انقلاب نٿا آڻي سگھن. آئون سچ پيو چوان نھ؟.....
    - ڏس مان ڪلر بلائينڊ آھيان ۽ ڏاڍي پيڙا مان گذري رھي آھيان. پوءِ بھ پنھنجي گھر جو رستو سونھون ٿي ويندي آھيان. اوھان بلئڪ اينڊ وائيٽ جا ٻھ پيگ پي بتال ڇو ٿي ويندا آھيو؟
    مان ڪجھھ محسوس ڪريان ٿو.
    - ڇا توکي مٿي ۾ سور آھي؟
    - نھ، برين ٽيومر ٿيو اٿم......
    - ائين ڇو نٿي چئين تھ تو مان اھا سگھھ ڇڏائي وئي آھي.
    - جيئن وڻئي تيئن سجھھ.
    - پوءِ مان.... ڇا مان موٽي وڃان؟
    - اوھان ڪڏھن مون کي اڌ واٽ ۾ نھ ڇڏيو آھي؟!...... ٻڌاءِ نھ، ڪڏھن؟...... اوھان سڀ سدائين مون کي اڌ واٽ ۾ ھيکل ڇڏي ھليا ويندا آھيو.
    ۽ کن لاءِ مون کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ منجھس نھاريندو رھان، منھن ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيان يا سيس نمايان ۽ ھوءَ....... ھوءَ ڀت تي ٽنگيل پينٽنگ ۾ نھاريندي ٿي رھي. سنڌ جي پھاڙن ۾ کاٽي کڻندڙ، پگھر ڳاڙيندڙ، سگھارن مزورن جا ڌمڪ، پاھوڙا، ھٿوڙا ۽ سيولون ٽيڪم ۽ ڪڏھن نھ ختم ٿيندر ڪم ڪاريون ۽ محنت.
    - تون ھاڻ ڀلي پنھنجي پينٽنگ کڻي وڃ. پينٽنگ جو تھ سڄو مزو رنگن سان آھي. سچ ٻڌاءِ، ڪنھن لاءِ ٺاھي ھيئي اھا پينٽنگ؟
    - مزورن لاءِ، نھ تھ اڄ ڪنھن آرٽ گيلريءَ ۾ ٽنگيل ھجي ھا. مان بھ تپي ويس تھ نيٺ ھوءَ پاڻ کي سمجھي ڇا ٿي؟ آئون چئي سگھان ٿو تھ مان ڪينسر جو مريض آھيان.
    پوءِ ....... ٻڌاءِ تھ ....... مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ پھرين ٻڌاءِ، اسين پنھنجي اسپتالن ۾ گھڻن قسمن جون بيماريون چڱيءَ ريت ڊائيگنوز ڪري سگھيا آھيون؟ ڪنھن ھڪ اسپتال، ڪنھن ھڪ ڊاڪٽر جو نالو کڻ.
    - ھون...... ڳالھھ تھ تون ٺيڪ پيو ڪرين. ان ڪري تھ ھاڻ اسان وٽ ڳالھين کان سواءِ ڪجھھ باقي بھ تھ نھ بچيو آھي، پاڇي بھ نھ. چئھ ھا..... ھا نھ؟
    ايتري م ممي پليٽ ۾ ڪجھھ کڻي اندر اچي ٿي. ائين جيئن ڳوٺاڻيون مائرون اينديون آھن.
    - اچي من.....
    - جيجي توکي خبر آھي. ھوءَ منھنجي ڳالھھ اڌ گيدي ڪريو ڇڏي.
    - اڙي چريا، لاڙڪاڻي جي اٿئي، پڻھين موڪلي آھي.
    - پوءِ کائيندس.
    - نھ، پھرين ٻڌاءِ تھ اوھان ٻنھي جو جھڳڙو اڃا گھڻيون صديون ھلندو؟ ۽ آئون سندس ڳالھين تي ٿڌو ٿي چمچي سان ھوريان ھوريان مٺائي کائڻ ٿو لڳان.
    - ”چڱو پٽ، آئون ھلان ٿي، ڏاڍو ٿڪ پئي محسوس ڪريان.“ ۽ پوءِ ممي ھلي ٿي وڃي ٿي ۽ ساوتري بھ......
    ۽ ننڊ...... ننڊ ڪرڻ لاءِ مان پنھنجي پسند جي ڪيسٽ پنھنجي بيگ مان ڪڍي، ريڊيو ڪيسٽ ۾ لڳائي سمھڻ لاءِ پاسا ٿو ورايان.
    ننڊ نٿي اچي. کن لاءِ آئون ڄڻ جاڳ جي خواب ۾ کوئجي ٿو وڃان.
    نھ توکي ھلڻو پوندو...... اڄ چئي ڏيندوسانس تھ پوءِ عورتون ٻار ڇو ڄڻينديون آھن؟ ھر عورت مرڻ گھڙيءَ تائين ٻار ڄڻڻ جي آشائن ۾ ڇو ھوندي آھي؟ ڇا ان لاءِ تھ ٿرن برن ۾ اھي ٻار ويلا ڪڍن؟
    اوچتو ئي اوچتو ڪمري جو در کلي ٿو.......
    - تون، ھن وقت!
    - ھينئر نرس انجيڪٽ ڪيو آھي. ننڊ ئي نيڻن ۾ ڪانھي. سنگيت جو پڙلاءُ ٻڌي ھلي آيس.
    - مون کي بھ ننڊ ڪانھي. پوريون ٻھ گوريون ننڊ جون کاڌيون اٿم.
    - تون درديلا گيت ڇو ٻڌندو آھين؟
    - ان ڪري تھ اسين سڀ وڏي پيڙھندڙ دور مان گذري رھيا آھيون.
    - ۽ تون انھيءَ دور جي چاڪيءَجي گھاڻي جو ڏاند آھين.
    سچ سندس ڳالھھ تي منھنجو من جلي ٿو وڃي.
    - ڇو ڀلا، جھرن جھنگن ۾ ڪلھي تي ڪاٺي رکي ولڙو ڳائيندڙ ڌنارن جا ٻارڙا لاڏاڻا ڪري ويا آھن ڇا؟ ڪا نئين پارٽيشن ٿي آھي ڇا؟
    - پارٽيشن، منھنجي ملڪ ۾ پارٽيشن ڪرڻ جي سگھھ ڪنھن ۾ آھي؟ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. ٻيھر مون سان اھڙي ڳالھھ نھ ڪجان. اھو منھنجي برداشت کان ٻاھر آھي.
    - مون کي ڪھڙي خبر تھ انقلابي ماڻھو ايڏا حساس بھ ھوندا آھن.
    - نھ، تو چوٽ ڪئي ھئي.
    - تھ ڇا منھنجو ايترو بھ حق ناھي؟
    - نھ، ان ڪري تھ تون اڄ تائين ٿرڊ ورلڊ ۾ ٿي رھين ۽ آئون سپر پاور ملڪن تي پيو سوچيان، جتي ڌراڙن جا ٻار ننڍڙن رنگا رنگ فوڪر جھازن سان پنھنجي وطن جا ولر واريندا آھن.
    - ھا، باقي سڀ ٿرڊ ورلڊ وارا ڄٽ آھن. ھا نھ.... ھوءَ مرڪي ٿي ۽ وڃڻ ٿي لڳي.
    - ٻڌ، آئون صبح جو پنجين وڳي واريءَ گاڏيءَ سان ھليو ويندس.
    - وري ڪڏھن ايندين؟
    - مون کي ڪھڙي خبر.
    صبح مان ڏاڍو دير سان اٿنديس. سچ ڏاڍو سور آھي. ڄڻ دماغ جي وساڻن ڪوئلن کي ڪو لوھر ڌمڻ سان ھوائون ڏيندو ٿو وڃي. ھينئر ئي موڪلائي ٿا ڇڏيون. ھوءَ اٿڙندي، نراڙ تي ھٿ ڏئي ھڪيءَ کان ايندڙ رڙ گھٽيندي نڪري ٿي وڃي.
    ۽ آئون ڪيسٽ بند ڪري ھنڌ تي ڪري ٿو پوان جلدي جاڳڻ لاءِ!
    ان ڪري تھ مون کي خبر آھي تھ اسين جيئن چوندا آھيون، ائين ئي ڪندا آھيون.


    ٽانڊاڻي جي لاٽ

    روز وھندو آھي، وھائوءَ جي واٽ وٺي.
    دونھين دکايو، ڀونگي جي ٿنڀ کي ٽيڪ ڏيو، پيو واجھائيندو آھي، رات جي پوئين پھر ۾ ڀنڀرڪي اوڀر جي اونداھي پولار ڏانھن، وھائوءَ جا گھاٽ جھليو.
    ڏسڻ ٿو چاھي، اک ڇنڀ واريءَ وار وڇوٽيءَ کان بھ سنھڙيءَ ان ريکا کي، جنھن پل، ڌوڙ ڌئيءَ جي جھول وارن انھن اونداھن ڪوھيڙن جي تھن منجھان تارا، تر، تڙوڪڻيون ھڪ ھڪ ٿي، ماڪ بڻجي ڇڻڻ لڳندا آھن ھيٺ ڌرتيءَ تي ۽ اوڀر کان کڄندو آھي وھائو تارو، تر جيان، ڏيئي جي واٽ جيان ٽمڪندو، سوت سوت مٿي چڙھندو، اوڀر جي ڪاپار سان وڃي لڳندو آھي ۽ پٺيان ڊوڙندي اٿس، لاک رنگ باک جي ڳاڙھاڻ.
    ڏسڻ ٿو چاھي، وھائوءَ کي رنگن جي پاتار ۾ پيھندو. سوت سوت پرھ جي آجھاڳ ڳاڙھاڻ ۾ لڙھندو!
    ويٺو آھي، اک وجھيو، ڌرتي ۽ آڪاس جي سنگم واريءَ ڦاڪ ۾، اونھي اونھي، ڌوڙ ڌئيءَ جي جھول جي ڪک ۾. پاڳل!..... وڏي وڏي گول سج جيان، تر جيڏي وھائوءَ کي بھ تھ رات جي اونداھين مان سوت سوت ڪني ڪڍندي ڏسڻ ٿو چاھي ۽ سوت سوت لاک رنگ باک جي ڳاڙھاڻ ۾ ھوريان ھوريان ٻڏندي ڏسڻ ٿو چاھي! مي مت.... پريو اٿس مٿو!...... ان اک ڇنڀ واريءَ وار وڇوٽي کان بھ سنھڙيءَ پل کي بھ وقت جي حساب ۾ ٿو آڻڻ چاھي. ان لاءِ بھ ڪي ماپ ۽ ڪانٽا ۽ گھڙيال ٿو مقرر ڪرڻ چاھي. جا پل ڪنھن نھ ڏٺي، ڪنھن نھ ٻڌي، ڪنھن نھ ڳڻي، جا پل آھي ڳاڻيٽي کان ٻاھر!
    ڀلا اج تائين ڪنھن ھڪ پل کي ٻي پل ۾ داخل ٿيندي ڏٺو آھي؟ ڪو ٻڌائي سگھي ٿو تھ ٽانڊيءَ مان نڪرندڙ ڪوريئڙي جي ڄار جي تار کان بھ سنھڙيءَ دونھين جي ڌار کي تھھ تھھ ٿي ھوا ۾ تحليل ٿيڻ ۾ گھڻا پل لڳندا آھن؟ ڪو ٻڌائي سگھي ٿو ان کن جو مدو؟ نھ ڪوبھ نھ....... ان لاءِ تھ اھي پل وقت جي ڳڻپ جي حسان کان ٻاھر آھن. ائين، جيئن ھي اگھور پولار فاصلن ۽ حدن جي حساب کان ٻاھر آھي! ڪوئي ٻڌائي سگھي ٿو ان کن جو مدو؟ نھ ڪوبھ نھ..... ان لاءِ تھ اھي پل وقت جي ڳڻپ جي حساب کان ٻاھر آھن. ايئن جيئن ھي اگھور پولار فاصلن ۽ حدن جي حساب کان ٻاھر آھي! ڪو ٻڌائي سگھي ٿو تھ ان جو ڇيھھ ڪٿي آھي؟ ڀلا جي روشني جي رفتار کان بھ ھزارين ڀاڱا وڌيڪ تيز راڪٽ پولار ۾ ڇوڙي ڇڏجي تھ اھو انھيءَ اکٽ پولار جي حدن مان ڪڏھن نڪرندو؟ ڪيترين ڪروڙين پدم صدين کان پوءِ؟ ٺاھي سگھجي ٿو ڪو اھڙو انگ؟.....
    سوچن جي سمونڊ جي پاتار ۾ ٻڏاڻو، ويٺو آھي ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي سنگم واري ڦاڪ ۾ اک وجھيو.
    ڀلا ھڪ پل ٻئي پل ۾ ڪڏھن پيھندو آھي؟ يا ھڪ پل ٻئي ھل کان ڪڏھن ڇڄندو آھي؟ اک ڇنڀ ۾ ڇا مان ڇا ٿيو وڃي. اک ڇنڀ ۾ الائي ڪيترا ھزار پل گذري ويندا آھن. ھر پل ٻئي پل ۾ داخل ٿي، مري کپي ويندو آھي. ان پل کي ڪوبھ موٽائي نٿو سگھي. پوءِ اسين ڇو ٿا وسھون تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن اسين وقت کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏينداسين؟ ڪلاڪ ۾ سٺ منٽ اھن. ھر منٽ ۾ سٺ سيڪنڊ آھن. ھر ھڪ سيڪنڊ ۾ گھڻا پل آھن ۽ ان ھر پل جا گھڻا حصا آھن؟ اھي حصا جي پاڻ ۾ ڪڙي ڪڙيءَ سان ملندا پل، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينھن، ھفتا، مھينا، سال، صديون ٺاھيندا آھن. اھي پل ڪيڏا قيمتي آھن، انھيءَ جو اسان کي ڪوئي احساس ڪونھي. نٿا ڄاڻون تھ ھڪ تارو ڪڏھن ۽ ڪيئن سوت سوت ڪني ڪڍي آسمان جي وسعتن ۾ چمڪندو آھي. ڪڏھن ۽ ڪيئن آسمان جي ويڪراڻ ۾ ٻڏي ويندو آھي. اھو پل تھ اکين آڏو ترورا آڻي ڇڏيندو آھي. نيڻ نھ چاھيندي بھ ڇنڀجي ويندا آھن. اچانڪ اسين ڏسندا آھيون تھ ستارا ٽمڪن پيا! اچانڪ اسان کي خبر پوندي آھي تھ ستارا ھڪ ھڪ ٿي نڀ جي وشال رنگينين ۾ گم ٿيندا وڃن. وھائو الائي ڪڏھن ۽ ڪيئن، ڪھڙي پل اوڀر کان کڄندڙ ڳاڙھاڻ ۾ لڙھي ويو، بس اسين رڳو باک جي رنگن کي ڏسندا رھجي ويندا آھيون. نھ ڄاڻي ڪوريئڙي جي ڄار جي تار کان سنھڙي ان پل ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن رات لڙڪ لاڙيندي ڏينھن کان جدا ٿي ويندي آھي؟ بس اسين رڳو اوڀر کان سج کي بڻڇ لھرائيندي، سوت سوت ڌرتي ۽ آڪاس واري ڦاڪ مان ڪني ڪڍندي ڏسندا آھيون. (سج، جو سيڪنڊن ۽ منٽن جي قبضي ۾ آھي) اسين رڳو اڪ ڦلڙين، گل ٻوٽن، وڻن جي پنن ۽ لئيءَ جي ٽارين مٿان ماڪ ڦڙا چمڪندا ڏسندا آھيون......
    لئيءَ جي ٽارين جي ٻر ٻر ڦوندن ۾ ڦاٿل ماڪ ڦڙا ڪيڏا نھ سھڻا لڳندا آھن. ڄڻ اڻميا امل ماڻڪ پيا جرڪن. ڄڻ ھڪ ھڪ تارو، آسمان مان ڇڻي اچي لئيءَ جي ڦوندن مٿان لڙڪي پيو ھجي!
    سڀ ستارا اننت اونداھين مان ايندا آھن ۽ اونداھين ڏانھن ھليا ويندا آھن. (حد کان وڌيڪ روشني بھ تھ اونداھي آھي) اسين بھ اونداھين مان ايندا آھيون. (شايد ھن پولار جي لاحد ڇيڙھن کان بھ پري کان!) ۽ نھ چاھيندي بھ اونداھين ڏانھن ھليا ويندا آھيون. اسان جي اڳيان ۽ پٺيان اونداھيون مانگر مڇن جيان وات ڦاڙيو بيٺيون آھن. اسين سڀ وقت جي خوفناڪ پل صراط جي ترار کان تکي ڌار جي مٿان بي خيالا بيٺا آھيون. اسين انھن اونداھين جو کاڄ آھيون.
    ٽٽل ستاري جيان اکڙي، اسان کي اونداھين جي وات ۾ وڃڻو ئي پوندو. ڪو نٿو ڄاڻي تھ ھو ڪٿان آيو آھي؟ ڪوبھ نٿو ٻڌائي سگھي تھ ھو ڪيڏانھن وڃڻو آھي! بس ائين ئي ھرڪو ماڻھو پنھنجي لاءِ ڪا واٽ ٺاھيندو آھي. مون بھ تھ پنھنجي لاءِ ھڪ رستو چونڊيو آھي. مان وھائوءَ جي واٽ وڃڻ چاھيان ٿو. وھائو، جو ويندي ويندي ڦھلائي ويندو آھي روشنيون. پنھنجي وجود جي شڪتي سان ڪري ويندو آھي اوڀر کي ڳاڙھو کھنبو!
    اوڀر ۾ واجھائيندي، اچانڪ محسوس ڪري ٿو تھ وھائو تھ تمام گھڻو مٿي چڙھي ويو آھي، ڇڄڻ لڳا آھن ستارا، ھڪ ھڪ ٿي پولار جي انڌن ڪوھيڙن مان ۽ ھوائن ۾ ماڪ گھلڻ لڳي آھي. وري ويڙھي وڃينس ٿو ھڪ وڏي ناڪاميءَ جو احساس. محسوس ٿئيس ٿو تھ ھو نھ ڄاڻي ڪيترا قيمتي پل وڃائي ويٺو آھي. ھر پل ٻئي پل کان ڇڄندو وڃي. ھر ستارو ٻئي ستاري کان وڇڙندو وڃي، جدا ٿيندو وڃي.
    ھن ڏڍو، اچانڪ ھڪ ننڍڙو نکٽ، لڙڪ جيان چڻنگون ڇڏيندو ھيٺ اونداھ جي پاتار ۾ گم ٿي ويو. اچانڪ ھن کي خيال آيو:
    ھنن ستارن ۽ اسان جي زندگين ۾ ڪيڏي نھ ھڪجھڙائي آھي. ڪيڏو نھ ميلاپ! اسين بھ تھ انھن ستارن جيان اٿاھھ گھگھھ ۽ گھپ اونداھين مان ايندا آھيون، روشنيون ڦھلائڻ لاءِ ۽ اوندھ جي پاتار ۾ لڙھي ويندا آھيون. اسان ۾ بھ تھ ئي ساڳي جلڻ ۽ جاڳڻ جي ھير آھي! بس فرق رڳو ايترو آھي تھ اوندھ جي ڦھلجندي ئي سڀ ستارا ھڪدم پنھنجي ماڳ تي مڙي ايندا آھن، پر اسين جي ميڙا ڀڃي ھڪ وار ھڪ ٻئي کان وڇڙون تھ پوءِ ڪڏھن نٿا مڙون، ڪنھن دڳ ماڳ ۽ مارڳ تي نھ. ڪنھن ٿان، ڪنھن مڪان تي نھ! ائين ڇو آھي؟ اونداھين کي ٽوڙي ڊاھڻ لاءِ وھائوءَ جي وات وٺي ڪيترا ماڻھو آيا ھئا. ڪھڙا ڪھڙا ديپ دکيا ھئا ۽ اڄ ڪيڏي نھ گھگھھ اونداھي آھي، ڪيڏي نھ موت جي ماٺار.... (اوندھ کان گھٻرائجي وڃيس ٿو من) ۽ اچانڪ من تي تري اچنس ٿيون روشنين جون ساروڻين پٺيان ساروڻيون.... ھانءَ تي ھري ٿا اچنس، مري ويل پل:
    جڏھن روشنين تي سنگينن جا پھرا ھئا، جڏھن اوندھ جا ديوتا ڪوريئڙن جيان، اوندھ جا ڄار اڻي رھيا ھئا، تڏھن ھو اونداھي جي پولار جي الائي ڪھڙن ڇيرھن کان ڀٽڪندو، ازل جا آواز سڻي آيو ھو. ٽانڊاڻن جا ترورا ڏسي، تارن جي لاٽ ڏسي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ ڏسي، تڏھن ھن محسوس ڪيو تھ ھو پاڻ بھ ٽمڪي پيو. تڏھن ھن محسوس ڪيو تھ ھو ھڪ شڪتي آھي، طاقت آھي..... ھو پنھنجي مشعل مشعل ساٿين سان گڏجي ھن اونداھي کنڊ کي سدا لاءِ روشن ڪري ڇڏيندو ۽ ھو پاڻ بھ ٻين ننڍڙن ننڍڙن ستارن جيان ھڪ تمام وڏي ٻرندڙ، دھڪندڙ، شعلا شعلا گرھ جي چوڌاريءَ گردش ڪرڻ لڳو. ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ اونداھي کنڊ ۾ روشنين جي کير ڌارا پلٽي پئي ھئي. ھوائن ۾ ھزارين جڳ مڳ، جڳ مڳ گيت گھلي ويا. ڌرتيءَ جا گيت، لوھ لڱين انسانن جا گيت، روپاھين ۽ رڪاھين ٻانھين جا گيت، اجھل آزاديءَ جا گيت، سون ورن سنڌوءَ جا گيت. ڪڏھن نھ ختم ٿيڻ وارا، اجھل روشنين جا گيت. ڀلا ڪو چئي سگھيو ٿي تھ اھي گيت ائين ئي اونداھين جي سمونڊ ۾ لڙھي ويندا؟ موت جي ماٺار ۾ پيھي ويندا. ھر ھڪ روح کي تنھا ڇڏي!
    اچانڪ ويڙھي وڃينس ٿو تنھائيءَ جو احساس. روح چيڀائيندر ھڪ گھگھھ اوڻٽھيھھ اونداھي ٻاٽ جو ڪارو ۽ ڪؤڙو احساس. اندر جي پاتال جي گھراين مان نڪري وڃينس ٿي دانھن:
    آھ....... اھي سڀ گيت ڪيڏانھن ٻڏي ويا؟ ڪيڏانھن ويا اھي روشنين جا پيغامبر؟ ڪو نئون سج اڀارڻ کان اڳي ڪھڙي اوندھ جي پاتار ۾ لڙھي ويا؟ ڪٿي آھن اھي ٽانڊاڻن جا ترورا؟ ڪٿي آھي اھا تارن جي لاٽ؟ ڪٿي آھن اھي ڏيئا؟ ڏيئا ڳاٽ؟ ڇو...... اڄ ڇو آھن وڏا وڏا ڳات جھڪيل، سجدي ۾ ڪريل؟..... ڇو آھي ايڏي اونداھي؟ ڇو آھي ايڏي موت جي ماٺار؟ ڄڻ ڪڏھن ڪو ميڙو ئي نھ متو ھو، مارڳ تي ڪا دونھين ئي ڪانھ دکي ھئي. دڳ دڙن تي ڪو ڏيئو ئي ڪونھ ٽمڪيو ھو. ڄڻ پولارن ۾ ڪٿي ڪو پڙاڏو ئي پئدا نھ ٿيو ھو، ڄڻ ڪو سندر سپنو ھو، ٻارڙن جي اکٻوٽ راند ھئي، بي سبب، بي مقصد...... بي معنيٰ.......
    ڪو سانگ ساري، آلائي وڃنس ٿا نيڻ.
    اچانڪ ڏسي ٿو وھائو آھي ئي ڪونھ. اوڀر ۾ ڦھلي پئي آھي رت ورني، لاک رنگ باک. ويڙھي وڃيس ٿو قيمتي پلن جي وڃائجي وڃڻ جو احساس. لئيءَ جي ٽارين ۾ ماڪ ڦڙا ڏسي لڙي پونس ٿا نيڻن مان لڙڪ. نٿو چاھي اوڀر کان ڌرتي ۽ آڪاس جي سنگم واري ڦاڪ مان سج کي سوت سوت ڪني ڪڍندي ڏسڻ. (جنھن جي روشني قيد آھي) اندر مان وري دانھن ٿي اڀريس. آھ..... ھي دوزخ جو دونھون ڪڏھن ختم ٿيندو، ڪڏھن اڀرندو سک جو سورج؟ ڪڏھن ٿيندو ھي اونداھو کنڊ روشن؟
    اچانڪ اوڀر کان منھن موڙي، ڪڇن ۾ ھٿ ھڻي، واسري ۾ ڏڪندو لڳو آھي ھلڻ، اولھھ ڏانھن. (جتان وٺندي آھي رات جنم) وري ڪا واٽ ڳولڻ لاءِ ڪو مارڳ ملھائڻ، ڪا جوت جاڳائڻ لاءِ وڃي پيو. ٽانڊاڻي جي ٽمڪاٽ جيڏي آس کنيو، تارا تارا لاٽ ۽ ڏيئا ڏيئا ڳاٽ ماڻھن جي تلاش ۾ وڃي پيو تڪڙو تڪڙو وکاريندو. ڪا نئين چڻنگ ٻارڻ لاءِ:
    جڳن کان،
    اوندھھ جا ديوتا،
    ڪوريئڙي جيان،
    اڻن پيا، اوندھ جا ڄا!


    ھڪڙو سوال

    انھيءَ ڍنڍ جي ڏاکڻي پاسي کان وڻن جو ھڪ وڏو گھاٽو جھنڊ ھو. مون ٻڌو ھو تھ اتي پرين جو آستانو آھي. جيڪو بھ ماڻھو چانڊوڪين راتين ۾ انھيءَ پاسي نڪري ويندو، پريون ان جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏينديون! تنھن ڪري ڍنڍ جي انھيءَ پاسي ڪوبھ ڪونھ ويندو ھو.
    ھڪڙيءَ چانڊوڪيءَ رات جو آئون ٽلندو ڍنڍ جي انھيءَ پاسي نڪري ويس.
    ٿڌڙيءَ، اڻلکيءَ ھير ۾ ڍنڍ جو جرڪندڙ پاڻي لھرون ھڻي رھيو ھو ۽ انھيءَ جي مٿان ننڍاکڙا ڪنول ھندوري ۾ ستل ٻارڙن جيان اکيون ٻوٽي، مشڪي رھيا ھئا. لھرون ڪناري سان ٽڪرائجي، کين لوليون ڏئي رھيون ھيون. ڪناري تي بيٺل نم ۽ سرنھن جا وڻ، حبشي ٻانھن جيان بيٺا، پنھنجين سرھين، ٻور ڀريل ٽارين سان کين پکو ھڻي رھيا ھئا ۽ پورنماسي چنڊ جو اولڙو لھرن تي ڪنھن مصري نچڻيءَ وانگي ٿڙڪي رھيو ھو.
    ٿوريءَ دير لاءِ مون خيال ڪيو، فطرت جو سينو ڪيترو نھ وسيع آھي. ھوءَ ننڍڙين ڊين کي پيدا ڪرڻ ۽ انھن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪيڏا نھ سامان ٿي پئدا ڪري!
    ۽ مان زندگي ۽ ان جي حسن جي باري ۾ سوچڻ لڳس..... اسان جي ھيءَ دنيا ڪيتري نھ حسين آھي. پوءِ بھ اسان جي زندگيءَ ۾ حسن جو حصو ڪيترو نھ مختصر آھي. ڄڻ ڪنھن گھاٽي اونداھي ٻيلي ۾ ٽانڊاڻي جو ھلڪو ٽمڪاٽ، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين سڀ ھڪ ٻئي جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي رھيا ھجون.
    ۽ مان زندگيءَ جي اٿاھ اونداھين ۾ گم ٿي ويس، جتي ملن ۽ مالگدامن جي ڀيانڪ، گڙگڙائيندڙ گوڙ ۾ ھر گھڙيءَ جي موڙ تان ھزارين بکيا ۽ اگھاڙا، اپاھج ۽ بيمار چھرا، بدروحن وانگي منھنجو پيڇو ڪري رھيا ھئا، جي ازل کان سوالي نشان بنجي، منھنجي اڳيان اچي بيھي رھندا آھن ۽ جن کي اڄ ڏينھن تائين مان ڪوبھ جواب نھ ڏئي سگھيو آھيان. انھن جي ڀيانڪ تصور کان ڊڄي، مان ويرانن ۽ قبرستانن ڏانھن ڀڄي ويندو آھيان، جتي مون کان ڪوبھ ڪنھن بھ قسم جو سوال نھ پڇي سگھي – جتي ڪوبھ مون کي پنھنجا غمناڪ افسانھ نھ ٻڌائي. ھتي اچي، مان زندگيءَ جو سمورو ڏک ۽ درد ڀلجي، فطرت جي حسين نظارن ۾ گم ٿي ويندو آھيان.
    مان ڍنڍ جي ڪناري تي نرم ڪلراٺيءَ واريءَ مٿان، سيرانديءَ کان ٻانھن ڏيئي، نئون سنئون ٿي، ليٽي، مٿي حد نظر تائين ڦھليل، گول، پورنماسي پڙاءَ کي تڪڻ لڳس. چوڏھينءَ جو چنڊ، ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل ٽانڊاڻي جيان، ڪڪرن ۾ ڦاسي، ڄڻ ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻو ٿي پيو ھو ۽ تارا ائين ٽڙي پکڙي ويا ھئا، ڄڻ ماکيءَ جي ماناري ۾ ڪنھن پٿر اڇلائي ھنيو ھجي. مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سامونڊي ھوائن ۾ گھليل ڏکڻ جي ھير منھنجن وارن ۾ سر سر ڪري، منھنجي ٿڪل ۽ اپاھج ذھن کي سمھارڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي ۽ منھنجين اکين جا پنبڻ ڳرا ٿيندا ٿي ويا.
    اوچتو، ھوا ۾ سرسراھٽ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ان سان گڏ ئي فضا ۾ موسيقيءَ جھڙن ٽھڪن جو آواز گونجي ويو. مون ڇرڪي، مٿي آسمان ڏانھن نھاريو – ست سونھري پرن واريون پريون ڍنڍ تي لھي رھيون ھيون! آئون ھڪدم ڊوڙي، گھاٽين ڄارين جي جھنڊ ۾ لڪي ويھي رھيس. ست ئي پھريون پنھنجا سونھري کنڀ پکيڙينديون، ڪونجن جي وڳر وانگي گول دائرو ٺاھينديون، اچي ڍنڍ تي لٿيون.
    انھن مان ھڪ پري، جا سڀني کان ننڍڙي ۽ معصوم ٿي لڳي ۽ جا شايد پھريون دفعو آيل ٿي ڏٺي، خوشيءَ کان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳي: ”آھ، ھيءَ انسانن جي دنيا ڪيڏي نھ حسين آھي – انسان تھ الائي ڪھڙا ھوندا.“
    تڏھن ھڪ پري، جا سڀني کان حسين ٿي ڏٺي، وراڻيو: ”نھ، منھنجي معصوم پري، تو رڳو انسانن جي دنيا ڏٺي آھي. پر جي انسانن جي زندگيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسين تھ ھوند ھيڏانھن منھن بھ نھ ڪرين!“ ۽ مون محسوس ڪيو تھ ننڍڙيءَ پريءَ کي اھو ٻڌي ڏاڍو رنج ٿيو.
    پوءِ ست ئي پريون پنھنجن سونن روپن جسمن تان ڪيمخواب ۽ اطلاس جا وڳا لاھي، ٽھڪڙا ڏينديون چانڊوڻيءَ ڇر تي ترڻ ۽ تڙڳڻ لڳيون.
    مان ڪيتريءَ دير تائين اھو دلفريب منظر ڏسندو رھيس. منھنجي دل ۾ ھڪ خيال آيو ۽ مان گھاٽين ڄارين جي اوٽ وٺي، لڪندو اچي پرين جي جرڪندڙ ڪپڙن تي مڳ ٿي ويھي رھيس.
    ٻيون سڀ پريون جوتي ڪلڇ تي رقص ڪنديون، ترنديون، پري پري تائين نڪري ويون ھيون، رڳو ننڍڙي پري مون کان ٿورو پري، آسپاس جي ماحول کان بيخبر، بيدليءَ سان ڇنڊا اڏائي رھي ھئي. شايد ھوءَ اڃا تائين انسانن جي باري ۾ سوچي رھي ھئي. مون ھڪ ننڍڙي ڪڪري کڻي، آھستگيءَ سان سنڀالي ھن ڏانھن اڇلائي. ھن ڇرڪي مون ڏانھن نھاريو ۽ ڊڄي، وٺي سريلي آواز سان رڙيون ڪيائين. ھن جي آواز تي اک ڇنڀ ۾ ڇھھ ئي وڏيون پريون ڊوڙي آيون ۽ مون کي حيرت ۾ ڏسڻ لڳيون.
    انھن مان ھڪ پري، جا سڀني کان حسين ٿي لڳي، اکيون گھريون نيريون ۽ وار سونا ۽ مٿي تي راڻين وارو مڳٽ ھوس، ڪاوڙ مان تپي باھ ٿي چوڻ لڳي: ”ڪير آھين تون؟ مان توکي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيندس! توکي ھتي اچڻ جي ھمت ڪيئن ٿي؟“ ڪاوڙ ۾ ھوءَ اڳي کان بھ وڌيڪ دلڪش لڳي رھي ھئي.
    ”اي روشنين مان آيل اپسرا! مان شاعر آھيان. مون وٽ ڪجھھ سوال آھن، جي مان توکان پڇڻ چاھيان ٿو. پھرين مون کي انھن جا جواب ڏي، پوءِ ڀل مون کي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏج.“
    پري منھنجي انھيءَ جرئت تي ڪجھھ حيران ٿيندي، مون ڏانھن نھاريو ۽ ڏاڍيءَ بيرخيءَ سان چيائين: ”جي تون شاعر نھ ھجين ھا تھ مان توکي چڻي جيڏا داڻا ڪري ڇڏيان ھا. ھاڻ جلدي پڇ جو پڇڻو اٿئي، پر ڪو بھ سوال احمقاڻو نھ ھجي.“
    مون سوال ڪيو: ”زندگيءَ کي حسين تر بنائڻ لاءِ سڀ کان بھتر ڪھڙو اپاءُ ٿي سگھي ٿو؟“
    پريءَ ڪجھھ سوچي وراڻيو: ”پيار ۽ امن. پر مون توکي چيو ھو، ڪوبھ سوال احمقاڻو نھ ڪجانءِ. اھي ٻئي شيون توھان وٽ ناياب آھن. اي موڳا شاعر، مرض رڳو علاج معلوم ڪرڻ سان نھ، بلڪھ دوا حاصل ڪرڻ سان ختم ٿيندو آھي. ھاڻي ٻڌا، اھي ٻئي شيون آھن اوھان وٽ؟“
    ست ئي پريون منھنجي منھن ۾ نھاري، وڏا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳيون. منھنجين اکين آڏو اوندھ اچي ويئي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن زورائتي ڌڪ منھنجو مڻڪو ڀڃي وڌو ھجي. مان ھڪ وڏي رڙ ڪري جاڳي پيس.
    ڀنڀرڪي جو دونھاٽيل آسمان پنھنجي وڏي وات سان ھڪ ھڪ ڪري، چنڊ ۽ ڪتين کي ڳڙڪائي چڪو ھو. سج جا تيز تکا تجلا ڏيندڙ بڻڇ، اڀرندي کان لھرائي رھيا ھئا ۽ سڄو افق جنگ جي ميدان وانگي رتو ڇاڻ ٿيو پيو ھو.


    ھڪ کن جو سفر

    سنڌو ڏاڍي سندرتا سان وھندو ٿو وڃي، جيڪو سڀ کان وڏو مھان ۽ مھربان درياھ آھي. سنڌو جيڪو آدجڳاد کان ندين جو بادشاھ پئي رھندو آيو آھي. اباسين، سپتا سنڌو، ھپتا ھندو، درياھن جو پيءُ!....... ويڪ؟ ڪالن کان.
    (ماٺار سان ٽٻٽار ھڪ ذھن جو پڙلاءُ)
    ھون!..... اخر ايڏي نفرت ڇو؟ ھڪ تاريخي ڀونءِ سان، آدجڳاد کان وھندڙ سنڌوءَ کان. سنڌو جيڪا جڳن جي الھي وڃڻ کان پوءِ اڀرڻ لاءِ اوشا جيھا سانڀاھا پئي ڪري، نئون سج اڀارڻ لاءِ. ماڻھوءَ کي ڪجھھ بھ بڻائي سگھجي ٿو، پر سنڌوءَ کي علاقائي ڪيئن ٿو بڻائي سگھجي؟ جنھن جي رڳو بوبڪ جي تماڪ ايڪسپورٽ ڪري، ساري دنيا کان پيٽرول جي پورت ڪري سگھجي ٿي. علاقائي!.... ڇا سنڌو جي نالي تان برصغير مٿان ھندوستان نالو نھ پيو؟ ڀلا تاريخ کي بھ ڪا للڪار آھي ڇا. سنڌ، ھند، انڊس، درياھ شاھ جي انھن نالن کان ڪھڙو ماڻھو انڪاري ٿي سگھي ٿو؟
    کن لاءِ ھن جي مک تي روئڻھار مرڪ ڦھلجي ٿي وڃي. نفرتن ڀريل، ڌڪار سان اوتيل.
    ۽ ناؤ سانوڻيءَ جي سنڌوءَ ۾ ٻڏندي اڀڙندي ٿي وڃي، سير وٺيو، گھوٻاٽيون کائيندي.
    - ڇو ڀلا!....... ايڏي ماٺار ڇو آھي؟ تون ڪھڙين سوچن ۾ لڙھي ويو آھين؟ ڇو گھرايو اٿئي مون کي؟ ڪھڙي ڪارج لاءِ؟......
    ( ........ .......... .........)
    ۽ ڇوليون ڇڙواڳ ناؤ کي پنھنجي مھاڀاري وھڪ سان وڃن ٿيون ڇل ڇل ڇولينديون. پنھنجي ڳالھھ جو جواب نھ ملڻ ڪري لاجونتي وري ڀڻڪو ٿي ڪري. ڪجھھ سختيءَ سان:
    - تپن چپ ڇو آھين؟ ڳالھائين ڇو نٿو؟
    - آخر ڇو؟....... .......
    - مان..... مان گوناگون سنڌوءَ جي وھڪ ڏسي، بيٺل پانيءَ تي سوچي رھيو آھيان. سينور ھاڻي سائي سائي گدلي بيٺل پاڻيءَ تي.
    - مان فلسفو ٻڌڻ جي موڊ ۾ نھ آھيان. ٻڌاءِ تھ ڇا ڳالھائڻو آھي؟ تنھنجي چٺيءَ مطابق تھ اسين ھتي ڪو مسئلو سلجھائڻ آيا آھيون. ھا نھ؟.......
    - ھا ...... پر مون لاءِ ڪو مسئلو، مسئلو نھ ھوندو آھي. شايد ان ڪري تھ مان غير علاقائي ماڻھو آھيان. مان مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي نٿو سگھان. ان ڪري تھ مسئلا نبيرڻ جي مون ۾ پوري شڪتي ڀريل آھي. منھنجي رڳن ۾ رت نھ سنڌو وھندو آھي. مان مسئلن جي انھيءَ چِڪڻ کان مڪت آھيان.
    - پر مان تھ مڪت نھ آھيان. ٻڌاءِ نھ، مون کي مڪتي ڪيئن ملندي، ڇوٽڪارو؟
    - ھيترن سالن کان پوءِ اسين وري ڇو مليا آھيون؟!
    - ڇو؟....... لاجونتيءَ کي ڄڻ جک ٿا اچن ۽ پتيلو ڪنن ۾ گھوماٽيون کائيندو جھلندو ٿو وڃي. لاجونتيءَ جي اندر ۾ ڄڻ ڄيرا ڀرجي ٿا وڃن. ھوءَ آڪاس ۾ نھاري ٿي، بيزاري مان چنڊ ۾.
    ۽ چنڊ ۾.
    ۽ چنڊ جون روشن ٿڌيريون ٿڌيريون ڇاٽون پرئين پار کان ڇوليءَ ڇوليءَ مٿان ٿڙ ڪنديون، سون پلٽائينديون، ناؤ کي ڇھنديون ٿيون وڃن. درياھ ۾ ڄڻ ھڪ سون ڌارا ڌوڪيندي پئي اچي. ٽلڪندڙ ٽمڪندڙ سون ڌارا. پر لاجونتي کي چين نٿو ملي. سندس اندر ۾ ڄڻ ڄيرائي ڄيرا ڀرجندا ٿا وڃن ۽ ٻيا آھن ڳوڙھا جي لاجونتيءَ جي ٽانڊاڻين اکين ۾ ڦاسي اٽڪي ويل، ٽمڪندڙ ڳوڙھا، ڪڪوريل نيڻن جا.
    - تون روئين پئي؟
    - نھ...... نيڻن ۾ ڇوليءَ جي ڇاٽ لڳي وئي آھي. تون..... تون ناؤ کي ڇولين ۾ ائين ڇڙواڳ ڇو ڇڏي ڏنو آھي، ٻڌاءِ نھ ڇو؟......
    (لاجونتي ساڙھيءَ جي پلو سان مٿو ڍڪيندي ذري گھٽ راڙو ٿي ڪري)
    - پر مون تھ توکان اھو بھ ڪين پڇيو آھي تھ تو مون لاءِ سوچن کي ڇو ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آھي؟ ڇا تون اھو پسند ڪندينءَ تھ اسين ھڪ ڀيرو وري اندر ھاگاما ۽ ھور کڻي، وري سدا لاءِ وڇڙي وڃون؟ وري ڪڏھن بھ نھ ملڻ لاءِ.
    - ھا، ان ڪري تھ مان وري ڪنھن واچوڙي ۾ ڦاسڻ نٿي چاھيان. تون وري ڪو طوفان اڀارڻ ٿو چاھين.
    - طوفان...... ڪھڙو طوفان؟ اڃا آيو ڪٿي آھي؟
    - ڇا!..... ڇا اھا ھڪ وڏي مھا پرلئھ نھ ھئي، جنھن ۾ اسين لڙھي ويا ھئاسين. مون کي ڊپ ٿو ٿئي. اسان کي پنھنجي پنھنجي گھرن ڏانھن موٽي وڃڻ گھرجي. سچ اسان ٻنھين لاءِ اھو ئي رستو مناسب آھي. ڳالھھ ڪندي لاجونتيءَ کي ڄڻ کٽڪا کائيندا ٿا وڃن.
    - لاجو! طوفان ايندا آھن، گذري ويندا آھن، وري موٽي ايندا آھن ۽ اھا ڳالھھ شيام ڏاڍي ٿھمر سان ٿو چوي. ڌاڍي نرماڻ مان. وڏي سوچ سان ۽ شيام جي ڳالھھ تي لاجوني اشانت ٿي مٿي نڀ ۾ نھاري ٿي. مٿي اگھور پولارن ۾، جتي سڀ نکيتر کيس ٻڏاڻا ٽمڪندڙ ٿا نظر اچن. وڏو وڏو پولار کيس ڪنھن ڪين ڪن جيان ٿو لڳي. اچانڪ ھوءَ وڏھوڙجي ڦاٽ ٿي کائي:
    - نھ...... نھ، پھرين اھو ٻڌاءِ تھ تو ڪملا کي ڇو موڪليو، ڪھڙي ڪارج لاءِ؟ منھنجو خيال آھي تھ ھر مرد جو عورت ۾ ھڪ ئي وڏو ڪم پوندو آھي، سيڪس. ڇا توکي سيڪس گھرجي؟.......
    ۽ کن لاءِ شيام ڏاڍي ماٺار سان لاجونتيءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي، وڏي گنڀيرتا سان.
    - سيڪس، تون ٺيڪ ٿي چوين. عورت ھجي يا مرد، سيڪس ڪنھن کي نٿو گھرجي. پاڻي پيڻ جيان سيڪس بھ ھڪ نيچورل نيڊ آھي. پر ھن ويل ٿو اھو سوچيو ڇو؟
    جڏھن تھ اسان ٻنھين جي وچ ۾ اھڙو ڪو رشتو، ڪا ڳالھھ ٻولھھ آھي ئي ڪانھ! شروع کان. ٻڌاءِ نھ تو سيڪس کي وچ ۾ ڇو آندو؟ شيام گھور ٻڌي منجھس نھاريندو ٿو رھي.
    - ائين ئي، جيئن تو منھنجي مرضيءَ جي خلاف مون کي ھت آندو آھي. نيٺ بھ تھ ڀلا مان ڇا سمجھان تھ؟......
    - نھ، آئون توکي زوريءَ تھ نھ وٺي آيو آھيان. تون پاڻ نياپي تي آئي آھين. شيام ڏوراپيندر نيڻن سان لڳاتار منجھس نھاريندو ٿو رھي ۽ لاجونتي ڏاڍو بيچين ٿي، ڪوماڻيل نيڻن سان منجھس نھاريندي ٿي رھي.
    ۽ ھن پر کان، چنڊ جا سونا ترورا سون ورن کير ڌارا جيان جر ۾ ٿڙڪندا، ناؤ ڏانھن جتان ڪٿان ڌوڪيندا ٿا اچن ۽ لاجونتي ڄڻ ڏاڍي لڄندي ٿي ڪومائجي ٿي وڃي. شيام ۾ نھاري نٿي سگھي. ھوءَ وڏا جک کائيندي، ڪاوڙ تي قابو پائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ۽ ڏاڍي ڌيرج سان سمجھائڻ واري انداز سان ڀڻڪو ٿي ڪري:
    - ڏس نھ شيام، ھيترا سال گذري ويا آھن. سچ مان تھ تنھنجا ساروپا بھ وساري ويٺي ھيس. مک، سڀ ساروڻيون! پوءِ ائين ڇو؟ اسين ڪو سانگ ساري ھڪ ٻئي کان وڇڙي ويا ھياسين. ياد اٿئي نھ؟....... ماڻھو سڀ ڪجھھ ايترو جھٽ نھ وساريندو آھي. سمجھين پيو؟.....
    - ھا ھا، گو ان، ڪيري آن.
    - ڏس نھ اسان...... پاڻ تھ ان وھيءَ کي بھ پوئتي ڇڏي آيا آھيون. آئون سمجھان پئي تھ تون وري ٻيھر منھنجي جيون ۾ داخل ٿي رھيو آھين. ھا يا نھ؟........
    - ھا، طوفان جڏھن بھ مئچوئر ٿيندو آھي، مھاپرلئھ بنجي ويندو آھي. سمونڊن ۾ جھير وجھي ڇڏيندو آھي. اوشن ۾ کنوڻيون پيدا ڪري ڇڏيندو آھي. سچ تھ اھو آھي تھ اوشن بھ تون آھين ۽ فئنڪاستي بھ تون آھين. تون چاھين ٿو اسين ٻئي ان لڙاٽ مان لڙھي نڪري وڃون.
    - ڏس شيام، اسين ٻئي نھ رڳو پنھنجي ملڪ لاءِ، پر نئين ٽھيءَ لاءِ ڏاڍا ريسپانسيبل آھيون.
    - تمام وڏا جوابدار. اسان جي ھڪ ننڍڙي حرڪت ساري وايومنڊل ۾ بدبو پئدا ڪري سگھي ٿي. ان ڪري تھ سماجڪ ٻانڌڻن کان نھ تون ”مڪت اھين نھ مان“ ۽ لاجونتي وڏين آشائن سان لڳاتار شيام ۾ نھاريندي ٿي وڃي ۽ چنڊ جي گھڻيءَ چٽائيءَ سان سنجھا تارو ماٺو ٿيندو ٿو وڃي. بتيلو ڀنور ۾ ڦاسي، ھاليسي جي طاقتور دٻاو ساڻ گھومائي کائي ڪن جي گھيرٽ مان نڪري ٿو وڃي. ڇل ڇل ڇوليون بتيلي کي ڌڪ ھڻي، چئني پاسن کان ڄڻ بتيلي ۾ ڌوڪڻ ٿيون چاھن ۽ وڏي جل ڇلڪاٽ سان ھڪ ڇولي جي ڇاٽ ڄڻ لاجونتيءَ جي لڙڪن جي لڄ پاريندي ٿي وڃي ۽ لاجونتي ڀنل ساڙھيءَ جي پلو سان چھرو اگھڻ ٿي لڳي ۽ شيام ھاليسو ھلائيندي، ناؤ کي سڌو ڪري ٿو ڇڏي...... ۽ سانوڻيءَ جي ٽٻٽٻار سنڌوءَ ۾ ناؤ وڃي پئي ٻڏندي اڀرندي.
    - تون وري روئين پئي. مان..... مان تھ توکي ايڏو ڪمزور ڪڏھن بھ ڪين سمجھيو ھو. ڇو پئي منھنجي آئيڊيل سان ويساھ گھاتي ڪرين؟
    - ۽ مون کي اڄ ائين پيو ڀاسي ڄڻ تون پاڳل ٿي ويو آھين. تون ھڪ ئي پٿر سان منھنجي من مندر ۾ وھاريل مورتيءَ کي ڀور ڀور ڪري ڇڏڻ ٿو ڇاھين؟......
    - مون ڪڏھن چيو آھي تھ آئون ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ماڻھو نھ آھيان ۽ ٻڌ، مون کي روئڻ کان بڇان ايندي آھي. سچ، ھاڻ مان لپاٽ ھڻي ڪڍندوسانءِ.......
    - ھڻ تھ سھي. تون ڪير ٿيندو آھين روئڻ تي پابنديون وجھڻ وارو؟ آئون ڇو نھ روئان.... ڇو؟....... لاجونتي اکين تي ھٿ ڏئي ڍڪون ڀري روئڻ ٿي لڳي.
    - نھ رو – ان ڪري تھ تون جيتري حسناڪ آھين، روئڻ ويل اوترو ئي ڪوجھي لڳندي آھين، تون بزدل آھين.
    - پر مان تو جيان اندر جي ڪوجھي ۽ ڪوڙھي نھ آھيان.
    - تون گيدي آھين، تون ئي چوندي ھئينءَ نھ تھ ماڻھو پھارن کان ڏاڍو آھي؟......
    - مان پڇان ٿي تھ ڇا روئڻ، کلڻ جيان نيچورل نھ آھي ڇا؟......
    - تھ پوءِ ٺيڪ آھي، تون روئي وٺ، پوءِ ڳالھائينداسين ۽ ٻڌ، مون سان جي ڳالھائين تھ پوءِ شاندار نموني سان ڳالھائجانءِ، جيئن ڪامريڊ ڳالھائيندا آھن.
    - ڪامريڊ، اھو تھ ڏاڍو سولو ۽ سھکو لفظ آھي ڪامريڊ. اڄڪلھھ جي ڪامريڊن کي ٺڳيءَ ۽ دوکيبازيءَ کان سواءِ اچي ڇا ٿو؟ لاجونتي مرڪي ٿي پوي، لڙڪن سان مرڪي ٿي پوي ۽ ڇوليءَ جي ڇاٽ سان پيشاني اگھي ٿي ڇڏي.
    لاجونتيءَ جي ڳالھھ تي کڻ لاءِ شيام ڄڻ ڍڪرن ۾ ٿو اچي وڃي:
    - گھٽ ۾ گھٽ ٻيو نھ تھ تنھنجي واتان اھڙا اکر ٻڌي ڪکي ٿي اچي. ٻڌاءِ...... تنھنجي وات مان اِھلو جملو ڪيئن نڪتو؟ تنھنجي مک تي سونھي ٿو؟ ايڏي!..... ايڏي تبديلي! اکين تي وشواس نٿو اچي. کن لاءِ ٻوڏار ۾ اچي شيام منجھس نھاريندو ٿو رھي، ڄڻ ڪا ناؤ ڀنور ۾ ڦاسي لڙھي وئي ھجي. شيام منجھس نھاريندو ٿو رھي.
    - ھا، ائين سمجھھ اھا عورت مري کپي وئي.
    - نھ..... تون ڪيڏو بھ بھروپ ڌارين، چھري تي ماسڪ لڳائين، تون ساڳي اھا ئي آھين. اڃا ڪجھھ بدليو نھ آھي.
    ۽ شيام جي ان ڳالھھ تي کن لاءِ لاجونتي ڄڻ ٽٽي ٿي پوي. وات کان ڪي اجھيس ئي ڪين ٿو. اچانڪ ھوءَ راڙو ٿي ڪري.
    - نھ...... ھاڻ مون کي ڇڏي ڏيو. ھاڻ مون ۾ اھا سگھھ ڪانھي. مون کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيو. مون کان دور ٿي وڃو. ھٽي پري ٿيو مون کان......
    نيڍ بھ ڇو؟ اھا غداري آھي، انقلاب سان غداري. تون ڪوڙي آھين، تنھنجي اندر ۾ ڪا ٻي عورت ٻولي رھي آھي. نيٺ بھ تھ ڇو!؟....
    - تون ڪير ٿيندو آھين انقلاب جي ڪسوٽيءَ تي ماڻھن کي پرکڻ وارو؟ مان تو سان ڪنھن بھ قسم جو سنٻنڌ نٿي رکڻ چاھيان. ڪنھن سان بھ نھ. ڪنھن قيمت تي بھ نھ. تون..... تون پنھنجو ڪارج ٻڌاءِ - ٿي سگھي ٿو ھڪ ڪمزور عورت توکي گھڻو ڪجھھ ڏئي وڃي. ٻيو ڪجھھ نھ تھ ٻن کنن لاءِ ڪنھن سرڳ سمان سپني جھڙي ڪا آسيس.
    ڇول ڇولان ڇولار، پرئين پار کان چنڊ جا ترورا ۽ ڇولين مٿان ڊوڙندڙ سون ڌارا.
    ۽ سون روپو سنڌو، گجگاھ ڪيو وھندو ٿو وڃي ۽ اواڪ سڏڪا، ڄڻ رڙندا ٿا وڃن، چئني ڏسائن ڏانھن.
    - تون وڌ ۾ وڌ اڄ مون کي چمي سگھين ٿو.
    - مون توکي ڪڏھن نھ چميو آھي.
    - پوءِ تون ڇا ٿو چاھين؟ ٻڌاءِ نھ ڪھڙن نيوڪليئر ۽ نان نيوڪليئر ملڪن جا مسئلا کڻي آيو آھين؟ ڪيڏو نھ وقت گذري ويو آھي. مون کي رڳو رڪشا تي چاڙھي ڇڏ.
    ۽ شيام ڪن جي گھيراٽ سان ھاليسو سنڀالي، ھاليسي سان لھرن ۾ جھير وجھي ٿو ڇڏي ۽ بتيلو وڏو ڌڌڪو کائي، وڏي گھوماٽيءَ سان اپڙي ٿو اچي.
    ۽ ھڪ ڇوليءَ جي ڇاٽ ٻنھين کي پسائي ٿي وڃي. شيام لاجونتيءَ ۾ کن لاءِ ٽڪ ٻڌي نھاري ٿو. ڄڻ کيس پنھنجي ڪنن تي ويساھ ئي نھ پيو اچي ۽ کيس سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڳالھھ جي مھاڙ ڪھڙي ھئڻ گھرجي؟ ھو ھاليسو ھڻندو، ڪارن ڪنن کان پاسو ڪندو ٿو وڃي. ڪيئن سمجھائي لاجونتيءَ کي، لاجونتي جا ٿي؟!.....
    اچانڪ آڪاس ۾ ھڪ پکيءَ جي ڪيھھ پئدا ٿي وڃي ٿي. لاجونتي ۽ شيام مٿي نڀ ۾ نھاريندا ٿا رکن. پکي ڪينھون ڪندو اڀ ۾ اڏرندو ٿو وڃي.
    - ويچارو پکي شايد وڳر کان وڇڙي ويو آھي، آکيرو ڪيئن ڳوليندو.... ڪيئن؟!......
    - راتيارو آھي، پکين جي موسم اچي وئي آھي، ڪينجھر ڏانھن مھاڙ اٿس. پکي، پکيءَ کي سؤ ڪوھن تي ڳولي وٺندو آھي. فقط اسين وڇڙڻ کان پوءِ ھڪ ٻئي کي ڳولي نھ سگھندا آھيون، نھ سمجھي سگھندا آھيون ھڪ ٻئي جو آواز ۽ دور پولار ۾ ٻھ ڌنڌلا پکي چنڊ جي سھائيءَ ۾ نيڻن کان اوجھل ٿيندا ٿا وڃن. کن لاءِ لاجونتي ڄڻ ڪنھن سپني سان ياد ۾ لڙھي ٿي وڃي.
    ڪينجھر،
    پکي ئي پکي
    سارو ڪينجھر ۽ پولار پکي ئي پکي.
    ڍنڍ ڄڻ وڳا مٽائيندي ٿي وڃي.
    طرحين طرحين پکي اڏار سان پيٽرنز ٺاھيندا ٿا وڃن.
    شيام کيس ڌنڌلو ڌنڌلو ڏسڻ ۾ ٿو اچي.
    اچانڪ لاجونتي سمڪ ۾ اچي ٿي. سپنو ڄڻ نسرجندي ڇڄي وڃي ٿو.
    لاجونتيءَ کي شيام ڏاڍو چٽو ٿو نظر اچي. ڪجھھ ياد ايندي ئي لاجونتي وڏھوڙجي ڄڻ حڪم ٿي ھلائي:
    - ٻڌاءِ نھ ڪھڙو ڪارج اٿئي؟ رات ٻئي پھر ۾ داخل ٿي رھي آھي. اسين يونيورسٽيءَ جا ماڻھو آھيون ڏاڍا اھم ۽ ريسپانسيبل.
    - تھ پوءِ ھڪ يونيورسٽي ٿي ڪري سوچي سمجھي ڳالھائڻ ۾ ھٻڪين ڇو پئي؟ يونيورسٽي اسان جي ڪري آھي. سمجھينءَ؟ اسان جي ڪري.
    - ٺيڪ آھي، آئون ڪنھن بھ ڪامپليڪس ۾ نھ آھيان، مون کي...... مون کي ٿڌ پئي لڳي. لاجونتي ساڙھيءَ ۾ پاڻ کي ويڙھيندي ٿي وڃي.
    - اسين ڪراڪروم ۾ نھ، انڊس ڊيلٽا ۾ آھيون.
    - آئون چوان ٿي ڪارج ٻڌاءِ ۽ ٻيڙي ڪناري ڏي وراءِ. لاجونتيءَ جي ڪروڌ ڀريل راڙي تي شيام ڏاڍي وياڪلتا سان ڏانھس نھاري ٿو.
    - مون کي ..... ائين سمجھھ مون کي تنھنجي تمام گھڻي ضرورت آھي.
    - عورت ھر ڪنھن جي ضرورت اھي. ٻار ڄڻڻ جي مشين جا آھي.
    - ۽ عورتون ٻار بچائي بھ وٺنديون آھن، جڳن کان عورت وڏو انقلاب بڻجندي آئي آھي. شايد ان ڪري تھ عورت جنني آھي، ڄڻيندڙ......
    - ۽ مرد سدائين کيس ٽوڙيندو آھي.
    - چيم نھ، انقلابيءَ جي حيثيت سان ڳالھاءِ، اھا دوکي بازي آھي.
    - نھ وقت جي پڪار آھي.
    - ڇا، ھڪ گام بھ نھ؟......
    - منھنجا پنھنجا گس، گھيڙ ۽ گام آھن. تون ٻيڙي ورائي سگھين ٿو. (.....؟....؟!.....) کن لاءِ شيام لاجونتيءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي:
    - ڍيڪ آھي، جڏھن رستو روشنيءَ جو منارو آھي تھ پوءِ ھڪ ساٿيءَ جي قافلي مان جدا ٿي وڃڻ سان منارو ڪري ڪونھ پوندو. مان سمجھندس، تنھنجو ڪو وجود ئي نھ ھو.
    ۽ شيام ھاليسي سان وھندڙ سنڌوءَ جي ڇڇڪار ۾ ڄڻ جھير وجھي ٿو ڇڏي، ٻنھي جي وچ ۾ ڄڻ موت جھڙي ماٺار پئدا ٿي وڃي ٿي ۽ ناؤ م ڀانءِ ٻڏندي ٿي وڃي، م ڀانءَ اپڙندي ٿي وڃي، ڪناري ڏانھن.


    نانھن ۽ موٽ

    واٽھڙوءَ کي اس، تؤنس تائي توائي ڪري ڇڏيو آھي. تارونءَ تي ھٿ ڏيو، گھوماٽيون ٿو کائي. تارون – جنھن تي لڳل اٿس ڪوڙين نيوٽران بمن جيھا، پولارتن پاتارن کي ڏوڏاريندڙ شاڪس. ڌڪ، ڌرتي ڌوڏ ڌماڪا ۽ ڇيرا.
    ڇا ڪري پوان؟.....
    ڇا مري ٺري وڃان؟.......
    الا- وڻ ايڏو ڏور ڇو آھن؟ ڇو!...... ڇو آھي اندر ۾ ايڏي آڳ، تؤنس، سھڪو، ھانڀارو؟...... ھيءَ ڪاري مريءَ جيڪي ڪيپڙاٽي ڇو پئي ايڏو سڙي، پچي، کامي، پڄري ۽ وسامي؟ ڇو آتما مان نراتما بڻجندو ٿو وڃان!......
    مٿي تي ھٿ ڏيو، پھاڙن کان ايندڙ ڏامر جي سڙڪ تان اوراٽجندو گھوماٽيون کائيندو، وڦلندو ٿو وڃي ڪنھن پوڙھي ھانءَ روڳيءَ جيان. تارونءَ تي سج جي تپش کان ڄڻ اچانڪ سن اسٽروڪ ٿي، گھوماٽيون کائيندو، سڙڪ تان لھي، اٿڙندو ٿو وڃي. ڪبوترن جيان اڇا اڇا ڪاڳر، امن جي پکين جيان ھٿ مان ڦٿڙاٽ ڪري اڏامندا ٿا وڃنس ۽ ڄڻ بانبڙا پائيندڙ ٻار رڻ ۾ رلي ٿو وڃي. (ھاءِ ھاءِ لڳر جو ڪاٽا ٿي وڃڻ)
    ھان!......
    ھي ڇا!........
    ڇا سج نيزي پاند تھ نھ اچي بيٺو آھي!.......
    ھان – نيزي پاند؟....... سج نھ ٽٽي ٽڪرائجي وڃڻ واري شيءِ آھي. سج جي ٽٽي وڃڻ سان سارو سوريھ سرشتو ٽٽي ويندو.
    ڇا.... سڀ تارا، تر، تروڪڙيون، گرھ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل ناھن؟
    (تؤنس، سوڪڙ ٻاڪو ۽ ساھ سٽون، جيئدان لاءِ)
    ھان – ڀلا ھن اسپيس يا پولارن پاتارن ۾ اھو سوريھ سرشتو ٿيندو ڇا آھي؟ ڀلا ڪو ٻڌائي سگھي ٿو تھ سوريھ منڊل جي ٽٽي وڃڻ سان، ٻين گروھن ۽ نکترن تي ڪھڙيون وارتائون جنم وٺنديون آھن؟ اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ پولارن پاتارن ۾ ڪي ٻيا سرشتا جنم وٺندا. ڪير ڄاڻي ھن نانھن ڀرئي سرڳڌام جي موھن منڊ ۾ انھيءَ کير – ڌارا کان مٿي، گھڻو مٿي، ٻيون ڪيتريون ڪوڙين کير – ڌارئون آھن. ھن پولار ۾ ھي سوريھ سرشتو ٿيندو ڇا آھي!....... جي مرڻو ئي آھي. ھيءُ رنگا رنگ ڀونءُ ڇڏڻي ئي آھي تھ پوءِ چرين جيان ٽھڪ ڏئي ڏئي، کلي کلي کيرو ڇو نھ ٿي مرجي. ڇا ھن، ھھڙي وايو منڊل ۾ چريو ٿي وڃڻ بنھھ نيچرل نھ آھي؟
    ھان....... ڇو ڀلا ذھن جو نيوڪليئر فائيبرز سان اڻيل ڪمپيوٽر ڪم ڇو نھ ٿو ڪري؟!...... ڇو آھي ساري ديھھ ايڏي ساڻي کاڻي ۽ سڪراتيل؟ ڄڻ اڳي....... اڳي ڄڻ اسن ۽ لڪن جھولن ۾ ھليو ئي نھ آھيان!.........
    اچانڪ ھو ٽرن ڪري، گھوماٽي کائي ويل، جنجھائجي ويل نيڻن سان نيزي پاند بيٺل سج ۾ نھاري ٿو:
    (۽ سوريھ سرشتي ۾ آھي، ڪاپار تي بيٺل آڳ الاھون سج ۽ ٽامي جيان تپي ويل ڀونءِ تي آھي سن اسٽروڪ ٿي ويل، گھوماٽيون کائيندڙ ماڻھو. چارئي ڏسائون، آڳ الاھيون)
    ھان...... ڇا اھو سچ ناھي؟
    ڌر ڪيڏي بھ ڌرتتي سھي، ڪوبھ ماڻھو مرڻ نٿو چاھي. ھر ماڻھو علامتي شرنڪنگ مين آھي. سسي سسي ھوائن ۾ تحليل ٿيڻ جي گھڙين تائين بھ موت سان وڙھڻ ٿو چاھي، موت سان! ڇا اسين سڀ شرنڪنگ مين ناھيون؟ ھوائن ۾ ھلندڙ، اڏامندڙ، نھ ڏسڻ ۾ ايندڙ ذري جيھا ماڻھوئڙا. ڇا اسين سڀ وڏيءَ ويڙھاند ۾ ناھيون، ھنن پولارن پاتارن ۾، آڳ الاھين بلائن سان؟ ھن پرٿويءَ تي ڪوئي ماڻھو، ڪو ساھوارو، بزدل ۽ بي ايمان ڪينھي، جيڪو وڙھڻ نٿو چاھي؟ ھرڪو ماڻھو ٻئي ڪنھن سان نھ تھ پنھنجو پاڻ سان وڙھي رھيو آھي، پنھنجي بچاءَ لاءِ، پنھنجي سيٽسفيڪشن لاءِ. ھر ماڻھو وڏيءَ ويڙھاند ۾ آھي. پنھنجو پاڻ کي دلبا ۽ دولاب ڏئي وڙھي رھيو آھي. ھر ماڻھو سئين سڌي واٽ تي سوچن جون گھوماٽيون کائي رھيو آھي.
    سج جي ترار کان تکي شعاع جو تارونءَ تي ڪاپاري ڌڪ. سن اسٽروڪ ۽ ڪنھن جو گھوماٽجي ڦان ٿي ڪري پوڻ.
    ذھن جو نيوٽرانڪ ڪمپيوٽر، ڪنھن ويل بھ خراب ٿي ھلي سگھي ٿو، جيڪو پاور فل ۽ آٽوميٽڪ آھي.
    سھڪو، ڦٿڪو.
    اواڪ گھٽيل ٻاڪار........
    ڄڻ ڪو نانھن مان، آنھن ۾ اچي رھيو ھجي. جيئن نئون ڄاول ٻار، ماءُ جي نھائينءَ مان نڪري وات ڪڍندي ئي، ھوائن جھٽڻ لاءِ اواڪ ٻاڪار ڪندو آھي. ڦڦڙن لاءِ آڪسيجن جھٽڻ لاءِ، اواڪ انڌي ٻاڪار يا ڪا ٿڃ جھٽڻ لاءِ وات پٽيندو آھي.
    (..... ا ...... و ........ م ..... اوم ان) اواڪ انڌي ٻاڪار کان ٻاڪار تائين، جيون جي پھرين ٻاڪار، ڪڏھن نھ ختم ٿيندڙ ٻاڪار، اھڙي ٻاڪار، جيڪا وياءَ کان اھمي ٿيل ماءُ جي اندران ئي اندران، مامتا جا ٿونا ھڻندي، سندس ارھن مان کير، ڌار جا اواڪ ڪل ڪل ٿڃ جھرڻا وھائي ڇڏيندي آھي.
    سن اسٽروڪ.
    اواڪ ٻاڪار.
    اون ....... اوم ........ ا ...... و ..... م ...... آھ ...... آھ گھوماٽي کائي ويل ماڻھو، اڪن جي جھنڊ ۾ اک پٽي ٿو. نئين ڄاول ٻار جيڪي انڌي اواڪ ٻاڪار سان.
    ھان – ھوا ...... ھوا ..... واليو وڻ ناھي تھ ڇا ٿيو وڏن وڏن کير ڀريل اڪن جي جھنڊ جي ڇايا تھ آھي.
    (ذھن جو ڪمپيوٽر ڄڻ چالو ٿي ٿو وڃي) کن لاءِ سندس نھار اڪ ڦلڙيءَ تي ڄميو وڃي، بنھھ فريز ٿيو وڃي.
    اچانڪ کيس ٽلين، چنگن، ڪماچن جيھا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن سپنن ۾ ڪا ڇٺيءَ جي لڇمي نرت ڪري رھي ھجي. آواز، ايھا جيڪا نئون ڄاول ٻار ٻڌندو آھي، ڏاڍيءَ نرواڻ سان.
    ٽل ٽل .... ڇم ڇم .... جھن جھن .... جھنجھڪ جھنجھڪ جھن جھن ..... ٽل، جھن جھن.
    موھ.... سر سنگيت کي ڳولڻ جي چاھنا
    ننڊاکڙا سپنا – نونڊڪا نونڊڪا ساروڻا.....
    (نئين ڄاول ٻار جا ڪين پاڳل جا)
    ھڪ لاڪلاھين جھروڪي ۾ پرھ ويلا ۾، کٽ تي ستل ڪولھي ڇورو ۽ جاڳاو لاءِ پيرانديءَ کان بيٺل ٽيليون وڄائيندڙ ڇٽيھھ لکڻي، آدجڳاد جا تلڪ لڳايل ڪامڻ ڪور ڪولھڻ ڇوري. اندر ۾ ڄڻ جينجھڻن جھانجھھ جي جھنڪار ڀريل. ٽليون وڄائيندي اچانڪ ڪروڌ مان ٻئي ٽليون ستل ڇوري جي منھن ۾ اڇلائي ٿي ھڻي:
    ”اونٺو، اوپاڙو، وڄائو...... ڀيڄا ڀيڄ وڄائو، اؤنتالي من ۾، موران روکيپ ڀري ڳيو ھي......“
    (ساراڻو، فيڊ آئوٽ)
    ذھن جي ڀرڻيءَ کي ڪاپاري ڌڪ.
    ”اون .... ن ..... آ ...... ن ... آن“ سن اسٽروڪ ٿيل واٽھڙو ٽٽل ٽاڪمان پاسا ٿو ورائي، پحقڻ جي سيج مٿان.
    ھان!....
    ھي ڇا!
    آئون ڪٿي آھيان!......
    (ذھن جي ڪمپيوٽر جو وڏو مھاڀاري ڇرڪ)
    ھي ڪھڙين جيوڻين جا پڙاڏا ھئا.... ساروڻا..... ڇا چوراسي لک جيوڻين جو ڀوڳ منڊل. مورچٽ چنيءَ سان، باک رنگ ڇوڪري، ڪيئن مور جيان نچندي گم ٿي وئي.
    سپنا.....
    جاڳ جا سپنا.......
    ستي لوءِ جا سپنا......
    جي ھيءُ سپنو ئي آھي تھ پوءِ اھي لڇميءَ جيھا آواز ڪٿان پيا اچن، ڪھڙين مري ويل ڏسائن کان؟
    ”ڇو آھي ساروڻن مٿان ايڏي اواڪ اوندھ؟ ڇو ڇڙھي وئي آھي اکين مٿان، مري ٺري ويل ويلائن جي ايڏي ڌوڙ؟ ڇو آھن اندڙ ۾ ايڏيون پيڙائون ۽ ايڏا انڌا سپنا ڀريل؟ الائي سپني ۾ ڪري پيو آھيان، ڪي ساڀيان ۾! يا ڪا ھپي ڇوري ايل ايس ڊي پياري ڊاھي وئي اٿم.“ جنھن جي کيس ڪل ڪانھين. ايل ايس ڊي آھي ڇا؟.....
    اڪن جي جھنڊ ۾ ڪريل، پٿراھين پٽ تي پيل نستائي جا آڪيڙا چڙھيل ماڻھو، دٻيل ديھھ سان پاسا ٿو ورائي آوازن تي، ٽل ٽل، ڇم ڇم وڄندڙ آوازن تي.
    ننڍڙي، وڏڪني، ڪاري ڪاري ٽليون ۽ سھيليون ٻڌل، ڪاڇڻ ڇيلڙي اڪن جي جھنڊ ۾ ٻيڪراٽون ۽ ناچ پئي ڪري. ٻوليون پئي ٻولي ۽ وڏن وڏن ٿڻن واري، ٽليون ٻڌڻ ڪاڇڻ ماءُ، اڪن جي ڇايا ۾ ويٺي، اوڳر پئي ورائي. ڄڻ ڪو مھاتما، پنھنجو اندر اوڳاري وڏيءَ نرواڻ سان ويٺو ڌرتيءَ جا سور چري.
    سروم دکم دکم....
    مٺ مٺ سورن سڀ ڪھين، مون وٽ وٿان....
    اچانڪ ھن ذھن جي ڀرڻيءَ ۾ سوچن جا سريلا ڀرندا ٿا اچن:
    نانھن کان آنھن تائين، سرشٽ: جي ڦرڻي ڦري پئي. آل دي اسٽارز آر ڪنيڪٽيد وٿ برين!
    (ذھن جو ڪمپيوٽر تکو تکو ٿو ھلي)
    آھ..... ھي اڪ جو کير، ڪيڏو نھ ڪوڙاڻ ڀريل آھي!.....
    ھان..... ڪاڇڻ ٻڪريءَ جا ٿڻ.....!.....
    ڪيڏا نھ وڏا وڏا.....
    کير کان ڦاٽندڙ......
    ٿڃ ڌاو ۽ ڏھاو لاءِ، ڀلا ٿڻ ڪيڏا نھ اوتاولا ھوندا آھن..... اچانڪ ٿڻن مٿان ٿڻن جا اولاڻا ياد ٿا پونس. ھڪ آيل کان ٻي آيل تائين جا اولاڻا. ساروڻا ڀرڻيءَ جيان ڀرندا ٿا اچن:
    ڪاڇڻ ٻڪريءَ جي ٿڻن ۾ وات!.......
    ڳاڙھي ڳاڙھي ڳئون جي ٿڻن ۾ وات، گوھا!......
    ڀوري ڀوري بگي مينھن جي ڀورن ٿڻن ۾ وات!...
    ٽامي جيڪي ڪولھڻ جي ٽامڻھ ببن ۾ وات!......
    ۽ اکين آڏو ڪي ٻيا ارھ تيج ٿا ھڻن:
    ”وڻنئي ٿا نھ؟ ڌائيندين؟....۾
    ”ڇو، ڦاٽن ٿا ڇا؟.....“
    ”ھا، سينڍون ٿا ھڻن.“ ٻالاپڻ کان جوانيءَ تائين رڳو سڳيءَ ماءُ جا ببا ياد ڪين ٿا اچن.
    (ھان!....) ھان؟.....
    ”اچانڪ اکين آڏو شيشم جيھا ڏوڪا ڏونگھي اتاولا ارھھ، الائي ڪھڙن زلزلن لاءِ، ترڪندا ٿا اچن، نونڊڪا نونڊڪا ڀرپور اٿڃ ارھ، ڏونگھيءَ ڏڪ اٿڃ ارھ.
    (جانجھھ ڄن اندر ۾ لاوي جيان جلندڙ ٿڃ جا جلترنگ جھينجھڻا)
    ”اون – ھون اؤنڙا، اوتاوليا، ناپاڪ سوڙ سوڙ، ناچي زاوان.“
    ”او پاڪ، او پليت، کدا سون، مرتو ھان مارو مرتيھو ٿيھي ڳيو ھي.“
    ”اون – ھون – ھولي ڏ ھارو ڏڻ ھي زلدي مان زلدي، ڀونڪا اوپاڙي اوپاڙي ساوا ڳجھھ ڳو ڏيکي زا چيچا مان چيچ ملائي ناچي زا“
    رنگا رو ڏڻ ھي.
    (ھڪ جوڙي جو، ھولي پورائنا ناچ!)
    ڄڻ شو پارپتيءَ جو ناچ!
    ڄڻ آتما پرماتما جو ناچ!......
    جيءَ جسي تي ھوليءَ جي رنگن جو ناچ.
    (ڏس.... ڄڻ ڪو سندر سپنو ٽٽي وڃي ٿو. ڄڻ تارونءَ جي ھيروشيما تي ايٽم بم ڪري ٿو)
    جاڳ....
    جاڳ.... ايھي جيھي سپني جي جاڳ، ڄڻ جيون ۾ ڪو نئون سپنو سڙجي پيو ھجي.
    ”ھان..... سپنا سرجي سرجي، جند جي ٻن پڙن ۾ اچي، گھرڙاٽن سان ڏرجي اٽو ٿي، اڏامي ڇو ويندا آھن، ڇا ان لاءِ تھ اسان جي بڻيائتي گھر جي ٻاجھري جي ماني ۽ ساڳ جي ڀاڄي آھي؟“
    ”ھان.... اسين سڀ ھڪ ٻئي لاءِ ڪيڏا نھ گھرجائو آھيون. الا..... اسين گھرجن ڪري ھڪ ٻئي سان ڪيڏا نھ ڳنڍيل، ڳتيل، اونٿرا ۽ اتاولا آھيون.“
    (اچانڪ ذھن جو ڪمپيوٽر ڌوڏو ٿو کائي)
    ”ھان.... مون تھ ستي ئي ستي، ٻڪريءَ جا ٻئي ٿڻ چپن سان چوڪڙي ڇڏيا! ڇيلڙي ڇا پيئندي؟ ڇا اندر جي تونس ماڻھوءَ کي ايڏو انڌو بڻائي ڇڏيندي آھي، ڇا اھو ڏوھ ۽ ڊوھ ناھي؟“
    ھو ٻاڪو ڦاڙيو، سيلھين جڙيل، اڪن ۾ ڪڏڪارون ڪندڙ ڪاڇڻ ڇيلڙيءَ ۾ نھاريندي وري وڏي وڏي ڪاڇڻ ماءُ ڏي نھاري ٿو. سندس اکيون ۽ وات ويتر ڦاٽندا ٿا وڃن ۽ مک تي پيڙائن ڀريل ريکائن جي جاءِ تي سانت ۽ نرواڻ جيھيون ريکائون اڀرنديون ٿيون اچنس. وشال ٿھمر ڀريل ريکائون.
    (ٿھمر.... جيڪو کن پل لاءِ ھر ڪنھن ماڻھوءَ جو حق آھي)
    نھ نھ...... ناھن مان آيل اواڪ ٻاڪاريندڙ ٻار کي حق آھي تھ ھو ڪنھن جي بھ چڳڙ وٺي. ٿڃ تي ان جيو جو ايترو ئي حق آھي، جيترو مھاراڻي ايلزبيٿ جي ٻار جو. نانھن ۾ ھجي يا نانھن مان آنھن ۾. ڪتيءَ جي ٻچي جو بھ اوترو ئي حق آھي، جيترو سوئر جي ٻچي جو. نھ نھ.... مون ڪو ڏوھ نھ ڪيو آھي. ھيءَ تھ وڏي ڪني ڀلوڙ ڪار ڪڻڇي جيھي ڪاڇڻ ٻڪري آھي. ڀيڄان ڀيڄ ڀلي. رڳو ٻچو ٻيڪراٽ ڪري، ٿڻن ۾ موڏو مٿو ھڻيس تھ ٿڻن مان ٿڃ مامتا بڻجي، واءِ واءِ واڪا ڪندي، نئين گاج جيان گوھا گوھا ٿي ڇلندي. ڪڏھن نھ ڀرجندڙ ڪين ڪن وات ۾ ھلي ويندي. جيئن درياھ سمونڊ ۾ لھي ويندا آھن.
    ڇا - - ڌرتيءَ کي جيڏي سمونڊ کان ماڪ ڪرن ڪڪرن، آگمن، وڏ ڦڙن، ڳڙن، برفيلن ڇاٽن ۽ ڇمرن جي گھرج آھي، سمونڊ کي اوترو ئي ڌرتيءَ کان، ڌرتيءَ جي اندرين وھڪرن، نين ۽ درياھن جي ڇوڙ جي گھرج ۽ کاپ ناھي؟ مون ڏوھ ناھي ڪيو. مان ڏوھي ناھيان.
    نھ نھ.... نانھن مان آيل اواڪ ٻاڪاريندڙ ٻار کي پورو پورو حق آھي تھ ھو ڪنھن جي بھ چڳڙ وٺي. ٿڃ تي ان جيو جو بھ اوترو ئي حق آھي، جيترو مھاراڻي ايلزبيٿ جي ٻار جو. ناھن مان آنھن ۾ اچڻ کان پوءِ ڪتيءَ جي ٻچي کي بھ جيئرو رھڻ جو ايڏو ئي حق آھي، جيڏو ننڍڙي ڪيوليءَ جو.
    ڏي ۽ وٺ!.....
    گيو ائنڊ ٽيڪ!....
    ھن ھٿان ڏي، ھن ھٿان وٺ!
    (سڄي سرشٽي جو ڦيرو ائين ئي ھئڻ گھرجي)
    ”ھان – پوءِ ماڻھو ھڪ ٻئي سان پيار ڇو نٿا ونڊين؟ ڇا پيار جو بدلو پيار ناھي؟ ڇو آھن ماڻھو ايڏا ڪسا کيا؟ الا – ماڻھو ڪيڏا نھ اٻوجھھ ۽ اڄاڻ ۽ اتاولا آھن؟.....“
    موھ ڀريل نيڻن سان، ٻڪريءَ جي جيون ڪامڻ رس ٿڻن ڏانھن ٿو نھاري. نيڻن ۾ ڀرڻيءَ جيان، ساروڻن جا ٿڻن مٿان ٿڻ ڀرندا ڦرندا ٿا اچنس.
    اچانڪ ڪيپراٽيءَ جو ڪمپيوٽر ويتر فاسٽ ٿي وڃي ٿو:
    ۽ موھ جي ماڻ ڪامڻ ڀريل نيڻن ۾ ڀرڻيءَ جيان ٿڻن مٿان ٿڻ، ارھن مٿان ارھ ۽ اوھن مٿان اوھ ڀرندا ٿا اچنس.
    ٿڻن جي مھاڀاري ڪراس پريڊ!......
    ڀولڙي جا ٿڻ يا ببا = (ھيومن فيملي، مسنگ لنڪ)
    ٻليءَ يا ڪتيءَ جا ببا = (لائن فيملي)
    مادي سوئر جا ٿڻ = (ايليفينٽ فيملي)
    گڏھ جا ببا = (ھارس فيملي)
    روجھھ جا ببا = (ڪاؤ فيملي)
    الائي ڪھڙن ساروڻن ۾ لڙھي ٿو وڃي.
    ويچاري چاچي ڳئون، ٻڪريون، مينھون ڏھڻ ويل وات ۾ کير جا گوھا ھڻندي ھيس، پچڪاريءَ جيان وات ۾.
    اچانڪ ڪيپراٽي جي ڀرڻي ويتر تکي ٿيو وڃيس ٿي. تارونءَ ۾ تنوار، ٽليون، چنگ، ڪماچ، يڪتار، جھانجھھ جھڄي ٿا پونس. ڄڻ يگن کان مري ٺري ويل ويلائن جي سرسنگيت جو پڙلاءُ کيس مارڻ ڳارڻ لاءِ جاڳي ٿو پويس.
    او سرتا، پولا اوپاڙي اوپاڙي سارا ڳجھھ ڳوھھ ڳولي زاھ. ھولي ھارو ڏڻ ھي – او .... اونئڙا، او پاڪ او پليت رنگا ماٿي رنگ اڇل، اڇلائي زاھ. چيچا ۾ چيچ ملائي زاھ. او سوئر او پاڪ او پليت رنگا ماٿي رنگ اڇلائي زا. زا چيچا ۾ چيچ ملائي زا. او سوئر او پاڪ پليت سارو تن من، سنگ سنگ ناچي زاھ.
    رنگ، مھندي، ڪپور، رنگا رنگ گپ ۽ چڪڙ، شراب جي بوتلن جي اور گھور ورکا رنگن جي برکا.
    ٽڙاس.... سپني جو ٽٽي وڃڻ، ڄڻ مھاڀاري ڪاپاري ڌڪ.
    ھانو ۾ ڄڻ وڏي ڌماڪي سان نيوٽران بم پيھي پرٿوي کان ساري آڪسيجن اڏائي ڪيپراٽيءَ جا تاڪ ڦاڙي ٿو ڇڏيس. وڏي گھوماٽي – ڄڻ کن لاءِ سارو سوريھ سرشتو ٽٽي، ھڪ ٻئي سان ٽڪرائجي پولارن پاتارن ۾ ڀيڙاٽ ڪندو، ٺڪاون سان مانڌاڻ مچائيندو ھيٺ، ڪي مٿي گم ٿي وڃي ٿو.
    اچانڪ رڙ:
    نھ.... نھ.... ڪير ٿيندا آھن اھي وحشي ۽ وائيلڊ ذھني مريض، جيڪي ھٽلر، آئزن ھاور، چرچل، ڊيگال، اسٽالن ۽ مارسل ٽيٽو جيان ڌرتيءَ تي ٻارڻ، ٻارڻ وارا. ٿيندا ڪير آھن اھي وحشي پوليٽيڪل سائنس وارا ماڻھو.
    ائٽم بم!....
    ھائيڊروجن بم!.....
    ۽ ھاڻ نيوٽران بم!.....
    نيوڪليئر ھوائن لاءِ ھٿوراڙيون ڏيندڙ؟!....
    نيٺ تھ انھن بمن ٺاھڻ جو ماڻ ڇا لاءِ؟ گوليون، ٽئنڪون، ڇا کائڻ لاءِ؟!.... ماڻھن کي ماني گھرجي، نھ ائٽم بم. ڇا وڏو ملڪ اھو ئي آھي، جيڪوس ڀ کان وڏو خوفناڪ بم ٺاھي. ھنن گڏھن کي ڪھڙي خبر تھ ھن پرٿويءَ تي ڪي ماڻھو مھاتما ٻڌ جيان بھ رھن ٿا. ھر ملڪ ۾ ڌرتيءَ جي گولي جي آدمشماري ۾ جتي ڪٿي اھي مھاتما چلا پچائي رھيا آھن. ڊڄو ان ڏينھن کان تھ اھي مھاتما چاليھن سالن جا نھ ٿي وڃن. اوھان جو وقت ختم ٿي ويو آھي. مڃو ۽ مرڪي ھٿيار اڇلائي ڇڏيو، سمونڊ جي ڪين ڪن ۾. ھيءَ ڌرتي امن لاءِ آھي، وڏيءَ بھاڀاري سانٿ ۽ کميا لاءِ.
    ڌرتيءَ تي ھي ڪھڙو ڏڦير آھي؟ آدجڳاد کان ڪھڪھان، ويڙھاند، ڦٿڪڦٿڪان، ڪيھون، ڪيڪون، ٻاڪارون. نھ رڳو پسن جانورن جون ٻارڙن جون بھ. ٿرو دي ڪاريڊارز آف ٽائيم! يڪيون ھلنديون ٿيون اچن! ڪڏھن ختم ٿينديون..... ڪڏھن؟......
    اچانڪ ياد ٿو اچيس:
    ”ھتان تھ سنڌ يونيورسٽي تمام ويجھي آھي. جي آئون ٿورڙو ھمٿ کان ڪم وٺان تھ شايد مون کي آرام لاءِ ڪنھن ھاسٽل جو ڪمرو ملي وڃي.“
    ۽ گھوماٽيون کائيندو ھلندو ٿو وڃي، پھاڙي پيچرا ڇڏيو، سپر ھاءِ وي جو دڳ وٺيو.
    ”تون!....“
    ”ھا – مان......“
    ”ھيکل آھين يا ڪو ٻيو بھ آھي؟“
    ”ھيکل. پاڻي پياريندين؟“
    ”پاڻي بھ ۽ چانھھ بھ. تون مون کي وڻندو آھين.“
    ”ٿئنڪيو.“
    پاڻي جي گلاس سان موٽ.
    ”ھان!... تون روئين پيو!“
    ”ھا – ڪڏھن ڪڏھن روئڻ لاءِ ماڻھو سڪي ويندو آھي. روئڻ ايترو ئي نيچرل آھي، جيڏو کلڻ.“
    ”نو فلاسافي. فلسفو پاروٿو ٿي ويو آھي سڄي جو سڄو فلسفو. ڪچن ۾ ھل، مون کي چانھھ کان سواءِ ٻيو ڪي بھ ڪين اچي.“
    ”فلاسافي.... توکي روئڻ ڏاڍو سٺو ايندو آھي. ڏاڍي سٺي پرفارمينس ڏيندو آھين.“
    واٽھڙو واش بيسن سامھون آرسيءَ ۾ نھاري ٿڌي پاڻيءَ سان منھن ڌوئي ٿو ۽ چلھھ ۾ ھڪ ڪرسيءَ تي اچي ويھي ٿو ۽ ميزبان عورت بصر وڍيندي وڏا ٽھڪ ڏئي ٿي. اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي وڏا ٽھڪ.
    ”تون ڪمزور آھين، روئڻو آھين. ڏس آئون ڪيئن پئي کلان.... کلان پئي نھ؟“
    ”ھا، ڳوڙھا ۽ ريھون لڪائڻ لاءِ، تو وٽ الاھين ڪجھھ آھي.“
    واٽھڙوءَ کي ننڊ جا گھيرٽ کنيو ٿا وڃن، ڪي جاڳ ۾ ساروڻن جا گھيرٽ. ھوءَ کيس جاڳائي ٿي.
    ”خبر اٿئي ٽائيم گھڻو ٿيو آھي؟“
    ”الائي!....“
    ”رات جا نو پيا ٿين ۽ ھيءَ ھاسٽل آھي.“
    ”اوھ ساري.“
    ”ٻڌ..... متان عاشق ٿي پوين. نو ايني ري ايڪشن فرام يوئر سائيڊ آف ايني ڪائين. او ڪي ري ايڪٽ نھ ڪجانءِ.“
    ”اوڪي.“
    ”ٿئنڪيو.“
    ۽ ھو ڏاڍو تازو توانو ٿي ھاسٽل مان نڪري ٿو وڃي.


