ڪتاب جو نالو: وفا جي رِڻ ۾
مصنف: اويس قرني
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 527 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 143 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ۽ ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پھريون پنو
  • حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • مهاڳ
  • مور ماڻهو
  • جيئن ڏٺو مون
  • اويس قرني- مثالي شاعر
  • سر سسئي آبري
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • مولا مدينو ٻيهر تون ڏيکار،
  • سونهن ۽ سچ جو سردار آ، سُهڻو سچل،
  • شعر نوان مان چوندو آهيان،
  • خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،
  • دل ٿي چوي پئي رات ٽِڪي،
  • مون لاءِ پاڻ کي سهڻا سجايو،
  • اي سنڌ تنهنجي سونهن کي سلام آ،
  • ايڏا، ايذاوَ نه ڏي دل کي، جو چُور چُور ٿي نه وڃي،
  • ويو دل کسي سهڻو چاهه ۾ آهي،
  • سامهون جاني اچي شهر نچي ٿو،
  • ڇڏي رڻ ۾ مونکي هلندا هليا ويا،
  • توکي ڏسڻ لئه مان رلندو رهيس”وفا جي رڻ ۾،“
  • سنڌ سونهاري جي آس آهي مهراڻ،
  • ٽوپي اجرڪ پائي اچجو،
  • تون نه هيئن تنهنجي وري ياد آئي،
  • ويران ڳوٺ ڳليون ويران رستا آهن،
  • راهه ۾ هلندي رستا ڳالهائن ٿا،
  • ڏسو سونهن کي ڪيڏي نه مستي آ،
  • هن چيو ته ڏاڍو ڪو رولاڪ آهين،
  • سنڌ منهنجي اَمر آ، اَمر ئي رهندي،
  • تنهنجي پيار جي آڳ دل اندر مچندي رهي ٿي،
  • منهنجي اکين جو آر، اهو نٿو سمجهين؟
  • توکي وِساري وِساري ڪيئن ڇڏيان،
  • رات جو پويون پَهر، تنهنجي جدائيءَ ۾ ڪيم جاڳ اَلا،
  • ٿري منهنجا مارو ڏکايل آهن،
  • سڄڻ منهنجو ڏاڍو حسين آ،
  • سونهاري سنڌ جو شان آ، عثمان مروندي،
  • ياد تنهنجي ۾ هي منهنجي دل بُلاٽيون کائي ٿي،
  • هوءَ دل کي پلي جيان اُڀا جهير ڏيندي وئي،
  • نيڻ خوابن ۾ توکي ڏسندا رهن ٿا،
  • تنهنجون يادون دل ۾ چڀن هر وقت،
  • تنهنجو چهرو چنڊ جي چانڊاڻ آ.
  • محبوبن جا ڇال ڇڇڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين،
  • تون آهين ڪٿي او! پرين تو لئه نڪرن سارون اندر مان،
  • توريءَ منهنجي ڪين سري ڙي ساجن،
  • جاڙو غزل
  • تڙيو آدم بهشت مان، آدم جو خدا حافظ،
  • حسينائون پنهنجا سُور پاڻ ۾ سَلينديون ته هونديون،
  • درد هي پنهنجا لڪائي مرڪڻو پوندو به آ.
  • تو منهنجي زندگي اُجاڙي آهي صنم،
  • تنهنجي پيار جي باهه اندر ۾ سڄڻ ڀڙڪي آ،
  • تنهنجا ناز نخرا وڻن ٿا پيارا هِن،
  • شهر ۾ ڏاڍو گوڙ ۽ گمسان هيو،
  • نيڻ تنهنجا پيچرا تڪيندا هن روزانه پرين،
  • تو سان پيچ پيار جا منهنجا پختا آهن پيارا،
  • عجب عشق هن ساڻ منهنجو لڳي ويو.
  • سدائين ساٿ تنهنجو ۽ حوصلو گهرجي،
  • سهڻو جي اچي اڱڻ سرهاڻ ڇو نه ڪجي،
  • مُرڪ مِٺڙا مند مَنَ مُرڪي پرين.
  • سُورن جي انبارن سان جنگ جوٽي رکڻي آ،
  • سنڌ مٿان پروان هيو راشد مورائي،
  • سنڌ واسين جو سرواڻ آ، سرمست،
  • تو سِوا چڪڻ آهي زندگي،
  • ڏات جي ديوي آئي اڱڻ تي سهڻو روپ ڌري،
  • او! مَڌ پيارڻ واري ٿورو آهستي آهستي هَل،
  • پرينءَ جون يادون سانڍي رکيم سڀ ساهه ۾،
  • سڄو ڌيان منهنجو تنهنجي مَڇ تي هو،
  • سدا منهنجي هوءَ روبرو هوندي آ،
  • هو ڏس درياهه جا ڪيڏا نه سهڻا ڪنارا ٿا لڳن،
  • تو کان سواءِ ڏاڍو لڇان ٿو مان،
  • مان ته حسينن جو غلام آهيان ۽ دل محبت واري،
  • پرين تنهنجي محبت مون لئه مٺي ماکي مثل آ،
  • ڏسي حُسن تنهنجو ٿي دل مست الست آ پيارا،
  • ڪرڻ ديدار تنهنجو ئي ايندو آهيان تو وٽ مان،
  • جيئن تون مرڪندو آهين گلابن جون پتيون ڇڻن ٿيون،
  • تون هجين مان هجان چار چانڊوڪيون،
  • دهشت جو راڪاس سر عام، اَمن ڪِٿي آ،
  • او! سهڻا هيڏي پيار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر،
  • توکان سوا، رُلي زندگي وئي،
  • تنهنجو چهرو صفا حسين مهتاب آ،
  • تنهنجون ساروڻيون وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آ،
  • تنهنجي ساهن ۾ جو ڏاڍو هُڳاءُ آهي،
  • اسان جي پيار جا هوڪا، جت ڪٿ هُليا هِن،
  • سنڌ سموري سون ڀري، سينگار مرشد گهوٽ لطيف،
  • شاعرن جو سرموڙ شاعر آ، مرشد گهوٽ لطيف،
  • ھُوءَ ڏاڍو اُداس ھُئي، جائي پائي
  • صنعت بي نقوط
  • تنهنجي آهي مست جواني واهه ڙي اوهه.
  • وقت جي گهڙي ايڏي مُنجهيل ڇو؟
  • سدا منهنجي هوءَ روبرو هوندي آ،
  • هو الائي جي چڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.
  • وڙهي وڙهي نيٺ ٺهي وينداسين.
  • کنڊڙي وڃان موتين جيان ته پوءِ سَهيڙي ڇَڏ،
  • طويل غزل
  • منهنجي محبوب جهڙو ڪنهن جو ڀي سينگار نه آ.
  • ڪافي
  • مصنف جا ڇپيل ڪتاب

  • پھريون پنو

    اڻ واقفن جون وستيون آواز اجنبين جا،
    هُر کُر حيات واري امتحان دوستين جا،
    ”تبسم“ ”وفا جي رڻ ۾“ رُلندي عُمر گذاري.


    حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : وفا جي رِڻ ۾
    موضوع : شاعري
    شاعر : اويس قرني
    ڇاپو پهريون : مئي 2017ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻيجو (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
    ڇپائيندڙ : ساحل پبليڪيشن - حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650


    ارپنا

    پنهنجي پڙ ڏاڏي
    محترم حاجي محمد خان مهيسر
    جي نانءُ
    جيڪي عربستان جي شهر مڪة المڪرم جي
    مُقام جنت الموليٰ ۾ مدفون آهن.
    محترم عبدالغفار تبسم
    ۽
    پنهنجي ننڍڙي پُٽ سلمان فارسيءَ
    جي نانءُ


    اويس قرني


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وفا جي رڻ ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب محترم اويس قرنيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.

    اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ۽ ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي.

    هي ڪتاب ساحل پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون ساحل پبليڪيشن جي سرواڻ مانواري مور ساگر جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾
    اويس قرني نوجوان شاعر آهي. ”وفا جي رڻ ۾“ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي. اويس قرنيءَ جو هي چوٿون شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هي مجموعو اويس جي غزلن تي مشتمل آهي جنهن ۾ اٺانوي غزل ھڪ ڪافي شامل آهن. هن ۾ سموري شاعري اويس جي جذبن ۽ اُڌمن جي ترجماني ڪري ٿي. غزل تي اڄڪلهه جا نوجوان ڏاڍا نوان نوان تجربا ڪري رهيا آهن. جن ۾ هو ڪامياب به ويا آهن اهڙن نوجوانن ۾ اويس قرني به شامل آهي. اويس پنهنجي غزل ۾ ڪافي خوبصورت سٽون لکيون آهن. جيئن:
    خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،
    روح ٽنگيل ئي رهيو ڏِسڻ جي آس ۾.
    شاعري اها سُٺي جا عام فهم ۽ سولي هجي جنهن ۾ اجائي ڊيگهه ۽ ڀاري لفظ نه هجن ڳورا ڀاري لفظ شاعريءَ کي اهو رس چس نه ٿا ڏئي سگهن جيترو سادا لفظ ڏيندا آهن.
    اويس قرنيءَ جي شاعريءَ ۾ به سولا لفظ سمايل آهن جن جي ڪري هن جي غزل ۾ ميٺاڄ آهي.
    مان ڇا تعريف ڪريان هُن جي،
    ڄڻ هوءَ ڪا مون لئه مهجبين آ.
    اويس قرنيءَ جي شاعري ۾ سنڌ سان بي پناهه محبت جا اولڙا پُڻ مِلن ٿا. سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آهي جنهن سان محبت ڪرڻ ڄڻ ته انهن عهدن وفائن کي پاڙڻ آهي جيڪو اسين ماءُ جي پيٽ ۾ سنڌ ڌرتي سان ڪندا آهيون، اويس قرني سنڌ سان محبت جو اظهار هن نموني ڪري ٿو.

    اي سنڌ تنهنجي سونهن کي سلام آ،
    ڇا ڪيان تعريف تنهنجو اونچو مقام آ.
    اويس سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو کي جنت جي خوشبوءَ سان ڀيٽا ڪري ٿو. اها ثابت ٿي ڪري ته اسان جو اڄ جو نوجوان سنڌ سان ڪيڏي محبت ڪري ٿو.
    تو ۾ خوشبو جنت جي ٿي اچي،
    سنڌ جنت جو مليل نقد انعام آ.
    شاعري پوءِ اها ڪهڙي به صنف ۾ ڪئي وڃي گيت هجي، وائي هجي توڙي غزل اُن ۾ جيڪڏهن تشبهه نه هوندي ته اِها ٻُسي ۽ بي جان هوندي آهي، اويس به پنهنجي غزل ۾ خوبصورت تشبيهون استعمال ڪيون آهن. جنهن سبب هن جي شاعري انوکي محسوس ٿئي ٿي، جيئن هن بند ۾ چئي ٿو.
    انهن ڪارن ڪارن نانگن کي نه کول ڪِٿي ڏنگي نه وجهن،
    متان سائل به سِرُ ڏيڻ لئه تو مٿان منصور ٿي نه وڃي.
    ڪتاب جو عنوان پنهنجي ئي غزل جي بند مان کنيو اٿس جيڪو سُٺو شگون آهي.
    توکي ڏسڻ لئه مان رُلندو رهيس وفا جي رڻ ۾،
    ڪِٿي آهين توکي ڳوليندو رهيس وفا جي رڻ ۾.
    ثقافت ۽ تهذيب سڀني معاشرن جي نشاندهي ڪندي آهي سنڌ جي ثقافت ۾ صدين جي صدا جا نقش سمايل آهن، جنهن سان محبت عين عبادت بڻجي پوندي آهي، اويس هن شعري مجموعي ۾ ثقافت لاءِ به عقيدتن مان شاعري ڪئي آهي.
    ٽوپي اجرڪ پائي اچجو،
    پاڻ سينگاري ٺاهي اچجو،
    پٽڪو مٿي تي ڪهاڙي هٿن ۾،
    هَٿُ هٿ سان ملائي اچجو.

    اويس جيجل ٻوليءَ تي پُڻ هي خوبصورت بند چيو آهي.
    سنڌي ٻولي سڃاڻ اسان جي،
    سنڌ سان ساٿ نباهي اچجو.
    هڪ ٻي هنڌ سنڌ جي امرتا جي ساک ڀريندي لکي ٿو،
    سنڌ منهنجي امر آ امر ئي رهندي،
    منهنجي لئه بس ثمر آ، ثمر ئي رهندي.
    سنڌ جي دشمن کان اويس نفرت ڪري ٿو اهو فطري عمل آهي ڇو ته جيڪو انسان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪري ٿو موٽ ۾ جيڪڏهن ان کي محسوس ٿئي ته سنڌ سان ڪو نفرت ڪري ٿو ته فطري عمل آهي ته حساس شاعر ان تي قلم کڻي.
    جيڪي منهنجي ڀونءِ جا ويري ٻُڌن
    سنڌ منهنجي لئه امر آ، امر ئي رهندي.
    محبتن ڀرئي اويس پنهنجي شاعري ۾ محبوب ۽ ان سان محبت جو ذڪر ڏاڍين اُتاهن لفظن ۾ ڪيو آهي.
    سڄڻ منهنجو ڏاڍو حسين آ،
    منهنجي دل کي پَڪو يقين آ.
    پنهنجي پرين کي ايڏو ته قريب ٿو محسوس ڪري جو هن کي پنهنجي دل ۾ ئي سلهاڙيل سمجهي ٿو.
    رهندو آهي منهنجي دل اندر هو،
    پرين دل جي جهروڪي ۾ مَڪين آ.
    سنڌ جا ماڻهو قلندر لال شهباز سان نوسئوسالن کان وٺي محبت ڪندا اچن ٿا روايتن ۾ آيل آهي ته قلندر لعل شهباز دهلي تي حڪمران خاندان جي دؤر ۾ وچ ايشيا جي شهر مرو مان چنگيزين جي حملي سبب هجرت ڪري افغانستان آيا اُتان ملتان ۽ آخر ۾ سيوهڻ کي پنهنجو مسڪن بڻايو پاڻ ڪِن روايتن ۾ هڪ سال هت رهيا ته ڪن روايتن ۾ ڇهه سال سيوهڻ ۾ رهي وفات ڪيائون لال شهباز وڏو عالم انسان هو جنهن جا ٽي ڪتاب گرامر تي ڪلهوڙن جي دؤر تائين سنڌ جي مدرسن ۾ پاڙهيا ويندا هئا قلندر شهباز سنڌ ۾ قلندري طريقو متعارف ڪيو جنهن ۾ دمال هنئي ويندي آهي اويس قرني قلندر شهباز سان جيڪا عقيدت هن غزل ۾ ڏيکاري آهي اها ڄڻ ته سنڌي ماڻهوءَ جي نوسئو ساله محبت جو تلسل آهي.
    سونهاري سنڌ جو شان آ، عثمان مروندي،
    هِندُ ۽ سنڌ جو مان آ، عثمان مروندي.
    آذر بائيجان جي مروند شهر کان ڪهي آيو،
    سيوستان ٿيو سيوهڻ مهمان آ عثمان مروندي.
    شاهه سائين سنڌ جي عظمت جو نشان آهي شاهه لطيف جنهن سنڌ جي ازلي محبت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي اويس لطيف کي به هن شعري مجموعي ۾ ڏاڍي سهڻي غزل جي بند ۾ ياد ڪيو آهي. اهو اويس جو شاهه سان محبت جو ثبوت آهي.
    شاعرن جو سرموڙ شاعر آ، مرشد گهوٽ لطيف،
    رهبر سنڌ صفا ظاهر آ، مرشد گهوٽ لطيف،
    ڏنائين درس مارن کي محبت ۽ انسانيت جو،
    ساري انسانيت لئه وسيلو واهر آ، مرشد گهوٽ لطيف.
    اويس سچل کي به شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏِني آهي، سچل جيڪو سچ جو علمبردار شاعر آهي جنهن جي شاعري سراپا سچ آهي سچل کي هينئن ڀيٽا ڏي ٿو.
    سونهن ۽ سچ جو سردار آ، سهڻو سچل،
    هر پانڌيئڙي جي روح جو قرار آ، سهڻو سچل،
    ڏيندو هو سچ جو درس هر دم سائين،
    ڪوڙن جو مٿان وار آ، سهڻو سچل.
    اويس قرنيءَ جو مون سمورو هي شاعري جو مجموعو ”وفا جي رڻ ۾“ پڙهيو آهي، مان محسوس ڪيان ٿو ته اڄ جو نوجوان ڏاڍي محنت ڪري ٿو آءٌ اويس قرنيءَ کي صلاح ڏيندس ته اڃا وڌيڪ محنت ڪري مطالعو ڪري ملڪي غير ملڪي شاعري ۽ ادب کي پڙهي ته اڃا شاعريءَ ۾ وڌيڪ نکار ايندس منهنجي دُعا آهي ته رب سائين کيس وڏي ڄمار ڏي وقت سر ٻه اکر لکي ڪو نه سگهيس جو ملڪ کان ٻاهر آمريڪا ويل هوس واپس آيس ته هي ٻه اکر لکيا اٿم تڪڙ ۾ شايد اوترو نه لکيو هجيم جنهن جي تمنا اويس قرني کي هوندي پر وقت جي تيزي ۽ ڪنهن گهڻائي انسان کي مصروف ڪري ڇڏيندي آهي.
    جتي ماڻهو بيوس ٿي پوي ٿو. هنن ٻن اکرن جي پُڄاڻي اويس جي ئي غزل جي بند سان ڪيان ٿو:
    تنهنجي ساهن ۾ جو ڏاڍو هڳاءُ آهي،
    تنهنجي نيڻن ۾ نور جو وڏو شعاعُ آهي.

