ڪتاب جو نالو: محبت جي راهه تي
مصنف: ع.ق.شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1998
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 287 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 86 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
غلام رباني آگرو صاحب لکي ٿو:
”ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This book is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • ناشر جو نوٽُ
  • ع. ق. شيخ جي باري ۾ تاثرات
  • حيدرآباد- ڊسمبر 1947ع
  • آسرو
  • ڦلٽو صاحب
  • حسرتن جو ڦيرو
  • هڪ رات
  • موکي ۽ متارا
  • گلو باشا
  • بربٽ ۽ بهشت
  • ايڏو عظيم.....!؟
  • ابابيل
  • وڏو صاحب
  • عورت
  • نازو- (1948ع)
  • هڪ شام- هڪ رات
  • طوفانِ ۽ محبت
  • گھريلو يا بنگلو؟
  • انجام شڪني
  • بهار
  • اسين ٻيئي
  • رڪشا وارو
  • اها رات
  • تون وساري ڇڏ
  • لاش
  • قرباني ڀيٽا
  • مهمانن جا بهانا
  • پريشان انسان
  • لکيل جواب
  • ڳجهارت
  • سوال؟
  • محبت جي راهه تي

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”محبت جي راهه تي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري آرٽسٽ ۽ افسانا نگار ع ق شيخ جي افسانن جو مجموعو آهي.
    غلام رباني آگرو صاحب لکي ٿو:
    ”ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This book is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.“
    هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران 1998ع ۾ ڇپايو ويو. سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان کڻي اوهان سان نئين سر پيش ڪري رهيا آهيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ناشر جو نوٽُ

    ناشر جو نوٽُ
    ع. ق. شيخ، عام طرح، آرٽسٽ جي حوالي سان مشهور آهي. سندس ٺاهيل ڪي شاهڪار تصويرون سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهن ۽ انهيءَ ڳالهه جي نشاني آهن، ته پاڻ ڪيڏو نه وڏو مصوّر هو.
    پر، سنڌي ادب ۾ به سندس دلچسپي، مصوريءَ کان گهٽ ڪانه هئي. پاڻ سٺو نثر نويس هو. خاص ڪري فِڪشن سٺو لکندو هو. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ جيڪي چار چڱا فنڪشن لکندڙ پيدا ٿيا، هو انهن مان هو. سندس ٻه ٽي ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“، ”تاريخ اسلام“، ۽ ”داستان اندلس“ مشهور آهن.
    ع. ق. شيخُ، ڀليءَ ڀت ڄاڻندو هو، ته سنڌ وڏيرن جو ملڪ آهي. جن جا شوّنقَ ۽ شُغُلَ، رڇَ تي ڪتن جي بَڇَ، ۽ ڪُڪَڙَنِ جي ويڙهه آهن. يا وري ڪڃريءَ جو گانو. اهڙي معاشري ۾ ڪنهن به ننڍي يا وڏي مصوّر جو جيڪو قدر ٿيندو، سو، هرڪو سمجهي سگهي ٿو. تنهنڪري ع. ق شيخ، ڊگهي نظر ڪري، پنهنجي پيٽ گذر لاءِ، سرڪاري نوڪريءَ جو سهارو ورتو. عمر جو چڱو عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سان واسبته رهيو.
    ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين، سنڌ جي قديم تعليمي درسگاهه آهي. انگريزن جي قائم ڪيل آهي. سنڌ ۾ ٿورڙين تاريخي درسگاهن جو مرتبو ان جيڏو آهي. سنڌ جا وڏا وڏا عالمَ ان جا پرنسيپال ٿي رهيا آهن. ڪنهن زماني ۾، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ مولانا گرامي صاحب به ٽريننگ ڪاليج فارمين سان، بطور استاد، وابسته هوندا هئا. ع. ق. شيخُ، سنڌ جي روشن خيال اديبن جي حلقي سان سائين محمد ابراهيم جويي جي معرفت ئي متعارف ٿيو.
    ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت واري زماني ۾ کيس وڌيڪ سکيا لاءِ سرڪاري طرح ولايت وڃن جو موقعو مليو. غريب ماڻهوءَ لاءِ ولايت جو چَڪَرُ ڄڻ ته خواب آهي! سو، شيخ صاحب جڏهن ولايت مان ٽريننگ پوري ڪري موٽي آيو. تڏهن ڪو زمانو ته پنهنجن يارن دوستن کي اتان جا احوال، مزا وٺي، ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي، مون کي خاص دعوت ڏئي، گهر سڏيائين، ۽ ولايت واريءَ رهائش جي زماني جي ڊائري پڙهي ٻڌايائين، جا چڱو موچارو ڪتاب هئي. هن ڪتاب ۾، ”هڪ رات“ عنوانو هيٺ لکيل احوا، شيخ صاحب جي انهيءَ ئي ولايت جي دوري جو هڪ داستان آهي.
    ع. ق. سيخ طبيعت جو ماٺيڻو ۽ يار ويس ماڻهو هو. سنڌي محاوري موجب، سفيد پوش ۽ نجُ اشراف ماڻهو هو، جنهن جي نيڪي هرڪو ڪندو، نِندا ڪير ڪونه ڪندو. هن هڪ باشعور انسان وانگر، پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن توجهه ڏنو. هي ڪتاب سندس نياڻيءَ محترمه نجمه شِخ جي ڪوشش سان ئي شايع ٿي رهيو آهي، ۽ ان ڳالهه جي ثابتي آهي، ته جيڪي والدين، پنهنجي اولاد جي صحيح تعليم ۽ تربيت ڪن ٿا، تن جو اولاد وڏو ٿي، نه فقط پنهنجن پيرن تي بيهي ٿو، پر، پنهنجن نيڪ عملن جي ڪري، والدين لاءِ عزت ۽ آبروءَ جو باعث ٿئي ٿو.
    ع. ق. شيخ جي هن ڪتاب ۾ دلچسپ خاڪا، ڪهاڻيون، يادگيريون، تاثرات—سڀ ڪجهه موجود آهي. ٻه سؤ پندرهن صفحن جو هي ڪتابُ، ايڏو ته سهڻو لکيل آهي، جو ائين کڻي چئجي، ته انگريزي محاوري موجب :This boob is worth its weight in gold هي ڪتاب سچ پچ سون ۾ تورڻ لائق آهي.
    ع. ق. شيخ پورهيت ڪلاس ۾ پيدا ٿيو هو. اهڙا ٻارُ پينگهي مان پٽ تي لهي پنڌ ڪرڻ سکندا آهن، ته هلڪو سلڪو ڪم ڪرڻ لڳندا آهن. غريب جو ٿيا. سو، ع. ق شيخ به سچي عمر، هڪ پورهيت وانگر گذاري، پر، سندس اندر ۾ جيڪو آرٽسٽ ۽ اديب هو، اهو سڄي عمر خواب ڏسندو رهيو. هونئن ته هر انسانُ اڌ عمر ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ گذاريندو آهي. پر، آرٽسٽ ۽ اديبَ، ته سڄي عمر، پنهنجا پنهنجا خواب اکڙين ۾ کڻي، گذاريندا آهن. نه رڳو اييترو، پر، هو ڏکن جا ڏينهن ۽ سورن جون راتيون، انهن ئي خوابن جي سهاري گذاريندا آهن. ڀائيندا آهن ته ڪڏهن ته سندس خواب سچا ٿيندا، ڪڏهن ته آسمان ۾ ڀورا ڀورا ڪَڪَر وسڻ جا ويسَ ڪري ايندا.
    هن ڪتاب کي ’بين السطور‘ (IN BETWEEN THE LINES) پڙهبو، ته منجهس ورق، ورق، تي، ع. ق. سيخ جا خواب، انگورن جي ولين ۾ رَسُ ڀَريَلَ، ساون ۽ ناسي رنگ جي ڇڳن وانگر پري کان نظر ايندا. شيخ صاحب وڏو آرٽسٽ هو. کيس خبر هئي ته جڏهن انگورن جا ڇڳا رسبا آهن، ۽ پچندا آهن، ته انهن مان رنگ ڪڏهن ۽ ڪيئن مٽبا آهن، سو، هن پنهنجي قلم کان ڪمال ڪاميابيءَ سان آرٽسٽ جي برش وارو ڪم ورتو آهي.
    ع. ق. شيخ جا سڀ خواب سچا ٿيا، يا ڪوبه ڪونه ٿيو، سو کيس ئي معلوم هوندو. شيڪسپيئر دنيا جي بي ثباتيءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو ته، ”اسان فاني انسانن جي زندگي ڪنهن اهڙي خمير مان جڙيل آهي، جيڪو خواب وانگر آهي.“
    تاهم، ع. ق. شيخ جي ذِهَن، هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن جا نقش چٽيا آهن، سي، خيالي ڪونه آهن. نه وري اسان جي آسپاس گهمندڙ ڦرندڙ انسانن کان مختلف آهن، بلڪ هوبهو انهن جا عڪس آهن. فرشتو، ڦلٽو صاحب، ۽ گلو بادشاهه، انهن جا جيئرا جاڳندا مثال آهن.
    ع. ق. شيخ جي لکڻيءَ ۾ هڪ قسم جي فطري سادگي ۽ رواني آهي. سو، سندس هر تحرير، پڙهندڙ جي ذهن تي نقش وانگر چٽجي وڃي ٿي. ان لحاظ کان ڏسبو، ته هي ڪتابُ، سنڌي ادب ۾ بلاشبه هڪ قابل قدر اضافو تسليم ٿيندو.
    غلام رباني آگرو
    سنڌي ادبي بورڊ،
    حيدرآباد.
    20-8-1998ع


    ع. ق. شيخ جي باري ۾ تاثرات

    ع. ق. شيخ جي باري ۾ تاثرات

    ع. ق. شيخ صاحب جن ٿر جي هڪ ننڍڙي پراڻي ڳوٺ گڊڙي ۾ 8 مارچ 1914ع ۾ ڄاوا. سندس والد، عبدالقادر شيخ صاحب جن، متقي، پرهيزگار، استاد، عالم، فاضل ۽ حڪيم هئا. اُنهن جي صحبتن جي نظر فيض اثر هيٺ پاڻ ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪيائون. ڪجهه مدرت ٽنڊي سومري ۾ ۽ پوءِ ٽنڊي الهيار ۾ به سندن تعليم ۽ تربيت ٿي. ننڍي هوندي کان وٺي سندن لاڙو فن ۽ ادب سان گهڻو هو. پهريائين پهريائين ڪيئي ڪتاب پنهنجي والد صاحب جن جا پڙهيائون، ۽ پوءِ سنڌيءَ توڙي انگريزيءَ ۾ ابتيون سبتيون ليڪون ڪڍڻ ۽ رنگن سان چِٽ چِٽڻُ، سندن ننڍپڻ جو ذوق هو، شيخ صاحب جي هِن ذوقَ سندن زندگيءَ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ۽ کين مصوريءَ جي دنيا ۾ هڪ اعليٰ مقام مليو.
    آرٽ کي سکڻ ۽ آرٽ کي پرکڻ هرڪو نٿو ڪري سگهي. هِن ميدان ۾، فنڪار تڏهن اعليٰ مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ليڪن مان اوري ڪوري پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن ۽ جذبن کي، مختلف رنگن جي چِٽن سان، تخليق جي صورت ۾، دنيا آڏو پيش ٿو ڪري، ۽ پوءِ ئي هو وڃي پاڻ کي صحيح معنيٰ وارو ۽ صحيح مقام وارو فنڪار سڏائڻ جهڙو ٿئي ٿو.
    ع. ق. شيخ صاحب جن فن جي دنيا ۾ اهڙي ئي درجي ۽ اوچائيءَ تي رسيل ۽ سرفراز ٿيل هئا.
    ع. ق. شيخ اديب آهي ۽ مصور به. هو افسانن جو خالق آهي. سندس سنڌي افسانن ۾ حقيقت نگاريءَ کان ڪم ورتل آهي.
    ع. ق. شيخ جن کي ساڳئي وقت ڊزائين ۾ مهارت حاصل هئي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ادارن جي ڪتابن ۾، ۽ خاص طرح مهراڻ رسالي ۾ پيش ٿيل ڊزائينون، ع. ق. شيخ جي فني ڪاريگريءَ جو ثبوت آهن.
    هن ”کهه کٿوري“، ”نازو“، ”تاريخ اسلام“، ”داستان اندلس“ جهڙا ناياب ڪتاب پڻ لکيا. زيرنظر سندن ڪتاب ”محبت جي راهه تي“ سندن مختصر افسانن جو مجموعو آهي.
    ع. ق. شيخ کي بحيثيت استاد جي هڪ آئيڊيل ستاد جي روپ ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. پاڻ فن جي تعليم ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. فن متعلق شاگردن کي سمجهاڻي انگريزيءَ ۾ توڙي فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾، واضح طور ڏيئي سگهندا هئا، ۽ اِن دائري ۾ وڏيءَ شخصيت جا مالڪ استاد به سندن برابري نه ڪري سگهندا هئا.
    جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي شوخ نه هوندو هو، ته پاڻ انهيءَ کي شفقت، پيار ۽ محبت سان ڪم ڪرڻ تي همٿائيندا هئا. کين پڙهڻ جون نصيحتون ڪندا هئا، صلاحون ڏيندا هئا، ۽ اڳتي وک وڌائڻ جي تلقين ڪندا هئا.
    ع. ق. شيخ جي اعليٰ شخصيت ۽ بلند ڪرادر تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. هو يارن جو يار، ٻارن جو ٻار، جوانن جو جوان ۽ پوڙهن دوستن جا پڳ مٽ يار هئا.
    بحيثيت پيءُ پاڻ محبت جا ڀنڊار هئا. سندن پگهار گهٽ هو، پاڻ اُن گهٽ پگهار مان اولاد کي پاليائون، ڀائٽين، ڀاڻيجن ۽ پنهنجن متن مائٽن ۽ پنهنجين نيانين کي خوب پڙهايائون ۽ اعليٰ مقام تي پهچايائون. انهن مان ڪي پروفيسر، ڪي ڊاڪٽرياڻيون، ڪي ماستر ته ڪي ماسترياڻيون ٿيون. ۽ انهن کي پڙهائيندي، نصيحتن جا گرفتا ٻڌائيندا هئا، جي دل ٺاريندڙ هئا. پاڻ اڪثر پنهنجين نياڻين کان صلاحون وٺندا هئا. ۽ ائين سڀني نياڻين ۽ پٽن کي پيرن تي بيهڻ سيکاريائون ۽ انهن منجهه خوداعتمادي پيدا ڪيائون. پاڻ وسيع نظر رکندا هئا. پاڻ هميشه سچ ڳالهائڻ، محنت ڪرڻ ۽ پڙهڻ جي تلقين ڪندا هئا، ۽ هميشه چوندا هئا ته ”پڙهو ۽ لکو، نه ته توهين هڪ ڪني پاڻي جي دُٻي وانگر ٿي ويندا“، پاڻ تمام حساس، نازڪ طبع، نفاست پسند ۽ وڏي جگر ۽ دل وارا هوندا هئا.
    گهر ۾ ڪي به مهمان ايندا هئا ته ڪڏهن منهن ڪونه گهنجائيندا هئا. افسوس آهي، جو سندس ناياب ڪتابن جي وري اشاعت نه ٿي آهي، جهڙوڪ ”تاريخ اسلام“، ”داستان اندلس“، ”نازو“ ۽ ”کهه کٿوري“ وغيره صد افسوس ته سندن دوستن ته اِن ڏِس ۾ ڪجهه نه ڪيو، پر سندن شاگردن به کين وساري ڇڏيو.
    نسيم شيخ
    19- آگسٽ، 1998ع


    حيدرآباد- ڊسمبر 1947ع

    حيدرآباد- ڊسمبر 1947ع
    ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي، يار؟ مارواڙ آهي مارواڙ!“
    شاهي بازار وٺيو پئي ويس ته مٿيون پڙلاءُ منهنجي ڪنن تي پيو. پڙاڏي وانگر اهو آواز دل ۽ دماغ تي اوٽ موٽ ڪرڻ لڳو، نامعلوم خوف لامارا ڏيڻ لڳو، جهڙو ڪجهه ٿيڻ وارو هجي. بي آرامي وڌندي رهي. خيال پکڙبا ويا، ارادا ۽ جذبا هستيءَ جا، جوانيءَ جا، معصوم محبت جي جنت جا، تصور جي دنيا مان ڦيرا پائيندي حقيقت جو روپ وٺڻ لڳا، پاڻهي ئي پاڻهي چپ چُريا ۽ ازخود زبان مان اکر نڪتا: ”حيدرآباد، حيدرآباد ڪٿي آهي يار!“
    اڳيان هڪ ڪاري شيرواني ۽ جناح ٽوپيءَ سان ماڻهو وڃي رهيو هو. سامهون برقعن سان، منهن کليل عورتن جو ٽولو اچي رهيو هو، پاسي کان ”هلو سائين هلو!“ جي بي ڊوليءَ ۽ پرائيءَ رڙ واڪو ڪيو، چار ٿڪل پناهگير ڪٻٽ کڻي وڃي رهيا هئا.
    “”هلو سائين هلو“ سنڌيءَ ٻوليءَ جا اکر آهن، پنهنجي ٻوليءَ جا اکر ٻڌي ڪير رنج ٿيندو؟ پر منهنجي سيني تي اهي اکر ائين ڪريا، جيئن زمين تي آسمان ڏانهن اڇلايل پٿر واپس ڪرندو آهي. پاسن کان ماڻهو وڃي رهيا هئا، ڪلها ڪلهي سان هڻندا. هيءُ اجميري آهي، هو ڪاٺياواڙي آهي، هي گجراتي آهي ۽ هو جوڌپوري ــــ ٿڪل، بيمار، ضعيف، ڏٻر، بي رونق، گدلا ۽ بي روح، سڀيئي جهڙا سڪل ڪرڙ جا لتاڙيل ڊنگر. شاهي بازار، رستو ساڳيو ئي هو، گنڀير، بردبار، رازدان، پرخاموش.
    ها، ته هينئر وري هڪ پلنگ وڃي رهيو هو. پلنگ نه هو، جهڙو ڪنهن جو تابوت، جنهن سان هزارين ارمان ۽ ڪروڙين حسرتون به گڏ واويلا ڪري رهيون هيون، سي به لڪل اڪيليون، بي سرو سامانيون، مجبوريون ۽ مايوسيون- اُهو وياڪل منظر پيش ڪري رهيون هيون، جهڙي طرح سرءُ ۾ گلشن جي آبادي، جوانيءَ جو خمار، اوجاڳي جون راتيون، آسمان جي هيرن جَڙيل چادر هيٺان الفت جون آکاڻيون، شوق، جون شرنائيون، ارواحن جون شادمانيون، عيش عشرت جو تخت، ڪنهن پري چهري جو بخت، ائين تڙجي رهيو هو، جيئن ڪنهن شاهوڪار جي درتان ڪتو يا بکايل فقير.
    اهي عورتون، وائڙن وانگر وڌنديون ويون، سندن برقعا اهڙا هئا، جهڙيون چاڪين جون جوريل چادرون، لهساٽيل، ڦڪا ڦڪا منهن، پراڻي ڦاٽل رليءَ جهڙا وات، ڪَٿي ۽ چُوني جا ساڙيل چپ، ڪٽيل ۽ ڪاراٽيل ڏند، لڙڪيل سينا، هڏن جا پڃرا، جهڙا ڪنهن قبرستان جا اوڳاريل مردا ڪفن مٿي تي کڻي نڪتا هجن. پاسي کان هڪڙو اهڙو ماڻهو نڪتو، جو چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي جو هو. مارواڙي پٽڪو، پنجابڪي گوڏ، صاحبلوڪي واسڪوٽ ۽ هڪڙي ڪن ۾ واليءَ جهڙو ايرنگ لٽڪي رهيو هوس. ويجهو بلڪل آواز آيو، ”مڇلي ڪاشامي ڪباب، پيسه پيسه“ جان کڻي ڏسان ته هڪ پيرسن اوڪڙو ٿيو، ڪنڌ گوڏن ۾ هنيو، هوڪو به پيو ڏئي ۽ اڳيان تڙ جهڙين ٻانهن سان رکيل ٿالهه تان مکيون به پيو هڪلي. هن مٿي نهاريوئي ڪونه ٿي. سندس ميري پتلون ۽ گري ٽويءَ تي مکين آرام پئي ورتو. ٿالهه ۾ مرچن کان ڳاڙهي ٿيل تيل ۾ ڪبابَ، گٽر ۾ گڏ ٿيل گند وانگر نظر اچي رهيا هئا.
    سج ڪني ڪڍي، ڌنڌ ۽ غبار غائب ٿي ويو. سمنڊ ۽ بندر ڄڻ ننڊ جي ڳهر مان سجاڳ ٿي اٿي بيٺا هئا. بندر جي اوڀر پاسي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا اچڻ لڳا- ٿيلها، ٽفن باڪس، ۽ پُڙا، نوٽبڪ، پنا ۽ رنگ- هر ڪنهن جي هٿن ۾ هئا. هي سڀ آرٽ ڪاليج جا شاگر هئا. هر ڪنهن جي منهن تي سرهائي هئي ۽ هڪٻئي سان کل مذاق ۾ مصروف هئا. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ٿي ويو، ته شاگردن جا ٽولا آهستي آهستي هلندا هڪ هنڌ اچي ڪٺا ٿيا. ٽهڪڙن ۽ هوڪرن جو آواز وڌندو رهيو. ڀرپاسي ۾ شهر جا ڪي ٻيا ماڻهو به ڏسجي رهيا هئا.
    جهاز سيٽي هنئي ته سڀئي شاگرد ٻڪرين وانگر ٽپ ڏيندا، جهاز ۾ سوار ٿيندا ويا. شاگردن جو گوڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي ويو. جهاز هاڪاريو ته شاگرد جتي آين اتي ويهي رهيا. گوڙ ازخود گهٽجڻ لڳو. ڪي شاگرد پنهنجن ٿيلهن ۽ ٽفن باڪسن کي کولي کاڌي جون شيون- ڪيڪ، بسڪيٽ، ڪيلي جون ڦريون ۽ چَڪُو وغيره- هڪٻئي کي ڏيڻ لڳا. سڀني جا وات چرڻ لڳا. ڪنارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ۽ جهاز پنهنجيءَ منزل ڏانهن جيئن پوءِ تيز رفتار سان وڌندو ٿي ويو. آرٽ ڪاليج جا شاگرد ’ايلفنٽا‘ جا غار ڏسڻ ۽ اتي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. هي تفريحي جهاز آخري جهاز هو؛ ڇاڪاڻ ته ڏينهن اڌ ۾ چؤماسي جي موسم اچڻ وار هئي. چؤماسي ۾ سمنڊ جي گهري هئڻ ڪري هن طرف سير سفر بلڪل بند رهندو هو.
    رکي رکي ڪٿان ٽهڪڙن ته ڪنهن مهل ماٺيءَ گفتگو جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. جهاز، جو پنهنجيءَ رفتاري سان پئي هليو، سو نيٺ منزل تي اچي رسيو. ڪنارو ايڏو اونهو ڪونه هو، جنهنڪري جهاز پري ٿي بيهي رهيو. ڪناري کان ٻه ٻيڙيون مسافرن کي کڻڻ لاءِ جهاز ڏانهن وڌيون. سمورا شاگرد ڪناري تي پهچي، ٽولين جي صورت ۾ هڪ ورن وڪڙن واري پيچري تان هلڻ لڳا. ڇوڪريون پنهنجو سامان ڇوڪرن کان کڻائي اڳتي هليون. جنهن به ڇوڪري کي اهڙو موقعو مليو، تنهن پاڻ کي ڄڻ وڏو خوش نصيب تصور ٿي ڪيو.
    ميل ڏيڍ جي مفاصلي تي ’ايلفنٽا‘ جا غار هئا. انهن غارن ۾، جيڪي جبل کي کوٽي اندر ٺاهيا ويا هئا، سي دراصل ’شوِ ديوتا‘ جو مندر هو. شو جي پوڄارين ۽ شِوَ جي فنڪارن وڏيءَ شرڌا ۽ جفاڪشيءَ سان جبل کي اندران ئي اندران ٽُڪي، گهڙي، شو ديوتا جي تاريخ کي ابدي حياتي بخشي هئي. شو مهراج جا مڙيئي روپ، پٿر جي ديوارين تي ايندڙ نسلن لاءِ ماضيءَ جي تاريخ جا عبرت انگيز داستان هئا، جن آرٽ ڪاليج جي شاگردن کي ڪشش ڪري پاڻ وٽ گهرايو هو- مرد ۽ عورتون، ڇوڪر ۽ ڇوڪريون، شايد پنهنجو پراڻو روپ ڏسڻ آيا هئا.
    شو ۽ پارپتي، آدم ۽ حُوا؛ انسان ذات جو اهو تصور؛ ڄڻ هڪ فطري جذبي ۽ ازلي رشتي هر ڪنهن کي گهلي هتي آندو هو. يا ائين چئجي ته ماضيءَ جي فنڪارن اڄوڪي دؤر جي فنڪارن کي، پنهنجي فن جي مشاهدي جي ڇڪ ڪري مظاهري جي دعوت ڏني هئي. شاگردن جا مختلف ٽولا مورتين اڳيان پنهنجي پنهنجي نگاهه ۽ ذوق مطابق حيرت جي دنيا ۾ هئا: ڪي پنڊپهڻ ٿيو بيٺا هئا، ڪي سيس نمائي پنهنجي شرڌا سان سجدا ڪري رهيا هئا، ڪي وري نوٽبڪ کولي اسڪيچ ڪري رهيا هئا. ته ڪن وري رنگن جون پيتيون کولي، برش کڻي، پينٽنگ شروع ڪري ڏني هئي.
    ايلفنٽا جي غارن ۽ شو جي هن مندر ۾، جيڪو بمبئي جي ساحل کان دور ۽ ويران پيو هو، تنهن ۾ اڄ هڪ نئين قسم جي هلچل ۽ رونق نظر اچي رهي هئي. جيئرا جاڳندا انسان صدين جي هن پراڻي مندر ۾ ساڳئي خلوص ۽ محبت سان، ڳنڀير مورتين جي پروقار ماحول ۾، ذري ذري جو جائزو وٺي رهيا هئا. دروازي وٽ ٻه نوٽيس بورڊ هئا هڪڙي تي لکيل هو: ’مندر جي مٿان ماکيءَ جي مکين جا مانارا آهن، انهن سان هٿ چراند نه ڪريو!‘ ۽ ٻئي بورڊ تي لکيل هو ته ’مهرباني ڪري مندر ۾ گهڙڻ کان اڳ داخلا جي ٽڪيٽ ضرور وٺو.‘ ٻئي بورڊ کي پڙهي، هڪ نوجوان وراڻيو، ”شو جي ديوتا جا ارداس آهي، ارداس!“ هڪ ٻئي ڄڻي چيو، ”اهو ته پوڄاريءَ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. جيڪي وڻيس سان ڀيٽا ڏئي.“ ٽئين ڄڻي ٽوڪ ڪندي چيو، ”مندر ۾ وڃڻ جي قيمت ٻه آنا! جن وٽ آنا نه هجن، اهي ٻاهر ڪڪڙي وانگر آرو ڪري ويهي رهن.“ چوٿين ڄڻي رڙ ڪئي، ”مانارا، مانارا.......... ماکي........... ماکي!“
    مندر جي وچ ۾ هڪ ننڍي چئن دروازن واري ڪوٺي هئي. ان جي وچ ۾ چڱو موچارو، سنئون سڌو، گول ۽ لسو پٿر کڙو ڪيل هو، ڪي شاگرد اسان کان اڳ هن ڪوٺيءَ ۾ پهچي چڪا هئا. هو پاڻ ۾ مندر متعلق ڳالهيون ڪري رهيا هئا: ”اهو شو لنگ آهي. جيڪو هتي سچيءَ دل سان اچي دعا گهرندو اها مقبول ٿيندي. رڳو شِوُ شِوُ! ڀلا، پارپتيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
    ”پارپتي نه هجي ها، ته هوند هيءَ دنيا ئي نه هجي ها! آءٌ ته پارپتيءَ جو پوڄاري آهيان جئي جئي پارپتي! جئي جئي شِو!“ ائين چئي، هن وراڻيو، ”اوهان کي ڪا خوشبوءِ اچي ٿي؟“ ٽولي مان ڪن شاگردن وراڻيو، ”نڪو....نه نه.... ها ها، ڪا بدبوءِ آهي..... ها، اها هن ڪوٺيءَ جي خاص خصوصيت آهي... اها بانس اهڙي آهي، جهڙي شينهن جي رهڻ واريءَ جاءِ ۾ هوندي آهي. اها بانس صدين کان موجود آهي- صدين تائين هتي قائم رهندي..... ڪاريگرن ۽ فنڪارن.... اسان جي ديس جي ڪلاڪارن سان ڪير سينو ساهيندو.... ڪلا هميشه امر رهندي..... چون ٿا ته جنهن وقت اها بوءِ بند ٿي ويندي، ته هيءَ سارو مندر پرزا پرزا ٿي ڪري پوندو.“
    مندر جي پُراسرار فضا ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي ويئي. خاموش پٿر جي ديوارين، اندر آيل انسانن کي پاڻ جهڙو بي جان ۽ بي حس بنائي ڇڏيو هو. هر ڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل ۽ غرق هو. هن سانتيڪي ماحول ۾ جيڪڏهن اکيون کڻي پورجن ته هوند ڪنن سان ڪجهه به ٻڌي ڪين سگهجي- زندهه انسانن هتي پهچي ڄڻ ته ساهه کڻڻ ئي چڏي ڏنو هو. غارن ۽ غارن جي پٿرائين ديوارين تي هِتي هُتي ديو- قد پٿر جا مجسما ۽ انهن جي ڀر ۾ ڪاليج جا شاگرد بلڪل بي سرت، دنيا مافيها کان بي نياز، وقت ۽ مڪان کان بي پرواهه، گويا غارن جو ئي هڪ حصو بنجي چڪا هئا- هونئن به فن ۽ فنڪارن جو تعلق اهڙو آهي، جنهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿو سگهجي.
    ڪافي وقت کان پوءِ، اوچتو مندر جي خاموش ماحول ۾ گوڙ پيدا ٿيو. آواز اچڻ لڳا ۽ جيئن پوءِ شور وڌندو ويو- جوالا مکي ڦاٽي پيو هو يا ڪو زلزلو زمين جو سينو چيري ڦاڙي رهيو هو. شاگرد خوف و هراس وچان مندر جي مرڪز وٽ ڳاهٽ ٿيندا ويا. شولنگ واري بوءِ ڦهلجي رهي هئي، شايد مندر چڪنا چور ٿيڻ وارو هو. خبر نٿي پيئي ته هي ڀيانڪ وايومنڊل ڇا جي ڪري پيدا ٿيو آهي. شاگردن جي ميڙ ۾، هڪ شاگرد مردي جيان بي حس پيو هو. هن جي ٻانهن، پيرن ۽ منهن تي بيشمار ماکيءَ جون مکيون چهٽيون پيون هيون. پاسن کان بيٺل شاگردن جا ميڙ...... پراڻي مندر ۾ هڪ نئين غار جو اضافو ٿي چڪو هو.
    نيم مرده شاگرد جي جسم ۾ اڃا ٿورو گهڻو ساهه هو. اوڏيءَ مهل، هڪ مرهٽي ڇوڪري قد جي پوري پني، ڪڻڪ رنگي، مرگهه نيني، جنهن جون واسينگ جهڙيون چوٽيون، پِنين تائين پئي لٽڪيون هوءَ هڪدم، ”هٽو هٽو! پري ٿيو، جاءِ ڏيو!“ چوندي، ديوانن وانگر انهيءَ بي هوش شاگرد جي ويجهو آئي. هن جي چهري تي آنڌ مانڌ هئي ۽ هن جي اکين مان کنوڻ جا چمڪاٽ لامارا ڏيئي رهيا هئا.
    ڇوڪريءَ جو نالو ’مڊ گائوڪر‘ هو. هن پنهنجي ساڙهيءَ جي ڪلهي واري پلؤ کي چيلهه سان ويڙهيو، پٽ تي پيل شاگرد وٽ پهچي، مشين وانگر تيزيءَ سان هن جي بدن تان ماکيءَ جون مکيون لاهڻ ۽ ڏنگ ڪڍڻ لڳي. رکي، رکي، هوءَ پنهنجي ڪوئل جهڙي آواز سان چئي رهي هئي، ”مهرباني ڪري پري هٽو، تازي هوا اچڻ ڏيو! مهرباني ڪريو! هٽو......... مهرباني!“ جلد ئي حامد جو سارو جسم مکين کان آزاد ٿيو ۽ هن جي جسم ۾ جان آئي. مڊگائوڪر هاڻي سندس جسم تي مالش شروع ڪئي، هن ڪافي وقت کان پوءِ اکيون کوليون؛ موت جي چنبن مان نڪري جيئرو جاڳندو هن دنيا ۾ پنهنجي ساٿين وٽ ٻيهر موٽي آيو. هو اٿي ويٺو ۽ حيرات مان پنهنجي ڀر ۾ ويٺل مڊ گائوڪر ۽ ٻين کي ڏسڻ لڳو. جلد ئي هن جي چپن تي مسڪراهٽ آئي. بيٺل شاگرد اطمينان سان ٽڙي پکڙي ويا، ۽ باقي هو ٻه ڄڻا وڃي رهيا. هُن اٿڻ جي ڪئي، پر مڊگائوڪر هٿ جي اشاري سان منع ڪندي پاڻ هن جي ڀرسان سرڪي ويهي رهي. هو پاڻ ۾ هوريان هوريان ڳالهائڻ لڳا. مندر ۾ وري سانت ٿي ويئي. البت، ڪن شاگردن هن جوڙي کي ڏسي، پاڻ ۾ حيرت ۽ حسرت ڀري ڀڻ ڀڻ ضرور ڪئي ٿي.
    هو احمد آباد جو ويٺل هو. هن جي منهن مهانڊي، شڪل صورت، بت، ۽ قد ڪاٺيءَ ۾ ڪا خاص جاذبيت ڪانه هئي. ڪن ته بنهه بيڊولا هئس، باقي اکين ۾ سندس البت سادي مرداني سونهن ضرور سمايل ٿي نظر آئي. هو پينٽنگ سيڪشن جو شاگرد هو. ويرم ڪانه گذري ته ڪيترا شاگرد هن جوڙي ڏانهن ٻه ٻه- ٽي ٽي، ٿي اچڻ لڳا- چاڪليٽ، کٽمٺڙا، بسڪيٽ، ڪيڪ، سئنڊوچز، اوٻاريل آنا، کير، ڪيلا، صوف، چانهه، ڪافي- جنهن وٽ جيڪي ڪجهه موجود هو سو حامد وٽ کڻي آيو. هو مشڪندو، سڀني کان اهي شيون وٺندو، مڊگائوڪر جي اڳيان رکندو ويو.
    پر شاگرد ۽ شرارت ڪي ڌار ڪري سگهجن ٿيون! گهڙيءَ پل جي سانتيڪائي ۽ ڌيرج کان پوءِ، هنن حامد ۽ مڊگائوڪر تي فقري بازي شروع ڪري ڏني. ”حامد، قسمت وارو آهين! ڪاش، اهي ماکيءَ جون مکيون اسان کي ڏنگ هڻن ها!“. ”مڊگائوڪر بهترين سوشل ورڪر، سرڳ جي اپسرا، جنت جي حور، رحمت جي ديوي!.... آب حيات! حامد، زندهه باد! مڊگائوڪر شادباد!“
    حامد ۽ مڊگائوڪر، مشڪندا ۽ شرمائيندا رهيا، آخر، شاگرد پنهنجي بازي هارائي، مات کائي، ماٺ ڪري، هٽندا ويا. مڊگائوڪر حامد کي کائڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳي ته هن نيزاري ڪندي چيو، ”مون کي مجبور نه ڪر، کاڌي لاءِ دل نٿي چوي.“
    ”پاڻ کي ڏس ته ڪيترو نه لهساٽجي ويو آهين. ڪجهه کاءُ ته طاقت اچيئي.“ ائين چوندي مڊگائوڪر منهن ۾ گهنڊ وجهي هڪ ڪيلي جي کل لاهي، حامد جي وات ڏانهن ويجهو آندو. ”مڊ، مڊي... تنهنجو قسم.... تنهنجو حڪم..... ۽ آءٌ پر........... توکي خبر نه آهي... مون کي روزو آهي، ۽ رمضان شريف جو پهريون روزو.“
    ”پاڳل....... پاڳل، هن ۽ ههڙيءَ حالت ۾ به مذهب جا ٻنڌڻ لاچاري ۽ عقيدت عجيب حماقت. ڏاڍو بهادر آهين.......... واهه تنهنجي بهادري! ماکيءَ جي مکين توکي ڪيرائي وڌو......... مغرور، هٺيلا، ڀلا ماکيءَ جي مکين ٻين تي حملو ڇو نه ڪيو؟ توکي هيٺ مندر ۾ ڪير کڻي آيو؟،
    حامد خاموش نگاهن سان ڏسندي ٿي رهيو. ”منهنجي سوالن جا جواب ڏي، حامد! ڇا تو ڳالهائڻ جو به روزو رکيو آهي؟“ حامد ڪنڌ لوڏيندي ورندي ڏني، ”نه نه، مڊي، اسين استادن سان گڏجي مندر جي مٿان نظارو ڏسڻ ويا هئاسين- ’هتي جبل ۽ سمنڊ جو نظارو نهايت دلڪش آهي. آءٌ انهيءَ نظاري کي ڏسندو رهيس، ۽ ٻين کان ٿورو پٺتي هوس، اوچتو ماکيءَ جي مکين جو حملو ٿيو، يلغار هئي. پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو- تون به ته مٿي هئينءَ؟“
    ”هائو، مون کي خبر آهي.“ مردانو آواز آيو.
    حامد ۽ مڊگائوڪر آواز طرف منهن ڦيرايو. ڪاليج جو هڪ شاگرد ڳالهائي رهيو هو. هن چيو، ”حامد تون مٿي مئو پيو هئين.......“ ۽ پوءِ مڊگائوڪر ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو، ”...... آسمان مان پرين جي راڻي هيٺ لٿي، جنهن توکي پنهنجن پرن ۾ ويڙهي، مندر ۾ کڻي ليٽايو، ماکيءَ جي مکين توتي انهيءَ ڪري حملو ڪيو، جو تون خود ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو آهين. تون قسمت وارو آهين، جو مڊگائوڪر جهڙيءَ پارپتيءَ توکي نئين سر، نئين جوڻ ڏني آهي.“ ائين چئي، هو ڊوڙ پائي ڀڄي هليو ويو.
    ڏينهن جو چوٿون پهر لڙي چڪو هو. سڀئي شاگرد واپس ٻيڙين ۾ چڙهي، جهاز تي سوار ٿيا. جهاز تيزيءَ سان هلڻ لڳو. سج اولهه طرف انڌ ۾ غائب ٿيندو ٿي ويو ۽ آسمان تي ڪڪرن جي ڪاري چادر ڇائنجڻ لڳي. ٿوري وقت کان پوءِ ڪافي زور ۽ شور سان وڏڦڙو وسڻ لڳو. حامد، اڪيلو ئي اڪيلو هڪ ڪنڊ ۾، ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ غرق هو. مينهن وسي رهيو هو، ته جهاز اچي بندر تي لنگر هنيو. ڪن وٽ ڇٽيون هيون، ته ڪي هٿين خالي، هر ڪو جهاز مان لهندو، تڪڙو تڪڙو هلندو بمبئي جي گهٽين ۾ گم ٿيندو ٿي ويو. حامد مينهن ۾ پاڻ پسائيندو ’ڪِرا فورڊ‘ مارڪيٽ واريءَ بس اسٽئنڊ تي پهتو، ته مڊگائوڪر کليل ڇٽي کڻي اچي حامد جي مٿان جهلي. مٿان بجليءَ جو بلب ٻري رهيو هو. مڊگائوڪر جي تيز نگاهن، حامد جي چهري جو جائزو وٺندي چيو، ”تون ته ڏڪي رهيو آهين، سيءُ ٿو ٿئيئي ڇا؟ هيءَ ڇٽي پاڻ سان کڻي وڃ. سڀاڻي اسپتال ۾ ضرور وڃجانءِ- تنهنجو منهن به سُڄي ويو آهي. فڪر نه ڪر. هيءُ منهنجو ٿيلهو ته وٺ.“ ايتري ۾ بس آئي ۽ حامد بس تي چڙهي ’سبحاني هاسٽل‘ ۾ اچي پهتو.
    هاسٽل جي ڪوٺيءَ ۾ پهچي هن ڪپڙا به بدلايا، پر سيءَ سببان سندس سارو بدن ڏڪي رهيو هو. هو هڪدم بستري تي ليٽي پيو، هن جو پارٽنر، جيڪو ڏانهس اڃان متوجهه نه ٿيو هو، تنهن جي جڏهن هن تي نظر پيئي ته هڪدم حيرت وچان پڇيائين، ”حامد، خير ته آهي- هي ڇا؟ توکي ته بخار آهي! خبر ڏي، ايڪسڪرشن ڪيئن گذرندي؟“ هن حامد تي سوالن جو وسڪارو لائي ڏنو.
    ”ڪجهه به ڪونهي، وقت سٺو گذريو. معمولي بخار آهي. مٿو پيو ڦريم- مون کي بک آهي ۽ ننڊ جي ضرورت به. روزو رکيو هوم. معاف ڪج، پيتيءَ مان مفلر ڪڍي ڏي.“
    ”وٺ هيءَ مفلر. هيءُ ٿيلهو ڪنهن جو آهي؟ اڙي، هن ۾ ته ڪي شيون آهن- چاڪليٽ، ميوو ۽ زنانو پرس! سچ ٻڌاءِ، تون اڄ بهانو ڪري ڪيڏانهن ويو هئين؟“
    ”پارٽنر، صبح جو خبرون ڪندس.“ ۽ پوءِ حامد مٿي کي مفلر ويڙهي، پنهنجي مٿان سوڙ وجهي ڇڏي. حامد ٿڪل هو. هن ننڊ جي ڪوشش ڪئي. ڪلاڪ ٻن جي لوڇ پوڇ کان پوءِ مس مس هن جي اک لڳي.
    صبح جو پارٽنر اڃا ستو ئي پيو هو ته حامد بستري مان اٿيو. هن کي خبر ڪانه هئي. هن آرسي کڻي پنهنجو منهن ڏٺو. هن جو منهن وڌيڪ سڄل هو. هن پوءِ ٿيلهي مان ڪجهه ڪڍي کاڌو ۽ ڪاليج وڃڻ جو خيال لاهي سمهي رهيو. پارٽنر سجاڳ ٿيندي حامد کان ڪالهوڪيءَ واردات جي پڇا ڪئي. حامد بستري ۾ ليٽندي سمورو احوال ٻڌايو.
    ”دوست، هيءَ ته رومانٽڪ ٽريجڊي آهي، ٽريجڊي نه پر ڪاميڊي! توکي دوا کپي، اسپتال هل......... نه ته، توکي دوا. جي ضرورت نه آهي. ها، البت ٻاهر نه نڪرجئين.“ پارٽنر هڪ ئي ساهيءَ حامد کي مٿيان جملا چئي ويو.
    ”آءٌ ٺيڪ آهيان، پارٽنر، فڪر نه ڪر! وري ٻن پهرن جو گڏباسين.“ پارٽنر ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر هليو ويو ۽ حامد بستري ۾ ليٽي پيو.
    ساڳئي ڏينهن ٻن پهرن جو مڊگائوڪر، بمبئي سٽي اسٽيشن جي ڀرسان مسلم سبحاني هاسٽل ۾ پڇا ڪندي، اچي حامد جي ڪوٺيءَ تي پهتي. حامد هينئر بلڪل سرهو هو. مڊگائوڪر حامد جي روم ۾ پير رکندي، اڃا کائنس مزاج پرسي ئي ڪري رهي هئي، ته عين موقعي تي هن جو پارٽنر اچي سهڙيو. دروازي تي بيهي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي ويٺل ڏسي، هيڪر ته حيرت ۾ پئجي ويو، پر جڏهن حامد کيس چيو، ”پارٽنر، هليو اچ. هيءَ اهائي ته آهي، جنهن ڪالهه همت ڪري منهنجي حياتي بچائي.“ پوءِ مڊگائوڪر ڏانهن نهاري، چيائين، ”مڊگائوڪر، هي آهي منهنجو پارٽنر“. ڳچ رسمي ڳالهين کان پوءِ مڊگائوڪر موڪلائي هلي ويئي.
    سامهون ميز تي رکيل ٿيلهي تي نظر پوندي، حامد سوچڻ لڳو، ’آءٌ ڪهڙو نه احسان فراموش آهيان. هن ٿيلهي ۾ پرس ڏيڻ جو مون کي خيال ئي ڪونه آيو.‘
    هو اڃا انهن ئي خيالن ۾ هو ته سندس پارٽنر وراڻيو، ”حامد، ڪهڙيءَ دنيا ۾ وڃي پهتو آهين- ساعت اڳ ته ڄڻ هتي تنهنجو وجود ئي ڪين هو. تو ته رڳو هن ڏانهن پئي تڪيو- واهه جي مرهٽياڻي آهي! پنين تائين واسينگن جهڙا وار! اڙدو ته ڪهڙي نه صاف پئي ڳالهايائين. هن جي آواز ۾ ڪيڏي نه ميٺاج آهي!“ حامد جو چهرو لعل ٿي ويو ۽ هن جذباتي انداز ۾ وراڻي ڏني، ”بس ڪر، پارٽنر، گهڻو ئي ڪجهه چئي ورتئي.“
    ”معاف ڪر حامد! دراصل آءٌ تنهنجي چونڊ جو داد ڏيئي رهيو آهيان. شال توکي نيبَهه هجي! منهنجي طرفان مبارڪ. چڱو مون کي دير ٿي ٿئي.. آءٌ هلان ٿو.“ ائين چوندي، پارٽنر ٻاهر نڪري هليو ويو.
    حامد وڏي الجهن ۾ ڦاسي چڪو هو. هو اڪيلو هو ۽ بنان ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي خيالات جي دنيا ۾ محو هو. هن جون پريشان نگاهون ڪوٺيءَ جي چئني ديوارن، درين ۽ دروازن کان ٻاهر، هيڏانهن هوڏانهن پنهنجي دل جي تسڪين جو ڪو سامان ڳولي رهيون هيون. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ پوءِ هن جا چپ آهستي آهستي چرڻ لڳا. هو خودبخود پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. ’مون کي ڇا ٿي ويو آهي. منهنجي دل هن ڏانهن ڇڪجي رهي آهي. هي عشق ۽ محبت جو جادو ته ڪينهي! نه نه، هيءَ......... اهو منهنجو وهم آهي. آءٌ جڏهن احمد آباد کان هيڏانهن آيس ٿي ته منهنجي ماءُ مون کي چيو هو، ”پٽ، محنت ڪري ڪم ڪجئين. مون ٻڌو آهي ته بمبئيءَ جون ڇوڪريون نهايت چالاڪ آهن. تون شادي شده آهين. ڇوڪرين کان پري رهج.“ مون ماءٌ سان واعدو ڪيو هو، مون کي ضرور سوچڻ گهرجي. مَڊي نهايت شريف ۽ خوبصورت آهي. هوءَ ايلفنٽا جي جيئري جاڳندي مورتي آهي. اجنتا جي غارن جي ساهه پساهه واري تصوير آهي. هوءَ حقيقت آهي. هوءَ خدا جو روپ آهي. هن منهنجي زندگي بچائي. هوءَ نه هجي ها ته هوند آءٌ مري وڃان ها، آءٌ هن جو پوڄاري آهيان. هن جي آءٌ سدائين پوڄا ڪندو رهندس.‘ هن تي وري خاموشي طاري ٿي ويئي ۽ هو حيرت مان ڪوٺيءَ ۾ پيل هر چيز کي گهوريندو ۽ سوچيندو ٿي رهيو.
    هفتي گذرڻ کان پوءِ به حامد جي اها ئي ساڳي حالت هئي. هو الڪن ۽ ڳڻتين جي ڄار ۾ ڦاسي، چؤکنڀو جڪڙجي چڪو هو. هن جي پريشانيءَ ۽ اداسائيءَ جو وجهه وٺندي، شاگردن عجيب غريب چرچا ۽ ٽوڪبازي شروع ڪري ڏني. هو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ برداشت ڪندو ٿي رهيو. آخر هن لاچار ٿي هاسٽل جي ڊائننگ هال ۾ ماني کائڻ ڇڏي ڏني. حامد ۽ مڊگائوڪر متعلق سڄي ڪاليج ۾ عجيب غريب چميگوين جو طوفان کڙو ٿي ويو. مڊگائوڪر بمبئي جي سڌريل خاندان جي هڪ سمجهو ڇوڪري هئي. هن جو پيءَ گهڻن ئي ڪارخانن جو مالڪ هو. هن جي چاچي جي شهر کان ٻاهر هڪ وڏي اسپتال هئي. چاچي ئي هن کي پاليو هو. هوءَ اڪثر چاچي وٽ رهندي هئي. هوءَ پينٽنگ سيڪشن ۾ هئي. حامد جي ته دنيا ئي بدلجي چڪي هئي. رات جو جڏهن هاسٽل جا شاگرد سمهي پوندا هئا ته چورن وانگر لڪي لڪي، پنهنجي ڪوٺيءَ جو ٻيڪڙيل در کولي، سمهي پوندو هو. صبح جو شاگرد اٿن ئي اٿن، سڀني کان اڳ هن جو بسترو خالي ڏسبو هو.
    پورا چار مهينا گذري ويا. هاسٽل ۾ آرٽ ڪاليج جي شاگردن جون چميگويون ۽ چرچا گهبا بند ٿي ويا. بمبئيءَ جي مصروف زندگيءَ ۾ حامد ۽ مڊگائوڪر وارو حادثو هوا جي جهوٽي جيان آيو ۽ ختم ٿي ويو، پر، هيڏي ساري عرصي ۾ حامد ۽ سندس پارٽنر فقط هڪ اڌ دفعو پاڻ ۾ گڏجي سگهيا هئا. هڪ اهڙي موقعي تي حامد سان پارٽنر ڳالهائي رهيو هو ته حامد جي چهري تي اداسائي ۽ اکين ۾ انتهائي ويراني هئي. هن دز جي اڳيان بيهندي، حامد کي چيو هو، ”مون کي تون پنهنجو دوست ڪري نٿو سمجهين. افسوس، تو پنهنجي ڪهڙي حالت بنائي ڇڏي آهي. ڪٿي ٿو گذارين؟ نه يار نه دوست، نه هاسٽل نه ڪاليج- چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن. سچي ڪر، ٻڌاءِ، نه ته توکي آءٌ هن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري، تنهنجي مائٽن ڏانهن تار ڪري کين گهرائيندس- هي ڇا، ڇوڪرين وانگر ڪنڌ ڇو جهڪائي ڇڏيو اٿئي؟ گونگو آهين ڇا؟ ڇي ڇي، هي وري ڇا! عورتن وانگر روئي رهيو آهين!
    ڳالهه ٻڌ، مڊگائوڪر هتي آئي هئي. بزدل، جنهن تنهنجي جان بچائي، ان سان تو ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. هي چارئي مهينا تو ديوانن وانگر بمبئي جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٺوڪرون کاڌيون آهن. نيٺ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ڏس، ڪنهن سان ته دل جو دک سور اور. پنج ئي آڱريون برابر ڪينهن. مون تي اعتبار ڪر؛ تنهنجي اندر جي ڳالهه منهنجي دل جو راز رهندي- تنهنجو قسم!“
    حامد پنهنجون ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کنيون ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڪجهه به ڪينهي، دوست آءٌ وڏيءَ الهجن ۾ آهيان. توکي ڇا ٻڌايان. تنهنجي سيني ۾ پٿر جي دل آهي. چڱو، چانهه جو آرڊر ڏيئي اچ، ته ويهي ڳالهيون ڪريون.“ حامد هڪ ڊگهو ساهه کڻندي، مٿيان جملا وڏيءَ مشڪل سان ادا ڪيا. پارٽنر چانهه کڻائي آيو ته ڪوٺي خالي پيئي هئي، ۽ حامد الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.
    حامد ڪوٺيءَ مان نڪري هاسٽل جي پٺ ورتي. پوليس ڪوارٽرن ۽ اسپتال جي وچان لنگهي، ڌوٻي تلاءُ جي چؤ واٽي وٽ بيهي، وائڙن وانگر نهارڻ لڳو. چؤواٽي وٽ ڪافي رش هئي: ماڻهو، موٽرون، بسون، ٽرامون، سائيڪلون، سڀيئي تيز تيز پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن منزل ڏانهن وڃي رهيون هيون. ۽ حامد، هڪ بي منزل مسافر وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو، ڌوٻي تلاءَ جي چؤواٽي وٽ اچي پهتو. هو سواءِ ڪنهن فيصلي جي وائڙن وانگر بيهي رهيو. هن ائين ٿي محسوس ڪيو ته هي چؤڌاري وڏا وڏا محل، ماڙيون، رستا، مطلب ته هر چيز کيس گهوري رهي هئي. حامد گهٻرائجي، جلدي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. خيالن ئي خيالن جي دنيا ۾ هن کي ياد آيو ته ”پارٽنر چانهه وٺي آيو هوندو. مون کي نه ڏسي ڇا سمجهيو هوندائين. اڄ ته هو وڏو همدرد نظر اچي رهيو هو- مطلبي، مڪار ۽ خود غرض........ آءٌ اڪيلو آهيان. مڊگائوڪر روم تي ڇا جي لاءِ آئي هوندي؟ پارٽنر هن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هونديون.... دل جو درد ۽ ان جو درمان ڪير ٿو ڪري! ڪير ڪنهن جو همدرد آهي! پارٽنر ڳوٺ تار ڪئي ته ڇا ٿيندو. ماءُ سان ڪهڙو انجام ڪري آيو هوس. هتي اچي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ مون کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو ايلفنٽا ويس. مون کي مندر جي مٿان ڪير هيٺ کڻي آيو. مڊگائوڪر جي هٿن ۾ ئي مري وڃان ها- سڀيئي مون تي چٿرون ڪن ٿا. آءٌ چريو ٿي ويندس. آءٌ واقعي ديوانو ٿي ويو آهيان.....“
    فوٽ پاٿ جي ڀرسان موٽرون فرڙاٽ ڪندي لنگهيون، ته حامد جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. هو چؤواٽو اڪري، اولهه طرف روانو ٿيو، تان چرني روڊ وٺي تيزيءَ سان هلڻ لڳو. ميل کن پنڌ ڪري چرني روڊ باغ ۾ گهڙيو. اتان چرني روڊ اسٽيشن جي دروازي تي بيهي، ٽڪيٽ واريءَ دريءَ ڏانهن نهاري، پوئتي موٽيو ۽ وري ساڳيو رستو وٺي هلڻ لڳو. هلندي، اوڀر پاسي ڏانهن ڏسندي، ٻئي رستي تي لڙيو، جتان اچي گرگام روڊ تي پهتو. گرگام روڊ تي ڪلهي گس هئي- هڪ طرف بسون ۽ ٽرامون ته ٻئي طرف ماڻهن جو هجوم. ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جو ميل جليل آواز قيامت کان گهٽ ڪين هو. حامد بيهي بيهي هڪ بس ۾ چڙهي پيو. هو اڃا ويٺو ئي مس ته بس ڪنڊيڪٽر اچي مٿان بيٺس: ”بابو ٽڪيٽ، ڪٿي لهندا؟“ حامد ڇرڪ ڀريندي ورندي ڏني، ”آخري بس اسٽاپ.“ هن پسئن ڪڍڻ لاءِ سوٽ، قيمص ۽ ڪوٽ جي مڙني کيسن ۾ هٿ وڌو. شايد هن جي ڪنهن به کيسي ۾ پئسا ڪونه هئا.
    حامد هڪ ڏينهن پنهنجي دستور خلاف سبحاني هاسٽل جي ڪمري ۾ ويٺو هو. هن جي اڳيان هڪ نامڪمل تصوير پيئي هئي. هو بيخوديءَ جي عالم ۾ رنگ کڻي، لڳائي، پٺتي هٽي، وري ويجهو اچي تصوير کي ٺاهڻ لڳو- سمنڊ جو ڪنارو، جهاز، ٻيڙيون، جبل، پيچرو، آسمان، ڪڪر، مرد ۽ عورتون. ايتري ۾ هن جو پارٽنر حامد جي ڄاڻ کان سواءِ اندر لنگهي آيو. هن ايندي گنڀير آواز ۾ چيو، ”پارٽنر، لاجواب شاهڪار! رنگن جو عجيب ۽ حسين ميلاپ، حقيقت جي بينظير پيشڪش. پر هيءُ نظارو ته ڏٺل وائٺل پيو ڀانئجي. ها، اهو ته سچ پچ ايلفنٽا جي غارن وارو منظر آهي.“ حامد جي چهري تي خوشيءَ جي لهر اڀري آئي. هن جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. هن جون اکيون ڏيئن وانگر ٻرڻ لڳيون. هن تصوير کي ڇڏي پارٽنر جي ويجهو آيو ۽ حسرت ڀرئي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پارٽنر، ڏس تو مون سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو. انهيءَ باري ۾ ڳالهيون ڪري، منهنجن زخمن تي لوڻ نه ٻرڪ.“
    ”معاف ڪر حامد، تنهنجي تصوير جو ڏوهه آهي؛ ههڙو شهپارو ڏسي، آءٌ ان جي ساراهه کان رهي نه سگهيس. مون کي مهرباني ڪري معاف ڪر.“
    ڪوٺيءَ جي دروازي تي اڻ ڄاتل آواز آيو، ”آءٌ اندر اچي سگهان ٿو؟“ هو ايندي شرط تصوير جي ڀرسان اچي بيهي رهيو ۽ ان تصوير کي ڏسندو رهيو، حامد ۽ سندس ساٿي حيرت مان هڪٻئي ڏانهن نهاري، نگاهن ۾ هڪٻئي کان سوال ڪري رهيا هئا، ’هي ڪير آهي؟ تصوير جي ڀرسان ڇو بيٺو آهي؟ هي ڪهڙي ڪم سان آيو آهي؟‘
    ”ساڳيو هوبهو انهيءَ ڏينهن وارو نظارو. ڪمال ڪري ڇڏيو اٿئي! ايلفنٽا وارا غار!“ اجنبي ائين چئي، وڏيءَ گنڀيرتا سان تصوير ڏانهن نهارڻ ۾ گم ٿي ويو. رکي رکي وري چوڻ لڳو. ”منهنجو نالو گوبند آهي.“ هنن ٻنهي ڄڻن سندس آجيان ڪئي. گوبند ويٺو ته حامد چيو، ”مهرباني ڪري پنهنجو احوال ٻڌاءِ.“
    ”هائو، انهيءَ لاءِ ته آيو آهيان،“ گوبند ورندي ڏني.
    ”حامد وڏيءَ اٻهرائي سان پڇيو، ”اوهين ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“
    ”منهنجو ڪاليا ديوي روڊ تي چمڙي جو دڪان آهي. اصل پنجاب جا آهيون، پر آءٌ ڄائو نپنو بمبئيءَ ۾ آهيان.“ حامد وڌيڪ حيرت ۾ پوندي، دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو، ’آخر چمڙي جو واپاري هتي هاسٽل ۾ ڇو آيو آهي؟‘ گوبند وهيءَ چڙهيل ڪرڙوڍ هو، پر ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺڪيل ۽ مضبوط جسم وارو نظر اچي رهيو هو.
    گوبند، حامد جي حيرانيءَ کي سمجهندي وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ڪا مجبوري کيس زبان کولڻ کان بيوس ڪري رهي هئي. نيٺ هن جي همت پنهنجي دل جي اظهار ڪرڻ تي آمادهه ٿي، ۽ چوڻ لڳو، ”حامد، توکي تعجب ٿيندو آءٌ ڪا پراسرار شخصيت نه آهيان. منهنجي زندگي ۾ هڪ حادثو ٿيو.........“ گوبند اڃا ڳالهائڻ ٿي چاهيو ته حامد جي پارٽنر هن جي سلسلي ڪلام کي ڪٽيندي، اٻهرائيءَ مان چيو، ”توکي چندو يا خيرات ته ڪانه گهرجي؟“ ”نه نه، آءٌ ڪو چندي باز يا پينو فقير ڪونه آهيان. آءٌ پاڻ ضرورتمندن کي دل ڏيئي سگهان ٿو.“
    ”پارٽنر، هن کي ڳالهائڻ ڏي.“ حامد پنهنجي ساٿيءَ کي ٽوڪيندي چيو. ”معاف ڪجو، مسٽر گوبند! منهنجو دوست نهايت اٻهرو آهي.“ ”ته پوءِ هن تي ڪا ميار نه آهي. دوست آءٌ هڪ اهڙي حادثي جي سلسلي ۾ اوهان وٽ آيو آهيان، جنهن منهنجو هوش حواس مون کان ڦري ورتو آهي. چئن مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿيو ته آءٌ انهيءَ چڪر ۾ آهيان. حامد، توکي ياد هوندو آچر جو ڏينهن، سيپٽمبر جي ستين تاريخ، آرٽ ڪاليج جا شاگرد ايلفنٽا جي مندر ۾ هئا. اوهان جي ٽولي مٿي گهمي رهي هئي، آءٌ به مٿي هوس. شاگردن کي ڏسي، مون کي پنهنجو زمانو ياد آيو. آءٌ پري پري جو نظارو ڏسندي پنهنجين يادگرين ۾ گم هوس ته هڪ ڇوڪري کي مکين جي ماناري تي پٿر اڇلائيندي ڏٺم. مون رڙ ڪئي. هو شرير پٿر اڇلائي، ڊوڙي اڳين ويندڙ شاگردن ۾ گڏجي ويو..........“
    ”تڏهن تون انهيءَ ڏانهن اتي ئي هئين؟“ حامد، گوبند کان حيرت مان سوال پڇيو.
    ”هائو، تون سڀني جي پويان هئين. ماکيءَ جي مکين جي ٻنڌ ٽٽي پيئي هئي. اهي مانارا ڇڏي توتي اچي ڪڙڪيون. تنهنجي ٽولي توکان بي خبر هيٺ لهي مندر ڏانهن رواني ٿي، ۽ تون بي هوش ٿي ڪري پئين. آءٌ اهو سڀڪجهه ڏسي رهيو هوس. مون توکي بچائڻ لاءِ سوچيو ۽ هڪدم ڊوڙي جبل تان هيٺ لٿس. سوچيم ته هيٺ اطلاع ڏيان. مندر جي دروازي وٽ چوڪيدارن کي مدد لاءِ منٿ ڪيم، پر ڪنهن کي به قياس ڪونه پيو. نيٺ گهڻين منٿن کان پوءِ، هنن کان چادر وٺي، توکي ويڙهي ڪلهي تي کڻي هيٺ مندر ۾ آيس، ۽ آرٽ ڪاليج جي شاگردن کي سندن امانت حوالي ڪيم. پوءِ ته سڀيئي حلقو ٻڌي بيهي رهيا ۽ آءٌ هٽي پري ٿي بيهي رهيس. هڪ ڊگهن وارن واري مرهٽي ڇوڪري توتان...........“
    ”گوبند، گوبند، تڏهن منهنجي حياتيءَ بچاڻڻ وارو تون ئي آهين؟“ ائين چئي، حامد ڊوڙ پائي گوبند کي چنبڙي پيو. هو ڏڪندڙ ۽ ٿورائتي آواز ۾ چوڻ لڳو، ”گوبند، تو ئي مون کي زندگي ڏني آهي. تو مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. هيترو وقت ڪٿي هئين؟ آءٌ تنهنجو احسان عمرڀر وساري نه سگهندس ۽ تنهنجي احسان جو عيوضو.........“ گوبند جي اکين مان ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هو به حامد کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيو. ان وقت هو اهڙا ٻه ڀائر پئي نظر آيا، جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ اوچتا مليا هجن. گوبند جو نڪ ۽ اکيون حامد جهڙيون ئي هيون.
    گوبند رومال ڪڍي اکيون اگهيون ۽ پاڻيءَ جي گهر ڪئي. هو پاڻي پي وري شروع ٿي ويو. ”هڪ چڱي انسان جو ڪم آهي ته سواءِ ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪري. چڱو ڪم ڪنهن به غرض سان ٿيو ته اها نيڪي نه آهي. مون توتي احسان ڪونه ڪيو پر، آءٌ هيترو سارو عرصو جو توکي گڏجي نه سگهيس، سو به انهي خيال سان ته متان ڪٿي نيڪي بديءَ ۾ نه تبديل ٿي وڃي؛ آءٌ اڄ فقط انهيءَ ڪري تو وٽ آيو آهيان، مون جيڪو احسان ڪيو، تنهن جو عيوضو نه پر پنهنجي دل جو تو وٽ درد کڻي آيو آهيان ۽ توکان ساڳيءَ نيڪيءَ جي بيک گهرڻ آيو آهيان“ ائين چئي، گوبند ايزل تي پيل تصوير کي خاموش نگاهن سان ڏسندو رهيو.
    ”مون کي جلد ٻڌاءِ! جنهن مون تي ايڏو احسان ڪيو، تنهن لاءِ آءٌ ڪهڙي قرباني ڏيئي سگهان ٿو. گوبند منهنجو واعدو آهي، تون دل جي ڳالهه ڪر آءٌ توتان پنهنجو ساهه به گهوري ڦٽو ڪندس“ حامد ايترو ۽ اهو سڀڪجهه جذبات ۾ چئي ويو.
    ” مون کي اها ئي اميد تو وٽ گھلي آئي آهي“، گوبند قدري خوش ٿيندي چيو ”انهيءَ حادثي ۾ خبر ناهي ڪيئن.... اها، آءٌ پنهنجي دل ڦرائي ويٺو آهيان. آءٌ بي قرار ۽ بي چين آهيان. خبر ناهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي....“ گوبند جو آواز جيئن پوءِ ڳرو ٿيندو ويو. آخر هن ڳنڀر ٿيندي وراڻيو: ”حامد، مون کي احساس آهي ته اوهان ٻئي پاڻ ۾ محبت ڪريو ٿا. تون مسلمان آهين، ۽ هوءَ هندو آهي- پيار ۾ دين ڌرم ڇا جو؟ پر، هي دنيا وارا محبت ۾ هميشه رڪاوٽون وجهندا رهيا آهن. تنهنجي مائٽن ۽ هن جي مائٽن کان اڳ، دين ۽ ڌرم جا رکوالا اهو رشتو قبول ڪين ڪندا. اوهان ٻنهي جي وچ ۾ بي انداز مجبوريون آهن- اهي ئي منهنجو سهارو آهن. مون ٻڌو آهي ته تنهنجي شادي به ٿيل آهي. مون پنهنجي سر ڪافي ڪوشش ڪئي آهي- دادر ۾، هن جي چاچي جي اسپتال ۾ مريض ٿي داخل ٿيس. هن سان ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اتان لا علاج ٿي تو وٽ آيو آهيان. هاڻي فقط تون ئي منهنجو مسيحا بنجي سگهين ٿو. منهنجي احسان جو عيوضو نه، پر پنهنجي نيڪيءَ جو عظيم مثال قائم ڪري ڏيکار،“ ائين چئي، گوبند نهايت خاموشيءَ سان حامد جي پيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.
    حامد جي پيرن هيٺان ڄڻ ٽانڊن جو مچ ٻرڻ لڳو. هن سختي بي چينيءَ جي حالت ۾ اتان اٿيو ۽ طوفان ۾ وڻ جي ڪمزور شاخ وانگر هيڏي هوڏي ڪوٺيءَ ۾ ڦرڻ لڳو. هن جي چهري تي مختلف احساس دونهين جي ڪاراٽ جيان وڌڻ ۽ هٽڻ لڳا. بي خبريءَ جي عالم ۾ هو هٿ مهٽي مهٽي ڇت کي تڪڻ لڳو، ۽ پوءِ هڪ شعلي وانگر ڏڪي ڏڪي، اکيون پوري بيهي رهيو- خاموش بي جان، جهڙو رک جو ڍير، گوبند، جيڪي هڪ شمع تي ٻه پروانا هئا، تن جي حسرتناڪ آئيندي تي سوچي رهيو هو. وقت گذرندو ويو. نيٺ حامد اکيون کوليون، هو ڄڻ سالن جي ڪنهن پراڻيءَ قبر مان اٿي کڙو ٿيو هو. هن وڏي همت سان گوبند کي مخاطب ٿيندي چيو، ”منهنجي اندر ۾ جهاتي پاءِ، ڪاش، تون ڪجهه ڏسي سگهين ها ته هوند اڄوڪي سزا مون کي هرگز نه ڏين ها- پر تنهنجو ڪهڙو قصور، تون پاڻ مجبور آهين. چڱو هاڻي وڃ، ايندڙ آچر تي صبح جو ستين بجي مون وٽ اچج ته توکي مڊگائوڪر وٽ وٺي هلندس.“ جواب ٻڌندي گوبند سواءِ ڪنهن چون چرا جي ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر هليو ويو.
    ايندڙ آچر جي وچ ۾ پورا ست ڏينهن هئا. اهي ست ڏينهن حامد واسطي قيامت کان گهٽ ڪين هئا. هو ڪباب وانگر نااميديءَ جي آڙاهه ۾ کامندو، جلندو ۽ سڙندو رهيو. اڪيلي سر هو اهو سڀڪجهه سهندو رهيو- هن جو پارٽنر ڳوٺ ويل هو، تنهنڪري هُن کي هن حالت ۾ ڪو بني بشر ڏسي ڪين سگهيو. ڇنڇر جي شام جو حامد شهر ڏانهن ويو. هن جي قدمن ۾ مضبوطي ۽ نگاهن ۾ وڏو اعتماد هو. هو ڪلاڪ کان پوءِ موٽي آيو ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ اچي سمهي رهيو. هو شايد ڪو فيصلو ڪري چڪو هو.
    آچر جي ڏينهن پوري يارهين بجي دادر جي هڪ عاليشان سانتيڪي بنگلي ۾ حامد، گوبند، ۽ مڊگائوڪر، ٽيئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت هر آچر تي ڳالهيون ٿينديون رهيون. چار آچر ائين ئي گذري ويا. پنجين آچر تي دستور مطابق هنن جون پاڻ ۾ محبت ۽ پيار جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته، مڊگائوڪر شوخي ۽ شرارت جي نگاهن سان ٻنهي کي ڏسندي ڏسندي، پنهنجي ساڙهيءَ کي ڦاڙيو.
    ”ساڙهيءَ کي ڇو ٿي ڦاڙين؟“ گوبند رڙ ڪئي. ”چري، ههڙي قيمتي ساڙهي برباد نه ڪر!“ حامد جي هن هٿن کي جهليو، مڊگائوڪر مرڪندي نهايت موهيندڙ آواز ۾ چيو، ”اڄ اوهان ٻنهي جي دانائيءَ جي خوشيءَ مان چري ٿي پيئي آهيان،“ پوءِ هن ساڙهي جي پلئي مان ٻه ريڙون ڦاڙي، حامد ۽ گوبند جي ڪراين ۾ پنهنجي نفيس ۽ نازڪ هٿن سان رکڙيون ڪري ٻڌي ڇڏيون.
    دوست اها ڪهاڻي اڃا پوري ڪانه ٿي آهي ۽ نڪا ٿيندي. قدرت هن دنيا ۾ قدم قدم تي حسن ۽ سونهن جا رنگ محل جوڙي ڇڏيا آهن. هر ڪنهن محل ۾ ڪانه ڪا حسينه، ڪا نه ڪا شڪيله ۽ ڪانه ڪا محبوبه، ڪنهن نه ڪنهن جو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪري رهي آهي. پيار ۽ پريت ۾ دلين جا سودا ٿيندا ئي رهندا. پر اڄ جو سمجهو ۽ سياڻو سوداگر، حالات ۽ حقيقيت کان منهن موڙي، بنهه گهاٽي جو واپار ڪيئن ڪندو؟


    آسرو

    آسرو
    ڊسمبر مهيني جون پويون تاريخون، ۽ سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! صبح کان ئي جهڙالو هو، ۽ سرد هوا جا سوساٽ. ٻپهري لڙي ته سيءُ ويتر وڌي ويو. شام جو علي اڪبر اچي گهر تي سڏ ڪيو. ٻاهر نڪتس ته چيائين، ”تيار ٿي اچو ته هوٽل تي هلي چانهه پيئنداسين، ۽ ڳالهين جا چار چونڪ به ڪنداسين.“ آءٌ تيار ٿي آيس، ۽ اسان ٻنهي هوٽل ڏانهن رخ رکيو.
    ٻاهر رستي تي ماڻهو سو ايترا نه هئا، باقي ٽانگا البت هليا پئي. اڃا اڌ رستي تي پهتاسين ته ڀرسان هڪ ماڻهو، ديوانن وانگر رڙيون ڪندو، اڳتي ڊوڙندو ويو. هن جي سٿڻ ليڙون ليڙون هئي، هو اڳڀرو ٿيو ئي ڪونه، ته علي اڪبر چيو، ”اهو اٿئي ’مڪو مست‘، جو هر روز شام جو هن ئي وقت رستي تي ڊوڙندو رهندو آهي.“
    ”مستن تي ڪهڙي ميار! هنن جي ته دنيا ئي پنهنجي آهي. نڪا اڄ جي ڳڻتي، نڪو سڀاڻي جو فڪر؛ پنهنجيءَ ۾ ئي پورا آهن.“ مون وراڻيو.
    اسان جي ڀرسان ٻه – ٽي ٽانگا ٺڪ ٺڪ ڪندا نڪري ويا، ۽ هو مڪو مست، دانهون ڪندو، ڊوڙندو، واپس موٽي رهيو هو. هو بلڪل اسان جي ڀرسان ڊوڙندو اڳتي وڌي ويو. هن جون ٽنگون گوڏن تائين اگهاڙيون، ڏاڙهي کنڊريل ۽ مٿي جا وار بيڊولا ۽ لڙاٽيل هئا. سندس اکيون ٽانڊن وانگر پئي چمڪيون. سندس بي معنيٰ رڙين جا ڪي اکر ”کڻي آئي! کڻي آئي!“ ۽ پوءِ ڪجهه ٽهڪ مون ٻڌا. هو ائين ڊوڙندو ٿي ويو، جيئن هن جي پٺيان ڪو بکايل شينهن ڪاهي پيو هجي. هن جا پير به اگهاڙا هئا. مون ڪنڌ ورائي کيس جانچيو، ته هو موٽي رهيو هو. اسين اڳتي وڌي وياسين.
    ”ڇا، تون هن کي سڃاڻين ٿو؟، مون پنهنجي دوست کان سوال ڪيو.
    ”نه نه، مون کي هن جي ڪابه خبر ڪانهي، باقي شام جو هتي هميشه ڊوڙندو نظر ايندو آهي، ۽ ماڻهو کيس مڪو مست ڪري سڏيندا آهن.“
    ايتري ۾ اسين هوٽل وٽ اچي پهتاسين، ۽ ڪنڊ واري پان- ٻيڙيءَ واري دڪان تي سگريٽ وٺڻ لاءِ ترسياسين. سرد هوا جي لُري پئي لڳي. مڪو مست به اتي اچي اسان کان ٿورو پرڀرو ٿي بيٺو. هو سهڪي رهيو هو، هن کي بنهه پراڻو ۽ ٻانهن کان ڦاٽل ڪوٽ پيل هو. هن جي قميص بلڪل ميري ۽ ٻيڙن کان سواءِ هئي، جنهن مان سندس گهاٽن وارن سان ڀريل ڇاتي پئي ڏٺي. شايد هو ٿڪجي پيو هو. پان- ٻيڙيءَ واري اسان کي سگريٽ ڏنا، ۽ هن کي سڏ ڪري چيائين، ”مڪو، هان هي سگريٽ وٺ.“ هن فقط زور سان ڪنڌ لوڏي انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو منهن مٿي جي وارن سان ڍڪجي ويو. ٻيڙين واري وري هڪ پان مٿي کڻي، مڪوءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”ڀلا پان ته کاءُ“. هن ڀيري مڪو مست جوش مان ويجهو ايندي، ٻئي ٻانهون مٿي کڻي، وري انهن کي هيٺ ڇنڊيندي رڙ ڪئي: ”نه کپي! نه کپي!“ هن پوءِ پنهنجي منهن تان وارن کي پري ڪيو. هن جو سڄو منهن پگهريل هو. هو يڪٽڪ پان واري ڏانهن گهورڻ لڳو. هن جي اکين مان ڄڻ ڪي شعلا ڀڙڪي ٻاهر نڪري رهيا هئا. هو اڃا ٿورو اڳتي پان واري ڏانهن وڌيو، ۽ مون سمجهيو ته بس، هاڻي خير ڪونهي. پان واري ٻئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مڪو بابا، معاف ڪريو! مڪو بابا! معاف ڪريو!“ اهي لفظ ٻڌي، مڪو مست هڪ تمام وڏو ۽ ڀيانڪ ٽهڪ ڏنو. الائي، سندس جسم مان يا وات مان، هڪ بدبو جو اُٻارو آيو. هو زمين تي دڙها هڻي، خوفناڪ نموني، تڪڙو تڪڙو، ”ٻلي ٻچا کڻي آئي، ٻلي ٻچا کڻي آئي“ چوندو، ڪوڪرا ڪندو، رستي تي ڊوڙندو هليو ويو.
    علي اڪبر پان واري کان پڇيو، ”ڀاءُ، تون هن مست کي سڃاڻين؟“
    ”هائو، سائين، هتي جو هرڪو ماڻهو هن کي سڃاڻي. مون کي دڪان تي ويٺي پورا پنج سال ٿيا آهن. هو هر روز، هن ئي رستي ۽ هن ئي وقت ڪلاڪ- ڏيڍ تائين پيو ڊوڙندو ۽ رڙيون ڪندو آهي. بس سائين، چريو آهي. مست چريو، پر آزاري ڪنهن کي ڪونه. هونئن ته هن کي جيڪي ملندو آهي سو وٺندو آهي، پر هن مهل تي ڪنهن کان به ڪجهه ڪونه وٺي. اڄ ٿي آزمايومانس، خدا الائجي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي. درويش آهي، درويش.“
    ”هي ڪٿي رهندو آهي، ۽ ڪيئن چريو ٿيو؟“ پان واري کان وري مون ٻيو سوال ڪيو. پان واري ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”سائين، اها خبر مون کي به ڪانهي ته هو ڪيئن چريو ٿيو. شل انسان جي ڪل نه ٿڙڪي! سامهون بلڊنگ ڏسو ٿا نه هيءَ به انهيءَ ۾ ئي رهندو آهي.“
    ايتري ۾ مست وري موٽي رهيو هو، ۽ اسين هوٽل ۾ وڃي هڪڙي پاسي واريءَ ڪنڊ ۾ ويهي رهياسين. هوٽل ۾ اندر خاموشي ۽ فرحت لڳي پيئي هئي. آءٌ سوچڻ لڳيس، ’مڪو مست خبر نه آهي ته ڪير آهي؟ هن جا به ڪي مٽ مائٽ هوندا. هو ڇو چريو ٿيو؟ ڇا، هن جو علاج نٿو ٿي سگهي؟ هي به هڪ انسان آهي. هيءَ به ڪا زندگي آهي!‘
    بيري چانهه اچي ميز تي رکي. مون واري دوست ڪٽليءَ ۾ کنڊ جو چمچو وجهي، وري ڍڪ ڏنو، اسان کي ٿورو پرڀرو هڪ ڪرڙوڍِ شخص ويٺل ڏسڻ ۾ آيو. هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکيل هو، ۽ هن بار بار علي اڪبر ڏانهن پئي ڏٺو. ”هو همراهه هر هر توڏانهن پيو ڏسي!“ مون آهستي آهستي پنهنجي دوست کي ٻڌايو، علي اڪبر هن کي ڏسندي ئي، خوشيءَ مان چيو، ”چاچا حامد علي، هيڏانهن اچو نه!“ هو ڪوپ کڻي اچي اسان سان گڏجي ويٺو. علي اڪبر تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي آهي چاچو حامد علي، هن ئي پاڙي جو ۽ هتي جو رهاڪو آهي. هي ڪنهن وقت اسان جي آفيس ۾ ڪلارڪ هو، ۽ هاڻي ته پينشن تي آهي.“ مون مشڪندي ساڻس هٿ ملايو. چاچو حامد علي، علي اڪبر کان آفيس جون نيون نيون خبرون چارون وٺڻ لڳو. مون پاسي واريءَ دريءَ کان ٻاهر نهاريو. مڪو مست اڃا تائين ڊوڙي رهيو هو. ايتري ۾ چاچي حامد علي اوڏانهن نهاريندي چيو، ”سرديءَ جي هير ڪوئيٽا کان آهي.......پر اوهين ڪهڙيءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا آهيو، ماڳهين کڻي ماٺ ڪئي اٿو!“ مون وراڻيو، ”چاچا، اوهان پئي ڳالهيون ڪيون، تنهنڪري گستاخي نه ڪيم.“ منهنجو جواب ٻڌي، چاچي حامد عليءَ هلڪو ٽهڪ ڏنو. اوڏيءَ مهل ٻاهران رڙيون ٿيون- مڪو مست رستي تان ڊوڙندو پئي ويو. علي اڪبر افسوس مان چيو، ”ويچارو مڪو مست!“ مون وراڻيو، ”شل نه انسان ويچارو ٿئي.“ چاچي حامد عليءَ گنڀير ٿيندي چيو، ”شل ڪنهن جو دشمن به ويچارو نه ٿئي. هن مست تي جيڪي ڪجهه ٿي گذريو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن سياڻي سان ٿي گذري ها، ته ان جو حال هن کان بدتر هجي ها.“ هو ائين چئي، خاموش ٿي ويو.“ ”چاچا!“ علي اڪبر چيو، ”پر هن مست جي اوهان کي ته سڄي خبر هوندي؟ اوهين ته هن محلي ۾ ئي رهو ٿا.“
    ”هيءُ چريو ڪيئن ٿيو؟“ مون بيتاب ٿيندي کانئس پڇيو:
    چاچو حامد علي، سگريءُ دکائي هڪ ڊگهو سوٽو هڻي، چوڻ لڳو، ”آءٌ مست کي سڃاڻان. هن جو نالو مڪو نه، پر مقبول مستري آهي. هونئن به هر انسان جي زندگيءَ ۾ لاهيون- چاڙهيون ضرور اينديون آهن، پر مقبول رڳو ڏک ڏٺا آهن. هو چئن سال جو هو ته سندس ماءُ مري ويئي. ڏهن سالن جو ٿيو ته پڻس به مري ويو. پڻس جو هتي لوهه جو دڪان هو. هو هڪ چڱو خاصو سيٺ هو. پر سندس مرڻ کان پوءِ مقبول جا چاچا ۽ ماما پرائي مال تي اکيون پوري ڳجهن وانگر ڪري پيا. ويچارو مقبول، مائٽن هوندي به ڇورو ڇنو ٿي پيو. کيس ڪنهن به نه سنڀاليو. نيٺ پاڙي جي دين محمد مستريءَ کي خيال ٿيو، هن کيس پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ پنهنجي ڪارخاني تي ملازم ڪري رکيو.“
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ علي اڪبر پڇيو.
    چاچي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ماڻهو چون ٿا ته مقبول مستري رستي تي پنهنجي ملڪيت پوري هئي، ۽ پوءِ اها ڪير چورائي کڻي ويو. ڪي چون ٿا ته هن کي ڪچي قلعي مان لڳت جو حساب ٿيو آهي. ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته هن کي ڪنهن پهتل شخص ’امانت‘ ڏني آهي. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن نڪا ڪا رستي ۾ پنهنجي دولت پوري آهي، نه هن ۾ ڪنهن غيبات جو ڪو واسو آهي، ۽ نڪي وري ڪنهن وٽان ڪا هن کي امانت ئي مليل آهي. ڪي وري اهي ڳالهيون به ڪندا آهن ته هن وٽ ڪيميا جو نسخو آهي، ۽ هي ٺڳ، ٻاهريون ڏيک ڪريو پيو ماڻهن کي ڀنڀلائي! پر اهي سڀ ڳالهيون ڪوڙيون ۽ غلط آهن.“
    ”ته پوءِ اصل ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ مون پڇيو.
    چاچي حامد عليءَ ٻيڙي دکائيندي چيو، ”دين محمد مستري شاهه ڪاريگر هو. هن مقبول کي هر ڪنهن قسم جي مشين جي مرمت جو ڪم سيکاريو. مقبول اهڙو ته سعادتمند ثابت ٿيو، جو دين محمد مستريءَ پنهنجيءَ ڌيءَ کڻي پرڻايس. پوءِ ته هن جوان پنهنجي هنر ۾ گهڻو نالو ڪڍيو. اسان جي گهر جي سامهون بلڊنگ ۾، هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي، جدا رهڻ لڳو.“
    اسان ٽنهي سگريٽ کنيا، ۽ وري چانهه جو آرڊر ڏنوسين.
    چاچو حامد علي وري شروع ٿي ويو: ”مقبول جي شاديءَ کي ٻه- ٽي سال گذري ويا، پر کس اولاد ڪونه ٿيو. هن جي زال هڪ ننڍڙي اڇي ٻلي ڌاري هئي. ٻلي وڏي ٿي، ٻچا ڪيائين، ته مقبول کي به انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ سهڻو پٽ ڄائو. ڳچ ڏينهن کان پوءِ، هڪڙيءَ شام جو انهيءَ بلڊنگ کي اچي باهه لڳي. بجليءَ جون تارون هيون پراڻيون ۽ خراب، مالڪ خرچ جي بچاءُ کان مڙيوئي ٽيڪڙ سيڪڙ ڪيو پيو ڪم هلائيندو هو. پر اُنهيءَ ڏينهن اُنهن تارن مان اچي جا باهه لڳي، سو خبر تڏهن پيئي، جڏهن باهه سڄيءَ بلڊنگ کي وڪوڙي ويئي. فائربرگيڊون سڀ موٽرون باهه وسائڻ لاءِ آيون، پر انهن پهريائين مالڪ جي رهڻ واري پاسي کان باهه وسائڻ شروع ڪئي...“
    ايتري ۾ بيرو چانهه کڻي آيو، ۽ اسين چانهه تيار ڪري، ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳاسين.
    چانهه پيئندي، علي اڪبر پڇيو، ”هائو چاچا، باهه ته لڳي، پر پوءِ؟“
    چاچو ٻڌائڻ لڳو: ”اُها باهه، باهه ته نه هئي نه! ان جا شعلا آسمان تائين ٿي ويا. هزارن جو سامان جلي رک ٿي ويو. ان رات ڄڻ دوزخ زمين تي هيٺ لهي آيو هو. رڳو مالڪ جي رهڻ واري جاءِ بچي. چوڌاري واويلا پئجي ويئي. هر ڪنهن کي پنهنجي سر سان هئي. بلڊنگ جو هرڪو رهاڪو حيران ۽ پريشان هو. مقبول مستريءَ پنهنجيءَ زال ۽ پٽ کي بچائڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ڪيا. هن جي زال ۽ پٽ جڏهن ٻاهر ڪڍي آندا ويا، ته اُهي هن جي سامهون ئي لڇي لڇي مري ويا. عين انهيءَ وقت، انهن لاشن جي ڀرسان اُها ساڳي سندس زال واري پاليل ٻلي، خبر نه آهي ته ڪنهن وقت ۽ ڪٿان پنهنجن پلونگڙن سميت پاڻ بچائي، ’ميائو ميائو‘ ڪري، اچي مقبول جي پيرن ۾ پيئي. مقبول مستريءَ ٻليءَ کي ڏسي وٺي هانءُ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون، ۽ هيڏانهن- هوڏانهن چرين وانگر ڊوڙون پائيندي چوڻ لڳو، ٻلي ٻچا کڻي آئي، ٻلي ٻچا کڻي آئي!“ ۽ اُتي ئي مورڇل ٿي ڪري پيو. اُنهيءَ حادثي کي اڄ پندرهن سال ٿي چڪا آهن. ان ڏينهن کان وٺي، مقبول مستري هر روز شام جو باهه لڳڻ واري وقت، هتي ۽ هن ئي رستي تي، ساڳيءَ مهل، سيارو هجي توڙي اونهارو، لڇندو، رڙيون ڪندو ۽ ڊوڙندو وتندو آهي!“