    اونداھيون ڏسائون ۽ مان

    مان ڪراچيءَ کان گھر موٽيو آھيان.
    نھ، پھرين مان توھان سان پنھنجي سڃاڻپ ڪرايان.
    رات جا ٻھ ٿيا آھن، حيدرآباد واري مني ٽيڪسيءَ مان لھي، گھر ڏانھن پڪي سڙڪ ڏئي ھلڻ شروع ڪيو اٿم. مان اٻاڻڪو، ٿڪاڻو، آشانت آھيان. (۽ ڏاڍو خوش ۽ سانت بھ)
    مان، يعني آرٽسٽ، ڪھاڻيڪار، شاعر، ناول لکندڙ، ڊراما لکندڙ، چترڪار، پھڻ آھوڙيو. مون ۾ قدرت اھي سڀ ڳالھيون رت جيان سوچي سمجھي پوري مقدار سان ڀريون آھن. جيئن ويٽ ٦٩ جي بوتل ۾ سوم ڀريل ھوندي آھي. تنھن ڪري مان ھر ويل، نشي جھڙن کيپن ۽ خمارن سان ڀريل ھوندو آھيان. پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو منھنجو ڏاڍو قدر ڪندا آھن، سنڌ يونيورسٽي کان وٺي ڪاليجن تائين مون کي چڱي عزت ملندي آھي. مان کين ڏاڍو وڻندو آھيان، پنھنجين سمورين چريائپ وارين ادائن سان. ماڻھو منھنجي ڪم کان، منھنجي ڪجھھ ڇا، تمام وڌيڪ تعريف ڪندا آھن. عظيم ھئڻ جي مھر ھڻي ڇڏيندا آھن. ڪڏھن ڪي دل گھريا ٻڌ ازم ۾ ايمان رکندڙ نوجوان دوست مون کي مھاتما ٻڌ جي ھلندڙ ڦرندڙ ٻئي روپ جي نالي سان بھ نوازيندا آھن، پر مان ڇا آھيان، ڪيترو رت ست اٿم؟ اھو مان گھڻي ڀاڱي نھ ٿورو گھڻو ڄاڻان ٿو. مون کان تھ وڌيڪ مون کي منھنجي زال بکو سڃاڻي، جنھن جو اصل نالو بختاور آھي پر مان کيس چنڊي چوندو آھيان. آئون ھن لاءِ ھڪ دماگ خراب، اڌ چريو، بيڪار، سائنر آھيان. تنھن ڪري ٽيليويزن تي منھنجو ڊرامو ڏسي ھن جو جتي وس ڀڄيس تھ ھو منھنجا سڀ ڪاڳر ساڙي ڇڏي.
    اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ مامي جي گھر م پنجن سالن کان ٽي وي ھوندي بھ منھنجي ڳوٺ جو ڪو بھ ٻار يا زائفان اھا دعويٰ نھ ڪري سگھندي تھ فلاڻي ڏينھن تي ھن ٽي وي ڏٺي ۽ ڪتاب ڦاڙڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. ائين اتفاق سان ڪڏھن ٻارڻ لاءِ ڪاڳرن جو موئاڙو ٺاھي، مٿاھنس ڪاٺيون رکي، باھ ٻاريندي آھي.
    حقيقت ۾ منھنجي ڊراما ۽ افسانا لکڻ ڪري ھن کي وڏو نقصان پيو آھي، ٻڌي پگھار نھ ملڻ جو. سو بھ يڪا سارا پندرھن سال توبھن توبھن، سو بھ پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ جتي ھر ٻئي ڏينھن شين جو اگھھ ڏيڍوڻو وڌي ويندو آھي.
    آئون ھن الءِ ھڪ لٻاڙي، ڍينگمار سانئر ئي نھ بلڪ نکٽو، نٻارو ۽ لپاٽون ھڻندڙ ظالم مڙس بھ آھيان. سچ تھ مون پنھنجي فنڪارانھ افعالن سان ھن کي ۽ ڇھن ٻارڙن کي بکون ۽ ڏک ئي ڏک ڏنا آھن. (ٻارڙن لاءِ تھ دعويٰ ڪانھ ڪري سگھندي) پر سندس سونھن ضرور کسي اٿم، ڏنا اٿمانس رڳو ڳڻيون، ھورا ھورا.
    ھا – مان ڏاڍو ٿڪاڻو، اسانت ويڳاڻو آھيان. مني ٽيڪسيءَ مان لھي، پڪي سڙڪ ڏيو، گھر پيو وڃان. من ۾ اڄاتل خوف ۽ اميدون کنيو.
    (خوف = ان جو تھ ڪو ٻار بيمار نھ ھجي، اميد = ان جي تھ لال لطيف ڪندو سڀ ڪجھھ ٺيڪ ھوندو)
    ھيلتائين جو ڪجھھ مون تان وھيو واپريو آھي، مان سڀ وساري ڇڏڻ ٿو چاھيان، پر سوچن جا اٺ ذھن جي جھان ۾ چئني ڏيسائن کان ٽلا ۽ ڇيريون ڇمڪائيندا ھي ھم ..... ھي ھم ڪندا پيا اچن. الائي ڪنھن پئي چيو:
    ”فلاڻي چيو ٿي تھ مان ھڪ انتھائي ڀوڪ بصر ۽ گڏھ رائيٽر آھيان.“
    ”آئون چوان ٿو آھيان، ناھيان ڇا؟ ڪير ٿو چوي تھ مان جينئس آھيان. لٽل جينئس ٿيڻ لاءِ بھ تمام وڏي لئبريري ۽ عالي دماغ جي ضرورت آھي. مان ڪتاب تھ ڇا، روٽي ڪپڙي ۽ مڪان جي چڪر ۾ ئي پيرھجي ويو آھيان. جي منھنجي جڳھھ تي ٻيو ڪو ھجي ھا تھ گدوءَ واري چرين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ابراھيم ”خليل“ لاءِ مٿي جو سور ھجي ھا. ڪير بھ پيو چوي، پر مڃڻو آھي تھ فلاڻو لٽل ناليج جو ڌڻي آھي. (جيڪا ڪڏھن ڪڏھن تمام ڊينجرس ٿيندي آھي) پر ڇا مان راھ ھلندي ڪو پڪاٽ نھ گھڙي وٺان، ٽي وي لاءِ ئي سھي. ساڍا چار سؤ رپيا ملي ويندا....
    پروفيشنل..... پروفيشنل......
    ڇا سچي بھ آئون پروفيشنل ٿي ويو آھيان؟! ھاڻ ”جيون ڪوئي جھوٽو آھي“ جھڙي ڪھاڻي نٿو لکي سگھان؟
    ايليٽ، داس ڪيپٽال، سارتري، رسل! لينن، مائو! ڇا انساني ذھن ھڪ ھنڌ ڄمي وڃڻ واري شيءِ آھي! ھڪڙي ھنڌ تي تھ برف بھ ڪانھ ٿي ڄمي. پوءِ سڀ ماڻھو اتي اچي ڇو بيھجي ويا آھن؟
    مان دل تي وڏي واڪ ھٿ ھڻي چوان ٿو، آدجڳاد کان موسمون بدلڻ ويل، سج ڪراڪروم جي چوٽين کان وگھاريندو رھيو آھي. ڪنھن بھ شيءِ تي جمود طاري ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي.
    نيشنلزم؟ ڪميونزم؟
    روس ۽ چين ھڪ ڇو نھ ٿي سگھيا آھن؟.... پاڪستان ۾ ھڪڙو ٻار روئي، مائوزيتنگ جي ڇاتين ۾ مامتا جي ٿڃ اچيو وڃي، بينگال ديس ۽ ھندستان ۾ ڪروڙين ٻارڙا ڪيڪراٽون ڪن، مائو جي ڪنن ۾ ڪپاھيون، سور، ناسور!
    خبردار، ٻارڙن کي چپ ڪرايو رات جي ماءُ پئي اچي.
    ”اف، ڇا اسين سڀ وائيلد اينيملز ناھيون؟ ڪھڙو جوءِ جو .... ٿو چوي اسين سڀ ماڻھو آھيون، سوشل آھيون، مھذب يا سولائيزڊ آھيون.“
    پاليسي..... پاليسي... ھر تحريڪ جي پنھنجي پنھنجي پاليسي آھي، ھر ملڪ جي پنھنجي پاليسي آھي، ھر سربراھ ملڪ جي پنھنجي پاليسي آھي. پاليسي، ھڪڙن لاءِ ھڪڙي، ٻين لاءِ ٻي، ٽين لاءِ ٽين!!! ھا، مان ڪميونسٽ آھيان...... پر ڇا ھن وقت مان ھپي ازم کي تھ ڇا، ڪنھن بھ ھڪڙي ھپيءَ کي للڪاري سگھان ٿو؟
    ”......“
    ڪاش مان بھ ھپي ھجان ھا. ھپي بڻجي، وڃي ڪارونجھر ۾ دونھين دکائي ويھي رھان ھا. ھر ڪنھن رنج ۽ ڏنجھھ کان ڏاڍو ويٺو ڏسان ھا تھ مور ڊيلن سان ڪيئن ٽيلارا ڪندو آھي، گدڙ کين ڪيئن ڇيڇاڙي کائيندو آھي، فضائن ۾ حسين مور پک ڪيئن پوپٽ جيان اڏامندا ويندا آھن؟
    (ويٺو ڏسان ھا، ھر رنج، ھر ڏنجھھ کان ڏاڍو ٿيو)
    ڇڪڙو لنگھي وڃي ٿو، کن لاءِ خيال روشنين ۾ پکڙي وڃن ٿا. اڄ جو انساني فلسفو ڇا ٿو چوي؟
    ”مان ڇا آھيان؟“
    ”.... نھ مان اڌ ھپي ۽ اڌ ڪميونسٽ آھيان. في الحال ائين ٺيڪ آھي. نھ تھ شايد آئون قتل غارت تي لھي اچان يا پنھنجو پاڻ کي ماري وجھان يا چريو ٿي پوان.“
    ويچاري عورت، (منھنجي زال) ڪيئن نھ اٻاڻڪي ھراسيل ويٺي ھوندي، پائي پائي لاءِ محتاج. ٻارڙن کي چنبا گاريون ڏئي سمھاري ڇڏيو ھوندائين ۽ پاڻ جاڳندي ھوندي، ڳڻتين جا ڍڪر پئي کائيندي ھوندي... ويچاري....... کيس ڪھڙي خبر تھ ٺيڪ پندرھن سورھن منٽن کان پوءِ ائون کيس آواز ڏيندو سر سان ٻيڪڙيل در کي ڌڪو ڏئي کوليندس. کيس ڪھڙي خبر تھ آئون ويجھاڻي وات تي اچي ويو آھيان. مڪرانين جو ڳوٺ مٽڻ کان پوءِ مون کي پنھنجو ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو. ھوءَ ڪڏھن سوچي بھ سگھي ھوندي تھ ڪڏھن مون جھڙي بيڪار ماڻھوءَ جي گيدي ۾ ٻھ ھزار اٺ سؤ رپيا اچي سگھن ٿا. ھن لاءِ اھا ڪيڏي نھ وڏي ڳالھھ ٿيندي. ٽن ڪلاڪن ۾ بھ ھوءَ مسڪل سان ڏھ رپيا ڳڻي سگھندي. (سي بھ پوري خاطريءَ سان نھ)
    ھن ويچاريءَ چرٻٽ عورت کي ڪھڙي خبر تھ ڪراچيءَ ۾ ٽيليويزن اسٽيشن لڳڻ کان پوءِ، ڪو اديب بھ ايترا پئسا ڪمائي سگھندو؟ کيس ڪھڙي خبر تھ آئون ڪي ٽي وي تي آئوٽ اسٽئنڊنگ رائيٽر آھيان.
    راھ ھلندي آئون کلان ٿو: ۽ ھي آئوٽ اسٽئنڊنگ رائيٽر چيڪ مون کي ڪيئن مليو؟ ان لاءِ مون کي ڪيڏي محنت ڪرڻي پئي، پنھنجي اندر ۾ ”ٻاليشاھي، موکي متارا“ لکي ڪيئن پنھنجي انا کي ڪھڻو پيو ۽ پوءِ چيڪن وٺڻ لاءِ ڪيڏي جنگ ڪرڻي پئي.“
    ”آپ اندر تو چليڻ.“
    ”جي نڻيڻ، ميڻ ”آئوٽ اسٽينڊنگ رائيٽر“ ڻوڻ، ميڻ ٽي وي سڍ باڻر ڻي اچھا لگتا ڻوڻ.“
    منھنجي انھيءَ ضد تي آخر چيڪ حاصل ڪرڻ واري اھا ڪڏھن نھ ايندڙ سڀاڻي اچي وئي. (ماڻھو ڪيڏو طاقتور، متارو ۽ پھلواڻ آھي، ماڻھو ڪيڏو نست، نٻر ۽ ويچارو آھي)
    مان بريف ڪيس کي لوڏيندي ٽھڪ ڏيان ٿو.
    ھينئر عشقو ۽ ماڻس عاشق معشوقن وانگي ھڪ ٻئي کي ٻک وجھيو ستا ھوندا. آئون چوان ٿو وڏي سائيڪلاجسٽ عورت آھي. (قت حالتون سڀ سيکاريو ڇڏين) منھنجي در کولڻ سان کيس خبر پوندي تھ آئون ڪيتري پاڻيءَ ۾ اھيان ۽ پوءِ رسيپشن بھ اھڙو ئي ڏيندي آھي.
    ”ھان، اچي وئين!؟......“
    يا چوندي:
    ”اونھن، خير سان کٽي آئين. خبردار جو منھنجي ٻارڙن کي جاڳايو اٿئي.“
    ”لالٽين ڇو نٿي ٻري؟“
    ”ھونھن، گاسليٽ لاءِ پئسا ڏئي ويو ھئين؟ بتي ڇو نٿي ٻري!“
    ”ٻارڙا تھ ٺيڪ آھن نھ؟“
    ”ڪو مري ڪو جئي، تنھنجي آنڱوٺي مٿي سور.“
    ”مان بيمار آھيان، ماٺڙي ڪري سمھي رھ.“
    ”پر.... پر اڄ منھنجي گيدي ۾ الاھين پئسا آھن. سچ ايترا پئسا تھ مون بھ گيدي ۾ ڪڏھن ڪونھ کنيا.“
    اوچتو مون کي محسوس ٿئي ٿو تھ پٺيان ڪو اچي پيو. سڀ خيال خاڪ ٿي اڏامي وڃن ٿا. اوچتي خيال سان تھ ڪو واٽ ويندي مون کان اھي پئسا ڦري بھ سگھي ٿو، چاقو ھڻي، ڪوڙو سوڙو پستول ڏيکاري بھ. آئون پٺيان ايندڙ تڪڙن آوازن تي پٺيان نھاريان ٿو. اڌ ڪاري رات ۾ ھڪ ديو نما ٻڪل ٻڌل ماڻھو، مون کي منھنجو پيڇو ڪندو نظر اچي ٿو.
    عيد براد تي اڪثر لوفر ۽ بيروزگار ڇوڪرا، ڇتا ٿي واٽھڙو ڦريندا آھن. پنھنجي خوشيءِ لاءِ، عيدون ميڙا ملھائڻ لاءِ. عيد ۾ تھ چار پنج ڏينھن باقي ھوندا. مون کي وکارڻ گھرجي. اڃان تھ اڌ ميل پنڌ پيو آھي.
    ائون تڪڙا ڊگ ڀريندو وکاريان ٿو – پٺيان ھلندڙ ماڻھو بھ اڃا وڌيڪ تکو ٿي ٿو وڃي.
    آئون ھن جي ھلن جو ھساب جي مارجن سان تڪڙو تڪڙو ھلان ٿو. اڄ بريف ڪيس ۾ پئسن سان گڏ منھنجي ٻارڙن جي عيد جا ڪپڙا بھ تھ آھن. مان ڪنھن بھ قيمت تي بريف ڪيس ڏيڻ لاءِ تيار ناھيان. انھن سڀني شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون الائي ڪيترو ڀوڳيو آھي. اوچتو مون کي ڏامر جي سڙڪ کان پري اونداھين مان ٻيو بھ ھڪ پاڇولو نظر اچي ٿو.
    پر ھتي تھ ستن راڄن ۾ مون کي ماڻھو سڃاڻن. مون کي ڪير ڦريندو؟ سڄي ڄمار ۾ مون تھ اھو ڪڏھن سوچيو بھ ناھي، ڪٿي بھ.
    پٺيان ايندڙ ماڻھو، ڏاڍو تکيو پيو اچي. ”ٺيڪ آ، آئون بھ فٽ بال جو کڏاڙي آھيان. بريف ڪيس ھٿ ۾ ڏيندي ڏيندي، بوٽ جي اھا ٽو ھڻندو سانس جو ماڻس کي ياد ڪندو. پر مون کي جلدي ڳوٺ پھچڻ گھرجي، ھر صورت ۾ حادثي کان بچڻ گھرجي، اڄ مون سان ڪوبھ حادثو پيش نھ اچڻ گھرجي. اف، مڪرانين جو ڳوٺ بھ تھ پٺيان رھجي ويو. ڇا باقي ٻھ فرلانگ مان ڀڃي نٿو سگھان، ڇا رڙيون ڪريان؟
    پڍيان ايندڙ پاڇولي کي اڃا وڌيڪ وکاريندو ڏسي آئون تڪڙو ِڄن جي ڪوشش ڪريان ٿو.
    ”ماسات.....“
    اوچتو پٺيان پيار ڀريل سڏ ٻڌي، آئون اونھون ساھ ڀري بيھجي ٿو وڃان.
    ”ماسات، ڏاڍو تکو آھين، خير تھ آھي؟“
    ”يار ڪراچيءَ مان پيو اچان. سيءَ وڄائي ڇڏيو آھي، ڊوڙي پاڻ کي گرم ٿي ڪيم.“
    مان اڇان ڳاڇان لڄندو ٿيڻ کان پاڻ بچائي ٿو وڃان.
    اسان وٽ ساھ بچائڻ لاءِ ڀڄڻ بھ شرمناڪ آھي.
    اسان ٻئي تڪڙا تڪڙا اوڀاريون لھواريون ڪندا گھر پھچون ٿا.
    آئون پنھنجي در جو ڪڙو وڄايان ٿو.
    گھر جي در جو منھنجي ھٿ جي دٻاءُ سان ڍرڪاٽ ڪري کلڻ.
    ”تون اچي وئين؟“
    ”ھا - - بتي ڇو نٿي ٻري؟“ (ڪجھھ ڪاوڙ مان)
    ”اوھ..... الائي ڪيئن ڪيڏي مھل اجھامي وئي. شايد وٽ خراب ٿي وئي اٿس. اجھا ٻاري ٿي وٺان، مڙئي ٿي پئسي جي بچت ڪرڻي.“ (ھوءَ مٺو ٿي ڳالھائي)
    ”ٻار تھ سڀ ٺيڪ آھن نھ؟“
    ”ھا ھا، دل جاءِ ڪر، ٺيڪ آھن.“ ھوءَ بتي ٻاري روشني ڪري ٿي. منھنجا سڀ ٻارڙا ننڊ ۾ الوٽ آھن.
    آئون زال واري گرم گرم بستري ۾ ڦان ٿي ڪري پوان ٿو.
    - مان، ايڏو ڊڄڻو!
    - ھن چوڏھينءَ صديءَ ۾!
    - ايڏو غير محفوظ!
    رات رھي، سڀاڻ وري ھليو ويندس!
    - چار ڏسائون، چارئي ڪاريون!
    - ماڻھو ايڏو ھيڻو، ايڏو نست، ايڏو نٻر!
    - چار ڏسائون..... چارئي ڪاريون...... چارئي ..... ڪار ..... يون.......


    مان گدو بندر جو چريو

    سارو جيون موھ ئي موھ آھي. ھر ھڪ ماڻھو سرشٽي جي موھ ڄار ۾، نئين ٻارھن سالن جي سامائجندڙ ٻار جيان ڦاٿل آھي. ٻار، جيڪو ڇپر منا لڪو بيٺو، ھيٺ، پاڙيسريءَ جي گھر جي اڱڻ ۾، ڏيئا ٻاريو، ڳاڙھيءَ سيڄ تي، ڀنڀا وار کوليو، ولھھ ۾ جواڻيءَ جي مڌ ماتي الوٽ ۽ الوپ ننڊ ستل، ڦوھ جواڻ وينگس منڌ جي ننگي ڌڙ جا سارا اسرار ڏسي رھيو ھجي، اونھون اونھون دن، ارھ، ٿڙھا ۽ ٿلھھ، ڪڇوراڙيون، سارا گھڙاو، ڄارين مان، لوگھن مان، لڪي لڪي. ھر ماڻھو ان ٻار جيان موھ ڄار جي مھاڀاري ڄار ۾ ڦاٿل آھي، ڀوڳي پيو، فاصلن ۽ وڇوٽين جي پيڙا، ماڻڻ جي پيڙا، تانگھھ اتانگھھ تئونس ڀريل پيڙا. ڪو ماڻھو ان موھ پيڙا کان وانجھيل يا مڪت ڪونھي. ڪوبھ ماڻھو ساريءَ ڄمار ۾، ٻارھن سالن جي وھيءَ جي ان ڏاڪي کان ھڪ ڏينھن بھ مٿي نٿو چڙھي، موت گھڙيءَ تائين! پوءِ آئون ڇو ڦٿڙي سٿڙي پاڻ کي ان موھ ڄار جي ڌٻڻ مان ڪڍي وٺڻ ٿو چاھيان؟ ڇو ٿو وسارڻ چاھيان سڀڪجھھ، سارو جيوڻ، سڀ ساروڻا؟ ڇو ڀوڳن کان آزاد ٿي وڃڻ ٿو چاھيان؟ ڇا ڀوڳڻ جو ٻيو نالو جيون ناھي؟
    پر نھ..... شايد ائين ناھي! مان ان موھ جار مان نڪرڻ نٿو چاھيان، مان ان موھ ڄار کي ٽوڙي، مروڙي ڇڏڻ چاھيان ٿو. ان ننگي ڌڙ تائين پھچڻ لاءِ، اونھي دن جي اونھاڻ تائين پھچڻ لاءِ. اونھن، عميق پاتارن تائين پھچڻ لاءِ مان سارو ڳجھھ ڳوھھ ڏسي وٺڻ چاھيان ٿو، ساري جيون جو، سرشٽي جو، سارو امرت رس چوسي وٺڻ چاھيان ٿو. مان.... مان ڪجھھ ماڻڻ چاھيان ٿو. سکڻو سڪڻ نھ. مون ۾ ان ٻارھن سالن واري نروس، لڄوڙي سڪڻي ٻار جيان لڪي لڪي لوگھن مان ليئا پائڻ جي ايڏي سگھھ ڪانھي. ڪجھھ ماڻڻ کان سواءِ ھيءَ ساري چانڊان مانڊاڻ تڇ آھي، ڪوڙو، دلبو، ڪچو گھڙو ۽ ڪلاپ آھي، سراب سيئرپ ڪيڏو نھ حسناڪ آھي ھي جيون! ڪيڏو نھ سوڀناڪ آھي؟ اونھي اونھي دن جي اونھاڻ ۾ ليئا پائڻ! ڪيڏي نھ ڪامڻ مايا آھي، ھن ھستيءَ جي ڪايا!
    پر ھان..... ھي..... ھي سڀ ڇا ٿي ويو! آھي ڇا؟ ھي سڀ ڪجھھ ايڏو ڊيڄاريندڙ، ڀيانڪ، من کي چيڀاٽيندڙ، وار ڪانڊاريندڙ! منھنجي آڏو تھ لاش پيو آھي! سڄيل، سوڻل، ٿوٿريل، ڦاٽل! دن ۾ ڪينئان ۽ سرڻا چرندڙ! ٿلھھ کان ھيٺ پور ۾ زناني بيماريءَ جي رت پونءَ. ارھن کان ڦاٽندڙ، ڪنھن پوڙھيءَ ڦيڪارڻ جو مڙدو، بدبوھاڻو، اڳري آسھپ بانس ڇڏيندر ٿوٿريل لاش. آئون چوان ٿو ھي سڀ ڇا آھي؟ ڪيئن ٿيو؟ ڇا اھا آھي سرشٽي؟ ان کي پوريو ڇو نٿا؟ ڇا اھو سڀ دفن ڪرڻ لاءِ ناھي؟ سوين مڻ مٽي ھيٺان ڏيوالٽيءَ ۾ لٽڻ لا٣، لوڙھھ ۾. ٻڌايو، گھڻا ڏينھن رکندؤ ان کي مون آڏو ائين سجائي سمھاري؟ جواب ڏيو، مون کي ھتي ڇو آندو ويو آھي؟ جواب ڏيو، مون کي ھتي ڇو آندو ويو آھي؟ ھن ڇپر ھيٺ مان قيد ڇو آھيان؟ ڇا منھنجا ھٿ پير نيئرن سان نھ ٻڌا ويا آھن؟ اف..... مان مان گھٽجان پيو..... مان گھٽجان.... آھ .... آھ .... آھ.... ھي سڀ ڄاريون، ھي سڀ لوگھا کليل ڇو آھن! ڇا سڀ ڪجھھ منھنجي ڏسڻ لاءِ! محسوس ڪرڻ لاءِ! ڀوڳڻ لاءِ. مان.... ٻارھن سالن جو ٻار تھ نھ آھيان! مان سڀ زنجير ٽوڙي ڇڏيندس. سڀ ڄار، تار، منڊ ڀڃي ڇڏيندس، مٽائي ڇڏيندس سارو مانڊاڻ، نشٽ ڪري ڇڏيندس ھيءَ ساري سرشٽي. مون کي ٻڌايو، ڪنھن ڪيو آھي ھي قتل؟ اھو برداشت کان ٻاھر آھي، اسھپ آھي. ٻڌايو ڪنھن ھي خون ڪيو آھي، ناحق خون؟ ائون چوان ٿو کوليو مون کي، مان پاڳل ناھيان، ناھيان چريو، ديوانو. کوليو.... نھ تھ..... مان ...... مان..... سمجھو تھ پوءِ اوھان سڀني جو خير ڪونھي. آھ... برداشت جي ڪا حد ٿيندي آھي...... ٻاھر آھي.... ھي سڀ ڪجھھ برداشت کان ٻاھر آھي.
    آئون جنجير ٽوڙڻ لاءِ سارا ڪشت، ساري شڪتي، طاقت گڏ ڪري زور ڏيان ٿو، پنھنجي ٻانھن جو ٻل آزمايان ٿو. ساڻا کاڻا ھڏ، سنڌ سنڌ کان اکڙيو ٿا پون. سھڪيو سھڪيو ٿو وڃان، پگھريو پگھريو ٿو وڃان. ڦڦڙ ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي. ڦاٽيو ھانڀارو ٿا ھڻن. آئون ھر واري سھڪيو سھڪيو، ڪنڌ لاريو ٿو ڇڏيان، نئين شڪتي گڏ ڪرڻ لاءِ.
    ماڻھو پنھنجي وات اچن پيا، ماڻھو پنھنجي واٽ وڃن پيا. ھيڊا ھيڊا ھراسيل ماڻھو، رت چوسيل، موھ ٽوھ جي گھاڻن ۾ پيڙيل نپوڙيل، چاڪيءَ جي ڏاند جيان اکين تي عينڪ جا کوپا چاڙھيل، ميڄالا نڪتل، جڳن کان برين واش ڪيل، ڇريا کريا موڳا ماڻھو.
    ڇا مان چريو آھيان؟
    اھو سڀ ٺيڪ آھي؟
    ڇا اھو نياءُ جي ساھميءَ ۾ تورن جي ارٿ پٽاندڙ آھي؟
    ڇا اھو سڀ ڪجھھ برداشت ڪرڻو آھي؟
    ٻڌايو، اوھين سڀ چپ ڇو آھيو؟ جواب ڇو نٿا ڏيو؟
    تھ پوءِ ٻڌو، اوھين سڀ وڏا ....... آھيو، مئل ماڻھو ٿڪي ٿو...... آخ ٿو....
    آئون رانڀاٽ ڪري روئان ٿو، ھانڀارو ھڻي، ڪنڌ کي ڌونڌاڙون ڏئي روئان ٿو. سڀ چون ٿا تھ تون چريون آھين. سڄي شھر وارا، ٻيا تھ ٺھيو، پر منھنجي پنھنجي جيجل ماءُ بھ! ماتا، ڄڻيندڙ، جنني، پالڻھار. ذھن ڌوڏو ٿو کائي. آئون ڏڪان پيو. مان بند ڪمري ۾، نين بُٽي، مونن ۾ منھن وجھي، ماضيءَ جي جھروڪن ۾ ليئان پايان ٿو، جھاتيون، گذري ويل وقت جي لوگھن مان.
    سارو جيون سانوڻ جي سنڌوءَ جيان وھندو ٿو وڃي، پنھنجي ساڳي گنڀيرتا سان. جيون، جنھن جو ٻيو نالو وھڪ آھي، پالوٽ، اونچن اونچن برفيلن پھاڙن کان ھيٺ، ھيٺاھين ڏانھن. اھا آھي ڪڏھن نھ ختم ٿينڊر جيون چر پر. اٿل، پالوٽ سرشٽي جي! ڪاشيءِ، ڪوبھ پل مڪت ڪونھي، ڪوبھ نھ، پوءِ بھ ھرڪا شيءِ، ڪوبھ ڪو پل مڪتي ماڻيل آھي، ڪڏھن نھ ڀسم ٿيندڙ، درياھن جيان، ڌارائن جيان، برفيلن پھاڙن جيان، سمونڊن جيان.
    ذھن جي ڇوٽ سامونڊي ڇولين مان ساروڻن جي ھڪ ڇولي مون کي الائي ڪٿي اڇلائي ٿي ڇڏي، ڄاتل ڪنارن ڏانھن، واھڙن ڏانھن، کيتن ڏانھن. مان ڏسان پيو:
    ھڪ واھڻ آھي، واھڻ ۾ ٻھ وڏا ڪپڙي جا تنبو آھن، ٽينٽس ۽ ٻيا ڪکن جا ڇنا، جن جي ڇتين ۽ پاسن کان ٠امر جي پراڻن وڍيل پيپن جون چادرون ڏنل آھن. انھن جي مٿان ڪولھياڻين جا پراڻا ڇنل پڙا ۽ پولڪائون آھن، ڌوئي اس تي وڌل ڪپڙا.
    ھڪ تيرھن سالن جو سانورو ٻار، بس کي روڪي لٿو آھي. کير جھڙي اڇيءَ گنجي مٿان ھيڊي ريشمي چوڪڙيءَ تي خوبصورت بش ڪوٽ. مٿان تنگ ۽ ھيٺان ويڪري وڏن پاچن واري، ڳوڙھي ھيڊي بيل باٽم پينٽ. ڪنڌ تائين لڙيل وکريل وڏا وار، نئون چيچاٽي ڪارو بوٽ، ھٿ ۾ ننڍڙي رٻڙ جي بيگ، پگھر مان شم.
    ٻار بس مان لھندي ئي پھرين نئين روڊ ڏانھن نھاري ٿو. بلڪل انجنيئرن واري انساز سان سڙڪ جي سڌ ڏانھن ڄڻ ڏامر جي سڙڪ جو ڪاڇو ٿو ڪري، ان جي لس ۽ ليٽ ڏسڻ لاءِ. سڙڪ تي پري پري ڪٿي خطري جي نشاني واريون ڳاڙھيون جھنڊيون کتل آھن ۽ پاسي کان پري پري تائين خالي ٿيل ڏامر جا پيپا ۽ ريتي، بجري ۽ پھڻن جا ڍير. ٻار ھٿ ۾ ٻڌل خوبصورت گھڙيءَ ڏانھن نھاري ٿو. اڃا صبح جا يارھن بھ نھ ٿيا آھن. آسمان من جھڙ جا ڪجھھ آثار آھن. ٻار وري اڌ فرلانگ کن پوئتي، سڙڪ جي ساڄي ٻاسي ٻنھين تنبن ۽ لوھھ جي چادرن وارن ڇنن ڏانھن نھاري ٿو ۽ بيگ کڻي ھوريان ھوريان تنبن ڏانھن وڌڻ لڳي ٿو. تنبن مان ھڪ تنبو سندس آھي ۽ ٻيو سندس ٻئي ڄنگھون وڍيل، اپاھج ٺيڪيدار پيءُ جو آھي. باقي سڀ گھروندا ۽ ڇنا، مزورن جا آھن، جن کان ٿورو ئي پريان، وڻن جي جھنڊ ھيٺان ڀيلن ۽ ڪولھياڻين جا ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا پٽ تي مٽيءَ جي پنوڙن سان اوڪ بوڪ راند کيڏندا ٿا نظر اچن، جن کي ڏسي ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. ڇوڪرو ڪا شيطاني ياد ايندي، لڪندو ھڪ تنبوءَ پٺيان اچي ٿو ۽ ھڪ ننڍڙي خوشي ماڻڻ لاءِ سوٽ ڪيس مان بسڪوٽن جا ٻھ پيڪٽ ۽ کٽمٺن جو گروس ڪڍي، پيپن ۽ چادرن وارن ڇنن پٺيان لڪندو، وڻن جي جھنڊ ھيٺان کيڏندڙ ٻارڙن مٿان لڪي بسڪوٽن جا پيڪٽ ۽ کٽمٺن جو گروس اڇلائي ٿو ۽ يڪسم سوٽ ڪيس بند ڪري، لڪندو پنھنجي تنبوءَ ڏانھن ڊوڙي ٿو. ٻارڙن جو شور سندس ڪنن ۾ گونجي ٿو. ٻار پاڻ ۾ ڇن پٽ پيا ڪن کٽمٺن ۽ بسڪوٽن لاءِ.
    ڇوڪرو لڪي، اتاولن ٻارڙن جي ڇن پٽ ڏسي، خوشيون ماڻيندو، پنھنجي تنبوءَ جي ڪپڙي واري در مان تنبوءَ ۾ اچي ٿو ۽ کن لاءِ بيھجي وڃي ٿو، نئين شرارت لاءِ. کٽ تي اجرڪ مٿان واريو ستل آھي ھڪ عورت، گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ ۽ الوپ. ساري ڍڪيل. رڳو پيرانديءَ کان سندس سھڻا، سانورا ڌوتل ڌوتل پير، اڌوگابرا ٻاھر آھن ۽ پيرن جي آڱرين ۾ پيل اٿس پتل جا ميناڪاري وارا رنگا رنگ ڇلا. ٻاھر ٻارڙن جو اڃا شور آھي. ڇوڪري کي نئون رونشو ٿو سجھي. ھو پھرين عورت جي آڱوٺي ۾ چڪ ھڻڻ لاءِ پيراندي گوڏن ڀر جھڪي وات وڌائي ٿو، پر پوءِ اچانڪ پوري طاقت سان اجرڪ جي پلو کي سٽ ڏئي، عورت مٿان اجرڪ لاھي ٿو ڇڏي.
    ھڪ ٻارھن تيرھن سالن جي ڇرڪڻي ڪولھڻ نينگري وٽ کائي، ڪوراڙ بلا جيان ڪيڪ ڪري ٿي اٿي. ڇوڪرو ڇرڪ ڀري ٻھ ٽي قدم پوئتي ھٽي ٿو وڃي، تنبوءَ جي در ڏانھن. ڇوڪري ھڪدم ڀيانڪ سپنو سمجھي، جاڳيل ننڊاکڙي حالت ۾ ھڪدم سٿرن تائين کڄي ويل پڙي جا ڀنگ ھڪدم بُڪين تائين ھيٺ ٿي ڪري پيرن تائين، ستر لاءِ ڍرڪي ويل ڍرو نينھنگ مٿي ٿي ڪري ۽ ڇوڪري کي ڊناڻو، ھيساڻو، پاڻ ۾ گھور ٻڌي نھاريندو ڏسي، ستر لاءِ پھرين ارھن مٿان پولڪا تي ھٿ ڏئي ٿي، پوءِ ھڪدم منجھي ٻنھي ھٿن سان ننگي ڍڍري ڍڪي ٿي ۽ چنري ڳولھڻ لاءِ کٽ ڏانھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ٿي ۽ لڄ کان اکين تي ھٿ ڏئي ٿي ڇڏي.
    ”تو کون ڻڍ؟“
    ”سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو...... سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو.....“ سڀ ننڍڙا ٻارڙا شور مچائيندا، تنبوءَ ۾ اچن ٿا. ڇوڪرو پريشان ٿي، ڪنڌ لاڙي، ٻئي تنبوءَ ۾ ھليو ٿو وڃي، ڏاڍو ھيساڻو.
    ھن تھ سمجھيو ھو تھ کٽ تي سندس ڪولھڻ ماتا مرادا ستل ھوندي، جا کيس ڇھن مھينن جي ڄمار کان ھنج ۾ کنيو ڪن ڪتايون ڪرائيندي پئي اچي. ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ سندس کٽ تي ڪو ٻيو سمھي سگھي ٿو. ھيءَ ڪير ڇوڪري آھي ۽ ايڏي ڌوتل پوتل ريشمي پڙو، سونو بولو، چانديءَ جي ٻانھين، نراڙ تي ياقوت جھڙو تلڪ، ڪير آھي؟ ڇا ھوءَ ماتا مرادا سان شڪايت تي نھ ڪندي ۽ ماتا بابي سان؟
    ”سيٺ نو ڏيڪرو آڳيو.... سيٺ نوڏيڪرو آڳيو......“ سڀ ٻارڙا شور مچائيندا سندس تنبوءَ ۾ گھڙي پون ٿا، پر ھراسيل اٻاڻڪي ڇوڪري کي ٻار نٿا وڻن.
    ”ڀاڳي زائو، ڏوڙي زائو، وڻا ماٿي کيلو.“ ڇوڪرو سڀني ٻارڙن کي دڙڪا ڏيئي، وڻن ڏانھن راند کيڏڻ لاءِ ڊوڙائي ٿو ڇڏي. سڀ ٻار توائڙا ٿي ڏانھس حيرت مان نھاريندا وڻن ڏانھن ھليا ٿا وڃن.
    منجھاڻو ڇوڪرو ٻئي تنبوءَ ۾ بستري مٿان ڊھي ٿو پوي، گھڙيءَ گھڙيءَ نيڻن آڏو ساڳيو چھچٽو، ساڳيو ڏيک ڊوڙندو ٿو اچيس:
    سھڻا ڌوٻيءَ ڌوتل پير، اجرڪ، سٽ، سنھڙي ڪيڪ، ڊيڄوڙو، سانورين سنھڙين سنھڙين سھڻين لسڙين رانن ۽ بڪين مٿان جھٽ جھٽ پڙي جي گھيرن جو وري وڃڻ، تجلا ڏيندڙ پولڪا، تلڪ، مک، ھٿ، پير، ڪرايون، آڱريون، پيٽ، سنھڙي چيلھھ، ٿلھھ ۽ اونھون اونھون دن، ڳاڙھاٽيل مک، ستر لاءِ سٽون ڏيندڙ ھٿ، اکين تي، پولڪا تي، پيت تي، وري ٻر ٻر ٻرندڙ اکين ٿي. ڪير آھي، ڇا ماتا مرادا جي مائٽيائي؟ ڪيڏي نھ سھڻي آھي؟ ڇوڪري کي انگريزي رنگين فلم ”ٿيف آف بغداد“ جي ڇھن ھٿن واري ننگي نچڻي ياد اچي ٿي، جا نچندي نچندي بغداد جي پوڙھي باشاھ کي ڀاڪر پائڻ ويل، ڇرو سندس پٺن ۾ ھڻي ٿي ڪڍي. اف، ھيءُ تھ نچنيءَ کان بھ وڌيڪ سھڻي ۽ سوڀناڪ آھي ۽ تلڪ؟ ڇوڪري کي ”ٿيف آف بغداد“ فلم جي ننڍڙي ھيرو صابوءَ کي ديو جي چوڻ تي، پھاڙن جي وچ ۾، وڏي جادوئي مندر مان لنگھندي، ھڪ خوفناڪ آدم خود ڪوريئڙي کي ماري، وڏي انگاس بت جي نرڙ مان تلڪ سمان لڳل ھيرو ڪڍڻ واري سين ياد اچي ٿي.
    ھان!.... رنگين فلم جي ڪوڙ کان ھيءَ ساڀيان ڪيڏي نھ سھڻي آھي! ساڳيو منظر، ساڳئي موھ مان سندس اکين آڏو فلم جي رول جيان ڦرندو ٿو رھي، ڇوڪرو بستري تي اسانت آھي ۽ ھڪ وڏي جادوئي موھ ڄار جي تارن ۾ ڦاسي، ڦٿڪي پيو، ڀوڳي پيو. کن مٿان کن، پل مٿان پل گذرندا ٿا وڃن.
    ”ٻاٽي کاڌي ھي؟“
    ڇوڪري ھٿ ۾ لسيءَ جو وٽو کنيو، ڇوڪري تنبوءَ ۾ آئي آھي. پنھنجو پاڻ کي مورچٽ رئي ۾ ويڙھيو بيٺي آھي. کن مٿان کن، پل مٿان پل گذرندا ٿا وڃن. ھر ڪا شيءَ پنھنجو وجود وڃائي ٿي ويھي، لسيءَ جو وٽو بھ. وچ ۾ رڳو ھڪ موھ جو جادو آھي، نيڻن جي تاسارين ۾ نيڻ ڄمي وڃن ٿا، نيڻ جھڪي وڃن ٿا، نيڻ مٿي کڄن ٿا. اکڇنڀ جو کي، اڃيا نيڻ ڍاپن نٿا. تؤنس کان کامندڙ، اواڪ اڃيا اندر. ھانو، وقت جا ھلندڙ بي حس گھڙيال. اوچتو نينگري نيڻ جھڪائي، لسيءَ جو وٽو ٽپائيءَ تي رکي، ٻئي تنبوءَ ڏانھن ھلي ٿي وڃي. ساروڻن جي ھڪ ٻي ڇولي ڇلندي ٿي اچي:
    ڊناڻو ھيساڻو ساڳيو نينگر، ساڳئي تنبوءَ جي در تي بيٺو آھي، چورن جيان، موھ ڄار جي ڪن ۾ ڦاٿو، ستل نينگريءَ جي اونھي اونھي دن ۾ نيڻ کپايو. ”شيوا.....“ ھو ڳالھائڻ چاھي ٿو، پر اکر نڙيءَ جي اونھاين مان اورانگھين نٿا. نينگري جي ننڊ ۾ ڦٿڪو آھي، ڪجھھ جاڳ جھڙو ڪجھھ آڳ جھڙو.
    ڇوڪرو ڀوڳي پيو، موھ جا تار ٽوڙڻ لاءِ لڇي پيو. رڳو ٽن وکن جي وڇوٽي تي تھ آھي، پل صراط. اوچتو ھڪ ئي سٽ سان ڇوڪرو سارا ڄار ٽوڙي، اونھي اونھي دن جي ڪين ڪن تائين پھچي وڃي ٿو. اونڌن گوڏن ڀر ويھي، کٽ جي ٻانھينءَ کي ھٿ سان جھليو، نينگري٤ جي ننگي ڪامڻي پيٽ ۾ نھاريندو رھي ٿو. اونھي اونھي دن جي کونھر ۾، رڃ پانڌيءَ جيان، ٻڏي وڃي ٿو. اواڪ اڃيا چپ، دن جي ڪين ڪن ۾ ڀِڄي وڃن ٿا.
    ”شيوا.... شيوا...... شيوا...“ نينگر جو ڪنڌ نينگريءَ جي ٿڙھن ڏانھن ڦٿڪي وڃي ٿو. وري ارھن ڏانھن، وري مورچٽ گنديءَ اندران چپن ڏانھن. نينگريءَ جي ديھھ ۾ ڄڻ زلزلو پيدا ٿي وڃي ٿو. نينگر جي چپن سان چپ ڀڄائي، سندس پٺن کان ٻانھون ورائي، سارو نينگر پاڻ مٿان ورائي ٿي ڇڏي، چپن جو ٻنڌ ھڻي، چاھي ٿي نينگر کي پنھنجي اندر پيھي ڇڏڻ.
    ”او سوڍا، سرتا، روڻيا. ڪيڙو ڪامڻ ڪيتو ھي؟“
    نينگريءَ جا نيڻ وشال ٿيندا ٿا وڃن، وشال، اڃا وڌيڪ وشال، نيري نيري سمونڊ جيان، ڇر ڇر ڇمڪاٽ ڪندي ڇولي ٻنھي مٿان وري ٿي وڃي، ڄڻ ھرڪا شيءِ وقت جي مھا پرلئھ ۾ لڙھي ٿي وڃي.
    مان ڊڄي اکين تي ھٿ ڏئي ٿو ڇڏيان:
    ھان....... ھي ٻئي ڪير ھئا؟ موھ ڄار ۾ ايڏو ڦاٿل! ايڏا ڳتيل. ڳيراٽين ۾ پويل، موھ ڄار جي مھاڀاري ڪن ۾ ٻڏاڻا! ايڏا اتاولا ۽ بي خبر. ڪير ھئا ٻئي؟ اھو ڪھڙي سورڳ جو ڏيک ھو؟ ڇا ڪو سپنو، ڪنھن پوڄاريءَ جو؟..... پر مان اھو سڀ ڪيئن ڏسي سگھيس، منھنجا چپ ايڏو چپ ڪيئن رھيا؟ رڳو ايترو ئي ٻڌائي ڇڏيان ھا تھ ھن سورڳ کان پري، ٻيو ھڪ نرڳ بھ آھي! ڄرندڙ، آڳ الا. ڪجھھ تھ کين خبردار ڪريان ھا. ارھ.... اف...... ھت ڪيڏي نھ ٻوسٽ آھي، ڪيڏو ھٻڙاٽ آھي. مان ھت بند ڇو آھيان؟ ھي ڪھڙو نرڳ آھي؟ ڪھڙي جنبن جي سزا؟ ڇا مان اکيون کوليان......؟ پر..... ھنن لوگھن پٺيان جيڪو لاش پيو آھي، ان کي مان ڪيئن ڏسي سگھندس؟
    ”آھ..... ڪو آھي، مان..... مان گھٽجان پيو. منھنجو ساھ...... مان.... آھ..... گھٽجان.... ٺيڪ آ، مان چريو ئي سھي...... پر اوھان مون کي ماڻھو ڇو نھ ٿا سمجھو! ڇا پاڳل کي حواس نھ ٿيندا آھن؟ مان..... مان اقراري آھيان تھ مان چريو آھيان، خوفناڪ، خطرناڪ چريو...... پر ھي..... ھيءَ ڪھڙي سزا آھي؟ اوھان مون کي ماري ڇو نٿا ڇڏيو! ڇا اوھان وٽ گولي ھلائڻ لاءِ پنجاھ پئسا ڪينھن ڇا؟
    (.....................................)
    آھ... آھ... چؤنڪيداري ڪندي اوھان سڀ سمھي پيا آھيو ڇا! منھنجو آواز ڇو نٿا ٻڌو! مان ڀتين سان پيو ڳالھايان! يا اوھان جي ٻڌڻ جا ھواس ختم ٿي ويا آھن! ڪٿي...... ھي مڙدو شيوا جو تھ نھ آھي! ڇا مون کي رڳو اھو ڪجھھ ڏيکارڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي؟ مان تھ اھو وسھيو ھئس تھ ھن ڌرتيءَ کان مٿي ٻيو ڪوبھ سورڳ يا بھشت ڪونھي! آھ..... مان گھٽجان پيو تھ پوءِ.... ڪن کولي ٻڌي ڇڏي منھنجا اڇا وار، سفيد سينو ڏسي ڀنڀلجو نھ. مان..... مان اڃا ٻارھن سالن جي عمر جي ڏاڪي کان اڃا ھڪ ڏينھن بھ مٿي نھ چڙھيو آھيان. مان اھو سڀڪجھھ ڏسن لاءِ تيار ناھيان.... ناھيان..... ناھيان.......
    مان بند ڪمرن ۾ ڌونڌاڙون ڏئي روئان ٿو. سارا ڪشٽ، سموري شڪتي گڏ ڪري زور آزمايان ٿو ۽ نست نٻر ٿي ڪري ٿو پوان. ھن ازل جي اواڪ اونداھين ۾ پري رپي تائين ڪو ڪڙواءُ پڙلاءُ ڪونھي. منھنجي پنھنجي رڙين جو پڙاڏو بھ نھ!.......


    نوان پيغامبر

    جڳن کان پوڙھو تاريخدان لکي رھيو آھي، لکندو ٿو اچي، ھن کنڊ جي تاريخ. جا ٻارڙا اسڪولن ۾ پڙھندا آھن. مون ننڍڙي لاڪي پڙھيو ھو – اڻ آريھ، اڻ سڌريل ۽ اگھاڙا ھئا. ڪچو ماھ، مڇيون ۽ گلوئيون ۽ ڳوھون کائيندا ھئا. پھاڙن جي چرن ۾ رھندا ھئا. پوءِ خيبر جو لڪ لتاڙي آريھ لوڪ آيا، جي سڌريل ھئا ۽ ڪپڙا اوڍيندا ھئا. انھن جھنگلي اڻ آرين کي ماري مات ڪيو ۽ کين ھن کنڊ مان ھڪالي ڪڍيائون ۽ ساري ھندستان جا والي ٿي ويٺا.
    منھنجي دل ۾ سڌريل آرين لاءِ عزت پيدا ٿي وئي.
    لکيل آھي: سڪندر اعظم يونان جو بادشاھ ھو. ھن ساري دنيا تي گھيرو ڪيو ھو. ھو وڏو بھادر، رحمدل، جنگجو، سورھيھ ۽ انصاف وارو بادشاھ ھو. مرڻ ويل ھن پنھنجا ھٿ ڪفن کان ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيا ھئا تھ ڏسو خالي ھٿين پيو وڃان.
    مون دل ۾ چيو، واھ واھ!! مرڻ ويل بھ دنيا لاءِ سبق ڇڏي ويو.
    لکيل آھي تھ: قطب الدين ايبڪ غلام گھراني جو پھريون بادشاھ ھو. وڏو عادل، انصاف وارو، جنگجو ۽ بھادر بادشاھ ھو. کيس لک داتا (لک بخش) ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھن وڻ پوکايا، کوھ کوٽايا، ڍلون معاف ڪيون ۽ وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا. قطب مينار ۽ قطب مسجد اڃا تائين سندس يادگار آھن.
    مون سوچيو: بادشاھ تھ اھڙا.
    لکيل آھي: ناصر الدين التمش جو ننڍو پٽ ھو. ڏاڍو نيڪ دل، خدا ترس، نيڪ، پرھيزگار، بھادر ۽ جنگجو بادشاھ ھو. کيس درويش بادشاھ ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھو شاھي خزاني جو ھڪ ڏوڪڙ بھ پاڻ تي خرچ ڪرڻ حرام سمجھندو ھو. اکر ڏاڍا سھڻا ھئس. قران شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ تؤنريون ٺاھي انھن تي پيٽ گذر ڪندو ھو.
    مون چيو جزاڪ الله! ايڏا خزانا ھوندي بھ ھت جو پورھيو ڪندو ھو.
    لکيل آھي: جلال الدين بادشاھ کي ڪوبھ پٽ ڪونھ ھو. پنھنجي ڀائٽي علاؤ الدين کي پٽ ڪري ڪوٺيائين ۽ اھو خيال پيدا ٿيس تھ سڪندر وانگي ساري دنيا کي فتح ڪيان. ھن گجرات، ڪاٺياواڙ، تيمور، چتور، اجين، مالوا ۽ سنڌ جا ڪجھھ علائقا فتح ڪيا ھئا. ھو ڏاڍو عادل، بھادر ۽ انصاف وارو ۽ غريبن جو خيرخواھ ھو، تنھن ڪري کيس ڪافور ملڪ زھر ڏنو ھو.
    لکيل آھي: تيمور لنگ، چنگيز خان جي پوين مان ھو. نھايت بھادر، انصاف وارو ۽ جنگجو ھو. تاتارين، ترڪن ۽ ايرانين جو وڏو لشڪر وٺي، اچي ھندستان ۾ ڪاھي پيو ھو ۽ ساري ھندستان جا بنياد ڌوڏي ڇڏيائين. ھو وڏو قدردان ۽ انسان دوست بادشاھ ھو.
    لکيل آھي: بابر تيمورلنگ جو پڙپوٽو ھو. ھن تيمور لنگ وانري رڳو ھندستان ۾ ڦرلٽ ڪانھ ڪئي، پر پاڻيپٽ جي لڙائيءَ ۾ ابراھيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي دھليءَ جي تخت تي ويٺو. ھن بنگال، جوڌپور، سنڌ، راجپوتانا، گجرات، ڪشمير بلڪھ ائين چوڻ مناسب ٿيندو تھ سارو ھندستان فتح ڪيو. ھن کي انساني کوپرين جا مينار وٺندا ھئا. ھو وڏو بھادر، عادل، رحمدل، خدا ترس ھو، ھو يڪي سر ٻھ مڙس ڪڇ ۾ ھڻي جمنا نديءَ کي پار ڪندو ھو. سندس وقت ۾ رعيت تمام سکي ھئي ۽ مٿائن ڍل معاف ڪئي ھئائين.
    لکيل آھي: ھمايون ڏاڍو رحمدل، خداترس، دور انديش ۽ درويش بادشاھ ھو. ھن کوھ کوٽايا، مسافر خانا ٺھرايا. آفيم سان مڙئي ٿوري دل ھيس.
    لکيل آھي: شير شاھ، سوري گھراڻي جو پھريون بادشاھ ھو. ھن ھمايون سان ٺڳي ڪري ڪجھھ سال حڪومت ڪئي ھئي. ھو ايڏو تھ بھادر ھو جو تلوار جي ھڪ ئي ڌڪ سان شينھن کي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيو ھئائين. تنھن ڪري کيس شير شاھ چوندا ھئا. ھن کوھ کوٽايا، ون پوکايا، رستا ٺھرايا ۽ پنج ئي وقت نماز قائم ڪئي. سندس وقت ۾ شينھن ۽ ٻڪريون ھڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا ھئا.
    لکيل آھي: جلال الدين اڪبر کي مغل اعظم ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھن ساري ھندستان تي ٤٩ سال ھڪومت ھئي. ھو ھندو ۽ مسلمانن کي ھڪ اک سان ڏسندو ھو. ھن ڍلون معاف ڪيون، کوھ کوٽايا، رستا ۽ مسافر خانا ٺھرايا ۽ رعيت کي پنھنجو اولاد ڪري سمجھندو ھو. ھن ھندو ۽ مسلمانن کي گڏ ڪرڻ ٿي چاھيو، تنھن ڪري مسلمان رعيت منجھائنس مڙئي ناخوش ٿي پئي ھئي.
    لکيل آھي: جھانگير جو انصاف ساري دنيا ۾ مشھور آھي. سدائين در تي انصاف جي پڪار لاءِ ٽلا ۽ زنجيرون لڙڪنديون ھيس. ٿورو عاشق مزاج ھو. پنھنجي زال نورجھان سان ڏاڍي دل ھيس. ٿورو آفيم ۽ شراب واپرائيندو ھو.
    لکيل آھي: شاھجھان پنھنجي ڀاءَ شھريار ۽ سندس ٻارڙن کي مارائي تخت تي ويٺو ھو. وڏو نيڪ نمازي، انصاف وارو، غريب نواز، رحمدل ۽ بزرگ بادشاھ ھو. راڻي ممتاز محل تي ساھ ڇڏيندو ھو. ھن کوھ کوٽايا، وڻ پوکايا، وڏين وڏين عمارتن جا بنياد وڌا، تاج محل، جامع مسجد ۽ شاليمار باغ اڃا تائين سندس يادگار آھن.
    لکيل آھي: اورنگزيب پنھنجي ڀاءُ داراشڪوھ ۽ ٻين ٽن ڀائرن کي مارائي تخت جو اڪيلو وارث ٿي ويٺو، تنھن ڪري کيس عالمگير جو لقب مليو. ھو وڏو نيڪ نمازي، پرھيزگار، ڪامل درويش ۽ ولي الله ھو. ھن تخت تي ويھندي ئي مرھٽن ۽ راجپوتن کي ٽوٽا چٻارائي ڇڏيا. شراب ۽ راڳ کي بند ڪرايائين. سڄي عمر شاھي خزاني مان پاڻ تي ٽڪو بھ خرچ ڪونھ ڪيائين. اکر تمام سھڻا ھئس. قرآن شريف جا نسخا لکي، ٽوپيون، تڏا ۽ پنھنجي خوشحال رعيت جا جنڊ آھوڙي پيٽ گذر ڪندو ھو.
    ساري تاريخ سڪندر اعظم جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين اھڙن عادل، نيڪ نمازي، انصاف پسند، درويش، ولي الله، جنگجو ۽ بھادر بادشاھن جي ساراھ سان ڀري پئي آھي ۽ لکيل آھي:
    ”خبر اٿو موھن جو دڙو ڪيئن تباھ ٿيو؟“
    جواب آھي: ان لاءِ تھ مھاراجا موھن وڏو ظالم، جابر، عياش ۽ زاني راجا ھو. سندس ملڪ ۾ جيڪا بھ شادي ٿيندي ھئي، انھيءَ ڪنوار کي پھرينءَ رات ھو زوريءَ پاڻ وٽ ٽڪائيندو ھو. ھڪ ڀيرو جڏھن سندس ڀيڻ جي شادي ٿي (جيئن تھ راجا مٿس پھرين ئي بعيمان ھو) سو ڀيڻ کي پھرينءَ رات پاڻ وٽ ٽڪائڻ چاھيائين. الله تعاليٰ جو مٿس ڏمر نازل ٿيو. ڌرتي ڌٻي، اک ڇنڀ ۾ اھو راجا ۽ سندس پرجا ڪروڙين مڻ مٽيءَ ھيٺ دٻجي غرق ٿي ويا.
    پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو الله تعاليٰ کين غرق ڪيو، ملعون ڪٿي جو، ڀيڻ سان ٿي شادي ڪيائين!
    لکيل آھي: ”خبر اٿو تھ ڪاھوءَ جو دڙو ڪيئن غرق ٿيو؟“
    جواب آھي: مھاراجا ڪاھو ميرپور خاص واري پاسي کان حڪومت ڪندو ھو. ھو وڏو ظالم، عياش، جابر، منڪر ۽ زاني راجا ھو. ھزارين ٻانھيون، راڻيون ھئڻ جي باوجود جيڪا بھ سھڻي عورت ڏسندو ھو، تنھن کي کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪندو ھو. ھڪڙي ڀيري تلاءَ ۾ ڀيڻ کي اگھاڙو وھنجندي ڏٺائين، سو دل بعيمان ٿي پيس. کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪيائينس. الله تعاليٰ جو مٿس عذاب نازل ٿيو. سج نيزي پاند اچي بيٺو ۽ ڌرتي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي. ظالم راجا ۽ سندس پرجا ڄڻ ٻچي سوڌا اونھي پاتال ۾ ھليا ويا.
    لکيل آھي: خبر اٿو دلوراءِ جي نگري ڪيئن ناس ٿي؟
    جواب آھي: دلوراءِ سيوھن جي مٿان راج ڪندو ھو. ھو وڏو خونخوار، عياش، وڏي درجي جو مڪار ۽ زاني راجا ھو ۽ ھر رات نئين منڌ ماڻيندو ھو. ھڪ ڀيرو ھو ڪٿان ٻاھران ٿي آيو. چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ محل جي اڱڻ ۾ ڀيڻ جي ڌيءَ کي سرھيءَ سيج تي ستل ڏسي انڌو ٿي پيو. نيانيءَ تي وٺي ناھر وارو حملو ڪيائين. الله تعاليٰ جو مٿس قھر نازل ٿيو. ست فرستا آسمان مان لٿا جن اچي زمين تي قلعا کوڙيا ۽ زنجيرن سان سندس ننگريءَ جا بنياد پاڙان ڌوڏي ڪڍيائون ۽ ائين اھو ظالم راجا ۽ سندس پرجا نيست ۽ نابود ٿي ويا.
    لکيل آھي: خبر اٿو ديبل بندر ڪيئن تباھ ٿيو؟
    جواب آھي: سنڌ جو حڪمران مھاراجا ڏاھر – وڏو ظالم، جابر، عياش ۽ زاني ھو. ھن وت سنگ مرمر جي مجسمن جھڙيون سوين حسين ٻانھيون ھيون. پوءِ بھ ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئائين. ڌاڙيلن جا ٽولا وٺي، سامونڊي رستن کان عرب جي حاجيين جا جھاز گذرندا ھئا، انھن کي ڦريندو ھو. الله جو مٿس قھر نازل ٿيو. رحمت المسلمين خليفي حجاج جي من ۾ مٿس ڪاھ ڪرڻ جي وڌائي، جنھن لسڪر سان مجاھد محمد بن قاسم کي ڏياري موڪليو. سجي سنڌ ۾ گھوڙا گھوڙا ٿي وئي. عرب غازين جي گھوڙن ڪافرن کي ڄڻ ٻچي سوڌو چيڀاٽي ماريو. منڪر ۽ ملعون ڏاھرن کي شڪست ملي. سندس سر کي نيزي تي ٽنگيو ويو ۽ محمد بن قاسم جي مجاھدن منجنيقن جي پھڻن سان ديبل جي ديوارن کي دنيا جي تختي تان ميساري ڇڏيو.
    پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. چڱو ٿيو، منڪر ۽ ملعون کي سيکت ملي. ڀيڻسان ڀيڻن تان بھ ڪونھ ٽرندا ھئا. ظالم، زاني! جھڙي ڪيائون، تھڙي ڀريائون ۽ آئون پنھنجي اڻ پڙھيل دوستن کي سڪندر مقدوني، مھاراجا اشوڪا، قطب مينار ۽ تاج محل جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھئس ۽ جھانگير جي انصاف جا ڍڪ ڀريندو ھئس.
    ھڪڙي ڀيري سنجھي جي سھائي ويل امان مون کي چيو تھ: ”پٽ، اچ تھ توکي دودي سومري جي ڪھاڻي ٻڌايان.“
    مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ حيران بھ ٿيس. چيم: ”امان، دودو سومرو ڪير ھو؟“
    چيائين تھ: ”پٽ، توکي دودري سومري جي خبر ڪانھي؟ دودو سومرو سنڌ جو سورھيھ سرويچ سپوت ھو. ھن سنڌ جي سدا سھاڳڻ ڌرتيءَ تان پنھنجو سر گھوريو ھو.“
    مون حيران ٿيندي چيو: ”پر، امان تاريخ ۾ تھ انھيءَ جو نالو آھي ئي ڪونھ.“
    امان چيو: ”ھا پٽ، دودو سومرو سنڌ جو حڪمران ھو، تاريخ ۾ سندس نالو ڪونھي تھ ڇا ٿيو – ساريءَ سنڌ ۾ ھر ماڻھو ھر منڌ جي سيني تي سدائين سندس رت رتول تاريخ جا چٽ چٽيل ھوندا“ ۽ چيائين: ”پٽ، اھا ڪھاڻي مون کي تنھنجي نانيءَ ٻڌائي ھئي. ھاڻ ڪن ڏئي سنڌ جي انھيءَ دولھھ دلير جي ڪھاڻي ٻڌ.“
    ۽ پوءِ امان مون کي سنڌ جي ان سورھيھ سرويچ ۽ باغيرت دودي جي ڪھاڻي ٻڌائي. اھا ڪھاڻي ايڏي تھ پردرد ۽ دل ڏاريندر ھئي جو منھنجي اکين م ڳوڙھا اچي ويا. نڙيءَ ۾ ڄڻ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو ھئم. چيم: ”اما پوءِ روپاھ تباھ ٿي وئي.،
    امان چيو: ”ھا پٽ، پوءِ روپاھ ھميشھ ھميشھ لاءِ سنڌ جي سيني تان ميسارجي وئي.“ امان ڄڻ روئي پئي ھئي ۽ آئون ڪنھن ڳوڙھيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويو ھئس. ”امان، دودي سومري علاؤ الدين کي پنھنجي ڀيڻ جو سڱ ڇو نھ ٿي ڏنو؟ ڪٿي ھن پان تھ ٻاگھل سان شادي ڪرن نھ ٿي چاھي!؟“
    سٽ مان ھڪ ٿڦڙ منھنجي ڳل تي لڳو – منھنجو منھن ئي ڦري ويو – وائڙو ٿي ويس. ڪاوڙ کان امان جو جسم ڏڪي رھيو ھو ۽ پوءِ نھايت ئي پيار مان منھنجي وارن تي ھٿ ڦيرائيندي گھائل آواز سان چيائين: ”پٽ، پھرين ٻڌاءِ، تون پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪري سگھين ٿو؟“
    منھنجو روح ڏڪي ويو. چيم: ”نھ.“
    امان چيو: ”پوءِ تو سنڌ جي سورھيھ سرويچ، غيرتمند پھلوان جي باري ۾ ائين ڇو سوچيو؟“
    مون چيو: ”امان ڪتابن ۾ تھ ائين ئي لکيل آھي. سنڌ جا سڀ حڪمران ڀيڻن سان شادي ڪندا ھئا. موھن جي دڙي جي بادشاھ، دلوراءِ، ڪاھوءَ جي دڙي جي بادشاھ ۽ مھاراجا ڏاھر سڀني ڀيڻن سان شادي ڪئي ھئي.“
    امان ڪجھھ حيرت مان منھن ۾ نھاريندي رھي ۽ پوءِ نھايت ئي ڏکويل آواز ۾ چيائين: ”الائي پٽ، انھن جي باري ۾ تھ مون کي خبر ڪانھي. پر دودي سومري جي باري ۾ توکي ائين سوچڻ نھ گھرجي. دودو ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان سورھيھ سرويچ ۽ غيرتمند نوجوان ھو ۽ ٻاگھل ھن ڌرتيءَ جي سڀ کان عظيم عورت. انھن جي باري ۾ ائين سوچڻ بھ گناھ آھي.“
    سچي تھ اھا ڪھاڻي منھنجي دل ۾ علاؤ الدين جي دودي تي کنيل ترار وانگي کپ ھڻي وئي ھئي. پر مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اھا منھنجي گناھ جي ننڍڙي سزا ھئا ۽ سوچي رھيو ھوس تھ مون ائين ڇو سوچيو؟ ۽ چيم: ”پر امان، تاريخ ۾ اھڙو بھادر، سورھيھ، غيرتمند حڪمران جو نالو ڇو نھ ڏنو ويو آھي؟“
    امان چيو: ”الائي پٽ، شايد تاريخ وارن کي دودي سومري جي خبر ڪانھ ھئي. تون وڏو ٿجانءِ تھ پوءِ دودي سومري جي تاريخ لکجانءِ.“
    ھاڻ آئون وڏو ٿي ويو اھيان ۽ دراوڙن کان عبدالرزاق شھيد تائين جي تاريخ لکي رھيو آھيان.
    ھڪڙي ڏھاڙي ھڪڙو چٻ جھڙو پوڙھو تاريخدان منھنجي اونداھي ڪمري ۾ ايو ۽ حقي جھڙي بُڙ ٻڙ ڪندڙ آواز سان چيائين:
    ”مون ٻڌو آھي تون دراوڙن جي تاريخ لکي رھيو آھين؟“
    چيم: ”ھا، مان وقت جو نوجوان آھيان – مان دراوڙن کان عبدالرزاق شھيد تائين تاريخ لکي رھيو آھيان.“


    پڃري جا پکي

    مارل جي دل چاھيو ٿي تھ ھوءَ ڳوٺ ڇڏي ڪيڏانھن پري ھلي وڃي، پر وڃي بھ ڪيڏانھن؟ کيس تھ چوڌاري اوندھ ئي اوندھ نظر آئي. سندس دنيا تاريڪ ٿي چڪي ھئي. ھن چاھيو ٿي تھ انھيءَ تاريڪيءَ جي گھرائين ۾ گم ٿي وڃي، ڪنھن اونھي ۽ اونداھي کوھ ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏي، جي دنيا کيس ڳولي بھ تھ سندس ڪو نشان بھ ڪنھن کي نھ ملي سگھي. پر ھوءَ ائين نٿي ڪري سگھي. انھيءَ خيال ايندي ئي ھن جي دل ڏڪيو ٿي وئي.
    ”گلوءَ جو ڇا ٿيندو؟“ گلو، اٺن سالن جو معصوم، ھن جي جگر جو ٽڪرو، ان جو کانئس پوءِ ڪھڙو حال ٿيندو؟ ائين سوچيندي ئي مارل جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. ڳوڙھن کان سواءِ وٽس ھو ئي ڇا؟ ھوءَ ھڪ بيواھ عورت ھئي – خوبصورت بيواھ، جنھن جو ڪوبھ اوھي واھي ھن دنيا ۾ ڪونھ ھو. بيواھ عورت کڻي ڪيترا بھ ڳرا ۽ ڍلا ڪپڙا پائي، تھ بھ ڄڻ اگھاڙي. عورت جو سچو ڍڪ تھ ان جو مڙس ئي ھوندو آھي. مڙس مئي کان پوءِ ھوءَ سچ پچ اگھاڙي ھئي. ھر ڪنھن جون نظرون ھن جي جوان جسم تي اچي کپي ويون ھيون. ٻيا تھ ٻيا، مڙسس جا دوست بھ کيس تڪڻ لڳا. ڪنھن اشارا ٿي ڪيا، ڪو ٿڌا ساھ ڀري سيٽيون وڄائڻ لڳندو ھو تھ ڪي مرڳو اڪيلائيءَ ۾ سندس سڳ جھلي بيھي رھندا ھئا. پنھنجي انھيءَ بيوسيءَ تي ھوءَ دل ئي دل ۾ پيئي ڪڙھندي ھئي، پر ڪنھن سان منھن ڏيئي ڳالھائڻ پسند نٿي ڪيائين. پر جڏھن بھ وڏيري جو تصور سندس اڳيان ايندو ھو تھ ھوءَ ذري گھٽ دھلجي ويندي ھئي. ھن جون وڏيون وڏيون مڇون ۽ ڳارھيون ڀوائتيون اکيون سندس ذھن ۾ ھڪ مستقل خوف ڄمائي چڪيون ھيون. ڪلھھ ئي وڏيري ڏانھس سلامن سان گڏ ڪجھھ سوکڙيون بھ ڏياري موڪليون ھيون ۽ مارل اھي سڀ شيون غيرت ۽ غصي وچان ڌوتيءَ جي منھن تي موٽائي ھنيون ھيون ۽ ھينئر ھوءَ اھو ئي سوچي رھي ھئي تھ ان جي جواب ۾ وڏيرو ضرور ڪو اڍنگو قدم کڻندو. اڄ سڄو ڏينھن ھوءَ پنھنجي پر ۾ روئندي رھي – ايتري قدر جو ڇھھ مھينا اڳ پنھنجي پياري مڙس جي اوچتي اجل تي بھ نھ روئي سگھي ھئي. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ کان ھن کي نفرت ٿي چڪي ھئي. ھن بار بار سوچيو تھ ھتان ڪنھن پاسي منھن ڪري ھلي وڃي، پر پري پري تائين کيس اميد جو ڪو معمولي روشن ڪڙنو بھ نظر نٿي آيو. ھن لاءِ تھ جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو ھو. وري بھ ڪنھن اونداھي کوھ ۾ ٽپ ڏين جو خيال آيس پر بي اختيار سندس اکيون گلوءَ ڏانھن کڄي ويون ۽ سندس لونءَ لونءَ ڪنبڻ لڳي. مامتا ڀريل دل ڇڪي کاڌي، ھن ننڍڙي گلوءَ کي کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايو ۽ سندس اکين مان مجبوريءَ جا موتي لارون ڪري وھڻ لڳا.
    سج الھندي جي ھنج ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڏينھن بدلجي رات ٿيڻ لڳو. تارن سان گڏ چنڊ بھ نڪري نروار ٿيو، پر مارل اڃا پنھنجن غمن ۾ غلطان ھئي.
    مارل چيو تھ ھوءَ صاف انڪار ڪري ڇڏي، وڏي واڪي چئي ڏئي تھ ھوءَ ھاڻي پيٽ خاطر عزت کي خطري ۾ وجھڻ نٿي چاھي. ليڪن پيٽ جون مجبوريون ئي نراليون آھن! ڪڏھن ڪڏھن پيت ديوتا جي قدمن ۾ عزت ۽ غيرت جون انتھائي قيمتي قربانيون ڏيڻيون پونديون آھن. مارل ڪجھھ بھ ٻولي نھ سگھي، ڄڻ سندس گلي کي ڪنھن زور سان گھٽي ڇڏيو ھجي. ھوءَ اڪيلي تھ ڪانھ ھئي، ھڪ کائيندڙ پيئندڙ پٽ بھ سندس پيٽ جي تقاضا ۾ شريڪ ھو! پنھنجن ٻچن لاءِ ھڪ ڪمزور پکي تھ ڄار مان بھ داڻو کڻڻ ويندو آھي. پوءِ ڀل تھ کيس ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڄار ئي ڇو نھ وڇايل ھجي. ھوءَ انھيءَ ڄار جي تار تار کي ٽوڙي ڇڏيندي. مامتا جي پرجوش جذبي ھن جي حوصلن کي جاڳائي ڇڏيو ھو. پنھنجي ٻچي لاءِ ھوءَ ساريءَ دنيا جا خطرا کڻڻ لاءِ تيار ھئي. ھن اڳتي وڌي ڏاتو کنيو ۽ گندي سنڀالي ٻاھر نڪتي.
    چوڌاري چانڊوڪي ڇانيل ھئي. صاف آسمان ۾ چنڊ پنھنجي آب تاب سان چمڪي رھيو ھو. ائين ئي کيس خيال آيو، ضرور ڪنھن ڏينھن سندس قسمت جي چنڊ تان بھ گرھڻ لھندو. ضرور ڪنھن ڏينھن سندس سکن جي آسمان تان ڏکن جا ڪارونڀار ھٽي ويندا. جڏھن گلو جوان ٿيندو! ھن خيال ڪيو تھ ھوءَ ان لاءِ وڌيڪ مھنت ڪري، وڌي معاوضو حاصل ڪري. ڏاتو ھلائڻ ۾ تھ اڳيئي ڀڙ ھئي. مڙد بھ سندس مقابلو نھ ڪري سگھندا ھئا. ھوءَ تيز قدمن سان ٻنيءَ ڏانھن ويندڙ ڪچي رستي تي ھلي رھي ھئي. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي ھئي. ھڪ ھنڌ، گھاٽين ڄارين جي جھنڊ وٽ پھچي، الائي ڇو ھن جا قدم وڌيڪ تيز ٿي ويا. ڪنھن نامعلوم خوف کان ھوءَ ٿڙ ٿڙ ڏڪڻ لڳي. ايتري ئي ۾ پويان ڪنھن جي پيرن جو تمام ويجھو آواز ٿيو ۽ ٻيءَ گھڙيءَ ڪنھن سندس بانھن کي مضبوطيءَ سان جھلي ورتو. بي اختيار، مارل کان ھڪ دردناڪ چيخ نڪري وئي – وڏيرو! ھن ٻانھن ڇڏائن جي ڪوشش ڪئي تھ وڏيري کيس ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. ڏاٽو سندس ھٿن مان ڇڏائجي ويو. غيرت، غصي ۽ نفرت وچان مارل ھن جي پٺيءَ تي ٻنھي ھٿن سان مڪون ھڻڻ لڳي، پر وڏيري تي انھن جو ڪوبھ اثر نٿي معلوم ٿيو. ”ڇڏ، مون کي ڇڏي ڏي! ڪجھھ حيا ڪر..... پنھنجون ڄايون نپايون اٿئي.... وڏيرا، آئون مسڪين بيواھ آھيان...... مون کي ڇڏي ڏي!......“
    ”ڇڏيان ٿو توکي!...... تو ڪلھھ سوکڙيون ڇو ورايون؟.....“
    ”انھن ترن تيل نھ ٿيندءِ...... وڏيرا! مون کي اھڙي نيچ نھ سمجھھ..... اھو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ......! مون کي ڇڏي ڏي!“
    ”آئون ڪو ٻار تھ ڪونھ آھيان. تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر، ڪنھن کي ڪنو ڪن خبر نھ پوندي....“ وڏيري پنھنجيءَ گرفت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو.
    ”ھن رات وڳڙي ۾ ڪابھ پھر ايڏانھن ڪانھ ايندي. ڏس مارل، اجايو وقت نھ وڃاءِ، نھ تھ آئون.......“
    پنجوڙ ۾ ڦاٿل شينھڻ جيان، مارل ھاڻي وڏيري جي بازن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي سھڪي رھي ھئي. ھوءَ روئڻ ۽ اوڇنگارون ڏيڻ لڳي: ”خدا جي واسطي من ڇڏين! رسول جي واسطي، وڏيرا مون بيواھيءَ تي ايڏو ظلم نھ ڪر!.....“
    ”بڪ نھ ڪر!...“ وڏيري ھڪ ئي جھٽڪي سان کيس ليٽائي وڌو.
    ”ڇڏ مئا، ڪتا، پليت!..... ٿو!“ ھن وڏيري جي منھن ۾ ٿڪ ھڻي ڪڍي. وڏيري سندس وات بند ڪرڻ چاھيو تھ ھن زور سان وڏيري جي چنھن ۾ چڪ پاتو، جو ان جي ٻني ھٿن بھ پنھنجي گرفت ڇڏي ڏني. مارل انھيءَ موقعي مان ھڪدم فائدو وٺي، پنھنجي پوريءَ طاقت سان کيس پرتي ٿيلھو ڏنو. پوءِ تڪڙو تڪڙو ڀڄي وڃڻ چاھيو تھ وڏيرو اٿي رھيو ھو. مارل سٽ پائي ڏاٽو کنيو ۽ جيئن ئي وڏيرو ڏانھس وڌيو تھ ھن زور سان وار ڪيو. ھڪ ۽ ان کان پوءِ ٻيو وار. وڏيرو فقط رڙ ڪري سگھيو ۽ پوءِ اتي ئي دھي پيو. چانڊوڪيءَ ۾ سندس آنڊا پيٽ کان ٻاھر ٿي ڏٺا ۽ رت جا گھارا لڳي ويا.
    شڪاري خود شڪار ٿي چڪو ھو. وکريل وارن سان ھٿ ۾ ڏاٽو جھلي، وڏيري جي لاش وٽ، مارل چنڊ جي روشنيءَ ۾ ائين بيٺي ھئي، جيئن شينھن پنھنجي غضنفري حالت م ھوندو آھي. ان وقت مارل کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ سندس دل تان ڪئين مڻ ٻوجھھ ھميشھ لاءِ کڄي ويو ھو.
    يڪايڪ مارل کي پنھنجي جرم جو احساس ٿيو: ”خون!“ ھن جي دل وسامجي وئي. اکيون ڦاٽي ويس. ڏاٽو ھٿن مان ڇڏائجي ويس. ڄڻ زمين ۽ آسمان ڦري رھيا ھئا. ڄڻ ھوءَ بيھوش ٿي رھي ھئي. کيس سجھيو ئي نٿي تھ ھاڻي ڇا ڪري؟ ڪجھھ دير ھوءَ ائين ئي گم سم بيٺي رھي. پوءِ ھن پاڻ سنڀاليو ۽ اتان ڀڄي وڃڻ چاھيو. ٿڌيءَ ھوا ھوندي، سڄي پگھر مان شل ٿي رھي ھئي. ھوءِ ڊوڙي رھي ھئي، پر کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس پيرن ۾ ڪي ڀاري زنجير جڪڙيل ھئا. ٿڙندي، ٿڙندي، آسپاس ڏسندي، ھوءَ رات جي راج ۾ پنھنجي گھر تائين آئي. ڀانيائين، گلو روئي رھيو آھي. ”گلو!“........ بي اختيار اڇل کائي، ستل ٻارڙي تي اچي ڪري پئي. ٻالڪ ڇرڪ ڀري اٿيو. سجو ھراسجي ويو. زور سان روئڻ لڳو. ٻئي روئڻ لڳا. ھن تمام زور سان اھڙيءَ طرح گلوءَ کي ڇاتيءَ سان چنبڙائي ڇڏيو جو ٻوساٽجڻ لڳو – ڄڻ تھ ڪو کانئس سندس پٽ کي زوري کسيندو ھجي. سس اٿي آئي. مارل جي حالت ڏسي گھٻرائجي وئي. ڪيترو ئي پڇيائين، پر ھوءَ ڪجھھ بھ نھ ٻڌائي سگھي. رڳو روئي رھي ھئي. گلوءَ کي ڇاتيءَ سان لڳائي، ھوءَ سڄي رات روئندي رھي. اھا سندس زندگيءَ جي سڀ کان ڀوائتي رات ھئي. صبح جو ڇا ٿيندو؟..... جيل! ڦاسي!..... ۽ گلو؟ ھن کي ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ سندس گھر جي چوگرد ڪيترا ئي ڀيانڪ پاڇولا گشت ڪري رھيا ھئا.
    صبح ٿيو، وڏيري جي خون جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ ھلي وئي. منجھند ڌاري پوليس جي وٺ پڪڙ پئجي وئي. سڄي ڳوٺ جو ساھ مٺ ۾ ٿي پيو. پوليس اچي مارل جي در تي بيٺي. ماڻھن جو ميڙ لڳي ويو. گھر ۾ روڄ مچي ويو. مارل جو فرياد ھو: ”بيگناھ آھيان.... منھنجي پٽڙي تي قياس ڪريو!“ ٻالڪ روئڻ سان حد ڪري ڇڏي، اصل اھمو ٿي ويو. ماءُ مان ھٿ ئي نھ ڪڍي، چولي ۾ چنبڙي پيس. پوليس زور ڪري مارل کي پاڻ سان ورتو ۽ گلوءَ کي ڌڪو ڏيئي، دروازو ٻاھران بند ڪري ڇڏيو.
    مارل کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ھو ڏوھارين جي ڪٽھڙي ۾ بيٺي ھئي. جج انصاف جي پروقار مسند تي جلوھ افروز ھو. قانون جا محافظ اڳيان ڪرسين تي ويٺل ھئا ۽ پويان عام ماڻھن جو ميڙ ھو.
    سرڪاري وڪيل نرمائيءَ سان چيو: ”مائي، قانون ظالم نھ آھي. تون پنھنجي صفائي پيش ڪر.“
    ”آئون بيگناھ آھيان، سائين!“ مارل چيو: ”مون ؛: ناحق جھليو اٿن. مون تي رحم ڪريو. آئون غريب بيواھ آھيان، منھنجي اٺن سالن جي يتيم تي قياس ڪريو. خدا جي واسطي رحم ڪريو“ ھوءَ وڪيل کي پنھنجو ھمدرد ڄاڻي، روئي روئي کيس منٿون ڪرڻ لڳي.
    ”تو وڏيري محمد شريف جو خون ڪيو آھي. تون ان لاءِ ڇا ٿي چوين؟“
    ”مون خون ڪونھ ڪيو آھي، سائين وڏيرو پاڻ.....“
    ”تون ھي شيون سڃاڻين ٿي؟“ وڪيل مارل کي سندس گندي ۽ ڏاٽو ڏيکاريندي پڇيو. ”ھيءَ گندي تنھنجي آھي ۽ ھن ڏاٽي سان.....“
    ”گندي!..... ڏاٽو!..... نھ سائين، ھيءَ گندي.... مون کي ڪا خبر ڪانھي، سائين! مون کي ڪا خبر ڪانھي!...... الا، منھنجو مٿو ٿو ڦري.....!“
    ”حضور، مائي انڪاري آھي.“ وڪيل جج کي مخاطب ٿي چيو. فاضل جج مارل جي نادانيءَ تي مرڪي ڏنو.
    ”ڇا تون سمجھين ٿي تھ تنھنجي ايتري چوڻ سان قانون کي اعتبار اچي ويندو؟“ وڪيل چيو: ”ڳوٺ جا سڀ چڱا مڙس شاھدي ڏئي چڪا آھن تھ ھي ٻئي شيون تنھنجيون آھن.“
    مارل جي وائي بند ٿي وئي. ڪنڌ جھڪي اچي ڪٽھڙي تي پيس. ڪجھھ دير لاءِ سڀني تي يڪسان خاموشي ڇانئجي وئي. يڪايڪ مارل پنھنجو جھڪيل ڪنڌ مٿي کنيو، پري پري تائين ويٺل سڀني ماڻھن تي نظر ڦيرائي، سرڪاري وڪيل، جوري ۽ آخر ۾ جج کي گھورڻ لڳي. سندس چھري تي عجيب گنڀيرتا ڇانيل ھئي. اکين مان جوش ۽ بيباڪي بکي رھي ھئي. آخر سندس چپن کي جنبش آئي:
    ”ھا، ھيءَ گندي منھنجي آھي! ھي ڏاٽو بھ منھنجو آھي. مون وڏيري جو خون ڪيو آھي!“
    ”حضور“ وڪيل خوش ٿي وچ ۾ ئي جج کي چوڻ لڳو: ”ڏوھي پنھنجي ڏوھ جو اقرار ڪري رھيو آھي: مون وڏيري جو خون ڪيو آھي!“
    ”ھا ھا، مون وڏيري جو خون ڪيو آھي، انھيءَ ڏاٽي سان. ھن ڏاٽي نھ فقط مون بيواھ کي پيٽ جي ماني ڏني آھي، پر منھنجي لڄ ۽ آبرو کي بچايو آھي! منھنجي گنديءَ تي رت جا داغ منھنجي عزت ۽ شرافت جو نشان آھن! وڏيرو ڪميڻو، منھنجي بيحرمتي ڪرڻ لڳو ھو...... پنھنجي لڄ بچائڻ لاءِ مون ان کي خون ڪري ڇڏيو. ڇا اھو گناھ اھي؟ ڇا اوھان جو قانون ائين ٿو چوي تھ مون کي پنھنجي لڄ لٽائي ڇڏڻ کپي ھا؟....“
    ”حضور، ڏوھارڻ سڀڪجھھ قبولي چڪي آھي.“ وڪيل تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو. ”ڏوھارڻ لاباري تي وڃي رھي ھئي – رات جي اوندھ ۾، اڪيلي، جڏھن ٻيا سڀ وڃي چڪا ھئا، انھيءَ لاءِ تھ ھيءَ بدچال ھئي، يار سان ملڻ لاءِ وڃي رھي ھئي. وڏيرو محمد شريف ھن کي سدائين روڪيندو ھو. ھو ڳوٺ جو چڱو مڙس ھو، اھو ھن جو فرض ھو. ھن انھيءَ رات بھ ڏوھارن کي روڪيو، ........ ۽ ڏوھارڻ ھميشھ لاءِ پنھنجو رستو صاف ڪري ڇڏيو، ھڪ شريف انسان کي پنھنجي بدڪاريءَ لاءِ قتل ڪري ڇڏيو!.....“
    وڪيل جي زبان ڪينچيءَ جيان ھلي ويئي، جنھن مارل تي خون جي الزام کان وڌيڪ اثر ڪيو. سندس دل جنسي لڇڻ لڳي ۽ دماغ تي ڏک ۽ اذيت جا غبار ڇانئجي ويا، پر ھوءَ ھاڻي رني نٿي. فقط وڪيل کي اکيون پاڙي تڪي رھي ھئي. ماجسٽريٽ کانئس آخري ڀيرو صفائي طلب ڪئي تھ ھن جي دل جو سمورو درد، وڏن وڏن ڳوڙھن جي صورت وٺي، سندس اکين ۾ اچي بيھي رھيو.
    ”آئون ھڪ ماءُ آھيان!...... منھنجي جذبن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو! منھنجي ٻچي تي رحم ڪريو!“ ڳوڙھا ھڪ ھڪ ٿي سندس اکين مان وھڻ لڳا ۽ ھوءَ بيحال ٿي ھيٺ ڪري پئي.
    ڪورٽ سڳوريءَ ڪمال رحم ۽ ڪرم کان ڪم وٺندي مارل کي صرف ويھھ سال پورھئي جي سزا ڏيڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي.
    مارل جيل جي چوديواري ۾ قيد ھئي. ھوءَ نھايت بيچين ۽ بيقرار ھئي. ٻيون قيدي عورتون ھن جي انھيءَ حالت کان بلڪل بي نياز ھيون. انھن لاءِ ھيءَ ڪا نئين ڳالھھ ڪونھ ھئي. انھن ڄاتو ٿي تھ ھر ڪو نئون ڦاٿل پکي پھرئين ائين ئي ڦڙڦڙائيندو آھي ۽ پوءِ اھو ئي پڃرو سندس گھر بنجي ويندو آھي. مارل سڄي رات جاڳندي رھي. اھا ھن جي پھرين رات ھئي، جيڪا ھن گلوءَ جي خيال ۾ روئندي گذاري. ”سڄا سارا ويھھ سال ڪيئن ڪٽبا؟“ ھوءَ اھا ڳالھھ سوچي ئي نٿي سگھي تھ اھڙا ئي ٻيا بھ ھزارين بيگناھ انسان پنھنجيون ساريون ڄمارون انھن ئي ڀتين جي بند ۾ گذاري ويا، انھن بھ ائين ئي سوچيو ھوندو.
    آچر ڏينھن کيس گلوءَ سان ملاقات ملي – ماءُ ۽ پٽ جي مختصر ملاقات، انوکي ۽ دردناڪ جيڪا سيخن جي ٻنھي پاسن کان اوڇنگارن ۾ ختم ٿي.
    آھستي آھستي ڏينھن گذرڻ لڳا ۽ آچر جو ڏينھن مارل جي زندگيءَ جو خاص ڏينھن بنجي ويو. آچر کان آچر تائين ھوءَ مري مري جيئندي ھئي. آچر جو ڏينھن ھن جي زندگيءَ جو محرو ھو. ھر آچر تي ھوءَ گلوءَ سان ملندي ھئي ۽ ھر آچر ھن کي نوان غم ۽ نيون خوشيون، نوان ارمان ۽ نيون اميدون بخشيندو ھو. اھڙيءَ طرح سوين آچر گذري ويا. وقت جي رفتار ساڳي رھي پر مارل جي چھري تي گھنج پئجي ويا ۽ وارا اڇا ٿي رھيا ھئس. جيل ۾ آئي کيس سورھن سال گذري چڪا ھئا، پر لڳي ائين ٿي ڄڻ سٺ کان بھ مٿي ھئي. گلو بھ مچي مڙس ٿيو ھو. ھو ھر ملاقات مي ماءُ لاءِ سٺيون سٺيون کائڻ جون شيون کڻي ايندو ھو ۽ مارل پنھنجي ساٿي عورتن کي وڏي فخر سان ٻڌائيندي ھئي تھ سندس پٽ ھاڻي ڪمائڻ لڳو آھي.
    انھيءَ ڏينھن بھ آچر ھو. صبح کان شام ٿي وئي پر گلو آيو ئي ڪونھ! مارل سڄو وقت سيخن جي ڀر جھلي بيٺي رھي. سڀ عورتون وڃي آرامي ٿيون، پر ھن سڄي رات اکين ۾ گذاري ڇڏي. انتظار ۽ اضطراب جي طرح طرح جا وسوسا سندس ذھن ۾ ايندا رھيا – ”گلو ڇو نھ آيو؟..... بيمار ٿي پيو؟..... موڪل نھ مليس؟..... ڇا ھو پنھنجيءَ ماءُ کي ائين ئي وساري ڇڏيندو؟...... نھ نھ، ھو ائين نھ ڪندو، ٻئي آچر تي ضرور ايندو!“ ليڪن ٻئي آچر تي گلو وري بھ نھ آيو ۽ ڪيترا ئي ھفتا مسلسل ھو پنھنجي ماءُ سان ملڻ نھ آيو. مارل جي زندگي وري عذاب بنجي وئي. گلو تھ ھن جي زندگيءَ جو سھارو ھو، ان بنا ھي جيل جا ڪٺن ڏينھن ۽ ڏکاريون راتيون ڪيئن بسر ٿينديون؟ ملول ۽ اداس، ھوءَ انھيءَ اميد تي پنھنجو پاڻ جيئاريندي رھي تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن کيس پنھنجي اکين جي روشني نظر ايندي.
    ٿورن ئي ڏينھن ۾ مارل کي آزاد ڪيو ويو. ملڪ جي ھڪ وڏي جشن جي موقعي تي ڪيترا ئي قيدي آزاد ڪيا ويا ۽ مارل کي بھ سزا جا باقي چار سال معاف ڪيا ويا. سورھن سال اڳ جا ڪپڙا پائي ۽ پنھنجي پگھار جا اسي رپيا مٺ ۾ دٻائي جڏھن ھوءَ ٻاھر جي فضا ۾ آئي تھ سندس خوشيءَ جي ڪا حد ڪانھ ھئي. ھاڻي ھوءَ پنھنجي ڳوٺ وڃي سگھي ٿي، پٽ کي ملي سگھي ٿي، ھن کي گلي لائي پيار ڪري سگھي ٿي ۽ اھي سڀئي ارمان پورا ڪري سگھي ٿي، جيڪي ھن گلوءَ لاءِ سندس ننڍپڻ کان پالي پالي جوان ڪيا ھئا. تڪڙي تڪڙي ھوءَ لاريءَ تي پھتي. پٽ کي گھڻيون گھڻيون ميارون ڏيندي، پرچائيندي، پيار ڪندي – دل ئي دل ۾ انھن جذبن کي ورجائيندي، ھوءَ ڳوٺ جي قريب پھچي وئي. لاريءَ تان ھيٺ لھي ٿي تھ اھي جذبا اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويا. جيئن ئي ھوءَ ڳوٺ جي ڄاتل سڃاتل پيچرن تان ھلڻ لڳي تھ ڪجھھ لمحن لاءِ ھن کي گذريل واقعا ذھن تي تري آيا ۽ خودبخود سندس اکيون آليون ٿي ويون. سورھن سالن جي عرصي ۾ ھوءَ ڪيتريو نھ بدلجي وئي ھئي. سڄي دنيا بدلجي وئي ھئي. رستا ۽ راھون ۽ ڳوٺ جا ماڻھو بھ بدلجي ويا ھئا. ھوءَ ڪنھن کي بھ نٿي سڃاڻي سگھي ۽ ڪنھن بھ ھن کي ايندي ڏسي ڪو توجھھ نٿي ڪيو. نھ وري ھن کي ئي ڪنھن جو ڌيان ھو. کيس تھ فقط گلوءَ جي ئي اون ھئي، ھوءَ ڍنگرن سان گھيريل گھرن جي وچان، تڪڙي تڪڙي، ور – وڪڙ، پيچرا لتاڙيندي وڃي رھي ھئي تھ اوچتو ڪنھن آواز ڪيو:
    ”متان مارل آھين؟“ ھڪ ٻڍڙيءَ کيس سڃاڻي ورتو ھو. پوءِ تھ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا اچي ميڙيا.
    ”گلو ڪٿي آھي؟ ڪيئن آھي؟ ڇا ٿو ڪري؟ ھينئر ڪٿي ھوندو؟ مون کي ڏٺي گھڻا ڏينھن ٿي ويا آھن. الله ججھي ڄمار ڏئيس. پھرين مون کي اوڏانھن وٺي ھلو.......“
    مارل يڪساھيءَ چئي وئي.
    ”امان، ڇا ٻڌندينءَ!“ پوڙھيءَ ڏوکاري آواز ۾ چيو.
    ”ماءُ آئي پٽ لاءِ تھ پٽ وڃي ماءُ جي جاءِ والاري.“
    ”ڇا ٿي چئين!“ مارل کان رڙ نڪري وئي.
    ”ھا، اما، گلوءَ ويچاري کي ست سال سزا اچي وئي.“
    ”ڪمدار جي پٽ مولوءَ سان جھيڙو ڪري وڌائين. اجھا، ھيءَ بيٺي آھي صفوران.... گلوءَ ڪو ڪمدار جي پٽ کي نينگريءَ سان ھٿ چراندي ڪندي ڏٺو، سو منھن ڏئي بيھي رھيو. مولوءَ جي ھڪڙي ٽنگ صفا ڪھاڙيءَ سان ڪپجي وئي.“
    پوڙھي اڇا ڳالھھ پوري نھ ڪئي ھئي تھ مارل اوڇنگارون ڏيندي پوئتي موٽي.
    ٻئي ڏينھن صبح سويل سينٽرل جيل اڳيان ھڪ نيم پاڳل پوڙھي عورت بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي ھئي. وارن ۾ مٽيءَ جا ٻڪ، ڦاٽل ميرا ڪپڙا، اکيون جيل جي شاھي دروازي ۾ کتل. جيئن ئي جيلر اندر وڃي رھيو ھو، ھوءَ ڊوڙي اچي سندس پيرن ۾ ڪري.
    ”مون کي آزادي نھ کپي، مون کي قانون جو رحم نھ کپي...... آئون پنھنجو حق وٺڻ آئي آھيان. منھنجا چار سال اڃا رھيل آھن!“
    ”توکي قانون جي ڪھڙي خبر، مائي!“
    ”قانون کي تھ منھنجي خبر آھي!........ مون کي پنھنجي پٽ سان ڇو نٿو ملڻ ڏنو وڃي؟“
    ”تون آچر ڏينھن اچجانءِ، توکي ڪوبھ ڪونھ روڪيندو.“
    جيلر ھليو ويو ۽ ھوءَ مايوس ٿي، مٿي کي ھٿ ڏيئي ويھي رھي. گوڏن ۾ منھن وجھي، لڳاتار سڏڪندي رھي. شام ٿي وئي ۽ اونداھي ڇانئجڻ لڳي. مارل جي زندگيءَ جو سج بھ لڙڻ لڳو. بت ساھ ڇڏڻ لڳس تھ ھوءَ آھستگيءَ سان زمين تي پئجي رھي.
    رات گذري وئي ۽ صبح ٿيو. جيلر، اندر ويندي، لاش ڏسي وڌي آيو.
    ”واقعي ڏاڍي دکدائڪ آھي تنھنجي ڪھاڻي.“ جيلر ڀڻڪيو، ”ليڪن توکي قانون جي ڪھڙي خبر!“