    ع. غ. تبسم (نئوديرو)


    مور ماڻهو

    سنڌي ادب جي جهولي هونءَ ته نثر توڙي نظم ۾ تمام ڪشادي ۽ مالا مال آهي. پر خاص ڪري شاعراڻي ادب جي ته ڪا کوٽ ئي ڪانهي. اهي ئي ماڻهو جن جي من ۾ محبت، انسانيت جي عظمت ۽ پيار جهڙو پويتر جذبو هوندو آهي. سي ئي ماڻهو مٿي جا موڙ هوندا آهن. پر زندگي، وقت، حالتون صحيح فيصلو ڪرڻ جي سگهه ڪنهن ڪنهن ماڻهو کي ارپيندا آهن. جيتوڻيڪ غلط فيصلا به گهڻو ڪجهه سيکاري ويندا آهن. پر زندگي رڳو سکڻ ۽ غلطيون ڪرڻ لاءِ ناهي زندگي عظيم ۽ ناياب تحفو آهي. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ به زندگي جو حصو آهن. هر ڪوئي اڄوڪي دنيا ۾ ڪو، ائين ئي ننڊ مان اٿي شامل نه ٿيندو آهي. پر ماضي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اتي بيهي سگهي ٿو.
    شاعر پنهنجي پر ۾ ڪجهه نئون ۽ بهتر ڪرڻ جي عشق ۾ رڌل رهي ٿو. شعور جي مٿانهين منزل به انسان تي ڪجهه مٿانهيون ذميواريون رکندي آهي. جن کي ماڻهو پنهنجي هاڪاري عمل ذريعي تاريخ ۾ پنهنجو نالو اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏي ويندا آهن. جن کي نسلن جا نسل ياد ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي عملي ڪردار ذريعي ٻين لاءِ نوان دڳ ۽ نيون راهون هموار ڪري پنهنجا حوصلا هماليه جيان بلند رکندي اڳتي وڌي بهادري ۽ بي خوفائي سان پنهنجو فرض قرض سمجهي ادا ڪري پاڻ مڃرائي وٺندا آهن.
    سنڌ ڌرتي جيڪا نهايت فضيلتن ۽ برڪتن واري ڀونءِ رهي آهي. تنهن مان ڪيترائي هيرا پيدا ٿيا آهن. جيڪي پنهنجي عملي ڪردار سان تاريخ جا حصا بڻجي ويا آهن. اهڙن ماڻهن منجهان محترم اويس قرني به هڪ آهي. هي صاحب پنهنجي هڪ سوچ جو نالو ۽ سنهيو آهي. هن ۾ محبت جو سڏ، سمجهه، سونهن، سنسار، صدا، ساڃاهه، پيار محبت جو سرسري جائزو سراسر سچ آهي. جنهن محبت تي افضل ۽ احسن انداز سان اپٽا رڪئي آهي. جيڪا علم ۽ پيار سان والهانه محبت آهي.
    سهڻي شاعري ۾ خوبصورت لفظ سمائڻ ئي سندس مهارت آهي. جيڪي ايندڙ ڊگهي عرصي تائين سندس شاعري ۾ پويل خوبصورت لفظ پنهنجي سونهن وڌائيندا رهندا. اويس قرني صاحب پنهنجي ذاتي زندگي ۾ جيترو مشڪل پسند آهي ته وري ايترو سهل پسند پڻ سندس اسلوب سادو ڪنهن به تڪلف کان آجو، نرالو، يگانو، آزاد ۽ گفتگو جو انداز نرالو. اهڙي خاصيت ڪنهن حقيقت پسند ۽ سيڪيولر ذهن جي عڪاسي ڪري ٿي.
    سندس هر شاعري منجهان طبيعت جي نواڻ پسنديءَ جو نمونو نظر اچي ٿو. هن جي شاعري ۾ اجائي ورجاءَ ۽ بي مقصد لفظن يا سٽن جو نالو نشان ئي نٿو ملي. هن جي اندر اڇل لفظن کي زندگي ڏئي ٿي. غور سان پڙهڻ وقت سندس شاعري جي لفظن مان مشڪ ۽ گلاب جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي.
    ڪنهن به سٺي شاعر جي خوبين ۾ مشاهدي جي گهرائي جي خوبي وڏي اهميت رکي ٿي. جيڪا هن شعري مجموعي ”وفا جي رڻ“ ۾ موجود آهي. شاعر جو مشاهدو جيترو تيز تر ۽ گهرو هوندو ته اهو پنهنجي شاعري ۾ اوترو ئي گهرا عڪس چٽي سگهندو آهي. هڪ تيز فهم ۽ اجري اک واري، شاعر جو ذهن فطرت جي هر عڪس ۽ اولڙي کي محفوظ ڪري ٿو. هونءُ به هر ماڻهو جو ذهن وهندڙ پاڻيءَ مثل هوندو آهي. پر عام ماڻهو شين، حالتن ۽ محسوسيات کي ائين نٿو ڏسي يا محفوظ ڪري جيئن هڪ شاعر يا مصور پرکي ۽ پروڙي ٿو. شاعر جي اظهار جي سگهه الڳ نموني جي هوندي آهي. جيئن ته فطرت جي حقيقت هر ماڻهو ائين بيان نه ڪري سگهندو آهي جيئن ڪو سگهارو شاعر. ڇو ته شاعر وٽ مشاهدو ۽ شاعراڻو ڏانءُ گڏجي ٿو ته لفظن ۾ اهڙا عڪس ۽ احساس شامل ٿي وڃن ٿا جو اهي هر پڙهندڙ کي ڏاڍا پيارا لڳن ٿا. اويس وٽ به اها مشاهدي جي سگهه ۽ قوت آهي جنهن ڪري ان جي شاعري ۾ عڪسيت جا عجيب جهان نظر اچن ٿا.

    هر شاعر وٽ سونهن، محبوبيت ۽ محويت جي حوالي سان خيالن جي تال ميل جدا جدا هوندي آهي. ان حوالي سان اسان جو دوست روايتي انداز ۾ معصوميت جي احساس کي سڏڪندي بيان ڪيو آهي. سندس شعاريءَ جي هر پهلو پاسي کي ائين چٽو ۽ پڌرو ڪري پيش ڪيو آهي. جيئن سج جي اُجري روشني ڪندي آهي. جيڪو پڙهندڙ کي سولو ۽ سرل محسوس ٿئي ٿو. اڄ جي هن نئين دؤر ۾ جڏهن ھيءَ دنيامحبتن، ۽ منافقتن سان ڀرجي وئي آهي. تڏهن اهي ئي مور ماڻهو آهن جيڪي ويسر جي وَرِ چرهي ويل ماڻهن جي ڪٿائن کي ورنائن ٿا.

    عباس علي ڪنڀر
    ميهڙ


    جيئن ڏٺو مون

    ”عاشق زهر پياڪ وِههُ ڏسي وھسن گهڻو“
    عاشقن جا پنهنجا روپ ۽ مزاج هوندا آهن، شاعرن جا به تيئن پنهنجا روپ ۽ مزاج ٿين ٿا. اهڙومزاج ۽ روپ رکندڙ ”اويس قرني“ به عاشقاڻي طبيعت وارو شاعر آهي. سندس شاعري پنهنجي منفرد مزاج واري سرجيل آهي، هروڀرو ٻين ڄَٽَنِ شاعرن وانگر ٽانڊن تي ماتم ڪرڻ جو به حيراڪ نه آهي.
    سادڙن سولڙن لفظن ۾ پنهنجي شاعري ۾ محبوب سان محبت ۾ مخاطب ٿيندو رهيو آهي. محبت جو اظهار اهڙي حسناڪي واري انداز سان ڪيو آهي. جيئن ڪو عاشق پنهنجي مَن گهرئي معشوق جي سامهون ويٺو هجي ۽ ان جي هر اَدا تي موهجي قربان ٿيندو هجي.
    هونءَ به ته هر هڪ شاعر جا پنهنجا گهيڙ ۽ گس، لاڙا هوندا آهن. ”اويس قرني“ به انهن گهيڙن ۽ گسن تان ضرور گذريو آهي تنهنڪري سندس شاعري ۾ به پنهنجا لاڙا ۽ ترڪيبون نمايان نظر اچن ٿيون.
    هن وٽ درد آهي تنهنڪري ٻئي جي درد کي محسوس ڪري وٺي ٿو. هن وٽ پيار آهي تنهنڪري ڌرتي جي سونهن کي پيار مان پَسي ٿو. هن وٽ سادگي آهي تنهنڪري سادڙن سٺن دوستن سان دوستيءَ جو ناتو نڀائي ٿو. هُنَ وٽ انسانيت آهي تنهنڪري هر آدميءَ جواحترام ڪري ٿو. هن وٽ شعور آهي تنهنڪري پنهنجي حال آهر شاعري سَرجي ٿو. هي اهلِ عِلم آهي تنهنڪري هر ادبي محفل ۾ اڳيان اڳيان نظر ايندو آهي.
    اهي سڀئي خوبيون سندس شخصيت کي نکارن ٿيون ان ڪري ئي اويس قرني ”اويس قرني آهي“
    ڪامل امداد جتوئي
    لاڙڪاڻو


    اويس قرني- مثالي شاعر

    اويس قرني جيترو پاڻ محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو آهي، اوترو ئي سندس شاعري موسيقيت جي مٺاڻ سان ڀرپور هجڻ سبب دلين تي اثر انداز ٿيڻ جي سگهه رکي ٿي، سندس شاعريءَ جي چوٿين ڪتاب ”وفا جي رڻ ۾“ ۾ موجود شاعريءَ ۾ فن فڪر سان گڏوگڏ ڏات ڏانءُ بدرجه اتم موجود آهي.
    هن ڪتاب ۾ جذبن جي جدت به آهي ته شدت به آهي. هن ڪتاب جي ٻولي نهايت آسان ۽ نواڻ سان ڀرپور آهي. هي ڪتاب ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ۽ دوستن کي تحفي طور ڏيڻ جهڙو آهي.
    هن ڪتاب ۾ محاورا، تجنيس حرفي ۽ اهي سمورا لوازمات شامل آهن، جيڪي سٺي شاعريءَ ۾ موجود هجڻ گهرجن. اويس قرنيءَ جو فن ۽ فڪر ڏکيون منزلون طئي ڪري ان مقام تي پهتو آهي، جتي تمام ٿورڙا شاعر پهچي سگهندا آهن.
    ”وفا جي رڻ ۾“ طويل غزل سان گڏوگڏ ٻيا غزل به معنيٰ جي موتين سان ڀرپور آهن.
    شهر ۾ ڏاڍو گوڙ ۽ گمسان هيو،
    هر هڪ ماڻهو هتي ڏاڍو پريشان هيو.
    ڇو ٿا ڪيو رڙيون ۽ ڪوڪون اڄ،
    ڇا هتي ٿيڻو ڪنهن جي دردن جو درمان هيو.
    منهنجي دلي دعا آهي ته سندس شاعريءَ ۾ اڃا وڌيڪ نکار ايندو رهي ۽ سندس شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي.(آمين)
    سوا تنهنجي جڳ ۾ جيئڻ اڪيلو ڏاڍو ڏکيو آ،
    جدائي جهوري ٿي تنهنجي، مونکي ماريو تنهائي آ.
    جيئن تون مرڪندو آهين، گلابن جون پتيون ڇڻن ٿيون،
    پرين تنهنجي مرڪڻ سان جرڪي زمين، مند مهڪي آ.

    حڪيم پريم چاندواڻي (ڏوڪري)


    سر سسئي آبري

    ”ڀٽائي جي بيت سان ابتدا ڪجي ٿي“
    عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
    ريس ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪن؟
    مارڳ جي مَرَنِ، وڏو طالع تن جو.
    ته اهڙي طرح هي محبت جو سفر ڪندي قرني جنهن منزل تي پهتو آهي. اتي ساڻس ڪا، ريس نه ڪرڻ جڳائي، هي عشق جو هڪ عظيم نسب العين آهي. محبت ۽ سڪ سندو سفر اويس قرني جي شاعري ۾ حسن، محبت، قوم پرستي، تصوف، انسان دوستي، انتها پسندي کان نفرت، هڪڙي وسيع ۽ عريض آزاد سماج لاءِ محبت ۽ ان جي خوش آميد نظر اچي ٿي.
    ظاهر آهي، اهڙي ماحول ۾ جتي قانون، حق ۽ انصاف نه هجي، جتي روزگار لاءِ جان جي بازي لڳائڻي پوي. جتي دهشت جو راڪاس رقص ڪري اتي سماج جي حسين ترين جذبن جو ٽڪو ملهه نه آهي. هي سپنا سڀ نئين نظام ۽ انقلاب جي نويد آهن. تنهنڪري جي چئجي ته قرني انقلابي شاعر آهي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. هونءَ به سماج جي غير معمولي ماڻهن جو سماجي ورتاءُ Social conduct غير معمولي هوندو آهي. جنهن جي اويس جي شاعري ۽ ادبي سفر مان ڀلي ڀت حصو عشقيه شاعري، صوفياڻي شاعري ڏاڍي ڪمال سان لکي اٿس. غزل شاعري جو ڏاڍو خوبصورت عنوان آهي. جنهن تي تمام وڏن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. اتي اويس وٽ به سڄو ڪتاب موجود آهي. باقي جيتريقدر علم و فن ۽ هنر جو سوال آهي ته مون لاءِ ته هڪ سٽ لکڻ به ڏاڍي ڏکي آهي. اتي اويس جي هي ڪاوش ڏاڍي سُٺي اهي. وڏن شاعرن کان اصلاح به ڪرائي اٿس. اويس جي فڪر ۾ بغاوت به ملي ٿي ته ماري ڪردارن لاءِ ڀرپور نفرت به، جيڪا ڳالهه سماج جي تبديلي جي فڪر جي عڪاس آهي.

    سنڌ جو سرواڻ آ سرمست،
    موج سندو مهراڻ آ سرمست.
    *-*-*
    سنڌ مٿان پروان هيو راشد مورائي،
    محبتون ونڊڻ ۾ مهان هيو راشد مورائي.
    جيڪڏهن ائين چئجي ته علم سماج جي تبديلي جو درس ڏيئي ٿو ته پوءِ اسان ان ڳالهه چوڻ ۾ حق بجائب هونداسين ته اويس ترقي پسند تبديلي جو علمبردار آهي، اويس وٽ سڀئي باغي ڪردار علامتون آهن. جنهن پنهنجي دؤر Status quo رسم ۽ رواج ۽ ظلم سان ٽڪر کاڌو. اڄ جي دؤر ۾ انهن ڪردارن ۽ ڪرڀ جهڙن ماڻهن کان شديد نفرت ۽ انهن جي ڪُلي انڪار جي ضرورت آهي.
    اسان وٽ اهڙي روايت سان ادب گهٽ سرجي ٿو. اويس وٽ اها روايت ڏاڍي صحتمند آهي. آئون هن کي غزل جهڙي نفيس موضوع تي لکندي هي سڀ ڳالهيون لکي وڃڻ تي آفرين ٿو پيش ڪريان. احساس ۽ سونهن تي به زبردست لکيو اٿس، درد تي به گهرو لکيو اٿس، اويس واقعي احساسن جو شاعر آهي. زمان ۽ مڪان جا معاملا به ڏاڍا خوب نڀايا اٿس. ٻولي به ڏاڍي سهڻي استعمال ڪئي اٿس. باقي ڀَلي ڀَلي جو ڇيهه ڪونهي. اهڙي طرح سڀئي دوست هڪجهڙا غزل پسند ڪو نه ڪندا، هر ماڻهو پنهنجن سوچن سان مطابقت رکندڙ غزل پسند ڪندو. اهڙي طرح منهنجي به پسند آهي، ڪِن غزلن کي مون وڌيڪ پسند ڪيو آهي.
    تو سان پيچ پيار جا منهنجا پختا آهن پيارا،
    نيڻ توکي ڏسڻ جي لئه آتا آهن پيارا.
    *-*-*
    سونهن ۽ سچ جو سردار آ سهڻو سچل،
    هر پانڌيئڙي جي روح جو قرار آ سهڻو سچل.
    *-*-*

    خوشبوءِ تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،
    روح ٽنگيل ئي رهيو ڏسڻ جي آس ۾.
    *-*-*
    راهه ۾ هلندي رستا ڳالهائن ٿا،
    پيار پنهنجي جا قصا ڳالهائن ٿا.
    *-*-*
    تڙيو آدم بهشت مان، آدم جو خدا حافظ،
    ملي دل، دل سان آهي، ماتم جو خدا حافظ.
    *-*-*
    رات جو پويون پهر تنهنجي جدائي ۾ ڪيم جاڳ اِلا،
    ساري رات هئي آڪاس ۾ چندرگفَايو ماجي آڳ الا.

    هو سونهان ڪين ڪي هئا، رڻ ۾ رُليا ساري رات،
    مڌپي ايڏو مست ٿيا جو وسري وَيُنِ ماڳ الا.

    جهاڳي جهاڳيندي آئي هن جيون ۾ زندگي پوري،
    ڪيترائي سمونڊ اُڪاري زندگي اُجهاڳ اَلا.

    نيٺ ته وڃي پهتس مان ڪلالن جي ڪوءِ ۾،
    تڙپي تڙپي وڃي پهتا منهنجا ڀاڳ اَلا.
    *-*-*

    هن چيو ته ڏاڍو ڪو رولاڪ آهين،
    چيائين وري منهنجي عشق ۾ بي باڪ آهين.
    *-*-*

    تو منهنجي زندگي اجاڙي آهي صنم،
    تو ڪهڙي ڳالهه دل ۾ تاڙي آهي صنم.