    ڦلٽو صاحب

    ڦلٽو صاحب

    هن سان منهنجي ملاقات ۽ واقفيت هڪ دوست ڪرائي هئي. ۽ جڏهن مون هن کان سندس نالي متعلق عجب مان پڇيو ته ”واقعي، توهان جو نالو ڦلٽو صاحب آهي،“ تڏهن هن فخر سان جواب ڏنو هو، ”هائو، ڦلٽو صاحب منهنجوئي نالو آهي، پر نالن ۾ رکيو ڇا آهي؟ سڃاڻپ جي اها نشاني آهي ۽ بس. اها کڻي ڪهڙي به هجي. وڏن، سهڻن، ۽ تمام ڊگهن نالن سان جن کي توهين واقعي سٺا سمجهندا آهيو، تن ۾ دراصل ڪهڙي حڪمت ۽ ڪهڙو ڪرشمو آهي؟ اصل نالو آهي ماڻهوءَ جا پنهنجا عملي ڪم، جيڪي هو زندگيءَ ۾ ڪري. اسان جا نالا ته اسان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته نالي، نالي ۾ سچ پچ ته ڪجهه به ڪونهي. ماڻهو هرون ڀرون خسيس ڳالهين ۾ اُلجهي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪن. اڄوڪا انسان ڪيڏا نه رسمن ۽ ريتن جا غلام ٿي پيا آهن.“
    محترم ڦلٽو صاحب جي مٿين تڪڙي گفتگو اهڙي هئي، جنهن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو هو. ”معاف ڪجو“ چئي اٿيو، ۽ ويو هليو. هن جا وار اڻڀا ۽ ڪپڙا ميرا هئا ڄڻ ته ٻن مهينن کان وهنتو ئي ڪونه هو. ڦلٽو صاحب ڇا ڪندو هو؟ ڪهڙو ڌنڌو هوس، تنهن جي ته مون کي خبر ڪانه هئي. مگر ايترو سو چئبو ته هو بنهه غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، ۽ ڳالهائڻ جي بلا هو.
    هڪڙي ڏينهن دوست ٻڌايم ته ”ڦلٽو صاحب هتي آيو آهي، توهان سان هن جي ملاقات ٿي يا نه؟“ جڏهن مون هن کي جواب ڏنو ته ’نه‘، تڏهن هن دوست چيو هو ته ”اِهو کوڙوئي نٿو لڳي، ڦلٽو صاحب جتي به ويندو آهي ته هر انهيءَ ماڻهوءَ سان ملندو آهي، جنهن سان هن جي هڪ ئي ڀيرو ڪٿي ڪا ملاقات ٿي هجي.“
    ”ڀلا ڪهڙا حال هئس، تو سان ته مليو هوندو؟“ دوست جواب ڏنو.
    ”چڱن حالن ۾ هئس، تو سان ته مليو هوندو؟“ دوست جواب ڏنو.
    ”چڱن حالن ۾ هو، پري کان سڏ ڪيائين، ڏاڍيءَ سڪ سان ڳالهايائين رستي تي پورو ڪلاڪ کن ليڪچر ڏيندو رهيو.“
    ”ڀلا ڇاتي ڳالهائيندو رهيو؟“
    ”هن جي ڳالهائڻ جو موضوع هڪڙو هجي ته ٻڌايانوَ، الائجي ڪٿان جو ڪٿان پئي آيو ۽ ڪيڏانهن پئي ويو، ڳالهائڻ جو ڳڻڪو آهي، آءٌ جي اهو ويهي ورجايان،سو سچ پچ ته سڀئي مون کي ياد به نه آهي، پر پوءِ به مون کي ٻه ٽي ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا.“
    ”مار! ائين آهي؛ ڀلا ڪپڙا لٽا ڪيئن هئس.“ مون پنهنجي دوست کان پڇيو.
    ”بس، اها ڳالهه نه پڇو، ٿوري ۾ ائين کڻي سمجهو ته اِستري ڦِريل نه پر اُڦرڪيل هئس.“
    هڪڙي ڏينهن، هو ٺيڪ ٻن پهرن جو اچي مون وٽ پرگهٽ ٿيو، ۽ ويهندي شرط ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويو. چوڻ لڳو ته ”مون کي نوڪري ملي وئي آهي.“ ”تڏهن هيترا ڏينهن ائين پئي هلئين ڇا؟“ ”ائين هلڻ گهمڻ ڦرڻ به ڪو چرچو آهي ڇا......“ مون وچ ۾ پڇيومانس ته ”ڪهڙي نوڪري ملي اٿيئي؟“ هن منهنجي سوال ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو. مٿي کي کنهي چيائين: ”دوست، منهنجي دماغ ۾ هڪ تجويز آهي. آئنسٽائين مرڻ کان اڳ هڪ وصيت ڪئي هئي ته منهنجو دماغ ڊاڪٽرن ۽ طبي ماهرن کي ڏنو وڃي ته ڀلي اُهي تحقيقات ڪن ۽ ڏسن ته ان ۾ ڪهڙي غيرمعمولي مڻيا آهي. آئنسٽائين دنيا کي ڇا ڏنو؟ اضافيت جو نظريو! ڇا ٿي پيو؟ منهنجي دماغ ۾ هڪ تجويز آهي. آءٌ سوچيان پيو ته ڇو نه...... توکي خبر آهي سياڻي سقراط جي- يوناني فيلسوف هو. دنيا الائجي کيس ڇا پئي سمجهي. منهنجي ڀيٽ ۾.....ٺهيو، انهيءَ مان ڇا ورندو..... تون مشڪين ڇو پيو.“ هن مون ڏانهن عجب وچان نهاريندي چيو. ۽ وري شروع ٿي ويو.
    ”سقراط چيو هو ته آءٌ عقل بيوقوفن کان سکيو آهيان. اسان جي ملڪ جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو حل هيءُ آهي ته بلڪل آسان طريقو به اهو آهي ته اسان جي هرهڪ فرد کي بيوقوفيءَ جو سبق شروعات کان وٺي، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ نه پر يونيورسٽيءَ تائين، پڙهايو ۽ لکرايو ياد ڪرايو وڃي. منهنجو مقصد آهي ته جڏهن اهو علم زور شور سان سيکاريو ويندو ته اسان جا سڀئي ماڻهو ماهر، سياڻا ۽ عقل وارا ٿي ويندا. پوءِ اسان جا سماجي، معاشي، سياسي ۽ ٻيا سڀيئي مسئلا حل ٿي ويندا.“
    آءٌ هن جي گفتگوءَ جي انداز ۽ هن جي تجويز تي پوريءَ ريت ويچاري به نه سگهيو هوس، ته هو اٿي کڙو ٿيو ۽ ويندي ويندي چوڻ لڳو، ”يار هتي ڪهڙو بهترين حجام آهي؟ سنوارت ٺهرائڻي اٿم!“
    ٻئي ڀيري ملاقات ٿي ته هو بلڪل فل سوٽ ۾ هو. رسمي عليڪ سليڪ کان پوءِ، ٻانهن ۾ ٻڌو واچ ڏانهن نهاري چيائين، ”جلدي ڪر، اٿ ته فلم ڏسڻ هلون. گئلريءَ جون ٻه ٽڪيٽون اٿم، جايون رزورڊ آهن، تو سان گڏ مزوئي ٻيو ٿيندو.“
    جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته هو ڪجهه وٽ کائي رهيو هو. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ ڏانهس نهاريندي کانئس پڇي ويٺس: ”محترم ڦلٽو صاحب، ڇا ٿي ويو اٿوَ؟“
    ”ڪجهه ڪونهي، ڪجهه ڪونهي! او ٽانگي وارا، اي، اي، رڪشا! بيهه، بيهه، هل هل، جلدي، واچ، واءُ ۽ مينهن، شاهڪار سئنيما هائوس!“ خير، پُڳاسين، اندر وڃي ويٺاسين. فلم شروع ٿي ته چوڻ لڳو، ”ڳالهه ٻڌ، توسان بنهه ضروري ڳالهه ڪرڻي اٿم.“
    ”فلم پوري ٿئي ته يڪي ويهي رهاڻ ڪنداسين،“ آءٌ بي خياليءَ کان سئنيما جي پردي کي ڏسندي چئي ويٺس.“
    ”هتي ڏاڍي گرمي ٿي ٿئي.“
    ”مٿان ته پنگو هلي پيو پوءِ به گرمي! اها نيڪٽاءِ ڍري ڪر ۽ ڪوٽ لاهي ڇڏ.“
    هن ائين ڪيو، يعني ڪوٽ لاهي ۽ نيڪٽاءِ ڍري ڪري ڇڏيائين، ۽ بس ڪري فلم ڏسڻ شروع ڪيائين. اڃا پنج منٽ مس گذريا هوندا ته هو وري وٽ کائيندو ۽ پيٽ تي هٿ ڏيئي اٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ٻاهران ٿي ٿو اچان. هيءُ منهنجو ڪوٽ ۽ نيڪٽاءِ ڀلي منهنجي سيٽ تي پيا هجن.“ انٽرول پوري ٿي، فلم به ختم ٿي، ڦلٽو صاحب نه موٽڻو هو، سو نه موٽيو.
    ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اچي سهڙيو ۽ ڪوٽ ۽ نيڪٽاءِ بابت پڇڻ کان سواءِ شروع ٿي ويو ڳالهائڻ ۾. ”هان، هيءَ ڏس اخبار، ۽ پڙهه منهنجو تنقيدي مضمون، بس پريس مان پهرين ڪاپي کنيو پيو اچان، پڙهه ۽ مون کي داد ڏي. ڇا ٿا لکن، اديب ۽ نقاد ٿا سڏائين پاڻ کي.“ مون اڃا اخبار هٿ ۾ مس کنئي ته هن چيو، ”لکي ته ڀلي ڦلٽو صاحب، ٻيا ڇا لکندا؟ مون کي ڏي اها اخبار.“ ائين چئي، هن مون کان اخبار ڦري ورتي ۽ پنهنجي هٿن ۾ اخبار مروٽيندي چيائين، ”آءٌ توکي سڀ ڪجهه زباني ٿو ٻڌايان. بين الاقوامي نظريا پيش ڪيا اٿم، ارسطوءَ کان وٺي اِلئيٽ تائين، هوڏانهن فارسي ۽ عربيءَ جا سڀئي مثال ڏنا اٿم، ايڏو ته مواد آهي، منهنجي ذهن ۾! هي فقط اڃا ڇويهين قسط آهي، ڪوزي ۾ دريا بند ڪرڻو آهي! ڇا، توهان..... توهين..... اخبار، ته ضرور ڏسندا هوندا، ڀلا ٻڌايو اڳيون ٽيويهه قسطون ته توهان پڙهيون هونديون.“
    ”ڦلٽو صاحب، خبر ناهي ته هي ڪهڙيءَ اخبار ۾ ٿيون ڇپجن، بهرحال، ڇا به هجي، پر واقعي اوهين ڪمال ٿا ڪريو! اوهان جي قلم ۾ قيامت جو زور آهي.“
    ”بس بس، اوهان جهڙا علم دوست انسان ئي قدر ڪري سگهندا.“ هن جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيو هو. مون هن کي چتائي ڏٺو ته هن جي نئين نيڪٽاءِ واري ڳنڍ اُبتي لڳل هئي ۽ قميص جو پويون پاسو سوٽ کان ٻاهر هو. وري جان کڻي پيرن ڏانهن ڏسانس، ته سليپر جو ساڄو پادر کٻي پير ۾ هوس ته کٻو پادر سڄي پير ۾.
    ڪافي ڏينهن هفتا بلڪه مهينا گذري ويا، ته ڦلٽو صاحب وري ڪونه مليو. نيٺ هڪ ڏينهن اوچتوئي اوچتو اٺن مهينن کان پوءِ بازار ۾ آمهون سامهون گڏجي ويو. وڏو ڀاڪر پائي بازار جي پوري وچ ۾ ڪا مهل مون کي وٺي بيهي رهيو. آخر پاڻيهي زوريءَ پاڻ کي ڇڏائي پڇيومانس، ”يار ڪٿي آهين؟ هيترو وقت ٿي ويو آهي. مون کي ته وسوسا ٿي پيا هئا. وري به شڪر آهي پر تون هينئر ڪٿي؟“
    ”اتيئي تنهنجي بادشاهيءَ ۾،“ هن جواب ڏيندي چيو، ”ڀلا ٻڌاءِ، مون هيترو وقت ڇا پئي ڪيو هوندو؟“
    آءٌ سوچڻ لڳس، ڪڇان ئي ڪڇان تنهن کان اڳ ۾ هن ڦهڪائي ڪڍيو، ”توکي خبر آهي آءٌ ليڊر ٿيڻ وارو آهيان. اڄڪلهه سياست جو مطالعو ڪري رهيو آهيان. سياست کان سواءِ مڙيئي اوندهه آهي. ارسطو، هيگل، ميڪاوليءَ ۽ مارڪس کان وٺي فيبئنزم ۽ ويندي نازي ازم تائين سڀئي ڪتاب ۽ سياست جا فلسفا هڪ هڪ ڪري پڙهيا ۽ پرجهيا اٿم. واهه، ڙي هٽلر! تو جهڙو ڪو ٿيو نه ٿيندو!“ پر ڦلٽو صاحب، هٽلر.... ته.....“
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته تون ڇا چوندين.....“ هن منهنجي ڳالهه کي ڪپيندي چيو، ”پر، آءٌ ٿوروئي هن جهڙيون غلطيون ڪندس. بس چونڊون ٿيڻ ڏي! سڄو راڄ منهنجي پاسي آهي، ڏسجئين ته ڇا ٿو ٿيان. اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپبا- اخبارن ۾......“
    مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو. مسٽر ڦلٽو جو حليو ڦريل هو. مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي ۽ سٿڻ چولو گيڙوءَ واري کاڌيءَ جو، ته ماشا الله شرعي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن سان هن جو سڪل چهرو ڍڪجي، نرالي هڪ شخصيت ٿي پيو هو، هن ڀيري هن وٽ هڪ بغلي ٿيلهو به هو.
    گهڻي وقت کان پوءِ وري هن سان گڏجاڻي ٿي. ان دفعي هو جيڪڏهن مون کي سڏ نه ڪري ها ته آءٌ هوند کيس اصل ڪونه سڃاڻان ها. ڪيڏانهن ويئي ڏاڙهي ته ڪيڏانهن ويئون مڇون، هو پاڻ واريءَ مانڊڻيءَ تي ويٺو هو، پان پئي چٻاڙيائين ته ٻيڙي به پئي پيتائين. مون کي مٿي ماڙيءَ ڏي اشارو ڪري چيائين، ”ڏس، مسواڙ تي جاءِ ورتي اٿم، اڄڪلهه نئين تجربي ۾ مصروف آهيان. شهر جي وچ ۾ ههڙي جاءِ مسواڙ تي ڪو وٺي ته ڏيکاري.“
    ڏاڪڻ تان چڙهي اندر وڃي ويٺاسين ته مون ڳالهه چوري، ”مسٽر ڦلٽو صاحب! ته هاڻي يعني اڄڪلهه ڇا ٿي رهيو آهي”“
    هن يڪدم چيو، ”تخليق، تخليقي تي قبضو، يعني ڄم تي روڪ، يعني انگريزيءَ ۾ برٿ ڪنٽرول، توکي خبر نه آهي اسان جي معاشي بدحاليءَ جو ڪارڻ فقط وڌيڪ اولاد پيدا ڪرڻ آهي، ايترا ڄڻجن جو نپائي سگهجن، ولايت وارا جک پيا مارين، رڳو گوليون ۽ ٻه ٽي شيون ٺاهي سگهيا آهن. سي به ڪو سؤ سيڪڙو ٿوروئي ڪامياب آهن. بس پنهنجو اڪسير تيار ٿئي سهي، پئٽنٽ ۽ رجسٽر ٿيندو. سڄيءَ دنيا ۾ وڪامندو، آدمشماري گهٽجي ويندي ۽ ڏهن سالن جي اندر اندر دنيا جون سڀئي اسپتالون بند ٿي وينديون. پوءِ نه ڄمندا ٻار ته ڪٿان ويندا اسپتالن ۾؟ انقلاب اچي پيو دوست! منهنجو اڪيسر لازوال ۽ انسانيت جو ڇوٽڪارو ٿيندو.“
    ”پر ڦلٽو صاحب اوهان اهو آزمايو به آهي، يا فقط......“
    ”لک جي ڳالهه ڪئي اٿئي.“ هن وري خوامخواهه وٺي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ٽهڪ ڏيندي ڏيندي ٻاهر نڪري، چوڻ لڳو، ”چوٿين شادي ڪئي اٿم، پر ٻار هڪڙو به ڪونهيم، پر ترس تولاءِ، چانهه جو آرڊر ڏيڻ ٿو وڃان.“ مون چوڌاري نظر ڦيرائي ته سڄيءَ ڪوٺيءَ ۾ پير ٻوڙ مٽيءَ جي دز هئي، سموريءَ ڪوٺيءَ ۾ کانگهارا ۽ سڙيل ٻيڙين جا اَڌڙ پيا هئا، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ وري ٽي چار کول ۽ ويهه- پنجويهه ننڍا وڏا رنگ برنگي شيشا به پيا هئا.
    فرشتو

    انسان ڪيڏو نه خود غرض آهي! خودغرضيءَ انسان کي ڇا ڇا نه سيکاريو آهي؟ ڪوڙ بدوڙ، دغا، دولاب، لالچ لوڀ، مڪر ۽ فريب، رڳو انهيءَ هڪڙي عيب جي ڪري پيدا ٿيا آهن. ائين ته هرڪو انسان خود غرض آهي، ڪو ٿورو ڪو گهڻو، پر ڪي اهڙا به انسان آهن، جيڪي خود غرض نٿا ٿين. اهڙا انسان ته سچ پچ فرشتا هوندا. ڪٿي انسان، ڪٿي فرشتو؟ ٻنهي جي مناسبت، کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.
    خانو ڪو وڏو ماڻهو ڪونه هو. هن جو ڏاڏو هاري هو. هن جو پيءُ هاري هو، ۽ هو پاڻ به هاري هو. هو اڃا چئن سالن جو ئي هو ته پڻس گذاري ويو. ماءُ کيس سنڀاليو. ڇهن سالن جو مس ٿيو هو ته ماڻس کيس ڳوٺڙي جي مُلي وٽ قرآن شريف پڙهڻ ويهاريو. سال- ٻن ۾ هن قرآن شريف پڙهي پڄايو ۽ نماز پڙهڻ به سکي ويو. ماڻس سمجهدار ۽ سياڻي عورت هئي. هن خانوءَ کي چڱيءَ طرح پاليو هو. ٻهراڙيءَ ۾ رهندي، خانوءَ کي ماڻس اهڙي تربيت ڏني، جو ٻارهن سالن جي عمر ۾ ماڻس ۽ خانو گڏجي زميندار وٽ ويا، ۽ کانئس پوکڻ لاءِ ٻنيءَ ٽڪرو وٺي آيا.
    خانوءَ کي ورثي ۾ رهڻ لاءِ هڪ ڪچو گهر، هڪ جوڙو ڀلن ڏاندن جو، ۽ پنجاهي کن ٻڪريون به مليون هيون. خانو ۽ سندس ماءُ هڪٻئي جا بهترين ساٿي هئا. ٻنيءَ ٽڪري تي ٻئي گڏجي پورهيو ڪندا هئا، ۽ خوش گذاريندا هئا. نه هنن جو ڪنهن سان جهڳڙو هو ۽ نه وري هنن سان ڪنهن جي دشمني هئي. خانو باقاعدي پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو، ۽ جمعي جمعي تي ڳوٺ جي مسجد ۾ جمعي نماز با جماعت ادا ڪندو هو.
    ٿڌي گهڙي کي ته هر ڪوئي ڇانو ۾ رکندو آهي. ٽن- چئن سالن ۾، پنهنجيءَ ماءُ جي صلاح سان، خانوءَ ٻه مينهون ۽ هڪ ٻيو جوڙو ڏاندن جو پڻ خريد ڪيو. ٻڪرين وارو هڪڙو ڌڻ ڦري، هاڻي پنجن ڌڻن جيترو ٿي ويو هو. ماءُ ۽ پٽ، ڏينهن- رات پنهنجي ئي ڪم ڪار ۾ رڌل هوندا هئا: نه ڪنهن جي آئيءَ ۾، نه ڪنهن جي وئي ۾. سندن ڪو ويجهو مٽ مائٽ به ڪونه هو، ته به هر ڪنهن ڳوٺ واري جا همدرد هئا. هو هر ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪندا هئا. ۽ وري پاڻ خدا کين سڀ ڪجهه ڏنو هو، هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪين ٽنگيندا هئا.
    خانو جوان ٿي چڪو هو، پر ٻهراڙيءَ جي ٻين نوجوانن وانگر هو جوانيءَ جي ارهه زورائيءَ وارن ڪمن کان پري رهيو. حياءَ وري ايڏو هوندو هوس، جو پري کان جيڪڏهن ڪا زال ذات ڏسندو هو ته ڪنڌ جهڪائي، رستو مٽائي ويندو هو. انهن لڇڻن ڪري، ڳوٺ جا پريا مڙس خانوءَ کي ڏسي مٿانئس ٻلهار پيا ويندا هئا.
    خانوءَ جي ماءُ هونئن به وهيءَ چڙهي چڪي هئي. گهر ۾ سڀڪجهه موجود هو، ۽ اکين اڳيان جوان پٽ، سو سوچي ويچاري، وڃي سدوريءَ جو سڱ گهريائين. سدوريءَ جهڙي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري سڄي ڳوٺڙي ۾ ڪانه هئي. خانوءَ جي وڏي ڌوم ڌام سان شادي ٿي. خانوءَ جي شادي ڇا ٿي، هن جي دنيا ئي بدلجي ويئي. خانوءَ جي منهن تي هميشه هڪ مرڪ ۽ بي انتها خوشي ڇانيل هوندي هئي. هن کي شايد اهڙي بي بها شيءِ ملي هئي، جا ٻين وٽ ڪانه هئي. سدوري ۽ خانو هڪ گهڙي به جدا نه گذاريندا هئا. ۽ جي اتفاق سان سدوري ڪنهن ڪم سان اورتي پرتي رهجي ويندي هئي، ته خانوءَ جون اهي ساعتون وڏي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ گذرينديون هيون. کيس ويهڻ وهه ٿي لڳندو هو. هو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو، ۽ کيس ڪجهه به ڪونه وڻندو هو. ۽ پوءِ جيڏيءَ مهل سدوري موٽي هن جي سامهون اچي مرڪندي هئي، ته دنيا جي ساري خوشي ۽ ساري راحت، سميٽجي، هن کي آسپاس واريءَ دنيا کان پري ۽ بنهه دور ڌڪي، هڪ عجيب سرور سان نوازيندي هئي؛ ۽ هو دل ۾ هزارن شڪايتن جي باوجود، ماٺ ڪري، کيس ڏسي ڏسي، نيٺ پاڻ به مرڪي ڏيندو هو.
    هڪ دفعي، اهڙي ئي موقعي تي، هيڏانهن هڏانهن نهاري، جڏهن سدوريءَ کي پڪ ٿي ته وٽن ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ٻيو ماڻهو موجود ناهي، تڏهن هن خانوءَ کي چيو، ”خانڻ، تون ائين مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان يڪ ٽڪ ڇو ٿو نهارين؟ مون تي اعتبار ڪونه ٿو اچيئي ڇا؟“
    خانوءَ ٽهڪ ڏيندي ورندي ڏني هئي، ”چري، آءٌ ته اهو ٿو ڏسان ته خدا توکي ڪهڙيءَ مٽيءَ مان جوڙيو آهي! آءٌ ته خوشنصيب آهيان، پر ڇا ڪريان، توکي نٿو ڏسان ته الائجي ڇا ٿيو وڃيم.“
    الائجي ڇا ٿيو وڃيم!“ سدوريءَ خانوءَ جا چيل لفظ وري ورجايا، ۽ خانوءَ جي ڀرسان ويهي، چپن تي آڱر رکي، ڪنهن اونهي ويچار ۾ غرق ٿي ويئي.
    ٻنيءَ تي ٻپهري لڙي چڪي هئي. چوڌاري چپ چپاٽ هئي، ته پرتي بيٺل ٻٻريءَ مان ڳيري جو گهوگهو- گهو جو چٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. خانو ۽ سدوري، ٻئي خاموش، ڄڻ ته مراقبي ۾ محو هئا. وقت بيهي رهيو هو. نيٺ سدوريءَ سجاڳ ٿي چيو، ”خانڻ، مون سان به ساڳي ويڌن آهي. توکان جدا ٿي ٿيان ته سک ڦٽيو پويم، خبر ناهي ڇو؟...... خبر ناهي ڇو؟“ ائين چئي، سدوري خانوءَ ڏانهن سوالي نگاهن سان نهارڻ لڳي. هن جو چهرو عجيب الجهن ڪري پُرڪشش ٿيندو ويو. ڪنهن اڻڄاتل جذبي هيٺ، هن جي اکين ۾ پاڻي اٿلڻ لڳو. ڳوڙهن کي روڪيندي، هن سوز مان چيو، ”خانڻ، خدا ڪري تنهنجن هٿن ۾ ئي سرهي ٿيان!“
    ”چري، اهو وري ڇا پيئي چوين؟“ هن جلدي کڻي سندس وات تي هٿ رکيو، پاسي کان ڀؤنتريو ڀڙڪو ڏيئي اُڏاڻو ۽ آسمان جي بلندين ۾ غائب ٿي ويو.
    ٽپهري لڙي ته خانو ۽ سدوري، وڏيون وڏيون گاهه جون ڀريون کڻي، راز ۽ نياز جون اڻکٽ ڳالهيون ڪندا، پنهنجي گهر ڏانهن واپس موٽڻ لڳا.
    خانو ۽ سدوريءَ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ڪوسو واءُ ڪونه لڳو. ننڍرو ڳوٺ، ننڍڙي آڪهه، ننڍڙيون حسرتون، ٻهراڙي، ٻني ۽ مال- پنهنجيءَ ۾ ئي پورا هئا. شاديءَ کي اڃا سال به ڪونه گذريو هو ته سدوريءَ کي چنڊ جهڙو پٽڙو ڄائو. خانو ته ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. زال ۽ مڙس لاءِ ڄڻ ته عيد اچي ويئي هئي. ٻيئي ٻار تان اور گهور پيا ٿيندا هئا. ٻي ڪا زال هجي ها ته گهر ۾ کپ کوڙي ويهي رهي ها، پر سدوري ويم وارو عرصو کٽ تي گذاري اٿي کڙي ٿي ۽ روزمرهه وانگر پنهنجي ڪم کي لڳي ويئي. خانوءَ جي ماءُ لاءِ وڏي وندر ٿي پئي. سدوري ٻنيءَ تي ويندي هئي ته پٺيان پوڙهي پوٽي کي سنڀاليندي هئي.
    ڏينهن گذرندا رهيا، پر خانو ۽ سدوريءَ جي محبت ۾ فرق ڪونه آيو. ائين ٽي سال گذري ويا، ته سدوري وري اميدواري ٿي. هوءَ پڪن مهينن سان ٿي ته خانوءَ کيس ٻنيءَ تي اچڻ کان روڪيو. سدوريءَ ٻنيءَ تي وڃڻ بند ڪيو، ته خانو ٻنپهرن جو موٽي گهر ايندو هو. ماني کائيندو هو، پٽ کي کڻي ڀرسان ويهاري، سدوريءَ سان ڳالهيون ڪندو هو، ۽ وري موٽي ٻنيءَ تي هليو ويندو هو ۽ پوءِ دير سان گهر موٽندو هو.
    هڪڙي ڏينهن خانوءَ کي ڏاڍي بک لڳي. هو ڪجهه سوڀر ڀرو گهر موٽيو. گهر اچي هن جي پهرين چلهه ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ سدوريءَ کي ڳولڻ لڳو. خانوءَ جي ماءُ پريان کٽ تي ويٺي هئي ۽ ڀرسان ننڍڙو رلين سان ڍڪيو پيو هو. هن حيران ٿيندي پڇيو: ”اما، خير ته آهي؟“
    ماڻس ننڍڙي ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”گهور وڃانس تؤنس ٿي اٿس.“ خانوءَ ننڍڙي کي هٿ لائي ڏٺو. هن جو بت تنور وانگر گرم هو. ”ڪيڏيءَ مهل بخار آيو اٿس؟“ خانوءَ اتاولو ٿي پڇا ڪئي.
    ”بس، ابا، تو پٺ ڏني هئي ته پٺيان سيءُ سيءُ ڪري ڪِري پيو آهي.“
    هو مٿي تي هٿ ڏيئي، ڳڻتين ۾ پئجي ويو. وري ڪنڌ مٿي ڪري پڇيائين، ”پر، امان، سدوري ڪٿي آهي؟“
    ”ابا، سدوري پاڙي ۾ نڪتي آهي، اجهو آئي ڪي آئي. ويئي آهي ننڍڙي لاءِ........“
    ايتري ۾ سدوري ٻاهران آئي. خانوءَ کي الاجي ڪهڙي جوجڪي آئي، مڙس جو بگل ڦري ويو... نڪا ڪيائين هم نڪا تم، يڪدم چلهه وٽان ڪاٺي کڻي، ڀڻ-ڀڻ ڪندي، سدوريءَ کي هڻي ڪڍيائين ۽ چرين وانگر رڙيون ڪندي چيائين: ”ڇورو پيو هت تپ ۾ ٻڙڪي ۽ تون پئي پاڙا گهم!“
    سدوري اوچتي حملي کان پاڻ کي بچائي ڪانه سگهي. ڪاٺيءَ جو ڌڪ ڪو ايڏو سخت به ڪونه هو، پر جيئن ڪاٺي سدوريءَ کي مٿي ۾ لڳي، تئين هوءَ اتي ئي غش کائي ڪري پيئي. خانوءَ وٺي ائين هڪو ٻڪو ٿي واويلا ڪئي، جيئن ڪو اوچتو ڦُريو هجي. ڳوٺڙي ۾ جيڪي انهيءَ مهل گهرن ۾ هئا، سي ڊوڙندا آيا. ماين مان ڪن سدوريءَ جون تريون مهٽيون، ته ڪي تيل هڻڻ لڳيون، پر سدوريءَ سامت ۾ ڪانه آئي. خانوءَ جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري ويئي. اهو به هوش نه رهيس ته هاڻي هو ڪري سو ڪري ڇا.
    جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي آهي، تيئن خانوءَ جي حالت به خراب ٿيڻ لڳي. هوڏانهن ساري ڳوٺ ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. ڪنهن کي به ڳالهه تي ويساهه ئي نه اچي. هر ڪنهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. رات ٿي ته ڳوٺ جا سڀئي پريا مڙس ۽ زالون خانوءَ جي گهر آيا. سڀني گڏجي، شهر مان ڊاڪٽر گهرائڻ جو فيصلو ڪري، راتو واهه ماڻهو روانو ڪيو.
    آڌيءَ آڌيءَ رات جو خانوءَ جي ڇوڪري جو بخار ٽُٽو، سدوري اڃا بيهوش هئي. اها رات خانوءَ جي لاءِ قيامت کان گهٽ ڪانه هئي. صبح جو ڊاڪٽر آيو. تنهن سدوريءَ کي تپاسي ڏٺو. سُئي هنيائين، دوا ڏنائين، ۽ خانوءَ کي چيائين: ”وڏي دل ڪر، الله کي وڏي طاقت آهي. مائيءَ کي ڌڪ بلڪل معمولي لڳو آهي. پر خيال ڪجو، بي پرواهه نه ٿجو، ٻن جيون سان آهي.“
    ڊاڪٽر جي همدرديءَ ۽ خاطريءَ خانوءَ جي دل ۾ اميدن جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو. ڊاڪٽر موٽي ويو ته خانوءَ چار ٻڪريون ڪهائي خيرات ڪئي؛ مسجد ۾ نمازون پڙهيائين ۽ دعائون گهريائين. ٻيو ڏينهن به گذري ويو، پر سدوري اڃا بيهوش هئي. ٻي رات به خانوءَ سڄي رات نماز پڙهي ۽ خدا کي ٻاڏايو ۽ وري خير خيراتون ڪيون. پر سدوري....؟ سدوريءَ جا ڏينهن ڪي پڄي آيا هئا. هن ٽئين ڏينهن صبح جو دم ڏنو—
    خانوءَ اهو ڏسي روئڻ شروع ڪيو. هن زار زار روئي ڪجهه ساهي پٽي، ته ماڻس اچي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ ڏکاري آواز ۾ چيائين: پٽ، ڌڻيءَ جي اها مرضي هئي، هر ڪنهن کي اوڏانهن هلڻو آهي. صبر ڪر، روئندين ته ميت کي عذاب ٿيندو.“ ماءُ جي واتان انهن سادن سودن اکرن خانوءَ جي دل تي ٿڌا ڇنڊا وڌا. هن رضا تي راضي رهي، آهستي آهستي چيو، ”برابر، امان، جيڪا خدا جي مرضي.“
    ٿوري وير گذري هوندي ته ڳوٺڙي جي دائي، مائي مٺان، لنگهي اندر آئي، ۽ چوڻ لڳي، ”سدوريءَ کي ته پڪا مهينا هئا. مون کي به اجازت ڏيو ته آءٌ کيس ڏسان.“
    ايتري ۾ گهر جي ٻاهران وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ در تي ڪنهن زور زور سان سڏ ڪيو. ڏهن ميلن جي مفاصلي واري پوليس ٿاڻي جو جمعدار، پنهنجي اٽالي سميت، ڏاڍيان ڳالهائي رهيو هو. ڳوٺڙي جا چڱا مڙس گڏ ڪيا ويا. ٿرٿلو مچي ويو. نيٺ ٻن- ٽن ڪلاڪن جي ردبدل کان پوءِ، خانوءَ کي هٿڪڙيون هڻي ۽ سدوريءَ جي لاش کي ڍڳي گاڏيءَ تي رکائي، ڳوٺڙي کان ويهه ميل پري هيڊ ڪوارٽر واريءَ اسپتال ڏانهن روانا ٿيا.
    سدوريءَ جو لاش ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽر تپاسيو. خانوءَ کي ٻٽي خون جي الزام هيٺ جيل اماڻيو ويو. ڳوٺ جا چڱا ماڻهو، گهڻيءَ گهل کان پوءِ، سدوريءَ جو لاش کڻائي واپس ڳوٺ پهتا. خانوءَ جو ڀريو ڀڪليو گهر تباهه ۽ برباد ٿي ويو. خانوءَ جي ماءُ جي دل تي الاجي ڇا وهيو واپريو. هر ڪنهن ساڻس ٻه- چار ڏينهن همدردي ڪئي، پوءِ سڀڪنهن کيس وساري ڇڏيو. هوءَ پنهنجي پوٽي کي ڇاتيءَ سان لائي، روئي روئي، خدا کي ٻاڏائيندي ۽ خانوءَ جي واپس موٽي اچڻ جي آسري تي جڏي جيءَ کي جياريندي رهي.
    هوڏانهن خانو جيلخاني ۾ رهندي رهندي، هڪ نئينءَ دنيا سان واقف ٿيو- چور، ڌاڙيل، خوني، ٺڳ، بدمعاش، عادتي ڏوهاري، جيل جا آفيسر، چوڪيدار، وغيره؛ دنيا وارن ته انهن تي اهي ئي نالا رکيا هئا، پر هتي انهن جي براري ٻيءَ طرح هئي. حالتن خانوءَ کي هتي آندو هو. خانو ته هونئن به نيڪ نمازي هو، پر هتي جيل ۾ هن نفل ۽ تهجد به پڙهڻ شروع ڪري ڏنا. هتي جيل ۾ خانوءَ کي هرڪو عزت ڏيندو هو، ۽ کيس معصوم ۽ بيقصور سمجيهو ويندو هو. پر قانون جي نگاهه ۾ هو وڏو گنهگار هو. هتي ئي خانوءَ کي صلاح مشورا مليا ته هو ڪورٽ ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙو بيان ڏئي. جيئن هن کي گهٽ ۾ گهٽ سزا ملي. ظاهري طرح ته خانو هنن جون صلاحون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندو هو، پر جڏهن هو هر رات سومهڻي ۽ تهجد نماز پڙهي دعا گهرندو هو، ته پهرين سدوريءَ جو تصور ڪري، انهيءَ ڏانهن وارا سدوريءَ جا چيل اکر- ”خانڻ، خدا ڪري، تنهنجي ئي هٿن ۾ سُرهي ٿيان!“- بار بار وظيفي وانگر پڙهي، ڳوڙها وهائيندي دعا گهرندو هو: ”الله سائين، مون کي به سدوريءَ تي سُرهو ڪر! تون ڏسين پيو، توکي سڄي خبر آهي. سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم..... آءٌ خوني آهيان! تون انصاف ڪندڙ آهين، مون کي سزا ڏي..... آءٌ قاتل آهيان! مون کي مهلت ڇو ڏني اٿئي! منهنجو امتحان نه وٺ، آءٌ قبولدار آهيان، آءٌ خوني آهيان.... آءٌ خوني آهيان!“ خانو اها دعا پڙهي پوءِ معصوم ٻار جيان سمهي رهندو هو.
    خانوءَ کان جڏهن به پڇا ٿيندي هئي ته انهيءَ ڏينهن وارو سربستو واقعو ٻڌائي، پڇاڙيءَ ۾ ائين چوندو هو: ”آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو!“ نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو بچاءَ جي وڪيل اچي هن سان ملاقات ڪري ڳالهايو ۽ هن کان حال احوال ورتو ۽ پوءِ کيس وڏي تقرير ڪري هدايتون ڪرڻ لڳو: ”مون پنهنجيءَ ڄمار ۾ خون جو هڪڙو ڪيس به ڪونه هارايو آهي. تون جوان آهين. خدا جي مرضي اها هئي. ٻڌ، ڪورٽ ۾ چئجانءِ: سدوري کريل هئي، مون هن کي روڪيو ته هوءَ مڇرجي ويئي، ۽ لڳي گارگند ڪرڻ، عزت ۽ غيرت جو سوال هو، ڪني آڱر وڍي ڀلي....... بس، پوءِ تون ڇٽو آهين، اڳتي آءٌ پاڻيهي منهن ڏيندس ۽ ڪيس مٿي کڻندس.“
    اوڏيءَ مهل ته خانوءَ چيو، ”حاضر سائين، جيئن اوهين ٻڌايو ٿا، ائين ئي اکر به اکر چوندس“، پر اتي جو اتي ڪجهه ويچاري چوڻ لڳو، ”پر سائين، دل ۾ نه ڪريو ته ٿورو عرض ڪريان؟“
    ”بيشڪ“، وڪيل خوش ٿيندي چيو.
    ”سائين، خانوءَ نماڻائيءَ سان چيو، ”سدوري مرڻ کي مري ويئي، مون کي به مري جهان ڇڏڻو آهي.......... جيئري هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي، پر هاڻي مئل ۽ معصوم تي تهمتون ڪميڻن جو ڪم ۽ ذليلن جو وڙ آهي.“
    وڪيل صاحب کي مرچون لڳي ويون. هن ڪاوڙجي چيس: ”آءٌ تنهنجون اهي نصيحتون ۽ واعظ ٻڌڻ ڪونه آيو آهيان. بيوقوف، مري ويلن جي پٺيان مربو ڪونهي. پنهنجي پير تي پنهنجن هٿن سان ڪهاڙو نه هڻ. مون توکي جيڪي ٻڌايو آهي، ان تي وري ويچار ڪر. مون وٽ وڌيڪ وقت ڪونهي. مون پنهنجو فرض پاڙيو. جج صاحب به تنهنجي فائدي ۾ آهي. اڳتي تنهنجي مرضي. ”ائين چئي، وڪيل هليو ويو.
    ۽ جڏهن خانو ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ته سڄو سربستو حال ٻڌائي، آخر ۾ چيائين: ” حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“
    بچاءَ جو وڪيل، جيڪو انساني همدرديءَ وچان جوابدار جو بنهه خيرخواهه ٿي چڪو هو، سو هٿن مان ڍارو ڪرندو ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪورٽ سڳوريءَ کي عرض آهي ته جوابدار گهڻي غم ۽ ڏک ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي؛ انصاف جي تقاضا آهي ته خانوءَ کي علاج لاءِ پهرين اسپتال موڪليو وڃي.“
    جج صاحب ڪنڌ لوڏي اتفاق ظاهر ڪيو.“
    وڪيل خانوءَ سان وري پنج دفعا ملاقاتون ڪيون. ٻيا اٺ مهينا گذري ويا. خانو چرين جي اسپتال مان نڪري، وري ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جڏهن خانوءَ جو وارو آيو، ته ”زمين جنبد، نه جنبد گل محمد!“—ساڳيو بيان، ۽ ساڳي التجا. چي، ”حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ برابر خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“
    شاهدن جا بيان ۽ آڏيون پڇائون ٿيون. ڪيس جي ڪارروائي هلي پوري ٿي. جج کي فتوا ڏيڻي هئي ته هو منجهي پيو. ٻه ڄڻا مري ويا، ۽ ٽيو ڦاسيءَ لاءِ گهُر ڪري رهيو هو! هڪ طرف حقيقتون هيون، ٻئي پاسي ڏوهه جو اقرار ۽ ان جي سزا، ته ٽئين پاسي هئي، هڪ عدل ۽ انصاف ڪندڙ جي جوابداري.
    ٽن ڏينهن کان پوءِ فتوا لکجي تيار ٿي.
    انهيءَ ڏانهن عدالت ۾ تر اڇلاءِ ته پٽ نه پون. خانوءَ جي ماءُ، خانوءُ جو پٽ، خانوءَ جا ڳوٺائي، پوليس وارا، ۽ ٻيا به گهڻائي ماڻهو حاضر هئا، ته فتوا پڙهي ويئي. فتوا جي آخر ۾ هو: ”عدل ۽ انصاف کي ڌيان ۾ رکندي، خانوءَ کي ٻن خونن ڪرڻ جي الزام هيٺ جنم ٽيپ ڏني وڃي ٿي.“
    خانوءَ جي ماءُ مورڇا ٿي ڪري پئي. پر خانو، سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، هڪل ڪري چوڻ لڳو: ”حاڪم، سدوريءَ کي بيقصور ماريو اٿم. آءٌ خوني آهيان، مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!...... مون کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو!“
    وڪيل وري چيو: ”خانو چريو آهي!“
    جج صاحب فرمايو: ”خانو فرشتو آهي!“


    حسرتن جو ڦيرو

    حسرتن جو ڦيرو

    هي ان وقت جو ذڪر آهي، جڏهن آءٌ انگلينڊ ۾ برسٽل شهر جي مصوريءَ واري ڪاليج ۾ تعليم وٺي رهيو هوس. سامهون هڪ انگريز خاتون، ماڊل طور ويٺي هئي. جلد ئي موڪل ملڻ واري هئي ته ڪلاس جو بند ٿيل در کليو. هڪ اجنبي اندر لنگهي آيو. ڪو هوندو، منهنجو ڇا؟ آءٌ رنگن ڀرڻ ۾ مشغول هوس. اهو ڪاليج جو خاص ڪلاس هو. انهيءَ ڪلاس ۾ اندر اچڻ جي اجازت هر ڪنهن کي ڪانه هوندي هئي. ڪلاس ۾ ماڊل ۽ مون کان سواءِ ٽي- چار شاگرد ٻيا به هئا. هر هڪ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. اهو اجنبي، هر هڪ شاگرد وٽان ٿيندو، سڌو اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. ڇو؟ هو منهنجي ڀرسان بيهي رهيو هو؟ مون ڪوبه ڌيان نه ڏنو. هن وري ٻه- چار چڪر ڪلاس ۾ لڳايا، ۽ وري اچي منهنجي ويجهو بيٺو. آءٌ بدستور، بي نياز، پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوس. هن کان رهيو نه ٿيو. ٿورو ڪنڌ جهڪائي، تمام ويجهو ٿي، آهستي آهستي چوڻ لڳو: ”مسٽر عبدل اوهين آهيو؟“
    مون صرف ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، ۽ بدستور پنهنجي تصوير ۾ رنگ ڀريندو رهيس. هو کپ کوڙي اتي بيهي رهيو. ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو: ”مسٽر عبدل، ٻه منٽ مون کي به ڏيو ۽ ٻاهر هلو.“ هن دفعي هن جي آواز ۾ ڏاڍي نهٺائي هئي. آءٌ قدري حيران ٿيس ۽ کيس ڏسندو، ڪم ڇڏي ٻاهر نڪتس. هو بت ۾ ڀريل، ڳاڙهو ڳٽول انگريز هو. قد پورو پنو، ۽ عمر ۾ ڪرڙوڍ پئي لڳو، پر اکين ”۾ شوخي ۽ شرارت سمايل هئيس. هو بيصر ۽ بيقرار به نظر پئي آيو. مون کيس اڃا پوريءَ طرح ڏٺو به ڪونه هو ته هو يڪدم هٿ وڌائي چوڻ لڳو: ”منهنجو هٿ ڏسو، قسمت جو احوال ٻڌو. توهان جي تعريف ٻڌي اٿم. آءٌ هن ڪاليج ۾ استاد آهيان. چارلس نارمن نالو اٿم. ورڪشاپ واري حصي ۾ ڪم ڪندو آهيان. گاڊفري منهنجو دوست آهي. چارلس اهي سڀئي ڳالهيون يڪساهيءَ ٻڌائي ويو.
    گاڊفري منهنجي مصوريءَ واري ڪلاس جو نوجوان استاد هو. ٽي- چار ڏينهن مس گذريا هوندا ته گاڊفري ڪنهن ڪلاس جي شاگرد جي زور ڀرڻ تي مون کي پنهنجو هٿ ڏيکاريو هو. گاڊفري کي ٻين ڳالهين سان گڏ آخر مون چيو هو: ”سائين، توهان جهڙو حسين ۽ نوجوان، پر، محبت جي معاملي ۾ حيران آهيان ته توهان جي زال توهان کي ڇڏي ڏيندي. مون کي اوهان سان دلي همدردي آهي.“ هو نه نه ڪندو، نئينءَ ڪنوار وانگر شرمائجي ويو هو، ۽ پوءِ چپڙي ڪري ٻاهر وڃي پاڻ پنهنجي سر منهنجي لاءِ چانهه ۽ ڪيڪ- پيسٽريءَ جو ٽِري کڻي واپس موٽيو هو.
    آءٌ نڪو نجومي آهيان، ۽ نه وري منهنجو هٿ ڏسي قسمت ٻڌائڻ ۾ عقيدو آهي. ڏهاڪو کن ڏينهن مس گذريا هوندا، رسيس ۾ ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ، مس سئوزن، هڪ انگريزي رسالو کڻي، هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پسند جي رنگن جا نالا پڇيا ۽ پوءِ سڀڪنهن کي رسالي مان سندن طبيعت جو مختصر تفصيل پئي ٻڌايو. ننڍي هوندي البت ڪو هڪ- ٻه ڪتاب پڙهي پنهنجن هٿن جا ليڪا ضرور جانچيندو هوئس سو، جڏهن مس سوزن رسالي جي آڌار تي هر ڪنهن کي ڪتاب مان پڙهي پئي ٻڌايو، تڏهن مون به چرچي چرچي ۾ ڪلاس جي سڀني شاگردن جا هٿ ڏسي گشا هنيا هئا.
    گاڊفري هونئن هو ته نوجوان، پر هميشه ويڳاڻو، ويران ويران ۽ وساميل پيو نظر ايندو هو. ڪپڙا لٽا ڇا جا، ڏاڙهي به شايد هفتي- ٻن کان پوءِ ڪوڙيندو هو. انهيءَ ڪري اهو سمجهڻ آسان هو- هجي نه هجي، همراهه مڙيئي عشق جي چوٽ کاڌل آهي. اهي سڀيئي ڳالهيون منهنجي ذهن تي تري آيون. خير، چارلس نارمن سان هٿ ملايم، ۽ سندس چهري کي ڏٺم ته مون کي سر چارلس نيپئر، انگريز سپهه سالار ياد آيو. سر چارلس نيپئر، جنهن منهنجي سنڌ فتح ڪئي وئي. چارلس نارمن جا هٿ نرم ۽ نازڪ هئا. هن جون آڱريون ڊگهيون ۽ ڀريل هيون. سر چارلس نيپيئر کي ياد ڪري نفرت ٿيم، ته چارلس نارمن هڪ انگريز بهادر صاحب جي چهري کي ڏسي قياس آيم- ۽ آءٌ مشڪڻ لڳس. وري وا ڏانهن نهاري کيس چيم، ”چارلس صاحب، شام جي موڪل ۾ باقي پنج- ست منٽ آهن. بهتر ائين ٿيندو، مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ پنهنجو سامان سڙيو ڪلاس مان کڻي اچان ته پوءِ ڪا ويهي يڪي ڪچهري ڪريون.“
    ”بيشڪ، بيشڪ، مسٽر، عبدل!“ چارل تڪڙ ۾ ائين چئي، مون کان باادب پري هٽي، مون کي واپس موٽي وڃڻ جي ڄڻ اجازت ڏيئي رهيو هو.
    مون ڏٺو ته چارلس صاحب هٿ مهٽي رهيو هو. ۽ اوڏيءَ مهل ئي مون فيصلو ڪري ورتو ته هيءَ انگريز، ايڏو اُٻهرو ۽ ايترو بيچين، ضرور ڪنهن الجهن ۾ گرفتار آهي. اهو ويچاريندي، آءٌ مرڪڻ لڳس ۽ مرڪندي کيس چيم: ”چارلس صاحب، آءٌ اجهو ٿو اچان، ٿورو صبر ڪريو. صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آهي.“
    ”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي، توهين پنهنجو سامان کڻي اچو. واقعي موڪل جو وقت اچي ٿيو آهي.“
    آءٌ موٽي پنهنجي ڪلاس ۾ آيس، ۽ جلدي جلدي ٽپڙ سهيڙي، بند ڪري، ٿيلهي ۾ وجهي، چوڌاري ڪلاس ۾ نظر ڦيرائي، دروازي ڏانهن ڏٺم، منهنجي ذهن ۽ خيالن ۾ چارلس صاحب ڏانهن وڃڻ جو ارادو هو ته مس سوزن گستاخ ٿيندي چوٽ ڪئي: ”مسٽر عبدل، دي گريٽ نجومي! ذرا ڌيان سان چارلس صاحب جو هٿ ڏسجانءِ، ڏاڍو ڪنجوس اٿيئي! ڪو مڙيئي چڪر اٿس، شايد ڪنهن پکيءَ جي پٺيان آهي. في ضرور وٺجانس. اسان مفت ۾ ٿورو ئي پيا تنهنجي اشتهاربازي ڪريون.“
    ”بلي بلي! مون کي اها ڳالهه هينئر معلوم ٿي آهي. چڱو، اوهان جي ڪميشن اڄ کان ئي چالو. پر اهو اوهان کي وسارڻ نه گهرجي ته جيڪو وڌيڪ ضرور پورهيو ڪندو، تنهن کي حصو به ايترو ئي ملندو. استادن جي دوستن سان ڪي ليکا ٿيندا ڇا؟ ڦاسائي اچ ڪو موٽو گراهڪ، ته سڀڪجهه تنهنجو.“
    آءٌ دروازي ڏانهن وڌيس ته مس سوزن وري چرچو ڪندي چيو: ”مسٽر عبدل، ڏاڍو مغرور ۽ خود غرض ٿي ويو آهين، پنهنجن هم ڪلاسين کي خدا حافظ چوڻ کان سواءِ ٻاهر پيو وڃين!“
    ”ڏاڍي چالاڪ ٿيندي وڃين، مس سوزن! هن کان پوءِ ڪو ضروري ڪم ته ڪونه اٿيئي. هل، مون سان گڏ هلي چانهه جو چڪو پيءُ.“
    ”بس، ٺلهي چانهه؟ ٿوري ۾ ٿو پنهنجي جند ڇڏائين!“
    ”معاف ڪجو“، مون مسخري ڪندي هٿ ٻڌا ۽ چيم، ”حضور، چانهه جو بهانو آهي............. توهين، ۽ مون سان گڏ ٻاهر نڪرو، ته هوند آسمان مان تارا لاهي تنهنجي قدمن ۾ وڇائي ڇڏيان!“
    ”ٺهيو ٺهيو، وري چمچيبازي شروع ٿي ڪرين سمجهي، توکي برسٽل جي هوا لڳي آهي!“
    ”واه واه، تنهنجي برسٽل جي موسم- سيءُ، مينهن، اوندهه، برفباري ۽ طوفان!“
    ”ڏس، منهنجي شهر جي گلا ٿو ڪرين، شرير ڇوڪرا!..... ٽاٽا! وڃ، وڃي کيس بيوقوف بناءِ..... ته نه، اتي بيهه، توکي ڪن ۾ ڳالهه ٻڌائيندس.“
    اتي ڪلاس جي هڪ ڇوڪري ’ٽيريءَ‘ رڙ ڪئي: ”ماٺ، ماٺ، ملاقات جو وقت مقرر ٿي رهيو آهي!..... عبدل، اڃا توکي هتي ٻه مهينا به ڪين گذريا آهن ته سڀني سان سرخرو ٿيندو وڃين!“ ۽ پوءِ کلي، سوزن ڏانهن نهاري، شوخ ٿي ٽيريءَ چيو: ”مسٽر عبدل، رقيب ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر!“
    ”هائو، اها ڳالهه آهي؟ بابا مون توبهه ڪئي“ مون سوزن ڏانهن شڪي نگاهن سان ڏٺو، پر هوءَ مرڪندي مشڪندي منهنجي ويجهو آئي، ۽ وڏي راز سان، منهنجي ويجهو آئي، ۽ وڏي راز سان، منهنجي ڪن ۾ آهستي ڀڻ- ڀڻ جري وڳ. تي گٽي ويئي. هن جي ڀڻ- ڀڻ مان ”چارلس“ ۽ ”عشق“ جا اکر سي سمجهيم، ٻيو مڙوئي خير، پوري ڳالهه ڪين پروڙيم. پر ”ٻوڙو کلي ٻه دفعا“، سو هيڪر کلي ٻاهر نڪتس، ۽ نڪرندي نڪرندي ٽيريءَ سان مخاطب ٿيس:
    ”دوست، بدگمان نه ٿج، نڪي ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪر. آءٌ ته هتي مسافر آهيان، پنهنجيءَ سوزن کي سمجهاءِ ته ڇو ٿي پرديسين سان وچڙي.“
    ڪلاس جا سڀئي شاگرد کلڻ لڳا.
    ٻاهر آيس ته چارلس صاحب سوٽ ۾ هٿ وجهي پسار ڪري رهيو هو. منهنجي اچڻ جو آواز ٻڌي، مون ڏانهن وريو ۽ مون به اڳتي اچي چيو: ”چارلس صاحب، معاف ڪجو، مون کي ڪجهه دير ٿي ويئي.“
    ”فڪر ناهي. ڀلا، هاڻي منهنجو هٿ ڏس.“
    ”چارلس صاحب، ڪجهه ڌيان ڌريو، هتي ۽ بيٺي بيٺي..... هتي ته پوري روشنائي به ڪانهي. منهنجي اکين ۾ ٿورو ئي ڪي بلب لڳل آهن. هٿن جا نفيس ۽ نازڪ ليڪا ڏسڻ ۾ ايندا. بهتر آهي، ڪٿي ٿانيڪا ٿي ويهون. روشني هوندي ته توکي سربستو احوال ٻڌائي سگهندس.“
    ”ها، ها، ائين بهتر ٿيندو.“ چارلس فرمايو.
    هوڏانهن ڪاليج جو وقت پورو ٿي چڪو هو ۽ شاگرد ٽولين ۾ ٻاهر نڪري رهيا هئا.
    چارلس ۾ مون سان گڏ ائين هلڻ لڳو، جيئن ڄڻ هن انگريز بهادر جي پيرن ۾ ڪي ڏانوڻ پيل هئا. ناتمام خواهشن جو قيدي..... مون کي مٿس قياس پئي آيو. ڪاليج جي ڪئنٽين وٽان لنگهياسون. ڪئنٽين ويران پئي هئي. مون پري کان ڪئٽين جي هيڊبورچاڻيءَ کي رسمي طور چيو، ”هيلو، مس جون!“ هوءَ اڳتي وڌي آئي. سلام ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته ”ڪاليج جو وقت پورو ٿي چڪو آهي، آءٌ ڀڄڻ جي تيارين ۾ آهيان، رڳو ڪپڙا مٽائڻا اٿم.“ وري چارلس سان مخاطب ٿيندي چيائين، ”اڄ هن پاسي وري ڪيئن؟ اچڻا نه وڃڻا، رستو ڀلجي ته ڪونه ويا آهيو؟“
    ”نه نه، مس جون، مسٽر عبدل جي ملاقات لاءِ آيو هوس.“
    ”او..... مسٽر عبدل! خبر ناهي، هرڪو پيو سندس پڇا ڪري، آءٌ به سندس مريد آهيان.“
    ”مس جون، اجازت هجي ته ڪجهه عرض ڪريان.“ مون ڳالهه کي ڦيرائڻ جي ارادي سان چيو.
    ”ها ها، جلدي چئو.“ هن وراڻي ڏني.
    ”مس جون، ڇا اسان کي چانهه ملي سگهندي؟“
    ”ڪاليج جو ڊائريڪٽر اهڙي فرمائش ۽ هن وقت ڪري ها ته آءٌ کيس کُتو جواب ڏيئي ڇڏيان ها. پر، مسٽر عبدل توهان جي لاءِ... اجهو، ٻن- چئن منٽن ۾ توهان کي چانهه ملي ويندي. ويهي پيئجو، جيترو وقت وڻيو، اوترو وقت ترسو. مون کي نهايت ضروري ڪم آهي، افسوس اٿم ته هاڻي آءٌ وڌيڪ ترسي نٿي سگهان..... چوڪيدار، بابلا، هنن جي لاءِ ڪٽلي رکان ٿي، کين چانهه ڏجانءِ ۽ پوءِ جڏهن جي حضرات اُٿن ته دروازو بند ڪري ڪلف ڏيئي ڇڏجانءِ.“ ائين چئي، مس جون الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي.
    چوڪيدار جلد ئي چانهه آڻي سامهون رکي، ۽ پوءِ پاسيرو ٿي، اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي، پاڻ هليو ويو. چانهه جون چسڪيون ڀري، نيٺ مسٽر چارلس جا مون هٿ ڏسڻ شروع ڪيا. چارلس بظاهر ته مون ڏانهن ڏسي رهيو هو، پر مون محسوس ڪيو ته هن جا خيال پري پري ڪنهن اڻڄاتل فضا ۾ ڀٽڪي رهيا هئا. هو هڪڙي پير کي هيٺ مٿي ڪري لوڏي رهيو هو. مون هن جي هٿن جا ليڪا چڪاسي ڏٺا. هن جي چهري کي جانچم ته. ڪشادي پيشاني. نيريون اکيو، مِنو نڪ.... بيتابيءَ جي جذبات هن جي چهري کي ٽامي جهڙو رنگ ڏيئي ڇڏيو هو. پوءِ هڪ ماهر دست شناس وانگر، هن کي قسمت ٻڌائڻ شروع ڪيم:
    ”مسٽر چارلس، قدرت توکي ڏاڍو نوازيو آهي. هڪ فنڪار واريون سڀيئي خوبيون تو ۾ موجود آهن. تون اجاين ڪمن ۾ پئسو ڪين وڃائيندين، جو حساب رکندين. تون اٻهرو ۽ بي صبر به آهين، انهيءَ ڪري جڏهن به تڪڙ ڪندين ته نقصان ۽ ڇيهو رسندءِ. تنهنجي دل.... تنهنجي دل تمام نازڪ آهي. جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئين تنهنجي قسمت کلندي ويندي. مستقبل تنهنجو آهي. البت توکي لاڳيتي ڪوشش ڪرڻي پوندي. بهتر آهي ته پنهنجي فن کي ڪاروباري طريقي تي هلاءِ، توکي ان مان فائدو رسندو.“
    ”سؤ فيصدي صحيح، مسٽر عبدل! وئڪيشن ۾ آءٌ تصويرون ٺاهي وڪڻندو آهيان ته هميشه سٺا پئسا ملي ويندا اٿم“، هن اقرار ڪيو، ”پر ڇا ڪريان، اڪثر سستي وڪوڙي ويندي اٿم. مايوس به رهان ٿو. ۽ دل ڏاڍي حساس اٿم، ويٺي ويٺي پور پچائي پيو منصوبا ٺاهيندس ۽ ڊاهيندس. ٻچڙيوال آهيان، هاڻي ته پورت به ڪانه ٿي پوي. خرچ وڌي ويو آهي.....“
    مون کيس وچ ۾ ڪاٽيندي چيو: ”چارلس، تنهنجي بخت سان ماڻهو ريس ڪندا. تنهنجي زال وفادار آهي.“
    ”ها، ها، بلڪل سچ! مسٽر عبدل، منهنجي زال منهنجي ڏاڍي خدمت ڪندي آهي. مون تي جنسي چري آهي. ٽيهن ورهين کان ساٿي ٿي رهي آهي. مرد ڇا نٿو ڪري، پر هن ڪڏهن به مون سان کهرو ڪين ڳالهايو آهي. نوڪري ڪري، گهر جو ڪم ڪار سنڀالي، اولاد تي ساهه پساهه ڇڏي- واقعي هوءَ فرشتو آهي. زال جي سلسلي ۾ آءٌ برابر خوش آهيان. خدا ڪو کيس پنهنجن هٿن سان ويهي ٺاهيو آهي. هينئر ته ذري گهٽ پنجاهه ورهين جي هوندي، پر جڏهن ڪپڙا پائي ۽ ميڪ- اپ ڪري ٻاهر نڪرندي آهي ته هلندن کي بيهاري ڇڏيندي آهي.“
    ”ته ها، مسٽر چارلس، تنهنجي هڪڙي نياڻي مري ويئي آهي؟“
    ائين ٻڌائڻ سان چارلس جي چهري تي ڏک جا آثار ظاهر ٿيا، ۽ هن ڀريل آواز ۾ چيو: ”منهنجي نياڻي مرحومه پريءَ جو ٻچڙو هئي. جڏهن هن وفات ڪئي هئي ته منهنجي زال جنسي هوش حواس وڃائي ديواني ٿي پئي هئي. اهو دؤر مون لاءِ به قيامت کان گهٽ ڪين هو.“ چارلس جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو. ڳالهه کي بدلائڻ لاءِ چيم: ”پر، چارلس صاحب، همت، برداشت ۽ محنت جو تون پتلو آهين. دنيا نالو ئي لاهين- چاڙهين جو آهي. گهڻا بزدل انسان مصيبتن جي چڪر ۾ پيسجي ختم ٿي ويندا آهن. پر تون ته سچ سون آهين. سون کي جيترو ئي رجائبو، اوترو ئي چمڪندو. برابر تو زندگيءَ ۾ تڪليفون ڏٺيون آهن، پر تو حياتيءَ ۾ ڪڏهن هار ڪانه قبولي آهي. اڄ به جيڪو ڪم تون هٿ ۾ کڻندين، ۽ مستقل مزاج رهئيس، ته ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندي. تنهنجي دل نرم ۽ برابر آهي، پر جي هيڪر ضد تي چڙهئين ته تنهنجي دل فولاد کان به وڌيڪ سختي ٿي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو تون اڄ جيئرو آهين. تنهنجيءَ جاءِ تي ڪو ٻيو، اسان پارو هجي ها ته آپگهات ڪري ها يا ضرور پاڳل خاني ۾ هجي ها.“
    چارلس ڪنڌ ڌوڻي، ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    چانهه تي ڪڏهوڪي ختم به ٿي ويئي. ائين، آءٌ ۽ چارلس، هوريان هوريان ڳالهيون ڪندا رهياسين. ڪئنٽين، جنهن ۾ ڪاليج ۽ جهان جا مسئلا ۽ تڪرار بيان ٿيندا هئا- ڪئنٽين، جنهن ۾ ٻنپهرن جو وڏو هل هنگامو ٿيندو هو- تنهن مان ڄڻ ڪو راڪاس پير گهمائي ويو هو. بنهه چپ چاپ هئي. شام جي اوندهه وڌي چڪي هئي. چارلس ڪجهه سوچي رهيو هو، ۽ آءٌ خوش هوس ته جيڪي مون ڳالهيون ڪيون هيون، تن چارلس تي ڏاڍو اثر ڪيو هو. هن پاڻيهي ڪيتريون پنهنجيون ڳالهيون ٻڌايون هيون ته ساڳئي وقت منهنجي قابليت جو اقرار به ڪري چڪو هو. مون پنهنجيءَ واچ ۾ وقت ڏسي چيو: ”مار، شام جا ڇهه پيا لڳن!“ مون ملاقات کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان چارلس کان پڇيو، ”توکي ڪو سوال ڪرڻو هجي يا اڃا ڪجهه پڇڻو هجي ته ٻڌاءِ.“ چارلس ٻڏتر ۾ پئجي، نيٺ چيو: ”محبت جي باري ۾ ته تو ٻڌايو ئي ڪونه!“
    ”چارلس، توهين پنهنجو ساڄو هٿ مون کي ڏيکاريو. هينئر توهان جي عمر ڪيتري هوندي؟“
    ”بس، اهي پنجاهه کن سال هوندا.“ هن هٿ وڌائيندي جواب ڏنو.
    آءٌ هن جي چيچ جي هيٺان ليڪا ڏسڻ لڳس. هو وڏي غور سان مون کي گهوري رهيو هو. آءٌ وري شروع ٿي ويس: ”چارلس صاحب، تنهنجي زال ذات تي ساعت آهي. جنهن سان به تون کلي ڳالهائيندين، اها توکي ڪانه وساريندي. ڏاڍو پرهيزگار آهين. شاديءَ کان اڳ ۾ ته ميدان بنهه صاح آهي. پهريون معاملو.. شادي ٿي؛ ۽ پوءِ.... هاڻي.... هاڻي سائينجن ڪنهن جي چڪر ۾ آهن!“
    ”آءٌ.... هاڻي..... ۽ ڪنهن جي چڪر ۾!“ هن وٺي وڏو ٽهڪ ڏنو، ۽ نهايت شوخ ٿيندي، ائڪٽنگ ڪندي چيائين: ”ناممڪن! ناممڪن! منهنجو پنهنجيءَ زال سان بي پناهه پيار آهي. مون کي ٻار به آهن. ۽ تنهن کان سواءِ، هيءَ ڪا وهي آهي منهنجي عشق ڪرڻ جي؟ منهنجي زال ٻڌندي ته ڇا چوندي؟ جهيڙو ٿي پوندو...... نه ته، مسٽر عبدل، تو واري اها ڳالهه بلڪل غلط آهي!“
    آءٌ هن جي چهري کي ڏسڻ لڳس. دراصل آءٌ جائزو وٺي رهيو هوس. مون محسوس ڪيو ته همراهه جا ڪن بلڪل ڳاڙها ٿي ويا هئا. مون يقين سان کيس ٻڌايو: ”مسٽر چارلس، تون مڃين نه مڃين، قسمت جو لکيو اوس ٿيڻو آهي، ۽ ٿيندو.“
    ”قسمت؟ ۽ هن دؤر ۽ هن زماني ۾؟ انسان پنهنجي قسمت پاڻ ٺاهيندو آهي.“
    ”ائين به ممڪن آهي. پر احتياط ۽ ڪوشش لازمي آهي.“
    ڳالهيون ڪري، نيٺ انهيءَ ڏينهن هو مون کان موڪلائي هليو ويو.
    پر ڪاليج جي ڪئنٽين ۾، ٻنپهرن جي مانيءَ تي، ڪونه ڪو هٿ ڏيکارڻ لاءِ مون کي ڳولي اچي لهندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙن اميدوارن جي قطار لڳي ويندي هئي. ٻه- ٽي مهينا گذري ويا. چارلس سان وري ملاقات نه ٿي. هڪ ڏينهن، جيئن پنهنجي هڪ دوست سان ڪئنٽين ڏانهن وڃي رهيو هوس ته واٽ تي پٺيان ڪنهن وڏي واڪس سڏ ڪيو. پٺ ورائي ڏٺم ته چارلس هو. ويجهو ايندي چوڻ لڳو، ”مسٽر عبدل، ٻه منٽ!“ ۽ پاسي تي وٺي آکڻ لڳو: ”مون سان گڏجي هل، توسان صلاح مشورو ڪرڻو آهي.“
    مون پنهنجي دوست ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”ڏس، دوست گڏ اٿم. کيس مانيءَ جي دعوت ڏني اٿم. في الحال ٿورو مهلت ڏي، اجهو ٿي ماني کائي وٺان.“
    ”ته چڱو، آءٌ هتي بيهي تنهنجو انتظار ٿو ڪريان.“
    ”بس، واعدو، جلدي ٿو حاضر ٿيان.“
    مانيءَ تي دوست سان بنهه دير ٿي ويئي. چارلس صفا وسري ويو. ماني کٽي ۽ ڳالهيون ختم ٿيون، ته ٻاهر آيس. رستي تي، ولايت جي سرد موسم ۾، چارلس صاحب بيٺل ڏٺم. هو مون کي زوريءَ هوٽل تي وٺي هليو، ۽ اتي ويهندي چيائين:
    ”انهيءَ ڏينهن واري ڳالهه تنهنجي بلڪل سچي هئي! مون توسان ڪوڙ ڳالهايو هو. هوءَ ارب پتي آهي. شعر پڻ چوندي آهي. پهريون مڙس مري ويو اٿس. نهايت حسين ۽ خوبصورت آهي. منهنجي ننڊ حرام آهي. ٻڌاءِ، اهو قصو ڪيئن ٿيندو؟“
    مون چارلس جا هٿ ڏٺا. هو ويچارن وانگر مون ڏانهن نهاري رهيو هو.
    ”چارلس صاحب، هن معاملي جو نتيجو ڪجهه به ڪونه نڪرندو. اجايو پاڻي پيو ولوڙين!“
    هن جڏهن اهو ٻڌو ته ٻئي هٿ مٿي تي رکي، هيٺ جهڪايائين، ۽ مهنجو پنو ئي لهي ويس.


    هڪ رات

    هڪ رات

    انگلنڊ جو برسٽل شهر ۽ ان ۾ مس ازبيلا سان گڏ اها رات جي اها ساعت، مون کي مرڻ ويلي به ڪين وسندي. سو آءٌ جڏهن ڪئمبرج ڏانهن وڃڻ لاءِ سنبريس، ته ازبيلا جي يادگيري ازخود منهنجي ذهن تي تري آئي. هوءَ اتي ته پڙهندي آهي. ڪئمبرج ڪاليجن جو شهر آهي. هزارين شاگرد اتي تعليم پرائين ٿا. انهيءَ ڪري اوڏانهن وڃڻ ۽ گهمڻ جي پروگرام ۾ آءٌ به ٻين دوستن سان شامل ٿي ويس.
    نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو آءٌ پنهنجي رفيقن سان ڪيل فيصلي موجب ڪئمبرج پهچي ويس. ڪئم ندي، ڪئمبرج شهر جي وچ مان، پيئي وهي. نديءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي، ڪي ساوا ساوا ۽ قداور وڻ، پنهنجين جهُڪيل ۽ ڍُرڪيل لامن سان، ائين نميل ۽ نوڙيل آهن، ڄڻ اهي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪنهن کي ڏسڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن. نديءَ جي ڪنارن سان تمام وڏا، ويڪرا ۽ ڪشادا ڇٻر جا ميدان......... ڄڻ ڪنهن زمردي غاليچا وڇائي ڇڏيا آهن. پاسن کان لاڳيتو، مختلف ڪاليجن جون پُر شڪوه عمارتون، جيستائين نظر پهچي ٿي، باقاعدي صفون ٻڌيو بيٺيون آهن. ڪاليجن جي آمهون سامهون، نديءَ جي پرئين پاسي، ڳاڙهن، پيلن، نيرن ۽ رنگ برنگي گلن جا ٻارا، ميلن ۾ پکڙيا پيا آهن.......... اهڙو آهي ڪئمبرج جو شهر.
    اسان جي گهمڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو پروگرام اهڙو ته رٿيل هو، جو اسين صبح کان شام تائين نه رڳو شهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن، پر ڪئمبرج کان ٻاهر نڪري، ميلن جا ميل پري، ٻين مشهور جاين ۽ هنڌن ڏانهن پڻ نڪري ويندا هئاسون.
    هڪڙي ڏينهن، دستور مطابق، شهر کان گهڻو پري هڪ امير جو محل ڏسڻ وياسين. انهيءَ محل ۾ انگلينڊ جي مشهور راڻي ميريءَ به هڪ رات گذاري هئي. هينئر اهو محل نمائش- گهر وانگر آمدنيءَ جو ذريعو آهي. هتي اوري پري جا ماڻهو گهمڻ ايندا آهن ۽ پئسا ڏيئي، ٽڪيٽ وٺي، اندر ويندا آهن. اتي، انهيءَ محل جي ٻاهران، هڪ عبرت جهڙو واقعو پيش آيو.
    اسين واري ملڻ لاءِ محل جي ٻاهران تسيل هئاسين. محل جي آسپاس نظر جي نهار تائين ڇٻر جو ميدان ۽ ڪجهه باغيچي جهڙي سٽا هئي. پري کان هڪ ماڻهوءَ کي ٽرئڪٽر هلائيندي ڏٺم. مون کي اُن وقت سُٿڻ، ۽ شيرواني ۽ ڪَراڪُلي ٽوپي پاتل هئي، هٿ ۾ اجرڪي رومال به هوم. ته ڪنهن مهل اهو ٽرئڪٽر هلائيندڙ ماڻهو، ٽرئڪٽر تان لهي اسان ڏانهن اچڻ لڳو. مزدورن جهڙا ڪپڙا، مٽيءَ ۾ ليٿڙيل جسم، لڙاٽيل وار، وڌيل ڏاڙهي. هو سڌو اچي منهنجي سامهون بيٺو. هن وڌي ويجهو اچي وراڻيو: ”السلام عليڪم، توهين سنڌي آهيو؟ آءٌ ميجر هنٽر آهيان. انگريز فوج ۾ نوڪري ڪئي اٿم. سنڌ ۾ سالن جا سال رهيس. پر پوءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي هتي موٽي آيس.“
    مون پهريون ئي دفعو هن گِٽ مِٽ واري ديس ۾ هڪ انگريز صاحب کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو. ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ تعجب وچان چيم، ”ميجر صاحب، سڃاڻڻ سان توهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.آءٌ سچ پچ سنڌي آهيان. پر توهان مون کي ڪيئن سڃاتو؟“
    ”بلڪل سَولو، بلڪل آسان، توهان جي اجرڪ واري رومال ئي مون کي ٻڌايو.“ هن مون کي مشڪندي جواب ڏنو ۽ فخر مان منهنجو ڪنڌ مٿي کڄي ويو.
    هن جون اکيون مون ۾ هيون، پر هو شايد ٻيو ڪجهه سوچي رهيو هو. هن وري مون کان پڇيو، ”توهين ڪٿان آيا آهيو؟“
    ”آءٌ حيدرآباد سنڌ کان هتي پڙهڻ آيو آهيان.“
    ”اوهه، حيدرآباد سنڌ! حيدرآباد جا منگهه، حيدرآباد جو پڪو قلعو ۽ اتي جون ٿڌڙيون راتيون مون کي ياد آهن. ڀلا قلعي ۾ هوشو شيديءَ واري قبر..... مون ٻڌو آهي ته هن عظيم جرنل جي قبر ۽ ڪَتبو گم ٿي ويا آهن“......
    آءٌ وڌيڪ حيران ٿيس ته ساڳئي وقت پنهنجيءَ اڻڄاڻائيءَ ڪري پيشيمان به ٿيس. ڳالهه کي ڦيرائڻ لاءِ مون چيو، ”ميجر صاحب، شاباس آهي، اوهان جي يادگيريءَ کي. اوهين ته بلڪل صاف سنڌي پيا ڳالهايو. پر اوهين هتي ٽرئڪٽر ڪيئن پيا هلايو؟“
    هن ٺَهه پَهه جواب ڏنو. ”ويل، مسٽر، توکي خبر هئڻ گهرجي ته آءٌ ئي هن محل جو هن وقت اڪيلو وارث آهيان. هن محل سان گڏ ميلن تائين پکڙيل جاگير جو مالڪ به آهيان. خدا جو ڏنو سڀڪي اٿم. پر واندو ماڻهو شيطان جو ڀاءُ آهي. باغباني منهنجي وندر آهي. وقت ملڻ تي هتي ئي هليو ايندو آهيان.“
    آءٌ پنهنجي ملڪ جا جاگيردار ياد ڪرڻ لڳس، ته اهو ميجر صاحب، ”خدا حافظ“ چئي، ڇڏيل ٽرئڪٽر ڏانهن واپس هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن تي يونيورسٽي ۽ مختلف ڪاليج ڏسڻ وياسين. چي: هي ڪاليج 1284ع ۾ برپا ٿيو، ته هو ڪاليج چوڏهين سن ۾ کُليو. سينٽ جان ڪاليج ۾ هتي جي ٻن برک شاعرن- بائرن ۽ ورڊسورٿ- جا فوٽا به ڏٺاسين. هتي جي رهبر ٻڌايو ته اهي عظيم شاعر هتي ئي پڙهيا هئا. هن اسان کي سندن رهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جون جايون به ڏيکاريون. هر هڪ ڪاليج جي پنهنجي تاريخ آهي. هر هڪ ادارو ميوزيم هو. قدامت پرستيءَ ۾ هن قوم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. افسوس رڳو اهو پئي ٿيو ته موڪلن هئڻ ڪري شاگردن جي گهماگهمُي ۽ رونق ڏسڻ کان محروم هئاسين. سو، ڪاليجن مان ڦرندي، جڏهن هڪڙي ڇوڪرين جي ڪاليج ۾ پهتاسين، ته مون کي ازبيلا جي يادگري آئي. مس ازبيلا سان برسٽل شهر ۾ ملاقات ۽ اها رات..... رات ته مون کي مرڻ وقت به ڪين وسرندي. يادگري ايندي ئي، رهبر کي پاسي تي ڪري، ازبيلا جي هاسٽل واري ائڊريس ڏيکاري، اوڏانهن وٺي هلڻ لاءِ عرض ڪيم. رهبر ازبيلا جي ائڊريس ڏسي معنيٰ خيز نظرن سان مون ڏي نهاريو ۽ چيائين: ”واه جو اوڏانهن هلنداسين.“ اها خوشخبري ٻڌي منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ منهنجي دماغ ۾ ازبيلا جي خيالي تصوير اڀرڻ لڳي.
    هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ ۽ وارڊن ٻڌايو: ”مس ازبيلا..... ها.... هوءَ هتي ئي رهندي آهي. پر هن وقت ته موڪلون آهن. هاسٽل ۾ هڪ به ڇوڪري موجود ڪانهي.“ منهنجي شوق ۽ ذوق جو رنگ محل تباهه ۽ برباد ٿي ويو. آءٌ بيجان پُتلي وانگر وارڊن کي تڪڻ لڳس ۽ دل ئي دل ۾ هن کي ڌڪارڻ لڳس. پر هن منهنجي بيقراريءَ کي شايد تاڙي ورتو هو. هن سنجيده ٿيندي چيو، ”محترم، مون کي اوهان سان همدردي آهي. قسمت جي ڳالهه آهي. ملاقات ۽ جدائيءَ ۾ سچ پچ ڪو فرق ڪونهي. اهي ٻئي هڪڙيءَ حقيقت جا ٻه پاسا آهن. هر موقعي تي تحمل ڌارڻ گهرجي. آءٌ تنهنجي جذبي جو قدر ٿي ڪريان. پر عملي طور آءٌ تنهنجي ڪهڙي مدد ڪريان. ڀلا هل ته توکي ازبيلا جو ڪمرو ڏيکاريان.“
    هن آڻي مون کي ازبيلا جي ڪمري ۾ ڇڏيو ۽ پاڻ ٻاهر نڪري ويئي. ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي ئي مون وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ چرين وانگر ڪمري جي هر هڪ شيءِ کي کڻي مٿس هٿ ڦيرائيندو رهيس. ڪپڙن رکڻ واري ڪٻٽ ۾ گهاگهريون، مفلر ۽ رومال وغيره ٽنگيل هئا. ميز جي خانن ۾ هار سينگار ۽ سينڌ سُرمي جو سامان سليقي سان سٿيو پيو هو. ٻئي خاني ۾ هن جا شخصي خط ۽ ويهارو کن شلنگ به پيا هئا. ميز تي ڪيترائي ادبي ڪتاب پڻ رکيل هئا. ميز جي مٿان ازبيلا جو فريم ٿيل فوٽو مون ڏي نهارڻ لڳو. هيءَ اها ساڳي ازبيلا ته هئي- ازبيلا، جيڪا سراپا سوڀيا ۽ سونهن جو اسرار هئي. ڪمري ۾ هڪ وڏن شيشن واري دري به موجود هئي. آءٌ دريءَ وٽ اچي بيٺس. ٻاهر سامهون، هيٺ باغ هو. خوشنما باغ ۾ ڪٿي ڪٿي چيريءَ جا وڻ به هئا. چيريءَ جو هر هڪ وڻ بيشمار گلابي گلن سان جهنجهيل هو. هن طلسمي ۽ رنگين دنيا، ۽ تصور جي فريب، مون کي منڊي مدهوش ڪري، ڪنهن ٻيءَ دنيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.
    ازبيلا منهنجي ڀرسان هئي. نڪو وهم، نڪو گمان..... برسٽل شهر ۾ هڪ چانهه پارٽيءَ جي موقعي تي. نه ڄاڻان ڪٿان ۽ ڪيڏيءَ مهل هوءَ اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. مون اکيون مهٽي، پاڻ کي چُهنڊڙي هڻي، هن کان پڇيو هو: ”يا الاهي! هيءُ خواب آهي يا حقيقت، مئڊم، گستاخي معاف.“ مون ڏانهن هٿ وڌايو، ۽ کيس ٻڌايو: ”آءٌ پرديسي، پورب جو رهاڪو آهيان. توهين پنهنجو تعارف ڪرايو.“
    مجلس دستور مطابق هن به پنهنجو هٿ منهنجي هٿ سان ملايو. هن جا هٿ گلاب جي پنکڙين وانگر نازڪ ۽ ريشم کان وڌيڪ نرم هئا. هن ٻڌايو: ”منهنجي ملڪ جو نالو اٽلي آهي.آءٌ مِلان شهر ۾ رهندي آهيان. ڪئمبرج ۾ پڙهندي آهيان. برسٽل گهمڻ آئي آهيان. منهنجو نالو ازبيلا آهي.“
    هن جي آواز ۾ ڪنهن ازلي ساز جو سحر آلود سوز سمايل هو. ”توکي خبر آهي، ازبيلا..... ازبيلا ته اسپين جي پريچهره شهزاديءَ جو نالو آهي. اي اسپين جي شهزادي، تو وري ٻيهر جنم ورتو آهي ڇا؟“
    هن شوخيءَ سان چيو، ”هن کان پوءِ هاڻي پاڻ شهزادي هئڻ جي دعوا ڪندين. پر اڄوڪي زماني ۾ شهزادا ۽ شهزاديون مري چڪا آهن. مون کي اهڙي نسبت پسند ڪانهي. هروڀرو ڪنهن کي پڏائڻ ڪو اخلاق آهي!“
    ”معاف ڪجو، مئڊم، مون کان غلطي ٿي. آءٌ پنهنجا چيل اکر واپس ٿو وٺان.“ ۽ پوءِ مون آهستي آهستي چيو، ”پر هي تنهنجا چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ جهڙا وار، مست ۽ معصوم اکيون، ڪشيل ڪمان وارا ڀرون، سُرخ مرجان جهڙا چپ- شهزادي ته تنهنجي در تي ٻانهي به ڪين سونهي. تون ته آسمان جي اپسرا ۽ ڪوهه قاف جي پري آهين. ڇا، تون.........“
    مون اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ ٿي چاهيو، پر هن پنهنجو هٿ وڌائي منهنجي وات تي رکيو ۽ چيائين، ”بس، بس، مون کي بيوقوف ٿو بنائين. ڏاڍو چالاڪ ٿو ڏسجين، ٻٽاڪي! منهنجو نه ته ٻين جو، جيڪي هيترا سارا پنهنجي چوڌاري ويٺا آهن، تن جو خيال ته ڪر. ٻيا ٻڌندا ته ڇا سمجهندا، ڇا چوندا؟“
    مون بلڪل هوريان هوريان چيو، ”ٻيا ٻڌندا ته ڇا سمجهندا ۽ ڇا چوندا.... چوندا ته آهي ڪو ديوانو. مستن تي ڪهڙي ميار. ازبيلا، توکي خدا پنهنجي هٿن سان پاڻ ٺاهيو آهي.“
    ”شرير ڇوڪرا،“ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”تون هر نئين ڇوڪريءَ کي ائين ئي چوندو هوندين.“
    هن جون اکيون عجيب خمار سان جهرڪڻ لڳيون. مون سهي ڪيو ته هوءَ ظاهري طور ناراض ٿي رهي آهي. چانهه پارٽيءَ ۾ سوين ماڻهو هئا، پر آءٌ ۽ ازبيلا سڀني کان بي نياز، هر ڪنهن کان بيخبر، هڪٻئي سان دلين جو حال احوال اوريندا رهياسين. محفل برخواست ٿي ويئي، هرڪو ٽڙي پکڙي ويو، پر انهيءَ رات آءٌ هڪ بجي ازبيلا کان جدا ٿيو هوس.... آءٌ الائجي ڇا ڇا ياد ڪري رهيو هوس، ته هاسٽل- وارڊن جي اچڻ جو آواز ٻڌم.
    تصورات جي طلسمي طوفان ماٺو ٿي ويو. منهنجي سامهون هيٺ، پرڀرو، هڪ مروٽيل سروٽيل پَنو پيو هو. جان کڻي کولي ڏسان، ته مٿس ڪجهه ازيبلا جا لکيل اکر نظر آيا. اهو ساڳيو پنو هتي پهچڻ وقت منهنجي ئي هٿن ۾ هو. انهيءَ تي ازبيلا جي ائڊريس هئي. پر شايد بيخوديءَ جي عالم ۾، خبر ناهي ڇو ۽ ڪيئن پني جي اها حالت ٿي. مون اهو پنو کولي سڌو ڪري، کڻي ميز تي رکيو ۽ پوءِ آءٌ اڪيلو ئي اڪيلو ازبيلا جي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.