    نھ تھ ساڻ ھلن ٿا سير ۾

    ”پروفيسر، پليز! منھنجي ڀين جي زندگيءَ جو سوال آھي. ھن کان سواءِ منھنجو ڪير بھ نھ آھي. جيڪڏھن ھن کي ڪجھھ ٿي ويو تھ مان پاڳل ٿي ويندس!“ سراج روئندڙ آواز ۾ چيو.
    سڄن سارن ٻن سون رپين جو سوال ھو، تنھن ڪري پروفيسر اياز ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. آخر ھن پنھنجو جھڪيل ڪنڌ مٿي کڻي چيو، ”مون کي توسان ھمدردي آھي سراج، مگر افسوس! مان تنھنجي مدد نٿو ڪري سگھان. ويھن پنجويھن رپين جي ٻي ڳالھھ ھئي، پر!“
    پروفيسر اياز اڳتي بھ ڪجھھ ڳالھائيندو رھيو، مگر ھو انھيءَ کان وڌيڪ ڪجھھ بھ نھ ٻڌي سگھيو. سندس اکين مان چڻگون نڪري ويون ھيون ۽ ھو سوچي رھيو ھو: ”ڇا ھي اھو ئي پروفيسر آھي، جو ٿوري دير اڳ زندگيءَ جي فلسفي تي ليڪچر ڏيئي رھيو ھو؟ ڇا اھي ٺلھيون ڪتابي ڳالھيون ھيون، حقيقت سان سندن ڪوبھ واسطو ڪونھي؟ ڇا اھي ڳالھيون صرف ڪتابن تائين محسوس آھن، حقيقتن جو منجھن رنگ ڀري نٿو سگھجي؟“ سندس ڪنن ۾ پروفيسر اياز جو آواز گونجي رھيو ھو: ”اوھين ھن ڌوڙ ڌڌڙ جي گولي تي پنھنجي قيمتي زندگيءَ جو ڳچ وقت گذاري چڪا آھيو. ھن ڪائنات کي اوھين غور ۽ فڪر جي نظرن سان ڏسندؤ تھ زندگيءَ جو سارو راز اوھان تي ھيان ٿي پوندو. زندگيءَ جي ساري حقيقت منجھيل ڍيريءَ جيان ڇڙوڇڙ ٿي کلي پوندي. ڇا توھان ڏٺو نھ آھي تھ ڪنھن بھ شھر ۾ وڃڻ کان پھرين توھان کي قبرستان مان گذرڻو پوندو آھي! اوھين ٽرين ۾ ھجو، ٽانگي ۾ ھجو يا پيدل ھجو، پھرين موت ۽ پوءِ زندگيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. دنيا جي انھن عبرتناڪ منظرن مان بھ اسين سبق حاصل ڪري سگھون ٿا. دنيا جو ذرو ذرو ھڪ وڏي معنيٰ، ھڪ وڏي حقيقت رکي ٿو ۽ اسان جي راھ ۾ ھڪ بھترين رھبر جو ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏھن اسين پنھنجين اکين تان حرص ۽ ھواس جا پردا لاھي، دنيا جي کليل ڪتاب تي ذھن ۽ اندر جون اکيون ڌرينداسين تھ پنھنجي مقصد حيات جي منزل تائين پھچي وينداسين، نھ تھ ھڪ انڌي جيان انھيءَ موت جي واديءَ ۾ ڀٽڪندا رھنداسين ۽ آخر ٿڪي ٽٽي ائين مري پونداسين، جيئن بيابان ۾ رڃ جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ھڪ پياسو ماڻھو آخر مري ويندو آھي. ھيءَ جيوت ھڪ امتحان آھي. اسان کي رات جي اونداھيءَ ۽ ڏينھن جي سوجھري ۾ انھيءَ موت جي واديءَ کي پار ڪرڻو آھي. زندگيءَ جو شھر ڪو ايترو پري ڪونھي. دنيا جو ھر نظارو، ھر شيءِ اسان جي راھرو ۽ رھبر آھي. علم جي اجھاڳ سمنڊ ۾ ادب جي ڪشتي ڪناري ڏانھن وڌندي پئي وڃي. لھرن جو اسان سان ساٿ آھي تھ ڪنارو پاڻ ئي ويجھو اچي سگھي ٿو. ڏسو، ڪنڌيءَ جي ڪکن زندگيءَ جي تند تنوارڻ شروع ڪئي آھي. شاعر منجھن رنگ رچيو آھي، تنھن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو:
    ”ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي ھاتڪ ھٿ وجھن،
    پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي کي ڪکن،
    توڙي ڪنڌي ڪن، نھ تھ ساڻ ھلن سير ۾!“
    اسان جو سھڻو شاھ، زندگيءَ جو ڪيڏو نھ وڏو شاعر آھي! ڪيتري نھ حقيقت چٽيل آھي سندس ڪلام ۾! زندگيءَ جو سارو راز انھن سٽن ۾ سمايل آھي. اسان جي زندگيءَ جو مقصد صرف ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ آحي. جيڪڏھن اسان ۾ ڪنڌيءَ جي ڪمزور ڪکن وانگي ڪنھن جي واھر ڪرڻ جي پھچ ڪانھي، اسين ڪنھن جي مدد ڪري نٿا سگھون تھ اسان کي ان ڏکويل دل سان ھمدردي ضرور جتائڻ گھرجي. انھيءَ ۾ ئي اسان جي جيون جي جوت آھي ۽ اھا ئي اسان جي زندگي آھي.
    ھن اجھيل اجھيل نظرن سان پروفيسر اياز ۾ ڏٺو. ”ڇا اھي سڀ چوڻ جون ڳالھيون ھيون، جي پروفيسر ٿئيٽر جي ادڪار وانگي ادا ڪيون؟ ھاڻ انھن سان سندس ڪوبھ واسطو ڪونھي؟ ڇو، ائين ڇو آھي؟“ سندس اکين ۾ ھڪ عجيب چمڪ پيدا ٿي ۽ ھو ھڪدم ڀڙڪي پيو:
    ”جيڪڏھن ھڪ زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ توھان جي ٽجوڙيءَ مان ٻھ سؤ رپيا بھ نٿا نڪري سگھن تھ پوءِ توھين زندگيءَ جي فلسفي تي ايا ليڪچر ڇو ٿا ڏيو؟ توھين زندگيءَ جي مسئلي تي ايڏي تنقيد ڇو ٿا ڪريو؟ پوءِ توھان زندگيءَ جا ترجمان ڇو آھيو؟ ادب کان سواءِ بھ دنيا ھلي سگھي ٿي. زندگيءَ جو چڪر رڳو اقتصاديات ۽ سائنس تي بھ ھلي سگھي ٿو. اسين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجي بھ قوم جي خدمت ڪري، پئسا ڪمائي سگھون ٿا!“
    ”بس ڪر، سراج!“ پروفيسر اياز ڪاوڙ مان زور سان ميز تي ڌڪ ھڻندي چيو: ”تو ادب جي باري ۾ غلط راءِ قائم ڪئي آھي. تنھنجو خيال بلڪل غلط آھي. اھا ادب جي ئي طاقت آھي جو اڄ ڌرتي پنھنجي محور تي بلڪل صحيح گردش ڪري رھي آھي. ادب اقتصاديات ۽ سائنس تي حاوي آھي، نھ تھ ھوند قيامت کان پھرين ئي سائنس جا الا ڪائنات کي پنھنجيءَ باھ ۾ گھيري ڇڏين ھا، دنيا جي گردش درندگيءَ جو رقص ھجي ھا ۽ اڄ ھتي ھڪڙو انسان بھ موجود نھ ھجي ھا. ادب جي وجود مان ئي گوتم، ڪرشن چندر، ابراھام لنڪن، ٽئگور ۽ شاھ جھڙا روح ڌرتيءَ تي اچن ٿا، جيڪي زندگيءَ کي نئون نور عطا ڪريو ڇڏين. اھا ادب جي ئي طاقت آھي، جنھن لوممبا جي مزار تان گل اڏائي. ساريءَ دنيا جي فضا کي سرھاڻ بخشي ڇڏي آھي. ادب سڀني علمن جو روح آھي. توکي ادب کان منڪر نھ ٿيڻ گھرجي.“
    ”مون کي توھان جي ليڪچر سان ڪابھ دلچسپي ڪانھي، پروفيسر صاحب! مان توھان جو ليڪچر ٻڌڻ نھ آيو آھيان.“ سراج تلخ آواز ۾ چيو. سندس انھيءَ گستاخيءَ تي پروفيسر اياز جون اکيون ٻاھر نڪري آيون ۽ ھن ڪاوڙ مان زور سان ميز تي ڌڪ ھڻندي چيو: ”بي ادب، گستاخ! نڪري وڃ، گيٽ آئوٽ!“
    سراج ھڪ نظر سندس لال پيلو چھرو ڏسي مسڪرايو، ڄڻ چئي رھيو ھو: ”ڇا پروفيسر، اھا ئي ھمدردي آھي ھڪ ڏکويل انسان لاءِ توھان جي دل ۾؟ ڇا اھا ئي جيون جي جوت آھي؟ ڇا اھا ئي زندگي آھي، پروفيسر!“
    جڏھن ھو پنھنجو اداس چھرو کڻي ٻاھر نڪتو تھ کيس ائين محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ واقعي سندس ٽي بيءَ جي مريضھ ڀيڻ مري ويندي – حالانڪھ ڀيڻ تھ ڇا، ھن ھيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ سندس ڪو ويجھو مائٽ بھ نھ ھو. ھن جڏھن ھوش سنڀاليو ھو تھ پنھنجو پاڻ کي يتيم خاني ۾ پاتو ھئائين ۽ جنھن ماحول ۾ ھن جنم ورتو ھو، تنھن کيس ھڪ منطقي دل ڏيئي ڇڏي ھئي. ننڍپڻ کان ئي ھو تمام ذھين ۽ بيڊپو ھو. ھو ھر وقت عجيب عجيب ڳالھيون سوچيندو رھندو ھو، جي سندس عمر جي لحاظ کان تمام وڏيون ھونديون ھيون. کيس اڪثر پنھنجي باري ۾ خيال ايندو ھو تھ ھو يتيم ڇو آھي؟ يتيم ڪٿان ٿا اچن؟ انھن جا ماءُ پيءُ ڇو ڪونھن؟ حرامي ڦر ڇو ٿو چوي؟ ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جي غلطيءَ تي ھو مسڪرائي ڏيندو ھو. اھڙيون ڳالھيون سوچي ھڪ عجيب لاوارث مسڪراھٽ سندس چھري تي اچي ويندي ھئي. يتيمخاني ۾ جمعي جي ڏينھن گوشت جو وارو ايندو ھو تھ پنھنجي پياليءَ ۾ ھڪ ننڍڙي ٻوٽي ڏسي ھو سوچ ۾ پئجي ويندو ھو تھ ھيءَ ٻوٽي اڪيلي ڇو آھي؟ ھيترا سارا چندي جا پئسا ڪيڏانھن ٿا وڃن؟ ھيترو سارو گوشت ڪيڏانھن ٿو وڃي؟ پوءِ کيس انھن يتيمن جو خيال اچي ويندو ھو، جي چئن چئن ٻارن جا پيءُ ھئا ۽ سندس دل مان آھ نڪري ويندي ھئي. ھڪ ڀيري تھ ھن انھيءَ ڳالھھ تان استاد جي مار بھ کاڌي ھئي. جڏھن ملڪ جي جشن جي موقعي تي يتيم خاني ۾ مٺائي ورھائي ويئي، تھ پنھنجي حصي جو اڌ لڏون ڏسي ھن رڙ ڪئي:
    ”سائين، ھيءُ اڌ لڏون ڇو آھي؟ سڄا سارا ٽي ٽوڪرا ڪيڏانھن ويا؟“
    ”چپ ڪر، بي ادب! صاحب جي گھر موڪليا اٿم.“ سندس استاد ڪاوڙ مان وراڻيو.
    ”مگر سائين، صاحب يتيم ٿوروئي آھي!“ ھن چيو.
    بس، پوءِ تھ استاد جو ڏنڊو ھو ۽ سندس پٺا. يتيم خاني ۾ سندس دل گھٽجڻ لڳندي ھئي. پنھنجن يتيم ساٿين جا اداس چھرا ڏسي، سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويندا ھئا ۽ ھن تي عجيب وحشت جو عالم طاري ٿي ويندو ھو. سندس دل چاھيندي ھئي تھ يتيم خاني جي ادا ڪوٺڙيءَ مان نڪري ڀڄي وڃي، تمام پري، مگر نھ ڄاڻ ڇو، ھو ائين نٿي ڪري سگھيو.
    ھڪ دفعي جڏھن ھڪ وزير يتيم خاني جو معانئو ڪرڻ آيو ھو تھ ھن تقرير ڪندي چيو: ”توھين قوم جو روشن مستقبل آھيو. توھان کي ئي پنھنجي ملڪ جو بار پنھنجن ڪلھن تي کڻڻو آھي.“ انھيءَ ڏينھن نھ چاھيندي بھ، ھن کان ھڪ عجيب حرڪت ٿي وئي. ھن ھڪدم پنھنجو چولو مٿي کڻي، سڪل پاسيريون ڏيکاريندي چيو ھو: ”سائين، ھيءُ ڪو ھاءِ اسڪول نھ، يتيم خانو آھي. ھتي تھ بکن کان کنڀڙاٽيون ئي سڙيو وڃن!“ انھيءَ ڏينھن استاد ھن کي نھ صرف بيد جي لڪڻ سان مار ڏني، بلڪ يتيم خاني مان ئي ڪڍي ڇڏيو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھو تمام گھڻو سمجھدار ٿي ويو ھو، يا تھ وري چريو. يتيم خاني مان نڪري کيس ائين محسوس ٿيو ھو، ڄڻ سندس يتيميءَ جو دور ختم ٿي ويو ھو. ڪجھھ ئي ڏينھن جي رلڻ پنڻ کان پوءِ کيس ھڪ شريف ماڻھوءَ پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. سندس ھيءُ مالڪ نھايت ئي مھربان ماڻھو ھو. وري جو ھن کي سندس اعليٰ ذھنيت جي خبر پئي تھ ھن کيس پنھنجن ٻارن سان گڏ انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو ھو. کيس کاڌو بھ پنھنجن ٻارن جھڙو ئي ڏيندو ھو. جڏھن سندس اڳيان ڀريل ٻوڙ جو پيالو ايندو ھو تھ پنھنجن يتيم ساٿين کي ساري، سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويندا ھئا. نھ ڄاڻي ڇو، سندس مالڪ جا ٻار انھن يتيمن وانگي کيس ڀائيندا ڪونھ ھئا. جڏھن کيس پنھنجن يتيم ساٿين جي ياد ايندي ھئي تھ ھو تمام ملول ۽ اداس اداس ٿي ويندو ھو ۽ سندس قدم فورا يتيم خاني ڏانھن کڄي ويندا ھئا.
    ھڪ ڏينھن جڏھن ھو پوپوءَ جي بيماريءَ جو ٻڌي يتيم خاني ۾ ويو تھ کيس خبر پئي تھ شموءَ کي اولاد جي ھڪ سڪايل عورت پاڻ سان گڏ وٺي ويئي آھي. تڏھن سندس نظرون ننڍڙي پوپوءَ جي گلاب جھڙي ڪومايل چھري ڏانھن کڄي ويون ۽ ھو ڳوڙھيءَ سوچ ۾ پئجي ويو تھ آخر اھي اولاد جون سڪايل عورتون وڏن ۽ تندرست ڇوڪرن کي ڇو ٿيون پسند ڪن؟ پوپوءِ، ادريس ۽ ملڪيمان جي يتيمي ڇو نٿي ختم ٿئي؟ انھن کي ماءُ جو پيار ڇو نٿو ملي؟ سندس اڳيان لقمان ۽ حڪيم جا چھرا گھمي ويا، جن کيس ٻڌايو ھو تھ ھو نوران ٻائيءَ ۽ سرداران ٻائيءَ جي خدمت ڪندا آھن ۽ ٻيو بھ گھڻو ئي ڪجھھ.
    ھو پنھنجي مالڪ جي گھر ۾ تمام خوش ھو. کيس ڪڏھن محسوس ئي ڪونھ ٿيندو ھو تھ ھو ڪو ھن گھر ۾ نوڪر يا يتيم آھي. مالڪياڻي بھ کيس پنھنجن ٻچن جيترو ئي گھرندي ھئي. جڏھن صبح جو کيس جتيون پالش ڪندي ڏسندي ھئي تھ ھڪدم ڪاوڙجي چوندي ھئي:
    ”سراج، تون ھن گھر ۾ نوڪر نھ آھين. تون ھلي اسڪول جي تياري ڪر، مان پاڻيھي ٿي جتيون پالش ڪري وٺان.“
    ھو ذرا بيمار ٿيندو ھو تھ فورا ڊاڪٽر اچي ويندو ھو. کيس ڪپڙا ۽ بوٽ بھ ”گل“ جھڙا ئي پھرڻ لاءِ ملندا ھئا. سندس ھر قسم جو خيال رکيو ويندو ھو ۽ ھر موقعي تي مٿس ائين ظاھر ڪيو ويو تھ ھن گھر ۾ سندس حيثيت ”گل“ ۽ ”نازليءَ“ جيتري ئي ھئي. پر تنھن ھوندي بھ ھو پنھنجي نوڪراڻيءَ عادت کان باز نھ ايندو ھو. روزانھ گھر جي ھر قسم جي ڪم ڪار کان پوءِ شام جو گل ۽ نازليءَ کي سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو ھو. رات جو يارھين يارھين وڳي تائين پاڻ بھ پڙھندو ھو ۽ ھنن کي بھ پڙھائيندو رھندو ھو. ھو گھر جو ھڪ فرد بڻجي ويو ھو. سندس يتيمي ختم ٿي ويئي ھئي. ھو ھر وقت خوش خوش رھندو ھو. ھن کي اھو سڀ ڪجھھ ملي ويو ھو، جنھن لاءِ ھميشھ يتيم خاني ۾ سندس آتما سڏڪندي ۽ تڙپندي رھندي ھئي. ھاڻ ڪو کيس پٽ ڪري پڪاريندو ھو. ھاڻ سندس ماءُ ھئي، جا کيس ”ابا“ ڪري پڪاريندي ھئي. کيس ڀاءُ ڀيڻ جي قربي ملي ويئي ھئي، جي روزانو وڙھي وڙھي ساڻس پرچندا ھئا. جڏھن ھو ھر سال پھرئين يا ٻئي نمبر سان امتحان پاس ڪندو ھو تھ اوڙي پاڙي ۾ مٺائي ورھائي ويندي ھئي. جڏھن مالڪياڻي کانئس پڇندي ھئي تھ: ”ابا، اھو تھ ٻڌاءِ تھ تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ تھ ھو پنھنجيءَ دل ۾ ھڪ عجيب جھرجھري محسوس ڪندو ھو. سندس دل بي اختيار چاھيندي ھئي تھ ”ماءُ“ جي پيرن جي خاڪ ٿي وڃي. سندس وقت خوشين سان گذرڻ لڳو. خدا کيس يتيم پيدا ڪري بھ دنيا جي ھر نعمت عطا ڪري ڇڏي ھئي.
    صبح جو جڏھن ھو ٺھي ٺڪي آئيني جي سامھون ايندو ھو تھ پنھنجو پاڻ کي بلڪل بدليل ڀائيندو ھو. ھو پنھنجي عڪس ۾ يتيم سراج کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، مگر اھا تصوير تھ بنھھ ڌنڌلائجي ويئي ھئي. انھيءَ جي جاءِ ھڪ شوخ، صحتمند، خوبصورت ڇوڪري گھيري ڇڏي ھئي، جنھن جي سر تي پيءُ جو سايو ھو، ماءُ جو پيار ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي قربت ھئي. ھو خوشيءَ کان جھومڻ لڳندو ھو ۽ آئيني ۾ مسڪراھٽون پکڙجي وينديون ھيون.
    مگر سندس اھي خوشيون گھڻيءَ دير تائين قائم نھ رھي سگھيون. جيئن جيئن ھن محسوس ڪيو تھ ھو وڏو ٿي رھيو آھي، تيئن تيئن سندس سٻاجھڙي مالڪ جون نظرون کيس بدلبيون نظر آيون. ھو تمام وڏو ٿي ويو ھو. نازلي تھ سندس اڳيان اچي شرمائجي ويندي ھئي. سندس اڳيان اچي، ھن جو رنگ ئي سرخ ٿي ويندو ھو. نازلي پاڻ بھ تھ وڏي ٿي ويئي ھئي. مالڪ کيس پٽ ڪري پاليو ھو ۽ مالڪياڻي بھ کيس غير ڪري نھ سمجھندي ھئي، مگر ھنن کي دنيا وارن سان بھ تھ منھن ڏيڻو ھو! ھاڻ ھو ھڪ نوجوان ھو ۽ غير مرد. سندس مسڪراھٽون تحليل ٿي، اداسيءَ ۽ فڪر جي ليڪن ۾ بدلجڻ لڳيون: ھو ھر وقت ڪجھھ ڪجھھ اجھيل اجھيل رھڻ لڳو ھو.
    ھڪ رات جو نازليءَ جي سورھين سالگرھ جي موقعي تي ھو سڄو ڏينھن گھر جي ٺاھ ٺوھ کان ٿڪي ٽٽي اچي پنھنجي بستري تي ڪريو تھ کيس پنھنجي سٻاجھڙي مالڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ھو ھوريان ھوريان ڪنھن کي چئي رھيو ھو:
    ”مگر مون ھن کي ٻچن وانگر پاليو آھي. مان ھن کي ڪيئن چوان؟ ھن جي دل تان ڇا گذرندو! نھ نھ، اھو مون کان نھ ٿيندو!“
    ”مگر اسان کي دنيا وارن سان بھ تھ منھن ڏيڻو آھي. اڄ ڏٺئھ ڪونھ تھ جڏھن نازليءَ کي گلن جو ھار ڳچيءَ ۾ پاتو ھئائين تھ مٽن مائٽن جو ڪھڙو حال ٿيو ھو. وري نازلي بھ تھ ھن کي پسند ڪرڻ لڳي آھي. نھ ڄاڻي ڪھڙي ذات، نھ ماءُ نھ پيءُ! اسان پنھنجو فرض پورو ڪيو، ھاڻ.“ اھي سندس ”ماءُ“ جا لفظ ھئا. کيس ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنھن شيھو پگھاري سندس ڪنن ۾ وجھي ڇڏيو ھو. غم جي شدت کان ھن ڏندن سان پنھنجيون آڱريون زخمي ڪري ڇڏيون. ھو ھڪ سپنو ڏسي اٿيو ھو. سندس ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ سڀ ڪجھھ لٽجي ويو ھو. ھن ديوار سان سر ٽڪرائي ٽڪرائي رنو. اوچتو ھن جي دل ۾ ھڪ عجيب جذبو اڀريو ۽ ھو ميز جي خاني مان پنو پينسل کڻي خط لکڻ لڳو: ”منھنجا سٻاجھڙا سائين! اڄ صبح جو مون کي نھ پائي شايد اوھان جون سٻاجھڙيون اکيون روئي ڏين. اڄ صبح تائين مان توھان کان تمام پري ٿي ويندس. جي توھين مون يتيم کي پيءُ جو پيار ڏيئي سگھو ٿا تھ منھنجيون بھ تھ ذميواريون آھن. مون کي توھان جي عزت، ماءُ جي لڄ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي مستقبل جو بھ تھ خيال رکڻو آھي! اڄ مون کي دنيا توھان سڀني کان وڇڙڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آھي. پر مون کي ڪنھن کان بھ شڪوو نھ آھي – پنھنجي قسمت سان بھ نھ. يتيم ھوندي بھ منھنجي دل ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻ ڀاءُ جي پيار سان مالا مال آھي. مان توھان سڀني جي ياد کنيو، ھڪ نامعلوم منزل ڏانھن وڃي رھيو آھيان ۽ جتي بھ رھندس، پاڻ کي توھان جي پيرن جي خاڪ سمجھندس. توھان جو ادنيٰ ٻانھو، سراج.“
    خط ميز تي رکي، پنھنجا ڪتاب ۽ ڪپڙا سوٽ ڪيس ۾ وجھي، ھن روئندڙ نظرن سان سڄي گھر تان الوداعي نظر ڦيرائي، جنھن ۾ سندس يتيمي ختم ٿي ھئي، جنھن ۾ سندس ٻالڪ اوستا پروان چڙھي ھئي، جنھن ۾ سندس ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ ستل ھئا. اڄ ھو انھن سڀني کي ڇڏي وڃي رھيو ھو، ھڪ نامعلوم منزل ڏانھن سندس قدم کڄي رھيا ھئا.
    نئين شھر ۾ اچي، ھو ڪجھھ ڏينھن وائڙن وانگي چڪرائجي ويو. ڪيترن ڏينھن جي لڳاتار آوارھ گرديءَ کان پوءِ کيس ھڪ معمولي ھوٽل ۾ منشيءَ جي نوڪري ملي وئي. ھڪ نئين دوست جي ڪوششن سان کيس ھڪ ڪاليج ۾ داخلا ملي ويئي ھئي ۽ انھيءَ ڪري ئي اڄ ھو سيڪنڊ ايئر جو طالب علم ھو.
    اڄ صبح جو ڪاليج ويندي، جڏھن ھو ھڪ يتيم خاني وٽان گذريو تھ سندس جسم جا وار ئي ڪانڊارجي ويا ھئا. پوھ جي سرديءَ ۾، اتر جي ھوا ۾، سامھون ويٺل ٿڌين قميصن ۾ ڏڪندڙ يتيم ٻارن کي ڏسي سندس جسم ئي ڏڪي ويو ھو. کيس پنھنجو زمانو ياد اچي ويو ھو ۽ مٿس وحشت طاري ٿي ويئي ھئي. جڏھن ھو نيم پاڳلپڻ ۽ بيخوديءَ جي عالم ۾ ڪاليج پھتو تھ پروفيسر اياز ليڪچر ڏئي رھيو ھو، جنھن کي ٻڌڻ جو ھن جي ڏکويل دل ۾ تاب نھ ھو. ھن سوچيو: ”جڏھن اسان جي زندگيءَ جو مقصد صرف ٻين جي مدد ڪرڻ آھي تھ پوءِ ھيءَ غريبي، ھيءُ افلاس ڇو آھي؟ پوءِ اھي يتيم سرديءَ ۾ ڇو ٿا مرن؟ رکا ٽڪر ڇو ٿا کائين؟ انھن کي سھارو ڇو نٿو ملي؟“ سندس دل ۾ انھن وڏن وڏن ڪتابن ۽ ليڪچرن خلاف باھ ڀڙڪي ويئي. زندگيءَ جي وڏن وڏن اديبن، ترجمانن ۽ نقادن جي ھوندي ائين ڇو آھي؟ انھن جون باريڪ بين نظرون بکايل پيٽن، بيمار جسمن ۽ يتيمن جي ڪوٺين تي ڇو نٿيون پون؟ جڏھن کين پھرين موت ۽ پوءِ زندگي نظر اچي ٿي، جڏھن زندگيءَ جو مقصد صرف ٻين جي مدد ڪرڻ آھي تھ پوءِ ائين ڇو آھي؟ ھن پروفيسر اياز کي ٻڌائڻ ٿي چاھيو تھ ھو انھن اجائين ڳالھين ۾ وقت نھ وڃائي. ڪير ٿو انھن ۾ حقيقتن جو رنگ ڀري؟ اھو ئي سبب ھو جو اڄ ھو پروفيسر اياز وٽ ٽي – بيءَ جي مريضھ جو ڀاءُ ٿي ويو ھو ۽ جا ڳالھھ ھن سوچي ھئي، سا ئي ٿي. پروفيسر کيس مايوس ڪري ڇڏيو ھو. کيس اھي ليڪچر، اھي ڪتاب سڀ فريب نظر اچي رھيا ھئا، مسلسل فريب. کيس ڪاليج جي ديوارن کان ئي نفرت ٿي ويئي ھئي. اڄ ھن پنھنجيءَ دل جي ”پروفيسر“ کي ماري ڇڏيو ھو. ”ماءُ“ جڏھن کانئس پيار مان پڇندي ھئي تھ ”ابا وڏو ٿي تون ڇا ٿيندين؟“ تھ ھو چوندو ھو ”پروفيسر!“ مگر اڄ نھ سندس ڪا ماءُ رھي ھئي ۽ نھ ئي پروفيسر ٿيڻ جو خيال. انھيءَ پروفيسر کان تھ سندس شرابي ۽ جواري غنڊو دوست سٺو ھو، جنھن کيس مئٽرڪ جي امتحان لاءِ فيءَ جا پئسا ڏنا ھئا، جنھن کيس ابراھام لنڪن ٿي بنائڻ چاھيو، جو کيس ”لنڪن“ ڪري سڏيندو ھو.
    ٻئي ڏينھن جڏھن ھو پنھنجي شرابي دوست سان گڏ آوارھ گردي ڪندي ھڪ گھٽيءَ مان گذري رھيو ھو تھ سندس اڳيان ھڪ دل لوڏيندڙ منظر اچي ويو. ھڪ مڪان کي باھ لڳي رھي ھئي. ماڻھو جمع ٿي، تماشائين جيان ڏسندا ٿي رھيا. ھڪ ماءُ جي جگر جي ٽڪري کي بھ باھ پنھنجن شعلن ۾ گھيري ڇڏيو ھو، مگر ڪير ھو، جو ننڍڙي ساھ کي بچائي ھا؟ ڪير ھو، جو ماءُ جي ٻرندڙ دل تي پاڻيءَ جو ڇنڊو وجھي ھا؟ ماءُ جي دلسوز رڙين ساريءَ ڌرتيءَ ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏيو ھو. ھوءَ روئي روئي فرياد ڪري رھي ھئي: ”مون کي ڇڏيو تھ مان بھ سڙي مران!.... منھنجي جگر جو ٽڪرو، منھنجين اکين جو نور، منھنجي دل جو سرور!..... ھاءِ، ڪو منھنجي لعل کي بچائي! ڪو مون ماءُ جون دعائون کٽي!“ ماءُ جي سڙيل دل جون دانھون ٻڌي، سندس دلير شرابي دوست ۾ بھ ڪا تبديلي نھ آئي. ھو پاڻ بھ ٻڌندو رھيو. ڪير ھو، جو باھ جي شعلن سان زندگيءَ جي بازي لڳائي ھا؟
    انھيءَ وقت ھڪ ”بازيگر“ ميدان ۾ آيو ۽ ھڪ ئي ڇلانگ سان موت جو دروازو لتاڙي ويو. باھ سندس رستو روڪي نھ سگھي، شعلا کيس جھلسائي نھ سگھيا، دونھون کيس ڳڙڪائي نھ سگھيو. ھو باھ سان کيڏندو، شعلن کي پنھنجيءَ راھ تان ھٽائيندو، دونھين ۾ وڌندو رھيو. موت جي منھن مان، ھن ننڍڙي ساھ کي بچائي ورتو! موت ھارايو، زندگي سندس ڀاڪر ۾ ھئي. سراج حيرت جي پتلي جيان انھيءَ زندگيءَ جي بازيگر کي ڏسندو رھيو.... اھو گوءِ کٽڻ وارو، پروفيسر اياز ئي ھو! اھو ئي نوراني چھرو، اھا ئي پروقار مسڪراھٽ، اھا ئي گنڀيرتا، ھو محويت جي عالم ۾ کيس ڏسندو رھيو. کيس ھوش تڏھن آيوم جڏھن سندس شرابي دوست کيس ٻانھن مان جھلي گھليو. ھن ھڪ ئي سٽ سان پنھنجي ٻانھن ڇڏائي: ”تون مون کي غلط رستي تي وٺي وڃي رھيو آھين. ڪاغذ جي پنن تي بيوقوف بازي لڳائيندا آھن. مان زندگيءَ جي بازي لڳائيندس! مان ”پروفيسر“ ٿيندس – زندگيءَ جو سچو ترجمان. مان دنيا کي اوندھ مان ڪڍي، روشني ڏيکاريندس.“ ھن پڪي عزم سان چيو ۽ پنھنجي شرابي دوست کي اتي ئي حيران پريشان ڇڏي، تيز قدمن سان گھٽيءَ جي موڙ تان غائب ٿي ويو.


    ڪروڌ ۽ ٻھ ماڻھو

    آئون کيميا جو ماڻھو آھيان، اھنسا جو، نھ ڪروڌ ۽ جيو ھتيا، ڪين جنگ ھو. ھاڻ ٻڌايو امن ڪٿي آھي؟ ڌرتيءَ جي گولي تي تھ رڳو جنگ ئي جنگ آھي، جتي ڪٿي جنگ، گھر گھر جنگ، ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي وچ ۾ جنگ. ڀلا ”وار ۽ پيس“ ناول تي ايمريڪنز کي سٺي فلم ٺاھڻ لاءِ جِن پيو ھو ڇا؟ ڇا اھو تمام وڏو سوال نھ آھي؟.....
    آئون سوچيندو، واساما کائيندو، پبلشر وٽ پھچان ٿو. منھنجو پرابلم سؤ روپئي جو نوٽ آھي ۽ پبلشر کي پوليٽڪس تي ڪھاڻي گھرجي، جنھن ۾ نھ عشق ھجي نھ سيڪس. آئون اھڙي ڪھاڻي لکي ويندس، واھيات ئي سھي، لکي ويندس. پوليٽڪس تي، فرمائشي ڪھاڻي، سؤ روپئي نوٽ لاءِ. سؤ روپيو مون کي پيٽ لاءِ نھ، اھنسا پرابلم لاءِ گھرجي. ساري..... پيس پرابلم لاءِ ۽ پروفيشنل ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ کان پوءِ، صبح جو ٻارھين وڳي ڪھاڻي ڏئي، سؤ روپيو وٺي، دوستاڻي چانھھ واري ڪچھريءَ کان پوءِ اپي خان ٿي وڃڻ جي ڳالھھ ڪري، آئون گھر پھچان تھ ناني مئي پئي آھي. ٨٠-٩٠ سالن جي ناني. زندگي!...... موت!....... سؤ روپيو، ڪھاڻي، اھنسا پرابلم. موت ڪيڏي تھ ان نيچرل شيءِ آھي. ھاڻ تھ موت تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي. آخر کربن جي تعداد ۾ جنريشن ٽو جنريشن، ماڻھو ڪيستائين مرندو رھندو؟ ڇا اھو تمام وڏو سوال نھ آھي: ڪنٽرول آن ڊيٿ؟ ان دي ورلڊ آف سائنس، ڪنٽرول آن ڊيٿ، از ناٽ اين امپاسيبل مشن. آئون ناني جي پٿر تي پنج منٽ ويھي ڪھاڻي لکڻ لاءِ ھليو وڃان ٿو ۽ پبلشر جي ڏنل سنڌ جي پراڻي نقشي کي ھڪ گھمرو غور سان ڏسي، ڏونگھي ڪشمش کائيندو، ننڍڙي پٽ عشقوءَ کي آر.سي.سي جاءِ مان وٺي، پنھنجي ننڍپڻ واري ساٺيڪو سال پراڻي ٽيڪاھينءَ جاءِ ۾ اچان ٿو، جنھن ۾ بجليءَ جو بلب ٻن چئن ڏينھن کان لڙڪايل آھي، چوريءَ جي بجلي. ايڏي ٿڌ ڪانھي، پر عشقوءَ جو نڪ بند ڏسي وونڻاٺين کي ميڙي دونھين دکايان ٿو.
    عشقو ٽن سالن جو آھي. ڏاڍو تنگ ڪندو آھي. چوندو آھي گانو ٻڌاءِ، لو مي ٽينڊر، لو مي ٽرو. مون کي ھيکل پٽ آھي. آئون سندس ھر ضد پوري ڪندو آھيان. ھو ڳائي ڳائي نچي نچي چوندو آھي گانو ٻڌاءِ، لو مي ٽينڊر ۽ آئون بھ جھومي جھومي ڳائيندو آھيان. ڳائيندو آئون سٺو آھيان ۽ ان تي ناچ راڪ ۽ رول ھو سٺو ڪندو آھي. نيٺ بھ تھ ٽيليويزن جي دور جو ٻار آھي. منھنجي غربت جيڪڏھن کيس ڪا سئنيما اسڪوپ فلم نھ ڏيکاري سگھي آھي تھ ڇا ٿيو، ٽيليويزن تھ سڄي ڳوٺ ۾، گھر گھر ۾ آھن. مون کي سندس ناچ الوز پرسلي جيترو ئي وڻندو آھي ۽ ڳائڻ بھ.
    نانيءَ جي موت سبب پنھنجي ٻالاپڻ جي گھروندي ۾ ٽيھارو سال کان پوءِ اچي کن لاءِ سن ۾ اچي وڃان ٿو. ساروڻا سانوڻ جي سنڌوءَ جيان ڊوڙندا ٿا اچن. تيرھن چوڏھن سالن تائين جي ٻالاپڻ جي ساري سانڀر جا ساروڻا.
    مٿي، ڪاٺ جڙيل ڇت ڏانھن نھاريان ٿو. ڇت مون کي اوترو ئي سھڻي پئي لڳي، جڏھن مان ٽن چئن سالن جو ھئس، تڏھن ان ڇت جي ھڪ دارسي ۾ رنگين ڪچ موتين جو ٻن – ٻن پکن وارو ھوائي جھاز ٽنگيل ھو، مون لاءِ الا، ڪيڏو نھ سھڻو جھاز ھو! ضرور ڪنھن وڏي آرٽسٽ جو ٺاھيل ھوندو. اھو جھاز ھينئر ڇت ۾ لڳل ناھي تھ ڇا ٿيو، منھنجي ساروڻن ۾ تھ آھي. ڪي ڪي ساروڻا ساڀيان کان وڌيڪ سھڻا ۽ چٽا ھوندا آھن.
    وري ھيٺ ڀت ۾ لڳل پيتين رکڻ جي سگھي پيتي تکتي کي ڏسان ٿو، جنھن تي اڄ بھ ٽي وڏيون پيتيون رکيل آھن، پر ساروڻن جون پيتيون ڪيڏيون نھ سھڻيون ھيون! ڪاٺ جون. چون ٿا، انھن مان ھڪ پيتي سدائين منھنجي لاءِ بادامن ۽ ٻي ڊراءِ فروٽ سان ڀريل ھوندي ھئي. مون کي بدامن جو سواد تھ ياد ڪينھين، باقي ننڍپڻ ۾ پنڊ پھڻ ٿيل بادام ياد اٿم، جيڪي ننڍپڻ ۾ فاسلز لڌا ھئم. ان ٻالاپڻ ويلا ۾ مون چرئي چرٻٽ ٻھراڙيءَ جي ٻار کي ڪيھي خبر تھ اھي فاسلز آھن، تمام قيمتي! بس مان تھ تماشي ڏسڻ لاءِ ماڻھن کي انھن پنڊ پھڻ جھڙن بادامن سان ذلبو ڏيئي مزو ماڻيندو ھئس. اھي ٻاويھارو کن بادام مون لاءِ ڏاڍا مزيدار ھئا. مان انھن کي ٽجوڙيءَ ۾ لڪائي رکندو ھئس. ان لاءِ تھ اھي پھڻ منھنجي زندگيءَ جي بھترين ڪليڪشن ھئي.
    اھا ٽجوڙي تھ مون وٽ آھي، پر اھي بادام ڪينھن. ٻيون بھ الاھين شيون کٽل آھن. منھنجي ڍڳن جا ڪي جنسار رھجي ويا آھن. سوچجي تھ زندگيءَ ۾ ڪيڏي نھ ھڪجھڙائي آھي. ڪيڏي نھ سسٽميٽڪ آھي زندگي! اڳي بھ آئون ڪليڪٽر ھئس ۽ ھينئر بھ ڪليڪٽر آھيان. منھنجي پسند بھ ھوائي جھاز رانديڪو ھو ۽ منھنجي پٽ جي پسند بھ ھوائي جھاز رانديڪو. منھنجي گھر ۾ ھينئر بھ روسي ميراج جھاز جو رانديڪو نھ بلڪ ڊيڪوريشن پيس رکيل آھي، جنھن سان صبح ساڻ اٿي، منھنجو پٽ راند کيڏندو آھي ۽ وري پنھنجي جڳھھ تي رکي، گانو ڳائيندو آھي، آل دي اسٽارز، آل دي استارز.
    پر ترسو، اوھان سمجھيا ھوندا تھ آئون ڪو وڏو امير ماڻھو آھيان، منھنجي گھر ۾ دنيا جو بھترين رانديڪو رکيل آھي. آئون مڃيان ٿو تھ اھو موجودھ دنيا جو سڀ کان بھترين رانديڪو آھي، پر مون اھو خريد نھ ڪيو آھي. ھڪ آرٽسٽ دوست مون کي پٽ لاءِ پنھنجي ٽين ايج جو ٺاھيل ماڊل سوکڙي ڪري ڏنو ھو. (پاڻ گھري ورتو ھيومانس)
    آئون چوان ٿو ساروڻا بھ ڇا آھن، ماڻھوءَ کي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو ڪڍن. ٻاھر نڪري سامھون ننڍي ڀاءُ جي ستر ھزارن ۾ ٺھرايل اڌوگابري وڏي جاءِ ۾ نھاريان ٿو. اڳي اتي منھنجي ڳئن، مينھن، ٻڪرين ۽ رڍن جا واڙا ھئا ۽ ھاڻ رڳو ھڪ ڪتو، ٻيو ان ڪتي جي گلرن جو ھڪ جوڙو آھي.
    ساروڻا بھ ڪيڏا نھ سلوڻا آھن. جڏھن اچن، ماڻھو ذھن جي اننت پاتارن جي ٽوٻار ۾ ھليو وڃي. مون وٽ تھ ڀلوڙ ڍڳن جو جوڙو بھ ھو. ھڪ ڍڳو تھ موھن جي دڙي جي سيل واري وڏي ٿوري واري ڍڳي کان بھ سگھارو، وڏن سڱن وارو. ڍڳو ناھي تھ ڇا ٿيو، ان جي چھري جي جڙاو جو ڀرت ڀريل ساڄ تھ مون وٽ ٽجوڙيءَ ۾ موجود آھي. الوءِ، ڏسي ڪيڏي نھ اربيلي نرواڻ جيھي سانت ملندي آھي. ھر ڪا شيءِ پنھنجي اندر م ڪيڏي نھ ڪھاڻي آھي. ڇا منھنجي ڍڳن جي اڄ تي ڪھاڻي نٿي لکي سگھجي؟ ٽجوڙين ۾ تھ سون ۽ روپيو رکبو آھي، نھ ڍڳن جا پراڻا ساڄ. گھر آھي ڪين فرانس جي الري ميوزيئم جو ڪو ننڍڙو خانو.
    ھون – ڪھاڻي ......، پاليٽڪس تي ڪھاڻي. نو رومانس، نو سيڪس، آرڊر از آرڊر......
    ھان – ڇا آج مان ھن گھر ۾ اچي ڏاڍو رومانٽڪ ٿي ويو ھيس. چاھيم پئي تھ زال سان سيڪس انجواءِ ڪريان، پر ھوءَ ويچاري اٻوجھھ، ھن کي ڪھڙي خبر تھ وھانءَ ويل پھرين رات اسان ان گھر ۾ ھني مون ملھائي ھئي ۽ اڄ رات، چوويھن پنجويھن سالن کان پوءِ، ان ساڳئي گھر ۾، ان ساڳي ڇت ھيٺان ايڏي نويڪلائي!
    جڏھن تھ سڀ ماڻھو پوڙھي نانيءَ جي مرتبي تي ويا ھجن. جيون ۾ چوويھن – پنجويھن سالن کان پوءِ ساڳي کٽ، ساڳيو جنڊيءَ جو ھندورو. بس ڪا شيءِ واڌارو آھي تھ اھو چئن سالن جو سڪيلڌو ننڊ ۾ الوٽ ۽ الوپ ٻار. ايڏو نويڪلائي ۽ تن چئن سالن جي پٽ جي ورکائون ڏيندڙ نرواڻڪ آسيس. منھنجي زال نانيءَ جا ڏک ۽ ڏنجھھ کنيو ويٺي آھي. چوانس پيو تھ گڏھ، ھن جا تھ پير بھ ھاٿي روڳيءَ جيان سڄي پيا ھئا. نھ ويڄ نھ طبيب. ھن کي تھ پاڻ نوي سالن کان پوءِ نرواڻ ملي آھي. اج دل ٿي چوي نانيءَ تي ڪھاڻي لکان، الا، اھا منھنجي لائيف جي بھترين ڪھاڻي ھوندي. چوي ٿي:
    ”ٻوٿ، ڪھاڻيون..... ھڏ تھ سڪائي ڇڏيا اٿئي پنھنجا، ڇڏ انھن کي، چريو تھ نھ ٿيو آھين.“ آئون ڳراٽي ٿو پايانس.
    ”مئا ڌيان ڪر، شرم ڪر، ھندن ۾ بھ ٽي – چار ڏينھن مئي جو ادب ڪندا ھوندا.“ ھوءَ ڪاوڙجي بِر ٿي نڪري ٿي وڃي.
    ”پوڙھي...... حرامزادي.....“ آئون گاريون ڏيندو رھجي ٿو وڃانس.
    ڪھاڻي..... ھون ڪھاڻي، ناني تھ وڏي ڪھاڻي ھئي. پر نو سيڪس، نو لو، اونڪلي پوليٽڪس، پيور پوکيٽڪس. سوچيان ٿو پيور پوليٽڪس تي ڪھاڻي لکڻ ڪھڙي وڏي ڳالھھ آھي، پر اڄ جي رات تھ موت تي ڪھاڻي لکڻ جي آھي، جڏھن تھ سائنس جي دنيا ۾ ڪنٽرول آن ڊيٿ از نات امپاسيبل مشن تھ پوءِ مانھو مرن ڇو پيا؟ جڏھن تھ سائنس جي دنيا ۾ نيوٽران بم اچي ويو، پر ڏاٺ جي سور لاءِ اڃا تائين ڪابھ سٺي دوا نھ ٺھي سگھي آھي. اڃا تائين ڏندن تي ريسرچ جاري آھي. موت تي تھ ڪنٽرول جي ڳالھھ ئي پري ٿي. ان جا ڪنھن سبب سوچيا آھن، ان تي ڪنھن ريسرچ ڪئي آھي؟ ۽ اوھان جي چئو تھ موت تي قبضو ڪري سگھجي ٿو تھ ماڻھو اوھان تي کلندا. ريسرچ ھا، جاري آھي. شيم..... شيم...... شيم......
    ٺيڪ آھي، آج ڪھاڻي نٿو لکان، ڏسان سڀاڻ منھنجو مٿو ڪيئن ٿو ڀڃي. ڇا مان پراڻي ليٿو مشين آھيان، جنھن کي جڏھن گھمائيندا وڃو ۽ ڪھاڻيون ڌڙا ڌڙ نڪرنديون اينديون..... ٺيڪ آھي، سڀاڻي چوندوسانس پيور پوليٽڪس معنيٰ پيور ڪوڙ. دس از ناٽ دي ٽائيم آف پاليٽڪس. اِٽس اوور، آل اوور. نائو اٽ از ٽائيف آف آرٽ، پيور آرٽ، نٿنگ ايلس. ٽوڊي دي يونيورس نيڊس ٽالسٽاءِ، ھرمن ھيس، پرل ايس بڪ، ٽئگور، شاھ، سچل، ھٽلگر، گوبل، چرچل، ڊيگال، اسٽالن، خروشچيف، ڪينڊي. دي آر ان وانٽيڊ پيپلز نائو. نو پاليٽڪس، نو ويپنس، نو مور آرگيومينٽس، جنٽلمين!
    ھون – ٺيڪ آھي، ائين چئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندوسانس. سؤ روپيو جيڪي مون کي ڏيندو، ان جي مون کي بھ خبر آھي. باقي سنڌ جو نقشو مون کي گھر ۾ چوريءَ جو ئي سھي، رکڻ جو حق ناھي ڇا؟ آئون ساڳي ڪھاڻي ڇو نھ لکان؟ ۽ آئون پنھنجي مرضيءَ جي ڪھاڻي لکي، لت کوڙي سمھي رھان ٿو.


    پولارن پاتالن ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو

    ڪرن مشين راڦي ۾ ڦاٿل آھي.
    چوڏس ڦھليل ڄانڀي جي سھس کيتن ۾ ڦاٿل سوئي گئس لائين کوٽيندڙ بڪيٽ ڪرئن مشين، جنھن کي ڪڍڻ لاءِ سوئي گئس جا سڀ آفيسر، انجنيئر ۽ ٻيا ٽيڪنيشن گڏ ٿي ويا آھن ۽ کيتن ۾ ڏاڍا ٽيلار ڪريو، پيا مشين کي ڪڍڻ جي اپائن تي ڳالھيون ٻوليون ڪن ۽ ھو – ھو عيش ۾ آھي. ڪرئن جي ڊگھي ڊگھي سونڍ مٿان ويٺو، ماسترياڻيءَ جا پنڌ ۽ ڀيرا ڏسي. نيري ڀرتل وڳي ۽ اجرڪ ۾ ويڙھيل سيڙھيل گٽڪي مٽڪي ماستياڻي ۽ کن لاءِ ھو پري کان ايندڙ ماسترياڻيءَ ۾ نھارڻ ۾ کوئجي ٿو وڃي. ڄڻ ڪا ٻي دنيا آھي. سپني جيھي يا ڪنھن سٺي رنگين نگريزي فلم جيھي.
    چوڌاري نيڻ نھار تائين ڦھليل کيت آھن. ماسترياڻي ۽ ان جي اڳيان پٺيان تکا تکا ھلندڙ پنج – ڇھھ اسڪولي ٻارڙا، پتڪڙا. ھو سوچي ٿو: ”ھلي ڇا ٿي، جھڙو ڊيل ٻچا چڳائڻ کان پوءِ ڀوڏيسر جي تڙاو ڏانھن وڃي رھي آھي.“ ۽ نيٺ ڪرئن جي بڪيٽ ۾ بيٺل ڪلينر ڀڻڪي ٿو:
    ”ير، تو وارو پکي اچي پيو.“
    ”اڙي چپ ڪر پکيءَ جا ٻچا. ھيءَ جا لالوءَ واري لوڌ مٿان اچي بيٺي آھي، ويندي بھ يا نھ؟“
    ”سائين، ڪرئن تي فيصلي ڪرڻ کان سواءِ اھا لوڌ ڪيئن ويندي؟“ ”پر راڦي ۾ ڦاٿل مشين جو کيتن ۾ ھلندڙ عشق سان ڪھڙو واسطو؟ اڙي ھي آفيسر وڏا جھرلو ٿئي. ٻاھران جيترا پوش پاتل، اندران اوترا ئي ننگا. گگ وھيو وڃين پرائي عورت ڏسيو. الاھين ڏينھن کان فلم ڪانھ ڏٺي اٿن، بس پاڪستاني فلم جو سين ٿي ويندو. بابا جھنگل ۾ منگل.“ ڪلينر کيس ٽڏون ٿو ڏئي ۽ ھو مٿان ڏند ٿو ڪرٽي: ”اڙي مان آفيسرن جي پرواھ نھ ڪندو آھيان، پر ھو ٿلھو اسيريڊ آفيسر آھي نھ، اھو منھنجو سؤٽ ٿئي، ڏاڍي خواري ٿيندي. تنھن ڪري لڪ لڪوٽي ڪرڻي ٿي پوي.“
    ”اھا ڳالھھ آھي. آئون بھ چوان آفيسر پٽ تي ۽ اسٽور ڪيپر آسمان تي.“ ڪلينر جي ڳالھھ تي ھو مشين جي سونڊ ھيٺان بڪيٽ روپ ۾ تيزيءَ سان لڙڪندو ھيٺ لھي ٿو ۽ ھن جي ان ريت لڙڪندي لھڻ تي ڪلينر ڪاوڙجي ٿو:
    ”اڙي ميان، ائين تھ مارائي وجھندين، ٽنگ ٻانھن ڀڄي پوئي تھ! ميان، آفيسر جو ڀاءُ ھوندين تھ پنھنجي لاءِ ھوندين.“ گئس ٻڏاڻو ڪارو ڪارو ڪلينر ڪاوڙجي ٿو وڃي.
    ”اڙي، ڀاڙين جون ٽنگو ٻانھون آھن جو ڀڄنديون.“ ھو ٿڌو ساھ ڀري ماسترياڻيءَ ۾ نھاري ٿو ۽ وري ڏاڍي ايلاز مان ڀڻڪي ٿو: ”يار، اھا ٻانھن منھنجي ٿئي. ان رن کان سواءِ آئون لولو لنگڙو آھيان.“ ھو ڪرئن جي لوھي رسي ۾ ھٿ وجھيو، ماسترياڻيءَ ڏانھن ڏاڍي موھ سان نھاريندو ٿو رھي.
    ”الا، مون کي تھ اھا انھن سمورن ٻارڙن سميت قبول آھي. يار قرآن، ڪجھھ ڪر نھ. الا ڏاڍا سھڻا ٻار ڄڻي ڏينديم.“
    ”اڙي واھ، ھاڻ سوئي گئس ۾ ٻيا ڪم کٽا آھن جو ھاڻ وري اھو ڌنڌو بھ ڪريون؟“ ڪلينر چڙي چوي ٿو.
    ”نھ يار، تون تھ ھروڀرو پيو پاڻ کي گاريون ڏين. ڏس يار، ھيئن ڪر نھ، ھيءَ راڊ کڻي، ھن پاسي ڄارين ۾ وڃي بلا مار.“ ھو ڏاڍي منٿ مان ٿو چوي.
    ”بلا ماريان، اڙي ڪچي ڀنگ کائي ويو اھين ڇا بوبڪ جي؟!“
    ”يار ڏس، مرس ٿي، اصل ڌوڌڙ ۾ ڌٻڙاٽ وجھي ڇڏي، اصل وڻن ۾ واڪا، ايمان سان ھي سوئي گئس لائن وڇائڻ کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪين ڄاڻن. مئل بلا ڏسڻ لاءِ ھڪ ساھيءَ ڊوڙندا ايندءِ.“
    ”پر ڀلا ڪٿان ايندي! اڙي پوپا تھ ڪين ٿو کائين؟“
    ”يار تون بھ عجيب گڏھ آھين، چئجانءِ ڏرڙ ۾ گھڙي ويئي آھي.“
    ”پر ميان، آئون اھا ڪٽڻپڻي جي ڊيوٽي ڇو ڏيان؟ سڀاڻي تون سڄي لير ۾ ڍنڍورو گھمائين تھ ادروءَ سان مون ھيئن ڪيو. اڙي مون کي خبر آھي، تون وڏو پلستر آھين.“
    ”توبھن ڀلا آئون ڪو بري نيت سان پيو وڃان يا ڪو منڊل پيو ڪريان؟ اڙي ڪڏھن تھ ڪنھن عاشق جي دعا کٽ. ايمان سان نھ تھ مون کي بلئڪ ميل ڪرڻ بھ ايندو آھي.“
    ”اڙي ھا ھا، ڀاڙين جا اٺ ڪاھيا ھوندءِ. بلئڪ ميل ڪرين يا وائيٽ ميل.“
    ”ڇو ڙي، مون کي خبر ڪانھي ڇا تھ مشين ڪيئن ڦاٿي آھي؟ استاد نمن جي ڇاون ۾ آنند فرمائي ۽ شاگرد ھاتار جيڏي مشين ھلائي. اڙي تو وارو استاد بھ سڪ ٿي ويندو، مون کي سڄي خبر آھي، مشين ڪيئن ڦاٿي آھي.“
    ”يار تون تھ ڪو وڏو حرامي ماڻھو آھين!“ ڪلينر راڊ کڻڻ لاءِ وڌي ٿو. ھو بڪيٽ ۾ بيچين بيٺو اڃا بھ نماڻائيءَ سان کيس ايلاز ڪري ٿو تھ متان ڪٿي ڪلينر ڦري نھ وڃي.
    ”يار، سنگت ۾ ايترو بھ نھ وھندين ڇا؟ قرآن، ھڪ ئي ملاقات سان منھنجا چوڏھن ئي طبق روشن ٿي ويندا آھن. مڙس ٿي ڀاڙيا. ڪونھ ٿيون ٻروچن واريون ڪھاڙيون لڳنئي.“
    ”ھا بابا، تنھنجو وقت آھي، جيڪو حڪم.“ ڪلينر ھن ۾ خار مان نھاريندو ٿو وڃي ۽ ھو سوچي ٿو تھ ھني – مون جي پھرين چمي انھيءَ مشين جي سونڊ مٿان نھ ڪريان تھ سمجھندس مڙس ئي نھ اھيان ۽ مشين جي اوچي سونڊ ۾ نھاريندو مرڪي ٿو پوي. اوچتو ڪلينر جي ڀڻڪاٽ تي ھو ڏانھن نھاري ٿو. ڪلينر ويندي ويندي موٽ کائي آيو آھي:
    ”ٿڪ ٿئي ڀاڙيا، پرائي ڇوريءَ لاءِ سنگت ٿو سٽين، پڇنئي تھ ٽڪي تي بھ ڪانھ ٿي.“
    ”حرامي، ٻھ لٺيون ڌڌڙ ۾ ھڻندي ٻرو چڙھندءِ ڇا؟“
    ”اڙي، پر اڳيان بھ ڪت خلق آھي آفيسرن جي.“
    ”پوءِ ٽرڙا وري مون سان ٻٽاڪ نھ ھڻجانءِ تھ ھيئن ڪيوسين، ھونئن ڪيوسين.“ ان ڳالھھ تي ڪلينر ڪرٽيون کائيندو گم ٿي وڃي ٿو ۽ اوچتو وڻن ۾ واڪا پيدا ٿي ٿا وڃن ۽ ھو اک وٺي ٿيڙ کائي ٿو وڃي، ماسترياڻي جي دڳ جھلڻ لاءِ ۽ کيتن ۾ ھڪ ڇورو ۽ ڇوڪري ھڪ ٻئي سامھان اچيو وڃن.
    ”ليڊي، ھائو آر يو؟“ ھو سرنھن جا پن چٻاڙيندي ٿو چوي.
    ”تون آھين ڪير؟.... تون اھو ست ڪيئن ٿو سارين!....؟“
    ”توکي ڏسيو پاڻ پيدا ٿيو وڃي.“ ھن جي ڳالھھ تي کن لاءِ ماسترياڻي بيھي ٿي وڃي ۽ نھايت ٿھمر سان ٿي ڳالھائي: ”ٻڌ، مون کي ھيڻي ۽ ھيکل عورت نھ سمجھھ. مان پنھنجي مرم ۾ ٿي مران، نھ تھ کاڄين ڇا سان!......“
    ”ڪچو کائي ڇڏ نھ مون کي.“ ھن جي نيڻن ۾ جادوءَ ھاڻا موھ ڀرجي ٿا وڃن.
    ”ڏس، شانائتي ڳالھھ ڪر. ڪنھن اڄاتل عورت جي ائين واٽ جھلڻ اشرافن جو ڪم نھ آھي. سچ، تون مک مان ڪوجھو نٿو لڳين.“
    ”ان لاءِ تھ مان اندران بھ ڪوجھو ۽ کوکلو نھ آھيان. آئون..... آئون راڄ ڀاڳ وارو ماڻھو آھيان.“
    ”تڏھن سدائين ڪرئن جي چوٽيءَ تي لڙڪيو پيو ھوندو آھين. ھڪ غريب ماسترياڻيءَ کي تنگ ڪندي توکي رتيءَ جيترو بھ ڪھڪاءُ نٿو اچي.“ ھن جي ڳالھھ تي ھو چوٽ کائي، وڏي شوڪاري سان ڏانھس نھاري ٿو.
    ”غريب؟ تون جي مھاراجا جي ڌيءَ بھ ھجين ھا، قرآئون، آئون تنھنجي واتن ۾ ائين ڊوڙندو اچان ھا، گھور اچان ھا. کڻي وڃان ھا توکي.“
    ”ڇو؟.....“ ھوءَ ڏاڍي بيزاريءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ٿي تھ ڪو ڏسي تھ ڪونھ ٿو.
    ”شايد ان لاءِ تھ منھنجي..... منھنجي ذھن ۾، سپنن ۾ جنھن ڇوڪريءَ جا ساروپا ويٺل آھن، سا تون آھين. تون ساڳي اھڙي آھين.“
    ”ڏس، توکي ڪجھھ بھ نھ ملندو، ڇو ٿو منھنجي روزيءَ تي لت ھڻين. ھي تھ ”مروئان موت، ملوڪان شڪار“ واري ڳالھھ آھي.“ ھوءَ روئي ٿي پوي ۽ ھو وائڙو ٿي منجھس نھاريندو ٿو رھي.
    ”ڇو..... تو روئي ڏنو! ...... ڇو؟......“
    ”.........“ جواب نھ پائي ھن جي اندر ۾ ڄن وڏا پولار پاتار ٿيو وڃن ڏکن جا.
    ”نھ روءِ، ٺيڪ آھي وري ڪونھ ايندس. تو آڏو وري ڪڏھن ڪونھ ايندس. ڀلا مون کي ڪھڙي خبر تھ تنھنجي جيون ۾ ڇا آھي ۽ آئون ڇا پيو ڪريان؟ مون کي تھ ايتري بھ خبر ڪانھي تھ تون ڪنواري بھ آھين ڪي نھ!...... آئون معافي ٿو گھران!“
    ”مھرباني“ ۽ ماسترياڻي اڳتي وڌي وڃي ٿي ۽ ھو مڙي نھارڻ لاءِ لوھاتجي ويندي بھ مڙي ماسترياڻيءَ ۾ نٿو نھاري ۽ پويان پير ڪري ٿو. وک وک تي ڄڻ ڪاريھر جا ڏنگ ٿو کائي.
    موٽندي ھن کي ڀاسي ٿو کيت، آڪاس ڦرن ٿا. کيس، کيت ناھن، الائي ڇا آھن!
    ھو موٽ کائي دوڙندو تڪڙو ڪرئن ۾ چڙھي ٿو ۽ ساھ ۾ مونجھھ محسوس ڪندي ھو ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي ڪرئن جي بڪيٽ ليور اپ ڪري ٿو. لوھي رسن جي ڇڪاو سان بڪيٽ مٿي کڄندو ٿو اچي. ھو ھڪدم بڪيٽ ليور ڊائون ڪري ٿو. ڀاري ڌوٿي سان بڪيٽ ھيٺ ڪري ٿو، ڌرتي ڄڻ ڌٻي ٿي پوي ۽ ھو روئي ٿو پوي، ننڍڙن ٻارڙن جيان!


    سين ھنيائون سڃ ۾

    ھو ھاڪڙي جي صدين سڪل پيٽ وٺيو، ھلندو ٿو وڃي. سج وڙاءُ سامھين جي ساٿ پٺيان. ٿر جا سامي ڏسي، ھو پنھنجو ماڳ وساري ويٺو آھي. ھن کي تھ اھا بھ ڪل ڪانھ پيئي تھ ھن کي ڪھڙي دشا، ڪھڙي مارڳ وڃڻو ھو؟ بس، سامي ڏسي، من ڀنڀرجي ويس: ڪن ڪٽ، ڪن چير ڪاپڙي! اھو بھ وسري ويس تھ ڪھڙي ڪارج آيو ھو؟ بس کڻي پيرا کنيائين تھ سامين جو سانگ ڏسجي، پر چوندا آھن تھ سامين، جوڳين ۽ ڪاپڙين جو ٿر ٿانءُ ڪٿي.....!
    ڏڪاريل ھاڪڙي جي وارياسي پيٽ مان، سامين پٺيان ھلندي، ھو ٽن ڪوھن کان بھ مٿي پنڌ پٽي آيو آھي. چوڏس ڀِٽون ئي ڀِٽون، پر بيگان آھي. لکين ڪروڙين سال اڳ، سمونڊ جون ڇڏيل وارياسون ڀٽون، ٽي سال ساندھ اٺي جون ھوائون ئي ڪين ھليون. تنھن ڪري ٿر بر بڻجي ويو آھي. ڏھرين ۾ ڪين ڏھرين مٿان، چوڙيلين جا ڇنل ڇنا، منھن ۽ چؤنرا ويڳانا ۽ بيران آھن ۽ پنڌ ۾ آھن. ڏڪار کان لاڏاڻا ڪندڙ ماڻھو. ڪنڊن، ڪونڀٽن، ٿوھرن ۽ کارن کٻڙن کان سواءِ ٻيو سڀوڪي ڌوڙ آھي. ساٺيڪن جا منھن بھ لٽجي ويا آھن. رکي رکي ڀٽن مان گرم باھ جھڙا واچوڙا ٿا اٿن ۽ ڏھريون کورن جيان ٻرنديون پيون نظر اچن. ڀٽن مان رت جي بانس پئي اچي ۽ آسمان ۾ آھن لامارا، لامارا ڳجھون ۽ سرڻيون، جي اڃ ۽ تونس کان نست ٿي ڪريل ٻڪرين، گائين ۽ رڍن مٿان پيون لامارن سان لھن. ڍور جي پساھ ڏيڻ کان اڳ چھنبون اکين ۾. ڍورن جي ڦٿڪ ڦٿڪان ۽ ڳجھن جي پٽ پٽان. سڄي ٿر ۾ راڙو آھي تھ ھھڙو ڏڪار تھ ڪڏھن ڪين آيو. سڄا سارا ٽي سال ويچارن ٿرين ڪارو ڪڪر بھ ڪين پسيو.
    ھو دور دور بيران ۾ نھاريندو، سامين جي جٿي پٺيان ھلندو، اڃ کان، ڪلھن سان لڙڪايل کليءَ جي ڏؤنر کولي، پاڻيءَ جا ٻھ گلنڀ پي، وري ڏؤنر سان کليءَ جو منھن سوگھو ٻڌي ٿو. جھولي ۽ لڪ کان سندس کل آرايون – آرايون ٿي، ڦلوڪڻا ٿي وئي آھي. رکي رکي آرايون ٽچڪنس ٿيون ۽ ٽپھريءَ جو آڳ الاءُ سج ڄڻ ٽڪ ٻڌي بيھي ويو آھي. دوزخ ٺاھڻ لاءِ. ڄن ڪڏھن ٿڌو ڪين ٿيندو. ڪڏھن ڪين ٿيندو - ۽ سامين جي سفر جي بھ ڄڻ ڪٿ پڄاڻي ڪانھي. سامين پٺيان ھلندي، ھانو ۾ سوٽون ٿيون اڀرنس: ”وطن.... وطن...... وطن.....“ جن ماڻھن ڪاڻ ھو وڻ وڻ پيو ووڙي، سي ڪو کيس سڃاڻيندا؟ سندس ڪو آڌرڀاءُ ڪندا؟ ماڳھين ڏمرندا تھ ميان ڏٺو ڇا ٿئي جو پٺ ئي ڪين ٿو ڇڏين! پنھنجون ڄايون نپايون ڪين اٿئي ڇا؟ ماڻھو، ماڻھوءَ کان ڇرڪيل، ھي ملڪ ٿيو، ڪين راڪاس، برڙباڪاس جو ٻيٽ؟ بس نھار ئي پھرين، سڄا ٽي ڪوھھ، وري ڪنھن ننڍڙي ٻار بھ مڙي ڪين نھاريو تھ پٺيان ماڙھون رھجي ويو.... ڪين ڇا؟ بس، پنھنجو گس، پنھنجو منھن..... ٻين سان نڪو سڱ، نڪو سياڪو.
    ۽ سامين آھن ٻارين ٻچين. جواڻ، پوڙھا، ڪنواريون، ٻارڙيون، ٻارڙا ۽ جواڻ سھڻا جوڙا. پراڻن ويس وڳن مٿان تھ ڇا، پر گودڙين ۽ بُجڪن مٿان بھ ڀرتن ۽ سچيلين ڪوڏين جا جڙاءُ..... ڪلھي ڦاٽل ڪنجرن سان عورتون ڪارائيءَ کان ڪلھي تائين ٻانھين ساڻ، گڏھن مٿان ڳوڻين ۽ گودڙين ۾ ارڙ، کپر، گڊا ۽ اصيل – نانگ لڏيل ۽ ھڪ نينگري...... جھڙي کپريل بلا! اکين ۾ ايڏو ڪامڻ، ايڏي ڏيا، جو ڏسندڙ جادوءَ ۾ اچي وڃي. ٻور سامايل سامڻ، وڏن ڪامڻن ارھن ساڻ ۽ ٻاريتڙين کي پٺن ساڻ ٻار ٻڌل. تنجيل ٻار..... رڻ ۽ رائيءَ ۾ ڄاول، ماءُ جي نراڙ سان، اجرڪ جي جھولي ۾ ٻڌل.
    جڏھن ٽپھريءَ جي پوئينءَ ويلا م، سامين، ڄارين جي ھڪ جھنڊ ھيٺان اچي ڊاٻو ڪيو تھ ھن جون متيون موڙھجي ويون ۽ اڻ تڻ اورا کورا لڳي ويس تھ ھاڻ ھو ڪيڏانھن وڃي؟ سامين لاءِ تھ جيھوڪر ھن جو وجود ئي ڪينھي، پر پوءِ بھ ھو نرلڄ ٿي، ٿورو وٿيرڪو وٿيرڪو، سامھين ھڪ ڪنڊيءَ جي ھيٺان، ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي، ويھي ٿو وڃي - ۽ کولڻ لڳي ٿو ٿيلھو، جنھن ۾ بسڪوٽن جو پڙو آھي. اکيون جٿي ۾ کپايو نھاريندو ٿو رھي ۽ سج ھڪ ڀٽ جي اوڍر ۾ ڍري ٿو وڃي. ڏسڻ ۾ اچنس ٿيون رڳو سامين جون دونھيون، دورا ۽ پاڇا. ھر پاڇو چٽو پٽو ۽ پڌرو. پاڇو ھوندو بھ آنھريءَ جيان روشن.
    الاھين دير کان پوءِ ھڪ پاڇو ڏانھس وڌي ٿو. ھو ڏسي ٿو، اڇي ڏاڙھيءَ سان ھڪ گيڙوءَ رتو، ڪن چير ڪاپڙي سندس مٿان اچي بيھي ٿو. گنڀيرتا سان ڏارھي کنھندي چوي ٿو:
    ”اچي، ھي ٻاجھريءَ جي ماني ۽ ھي ڳڙ ذرو...... جيڪي اڳيان، سو پيش پرين......“
    پوڙھو اٻاڻڪي منھن سان آيو ھو ۽ اٻاڻڪي منھن سان وڃڻ لڳو ھو، پر الائي ڇا سوچيندي، وري موٽي ٿو اچي ۽ نج چانڊوڻيءَ رات ۾ سندس ٿيلھي، بوٽن ۽ جين جي پينٽ ۽ جاڪٽ ۾ نھاريندي ڀڻڪي ٿو:
    ”ڇو پٽ، ھن ڏڪارين ڏسائن ۾ ڪھڙو وندر پيو ووڙين؟“
    ”آئون..... آئون اخبارون ڇاپيندو آھيان.“ ھو منجھي ڪوڙ ٿو ڳالھائي.
    ”پوءِ ڏڪارئي پاسي ڪوھ نٿو وڃين؟“
    ”سڪار آھي ڪٿي؟ ۽ اوھان..... اوھان ڪيڏانھن پيا وڃو؟“
    ”اسان....... اسان تھ ڄڳن کان اھا ئي واٽ پيا وڃون...... اھي ئي پراڻا پنڌ، اھي ئي پيرا......“ سامي اونھون ساھ ٿو ڀري، مٿاھنس گھري نھار سان نھاريندو، واپس وڃڻ ٿو لڳي، ڪجھھ گام پري ھلندو، دونھن ۽ دودن ڏانھن، پاڇولو ٿيندو ٿو وڃي.
    ھو ساميءَ ۾ نھاريندو، وري ٻاجھر جي اڌ مانيءَ ۽ مٿانھس رکيل ڳڙ ۾ نھاري ٿو ۽ وري پري سامين جي پڙاو ۾ نھاريندو، ڳڙ ماني کائيندو، سوچن جي ٻوڏار ۾ ھليو ٿو وڃي.
    ”ھان.... منھنجي تھ تصور ۾ بھ ڪين ھو تھ ھھڙي ڏڪار ۾ بھ ڪو ھيئن ٿيندو! ھنن جون تھ ريتيون ئي نراليون آھن. ھتي، ھن پِڙ تي ويٺي، ائين پيو وسھيم، ڄڻ پراڻا وڃايل گم ٿي ويل ڪال ۽ سال وري موٽي آيا آھن. ھتي، ھن پرٿويءَ تي، سڀڪجھھ پراڻو ۽ سچ آھي. نئون ۽ ڪوڙو رڳو مان آھيان، پنھنجن ھنن ڪپڙن جيان، جي ھتي جي جھولن کان مون کي نٿا بچائي سگھن.“
    ھو جاڪٽ ۽ گنجي لاھي، وڻ ۾ ٽنگي ٿو ۽ ٿيلھي مان نئون نڪور اجرڪ ڪڍي، پٽ تي وڇائي ٿو، اشانت من کي آسيس ڏيڻ لاءِ. پٺين اگھاڙو، پاڻيءَ ڍڪ پي، سيرانديءَ کان ٿيلھو ڪري ليٽي ٿو پوي ۽ تارا تارا اڀ ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي.
    ۽ جيئن جيئن رات وھامي ٿي، سورھينءَ سترھينءَ جي چنڊ جي رات، جرڪندي ٿي وڃي ۽ واري سون روپو ٿي، روشن ٿيندي ٿي وڃي. پري پري برف جيان اڇيون ۽ ڌنڌليون ڀٽون رات جي جھوليءَ ۾ بھ برفاني چوٽين جو ڏيکاءُ ڏين ٿيون. ھونءَ بھ برپٽ ڪين وارياسي ۾ اکيون ڀنڀلجي وينديون آھن. ڪڏھن ڪڏھن برپٽ ووڙيندي ائين بھ ڀاسندو آھي تھ سمونڊ ڇوليون پيو ھڻي...... ڪڏھن اوماس جي راتين ۾، چوڏس نانھن جھڙا ڏيک ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ھو ڪنائي ٿو..... رات جي نوائيءَ ۾ پري ڪٿان ڪو قافلو پيو گذري، اٺن جي چنگ چڙن جا آواز نوائي وايو منڊل ۾ ڏور ڪٿان پڙاڏجندا پيا وڃن، ڏکن، ڏولائن جا گيت.
    ھو ٿڪ کان چور سمھي پوڻ ٿو چاھي، پر سندس من ۾ الائي ڪھڙا ڪھڙا اڌما ايندا، کيس جاڳائيندا ٿا رھن ۽ سامي مرليون وڄائيندا، دودرا دکايو، ڄڻ پراٿنا پيا ڪن. ھن کي ننڊ ڪانھي..... ايستائين جو سامين جي سين جا آواز بھ رات جي ماٺار ۾ لڙھي ٿا وڃن. ڏکڻ کان ايندڙ ٿڌڪار، ٽچڪيل جسم کي آسيس پئي ڏئي. ھو پاسا ورائي ٿو، ننڊ لاءِ سوچي ٿو، پنھنجي اڄ جي پاڳل پڻي لاءِ تھ ھن کان ھيءَ ڪھڙي حرڪت ٿي! ھن کي تھ پارڪر وڃڻو ھو! آخر ھن انھن سامين ۾ ڏٺو ڇا..... ڇا اھا ساري جاکوڙ ۽ ولوڙ ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ...... توبھن! سھڻي تھ ڪيڏي نھ ھئي، جھڙي ڪر ديو مالائي ڪھاڻين جي راڄڪماري. اکين ۾ ڪيڏا تيج تجلا، اھم ۽ الماس ھئس! پر ھنن سامين جو ھيءُ ڪھڙو سانگ آھي. ڪجھھ بھ ٿئي، صبح جو آئون ساڻن گڏوچڙ ٿي ويندس. آخر تھ ھي ڪھڙو ويراڳ آھي؟ سندن ڪپڙا ڪيڏا نھ ٽريڊيشنل آھن. سنڌ جي کوج لھڻ ڪيڏو نھ اوکو ڪم آھي. شايد ئي پرٿويءَ تي سنڌ جھڙو پراسرار ملڪ ھجي. رڳو اونھيءَ اک سان سنڌ جي جاگرافي ۽ رھڻي ڪھڻي ۽ يگن کان ھلندڙ ريتن رسمن کي ڏسڻو آھي. ڇا اھا پراسرار ڳالھھ ڪين ھئي تھ اڄوڪي سنڌ ۾، جوڳين جي تاريخ ۾، برٽس دور کان وٺي اڄ تائين ڪو جوڳي ڪورٽ ۾ گھربل ڪينھي، ڪنھن وارتا ۾ بھ نھ!
    ھتان جا تارا ھتان وڃي ٿا نڪرن. چنڊ بھ الائي ڪيڏا سفر ڪري، ٻوڏار ۾ پيو وڃڻ جون ڪري. سامين جون دونھيون ڪڏھوڪيون اجھامي رک ٿي ويون، پر ھن کي ننڊ ڪانھي – رات جيئن پوءِ تيئن ٽلڪندي ٽمڪندي ٿي وڃي. ھو اکيون ٻوٽيو، پاسا ورائيندو ٿو رھي.
    ”تون.... ڪير آھين تون؟“ اچانڪ ھو پنھنجي مٿان بيٺل پاڇو ڏسي ڊيھو ٿو ڀري.
    ”ٻڌاءِ، تو اسان جو پيڇو ڇو ڪيو؟“ پاڇي سمان نينگري سندس اڏو ڪاٺ جيان بيھي ٿي وڃي. تون ساڳيو کونھر وارو آھين نھ، ٻڌاءِ..... اکين ۾ ڇا ٿي چيئي؟“
    ”مان سيلاني آھيان، مان پنھنجي واٽ وٺيو پيو وڃان.....“
    ”ڪوڙ، توکي منھنجي ڪامڻ ڪايا ورتو آھي؟“
    ”........“ ھو نينگريءَ ۾ نھاريندو رھجي ٿو وڃي. اوچتو ھڪ ھڙ سندس اڳيان ڦھڪو اچي ٿي ڪري.
    ”ٻڌ، تون مون کي وڻيو آھين. مون کي ماڻڻ لاءِ ھي وڳو پائي آڌوتي ٿي وڃ. ڊڄ نھ، ٻڌاءِ ڪيڏو جگر اٿئي؟۾
    ھو موڳاٽجي سامي نينگريءَ ۾ نھاريندو ٿو رھي. کيس سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ڪھڙو جواب ڏئي.
    ”ٻڌاءِ نھ، ڪيڏو جگر اٿئي؟ مون کي ماڻڻ لاءِ ھي رڃ جو سمنڊ جھاڳيندين؟ ٻڌاءِ، ڀٽن ۾ ويلا ۽ چلا ڪڍندين؟ ڏس، مان تو لاءِ ڪيڏا سوڻ ساٺ ڪري آئي آھيان، سڄو لوڪ سمھاري.“
    ھو سامي نينگريءَ جي ڪاون ۽ ڪوڏين جڙيل پولڪا ۽ پڙي ۾ نھاري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ ھوءَ ڄڻ ننڊ ولايت جي ديوي ٿي لڳي. راڄاڻ سونھن جو روپ ڏسي، نڙي سڪي ٺوٺ ٿيو وڃيس.
    ”تون ڳالھائين ڪوھ نٿو. ٻڌاءِ منھنجو پريم، موھ ٽوھ ۾ ڪاپڙي ٿيندين؟ ڪن چيرائيندين؟ مون کي تو ۾ پورو وشواس آھي – تو اجگر واري ڇپ ڇو ھنئي آھي؟“ ھوءَ مٿي تان گندي ڍرڪائي، کيس پٺ ڏئي ٿي بيھي.
    ”منھنجي پولڪا جا سڳا اڃا ڪنوارا ۽ اڇوھيل آھن. توکي ڪھڙا ڊيڄوڙا پيا آھن! سامين سان سڱ ٿو ڪرين تھ سامي ٿي، کولي ڇڏ منھنجي پولڪا جا ڌاڳا، ڌوئي ڇڏ منھنجو ۽ پنھنجو سارو تن من، ڪڍي ڇڏ سارو ڪينو.“
    سامي نينگريءَ جي آواز ۾ کيپ ڀرجيو ٿا وڃن. ھوءَ اپڇرا جيئن کيس پٺ ڏيو، جواڻيءَ جي کيپن ۽ خمارن ۾ ڄن وٽڙجيو بيھي ٿي وڃي ۽ ھو ڪنھن خوفناڪ سوچن جي ٻوڏار مان نڪري، پٽ پيل چني کڻي، ھن جي سامھون اچي ۽ چني ٻيھر ڏاڍي موھ سان سندس مٿي تي اوڍائي، کيس کاڏيءَ کان آڱر ڏئي، سندس منھن مٿي ٿو ڪري.
    ”تون.... تون اپڇرائن کان وڌ سھڻي آھين، پر آئون تو لاءِ دنيا تياڳي نٿو سگھان. تون غلط سمجھي آھين.... مون کي.... مون کي ڏاڍو ڏور وڃڻو آھي، پري پري، سڪارن جي ڳولا ۾.
    منھنجي انگ لاءِ تو وٽ ڪپڙا آھن، پر مون وٽ تو لاءِ ڪجھھ بھ ڪينھي. جنھن ڏينھن مان تو لاءِ پٽ جا ڪپڙا وٺي آيس، ان ڏينھن تنھنجا سمورا ڌاڳا کولي پنھنجي اندر ۾ سموئي ڇڏيندس. ساري ڀونءَ سامھون..... سمجھينءَ.“
    ”نھ...... ٻڌاءِ کونھر مٿان اھڙين اکين سان ڇو ڏٺو ھيئي؟... ڇو؟ ڇا ماڻھو آپي کان نڪري ويندو آھي؟“
    ”ھا، شايد مان ڪنھن ڪامڻ ۾ اچي ويو ھئس، جادوءَ ۾.“
    ”ڪامڻ ۾؟....... ڪوڙا جي جيءُ کي جادو لڳي ويو ھيئي تھ پوءِ مون سان رڃن ۾ ڀٽڪڻ جي شڪتي تو ۾ ڇو ڪانھ جڙي؟ چئھ نھ، تو ۾ اھا شڪتي ڇو ڪانھ جڙي؟“ سامڻ ڇوريءَ جي ڇپرن ۾ لڙڪ ڄڻ ڇم ڇم ڪندا ٿا اچن.
    ”شڪتي.... ھا ڪانھي، آئون ڪوھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو!“
    ”پوءِ ميار متان رکي اٿئي تھ اک اڙائي، جوڳياڻي ڪچون ڪري وئي! الائي ڪيڏن اوسيئڙن کان پوءِ مون ور چونڊيو ھو، آڳيا ورتي ھئي. ھاڻ.... اڄ صبح جو سامي مون کي ھيڪل ڏسي، ڪاريھر نانگ کان ڏنگرائي ڇڏيندا تھ مون ڪوڙو ور ڪيئن چونڊيو؟ منھنجي اکين ڪوڙ تي آرو ڪيئن ڪيو؟ الا.... منھنجي نيڻن تھ مون کي ڪڏھن بھ دوکو ڪين ڏنو، ڪڏھن ”ڪلاپ“ ڪين ڪيو؟ الا ڪٿ وڃي اڙيون.....“ ھوءَ گڏڪي گڏڪي رنڀون ٿي دٻائي ۽ کن لاءِ ھو سن ۾ اچيو وڃي ۽ کيس دلداري ڏيڻ لاءِ وڌي ٿو. سامڻ ڇوريءَ کان ڇرڪ نڪريو وڃي:
    ”نھ نھ، متان ڇھيو ٿئي...... ٻڌاءِ، ڇو رڃن ۾ اکيون اڙايئي، پريم جي سين ھنئي ھيئي؟ جتان آيو آھين، ونءَ ھليو.“
    سامياڻي ڏھڪاءُ ڀريل نيڻن سان اندر جا ڄيرا پنھنجي اندر ۾ اوتيندي، بجڪو ھن جي پيرن ۾ پيل ڇڏيو، سندس نيڻن ۾ وڏي ڦٿڪاٽ سان نھاريندي، اچانڪ اوڇنگارن سان سٽ ڏئي موٽ ٿي کائي. کن لاءِ ھو ڄڻ سراپجي پنڊپھڻ ٿيو وڃي. اچانڪ ڪو سانگ ساري ھو پٺيانس نھاريندي واڪو ٿو ڪري:
    ”ترس نھ، پوري ڳالھھ نھ مھاڙ، ايڏو ڦوڙائو، گيڙوءَ رتو آھيان. جي نيڻن سان گڏ ٻانھن بھ وڌائي اٿئي تھ پوءِ مون کي بھ اروڙ جي ٻنڌ ڀڃڻ ٿي اچي.“
    ھو سنياسين جيان پنھنجي وڏي اجرڪ جو ٻانڌڻو ڳچيءَ سان ٻڌي ٿو. وڻن ۾ لٽڪيل پنھنجي ڪپڙن ڏانھن نھاري بھ نٿو. بس، رڳو بجڪو ۽ پاڻيءَ جي کلي ۽ بسڪوٽ کڻي، پٺيري سانت ڀريل ماٺار ۾ بيھي ويل سامڻ جي ڪلھي ۾ پاڻيءَ جي کلي ۽ ٻانھن ۾ ٻانھن اڙايو ساڻس جٽ ٿيو ھلڻ لڳي ٿو.
    ٻھ پاڇا وڃي رھيا آھن...... جوڳين جي دونھين ۾ دودرن ڏانھن، چٽا پٽا، ٻھ روشن پاڇا آنھريءَ جيان.


    سندر سپنا ڀيانڪ سپنا

    برف ٿيڻ لاءِ، ٻرندڙ جبل رکي رکي، دکي دکي، گجي گجي، ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندو.... ڀنڀٽ ٿي ويندو.... ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين لاوي جو ساگر لھرون ھڻندو. ايءَ ڪا ھندو پراڻن[1] جي ڪٿا ناھي. ايءُ ڪو قيامت جو منظر ناھي. برف ٿيڻ لاءِ سڀ ڪجھھ ٿيندو آھي.
    مون ڏٺو، سون مياڻيءَ جا سڀ تڙ توائي ٿي ويا آھن. سمنڊ ۾ خوفناڪ طوفان اچي ويو آھي. خوفناڪ مانگر مڇ ھزارين ٻيڙيون ٻوڙي ڇڏيون آھن. ڪلاچ جو ڪن رت جون ڇوليون ھڻي رھيو آھي. ماڻھوءَ مورڙو مورڙو پڪاري رھيا آھن ۽ سڀ ٿر بر اوڀائي[2] جو گھر ٿي ويا آھن. ايءُ ڪو ڀيانڪ سپنو ناھي.
    مون ڏٺو، اڄ جو ٻيجل سر تريءَ تي. ٻئي ھٿ ۾ دنبورو. نگريءَ نگريءَ، وستيءَ وستيءَ، گھر گھر، در در، بين وڄائي سر جي سين ھڻي رھيو آھي. ”ڪو آھي! منھنجا گيت ٻڌي. ڪو آھي! سر جو دان ڏئي. سارو جھونا ڳڙھ گونجي ويو آھي. ماڻھو ماڻھو سورٺ ور آھي. ايءُ راڳ جھونا ڳڙھ جلائيندو. ڪيئي ڪانڌ ڪھائيندو. ڪو تھ ممڻ مچائيندو. ايءُ ڪا ٻارن جي راند تھ ناھي.“
    ۽ مون ڏٺو، خوفناڪ گھمسان جي جنگ لڳي پئي آھي. ھزارين لاش وکريا پيا آھن. دودي جو سر نيزي تي ٽنگيو پيو آھي ۽ ٻاگھيءَ جي ڪک رتو ڇاڻ. گج تار تار ۽ لوئي ليرون ليڙ ٿيو پئي آھي ۽ ماڻھو ڇتن ڪتن وانگي ھن جي ڳٽن ۾ چڪ ۽ ڇاٿين ۾ رانڀوٽا ھڻي رھيا آھن ۽ ھوءَ رانڀاٽ ڪري چنيسر کي سڏي رھي آھي: چنھون.... چنھون.... چنھون.....! ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ھن جي رڙين جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي ۽ مان جنگ جي ڏھڪاءُ کان چانھونءَ جي ھڪ ڪنڊ ۾ ڪنن تي ھٿ ڏيو ساھ لڪايو ستو پيو آھيان. صدين کان ٻاگھيءَ جي رڙين جو پڙاڏو منھنجي ڪنن ۾ گونجي گونجي ٻڏي ويو آھي. مان پنھنجي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو ٿيو، لڪو ويٺو آھيان. ھاڻي پري پري ڏورانھين ڏيھھ کان نگر نگر جا ماڻھو مون کي ۽ منھنجي پراڻي سڀيتا کي ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. مون کي ۽ منھنجي کنڊرن کي حيرت سان ڏسندا آھن ۽ پنھنجي نوٽ بُڪن ۾ لکندا آھن ۽ آئون پنھنجي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ لڪو ويٺو آھيان.
    ۽ مون ڏٺو ھڪ ڏينھن ساڳي ٻاگھي، ساڳيو گج، ساڳيو اجرڪ، ساڳيو روپ سروپ ڪري، پنھنجي ننڍڙي ڀاءُ کي مون ڏانھن اشارو ڪري چيائين: ”دودا ادل، ھيءُ ڏس!“ ننڍڙي نينگر جي ھٿ ۾ ڪوڙو ڦٽاڪي وارو پستول ھو. مون ڏانھن حيرت سان نھاريندي چيائين: ”ادي، ھيءُ ھڏن جو پڃرو اتي ڇو پيو آھي؟“
    ٻاگھيءَ چيو: ”دودا! منھنجا ڪونڌر ڀاءُ! ھيءُ ماڻھوءَ جو پڃرو آھي. شايد ويچارو جنگ جي ڏھڪاءَ کان انھيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ ساھ لڪائي اچي ستو ھو ۽ اتيئي ڪو پٺيءَ ۾ بڙڇ وڄائي ويس جو اڃا تائين پٺيءَ جي ھڏن ۾ ڦاٿو پيو اٿس.“
    دودي چيو: ”ھيءُ مرد جو پڃرو آھي يا عورت جو؟“ ٻاگھيءَ چيو: ”الائي ادا، خبر نٿي پوي. ھن جي ھٿن ۾ سراڻ ڪانھي. تنھن ڪي ھيءُ مرد نٿو ٿي سگھي ۽ ھٿن ۾ چوڙيون بھ ڪونھ اٿس، تنھن ڪري ھي عورت بھ ناھي.“
    ”پوءِ ڇا آھي ادي؟“
    ٻاگھيءَ نفرت مان مون ڏانھن نھاريو ۽ چيائين: ”ھيءُ نھ مرد آھي ۽ نھ عورت!“
    ٻار جي منھن ۾ گھنڊ پئجي ويو ۽ شرارت کان ڪوڙي پستول ۾ ڦٽاڪو ڀري مون ڏانھن تاڻي ٺڪاءُ ڪرايائين.
    ”آھ“ مان وڏي رڙ ڪري جاڳي پيس. پر ايءُ ڪو ڀانڪ سپنو ناھي. اھي ٺڪاءُ ڪوڙا ناھن. باھ ٿيڻ لاءِ ٻرندڙ جبل رکي رکي دکي رھيو آھي.
    ۽ مان پڙاڏو ٻڌڻ لاءِ ٻرندڙ جبل ڏي ويس. مون زور سان رڙ ڪري آواز ڏنو: ”ھو.... ھوھو.......“
    چوڌاري جبل گونجي ويو.
    مون وري رڙ ڪري چيو:
    ”منھنجي اندر ۾ ڄيرو آھي، مان جوالو آھيان.“
    پڙاڏو پئدا ٿي ويو.
    ”منھنجي اندر ۾ ڄيرو آھي...... مان جوالو آھيان جوالو آھيان..... جو....ا.....لو.....آ.....“
    ”مان چانھون جي دڙي جو انسان جاڳي پيو آھيان.“
    ”مان چانھون جي دڙي جو انسان جاڳي پيو آھيان.......“
    جاڳي پيو آھيان. جا ... ڳي .... پيو .... آ ...... ھيان ......
    ”مان موھن جي دڙي جو وارث آھيان...... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي.“
    ”مان موھن جي دڙي جو وارث آھيان...... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي....... ھيءَ ڌرتي منھنجي آھي.......“
    ”ھو......“
    ”ھو...... و.......“
    ”ھو ھو“
    ”ھوھو...... ھو ...... و“
    ”مان دودو آھيان. منھنجو سر نيزي تي ھوندو.“
    ”مان دودو آھيان. منھنجو سر نيزي تي ھوندو......... سر نيزي تي ھوندو........ سر نيزي تي ھوندو........“
    ”مان سون مياڻي جو موڙرو آھيان، مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس.“
    ”مان سون مياڻي جو موڙرو آھيان، مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس. مان پنھنجو ماڳ ملھائيندس. ماڳ ملھائيندس.“
    ”مان جھونا ڳڙھھ جو ڏياچ آھيان. مون کان سر جو دان وٺو.“
    ”مان جھونا ڳڙھھ جو ڏياچ آھيان. مون کان سر جو دان وٺو، مون کان سر جو دان وٺو...... سر جو دان وٺو.“
    ”مان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان.“
    ”مان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان ٿر بر جو پڙاڏو آھيان...... پڙاڏو آھيان.....“
    ”ھو“
    ”ھو..... ھو.....“
    ”ھوھو..... ھو.....و“
    ”پڙاڏا گونج گونج“
    ”پڙاڏا گونج....... گونج...... گونج.... گونج....... گونج..... ج......“
    ” گونج گونج“
    ” گونج..... گونج..... گونج..... ج....“
    سارو جبل گونجي رھيو آ. ايءُ ڪو خام خيال ناھي. ايءُ ھڪ ديواني جو سندر سپنو آھي. باھ ٿيڻ لاءِ ٻرندڙ جبل رکي رکي، دکي دکي، گجي گجي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندو، برف ٿي ويندو. سڀ ٿر ڀر جل ٿل ٿي ويندا. ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين سک جو سنڌو لھرون ھڻندو.