    هن دلِ نادان کي تو ستايو آ ڏاڍو،
    رقيبن اڳيان منهنجي دل تو ساڙي آهي صنم.
    *-*-*
    سهڻو اچي اڱڻ سرهاڻ ڇو نه ڪجي،
    سڄڻ جي سونهن جي واکاڻ ڇو نه ڪجي.
    *-*-*
    سدائين ساٿ تنهنجو ۽ حوصلو گهرجي،
    تنهنجو مونکي پرڪشش سلسلو گهرجي.
    *-*-*
    سورن جي انبارن سان جنگ جوٽي رکڻي آ،
    ڊوڙي ڊڪي هي زندگي به ڪٽڻي آ.
    *-*-*
    پرين تو سان منهنجو پيار پڪو آ ستارن کان پڇجانءِ،
    ڪندو توکي سدائين پيار آهيان لال ليارن کان پڇجانءِ.
    *-*-*
    اچي هو جڏهن اڱڻ تي تنهنجي،
    پيار جي آجيان ڪرڻ آهي زندگي.
    *-*-*
    هاڻي هي خوبصورت ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. مون وٽ Appreciation لاءِ ڦوٽو ڪاپي جي صورت پهتي. اوهان لاءِ هِن ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. جيڪو اوهان جي توجهه ۽ وقت لهڻي ٿو. شاعر کي اهو ئي ڪجهه گهربو آهي. بهرحال مان پنهنجي لکڻي جي باري ۾ ايترو چوندس ته جيئن شيخ سعدي جي ڪتاب ”گلستان سعدي“ ۾ هڪڙي حڪايت آهي ته تجربو پرکڻ لاءِ هڪ بادشاهه پنهنجي تير اندازن کي گهرايو ۽ پري هڪ ڇلو رکي ان جي وينڊ ۾ تير ٽپائڻ لاءِ چيو. سڀئي تير انداز ناڪام ٿي ويا. نشان باريڪ ۽ پري هو. هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو جيڪو پاسي واري عمارت تي لغر اڏائڻ لاءِ آيو هُيو ۽ هُن جي بغل ۾ ٻاراڻي ڪماڻ هئي. هُن نشان وٺي تير اڇلايو ۽ اهو تير ڇلي جي وينڊ مان ٽپي ويو.
    بادشاهه ان ڇوڪري لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو. جڏهن ته ان ڇوڪري جي پيءُ پُٽ کي هدايت ڪئي. هُن ڇوڪري اها ڪماڻ ڀڃي ڇڏي ۽ آئنده اهڙو ڪو به ڪم نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو.

    ساجد علي ”ساجد“
    ميهڙ


    پنهنجي پاران

    وقت انسان جو حقيقي استاد آهي. وقت پنهنجي وهڪري ۾ گهڻو ڪجهه سيکاري ويندو آهي جنهن ۾ احساس، انسانيت، خلوص، محبت، همدردي، حياءُ داري، جان نثاري، تعبيداري ۽ تلقين جهڙا بيشمار جذبا آھن، انهن ئي اصولن پٽاندڙ سماج بڻجي ٿو. ادب سماج جو آئينو ٿيندو آهي. اديب، عالم ۽ شاعر قومن جا اهي ڏاها آهن، جيڪي پنهنجي قلم ذريعي سماجي جيوت جي هر رخ کي گهرائيءَ سان پرکي پروڙي حساس دل ۽ فڪر جي نظر مان عام جي اڳيان آڻين ٿا.
    شاعر جذبات ۽ احساسات جي اڻ ڏٺي ۽ اڻ ڪٿي دنيا آهي، جيڪو پنهنجي فني ۽ فڪري اظهار ذريعي بيان ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيڪڏهن وٽن فڪري ۽ فني قوت سچي ۽ سگهاري آهي ته پوءِ سندن قلم سان ازخود هڪ لافاني ادب وجود ۾ اچي وڃي ٿو. شاعري اهڙي دنيا آهي جيڪا رڳو خيالن جي جُوءِ مان پسبي آهي شاعري جذبن جي زبان ٿيندي آهي جيڪا انسان جي جبلتن جي سچاين کي ڏيکاريندي آهي، شاعر ڪنهن به سماج جي چُڀندڙ ڳالهه جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ڪوئي به شاعر پنهنجي فڪري ۽ فطري صلاحيتن کان علاوه مطالعي مشاهدي ۽ ماحول مطابق ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ائين ئي چئجي ته شاعر سماج جو آئينو به آهي ته اثرائتو عڪس چٽيندڙ ڪلاڪار به آهي. شاعر معاشري جو ماهر سرجن به آهي ته سرجڻهار به آهي. جيڪو حقيقت جي چير ڦاڙ ڪري ٿو شاعر زندگيءَ ۾ حسناڪيون تخليق ڪرڻ جي لاءِ حسناڪيون پيدا ڪندو آهي دنيا ۾ جتي ڪا، قوم يا ڪو سماج ظاهر ٿيو ۽ ٻولي سندس اظهار جو ذريعو بڻي تڏهن جيڪابه ساهت جي رچنا ٿي، سُر ۾ هئي. شاعريءَ ۾ جذبي جي سچائي سُرَ عڪس، اهڃاڻ، علامتون، استعارا، تجنيسون ۽ ترڪيبون ٿينديون آهن، جن ۾ حسن ۽ لطافت پيدا ڪندڙ هڪ ڏاهو شاعر ئي ٿيندو آهي.
    شاعريءَ جو تعلق لفظن سان آهي، اُھي ئي لفظ آهن، جيڪي مسيحائي به ڪندا آهن ته مرهم به بڻجندا آهن اِهي ئي لفظ آھن، جيڪي شاعر جو سرمايو به ٿيندا آهن. لفظ ئي ٻولي ٺاهيندا آهن ۽ شاعر ئي انهن کي سونهن بخشيندا آهن.
    مون به پنهنجي فهم ۽ ”ذڪي نگاهه“ سان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته چئو طرف مايوسي ۽ پريشاني ڏٺي بيزاري نفرت ۽ نفاق ڏٺو اجڙندڙ امن امان ڏٺو هن معاشري ۾ روشن خيال ماڻهن لاءِ قيامت کان گهٽ منظر نه آهي.
    مون هِنَ ڪتاب ”وفا جي رڻ ۾“ جو نانءُ تبسم صاحب جي هن غزل کان متاثر ٿي ڪري کنيو آهي.
    اڻ واقفن جون وستيون آواز اجنبين جا،
    هُر کُر حيات واري امتحان دوستين جا،
    ”تبسم“ وفا جي رڻ ۾ رلندي عمر گذاري.
    (ع.غ. تبسم)
    هر هنڌ مڪر فريب جهيڙي ۽ نفرت جا نغارا وڄي رهيا آهن. انهن بابت جيڪي ڪجهه سيني ۾ سمايو سو سڀ ڪتاب جي سٽن ۾ سميٽيو پنهنجي تخليق ۾ اهڙي هڪ سٽ به بنهه نه لکي آهي، جيڪا منهنجي روح جي گهراين مان چيرجي نڪتي نه هجي، ڌرتيءَ سان پيار محبت فطرت سان پيار محبت ۽ آزاد فڪر جي حمايت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو آهي. هونءَ به ماڻهن ۾ ذات، پات، فرقي، طبقي، مَسلڪ ۽ عقيدي جي موجودگيءَ کي ڪا به اهميت ڪانهي سڀ انسان برابر آهن، لھر ۽ بحر اصليت هڪ ئي آهي، ان ئي عقيدي تي ايمان هجي ته محبت جو بنياد روحن جي اتحاد تي ٻڌل ڏسبو، هن وقت به ڪيترائي اهڙا املهه انسان موجود آهن، جيڪي محبت پيار سچ ايمانداري انصاف بهادري شرافت شجاعت ۽ ساڃاه جا مجسما آهن. بيشمار نيڪ گُڻن سان انسانيت جو فخر ۽ ماڻهپي جو مان ۽ شان آهن، ڪنهن ڏاهي چواڻي مٺا ٻول زبان جي سونهن، سٺا ٻول ٻڌڻ ڪنن جي سونهن آهن، دليون کٽڻ ۽ ڪنهن کي نه رنجائڻ ئي ماڻهپو آهي، جيئين ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل سان سڃاتو ويندو آهي، اهڙيءَ ئي ريت مون به انسان جي اهميت ۽ فضيلت جي عظيم آدرش جو درس ڏئي پاڻ سڃاڻڻ جو گس ڏنو آهي، ته جيئن ماڻهو جهالت جي دور مان نڪري علم ۽ عرفان جهڙي روشن سوچ ڌاري منزلون ماڻي سوڀارو ٿي سگهي. منهنجي هن ڪتاب ”وفا جي رڻ ۾“ جو مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر، اديب محترم سائين عبدالغفار ”تبسم“ صاحب لکيو آهي ان جو آءٌ ٿورائتو آهيان ۽ منهنجي هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ منهنجي پياري دوست عاشق علي ڪلهوڙو، حڪيم پريم چاندواڻي، ذوالفقار گاڏھي، انيت ڪمار مورپاني، ارشاد علي جويو، سائين پروفيسر عبيدالله لاکير صاحب، عباس علي ڪنڀر، سنتوش ڪمار ۽ سهيل عباسي، ڪامل امداد جتوئي، هدايت بلوچ، ساجد علي ”ساجد“ مدد ڪئي جن، جو پڻ ٿورائتو آهيان ۽ منهنجو هي ڪتاب پنهنجي نظر مان ڪڍي پنهنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

    اويس قرني
    ”سينڌل مهيسرميهڙ“


    غزل

    مولا مدينو ٻيهر تون ڏيکار،

    مولا مدينو ٻيهر تون ڏيکار،
    زم زم جو پاڻي وري به پيئار.

    پَسي روضو نبيءَ جو خوش ٿيان مان،
    مصطفيٰ جي روضي ڀر ۾ تون ويهار.

    آهيان مديني جو ازل کان عاشق،
    منهنجي نيڻن کي تون مولا ٺار.

    ڏسان جنت البقيع ٻئي نيڻ ٺاريان،
    آهي پنجتن تان دل منهنجي نثار.

    هيڪر تون ڏي مال، ذَرُ ۽ دولت،
    وڃان مديني تَن مَن ۾ آ تار.

    سڻ سڏڙا منهنجو تون صدائون،
    توکي منهنجي پل پل آ پُڪار.

    اويس ”قرني“ جو تون عرض اگهائج،
    ڏسڻ روضو مديني جو آهيان تيار.


    سونهن ۽ سچ جو سردار آ، سُهڻو سچل،

    سونهن ۽ سچ جو سردار آ، سُهڻو سچل،
    هر پانڌيئڙي جي روح جو قرار آ، سُهڻو سچل.

    ڏيندو هو سچ جو درس هر دَمُ سائين،
    ڪُوڙن جي مٿان وار آ، سُهڻو سچل.

    سندس فيض سان ڪيئي فيضياب ٿي ويا،
    هر سخاوت نروار آ، سُهڻو سچل.

    ڪو نه ڇڏيائين آستانو درازن مان دلبر،
    دل جو دولهه ۽ دلدار آ، سُهڻو سچل.

    نانءُ جنهن سڏايو عبدالوهاب سچل سرمست،
    حقيقت هر حال ۾ حيادار آ، سُهڻو سچل.

    حق جي ڳالهه ڪري ويو صوفياڻي،
    سڀني صوفين جو پڳدار آ، سُهڻو سچل.

    هر روز صحن تي ميلا مچن ٿا ”قرني“ اويس،
    هر ڪنهن جي نيڻن جو ٺار آ، سُهڻو سچل.


    شعر نوان مان چوندو آهيان،

    شعر نوان مان چوندو آهيان،
    شاعر آهيان لکندو آهيان.

    تون جي ملندو ناهين مون سان،
    ڳوٺ سڄي کان پڇندو آهيان.

    تنهنجي هڪڙي ديد جي خاطر،
    راهن ۾ پيو رُلندو آهيان.

    توکي جي مان ڏِسندو ناهيان،
    سِڪَ ۾ سڙندو رهندو آهيان.

    اويس ”قرني“ هيڻي ڪشتي،
    تارَ مان پيو تَرندو آهيان.


    خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،

    خوشبو تنهنجي آئي گلابن جي واس ۾،
    روح ٽنگيل ئي رهيو ڏسڻ جي آس ۾.

    چنچل شوخ ادائن ساڻ ٿي سانوري،
    رات مون سان ملي آن، خوابِ آساس ۾.

    سنڌ ٻَرندي رهي ۽ ڇاتي ڇڄندي رهي،
    پيا آهيون ڦاسي، وقت جي ٽياس ۾.

    نيٺ ايندين مُون ٿيندو روح راضي،
    خوشي ايندي وري هِن دل اُداس ۾.

    اڃارو آهيان پرين ٿئي ديدار تنهنجو،
    رهي ٿو اويس ”قرني“ تنهنجي ئي پياس ۾.


    دل ٿي چوي پئي رات ٽِڪي،

    دل ٿي چوي پئي رات ٽِڪي،
    نٽاءِ نه مون کان ڇو ٿي ڇڪي.

    سامهون ڏِسي هلي ٿي وڃي،
    منهن نه مَٽاءِ مون کان لِڪي.

    تون ئي عشق ۽ معشوق آن،
    سِواءِ تنهنجي زندگي آهي ڦِڪي.

    موسم بهار گهُلي هير آ،
    سال ويا گذري تو لئه سِڪي.

    گلاب جا گل ٽڙي پيا ڳليءَ ۾،
    منهنجي دل آ، تو لئه چِڪي.

    اويس ٿو توکي پل پل پڪاري،
    راهه پيو ”قرني“ نِهاري يَڪي.


    مون لاءِ پاڻ کي سهڻا سجايو،

    مون لاءِ پاڻ کي سهڻا سجايو،
    ٻين کي ڇڏي ڏي، مونکي گهرايو.

    تو لئه ٿو دل جا دروازا کوليان،
    سڄڻ سائين مونکي ڇو ٿا رُلايو.

    توهان کي مِٺا ڇڏي ڪو نه ويندس،
    اوهان جي آ، مرضي ڀلي پيا ڀُلايو.

    چنڊ چوڏهينءَ جون راتيون اچن ٿيون،
    اچي رات رهو، يا مونکي رَهايو.

    جهر جهنگ تو لئه پيو ٿو جهونگاريان،
    وڇوڙي آ، جاني، جيئڙو جلايو.

    اچي ويههُ ويجهو ديدار ٿئي ڪو،
    ”قرني“ اويس سان روح رَلايو.


    اي سنڌ تنهنجي سونهن کي سلام آ،

    اي سنڌ تنهنجي سونهن کي سلام آ،
    ڇا ڪيان تعريف تنهنجي اوچو مقام آ.

    تو ۾ خوشبو جنت جي ٿي اچي،
    سنڌ جنت جو مليل، نقد انعام آ.

    هر ملڪ جو ماڻهو هتي ٿو رهي،
    بهتر دنيا کان تنهنجو نظام آ.

    جنهن دروهي ڪيو آ، ڊوهه هتي،
    اُن جو برو ٿيو هر حال انجام آ.

    شاهه، سچل، سائين، سامي سڀ هِتي،
    ڀٽائيءَ جي در ايندو هر سنڌي عام آ.

    شال ڪاڇو ٿر ۽ بررُ تنهنجو وَسي،
    اھائي پچار زبان تي ھوندي صبح شام آ.

    ھر ڦورو لٽيري سان جو ڌا وڙھن
    اويس”قرني“ ھوشو، ھيمو مدام آ.


    ايڏا، ايذاوَ نه ڏي دل کي، جو چُور چُور ٿي نه وڃي،

    ايڏا، ايذاوَ نه ڏي دل کي، جو چُور چُور ٿي نه وڃي،
    هر هر نئون سُور نه ڏي مونکي، دل ڪافور ٿي نه وڃي.

    محبتن جي ماريل کي تنهنجا ڏنل گهاوَ تي گهاوَ ڇا ڪندا،
    دل ۾ ڏاڍو خوف اٿم ته مون کان ڪو، ڪلور ٿي نه وڃي.

    اِنهن ڪارن ڪارن نانگن کي نه کول ڪٿي ڏنگي نه وجهن،
    متان سائل به سِرُ ڏيڻ لئه، تو مٿان منصور ٿي نه وڃي.

    ڪڏهن ڪڏهن دلين جا مهمان مِيتَ بڻيو وڃن،
    ڏسي روح توکي ڪِٿِ اسان جو مجبور ٿي نه وڃي.

    رندن کي سنڀار تنهنجي ۽ فڪرات آ، مئڪدي وارن کي،
    ٿي نه پئي سمونڊ مئڪدو، ڪلال جي ڪُوءِ مغمور ٿي نه وڃي.

    ڏسي رقاصن جو رقص دل منهنجي هر کي پئي آ، هاڻي،
    دل کي ڪيئن پليان مان، جو هُو هاڻي مَحِمور ٿي نه وڃي.

    گمنامين جي اوٽ ۾ رهڻ ڏي، اسان کي هاڻي تون،
    چوري چوري ۽ لِڪي لِڪي ”قرني“ ملڻ مشهور ٿي نه وڃي.


    ويو دل کسي سهڻو چاهه ۾ آهي،

    ويو دل کسي سهڻو چاهه ۾ آهي،
    ڪري گهر ويٺو ڄڻ ساهه ۾ آهي.

    صبح شام سهڻو سينگار ڪري پيو،
    ڪيان ٿو نظر مان، بيٺو ٺاهه ۾ آهي.

    ”مَئي مَتي مهراڻ“ ۾ جهومان نچان ٿو،
    چون ٿا چريو ٿيو چاهه ۾ آهي.

    ڪيو حُسن هُن جي حيران آهي،
    چوڏهين جو چنڊ ڄڻ ماهه ۾ آهي.

    سندس ويس سهڻا پيارا پيارا،
    منظر نگاري وڻراهه ۾ آهي.

    ايندو، اچڻ جا واعدا ڪري ويو،
    يقين هڪ ٻئي تي ويساهه ۾ آهي.

    اويس ”قرني“ منهنجي اڱڻ تي ايندو،
    رکان ٿو مان آسرو الله ۾ آهي.


    سامهون جاني اچي شهر نچي ٿو،

    سامهون جاني اچي شهر نچي ٿو،
    ٿي ڇانورو پرينءَ مٿان ڪڪر نچي ٿو.

    پير رکيائين سنڌؤَ ڪَپَ تي،
    ”مئي متي مهراڻ ۾“ آ، بحر نچي ٿو.

    ملڻ آ، پرينءَ جو سڀ کان سهڻو،
    اُڀَ تي ڪونجن جو وڳر نچي ٿو.

    لاهي نقاب گهمي ٿو شهر ۾،
    لَبِ مهراڻ ۽ سکر نچي ٿو.

    نظرن جا جيئن هڻي ٿو تير تيئن،
    منهنجي دل ۽ جگر نچي ٿو.