    موکي ۽ متارا

    موکي ۽ متارا

    ”جا ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
    ڌِڱ لَٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
    ڏيهه مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.“
    (لطيف)
    وائي
    تان تون ويهه سَنبهي ساٿي، ميان پانڌي، ميان
    ڪاڪ هلبو ڪڏهين!
    لکين لڊوڻيان مَڻي، مٿي واٽ ويا ٿِي، ميان.....
    ڪاڪ هلبو ڪڏهين!
    (لطيف)
    راوي
    انسانن کي ازل کان وٺي ورثي ۾ عشق ۽ محبت کان وڌيڪ ڪا اعليٰ ۽ افضل نعمت عطا ڪانه ٿي آهي. جيڪي به هڪ واريءَ انهيءَ دولت سان نوازيا سي تاقيامت تونگر. وقت ۽ حالات تبديل ٿيندا رهن ٿا، دنيا جو ذرو ذرو ۽ هرڪا شيءِ بي بقا ۽ فاني آهي، پر عشق جي انتها ڪانهي ۽ ڀلي صديون گذري وڃن ته به انهيءَ جي ابتدا به ڄڻ هاڻي ۽ هينئر ٿي آهي. قدرت جي ڪاريگر جي هن ڪمال جي ڪهڙي اپٽار ڪجي! سندس راز ۽ رمزون جيتريون ٿيون پروڙجن اوتروئي حيرت ۽ حسرت ورايو وڃي. پنهنجا ڳجهه پاڻ ڄاڻي پاڻ سنڀالي.
    تقدير جي اڳيان تدبير بيوس ٿيو پوي. عقل جا حيلا وسيلا، بيڪار ۽ بي سود ٿيو وڃن. بي رنگ ڪهڙا رنگ رچائي ڇڏيا آهن! رچي جي ريٽو ٿيا سي ڪنهن نه جهليا ۽ ڪنهن نه پليا. اهي پنهنجي منزل ڏانهن ازخود ڇڪبا ۽ وڌندا ٿا رهن. عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا. مجاز جي ميدان ۾ وک وک تي رڪاوٽون ۽ رنڊڪون، ته به آسائتا برسر ڪندا هلندا ئي ٿا رهن. سر جو سانگو ڇا جو. بس هڪڙي تن ۾ تار، ويهڻ وهه ٿيو پوي. نا اميدي ڇا جي، هو سوز ۽ ساز ۾ سڙهندا، لڇندا وتن، پر نڪي ڪڇن نڪي پڇن. سوريءَ تي سڏ ٿئين ته هليو وڃيو سر اڏيءَ تي ڌرين. ۽ مري پوءِ ماڻين جانب جو جمال. حسين هر ڪنهن کي هرکائي. جنهن ڪجهه ڏٺو، تنهن کان سڀ ڪجهه وسريو. لاڳاپا لاهيو، نڪريو پون. دنيادار کلندا رهن، ڀلي پيا جک مارين، پر جن مشاهدو ماڻيو سي سدائين ساوا. ماڻهو انهن کي وساري ڇڏين پر تاريخ انهن کي سيني سان سانڍيندي ٿي رهي. اهائي ته دنيا جي دولت آهي ۽ اها ئي ته اسان جي امانت آهي. ڪير آهي، جو هن امانت ۾ خيانت ڪري؛ هر ڪنهن کي عقيدي سان احترام ٿو ڪرڻو پوي. عشق جا قائدا پنهنجا ته ان جا نبيرا ۽ فيصلا به پنهنجا.
    سسئي وندر، پٻ ۽ هاڙهي جي واٽ تي پير پٿون ڪري مئي؛ چنسير وڇوڙي بعد ليلا سان مليو ته دم ڏنائين؛ سهڻي درياهه ۾ لڙهي ويئي، ته مومل مينڌرو هٿ ڪري، وڃائي ۽ وري ڳولي به وڃي ڏاگهه چڙهي. اڄ نه سسئي آهي ۽ نه ليلا، نڪي سهڻي آهي نه مومل، پر جيسين اسان جي سرزمين، جيسين اسان جو وطن ۽ جيسين اسان جا انسان جيئرا آهن، تيسين سسئي، سهڻي، ليلا ۽ مومل کي ڪير وساريندو؟ اهي هستيون ته تاقيامت امر رهنديون. ۽ اُهي سندن ڳالهيون ته هميشه ڳائبيون رهبيون.
    چون ٿا ته ڪنهن سمي راجا نند، گجر قوم جو سردار، ميرپور ماٿيلي جو حاڪم هو. هن راجا پنهنجو خزانو هڪ ڪرامتي ڏند جي مدد سان درياهه جي وچ ۾ ڪٿي لڪائي ڇڏيو. هڪ حرفتيءَ کي اها خبر پئجي ويئي. راجا نندُ شيل شڪار تي ٻاهر اسهيو، ته هن پٺيان محل جي دروازي تي فقيرُ ٿي اچي ٻاڪاريو. محل جون ٻانهيون ڊوڙي آيون، خيرات ڏنائونس ته وٺي ئي نه، چي ”آءٌ“ راڻيءَ سان حال اوريندس ۽ ان کان ئي دان وٺندس.“ ۽ وري زور زور سان صدائون ڪيائين. راڻي اچي ئي اچي تنهن کان اڳ مومل وڌي اچي فقير کان پڇيو ته ”توسان ڪهڙي ماجرا آهي!“ فقير ڏند لاءِ سئن هنئي. مومل کي سجهي آيو، سو ڪرامتي ڏند ڳولي ڦولي اچي فقير جي جهوليءَ ۾ وڌائين. فقير دعائون ڪندو رمندو رهيو، ۽ راجا جو سارو خزانو ٻهاري هليو ويو.
    راجا نند شڪار تان موٽيو. ڏند ساريائين، ڳوليائين، پر هجي ته ملي! نيٺ خبر پيس، ته مومل تي ڪاوڙجي پيو، راجا جي ڪاوڙ آڏو، توڙي جو مومل سندس ڌيءَ هئي، مومل جي حيثيت خير ڪا هئي، پر مومل جي ڀيڻ سومل وچ ۾ پَئي قصي کي ٺاهيو ۽ اها ذميداري پاڻ کنئي ۽ پيءُ کي اِئين چئي ريجهائين ته اُهو خزانو اوهان مون کان لهڻو!“
    مومل ۽ سومل پوءِ سوچي ويچاري هڪ رٿ تيار ڪئي. هنن جيسلمير جي ڀرسان لڊاڻي شهر ۾ رهي، ڪاڪ تي عجيب غريب طلسمي محل اڏايو. جڏهن سڄو ٽڪساٽ تيار ٿيو، تڏهن اوري پري هوڪو ڏياريائون ته جيڪو به جوان محلات ۾ اچي مومل جي ديوان خاني واريءَ کٽي تي ويهندو، سو مومل ماڻيندو. مومل ته هونءَ به سونهن ۽ سوڀيا ڪري ملڪان ملڪ مشهور هئي، ويتر جو پڙهو ڏنو ويو تنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
    اها ڳالهه هرهنڌ پکڙجي ويئي، ڪيترائي شهزور،شهزادا ۽ سوداگر ڪاڪ ڏانهن قسمت آزمائڻ نڪتا.
    مومل ۽ سومل ڪي اڪيليون ڪين هيون. هنن سان گڏ شاهي محل جو سڄو اٽالو هو- نوڪر چاڪر، نوڪرياڻيون ۽ ٻانهيون پڻ هيون. سڀني کان سرس ته ٻانهي ناتر به هئي. ناتر نهايت چالاڪ ۽ هر فن مولا هئي، هوءَ ست پيڙهائتي ٻانهي هئي ۽ محل سراءِ جي هر ڪم ۽ ضرورت کان نه صرف واقف پر ان ۾ ڀڙ هئي. هوءَ سونهن ۾ به سرس هئي. کيس پيار توڙي ٽوڪ وچان ’تيرنهن تالي‘ به سڏيندا هئا. هن جي وصفن جو ڪهڙو وستار ڪجي. هوءَ هار سينگار ۽ روپ ٻهروپ ڀري پنهجن کي به ڀنڀلائي ويندي هئي. راڳ ۾ مجرو ته کانئس ڪو سکي! محل جي عيش عشرت جو سامان، منڌ جي بٺي چِڪائڻ، مٽ ڀرڻ، وٽيون وارڻ ۽ پيارڻ، ۽ پيش ڪرڻ جو ڍنگ ۽ طريقو هن جو اهڙو ته هو، جو جنهن هيڪر چکيو سو سدائين سوالي! انهيءَ کان سواءِ محلات جون ست رڇيون طعام ۽ انهن جي تياري، نظرداري ۽ ورڇ..... محلات جي اندروني آرائش ۽ زيب زينت سان گڏ نفاست نزاڪت، ذوق، شوق..... آداب ۽ اطوار.... شهزاديون به هن جي سنڀال ۽ نظرداريءَ هيٺ پلبيون ۽ وڏيون ٿينديون هيون. هوءَ هر ڪنهن کي موهي پنهنجو ڪري ڇڏيندي هئي. پر پاڻ ڪنهن تي موهت ڪين ٿي. کيس هڪ ڌيءَ به هئي، ڇوڪريءَ جو نالو موکي هو.
    مومل کي مجاز جون تارن ۾ تبرون،
    هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
    (شاهه)
    ڪاڪ محل، مومل جي ڪري، ۽ ناتر جي حڪمت عمليءَ سبب، بي باڪ بانڪن ۽ اڻ موٽ شهزورن جو گويا زيارت گاهه بڻجي ويو. پر ڪاڪ محل حقيقت ۾ ڪوريئڙي جي ڄار کان به چار رتيون ڪسر هو، جيڪو به ويجهو ويو، سو ڇٽو، باقي جيڪو اتفاقي بچي نڪتو سو نه دين جو رهيو نڪي دنيا جو، اهڙي ماڻهوءَ جي حالت ته وڌيڪ خراب هوندي هئي. مڇيءَ وانگر پاڻيءَ کان ٻاهر لڇي لڇي، ڦٿڪي ڦٿڪي پاڻهئي پنهنجو انت آڻي، عشق جي آزار مان آزاد ٿيندو هو. مگر تعجب آهي، جو انهيءَ هوندي به شائقن جي ڪاڪ محل تي ڪاهه هوندي هئي. پتنگن وانگر سوين حسن ۽ حرفت جي شمع تي سوخته ٿي جلي خاڪ ٿي ويا، هزارين حيرانيءَ ۾ هوش وڃائي ويٺا، لکين سڀ ڪجهه لٽائي فقير ٿي پيا، ڪروڙين ڪونڌر ڪسجي ويا. مومل هتي ئي قيامت ۽ محشر برپا ڪري ڇڏيو..... سومل پنهنجي پيءُ ڏي دولت جا انبار موڪليندي رهي ۽ جلدي شاهي خزانو دولت سان مالا مال ٿي ويو. بادشاهه ’بس‘ جو فرمان جاري ڪيو. پر ڪاڪ تي ته هڻ ۽ کڻ، اڻ کُٽ ميڙ ۽ ٻهار، وارو معاملو هو ۽ ائين......... ڪافي سال گذري ويا.
    هڪ ڏينهن همير سومرو، عمرڪوٽ جو بادشاهه، پنهنجي وزيرن جي چوياريءَ سميت شيل شڪار تي نڪتو. ڳچ ڏينهن کان پوءِ رستي تي ڪنهن بيحال مستاني کي ”مومل.... مومل“ ڪندي ٻاڪاريندو ٻڌائون.... همير سومري ۽ سندس وزيرن کي مومل جي سڻس ته اڳ ۾ ئي هئي، پر هُن مستاني جي عجيب آهه و زاري اميراڻي آر کي هرکائي، ڪاڪ محل ڏانهن روانو ڪيو.
    ڪاڪ محل تي پهچي، مانجهين ڀير تي ڏونڪو هنيو، ناتر نڪري، هنن جي مرحبا ڪئي، واري وٽيءَ تي سڀني ڪوشش ڪئي. پر مومل جي کٽ تي فقط راڻو مينڌرو ئي وڃي ويٺو. راڻي مومل ماڻي، ته همير سومري ۽ ٻين وزيرن جان جي امان پاتي. هنن جا بخت زور هئا. قدرت کي ائين منظور هو، پر قضا جو فيصلو ڪجهه ٻيو هو. راڻو مينڌرو همير سومري جو باتدبير وزير هو. پر مومل جي مامري همير سومري جي دل کي حسد ۽ ايرکا جي باهه سان ڄري ڇڏيو. هوڏانهن مومل ۽ مينڌري هڪٻئي کي پنهنجي محبت جي منڊ ۾ منڊي ڇڏيو. ’تون ۽ آءٌ‘ جو فرق مٽجي ويو. مومل مينڌرو هئي ته مينڌرو مومل هئي. عشق نه پڇي ذات. عشق جي واردات ئي نرالي آهي. جيڪي نوازجن سي هميشه حيات.....
    همير سومري بادشاهه، عمرڪوٽ وڃي مينڌري ڏانهن قاصد موڪليا، مينڌري کي حڪومت جي ذميداريءَ جو احساس ٿيو. هو مومل سان روز رات ملڻ جو واعدو ڪري عمرڪوٽ موٽي آيو ۽ پنهنجي واعدي تي پورو رهيو. همير سومري جو اندر اڃا ڪين ٺريو هو. سو کڻي راڻي کي تُرم ۾ وڌائين. مومل اوسيئڙا ڪري ٿڪجي پئي، گهڻا ئي حيلا وسيلا هلايائين، راڻي ڏانهن پيغامن تي پيغام پهچايائين. هڪ رات ناتر سومل کي راڻي جو ٻهروپ ڪرائي مومل وٽ وٺي آئي. سومل پوءِ انهيءَ رات مرداني ويس ۾ ئي، مومل سان گڏ سمهي رهي. اتفاق سان راڻو به انهيءَ رات اچي سهڙيو. پري کان ڌاريو مرد ستل سمجهي، مومل کي ڏهاڳ ڏيئي، اتي پنهنجو لڪڻ ڇڏي، عمرڪوٽ وڃي نڪتو، صبح ٿيو ته راڻي جو لڪڻ ڏسي، مومل ڊڄي ويئي. کيس معلوم ٿيو ته راڻو رات رسي ويو آهي. ڪاڪ محل ۾ ماتم پئجي ويو، روڄ ۽ راڙو شروع ٿي ويو. نيٺ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي مومل وڻجارڪو ويس ڪري، وڃي عمرڪوٽ نڪتي، ۽ اتي ماڙي اڏائي ويهي رهي. راڻي سان ڏيٺ ويٺ پيدا ڪري ورتائين، هڪ ڏينهن جيئن ٻئي چؤپڙ راند ڪري رهيا هئا، ته راڻي مومل کي سڃاڻي ورتو، پر غير نه ڪڍيائين ۽ مومل کي بي عزتو ڪري، گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيائين. مومل لاءِ هاڻ جيئڻ جنجال هو، سو ڪاٺين جو آڙاهه تيار ڪرائي، متل مچ ۾ ٽپو ڏنائين، اِتي راڻي کي خبر پئي ۽ خبر پونديئي اچي ساڳئي مچ ۾ پتنگ وانگر ڪريو. آڙاهه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. مينڌري ۽ مومل جا جسم جلي رک ٿي ويا، پر هنن جا روح... روح.... هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي ويا.
    ”جا ڀُون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين؛
    ڌِڱ لٽيبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون؛
    ڏيهه مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.“
    ”ڪُل نفس زائقته الموت...... لاشڪ دنيا درگذر جو مڪان آهي.... پر زندگيءَ کي قرار ڪٿي آهي. خزان کان پوءِ بهار جو وارو آهي. بهار ايندي ئي رنگ لڳيو وڃن. بر به بازاريون ٿيو پون. جيئرن جو ميڙو ته هميشه متل هوندو آهي. جيڏانهن نظر ڦيرايو، تماشائين جو هل هنگامو ۽ ڪلهي گس لڳي پئي آهي. هرڪو پنهنجيءَ هڻ وٺ ۾ قابو آهي: هتي هرهڪ مصروف آهي. هتي هرڪو بيقرار آهي.... بي چين آهي. هن طلسماتي دنيا جو ذرو ذرو جادونگري آهي. جادونگري به اهڙي جو رڳو پنڊپهڻ پيا آهن. پر هن ڪلجڳ ۾.... ”اڃا ڀي آهن ڪي ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.“ سياڻا ۽ داناءُ انسان..... تماشائي نه.... پر مشاهدو ماڻي.... ٻين سان ونڊ ورڇ ڪندا آهن. پر عشق ۽ عقل جو جهيڙو ڪير نبيري؟ بي انت قدرت جو ڦورو ڪير ڦولهي؟ عقل، دانائي، سمجهه ۽ سياڻپ.... انديشا ۽ دليل.... ٺاهي.... ۽ ڊاهي.... انسان عاجز ٿيو پوي. پر جن همٿ نه هاري..... ۽ ڪٿي، آس سان دل کي آباد رکيو، انهن لاءِ ”مون سان مون پرين؛ ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا“ واري ڪار به ٿئي ٿي. اهي وڃيو ماڳ ماڻين ۽ منزل تي رسن.
    رنگ محلن ۾ رهڻ واريءَ ناتر کي ٽي ڌيئرو هيون، موکي، سونگل ۽ سڦوران. موکي سڀني کان وڏي هئي. هن جي سونهن ۽ سوڀيا جو ڪهڙو وستار ڪجي. بس وڄ جو ٽڪرو هئي. جواني آيس ته قيامت جو قهر ٿي پيئي. اٿندي ويهندي، کلندي ڳالهائيندي، ڪلور ٿي ويندا هئا. هن جي اکين جي گهور جو پور.... شل نه ڪنهن ڏانهن آر ڪري.... شڪاري خود شڪار ٿي، نيم بسمل وانگر لڇي لڇي.... پساهه پورا ڪندو هو. هن جو جسم، جسم جو انگ انگ... ڪو قدرت جي ڪاريگر پاڻ ويهي هٿن سان جوڙيو هو. هوءَ سون چانديءَ، سنگ مرمر، ماڻڪ موتين، ۽ هيرن جواهرن جو مرڪب هئي، هن جو ڳالهائڻ موتئي ۽ گلاب جي ورکا....۽ ... ماکيءَ کان مٺو.... ٻڌڻ وارو جنهن هيڪر ٻڌو سو مُٺو... سدائين لاءِ سوائي. راڄ محل جي رواج موجب... موکي هر وقت نُنهن کان چوٽيءَ تائين سينگاريل پکاريل رهندي هئي. شل نه ڪٿي ڪو سڏ ٿئيس.... هوءَ وڄ وانگر وراڪا ڏيندي.... لچڪندي، ماڻا ڪندي، وڃي حاضر ٿيندي هئي، هن جو هلڻ، هن جو سراپا ته جنسي ۽ هڪ ازلي ساز هو ۽ انهيءَ ساز جو آواز..... قدم قدم تي..... ازخود نغمه سرائي شروع ٿي ويندي هئي.... هوءَ ته هوبهو سرڳ جي اپسرا هئي.
    موکي سرڳ جي اپسرا ڪيئن نه ٿئي.... راجا نند جي راڻيءَ کيس پاليو هو ته ناتر ان کي نپايو هو. ناتر محل ۾ نوڪرياڻي ڪانه هئي، هوءَ ته راجا ۽ راڻيءَ جي خاص داسي هئي. جيئن ئي هن جي ڪُک سائي ٿي، ته راجا ۽ راڻيءَ ۾ هوڏ لڳي. راڻيءَ چيو ته ناتر کي نياڻي ڄمندي، راجا چيو ته نه نه ناتر کي نينگر ٿيندو.... نيٺ اها شرط راڻي کٽي. جنهن ڏينهن، ناتر جو موک ٿيو ۽ نياڻيءَ هن دنيا ۾ اکيون پٽيون ته محل ۾ شادمانا ٿي ويا. راڻيءَ خزاني جا در کولي.... پاڻ ويهي اشرفيون ورهايون... غريب غربي لاءِ عيدون ٿي ويون. امير امرائن کي انعام اڪرام مليا. ناتر سوغاتن سان سٿجي ويئي. لاشڪ هن نياڻيءَ ڄمندي ئي پهرين پهرين راڻيءَ جي سوني پينگهي ۾ سُتي ئي لاڏ ڪيا. ناتر کي ويم ۾ ڏاڍي ڪا تڪليف ٿي هئي. اهوئي سبب هو، جو راڻيءَ نينگر جو نالو ”موکي“ رکيو. موکي ڄائي ته ناتر جو مانُ ويتر وڌي ويو. راڻي ناتر ۽ موکيءَ کي پاڻ کان پلڪ به پري ڪين ڪندي هئي. راڻيءَ موکيءَ کي شهزادين وانگر سنڀاليو ته ناتر موکيءَ کي نپائي پنهنجو پيڙهائتو هنر سيکاريو. اهوئي سبب آهي جو موکي جڏهين جوان ٿي ته ان جي حفاظت خاطر ناتر جي ننڊ حرام ٿي ويئي... آخر ته هوءَ هڪ جيجل ماءُ هئي. ناتر کان وڌيڪ اڻ تڻ ته راڻيءَ کي هئي. راڻيءَ موکيءَ لاءِ سويمبر سڏايو. سوين سورهيه ۽ شهزادا انهيءَ اهتمام تي اچي حاضر ٿيا. موکي هار کڻي مجلس ۾ آئي ته شاهي سازندن وقت جا نغما ڇيڙيا..... موکيءَ جو حسن اڄ پنهنجي انتها تي هو..... حورن ۽ پرين جو ذڪر ته رڳو تصوراتي.... رڳو ڪاغذي هوندو آهي. موکي ته جيئري جاڳندي حسن جي حقيقت هئي. محفل ۾ هوءَ بي باڪ، هار هٿن ۾ جهلي، مور وانگر ٽلندي رهي، هوءَ هر هڪ کي نهاريندي، نهاريندي، تڪيندي، ۽ توريندي رهي.... هن جنهن ڏانهن به ٿي ڏٺو، يا جنهن به هن ڏانهن ٿي نهاريو.... تنهن صورت جي تاب ۽ تجليءَ کان بي تاب ٿي ازخود ٿي ڪنڌ جهڪايو. سازندن سوز سان ساز وڄايا. پر، ڀريءَ درٻار کي ڄڻ ڪنهن ماهر ماريءَ منڊ ۾ منڊي ڇڏيو هو. چوڌاري چپ چپات هئي. سازن جا نغما فضا ۾ تحليل ٿيندا رهيا، سويمبر جو ٽيون چڪر پورو ٿيڻ تي هو.... ته هن وسيع دنيا جي ڪائنات به ڄڻ فيصلي ٻڌڻ لاءِ منتظر پنهنجي گردش روڪي بيهي رهي..... ”خبر ناهي ڪنهن جو ٿو بخت کُلي، خبر ناهي.... موکي.... ڪنهن جو ٿي انتخاب ڪري..... خبر ناهي ڪنهن جي قسمت ٿي ناز ڪري.....“ موکي ٽيو چڪر پورو ڪري. راڻيءَ جي تخت ڏانهن وڌي ويئي.... ۽ وري ڀريل درٻار ڏانهن منهن ڪري، سڀني کي سلام ڪري، جهٽ پٽ هار کڻي راڻيءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ پاڻ راجا جي پيرن تي مورڇا ٿي ڪري پيئي..... شاهي طبيب ڊوڙي آيو.... عطر عنبير ڇڻڪاريا ويا. هن هيڏيءَ ساريءَ تقريب جو نقشو ۽ صورتحال ئي تبديل ٿي ويئي. سڀني کي مايوسي وڪوڙي ويئي.... ڪنهن کي به همت ڪانه ٿي، جو کڻي چون چرا ڪري. سڀني جون نظرون شاهي طبيب ۾ هيون..... شاهي طبيب پنهنجا حيلا وسيلا هلايا ۽ جلدي فيصلو ڏنائين. ”موکي..... خطري کان ٻاهر آهي..... کيس صدمو رسيو آهي..... هوءَ سُرتِ ۾ آهي، کيس آرام جي ضرورت آهي.....“
    انهيءَ حادثي کان پوءِ راڻيءَ موکيءَ کي مومل جي ڀيڻ ڪري ڇڏيو. موکي ۽ مومل گڏ رهڻ لڳيون. پر جڏهن مومل..... ڏند وڃائي..... ڪاڪ وسائي.... وڻجاري ٿي، عمرڪوٽ پهتي. ۽ نيٺ وڃي ڏاگهه چڙهي، ته ناتر ۽ موکي..... اڪيليون رهجي ويون..... دنيا جو دستور ئي اهو آهي......“
    سومل ته ڦڪائيءَ کان ڪاڪ تان ئي ميرپور ماٿيلي ڏانهن وڃڻ جو بهانو ڪري...... الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. مومل کان پوءِ..... ناتر ۽ موکي...... سونگل ۽ سڦوران ۽ ٻيا.... ڪيڏانهن وڃن ۽ ڇا ڪن..... ڇا هو عمرڪوٽ ۾ رهي پون، يا ڪاڪ محل ڏانهن موٽن يا ميرپرو ماٿيلي وڃن..... ناتر سڀني کان وڏي هئي. ڌن دولت جي وٽس ڪمي ڪانه هئي..... هن ڪيترن ئي کي ڦريو ۽ لٽيو هو..... مومل وارو حصو به وٽس ئي رهيو هو..... عمرڪوٽ جتي مومل ۽ راڻو سڙي رک ٿي ويا هئا. اتي رهڻ هنن لاءِ دل آزاري هو، ڪاڪ ۽ ڪاڪ جي ته سرزمين مان..... جتي ڪيترا ڪونڌر ڪسجي ويا هئا، اتي.... اتي ته رت جي بوءِ پئي لامارا ڏنا.... ۽ ميرپور ماٿيلي، شاهي محل ۾ ڪهڙو نڪ کڻي بادشاهه ۽ راڻيءَ جي سامهون ٿي ٿي سگهيا.......
    ناتر ۽ موکيءَ کي اندر ۾ وويڪ جا وڍ هئا ۽ هنن جا چهرا ته ضمير جي ملامت سان داغدار هئا.... ساڳئي وقت بادشاهه.... ۽ راڻيءَ جي ڊپ ۽ خوف هنن کي ڏهڪائي ڇڏيو هو...... ناتر جهڙي شاطر ۽ طرحدار عورت..... دل من هڻي، عمرڪوٽ مان ڪوچ ڪري نامعلوم منزل ڏانهن کڻي منهن ڪيو.... هوءَ ڏينهن جو لڪندي ۽ رات جو ڇپندي وسنهه کان پري پري ويرانن ۽ برپٽن کي اورانگهيندي پنهنجي ٽنهي ڌيئرن ۽ مال متاع سميت، ڏور ڏور اوڀر طرف، ”ڪونڪر“ وٽ وڃي منزل انداز ٿي. هيءَ اها جوءِ هئي جتي هڪ پاسي ته گهاٽو ٻيلو هو ۽ ٻئي پاسي اڙانگو جبل ڳاٽ کنيو بيٺو هو. آدم ذات جو اتي نالو نيشان به ڪونه هو. سڀني کي اهو هنڌ پسند پيو، پوءِ ته مڏيون کولي ۽ خيما کوڙي اتي آباد ٿيا.
    محلن جا رهاڪو اچي پٽن تي پيا، انسان.... پر انسان کي ڇا نٿو کپي. خانه بدوش واري زندگيءَ مان هو بيزار ٿي پيا هئا. هنن مان هر هڪ هنر مند هو... ته ساڳئي وقت شاهاڻين عادتن جا هيراڪ پڻ هئا. اجهي ۽ آرام جي هر ڪنهن جاندار کي ضرورت آهي. سڀئي گڏجي اجهي ٺاهڻ کي لڳي ويا، گهرج آهر چڱو خاصو مڪان تيار ٿي ويو. مڪان جو ته نالو هو. منجهس اجهي ۽ آرام لاءِ سڀ ڪجهه موجود هو، کاڌ خوراڪ، ساز ۽ سرود، ڪلالڪي ڪوٺي، سرديءَ ۽ گرميءَ جي بچاءَ کان محفوظ ڪمرا، نرم نرم بسترا..... ته نظاري لاءِ خوش نما باغيچو.... ناتر ۽ موکيءَ جي ٽوليءَ جهنگل ۾ منگل برپا ڪري ڇڏيا. ڊاهڻ سولو آهي پر ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سو جڏهن هنن جون رواجي گهرجون ۽ خواهشون پوريون ٿيون..... گهر کي سينگارڻ ۽ پاڻ کي پکارڻ کان پوءِ هو شطرنج ۽ چؤسر راند ڪري، ڳائي وڄائي، پيٽ ڀري کائي، ۽ ڪلالڪي بٺيءَ مان مٽ ڀري، سرڪيون چاڙهي... خمار جي ۽ بي خود ٿي سمهي رهندا هئا. کين نڪي اڄ جو ارمان هو ۽ نڪي وري سڀاڻي جوانديشو هو. هنن جي هرڪا ساعت خوشين ۽ مسرتن سان همڪنار هوندي هئي. گهڻن ڏينهن جي اوکاين کان پوءِ هنن سڀني سک جو ساهه کنيو هو. موکي جيڪا اڳئي چوکي هئي، سا ته هاڻي چوکي هئي، سا ته هاڻي چوڏهينءَ جو چنڊٿي چڪي هئي.
    موکي ته محلاتن ۾ رهڻ لاءِ ڄائي هئي. پر هت آزاد فضا ۾ ٿڌيون ۽ ڪوسيون سهي، ويتر ڇڳُري ٿي پيئي هئي. شهزادين وانگر ته هن کي تربيت ملي هئي. جتي ناتر تيرنهن تالي هئي ته موکي هاڻي هزار تالي ٿي پئي هئي. هڪ دفعي جڏهين هنن جي محفل متل هئي، سڀئي سي جي سرور ۾ سرشار هئا، ته ناتر چيو ته.... موکي هن قبيلي ۾ تون ئي سڀني کان وڏي ۾ وڏي ۽ سياڻي آهين. آءٌ پنهنجي وهي کائي چڪي آهيان. مون کان پوءِ هن پنهنجي ننڍڙي قبيلي جي مُکياڻي توکي ئي ٿي چونڊيان. زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو..... زندگي ته پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي؛ تنهنڪري منهنجي اها وصيت دل سان هنڊاءِ، سڀئي ٻڌو ٿا نه! ها، هڪڙي ٻي به حسرت دل ۾ اٿم..... موکي تون پٽ راڻي نه ٿي سگهينءَ.... ڪاش هن برپٽ ۾ کٽ راڻي ٿي سگهين.... سڀني وٺي آمين ڪئي، پر موکيءَ جنهن ڪجهه چڪو سوايو چکيو هو، سا کلي کلي کيري ٿي، چوڻ لڳي ته امان اها قبيلي جي سرداري مون کي سونپين ٿي، سان ته آءٌ سنڀالي سگهنديس، پر تنهنجي اها، پٽ راڻي، ڇٽ راڻي ۽ نه نه اها کٽ راڻي.... منهنجي سونگل ۽ سڦوران کي بناءِ..... نه نه..... نه نه تون ئي کڻي پاڻ کي راڻي بناءِ.....ها ها..... هي هي.... تون ئي ته اسان جي راڻي آهين.... هن اسان جي قبيلي کي ڪنهن حاڪم جي ضرورت ناهي.... اسين پاڻ سردار آهيون.... ها ها..... آءٌ مکياڻي آهيان. آءٌ سردار آهيان..... پوءِ موکي سيٽجي وڃي سڀني کان مٿي ويٺي ۽ حڪم ڪيائن ته مجرو تيار ٿئي. راڳ ۽ رقص جي محفل پيش ڪجي! آهستي راڳ ۽ رقص جو آواز اڀري وڏو ٿي هلڪو ٿئي..... پوءَ ناچ ۽ راڳ جي محفل شروع ٿي ويئي. ناتر باقي رهيل اشرفيون خرزين ۾ کڻي آئي، ۽ موکيءَ تان گهوري گهوري، سڀني ۾ وري ورهائي.... خرزين خالي ڪئي. ناتر پاڻ ته ڪنگال ٿي ويئي.... پر قبيلي جي هر هڪ فرد کي سونو ڪري ڇڏيائين.... انهيءَ رات کان پوءِ سڄو قبيلو موکيءَ جي حڪم ۽ اشاري تي هلڻ لڳو... ۽ ناتر..... ناتر گوشي نشين ٿي ويهي رهي.
    موکيءَ جون هاڻي مصروفتيون وڌي ويون. هن پنهنجي ڪلالڪي ڪوٺيءَ کي سڌاريو سنواريو. خاص بٺيون تيار ٿيون، منڌ جا مختلف مٽ ڀرجي ويا. چڪائڻ ۽ مچائڻ جا مختلف نسخا ايجاد ٿيا. سري جا سواد ۽ ذائقا ئي ڦري ويا.... نوان ساز ۽ نوان نغما ايجاد ٿيا....بورچيخاني ۾ طرح طرح جا طعام تيار ٿيڻ لڳا...... رقص ۽ راڳ ۾ تبديلي ٿي ويئي.. گهر ۾ مڪان وارو ننڍڙو باغيچو.... بُستان ۽ گلستان تي پيو.... اناجن جا گدام گڏ ٿي ويا... موکيءَ جي مزاج.... نزاڪت ۽ نفاست... ناتر جي مڪان کي... موکيءَ جو محلات بنائي ڇڏيو... موکي هاڻي پنهنجي محل جي سردار به هئي ته ساڳئي وقت راڻيءَ جي به ڏ ٿي ڏنائي. ناتر، موکيءَ جي ماءُ، پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳي. هن پنهنجي اکين سان موکيءَ جا سڀئي روپ ۽ رنگ ڏٺا. هوءَ دل ئي دل ۾ موکيءَ کي دعائون ڪرڻ لڳي.
    موکي اصل کان ئي عجيب هئي، هوءَ اڪثر مرادنو ويس ڪري ٻيلي ڏانهن اڪيلي شرڪار ڪرڻ هلي ويندي هئي، هن جي ڪلهي تي هميشه ڪشيل ڪمان ۽ هن جي ترڪش ۾ لاتعداد تير هوندا هئا. هوءَ پاڻ سان هڪ تيز ڀالو ۽ نيزو به هن جي تڪرش ۾ لاتعداد تير هوندا هئا. هوءَ پاڻ سان هڪ تيز ڀالو ۽ نيزو به کڻندي ئي. ۽ پوءِ جڏهن موٽندي هئي هن جي گهوڙي تي هرڻ، ڦاڙهو يا ڪنهن شينهن يا چيتي جي کل يا تترن جو ڍير هن سان لٽڪيو ايندو هو. ڪنهن مهل ته هوءَ جنسي جيئرا جانور به جهلي ايندي ئي، هن طرح طرح جا طوطا به ڦاسايا... موکيءَ جي مڪان سان لاڳيتو چڙيا گهر به موجود ٿي ويو... قدرت انسان ذاتي کي ڪيڏيءَ نه ڏات سان نوازيو آهي.. جي هر ڪنهن کي آزادي هجي... جي هر ڪنهن کي وه ملي ته هيءَ دنيا هوند هتي ئي جنت بنجي پوي. موکي سچ پچ ته پنهنجي قبيلي جي جنت ۽ جنت جي خالق هئي. قبيلي جو هر ماڻهو هن سان پيار ڪندو هو ته هن کي عزت به ڏيندو هو.
    موکي هڪري ڏهاڙي دستور مطابق شڪار ڪارڻ ٻيلي ۾ گهڙي، اتي کيس هڪڙو هرڻ نظر آيو. ٻيلي ۾ اڄ اوندهه هئي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، فضا ۾ هوا جو غيرمعمولي شور هو. پر موکيءَ، جو هرڻ کي ڏٺو، ته ڪلهي تان ڪمان لاهي تير چاڙهي هرڻ جو نشانو ورتو، هوءَ به بهترين تيزانداز هئي. هن جو ڪمان لاهي تير چاڙهي هرڻ جو نڙگهٽ ۾ لڳو. نشان ڪارِي هو. هرڻ ڪرڻ تي هو ته هرڻ تي ٻين تيرن جو وسڪارو ٿي ويو، اهي تير نه موکيءَ جا ڪين هئا، هن کي باهه وٺي ويئي. هوءَ سڄي ڪاوڙ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن سمجهيو ته اڄ ٻيلي ۾ ڪو ٻيو به آهي. هڪ ٻيلي ۾ ڪاوڙ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن سمجهيو ته اڄ ٻيلي ۾ ڪو ٻيو به آهي. هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن ڪيئن ٿي سمائجي سگهيا! هن چوڌاري نهاري چڪاسيو پر کيس ڪجهه به نظر نه آيو. لاچار، بي ضبط ٿي، هن رڙ ڪئي. ”اڄ هن مهنجي ٻيلي ۾ ڪنهن پير پاتو آهي. ڪنهن شڪار ٿيل هرڻ تي هلان ڪئي آهي.... ڪير آهي اهو تستاخ، ڪير آهي... موکيءَ جو گجڪار وارو آواز ٻيلي ۾ ٻُرڻ لڳو. چوڌاري خاموشي هئي، رڳو هوا وڻن ۾ سوساٽ ڪري رهي هئي، ڄڻ ته موکيءَ جي چيڙائي رهي هئي... ڪو هن تي چٿرون ڪري رهيو هو. موکي غصي ۾ لالُ ٿي ويئي، ته هن ويجهو تمام هلڪو کڙڪو ٻڌو. موکي چيتي وانگر ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿي.... کُڙڪي واري پاسي نيزو سنڀاليندي، ڪڙڪو ڪري چيائين، ”اچئي ٿو منهنجو وار، هاڻي تون پاڻ کي بچائي نهو سگهين.“ نيزو سرڙاٽ ڪري غائب ٿي ويو... ته هڪ جوڌو جوان موکيءَ جي سامهون نمودار ٿيو، هن جا ٻيئي هٿ مٿي هئا.... هن موکيءَ کي مرد سمجهي، چيو، ”آءٌ سمون سردار آهيان.... تون ڪير آهين؟..... ڪير به هجين پر تون بيشڪ بهادر آهين... شينهن جو پٽ آهين.... پر ايڏي لاابالائي ۽ الغرضائي ڇو......!“ موکيءَ تاڻيل ڀالو هيٺ ڪري حشمت سان چيو، ”سما سردار..... هن ملاقات جي مهرباني. آءٌ به گجر قبيلي جو سرواڻ آهيان“ سمي سردار ٻانهون هيٺ ڪري کيڪار لاءِ ويجو اچي هٿ ملايو. موکيءَ سمي سردار ڏانهن نهاريو. سمي سردار جون اکيو موکيءَ سان چار ٿيون. موکي سردار جي اکين کي ڏسي دهلجي ويئي. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. بي خوديءَ وچان موکيءَ جو هٿ سردار جي هٿ ڏانهن وڌيو.... سمي سردار هٿ سان هٿ ملايو. موکيءَ جي سڌ ٻڌ نوکيءَ کان موڪلائي رخصيت ٿي ويئي... سمي سردار اک ڇنڀ ۾ هٿ جدا ڪري چيو، ”اي گجر قبيلي جا سردار.... تنهنجا هٿ ته بخمل کان به وڌيڪ نرم آهن..... انهن هٿن ۾ اهي ڀالا ۽ تير ته ڪونه ٿا سونهن!“ موکي، جنهن سالن کان، ڪنهن ڌارئي مرد جو، پاڇولو به ڪونه ڏٺو هو، سا پنهنجي سامهون خوبرو سردار کي ڏسي، اصلي اپسرا واري روپ ۾، موٽي، قدري شرمائجي ويئي، ۽ شرمائجي به ائين ويئي، جيئن شرم ٻوٽي ڪنهن شرير ڇوڪري جي هٿ لائڻ سان ڪومائجي ويندي آهي. حُسن ۽ حيا، موکيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ خبر ناهي الائي ڪيترو اضافو آندو. موکيءَ کي جواب ڏيڻ وسري ويو. ڄڻ هوءَ ٻوڙي ۽ گُنگي هئي. هن جي خاموشيءَ ۾ به ڪي هزارين حروف هئا، هوڏانهن سمون سردار به ماٺ ۾ هو، ايتري ۾ سمي سردار جا ٻيا ست يار به اچي سهڙيا، رنگ ۾ ڀنگ پئجي ويو. موکيءَ کي ويساهي ۽ وٿي ملي ويئي، هن پاڻ کي سنڀاليندي، سڀني کي سلام ڪيو ۽ پوءِ لغام ڇڪيندي لانگ ورائي، گهوڙي تي چڙهي، هُن سڀني مانجهن کي مهمانيءَ جي دعوت ڏني. سمون سردار ۽ ان جا ست يار... اٺئي ڄڻا، موکيءَ جي مڪان ته پهتا. انهيءَ رات... انهيءَ رات، موکيءَ جي مڪان جي بات ئي ڪا اور ٿي پيئي. مهمانن جو آڌر ڀاءُ قبيلي جي هر فرد ائين ڪيو، جيئن ڄڻ اهي مهمان هنن جا ڪي پير مرشد هئا، هر ڪنهن نمي ۽ نوڙي ڪورنش ڪئي. مهمان خاني ۾ عطر ۽ عنبير جون اگربتيون ٻاريون ويون. طعام ۽ قيام جو اهتمام ٿيو، ميخاني ۾ مٽن جا منهن کلي پيا، سونگل صراحين ۾ سرور اوتي، وٽيون وارڻ لڳي، اٺئي يار مئي پياڪ هئا. موکيءَ جي ميخاني جي منڌ جو ذائقو ئي ٻيو هو. سري جون سرڪيون پيتائون.... چڪا چکيائون ته ڪيف ۽ خمار سان ڪڪورجي ويا، هر هڪ جي هيٺانءَ تان حجاب جا پردا کڄي ويا، حجاب پاسيرو ٿيو ته حجتون ٿيڻ لڳيون. ڄڻ ڪي ورهين جا وڇڙيل جگري دوست مليا هجن، ڄن ڪي رٺل يار وري پرتا هجن، موکيءَ جي قبيليءَ ۽ اٺن يارن جي ٽوليءَ ۾ ڪو فرق، ويڇو يا گمن ڪين بچيو. مهمانن ۾ ٻه سمان، ٻه سومرا، ٻه چنا ۽ ٻه چَوهاڻ هئا. هو سڀئي سورهيه، هو سڀئي هوڙه هئا، جيڏانهن نڪرندا هئا ته رڻ ٻاري ڇڏيندا هئا. سمي سردار جو نالو ”تارو“ هو، انهيءَ ڪري سڄي ٽوليءَ کي ”متارا“ سڏيندا هئا. متارا جنهن پاسي منهن ڪندا هئا ته راڄ، ڳوٺ ۽ شهر سندن ڏهڪاءُ کان خالي ٿي ويندا هئا. هو اڪثر ڦرلٽ ڪندا. ڌن دولت سميٽيندا، اڇين ڪڇين هڪڙي هڌان ٿي ٻئي پاسي وڃي نڪرندا هئا..... پر اهي متارا.... موکيءَ جي مڪان ۾ گنگي گانءِ وانگر گگدام ٿيو ويٺا هئا....
    ميخاني واري محفل متل هئي ته موکيءَ، سڦوران جي ٽوليءَ کي ڳائڻ لاءِ اشارو ڪيو، ٽوليءَ جي راڳ، مجلس ۾ رونق پيدا ڪري ڇڏي. هر هڪ جهومڻ لڳو.... راڳ ڍرو ٿيو ته سونگل نچڻ شروع ڪيو.... سونگل جي ناچ، ناچ جي آواز ۽ آواز جي سرتار ته سڳئي وقت سري جي وٽين جي وارو وار..... سڀني ميخوارن کي مخمور ۽ مدهوش ڪري ڇڏيو. اهو سارو وقت موکي سمي سردار کي ڏسندي رهي. موکي سوچيندي رهي، موکيءَ جي دل موکيءَ کي ۽ موکي دل کي سمجهائيندي رهي..... هوڏانهن سمي جي حالت به ساڳئي هئي....
    ناچ ختم ٿيو... ته سمي سردار پنهنجن ٻن ساٿين سومرن کي ڪو اشارو ڪيو، سومرن مجلس مان اٿي اٺن گهوڙن جي خرجينن وارا خزانا کڻي آڻي موکيءَ جي اڳيان رکيا. سمي سردار نهايت نهٺائيءَ سان چيو، ”اي گجر قبيلي جي سردر توهان جي مهماني ته اسان قبول ڪئي.... هاڻ اسين ته رڻ پٽن جا رولاڪ آهيون. تنهنڪري جتي اوهان اسان جي هيڏي عزت افزائي ڪري اسان کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، هتي جيڪي ڪجهه هن وقت اسان وٽ موجود آهي سو نذراني طور پاڻ وٽ رکو ۽ اسان جو به مان مٿاهون ڪريو.“
    سڀني وٺي ”صدق صدق“ ۽ ”مرحبا مرحبا“ ڪئي. موکيءَ جي مڪان ۾ هرڪو ماڻهو محفل جي رنگ رلين ۾ مصروف هو، پر جيڪڏهن ڪو بي چين ۽ بيقرار هو ته هڪڙو هو سمون سردار ۽ ٻي هئي موکي. موکيءَ جي دل ڪيترائي ڀيرا ڇڪي کاڌي، هن جي دل هن کي هر هر متاري ڏانهن ڏسڻ لاءِ مجبور پئي ڪيو، هن چاهيو ٿي ته مردانو لباس ڇڏي، وڃي سردار جي قدمن ۾ پوان، ته ساڳئي وقت سندن دل دليل ڊوڙائڻ لڳي... خبر ناهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. بيوقوف ته ڪانه آهيان، عورت جو عقل ڏائيءَ کڙيءَ ۾ چئبو آهي... سمون سردار.... پنهنجي ٽولي جو مهندار ئي ته آهي.... نه نه..... هو نڪي سردار آهي ۽ نه وري ڪو مهندار... هڪ ڌاڙيل آهي. ڪٿي هڪ ڌاڙيل ۽ ڪٿي هڪ موکي.... کوڙوئي ڪين ٿو لڳي...ها ها..... هو برابر هڪ چور آهي. هن منهنجي دل چورائي..... ڀلا ..... هو ور ور ڪري مون ڏانهن ڇو ٿو نهاري.... ڇو، ڇو آءٌ پاڻ بي حيا ٿي، کيس هر هر پيئي ڏسان.... هاءِ هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي، خدا ڪري..... خدا ڪري، اڄوڪي رات اتي بيهي رهي.... سمون سردار سدائين منهنجي سامهون ائين ئي ويٺو رهي... ۽ائين ئي مون ڏانهن ڏسندو رهي. خبر ناهي..... هو ته هڪ ڇڙواڳ جوڌو جوان آهي. جيڪڏهن هو شادي شدهه آهي ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو..... آءٌ برباد ٿي ويس. آءٌ بدبخت آهيان. منهنجي ماءُ مون کي مرندي مرندي جنم ڏنو.... ماٿيلي جي محل مان نڪتيس ته ڪاڪ تي بيشمار ڪوپا ڪسجي ويا، مومل ڏاگهه چڙهي.... مينڌرو جلي رکي ٿي ويو.... سومل منهن واهه ڪري دربدر ٿي. خود منهنجي ماءُ.... منهنجي ڪري دربدر خاڪ بسر ٿي آهي. آءٌ نڀاڳي آهيان. نڀاڳ کي وري ڪي سڱ ٿيندا آهن؟
    ’راڻي جي گود ورتل شهزادي..... سونن هندورن ۾ لڏڻ واري لاڏلي.... ۽ ڌاڙيل لاءِ چري! چري؟ هو ته پاڻ کي سمون سردار ٿو سڏائي.... تون... تون ته هڪ ٻانهيءَ ۽ نوڪرياڻيءَ جي لاوارث ڌيءُ آهين. حيف آهي تنهنجي حقيقت تي. لعنت آهي تنهنجي زندگيءَ تي.... ڪوهان ڪوهه دنيا کان پري.... برپٽن ۾ مڪان ٺاهي... لئيءَ مان لٺ ڀڃي سردار ٿي آهين.... لعنت آهي تنهنجي وجود تي..... سمي هردار جي شادي ٿيل هجي ته.... هن جي شادي ٿيل هوندي ته زهر کائي مري ويندس. قربان ٿي ويندس.... عشق ۽ محبت ۾ اها قرباني تڇ آهي......‘
    آڌي رات لڙي چڪي هئي، متارن جي مهمانيءَ جو ٻيو دؤر شروع ٿيو، مزمانن کي سري ۾ سوڪ ٿيل گوشت پيش ڪيو ويو..... راڳ جي ٻي محفل شروع ٿي ويئي. مجلس ۾ هڪ ٻي جان به هئي جيڪا پريشان ۽ سرگردان هئي. اها هئي موکيءَ جي جيجل ماءُ، ناتر.... ناتر بظاهر ته شريڪ محفل هئي.... ناتر جيڪا تيرنهن تالي هئي، ناتر جيڪا شاطر هئي، اها ناتر جنهن ڪاڪ ۾ ڪِيس ڪيا... اها ناتر جنهن دنيا جون لاهيون چاڙهيون ڏٺيون هيون.... تنهن سمي سردار کي پنهنجي جگر جي ٽڪري تي پنهنجي ئي گهر ۾ ڌاڙو هڻندي ڏٺو.... ڌاڙو هڻندي ڪين ڏٺو پر ان کي چوريءَ ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيو هو. قبيلي وارا موکيءَ کي نڀاڳي ڪري سمجهندا هئا.... پر ناتر موکيءَ کي چوکي ۽ سڀاڳي ڪري ڪوٺيندي هئي. موکي نه ڄمي ها ته ناتر جو مانُ هڪ تڪي جو به نه هجي ها. ناتر جون ست پيڙهيون محلن ۾ ڇاڻيندي ٻهاريندي ختم ٿيون هيون.
    ناتر موکيءَ کي هڪڙي ڌاڙيل جي پٺيان ڪيئن ٿي لڳائي سگهي..... موکيءَ جيئن سمي سردار اڏنهن پئي نهاريو تيئن ناتر جک پئي کاڌا..... پر ڇا ڪري.... قبيلي جي رواج مطابق گهر آيل مهمان جي هوءَ ڪيئن بي عزتي ڪري، تنهن کان سواءِ هو ”متارو“ ڌاڙيل ناتر جي آنڊن ۾ هٿ وڌا هئا. ناتر بکايل اڪ جي ماکي ڪانه هئي...... ڌاڙيل ناتر جي آنڊن ۾ هٿ وڌا هئا. ناتر بکايل شينهڻ وانگر ڇتي ٿي پيئي هئي. هن جي مرضي هئي ته.... متاري کي چيري ڦاڙي ڪچو کائي وڃان. ناتر جيتوڻيڪ هن وقت پوڙهي هئي، پو موکيءَ کي، پنهنجيءَ ڌيءُ کي غلط رستي تي هلندو ڏسي، هن کي مومل ياد آئي. مومل کي ياد ڪندي ئي ناتر جا لڱ ڪانڊارجي ويا.... پر موکيءَ کي مرداني لباس ۾ ڏسي هن کي وڏو آٿت آيو. ناتر پاڻ سکي سمجهائڻ لڳي. ”موکي، موکي ته منهنجي ڌيءَ آهي. ناتر جي ڌيءُ پاڻ کي ڪيئن ٻوهي ۾ وجهندي. موکي جنهن پنهنجي ماءُ، جيڪا ناتر آهي ناتر، ناتر سان گڏجي هن بيشمار شهزورن کي شهه ڏئي مات ڪري ڇڏيو هو، سا ڪيئن ٿي پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هڻي.....! نه نه..... مون کي يقين آهي ته اهي متارا موکيءَ جي وار کان پاڻ کي بچائي ڪين سگهندا.... بيوقوف..... جتي ٺوڳي هجن، اتي لوڀي بک نه مرن.ڳوهه کي کٽي کڻندي آهي ته شڪارين جا گهر ڳوليندي آهي.... مون کي پڪ آهي هو شڪار ٿي ويندا. متارا ٿا سڏائين پاڻ کي. موکي، تو ته پهرينءَ رات ۽ پهرينءَ ئي ملاقات ۾ متارن کان سموري دولت ڦري ورتي. وڏا آيا آهن نذرانو پيش ڪرڻ! هيءَ ته اڃا پهرين ٽڪي آهي، ٻي به ڏيندو الله..... ناتر دل ئي دل ۾ اٺسٺا ڪرڻ پاڻ کي پرڀايو.... ۽ پرچايو.
    رات جو ٽيو پهر ختم ٿيڻ تي هو، محفل جو ٻيو دؤر ٿورو سرد ٿيڻ تي هو ته موکيءَ متاري ڏانهن منهن ڪري چيو، ”سمان سردار، هاڻي مجلس جو ٽيون ۽ وڌيڪ دلچسپ دؤر شروع ٿيندو.“
    ”واهه..... واهه.... موج ٿي ويئي. توهان جي ذوق ۽ شوق جي ڪهڙي ساراهه ڪجي، ههڙا بندوبست ته محلن ۾ ٿيندا آهن. سوچيان پيو.... توهان جا هي احسان ڪيئين لاهي سگهدناسين. دل ٿي چوي ته هيءَ رات ۽ هي رنگينيون سدائين رهن..... تاقيامت رهن......“ متاري جون اکيون ڪلاڪ جي سان ڪڪورجي ويون هيون. هن جون اکيون ٽانڊن وانگر چمڪي رهيون هيون.... اوچتو موکيءَ جي ڪڪڙن دس هنيا.....
    سمون سردار ٽپ ڏيئي اٿيو، سردار اٿيو ته هن جا ساٿي به سنوان ٿي اٿيا، سردار چيو، ”دوستو، مهرباني..... هاڻي موڪلاڻي ڪانهي، اسان جي اسهڻ جو وت ٿي ويو آهي. اجازت ڏيو ته جڳي رمندا رهن.“ موکيءَ چيو ”جيڪي وڃان وڃان ڪن سي رهي رهندا ڪيترو.... پر مهرباني ڪري هڪ ٻه ساعت ترسو..... جيڪر ويهو.... ته محفل جو آخري جام آڻيون.“
    ”اوهان جي هجت اسان لاءِ حڪم جي برابر آهي، پر ميڙو متل ڇڏجي......اسين هاڻي هڪ پلڪ به وڌيڪ ترسي نٿا سگهون.“ ائين چئي متارا ميدان خالي ڪري مڪان کان ٻاهر نڪتا.
    موکي اڃا به مرداني لباس ۾ هئي، موکي به خاص حلقي سان متارن کي الوداع ڪرڻ لاءِ آئي.... ڇوڻ لڳي، ”سردار ڀيرو نه ڀڃجو. موکيءَ جي مڪان کي نه وسارجو. وري ڪڏهن ديدار ٿيندا.....؟ واعدو ڪريو...... وري ڪڏهن ايندا.“
    سردار تعجب مان وراڻيو، ”سردار..... موکيءَ جو مڪان وري ڪهڙي بلا آهي.“
    ”هيءُ غريب خانو! نه نه هي ته گجر سردار جو دولت خانو آهي. ڪيئن سچ آهي نه؟ پر سردار اها موکي ڪير آهي؟“
    فضا ڀنل هئي، آسمان ستارن سان جڙيل هو، موکي متاري جي سوال جو ڪهرو جواب ڏئي. اسمان يت پوئين پهر جي اڇ وڌڻ لڳي. متارن جا گهوڙا سنجيا هڻڪارون ڪري رهيا هئا، موکيءَ متاري ڏانهن نهاري ڪنڌ جهڪائي چيو ”سردار.... موکي اسان مان ئي آهي پر... پر وري ڇا..... سردار ڇا اسان کي ايرو به پڇڻ جو حق ڪونهي.... موکي منجهندي منجهندي جواب ڏنو. سردار.... اوهان کي شايد..... اوهان کي اندازو ئي ڪونهي...... توهان جو..... نه نه معزز مهمان جو اسان تي..... ڪيڏو حق آهي.“...... واقعي.... واقعي سرڪار..... ائين چئي اٺئي پار گهوڙن تي سوار يٿا، موکيءَ وڌي وڃي متاري واري گهوڙي جي واڳ کي جهليو ۽ پڇيو..... ”اي سردار، ڀلا اوهين، وري ڪڏهين منهن ڏيکاريندا..... اي.... دوست.... اوهين ڪٿي ٿا رهو؟
    متاري لغام کي تاڻيندي ٽهڪ ڏيندي..... چيو.... ”معزز ميزبان.... ميلو ۽ ملاقات قسمت جي اختيار آهي. مصلحت انهيءَ ۾ آهي ته اوهين وڌيڪ اتاولا نه ٿيو. اسين رهون ڪٿي ٿا، هينئر ۽ هن وقت ته تنهنجي اڳيان بيٺا آهيون. اسان جي دنيا ئي نياري آهي. اسين ڪٿي به ڪونه ٿا رهون، جوڳين جي ڪا جوءِ ٿيندي آهي؟ اڄ هتي ته سڀاڻي هُتي....“ ائين چئي، متاري گهوڙي کي اڙي هنئي، ته اٺن جوانن جي اٺن، گهوڙن، جي ”ڪڙپٽ ڪرپٽ“ جو آواز يڪساهي آسمان ڏانهن بلند ٿيو.... زمين دهلجي ويئي. موکيءَ سرد آهه ڀري، اُتي ئي مٿي تان مولهاٽو لاهي زمين تي ڦٽو ڪري وٺي مڪان ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ دروازو بند ڪري ڦان ٿي ڪري پئي.
    رات کٽي، باک ڦٽي، پرڀات موڪلايو ۽ صبح صادق ظاهر ٿيو... رات جي تات قبيلي جي سڀني انسانن کي ٿڪائي ڇڏيو هو، سڀئي.... نشي ۽ خمار ۾ سرشار هئا، جيڪو جتي هو سو اتي ئي ڊهي... سمهي رهيو. موکيءَ جي مڪان تي چپ چپات جو قبضو هو، سورج شاخون ڪڍيون. آسپاس جي ڪائنات، ڪر موڙي سجاڳ ٿي، ڏينهنجو هڪڙو پهر چڙهيو ۽ ٻيو پهر لٿو. پر مڪان جا اوجاڳيل انسان اڃا موڳا ٿيل هئا. سچ پچ ته ننڊوري ننڊ موت جي ڀيڻ آهي. سڀني کان پهريائين ناتر سجاڳ ٿي. سجاڳ ٿيڻ سان ئي ناتر کي نامعلوم ڊپ ۽ خوف وڪوڙي ويو. هن کي اهو انديسو ٿيو ته متان متارا، ڪٿ موکيءَ کي وري موٽي کڻي نه ويا هجن. ناتر چوڪيدار وانگر مڪان جا چڪر هنيا. هر ڪا شيءِ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي موود هئي. سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هو. پر موکيءَ جي ڪوٺيءَ جو دروازو بند هو، ناتر وڌي دروازي تي زور لاتو. موکيءَ جي ڪمري جو دروازو ڪو اندران بند هو. ناتر دروازو ڪو اندران بند هو. ناتر دروازي جي ڪڙي کي پهرين هوريان ۽ پوءِ ڏاڍي کڙڪايو. هن موکيءَ کي سڏ ڪيا، ناتر کي ڪوبه جواب نه مليو، البت گهر جا سڀئي ڀاتي اکيون مهٽي اٿيا ۽ انهن مان ڦري گهري ڪيترائي ناتر وٽ آيا ۽ منجهيل منجهيل ڏسي، کائنس سوالن تي سوال ڪرڻ لڳا. دروازي تي وري زور آزمائي ڪئي ويئي، نتيجو ڪجهه به ڪين نڪتو، نيٺ هڪڙي ڄڻي ڇت جي دريءَ مان ٽپو ڏيئي اندران وڃي دروازو کوليو.
    موکي اندر موجود هئي. پر هن جو ابتر حال هو، هوءَ بيهوش هئي، هن جا وار ڇڙوڇڙ هئا. هن جي جسم تي پيل زنانو جامون ليڙون ليڙون ٿيل هو، هنڌ بسترو ڇا جو؟ هوءَ اونڌيءَ منجيءَ تي ابتي ليٽيل هئي، ناتر.... ديوانن وانگر ”موکي، موکي، موکي“ ڪري روئڻ ۽ پٽڻ لڳي. هڪڙي چڻي موکيءَ کي سبتو ڪري مٿس چادر وڌي، ٻئي ڪنهن هن جي هٿن پيرن جون تريون مهٽيون، قبيلي جي ڏاهي ويڄ، موکيءَ جي نبض ڏٺي.... عطر گلاب جو ڌوپ جلايو ويو. چميگويون شروع ٿي ويون. هر ڪنهن پنهنجو خيال ظاهر ڪيو چي، ”موکيءَ تي پرين جو سايو پيو آهي. موکيءَ کي ڪو صدمو رسيو آهي. موکيءَ سان ڪنهن ڊوهه ڪيو آهي. نه نه هن کي حساب ٿيو آهي، متارن موکيءَ سان کريب ڪيو آهي. ڏنڀ ڏيوس ته هوش ۽ سرت ۾ اچي.“ مطلب ته جيترا منهن اوتريون ڳالهيون..... ناتر بيزار ٿيندي، سڀني کي دڙڪا ڏيئي، ٻاهر هڪالي ڪڍيو. باقي وڃي ويڄ ۽ ناتر بچيا. ناتر ويڄ جي پيرن تي ڪري پئي ۽ چوڻ لڳي.... مهرباني ڪري مون کي جلدي ٻڌاءِ ته منهنجي لاڏليءَ سان ڪهڙي ماجرا آهي! هن کي ڇا ٿي ويو آهي.... ناتر موکيءَ جي وات ۾ ماکيءَ جا قطرا وڌا ۽ پٽ تي ليٽي پيئي دانهون ڪري دعائون گهرڻ لڳي، ته ويڄ ناتر کي چيو، ”ڏس ڏس، موکيءَ اکيون کوليون آهن. خدا جو شڪر آهي، موکياڻي مهندارِ زندهه آهي. موکيءَ برابر اکيون کوليون هيون، ناتر موکيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي زندهه آهي. موکيءَ برابر اکيون کوليون هيون، ناتر موکيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيرائيدني چيو، ”منهنجي مٺري توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو، ”منهنجي مٺڙي توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ تو سان ههڙو ڪلور ڪنهن ڪيو آهي؟ منهنجي موکي مون کي معاف ڪر.... رات منهنجيءَ دل توکي بد دعا ڏني هئي. آءٌ پنهنجي ڪاري زبان وڍي اڇلائي ٿي ڇڏيان. منهنجي ٻڇڙي، مون کي معاف ڪر..... آءٌ تنهنجي ماءُ آهيان. مون سان دل جو حال اور، ڇو ٿي وهلور وڃين.“
    موکيءَ اکيون ته کوليون هيون، هوءَ هوش ۾ ته آئي هئي، مگر پنهنجي ماءُ ڏانهن اهڙيءَ خالي خالي نگاهه سان هاري رهي هئي، ڄڻ هوءَ ڪجهه ياد ڪري رهي هئي. هن جي چهري تي ڪوبه خوشيءَ ۽ رنج جو احساس ڪونه هو، شايد هوءَ بيمار هئي، شايد هوءَ ٿڪل هئي، شايد هن کي ڪجهه به ڪين ٿيو هو... ناتر کي اطمينان ٿيو، ٿوري عرصي کان پوءِ موکي پاسو ورائي، سامهون ڀت ڏانهن گهورڻ لڳي، ماڻس ويجهو آيس ته کيس ڏسي، مشڪي، کڻي اکيون پوريائين. ناتر کي هاڻي خاطري ٿي ته موکي هاڻي خطري کان ٻاهر آهي. ايتري ۾ موکي اکيون پوري سمهي رهي..... رات جو ناتر به ساڳئي ڪمري ۾ ستي.
    ٻئي ڏينهن تي موکي معمول مطابق اٿي ويٺي ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ گهريائين، چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ موکي بلڪل تندرست ٿي ويئي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هوءَ پنهنجي قيبلي جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف رهڻ لڳي. فرق رڳ اهو ٿيو، جو شروعات ۾ هو اڳئين وانگر مردانو لباس ڍڪي ٻاهر نڪري ويندي هئي. ۽ دير سان موٽندي هئي، يا ماڳهين پنهنجو زنانو وڳو ڍڪي، اڪيلي اڪيلي ويڳاڻي ويهي ڳائيندي هئي. هن جي ڳائڻ ۾ سوز هو.... هن جي اکين ۾ ڪنهن جو انتظار هو. ناتر پنهنجيءَ پر ۾ موکيءَ کي وندرائڻ ۽ خوش رکڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا، پر خبر ناهي موکيءَ کي ڇا ٿي ويو آهي. جلدي قبيلي جي هرڪنهن ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويئي ته موکيءَ کي ”متاري“ جي جهوريءَ ئي جهوريو آهي. هن جي حالت ڏسي سڀني جي دلين ۾ همدردي پيدا ٿي، سڀئي متارن کي ڳولڻ لڳا. ۽ خبر ناهي هو متان لاءِ ڪيڏو دربدر ٿيا. پر خبر ناهي متارا ڪيڏانهن هليا ويا هئا، ڪٿي ٿي رهيا، ۽ ڇا ٿي ڪيائون.... هوڏانهن موکي هر روز ماري جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ وڌيڪ پريشان ۽ سرگردان رهڻ لڳي. موکيءَ کي ناتر باربار سمجهايو ۽ سيکاريو. پر موکيءَ کي انهن هدايتن تي ڪهڙي ضرورت هئي! وقت گذرڻ سان زخم ڀرجي ويندا آهن. دنيااريءَ جا واقعا، حادثا.... ۽ حقيقتون پنهنجو وجود مٽائي غائب ٿي وينديون آهن. پر موکيءَ ۽ ناتر جنهن هزارن ۽ بيشمار ماڻهن کي پڙهايو ۽ سيکايو هو، سي اڄ پاڻ پڇائينديون ۽ ڳولينديون ٿي رهيون. هفتا، مهينا ۽ سال گذري ويا. موکي روز رات جو..... انهيءَ رات کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ هنجون هاريندي هئي.
    موکي مايوس ٿي، نااُميد ٿي وري به آسري ۽ اعتبار جي خوش فهمين ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي. هن نئين سر وري پنهنجي مڪان کي وڌيڪ سڌاريو ۽ سنواريو. راڳ ۽ رقص جون محفلون.... ميخاني جا مت..... سوز ۽ ساز جا نغما.... موکيءَ جي مڪان ۾ وڏو انقلاب آيو... پر موکيءَ جي اندر جي آنڌ مانڌ..... هن جون معمولي خواهشون ۽ هن جون معصوم حسرتون....موکي محروميءَ جو اهڙو مدفن ۽ اهڙو مرڪز بنجي پيئي جتي ڄڻ ڪنهن عابد زاهد ۽ پارسا سئو سالن جي عبادت ڪئي هجي ۽ حقيقي معبود جي پرستش جي ذوق ۾ هزارين سجدا ڏنا هجن. رضا تي راضي، صابر ۽ شاڪر.... موکيءَ جو مان وڌي ويو.
    پر ناتر.... هن دنيا جي ناتر، ناتر پنهنجي ڌيءَ کي ڏسي پاڻ کي هيچ ۽ ذليل سمجهڻ لڳي، هن جي ڌيءَ.... هن جي نه رهي هئي. ناتر کان اهو سڀڪجهه ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهيو.... پر هوءَ هڪ ماءُ ٿي.... ڪري، ڪري به ڇا ٿي سگهي...... وقت گذرندو رهيو. ماضي به ناتر کي نمائي ۽ بدلائي نه سگهيو، هوءَ ناتر..... اڃا به ڪجهه نه ڪجهه سوچي ويچاري ۽ رٿي رهي هئي. ڪي سال گذري ويا.... موکي زمين ڏانهن نهاريندي هئي ته ناتر آسمان کي تڪيندي هئي. نيٺ هڪ رات، هڪ موکيءَ جي مڪان تي متارا اچي وارد ٿيا.
    متارا ڇا آيا. موکيءَ جي مڪان جو نقشو ئي ڦري ويو. محل جو بندوبست ٿيو، راڳ ۽ رقص جي مجلس شروع ٿي، ميخاني جا مٽ..... جام ۽ صراحيون ۽ پيمانا ٽڪرجڻ لڳا.... موکي پنهنجي اصلي عورت واري روپ ۾ هار سينگار ڪري اچي متاري جي اڳيان ويٺي، موکيءَ جي چهري تي ازلي حسن جلوي نما هو..... متارو..... اهو نظارو ڏسي.... حيران ٿي ويو.... هو خوابن جي دنيا ۾ هليو ويو، جيئن موسيٰ طور جي تجليءَ جو تاب نه سگهي سگهيو هو، تيئن..... متارو به هوش و حوس وڃائي ويٺو، موکيءَ راز و نياز سان ڳالهيون ڪري، کيس سهارو ڏنو..... ڪڪون جو دؤر شروع ٿيو، راڳ رقص پنهنجو رنگ ڄمايو.... اڄوڪي رات، گجر قبيلي جو هرهڪ انسان بي انتها خوش هو. ۽ متارا، جيڪي موکيءَ جي نئين روپ سان متعارف ٿيا هئا.... ۽ سندن سردار متارو ۽ موکيءَ جو مڪان.... شايد بهشت برين جو بهترين حصو زمين تي نازل ٿيو هو..... موکيءَ ۾ اڄ ڪائنات جو سارو سحر ۽ قدرت جي سموري سونهن سوڀيا، نزاڪت ۽ نفاست سمايل هئي، اچوڪي محفل جا نغما ۽ ساز.... بي خوديءَ جو جادو ۽ طلسم هئا.... موکي ۽ متاري ڀريءَ محفل ۾ ظاهر ظهور ڪي فيصلا ڪري ورتا..... نگاهن نگاهن۾ دلين جا سودا ٿيا. سري جي وٽين ۽ وٽين جي وار ڦير... عقل ۽ خرد کي رخصت ڏيئي دنيادارن ڏانهن روانو ڪيو. هرهڪ انساني جزبات کان بي نياز ٿي ويو هو. محفل جو لحظو لحظو ۽ هرهڪ ساعت... هر ڪنهن کي، نئين ۽ نرالي آگاهيءَ سان روشانس ٿي ڪرايو. هر هڪ فرد... ان وقت... ازل جو رازدان هو. گمان ۽ شڪ جا انديشا.... سچ ۽ حق جا پيغامبر بنجي آيا. حاضرين وجود جا فاصلا ختم ڪري عالم امڪان جي منزل تي پهتا. وقت ۽ زمانو، زماني جي رفتار ۽ دنيا جي گردش حيرت ۾ گرفتار ٿي، انسانن جو مشاهدو ڪرڻ لڳي. هستيءَ ۽ هئڻ جي حقيقت بي معنيٰ ٿي ويئي... شايد... گجر قبيلي ۽ متارن جي هيءَ گڏيل مجلس خواب و خيال هئي.
    رات جو ٽيون پهر ٿيڻ وارو هو. ناتر متارن وٽ....ناتر... مهمان وٽ، هڪ بلوري صحرحي ۽ شيشي جا ساغر کڻي آئي. هن ڀري ڀري، متارن کي پُر پالا پيش ڪيا. جنهن جام ٿي چاڙهيون تنهن هڪڙي ڳيت ٿي ڏني... ۽ وري ٻئي جام جي ٿي تقاضا ڪئي... جيئن جيئن متارن تي نشا چڙهيا... تيئن تيئن... هو سرور ۽ ڪيف ۾ ٿي ڪڪوريا. سازن جا نغما پوري عروج تي هئا. ته موکيءَ ناتر کي چيو ”امان هڪڙو پيالو مون کي به ڏي ته پنهنجي هٿن سان متاري کي پياريان. پيالو موکي جي هٿن ۾ آيو پيالي واري منڌ ڇلڪي رهي هئي...ته متارو گھيراٽجي ڪري پيو. موکي پيالي واري چسڪي پاڻ چاڙهي متاري جو لڙڪيل ڪنڌ پنهنجي جوٽ تي رکي ۽ هوا هڻي هوشيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ناتر پوئتي هٽي، وري اڳتي وڌي...متاري...جا ٻيا دوست به وٺجي ويا... هر هڪ بولاٽي کائي جو جتي هو سو تتي وٽ کائيندي ڪري پيو... موکي... ناتر ڏانهن نهاريو... ناتر سڀني کي قاتل زهر پياريو هو. موکي ڏائڻ وانگر... نانگڻ نهاريو.... ناتر سڀني کي قاتل زهر پياريو هو. مکي ڏائڻ وانگر... نانگڻ ونگر... سرڪندي موکيءَ وٽ آئي... ميزبان جو خمار ۽ ڪڪوهه جي ڪڪور اکين اڳيان ٿيل حادثي ڪري... افور ٿي ويا... خوشي ۽ شادمانو... ماتم سراءِ ٿي ويو. هر ڪنهن کي ڏندين آنڱريون اچي ويون... موکيءَ به گھيراٽجي... پيچ تاب کائيندي... متاري جي لاش کي چهٽندي، بيوسيءَ جي عالم ۾ ”امان، امان.... متارا.... ۽ امان امان جي آخري آواز ڪڍيو....
    ناتر موکيءَ جي ويجهو اچي ساڳئي قاتل زهر واري صراحي پنهنجي وات ۾ ليٽائي.... موکي.... منهنجي مٺڙي موکي.... ترس ته آءٌ توسان گڏ هلان ٿي.... ناتر موکيءَ جي پيرن ۾ ڪري پساهه پورا ڪيا... ۽ موکي... مون کي ته اڳ ۾ ئي.... عالم ارواح ۾ پهچي چڪي هئي... موکيءَ جي مڪان ۾ سردار ۽ سندس ست ئي يار.... اٺين موکيءَ ۽ نائين ناتر.... نون ڄڻن جا لاش بي ڪفن.... پيا رهيا.... گجر قبيلي جي باقي انسانن ڏاڍي ضبط ۽ تحمل سان موکيءَ جي مڪان واري دامن ۾ نون ئي ڄڻن کي دفن ڪيو ۽ پوءِ پاڻ مڪان کي خالي ڪري ٻيءَ منزل جي تلاش ۾ نڪتا.
    متارا موکي ۽ ناتر.... صديون گذري ويون هن سرزمين جي گود مان نڪتا ۽ وري اتي ئي واپس موٽي آيا. هن ڪائنات جو ذرو ذرو فاني ۽ بي بقا آهي.... بقا ۽ فنا جو سلسلو.... ڪن فيڪون جي صدا.... ازل کان ابد تائين جاري ۽ ساري رهندي. هڪڙا پيا وڃن ته ٻيا اچيو انهن جي جاءِ والارين ۽ زندگي.... زندگيءَ جو ميلو... ۽ حياتيءَ جو هل هنگامو سدائين جاودان، متل ۽ موجود رهندو... تنهن کان پوءِ انسان جو عشق.... عشق جيڪو ازل کان اسان سڀني کي عنايت ٿيو آهي.... اسان وٽ امانت طور هميشه محفوظ رهندو..... وقت، حالات ۽ دنيا جا ٻيا حادثا اسان جي هن مقدس ورثي کي ڌرتيءَ کان الڳ ۽ جدا ڪري نٿا سگهن.... جاندار واقعي جر تي ڦوٽي مثال آهن.... پر زندگيءَ جو ميلو.... جِيوتَ ۽ جيوَت جو سَحَرُ لاڳيتو لڳو رهندو قائم ۽ دائم رهندو.... حق موجود.... سدا موجود!!


    گلو باشا

    گلو باشا

    گلو بادشاهه ڪو وڏو ماڻهو ڪونه هو، هو هڪ رواجي ۽ پوڙهو پٽيوالو هو. پر ٻين عام رواجي پٽيوالن کان هو بلڪل نرالو هو. هن جو اصل نالو ته گل محمد هو پر ماڻهو هن کي گلڻ، گلو يا گلو باشا ڪري سڏيندا هئا. ڪير به سڏ ڪندو هوس ته زور سان چوندو هو ”حاضر سائين، اجهو آيو.“ ۽ پوءِ هو ادب سان سراپا سوال بنجي اچي سامهون بيهندو هو. ڪم رڳو ٻڌايوس، ٻڌي سمجهي ۽ پوءِ گولي ٿي ويندو هو. نٽائڻ، لهرائڻ يا دير ڪرڻ ته هو سکيو ئي ڪونه هو. ڪوبه ڪم نه نڪري شل، هو زور ڪري پاڻهي ئي پاڻهي اچي همراهي ڪندو هو. پارٽي، محفل ۽ مجلس ڪا ٿيندي هئي ته سڄو ابر پنهنجي ڪلهن تي کڻندو هو. حاضر جواب ۽ چرچائي به ڏاڍو هو. هو جتي به هوندو هو اتي منڊيل مچايو ويٺو هوندو. واندڪائيءَ ۾ وٽس چار ماڻهو ويٺائي ويٺا هوندا هئا. پوءِ ڪڏهين وٽس چانهن جو دؤر ته ڪڏهن وري ٿاڌل جي گهوٽ گهوٽان، ته ساڳئي وقت يڪتاري ۽ دلي سان ڪن تي هٿ رکي ’الوڙي ميان‘ چئي بيتن، واين ۽ ڪافين جي ڌم لڳائي ڇڏيندو هو. پور پوندو هوس ته پنهنجا بيت ۽ پنهنجون ڪافيون ٺاهي پوءِ هر ڪنهن کي زورءَ پيو ٻڌائيندو هو. هو ڪو سٺو شاعر ته ڪونه هو ۽ نڪي وري ڪو آواز ئي مٺو هوس، پر هو جنهن جوش ۽ جذبي وچان ڳائي مست ٿي ويندو هو، سو جيڪو به ٻڌندو هو سو به مست ٿي ويندو هو.
    ڪابه موڪل ٿيندي هئي ته گلو شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ڏانهن هليو ويندو هو. هو گهڻو ڪري پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ئي ويندو هو يا ڪنهن يار دوست وٽان ٿي، موٽندو هو. هو موٽندو هو ته اتان ڪانه ڪا موسم جي شيءِ کڻي اچي ورهائيندو هو. ڪڏهن هو ٻير آڻيندو هو ته ڪڏهن هو مڪائيءَ جا سنگ، ڪڻڪ جا آڀُون، ليسوڙا، گيدوڙا، ڇپڙ، گدرا، ڇانهيون، ونگا، پيرون ۽ کنڀيون ۽ انب آڻيندو هو. مطلب ته گلو ٻاهر وڃي ۽ خالي هٿين موٽي اچي، سا ڳالهه هن لاءِ ڄڻ ته اڻ ٿيڻي هئي، تنهنڪري گلو جڏهن به موڪل تي ويندو هو، ته ڪيترائي هن جي موٽڻ جو انتظار ڪندا هئا.
    گلوءَ جو انتظار رڳو وڏا ڪونه ڪندا هئا، پر هو جتي جتي رهندو هو يا ٺلهو ويهندو هو، ته اتي جا ننڍڙا ٻار ته هن لاءِ جنسي چريا هوندا هئا. هن کي پري کان ڏسي خوشِيءَ وچان چوندا هئا، ”گلو باشا اچي پيو، گلو باشا اچي ويو.“ ۽ پوءِ تاڙيون وڄائي، هن جو استقبال ڪندا هئا. گلوبه ٻارن تان اور گهور پيو ٿيندو هو. اول ته گلوءَ وٽ جيڪي به ٻار هئا. گلو به ٻارن تان اور گهور پيو ٿيندو هو. اول ته گلوءَ وٽ جيڪي به ٻار ايندا هئا سي هوندا هئا غريبن جا ٻار، تنهنڪري اهي اڪثر اڌ اگهاڙا ۽ ميرا گدلا هوند اهئا، گلو پنهنجي پٽڪي جي پلاند سان هنن مان ڪن جا نڪ ۽ منهن صاف ڪندو هو. ۽ اڪثر هنن کي کٽمٺا، ڀڳڙا يا کاڄا وڍي ڏيندو هو، ته ڪن کي ڪڇ تي کڻي گهمائيندو هو يا ڪلهي تي ويهاري عجيب غريب ٻوليون ڪري وندرائيندو ۽ کلائيندو هو. ڪي اهڙا به ٻار هوندا هئا جي گلوءَ کي ’بابا بابا‘ ڪري وٽس سمهي رهندا هئا ۽ پوءِ ٻارن جا مائٽ پريشان ٿي، ڳولي ڳولي، گلوءَ وٽ پهچندا هئا، ته وري ڪي عورتون ٻارن جون مائرون به پنهنجي ننڍڙن جي آر ڪري گلوءَ جو آڌرڀاءُ ڪنديون هيون. قدرت جي اها بي رحمي هئي، جو گلوءَ جي زال جوانيءَ ۾ مري ويئي ۽ هن کي پنهنجو ڪوبه اولاد ڪونه هو ۽ نڪي وري ڪي ٻيا ويجها مٽ مائٽ هئس، پر گلوءَ ان جو ڪڏهن به ڪو ارمان ظاهر ڪونه ڪيو. هو زندگيءَ جون ٿڌيون ڪوسيون سهي پڪو ٿي ويو هو. گلوءَ هر هنڌ پنهنجا يار دوست ايترا ته پيدا ڪري ڇڏيا هئا، جو هن کي اڪيلائي ته محسوس ئي ڪانه ٿيندي هئي.
    شل نه گلوءَ جو ڪو دوست ۽ واقفڪار، بيمار ٿئي. بيمار کان وڌيڪ سک گلوءَ جي ڦٽي پوندو هو. بيمار جي ٽهل ٽڪور دوا درمل کان ويندي کاڌي پيتي تائين بندوبست ڪرڻ ڄڻ گلوءَ جو فرض هوندو هو. راتيون جاڳي پيرن ڀر بيٺو هوندو هو. گلوءَ جا دوست ڪي امير ماڻهو ڪونه هوندا هئا، اهي هن جهڙائي غريب هوندا هئا. ٻاهران ڪو سندس مهمان اچي سهي، هو ان جي پنهنجي حال سارو ڏاڍي آجيان ڪندو هو. هٿ جو به ڇوٽ هو. ضرورت وقت ٻين کي سؤ يا پنجاهه اڌارا به ڏيئي ڇڏيندو هو. هو اڌارا ته ڏيئي ڇڏيندو هو پر هو هيڪر ڏئي پوءِ پچاريندو به ڪين هو. ظاهر آهي ته هن دؤر ۾ جتي گُهرجائو گهڻا آهن اتي ڪيترائي گلوءَ جا قرضي هئا. گلوءَ جا دوست چوندا هئا ته گلوءَ جا ڪيترائي پئسا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به کائي ويا آهن. پر گلو پاڻ، جي اهڙي ڳالهه نڪرندي به هئي، ته چوندو هو ته ”ادا منهنجا آهن حق حلال جا پئسا ۽ مايا آهي هٿ جو مير، جيڪو ٻين جي آئيءَ ويل ۾ مدد نٿو ڪري سو سچ پچ ته انسان ناهي. هوندي تي هونگار آهي. جن وٽ هوندا آهن، جن وٽ هوندا آهن سي ته مون کي گهر ويٺي پهچائي ويندا آهن، باقي جن وٽ ڪجهه هوندو ئي ڪونه تن تي ڪهڙي ميار؟“
    گلو ڳالهين جو ڳهير هو، ته ساڳئي وقت ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هوندو هو. چرچي ڀوڳ ۽ ڳجهارتن ۾ ته ڪنهن کي وٺ ڪونه ڏيندو هو. جتي گلوهوندو هو، اتي محفل متل هوندي هئي. الله سائينءَ جتي هڪ غريب گلوءَ کي ايڏين خوبين سان نوازيو هو، اتي قدرت جي ستم ظريفي چئبي، جو گلوءَ ۾ هڪ وڏو عيب پڻ موجود هو. هونءَ ته هرڪو انسان عيبن هاڻو آهي پر ساڳئي وقت ته انسان جي قدر ۽ قيمت جو ڪاٿو به ڪير ڪري؟ گلو ته سارو سون هو، منجهس جي عيب هو ته صورت جو- ڄائي ڄم کان هن جو مٿيون چپ ٻن هنڌان چيريل هو. انهن چيرن مان هن جا وڏا وڏا ڏند پڌرا پيا ڏسبا هئا. هن جي شڪل هيڪر ته ڊيڄاريندڙ پئي لڳندي هئي. بس انهيءَ عيب کان سواءِ هن جو ٻيو سڄو سارو جسم عام انسانن جهڙو ئي هو. سهڻا ته ٽوهه به پيا آهن. ظاهري سهڻي صورت ۾ ته شيطان به آسانيءَ سان روپ سروپ جي چادر اوڍي فرشتو ٿيو پيو هلندو آهي. اهڙي سونهن ۽ صورت کان گلو بنهه وانجهيل هو. پر هو سيرت جو اهڙو ئي تونگر هو. هو هر هنڌ ماڻهن جي وچ ۾ ويهڻ وارو هو. هن جي هر هنڌ آڌر ڀاءُ ٿيندو هو. البت دنيا ۾ پنج ئي آڱريون برابر ڪينهن، ڪي ڪي نيچ ۽ بيوقوف انسان هن کي ’چپو چپو‘ به ڪري ڪوٺيندا هئا. چپو چوڻ واري کي به گلو کلي، ڪونه ڪو ٺهه پهه جواب ڏيئي، هن جي مرلي بند ڪري ڇڏيندو هو. ڪيڏيءَ مهل ڪي گستاخ دوست گلوءَ جي قميص پٺيان ٽاچني يا ڪانٽي سان ڪپڙي جي ريڙ اٽڪائي، پڇ ٺاهي، تماشو ڪندا هئا. پر جڏهن گلوءَ کي اها خبر پوندي هئي ته هو کلي ڪنهن نه ڪنهن ڏانهن نهاري ميڇ ڏيئي چوندو هو. ”اک ۾ آهين اک ۾“ ۽ پوءِ ته گلوءَ جي بدران ڪو ٻيو تماشو ٿي پوندو هو.
    هڪڙي دفعي جو واقعو آهي. اونهاري جي موسم هئي. رات جو ڪچهري متل هئي ته مجلس ۾ هڪَ نام ڪٺئي شيديءَ کي، کڻي ٿي کٽي، جو اچي گلوءَ سان چرچن ۾ دوبدو ٿيو. واري وٽي شروع ٿي ويئي.تئي کان به بنهه ڪارو، نڪ منو ۽ ڊول بلاڙو ٿيندي، گلوءَ کي وٺ ئي نه ڏي. ڪافي وقت گذري ويو. کلي کلي سڀئي کيرا ٿي پيا. گلو به هرون ڀرون ڪو ويل ڪين هو؛ رکي رکي اهڙي ٿي هنيائين، جو سوناري جا سؤ ڌڪ ۽ بس لوهار جو هڪڙو ئي گنج. شيديءَ کي کڻي ٿي کٽي سو ڪيائين گلوءَ جي چپن تي چرچو. انهيءَ تي گلوءَ وراڻيس، ”ڏاڏا، آءٌ ته تنهجي قوم ۾ رڳو هڪڙو اتفاق سان کريل نڪتس پر تنهنجو ته سڄو سارو نسل، ڇو ٻُوٿ سڄايو ۽ منهن تي رنگ هنيو پيو هلي......“ پوءِ ته ٽهڪڙن جا هوڪرا پئجي ويا، سڀئي کل ۾ وٺجي ويا ۽ هو شيدي پاڻ به کل ۾ ٻڏي ويو ۽ جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، ”گلو باشا، گلو باشا، بيشڪ تون استاد آهين.“
    هڪڙي ڏينهن گلوءَ کي آفيس مان هڪ ليٽر مليو. اهو ليٽر سول سرجن کي ڏيکاري، گلوءَ کي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو هو. گلوءَ کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن چوڻ لڳو آءٌ ماڳهين نوڪري ٿو ڇڏيان. اهڙي نوڪري گهوري جا سٿڻ لهرائي. گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ نيٺ همراهه دل ٻڌي وڃي ڊاڪٽر جي اڳيان پيش پيو. ۽ ٻئي ڏينهن تي فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي آيو. هو سرٽيفڪيٽ ته وٺي آيو پر گلوءَ جا دوست گلوءَ کي ورائي ويا. آخر هن پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ چيائين، ”ڊاڪٽر مون کي برابر چيو هو ته اندر هل، مون چيو مانس سائين معاف ڪريو. مون کي اتي ئي ڏسو. پر جڏهن مون کي چيائين ته جلدي ڪر ڪپڙا لاهه تڏهن هٿ ٻڌي چيو مانس سائين آءٌ غريب ڪليٽري جي ڪرسي تي ڪونه وهندس. آءٌ ته پٽيوالو آهيان. عمر ۾ تنهنجي پيءُ جيڏو هوندس. پيءُ جيڏي سان اهڙي جٺ توکي ڪيئن ٿي جڳائي، پوءِ ته ڊاڪٽر کلي پيو، ۽ چيائين بيشڪ مڙس مانجهي ٿو ڏسجين!“ سو گلو فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ اعتبار ڪريو نه ڪريو وٺي ائين آيو.
    ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي. گلو هونءَ هو ته، دودستو ڄٽ، پر هن جهڙو ايماندار ۽ فرض شناس ماڻهو ڳوليو نه لنڀدو، آفيس ۾ نائڪ جي جاءِ خالي ٿي ته صاحب گهرايس ۽ پڇيائينس ”گلو، نائڪي ڪندين؟“ ”جيڪا سائينءَ جن جي مرضي!“ گلوءَ جواب ڏنو، پر وري اتي جو اتي چيائين، ”سائين آءٌ جتي آهيان اتي ٺيڪ آهيان. باقي رهيو ڪم سو هڪل ڪري ڏس.“ ”گلو، تون هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين،“ صاحب همدرديءَ وچان چيو. ”هائو سائين سڀڪا ڳالهه وهيءَ ۽ عمر سان آهي. اڄ به ڪنهن سان ملهن جي جوڙي ڪرائي ڏسو.“ خبر ناهي صاحب کي ڪهڙو ريچڪ آيو سو ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ڏانهن اشارو ڪري پڇيائين، ”گلو هينئر گهڻا لڳا آهن.“ ”سائين هينئر ته سڀئي لڳي ويا آهن.“ ”سو وري ڪيئن“ صاحب وري پڇيس. ”سائين اهو هيئن آهي، جو آءٌ ته رڳو سال ڳڻي سگهندو آهيان. حقيقت اها آهي ته وقت کي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڏسي نه سگهيو آهي. فيشن خاطر هرڪو کڻيو ٻانهن ۾ واچ ٻڌي. آءٌ ته پٽيوالو آهيان. مون کي وقت جي ڪهڙي ضرورت!“ خبر ناهي صاحب ڪيترو وقت، گلوءَ جا گفتا ٻڌندو رهيو، پر پڇاڙيءَ ۾ صاحب کيس ٻڌايو ته ”گلو ايندڙ مهيني کان توکي نائڪ جو پگهار ملندو.“
    چئن پنجن ڏينهن کان دستور جي برعڪس گلو پريشان پريشان نظر اچڻ لڳو. پڇڻ تي گلوءَ ٿڌو شوڪارو ڀري ٻڌايو، ”سائين، منهنجو هڪڙو پاڙيسري دوست بيمار آهي. بيماري سيماري ته هر ڪنهن کي ٿئي ٿي. هن کي به مهينا ٿي ويا آهن. کٽ تي سمهي سمهي ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. هاڻي ته کاڌو به کائي نٿو سگهي. غريب جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. مزوري ڪندو هو. جيڪا ميڙي چونڊي هيس سا ته ڪڏهوڪي خلاص ٿي وئي اٿس. بروقت ته مون کي خبر ئي ڪانه پئي. ۽ هاڻي ته ڪيترن ئي ڊاڪٽرن جون دوائون پياريون اٿومانس پر ڪو فرق ئي ڪونهي. توبهه توبهه، خدا جا ڳجهه خدا پاڻ ڄاڻي. ويچارو غذابن ۾ آهي. مون کان ته هاڻي ڏٺو به نٿو ٿئي. آءٌ ته منجهي پيو آهيان. سائين اوهان کي ڪو سٺو ڊاڪٽر سجهي؟ ثواب ٿيندوَ. مون ته پنهنجي وسان گهتايو ڪونهي.....“ ”گلو، ڀلا فلاڻو ڊاڪٽر ٻڌو اٿئي؟“ ”هائو سائين، هائو، انهيءَ به ڏهه ڏينهن دوا ڏني. يارنهين ڏينهن چيائين ته ”گلو هاڻي تنهنجي دوست کي دوا جي نه پر دعا جي ضرورت آهي! سو سائينءَ جو ٿو ٻڌايان ته پاڙي جي سڀني معصومن کي کارايو اٿم، فقيرن کي خيرات به ڏني اٿم. سچي ساڳئي ڊاڪٽر ٻي صلاح به ڏني هئي ته هن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايان. هو به غريب ۽ آءٌ به مڙس مولائي. ڇا ڪريان. هتي گهر ۾ آهي ته ڳالهه سولي آهي. اسپتال ۾ ويندو ته اکين کان پري هليو ويندو. خير آءٌ ته روز رات جو نماز پڙهي هن لاءِ دعا گهرندو آهيان. هو دانا بينا آهي ضرور ٻڌندو، هو ضرور ڏسندو.“
    اڄ جمعي جو ڏينهن هو. گلو نوان ڪپڙا پائي ٽاٽ ٿي آيو هو. اڃا اڌ ڪلاڪ ئي ڪونه گذريو هوندو، جو گلو مون کان موڪل وٺڻ آيو. مون چرچو ڪندي کانئس پڇيو هو، ”گلو ڪنهن سان انجامي آهين ڇا؟“ مرڪي ٻڌاڻ لڳو، ”سائين، اُهو زمانو ۽ اهڙو دؤر ته گذري ويو.“ هاڻي ته رات جو روز ذڪر ڪندو آهيان.“ سائين آءٌ وڃان ٿو، او، هُن ڳوٺ واري حڪيم وٽ. لاثاني طبيب آهي. نه رڳو ايترو پر هو نهايت پرهيزگار ۽ خدا پرست پهتل درويش پڻ آهي. انهيءَ کان هن ويچاري مڙهي، پاڙيسريءَ لاءِ دوا وٺندس- سائين مهرباني ڪري موڪل ڏيو. متان گاڏي ڇٽي نه وڃي. سائين پري ڪونه ٿو وڃان، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ موٽي ايندس.“
    انهيءَ رات دستور موجب آءٌ پنهنجي گهر ستو پيو هوس، ته ڪملهو دروازي کي ڪنهن زور زور سان کڙڪايو. اکيون مهٽي اٿي دروازو کوليم. سامهون هڪ شخص زاروقطار روئي رهيو هو. هو گلوءَ جو دوست هو. آءٌ دهلجي ويس. نيٺ دل جهلي پڇيو مانس، ”هيڏيءَ مهل ۽ هت! خير ته آهي، روئين ڇو ٿو؟“ منهنجو ايترو چوڻ هو، هو وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ پوءِ جڏهين ڪجهه ڍرو ٿيو ته سڏڪا ڀريندي چيائين:...... سائين گلو باشا، گلو باشا..... ڳاڙهو گهوٽ ٿيو ويٺو آهي..... هلو ته هلي هار پايونس..... توهان کي سڏي پيو...... سائين گلوءَ اسان کان موڪلايو به ڪونه...... سائين گلو..... گلو مري ويو آهي.....“
    منهنجي پيرن هيٺان ڄڻ زمين کسڪي وئي. صبح جو ته هو مون کان موڪلائي ڳوٺ ويو هو. چي ”پاڙيسري حڪيم کان دوا آڻيندس.“ گلوءَ جي شڪل بار بار منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. مون جيئن گهران اٿي در کوليو هو، تيئن ئي هن دوست سان گلوءَ جي گهر ڏانهن ويس. غريبن جي محلي ۾ گلوءَ جي ڪوٺڙيءَ اڳيان غريبن جو انبوهه گڏ ٿيل هو، هر ڪنهن جون اکيون آليون هيون، ننڍا وڏا، زالين مڙسين سڀئي روئي رهيا هئا. آءٌ دير سان پهتو هوس. تنهنڪري پڇاڙيءَ جو کانئس موڪلائي به ڪين سگهيس. گلو پنهنجي بيمار پاڙيسريءَ لاءِ ڳوٺ جي حڪيم کان دوا وٺڻ ويو هو. ڀاڙو به پنهنجي کيسي مان ڪڍيو هئائين. گلو غلطيءَ وچان ميل گاڏيءَ ۾ چڙهيو هو. اها اسٽيشن ننڍي هئي. اها ميل گاڏي اتي بيهڻي ڪانه هئي. انهيءَ ڏانهن نيرن به ڪانه ڪئي هئائين. چيو هئائين ته ”اجهو ٿو ٻي گاڏيءَ ۾ موٽي اچان.“ خير، گلوءَ جا ڪي ڏينهن پورا ٿي آيا هئا. هو جيئن هلندڙ ميل گاڏيءَ مان ڳوٺ واريءَ اسٽيشن تي لٿو، تيئن خبر ناهي ڪيئن ان جي هيٺان اچي بلڪل قيمون ٿي ويو. اتفاق سان هن جي منهن وارو چيريل چپن وارو حصو بچي پيو هو، نه ته هوند هو سڃاپي به ڪين سگهجي ها.