    ________________________________________
    [1] ھندو پراڻن ۾ اھا اڳڪٿي ڪيل آھي تھ سنڌ تمام دنيا کان ٤٠ سال اڳي پئدا ٿي آھي ۽ ٤٠ سال سڄي دنيا کان اڳ ڀسم ٿيندي.
    [2] مورڙي جي پيءُ جو نالو


    ساڳيو ڌڻ، ساڳي لٺ، ساڳيو ڌنار

    ڳالھھ ٿا ڪن تھ اڄ کان ھزارين سال اڳي جڏھن اڃا ماڻھو ڌڻ ڌارڻ، ٻج ڇٽڻ، سٽ ڪتڻ مس سکيا ھئا، جڏھن اڃا نڪي شھر ھئا نھ راجا نھ راجڌانيون، چون ٿا اھو ڏاڍو سکن جو دور ھو. ماڻھو پاڻ ۾ ڏاڍي صلح، سانت ۽ پيار محبت سان رھندا ھئا. تڏھن نڪي چوريون ٿينديون ھيون، نڪو گھھرن کي دروازا ھڻڻ جي ضرورت پوندي ھئي، نھ سڪا جڙندا ھئا، نڪي بئنڪون ھيون، نھ زمينداريون، نھ ڪو ڪنھن جو مالڪ ھو، نھ ڪو ڪنھن جو ٻانھو، سڄي زمين الله جي ھئي. جيڪو ماڻھو جتي سھنج ڏسندو ھو، اتي اچي پنھنجا پکا اڏيندو ھو. پنھنجو مالڙو ساين ويڙھين ۾ چاريندو ھو ۽ وس ۽ درياھ جي اٿل تي ٻج ڇٽي پنھنجي ٻچڙن جي گذران لاءِ اناج پئدا ڪندو ھو. ڪنھن کي ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانھ پوندي ھئي.
    چون ٿا تھ انھن ئي ڏينھن ۾ روھھ جبل جي ڏاکڻي پاسي کان راڄ گئوپال نالي ھڪ ڌنار رھندو ھو. ھو رڳو گئوپال نھ پر مينھون، رڍون ۽ ٻڪريون بھ پاليندو ھو. واڙي ۾ سدائين ھزارين جانورن جو ٻيڪراٽ پيو پوندو ھئس. ايڏي مال ھوندي بھ ھو ساين ويڙھين، چراگاھن ۽ درياھن جا ڪنارا ڇڏي جابلو لڪن، وارياسين ۽ ڀڙڀانگ برپٽن ۾ رھندو ھو، سا ماڻھن لاءِ حيرت ڄحري ڳالھھ ھئي. ھن جو مال پورو گاھ ۽ پاڻي نھ ملڻ ڪري سدائين ڏٻرو ۽ ڏڪار جو ماريل لڳندو ھو. راڄ گئوپال سان سدائين ھڪ خوفناڪ بگھڙ جي نسل جو ڪتو ساڻ ھوندو ھئس، جو مال ورائڻ ۾ سندس مدد ڪندو ھو. سدائين لٺ ڪلھي تي ڪتي سان گڏ ھٻڙاٽ پيو پوندو ھئس.
    راڄ گئوپال نھ رڍن، ڳئن مان کير ڪڍندو ھو، نھ ئي ڪا وٽس ولوڙي لاءِ ماٽي ھئي. صبح شام ڍورن جا کر پيو جاچيندو ھو ۽ منجھن لوھ جي نال پيو ٺوڪيندو ھو. صبح ٿيندي ئي مال کي واڙي مان ڪڍي ويڙھين ۽ چراگاھن ڏي ڪاھي وڃڻ جي بجاءِ اوش اوش ڪندو روھ جبل ڏي ڪاھيو ويندو ھوم جتي سدائين رڃ، سڃ، بک ۽ ڀينگ پئي واڪا ڪندي ھئي. سڄو ڏينھن سڌاريل ڪتو مال ورائڻ ۾ پيو سندس مدد ڪندو ھو.
    راڄ گئوپال جي روز ھڪ اڌ ٻڪري، گانءِ يا مينھن اڃ بک کان رڻ پٽ ۾ نست ٿي ڪري پوندي ھئي ۽ سندس بيشمار لٺين سان بھ اٿي نھ سگھندي ھئي. ٻئي ڏينھن روھ جبل جون ڳجھون پيون مٿس لامارا ڏينديون ھيون، پر تڏھن بھ راڄ گئوپال جي ڌڻ ۾ ڪڏھن بھ کوٽ نھ پئي. جيئن پوءِ تيئن سندس مال ويندو ھو وڌندو، ڇو تھ ھر جشن يا خوشيءَ جي موقعي تي جڏھن سڀ ماڻھو ھڪ ھنڌ اچي گڏ ٿيندا ھئا تھ راڄ گئوپال ھڪ پيتيءَ ۾ سونا ھار، ڪنگڻ، ڪيوٽيون، ڦل، جھومڪ، ايرنگ وجھي اچي سڀني جي وچ ۾ وھندو ھو. جي مالوند عورتون ھار سينگار لاءِ کانئس سونا زيور وٺنديون ھيون ۽ ان جي بدلي کيس ڇيلا، ٻڪر، گابا، گايون، مينھون، رڍون ڏينديون ھيون. ھو سدائين سونن زيورن جي عيوض تازا ٿلھا ٿنڀرا جانور ڪاھيو پنھنجي آستان ڏي ويندو ھو. سڄي ملڪ ۾ جيترو بھ سون ھو، سو پوڙھي راڄ گئوپال يا سندس ابن ڏاڏن جي وگھي ھو، پر ھنن اھو قيمتي ڌاتو آندو ڪٿان ٿي؟ سا ڪل رڳو راڄ گئوپال يا سندس مري ويل ابن ڏاڏن کي ھئي.
    چون ٿا تھ انھن ئي ڏينھن ۾ روھ جبل جي سڪارين پاسن ۾ ڌڱ ديو نالي ھڪ پھلواڻ مڙس رھندو ھو. سڄي ڌرتيءَ تي ھن جي مقابلي وارو مڙس اڃا ماءُ ڄڻيو ئي ڪونھ ھو، پر تڏھن بھ نھ رھڻ لاءِ اجھو ھئس ۽ نھ ھر لاءِ ڪو ڏاند، نھ کير لاءِ ڪا رڍ يا ٻڪري، نھ ئي ڪنھن ڪم ڪار لاءِ دل چوندي ھيس. سڄو ڏينھن پيو پنھنجي وٽيل بدن کي جاچيندو ھو ۽ سدائين پراون ٽڪرن تي پلجندو ھو. جتي بھ ڪو ميڙو ملاکڙو ٻڌندو ھو، اتي سڀني کان پھرين پڄي ويندو ھو. ڪڏھن ڪٿي، ڪڏھن ڪٿي پيو زور آزمائيندو ھو. اصل ڍڳي جي طاقت ھيس. جيڪو بھ پھلواڻ سامھون ايندو ھوس، واري تي وارو پٽي ڌو اچي پٽ تي ھڻندو ھئس. ماڻھو سندس طاقت ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا ھئا ۽ عجب بھ لڳندو ھئن تھ ايڏي طاقت ھوندي بھ نھ ھو ھر ھلائي سگھي ٿو، نھ ٻنيءَ ۾ پاڻي ورائي سگھي ٿو، نھ پنھنجي رھڻ لاءِ پيڙھھ کوٽي چار پکا ھڻي سگھي ٿو.
    چون ٿا تھ ھڪ ڀيري ھڪ وڏي جشن جي موقعي تي ڌڱ ديو ھڪ نچڻي نينگريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ کيس شاديءَ لاءِ چيائين. نچڻيءَ کلي چيس:
    ”ڌڱ ديو! تون آھين ٽوٽي ۽ ڪمچور. مان تھ انھيءَ مڙس سان شادي ڪنديس، جيڪو مون کي سونا زيور پھرائي، پاڻ ٻاھران ڪمائي اچي، مان گھر ۾ ويٺي لاڪس ماني پچايان ۽ سندس ننڍڙن ٻارڙن جي شيوا ڪيان، تو سان وھانءُ ڪري مون کي بک ڪونھ مرڻو آھي.
    نچڻي نينگريءَ جي ڳالھھ تي ڌڱ ديو کي باھ وٺي ويئي. سونا زيور ۽ گھر ھٿ ڪرڻ لاءِ لوھن ۾ ٿي آيو. رڳو ايتري خبر ھيس تھ سون جو راز رڳو روھ جبل وارو پوڙھو ڌنار راڄ گئوپال ڄاڻي ٿو. سو سڌو روھ جبل واري واٽ ورتائين ۽ رات ڏينھن جي پنڌ پٽڻ کان پوءِ راڄ گئوپال جي واڙي ۾ آيو.
    ان ويل رات جو ٽاڻو ھو. راڄ گئوپال پنھنجيءَ پھڻ واري ڪوٺڙي ۾ مٽيءَ جي ٿلھي تي ڌمڻ دکايو مترڪي سان سون ٺپي رھيو ھو. ٻاھر ڪتو زور زور سان ڀونڪيون ۽ ان سان گڏ ئي ھڪ ڀيم مڇريل مڙس ڪھاڙي سان در تي بيٺل ڏسڻ ۾ آيس. راڄ گئوپال ڊڄڻ جي بجاءِ مرڪي چيس: ”ڀلي ڪري آئين پھلواڻ! تنھنجي آئي منھنجيون اکيون ٿڌيون. ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟“ ڌڱ ديو اک ٽيڏي ڪري ڏاڍي کھرائي سان چيس: ”راڄ گئوپال! مان سون جي ڳولا ۾ آيو آھيان. مون کي ٻڌاءِ تون سون ڪٿان آڻيندو آھين؟“
    ڌڱ ديو جي ڳالھھ تي راڄ گئوپال کان ھڪ وڏو ٽھڪ نڪي ويو ۽ چيائين: ”ڌڱ ديو، تنھنجي وات مان اڃا ماءُ جي ٿڦ جي بوءِ پئي اچي. سون طاقت پئدا ڪندي آھي.“ ڌڱ ديو سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽيندي ڪاوڙ مان ھڪل ڪري چيس، ”بڪ نھ پوڙھا! تون نٿو سڃاڻين مان ڪير آھيان. منھنجي مقابلي وارو مڙس اڃان ماءُ ڄڻيو ئي ڪونھي. ڪير آھي جو مون کي سندرو ڏئي. مان ھن ڌرتيءَ جو سڀ کان طاقتور ماڻھو آھيان.“
    ”ڌڱ ديو! تون سچو آھين. مون توکي ڪيترن ميڙن ۽ ملاکڙن ۾ زور آزمائيندي ڏٺو آھي. سچي بھ تون ڌرتيءَ تي سڀ کان طاقتور ماڻھو آھين، پر تنھنجو جسم جيترو طاقتور آھي، تنھنجو دماغ اوترو ئي ڪمزور ۽ سون اھو ئي اپائيندو آھي، جنھن وٽ اھي ٻئي. طاقتون ھجن.
    ”۽ تو وٽ اھي ٻئي طاقتون ڪونھن، پوءِ بھ تون سون اپائين ٿو. اي مرگھيل پوڙھا، مون کي بيوقوف نھ بناءِ. اھا گوٿناڪي مون سان ڪانھ ھلنديئھ. مان توکان اڄ سون جو راز پڇي رھندس. ياد رک، منھنجي ڪھاڙي جو ھڪڙو ڌڪ توکي موت جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيندو.“
    ڌڱ ديو جي ان ڳالھھ تي راڄ گئوپال ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين: ”ڌڱ ديو! تو منھنجي باري ۾ غلط راءِ قائم ڪئي آھي. ٺيڪ آ، مان پوڙھو ۽ ڪمزور آھيان، پر پوءِ بھ منھنجو جسم جيترو ئي ڪمزور آھي، منھنجو دماغ اوترو ئي طاقتور. مان ڌرتي تي سڀ کان عقلمند ماڻھو آھيان. مان پنھنجي دماغ سان سون پيدا ڪندو آھيان. منھنجو جسم سڪل ۽ ڪمزور آھي، پوءِ بھ مان طاقتور آھيان. منھنجي لٺ ۾ ايتري طاقت آھي جو مان پنھنجو ڌڻ پنھنجي مرضيءَ سان جيڏانھن چاھيان، ورائي سگھان ٿو. منھنجي ڍورن مان ڪنھن کي بھ طاقت نھ آھي جو مون ڏانھن ڪرڙي اک ڪري نھاري سگھي. مان جڏھن جنھن مھل چاھيندو آھيان، کين روھ جبل جي رڻ پٽن ۽ بيابانن ڏي وٺي ويندو آھيان، جتي نھ گاھ ھوندو آھي نھ پاڻي. اتي ڌرتي سدائين تندور وانگي پئي ٻرندي آھي، پر منھنجي جانورن مان ڪنھن کي مجال آھي جو ٻڙڪ ڪڇي، ان لاءِ تھ منھنجي لٺ ۾ طاقت ھوندي آھي. مان لٺ سان اڳيان ھوندو آھيان ۽ سون پاڻيھي منھنجي گھر ۾ پڄي ويندو آھي – سمجھيئھ!“
    ”تون الائي ڪھڙي ڄاڙ ھڻي رھيو آھين. مان ڌوڙ بھ ڪونھ سمجھيس.“ ڌڱ ديو بيزاريءَ سان وراڻيو.
    ”تڏھن تھ مان چوان ٿو تھ تنھنجو جسم جيترو ئي طاقتور آھي، تنھنجو دماغ اوترو ئي ڪمزور. اڙي عقل جا انڌا! تون دنيا جو سڀ کان طاقتور انسان آھين. تون جي چاھين تھ پنھنجي لٺ جي طاقت سان سڀني ماڻھن کي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائي سگھين ٿو. سون جو راز رڳو روھ جبل آھي. جڏھن مون ڪمزور ٻڍي کي رڳو مال تي لٺ ھلائيندي سون ملندو آھي تھ توکي ڇا ملندو! تون پارس آھين پارس..... بس مان جيئن چوان تيئن ڪر، پوءِ تون جنھن شيءِ کي پھندين اھا سون ٿي پوندي.... سون ٿي پوندي.“
    راڄ گئوپال جي واتان سون.... سون..... سون.... ٻڌي ڌڱ ديو انڌو ٿي پيو ھو. رڙ ڪري چيائين: ”تون جيئن چوندين، مان تيئن ڪندس. ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
    راڄ گئوپال چيو: ”تھ پوءِ ٻڌ! توکي ماڻھن کي پنھنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻو پوندو. تون دنيا جو سڀ کان طاقتور ماڻھو آھين ۽ مان دنيا جو سڀ کان عقلمند. اڄ کان تون راجا آھين ۽ مان تنھنجو سيناپتي. بس مان جيئن چوندو ويندس، تيئن تون ڪندو وڃ. پوءِ سڄي دنيا جي دولت اسان جي پيرن ۾ ھوندي.“
    ڌڱ ديو سون ھٿ ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار ھو. چيائين: ”مون کي منظور آھي، تون جيئن چوندين، تيئن ٿيندو.“
    ”تھ پوءِ ٻڌ.“ ”راڄ گئوپال چيو: ”سڀ کان پھرين توکي پاڻ جھڙا طاقتور، ٽوٽي، ڪمچور ۽ لالچي ماڻھو ھٿ ڪرڻا پوندا، جي سدائين سڻڀي ٽڪر لاءِ منھنجي وفادار ڪتي وانگر لور لور ڪندا رھن. پھرين پاڻ جھڙن طاقتور، لالچي ۽ بيڪار ماڻھن جو وڏو ٽولو سون جي لالچ ڏئي مون ڏانھن وٺي اچ. مان تنھنجو انتظار ڪندس. سون ھٿ ڪرڻ لاءِ اھو تنھنجو پھريون ڏاڪو آھي. وڃ......“
    ڌڱ ديو لاءِ اھا ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھئا، چيائين: ”مان مھيني جي اندر سوين پھلواڻن کي تنھنجي آڏو پيس ڪندس.“ ۽ کانئس موڪلائي پنھنجي ڪم سان روانو ٿيو. ان رات راڄ گئوپال پنھنجو سمورو سون پيتيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سونن زيورن جي بجاءِ لوھ جا ڪات ۽ ڪھاڙا ٺپڻ لڳو.
    چوندا آھن چنڊو چنڊي کي سو ڪوھن تي ڳولي لھي. ھڪ مھيني کان پوءِ ڌڱ ديو روھ جبل ۾ راڄ گئوپال جي گھر آيو تھ ھن سان گڏ سوين پھلوانن جو ڪٽڪ ھو.
    راج گئوپال ٻانھن مٿي لڏي سندس آءُ ڀڳت ڪئي ۽ وڏي آواز سان چيائين: ”اي طاقتور پھلواڻو! اوھان سڀ ڄاڻو ٿا تھ ھن ڌرتي تي جيترو بھ سون آھي، سو سڀ منھنجن ابن ڏاڏن ۽ منھنجي بدولت آھي. اھو رڳو مان ئي آھيان جو سون جو راز ڄاڻان ٿو. سون، جو دنيا جو سڀ کان وڏي دولت آھي. اوھان مان ڪير آھي جنھن کي سون نھ گھرجي؟“
    راڄ گئوپال جي آواز تي سڀني ھڪ آواز ٿي چيو:
    ”اسان کي سون گھرجي...... اسان کي سون گھرجي......“
    راڄ گئوپال پنھنجي تقرير جاري رکندي چيو:
    ”تھ پوءِ ٻڌو! ھن ڌرتيءَ تي سون جو راز رڳو مان ئي ڄاڻان ٿو. اھو مان ئي آھيان جو توھان کي سون ڏئي سگھان ٿو، پر سون ھٿ ڪرڻ لاءِ ڌڱ ديو ۽ منھنجو حڪم مڃڻو پوندو. جيئن اسان چونداسين، تيئن ڪندؤ. اڄ ڏينھن کان ڌڱ ديو جو ڌرتي تي سڀ کان طاقتور آھي، توھان جو راجا ۽ مان جو ڌرتيءَ تي سڀ کان عقلمند آھيان، توھان جو وزير آھيان. اسان جو ھر حڪم توھان کي مڃڻو پوندو. بس پوءِ اوھان کي سون ۾ توريو ويندو.“
    راڄ گئوپال جي آواز تي وري سڀني ھڪ آواز ٿي چيو:
    ”اسان کي اوھان جو ھر حڪم منظور آھي.“
    راڄ گئوپال ٻانھن لوڏي سڀني کي ماٺ ڪرائي چيو: ”تھ پوءِ ٻڌو، صبح ٿيندي ئي اسان ھتان ڪوچ ڪنداسين ۽ وستي وسري گھر گھر جو گھمرو ڪنداسين ۽ ماڻھن کي پنھنجي نئين راجا ۽ پنھنجي طاقت آڏو جھڪائينداسين. جيڪو بھ اسان جو حڪم نھ مڃندو، ان کي پنھنجن ڪاتبن ڪھاڙن سان مارينداسين ۽ ان جي گھر کي باھ لڳائي ڇڏينداسين. بس سون جو راز اھو ئي آھي.“
    ”ڇا پوءِ اسان کي سون ملي ويندو؟“ ڪٽڪ مان ھڪ پھلواڻ زور سان چيو.
    ”بس اسان جو حڪم مڃندا ھلو. مان اوھان کي سڄو روھ جبل سون ڪري ڏيندس. ياد رکو تھ مان دنيا جو سڀ کان وڏو عقلمند ماڻھو آھيان. ڌرتيءَ تي اھو مان ئي آھيان جو سون جو راز ڄاڻان ٿو.“
    ”اسان کي منظور آھي.... اسان کي منظور آھي“ سڀني پھلواڻن ھڪ آواز ٿي چيو ۽ ڌڱ ديو ۽ راڄ گئوپال آڏو سر نوائڻ لڳا.
    صبح ٿيندي ئي راڄ گئوپال ھر ھڪ پھلواڻ کي ڪات ۽ ڪھاڙو ڏنو ۽ سڀني کي پنھنجي پٺيان ھلڻ جو حڪم ڏنائين. سڀ کان اڳيان ڌڱ ديو ھو، ان جي پٺيان راڄ گئوپال ۽ ان جي پٺيان سوين ڪاتن ۽ ڪھاڙن سان پھلواڻن جو ڪٽڪ، جي وستي وستي، گھر گھر ووڙيندا ويا. جتي ٿي ڌڱ ديو جو ڪٽڪ پھتو، اتي ماڻھن ۾ مانڌاڻون ٿي پئجي ويو. سوين گھر ساڙيا ويا، سوين ماڻھو ماريا ويا. راڄ گئوپال ھڪ ھڪ ماڻھو کي ڌڱ ديو جي آڏو جھڪايو ۽ چيائين:
    ”ڌڱ ديو ھن ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏو طاقتور ماڻھو آھي. اڄ کان ڌڱ ديو اوھان جو راجا آھي. اڄ کان ھيءَ سموري ڌرتي ڌڱ ديو جي آھي. اوھان کي ھر سال پنھنجي فصل ۽ مال جو ھڪ حصو راجا ڌڱ ديو کي ڏيڻو پوندو ۽ اوھان کي روھ جبل جي مٿان راجا لاءِ وڏا عاليشان محل ۽ رنگ رتول ٺاھڻا پوندا ۽ ان جي چوڌاري راجا جي حفاظت لاءِ ڪوٽ ٻڌڻو پوندو. ياد رکو! اوھان مان جيڪو بھ راجا ڌڱ ديو جو حڪم نھ مڃيندو يا بغاوت ڪندو، ان جو جڻ ٻچو گھاڻن ۾ پيڙايو ويندو ۽ ان جي گھر کي باھ لڳائي ويندي.“
    ماڻھو ويچارا ان اوچتو اجل کان اھڙا تھ وٺي ڊنا جو ساھ ئي سڪي وين. ڪير ڪڇي؟ سڀني کڻي پنھنجي نئين راجا آڏو ڪنڌ جھڪايو. ڌڱ ديو جو ڏھڪاءُ سڄيءَ ڌرتيءُ تي پري پري تائين پڄي ويو. ڪنھن کي بھ ھمٿ نھ ھئي جو ھن جي اڳيان ڪنڌ کڻي.
    روھ جبل جي مٿان وڏو ڪنگرن سان ڪوٽ اڏجڻ لڳو، جنھن کي ڏسڻ سان ھوند پٽڪو ڪري پوي ۽ ان جي اندر راجا ۽ ان جي ڪٽڪ لاءِ وڏا عاليشان محل ۽ رتول ٺھڻ لڳا. راتو ڏينھن ھزارين ماڻھو ڪم ۾ گڏھن وانگر جٽيا پيا ھوندا ھئا ۽ مٿانئن راجا جي سپاھين جا چھبڪ پيا ڪاريھر نانگ وانگي ڪڙڪندا ھئا. جي ڪو پورو کاڌو ۽ پاڻي نھ ملڻ ۽ گھڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري نست ٿي ڪري پوندو ھو تھ ان کي بھ پھڻ ۽ سرن سان گڏ ڪوٽ جي ٿلھي مائي واري ڀت ۾ لمبيو ويندو ھو. تانجو اھو ڏينھن بھ آيو جو وارياسين رڻ پٽن واري روھ جبل جي مٿان ھڪ نئين راجڌاني اڀري آئي ۽ راجا جي تاجپوشي جي جشن جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. راڄ گئوپال پنھنجي بچايل سموري سون مان راجا لاءِ ھڪ سونو تخت، تاج، بڙڇ ۽ ھزارين سڪا ٺاھيا، جن تي راجا جي تصوير اڪريل ھئي.
    راجا جي جشن جي تاجپوشيءَ واري رات سوين حسين ڪامڻين نرتڪين نينگرين راجا جي اڳيان ناچ ڪيا. راجا کي سوني تخت تي وھاري مٿي تي سونو تاج پھرايو ويو ۽ سندس ھٿ ۾ سونو بڙڇ ڏنو ويو ۽ سڀني ڪٽڪ جي پھلواڻن ۾ سونا سڪا ورھايا ۽ ان خوشي ۾ راڄ گئوپال پنھنجي سمورن جانورن جو روھ جبل جي رڻ ۾ ٻليدان ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
    چون ٿا اھا روھ جبل جي راجڌاني دنيا جي پھرين راجڌاني ھئي، جنھن جو رواج اڄو اڄ تائين ھليو اچي. اڄو اڄ تائين روھ جبل وارو اھو رڻ ھزارين جاندارن جي قرباني گھرندو آھي. سدائين ڳجھون پيون لامارا ڏينديون آھن. ساڳيو روھ جبل آھي، ساڳيو راجا، ساڳيو سڪو، ساڳيو تخت، ساڳيو تاج، ساڳيو بڙڇ ۽ ساڳي پرجا.


    ٻٽا ٽيڙو

    چنڊ ڪينھين، چنڊ کي منڊ آھي.
    ھڪ واٽھڙو ٻاٽ ۾ درياھ جو بچاءُ بند وٺيو، ھلندو بيھندو، واساما ۽ ڏوجھرا کائيندو ٿو وڃي ۽ تارن ڀريل آڪاس ۾ رکي رکي تارا ٽلڪندا ٽمڪندا ٿا رھن. ڪڏھن آڪاس ۾ تھ ڪڏھن آرسيءَ جيان ٽڪ ٻڌل سنڌوءَ ۾ ۽ ٻيا آھن ساروڻن جا، سپني ماتر ترورا ترورا، ڌنڌلا ڌنڌلا اولڙا....
    ]اولڙا، جي ذھن جي آڪاس ۾ ور ور ٽلڪي ٽمڪي ٻڏندا اپڙندا ٿا وڃن[
    ”ٻڌ؟....“ ڄڻ رڃن مان ٻاڪاريندڙ تئونس ڀريل آواز، الائي ڪٿان ويڻا جيان وڄي وڃي ٿو.
    ”ھون......“ ھو دور ٻڏندڙ سنڌيا جي فلارجندڙ رنگن روپن تان نھار ھٽائي، پنھنجي ننڍڙي سينڌيءَ جي پيرن، پير ڪڙن، ريشمي پڙي جي گھيراو، سنھڙيءَ ننگي چيلھھ، سون ڦلڙي جڙيل دن کان مٿي پولڪا ۾ لڪل ارھن، ھسليءَ ڀريل ڳچيءَ، چيڙن، سونيءَ نڪ بولڙيءَ ۽ چيلھھ کان ھيٺ ڇمڪن سان لڙڪندڙ سڳين ۾ گھارا وجھندڙ نھار سان نھاري ٿو ۽ اٻاڻڪن نيڻن جي منڊ ۾ ڦاسي ٿو وڃي. ھون.... کان اڳتي اکر اجھنس نٿا. آواز نڙي ۾ ئي ڄڻ گھٽجي ڦاسي ٿو پويس. ھو رڳو ڇوڪريءَ جي ڪڙي تيل لڳل مٿي تي کاڏي رکي، وارن مان ايندڙ سڳنڌ ۽ ڪڙي تيل جي تيک تي پاڻ کي لوڙھي ڇڏڻ لاءِ روئي ٿو پوي ۽ وري وڏي ڦٿڪاٽ سان ڇوڪريءَ جي سڳين مان، گھوڙي جي رينن جيان جھلي، گونگن نيڻن سان منجھس نھاريندو ٿو رھي.
    ]نيڻ!...... جن ۾ لڙڪ نھ ھوندي بھ ڄڻ ڪارا سمونڊ ڇلندا ٿا رھن[
    ”وري ڪڏھن؟.....“ ڇوڪري دانھين ٿي.
    ”جڏھن..... جڏھن امتحان پورا ٿيندا.“
    ”ڇا تڏھن؟.....“ ڇوڪري راڙو ٿي ڪري.
    ]کن لاءِ لوڙھيندڙ ٻوڙيندڙ ماٺارو[
    ”اون – ھون – نھ ونءُ، ڦيل ڇو نٿو ٿين.... تھجو سوڳنڌ آئون سڄي ڄمار ٻٽيون تگاريون کڻي توکي عينش ڪرائينديس. ڦيل ٿي پئھ نھ. ڇاکان ٿو ڊڄين؟......“ ”...........“
    ھلندي ھو آڪاس ۾ ٽيڙو ٿو ڳولي. ھو سدائين ٽيڙو ڳوليندو آھي. چوندا آھن تھ جڏھن آڪاس ۾ جاڙا ٽيڙو ڏسڻ ۾ ايندا آھن تھ جڳن جا وڇڙيل پريمي پنھنجي ماڳ تي مڙي ايندا آھن. ھو دور دور آڪاس ڦلھوڙيندو ٿو رھي ۽.......
    ۽ اڪاس ۾ ٽيڙو ڪٿي ڪينھن. تارا، ڪتيون، گيرڌارا، آڪاس ۾ گھوماٽيون کائيندا ڦرندا ٿا وڃن. ڪنن ۾ ساروڻن جا اڀامندڙ سڏڪا، رنڀون، راڙا، پڙاڏجندا ٿا وڃن. ”نھ.... نھ..... ايڏي سڪرات ۾ ٿيندي آھي ڇا؟......“
    (۽ تارا، تارا ھن جي نيڻن جي سرڪلز ۾ ڦرندا، ڌنڌلجندا، اونداھو ڪن بڻجندا ٿا وڃن)
    کن لاءِ ھن جي اکين آڏو اونداھيون اچيو وڃن. پوءِ وريو ننڍڙا ننڍڙا نکيتر، لئي ۾ ڦاٿل ماڪ ڦڙن جيان، ٽلڪندا ٽمڪندا اجاگر ٿيو، ڪاريءَ رات ھاڻو سارو ويو منڊل چھچٽو ڪريو ڇڏين.
    ھان – شايد ٿورڙي ڀنواٽي اچي وئي ھئي. توبھن...... جي امتحان ۾ فيل ٿي پوان ٿا تھ ڪيڏو نھ سٺو ٿئي ھا. ھينئر ڪھڙو پي. ايڇ.ڊي آھيان يا بيچلر آف سائنس جو تارا ويٺو ڳڻيان..... مون کي تھ ايتري بھ خبر ڪانھين تھ آڪاس ۾ ڪڏھن جاڙا ٽيڙو بھ اجاگر ٿيندا آھن.
    ”جاڙا ٽيڙو؟..... شايد منھنجي نظر گھٽ ٿي وئي آھي.“ ھو ٿاٻڙجي گھوماٽي کائي، بند تي ويھي ٿو وڃي ۽ کن لاءِ لڙڪ ڀريل نيڻ مھٽيندو ٿو رھي.
    ٻيو کن
    سگريٽ.
    (اندر توڙي ٻاھر دونھن ڀريل کن)
    کن.
    پل، کن پل ۾!....
    چيزنگ، وڏي ويڙھاند:
    ”ٻڌ، اڄ آئون توسان کلي ڳالھائڻ ٿي گھران؟“
    ”چئھ، ڀلا مون توکي ڪڏھن نھ ٻڌو آھي، ڪڏھن؟....“
    ”مون..... مون اھو پئي چوڻ چاھيو تھ مان توکي ڪڏھن بھ ايڏو ھلڪڙو، خسيس ۽ رواجي ماڻھو ڪين سمجھي ھيس!.......“
    ”ڇا؟.....“
    ”تون ڀل پاڻ کي اوٽول کان وڏو ايڪٽر سمجھندو ھج، آئون بدتميزي برداشت نھ ڪندي آھيان.“
    ”بدتميزي؟!... الا- مان نھ سمجھيس. مان ماڻھو آھيان، ٿي سگھي ٿو مون کان ڪنھن کي تڪليف پھتي ھجي. تون ڇو پئي مون کي ايڏو ڇنڀين! ڇو ڀرجي ويو آھي تو ۾ ايڏو ڪروڌ؟....“
    ”تون ڪير ٿيندو آھين واري واري سان منھنجي در تي ناڪ ڪرڻ وارو؟ ڪير ٿيندو آھين ماڻھن کان منھنجون پڇائون ڪرڻ وارو؟“
    ”عجب آھي!... ڀلا توکي وشواش اچي ٿو تھ مون ائين ڪيو ھوندو؟ توکي ويساھ ڪيئن آيو؟ ڪيئن؟!...... ايڏو نرلڄ، ڪڌو ۽ غنڊو تھ آئون ڪڏھن ڪين آھيان.“
    ”نھ تو ائين ڪيو آھي.“
    (ڪروڌ..... الميا ۽؟......)
    ”او – ف، تون ڇا پئي چوين؟... تو تھ چيو ھو ٽن مھينن کان پوءِ ملنداسين. مون کي ..... مون کي تھ ايتري بھ ڪل ڪانھي تھ اھي ٽي مھينا ڪڏھن ختم ٿيندا؟ ڀلا وڇوڙي جا پل بھ ڪڏھن ختم ٿيندا آھن ڇا؟ شاھ جو سوڳنڌ، مون کي خبر ڪانھي، ڪڏھن ختم ٿيندا اھي ٽي مھينا!......“
    ”!.......“
    ”تون چپ ڇو ٿي وئي آھين؟ ٻڌاءِ نھ، ڪڏھن ٿيندي پڄاڻي، انھن مھينن جي؟....... ڪڏھين..... ڪھڙين تاريخن تي....... ھان؟.....“ ۽ پوءِ کن لاءِ ٻئي ھڪ ٻئي ۾ منجھاڻل نيڻن سان نھاريندا، جدا ٿيو ٿا وڃن.
    پلپٽيشن.
    ڀچيل چپن سان، دل تي ھٿ.
    اندر ڄڻ ڪٺل ڪڪڙ ٿو ڦٿڪي.
    سھڪو..... وڏا ساھ ۽ ڏکڻ کان ھير ڀريل ھوائن جو ٿھمر:
    ھان – ھيءَ عورت آھي؟ ...... ڪني، ڪروڌ ڀريل. چڱو ٿيو آئون پنھنجا لڙڪ پي ويس، پنھنجي اندر جو سارو روڄ راڙو ماتام آڏس لڪائي ويس – نھ تھ چوي ھا واھ جو ڀاڙيو ڪيومانس، ھونھن..... ڀلا عورتن اڳيان بھ ڪو روئبو آھي ڇا؟ عورتن اڳيان تھ کلبو آھي، ٽھڪ ڏبا آھن. ويچاري ڏاڏي چوندي ھئي، ماڻھو کي سدائين مساڳ ھڻي کلڻ گھرجي!.... مساڳ ھڻي....
    ١...... ھونھن وڏي ڪلاسيڪل وليجر عورت ٿي سڏائي، خانداني ڪلاسيڪل ڳائڻي. گريجوئيٽ انٽليڪچوئل عورت، آٿر، شارٽ اسٽوري رائٽر. آئون ٽپ ٻھراڙيءَ جو ٻروچ ماڻھو، مون کي ڪھڙي خبر ماڊرن رومانس جا ايٽيڪيٽس ڪھڙا ٿيندا آھن؟ مون تھ مئٽرڪ جو منھن بھ نھ ڏٺو آھي. ھيڏي وڏي ڪھاڻيڪار! گھٽ ۾ گھٽ ايترو تھ سوچي ھا تھ مون سان گڏ منھنجو پٽيوالو دوست بھ آھي. ڇا ڪنھن ماڻھوءَ کي ائين لٻوئبو لتاڙبو آھي. جيڏن سرتن اڳيان. ايڏي ڊاڊش....... ......... ......
    ھان – مان.... مان کيس پري کان ڏسي ڪيڏيءَ نھ سڪ ۽ موھ مان ڏانھس وڌيو ھئس. توبھن..... ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ڪنھن مارڳ تي مڙيا ھئاسين!...... ڄڻ ڪارونجھر مٿان ڪڪر ڪري پيا ھئا.
    ڇا ڇا نھ درشن ٿيا ھئا!.....
    ھان – برين واش؟...
    ٿي سگھي ٿو؟
    ڪاليج ۾ پڙھيو ناھيان تھ ڇا ٿيو. مون کي خبر آھي تھ ماڻھو جو برين واش ڪيئن ڪبو آھي؟
    (کن لاءِ ماٺار)
    ھا – ڪجھھ مڙئي آھي.. وڙھي پئي يا تڙپي ٿي.... ڀلا آئون ڇا سمجھا، مون کي تھ وساھ نٿو اچي.
    واھ – پنھنجو پاڻ تي ٽڏان ڇو نھ، منھنجي ڳولا ڪا جھڙي تھڙي آھي ڇا؟ توبھن، ڪروڌ ۾ اچي ڳالھائڻ ويل منھنجي چوڌر شينھڻ جيان ڪئين ٿي گجگوڙون ڪندي ڦري ۽ گري. ٿڙڪي پئي جولان مان! چڱو ٿيو، ڏاڏيءَ جي ڳالھھ ڳنڍ سان ٻڌي پاڻ ۾ مشڪڻ جي عادت وجھي ڇڏي اٿم. نھ تھ؟..... لپاٽ سان جي لئوڻي ڦير لپاٽ لڳيس ھا تھ ڇا ڪاري قيام نھ اچي وڃي ھا؟ اھڙا ڳرا ھٿ تھ ڪھاڙين سان ڪپي ڇڏبا آھن، پر ھوءَ ڇا ڄاڻي انھيءَ ٻاروچي ٻوليءَ مان. الا – گھگھي ۾ ڪيڏي نھ پياري لڳندي، ھيڏو وڏو ڦرو، ڀل نئون ڄاول ٻار ڦري ۾ پيو ھجي. توبھن...... انھن رائيٽر ۽ انٽليڪچوئل عورتن سان ڪيئن پڄجي. ھن وٽ اٺ ڪتابن جا ۽ آئون اوٺار. مان تھ کيس پنھنجي ڇوٽڪاري لاءِ ھڪ پل بھ ترسائي نھ سگھيس! ائين آئي، ائين وئي، جھڙي اڏام کٽولي واري شھزادي. الائي ڏھ ڏينھن گذريا آھن، پندرھن يا ڏيڍ مھينو؟ ڀلا اھي ٽي مھينا پورا بھ ٿيندا يا نھ!... ھان......
    ا.... پر نھ.... مون تھ کيس روڪڻ لاءِ الاھين جتن ڪيا ھئا، پر ٻڌڻ کان ئي پڙ ڪڍي بيھي رھي. ڇيومانس تھ تنھنجي ماءُ مون کي ذھني مريض ٿي لڳي. ھي سائنس جو زمانو آھي. مان تنھنجي در تي ناڪ ڇو ڪريان، سنئون سڌو توکي ٽيليفون نھ ڪريان. مان تھ سنئون سڌو وڏي عظيم رورليشن جو ماڻھو آھيان. مون وٽ ايتري واندڪائي ڪٿي آھي جو ويھي ”شاھ جو رسالو“ اڳيان رکي، ڪنھن کي ويھي رومانٽڪ خط لکان، الائي ڇا ٿي ويو اٿس؟
    وڏي ڳالھھ تھ اسان جي وچ ۾ نظرياتي ٽڪراؤ بھ تھ ڪونھي! ائين ٿي وڇوڙا ڪري، ڄڻ وري وري جنم وٺنداسين، وري وري ساڳئي اسٿان تي ملنداسين. ڄڻ جھان ڇڏڻو ئي ڪينھين. ماڻھوءَ کي جي مرڻو ئي آھي تھ پوءِ ايڏو ڦٿلاٽ کڻي ڇو مري؟ حياتي ڏاڍي ننڍڙي آھي، ماڻھوءَ کي جيئن اچي تيئن ڪجي.
    اندر ۾ ڦٿڪاٽ.
    سڏڪا ۽ ھڏڪيون.
    اندر جو ڪٺل ڪڪڙ پساھ ڇڏي نٿو.
    .... ۽ مان ...... مان تھ ھينئر بھ مشڪان پيو. ”پوڄا ڏنم پير“ الا – ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ڏٺومانس، ڄڻ جنب لنگھي ويا ھئا. ھلي تھ ڪيئن ٿي، ڄڻ ڊيل ٿي ٽلي. منھنجيون تھ ڄڻ سڀني جنمن جون آشائون پوريون ٿي ويون. ڪڌاتوري، ڪڏھن سپن ۾ بھ ڪانھ اچي ۽ ھينئر..... ھينئر دل ۾ سور محسوس ڪندي بھ آئون پاڻ کي ڪيڏو نھ فريش پيو محسوس ڪريان.
    (ھان!.........)
    جٽائون؟
    الا –
    ڄڻ گھنگھور گھٽائون.
    (او-ف .... ڦيري.... آئون ان مٿي جي ڦيريءَ تي ڪيڏو نھ ھرندو ٿو وڃان)
    ھان – ڀلا ڇو نھ؟ ننڍڙي ھوندي کان جو ھريل آھيان. ننڍڙي ھوندي ماتا مريادا ڪيڏو نھ ڦيرائيندي ھيم ۽ سندس وڏي وڏي گھيردار پڙي سان گڏ زمين ڪيئن نھ تکي تکي ڦرندي ھئي.....!
    ھان ماڻھو ڪيڏا نھ ڪ ساکيا ٿيندا آھن. ماءُ جي ڪولھياڻي ھجي تھ جھانن کان لڪائيندا، ڄن ڪولھاڻيون مائرون ٿين ئي ڪونھ! ڄڻ ھي بھ ڪو ٻانڀڻ راڄ وارو ڪال آھي. ڪي ديوتا، ڪي کٿري، ڪي ٻانڀڻ تھ ڪي شودر. ھونھن.... شودر؟ اڪال اڪالن کان ماڻھوءَ کي شودر بڻايو اچي.
    ۽ ھن ايمريڪن اسڪالر ڇا پئي چيو؟
    ”جن کي موٽر ۾ ھلڻ گھرجي، سي ماني لاءِ موٿاج آھن ۽ جن کي مانيءَ لاءِ موٿاج ھئڻ گھرجي، سي مرسڊيز ۾ چرس، گانجا پيو، ستن سالن جي ڪا ٻارڙي ريپ ڪرڻ لاءِ ڪارون پيا ڊوڙائين. اوھان جي سوسائٽي تھ الائي ڪھڙي مخلوق جي سوسائٽي آھي. اسان وٽ بھ ريپ جا ڪيس ٿيندا آھن، پر جواڻ ڇورين سان.“
    ويچارو، ھڪ ئي خبر سان ڪيئن چڪرائجي ويو ھو.
    ڪ ساکيا،
    الڇڻا،
    آدم جو اولاد!.....
    اسلام!......
    پاڪ وطن، پاڪ ماڻھو!.....
    ھون – ماڻھو ڪيڏا نھ ڪ ساکيا ٿي ويا آھن. ڇا ”ڪ ساکيا“ اکر ٺيڪ نھ آھي! ڪنھن جو بھ ڪنھن ۾ ويساھ نھ رھيو آھي. ڀلا ان کان مٿي ڌرتيءَ کي ٻيو ڪھڙو ڌوڏو ايندو جو ماڻھو ستن سالن جي ٻارڙي کي زوري کڻي، پنج ڏينھن بکن ۾ پاھ ڪريو، پيا کيس ريپ ڪن ۽ يتيم خاني اڳيان اڇلائين! ڀلا آئون ان ايمريڪن کي ڪوڙو ڪيئن ڪريان؟ سچي بھ ائين تھ جانارن پکين ۽ پسن ۾ بھ ناھي. گھنڊ نر پاڏي اڳيان بھ جڏھن ڪچڙي ٽيھاڻ ڪڏڪارون ڪندي آھي تھ ويجھو پوڻ بدران ٿوناري ڪڍندو اٿس تھ مري پوندين. ٽي – ويءَ واري علڻ فقر جيان:
    (قران، ھن ملڪ ۾ تھ زپ کولي، پينٽ اڇلائي نانگو ٿي ھلجي)
    اڙي بابا، قيامت اچي وئي. ھيڏڙيون تِر جيڏڙيون ڪيئن ڳچيءَ ۾ پئجيو وڃن. لخ لعنت آ ڪراچيءَ کي. مائٽن کي بھ شابس ھجي، نياڻيءَ ذات کي نھ ساڃھھ ڏين نھ مٿي تي گندي. بس ٽي – وي تي حج مبارڪ ٿيو، اصل ڌڻ ڪتاريو ڇڏين. قرآن ھيڏڙيون سوپارين جيڏيون بُبڙيون. توبھھ آھي موليٰ علي جي در تي، بابا گيسارا. اصل ٻئي ھٿ!...... بس بابل ماٺ ڀلي آھي.“
    ھا – ماٺ ڀلي آھي.
    ڀڳت جي ويران باغ ۾ وڃي، ڇو نھ ماٺ مٺيءَ سان سوچيان؟
    ڀلا سوچڻ کان سواءِ دنيا ۾ ٻي ڪھڙي شيءِ ڀلي آھي جا مون کي پراپت ٿي سگھي ٿي، ڏوڪڙن کان سواءِ؟
    (ھو درياھ جي اڀڪپري تان اٿي، ويران باغ ڏانھن وڃڻ ٿو لڳي)
    ”توبھن....“
    ھي شھر آھي،
    يا خدائي قھر آھي؟....
    ”الا – ڪڏھن ھي شھر ڪيڏو نھ وڻندو ھئم! ڪير چوندو ساڳيو شھر آھي!.....“
    .ھان.... ڪير چوندو ساڳيو آھي آھي؟ اڌ کان مٿي ماڻھو تھ چرس ۽ گانجي چريا ڪري ڇڏيا آھن.
    شھر، سپنن جو شھر، فتح مبارڪ جو شھر، ٿير جو شھر.
    ٽيون کن:
    ”ھلا ٿي، لينڪيو ڏونگي کاتو ھي.“
    ”ڀاڳي زا....“
    ”ڏونگي کاراءِ نھ؟....“ (منٿ، ايلاز)
    ”کنگھھ ٿينديئي ڀڄي وڃ.“
    ”ٻوٿ ڀڄي وڃ.“
    ”آ....“ (وارن کي زورائتي ڇِڪ)
    ”ٿو ماني سوڏھي....“
    کي کي کي ........ ھي ھي ھي
    (سنگيت ئي سنگيت)
    دل دھڪو....
    ھانو تي ھٿ.
    اندر جو ڪٺل ڪڪڙ ڦٿڪي پيو.


    زندگي

    تڏھن مان ھڪ ڀٽيل روح ھوس.
    تيز واچوڙن جي وھڪرن، اڻڄاتل خلائن، گمناميءَ جي غارن ۾ پيو ٿڙندو ھوس. تڏھن ڪا خبر ڪانھ پوندي ھئم تھ مان ڇا آھيان، ڇو آھيان؟ ڏک ۽ سک کان بنھھ آجو تتيءَ ۽ ٿتيءَ جي ڪا ڪل ڪانھ پوندي ھئم. پر ايترو سو ڀائيندو ھوس تھ اڳي ڪا شيءِ حاصل ھئم جا ھاڻ ڪين ھئم. سو چئني پاسي اگھور خلائن ۾ پيو واجھائيندو ھوس.
    ڪئين صديون گذري ويون، تڏھن پري کان ھڪ ھنڌ گگھھ اونداھي ڏسڻ ۾ آيم، بنھھ ڪاري ٻاٽ. تڏھن ڀانيم تھ متان اھا ئي شيءِ آھي، جنھن لاءِ من ماندو اٿم. سو جيئن تيئن ڪري اوڏانھن لڙيس. ڏسان تھ ماڻھن جا حشام آھن. پر سڀ انڌا، ماڪوڙين جيان پيا چرن مان نڪرن، ٿڙن ۽ ٿاٻڙن. جي ڪا شيءِ آڏو اچين ٿي تھ انھيءَ جي اڳيان چپ ھنيو بيھو رھن. اھڙو تھ اچي ڀؤ لڳم جو وٺي پويان پير ڪيم تھ ڪٿي متان مان بھ انھن اونداھن غارن ۾ ڦاسي نھ پوان. اھڙو تھ ڊنس جو وري پٺيان لوڻو بھ نھ ھنيم.
    ڪئين صديون گذرڻ کان پوءِ مون کي ھڪ ھنڌ وري روشني ڏسڻ ۾ آئي. چئني پاسي نوراني ڪرڻا پئي وٺا. تڏھن ڀانيم تھ بس، مون کي جو گھرجي سو اھو آھي. سو تڪڙو تڪڙو اوڏانھن لڙيس ۽ نوراني ڪرڻن ۾ جھاتي پاتيم. جان کڻيو ڏسان تھ مار ماڻھن جا ميڙا لڳا پيا آھن، پر سڀ انڌا – روشنيءَ اڳيان سڀ چچيءَ چمڙي جيان اونڌي ٻوٿ لڙڪيا پيا آھن. حيرت تھ حيرت جي ماڳ پر اچي ڊپ کنيم، سو وٺي پويان پير ڪيم.
    ڪئين خلائن جا سمنڊ جھاڳڻ کان پوءِ ڏسان تھ ھڪ اھڙي ھنڌ بيٺو آھيان، جنھن جي ھڪ پاسي کان ٻرندر جبلن جا سلسلا آھن، جن مان لاوو ۽ باھ جا الا پيا نڪرن تھ ٻئي پاسي برفاني پھاڙن جا سلسلا آھن، جن مان ڪئين ٿڌڙا آبشار وھيو پيا ھيٺاھين سبز شاداب وادين ۾ پکڙجن ۽ وچ ۾ ھڪ ديويءَ جو مجسمو آھي، جو پيو آسمان سان ڳالھيون ڪري. پھرين تھ انھيءَ مجسمي کي ڏسي منھنجي لئون، لئون ڪنبي وئي. ڀانيان تھ منھن ڪري ڀڄان. پر نھ ڄاڻ ايتري ھمٿ مون ۾ ڪٿان آئي جو دل جھلي چتائي ڏٺومانس تھ منھنجي حيرت جي انتھا نھ رھي. ھن جي جسم جو ھڪ حصو جيترو ئي حسين ۽ دلڪش ھو تھ ٻيو حصو اوترو ئي بي ھنگم ۽ ڀيانڪ. ھن جي ھڪ اک ۾ خوشي ۽ شادماني ھئي تھ ٻيءَ اک ۾ رنج ۽ ڳوڙھا. ھن جي ھڪ ٻانھن ۾ ھيرن جڙيل سوني ٻانھن پھريل ھئي تھ ٻي ٻانھن ۾ ڪٽيل زنجير لڙڪي رھي ھئي. ھن جي سنھڙي چيلھھ جي ھڪ پاسي کان سونھري تلوار ٻڌل ھئي تھ ٻئي ڪک ۾ زخم ۽ ناسور. ھڪ پير ۾ ڇيرل ٻڌل ھئي تھ ٻئي ۾ ھڪ وڏو واسينگ لڙڪي رھيو ھئس. ھوءَ جتي بيٺي ھئي، اتي ھڪ پاسي گلن جي سيج وڇايل ھئي ۽ ان جي مٿان وڇون ڊوڙي رھيا ھئا. مان خوف کان ٿر ٿر ڪنبي رھيو ھوس. مون اتان ڀڄي وڃڻ ٿي چاھيو، پر الائي اھا ڪھڙي ڪشش ھئي، جو مان ان پٽيءَ تان ڀڄي وڃڻ تان تر جيترو بھ چري نھ سگھيس. جيتوڻيڪ ھن کي ڏسڻ سان مون تي دھشت چڙھيو ٿي وئي، تڏھن بھ نھ ڄاڻ ڪيتري دير تائين مان ھن کي ڏسندو رھيس.
    ”اي عظيم ديوي! تون ڪير آھين؟“ مون ڊڄندي پڇيو. منھنجو سڏ سڻي ديويءَ مونڏانھن نھاريو ۽ ڪيتري دير تائين ھوءَ پنھنجي ننڊاکڙن نيڻن سان ھڪ ٽڪ ٻڌيو مون ڏانھن نھاريندي رھي، ڄڻ ھوءَ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھجي. مان ھن جي نظرن جو تاب نھ جھلي سجدي ۾ ڪري پيس.
    ”اي روح! تون مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان آدجڳاد کان آھيان. تڏھن اڃا نھ ھن پاسي ھي پھاڙ ھئا نھ ھن پاسي ھي ٻرندڙ جبل. اي روح، بس ائين سمجھھ مان ابتدا آھيان، مان انتھا آھيان، مان راڳ آھيان، مان روڄ آھيان، مان پيار آھيان، مان نفرت آھيان، مان فنا آھيان، مان بقا آھيان، سڀ ڪجھھ مون سان آھي.“
    ھن جي آواز ۾ ايترو تھ ڏک ھو جو ڪجھھ دير تھ مون تي سڪتو طاري ٿي ويو. جيئن اوچتو مرليءَ جو آواز ٻڌي نانگ پھرين ڇپ ھڻندو آھي. پوءِ ڪر مٿي کڻي مرليءَ جي آواز ڏانھن وڌندو ويندو آھي. مان سجدي مان ڪنڌ کڻي ڏڪندو ڏڪندو ھن جي ويجھو ويس ۽ روئڻھارڪي آواز سان چيم: ”اي ديوي، مان ھڪ ڀٽڪيل روح آھيان. صدين کان آجھاڳ خلائن کي جھاڳڻ کان پوءِ تو وٽ آيو آھيان. اي عظيم ديوي! مون کي ھنن آجھاڳ خلائن مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ڏيکار.، مان ھن جي اڳيان سڏڪا ڀري روئڻ لڳس.
    ديويءَ جي چھري تي ڦڪي مرڪ ڦھلجي وئي. ھڪ اک مرڪڻ لڳس تھ ٻيءَ مان لڙڪ ڪري پيس. ٿڌو ساھ ڀري چيائين:
    ”اي روح، مان ڏاڍي دکي آھيان. توکان پھرين بھ مون وٽ ڪوڙين روح آيا. ھنن ليلائي مون کان منھنجي پيار جي بيک گھري. مون پنھنجي سٻاجھڙي فطرت سان ھميشھ ھنن کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو. پر مون کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھو مون کي ڀلجي ويا. ھنن مون کي ڇڏي پنھنجي لاءِ نوان ديوتا تعمير ڪيا. ھنن مان ڪنھن بھ منھنجو ڏک نھ پروڙيو. ھي ڳوڙھا منھنجي اکين ۾ ڏسين ٿو، ازل کان آھن. ڪنھن منھنجي ڳوڙھن کي نھ ڏٺو، ڪنھن منھنجي پير ۾ وچڙيل نانگ ڏسي مون تي رحم نھ کاڌو. ھنن پنھنجي ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ منھنجي ھٿن ۽ پيرن ۾ زنجير ٻڌي، انھيءَ جا ڪلا ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کوڙي ڇڏيا. ھنن پنھنجي ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ قھري ڪان ھڻي، منھنجي ڪک کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو. ھاڻي مون وٽ ڪجھھ بھ نھ آھي. تون مون کان ڇا ٿو گھرين؟ وڃ،ا ي روح وڃي اگھور خلائن جي رنگينين ۾ بانبڙا پاءِ. وڃ..... مون توکي نرواڻ ڏنو آھي.“ ائين چئي ھوءَ سڏڪن ۾ ٻڏي وئي. ھن کي ائين روئندي ڏسي منھنجي دل بھ ڀرجي آئي. مون رڙ ڪندي چيو: ”نھ نھ اي عظيم ديوي! مون کي خلائن جي رنگيني نھ کپي. مون کي نرواڻ نھ کپي. مان توکي دکي نٿو ڏسي سگھان. مان توسان وعدو ٿو ڪريان تھ مان توکي پنھنجي ساھ سان سانڍيندس. مان ماڻھن کي وري ھڪوار تنھنجي آڏو جھڪائيندس. اي ديوي، جيستائين تنھنجي ھٿن پيرن ۾ اھي زنجيرون ۽ تنھنجي ڪک ۾ اھو زخم آھي، مان سک سان نھ سمھندس. اي عظيم ديوي! آئون تنھنجا زخم ڌوئندس. مون تي ديا ڪر، مون کي شڪتي ڏي.“ مان رانڀاٽ ڪري ھن جي اڳيان زارو زار روئڻ لڳس.
    ديوي ڪجھھ دير تھ منجھي پئي ۽ پوءِ ڪنڌ جھڪائي مون ڏانھن نھاريائين، ايئن جيئن ڪا وڌوا پنھنجي آبھم ڏانھن نھاري ۽ پوءِ ھن جھڪي مون کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو.
    ۽ اڄ مان انساني روپ ۾ دنيا جي عجائب گھر ۾ حيران پريشان بيٺو آھيان.
    جڏھن مون اکي پٽي ھئي تھ منھنجي ڪنن ۾ بمن جا ٺڪاو گونجي رھيا ھئا. آسمان مان باھ جا الا وسي رھيا ھئا ۽ ڌرتيءَ جو سينو ڏڪي رھيو ھو ۽ منھنجي چئني طرف انساني لاش پکڙيا پيا ھئا، جن جو ماس ڳجھون ۽ جھنگلي جانور روڙي رھيا ھئا. موت جي ڏائڻ ڏند ٽيڙيو پئي ٽھڪ ڏنا ۽ زندگيءَ جي ڪنوار سڪرات ۾ ھئي.
    مان چپ چاپ ھلندو رھيس.
    ھاڻ مان پنھنجي اکين جي جوت وڃائي چڪو آھيان. منھنجي ھٿن پيرن ۾ لرزش پئدا ٿي چڪي آھي ۽ ھاڻ مان سمجھان ٿو تھ منھنجي سفر جو آخري وقت اچي چڪو آھي، جيتوڻيڪ اھا ستر سالن جي زندگي مون گمناميءَ جي غارن ۾ گذاري آھي، سڀني کان جدا، پنھنجو پاڻ کان ويڳاڻو. پر مون کي انھيءَ جو ذرو بھ افسوس نھ آھي، ڇو تھ مون دنيا ۾ اچي پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي گڏ ڪيو آھي. مون انھن کي وجود ڏنو آھي. منھنجي ستر سالن جي زندگيءَ جو تاثير ھي مجسمو آھي، جنھن کي مون دنيا جي چوواٽي تي بيھاري ڇڏيو آھي. مون سوچيو ھو، ماڻھو ھن کي تعجب سان ڏسندا، پنھنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچيندا ۽ مان انھن جو انتظار ڪرڻ لڳس.
    ھڪ صبح جو سوير مون پنھنجي جھڳيءَ مان ڏٺو تھ ماڻھن جو ھڪ وڏو ٽولو منھنجي مجسمي جي چوڌاري بيٺو سجدا ڪري رھيو آھي. پوءِ ھو سڀ گڏجي مون وٽ آيا ۽ چيائون: ”اي پوڙھا! ھي بت تو ٺاھيو آھي؟“
    مون خوشيءَ مان ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.
    ”اسين انھيءَ کي خريد ڪرڻ گھرون ٿا. ٻڌاءِ گھڻي رقم وٺندين؟“
    ”مان اوھان جو مطلب ڪونھ سمجھيس.“ مون حيران ٿيندي چيو.
    ”اسين انھيءَ کي پنھنجي مندر ۾ سجائي رکنداسين ۽ انھيءَ جي پوڄا ڪنداسين.“
    منھنجي تن من ۾ باھ ٻري وئي. مون ڪاوڙ مان ڏڪندي چيو: ”مون انھيءَ کي پوڄا لاءِ نھ ٺاھيو آھي. مون ان کي توھان جي ماضي، حال ۽ مستقبل سڃاڻن لاءِ ٺاھيو آھي. توھان سڀ ھتان ھليا وڃو، نڪري وڃو.....“
    ھو سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ منھنجي حال تي افسوس ظاھر ڪندي چيائون: ”ويچارو چريو آھي.“
    ۽ مان پنھنجي جھڳيءَ ۾ اچي روئڻ لڳس.
    انھيءَ کان پوءِ ھڪ صبح جو فوجين جو ھڪ ٽولو مون کي پنھنجي مجسمي جي چوڌاري ڦرندو نظر آيو. انھن مان ھر ڪنھن پنھنجا پنھنجا دليل ڏنا ۽ چيائون: ”ھي پوڙھو تھ ديوانو آھي. ھن ڪيتري نھ سھڻي مورت کي بگاڙي ڇڏيو آھي“ ۽ انھن جي وڃڻ کان پوءِ مون ڏٺو تھ منھنجي مجسمي جي چيلھھ ۾ ٻڌل تلوار غائب ھئي.
    انھيءَ کان پوءِ ھڪ نقادن جو ٽولو آيو. ھو ڪجھھ دير تھ منھنجي گھڙيل مجسمي کي پرکيندا رھيا ۽ پوءِ ھنن سڀني مون ڏانھن آڱر کڻي چيو تھ: ”ھي دھريو آھي، ھن کي ماريوس، ھي مادھ پرست آھي.“ مان وائڙو ٿي ھنن ڏانھن ڏسندو رھجيس ويس. ھنن مون مٿان پھڻن جا مينھن وسايا، مان زخمن کان چور ٿي ڪري پيس.
    انھيءَ کان پوءِ ھڪ ٻيو مذھبي ٽولو مون وٽ آيو ۽ مون ڏانھن نفرت سان نھاري چيائون: ”تو خدا کي ڇڏي بت پرستيءَ جو سھارو ورتو آھي ۽ خدا توکي ڪوڙھ لڳائي، انھيءَ ۾ ڪينئان وجھي ڇڏيا آھن. تون ڪتي جو موت مرندين ۽ توکي پاڻي ڏيڻ وارو ڪونھ ملندو. ھاڻ ويٺو پنھنجي گناھ جي سزا ڀوڳ.“
    سڀ ماڻھو مون کي پنھنجي حال تي ڇڏي ھليا ويا. پوءِ مان ماڻھن کان مايوس ٿي موت جو انتظار ڪري رھيو ھوس.
    ھڪ صبح جو، جڏھن سج جو گولو اوڀر مان پنھنجا رنگين شعاع پکيڙيندي نڪتو، مان پنھنجن زخمن کي سيڪڻ لاءِ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي جھڳيءَ کان در وٽ آيس تھ مون ڏٺو تھ منھنجي مجسمي جي چوڌاري ننڍڙا اسڪولي ٻارڙا راند رچايو ويٺا ھئا. انھن مان ھڪ شھزادو ٿيو بيٺو ھو. ھن جي ھٿ ۾ ننڍڙي ڪاٺيءَ جي تلوار ھئي ۽ ھو پنھنجي تلوار کي زور زور سان ھوا ۾ لھرائي چئي رھيو ھو: ”دوستو، ھيءَ پيار جي پري آھي. ھن کي ھڪ وڏي ظالم ديو زنجير ۾ ٻڌي جادوءَ جي زور سان پنڊپھڻ ڪري ڇڏيو آھي. اوھان ھن زنجير کي کولڻ جي ڪوشش ڪريو تھ مان ھن لاءِ ڪوھ ڪاف مان آب حيات ٿو آڻيان.“ ھن جو حڪم ٻڌندي ئي ھن جا ننڍڙا ساٿي زنجير ۾ چنبڙي ويا ۽ شھزادو ڪاٺيءَ جي گھوڙي کي ڊوڙائيندو وڻن جي جھنڊ ۾ گم ٿي ويو.
    ھنن اسڪولي ٻارڙن جي راند ڪيتري نھ پياري آھي. خوشيءَ کان منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ مان پيو سوچيان، ھي ننڍڙا ٻارڙا انھيءَ پربت جھڙي زنجير کي ڪيئن ٽوڙي سگھندا ۽ ڪاٺيءَ جي گھوڙي تي سوار ننڍڙو شھزادو ڪوھ ڪاف مان ڪڏھن آب حيات آڻي ديويءَ کي زندگي ڏيندو؟


    وڏو ماڻھو

    پوريءَ ًمار ۾ ھن ڪڏھن بھ پنھنجي ڳوٺ تي نھ سوچيو آھي تھ ڳوٺ ۾ ڇا پيو وھي واپري؟ پر اڄ ٻن ٽن مھينن کان پوءِ، شھر جو چڪر ھڻندي، ڪراٽا اکاڙي ۾ پنھنجن ڦوھ جواڻ ڀائٽين، ڀاڻيجن ۽ سوٽين ماساتين جي ونجھھ پٽن کي شھر جي نوجوانن سان جڊو ڪراٽا ڪندو ڏسي، ھو وڏي مونجھار ۾ اچي ويو آھي ۽ درياھ شاھ جو بند ڏئي، واپس ڳوٺ موٽڻ لڳو آھي، وڏن واسامن سان:
    ”ھون – ھي تھ سڀ ڇورا جواڻ ٿي ويا!........ ھان..... ڏسندي ئي ڏسندي ايڏا جانٺا جواڻ!..... ھاڻ ڀلا ھنن ڇورن لاءِ ڇوريون ڪٿان اينديون؟ ڀلا ڇا ھي ڇورا جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، پائلٽ ۽ ايڪٽر ٿيڻ جا سپنا سانڍيو پيا ھلن، سي ڀلا انھن وڏن وڏن گيدن وارين اڻپڙھيل ڄٽوڙين گھاگھيلين کي پسند ڪندا؟“ واٽ ويندي ڏاڍي ڌيرج سان ھلندي ھو ٿڌي دل سان ويچار ڪري ٿو ۽ ھن جي ذھن مان ھڪ ھڪ ٿي سڀ جواڻ ڇوڪريون گذري وڃن ٿيون، سھڻيون، ڀوريون، سڌيون ساديون، ٻھ چار درجا سنڌي پڙھيل، ڪارا، ساوا، ڳاڙھا، رنگا رنگ ڀرت ڀريل گھگھا پھريل ڇوڪريون.
    ”چاچا، ڇا ھيءَ انھيءَ ڦدي ۾ مٺو پاليندي؟“ پٽ جي ڳالھھ ياد ايندي ئي ھن کان ٽھڪ نڪريو ٿو وڃي. جيميءَ جو عاشق پٽ، جيڪو ننڍڙي لاڪي کيس بابا جي بدران چاچا چوندو ھو ۽ وري ھو ڏاڍي اتساھ مان ٿڌو ساھ ڀري ٿو ۽ چوڏس وايو منڊل ۾ نھاري ٿو.
    نيري نيري آڪاس ۾ اڇا ڪارا ڪڪر ڊوڙندا وڃن. سج ٿڌو ٿڌو ۽ وڏو وڏو ٿيندو ٿو وڃي. تارن جي تنوار جا آواز، وسڪارن لاءِ نڀ ۾ رڙندا ٿا وڃن ۽ کيتن مان اڇا اڇان، ننڍي نسل جا ٻگھھ، ھوريان ھوريان ولر ڪري، ھڪ ٻئي پويان آکيرن اڏار ۾ آھن ۽ اٺي جي ھوائن ۾ چيڪي مٽيءَ جي خمير جو واس آھي. ھلندي ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڳوٺ جو سڄو گاڏو اونڌو ھلي رھيو آھي. جڏھن کان ڄائو آھي، تڏھن کان ھن ايئن ئي محسوس ڪيو آھي ۽ ھاڻ جڏھن ھو چوٽيھن پنجٽيھن سالن جو اچي ٿيو آھي، تڏھن اھا ڳالھھ ھن کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي آھي. ھن کي ڳوٺ سان ڪا دلچسپي نھ آھي، پر پوءِ بھ ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڳوٺ جي نئين نسل سان، جيڪو جواڻ ٿي رھيو آھي، اھو ورتاءُ نھ ھئڻ گھرجي، جيئن سدا ٿيندو آيو آھي ۽ ان لاءِ ھو سڄو ڏوھ ڳوٺ جي پوڙھين تي مڙھيندو آھي، جيڪي پاڻ کي وڏڙا چورائيندا آھن ۽ وڏي ھلنديءَ وارا آھن. جيئن چاھيندا آھن، تيئن ٿي ويندو آھي، جيڪي سدائين کين ڪئنچيءَ جيان ڪاٽي ٻھ اڌ ڪري ڇڏيندا آھن. ھاڻي ھن کي پنھنجي مامي تي ڪشٽ ٿا اچن ۽ ھلندي ھو سوچي ٿو:
    ”ھون؟.... سڄو ڏوھ انھيءَ يورپيئن مامي جو آھي. جيڏانھن جيڏانھن ويو، سڄي سنڌ ڍئي آيو پر پنھنجي ڳوٺ ۾ نھار تھ ساڳيا ڪاريءَ وارا ڪک! پنھنجي ڳوٺ لاءِ ڪيو ڇا اٿائين؟..... ڪامورا تھ پنھنجي ڳوٺ ڇا سڄي شھر لاءِ الائي ڇا ڇا ڪري ويندا آھن. اسڪول، پارڪ، راندين جا ميدان، ناٽڪ منڊليون – پر مامي ڇا ڪيو؟“ ۽ ھلندي ھو مامي تي ويچار ڪري ٿو ۽ ھن جي اميجينيشن مان مامي جو جيون ڌنڌلو ڌنڌلو گذرڻ لڳي ٿو.
    ھڪ مآنھو، اوچا وڳا، سونھري عينڪ اکين تي، بنھھ جھڙو انگريز ايڪٽر. ڪڏھن زوزٽ سان ڪار ڪاھيو ڀڳو ٿو وڃي. ڪڏھن ماڻھن کي چھبڪن سان پيو ماري. ڪڏھن ٽيليفون پيو ڪري. ڪڏھن وڏين وڏين آفيسن مان تکو تکو ھلندو ٿو وڃي. ڪڏھن لئبريريءَ ۾ ڪتابن ۾ گم آھي. ڪڏھن لکي پيو. ڪڏھن بانبڙا پائيندڙ ٻارڙن سان رانديون پيو رچائي ۽ ڪڏھن..... ڪڏھن دکي آھي، ننڊ ۾ ڦٿڪي پيو، ڄڻ سپنن ۾ روئي پيو.
    ۽ اھو اميجينيشن جي ٻوڏار مان نڪري ٿو اچي ۽ ھروڀرو ھن کي محسوس ٿئي ٿو، مامو دکي آھي. جيئن ھو وڏو ٿيو آھي ۽ ھن کي سانڀر آھي تھ مامي کان سدائين ھو پري ۽ وٿيرڪو رھيو آھي. بس پندرھن ويھن سالن ۾، عيد براد تي ڪو ڏھ پندرھن ڀيرا مليا ھوندا، سو بھ پنجن ڏھن منٽن لاءِ. ڄڻ نھ سنڱ نھ سياڪو! سوچيندي ھو دکي ٿي وڃي ٿو ۽ وري ھو يادن جي ٻوڏار ۾ ھليو وڃي ٿو.
    ھڪ تمام ڀورو ڀورو انگريزن جھڙو رانديگر، اڪيلي سر پن پناھگير ماسترن سان ٽينس کيڏي رھيو آھي ۽ وري ھن جي ڪن ۾ الائي ڪٿان ماءُ جا آواز پڙالجن ٿا:
    ”گمان، خبر ٿئي جڏھن تنھنجو مامو علي ڳڙھ مان سوني بيج سان ايم – اي پاس ڪري موٽيو ھو تھ شھر جا مسلمان ڇا، ھندو بھ قطارون ڪري کيس اسٽيشن تان ائين وٺڻ ويا ھئا، ڄڻ وڏو حج کٽي آيو ھجي.“ ھلندي ھن کي اڃا ٻيا ڪي پساھ پون ٿا. پراڻا، ڌنڌلي سپني سمان:
    دريا ڇولان ڇول ۾ آھي. ھو ننڍڙو پتڪڙو آھي. ڀيڪيدار ساڙھين سان وڏيون وڏيون ھندوداڻيون آھن ۽ اڇو سوٽ پھريل مامو ۽ مامي جيڏا وڏا وڏا ماڻھو، ڳالھيون ڪندا، ٽھڪڙا ڏيندا، درياھ ڪناري وڏي وڏي جھاز تي اچن ٿا. ھو جھاز ۾ چڙھڻ جي تختي تان چڙھندي ڊڄي ٿو. ھڪ ھندوداڻي کيس ڪڇ ۾ کڻي چميون ڏئي ٿي ۽ مامو ٽھڪ ڏئي ٿو.
    ۽ ھو وري ٻئي لڙاٽ ۾ ھليو ٿو وڃي.
    وڏو وڏو بنگلوڳ آھي، چوڌاري باغ آھي ۽ ٿورو وٿيرڪو وڏي وڏي جيل جھڙي جاءِ آھي، جنھن ۾ آڪيڙا چڙھيل ماڻھو اونڌا ٽنگيا پيا آھن. مختيارڪار ڏاڍي ڪروڌ ۾ آھي، زيردستن اڳيان گجگوڙ سان واڦي ٿو: ”اھي ڀاڙيا مختيارڪار ھوندا. رنن زالن سان ٿو ارھ زورايون ڪري. انھيءَ ڪتي جي ڦر وڏيري جو ڦڳڙ لاھي، ڳچي ۾ رسو وجھي وٺي اچوس. جي وڏيرو گھر ۾ نھ ھجي تھ جوڻس ڪاھي اچو.“
    ۽ ٻئي کن ۾:
    ٻئي کن ۾ پوليس وارا آھن، اڌ مڇ ڪوڙيل ٿلھو وڏيرو آھي ۽ مختيارڪار جو لڪڻ آھي. مختيارڪار اسٽڪ سان وڏيري جي کل اڊيڙي ٿو ڇڏي. وڏيري جي خميص ڇيھون ڇيھون ٿيو ٿي وڃي. مختيارڪار وڏيري کي ايستائين مري ٿو، جيستائين ھو سندس پيرن ۾ غش کائي ڪري ٿو پوي: ”سائين توبھن، يا حسين توبھن، گھوڙا ڙي توبھن.“ مختيارڪار جي زوردار ٿڏي سان وڏيرو نڪ مان رت جون ٺينڊيون وھائيندو اونڌو، ڪرونڊڙو ٿيندو ٿو وڃي.
    ”او ڪتي جا ڦر، ڪن کولي ٻڌي ڇڏي. وري جي غريب مار ڪئي ٿئي تھ جوڻين انھن ماڇين کان کڻائيندس. ھوندين ڪنھن منسٽر جو ڀڙوو، مان لنڊي لاٽ جي پرواھ نھ ڪندو آھيان.“ ۽ پوءِ مختيارڪار تڪڙو ويندي منشيءَ کي دڙڪو ڏئي ٿو:
    Three month jail, one thousand rupees fine.
    واٽ ويندي ھو سوچن جي ٻوڏار مان نڪري ٿو اچي ۽ وري وايومنڊل ۾ نھاري ٿو. سنڌيا مٿان رات جي رئي چڙھندي ٿي وڃي. وري الائي ڪٿان ھن جي ڪنن ۾ الائي ڪنھن جا آواز گونجن ٿا:
    ”بابا، تنھنجي مامي جھڙا ماڻھو ڪٿي! موليٰ پاڪ جو قسم اسان جي پاسي مختيارڪار ٽئين مھيني ٽپڙ ٻڌي ويندو ھو، پر تنھنجو مامو...... تنھنجو مامو اھڙي صاحبي ھلائي ويو جو ڪنھن انگريز بھ ڪانھ ھلائي ھوندي. بابا، ذات حراميءَ جي ڳچيءَ ۾ پٽڪو، ڀلي خان خانان ھجي. اصل گھر گھران رب ڏئي پناھ!“
    ”ڇو ڀلا، پنھنجي ڳوٺ ۾ مامو ايڏو ٿڌو ڇو آھي؟“ ھن جي ذھن ۾ سوال اڀري ٿو ۽ ھو ڳوٺ ۾ مامي جي جيڪا چرپر آھي، ان تي ويچار ڪري ٿو.
    اميجينيشن:
    ھو پنڌ پيو وڃي ۽ مامو سون ڀيرا سرڙات سان موٽر سان گذري وڃي ٿو.
    مامو لئبريريءَ ۾ ويٺو آھي.
    مامو آرام ڪرسيءَ تي ڪنڌ ڍرڪايو، پير تپائيءَ تي ڦھلايو، بي بي سي پيو ٻڌي.
    مامو پوٽا پوٽيون، ڏوھٽا ۽ ڳوٺ جا ننڍڙا پتڪڙا ٻار وٺيو، وڏي٤ وڏي ڪار ۾ الائي ڪيڏانھن گھمڻ پيو وڃي.
    مامو ننڊ ۾ آھي ڪين الائي جاڳ ۾! مامي کي ڄڻ ننڊ ڪانھي. مامو ننڊ ۾ ڄڻ ڦٿڪي پيو.
    مامو ٽھڪ پيو ڏئي، جيئن سدائين ڏيندو آھي، وڏا وڏا ٽھڪ، جن ۾ آواز گھڻو، خوشي گھٽ ھوندي آھي. ھو محسوس ڪري ٿو مامو دکي آھي ۽ جيون ۾ پھريون ڀيرو ھن کي سڪ پئدا ٿئي ٿي تھ مامي سان ڪڏھن ڪچھري ڪرڻ گھرجي.
    ھلندي ھو وري چوڏس وايو منڊل ۾ نھاري ٿو. سندس ڳوٺ جون روشنيون ٻري ويون آھن. ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڳوٺ جي اھا اڳين ڳوٺاڻي سونھن ختم ٿي وئي آھي. ڳوٺ بدران ڪراچيءَ واري شرف آباد يا گلشن اقبال جھڙي آبادي محسوس ٿئي ٿي يا ڪا نئين ٺھندڙ پناھگير ڪالوني.
    ڳوٺ ۾ نئين وڏي وڏي مسجد سامھون اچي، مامي جي ڳاڙھي ڪار ڏسي، ھو گھر وڃڻ بدران مامي جي گھر وڃي ٿو.
    ”ٺاھ ڪرڻ ۾ آھي ڇا؟ ھان.... مان نوڪري وٺڻ يا ڪنھن جي سفارش ڪرڻ ٿوروئي پيو وڃان. ڪيستائين ھڪ ٻئي لاءِ ايئن اڄاتل اوپرا ماڻھو رھنداسين؟“ ھو پنھنجي اندر سان سوال ڪندو گھر ۾ داخل ٿئي ٿو. گھر جا سڀ ڀاتي ھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي وڃن ٿا. بي بي الوينا ھن کي ڇيڙي ٿي. وڃي ھو کيس ڦيرائي ٿو.
    Where is Uncle?
    “He is sleeping.” بيبي پرانيءَ جاءِ جي ھڪ ڪمري ڏانھن اشارو ڪري ٿي. در بند آھي. ھو دريءَ مان ستل مامي کي ڏسي ٿو. جيون ۾ پھريون ڀيرو ھن کي محسوس ٿئي ٿو تھ مامو پوڙھو ٿيندو ٿو وڃي. الوينا کيس نئين ٻماڙ جاءِ ۾ وٺي اچي ٿي.
    “Papa says: “This is for me.” Good home?”
    “Yes, very nice. Beautiful.”
    ھو نئين گھر ۾ پھريون ڀيرو آيو آھي. سڄو گھر چڱيءَ طرح ڏسي ٿو ۽ بالڪونيءَ مان ٿيندو بيبيءَ سان گڏ ڇت تي ھليو وڃي ٿو.
    “Shall we play ping pong?” بيبي پڇيس ٿي.
    “No, I am feeling tired.” ھو لنوائي ٿو. ھو سوچي ٿو مامو الائي ڪڏھن جاڳندو. ھن کي گھر موٽي وڃڻ گھرجي. ھيٺ لھندي، مامو ھن کي باٿ روم کان ٻاھر نڪرندو ٿو نظر اچي. مامو ڏاڍي سٺي نھار سان ھن ۾ نھاري ٿو.
    ”ڪڏھين آيو آھين؟“
    ”اڄ ئي، اوھان تھ ھينئر ستا ھئا.“
    ”نھ، ائين ئي ليٽيو پيو ھئس. مون تنھنجو آواز ٻڌو پئي. ڪيئن آيو آھين؟“
    ”ائين ئي دل چيو، ھليو آيس.“
    ”سچي!.....“ مامو عينڪ صاف ڪري اکين تي چارھي ڏانھس ائين ٿو نھاري، ڄڻ کيس ويساھ نھ ٿو اچي.“
    ”طبيعت ٺيڪ آھي نھ؟“ مامي کان پڇي ٿو.
    ”ھا، طبيعت کي ڇا ٿيندو. طبيعت ماڻھوءَ جي پنھنجي وس ۾ ھوندي آھي.“
    مامي جي ڳالھھ تي ھو مرڪي ٿو پوي. ھن کي محسوس ٿئي ٿو، مامو ساڳيو آھي. مامي ۾ ڪائي چينج نھ آھي، جي چينج آھي تھ رڳو اھا تھ پٽ پوڙھا ٿي ويا ٿس. مامو ساڳيو ينگ، سمارٽ ۽ ھئنڊسم آھي.
    ”تنھنجو ڪاليج ڪيئن پيو ھلي؟“
    ”ٺيڪ آھي. بس ھلي پيو.“
    ”آ.... ھا.... ڇا زمانا ھئا! ٽيچرس لائيف بھ ٽيچرس لائيف آھي.“ کن لاءِ اونھي ساھ سان مامو ڄڻ ساروڻن ۾ وڃائجي ٿو وڃي.
    ”ڇا رکيو آھي ان لائيف ۾ ماما؟“
    ”ھون..... مان ست اٺ سال ٽيچرس لائيف گذاري آھي. مون کي سڀ خبر آھي. ڇا شاندار لائيف آھي! بس رڳو ماڻھوءَ جي پنھنجي ڪوالٽي ھجي.“
    ”پوءِ اوھان ٽيچنگ لائيف ڇو ڇڏي؟“
    ”اڙي ڀائي ڇڏائي وئي. مان تھ سدائين ائين محسوس ڪندو آھيان تھ مون ٽيچنگ ڇڏي پاڻ کي ٽوڙي ڇڏيو ھو. ڳھڻ لاءِ ڄاڻي واڻي. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو قربانيءَ جو ٻڪر ٿي ويندو آھي.“ مامو الاھي دير لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿو. مامي چانھھ کڻي اچي ٿي. کن لاءِ ٻئي ماٺ ٿي، چانھن جا سرڪ ڀريندا رھن ٿا.
    ”ڪم اٿئي؟“
    ”نھ تھ.“ ھو ھڪدم وراڻي ٿو.
    ”الائي ڇو، ڪم کان سواءِ مون وٽ ڪوئي ڪونھ اچي.“ مامو ڏاڍو ڏکوئجي ٿو وڃي.
    ۽ مامي ڄڻ اوچتو گوليءَ وانگر چٽي ٿي پئي:
    ”ڪنھن کي ڇتي کاڌو آھي جو تو وٽ ايندو. جيڪو اچي منھن پٽيو ڇڏينس. پوءِ چئين تھ مون وٽ ڪو اچيئي ڪونھ.“ ماميءَ جي ڳالھھ تي مامي جي چھري تي رکي مرڪ کڙي ٿي وڃي ۽ مامو ھن کي اک ڀڃي ٿو:
    ”الائي ڇو، ھاڻ تون وڻين پيو. سچ ٻڌاءِ، ڪم سان آيو آھين نھ؟ تون غلط ڪم چوندين تھ اھو بھ ڪندس.“
    ”نھ باءِ گاڊ، رڳو اوھان کي ڏسڻ آيو ھئس.“
    ”ھون..... اڙي ڀائي مون کي سڀ خبر آھي. تنھنجو اڇو منھن ٿيو آھي. Really, she is a fine girl“
    ”جي“ ھو گھٻرائجي ٿو وڃي.
    ”اڙي ڪوپ ٿو اونڌو ڪرين، پوءِ چئو ٿا دڙڪا ٿو ڏئي. مون کي خبر آھي، تون پنجن سالن کان پوءِ پنجن منٽن لاءِ بھ اچين ٿو تھ رڳو مون کي ڏسڻ لاءِ، نھ ڪم لاءِ. مان ٽيچنگ لائيف ۾ ٻارڙا نھ، جواڻ پڙھائيندو ھئس.“
    ”ٿئنڪز.“ ھو مامي جي ڳالھھ تي سندس ٿورا مڃي ٿو.
    “Really you are a lucky person and gentle fellow.”
    مامو ھن ۾ نھاريندي مرڪي ٿو. ڏاڍي پيڙا مان ۽ مامي ڪم ڪار ڪندي پري کان ھڪل ڪريس ٿي:
    ”مئا ڀڄ، اھو کلندي کلندي گھيتاري گھيتاري اوچتو بگڙجي ويندءِ.“
    ”مان ھلان؟“
    ”ڇو ڀلا، انھيءَ پوڙھيءَ جي ڳالھھ دل سان لڳي اٿئي ڇا؟“
    ”نھ تھ، وري ڪڏھن سٺي ڪچھري ڪنداسين.“
    ”ھا، حياتي آھي تھ ڪچھريون ئي ڪچھريون آھن.“
    مامو تپائي تي ڪوپ رکي ٿو ۽ ھو موڪلائي اٿي ٿو. ھن کي پھريون ڀيرو محسوس ٿئي ٿو تھ ھن جو مامو اھو نھ ھو، جيئن ھن سمجھيو ھو.