    فقير ڀٽائيءَ جون وايون پڙهن ٿا،
    تن تنبورو ۽ تمر نچي ٿو.

    چوڏهينءَ رات هن سان ڪچهري،
    اي اويس ”قرني“ پَهر نچي ٿو.


    ڇڏي رڻ ۾ مونکي هلندا هليا ويا،

    ڇڏي رڻ ۾ مونکي هلندا هليا ويا،
    سوين سُور مونکي ڏيندا هليا ويا.

    ڪيم منٿون ڪيئي، رهي رات هڪ پئو،
    مڃي هڪ نه منهنجي، اٿندا هليا ويا.

    هيا مالوند، ڌڻن جا ته مالڪ،
    رڍون ٻڪريون چاريندا ڪاهيندا هليا ويا.

    اُٺو مينهن بر ٿي ويون بهارون،
    وٺي وڳ خوش ٿي کلندا هليا ويا.

    آهي ٿر ۾ ڌرتي سائي چادر پهري،
    پنهنجا ٻنيون ٻارا، ڀريندا هليا ويا.

    آيو عشق، عقل ۽ هوش هليو ويو،
    سڀئي سنگتي ساٿي ڇڏيندا هليا ويا.

    مون کي سِڪَ اويس سُمهڻ نه ٿي ڏي،
    جايون ”قرني“ جِيءَ ۾ جوڙيندا هليا ويا.


    توکي ڏسڻ لئه مان رلندو رهيس”وفا جي رڻ ۾،“

    توکي ڏسڻ لئه مان رلندو رهيس”وفا جي رڻ ۾،“
    ڪٿي آهين توکي ڳولهيندو رهيس”وفا جي رڻ ۾.“

    ايترو ڇو ٿو ستائين تون، مونکي او! پيارا،
    توکي ڏسڻ لئه دانهون ڪندو رهيس”وفا جي رڻ ۾.“

    تو اڳيان منٿون ۽ ميڙون ڪيون مون ڏاڍيون،
    پوءِ به ڇڏي وَئين، رُئندو رهيس”وفا جي رڻ ۾.“

    عشق تنهنجي ڪيو برباد ٿي ويس نڪمو آءٌ،
    پوءِ به تنهنجي لئه جبل جهاڳيندو رهيس”وفا جي رڻ ۾.“

    تو ڪئي ناحق جدائي آهي مون کان او! سنگدل،
    تنهنجي هن بي رُخيءَ ۾ تڙپندو رهيس”وفا جي رڻ ۾.“

    چون ٿا ماڻهو مون کي هت هاڻ چريو چريو،
    هن جي پيار ۾ چريو چوائيندو رهيس”وفا جي رڻ ۾.“

    ”قرني“ اويس ٿو تو لئه تڙپي رڙي هت هر دم ويٺو،
    ڪاٿي آهين تون پيارا، سوچيندو رهيس ”وفا جي رڻ ۾.“


    سنڌ سونهاري جي آس آهي مهراڻ،

    سنڌ سونهاري جي آس آهي مهراڻ،
    سنڌ واسين جو وسواس آهي مهراڻ.

    سنڌؤَ جي سڃاڻ آهي هي بتيلو،
    مگر آهي پياسو ۽ پياس آهي مهراڻ.

    مهراڻ جي موج ۾ چنڊ جهلندو هو،
    درياهه سُڪل آ، اُماس آهي مهراڻ.

    دهشت دهمان دل کي لوڏيندا هئا،
    سواءِ موج جي اداس آهي مهراڻ.

    سوز ۾ ورتل آ، سارو هي ساحل،
    اميدن جو واس آهي مهراڻ.

    اسان جو گذارو آ سنڌوءَ تي،
    سنڌ وارن جو ماس آهي مهراڻ.

    سدا وهي نِيل جيان شينهن درياهه،
    ”قرني“ اويس ڇو ٿئي نراس آهي مهراڻ.


    ٽوپي اجرڪ پائي اچجو،

    ٽوپي اجرڪ پائي اچجو،
    پاڻ سينگاري ٺاهي اچجو.

    سنڌين جا هِتِ ميلا مچندا،
    ايڪتا ڏينهن ملهائي اچجو.

    سنڌي ماڻهو سهڻا سٻاجها،
    خوشيون جڳ ۾ ورهائي اچجو.

    سنڌي ٻولي سڃاڻ اسان جي،
    سنڌ سان ساٿ نڀائي اچجو.

    الفت جي زنجير ٺاهي،
    هٿ ۾ هٿ ملائي اچجو.

    اويس ”قرني“ خوشيون ڪنداسين،
    دشمن جو جِيءُ جلائي اچجو.


    تون نه هيئن تنهنجي وري ياد آئي،

    تون نه هيئن تنهنجي وري ياد آئي،
    روئي ويٺو آهيان جو، چري ياد آئي.

    مان ته رلندو وتان ٿو تنهنجي ڪري،
    لڳي باهه دل تي آ، ٻري ياد آئي.

    منهنجي زندگي آ، اڌوري تو کانسواءِ،
    لڙڪ لاڙي ويٺس پر، تري ياد آئي.

    تنهنجي يار وڇوڙي جيءُ آ، جهوريو،
    مري ويندو سانءِ جو مري ياد آئي.

    تنهنجي وئي آ، سَري منهنجي ڪا نه ٿي سري،
    تو وِساري ڇڏيو مون کي، سري ياد آئي.

    تنهنجو عڪس اکڙين ۾ اٽڪيل آهي،
    گهڙي پيار واري جا، ڀري ياد آئي.

    آهيان افسوس ۾ ۽ سوچيان ٿو پيو،
    اکين جي اڳيان هئي، سا پَري ياد آئي.

    ننڍپڻ جون يادون اک ٻوٽ واريون،
    گهمي پئي گهٽين ۾ ڇوڪري ياد آئي.

    صبح سانجهي اويس درشن ٿيندو هو،
    تنهنجي چاهت ”قرني“ کري ياد آئي.


    ويران ڳوٺ ڳليون ويران رستا آهن،

    ويران ڳوٺ ڳليون ويران رستا آهن،
    هِت هُت اسان جي پيار جا هلندا قصا آهن.

    پنهنجي محبت کي لڳي ڪنهن جي ته نظر آهي،
    ڇنين يار ويا مون کان مرڻ جا خدشا آهن.

    هرڪو منهن ٿو موڙي ڇڏي دل صفا ٿو ٽوڙي،
    دشمن پراوا ناهن پر پنهنجا ئي رشتا آهن.

    محبوب بنان زندگي گذاري نٿو سگهان مان،
    دل ٿي وئي آ ٽوٽا، ڄڻ پرزه شيشا آهن.

    هن دنيا جي ڄڻ نه پئي ٿي ڪائي خبر،
    پيار تنهنجي جا چڙهي مون تي ويا نَشا آهن.

    رات ڏينهن رُلندو رهان ٿو مليا ڪو نه آهيون،
    اڃا ته آهي دُوري، وڏا ڪيئي ويڇا آهن.

    رات ڏٺو مون خواب ۾ اويس ”قرني“ آيو،
    خوش ڏاڍو مان آهيان جو جاڳي پيا جذبا آهن.


    راهه ۾ هلندي رستا ڳالهائن ٿا،

    راهه ۾ هلندي رستا ڳالهائن ٿا،
    پيار پنهنجي جا قصا ڳالهائن ٿا.

    شيش محل ۾ رهندو آهين،
    آئيني اڳيان شيشا ڳالهائن ٿا.

    چاهت ۾ چَپ چُرندا رهن ٿا،
    اَڻ پيتيءَ جا ڄڻ نشا ڳالهائن ٿا.

    سامهون ڏسندي منهن ٿو مٽائين،
    دوريءَ جا ڄڻ ويڇا ڳالهائين ٿا.

    پيار تي لڳندا پهرا ته آهن،
    ماري وجهندا خدشا ڳالهائن ٿا.

    سونهن تنهنجيءَ جو سلامي آهيان،
    ڏسندي ڏسندي جذبا ڳالهائن ٿا.

    ”قرني“ اويس سان ڀر ۾ ويهين ٿو،
    جڳ هي سارو، رشتا ڳالهائن ٿا.


    ڏسو سونهن کي ڪيڏي نه مستي آ،

    ڏسو سونهن کي ڪيڏي نه مستي آ،
    سڄڻن جي ڪُهڻ لئه، هن کي چُستي آ.

    اسين ته ڪُسڻ جي لاءِ تيار بيٺاهون،
    ڪيڏي ته اسان جي سِري سستي آ.

    هو ناز وِچان ٿو گهمندو رهي،
    ڪيڏي ته پرينءَ منهنجي ۾ سرمستي آ.

    هو ڦندن سان مون کي ڦاسائي ٿو پر،
    منهنجو مَن به حسن پرستي آ.

    حُسن وارن جو هو سلطان آهي،
    وڏي اُتم ڪا، هوءَ يار هستي آ.

    اويس ته هُن جو ير آهي ثنائي،
    ”قرني“ سونهن جي ڪيڏي وستي آ.


    هن چيو ته ڏاڍو ڪو رولاڪ آهين،

    هن چيو ته ڏاڍو ڪو رولاڪ آهين،
    چيائين وري منهنجي عشق ۾ بيباڪ آهين.

    مون سان تنهنجو پيار ڏاڍو آهي،
    منهنجي ئي پيار ۾، تون ٿيو پاڪ آهين.

    وتين ٿو ووڙيندو مون کي گهٽيءَ ۾،
    تون اوشاڪن جو پرين ٿاڪ آهين.

    ڇو ٿو رهين صحرائن ۾، او چريا نادان،
    وَٺُ ڇانوَ جو پاسو، ڇو ٿيو ٽاڪ آهين.

    رهين تون ڇو نٿو، پيار وارن سان،
    تون ته محبت جي پياري ماڪ آهين.

    منهنجي عشق ۾ تون، تار چريو آن،
    اويس ”قرني“ منهنجي عشق ۾ لاڪ آهين.


    سنڌ منهنجي اَمر آ، اَمر ئي رهندي،

    سنڌ منهنجي اَمر آ، اَمر ئي رهندي،
    منهنجي لئه بس ثمر آ، ثمر ئي رهندي.

    مان ته پنهنجي سنڌ جو آهيان غلام،
    سنڌ مون لئه قمر آ، قمر ئي رهندي.

    اچو ته گڏجي يار سنڌ کي بچايون،
    پنهنجي ڀُونءَ بحر آ، بحر ئي رهندي.

    سنڌ جهڙو خِطو ڪٿي ڀي ته ناهي،
    ڀلاري ڀُونءَ وکر آ، وکر ئي رهندي.

    جيڪي منهنجي ڀونءِ جا ويري ٻُڌن،
    سنڌ منهنجي لئه امر آ، امر ئي رهندي.

    اويس سنڌ جو آ، سنڌ جوئي رهندو،
    ”قرني“ سنڌ ڇانوَ ڇپر آ، ڇَپر ئي رهندي.


    تنهنجي پيار جي آڳ دل اندر مچندي رهي ٿي،

    تنهنجي پيار جي آڳ دل اندر مچندي رهي ٿي،
    ڪڏهن ايندين منهنجي اڱڻ دل لڇندي رهي ٿي.

    اسين ٻئي آهيون هتي پيار جا مسافر سدا گڏ رهون پيا،
    ڪريون پاڻ ۾ ڪچهريون، سدا دل پڇندي رهي ٿي.

    تون آءُ گهمندا رهون هِن ساري جهان ۾،
    ائين رهون فضا ۾ جيئن ڪونجن قطار اڏندي رهي ٿي.

    محبت جي ميدان ۾ ڪڏهن ڀي مايوس نه ٿي جي،
    اسان جي پيار کي ڏسي، ساري دنيا جلندي رهي ٿي.

    جڏهن پرين منهنجي اڱڻ تي ايندو آهي مون وٽ،
    هن جا جوهر جمال ڏسي دل منهنجي نچندي رهي ٿي.

    جي گهڙي پل جي لاءِ هو مون کان جدا ٿيندو آ سڄڻ،
    ڪاوڙ منجهان منهنجي دل يَر تپندي رهي ٿي.

    اويس ”قرني“ محبوبن سان ايتري ڪاوڙ نه ڪر تون،
    تنهنجي اُن ورجاء سان منهنجي دل ڏکندي رهي ٿي.


    منهنجي اکين جو آر، اهو نٿو سمجهين؟

    منهنجي اکين جو آر، اهو نٿو سمجهين؟
    تون آهين منهنجو پيار، اهو نٿو سمجهين؟

    تون آءُ تنهنجي مَست نيڻن جو طواف ڪيان،
    تون آن منهنجي نيڻن جو ٺار، اهو نٿو سمجهين؟

    تنهنجي ڦوهه جواني مون کي ماري ٿي،
    آيو موٽي آ بهار، اِهو نٿو سمجهين؟

    تنهنجي ڪري ماڻهو چريو چريو ٿا چَون مون کي،
    ٿيس مان زماني ۾ نروار، اهو نٿو سمجهين؟

    پيار تنهنجي جي خواري مٿي تي کنئي مون،
    تنهنجي ڪري ٿيس مان خوار، اهو نٿو سمجهين؟

    ڪڏهن ڪَهي ايندين تون منهنجي اڱڻ تي،
    ناهي ڪو دل کي قرار، اهو نٿو سمجهين؟

    تنهنجي ڪري روح رڙي ٿو، دل ٿي لڇي ”اويس“،
    دل توکي ڇهڻ لاءِ، تيار، اهو نٿو سمجهين؟


    توکي وِساري وِساري ڪيئن ڇڏيان،

    توکي وِساري وِساري ڪيئن ڇڏيان،
    تو چيو وِساري ڇڏ مان ڪيئن مڃان.

    هَر مُند ۾ نيڻ آلا آهن تنهنجي ڪري،
    تنهنجي گهر جون تنگ گهٽيون مان ڪيئن اَچان.

    هن ڏکن واري جهان ۾ منهنجا سڄڻ،
    توکي ڪِٿان ڳوليان ۽ ڪِٿان لهان.

    تنهنجي مَست نيڻن جو شراب مَست آ،
    اِهو پيار ته مان جهومان ۽ نچان.

    تنهنجي انگڙاين تان دل قربان آهي،
    مان توکي پَسان تنهنجا لب چمان.

    هر وقت توکي لڳل نقاب آهي،
    ڏس توکي ڀلا مان ڪيئن ڏسان.

    ڌرتتيءَ جو تو لئه رُلندو رهان ٿو،
    ”اويس“ برهه جي باهه مان ڪيئن بچان.


    رات جو پويون پَهر، تنهنجي جدائيءَ ۾ ڪيم جاڳ اَلا،

    رات جو پويون پَهر، تنهنجي جدائيءَ ۾ ڪيم جاڳ اَلا،
    ساري رات هئي آڪاس ۾ چندرما جي آڳ اَلا.

    هُو سونهان ڪين ڪي هئا رڻ ۾ رُليا ساري رات،
    مڌ پي ايڏو ته مست ٿيا جو وِسري وين ماڳ الا.

    جهاڳي جهاڳيندي آئي هن جيون ۾ زندگي پوري،
    ڪيترائي سَمونڊ اُڪاري زندگي اُجهاڳ اَلا.

    نيٺ ته وڃي پهتس مان ڪلالن جي ڪُوءِ ۾،
    تڙپي تڙپي وڃي پهتا منهنجا آهن ڀاڳ اَلا.

    موکي تون نه ماندي ٿيءُ، تو تان رند گهور وڃن،
    ڏي امرت اوتي رندن کي ته جاڳن تنهنجا ماڳ الا.

    هِن وِلهه ۾ ڇيڙ تون پنهنجا هي سارا سُر،
    نيٺ ڀڙڪي اُٿندا تنهنجا هي راڳ اَلا.

    سسئيءَ سان ڏيرن ڪيو ههڙو ڌوڪو هڪ رات،
    جبل ۾ ڳوليندي رهي پنهنجو سهاڳ اَلا.

    ”قرني“ منهنجي آسڻ ايندا، رهندا مون وٽ رات،
    خوشيون اڱڻ تي اينديون، واري اينديون واڳ اَلا.


    ٿري منهنجا مارو ڏکايل آهن،

    ٿري منهنجا مارو ڏکايل آهن،
    صدين کان صدين کان ستايل آهن.

    سدائين ٿرين سان ٿيو ڌوڪو آهي،
    ڏکن ئي ڏکن ۾ اُڃايل آهن.

    ننڍڙا ۽ وڏڙا روز مرن پيا،
    مرن مور ڊيلون ۽ گهايل آهن.

    ٺَلهن آسرن مان ٿيندو ڀلا ڇا؟
    ٿيندي نه امداد بکايل آهن.

    منهنجي يار، مارن جي لهو سارڪا،
    بکن ئي بکن ۾ ماريل آهن.

    رڍون ۽ ٻڪريون ويو مال مري،
    ڏُڪر ۽ ڏڪار جا سُڪايل آهن.

    ٿَر ۽ بَر ۾ پاڻي به ڪونهي ڪو،
    ڪيئي ڏينهن کان اُڃايل آهن.

    ڪڏهن رحم نه ايندو رهزنن کي،
    اويس ”قرني“ مارو مرجهايل آهن.


    سڄڻ منهنجو ڏاڍو حسين آ،

    سڄڻ منهنجو ڏاڍو حسين آ،
    منهنجي دل کي پڪو يقين آ.

    ڪڏهن ڪڏهن ڌار ٿيندو آ،
    پر لڳندو مون کي هو همنشين آ.

    هو ملي ٿو روز مئه ڪدي ۾ دلبر،
    پرين لڳندو منهنجو مئڪشين آ.

    رهندو آهي منهنجي دل اندر هو،
    پرين دل جي جهروڪي ۾ مڪين آ.

    سهڻن کان وڌ آ سهڻو حَسين،
    ڄڻ هوءَ ڪا مون لئه مهجبين آ.

    مان ڇا تعريف ڪريان هن جي،
    هو سمورن حسينن جو امين آ.

    اويس ”قرني“ آ، هن جو شيدائي،
    هن جي ڏسڻ سان ايندين تسڪين آ.