    بربٽ ۽ بهشت

    بربٽ ۽ بهشت

    اسين ٽيئي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي کان واپس حيدرآباد موٽي رهيا هئاسين. موٽر، دوست جي هئي. هن ڊرائيور کي ڏاڍيون پارتون ڪيون. ڊرائيور مشڪندي چيو، ”سائين رکو الله تي... موٽر نئين ۽ ٺيڪ ٺاڪ آهي، ٽانڪي ڀريل آهي، دعا ڪجو.
    دراصل وڃڻ انهيءَ ڪري ٿيو هو، جو هڪ دل گهرئي دوست دعوت ڏني هئي. هن دوست پنهنجي دستوري مهمان نوازيءَ جا حق بجا آندا. کاڌو پيتو. وندر، ڪچهريون، راڳ روپ..... پر اسين ٽيئي شهر جا ماڻهو، پوئتي جي ڇڪ ۽ دنيا ادريءَ جا ڪم ڪار، لاچار ٽي راتيون مزا ڪري. چوٿين ڏينهن دوست کان موڪلائي، وري اچڻ جو واعدو ڪري، کيس خدا حافظ چئي، اچي موٽر ۾ ويٺاسين.
    هو وڏي ڀروسي سان اچي اسٽيئرنگ تي ويٺو ۽ الله توهار ڪري گاڏي هلائڻ شروع ڪيائين. هو اڳيان اڪليو هو ۽ اسين ٽيئي دوست، اڪبر، اختر ۽ آءٌ پٺيان هئاسين. اختر وچ ۾ هو. ۽ آءٌ اڪبر پاسن کان هئاسون. اختر ته ڪتابن جو ڪيڙوآهي، سو ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو. اڪبر آرٽسٽ جو ٿيو، سو دريءَ کان ٻهراڙيءَ جي نظام ڏسڻ ۾ غرق هو ۽ آءٌ.... خالي ذهن هوا، ويران ۽ جابلو علائقو.... موٽر واقعي تيز هلي رهي هئي.
    اڪبر پٺئين پاسي واري شيشي مان پٺتي نهاري رهيو هو. اختر کان رهيو نه ٿيو. هن چيو ته، ”اڪبر ڇاکي پيو تڪين.“
    اڪبر سڌو ٿيندي ۽ اکيون پوريندي چيو، ”هن بربٽ ۾ اهو ٻٻرن وارو جهڳٽو، هيٺان ڇانولي ۾ بَرين ٻڪرين جو ولر ۽ پريان جلبن جي قطار ۽ مٿان صاف نيرو آسمان......
    فلسفاني انداز ۾ اختر چيو، ”واهه واهه.... قدرت ڪيڏي نه فياض آهي، برپٽن ۾ به منگل لڳا پيا آهن. رڳو ڏسڻ لاءِ اکيون هجن......“ موٽر الائجي بيٺي هئي يا هلي پئي. البت رستو نهايت ئي تيزيءَ سان ويڙهجي رهيو هو. مون وري سئيءَ ڏانهن ڏٺو..... هن دفعي رفتا واري سئي اسي ۽ نوي جي انگن تي لڏي رهي هئي. مون اختر ڏانهن ڏٺو. هو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هو ۽ اڪبر ڀر واريءَ دريءَ جي شيشي مان شايد جبلن جي قطار جو مشاهدو ڪري رهو هو. موٽر رستي جي ورن وڪڙن تان وڄ وانگر وراڪا ڏيندي اڳتي ڪاهيندي پئي وئي، ته....... ته اوچتو وڏو ٺڪاءُ ٿيو. بريڪ جو چرڙاٽ ٿيو، موٽر به اڃا بيٺي مس ته ممونءَ چيو، ”سائين ٽائر ڦاٽي پيو آهي. ڊرائيور هيٺ لٿو، اسين به هراسجي ٻاهر نڪتاسين.
    ممونءَ چيلهه تي هٿ رکيو، ٽائر کي ڪاوڙ مان ڏسي رهيو هو. ڄڻ چئي رهيو هجي ته ’رستي ٺاهڻ وارن جي اهڙي تهڙي، نوان نڪور ٽائر ڦاڙيو ڇڏي.....‘ هن چيلهه کان هٿ هيٺ ڪري موٽر جي مشين وارو پاسو کوليو ۽ ذري پرزي کي جانچيندي فيصلي واري اواز ۾ چوڻ لڳو ته سائين ٽائر ته مون وٽ ٻيو به آهي. پر مشين جي مرامت ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ضرور لڳي ويندا، ترسو ابي ٿو ڪري وٺان. حيدرآباد هاڻي رڳو هڪ سؤ ميل وڃي رهي آهي.“
    اسين ٽيئي ٽٻيءَ ۾ پئجي وياسين ته ڇا ڪريون ڇا نه ڪريون. هيءُ رستو صفا سڃو هو. حيدرآباد جلد پهچڻ لاءِ ڪنهن به سواريءَ جو آسرو ئي ڪون هو. البت رستي جي ساڄي پاسي آبادي هئي. ٻاجهر سنگن سان جنجهي پئي هئي ۽ پريان پيهي تي ڪو کانڀاڻيءَ سان جهار هڪلي رهيو هو. رستي جو کاٻو پاسو بلڪل بربٽ لڳو پيو هو. جهاز وارو مڙس لهي، سڌو اسان ڏانهن، ويجهو اچي بيٺو. چياين، ”سلام عليڪم. ڀائي ڀلي ڪري آيا.“ اسان ٽنهي وعليڪم اسلام چيو. اسان چيو. اسان مان هڪڙي کانئس پڇيو ته ”ادا هيءَ ٻني ڪنهن جي آهي. نالو ڇا اٿئي؟“ ”سائين ٻني ته منهنجي آهي. نالو پنهون اٿم..... پر سائين اوهين شهر جا ماڻهو هتي قسمت سان آيا آهيو. رستي تي نٿا ٺهو، مون پيهيءَ تان موٽر جو رنگ پي ڏٺو...... خدا خير ڪندو پريان اوطاقڙي به آهي..... جيسين موٽر تيار ٿئي، توهين اتي هلي ٿڪ ڀڃو.“ (اختر، اڪبر کان پڇيو ته ”ڪهڙو خيال آهي؟ خيال نيڪ آهي. هلو ته هلي نظارو به ڪريون ۽ جيسين موٽر ٺهي.....)
    ”ممون، اسين هن همراهه سان هلون ٿا.“ مون واچ ڏانهن نهاريندي چيو، ”ممون“، ڇهه ٿا لڳن ۽ رات پوڻ کان اڳ ۾ هتان نڪري هلون. ڪيئن سچي ٻڌاءِ!“ ”سائين الله ۾ آسرو آهي. توهين ڀلي هلو. موٽر تيار ڪري اوهان کي اطلاع ڪندس.“ شام جو پويون پهر هو، سج لهڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. پر ڏينهن لڙي ٿڌو ٿي چڪو هو. پنهون اسان کي ٻنيءَ جي وچان وٺي پئي هليو. ٻاجهر ۽ اُٻس جي هڪ وڻندڙ خوشبوءِ اسان کي وڪوڙي ويئي ۽ اڳيان پنهون چپ چاپ هلندو پئي ويو، ته ڪي پکي ڀڙڪو کائي اڏامي ويا. اڪبر پڇيو، ”پنهون، اهي ڪهڙا پکي هئا؟“ پنهونءَ فقط ايتري ورندي ڏني ”اهي ٻاٽيڀڙ آهن. ٻاجهر جو ٻور پڪو ٿيڻ تي آهي ۽ اهي اَنَ جا ويري آهن.“
    ٻني پوري ٿي ته سامهون هڪ نار ۽ ان جي ڀرسان ڇاپراڻيون ڇنو نظر آيو. ڇني جي مٿان ست گلي ۽ توريءَ جي ول جهنجهيل هئي. پريان هڪ ڪشادو باغ. ترتيب وار ڇٻر جا زمردي ٻارا.پنهونءَ سڌو ڇني ڏانهن رخ ڪيو. ويجهو پهتاسين، ته ڪچي پٽ تي ڇڻڪار جي واس اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اسين اتي پيل کٽن تي ويٺاسين مس، ته سامهون هڪ پير مرد ايندي نظر آيو.هو باغ واري پاسي کان نڪتو هو. پريان، تمام پريان، شايد ڪو ڳوٺڙو هو. نار ۾ ڍڳو ٻڌل هو، جيڪو اسان کان لاپرواهه پئي ڦريو. کوهه جي شفاف پاڻيءَ جي هلڪي گڙگڙاهٽ جو ڇمڪار، ڍڳي جي ڳچيءَ جي چڙي جو مٺو آواز، ۽ هڪ پاسي نسريل ٻاجهري ۽ سامهون طلسمي باغن جي ٿڌي صاف ۽ پاڪيزه فضا..... اسين ٽيئي ڪنهن هوش ربا سرزمين جي طلسمي دنيا ۾ ڄڻ سراپجي ۽ منڊجي ويا هئاسين. سجُ دور اولهه پاسي ٽامڻي ٽانڊن جو ويس ڍڪي ڪنهن فنڪار وانگرافق ۾ گلاب جي ورکا ڪري رهيو. شفق جي سرخ لالاڻ زمين کي ڄڻ مينديءَ رتڙو ڪري رهي هئي. ته هو پير مرد، پريو مڙس، السلام عليڪم چئي اسان ڏانهن ويجهو آيو. هن جي ميري ٽِڪنِ واري ٽوپي هن جي هٿن ۾ هئي. منجهس ڪا شيءِ هئي. ڀرسان اچڻ تي اسان ڏٺو ته هن جي صحت مند چهري تي زماني ۽ وقت جا هلڪا نشان.... ليڪا ۽ گهنج..... هن کي بگاڙڻ جي بدران بزرگي عطا ڪري رهيا هئا. هن جي اکين ۾ ازلي نور جي چمڪ هئي. گوڏ ٻڌل. موڪري ۽ اگهاڙي ڇاتي، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وکريل وار، اجاريل چانديءَ جي تارن وانگر چمڪي رهيا هئا- هن ٽڪن واريءَ ٽوپي مان اسان کي ٽانگر جي گلن جي مٺ مٺ ڏني، تنهن کان پوءِ جلدي وري هڪ گلاب جو گل ڏنائين. ٽانگر جي خوشبوءِ سان ڇنو واسجي ويو. گلاب جا گل ته هر ڪنهن ڏٺا آهن. پر اهڙن رنگن جا گلاب“ ڪارو، وانڱڻائي ۽ رتول ڳاڙهو“..... اسين حيران ٿي وياسين. هو هيٺ منجيءَ تي ويهي پڇڻ لڳو، ”جيءُ سائين، خير جون خبرون چارون ڏيو!“ ”جيءُ“ اختر چيو، ”هن رستي جي ڇيڙي تان نڪتاسين، ويا هئاسين رئيس وٽ، حيدرآباد پئي موٽياسين ته موٽر خراب ٿي پئي. پنهونءَ ڇڪ ڪئي، هتي پهتاسين، موٽر ٺهندي ئي جوڳي رمتا ڀلا.“.... چاچا.... اسين .... ائين سمجهه ته مسافر آهيون.“..... ”ابا...... برابر هن دنيا ۾ هرڪو مسافر آهي، هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.“ پنهونءَ ٻڌايو، ”سائين چاچي جو نالو پيرل آهي. (ڌڻيءَ جو ڏنو سڪي هوس. پر هاڻي.... هيءُ اڪيلو) ۽ اهو ڀر وارو باغ سندس سڀڪجهه آهي. ڏسو ته هن بربٽ ۾ اڪيلي سر.... پيرل پورن پنجاهن سالن کان پنهنجو هيءُ بهشت ٺاهيو آهي. ڏسو ته ڇا ڇا نه رکيو اٿس!“ چاچو پيرل نهاري ته اسان ڏانهن رهيو هو، پر هن جون نظرون ۽ نگاهون ماضيءَ جي خلاف ۾ الاجي ڇاکي ڳولي رهيون هيون. پنهونءَ چيو ”سائين باغ ضرور ڏسو.“ اسين ازخود اٿي بيٺاسون. اڳيان پيرل ۽ پٺيان اسين، باغ جي وچ ۾ بيهي پيرل چيو. ”سائين، اوهين ٿيا هلندا مسافر..... ڏسڻ ۽ ڪري ڏيکارڻ ۾ وڏو فرق آهي. هن باغ جي ڇٻر ڏسو، غاليچو آهي نه، هتي هر قسم جو گل موجود آهي. چميا، چمبيلي، موتيو، مگرو..... نرگس، سوسن ۽ گينڊو ۽ گلاب ته هر رنگ جو اوهان کي هتي، هن ملڪ ۾ نه ملي يا ڏسڻ ۾ نه اچي ته منهنجو نالو پيرل ڪونهي...... اڪبر پيرل جي ويجهو اچي چيو. ”چاچا ڪمال آهي..... آخر تون هيءُ سڀڪجهه..... هيترو ڪشالو....... ڇاجي لاءِ ۽ ڪنهن جي لاءِ پيو ڪرين.....“ سائين اهو هڪ وڏو داستان آهي. مون دنيا ۾ رهي سک به ڏٺا ۽ ڏک به ڏٺا.... آءٌ جيئرو ئي انهيءَ ڪري آهيان،جو شونق سان محنت ٿو ڪريان. هيءُ کوهه، اهو ڍڳو، هن باغ جو هر هڪ ٻوٽو، گل ۽ وڻ وڻ سان منهنجون يادگيريون ڳنڍيل آهن....“ ائين چئي، پيرل وري اڳتي هلي بيهي چوڻ لڳو ”هيءُ وڻ ڏسو ٿا.... سڃاڻو- توهين شهر مان آيا آهيو..... مون وٽ ديس بديس جا وڻ آهن. اهي هتي ڪيئن آيا ۽ ٿيا... پنجاهه سالن جي محنت آهي. هي ڏسو املداس، ڪچنار، چڪو، جٽڪ فروٽ، بادام، گل مور، آنوارا ۽ اکڙوٽ..... هُنن انبن جو هر ڪنهن وڻ ۾ چاليهه يا پنجاهه قسمن جا انب ٿا ٿين.....“ سو وري ڪيئن.....! بيروءَ منهنجي اڻڄاڻائيءَ تي خوش ٿيندي چيو، ”ابا اها سولي ڳالهه آهي. انب جي شاخن ۾ قلم هڻبو..... پر مون کان پڇ ته هتي اکروٽن ۽ بادامن جا وڻ ڪيئن ٿيا؟“ آءٌ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته هن اڪيلي شخص.... ڪيڏيون نه محنتون ڪيون هونديون! اختر ۽ اڪبر وائڙن وانگر باغ جي ذري ذري تي نظر ڦيرائي رهيا هئا.... ته پيرل چيو، ”ابا محنت سان هيءَ زمين سوني ٿي سگهي ٿي.“
    .... سج لهي چڪو هو، اوندهه وڌندي ٿي ويئي ۽ الاجي ڪٿان ۽ ڪيڏيءَ مهل ممون اتي اچي بيٺو هو. هن چيو ”سائين، موٽر تيار آهي. هلو رات پئجي ويندي.“ ۽ اسين ٽيئي دوست باغ تي آخري نظر ڦيرائيندي. پنهونءَ ۽ پيروءَ کان موڪلائي، اچي موٽر ۾ ويٺاسون.


    ايڏو عظيم.....!؟

    ايڏو عظيم.....!؟

    چوندا آهن ته جيل جي دنيا ئي نرالي آهي. هوندي ته پوءِ ڇا؟ ”ڇو ۽ ڇا“ جا اکر ته انسان کي ازل کان عطا ٿيل آهن...... پر وري جيل جا سپاهي، ننڍو عملو، وڏا آفيسر، تن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي.....! ضرور نرالا ئي هوندا.... هن جيل ۾ اٽڪل ٽن هزارن کان مٿي قيدي هوندا. قيدي به ته انسان آهن، جيڪي جيل ۾ رهن ٿا. اهي انسان سڀئي گنهگار آهن. ضرور ڪو انڌو ابتو ڪم ڪيو هوندائون. واقعي سڀ مجرم آهن ۽ ڏوهاري آهن. چوندا آهن ”سيد سپاهي غضب الاهي“ پر جيل جو سپاهي، تنهن جو اندازو رڳو هڪ قيديءَ کي ئي نصيب آهي، ٻيا اڇا اجرا انسان سڀئي انهيءَ حقيقت کان محروم آهن. آءٌ ته سچ پچ هڪ قيدي آهيان- اهو قيدي، جو هڪ وڏي الزام هيٺ اندر آيو آهيان. وڏو گنهگار آهيان. پر هن دنيا ۾ ڪهڙو اهڙو انسان آهي، جو گنهگار نه آهي. ڪير آهي جو پاڻ کي سَتي جَتي ٿو سمجهي! گناهه ۽ ثواب ته مسئلا آهن پرهيزگارن جا- ڇڏي ٿا ڏيون ان ڳالهه کي.
    مون کي ڦري لٽي فقير ڪري هٿين خالي اندر اماڻي ڇڏيائون. پر جڏهن منهنجو ساٿي ۽ دوست ساڳيءَ تهمت ۽ ساڳئي ڏوهه ۾ اندر آيوته وڏي مان شان سان اندر آيو. صوبيدار صاحب ۽ هو اڳيان اڳيان گڏ پاڻ ۾ ۽- پريان سپاهي- پهرين ته سمجهيم ته اهي سڀ گهمڻ آيا آهن، پر مون کي ته اڳئي ٻڌايو ويو هو ته يعني منهنجي دوست جا به وارنٽ هئا، سو اُن کي پاڻ سان ڏسي خوش به ٿيس. صوبيدار مرڪي چيو ته ”هاڻي ته جوڙي ٿي. مزي سان گذرندي.“ واهه واهه! مزي سان گذرندي جيل ۾! دل ۾ چيم.
    صوبيدار صاحب ڏٺل وائٺل پئي معلوم ٿيو. هو وجهه ملندي ئي اسان وٽ ايندو هو ۽ دلداريون ڏيندو هو. فرمائش تي بسڪوٽ، سگريٽ، ڪپڙا لٽا گهرائي پيو ڏيندو هو. شڪل جو سانورو، قد جو ڊگهو بت ۾ ڀريل ۽ چهرو پروقار، صوبيدار واريءَ ورديءَ ۾ ۽ مٿان ڳالهائڻ ۾ مٺڙو مٺڙو، بس جيءَ ۾ جايون ڏجنس. اسين سندس اچڻ جو انتظار ڪندا هئاسين ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراهه ڪندا هئاسين. اسين چوندا هئاسين واقعي هو صوبيدر ۽ سو به جيل جو صوبيدار، ته آهي، پر هڪ دردمند دل رکندڙ فرشتو ۽ هڪ عظيم انسان ئي آهي. هن جي لاءِ ڪيئن نه دل ۾ عزت پيدا ٿئي. جڏهن خبر پيس ته جيل جي ماني اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ته يڪدم ڊاڪٽر کي موڪليائين. ڊاڪٽر مريضن وارو کاڌو عطا ڪيو. ٻين قيدين کان ڌار ڪري هڪ بهترين وارڊ ۾ رکيائين. انهيءَ وارڊ جا چارئي پاسا کليل هئا. مانيءَ کان پوءِ وهنجيو سنهجيو، هار سينگار ڪيو، ويٺا نَوَٽِڻ کيڏندا ۽ يٽ هڻندا ۽ ٻيڙيون ساڙيندا هئاسين. هڪ دفعي ته دوست ائين به چئي ڏنو، ”واهه مولا، تنهنجي مهرباني، ههڙا صوبيدار ۽ اهڙو جيل هجي، ته رڳو پوءِ هڪ ٻي مهرباني ڪن، جو مصوريءَ جو سامان ڏين ته پوءِ، ته پوءِ، يا عمر ڀلي هتي ويهاريو ويٺا هجن! تاقيامت ويٺا هونداسين.“ انسان کي کپي به ڇا؟ ماني، اجهو ۽ زندگيءَ جو تحفظ، سو اهو سڀڪجهه اسان کي جيل ۾ حاصل هو. کير پيئندا هئاسين، انب ملندا پيا هئا. ڊبل روٽي ۽ چانهه. هن جي مهربانين ۽ نوازشن جو تفصيل ڪهڙو ڏيئي ڪهڙو ڏيان. نيٺ به ته هو هڪ سرڪاري ملازم آهي ۽ سوبه جيل جو صوبيدار.
    هو ڪنهن ڪنهن وقت هيڏي هوڏي نهاري پوءِ آهستي آهستي چوندو هو، ”خبر اٿو آءٌ ڪيڏو جوکم کڻي رهيو آهيان. توهان جي ڪري سڀني جي اکين ۾ آهيان. هتي اچي ۽ پهچي هر هڪ قيدي، سپاهي، جمعدار، صوبيدار، ڊپٽيءَ کان ويندي سپرنٽينڊنٽ تائين وات ڦاڙيو ويٺا تڪين ته ڪڏهن ٿي ڪا موٽي مرغي هٿ اچي. ڦر مار اهڙي، جو الامان! قيديءَ جي سٿڻ ڪنهن کي وڻي ته لهرائي وٺندس. انهيءَ کان سواءِ چغل خوري ۽ چمچه گيري. هتي هرڪو پيو هڪٻئي تي سڙندو پوسرندو آهي. ۽ جيئن ئي ڪنهن کي وجهه مليو ناهي، ڌڪ هڻي پنهنجو ڀڀ ڀري ڇڏيدنو ۽ پوءِ مڇون مروڙي بنان اوڳرائيءَ جي سڀڪجهه هضم ڪري ويندو. پر پاڻ، توهين ته دوست آهيو، توهان قسمت سان هتي آيا آهيو. دوستيءَ ۾ نوڪري ڇا، جي سر هليو وڃي ته به ڪجهه ڪينهي.......“
    صوبيدار صاحب جون اهي ڳالهيون تعجب ۾ وجهي ڇڏينديون هيون، ۽ ٻئي پاسي هن جي لاءِ اسان جي دل ۾ وڌيڪ عزت ۽ عقيدت پيدا ٿيندي هئي. هو اسان وٽ ڪڏهن ته ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا ايندو هو، يا ته وري ڏينهن جا ڏينهن گم ٿي ويندو هو. ۽ پوءِ وري موٽڻ تي خبر پوندي هئي ته هو موڪل تي هو يا ٻاهر ڊيوٽيءَ تي ويو هو.
    جيل ۾ وڏي جٺ ٿيندي آهي ٻيڙين يا سگريٽ پيئندڙن کي. ٻيڙين سگريٽن جي اجازت آهي پر ماچيس تي بندش. پوءِ شل نه موالين جون ٻيڙيون کٽن يا ماچيس کٽي. جيل ۾ ماچيس لڪ چوريءَ ۽ رشوت تي ايندو آهي. جيڪو غريب هوندو بس تنهن جو الله واهي. هڪ ڏينهن اهو صوبيدار صبح جو سويلو آيو. آءٌ نلڪي تي وهنجي رهيو هوس. هن مون واري دوست سان پاسي تي پئي ڳالهايو ته وارڊن، دروازن بند ڪرڻ وارو قيدي، مون وٽ آيو. چي ”توهان جي سامان رکڻ وارو پلاسٽڪ جو ڇٻو ڏيو. توهان جو سامان آيو آهي.“ مون خوش ٿيندي چيو هو، ”اندر کوليءَ ۾ پيو اٿئي. سامان لاهي کڻي وڃ.“ آءٌ وهنجي موٽيس ته صوبيدار صاحب وڃي چڪو هو. آءٌ ڪپڙا پائي، سگريٽ دکائي، مزي سان پسار ڪرڻ لڳس. نيٺ ٿڪجي کوليءَ اندر آيس. سامان ڪنڊ ۾ ٽڙيل پکڙيل پيو هو. ڪلاڪ اڌ گذري چڪو هو. نيٺ پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيم، ”ڀائو، مون وارو ٿيلهو؟- ڇا ڳالهه آهي؟ نڪي وري ڪو نئون سامان ئي اڃا پهتو آهي.“ هو مون وارو دوست ٿورو مرڪيو ۽ پوءِ چيائين ته، ”ادا تو وارو ٿيلهو. ٿيلهو ڪنهن صاحب کي وڻي ويو هو سو سمجهه- ته بس ڇٽو.“ منهنجي جسم تي ڄڻ وڄ ڪري پئي. نيٺ هوش آيم تڏهين سوچيم: ’ٿيلهي جي ڪهڙي راس هئي، اهو پلاسٽڪ جو ٿيلهو قيمت ڪيتري هئس، بس رڳو پندرنهن روپيا. منهنجي زال شوق ڪري لاهور مان گهرايو هو. هن هڪ ڏينهن به هٿ ۾ ڪين کنيو هو. بيوقوف ڪٿي جي، سامان وجهي موڪليو هئائين. خبر ناهي ڇا سمجهيو هئائين. شايد اهو ئي پاڻ کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس، ته اوچتو منهنجي ڀرسان هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. منهنجون اکيون خودبخود پورجي ويون. آهستي آهستي سامهون صوبيدار صاحب جي عظيم سراپا ڏسڻ ۾ آئي. فرق رڳو ايترو هو، جو هن جا اڳيان ٻه ڏند چپن وٽان ٻاهر سونڊ وانگر لڙڪي رهيا هئا. هن جي لوندڙين وٽان سنڱ نڪتل هئا. هن جون ٻانهون هيٺ پر سندن هٿن جي آڱرين جا وڏا وڏا نُنهن زمين کي ڇهي رهيا هئا! مون چتائي ڏٺو ته هن جي وات جي واڇن مان رت وهي رهيو هو. اتي هن به مون کي سڃاتو، پر ڳالهائڻ جي بدران هو ٻڌا ٻڌا ٽهڪ ڏيڻ لڳو...... ها ها....... هي هي..... هو هو...... ها ها!


    ابابيل

    ابابيل

    صفا! اڇو صبح ٿي ويو هو. ٻاهران انب جي وڻ تي ڪوئل رکي رکي ڪوڪاري رهي هئي. اولهه پاسي واريون نم جون ٽاريون ٿڌڪار واريون هوائون ۽ جهوٽن ۾ لڏي لَمي هيٺ مٿي ٿي ڄڻ ڪنهن کي اشارا ڪري رهيون هيون. اوڀر طرف سونهري سج جو شعاع پکڙجڻ شروع ٿيو هو. سپاهي پهريدار ڇهن جا ٺڪاءُ هنيا. اونهاري جي موسم هئي. صفا صبح ٿي ويو هو. سينٽرل جيل جي کوليءَ جي شيخن وارو دروازو جمعدار کولي ڇڏيو هو. پر چارئي قيدي اڃا ننڊ جي نشي ۾ هئا. هو ڪڏهوڪو جاڳيا ته هئا، پر ڄڻ موڳاٽيل موڳاٽيل هئا، بس ائين ليٽيا پيا هئا. هڪڙي قيديءَ جون اکيون کليل هيون، باڪي ٽن قيدين جون اکيون معصوم مکڙين وانگر بند هيون. اوچتو هڪ مٺڙو چرڙاٽ ٿيو.
    چر- چر- رر- سجاڳ قيديءَ رڙ ڪري چيو ”اڙي مٿي تي ڏسو.“ مٿان ڇت جي هيٺيان ويهن پنجويهن ابابيلن جو ولر گهمرا ڏيئي رهيو هو. هڪڙو آواز ٻيو قيديءَ جي رڙ- ٽيئي قيدي اکيون کولي ڏسڻ لڳا. واقعي ابابيلن جو ولر بلڪل منظم طريقي تي کوليءَ جي اندر طوائف ڪري رهيا هئا.
    قيديءَ نمبر پهرئين گهٻرايل آواز ۾ چيو ”سائين، سائين منهنجا ساٿي اچي ويا آهن. ڪو سبق ڏيون يا ڪجهه سيکاريون.“ ٻئي قيديءَ چيو، ”ڏسين نٿو پاڻ ۾ سڀ ابابيل گڏ ۽ هڪ ئي ٽولي ۾ آهن.“ ٽئين قيديءَ چيو، ”رنگ ته ڏسون- ڪارا آهن ڪارا، ڪارو به ڪو رنگ آهي. پر پيٽ ۽ سينو ته اڇو اٿن- اندر جا ته اڇا آهن.“ ۽ ”اهو رنگ جنهن کي اوهين ڪارو چئو ٿا، سو ڪارو نه پر گهاٽڳ نيرو آهي ۽ نيري کنڀن کي جانچي ته ڏسو، سونهري نه پر مٿن سوني دز جو جڙاءُ ٿيل آهي. واقعي سندن کنڀن ۾ سونهري شعاع آهن. پر پڇ ته ڏسون. جهڙا عاج جا جپاني پنکا.“ چوٿون قيدي اهو سڀ ڪجهه بنا هٻڪ جي چئي ويو.
    ابابيل مٿي ڇت هيٺان باقاعدي کنڀڙاٽيون تڪڙيون تڪڙيون هڻي ڪنهن خاص ترڪيب سان پرواز ڪري رهيا هئا. ڄڻ ته ڪنهن سائنسدان ننڍڙا ۽ ڦرندڙ راڪيٽ ٺاهي اُڏاريا هئا. يا تهوري اهي اڏامندڙ ابابيل وري ائين ئي لڳا جيئن ڪنهن جوهريءَ ڪو ٿڙڪندڙ هيرن جو هار ڇت هيٺان گولائيءَ ۾ پاٿاري ڇڏيو هو. چر- ر- چر- چين- چين جو آواز رکي رکي کوليءَ ۾ گونجڻ لڳو. سڏ ۽ پڙاڏي وارو قصو هو. خبر نه آهي ته هو قيدين کي خوش ڪرڻ لاءِ نعم سرائي ڪري رهيا هئا يا ماڳهين ڪنهن تارن واري ساز کي ڪنهن معصوم اوچتو ئي اوچتو هلڪو ڌڪ هڻي لوڏي ۽ لرزش ۾ آڻي ڇڏيو هو. عجيب وايومنڊل هو. فضا دم جهلي گهٽجي رهي هئي. چار ئي قيدي ابابيلن کي ڏسندا ئي رهيا.
    ڪا مهل گذري ويئي. ابابيل کوليءَ ۾ چڪر لڳائي رهيا هئا ۽ چارئي قيدي کين ڏسندا رهيا ته پهرين قيديءَ چيو، ”اي ابابيلو! ابابيلو توهان فرعون جهڙي ظالم بادشاهه کي شڪست ڏني هئي قرآن شريف ۾ به توهان جو ذڪر آهي. توهين پکي ڀلي پار جا ساٿي رهيا آهيون. مرحبا ڀلي آيا- جيءَ آيا. اسان جي لاءِ ڪهڙو پيغام آندو اٿوَ. توهين سڀاڳا آهيو. اجهو اسان جي آزاديءَ جو پروانو پهتو ڪي پهتو. شل اسين چارئي ڇٽي وڃون..... ڇٽي آزاد ٿي وڃون- آمين آمين.“
    ٻئي قيديءَ چيو، ”نوجوان ٺلهو سکڻين دعائن مان ڪجهه ڪين ورندو توکي، توهين آزاد ائين سولائيءَ سان ٿي نه سگهندا. آزادي دعان سان ڪنهن به بني بشر کي اڄ ڏينهن تائين نڪا ملي آهي نڪا ملندي. ڏس هيءُ.اهي ابابيل سڀئي گڏ آهن. گڏ آهن هڪ آهن. بابلا ڪٽيءَ جي مجني کي ڪڏهن ڪجهه حاصل ٿيو آهي. پهريائين سڀئي گڏجي هڪ ته ٿيو. توهان جون ڪيتيرون جماعتون آهن- ڇو؟ بس، رڳو عهدن، پئسن خرچڻ ۽ اخبارن ۾ ٺلها بيان پيا ڇپيايو ۽ پوءِ پاڻ ۾ ئي وڙهي هڪ ٻئي جو خانو خراب ڪيو.... آزاديءَ جا پروانه ٿيو. پنهنجا پراوا سڃاڻو ۽ پوءِ آزاديءَ ۽ وطن ٻئي اوهان جا آهن. پوءِ دنيا جون نعمتون ازخود اوهان کي عطا ٿينديون وينديون.“
    ”بس، بس هاڻ اهو واعظ بند ڪر.“ ٽئي قيديءَ چيو، ”هتي نه پبلڪ جلسو آهي نڪو وري ڪا اسٽيج آهي. موقع پرست اقتدار لاءِ رڳو پيا واجهه وجهو. توهان مطلب پرست سياستدانن ته عام ماڻهن کي ڌوڪو ۽ فريب ڏنو آهي. مڪار، توهان ڇا ڪيو آهي. 25- 26 سال گذري ويا آهن. آهي ڪا اسان جي فقط هڪڙي منظم ۽ سياسي جماعت. ڇو. ڇو. ڏٺا اٿئون توهان جا سياستدان. ڪتي کي ٽڪر ڀور ڏيوته پڇ لٽڪائيندو. اڄ توهان مان ڪيترا انهيءَ ٽڪر ڀور ڪري ڪرسيون والاريو ويٺا آهن. بي شرم ۽ بي حيا-“ ٽئي قيديءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. انهن مان بي انتها ڪاوڙ ڪروڌ ۽ نفرت جو اظهار پئي ٿيو. هو اٿي ويهي ٻئي نمبر قيديءَ ڏانهن گهورڻ لڳو. ٻيو نمبر قيدي ماٺ ٿي ويو.
    پلڪ به ڪين گذريو ته قيديءَ نمبر ٽئي پاڻمرادو کلي ڏنو ۽ کلندي چوڻ لڳو، ”ڀائو معاف ڪجانءِ. دل ۾ متان ڪرين. آءٌ نهايت جذباتي آهيان. مصور جو ٿيس. موڊ ئي خراب ڪري ڇڏيئه، ڏس ڏس ڪهڙا نه سهڻا آهن اهي ابابيل. سندن سفيد سينا ڪيئن نه پيا جرڪن. قدرت سندن ڪهڙو نه خوبصورت جسم ٺاهيو آهي. ۽ پوءِ کيس آزاد فضا ۾ آسمان جي وسعتن ۾ آزاد اڏامڻ جي اجازت به ڏيئي ڇڏي آهي“..... ۽.... اهي.........“
    چارئي قيدي خبر ناهي ڪڏهوڪو اٿي ويهي رهيا هئا. سڀني ڳالهايو هو. پر چوٿون پيرسن قيدي خاموش سڀني کي ٻڌندو به رهيو ته هر هڪ ڪنڌ کڻي هن اڏامندڙ ابابيلن کي پئي ڏٺو- هن چيو. ”يارو، ڳالهيون ته ڪافي ٿي چڪيون. ڳالهين سان ڳوٺ ڪين ٻڌبا. ڪو قياس ڪريو. هيءُ نوجوان شاگرد خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ چار سال جيل ڪاٽي چڪو آهي. هيءُ دوست عيرمنظم سياسي پارٽيءَ جي ليڊريءَ ڪري ٽي مهينا بي دريافتو پيو اهي“ ۽ اسان ٻئي وطن جا دشمن سمجهايا ويا آهيون..... پر هي جيڪي بيقصور ابابيل اڻڄاڻائي ڪري هتي اچي کوليءَ ۾ ڦاٿا آهن. اڻڄاڻائي وڏو عذاب ۽ وڏو گناهه آهي. اٿو پاسن کان ٿي بيهو ته هنن کي کوليءَ مان ٻاهر ڪڍون. اٿو اٿو. دروزو کليل آهي، پاسن کان ٿي بيهو.“
    هُش هش، هو هو، هلو هلو، وڃو وڃو، چئني قيدين هوڪرا ڪري- ٻانون مٿي الارڻ شروع ڪيون. ويرم ڪانه ٿي ته ابابيل ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتا. پريشان جيڪي بروقت پوئتي رهيل هئا. پر ابابيل رهجي ويا- اهي ابابيل- جوڙ تيز تيز ڦرڻ لڳا. پر مجال آهي جو هيٺ لهن يا ٻاهر نڪرن. چارئي قيدي هوڪراڪري، ٻانهون الاري ٿڪجي پيا. ويهي رهيا ۽ ابابيل به ڇت جي چيرن ۾ ليڪ گم ٿي ويا.
    اهو ابابيلن جو جوڙو پورا ٽي ڏانهن کوليءَ ۾ اندر ٻين قيدين وانگر قيد هئا. صبح ۽ شام ابابيلن جو ولر ور ور ٻاهران ورانڊي ۾ چڪر لڳائي لڳائي وري آزاد فضائن ۾ گم ٿي ويندو هو. کوليءَ وارا ابابيل به اڪثر کوليءَ جي چيرن مان ٻاهر نڪري اندران ئي اندران پرواز ڪندا رهيا، پر جنهن وقت به قيدي کين ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته کنڀڙاٽيون هڻي هڻي ٿڪجي ڇت جي چيرن واري پناهه گاهه ۾ اجهو وٺندا هئا. قيدين نيٺ گڏجي صلاح ڪئي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته جنهن مهل ٻاهر ورانڊي ۾ ٻيا ابابيل اچن. انهيءَ وقت ڪيئن به ڪري انهيءَ جوڙي کي ٻآهر ڌڪي ڪڍجي، جيئن نڪرن ته وڃي پنهجي وڳرن سان ملن.
    فيصلي موجب چوٿين ڏينهن جيئن ٻاهر ورانڊي ۾ ابابيلن جو ولر آيو، چئني قيدين هٿن ۾ ٽوال ۽ چادرون ويڙهي کنيون ۽ پوءِ هوڪرا ڪري الرون ڪري ويڙهيل ٽوال ۽ چادرون مٿي اڇلايون ۽ باقي رهيل ابابيلن جو جوڙو آزاد به ٿيو ته وڃي پنهنجي وڳر سان مليو.
    اڄ چارئي قيدي خوس هئا. پر تعجب انهيءَ ڳالهه جو آهي ته انهيءَ ڏينهن کانپوءِ ابابيلن جو ولر، وري وري اچڻ وارو ولر جيل جي کولي ۾ يا ٻاهر وري اصل ڪين آيو. شايد هنن جي اڻڄاڻائي وارو شعور سجاڳ ٿي ويو.
    ڦلٽو صاحب جي واپسي

    ڦلٽو صاحب جي واپسيءَ وارو قصو ڪو ايڏو دلچسپ کڻي نه به هجي، پر هن جي گم ٿيڻ، يعني گم ٿي وري ظاهر ٿيڻ، متعلق ڳالهيون غير معمولي ضرور آهن. هن جي دوستن جو ڪهڙو ڪاٿو ڪجي؟
    پر ماڻهن جو منهن ڪوبه بند نه ڪري سگهيو آهي. هر ڪنهن پنهنجي پر ۾ پئي انومان ڪڍيا...... چي، ”ڦلٽو صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ لاحول ولا....
    هُن چيو، ”مون کي خبر آهي، ڦلٽو صاحب آبِ حيات جي ڳولا ۾ نڪتو آهي!“
    ”نه نه، نه، چاچهنس موٽر وٺي ڏني اٿس، انهيءَ ڪري دنيا جي سير سفر تي نڪتو آهي،“ سندس هڪڙي ٻئي دوست ائين ٻڌايو.
    ”توهان کي ڪهڙي خبر؟ ڦلٽو صاحب لِڪ ڪئي آهي. دراصل هو هتي ئي گوشه نشين ٿي ويهي رهيو آهي- ياد الاهيءَ ۾ مستغرق. سندس خليفن ته مريديءَ جو سلسلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي....“ ڪنهن وري ائين چيو.
    پر اهي ڳالهيون ائين هيون، جيئن ’گنگوءَ جي گوڙ جي خاوند کي خبر.‘
    ڏينهن، هفتا، مهينا به نه، پر سالن جا سال ويا گذرندا، پر ڦلٽو صاحب جيئن ته وڏين خوبين ۽ خصلتن جو مالڪ هو، تنهنڪري وسرڻ ۽ وسارڻ جهڙو ٿي نٿي سگهيو.
    نيٺ، هڪڙي ڏينهن، هڪڙي دوست ڦلٽو صاحب جو اکين ڏٺو احوال آڻي پهچايو. هن ٻڌايو، ”اجهو هينئر هُن سان ملاقات ڪري، سڌو تو وٽ آيو آهيان، هو هوائي محل واري بنگلي ۾ ترسيل آهي. سچي پچي ته مرندي مرندي بچيو آهي. ڪي چوڻا هئس. موٽر جي حادثي ۾ ضربجي پيو آهي. اهو سڀڪجهه دوستن جي ڪري ئي سهڻو پيس. شاهراه تي پنهنجي دوست کي موٽر هلائڻ پئي سيکاريائين، موٽر جو اسٽيئرنگ، قبضي مان نڪري ويس. ڦلٽو صاحب جيئن پاڻ سگريٽ پئي دکايو ته سامهون ٽرڪ اچي لانگهائو ٿي. بس عزرائيل به ان ويل ڪا رستي تي پئٽرولنگ پئي ڪئي- سيکڙاٽ دوست بدحواس ٿي ويو. موٽر ڪلٽيون کائيندي کائيندي، رستي کان ٻاهر وڃي کڏ ۾ ڪريو. چار ماڻهو انهيءَ حادثي ۾ مري ويا آهن. موٽر تباهه ٿي ويو. باقي پاڻ ڦلٽو صاحب.... معجزو ئي چئبو..... سلامت آهي! معمولي ڌڪ لڳا اٿس. البت پوليس، ڦلٽو صاحب کي ماڻهن مارڻ جي تهمت هيٺ چالان ڪيو آهي. پوليس وارن جو اهو الزام پڻ آهي ته مذڪوره موٽر چوري ٿيل آهي، باقي اهو معاملو تحقيق طلب آهي ته ڦلٽو صاحب وٽ پاڻ موٽر هلائڻ جو ليسن الاجي آهي به يا نه؟
    ”سچي، ڦلٽو صاحب توکي سلام ڏنا آهن ۽ چيو اٿس ته تنهنجي شهر ۾ ڇپيا آهيون. وڌيڪ مرضيءَ جا مالڪ آهيو. اوکيءَ ويل، دوستن کي ئي سار سنڀال ڪرڻ گهرجي.“
    اهي ڳالهيون ٻڌي، خوش ٿيڻ جي بدران مون کي ارمان ۽ افسوس ٿيڻ لڳو. تقدير جي اڳيان انساني تدبيرون ايتريون بيوس ڇو ٿيون ٿين؟ هن هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾، ايترن انسانن جو هئڻ ۽ سندن ڪارناما! حيرت ۽ حسرت کان سواءِ، اسان جي دنيا ۾ باقي ٻيو بچي به ڇا ٿو؟
    هر هڪ ۽ هرڪو پنهنجي چِن پٽ ۾ پورو آهي. منهنجي دل ۾ ڦلٽو صاحب لاءِ ازغيبي همدري پيدا ٿيڻ لڳي. پارپتا پڇي وڃي وٽس نڪتس. محل نما بنگلي ۾ غاليچن کي لتاڙيندي، خوشنما پردن کي سرڪائيندي، ڪرسين ۽ ڪوچن وارن ڪمرن مان ڦرندي گههرندي، مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته آءٌ ڪا وڏي غلطي ڪري رهيو آهيان. اجهو ڪي اجهو ڪو دڙڪا ڏيئي تڙي ڪڍندم.
    آخر مون کي اهڙي ڪمري ۾ آندو ويو، جهڙو ڪنهن وڏيءَ اسپتال جو وارڊ. دروازي تي هڪ نرس منهنجي مشڪندي مرحبا ڪئي پريان ڦلٽو صاحب اکيون پوريو سڌو ٿيو ليٽيو پيو هو. آءٌ اتي ترسي وڌيس، ته هوءَ نرس اڳتي اچي تمام آهستگيءَ سان چوڻ لڳي، ”صاحب آرام ۾ آهي. اوهين ڀر واري ڪمر ي۾ ويهي سگهو ٿا. هو هينئر ته ستو آهي، ڊاڪٽر کيس ننڊ جي سُئي هنئي آهي. پورن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ سجاڳ ٿيندو. ايترو انتظار نه ڪري سگهو ته پنهنجي ائڊريس ڏيئي وڃو. اٿڻ تي کيس سڀڪجهه ٻڌايو ويندو. آءٌ ٻئي ڪمري ۾، ڪوچ تي به الاجي ڇو، پاڻ کي بي آرام سمجهڻ لڳس. پر نرس ڳالهائي رهي هئي.
    ”ڦلٽو صاحب سٺو مريض آهي، هتي کيس چار مهينا ٿي ويا آهن. علاج جاري آهي، هو هاڻي جسماني طور ته بلڪل ٺيڪ آهي- البت ذهني طور ٿوري گڙٻڙ اٿس. ڳالهائي گهڻو ٿو ۽ ننڊ به ٿوري ٿو ڪري. هزارين شعر برزبان ياد اٿس. نهايت لاثاني انسان آهي. سچ پچ مون کي فخر آهي، ڦلٽو صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو اٿم.“
    اڃا هفتو کن مس گذريو هوندو، ٽاڪ ٻن پهرن جو وقت هو، ڪانگ جي اک ٿي نڪتي، ته گهر واريءَ گهٽيءَ ۾ موٽر جو هارن، خطري جو گهگهوءَ وانگر، رانڀاٽ ڪرڻ لڳو. دروازي تي ٺڪا ٺوڪي شروع ٿي ويئي. ڄڻ مترڪي سان ڪو دروازي تي پنهنجي طاقت آزمائيءَ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون ڊوڙ پائي وڃي دروازو کوليو..... ”او! اهين آهيو! ڦلٽو صاحب! اچو، اچو، لک مهربانيون، اوهين پاڻ ۽ پنهنجي سر! ڀلي ڪري آيا!“
    پر ڦلٽو صاحب پوئتي هٽي، تڪڙو تڪڙو وڃي موٽر ۾ ويٺو. لاچار وڃي ڀر ورتيمانس، ته هن موٽر اسٽارٽ ڪري ڇڏي. مون رڙ ڪندي چيو، ”هيءُ ڇا آهي، ڦلٽوصاهب؟“ هُن کلندي وراڻيو، ”بس تنهنجي سِڪ لڳي هئي، سو توکي ڏٺم، هاڻي جوڳي رمتا ڀلا!“ ”پر.....پر!“ ”پر...... پر ڪجهه ناهي. اڄڪلهه، هينئر ۽ هن وقت، مون وٽ منٽ منٽ جو پروگرام آهي- وقت دناي جي هر ڪنهن شيءِ کان مهانگو آهي- هڪ اهم ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻو اٿم- بس بس.... سڀاڻي تنهنجو مهمان آهيان.....“ ۽ هُو هليو ويو.
    ڪيتريون ’سڀاڻي‘ گذري ويئون....... هن پنهنجو واعدو وساري ڇڏيو هو...... ڦلٽو صاحب...... شايد مصروف هو. پر هڪڙي ڏينهن شهر جي چؤواٽي ڀرسان نوجوان جي ميڙاڪي ۾ نظر اچي ويم. هو انهن سان ڳالهائي رهيو هو... ”نوجوان ملڪ ۽ قوم جو سرمايو آهن. سڀاڳي آهي اُها سرزمين جنهن جا نوجوان سجاڳ آهن. سياسي سياڻپ جو هتي ڏيوالو نڪتل آهي. اچو اچو..... نوجوانو! اسان جي خالص سياسي جماعت ۾ شامل ٿي وڃو... اسان کي، نه.... اسان جي وطن کي ايماندار ۽ خلوص وارا سياسي ڪارڪن گهرجن. مردن ۽ عورتن کي گڏجي ڪر۾ ڪرڻ گهرجي.“
    ”اُها مردن ۽ عورتن واري ڳالهه وري ڪجو، ڦلٽو صاحب...“
    ”آءٌ جوان ٿو جاهل نه ٿيو.... مرد ۽ عورت، قدرت جو عظيم عطيو آهن. پراڻيون روايتون مدي خارج ٿي چڪيون آهن. آزاد يورپ ڏانهن ڏسو. اسان جي پارٽيءَ ۾ باهمت عورتون به آهن..... پارٽيءَ جي هر گڏجاڻيءَ ۾ بين الاقوامي سطح تي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ڇنڊڇاڻ ٿيندي آهي. انساني زندگي ڇا آهي....؟ انساني زندگيءَ جو سارو دارومدار اسان جي اقتصادي حالتن تي ئي آهي.... اسان جي آفيس اٺ ئي پهر يعني رئونڊ دي ڪلاڪ کليل ٿي رهي. او..... هو.... ڏسو...... سي. آءِ. ڊيءَ. جو سپاهي پيو اچي!...... اچي پيو ته ڇا ٿيو ٽڪي جو نوڪر آهي: ڇا ڪندو؟ متان ڊنا آهيو.“
    پر هڪڙي رڙ ڪئي، ”يارو هتان ڦُٽي وڃو، پاڻ کي ٻوهي ۾ نه وجهو.“
    ٻئي نوجوان چيو، ”جلدي ڪريو! سڀئي ٽڙي پکڙي وڃو! ٿي وڃو دودو يارنهن!“ ۽ پوءِ سڀئي نوجوان هڪٻئي ڏانهن اشارا ڪندا، کلندا، ڇڙوڇڙ ٿي هليا ويا. ۽ هُو ڦلٽو صاحب ڪنڌ هيٺ ڪري. ڀڻ ڀڻ ڪندو، پنهنجي پاڻ سان جهيڙيندو. ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو.
    عجب اتفاق آهي. ٻئي دفعي به ڦلٽو صاحب کي رستي تي ڏسڻ جو موقعو مليو. اهڙي شل ڪنهن سان به نه ٿئي. هو اونڌو ٿيو پيو هو ۽ منهن گٽر ڏانهن هوس. هو هوش ۾ ڪونه هو. شايد وري ڪو حادثو ٿيو هو. رستو ته بلڪل ويران هو. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ٿي لنگهيو، سو به کيس ڏسي، ڪنڌ ڦيرائي ٿي هليو ويو. پر هڪ پوليس واري خبرناهي ڪيئن کيس ڏسي ورتو. هن پهرين کيس اٿلائي، سڌو ڪيو. پوءِ ڇاتيءَ تي هٿ رکي، ائين اٿي کڙو ٿيو ڄڻ کيس ڪنهن ٿيلهو ڏنو هو، ۽ پوءِ حقارت سان منهن تي رومال رکي، چوڻ لڳو صاحب ٿيا آهن. شراب جي بدبوءِ، آءٌ اجهو ٿو ڀيڻ.... جو بندوبست ڪريان.‘
    پوليس واري پٺ ئي مس ڏني هوندي، ته ڦلٽو صاحب اٿي، ڪپڙا ڇنڊي، کڙو ٿيو ۽ پوءِ هڪ چڱي ڀلي ماڻهوءَ وانگر رستو پار ڪري هليو ويو.
    هن ڀيري ڦلٽو صاحب شهر جي ڪورٽن وٽ ڏسڻ ۾ آيو. ماڻهن جا ڪي ميڙ هئا. پر ڦلٽو صاهب پري کان پڌرو هو. اڄ ته هن کي وڪيلن وارو ويس ڍڪيل هو. ڪارو ڪوٽ ۽ اڇو سوٽ، هو سچ پچ وڪيل ٿي نظر آيو. وڪيلن وانگر هن سان به ست اٺ همراهه گڏ هئا. هو انهن سان ڳالهائي رهيو هو. ”چاچا، ماما، بابا... بس ڪيس هلي سهي. پنهنجو ڪم اصل پڪو آهي. سرڪاري رڪارڊ کان وڌيڪ ٻيون ڪهڙيون ثابتيون ٿينديون؟ زمينون پنهنون آهن. اسان جون آهن. متان ڊنا آهيو. ڇاچا، تون سڀني جو وڏو آهين، پير کوڙي سچ چئجان.“ اهي زمينون اسان جي ابن ڏاڏن کان به آڳاٽيون آهن.
    ”جج وٽ روبرو ۽ دوبدو اهي سڀ ڳالهيون ٿينديون. قانون اسان جي پاسي آهي. ۽ هيٺيان بندوبست پڪو آهي.“
    ڦلٽو صاحب جو بندوبست ٿيو يا نه تنهن جي خبر ملائڪن کي، باقي انهيءَ زماني ۾ اهو افواهه ضرور ٻڌڻ ۾ آيا هئا ته ڦلٽو صاحب جي پاٿاريدارن بنهه ڪي ٻيا آڏا ابتا ڪم ڪيا آهن. پر حق جي ڳالهه اها آهي ته ڦلٽو صاحب جيڪڏهن ڪا ابتي ڳالهه ڪندو هو، ته اها پاڻمرادو سُبتي ٿي پوندي هئي. هو پنهنجي حريف کان هارکائڻ يا پٺ تي هٽڻ لاءِ ته ڄائو ئي ڪونه هو. حوصلي جي به ڪا ڳالهه ٿيندي آهي! ڦلٽو صاحب هڪ ئي ٽپ ۾ سڀئي سرحدون اورانگهي ويندو آهي.


    وڏو صاحب

    وڏو صاحب

    ڪن سالن کان پوءِ:- تازو واٽ ويندي نثار سان ملاقات ٿي هو هڪ شاندار موٽر مان لٿو هو، ۽ آءٌ اتفاق سان هن جي آمهون سامهون هوس، هن سان گڏ ٻيا به ڪي ماڻهو هئا، هو شايد ڀر واري هوٽل ڏانهن پئي ويا. پر منهنجي ڀرسان اچي نثار صاحب بيهي رهيو، مون کي خبر هئي ته هو هن وقت هڪ وڏو صاحب هو، هن مونکي سڃاتو هو ڀاڪر پائي، اهڙيءَ ريت مليو، جو ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هجون، نهايت هجائتي نموني تي کيڪاري پڇڻ لڳو، ”ڪهڙا حال احوال آهن؟“ خوش ته آهين نه!“.... ۽ آءٌ.... دل ئي دل ۾ هڪ دوست جي دوستيءَ ۽ پنهنجائپ واري اظهار تي محسوس ڪري، چوڻ لڳس، ”حال احُال ته الاهي آهن، ۽ ساڳيءَ ملازمت ۾ آهيان، بس مڙئي پيا هلون، خوش آهيان، جي فرحت هجيئي ته ڪٿي نويڪلائي ۾ ويهي، ڪا روح رهان ڪيون. ڀلا، رات جو منهنجي گهر اچي ماني کائج!“
    نثار مرڪندي وراڻيو، ”يار، تنهنجي دعوت اکين تي، تنهنجو گهر ته منهنجو گهر آهي، پر اڄ هتي منهنجا مختلف پروگرام آهن، آءٌ مصروف هوندس، ٻه ٽي ڏينهن هتي آهيان. پاڻهي ئي اچي تنهنجو دروازو کڙڪائيندس ۽ حاضري ڀريندس.“ آءٌ اڃا پنهنجي دعوت کي پڪي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موزون اکر ويچاري رهيو هوس ته نثار صاحب ”خدا حافظ“ چئي، پنهنجن ٻين دوستن سان ڀر واري هوٽل ۾ هليو ويو......
    هو مون کي ائين ايڏيءَ حب سان ملڻ کان پوءِ ڇڏي هليو ويو، تنهنجو ارمان ۽ افسوس ته ٿيم، پر اهو احساس بلڪل لحظي لاءِ پيدا ٿيو هو.... هو جنهن نموني تي مون سان مليو هو، هن جنهن طريقي تي مون سان ڳالهايو هو.... هو ته ساڳيو ئي نثار، اهو نثار جيڪو منهنجو دل گهريو دوست هو ۽ ننڍي هوندي جو يار هو، ڇا ٿي پيو- اها ته قسمت جي ڳالهه آهي، جي اڄ هو هڪ وڏو صاحب آهي، ۽ آءٌ هن جي ڀيٽ ۾ هڪ معمولي ملازم. هو واقعي مصروف هوندو، هن پاڻمرادو مون وٽ هلي اچڻ جو وعدو ڪيو آهي، هو ضرور ايندو. مون کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي، دنياداري ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا ڪم ٿيندا آهن ۽ پنهنجون ذميواريون.... نيٺ هو وڏو صاحب آهي.... پر صاحب وندو ٻين لاءِ، منهنجو ته هو دوست آهي.... ۽ ائين ويچاريندي، آءٌ شهر مان ٿيندو، اچي پنهجي گهر پهتس.
    خبر ناهي ڇو اڄ آءٌ غير معمولي طور خوش هوس، گهر اچي، آئون پنهنجي ڪمري ۾ صفائي ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳس، گهر وارن سان پڻ نثار صاحب واريءَ ٿيل ملاقات جو ذڪر ڪيم، دراصل نثار سان منهنجا تعلقات مٽن مائٽن کا به وڌيڪ هئا، هو اسان جي گهر ۾ آءٌ هن جي گهر، ايندا ويندا هئاسين. اهو ئي سبب هيو، جو گهر جا سڀيئي ڀاتي هن جي استقبال ۽ آڌر ڀاءُ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا، سڄي گهر کي موقعي جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو. هن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هيم، تنهنڪري سيڌي سامان تي به خرچ ڪيم. نثار صاحب جڏهن به مون وٽ ايندو هو ۽ ماني کائيندو هو، ته مڇيءَ يا مرغيءَ جي فرمائش ضرور ڪندو هو. اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکي ٻيئي شيون وٺي آيو هوس، هن انهيءَ بندوبست کان پوءِ واقعي جيڪڏهن ڪا ڪسر رهجي ويئي هئي ته اها هئي خود نثار صاحب جي گڏجاڻي ۽ سندس يادگيريون.
    اهو ڏينهن گذري ويو، شام آئي ۽ رات ٿي، رات جا ڏهه به ٿي اويا پر نثار صاحب ڪونه آيو، نثار صاحب ته ڪونه آيو پر هُن جون يادگيريون، وساريان نه وسرڻ جهڙيون ڳالهيون، وري وري دل ۽ دماغ ۾ پئي آيون، سالن جا سال گڏ گذريا هئاسين. ساڳيئي، اسڪول ۾ پڙهيا هئاسين، گڏجي رانديون ڪيون سين، ۽ شرارتون به گڏجي رٿيندا هئاسين ۽ واري وٽيءَ تي گهران پئسا چورائي بهانا ڪري، چيري ميري به ڪندا هئاسين، ته فلمون به ڏسندا هئاسين، جڏهن اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين، ته خاص ڪري محمود کي، جيڪو ان وقت اسان جو هم ڪلاس هو، هٿرادو جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي، پورو مهينو، هر روز آڌيءَ رات جو لڪي لڪي جنن جهڙا ڪرتب ڏيکاري، کيس ڊيڄاريو هيوسين، هن کي اهڙيءَ ريت ڊيچاريو هيوسين، جو توبهه، الاامان! جڏهن هاسٽل جا سڀيئي شاگرد سمهي رهندا هئا، تڏهن اسان جون شرارتون شروع ٿينديون هيون، رڍن ۽ ٻڪرين جون سسيون ڳاڙهي رنگ ۾ تر ڪري، هن جي بستري تي اسان اڇلايون هيون، ته ساڳئي وقت وڌيڪ هراس پيدا ڪرڻ لاءِ مئل گڏهه جا ڪن ۽ اُٺ جون سسيون به هٿ ڪري محمود جي ڪمري ۾ رکيون هيوسين. هر هرات ڪانه ڪا شرارت ضرور ڪندا هئاسين، نه رڳو محمود جو پر سڄيءَ هاسٽل جي ڇوڪرن جو سُک ڦٽائي ڇڏيندا هئاسين، پر جيئن چوندا آهن ته اُڻٽيهه راتيون چور جون ٽِهين رات ساڌ جي، سو هڪڙي رات اسان ٻيئي جهلجي پياسين. معاملو هيڊ ماستر تائين پهتو، هن اسان کي ڏاڍي مار ڏني. پر جڏهن آءٌ ۽ نثار سزا کائي ٻاهر نڪتا هئاسين، ته کلي کلي خيرا ٿي پيا هئاسين. ڪهڙو نه دؤر ۽ زمانو هو، اهو، بي پرواهيءَ جو ۽ معصوميت جو، اهو محمود جنهن کي اسان ڊيڄاريو هو، هن وقت ڊپٽي ڪمشنر آهي ۽ مون وارو دوست نثار به هينئر هڪ وڏو صاحب آهي- ۽ آئون هڪ معمولي ملازم هوس، مون لاءِ حالتون اهڙيون هيون، جو ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي بدران ڪلارڪ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوم.
    نثار ڪاليج ۾، آءٌ نوڪريءَ ۾، ته به اسان جي دوستيءَ ۾ ڪو فرق ڪونه پيو هو، گڏجي گهمندا هئاسون، ۽ گڏجي شرارتون به ڪندا هئاسين، جيئن چوندا آهن ’ياري ۾ ڪهڙا ليکا‘، سو پئسن جي معاملي ۾ اسان پاڻ ۾ ، ڪڏهن به حساب ڪتاب يا ليکو چوکو ڪونه ٿي ڪيو. هڪڙي ڀيري جڏهن هن جي چوري ٿي ويئي هئي، ته مون پنهنجي پوري مهيني جي پگهار رضا سان سڄي جو سڄو هن کي ڏيئي ڇڏيو هو، ايترو ياد اٿم ته هن کان اُهي پئسا مون ڪڏهن به ڪين گهريا هئا، نه ڪي هن پاڻ ئي مون کي موٽايا هئا.
    انهيءَ وچ ۾ منهنجي دوست نثار عشق به ڪيو هو، ان معاملي ۾ آءٌ ئي هن جو رازدان ۽ همدرد هئس، مون پنهنجي جانجوکي ۾ وجهي به هن جي مدد ڪئي هئي، نثار به مون تي ساهه پساهه ڇڏيندو هو- اسان جي دوستيءَ کي ٽيهه پنجٽيهه سال ٿي ويا هوندا، پر ٻنهي جون يادگيريون ۽ ٻنهي جي زندگيءَ جو تعلق رکندڙ بيشمار ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ۽ واقعا مون لاءِ ڄڻ ڪالهوڻي ڪالهه ٿيا هئا، هو منهنجو دوست ۽ ننڍي هوندي جو يار هو، پنهنجي ياد نثار جي انتظار ۾، پيو ڏينهن ۽ رات به گذري ويئي، ٽيئن ڏينهن ۽ ٽيئن رات به هو مون ڏانهن لڙي ڪين آيو. خبر ناهي ڇو مون هن جي لاءِ يڪو پئي انتظار ڪيو، ۽ سچ پچ ته ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جي هر ويلي تي هن جي لاءِ مڇيءَ ۽ مرغيءَ جو بندوبست به ڪيو هوم.
    ڇا، نثار، صاحب ٿي، واقعي وڏو ماڻهو ٿي ويو؟ ڇا، دوستيءَ جا معيار بدلجي چڪا هئا، ڇو هو مون وٽ ڪين آيو هو ۽ اهي ۽ اهڙا سوال مون بار بار پاڻ کان پئي ڪيا، پر نثار کي وساري ويهڻ منهنجي وس ۾ ڪين هو، آءٌ هن جي پڇا ڪندو رهيس، نيٺ پنجين ڏينهن خبر پيم ته ڊاڪ بنگلي ۾ ترسيل آهي، آءٌ پنڌ ڪري وڃي اتي پهتس، کيس پري کان دروازي تي بيٺل ڏٺم. آءٌ خوشيءَ وچان تڪڙو تڪڙو پڳس، ۽ جيئن ويجهو اچي دروزي تي پهتس ته نثار صاحب کي کسڪندو ڏٺم ۽ اندران هڪ چاڪ چوبند وردي پيل ماڻهو تيزيءَ سان وڌي مون ڏانهن آيو. هن مون کي روڪيو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪير آهين؟ هتي ڇو آيو آهين؟ نثار صاحب نهايت مصروف آهي ۽ اندر آفيسر ويٺا آهن- هو ڪنهن سان ڪين ملندو......“ پر آءٌ ته هن جو دوست آهيان، تون هن کي اندر وڃي ٻڌاءِ ته سهي، مون وڏي اعتماد سان چيو، (وردي پيل ماڻهو مون ڏانهن هڪ چوبدار وانگر ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ آءُ ڪو چرو هوس). ڏسين ڇا ٿو؟ وڃي صاحب کي ٻڌاءِ! مون وري کيس ورجايو.
    هو مڙي دروازي ڏانهن ته ويو، پر موٽي اچي چوڻ لڳو، ”نثار صاحب نهايت مصروف آهي، هو ڪنهن سان به ملڻ نٿو چاهي، هن جو هن شهر ۾ ڪوبه دوست ڪونهي.......“
    منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسڪي ويئي- منهنجي دوستيءَ جو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو هو، مون کي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ۽ نه ڪي اهو فيصلو ڪري سگهيس ته هاڻ مون کي اُتي ترسڻ گهرجي يا موٽي واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.


    عورت

    عورت

    ڊاڪٽر موهن عينڪ صاف ڪري اکين تي چاڙهي شياما کي حيرت ۽ غور وچان ڏسڻ لڳو. هن سر کڻي جهڪايو، شايد رڳو انهيءَ ڪري ته ڀل هو جانچي ڏسي. هوءَ بلڪل حسين هئي ۽ نوجوان..... امير گهراڻي جي ڇوڪري هئي. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي هئائين. ٿوري عرصي کان پوءِ هوءَ منهن مٿي ڪري چپ چور لڳي. پنهنجي ٻانهن مان سوني چوڙي لاهي آڱر ۾ ڦيرائڻ لڳي. ڦيرائڻ کان پوءِ هوءَ چوڙي پير ۾ وجهڻ لڳوي. هن جي چرهي تي ٿوري حيا جي سُرخي هئي ۽ اکين ۾ ڪشش، هن چوڙيءَ کي زور ڏيئي مٿي ٿي چاڙهيو مگر چوڙي پير ۾ وڃئي نه، نيٺ جڏهن هن جو نازڪ لعل ۽ اڱريون ڳاڙهيون ٿي ويون، تڏهن بس ڪيائين هوا ۾ هٿ هيٺ مٿي ڪري ڊاڪٽر کي ڏسي کلي، کلندي چوڙي، کڻي وات ۾ وڌائين. ڏندن ۾ هڪڙو پاسو جهلي پنهنجي هٿن جا آڱوٺا وجهي ڇڪڻ لڳي. هن جي ٻنهي آڱوٺن ۾ وڍ پئجي ويا. چوڙي وات مان ڪڍي. بيپرواهيءَ سان در کان ٻاهر پنهنجي سموري طاقتن سان اڇلايائين، هوءَ پنهنجا آڱوٺا چتائي ڏسڻ لڳي. وري پنهنجي پير ڏس ۾ لڳي آهستي ڪنڌ ڦيرائي هن ٿُڪ اڇلائي، ڊاڪٽر موهن جنهن هن کي ڏٺو ويٺي سو هن جي ٿُڪ ۾ رت ڏسي ميز تي پيل گهنڊڻيءَ جو بٽڻ دٻايو. ڊاڪٽر موهن جو شڪ پورو نه بيٺو جيئن هن سمجهيو ٿي، گهنڊڻيءَ جي وڃڻ سان هڪ پوڙهو ڇپڙاسي حاضر صاحب، چئي اچي ڊاڪٽر وٽ بيٺو. جو! ليڊي وارڊ کي ٻڌاءِ ته هنن مريضن کي 17- نمبر واري ڪوٺيءَ ۾ رکي.“ پوڙهو شياما کي ڏسي (حاضر صاحب) چئي دروازي ڏانهن وڌيو.
    ڊاڪٽر شياما کي ڏٺو، هن جي چهري تي خوشي هئي ۽ اکين ۾ زندگي. ڊاڪٽر وري بٽڻ کي زور ڏنو، راجو وري موٽي آيو. ”راجو چانهن کڻي اچ، پوءِ وارڊر ڏانهن وڃ.“
    ”حاضر صاحب“ چئي هو ويو هليو. شياما کي خوش ڏسي ڊاڪٽر وري شڪجي پيو. ٻيا به وٽس گهٽائي مريض آيا ٿي. هن جو ڌنڌو ئي پاڳلن سان هو، مگر هن جي دل ۾ الائجي ڇو ويساهه ئي نه ٿئي، ته شياما ڪا سچ پچ پاڳل آهي. شياما ڪرسيءَ تان اُٿي. ڪرسيءَ جي هيٺان ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، ”شياما! هي ڇا ٿي ڪرين؟“ هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، ڪرسيءَ جي هيٺان ٿوري جاءِ هئڻ ڪري ويهي نه سگهي، تنهن ڪري ڪرسي کي کڻي مٿي تي رکيائين.
    ”شياما! هيڏانهن اچ“.... ڊاڪٽر جي آواز تي جيئن لاچار شينهن پڃري مان نڪري تيئن ڪرسي لاهي شياما اتان ئي ڊاڪٽر ڏي نهارڻ لڳي. نهاري وري ڪرسي کڻي مٿي تي رکيائين. ايتري ۾ راجو جي اچڻ جي ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ ۾ آئي. شيما گهڀير ٿي ڪرسي کان نڪري جيسين راجو اندر اچي ئي اچي تيسين هوءَ وري اچي ڪرسيءَ تي ويٺي. اکيون پيرن ۾ کوڙي ڪجهه سوچڻ لڳي، ڊاڪٽر عينڪ لاهي کيس نهاري چانهه جون ٻه پياليون ٺاهيون. هڪ پيالي شياما ڏانهن وڌائي چوڻ لڳو، ”شياما، خبر ناهي مون کي الائجي ڇو توسان همدردي آهي... هان هي چاءِ وٺ.“
    ”ڊاڪٽر صاحب! اوهان جي همدرديءَ جي مهرباني.“ هوءَ چانهه وٺي پيئڻ لڳي، ڊاڪٽر کي چتائي پئي ڏٺو. ٻنهي چانهه پي پوري ڪئي.
    ”شياما! ڇا تون سچ پچ پاگل آهين؟“
    ”ته ڇا اوهان کي شڪ آهي؟“ هنن چيو، ورائي ڪنڌ هيٺ ڪري هو مشڪڻ لڳي. ڊاڪٽر جو شڪ وڌندو ويو. هن ڪنڌ مٿي ڪري ڇت ۾ نهاريو، وري ساڙهي جو پلاند پاسيرو ڦاڙي ٻن ڇيڙن کي کڻي ڳنڍ ڏنائين، اُٿي اهو ڊاڪٽر جي ڳچيءَ ۾ وڌائين.
    ”ڪهڙو نه سٺو هار آهي، ڊاڪٽر! ڊاڪٽر سٺو هار آهي نه! ڊاڪٽر کلندي راجو کي اشارو ڪيو، شيامان چپ چاپ راجو سان پنهجي نئين گهر ۾ وڃي پير پاتو جتي هينئر هميشه لاءِ کيس رهڻو هو.
    ڊاڪٽر موهن روزانو شياما کي تپاسڻ لاءِ ويندو هو. هو آزمودگار ڊاڪٽر هو، خاص ڪري پاڳلن جي علاج ۾ هاڪارو هو. هو ٻين مريضن کي به ڏسندو هو، مگر شياما سان هن جي غير معمولي دلچسپي ٿي. ڊاڪٽر ڪلاڪن جا ڪلاڪ شياما سان ويهي ڳالهيون ڪندو هو. هوءَ اهڙي ريت پورا، سٺا ۽ وڻندڙ نموني جا جواب ڏيندي هئي، ڊاڪٽر جو شڪ وري يقين جي درجي تي پهچڻ لڳو. شياما قتل جي الزام ڪري گرفتار ٿي هئي، ڏوهه بلڪل صفا ۽ ظاهر هو، ثابتي به ڪافي هئي، پر شياما جي پاڳل هئڻ ڪري کيس ڦاسيءَ بدران پاڳل خاني ۾ موڪليو ويو هو.
    منوهر شياما جي پاڙي جو هڪ نوجوان ڇوڪر هو ۽ شياما جي شادي ان سان ٿيڻي هئي، موهن شياما جي گهر ايندو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن شياما کيس پستول جو نشانو ٺاهي ڇڏيو. دماغي خلل کان سواءِ شايد ٻي ڳالهه ڪانه هئي، جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو هو. ڊاڪٽر موهن ڪيترائي ڀيرا انهيءَ راز کان واقف ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي مگر شياما ان بابت کيس ڪجهه به ڪونه ٻڌايو.
    شياما جي دماغي حالت جهڙي هئي، تهڙي رهي نه ته هوءَ پاڳل نٿي معمول ٿي ۽ نه هوءَ عاقل ٿي ڏسجڻ ۾ آئي، رڳو ايترو فرق ظاهر هو ته هوءَ روز روز ڪمزور ٿيندي پئي وئي. ٽن سالن جي اندر شياما بلڪل بدلجي چڪي هئي. هن جو چهرو ڪومايل گلاب وانگر ٿي ويو، اکيون ڏارا ڏيئي اندر تي گهڙي ويون هيون. گدرايل مرمري جسم ڦري زرد هڏن جو پڃرو ٿي پيو هو. ايتري قدر جو هوا جي تيز جهٽڪي ۾ بيد وانگر لچڪي ويئي. ڊاڪٽر موهن نه رڳو ڊاڪٽر هو پر فلسفي به هو. هن پنهنجي سڄي عمر ۾ شياما کان زياده ٻئي ڪنهن کي چڱي طرح ڪونه جانچيو هو. مگر شياما جي سڄي حالت کان باخبر رهڻ هن جي لاءِ بي جواب معمو هو. ايترو سو شڪي هو. هن سمجهيو ٿي ته شياما کي دل جي بيماري آهي ۽ نه دماغ جي.
    هڪ اونداهي رات جڏهن چوڌاري خاموشي ڇانيل هئي، ڊاڪٽر موهن پنهنجي لائبرري ۾ پڙهڻ ۾ مشغول هو، هو فلسفي جا ڪتاب پڙهي اونهو ويچار ڪري رهيو هو. چوڌاري خاموشي هئي، ڪيڏي ڪيڏي مهل هن جي پنن اٿلائڻ جو کڙڪو ٿي ٿيو. اوچتوئي اوچتو ٻاهر گوڙ ۽ هل ٻڌڻ ۾ آيو، هو ڪتاب بند ڪري ٽارچ کڻي ٻاهر نڪري آيو، شايد پاڳل خاني کي باهه لڳي هئي، باهه جا الا ڀڙڪاٽ ڏيو مٿي ٿي ويا، هو تمام تڪڙو شياما جي ڪوٺيءَ ڏانهن ڊوڙيو، جا جلي رهي هئي. اندر شياما کٽ تي سمهيل هئي، باهه جون ڄڀيون کٽ کي ڳڙڪائڻ لاءِ بيرحمي سان وڌي شياما کي پهچي رهيون هيون. هن جا ڪپڙا سڙڻ لڳا، اهو ڏسي ڊاڪٽر موهن بي تاب ٿي ويو. ماڻهن چوڌاري شور ۽ واويلا مچائي ڏني هئي، مگر باهه وسائڻ يا شياما کي بچائڻ جو الڪو ڪنهن کي ڪونه هو، ڊاڪٽر موهن نڪا ڪئي هم نڪا تم، يڪدم ٻاهر آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    شياما ڪنجهي رهي هئي. هن جي نازڪ، خشڪ ۽ سڙيل چپن مان پرڀو پرڀو جو آواز رکي رکي پئي نڪتو، هن جي بدن جو اڳيون حصو سڙيل ڪپڙن مان صاف ڦوڦينڊن سان ڦوڪجي پيو هو. منهن سڄو سُڄي ڳاڙهو ٿي ويو هو. مٿي جي وارن جو اڳيون اڌ حصو جلي خاڪ ٿي اڏامي ويو هو ان جي جاءِ تي ڪلاري چمڙي چلڪي رهي هئي، ڄڻ اتي قدرت ڪا گنج ٺاهي هئي، اکين جي پورن ۽ پنبڙڻن جو ته ڪو نشان به ڪونه هو. ڊاڪٽر ٻن ٽن نوڪرن جي مدد سان هن کي پنهنجي بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ کڻائي آيو ۽ کيس ڊگهيءَ ميز تي ليڙارئي يڪدم دوا درمل شروع ڪيائين. مگر شايد هوءَ لاعلاج ٿي چڪي هئي، ڊاڪٽر نهايت هوشياريءَ سان سڙيل ڪپڙا لاهي، پائوڊر ۽ پلئسٽر هڻڻ لڳو، نهايت خبرداريءَ سان باهه جي بيرحمي کي جانچي جونچي ذري زري کي اوزارن سان ڏسي جدا جدا دوا ٿي ڪم آندائين. پرهه ڦٽي چڪي هئي، ڊاڪٽر موهن پورن پنجن ڪلاڪن جي محنت کان پوءِ پنهنجي دل جي پسندي ۽ خاطريءَ موجب ڪوشش ڪندي پنهنجو فرض اميد کان وڌيڪ پورو ڪيو. هن جي اکين ۾ ره۾ هو مگر بيحرم هٿن سان فائدي لاءِ جيڪو درد شياما محسوس ٿي ڪيو، تنهن مان ظاهر ته ائين معلوم ٿي ٿيو ته مريض جو اجهو ٿو دم ٽٽي. مگر سخت جان شياما کي اڃا ڪو وڌيڪ دک سهڻو هو. هوءَ ڪنجهندي رهي، ڪيڏي مهل پرڀو پرڀو ڪري بس ٿي ڪيائين. ڊاڪٽر موهن نراڙ تان پگهر اُگهي پنهنجي آپريشن وارو ڪوٽ لاٿو. هٿ ڌوتائين، هو لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪ ڪم ڪري ٿڪجي پيو هو. مگر تنهن هوندي به هو وري سگريٽ دکائي ٿڪ ٽارڻ جي بهاني سان ڪرسي تي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، شياما جو لهسيل چهرو ڏسي پنهنجي دل کان پڇڻ لڳو، الائجي شياما بچندي يا نه؟ ويچاري شياما! شياما، مون تنهنجي لاءِ هر ڪا ممڪن ڪوشش ڪئي، مگر تنهنجو راز.... آخر راز رهجي ويندو ڇا! سچ پچ شياما پاڳل هئي ڇا؟ هن پاڻهي پاڻ کي ڇو ساڙيو؟ ٽن سالن جي عرصي اندر هن ظاهري طرح ته پاڻ کي ڳاري سڄو جلائي ڇڏيو هو. روپ ۽ رنگ ته اڳيئي بدلجي چڪو هوس، باقي بدن کي هن ريت جلائڻ ضروري هو ڇا؟ پاڳل کڻي ڪيترو به پاڳل هجي مگر هو ڪڏهين به آپ گهات جي اهڙي زبردست ڪوشش نه ڪندو. پاڻ کي ساڙڻ جي چالاڪ ڪوشش ثابت ٿي ڪري ته هن جو دماغ سالم هو، هن جي دل بيمار هئي، شايد هن جي دل پاڳل هئي.“
    شياما اتي پرڀو پرڀو چوڻ لڳي، هن جو سڄو بدن ڪپهه ۽ پٽين سان قابو هو، هن جو مٿو، اکيون وغيره به پٽين سان وڙيل هيون، رڳو نڪ ۽ وات وٽ خال هيس، جنهن سان هوءَ ساهه کڻي رهي هئي ۽ وات سان ڪنجهي رهي هئي ”پرڀو پرڀو“ جي لفظن ڊاڪٽر جي خيالن جو سلسلو ٽوڙيو.
    ’هو پرڀو کي ياد ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”آخري وقت يا تڪليف ۾ هرڪوئي پرڀوءَ کي ياد ٿو ڪري مگر خوشي ۾ پاپن ڪرڻ مهل کيس انسان وساريو ڇڏي. ڌڻي پنهنجي پاپين کي ڍر سا ڏيئي ٿو، مگر بدلو سو ضرور ٿو ڏيئي، تڏهن شياما به ڪو پاپ ڪيو هوندو! هي سڀ ان جو نتيجو آهي. شايد هن جي ڪنهن سان دل هجي! هن جي دل به شايد پريم ڪري ئي پاڳل ٿي هجي. هي نتيجو شايد دنيا ۽ ان جي سماج ڪري ٿيو هجي. ڊاڪٽر فلسفي جو ماهر هو. دنيا ڏٺي هئائين جهونو هو. شيانا سان دلچسپيءَ هوندي به تن سالن جي ڊگهي عرصي کان وٺي ويندي هن حادثي تائين هو ڪنهن به فيصلي تي پهچي نه سگهيو هو.
    مٿان بورڊ پئي لٽڪيو، جنهن تي ’بسم الله هوٽل‘ لکيل هو، سامهون ٻيو بروڊ هو، جنهن تي وري ”سبحان الله هوٽل“ جا اکر لکيل هئا. سمججهيم ته اُهي ڪي نئين نموني جون اسلامي هوٽلون کليون آهن، جن ۾ ’لا الله الا الله‘ جو ذڪر اذڪار ٿيندو هوندو، چتائي کڻي ڏسان ته هت ته ڪوپ ساسر جي ڪڙڪڙ ۽ سگريٽ جي دونهين جون لاٽون لامارا ڏيئي رهيون هيون... باقي خير صلاح.
    پاسي کان، ’پاڪستاني اسٽور‘ وٽ/ ٻهراڙيءَ جا ڪارن ڪپڙن سان ماڻهو، بافتي جو ڪپڙو ڏسي رهيا هئا. منهنجو روح به نه رهيو، اڳتي وڌي مون به ڪپڙي کي هٿ لاتو ۽ اگهه پڇيو، چي، ”صرف تين روپيه گز“ تاڪئي کي اٿلائي کڻي ڏسان ته احمد آباد جي ڪارخاني جو ٺپو نظر آيو ۽ مال هلندڙ مهيني جوئي نڪتل هو، وري عجب ته اهو، جو ان جي ريزڪي وڪري جو اگهه ڏهه آنا وال هو.
    بيٺلن مان هڪڙي ڄڻي چيو، ”شڪر آهي ڪپڙو ملي ته ٿو، سهانگو يا مهانگو، نه ته ڪنٽرول جي زماني ۾ ته ڪپڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.“ وري ٻئي ڦٽل ڦٽل اردوءَ ۾ چيو، ”دو روپيه وٺينگا؟“ اهي اکر ٻڌندي دڪاندار جي چهري جو رنگ بدلجي ويو، ڳوٺاڻن کي هيٺ مٿي نهاري، چرئي وانگر رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”جائو جائو، بڙي آئي ليني والي، دو روپئي مسن تو ٽاٽ ڪي بوري بهي نهين ملتي،... جا، جا! تمهاري بابپ دادا ني بهي ڪپڙا پهنا تها.“ هن جو آواز هن جي چهري وانگر ڦري ذري گهٽ جانور جهڙو ٿي پيو.
    هو ويچارا هڪا ٻڪا ٿي، دڪان ڇڏي، پاڻ ۾ گڏجي ٻاهر ٿي بيٺا، جهڙيءَ طرح ڪارا ٽنڊڻ ننڍن ٻارن جي ستائڻ تي ڇرڙ هڻي دت ڪندا آهن.
    ڪي لانگهانو وري پاڻ ۾ چوندا ويا: ”وه ديکو ڪالي شلوار والي سنڌي هين!“ بئي چيو، ”سڀ سنڌي ڪالي شلوار پهنتي هين.“ نه ڄاڻان ڇو، منهنجو دماغ پينگهه وانگر لوڏا کائڻ لڳو، اکين اڳيان بنهه ڪاير ڪاري اوندهه اچي ويئي. اها اوندهه، اها ڪاراڻ، وڌندي، وڏي ٿيندي رهي. بازار جي رونق، نظارو، هل بکيڙو الائجي ڪيڏانهن ڪا گهڙي گم ٿي ويا. ايسين تائين، جو منهنجي ڪنن هڪ مٺو مٺو آواز ٻڌو، چوڌاري ساڳي دنيا جاڳي اٿي، ساڳيا رستاس، ساڳيون محلاتن جهڙيون جايون هيون، پر اهي ماڻهو جن سان اها رونق هوندي هئي، سي ڪيڏانهن ويا؟ منهنجي ڀرسان ڪي ڪارن برقعن سان ۽ ڪي منهن اگهاڙيون عورتون کلنديون، ٽهڪ ڏينديون، ڀڙڪو ڏيئي هليون ويون ۽ اهي ڪارن ڪپڙن وارا سنڌي، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم، پر نظر نه آيا.