    ڇپر ۽ ڇائون

    مٿي مٿي نڀ ۾، ڇمر اوھيرا ڪيو، سلو موشن ۾ اڏاڻا ٿا وڃن. لڳاتار سنھڙيءَ بوند وڻ ٽڻ ڌوئي ڇڏيا آھن ۽ لوٺي ڌرتيءَ مان ساوا ساوا گونج سرجڻ لڳا آھن. ھو ايستائين مينھن ويساڙي ۾ نھاريندو ٿو رھي، جيستائين مينھن وساڙو سنھڙيءَ ڇٻر مٿان گھاٽي ڳم ڳنڍھير ۾ گم نھ ٿو ٿي وڃي. ھو اونھو ساھ ڀري وري مٿي نڀ ۾ نھاري ٿو. جيستائين ياد ٿو اچيس، جيون ۾ اھڙي رم جھم ھن ڪڏھن ڪانھ ڏٺي. جيئن ڪنھن ودوا ناريءَ جا ڪجلا نيڻ، چئاڪا چئاڪا سدائين ٽمندا رھن. ھن کي ھتي آئي پندرھون ڏھاڙو آھي، بوندون بس ئي نٿيون ٿين. اچانڪ ھو محسوس ڪري ٿو، ھو روئي پيو. ھن جي نيڻن ۾ ڳوڙھا آھن. جڏھن کان شبنم ھن کي ڇڏي وئي آھي، ان ڏينھن کان ھن کي ڪو ٿان ڪو اسٿان نھ ٿو وڻي. ھن کي ڪا سمڪ ئي ڪانھ ٿي پوي. وقت جي، پنھنجي ڪرائي، ڪائي نھ. جڏھن کان ھوءَ ھن جي جيون مان نڪري وئي آھي، ھن کي پنھنجو جسم بھ پرائو لڳندو آھي. بس ھن کي رڳو ايترو محسوس ٿيندو آھي ھو ڏسي پيو. ٻيو ھن کي رڳو ايتري خبر پوندي آھي تھ ڌرتي ڏاڍي سھڻي آھي ۽ پولارن پاتارن ۾ ڄڻ جادو ڀريل آھي. اھڙو جادو! جو ماڻھو ان ڪامڻ مان نڪري نھ سگھي. ھو پولار ۾ نھاريندو ٿو رھي ۽ پٺيان رھجي ويل منڊي ڪڪري مٿاھنس ڇاٽون اڇلائيندي، ڪنھن پيڙا کان ڄڻ وڪڙ کائيندي، ولوٽجندي ٿي وڃي.
    ”روڻيا.... ھي روڻيا...“ آواز تي ھو جھوپڙن ڏانھن مڙي نھاري ٿو. انڌي ڪالڪا ھوائن ۾ ڄڻ انڌي پريءَ جيان اڏامڻ لاءِ پر پئي سوري. کن لاءِ ھو ڪالڪا ۾ کوئجي ٿو وڃي. ھو سوچي ٿو، ڪالڪا جو جيون ڪيڏو نھ سھڻو آھي، اھڙو ئي سھڻو، جھڙي ھوءَ پاڻ آھي.
    ”ڪاوڙيو آھين؟“
    ”اون.... ھون....“ ھو پيار مان ڪالڪا ۾ نھاريندو ٿو رھي.
    ”اوک نان لڳي؟“
    ”نھ.“
    ”ڇو؟“
    ”توکي ڏسي پيٽ ڀرجي ويندو آھي.“
    ”سچي!“ خوشيءَ کان ڄڻ ڪالڪا جي نيڻن مان جوت ٽمڻ ٿي لڳي. ڪالڪا اڄاتل خوشين مان ھن جي وڏن وڏن وارن تان ھٿ ڦيري ٿي ۽ ھو – ھو ڪالڪا جي ٻانھيءَ ڍڪيل ٻانھن تان ڪالڪا جا ڪچڙا بغل ڏسي گھوماٽجي ٿو وڃي.
    ”ھي رام رام رام......“
    ”ڪا ٿيئي ڳيو؟“ ڪالڪا توائڙي ٿيو وڃي.
    .پاپ ٿيئي ڳيو.“ ھو لڄيندو ٿي نيڻ جھڪائي ٿو ڇڏي.
    ”ڪوڙ ٿو ٻولين. تون ۽ پاپ! ڪيا ٻولي ھي!........“ ڪالڪا کي اعتبار نٿو اچي. ڪالڪا ھن جي ڪلھن تي ٻانھينءَ واري ٻانھن رکي، اونھو ساھ ڀري ٿي، ايڏو اونھو، ڄڻ سڄو پولار ڪين ڪن ٿي سندس وات ۾ ھليو ٿو وڃي.
    ”جونءَ ڪڍان؟“
    ”ھا، سر سر ڪر، ماٿو ڦٽتو ھي.“ ۽ ھن جي ڳالھھ تي ڪالڪا ھن جو مٿو پنھنجي ڪڇ ۾ ٿي ڪري ۽ جيئن سدائين ھن جي مٿي مان جونءَ ڪڍندي آھي، تيئن آنڱرين سان سر سر ڪري جونءَ ڳولڻ ٿي لڳي ۽ ھو آسيس محسوس ڪندي، کرڪڻا پيرن مان لاھي، سائي گاھ مٿان پير ڦھلائي ٿو ڇڏي.
    ”آ..... ھا.... مينارو موسم، ڪيا موسم ھي.“ ڪالڪا جي اندر مان ڄڻ پولار جون ساريون جھٽيل ھوائون نڪري وڃن ٿيون ۽ ھو، ھو ڪالڪا جي ڪڇ ۾ ڏاڍو دکي ٿي ڪالڪا جي نيڻن ۾ نھاري ٿو، جن ۾ لڙڪ ٻرندا نظر اچن ٿا.
    ”ڪالڪا!.... تون روئين پئي؟“
    ”ڇو..... ماڙھو ناھيان؟.... ھيءَ ڪھڙي موسم آھي. مون کي تھ رڳو ايتري خبر پوي ٿي تھ ڪٿي وڄ ڪري آھي. نيڻن ۾ رڳو چمڪو اپڙندو آھي، شينھن جيھي گجگوڙ سان.“ ڪالڪا جا نيڻ بس نٿا ڪن.
    ”ڪالڪا، سر سر ڪري زا، سٺو آھي توکي ٻي ڪا خبر نھ ٿي پوي. وڄ ڪانھ ڪرندي آھي، ڌرتيءَ تي الائي ڇا ڇا ڪرندو آھي، ڌرتي ڌبي پوندي آھي. ڪالڪا، قرآن جو سوڳنڌ، تون ڏاڍي سڀاڳي آھين. تون ڪجھھ نھ ٿي ڏسين، وڏي ڀاڳوان آھين.“ ھو ٻارڙن جيان ڪالڪا جي ڪڇ ۾ ڪرون ٿو ڀڃي، ارھن ۾ ٿونا ٿو ھڻي.
    ”سچ ٻڌاءِ، تو ڇا ڇا ڏسندو آھين؟ ھي رام، ڪيا جلم ڪيتو ھي، آئون تھ توکي بھ نھ ٿي ڏسي سگھان.“ ڪالڪا وري روئي ٿي پوي.
    ”سٺو آھي تون مون کي نھ ٿي ڏسي سگھين. آئون ڏاڍو بڇڙو ۽ بدصورت آھيان.“
    ”ڪيا ٻولي ھي.“ ڪالڪا چڙي ٿي وڃي ۽ ھن جي اکين، ڪنن، نڪ، ڳلن ۽ چپن تان ھٿ ڦيري ٿي ۽ نيڻن ۾ ڏاڍا موھ ڀري ٿي ڇڏي.
    ”ڪوڙا، خبر ٿئي مالا ڇا ٿي چيو؟“
    ”ڇا ٿي چيو؟“
    ”ٿارو ڀائيڙو انگريچ لاڳي ھي.“
    ”اونھن.... توکي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ٿي ڳالھائي.“
    ”ڇو ڀلا، ڪوڙ ڇو ڳالھائيندي! ھن کي خبر ڪانھي ڇا، تو جيھو بھ آھين، منھنجي لاءِ منھنجو آھين.“
    ”آئون گندو آھيان، ڪڏھن تنھنجي سار بھ ڪانھ لھان. جڏھن سڀ ڇڏي ڀڄي ويندا اٿم تھ پوءِ تنھنجي گود ۾ اچي ڪري پوندو آھيان. آئون لالچي آھيان.“ ھو ڪالڪا جي ڪڇ ۾ ٿونا ھڻي، ڦٿڙي، ھونڀارا ھڻي روئي ٿو.
    ”رونا.... ھي روڻا.... ٿني سون ٿيئي ڳيو؟ وات ڪرو نا، ايم رووتو زاتو ھي.“ ڪالڪا لڙڪ ڀريل نيڻن سان ھن جو مک ٿي ڳولي پرچائڻ لاءِ ۽ ھو اڃا وڌيڪ ٿو رنڀي، ڪالڪا جون انڌيون اکيون ڏسي، ڪالڪا جو ڦاتل پڙو ڏسي، ڦاٽل ڪنجو ڏسي.
    ”ڪالڪا، آئون وڏو حرامي آھيان. مان تو وٽ سدائين خالي ھٿين ايندو آھيان.“ ھن جي ھڏڪي بند نھ ٿي ٿئي ۽ پيار مان لپاٽ سندس ٻوٿ تي ٺڪ ٿيو وڃي.
    ”ڇو، مان توکان اونچا ڪپڙا گھريا ھئا جي تو نھ آندا؟ ھي روڻيا.... جڏھن توجا ھٿ موجي ڳلن ڪلھن کي ڇھندا آھن، مان سمجھندي آھيان مون پٽ پھريو آھي. جڏھن سمجھين آئون بنھھ ننگي ٿي وئي آھيان، پوءِ ڀل وٺي اچجان. ھاڻ بس ڪر نھ“ ۽ ڪالڪا جي ڳالھھ تي ھو رنڀون گھٽي، سندس ڪڇ ۾ سڏڪندو ٿو رھي. ڪالڪا کيس چپ ڪرائڻ لاءِ کيس ڀاڪر ۾ ائين ٿي ڀري جيئن لاڏڪي ٻار مٿان ماءُ وري ويندي آھي.
    ”مون کي سڀ کبر آھي، ٽڪي جي عورت لاءِ ڪو روئبو آھي.“
    ”ڇا.....“ ھو وائڙو ٿي ڪالڪا ۾ نھاري ٿو.
    ”حيدرآباد ڪا ايتري پري تھ ڪانھي.“ ڪالڪا الائي ڇا سوچيندي ٿي رھي. ھن جا سڏڪا بند ٿي وڃن ٿا. ھو رڳو ڪالڪا ۾ نھاريندو ٿو رھي.
    ”ڇو، سڙھ ڇو ھنئي اٿئي، ھاڻ ڳالھاءِ نھ.“
    ڪالڪا جو ڪروڌ ڏسي ھو ڪڇي نھ ٿو.
    ”الا – اکيون ھجن ھا تھ ھينئر، اتي جو اتي ستئي اشمان ستئي زمينون ھڪ ڪري، ڪن کان جھلي توجي اڳيان اچي بيھاريانس ھا. آئون بھ رزپوت آھيان.“ ڪالڪا جي اکين مان پاڻي بيھي نھ ٿو.
    ”تو ڪيون رووي ھي، مارو زوتي.“ ھو ڪالڪا جي نيڻن ۾ لڙڪ ڏسي سھي نٿو سگھي.
    ”اونٺو، ٻانٽي ٿنڊي ھووي ھي.“
    ”اونک نائين لاڳي ھي.“
    ”اونک نان لاڳي، ڏوٻلو ڏوٻلو ڪاٺي ٿيئي ڳيو ھي.“ ڪالڪا سندس ڏؤنرن، ڇاتيءَ ۽ سٿرن تان ھٿ گھمائي ۽ کيس پيار مان ٻٽ ٿي ھڻي.
    ”آ.....“ ۽ ٻئي روئندي ٽھڪ ڏئي کلن ٿا.
    ”چون ٿا، ڏاڍي ڪونجيلي آ، جيھي رزپوت راڻي.“
    ”مار زوتي.“ ھو ڪالڪا جي سٿرن تي ڳاٽ رکي آڪاس ۾ نھاريندي، الائي ڪھڙن سپنن ۾ کوئجي ٿو وڃي.
    ”رسي وئي آھي؟“
    ”نھ.“
    ”ڪڌي آھي؟“
    ”نھ.“
    ”توسان پيار ڪري ٿي؟“
    ”الائي.“
    ”ھي رام رام، ايڏو موٽو ٿئي ڳيو ھي، ٿني آکبرنا پڙي ھي!....“
    ”ڪوئي کبر نا پڙي.“
    ”ڪاٺي ڳ.ي ھي؟“
    ”ڪوئي خبر نا پڙي.“ ھو اشانت ٿي ڪالڪا جي ڪ ۾ پاسو ٿو مٽائي.
    ”بس بس، سمجھي ويس، سڄو ڏوھ تنھنجو آھي.“
    ”منھنجو؟“
    ”ھا – ڪا عورت پنھنجي پريمي ڪانھ ڇڏيندي. بس ٿورڙي ان بن ٿيئي ويندي آھي. نونڊڪي نونڊڪي ۽ ساري جيون ۾ جھر ڀرجي ويندو آھي.“
    ”ڪوئي ھور وات ڪرو.“ ھو بيزار ٿي رڙ ٿو ڪري.
    ”ھور وات؟.... آئون ڪيڙي ڳالھھ ڪريان. مون کي تھ تون بھ ڏسڻ ۾ نھ ٿو اچين. تون ٻڌاءِ نھ، آڪاس ۾ ڇاھي؟ آ ... ھا ڇا ٿڌي ٿڌي ھوا ٿي ھلي، ڇا شام ٽاڻو آھي؟“ ڪالڪا جي اندر مان ڄڻ ڌرتيءَ جي سمروي سونھن ڏکڻ جي انڊلٺ ٿي نڪري ٿي ۽ ھن جون اکيون ڏور ڏور پولار ووڙينديون ٿيون وڃن.
    ”ھا، شام ٽاڻو آھي.“
    ”ڀلا اولھھ ۾ سونا، چانديءَ جيڪا، ناسي، ڪارا ڀورا رنگ آھن؟“
    ”ھا ڌنڌلا، اڃا اپڙن پيا ۽ ڪڪرن جي ڏکڻ ۾ انڊلٺ آھي.“
    ”اندر ريکا! ڇا اھا بھ ڌنڌلي آھي؟“
    ”نھ، ڏاڍي چٽي آھي ۽ اڀرندي ۾ ھلڪي ھلڪي وڄ پئي کنوي، ڌنڌ آھي، ڪاري ڌنڌ!“
    ”ڪاري ڌنڌ!..... ڀلا مٿان ڪڪر آھن؟“
    ”ھا، جيئن درياھ ۾ ڇوليون ھڪ ٻئي پٺيان پيون ڇلنديون آھن نھ، تيئن ڇمر ھڪ ٻئي پٺيان اوھيرا ڪندا پيا وڃن.“
    ”دونھين جيان؟“
    ”ھا، ڇڊي دونھين جيان، ڪڪر ڪارونڀار ڪيو پيا وڃن.“
    ”ڌرتي سائيري ٿي وئي آھي.“
    ”ھا ھا، ڍورن جون ڪکيون ڀريل آھن.“
    ”سچ!“ خوشيءَ کان ڪالڪا جي اکين ۾ وري لڙڪ اچيو وڃن. ھوءَ اٿي ٿي ۽ اٿڻ ويل ٻانھن ھن جي ٻانھن ۾ وچڙائي کيس بھ اٿارڻ لاءِ ڇڪي ٿي.
    ”روڻيا – خدا سون، تون ڇا ٿو اچين، ڄڻ اکين ۾ جوت اچيو وڃي. ھانءُ ٺريو ٺريو پوي.“ ھوءَ کيس ٻانھن کان وٺي ھلڻ ٿي لڳي، ڏاڍي موھ مان.
    ۽ کن لاءِ ٻئي چپ چپات ھلندا ٿا رھن.
    ھڪ ٻئي جي ڪلھن تي ھٿ رکيو.
    ”روڻيا.“
    ”ھون.“
    ”ان عورت کي ٻڌائي ڇڏ تھ منھنجي ڀيڻ ڏاڍي زيردي آھي. ڪولھڻ انڌي تڏھن بھ لک جي. رزپوت ڇورن لاءِ سڱ کٽا ڪينھن، چوندينس نھ.“
    ”ھون......“
    ”ڇو... ھون ھون ڇا ٿو ڪرين. ڊڄينس ٿو ڇا؟!.....“
    ”نھ، ھن جنب ۾ جي وري ٻيھر ملي تھ چئي ڏيندو سانس.“
    ”۽ ٻڌ، جي ھڪڙي پاسراٽي بھ ٻاھر نڪتي اٿئي تھ ماري ماري ڦناھ ڪري ڇڏيندي سانءِ. الائي ڪھڙين ڪنين عورتن سان ٿو سنگتون رکين. جي سينڌي رسي وڃي تھ مانھو ماني ٻيڻ تي کائي.“ ڪالڪا جي نيڻن ۾ وري لڙڪ تري اڇن ٿا ۽ اوچتو ھوءَ آٿڙي ٿي. ھو ھڪدم کيس سنڀالي، ڇاتيءَ سان ٿو لائي.
    ”الا – جي ھن جنبَ ۾ ڪرشڻ واري موٽي آيو تھ پوءِ ڪيئن ڏسندي سانس، ڇا ڏيکاريندي سانس! مون تھ روئي روئي اکيون بھ انڌيون ڪري ڇڏيون.“ ڪالڪا وري ڌوڏو ٿي کائي ۽ ھو وري سنڀاليس ٿو ۽ ڪاوڙجي ٿو پوي.
    ”واھ، مون کي چئين ٿي نھ رو ۽ پاڻ روئين پئي. نھ رو، نھ تھ مان بھ روئي پوندس.“ ھو لڙڪ روڪي نھ ٿو سگھي.
    ”روڻيا......“ ڪالڪا دور پولارن ۾ انڌي گھور ٿي اڇلائي.
    ”چئھ نھ.“
    ”اڃا شام جا رنگ بيٺا آھن؟“
    ”ھا – ڏاڍي سھڻي شام آھي، سونن پڙن ساڻ.“
    ”۽ اندر ريکا؟“
    ”ڪانھي، ڊھي وئي آھي.“
    ”روڻيا؛ سوڳنڌ کڻ، وري ان عورت لاءِ نھ روئندين.“ ڪالڪا کيس ڏاڍي ايلاز مان ڳيراٽي ٿي پائي. ڏڪڻيءَ ڀريل ڳيراٽي. ھو – ھو سنڌيا جي رنگن ۾ نھارڻ بدران ڪالڪا جي نيڻن ۾ نھاريندو ٿو رھي. نيڻن ۾ سونا ڦلا، ڳاڙھا ڏورا ۽ اونھي اونھي اڇڪاڻ. اچانڪ ڪڪر شينھن جيان ٽاڙھ ڏئي ٿو ۽ کنوڻين سان ڇمر ڄڻ وڏڦڙي سان ڇڄي ٿا پون.
    ”ڪونھ روئندس. تنھنجي نيڻن جو سوڳنڌ ڪونھ روئندس.“ پوءِ ٻئي ڪاري ڪڪر ھيٺ وڏي ڳيراٽيءَ سان چڪون ڀري روئندا ٿا رھن ۽ مينھن ۽ نينھن جو پاڻي ڄڻ ملي ھڪ ٿي وڃي ٿو.


    ٻيٽاري

    مانگھھ جي مھاڙ آھي ۽ ......
    ھو ٻھڪندڙ سوني سوريھ جي ڪوسڙي ڌوپ - تيڄ تي ديھھ کي ٽاڪوڙ ڏيارڻ، ڪين ھلندي سن پاٿ ڪندي، تجلا تجلا سوني سوريھم ٽامي گاڏڙ روپي انگاس پولار ھيٺان، ڪڏھن سوني سج ۾ ۽ ڪڏھن سون سريکي وايومنڊل ۾ نھاريندو ٿو وڃي – جيئن درياھ شاھ جي ڪاپ وٺي، سدائين چنچر ۽ مست مگن ٿي ھلندو آھي. ٻيلاٽيون ٻيلاٽيون، نيڻ نھار جي پڄاڻيءَ وارن ڇيڙن تائين، جن جي چوڌر ڦھليل آھن پاڻيءَ جا چڊھا، ٽٽل آنھريءَ جيان چلڪا چمڪا... کن لاءِ سنڌوءَ جي سونھن ڏسيو پاڻ کي ڄڻ سپنن ۾ سلوموشن ۾ اڏرندو ٿو محسوس ڪري. نٻاڻ خوشين کان ڄڻ پولارن ۾ اڏامندو ٿو وڃي. ڪھڪشائن مٿان وات مان رڙ نڪريو وڃيس:
    ”الا....... سنڌو٤ جو ڪاپ آھي ڪين کير ڌارا يا قرآن شريف ۾ لکيل حضرت نوح جي ٻيڙيءَ جا نشان!
    ھان.... ھا ھا، سنڌو اڄ بھ اھڙي ئي سھڻي آھي، جھڙي رگ ويد جي شلوڪن ۾. شھر سڃا ۽ ڪنارا ڀڙڀانڪ آھن تھ ڇا ٿيو، سنڌو اڄ بھ اھڙي ئي سھڻي آھي ۽ سھڻي رھندي. سنڌ جا ماڻھو انڌا ٿي ويا آھن تھ ڇا ٿيو، سنڌ کان ٻاھر بھ ماڻھو آھن، سي سنڌ جي سونھن کي سڃاڻن ٿا، جڳن کان. ڇا ٻاھرين دنيا جي ماڻھن کي ڇتي ڪتي کاڌو آھي جي سنڌ تي ريسرچ ڪن پيا، تپسيايگ – وديا سان بھ ۽ ڪمپيوٽر – وديا سان بھ! ڇا ٻاھرين ملڪن کان آيل ويشنو ھپي توڙي گوشت خور ڳاڙھا ۽ ڪارا ڪئپيٽلست ۽ ڪميونسٽ توڙي مذھبي ماڻھو چريا ٿي ويا آھن، جيڪي ھزارين ورھيھ اڳ درياھ جي ڇڏيل ڌوڙ – گھارن م موھن جي دڙي جي گٽرن جون ناليون پيا نوسيندا آھن، سويمنگ پول ۽ ڌرتيءَ کان ٻاھر نڪري آيل سرن جا ٺھيل کوھھ جيڪي سدائين ٽٽل منارن جيان ماتم ڪندا رھندا آھن؟ ھان... ڇا ماتام ڏسڻ ۾ مزو نھ آھي ڇا؟ محرم جي ڏھينءَ تي تھ سڀ جاتين جا ماڻھو ملي، ڏاڍيون ڀنگون، چرس ۽ آفيم ڪري، ڇتا ٿي ماتام ڪندا آھن. ڪارن جھنڊن، ڪارن ڪپڙن سان ”يا حسين يا حسين“ ڪري پنھنجي سينن ۽ پٺن مٿان زپازپ ڇريون ھلائيندا آھن. يا حسين واءِ ويلا.... اوڏي مھل تھ وپڏن پرديدارن جون زائفائون ۽ ڪچيون ڪامڻيون ڇوريون بھ کڏن مٿان قطارون ڪري ڏندين آڱريون ڏيئي بيھجي وينديون آھن. جي ملتان جي ماتام ملھائڻ جي سڄي سنڌ ۾ ھاڪ آھي تھ ملتان ۾ بھ سيوھڻ جي اٺن تي امامن جي ڪجاون مٿان تازين جي قافلن ڪڍڻ جا چوٻول ٻڌايا وڃن. ھل ڀيڻسان، ھن واري بھ ڪوٽڙيءَ ۾ سيدن توڙي شيدين گھڙا واھ جا ڪڍيا، دھريون دھريون ڪاٺ جي دردل تي ايڏا ساج! چنگ چڙا، ڇا اھا دھري دھري ڳل ڳاٽ دردل ڪنھن ميوزم ۾ رکڻ لاءِ نھ آھي! ڪوٽڙيءَ واري برادي شيديءَ کي اڄ بھ گھوڙي سجائڻ ۾ ڪوبھ ڪونھ ماريندو. ويچارو ساري ڄمار کان گھوڙي جي سوڻن ساٺن لاءِ سھڻا ساج ائين گڏ ڪندو ٿو اچي، جيئن ڪا سڄاڻ ماءُ ڪچيءَ کان ڌيءَ لاءِ سيج ڏيج گڏ ڪندي آھي.“
    اچانڪ ياد ٿو اچيس:
    ”ابير، ورھاڱي کان اڳ، جڏھن تمام ننڍڙو ٻالڪ ھو، تڏھن درياھھ جي بچاءَ بند تان ماتام ڪيڏو نھ نغارن، مگر مانن ۽ ڀير تي ڏؤنڪن سان نڪرندو ھو. واڃاڻيون بھ امامن لاءِ ڏيئا موھينديون ھيون، جيئن اڄ جپان ۾ ھر سال ھيروشيما لاءِ جپانڻيون موھينديون آھن. ماڻھن جي پيھوپيھھ. ھڪ ڀيري تھ سامونڊي گھوڙي جيھي سسيءَ وارو وڏو وڏو سيسار ڪناري تي اچي نغارا ٻڌي ۽ پٽڪارا ڏسي سسي ٻاھر ڪڍي بيھي رھيو ھو، سڀ ماڻھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس ڏسندا رھيا. واھ واھ ٿي وئي تھ سيسار بھ امامن جي گھوڙن جي سلامي ڀري. تڏھن ھن بھ قميص چيلھھ سان ٻڌي، ڇاتي ڪٽي ڪٽي سڄائي ڇڏي ھئي. ڇا سڀ ماڻھو جڳن کان ويڙھاند ۾ نھ آھن تھ قتل غارت بند ڪريو، نھ تھ اسين چرس، ڀنگون، آفيم کائي ڪارا ڪپڙا ڪري ڪربلا – ڪال کان وٺي ايندڙ ڪالن تائين سالو سال پنھنجو رت پاڻ وھائيندا رھنداسين؟ الاھي پٽڪارو ڪندڙ ھن پنھنجي اکين سان اسپتال ۾ ڇڙھيون ھڻي مرندي ڏٺا آھن. ڇا صدين کان اھي ڪارا جھنڊا ۽ ڊگھا مور جڙيل علم – اکٽ ۽ اٽل علم – امن لاءِ وڏو ڪم نھ پيا ڪندا آھن؟ ڀلا امامن جي رت وھائڻ تي انھن ھاءِ واويلا ڪندڙ ماڻھن کي اسان ڪھڙي حساب سان پاڻان ڪاٽا ڪري ڇڏيون؟ ڇا اھا نا انصافي نھ ٿيندي؟ نسورو انياءُ ھڪ تمام وڏي ڌر سان.
    ھو وڏو ڦڦڙن تائين اونھو ساھ ڀري ٿو ۽ اندر ۾ جھيرن ھوندي بھ ڏاڍي موھ ٽوھ، وڄا ڌڄا سان سنڌوءَ جو ڪاٻ ڏيو، ماڻھوءَ ماڻھوءَ، ٻار ٻار جي مرڪن سان مرڪون، ھٿن سان ھٿ ۽ سلامن سان سلام ملائيندو، پنھنجي ٻالاپڻ جي وڏي ٻيٽاريءَ ڏانھن ھلندو ٿو وڃي. جنھن ٻيٽاريءَ کي سمجھندو آھي پنھنجي ”جنم ڀوم – شمشان ڀوم“ ان ٻيٽاريءَ سان ھن جون شاھ جي بيتن جيھون سھڻيون ۽ سلوڻيون سارڻيون سلھاڙيل آھن. پيور اينگلو انڊين ڇوريءَ سان اک ٽيٽ لاءِ اچڻ، کھنب اڇي آڙي ڪاپ گھوڙي کي وھنجارڻ، اٽي ڏڪر ۽ فٽ بال ڪڏڻ. دونا تينا..... دونا تينا.... ٽِڙ ..... بلور ٻھ ٽڪر، چانڊوڪين ۾ چرين جيان ڊوڙن پائڻ ۽ ڪھاڻيون لکڻ.
    اچانڪ ڪنھن ٻوڏار ۾ ھليو ٿو وڃي ۽ ذھن ۾ شو جي ميلي جي اچٽو سپنو سرجي ٿو اچي:
    ”ھان..... شو جو ميلو لڳندو ھو، ڪين آڪاس مان نر، ناريون، ٻار ۽ ٻارڙيون لھي اينديون ھيون. ھوليءَ جي رنگن سان ڀڀوت، ڪوٽڙيءَ جي پل کان نئين درگاھ تائين ڇولين مٿان ڄڻ سرندن جي سنگيت ۽ ڇيرين جي ڇمڪار ھئي! ڀڳتون ئي ڀڳتون، ھونئن ڀڳوت گيتا جي ڌرتي بھ ڇا لڳي!“
    ھو مست ٿي ڳائي ٿو:
    ”عش عقل ڪيا لڳي لڳي...... سڻ وي قاضيا..... سڻ وي قاضيا، عشق ...... عشق عقل .... ڪيا ..... ڪيا ڪيا ڪيا ..... لڳي لڳي ...... ل ..... ڳي ...... ي.....“
    سندس آواز تي اچانڪ مھاڻن جو ھڪ تيرھن چوڏھن ورھين جو حسناڪ ڇورو ڊوڙندو ٿو اچي، پٺي اگھاڙو.
    ”ٻيڙي ڪاھيون؟“
    نينگر جو ايڏو اتساھ ڏسي ھن جي ڳائڻ جو سلسلو ڪٽ ٿي وڃي ٿو.
    ”نھ ڀائي، اڄ تھ آئون پيادل ويندس – او سسين جي ڳوٺ کان ڦرندو، ھن ٻيٽاريءَ تي وڃي وھندس، دل ۾ نھ ڪجانءِ.“
    ”ادا، ڀلا مونھنجا ڦوٽو..... منھنجي سنڌي ٽوپي تھ تنھنجا ٽي ويءَ وارا چورائي ويا. ڦوٽو بھ نھ ڏيندا ڇا؟ اسان تھ مڦت ۾ ڪم ڪيو.....!“
    ”تو پنھنجو کيل ڏٺو؟“
    ”ھا – سڄي کيل ۾ مان ھئس ٻيو ...... الائي منھنجو ڦوٽو بھ ڪڍيائون ڪي مڙئي پئي ڪئميرا ھلايائون.“
    ”دل جاءِ ڪر ڙي، اھو کيل ھاڻ صدين لاءِ قابو ٿئي. ھڪ ڇا، ان مان تھ سوين ڦوٽو نڪري ايندا، جڳ جڳ نڪرندا رھندا.“
    ”اھو ڀلا ڪيئن؟ يار سچ چوان، اوھان ماڻھن جو ڪم لٿو، لاڳر ڦاٽو، ھئو نھ؟“
    ”ھا يار – چئين سچ ٿو.“ ٻيھر اونھو ساھ ڀري ڏک کان اڳتي وڌي وڃي ٿو. کيس ٽي ويءَ تي جک ٿا اچن: ڀيڻسان پي ٽي وي آھي ڪين طارق عزيز جو نيلام گھر! ھڪ ٻالڪ لڪي نمبر تي فل سوٽ ۽ ريڊيو کڻي وڃي ٿو ۽ ٻيو ٻار مفت ۾ درياھ شاھ سان ويڙھاند ڪري ٻيڙيون ھلائي پرفارمنس ڪندي، پنھنجي ڀرت ڀريل ٽوپي وڃائي ٿو وھي. ھڪ ڦوٽوءَ لاءِ ٿو تڙڦي ۽ سڪي.... ويچاري کي ايتري بھ ڪل ڪانھي تھ ھو انھيءَ ڊاڪيومينٽريءَ جو مکيھ ڪيريڪٽر آھي. ايڏو ئي اھم ڪردار، جيڏو درياھ شاھ، آئون بھ ڪيڏو نھ لاچار آھيان جو کيس ھڪ ڦوٽو بھ ٽي ويءَ وارن کان وٺرائي نٿو ڏئي سگھان.“
    ”ڪل لينا ڪل“، جيڪا ڪڏھن بھ ڪانھ ايندي آھي. ”آخ – ٿو“ ڄن سمورو دک ۽ ڌڪار ڦٽي ڪرڻ چاھيندو ھجي.
    ھو ڪروڌ ۾ اچي سگريٽ دکائي ٿو ۽ کن پل لاءِ پتڻ سان ٻڌل ھڪ تراکڙيءَ تي ويھيو وڃي:
    ھون.... ٻيٽاريءَ تي ڇا ھوندو.... پلاٽينم جي ذرن جيھي چمڪندڙ تجلا تجلا واري ۽ ساروڻن جي ڀرمار، ساروڻا روئاڙيندڙ.... ساروڻا مشڪائيندڙ. ھڪ پاسي پاڻي ٻئي پاسي آڳ، پوءِ ڀلا ڪيڏانھن وڃان؟ نھ اڄ رڳو اکين سان، چھچٽن ۽ وايومنڊن جو رس چوسيندس. مانگھھ جي ٻئي پھر جي سج ۾ ڏسڻ سان نيڻن کي ڪيڏي نھ جوت ٿي ملي! اڄ تھ ٻيٽاريءَ تي ٻارڙن جيان ڊوڙون پائيندي ليٿڙيون پائيندس. ائين ئي جيئن نمري پٽ تي گڏھ ۽ گھوڙا ليٿڙيون پائيندا آھن. ٿان سج جي ٽاڪوڙ ۽ ھيٺان ڪوسي ڪوسي واري. ھاءِ برائيٽ سن باٿ. ويچارا پوڙھا سنڌي ليکڪ، سيڪس امپاسيبل آھي؟ درياھن جي واريءَ مان پلاٽينم گولڊن شين لاءِ ھر مٽيريل جو جدا جدا فورس آف گريويٽي جو اڪئپمينٽ ٺاھي سگھجي ٿو ۽ اھو قيمتي خزانو درياھن مان ھٿ ڪرڻ، ھن سائنسي دنيا ۾ امپاسيبل چوڻ ڇا احمقپڻو نھ ٿيندو؟ توبھھ، آئون بھ ڪھڙي پلاٽينم ۽ گولڊ جي چڪر ۾ اچي ويس. انھيءَ پلاٽينم ۽ گولڊ ئي تھ اسان جي اکين کان سج، چنڊ ۽ تارن جي جوت ڦري ورتي آھي. جھنم ۾ وڃي پون سڀ. آئون ھتي سائنس تي سوچڻ نھ، نيچر کي انجواءِ ڪرڻ آيو آھيان. ھن ٻيٽاريءَ تي نيچر سان گڏ سيڪس بھ انجواءِ ڪري سگھجي ٿو.
    ھو ھڪدم ٻيٽاريءَ تي ٻارڙن جيان سلوموشن ۾ گول دائرا پائي ڊوڙ ٿو پائي. ٻانھون ڦھلائي ڦھلائي. ايستائين جو گھوماٽيون کائيندو ليٿڙيون پائيندو ٿو وڃي. ڏاڍي آسيس مان. ھو ٻانھون سيراندي ڏيئي سج ۾ نھاريندي سوچي ٿو:
    ”الا – اڄ جي ھوءَ مون سان گڏ ھجي ھا تھ آئون پلاٽينم جون لپون ڀري سندس منھن ۾ ھڻان ھا – کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڀري پنھنجي مٿان ليٽائي ڇڏيان ھا. سندس ۽ پنھنجي نراڙ تي جرڪندڙ پوتر مٽيءَ سان تلڪ لڳايان ھا ۽ پوءِ چوانس ھا: ”اچ تھ ٻئي ھڪ ٻئي جا تلڪ چمي ڇڏيون.“ پر ھوءَ تھ مون کي نرار تي وينشنگ ڪريم جو ٽڪو لائي ڏيکارڻ کان اڳي ئي ڊاھي ڇڏيندي آھي، منھنجي آزين نيزارين جي باوجود بھ. ظالم! ڪميڻي... سوئر ڪتي! الا ڪيڏي نھ پياري آھي. مھينو ٿيو آھي، ڪئين صديون يا ڪوڙين ڪال گذري ويا آھن، ڄاڻي ٻجھي مون کي ٽاري پئي. سمجھي ٿي سندس پيار ۾ آئون زھر کائي ڇڏيندس ۽ روميو جيوليٽ جيان ھڪ نئين لوڪ ڪھاڻي جنم وٺندي. آپگھات! ھونئن – ھن کي ڪھڙي خبر تھ سنڌ ايڏي سھڻي آھي جو چوراسي لک جنمن جي جنم – ساٿي ھجي تھ بھ وطن تان گھوري سگھجي ٿي. ھن جي سونھن کي ڄانڀي مٿان آيل تلوار جيان ڳولي سگھجي ٿو. ڀل رٺل ھجي. مون لاءِ اھو ڪافي ناھين تھ ھزارين ورھين کان پوءِ سنڌ وري سجاڳ ٿي آھي – ائين ئي جيئن ھو پاڻ ڪر اگھور ننڊ مان جاڳيو ھجي. مٿو کنھندو اٿي ٿو، ڪپڙن تان واري ڇنڊيندو ٻيٽاري تان موٽ ٿو کائي.
    بئٽري چارج ڪرڻ لاءِ ڪراچي ايلفنسٽن جي فٽپاٿن تي تسبيح پڙھندا: ”واھ جي آ.... واھ جي آ“ ڪندا ٽائيٽ پينٽون ۽ فليپر پھريل عورتن جي ھپس جي پرارٿنا ڪندا آھن ۽ جلسن ۾ ”سنڌ.... سنڌ“ جپيندا آھن. اچانڪ ھڪ ڪامريد جي ڳالھھ ساري ھو ٽھڪ ٿو ڏئي، جنھن چيو ھئس:
    ”ڇورا، جي بئٽري ڊائون ٿي وئي اٿئي تھ پوءِ تون بھ مالھا جپ – ھري اوم گول گپا گپي، ھري ھري اوم، ملاءِ گول گول گپا گپ گوپي. ھري ڪرسن ھري رام. گپا گپ گوپي.“
    ”او نو، آءِ نو آل ابائوٽ سن باٿ فار سيڪس. ھا اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڏوڪڙ ناھن تھ ماڻھو کدڙو آھي، ڀل پيا پوڙھا تاريخدان ۽ مؤرخ عيش ڪن.“ ھو چرچائي ڪامريڊ جي ياد تي کلي ٿو پوي ۽ چپٽيون وڄائيندو، خوشين مان جھونگاريندو ھلڻ ٿو لڳي.
    ٻيٽاريءَ تي اچي ھو الاھي دير سج ۾ نھاريندو ٿو رھي، وري تجلا تجلا سنڌوءِ جي پانيءَ ۾، وري چوڏس وڻڪارين ڏانھن نھاري ٿو ۽ پوءِ ھيٺ درياھ جي تجلا تجلا ڌوڙ ۾:
    ”ڌوڙ ڌويا.... سنڌ ۾ اڃا بھ ڌوڙ – ڌويا آھن، جي قديم زمانن ۾ درياھ شاھ جي ڌوڙ مان پنھنجي قديم ڪيميائي فارمولن سان سون ڪڍي وٺندا ھئا - ۽ اڄ سنڌ م ڌوڙڌويو سڏائيندي بھ ماڻھو لڄائيندا آھن – اھي ماڻھو جن جي قديم سائنٽسٽ ابن ڏاڏن جو اھو فارمولو اڄ جي سائنس جي دنيا ۾ ڪنھن ڪين لڌو! ھونئن سائنس جي دنيا، ٽوينٽيئيٿ نينچري – اليڪٽرانڪ ايج، ائٽمڪ ايج، اسپيس ايج، ڪمپيوٽر. ھونئن...... انھن سائنسدانن کي اڃا بم ٺاھن جي فارمولن کان فرصت ڪٿ ملي آھي! انھيءَ موتمار ايج ۾ ھو ٻئي طرف ڌيان ڇو نھ ڏين؟ ان دس ورلڊ آف مٽيريلزم! ھن فاسٽ سائنس ايج ۾ ھاڻ ڀلا سون جون ڏھ ڏھ ميل اونھيون کاڻيون کوٽڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ فورس آف گريوٽي جي ڄاڻ ڪانھي ۽ نھ ئي مٽيريل جي. ڇا کين ايتري بھ خبر ڪانھي تھ سنڌوءَ، مسيسپي، وولگا، نائيل، ڊان ۽ ڪوئي جھڙا سڀ وڏا دريا ڪارا ڪورم جھڙن پھارن، پلاٽينم، سون، چاندي، پتل جھڙن ڌاتن سان ڀرپور پھاڙن کان ايندا آھن، جيڪي آدجڳاد کان ڳرندا اچن اٽي جھڙي دز ٿيو، پنھنجي مٽيريل سان؟ ھن سائنسي دنيا ۾ ڪھڙي شيءِ؟؟؟؟


    ڪلجڳ

    ڇمر بوندون برسائيندا، ھاٿين جي ولرن جيان رمندا ٿا وڃن. ڪن ٻين ڀٽن تي پلٽي پوڻ لاءِ جھڙ جھڙالي ۾، ھو روئي ويٺو. گھر جي اھڙيءَ ڪنڊ ۾، جتان ٻين ڀاتين جو اچڻ وڃڻ ڪينھي. ھونئن بھ ھن جي روئڻ جي ڪل ڪنھن کي ڪانھ پوي. رانڀا، سڏڪا، ھڏڪا، ھو سڀ اندر ۾ دٻائي ويندو آھي. بس رڳو ڪوسا ڪوسا، نيڻ ٺار ڳوڙھا نھ دٻائي سگھندو آھي، جي چئاڪا چئاڪا وھندا، ڦڙا ٿيندا، سندس ڳلن تان وھندا، ڪڏھن ڪڏھن سندس وات ۾ ھليا ويندا آھن. لوڻياٺا، ھڪ عجيب ٽيسٽ جا ڳوڙھا ۽ روئندي ھن کي محسوس ٿو ٿئي تھ ڳوڙھن کي پنھنجي ٽيسٽ آھي – ڏاڍي وڻندڙ ۽ اھا سوچ ايندي، ھن جا لڙڪ بند ٿيو وڃن ٿا. ھاڻي جڏھن فقط ھو ڳوڙھڻ پيئڻ لاءِ روئڻ ٿو چاھي تھ ھن کي روئڻ ئي نٿو اچي. اڃا تھ ھن کي پوريءَ ريت ڳوڙھن جي سواد جي ڪل بھ نھ پئي تھ ڳوڙھا بند. ھو پنھنجي ان ڳالھھ تي مرڪي ٿو پوي، اونھي آگھور شوڪاري سان ۽ ڀر مان ھن جي ڀاڄائي ڀنگياڻين جيان ٻھاري جو مٺيو مضبوط ڪندي، منجھس نھاري ٿي: ”واھ واھ، اڄ تھ اکين ۾ ڏاڍا ڪامڻ ڀريو پيو مرڪين. اڄ مڙئي ڪجھھ آھي.“
    ”تھ ڇا روئان؟ اڄ سدائين جيان ڪجھھ بھ ڪينھي. مان ڪجھھ سوچيان پيو. پياري ڀاڀي ٿي نھ، آج مون وٽ گولڊ ليف لاءِ پئسا ڪينھن، چلم ٺاھي ڏي نھ. الا ڳڙاڪو تماڪ جو جواب ناھي نھ تھ پوءِ آئون ڳالھھ ڪندس جو پِتو سڙي ويندءِ.“
    ”پاڻ نھ ٿو ٺاھين، مون کي پتو ڇا، نڪ چپ ئي ڪينھن.“ ھاڻي ھن کي خبر آھي تھ ڀاڀيءَ تي ڪنھن ڳالھھ جو اثر ئي ڪين ٿئي. پر پوءِ بھ ھو چاھي ٿو، جيون ۾ ڪو رونشو ھئڻ گھرجي، نھ تھ ھي دوزخ جھڙو ھچارو جيون ڪيئن گذرندو؟ ڀلا روئڻ سان ماڻھو ڪيترو جيئندو؟ ٺيڪ آھي، روئڻ ۽ سوچڻ سان ڄمار وڌندي آھي، پر ھر گھڙيءَ جي روڄ راڙي کان تھ ھڪ ڀيرو ئي موت جي ھڏڪي ڏيڻ سٺي آھي. ھاڻي ھو ٻھارو ڏيندڙ ڀاڄائي کي بنھھ ڏڪائي ڇڏڻ ٿو چاھي، ڏاڍو ميسڻو ٿي:
    ”ڀاڀي.“
    ”جي ڀائڙا.“
    ”ڀانيان ٿو، توکي سڀ خبر آھي.“
    ”نھ ادا، پاڻ نھ مئن گڏ نھ جيئرن. خبرون وڃي ڌوڙ ۾ پون. مان تھ ٽي ويءَ تان بھ خبرون نھ ٻڌان.“ ڀاڀي بالٽي پاڻيءَ جي ھاري وري شاپڙ شاپڙ ٻھارو ھلائيندي ٿي رھي.
    ”قرآن ڀاڀي، جي منھنجو ڪارو منھن آھي تھ مڙسھين جا نيرا پير ٿئي.“
    ”ھا ادا، تون ھاڻي تاريخ ۽ جاگرافي بيان ڪر. ڇا ٿيو آھي منھنجي مڙس کي؟“
    ”نور ڀٽاري، ھوءَ پنھنجي پاڙي ۾ سياستدان عورت آھي نھ، جيڪا ڏاڍي گمڀير ٿي ھلندي آھي، جنھن جي ساڙھي سندس ڀرپور بدن تان ڦڙڪندي اڏندي ھلندي آھي.“
    ”ڪھڙي؟“
    ”اڙي ڀائي، مون کي نالا ڪونھ اچن، توکي تھ خبر آھي مون کي سياسي ماڻھو ڏٺي ڪونھ وڻن. ھڪ ئي عورت تھ آھي جيڪا ھيڏي وڏي سياستدان ھئڻ کان پوءِ بھ سياستدان نھ، ڪا وڏي مامتا ڀريل مھاراڻي لڳندي آھي.“
    ”ھا، سمجھي ويس. ڀلا ان کي ڇا ٿيو آھي؟“ ڀاڀيءَ جو ٻھارو کن لاءِ بيھي ٿو وڃي ۽ ھوءَ ٻھاري جو مٺيو زور سان فرش ۾ ٺوڪيندي، ڏانھس نھاري وري ڳالھائي ٿي: ”ھڪ ئي تھ عورت آھي سنڌ ۾! ادا، مان تھ رڳو ٽي ويءَ تي ڏٺي آھي. ڇا شاندار عورت آھي! ان جي ڳالھھ تھ نھ پيو ڪرين؟“
    ”ڀاڀي، ڳالھھ عورت جي نھ، ڀائوءَ جي آھي.“
    ”ڇا ان سان بھ وڃي وڙھيو ڇا؟“ ڀاڀي ڏڪي ٿي وڃي ۽ ھو ھاسيڪار ٿڌو ساھ ٿو ڀري: ”اڙي ڀاڀي، آھين ڪٿي؟ اڄ ڪلھھ تھ سج ۽ چنڊ بھ سياسي انداز سان ٿولھي چڙھي.“
    ”ڀائي، کلي ڳالھھ ڪر. اڄ ڇا سياست جھڙو بيھودو موضوع کڻي ويٺو آھين!“
    ”او، نو ڀاڀي. رومانس جي ڳالھھ آھي.“
    ”ادل ڇڏ تھ ٻھاري ڪڍان، سڄو گھر گندو ٿي ويو آھي.“ ڀاڄائيءَ بيزاريءَ مان دھمان ٿي ٻڌيس ۽ ھو ڪاوڙ ٿو ڪري: ”توبھن.... جنھن مھل ڏس تھ ٻھارو ھٿ ۾. ڀاڀي قرآن جو قسم، سڄي ڪالوني گندي ٿي رھي آھي. الا اڄ تھ ثواب کٽ،سڄي ڪالونيءَ کي ٻھاري گھمائي ڇڏ. الله جو سنھن واھ جو ٺھندينءَ.“
    ”تون تھ ائين پيو چئين ڄڻ سڙڪن تي ٻھاري ھلائڻ واريون عورتون ماڻھو نھ ھونديون آھن. اھي ٺھنديون ئي ڪينھن!“
    ”اڙي توبھن ڪر ڀاڀي. مون کي انھن لاءِ ايتري ئي عزت آھي، جيتري پنھنجي لاءِ. مون تھ تنھنجي ڀلائيءَ جي ڳالھھ پئي ڪئي.“ ھو ويتر ميسڻو ٿيندي، ڪتاب پٽي ٿو. ڄڻ ھاڻ ڀاڄائي سان ڳالھائڻ نٿو چاھي ۽ ڀاڄائي جو ٻھاڙو شڙاپ شڙاپ ھلندي وري بند ٿي وڃي ٿو.
    ”ڀائي ڀلائي ڪا پڇي ڪبي آھي ڇا؟ ڪر ڀلائي، ڪيتري ڀلائي ڪري سگھين ٿو؟“
    ”ڪي چوندس تھ توکي اعتبار ئي نھ ايندو.“ ھو ڀاڄائي کي ليکي نھ ٿو.
    ”ڀائو چئھ نھ، منھنجو ڪن توڏي آھي. منھنجي ڪا اوھان تي ھلندي! ھڪ اڳيئي واندو ويٺو ھو تھ ٻئي مٿان نوڪري ڇڏي، منھنجو ڇا! ڪجھھ آڻيندؤ تھ بچائي ڏيندي سانو، نھ تھ آئون بھ اوھان سان.“
    ”نوڪري ڇو ڇڏي اٿس، آئون سڀ سمجھان پيو. وڏو کيڏ پيو کيڏي.“
    ”اچنس تھ تاش جا پتا بھ مون وانگي ورھائڻ ڪين، ڀلا پوءِ اھڙو ڪھڙو لڊاڻو فتح ڪرڻو پيو اٿس!“
    لڊاڻي جي ڳالھھ تي ھو ڳالھھ مان ڳالھوڙو ٺاھڻ لاءِ ڪن ڪيٽا ٿو ڪري. ”ڀاڀي قرآن، واھ جو کوڙو ھنيو اٿئي. آئون بھ چوان ان عورت ۾ آھي ڇا؟ ايمان سان، مومل نھ، سومل جا مجاز اٿس.“
    ”وري اھا وچ ۾ سومل ڪٿان ڦٿڪاٽ ڪري نڪري آھي؟ تون الائي ڪھڙيون بتال ڳالھيون پيو ڪرين!“ ڀاڀي بيزار ٿي وڃي ٿي.
    ”ڀاڀي، وايون بتال ٿي وينديئھ. قرآن، تو واري انھيءَ ميسڻي مڙس وڏا گل ڪڍيا اٿئي. پر ڳالھھ حق جي ڪبي، الا رڳو ھڪڙي ڀيري ڏٺي ٿم. ڪنھن ايڪٽريس جي بھ منھنجي اکين ۾ ايتري شڪل چٽي نھ آھي، جيتري انھيءَ عورت جي. مار پويس، عورت بھ راڄاڻ آھي......“
    ”عورت... عورت...... نالو بھ کڻي وٺيندس.“
    ”ڀاڄائي، چيم نھ نالو نھ ٿو اچي. ڀائي اھا ئي ٽي – ويءَ واري گمڀير عورت. ھا، جمبوجيٽ، اھو ٿس نالو، ان تي عشق ٿيو اٿس.“
    ”نھ ادا، اھڙو آھي ئي ڪونھ.“ ڀاڀي کي اعتبار نھ ٿو اچي. ڀاڀي مرڪي ڏانھس نھاري ٿي: ”ڇو ڀلا، اڄ وري جھيڙو ڪرائيندين ڇا؟ ڪو کڙتيل ڪونھ نڪرندءِ.“
    ”ھا توکي اعتبار ڪيئن ايندو. تنھنجي جا ھيڏي ساري مسڪا پاليسي ٿو ڪري! وڏو ميسڻو ٿئي. ايمان سان سائنٽيفڪلي ھزار کن تھ عورتن جي قسمن جي خبر اٿس. بس بازار مان ھلندو تھ سڀ نمونا ۽ آرپار ٻڌائيندو ويندو: ھيءَ جمبو وومن آھي، ھيءَ جيٽ آھي، ھيءَ فوڪر آھي فور باءِ فائيو، ھي بمباٽ ٿئي.“
    ”اڙي ادا، ويچارو اھي چرچا تھ ڪندو رھندو آھي. ڀلا جيون ۾ ٻي دلچسپي ڪھڙي رھي آھي؟“ ڀاڀي ٿڌو ساھ ڀري ٿي ۽ دھمان ٿي ڪريس: ”ڏس، ھي گاڏو برتنن جو مون کي ھينئر ملڻو آھي. ھاڻ منھنجو دماغ نھ کاءُ.“
    ”اري ڀاڀي منھنجو ڇا! ٻن ڏينھن لاءِ آياسين، ھليا وينداسين، پر خبر ٿئي ماڻھن کي تنھنجو تعارف ڪيئن ڪرائيندو آھي؟“
    ”ھا خبر ٿم. ڪڪنگ مشين، روٽي پلانٽ، سويپر ليڊي، مس ڌوٻي گھاٽ.“
    ”سڀ ڪجھھ خبر ٿئي، پوءِ بھ؟“ ھو ڀاڀي کي چڙ ڏيارڻ لاءِ ڏاڍو ائڪٽ ٿو ڪري: ”ڀلا ائين ناھي ڇا!؟“
    ڀاڀي ڏاڍي دکي ٿي وڃي ٿي، روئڻ جھڙي. ھو ڀوڳ ڪندي پاڻ بھ دکي ٿي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو ڪھڙو نھ ڪلجڳ اچي ويو آھي! اسين ھڪ ٻئي سان رونشا ٿا ڪريون. ھڪ ٻئي جا ڏک درد مٽائڻ لاءِ ۽ کلڻ بدران روئي ٿا پئون!! ۽ ھو روئڻ جھڙو ٿي ھڪدم اٿي ٻاھر ھليو ٿو وڃي.


    ڪينجھر – اڌورو ماڻھو

    ڪينجھر ٻارھوئي زاڻي ٻائيءَ جي زمين دوز قلعي جا پير ڌوئيو، اھو پاڻي پئي پيئندي آھي ۽ پئي لڇندي ۽ ڦٽڪاٽ ڪندي آھي، ڄڻ اھو جيڪو اتھاس ۾ وھيو واپريو ھو، سا ڪالھھ ڪالھوڻي ڳالھھ آھي، جا ڪينجھر کان وسري ئي ڪونھ ٿي. راڻي ٻائي، ڪينجھر جي ڪوٽ جي ڌياڻي، مھاراجا ڏاھر جي وڏ ور ڀين، جنھن وڏي بھادريءَ سان عرب ڪٽڪ سان وڏي لاڏ ڪوڏ سان جڌ ڪئي ھئي، ڪک ۾ ڪان کاڌو ھو ۽ ترار سان سس لڻائي ھئي، ڀلا ڪينجھر ان راڄ راڻيءَ کي ڪيئن وساريندي؟..... اھي ڏينھن اھي شينھن ساريو ڪينجھر ٻارھوئي رت پئي روئندي آھي. ٿڌا ساھھ، پورن مٿان پور، شوڪارا ۽ سيڙھاٽ ڇل ڇل.... ڪل ڪل ڪل.... آھ... ھاءِ... ھوءِ ھوءِ.... ڇل ڇل..... ڪل .... ڪل ڪل ڇل ڇل....... سراپ.... ڇڙاپ...... ڇل ڇل.... (آڪاشن مان ايندڙ اگھور ازغيبي آواڪ آواز)
    ”جئي سينا! تون ڀل وڃي پنھنجي منصورا سنڀال. ھيءُ ڪينجھر جو ڪوٽ ھي آڏا ڪنگر! تون ڇا وڙھي سگھندين جئي سينا، تون ديوتائن کي پرتو آھين، باقي آئون ڄاڻان ۽ عرب، عرب کڻي کڻي ھي ڪوٽ کڻندا، تاج ۽ تخت کڻندا! ھوڙھن ۽ ٻيڙن ۾ ڪينجھر پري تھ ڪونھ کڻي ويندا. ھليو ونءَ جئي سينا، تنھنجي بات ناھي، ھاڻ ھتان ھليو وڃ.“
    ڪل ڪل...... ڇل ڇل ڇل..... ڪل ڪل..... آھ..... ڇل ڇل.... ڪينجھر ان ڪاڪل راڻي ٻائي کي ساريو سدائين پئي ھڄندي ۽ ٿڌا ساھ ڀريندي آھي ۽ ھو – ھو ان ھڄندڙ لڇندڙ ڍنڍن جي راڻي ڪينجھر کي ڪو آٿت، ڪا مت، ڪا سامت نھ ڏيئي سگھندو آھي. ڀلا ڪينجھر جي اندر ۾ ڪو ھڪڙو زخم آھي! جنھن تي ڪنھن سھڻي شعر جو پاھو رکجي. آلوءِ..... ھو پاڻ تھ شاعر بھ ڪينھين جو چويس تھ:
    او ڪينجھر
    توکي ڪڪوري ڪاڪ جو سوڳنڌ،
    توکي قسم آھي ڪارونجھر ۽ کيرٿر جي چوٽين جو،
    توکي سنڌوءَ جي ٻلھڻين جو قسم،
    قسم ٿئي ٿر ٻاجھريءَ جو ھاڻ اھو روڄ بند ڪر،
    بند ڪر ھاڻ اھي سڏڪا،
    ڪا سامونڊي گجگوڙ ڪر،
    تنھنجن انھن آھن ۽ دانھن ستل سنڌي سجاڳ ڪيا ھئا،
    تھ سج تنھنجي ڪک مان نڪتو ھو،
    الائي ڪھڙي پٽڪار آھي جو ماڻھن جي ذھنن کي ڄڻ ريج لڳي ويو آھي.
    ڪينجھر سان ڪچھريون ڪندي ھن کي ڀاسي ٿو تھ ھو پاڻ اندران اجھامي پيو، اکين ۾ لڙڪ لڇنس پيا.
    ڪينجھر جي ڪنڌين تي اچي ھو سنڌوءِ جي اتھاس تي ھڪ نھار ضرور وجھندو آھي. ھيڏي کليل وشال جيئري جاڳندي اڀامندي شبد شبد ڪينجھر ڪتاب ڏسي ڪوي پاراشر ۽ سندس پڙپوٽي وياس رشي جيان ڪيئي ڪوي آئيا، ڪينجھر کي پنھنجون سچيون ڪوڙيون ڪوتائون ٻڌائي ھليا ويا، مور نھ موٽي آئيا، ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ، ڇينھون ڇينھون اطلس ڪوتائون. ھوءِ ھوءِ..... ووءِ.... ووءِ... من جو ڏيئو چئي وسامان ئي وسامان. ڪيئن ڪينجھر پرچايان. جيئن مھا ڪوي ڪالي داس پنھنجي ديوتا جي چرڻن ۾ پرھ ڦٽي ويل گلن جي موکا رکندو ھو، تيئن ھو پنھنجي ڪينجھر ديوي لاءِ اڪ ڦلڙين جا ھار مڙھي آيو آھي، موکا لاءِ.
    او پوڄ پاڻي سان ٽمٽار ڇولان ڇول ڪڪوري ڪينجھر.
    او مانسرور، ڀوڏيسر، اينچلسر ۽ منڇر جي سرتي،
    او گوڙ ڌرو ۽ بارڻ جي راڻي، سنڌوءَ جي ڌياڻي، سنڌو ساگر جي ڌيءَ، پوڄاري جا ھي پوڄارا گل اگھاءِ. ديا ڪر ديوي – مون سان ڳالھاءِ.
    ڏاڍو ھيڪل ھان، ڏاڍو ھيڻو ھان، مون تھ ڪري ڪاريداس واري ڪاري ڪپتي ننڊ بھ ڪانھ ھئي،
    نھ وري آئون ميگھھ دوت يا شاھ جيان سر سارنگ جيھي رچنا مڙھي سگھندس.
    ڄمار ڳري ويندي ڌيرج ڏي! او ديوي ڌيرج ڏي!
    ائون اڄاڻ توھان ڌاران ٻيو ڪو سڃاڻان ئي ڪين،
    او ماڻھن پکين ۽ جانورن کي جئدان ڏيندڙ ديوي!
    ٻاجھھ ٻيلاٽي، ڪنھن کي سڃاڻان ئي ڪونھ، ٻاجھھ ٻيلائي...
    ڪل ڪل ڪل ...... ڇل ڇل ڇل ڇل ....... ڇل.... ڪينجھر پنھنجي پورن ۾ ڇلندي ٿي رھي.
    ”او اتاؤلا! ان کان پھرين جو اتھاس جو ڪلاڌي توکي ڄام ستي جان ڳڙڪائي وڃي، پير جھل. ماڻھو جي مري تھ پوءِ ڄام آجو ۽ ڄام نندو ٿي مري جو ناگمتي جيھي ندي ۽ مھا سنڌو ساگر بھ نازڪن ۽ مانھو جي مري تھ وزير جيسي ۽ مھيرامڻ جيان مري جو جنگ جو ميدان ”ڌول“ جو ڳاٽ سدا لاءِ اونچو ٿي وڃي. توکي وزير جيسي جي پٽ ناگڙي جي ڄاڻ آھي، جھورار ڄائو ناگڙو جنھن ڄام ستا جيءَ کي گار موٽائي ڏني ھئي، جنھن سندس ماءُ کي جھوراڙ چيو ھو، پوڙھي مينھن سمجھين پيو نھ، نندني شھر ڄام ننگر سڏجڻ لڳو ھو. ھاءِ ھاءِ ڄام آجي جي پساھن سان ماڻھو ڪيڏا نھ آجا ھئا. الوءِ الوءِ...... ھوءِ ھوءِ...... ڄام اجھو ڇا مئو، ناگڙو ڇا شھيد ٿيو ڄڻ گجرات کي گدڙ کائي ويو – مغلن جو گدڙ. جو ھندستان مان سندن پيڙھھ ئي پٽجي وئي. ھوءِ ھوءِ اھا ناگڙي ماءُ جھوراڙ چوندي ھئي:
    اور رڪاھان راول
    منھنجي سراڻ تان جي ترار تکي ڪرائيندين تھ جنگ جي ميدان ۾ ڏاڍي ڏيا ۽ ڀروسي سان وڙھندين، ڪاٽيلي تيخ ني، ڀرونسي ھو تو ڀؤھاري. سمجھين پيو نھ، ڏس متان ڄام ستو ٿيين ۽ ڌورول جي ميدان ۾ لھڻ کان اڳ توکي ڳجھون کائي وڃن. توکي منھنجي ھندورا ھندورا ڇولين جو سوڳنڌ جي جنگ جي ميدان ۾ لھين تھ راجا مھيرامڻ جيان پندرھن پٽن سان ميدان ۾ لھج. ميرامڻ ٿي وڙھج. آئون توکي راڻي ٻائي کان لکين پٽ پني ڏيندس، دولھھ درياھھ خان ٿي وڙھج.
    ”ديوي– ڀلا ان جھوراڙ وزيرانيءَ کي پنھنجو پٽ ملي ويو ھو؟“
    ھا – وزيرياڻي کي ويھاريو سالن کان پوءِ سندس ٻار ناگڙو جنگ جي ميدان ڌورل ۾ مليو ھو. ھن پٽ کي پنھنجي ور جڌ اڳواڻ جيسي ۽ ڄام آجي سان مغلن جي لشڪر مٿن وڏيون ھلائون ڪندي ڏٺو ھو، ھن جڌ جا اھڙا تھ انگ پئي ڏيکاريا جو جھوراڙ کي مھاڀارت جي جڌ ئي وسري وئي، ڀانءَ تھ ڪرشن مھاراج جڌ ۾ رٿ ھڪلڻ بدران پاڻ ڀالا ھڻي رھيو ھو. اڃا پاڻ سوايو، تڏھن جھوراڙ رڙ ڪئي ھئي. او ڄام ستا، اھو ٿئي جھوراڙ ڄائو پاڏو پٽ، او ستاجي، پنھنجي گار ھاڻ موٽائي وٺ. ڀاڄوڪڙ تون ڇا وڙھي سگھندين، اچي ڏس جھوراڙ جو پٽ ڪيئن پيو وڙھي، سمجھين پيو نھ اڄ ائون ڪينجھر بھ ان وزيرياڻيءَ کي جھوراڙ چوندي من ۾ نٻاڻ خوشيون پئي محسوس ڪريان، ڀل ڀلان جو ڇيھھ ٿي ويو، ڇا ڇا، ڪيھيون ڪيھيون ڌيئرون ڄڻندي آھي ڌرتي ماءَ، جو روح کي راھت اچي وڃي. ڇا تھ اھا عورت ھئي ۽ ڇا سندس وياءَ ناگڙو، ووءِ ووءِ آھي ڏينھن، ھوءِ ھوءِ آھي شينھن ۽ شينھنڻيون.
    ھوءَ ھوءَ ڇل ڇل.... ڇل ڇل ڇل.... ڪل ڪل، ڇل..... آھ..... اتھاس! اتھاس جي وھڪ ۾ ماڻھو پاڻ وھي ويندو آھي.
    ڀلا اتھاس ۾ وھڻ کان سواءِ ماڻھو ٻلواڻ ڪيئن ٿي سگھندو؟ بلاول، ھوشو واري سگھھ ڪٿان آنيندو، الائي تون ڪجھھ سمجھين پيو ڪي نھ.....
    ”ھا ديوي! سڀ سمجھان پيو، ڀلا ٻڌاءِ سڀاڻ توکي ڪيھا گل وڻندا؟“
    ”سڀان.... موتيو مگرو بھ آندئي، گلاب ۽ چنبيلي جي ورکا بھ ڪيئي، سورج مکي ۽ ڪيسو بھ لاٿئي، واھ. سرنھن جي گلن لاءِ ڇا چئجي، ڪيھا ڪيھا گلال وڇائيي، جھوڪ وٺو آھي، کرڙي جي ميدان مٿان مينھن وساڙڻ جيھا ننڍڙا ننڍڙا رتوڙا گل ڇني آءُ. جڏھن راڻي ٻائي جا پير رتوڙڻ سان ڌوئيندس تھ منھنجي لڇندڙ من کي ٿھمر ملي ويندو.
    او حڪم جي پورائي لاءِ پرٿو سوئي.
    ”ٻڌ..... ڀورڙا، متان ڪا ڪوتاھي ڪرين، رتوڙا تازا آڻيج، سوپاري جي ھڳاو وارا، متان ريساري ساڻي کاڻي راڻي ٻائي ڪاوڙجي نھ پوي ۽ سندس ھڪ پاراتي سان آئون ھاڪڙي جيان سدا لاءِ ٺوٺ ۽ تون سدا لاءِ اڌورو رھجي وڃين.“


    ريلوائي جا ڇورا

    شام ويلا ۾ ڪامران وڏي ايسٽ سگنل ڪيبن جي اونچي گيلري تان بيٺو، پري اونچي وانچي بڙ جي جھور جھوني بڙ جي، ڪڪر جيھي سائي ڇٽ ۽ وڏيءَ وڻڪار جي اوڍر مان اڌوگابري ڏسڻ ۾ ايندڙ سنڌو مٿان اڏيل پراڻيءَ ھنگاس، ھيوي وھيڪل ٽرصيفڪ پل ۾ لڙاٽ ڀريل نيڻن سان نھاري. پل، جيڪا وڻن جي اوڍر مان جيتري ڏسڻ ۾ اچيس پئي، ڏاڍن اٻاڻڪن نيڻن سان پل ۾ گھور اگھور نھاريندو ٿو وڃي. وڏي وڏي لوھي پل، جيڪا سپنن جي ڪوٽ ڪڙن ۽ منارن جي برجن کان بھ وڌ حسناڪ لڳندي اٿس. جھڙو پندرھن سورھن سالن جو ڪوئي مھاتما. م ڀانءِ روئي پيو، م ڀانءِ کلي پيو. الائي ڪيھن واسامن ۾ کوئجندو، الوپ ٿيندو، اسرت نھاريندو ٿو وڃي. بس رڳو ڏسي پيو وڏيءَ مونجھار مان. ٽيليفون ڪال تي سگنلز ڊائون پيا ٿين، سگنلز آپ پيا ٿين. ميل ٽرينز، پئسينجر، گڊس ٽرينز اچن پيون، وڃن پيو. اسٽيم انجڻيون ويگنز شنٽ پيو ڪن ۽ ٻيون آھن ذھن ۾ ھڪڙيون مرندڙ ۽ ٻيون نيون کڙڪيو سمائجندڙ ۽ سرندڙ سرجندڙ چاھنائون. ذھن جون ڳڙکيون کلن ٿيون، بند ٿي وڃن ٿيون.
    آئون اگزيڪٽ ساڍي پنجين وڳي پھچي ويندس. مائٽن کان سڄي رات لاءِ موڪلائي. ڏس نھ، ھڪ ئي وقت ٻھ شاندار فلمون لڳيون آھن. آءِ وانٽ يو لو ۽ آءِ ول ڪراءِ ٽومارو!.... جي وڇڙي ئي وڃڻو آھي تھ پوءِ يادن لاءِ ڪا سٺي فلم ڏسي ڇو نھ وڇڙون. اھڙي تھ ڪا پابندي ڪانھين. ائين ئي کڻي سمجھنداسين، اسان جي پيڙائن ۾ سوزن ھيورڊ ۽ ري ڊون ٽن بھ شامل ھوندا. ھا ڪر نھ.... او – ڪي..... او – ڪي.....“
    ۽ ھو اوسيئڙي ۾ آھي. اڃا پنج لڳي ست اٺ منٽ مس ٿيا آھن، پر ھن کي آدجگاد کان ڪل آھي تھ نرگس جيئن چوندي آھي، تيئن ئي ٿيندو آھي. ھاڻي ھو وڏيءَ مونجھار ۾ آھي تھ نرگس سان سندس ڪھڙو سنٻنڌ آھي؟ ھڪ مھاجر ڇوڪري سان؟ ھو ھاءِ اسڪول لائيف جي پنجن ڇھن سالن تي لڳاتار نھار ٿو ڦھلائي ۽ ڀاسيس ٿو، سندس جيون جي کن کن تي نرگس پانئين پئي آھي. نرگس، جنھن کي پيار مان نرڪيسيس چوندو آھي. ھر کن، ڀاسيس ٿو، ھر دشا کان لوھي ڄار وڇايل آھن ۽ ھو ان ۾ ٽريپ آھي، ٻڌل آھي من جو پينڊولم ڌڪ ڌڪ ڌڪ، ڄڻ دور لڙاٽ ۾ ٻوڙو ٿيندو، ٻڏندو ٿو وڃيس. ڇرڪ ئي ڇرڪ – رکي رکي ڇرڪ، ڊيھا. يادن جا سياٽا. نرگس جي ساري چرپر اکين آڏو ڦرڻي جيان ٿي ڦريس. (۽ ذھن جو ڪينواس ڄن سيونٽي سيون ايم ايم جو اسڪرين بڻجيو وڃي)
    نرگس ڪيڪ پيس وات ۾ دٻائي، جنجر جو ڍڪ ڀري ٿي ۽ کٽاڻ کان ھڪ اک رونجھي ڪري ٿي ڇڏي.
    ڪن وڄن ٿا:
    ”امي، تنھنجا بھ تھ ڀاڻيج ڀائٽيا آھن. ھي ڏس منھنجو بواءِ فرينڊ. اي وليج بواءِ.“ دور پولار جي الائي ڪھڙي دشا کان ڄڻ مڌ ڀريل آواز جو پڙالو پڙالجندو ٿو اچي.
    ۽ اکين آڏو ھڪ پاڇو:
    .... مرڪ جي ڪٿي پڄاڻي ڪانھين. مرڪ، جيڪا آنھريءَ جيان اندر جي محلاتن ۾ بند ھوندي آھي ۽ وڏي لڙاٽ سان نروار ٿيندي آھي. بادلن جيھي لڙاٽ سان. درياھ ۾ ٻيلھھ ونجھھ ھڻندي، سھڪي سان، آرھن جا آڀامڻ ۽ اڦامڻ ۽ مکڙن تي پاڻيءَ جي ڇاٽ، چٽ چٽان:
    ”ھائي – ڪتنا اچھا پين ھي، مين لي لون..... لي لون نا؟“ آواز ۾ الائي ڪيڏا چاڳ ڀريل آھن.
    لڙڪ – وڏي وڏي پل کي ڌنڌلائي، ڳلن تان ڳڙي ٿا وڃن.
    اچانڪ ھن جي اندر ۾ پيڙائون ڄڻ پار ٿيون ڪڍن:
    ھان – ڇا جيئدان لاءِ، مون ٻڏندڙ ماڻھوءَ جيان نرگس ۾ جھٽ نھ ھنيو ھو؟!...... ھاڻي ھيءَ ٽرانسفر بھ ھاڻي ٿيڻي ھئي؟.... جڏھن چئن پنجن سالن جي جاکوڙ کان پوءِ ماڻھو ھڪ ٻئي کي ٺوڪي وڄائي ھڪ ٻئي ۾ سموئجي ويندو آھي!.... !......
    اچانڪ ڌٻڙاٽ.
    جو مڙي چاچي وساڻ جي گجگوڙ ٻڌي، عرفان ۾ نھاري ٿو. سگنل ليورز جي رنگين قطار پٺيان عرفان وڏي لوھي کڙڪيءَ سان ٽڪرائجي ڦھڪو ڪيو آھي:
    ”اڙي ڪتيءَ جا پٽ، سگنل ليور ائين ڇڪبو آھي؟“ چاچو وساڻ پوري طاقت سان ڪانٽو ڇڪي، سگنل ڊائون ڪري، سدائينءَ جيان وري وڏي واڪ بڙ بڙ ٿو ڪري:
    ”ھي سوئر والٽن ڪاليج ويندو، جنڪشن اسٽيشن جي چارج سنڀاليندو. اڙي ڪو ٿڪ بھ ڪونھ ھڻندءِ. ھي وڏي ڦيٿي جو زمانو آھي.“ چاچو وساڻ ڪڙڪا ڪندو، ڏاکڻين وڏيءَ کڙڪي ھيٺان وڇايل اڇي ڪاريءَ چوڪڙيءَ ڀريل رلھيءَ ۽ ڀرت ڀريل وھاڻي تي وري اچي کنس مان ٿو ليٽي ۽ خارن مان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي. ڳارھين ڳاڙھين اکين تي عينڪ چاڙھي وري اخبار پڙھڻ ٿو لڳي ۽ عرفان ڪسٽن مان ڪامران ڏانھن اچي ٿو،
    ”يار، ھن تو واري پوڙھي جو دماغ خراب ٿي ويو آھي. ڇا ٿيو جي ھڪ سٽ سان سگنل ڊائون نھ ٿيو؟ يار منھنجي وات ۾ ڪتاب ھو. پوءِ وري چو ٿو پڙھي ڪونھ ٿو. ھاڻ پڇينس، مون کي ڪو ڪانٽي وارو ٿيڻو آھي. ھڪ تھ ھن پوڙھي جي ماني کڻي اچون، ليور ڇڪيون، لوھن سان مٿا ڏيون، وري بھ ڏس تھ سدائين عزرائيل واري ڪانڊر ڪريو بيٺو آھي.“
    عرفان وات مان ڇڏائجي ويل ”ڊريگون بُڪ آف ورس“ ڪيبن جي ڪاٺاھين فرش تان کڻي ٿو ۽ خارن مان ڪال بيل ڏانھن وڌي ٿو، جيڪا جلترنگ جيان وڄي ٿي پوي.
    ”ھا چاچا، عرفان پيو ڳالھايان. ليٽيو پيو آھي. ڇا؟.. نارٿ يارڊ، ڊائون ٽرين. لائين نمبر سيون. گڊس ٽرين – او ڪي سر.“ عرفان سڀني نارٿ يارڊ ۾ شنٽ ڪندڙ گاڏين جا سگنل بلاڪ ڪري، لائن نمبر سيون جو ڪانٽو وڏي ڌوڻ سان ڊائون ڪري ٿو ڇڏي ۽ وري ڏاڍين باھين مان ڪامران ڏانھن ٿو اچي:
    ”ڪلاڪ ٿيو آھي، ڏوڪڙن لاءِ چيو ٿمانس تھ ٽيئڙ چڙھي ويو اٿس. يار ايمانداريءَ سان ٻڌاءِ، ”آءِ ول ڪراءِ ٽومارو“ جھڙيون فلمون روز روز لڳنديون آھن ڇا؟“ عرفان ڏاڍيان ڄيرن مان ٿو چوي ۽ ڪامران منھن ٺاريو، ٻڌندو ٿو رھي، ڄڻ ھڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندو آھي. عرفان استول تي ويھي، ڄنگھون ڦاسائيندي، ڪستن مان وري ٿو واڦي جيئن سدائين پر پٺ گلا ڪندو آھي.
    ”ڏسجان – ھاڻ ھي پوڙو منھنجي چيڪنگ ڪندئي. سڀ ڪانٽا ۽ ليور چيڪ ڪندو. عينڪ اکين تي ٺوڪي، ٻاھر پري پري نھاريندو تھ سگنل بھ اپ ۽ ڊائون ٿيا يا نھ! جڏھن ڏس، ڪڙاري شيطان وانگي اکيون پوريو، ڪن ڪال بيل ڏانھن دٻايو ويٺو ھوندو آھي. يار اڃا ھنن ماڻھن کي اسان ماڻھن مٿان اعتبار ئي ڪونھين؟...“
    ”آفٽر آل ھي از اي ريسپانسيبل مين.“
    ”آنڱوٺي جو مٿو مين. ڀڙوا تون بھ انھيءَ پوڙھي جي طرفداري ڪندين. اڙي ڪو ماڻھو جو يار آھي ڇا؟“ عرفان اڃا واڦي واڦي، سچي بھ چاچو وساڻ، اگھاڙين پٺين، ڳري سٿڻ جا ور مٿي کڻندو ڪيبن ۾ ڄڻ شيل ٿو ڪري ۽ شھپر کي تاؤ ڏيندو، مٿان اچي ٿو بيھي:
    ”ڇو ڙي رنڙي پٽ، آئون پوڙھو آھيان.“
    ”اڙي... ڇو!..... پوڙھو نھ تھ ڪو جواڻ آھين! رڳو مون کي ۽ امان کي مارڻ لاءِ جواڻ آھين، ٻيو تو ۾ آھي ڇا.......“ ٻيو تون ھينئر ڪھڙي اڍائي مڻن جي پڃري وڃي کڻندين؟“
    اچانڪ چاچي وساڻ جي ٻلھاڙي واريءَ تريءَ سان عرفان جا ٻئي پير نڪري وڃن ٿا. ھو ڪيبن جي لوھي ڏاڪڻ ۾ ھٿ ڦاسائڻ جي ڪوشش ۾ ھيٺ لڙڪندو ٿو وڃي ۽ چاچو وساڻ اڃا وڏي رڙ ٿو ڪري:
    ”اڙي پڃري ڇا، آئون انھيءَ اڍائي مڻين ماڻھين سان گڏ توکي بھ ھڪ ٽنگ تي شنٽ آئوٽ ڪري سگھان ٿو، سمجھين.“
    ”يار – تون تھ ڪو وڏو ماءُ جو ...... آھين. ائين ڌڪو ڏبو آھي.“ ڏاڪڻ جي ھيٺين ڇيڙي تان عرفان ڌڪ پچائي، وڏي ڪروڌ مان ڊاڊش ٿو ڪري.
    ”ھا پٽ، اينھين.“
    ”اينھين.“ چٻرا ٿو وٺيس. ”ھاڻ آنڱوٺو ٿئي ڪم کان ۽ ھا، اھو بھ ٻڌي ڇڏ، اڄ جي مون کي فلم لاءِ پئسا نھ مليا تھ پوءِ اڄ جوڻھين اسپتال کڄي ويندءِ.“
    ”ٻوٿ، ڏاڏھن بھ ٿي انگريزي فلمون ڏٺيون.“
    ”پر ھي ماڻھو تھ فلمون ڏسڻ لاءِ پئدا ٿيو آھي. ڏسان تھ اڄ مون کي پئسا ڪيئن نٿا ملن؟ انھيءَ پوڙھيءَ جي نٿ نھ گروي رکي اچان.“ عرفان ڪروڌ مان ڪتاب ۽ ڪاغذ کڻي ھيٺ ٿو لھي.
    ”اڙي ڪو ڪئپٽن مارويل جا پٽ، جي منھنجي رن تي آنڱر بھ کنئين اٿئي تھ پوءِ پٽ مون کي بھ سڃاڻين ٿو.“
    ”ھا، تون تھ وڏو سپر مين جو پٽ آھين.“ عرفان تڪڙو ريلون ۽ گاڏا ڪراز ڪندو، ھليو ٿو وڃي ۽ ڪامران لاڏڪي پٽ ۽ پيءُ جو جھيڙو ڏسي، مرڪي ٿو پوي. جيئن جو جھيڙو. جھيڙو، جنھن مان پيار پالوٽجندو آھي. اھو جھيڙو ھن لاءِ ڪا نئين ڳالھھ ڪانھين. ھن لاءِ نئين رڳو ھڪ ڳالھھ آھي. نرگس جي پيءَ جي ٽرانسفر ۽ ھو ريلوي گيٽ کان روشن آنٽيءَ سان ايندڙ نرگس کي ڏسي ٿو وٺي، جيڪي ھوريان ھوريان آيون پئي.
    آنٽيءَ جي ڪڇ ۾ پروين بيبي آھي، ٻن سالن جي ۽ پل ۾ ريل گاڏيءَ جو گجگاھ وڌنڌو ٿو وڃي.
    ۽ سائي ڪڪر جيھي ڇت مان اسٽيم انجڻ گلٽ ۽ پيتلاھن جنسان سان، ڪاري اپڇرا جيئن پل مان ڄن دھلن دمامن سان ناچ ڪارن سان وٽ کائيندي ٿي اچي ۽ ان سان گڏ ئي ٽيليفون جي گھنٽي وڄي ٿي.
    ”چڱو چاچا، آئون ھلان ٿو.“
    ”چڱو ماشاءَ الله.“ چاچو وساڻ اخبار ڇڏي، ٽيليفون ٿو سنڀالي ۽ ھو لوھي ڏاڪڻ تان لھي، نرگس ۽ پاريسياڻي آنٽي روشن ڏانھن وڌي ٿو.
    ”ھون – ڇا ڳالھائينداسين....!“ ڪامران جو ذھن سوچيندو ۽ قدم ھلندا ٿا وڃن. وساڻل وساڻل پير سان.
    ”..... ....... ........ .........!“ (ماڻھو ڄڻ گونگو آھي)
    ”..... ....... ........ .........!“ (ماڻھو ڄڻ ٻوڙو آھي)
    ”توبھن..... ڪجھھ چوڻ اکڻ جي سگھھ بھ تھ ڪانھي. ٺيڪ آھي، اڄ رڳو نرگس کي ٻڌندو رھندس... ھان – ڀلا اھو سڀ ائين ئي ٿيڻو ھو؟ ان جي تھ مون کي خبر ئي ڪانھ ھئي. ھاڻ خبر پئي تھ ھي ھيڏيون وڏيون پليون ڇا لاءِ ٺاھيون ويون آھن..... ڇو؟“
    (ذھن ٻوڙو – ذھن گونگو، ذھن انڌو ڪوڙھيوؤ ھاڻي ھو چرچ روڊ جي وڻن جي قطار وٽ آمھان سامھان اچي ٿيا آھن.
    ”آنٽي، ڪيئن آھين؟“
    ”ٺيڪ آھيان، تون ٻڌاءِ، خوش آھين نھ؟ ھونئن تھ وڌ ۾ وڌ اوھان کي جيءَ ۾ جائي ڏئي سگھيس ٿي، ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھان؟“ آنٽي سندس منھن ڏسيو پاڻ سوال بڻجي ٿي وڃي.
    ”ڪيڏانھن ھلون؟“
    ”سوري، فلم جي ڇوٽي ڪانھ ملي. سڄو سامان ٻڌڻو آھي.“
    ”ڇا چرچ ھلون؟ حضرت عيسيٰ ۽ بيبي مريم ڏسي من کي ٺاپر ملي ويندي آھي.“
    ”مون کي تھ تپ آھي. مان ٻران پيو.“ ٽئي سامھين لوڪ کان پاسيرا ٿيڻ لاءِ، ريلوي پارڪ ۾ ھليا ٿا وڃن، گھاٽن وڻن ڏانھن.
    ”الاھين تپ ٿئي.“ نرگس ھٿ ڳٽا ٿي ڏسيس.
    ”تون تھ باھ جيان ٻرين پيو.“ اچانڪ ٻن گاڏن جي زورائتي ٽڪراؤ تي ٻئي ڊڄي گاڏن ڏانھن نھارين ٿا. ٻئي گاڏا ٽڪرائجي ڪپل ٿي وڃن ٿا.
    ”ڇا ڪريون؟“ نرگس رڳو ھن ۾ نھاريندي ٿي رھي.
    (۽ ڪرڻ لاءِ بنھين کي نيڻن ۾ ماتار کان سواءِ ڪجھھ آھي ئي ڪونھ)
    ”روئين ٿي.....؟“
    ”نھ تھ، ائين ئي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا آھن.“ نرگس روئي ٿي.
    ڪرسچن ڪالوني اچي آنٽيءَ کي ساھيڙيون ورائي ٿيون وڃن ۽ ھو بئي سڃي سڃي چرچ ۾ اچي، ھڪ بئنچ تي ويھي ٿا وڃن. جيئن اسڪول ۾ وھندا آھن. ٻنھين کان ڄڻ ڳالھائڻ جي شڪتي ڇني وئي آھي.
    ”صبوح جو ٽرين تي ڇڏڻ ايندين؟“
    ”نھ.“
    ”ڇو!؟“
    ”چيم نھ، ڪونھ ايندس.“ رکو رڙندڙ آواز.
    ”تون تھ ائين ٿو ڳالھائين ڄڻ ٽرانسفر جا آرڊر ئي مون ڪڍيا ھجن.“ ھوءَ روئي ٿي، روئندي ٿي وڃي.
    ”ھي ڇا سڏ سڏ لاٿي اٿئي.“
    ”ھڪ ڏينھن ائين ٿيڻو ھو. مون کي اڳي ئي خبر ھئي.“
    ”ڀلا ھڪڙو وعدو ڪر.“ ڇوڪري وري واڪو ٿي ڪري.
    ”چئھ.“
    ”خط لکندو رھندين؟ ھا نھ؟“
    ”نھ.“
    ”ڇو... ڇو......؟“
    ”توکي خبر ناھي، آئون ٽيليفون ۽ خط لکڻ کان الرجڪ آھيان. مون کي نھ ڊائل ڦيرائڻ ايندو آھي نھ خط لکڻ.
    ”نھ، اھو ڪوڙ آھي. تون ڪو واسطو ئي نٿو رکڻ گھرين. سچ ٻڌاءِ، ائين آھي نھ؟....“ سڏڪ سڏڪان.
    سنگ مرمر جي بيبي مريم بھ ڄڻ روئي ٿي پوي.
    سنگ مرمر جو حضرت عيسيٰ بھ ڄڻ ڪنڌ لاڙي ٿو ڇڏي. ٻاھر – ٻاھر اسٽيم انجڻ ھوائي جھاز جھڙي آواز سان ٻاڦ ٿي خارج ڪري. چرچ ۾ دونھون ڀرجندو ٿو وڃي.
    ”ڳالھائين ڇو نٿو؟“
    ”..........“
    ”تھ پوءِ ھيئن ڪر، ھي پنھنجي منڊي ۽ فوٽو موٽائي وٺ.“ نرگس ھڪ لفافي سان گڏ منڊي بھ وڌائي ٿي. ھو چپ چپات گيدي ۾ رکي ٿو ڇڏي.
    ”نھ، تون ڪاوڙيل آھين. ڄڻ سڄو ڏوھھ منھنجو آھي. ڪيڏي بيشرميءَ سان گيدي ۾ وڌا اٿئي، مون کي موٽائي ڏي.“
    ڇوڪري ڪلھي تي ڪنڌ لاڙي روئي ٿي ۽ ڏڪندي وري ٿي ايلاز ڪريس:
    ”موٽائي ڏي نھ منھنجيون تصويرون ۽ منڊي مون کي.“
    ”نھ.“
    ”ڇو؟!“
    ”چيم نھ ڪونھ ڏيندس.“
    ”ڇو؟“
    ان لاءِ تھ ھيءَ منڊي ۽ فوٽو تو لاءِ عذاب بھ ٿي وڃن. ھي سدائين ماڻھن جي اکين ۾ اڙندا.“
    ”تون جھنگلي آھين.“
    ”ڇا تون مون کي ھٿ سان سلھھ نھ پيو ڏين؟“
    ”نھ، مان تو مٿان ساھ ڏيندو آھيان. مان تھ شايد جيئرو ئي ان لاءِ آھيان تھ تون آھين. ٻيو ڀلا ھن پرٿويءَ تي آھي ڇا!“ ھو لڙڪ پي ٿو وڃي.
    ”ڀلا فلمون تھ روز ڏسندين نھ؟“
    ”ھا ھا، جڏھن بھ سٺي فلم ڏسندس، توکي ياد ڪندس.“ ھو ھانءَ ڏڍ ڏئيس ٿو.
    نرگس گھٽ ٿي محسوس ڪري. اچانڪ ڇال ڏئي، دانھون دٻائيندي، چرچ جي وڏي در ڏانھن ڊوڙي ٿي، نڪري وڃڻ لاءِ ۽ ٻاھر اسٽيم انجڻ جي ٻاڦ، منڊي ڪڪريءَ جيان آڪاس ۾ ڊوڙندي ٿي وڃي.
    ھاڻي ٽئي وساڻا ھلندا ٿا وڃن.
    ”اوھان ٻنھين ڇا ڊسائيڊ ڪيو؟“ آنٽي ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي.
    (ھن ڀر کان بھ ماٺار، ھن ڀر کان بھ ماٺار)
    ”نيٺ ٿيو ڇا آھي! ھر ڪوئي جيون ۾ پيار ڪري ٿو. وڇوڙي ڪڏھن بھ مون کي ڏھڪايو نھ آھي. وڇوڙي کي پنھنجو مزو آھي. ساٿي تھ ملندا ٿا رھن، روز نوان نوان ساٿي! ڇا اوھين ٻئي منھنجا بھترين ساٿي نھ آھيو.“ الائي ڪو ٻڌي ٿو يا نھ، آنٽي ھانئڀارو ڇنڊيو ڇڏي، وڏي شوڪاري سان، ڪامران بيھي ٿو وڃي.
    ”ڇو.....؟“ نرگس کي وري ڇرڪ ٿا پون.
    ”مان اتان ئي موٽ ٿو کاوان. مون کي گھر وڃڻ گھرجي....... ھان.... نھ فلم ۾. ڪيڏانھن نھ ڪيڏانھن مون کي وڃڻ گھرجي“
    ”ڇا مميءَ سان نھ ملندين. چيائين وٺيو اچجانس.“
    ”نھ.“
    ”ڇو؟“
    ”الائي- من نٿو چوي. ڊسڪنيڪٽ ٿيڻ سان، ماڻھو وڏي شاڪ کان مڪت ٿي ويندو آھي.“
    ڪامران ريلوي گيٽ جي اورئين در تي بيھي ٿو وڃي ۽ نرگس گيٽ جو چڪرو ڦيرائيندي، وٽ کائي آنٽي پٺيان گيٽ جي ھن ڀر ٿيو وڃي.
    ”ڇا اتان ئي الوداع ڪريون؟“ نرگس لڙڪ دٻايو ٿي وڃي.
    ”ھا.“
    ”خدا حافظ.“
    ”گڊ باءِ.“ ھو نرگس ۽ آنٽيءَ کي گيٽ ڪراس ڪندو ڏسندو ٿو رھي. گيدن ۾ ساڳئي نماڻي انداز سان ھٿ وجھيو، ويندڙ نرگس ۾ حسرت سان نھاريندو ٿو رھي ۽ وڏي گجگاھ سان اليڪٽرڪ انجڻ، پئسنجر ٽرين کي اڏايو کنيو ٿي وڃي ۽ ڪامران پوري طاقت سان گيٽ جي ڪراز چڪري کي سٽ ڏئي، موٽ ٿو کائي ۽ چڪرو ڦرندو ٿو رھي.


    پوئين پھر جو آواز

    وڏي وڏي فجر ويل ھو اٿيو آھي. تارا ھڪ ھڪ ٿي آڪاس ۾ ڌيما ٿيندا ٿا وڃن ۽ ھو ھلندو ٿو وڃي. پھاڙي پيچرو وٺيو، دور، الائي ڪيڏانھن ھلندو ٿو وڃي، جيئن پاڳلن جو ڪوئي ٺام ٺڪاڻو نھ ھوندو آھي. بس پنھنجي واٽ وٺيو پيا ويندا آھن ۽ پکي بھ آکيرن ۾ اڃا ننڊ ۾ الوٽ آھن. ھن کي خبر آھي، پھرين پکي ۽ سپون جاڳندا، ڏاڍي چرٻر ڪندا. ھن کي سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ اونچي اونچي پھاڙيءَ جي چوٽيءَ کان ويھي پھرين ڌوڙ ڌئيءَ ۽ پوءِ پرھ جا رنگ ڏسجن يا نئين اڏجندڙ اونچيءَ اونچيءَ بلڊنگ جي ڇت مٿان بيھي ھوا وڻن ۾ ڦاسي، ٿڌا ساھ پئي ڀري. ھو وڻن جي آواز تي غور ڪري ٿو.
    ”اسين سڀ ان آڪسيجن تي تڳو ٿا. ائين ٿو ڀاسي ڄڻ رات ماڪ جا ڳوڙھا ڳاريندي روئندي پئي وڃي، ٿڌا ساھ ۽ سڏڪا ڀريندي ٿي وڃي.“ ھو چوڏس نھار ڦھلائي ٿو. وايو منڊل ۾ دور دور، نيڻ نھار تائين دور بلبن جون روشنيون، لائيٽز، ٽريفڪ پل جون روشنيون چوڏس شھر ۽ واھڻ جون. باقي چوڌر رات جي ڪاري رئي آھي، جنھن ۾ روشنين کان سواءِ ڪا شيءِ ڪانھ ٿي نظر اچي. سرڳڌام ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ تارا بھ سانوڻ جي گھنگھور گھٽائن ۾ ڍڪجندا ٿا وڃن. آڪاس انڌو آھي. رات جي انڌوڪار کان بھ وڌيڪ اونھو ۽ ھلندي، الائي ڪٿان ڪوئي آواز گونجي ٿو:
    ”ٻڌين ڇو نھ ٿو؟“
    ”چئھ.....“ دکي ٻڏل آواز.
    ”ھل نھ، اڄ انھن انڌن پولارن ۾ گم ٿي وڃون. سچ ھاڻ سٺو نٿو ٿئي. توکي ڏسڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي رھڻ لاءِ دل نٿي چوي.“
    ”ڇو؟ مون کي تھ اڏرن لاءِ کنڀڙاٽيون کنڀ ڪينھي. اسين ڌرتيءَ ۾ رڳو پورجي سگھون ٿا. پولارن م اڏري نٿا سگھون. مان – مان توکي دوکي ۾ رکڻ نھ ٿو چاھيان.“
    ”منھنجا نيڻ ڪڏھن دوکو نھ کائيندا آھن. ھاڻ تھ ٿڪي چور ٿي پيا آھيون. باءِ گاڊ، تون جتي چوندين، جھڙن پولارن ۾ چوندين، آئون پنھنجي ڪامڻ سان توکي اوڏانھن اڏائي وينديس.“
    ”ساري. چيم نھ، مون کي ڪنھن جو انتظار آھي. ڀٽن ۾ پورجي وڃڻ تائين جو انتظار.“ ھو اونھون وڏو ساھ ڀري ھلندو ٿو وڃي.
    کيرٿر کان تيز ايندڙ، اٺي جي ھوائن جا جھوٽا، وڻ وڻ ڌوڻيندا ٿا وڃن ۽ ڏور سپر ھاءِ وي تان سٺ ستر ميلن جي رفتار سان روشنيون ڊوڙنديون ٿيون وڃن، مشيني آواز ڀريل، ڳاڙھيون، سائيون ۽ سورج ونسي روشنيون.
    ”ٻڌ.“
    ”ھون.....“
    ”تون پنھنجو پاڻ کي سمجھين ڇا ٿو؟“
    ”ڪجھھ بھ نھ.“
    ”نھ تنھنجي اندر ۾ ڪجھھ آھي.“
    ”مان بلائينڊ انڊر گرائونڊ وائيلڊ لائيف فيملي جو مانھو آھيان. مان ڪيڙن ماڪوڙن جيان پنھنجو اندر ڳوليندو آھيان.“
    ”نھ نھ – تون ڪوڙو آھين. تنھنجي سڄي ولوڙ مون لاءِ آھي. ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. تون مون کي ڪڏھن بھ ماڻي نھ سگھندين. جي ائين ٿيو بھ تھ ان ڏينھن مان زھر کائي ڇڏيندس. سمجھئين، آئون وڏي زن طلاق عورت آھيان.“
    ”تون اجايو پان کي گاريون پئي ڏين. مان – مون کي خبر آھي تون شاندار عورت آھين.“
    ”تڏھن منھنجو پيڇو ڪندو آھين!“
    ”پيڇو!.... مون تھ ڪڏھن سڄيءَ ڄمار ۾ ڪا چاھنا ئي نھ ڪئي آھي. ان معاملي ۾ آئون پڪو بڏسٽ نھ، ٻڌ آھيان......“
    ”ڪوڙ... اھو ڪوڙ آھي. تنھنجي نيڻن ۾ تھ موھ ئي موھ آھي!“
    ”موھ؟ ڇا اھو ڏوھ آھي؟ پوري پرٿوي پولار پاتار موھ ئي موھ آھن – پوءِ؟“
    ”پوءِ تون ھٿ ڌوئي منھنجي پٺيان ڇو لڳو آھين؟ ماڻھو آنڱريون ٿا کڻن. مون کي سڄي انسان ذات کان نفرت آھي، ڌڪار آھي.“
    ”ڌڪار تھ مون کي بھ آھي، پر پيار ڀريل.“
    ”وري پيار! تون نيچ آھين.“
    ”ناھيان ڇا..... پر ھڪڙي ڳالھھ ٻڌي ڇڏ. ڪوئي ڪنھن جو پيڇو ڪونھ ٿو ڪري. اھو سڀ تنھنجو وھم آھي. اسين سڀ پنھنجي پنھنجي وات وٺيو پيا وڃون.“ ھو ھلندي، ھڪ وڏي پھڻ سان آٿڙي، پاڻ سنڀالي ٿو. من چويس ٿو اتي ئي، ان پڙ تي ڊھي پوي. سدا لاءِ اھو پھڻ سيرانديءَ ڪري سمھي پوي. ھو دور پوئتي ڇڏي آيل گھروندي جي روشنين ڏانھن مڙي نھاري ٿو ۽ وري چوڌر وارو منڊل ۾ اولھھ کان بادل کڄن پيا ۽ اوڀر ۾ ڪاري رئيءَ مٿان ڌوڙ ڌئيءَ جو ڌنڌلو دودرو سرجڻ لڳو آھي. پرھ پکيڙڻ لاءِ وايو منڊل ۾ ڪڪڙن جي ٻانگ جي آوازن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ پيو اچي. ايڪڙ ٻيڪڙ جاڳرتا جا آواز ۽ ھو ھلندو ٿو وڃي، ماڪ ڀريل ھوائن ۾ ولوٽجندو.
    ”ڀلا ھي جيون آھي ڇا؟....“ ھو ڄڻ پنھنجو پاڻ سان سوال ٿو ڪري.
    ”....... الائي ڇا آھي!“ ۽ ھوا سرنھن جي وڻن جي اکٽ قطارن ۾ ڦاسي ڄڻ ڦٿڪاٽ ڪري لام لام کي ٻکئين پئجي وئي آھي.
    ”سون..... آھ...“ ھو اونھون ساھ ڀري، سرنھن جي ھڪ وڻ کي ٽيڪو ڏئي بيھي ٿو وڃي، ڄن کوئجي ٿو وڃي، آدجگاد جي يادن ۾.
    ”اي.......“
    ”آئون چوان ٿي آھي ڇا؟“
    ”سچ جي تون نھ ھجين ھا تھ ڪجھھ بھ نھ ھجي ھا. الا – ڪڏھن تنھنجي گھٽيءَ ۾ مئو پيو ھوندس.“
    ”وڃي جھنم جي تري ۾ پئھ.“
    ”ھيءَ دنيا جھنم کان گھٽ آھي ڇا!“
    ”نيٺ ڀلا آھي ڇا؟ ڇا وڃايو ٿئي؟“
    ”الائي ڇا ڇا وڃايو اٿم. الا – ائين ٿو ڀاسي ڄڻ چوراسي لک جيوڻين جي ڦيري مان نڪري آيو آھيان.“
    ”اونھن..... مون کي تھ لڳي ٿو تار مڪان مان نڪري ويو آھين.“
    ”جيئن سمجھھ.....“
    ”نھ، ايڏي اٻھرائي ٺيڪ ڪانھي. جيوڻين جي جنجار مان نڪري ويو آھين تھ پوءِ مون غريب جو پيڇو ڇو؟“
    ”تون رڳو ٿورڙو مرڪي پئھ، ھليو ويندس.“
    ”ڪيڏانھن ويندين – ھان – ڪيڏانھن؟“
    ”مرين ڇو ٿي؟ پنھنجي گھر ھليو ويندس. مان دنيا تياڳڻ جي سخت خلاف آھيان. ٿورڙو مرڪي پئھ نھ، باءِ گاڊ آءِ ايم ناٽ ڪريزي فار اي سنگل ڪس.“
    ”تون پاڳل آھين.“ ھوءَ مرڪڻ کان سواءِ ھلي ٿي وڃي.
    (اونھون ساھ)
    ٽڪ...... ٽڪ...... ٽڪ...... ٽڪ...... ھو چپ چاپ ڌوڙ ڌئي جي پيٽ ۾ ھلندو ٿو رھي. مٿي نڀ ۾ مان سون ھوائن جا گھيرٽ آھن. ھن جو مٿو پيو ڦري، ھن کي خبر ڪانھ ٿي پوي.
    ڪڪڙو ..... ڪو.... ڪڪڙو – ڪو.......
    ڪي ڪت ڪيڙوڪت .... ڪي ڪي ڪي ڪت......
    ٽي ..... ٽي .... ٽي ..... ٽ ....... ي ...... ۽ پرندن جي آوازن سان گڏ دور پولارن ۾ ھيکل ٽيٽيھر ٻاڪاريندو ٿو وڃي.
    ”ريننگ ريننگ ڊيز ائنڊ مڊ نائيٽ ڪلو،
    ريننگ ڊيز.... ڪلو.... مڊ نائيٽ ڪلو....“ ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڪو ھيکل ھپي دور ڪٿان جھونگاريندو پيو وڃي.
    واٽ از ھپي ازم؟ ھن جي ذھن ۾ ھڪ اجايو سوال اڀري ٿو اچي.
    ”ديئر از اي بِگ ائنڊ ھيوج ورلڊ آف ھپي ازم، ايوري ويئر.....“ ھن جي ذھن ۾ سجايو جواب اچي ٿو وڃي. ھو اڃا اڳتي ھلڻ ٿو لڳي. رات جي ڪارنھن ايڏي ڇڊي ٿي وئي آھي جو پري پري کان ڪاريون مينھون ڏسڻ ۾ پيون اچن ۽ محسوس ڪري ٿو ڌوڙ ڌئيءَ جي نوائيءَ ۾ پاڏن، گابن ۽ ڇيلڙن جا ٻيڪراٽ ۽ رنڀون آھن. ھو وري ڪا ڳالھھ ياد ايندي اوڀر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ دور دور نھاري ٿو. ريلوي برج ڏانھن:
    ”ما جا دد، پل ڪٿي آھي؟ پل پانجي آھي نھ؟ ھان ڀڙوا، پل پانجي آھي نھ، ھلو پل تي ھلون.“ ٻاتائيندڙ پتڪڙو آواز ۽ ھو ڌوڙ ڌئيءَ جي ڦلھياريءَ کان ميٽاھينءَ ٿيندڙ رئيءَ ۾ وڏي وڏي پل ڳولھڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ھرڪا شيءَ چٽي آھي پر پل ڪانھي. پل مٿان شايد ڪوھيرو ڪريل آھي. بس رڳو پاڻي ڏسڻ ۾ ٿو اچي، آنھريءَ جيان شفاف ۽ تجرا تجرا ٽڪ ٻڌل پاڻي. پاڻي جو وھندو ٿو وڃي. گوناگون پاڻي جو سمونڊ ۾ لھي ويندو آھي.
    ”ھان!.... ڪڏھن ڪڏھن رات جي وھڪ ۽ درياھ جي وھڪ جو آواز ساڳيو نھ لڳندو آھي!.... ڀلا ھي درياھ ڪٿان ٿو اچي، ڇو ٿو اچي؟ درياھ سڪي پٽ ڇو نھ ٿا ٿي وڃن......“
    (ڪو آواز نھ، نھ اندران نھ ٻاھران) چيڀاٽيندڙ ماٺار ۽ ان ماٺار سان ھو ھلندو ٿو وڃي، مٿانھين ڏانھن. مٿاھيون جي ھن کي وڻنديون آھن.
    ”ڇو ڀلا!..... ماڻھن ھوندي ھي ايڏيون اونچيون عمارتون ايڏيون جڙتو، ھٿرادو ۽ ڪکيءَ ھاڻيون ڇو لکنديون آھن ۽ ھينئر، بند شيشن اندران بلبن جي روشنيءَ ۾ ڪيڏو نھ وڻن پيون. ايڏيون پياريون! سچ دل تھ چوي ٿي سڀ بلب ٻاري، دفتر بند ڪري، رات جو ماٺ مٺي سان مٿن نيوٽران بم اڇلائي ڇڏجي.“ ھن جي واتان ٽھڪ نھريو وڃي ۽ ھو پٿراھون جابلو پاسو ڇڏي، مٿي ويندڙ ڏامر جي سڙڪ وٺي ٿو. وايو منڊل ۾ پکين جي اڏام سان گڏ ماڻھن جي جاڳرتا جي کنگھار جا آواز آھن.
    ”ھونھن.... سڀ بيمار – اٺين وڳين کان اڳ اٿندا ڪين“ ۽ ھينگ تي ھو ھيڏانھن ھوڏانھن مڙي نھاري ٿو. ڏھن پندرھن ڏھاڙن جو گڏھ جو کودڙو ھتان ھتان ھونگڙيون ھڻيو پيو ماءُ کي چڳڙي ۽ ڊوڙيو پيو پير جھلڻ جي ڪوشش ڪري. ڏڪندا پيرڙا، ھو گڏھ جو ٻچو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي وڃي ٿو. پاڻ مرادي ڳالھائي ٿو وجھي:
    ” ھان ڀلا – گڏھيون ويامڻ جي مند آھي ڇا؟..... ھونئن بھ اڄڪلھھ رڳو کودڙا ڄمندا آھن.“ ھو وري ٽھڪ ڏئي ٿو. ھو وري سوچي ٿو: ”جيڪر مان اھو کودڙو ھجان ھا تھ ڪڏھن بھ وڏو نھ ٿيان ھا.“ ھن جو موڊ آف ٿي وڃي ٿو. تڪڙو تڪڙو چاڙھي چڙھڻ لڳي ٿو ۽ الائي ڇا ڇا سوچيندو ٿو وڃي ۽ وچ چاڙھي تي اچي کن لاءِ ھو منجھي سامھون ڀري اونچي ٽڪري ڏانھن نھاريندو ٿو رھي، جنھن جي چوٽيءَ تي ڄڻ ننڍڙو گھروندو ٺھيل آھي. ھو وري ھلڻ لڳي ٿو.
    ۽ جڏھن ھو چاڙھي مٿان اچي، وڻن جي جھنڊ مان اوڀر پاسي نھاري ٿو تھ ھن کي ڌوڙ ڌئيءَ جي ميٽاھين رنگ ۾ پرھ جا رنگ سرجندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪنھن جادوگر ڄن ريلوائي واري پل پنھنجي ساڳي جڳھھ تي رکي ڇڏي آھي، جنھن مان ڪاري انجڻ دونھان ڪڍندي گاڏا گھريندي پئي وڃي ۽ پري پري تائين، ڳاڙھ ڳٽي پرھ جا رنگ، مٿي مٿي آڪاس جي ڪارنھن کي ڳاڙھو کھنبو ڪندا ٿا وڃن۽ ڏسندي ئي ڏسندي سج جي چوٿ ڪني، ڏکڻ کي انڊلٺ لڳايو ڇڏي. اڌ گول وڏي وڏي انڊلٺ ريکا ۽ پوءِ جيئن جيئن ٽامي جيھو سج مٿي چڙھندو ٿو وڃي، پرھ ۽ انڊلٺ جا رنگ ڦٽندا ٿا وڃن، تاڃي پيٺا اڍڙندا ٿا وڃن. ڄڻ نانھن ٿيندا ٿا وڃن ۽ چٽا ٿيندا ٿا وڃن. سج، آڪاس، پل ۽ پلاٽينم کان چمڪيلو ٽڪ ٻڌيو وھندڙ درياھ ۽ سارو وايو منڊل. ھو اونھو ساھ ڀري، وري ھيٺ لھي ٿو لڳي، لاھيءَ تان.
    ”اڙي – مان تھ ھتي رات جي پوئين پھر جا آواز ٻڌڻ آيو ھئس!“ ڪا ڳالھھ ياد ايندي ھو بڙ بڙائي ٿو. ھو ڪاوڙ مان ھيٺاھين ڏانھن تڪڙي موٽ ٿو کائي.
    ”ھان – رات جي پوئين پھر جا آواز!..... ھونھن..... اھڙي رات ئي ڇا جنھن جي پوئين پھر ۾ جنڊ جي گھيرٽن ۽ ڍڳي گاڏين جي چنگ چڙن ۽ اوٺارن جي واين جا آواز ئي نھ ھجن. اھڙي سڃيءَ ڀينگيءَ رات جا آواز نھ ٻڌا ئي چڱا آھن.“ ڏاڍو سانتڪو ٿي بوٽن جا آواز ڇڏيندو، اڳتي وڌندو ٿو وڃي.