    سونهاري سنڌ جو شان آ، عثمان مروندي،

    سونهاري سنڌ جو شان آ، عثمان مروندي،
    هند ۽ سنڌ جو مان آ، عثمان مروندي.

    حامي به آ، حسيني به آ، اولياء الله جو آهي،
    درد ڀرين دلين جو درمان آ، عثمان مروندي.

    سيوهڻ ۾ سدائين ميلا مچن ٿا اڪثر،
    صوفين جي جذبن جو ارمان آ، عثمان مروندي.

    آذر بائيجان جي مروند شهر کان ڪَهي آيو،
    سِوِستان ٿيو سيوهڻ مهان آ، عثمان مروندي.

    دل جون مرادون کڻي ڪيئي اچن ٿا سائل،
    ڏيندو تن کي دان آ، عثمان مروندي.

    اچو چئن ”قُلن“ جي ڀيٽا ڏيون قلندر کي،
    انڌن جي اڳيان شمع دان آ، عثمان مروندي.

    عثمان مروندي خدا جو صالح ٻانهون آ، ”اويس“،
    عالمِ دين ۽ حافظِ قرآن آ، عثمان مروندي.


    ياد تنهنجي ۾ هي منهنجي دل بُلاٽيون کائي ٿي،

    ياد تنهنجي ۾ هي منهنجي دل بُلاٽيون کائي ٿي،
    تون ڪڏهن ايندين اڱڻ تي اک ”ڀوانٽيون“ کائي ٿي.

    هيل ڇو تو دير آهي ڪئي، اچڻ ۾ ڇو ڀلا!
    تو سوا دردن جون هي دل، روز ڇاٽيون کائي ٿي.

    تون جڏهن ايندو جي ناهين ڪنهن مهل منهنجي اڱڻ،
    زهر قاتل جون ڀري، دل منهنجي پاٽيون کائي ٿي.

    تون گهمين ٿو غير سان گڏ ڇو پيو منهنجي اڳيان،
    غير سان توکي ڏسي، دل هي ڦِراٽيون کائي ٿي.

    منهنجي دل کي تو سٽي آهي ڇڏيو بيدرد ٿي،
    جيئن ڪپهه تنبجڻ جيان، دل منهنجي ساٽيون کائي ٿي.

    تنهنجو ”قرني“ پيار تنهنجي ۾ رهي ٿو مست الست،
    تنهنجي لاءِ منهنجي دل هي، سيسراٽيون کائي ٿي.


    هوءَ دل کي پلي جيان اُڀا جهير ڏيندي وئي،

    هوءَ دل کي پلي جيان اُڀا جهير ڏيندي وئي،
    مون کي پَڪ نه هئي ته سڌا جهير ڏيندي وئي.

    مون ته هر موڙ تي هُن سان نڀاهه آ ڪيو،
    مگر پوءِ به مون کي هوءَ خدا، جهير ڏيندي وئي.

    هن منهنجي نازڪ دل کي ٽوري ڀَسم آ ڪيو،
    ڪئي نه هن مون سان وفا، صفا جهير ڏيندي وئي.

    مونکي يار زماني ڏکايو آ ڏاڍو،
    هوءَ به منهنجي دل کي جدا جهير ڏيندي وئي.

    ڪري ٿي مون سان هر روز بي وفايون،
    منهنجي دل کي هر دفعا جهير ڏيندي وئي.

    هُن جي اَدا دل کي ڏاڍو تڙپائي ٿي،
    محبوب جي هر هڪ اَدا جهير ڏيندي وئي.

    ٿيو ”قرني“ سڄڻ جي مٿان ئي قربان آهي،
    ٿي دل هن مٿان ئي فدا، جهير ڏيندي وئي.


    نيڻ خوابن ۾ توکي ڏسندا رهن ٿا،

    نيڻ خوابن ۾ توکي ڏسندا رهن ٿا،
    تنهنجا نيڻ دل کي سٽيندا رهن ٿا.

    نه ٿيو ڳوڙهن جو هتي ڪو تدارڪ آهي،
    دانهن تنهنجي هتي ڏيندا رهن ٿا.

    چنڊ ڪِيهون ڪري ماتم ڪيو هو،
    روح جنهن جو ظالم رهڙيندا رهن ٿا.

    زندگيءَ ۾ بهارون ڪين نصيب ٿيون هن،
    پاڻ ۾ روح سارا، سُور سليندا رهن ٿا.

    اويس ”قرني“ آ سورن جي ٻيڙيءَ ۾ سوار،
    لفظ خود بخود ٻيڙيءَ ۾ ايندا رهن ٿا.


    تنهنجون يادون دل ۾ چڀن هر وقت،

    تنهنجون يادون دل ۾ چڀن هر وقت،
    تنهنجو هر ڪنهن کان پڇن هر وقت.

    تنهنجا رستا نهاري نيڻ ڪين ٿڪجن،
    تنهنجون راهون، اکڙيون چُمن هر وقت.

    پيو تون سزائون ڏي مون کي او! پيارا،
    توکي پسڻ لاءِ نيڻ راهن ۾ کُپن هر وقت.

    سوچ جي سمونڊ ۾ اُٿن جي لهرون،
    توکي موتين جيان ميڙي لَڀن هر وقت.

    رُڃ ۾ ٿو رُلندو، وتان تنهنجي ڪري،
    نيڻ تنهنجي ووڙ ۾ ٿا رهن هر وقت.

    متان تون غير ڏانهن وڃي او! پيارا،
    غيرن سان نيڻ ڪين ٺهن هر وقت.

    ”قرني“ مان چاهيان ٿو روز ملين مون سان،
    هر هر ٿئي سدا پنهنجو مِلن هر وقت.


    تنهنجو چهرو چنڊ جي چانڊاڻ آ.

    تنهنجو چهرو چنڊ جي چانڊاڻ آ.
    جنهن مچايو ملڪ ۾ مانڌاڻ آ.

    پيار تنهنجو آمٺو ماکي مثل.
    سونهن تنهنجي ڇا چوان سرھاڻ آ.

    تو رکيو مون تي ستم آھي، روا.
    مون سٺَو ڇا ڇا نه تنهنجي ڪاڻ آ.

    تنهنجي نازن جو نرالو آ انداز.
    منهنجي سڪ کي سا، سموري ڄاڻ آ.

    صبح جو ڏسندو شفق.ڏي آ ”اويس“.
    تنهنجي لبڙن جي اِھا لالاڻ آ.


    محبوبن جا ڇال ڇڇڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين،

    محبوبن جا ڇال ڇڇڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين،
    دلبرن جا دلين ۾ الڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    اسين ته هنن جا ازل کان ئي آهيون عاشق،
    حسينن جي پيرن جا چمڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    هوءَ جڏهن ڪارا واسينگ زلف ڇوڙي ٿي،
    سڄڻ جي ٽِلڻ جا جهٽڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    هُن جون يادون دل کي نهوڙي ڇڏن ٿيون،
    منهنجي روئڻ جا اُجهڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    هُو ڪاوڙ ۾ ائين لڳندو آ ڄڻ ڪو اوٿر،
    پرينءَ جا ڪاوڙ مان دڙڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    جڏهن پيرن ۾ جهانجهر پائي هلندي آ،
    محبوب جي جهانجهر جا ڇمڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    سندس يادون دل کي تڙپائن ٿيون پيون،
    پيار جون ساروڻيون سُڏڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    دل چوندي آ محبوبن جا پيرا لڪايان،
    مگر ڪوشش ڪندي به ليڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    پرين چپڙن ۾ الائجي ڇاڇا چوندو آهي،
    حسينن جا يار اهي ڀڻڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    هو ڪاوڙ ۾ جڏهن هوندو آ، آئون ٽريو وڃان،
    سڄڻ جا پاڻ کي ڌڌڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.

    ”قرني“ ڇو ٿو اوڇنگارون ڏئي تُون روئين،
    ”هاڻي يار سڏڪا سنڀاليا نه ٿا ٿين.“


    تون آهين ڪٿي او! پرين تو لئه نڪرن سارون اندر مان،

    تون آهين ڪٿي او! پرين تو لئه نڪرن سارون اندر مان،
    توکي ساري ساري نڪرن، تو ڪاڻ تنوارون اندر مان.

    تون ڇو نه ٿو اسان کي هاڻي يار سڃاڻي هتي،
    تنهنجي ڪاڻ دل مان سدا نڪرن کيڪارون اندر مان.

    هئه دل ته تو لئه آهي مستاني او! منهنجا پرين،
    سدا تنهنجي لئه دل جي حضور مان اچن تارون اندر مان.

    پرين تنهنجو ديدار منهنجي لاءِ دوا کان وڌيڪ آ،
    ڪندين ڦيرو ڪڏهن، تو لئه نڪرن ٿيون ميارون اندر مان.

    سڄڻ تون ملندو ناهين ڏک ڏاڍو ٿيندو آ،
    وڌن تنهنجون سارون ۽ نڪرن پڪارون اندر مان.

    مون کي ياد آهين، منهنجا مٺا تون هر وقت،
    پون پور تنهنجا، پچي نڪرن پچارون اندر مان.

    ”اويس“ رولاڪ ٿي ويو آهي تنهنجي پيار ۾،
    ”اِجهي ڄاڻ نڪتيون اوڇنگارون اندر مان.“


    توريءَ منهنجي ڪين سري ڙي ساجن،

    توريءَ منهنجي ڪين سري ڙي ساجن،
    آءُ مون وٽ پنهنجا پير ڀري ڙي ساجن.

    ڇو ٿو مون کان دور، رهين او! پرين،
    دل ٿي تو لئه هاءِ مري ڙي ساجن.

    توکي ڏسڻ لئه اکڙيون آتيون هِن،
    من ڪا تنهنجي واڳ وري ڙي ساجن.

    ٿيا نيڻ به تو لئه مستا نه هِن منهنجا پرين،
    اَچُ پير ڀري، ٿي نه تون پري ڙي ساجن.

    سهڻن گفتن سان گلاب ڇڻيو پون ٿا،
    پيارن چپڙن جو ٻڌي آواز، دل ٺري ڙي ساجن.

    آءُ ته توکي پنهنجي دل جو مزمان ڪيان مان،
    دل جي آڳر تي پنهنجا قدم رک هري ڙي ساجن.

    هڪ وار هلي آ، پاڻهي پو تون ايندين،
    ”قرنيءَ“ سان ڏس پيار ڪري ڙي ساجن.


    جاڙو غزل

    جاڙو غزل

    ڏاڍي سُٺي سهڻي موسم آ پياري ، هيڪر اچي تون سار ته لهين ها،
    آڪاس ۾ ٿي آهي آ گم رُت ملهاري ، ڪا گهڙي جي تون ته ترسين ها.

    روح تڙپي چيو تون مون وٽ ايندين، تانگهه ٻڌايو ته تون اچڻو آهين،
    تنهنجي لئه ويهي رات گذاري، ساڳيءَ مند تي يار ته موٽين ها.

    پرين منهنجي پَڪَ هئي ڏياري، تات به يار هيو مون کي ٻڌايو،
    دِل به ڏني هئي ڏاڍي دِلداري جيڪر اچي تون رات ته ٽِڪين ها.





    تنهنجا رستا سارا نيڻن ٻهاريا سڪ ۾، تنهنجي لئه دل ساز وڄايا،
    اچي ڪا ڏين ها دوست دلداري ، قربن واريون ڪچهريون ته ڪرين ها.

    بي گناهه ڪنهن سان رُسبو ناهي ، ياري رکي پوءِ هتي هٽڻو ناهي،
    محبوبن کي منهن تي ڪبو آ مياري بي ڏوهي هجين ها ته ڏنڊ وٺين ها.

    تنهنجي آس ۾ ڏينهن گهاري ڇڏبا، ڪيل پنهنجا واعدا پاڙي ڇڏيا،
    پرين تو سان ڇنڻي ناهي ياري ، قسمن پنهنجن کي تون ته پارين ها.

    مان جا تانگهه تناور مُڪي تو ڏي ، شل موسم نه وڃي جلد پهچي وڃ،
    جلدي تون دلبر ڪرين ها تياري ، سهڻا منهنجي ميڙ منٿ ته مڃي ها.

    جدائي ڇڏيو آ جيءَ کي جهوري ، يار تون خوابن ۾ ئي اچين ها،
    توکي ڌڪ لڳي ڪوڪا پاري ، ملڻ جو ڪو يار آٿت ته ڏين ها.

    ٿڌڙين هوائن آندو هوندو، منهنجي هن ساري حال جو نياپو،
    خبر تو وٽ پهچي وئي ساري پيارل پهچي مون کان ته پڇين ها.

    هاڻي نه ڏس ”اويس“ مون ڏي زندگي بچي آ باقي ٿوري،
    هر چڪر ۾ آ مون به بازي هاري جيڪر مون وٽ هر هر ته اچين ها.


    تڙيو آدم بهشت مان، آدم جو خدا حافظ،

    تڙيو آدم بهشت مان، آدم جو خدا حافظ،
    ملي دل، دل سان آهي، ماتم جو خدا حافظ.

    منهنجو سڄڻ مون سان، مليو آهي اَڄُ،
    ٿيا سارا غم دور، رنج و اَلم جو خدا حافظ.

    هن جي وڇڙڻ کان پوءِ نيڻ اشڪبار هئا،
    هُن جي انهيءَ سڀاء کان مرهم جو خدا حافظ.

    ڇڏي ويو هو سُنسان راهن ۾ مون کي،
    دلين جي مِيت ۽ همدم جو خدا حافظ.

    اَڄ شاعري ٿيئ ٿي نالي ماتر هتي مگر،
    شاعر جي شعرن مان ترنم جو خدا حافظ.

    هُيا ڪنهن زماني ۾ سنڌؤ ڪناري وڏا جهنگ،
    ويا وڍجي اُهي سارا وڻ، شِيشم جو خدا حافظ.

    هر اک آهي هتي نَم، هر ماڻهوءَ جي، پر،
    ٿئي اک نه ڪنهن جي آلِي، پُر نم جو خدا حافظ.

    جنهن کان پنهنجي ماءُ ڇني وئي هجي،
    ان پياري معصوم ٻار، اَبهم جو خدا حافظ.

    اويس تون پنهنجي سڄڻ جو خيال رَکُ،
    ”گلشن جو، گلن جو، شبنم جو خدا حافظ.“


    حسينائون پنهنجا سُور پاڻ ۾ سَلينديون ته هونديون،

    حسينائون پنهنجا سُور پاڻ ۾ سَلينديون ته هونديون،
    ڏئي ڏوراپا هڪٻئي کي، رُوح رَلينديون ته هونديون.

    پنهنجن پيارن جون هر دَم واٽون نهاريندي،
    سندن دڳ هر روز پاڻ ئي تڪينديون ته هونديون.

    پنهنجي محبوبن جي اوسيئڙي ۾ رهن ٿيون سدائين،
    ائٽ تي ريشم جو سُٽ ڪَتينديون ته هونديون.

    سڄڻ جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ سدا سانوريون،
    گلابي گل هٿن ۾ جهلينديون ته هونديون.

    اُهي پرينءَ جي ديدار ڪرڻ لئه درين جي اڳيان،
    ويس ڳاڙها پائي گلابي، سِٽَ سِٽينديون ته هونديون.

    هو مون جهڙن مسڪينن کي ڦندن ۾ ڦاسائڻ لئه،
    نوڙيون واڻ ۽ رسا، ڦندا به وٽينديون ته هونديون.

    ڪري ياد مون کي ڏاڍو پوءِ روئينديون ته هونديون،
    لِيئا پائي در ۽ درين کان جهٽينديون ته هونديون.

    پنهنجي عاشقن جون آهون ٻڌندي پڪاري مگر،
    پنهنجي عاشقن کي هر حال ۾ سڏينديون ته هونديون.

    سندن نگاهون به آهن بڙڇيون ۽ ڀالا ڪير بچي،
    ”اويس قرني“ جهڙا ڪيئي سٽينديون ته هونديون.


    درد هي پنهنجا لڪائي مرڪڻو پوندو به آ.

    درد هي پنهنجا لڪائي مرڪڻو پوندو به آ.
    ستم هر سر تي سهائي جيئڻو پوندو به آ.

    جي ڏبو ناھي ته ڪنهن کي ڪين ڪي آ ڏکائبو.
    سينو دشمن ساڻ دلبر ساھڻو پوندو به آ.

    سو ڪٿان وسري سگهي جنهن ساڻ گهاريم زندگي .
    دل ڇٻي کائيندي ان کي سارڻو پوندو به آ.

    ھن جي مرضي آ گهرائي يا ورائي پوئتي.
    انتظاري ۾ مگر ڪجهه بيهڻو پوندو به آ.

    جنهن ۾ ناھي ڪو وفائيءَ جو اکر ان کان پناھه.
    پر ڳچيءَ م اوچتو ڪو بي ڳڻو پوندو به آ.

    مَٽُ ڪِٿي محبوب جو ٿيندس جو ان سان گڏ ھلان.
    پر وڃي دلبر کي ڪاٿي ڳولڻو پوندو به آ.

    ھُو ڇني توکي، نه ڇنڻو آھي دلبر کي اويس.
    نينهن پنهنجي يار سان ڪِٿ جوڙڻو پوندو به آ.


    تو منهنجي زندگي اُجاڙي آهي صنم،

    تو منهنجي زندگي اُجاڙي آهي صنم،
    تو ڪهڙي ڳالهه دل جي تاڙي آهي صنم.

    هن دل نادان کي تو ستايو آ ڏاڍو،
    رقيبن اڳيان منهنجي دل تو ساڙي آهي صنم.

    مون سان نه ملڻ لئه منهنجا پرين،
    پنهنجي اندر ۾ ڳالهه پاڙي آهي صنم.

    مون تي ڇو نه ٿو تون رحم ڪرين،
    ڇا لئه منهنجي زندگي تو بگاڙي آهي صنم.

    مون جيڪا توڏي قرب واري چٺي آ مڪي،
    ڇا لئه منهنجي چٺي تو ڦاڙي آهي صنم.

    اڳ ته هر روز مونکي ڏسندي رهي آن تون،
    هاڻي پنهنجي نگاهه ڇو تو لاڙي آهي صنم.