    نازو- (1948ع)

    نازو- (1948ع)
    نيرو ۽ نفيس ريشمي ڪپڙو،تنهن تي وري اڇا ٽٻڪا، جهڙو آسمان ۽ ان ۾ ٽمڪندڙ ستارا. اڄ هوُ اها گھاگھري پائي، ائين پئي گھمي، جهڙو رنگ برنگي پوپٽ. معصوم، ٻولي ڀالي، ڀورا وار. سندس عمر ئي ڇا هئي، بس اهي پنج ڇهه سال. ڳورو رنگ، چمڪندڙ اکيون ۽ توتلي زبان. جنهن وقت هوءَ پنهنجي پيءٌ جي هنج ۾ ويهي، کيس ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، ”بابا“ ڪندي هئي ته جانو خوشيءَ جي لهرين ۾ لڙهي ويندو هو. خوشيءَ جون اهي لهريون ٽلڪنديون ٽلڪنديون کيس گذريل زماني ڏانهن ٿيلهينديون هيون ۽ اڪثر کلندي مشڪندي هو ڪنهن ڳوڙهي خيال جي دنيا ۾ غرق ٿي ويندو هو. هو ڪجهه سوچيندو ته هو، پر الائي ڇا؟
    اڄ نازو تمام خوش هئي. ٺينگ ٽپا ڏيندي، اچي جانوءَ جي هنج وسايائين ۽ چوڻ لڳي، ”بابا، ڏس هيءٌ گھاگھري، ڪهڙي نه سٺي آهي! مون کي ته ڏاڍي ٿي وڻي.“
    ”تون ته ڏاهي ٿي پئي آهين نازو، سچ ته توکي اها گھاگھري ڏاڊي سهڻي لڳي. چڱو، هاڻي وڃي راند ڪر.“
    هن جي چهري تي خوشيءَ ته ظاهر ٿي، پر پوءِ جلد ئي هو ڪنهن وڏي ويچار ۾ پئجي ويو. نازو هن جي هنج ۾ ويٺي رهي. هن نيري ڪپڙي تان هٿ گھمائيندي چيو، ”آهي ته جهڙو نئون ڪپڙو. ڪنهن سبي آهي؟“
    ”بابا، پڦان سبي آهي. ڏسو ڪهڙي نه سٺي ٺاهي اٿس. بازار مان هڪڙي رپئي ۾ وٺي آئي آهي.“
    پڦان جانوءَ جي ڀيڻ هئي_ نازوءَ لاءِ پڦي نه پر پڦان هئي.
    هن جو نالو زيبو هو، هوءَ ڪنهن انگريزي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. جانو هڪ معمولي ملازم هو. سندس گھر ۾ هڪڙو ٻيو ڀاتي به هو، اها هئي هن جي پوڙهي ماءٌ. نازوءَ زور سان سڏ ڪيو، ”پڦان، او پڦان! هيڏانهن اچ،“ زيبو هٿن ۾ نيري ڪپڙي جي ليڙ وٽيندي آئي.
    پڦان، تو ڪيئن هيءَ گھاگھري سبي آهي؟
    ”پر هي روپيو تو ڪٿان آندو؟“
    جانوءَ پڇا ڪيس. ”فيءَ مان بچيو هوم، اوهان پنجن روپين وارو نوٽ ڪين ڏنو هو. اسڪول مان موٽندي، ٺيلهي تي هڪڙي ماڻهوءَ پراڻيون گھاگھريون پئي وڪيون، ڏاڍيون سٺيون ۽ سستيون هيون. ادا، نازوءَ جي اڳين گھاگھري به ته ڦاٽڻ تي هئي.“
    جانوءَ خاموش ٿي چوڻ لڳو، ”ڏاڍي سمجهو آهين، زيبو! ها، کي وٺي وڃي راند ڪراءِ.“
    پر نازوءَ چلولي ٿي چيو، .بابا، اها چاٻيءَ واري موٽر ته وٺي ڏيو. “
    ”نازو ڏس، اجايو ضد نه ڪر، اچ تو کي ننڍڙو رومال سبي ڏيان، ڪپڙي مان اڃا ٽڪر بچيو پيو آهي.“
    زيبوءَ جانوءَ جي مدد ڪئي. نازو رومال جي آسري تي اٿي هن سان گڏجي ويئي ۽ زيبو، ليڙ اُتي ڦٽي ڪري، کيس پاڻ سان وٺي وڃي پاسي تي ويٺي.
    جانوءَ نِوڙي اها نيري ڪپڙي واري ليڙ کنئي ۽ ان کي آڱرين ۾ مهٽيندي، ڦيرائندي، ان جي نرم نازڪ ڌاڳن ۾ گم ٿي ويو.ڪنهن ڳالهه ۾ گم ٿيڻ ڄڻ هن جي عادت ٿي ويئي هئي. آفيس ۾ گم، دفتر ۾ گم، گھر جي خرچ پکي ۽ سامان سڙي جي چڪر ۾ گم. پر هو هينئر نازو واري گھاگھريءَ، پراڻي ۽ لٿل ئي سهي، پر جهڙي نئين. اها اصل ڪنهن جي هوندي؟ اِهي ولايت جي ميمُن جون هونديون. انهن ميمن ۽ منڊمن کي ڇو اهڙن ڪپڙن جي پرواهه ئي ڪانهي؟ وٽن شايد گھڻا ڪپڙا آهن. ههڙا نفيس ڪپڙا ضرور هو پئسن سان وٺنديون هونديون. ايترا پئسا هنن وٽ ڪٿان ٿا اچن؟ هنن جا مرد ماڻهو ڪمائيندا هوندا.‘ پر هو پاڻ بهته سڄو ڏينهن ڪم ڪندو هو. صبح کان شام ۽ شام کان صبح ڪندو هو. هن جا ابا ڏاڏا به ائين ئي کپي کاڄي ويا هئا، پر هنن کي ته اهڙو نرم ڪپڙو ڪڏهن به ڪونه نصيب ٿيو هو. جانوءَ جي سوچ ايئن چُرندي رهي.
    صاحب کي ڪلهه بوسڪيءَ جي قميص پيل هئي، صاحب کي وڏو پگھار ٿو ملي، کيس ڪم به وڏو ڪرڻو ٿو پوي، ڏاڍو وڏو ڪم ٿو ڪري. زير دستن کي ڇڙٻون ڏيڻ، ڪاغذن تي صحيحون ڪرڻ ۽ موٽر ۾ سير ڪرڻ به ڪو وڏو ڪم آهي!
    نيري ڪپڙي وارو ٽڪرو سندس آڱرين ۾ مهٽبو رهيو. هن جو خيال وري وڏن ڪمن ڏانهن ڇڪجي ويو_ ’وڏا ڪم ڪهڙا ٿيندا آهن، اهي وڏا ڪم ڪير ڪندا آهن. سيٺ، واپاري، آفيسر،۽ زميندار سڀ وڏا ماڻهو آهن. اهي ضرور وڏا ڪم ڪندا هوندا. پر هو ته بلئڪ مارڪيٽ، چور بازاري، ناجائز نفعي، سستيءَ ۽ بيڪاريءَ جي معرفت ٻين جي محنت تي پنهنجا پيٽ وڏا ٿا ڪن، ٿا، اهي سڀ وڏا ڪم آهن. پر هت ته سڄو سڄو ڏينهن ڪم ڪندڙ بک پيا مرن، ويلا پيا ڪڍن ۽ انگ اگھاڙا پيا گھمن _ محنت مزدوري ڪرڻ وارا، شايد ڪو به وڏو ڪم ڪونه ٿا ڪن. انهيءَ ڪري ئي اهي سڀ ننڍا ماڻهو آهن! هن جي دماغ جو چڪر ائين سوچيندي سوچيندي، بيهي رهيو. کيس خبر ڪانه پئي. هو اڻڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ٽنگون لوڏي لوڏي، سامهون ڀت ۾ نهارڻ لڳو. هو پنهنجو دماغ ڪيڏي مهل وڏو بلڪل وڏو، محسوس ڪرڻ لڳو ۽ اهڙيءَ ريت، هو پاڻ کي ننڍ وڏائيءَ جي فرق ۾ وساري ويهي رهيو.
    نازو، رومال کڻي، ”بابا، بابا“ ڪندي، اچي کيس خيالن جي غوطن مان ٻاهر ڪڍيو. زينوءَ نه فقط کيس رومال ٺاهي ڏنو هو، پر هڪ پٽي به ٺاهي وارن تي ربين وانگر ڳنڍ ڏني هئائينس. جانو کيس ڏسي مشڪڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ”نازو، راڳ ته ٻڌاءِ.“ ”ڪهڙو راڳ؟“ ”تو ميرا چاند.....“ نازوءَ ڳائڻ شروع ڪيو- ”تو ميرا چاند مئين تيري چاندني.“ هن هڪڙو هٿ چيلهه تي رکيو ۽ ٻيو پيشانيءَ تي، ساڳيءَ سٽ کي ورائي ورائي چوندي، نچندي ۽ ڦيريون ڏيندي ڌوُ اچي جانوءَ جي هنج ۾ ڪِري- ”بابا! بابا! چاٻيءَ واري موٽر، موٽر وٺي ڏيو. ڀلا اوهان کي پگهار ڪڏهن ملندو؟ ٻين ٻارن وٽ الاهي الاهي رانديڪا آهن.“
    ”پٽ، انهن جا ماءُ پيءُ وڏا ماڻهو آهن، انهن وٽ پئسا آهن.“
    جانوءَ کان اهي جملا بنان سوچ ويچار جي منهن مان نڪري ويا.
    ”بابا، اوهين مون کان ته وڏا آهيو، پئسا ته اوهان وٽ به آهن.“
    ”هائو پٽ، آءٌ وڏو ته آهيان پر ٺلهو نالي جو. پئسا به برابر اٿم، پر اهي ته رڳو سيڌي سامان ۾ ئي پورا ٿيو وڃن.“ هو انهيءَ کان وڌيڪ پنهنجي ننڍڙيءَ نازوءَ کي ٻڌائي نه سگهيو ۽ نه سمجهائي سگهيو.
    نازوءَ وري چيو، ”بابا، ڀلا اوهين پگهار واري ڏينهن ته وڏا ماڻهو ٿيندا نه! ڏسو، آءٌ به وڏي ٿي ٿيان.“ ائين چئي، نازو کٽ تي چڙهي، هٿ مٿي ڪري چوڻ لڳي، ”آءٌ مٿي تون هيٺ، آءٌ وڏي تون ننڍو.“ هن تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون هوءَ تاڙيون وڄائيندي. ٽپ ڏيندي، چوندي رهي، ”آءٌ مٿي تون هيٺ، آءٌ وڏي تون ننڍو.“ جانوءَ جي دل به نازوءَ سان گڏ نچڻ ۽ ٽپڻ لڳي. ٽپا ڏيندي ڏيندي، نازو بي خياليءَ کان ڌُو اچي پٽ تي ڪِري، جانوءَ جي دل به هن سان گڏ زمين تي اڇلجي پئي.
    جانوءَ هوش سنڀاليو، زيبو ۽ ماڻس کي سڏي مٿي سڏ ڪيائين. پوڙهي ۽ زيبو سهڪنديون آيون. ڇوڪريءَ کي کڻي، وري ساڳيءَ کٽ تي ليٽايائون پوڙهي مٿانئس رلي وجهي، ويهي ڪلما پڙهڻ لڳي.
    جانو سراپجي پنڊ- پهڻ ٿي بيهي رهيو. نازو جون اکيون بند هيون. کيس ڪو ڏاڍو ڌڪ آيو هو. هن جي مٿي، وات ۽ نڪ مان رت وهي رهيو هو. پوڙهي چوڻ لڳي، ”جيڏيءَ مهل کان اها نڀاڳي گهاگهري پاتي هئائين، نازوءَ کي الائجي ڇا ٿي ويو هو، زمين تي پير ڪونه هوس. مون کي ته پڪ آهي ته ’نظر‘ نهوڙي نيو آهي.“
    جانوءَ جو هوش جنبش ۾ آيو، هن جي جسم جا وار ڪانڊارجي ويا، هن جي دماغ ۾ ’گهاگهري‘ ۽ ’نظر‘ جا اکر زوزاٽ ڪري ڦرڻ لڳا! هن جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون. اوچتو هن جي زبان چُرپر ۾ آئي، هو هڪ گنڀير آواز ۾ چوڻ لڳو، ”امان، تون ڇا پئي چوين، هزارين هوند وارا روز روز نوان ڪپڙا پيا پائين، انهن کي ته ڪجهه ٿئي ئي ڪونه ٿو- جيڪي هر لحظي ٻين کي ڦرين ٿا، جيڪي هر وقت کليو کلايو ٺڳيون پيا ڪن، انهن جو ته وار به ونگو ڪونه ٿو ٿئي. باقي هن ننڍريءَ نازوءَ نيلامي گهاگهري پاتي ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي؟ هن معصوم نياڻيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. هن ڪنهن جي چوري ڪئي آهي؟ هي ڇا جي سزا آهي. هي ڪهڙو بغداد آهي، هيءَ ڪهڙو انڌير آهي؟
    ”نازو! نازو! منهنجي ٻچڙي، تون ڪيڏانهن ٿي وڃين! نه وڃ! موٽي اچ! اها گهاگهري آءٌ انهن پاپين کي موٽائي ڏيندس. نه نه، آءٌ توتان اهڙيون هڪ نه پر هزارين نيون گهاگهريون گهوري، اڇلائي ڇڏيندس.“ هن جون مُٺيون پيڙجي ويون. هن جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ هن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ پوءِ هو کٽ تي پيل خاموش نازوءَ ڏانهن نهاريندو رهيو.
    (1948)


    هڪ شام- هڪ رات

    هڪ شام- هڪ رات
    ”بابا! بابا! ڊاڪٽر چوي ٿو ته ڪڪيءَ کي نمونيا ٿي پئي آهي.“ نجمه ڪڪيءَ کي واپس آڻيندي پيءُ کي ٻڌايو. ”بابا! ڊاڪٽر اهو به چيو آهي ته جيئن دير ٿيندي، تيئن ڪڪيءَ جي حالت خراب ٿي ويندي، تنهنڪري هن کي هڪدم سُئي هڻايو.“
    رشيد وچولي طبقي جو هڪ ٻچڙيوال ۽ معمولي سرڪاري ملازم هو. معمولي پگهار مان ڇڪي تاڻي مهينو گذاريندو هو. ڌيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، رشيد جي منهن جو پنوئي لهي ويو. هن پهرين سمجهيو هو ته ڪڪيءَ کي معمولي بخار آهي. پر نمونيا جو ٻڌي، هو فڪر ۾ پئجي ويو، ۽ ڪجهه سوچي، هو پاڻ ڪڪيءَ کي کڻي ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر شرافت سان مليس ۽ صلاح ڏنائينس ته ”ڪڪيءَ کي هڪدم سئي هڻايو!“ البت اهو به چيائين ته ”اها سئي پينسلين جي آهي، جيڪا اڄڪلهه بلئڪ تي ملندي.“
    رشيد دل ئي دل ۾ پنهنجي کيسي جو اندازو ڪندي، سوچيو ته ”انهيءَ جي مون ۾ توفيق به آهي يا نه. ڌن، دولت ۽ پئسا، جن جي هٿن ۾ آهن، اُهي ته مزي سان ويٺا اسان جو تماشو ڏسن. اسان جي زندگي هنن جي کيسن ۾ پيل نوٽن جي ٿهن ۾ قانون جي جادوگريءَ سان سسندي ۽ سوڙهي ٿيندي رهندي آهي. مردو سرڳ وڃي يا نرڳ، تنهن سان هنن جو ڇا واسطو! جنهن شيءِ تي ڪنٽرول پوي، جنهن شيءِ کي زندگيءَ لاءِ ضروري سمجهيو وڃي، اها حڪم نڪرندي ئي ڪافور ٿيو وڃي. پر ساڳئي وقت چؤڻا پنجوڻا پئسا ڏجن ته تريءَ تي بهشت، جيڪي کپي سو حاضر، اسان جهڙن سفيد پوش ماڻهن کي ته انهيءَ کان به جواب. چي، ”مسٽر، معاف ڪجو! اها دوا اسان وٽ ڪانهي. انتظار ڪريو، ٻن ڏينهن کان پوءِ مال ايندو! ايستائين ڊاڪٽر سان صلاح ڪري ڪنهن ٻيءَ دوا مان پورت سورت ڪريو.“
    وري ٻي دوا تجويز ٿي، ۽ ان لاءِ پڇا شروع ٿي. دڪان واري جو لڳ ڀڳ جواب اهو ساڳيو: ”سائين! انهيءَ دوا رکڻ لاءِ اڃا تائين ليسن ڪونه مليو آهي، درخواست ڏيندي سڄا سارا ڇهه مهينا ٿي ويا آهن، نه آهي ٻڌڻ وارو نه سُڻڻ وارو. چئو ته اها دوا ڪنهن ٻئي دڪان تان گهرائي ڏيانوَ. هميشه جا گراهڪ آهيو، پر دڪاندار ٻٽي پئسا وڌيڪ وٺندو. پاڻ کي ته پائي به حرام آهي، ملي ته غنيمت ڄاڻجو. پنهنجي غرض جي پورائيءَ لاءِ ٻٽي پئسا وڌيڪ ڏنَوَ ته اهم ڪونهي. تازو انهيءَ دوا لاءِ هٽ هٽ ڪري ڳولا ڪئي هيم، ته به ڪٿي ڪانه ملي.“
    رشيد موٽي ڊاڪٽر وٽ آيو، جنهن سندس پريشانيءَ کي محسوس ڪندي چيو: ”اوهين فڪر نه ڪريو. آءٌ پنهنجو ماڻهو ميڊيڪل اسٽور تي موڪليان ٿو ته سئي وٺي اچي. اڌ ڪلاڪ کن ترسڻو پوندو. چئو ته گهرايان. هونئن به ته ڪڪيءَ جي حالت نازڪ آهي ۽ سئي ضرور لڳندي.“
    رشيد کان وڌيڪ ڪجهه به سوچيو نه ٿيو ۽ هو رڳو ايترو چئي سگهيو، ”ڊاڪٽر صاحب! ڀل گهرايو، آءٌ ترسان ٿو.“ هن کي پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ جي بيماري ياد آئي، جڏهن ڊاڪٽر جي پرمٽ ۽ ايڪيهن روپين جي موٽيءَ تان هٿ کڻڻ کان پوءِ به هن کي ٽائيفائيڊ جون نيون گوريون نه ملي سگهيون هيون، ۽ سندس معصوم نياڻي پورا چاليهه ڏينهن تپ ۾ ڳهندي ڳهندي ڪنڊا ٿي ويئي هئي. اهو سوچي هن نجمه کي چيو ته ’گهران ڏهه روپيا وٺي اچ!‘
    نجمه موٽي آئي، ۽ چيائين ته ”اوهان جو دوست نعيم، ڪريم، سليم ٻاهر بيٺا آهن.“
    ”بيٺا آهن ته آءٌ ڇا ڪريان؟“ هن وراڻيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته ’هو دوست آهن يا دشمن، مون وٽ آيا آهن، ٻيو نه ته ايرانيءَ جي هوٽل تي چانهه ۽ سگريٽ ته هنن به لهڻا؛ چار اسپيشل چانهيون ۽ چار ڪئپسٽن جا سگريٽ. اهي دوست پير مرشد کان گهٽ ته ناهن، دوستيءَ جي نالي ۾ اهو خرچ مري به ڪرڻو آهي. کڏ ۾ پوي اهڙي دوستي، اڄ مون کي پنهنجي ڌيءَ کي سُئي هڻائڻي آهي، هڪ طرف هڪ معصوم جي زندگيءَ ۽ موت جو سوال ۽ ٻئي طرف هي دوست! ڀلا مون سڃي وٽ ڇو آيا آهن؟ مون کي دوست نه گهرجن. آءٌ هنن جون خوشامدون ڇو ڪريان ۽ ڇا لاءِ هيءَ روز روز جي کيسي ڦُر سهان. ٻنپهرن جو مليا هئا. جواب مليو هُئن ته اسين ڪونه هونداسين. اوهين نه اچجو. پوءِ هينئر ڇو اچي پَرگهٽ ٿيا آهن؟ ڀلي ته بيٺا رهن، آءٌ به اڄ هنن سان نه ملندس. هتي اسپتال ۾ ئي ويٺو رهندس. خبر به اٿن ته ڪڪي بيمار آهي، انهيءَ هوندي به پٺ نه ٿا ڇڏين. اڄ انسان ڇو اهڙو سنگدل ٿي پيا آهن؟ مروان موت ملوڪان شڪار!‘
    رشيدَ، اسپتال جا سينگاريل ڪمرا ۽ فرنيچر ڏسي، سوچيو ته هيءُ سمورو ٺاٺ ڍانگر مون جهڙن ڪنگالن جي پگهر مان ئي ٺهيو هوندو. ڪمائين هڪڙا ۽ عيش عشرت ڪن ٻيا.
    ”ڊاڪٽر صاحب! گهڻا پئسا؟“ هڪڙي بيمار جي آواز هن جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.
    ”پنج روپيا سئيءَ جا ۽ ٻه روپيا دوا جا،“ ڊاڪٽر وراڻيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب! ڪجهه مروت ڪريو، آءٌ غريب آهيان.“
    ”تڏهن ته توکان واجبي پئسا وٺان ٿو. ايم بي بي ايس آهيان- پنجن روپين کان گهٽ سئي هڻائي نه وٺندس. تپاس مفت، انهيءَ ڪري جو تون غريب آهين، باقي ٻن ڏينهن جي دوا جا ٻه روپيا، اها دوا جي اصلي قيمت آهي. مون وٽ سرڪاري اسپتالن وانگر شيشن ۾ سالٽ جو پاڻي ڪونهي. چڱو، جلدي ڪڍ ست روپيا ته ٻين مريضن کي اڪلايان.“ ڊاڪٽر بيزار ٿيندي چيو.
    ”پرڀو پرڀو“ جا لفظ وري ڊاڪٽر جي ڪنن تي پيا، ڊاڪٽر جي دل ۾ کٽڪو ٿيو مگر الائجي هو ڪهڙو خيال ڪري اُٿيو، صبح صفا ٿي ويو هو. موهن لعل شيانا جو ڪمرو هڪ هوشيار نرس جي حوالي ڪري هن کي هدايتون ڏيئي پنهنجي ڪمري ۾ آيو، کيس اڄ دل ۾ آنڌ مانڌ پئي ٿي، تڙ تڪڙ ۾ وهنجي سنهنجي ڪپڙا بدلائي نيرن ڪرڻ لڳو. ڏسڻ ۾ ته ائين پي آيو ته هو نيرن ڪري رهيو هو. مگر هن جو دماغ ڪنهن لڪل ڳجهه کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ شياما جي پهرينءَ ڏينهن يعني پاگل خاني ۾ داخل ٿيڻ واري ڏينهن کان آخري نظاري تائين هڪ هڪ ڏينهن کي جانچڻ ۾ مشغول هو. ڪيڏي مهل هن جي پيشانيءَ ۾ گهنج پي پيا، هڪ گراهه کان پوءِ ٻي گراهه جو دامرو منٽن جي نوبت تي وڃي رسيو. شياما جي ٽن سال جي عرصي جو هڪ هڪ ڏينهن هن جي پيشانيءَ ۾ گهنج پي پيا، هڪ گراهه کان پوءِ ٻي گراهه جو دامرو منٽن جي نوبت تي وڃي رسيو. شياما جي ٽن سالن جي عرصي جو هڪ هڪ ڏينهن جي دل جي پردي تي چٽجڻ لڳو. مگر نيٺ ڏينهن خلاص ٿي ويا، پردو سفيد ٿي ويو. هن جو دماغ لوڏا کائڻ لڳو، سامهون چانهه جي ٺريل ڪٽليءَ کي ليٽائي پيالي ڀريائين چپن کي وجهو آني ٽي چار لاڳيتا ڍڪ ڀريائين اکيون پوري ڪرسيءَ تي ليٽي پيو، الائجي ڪيترو وقت ائين ئي ويٺو رهيو، گهڙيال پورا ٻارنهن وڄايا، نرس پنهنجي ڊيوٽي تان لهي ڊاڪٽر وٽ حال احوال ٻڌائڻ آئي.
    ”ڊاڪٽر صاحب، اوهان جي محنت شايد سڦلي ٿئي، شياما پورا پنج ڪلاڪ ننڊ ڪئي. گهڻي فرحت ۽ آرام اٿس، باقي ايترو چوي ٿي ته ڀلائي ڪري منهنجون اکيون کولي ڇڏيو، اکين ۾ جلن ۽ باهه اٿم بت ته سڄو سڙي پيو اٿم.“
    ڊاڪٽر جي اکين چمڪاٽ کاڌو خوشيءَ جي لهر چهري مٿان ڇانئجي ويس، دل ئي دل ۾ ڌڻي جو شڪرانو ڪري نرس کي چيائين ته ”فلاڻو پائوڊر کڻي پهرين پٽي لاهي، اهو اکين تي ڇڙڪايو، تنهن کان پوءِ هنن ٽن دوائن جو مڪسچر ٺاهي آهستي اکيون ڌوئجوس، پڇاڙي ۾ سنهڙي برش سان هيءَ بط لائجوس، مگر اهو ڪم سڄو خبرداري سان ڪج پوءِ توکي موڪل آهي.“ نرس ته ويئي هلي، هو وري ڪرسي تي ڪري پيو، هينئر هو مشڪي رهيو هو، کيس هينئر خاطري ٿي ته شياما بچي ويندي هن کي هلاکي ۽ تڪليف اجائي نه ويندي، اهي خيال ڪندي هن جون اکيون ننڊ سان خمارجڻ لڳيون ۽ هو جلدئي سمهي رهي بي خيالو ۽ ڳڻتين کان سواءِ سڄي رات ننڊ ڪانه ڪئي هئائين، تنهن ڪري جلد ئي بي سرت ٿي کونگهرا هڻڻ لڳو. نرس آزمودگار هئي، ڊاڪٽر جي چوڻ موجب هن پڪي طرح ڪاريگريءَ ۽ هوشياري سان اکر اکر تي پيروي ڪئي. ٻي نرس کي وهاري پاڻ ويئي هلي، شياما اکيون کوليون، هن جون اکيون جيتوڻيڪ لهاسٽيل هيون، مگر اڳي کان گهڻيون بهر، سوڄ وغيره لهي ويئي هئي، باي جي ڪا ڪمي هئي اها پنبڻين جي هئي، جيڪي جلي ويون هيون، هن جو دماغ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ سمجهي ويئي ته کيس اڃا دنيا ۾ ڪجهه وڌيڪ دک ڏسڻو هو. هو پنهنجا مائٽ ياد ڪرڻ لڳي. ننڍپڻ وارا ڏينهن، جواني وارا ڏينهن.... مگر اوچتو ئي اوچتو اهي پهر ڀڄائيندي هوءَ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. نرس اچي هن کي دلداري ڏني، ۽ کيس ٻڌايائين ته ڊاڪٽر موهن کيس ڪيئن جان جوکي ۾ وجهي بچايو هو. ڊاڪٽر نند ڪري اٿيو، نرس وري اچي پنهنجي ڪري والاري. ڊاڪٽر موهن اُتي آهستي آهستي شياما جي ڪمري ۾ داخل ٿيو، نرس کي اشارو ڪيائين جا چپ چاپ ٻاهر نڪري ويئي، شياما ڀانيو ته هوءَ بلڪل اڪيلي هئي ٿوري دير کان پوءِ ڇت تي اکيو کپائي چڻ لڳي، پرڀو! تون ڪٿي آهين؟ منهنجو آخري وقت آهي. ڇا هينئر به منهن ڪونه ڏيکاريندين.... پرڀو!
    ڊاڪٽر ڳالهه کي سمجهي ويو هو، يڪدم موقعي کان فائدي وٺڻ لاءِ شياما وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، شياما، تون ڪهڙي پرڀو کي ياد ٿي ڪرين؟ مون کان ڪجهه نه لڪائي.
    ڊاڪٽر تو هي غضب ڪيو آهي. مون کي مرڻ ڇو نه ڏنو اٿيئي..... ڏس، ڏس تون نادان آهين، منهنجو بدن ٻاهريون جيڪو مون پاڻ هٿن سان جلايو آهي. سو تنهنجي ڪوشش سان کڻي چڱو ڀلو به ٿئي..... مگر مهنجي اندر دل صاف جلي چڪي آهي.“
    ”شياما، تون ڇا چئي رهي آهين..... هوش ڪر..... نااميد نه ٿي.... تنهنجي ئي ڪري مون پنهنجي حياتي خطري ۾ وڌي.“
    ”مگر آءُ هينئر جيئري رهڻ نٿي چاهيان.“
    ”شياما تون ٿورن ڏينهن ۾ چڱي ڀلي ٿي ويندين..... مون کي توسان همدردي آهي، ڏس پاڳل خاني ۾ آءٌ توکي پيار ڪريان ٿو، ڌيءَ وانگر شياما سچ ٻڌائي آخر تنهنجا هي حال ڇو ٿيا آهن؟“
    شياما چپرن کي پوريندي لڙڪ وهايا، ”ڊاڪٽر، هائو تون منهنجو همدرد آهين، ڀلا توکي زندگي جو راز ٻڌاين ڇا؟“ ڪنجهندي هن پاسي ورائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ڊاڪٽر کيس روڪي ڇڏيو.
    ٿوري عرصي کان پوءِ شياما چوڻ لڳي، ”ڊاڪٽر هتان ڏکڻ پاسي ٻن ميلن تي ننڍي ڳوٺڙي ۾ هڪ غريب انسان رهي ٿو. جنهن جو نالو آهي پرڀو هو شهر جي ڪنهن آفيس ۾ ڪلارڪ آهي. هر روز شام جو گهر موٽي ايندو آهي. ڊاڪٽر! ڊاڪٽر! کيس وٺي اچ چئينس تنهنجي شياما توکي آخري وقت ياد ڪري رهي آهي.“ شام جو وقت هو، پکي پکڻ پنهنجي آکيرن ڏانهن موٽڻ لڳا. سج پنهنجا آخرين سنهري ڪرڻا پلٽي لڪي رهيو هو. هاري پنهنجا هر کنيو ڏاندن سميت گهر موٽي پئي آيا. ڊاڪٽر موهن موٽر تي اچي ڳوٺڙي ۾ نڪتو، پرڀو جو پڇائي وڃي سندس در تي موٽر بهاري هارن وڄايائين، هڪڙو سندر مگر نوجوان ڌوتيءَ قميص سان ٻاهر نڪري آيو هن جي ڪڇ تي ننڍو روئيندڙ ٻار هو، جنهن کي هو پرچائي رهيو هو. موٽر ڏسي هو ڪجهه هراسجي ويو، پر نيٺ دل جهلي ويجهو آيو.
    ”تنهنجو ئي نالو پرڀو آهي؟“ ڊاڪٽر چيو:
    ”فرمايو..... ڪهڙو ڪم آهي؟ پرڀو آءٌ آهيان.“
    ”توسان ڪي ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.“
    ته چڱواندر اچو ته ويهي ڳالهيون ڪريون.“
    ”هيءَ گهر تنهنجو آهي ۽ هيءَ ٻار! تنهنجي شادي ٿيل آهي؟“
    ”ها، هن يڪو جواب ڏنو، ڊاڪٽر ڪجهه ويچار ڪري چيو، ”مگر اهي راز جون ڳالهيون آهن، ان ڪري تنهنجي گهر ۾ ڪونه ٿينديون- بهتر ائين آهي ته ٻارڙي کي اندر ڇڏي اچ ته موٽر ۾ خلاصا ٻئي اڪيلا ٿينداسون.“
    پرڀوءَ کي خواب خيال به ڪونه هو، ته هيءَ شخص ڪير هو. انهيءَ ڪري عجب ۽ اچرج ۾ هن ڏانهن نهاريندي پنهنجي زال کي ٻار ڏيئي ٻاهر موٽيو، ۽ اچي موٽر ۾ ويٺو. ڊاڪٽر پرڀو ڏي نهاري چيو: ”پرڀو، عجب کائڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. مون کي تنهنجو نالو شياما ٻڌايو آهي. ڇا تون کيس سڃاڻين؟“
    پرڀوءَ جي هٿن مان ڪجهه ڪري پيو، بدحواس ٿي چوڻ لڳو ”شياما! سيٺ رتن لعل جي ڇوڪري؟ ها.... ها، آءٌ کيس سڃاڻان. منهنجي ساڻس دل هئي، ۽ هن جي مون سان پر آءٌ هڪ غريب ۽ مفلس ماڻهو آهيان ۽ هوءَ امير شاهوڪار. هن جي پيءُ هن جي شادي منوهر سان ڪرڻ ٿي چاهي.“ ائين چئي ڊاڪٽر کي شڪي نگاهن سان ڏسڻ لڳو.
    ”پرڀو، آءٌ پوليس آفيسر يا تنهنجو دشمن ڪونه آهيان. مگر مون کي پنهنجو همراز ۽ همدرد ڪري ليک، آءٌ پاڳل خاني جو ڊاڪٽر آهيان، ۽ شياما منهنجي زير علاج آهي.“
    پرڀو شڪ دور ڪري چوڻ لڳو، ”ڊاڪٽر، مون کي معلوم هو ته شياما جو به مو سان پريم آهي. تنهنجي هوندي به هن جي ڪائي پرواهه ڪانه ڪئي، مون شياما کي ڪيترائي ڀيرا منع ڪئي ته منوهر کي گهر ۾ اچڻ نه ڏنو وڃي. مگر هوءَ ويچاري به مجبور هئي، هن جي پتا جي مرضيءَ موجب منوهر هر روز گهر ايندو ويندو. آخر مون کان اهو سٺو نه ٿيو منهنجي بدگمانين مون کي مجبور ڪيو ته منوهر کي ماري پنهنجو رستو صاف ڪيان. مون شياما کي به ٻڌايو، مگر بي فائده. آخر هڪ ڏينهن مون پستول چورائي لڪائي آندو ۽ جيئن منوهر شياما جي گهران ٿي نڪتو ته هن جو خاتمو ڪري ڇڏيم. شياما ويجهي باغيچي ۾ هئي، مون کي ڏسي ڊوڙندي مون وٽ پهتي ۽ چوڻ لڳي، پرڀو، هيءَ ڪهڙو ناحق ڪيئي..... چڱو پستول مون کي ڏي ۽ تون ڀڄي وڃ.“ آءٌ بيهي رهيس مگر هن مون کي ٿيلهو ڏيئي زبردستي ڊوڙائي ڇڏيو.“ پرڀو ٿڌو ساهه کڻي چيو ڊاڪٽر اهو راز آهي جو ان کي معلوم آهي يا توکي اڃ ٻڌايو اٿم.
    ڊاڪٽر ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”هائو..... اهو راز آهي.... ٻن دلين جو... جنهن جي معلوم ڪرڻ لاءِ مون سڄا سارا ٽي سال وڃايا. چڱو ٻڌا انهيءَ ساڳي شياما توکي گهرايو آهي.... توکي ياد ڪيو آهي.“
    ”پر آءٌ ان سان نٿو ملي سگهان“، پرڀو جواب ڏنو.
    ”پرڀو، تون ڇا چئي رهيو آهين؟ جنهن تنهنجي گناهه پنهنجي سر تي کنيو تنهنجي جان بچائي جا تنهنجي ڪري هوش حواس وڃائي ديواني ٿي چڪي آهي، ڇا تون ان سان نه ملندين؟“
    ”هائو، آءٌ ان سان نٿو ملي سگهان.“
    ”پر توکي پڇتائڻو پوندو پرڀو، هوءَ حياتيءَ جون آخري گهڙيون ڪاٽي رهي آهي.“
    ”تڏهن ڇا، هوءَ مري رهي آهي ڇا؟“
    ”هائو، شايد مري چُڪي هجي.“
    ته آءٌ ضرور هلندس، ڊاڪٽر مون کي جلدي وٺي هل.... جلدي پهچائي مون کي آءٌ کيس ڏسندس.... کانئس معافي وٺندس... ائين چئي هو روئڻ لڳو.
    ڊاڪٽر پرڀو کي وٺي شياما وٽ آيو، شياما ان جي انتظار ۾ اکيون کولي در ڏانهن نهاري رهي هئي، شياما کيس پري کان ڏسي، پرڀو..... پرڀو چوڻ لڳي. پرڀو بدحواس شياما شياما ڪندو اچي شياما مٿان ڪريو. ڊاڪٽر منٽ کان پوءِ شياما جي نبض ڏٺي، مگر اها هميشه لاءِ خاموش ٿي چڪي هئي، هن جي مرضي ٿئي ته پرڀوءَ کي جدا ڪيان، مگر جڏهن ڊاڪٽر کيس هٿ لاٿو ته هن جو بت به ٿڌو ٿي ويو هو. هو به شياما سان گڏ هليو ويو هو.
    ڊاڪٽر آهستي چيو، ”عورت...... پريم....... قرباني.....“ هن ائين چئي کڻي، ڪنڌ هيٺ جهڪايو.


    طوفانِ ۽ محبت

    طوفانِ ۽ محبت

    وقت ايندو. ڇڪ ٿيندي. اکيون ڏسنديون. دنيا دل جي ڌڙڪن ۾ ٿي ويندي غائب. اکڙين ۾ ايندي، ساجن رڳو تنهنجي تصوير ۽ چوڌاري... چوڌاري هوندي اونداهي طوفانِ محبت جي.
    تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ساجن هيءَ منمهجي حياتي! زندگي زهر ٿي ويئي آهي. مون نٿي ڀانيو ته آءٌ به ٻين وانگر سرد آهون ڀريندو، لڙڪ ڳاڙيندو، خوامخواهه بي چين ٿيندس. نڪو وري اها ئي اميد هئي ته آسمان تڪي تڪي، تارا ڳڻي ڳڻي، چنڊ سان ڳالهائيندي صبح ڪندس. سڄو ڏينهن سر ۾ سوداءِ....
    دوستن سان دشمني... پنهنجن کان بي رخي..... ديوانن وانگر چريو_ ٽوڪون سهندس ۽ کلائيندس پاڻ تان ساري دنيا.
    تنهنجي خيالن جي حسين يادگري! دنيا! تو مون سان ڪهڙو جادو ڪيو آهي؟ ساجن اهو مٺو درد ڇا جو آهي؟ منهنجي دل ڪنهن لاءِ تڙپي رهي آهي؟ نااميد هوندي به منهنجي آس ٽٽي نٿي. ويران رڻ پٽ ۾ بهاريءَ جو جهُوٽو. اونداهي رات ۾ تارا ڇو ٿا ٽمڪن؟
    ڪالهه باغ ۾ حسين پوپٽ ڪنڊي جي نوڪ تي لٽڪيل ڏٺم. شايد آيو هو گلڙن تي ڦيرا ڏيڻ. پريان سامهون اڏامي رهيون هيون هوا ۾ بيوس شاخون. هيٺ مٿي ٿي ڪري رهيون هيون، چمڻ جي لاءِ زمين کي. ڇڻندي ڏٺم منجهائن نرم نازڪ پنکڙيون گلن جون. گلشن جو اهو سادو نظارو.... اکڙين مان بي اختيار ڇلڪجي ڪريا ٻه لڙڪ.
    اوچتو ڪوئل جي ڪوڪو ڪنن ٻڌي. دل ڌڙڪي اٿي. خوشيءَ کان مشڪي ڏنم. مکڙيون به مرڪڻ لڳيون. نچڻ شروع ڪيو تن مان نڪتل خوشبوءِ. اهو ساڳيو باغ هو جتي هڪٻئي کي ڏسي پاڻ مشڪندا هئاسين. تنهنجا خاموش اشارا لڪائي پهچائيندا هئا پيغام پريت جا. پر هاڻي.... اڃا به آءٌ انهيءَ اجڙيل باغ ۾ ڇو ٿو وڃان؟ منهنجو. اکيون ڪنهن جي ڏسڻ لاءِ آيتون آهن؟ تون ته آهين ڪونه! ته پوءِ انتظار ڇا جو؟
    دک دردن کي مون کلندي منهن ڏنو. رضا تي راضي. اوچتو ئي اوچتو ڦري ويئي منهنجي حالت..... قسمت.... سڀ ڪجهه. تنهنجي وڃڻ کان پوءِ. آءٌ زندهه آهيان، جيئرو گھمان ڦران پيو. ٻين وانگر.... دوستن سان ظاهري طرح... ٻين کي ڪهڙي خبر! دنيا ڇا ڄاڻي؟ تون ڇا سمجهين جلي جلي جيئڻ ۽ جيئي جيئي جلڻ!
    ٻين کي ڪهڙي خبر ته دل جي ڌڙڪڻ سان خون جو شعلو ڦڙڪي نس نس ۾ آگ ڀڙڪائيندو. خاموش زبان فرياد ڪري پڪاريندي ۽ ڪجهه نيڻ وهائيندا نير پردن پٺيان، جن کي ڏسي ڪانه سگھندي ڪا هڪڙي اک ڪنهن انسان جي.
    ڌوکو ۽ فريب ڇا نٿو ڪري!.... مون سان به هرڻ جون رڃ تي ڇالانگون.... هر هڪ کي خبر آهي، پر اصلي راز کان ڪير واقف آهي؟ چڻگون ڇو ٿيون ڀڙڪن؟_نيڪ نگاهون بدنام ڇو ٿيون ڏسجن؟ رڃ پاڻيءَ مثل ڇو ٿي لهرون ڏي؟ قدرت هر هڪ کي لاچار ڪيو آهي؟.... بيوس.... منهنجو ڪهڙو ڏوهه! آءٌ ته مجبور آهيان توکي الزام ڪينءَ ڏيان تنهنجو ڪهڙو قصور؟ شمع جا پاڻ جلي ٿي ان ۾، جي پتنگ ٽپو ڏيئي پاڻ کي خاڪ ڪري ته شمع جو ڪهڙو گناهه؟ پر پرواني جو شعلي ۾ کامي جلڻ..... شعاع کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو آخر مطلب ڇاهي؟
    گل ۽ خوشبوءَ..... دونهون ۽ آگ.... شمع ۽ پروانو.... دل ۽ پيار.... ڪين جدا ٿيندا؟ ساجن! تون ۽ تنهنجي يادگيري ڪينءَ وسرندي؟ انتطار جون گھڙيون! اکيون اکين ۾! دنيا جي نگاهن کان دور! ڏينهن ڏٺي.... ۽ تارن ڀريئي آسمان هيٺان. اڪثر ڪندا هئاسين.... ڳالهيون پريت جون.... ڇا اهو خواب هو؟ هيءَ ساري دنيا به خواب آهي؟
    ڀل خواب هجي. مون کي ته انهيءَ خواب جي حقيقت بي قرار، بي آرام ۽ دربدر ڪيو آهي. آرزو اٿم ته تنهنجي يادگيريءَ جو فريبي سپنو هميشه ائين ئي ڏسندو رهان. تنهنجي من موهيندڙ تصوير، شربتي اکيون، ڪوئل جهڙو آواز، بلوري جسم، گلابي رخسار، پازيبن جي جهڻڪار، تنهنجو گھر، دريون، پردا، گھٽيون ۽ سڄو شهر.... ڦرندا رهن ٿا خيال. هُتي، اُتي، هوڏانهن، آهستي ۽ هميشه......
    تنهنجا ڏنل گل سانڍي رکيا اٿم، جيسين حياتي اٿم. انهن جو هڪڙو به پن گھر ۾ ضايع نه ٿيڻو آهي. جيتوڻيڪ ڪومائجي ۽ مرجهائجي ويا آهن اهي ظاهري طرح...... مگر انهن سان گڏ تنهنجون گذريل ڳالهيون آهن، بلڪل نيون ۽ تازيون.... پرهه جي باک ۽ ماڪ جيان!!


    گھريلو يا بنگلو؟

    گھريلو يا بنگلو؟

    گھر لاءِ ته ڪيترائي سڪندا وتن. اڄ ڪلهه پڳڙين ۽ رشوتن کان سواءِ منٿن سان ته، گھر نٿو ملي. پناهه گيرن کان پڇي ڏسو. شل نه ڪنهن کي گھر جي گھرج پوي. سرڪاري ڪامورا به رلندا وتن. پر مون کي ته ٺڪيل سينگاريل گھر ملي ويو هو. ڀلو ٿئي سيٺ رامداس جو ڄڻ ته جاءِ ٺهرائي ئي منهنجي واسطي هئائين. پاڪستان ۽ هندستان جي لهر ۾ لڙهي، هو اها جاءِ منهنجي حوالي ڪري ويو هو. سڄيون ساريون ٽي ڪوٺيون رڌڻو، وهنجڻ جي جاءِ، اوطاق، ڪرسيون، ڪموڊ، ڪٻٺ، پينگها، بجلي، پاڻي، ورانڊا، دالان، سڀ ئي منجهس موجود. تنهن کان سواءِ پاسي تي ۽ مٿي ماڙيءَ جي صورت ۾، تڏهن ته يار دوست ريسون ڪندا اٿم. هو انهي گھر کي بنگلو چوندا آهن. بنگلو ڇو نه چون، بنگلي کي وري سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ پر گهر جي سونهن آهي زال سان، سو زال به اٿم ۽ ان سان گڏ ٻار به اٿم. پر هن بيگاهه وقت منهنجو بنگلو ڏسي ڇا ڪندا. جيڪڏهن اوهان کي منهنجو گهر ڏسڻو هجي ته ٻن ڏينهن جي نوٽيس کان پوءِ ڏيکاري سگهندس، ٻچڙيوال جو آهيان.
    هنيئر ته مانيءَ جو وقت آهي. شايد ماني تيار به ٿي وئي هجي. ٻي ڪنهن وقت کڻي ڏسجو. مڇڏ ٿو ڏسجين، هن پاسي کان ڦري اچو، نه اوهين ٻارڙن کي اوڏانهن ڪيو. باقي رهندي اوطاق اها ته مون اڳئي ڏٺي آهي. چڱو ٻه چار منٽ ترسو. ته سڏ ٿو ڪيانوَ. چڱو هاڻي اچي سگهو ٿا. اچو هيءَ اڱڻ آهي. هو ڏائي پاسي ڪارخانو هوندو آهي. اسين ته هري مري ويا آهيون، ڪجهه وقت گذري ويو آهي ۽ باقي حياتي جي ڪاٽي وڃي مٿي چڙهيو. هيءَ ڪنڊ واري کٽ سياري اونهاري اتي پئي هوندي آهي. ڇڄي وئي آهي ته فڪر ناهي. ڪنهن ڏينهن تون ۽ آءٌ به ڇڄي وينداسون. ڪير پيو اندر ٻاهر ڪريس. ان جي هيٺان اونڌي ٿيل چونئري کير جي آهي. شام جي وقت اها اتان کڄي صفا ٿيندي ۽ پوءِ ان ۾ کير رکيو ويندو آهي. هي موري جي منهن وٽ ڇا آهي، سڃاڻين ٿو. اها ڏونڱري آهي. انهيءَ سان ڪپڙا ڌوئبا آهن.
    پاسي کان گلن جون ڪونڊيون آهن. ڪو ڏاڍو شوقين ٿو ڏسجين. پر اهي ته اڳيئي اتي هيون، هيءَ وچ ۾ گٺل ۽ سڪل سپاٽي جو ڪارو پادر چمٽي سان گڏ پيو آهي. ۽ هيءَ ٺڪريون شايد ڪو دلو ڀڳو هوندو. هن ٽنهي جاين ۾ ڪاڪوس رڌڻو ۽ وهنجڻ جون جايون آهن. پر جيئن ته سڀني مان مکين جي ڦڻ ڦڻ جو آواز پيو اچي ان ڪري اندازو لڳائڻ ذرا مشڪل ٿيو پوي. جايون جو اهڙيون آهن، آخر ٻيو مکيون وينديون ڪٿي. باقي هيءَ کٽ به ڏسي وٺ. انهيءَ تي ڇا ڇا پيو آهي. رلڪو، ڪڇو، چڊي، ڍڪڻ، اڳٺ وجهڻي، سوئي، ڀڳل هوائي جهاز، سليٽ جا ٽڪرا، سڳيون، ڦڻي وارن سوڌي ۽ واڏڻ ۾ اڳٺ به پيو لڙڪي. وٽي، ٽارچُ ۽ قئنچي وري پاڳي جي ڀرسان آهن، اهو پراڻو فوٽو آهي، جنهنجو فيرم بر خوردار ڏسندي ڏسندي ڀڃي ڇڏيو آهي. ٻاراڻي گهر ۾ اهڙوئي سامان هوندو آهي. هاڻيءَ هتان ورانڊو شروع ٿو ٿئي. پاسي کان هنڏن رکڻ جي ڪوٺي آهي ڏسي ڇا ڪندين. بس کڻي سمجهه ته بسترا اڌ گول، اڌ کليل کٽ تي سٿيا پيا هوندا، چائٺ وٽ بال ٻارڙن جا آهن. هن ڪنڊ مان ڪهڙي بانس پئي اچي. بانس وري ڇا جي. اها برنيءَ ۾ رکيل سانڌاڻي جو خوشبوءَ آهي. مانيءَ سان گڏ ڳنڌڻ ۽ چهر نه هجي ته کاڌي جو ڪهڙو مزو. ڀرسان هي مانين جا سڪل ٽڪرا آهن. اهي آهستي آهستي اسان جي ٻڪريءَ جو چارو ٿيندا. تيسين تائين اتي پيا سڪندا ۽ گڏ ٿيندا. کين ماڪوڙيون به پيون کائين. ”اڪ ڪاج دوڪام“ ثواب به ٿيندو. ڏائي پاسي کان گهڙامنجي آهي. دلا؟ دلا ته اندر هوندا. ڪوٺيءَ ۾ مانيءَ مهل پاڻي ته ڀرسان هئڻ گهرجي. اڃا گلاس داني وسري وئي، ڏس منجهس همام دستي جو مٿيون پڙ ۽ سرمي جا ڪاني پيئي آهي. هي ته ميرن ڪپڙن جو ڍڳ آهي ڌوٻيءَ کي ڏيڻا آهن. جڏهن ڌوٻي اچي. بنگلو بنگلو ڪري سڀئي دوست چوندا آهن. پر آءٌ ته انهيءَ کي گهر ڪوٺيندو آهيان. هڪ ٻچڙيوال ۽ عيالدار جو گهر.
    خير هاڻي اندر گهڙو. هن ڪوٺيءَ ۾ خاص سامان رکيل آهي. فرنيچر اهڙو ڪن ٿورن گهرن ۾ هوندو. باقي سچ پچ جيڪي بنگال هوندا آهن. تن جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. انهن ۾ اسان جهڙا رواجي ماڻهو نه رهندا هوندا. ڏس هيءَ وات ڦاٽل ڪٻٽ، ان جو منهن سدائين کليل هوندو آهي. ڇو جو هميشه ڪم ۾ ايندو رهندو آهي. وٽس ٻاهر ڏائي پاسي ڪنڊ وٽ، فرش تي شيشن صاف ڪرڻ وارو برش پيو آهي. ڪٻٽ اندران ڪپڙا، سٿڻون، گهاگهريون، چولا، پوتيون ڪي ويڙهيل ڪي کنڊريل خانن تان هيٺ پيا لڙڪن. ڪٻٽ جي مٿان پيتي رکي آهي. شايد ٺلهي هوندي. انهيءَ پيتيءَ جي مٿان وري گري ٽوپي فرحت پيئي وٺي. اها ٽوپي منهنجي ڀاءُ ٽي مهينا ٿيندا ته اتي رکي ڇڏي هئي جو هو بازار مان نئين ٽوپي خريد ڪري آيو هو. پيتيءَ جي ڀرسان اها ڪاغذن جي وڏي پڙي آهي. خبر ناهي ته الائجي منجهس ڇا آهي! سمجهان ٿو ته ٻارن جون سُتيون ڦڪيون هونديون. هيٺ تري ۾ ڪٻٽ جي سامهون پٽ تي سڻيءَ جو ريل آهي. جنهن جي ڌاڳي جو ڇيڙو ڪافي ريل تان لهي آيو آهي. انهيءَ ڪٻٽ جي اولهه کان جيڪو فيل ۽ پئا رکيل آهن. پئسن جي بيگم صاحبه کي به گهرج ٿيندي آهي.ان ڪري ان جي هڪڙي ڪنجي مون وٽ ته ٻي بيگم صاحبه وٽ هوندي آهي. ڪڙي ڪرف وٽ ته ڪاٺ ۽ ان جي پالش اکڙيل نظر ايندئي. ڇو جو ٻه چار دفعا نه پر الائي دفعا؛ ٻنهي کان ڪنجيون وڃائجي وينديون آهن. ڪرف ايندو آهي. ڪنجي کان سواءِ، تنهنڪري اڪثر ڪنجيون اندر رهجي وينديون آهن. پوءِ ڪرف کولڻ کان ڇُٽو، تنهنڪري ڪڙي کي ڪلين ۽ همام دستي سان کولڻو پوندو آهي.
    بيهندا ڪيترو، هن ڪرسيءَ تي ويهي رهو. آسانيءَ سان ڏسي سگهندا. ڏکڻ پاسي انهن ٻنهي ڪٻٽن جي وچ ۾ گاديلي سان پلنگ آهي. فڪر ناهي ته گاديلي جي ڇوَ ڪانهي، فڪر ناهي ته اها ميري ۽ تيل سان ڀريل آهي. پلنگ ناهي ته تخت آهي. پاسن کان ڪپڙا رکيا اٿس، هيءُ برقعو آهي. هي ٽوال آهي. ها گهاگهري آهي ۽ هي ٻيا ڪپڙا ته سڃاڻپ ۾ نٿا اچن. خير ٺهيو. پلنگ هيٺان به نظر ڦيرايو هيٺان بوٽ پالش جي برشن جو جوڙو پيو آهي. پيرانديءَ هيٺان وري سبڻ جي مشين جو پرزو آهي. اهو جهالر ٺاهڻ وقت ڪم ايندو آهي ۽ هاڻي گاديلي مٿان ڏس. نوٽبڪ، ساسر، ڪاري عينڪ، اخبارن جا پرچا ۽ ڪتاب پڻ آهن.
    ميز تي تنهنجي ڀرسان آهي. ڏس ته مٿس ڇا ڇا پيو آهي. آرسي، قلم، تيل جو شيشو، ڪتاب، نوٽبڪ، مس ڪپڙي، قئنچي، بوٽ پالش جي دٻلي، ڏندن وارو برش، گلاس، دٻڪي، بڪل، صابڻ، ٿالهيون وغيره. انهيءَ ميز کي ٻه خانا به آهن، جن ۾ به ڳچ جهڙو سامان آهي، ميز جي هيٺان همام دستي جو هيٺيون پڙ، ڪڻڇي ۽ بوٽ پيا آهن. باقي هيءَ ڪند رهي آهي. ان ۾ هي هيڏو سارو پينگهو ته اوهان سولائيءَ سان ڏسي سگهندا هوندا. انهيءَ جي هيٺان ڏسڻ جي شيءِ رکي اٿو. اهو ته بصر آهي. ڀلا بصر هي ڇو؟ اهو ته آءٌ اوهان کان پڇڻ وارو هوس. اهو ئي هڪڙو ڪم آهي، جو منهنجي بيگم صاحبه سڃاڻپ جو ڪيو آهي. اهو بصر سستائي جي وقت ۾ ورتو ويو هو جو گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا هلندو، تسين تائين اهو اتي ٽڙيو پکڙيو ۽ پاٿاريو پينگهي جن ٿڌيون هوائون پيو کائيندو. هوند ٻئي ڪنهن هنڌ رکي ها ته ضرور خراب ٿي وڃي ها. سمجهان ٿو ته هاڻي هن ڪوٺيءَ جون شيون سڀ ئي اچي پوريون ٿيون آهن. ڀر واريءَ ڪوٺي افسوس اٿم ته هينئر ڏسي نه سگهندا جو گهر جا ماڻهو ماني کائي رهيا آهن. ها هو ڏس ڀتيون اهي ليڪا ٻارن راند ڪندي ڪڍيا آهن. ڀلا انهن بي پرواهه بادشاهن کي ڪير روڪي! باقي ڪپڙن ٽنگڻ جون ڪليون رهيون. انهن ۾ سواءِ ٻوڙ رڌڻ واريءَ هنڊيءَ، ۽ ڇٻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪينهي.
    اٿو ڇو ٿا؟ اوهان کان سوال پڇڻو اٿم. ڪينءَ منهنجو گهر پسند آيو؟ وڃين ٿو وڃن تنهنجا ڪپڙا. ڀلا سچي ويهه ته ماني کڻي اچان. تڏي تي آيو آهين، ائين ڇڏبو! مڙيئي دال روٽي هوندي. ڀلا تون ڪٿي ٿو غريبن جي ماني کائين. چڱو نٿو ترسين ته ٺهيو. باقي جيڪو سوال پڇڻو هوم. ان جو جواب ته ڏيئي وڃو. آءٌ خود عجب ۾ آهيان، منجهيل آهيان ته هن جاءِ کي بنگلو سڏيان يا گهر. توهان جي نظر ۾ هاڻي اوهان جڏهين هي گهر ڏسي چڪا آهيو، تڏهن هاڻي ٻڌايو ته ان کي بنگلو سڏجي يا گهر يا ماڳهين ٻيو ڪجهه! اهو وري ڪينءَ؟


    انجام شڪني

    انجام شڪني

    حميد، پنهنجي ضعيف ۽ زرد آڱرين کي قبر تي ڦيرائيندي چيو... ”محبت جي واسطي عام طرح هر ڪو ائين چوندو آهي ته انهيءَ جي ابتدا هميشه مرد جي طرفان ٿيندي آهي. فطرت عورت کي شرم ۽ حيا جو پتلو بنايو آهي. ها آءٌ خود به انهيءَ جو قائل هوس. مگر جڏهين کان جميله جي محبت ۾ گرفتار ٿيس يا جڏهين هن جي زاهد فريب نظر جي دام ۾ ڦاٿس، منهنجي نظر هن معاملي ۾ ساري دنيا کان مختلف ٿي ويو. منهنجو يقين آهي ته دنيا ئي محبت جي شروعات جو آغاز ان جي اندروني اثر کان خالي ناهي. مرد جو ان سان ڪو تعلق ڪونهي- بي وفائي رڳو عورت کان ئي شروع ٿي ٿئي.... عورت جي عادت کي سمجهڻ عقل کان ٻاهر آهي، ان جو وڏو دليل اهو آهي ته ان جو هر هڪ فعل جنهن جي در حقيقت هوءَ فاعل آهي سو ان جي طرفان ٿيندو معلوم نٿو ٿئي“......
    هو مشڪيو مگر مشڪندي وري ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويو. سندس ڪپڙا ڦاتل ۽ ميرا هئا- وار وڏا ٿي لڙاٽجي ڪنڌ تي ڪري پيا هئس. ڏاڙهي بي ڊولي، بت ۾ ڄڻ ته رت هوس ئي ڪونه. هو بي جان ٿي قبر تي منهن لڳائي مون ڏانهن بي معنيٰ نگاهن سان تڪڻ لڳو. نظرن ۾ عجيب ڪشش ۽ رعب هو. جهنگل، قبرستان، ديوانه ۽ آءٌ اڪيلو خوف محسوس ڪرڻ لڳس. پاڻ کي ڦٽڪار وجهڻ لڳس ته بي سبب هن کي ڇو ستايم ڇو ڳالهرايم. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهين ڏٺم ته هو اکين مان لڙڪ ڪيرائي رهيو هو. لڙڪن جون لڙيون موتين جي داڻن وانگر حسين مجسمه مگر خاڪ ٿيل خاڪ جي پيرن ۾ ڀيٽا ٿيڻ لاءِ گم ٿي رهيون هيون- فضا خاموش هئي، اوچتو منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، دل سست ٿيڻ لڳي. اکين اڳيان اوندهه ڇائنجي ويم خبر ناهي ته منهنجا هوش و حواس ڪيڏانهن ويا.....
    آءٌ بيوس بوتي وانگر خبر ناهي ته ڪيترو وقت بيجان بيهي رهي.... اوچتو ڪنن ۾ دهڪاءُ ٿيو. اکيون کوليم، ساهه پيم.... اکيون اوچتو سامهون کٿل ٻٻريءَ ڏانهن ڏسڻ لڳيون.... ٻه اڇا ڪبوتر گهو.... گهو.... گهو.... گهو.... ڪري کنڀڙاٽيون ڦڙڪائي.... ڪنڌ هيٺ مٿي ڪري- ڳچيون ڳچين سان ملائي رهيا هئا.... پکيئڙا.... آزاد...... جوڙو.... جوڙو.... جوڙي کي ڏسي مون کي قبر ياد آهي.... نظير ڦيرايم.... قبر ڏانهن... هو مجنون اکيون پوريو.... چپ چاپ... هڏن جي موڙي وانگر مرده مثل قبر کي چنبڙيو پيو هو.... مون کي يقين ٿي ويو ته ويچارو هن دنيا مان آزاد ٿي چڪو آهي.... انسان.... اڪيلو.... نه نه.... هو اڪيلو ڪونه هو.... ڪو زمانو هو.... هو سچ پچ اڪيلو ڪونه هو.... مگر اڄ هو شڪسته حال.... بيمار.... زرد رو.... دنيا جو ٺڪاريل.... قسمت جو ڪيرايل.... برهنه.... چاڪ دامن.... بي يار.... مانهن جي نظر ۾.... چريو.... ديوانو.... مجنون... ها ماڻهن جي نظر ۾.... هو ننڍي هوندي منهنجو دوست هو.... سندس پيءُ لکا پتيه هو.... ”دوست! دوست!! حميد!!!“... مري ۾ چرڦر ٿي... هو ڪنهن ڳري آفت ۾ پيڙهجي رهيو هو... ڦڪو منهن... ڪاراٽجي ڪارو ٿي پيو.... آهستي آهستي رنگ هيٺينءَ ڌڙ ڏانهن پکڙيو ويو... تان جو وڃي نهن تائين رسيو... اوچتو ڦڙڪاٽ ٿيو منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو... آسمان ڏانهن... مٿي بلڪل مٿي... ڪبوترن جو اڇو جوڙو پرواز ڪري رهيو هو... شايد.... اهو حميد جو روح هو جو ڪنهن سان پرواز ڪري.... ها ها... ها.... ها.... ڪنهن جي کلڻ جو آواز ٻڌم، ڪنڌ ورائي جان کڻي ڏسان ته حميد.... زندهه حميد... جنهن کي مئل سمجهيو هوم... سو منهنجي ڀرسان هو، ڪلهي تي هٿ رکي چيائين- ”دوست تو اڄ اهو ڪي ڏٺو آهي... جنهن کي آءٌ دنيا جي نظرن کان لڪائيندو آيو آهيان. منهنجي زندگيءَ جو نظارو... انهيءَ حد تي پهتو آهي... نه جيئرن گڏ نه مئلن گڏ... عجيب بيماري... الفت جي... ها تو مون کان حال احوال ٿي ورتو... منهنجو داستان ٻڌي ڇا ڪندين، انسان آهين. آخر ته سيني ۾ دل اٿيئي محسوس نٿو ڪرين ته هي سڀ ڪجهه ڇا جي بدولت آهي. ڇو آهي... ڪينءَ آهي... تنهنجو ڏوهه ڪونهي دنيا خود غرض آهي. ان جو ذرو ذرو به خود غرض... خود غرضيءَ کي دل ٿئي ڪانه... نه رڳو دل مگر اکيون به ڪونه اٿس... انڌي... آهي...“
    جتي گل آهي... اتي خار به آهي... ڪنڊي جي عدم موجودگي ۾ گل منهنجي نظرن ۾ گل ئي ناهي... مگر مجبور دل کي ڪير سمجهائي.... حسن جي حسين دنيا جا خواب ئي نرالا... عقل ۽ هوش موڪلايو وڃن.... فراق ۽ ڦوڙائي... روڄ ۽ راڙو... جهيڙو ۽ جهڄڻ... بدنامي، ناڪامي ۽ رسوائي... تارا تڪڻ ڪتيون ڳڻڻ... رات کي صبح ڪرڻ... مست الست مگن رهڻ ته به تن ۾ تاڙي واري تنوار... ڪوئل واري ڪوڪو، پپيهي واري ”پي ڪهان“ جي چنگاري پئي چڻڪي ئي چڻڪي... گل... کي خار نه هجي ها، اکين کي تير هجي ها مگر تلوار نه هجي ها... حسن هجي ها مگر جواني نه هجي ها... مخمور جواني... ديواني... ۽ ديوانو... شمع ۽ پروانو... گل... اکڙيون... جواني... شمع... ۽ خار... ۽ تير... ۽ دلفريبي... ۽ بادضر صبر... ناڪامي کان سواءِ دنيا جنجل ٿي پوي...
    حميد وري سن ۾ پئجي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري وري ڪنهن ويچار ۾ ڦاسي ويو... هو هيٺ ويهي رهيو... آهستي چپ چورڻ لڳو... مگر انهن مان آواز ڪوئي ڪونه ٿي نڪتو... سندس چهري جو رنگ ڳاڙاهاڻ ڏانهن مائل پي ٿيو، ٿوري دير کان پوءِ چپن جي چرڻ سان آواز پڻ نڪري رهيو هو... الائجي هو ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو... سندس ڳالهائڻ ڦڻڪار جي نموني هو، جنهن کي مون ڌيان سان غور ڏيئي ٻڌو مگر ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيس جو آواز بلڪل ضعيف هو... سندس اکين مان سرهائي پئي بکي... چپ چريا پئي... ڀڻ ڀڻ چالو هئي. نظر پيرن ۾ هيس... آهستي آهستي آواز وڌڻ لڳو... بيخوديءَ جي حالت ۾ ٽٽل اکر ڳالهائڻ لڳو... ”دوست!... جميله‘... بي وفا!....نه نه!....“
    چئي هو قبر کي ڳراهٽڙي وجهي وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. منهنجي دل اهو نظارو ڏسي بيتاب ٿي ويئي، پر جلد ئي حميد روئڻ بس ڪري وري اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. هنيئر هو بلڪل سامت ۾ هو...
    دوست منهنجي عمر رنگين دور مان گذري رهي هئي. آءٌ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس... ڪتابن ۾ محو... دنيا جي آزارن کان پري... عيش... حرص و هوائن... کان بيزار... پريم.... محبت... پيار کان پاسو ڪندڙ... حسن وارن ڏانهن خالي نگاهن سان ڏسندو هوس. عورت جي وجود کي پاڻيءَ جو ڦوٽو حسين... ڪڌن ڪرتوتن... نفس جي آگ اجهائڻ جو ذريعو... سرتاپا سهوت پرست... گناهن ۾ اضافي جي لالچ ڏيندڙ. انسان جو رت چوسي موت کي ويجهو رسائڻ لاءِ سندس مشغولو دنيا جي شروع ٿيڻ کان چالو آهي. جادونگريءَ جي رهواسي.... سندس اٿڻ، ويهڻ، روئڻ، کلڻ، ڪنڌ هيٺ ڪرڻ ۽ مخمور نگاهن سان ڏسڻ، لبن جي لعلائي.... حيا جي سرخي.... زلف ڪارا... گل رخسار... خط و خال... جوانيءَ... سينو اڀريل... نيم برهنه... نقاب پوش... چلولي البيلي... مستاني... ديواني... جادونگريءَ جي رهواسي! ناڪام روپ ديوداسي! راهزن... دل جي ڊاڪو... مطلبي.. مڪاري سان ڀرپور.... انسانن کي انڌو ڪرڻ.. دربدر... بي دل... مجنون ديوانو... پروانو... بي عقل ڪرڻ سندس اداني ڪرشمون آهي.
    مرد مجبور ڄار ۾ ڦاٿل... پکيئڙي وانگر... صياد جي دام...“ ڦڙڪي ڦڙڪي... نفس پرستيءَ کي... عورت جي خود غرضيءَ کي لڪائڻ لاءِ عشق پيار، محبت، پريت، پريم... پيارا... دل... من... زال... مڙس... عاشق معشوق جي گندن الفظان ۾ شيطاني کي پردو ڏيئي... سندس حيوانيت لڪائڻ لاءِ جادو زرده حيوان ٿيو پوي... عام طرح ائين چيو ويندو آهي ته عورت جي عصمت دري بي رحمي سان ٽوڙڻ وارو... پرهيزگاريءَ ۽ پوترتائي جو املهه موتي وڃائڻ وارو مرد آهي... عورت جيڪڏهين شرم و حيا... چاڪ ۽ صاف هجي ها ته هيءَ ڦشڪ وارو ڌنڌو وڌيءَ ڪونه ها... نه هي دنيا هجي ها... نه هيءَ آبادي... هجي ها.... نه تون هجين ها.... ۽ نه آءٌ....
    دوست... جيڪڏهن مرد عورت جي عصمت ٿو وڇائي ته ان ۾ عورتن جي رضامندي جو ضروري ثبوت ٿو ملي، مگر مرد جي پرهيزگاري ٽورڻ وارو ڪير... آهي؟... ڇا مرد جي پرهيزگاري ۽ عورت جي عصمت ۾ ڪو تفاوت آهي؟... اصل نه... نه... نه ته خود غرضي جي شروعات... گناهه جي دعوت... نفساني لذت... جي مرتڪب عورت ئي آهي... لالچائڻ واري به عورت آهي... مرد هرگز نه.... لوهه مقناطيس ڏي ڇڪجي ٿو وڃي ته لوهه جو ڪهڙو ڏوهه؟ خود گل شاخ تان ٽوڙيو ٿو وڃي ته ٽاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه؟ شمع جلي ٿي پروانو سڙي ٿو! شمع جو ڪهڙو قصور؟ صياد پکي ڦاسائي ته دام جو ڪهڙو قصور؟ انهيءَ ڪري عورت ڏانهن قصد ڪري ڪڏهين ڪين ڏسندو هوس. جيڪڏهين ڪابه ڇوڪري بي حيا تي منهنجي سامهون ايندي ته آءُ اکيون پوري ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندو هوس، اڃا به جيڪڏهن ڪا وڌيڪ جرئت ڪندي هئي ته زبان مان هڪ اکر به ڪين ڪڇندو هوس، بي معنيٰ نفرت جي نگاهن سان نهاري، پن هنجي من کي قابو ۾ رکي، پنهنجي ئي ڌُن ۾ هوندو هوس- ڪاليج ۾ هوشيار هئڻ ڪري، منهنجا حرصيف ۽ حريص گهڻائي پيدا ٿيا، ان سان گڏ ڇوڪرين جو خاص مرڪز هئس، مگر سندن مطلبي دوستي ۽ خود غرضيءَ کان آءٌ هوشيار هوس، تنهنڪري ڇوڪريون ته ڇڏ کڻي،مگر ڇوڪرن مان ڪو منهنجو دوست، غمخوار ڪونه هو.
    ڇوڪرن مون کي ”ساڌو“ ”ساڌو“ ڪري طرح طرح اکر سان چيڙائيندا هئا. ليڪن منهنجي طرفان هميشه خاموشيءَ وارو جواب ٻڌي اهي به نيٺ بس ٿي ويا. منهنجا جيڪڏهين ڪي دوست ها ته به ڪتاب هئا ۽ گهر جون چار ديوارون. اسڪول ۾ وڃڻ تڪليف پيو سمجندو هوس. خاص ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي جدا جدا باغ جي ڪنڊن، موٽرن ۽ سائيڪلن تي، هوٽلن تي ٽهه ٽهه کلندو، مشڪندو آهستي ڀڻ ڀڻ ڪندو، ڦس ڦس ڪندو ڏسي ڌڪاريندو هوس ۽ چوندو هوس ته يا الاهي هي ڪهڙو ماجرو آهي، سوسائٽي ڇا انهيءَ جو نالو آهي ته جوان ڇڪر ۽ ڇوڪريون ريل ڇيل گهمي کلم کلايو بي حيائي جو ائين مظاهرو ڪندا وتن. مون کي ته انهن تي به عجب لڳندو آهي، جن جي واسطي معلوم ٿيندو اٿم ته شادي شده آهن، مگر اهي پنهنجي بي حيائي جو مظاهرو ٻاهر ائين ڪندا وتندا ته ڄڻ ڪنهن چڪلي جو سائين بورڊ کنيو ٿا وڃن. هٿ هٿن ۾ ٻانهون چيلهه ۾ سيٽيون وڄائيندا نظر ايندا، ڄن ته شادي ڪرڻ کان پوءِ ڍاوائي ڪونهن.
    سڀ ڪو سمجهي ٿو ته شاديءَ کان پوءِ جوڙي جو ڪهڙو مشغلو شروع ٿيندو، انهيءَ هوندي به ان ڳالهه تي ارمان يا افسوس کائڻ ته ٺهيو، مگر انهيءَ هيواني ڪرتوتن کي همٿائڻ لاءِ خوشيون ۽ شادمان شروع ٿي ويندا- وري جي بي حيائي جو نتيجو ڌيءَ يا پٽ ڄائو ته دهل ڌهمامان راڳ روپ ٿيندا نظر ايندا. خود غرض ۽ مطلبي دنيا گناهن کي ڪهڙي نه ري ظاهر ظهور همٿائي رهي آهي. خير عورت زات لاءِ منهنجي دل ۾ ايتري عزت هوندي جهڙي ڪنهن واسينگ نانگ جي لاءِ. کائن جيئن ڪانگ ڀڄي ڪمان کان ائين ڀڄندو هوس. دوست آءٌ بي. اي. جي پڇاڙي واري سال پنهجي چاچي جي دعوت تي ويس. منهنجو چاچو سادو سودو ماڻهو هو. ٻهراڙي ۾ رهندو هو. منهنجي پيءُ جو هن سان گهڻو پيار هو ۽ اهو ئي سبب هو جو آءٌ ڪاليج جي بند ٿيڻ ڪري پنهنجي پيءُ جي چوڻ موجب وئڪيشن وارو عرصو اتي گذارڻ لاءِ تيار ٿيس. گهر پهچڻ سان منهنجي چاچي مون سان چڱي طح مليو. ڪجهه عرصو گذريو ڪونه ته سامهون هڪ ڇوڪري جو پاڇولو لنگهيو هو. منهنجو ڪنڌ دستور موجب هيٺ ٿي ويو. پيرن جو آواز اچي منهنجي ڀرسان بس ٿيو. ”هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي... جميله نالو اٿس“... لاچار ڪنڌ مٿي کڻڻو پيم. ٻي حالت ۾ دنيا جي بيهوده باشدن مان شمار ڪيو وڃان ها. هڪ ڦوهه جواني وري دور مان گذري رهي هئي. اکين ۾ معصوميت ۽ شرارت هئي ته چپن تي هڪ هلڪي مسڪراهٽ هئي. مون هن ڏانهن نهاريو، مگر خالي نگاهن سان مون اڃا ڪنڌ مٿي کنيو ئي ڪين ته هوءَ ڊوڙ پائي ڪمري مان نڪري ويئي. ”حميد، جميله اڃا بي سمجهه آهي.“ هائو چاچي، مون ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو. ان رات آءٌ ٿڪل هوس جنهن ڪري جلد ئي ننڊ کڻي ويم. آڌيءَ رات جو سجاڳي ٿيم، جان کڻي ڏسان ته سڀ مٺيءَ ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيا هئا. چنڊ چمڪي رهيو هو. هوا پرمست ۽ نشي واري هئي. آءٌ پاسو ورائي سمهڻ تي هئس ته هڪ کٽ تي ڪنهن جي چرڻ جو آواز ٻڌم. جان چتائي ڏٺم ته هوءَ جميله هئي. آءٌ يڪدم پاسو ورائي ليٽي پيس. رڳو انهيءَ خيال کان ته متان هن کي شڪ پوي. اڃا سيڪنڊ ئي ڪونه گذريو ته وري آواز ٻڌم مطلب ته ڪو عرصو اهو آواز بدستور چالو رهيو. دماغ ۾ طرح طرح جا خيال اٿڻ لڳا.
    ”ڀلا هوءَ مون کي ڏسي ڀڄي ڇو ويئي؟ هينئر ذر ذر ڇو پاسا اٿلائي رهي آهي. ڇا اهوءَ مون کي شڪار ڪرڻ ٿي گهري ڇا؟ دل ئي دل ۾ پنهنجي اهڙن چريائي وارن خيالن جي لعنت وجهي. کيس تاڻي دت ڪري کونگهرا هڻڻ لڳس. مگر ننڊ چوي ته آءٌ اڄ اچان ڇو ٿي. رات گذڙي ئي نه. کيس ڪري گرميءَ ۾ اچي ورايو، نيٺ ڪڪ ٿي کيس لاهڻ تي هوس ته ڪنهن جي پيرن جو آواز کٽ ڏانهن ايندو ٻڌم. آواز ويجهو پوندو ويو ۽ اچي منهنجي کٽ جي ڀرسان بس ٿيو. کونگهرا هڻڻ بند ڪري ڇڏيم. بدن کي سيٽي سڪ جهلي. آهسته آهسته ساهه کڻڻ لڳيس. خبر ناهي ته انهيءَ ۾ ڪيترو وقت وڃايم مگر آخر ڪڪ ٿي پيس. بدن ٿڪجي پيو، گرميءَ ۽ ٻوساٽ اچي گهٽيو، نيٺ لاچار ٿي کيس منهن تان لاٿم. اکيو بند هوم. پيراندي کان وري کڙڪو ٻڌم. هيڏيءَ مهل ڪير جو ائين گهمي رهيو هو. دل ۾ سمجهيم ته اهو وهم آهي. هن بيگاهه وقت ڪنهن کي کٽيءَ کنيو هو جو گهمندو وتي. وري ٻيو خيال آيم ته متان ڪو چور هجي. انهيءَ خيال ايندي ئي اکيون کڻي کوليم.
    منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهين منهنجون اکيون وڃي جميله ۾ کتيون، مو کي جاڳندو ڏسي هوءَ کسڪڻ لڳي ۽ وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽي يا الاهي هيءَ ڪهڙو معاملو آهي. هن جي وات جو هينءُ ڦرڻ مان ڪهڙو مطلب آهي! صبح جو مون کي ڏسي هوءَ ڇو ڊوڙي ڀڄي ويئي. هوءَ مون کي لالچائي رهي هئي. جي ها ته پوءِ مون کي جاڳندو ڏسي ڇو وئي هلي. آءٌ ڀليل آهيان، هوءَ اتفاقي اٿي هوندي. شايد هوءَ ون وانگر مردن کي ڌڪاري ٿي، تڏهين وئي هلي وغيره وغيره.
    اهي خيال ڪندي آءٌ سمهي رهيس. صبح جو ڪنهن اچي مون کي لوڏيو. اکيون کڻي پٽيم ته جميله اکيون هيٺ ڪري حيا ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي. مون وري کڻي اکيون بند ڪيون، اتي جمليه چوڻ لڳي ته ماڻهن کي ڪيتري نه ننڊ آهي؟ اٿو اٿو ڏهه لڳي ويا آهن. نيرن تيار ٿي رکي آهي. سڀئي توهان لاءِ سيڙهيا ويٺا آهن. مون کي لاچار اٿڻو پيو. پر اکيون اڃا بند هوم. اٿي پيرن ۾ چپل پائڻ لاءِ اکيون کوليم ته ڇم ڇم ڪري جميله اکين کان غائب ٿي ويئي. سامهون ورانڊي ۾ ٻيا کي رهيا هئا. شايد منهنجي سستيءَ تان. مگر دوست تون ته اوٻاسيون ڏيئي رهيو آهين، شايد منهنجي بڪواس ٻڌي ٿڪجي پيو آهين. نه نه حميد تنهنجو داستان عجيب ٿو ڏسجي،“ پوءِ ڇا ٿيو. چڱو دوست آءٌ ڪوشش ڪري توکي ٿوري ۾ سڀ ٿو ٻڌايان، ائين چئي هُن اکيون کڻي مون ۾ کپايو. شايد هو انهيءَ لاءِ خاطري ڪري رهيو هو ته ڪٿي آءٌ ٿڪجي نه پيو هجان. حميد تون ڇا ٿو ڏسين؟ شڪ اٿئي ڇا! جنهن تي به هو ڪجهه ڪونه ڪڇيو، آخر مون چيو دوست اڳتي ڳالهه ٻڌائڻ کان ڪترائين ٿو ڇا؟ ها ها هن مشڪندي جواب ڏنو مگر جواب سان گڏ هن جو منهن هيڊو ٿيندو ويو. هو مون ۾ کتيون اکيون وجهي ڏسڻ لڳو. جلد ئي اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس، سندس نيڻ ٽمٽار ٿي ٽمڻ لڳا. هو وري قبر تي ڪري پيو. سندس قميص جو اڳيون حصو پسيل هو. اتي يادگري آيم ته هن اهو روئي پسايو آهي. مون وڌي سندس دل تي هٿ رکيو. هن جي دل جان بنان مڇيءَ وانگر ڦٿڪي رهي هئي. اها جاءِ اهڙي ته گرم هئي جو مون سمجهيو ته ڪنهن اتي ٽانڊا رکي ڇڏيا هئا. آءٌ هن جي پيرن جو تريون مهٽڻ لڳس. ٿورئي وقت کان پوءِ هو سامت ۾ آيو. هن اکيون کوليون. هن آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو. آخر اٿي ويٺو. اتي مون چيو دوست اٿ ته هلون هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. رات پئجي وئي آهي. چنڊ پڻ اڀري آيو آهي. حميد هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين دوست منهنجو گهر هتي ئي آهي. هتان آءٌ ڪيڏانهن وڃان. ڪنهن وٽ وڃان. ڪنهن کي حال ٻڌايان.“ ”حميد افسوس آهي تون بلڪل نااميد ٿو ڏسجين. مون تي اعتبار ڪر، آءٌ تنهنجي هر ڪا مدد ڪندس. ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي دل جو راز مون کي ٻڌائي هلڪائي ڪرين.
    دوست هلڪائي ته مون کي گهرجي ڪانه. آزادي قرب جي قيدي کي ملندي ته پيار ڪري ڪونه سگهندو- محبت جو نالو آهي غلامي، عاشق جو خزانو آهي تصور ۽ درد- دک کان سواءِ انسان ڪهڙو؟ اها حياتي ڪهڙي مزي جي آهي جنهن ۾ سک ۽ سنهنج لڳا پيا هجن؟ اهو راز جنهن کي مون ايترو وقت سيني ۾ لڪائي ههڙا حال ڪيا آهن. تنهنجو حاصل مطلب هيءُ آهي ته عورت ذات تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. تون منهنجو ننڍي هوندي جو سنگتي آهين. متان تون به ڪٿي ڦاسي پوين. ها منهنجي مدد جيڪا تون ڪري سگهندين سا مون کي خبر آهي. منهنجي نصيحت مان عبرت حاصل ڪري ان موجب پيروي ڪيئي ته وري مون جهڙا مثال ڪري شايد ٿور اٿين ها. پوءِ ان ڏينهن ڪو خاص واقعو ڪونه ٿيو، اڳئين رات جي اوجاڳي ڪري آءٌ جلد ئي سمهي رهيس. ٻي ڏينهن ٻن پهرن جو ماني کائڻ مهل، اسين سڀ گهر جا ڀاتي ماني کائي اٿياسين ته نوڪر هٿ ڌئارڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جميله اٿي نوڪر کان پاڻي ورتو ۽ سڀني جا هٿ ڌئارڻ لڳي. منهنجو وارو به آيو. منهنجي دل ڏڪي رهي هئي.الائجي ڇو، هٿ ڌئاريندي هن منهنجي قميص جون ٻانهون پسائي چڏيون، لاچار آءٌ پٺتي هٽيس زبان جي اکر اچي خبر ناهي ته ڇو رڪجي ويا. نظر مٿي ڪري کيس ڪاوڙ سان ڏسڻ لڳس مگر منهنجي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. هوءَ مشڪي رهي هئي. کيس نهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اڇا ڪپڙا پيل هئا. آءٌ کيس پرستان جي پري سمجهڻ لڳس. اتي پاڻ يت افسوس کاڌم ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري گهر کان ٻاهر نڪير ويس. خبر ناهي ته ڪيترو پنڌ ڪري ويس. ٻاهر هوا صاف هئي. جيتوڻيڪ ٻن پهرن جو وقت هو ته به سج جي تپش هئي ڪانه. ٻنين جي ساوڪ تي جهرڪين جا ولر لامارا ڏيئي رهيا هئا، هاري ناري سڀ پنهنجي گهرن ڏانهن هئا. نيٺ آءٌ وڃي هڪ وڻن جي جهڳٽي هيٺان ويٺس.
    منهنجا خيال نامعلوم ڪشش ڪري وري جميله ڏانهن واپس وڃڻ لڳا. اڄ هن نوڪر کان پاڻي وٺي سڀني جا هٿ ڇو ڌئاريا؟ ڇا رڳو منهجي ڪري؟ ڀلا ڪالهه رات هن ڇو نند ڪانه ڪئي؟ هوءَ منهنجي کٽ کي ويجهو ڇو آئي هئي؟ مون کي هٿ ڌئاريندي ڇو پسايائين؟ ڇو هوءَ مون کي پيار ٿي ڪري؟ جميله ڪهڙي نه حسين هئي. پاڪ. نه نه هوءَ معصوم آهي اتفاق سان پاڻي اوتجي آيو هوندو. اڃا اهي ئي خيال پچائي رهيو هوس ته جمليه اچي سامهون بيٺم. هوءَ اڪيلي هئي. کيس ڏسي آءٌ شرمائجي ويس. پر هوءَ اچي منهنجي ڀرسان ويهي رهي. کيس هلڪي نيري رنگ جي ساڙهي پيل هئي. ٻانهون اگهاڙيون، اڌ ڍڪيل سينو ۽ وار ڇڙيل مون کي اعتبار ئي اچي ته هوءَ ڪا سچ پچ جميله هئي. مون سمجهيو ته آءٌ ڪو خواب ڏسي رهيو آهيان. ساوڪ ۽ سرسبزي گم ٿي ويئي. ان سان گڏ منهنجو هوش ۽ عقل به، بيخوديءَ جي حالت ۾ آءٌ اٿي هلڻ لڳس، پر منهنجي طاقت الائجي ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي هئي. جميله منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چوڻ لڳي. حميد! هيءُ وقت ڪو گهمڻ جو آهي ڇا؟ مون تي ناراض ٿيو آهين ڇا؟ آءٌ توکان معافي وٺڻ آئي آهيان. مون کي معاف ڪر. معاف ڪريان! منهنجي وات مان الائي ڪيئن اکر نڪري ويا. هوءَ چوڻ لڳي، هائو مون کي معاف ڪر، مون تنهنجي سڄي رات جي نند حرام ئي هئي. توکي ناحق پسائي ڇڏيم. منهنجي دل آهي ته تون مون سان ڳالهاءِ. هن جي اکين ۾ نيزاري هئي. هن جي آواز ۾ جادو هو، منهنجي بدن ۾ آگ لڳي ويئي. بجليءَ جو دورو چالو ٿي ويو. ضمير ملامت ڪرڻ لڳو ته جيڪڏهن چاچي ڏسي ورتو ته ڇا سمجهندو. انهيءَ ڪري سواءِ ڪنهن ڳالهائڻ جي آءٌ اٿي هلڻ لڳس، هوءَ منهنجي پويان لڳي آئي. منهنجي حالت هئي کيس مون ڪنڌ ورائي ڏٺو به ڪين. ان رات ماني مهل هوءَ منهنجي سامهون ميز تي کائي رهي هئي، ڪيڏي مهل چوريءَ چوريءَ مون ڏانهن نهارڻ لڳي، اوچتو منهنجي پيرن تي ڪنهن جا پير لڳا، ڪنڌ نوڙائي ڏسان کڻي ته اهي پير جميله جا هئا. منهنجي بدن کي سياٽو وٺي ويو، ڄڻ ته ڪنهن باهه ڏيئي ڇڏي هجي. ڀرسان ٻيا ويٺل ڏسي آءٌ شرمائجي ويس، تڙ تڪڙ ۾ ٻه چار گراهه وجهي اٿي هليو ويس ۽ وڃي چاچي جي کٽ جي ڀرسان سمهي رهيس. رات ساري ننڊ ڪانه ڪيم ۽ نڪا جميله به ڪئي. صبح جو سوير اٿي سامان ٻڌڻ لڳس ۽ چاچي کان موڪل وٺي ڳوٺ ڏي روانو ٿي ويس، بابي چيو ته حميد ڇو جلدئي موٽي آئين. بابي کي ائين چئي جند ڇڏايم ته بابا ڳوٺڙي ۾ مزو نه آيو، تنهنڪري موٽي آيس. چاچي وٽان موڪلائيندي مون جميله کان موڪلايو به ڪونه، جيتوڻيڪ منهنجي مرضي به هئي ته ساڻس هڪ دفعي ڳالهايان. وڃڻ وقت ڪنهن جي به چهري تي رنج يا ملال ڪونه هو. جي ڪو ڏک هو ته اهو جميله کي هو ۽ ٻيو مون کي. مگر دل تي پٿر رکي حسرت ڀريءَ نگاهه سان جميله ۽ سندس ڳوٺ کي الوداع چئي اچي پنهنجي ڳوٺ رهيس.
    ڳوٺان آيس ته سهي مگر مون سان گڏ منهنجو ٺلهو بوتو گڏ هو، ائين محسوس ڪرڻ لڳس ته ڪا شيءِ وڃائي آيو آهيان. رات جي ننڊ بلڪل ٿوري يا ايندي ڪانه هئي. جميله جي ڌنڌلي تصوير هميشه نظرن سامهون ڦرندي ٿي رهي منهنجو ڳوٺ ڀڄي اچڻ جو خاص مطلب اهو هو ته متان ڦاسي پوان ۽ انهيءَ ڳالهه مان پاڻ کي ڌار نه ڪري سگهان. دوريءَ ۽ جدائي سبب کيس وساري سگهان. آءٌ ڪو کيس دل ڏيئي ڪونه چڪو هوس، نڪا ڪا منهنجي مرضيءَ هئي ته هن کي آءٌ پنهنجو ڪريان. منهنجي اڳيان مکيه مقصد ۽ آدرش اهو هو ته ڪنهن به عورت تي مست ٿي بس حيوانن واري زندگي کان پري رهان. انهيءَ ڪري پري ته ڀڄي آيو هوس. اڳي جو سڄو ڏينهن گهر ۾ ڪتابن جي اٿل پٿل ڪندي گهاري ڇڏيندو هوس، اهو هينئر ناممڪن ٿي پيو. گهر کائڻ ٿي آيو. ڪتاب خاڪ جي ڍيرن وانگر گند سان ڀرپور بي معنيٰ پئي لڳا. هروڀرو زور ڪري دل وندرائڻ ڪري جي کڻي ڪو ڪتاب کوليندو هوس ته ان جا پنا يا ته صاف اڇا نظر ايندا هئم يا صفا ڪارا. الائجي ڇو؟ مون کي ڇا ٿي ويو هو؟ ان بيچيني جي حالت ۾ بلڪل ئي جميله کي وجيهو سمجهڻ لڳس. ڏسي سمجهي رهيو هوس ته منهنجي حالت ۾ يڪايڪ ايترو ڦيرو ڇو ٿي آيو. اهو سڄو جادو جميله جو هو. هن جي ڪشش ۾ غصب جو زور هو. مون ته کانئس پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو هو، بلڪل پري ۽ دور هئس. مگر هوءَ مون کي اڳي کان ويجهي پوندي ويئي. بلڪل نزديڪ، آءٌ ڪشمش ۾ مبتلا هوس. آخر موڪل وارو عرصو پورو ٿي ويو. آءٌ ڪاليج ويس ۽ دستور موجب پڙهڻ کي لڳي، جميله کي وساري ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. پوري مهيني کان پوءِ مون کي خط مليو جو هن ريت هو.
    پيارا حميد!
    تو ته مون کي وساري ڇڏيو، بلڪل مگر مون کي تون ياد آهين، بي حيا ٿي هي چند سٽون لکي رهي آهيان، مجبور آهيان. منهنجي زندگيءَ جو دارو مدار تون ئي آهين. بس وڌيڪ ڇا لکان، تون پاڻ سمجهو آهين. ــــ تنهنجي جميله!
    هي خط ته مختصر هو، مگر منهنجي حالت اڳي کان به خراب ٿي چڪي. آءٌ وري اچي اوڙاهه ۾ ڪريس. ڏينهن رات جمليه جي تصور ۾ گهارڻ لڳس. انهيءَ تصور ۾ اهڙو ته ڪو جادو هو. جو آءٌ انهيءَ فريب ۾ وڌيڪ ڦاسندو ويس. دل ۾ ناسور ته اڳئي هو مگر هينئر انهيءَ ۾ مٺو مٺو درد ۽ سور اڀامي اٿيو، ڪاليج ۾ وڃڻ تي مرضي ٿئي ئي نه. نڪو وري ٻيو ڪو ڪم ڪار سمجهيو ٿي. الائجي ڇو؟ خبر ناهي ڇا جي ڪري؟ منهنجي انهيءَ حالت ڪري نتيجو اهو نڪتو جو آءٌ بي. اي. جي آخري سال ۾ ناپاس ٿي پيس. ناپاس جو نالو مون هن کان اڳ ڪڏهن به ڪونه ٻڌو هو، منهنجا ڪپاٽ کلي ويا. مٽن مائٽن اڳيان شرمسار ٿي ڪنڌ جهڪائڻو پيم. دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته آئينده سال ڪيئن به ڪري امتحان ۾ ضرور پاس ٿبو. پاس ٿيڻ جي شوق مون ۾ نئون ڦيرو آندو ۽ هڪ دفعي اٽڪل ڇهن مهينن جي عرصي کان پوءِ آءٌ وري پنهنجي پڙهڻ کي لڳي ويس. ناپاس ٿيڻ ڪري منهنجي مائٽن ڳجهيءَ طرح پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ چڱيءَ طرح ڳولا ڪئي ته سچ پچ منهنجي ناپاس ٿيڻ جو سڄو سبب ڪهڙو هو. انهيءَ ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو ته هنن مون کي شاديءَ ڪرڻ تي زور بار آندو. مگر آءٌ شادي جي لفظ، خيال نه رڳو ارادي کان باغي هوس. ليڪن دشمن هوس. تنهنڪري منهنجا مائٽ مون کي سولائيءَ سان انهيءَ ڳالهه لاءِ تيار نه ڪري سگهيا. ٻئي سال آءٌ بي. اي. ۾ پهريون نمبر آيس ۽ ايم. اي. جي وري تياري ڪرڻ لڳس. ٻن سالن جي رنگ رنگ ۽ ڪلڪل ٻڌي ٻڏي نيٺ ٿڪجي پيس، آخر ماءُ ۽ پيءُ جي عرضن کي اونائيندي، مون شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي- منهنجي ته رڳو هائو جي دير ئي، يڪدم تياريون ٿي ويون. آخر شادي واري رات به اچي پهتي. سنوڻ ۽ ساٺ پورا ٿي چڪا هئا.
    آڌيءَ رات کان گهڻو عرصو گذري چڪو هو. آءٌ سمهڻ تي هوس. ته بيگاهه وقت ۾ جميله منهنجي ڪوٺيءَ ۾ اچي نڪتي. اچڻ سان اچي منهنجي پيرن تي ڪري پئي ۽ سڏڪا ڀري چوڻ لڳي. ”حميد! حميد!! تون ڏاڍو سنگ دل آهين، مون گهڻو ئي صبر ڪيو. مجبوريءَ کي حد ٿيندي آهي. آءٌ توکي پيار ڪريان ٿي. مون کي اجازت ڏي ته آءٌ اهي اکر چوان ته تون به مون کي پيار ڪرين ٿو. حميد! حميد!! هن منهنجي هٿن کي جهليندي چيو،“ ”منهنجي عرض کي حقارت جي نگاهه سان نه ڏس. آءٌ بيوس آهيان. مون پنهنجو راز گهڻو لڪايو مگر باهه باهه سان وسامي نٿي سگهي. هي اها آگ جا لڳائڻ سان لڳي نٿي سگهي.“ هوءَ وري اچي روئڻ لڳي.
    هوءَ گوڏن تي بيٺي هئي ۽ منهنجي ٻنهي هٿن ۾ پنهنجا بي بها آنسو ڪيرائي رهي هئي. اها حالت ڏسي منهنجي دل پگهرجي ويئي، کيس دلداري ڏيئي بس ڪرايم ۽ جيئن کيس اٿاري ڀرسان ٿي وهاريم، ته اندر ۾ الاجي ڇا ٿي ويو. بدن ۾ بجليءَ جو دورو چالو ٿي ويو. دماغ ۾ نشي وارو خمار چڙهي ويو. دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي، بيخوديءَ جي حالت ۾ هوءَ منهنجي سيني سان چهٽي ويئي۔ مون کيس چپن تي چمي ڏني. هوءَ منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چوڻ لڳي، ”حميد هاڻي باقي رستو اهو وڃي رهيو آهي ته تون هتان هينئر ئي نڪري وڃ ٻيو چارو ڪونهي. گم ٿي وڃ. انهيءَ عرصي ۾ آءٌ به پنهنجي مائٽن کي راضي ڪري وٺندس.“ منهنجي دل ۾ وري ڌڪار پيدا ٿي ويئي جميله لاءِ ۽ منهنجي ٿيڻ واري زال لاءِ. انهيءَ ڪير جمليه واري رٿ پسند اچي ويم. اهو خيال ڪري مون جميله کي چيو ته چڱو، منهنجي هاڻي موڪلاڻي آهي... جي جيئرا هونداسين ته اچي گڏباسين. هوءَ اڳتي وڌي آئي ۽ پنهنجي منڊي لاهي منهنجي آڱر ۾ وڌائين ۽ منهنجي منڊي لاهي پاڻ کنيائين.
    هڪ ڀيرو وري عورت جي چنبي کان آزاد ٿي نڪري آيس. ڪڏهن ڪڏهن جميله کي ياد به ڪندو هوس. سندس منڊيءَ کي ڏسي غلطان ٿي ويندو هوس. هڪڙي ڏينهن مون اها منڊي به لاهي درياءَ ۾ اڇلي ڇڏي ته من کيس وساري ڇڏيان.
    پورن پنجن سالن کان پوءِ پرديس ۾ مون رات جو خواب ڏٺو. ”ڏسان ٿو ته جميله جا حال برا آهن. ڪپڙا ڦاٽل اٿس. ڀرسان هڪ ننڍڙو ٻار اٿس.پاڻ بيمار آهي ته به سندس زبان مان حيمد! حميد!! جو آواز اچي رهيو آهي.“ صبح جو اٿندي ئي مون کي ڇڪ ٿي، نامعلوم ڪشش ۽ دل ۾ بينچيني، نيٺ لاچار ٿي ڳوٺ ڏانهن سنڀريس. سڌو جميله جن جي گهر ويس. ڏسان ته جميله خوش خورم هئي. سندس مائٽن شادي ڪري ڇڏي هئي. کيس هڪڙو پٽ به هو. دوست اهو معاملو ڪري آءٌ ديوانو ٿي ويس. مجنون- مون کي الائجي ڇا ٿي ويو. آءٌ شهر جي گهٽين ۾ رڙيون ڪري ڊوڙڻ لڳس. ڪپڙا سڀ ڦاڙي ڇڏيم. ماڻهن کان مون کي ڪوبه شرم يا حيا ڪونه ٿيندو هو.
    منهنجا ماءُ ۽ پيءُ نااميد ٿي آسرو لاهي مون کي چريو سمجهي ڇڏي ڏنو. مگر دوست منهنجي دل خوب ڄاتو ٿي ته آءٌ چريو هوس يا سنئون. ۽ جميله کي به خبر هئي ته آءٌ ڪنهن جو ديوانو هوس. منهنجي آهه هڻي وڃي هنڌ ڪيو. دوست ٿورن ڏينهن ۾ منهنجي اميدن جو آسرو. زندگي جو دارومدار، دل ۽ دماغ تي حڪم ڪرڻ واري سنگدل جميله بيمار ٿي هميشه لاءِ موڪلائي ويئي. هيءَ سندس قبر آهي... دوست... ”دوست“ چئي هو ڪري پيو.