    ڌاڳا نينھن جا

    برکا رت جي پھرين باک جي مھاڙ آھي ۽ ڌوڙ ڌئيءَ جي جھل مان سرجندڙ ڌنڌلا رنگ، سؤ لک انڊلٺن سمان ۽ شبنم جون سونھن ٻڏاڻيون اکيون ۽ موھ.... موھ، جيڪو ھن جي اندر ۾ آھي. ماري ڳاري ڇڏيندڙ موھ. ھوءَ ڪالونيءَ ڏانھن چوڏس نھار ٿي ڦھلائي ۽ پوءِ وري دور ماھيڙن جي وٿاڻ ڏانھن ٿي نھاري. ھن کي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ جاڳيل رڳو ھوءَ آھي ۽ پرندا آھن ۽ ميھار، باقي سارو لوڪ ستو پيو آھي يا اوٻاسين ۾ آھي. وڏي وڏي اسر ويل جڏھن ھوءَ جاڳي، بنگلي جي کليل لان ۾ اچي ويٺي ھئي تھ اوڀر ۾ ڪاري رئي ھئي ۽ دور وٿاڻ ۾ دکندڙ دونھين ۾ ماھيڙن جي ھلندر پاڇا ھئا ۽ ھاڻي.... ھاڻي مينھن جا ٻوٿ ھاڏرن ۾ آھن ۽ ماھيرن مينھن جا ٿڻ ڌوئي ڌوڀ شروع ڪيو آھي ۽ پکين ۾ وڏو چؤٻول آھي. ڪوئيلن جي ڪو ڪو جا پڙاڏا ڄن برھما لوڪ جي ڀتين سان ٽڪرائجي موٽي ٿا اچن ۽ اوڀر ۾ ڪڪرن ۽ وڪوڙيل سج جي ڪني، ڏکا ڏکا نيراڻ مٿي ٿيندي آڪاس ۾ سونين ترارين سان وايو منڊل ۾ رت جھڙو ڳارھو ڳارھو رنگ ڇٽيندي ٿي وڃي. ھوءَ بيچين ٿي پھاڙي پيچرن ڏانھن نھاري ٿي ۽ اڌوتي منھن سان ماڪ ڀنل ڇٻر مٿان، اگھاڙي پيرين واڪ ڪرڻ لڳي ٿي ۽ پوءِ لان مان ڦرندي، بنگلي جي گيٽ کان پري پري، ڳارھي واڙھي مارڳ ڏانھن وڌڻ لڳي ٿي، ڊگھو ڊگھو پھاري پيچرو ڏئي، جيڪو ڄڻ باک ڏانھن ٿو وڃي. ھوءَ سوچي ٿي اندر ئي اندر ۾.
    ڪڏھن ڪڏھن سرڪل پولر جيان، برکا رت جي باک بھ ڪيئن نھ انگھي پوندي آھي ۽ ڪڏھن ڪو سندر سپنو ڏسندي، ننڊ جو ڇڄي وڃڻ ڪيڏو نھ ڪؤڙو لڳندو آھي، پوءِ تھ ننڊ ئي ڪانھ ايندي آھي. ائين ڀاسندو آھي، ننڊ ۾ ڪو ڦيھھ ڪڍي ويو ھجي. ھوءَ ٿڌو ساھ ڀري ٿي. اچانڪ ھن جي اک جي رئينج ۾ ڳيرن جو جوڙو اچي ٿو وڃي. ھڪ ٻئي سان گوٿناڪيون ڪري اڏاڻو ويندڙ جوڙو، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي دور وڻن جي جھنڊ ۾ لھي وڃي ٿو ۽ ڪاري ڪوئل جا آلاپ ائين مٺا ٿيندا ٿا وڃن، جيئن پرھ جا رنگ. ھوءَ وري ٻيو ٿڌو ساھ کڻي ٿي. ھن کي ڀاسي ٿو ھن جو من ٻڏي پيو، ٻڏندو ٿو وڃي. ھوءَ اندر ۾ ڪجھھ محسوس ڪري ٿي، ڪٿان ڪائي شيءِ ٽٽي رھي آھي. جيون ۾ پھريون ڀيرو شدت سان ھوءَ محسوس ڪري ٿي، ھوءَ ھيکل آھي. ھوءَ چاھي ٿي، ڪو ھجي، جنھن سان ھوءَ ڳالھائي. ڪو ننڍڙو ھونگڙيون ھڻندڙ ٻار ئي ھجي، جنھن کي ڪڇ ۾ کڻي ھوءَ ھلي، ھلندي وڃي باک ڏانھن ھلندي وڃي بيبي مريم جيان.
    ”ھان... ڀلا منھنجو جيون بھ ڪو جيون آھي؟ تنھا تنھا! سڀ ڪٽنب قبيلا ھوندي بھ تنھا تنھا؟ ان کان تھ سٺو ھو جو ٻھ چار حرامي ٻار ڄڻي وٺان ھان، لڪ چوريءَ، ساھيڙين جي آڌار سان، جن کي پاليان ھا آئون. گھٽ ۾ گھٽ پوءِ ھيڏي گھٽ تھ نھ ھجي ھا.“ ھن کي ماءُ پيءُ ياد اچن ٿا. ڀائر، سوٽ، ماسات، پرائمي اسڪول جي زماني کان وٺي يونيورسٽي لائيف جا ساروڻا.
    ھلندي، ھوءَ مرڪي ٿي پوي. ذھن ۾ سرجندڙ ساروڻن کان ھن کي الائي ڇا ڇا ٿو ياد اچي.
    ھن کي ياد اچي ٿو:
    ھن جي پيءَ جي دوستن جا پٽ ھن کي ماڻن لاءِ ڪيڏا نھ ڪشت ڪندا ھئا. جڏھن... جڏھن ھوءَ چوڏھن سالن جي ھئي. سندس ڪتابن ۾ چٺيون وجھي ويندا ھئا ۽ جڏھن ھوءَ ھلندي ھئي، اکيون ٿِرڏيون ڪري سندس آڳا پيڇا ڏسندا ھئا. ھوءَ ڀن ڀڻ ڪري ٿي:
    ”انھن مان ڪنھن ھڪ سان بھ جي شادي ڪريان ھا تھ بھ اڄ موج ۾ ھجان ھا. جيئن مرضي اچيم ھا، تيئن ڪريان ھا. ملان ٻڌل ھڪ مڙس ۽ سوين يار. پوءِ شايد سڀني کي وڻان ھا. اڃا تھ بيڊ ۾ ستل ھجان ھا. بيڊ تان اٿڻ کان پوءِ باٿ روم ۾ جيئن وڻيم ھا تيئن ڪريان ھا. نوڪر پوءِ ڇا لاءِ ھوندا آھن!“ ھوءَ موٽ کائي ٿي ۽ وري مڙي سج ڏانھن نھاري ٿي. رنگن کي ٽوڙيندڙ سج ڏانھن، ھن کي محسوس ٿئي ٿو، ھوءَ پچي پئي، رجھي ۽ کامي پئي. ھوءَ محسوس ڪري ٿي ھن جي جيون ۾ ڪا نئين ڳالھھ پئدا ٿي رھي آھي. اھڙي ڳالھھ، جنھن کان ھوءَ اڳواٽ ئي گھٻرائجي وئي آھي ۽ جيون ۾ پھريون ڀيرو ھن کي محسوس ٿئي ٿو، سڀ ماڻھو ھڪ جيھا ناھن ۽ ھوءَ..... پاڻ کي ڪنھن گرپ ۾ پئي محسوس ڪري. ھوءَ محسوس ڪري ڪري ٿي ھوءَ ذھني طور سڪ ٿي وئي آھي، پر پوءِ بھ ھوءَ شڪست کائڻ لاءِ تيار ڪانھين. ھن جيون ۾ پنھنجو پاڻ کان سواءِ ڪنھن کان بھ شڪست نھ کاڌي آھي ۽ ھاڻي – ھاڻي پنھنجو پاڻ کان بھ شڪست کائڻ لاءِ تيار ناھي. ھوءَ سوچي ٿي: ھاڻ جي آيو تھ؟... ۽ ھوءَ ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي. پاڻمرادي:
    ”ھاڻ جي آيو تھ چوندي سانس، تو جيھا ڪئين آيا ڪئين ويا. آئون ڪک ۾ ڪانو ھڻندڙ عورت آھيان.“ ھوءَ ڪشٽن مان وارن کي جھٽڪو ڏئي، اکين تان وار ھٽائي ٿي. سندس نھار لاءِ پٺيان، وڏي اڇيءَ ديوار کڄي ٿي وڃي، جتي صبح سويري جھرڪيون قطارون ڪري ھل مچائي رھيون آھن چوڳي لاءِ. اوچتو ھوءَ بربليون ۽ ٻيا ننڍڙا ڪارڙا پکي ۽ ميٽڻيون ڏسي وائڙي ٿيو وڃي. ھوءِ محسوس ڪري ٿي تھ ڪنھن بھ شيءِ کي ڏيار ڏجي تھ اھا ڳچيءَ ۾ پئجيو وڃي. اڄ ھن جو موڊ ناشتو تيار ڪرڻ لاءِ ڪينھي. پوءِ ھوءَ انھن پکين کي ڇا ڏيندي؟ ھوءَ پريشان ٿيو وڃي ۽ تڪڙي تڪڙي پنھنجي بنگلي جي ڪڍن ۾ اچي ٿي ۽ جھونگاريندي اٽو ڳوھڻ لڳي ٿي. ننڍڙا ڪارڙا پکي بک کان ڏاڍا چرڙاٽ ٿا ڪن. ھوءَ ٻاھر نڪري پکين جي پاڻي پيئڻ جي پاٽوڙي ڏسي ٿي، جيڪا ڀريل آھي. ھن کي خبر آھي تھ اھي ننڍڙا پکيئڙا سندس جند نھ ڇڏيندا. ھوءَ گئس ٻاري، مٿانھئس تئو رکي، مٺيون مٺيون ماني پچائي ٿي ۽ ڀور ڀور ڪري پکين کي ڏئي ٿي. ھتان ھتان وڻن جي لامن تان پکيئڙا ڊوڙندا ٿا اچن ۽ نوريئڙا بھ، جن لاءِ ھن جدا وڏا وڏا ٽڪر اڇلايا آھن. ھن کي نوريئڙي جو ھٿن ۾ ماني جھلي کائڻ ڏاڍو وڻندو آھي. ھوءَ وري آڳنڌ ۾ آرام ڪرسي تي ويھي، چانھھ سان مانيءَ ڳڀو کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ نوريئڙي کي ماني کائيندي ڏسندي ٿي رھي. ھڪ ٻن گراھن کان پوءِ ماني کيس نٿي وڻي. ھوءَ چانھھ جا چار ڍڪ ڀري ڪپ رکي ٿي ڇڏي. ھن جي ذھن ۾ پکين ۾ سڄي وائيلڊ لائيف لاءِ ھزارين خيال اڀرن ٿا ۽ نشٽ ٿي وڃن ٿا. ھوءَ وري ڀڻ ڀڻ ڪري ٿي:
    ”ڪنھن بھ سبجيڪٽ تي ماڻھو ڇو سوچي؟ جي مان آمريڪا ۾ ھجان ھا تھ ننگي ھپي ڇوڪري ھجان ھا. چرس جا وڏا دڳاڙ ھڻي، ارھ ٿي ڦوڪ ڏيان ھا. ھن ڪچر سوسائٽيءَ کان تھ ماڻھو ھپي سٺو آھي.“ ھوءَ ھڪدم اٿي ٿي ۽ اوچتو ئي اوچتو آرسيءَ آڏو پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسندي رنڀون ڪري روئي ٿي ۽ وري ٽھڪ ڏئي ٿي ۽ وري بُج پٽيندي، باٿ روم ۾ اچي ٿي ۽ پاڻيءَ سان ٽٻ ٽب ۾ الاھين شيمپو ملائي، جھڳ ٺاھي، برش کڻي، ڪپڙا لاھي، ٽب ۾ ويھي ٿي وڃي. پٺن کي برش ھڻندي ھن کي ڏاڍو مزو ٿو اچو. اوچتو ھن جي من ۾ خيال اچي ٿو:
    ھيکل بنگلو آھي. ھن جيون کان تھ بھتر آھي تھ ڪو چاقو کڻي اچي، مون کي ريپ ڪري، چاقوءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري، ٽب ۾ اڇلائي، منھنجو سڀ ڪجھھ کڻي وڃي ۽ جڏھن ٽن چئن ڏينھن کان پوءِ بدبوءِ تي پوليس اچي تھ منھنجي لاش ڏسي الٽيون ڪري. سڄي ڪالونيءَ ۾ وبا ڦھلجي وڃي.
    ”پر مان ائين ڇو ٿي سوچيان؟“ ھوءَ ڀڻ ڀڻ ڪندي ٽب مان اٿي کڙي ٿئي ٿي ۽ وڏو ٽوال سڄي ديھھ کي ويڙھي پنھنجي خاص ڪمري ۾ اچي ٿي. ڪپڙا بدلائڻ لاءِ سندس من نٿو چوي. بس ھوءَ بند بنگلي ۾ اسفنج ٽوال ويڙھيو ھلندي، الماريءَ تان مئگزين کڻي، پڙھڻ لڳي ٿي ۽ اوچتو ڪروڌ مان چلائي ٿي:
    ”توبھن، ھي سياسي ماڻھو بھ عجيب مخلوق آھن، شاعري ۽ سڄو فائن آرٽ انھن لاءِ عياشي آھي. جو ڪجھھ آھي، بندوق جي نالي آھي! اکين تي عينڪ جا ڪارا کوپا چاڙھي پاڻ کي حلالي سڏائيندڙ ماڻھو ڄڻ ماءُ پيءُ حق شرع ڏسندي ڄاوا آھن. ڪيڏا نھ وڏا وڏا حرامي ماڻھو ڪيئن نھ ڇاتيءَ تي ھٿ ھڻي پاڻ کي حلالي سڏائيندا آھن.“ ٻاھر گھنٽي وڄي ٿي ۽ سوچي ٿي ڪير آيو ھوندو؟ ھوءَ ڏاکڻي کڙڪيءَ مان پردو ھٽائي ڏسي ٿي. ھن جي ساھيڙي بينا آھي.
    ”ڪمنگ“ ھوءَ دريءَ مان کيس آواز ڏئي ٿي ۽ انڊر ويئر پائڻ ۽ ڪپڙا بدلائڻ کان سواءِ در کولي ٿي.
    ”ائي باھ لڳي، تون ائين نڪري آئينءَ؟“
    ”ڇو، ڪھڙو عيب آھي! ڏسڻ وارا تھ ڳوٿريءَ برقعي مان بھ اِنڊ بُنڊ ڏسي وٺندا آھن.“ ھوءَ مرڪي ٿي.
    ”اڄ آفيس نھ ھلندينءَ ڇا؟“
    ”اڄ جو ڏينھن تھ مون کي ماتام جو ڏينھن ٿو لڳي. دل چوي ٿي رزائن ڪري ڇڏيان.“
    ”ڇو؟...... توکي ٿي ڇا ويو آھي؟“
    ”شايد.... شايد مان تمام گھڻو سيڪسي ٿي وئي آھيان.“
    ”پوءِ شادي ڇو نھ ٿي ڪرين.“
    ”نھ..... مان ڪتو پالينديس...... جانور ڏاڍا وفادار ھوندا آھن.“
    ”ڇا ڀنگ کائي وئي آھين! چون ٿا اڄڪلھھ گٽڪي ۾ ڀنگ پئي ھلي. ريئلي، ھاڻ تھ تو وٽ ايندي، مونجھھ ٿي ٿئي.“ بينا ڏاڍي پريشان ٿي وڃي ٿي. ھوءَ لاڪس چانھھ کڻي ٿي.
    ”ھينئر ٿوري دير پھرين مون چرس تي پئي سوچيو.“ ھن جي ڳالھھ تي بينا رڙ ڪري ٿي.
    ”شبي! باءِ گاڙ ھو رڳو ڏسڻ ۾ ھپي ٿو اچي. تون اجايو ھن کان الرجڪ ٿي وئي آھين.“
    ”پر تون ڇو پئي ڀڙوت ڪرين؟“ شبنم جي آواز تي بينا بر ٿي وڃي ٿي.
    ”واٽ آر يو ٽاڪنگ، سڀ سچ ٿا چون. يو آر ميڊ.“
    ”پوءِ ھڪ چريءَ کي پرڻائي ڇا ملندءِ، وڃ دير ٿي ويندءِ.“
    ”ٿئنڪ يو، تو وٽ اچڻ ئي احمقپڻو آھي.“ بينا پرس سنڀاليندي، تڪڙي نڪري ٿي وڃي ۽ ھوءِ محسوس ڪري ٿي، ماڻھو جاڳيا آھن. وڏي اچ وڃ آھي. ھوءَ ڳاڙھي انگي ۽ انڊرويئر پائي، مٿان سمھڻ جو سنھڙو گائون پھري، اوچي کڙيءَ واري سينڊل سان لان ۾ ٽيلار ڪري ٿي. ايندڙ ويندڙ ڪلارڪ، مالھي، چوڪيدار، پٽيوالا ٽيڏين اکين سان سندس اٿرن ۽ سٿرن تان نھار ٻوڙيندا ٿا وڃن. جي وس پڄين تھ ڪچو کائي وڃنس. ھن کي وري عرفان جون اکيون ٿيون ياد اچن. نماڻيون، بيچين اکيون، پيار ٻڏاڻيون ساڻيون اکيون ۽ وڏا وڏا ڇڙواڳ وار. ھوءَ عرفان تي سوچي ٿي. ھن کي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ ڪمري ۾ ڪوئي ھلي ڦري پيو. ھوءَ محسوس ڪري ٿي تھ کٽ تي ڪوئي اونڌو ستل آھي. ھوءَ مونجھھ محسوس ڪندي، گائون لاھي، ھڪدم سلوار قميص پھري ٿي ۽ آفيس وڃڻ بدران ننڍڙي اسٽيشن ڏانھن وڌي ٿي وڃي. ھن جو ذھن ٻٽ بند آھي. ميل ٽرين ٻھ منٽ بيھي ھلي وڃي ٿي. ھڪ ڄاڻ سڃاڻ واري عيسائي عورت لھي ٿي ۽ پنھنجي مڙس سان ڏاڍا انگل ڪندي، مرڪون ڦھلائيندي، گيٽ کان نڪري ٿي وڃي. ھوءَ انھيءَ عيسائي جوڙي ۾ نھاريندي ٿي رھي. ھن کي محسوس ٿئي ٿو ساري ڄمار ھن ڪنھن لاءِ بھ ٽرين جو انتظار ناھي ڪيو ۽ نھ ڪڏھن ڪنھن کي انتظار ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي.
    ”ھون – ڀلا ائين جي ڪو ايندو ھجي تھ ماڻھو ڇا محسوس ڪندا آھن! ڀلا ائين ٻانھن ٻانھن ۾ ملائي ھلڻ سان ڪھڙو مزو ايندو ھوند!“ ھوءَ شنٽنگ ڪاري انجڻ ڏانھن نھاري ٿي، جيڪا ساوا ساوا سگنل اورانگھيندي، ڪو ڪو، ڇھھ ڇھھ پئسا ٻھ ٻھ پايون ڪندي، ريتي ٻجريءَ جا گاڏا گھريندي ٿي وڃي. ھن کي ڪاري انجڻ ڏاڍي وڻي ٿي. ھوءَ ڪاري ڪاري انجڻ جي دونھين کي ڏسندي، مٿي آڪاس ۾ نھاري ٿي ۽ واپس بنگلي ڏانھن موٽ کائي ٿي. آڪاس ۾ ڇمر آھن. ھوءَ کن لاءِ بالڪونيءَ ۾ ويھي ٿي. ھن کي سک نھ ٿو اچي. ھوءَ وري اندر اچي بيڊ تي ڪري ٿي ۽ کن لاءِ اکيون ٻوٽي ٿي ڇڏي.
    ”ڇو ڀلا، ڇا ڪاوڙجي ويو آھي؟ منھنجو ساڻس ورتاءُ بھ تھ ٺيڪ ڪونھ ھو. پورو ھڪ مھينو گذري ويو آھي. ھان – ڪجھھ بھ ٿي پوي، جينئس آھي ۽ کرو ماڻھو ۽ ...... ۽ انا سان ڀرپور.“ اچانڪ ھوءَ محسوس ڪري ٿي، باٿ روم ۾ ڪو آھي ۽ ٻئي ڪمري ۾ ڪو ھلي ڦري پيو، ڪتاب پيو اٿلائي پٿلائي. ھوءَ اندر ڊوڙ ٿي پائي ۽ اندر؟ اندر ڪاريءَ وارا ڪک آھن. ھوءَ ڪروڌ ۾ اچي پوري طاقت سان بيڊ اٿلائي اونڌو ڪري ٿي ڇڏي ۽ رانڀاٽ ڪري روئي ٿي.


    چائنا گيٽ

    ھي بواءِ - بواءِ بواءِ بواءِ
    ھي گاءِ - گاءِ گاءِ گاءِ
    ڪم ان ماءِ آرمز
    ھي بواءِ
    ھي گاءِ..... گاءِ...... گاءِ
    بواءِ.... گاءِ گاءِ گاءِ
    ڪم ان ماءِ آرمز
    اٽاليئن ھپي ڇوري، رني ڪوٽ جي انگاس ديوارن وچ ۾، جابلو جھرڻي ھيٺان وھنجندي، ٻلھڻ جيان ڦٿڪاٽ ڪيو، ٻانھون ڦھلايو ٽتل ڦٿل انگريزيءَ ۾ ٿي ڳائي. ڪوريئڙي جيان اٿاھ پيار جا موھ منڊ ٿي اڻي. نيڻن جي ڪامڻ سان ۽ پوءِ بھ ھن کي پاڻ ڏانھن نھ ايندو ڏسي، اڃا وڌيڪ ڇتڪتي ٿيو ٿي ڳائي:
    ھي بواءِ -
    ھي گاءِ -
    گاءِ گاءِ گاءِ -
    ڪم ان ماءِ آرمز
    ھي گاءِ ھي گاءِ گاءِ ..... گاءِ گاءِ گاءِ
    ۽ ھو – ھو نچڻ جي موڊ ۾ نھ ھوندي بھ سوچن جي ٻوڏار مان نڪري، ڀوڳ مان سنڌيءَ ۾ رڙ ٿو ڪري:
    ”او ڌوتڙي، گاءِ ھوندينءَ تون، گاءِ ھوندي ماڻھين. سنڌيءَ ۾ گاھ ڳئون کي چوندا آھن. ڪاؤ.... ڪاؤ، سمجھينءَ؟ آئون نر سنڌي آھيان، موھن جي دڙي جو نر ڍڳو، يو ڀڙوي اٽاليانو.....“
    ”او يو سلي سنڌيانو، ڪم ان، ڪم اِن ماءِ آرمز“ ۽ ان سان گڏ ئي ھوءَ رني ڪوٽ جي تلاءُ مان نيري انگي ۽ نيري چوتي سان ڦٿڪاٽ ڪري نڪري، ڊوڙندي ھن مٿان اچي ڪڙڪي ۽ ٻک وجھيو، ساڻس جٽ ٿيو وڃي:
    ”ھي يو بلئڪ ليڊر، ليٽس ميڪ بلئڪ ڊانس. شيديانو ڊانس.... ڪم آن.... شيدي باشا مومباسا. نو.... ناٽ تڪ ڌناڌن... مور ٽلي... ماما مور. ھئھ ڪم آن... ميڪ، پيڪاڪ ڊانس...... پليز...... لڪ... آءِ ايم ان بلو ڪاسٽيوم....“
    ھپي ڇوري کيس پيار ڀريل، ڪچو کائي وڃڻ وارن نيڻن سان نھاري ٿي.
    ”آءِ نيڊ.... پيڪاڪ ڊانس..... پليز ليٽس ميڪ ڊانس، گڊ ڊانس.. فوڪ.... پري ھسٽارڪ....“ ۽ ھو ھپي ڇوريءَ جي اکين ۾ ليلڙاٽ ڏسي، نھ چاھيندي بھ مست ٿي کن لاءِ رني ڪوٽ جي جابلو جھرڻي ڏانھن نھاري ٿو. ڪيس ڪارونجھر جي ساڙڌرو وارو جھرڻو ياد اچيو وڃي. ڇوڪري، چرس جي بُو ٻڏاڻا چپ سندس چپن مان ڇڏائي، کڏھڪري سيڪسي ٿيو، ڊيل جيان ڪر کنيو، ٽھڪڙا ڏيندي، رنيڪار نئين جي ڪپرين ڏانھن ٿي ڊوڙي.
    ۽ رني ڪوٽ جي انگاس ديوارن وچ ۾ جھرڻي جي جلترنگ ۽ پکين جي آلاپ تي شروع ٿي وڃي ٿو ھڪ جوڙي جو ناچ:
    ماما مور - - مور - - ماما مور
    سلم سلي – مور – ماما مور
    ٽلي ٽلي - - مور ٽلي - - سلم سلي
    ماما مور – ٽلي ٽلي – مور
    مور – ماما مور – سلم سلي
    ٽلي ٽلي – ماما مور – ماما مور
    ھي ماما – ھي ماما – مور
    ۽ پوءِ ٻئي نشيلا ٽھڪ ڏيندا، کارن کٻڙن ۽ ڄارين ھيٺان سائي سرھي ڀونءِ مٿان نچندا ٿا رھن، ھڪ ٻئي کي ھڪ ٻئي جي اندر اوتي ڇڏڻ لاءِ اکيون ٻوٽيو جھلندا ٿا رھن ۽ جڏھن – جڏھن ھڪ پراڻي لئي جي جھوني، پورالي وڻ جي سڪل ڏارن مٿان ڳڀرو، ڳيريءَ جي وات مان چوڳو جھٽي ٿو وٺي تھ ھو بھ ڇوڪريءَ جي چرس ٻڏاڻن چپن مان چپ ڇڏائي ٿو. ھپي ڇوري وڏي گرم ڌونڌاڙ سان ھوش ۾ اچي، اونھو ساھ ڀري، موھ منڊ مان منجھانئس اکيون نٿي ڪڍي.
    ڪاوڙ مان اڇلائي روئڻ جھڙي ٿيو وڃي ۽ راڙو ٿي ڪري:
    ”ايوري ٽائيم، يو آر ٽيزنگ مي...... ايوري ٽائيم!....“ ۽ ھوءَ پنھنجا سمورا ٽپڙ سنڀالي، بوٽ پائي اٿي ٿي. ھن کي ڇڏي وڃڻ لاءِ. (جيئن ھرڪا ڇوڪري کيس ڇڏي ويندي آھي)
    ”ڀڙوي – چڙئي ويئي نھ چرس جا نشا تارونءَ تي؟..... ڀيڻيان مکڻ لڳي پئي آھين، رک تھ ٽين جمعي جو ڏينھن. ٻيلي ڏاھي ٿي، برڦت، ٻروچ ۽ کوسا وڏا نئود آھن، ھيکل ڏسي ريپ نھ ڪنئي.“
    ”واٽ آر يو ٽاڪنگ؟......“ ھو ويندي مڙي رڙ ٿي ڪري.
    ”بارڪنگ.“ ھو ڏانھنس نھاري، مرڪ ڀريل نيڻن سان نئون سگريٽ ٿو دکائي ۽ رٺل ساٿي ڇوڪريءَ کي ڏاڍي موھ مان پٺيرو ويندي ڏسندو ٿو رھي، سندس ھڏ ڪاٺ جو ڪاڇو ڪندو ٿو رھي.
    گوڏن کان مٿي مٿي، سٿرن تائين ملين ڊالر اگھاڙيون ڄنگھون ۽ پينٽ ڦاڙيندڙ سوٽ پولھھ. اڌ اگھاڙي چيلھھ جي ھڪ پاسي کان لڙڪندڙ ٿيلھو، ٿيلھي جي جھانجھر. ٻئي پاسي کان لڙڪندڙ ڪيميرا ۽ ڀنڀا نھ، سونا وار ڪلھن تي ڇوڙي ڇڏيائون وارا سمورا حساب ڪتاب. اھا ڏس تھ جوڳياڻين جيان چيلھھ سان جھاٻا ۽ جھولڻا لڙڪائيندي، ٽليون وڄائيندي پئي وڃي.
    ۽ ھو – ھو ھيڏي وڏي وارتا ٿي وڃڻ کان پوءِ بھ مڪت آھي. اندر ۾ الائي ڪھڙي سٽ، ولوڙ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪندي مرڪي ٿو پوي ۽ ھڪ مشھور ھپي سانگ جا ٻول جھونگارڻ ٿو لڳي.
    گو ..... گو ...... پينڊو گو....
    گو ..... يا ڪو پينڊو گو ......
    گو پينڊو گو ....
    گو پينڊو گو... ويئر دي ھيونس آر ويٽنگ فار يو....
    ۽ ڇوريءَ جي ڄنگھن ۾ ڄڻ ڏانوڻ پئجي ٿا وڃن. ھوءَ ھلندي، چؤڏس نھار ڦھلائي، رني ڪوٽ جي جادوءَ ھاڻي وايو منڊل ۾ نھاري ٿي. سندس ڄنگھن ۾ ٿيڙ ايندا ٿا وڃن. اچانڪ ھوءَ درد جي پيڙا کان دانھن ڪري موٽ ٿي کائي.
    ”اوھ ساري يو فوني فوني اسڪالر.... آءِ ڪانٽ ليو يو. لائيڪ دس.“
    ”او – يو ڊرٽي ڊاگ، ريئلي يو آر اي فائن مين!“
    ”يا – ڪميونسٽ، ويري فائن ڪميونسٽ، گڊ فالوئر آف ڪميونزم، اٽز نيو فلاسافي آف ھيومن لونگ، فلاسافي آف ڪمنگ جنريشنز.“
    اچانڪ ھوءَ ڪروڌ ۾ اچيو وڃي. اکين جا ڏورا ريٽا کھنڀا ٿيو وڃنس:
    ”شٽ اپ يو مائو تائو چائو... ڊونٽ پلي ود ماءِ فيلنگز.... آءِ نو آل ابائوٽ يوئر ڪميونزم – آءِ ھيئو ريڊ ھسٽري – دي ھسٽري آف بگ بِلڊ شيڊ. بگ بلڊ شيڊ! ان رشيا، چائنا، ڪيوبا. ھنگري....“
    ”يا – ائنڊ آءِ نو آل ابائوٽ ھنگارين، فائيٽ فار ديئرم فريڊم. ايمريڪن ڊاڪيمينٽري فلم. اٽ واز نٿنگ مور ٿئن پروپيگنڊا. ”ھنگارين فائيٽ فار ديئر فريڊم.“ فلم آف ماءِ چائيلڊ ھلڊ... آءِ ايم ناٽ اي نيومين ان دي ورلڊ آف ڪيپيٽلزم ائنڊ ڪميونزم. يو آر ناٽ ٽاڪنگ ود اي لٽل فالوور آف مائوزيتنگ. لڪ ڊارلنگ، آءِ ايم ناٽ اي فوني فوني بواءِ..... ھوي ازم..... واٽز يوئر ھپي ازم؟......“ ھو اوڏي ئي ڪروڌ مان ڇوري ۾ نھاري ٿو.
    ۽ - ۽ ٻنھين جي وچ ۾ پئدا ٿي وڃي ٿي مھاڀاري جنگ، نفرت، ڪروڌ، ڪينو ھڪ ٻئي لاءِ. ھپي ڇوڪري ڏاڍي جولان مان دانھن ٿي ڪري:
    ”ھي – پٽ يوئر ڪميونزم ان يوئر پاڪيٽ ھيئر ..... آءِ ھيئو ناٽ ڪيم ھيئر فار يوئر ليڪچرز آف ڪميونزم.“
    ٻنھين جون پيار کان آڪيڙا چڙھيل ٻانھون ڍريون ٿينديون، ھڪ ٻئي کان جدا ٿيون وڃن. ڇوڪرو ڇوھ مان ڏانھن نھاري ٿو.
    ”او – ڪي، آءِ ھيو ماءِ پاٿ، گو آن يوئر وي.... دي وي آف فرسٽريشن نٿنگنيس.“
    ”شٽ اپ.“ ڇوري دانھن ٿي ڪري.
    ”يو شٽ اپ، آءِ ايم ناٽ يوئرز پيڊ گائيڊ سرونٽ.“
    ۽ کن پل اڳي ٻنھين جي وچ ۾ پيار جو جيڪو اٿاھ سمونڊ ڇلي رھيو ھو، مينھن جيان وسڪارا ڪري وسي رھيو ھو، ڄڻ ٻاڦ ٿي اڏامي ويو ھو. (ٻنھين ڄڻ شڪست کائڻ سکي ڪانھي)
    ڇوڪري ڪروڌ مان، ڪپڙا ٿي مٽائي ۽ پنھنجو ٿيلھو ۽ ڪيمرا سنڀالي ٿي. بسڪوٽن ۽ سگريٽن جو ھڪ پيڪٽ ھن ڏانھن لاڏ ڀريل ؟؟؟؟ ھيوج ڪيسل، ريئلي يو آر اي ونڊرفل مين ان ماءِ لائيف، ويري فائن، ويري ڪلاسيڪل ائنڊ ملٽي ڪلچرڊ مين.“
    ”اوھ.... ٿئنڪز.“ ھو کن لاءِ گھوران گھور نيڻن سان ڇوريءَ ۽ پوءِ وري رني ڪوٽ جي انگاس، چوڏس ڪٿي نھ پڄاڻي ٿيندڙ ديوارن ڏانھن مڙي مڙي نھاري ٿو.
    آڏن لڪن مٿان رني ڪوٽ جي چوڏس نيڻ نھار تائين ڦھليل انگاس ديوار، برج، منارا، ڪنگر ۽ مورچا، وچ ۾ پري پري ڪوٽ ميريءَ کان بھ پري ھڪ انگاس پھاڙيءَ مٿان شير ڳڙھ جو انگاس ڪوٽ. سدا بھار جھرڻي جي اکٽ پوڄ پاڻيءَ تي چوڏس سامايل جوئر جي پوک جا حسين ٻارا ۽ گسن ۾ گاھ ۽ سنگ مرمر جيان ڦھليل چيروليءَ جا آرسيءَ جيان تجلا ڏيندڙ ٽڪرا ۽ ڪل ڪل وھندر جھرڻي جي جادوءَ ھاڻي موسيقي، جيءَ کي جادو لائيندي ٿي رھي.
    ٻئي ڄڻ ڪنھن وڏي جادوءَ ۾ اچي، سڀ رساما وساري، وري ڳتجي ٿا وڃن. ڇوڪري کن لاءِ ڪوٽ ميري ۽ ڪوٽ شير ڳڙھ جي برجن ڏانھن واڇائن جيان نھاري ٿي. الائي ڇا سوچيندي سندس واتان ٽھڪ نڪريو وڃي، ڇڙواڳ ٽھڪ.
    ”ھي گاءِ، يور ڪيسل از پرگنينٽ!؟.... اوھ گاڊ... اٽز آل انوزيبل..... ديئر از ٽو لٽل فرٽز ان ھر اسٽمڪ. ھا ھا ھا..... يور ڪيسل از فيميل، پرگنينٽ فيميل.“
    ”يا يا – پرگنينٽ فيميل آف وال آف چائنا. ويري اولڊ اينڊ بيوٽيفل فيميل.“ ۽ ھو خوشين کان جھومي ٿو وڃي:
    او پوڙھي مائي پيٽ سان – ھو جمالو
    چلم ڇڪي آئي خير سان – ھو جمالو
    منھنجو جمالو ھپي ڇورين سان – ھو جمالو
    ”ھي – اٽز ويري گڊ سانگ ....... سنڌيانو؟......“
    ”يا يا – سنڌيانو – ڀڙوي، ويري گڊ فوڪ سنڌيانو سانگ.“
    ”او گاڊ، دس ڪنٽري از ڪنٽري آف ميجڪ! لائيڪ اي ڊريم، وين آءِ واز لٽل، ون ڊي ماءِ مدر سيڊ ديٽ انڊس ريور از اي ريور آف ميجڪ، بلئڪ ميجڪ. اوھ گاڊ... ھيلپ مي فار لانگ لائيف.“ ھوءَ چري ٿيو الله کي ڊگھي حياتي ماڻڻ لاءِ ٻاڪاري ٿي ۽ ھو – ھو دور ولاتن جي ڇوريءَ واتان پنھنجي وطن جي ساراھ ٻڌي ٽڙي ٿو پوي، جيئن سورج مکي، سج ڏانھن تاڻيندو آھي، تيئن ھو ڇوريءَ جي نيڻن ۾ جھاتيون ٿو پائي، ڀوڳ منڊل ڪرڻ کان سواءِ رھي بھ نٿو سگھي. چرچي کان، بنھھ ڪن ۾ ٿو چويس:
    ”ھي – يو وانٽ بارن تو لٽل ڪڊس ايٽ اي ٽائيم؟... آءِ مين ٽوين.“
    ڇوڪري سندس ڳالھھ سمجھي ٽھڪ ڏئي رڙ ٿي ڪري: ”ٽو – ايٽ اي ٽائيم؟!..... او نو نو!..... آءِ ايم ناٽ سو ھيوج از يور ڪيسل. او نو نو......“ ٻئي ڄڻ کلي کلي کيرا ٿي ڄارين ۽ کٻڙن جي جھنڊ ھيٺ ويھي ٿا وڃن، ڳالھيون ڪرڻ لاءِ، پيار ونڊڻ لاءِ.
    ڇوڪري حيرت ۾ حيران، سج جي تيج کان چنجھائجي ويل نيڻن دور رني ڪوٽ جي دونھين سمان اڀين چوٽين مٿان بيٺل منارن ۾ نھاري ٿي. کيس الائي ڪھڙا پتڻ ۽ پار ٿا ياد اچن.
    ”ھي – ھيئو يو سين دي گريٽ فرٽ آف پامپي، ان بُڪز آر پڪچرز؟“
    ”يا – ان فلمز، پڪچرز، فوٽو گرافز، آءِ نو آل ابائوٽ پامپي، دي فال آف پامپي، بُڪ آف ماءِ چائيلڊ ھڊ. ائنڊ فلم ”دي لاسٽ َيز آف پامپي“ ائنڊ پري ھسٽارڪ روم... رومن امپائرز...... امپورز ائنڊ گاڊس، جؤپيٽر، جوليس سيزر ائنڊ ادرز......“
    ”اجنٽا الورا؟“
    ”يا – اجنٽا الورا.... دلوراؤ ٽيمپل..... دلورا!...... ائنڊ سانچي ديئر از راڪ ڪٽ ايلفنٽا ٽيمپل آف ڪار.ي ائنڊ ان اجپٽ لئنڊ آف فرھاز. بٽ ان بُڪز. ويري گڊ بُڪز ائنڊ فلمز، ويري گڊ بُڪز ائنڊ فلمز آف مائي لائيف.“
    ”ھي سنڌيانو، ريئلي يو آر اي فني مين. آءِ ايم فيلنگ ويري لڪي وومن، ماءِ سيلف.“
    ”واءِ ناٽ، بڪاز يو آر ود دي سن اف دلوراؤ، ويري ھرامي ڪنگ پريسٽ آف سنڌ.“
    ”نو، يو آر جوپيٽر.“
    ”نو.... سن آف ديوس تپر، ائنڊ يو آر ديوس پترز ڊارلنگ.“
    ”آ.... رڪي چِڪي چِڪي......“ ھوءَ سيڪسي ٿي دانھن ٿي ڪري.
    ”ناٽ چِڪي چِڪي..... چيڪي چيڪي...... ڳالھھ ٻڌ، قرآن تون ڀوري چيڪي مٽيءَ مان ٺھيڪ آھين. ھاءِ تنھنجو ھي پڪو ٺڪراھون رنگ، ڏاڍو ساريندوسانءِ“
    ”پليز... ان انگلش؟ ٽيل مي دي ميننگ...... پليز......“
    ”تھ پوءِ ٻڌ.“ ھو اڃا وڌيڪ کيس تڙپائي ٿو.
    ”يو مين بُڌا.... گريٽ گريٽ بُڌا؟......“
    ”نو ٻڌا، آءِ مين لسن.“
    ”ڪيري آن پليز.“
    ”لڪ، نائو مائي نيم از جؤپيٽر ائنڊ يو آر جؤپيٽرز ڊارلنگ، او – ڪي.“
    ”نو – اوڪي، يو جؤپيٽر.... يو ناٽي جؤپيٽر، يو وانٽ ٽو ميڪ مي پرگنينٽ، ٽو چلڊرين ايٽ اي ٽائيم، اوھ نو..... اٽز ويري ڊينجورس گيم. ناٽ دس ٽائيم.“
    ھوءِ ٻلھڻ جيان ڦٿڪاٽ سان ھن جي چپن مان چپ ڇڏائي، ٿيلھي سوڌي اڀري اٿي ٿي.
    ”لڪ ديئر.... اوڪي ..... ھيپي.“
    ”يا ھيپي.“
    ٻئي اٿن ٿا ۽ ٻئي فيصلو ڪن ٿا تھ کائيندڙ ساڙيندڙ سوريھ ٿڌو ٿي رھيو آھي، ڇو نھ ٻئي وکاريندا پھاڙ مٿان شير ڳڙھ جي برجن تان بيھي، رني ڪوٽ جي انگاس ديوارن پٺيان سج کي ڳارھو کھنبو ٿي ڍرندو ڏسن. سنڌيا جا ڏيک پسن، جيئن پراڻي، جڳاڻي جا ماڻھو انھن ڍڊن تان بيھي ڏسندا ھئا.
    ۽ پوءِ - پوءِ ٻئي ڳر لڳي، رني ڪوٽ وچان شير ڳڙھ جي اتانگھھ چوٽين ڏانھن ٿا وڌن، ٿيڙ کائيندا، پيار ونڊيندا، گيت جھونگاريندا.
    ول آءِ فائينڊ،
    دي پيس آف مائينڊ،
    بيھائينڊ، چائنا گيٽ
    چائينا گيٽ.


    ساروڻا سارو جيون

    بس ٽو اسڪوٽ روڊ تان اڏرندي ٿي وڃي. ھن کي خبر آھي، ھاڻ ھو اھڙيءَ جان جوکم ۾ آھي جو سر تان آسرو پلڻو ئي پوندو، جيڪو ھن الائي ڪيتري وقت کان پلي ڇڏيو آھي. حالتون ايترو خراب ٿي ويون جو ھاڻ عزرائيل واڪو ڏيئي، وڏيءَ ھڪل سان ٿو اچي ۽ ساھ، ساھ بچائڻ جو حق ھر ڪنھن کي آھي. موت ۽ جيون جي اھا راند آدجڳاد کان جاري آھي، جيئن ماڻھو، پکي، جانار ۽ پسون – جيئدان لاءِ ھرڪو جنگ ۾ جٽيل آھي، وڏيءَ ويڙھاند ۾، تيئن ھو بھ وڏي ويڙھاند ۾ آھي. مھاڀاري جنگ، ٿڪائيندڙ جنگ، سندس سڪرات جي آخري گھڙي تائين جي جنگ، جنھن جي پڄاڻي فقط موت آھي. جڏھن کان ملڪ ۾ مارشل لا لڳي آھي، ان ڏينھن کان ھينئر تائين ھو وڙھندو آيو آھي، اھڙي جنگ، جنھن ۾ ڪيئڻ کان پوءِ رئڻو پوي. ھو نٿو چاھي تھ ھن ڪٿان ڪو ڀل چڪ ۾ مري پوي. ھن لاءِ ٻئي جي جيو ھتيا ڪرڻ کان آپگھات ڪرڻ سٺي ڳالھھ آھي. انھن فوجي راڄ وارن ڏھاڙن ۾ ھن کي سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڪنھن سان منھن ڏئي ڪنھن سان ڏئي. ڀلا ھن لاءِ اھا ڪيڏي وڏي ڏکوئيندڙ ڳالھھ آھي تھ پوري ملڪ ۾ ھو اڄاتل ۽ اوپرو آھي – ايڏو اوپرو جو پنھنجي گھر ۾ بھ کيس ڪونھ ڄاڻي سڃاڻي. ھن کي سڀ کان وڏو خطرو گھر کان آھي. پنھنجي ماءُ پيءُ کان، جنھن شھر ۾ ھو رھي ٿو، ان کان بھ نھ. بس رڳو ماءُ پيءُ ۽ سڳن ڀائرن ۽ ڀينرن کان ھو ڄامشوري ويندر ويگن ۾ دانھي ٿو. ايڏي پيڙا کان جو اکيون سڪو چڪا چڪا رت رويو پونس.
    ”الا......! ڪھڙو ڪل يگ اچي ويو آھي. ڪھڙي نھ ھاءِ واويلا اچي وئي آھي جو ماءُ پنھنجي ٻار جو چھرو پڙھي نھ سگھي!...... ڀلا اھا ڪھڙي نھ رت ٽھڪائيندڙ ڳالھھ آھي. جڏھن ھڪ ٻچڙيوال بيروزگار ماڻھو، پنجويھارو کن روپيا ڪمائڻ لاءِ (جن جو پڪو آسرو نھ ھجي) سج اڀرڻ کان اڳي سھي سنڀري نڪري ۽ دڳ دڳ تي ارجي وڃنس بانڊ قسم جا وحشي ۽ خونخوار ماڻھو، چھرن تي ميڪ اپ جا تھھ چاڙھيل جڙتو، کوکلا، اڻ سڌيل ماڻھو ۽ ھو جڏھن واتي ويڻي، ھٿيارن توڙي بي ھٿيار مقابلا ڪندو گھر پھچي تھ گھر جو ھر ھڪ ماڻھو، وات ۾ ارڙ نانگ واري زھريلي ڄڀ سان ڦوڪارا ڏئي رھيو ھجي:
    ”ڇوريون، آيو ٿو ايمڻا کدڙو، ھاڻ مينھون ڏھي ڪي ڏھ ٻارنھن سير کير پياريوس.“ ماءُ جون ڄڀيون:
    ”ڳئون ۽ مينھن تھ ڦنڊيون تي ڍرڪي مري ويون. پاڙي وارن جي ڪا ڪتي ڏھي ڏيوس.“ پيءُ جا نفرتن ٻڏاڻا زھريلا ڦوڪارا:
    ”ٻڌ، ڳائين تھ علڻ فقير کان بھ سٺو ٿو، يار ڌڪڙ وڄائي ڌيئن کي ناچ گانو ڇو نھ ٿو سيکارين. قرآن ڳائڻ کان وٺي..... تائين جي ٻٽي ڪمائي ملندءِ.“ ننڍڙي ڪمائو ڀاءُ جا ننڍڙا وڇونءَ جيھا ڏنگ.
    ۽ پنجويھن سالن کان ٻڌندو اچي، ڪڏھن ڪڏھن دل ايڏو تھ دھڪو کائيندو اٿس جو ڌرتي پيرن ھيٺان نڪري ويندي اٿس. ھو ڊھي، وڏا ڦٿڪاٽ ڪري، زور زور سان ٻانھون ڇنڊيندو آھي. بولاٽيون کائي، لانگ جمپ ھڻي ھڻي وڻن ۾ لڙڪي، مٿي کي چرين جيان جھٽڪا ۽ رسي ٽپڻ جي ڏانو سان ايڪسرسائيز ڪري، ٻڏي ويل دل کي وري ڪجھھ ڏينھن ساھ تڳائڻ جھڙو ڪري ڇڏيندو آھي. جيئڻ لاءِ ۽ مات نھ کائڻ لاءِ ھو ڳوڙھا اکين کان اچڻ بدران ڏوڪي ويندو آھي، يا ڪڏھن ڪڏھن رت جي الٽي ڪري، ھانو کي سڌير ڪري ڇڏيندو آھي. ڏک رڳو ان ڳالھھ جو ٿيندو آھي تھ ھن جي سامائجندڙ، شاعر ڌيءَ رت جي الٽي ڇو نٿي ڪري؟... بس ھوءَ رڳو مٿي کي ھٿ ڏئي، تارونءَ تي دلي جا ٿڌا پاڻي پئي وجھندي آھي، ناڪيلي بند ڪرڻ لاءِ. پيءَ ڌي بھ ھڪ ٻئي کان رٺاڻا لڳندا آھن. سڄي ڳوٺ ۾ ھر ڪنھن سان مرڪي ڳالھائين، رڳو ھڪ ٻئي اڳيان لڄيندا ۽ اواڪ ھوندا آھن. عاشق معشوق جيان ھڪ ٻئي کي ڏرا ڏئي ڳاڙھيون ٿي ويل اکين ۽ لڪ لڪوٽيءَ سان ڏسندا آھن. ڪڏھن ڳالھائيندا آھن تھ ھينئن:
    ”ڊيڊي، ڀلا ڪنن ۾ ڪپاھيون دٻي دٻي وجھڻ سان بھ آواز ڇو ٻڌڻ ۾ ايندا آھن، اڻوڻندڙ آواز؟!..... دل ڌوڏاريندڙ؟“
    ”ان لاءِ تھ ھر سنگيت جي دنيا اسين يگن کان وڃائي ويٺا آھيون. پر تون عجيب ڇوڪري آھين. اھي ناڪيلي ڏيندڙ گيت ڪنھن لاءِ ٿي لکين؟“
    ”ڇا گيتن سان سر سنگيت موٽي نھ ٿو سگھي؟“
    ”پرٿويءَ جي اتھاس ۾ تھ ائين ڪڏھن بھ ناھي ٿيو.“
    ”ان جو ڪارڻ؟“
    ”ڪارڻ..... شايد ان جو ڪارڻ فقط ھڪڙو ئي آھي. فائن آرٽ جي دنيا جا ماڻھو ڏاڍا ھيڻا ۽ گيدي ٿيندا آھن. ساري ڄمار سڪارن لاءِ ڦٿڪي ھانءِ ڀارا ھڻي روئندا آھن، پر پوکي ھڪ ٻوٽو بھ نھ سگھندا آھن. اڃا تھ اسان کي ايتري بھ ڪل ڪانھي تھ باھ ڪيئن اجھائجي، يا دشمن تي وار ڪيئن ڪجي؟“
    ”ڪڏھن ڪڏھن ٿڪجي دل چوندي آھي تھ وڏي واڪ ڳالھائجي.“
    ”ڪنھن سان؟ ڇا ڀتين سان؟ جڏھن دل ڪنھن ردي ڦوڪڻي جيان ڦاٽڻ جون ڪري تھ ماڻھوءَ کي گھرجي تھ ڳالھائجي: وڻن ٽڻن سان، پکين، نوريئڙن سان، ٿڃ ڌائڪ ٻارڙن سان، پينار ٻارڙين ۽ پوڙھين سان. ٻين جا دک ٻڌڻ سان ئي ماڻھو سڪتيوان ٿيندو آھي. پر تون تھ صفا اٻوجھھ آھين. ھي جو پنھنجو شينھن جيڏو موتي ڪتو آھي، تون تھ ان کي ڪڏھن ٻچڪار ڪانھ ڏين.“
    ھڪدم بيبي خوش ٿي وڃي ٿي.
    ”او ڊيڊي، حيرت آھي، قرآن! پنھنجو ڪتو ماڻھن کان بھ وڌ سياڻو آھي. ڏس نھ، ڪالھھ پاڙي جي ڇوڪريءَ تي گگون وھائيندڙ ڇتي ڪتي حملو ڪيو. ٻارڙي جي دانھن تي ٽپو ئي ھڪ ڏنائين ۽ پوءِ ٻنڌ تڏھن ڪڍيائين، جڏھن اھو آفت جيڏو ڪتو مري نھ ويو.“
    ”ڇو نھ، منھنجو پاليل آھي. ھن نگريءَ ۾ ڇتو ڪتو جيڪو بھ ايندو، ماري ڇڏيندس. منھنجي ڪتي جو سڀ کان وڏو ڪم ننڍڙن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ وٺي اچڻ آھي.“
    کن لاءِ ٻنھي ۾ ماٺار اچيو وڃي. اھڙي ماٺار، جنھن ۾ رڳو سٺيون سوچون ئي اچي سگھن ٿيون.
    ”دل ٿي چوي اڄ شاعري ڪجي.“ ڌي خوش ٿيو تارن ڀريل آڪاس ۾ نھاريندي ٿي اچي.
    ”ٻڌ، سڄي دنيا جا مزور اسٽرائيڪون ڪندا آھن، عجيب عجيب اسٽرائيڪس. اسين بھ تھ ھڪ قسم جا مزور آھيون. ٻيو ڪو ساٿ ڏئي يا نھ ڏئي، اسين ٻئي پين اسٽرائيڪ ڇو نھ ڪريون، فائوٽين پين اسٽرائيڪ.“
    ”ساري ڊيڊي، اھا تھ ڪا شاندا ڳالھھ ڪانھ ٿي. اسٽرائيڪس پراڻو فارمولو آھن پنھنجيون ڳالھيون مڃائڻ جو. اسان جو ڪم زندگي کي وڌائڻ جو آھي، بھشت بنائڻ جو. اسٽرائيڪ بدران اسان کي تھ اڃا وڌيڪ لکڻ گھرجي.“
    ”ھون... الائي شايد تون سچي ۽ آئون غلط ھجان.“
    ھاڻ ھيئن ڪر، وڌيڪ ڏاھپ چڱي ڪانھي، سڄي عمر آھي ۽ لکبو ڪڏھن ڪڏھن آھي، جڏھن مرضي اچي. اوڪي، ھاڻ ھل پنھنجي بستري تي.
    ڌيءَ آخر موڪلاڻي واري مرڪ سان پيءُ ۾ نھاري ٿي ۽ پوءِ ٿڌو ساھ ڀري، ننڍڙي ڀائڙي کي ڪڇ ۾ ڀري، سمھڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ٿي ۽ پيءُ پنھنجي وڻ ھيٺان، آرام ڪرسي تي ويٺو آسمان ۾ الائي ڇا ڇا واجھائيندو ٿو رھي.


    پڄرندڙ پيڙائون

    ھن کي سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ ڪنھن کي دانھن ڏئي، ھن ھيڏي وڏي شھر ۾... او شيم... شيم...... شيم.... ڀلا اسين تھ چارئي آئوٽ سائيڊرز ھئاسين. پوءِ اسان تي پٿراءُ ڇو؟ پتراءُ ڪرڻ گھرجي پر اتي جتي ضرورت آھي. اسين تھ اڃا شھر ۾ مس گھڙيا ھئاسين، ٻھراڙين جا ماڻھو. اسان کي ڪھڙي خبر تھ وڏن شھرن ۾ ستن اٺن سالن جي ٻارڙيءَ کي بھ ريپ ڪيو ويندو آھي. اسان جي ٻھراڙين ۾ تھ ڪڏھن جانار بھ ائين ڪين ڪن. الا – مون تھ ڪڏھن بھ ڪين ڏٺو تھ ڪو مست ٻڪر ٻن سالن جي ڇيلڙي تي چڙھي وڃي يا اٺ ڪنھن ننڍڙيءَ توڏيءَ تي! ائين تھ جانارن ۾ بھ ڪينھي، ڀيڻسان ھيءُ ڪراچي جو شھر ٿيو يا ڇتن ڪتن جيھن ڇورن جو شھر.
    توبھن..... ڀلا ڪو سوچي، ان ٻارڙيءَ سان ڇا وھيو واپريو ھوندو! ڏوھ تھ کڻي پڻس ڪيو ھوندو. نيٺ ڀلا سچ ڳالھائڻ ۾ آھي ڇا؟ اسين سڀ بھ تھ نيٺ اھڙن ننڍڙن ٻارڙن سان جڙيل آھيون. ڀلا سڀني ٻارڙن کي ائين ٽارچر ڪري، پنھنجي جيون مان ڪڍي، ڪھي، ڪنھن ڀڙڀانڪ يتيم خاني يا اسپتال ۾ اڇلائي ڇڏيون تھ باقي جيون ۾ بچندو ڇا؟!.... ڇا بچندو!!!.....
    توبھن.... اڃا شھر ۾ گھڙون ٿا تھ ايڏي ٽارچرنگ خبر اسان کي ٻڌائي ٿي وڃي، ان سان گڏ اسان جي ٽئڪسيءَ کي سنگسار ڪيو ٿو وڃي! ڀلا ھن شھر جا ماڻھو چريا ٿي ويا آھن ڇا؟!
    توبھن، ڪيڏو نھ ڀيانڪ پٿراءُ ھو! منھنجون دوست ڇوڪريون ڪيئن نھ ڊڄي ويون ھيون!
    اچانڪ سڄو ڏيک اکين آڏو گذري ٿو وڃينس:
    ”ڪھڙي ڳالھھ آ ڀائي، اسان تھ آئوٽ سائيڊر آھيون. مون سان گڏ اسڪالر خواتين آھن. اسان کي تھ خود اوھان کي پٿر ھڻڻ کپن. اسان وٽ ماڙھو پوڙھي گڏھ سان سيڪس انجواءِ ڪري سگھي ٿو پر پنجن سالن جي ڇوڪريءَ کي ريپ ڪرڻ تھ پري، چوڏھن سالن جي جوان ڇوڪريءَ کي بھ ڪو ڪونھ ٿو ڇيڙي.“ تڏھن سندس ٽئڪسيءَ کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي.
    ”ھونھن..... ٽئڪسي......“ ھو خارن مان ڪنڌ کي ڌوڻي ٿو. “ڀلا ھن کي ڪھڙي خبر ھئي تھ کيس اڃا بھ ڪو وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳڻو آھي. ڀلا ھن لاءِ انھيءَ ٻارڙيءَ جي دل ڏاريندڙ حادثي کان پوءِ ٻيو ڪھڙو حادثو ٿي سگھي ٿو، جنھن تي ويھي روئجي. ڀلا جي مڃجي بھ تھ الله آھي، تھ پوءِ آسمان ڪراچيءَ مٿان ڦاٽي پو نھ پيو؟“
    ھو بنان دعوت جي، پنھنجي سوٽ جي گھر ۾ گھڙي پيو ھو، ٻن نيگرو اسڪالرز ۽ ھڪ اڙدو دوست ڇوڪريءَ سان. نھ تھ ھونئن کين سڌو پاڪستاني آرٽس ڪائونسل وڃڻو ھو. رات جا ٻارنھن وڄي چڪا آھن، معنيٰ آرٽس ڪائونسل بند.
    ٻھراڙيءَ جي ڄٽوڙي ڀيڻ، اونٿرا ٻاروچاڻا ٻار. ”ھئھ بواءِ، آءِ وانٽ ٽو انجواءِ دي نائيٽ وڌ آل ڪمپينئنز.“
    ”نو، آءِ ايم فيلنگ ٽارچرڊ، اس دس سوسائٽي.“ از اٽ اي ھيومن سوسائٽي؟!“
    ”اوھ..... اگين فيلنگز.... اوھ بواءِ، ڪم آن، انجواءِ دي لائيف. ديز ڊيز ول نيور ڪم اگين.“ نيگرو ڇوڪري ڪنھن اوپن ايئر ھوٽل ۾ چانھھ پيئڻ لاءِ اتي ويھي سٺيون سٺيون ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ٻاڏائي ٿي. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ لڳل پينٽنگز ڏسڻ لاءِ، ھيڪي اڙدو ڇوڪري کان سواءِ تنھي جون ڏٺل آھن.
    ”آرٽس ڪائونسل جو ٽائيم تھ ٽري ويو. پر الا – شھر ۾ تھ اڃا بھ ڏاڍو مزو ھوندو.“ مھاجر ڇوڪري اتاولي ٿيو وڃي.
    ”ھا ھا، ويچارين کي گھمائي اچ.“ ڀيڻس بھ مھاجر ڇوڪريءَ جو پاسو ٿي وٺي.
    ”چڱو، جلدي ھلو تھ ھلون.“ ھو چوي ٿو.
    ”واھ، اوھين سڀ ايمريڪن ڪپڙن ۾ ۽ آئون ھن ٿڪ جھڙي گراري ۾ ڇو ھلان؟ ڪراچيءَ ۾ تھ مان بھ جين جي جاڪٽ ۽ پينٽ پائي ھلنديس، ھپس ٻاھر ڪڍي. الا ڏاڍو مزو ٿو اچي.“ مھاجر ڇوڪري دانھن ٿي ڪري.
    ”نھ، تون بنھھ ايمريڪن فيس آھين، ڳاڙھھ ڳٽي! ڪٿي جي تون جين جا ڪپڙا پھرين ھلندينءَ تھ پوءِ ھرڪو ڪراچيءَ جو ماڻھو مون کي يا تھ ھپي امريڪن سمجھندو يا ھوائي روزي ڪمائيندڙ، ڪراچيءَ جو ماڊرن ڀڙوو.“
    ”ڀڙوو..... ڇا مطلب؟!“
    ”ھا ڀڙوو – ھي ڪراچي آھي. ڪراچيءَ جا ڪنگلا، ماڊرن ڇورا، امير دوستن جون ڪارون کڻي، ايئرپورٽ، سي پورٽ، انٽر ڪان يا ميٽرو پول تي ڊوڙائيندا رھندا آھن، ٻاھرين ملڪن جون ڇوريون سپلاءِ ڪرڻ لاءِ، وڏن وڏن وزيرن سيٺين ۽ آفيسرن لاءِ. سمجھينءَ؟“
    ”۽ وڏا وڏا آفيسر ۽ سيٺيون ڇا ڪندا آھن؟“
    ”اھي ان رات پنھنجيون زالون پٺاڻ چوڪيدارن جي حوالي ڪري، انٽرڪان يا ميٽرول پول جھڙن ھوٽلن ۾ ”ميوٽني آن دي بائونٽي“ ملھائڻ ھليا ويندا آھن.“
    ”اھو ميونٽي آن دي مائونٽي ڇا آھي؟“
    ”ان جي خبر مون کي بھ ڪانھين.“
    ”تون وڏو حرامي آھين. تون مون کي پنھنجي ٻروچ ڀيڻ وٽ ڇڏي، مون کي رنگين ٽيليويزن جي ڊرامن ۾ ڦارائي پاڻ انھن بلئڪ بيوٽيز سان ٽيلار ڪرڻ ٿو چاھين. ھا يا نھ؟“ مھاجر ڇوڪري چوي ٿي.
    ”پر گراگري ۾ ھلڻ ۾ آھي ڇا؟ ماڻھو تنھنجي گراگري جي وڏن پائنچن جي اندر گھڙي ويندا ڇا؟“
    ”لعنت ھجئي.“ ھوءَ شرمائجي ٿي وڃي. ”مون کي ڇتي ڪتي کاڌو ھو جو تو جھڙي ڪميڻي سان گھمڻ آيس.“ اھا ڳالھھ ھن جي ڀيڻ بھ ٻڌي ٿي وٺي.
    ”ھون..... ھون.... گنوخ.... دفعدار.... پراين ڇوڪرين سان ائين ڳالھائبو آھي؟“
    ”چڱو چڱو سمجھدار، عقل جي اڪابر، ھاڻ چئينس تھ جلدي ڪپڙا پائي نھ تھ پوءِ بھادر آباد ۾ رڳو رولو ڪتا پيا ڀؤنڪندا.“
    ۽ جيئن مھاجر ڇوڪري ڪپڙا مٽائڻ لاءِ سندس ڀر مان لنگھي تھ ھو ڀوڳ منڊل ٿو ڪريس:
    ”ڇوري، متان زپ بند ڪرڻ وسارين!“ ھو حرامپائي ٿو ڪري.
    ”خدا جو قسم، سوئر آھين صفا.“
    ”ھان- - سوئر سان گھمڻ ۾ مزو بھ تھ اچنئي ٿو. ھانھ..... ھانھ....“ ھو ڏاڍي ڍار سان ور ور چئي ٿو. ھوءَ مٿس ڪشٽ ٿي کائي.
    ”ٺيڪ آھي، اڄ جيڪا ڪرڻي ٿئي سا ڪري وٺ. قرآن، آئون ماڻھين کي سڀ ٻڌائي ڇڏينديس.“
    ”۽ قرآن آئون ڀاڻھين کي سڀ ٻڌائي ڇڏيندس تھ ٻھ راتيون تو پنھنجي سرتيءَ سان نھ، پر سرتيءَ جي بھاني سان مون سان گڏ گذاريون آھن.“
    ”اڙي نھ نھ، اھا تھ بلئڪ ميلنگ ٿي!“
    ”۽ امان سان شڪايت جو ڊپ ڀلا ڇاھي؟.... وڏي عربياڻي اٿئي، جيئن تون اسان لاءِ وڏي سنڌڻ ساماڻي آھين.“
    پر ھو ويڳاڻو آھي، اڪيلائپ کيس ڏنگي پئي! اڪيلائپ، جيڪا ھن ڄاڻي ٻجھي پنھنجائي آھي. ھڪ ئي رات ۾ ھيڏو وڏو حادثو، وچ شھر ۾ ھيڏي وڏي شھر ۾! جيڏو وڏو شھر، اوڏا وڏا حادثا! ھن ھيڏي وڏي شھر ۾ ڪوئي ڪنھن جو ڪينھي، ڀل تھ ڪنھن مٿان ڇريون ھلي رھيون ھجن.... پر سڀ ماٺ! سمورا در بند! خوني خون ڪندا پيا اچن ۽ پوليس.......؟ ڄڻ پاڪستان جي سموري پوليس ۽ فوج، ننڍڙي بيبيءَ جي قاتلن جي ڳولھا ۾ ڪراچيءَ جي گٽرن جي بند نالن ۾ ڌوڪي پئي ھجي ..... ۽ اخبار...... اخبارن کي رڳو اسڪينڊل گھرجن شھناز ۽ فريدي، يحييٰ ۽ بلئڪ بيوٽي، ايوب ۽ ڪرسٽائن، سوئيمنگ پول ۾ گڏي. توبھن، ھي اخبارون آھن يا قوم کي اشتھاري گڏيءَ جي ڄاڻ ڏيڻ جا ذريعا!.....
    ٽنھي ڇوڪرين سان ھلندي ھو سوچي ٿو تھ ھي شھر آھي يا ڪاري ڪربلا. ڀلا ھاڻ شھر گھمڻ ۾ مزو ڪھڙو ايندو؟ جڏھن ماڻھوءَ کي ايندي ئي ڄاڻ ملي تھ ھن شھر ۾ تازو ھيءُ ھاڃو ٿي ويو آھي!
    بھادر آباد جي چؤنڪ، ٻاڪڙا قسم جون اوپن ايئر ھوٽلون، ڪارون. ھن جون ساٿياڻيون سڄي دنيا جي فائن آرٽ جا پرابلمز کڻي ويٺيون ھيون. ٻاڪڙا ھوٽل تان فرانس، ھالينڊ، ليونارداونسي ۽ لاري ميوزيم وڃي نڪتيون آھن. پر ھن کي ان ننڍڙي بيبيءَ جو اوٽار لھي نھ ٿو. ڪراچي آھي ڄڻ بغداد آھي، نسورو بغداد! ھلاڪوءَ وارو بغداد! ڀلا جي منھنجي دشمني يا ڪنھن جي بھ دشمنيءَ ۾ ڪو اسان جي ٻارڙن سان ائين ڪري تھ پوءِ.....؟ ڪجھھ نھ ٿو سجھيس.
    کيسي تي ھٿ ھڻي ٿو، جتي نڪو سگريٽ آھي ۽ نھ ئي پئسا.
    ”مر نھ، ملن ئي ٿا. آھي ڪا مانڊڻي؟“ بِل ڏئي چارئي ٽيلار ڪندا بھادر آباد جي چؤواٽي تان ھڪ مانڊڻيءَ تان سگريٽ، پان ۽ چيونگم وٺن ٿا.
    اچانڪ ٽين ايجررز، ھپي، چرس ڇڪيندڙ اسٽريٽ بوائز کي ھو پاڻ ڏانھن وڌندو ٿو محسوس ڪري.
    ”ھئھ ايمريڪن؟“
    ”نو. نو.“
    ”اٽيلين؟“
    ”نو“
    ”حشيش کپي؟“
    ”نھ مھرباني.“
    ”لڪ جينٽل مين، اسين اسٽريٽ بوائز ناھيون. اسان کي ڪار آھي، بنگلو بھ اٿئون..... اڄ رات جي ڪمپني ڏيڻ چاھيو تھ.....“
    ”نو ٿئنڪس. اسين آئوٽ سائيڊر ناھيون بابا.“
    ھو محسوس ڪري ٿو تھ ڇورن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي.
    ”اي، تون پاڪستاني آھين؟“
    ”ھا پاڪستاني.“
    ”۽ تنھنجيون فرينڊس؟“
    ”ٻھ ايمريڪن اسڪالر ۽ ھڪ اوھان جي مھاجر ڀيڻ.“ ڀائي تون تھ ھروڀرو پيو ڊڄين، ير گھٻراءِ نھ. ھل اسان سان.... اڄ زندگيءَ جي حسين ترين رات ملھائينداسين. تون بھ ڇا ياد ڪندين استاد.“
    ھو ڇوڪرن جي ڇِڪ ڇِڪان تي ڪروڌ ۾ اچي ٿو وڃي ۽ محسوس ڪري ٿو تھ سندس ساٿي ڇوڪريون ڊڄي ويون آھن.
    ”ساري ڀائي، اسين اھڙا ناھيون.“
    ”پر اسين تھ آھيون. توھان کي ھلڻو پوندو. ھي بھادرن جو بھادر آباد آھي....“
    ڇوڪرا گھٽين ۾ ھن کي ڳچيءَ کان جھلي گھلڻ ٿا لڳن تھ، اشرافت مان ھلين ٿو يا نھ؟ ساندھ پندرھن منٽ کن اھا چڪري ھلي ٿي.
    ”واھ، ھڪ ماڻھوءَ جي گريبان ۾ اٺ ڄڻا ھٿ وجھي پاڻ کي بھادر شاھ ظفر جا پٽ پيا سمجھو. پر اھو نھ وسريو تھ پوءِ مان بھ ڏاھر جو پٽ آھيان.“
    ”اڇا، تھ تون سنڌي ڪتو آھين.“
    ھن کي پسڻ پئجي ٿا وڃڻ تھ ھاڻ ڄاڻ جھيڙو ٿيو. ھو پنھنجي ڊنل ساٿياڻين ڏانھن نھاري ٿو ۽ پوءِ ھڪدم ڇوڪرن جي گھيري مان نڪري، ٺونشا تاڻيو بيھو وڃي. ”ڪم آن بوائز، ون باءِ ون.“
    ھڪ ڇوڪر چاقو ٿو ڪڍي.
    ”يھ ڀي چلينگا.“ ھو پاڻ بھ چاقو ٿو ڪڍي ۽ ان سان گڏ ئي ھڪ ڇوڪري کي گوڏي تي بوٽ جي ٽو ٿو ھڻي. ڇوڪرا ھن جي تاڻجي بيھڻ تي ڍرا پئجي ٿا وڃن. ھڪ ھڪ ڪري سڀ ڇوڪرا ڀڄي ٿا وڃن. ھو ڏاڍي مشڪل سان ڇوڪرين سان گھر پھچي ٿو.
    رات جي پھر ۾ ھرڪو پنھنجن ڪمن ۾ بند ٿيو وڃي. سڄي شھر تي رات جي اوندھ انڌوڪار ڇانئجيو وڃي، اھڙي اونداھ انڌوڪار جھڙي ھن جي من ۾ آھي.


    مھاڀاري پاڳل ماڻھو

    چريو ھلندو ٿو وڃي، سج ۾ اکيون کپايو. چريي جي مٺ ۾ سڪا آھن ۽ اندر ۾ ڪروڌ. چريو سڪا ڇڻڪائيندي، جيئن سدائين واڦندو آھي، ٽاڪ منجھند جي ڄيرا ڇڏيندڙ سج ۾ اکيون کپائيندي واڦي ٿو:
    ”ٿڪ ٿئي او سج، ٿڪ ٿئي“ ۽ سدائين جيان چريو سڪن جي لپ آڪاس جي ٻوٿ ۾ اڇلائي ٿو ھڻي:
    ”ھي وٽ، جوءِ.... ڀري ڇڏ پنھنجو بول.“
    چريو ھلندو ٿو وڃي،
    چريو اڄ وڏي مستيءَ ۾ آھي.
    ھر ايندڙ ويندڙ جي اک چرئي ۾ آھي.
    چريو، جيڪو خطرناڪ ناھي.
    چريو، جيڪو نئون نئون نروار ٿيو آھي.
    چريو، جيڪو وچ شھر ڏئي ھلندو آھي، وڏي گار توار سان.
    چريو، جيڪو پراڻيءَ محبوب ھوٽل تي ٽٽي ويل ڪاٺاھين سيڙھين ھيٺ سمھندو آھي ۽ سيٺ صدورو خان ان رات ڏاڍو خوش ھوندو آھي، جنھن رات چريو ساجھر ايندو آھي. سيٺ صدوري جو دين ايمان چريو آھي. سيٺ چرئي کي ڏاڍو ڪن ڏئي ٻڌندو آھي ۽ مان سيٺ کي.
    ”خبر ٿئي پوءِ ڇا چيائين؟“
    ”ڇا؟“
    چيائين، ٿڪ آھي ھن صديءَ کي، لعنت آھي، ھن صديءَ جي عالمن کي. ھوءِ ھوءِ ھاڃا، ڀينر ھن ڀنڀور ۾.“
    ”پر مست ڪھڙي ڳالھھ تان ٿيو؟“
    ”بابا مست آھن، جڏھن مرضي اچين مست ٿي وڃن. الله پناھ ڏئي بابا، ھي چريو تھ الائي ڇا آھي!“ چاچو صدورو ڏاڍي عجب مان سدائين جيان رڙ ڪندو آھي. چاچو صدورو ڏاڍو اٻوجھھ بڻجي چوندو آھي، ”بابا، ڪا تھ ڳالھھ آھي جو اڃا دنيا ٿنڀن تي بيٺي اھي، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي پيا ڦرن.“
    ”آئون چوان نھ چاچا صدورا، پڪ ئي پڪ جاسوس اٿئي. ھندستان جو جاسوس. اڳي ڪنھن ڏٺو ڪنھن واٺو؟ اوچتو ھاڃي ۾ نھ اچي وڃين. مٿان جنگ ڀري بيٺي آھي، ھندستان پاڪستان جي.“ پر چاچو صدورو ھڪ اکر بھ ٻڌڻ پسند ئي نھ ڪندو آھي. چوندو آھي، ”پوليس مون کي جھلي ويندي نھ. موليٰ مدد آھي. فقير سان سر لڳي. بابا علي سخي آھي.“
    چريو جيڪو گٽر جي نالي ۾ سڄو ڏينھن پاڻ مٿان گٽر وھائيندو آھي، سڄي اسٽيشن جي گند بلا کائيندو آھي، پئندو آھي ۽ مستومست جئندو آھي.
    ۽ جنھن رات...... جنھن رات نھ، وڏيءَ پرھ ويل، جڏھن سج اڃا روشن کانڀاڻين سان ڄيرا ڪين ڇوڙيا ھئا، جنھن رات بلئڪ آئوٽ جي گھگھھ اونداھي ھئي.... جنھن رات اوڀر کان، سرڻين جيان ھندستاني جي ھوائي جھازن حيدرآباد جي ھوائي اڏي تي بوھڙ ڪئي ھئي..... جنھن رات ايئر ڪرافٽ گنز سان حيدرآباد کان انڙ پور، ٻڍاپور، ميرپور خاص تائين ڇيرن ڀريل گجگاھن سان سڄو آسمان پروڻ ٿي ويو ھو – ان صبح جو چريو آپي کان ٻاھر نڪري ويو ھو:
    ”ھلا اوھان جي جوءِ کي...... اھو ويڌن بھ ھن ئي صديءَ ۾! ڊزم ڊزم ڊزم..... ابليس...... آخ ٿو.......“
    ”اڙي جوءِ..... وري ائٽم بم کڻي آيا آھيو! يا علي مدد... ڏاڏو بابو دپاسي.“
    ”اڙي ڀيڻ جا.... وري ساڳي ڪربلا.... ڪاري قيام!“
    ”بيھون اوھان جي رن کي...... اڃا گھڻيون گاريون کائيندؤ.“
    ۽ ان صبح چرئي روئي ڪاٺاھون اسٿان ڇڏي ڏنو ھو، وڏن سڏڪن سان. ڏڪندڙ ڌڏندڙ پولارن ۾ پيھي ويندڙ نيڻن ڀريل آوازن سان:
    ”الا – ھيءَ صدي، اڃا اسان واتان گھڻيون گاريون ٻڌندي!...... ھنن جي... ھنن جي ماءُ..... جوءِ.... نھ نھ نھ“ ۽ چريو مري ويو ھو. اکين ۽ پير ساوا ٿي ويس. رات جو الائي ڪھڙو ڪاريھر کائي ويو ھئس ۽ صبح جو وري جيئرو ٿي پيو ھو.
    ”مھاڀاري پاڳل ماڻھو.“
    ھو جي واڍي واڻيا.
    ھو جي واڍي واڻيا.
    چريو دانھيندو ٿو وڃي. چريو ڦوھ الست مستيءَ ۾ آھي. چريو جيڪو پوھ جي آڌي راتين ۾ آواز ڏيندو آھي. چريو جيڪو ٽاڪ منجھند جي سج ۾ اک وجھي، گاريون ڏيندو آھي، سڪا اڇليندو آھي.
    ڪڏھن ڪڏھن مان پاڳل جو پيڇو ڪندو آھيان. چريو، جيڪو ريلوي جي گاڏن سان ايندو آھي ۽ وري ڪنھن ٽرين ۾ چڙھي چار پنج مھينا گم ٿي ويندو آھي.
    درياھ ۾ لاشا آھن،
    درياھ اچي پيو.
    ڀڄي وڃو! ھٽي پري ٿيو!
    درياھ اچي پيو.
    چريو، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن، اوچتيءَ آيل نئين جھڙي وھڪ کان بھ تکو ايندو آھي. چريو، جنھن جا ريھا چوڏھن ئي طبق ٻڙڪندا، گجندا ويندا آھن.
    لعنت ھجيو.....
    لعنت ھجيو.....
    چريو، جيڪو چنڊ تارن کي ڀونڊا گھروڙيندو آھي، چريو، جيڪو الاھين ڏينھن کان گم ھو، موٽي آيو آھي. ٻاڏائي ٿو: ”پاڻي..... الله گھوٽ ڪندءِ... پاڻي......“
    ”ھاءِ ھيءَ ڪربلا. پاڻھي ڪونھي، واھ ھيءَ ڪربلا، درياھ آڪاس ۾ اڏامي ويا.“ چريو، جيڪو صدائون ھڻندو، راڙا ڪندو ويندو آھي. وڏين ٻرانگھن سان.... چريو، جنھن کي سانت آھي ئي ڪانھ. ڪڏھن سانت ملڻي ناھي. چريو، جنھن جا نيڻ ڄڻ سدائين تلاش ۾ ھوندا آھن، مون کي مٿس ڏاڍو ڪھڪاءُ ايندو آھي. ڪنھن ماڻھوءَ جي اندر ۾ ايڏي آڳ مون ڪڏھن ڪانھ ڏٺي. ھڪ ڏينھن اچان تھ ٽاڪ آرھڙ جي منجھند جي سج ۾ اکيون کپايو وڦلي پيو:
    ”اڙي توکي بھ پئسا کپن وياجي؟ ھي وٺ......“ ۽ مٺ سڪن جي ڄن ڇڻڪاٽ سان سج جي منھن ۾ وڃي لڳي ھئي.
    ”ھيڏانھن ھي چريو اڃا جيئرو آھي؟!“ مان وائڙو ٿي زال کان پڇان ٿو.
    ”ھا – ٻھ ٽي مھينا ٿيا، ھڪ ڇوڪرو آيو ھو، لسڙاٽ.“
    ”ڇو؟“
    ”چيائين، اھو پاڳل منھنجو ڀاءُ آھي. تنھنجو مڙس چرين جو ڊاڪٽر آھي، اسين غريب آھيون. جواڻ ڀينرون آھن. اسان تي رحم کائو.“
    ”عجيب عورت آھين تون انھيءَ ۾ عريب يا رحم جي ڪيھي ڳالھھ آھي. اٽز ماءِ ڊيوٽي. قانون مطابق جيڪڏھن سندس ڀاءُ يا ڪوبھ ويجھو مائٽ مون وٽ وٺي اچيس، مان علاج ڪندوسانس، بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو. مان تھ ھن کي سدائين نڌڻڪو سمجھندو آھيان.“
    ”بينگ اي ڊاڪٽر، تون پاڻ جي گھرين ھا تھ اھو ماڻھو تو وٽ زير علاج ھجي ھا. مينٽل ھاسپيٽل جي ڊاڪٽر جا پنھنجا بھ ڪجھھ اختيار ھوندا آھن، پر پگھار ملي پئي، اسان جو ڇا؟“ منھنجي گھر واري ناشتي جي ميز تان ٽوڪ مان اٿي، ڪتاب سنڀالي ٿي. ٻارڙا پڙھائڻ لاءِ، اسڪول جا سانڀاھا ڪري ٿي.
    ”ڇا پئي چئين؟ تون چٿر ڪئي آھي!“
    ”ساري، ان لاءِ تھ اٽز يوئر ڊيوٽي، چريو جيئن پوءِ تيئن چوٽ چڙھندو، خطرناڪ ٿيندو ٿو وڃي. خبر ٿئي، ٻن ٽن عورتن تي سيڪشوئل حملو ڪيو اٿس ۽ ٻارڙن کي گھٽا ڏيڻ جي ڪوشش بھ.....“
    ”ڀائي، پوءِ ماڻھو کيس پوليس ذريعي مون ڏانھن ڇو نھ پيا موڪلين؟“
    ”ماڻھو احمق آھن ۽ چرئي جو ڀاءُ نابالغ آھي.“ منھنجي زال ٽائيم پيس ۾ نھاريندي، باءِ باءِ ھلي ٿي وڃي.
    وڏو وڏو زرزلو ايندو،
    رتو ڇان ٿيندي،
    اوھان جي زالن جا رتو ڇاڻ ارھ، زمين تي پکڙيا پيا ھوندا. (رات جا آواز)
    ”ٻڌين پيو.“ منھنجي زال ٽوڪ مان ٿي نھاري.
    ”ھون – ھا.“
    ”اڃا تھ رڳو ارھن تائين پھتو آھي، اڃا ڳالھھ اڳتي پئي آھي.“ منھنجي زال چپ چپن مان ڇڏائي، لنوائڻ لاءِ ٻانھن مڙسان مڙسيءَ ٿي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري.
    ”ڊارلنگ، ڊيلي ڊيلي! ڇا اھا بھ ھڪڙي قسم جي چريائپ ناھي؟ آئون تھ سمجھان ٿي اسان بھ اڌ چريا آھيون. اسان کي ڪجھھ حاصل آھي، تنھن ڪري واڦون نھ پيا. ڇا اسين جڏھن رنگا رنگ بلبن جي روشنين ۾ ننگا ھڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ ھوندا آھيون، چريا نھ ھوندا آھيون. وري تون تھ مٿان ڪڏھن ڪڏھن مينڊريڪس کائيندو آھين؟!“
    ”بڪواس ٿي ڪرين تون!“
    ”نھ ائون پنھنجو پاڻ سان انصاف پئي ڪريان.“ ھوءَ ڪاوڙجي پنھنجي ڪمري ۾ ھلي ٿي وڃي ۽ آئون ڀريل پئڪ الماريءَ جي ٻوٿ ۾ ھڻي، بستري ۾ پيھي ٿو وڃان تھ نيٺ ڀلا ھن عورت کي ٿيو ڇا آھي؟
    ”در کول نھ.“
    ”ساري، مون کي اوجاڳو آھي.“
    ”۽ مون کي ننڊ ڪانھ ايندي.“
    در کلي ٿو.
    ”ھي وٺ چينجر، گيت ٻڌي رات گذاري ڇڏ. ڇو ٿو مون کي فيل ڪرائين تھ مون غلط ور چونڊيو آھي.“
    ”ڇا ڇا ڇا؟..... ٻوٿ تھ ڏيکار.“
    ”ھان ڏس، اکيون ڦاڙي ڏس، ڊاڪٽرياڻيءَ جو نھ، ويچاري سنڌي ماسترياڻيءَ جو ٻوٿ آھي.“ ھو چٻرا ٿي ڏئي ۽ ڦٽاڪي جھٽي آواز سان در بند ٿي ڪري.
    ”اڙي ٻڌ تھ! منھنجي ڳالھھ تھ ٻڌ!“ اندران ڪوئي آواز نھ ٿو اچي.
    ”ڏس ڏاھي ٿي، ٻار بھ ڪنھن جو دل کڻي وندرائجي. قرآن ھيکل رات، ڪاريھر جيان مٿان گذري ويندي.“ مان ٽپڻ تي ھٿ ڏئي موٽ ٿو کاوان تھ رن کي ٿيو ڇا آھي؟
    ”منھنجي انگوٺي کي پرواھ.“
    ”ٻڌ، ايڏي آڪڙ ڇو؟ ڪٿي انھيءَ ڀڙوي چرئي توتي تھ حملو نھ ڪيو آھي؟“
    ”ھا، ھڪ عورت تي ڪيائين، ٻارڙيءَ تي بھ ۽ آئون عورت ۾ ڪائونٽ ٿيندي آھيان. ڇا ذليل ملڪ آھي!“ دريءَ مان ڇوھ ٿي ڇنڊي.
    ”تون تھ آمريڪا جي آھين نھ؟“
    ”ھا، ان کان تھ ھپياڻي ھجان ھا تھ سٺو ھو. ماڻھو ھڪڙي ڪن کان بڌندو، ٻئي کان لنوائيندو اچي ھا.“
    ”پر اھو ڪھڙو وڏو حادثو آھي؟“
    ”تھ ڇا وڏو حادثو رڳو ائٽم ڪرڻ ھوندو آھي؟ باءِ گاڊ، منھنجو مقدر ڦٽو ھو.“
    ”ڇو، ڀلا ان ۾ مقدر جي ڪيھي ڳالھھ آھي؟“
    ”سچ ٻڌايانءِ، تو فنٽوش ڊاڪٽر سان شادي ڪري مون پڇتايو آھي. الائي ڇو ڪاسائي اڳيان اچي ويندا آھن. مان ڪڏھن ڪڏھن گھٽ محسوس ڪندي آھيان.“
    ”بس، ھاڻ انت ٿي ويو. ٽيون اکر ڪڍيو ٿئي تھ پوءِ مون کي بھ ٽن تائين صحيح ڳڻپ ايندي آھي.“
    ”ڇا؟“ ھوءَ در کولي ڪروڌ مان ٻاھر نڪري آئي آھي.
    ”ڳڻ.... ڳڻ... ڳڻ نھ... ڳڻي ڏي نھ جيئن ڊيلي نوٽن جي سٿي ڏيندو آھين، اڄ ئي ڏي. مان ذھني طور تيار آھيان.“
    ”ڀنگ تھ نھ پي وئي آھين؟!“ مان وائڙو ٿي زال ۾ نھاريان ٿو. اچانڪ اونداھين مان آواز ٿا اچن:
    ”خونا خون ٿي ويندؤ.“
    ”خبردادر، ڀنڀٽ مچي ويندا. آئون اوھان جي ڌيءَ کڻڻ آيو آھيان.“
    ”اوھان جي جوين جي سٿڻ لاھي ڇڏيندس.“
    ”اڳٺ ڇني ڇڏيندس.“ چريو گڙندو ٿو رھي.
    ”مئا ھاڻي ٻڌ، ٻڏي تھ نھ ٿا مرو. ھيءَ سوسائٽي آھي. شيم، ٻڌ، مان.... مان ننڍريون ٻاڙيون نھ ٿي پڙھائي سگھان، جنھن شھر جي ھر چؤنڪ تي، ھڪ ننگو ماڻھو بيٺو ھجي!.......“
    ”ڇو نھ بيھندو، ان لاءِ تھ تون ويڪ ٽيچر آھين. توکي پنھنجي پاورز جي ڄاڻ ڪانھي. ڄٽ آھين تون. مان تھ پاڻ ڦاسجي ويو آھيان تو ڄٽيءَ ميٽرڪ پاس مان.
    ”ڇا ڇا، مسٽر! ڳالھائين ڪنھن سان پيو؟ آئون اھا ماسترياڻي آھيان، جنھن تنھنجي شھر جا دڪان اسڪول اڳيان پوٺو ڪرائي ڇڏيا تھ اسڪول جي بلڊنگ جي سونھن کي ڇيھو ٿا رسائين.“
    ”اھو تھ تنھنجو ڪميونسٽ ھئڻ جو ھڪ ننڍڙو نماءُ ھئو. ڇا اسڪول ۾ تو وٽ ٽيليفون ڪينھي؟“
    ”آھي.“
    ”پوءَ تو ڪڏھن پاڻ کي ھڪ جوابدار معزز شھري سمجھي، مون کي ٽيليفون بھ ڪيو ھو ڇا؟ ھا، اوھان کي ٽيليفون تي ھڪ ٻئي سان ڳالھائڻ کان فرصت ڪٿي ھوندي. انڌيون ۽ جنڊ، ساري، واھيات محاورو آھي.“
    ”ڇا؟...... اھا ڪھڙي بڪواس ڪيئي؟“
    ”ٻڌ، مون سان ڳالھائڻ وارا ٻوڙا ٿي ويندا آھن. مان پاڳل خاني جو ڊاڪٽر آھيان، مون کي چريا کريا ٺيڪ ڪرڻ ايندا آھن. نو آرگيومينٽ.“ مان ڪروڌ مان سگريٽ دکائي پنھنجي ڪمري جي در اوڏيءَ ئي طاقت سان بند ڪريان ٿو ۽ اونداھين مان آواز ٿا اچن، ڏاڍا زوراور آواز.
    اوھيو، پڇڙ تارو نڪتو آھي.
    اوھان جي ھتان گھڙي ھتان.
    يا علي مدد......
    يا حسن يا حسين
    يا حسن يا حسين
    يزيد جا ڦر، لعنت اٿو.
    لعنت اٿو، آخ ٿو......
    دور پولارن ۾ پڙاڏا آھن ۽ آئون پريشان ٿي، ڪيسٽ آن ڪري ٿو ڇڏيان.