    اصل کان ئي مان تنهنجو ديوانو آهيان،
    اويس ”قرنيءَ“ جي دل تو واڙي آهي صنم.


    تنهنجي پيار جي باهه اندر ۾ سڄڻ ڀڙڪي آ،

    تنهنجي پيار جي باهه اندر ۾ سڄڻ ڀڙڪي آ،
    توکي ساري ساري ته دل منهنجي ڌڙڪي آ.

    توکي تات پڪاري ٿي هر دم سدائين دلبر،
    ڏسڻ لئه توکي منهنجي ساڄي اک ڦڙڪي آ.

    هوءَ سهڻي سونهن وندي آ ڏاڍي پياري،
    هوءَ ڏاڍي پياري ڪا، حسين جميل نرتڪي آ.

    نيڻ تنهنجي راهن ۾ کُتل آهن منهنجا،
    تنهنجي راهه مون ته هاڻي پرين تڪي آ.

    چنڊ کان به وڌ سهڻي آ، هوءَ حسين پوپري،
    جيئن موتين جي ڪا مالها هتي جرڪي آ.

    تون لڳندي آن مون کي ڏاڍي پياري مگر،
    جئن مئخاني ۾ مئه جي صُراحي ڇلڪي آ.

    مان تنهنجو آهيان، تون منهنجي آهين،
    هاڻي ٿورو تون مون ڏانهن سرڪي آ.

    گهڻو ئي چيم دل کي ته عشق آڙاهه ٿئي،
    ڪا نه مڙي دل پوءِ به وڃي هوءَ هتي اٽڪي آ.

    اوچتو ئي اوچتو راهه ويندي ٿي ويو ديدار،
    مون کي ڏسنديئي ته هوءَ مون سان مُرڪي آ.

    هو قلعي نما ديوارن ۾ ته قيد آ سهڻو سڄڻ،
    هڪ نظر ديدار ڪرڻ جي لئه اک ته لڙڪي آ.


    تنهنجا ناز نخرا وڻن ٿا پيارا هِن،

    تنهنجا ناز نخرا وڻن ٿا پيارا هِن،
    بي قرار دل لئه اُهي ئي سهارا هِن.

    تنهنجا نيڻ مست الست مئي ۾ ڀريل هِنِ،
    نينهن واري نشي ۾ امرت ڌارا هِن.

    پرين تنهنجي نيڻن جهڙا ڪنهن جا نيڻ ناهن،
    آءٌ ته انهن ۾ ڏيان ٽٻي اهڙا مئخارا هِن.

    نيڻ تنهنجا چانڊوڪي کان به وڌ آهن ٻيئي،
    اُهي ساري جڳت کان بيشڪ نيارا هِن.

    توکي ڏسي ٿيون منهنجون اکڙيون ڦٿڪن،
    تنهنجو هڪ ديدار ڪرڻ لئه نيڻ آواره هِن.

    ڪڏهن ايندين منهنجي اڱڻ تي تون سڄڻ،
    تولئه منهنجا نيڻ سدائين اُڃارا هِن.

    تون اسان جهڙن عاشقن کي گهائي وجهين ٿو،
    وَهواه وڻندا اکين جا اشارا هِن.

    اکيون ٿو الارين ”اويس“ کي ٿو مارين،
    جيئن پکين جي پٺيان هوندا بازن جا لامارا هِن.


    شهر ۾ ڏاڍو گوڙ ۽ گمسان هيو،

    شهر ۾ ڏاڍو گوڙ ۽ گمسان هيو،
    هر هڪ ماڻهو هتي ڏاڍو پريشان هيو.

    الائي ڪنهن جي نظر کائي وئي شهر کي،
    هر انسان هاءِ گهوڙا ۽ حيران هيو.

    مان ڀي ويم شهر ۾ ائين لڳو،
    ڄڻ هتي هي ماڻهو بي جان هيو.

    سڀڪو پنهنجي وٺ پڪڙ ۾ هو،
    الائي ڪنهن جو ٿيڻو ڪو اعلان هيو.

    ماڻهوءَ کي ماڻهو ماري هتڙي،
    حقيقت هئي يا ڪو بُهتان هيو.

    سچ کي سوليءَ تي چاڙهيو ويندو آهي،
    ڪوئي سچو انسان اڄ ٿيڻو قربان هيو.

    ڏئي قرباني ڪيائين قوم جو سر بلند،
    ايڏو، وڏو اُن جو ٿيو ڪو احسان هيو.

    مئي خاني ۾ رندن رڙيون پئي ڪيون،
    ڇا هتي آيو ڄڻ ڪو وڏو طوفان هيو.

    ڇو ٿا ڪيو رڙيون ۽ ڪُوڪُون اَڄُ،
    ڇا هتي ٿيڻو ڪنهن جي دردن جو درمان هيو.

    هن شهر ويران کي ڏسي دل ڏکي ٿي،
    هن سهڻي شهر جو مونکي ارمان هيو.

    ڪاڏي ويا اُهي سونهن ڀريا ماڻهو؟
    جن جي ڪري شهر جو وڏو مانُ هيو.

    پراڻا ماڻهو ڇڏي ويا لڏي ويو،
    جن جو هوندو مضبوط ايمان هيو.

    اويس ”قرني“ مايوس نه ٿيءُ تون هاڻي،
    ضرور ايندو اُهو جيڪو ڏيندو دانُ هيو.


    نيڻ تنهنجا پيچرا تڪيندا هن روزانه پرين،

    نيڻ تنهنجا پيچرا تڪيندا هن روزانه پرين،
    نيڻ تنهنجا ۽ منهنجا هڪٻئي جا ديوانا پرين.

    تنهنجي نيڻ ۾ صفا ٽٻي ڏئي وڃان مان،
    تنهنجا ٻئي نيڻ مون لئه آهن مئخانا پرين.

    جيئن موالي مست هوندو آ مئه لئه جاني،
    ائين منهنجا نيڻ تو لئه مست مستانا پرين.

    مون کي تات ٻڌايو ته تون اچڻو آهين،
    گهٽيءَ ساري ۾، تنهنجا هيا هاوانا پرين.

    جنهن رستي سان تون ايندو آن مون وٽ هلي،
    مان تنهنجي پيرن جا چمندو هان نيشانا پرين.

    جنهن تنهنجي نيڻن ۾ نهاريو سو گُم ٿي ويو،
    تنهنجا اُهي نيڻ لڳندا هن مونکي پئمانا پرين.

    جيئن پتنگ شمع تي مست هوندو آ دلبر،
    تيئن منهنجا نيڻ هي به، توتي پروانا پرين.

    اويس تنهنجي انهن لکڻين تي عاشق آ سدا،
    ”قرني“ توتي لکيا جيڪي آهن افسانا پرين.


    تو سان پيچ پيار جا منهنجا پختا آهن پيارا،

    تو سان پيچ پيار جا منهنجا پختا آهن پيارا،
    نيڻ توکي ڏسڻ جي لئه آتا آهن پيارا.

    تو تان جان ڪيان قربان او! منهنجا پرين،
    تو سان منهنجا پيار وارا پڪا رشتا آهن پيارا.

    وڳا ويس تحفا ڏنا تو ڪري سي،
    تنهنجا اهي ڏنل ويس مون پاتا آهن پيارا.

    پنهنجي شاعري جا سرجي مون تولئه،
    ڪري نانءُ تنهنجي گيت ڳاتا آهن پيارا.

    مان تنهنجي عشق ۾ ڏاڍو پريشان آهيان،
    تو سان منهنجا پراڻا ۽ سُٺا ناتا آهن پيارا.

    تنهنجو ديدار مون لئه امرت آهي پرين،
    مون امرت جا پيالا تو ساڻ پيتا آهن پيارا.

    تون ڇڏي نه وڃجانءِ مون کي اڪيلو،
    تو سان مون نينهن جا رشتا لاتا آهن پيارا.

    تون سونهن وارن جو بادشاهه آهين دلبر،
    اويس ”قرني“ جا نيڻ تو سان وابسته آهن پيارا.


    عجب عشق هن ساڻ منهنجو لڳي ويو.

    عجب عشق هن ساڻ منهنجو لڳي ويو.
    ڪري مهرباني هو مون سان ملي ويو.

    ملهايا مان اڄ ڇو نه خوشيون اڱڻ تي،
    ڪچهري ڪري آهي ڏاڍي ڀلي ويو.

    سڄڻ سڀني سهڻن جو سلطان آهي،
    ڏِسي هن کي چنڊ آ ڪڪر ۾ لِڪي ويو.

    سرور سونهن بخشيندي نينڻ کي آهي،
    سندس عڪس آهي اکين ۾ اچي ويو.

    جڏهن مون سان محبوب کي گڏ ڏِٺو هُنَ،
    ڏِسي تڏهن هي غير آهي جلي ويو.

    ڪيان ڪهڙي تعريف پنهنجي پرينءَ جي،
    اچڻ ساڻ سارو صحن واسجي ويو.

    اويس جون ويون انتظاريون ٿي پوريون،
    جو ”قرني“ جو آ بخت بيشڪ کُلي ويو.


    سدائين ساٿ تنهنجو ۽ حوصلو گهرجي،

    سدائين ساٿ تنهنجو ۽ حوصلو گهرجي،
    تنهنجو مونکي پُرڪشش سلسلو گهرجي.

    پري آ، منزل خطرن سان ڀريل راهه،
    تنهنجو سدائين ساٿ ۽ قافلو گهرجي.

    تون ئي منهنجو غمخوار لاڏلو ساٿي آن،
    تنهنجو ئي مونکي مٺو پيالو گهرجي.

    نانءُ تنهنجو مون لاءِ ماکيءَ مثل آهي،
    جڳ ۾ نانءُ مونکي تنهنجو نرالو گهرجي.

    تنهنجي نالي سان منهنجو هجي گڏ،
    نالو پرين تنهنجو هاڻي پالهو گهرجي.

    زماني ۾ گهڻا ظالم اٿئي خيال ڪجان،
    تنهنجي گهر جي دروازي کي تالو گهرجي.

    اويس ”قرني“ محبن سان ساڻ هجان سدائين،
    دل کي دلاسو ڏيڻ لئه دلبر دادلو گهرجي.


    سهڻو جي اچي اڱڻ سرهاڻ ڇو نه ڪجي،

    سهڻو جي اچي اڱڻ سرهاڻ ڇو نه ڪجي،
    سڄڻ جي سونهن جي واکاڻ ڇو نه ڪجي.

    هو ايندو ته دل منهنجي مهڪي پوندي،
    پوءِ خوشين ڀريو اهو مانڊاڻ ڇو نه ڪجي.

    پرين پنهنجي جي خدمت خود پاڻ ڇو نه ڪجي،
    هُن جي راهن تي يار آلاڻ ڇو نه ڪجي.

    هُن جي ايندي ئي سارو گهر چمڪي پوندو،
    سڄڻ جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ لالاڻ ڇو نه ڪجي.

    جي گهرائي محبوب پاڻ ڏانهن ته پوءِ،
    پنهنجي پيارن ڏانهن وڃڻ وراڻ ڇو نه ڪجي.

    پرينءَ جي خوشيءَ ۾ سدائين، ڇو نه،
    پنهنجي لانڍي ۽ گهٽيءَ ۾ چانڊاڻ ڇو نه ڪجي.

    اويس ”قرني“ سڄڻ جي لاءِ دل صاف رک تون،
    ختم اُها پُراڻي بغض سندي ميراڻ ڇو نه ڪجي.


    مُرڪ مِٺڙا مند مَنَ مُرڪي پرين.

    مُرڪ مِٺڙا مند مَنَ مُرڪي پرين.
    مند جيئن توکي ڏِسي هر ڪي پرين.

    چنڊ هو توکي ڏِسي شايد لهي،
    مان ڏِسان ٿو توڏي ٿو سرڪي پرين.

    پڇ نه مون کان تون جُدائي جو صنم،
    باهه هڪ آ جا پئي ڀڙڪي پرين.

    تنهن ڏي ڀي ٿورو سڄڻ ڪجهه ڌيان ڏي،
    تنهنجي زلفن ۾ جو پيو لڙڪي پرين.

    هيڪلائي جي نه پڇ ڪا واردات،
    روح تڙپي جسم ٿو ٿڙڪي پرين.

    التجائون اچ ٻُڌي ڪي ”اويس“ جون،
    اچ اڱڻ منهنجو به جيئن جرڪي پرين.


    سُورن جي انبارن سان جنگ جوٽي رکڻي آ،

    سُورن جي انبارن سان جنگ جوٽي رکڻي آ،
    ڊوڙي ۽ ڊُڪي هي زندگي به ڪٽڻي آ.

    مان چوان ٿو سُورن کي ساڙي تباهه ڪجي،
    منهنجي اها ڳالهه اوهان کي هر حال مڃڻي آ.

    هوءَ ضرور ايندي مون ڏي مون کي پڪ آ،
    اَڄُ مون کي هن جي راهه ضرور تڪڻي آ.

    ڇو ٿا اوهين هِنن رهزنن کان ڊڄو هتي،
    اوهان کي هنن جي هتان پاڙ پٽڻي آ.

    مان هُن جي اڳيان ڪجهه ڀي ته ناهيان،
    هُوءَ سدائين مون مٿان رهي اُتامڻي آ.

    هن جي ڇا تعريف ڪريان مان هوءَ لال آ،
    آ، حسنين ۾ حسين هوءَ ڪا، مَن موهڻي آ.

    سچ کي چئو کنڀو ٻڌي ويٺا هئا شهر ۾،
    اوهان کي هنن سان هاڻي جنگ جوٽڻي آ.

    کلندي کلندي مَنُ مُنڊي ٿي ڇڏي مگر،
    سونهن وندي سهڻي ڪا هوءَ پدمڻي آ.

    ڪبيون محتبون قربان سنڌ جي لاءِ اَڄُ،
    اُها ڳالهه هر دودي جي دل تي لکڻي آ.

    مَسَ مَس جاڳيا آهن سنڌؤ َ جا اهي مالڪ پراڻا،
    هاڻي پاپ جي ماڙي هر حال ۾ ڊهڻي آ.

    گهمندي ڦرندي ٿي مهڪين ماري اڄ اويس،
    جيئن ڇال ڏئي ”قرني“ هلندي هرڻي آ.


    سنڌ مٿان پروان هيو راشد مورائي،

    سنڌ مٿان پروان هيو راشد مورائي،
    محبتون ونڊڻ ۾ مستان هيو راشد مورائي.

    سندس اوتاري تي جيڪو به ايندو هو،
    ڏيندو اُن کي مانُ هيو راشد مورائي.

    هن جي حرفن ۾ گلابن جي خوشبو هئي،
    ڄن گلن جو گلدان هيو راشد مورائي.

    سندس شعرن ۾ ماکيءَ جو اثر هيو،
    شاعريءَ جو وڏو پيمان هيو راشد مورائي.

    هيو ڏاڍو محبتي ماڻهو ۽ سچو انسان،
    محبتون ڏيڻ ۾ مهان هيو راشد مورائي.

    ڪنهن کي به ڪين ڏکايائين زندگيءَ ۾،
    خوشين سندو سامان هيو راشد مورائي.

    اويس ”قرني“ ڇا تعريف ڪيان مان هن جي،
    شاعر جي شعرن جو عنوان هيو راشد مورائي.


    سنڌ واسين جو سرواڻ آ، سرمست،

    سنڌ واسين جو سرواڻ آ، سرمست،
    موج سندو مهراڻ آ، سرمست.

    سچل سارو سَچُ آ، مٺي اٿس ٻولي،
    حقيقت جو اهڃاڻ آ، سرمست.

    سندن شاعري مان اچي خوشبو،
    سچائيءَ جي سرهاڻ آ، سرمست.

    فقيري جي رنگ ۾ ٿا رنڱجن پانڌيئڙا،
    سڀن صوفين جو اڳواڻ آ، سرمست.

    هفت ٻولي ۽ حافظ قرآن آهي،
    هيرن ۽ موتين جي کاڻ آ سرمست.

    پنهنجي پانڌيئڙن سان ويهي صحن تي،
    ڪندو روح رهاڻ آ، سرمست.

    کڻي آس هر سال ايندو آ، ”قرني“،
    پڄائيندو هو پاڻ آ، سرمست.


    پرين تو سان منهنجو پڪو پيار آ ستارن کان پڇجانءِ،
    ڪندو توکي سدائين ياد آهيان مان، لال ليارن کان پڇجانءِ.

    جو ڪوئي ڀي توکي ڏَسُ پَتو نه ڏي ته پوءِ منهنجو،
    ڪارونجهر جي حَسين سهڻن آبشارن کان پڇجانءِ.

    تنهنجو وڃڻ ٿئي ڪڏهن سنڌو درياهه تي،
    ته پوءِ سنڌوءَ جي قديم پراڻن، ڪنارن کان پڇجانءِ.

    تنهنجي ئي ڪري وتان ٿو هن ڪائنات ۾ رُلندو،
    جي پڇين ته منهنجو ڪنهن، ڌرتيءَ جي ريگذارن کان پڇجان.

    اگر جي ڏسين تون آسمان تي ڪونجن جو ولر ته پوءِ،
    منهنجو انهن ڪونجن جي، تون ڪوڪارن کان پڇجانءِ.

    مان ٿر جي ڪا، اوساٽ ته آهيان، او! منهنجا پرين.
    منهنجو ٿر جي مارن بي وس ٻارڙن اُڃارن کان پڇجانءِ.

    توکي روئندي روئندي، ٿو ياد ڪيان مان او! جاني،
    تون منهنجي روئڻ جو حال انهن سِتارن کان پڇجانءِ.

    ويٺو هان تنهنجي ئي ڪري مئخاني ۾ مان، اَڄُ،
    پرين، منهنجو موکي ۽ مئخاني جي متارن کان پڇجانءِ.

    اويس ”قرني“ تنهنجو آ، تنهنجو ئي رهندو سدائين،
    پرين منهنجو تون سرنهن جي پيارن ڦولارن کان پڇجانءِ.


    تو سِوا چڪڻ آهي زندگي،

    تو سِوا چڪڻ آهي زندگي،
    تو بن روئڻ آهي، زندگي.