    بهار

    بهار

    آءٌ گهمندي رهيس.... ڦرندي رهيس.... جتي.... شبنم جي موتين جو فرش آهي.... ۽ آءٌ انهيءَ ملڪ جي طرح اچي رهي آهيان.... جنهن جي پيرن ۾ شبنمي هيرا ۽ جواهر لڳل آهن.....
    آءٌ گهمندي رهيس.... ڦرندي رهيس...... جتي...... سرخ گلاب ۽ سوسن اڀرن ٿا..... ۽ آءٌ انهيءَ حسين نازنين وانگر اچي رهي آهيان.... جنهن جي سنهري وارن ۾ گل ئي گل هجن.....
    آءٌ گهمندي رهيس..... ڦرندي رهيس..... جتي..... ڀونئرا گلن جو رس ٿا چوسين.... ۽ آءٌ ان ڀونئور وانگر اچي رهي آهيان..... جنهن جي چپن تي گلن جي چمندي چمندي..... چمين جا داغ پئجي ويا هجن.....
    آءٌ گهمندي رهيس..... ڦرندي رهيس..... جتي...... ساوا چهچ ميدان، جبل ۽ ماٿريون آهن..... ۽ آءٌ ان پکيئڙي وانگر اچي رهي آهيان..... جو سڄو ڏينهن ٻاهر گذاري، شام جو پنهنجي آکيري ڏانهن موٽي.....
    هُوءَ ۽ آءٌ
    هوا چوڻ لڳي..... ”اي نازنين! ٻاهر اچ ته گڏجي راند ڪيون“
    چنڊ چيو..... ”اي حسينه! هيڏانهن ته اچ، آءٌ تنهنجي ڪري آيو آهيان“
    تارن چيو..... ”اسين تنهنجي ضرورت محسوس ٿا ڪريون“
    مون چيو..... ”اي محبوب! اچ، آءٌ تنهنجو ڪڏهين کان منتظر آهيان“
    هوا وري چوڻ لڳي..... ”اي جادوگرڻ! آءٌ تنهنجي ئي ڪري..... خاموش ۽ صبر سان..... نهايت خاموشيءَ سان سرد آهون ٿي ڀريان“
    چنڊ وري چيو..... ”اي حسن جي ديوي! مون تنهنجي ئي واسطي چهرو زرد ڪيو آهي“
    تارن وري چيو..... ”ايسن سڀ تنهنجي لاءِ منتظر آهيون“
    مون وري چيو..... ”اي محبوبه! اچ، مون وٽ اچ..... آءُ تنهنجو ڪڏهوڪو منتظر آهيان.“
    هوا..... ساري رات سرد آهون ڀريندي رهي.....
    چنڊ..... زرد چهري سان هيٺ مٿي.... تمام مٿي.... صبح تائين انتظار ڪندو رهيو.... تارن جون منتظر اکڙيون پٽجڻ ۽ پورجڻ لڳيون.....
    مگر..... هوءَ ۽ آءٌ..... ٻئي اڃا تائين...... ڳالهائي رهيا هئاسين..... آهستي... آهستي.....
    چورايل خط
    سوشيلا ڏانهن
    سوشيلا!
    ڪراچيءَ لوٽڻ کان پوءِ پريم پلٽو کاڌو. ان کي جيئري رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه موجود ٿي ويو. راتيون اونداهيون ٿي ويون. ڏينهن لوڇ پوڇ ۾ گذرڻ لڳا. انهيءَ اٿل پٿل دل ۽ دماغ کي پاگل پن جي درجي تي پهچايو. آءٌ سواءِ ڪنهن خيال جي سارو وقت تنهنجي ئي يادگيريءَ ۾ گهارڻ لڳس. مون کي پروڙ به هئي ته تون هرگز منهنجي ٿي نٿي سگهين. مگر دل کي ڪينءَ سمجهايان پريت جي ريت نرالي آهي. تنهنجي رسيلن نيڻن جي اشارن مون کي منجهائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ ڇا ٿيو.
    مون لاءِ رات ڏينهن ننڊ حرام ٿي ويئي- سيني ۾ هلڪو هلڪو درد، دل ۾ مٺو مٺو سور جاڳي اٿيو. انهيءَ ڏينهن کان منهنجي حالت ٻي ٿي پئي. سوشيلا اهو هڪڙو داستان آهي، منهنجي مرضي ناهي ته آءٌ توکي ٻڌايان. آرزو اٿم ته شل منهنجي دل جي حالت جو تون اندازو لڳائي سگهين. جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ پريت جي ڪڻي آهي. جيڪڏهن تنهنجي دل پٿر جي ناهي ته کڻي ٻاهران نه ئي سهي پر اندردوني طرح محسوس ڪري سگهندينءَ ته سچ پچ ڪو ستايل آهي. جنهن جي زبان بند آهي.... خاموش آهي، مگر ان جي خاموشيءَ ۾ ضرور ڪو نه ڪو سوال آهي. سوشيلا ڪنهن چيو آهي.
    چمن ۾ آهه ماتم بي نصيب غنچي جو،
    جو رات هڪڙي به شاخ تي نه رهيو.
    ها چمن ۾ ماتم هوندو. هن جي شاخ تي نه رهڻ جو! مگر آه.....! هتي ته هڪڙي گهڙي به اهڙي ڪانهي جنهن کان پوءِ آرام نصيب ٿئي. ته پوءِ رات ڏينهن ۾ تفاوت ڪهڙو! شاخ تي رهڻ ۽ نه رهڻ جو غم ڪهڙو! مون کان سواءِ ماتم ڪرڻ وارو ڪهڙو! اڪيلائي آهي جا مددگار آهي ۽ دل کي تسلي آهي ته هيءَ آهي:
    جڏهين ٻيو ڪوئي ڪونهي،
    شايد ويسين ٿو تون مون وٽ.
    هي خط لکندي ان جريت کان ڪم وٺي رهيو آهيان. پر انهيءَ همت جي صدقي جنهن مون کي توسان ٻن چئن ڏينهن گهارڻ جو موقعو ڏنو؛ اميد اٿم ته مون کي جواب لاءِ وڌيڪ منتظر نه ڪندينءَ. آسرو اٿم ته هيءَ خط توکي عجب ۾ نه وجهندو. جيتوڻيڪ منهنجي زبان پريم جي اپٽار کان خالي رهي آهي ته به منهنجي ڪمزور اکڙين توکي سنيهو ضرور پهچايو هوندو. توکي معلوم آهي. پاڻ گڏ هئاسين...... پوءِ جڏهن سامهون حشر ٿئي برپا
    ڪريان اظهار تمنا ڪيئن؟
    شروعات مون ڪئي آهي..... باقي تنهنجي جواب جو انتظار اٿم..... تنهنجو رميش
    رميش!
    خط پهتو، لکان ته ڇا لکان. تنهنجي درديلي خط منهنجي دل تي اونو اثر ڪيو آهي. آءٌ سمجهان ٿي ته تون ضرور دکي آهين، تنهنجي خط جو هڪڙو هڪڙو لفظ منهنجي دل تي نشتر ٿي چڀڪيو آهي.
    مگر جڏهين مرد جي بيوفائي ڏانهن نظر ٿي ڪيان ته دل ڏڪيو وڃي. شروعات کي ڇڏي انجام کي ٿي سنڀاليان ته آهه! هن مٽي جي پتلي، بيوفائي جي بوتي جي ڪشش ڪهڙي نه رنگين آهي، پر ان جي پڇاڙي ڪهڙي نه خوفناڪ.سچ آهي ته رميش! اهو ئي خيال مون کي بيهوش ڪيو ڇڏي. دماغ چڪر کايو وڃي. اف! مرد ڪيترو نه فريبي ۽ چالاڪ آهي. پٿر وانگر سخت پر ميڻ وانگر نرم. مطلبي، ڌوڪيباز ڪنهن جي ڳڻڻ ڳائڻ تي اچي ته زمين آسمان ڏڪايو ڇڏي. رميش! ڇا تون ئي ٻڌائي ته عورت اهڙي سهڻي آهي جو سڄي دنيا جو حسن منجهس اچي واسو ڪري! نديءَ جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ ان جي جهلڪهجي. شفاف چشمي ۾ ان جي تصوير ڇلڪي. صبح جو مٺڙي هير ئي رڳو ان جا ئي رسيلا گيت ٿي ڳائي. ڇا دنيا جو ذرو ذرو عورت جي ڪري ئي وجود ۾ آيو آهي؟ ڪهڙا نه فريب ڏيندڙ آهن اهي اکر، عورت کي بيوقوف بنائڻ لاءِ! ڪهڙا نه وڻندڙ پردا عياري لڪائڻ لاءِ! مون لاءِ ته پريم جي هيءَ قيمت آهي ته پريم پاگل پڻو آهي. چريائي آهي، جا ٿيو پوي. لهيو وڃي ته سڀ ڪجهه ٿيو اڏاميو وڃي. ها آءٌ چوان ٿي ته پريم جي ريت مرد لاءِ اها آهي ته جيسين ڪو پريم ڪندو رهي ته پريم آهي ۽ پوءِ....... بس.......
    پريم به وري ڪهڙو ته ٻيو سندس غلام ۽ نوڪرياڻي ٿي رهي. زباني وعدن جي ڪمي ڪانهي پريم هي آهي پريت هيءَ آهي ريت هوءَ آهي. پريت دنيا جي ٻنڌڻن کان آزاد آهي وغيره وغيره.
    رميش! اهي بيقراريون، آه زاريون، اونداهيون راتيون...... آءٌ نٿي سمجهان، ڇا جي لاءِ آهن. ڇا تون انهن ۾ شاديءَ جي تصوير ٿو ڏسڻ چاهين ڇا خط به انهيءَ ڪري لکيو اٿئي ته آءٌ ڀنڀلجي آئينده تنهنجي ٿي رهان؟ هائو تنهنجو اهو ئي خيال هوندو....... پر افسوس آءٌ اهڙي خيال تي همراءِ ٿي نٿي سگهان. پريم جي دعويٰ ڪرڻ ۽ ان جي شاديءَ جو پوش چاڙهڻ جهڙو دفتريءَ تي بخمل چاڙهڻ آهي. پريت اها هئڻ گهرجي جا معصوم هجي زبان سان نه پر دل سان هجي.
    زياده ڇا لکان. مون کي اهو ڪجهه سمجهه جو تون آهين. تو رباب کي ڇيڙيو ۽ تارون وڄڻ مگر فرق سو اهو آهي. تنهنجي تمنا آهي ته منزل تي جلد پهچين، منهنجي مرضي آهي ته پريم جو رستو اڃا اڙانگو ٿئي. تنهنجو پريم پوڄا جي لائق آهي مگر تنهنجي طبيعت نه...... آخر تون به ته انهن مان آهين جن کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.ان ڪري تون مون کي ياد ڪندو رهه ۽ آءٌ توکي ياد ڪندي رهنديس.
    تنهنجي سوشيلا-


    اسين ٻيئي

    اسين ٻيئي
    اوهين کيس ڪونه سڃاڻو؟
    هوءَ ته اُهائي هئي جنهن کي سڀني سڃاتو ٿي.... پر سمجهيو ڪنهن ڪونه ٿي... سڀني کيس پسند ڪيو ٿي... پر سڀني کيس ڌڪاريو ٿي.
    اُن کي پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ خدا سان هزار بار بغاوت ڪئي ويئي، ان کي ڌڪارڻ واسطي شيطاني نفس اختيار ڪيو ويو. گناهه سان ان جي پوڄا ڪئي ويئي. محبت پنهنجي خون سان ان جي حسن کي جوان ڪيو. دولت ان جي نازڪ قدمن تي ليٽي قربان ٿيڻ لڳي. اخلاقي دنيا جي راتين ۾ ان کي شمع وانگر ايسين تائين جلايو ويو، جو ان جي نوجوان زندگيءَ جو هر چمڪندڙ ڪرڻو ڪاري دونهين جي ليڪ بنجي پيو.
    ان جي شوخ نظرن کي زهريلو سڏيو ويو ۽ شراب ڪري پيتو ويو. ان جي باقوتي مشڪڻ کي خوني ٻڌايو ويو. مگر تنهن هوندي به لڪي لڪي ان کان حياتي بخشڻ جون منٿون ڪيون ويون. ان کي حسين نانگڻ سمجهندي به انسان ان کي پنهنجي سيني سان نه لڳائڻ جي همت نه ڪري سگهيا، اخلاق، مذهب ۽ سماج سڀني پڪاري چيو، ”هيڏانهن قدم نه کڻو! اها خوبصورت جئور توهان جي روح کي چوسي ويندي“.... پر ماڻهو بلڪل بي اختيار ڏڪندڙ، ڪرندا، لڏندا ۽ ڇڪبا ويا.... جهڙا آسمان تان ڪرندڙ تارا... ان جي گنهگارين راتين جي لذيذ اونداهي ۾ گم ٿي ويا.
    پر سچ ته اهو آهي ته ماڻهو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪي ڪري به نٿي سگهيو!
    بي پناهه ڪشش جي اڳيان ڪمزور جزو گهلبو نه وڃي ته ٻيو ڇا ڪري! بي رحم شعلن جي وچ ۾ ڪک ڀسم نه ٿئي ته ڪيڏانهن وڃي!..... اهو ڏوهه آهي ته ان ۾ گنهگار جو ڪهڙو قصور؟ اها بغاوت آهي ته باغيءَ جي ڪهڙي خطا! هن تنگ ۽ ننڍڙيءَ دنيا ۾ آخر دل کي ڪيڏانهن ڪجي؟ جان ڏيڻ لاءِ به ته ڪنهن سارڻ واري جي ضرورت آهي.
    مگر حقيقت ته اها آهي، جو اهو سڀڪجهه جذباتي قريب هو، جنهن جي پٺيان نفساتي خود غرضيءَ جي لڪل تصوير هئي. ماڻهو جڏهن اخلاق، مذهب ۽ سماج جي قانون کي ٽوڙي، هُن جي دلنواز خلوت ڏانهن ايندا هئا، ته هوءَ چڱيءَ طرح سمجهي ويندي هئي ته اُهي بکايل بگهڙ آهن، جو سندس جوانيءَ جو رت پيئڻ لاءِ سون چانديءَ جا پيالا کڻي آيا آهن... انهيءَ لاءِ اُن اهڙي تعليم حاصل ڪئي، جو هُن جو جسم انڊلٺ وانگر ور کائي ته ناچ ۽ شاعري جاڳي اٿن. هن جي چپن جو آب حيات چُرڻ سان شراب ڇُلڪجي وڃي. هن اهو به سکيو هو ته اُنهن بگهڙن کي ڪيئن پاليو وڃي. ساهه جي تيزي ۽ سستي، عضون جي گولائي... اکڙين جا اشارا... اُنهن سڀني ۾ ماهر هئي. هُن جو شڪار هُن وٽ ڦاٿل هو.
    هن کي اهو معلوم هو ته اُهو پوڄا ۽ پريم جو طوفان جو اُن جي اشاري تي هلي رهيو هو، ٿوريءَ ئي غفلت کان کيس باغ دنيا جي شخ تان مکڙيءَ وانگر ٽوڙي اڇلائي ڇڏيندو.
    جڏهن شام جو هوءَ پنهنجي خوبصورت بالاخاني جي آغوش ۾ پنهنجي ساري جوانيءَ ۽ تمام رنگينيءَ کي سينگاري ويهندي هئي ته رات پوڻ سان سڄي دنيا هن وٽ ڇڪجي ايندي هئي..... هن کي خبر هئي ته اُها سڄي ڪشش هڪ ڏينهن پاڻيهي اُن جي قسمت سان ٽڪربي.... جڏهن هوءَ هزارين فتنا کڻي، مشڪندي، باغن مان رستن تي ٽلندي ٿي هلي، ته پياسي نظرن ۽ گرم ۽ ٿڌي ساهن دل جي تيز ڌڙڪن جا ولر ان جي چئني طرفن کان ٿي اُٿاريا... ۽ کيس ائين محسوس ٿي ٿيو ته هوءَ هڪ آتش... آگ... باهه جو ٻرندڙ جزو آهي... جو جيڏانهن وڃي ٿو... جو جتي ڦِري ٿو ته رڳو جلائي ٿو.... ساڙي ٿو... بس... انهيءَ هوندي به هن هر صبح جو پنهنجي ٿڪل بلوري بدن کي بستري جي مرجهايل گلن تان اٿاري، وهاڻي جي زور تي ٿي ويهاريو... پنهنجي ننڊاکڙين نظرن سان ائين سمجهڻ ٿي لڳي ته ڄڻ هوءَ ڪاريءَ اونداهيءَ، ويران ۽ سنسان دنيا ۾ اڪيلي هئي، بلڪل اڪيلي هئي، جتي سون چانديءَ جي ننڍڙن کڙکٻيتڙن کان سواءِ ڪجهه ڪونهي... هر هڪ رات هن پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ جي لذتن کي نئين نموني سان ٿي ٺاهيو. ڪڏهن ايترو ئي ڪافي ٿي سمجهيائين ته شرم ۽ حجاب جو جادو هجي... هوءَ دامن ڇڏائي...۽ ماڻهو گهلبا اچن...هوءَ ادائن جي لهرن ۾ ترندي وڃي.... تڙڳندي... ۽ ماڻهو جذبات جي نشيبي و فراز کان ٺوڪرون کائي کائي، ٻڌندا گهوتا کائيندا... ڊوڙندا اچن... ڪڏهن هن شوخيءَ ۽ وڏائيءَ کان پنهنجو بيحد حسين جسم نمايان ٿي ڪيو ته ماڻهن جي جسم ۾ بجلي ٿي ڊوڙي... اها بجلي جا رڳ گنهگارن ۾ ئي ٿي پيدا ٿئي... ڪڏهن هوءَ ڇتيءَ نانگڻ وانگر ور کائي ڏنگ هڻندي هئي ته ماڻهو انهي زهر کي امرت سمجهي خشڪ ۽ ڏڪندڙ چپن سان جهٽ پي ٿي ويا.... ڪڏهن هوءَ موت وانگر چپ چاپ دل دماغ تي ٿي ڇائين، ۽ ماڻهو ان کي زندگي سمجهي کلندا رهيا... مگر انهن سڀني ناز نخرن کان زياده هوش ربا نخرو اهو هو، جو هوءَ پنهنجي اکين ۾ پاڻي آڻي چوندي هئي ”آءٌ توکي پيار ٿي ڪريان!“ جوانيءَ ۽ گناهه جي مست راتين ۾ جدا جدا ماڻهن جا خيال ڪندي. هن پاڻ ۾ ايترا ته جذبا پيدا ڪيا هئا، جو هن لاءِ اهڙي ڳالهه ڪابه ڪانه باقي بچي جو کڻي سکي. گهڻا ماڻهو خوفناڪ مڇرن وانگر ڀون ڀون ڪري هن جي نرم نازڪ جسم مان خون چوسي اڏامي ويندا هئا. هوءَ انهن کي زياده مهربان سمجهندي هئي، ڇو جو هو ڪنهن حد اندر هوندا هئا. ڪيترا ماڻهو اهڙا به هئا، جي دنيا مان ناڪام ٿي، هن جي فريب ڪده ۾ ڄاڻي واڻي ڌوڪو کائڻ ايندا هئا، جن کي هوءَ شراب جي هڪڙي پيالي سان.... گناهه سان... راڳ سان.... خاموش ڪندي هئي. کيس تڪليف يا ڏکيائي انهن ماڻهن سان ٿي ٿي، جن ان جي جسم جي لذتن کان سواءِ هن جي دل ۽ روح کي ٿي پڪڙيو. انهن مان ڪن جي مرضي اها هئي ته هن جي حسين زندگي... هن جي رنگين جواني صرف انهن جي ئي اڃ اجهائي ۽ ٻين غريب پياسي انسانن کي ڪجهه به نصيب نه ٿئي. ڪن جو اهو حڪم هو ته هوءَ ساڻن ئي محبت ڪري... اها محبت جا ڪئي نٿي وڃي، پر ٿي ويندي آهي... اهي وٽس نه هجن ته کيس آرام نه اچي..... آهون ڀري.... دل ۾ ياد ڪري ۽ رات جي ننڊ کي لڙڪن ۾ وهائيندي رهي، ۽ جڏهن اهي مشڪندا کلندا اچي ساڻس ملن ته هڪ اهڙي شيءِ بنجي وڃي، جو ڪنهن ٻئي مرد جي سامهون ڪڏهن نه ٿي هجي... انهن مان ڪي اهڙا به هئا، جو کيس جهنم جي آزاديءَ جي بدران بهشت جي غلاميءَ جي آڇ ڪندا هئا ۽ کيس مجبور ڪندا هئا ته هوءَ پنهنجي مزي واريءَ دنيا کي ڇڏي، هنن جي غليظ گهرن ۾ هڪ فقيراڻي ٿي رهي.... ڪهڙا نه اونڌا... ابتا سوال هئا! پر جڏهن ان انهن سڀني پيالن ۾ خود غرضيءَ ۽ لذت جو شراب وجهي پياريو ته خبر نه آهي ته الاجي ڇو سڀئي خاموش ٿي ٿي ويا. خوش قسمتيءَ سان ڪنهن رات جڏهن هوءَ پنهنجي بستري تي اڪيلي هوندي هئي ته هو خيال ڪندي هئي... خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا! ڳائيندي... مشڪندي... کلندي... ۽ پاڻيهي روئي پوندي هئي... اهڙيون راتيون هن کي زياده پياريون هونديون هيون... زياده قسمت واريون... ڇو جو رڳو انهن ئي راتين ۾ کيس اهو معلوم ٿي ٿيو ته هوءَ آزاد هئي ۽ صبح تائين سندس جسم... سندس روح... سندس دل ۽ دماغ هن جا ۽ صرف هن جا ئي هئا. اِهي اُهي ئي گهڙيون هيون جڏهن هوءَ پنهنجي سيني ۾ هڪ ”عورت“ ڏسندي هئي، جا اوٻاسي ڏيئي، ڪر موڙي، اٿي، آهستي آهستي هن جي سڄيءَ دنيا تي ڇائنجي ويندي هئي. کيس معلوم ٿي ٿيو ته مستقبل جي رفتار ڍري ٿي ويئي آهي ۽ هن جو ماضي تاريڪيءَ مان ڊوڙندو... حال کي پڪڙڻ لاءِ طوفان وانگر اچي رهيو آهي... خوبصورت خلوت جي تيز روشنائي ڍري ٿي ٿي، اکين مان خوابي خيال نڪري ٿي ويا.... بار هلڪو ٿي ٿي ويو ۽ کيس ائين معلوم پئي ٿيو ته هوءَ هڪ پٽل ويراني ۾ خون جي پياسي حيوانن جي ولر ۾ هئي، جهڙيءَ طرح هڪڙو اگهاڙو لاش جنهن جي خون جي ڌارن بيوس زمين جي سيني تي چٽ ٿي چٽيا... بيحد خوف کان هوءَ ڏڪي اٿندي هئي.... جاڳي پوندي هئي... ۽ پنهنجي دلڪش اکڙين کي نازڪ هٿڙن سان اگهي، وهاڻي جي آڌار تي وير ليٽي پوندي هئي. هوءَ اڪثر خيال ڪندي هئي ته هن جي بيشمار خريدارن مان ڪنهن ۾ به ايتري انسانيت ڪانهي. جو پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن، گندن جذباتن جي هنگامن کي وسائڻ کان پوءِ ائين سمجهي سگهن ته جنهن جسم کي... فطرت جي خزاني کي... پنهنجي غليظ نفس جي پيرن ۾ چپوڙي ڇڏيو اٿن، ان جي اندر ۾ ڪا دل آهي جا ڌڙڪي پيئي... ڪڏهن ته هوءَ اهڙن خيالن کان بي اختيار ٿي، مٿو گوڏن تي رکي، لڙڪ اکين ۾ آڻي چوندي هئي، ”اي منهنجا ٺاهيندڙ! عبادت جا لائق! ڇا تنهنجي ساريءَ دنيا ۾ هڪڙي آءٌ ئي آهيان، زندهه هوندي به زندهه رهڻ جو حق نٿي رکان؟ تهذيب ۽ سماج جي خلوتن ۾ ڇا ڇا نٿو ٿئي، جو منهنجي خوابگاهه کي ناپاڪ سمجهيو وڃي ٿو؟ اخلاق ۽ تهذيب جا رکوالا پنهنجي نفاست ۽ پاڪيزگيءَ جا دنيا کي فريب ڏيئي، منهنجي گهٽيءَ ۾ منهنجي گهر اچڻ کان ۽ اها شيءِ جا خريد ڪن ٿا اُن جي خيال کان هو ٻاهر پنهنجو نڪ گهنجائين ٿا ۽ ناسون ٽيڙين ٿا... هو دنيا کي ڌوڪو ٿا ڏين... ۽ آءٌ به خود انهن کي... ڇا، انهن جو گناهه منهنجي گناهه کان وڌيڪ ڪونهي؟... پر ڇو سڀ انهن جا آهن... منهنجو ڪوئي ڪونهي.... هو سڀني جا آهن ۽ آءٌ ڪنهن جي ڪانه آهيان!“
    ها شايد اهڙي ساڳي هڪڙي رات هئي، جو هن ويهه سال اڳ جوانيءَ جي زماني ۾ مون کي آخري خط لکيو هو.... ٻڌ.... ”پيارا!... اڄ رات آءٌ بلڪل اڪيلي آهيان، منهنجي هيءَ رات رڳي منهنجي رات آهي. خبر ناهي ڇو دل ٿي چويم ته اڄ توسان ڳالهيون ڪريان... ڪي اهي ڳالهيون، جي اڄ تائين مون ڪنهن سان به نه ڪيون آهن.... ٻين وانگر جيتوڻيڪ تون مون وٽ هڪ رات رهئين پر پويان اهڙي يادگيري ڇڏي ويو آهين، جنهن کي آءٌ شايد ڪڏهن وساري نه سگهان. هڪ ڳالهه پڇانءِ؟ ٻڌائيندين... تون منهنجي وجهو بلڪل ويجهو آئين، پر موٽي ڇو وئين؟ ڇا توکي به اهو خيال هو ته جو جسم چانديءَ جي ٽڪرن تي خريد ٿو ڪجي، ان جي اندر دل ڪانهي؟ ڇا توکي اها به خبر ڪانهي ته گلن تي اڏامڻ وارو پوپٽ ڪڏهن اوچتو ڪنڊي جي نوڪ تي ڪري... جان ڏئي ٿو سگهي؟.... مختصر ته تو مون کي ڪو انسان سمجهيو يا نه؟.... يا رڳو هڪ پٿر؟.... جي تنهنجي خيال موجب هڪ انسان آهيان ته پنهنجي اخلاق، تهذيب، گندگي ۽ پاڪيزگي جي صديقي رڳو اهو ٻڌاءِ ته ايترو ويجهو اچي، ايترو بي دردي سان پري هٽڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو؟.... ۽ تنهنجي نظرن مون کي هڪ پٿر جي مورتي ڪري سمجهيو، ته ان جي اڳيان سجدن ڪرڻ جي اجازت توکي ڪهڙي خدا ڏني هئي؟ منهنجي هن خط کي ڏسي غلطي نه ڪجانءِ ۽ مون کي ڊپ آهي ته تون ڪجهه ٻيون نه سمجهي ويهين... اهو ڪجهه، جو مون توکي ان رات سمجهايو هو... تنهنڪري صاف ٻڌي وٺ، آءٌ توسان محبت نٿي ڪيان... تنهنجي احسانمند ضرور آهيان.... هي سڀئي لفظ هي سڀئي اکر بدنصيب ”عورت“ جو فرياد آهن، جا زماني کان منهنجي اندر دفن آهن، تون رڳو... مون کي سڃاڻين ٿو... انهيءَ ”عورت“ کي اصل نه!... ڇا تون جواب ڏيندين؟... تنهنجي ۽ سڀني جي.....
    مون وٽ اهڙي خط جو ڀلا ڪهڙو جواب هو؟... وقت گذرندو ويو... پورا ويهه سال... جوانيءَ سان گڏ هوءَ به الاجي ڪيڏانهن گم ٿي ويئي.... زمانو بدليو.... خيال بدليا. منهنجي صورت ۽ شڪل ڏسي ڪنهن کي به شڪ ڪونه ٿي ٿيو ته هن پوڙهي پروفيسر جي اخلاق، جوانيءَ جي رنگين گناهن، جي ڪا هڪ رات هئي، جنهن جو صبح به هو! ڪنهن کي خبر هئي ته آءٌ، جو اڄ عورتن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيو هوس.... گهڻو اڳي مجبور، رات جي خاموشيءَ ۾، گناهگار عورت جي پيرن ۾ سجدو ڏيئي چڪو هوس!.... عملي مشغوليءَ ۾ آءٌ پنهنج ماضي وساري ويٺو هوس. اخلاق جي فلسفي ۾ منهنجي شعر ۽ ادب جي جذبات ۽ عورت جي وجود تڪليف دهه هو، زندگيءَ جا خطرا لپيٽي خاموش هوس.... ته اوچتو منهنجي زندگيءَ جي نامعلوم دروازي تي کٽ کٽ ٿي، ۽ اُها خوش نصيب رات آءٌ ڪڏهن وساري نه سگهندس.... هلڪو انڌيرو ڇانئجي رهيو هو، سج جا آخري ڪرڻا پنهنجي جهلڪاڻ هري، هر ذري کي خوني بنائي رهيا هئا. آءٌ هڪ سوڙهيءَ گهٽيءَ مان سائيڪل موڙي وريس، ته اوچتو.... ماڙيءَ جي هيٺان.... ڪنهن سان ٽڪرجي ڪري پيس.... ”آهه ماري ڇڏيئه.“ ضربيل ماڻهوءَ جي منهن مان آواز نڪتو.... منهنجي سامهون پوڙهو فقير ڪنجهي رهيو هو.... مون اٿي کيس اٿاريو..... ڌڪ ته زياده لڳل ڪونه هوس، پر هو ڪنجهي رهيو هو. هن جي حالت ڏسي مون کي رحم آيو، مون هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي کيسن ۾ هٿ وڌا.... پر ٺيڪ ان وقت ماڙيءَ سامهون دري کلي.... ڪنهن جهاتي پاتي.... حيرت ۾ منهنجا هٿ کيسين ۾ ئي رهجي ويا.... مون کيس يڪدم سڃاتو..... هوءَ اهائي هئي، ان رات مون کي ننڊ ڪانه آئي. ويهن سالن واري پهرين رات.... اها مست ۽ متوالي رات، جڏهن اسان ٻنهي متوالن گناهه ۽ جوانيءَ ۾ ليٽي ليٽي ڏينهن ڪيو هو.... رڳو هڪڙي نگاهه ۾ ويهن سالن جا پردا ٽٽي پيا.... منهنجي دل خبر ناهي ڇو تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي.... منهنجو دماغ ڪنهن وڏي بار جي هيٺان دٻيو پئي ويو ۽ منهنجي روح کي ڪا شيءِ هئي جا چُڀي رهي هئي. مون بتي وسائي سگريٽ دکائي.... ٻاهر ڪاري رات هئي. هوا سون سون ڪري رهي هئي، ۽ اونداهه ۾ منهنجو سگريٽ تاري وانگر ٽمڪي رهيو هو.
    آءٌ سوچي رهيو هوس..... ”هوءَ ڪڏهن ائي.... ڇو آئي.... منهنجي پاڙي ۾..... منهنجي گهر جي ڀرسان.... ڇا ان جي پٺيان ڪو راز آهي... ڪو ارادو آهي.... يا هي رڳو اتفاق هو.... ان جي معنيٰ ڪهڙي.... اهو اتفاق نه آهي.... پر ڇا به هجي... تنهنجو ڇا.... ڪو ڪنهن جي ويجهو اچي رهي ته ڀل رهي.... سڀڪو پنهنجي زندگي ڪاٽي وڌي رهيو آهي ۽ جن ڪو هڪٻئي سان ٽڪرجي ٿو ته هيڏي هوڏي نهاري ڪنڌ موڙڻ مان ڪهڙو فائدو..... جو ٿئي پيو ٿيڻ ڏي، بيڪار مغز ماري ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو، پورن ويهن سالن کان پوءِ هوءَ ٺوڪرون کائي، ڌڪجي، منهنجي ويجهو آئي آهي، ته ڀل اچي. دنيا انهيءَ جو نالو آهي. وقت جي لهر کيس وري ٻئي ڪنهن هنڌ کڻي ويندي.... پر... آهه.... ايترو ويجهو! جوانيءَ جي هنگامي ياد کي ايترو ويجهو سمجهي، ڪو پنهنجا حواس ڪيئن قائم رکي... هڪ اخلاقي پروفيسر مجبور آهي.“
    وري اوچتو منهنجو خيال انهي آخري خط ڏانهن ويو..... ”ڇا هيترن سالن کان پوءِ هوءَ پنهنجي خط جو جواب وٺڻ آئي هئي؟.... چير ته ڪانه ٿي آهي؟... جوانيءَ جي وسريل گناهه کي ياد ڏياري، ڇا هوءَ مون کي پاڳل بنائيندي؟.... ته ڀلا ڇو مون وٽ سنئين سڌي نه آئي؟... توبهه توبهه.... کيس هتي اچن نه گهرجي... هوءَ منهنجي واسطي خطرو آهي.... اسين ٻَئي ويهه سال اڳي مري چڪاسين. هاڻي هوءَ هوءَ آهي ۽ آءٌ آءٌ آهيان.... اهي ٻئي گڏجي اسين ٿي نٿا سگهون. آءٌ خبر ناهي ڪيترو وقت انهن خيالن فيصلن ۾ مشغول هوس. سمنڊ جون ٻه زبردست لهرون اٿي هڪٻئي سان ٽڪرجي رهيون هيون، انهن جي وچ ۾ آءٌ هڪڙو ڪک وهي رهيو هوس.... ڪڏهن ڪيڏانهن.... ڪڏهن ڪيڏانهن. ان کان پوءِ خبر نه آهي ته مون کي ڇا ٿيو! مون کي ايترو ياد آهي ته منهنجي بت مان چڻگون پئي نڪتيون ۽ آءٌ پيرين اگهاڙو آهستي آهستي گهر کان ٻاهر نڪري رهيو هوس. اونداهيءَ ۾ ويهن سالن واري رات مون کي هٿ کان ڇڪي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ آءٌ هن جي دروازي تي پهتس. دروازو اڌ کليل هو.... آءٌ ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ لڳس، مٿي دروازو بند هو، شيشن مان روشني پئي آئي. آءٌ پنهنجي ساهه کي روڪڻ لاءِ ترسيس ۽ ڏڪندڙ دل کي هٿن سان بيهاريم... ۽ پوءِ .... مون شيشي مان نظر وڌي.... نظارو ڏسي بت بنجي پيس. اندر ڪمري جي وچ ۾ غاليچن تي هوءَ نچي رهي هئي... بلڪل اڪيلي. هار سينگار هوندي به هوءَ ساڳي اها نه هئي، جنهن کي مون هڪ رات جي واسطي خريد ڪيو هو. هوءَ جوانيءَ جو عرصو ڇڏي آئي هئي، پر جوانيءَ جي نانگڻ پنهنجي پٺيان نشان ڇڏي ويئي هئي. هن جي ڳلن تي... ڳچيءَ تي ۽ ڀرن جي وچ ۾ گهنج هئا.... پر هن جون اکيون.... آه.... هن جون اکيون بجليون هيون، اڳي کان گرم.... هن جو جسم هن جا حيرت انگيز عضوا ساڳيا ئي ساڳيا هئا..... نُنهن کان چوٽيءَ تائين هوءَ قيامت هئي، هن جوانيءَ کي واپس آڻڻ لاءِ حيرتناڪ ڪوشش ڪئي هئي. مون کي وسري ويو ته مون ڪو کيس ويهن سالن کان پوءِ ڏٺو آهي.... آءٌ کيس ڏسي رهيو هوس.... ۽ هوءَ اڪيلي جوش سان نچي رهي هئي. اوچتو منهنجي دل کي جهٽڪو آيو.... آءٌ اکيون ڦاڙي بيهي رهيس..... اُف! خوف ڇانئجي ويو.... هن کي اهي ساڳيائي ڪپڙا هئا، جي هن ويهه سال اڳ اُنهيءَ رات ڪيا هئا!
    اهو نظارو ڏسي بي صبر ٿي پيس، پير ڏڪڻ لڳا. رهيا کهيا هوش حواس گم ٿي ويا، اندران چپن مان رڙ نڪتي. منهنجا ٻئي هٿ وڃي منهنجي منهن تي پهتا.... خبر ناهي ڇو!.... آءٌ هيٺ لهڻ لڳس..... هن واقعي کان پوءِ آءٌ ڪاليج وڃي نه سگهيس. ساري زندگي بي مزي ٿي ويئي، فلسفي ۽ اخلاق جا دفتر بي معنيٰ ٿي پيا. سچ ته منهنجي دنيا جا تمام جزا اهڙيءَ طرح ٽڙي پکڙي ويا، جهڙيءَ طرح زلزلي جي جهٽڪي سان عمارتون ڪري پونديون آهن، زندگيءَ جي انهي پريشان خزاني کي گڏ ڪرڻ جي واسطي عقل ۽ روح جي ضرورت هئي، پر آءٌ بلڪل ڪمزو ٿي چڪو هوس، منهنجي دل ۽ دماغ بيڪار هئا. رات... ڏينهن هر وقت آءٌ اهو سوچي رهيو هوس ته آخر انهن سڀني اتفاقن جو مطلب ڇا آهي! هوءَ هتي ڇو آئي آهي؟ رات جو اڪيلي هوءَ ڇو نچي رهي هئي؟ هن ايترو هار سينگار ڇو ڪيو هو..... ۽.... اهو ساڳيو ئي لباس، جو منهنجي گناهگار رات جو يادگار آهي؟... انهن سوالن جي ٻوڏ ۾ هوش ۽ حواس جي ٻيڙي چڪر کائي رهي هئي.... ڪنارو دور هو ۽ ڪُن گهڻا..... ڇا، هن کي مون سان محبت هئي؟ ڇا، هوءَ جا ڪنهن جي ڪانهي منهنجي ٿي سگهي ٿي؟.... هن جو هيئن ويجهو اچڻ.... بلڪل ويجهو.... ۽ اهو ساڳيو لباس!.... ڇا انهن سڀني جي پويان محبت واري دل ڌڙڪي رهي آهي؟... پر نه... هوءَ هڪ حسن فروش آهي.... هن وٽ دل هئي ڪٿي؟.... جنهن جي سيني، ۾ پٿر هجي اتي محبت ڪٿان آئي؟... هن صاف صاف مون کي لکيو هو ۽ ٻڌايو هو ته منهنجي تو سان محبت ڪانهي.... پر آه! ڪنهن کي خبر ته جڏهن هو عورت ”نه“ ٿي ڇوي ته ان جو مطلب ”ها“ ضرور آهي.... ڪنهن کي خبر آهي ته هوءَ پيار ڪري سگهي ٿي ۽ ان جو اهو سچو پيار ڪهڙو اهي!.... آءٌ سوچي سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان.... شايد هي هجي..... هو هجي.... نه نه.... ڪجهه به ڪونهي! ته ڇا هو پاڳل ٿي ويئي آهي؟.... ڪو زمانو هو، جو هن ٻين کي چريو ٿي ڪيو اڄ قدرت کانئس بدلو ته ڪونه وٺي رهي آهي؟... اهي بيتاب خيال ڪندي ڪندي ڪيترائي ڀيرا دل ٿي ته ڊوڙي سندس ڪمري ۾ وڃان؛ ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي، گهوگهو ڏيئي، پڇانس.... ”ديواني! ڇا اڃا به تنهنجي جادوگيري نه ويندي..... توکي ڪهڙو حق آهي، جو سمجهو انسانن کي پاڻ وانگر ديوانو بنائيندي وتين... وڃ!.... گناهه جي فريب ۾ جواني، هوش ۽ عقل کي تباهه ڪيو اٿيئي، وڃ، وڃي اتي پنهنجي موت جي تلاش ڪر“.... پر انهن خيالن سان گڏو گڏ مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجو ساهه روڪجي رهيو آهي ۽ منهنجو گلو ڪير گهٽي رهيو آهي.... آءٌ به بيوس هوس، اهو.... پهريون ئي دفعو هو، جو مون اها خواهش ڪئي.... ”ڪاش هوءَ ديواني هجي ها ۽ آءٌ ديوانو.... اسين ٻئي گڏجي نچون ها..... ڪهڙو نه بيوقوف هوس..... شايد آءٌ دماغ ۽ عقل وڃائي ويهي رهيو هوس.
    اٽڪل هفتي کان پوءِ ٻن پهرن جو منهنجي ڪمري جو دروازو کليو، منهنجي نظرن جي طاقت گم ٿي ويئي، هوءَ منهنجي ويجهو الاجي ڪٿان اچي ويئي هئي! هوءَ منهنجي ڪمري ۾ ڪيئن آئي! پر عجب ته اهو آهي ته اوچتو ائين هڪٻئي جي سامهون ملڻ سان اسان مان ڪير جهجهڪيو ڪونه، جيئن ٻه نوان انسان ڇرڪندا آهن. ڄڻ ته اسان جي هيءَ اوچتي ملاقات هڪ رواجي ڳالهه هئي، مون کيس چيو ”ويهو“ ۽ هوءَ لاپرواهه منهنجي سامهون آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي. هن جي هٿن ۾ نيرو لفافو هو، جنهن تي هن جون آڱريون غيرارادي طور راند ڪري رهيون هيون. منٽ کان پوءِ منهنجي ڪنن ۾ ان جو مٺو آواز آيو. آواز ۾ مٺاس هئي. مون کي اعتبار ئي نه اچي ته اهو آواز ويهه سال پوڙهو هو. ”تڪليف نه ٿئي ته هي خط پڙهي ڏيو!“ هن لفافو وڌائي مون کي چيو. هن جون آڱريون آهستي ڏڪي رهيون هيون..... منهنجي آڱرين کان گهٽ. مون خاموش خط ورتو. خط انگريزيءَ ۾ هو، پهرين ته مون سمجهيو ته اهو خط ڪنهن جهوني پراڻي وسريل يادگار جو آئنو هوندو يا ڪنهن نئين شڪاريءَ جي آهه زاري هوندي، پر خط جي شروعاتي اکرن منهنجي خيال تي بجلي ڪيرائي..... ان جو مطلب..... اهو هو....
    ”منهنجي پياري امي!..... تنهنجو پيارو خط اڄ مليو، سپاهيءَ جي حياتيءَ جي ڪائي قيمت ڪانهي. پر پنهنجي پياريءَ ماءُ جي خط کي ڏسي شايد اهڙو ڪو جانباز سپاهي نه هجي جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٿوريءَ دير واسطي پنهنجي جان عزيز نه ٿئي. خبر اٿم ته تون هڪ رنڊي آهين ۽ آءٌ تنهنجو بدنصيب پٽ.... انهي ڪري هن وڏي ويڪريءَ دنيا ۾ توکي مون جهڙو ذليل و خوار پٽ ڪونه مليو هوندو، پر پنهنجي هر ڪنهن خط پڙهڻ کان پوءِ ۽ خبر ناهي ڇو منهنجي دل ائين ٿي چوي ته منهنجي امي معصوم پاڪ حور آهي، ۽ آءٌ دنيا جي سڀني کان قسمت وارو انسان!.... مون کي خبر آهي ته منهنجو ڪوبه پيءُ ڪونهي ۽ جي آهي به ته اهو جهڙو تهڙو نه آهي. پر امي جنهن کي تو جهڙي ماءُ ملي. انهي کي توکان سواءِ ٻيو گهرجي ڇا... خطن جا جواب تون انگريزيءَ ۾ لکائين ٿي... اهو بهتر آهي، هتي ڪنهن کي خبر ڪانهي، آءٌ ڪير آهيان. تنهن کان سواءِ انگريزي پڙهڻ وارو انگريزي کان سواءِ اسان جي فوج ۾ ڪوئي ڪونهي.... چڱو موڪلاڻي.... هينئر کان ئي جواب جو انتظار شروع ڪيو اٿم. ’تنهنجو فريد.‘
    آءٌ ڪنڌ جهڪائي کيس خط جو جواب سمجهائي رهيو هوس، پڇاڙيءَ جو ڪنڌ کڻي، مٿي ڏسان ته هوءَ روئي رهي هئي. مون محسوس ڪيو ته منهنجو ڪمرو خوفناڪ رفتار سان ڦري رهيو هو. خاموشي هيبتناڪ هئي. ڳالهائڻ جي بهاني سان مون چيو.... ’فريد.... تنهنجو!‘.... ”هائو“ هن روئڻ بند ڪري چيو ۽ وري ترسي چوڻ لڳي، ”تڪليف نه ٿئي ته هن خط جو جواب انگريزي ۾ لکي ڏيو“ مون لکڻ شروع ڪيو هو لکائيندي رهي.... پنهنجي پٽ جي ياد.... ماءُ جي محبت.... ملڻ جو شوق....انهن چند ڳالهين کي هوءَ وري وري ڦيرائيندي لکائيندي رهي، مون سمجهيو ته هن جي مامتا بلڪل زبردست هئي، هڪ رنڊي هوندي به هو گهري ۽ پاڪ محبت ۾ غرق هئي، جا شايد فرشتن ۾ به نه هجي. هن ڳالهه منهنجي زندگيءَ ۾ انقلاب پيدا ڪيو ۽ اهڙو حيرت انگيز انقلاب، جهڙو آءٌ گناهگار نوجوان کان ڦري اخلاق جو صاحب پروفسر ٿي ويو هوس. هر آچر تي هوءَ مون کان پنهنجي پٽ جو هڪ خط پڙهائڻ ۽ لکائڻ ايندي هئي، آچر جي ڏينهن صبح کان انتظار ڪرڻ لڳندو هوس ويندي ٻن پهرن تائين. وري ڪيترائي ڀيرا ان جي ماڙيءَ جي دروازي کي ڏسي اٿي اٿي وري اچي ويهندو هوس، هزار ڀيرا ارادا ڪيم ته هن کان سڀڪجهه پڇان.... ان رات جي انهيءَ حيرت ناڪ ناچ جو سب پڇان وغيره. انهن اسرارن کي بي نقاب ڪرڻ جي واسطي هن جي غير حاضريءَ ۾ ڏاڍو منتظر رهندو هوس. پر جڏهن هوءَ ايندي هئي تڏهن شرم ۽ حياءَ جي ڀت وچ ۾ اچي ويندي هئي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي يقين ٿي ويو هو ته هن کي مون سان محبت ڪانه هئي ۽ نڪا ڪا هوءَ پاڳل عورت هئي. پر انهيءَ جي باوجود منهنجي دل نامعلوم بار جي هيٺيان دٻجي پئي وئي. ڪيتري ۽ ڪهڙي نه عجيب هئي هن جي هستي!.... هوءَ جنهن محبت ۽ گناهه جي رانديڪن سان راند ڪري ڪري پنهنجي جواني ۽ حسن جا پاڪيزه جزا ڪچلي ڇڏيا هئا، اها اڄ پنهنجي پت واسطي هڪ لاطمع فقير جي حياتي گذاري رهي هئي.... اُهو پٽ، جو هن جي گناهه جو يادگار هو، جنهن جي هستي هن جي واسطي دائمي شرم ۽ زلت کان گهٽ نه هئي.....!
    ڇا، هُن جا عادت جي ههڙي پاڪيزگي ان جي لائق نه هئي ته ساريءَ دنيا جو اخلاق ۽ پرهيزگاري هن جي قدمن تي قربان ڪجي؟ ڇا، سماج جي ”پاڪ ۽ معزز عورت“ ماءُ ٿي، ان کان زياده ڪجهه ڪري ڏيکاير سگهي ٿي؟.... پر انهيءَ انڌن اصولن جي جيئڻ واري سماج وٽ اکيون آهن ئي ڪٿي، جو گناهن جي اونداهيءَ کان پري اُڏامندڙ چڻنگ کي ڏسي سگهي.
    مون کي چوڻ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي ته هن سان هڻ مون کي همدردي ٿي ويئي هئي. جنهن جو مطلب مون کي خود معلوم نه ٿي ٿيو. هن جا مون ڪيترا خط پڙهيا، ۽ جواب به لکيم. ظاهري طرح ٻيو ڪجهه نه هجڻ جي به هوءَ خط ٻڌي روئي پوندي هئي. منهنجي دل ڏڪي اٿندي هئي. جوابين لکڻ ۾ به هن جي خيالن کان سواءِ آءٌ پنهنجو اظهار ڪندو هوس. ڇا ”هوءَ“ ۽ ”آءٌ“ ٻئي گڏجي ”هڪ“ ٿي رهيا هئاسون؟ هن جي سادگي ڏسي آءٌ ديوانو ٿي ويندو هوس، ۽ دل چوندي ئي ته هوءَ ڪجهه چوي ۽ ڪجهه آءٌ کيس ٻڌايان.... اهڙيءَ طرح گڏجي هڪ اهڙي ڪهاڻي ٻين کي ٻڌايون، جا دنيا جي سماج کي ٺڪرائي ڇڏي. پر اُف... هن جي بي نيازي ۽ خاموشي!.... منهنجا لفظ چپن تي اچي اچي رڪجي ٿي ويا ۽ هوءَ منهنجي واسطي اهڙي هئي جهڙو هڪ پٿر. ڇا، هوءَ مون کان بدلو وٺي رهي هئي؟.... ڇا اهو بدلو آهي، جو هو چوويهه سال اڳ جو کيس مون سمجهيو ٿي سو ڪوڙ هو.... اهي خيال ڪري دل چوندي هئي ته ڊوڙي هُن جي پيرن ۾ وڃي ڪران ۽ پنهنجي لڙڪن جي طوفان سان ويهن سالن وارا پردا ٽوڙي ڇڏيان. ها پر هن جي بي نيازي، خودداري ۽ اڻ ڄاڻائي زياده ٿيندي ويئي. هن منهنجي سامهون روئڻ به ڇڏي ڏنو..... خط تمام ننڍا لکائڻ لڳي. اهڙا ننڍا، جو اسان جون هفتيوار ملاقاتون بلڪل مختصر ٿينديون هيون. هيءَ اها نشتر هئي جا مون کي بيقرار ڪري رهي هئي. هوءَ جيترو دور ٿيندي وئي آءٌ اوتر دربدر ٿيندو ويس. دنيا ۽ دنيا وارن کان بي خوف ٿي، آءٌ هُن کي پوڄڻ لڳس. رڳو انهيءَ خون کان ته متان ڪٿي هوءَ پري ٿيندي ٿيندي گم ٿي ويئي ته منهنجا سجدا هن منافق دنيا ۾ ڪهڙي ڪم جا ٿيندا! پر جڏهن آءٌ هن تبديليءَ ڪري ديوانو ٿي چڪو هوس، ته هن منهنجا هٿ اڇلائي، پنهنجو دامن ڇڏائي، ڇڏيو! ٻه هفتا ٿي ويا ته هوءَ خط لکائڻ نه آئي. ڪيترا ڀيرا آءٌ هُن جي در تي وڃي، موٽي آيس. هن جو ڪمرو خالي ۽ بند هو..... ڪمري جو سارو سامان ائين جو ائين رکيو هو. شيشن مان مون جهاتي پائي ڏ‎ٺو ته اهو غاليچو به اتي پيو هو. جتي هُن کي مون هڪ رات نچندي ڏٺو، پر هوءَ اتي نه هئي ۽ اندر وڃڻ جو به ڪو رستو ڪونه هو... هاءِ.... منهنجي بيتابي!.... اوهين شايد سمجهي نه سگهو..... نازڪ ريشمي ڪپڙي کي ڪنڊن تي وجهي ڇڏيو وڃي.... اهڙو ئي حال هو منهنجي دل جو. جذبات ۽ خيالن منهنجي زندگيءَ ۾ طوفان مچائي ڏنو ۽ آءٌ بيمار ٿي خبر ناهي ڪيترا ڏينهن بستري تي پيو رهيس.
    ۽ پوءِ اهو صبح!..... اُف..... منهنجو موت به ان کي وساري نه سگهندو! هي ٽيون هفتو بيماريءَ جي ڪمزوريءَ کان پوءِ مون پهريون دفعو اکيون کوليون. منهنجي نظر وهاڻي جي ويجهو رکيل لفافي تي وڃي پيئي..... اهو ئي نيري رنگ جو لفافو.... اهو ئي لفافي جو نفيس ڪاغذ!.... مون ان کي کوليو ۽ جو پڙهيم..... ان کي اوهين به پڙهي ڏسو..... ”پروفيسر!.... تنهنجي نالي جي اڳيان سٺو لفظ لکڻ چاهيم ٿي مگر لکي نه سگهيس. سچ ته مون وٽ اهڙو نئون لفظ باقي رهيو ئي ڪونهي. مو پنهنجا خوبصورت لفظ انهيءَ رات تنهنجي واسطي استعمال ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن پاڻ ٻنهي جاڳندي هڪڙو سهڻو خواب ڏٺو هو، اُهو خواب گناهن سان ڀرپور هو پر ان جو تعمبير ڪهڙو نه پاڪ هو. پر توکي ٻڌايان ته ٻڌائي نه سگهان ۽ جي ٻڌايان ته شايد توکي ان تي اعتبار به نه اچي.... سمجهين ٿو ته آءٌ ڇا چئي رهيو آهيان؟ ٻڌ! تو مون کي عورت مان ’ماءُ‘ بنايو ۽ هٿان منهنجي پٽ جهڙي بي بها معصوم هستي قوم جي گنهگار هٿن ۾ سونپي!.... آه تنهنجو احساس غير فاني آه!.... تنهنجي عنايت سان منهنجو روح قيامت تائين رتو رهندو.... ۽ تنهنجي اها مهرباني، جو هڪڙيءَ ٺڪرايل ڇوڪريءَ کي پنهنجي علم جو فيض ڏنو... ها مون وٽ اهڙو ڪوبه لفظ ڪونهي، جو تنهنجي نالي جي اڳيان لکي، پنهنجي احسانمنديءَ جو اظهار ڪريان.... ڪاش آءٌ ان جي قابل ٿيان ها ته تون مون کي احساس فراموش نه سمجهين ها! توکي خبر ناهي ته آءٌ انهيءَ يادگار کي پاڻ وٽ رکي نه سگهيس.... اهو زردي داستان آهي!.... آءٌ توکي نه ٻڌايان ته ڇا ڪريان.... ها توکي خبر ناهي ته منهنجو پٽ آخر ڇو مون کان رسي ويو. تنهن فلسفي اخلاق ۽ مذهب.... تنهنجي سماج جي بي رحم اصول هو.... تنهنجي دنيا کي تباهه ڪندڙ پاڪيزگي يا پرهيزگاري.... انهن سڀني ملي منهنجي پٽ کي رنجائي ڇڏيو..... هو اهو سهي نه سگهيو ته دنيا هُن کي گناهه جو يادگار سمجهي نفرت جي نگاهن سان ڏسي. هن کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو، جتي هر ڪو کيس ’رنڊيءَ جو پٽ‘ ڪري سڏي. سماج جا طعنا تُنڪا، حقارت، هن جي معصوم دل لاچاري کان ٻڏندي رهي، ڏسندي رهي، پر ڪيستائين؟.... هڪ ڏينهن هجو پنهنجي ذليل ماءُ کي اڪيلو ڇڏي دنيا ۾ گم ٿي ويو ۽ پنهنجي پويان هڪ چٺي ڇڏي ويو هو ’امي! آءٌ وڃي رهيو آهيان اُتي جتي ڪنهن کي خبر ڪانه پوندي ته آءٌ هڪ گناهه جو زندهه نقش آهيان.‘ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين...... زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين..... مون پنهنجي لال کي نه ڏٺو.... موت کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ زمانو جهڙيءَ طرح من گذاريو ان جي ڀلا ٻين کي ڪهڙي خبر؟..... مصيبتون ۽ غم پهاڙ وانگر منهنجي روح تي ٽُٽي پيا ۽ آءٌ مجبور سهڪندي رهيس، رڳو انهيءَ اميد ۾ ته من منهنجو ٻچو پنهنجي دکايل ماءُ کي ڳوليندو، ڀلجي اچي نڪري!..... مون سڄيءَ دنيا جي خاڪ ڇاڻي ڇڏي، زمين جي ذري ذري تي پنهنجي گهايل مامتا سان کيس ڳوليم پر.... ناڪام!.... پر اميد وڃي ئي نه شايد.... متان.... اچي نڪري!.... انهي آسري مون کي جيئڻ سيکاريو ۽ جيئڻ جي ضرورت خود فريبيون سيکاريون.... نه ته ڀلا بنا آسري ڪو جي سگهي ٿو؟ تون مون کي پاگل سمجهندين، جو آءٌ سچي ڪريان ته اهي سڀ خط جي مون تو کان لکايا پڙهايا سي هٿرادو هئا. پاڻ کي ڌوڪي ڏيڻ سان هڪ غمزده کي ڪجهه آرام ملي ٿو. اهو ته تون به سمجهي سگهندين. هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ کان پنهنجي پٽ جي طرفان پنهنجي نالي تي خط لکائي وري کڻي توکان اچي پڙهائيندي هيس ۽ جواب لکائيندي هيس. شرسوعات ۾ ته آءٌ پاڻ کي ديوانو سمجهڻ لڳيس پر نيٺ هن خود فريبيءَ جي مزي ۾ ايترو ته ڦاسي پيس، جو من کي جيئڻ لاچار ٿي پيو ۽ سچ پچ آءُ ائين سمجهڻ لڳيس ته اها هڪڙي حقيقت هئي.... تون مشڪي رهيو آهين؟.... ٻڌ..... جڏهن رات ٿئي ٿي ته آءٌ پاڳل بنجي بي اختيار هار سينگار ڪري اڪيلو نچندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ياد ۾ سڄي رات به ختم ٿي ويندي هئي، ٻڌ ته سهي ته ون پنهنجي پاڳل پڻي ۾ ڇا ڇا نه ڪيو.... ها انهيءَ ناچ وقت آءٌ اهو ئي لباس پائيندي هيس، جو ان رات منهنجي بت تي هو، جڏهن تو مون کي منهنجو پٽ ڏنو هو.... خبر آهي توکي ته مون کي منهنجي چريائپ مان ڪهڙي نه فرحت ٿي آئي... دل هلڪي ڪرڻ لاءِ شاعر شعر چوندو آهي... گويو ڳائيندو آهي... جي آءٌ ائين نه ڪريان ها ته آءٌ سچ به چري ٿي پوان ها، آخر دل جو دک ڪنهن کي ٻڌايان. هڪ رنڊيءَ حال جو حال ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ٿئي ها.... آءٌ ڪهڙي ريت دنيا وارن کي سمجهائي سگهان ها ته رنڊي به ’عورت‘ ئي آهي، جنهن جي سيني ۾ هڪ زناني دل آهي، جا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ٻچي جي واسطي تڙپي سگهي ٿي. آءٌ ڪجهه چوان ها ته هو کلي چون ها ’ڏسو ذليل‘ مڪار.... شريف ماءُ ٿيڻ ٿي چاهي!‘ پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ٻڌايان ها ته هڪ رنڊي به ’ماءُ‘ ٿي مري ۽ جي سگهي ٿي.... انهيءَ صورت ۾ ڪنهن اڳيان آءٌ روئي روئي پنهنجي دل هلڪي ڪريان ها، ۽ جي آءٌ ڪجهه به نه ڪريان ها ته ڇا پنهنجي هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي پٽڙي کي نه وڃايان ها؟.... پر آهه پروفيسر..... منهنجو هي سارو فريب مون کي زندهه رکي نه سگهيو. تنهنجي محبت به مون کي زندگي ڏيئي نه سگهي.... مون اڄ ڏينهن تائين توکي هڪ لفظ به نه چيو، رڳو ائين سمجهي ته هيءُ غم منهنجو غم هو ۽ انهيءَ غم کي مون کي اڪيلو ئي سهڻ کپي. تنهنجا احسان ڇا ٿورا هئا، جو توکي اجايو پنهنجي سور کان واقف ڪري، توکي سور ڏيان ها، پر اڄ جڏهن قدرت مون تي ترس کائڻ لاءِ مجبور ٿي آهي ۽ نمونيا جي خوفناڪ بيماري منهنجي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ واري آهي... ٻڌ توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌائينديس.... ياد رکجان ۽ ٻڌ.... آءٌ وڃي رهي آهيان..... جتي خدا جو راڄ آهي.... سماج جي غلامي ڪانهي.... هتي تون ۽ آءٌ هڪ هوندي به ٻه رهياسين ۽ منهنجو پٽڙو ٻنهي جي وچ ۾ گم ٿي ويو..... پر اتي پنهنجي ’چنڊ‘ جي ويجهو پاڻ ٻن تارن وانگر گڏوگڏ چمڪنداسين.... پاڻ ٻئي هميشه لاءِ..... خدا حافظ.... غم نصيب.....“
    بجليءَ جي جهٽڪي وانگر آءٌ پنهنجي ڪمزور ٽنگن تي اٿي بيٺس. گهلبو، ان جي گهر ويس پر آه اتي ڪجهه به ڪونه هو.... ٻه ڏينهن ٿي ويا هئا، جو ماڻهو کيس دفن ڪري چڪا هئا. آءٌ موٽي آيس، منهنجي اکين اڳيان اونداهي ڇانئجي ويئي. مون نوڪر کان پڇيو جيئن ڪو ننڊ ۾ ڳالهائيندو آهي..... ”هيءُ خط ڪڏهن آيو هو؟“ ”ٽيون ڏينهن،“ نوڪر جو آواز آيو، ڄڻ ته ڪو ٻيءَ دنيا کان ڳالهائي رهيو هو.


    رڪشا وارو

    رڪشا وارو
    رڪشا وارن سان ٻه چار ڳالهيون.
    لطيف آباد نمبر 2 ماڇي ڳوٺ ڪا ڪتنا لوگي؟
    صاب صرف 15 روپيا. دوست مجهي شهر ڪي دوسري ڇيڙي په تو نهين جانا، يقين ڪرو مجهي ماڇي گوٺ هي جانا هي.
    هان صاب پيٽرول پمپ، گدو حسين آباد، والي ڪا چڪر ڪتنا هوگا؟ ڀائي صاحب آءٌ هتي واس گارڊن، پير الاهي بخش گارڊن نه نه هاڻي راڻي باغ وٽ کان پيو توکان پڇان. آئون ته هميشه پنج روپيا ديتا تها پر هاڻي ست روپيا پاڻ خودبخود ديتا هون،
    چلنا هي تو چلو. نهين صاب ميرا وقت ضايع نه ڪرو مين جاتا هون. پندرنهن روپيا سي ڪم نهي لونگا. تيل پئٽرول مهنگا هوگيا هي. آپ ڪو کبر نهين. ميرا وقت برباد نه ڪرو.
    ۽ هو رڪشا وارو وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ کان سواءِ مون کي لاجواب ڪري پنهنجي رڪشا کي ڪاهي هليو ويو...........!


    اها رات

    اها رات
    رات هئي ۽ اونداهي رات..... اوڻٽيهينءَ رات جي ڪاراڻ پنهنجي پوريءَ پهچ سارو، ذري ذري کي اونداهو ڪيو هو. دنيا ننڊ جي آغوش ۾ بي پرواهه آرامي هئي. آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هو. آءٌ ڪنهن جي وسريل يادگيريءَ کي سيني ۾ دل وانگر لڪايو...... اڪيلو شهر کان ٻاهر..... پري چشمي جي ڪنڌيءَ تي بيخبر ڪنهن جي خيالي پوڄا ۾ محو هوس. آبشارن جو آواز منهنجي دل کي بيچين ڪري رهيو هو.
    جبل جي چوٽيءَ تان ڪو سريلي سر سان ڳائي رهيو هو. جهن جو مطلب ڪجهه هن ريت هو..... اي محبت جي شروعات!..... تنهنجي آرزو..... ڪيتري نه حسين ۽ دلڪش هئي..... مگر افسوس! ان جي پڇاڙي به جيتوڻيڪ خوشرُو هئي..... پر موت جو سياهه نقاب..... پهري.....
    هيءُ محبت جو پيغام بلڪل معمولي پر پُرسوز هو. منهنجي ناسور تي نشتر لڳي وئي. دم گهٽجڻ لڳو..... آهستي سڏڪا لڙڪن ۾ لڙڪ خيالن ۾ ڦرڻ لڳا. گذريل ۽ وسريل زمانو محبت جو..... لحظي لحظي جي تصويرن سان دل خوش ڪندڙ رات..... اها رات..... جنهن جي يادگيري منهنجي حياتيءَ جي قيمتي خزانو هو.... ياد آئي.... سامهون آبشار جي ڪناري تي ويهي.... ڪنهن سان گڏ...... چاندوڪيءَ رات..... ۾ اڪيلا!.....پريت جي ريت ٻڏائڻ لاءِ..... منتظر..... بس نه ڪندا هئاسين..... چنڊ چمڪي چمڪي ڪائنات کي سونو ڪري ڇڏيندو هو..... پريتم جا وار...... سونا.... زمين به سوني.... آبشار به سونو..... پاڻي سونو.... وڻ ٽڻ به سونا..... هوا ۾ مستي ۽ خوشبوءِ.... آبشار جي آواز سان.....! اسان جون دليون..... گڏ ...... هڪ ئي وقت تڙپيون ٿي..... مکڙيون اسان جي محبت ڏسي مشڪيون ٿي. چنڊ شرمائجي گم ٿي ٿي ويو.... تارا اکيون پوري پٽي ۽ شڪي ٿيڻ لڳا.... سج بيتاب ٿي ليو پاتو..... پکيئڙن چهه چهه لائي ڏني..... ٿي.
    مگر افسوس! هينئر به ساڳيون راتيون هيون.... اهي ئي وقت جا رنگين. نظارا..... مکڙيون..... گل ۽ آبشار.... پر دنيا بلجي چڪي هئي.... منهنجي لاءِ.... بلڪل بدلجي چڪي هئي... بي مزي.... بي روح ۽ بي خيال ٽُلڪي رهيو هوس..... دنيا ۾..... آءٌ..... زندگيءَ مان بيزار هوس..... آهه! آخر ڇو! هيڏيءَ وڏيءَ ۽ ويڪري دنيا ۾ هن جي لاءِ رهڻ گناهه سمجيهو ٿي ويو. ها گناهه سمجهيو ٿي ويو. بددل انسانن.... حريصن..... انهيءَ کي گناهه ٿي چيو... پاپ.... مها پاپ..... ڇو جو هوءَ منهنجي دل ۾ گهر ڪري چڪي هئي.... منهنجي ٿي چڪي هئي.... ۽ آءٌ ان جو.....
    آءٌ ماضيءَ جي هلڪين مگر ڦٽل تصويرن جي نقش تي..... گذشته حالاتن تي غور ڪري رهيو هوس. اوچتو بادل ڦاٽو..... ۽ هڪڙو چمڪندڙ تارو مشڪندو مون ڏانهن وڌڻ لڳو...... ڇا هو منهنجي بي ڪسيءَ تي کلي رهيو هو.... نه..... پر هيءَ اهڙي مسڪراهٽ هئي ڄڻ هڪڙي وڇڙيل ساجن جي يادگيريءَ کان ڪنهن جي چپن تي آئي هجي......
    ويران دنيا ۾ آسمان جي ڪنوار تجليءَ جي سنهڙي نقاب ۾ منهن ڇپايو..... اهي ئي نگاهون هن رنگين ستاري جي مٿان نچڻ لڳيون..... تارو آهستي..... مون ڏانهن وڌي رهيو هو...... هاڻي تمام ويجهو.... بلڪل ويجهو هو.... ايسين تائين جو منهنجي رڳ رڳ جمال جي تابش جي زير اثر ٿيڻ لڳي.... مون ان کي غور سان ڏٺو..... آءٌ! اها ساڳي..... هوبهو...... تصوير...... نه نه..... منهنجو ساجن هو....... سچ پچ....... آءٌ ته کيس خيال جي گود ۾ تصوير ٺاهي ويٺو هوس.....
    سائين ايتري ننڊ..... نوڪر بڙ بڙ ڪري رهيو هو..... مون زور ڪري اکيون کوليون....... ڪڏهين کان صبح ٿي چڪو هو ۽ سج پڻ نڪري آيو هو.....


    تون وساري ڇڏ

    تون وساري ڇڏ
    ڪماري!
    آءٌ توکي ڪيئن وساريان.... وساڻ جو خيال ئي منهنجي دل کي لوڏيو ڇڏي... آءٌ ڏڪيو وڃان. ياس و حسرت گهيرو ڪيو وڃن. منهنجا حواس گم ٿيو وڃن.
    منهنجو روح تڙپيو اٿي. مون کي ائين معلوم ٿو ٿئي ته منهنجي درد جو داستان..... الفت جو.... جو دنيا جي ٽڪري ٽڪري تي ڇانيل آهي. وري اهي خاموش اشارا..... پوشيده ملاقاتون...... راز و نياز جون ڳالهيون...... ياد اچي اچي گذريل زماني جون يادگيريون وري تازيون ڪن ٿيون ۽ آءٌ ”تنهنجي وسارڻ“ کي وساري ٿو ڇڏيان......
    آءٌ تنهنجي وسارڻ جي ڪوشش به ڪيان ٿو. دام محبت کي ٽوڙيان ٿو. ليڪن ٽٽل ٽڪرا زنجير وانگر دل کي چهٽيو وڃن. منهنجي دل واري انهيءَ ٽٽل دام جي ٽڪرن ۾ اٽڪيو منجهيو بيهيو رهي.... ڪماري! تون ئي ٻڌاءِ ته هيءُ سڀڪجهه ڇو آهي؟
    تو ته چئي ڏنو ”وساري ڇڏ“. مگر ڪماري.....! ذرا سوچ ته سهي، هن نادان دل کي ڪيئن سمجهايان؟ ڪهڙي نموني..... هن اندروني آزار کي ڪيئن لڪايان؟.... نيم بسمل کي تڙپڻ کان ڪيئن جهليان..... ڪماري!....... آءٌ اهو سوچي سوچي پاگل ٿي ويو آهيان.
    مون هر ڪا ممڪن ڪوشش ڪئي.... تنهنجي وسارڻ واسطي چنڊ ۽ ارن سان آسمان تي اکيون اٽڪائي ڳالهيون ڪيم.... مو شراب پيئڻ شروع ڪيو..... هڪڙو پيالو خالي ڪري.... ٻيو ڀري چپن تائين آندم..... شراب ۾ تنهنجي تصوير ڇلڪڻ لڳي...... صاف........ ها تنهنجي تصوير....... توکي ياد آهي...... هڪ ڀيري تو منهنجي هٿن مان پيالو ڦري اڇلائي ڇڏيو هو. منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي مون کان انجام ورتو هو ته آءٌ ان کي وري هٿ به نه لائيندس..... آءٌ وري اچي اونهي اوڙاهه ۾ ڪريس..... منهنجي هٿ مان پيالو ڪري پيو...... ۽ ڀچي پرزا پرزا ٿي ويو....... ۽ ان سان گڏ منهنجي دل به.....
    وري دل جو ساز وڳو...... سوز سَٽون ڏنيون... لڙڪن جا موتي اکين جي رستي کان ڪرڻ لڳا...... خبر ناهي مون اهڙا ڪيترا موتي..... ناياب گوهر تنهنجي خيالي قدمن تي قربان ڪيا آهن......
    نه! نه! ڪماري...... آءٌ توکي وساري نٿو سگهان.... تون وساري ڇڏ...... مو کي ياد ڪرڻ ڏي..... منهنجو خزانو..... تنهنجي ياد کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي...... آءٌ ان کي نٿو وڃائي سگهان..... نٿو لٽائي سگهان..... اڻ کٽ خزانو...... اهو ئي منهنجو سڀڪجهه آهي.... زندگي ۽ آشا.....