    پري، پولارن کان پري

    اڏام
    دور پولارن مان ڄڻ پڙاڏا ڌونڌا ٿا اچن:
    ”سچ؟..... تھ پوءِ ٻڌ، سچ برھما لوڪ کان بھ پري آھي.“ ۽ پانڊٿ ٻوٽيل اکيون پٽي، سڪرات جيھيءَ پيڙائن سان ڳڙکيءَ کان پري، پولارن ۾ نھاري ٿو. ڪمرو ايئر ڪنڊيشنڊ آھي ۽ ٻاھر آڳ الا سڄ جي تاو جا اھاو اندر ٿا اچن.
    وڏي آرس:
    ھان – ماڻھ، ٻارڙا، پوڙھا تئي جيان تتل پرٿوي تي پيا ھلي رھيا ھوندا؟ پرڀو شانتي....... پرڀو شانتي....... پرڀو شانتي....... پر پانڊٿ کي سانت ڪانھي. آسانتائيءَ جا اندر ۾ ڄڻ ڪير کتا پيا آھن. اندر ۾ ڄڻ ڪوئي سج وگھري، لڙڪن جيان ڳڙندو ٿو وڃيس. جيئن وڏا گرھ سدائين پيا وگھرندا آھن، ڇاٽون ڇڏيندا آھن.
    لڙاٽ:
    ”ڇا مان جيئڻ لاءِ ڦٿڪات نھ پيو ڪريان..... ائين جيئن جيئبو آھي، جيئن ڌرتي تي رھبو آھي. ماڻھن کي ڇا ٿي ويو آھي! ھا.... ايڏو زوال! ٿرو سنچوريز، ماڻھو ايڏو ڪڏھن بھ نيچ نھ ٿيو آھي. جي مان سنگتراش ھجان ھا تھ ھيروشيما جو ڀونڊو ٺاھي، جنگبازن جي ٻوٿ تي گھروڙي ڇڏيان ھا.“ پانڊٿ روئي ٿو پوي.
    پانڊٿ پور ٿو پچائي.
    ھا – جيڪر ٻيو ڪو ڊاڪٽر ھجي ھا تھ آئون ھن ھاسپيٽل مان ڀڄي وڃان ھا. ھاڻي ڪھڙي نھ اچرج جوڳي ڳالھھ آھي، منھنجي برين جو آپريشن منھنجو پنھنجو پٽ ڪندو! ڊاڪٽر شام راڻي. دي ينگ ڊاڪٽر، ويري فيمس. پانڊٿ جي روئڻھار نيڻن ۾ مرڪڻھار لڙڪن جي پالوٽ ٿيندي ٿي وڃي.
    پانڊٿ سوچي ٿو. پانڊٿ وڏن ويچارن ۾ پيھي ٿو وڃي:
    ھان..... پالنا بھ ڇا شيءِ آھي! مڃڻ ۾ آر ئي ڪھڙو آھي. ڀلا پٽ کان شڪست کائڻ ۾ شرمائڻ جيڪي ڪيھي ڳالھھ آھي! ڪيڏو نھ شانائتو ڇوڪرو آھي! ڇوڪريءَ تي ساھ ڇڏيندي بھ ڪڏھن بھ ٻڙڪ نھ ٻولي اٿس. بس رڳو پيو مشڪندو، رڳو ايترو چوندو: ”ڊيڊي ماءِ فائن فرينڊ“ عجيب ڇوڪرو آھي!
    پورن ئي پورن ۾ پانڊٿ مرڪي ٿو پوي ۽ پانڊٿ پاڻ کي مرڪندو ٿو محسوس ڪري. ڏاڍو خوش. پانڊٿ پاڻ مرادي ڀڻڪي ٿو:
    ”ويد ڪال، ويدڪ انڊيا... ڀلا ايشيا مائنر کي ڇا چوندا آھن! ھڙا ماڻھو يورپ ۾ تھ ٻيا ايشيا ۾ ڦاٿل آھن. ھن سامراجي شرسٽيءَ ۾ ماڻھو الائي ڪھڙا ڪھڙا واڄٽ پيا وڄائين! جڏھن ريڊيو ٻڌ، انگولا، موزمبيڪ، انڊونيشيا، اجپٽ، اسرائيل، ايمريڪا، روس، افريڪا ھندوستان، پاڪستان، ڀلا جنگ کان سواءِ پرٿويءَ تي ٻيو آھي ڇا؟“ پانڊٿ جو مک آنھريءَ ۾ ڳارھو ٿي وڃي ٿو. پانڊٿ محسوس ڪري ٿو، ھو ھلي پيو. پانڊٿ وري آنھريءَ ۾ نھاري ٿو. پانڊٿ ڪروڌ نھ پچائي وري اسپتال جي کير جيھي اچي بستري تي ڊھي، بي – بي – سي لنڊن ٻڌڻ لاءِ ريڊيو آن ڪري ٿو. ريڊيو، جيڪو ھڪ ئي وقت ريڊيو ڪيسٽ جو ڪم ڏيندو آھي ۽ پانڊٿ پنھنجي بيڊ ڪپبورڊ تان سھڻي جلد واري ڊائري کڻي پڙھڻ لڳي ٿو. وري لڙاٽ ۾ ھليو ٿو وڃي.
    گيتا،
    پياري پياري گيتا، ٺيڪ آھي، آئون ڪميونسٽ آھيان، تو لکيو ھو، تنھنجو ھر سوڳنڌ ڪوڙو، ڪچ ۽ ڪلاپ سان ڀريل ھوندو آھي. تو اھو لکي مون لاءِ ڪا واٽ ئي نھ ڇڏي آھي. جيئن تون ھندو استري آھين. گيتا تنھنجو نانءُ ئي نھ، ايمان بھ آھي. پوءِ ٻين تي ويساھ ڇو نھ پئي ڪرين. اسان ڪميونسٽن وٽ بھ پنھنجو ايمان آھي. ڪميونزم، ڪميونزم جو سوڳنڌ، مون کي تو سان ڏاڍو پيار آھي. پياري پياري گيتا، تنھنجي وارن جي چڳ جو سوڳنڌ، مون کي تو سان ڏاڍو پيار آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڀاسندو آھي روميو، راڻو، راجڪمار، پيرس ۽ پنھون سڀ مون ۾ پيھي ويا آھن. ريئلي يو آر مور بيوٽيفل دين جوليٽ، مومل، ھيلن ائنڊ سسئي. آءِ لو يو، آئون ان ليٽر جا ڪجھھ ٽڪرا ڊائريءَ ۾ نوٽ پيو ڪريان.
    پانڊٿ اچانڪ لڙاٽ مان ٻاھر نڪري ٿو اچي:
    ”رام رام رام..... آئون بھ عجب جيھو ماڻھو آھيان. پرائي سڄي ڊائري پڙھي ويس. توبھن توبھن توبھن.......“
    پانڊٿ پنھنجو ڏوھ پڪڙي لڄيندو ٿي وري ڀڻڪي ٿو:
    توبھن، ھيڏو وڏو ٿي ويو آھي، اھا ويسر جي عادت نھ وينديس. ٺيڪ آھي، پٽ جي ڊائري آھي، ساري چئي معافي وٺي ڇڏيندوسانس ۽ چوندوسانس ننڊ نھ ٿي اچي ۽ پوءِ پانڊٿ اشنان لاءِ باٿ روم ۾ اچي ٿو، جتي ھر ڪا شيءِ ھڪي حاضرآھي.
    ۽ باٿ روم ۾ ھيکل مرڪون پکيڙنديون ٿيون وڃن. پانڊٿ گوڏ سوڌو، ٽب ۾ پيھي ٿو وڃي. سندس رائيٽنگ پيڊ ۽ پين بنھھ سندس سيرانديءَ کان ٽيبل اسٽينڊ تي رکيل آھن.
    ”ھان.... ڇا ھيءَ صدي، سچي بھ پرٿويءَ جي سڀ کان اڇوت صديق نھ ٿي چئي سگھجي؟ ھن صديءَ ۾ ماڻھو ڏاڍو ڀوڳيو آھي. آدجگاد کان جي انساني ڊوڙ ۾ ھن صديءَ جي ماڻھوءَ سڀ کان تڪڙي رومڙ ڪئي آھي. ائٽم راڪٽ ۽ ميزائل جي تڪڙي خونخوار رومذ جو سڄي ايرين ريس بھ شرمائجي وڃي.“ ڪنھن آڳ کان پانڊٿ شاور کولي ٿو ڇڏي.
    پڙاڏا
    شاور جي پاڻيءَ جا جلترنگي جھنڪار جيھا آواز. پانڊٿ سانت ۾ اچي نيڻ ٻوٽي ٿو ڇڏي.
    پڙاڏا.
    ڄڻ رات جي دوناڙ مان، سانوڻ جي سنڌو وھندي ٿي وڃي.
    ”ڇا ڪيلا جو انت نھ ٿي ويو آھي. ھن صديءَ ڇا ڇا نھ ڏيکاريو! سڀ ڪجھھ ڪيڏو نھ ڏھڪائيندڙ!
    اوندھ
    ڌوڌرا
    ٿڌا ساھ. ھاءِ ھاءِ ووءِ ووءِ.... پانڊٿ کي ڀاسي ٿو، باٿ روم ۾ نھ، ھيروشيما جي آڳ الاڪين ڪن ۾ ويٺو آھي ۽ پانڊٿ دکي ٿي، پنھنجي ڀنل ديھھ اسفنج ٿو ڪري ۽ تازو ڌوتل استري ٿيل ھاسپيٽل جو اڇو يونيفارم پھري، وار آنھريءَ آڏو ڇنڊي، ڌيءَ کي ٻڌڻ لاءِ روم ۾ اچي ڪيسٽ آن ڪري ٿو.
    ”ڊيڊي.... ماءِ سوئيٽ ڊيڊي. سڀ کان پھرين تھ ڳل ڪيسٽ اسپيڪر تي رک، فرسٽ آف آل آءِ وانٽ ٽو ڪس يو. او – ڪي“
    ”اوڪي.“
    پانڊٿ ڳل سائونڊ باڪس تي رکي ٿو ۽ چميءَ سان ڄڻ دور جنگلاتن ۾ ڪوڙين جھرڪيون ؟؟ چرپر ڪرڻ لڳيون آھن. پانڊٿ جي من ۾ ڄڻ جينجھڻا ٿا وڄن.
    ”ڊيڊي آءِ ايم ھيپي، ايور: تائيم فيلنس پيس، اِنر پيس. سچ، ھاڻ ڀاسي ٿو جيون ڏاڍي سھڻي شيءِ آھي. ساري ڊيڊي، آئون سدائين توسان مردن جي خلاف آرگيومينٽ ڪندي، وساري وھندي آھيان تھ ھن پرٿوي تي اوھان جھڙو سھڻو مرد بھ آھي. مان تو سان ھاڻ اھڙو ضد ڪڏھن بھ نھ ڪنديس. ڊيڊي، مون فرسٽ ٽائيم محسوس ڪيو آھي تھ تون يگن کان ھلندڙ، اٿڪ ماڻھو آھين ۽ اھو بھ محسوس ڪيو تھ منھنجو آئيڊيل تو جھڙو ماڻھو ھو. او – ڊيڊي، آئون ڏاڍو اِنر پيس پئي محسوس ڪريان. ڊيڊي، ھنن کي ڏسي پھرينءَ ئي نھار ۾ آئون حيران ٿي ويس تھ مائون ھھڙا ٻار بھ ڄڻينديون آھن!.... ريئلي آءِ ايم ان لو. ڊيپ لو. ھاڻي تھ اوھان کي مون سان ڪا شڪايت ڪانھي نھ تھ آئون اننيچورل جيون پئي گھاريان. پنھنجي طبيعت ٻڌائڻ جي ڪائي ضرورت ڪانھي. ڀائيڙو ٽيليفون تي مون کي سڀ ڪجھھ ٻڌائيندو رھندو آھي. برين ٽيومر ڪيني. اڄ ڏاڍو خوش ھو. چيائين آپريشن جي ضرورت ڪانھي. ڊيڊي باءِ نيچر اھڙو آھي. کڏ ۾ وڃي پوي بيماري، وري ڳٽو ڏي.“
    پانڊٿ ڪيسٽ تي ڳل رکي ٿو.
    ڄڻ جھانجھن جي جھنڪار جھڄي پوي ٿي.
    ”ٿئنڪيو فار دس ڪائينڊ ايڪٽ.“ آواز اچي ٿو.
    ”ھاڻي مان ھونولولو جي ھڪ سوئمنگ پول تي ويٺي اھو آواز ٽيپ ڪريان. گيتا جو سوڳنڌ، ڦڪائي ٿي اچي. ھاڻ ڀلا پاڻ تھ فرئنڊس آھيون. چڱو ٻڌ، ھاڻي تنھنجو ناٺي ٿو ڳالھائي.
    ۽ ريڊيو ڪيسٽ تان سائنس ايج پولاري موسيقي جي ڌن گونجي ٿي وڃي.
    ڄڻ آڪاس ۾ آتمائون ”ھمرچو“ ڳائينديون ٿيون وڃن.
    ڄڻ ڪٿي ڪنھن عيسيٰ جنم ورتو آھي.
    ڄڻ ڪٿي ڪنھن مھاتما کي نرواڻ ملي وئي آھي.
    ”ھيلو انڪل. الا لڄيندو ھان. شاھ جو سوڳنڌ، مس مس مسلمان ٿي آھي. ڀلا اھا بھ ڪا ضد آھي تھ شادي جي خبر ڊيڊي کي اوچتو ڏينداسين. اٽز اي لٽل شيم فار مي. ساري جينٽل انڪل. باءِ گاڊ سڄو ڏوھ شيام جو آھي. معاف ڪري ڇڏيو تھ انڪل..... پليز....“
    ”اري ري ري.“ پانڊٿ کان دانھن نڪريو وڃي. ”اھو تھ سنئون سڌو ڊوھ آھي، ڪپت آھي، بلڪھ ھرامپائي آھي. ھاڻي پيءُ کي ڪل ئي ڪانھي ۽ ڌيءَ ايمريڪا ۾ ھني مون پئي رچائي. وري ھي شيام جو ٻچو بھ ڪپت ۾ شامل! ھا ڀائي..... اسان پوڙھن کي ڪير ٿو ليکي.“ پانڊٿ اونھون ساھ ٿو ڀري.
    مھاڀاري لڙاٽ،
    ٻوسٽ،
    ٻوڏار.
    پرڀو شانتي...... پرڀو شانتي....... پرڀو شانتي. پانڊٿ کي شانتي ڪانھي.
    ”ھان – جواڻي بھ ڇا سيئن آھي! ھر ماڻھو ٿمڀ امپريشن جيان پنھنجي جدا سڃاڻپ رکي ٿو.“ پانڊٿ کي پنھنجي ٻالاپڻ جا پور پون ٿا.
    لڙاٽ
    آڪاسن ماڻ ڄن ڪائي اپڇرا لٿي آھي،
    سونيءَ نٿ، دھري ۽ ٻانھينءَ ساڻ،
    مھاڀاري ڀوڏار:
    ”ھي.....“
    ”ڇاھي؟“
    ”سينڌ ۾ سينڌور ڀري ڇڏ نھ. چِٽو ڀرجان.“
    ”توبھن، ڀائي آنھريءَ آڏو پاڻ نھ ٿي ڀرين؟.....“
    ”ڇو تنھنجي ھٿن ۾ ميھندي لڳل آھي؟“
    ”نھ، ڪتاب آھي.“
    ”نھ، پوءِ وري نھ چئجان، سينڌ ۾ سينڌور ڇو نھ ٿي پائين؟“
    ۽ آڪاسن مان لٿل اپڇرا ڄڻ پر ڪري اڏامي ٿي وڃي.
    پانڊٿ کي چين ڪينھي، پانڊٿ اسپتال جي نرم نرم پاٿر تي پاسو ٿو مٽائي.
    ”ھي شيام اچي تھ چوانس، ننڊ ڪانھيم. توبھن، ڪڏھن ڪڏھن ماڻھوءَ کي ڪھڙا پور ايندا آھن!“
    مھاڀاري لڙاٽ
    چنڊ ڪينھي، اوڻٽيھين اونداھي آھي.
    آڪاس ۾ تر ترو کڙين ۾ بھ تيج آھي. پري، ڪارخانن جي روشنين مان ھڪ پريمي جوڙو وڃي پيو، مرڪون ڦھلائيندو ۽ رات – رات ايڏي چٽاڻي آھي جو کير ڌارائن کان مٿي ڌنڌليل کير ڌارائن ۾ لڙاٽيل تِر تِر تارو چٽاڻو ٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ وايو ۾ ميلا فلم جا گيت ڀريل آھن.
    اس دنيا ڪو ڇوڙ ڪي پياري
    ساري بندڌن توڙ ڪي پياري..... آنا ھي ھوگا.
    لڙاٽ
    نيڻن مٿان کيپ.
    مھاڀاري لڙاٽ
    دور ننڍي مندر جا گھنڊ وڄن پيا. ڪالي ديويءَ جي سامھون پوڄا پاٺ پيا ٿين.
    جادوونسي ناريون ھولي ٿيون کيڏن. ڏيئن جي روشنين مٿان، رنگن جي ڇٽ ڇٽان جي رنگين دز، پرھ جي رنگن سمان اڏندي ٿي وڃي.
    پتل جون ننڍڙيون مورتيون
    ماڻھن جا ننڍڙا ديوس پتر
    ماڻھن جون ننڍڙيون ديوس ماتائون ۽ ڏھڪائيندڙ ڪالي ديوي جو مجسمو، جيڪو ڪارو جادو.
    ”ڇو؟“
    ”مٿو ڦري ٿو.“
    ”نھ، تو ۾ ڇوت آھي.“
    ”ھا – مان بتن کي نھ مڃيندو آھيان.“
    ”ائين نھ چئھ نھ.“
    ”چوندس.“
    ”تھ پوءِ پري ٿي، مان ديوتائن کان گھٽ ذات سان نھ ڳالھائيندي آھيان. پوڄارڻ کي ڌتارڻ سولي ڳالھھ ڪينھي.“
    ۽ پوڄارڻ ڄڻ دور آڪاس ۾ گم ٿيو ٿي وڃي.
    ”پرڀو شانتي...... پرڀو شانتي.......“ پانڊٿ پاسا ٿو ورائي. ”ٺيڪ آھي، ننڊ نٿي اچي تھ استاد بڙي غلام علي ٿو ٻڌان.“ پانڊٿ پاڻ مرادو اٿي ڪيسٽون ڦولھي ٿو ۽ بيزار ٿي ھڪ ڪيسٽ لڳائي ٿو.
    ٽھڪڙا
    ”ڊيڊي.“
    ”ڇاھي؟“
    ”سچ ٻڌاءِ، ممي ڏاڍي سھڻي ھئي.“
    ”ھا.“
    ”اپڇرائن کان سھڻي.“
    ”ھا – سپنن جي لڇمين کان وڌ سھڻي، جيڪي پٺيءَ رات ڏيڻ ۾ اينديون آھن.“
    ”اوه سوئيٽ ڊيڊي، مون تھ تنھنجو آواز رڪارڊ ڪري ڇڏيو. توکي منھنجو سوڳنڌ جڏھن پاڻ کي ھيکل محسوس ڪرين، اھا ڪيسٽ لڳائي ڇڏجان.“
    ۽ پولاري راڳڻيون آڪاس ۾ گونجي ٿيون وڃن.


    ڏيھھ نھ ڪو پرڏيھھ

    سچ، ھو بھ چڪر ۾ اچي ويو آھي، ڀلا چڪر ڇو نھ؟
    ھاڻي ھوءَ ويچاري انٽرنيشنلزم جي عورت ۽ ان سان گڏ سماج سڌارڪ. تمام سھڻي سلڇڻي سٻاجھڙي سون ورني عورت، جيڪا سنڌ جھڙي کاڌل ملڪ ۾ رھندي بھ چين، جاپان، امريڪا، روس، افريڪا، انڊونيشيا، مڊل ايسٽ جي ماڻھن لاءِ ئي نھ، وائيلڊ لائيف لاءِ سوچي، آدجڳاد تائين سوچي. ھاڻي ان ويچاريءَ کي ڀلا ڪھڙي خبر تھ ھي عشق ٻشق ڇا ٿيندو آھي؟ بس، جڏھن کان اخبار ۾ الائي ڪيئن سندس ڦوٽو اچي ويو آھي، ماڻھو ڌڙا ڌڙا مٿس عاشق ٿيڻ لڳا آھن. ھڪ ايڪٽر قسم جو ڇورو تھ اصل اھڙو پٺيان پئجي ويو ٿس جو ويچاريءَ جو ساھ سڪي ويو آھي. ڪالھھ بھ دانھن کڻي آئي ھئي ۽ اڄ بھ ٽيليفون ڪيو اٿس تھ مان پريشان آھيان، اچان پئي ۽ ھن جو سمورو پروگرام چوپٽ ٿي ويو آھي. ھو وڏيءَ ٻوڏار ۾ لڙھي ٿو وڃي.
    توبھن، عشق ھڪڙا پٽ ڪن ۽ اڙجي مان وڃان. چري، ڇورن کان جند ڇڏائڻي اٿس تھ پوءِ وار ننڍڙا ڪرائي ۽ ائين يورپيئن اسڪالر عورتن جيان اونچي کڙي واري سينڊل سان، فوجي انداز سان ٽڪ ٽڪ ڪري ھلڻ بدران ٿڙ ٿڦڙ ڪري ھلي. ڀلا ايڏي شاندار نموني سان ھلڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي ۽ ايڏا کيھر جيھا اڇا ۽ اجرا ڪپڙا پائڻ جي. ائين تھ ھرڪو مرد شاندار عورتن سان شادي ڪرڻ ٿو چاھي ۽ ھو پنھنجي پروگرام جي چوپٽ ٿي وڃڻ تي اڃا وڌيڪ چڙي ٿو وڃي.
    ”ھاڻي ڀلا ٽيليفون تي ڏڪڻ جي ڪھڙي ضرورت ھيس؟ ڇورو عشق ٿو ڪريس، قتل تھ ڪونھ ٿو ڪري.“
    ھو چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري ٿو ۽ گھنٽيءَ جي آواز تي منھن ڀلڙو ڪري، در ڏانھن وڌي در کولي ٿو ۽ ھوءَ پگھر ڳاڙيندي اندر اچي ٿي.
    ”خير تھ آھي؟“
    ”ڌوڙ خير آھي.“ ھوءَ ڪولر مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري، وڏي سھڪي سان پنکي ھيٺان ويھي، ڍڪ ڍڪ پاڻي پيئڻ لڳي ٿي.
    ”ڙي ڀائي، ھاڻ تھ ھو ڳچيءَ ۾ پئجندو ٿو وڃي.“
    ”اوھ – فوھ، آئون تھ ائين سمجھيو ھئس تھ تون ٿرڊ ورلڊ وار جي آثارن جي ڪا وڏي خبر پڙھي آئي آھين.“
    ”توبھن، ڀلا ٿرڊ ورلڊ وار جا آثار ڪينھن ڇا؟ پر ھي ڇورو منھنجي جيون ۾ ھائيڊروجن بم کان بھ ڌيڪ خطرناڪ آھي.“ ھوءَ ڏاڍي جولان مان چوي ٿي.
    ”ڇو ڀلا، اڄ وري ڪھڙي شرارت ڪيائين؟“
    ”اڄ تھ نسوري بدمعاشي ڪيائين. ڏس، آئون وري ٿي چوان تھ تنھنجي دوست جو ڀاءُ آھي. ڏس، مون کان ڪجھھ ٿي نھ وڃي. اھڙي گڏ ڪڍندي سانس جو ماڻس کي ياد ڪندو. الائي ماڻھو ڪيئن رولو ڪتيءَ جيان ڦر ڄڻيندا، سڙڪن تي اڇلائيندا ٿا وڃن.“
    ”پر ڪجھھ ٻڌاءِ بھ تھ سھي، ٿيو ڇا آھي؟“ ھو ڏاڍي بيزاريءَ مان رڙ ٿو ڪري.
    .اڄ پارڪ ۾ منھنجي پٺيان اکين تي ائين ھٿ اچي رکيائين ڄن مون ڪو کيس وقت ڏنو ھو. عجيب زمانو اچي ويو آھي. ماڻھو ڪنھن پارڪ ۾ ٻھ منٽ آٿت جو ساھ بھ کڻي نھ ٿو سگھي.“
    ”اڇا، پٺيان اکين تي ھٿ رکيائين!“
    ”تھ ڇا آئون ڪو ڳالھھ کي وڌاءُ پئي ڏيان؟ وري بي شرمائي جي حد، چوي پيو، الله کان ڪجھھ ٻيو گھران ھا.“
    ”پوءِ تو ماٺڙي ڪيو ويٺي ڏٺس، ٺڪاءُ ڪرائينس ھا لپاٽ.“
    ”لپاٽ؟ عجيب ماڻھو آھين! ھاڻي مون کي ٻيو ڪم ئي ڪينھي جو ماڻھن کي لپاٽون ويٺي ھڻان ۽ ھا مون کي ايتري بھ خبر پئي آھي تھ تنھنجو شاگرد آھي. ووءِ ووءِ، توبھن فائن آرٽ جا شاگرد اھڙا ٿيندا آھن!“
    ”اھڙو منھنجو ڪھڙو شاگرد آھي؟ منھنجا تھ سڀ شاگرد اٺ آھن. ھي ھم.... ھي ھم ڪري ھلندا آھن.“
    ”ڀائي، تنھنجو شاگرد آھي. ھو جيڪو لارڊ جم جو رول ڪري، ان جھڙو. ڇا چوندا اٿس، اوٽول جھڙو. رڳو وار ۽ اکيون ڪارا اٿس. ھلندو بھ ڏاڍي ٽيش مان آھي.“
    ”اوٽول جھڙو ڇورو، منھنجو شاگرد! مون وٽ تھ سڀ رنگيلي جھڙا آھن.“ ھو ڄڻ پنھنجو پاڻ سان سوال ڪري ٿو.
    ”ھا، تنھنجو شاگرد جي ناھي بھ تھ تنھنجي ڪاليج ۾ پڙھندو آھي ۽ آھي بھ تنھنجي سنگتيءَ جو ننڍو ڀاءُ.“
    ”ڀائي ڪھڙي سنگتيءَ جو؟“
    ”عجب آھي، ڀائي تنھنجو ھو سنگتي ناھي، جنھن جي ڀوري ڀيڻ آھي. ڊگھي ڊگھي. تنھنجي حافظي کي ڇا ٿي ويو آھي؟ ھوءَ ڇوري ڪانھي، جنھن لاءِ مون چيو ھو، ھيءَ ڇوڪري جنگ تي فلمايل فلم ”ھيون نون مسٽر علي سن“ واري ڊيبورا ڪير جھڙي ٿي لڳي.“
    ”اوھ..... حافظو خراب ھوندو تنھنجو. تو چيو ھو ڪيڏو ماٺار ڀريل پيار ڪري ٿي تو سان، شادي ڇو نھ ٿو ڪرينس؟“ ھن جي ڳالھھ تي ھوءَ ڪشٽن مان ڪمري ۾ واڪ ڪرڻ لڳي ٿي.
    ”ڀائي ڏس، شادي تنھنجو پنھنجو مسئلو آھي. ڪنھن ڳوٺانيءَ سان ڪرين يا ڪنھن سويپر ليڊي سان. مان توسان ان ڇوڪري تي ڳالھائڻ آئي آھيان.“
    ”ٿورو ٿڌي ٿي... بي ايزي.... پليز بي ايزي.....“ ھو فرج مان ٻھ ڪوڪ ڪڍي، ان جا ڍڪڻ لاھي، گلاسن ۾ اوتي ٿو.
    ”ڇو، گھر جا ٻيا ڀاتي اچي ويا آھن ڇا؟“ ھوءَ ڊڄي ھوريان ٿي ڳالھائي.
    ”اڙي ڀائي، ھو سڀ وڏا ماڻھو آھن. ھھڙي واھيات گھر ۾ ڀلا ڪيئن رھندا؟ منھنجي تھ الله ٻڌي آھي، ھاسٽل لائيف تھ ڊاگز لائيف آھي.“
    ”اڙي ڀائي، مان شاگرد لائيف فلم ڏسي چڪي آھيان. تون فالتو ڳالھيون ڇو ٿو ڪرين؟ ھن ڇوڪري تھ منھنجو ذھن ڌوڏي ڇڏيو آھي. ڪڏھن ھلندي ھلندي آئون سڙڪ تي ڪري پونديسانءِ.“
    ”ان جو مطلب تھ ھو تو سان بيھودي نموني سان پيش آيو آھي؟“
    ”او نو.... ائين بھ تھ ناھي. مان ڀانيان ٿي، جيڪي ناول ٿو پڙھي، انھن جا ڊائلاگ منھنجي ڪنن ۾ ٿو اوتي. باءِ گاڊ، وڏو سوئر آھي ڳالھائڻ جو. ڳالھائڻ ويل چپ، اکيون، نڪ سڀ ڪنٽرول ۾ ھوندا اٿس. ماڻھوءَ کي اصل سڪ ڪري ڇڏيندو آھي!“
    ”ان جو مطلب، ھو تنھنجي ذھن تي ڇانئجي ويو آھي؟ ليڊي يو آر ان لو.“
    ”ڇا ٿو بڪين؟ دنيا جي ٻين سڀني مسئلن جي پڄاڻي ٿي وئي آھي ۽ باقي رھجي ويو آھي پيار. اڙي ڀائي، اھي سڀ واندڪائي جا چونچلا آھن.“ ڪوڪ جو ڍڪ ڀريندي ھوءَ بيزاريءَ سان ھن ۾ نھاري ٿي ۽ ھو ھٿ ۾ ٻڌل گھڙيءَ ۾ وقت ڏسندي اونھون ساھ ڀري ٿو.
    ”ڇا پاڻ ان مسئلي تي سڀاڻ نھ ٿا ڳالھائي سگھون؟.... اڄ منھنجي دل ڌر تتيءَ جو شاپنگ لاءِ پئي چوي. ڌر تپندي آھي نھ تھ شين جا اگھھ بھ ڪري پوندا آھن. مان سٺي شرٽ وٺڻ ٿو چاھيان ۽ مون وٽ سلوار قميص آھي ئي ڪانھ.“
    ”مون کي سڀ خبر آھي. پر ڇا اڄ تون انھيءَ پوڙھين عورتن واري شاپنگ جو پروگرام ڪينسل نھ ٿو ڪري سگھين؟ باءِ گاڊ، آئون ڏاڍي پريشان آھيان.“ ھوءَ روئڻ جھڙي ٿيو وڃي ٿي.
    ”اوڪي- آخري وارتا ۾ تو سان ھو ڪھڙيءَ ريت پيش آيو؟ سندس وڙاؤ ڪھڙو ھو؟ ڇا ڇا چيائين؟“ ھو صوفا سيٽ تي ليٽڻ لاءِ پاڻ کي اڇلائي ٿو.
    ”وڙاؤ؟ بنھھ جيئن نارمل ماڻھوءَ جو ٿيندو آھي. اکين ۾ ڏاڍا الماس پئدا ڪري الاھين ڳالھيون ڪيائين. چيائين پئي، سال لنگھي ويا، تون پھرين عورت آھين جنھن جي گردش ۾ آئون اچي ويو آھيان. ذھني طور ھائلي انسپائر ۽ ٻيو چيائين ٿي تھ مون کي تنھنجي ايڏي ضرورت آھي جيڏي نئين ڄاول ٻار کي ماءُ جي ٿڃ جي ھوندي آھي ۽ اھو بھ چيائين تھ شادي يا اھڙي ٻئي ڪنھن بھ چڪر ۾ آئون نھ آھيان ۽ نھ ئي مون کي ڪا لالچ آھي. آئون رڳو لاٽونءَ ۽ ڏئونر وارو ساٿ ٿو چاھيان. ڀلا ايڏڙي ننڍڙي سنگم ۾ آھي ڇا؟“
    ”ڀئي واھ!..... ھي تھ ڪو ونڊرفل ڇورو آھي. جيئن منھنجو تنھنجو، ھڪ ننڍڙو، نئين ڄاول اوئان اوئان ڪندڙ ٻار جھڙو پيارو رشتو آھي، تيئن ھن سان ٻھ ٻرانگھون ھلڻ ۾ عيب ڪھڙو آھي؟!...... ھ – آ –“ ھو شوڪارو ڀري ٿو ۽ وري مٿس دھمان ڪري ٿو:
    ”آئون بھ تھ تنھنجو مائٽ نھ آھيان...... ٻڌاءِ نھ، ڪھڙو سنڱ سياڪو آھي؟“
    ”عجب آھي، ان جو مطلب آئون سڄي جھان سان فرئنڊشپ رکندي گھمان.“
    ”سڄي جھان سان تنھنجي فرئنڊ شپ ناھي ڇا؟ اھو ڇو پئي وسارين تھ تون رائيٽر آھين، ملڪ جي مڃيل ليکڪا. جيئري جاڳندي نائڪا، ھلندڙ ڦرندڙ يونيورسٽي، سڄي جھان جو قلمي دوستيءَ جو ٺيڪو کنيو گھمين، باقي جي دوست ناھي تھ اھو ھڪڙو ڇوڪرو!.....“
    ”ھا – ھن منھنجي اکين تي ھٿ ڇو رکيا؟ جنيءَ کي جن نھ ڪن. ادي کي عشق انڌو ڪيو. ھاڻ توکي ڪھڙي خبر تھ ان وقت مون ڇا پئي سوچيو؟“ ھوءَ چڙجي، خالي گلاس زور سان ميز تي رکي ٿي. ”آئون انھيءَ اتاولي سان اڌ ڪلاڪ لاءِ سنگت رکڻ لاءِ بھ تيار نھ آھيان. اھڙا ڇورا منھنجو آئيڊيل نھ ٿا ٿي سگھن. ھڪ پل لاءِ بھ نھ.“
    ”پر تون ھن جي آئيڊيل آھين ۽ ڦري ڇو ٿي وڃين؟ تو ھينئر چيو تھ ھو ڏاڍو گمڀير آھي.“
    ”اھو مون ڪڏھن چيو؟.... ھان ڪڏھن؟“
    ”اوھ... تون ائيزينڊ مائينڊيڊ رائيٽر آھي. تو پاڻ الائي ڇا ڇا چيو، ماٺار ڀريل. نڪ، اکيون، چپ سڀ ڪنٽرول ۾. ڇا اھي سڀ ھڪ گنڀير نوجوان جون نشانيون نھ آھن؟“
    ”توبھن...“ ھوءَ ڪروڌ ۾ اچي ڪمري ۾ وڃي ٽيلار ٿي ڪرڻ لڳي ۽ ڪروڌ کي ڀڃي وري تکو تکو ڳالھائڻ ٿي لڳي:
    ”ھاڻي تھ تون بھ مون کي سمجھڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو آھي. مون وٽ دوستن ٻوستن لاءِ وقت ڪينھي. تون سمجھين ڇو نھ پيو تھ آئون ھڪ پيوئر رائيٽر آھيان. مون وٽ سوچن جا آسمان آھن. ڀائي، منھنجو نئون ڪتاب مون کي منھنجي جيون کان وڌ پيارو آھي. ان لاءِ آئون صحت ٻھت جي پرواھ نھ ڪندي آھيان. مون ان ڪتاب لکڻ لاءِ پندرھن سال ڀوڳيو آھي. ڪڏھن ڪڏھن تھ پنا بھ مون لاءِ وڏو پرابلم ٿي ويندا آھن. تون چئھ، ڀلا آئون ڪو وڏو پرائيز کڻڻ جي چڪر ۾ آھيان ڇا؟ اڙي ڀائي، مون کي منھنجو ڪتاب پورو ڪرڻ ڏيو، پوءَ ڀل منھنجي جسم جو واڪ لڳائي ڇڏيو. آئون ايڏي بولڊ آھيان جو اوھان کي بروٿل ۾ بھ ويھي ڏيکاري سگھان ٿي. جن کولي ٻڌي ڇڏ، آئون ھن صديءَ لاءِ چئلينج آھيان. منھنجي ناول جو ٿيم؟ منھنجي ناول جو ٿيم آدجڳاد کان اڄ تائين جي ڪھڪان جو چڪا چڪا ٿي ويل ڳاڙھو ڳاڙھو رت آھي، جيڪو صدين جي ڌماڪن سان ڪارو ٿي ويو آھي. جيڪو ھاڻ تمام گھڻو ۽ گندو ٿي ويو آھي. وڏي گھٽ ۽ بدبو اچن لڳي آھي، ساھ ٻوساٽيندڙ.“ ھوءَ روئي ٿي، چرين جيان اکين تي ھٿ ڏئي، ھڏڪيءَ مان رانڀاٽ ڪري روئي ٿي ۽ پوءِ اوچتو ڪتاب کڻي، وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ڏانھن ڊوڙ ٿي پائي ۽ سندس اوچي کڙيءَ وارو سينڊل ڏاڪي سان وچڙي ٿو وڃي ۽ ھوءَ دانھن سان ڏاڪڻ تان بولاٽيون کائيندي ٿي وڃي ۽ ھو تڪڙيءَ ڊوڙ سان کيس سنڀالي ٿو.
    ”ڌڪ تھ نھ آيئي؟“
    ”منھنجا ھڏ رڪاھان آھن.“ ھن جا لڙڪ بس نھ ٿا ڪن. ھو کيس ڪنڌ ۽ گوڏن ھيٺان ٻانھون ڏئي، کڻي ٿو ۽ ھوءَ درڙي ھڻندي روئندي ڄنگھون ھيٺ مٿي ڪندي ٿي وڃي.
    ”ڇڏ مون کي، چيم نھ ھڏ پڪا ٿي ويا آھن، مون کي الاھين لکڻو آھي.“
    ”ڌوڙ لکڻو آھي توکي، تون ھن صديءَ جي سڀ کان واھيات ليکڪا آھين، ڪمزور ۽ اننيچورل.“
    ”بڪواس بند ڪر“ ۽ انھن اکرن سان ئي ھوءَ بيڊ تي وڃي ڪري ٿي.
    ”ھا، سچ سدائين بڪواس لڳندو آھي. تون اننيچورل رائيٽر آھين، ان لاءِ تھ تنھنجي رھڻي ڪھڻي اننيچورل آھي. جيئن حياتيءَ ۾ پاڻي، ماني، ڪپڙا، گھر ضروري آھن، تيئن ميل لاءِ فيميل ۽ فيميل لاءِ ميل. چوٽيھن سالن جي ٿي وئي آھين، ٻڌاءِ ڪيترو ھيڪل گذاريندينءَ؟ تون اڌوري آھين، ان ڪري تنھنجيون لکڻيون بھ اڌوريون آھن.“ ھو ڪاوڙ مان سندس نيڻن ۾ نھاريندو ٿو رھي.
    ”ڇا تون سچ پيو چوين؟!“
    ”ھا، نيٺ تون مردن کان ايڏو الرجڪ ڇو آھين؟ جيئن سڀ عورتون خراب نھ ھونديون آھن، تيئن سڀ مرد بھ خراب نھ ھوندا آھن.“
    ”.......“ ھوءَ ڌوڏا ڦاڙيو منجھس نھاريندي ٿي رھي.
    ”ٺيڪ آھي، آئون اشتھاري فلمن جو ننڍڙو ايڪٽر ئي سھي، لڪس نرالا لڪس ڪندڙ، پر مون تو جھڙن ھزارين رائيٽرز کي پڙھيو آھي. تون نھ رڳو پنھنجي سر جي، پر پنھنجي سڄي ڪٽنب جي تباھيءَ جو ڪارڻ آھي. تنھنجا مٽ ٺيڪ چوندا آھن. تون ڪنھن بئنڪ جي مئنيجر بھ ھجين ھا تھ اڄ تو وٽ ڪار ھجي ھا، بنگلو ھجي ھا.“
    ”تون تھ ائين پيو چئين ڄڻ تون پاڻ وڏو گري گوري، مارلن برانڊو، لينڪاسٽر يا دليپ ٿي ويو آھين. ھڪ نھ، چار شاديون ڪري ويٺو آھي.“
    ”ٺيڪ آھي، تون ٽي وي تي اسڪرپٽ لک، آئون ٿو ڪم ڪريان. فنون ۽ آرٽ جي دنيا جو ھر ماڻھو پئسن لاءِ نھ، فن لاءِ جيئندو آھي. بھترين آرٽسٽ بھترين اسڪرپٽ جو محتاج ھوندو آھي ۽ شادي.... شادي لاءِ منھنجي نظر ۾ ھڪ ڇوڪري آھي، بمباسٽڪ ڇوڪري.“
    ”ريئلي.“ ھوءَ ڄڻ پنھنجا سمورا ڏک ڏنجھھ ڀلجي ٿي وڃي ۽ ڏاڍي چاھ مان ھن ۾ نھاري ٿي. ڄڻ کيس ڪنن تي اعتبار ئي نھ ٿو اچي.
    ”ٺيڪ آھي، جنھن تون شادي ڪندين، ان ڏينھن آئون بھ ڪنواري ڪانھ ھونديس.“
    ”منھنجي دل رک نھ، انھيءَ ڇوري سان شادي ڪري ڇڏ. ان ڇوري کي تھ مون زوريءَ ھمٿايو آھي، نھ تھ لڪي لڪي تنھنجيون واٽون تڪيندو ھو.“
    ”ڇا؟“
    ”ھا.“ ھو مرڪي ٿو پوي.
    ”ساري جينٽلمين، ان ڇوڪري سان رڳو ڀائپو رکي سگھجي ٿو، شادي ھر ماڻھوءَ جو پنھنجو ذاتي مسئلو آھي.“
    ”قران، اھڙو شاندار ڇوڪرو سڄي ڌرتيءَ جي گولي تي نھ ملندءِ.“
    ”چيم نھ مٿو نھ کاءُ. آئون مڙس ڳلللهن جي مرداني آھيان.“ ھوءَ ٿڪي چور ٿي چوي ٿي. ”ڇا تون شاپنگ لاءِ وڃي نھ ٿو سگھين؟ مون کي تنھائي گھرجي.“
    ”وڃان ٿو وڃان ٿو، مر نھ. ھا... مون چيو ٿي ھروڀرو پاڻ کي لکڻ جي مشين نھ سمجھھ. تون لکي لکي بنھھ ڊھي وئي آھين. ننڊ جي ھڪري گولي کائي سمھين پئھ. آئون ڪا سٺي فلم ڏسي موٽان پوءِ ڀلي ماڻھن ڏانھن ھلي وڃجانءِ. رميمبر، نو رائيٽنگ. اوڪي؟“
    ”اوڪي.“ ھوءَ ڏاڍي سانت سان اکيون ٻوٽي، نرم نرم وھاڻو ڪنڌ ھيٺان سھلائيءَ لاءِ دٻائيندي ٿي رھي.
    ”واھ – تون تھ ڄڻ پھرينءَ رات جي ڪنوار جايان سيڄ تي رسي بھ وئينءَ! اندران دروازو بند ڪرڻ لاءِ پڻھين نوڪر موڪليندو ڇا؟ اڙي ڀائي، زمانو خراب آھي. ھتي پنجن سالن جي بيبيءَ تي ڏھھ ڏھھ ماڻھو چڙھيو وڃن. آئون رات جي اٺين کان اڳي ڪونھ موٽندس.“ ھو تيزيءَ سان ڏاڪڻ تان ھيٺ لھي ٿو وڃي ۽ ٻاھرئين در جو ٺڪاو سان بند ٿين جو آواز اچي ٿو.
    ھوءَ اٽئچ باٿ روم جي در ڏانھن نھاري، مٿو کنھي ٿي ۽ ھيٺ لھي، اندران ٻاھريون در بند ڪري مٿي چڙھي ٿي ۽ ھلندي چولو لاھيندي ٿي وڃي. ھنجي، ٿڌو ٿڌو ٿي سمھڻ لاءِ ۽ ڪمري ۾ ايئر ڪنڊيشنر، پنکن جي آواز سان گڏ سينڍ وڄائڻ جا سريلا آواز پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ ريڊيو ڪيسٽ تي گيتا جو گيت: ”اپني پي بھروسھ ھي، اک دائو لگالي“ گونجندو ٿو رھي.


    اڌ چريا ماڻھو

    ”اڙي ھڻو ڀالا – جوءِ جا...... ھڻوس اڀيون ڪاتيون.....“
    ”الله اڪبر الله اڪبر، اصوات خير مننوم......“
    ”الا بچايو، ڏينڀو ڏنگ ٿا ھڻن.“
    ”چل ميري گھوڙي، دکا تاج محل......“
    ”سستو سستو، ڊوڙي اچو، مٺو مٺو پيشاب پيئو، چار آنا پاءُ، چار آنا پاءُ..... پڇتائيندؤ.......“
    ”باھ، گھوڙا ڙي باھ. پاسا ٿا وڍجن.“ اڃا پوھ لاڻا لوھ مھاڙ مس ڪڍي تھ وارڊ نمبر ٽئين مان عجيب گجگوڙن ۽ ڪيڪراٽن جا آواز وڏي واڪ اچڻ لڳا ھئا. جيئن جيئن راتيون برف جيان ٿڌيون ٿڌيون ٿيندي ٿي ويون، تيئن تيئن چريا مستو مست ٿي، ڪوڪرا ڪرڻ لڳا ھئا. وارڊ نمبر ٽيون ننگو وارڊ آھي، جنھن ۾ اوچين ديوارن اندر ھڪ پاسي کان عورتون ڀريل آھن تھ ٻئي پاسي مرد. سڄي پاڳل خاني ۾ چرين کي سرديءَ کان بچائڻ لاءِ ڪنھن بھ قسم جي اوٽ يا اجھو ڪينھي ۽ جيئن جيئن سرد ھوائن ڀريل راتيون اِنگھنديون پيون وڃن، تيئن تيئن پاڳلخاني ۾ رات جي نوائيءَ ۾ گار توار ۽ ٻاڪار جا نوان نوان آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. رات جا يارنھن کن مس ٿيا ھئا جو اڌ چريو گاگن ڊوڙندو آيو ھو:
    ”سائين جھٽ ڪر – ھو بنگالي چريو آھي نھ جھنڪ، مري ويندو، قرآن لاش وانگر پيو ٿئي!.....“ پاڳل خاني ۾ جڏھن ڪا مصيبت ايندي آھي، گاگن مون وٽ ڊوڙي ايندو آھي. گاگن مون کي بنگلي جي صفائي ۽ سنھي ٿلھي ڪم ڪار لاءِ ڏنو ويو آھي. مون کي اسپتال ۾ آئي مھينو کن مس ٿيو آھي، پر منھنجي ۽ گاگن جي ياري ڏاڍي پڪي ٿي وئي آھي. ڄڻ اننت ڪالن کان اسين ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا ھجون. گاگن جو اندر ميڻ کان بھ ڪونئرو ۽ نرمل آھي. ٻين کي تڪليف ۽ دکن ۾ ڏسي گاگن ڏاڍو پريشان ٿي ويندو آھي. روئي بھ پوندو آھي. وارڊ نمبر ٽئين ۾ چرين جو وڏو ھولريو آھي:
    ”اڙي مري وي..... ڪلما پڙھي کڻوس. الله اڪبر......“
    ”مري ويو مردود نھ ختمو نھ درود. ڪافر مٿان قرآن حرام آھي.“
    ”اڙي ڇا ٿيس؟!“ مان جلدي ٽارچ سنڀاليندي پڇانس ٿو.
    ”سائين، ھي وڏو وڏو بڙ جو وڻ آھي نھ، انھيءَ مٿان اوچتو زپڙاٽ ڪري ڪريو آھي.“
    ”چڱو تون ھيئن ڪر، ڊاڪٽر الله ڏني کي بھ وٺي اچ، جلدي.....“ مان کيس سمجھائي تڪڙو وارڊ نمبر ٽئين ڏانھن وڌان ٿو.
    ”جيڪو ايندو تنھن جي جوءِ ....... ڇڏينداسين.“
    ”کلا ٿو رن... اسان جي دوزخ وڃڻ جا آڊر ڪڍو نھ تھ گڏين سان.... ڦاڙي ڇڏينداسين.“
    ”الله اڪبر، الله اڪبر.“ وارڊ نمبر ٽئين ۾ چرين جو وڏو چؤٻول آھي. سياسي چريا تھ ماڳھين جدا ڄڻ ميٽنگ ڪوٺايو ويٺا آھن. مان گاريون ھڪ ڪن سان ٻڌندو، ٻئي ڪن مان ڪڍندو، ان بنگالي پاڳل ڏانھن وڌان ٿو. مان جڏھن کان انھيءَ اسپتال ۾ آيو آھيان، الائي ڇو ان بنگالي پاڳل تي مون کي ڪھڪاءُ اچڻ لڳو آھي. مون جھنڪ جي پاڳلپڻي جو سمورو رڪارڊ اٿلائي ڏٺو آھي. ورھاڱي کان پوءِ ترت ئي جڏھن سنڌ ۾ چمڙي جا ڪارخانا لڳايا ويا تھ جھنڪ ٻين ھندو توڙي مسلم مزرودن ساڻ ايسٽ پاڪستان کان حيدرآباد آيو تھ ساندھ تيرھن چوڏھن سال ڪارخانن ۾ ڪم ڪندو، رکي مانيءَ جيترا پئسا بچائي، باقي سمورا پئسا زال کي، ٻارڙن کي موڪليندو رھيو. ھو ھر سال بنگال وڃڻ لاءِ سوچيندو ھو ۽ وڃڻ جي بدران اوٽ موٽ جو ڀاڙو بھ گھر موڪلي ڇڏيندو ھو. پوءِ اوچتو جھنڪ پاڳل ٿي ويو ۽ پوءِ ھوريان ھوريان سندس بنگالي ساٿي بھ ھڪ ھڪ ٿي بنگال ھليا ويا ۽ جھنڪ سدا لاءِ رھجي ويو. ھونئن پاڳل بنجڻ کان اڳي جھنگ ڏاڍو ڀوڳائي، چرچائي، برھمچاري ۽ ننڍڙن ٻارڙن سان بي انتھا پيار ڪندڙ ماڻھو ھو. اسپتال ۾ جھنڪ خطرناڪ ۽ لاوارث چريو آھي.
    ”لونڊو ڊاڪٽر اچي ويو – لونڊو ڊاڪٽر اچي ويو.“
    ”ڪڪ...... ڪ – ڪ ڪڪڙو ڪو.“
    ”ڊاڪٽر ڀاڙيو نھ ٿي، ٻيلي ٻيڙي تھ ڇڪاءِ، نھ تھ آئون سرڪار کي چوندس تھ منھنجي زال وڏيري نھ تو ڀڄائي آھي.“ ۽ ٻئي ڪنھن پاسي کان ڪنھن پاڳل جي ڳائڻ جا آواز اچن ٿا: ”ماڻھو مري ٿو، ملان نھاري ٿو جھڙو مور، قاضيءَ وارو ڦسلو.“ منھنجي ھٿ ۾ ٽارچ ڏسي الاھين چرين ۾ ڀاڄ پوي ٿي. مان جھنڪ مٿان اچي ٽارچ سان کيس چڱيءَ طرح ڏسان ٿو.
    جھنڪ لٺين سان ماريل مرندڙ ماڻھو جيان پيو آھي ۽ سندس ڀر ۾ بڙ جو ننڍڙو ڇڳل ڏار بھ پيو آھي. جھنڪ جي بدن تي رھڙون آھن. مان محسوس ڪريان ٿو جھنڪ وڏيءَ سڪرات جھڙيءَ پيڙا ۾ آھي. ھن جي ھڪ ٻانھن ۽ ڪرنگھي جي ھڏي چيلھھ کان ٽٽي پئي آھي. ھن جي ديھھ جيڏي ئي نست ۽ ساڻي کاڻي آھي، اکين ۾ اوڏي ئي ٻاڏ ۽ ڦٿڪو آھي. ھو مرڻينگ حالت ۾ سدائين جيان پنھنجي ڦاٽل ڪوٽ جو گيدو بچائڻ ھٿ دل جي پاسي رکيو پيو آھي. ان کان پھرين جو جھنڪ پساھ ڏئي ڇڏي، آئون ڪنھن آس تي جھنڪ کي ڪنڌ ۽ ڄنگھن کان ھٿ ڏئي کڻان ٿو ۽ تڪڙو اسپتال جي بلڊنگ ڏانھن وڌان ٿو.
    ”جوڻھين سان گڏ سمھارجانس.“
    ”قرآن ڊاڪٽر الھڏني وانگر ھي نئون ڊاڪٽر بھ چتو اٿو. ھڻوس گڏيون.“ آئون وڏي مشڪل سان، اڌ چرين جي مدد سان جھنڪ کي ٻانھن ۾ لڙڪائيندو، وارڊ نمبر ٽئين جي وڏي دروازي کان اڪري. کيس فرسٽ ايڊ ڏيڻ لاءِ جيئن ئي اسپتال ڏانھن وڌان ٿو، پوڙھو ڊاڪٽر الله ڏنو منھنجي آڏو اچي ٿو وڃي.
    ”يار تون تھ چريو آھين. اِھو ڪھڙو رواج وڌو اٿئي؟“
    ”ھا يار، چرين جا ڊاڪٽر بھ چريا ئي ٿيندا آھن.“
    ”يار پوءِ ٻين جي ننڊ ڇو ٿا حرام ڪريو؟ تنھنجو ڪم ڪھڙو ھو ھن چريي جي پٽ کي منھنجي بنگلي تي موڪلڻ جو. گھٽ ۾ گھٽ ڏھھ ڀيرا ڪال بيل وڄائي منھنجي گھر جي ڀاتين جي ننڊ ڦٽائي اٿس. ميان آئون تو جيان ڇڙھو ڇاند ماڻھو ڪين آھيان.“
    ”ساري سر، مان معافي ٿو گھان.“ اوھان جي بنگلي جون بتيون ٻريون پئي. مان سمجھيس اوھان جاڳندا ھوندا، يار ھي ويچارو تھ مري ويندو!“
    ”يار تون تھ صفا ڪو چٽ آھين. ڀلا ساھ ڪو اسان جي وس ۾ آھي ڇا؟“ ڊاڪٽر الھڏني جي ڳالھھ تي کن لاءِ آئون سن ۾ اچيو وڃان تھ ھي پوڙھو ڳالھائي ڇا پيو؟ ھروڀرو مون کي چڙ وٺي ٿي وڃي.
    ”ساري، مون کي ماڻھو نھ موڪلڻ گھرجي ھا. شايد اوھان ڪنھن وڏيءَ ھاج ۾ ڦاٿل ھوندا.“
    ”مون ريڊيو پاڪستان لاءِ افسانو پئي لکيو. سرڪار ڪو ھنن چرين لاءِ اسان کي ايڪسٽرا پيمينٽ ڪندي آھي ڇا جو چوويھھ ڪلاڪ پاڳلن ۾ پيا ھجون. ميان نئون نئون آيو آھين. پوءِ متان دانھون ڪرين تھ مون کي سٺائون ڪين.“ ڊاڪٽر الھڏنو ڪروڌ مان گھر ڏانھن موٽ ٿو کائي.
    وارڊ نمبر ٻھ جا اڌ چريا دوڙي اسٽريچر کڻي اچن ٿا. مان جھنڪ کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ لاءِ جلدي جلدي پنھنجي آفيس ۾ کڻائي ٿو اچان.
    جھنڪ جي نڙيءَ مان گجيءَ سان گڏ گھٽيل اوڪارن جھڙا آواز اچن ٿا. جھنڪ جا پاسا بلڪل بند آھن. تمام گھڻو مٿان کان ڪرڻ ڪري سندس ڪرنگھي جون ھڏيون ڪٻڙن جيان ٻاھر نڪري آيون آھن. جھنڪ ننگو آھي، ھو ساھ جي پڇاڙڪيءَ واريءَ ٻڏ تر جھڙيءَ حالت ۾ بھ ورھين جي مري، بدبو ڇڏيندڙ گوٽ جي گيدي مان ھٿ نٿو ڪڍي. جھنڪ جي نيڻ ۾ ڄڻ ڄڳن جون پيڙائون کن لاءِ جاڳي ٿيون پون. جھنڪ آزا کان چيچلجي ڪيھون ڪرڻ لاءِ گھڙي گھڙي موت جيھيون اوٻاسيون ٿو ڏئي. سندس ٻاڪي مان ڪي آواز اپٽجن ٿا.
    ”لا ...... ڪوم..... لا.... ڪوم..... بنڌو ڪوميلا.“ ۽ گڙ گڙ الٽيءَ سان ھن جا ھٿ پير شيخ ٿيندا ٿا وڃن ۽ ٻئي وڏي اوڪاري سان ھو پساھ ٽوڙي ٿو ڇڏي. ھن جو ھڪ ھٿ منھنجي ڳٿڙ ۾ آھي ۽ ٻيو ھٿ گيدي ۾ پوري طاقت سان ڦٻيل آھي.
    ”جھنڪ ڀائي.... جھنڪ ڀائي.“ اڌ چريو گاگن رانڀاٽ ڪري روئي ٿو پوي. مان جھنڪ جو ھٿ پنھنجي ڳٿڙ مان ڇڏائي سندس ھٿ پير سڌا ڪريان ٿو ۽ ڪا ڳالھھ محسوس ڪندي جھنگ جي گيدي ۾ ھٿ وجھي ڪجھھ شيون ڪڍان ٿو. جھنڪ جي گيدي ۾ ھڪ پراڻي ننڍڙي ٽٽل ڪافور جي گڏي آھي، جا الائي ڪڏھن ھن پنھنجي ننڍڙي ٻارڙيءَ ڪملا لاءِ ورتي ھئي. مان جھنڪ جون اکيون سدا لاءِ بند ڪري، بند ڪمري مان ھڪدم ٻاھر نڪري ٿو وڃان.


    رئندا کلندا ماڻھو

    دبئي نھ ويندي بھ ھو ڄڻ دبئي مان موٽي آيو آھي. ”اھڙا ڪئين پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون آيون ۽ ويون.“ ھو ڪروڌ ۾ اچي سوچي ٿو:
    ”نيٺ ھي مينو جي ٻچي مون کي سمجھي ڇا ٿي؟ پيار... منھنجي اندر ۾ لاڪس جيڪا پيڙا ۽ پرارٿنا آھي. ڪري سگھندي تنھنجو ڪاڇو ۽ ڪاٿو، ڪاري ڪتي، گڏھ؟ ڄڻ مون جيڪي ڳالھيون ساڻس ڪيون ھيون، سڀ ڪوڙيون ھيون؟ منھنجي من ۾ ڪو مير ھو؟ اجري رڳي پان آھي؟ الائي ڇا ٿي سمجھي پاڻ کي.....! ھونھن، سيبا بيبي؟ کيس ڪھڙي خبر تھ دنيا ۾ ڪا صوفيا لارين جھڙي عورت بھ آھي! جيڪڏھن پاڻ وڏي وڏي ڪاري ڪاري ڳائڻي ۽ نچني آھي تھ ڇا ٿيو؟ مان بھ تھ وڏو سانرو سانورو، نھ ڪارو نھ ڳاڙھو ڳائڻو آھيان، ھينئر جي دبئي وڃان تھ ڇورين ۾ مانڌاڻ وجھي ڇڏيان. ھونھن..... مون کي ٿي چوي پروفيشنل..... پروفيشنل ھجان ھا تھ وٽس خالي ھٿ اچان ھا؟ سو بھ پيدل؟ ھونھن انقلاب....... انقلاب، ڪارو انقلاب....... وڏي نرودا جي ڌيءَ پئدا ٿي آھي. اردوءَ جي وڏن پينٽرز جي پينٽنگز کي نالا ٿي ڏئي، ڪڏھن کتريءَ جي نالي ڪو ريمارڪ ڏنو اٿس، ڪھڙيءَ ڪوالٽيءَ ۾ گلوءَ رنگن کان وٺي، ٽامي جي اسڪلپچر ٺاھڻ ۾ انھيءَ مھاجر آرٽسٽ کان گھٽ آھي؟ کتري تھ اڃا وڌيڪ سينيئر آھي. ماڻھن تھ کيس اڌ چريو ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ ٺرو پيئو وتي آرٽسٽن کي گاريون ڏيندو. پاڪستان ٽيليويزن جي وڏي اديب آفيسر جي نئين نئين دوست آھي تھ مٿو ڦري ويو ٿس. آرٽ..... آرٽ... ڀلا ايتري خبر اٿس تھ اسڪلپچر جي دنيا ۾ ھڪ نوجوان موٽرن جي پراڻن مڊ گارڊ کي ويلڊنگ ڪري، محمد علي ڪلي جو انگاس مجسمو ٺاھيو آھي!.... ڏسي تھ ميڄالو گھوماٽي کائي وڃيس! کودي بھ خوش آھي تھ محمد علي ڪلي پاڪستان ايندو ۽ کيس سڃاڻندو! ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا. ڄٽ، چري، چرٻٽ، ڪني لٻاري، ڪتي، ھونھن مون کي ٿي چوي ٽرڙا......“
    ھو وڏي آشنائتي ۽ وياڪلتا سان پاسو ورائي ٿو ۽ وري مينو جي ٻالاپڻ جي ساھيڙيءَ جي باري ۾ سوچي ٿو:
    ”توبھن، ڪيڏي نھ گريسفل عورت آھي! سنڌي وڏا پلستر آھن. ڌيئرن جي سموري ٽئلينٽ کي ختم ڪريو، کين پردي جي ست پڙن وارن ڪوٽن ۾ لڪائي، چاٻيون درياھ سنڌ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آھن، پر کين ڪھڙي خبر تھ اھڙي قيدياڻي جڏھن قيد ٽوڙيندي آھي تھ علي الاعلان ٽوڙيندي آھي، بنھن اگھاڙي ٿي ميدان ۾ نڪري ايندي آھي تھ ھيءَ ڪھڙي سوسائٽي آھي؟ ڏسو آھيان نھ آئون فائن ليڊي! مون ۾ ڪس ڪھڙو ھو جو اوھان مون کي ھيڏيءَ وڏي دنيا ۾ شاھ عبداللطيف جي کوھ واري منڊي ماڪوڙي بنائي رکيو؟ ٻڌايو ڇا مان ماڪوڙي آھيان.......؟ اوھان سڀني جا اوزار منھنجا ماپيل آھن. ڪڇي ڏيکاريانو اڀ؟“
    کن لاءِ وري ھو پاسو مٽائي ٿو. الاھين دير ٿي وئي آھي، مينو لاڪس چانھھ نھ آندي آھي. ھو خار ٿو کائي:
    ”ھا، ساھيڙيءَ سان جو ويٺو ھوندي، منڊي ماڪوڙي....! ھيءُ حرامزاديون، ھن ھيکل ھيڏي وڏي گھر ۾ ڪٿي ھڪ ٻئي سان سيڪس تھ نھ انجواءِ ڪري رھيون آھن. ھا ھا ويچاريون ڇوڪريون، باندياڻيون توڙي آزاد، ائين ڪنديون آھن. ائين ڪرڻ تي مجبور آھن. پيٽ نھ ٿي پوي... توبھن ڇوڪريون يا عورتون ناجائز ٻار ٿيڻ کان ڪيڏو نھ ڊڄنديون آھن! باقي جي رڳو ڪو رشي ئي سھي، ملان پنڊت، ملان يا پادريءَ جا ٻھ ٻول پڙھايل ھجن تھ پوءِ ڪيڏي نھ فخر سان پاڻ کي ڊيل ڊيڪر سڏائينديون آھن، ڪيئن نھ ڳاٽ اونچو ڪري اکين ۾ آدجڳاد جا کيپ ڀري ھلنديون آھن تھ سمجھو ڇا ٿا، اوھان سڀ ڪنگال آھيو، اوھين سڀ بکيا وحشي ڪتا آھيو، جو ڪجھھ آھي منھنجي پيٽ ۾ آھي.“ اچانڪ ھو خوشين مان ليٿڙي ٿو پائي ۽ پنھنجي مومل جھڙي گرل فرينڊ لاءِ سوچي ٿو: ”او مائي گاڊ، ڊبل ڊيڪر. منھنجي ماسوڪڙي تھ ڄڻ سدائين جھڙي ڊبل ڊيڪر ھوندي آھي. چري سمجھي ٿي تھ دبئي، امريڪا يا ٻين ملڪن ۾ وڃڻ سان آئون امريڪن ايجنٽ ٿي ويو آھيان. ماڳھين شھر ڇڏي ڀڄي وئي. پاڻ کي وڏي پروفيسر سمجھندي آھي، وڏي افلاطون. ڀلا ڪو ماڻھو جي امريڪن ايجنٽ ٿي بھ وڃي يا چائنا ايجنٽ يا ڪھڙو بھ واھيات ماڻھو، اھو ڀلا پنھنجي سپنن جي ديويءَ سان ڪلاپ ڪندو ڪيئن؟!..... توبھن ھي اسان جون عورتون آھن يا ڊبل ڊيڪر بسون! سوسائٽي جي ڊرائيورن جي ڄنگھھ ھيٺان آيل... ڊبل ڊيڪرون. جيڏانھن سوسائٽي چاھي، جيئن چاھي، تيئن سندن اسٽيرنگ ڦيرائي ڇڏي.
    اچانڪ چانھن جي ٻار محسوس ڪندي، وڏيءَ ٽيڪاھينءَ جاءِ جي ھال مان ڊوڙندو، چلھي ڏانھن خارن مان وڌي ٿو:
    ”اوھ مينو جي ٻچي، ھي چانھھ ٿي چاڙھين يا ڀنگ پئي ڇاڙين؟“
    ”منھن ٿئي ڀنگ جھڙو؟ مر نھ، چانھھ اچي ٿي.“
    در کان پاسيرو، مينو جي ساھيڙيءَ جو منھن ڏسيو وات ڦاٽيو وڃيس، سو گھٻرائجي کانئس معافي وٺي: ”دل ۾ نھ ڪجانءِ، مون کي چانھن جي ٻاڙ لڳي آھي.“
    ”نو مينشن. اوھان ڪمري ۾ ھلو، چانھھ اوھان تائين پھچي ويندي.“
    ”ٿئنڪ يو ليڊي.“ ھو موٽ ٿو کائي. متيون موڙھجي ٿيون وڃنس، عورت جي ديھھ مايا ڏسي.
    ”اوھ گاڊ! نو مينشن، واٽ اي نائيس ليڊي! مينو سان گڏ ڦوٽن ۾ بھ ذرو بھ سھڻي نھ ٿي لڳي. ھيءَ تھ سموري سون کاڻ ڇا، کيرڌارا آھي. ھلندڙ، ڦرندڙ، وھندڙ کير ڌارا.“
    ھو وري صوفا سيٽ تي ويھي چانھن جو انتظار ٿو ڪري ۽ مينو جي ساھيڙيءَ جو بھ، جيڪا ھن اڄ پھريون ڀيرو ڏٺي آھي، جنھن جي نالي جي بھ کيس ڪل ڪانھي. ھونئن بھ ماڻھو ماڻھوءَ سان ٻڌل آھي يا نالن سان؟ نالو ڪھڙو بھ ٿي سگھي ٿو. الاھي فيلسوف قسم جا ماڻھو پنھنجي ٻارڙن جو نالو وساري ڇڏيندا آھن. ڀلا جنھن ماڻھوءَ کي سڄي دنيا، اتاولن ۽ اٻوجھھ ٻارڙن جو کيل ڏسڻ ۾ اچي ۽ جڏھن سندس سمورو پيار ڦھلجي، ساري انسانن توڙي حيوانن ۽ پرندن جو پيار ٿي وڃي تھ پوءِ ان ماڻھوءَ لاءِ نالن جي ڪھڙي اھميت آھي؟ ھو سوچن جي ٻوڏار ۾ آھي تھ مينو چانھھ کڻي اچي ٿي.
    ”ٻڌ او ٽرڙا، منھنجي سرتي تو سان ملڻ لاءِ آئي آھي.“
    ”ڀولڙي، پوءِ دير ڇا جي آھي؟ آئون بھ آتو ويٺو آھيان. قران ڏاڍي سھڻي آھي. اعتبار نھ اچنئي تھ ڳايان گانو، جادو لائي ويا جيءُ ۾.“
    ”نھ نھ، فلمي ايڪٽر ٿين جي ضرورت ڪانھي. وڏي گھراڻيآھي، ڪو اچي وڃي تھ ڇا چوندو. قران لڪي آئي آھي، توکي ڏسڻ لاءِ.“
    ”پوءِ اچي ڇو نٿي، نھ تھ آئون چانھھ نٿو پيئان.“
    ”ٻڌ، ڳالھھ ڪنھن سان بھ نھ ڪندين.“
    ”تون ڪاڇڻ ڪتي آھين. تو اڄ تائين مون کي نھ سڃاتو آھي.“
    ”ھا“ - ھوءَ وڏو اونھون ساھ ڀري، وڃي ٿي ۽ ھو چانھھ جا گرم گرم سرڪ ٿو ڀري ۽ محسوس ٿو ڪري تھ چانھن مينو جي ھٿن جي ناھي، چانھن ۾ لونگ ۽ ايلاچين جو واس آھي.
    ”اچان......“ کن لاءِ ھو موھ منڊ ۾ اچيو وڃي، بنڊپھڻ ٿيو وڃي. پھريات ٻار سان پھريات عورت، ڊيل ڊيڪر نھ ھوندي بھ جھڙي ڊيل ڊيڪر، ڀاري ڪپڙن ھوندي بھ جھڙي موڊي گيلاني جي ڪينواس جي نيوڊ عورت.
    ”ييس ڪم ان ليڊي.“
    ”مان – مان ھتي اچي اوھان جو وقت تھ نھ پئي خراب ڪريان؟“
    ”نھ تھ، تو جھڙي اپڇرا ۽ سڄاڻ منڌ جي ساري ڄمار منھنجي جيون ۾ اچي، منھنجو وقت خراب ڪري تھ آئون سمجھندس تھ منھنجو وقت سجايو ويو. مون مينو کان تولاءِ گھڻو ڪجھھ ٻڌو آھي.“
    ”۽ مون بھ..... ريئلي، يور آر اي گڊ ٽيڪنيشن، گڊ آرٽسٽ.“
    ”ٿئنڪ يو، ويھھ نھ، منھنجي ڀر ۾ نھ سھي، سامھون تھ ويھھ.“ سدا سھڻي منڌ سندس سامھون ويھجيو وڃي.
    ”ڀلا ٻڌو، اوھان ايڪٽر ڇو نٿا ٿيو؟“
    ”ايڪٽر...... اون..... ھون.... ايڪٽر ٿيڻ بھ ڪا ڳالھھ آھي.“
    ”ان جو مطلب آرٽ جي ان حصي کان اوھان کي چڙ آھي؟“
    ”اھڙو ذھني ڪوڙھيو پوڙھو ڪڏھن ڪين آھيان، دنيا ۾ پيٽراوٽول ۽ سڊني پائنٽر بھ ماڻھو آھن.“
    ”ڀلا تون امريڪا ڇو نٿو وڃين؟ اتي تھ توکي جھٽ کڻي وٺندا.“
    ”ڀلا تون پاڪستان ٽيليويزن تي ڇو نٿي وڃين؟ مون کي خبر آھي تون پرفارمر آھين. اردوءَ يا سنڌيءَ جي الاھين آرٽسٽ عورتن کان وڌيڪ پڙھيل ۽ سٺي فنڪار آھين.“
    ”پر اسان کي تھ مائٽ ڪاري ڪري ماري ڇڏين. ڪھڙي دنيا ۾ ٿو رھين؟“
    ”تون ڪھڙي دنيا ۾ ٿي رھين؟ آئون فلمي دنيا جو ماڻھو نھ، ريووليشن جي دنيا جو ماڻھو آھيان.“
    چانھھ ڪوپن جي ڪوسن ڪوسن سرٻاٽن تي کن لاءِ ماٺار، موھ ڀريل ماٺار، جنھن ۾ آھن الاھين ڻ:نن جا سنيھا، ڪشش سڪل، رڳو ھڪڙي کن ۾، الائي ڪير، سدا لاءِ ڪنھن جو گر گيان ٿيو وڃي. ڪڏھن نيڻ نيڻن کي پوڄارا پيغام بھ ڏيندا آھن.
    ”سچ اعتبار نٿو اچي، آئون توسان گڏ آھيان!“
    ”ھا – تون سچ ٿي چئين، ڪڏھن سچيون وارتائون ڪوڙا سپنا ٿي وينديون آھن. آئون تھ تو جھڙي سھڻين عورتن کي سپنن ۾ ڏسن لاءِ سڪندو آھيان. پر تنھنجو ٻار مون کان ٽھي ڇو پيو! ڇا سچي بھ وڏن وارن ڪري آئون انگريزي فلمن جو بدمعاش ٿو لڳان؟“
    ”نھ، ھيرو... الا سويري، چيائين پئي تھ امان مان ان جھڙو سڪس ملين ڊالر مين ٿيندس.“
    ھو ماءُ جھڙي سھڻي ٻار ڏانھن نھاري ٿو، بنھھ ماءُ جيھا ساروپا.
    ”ڀائي، تنھنجي ماءُ تھ ھڪ پل ۾ منھنجي دوست ٿي وئي آھي، تون ڇو پري بيٺو آھين؟ اچ نھ..... آ...... ھلي آ......“
    ٻار سنگھون اگھندو کيس چپڙي ٿو وڃي.
    ”مون چيو ٿي تھ، منھنجي ساھڙيءَ جو دنيا ۾ مٽ ثاني ڪونھي.“
    ”پھرين تنھنجو آھي جو تنھنجي سرتيءَ جو مٽ ثاني ڳولھجي؟ تنھنجي ساھيڙيءَ جي ديھھ اڏاوت لاءِ يونان جي ديوين جا اڻ لڌل بُت ڳولڻا پوندا.“
    ”اوھ...... اوھان تھ منھنجي ايڏي تعريف پيا ڪريو، جو مان چري ٿي پوان... ڇا سچ......“
    ”ڇو، آنھريءَ ۾ تون پاڻ کي نھ وڻندي آھين ڇا؟“
    مينو وچ ۾ ڳالھھ ڪتري ٿي:
    ”اڙي وڏي کڙپيل ٿئي، قرآن باٿ روم مان پاڻ کي اسفنج جي رليءَ جيڏي ٽوال سان ويڙھي، ڪمرا بند ڪري، ڀت جيڏي آرسي آڏو ھار سينگار ڪندي آھي، ان مھل مجال آ جو مڙس ئي ھمٿ ٿئيس تھ زال کي ھار سينگار ۾ ٿورڙو ٽاھھ وجھي يا در کڙڪائي. پڇينس نھ تھ ڪٿ ڪٿ ٽِڪا ڪڍي، آرسيءَ ۾ پاڻ کي چري ٿي ڏسندي آھي.“
    ”تو ڪڏھن ڏٺو اٿس؟“
    ”مون ڀلا ھن جو ڇا ڇا ناھي ڏٺو؟ ٻڌايانءِ؟“
    ”مينو....“ ھوءَ ڪاوڙجي مينو ڏانھن نھاري ٿي، ”تون تھ ڄڻ ھي قدم آرسي ڪٿ وڃايم پارسي ڳائڻ لاءِ رکيو پيٺي آھين، پوءِ آئون بھ سڀ ٽول پول کولي وھندي سانءِ، اسڪرو بولٽن ساڻ.“
    اوچتو در تي ٺڙ ٺڙ ٿي ٿئي. مينو ڊڄي در ڏانھن وڌي ٿي.
    ”...... ڪير آھي؟ ھون.... ھا ھا..... اچي ٿي، ڪونھ ٿا ڀڄائي وڃونس.“
    ھو ٽرن ڪري مينو ڏانھن نھاري ٿو:
    ”ڪير ھو؟“
    ”ھن سيدياڻيءَ سڳوريءَ جي نوڪرياڻي ھتي آئي ھئي، کيس وٺڻ.“
    ”چڱو آئون ھلنديس.“
    ”ايترو جلدي، مان تھ اڃا تو لاءِ پنھنجي اندر ۾ جاءِ ئي مس خالي ڪئي آھي.“
    ”ٿئنڪ يو، تون.... تون تھ شاندار ماڻھو آھين، ماڻھو تو لاءِ الائي ڇا ڇا چوندا آھن.“
    ”تولاءِ تھ شاندار آھيان نھ.“
    ”ھا“
    ”ڀلا جي ائون تنھنجي وارن جي چڳ کي چمي ڏيان تھ تون بھ اوترو ئي شاندار ٿي مون کي منھن ڏيندينءَ نھ.“
    ”وارن کي؟!“
    ”ڇو، مون کي تو تي ايترو بھ حق نھ آھي ڇا؟“
    ”نھ، تون ھڪ عجيب مخلوق ۾ ڦاسي ويو آھين، تنھنجي اديب دوست ڇوڪري توکي سچ چيو آھي تھ ھن چنڊال ٽڪريءَ مان نڪري وڃ.“
    ”نھ، جتي تو جھڙيون عورتون ھجن، اھا جاءِ آئون ڇڏي نٿو سگھان.“
    ”چڱو، وري ملنداسين.“
    ھوءَ ٻار کي چيچ ڏئي ھلي ٿي وڃي.
    ۽ ھو.... ھو چاءِ جو ٻيو ڪپ ختم ڪري، مينو کان موڪلائي، ٻاھر اچي ٿو، ڏاڍي ڏک ماٺ.
    رت ڏاڍي سھڻي ۽ من موھيندڙ آھي ۽ ھن وٽ الاھين سارو فالتو وقت. ھو چاھي ٿو اڄ جو ڏينھن پنھنجي سريت سان سڙڪن تي ھلندي گھاري... پر اھو ڪنھن ريت بھ ناھي ٿيڻو. ھتي ڪنھن لاءِ بھ، ڪنھن وٽ بھ، ڪي بھ احساس، جذبا ڪينھن. ڪنھن کي ڪنھن ۾ بھ ويساھھ ڪينھي.... سڀ اويساھ ماڻھو آھن. سڀ ھڪ ٻئي کان ڇرڪندڙ ۽ ڇڙواڳ. توبنھن، رڳو ھڪ ڀيرو... رڳو ھڪ ڀيرو، جڏھن ھو پنھنجي سپنن جي ڪامڻڪور ڇوريءَ کي (جنھن سان اٿس چوراسي لک جنھن جا ڀيرا) وٺي سرڪن تان ٽيلار ڪندو ھليو ھو تھ شھر ۾ ڪيڏو نھ ھل ھلاچو مچي ويو ھو، جڏھن تھ انھيءَ ساڳئي شھر ۾ ڇوڪريون ڇوڪرا گڏ ھلندا آھن.
    ھو روئڻ جھڙو ٿيو وڃي:
    ”ھان... جيڪب آباد ھلي وئي يا شڪارپور، ھي شڪارپوري ماڇڻ جي ڌيءَ.“
    ۽ ھو لڙڪ لڪائيندو، شھر جي سڙڪ ڏانھن وڌندو ٿو وڃي.


    ھيءَ ڪامڻ مايا

    گوري تيرا گام بڙا پيارا
    مين تو گيا مارا،
    آڪي يھان ري.
    رولو ھڪ ميوزڪ ھائوس شاپ مان ايندڙ مھاڀاري آواز تي بيھي ٿو وڃي ۽ مان سندس نيڻن مان اٻڙاٽ ڪري ٻاھر نڪري ايندڙ پيڙا کي محسوس ڪندي بيھجي ٿي وڃان. ڪجھھ بھ ٿي پوي، مون کي ھن سان الاھي ھمدرديون آھن، پر ائين چوڻ سٺو ٿيندو تھ مان ذري گھٽ ھن جي پيار ۾ ولوٽجندي ٿي وڃان ۽ ڪڏھن ڪڏھن دھلجي ويندي آھيان تھ ھي ھپيءَ جو ٻچو مون کي ڇڏي تھ نھ ويندو. مان مرڪ سان پڇانس ٿي: ”مسٽر رول، ڇا ٿيو؟“
    ”ڪجھھ نھ. ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان، اڙدو گانا ڏاڍا من موھيندڙ ھوندا آھن.“
    ”بڪ نھ، اڙدو کان مون کي نفرت آھي.“ ۽ ھو وائڙو ٿي کن لاءِ مون ڏانھن ھڪ ٽڪ نھاريندو ٿو رھي.
    ”تون ڪڏھن ڪڏھن بنھھ سچ چئي ڏيندي آھين. اسان وٽ ڪروڌ ۽ نفرت کان سواءِ ٻيو بچيو ڇا آھي!“ رولو چڙي ٿو وڃي.
    ”نفرت انگيز شين کان نفرت ڪرڻ ڏوھ نھ آھي.“
    ”ھا – پر ان اڙدوءَ جي چڪر ۾ ويچاري ڪشور، مڪيش ۽ لتا کي وچ ۾ ڇو گھرجي؟ انھن جي نري ڇو گھلي وڃي؟ ساري، منھنجو موڊ آف ٿي ويو آھي.“
    ”ڇا ٿو چوي تنھنجو موڊ صاحب؟“
    ”مان فلم نھ ڏسندس.“
    ”تون ڪروڌي احمق آھين، چريا اوٽول جون فلمون ڪراچيءَ ۾ قسمت سانگي اينديون آھن ۽ اڄ لاسٽ ڊي آھي.“
    ”مان پنھنجي جيون مان ان فلم کي ڪاٽا ڪري ٿو ڇڏيان.“
    ”پر مان نٿي ڪري سگھان.“ مون کي ڪاوڙ اچي ٿي وڃي.
    ”مان ڪڏھن ٿو چوان تھ تون نھ ڏس.“ ھو نماڻو ٿي مون سان بلڪل ڀِچي ھلڻ ٿو لڳي. سندس ائين ڀِچي ھلڻ سان مون کي ڏاڍو مزو ٿو اچي. اھڙو جيئن ڪنوارپڻي ۾ نينگريون سپنن جا راجڪمار کڻي ھلنديون آھن. پوءِ مان ڪاوڙ مان کانئس وٿيرڪي ٿيندي دٻڙاٽ پٽيانس ٿي، ”ھپي، ڇا اھو ضروري آھي تھ تنھنجي انيھءَ ايلفينٽا باٽم پينٽ جا پائنچا منھنجي ساڙھي سان ھر ويل وچڙيا پيا ھجن؟“
    ”ڇا.....!؟“
    ”ڌوڙ.“ مان مرڪي ٿي پوان ۽ جيون ۾ الاھي سالن کان پوءِ ٻانھن سندس ٻانھن ۾ وچڙائي ٿي ڇڏيان.
    ”ڀلا ھيکل فلم ڏسندي مون کي مزو ڪيئن ايندو؟“
    ”ڇو!..... تنھنجو تھ سارو جيون ئي ھيکل آھي.“
    ”ٺيڪ آھي، پر تون ايترو فالتو وقت ڪيئن گذاريندين؟“
    ”سڙڪن تي ھلندي گذاري ڇڏيندس. وقت کي ئي تھ ٿيلھو ڏيڻو آھي.“ ھن جي انھيءَ ڳالھھ تي آئون تپي تکي ٿي وڃان ٿي.
    ”عجيب ماڻھو آھين تون! وڏي مشڪل سان ڊيڊيءَ فلم ڏسڻ جي موڪل ڏني آھي. زمانو ڏاڍو خراب ٿي ويو آھي. ھيکل ھلڻ تي ڪاوڙجي ٿو.“
    ”تون اجايو پئي ڪاوڙجين. فلم ختم ٿيڻ ويل آئون سنيما جي در تي بيٺو ھوندس.“
    ”تون جي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي وئين تھ پوءِ؟...! الائي تنھنجو ڪھڙو اعتبار آھي.“
    ”توکي مون تي اعتبار ڪڏھن بھ ڪين ايندو.“ کن لاءِ ھو مون کي لاجواب ڪري ٿو ڇڏي.
    اسين ٻئي ھلندا ٿا وڃون، طرحين طرحين پوسٽرن سان سجايل سينما ڏانھن. ھوا جي جھوٽي سان منھنجي ساڙھيءَ جو پلئھ ھن جي مک کان لھرائجي وري منھنجي پڪڙ ۾ اچي وڃي ٿو. مان محسوس ڪريان ٿي تھ ھو ڏکوئجي ويو آھي، جيئن ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين تي سدائين ڏکوئجي ويندو آھي. مان شدت سان محسوس ڪريان ٿي تھ ڪجھھ ڏينھن کان منھنجي اندر ھن لاءِ آجھاگ پيار پئدا ٿي ويو آھي، جنھن کي سوين سوڙن ۾ لڪائڻ کان پوءِ بھ آئون لڪائي نھ پئي سگھان ۽ گھر ۾ سڀ کان وڏي جيڪا ڳالھھ پئدا ٿي آھي، سا اھا تھ رولوءَ ٻن ٽن ڏينھن کان موسيقي ٻڌڻ بند ڪري ڇڏي آھي، نھ تھ جڏھن ڏس، ريڊيو ڪيسٽ سان گڏ پاڻ بھ پيو وڄي ۽ ناچ ڪري.
    ”ڇو ڀلا؟.... ٻن چئن ڏينھن کان ڏاڍو ماٺار ۾ آھين؟!“
    ”مان؟“ ھو ڪنھن ٻوڏار مان موٽي ٿو اچي.
    ”ھا.“
    ”الائي ڇو، ھاڻ ڪراچي وڻي ئي نھ پئي.“
    ”ڇو ڀلا، چرس تي پابندي لڳي وئي آھي ڇا؟“
    ٽوڪ مان لڳاتار نھاريندي ٿي وڃانس.
    ”ھتي ڪابھ شيءِ بند نھ ٿيندي آھي.“ ھو ساڳي نماڻائي سان وراڻي ٿو. ”تون فلم ڏس، مان ايلفيءَ جا ٽيلار ڪندس. الائي ڇو دل چوي ٿي پھاڙي ڍنڍن ڏانھن ھليو وڃان. سيف الملوڪ ڍنڍ تي پھچڻ کان پوءِ ڀاسندو آھي، ماڻھو ڪو سلوڻو سپنو ڏسي رھيو ھجي. ساندھ ھلندڙ سندر دردناڪ سپنو.“
    ”ڇا!......“ مان دھلجي ٿي وڃان. سينما جي ويجھو سو رپئي جو نوٽ پرس مان ڪڍي سندس ھٿ ۾ ڏيان ٿي. رش ڪانھي.
    ”ھيئن ڪر ٻھ ٽڪيٽون وٺ.“ اسان ٻئي ٽڪيٽن لاءِ سينما ۾ اينٽر ٿيون ٿا. ھو ٿڪل ٿڪل انداز سان ٽڪيٽ وٺي موٽي ٿو، رڳو ھڪ ٽڪيٽ.
    ”مون ٻن لاءِ چيو ھو.“
    ”ساري، مون کي ڌرم جا ڌڪا کائڻا آھن.“ ھن جي انھيءَ ڳالھھ تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي اچي.
    ”ٻڌ، شام جو متان سينما جي در تي ڪا غير ملڪي عورت وٺيو بيٺو ھجين. حالتون خراب آھن. اڄڪلھھ رڳو سي آئي اي جون عورتون پيون ھلن. تو ڇٻل کي ڪھڙي خبر، بابو ڪاوڙجي ٿو.“
    ھو ٽڪيٽ وٺي موٽ ٿو کائي.
    ”غير ملڪي عورتون ايتريون وانديون بھ ڪينھن.“ ھو ساڳي پيڙا مان منھنجي منھن ۾ نھاري، باقي پئسا واپس ٿو ڪري.
    ”ھون – سڙڪن تان سگريٽن جا ٽوٽا ميڙيندين ڇا؟ رکي ڇڏ.“ آئون رعب ٿي رکانس ۽ ھو پئسا گيدي ۾ رکندي، سينما جي گيٽ ڪيپر سان ڳالھائي ٿو. الائي ڇا......
    ”ٻڌ، اگزيڪٽ ساڍي ڇھين وڳي ھن ڪارنر تي بيٺو ھججان. اھي ارڏايون چاچي سان ھلندءِ، ڊيڊي ڏاڍو سخت ماڻھو آھي، پادر ھڻندءِ.“
    ”ھون... ھا.“ ھو ھليو ٿو وڃي ۽ مان ھائوس ڪيپر جي لائيٽس تي پنھنجي سيٽ تي اچي ٿي ويھان. ڪنھن فلم جو ٽريلر پيو ھلي. مون کي سينما ۾ اچي ڏاڍي مونجھھ ٿي محسوس ٿئي. ساھ گھٽيندڙ مونجھھ. الله الله ڪري لارڊ جم جو ٽائيٽل ھلي ٿو. فلم شروع ٿي وڃي ٿي. مان چاھيان ٿي ٽائيٽل موسيقيءَ ۾ پاڻ کي لوڙھي ڇڏيان. پر ذھن ۾ الائي ڪھڙا واساما ٿا اڀرن. پنھنجو پاڻ تي ڪاوڙ ٿي اچي. سڀ سيٽون خالي آھن. ”ھان، سڙڪن تائين ڪيئن ھلندو ھوندو، ھيکل ھيکل. بابي جي بادشاھي اٿس جنھن سان مرضي اچيس، تنھن سان ڳالھائيندو. مھانڊي کي ديسي عورتون نھ ٿيون وڻن. ساڙھيءَ لاءِ چوندو آھي تھ ڪنھن بھ اڻ سبيل ڪپڙي جا پنج ڇھھ وال سٺي نموني ان بدن کي ويرھي ڇڏجن تھ اھا ٿي ساڙھي.“ ھونھن.... وڏو آيو آھي يورپين اسڪالر جو ٻو. پاڻ مرداڻا ڪپڙا پائي پوءِ بھ جھڙي ڪر رن ڀڳي وڃي. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي اچي تھ ھو مون کي سنيما ۾ ائين ھيکل ڇو ڇڏي ويو؟ وري مٿان اھو خيال تھ مون کيس ايترا پئسا ڇو ڏنا؟ الائي ڪھڙا نشا پتا وڃي ڪندو! فلم ڏسڻ مون لاءِ عذاب ٿي وڃي ٿو. الائي ڇو بار بار منھنجي اندر ۾ ڊيڄوڙا اڀرن ٿا ۽ فلم اسڪرين بدران منھنجي اکين آڏو گھڙيءَ گھڙيءَ ھڪ ايڪسيڊنٽ سين اچي وڃي ٿو ۽ فلم ۾ جيڏي وڏي ڌماڪي بازي آھي، ان کان وڏي ڌماڪي بازي منھنجي ذھن ۾ پئدا ٿي وڃي ٿي.
    ”ھون، نڀاڳو..... ڏاڍو دکاڙ ھڻي سھڻين عورتن پٺيان جھونگاريندو ويندو ھوندو.“ مون کي ڪشٽ ٿا اچن. فلم ھلندي ٿي رھي. اوٽول جي سھڻي پرفارمينس ڪڏھن ڪڏھن مون کي فلم ۾ لوڙھي ٿي ڇڏي ۽ ڪڏھن ھن جي اوٽارن ۾ لڙھي ٿي وڃان. ڊيڊي بھ چوندو آھي، چريا کريا تڏھن بھ پنھنجا ۽ پھريون ڀيرو مون کي پنھنجائپ جو احساس اڀري ٿو تھ ھو منھنجي سڳي چاچي جو پٽ آھي. جڏھن ننڍڙا ھئاسين تڏھن ھو سکر ۾ اسان جي گھر آيا ھئا. اسان جي جدا رھڻ جو سبب منھنجي پڙھائي ھئي، جنھن تي منھنجو چاچو سدا لاءِ منھنجي پيءُ کان رسي ويو ھو ۽ وڏي ٿي، سندس پٽ لاءِ سدائين اھو ٻڌندي رھي ھئس تھ مڇن جي ساوڪ ايندي ئي ھو لوفر ٿي ويو ھو. چرس، شراب، ڀنگون، گانجا، پوپا، الائي ڇا ڇا ڪرڻ لڳو ھو ۽ پوءِ ايڪٽر ٿيڻ جي شوق ۾ گھر ڇڏي ڀڄي ويو تھ يڪو گم. ڪڏھن خبر پوندي لاھور ۾ آھي، ڪڏھن دبئيءَ ۾ تھ ڪڏھن ترڪي. ھاڻ متيو آھي تھ ڪڏھن ڪھڙن مائٽن ۾ تھ ڪڏھن ڪھڙن دوستن ۾. ٽڪاؤ ڄڻ ھن جي ڀاڳن م لکيل ڪينھي. مھيني کن کان اسان وٽ آھي. اسين کيس ڏاڍو پيار ڏيندا آھيون. ڪو کيس مسٽر ھپي تھ ڪو مسٽر رول چوندو آھي ۽ ھو چڙندو ڪينھي ۽ مون کي..... مون کي ھو ذرو بھ بگڙيل نھ لڳندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڀاسندو آھي تھ سڀ ڪجھھ ھو ڄاڻي واڻي ڪري رھيو آھي. ھاڻ ڀلا اھا بھ ڪا ڳالھھ آھي تھ ماڻھو ڪڪڙ جو آنو نھ کائڻ جي ھد تائين ويشنو ھجي، تھ اھا جيو ھتيا آھي!؟ گھر ۾ شيد رڳو آئون ئي ساڻس ٺيڪ نھ ھلندي آھيان. ان لاءِ تھ ھن وٽ سوسائٽيءَ لاءِ ڪي بھ ايٽيڪيٽز ڪينھي. جڏھن مرضي ايندس، منھنجي ڪمري ۾ گھڙي ايندو. بس چوندو، سنان پاڻي بھ نھ انھيءَ ڪمري ۾ ڪريان. وس پڄيس تھ گڏ سمھي پوي.
    ”ھان – عيب ئي ڪھڙو آھي گڏ سمھڻ ۾؟.... رڳو ڪنھن ساھيڙيءَ کي ئي چوڻو پوندو تھ مون کي وڻي ٿو. مون کي منظور آھي.“ اندر ۾ دل ڦٿڪو ٿي کائي ۽ سوچيان ٿي: ”مار پويس، ھي ٻھ اڍائي ڪلاڪ ڪيئن نبرندا؟ ھن پاسي، ھن پاسي سيٽون خالي آھن ۽ ان جو ڪارڻ منھنجي ھن سان اڍنگي روش آھي.“
    ”ڪٿي ڀاڙو ڪري ڪيڏانھن ھليو نھ وڃي. ڪجھھ بھ ٿي پوي، منھنجو سوٽ آھي. ڪھڙو بھ آھي مون کي وڻي ٿو!“ الله الله ڪري کيل ختم ٿئي ٿو ۽ مان پگھر ڳاڙيندي، سينما ھال کان باھر نڪران ٿي. ھن سان گڏ اوند ماڻھو ڏسي، مون کي ڏاڍي ڪاوڙ وٺي ٿي وڃي. ماڻھو غير ملڪي ٿو لڳي.
    ”ڪير آھي؟“ مان تپي ڏانھس نھاريان ٿي.
    ”فرينڊ آھي.“ ھو پنھنجي دوست کي اڌ اشارن ۽ اڌ انگريزي ٻوليءَ جي الوداعي جملن سان چلتو ڪري مون ڏانھن اچي ٿو.
    ”فلم وڻي؟“ ھو ساڳي نراسائي وڪوڙيل آواز سان ڳالھائي ٿو.
    ”ھا، اوٽول سچي بھ تمام وڏو آرٽسٽ آھي.“
    ”ھا، مون کي سندس اکيون ڏاڍيون وڻنديون آھن.“ ھو منھنجي نيڻن ۾ نيڻ کپائي وراڻي ٿو ۽ آئون سندس ٻانھن ۾ ٻانھن وچڙائي ساڻس ڏاڪن کان ھيٺ لھان ٿي ۽ کڙيون کڻي سندس وات سونگھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي. وات ۾ مڙئي چرس جھڙي ڪا بوءِ اٿس ۽ مٿان اٿس سگريٽ جي ڦوڪ ڦوڪان.
    ”ڇا تون سگريٽ ڇڏي نھ ٿو سگھين؟“
    ”نھ، سگريٽ منھنجي ٻالاپڻ جو يار آھي.“
    ”سچ ٻڌاءِ، سٺا، سھڻا يار گھڻا ڪيئي؟“ آئون کل روڪي ٿي چوانس.
    ”ھون... ھتي ڪير ٿو ڪنھن جو يار ٿئي.....؟ ھو مون ڏانھن اگھور نيڻن سان نھاريندي اونھون ساھ ٿو ڀري.
    ”ھي ڪير ماڻھو ھو؟“
    ”واٽ ويندو يار. چيائين ”موھن جو دڙو“ ڏسڻ ھلين تھ صلاح ٿئي.“
    ”ڇا؟.....“ منھنجو من دھڪو کائي ٿو وڃي.
    ”مون اھي کنڊر نھ ڏٺا آھن. من جنھن سٺي ڳالھھ لاءِ چوي، اھا ضرور پارجي. جيون بار بار ٿوروئي ملندو آھي.“ ھن جي آواز ۾ ڄڻ آدجڳاد جون پيڙائون ڀرجي ٿيون اچن.
    گھر پھچي آئون پنھنجي ڪمري ۾ جلدي جلدي سمھن جا ڪپڙا پھريان ٿي تھ ممي جي کاڌو ڪڍڻ کان پھرين آئون ڪچن ۾ پھچي وڃان ۽ اھڙي اٽڪل ڪريان جو اسان ٻنھي کي کاڌو گڏ کائڻو پوي. اھو سڀ ان ڪري جو ھاڻ ھو منھنجي ڪمري م نھ ايندو آھي. ممي کاڌو کڻي اچي ٿي. ممي ڪاوڙيل ٿي لڳي:
    ”سچي چوندا آھن، ڌيءَ ڌڻ کي نھ پڙھائجي.“
    ”ڇو ممي؟“ مان حيران ٿي ماءُ ڏانھن نھاريان ٿي ۽ ممي منھنجي ڳالھھ تي اونھو ساھ ٿي ڀري.
    ”تون بدتميز آھين.“
    ”ڇو ممي، مون ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي؟......“
    ”ڪنھن کي ڪجھھ ڏجي نھ تھ آزارجي بھ نھ.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”تنھنجو ڪم ڪھڙو ھو ھن کي فلم تي وٺي وڃڻ جو؟“
    ”منھنجو سوٽ آھي، ان ۾ ڏوھ ڪھڙو ٿيو آھي؟ ڇا ھن ڪا شڪايت ڪئي آھي؟“
    ”الائي، سنڀرتون پيو ڪري!“ ممي دک کان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي ھلي وڃي ٿي. مان کاڌو کائڻ کان سواءِ ھن جي ڪمري ۾ پيھي ٿي وڃان.
    ”ھپي، يو آر گوئنگ؟“
    ”ياپ.“
    ”نائو، ان دس ٽائيم.“
    ”نو، ارلي مارننگ، الائي ڇو دل ٿي چوي، چل اڙ جا ري پنڇي.“ ھو اھا ڳالھھ اھڙي ريت ٿو ڪري، ڄڻ ھن جي جيون جو سمورو نرواڻ ”موھن جي دڙي“ ۾ آھي. مان ھن جي بئگ م نھاريندي ٿي رھان، جنھن ۾ ڪپڙن جي ھلڪڙي خوبصورت وڳي سان گڏ پنھنجي ضرورت مون سموريون شيون سجائي رکندو آھي.
    ”وري ڪڏھن ايندين؟“
    ”سار، خبر مون کي نھ پوندي آھي.“ مان شڪست کائي فلور کان ھيٺ نھاريان ٿي. رات جي روشنين ۾ چوراھي تي ماڻھو تڪڙا ايندا ويندا ٿا نظر اچن. ڌنڌليل، ڀٽڪي ويل آتمائن جيان ڇاپاڪا ھڻندڙ ماڻھو. مان الاھي ڪجھھ کيس سمجھائن گھران ٿي پر الائي ڇو نڙيءَ مان ڪا وائي ئي ڪانھ ٿي اڪلي.
    رات جو مون کي ننڊ نھ ٿي اچي. اوجاڳي کان نيڻ ڦاٽن ٿا. ڀاسي ٿو ڪمري ۾ جن پيا ھلن. مان ڊڄي امان ڏانھن ڊوڙان ٿي. امان ننڊ ۾ الوٽ آھي. ھپي سندس ڪڇ ۾ ستل آھي. جيئن ٻارڙا ماءُ جي ٻانھن سيرانديءَ ڪري سندس ڪڇ ۾ وات وجھي سمھندا آھن. مان ماٺڙي ڪري وري پنھنجي ڪمري ۾ موٽي ٿي اچان.
    صبح جو سوير، سج اڀرڻ کان بھ اڳي ڪچن مان مميءَ ۽ ھن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. مان ھاسيڪار ڪچن ۾ اچي کيس ڏيکائي ڏيان ٿي. ھو ڏاڍي موھ مان منھنجي ويجھو ٿو اچي ۽ چانھھ جا آخري ڍڪ ڀريندي ڳالھائي ٿو:
    ”ساري، مان وڃان پيو، ٿئنڪز فار يوئر سيمپٿي ائنڊ لو.“
    منھنجي واتان ڪوئي اکر ڪونھ ٿو اجھي ۽ ھو ممي کي سينڌ تي ڪس ڪري، بئگ ڪلھي سان لڙڪائي، گڊ باءِ ڪري، ھليو ٿو وڃي ۽ اوڀر کان ھيکل سج ڄڻ رت روئندي ٿو اڀري ۽ گذري ويل زماني جو سارو ڪامڻ ڄڻ وگھري آڪاسن ۾ ڦھلجندو ٿو وڃي.