    ڇو ڇڏي مون کي وئين هيڪلو،
    سُورن سَهڻ آهي زندگي.

    تو لئه ڪيتريون مون ڪاسنيون ڪٽيون،
    باههِ تي نَچڻ آهي زندگي.

    ڪڏهن ايندين مون وٽ آخر،
    روئي ته ويهڻ آهي زندگي.

    مون کي عشق جي ڦاسايو ڦندن ۾،
    مرڪي مرڻ آهي، زندگي.

    عشق آڙاهه آ ڪير نه بچندو،
    آڙاهه ۾ سڙڻ آهي زندگي.




    وَٺُ سبق دودي کان دليريءَ جو،
    سنڌ لئه وڙهڻ آهي زندگي.

    هِت پيار جا سَڀُ ماري ٿَئي،
    تن کان بچڻ آهي زندگي.

    پنهنجا نِير تون پِي وَڃُ هاڻي،
    يارن سان مُرڪڻ آهي زندگي.

    اَچي هو جڏهن اڱڻ تي تنهنجي،
    پيار جي آجيان ڪرڻ آهي زندگي.

    ويهاري پرينءَ کي پَلنگ تي مان،
    حال احوالن جو پڇڻ آهي زندگي.

    پيار پنهنجي پرين کان گهرجي،
    پرينءَ کان پيار گهرڻ آهي زندگي.

    ڪڏهن ايندين تون ”قرني“ وَٽ،
    ”درد جي ڌٻڻ آهي زندگي.“


    ڏات جي ديوي آئي اڱڻ تي سهڻو روپ ڌري،

    ڏات جي ديوي آئي اڱڻ تي سهڻو روپ ڌري،
    من ۾ ٿيا خوشين جا ڇمڪار، ڇم ڇم ڌوم متي.

    منهنجي دل جي ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي وئي،
    هيون هن جون هر دم سارون چاهت چيٽ ڪَتي.

    مَنُ وسواسي منهنجو اندر ۾ پيو هر هر ڳائي راڳ،
    پراوا پنهنجا اوپرا دل اندر ڪيڏو روڳ رتي.

    ڏونگر جهڙا ماڻهو ڏونگر سندن سينا آهن بي احساس،
    پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيائون، منهنجي پريت ستي.

    ٻي ڪا به شيءِ ڀڄي پوي ته ڳنڍڻ سولو ڪم آهي،
    ٽٽي جي پوي دل ته اُن کي ڳنڍي يار ڪين چتي.

    شل رب ڪري منهنجي خوابن جو سانڀاهي سنسار،
    هن معاشري جي صورت اهڙي خراب آ، بدتر ڪوڙو تي.

    مان جا آهي راهه وتي ۽ ماڳ ملڻو به حسين آ،
    ڏسو هن دنيا جا ڍنگ، سا ظلم ڪري چڪڻ ۾ گتي.

    خوش آهن ڪارون، هامان، شداد ۽ فرعون پارا موذي،
    ڪين ڏين ٿا مسڪينن کي اُهي مال جي ڪا، پَتي.

    نيٺ ته عرض اگهندو مون جهڙي مسڪين جو اويس،
    قرني منهنجي ناهي هاڻي هتي جانِ يار سستي.


    او! مَڌ پيارڻ واري ٿورو آهستي آهستي هَل،

    او! مَڌ پيارڻ واري ٿورو آهستي آهستي هَل،
    آهي منهنجي منزل تنهنجو ئي هڪ هڪ پَلُ.

    تنهنجا نازڪ هٿڙا آهن منهنجي منهن تي،
    تون کِلندو آهين ائين جيئن کِلي گل ڪنول.

    تون ڪيئي مسڪين ماري وڌا آهن هتي دلبر،
    واهه واهه ڇوري تنهنجو هي پيارو پيارو ڇَلُ.

    تو جهڙي ناهي اَڄُ ڪا سندري محفل ۾ هتي،
    ڪهڙو ليکبو هتي، هاڻي ڪو اهڙو ڪاڪ محل.





    مَست ٿي تون اڄُ پِيءُ مون اڳيان سارو مَڌُ،
    پرين تنهنجو ويري ٿئي زماني جو هر پَلُ.

    تنهنجي جاءِ ناهي هاڻي هِتان اُٿي جان ڇڏاءِ،
    تو رات گذاري هئي، هاڻي ئي هتان هَلُ.

    وساءِ تون مڌ جي ماڪ پنهنجي مٿان اُٿ،
    ضرور کلندو تنهنجي ئي زندگيءَ جو گُل.

    حَسينن کان وڌ سهڻي آهين او، سَکي،
    طبيعت ۾ نازڪ آهين تون آن نرمل.

    ڪڏهن ايندين منهنجي اڱڻ تون پيارا،
    تنهنجي عشق ڪيو منهنجي روح کي بِسمل.

    تنهن ساهه کي ڇو نه باهه لڳائي ڇڏيان،
    ناهي جنهن ساهه ۾ قرب وارو ڪوئي ڦل.

    رهي ڪيڏو به پري مون کان منهنجو دلبر،
    سڄڻن کي پسڻ لئه منهنجو ارادو آ، اٽل.


    پرينءَ جون يادون سانڍي رکيم سڀ ساهه ۾،

    پرينءَ جون يادون سانڍي رکيم سڀ ساهه ۾،
    حسينن جي ادائن جو مان آهيان ڪُٺل.

    جانان! جا نيڻ آهن نشيلا نرالا تکا تيرن کان،
    مون کي وڻندا آهن هن جا نيڻ نياريءَ ڪجل.

    هوندو جڏهن سامهون آ سهڻو سڄڻ سائين،
    ڄن سانوڻيءَ ۾ لڳندو آ مون کي پيارو سرمنڊل.

    اٿم رات ڏينهان قلم ۽ پنا هتن ۾ پيو لکان،
    توتي لکيا اهن هاڻي ڪيترائي يار گيت غزل.

    تو جيڪي مڪا آهن مون ڏانهن خط ۽ تحريرون،
    مون وٽ ساريون نشانين جيان آهن سانڀيل.

    تون اچ ته ٻئي گڏجي گهمون هن آڪاش تي،
    ڪينڪي روڪيندا، اسان کي هي سارا بادل.

    ”قرني“ اويس تنهنجو عاشق آهي سدائين،
    توکانسواءِ رهي ٿو منهنجو من سدائين هيڪل.


    سڄو ڌيان منهنجو تنهنجي مَڇ تي هو،

    سڄو ڌيان منهنجو تنهنجي مَڇ تي هو،
    مون کي مارائڻ لئه، وارو توکي بَڇ تي هو.

    هو وڏو ڪو شڪاري آ، بازن جيان،
    مڇين کي مارڻ جي لئه، بيٺو رَڇَ تي هو.

    پنهنجي پاڻ ئي پاڻ، ڪري ڀينگ هو،
    بيٺو هاڻي منهنجو پرين، اَڇَ تي هو.

    ڏسان ٿو پرينءَ کي ويٺو آ سامهون،
    الائي ويٺو ڪهڙي هو ورڇ تي هو.

    خودڪشي ڪرڻ جي لئه نڪتو ٻاهر هو،
    آيو سنبري وڏي ڪنهن، يار ڇڇ تي هو.

    ”اويس“ ڏاڍي سهڻي لڳي اَڄُ ڪاري ويس ۾،
    ”او سهڻي توکي گهڙو جو ڪَڇ تي هو.“


    سدا منهنجي هوءَ روبرو هوندي آ،

    سدا منهنجي هوءَ روبرو هوندي آ،
    اِها ئي منهنجي يار، آرزو هوندي آ.

    هوءَ مون تي ڪک به نه آ، سهندي،
    سدائين مون لئه واهرو هوندي آ.

    هو پنهنجي محلن ۾ منهنجي مِٺي،
    مون سان ساڻ سدائين چار سو هوندي آ.

    جنهن به پيتو تنهنجي نيڻن جو مَڌ،
    هن سڀاڳي لئه ٻي ڪا نه جستجو هوندي آ.

    هن جي ڳالهائڻ سان گل ڇڻيو پون،
    مٺي ايڏي پرينءَ جي گفتگو هوندي آ.

    پرين منهنجو بدنام ٿي نه پوي اويس،
    ”قرني“ مونکي رکڻي هن جي آبرو هوندي آ.


    هو ڏس درياهه جا ڪيڏا نه سهڻا ڪنارا ٿا لڳن،

    هو ڏس درياهه جا ڪيڏا نه سهڻا ڪنارا ٿا لڳن،
    پوءِ به اسان جا ڏِس، هي مارو سارا اُڃارا ٿا لڳن.

    ڏسو هي ماڻهو ڪيڏا نه مضبوط آهن مگر پوءِ ڀي،
    مضبوط هوندي زماني ۾ ڏاڍا بي سهارا ٿا لڳن.

    بيٺو هان مان هن چئو واٽي، اڪيلو لُک ۾ پر،
    ڀانيان ٿو ته سڄڻن جا چارا، مون کي امرت ڌارا ٿا لڳن.

    نيٺ ته اچي نڪتو مون وٽ منهنجو پرين،
    پرينءَ جا مونکي اِهي ڊگها وارڪارا، پيارا ٿا لڳن.

    وتن ٿا پيرو کنيون منهنجا اِهي رقيب سارا،
    اهي شيطان ٿا مونکي سُجهن، شرارتي شرارا ٿا لڳن.

    جڏهن به تون منهنجي سامهون هوندو آهين،
    مون کي دنيا جا هي سڀ سهڻا سٺا نظارا ٿا لڳن.

    اَچُ ”اويس“ ته لِڪو ٻئي ڪنهن اوٽ ۾ اَڄُ زماني کان،
    اسان جي پيار جا ويري، اَڄُ اسان لئه مارا ٿا لڳن.


    تو کان سواءِ ڏاڍو لڇان ٿو مان،

    تو کان سواءِ ڏاڍو لڇان ٿو مان،
    دڳن تي ديدار لئه ڦِران ٿو مان.

    هر هڪ کان تنهنجو پُڇندو آهيان،
    انهيءَ تنهنجي شوق ۾ رهان ٿو مان.

    جڏهن تون سامهون هوندي آهين،
    توکي پَسي پوءِ سڄن ٺران ٿو مان.

    تون هجين منهنجي اڳيان منهنجا پرين،
    اها ئي دعا رب کان گهران ٿو مان.

    تنهنجي پَر پُٺِ پرين تنهنجي لاءِ،
    آءٌ دشمن جي مٿان ٻران ٿو مان.

    تون غمگين نه ٿيءُ او منهنجا سڄڻ،
    تنهنجا غم بار، باري کڻان ٿو مان.

    ”قرني“ اويس ايڏو فڪر نه ڪر تون،
    تو وٽ اَڄُ جو اَڄُ ئي اچان ٿو مان.


    مان ته حسينن جو غلام آهيان ۽ دل محبت واري،

    مان ته حسينن جو غلام آهيان ۽ دل محبت واري،
    جئين موسم بهاري ۽ هوندي رُت بهاري آ.

    مون کي ڇڏي نه وَڃ منهنجي پاڙي مان لڏي نه وڃ،
    ڪيان پيو ديدار تنهنجو، مون دل پنهنجي ٺاري آ.

    ڏک وڏا نه ڏي مون کي منهنجا سهڻا صنم،
    منهنجي دل دردن ڳاري آ ۽ سورن ماري آ.

    نه گهُم ڪارا ويس پائي تون ماڻهو ماريندين،
    ڦاسايُئي ڦندن ۾ مونکي تنهنجي هاڪ چوڌاري آ.

    تنهنجي ڪري جڳ سان ڪندو جهيڙا جهٽا آهيان،
    ڪيان پيو مان ياد توکي پر تو منهنجي محبت وساري آ.

    ترسي پَوءُ مون وٽ سڄڻ، ڏينهن ٺاري وڃ تون،
    ڏکيو آهي رستو مٿان، تَتل ڪوسي واري آ.

    ڪرايو ديدار آ، هُن، منهنجي اکڙين کي پنهنجو،
    ائين منهنجي زندگي پاڻ ئي پاڻ هن سنواري آ.

    مون کي دردن تپائي تپائي، ساهه ڪيو آ سوگهو،
    اچي ٻيڙي دردن واري، پاڻ پرين اَڄُ تاري آ.


    پرين تنهنجي محبت مون لئه مٺي ماکي مثل آ،

    پرين تنهنجي محبت مون لئه مٺي ماکي مثل آ،
    ٿي چاهت تنهنجي، منهنجي لئه ڄڻ بندگي آ.

    تون مرڪين ٿو ته منهنجي دل به هتڙي يار مرڪي ٿي،
    وڻندي تنهنجي اَدا آهي ۽ سادگي آ.

    تنهنجي حسن جا چرچا هر هنڌ مشهور آهن،
    تنهنجو حسن ۽ جمال مون لئه ته نغمگي آ.

    سدائين توکي ٿو ڳوليان ۽ توکي ٿو ووڙيان،
    توکي ڳولنيدي ڳوليندي دل صفا ٿي آوارگي آ.

    اسين ٻَئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي لئه سهارو آهيون،
    پرين آ ساهه منهنجو ۽ ”قرني“ منهنجي زندگي آ.


    ڏسي حُسن تنهنجو ٿي دل مست الست آ پيارا،

    ڏسي حُسن تنهنجو ٿي دل مست الست آ پيارا،
    تڏهن ته تو وٽ سِرُ جهڪائي ختم ٿي نوابي آ.

    مان هن سان ملڻ لئه آهيان اَڄُ ڏاڍو بيقرار،
    ڪڏهن ته ايندو آهي، مون وٽ ڏاڍو هو حجابي آ.

    تون گُل آن گلاب منهنجي لئه منهنجا جاني،
    تنهنجي نيڻن جو رنگ لال ڳاڙهو گلابي آ.

    ڪيو جي پيار مون آهي ته ڪهڙو گناهه آهي،
    پرين سمجهان ٿو پيار تنهنجو ثوابي آ.

    تنهنجو چهرو نُور ٻري ٿو چانڊاڻ ٿي آهي،
    ”قرني“ صفا لا جواب سهڻو ٻين کان لاجوابي آ.


    ڪرڻ ديدار تنهنجو ئي ايندو آهيان تو وٽ مان،

    ڪرڻ ديدار تنهنجو ئي ايندو آهيان تو وٽ مان،
    منهنجي مسڪين دل تنهنجي ديدار جي پياسي آ.

    سِوا تنهنجي سهڻا مان هِت اُداس رهندو هان،
    تنهنجي يادن ڪيو مون کي ڏاڍو اُداسي آ.

    ڏنا ٿي گهاوَ جيڪي جاني سي ناسور ٿي ويا آهن،
    روح سڙندو رهي ٿو ۽ دل نه ٿي، آ ساسي آ.

    تو سان پيار منهنجو ۽ عشق بي انتها آ،
    ڪري تو ڌار مون کي بڻايو ڇو الهراسي آ.

    ڪڏهن ڪر قرب تون پنهنجو مُنهن ته ڏيکاري وڃ،
    رهان ٿو اُداس مان، منهنجي دل وسواسي آ.

    روز ٿو روئارين مون کي ۽ روز ٿو مارين مون کي،
    ”قرني“ هي بُتُ تنهنجي شهر جو جانان واسي آ.


    جيئن تون مرڪندو آهين گلابن جون پتيون ڇڻن ٿيون،

    جيئن تون مرڪندو آهين گلابن جون پتيون ڇڻن ٿيون،
    پرين تنهنجي مرڪڻ سان جرڪي زمين مند مهڪي آ.

    ٻڌايو تات آ مونکي، اَڄُ تون اچڻو آهين،
    تڏهن ته پر پٺ تنهنجي دلڙي ڌڙڪي آ.

    حسينن کان حسين آهين ڪرين سينگار ٿو جڏهن،
    ڏسي ديد منهنجي توکي ۽ اک به جرڪي آ.

    تنهنجي شوخ ادا چنچل انهيءَ سان پيار آ،
    تڏهن ته دل آتي آ، توتي دل هرڪي آ.

    تون غيرن سان گهمندو آهين ڏک اهو ئي آ،
    منهنجو اندر سڙي ٿو، اندر ۾ باهه ڀڙڪي آ.

    ڪيئي اُڏاريم ڪانگ قاصد تنهنجي پسڻ لئه،
    توکي هر هر ”قرني“ ساري پساري اک به ڦڙڪي آ.


    تون هجين مان هجان چار چانڊوڪيون،

    تون هجين مان هجان چار چانڊوڪيون،
    ڪيون ڳالهيون پيار جون، ڪچهري قرب ضروري آ.

    اچي مونکي پنهنجو منهنڙو ڏيکاري ويندو ڪر جاني،
    اجايو پيارا مون کان، ڪئي ڇو تو دوري آ.

    تون سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهين جيڏي،
    تون سونهن جي ملڪه آهين ۽ حور پري آ.

    سداد مون سان رهندين گڏ جي منهنجي زندگاني ۾،
    سِوا تنهنجي چوان ٿو منهنجي زندگي اڌوري آ.

    سڄڻ جي حُسن جو ديدار ڪرڻ ۾ مزو ئي الڳ آ،
    جيئن مئخاني ۾ رندن کان مئه ڪانه وِسري آ.

    عشق ۾ ڪونج سڀني کان اڳ ۾ اڳري آهي ساجن،
    منهنجي تو سوا هاڻي ڪين ”اويس“ سري آ.


    دهشت جو راڪاس سر عام، اَمن ڪِٿي آ،

    دهشت جو راڪاس سر عام، اَمن ڪِٿي آ،
    انسانن جو هتي قتل عام، اَمن ڪِٿي آ.

    ڏسي پُرخطر راهون دنگ رهجي ويس،
    ڪري روز ڪربلا ورتو اٿن انعام، اَمن ڪِٿي آ.

    بُکيا پيٽ، اَنگ اُگهاڙا ۽ عزت نيلام،
    اڄ هر هنڌ لُٽجي ٿي سام، اَمن ڪِٿي آ.