    لاش

    لاش
    آڪاش جي گود ۾ چنڊ جا ڦڪا ڪرڻا ويڙهجي اونداهي پکيڙي رهيا هئا.... زمين خوفناڪ اونداهيءَ جي خزاني سان ڀرپور هئي.... ۽ سامهون ڪنهن جي لاش جلي رهيو هو.....
    ڪيڏيءَ ڪيڏي مهل بجليءَ جي چمڪاٽ سان ساريءَ دنيا دل کولي ٽهڪ ٿي ڏنا.... نديءَ ۾ غضب جو پاڻي هو.... طوفان هو.... هُنَ پارِ ميلن تائين پاڻيءَ پالوٽجي ڇَرون ٺاهيون هيون.... ۽ ننڍيون ننڍيون لهرون ڪنارن سان ٽڪرجي ٻارن وانگر روئي رهيون هيون.
    ڏينهن ڏٺي جو اُهوئي موهن جنهن هيڏانهن ڪڏهن به رخ ڪونه ڪرکيو، اڄ نديءَ ڪناري ويٺو هو..... ۽ ڀرسان پپر جو وڻ خاموش بيٺل آهي، جنهن جي باري ۾ هُن ڳوٺ جي ماڻهن کان عجيب غريب ڳالهيون ٻڌيون هيون...... مگر اڄ ڄڻ ته کيس ڪجهه هوش ڪونهي......
    رات جا يارنهن لڳي چڪا هئا..... گهر جا ڀاتي روئي پٽي، سمهي، کونگهرا هڻي، ڪنهن ڪنهن مهل پاسو ورائي رهيا هئا.... کاڌو ته کيس کائڻو ڪونه هو..... چپ چاپ بستري تي ڊگهو ٿيو..... پر ننڊ نه آيس.....
    سڄو سارو گهر اجاڙُ، سون سون ڪري رهيو هو..... هي ڀتيون، دريون دروازا...... کيس کائڻ ٿي آيا..... الاجي ڇو گهٻرائجي هن لالٽين کڻي گل ڪيو.....
    ڪوبه ڏينهن اهڙو نه گذريو، جو هن کي کاڌي لاءِ مجبور نه ٿي ڪيو ويو.... روٽي تيار ٿيندي ئي نوڪر اچي چوندو هو، ”ڪنوار پئي سڏيوَ.“ اتفاق سان ڪي ٻه چار ڇڪون ٿي آيس، ته هڪدم ڊاڪٽر کي گهرائيندي هئي...... ڪپڙا ميرا ٿي ويندا هئس ته ڌوٻيءَ کي ڏيڻ جي يادگيريءَ هُن کي ئي ايندي هئي. ڪتابن تان دز به برابر هوءَ ڇنڊيندي هئي.....
    چمپا جي خدمت کان موهن پريشان هو......
    مگر اڄ چمپا جي ٽهڪن جا ڇٽڪارا هن جي ڪمري ۾ ڪونه هئا......
    هو بکيو سمهي رهيو آهي..... چمپا ايترو به نٿي پڇُيس ته ڇو، طبيعت ته ٺيڪ آهي....!
    شام ٿي وئي هئي.... لاش جلي خاڪ ٿي ويو هو.... سورج کي ڪنهن ڌڪو ڏيئي اٿاهه سمنڊ ۾ ڪيرائي ڇڏيو...... هوڏانهن به شايد ڪنهن جي لاش جلائڻ جي تياري هئي...... موهن پنهنجي پٿريلن هٿن سان هن کي آگ لڳائي...... منٽن ۾ ڪاٺين جي انبار مان رنگ برنگي شعلا نڪرڻ لڳا...... نديءَ جي مٿاڇري تي مڇيون پاڻيءَ مان منهن ڪري وري لڪي ٿي ويون...... ته پاڻيءَ ۾ لهريون ٿي پيدا ٿيون...... ڪناري تي مهاڻي چار اڇلائي، مڇيون تڙپي تڙپي منجهس ڦٿڪڻ لڳيون...... ٻيڙي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳي...... چوڌاري اونداهه هئي...... سنسان درگهٽ ۾ چتا چٽ چٽ ڪري رهي هئي...... اونداهيءَ ۾ باهه هيڪاري تيز پئي معلوم ٿي...... موهن خاموش ويٺو هو...... هن جي اکين ۾ ڪنهن جي تصوير نچي رهي هئي. کيس ڪو سڏي رهو هو. پنهنجي خيالن ۾ گم سم. چِتا جي آگ ڏي نهاري هو نامعلوم دنيا ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيو هو.
    ماڻهن کيس چيو، ”آخر ڪيسين تائين ويٺو هوندين؟ هلو ته هلون“ موهن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو...... ”ادا ڀائو!“ تنهن کان پوءِ ڪنهن هڪ پوڙهي اچي چيو، ”جوان آهين...... فڪر نه ڪر...... زال ته ڪونه آهين جو بيواهه ٿي ٿو وڃين. اڃا ننڍو نيٽو آهين.... هڪڙي ويئي ته ٻِ ايندي. اِندر سڀاجي پري ته ڪانه هئي، جو“..... ”موهن کي اهي اکر ڏاڍا برا لڳا..... ڄڻ ته کيس ڪنهن دل تي ٺونشو هنيو هو. هو بيچين ٿي اٿيو...... ڪاوڙجي..... مگر ڪاوڙ پي ويو....... وس پڃيس ها ته انهيءَ پوڙهي کي کڻي نديءَ ۾ اڇلائي ها.... هت ته ڳالهه ئي ٻي هئي.
    موهن معلوم ڪيو ته کيس ڪنهن سڏ ڪيو آهي..... هو ڇرڪ ڀري اٿيو..... پڇيائين ”ڪير آهي“
    ”واه! ايترو جلدي وساري ويٺين؟“ هن چيو، ”مون کي نٿو سڃاڻين!“ رڳا ٽي پهر گذريا آهن.....
    چمپا بيمار هئي، ڪيترن مهينن کان هن جي تندرستي روز بروز خراب ٿيندي پئي ويئي. تنهن هوندي به خوش رهڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين.....
    موهن هن جي ڪوشش کي سهي ڪري ورتو. پر هو ڪري سو ڪري ڇا. جڏهن چمپا موهن جي غمگين ۽ دکياري صورت ڏسي، پنهنجي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، ته خبر ناهي موهن ڇو ڏڪي اٿندو هو.
    موهن پنهنجي ڪوششن جي هوندي به چمپا کي چڱو ڀلو نه ڪري سگهيو. کيس اها پڪ نه هئي ته ايترو جلد اهو ڏينهن ايندو..... مگر انسان جو خيال اڪثر پورو نٿو ٿئي...... جيڪي هو نٿو ويچاري سو ڪڏهن ڪڏهن سچ ٿيو پوي......
    هڪ ڏهاڙي چمپا سچ پچ هلي ويئي...... انهيءَ وقت موهن جون اکيون کليون...... هن حيرانيءَ سان ڏٺو چمپا مشڪي رهي هئي...... ”ها... ها! آءٌ ئي آهيان...... تون هتي آهين؟ اڙي اٿ ته سهي...... مون هڪ نئون گهر وسايو آهي...... ڇا تون اهو نه ڏسندين؟ هل ته......“
    موهن گهٻرائجي اٿيو. ڪمري ۾ ڪنهن جي پيرن جو آواز هو...... ڊوڙي دروازو کوليائين...... ٻاهر ڄڻ ته ڪنهن کيس اشاري ۾ چيو ”هيڏانهن اچو...... ڊڄو ڇو ٿا؟ ...... ايترو جلد وساري ويٺا؟ مون کي سڃاڻو نٿا؟ ...... ها...... آءٌ چمپا آهيان.“
    ڏڪندڙ پاڇولي وانگر هو اڳتي وڌيو...... ۽ موهن تير وانگر ان جي پٺيان لڳو. ”تون ڇا ٿو سمجهين؟ ...... چمپا مري ويئي؟ ...... نه نه...... اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“ مساڻ جي پپر جا پن کڙ کڙ ڪري رهيا هئا...... ۽ اهو پاڇولو به ڪيڏانهن گم ٿي ويو.
    ٻاٽ اونداهي ۽ خاموشي! وڻ تي سامهون چٻرو ٻولي رهوي هو...... اف! موهن اتي ئي ويهي رهيو. ڊوڙي ڊوڙي هو ٿڪجي پيو هو. سهڪي رهيو هو. ڳوٺ کان ٻاهر ميل کن نڪري آيو هو..... آڌيءَ رات ۾ اڪيلو......
    آگ اڃا جلي رهي هئي.... ڪاٺيون سڙي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙجي ويون هيون..... هوا جا جهَٽڪا آگ سان کيڏي رهيا هئا.....
    ڏيڏرنج جي جهونگار اونداهيءَ رات کي چيري رهي هئي..... آسمان بادلن سان ڀرجڻ لڳو...... پري انبن جي باغ ۾ ڪا جهنگلي جهرڪي چون چون ڪري اٿي.... وري ٺُپ ماٺ ٿي ويئي...... البت ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل ڏيڏر جڏهن پاڻيءَ ۾ ٿي ڪريا ته آواز ٿي ٿيو ”ڇُپ، ڇُپ.“
    هن دفعي موهن ڏٺو..... جلندڙ ڪاٺين کي پري ڪري ڪو ٻاهر نڪري رهيو هو. وار ڇڙيل..... نيري رنگ جي ساڙهي... فيروزي جَمپَرُ.... سينڌ ۾ سِنڌُرُ! موهن کيس غور سان ڏسڻ لڳو.... هوءَ..... اها تصوير آهستي هلي وٽس ويجهي آئي.... موهن پٿر جي مورتيءَ مثل بيهي رهي.....
    ”اڄ آءٌ وڃي رهي آهيان.“
    ”ڪٿي؟“
    ”بلڪل پري...... دور...... پنهنجي پريتم وٽ“
    ”آءٌ تنهنجو پريتم ناهيان.“
    ”ڇو نه......؟ ......مگر......“
    ”پر ٻڌائڻ ۾ ڪو نقصان آهي ڇا؟“
    ”جسم تي تنهنجو قبضو هو..... مگر دل تي هُن جو.....“
    ”آءٌ ڪونه سمجهيس.“
    ”ته ائين سمجهه تنهنجو جسم...... قبضو...... هاڻي جلي خاڪ ٿي ويو آهي......مگر هن جي دل جي حڪومت اڃان موجود آهي.“
    ”اها ڪهڙي پرولي آهي.“
    ”ڪهڙي به هجي...... سماج منهنجي قسمت کي تنهنجي چرنن ۾ جڪڙي ڇڏيو...... مگر پريم ته مون کي هن سان......“
    موهن کان اهو راز لڪل ڪونه هو. هن کي معلوم هو ته چمپا جي دل پرتاب سان آهي. پرتاب جو به هن سان پيار هو. موهن ڄاڻي واڻي غلطي ڪئي. چمپا حسين هئي. جوانيءَ جي دور ۾ مخمور...... اکين مان شراب ٿي نڪتس...... دل مان جوانيءَ جا انيڪ ارادا ٿي اُٿيا...... باغ جوانيءَ جي وڻ جي نازڪ شاخ تي هڪ حسين مکڙي ٽڙي...... گل بَڻي هئي. ان کي ٽوڙڻ لاءِ موهن اکيون بند ڪري هٿ وڌايو هو...... کيس اهو معلوم نه هو ته ڪو گل جي دامن ۾ ڪندو اسريل هو. اهو ڪنڊو.... اهو حسين ڪنڊو پرتاب هو. مگر چمپا جون حسين ۽ زين آرزوئون هن جي پيءَ جي بي رحم ٺوڪرن کان پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر ٽٽي پيون...... پرتاب کي شڪست ملي چڪي هئي... مون فاتح هو... بادشاهه رعيت تي حڪومت ڪري ٿو.... رعيت جي دلين تي نه.... چمپا جي جسم جو مالڪ، موهن هو... مگر دل جيڪا هڪ وار ڀيٽا ڏجي ٿي اها واپس ڪير ٿو وٺي؟
    تنهن هوندي به موهن سمجهيو.... ’آءٌ سکي آهيان ۽ چمپا به سکي آهي.‘ موهن جو اهو خيال ٺيڪ هو، ڇو جو چمپا جي منهن مان ڪڏهن به ڏک يا غم جو ڪو نشان ڏسڻ ۾ نٿي آيو. جنهن مان موهن کي ڪجهه شڪ ٿئي. هن جي چهري مان کل ۽ خوشي نڪرندي هئي..... هوءَ هميشه خوش هئي ۽ پنهنجي پتيءَ کي به خوش رکڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪندي هئي. مگر...... دل...... چمپا جي وس کان ٻاهر هئي...... هن مشڪندي، کلندي ۽ ڳالهائيندي خوش ٿي گذاريو......
    ساهيڙين سان ملي ٿي...... مگر اها نفرت جي آگ جا هن جي دل ۾ جهيڻي ٻري رهي هئي...... انهيءَ کي ڪهڙيءَ ريت ٿي وسائي سگهي......
    نيٺ اهو ڏينهن به آيو جڏهن کل خوشيءَ غم جو روپ ورتو...... مسڪراهٽ ۾ زهر گڏجي پيو...... ۽ محبت ۾ نفرت جي ڪوڙاڻ شامل ٿي پَئي...... چمپا ڪوشش ڪئي ته موهن کي خبر نه پوي پر زهر کائي هضم ڪرڻ ڏکيو آهي...... آخر هن کي لاچار کٽ تي ڊهڻو پيو ۽ پوءِ......!
    هيءُ، جو لاش سامهون جلي رهيو هو، ڪنهن جو هو؟ ڇا، تون انهيءَ خيال ۾ آهين ته اهو اڄ ئي جليو آهي؟ پاڳل! اهو جسم ٻن سالن کا اڳ جو جلندو رهيو آهي...... اڄ ته اهو جلي خاڪ ٿي ويو آهي...... جنهن کي تون ڏسي رهيو آهين...... جهگل جون سڪل ڪاٺيون آهن...... انهن کي تو آگ لڳائي ۽ ...... هن کي به...... تو ئي آگ لڳائي...... پر انهيءَ لاش جي جلڻ واري جسم جو روح ڪٿي آهي؟ دل ڪٿي آهي؟ اچ تو مردي جي هڏين کي به چٻاڙي ڇڏيو. هن جو ماس تو ڇڪي ڇڪي پٽيو. ڏس هن جي اکين جا لڙڪ تنهنجي سامهون چڻنگون ٿي، طوفان مچائي رهيون آهن...... پر انهيءَ ڏينهن کي ياد ڪر...... جڏهن هڪ ارمان ڀريل دل ۾ طرح طرح جون تمنائون ۽ آرزوئون هيون...... تو انهن کي ڀڀڪندڙ باهه ۾ جهوڪي نه ڇڏيو......؟ ڇا، تو جوانيءَ جي نئين ٽڙيل گل کي پيرن هيٺان نه لتاڙيو؟...... ان ڏينهن توکي رحم نه آيو...... قياس نه آيو...... اڄ تنهنجي دل ڇو ميڻ ٿي پئي آهي......؟ ڪيئن، ائين برابر آهي يا نه؟ ...... اهو سچ آهي ته هن طرح ڪنهن جو لاش...... ڪنهن جو جسم...... جليو ئي ڪونهي...... ڪنهن جو روح نه تڙپيو...... دل ڪانه لُڏي...... مگر اها پريت...... ريت...... ان جون اميدون ۽ اهي جوانيءَ جا رنگين امنگَ...... زندگيءَ جي پياس......!
    موهن جو خيال پورو هو...... جيڪڏهن هن جي مرضي هجي ها ته ...... هو پنهنجي شادي روڪي سگهي ها...... دنيا ۾ حسين ڇوڪرين جي ڪمي ڪانهي...... جي چمپا جي شادي پرتاب سان ٿئي ها ته ڇا هو؟ چمپا جي پيءُ کي صاف جواب ڏيان ها ته ٻيو ڪو لائق ماڻهو ڳوليو...... آءٌ هينئر شاديءَ واسطي تيار ناهيان......! پرتاب کي اميد هئي ته چمپا جو ساڻس پريم هو......
    هو هميشه اهو ئي خيال ڪندو هو، ”نيٺ آءٌ به ته انسان آهيان...... چمپا جي مرضي ٿئي، ته ڇا مون کي پيار نه ڪري سگهندين؟“
    ”مگر هن جي مرض ٿئي ڇو؟“...... پرتاب جو رايو ٺيڪ هو...... هو مايوسيءَ ۾ چوندو هو”آءٌ گنهگار آهيان...... مون کي معاف ڪر چمپا“......
    لاش مان ڄڻ ڪنهن جو وڏو ٽهڪ گونجي اٿيو. ڪجهه ڦڙڦڙ شروع ٿي ويئي...... جهگل ۾ گدڙن جي ولر اوناڙيون ڪري ڀيانڪ شور مچائڻ شروع ڪيو......!
    ”تو ايترا ڏينهن ڇو انهيءَ راز کي لڪايو؟“
    ”ڇا، توکي اهو معلوم ڪونه هو؟“
    ”هائو! پر انهيءَ روپ ۾ ڪونه هو“
    ”ته اهو ڪهڙو روپ هو؟“
    ”اهو ئي ته تون اڃا به پرتاب کي انهيءَ نظر سان ڏسين ٿي، جن سان شاديءَ کان اڳ ڏسندي هئينءَ.“
    ”پر اها ڳالهه آءٌ توکي ڪيئن ٻڌايان ها؟“
    ”آءٌ توکي ان جي آزادي ڏيان ها.“
    ”ڪوڙ آهي.... صفا ڪوڙ......“
    ”ڪيئن؟“
    ”آءٌ ٻڌايان...... دل ۾ ته نه ڪندين؟“
    ”نه“
    ”تون پنهنجي دوستن سان خط و ڪتابت ڪرين ٿو نه؟“
    ”هائو ضرور“
    ”منهنجا به دوست آهن...... آءُ جي انهن کي خط لکان ته توکي ناراض ته نه ٿيڻ گهرجي“
    ”پر انهيءَ ۾ ناراضگيءَ جي ڳالهه ته آهي ئي ڪانه“
    ”مگر هڪ دفعي تو مون کي منع ڪئي هئي ته پرتاب کي خط نه لکندي ڪر.... مون توسان اهڙو وعدو به ڪيو.“
    ”هائو“
    ”ته ٻڌ! هڪ ڏينهن هن پنهنجي اها مرضي به ظاهر ڪئي هئي ته آءٌ چمپا سان ملڻ ٿو گهران. تو منهنجي راءِ پڇي. مون چيو هو......“ جا اوهان جي مرضي“ ۽ تون ان جو اچڻ روڪي ڇڏيو. مون ڪوبه اعتراض ڪونه ورتو. ڪيئن ياد آهي نه؟“
    ”هائو ياد آهي...... پر“
    ”آءٌ سڀڪجهه سمجهان ٿي...... تنهنجي دل ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، سڃاڻان ٿي. اهو به ڪن لائي ٻڌ...... مون کي تون پاڻ سان گڏ لکنو وٺي هليو هئين. اتي هڪ هوٽل ۾ هلي رهيا هئاسين. رات جو تنهنجي غير حاضريءَ ۾ منهنجي پرتاب سان ملاقات ٿي. گهڻن ڏينهن کان پوءِ مليا هئاسين. آءٌ پاڻ کي روڪي نه سگهيس. گهڻي ڪوشش ڪيم ته ڪمري ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيان. ڇت تان ٽپو ڏيان. پر منهنجي دل مون کي مڃيو ئي نه. هن سئنيما تي هلڻ لاءِ چيو. آءٌ هن جي خواهش کي ٺڪرائي نه سگهيس. تنهنجي اجازت کان سواءِ چپ چاپ سئنيما تي هلي ويس. واپس اچي توسان ڪوڙ ڳالهايم. مون کي ائين سمجهڻ ۾ ٿي آيو ته ان جي اوهان کي خبر پئي هوندي. تون ان باري ۾ ڪجهه ڪونه ڪڇئين. اُن رات مون کي ننڊ اصل ڪانه آئي. طح طرح جا خيال ستائيندا رهيا. صبح بت ڳورو ٿي پيم. اکيون سڄي پيون هُيُم. پرتاب انهيءَ ڏينهن ويو هليو ۽ پاڻ به ڏينهن ٻن کان پوءِ موٽي آياسين.“
    ”تو سئنيما بابت مون کي ڪونه ٻڌايو هو پر مون کي معلوم هو.“
    ”توکي ڪيئن معلوم ٿيو“
    ”مون کي پنهنجي هڪڙي دوست ٻڌايو. هن پرتاب کي سڃاتو ٿي. پرتاب سان گڏ هن توکي به ڏٺو هو. توکي سڃاتائين ڪونه ٿي. پهريائين هن خيال ڪيو تون پرتاب جي پتني آهين. مگر ڳالهائيندي پرتاب کيس ٻڌايو ته هوءَ ان جي گهري دوست جي زال هئي. مون کي معلوم ڪندي دير ڪانه لڳي. ڇو جو مون کان وڌيڪ هن جو ڪو ٻيو گهرو دوست ڪونه آهي.“
    ”اف! ...... تو مون کي ان وقت ڇو نه ڦاسيءَ تي لٽڪايو.“
    ”اهڙي ڳالهه نه ڪر چمپا! ڇا، مو کي توسان پريم ڪونهي؟ آءٌ تنهنجو پتي ڪونه آهيان؟ پريتم نه ئي سگهي مگر جيون ساٿي ته ضرور آهيان. ساٿي ضرورت جي وقت ڪنهن کي روڪي نٿو سگهي. نفرت يا ڦٽڪار ڪرڻ جو ان کي ڪو حق ڪونهي.“
    ”نه نه...... تو غلطي ڪئي.“
    ”ها اها غلطي هئي. انهيءَ لاءِ نه ته توکي ڪونه روڪيم. پر مون ڪوشش ڪئي ته تنهنجي دل ۾ پنهنجي پريم جي جوت جاڳايان.“
    ”مگر اهو رستو به غلط هو.“
    ”کڻي هجي به...... سچ ته اهو مون کي هينئر معلوم ٿيو آهي.“
    ”اي ايشور! سوامي آءٌ بلڪل گنهگار آهيان.“
    ”آءٌ گنهگار آهيان موهن!“ ٽارچ جي تيز روشائي ۾ موهن جون اکيون انڌيون ٿي ويون. هو ڪجهه سوچي رهيو هو ته ڪنهن اچي ڪلهي تي هٿ رکي چيس...... ”آءٌ آيو آهيان.“
    ”ڪير...... پرتاب؟“ موهن عجب ۾ چيو ”هن وقت ڇو؟“
    ”چمپا جو خط مليو هو...... اڄ جو نه...... لکيل هو ته آءٌ ڪانه بچنديس...... فقط هڪ دفعو منهن ڏيکار..... ٻڌاءِ هوءَ ڪيئن آهي؟،
    ”هوءَ...... ها، ڏس سامهون...... باهه جا الا انهن ۾“ موهن اشارو ڪيو.
    ”وڃ، ملاقات ڪري وٺ“
    ”ٺهيو“...... هڪ ٿڌو ساهه کڻي پرتاب چيو. ”آءٌ واپس هليو ويندس.
    ”تون دير سان ڇو آئين؟“
    ”هن کان سويل اچي به ڪونه سگهان ها. پر تون هتي ڇا ويٺو ڪرين.“
    ”ڪجهه به ڪين...... ائين ئي ويٺو آهيان“
    ”خبر اٿئي هيءُ مساڻ آهي.“
    ”۽ هو لاش به جلي رهيو آهي.“
    ” توکي خوف ڪونه ٿو ٿئي.“
    ”نه“
    ”کيس وساري نٿو سگهين.“
    ”ڪيئن وساريان پرتاب“ (پرتاب خاموش ٿي ويو......)
    ”چڱو ٿيو، جو تون آئين.“
    ”موهن! هيءَ دنيا ئي مساڻ آهي. هتي ڏينهن رات، زندهه لاشا جلندا ٿا رهن ۽ اسين ان جي شعائن ۾ لهسجون ٿا.“
    ”پريم هڪ مهانو سودو آهي، موهن!“
    ”هوندو...... پر تون ڪير آهين، جو هيءُ بي سرو راڳ هنيئر ٿو ٻڌائين.“
    ”ڇا منهنجو حصو انهيءَ ۾ ڪونه هو؟“
    ”هائو، برابر هو......“ موهن انڪار نه ڪري سگهيو...... دنيا هن کي ڌوڪو ڏنو هو...... پر هو ڇو ڪنهن کي ڌوڪو ڏئي...... ڏيو جاءِ کي روشن ڪري سگهي ٿو...... اهو ساڳيو ڏيو باهه به لڳائي سگهي ٿو. چور کي ڀت ۾ کاٽ هڻڻو پوندو آهي. مگر دل جي چور جو پتو لڳائڻ ذرا مشڪل آهي.
    ”ته ڇا هاڻي مون کي زندگيءَ ۾ آرام ڪونه ملندو؟“
    ”ملندو ڇو نه...... اِهو ته آءٌ به توکي ٻڌائڻ وارو هوس. آرام ته هر هنڌ آهي.“
    ”مگر...... چمپا......!“
    ”انهيءَ کي وساري ڇڏ...... صبح جو درياهه جي ڪناري تي ڏس ڪيتريون نه پري چهره کلن مشڪن ٿيون. ڇا انهن مان توکي ڪا ڪانه ٿي وڻي؟،
    موهن ڄڻ ته اها ڳالهه ٻڌي ڪانه.
    ”اٿ ته هاڻي گهر هلون.“
    ”منهنجي نڙي صفا خسڪ ٿي ويئي آهي...... هلان ٿو...... ٿورو ترس.“
    ”سگريٽ پيئندين.“
    ”هائو.“
    پرتاب سگريٽ ڪيس ڪڍي موهن جي هٿ ۾ ڏنو...... ”پاڳل نه ٿي.“
    ”مگر ماچيس.“
    پرتاب کيسن ۾ هٿ وڌا مگر ماچيس ڪونه مليس.
    ”بيهه! آءٌ ٽانڊو کڻي ٿو اچان.“
    ”پرتاب ويو...... پر لاشي جي آگ ٿڌي ٿي چڪي هئي. هن مٺ ۾ رک کڻي ورتي.
    موهن کلي چيو...... ”هلو ته گهر هلون...... هن اونداهيءَ رات ۾ تون پٺتي موٽي ڪونه سگهندين، پرتاب!“ مگر پرتاب موهن جي نظرن کان بلڪل پري وڃي چڪو هو...... مساڻ جي خاموشيءَ کي چيريندي هڪ خوفناڪ آواز اٿيو...... ”چُپ“...... ”پرتاب......!“ پر جواب ڪٿان به ڪونه آيو.
    موهن اڻ دکيل سگريٽ اڇلايو......
    هوا زور سان لڳڻ شروع ٿي. برسات وسڻ لڳي...... پاڻي پلٽجي رهيو هو...... پپر جا پن کڙ کڙ ڪرڻ لڳا...... موهن اتي ئي خاموش...... بلڪل اڪيلو...... بيهي رهيو......


    قرباني ڀيٽا

    قرباني ڀيٽا

    منهنجي جِيوَت جا آڌار...... جِيوَن جا آسرا...... اکيون ته کول...... فقط هڪ دفعو ڳالهاءِ...... ته سهي...... تنهنجي داسي تنهنجي پيرن تي ڪڏهن کان سر جهڪايو پئي آهي...... ڇا، اڃا به ڪجهه ڪونه ڪڇندين...... مون کي معاف ڪر...... کميا...... ڪر...... او پرڀو! ٻه ڏينهن گذري ويا آهن...... اکر به ڪونه ڪڇيو اٿن...... دين ديالو...... مون تي ديا ڪر...... منهنجي آشا جي ڏيئي کي زهريلي هوا کان بچاءِ...... ڀڳوان! ڀڳوان! ڇا تنهنجي هردي ۾ ديا جو ذرو به ناهي...... آخر ايترو ڪٺور ڇو ٿيو آهين...... ڀڳوان!
    سيتاپور ڳوٺڙي جي هڪ ڇيڙي تي هڪ ننڍي جهوپڙي پراڻي...... پنهنجي بيڪسي ظاهر ڪري رهي هئي. سُري کاڌل ونئوڻاٺيون...... ڪاريون...... سڙيل ٻڌائي رهيون هيون...... صاف...... پنهنجي بيوس. جهوپڙيءَ جي چوڌاري ڪمند جي پوک هئي. ائين معلوم ٿي ٿيو ته ان ۾ ڪمند جو رکوالو ٿي رهيو. جهوپڙيءَ جي هڪ پاسي هڪ ننڍڙو ڏيو ٽمڪ ٽمڪ ڪري غربت جا آنسو ڪيرائي رهيو هو. پوري وچ ۾ ٽٽل واڻ جي کٽ تي هڪ نوجوان ڳٺڙي ٿيو پيو هو. هيٺ پٽ تي کٽ جي اِيس تي مٿو رکيو هڪ عورت روئي رهي هئي. ان جي لفظن مان درد جو آواز تير مثل ٿي نڪتو. هوءَ ڦاٽل پراڻي ساڙهيءَ سان بار بار نوجوان جي چهري کي صاف ڪري رهي هئي. محبت پيار جي معصوم نگاهن سان ڪڏهن هن آسپاس ٿي ڏٺو ته ڪڏهن هن نوجوان کي ٿي ڏٺو. جهوپڙيءَ ۾ بلڪل خاموشي هئي. اوچتو ئي اوچتو ڪارا ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪرڻ لڳا. برسات جا آثار شروع ٿي ويا. بجليءَ جي چمڪاٽ، بادلن جي گجگوڙ ۽ طوفان جي گهمسان خوفناڪ نطارو پيش ٿي ڪيو. نوجوان زال ڊپ کان اٿي تاڪائون در بند ڪيو. ڏيو وسامي ويو. جهوپڙيءَ اونداهيءَ جو ڀيانڪ روپ پهريو...... ٿوري وقت کان پوءِ زال جي جسم ۾ زندگيءَ جي لهر لوڏو ڏنو...... هوءَ چوڻ لڳي ”هرديشور! هرديشور!! ...... مون کان ڇو ناراض ٿيو آهين...... ناٿ...... تو منهنجي نيا کي پار اڪارڻ لاءِ پِرن ڪيو هو...... هينئر ڇو منهن موڙين ٿو...... آءٌ ڊڄان ٿي...... مون کي بچاءِ...... پِرانَ ناٿ...... آءٌ نراس ٿيندي ٿي وڃان...... منهنجي آشائن کي ٽوڙي تون ڪيڏانهن ويندين سوامي...... مون کي هن سنسار ۾ ڇا لاءِ ٿو ڇڏي وڃين...... منهنجي جيوات جا آڌار...... سهارا...... مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل...... آءٌ تنهنجي شيوا ڪنديس......“ ائين چوندي چوندي. زال جي اکين مان نديءَ جي ڌارا وه لڳي ۽ هوءَ نوجوان جي سيني تي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪري پئي. پورا ٽي ڏينهن گذري ويا هئا، ته هن اک به نه پوري هئي...... نوجوان جا هٿ پير ٿڌا ٿي رهيا ئا...... هن جون اکيون بي نور هيون...... آخر هن پاسو ورايو...... عورت ڇرڪ ڀري اٿي...... هن جي زرد چهري تي اميد جو هلڪو شعاع جهلڪڻ لڳو...... نوجوان پاڻي گهريو...... زال يڪدم پاڻي ڏنو...... جو هو يڪدم پي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪملا پران ناٿ...... آءٌ توکي ڪوبه سک نه پهچائي سگهيس. ڪملا......!“
    ”هرديشور! پِران ناٿ! ائين نه چئو...... آءٌ ڏاڍي سکي آهيان“...... ”مون کي معاف ڪر ديوي! ...... منهنجي هڪ مرضي پوري ڪندينءَ ڪملا؟“...... ”ڇو نه...... سوامي چئو......“ هن جي چهري تي خوشيءَ کان لالاڻ ظاهر ٿي......
    ”نه نه! آءٌ ڪجهه ڪونه ٿو چوان...... آهه! آءٌ ڪهرونه مورک آهيان!“ چئو ”چَو، چَو ناٿ...... اوهان کي ڇا گهرجي...... منهنجو...... هيءَ سر حاضر آهي.“ ”پياري، آءٌ توکي تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان.“
    ”منهنجي ڦٽيل هردي تي وڌيڪ لوڻ نه ٻرڪ...... آءٌ تنهنجي شيوا واسطي آهيان...... تنهنجي داسي...... ديوتا! ......“
    ”مون کي هڪڙو ڏاڙهون کپي...... ڪملا! اندر ۾ آگ ٻري رهي آهي...... ٻڌو اٿم ڏاڙهون ٿڌو ٿو ٿئي...... منهنجو من جهلي رهيو آهي...... آهه! ڪملا......“ ڪملا جي چهري تي فڪر جي لهر ڊوڙي ويئي، مگر هن پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائيندي چيو...... ”حاضر آءٌ وٺي ٿي اچان“
    بارش ختم ٿي چڪي هئي مگر بادل اڃا گجي رهيا هئا...... رات جي اونداهي بادلن جي ڪاراڻ ۾ لڪل هئي...... ٿڌي هوا سوساٽ ڪري رهي هئي...... آسپاس برسات جو پاڻي پلٽيل هو...... هوءَ اهو نظارو ڏسي...... ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويئي...... زال ذات ٿي ڪري، قدرت جي بيرحميءَ سبب هراسجي ويئي. هن جون اکيون، جن ۾...... معصوميت...... هئي...... تن سان هرديشور کي ڏٺائين...... هو اکيون پوري ڪنجهي رهيو هو...... هفتو گذري ويو هو. هن ان چکيو ڪونه هو...... بيماريءَ کي پورو مهينو گذري چڪو...... دوا به نصيب ڪانه ٿي ٿي...... مفلسي...... ۽ غربت...... موتُ هن جي چهري تي راند ڪري رهيو هو... جيئن ٻلي ڪوئي سان ڪري. هن جو چهرو ڏسي، هوءَ ديوانه وار اٿي. اٿي چادر ڍڪي ٻاهر نڪتي...... هاري ناري پنهنجي ٻنين کي برسات سان ڌوتل ڏسي خوشيءَ کان ڳيت ڳائي رهيا هئا...... ٻنا لپا هڻي ٺاهي رهيا هئا......
    ڪملا وڏيون وکون وجهندي...... شهر ڏانهن وڃي رهي هئي. هن جي رفتار تيز ٿيڻ لڳي...... هن جي چهري مان...... ڊپ...... فڪر...... ڳڻتيون...... ۽ ناڪامي بکي رهي هئي........... هن جون ٽنگون بيپرواهه تکيون هلڻ لڳيون...... هوءَ پنهنجي ننڍپڻ واري ساٿيءَ...... رميش...... کي ياد ڪري رهي هئي...... هو هڪ شاهوڪار زميندار جو ڇوڪرو هو...... ڪملا جي ڪنن ۾ رميش جا لفظ گونجي رهيا هئا...... ”ڀيڻ ڪملا...... مون کي نه وسارج...... ڪو ڪم پويئي ته بي حجاب مون وٽ اچجئين......“
    ٿوري ئي عرصي ۾ هن چئن ميلن جو ڊگهو رستو پورو ڪيو...... هينئر هوءَ اچي هڪ وڏي بنگلي جي دروازي وٽ پهتي...... شرم ۽ حيا کان دامن سنڀالي... چادر کي چڱيءَ طرح ويڙهي رهي هئي...... ’رميش سان گڏ مون رانديون ڪيون هيون...... ننڍي هوندي هو منهنجي هرڪا مرضي رکندو هو...... چاهنا ۽ خواهش پوري ڪندو هو...... ٻڌو اٿم ته هاڻي هو کري پيو آهي...... شراب پيئندو آهي...... گهڻا سال گذي ويا آهن...... الاجي هو مون کي سڃاڻي يا نه...... ڇا هو مون کي ڏسڻ پسند ڪندو...... منهنجو عرض مڃيندو يا نه...... شرابيءَ وٽ ڪيئن وڃان...... آءٌ هينئر نوجون آهيان......، ائين خيال ڪري، هوءَ در تي ڌڌڪجي بيهي رهي...... ڪافي وقت گذري چڪو هو...... هو انهيءَ اڻ تڻ ۾ هئي...... ته ڀلا...... هوءَ ڪيڏانهن وڃي...... هن جو ڪو ٻيو واقف ڪونه هو.... مٽ مائٽ ڪڏهوڪا...... وڃي ڌڻيءَ کي پهتا هئا...... هوءَ وري هرديشور کي ياد ڪرڻ لڳي.... ”حاضر! ناٿ........ آءٌ اجهو ٿي اچان“ پنهنجي پتيءَ جي چاهنا پوري ڪرڻ لاءِ...... ڌڪجي...... هيترو پنڌ ڪري، وعدو ڏيئي، آئي هئي...... نيٺ محبت کيس مجبور ڪيو. هن دروازي جو ڪڙو کڙڪايو. انداران هڪ پوڙهو نوڪر تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو...... هوءَ چوڻ لڳي ”ڀائو رميش آهي؟“
    ”هائو، بابوجي آهي!“ پوڙهي هن کي چڱيءَ طح چتائي ڏسڻ کان پوءِ جواب ڏنو.
    ”بابو، رميش کي موڪل، منهنجو منجهس ضروري ڪم آهي“ ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ سهڻو نوجوان ٻاهر آيو ۽ هن کي ڏسندي چيائين، ”او- هو: ڪملا وتي؟،
    ”هائو، رميش!“
    ”چئو، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي. ڪيترا سال ٿي چڪا آهن تنهنجو درشن نصيب ٿيو آهي...... آءٌ ته تو لاءِ سڪي رهيو هوس...... ڪملا خوش ته آهين“
    هائو ڀائو خوش آهيان...... پرماتما جي ديا آهي.“
    ”ڪملاوتي! مون کي ڀائو ٿي سڏين......“
    ”آءٌ ڇا ڪيان ڀائو، پرماتما جي وس آهي. انسان پنهنجي اختيار ۾ ناهي. آءٌ هينئر شادي ڪيل آهيان...... مون کي ڀيڻ وانگر سمجهه......“
    ”اچ اندر اچ...... ڪملا...... تون منهنجي زندگي سورڳ بنائي آهي. آءٌ تنهنجي شيوا ڪندس. ديوي...... اندر...... اچ...... هلو ته اندر هلون......“
    ”آءٌ آرام ڪرڻ ڪونه آئي آهيان رميش! منهنجو تو ۾ ضروري ڪم آهي...... ڇا، تون هن آئيءَ ويل منهنجي سهائتا ڪندين؟“
    ”ڪملا، ايترو ڇو ٿي گهٻرائين...... ٻڌاءِ ته سهي...... آءٌ هر طرح حاضر آهيان.. توکي ياد ناهي...... مون توسان ڪهڙو واعدو ڪيو هو...... اڄ ته منهنجي قسمت جو ستارو چمڪيو آهي، جو تون پاڻ آئي آهين...... ۽ مون کان شيوا حاصل ڪرڻ ٿي چاهين...... تنهنجو رڳو نياپو...... اچي ها، ته به آءٌ يقين ڪر ته پنهنجو سر پنهنجي هٿن سان پورو ڪيان ها...... چئو...... جلدي ٻڌاءِ، آءٌ تنهنجي ڪهڙي شيوا ڪيان......“
    رميش جي ڳالهائڻ مان ڪملا شڪجي پئي. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي چادر جي ڪوني کي ويڙهي اکولڻ لڳي...... رميش جون اکيون نشي سان ڳاڙهيون هيون.... للچايل نگاهن سان هو ڪملا جي هر هڪ عضوي کي مزي مزي سان تڪڻ لڳو...... ڪملا کيس...... ساڳيو نه ڏسي...... چيو، ”رميش! چئو...... آءٌ ڀليل هئس...... جو تو وٽ آيس...... هاڻي آءٌ وڃان ٿي.“ ائين چئي، هوءَ هلڻ لڳي...... رميش ڦري سامهون آيس......
    ”ڪملا...... آءٌ ائين ڪين ڇڏيندوسانءِ.... حال احوال...... ٻڌائڻ کان سواءِ...... ڪيئن ويندينءَ...... هرديشور ڪيئن آهي؟ ...... مون ٻڌو هو ته کيس بخار آهي.“ هر ديشور جو نالو ٻڌي، هن جي دل موم ٿي پئي. پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويس...... هوءَ بيهي رهي...... لاچار ۽ مجبور......
    ”رميش مهينو ٿي چڪو آهي، هرديشور بيمار آهي...... سخت بيمار...... شايد ڪن گهڙين جو مهمان...... مسافر...... ان لاءِ هڪ ڏاڙهونءَ جي ضرورت آهي...... مون بدنصيب وٽ هڪ پائي به ڪانهي جو کڻي خريد ڪيان“...... ”بس بس ڪملا...... ايتري ڳالهه...... هلي آءٌ اندر ويهه ته اڄ هينئر ئي هينئر گهرائي ٿو ڏيانءِ......
    رميش ڪملا کي هٿ کان ڇڪيندي...... هڪڙي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪملا...... تون روڳي دائم المريض سان پنهنجي جيون ڇو ناس ڪري رهي آهين..... هيڏانهن.......... مون ڏانهن...... ڏس...... آءٌ تنهنجو...... پوڄاري آهيان...... ديوي...... مون کي پنهنجي شيوا ڪرڻ جو وجهه ڏي......“
    ”تون ڇا چئي رهيو آهين...... رميش...... ڇا چئي رهيو آهين...... انهيءَ کي جنهن توکي ڀاءُ سڏيو آهي...... افسوس! هاڻي آءٌ وڃان ٿي..... مون کي تنهنجي شيوا جي ڪا ضرورت ڪانهي...... هرديشورا...... منهنجو خبر ناهي! ...... ڪهڙيءَ حالت ۾ هوندو...... آه پرڀو...... دنيا ۾ ڏکن لاءِ رڳو اسان کي پيدا ڪيو اٿيئي ڇا......؟“
    ”ڪملا، اها تنهنجي بي سمجهي آهي...... دنيا ۾ جو دم جيئري آهين غنيمت ڄاڻ...... پنهنجي هٿن سان ڪنڊا پوکي گلن جا خواب اجايا لهڻا آهن...... مون وٽ رهي پئو...... مزا ماڻ...... خوشيون ڪر......“
    ”رميش...... گلن ۾ به ڪنڊا آهن...... پرٿويءَ ۾ سونهري سيج هميش ڪانه هوندي...... تنهنجا هي محل ماڙيون...... بي بقا آهن...... مون وٽ هڪڙي دل ئي جا هرديشور جي آهي...... آءٌ هن جي آهيان...... چڱو...... رميش پرنام!“ ڪملا ائين چوندي ٻه لڙڪ پنهنجي مرگهه نيڻن مان زمين تي ڪيرايا...... چادر جي پلاند سان اکيون اگهندي هوءَ ٻاهر وڃڻ لڳي......
    رميش ڊوڙي وڃي کيس جهليو...... جيئن بکايل بگهڙ...... ڪنهن ڇيلڙي کي جهلي. ” ڪملا، تون ڇا ٿي سمجهين. گهر آيل لڇميءَ کي ڪيئن ڇڏي ڏيان...... پياسي هوندي پاڻي نه پيان......“ رميش پنهنجي شڪار کي بيرحم هٿن سان گهلي وري اندر وٺي آيو. هو تڪڙو تڪڙو ساهه کڻي رهيو هو...... ڪملا جون ٻانهون هٿ کس ڪري ڳاڙهيون ٿي ويون هيون...... هو قيد ٿيل شينهڻ وانگر رَنڀي رهي هئي..... اکين مان ڄڻ رت ٿي ٽميس..... هن ڏڪندڙ مگر دل چيريندڙ لهجي ۾ چيو، ”رميش! رميش! تون هي ڇا ڪري رهيو آهين...... تنهجي دل ۾ ديا آهي ئي ڪانه...... پاپي......! هي پرڀو!“ ائين چئي، هن ٻنهي هٿن ۾ کڻي منهن لڪايو ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. رميش جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جهڙو پاڻيءَ تي ليڪو... هن اٿي سگريٽ دکايو. تيلي هوا ۾ اڇلائي... بکايل بگهڙ وانگر الُرون ڏيڻ لڳو..... سوٽا ڀير ڀري دونهين جا ڪڪر ڪڍي..... ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪملا ڏي نهاري مشڪڻ لڳو..... ڪملا جي ٺونٺين وٽان نير نيساري وانگر وهڻ لڳو..... هيٺ چڱا موچارا ٻه دُٻا....ٿي ويا..... هئا...... هوءَ آهستي سڏڪا ڀريندي ماٺ ۾ آئي..... قيمتي هيرن جي برسات وسائي..... دل جي دولت لٽائي، اکيون..... سڄيل اکيون، ساڙهيءَ سان سڪائي...... پنهنجي پريتم ڏي پکيئڙي وانگر پر ڪري اڏامڻ لاءِ سعيو ڪري. هيڏانهن هوڏانهن نهاري وجهه ڳولڻ لڳي.
    رميش کيس تاڻي...... وٽس ويجهو آيو، کيس موهه ڀريل نگاهه سان نهاري دل کي ٺاري چوڻ لڳو، ”ڪملا...... بيوقوف عورت..... تون هينئر مون وٽ قابو آهين.... قيد آهين..... هتان ڀڄي وڃڻ هجو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“ ڪملا نماڻان نيڻ کڻي...... ٻيو ڪو چارو نه ڏسي...... کيس نيزاريءَ سان ڏسڻ لڳي...... هن جو چهرو پيلو ٿي ويو..... هو.....
    ”رميش..... پاپي، مون تي ترس کاءُ..... چنڊال..... مون کي ڇڏي ڏي..... رحم ڪر..... قياس ڪر....... واه!...... پاپي......!!! هو خزان ديده پن وانگر..... ٽٽي..... طاقتور انسان جي ڪوريئيڙي واري ڄار ۾..... ضعيف جيت وانگر ڪري پئي... لاچار..... ٿوري عرصي کان پوءِ هن جي عصمت جو چلڪندڙ شيشو داغدار ٿي چڪنا چور ٿي ويو.........
    ڪملا جي هٿن ۾ ڏاڙهون هو.... اهو عيوضو هو..... هن جي...... مفلسيءَ جو...... بي ڪسيءَ جو...... ناداريءَ جو...... هوءَ تيزيءَ سان جهوپڙيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي...... آڌي رات ٿي چڪي هئي...... چنڊ لهي ويو. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو...... بجلي چمڪي چمڪي کيس رستو ڏيکاري رهي هئي...... هن جي چهري تي رنج هو...... ڏک هو...... مگر هن جي دل خوش هئي...... هوءَ سمجهي رهي هئي...... ته شايد اهو ممڪن ٿي پوي، جو.... هو پنهنجي عصمت جي ڀيٽا سان پتي ديوَ جي حياتي بچائي سگهي... اهي خيال ڪري هوءَ وڌيڪ تڪڙو هلڻ لڳي. اوچتو آسمان ۾ اتر کان ڪارو طوفان ظاهر ٿيو. اونداهي ڇانئجي ويئي. ڪملا اکيون ڦاڙي اندهيري کي چيريندي، ڊورڻ لڳي.... بلڪل تکي. سندس پاسن کان وڻ ڪرڻ لڳا.... مگر هوءَ ديواني پتنگ وانگر پنهنجي شمع ڏانهن اڏامڻ لڳي.... سهڪندي سهڪندي..... هن جو دم چڙهڻ لڳو... مگر هوءَ بي پرواهه.... ڊوڙندي اچي جهوپڙيءَ ۾ پهتي. هن جي ساڙهي ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي هئي. پيرن ۾ ڇلڻا پاڻيءَ سان ڀرجي آيا هئس. هوءَ کٽ تي پهچڻ شرط بي هوش ٿي ڪري پئي....
    آسمان ٻن دلين تي قهر ٿيندو ڏسي جوش ۾ آيو.... طوفان جو تکو ڌڌڪو ٿيو.... جهوپڙي لڏي ڪري پئي...... صبح جو ڳوٺ وارن ٻن لاشن کي هڪ ٻئي ۾ چهٽيل ڏٺو..... ڪملا جي هٿ ۾ ڏاڙهون هو. هُو......
    رشيد وري سوچ ۾ پئجي ويو، ’ڊاڪٽر آهي يا ڦورو! ايم بي بي ايس جي ڊگريءَ جو رعيب ڏيئي، غريبن جو رت پيو چوسي. پر مريض به پاڻهي اچي ٿا پاڻ ڦرائين. هيڏانهن ڊاڪٽرن جو به اهوئي ڌنڌو آهي، مفت ۾ علاج ڪن ته پوءِ کائين ڪٿان؟ خدا جو خوف، انساني همدردي، غريبن تي رحم، اهي سڀئي ٺلها لفظ آهن. عام جي صحت لاءِ ته حڪومت کي جوابدار هجڻ گهرجي. پر جتي حاڪ پاڻ ئي چور ۽ چورن مٿان مور هجن ته فرياد ڪير ٻڌندو؟ الله سائينءَ کي گهڻو ٿا ستايو، پر هو به ڏسيو وائسيو ماٺ ڪيو ويٺو آهي. آخر ڪيڏانهن وڃجي!‘
    رشيد جي خيالن اتي پهچي پلٽو کاڌو. سندس ڀرسان ڪڪي سهڪي رهي هئي ۽ هو هن کي ئي گهوريندو رهيو. ٻن مهينن جو ٻار ۽ نمونيا جي بيماري!
    ايتري ۾ هڪ حسين نوجوان عورت ريسمي چادريءَ ۾ منهن اگهاڙي اندر لنگهي آئي. ڊاڪٽر هن کي ڏسي اندرئين ڪمري ۾ وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ به تڪڙو تڪڙو هن جي پٺيان وڃڻ لڳو. پردو چريو ۽ دروازو چيچاٽ ڪري چپ ٿي ويو. اندران ڪجهه سُس پس ۽ چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جا آواز ايندا رهيا، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڊاڪٽر مرڪندو باهر نڪتو ۽ وري ٻئي ڪمري ۾ گهڙي ويو.
    رشيد جي دماغ ۾ وري ڊاڪٽر ۽ هن اڪيلي عورت اچي واسو ڪيو، ’ڇا هوءَ بيمار آهي؟ اها سس پس ڇاجي هئي؟ چوڙين جو آواز ڇا لاءِ هو؟‘ اڃا هو انهن سوالن تي سوچڻ لڳو ته ڊاڪٽر ٻئي ڪمري مان چيس، ”اوهان جي سئي اچي ويئي آهي، اجهو تيار ڪري جلد اچان ٿو.“
    رشيد کي ڏاڍا خار لڳا، هن جي خيالن جوئي سلسلو ٽٽي پيو هو. ايتري ۾ ڊاڪٽر به سئي کڻي آيو ۽ اچي ڪڪيءَ کي هنيائين، جنهن روئڻ شروع ڪري ڏنو. نجمه ڪڪيءَ کي کڻي گهر ڏانهن رخ رکيو. ڊاڪٽر چار گوريون پني ۾ ويڙهي رشيد ڏانهن اُڇلايو ۽ چوڻ لڳس، ”هرهڪ گوريءَ جا چار حصا: هر هڪ حصو ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ. سڀاڻي وري هڪ سئي صبح جو ۽ هڪ شام جو.“
    ”اڃا ٻه سيون ٻيون به لڳنديون ڇا؟“ رشيد ڊاڪٽر کان پڇيو ۽ خودبخود هن جي دماغ، علاج لاءِ حساب ڪتاب شروع ڪري ڏنو-“ پنج روپيا سئيءَ جا ۽ هڪ روپيو دوا جو! مار، ڇهه روپيا! ۽ تون ته ته روز پنج روپيا به ڪونه ڪمائين، ڪمبخت! توکي ڪهڙيءَ کٽي کنيو، جو ههڙي ڊاڪٽر وٽ آئين، بيوقوف! انهن ارڙهن روپين مان راشن واريءَ ڪڻڪ جو هڪ مڻ، بناسپتيءَ جا ٻٽي سير ۽ اڌمڻ سڳنداسي چانور اچي ٿي سگهيا؛ نجمه جو سادو سودو وڳو ٺهي ٿي سگهيو، ڇوڪري جو گرم ڪوٽ وٺي سگهجيها. پر هاڻي ته ارڙهن روپيا ويا ڊاڪٽرن جي کيسي ۾؛ ڇا جي ڪڻڪ، ڇا جو گيهه، ڇا جا سڳداسي چانور؟ نڪو نجمه جو وڳو ٺهندو ۽ نه وري ڇوڪري جو ڪوٽ ئي خريد ڪري سگهبو!
    ”ڊاڪٽر صاحب! ماري ڇڏيئي! سڄا سارا ڇهه روپيا! ڪجهه مروت ڪريو!“ ”هن ڊاڪٽر کي ليلائيندي چيو.
    ”ميان! توکان ته بلڪل واجبي پئسا ورتا اٿم. ايم بي بي ايس آهيان. اهي پئسا دوا ۽ سئي ته ٺهيو، پر فقط تپا ساراڻيءَ جا به پورا نه آهن، خير، وڌيڪ ڊيگهه نه ڪر، پئسا ڪڍي ڪر ٻاهر! ڏسڻا وائسڻا، ڪپڙا ته اَڇا پائي آيو آهين.“
    ”تڏهن چئبو ته اوهان اڇن ڪپڙن کي ڏسي في مقرر ڪئي آهي؟“ رشيد ڪاوڙ وچان پڇيو.
    ”ڇڏ انهيءَ بحث کي، مون کي هينئر هڪ نازڪ ڪيس لاءِ ٻاهر وڃڻو آهي- هيءُ ڇا!“ ڊاڪٽر حيرت وچان پڇيو، ”ڀت بنجي بيهي رهيو آهين، فقير ته ڪونه آهين؟“
    ڊاڪٽر حد اورانگهي ويو هو. هن رشيد تي ناجائز حملو ڪيو هو. ڀر ۾ چينيءَ جو فلٽر پيو هو ۽ هن جي دل ۾ آيو ته کڻي ڊاڪٽر کي کوپريءَ تي هڻان ته دماغ جاءِ تي اچيس. پر پوءِ ڪجهه سوچي، ماٺڙي ڪري، کيسي مان ڇهه روپيا ڪڍي هن ڊاڪٽر ڏانهن وڌايا، جنهن جهٽ ڏيئي پئسا ورتا ۽ ڪرسيءَ تان اٿي زناني ڪمري ڏانهن هليو ويو. رشيد به ڪاوڙ وچان ور وڪڙ کائيندو اسپتال مان ٻاهر نڪتو ۽ سوچيندو رهيو ته فقير ڪير هو ۽ چور ڪير؟
    رشيد اسپتال کان ٻاهر نڪتو ته پوسٽ آفيس وٽ منير بيٺي سندس انتظار ڪيو. منير هن جو دوست هو، سادو سودو ۽ سلجهليل. هن کلندي خيرعافيت لاءِ هٿ وڌايو. هٿ سان هٿ ملائيندي، رشيد جو خيال ڦيرو کائي، ڇهن روپين تي وڇي پهتو. دل ۾ آيس ته منير کي چماٽ هڻي ڪڍي، ڀلا هن وقت اچڻ ۽ کِلڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! پر هو سندس دل گهريو دوست هو. هو روز روز اچڻ وارو نه هو. انهيءَ کان سواءِ، رشيد سوچيو، هن کي ڪهڙي خبر ته مون سان ڪهڙي ويڌن آهي. اهو سوچي هو اڳتي وڌيو ۽ مرڪي منير کي هٿ ڏنائين. اڃا هنن هڪٻئي کان حال احوال به نه ورتو هو، ته نعيم، ڪريم ۽ سليم به اچي پرگهٽ ٿيا.
    ”هلو، هلو، هوٽل تي چانهه پيئنداسون“، هنن سڀني چيو، ۽ رشيد ۽ منير کي پاڻ سان وٺي هوٽل ڏانهن روانا ٿيا.
    ’هي سڀ دوست ته مون وٽ آيا آهن.‘ رشيد چيو. ’هوٽل جو بل به مون کي ئي ڏيڻو پوندو. خانوئي خراب! اڄڪلهه جا دوست به دشمن چئبا. ڪيڏانهن وڃجي. مون کي اهڙا دوست نه گهرجن، وري هن کي پاڻ تي حيرت به ٿي ته اڄ هن کي ڇا ٿي ويو هو. شايد اڻهوند هن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هئا.‘ پر هن فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي، اڄ هو اڳرائي ڪري بل جا پئسا نه ڏيندو.
    سڀئي دوست هوٽل ۾ پهچي، ڪرسين تي ٿي ويٺا. نعيم، ڪريم ۽ سليم ۾ سُس پس شروع ٿي، هوٽل جو بيرو آيو ته منير پڇيو ته ڇا پيئبو؟ ڪريم، نعيم ۽ سليم اٿي کڙا ٿيا. ”اسين ته وڃون ٿا. تمام ضروري ڪم آهي،“ نعيم چيو.
    رشيد جي دل تان ڪا ڇپ کچي ويئي. هن دل ئي دل ۾ چيو ته ’وڏي مهرباني اوهان جي.‘ پر ٻاهرئين ڀرم رکڻ لاءِ چوڻ لڳو، ”ڪجهه پي ته وڃو.“
    ”نه، نه، اوهين پيو. اڄ اسين ڏاڍا ڍاوا پيا آهيون. ڏاڍو کاڌو پيتو آهي. اسان،“ ائين چئي، هو هليا ويا.
    هنن جي وڃڻ کان پوءِ رشيد چانهه جو آرڊر ڏنو.
    ”اڄڪلهه ڪهڙا ڪتاب پيا پڙهو؟“ منير رشيد کان پڇيو.
    ”ڪوبه نه- وقت ئي ڪونهي.“ رشيد وراڻيو.
    ”تازي اخبار ڏٺي اٿو!؟“ منير وري سوال ڪيو.
    ”نه“، رشيد مختصر جواب ڏنو.
    ”آمريڪا جي امدادي ڪڻڪ جو ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو آهي. پهرئين جهاز واري ڪڻڪ حيدرآباد پهچي ويئي آهي. ايران ۾ بغاوت شروع ٿي ويئي آهي ۽ ايران جو بادشاهه دورو پورو ڪري واپس ايران پهچي ويو آهي. راشديءَ استعيفا ڏني آهي. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هتي ٿي رهيو آهي.“
    رشيد جواب ۾ فقط ”ها، ها“ ڪندو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ چوندو رهيو ته ’آمريڪا مان آيل ڪڻڪ وري به دولتمندن جي ڀڀ ڀريندي، ايران جي شاهه جي واپسي ٺلهي نه هوندي، پاڻ سان گڏ سوين ٽئنڪون ۽ بم ايراني عوام جي چِلهڻ لاءِ به آندا هوندائين؛ سنڌ جي گادي ڪراچي هجي يا حيدرآباد، واڳون ته وري به وڏن جي هٿن ۾ هونديون؛ راشديءَ استعيفا ڏني ته ڇا ٿيو، سڀاڻي انهيءَ ڪرسيءَ تي سندس ڪو ٻيو شاطر ساٿي اچي قبضو ڪندو. اوچتو هن جو خيال وري پنهنجي حالت ڏانهن ڇڪجي ويو. ’پگهار پورو نٿو ٿئي ۽ گهر مان بيماري نٿي وڃي. اڃا ته مهيني جو پهريون هفتو پورو ٿيو آهي، باقي پهاڙ جيڏا ٽيويهه ڏينهن ڪيئن گذرندا؟‘
    اوچتو هو ٽيئي دوست ٽهڪ ڏيندا واپس آيا.
    ”ڏٺئي! اڄ رحيم ڪهڙو نه دوکو ڏنو“، نعيم ويهندي چيو.
    ”پورو چار سؤ ويهه آهي“، ڪريم وراڻيس.
    سليم وري ناراض ٿيندي چيو، ”هي حرامي سمجهي ڇا ٿو! صبح کان ڏٽن تي هلايو اٿس. پئسا به ته اڳواٽ ڦري ويو. وري ڇوري ڪهڙي حور پري آهي؟“
    ”نه، نه، ائين نه چئو“، ڪريم وچ ۾ ڳالهايو، ”هن ويچاري جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي.“
    ”چوين ڇا ٿو. آءٌ هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻا. هو گهاگهه پيشوَر آهي. هو ننڍيءَ توڙي وڏيءَ آساميءَ کي چيچ سان ٻڌي هلندو آهي ۽ جتان چار ڏوڪڙ وڌيڪ نظر ايندا اٿس ته ڇوري انهيءَ جي هنج ۾ هوندي آهي. شايد اڄ به ائين ئي هجي.“ نعيم پنهنجو رايو ڏنو.
    ٻَه منٽ خاموسي ڇانئجي وئي. آخر سليم خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سوال ڪيو، ”پوءِ ڀلا هاڻي ڪهڙو پروگرام آهي؟“
    ”پروگرام وري ڪهڙو؟“ ڪريم وراڻي ڏنيس، ”اڄوڪي رات پالهي ڪانه ڇڏبي. هلون ٿا شمي جان وٽ.“
    ”چڱو، منطور آهي. اوهين به ڇا ياد ڪندا ته ڪو دوست مليو هو، جنهن اوهان سان هر حال ۾ ساٿ ڏنو“، نعيم جواب ڏنو، ۽ ٽئي دوست ڀڙڪو ڏئي اتان اٿي هليا.
    رشيد ۽ منير هڪٻئي ڏانهن اهڙيءَ طرح ڏسڻ لڳا، ڄڻ ته ڪو وڏو حادثو ٿي پيو هو.
    ’حادثي کي وري ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا،‘ رشيد چيو. ’ٽيئي نوجوان دوست پنهنجي زندگي، پنهنجو وقت، پنهنجي جواني، پنهنجا پئسا ۽ پنهنجو سڀڪجهه پيا تباهه ۽ برباد ڪن ۽ اسين هنن جي حالت تي دل ئي دل ۾ پيا ماتم ڪريون.‘
    ”ڏٺَوَ پنهنجن دوستن جا حالَ؟“ منير نفرت وچان چيو.
    ”حال ته چڱا اٿن،“ رشيد جواب ڏنو، ”باقي چال، سا به ٺوڪرون کائيندا ته سڌري ويندين.“
    ”سڌرندا وري ڌوڙ“، منير حجت ڪئي ۽ دليل ڏيندي چيائين، ”آءٌ هنن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. منهنجا پاڙيسري آهن ۽ پورا ڇٽيهه لکڻا آهن.“
    ”تون سچ چوين ٿو. هٿ- ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت!“ رشيد چيو. ”پر سوال آهي ته هو اهڙا ڇو ٿيا آهن؟ اهڙي ڪهڙي مجبوري آهي، جو هو اهڙا رولاڪ ٿي پيا آهن؟ اسان جي چؤڌاري هنن جهڙا ڪيترائي نوجوان آهن، جيڪي هنن کان به وڌيڪ ڏکائتي حياتي پيا ڪاٽين. ڇا، هن مرض جو علاج اهي ئي ڪونه” هر بيماريءَ جي دوا ٿي سگهي ٿي. پر جڏهن ته اسين جاهل آهيون، بي سمجهه آهيون، تڏهن شفايابيءَ جي اميد رکڻ فضول آهي. سليم کي ڏس. سندس مائٽن ننڍي هوندي ئي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هن جي شادي ڪرائي ڇڏي. اڄڪلهه شادي اولاد نه پر مائٽ ڪن ٿا، ۽ ڪريم ته رهي ئي ٻهراڙيءَ ۾ ٿو، جتي سُڃ پئي واڪا ڪري، نعيم ويچارو بيروزگار آهي. زندگي آسودگي، نوجوانيءَ جون معصوم تمنائون ۽ تنهايون.... جهالت، جي اونداهين ۾ قيد ٿي وڃي، ته اتي تهذيب ۽ اخلاق جي تقاضا ڪرڻ بيڪار آهي.“
    ”اها ڳالهه غلط آهي، آءٌ نه مڃيندس.“ منير ڳالهه کي وڌيڪ تشريح گهرندي چيو، ”انهيءَ جي معنيٰ ته ڇوٽڪاري جو ڪو رستو ئي ڪونهي. مرض جو علاج ته تڏهن ٿيندو، جڏهن انهيءَ جو احساس ٿئي. پر اهو احساس ڪيئن پيدا ٿئي؟“
    ”ڏ‎ٺئي، هينئر آيو آهين پوري پير تي“، رشيد جواب ڏنو. ”اهو سوال پاڻ کان پڇ. اميد ته تنهنجي دل ۽ دماغ تنهنجي رهبري ڪندا. چڱو، هاڻي اٿ ته هلون.“
    رشيد اڳتي وڌي ڪائونٽر تي چانهه ۽ سگريٽ جا پئسا ڏنا، ۽ دل ئي دل ۾ هنن ٽنهي دوستن کي دعا ڪرڻ لڳو جن کي اڄ وڌيڪ خرچ ڪرڻ کان بچائي ڇڏيو هو.
    هوٽل کان ٻاهر نڪتا ته هنن کي فقير ڦري آيا. ”معاف ڪر، معاف ڪر“، رشيد هنن کان جان آزاد ڪرائيندي اڳتي وڌي ويو. ٿورو اڳيان هو ٽيئي دوست بيٺا هئا. نعيم چوڻ لڳو، ”ڏاڍي دير ڪَيوَ! اسين رڳو اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ بيٺا هئاسون.“
    ”اجهو هينئر رحيم ۽ سندس ڇوري ۽ سامهين اسپتال وارو ڊاڪٽر وڏيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي، شهر ڏانهن روانا ٿي ويا.“ سليم ٻڌايو.
    ”متان نه مڃو!“ نعيم هڪدم چيو، ”ڪيئن منهنجو خيال ٺيڪ نڪتو! ٿيو منهنجا مريد ۽ وڍايو پنهنجي چڳ. ڪڍو پئسا ته مٺائي گهرايون، پر ٺيهو اوهان کي سڀ ڪجهه معاف. اوهين به ڇا ياد ڪندؤ.“
    ڪريم ۽ سليم مرڪڻ لڳا ۽ ٽيئي دوست کلندا، سلام عليڪم چوندا هليا ويا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ منير به موڪلايو ۽ رشيد به گهر ڏانهن موٽي ويو.
    ’ته ڇا اها ڇوڪري ۽ سندس پيءُ رحيم انهيءَ ساڳئي ڊاڪٽر سان گڏ هئا!‘ رشيد چوڻ لڳو- ’هئا ته پوءِ ڇا. وڃي پون کڏ ۾. ڪُٽجي وڇي ڪنا ٿين.‘ هن جي ڀرسان ڪڪي ڪنجهي رهي هئي. بخار شايد وري مٿس حملو ڪيو هو. گهر ۾ بيماري، ڊاڪٽر جي عجيب منورتي، دوائن تي ڪنٽرول، دوستن جي آواره مزاجي، منير وارو بحث، رحيم ۽ سندس ڇوڪري، هوٽل ۾ چانهه. اهي سڀئي خيال ساري رات رشيد جي ذهن کي اٿلائيندا پٿلائيندا رهيا.
    ريل ..... ۽ زندگي

    اٽڪل ساڍا ڏهه ٿيا هئا. ٽڪيٽ وٺي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺس. گرمي ڪافي هئي. گاڏي به وري ڪا يارهين بجي ڇُٽڻي هئي، سو ڪتاب کولي پڙهڻ لڳس. آخر سيٽي وڳي ۽ گاڏي آهستي آهستي چُري. چوڌاري ڏٺم، ڪافي مسافر هئا، پر ايتري سوڙهه ڪانه هئي. ڪي ڪاروباري ماڻهو پئي ڏٺا، ڪي وڏيرا ۽ زميندار هئا، ڳچ جيترا مهاجر پڻ هئا. واندا مسافر پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. انهن جا آواز آمهون سامهون ازخود پڙاڏي وانگر هڪٻئي سان ٽڪرجي، اڌ گابرا پاڻهي پاڻهي منهنجي ڪنن تائين پهچڻ لڳا ـــــ
    ”هاڻي ته فرحت آهي. ايتري گرمي ڪانهي. اهو لُوء ضرور لڳندي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ پناهگير اچي ويا آهن. ڪپهه وارو ڪارخانو ڪاٺياواڙي ميمڻ ورتو آهي. ڪڻڪ جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي. ولائتي ڪپڙي جا جهاز ڀرجي آيا آهن. ٻهراڙين ۾ اڄڪلهه سلامتي ڪانهي. پوليس ڪجهه به ڪانه ٿي ڪري. وڏيرا، وزير ۽ آفيسر ڇا ٿا ڪن! ڪشمير جو مسئلو جهڙو منجهيل سُٽ جي ڦوري، رپئي جي قيمت نه گهٽائڻ ڪري چون ٿا ته پاڪستان کي فائدو پيو آهي. وڏو وزير روس ڪين ويندو. ڪپڙي تان ڪنٽرول صفا لهي ويو آهي. کنڊ ڪيوبا کان اچي رهي آهي. قاسم رضويءَ کي ڪين ڇڏيندا. جهونا ڳڙهه ۽ حيدرآباد دکن هضم ٿي ويا. آمريڪا دنيا جي ملڪن جي مالي مدد ڏيئي رهي آهي. روس وٽ به ائٽم بم آهي. واپاري جاوا ڪري رهيا آهن. زمينداري ۽ جاگيرداري ختم ٿي ويندي. هندستان ۾ گڙٻڙ متي پئي آهي. گانڌيءَ جهڙي ماڻهوءَ مان ڪين گُٿا، جواهر لعل کي به ضرور ڪونه ڪو ماريندو.“
    ريل جو گاڏو ڦري سياسي بحث مباحثي جو هڪ آکاڙو ٿي پيو هو. هر هڪ مسافر ڄڻ ته ڪو سياسي اڳواڻ هو. جنهن کي جيڪي ٿي منهن ۾ آيو، تنهن سان وارُ پئي ڪيائين. گاڏيءَ ڍير ٿي، هڪ اسٽيشن تي اچي بيٺي. ڪي مسافر لٿا، ڪي چڙهيا. گاڏي هلڻ لڳي. گفتگو وري شروع ٿي وئي. هن دفعي ڪتاب پڙهڻ ۾ اهڙو محو ٿي ويس، جو ايترو ٻڌي نه سگهيس. تڏهن به ڪن، جي کليل هئا تن ڪجهه نه ڪجهه ضرور جهٽيو.
    ”هيترا پناهگير اچن ڪٿان ٿا! جتي ڏسو اتي پناهگير! ويچارن تي ڏاڍا ظلم ٿيل ٿا ڏسجن. هر ڪنهن کي ساڻن همدردي ڪرڻ گهرجي- مسلمان ڀائر آهن.“
    ”پنهنجو پنهنجو ڪري ڦاٽي ٿا مرو؛ سڀئي خود غرض آهن. ڪير آهي ڪنهن جو، ڏاڍي آبادي ٿي پَئي! غريب ۽ مسڪين ته ساڳئي گهاڻي ۾ پيا پيڙجن! اهو ڏينهن خالي ڪونهي، جو چوريون ۽ ڌاڙا نٿا لڳن. اُهي ئي لچايون، اُهي ئي بدمعاشيون. زميندارن، شاهوڪارن ۽ واپارين جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن.“ ”ڀلا پناهگيرن به رڳو کڻي سنڌ ڏانهن رخ رکيو آهي. اِنهن جو ڇيهه ڪڏهن ٿيندو؟“ ”پناهگير نه چئو. مهاجر چئو، مهاجر!“
    گاڏي واري اچي، ٻيءَ اسٽيشن تي بيٺي. هن ڀيري نه ڪو گاڏيءَ مان لٿو، نڪو وري ڪو چڙهيو. اسٽيشن چڱيري هئي. اسان وارو گاڏو بلڪل اسٽيشن جي سامهون اچي بيٺو. ٽي چار ٽولا رنگ برنگي برقعن سان اسٽيشن کان ٻاهر نڪري رهيا هئا. سڀني عورتن جا منهن کليل هئا. اسان جي گاڏي مان اڪثر مسافرن جون اکيون منجهن کتل هيون. ڪنهن وڏي وات ڳالهائڻ شروع ڪيو. گفتگوءَ جي مجلس وري چالو ٿي ويئي. انجڻ سيٽي هنئي ۽ گاڏي اسٽيشن تان هلڻ لڳي.
    ”برقعا آهن يا مسخري، جهڙا تنبو! برقعا نه ٿيا، نمائش ٿي. شرم ناهي ٻيو سڀ ڪجهه آهي. نانگ ويو نڪري باقي ليڪو پيو ڪُٽجي. اهڙن برقعن پائڻ مان ڪهڙو فائدو؟“
    ”فئشن جو آهي.“ ”اهڙي فئشن کان سُڃ ڀلي آهي.“ ”ٽنڊ به ٿيندي، اهو نفعو گهٽ آهي؟“ ”انهيءَ کان ته غرارو سٺو آهي.“
    ”غرارو يا گراڙو؟ سمجهو کڻي گهاگهرو- اهڙو ڪجهه ٿيندو آهي. غرارا ڏسڻا هجنَوَ ته ڪراچيءَ وڃو. توهان جون هيرآباد واريون عاملاڻيون انهن جي اڳيان ڪجهه به ڪونهن.“ ”ڀلا هي مرض ته اڳي سنڌ ۾ ڪونه هو. سچ پڇو ته اسان جون سنڌي زالون به انهن کي ڏسي وهرجي پيون آهن.“ ”وقت وقت کي سلام آهي، اسان جي وڏن ماڻهن ۽ ڏسڻن وائسڻن جون بيگمون، جي ائين ڪنديون وتنديون ته پوءِ ٻين جو ڪهڙو گناهه. ”پر پردي ۾ رکيو به ڇا آهي؟“ اسٽيشن تي سڀني اکيون ڦاڙي پئي ڏٺو، ”پردو ته الله رکي باقي بندي کي ڪهڙو مجال آهي، پر قانون کي مڃو ها ته پوءِ پڪ آهي ته اوهين اهڙي گفتگو به نه ڪري سگهو ها. انسان جي اهڙو ساڌ هجي ها ته قانون جي ضرورت ئي نه ٿئي ها. پر ڪونه ڪو قانون ته ضروري آهي. اهو قانوني حڪم هلائي به ڪير؟ هت ته سڀئي هڪڙي ڍڳي جا چور آهن. اسين جيڪڏهن سنئين رستي تي پورا هجون ها، ته ههڙا حال نه ٿين ها. اڳي ته انگريز بهادر هئا، جن جي قلبن کي ڪارو ڪري ڇڏيو هو. هينئر ڪير آهي، جو اسان کي جهليءَ ۽ روڪي ٿو ۽ چڱا نه ٿيون.“ ”جڏهين ڏوهه ۽ گناهه رڳو اسان جو آهي ته ڀوڳيون به اسين پيا. جي اسين سبق نه سکياسين ته تباهه ٿي وينداسين.“ ”اسين هوند سڌري پئون، جي اسان جا اڳواڻ سڌري پون. حڪومت جيڪڏهن چاهي ته ڇا نه ٿي ڪري سگهي؟ انهن وڏن ماڻهن کي ڪهڙي خبر، هو ته هوائي جهازن تي چڙهي اچي هت نازل ٿيا هئا. صدقي جون ٻڪريون ڪير ٿيا؟ اُهي ويچارا مسڪين ۽ مفلس ۽ سفيد پوش ئي هئا، جيڪي دربدر ٿيا. ديس هوندي پرديسي ٿيا. ملڪيتون ڇڏي فقير ٿيا. ٺوڪرون کاڌائون، معصوم ڪُهارائي، عزتون وڃائي، لڄون لٽائي، کين نصيب ڇا ٿيو! اڳي يا آئينده وري کين ڇا ملندو.“ ”نااميدي وڏو گناهه آهي. توهان جي، منهنجي نه، پر سڀني جي گڏيل ڪوشش اهڙيءَ بدانتظاميءَ جو طلسم ٽوڙي سگهي ٿي.“
    برقعن وارو بحث الائجي ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتو. ڪتاب هٿ ۾ ائين ئي پوريل رهجي ويو. گرمي ڪافي تيز ٿي چڪي هئي. لوُءَ پئي لڳي، ڀر ۾ ويٺل نوجوان سگريٽ دکائي سوٽا هڻڻ لڳو، سرڪاري ملازم ٿي ڏٺو. سوٽ بوٽ، جو چڙهيل هوس! گاڏي ڍري ٿيڻ لڳي. مون دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. ڪا ننڍي ويران اسٽيشن هئي.
    پاسي واري گاڏي مان هڪ ڳوٺاڻو اُٻهرو ٿي جهڙو لٿو، تهڙو منهن ڀر وڃي ڪِريو. هو تڪڙو اُٿي کڙو ٿيو. هن جي سٿڻ جا وَر اهڙيءَ طرح کنجيل هئا، جهڙو ڪنهن ملاکڙي جو ملهه. هو پٽڪو کڻي ٻڌڻ لڳو، گاڏي اڃا مس بيٺي ڪين ته هڪ پوليس وارو کيس ڦري آيو. هو کيس ٿڦڙون هڻدو گهليندو، اڳتي وڌڻ لڳو. هُنَ جو پٽڪو ڪجهه هن جي هٿن ۾ هو، ڪجهه پٺيان لٽڪندو، گهلبو پئي ويو. گاڏي مان مسافرن جو ڳچ جيترو ولر هيٺ لٿو. سڀئي ٻهراڙيءَ جا پئي ڏٺا. زالون ۽ ٻار مڙيئي گهڻا هئا. ڪيترن جا پير اگهاڙا هئا. زالن ۾ بس پِٽڪو پئجي ويو.
    ”ٻَڙي، هي ڪهڙو بغداد؟ مڙس کي پوليس وارو وٺيو پيو وڃي! ڪرڙ، ڪنڊا! وارو ڪيو، گهوڙا ڦرجي وياسين! ڪهڙو ناحق ٿيو! مٿو ڪارو ٿئيو، ڊوڙو نٿا! هو پوليس وارو گاڏي ۾ ٿو چاڙهيس. مُٺيس آءٌ نپٽي ڪيڏانهن وڃان؟ ههڙو انڌير! هاءِ منهنجا الله!“ هڪ پوڙهيءَ ٻاڪاريو.
    ٻارڙا به ريهون ڪرڻ لڳا. ۽ ڪرڙ ۽ ڪنڊو مٿي تان هڙون اُڇلائي وڃي پوليس واري وٽ پهتا. جانا، گيسيون، ايلاز ڪيو هٿ پيا جوڙينس، نوڙي پيرين پيا پونس. کيسي ۾ هٿ وجهي شايد پئسا به پئي آڇيائونس. پر پوليس واري بار بار ڪنڌ پئي سيٽيو.
    سڄي ساري گاڏي مان انهيءَ واقعي کان پوءِ ڪوبه ڪونه لٿو. آءٌ خود عجب ۾ هوس ته معاملو ڪهڙو آهي. ٻاهر هو زالون ۽ ٻار اُس ۾ سڙي ۽ لُڪَ ۾ لولڙاٽ ڪري رهيا هئا. هي اک ڇنڀ ۾ ڇا ٿي ويو! چوري ڪئي اَٿس؛ ڌاڙو هنيو اٿس يا خون ڪري ڀڳو آهي! ’نه، نه هلندي گاڏي مان ٽپو ڏيئي ڏوهه جو ڪم ڪيو اٿس.‘ بيوقوف مري پوي ها ته؟ ويچاري وٽ ٽڪيٽ ڪانه هوندي، ٽڪيٽ نه هجيس ها ته اسٽيشن تي اچي اجايو ٽپو ڪونه ڏئي ها. هيترن ماڻهن، زالن ۽ ٻارن سان گڏ آهي؛ ٽڪيٽ ضرور ورتي هوندائين. منهنجي ڀر وارو ويٺل نوجوان سگريٽ اُڇلائي اُٿيو ۽ لهي وڃڻ لڳو- ”شير شاهه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري. ههڙا اٻوجهه ته پوليس وارن کي شل هٿ چڙهن!“ گاڏي سيٽي هنئي. نوجوان ڊوڙي وڃي پوليس واري وٽ پهتو. گهڻي ردبدل ۽ ڌانڌل کان پوءِ هن ويچاري جي جند ڇُٽي.
    هُنَ کي پنهنجي اُٻهرائيءَ جو عيوضو ملي چڪو هو. ڌڪو کائيندي نرڙ ۽ گوڏا رهڙجي پيا هئاس، ويتر جو پوليس واري مرامت ڪئي هيس، تنهن تي سندس رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. هو نڪي خوش ٿي ڏٺو ۽ نڪي رنج ٿي نظر آيو. زالن روئڻ بند ڪيو ۽ ٻارڙا به چپ ٿي ويا. هو پنهنجو پٽڪو ٻڌڻ لڳو. گاڏي هلڻ لڳي. زال وري رڙ ڪئي، ”اَبول.... منهنجي هڙ ته آهي ئي ڪانه. ڪرڙ ڪنڊا.... وارو ڪيو گاڏي ته ڇٽي ويئي. هاءِ منهنجا نوان ڪپڙا، نئين جُتي، وکر وڙا، سڀ اُنهي ۾ آهن.“ پر هنن مان گاڏي ڏي ڪنهن به ڪين سنڍيو. هنن کي گاڏيءَ تي چڙهڻ جو عيوضو ۽ سيکت ملي چڪي هئي. پر هيءَ ڇا، گاڏي وري ڇو بيهي رهي. ڇا ڊرائيور کي قياس پيو هو. هن دفعي پوليس وارو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. اسان جي گاڏي مان اهو نوجوان وري لٿو ۽ لٿل مسافرن جي گاڏي ۾ چڙهي هن هڪڙي اجرڪ ٻڌل هڙ هيٺ ڪيرائي. ڪاٺين واريون ڀريون چڙهي چڪيون هيون. پوليس وارو غائب هو. گارڊ جهنڊي ڏيکاري، انجڻ هڪ وڏو ڪُوڪ لڳائي ’ڪڪو ڪو، ڇُو، ڇُو، ڇڪ ڇڪ‘، گاڏي وري هلڻ لڳي. مون کان ڪتاب پڙهڻ ته وسري ويو هو. منهنجي اکين اڳيان زندگيءَ جي ڪتاب جو هڪ اهڙو ورق وري ويو هو، جنهن کي آءٌ ڪڏهين به وساري ڪين سگهندس.


    مهمانن جا بهانا

    مهمانن جا بهانا

    مهمانن جو اچڻ ۽ ٽڪڻ اڳين ڏينهن ۾ خوش قسمتي سمجهي ويندي هئي. الاجي ڇو؟ پر اڄڪلهه جا مهمان، جهڙي ڪا مصيبت ۽ آفت! خاص ڪري وڏن شهرن ۾ ماڻهو گهرن کي هڪڙو مهمانخانو يا هوٽل ٺاهيو ڇڏين. هڪڙو اڌ ڪو ٿڙي ٿاٻڙجي، ڀلجي ڀٽڪي، اچي ته هوند ٺهيو، پر هتي ته روز روز اڻ ڪوٺبا، بي دعوتيا، ڏسڻا وائسڻا، سمجهو ته هوند وارا، هليو اچيو ٻين کي آزار ۾ وجهن. چي، ”مهمان پنهنجي قسمت پاڻ سان کنيو اچي.“ جيڪي پاڻ سان پنهنجي قسمت ۽ داڻو کڻي آيو هجي. باقي ٻئي جي هڙان ڪڍڻ ۽ تڪليف پهچائن لاءِ بهانا ٺاهڻ ته وٽانئن ڪو سکي.
    بهانو پهريون:- ”اداس چڱو ٿيو جو ملي وئين، آءٌ پاڻ تو ڏانهن پئي آيس، ڪيترو عرصو ٿي ويو آيو، جو توکي ڪونه ڏٺو هوم. ڏاڍو ياد ڪندو آهيان توکي. گهر ته ساڳيو اٿئي نه! چڱو، بازار مان ٿورو ڪم لاهي ٿو اچان، پٺيان دروازي کان ايندس!“
    بهانو ٻيو:- ”ڀاءٌ هونءَ ته هميشه هوٽل تي وڃي رهندو آهيان. دوستن کي ڪهڙي تڪليف ڏجي. پر هي هوٽل وارا به قهر ٿا ڪن. ماني کاءُ ته ڪا لذت ڪانه ، ٻوڙ ۾ وجهن تيل ۽ چرٻي. کائي کڻي پاڻي پيءُ ته کنگهه ۽ ٽوئنڪار، جنسي مرض ٿو خريد ڪجي. مون کي هونئن ته ڪو خيال ڪونهي. روز روز اهي ٽڪر کائي هري ويا آهيون، پر ڳچ عرصي کان بيمار ٿوگذاريان. هن وقت ڪِريءَ ۾ آهيان. لاچار اٿم، تنهنڪري اڄ ضرور تنهنجي ماني کائيندس.“
    بهانو ٽيو:- ”ڪيئن، ويٺا ته خوش آهيو نه؟ ٻار ٻچا، ننڍا وڏا، سڀ چڱا ڀلا آهن؟ پر دوست گهر جهلي ڇڏجانءِ، متان ڪٿي اجائي تڪليف ڪن. آءٌ ڳوٺان ماني کائي پيو اچان. پيٽ ڀريو پيو اٿم. فقط راتوڪي رات ٽڪندس. باقي بستري جو خيال ڪجو. صبح جو چانهه پياريو ته واهه، نه ته ٺهيو.“
    بهانو چوٿون:- ”واهه، بار واهه! اتي ويٺو آهين، سو به لَڏي سان؛ ڪڏهن خط به ڪونه لکين. مون کي ته واٽ تي ولي محمد کي تنهنجي خبر پيئي، ڏاڍيون پيو تنهنجون واکاڻيون ڪري! بس، اسٽيشن تان لهي سڌو تو وٽ پيو اچان. چيم جڏهن اوهين اتي گهر ڪيو ويٺا آهيو ته ڇو نه اوهان وٽ ٽڪي، ٻه چار گهڙيون آرام ڪيان. خبر ناهي حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو.“
    بهانو پنجون:- ”او..... هو.....! مون کي ته خبر ئي ڪانه پئي! ڳالهين ڪندي آڌي رات ٿي وئي آهي. هڪ لڳي ويو آهي. هاڻي ٺهيو، ڪٿي وڃي ٻين دَرن جا ڪڙا کڙڪايان، کڻي اچ بسترو، تو وٽ ئي سمهي ٿو رهان. توکان ڪا جدائي آهي. پر وسارين متان، صبح جو آءٌ دير سان اُٿندو آهيان، نيرن توتي آهي.“
    بهانو ڇهون:- ” ڇا! صاحب اندر ڪونهي؟ ڪيڏانهن ويو آهي؟ ڪيڏيءَ مهل ايندو؟ توکي ته ضرور ٻڌائي ويو هوندو، نه ته به گهر وارن کي ڪانه ڪا خبر هوندي. سچ پچ، توکي ڪابه خبر ڪانهي. چڱو، ٺهيو. هيءُ ڏس هيٺ ٽانگو بيٺو آهي. ان مان منهنجو سامان لاهي کڻي اچ. هنڌ کولي وڇائي ڇڏجانءِ. آءٌ اجهو چڪر لڳائي موٽي ٿو اچان. ها، صاحب اچي ته کيس ٻڌائجانءِ ته اڳيون خاڪي ڪپڙن وارو مهمان وري موٽي آيو آهي.“
    بهانو ستون:- ”بس ڀائو، ڪهڙا ٿو حال پڇين، وري ٿو اچي ملانءِ. تڪڙو آهيان، متان آفيسون بند نه ٿي وڃن. ضروري ڪم اٿم. جي ڪلاڪ اڌ ۾ ڪم پورو نه ٿيو ته سومر تائين رهڻو پوندو. چڱو، رات جو يڪي رهاڻ ڪنداسين.“
    بهانو اٺون:- ” بنهه پوري وقت تي آيو آهيان. ڇو جو ٻوڙ آهي؟ نه نه...... پلاهه آهي. مون کي ڏينهن جا چانور وڻندا ته ڪونه آهن پر توسان گڏ، زهر هجي ته به هوند انڪار نه ڪيان.
    بهانو نائون:- ”ٻيلي، آءٌ توتي اجايو بار ڪونه ٿيندس. منهنجي لاءِ خاص تڪليف نه ڪج. رکو سکو، جيڪي تيار هجي سو کڻي اچ. مڙيئي آهي پيٽ جو دوزخ ڀرڻو. ڳوٺ ڪهڙا مال کائيندا آهيون. پنهنجن کان ڪو حجاب آهي!“
    بهانو ڏهون:- ”بس، ٻيو ڪو خاص ڪم ڪونهي. آءٌ سڀاڻي شام ڌاري تو وٽ پهچي ويندس. سمجهي وڃو. اوهان جو مهمان ٿيندس. پوءِ رات پنهنجي تات. وڌيڪ احوال روبرو ڏبا وٺبا، ماني ته اُئين ئي کائبي.“
    بهانو يارهون:- ”مون کي خبر آهي، شهر ۾ ڪنهن کي تڪليف ڪانه ڏبي آهي، پر ننڍپن جا ڏينهن ياد ڪري اوهان وٽ لنگهي آيو اهيان. ٻه چار ڏينهن ترسندي، ماني وغيره جي ڳڻتي نه ڪجو. ڏينهن جو سڄو وقت ڪم ڪار سان ٻاهر رهندس، رڳو رات جا چار پهر اچي ٽڪندس. وڃي ته ڪا هوٽل وسايان ها، پر اتي منگهن ۽ مڇرن جو آزار آهي.
    بهانو ٻارهون:- ”ڏاڍي ٻڌايُو، ماڳهين مون کي سڃاڻو به ڪونه ٿا! ماڻهين کان پڇي ڏس، تنهنجي جهَنڊ ڪنهن لاٿي هئي. چار درجا انگريزي پڙهي گٽ مٽ سکئين ته ڇا ٿي پيو؟ اکيون ڇو پُوريون اٿئي. مرشد کان منڪر ٿي آخرت نه وڃاءِ. خدا ۽ خدا جي رسول کي سڃاڻ. پڻهين مرهيات ته مهينن جا مهينا ٽڪائيندو هو ۽ ڏن تنهن کان سواءِ ڏيندو هو. چوڏهين صدي آهي، چوڏهين صدي! مِرن به پناهه گهري آهي، خير، وڃي ماڻهين کان ماني کڻي اچ. متان ڪٿي ڏوراپو ڏئي ته مرشد در تي اچي، خالي هٿين موٽي ويو.“
    بهانو تيرهون:- ”توهين ۽ آءٌ ننڍا هئاسون، شايد اوهان کي ياد هجي، اوهان جي والد ۽ منهنجي پيءُ جي دوستي هئي. مرهيات هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. توهان ته صفا وساري ڇڏيو آهي. ويچارن وڏڙن جو ناتو ائين ٽٽڻ نه گهرجي. هڪٻئي وٽ پير ڀري نه وڃبو، ته ڪا ڳالهه ٺهي ٿي! هي ٻير ۽ آڀُون گهران ڏنا اٿن، اندر کڻي وڃ.“
    بهانو چوڏهون:- ”عرصي کان بيمار ٿو رهان، ڏس ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهيان. هتي شهرن ۾ ته وڏا وڏا ڊاڪٽر ٿا رهن. توهان جو ضرور ڪونه ڪو واقف هوندو. مون تي احسان ڪيو. جيسين جيئرو هوندس. اوهان کي دعائون پيو ڪندس. دوست اهو ئي آهي جيڪو آئيءَ ويل ڪم اچي. سو لنگهي آيو آهيان. اوهان وٽ. اميد ته مهيني اندر چاڪ ٿي ويندس. ٻيو مڙئي خير. ٻچن مان لک ٿيندءِ!“
    بهانو پندرهون:- ”هائو. برابر- اوهان مون کي ڪونه سڃاڻو، گهر ۾ چيائون ته توهان جي گهر وارن اڄ کير دعوت ڏني آهي ته اچي گهمي ۽ ماني کائي وڃجو. دل چيو، گهر ۾ اڪيلو ڪهڙا ڪُنا گهڙبا، سو آءٌ به لنگهي آيس توهان وٽ. گهٽ ۾ گهٽ واقفيت ته ٿيندي.
    بهانو سورهون:- ”توهان کي صاحب جي گشت جو پروگرام ته مليو هوندو. خير، اسين پهچي ويا آهيون. صاحب به پهچي ويو آهي. کٽون، ڪرسيون، بتي ۽ ميز وغيره ڪوٺيءَ ۾ وجهائي، صفائي ڪرائي، سامان رکائي ڇڏجو. آءٌ صاحب ڏي ڪاغذ کڻي ٿو وڃان. ضروري لکپڙهن جو نيڪال ڪرڻو آهي. خبر ناهي ڪيتري دير لڳي، ڪيڏي مهل موٽان. پٽيوالي جي به مان ڪرائجو.“
    بهانو سترهون:- ”ادا، حال احوال مڙيئي خير جا آهن. آيو هوس شهر ۾ ڪجهه سودي سلف لاءِ، اسٽيشن تي ٻلٽي ڪڍائيندي گاڏي ڇٽي وئي. چيم ته ڇو نه ڳوٺائيءَ وٽ چار پهر گهاريان، ڏٺي به گهڻا ڏينهن گذري ويا هئا، سو توهان سان ملياسون. ٻيو سارو خير، اوهين پنهنجا حال احوال ڏيندا.“
    بهانو ارڙهون:- ”نه..... نه..... آءٌ، چانهه ڪونه پيئندس. خبر ناهي ماڻهو اهو ڪوسو پاڻي ڪيئن ٿا پيئن. اوهين جي هرون ڀرون ناراض ٿا ٿيو ته کڻي ماني گهرايو. ڇوڪرا- بيرا- دو روٽي ايڪ پليٽ مرغي لائو.“
    بهانو اڻويهون:- ”ست پيڙهائتو سادات آهيان، شهر ۾ اوهان جي ناموس ٻڌي هليو آيس. پنجن تنن جي ڇانوَ هجيئي! علي ڪندو اهي گنج ڀريا ڀرپور هوندءِ. مسڪين آهيان. ٻه چار ڏينهن ٽڪايئي ته کٽي ڪونه پوندي. زياده آءٌ به ڪونه رهندس. جوڳي رمتا ڀلا- اڄ هِت سڀان هُت.“
    بهانو ويهون:- ”خانو خراب ٿئي هنن شنواين جو، ٻه سال ٿيا آهن. نڪو ٿو ڪيس هلي نڪا ٿي جند ڇٽي! رڳو پيئون تاريخون ملن. انصاف آهي يا بغداد- اڄ هو ڪونهي، سڀاڻي فلاڻو غائب. سڀني تي اڃان سمن ئي تعميل نه ٿيا آهن. ڀيري ڀيري سان اچو، ته وڪيل هڪڙي پاسي ته منشي ٻئي پاسي، ٽيان وري شايد، سڀئي وات پاڙيو ويٺا آهن، ڀلو ٿئي ڪورٽن جو، هيڪر جند ڇٽي سهي- ’ول نه ڏيلهي کائسون.‘ وري به شڪر آهي، جو اوهين اسان جا ڀرجهلا ٿيا ويٺا آهيو، نه ته هوٽلن جا خرچ اورائي ڪڍي ڇڏين ها.“
    بهانو ايڪيهون:- ”چاڪ ته آهين؟ ڇو ڳالهائين ڪين ٿو؟ ڪهڙين ڳڻتين ورايو اٿئي؟ ماني ته کاڌي اٿئون. اُٿ. ڪپڙا مٽائي اچ- اڃا ويٺو آهين! اڳئين ڀيري به نٽائي ويو هئين. اچ توکي مون سان گڏجي هلڻو پوندو. سئنيما ضرور ڏسبي. چون ٿا ته کيل ڏاڍو سٺو آهي.“
    بهانو ٻاويهون:- ”ماني ته کائي ويٺا هوندا؟ اويرو آيو آهيان. نه- اڇا ڪانه کاڌي اٿوَ. اڄ ته الله سائينءَ کي جيڪي گهران ها سو ملي ها. قسمت وارو آهيان. سياڻن سچ چيو آهي. ’داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي.‘ مون سمجهيو ته بک مرندس. ڀلا ڇا چاڙهيو اٿو؟ ڪافتا! اوهين شهرن وارا بيشڪ کائي ڄاڻو. اسان کي ته ڳنڌڻ به نصيب ڪونه ٿئي.“
    بهانو ٽيويهون:- ”هيءُ پرزو آڻيندڙ، منهنجو دل گهريو دوست آهي. ايڏانهن پهريون ئي دفعو اچي رهيو آهي. اتي ڪو پنهنجو ڪم اٿس. واقفيت ڪانهيس. اوهين شهر ۾ رهو ٿا، کيس هڙان ۽ وڙان مدد ڪجو. ٽِڪندو اوهان وٽ. کاڌي پيتي جي پارت اٿوَ.“
    بهانو چوويهون:- ”اوهين صلاح ڪيو يا نه- ’اَشهَدَ اَنَ‘ کي ڪير ٿو پٺي ڏئي! قسم سان صبح کان نيرانو آهيان. الائجي ڪنهن ڪم بخت جو منهن ڏٺو هوم- هٿ ڌئان ڇا؟ ٺهيو شينهن جا هٿ ڌوتا پيا آهن: جهجهن سان جهجهي برڪت، ويجهو اچ- چڱو- بسم الله.“
    بهانو پنجويهون:- ”ادا، هي اٿوَ ساڳيو ڀاءُ، جنهن لاءِ چيو هوم ته سانجهيءَ تقرير ڪندو. آءٌ ته وڃان ٿو ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ، گهر ۾ چاڪائي ڪانهي. چڱو ادا، آءٌ هلان ٿو متان ڊاڪٽر اُٿي وڃي. دير ٿي ويندي. توهين ٻئي ماني کائي، جلسي تي ضرور اچجو، باقي ڳالهيون اتي ٿينديون.“
    بهانو ڇويهون:- ”آيو ته دير سان آهيان، ضرور کائي پي ويٺا هوندا. لنگهڻ ئي ڪري ڪاٽيان ها، پر سچ پچ ته راتوڪيءَ مانيءَ تي آهيان. گهر ۾ ٽڪر ڀور رهندو ئي رهندو آهي. پهرين وڃي ڪجهه کڻي اچو، اول طعام بعد ڪلام، پوءِ يڪا ويهي ٿا رهاڻ ڪيون.“
    بهانو ستاويهون:- ”هيڏانهن نه ڪر اِهو ٻوڙ وارو وٽو- ڏس ليمون آندو اٿم. ڪپ ڪٿي آهي. هان- هاڻي، کائي ڏس! نه نه، چڱو- چڱو- ناراض نه ٿي، آءٌ به شروع ٿو ڪريان. چئو بسم الله!“
    مٿين مهمانن کان سواءِ هڪڙو قسم اهڙن مهمانن جو به هوندو آهي، جن جي اچڻ ڪري سچ پچ خوشي ٿيندي آهي. دل پئي چوندي آهي ته شل اهي هميشه ويٺا هجن. پر افسوس اهو آهي ته اهڙا مهمان وري پاڻ ڇڏائڻ لاءِ بهانا گهڙيندا آهن. بهرحال بهانا ۽ مهمان، لازم ملزم حقيقتون آهن، ۽ مهمان نوازيءَ جون رسمون وري انهن کان به نراليون: هٿ ڌئاريو، صابڻ گهرايو، ٽوال ڏيو، پاڻيءَ پياريو، وهنجاريو ۽ گڏجي کائو. جلد بس نه ڪيو. اڳ ۾ نه اُٿو. آهستي آهستي کائو. ڪڪ نه ٿيو. ڳڻتيون نه ڪيو. کلو ڳالهايو. چانهن، پان، ٻيڙي جي آڇ ڪريو. پنهنجا ڪم ڪاريون کڏ ۾ وجهي، ٻٽاڪون هڻو. ڏيکاءَ ۽ ڌوڪي کان ڪم وٺو. پاڻ ڀلي دال کائو، پر مهمانن لاءِ مرغي ۽ برياني ضرور تيار ڪريو. قيمتي وقت ۽ پئسو وڃايو. خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جو ڍؤنگ رچايو. پرايو ڀڀ ڀريو، پوءِ اوڌر ڪيو، چوري ڪيو، يا ڀلي بک مرو. پر دنيا جي فريبي رسمن کي چچڙ ٿي چهٽي پئو، ۽ مهمانن جي وڏي دل ڪري مهماني ڪندا رهو.