    يگ يگ جي پيڙا

    ھاڻي ھو گھر ۾ ايندي ئي ڦان ٿي ڪري پيو آھي ۽ ساوتريءَ پنکو ۽ ايئر ڪنڊيشنز ٻئي آن ڪري ڇڏيا آھن. ھوءَ ٻارڙن کي دڙڪا ڌوما ڏئي، لان ڏانھن راند کيڏڻ لاءِ موڪلي، ڏڪندي، تڪڙي تڪڙي ھن مٿان اچي بيٺي آھي ۽ ڏاڍي پيار مان، جيترو پيار، رومانس ۽ مامتا اندر ۾ اٿس، اوڏيءَ ئي پيڙا مان ھن کي پڪاري ٿي:
    ”ڊارلنگ... ڪجھھ تھ چئھ، ڇا ڊاڪٽر گھرايان؟“
    ”...... ....... آ..... اون.... آ...... آھ.....“
    جواب نھ پائي ساوتري اونڌن گوڏن ڀر ويھي، سندس ڳلن تي پيار ڀريو ڇھاءُ ڏئي ٿي.
    ”تون تھ چڱو ڀلو گھر ويو ھئين. ڇا ٿڌو پاڻي پيئندين؟ يونيڊ واٽر، ريئلي آئون ڊڄي وئي آھيان. طلاق ٿي وئي آھي تھ ڇا ٿيو، ماڻھو تھ ساڳيا آھيون. ڏس، پنھنجي وچ ۾ ٻھ ٻارڙا بھ آھن. منھنجو تنھنجو رشتو تھ ڪٽجي ويو آھي، پر ڪھڙو مذھب آھي جو ھنن ٻارڙن جو سنڱ ڪاٽي وٺندو؟ الا، توکي ڪجھھ ٿيو تھ ھي ٻار يتيم ٿي ويندا، ھونئن ڪھڙا يتيم ناھن. اون – غلام يتيم ٻارڙن جو ملڪ. مان ھينئر ئي ٿي ڊاڪٽر گھرايان.“ ھو ٽيليفون ڏانھن وڌي ٿي ۽ ھن ۾ ڄڻ ڌپي ڌپي ساھ پئجي ٿو وڃي.
    ”ھون....... نھ...... نھ....“ ھو ڊوڙي ڪريدل ڏانھن وڌيڪ سندس ھٿ مٿان ھٿ رکي ٿو ڇڏي.
    ”چيم نھ، آئون ٺيڪ آھيان.“
    ”ڌوڙ ٺيڪ آھين.“
    ”ائين ئي ذھن ۾ ڪڏھن ڪڏھن پڪڙ پئجي ويندا آھن.“
    ”نھ، تون ڪوڙو آھين. اڌ بھ نھ بچيو آھين. ٻن ڏينھن ۾!...... ايڪسري ڪرائڻ ۾ آھي ڇا؟“
    ”ساوتري، تنھنجو سوڳنڌ، ڪجھھ بھ ڪينھي. ائين سمجھھ توکي ڏسڻ لاءِ سانگ رچائيندو آھيان.“
    ”نھ، تون ڪوڙو آھين، تو ڪڏھن بھ مون سان سچ نھ ڳالھايو آھي.“
    ”تھ پوءِ ٻڌ، منھنجو پيار تو سان ٻن چئن سالن يا نڪاح جو نھ، پندرھن سال اڳي جو آھي. يا جڏھن... جڏھن مون توکي ھڪ ماڻھوءَ سان سڙڪ تان گذرندو ڏٺو ھو. ھڪ ئي نھار سان مان ڄڻ نئون ڄمي پيو ھئس.....“
    ”پندرھن سال اڳي؟“
    ”ڇا توکي اعتبار نٿو اچي؟ الائي ڇو، مون توکي ماڻڻ نھ پئي چاھيو. تون ڪلاڪار ھئينءَ ۽ مان ھڪ آرڊنري ماڻھو.“
    ”پر اڳي تھ تو اھڙي ڳالھھ ڪڏھن بھ نھ ڪئي.“
    ”ڇا ضروري آھي تھ پيار ۾ سڀ ڪجھھ ٻڌائي ڇڏجي تھ ڪيڏو پيار ڪريان ٿو توسان؟“
    ”اون – اھو ڪھڙو پيار آھي جو ماڻھو آپزورو ٿي وڃي. تون منھنجيون ڳالھيون مڃين ڇو نھ ٿو؟“
    ”آئون ضدي آھيان، پنھنجي درياھ جيان خودسر.“
    ”ڇو؟....“
    ”ھر ماڻھو ائين آھي. ھر ماڻھو پنھنجي ھلائڻ چاھي ٿو، پاڻ مڃائڻ چاھي ٿو. چيم نھ، آئون ٺيڪ آھيان. ڏس، ٺيڪ ٿيندو ٿو وڃان نھ؟“ ھو بوٽ ۽ جوراب لاھي، باٿ روم ڏانھن وڌي ٿو. ساوتري بھ باٿ روم ۾ اچي ٿي ۽ ٽب ڀرڻ لاءِ نلڪا کولي ٿي.
    ”جلدي ڇاپڙ ڇاپڙ ڪري نھ نڪرجان. آئون تو لاءِ چانھھ تيار ڪري وٺان ۽ ھا – چانھھ پئندين يا شربت؟“
    ”چانھھ.“
    ”ٺيڪ آھي، مان بھ چانھھ ئي پيئندس.“ ھوءَ ڪچن ڏانھن وڃي ٿي ۽ گھرو اونھو آٿت ڀريل ساھ کڻي، چانھھ تيار ڪرڻ لڳي ٿي. اندر باٿ روم مان پاڻيءَ جا اواز اچڻ ٿا لڳن. ساوتري ڪيٽلي سوئي گيس تي چاڙھي وري ڪمري ۾ اچي ٿي.
    ”پاني ٺيڪ آھي؟“
    ”ھا، ٺيڪ آھي.“
    ”ھيئن ڪر نھ، شيمپو سان سڄي ٽب ۾ جھڳ پئدا ڪري ڇڏ.“
    ”ھا ھا، جيئن چوندينءَ، تيئن ڪندس.“ اندران آواز اچي ٿو.
    ساوتريءَ کي وري اوچتو ڪا ياد اچي ٿي. ھو٤ ال۾آڙ:٤ مان ڌوبيءَ جي ڌوتل ٽوال ڪڍي ٿي.
    ”ٿورڙو در کول، ھي ٽوال وٺ. ٻارڙن اھو ٽوال گندو ڪري ڇڏيو آھي.“
    ”ٺيڪ تھ آھي.“
    ”اڙي ڀائي مڃ بھ. توکي ڪڏھن فريش ٿيڻ بھ ڪين اچي.“ باٿ روم جي لاڪر جي آواز کان پوءِ در ٿورڙو کلي ٿو ۽ ساوتري کير جھڙي اڇي اڇي ٽوال وارو ھٿ اندر وڌائي ٿي ڇڏي.
    ”اڄ کاڌو کارائڻ کان اڳ ڪين ڇڏيندي سانءِ.“
    ”ھا ھا، رات سمھاري ڇڏجام.“ ھو بيزاريءَ سان اندران ڀڻڪي ٿو ۽ ساوتريءَ جي چھري تي مرڪ اچيو وڃي، روئاريندڙ مرڪ. ھوءَ وري ڪچن ۾ اچي، خوبصورت پليٽ ۾ نمڪين ۽ مٺا بسڪوٽ ٽيبل تي رکي ٿي ۽ گرم پاڻيءَ ۾ پائوڊر جا چار پنج چمچا گھولي، کير ٺاھڻ لڳي ٿي ۽ پاڻمرادي ڀڻڪي ٿي:
    ”توبھن، ھاڻي فرج کي بھ انھن ٻن ٽن ڏينھن ۾ ئي خراب ٿيڻو ھو!“ ھوءَ سڪل کير کي پاڻيءَ ۾ پوري ريت ملائڻ لاءِ زور زور سان ملائيندي، وري ڀڻڪي ٿي:
    ”توبھن، ھاڻ تھ ھر ڳالھھ مصنوعي ٿيندي ٿي وڃي.“ ٽڪاؤ نھ ايندي ھوءَ وري باٿ روم جي در تي اچي ٿي. اندران ڇل ڇل پاڻيءَ جا آواز ايندا ٿا رھن.
    ”ٻڌ، چانھھ ڇو، مان آرينج رس ڇو نھ ٺاھيان؟ ھانءُ ٺري پوندو.“
    ”اڙي ڀائي، سڪون سان وھنجڻ ڏي. تنھنجي چپن مان نڪرندڙ آواز ۾ گھٽ رس آھي جو ھاڻ آرينج رس پيئان.“
    کن لاءِ ماٺر.
    ”توبھن، توسان تھ ڳالھائڻ ئي گناھ آھي. ڀلائي ڪر ڄٽ سان، ڦيري ھڻ پٽ سان.“ ھوءَ گلاس ۾ چمچو گھمائيندي، ڪجھھ ڪاوڙ مان ڪچن ڏانھن موٽي ٿي. ٻاھران ٻئي ٻارڙا ڊوڙندا ٿا اچن، ڏاڍا خوش.
    ”ممي اڄ فلم ڏسنداسين، سينما ۾. تنھنجو ھي فرينڊ ڏاڍو پيارو آھي. فيچر فلم، لڙائي واري.“
    ”اڄ تھ ٽي ويءَ تي رنگين فلم آھي.“
    ”نھ، سينما اسڪوپ.“
    ”ٺيڪ آھي، فلم ڏسنداسين. ھاڻ ڪتاب ھلي کوليو. اسڪول جو ڪم ڪندي ٻرو ٿو چڙھيو.“
    ”ٻرو ڇا ٿيندو آھي ممي؟“
    ”ٻئي پنھنجي ڪمرن ۾ وڃو.“ ھوءَ ٻارڙن کي ڇينڀي، چانھھ تيار ڪري ٿي ۽ ان کان پھرين جو ٽري، ٽِي ٽيبل تي آڻي رکي، ھو وھنجي ساڳيا ڪپڙا پھري، ٽوال سان وارن کي اسفنج ڪندو ٻاھر اچي ٿو.
    ”ڇو، بات روم ۾ وڇون ھئا ڇا؟“
    ”تھ ڇا باٿ روم ۾ ننڊ ڪريان؟“ ھو اونھون آٿت ھاڻو ساھ ڀري، سامھون ڪرسي تي وھي ٿو.
    ”سچ، ھاڻ تھ تون مون لاءِ انولا، موزيمبيق ۽ جنوبي افريڪا جيڏو وڏو مسئلو ٿيندو ٿو وڃين. ٻڌاءِ نھ، ڇا ٿيو؟“
    ”منھنجي ذھن ۾ زرزلو پئدا ٿي ويو ھو. ٻھ ٽي ڌوڏا آيا، وري پنھنجي ساڳي گردش ۾ اچي ويو.“
    ”ڪڏھن ڪڏھن زرزلو ڪندڙ ذھن، ٻين کي بھ ساڙي وگھاري ڇڏيندا آھن.“
    ”اھي آتش فشان ڪندا آھن، نھ ذھن. مان تو جيئن ٻرندڙ نھ، ٿڌو پھاڙ آھيان، ٿڌو ٿڌو.“
    ”چانھھ پي.“ ھوءَ ڪپ ڏانھس وڌائي ٿي. کن لاءِ ٻئي کوئجي بسڪوٽ چٻاڙيندا، چانھھ ۾ چمچا گھمائيندا ٿا رھن.“
    ”آئون سمجھان ٿي توکي منھنجي ضرورت آھي، ڏاڍي گھڻي ضرورت.“
    ”اھڙيون ڳالھيون نھ ڪر، مڙسھين نھ اچي وڃي.“
    ”پوءِ ڇا ٿيندو؟“
    ”ھو ڪوبھ شڪ کائي سگھي ٿو.“
    ”چيم نھ، پوءِ ڇا ٿيندو؟“
    ”طلاق ٿي ويندءِ.“
    ”بنان ڪنھن اوڻائيءَ جي؟!..... تھ پوءِ مان بھ ڪنھن جي مھتاج نھ آھيان. گھر، گھر جو سارو سامان، ٻار، جو ڪجھھ آھي منھنجو آھي. مون ڪو کانئس دستاويز نھ لکرائي ورتو ھو تھ طلاق ڏيڻ ويل توکي ھيترا پئسا ڏيڻا پوندا. مان ريس ڪورس جي گھوڙي نھ آھيان جو پاڻ کي شرطن جي قيد ۾ محسوس ڪريان. چوندي سانس، ڪامريڊ جا پٽ، ماٺڙي ڪري ٽي پٿر در تي رکي ھليو وڃ.“
    ”ڇا اوھان ۾ ڪا اڻ ٻڻ آھي؟“
    ”ھا، آھي. ھاڻي اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي جو ھن سرڪار لاءِ اھا پنھنجي آئيديل لائيف ڇڏيان، جنھن لاءِ مون پندرھن سالن جو دوزخ ڀوڳيو آھي.“
    ”ڇو ٿي ٽارچر ڏين؟“
    ”اوھ، تھ توکي ٽارچر ٿيندو تھ مون کي وري طلاق ٿي وئي؟“
    ”ھا.“
    ”ڀل ٿئي. ھيئن ڪر، اڄ رات ٻارڙن سان سمھي پئھ. ماڻھو ٿي پوندين.“
    ”مان ماڻھو ٿيڻ چاھيان ئي نھ ٿو. مون کي ھن سماج کان نفرت آھي.“
    ”ٻارڙا مانھو نھ، ٻارڙا ھوندا آھن. الا، جھڙا ڀولڙن جا ٻچا.“
    ”پر آئون پرائي گھر ۾ ڇو سمھان؟“
    ”ڇو، گھر کڻي پرائو ھجي، ماڻھو تھ سڀ تنھنجا آھن.“ ساوتريءَ جي ان ڳالھھ تي ھو ٽڪ ٻڌي ساوتريءَ ۾ نھاري ٿو ۽ ڄڻ روئي ٿو پوي:
    ”نھ، ڪوئي ڪنھن جو ڪونھي. ھرڪو ھيکل آيو آھي ۽ ھيکل ويندو.“ ھن جي ڳالھھ تي ساوتري گھٻرائجي ٿي وڃي.
    ”تون سچ ٿو چئين، ڪڏھن ڪڏھن من چوندو آھي، ميرلن جيان، ٻنھي ٻارڙن سان گڏجي، الاھي ساريون ننڊ جون گوليون کائي، وڏي اگھور ننڊ ۾ ھلي وڃان.“
    ”ٻارڙن سان گڏ ڇو؟“ ھو چانھھ جي پيالي وات تائين آڻيندي رڪجي سواليھ نيڻن سان ڏانھس نھاريندو ٿو رھي.
    ”ٻارڙن سان گڏ سمھڻ ۾ مزو ايندو آھي. ان معاملي ۾ آئون فرعون جي بھ ڏاڏي آھيان. ون جيئن چاھيو آھي، تيئن ئي ٿيو آھي.“
    ”۽ جي آئون ٻارڙن سان سمھان تھ پوءِ؟“
    ”پوءِ شايد آئون رڳو اڪيلي، پنھنجي ڪمري ۾ اگھور ننڊ ۾ ستل پاتي وڃان.“
    ”نھ، اھو تون مون کي بلئڪ ميل پئي ڪرين؟“
    ”سڄي ھيومن سوسائٽي ھڪ ٻئي کي بلئڪ ميل ڪري رھي آھي، مون توکي ڪيو تھ ڇا ٿيو؟“
    ”۽ صبح جو جي آئون نھ جاڳان تھ پوءِ؟“
    ”تون جاڳي پوندينءَ، ان لاءِ تھ تون بزدل نھ آھين.“ ھوءَ چانھھ جا ڍڪ ڀري ٿي. الاھي دير ٻنھي ۾ ماٺار پئدا ٿي وڃي ٿي.
    ”ڪنھن کي بھ بلئڪ ميل ڪرڻ نيچ ڪم آھي.“
    ”۽ اھو نيچ ڪم نھ آھي جو تون ٻيرو ڀيرو مون کي بلئڪ ميل ڪوٺيو آھي. اھي اکر مون کي ڪان جيان لڳا آھن. شيم.“ ھوءَ روئي ٿي پوي.
    ”مان معافي ٿو گھران. مان نھ ٿو چاھيان تھ تنھنجي جيون ۾ ڪا اڻوڻندڙ ڳالھھ پئدا ٿي پوي.“
    ”مان ٻار نھ آھيان.“
    ”ٿي سگھي ٿو مان تنھنجو ساٿ نھ ڏئي سگھان. منھنجو ذھن ٽٽي چڪو آھي. مان ھاڻ رومانٽڪ جيون ڇڏي، ڪجھھ ٻيو سوچڻ لڳيو آھيان.“
    ”اسان ٻنھي کي ھڪ ٻئي جي نھ، ٻارڙن کي اسان ٻنھي جي ضرورت آھي ۽ اسان ٻنھي کي ٻارڙن جي.“
    ”توکي ھوندي، مون کي ڪانھي.“
    ”پوءِ مرڻ لاءِ منھنجي دروازي تي ڇو ٿو اچين؟“
    کن لاءِ ھن جي وائي اچڻ بند ٿي وڃي ٿي.
    ”اڳتينھ ايندس.“
    ”چيم نھ، ڪوڙ نھ ڳالھاءِ. ٻار پوءِ جي پئداوار آھن، توکي منھنجي ضرورت آھي.“
    ”ھا آھي، پوءِ ڇا تون منھنجي ضرورت پوري ڪندينءَ؟“
    ”ھا، مان نوڪرياڻين، ميٽرن ۽ نرسن جيان تنھنجي گھر جا سمورا ڪم ديانتداريءَ سان ڪنديس.“
    ”پر مان تھ بي گھر ماڻھو آھيان، جلا وطن. اھڙا لاڏ، ڪار ۽ بنگلي وارا ماڻھو ڪندا آھن. مان تھ ھڪ ڪنگال ۽ ناڪام اسڪالر آھيان. ٿري ناٽ ٿري جي سچي گولي مان نڪتل. اھو بھ کنڊراتن جو. چانھھ لاءِ مھرباني.“ ھو اونھو ساھ کڻي اٿي ٿو. ھوءَ در تائين کيس ويندو ڏسندي ٿي رھي.“
    ”تون سوئر آھين، آئون تنھنجا ٻئي ٻار ماري ڇڏينديس.“ ساوتريءَ جي ڪڙڪيدار آواز تي ھو ڪنڌ ورائي ڏانھس نھاري ٿو ۽ در تي ٽيڪ ڏئي، کن لاءِ منھن ۾ گھنڊ وجھيو، منجھس نھاريندو ٿو رھي.
    ”پوءِ تھ آئون سمجھندس تھ تون سچي بھ ذھني مريض آھين. سڄو ڏوھھ منھنجو نھ، تنھنجو ھو.“
    ”ان جو مطلب تھ تباھيءَ جو ڪارڻ رڳو مان آھيان؟“
    ”نھ، اسان ٻئي آھيون ۽ اسان ٻنھي کان وڌ ھن صديءَ جي ماڻھن جو ڪردار آھي. مون کي تھ اڄ تائين سمجھھ ۾ نھ پيو اچي تھ سڙڪن تي ھلندي ھاڊثا ڇو ٿا جنب وٺن؟ تو ۽ مون جھڙا حادثا.“ ھن جي ڳالھھ تي ساوتري ڍڪون ڀري روئڻ ٿي لڳي ۽ ھن کي ڪھڪاو ويڙھيندا ٿا وڃن.
    ”مر نھ، موٽي ايندس ۽ ٻڌ، کاڌو پچائڻ جي ضروري ڪانھي. مون کي تنھنجي ھٿن جي ڪا شيءِ ڪانھ وڻي. مان پنھنجو ڪم پاڻ ڪندس.“
    ”آئون بھ ڪا تنھنجي بابي جي نوڪرياڻي ڪانھ آھيان.“
    ۽ ھو ڏانھس نھارڻ کان سواءِ ھليو ٿو وڃي ۽ ھوءَ ڌماڪي سان در بند ڪري ٻارڙن جي ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ لڙڪ اگھندي، ٻارڙن سان ٻار ٿي وڃي ٿي.


    راٺوڙ، راجپوت

    ھو ويٺو آھي.
    ۽ سنڌو – سنڌو ٽٻاٽٻ وھندو ٿو وڃي ۽ اتر الھندي کان ايندڙ ھوائن ۾ ڄڻ مارئيءَ جي ملڪ جي ھيرن جا ھڳاو آھن.
    ھو ڏسي پيو. درياھ جي بچاءُ بند مٿان، پوڙھو سئيس گھوڙو پيو ڊوڙائي. کير جيھي اڇي گھوڙي مٿان، ڦلھياري چٽ آھن. گھوڙو اوچي اوچي بند تان جڏھن ھيٺ لاھيارو ٿو وڃي تھ ائين ٿو وڃي جو درياھ ڪوھن تي نھ رسيس.
    ھو ڏسي ويٺو: درياھ چڪار وھندو ٿو وڃي.
    ”ھان، ڪئين خان گھوڙا ڊوڙائي کپي ويا. ڪئين ھمير پنھنجو خمير کائي کپائي ويا پر درياھ جي اھا ئي ساڳي ڪار آھي!“ ھو سوچي ٿو. پوڙھو سئيس گھوڙو اڳھيانھس، بندر تي اچي ٿو بيھاري.
    ”ڇورا، ٿڪ اڇلاءِ، آئون بھ رجپوت آھيان.“ سئيس اڳھيانئس گھوڙي تان لانگ لاھيندي ٿو چئي.
    ”ڇو؟..... ٿڪ جو اڇلايان؟“
    ”اڙي راٺوڙ آھين نھ؟“
    ”ھا ھا، راٺوڙ آھيان.“ راٺوڙ جي منھن ۾ ڄڻ گھنج پئجي ٿا وڃن. ”ڀلا تو ڪيئن سڃاتو؟“ راٺوڙ، سئيس ۾ سگريٽ دکائي ٿو نھاري.
    ”اڙي، آئون گھوڙن جي اڍ سڃاڻان، تون تھ ماڻھوءَ جو ٻچو آھين. مڙس جا پٽ ٿڪ اڇلاءِ.“
    ”گھوڙو ڪنھن جو آھي؟“
    ”ڪنھن جو بھ آھي، ھينئر منھنجي لانگ ھيٺان آھي. پٽ آھي پٽ، اصل من.“ سئيس ڪشٽن مان ٿو چوي ۽ گھوڙي ڏانھن پيار مان نھاريندي، ڍاپجي نٿو ۽ راٺوڙ، راٺوڙ ڄڻ سگريٽ جي دونھن ۾ لڙھي ٿو وڃي. دونھون، جيڪو اتي وڃي رھندو آھي، جتي ڪوئي شھسوار ڪين رسي.
    ”بابل، قران ڏاڍا ڊنل آھيون. ھزار کان مٿي تھ ڳڻيندو ويس. ھاڻي خبر نھ ٿي پوي تھ ھي ڪائون نمبر غازي مرد آھي؟ سگريٽ پياريم.“ سئيس ٿڌو ٿڌو ساھ ٿو ڀري.
    ۽ ھو – چپ چپات سان سگريٽ دکائي ٿو ڏئيس. ”واھ ڙي جوان واھ، ٻيلي ھاڻ رسول پاڪ کي مڃ، کڻي ٿڪ اڇلاءِ. بابا اسين زمانا ڏسيو، ڌڪ کايو ويٺا آھيون. رب پاڪ منھنجي توبھن، بابا واڳ ھٿن مان ڇڏايو پئي وڃي. ذات خفتي سڃاڻيو ويٺا آھيون.“ سئس ٿڌن ساھن سان جانا ٿو ڀري.
    ”جھونا، ڇو ٿو منھنجي واتان دريا شاھ جي پاڪ واري گندي ڪرائين؟ منھنجي وات ۾ ٿڪ آھي ئي ڪانھ.“ راٺوڙ نماڻو ٿي، بيزاري ٿو پڌري ڪري.
    ”ڏس گھوڙو پنھنجو نھ وڏيرن جو سھي، پر غازي مرد کي ھلڻ سيکارڻ وارا اسين آھيون. ڀلا ھيئن ڪر، ساسيءَ جي پنيءَ مٿان چڪر ھڻي اچي. بابا غازي مرد ڪير سڏائي! قران، پٽ آھي پٽ. اٿي الله جو نالو وٺي ٺپريس. اسين ذات خفتي سڃاڻون. رب پاڪ منھنجي توبھن.“ پوڙھو دم ڀرجي وڃڻ سان کنگھي ٿو ۽ راٺوڙ محسوس ڪري ٿو، پوڙھي کي دم جي بيماري آھي.
    ”تون پنھنجي دوا ڇو نھ ٿو ڪرائين بابا؟“
    ”دوائون الله جون آھن بابا. ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ. حيف ٿئي ڀاڙي، نھ ٿڪ ٿو اڇلائين نھ غازي مرد جا پٺا ٿو ٺپرين.“ سئيس جلھھ ٿو ڪري. راٺوڙ منجھس نھاري، ڪروڌ مان سٽ سان اٿي ٿو ۽ گھوڙي مٿان اگھور نيڻن سان ھڪ گھمرو ڦري ٿو. گھوڙو ڏسي، راٺوڙ جي اندر ۾ ڄن چير پئجي ٿا وڃن.
    ”بابا، قران مون کي گھوڙو ھلائڻ ڪين اچي، سال ٿيا. مان ڇڙواڳ چؤباز سوار آھيان. منھنجو کاريل گھوڙو ڪڏھن سڌرندو ڪينھي. اھي سڀ اوھان جا وھم آھن.“ راٺوڙ ڪڏھن ڏاڍي موھ مان گھوڙي ۾ ۽ ڪڏھن پوڙھي راجپوت سڏائيندڙ سوار ۾ ٿو نھاري.
    ”ڇورا، ڳالھائين ڪنھن سان پيو؟ آئون بھ مينڌرو راجپوت آھيان. ذات سماٽ وڏيرو مون کي سڃاڻي. پرائي شيءِ ۾ ائين نھاربو آھي؟!“ سئيس اکيون ٿو ڦوٽاري. ”ڀيڻھيان، خفتي ٿي ڪري ايترو نھ ٿو پڄئي تھ ڀٽاري جي پٺيءَ تان کڻي ھٿ ڦيرائين......“
    ۽ راٺوڙ – راٺوڙ ڏاڍي موھ مان گھوڙي ۾ نھاري، ٽوڪ جو ڌڪ پچائي گھوڙي جي ڳچيءَ، ڊگھيءَ ڊگھيءَ کير جيھي اڇي بج تان يڪي ٻانھن ڦيري ٿو.
    ”اچي جھونا، ھاڻ تھ خوش ٿئين. آئون ماڻھو آھيان، ڏائڻ ڪين آھيان. الله توکي بخشي ڏئي، کاڄي ڪين ويندو.“
    ”ائين ڪر بابلا، ڪو وزم ڪو پاڻي.“
    ”نھ، مھربانيون.“ راٺوڙ ڏاڍي اونھيءَ نھار سان سئيس ۾ ٿو نھاري.
    ”بابا، جانارن سان ايڏو پيو ڪبو آھي!؟“
    ”اڙي بابلا، ڪھڙيون ٿو خبرون پڇين. جڏھن ماڻھن جا قلوب ڪارا ٿي ويندا آھن، تڏھن ماڻھو ماڻھن کان بچڻ لاءِ جانارن ۾ ٻک وجھندا آھن. بابا، زاري آھي.“ سئيس وڏي ٿڌي ساھ سان اندر ۾ ڄڻ نيزاريون ٿو ڪري.
    ”چاچا خدا ڪندو خوش ھوندين.“ سج کي پھاڙن کان لھي ويندو ڏسي راٺوڙ موڪلائڻ جون ڪندي، نئون سگريٽ ٿو دکائي.
    ”ترس بابلا، ٻيلي ڏاڍا ڊنل آھيون. جتي باھ ٻلي اھا جاءِ جلي. ھيئن ڪر، منھنجي گھوڙي کي امامن جو ڪارو سڳو ٻڌي وڃ.“
    ”ڇا پيو چئين جھونا! ھي راڪٽ جو زمانو آھي. امامن جي نالي تان صدقي، پر مان گيدي ۾ ڪارا سڳا کڻي ڪين ھلندو آھيان.“ راٺوڙ ڦاسي ٿو وڃي!
    ”پٽ، جيڪي ڄڻين سي پالين، اچي وٺ سڳو. يا علي مدد ڪري پير ۾ ٻڌي وڃينس.“ سئيس چوي ٿو.
    ۽ ھو!
    ھو حيرت ۾ حيران ٿي پوڙھي سئيس ۾ نھاري ٿو ۽ کانئس ڳانو وٺي، گھوڙي جي پير ۾ ٻڌي ٿو.
    ”ھاڻ تھ خوش ٿئين چاچا؟“
    ”بابا، الله ڪندو خوش ھوندين. قران ڏاڍا ڦٽيل ھوندن.“ راجپوت سئيس دعائون ٿو ڪري.
    ۽ راٺوڙ
    راٺوڙ مرڪندو ٿو وڃي. تڄرا تڄرا درياھ جي ڪنار وٺيو.


    ھڪ کن ڏکن جو، ھڪ کن سکن جو

    الفيءَ مان دوستن سان موڪلائڻ کان پوءِ رڪشا ۾ ويٺو آھي ۽ پنھنجي ننڍڙي فليٽ ڏانھن ويندي، پنھنجي ننڍڙي فليٽ ۾ تمام وڏي جواڻ پٽ تي سوچيندو پيو وڃي، جيڪو ھينئر بھ ايترو ئي چلولو آھي، جيترو سندن ننڍو پؤڻن چئن سالن جو پٽ. ھن کي خبر آھي تھ ھينئر ھو ڏاڍي بيچينيءَ سان سندس اوسيئڙي ۾ ھوندو. چيو ھئائينس تھ جي سچي پچي منھنجو پيءُ ھوندين تھ اڄ رات مون سان گذاريندين، نھ تھ آئون وري ڇڏي ڀڄي ويندو سانءِ ۽ اھو بھ چيو ھئائينس تھ ڏس، آئون تو لاءِ ڇا ڇا ڇڏيو ٿو اچان. ڪالھھ مون کان منھنجا سڀ دوست ڪاوڙجي ويا تھ اسان بھ تنھنجي ان يار سان ملنداسين. پر مان انھن سڀني کي ڪاوڙائي آيو ھئس تھ اڄ بابي سان مان ھيکل گھمندس. سٺي فلم ڏسندس ۽ تو وٽ مون لاءِ وقت ئي ڪينھي! آئون فادر ۽ سن جي رشتن ۾ ڦاٿل ناھيان – الائي ڇو، تون مون کي وڻين ٿوپ. ھاڻ اھي ھئا جملا جن ھن کي جلدي کان جلدي گھر ڀڄڻ لاءِ گھيرٽن ۾ آندو ھو ۽ ھو سڄيءَ سنگت کي اڌ ۾ ڇڏي اٿي ڀڳو آھي. ھو سوچي ٿو:
    ”ھي ڇورو تھ مون کي پاڳل بنائڻ لاءِ آيو آھي. شرم نھ ٿو اچيس منھنجي آڏو ڇورين سان چميون چٽڪا ڪندي.“ ۽ وري سوچي ٿو: منھنجي جيون ۾ ٻيھر جي اھو ڇورو نھ اچي ھا تھ ڪھڙو آسمان ڏري پوي ھا. موپن کي تھ خبر بھ ڪانھ ھئي تھ ھو جيئرو بھ آھي. اھو بھ ايڏيءَ سھڻائيءَ سان. ڇھن مھينن جو ھو، مان کيس ڇڏي ڀڄي ويو ھئس، نانيءَ حوالي ڪري. ائين ڇڏي ڀڳو ھئڻ جيئن مرڻ وارا پلونگڙا ٻار ڇڏي لاڏاڻا ڪري ھليا ويندا آھن يا جيئن سپني ۾ ھڪ ماڻھو ڇھن مھينن جو ننڊ ۾ ستل ٻار، بيبي ڪارٽ ۾ کڻي باغن ۾ زال سان گھمي رھيو ھجي ۽ سپنو ٽٽي ويو ھجي ۽ ھاڻ جڏھن پنجويھن سالن کان پوءِ اوچتو ئي اوچتو ھو سندس جيون ۾ اچي ويو آھي تھ ھن جا ھوش ٺڪاڻي لڳي ويا آھن ۽ ڀرپور انداز سان ھن کي محسوس ٿيڻ لڳو آھي تھ ساڀيان سپنن کان بھ سھڻي ٿيندي آھي ۽ زبردست انداز سان ھن کي اھو بھ فيل ٿيڻ لڳو آھي تھ پيءُ ۽ پٽ ۾ بھ ايڏو ئي رومانس ٿي سگھي ٿو، جيڏو ڪنھن حسين ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري ۾ ڇتو رومانس.
    ھو سوچن جي اکٽ ٽوپار ۾ آھي. محسوس ڪري ٿو گھر تھ ھو پوئتي ڇڏي آيو آھي.
    ”اري، روڪو ڀائي روڪو، ميرا گھر تو پيڇي رھ گيا!“ ھن جي ڳالھھ تي پٺاڻ ڊرائيور ڪشٽ کائيندي، الائي ڇا ڀڻ ڀڻ ڪندو، گاڏي ھن جي اشاري سان موڙي ٿو. ھو الائي ڇو ضرورت کان وڌ خوش آھي. ڊرائيور جي بيھودي ورتاءُ جي باوجود بن ٽن روپين بدران ھو کيس پورا پنج رپيا ڏئي، پنھنجي فليٽ جي ڏاڪڻ ڏانھن وڌي ٿو.
    فليٽ واري بلڊنگ پنجن ڇھن ڪٽنبن ۾ ورھايل آھي. ھيٺ نھايت ئي شاندار مھاجر فيملي آھي، سامھون نھايت ئي سوشل ڪرسچن فيملي ۽ ٻين جي ھن کي خبر ڪانھي تھ ڪير اچي ٿو، ڪير وڃي ٿو؟ ھن جو فليٽ ڇڙھن جو فليٽ آھي، پر پوءِ بھ پاڙيوارا سندس ڏاڍي عزت ۽ آجيان ڪندا آھن، سدائين ساڻن مرڪي ملندا آھن ۽ ھن کي ڪڏھن بھ اھڙي شڪايت نھ ملي آھي تھ تنھنجو ڇوڪرو، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا وٺي اچي ٿو ۽ ريڊيو ڪيسٽ جا ٻئي اسپيڪر پوري آواز سان کولي، اسان جي ننڊ ڦٽائين ٿا. ان مان ھو محسوس ٿو ڪري تھ ڇوڪريو ڪا بھ اھڙي گندي حرڪت نھ ٿو ڪري، جنھن سان پاڙي وارن جي منھن تي ھو ھلڪو گھنج بھ محسوس ڪندو ھجي ۽ گھر کي لاڪ نھ ڏسي، ھو ائين ئي ناڪ ڪري ٿو، جيئن سدائين کندو آھي ۽ کن ۾ در کلي ٿو. در ڪامران کوليو آھي، پر سندس نھار ڪامران کان بھ پھرين، اندر سنھڙي ڪانچ جھڙي اجري ڪاري سمھڻ جو وڳو پھريو، اونڌي، ٻانھون ۽ ڄنگھون ڦھلايو ستل ڊگھي ڊگھي ڀرپور ڇوڪريءَ تي پئجيو وڃي، جنھن جي ڳاڙھيءَ انگيءَ ۽ ڪڇي مان سندس جوڀن ڄڻ ڦاٽ کائيندو ٿو رھي. ھوءَ پھرين ئي نھار سان ڪا حسناڪ فرينچ ڇوڪري ٿي لڳي. ڪنواري ڪنواري، ڳاڙھي ڳاڙھي، ونجھھ ڇوڪري. جوڀن جا وھ ۽ تھھ چڙھيل، اھڙي ڇوڪري، جھڙي سڙڪن تي ھلندي پنجن ڇھن سالن کان پوءِ ئي ڪٿان واٽ ويندي ڏسڻ ۾ ايندي آھي، آئوٽ سائيڊر.
    ”ڇا مان اچان؟“ ھو گھٻرائجي ٿو وڃي تھ ھيءَ وري ڪٿان ڦاسائي آيو؟ ھوندي ڪا امريڪن ھپي، جھٽي آيو ھوندو ھوائي اڏي تان.
    ”او ڪم آن.“ ھو لاپرواھيءَ سان چوي ٿو ۽ کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ٿو وڃي، ان لاءِ تھ ڇوڪري کيس ڏسي ائين گھٻرائجي وئي آھي، جيئن واھڻن جي نئين شاديءَ واري عورت مڙس سان چمي چٽڪو ڪندي، گھر جي ڪنھن ڀاتيءَ کي ڏسي لڄوڙي ٿي، کن لاءِ حواس وڃائي وھي. ڇوڪري پاڻ کي فرش تي پيل خوبصورت رلھيءَ سان ڍڪيندي، باٿ روم ڏانھن ڀڄي ٿي. ھن جي پٽ جي دوست جو خوبصورت مک بھ فنڪ ٿي ويو آھي ۽ ھو موڙي تان منجھي اٿي بيھي ٿو رھي. ”جمي ھيءَ تنھنجي ڀيڻ آھي يا زال؟ جي ڊيڊي سان ملڻ گھري ٿي تھ واھ، جي نھ تھ سڀ بور پا ٿينداسين. وٺي وڃ پنھنجيءَ کي.“ ۽ پٽس پنھنجي ساٿيءَ کي ائين چئي پنھنجي ٻئي ڪمري ۾ اچي، پٽ تي ڪشمور ميٽنگ مٿان وڇايل غاليچي تي وھاري، لاڪس ٺڪر جي اوچي مٽڪي مان، ٺڪري جي وٽيءَ ۾ پاڻي آڻي ٿو. نھايت ئي فرج جھڙو ٿڌو پاڻي.“
    ”ڪير آھي؟“ ھو غور سان پٽ ۾ نھاري ٿو.
    ”ڪير بھ آھي، وڻئي ٿي، سڏيانس؟“
    ”نھ، ھوءَ تھ ويچاري پاڪستان ڇوڪرين جيان شرمائي پئي. وڃڻ ڏينس.“ ھو ڇوڪريءَ کي تڪڙ مان ٻئي ڪمري ۾ ڪپڙو بدلائيندو محسوس ڪندي، پٽ کي روڪي ٿو.
    ”اوھ ڊيڊي، ڇا جينئس ڇوڪري آھي! اھڙي ڇوڪريءَ جو ساٿ ملي وڃي تھ پوءِ ماڻھو سٺ ستر سالن جيئڻ بدران ٻھ اڍائي سؤ سال جي ويندو.“
    ”پوءِ کڻي شادي ڪرينس.“
    ”او نو ڊيڊي، شادي تھ قيد آھي. آءِ ايم اي ٽريولر. اھڙو مسافر، جنھن کي ڪنھن جي ڳولا آھي. ڪڏھن ڀاسندو اٿم تھ ھي منھنجو ٻيو جنب آھي. آئون ھتي وڏي ڪارج سان آيو آھيان. مان ڪنھن ھڪ ڇوڪريءَ ۾ الجھي، مرسڊيز يا وڏي بينگلو جي قيد ۾ پاڻ کي جڪڙڻ نٿو چاھيان.“ ھو اونھون ساھ ڀري، سندس ھٿ مان پيالي وٺي، اوبر پيئڻ لڳي ٿو ۽ وري ٽھڪ ڏئي کيس ائين ٻک ٿو وجھي جو ھو پاڻ کي منجھندو ٿو محسوس ڪري.
    ”اوھ ڊيڊ، سچ تون ايترو پيارو ۽ بيوٽيفل آھين جو تون عورت ھجين ھا تھ آئون روميو جيان توکي ماڻڻ لاءِ ست ڪوٽ اورھانگي اچان ھا ۽ ھر سامھون ايندڙ کي پنھنجي ترار سان رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيان ھا....“ ھو کيس ڳيراٽي پائي چمي ٿو ۽ ھو پٽ جو ٻاراڻو پيار ۽ پھلواڻ وارو ٻوجھھ پاڻ مٿان محسوس ڪندي، کيس ٻانھن جي پوري طاقت سان پري ٿو ڪري ۽ ڪاوڙجي ٿو:
    ”ڇو ڀڙوا، مان توکي ڇوري ٿو لڳان؟“
    ”نھ، ڇورين کان بھ وڌيڪ سھڻو. ھاڻ ڏس نھ ڪيڏي نھ وڏي ٽريجڊي آھي جو منھنجي دوستن مان ڪنھن کي ويساھ ئي نھ ٿو اچي تھ تون منھنجو پيءُ آھين! سچ اھا ايذائيندڙ ڳالھھ آھي تھ ماڻھو سنھن ساک کڻي تھ ھي منھنجو پيءُ آھي ۽ پوءِ ھڪڙو ماڻھو بھ اھڙو نھ ملي جو ويساھ آڻي.“ ھن جو موڊ آف ٿي وڃي ٿو.
    ”پر ڍنڍوري جي ڪھڙي ضرورت آھي تھ آئون تنھنجو پيءُ آھيان؟ تون تھ چوندو آھين ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ، زال سڀ واھيات ۽ ڪچا رشتا آھن، ھڪ ئي رشتو آھي، پيار جو، فرينڊشپ جو. پوءِ ڀلي اھو فردن جو ھجي يا ملڪن ۽ قومن جو!“
    ”اوڪي ڊارلنگ، گڊ نائيٽ.“ ڇوڪري ويندي ٿي چوي.
    ”نائيٽ.“ ھو ڇوڪريءَ جي آواز تي کيس در تائين ڇڏڻ بدران وٽس ئي ويٺو ٿو رھي.
    ”آھي.... اھو تاريخ جو سڀ کان وڏو سچ آھي. مون کي سڀني ڳالھين جي ڄاڻ ھوندي بھ مان سمجھندو ھئس تھ مان ڌرتيءَ مان ٿوھر وڻ جيان ڦوٽھڙو ڪري نڪتو آھيان. پر..... توسان ملڻ کان پوءِ مان محسوس ڪريان پيو تھ مان ماڻھوءَ جو ڦر آھيان. دو ڊيڊي، اڄ رات وري گڏجي سمھنداسين، خدا جو سنھن ڏاڍو مزو ٿو اچي، ڏاڍو مزو ٿو اچي.“ ھو ٻارڙن جيان پيءُ کي بستري تي ڪيرائي سندس ڇاتيءَ تي آسيس سان سسي ٿو رکي.
    ”نھ ڀائي نھ، تون سمھڻ جو بيھودو آھين. تنھنجي ڀاڪرن ۽ اڍائي مڻن وارين ڄنگھن جي ٻوجھي کان آئون پاڻ کي چپجندو ٿو محسوس ڪريان.“
    ”پر منھنجي دوست ڇوڪرين کي تھ منھنجا ٻک وڻندا آھن. واٽ آر يو ٽاڪنگ ڊيڊي!“
    ”اڙي پوءِ آئون ڪا ڇوري آھيان ڇا؟“ ھو ڪاوڙجندي بالڪونيءَ ۾ اچي بيھي ٿو. ھيٺ بِلو جين جي پينٽ ۽ جاڪيٽ ۾ کيس ساڳي ڇوڪري نظر اچي ٿي ۽ پٽ جو دوست، جنھن کي شايد اڃا تائين ٽئڪسي نھ ملي آھي. ڇوڪري ڏانھس نھاري ٿي ۽ وري ائين گھٻرائجي ٿي وڃي، جيئن پھرينءَ رات جي ڪنوار صبح جو پاڻ کي لڪائڻ جا جتن ڪري.
    ”يار، ھيءَ تھ سنڌي ڇورين جيان ٿي شرمائي.“
    ”پوءِ ڇاھي؟ سنڌڻ ناھي تھ پنجابڻ آھي. ويچاري آئي ئي توسان ملن ھئي، پر الائي ڇو توکي ڏسي گھٻرائجي وئي. تڪڙ مان پينت بدلائيندي ٻھ ڀيرا تھ اٿڙي ھئي.“
    ”مون سان ملڻ آئي ھئي، ڇو؟!“
    ”بس چيائين آئون تنھنجو پيءُ ڏسن چاھيان ٿي ۽ ڪالھھ مون کي ڊراپ ڪندي جڏھن تو کي ڏٺائين تھ ڪاوڙجي پئي تھ تون مون کي احمق پيو بڻائين. ھي ماڻھو تنھنجي ننڍي ڀاءُ جيڏو ٿو لڳي. ھن کي تھ منھنجي ڳالھھ تي اعتبار ئي نھ پئي آيو.“
    ”ڇا سچي بھ تنھنجي دوست جي زال آھي؟“
    ”ھا.“ پٽ لاپرواھيءَ سان ورآڻي ٿو.
    ”پر مون کي تھ ڀاسي ٿو تون پيار ۾ آھين، اونھين گھري اکٽ پيار ۾؟“
    ”ڇو ڀلا، دوست جي زال سان پيار ڏوھ آھي ڇا؟“
    ”مان تھ توسان بھ پيار ڪريان ٿو. ڇا نھ ڪريان؟ مون وٽ پيار کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪينھي. ڇا اھو بھ ڇڏي ڏيان!.... ھاڻي تھ پرٿويءَ تي رھڻ بھ عذاب ٿيندو ٿو وڃي.“ ھو دکي ٿي وڃي ٿو.
    ”نھ نھ نھ، تون ڪاوڙجي ويو اھين.“
    ”پوءِ گڏجي ڇو نھ ٿو سمھين؟“
    ”چڱو سمھون ٿا. ڏس، ٽنگ مٿان نھ رکجانءِ ۽ ڳرا ڳرا ڀاڪر نھ پائجانءِ. اھڙا ٻک وجھڻ سان تھ زالون بھ ڪاوڙجي وينديون آھن.“
    ”ڪٿي اھڙن ٻکن جي ڪري ئي مميءَ توکي ڊائيورس تھ نھ ڪيو ھو؟“ پٽ کيس ڳيراٽي ٿو پائي.
    ”بڪ نھ.....“ ھو رسي ٿو وڃي.
    ۽ رات جو ھو ٻئي گڏ سمھن ٿا. پٽ ننڊ ۾ آھي ڪين جاڳ ۾، پر ھن کي ننڊ ڪانھي. ھو محسوس ڪري ٿو، ھن جو پٽ تمام گھڻو جواڻ ٿي ويو آھي. قد ۾ ھن کان کڙو ۽ بدن ۾ ڀرپور آھي ۽ ھن جيان مھانڊا بھ باربيئرن ٿس. ننڊ ۾ ڪڏھن ھو پٽ جو ڳاٽ پنھنجي ڇاتيءَ تي ٿو محسوس ڪري ۽ ڪڏھن ھڪڙي ڄنگھھ پنھنجي سٿرن مٿان ۽ ھن کي ائين محسوس ٿيندو ٿو رھي تھ اڃا سندس پٽ ننڍڙو آھي، ايترو ئي ننڍڙو، جيترو سندس چئن سالن جو ننڍڙو پٽ بروسلي ۽ الائي ڪڏھن کيس ننڊ نھوڙي ٿي وڃي.
    صبح جو آرسيءَ آڏو کيس ھڪ چٺي ملي ٿي. ھن جي پيرن ھيٺان ڄڻ زمين نڪري ٿي وڃي. چٺيءَ ۾ آھي: ”ڊيڊ، آئون الائي ڪيڏانھن اڏاڻو وڃان، ڪالھوڪي ڇوڪري منھنجي زال آھي ۽ اھو ڇوڪرو سندس ڀاءُ. مون لڪي ساڻس شادي ڪري ڇڏي آھي. تون ڊڄ نھ، ھوءَ تنھنجي مٿان ٻوجھھ نھ بڻبي. تو سان مون کان بھ گھڻو پيار ڪري ٿو. ڪڏھن سڙڪن تي ؟؟؟ ڏسينس تھ پيار ڪجانس. مان لڄيندو آھيان. آئون اوھان ٻنھي کي ڇڏيو پيو وڃان. الائي ھن ڌرتيءَ جي گولي ۾ ڪھڙي ڪشش آھي جيڪا مون کي وڻ وڻ ڀٽڪائيندي ٿي رھي.“ ۽ ان کان پھرين جو ھو چڪرائجي ڪري پوي، ھو چٺي مٺ ۾ ڀيڙي ٿو ڇڏي ۽ ڪپڙا بدلائي، شيو ڪرڻ کان سواءِ ٻاھر ڊوڙي ٿو. ھن کي انھن ھپين جي ٽولي جي سڄي ڄاڻ آھي ۽ سج اڀرڻ ويل ھو انھيءَ پارڪ ۾ پھچي وڃي ٿو. ڪيرل ساڳئي ڪاري سليپنگ گائون سان تنھا تنھا کيس باغ ۾ ھلندي نظر اچي ٿي.
    ”ينگ ليڊي، ويئر از ماءِ چائيلڊ؟“ ھو ڪيرل جي ويجھو اچي ٿو. ڪيرل ڇرڪ ڀري ھن ڏانھن نھاري ٿي.
    ”آءِ ڊونٽ نو.... آءِ ڊونٽ نو.....“ ڪيرل ھن کي ڏسي، ڊيھو ڀري، سامھون وڏي بنگلي ڏانھن اٿڙندي، رڙندي ڊوڙي ٿي ۽ ھو ھڪ بينچ تي ويھي، نيڻ ٻوٽي ٿو ڇڏي ۽ ڀنواٽيون کائيندي، نيڻ کولي ٿو ۽ اندر ۾ مونجھھ محسوس ڪندي واڦي ٿو:
    ”ھان..... ڀلا ھيءَ ڪھڙي ريت آھي، ڪھڙو انقلاب جو ماڻھو پيءُ کي ڇڏي ڀڄي وڃي؟ ٻڌ کان وٺي، ھن دور جي ماڻھن تائين ائين ڇو آھي؟! انھيءَ رشتي، انھيءَ ڀٽڪڀٽڪان جي ڪڏھن پڄاڻي ٿيڻي آھي ڪين نھ؟“ ۽ ھو اندر ۾ تؤنس محسوس ڪري نلڪي مان پاڻيءَ ڍڪ پي، منھن ڌوئي، ائين ٿھمر ۾ اچي ٿو وڃي، جيئن ڪو سندر سپنو ڏسڻ کان پوءِ ماڻھو ھڪ نرواڻ ڀريل آسيس محسوس ڪندو آھي. آسيس جيڪا سدائين آڪاسن ۾ پئي ڊوڙون پائيندي آھي.


    دور آڪاسن مان

    ھو ٻئي ھلندا ٿا وڃن.
    ڄڻ آتما پرماتما جو سفر ھڪ ڇوڪرو آھي ۽ ٻي ڇوڪري. گلن ڇانيل نيريءَ ساڙھي سان، نيرو تلک لڳل ڇوڪري نماشام ويلا ۾. ٻئي وڏي ماٺار سان ھلندا ٿا وڃن. پساھن جيترو گڏ ھوندي بھ ٻنھي جو پنھنجو پنھنجو منھن آھي. اندر ۾ ڄڻ دوزخ جا دونھان ٿا ڌڳن ۽ ڌاڌا ڪن. ٻئي گاھن ۽ ولڙين ڇانيل پھاڙي پيچرن تان ھلندا ٿا وڃن. ايل ايس ڊي جيھن کيپن سان. جبل وٺو آھي. جيڏانھن ڪيڏانھن پھاڙن مٿان ڄڻ ڪنھن کورواھيءَ جٽڻ چوڙيلڻ جا ٺاھيل ساوا ساوا فراس پھاڙن مٿان ڦھلائي ڇڏيا آھن. ڌرتيءَ جي ساواڻ ڄڻ نڀ ۾ چڳھھ وجھندي، سنڌيا کي لڄائيندي ٿي رھي ۽ الھندي جي ڦاڪ ۾، جتي سڄ وڏي ڌيمي ٺوٻار سان، پرٿويءَ ۽ پولار جي ڦاڪ ۾ سونا سمونڊ ڇڏي ويو آھي، جيڪي ڄڻ پلاٽينم جھڙيون ڇوليون ھڻندا، پرٿويءَ ڏانھن ڏاڍي موھ ڀريل ٻاڦن سان پالوٽجندا ٿا اچن. پينٽ ۾ ھٿ گديو ڇوڪرو ڳالھائي ٿو:
    ”۽ ھا، ياد آيو. ٻيو شرط...... ٻيو شرط اھو آھي تھ منھنجي موت تي تون منھنجو منھن ڏسڻ نھ ايندينءَ.“
    ”منظور.“ ڇوڪري ڇلندڙ ڪوسن ڪوسن لڙڪن کي سنڌيا جي ٿڌاڻ سان اکين ۾ ئي سڪائي ٿي ڇڏي ۽ ڏاڍي سيڪسي ٿي ڇوڪري جي چپن مان خارج ٿيندڙ ٽرپل فائيو جي وڻندڙ دونھين کي ڄڻ ساھن ۾ سموئي ٿي ڇڏي ۽ چھري تي آيل ڪروڌ ڀڃي ٿي ڳالھائي:
    ”اھو ڇو؟!“
    ”الائي، متان لاش مٿان اچي بيھين. آئون مرڻ کان پوءِ بھ توکي ڏسڻ نٿو چاھيان. سمجھينءَ؟ آءِ ايم ساري.“ ڇوڪرو ڏاڍو لڄيندو ٿي ٿو ڳالھائي.
    ۽ ھوائن ۾ گھلي ٿو وڃي ٽھڪڙن جو آواز. ائين جيئن ڪو ڪماچھار، اندر جي روڄ ۽ ٽھڪڙن کي ڳنڌي ڳتي، ڪماچ جي تارن کي ھوائڻ ۾ ڌوڻا ڏئي ٿو ڇڏي.
    ”ڀلا تو وٽ اھڙي ڪھڙي خاطري آھي تھ اڳ ۾ تون مرندين؟ ٿي سگھي ٿو تھ پھرين آئون مران.“
    ”نھ، جيئڻ لاءِ تھ تو وٽ ڪوڙين بھانا آھن.“
    ”اوڪي، نھ اينديس. تنھنجي وطن جو سونھن، نھ اينديس.“
    ”نھ، اھو ڪوڙو قسم آھي. مان وطن ۾ وشواس نھ رکندو آھيان. تر جيترو بھ نھ، ان لاءِ تھ منھنجو ڪو وطن ئي ڪونھي.“ ڇوڪرو ڇوڪريءَ جي ڳل تان نيڻ ھٽائي، دور آڪاسن ۾ پکڙيل سون ۽ پلاٽينم ۾ ڄڻ لڙھندو ٿو وڃي.
    ”ڇو... تون تھ ڪٽر نيشنلسٽ آھين. تون اِھو ڪنگال آھيم جنھن وٽ وطن کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪينھي.“ ڇوڪري مرڪي ٽوڪيس ٿي.
    ”ھا، ڪڏھن ھئس. مون نيشنلزم کي آڱر ۾ اڙندڙ منڊيءَ جيان بَن ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. الائي ڪڏھن اڇلائي ڇڏيو ھو مانس. ڪنھن ھلڪڙي سينڌيءَ جي نشانيءَ جيان.“ ڇوڪرو نئون سگريٽ ٿو دکائي.
    ۽ ڇوڪري سندس ساڄي ٻاچ ۾ تجرا ڏيندڙ ڇلو ۽ ڏھن ئي آڱرين ۾ واچيندي ٿي رھي. ھن کي ڇوڪري جا ھٿ آرٽسٽن جيھا ٿا لڳن. ڊگھين ڊگھين متوازن آڱرين ساڻ. پوءِ بھ ھوءَ ڏاڍو ڪروڌ ٿي ڪري:
    ”تون پاڻ کي سمجھين ڪوھ پيو؟ ھڪ ڀيرو جنھن شيءِ تان منھنجو آرو کڄي وڃي، اھا شيءِ جي ٻيھر منھنجي آڏو اچي وڃي تھ مان گھٽجڻ لڳندي آھيان. منھنجو ساھ منجھڻ لڳندو آھي.“ ڇوڪري ساھت ۾ مونجھھ ٿي محسوس ڪري.
    ”تھ ڇا آئون پاڻ کي اھڙي شيءِ سمجھان؟“
    ”آئون تھ ھڪڙي ڳالھھ ڪري رھي آھيان. پر تون پاڻ کي وچ ۾ ڇو پيو آڻين؟ مون تھ ڪڏھن بھ تو مٿان آرو ڪين ڪيو ھو. الائي تون پاڻ کي..... تون پاڻ کي ڪھڙا دلبا ۽ فريب پيو ڏين؟“ اھا ڳالھھ چوندي ڇوڪري ساھن ۾ مونجھھ ٿي محسوس ڪري.
    ”دلبو! ھا.... مان ڪڏھن ڪڏھن الائي ڇا ڇا سوچيندو آھيان. دل تان لھي وڃڻ جي ڳالھھ! مون کي رڳو ان ڳالھھ جي خبر آھي تھ مان ناتر ڊيم جو ڪٻڙو نھ آھيان جو جيڪا عورت مون کي پسند ئي نھ ڪندي ھجي، ان جي لاش سان وڃي سمھي رھان، موت جي ننڊ. اھڙي ڪنھن سونھن جو دلبو پاڻ کي ڏئي نٿو سگھان.“
    ”تون تھ رڳو لاشن جون ڳالھيون ٿو ڪرين! توکي تھ ڳالھائڻ بھ ڪين ٿو اچي. اھي آھن لکڻ ۽ آداب اوھان جي ڳالھائن جا. ائين ڳالھائبو آھي ڇوڪرين سان؟ مان..... مان ٽريڊيشنل لائيف گذاريندڙ آھيان. ڪم الون، گو الون. ڪنھن سان مطلب ئي نھ. ما۾ھو پنھنجو پاڻ ۾ سٺو لڳندو آھي. مان تھ فقط پنھنجو پاڻ سان پيار ڪندي آھيان.“
    ڇوڪري ڳالھائيندي اچانڪ ڇوڪري جون موھ ڀريل اکيون پنھنجي ارھن جي اڀار مٿان ڏسي، حياءَ کان ھيڊي ٿي وڃي ٿي. ھوءِ جلدي ساڙھيءَ جي پلو سان ڍڪ ٿي ڪري ۽ روئڻ جھڙي ٿيو ٿي وڃي.
    ”تو منھنجي ڳالھين مان انسلٽ محسوس ڪئي آھي؟“
    ”ٻيو ڇا!....“ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ لڙڪ لرزي ٿا وڃن.
    ”ساري، باءِ گاڊ ويري ساري.“
    ماٺار
    ھن دشا کان بھ ماٺار، ھن دشا کان بھ ماٺار ۽ دور ڪو ڳنوھار، گايون ڪاھيو، ولڙو ڳائيندو ٿو وڃي.
    ”ٻي ڳالھھ...... ڊڄان ٿو متان خراب لڳئي.“
    ”اڄ جو ڪجھھ چوڻو آکڻو اٿئي، کلي چئو.“
    ”مون پئي چيو، يورپيئن سوسائٽيءَ ۾ ڪي جوڙا ھڪ ٻئي کي طلاق ڏيڻ ويل وڇوڙي جي ڪس ڪندا آھن. ھڪ ٻئي کي ڏاڍي موھ سان چمي الوداع ڪندا آھن. الائي ڇو، مون کي يورپيئنز جي اھا ڳالھھ ڏاڍي وڻندي آھي. الاھين آمريڪينز ۾ تھ ائين نھ ڪرڻ آئوٽ آف ايٽيڪيٽ آھي.“
    ”چوڻ ڇا ٿو گھرين!“ ڇوڪري گھوماٽين ۾ اچي ٿي وڃي.
    ”آئون ڊڄان پيو. تنھنجي من ۾ تھ اھڙي چاھنا ڪانھين نھ.“
    ”اوھ سنڀال....“ ڇوڪري اچانڪ ٿيلھو ٿي ڏئيس. ڇوڪرو حيرت مان ڏسيس ٿو.
    ”ساري، تنھنجي پيرن ھيٺان مينھن وساڙو ٿي آيو. ڏس نھ، جھڙو ڪنھن ول جو ڳاڙھو رتو گل.“ ڇوڪري مينھن وساڙي کي تري تي کڻي، ڏاڍي موھ مان نھاريندي وري ھوريان ھوريان گاھ مٿان ڇڏي ٿي ڏئيس.
    ”ٿئنڪ يو..... مون الائي ڇا پئي چيو؟...... ھون – او ھا – چاھنا...... آئون ان ڳالھھ کان ڊنس پئي.“ سندس ڳالھھ تي ڇوڪريءَ جو مک ڳاڙھو، سائو، ھيڊو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ھوءَ زوريان ٿي ڳالھائي:
    ”واٽ آر يو ٽاڪنگ؟!......“
    ”مون..... مون ان لاءِ پئي چيو، متان تنھنجي من ۾ اھڙي ڪا چاھنا نھ پئدا ٿي وڃي.“
    ”ڇا ڇا ڇا!....... متان ڪا اھڙي چاھنا تون ڪرين. منھنجي ڪا تو سان شادي ٿيل آھي يا اڳواٽ اسان ۾ اھرو ڪو سرسلو ھو بھ ڇا؟ مون آرسيءَ ۾ پاڻ کان سواءِ ڪنھن کي بھ ڪس نھ ڪئي آھي. جينٽل مين، پنھنجا اکر واپس وٺ.“
    ”ساري، ٿئنڪز.“
    ماٺار
    آدجڳاد جون پيڙائون
    ۽ دور پھاڙيءَ مٿان ڪبوترن جو جوڙو، آڪاس ۾ ڄن ڪٿڪ نچندو انڊلٺ جيھن پولارن ۾ اڏندو ٿو وڃي.
    ”موٽون؟“
    ”ھا موٽن گھرجي.“ ٻئي ٽرن ڪن ٿا. اوڀر ۾ گگن نيرو نيرو آھي. ڪيپسين سمونڊ جھڙو نيرو. دور ھل اسٽيشن ڏانھن مسيت جو اڀو منارو ڄڻ انسان جي عظمت جي ساک ڏئي رھيو آھي. ڇوڪرو اٿاھ اونھون ساھ ڀري، لوٺين اکين سان آڪاس جي نيري ۽ ڌرتي جي ڪاري ڦاڪ جو سنگم ڏسندو ٿو رھي.
    ”شھلا.“ ڇوڪرو موٽندي، وري نئون سگريٽ ٿو دکائي.
    ”چئھ.“
    ”ڪڏھن ڪڏھن کل اچي ويندي آھي.“
    ”ڇا تي؟“ ڇوڪري ڪاوڙ مان پينٽ جي پانچن ۾ نھاريندي ٿي وڃينس.
    ”سوسائٽي تي، شادين ۽ طلاقن تي!...... ڇا توکي اھو سڀ ڪجھھ اچرج جوڳو نھ لڳندو آھي؟“
    ”ڇو نھ – شاديءَ جي اھميت خبر ملان کي نھ گھوٽ ڪنوار کي ھوندي آھي.“
    ”ھا – مان سوچيان پيو، ماڻھو پنھنجي زالن کي طلاق ڪيئن ڏئي ڇڏيندا آھن؟“
    ”ڇو؟...... طلاق ڏاڍو نيچرل سسٽم آھي ۽ انساني تاريخ ۾ گھڻي کان گھڻيون طلاقون مردن ڏنيون آھن. ڪاري ڪاريءَ جي تھ ڳالھھ ئي پري آھي.“
    ”شايد فيوچر ۾ ميجورٽي عورتن جي ٿي وڃي.“ ھو سگريٽ مان سگريٽ دکائي ٿو.
    ”فيوچر ڇا، ڌرتيءَ تي سدائين عورتون گھڻائيءَ ۾ آھن.“
    ”ھو ڏس، سمونڊ مٿان ڏکڻ ۾ ڪارونڀار آھي. اٺي جي ھوا، مينھن کي اڏايو کڻيو پئي اچي.“
    ”ھا – تنھنجي ساڙھي پسي ويندي.“ ھو ڏاڍو ڏکوئڻو ٿي وڃي ٿو.
    ”ڇو نھ، مون وٽ جوڙا ئي ٻھ آھن.“
    ”سچ ٻڌاءِ، مون توکي ڏکوئيو تھ ڪينھين؟ سچ مون کي نھ ٿو اچي تھ رسبو ڪيئن آھي؟ سدا لاءِ ڪنھن ساٿي کان وڇڙي وڃڻ لاءِ ڇا چئبو آھي؟ اسان وٽ تھ ڪي مينرز ئي ڪينھن.“
    ”ھا – مون پاڻ تو لاءِ ائين پئي سوچيو. سچ ٻڌاءِ، دکوئجي تھ نھ ويو آھين؟“
    ”نھ نھ، مان وڃان پيو، الائي ڪيڏانھن، ڏاڍو ڏور، ڇا چمي ڏئي موڪلايون؟......“
    ”نو سر، ٿئنڪيو.“
    ”گڊ باءِ.“ ڇوڪرو ڇڄي ٿو وڃي، ٻئي وڇڙي ٿا وڃن.
    ۽ سنھڙي سنھڙي گاھ مٿان ھيکل مينھن وساڙو سرندو ٿو وڃي، اڄاتل انڌين ڏسائن ڏانھن.


    وڻ ويڙھي

    اڄ ٻن سالن کان پوءِ مان وري ان ساڳئي بينچ تي اچي ويٺو آھيان. اڄ کان ٻھ سال پھرين مان صبح جو نوين وڳي کان رات جو ڏھين وڳي تائين ريلوي مال گودام ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٿڪي ٽٽي اچي انھيءَ بينچ تي ويھي ڪوٽڙيءَ وڃڻ واري گاڏيءَ جو انتظار ڪندو ھئس. سڀ ڪجھھ پھرينءَ وانگر ساڳيو پيو لڳي، ڪٿي بھ ڪا ڦير ڦار نھ آئي آ. حيدرآباد اسٽيشن جو اھو ئي ساڳيو ماحول آھي، اھا ئي ساڳي پليٽ فارم جي بلبن جي اداس ۽ افسردھ روشني. گڊس ٽرين جا ريڪ ساڳيءَ طرح ڏڪار جي ماريل مال وانگي پاسراٽيون ڪڍيو بيٺا آھن. اسٽيم شنٽنگ اجڻيون ساڳيءَ طرح ڪاريءَ اجگر بلا وانگر وات مان چڻنگون ڪڍي ڦوڪارا ھڻيو اچي ۽ وڃي رھيون آھن. مسافر ساڳيءَ طرح ٽرينن جو انتظار ڪري رھيا آھن ۽ پپر جو وڻ ويڙھي لڳل وڻ بھ ساڳيءَ طرح بيٺو آھي. سڀ ڪجھھ پھرينءَ وانگر ٿو لڳي. مون ۾ بھ تھ ڪا تبديلي نھ آئي آھي. ساڳي ٻين رپئي واري اڌوراڻي قميص، ساڳيو ٻن سالن وارو پراڻو سوئيٽر ۽ ساڳئي مارڪي وارو سگريٽ ڇڪي رھيو آھيان. پر پوءِ بھ مان پاڻ کي پھرينءَ کان ڪجھھ مطمئن محسوس ڪري رھيو آھيان. ڀلا ڇا اھا گھٽ ڳالھھ آھي تھ پھرين جيترا پئسا مون کي سورنھن ڪلاڪن جي ڪم ڪرڻ جي باوجود ناجائز طريقي سان ملندا ھئا، ھاڻ اوترا پئسا مون کي اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي عيوض جائز طريقي سان ملي ويندا آھن. مان سمجھان ٿو تھ اھا منھنجي لاءِ وڏي ڳالھھ آھي. پر پوءِ بھ پاڻ کي مطمئن نٿو محسوس ڪيان. ماڻھو پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بھ پاڻ ئي مطمئن نٿو سمجھي سگھي. پوءِ ڀل ھو پنھنجي ملڪ جو راجا بڻجي وڃي، صدر يا وزيراعظم. ڪٿي نھ ڪٿي ڪا ڳالھھ اڻپوري رھجي ويندي آھي ۽ اڻپوري ڳالھھ ڪڏھن بھ پوري نھ ٿيندي آھي.
    ھينئر مان ھن بينچ تي ويٺو، ھر ايندڙ ويندڙ، بيٺل ويٺل، ليٽيل ماڻھوءَ کي غور سان ڏسي رھيو آھيان. ائين ڏسڻ ۾ تھ ھرڪو ماڻھو مطمئن ٿو نظر اچي. ڪي وقت گذارڻ لاءِ پاڻ ۾ فلمي ڳالھيون ڪري رھيا آھن، ڪي سياست تي بحث ڪري رھيا آھن، ڪي واپار جون ڳالھيون پيا ڪن، ڪي تاس پيا ڪڏن، ڪي گپ شپ ھڻي ٽھڪ ڏئي رھيا آھن، ڪي اخبارون ۽ رسالا جانچڻ ۾ مصروف آھن تھ ڪي ائين ئي پرائين زالن کي تاڻڻ لاءِ پسار پيا ڪن. ڏسڻ ۾ ڪجھھ ائين ئي اچي رھيو آھي. پر پوءِ بھ مان محسوس ڪيان ٿو، اھو نظرن جو دوکو آھي، سراب آھي. ھرڪا منڌ، ھرڪو ماڻھو بيچين آھي. ھڪ عجيب ڪشمڪش ۾ آيل آھي. اک جو ڪجھھ ڏسي ٿي ۽ ڪن جو ڪجھھ ٻڌن ٿا، تيئن ناھي، ھوندو ڪجھھ ٻيو آھي.
    اوھان ڀلي مون کي چريو چئو، پر مان اوھان کي يقين سان چوان ٿو تھ منھنجي بينچ کان ٿورو ئي پري ھوءَ سيرانديءَ کان ٿيلھو ڏئي ليٽيل، پيٽ واري ڪاٺياواڙي عورت اتي موجود ڪانھي ۽ نھ ئي پاسي کان پيتيءَ تي مفلر ويڙھيو ويٺل سندس مڙس اتي موجود آھي. ھن جو مڙس تھ ھن کان سؤ ميل پري ڪراچيءَ جي شھر مان واپار لاءِ ڪٽ پيس جا ٽڪرا وٺي رھيو آھي، جن مان گھھٽ ۾ گھٽ ھن کي ٻن ھزار رپين جي فائدي جو امڪان آھي ۽ ھوءَ پاڻ بھ تھ اتي ڪانھي، ھوءَ پاڻ بھ سال اڳ مستقبل ۾ وڃي پنھنجي پيٽ واري پٽ کي پرڻائي رھي آھي ۽ گھٽ ڏيج ملڻ تي ڪنوار جي مائٽن سان وڙھي رھي آھي. ھوءَ الائي پٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ، پر ھن وقت ھن کي پٽ پرڻائڻ کان اوھان ڪنھن طرح بھ روڪي نھ ٿا سگھو ۽ نھ ئي خيالي ڪنوار جي مائٽن کي اوھان ھن جي جھيڙي ۽ ڌانڌليءَ کان بچائي سگھو ٿا ۽ ھي ڀڳل چوڙيءَ جھڙو چنڊ...... اوھان يقين ڪيو تھ اھو ڀڳل چوڙيءَ جھڙو چنڊ بھ آسمان ۾ انھيءَ ھنڌ موجود نھ آھي. ھاڻي تھ شايد اوھان کي يقين ٿي ويو ھجي تھ مان پورا سئو پئسا چريو آھيان. پر مان يقين سان چوان ٿو تھ اھو چنڊ اتي موجود نھ آھي. ھو گنجو پوڙھو بابو ڏسو ٿا، جيڪو مال گاڏن جا نمبر نوٽ ڪري رھيو آھي، مان ان کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. ان جي پاسي ۾ وڃي اڙدوءَ ۾ ايترو تھ چئو: ”چاچا، چاند چمڪ رھا ھي.“ جيتوڻيڪ اوھان ھن کي گار نھ ڏني آھي، پر مان يقين سان چوان ٿو تھ ھو اوھان تي ڪاوڙبو، اکيون ڦوٽاريندو. اوھان کي کائڻ لاءِ ايندو، پر چوندو ڪجھھ بھ ڪونھ. بس دل ۾ ٻھ چار گاريون ڏيندو ۽ وري مال گاڏن جا نمبر نوٽ ڪرڻ ۾ لڳي ويندو. ان لاءِ تھ چنڊ جي نالي کان ھن کي چڙ آھي. چنڊ جو نالو ٻڌي ھن کي رڳو پنھنجي گنجي ٽڪڻ ياد ايندي آھي. آسمان وارو چنڊ ڪڏھن بھ نھ. ٿي سگھي ٿو، ھن ڪڏھن راتين جون راتيون چنڊ کي تڪيندي گذاريون ھجن. شاھ عبداللطيف وانگي ڪڏھن چنڊ سان پنھنجي پرينءَ ڏي نياپا موڪليا ھجن، پر ھاڻي تھ چنڊ جھڙي واھيات ۽ بيڪار شيءَ جو ھن لاءِ ڪوبھ وجود ڪونھي. جيڪڏھن آھي تھ ھن جي واھيات گنجي ٽڪڻ، جنھن تان مفلر ھينئر ھيٺ لڙڪي ويو آھي.
    بس مان چوان ٿو جيڪڏھن ھتي ڪا شيءِ پنھنجي جڳھھ تي موجود آھي تھ اھو وڻ ويڙھي لڳل پپر جو وڻ آھي ۽ جيڪڏھن ڪو مطمئن آھي تھ ان وڻ جي ھيٺان ستل اگھارو عليل چريو آھي. اوھان ڇا ٿا سمجھو تھ ھو چريو آھي ۽ اگھاڙو ولھھ ۾ پپر جي وڻ ھيٺان ستو پيو آھي؟ پر اوھان يقين ڪريو خيالن ۾ ھن وقت ھو پنھنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ پيٺو پنھنجي مل جي مئنيجر ۽ ڪلارڪن کي دٻائي رھيو آھي. اوھان کي منھنجي ڳالھھ تي يقين ڪرڻو ئي پوندو. اوھان ڪنھن طرح بھ منھنجي ڳالھھ کي غلط ثابت نھ ٿا ڪري سگھو. اک جو ڪجھھ ڏسي ٿي، تيئن نھ آھي. ڏسبو ڪجھھ آھي ۽ ھوندو ڪجھھ ٻيو آھي.
    توھان ھينئر ھن وڻ ۾ ڏسو. بلڪل وڻن جھڙو وڻ آھي. پر اوھان صبح جو وڻ ۾ اچي ڏسجو، اوھان کي ان وڻ جي ٽارين ۽ پنن مٿان ھڪ ول ڪوريئڙي جي ڄار وانگي وچڙيل نظر ايندي ۽ جتان جتان اھا وچڙيل ھوندي، اتان وڻ جا پن يرقان جي مريض وانگي ھيڊا ٿي پيا ھوندا ۽ اھا ول جنھن بھ وڻ کي لڳندي آھي، اھو وڻ ٽي بيءَ جي مريض وانگي سڪندو ويندو آھي ۽ نيٺ سڪي ٺوٺ ٿي ڪري پوندو آھي. مان ان وڻ سڪائيندڙ ول جي باري ۾ گھڻو ڪجھ ڄاڻان ٿو، پر ائين چوڻ مناسب ٿيندو تھ ان جي باري ۾ مون گھڻو ڪجھھ ٻڌو آھي.
    اڄ کان بھ سال پھرين، جڏھن رات جو تمام دير سان ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ اسان سڀ رشوت جي پئسن جو حساب ڪرڻ لاءِ اسٽيشن روڊ تي ھڪ حلوائيءَ جي دڪان تي کير پيئڻ لاءِ ويندا ھئاسين تھ سدائين اسان کي ان وڻ وٽان گذرڻو پوندو ھو. مان جڏھن بھ ڪنھن وڻ جي ھيٺان گذرندو آھيان تھ سٽ ڏئي وڻ جو ھڪ اڌ پن پٽي وٺڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آھيان. جيتوڻيڪ اھو سڀ ڪجھھ اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيندو آھي ۽ مان سمجھان ٿو تھ اھا ڪا سٺي ڳالھھ نھ آھي. جنھن وڻ جي ڇانو ۾ ويھجي، ان کي ڪڏھن بھ نھ وڍجي. پر ماڻھو اڻڄاڻائيءَ ۾ الائي ڇا ڇا ڪري ويندو آھي ۽ مان پنھنجي فطرت کان مجبور آھيان. ھا تھ اسان جو پنجابي چيف گڊس ڪلارڪ منھنجي انھيءَ حرڪت تي مون کي ضرور ٽوڪيندو ھو ۽ چوندو ھو: ”اوئي علي محمدا، مين تينو ھزار وار ڪھيائي، رات دي ويلي پيڙ دي ٿلي نھ جائين، پر تون مندا ئي نھين.“ پر مان ڪڏھن بھ ڪونھ مڃيندو ھئس. ھو ڪيترا ئي ڀيرا مون کي ٻڌائي چڪو ھو تھ رات جي وڳڙي ۾ ان وڻ جي ھيٺان ڪڏھن بھ نھ وڃجانءِ ڇو تھ وڻ ويڙھي لڳل وڻ مان رات جو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ تمام گھڻي انداز ۾ نڪرندي آھي ۽ ماڻھوءَ جي دماع تي ان جو اثر ھڪدم ٿي ويندو آھي. اڪثر ماڻھو مري پوندا آھن، چريا ٿي پوندا آھن، ننڍي ٻار لاءِ تھ اھو وڻ رات جي وقت ھئين ڪاني آھي ۽ ھن مون کي اھو بھ ٻڌايو تھ پنجاب ۾ جڏھن ھو ننڍڙو ھو، تڏھن ھنن جي گھر اڳيان بھ ھڪ وڻ ھو، جنھن کي وڻ ويڙھي لڳي وئي ھئي. مان سخت بيمار ٿي پيس ۽ منھنجي ڏاڏي ان ون کي ھڪدم وڍائي ڇڏيو. پر مون کي ڪڏھن بھ اعتبار نھ آيو. ھونءَ بھ چيف صاحب پراڻن دقيانوسي خيالن جو ماڻھو ھو. سدائين بيمار. جڏھن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندو ھو تھ حڪيمن کي گاريون ڏيندو ھو، ڪڏھن وري ڊاڪٽرن کي گاريون ڏيندو ھو تھ حڪيمن جي ساراھ ڪندو ھو تھ ڪڏھن وري پير جي تعويز جي تعريف ئي ھلندي ھئي. ڊاڪٽر ۽ حڪيمن ٻنھي لاءِ وئل. ڀلا اھڙي ماڻھوءَ جي ڪھڙي ڳالھھ تي اعتبار ڪجي؟ اسين ھر مھيني فلم جو پروگرام ٺاھيندا ھئاسين ۽ رات جو ھوٽل ۾ ويھي پئسن جو حساب ڪندا ھئاسين. مھيني ۾ ٻھ اڍائي ھزار رپيا ٺھي ويندا ھئا، ڇو تھ اسين ھر مقادم يا واپاريءَ کان ھڪ ڳوڻ جي بوڪ ڪرڻ جو ھڪ آنو وٺندا ھئاسين. پوري گاڏي بوڪ ڪرڻ لاءِ ويھھ پنجويھھ روپين کان پنجاھ روپين تائين ھليا ويندا ھئاسين ۽ ٻيو تھ ننڍي مال گودام جي لوڊنگ جو ڪم ٺيڪي تي ڏنل ھو ۽ ٺيڪيدار مزور اھي ئي رکي سگھندو ھو، جي اسان پسند ڪندا ھئاسين. تنھنڪري مزورن جي بل مان بھ ليبر جمعدار کي اسان کي ڪجھھ ڏيڻو پوندو ھو. پر ائين چوڻ مناسب ٿيندو تھ اسين سندن پئسن مان پھرين ئي پنھنجو حساب ڪاٽي وٺندا ھئاسين. تنھن ڪري مھيني سر ڪافي رقم جڙي ويندي ھئي. پر منھنجي حصي ۾ سدائين پنجاھ رپيا يا پنجونجاھ رپيا ايندا ھئا. ھيترا پئسا اسٽيشن ماستر کي ڏنا ويا، ھيترن پئسن جو ٽي – سيٽ خريد ڪري فلاڻي آفيسر کي ڏنو ويو، ھيترا پئسا يارڊ سپروائيزر کي ڏنا ويا، ھيترا پئسا واچ انسپيڪٽر ۽ ھيترا پئسا وي مينٽ انسپيڪٽر جي ھوٽل جو بل ادا ڪيو ويو، ھيترا پئسا سيل – مين ۽ منھنجي حصي ۾. پورو مھينو، روز اٺ ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود رڳو پنجاھ رپيا. جيڪڏھن ايترن ڪلاڪن جو ڪٿي پارٽ ٽائيم ڪجي تھ ھوند ٻي پگھار جڙي پوي ۽ جنھن ڏينھن بھ اسان اھڙو ماھوار حساب ڪتاب ڪندا ھئاسين تھ ٻئي ڏينھن مزورن ۾ رڙ مچي ويندي ھئي. ”بابو ھي ڇا! صبح کان ڳوڻيون ۽ لوھ جا ننگ ڍويو ڍويو اسان جي بيک نڪريو وڃي، رات جو ڏھين يارھين وڳي ٿا ڪم تان لھون ۽ حصي ۾ رڳو پنجاھ رپيا مھيني جا! ڀيڻسان ظلم ٿيو، بغداد ٿيو. اسان جي حصي ۾ گھٽ ۾ گھٽ سؤ رپيا اچڻ گھرجن. ڀيڻسان ٽيون حصو کائو، اڌ کائو، سڄي جو سڄو بل چٽ. سڀاڻ اسان مان ڪوبھ مزور ڪم تي ڪونھ ايندو.“ پر ھو اھڙي ڳالھھ رڳو مون سان ڪندا ھئا. شايد ان ڪري جو مان سنڌي ھئس. ھو مون کي پنھنجو سمجھندا ھئا. ٻئي ڪنھن بابوءَ سان ھو اھڙي ڳالھھ ڪري نھ سگھندا ھئا. مان چپ چاپ سندن ڳالھيون ٻڌندو ھئس. ڀلا مون کي ھنن سان ڪھڙي ھمدردي ٿي سگھي ٿي؟ جڏھن منھنجي پنھنجي حصي ۾ رڳو پنجاھ رپيا ايندا ھئا. البت جڏھن مزورن کي سڪا جوئر ۽ ٻاجھر جا ٽڪر چٻاڙيندو ڏسندو ھئس، تڏھن احساس ٿيندو ھئم تھ پنجابي بابُن سان گڏ رات جيڪا مون پنجابي فلم ڏٺي ھئي ۽ جيڪا سنڌ زميندار ھوٽل ۾ ماني کاڌي ھئي، انھيءَ جو اثر ھنن غريب ماڻھن جي مانيءَ تي ضرور پيو آھي، جو ڳيتون ڏيندي بھ ھنن جي نڙيءَ تان نھ ٿي لھي.
    اڄ ٻن سالن کان مان ريلوي جي سروس ڇڏي چڪو آھيان. مون وري ڪڏھن بھ مڙي مال گودام ڏانھن نھاريو نھ آھي. رڳو ايترو سو ٻڌو اٿم تھ اھي سڀ بابو بدلي ٿي ويا آھن ۽ ھاڻي ڇوٽي لائين جو مال گودام بند ٿي ويو آھي ڇو تھ ھاڻ ميرپورخاص تائين وڏي لائين جاري ٿي چڪي آھي.
    ڪاش اڄ اھو پنجابي چيف گڊس ڪلارڪ مون کي ملي تھ مان کيس ٻڌايان تھ صبح جو وڻن مان آڪسيجن نڪرندي آھي جا صحت لاءِ تمام ضروري ھوندي آھي. اھا ڀيانڪ وڻ ويڙھي تھ اسان کي ڄر وانگي رات ڏينھن چھٽي پئي آھي. اھي اسين آھيون جن جي ڇايا ۾ ڪوبھ ٿڪل ماڻھو آسيس نٿو ماڻي سگھي. اھا خوفناڪ وڻ ويڙھي تھ اسان کي لڳل آھي، مون کي لڳل آھي، توکي، اسان مان ھر ٻئي ماڻھوءَ کي لڳل آھي. اڄ مون کي ٻڌاءِ تھ مان ڪنھن کي وڍيان؟ پاڻ کي وڍيان، توکي وڍيان، ڪنھن کي وڍي ڪنھن کي وڍيان؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267706
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