    پريشان انسان

    پريشان انسان
    مٿي ۾ سور، دل جي ڌڪ ڌڪ، بدن ۾ هلڪو هلڪو بخار، چيلهه ته ڄڻ ڪنهن چچري ڇڏي هجي. پنين ۾ سور، ۽ خيال پريشان، گهر ۾ سيڌو سامان کٽل. مهيني جي اوڻٽيهين اونداهي. پگهار جو ڪڏهوڪو ڏيوالو نڪري ويل. اها ڪوڏي ڪانهي، جو شام جو ٺلهو چانهن جو ڪوسو پاڻي کڻي نڙيءَ ۾ اوتجي. ٻه ٻار دائمي بيمار ۽ دوائون بلئڪ مارڪيٽ مان به ملڻ محال! پوءِ اهڙي ماحول ۾ ارمان، ارادا، امنگ ۽ آسرا، مستقبل جا روشن خيال! زنده دلي جو جنجال، قيامت کان اڳ ۾ ئي قيامت. اڃا ٻيون ڪهڙيون عقوبتون اُتي ٿينديون! باقي پٺيان بچيو به ڇا آهي؟
    انور جي تڪيلفن جي انتها ٿي چڪي هئي. کٽ تي ليٽندي، اَنيڪ خيال ۽ اوسيئڙا هن جي دماغ کي وڪوڙي ويا. جهڙيءَ طرح ڏينڀن جو وَلر ڪنهن جي جسم کي چهٽي، چنبڙي اُڏامي، وري اچي چهٽي. اها ڳالهه ڪا هن کي نئين ۽ نرالي ڪانه هئي.
    هو ننڍي هوندي کان ئي، زندگيءَ جي حسين لحظن لاءِ واجهائيندي ۽ سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏيندي به ڪڏهين سک جي ساعت ڪانه سنڀريو هو. زمان ۽ ان جي گردش هن تي ڪافي زور آزمايون ڪيون هيون. ڇا لڳي هن جي چاليهه ورهيه ڄمار ۽ ڇا لڳن هن جي مٿي جا هرک جهڙا اڇا وار! منهن ميرانجهڙو، ماس ته سندس جسم تان ڄڻ ڪنهن روڙي ورتو هو. بت ۾ باقي هڏا هئس، جي فقط چمڙيءَ سان ڍڪيل هئا. زندگيءَ جي ڪابه چمڪ هن جي چهري ۾ ڪانه هئي. هن جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون. پڙهيو ته پورو سورو هو، پر زماني جي تتل ديگ ۾ ”ڪڙهيو“ سو ڪافي هو. مائٽن ننڍي هوندي ئي پرڻائي ڇڏيو هوس. چار پنج ٻار پيدا ڪيا هئائين. سرڪار جي معمولي ملازم ۽ پگهاردار هو. ڪو وقتهو، جو هو پنج ئي وقت نماز پڙهي، وظيفا ڪڍي، الله سائينءَ جي حضور ۾ آزيون ۽ نيزايون ڪري، مٿي کي اهڙو ته زور سان سجدي ۾ گسائيندو هو، جو سندس نيازمندانه پيشانيءَ تي هڪ ڪارو داغ به ٿي پيو هو. پر خبر ناهي ته الله سائين مٿس ڏمريل هو يا شيطان جي ساڻس سنگت هئي. بهرحال، هن جي قسمت ۾ ڦيرو نه اچڻو هو سو نه آيو.
    پنجن ڇهن سالن جي لاڳتي رياضت ۽ نمازن کان پوءِ، هن جي طبيعت ۾ ڪو اهڙو اُبتو ڦيرو آيو، جو هُن ڏاڙهي ڪوڙائي، نماز کي طلاق ڏيئي ڇڏي. انهيءَ جي عيوض، هن ۾ هڪ ٻي عادت- سوچڻ، ويچارڻ ۽ وجهلڻ جي گهر ڪري ويئي. خاص ڪري جيڏيءَ مهل رات جو هو کٽ تي اچي ڊهندو هو، ته ڪيئي خيال ۽ سوال هن جي دماغ ڏانهن ولرن جا ولر ڪندا، ڊوڙندا ايندا هئا. ۽ ائين هر رات، خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪي ڦٿڪي، پاسا ورائي ورائي، اوٻاسيون ڏيئي، سمهي رهندو هو. صبح جو سج اڀرئي کان پوءِ اُٿي، مشين وانگر، نوڪريءَ جي ڪارخاني ۾ ٺَڪ ٺَڪ ڪري، ڏينهن ڪاٽي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ ريت ’رات ساڳي تات! اُهو ئي رنبو؛ پور بچائيندي بچائيندي، بي آرامي ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو.
    هو اڄ ته دستور موجب کٽي تي اچي ليٽيو هو. ته هن محسوس ڪيو، ’هاني ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهيان. منهنجي جسم ڏيئي وٺي اچي دنگ ڪيو آهي.‘ عين اُنهي وقت هن جي ذهن ۾ هڪ سوال تري آيو. ’جيڪڏهن اڄ رات جو مري وڃان ته هوند ڇا ٿئي؟.... ٿيندو وري ڇا؟ ڄڻ ڪو ڪتو مري ويو..... نه، نه، آءٌ مري ويندس ته ڏاڍو نقصان ٿيندو. سڄي آڪهه تڪليف هيٺ اچي ويندي. لاش کي به ڪفن نصيب ٿئي يا نه! گهر ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ڪفن ۽ قبر لاءِ ته پئسا گهرجن. گهر واريءَ ۽ ٻارڙن جي روڄ راڙي تي ڪو پاڙيسري لڙي ايندو الائي نه! ڪنهن کي من قياس به اچي! چندي چيريءَ مان ئي من منهنجي پڇاڙي سُرهي ٿي وڃي.... جي نه، ته پوءِ ڀلا ڇا؟ مئي کان پوءِ سج اُڀري نه اُڀري؛ مرڻ کان پوءِ مون کي ڪهڙو پرواهه؛ پوين جا ڀاڳ پوين سان. ٻارڙا هٿ پير هڻي پاڻهي جوان ٿي ويندا.... پر، نيٺ ڪير کارائيندو، ڪير پياريندو؛ هنن بيمار ٻارڙن کي دوا درمل ڪير وٺي ڏيندو. ڊاڪٽرن جي في ڪير ڀريندو، کين دوا نه ملندي ته چاق وري ڪيئن ٿيندا. هو پڪ چُڙي چُڙي مري ويندا.... باقي ٻيا ٻه ٻار؟ من اُهي ئي سڌري پون؛ چار اکر پڙهي من مون وانگر، جهڙي تهڙي نوڪري ڪري سگهن..... پر انهن کي به سنڀاليندو ڪير؟ مون کان ئي هنن جي پرگهور نٿي ٿئي؛ رڳو وڻ کي ئي جي پاڻي نه ملي ته اهو به سڪي سڙي ٿو وڃي. ڪنهن کي ڳتي پيتي آهي، جو منهنجو هيءُ گهنگهر گهلي پنهجي ڳچيءَ ۾ وجهندو. پوءِ هو پڪ پنڻ شروع ڪري ڏيندا. فقير ٿي پوندا؛ پوءِ هو رستن، گهٽين ۽ گهرن جي درن تي صدائون هڻندا، ليلائيندا، هر هڪ جي اڳيان هٿ ٽڪيندا، هي مسواڙ وارو گهر به نيٺ خالي ڪري اُٿڻو پوندو ۽ منهنجي گهر واري وڃي منهنجي ڀاءُ وٽ رهندي...... پر هنن جو گهر به ته سوڙهو آهي. خير، دل وڏي هجي، باقي گهر سوڙهو هوندو ته ڇا ڪندو! منهنجي ڀاڄائي، بچي شل! سهي مون کي ڪانه، سو ٿي منهنجي زال کي پنهنجي گهر ۾ ترسائي. هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾، هن آسمان جي هيٺان، هنن کي ڪٿي مٿي لڪائڻ جي جاءِ به ملندي الائي نه؟ من ڪٿي مٿي جي ڇانوَ ڪري ٻارن جي ماءُ وڃي ويهي رهي.... پر هن پوڙهي ۽ پراڻي کوکي کي پڇندو ڪير؟ چڪلو به ته پوريءَ ريت ڪين وسائي سگهندي. منهنجي زال ۽ چڪلو! ٿُو ٿُو! هي ڇا، ائين ڪو پنهجيءَ زال لاءِ سوچي سگهندو! حيف هجي منهنجي زندگيءَ تي، جو مرڻ کان پوءِ به اهڙا ڪلور ٿين! پر ڪي ماڻهو ته جيئري ئي ائين ڪري رهيا آهن. چڪلي ۾ جي ويٺيون آهن، اهي به ته اسان وانگر ئي انسان آهن؛ چڪلي ۾ جي ويٺيون آهن، تن سڀني جا مڙس ٿورو ئي مري ويا آهن. اُنهن کي به ته پيءُ ماءُ، ڀينر ۽ ڀائر آهن. اهي به ته اسان وانگر ئي انسان آهن؛ پوءِ اهي ڇو اهڙي زندگي گذاري رهيون آهن. هنن جا گهر ٺهرائڻ وارا، هنن جا گماشتا ۽ دلال به ته هن ئي دنيا جا ماڻهو آهن. پر هٿ جون پنج آڱريون هڪجهڙيون نه آهن، ۽ سڀئي انسان هڪجهڙا ناهن. آءٌ هرگز ائين ٿيڻ ڪين ڏيندس. آءٌ مقابلو ڪندس، دنيا جي ذري ذري سان لڙندس. وڙهندس؛ پنهنجي اولاد لاءِ، پنهنجي گهر واريءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري، پوءِ ئي مرندس؛ تنهن وچ ۾ موت ايندو، ته موت کي به منهن ڏيندس، سندرو ٻڌي کيس ٻک وجهندس. آڻ ڪين مڃيندس. آءٌ خود ملڪ الموت کي به موٽائي ڇڏيندس. موت، اڙي موت! آءٌ توکي نپوڙي، گهٽي گهٽي ماريندس: وڃ، ٽري وڃ منهنجي اکين کان! آءٌ اهڙي سٿري ڌر نه آهيان، جا اڃا آءٌ جوان آهيان ۽ جوان ئي رهندس.‘
    هن جي ذهن مان موات وارو خيال پُڇ پائي وٺي ڀڳو، ۽ اهڙو ڀڳو جو گم ٿي ويو. هن وٽ جذبا، جوش ۽ همت ڊوڙندا آيا. جن هن کي سينگاري ٺاهي، هٿ کان جهلندي، زندگيءَ جي بنهه محلات ۾ وڃي ويهاريو- نوڪر چاڪر، ڌن دولت، ۽ مان مرتبو، هن جي اڳيان ڦيريون پائي اچ وڃ ڪرڻ لڳا. هن جي زال، راڻي ٿي، هن جي اڳيان آئي. هن جا ٻار شهزادن جي پوشاڪ پهري آيا. تندرستي نچڻ لڳي، ۽ خوشيءَ ٻِٽا ٻِٽا ٽهڪ ڏنا. حُسن ۽ جوانيءَ حيا کان کڻي ڪنڌ هيٺ جهڪايو. شرميلي نگاهن چوريءَ هن کي گهورڻ شروع ڪيو. هن رنگين تصوير خيالن جي پردي تي چٽجڻ لڳي. فيروزي رئو، هيرن جواهرن سان جڙجي، آسمان تي ڇڪجڻ لڳو: هڪ نوراني خمار پکڙجي ويو- هڪ اصلي سرور جو احساس پيدا ٿيو- دلفريت خوشبوءَ جي هڪٻار وڌندي ويئي؛ ۽ زمين جنت بنجي ويئي- دنيا جي تختي تان غم، ڏک، دک ۽ درد، مصيبتون ۽ مشڪلاتون، هڪ هڪ ڪري سڀئي موڪلائي ويا. اُتي سڀيئي انسان راجا هئا، سڀئي ٻار شهزادا هئا ۽ سڀئي عورتون راڻيون هيون، ۽ سڀئي انسان هڪجهڙا انسان هئا. اتي ڪا هٿرادو هٺ وڏائي ۽ اوچ نيچائي ڪانه هئي. ڪنهن کي ڪنهن جي عداوت ڪانه هئي. پيار ۽ محبت جو راڄ هو. همدرديءَ جي حڪومت هئي. هر هڪ آزاد هو.
    پاسائين پيل ٻار کنگهيو. ڪنڊ ۾ ستل زال ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ انور جي خيالن جو سنيگاريل محل ڌوڏي سان ڌُو اچي پَٽ تي ڪِريو. ڪِرڻ سان اُهو سارو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن جي چيلهه مان سُور جون سُوٽُون اُسرن لڳيون. هوپاڻ کي ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو. ڄڻ کيس ڪنهن ڏاڍي مار ڪڍي هجي. هن پاسو ورايو. اڃا هو جاڳي رهيو هو. نند هن جي اکين ۾ اڃا ڪانه آئي هئي. هن وري پاسو ورايو. هو ڪنهن لاءِ واجهائي رهيو هو. خبر نه آهي ڇو ايترو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪري بيتاب لڇي پڇي رهيو هو. هن جي آسپاس خاموشي هئي، پر هن جي ذهن جي خاموش سمنڊ ۾ ڪو طوفان هلچل مچائي رهيو هو. گوڙ وڌن لڳو ۽ زور شور سان ڌڪيندو، کيس پنهجي تيز رفتاريءَ جي هنج ۾ ويڙهي ۽ ريڙهي اڳتي وڌڻ لڳو، ۽ وري خيالن جي پهاڙ جيڏين لهرين ۾ لڙهي ويو. هو ترڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏڻ لڳو. هن ٿاڦوڙا هڻڻ شروع ڪيا. هن ڪناري ڏانهن پهچڻ جو خزيال ڪيو ته هڪ وڏيءَ وير هن کي وڪوڙي وري وڃي ساڳئي اوڙاهه ۾ اُڇلايو. هو غوطا کائڻ لڳو. هن جو جسم ڪنهن ديوَ جي ٺهيل پينگهه ۾ هيٺ مٿي اڇلجڻ لڳو. هن جون اکيون ڦوٽارجي ويون؛ هوش حواس بتال ٿي ويس؛ بيجان جسم وانگر هيٺ ڪِرڻ لڳو. بي خبريءَ جي احساس هن کي ڇڪي ڇڪي، ڪاپاري ڀر اڇلائي وڃي تري ۾ ڦٽو ڪيو.
    ڪِرڻ سان چهنبدار ڪاٺين، چنڀدڙ ڪنڊن ۽ نوڪدار پٿرن جي تيز چرڪن هن جي جسم کي پَر وانگر زخمي ڪري ڇڏيو هو. سجاڳ ٿي پيو.
    هن زور ڪري اکيون کوليون. هو کٽ تي ليٽيو پيو هو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو. هو اهڙين خود فريبين ۽ خود ساخته سزائن تي هري مري ويو هو. هن نماڻائيءَ سان مٿي نهاريو. سٻاجهي آسمان ۾ سدا چمڪندڙ ستارا جهرمر لايو بيٺا هئا. هن ڪَرَ موڙيا. آهستي آهستي اکيون پوري، تارن جي مٺي ۽ من موهيندڙ روشني اکين جي ماڻڪين ۾ بند ڪئي. هن سمجهيو ته هن جي ٿڪل ٽٽل جسم تي، ڪن ريسمي آڱرين، نازڪ گلن جي نفيس پنکڙين جي ورکا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. سون ۽ چانديءَ جي ڪا دز مان، اوچتي هڪ اُماڙي زوُن زاٽ ڪري نڪتي؛ دور اولهه ڏانهن هڪ تارو کڙيو ۽ کن ۾ غائب ٿي ويو. هن جي ذهن ۾ ائين ڪجهه اڇلجي اچي لڳو، ڄڻ دکندڙ ڪوئلن تي پيٽرول هارجي پيو. باهه جو ڀنڀٽ ڀڙڪو ڏيئي هن جي چوڌاري ڦهلجڻ لڳو، ۽ هو وري انهيءَ ڄڀيءَ جي لپيٽ ۾ لوساٽجي کامڻ ۽ سڙڻ لڳو. بيتاب ٿي هن وري پاسو اُٿلايو.
    هو اکيون کولي آسمان کي بي معنيٰ نگاهن سان تڪڻ لڳو. هن جي خيالن جو گهوڙو چؤڦير زمين کان مٿي اڏامڻ لڳو، ڄڻ ته هن کي زمين تي پير هڻڻو ئي ڪونه هو. زمين تي ڄڻ ڪنهن ٽانڊا پٿاري ڇڏيا هئا. هوا جي واچوڙي وانگر هو پري پري آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو. هو سڀئي حدون اورانگهي، گستاخي ڪري وڃي الله جي حضور ۾ پهتو. هو بي حيا ۽ بي ادب ٿي چوڻ لڳو: ’الله سائين، تون اتي ايترو پري، ستين آسمان کان به مٿي، ويٺو آهين، زمين وارن جون آهون دانهون تو تائين ڪيئن پهچنديون! پر اڄ ته آءٌ تنهنجي اڳيان، تنهنجي ويجهو، بنهه آمهو سامهون آيو آهيان! توکي ٻڏڻو ئي پوندو. مون کي اجازت ڏي ته آءٌ پنهنجي زبان کوليان. هيءَ دنيا توئي ته ٺاهي آهي. هيءَ زمين ۽ آسمان توئي ته جوڙيا آهن. آدم کي به ته توئي خلقيو آهي. اي منهنجا مولا، توکان ٿو اڄ آءٌ پڇان، آخر هي سمورو مانڊاڻ تو ڇا لاءِ منڊيون آهن؟ آدم کي سزا ڏيئي تو هرون ڀرون زمين تي ڇو لاٿو؟ تنهنجيءَ دنيا کي ته هنن اڳ ۾ ئي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي! ڪن ته پاڻ لاءِ وري هتي ئي بهشت بنائي ڇڏيا آهن! پوءِ تنهنجو دوزخ ۽ تنهنجو بهشت آخر ڪهڙي ڪم ايندا؟ انسان ته توکان سنڀاليو ئي ڪونه ٿو ٿئي! ڪي ته توکان تنهنجي خدائي به ڦريو، هتي خود خود بنيا پيا گهمن! دنيا دارن ته تنهنجي هيءَ دنيا توکان کسي، وڃي پنهنجي قبضي ڪئي آهي، ۽ جيئن ٿو کين وڻي تيئن ٿا پيا پنهنجيءَ دنيا کي هاڻي هلائين چلائين! تو وٽ هنن باقي ڇڏيو به ڇا آهي؟ تنهنجي دنيا ۾، تنهنجا هي رقيب، هي غاصب ايترو ظلم ڪن، ايترو انڌير مچائي ويهن، ۽ تون اتي محشر جو توراڙو هٿ ۾ جهليو، ويٺو تماشو ڏسين! ڇا هن دنيا جا ننڍڙا خدا ته تو خلقيا آهن؟ ۽ ڏس هو مفلس، ڪنگال، غريب، بکيا، اگهاڙا ۽ بميار، اهي به ته توئي اُپايا آهن. ايڏي اَمير پروري آخر ڇو؟ هڪڙن جا پيٽ خالي، ته ٻين جا ڪتا به کايو پيو پيا اُلاليون ڪن! مون اياڻي کي جواب ته ڏي، اي ڄاڻڻهار! آءٌ هيتري بڪواس ڪري ويو آهيان. مون کي روڪ ته سهي. ڳالهائين ڇو نه ٿو؟ ڇا مون جاهل کي پنهنجي عظيم ماٺ سان ئي آڻ مڃائڻي اٿيئي؟ تنهنجا راز آءٌ برابر ڪين ٿو ڄاڻان. تڏهن ته مون سج، چنڊ، هوا، باهه، پاڻي، وڻن، ٽڻن، نانگن، بلائن، ڍورن، ڍڳن، فرشتن، ديوتائن ۽ پيغمبرن کي پوڄي پوڄي باقي اچي هاڻي ته هڪڙي جي عبادت جو سهارو جهليو آهي! ۽ منهنجي انهن سڀني قربانين، تيستائين، بندگين جو عيوضو؟ منهنجي صبر ۽ آزمائش جي به ڪا انتها آهي! هاڻي ڏس هي هتان جي دنيادارن جو ائٽم بم، هئڊروجن بم، بلو بم، راڪيٽ ۽ ميزائيل! هاڻي، ڄاڻ ته هيءَ دنيا توکان به ويئي ۽ هنن کان به! آءٌ نه رهيس، ته تون نه رهئين. ان مان مون کي ڇا حاصل، ۽ مون مان توکي ڇا حاصل؟‘
    انور خيالي دنيا ۾ ڪٿان وڃي پهتو هو. هن جون اکيون ٽانڊن وانگر ٻاري رهيون هيون. هن جي پيشاني تپي لال ٿي ويئي هئي. هن جي دل تي ڪو زور زور سان مترڪا هڻي رهيو هو. هن جو جسم گرم گرم سيخن سان ڏنڀجي رهيو هو. هو لڇڻ لڳو. هو ڦٿڪڻ لڳو. ڄڻ ته باهه جو وڏو مچ ٻريل هو. جنهن تي هو ڪباب وانگر سيڪجي رهيو هو. هن جو جسم سڙڻ ۽ کامڻ لڳو. هن پاسو ورايو. پري پري کان، بنهه پڙاڏي طور هن جي تاڙين جڙهيل ڪنن ۾ هڪ غير مانوس آواز ٻڌڻ ۾ آيو. صاف طرح ڪو چئي رهيو هو: ”بس ڪو بهودا، پاڳل! ڪهڙي بڪ بڪ پيو ڪرين. تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. تون چريو ٿي ويو آهين. تون هاڻي بنهه وحشي حيوان ٿي پيو آهين.“
    آواز هيبتناڪ هو. انور جي دماغ تي دهشت ڇائنجي ويئي. هن جو بدن، هن جا هٿ ۽ پير سڪرات جي آخري وقت وانگر، ڏڪي ڏڪي سيٽجڻ لڳا ۽ سيٽجي سيٽجي ساڻا ٿي ويا. هن جي اکين جا تارا مٿي اکين جي کوپن ۾ لڳي ويا. هن جا چپ آهستي آهستي ڦرڪڻ لڳا. هن شايد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. هو وڦلڻ لڳو، ضعيف زبان مان ”توبهه، توبهه!“ جا اکر نڪتا، ۽ عين انهيءَ مهل هن جو ڪنڌ ڍرڪي ۽ لڙي پيو. هن جي وات مان ٿوري گگ وهي اچي وهاڻي کي لڳي. شايد، شايد، هن کي ننڊ اچي ويئي هئي!


    لکيل جواب

    لکيل جواب
    ”پرواهه ناهي، تو اڄ مون کي ڌمڪايو...
    نفرت ڀريءَ نگاهه سان نهاريو،
    شوخيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ شُوڪجي....
    منهن ۾ گهنڊ وجهي،
    تو مون سان ڳالهايو.

    ”تون سمجهين ٿو،
    آءٌ نوڪر آهيان،
    مون کي پگهار ملي ٿو ــــ
    اِهي چند سڪا
    جيڪي مون کي ملن ٿا،
    تنهنجي عجيب صحيح سان ۽
    تنهنجي معرفت،
    سرڪار جُي خزاني مان ـــ
    جنهن مان، نصيب ٿئي ٿو
    مون کي منهنجي مانيءَ جو ٽڪرو،
    جن تي پلجان ٿو آءٌ!
    ۽ منهنجا ٻار ٻچا ـــ
    ... اسان جي قسمت آهي
    تنهنجي قلم جي نوڪ تي!

    ”هائو، برابر، بيشڪ؛
    زيردستن جي محنت جو اُجورو،
    پورهئي ۽ پگهر جو عيوضو؛
    ــ ــ جيتوڻيڪ، جنهن مان
    پورو به نٿو ٿئي
    هڪڙي مهني جو ڀتو ۽ ڪپڙو ـــ
    انهيءَ ڪري ته آءٌ خاموش
    ٻڌندو رهيس،
    ٻنهي ڪنن سان،
    تنهنجا طعنا ۽ تنڪا،
    نؤد وانگر،
    جنهن مان سوئو ٽنبي ٽنبي،
    وري ڪڍي وٺجي،
    ته به اُهڙي جو اُهڙو!
    .... سو ڪهڙو اثر ڪندي،
    مون جهڙي نؤد تي،
    اِها تنهنجي گرما گرم گفتار!

    ”آءُ ته برابر نوڪر آهيان،
    سرڪار جو،
    ــ ـــ ۽ هو جو سرڪار جو
    بنهه بالا آفيسر اچڻو هو،
    جنهن سان آڌيءَ رات تائين،
    تو رچائي هئي محفل؛
    ’کانا ۽ پينا....‘
    دؤر هليا هئا جتي
    پيالن جا،
    ۽ تو ٻڌا هئا عمدا گانا،
    ۽ تو ڏڍا هئا دلفريب ناچ،
    جن جا نظارا.... آهن اسان جي
    خوابن جي دنيا کان دور
    ۽ پري؛
    ڇو نه پري ٿيندا،
    اِهي اسان کان!
    توهين آهيو آفيسر
    ۽ هو آهن
    اوهان کان به وڏا آفيسر!
    ڪهڙو نه عمدو نيشانُ
    جهرمر جهلڪي ٿو
    اوهان جِن پيشانين تي!
    جنهن مان نڪرن ٿا
    نوراني ڪِرڻا،
    ۽ سڃاڻپ جي روشنائي؛
    جنهن جي وسيلي
    اوهين هڪٻئي کي
    ڄاڻي، سڃاڻي، ۽ کيڪاري
    ويهو ٿا ويجهو؛
    ۽ رمزن واريون ٿين ٿيون
    رهاڻيون، مجلسون ۽ محفلون
    دنيا جي جهيڙن جهٽن
    کرکسن کان محفوظ؛
    اوهين بي خبر ۽ بي خوف
    اُڏايو ٿا عيش زندگيءَ جا،
    ماڻيو ٿا مزا جوانين جا،
    راتين جي پردي ۾
    ڪيو ٿا جڏهن رانديون
    ڪنهن ’پَتي‘ سان،
    ٿين ٿيون ـــ ’سٽ ڪٽ‘ جون بازيون،
    .... ته اسين ڊهون ٿا
    غمن جي بستري تي؛
    ڀٽڪندا رهن ٿا
    اسان جا خيال،
    ۽ کسڪندا رهن ٿا.
    اسان جا خواب،
    ــ هن حقيقت جي دنيا ۾؛
    اڄ پورو ڍؤ ڪري
    به نه کاڌو اٿم،
    هي ميرا سيرا ڪپڙا
    سڀاڻي ٿي ويندا
    ليڙون ليڙون.،
    ۽ موديءَ کان
    وٺڻو ٿم سيڌو.
    تنهن کان سواءِ،
    سڀاڻي وري ڪرڻي اٿم
    سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ
    اوهان جي چاڪري.
    سڄو ڏينهن،
    ـــ هوندي وٺ پڪڙ
    اوهان جي حڪمن جي.
    انهن حڪمن سان
    گڏيل هوندا
    اوهان جي
    فرمائش جا فرمان،
    تيز، تڪڙا ۽ تز
    ناراضگيءَ جا فقرا .....
    ’اڙي هي ڇا ڪيئي؟
    ’زيان ڪري وڌئي!
    ’هيترو وقت!
    ’هئين ڪٿي؟
    ’واٽ تي ننڊون ڪري آيو آهين؟
    ’ڪميڻا ۽ ڪم ڪوس!
    ’حرام ڪري ٿو کائين!
    ’نوڪري ڪرڻي اٿئي يا نه؟
    ’توتي قياس ٿو اچيم.
    جهونو جو آهين،
    ’نه ته هوند گهر اُماڻي ڇڏيانءِ،
    ’ماڻهن جي ڪا ڪمي؟
    ’روزگار لاءِ ماڻهو
    ’ڌڪا پيا کائين،
    ’حرام تي هري ويو آهين!
    ’نوڪريءَ کان جواب ڏيندو سانءِ!
    ’خبر پئجي وينديئي ته
    ’گهڻين ويهين سؤ آهي؟
    ’ٻيهر ڪندين وري اهڙن غلطي؟
    ’وڃ، ٽر،
    ’اکين کان پري ٿي!
    ’وري متان اهڙي
    ’بيوقوفي ڪئي اٿئي!‘
    ’اُٿندي، ويهندي،
    اوهان جي بس اهائي ڪِل ڪِل؛
    ۽ اهائي مهرباني!

    ”انهيءَ طريقي تي هري مري،
    پڪيون ۽ پتيون
    ٿي ويون آهن
    ’آءٌ خدمتگار آهيان،
    برابر آءٌ خدمگار آهيان-
    ’سرڪار جو.
    ’انهيءَ سرڪاري نامدار جو،
    ’جنهن جي هٿ ۾ آهن
    ’اوهان جهڙا آفيسر، عهديدار ۽ عملدار
    ’جيڪي آهن
    ’وڏا ماڻهو،
    ’ايماندار،
    ’اشراف،
    ’دل ۾ درد رکندڙ،
    ’قوم جا خادم،
    ’ملڪ جو ڀلو ڪندڙ،
    ’مهربان ۽ مخدوم!
    ’آءٌ برابر آهيان
    انهن حاڪمن جو نوڪر،
    ’نوڪرن جون نوڪر،
    ’۽ چاڪرن جو به چوڪر؛
    ’جنهن کان وٺندا رهو ٿا
    ’اوهين نوڪري،
    ’۽ اٿاريندا ويهاريندا
    ’زهر ٿا، جنهن کي اشارن تي،

    ”’اڙي! ڪيڏانهن؟
    ’هيڏانهن، هيڏانهن!
    ’بوٽ کڻي اچ
    جوراب کڻي پاراءِ،
    ’پالش ڇو ڪانه ڪئي اٿئي؟
    ’ڏس،
    ’بوٽ ڪٿي ٿو چمڪي؟
    ’ها،
    ’اهي صحيحن وارا
    ’ڪاغذ ڪٿي آهن؟
    ’مٿي ۾ سور اٿم،
    ’ٻه ٽي روز ته ڏينم!
    ’ڪلارڪ کي بنگلي تي موڪل،
    ’تون ٻاهر در وٽ ويهه،
    ’ڪو اچي
    ’ته کيس چئج:
    خان صاحب
    واندو ڪونهي،
    اندر ماڻهو ويٺا آهن،
    سڀاڻي اچجو-.
    ڊرائيور کي ٻڌاءِ
    موٽر تيار ڪري،
    اسين گهمڻ ڦرڻ وينداسين؛
    ’تون ته جلدي موٽ،
    ’توکي مون سان
    ’گڏ هلڻو پوندو.
    ’ڪو بداخلاق ٿو ڏسجين،
    ’جهنگلي
    ’آفيسر سان ڪو گڏ هلبو آهي؟
    ’پنهنجا ڪپڙا، صاف رک
    ’۽ مون کان ڏهه قدم
    ’پرتي هل!‘

    ”شام جو ٻارڙا
    ’گهر ۾ گوڙ ٿا ڪن.
    ’کين باغ ۾ گهمائيندو ڪر.
    ’سمجهين ٿو، ڪونه تو سمجهين؟
    ’تون منهنجو نائڪ آهين؛
    ’مون کي جلد ئي وڏو عهدو ملندو،
    ’آءٌ، توکي به پاڻ سان
    ’وٺي ويندس.
    ’سڀاڻي وڏي صاحب وٽ
    ’ميوي جو ٽوڪرو
    ’کڻي وڃج،
    ’۽ وڏي ادب سان جهڪي،
    ’سلام ڪجائينس.
    ’پر هو وڏيرو!
    ’اڄ جو واعدو ڪري ويو هو؛
    ’راڄ جو پريو مڙس آهي،
    ’آيو ته ڪونه هو؟
    ’۽ فلاڻو سيٺ
    ’مس مس ته ڦاٿو آهي،
    ’ڏس!
    ’ڪيئن نه اچي ٿو ڪنڌ جهڪائي؟
    ’۽ هُن ٺيڪيدار
    ’اڃا ڪميشن ڪانه پهچائي آهي
    ’رڳو سوٿي ڏيئي هليو ويو آهي گهر!
    ’بس سمجهي ڇا ٿو؟
    ’ڏهن هزارن جو بل اٿس!
    ’خرچ؟
    ’ڇا ڪيو هوندائين ـــ
    ’بس اهي ٽي چار هزار!
    ’باقي هيترا هزار سڀ فائدو!
    ’حصو نه ڏيندو
    ’ته ڪيڏانهن ويندو ـــ
    ’خير وقت تي سڀئي
    ’اچي سلام ڪندا؛
    ’اَنَ جو منهن جنڊ ڏانهن.

    ”پر اڄڪلهه
    ’زمانو اهو نه رهيو آهي،
    ’جو اڳ ۾ هو.
    ’هينئر وقت آهي اسان جو،
    ’موقعا آهن هزارين؛
    ’حڪومت....
    ’ته اسان جي آهي پنهنجي،
    ’پر خبرداريءَ سان هلڻو آهي.
    ’اسين نه هجون
    ’ته هوند هي سڄو
    ’ڍينگو ئي ڍيري ٿي پوي!
    ’اسان کي
    ’هڏ ڏوکي، محنتي ۽
    ’ايماندار ماڻهو کپن،
    ’جي پنهنجي فرض ادائي
    ’رات ڏينهن،
    ’اٺئي پهر، پوري ڪندا رهن.
    ’رعيت جي هرهڪ انسان تي
    ’فرض آهي
    ’ته هو پنهنجي ملڪ
    مٿان سڀڪجهه قربان ڪري،
    ’خدمت ۽ خدمت ڪندو رهي،
    ’محنت....
    ’يقين، ڀروسي ۽ سچائيءَ
    ’سان ڇا ڇا نه ٿي سگهندو؟‘
    ”اسان جي رهبرن، ليڊرن
    ’۽ آقائن
    ’اسان کي، توهان کي،
    ’هڪڙي امانت ڏني آهي.
    ’سڀني جو فرض آهي
    ’ته انهن فرمانن ۽ فرمودن تي
    ’ماٺ ميٺ ۾
    ’عمل ڪندا رهون.
    ‘آزادي ڏياريندڙ انسان،
    ’هزارها سالن کان پوءِ
    ’پيدا ٿندا آهن؛
    ’اسين ته بختن وارا آهيون!‘

    ”پر هي ٿورڙا ماڻهو!
    ’پنهنجن جي
    ’گلا غيبت
    ’ڇو ٿا ڪن؟
    ’حڪومت!
    ’حڪومت وٺڻ، ٺاهڻ ۽ هلائڻ
    ’ڪو چرچو آهي؟
    ــ وقت جي نزاڪت ۽ ضرورت!
    ــ اسان جو صوبو،
    ’ـــ نيادي حقوق!
    ــ ۽ شهري آزاديون! ــ
    ’ڪيڏي نه ناداني!
    ـــ ۽ ڪيڏي نه بيوقوفي آهي؟
    ’اسان جو پهريون فرض ۽
    ’اسان جي پهرين جوابداري آهي
    ’ق و م ي ح ف ا ظ ت؛
    ’وطن جي خاطر
    ’خسيس ۽ رواجي ڳالهين
    ’ڏانهن اسان جو ڌيان
    ’ڇو وڃڻ گهرجي؟‘

    ”اهڙين اُبتين ڳالهين ڪرڻ وارا
    ’دشمن آهن.
    ’اهي سس ڦس ڪرڻ وارا
    ’غدار آهن؛
    ’جيڪي رڳو ڳولي ڳولي
    ’گلائون ڪندا وتن ٿا؛
    ’۽ نوسي نوسي
    ’ڀنڀلائيندا رهن ٿا
    ’بي سمجهه، اٻوجهه ۽ جاهلن کي
    ’ته سرڪار غريبن
    لاءِ ڪجهه ڪين ٿي ڪري؟!
    ’امن امان ۽ زنده رهڻ لاءِ
    ’ضروري شيون؟
    ’اڳ ۾ ئي موجود آهن.
    ’کاڌو، ڪپڙو ۽ اجهو؟
    ’سڀني وٽ آهي.
    ’وڌيڪ گهرڻ وارا
    ’باغي آهن،.
    ’جي رڳو هر وقت
    ’لهندا رهن ٿا خواب
    ’ته ملڪ ۾ ڀڙڪائي ڇڏجي
    ’بغاوت جي باهه!
    ’هيءَ اسان جي آزاد
    ’۽ جمهوري حڪومت
    ’ڪيئن برداشت ڪندي،
    ’اهڙن ناپاڪ ذليل
    ’ماڻهن جو وجود؟
    ’هي برابريءَ ۽ هڪجهڙائيءَ جو دليل!
    ’اميريءَ ۽ غريبيءَ جو ويڇو
    ’ڪيئن ويندو؟
    ’ــناممڪن ۽ غلط ڳالهيون.
    ’قدرتَ
    ’طاقتور ۽ هيڻا
    ’ازل کان پيدا ڪري ڇڏيا آهن؛
    ’اهو فرق
    ’مٽجڻ جو ڪونهي.
    ’اهو سنڌو
    ’ننڍ وڏائيءَ جو
    ’وڃڻ وارو ڪونهي.‘
    ”ــ ائين اڪثر،
    اوهان کي ڳالهين
    ڪندي ٻڌو اٿم.
    پاڻ ۾ پاڻيهي،
    ڀلي اوهين
    دل خوش
    ڪندا رهو،
    ڀل اوهين
    ظلم ۽ ستم ڪندا رهو،
    ڀلي اوهين
    پنهنجن ڪرتوتن تي
    ڪک ڪانا
    وجهندا رهو،
    منهنجا آفيسر ۽ صاحبَ!
    جڏهن اوهين
    پاڻ ۾ ويهي ڪريو ٿا رهاڻ،
    ته ڦِريو گهريو،
    اهي ئي مسئلا
    ڇيڙيندا ٿا رهو،
    ۽ سمجهو ٿا پاڻ کي
    ستين آسمان جا فرشتا!
    ۽ ڀانيو ٿا ته اوهان کي
    ڪير ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو
    نڪو ڄائو آهي نڪو ڄاپندو!
    پر حقيقت، فريب سان،
    ڪيترو لڪي سگهندي!
    سچ، ڪوڙ سان ڪيترو ڍڪبو؟
    پوءِ هيءَ اوهان جي من ماني؟
    ڇا سج تريءَ هيٺ
    لڪائي سگهبو؟
    چوري ۽ سينه زوري!
    ٺڳي ۽ گوٿ ناٿي....!
    ”مون هي وار
    اُس ۾ اڇا
    ڪين ڪيا آهن.
    سرڪار نامدار
    جي ڪئي اٿم نوڪري.
    تو جهڙا صاحب!
    هت آفيسن ۾
    اچن ۽ وڃن پيا.
    سڀني کي سڃاڻان ٿو.
    اهي سئي، جيڪا هزارها
    روپين جا
    پگهار ۽ ڀاڙا ڀتا
    اوگرائيءَ کان سواءِ
    هضم ڪيو ڇڏين.
    ۽ اوهان جا صاحبَ،
    ۽ انهن صاحبن
    جا صاحبَ!
    نه رڳو اهي،
    پر اُنهن جا
    نڪ، پڇ ۽ پاڇولا،
    ـــ انهن جا جِي حضوري
    ۽ خوشامد ٽُٽو
    ڪيئن ٿا پکيڙين
    پنهنجي پنهنجي ڄار.
    ڪيئن ٿا ويهي
    بنگلن ۾
    هو هلائين حڪم!
    ڪيئن ٿيون ٿين،
    انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ
    تي
    دعوتون، مجلسون،
    محفلون ۽ پارٽيون!
    پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم
    جا هي بدخواه دشمنَ
    ڪير آهن؟
    عيش پرست، سست،
    ڪاهل ۽ ڪم چور،
    ڪير آهن؟
    ڏينهن ڏٺي جو
    هرڪنه نجي اکين ۾
    ڌوڙ اڇلائڻ وارا
    ڪير آهن؟
    ٻين جي محنتن
    ۽ پورهين تي پلجڻ وارا
    ڪير آهن؟
    عام ماڻهن ۽ زيردستن مٿان،
    فرعوني مزاج،
    آزمائڻ وارا،
    ڪير آهن؟
    اوهين ڇا ڇا ٿا ڪيو؟
    اوهين، ڪهڙي ڪوڏر ٿا هڻو!
    اهي لکپڙهون، ڪاغذ،
    اهي منصوبا،
    ۽ اهي درخواستون،
    ۽ انهن جي ٿهن جا ٿها،
    فائيلن ۽ دستين
    جا گاڏا ۽ گدام!
    ڪير ٿا اٿلائين پٿلائين،
    پڙهن ۽ نيڪال ڪن؟
    توهان جا
    هي هيڏا ڪاروبار،
    کاتا ۽ محڪما،
    ڪير ٿا هلائين چلائين؟
    توهان جي هوندي،
    هي هيڏو انڌ ڌنڌ!
    جتي، جيڏانهن
    ۽ جنهن کان پڇو،
    سورن ۾ ئي آهي!
    هي مصيبتون ۽ مشڪلاتون!
    واه جو آهي انتظام!
    ڪنهن کي خبر ناهي؟
    منهنجي وطن جا وسوڙل انسانَ
    هاڻي ٿيندا وڃن ٿا واقف،
    ۽ حقيقت هوريان هوريان،
    ٿيندي وڃي پئي واشگاف،
    راڻي جهليون آهن،
    ناتر جون چوٽيون.
    ۽ انهيءَ رنگ محل جو طلسم،
    ٿي ويو آهي چڪناچور.
    منهنجي محبوب وطن جا
    سڀ شهر واسي
    آزاديءَ جا بهادر شهزادا ـــ
    هڪڙي مومل هاڻي ويندي ڪيڏانهن؟
    سو اهو سچ
    سڀڪنهن کي
    معلوم ٿيندو پيو وڃي.
    پوءِ اهڙيءَ حالت ۾،
    اوهين ڪيئن ۽ ڪٿي
    لڪائيندا پاڻ کي؟
    ’ڦاڙهو جتي کائيندو،
    اُتي اوس اوجهه ڏيندو!‘
    پر جيڪڏهن
    ٻنيءَ جي مالڪ،
    ڦاڙهي کي زيان ڪندي،
    اڳ ۾
    ڏسي ورتو ته؟
    ته پوءِ،
    ان جو نتيجو،
    ڪهڙو نڪرندو؟
    ”ڪلهه جو تو مون کي
    ڌمڪايو؛
    جيڪي منهن ۾ آيئي
    سو چئي وئين؛
    بنهه بالا عملدارُ،
    جو اچڻو هو!
    ڪنهن کي به خبر
    ته ڪانه هئي؛
    هن جي اچڻ جو
    ڪو پروگرام ته ڪونه هو؛
    مون ته ڪو
    خواب ڪونه لڌو هو
    ته اوهين هلي ملهي
    وڃي کيس منٿ
    ڪري ايندا ــــ
    پيرن گهمائڻ لاءِ؛
    پر هُنن
    بالا آفيسرن جي اچڻ ڪري،
    اوهان جو دماغ،
    ڇو....
    سرت ۽ ساڃهه
    مان نڪريو ٿو وڃي؟
    ايتري
    ناجائز ۽ لنڊي خوشامد
    ڇو ٿا ڪريو؟
    ڇا جي لاءِ ڪريو ٿا؟
    شايد، اهي صاحب
    اهڙا ئي آهن
    جي ’خالي ڇنڊ ڦوڪ،
    ۽ سائين، سائين،
    جيءُ حضور‘!
    تي آڪڙجيو
    ۽ آڦرجيو وڃن ٿا!
    بناوٽي ۽ ملاوٽي،
    ٽيپ ٽاپ تي،
    راضي ٿيو وڃن!
    پوءِ ڇو نه اوهين
    اهي اَٽڪلون
    ۽ سٽڪلون هلايو!
    اهو هار سينگار،
    اها ملمعي سازي،
    اوهان کي
    ’واهه! واهه!
    ۽ شاباش!‘
    جي لقبن سان
    ضرور نوازيندي....
    کير ۾ جيتري
    کنڊ وجهبي اوتروئي مٺو ٿيندو!

    ”اڄ جو آءٌ،
    توکي ٻڌي سڻي،
    خاموش ٿي ويس،
    توکي جيڪي چوڻو هو،
    سو اکيون پوري
    چئي ڏنئي،
    تنهنجي ڪاوڙ ۾ قهر
    جو پارو
    چوٽ چڙهي ويو؛
    آءٌ توکي ٻڌندو،
    ۽ آءٌ توکي تڪيندو،
    رهجي ويس؛
    دراصل آءٌ
    سوچي، ويچاري،.
    خيال ڪري رهيو هوس
    ته اوهان کي واقعي
    ناراض ٿيڻ جو
    آخر ڪهڙو سبب هو؟
    صبح جو،
    دستور موجب،
    حاضر ٿيس ــــ
    منهنجي خطا؟
    ۽ منهنجو ڏوهه؟
    آخر ته اسان کي به
    اوهان جهڙو ساهه آهي.
    نيٺ اسين به آهيون،
    ڪي انسان!
    اسين به نوڪر آهيون،
    سرڪار جا،
    نوڪري ڏيندا رهون ٿا،
    توهان جي ۽ سرڪار جي؛
    ۽ آهيون ٻَئي،
    پگهاردار نوڪر؛
    ۽ اهي بالا عملدار صاحب!
    ڇا اهي ڪين آهن ڇا،
    سرڪار جا ملازم،
    ملڪ ۽ ماڻهن
    جا خادم؟
    پوءِ هيءُ هيڏو
    سارو ويڇو!
    اهو ته اسان جي
    خاموشيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ
    پيدا ڪيو آهي.
    ”انهي ڪري،
    واجب سمجهيم
    ته توکي لکيل جواب ڏيان،
    بنهه توکي لکي ٻڌايان،
    ٻين کي به ٻڌايان،
    ۽ ائين انهيءَ،
    بيداد جي نڙيءَ تي
    ننهن ڏيئي،
    اُن کي
    هميشه هميشه لاءِ،
    نيست نابود
    ڪري ڇڏيان!“


    ڳجهارت

    ڳجهارت
    ا‎ڄ جڏهن خليل صاحب سان مليس، ته هو ڏاڍو خوش هو. ايراني هوٽل تان اسپيشل چانهن، ’ڪريون اي‘ سگريٽ ۽ پان گهرائي، هن مون کي خيال ۾ وجهي ڇڏيو. آءٌ ويچارڻ لڳس ته اڄ ڪو خاص معاملو ضرور آهي. مون کي خبر هئي ته خليل ويچارو ٻچڙيوال ۽ سرڪار جو معمولي ملازم آهي، ڇڪي تاڻي پيو پنهنجيءَ مان پنهنجو ڪندو آهي. هو حد کان وڌيڪ ايماندار هو، ۽ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ڪڏهن به ڀلجي ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئي هئائين. آفيس ۽ گهر- انهن ٻنهي جاين کان سواءِ هن جو ڪو ٻيو ٺڪاڻو ڪونه هو.
    نهٺو نماڻو وري اهڙو هو، جو سڄي ساريءَ آفيس ۾ هوئي هڪ اڪيلو ملازم هو، جو پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ ٻين سست ۽ نٽائيندڙ ملازمن، هيڊ ڪلارڪ، اڪائونٽنٽ ۽ پنهنجن آفيسرن جو به ڪم ڪندو رهندو هو. سچ پچ ته هو اڪيلي سر سڄيءَ آفيس کي کنيو بيٺو هو. انهيءَ ڪري هو اڪثر هڪ نه ٻيءَ ڳالهه ۾ هميشه مصروف ۽ رُڌل رهندو هو. هن جا ٻيا دوست وقت کان اڳ ۾ ئي آفيس کان کسڪي ويندا هئا، پر هو هميشه پڇاڙي ڪري پوءِ اٿندو هو. اٿندو ته ڪونه هو، پر اٿاريو ويندو هو. نائڪ اچي کيس چوندو هو، ”خليل صاحب، هاڻ اٿو، سڄي مخلوق اٿي ويئي آهي، اوهان جي ڪري مون کي دير ٿي ويندي. صاحب کي ڪاغذ پهچائڻا آهن، مهرباني ڪري هاڻي هلو.“ خليل صاحب لاچار اٿي، پنو پنو کڻي، دستي ٺاهي، ڪڇ ۾ وجهي، گهر ڏانهن رخ رکندو هو. اهڙيءَ ريت صبح جو وري پنهنجي دستور موجب آفيس جي ڪرسيءَ تي موجود هوندو هو.
    هن چانهن ٺاهي، ڪوپ مون ڏانهن وڌايو. چانهن جو ڍڪ ڀري، مون هن کان پڇيو، ”خليل صاحب، ڏيو خبر، ڪهڙا حال آهن؟“
    ”تڏهن چانهن پوي کڏ ۾،“ مون ڪوپ رکندي هن کي چيو، ”پهرين اها خوشخبري ٻڌاءِ، ته پوءِ چانهن پيان.“
    ”نه زوراور، چانهن ٺري ويندي.“ هن بهانو ٺاهي جواب ڏنو. ”تڪڙا ته ڪونه آهيو. چڱو، چانهن پيو. اڄ اوهان سان ڪي رازداريءَ جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن.“
    مون نهاريو ته واقعي هن جي چهري تي ڪا رازداري جهلڪا ڏيئي رهي هئي.
    آءٌ جلدي جلدي چانهن پي پوري ڪري، سوالي نگاهن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳس. هن جلدئي پُڙي کولي، پان ڪڍي مون کي ڏنو. پان ورتم ته سگريٽ پيش ڪيائين. پان وات ۾ وجهي، سگريٽ دکائي، آءٌ وري هن کي ڏسڻ لڳس ته هن اڳرائي ڪري وري چيو، ”ڀلي سگريٽ پي پوري ڪريو، آءٌ ڪيڏانهن ڀڄي ڪونه ٿو وڃان.“
    سگريٽ، پان، چانهن- آخر ڪهڙيون رازداريءَ جون ڳالهيون آهن، جن لاءِ خليل صاحب کڻي ايڏي ڊيگهه ڪئي آهي. آءٌ سگريٽ ڇڪيندي سوچڻ لڳس. خليل صاحب جي گهر ۾ اميدواري هئي. چار ٻار اڳيئي هئا. اڄڪلهه سفيد پوش ماڻهوءَ جي لاءِ ڪهڙي رازداريءَ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. شايد هن کي ڪو عهدو مليو آهي. شايد هن کي پنهنجي وڏي ڇوڪريءَ جي شادي ڪرڻي آهي، يا هن کي ڪنهن نئينءَ لکپڙهه ۽ اسڪيم جو نقل ڏيکارڻو آهي، يا هن جي گهر واري بيمار آهي. هن جا مائٽ ته هن کان ڪونه رسي ويا آهن؟ هن کي پسئن جي گهرج ته ڪانهي؟ راشن، گيهه ۽ کنڊ جي ضرورت ته ڪانه اٿس، وغيره، وغيره. پر اهي مسئلا ۽ ڳالهيون ته هن من کان ڪڏهن به ڳجهيون ڪين رکيون هيون. هو مون سان ڪافي گهرو هو. هن جي سادگيءَ ۽ شرافت ڪيترائي ڀيرا مون کي هن جي مدد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.
    هن کي مون ڪيترائي دفعا صلاح ڏني هئي ته هروڀرو ڇو ٿا پاڻ کي آفيس جي ڪم ۾ ماريو. آمدنيءَ لاءِ ٻي ڪوشش ڇو نٿا ڪريو. وڌيڪ امتحان ڏيو. ڇو نٿا ڇوڪريءَ کي ڪٿي ڪا نوڪري وٺي ڏيو. رات جو ڪنهن کي ٽيوشن ڏيئي، ڇو نٿا پنهنجي آمدني وڌايو. ڪٿي ڪنهن سان گڏجي واپار ڇو نٿا ڪريو. پر هو مون کي هميشه ”زوراور، ڪجهه گذري ويو آهي، باقي گذري ويندو،“ چئي چئي، چپ ڪرائي ڇڏيندو هو. آءٌ هن جي صداقت تي اڻپورين ضرورتن تي ارمان ڪندو، خاموش ٿي ويندو هوس.
    تڪڙا سوٽا هڻي، مون ذري گهٽ سگريٽ کي ساڙي ڇڏيو هو، ته خليل صاحب پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو، ”زوراور تنهنجي روز روز جي نصيحت نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. هاڻ مون کي ڪابه ڳڻتي ڪانه آهي. پورا نوي هزار رپيا مون کي ملندا! منهنجي دل ائين ٿي چوي ته هاڻ منهنجون سموريون پريشانيون دور ٿي وينديون، ڏکيا ڏينهن گذري ويندا ۽ سکن جون ساعتون اچي رهيون آهن. پئسو آهي ته دنيا ۾ سڀڪجهه آهي. دولت آهي ته مانُ، مرتبو ۽ عزت به آهي. بکئي کي ڪير ٿو پڇي! مون خواب لڌو آهي. منهنجا خواب هميشه سچا نڪرندا آهن.“
    ”ڀلا ڪهڙو خواب ڏٺو اٿو؟ مون کي به ته ٻڌايو.“
    ”هاڻي ٻڌو، ڇا ڏسان: هڪ وڏي شهر ۾ آهيان. شهر جون جايون ۽ عمارتون سڀ وڏيون، ڄڻ ته آسمان سان چوٽيون ٿي گٺن. منجهن دريون ۽ دروازا بلڪل گهڻا هئا. سڀني درن ۽ درين مان روشني ڏسڻ ۾ پئي آئي. شهر جي بازار جا دڪان، کنڊ، ڪڻڪ ۽ گيهه سان ڀريل ۽ ڀرپور هئا. عجيب عجيب شين جا انبار لڳا پيا هئا. موٽرون بي انداز هيون، جي هلي رهيون هيون. مٿي آسمان ۾ هوائي جهاز به لامارا ڏيئي رهيا هئا. ڏاڍو گوڙ ۽ گهمسان هو. پر عجيب جي ڳالهه اها هئي ته ڪوبه ماڻهو نظر ڪونه ٿي آيو! موٽرون خودبخود هلي رهيون هيون. دڪان خالي، رستن ۽ گهٽين ۾ ڪوبه انسان ڪونه هو. آءٌ سڀ ڪجهه ڏسندو ۽ هلندو پئي ويس ته سامهون هڪ وڏي محلات جهڙي جاءِ نظر آئي. سامهون ان جو وڏو دروازو کليل هو. اوچتو آواز ٻڌم........ ڪو مون کي سڏي رهيو هو: ’هيڏانهن اچو، هيڏانهن اچو!‘ آءٌ بيهي رهيس، ۽ جاچڻ لڳس، ته وري آواز آيو، ’اندر لنگهي اچو، اوهان جو انتظار ٿي رهيو آهي. مون ڪنڌ ورائي آسپاس نظر ڦيرائي ته سڄو سارو شهر الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. اوچتو محسوس ڪيم ته ڪا ازغيبي طاقت مون کي دروازي ڏانهن ڇڪي رهي آهي، ۽ آءٌ پاڻيهي پاڻيهي ڇڪيو ۽ گهلبو ان محلات جي دروازي ڏانهن پيو وڃان. اندر دروازي وٽ پهتس ته ڪونه، ته دروازو چيچاٽ ڪري بند ٿي ويو........“
    ”نهايت نرالو خواب هو، خليل صاحب!“
    ”تڏهن ته مون کي به ڀروسو ٿي ويو آهي. بس، نوي هزار ڄاڻ ته مليا. باقي ٿورن ڏينهن جو مدو آهي!“ ”معاف ڪجو، خليل صاحب، ڀلا انهيءَ رات ڇا کاڌو هُئوَ.“
    ”ان رات دال کاڌي هيم.“ ”ته پوءِ ڳالهه بلڪل صاف پئي آهي. هيءَ سڀ انهيءَ دال جي ڪرامت آهي، جا پيٽ ۾ اُڀامي، دماغ تائين وڃي پهتي هئي!“ مون چرچو ڪيو.
    خليل سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي چيو ته ”ڇا، خوابن جي ڪابه حقيقت ڪانهي؟ موجوده دور ۾ علم نفس جي ماهرن جي تحقيق مان جيڪي نتيجا نڪتا آهن، انهن کان ڪوبه پڙهيل ماڻهو انڪار نه ٿو ڪري سگهي.“
    خليل صاحب جي عقيدي ۽ بحث کي ٽارڻ لاءِ، لاچار، چانهن، پان ۽ سگريٽ جي رشوت کان پوءِ، نفسياتي اصول کي سامهون رکندي، هن کي راضي رکڻ لاءِ ، مون کي اهو سڄو خواب ضرور ٻڌڻو ئي هو، نه ته هو ناراض ٿي وڃي ها. مون کي پنهنجي دوست کي رنج ڪرڻو ڪونه هو، تنهنڪري چيو مانس، ”معاف ڪجو، خليل صاحب، اوهين بلڪل ٺيڪ ٿا چئو. چڱو، ٻڌايو ته اڳتي ڇا ٿيو؟“
    خليل صاحب چوڻ لڳو ته ، ”هائو، پوءِ اندر ڇا ٿو ڏسان ته وڏو باغ لڳو پيو آهي، جتي هزارين قسم جا رنگا رنگي پنن وارا ٻوٽا هئا. انهن ٻوٽن جي چوٽين تي نهايت نفيس ۽ نازڪ انڊلٺ جهڙا شفاف گل موجود هئا، جن مان نهايت وڻندڙ قسم جي خوشبوءَ نڪري رهي هئي. سيڪنڊ سيڪنڊ کان پوءِ خوشبوءِ بدلبي ٿي رهي. هوا ۾ شراب جو هلڪو هلڪو خمار هو. آءٌ مست ۽ مخمور ٿي ويس ته سامهون هڪ وڏو حوض ڏٺم. جنهن ۾ ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڦوهارا هئا. هر هڪ ڦوهاري مان چمڪندڙ پاڻي آسمان تائين اُڇلجي رهيو هو. اهو پاڻي هيٺ ڪرڻ شرط هيرن جواهرن ۾ تبديل ٿي پئي ويو. پر حوض ۾ ڪرندي ڪرندي، اهي هيرا ۽ جواهر حوض جي تري ۾ هڪٻئي مٿان سٿبا پئي ويا. انهن جي ڪرڻ ڪري هڪ قسم جو آواز پيدا ٿي ٿيو. اهو آواز ڄڻ ته ڪو الستي ساز هو- ڄڻ ته ڪو ستار جو ماهر پنهنجي فن جي ڪمال جو انتهائي مظاهرو ڪري رهيو هجي..... اڳتي وک وڌايم ته پاڻ کي تمام هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. ايتري ۾ ڇا ٿو ڏسان ته آءٌ آسمان ۾ اُڏامان پيو. اُڏامندي اُڏامندي، هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن کڻي نهاريان ته نهايت حسين ۽ نوجوان عورتون ٽولن جا ٽولا ڪريو بيٺيون آهن. هر هڪ عورت وٽ ستار جهڙو ساز هو. هو اهي ساز وڄائي ڳائي، نچي نچي، مون کي هيٺ اچڻ لاءِ اشارا ڪري رهيون هيون. انهن جو حسن ۽ رنگ روپ، هار ۽ سينگار، راڳ ۽ سندن ساز جا نغما، بس جادو هئا جادو- بيان ڪرڻ کان ٻاهر! اهڙي طلسم کي ويجهو ڏسڻ لاءِ ڪنهن جي دل نه چاهيندي. آءٌ هڪدم هيٺ لهي آيس ته منهنجا پير هڪ سخت شيءِ سان وڃي لڳا.... ڇا ٿو ڏسان ته هڪ شيشي جو گنبذ آهي. ٽپ ڏيئي هيٺ لٿس. شيشي جو گنبذ بلڪل بند هو. منجهس ساون نوٽن جا بنڊل هئا، جن سان اهو سڄو سارو ڏٽيل هو. آءٌ ان جي چوڌاري هلڻ لڳس ته من ڪٿان ڪو منجهس دروازو هجي. تون اعتبار ڪونه ڪندين ته اتي توکي ۽ سائين حاجن شاهه کي ڏٺم. هن جي هٿ ۾ هڪ وڏي آدم قد ڪنجي ڏٺيم. توهان اشارا ڪيا. جيئن آءٌ ويجهو ٿيس، تيئن آواز ٻڌم ته ’ٻيڙائي پار!‘ پر اوڏيءَ مهل سائين حاجن شاهه جي بدران اها ڪنجي تنهنجي هٿ ۾ هئي..... تو چيو، ”خليل صاحب، آءٌ تنهنجي ڳولا ۾ هوس. هان، هيءَ پنهنجي امانت وٺ، هي هتان دروازو اٿئي. سائين حاجن شاهه جو سنهن، وڃ، جيڪي وڻئي سو کڻ.“ مون توکان ڪنجي ورتي، ۽ گنبذ جو دروازو کولي، اندر وڃي اهي بنڊل کڻڻ لڳس. اهي ڪافي ڳرا هئا، تنهنڪري رڳو هڪڙو ئي بنڊل کڻي سگهيس. ٻاهر نڪتس، ته جيئن توکي سڏ ڪري تنهنجي مدد سان ٻيو به بنڊل کڻا، ته تون غائب ٿي وئين. وري پوئتي ڏٺم ته اهو گنبذ، اهو محل، اهو باغ، اهو طلسم، سڀڪجهه گم ٿي ويا.“
    ”۽ اهو نوٽن وارو بنڊل؟“ مون پڇيو.
    ”اهو، اهو ته مون وٽ هو. مون نوٽن کي ڳڻڻ شروع ڪيو. ڳڻيندي ڳڻيندي ڀلجيو وڃان. جيئن تيئن ڪري، ڪافي وقت کان پوءِ، اهي نوٽ ڳڻي پورا ڪيم. اهي پورا نوي هزار هئا! خواب ته اڃا وڏو آهي، پر جاڳڻ کان پوءِ جيڪي هينئر توکي ٻڌايو اٿم، سو چڱيءَ طرح دل تي نقش ٿي ويو اٿم، باقي ٻيو سڀ وسري ويو اٿم.“
    ”خليل صاحب، پوءِ منهنجو حصو ڪٿي آهي؟ ڪنجي ته مون ئي اوهان کي ڏني هئي!“
    ”زوراور آهين، نوي هزار ملندا ته اڌواڌ ڪنداسين. خدا ڪري، خواب سچو نڪري! ’دولت‘ رسالي جي آڏو اکري ڳجهارت حل ڪري رکي اٿم. فقط توسان صلاح ڪري، پوءِ اهو حل موڪلڻو اٿم. نوي هزار رپيا آهن. منهنجي دل ٿي چوي ته پهريون انعام ضرور مون کي ئي ملندو. منهنجي زال به ائين ٿي چوي، خواب به لڌو اٿم. منهنجو خواب ڪڏهن به ڪوڙو ڪونه نڪرندو آهي.“
    خليل صاحب، توهين ته ڪي ڀورڙا آهيو. اها آڏ اکري ڳجهارت ته جُوا آهي، ٺڳي آهي، ترقي يافته زماني جو ترقي يافته فريب آهي. اوهان جهڙو سمجهو ماڻهو، اوهين ڪيئن هن ڪوڙڪيءَ ۾ اچي ڦاٿا آهيو؟“ مون کي هن تي رحم اچي ويو. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيم ته اهو وهم وارو اُٺ هن جي مٿي مان ضرور ڪڍڻ کپي.
    ٻه منٽ خاموش ٿي، هو وري چوڻ لڳو: ”قسمت سان ڪنهن جي به ريس ڪانهي. بخت ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو. چاليهين نمبر واري آڏ اکريءَ ڳجهارت جا پورا اسي هزار........ ها، توهين به ته کيس سڃاڻو. منهنجي پاڙيسري پناهه محمد کي مليا آهن. اها ڳالهه ڪا لڪل ڪانه آهي. جي انعام پناهه محمد کي ملي سگهي ٿو، ته خليل ڪهڙو گناهه ڪيو آهي! مون کي يقين آهي، مون کي خاطري آهي، ته اهو هيلوڪو انعام مون کي ئي ملندو.“
    ”خليل صاحب، تو وارو عقل ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي؟ هت قسمت جو ته ڪو سوال ئي ڪونهي. انهن ڳجهارتن وارا انعام ڪيترو ٿا ورهائين، پاڻ ويٺي ويٺي ڪيترو ٿا ڪمائين. ان کان سواءِ، ڪيتري خاطري آهي ته هروڀرو اهو انعام توکي ئي ملندو. انهيءَ ڳجهارت جي ڀڃڻ ۽ حل ڪرڻ وارا تو جهڙا هزارين اٻوجهه ٻيا به آهن، جي انهيءَ ڄار ۾ ڦاسيو، هر هر هرکيو پيا شامل ٿين. تنهن کان سواءِ، جي اهي پئسا هرهڪ کي ملن ته هوند ڳجهارتن هلائڻ وارن جو ڏيوالو نه نڪري وڃي!“
    ”ايترو ته آءٌ به سمجهان ٿو. پر هيءَ لاٽري يا سُورتي ڪانهي. هت ته سمجهه ۽ عقل جي کيڏ آهي، جنهن جا جوڙيل جوابي لفظ ٺيڪ هوندا، ان کي اهو انعام ته ضرور ملندو. لاٽريءَ ۽ ڳجهارت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.... پر جي اهو فرق به نه هجي، ته به ڇاهي، مون خواب ڏٺو آهي. سائين حاجن شاهه ’ٻيڙائي پار‘ جا اکر چيا آهن، ۽ ڪنجي پڻ ملي اٿم! اعتبار ڪريو، انهيءَ ڳجهارت جا پوري پندرهينءَ تاريخ انهيءَ انعام جي تار رستي مون کي خبر پوندي. پهريون انعام، نوي هزار، پڪ مون کي ئي ملندو. منهنجي دل چوي ٿي! تنهن کان سواءِ، مون کي ضرورت آهي، مون کي گهرج آهي. الله سائينءَ کي ڏيندي ڪا ويرم آهي؟ سائين حاجن شاهه ته ٻڏل ٻيڙا تاريا هئا.“
    خوش فهميءَ ۽ انڌي عقيدت جي هيءَ حسرتناڪ حالت، وهم جو سوداءُ ۽ چريائي! مون محسوس ڪيو ته خليل کان اهي خيال ايترو جلد جدا ٿيڻ وارا نه هئا، تنهنڪري بحث کي نامڪمل ڇڏي، آءٌ هن کي ڏسڻ لڳس. هو هڪ اميد، هڪ خواهش نظر اچي رهيو هو. هن جي اکين ۾ غير معمولي چمڪ جهلڪا ڏيئي رهي هئي. آءٌ هن کي ڏسي مشڪڻ لڳس. ”خليل صاحب، اوهان جي ايمان تي رشڪ ٿو اچيم. ڀلا انهن ۽ ايترن روپين کي اوهين ڪندا ڪيڏانهن؟“ مون ائين ئي هن کان بي تڪو سوال ڪيو.
    هن جو چهرو معصوم مکڙيءَ وانگر ٽڙي پيو. هن کلندي چيو، ”زوراور، هت سارو پروگرام تيار آهي. انعام ايندو چيڪ جي رستي. ايترا پئسا مٽائي جوکم ڪونه کڻندس. چوري ٿي وڃن، ڪو ڦري وڃيم، تنهنڪري بئنڪ ۾ ڪجهه پئسا جمع ڪرائي، پنهنجي نالي تي حساب ڪتاب کولرايو اٿم. جيئن چيڪ ايندو، تيئن اهي پئسا اتي جمع ٿي ويندا. پهرين ۽ منهنجي فوري ضرورت آهي ڪپڙا ۽ پيتيون به نيون وٺڻيون پونديو. اها فضول خرچي هرگز نه آهي....... منهنجي زال چوي ٿي ته مون کي رڳو هڪ هلڪو سلڪو هار، ارينگ، چوڙيون ۽ ٻه- ٽي سادا سودا وڳا ٺهرائي ڏجانءِ. ساري زندگي سڃ تي گذاري اٿس، هن جي هيءَ مختصر مرضي ضرور پوري ڪرڻي پوندي. تنهن کان پوءِ، هڪ ريڊئي وٺڻ جو پڻ خيال اٿم. ريڊئي مان ڪيترا نه فائدا آهن! سائنس جي دنيا ۾ رهندي به دنيا کان ڪيترو نه پرانهون پيا آهيون. ريڊيو هوندو ته ساريءَ دنيا جون خبرون چارون راڳ، ناٽڪ وغيره گهر ويٺي ٻڌي سگهبا..... منهنجيءَ زال جو پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ، جيڪي نهايت مسڪينيءَ ۾ پنهنجا ڏينهن پورا ڪري رهيا آهن، تن کي وٺي اچي پاڻ وٽ رهائيندس. ان کان پوءِ، نج گيهه ۽ کير جيڪو اسان ورهين کان ڪونه ڏٺو آهي، تنهن جو بندوبست ڪندس. انسان جو جم هڪ مشين مثل آهي. مشين لاءِ جهڙو تيل ضروري آهي، اهڙو انسان لاءِ سٺو کاڌو. هينئر ته اسين الاجي ڇا پيا کائون! گيهه جي عيوض بناسپتي، ڪڪڙن جو تيل، ڪريم نڪتل پاڻيءَ جهڙو کير، ۽ بوسي جهڙو اٽو کائي کائي اسان جي گهر جو هر هڪ ڀاتي هڏن جو پڃرو ٿي ويو آهي. کاڌو سڌريو ته هرڪو پاڻيهي خنڪيءَ ۾ اچي ويندو.... سچ پڇو ته پنج- ڇهه سال اهڙا گذريا آهن، جو بيماري هڪڙي ڀاتيءَ کي ڇڏي وري ٻئي کي ٿي وٺي. سرڪاري اسپتالن مان ملي رڳو پاڻيءَ جهڙي دوا، ۽ خانگي ڊاڪٽر ته مورڳو مريضن کان الهو تلهو ڦري وٺن!“
    ”خليل صاحب، پسئن خرچڻ جو پروگرام ته اهڙو ٺاهيو اٿو، جو پنج ساليءَ رٿا وانگر اسان مان هر هڪ کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. ڀلا باقي پئسا ڪيڏانهن ويندا؟“
    ”ادا ڀاءُ، اٽي جو پاءُ سڀڪو ٿو کائي، چڱي ۽ مٺي جي هر ڪنهن کي پروڙ آهي. پگهار ايترو ٿو ملي، جو نڪي اورو نڪي پورو.......... انعام ملي ته سائين حاجن شاهه جي مزار تي ريشمي پڙ چاڙهيندس، ۽ جوڙو ديڳن جو لاهيندس.“
    ”بس، سائين حاجن شاهه کي ايتري ۾ خوش ڪري ڇڏيندين.“
    ”ڀائو، سائينءَ کي ٿوري پرواهه آهي. هو ته ولايت جو مالڪ آهي. باس باسي اٿم، سا مڙيئي پوري ڪندس.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا؟“ مون اوٻاسي ڏيندي کانئس پڇيو. سچ پچ ته آءٌ ان مهل ٿڪجي پيو هوس.
    هن چيو، ”ادا، پوءِ ڏهن ٻارهن هزارن مان پنهنجي لاءِ هڪ جهڙو تهڙو گهر به ٺهرائيندس. نوڪريءَ جي سانگي اباڻا جهڳا به ڇڏي شهر ۾ آياسين. سڄا سارا پنجويهه سال نوڪري ڪئي اٿم، پر پنهنجو گهر به اڏي ڪونه سگهيو آهيان. پنهنجو گهر هوندو ته باقي ڏينهن بي فڪر ٿي گذاربا. پنهنجي گهر کان سواءِ اونداهه آهي اونداهه!“
    ”پر دوست، مون کي ته تو صفا وساري ڇڏيو. مون کي ڇا ڏيندين؟“
    ”زورآور، توسان ڪي ليکا آهن، جيڪي چوندين سو ڏيندو سانءِ.“
    آءٌ اٿي کڙو ٿيس ته هو به خوشيءَ سان اٿي هلڻ لڳو، ۽ اڳتي هلي هن مون کان موڪلائيندي چيو، ”زورآور سڀاڻي اهي حلَ رجسٽر ڪري موڪليندس. ايندڙ مهيني جي پندرهينءَ تاريخ وري ڦيرو ڪجانءِ. سائين حاجن شاهه جو سنهن ٻيڙائي پار!“
    خيرن سان مهينو گذري ويو. پندرهينءَ تاريخ جو ڏينهن آيو، ۽ گذري ويو. اهڙيءَ طرح ڪيترا مهينا ۽ ڪيتريون پندرهيون تاريخيون گذرنديون رهيون، پر خليل صاحب کي انعام نه ملڻو هو، سو نه مليو، ڪڏهن چار چڪون ته ڪڏهن اٺ. هڪ دفعي کيس ٽي رپيا پنج آنا مليا، ته ٻئي ڀيري ٻه روپيا يارنهن آنا. پر شاباس آهي هن جي ايمان کي، جو هو پوءِ به برابر پنجن سالن کان ڳجهارتن جا حل باقاعدي موڪليندو رهي ٿو. سائين حاجن شاهه جي مزار تي برابر اگربتيون ٻاريندو آهي، ۽ مون کي به ڳولي ڦولهي، حل ٿيل ڳجهارتون ضرور ڏيکاريندو آهي- ۽ اڳئي وقت، چانهن جو ڍڪ به پياري ڇڏيندو آهي.


    سوال؟

    سوال؟
    زينو: (سس کي مخاطب ٿيندي) امان ڏسين ٿي، اڄ به پٽهين اڃا ڪين موٽيو آهي. سج ڪاپار تي چڙهي آيو آهي. اجها ٿي ٻپهري لڙي.
    ساران: هائو، چوين ته سچ ٿي. ماني به ته کائي ڪين ويو آهي. مٿان جهولو ۽ گرمي، چيائين پئي ته بس اجهو ٿو موٽي اچان. ڪلاڪ ڏيڍ جو ڪم آهي، سيٺ اڄ ٽيڻا ماڻهو ڪم تي گهرايا آهن.
    زينو: مون سان پاڻ ساڳي ڳالهه ڪئي هئائين. هميشه کان جمعي جي ڇوٽي ڪندا آهن. مزدوريءَ جي لالچ ۽ نماز کان اڳ ۾ موڪل جي آسري تي هليو ويو.
    ساران: سيٺ جي ٽماڙ واري جاءِ، خبر ناهي ڪهڙي وٺ وٺان اچي لڳي اٿس، سڄو سڄو ڏينهن پاڻ پيرن ڀر بيٺو آهي.
    زينو: پاڻ بيٺو آهي، تڏهين ته ٻن مهينن ۾ جاءِ جڙي راس ٿيڻ تي آهي، باقي رڳو هڪڙيءَ ڀت جون درزون رهيل آهن، ائين پئي چيائين!
    ساران: ستون ڏينهن ٿيو اٿس ته جو جهڙيءَ مانيءَ واري ڳنڍ هتان ٻڌيو کڻيو وڃي، اُهڙي شام جو ورايو واپس کنيو اچي! پيٽ خالي، ڪم ڪيئن ٿو اُڄهيس؟ تو الاجي ڇا ڪيو اٿس، چي ”ڪنوار سان گڏجي ماني نٿو کان ته وڻي ئي نٿي.“
    زينو: (ٿورو شرمائجي) الا! مون کي ڪهڙي خبر! پٽ ته تنهنجو ئي آهي، توئي ته کيس اهڙي پٽي پڙهائي هوندي!
    ساران: هائو رمضو آهي ته منهنجو پٽ، پر توسان پرڻائي توکي جو ڏيئي ڇڏيو اٿم. دل تي هٿ رکي ڏس، هاڻي ته ماءُ ٿي آهين، پنهنجو پٽڙو ٿيو اٿئي، ڇو سڄو ڏينهن ڇاتيءَ سان لڳائي ويٺي آهينس!
    زينو: ڇاتيءَ سان نه لڳايانس ته اڇلائي ڇڏيانس. چاليهه ڏينهن ته مس گذريا آهن......
    ساران: هاڻي پاڻهي خبر پونديئه- منهنجو رمضو آهي ته چاليهن سالن جو پر آءٌ ڀانيان ٿي ته ڪالهوڻي ڪالهه ڄڻيو اٿم.
    زينو: خدا ڏينهن ڏئيس، وٺي ڏسجانءِ. منهنجو پٽ جوان ٿيندو، مُڇن جي ساوڪ اينديس ته ميندي لڳائي، وني ڏيئي ٽولي ڇڏيندي سانس، ٽولي! تو وانگر آرو ڪين ڪنديسانس. هيڏي عمر آندي اٿئي، مٿو اڇو ٿي ويو اٿئي، ته به اويل سويل پيئي نهارينس.
    (زينوءَ جو ننڍڙو روئي ٿو، ۽ هوءَ چولو مٿي ڪري ٿڃ ڌارائيس ٿي.)
    ساران: ڪتو، ڪتو، ڏس ته سهي ماريو ٺهي جڙي پلٿي ماري اچي ويٺو آهي- نڪو ٻاهر نپٽا! هتي اندر اچي ويٺو آهي سهڪڻ ۽ ڄڀ ڪڍي لڙڪائڻ! اما زينو هڻينس اها ڀر واري سؤنٽي، مئو جاءِ ٿو خراب ڪري.
    زينو: پر امان، هي پاڻ وارو موتي ته آهي، ٻاهر گرميءَ ۽ جهولي تنگ ڪيو اٿس، تڏهن لنگهي آيو آهي اندر (زينو جو ڇوڪرو هنج ۾ روئي ٿو. هوءَ نراڙ تي پگهر اگهندي، چوي ٿي.) اڄ ته جنسي دوزخ ٿي پيو آهي، جهڙي ڪا بٺي پئي ٻري. ننڍڙي کي وهنجاري ٿي اچان.
    ساران: (پنهنجي سر) پنهنجي آنڊي جي ڪيئن نه ڇڪي آئي اٿس؛ هلي آهي کيس وهنجارڻ. منهنجو ٻچڙو اُس ۾ پيو ڳهي ۽ مزوري ڪري- دستگير جي ڪا وٺ پئين! جمعي جو ڏينهن، ههڙي گرمي، ههڙو جهولو، پوءِ به ڪم! جانورن تي به ڪهل ڪبي آهي! هي سيٺيون، شل قيامت ڪاري ٿئينِ.
    زينو: (پري کان پٽ کي وهنجاريندي) اما هي ٻاهرئين مٽ وارو پاڻي ته ڪوسو ٿي ويو آهي، اتان اندران دلي مان نه گلاس ڀري اچين!
    (ساران اندران گلاس ڀري وڃي ٿي ٻارڙي جي مٿان آهستي آهستي ڪري پاڻي هاري.)
    زينو: دل ۾ نه ڪرين، هڪڙو ٻيو ڪم چوانءِ!
    ساران: آءٌ ڪا ٿورو ئي تنهنجي نوڪرياڻي آهيان. مون کي ته ڪابه ڳالهه ڪانه ٿي اُچهي. بس اهائي ڳڻتي اٿم ته پٽم ڪيڏيءَ مهل ٿو اچي ماني کائي.
    زينو: (پٽ کي گنديءَ ۾ ويڙهيندي) پوءِ ڀلا کيس ڇو نٿي وٺي اچين.
    ساران: تون به گڏجي هل نه، ڇوڪري کي چولڙو پاراءِ ته گڏجي هلون.
    زينو: ڳالهه ته واهه جي ٿي ڪرين، بس ٻيڪڙي اچ در کي. (ڪُتي کي) موتي! موتي! نڪر ٻاهر!
    (سس ۽ نُنهن ڳالهيون ڪنديون، سيٺ واريءَ جاءِ ڏانهن هلن ٿيون.)
    زينو: ڀلا پٽهين پاڻ تي ڪاوڙبو ته ڪين؟
    ساران: آءٌ جو توسان گڏ آهيان، مزال آهي، جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. جي گوڙ ڪيائين ته هي ڏسين ٿي ٿڦڙ، وهائي ڪڍندي مانس.
    زينو: امي، ائين ته نه چئو، ننڍڙو ته ڪونهي.
    ساران: وڏو هوندو ته ٻين جي لاءِ، پورا ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍيو اٿمانس. ماءٌ سان ٿوروئي منهن ڏيندو.
    زينو: اهو ته آءٌ به مڃان ٿي، پر وات مان وائي ته چڱي ڪڍجي.
    ساران: کير پي ڄڻيو اٿمانس، ڏسجئين ويٺي، پاڻ کي پري کان ڏسي سهي.................
    زينو: بس بس، گهڻو نه پڏائينس.
    ساران: اما، اڃا گهڻو پنڌ آهي، منهنجا ته پير ٿا پڄرن مٿو ٿو سڙي.
    زينو: هاڻي اچي پهتا آهيون. جهولي به هانيون ڪري ڇڏيون آهن.
    ساران: ننڍڙي کي ته چڱيءَ طرح ويڙهه، متان ڪٿي لهس نه اچي وڃيس.
    زينو: هو ڏس! او، اها، سامهين جاءِ! پٽهين مٿي، او..... اهو..... ڏائيءَ ڪنڊ وٽان، بنهه چوٽيءَ تي، تغاري پيو لاهي.
    ساران: مون پوڙهيءَ کي ته ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪين ٿو اچي. بچي شل؛ گهوري وڃانس!
    زينو: موتي، موتي، ڊوڙ پنهنجي ڌڻيءَ وٽ، توکي ڏسي من هيڏانهن لؤڻو هڻي.
    (زينو ننڍڙي ڇوڪري کي ٿورو مٿي ڪري، نِوڙي پٿر کڻي جاءِ واري پاسي اڇلائي ٿي، ڪتو پڇ لوڏي اوڏانهن لُوهه ٿو ڪري.)
    ساران: چري، هي وري ڇا ٿي ڪرين! مڙسهين ڇا سمجهندو، پاڻ به ايڏانهن هلون پيئون.
    زينو: بس پهچي ته ويون آهيون.
    ساران: هائو، هائو، هاڻي ته آءٌ ڏسان پئي، اهو چوٽيءَ تي بيٺو آهي نه- ابول! منهنجو ته مٿي نهاريندي مٿو ٿو ڦري. (ڪتو ڀؤڪندو موٽي ٿو اچي.)
    زينو: هيترا سارا مزور! مار، امان پٽهين پاڻ کي ڏٺو آهي.
    ساران: هيڏانهن نهاري ته پيو.
    زينو: هو ڏس! هٿ سان اشارو ڪري رهيو آهي.
    ساران: ڇا ٿو چوي؟
    زينو: چوي ٿو اتي ترسو، اجهو ٿو اچان.
    ساران: ڀلا تون به ته سڏ ڪرينس.
    زينو: هائو، هائو.
    ساران: اڃا لهي ته ڪونه ٿو.
    زينو: ڀلا وچ ۾ ڪم ڇڏي ڪيئن ايندو. هو پريان سيٺ جو بيٺو آهي.
    ساران: سيٺ هوندو پنهنجي لاءِ، منهنجو ته هاڻي گرميءَ کان هانءُ ئي ٿو ماندو ٿئي. ننڍڙو مون کي ڏي. آءٌ ٿي ويجهو وڃانس.
    زينو: هان وٺ،. پر ڏاڪڻ کان پري ٿي. بيهجانءِ- اُس کان ته ڍڪينس........
    رمضو: (مٿان ڪاوڙ مان رڙ ڪري ٿو) امان! امان! هي ڇا ٿي ڪرين، ننڍڙي کي اُس لڳندي.....پري ٿي..... ڍڪينس..... پاڇولي ۾ بيهه، هٽي وڃ، پري ٿي!
    ساران: (ڏاڪڻ جي ڀرسان اچي) نه ته، ڀلي ته گرمي لڳيس، توکي گرمي ڪانه ٿي لڳي- لهي هيٺ اچ، هيٺ لهي آ.
    رمضو: امان، امان! الله جي نالي، اُستاد، استاد آءٌ لهان ٿو. آءٌ وڃان ٿو.
    (تڪڙ ۾ رمضوءَ جو پير ترڪي ٿو ۽ ٽماڙ تان ڪلٽي کائي اچي پٽ تي ڪِري ٿو.)
    ساران: آءٌ مري ويس، گهوڙا!
    (ساران اوراٽجي ڪري پئي، ٻارڙو ڌڪ لڳڻ سان ڪيهون ڪرڻ لڳو، زينو ڊوڙي اڳي اچي ٿي ۽ پنهنجي ڇوڪري کي کڻي ٿي، مڙس کي ڏسي اکيون ڦاٽي ٿيون وڃنس، سيٺ اچي ٿو ۽ رمضوءَ جي ڦاٽل اجرڪ سان رمضو کي ڍڪيندي چئي ٿو.)
    سيٺ: اِهي رنون هتي ڇو رلي رهيون آهن. پري ٿيو پري ٿيو! شيءِ وڃي ڌڻين کي رسي.


    محبت جي راهه تي

    محبت جي راهه تي
    اڄ سواءِ ڪنهن انتظار جي تنهنجو خط مليو. مهرباني! دراصل تنهنجي خط جو نه، پر توسان ملڻ جو انتظار هو. هن کان اڳ ته ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي، جو تون سواءِ ٻڌائڻ جي هليو وڃين ۽ ميار لاهڻ لاءِ ٻه چار سٽون لکي، صفائي پيش ڪرين، پوءِ معافيءَ جي تقاضا ڪرين. تنهنجي غير حاضري جيتوڻيڪ حيرت جو سبب هئي، پر پوءِ به مون سوچيو ته شام جو وڃي تنهنجي گهران خبر چار وٺندس. ائين ڪريان ئي ڪريان، تنهن کان اڳ تنهنجو خط مليو، تو دوستيءَ ۾ وري به پنهنجو ئي پاسو ڳرو ڪيو- شاباس اٿئي، جو ايترو وقت مليئه ۽ دوستن کي ياد ڪري سگهيو آهين. تو ته هن چوڻيءَ کي به غلط ثابت ڪري ڏيکاريو ته ’عشق ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه روا آهي!‘
    شڪر آهي، جو تون جنگ جي ميدان ڏانهن ڪونه ويو آهين؛ البت ڪنهن خاص ڪشش جي ڪري ڇڪجي، ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي نڪتو آهين- اهڙي هنڌ جتي جي دلڪشي دوستن کان وڌيڪ ۽ سرس پئي ڀانئجي. محبت، سڀني معاملن کان بي نياز ڪيو ڇڏي. پر، اڄ جو انسان جنهن جي سامهون صدين جا سوين انساني تجربا ۽ نتيجا اکين اڳيان آهن. اُهو جنگ جي ڀيانڪ نتيجن کان پوري طرح آگاهه آهي. هو سوچي سمجهي، جنگبازن جي حيواني خواهشن ۽ بد ارادن کي هر ممڪن طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت عيش ۽ محبت جي سلسلي ۾ پڻ سمجهدار ماڻهو، ڏسي وائسي، اکيون ٻوٽي پنهنجو پاڻ اوڙاهه ۾ ڪيئن اڇلائيندو؟
    تون نوجوان آهين. توکي شايد ڪل نه هجي ته جوانيءَ ۽ محبت جڏهن پاڻ ۾ گڏبيون آهن، تڏهن هڪ معصوم ۽ ناتجربيڪار جي دنيا ئي دلجي ويندي آهي. پوءِ دنيا جي ڪابه مخالفت سندن نگاهه ۾ ئي نه هوندي آهي- ڀلا ڪنهن کي نگاهه ۾ آڻينِ به ڪيئن؟ جڏهن تارن جي جهرمر، چنڊ جي روشنائي، گلن جي خوشبوءِ، شمع ۽ پروانو ۽ ٻن سڪايل دلين جي چاهنا، ڪائنات جي سرجڻ کان وٺي اٽل رهيا آهن- فطرت جا هي لازوال پيوند ڪير ٽوڙي سگهيو آهي؟ مذهب، سماج، رشتا، ناتا، قاعدا قانون ۽ وقت جون انڌيون جابر قوتون- هِنن هميشه ساڻن ٽڪرجي، پنهنجا مٿا پئي ڀڃايا آهن.
    تُنهنجو ڪهڙو قصور! اها حقيقت جيڪا منهنجي سامهون زبان تي آڻي نه سگهئين، اهو راز جيڪو تنهنجي دل ۾ ته هو، پر چپن تائين پهچي نٿي سگهيو سو آخر ڪيترو وقت ’راز‘ رهي سگهي ٿو! هن خط ۾ به تنهنجي اهائي بيوسي ۽ لاچاري ليئا پائي رهي آهي. لڪائيندي ۽ نه لکندي ۽ نه ٻڌائيندي به مون لاءِ اها هڪ کليل حقيقت بنجي پئي آهي. آءٌ توکي ڪوبه ڏوهه ڏيئي نٿو سگهان. ڪافر آهن اُهي انسان، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به پيار ڪين ڪيو آهي. آءٌ هن مسئلي ۾ ڪيئن تنگ نظر ٿيان؟ عشق ۽ محبت جا پانڌيئڙا پنهنجا پير اوري ڪر ته آءٌ انهن جي هيٺان پنهنجون اکيون پَٿاري ڇڏيان!
    ٻئي جي دل جي ڪنهن کي ڪل! ڍائي کي بکئي جو ڪهڙو خيال؟ هر هڪ کي پنهنجا مطلب آهن. توکي ڪهڙي فڪر اچي ورايو آهي؛ اهي وسوسا، وساري ڇڏ.
    اڄ تنهنجي مختصر خط منهنجي ماضيءَ جا ڳچ وسريل داستان ياد ڏياري ڇڏيا آهن. اچ ته انهن مان هڪ ڪهاڻي توکي به ٻڌايان- اها اکين سان ڏٺل روئداد، جيڪا سالن کان منهنجي يادگيرين جي نگارخاني ۾ ستي پئي هئي؛ اجهو هينئر ڪر موڙي پاسا ورائي رهي آهي- توسان ۽ هن سان ڪيترو نه ٺهڪي ڦهڪي ٿي اچي. گويا اها، شايد اها، ساڳي سون ورني ڪهاڻي آهي، جا تون مان ئي، نئين سر نئون پساهه کڻي، سجاڳ ٿي، سورنهن سينگار ڪري ويهي رهي آهي.
    1944ع وارو زمانو هو. باک ڦٽي هئي، بمبئي جي بندرگاهه تي هڪ سانت واري فضا ڇانيل هئي. هوا ماٺي هئي. البت ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل ڪناري تي بيٺل ٻيڙيون، رکي رکي، آهستي آهستي هڪٻئي سان ٽڪرجي، جدا ٿي، وري ٽڪرجي رهيون هيون. ٿورڙو ڌنڌ هو. مهاڻن جون ٻيڙيون جيڪي واپس پئي وريون، سي ڪناري ڏانهن وڌندي نظر ٿي آيون. ڪٿي ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ جل ديوتا جا پوڄاري، سيس نمائي، پوڄا ۾ مگن هئا، ۽ آسپاس ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو هوا خوري ڪري رهيا هئا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 714
    ڪتابن جو مشاهدو: 1003139
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 335944
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