    پوڙها، پَڪا معصوم ڪُٺا ۽ آواز اُٿيا،
    ياحسين، ڪربلا ٿي عام، اَمن ڪِٿي آ.

    ڪشمير، افغانستان، پاڪستان ۽ ايران،
    رَت ۾ ٻُڏل فلسطين، عراق شام، اَمن ڪِٿي آ.

    مشرق، مغرب جي پُڪار، هَلْ مِنْ نَاصِرَ يَّنْصُرُنَا،
    ڪر ڪا مدد وقت جا امام، اَمن ڪِٿي آ.

    ڏِکاءَ جا سفير هر هَٿُ شِمر جو آ،
    اويس ”قرني“ ٿئي ڪو اِلهام، اَمن ڪِٿي آ.


    او! سهڻا هيڏي پيار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر،

    او! سهڻا هيڏي پيار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر،
    ڏيکاري وڃ منهن سنسار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.

    وتان ٿو توله رڙيون ڪندو هِن زماني ۾،
    نه ٻوڙ منهنجي دل کي تار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.

    هيڏي مستي نه ڪر مون اڳيان او! سنگدل،
    ڪجهه نه رهيو اٿئي انڪار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.

    آءُ هَلي ڪرائي وڃ ديدار مون کي،
    مزو ڏاڍو اٿئي الفت اظهار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.

    ڏس ڪڏهن ايندين منهنجي اوتاري تي،
    ڪري هاڪار پوءِ هاڪار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.

    هڪڙي جهلڪ لاءِ سڪائين ڇو ٿو سڄڻ،
    اچي ڪراءِ ديدار پنهنجو ديدار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.

    سونهن ۾ سهڻو آهين تون اويس ”قرني“،
    سَرسُ آن تون سينگار ۾، ٽِڻ مِڻ نه ڪر.


    توکان سوا، رُلي زندگي وئي،

    توکان سوا، رُلي زندگي وئي،
    تون جو آئين ملي زندگي وئي.

    تون منهنجي روح ۾ آن، سمايل،
    مون سان ملين کلي زندگي وئي.

    هاڻي ڪين رهبو ڌار ڪڏهن،
    تنهنجي سامهون کُلي زندگي وئي.

    تنهنجو قسم توکي هاڻ نه ڇڏبو،
    تنهنجي ڪري آ، مِلي زندگي وئي.

    جڏهن به تون نه ايندين مون وٽ،
    اويس ”قرني“ اُن مهل هَلي زندگي وئي.


    تنهنجو چهرو صفا حسين مهتاب آ،

    تنهنجو چهرو صفا حسين مهتاب آ،
    ها سهڻن ۾ وڌ سهڻو لاجواب آ.

    تنهنجا نيڻ ڏاڍا تکا هن ۽ تيز،
    جيئن نظرن ۾ تيز هوندو عقاب آ.

    تنهنجي پرين نيڻن ۾ لالائي آ،
    جيئن ڪو رنگ ڳاڙهو عُناب آ.

    تنهنجي جواني ۽ جوڀن ائين آ جيئن،
    الڙهه جوانيءَ جو مست سارو هي شباب آ.

    تنهنجي هيءَ حسين لوڏ ماري ٿي وجهي،
    مون جهڙا مسڪين ڪهي ڪندو ڪباب آ.

    تنهنجي مست جواني ڪيئي ماري وڌا امير،
    تنهنجي اڳيان جهڪيو بادشاهه ۽ نواب آ.

    اويس ته تنهنجي حُسن جو پوڄاري آ،
    ”قرني“ ڀلا ڪهڙو ڪبو عشق ۾ حساب آ.


    تنهنجون ساروڻيون وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آ،

    تنهنجون ساروڻيون وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آ،
    توکي هڪ نطر ڏسڻ لئه روح ڏاڍو بکيو آ.

    ڏاڍو ڏور هليو وئين تون مون کان پرين،
    الائي ڪڏهن ٿيندو ميلو تو لئه رستو تڪيو آ.

    تنهنجون يادون هر دم اچن ٿيون مون کي،
    ڇا جي ڪري تو منهڙو مون کان پيارا مٽيو آ.

    هي جيون ڪهڙو جيون جنهن ۾ تون نه آهين،
    تون جي آهين ته پوءِ هي جيون سُکيو آ.

    تون ٿورو هي ڪتاب پڙهي ڏسجان جو،
    لکي سارو احوال مون تو ڏي مُڪيو آ.

    سنڌو تنهنجي سينڌ جو قسم آ مون کي،
    تنهنجو سارو احوال شاعريءَ ۾ لکيو آ.

    ”قرني“ تنهنجو عاشق آ، عاشق ئي رهندو،
    ڇو منهنجي دل کي تو زماني ساڻ رَليو آ.


    تنهنجي ساهن ۾ جو ڏاڍو هُڳاءُ آهي،

    تنهنجي ساهن ۾ جو ڏاڍو هُڳاءُ آهي،
    تنهنجي نيڻن ۾ نور جو وڏو شعاعُ آهي.

    پرين تنهنجي اکڙين جون تجليون تيز هِن،
    ڄڻ باههِ جو ڪو سامهون اَلاءُ آهي.

    تنهنجا ابرو دوڌاريون شَمشيريون هِن،
    ڄڻ کليل شمشيرن جو هتي تاءُ آهي.

    ههڙو هتي ڪنهن سان ورتاءُ نه ٿئي،
    جهڙو ٿيو مون سان هِتي لَڪاءُ آهي.

    ڇو ڇڏي وئين مون کي هتڙي تون،
    مون ڪئي زندگي تنهنجي نانءُ آهي.

    منجهند ٽاڪ ٿي وئي آهي پيارا،
    ٿورڙو ترسي پوءُ، ڪوسو واءُ آهي.

    سگهو ڪر ورڻ جي تون اچ، دلبر،
    ”قرني“ جدائي ۾ ڀريو لڙڪن جو تلاءُ آهي.


    اسان جي پيار جا هوڪا، جت ڪٿ هُليا هِن،

    اسان جي پيار جا هوڪا، جت ڪٿ هُليا هِن،
    اسان جي پيار جا رستا پيا کُليا هِن.

    ڏسي پيار اسان جي جا سارا رستا،
    ساڙ سڙيا ماڻهو ڏاڍا سڙيا هِن.

    صبوح ۽ سانجهي ساڻ هوندا هُون ٻئي،
    پوءِ ڀي پنهنجا نيڻ، ڪين پَليا هِن.

    اڄ ديدار تنهنجو ڪو نه ٿيو آ، مون کي،
    الائي ڪهڙا وِسوسا وهم دل ۾ اُٿيا هِن.

    پنهنجي هِن پيار خاطر اسان ٻنهي هِتي،
    آمهون سامهون پنهنجا گهرڙا اڏيا هِن.

    جڏهن کيڻن ٿو نيڻ خُمار منجهان تون،
    مون جهڙا مسڪين ڪيئي تو هر هر سٽيا هِنِ.

    ”قرني“ تنهنجا وار ٿا، وار ڪَنِ اسان تي،
    ”اسان وار اونده جا ويڙهي ڇڏيا هِن.“


    سنڌ سموري سون ڀري، سينگار مرشد گهوٽ لطيف،

    سنڌ سموري سون ڀري، سينگار مرشد گهوٽ لطيف،
    سونهن ڀريو هو سرڪار مرشد گهوٽ لطيف.

    سالهون سال ٿا ايندا رهون ڀٽ ڌڻي تي،
    صوفين سندو نيڻن ٺار مرشد گهوٽ لطيف.

    جڳ مشهور شاعري جنهن جي زير زبر ۽ پيش،
    عقل، فهم ۽ علم جو شاهڪار مرشد گهوٽ لطيف.

    وک، وک جي ڄاڻ هيس ڪچو ڪاڇو ۽ هنگلاج،
    جوڳي جهانگين جي پڪار مرشد گهوٽ لطيف.

    هزارين ماڻهو روز اچن کڻي گلن جا هار،
    مزار جي هر ڪنڊ ۾ هٻڪار مرشد گهوٽ لطيف،

    زاهد، عابد، عالمن جو سچو سرواڻ آ،
    صوفين، سگهڙن ۽ شاعرن جو معمار مرشد گهوٽ طليف.

    اويس ”قرني“ آ پانڌيئڙو ۽ پيروڪار،
    آهي قوم سندو سهڪار مرشد گهوٽ لطيف.


    شاعرن جو سرموڙ شاعر آ، مرشد گهوٽ لطيف،

    شاعرن جو سرموڙ شاعر آ، مرشد گهوٽ لطيف،
    رهبر سنڌ صفا ظاهر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    هن جي آستاني تي جو آيو تنهن جهول آ ڀريو،
    صوفي منش انسانن لئه طاهر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    ڪيائين اچي آباد ڀٽ جي ڀلاريءَ ڀونءِ کي،
    حقيقت ۾ وڏو شاڪر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    ڏنائين درس مارن کي محبت ۽ انسانيت جو،
    ساري انسانيت لئه وسيلو واهر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    تاڃيءَ پيٽي سچو سيد آهي، منهنجو لطيف،
    پنجتن جي پياري ڀاڪر ۾ آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    سندس آستاني تي ڪيئي مسڪين مارو رهن ٿا،
    مسڪين ماڻهن جو حامي ناصر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    کيس پنهنجا فقير ڏاڍا پيارا لڳندا آهن،
    هو پنهنجي فقيرن تي فاخر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    جت وجداني ڪيفيتن ۾ سحر طاري ٿئي،
    پراون کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ماهر آ، مرشد گهوٽ لطيف.

    هنگلاج جيلسمير هند سنڌ جو سير ڪيائين،
    اويس ”قرني“ وڏو هو سائر آ، مرشد گهوٽ لطيف.


    ھُوءَ ڏاڍو اُداس ھُئي، جائي پائي

    ھُوءَ ڏاڍو اُداس ھُئي، جائي پائي
    ڪنهن کان چڻ نراس ھئي جائي پائي

    چانڊوڪي رات ۾ پنهنجي اڱڻ تي
    پرين لئه رکيون ويٺي آس ھُئي، جائي پائي،

    ھُن کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي،
    ھاڻِ لڳي پئي اتھاس ھُئي، جائي پاي،

    پھريان ڏاڍي سُٺي لڳندي ھُئي وينگس،
    ھاڻ ھر ڪنهن لاءِ خالي گلاس ھُئي، جائي پائي،

    ويٺي ھُئي ھُوءَ ڪوٺي تي سينگار جي،
    ڪنهن جو نه رھيو وشواس ھُئي جائي پائي،

    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھُن کي ڏسي،
    ھاڻي ته لائق احساس ھُئي، جائي پائي،

    ھوءَ رقص ڪري ڪري ٿڪجي پئي آھي،
    مئي خاني ۾ وکريل تاس ھُئي، جائي پائي،

    اچي مئخاني مان ته ٿڪو ھان ڏاڍو،
    ھُن کي ڏسڻ جي مون پياس ھُئي، جائي پائي،

    ھَر وقت مون کي وڻندي ھُئي، ھُوءَ،
    ”قرني“ نيڻن جو آساس ھُئي، جائي پائي،


    صنعت بي نقوط

    صنعت بي نقوط

    هو سهڻو دِل لئه سهارو آ، هر دم،
    روح لاءِ هو هاڪارو آ هر دم.

    ها دِل لئه هو آ، اطهر سدا سرسُ،
    سدا ملوڪ سهڻو ماه رو آ، هر دم.

    ها، هو ساحل آ، ساگر سَرُ گهڻو،
    گُلالِ گُل دِل لئه سو سگهارو آ هر دم.

    سرسُ سهڻو آ، سدا هو، عامل ڪامل،
    لال ساگر سدا، گهڻو سر سارو آ، هر دم.

    کول ڪو در ڪرم سائل لئه سرسُ،
    گهڻو مُلڪ سارو دل لئه مارو آ، هر دم.

    سدا ڪُوڪار آ، ڪوئل آڪاس واهر لاءِ،
    ڪر ڪرم سدا ڪوئل لئه ڪرڻ وس واهر آ، هر دم.


    تنهنجي آهي مست جواني واهه ڙي اوهه.

    تنهنجي آهي مست جواني واهه ڙي اوهه.
    تنهنجو ناهي ڪو مَٽ ثاني واهه ڙي واهه.

    تنهنجي آهي محبت موهي مست ڪيو،
    تو ڪئي آهي دل ديواني واهه ڙي واهه.

    تنهنجا جلوا مون کي جڳ ۾ جيارن ٿا،
    تنهنجا مون تي ٿورا جاني واهه ڙي واهه.

    تنهنجن ٽهڪن ساڻ ٽڙي ٿا گل پون،
    مکڙين تي تو ڪئي احساني واهه ڙي واهه.

    پنهنجا نيڻ وڇايان تنهنجي آمد تي،
    مُرڪن ساڻ ڪيان مهماني واهه ڙي واهه.

    حوب فلڪ جي چنڊ ستارن کي پيارا،
    حسن تنهنجي تي آ، حيراني واهه ڙي واهه.

    بادشاهي کان بهتر آهيان ڀائيندو،
    تنهنجي در جي درباني واهه ڙي واهه.

    منهنجي دل جي هاڻ ته ساري دنيا تي،
    سونهن تنهنجيءَ جي آ، سلطاني واهه ڙي واهه.

    اويس ”قرنيءَ“ کي به ڏئي وئين دل سان تون،
    دل واري اي دوست نشاني واهه ڙي واهه.


    وقت جي گهڙي ايڏي مُنجهيل ڇو؟

    وقت جي گهڙي ايڏي مُنجهيل ڇو؟
    انسان جي زندگي هر دم آ، ٽٽل ڇو؟

    هڪٻئي جا سُور ونڊي ڏيون آٿت هر وقت،
    ڇاتين ۾ آهن ٺڳين جا ڪوڙن جا ڀالا کتل ڇو؟

    ڪيون ڇو نه ٿا عزت هڪٻئي جي اسان،
    اسان جي دلين تي زنگ جا ليپا لڳل ڇو؟

    ڪڍون اهڙو، ڪو رستو جو ٿئي سرهائي،
    هتي هڪ ٻئي جي لاءِ سدائين مقتل ڇو؟

    وتون ٿا هر هڪ جو رستو سوڙهو ڪندا،
    اسان وٽ منافقت ۽ مستي متل ڇو؟

    ڇو رشتن کي آهي باهه ساڙي وئي هِتي،
    اسان جي اکين جو پاڻي آ سُڪل ڇو؟

    اسين جيئرا آهيون هتي ائين چئون ٿا،
    اسان جو اويس ”قرني“ ضمير آ، مئل ڇو؟


    سدا منهنجي هوءَ روبرو هوندي آ،

    سدا منهنجي هوءَ روبرو هوندي آ،
    اها ئي منهنجي يار آرزو هوندي آ.

    هوء مون تي ڪک به نه آ، سهندي،
    سدائين مون لئه واهرو هوندي آ.

    هو پنهنجي محلن ۾ منهنجي مٺي،
    مون سان ساڻ سدائين چار سو هوندي آ.

    جنهن به پيتو تنهنجي نيڻن جو مڌ،
    هن سڀاڳي لئه ٻي ڪا نه جستجو هوندي آ.

    هن جي ڳالهائڻ سان گل ڇڻيو پون،
    مِٺي ايڏي پرينءَ جي گفتگو هوندي آ.

    پرين منهنجو بدنام نه ٿي پوي اويس،
    ”قرني“ مون کي رکڻي هن جي آبرو هوندي.


    هو الائي جي چڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.

    هو الائي جي چڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.
    مون کي هُن تڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.

    الائي مون ڪهڙيون خطائون ڪيون اَڄُ،
    هُن روح کي صفا رهڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.

    آءٌ ته هُن جو سڄڻ آهيان اصل کان،
    هو مون سان وڙهيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.

    يارو مون سان گڏجي هلو منهنجي پرين ڏي،
    پرين مون تي زور مڙهيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.

    هو ساڻ کنيون ٿو وتي منهنجا رقيب اَڄُ،
    پرين منهنجو نه مُڙيو آ، ڳالهه آئي پائي تي.

    ايڏا سُور ڇو ٿو ڏئي مون کي اَڄ زماني ۾،
    مون سان هو اڄ لَڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.

    اويس ”قرني“ نيٺ ته لهندو ضِد تان هُو، اَڄُ،
    هُن جنگ جو جهنڊو کوڙيو آ، ڳالهه آئي پائيءَ تي.


    وڙهي وڙهي نيٺ ٺهي وينداسين.

    وڙهي وڙهي نيٺ ٺهي وينداسين.
    ڊوڙي ڊُڪي ضد تان لهي وينداسين.

    هڪٻئي سان ملڻ جي لئه اسان،
    پاڻ ڏانهن هر هر ڪهي وينداسين.

    اسين ڇو ٿا پاڻ ۾ وڙهون ۽ ڇالاءِ،
    نيٺ ته ايندي عُقبا، ڊهي وينداسين.

    زندگاني ٿورڙي بچي آ، اسان جي،
    پاڻ ۾ قرب وارا پهر وهي وينداسين.

    جي ڪِريا اسان مٿان غمن جا پهاڙ،
    سي هِن زندگي ۾ اسان سَهي وينداسين.

    پاڻ ۾ اهڙو ڪيون پيار جو سدا،
    رقيب جي دل تي ڌاڪو هڻي رهي وينداسين.

    جي ايندين اڱڻ تي تنهنجا ٿورا ”اويس“،
    حال غريبي پياري توکي مَهي وينداسين.


    کنڊڙي وڃان موتين جيان ته پوءِ سَهيڙي ڇَڏ،

    کنڊڙي وڃان موتين جيان ته پوءِ سَهيڙي ڇَڏ،
    تنهنجي ڳچيءَ جو هار آهيان مونکي ميڙي ڇڏ.

    تو سان ساڻ هلندس، اِي منهنجا يار سڄڻ،
    نه پير سان ٿُڏي هيڏي هوڏي هر گز نه ٿيڙي ڇڏ.

    جو سونهن وارن جو سلامي آ، ان کي آ سلام،
    ظالمن سان سدائين جنگ ۽ جهيڙو تون جهيڙي ڇڏ.

    اماوس جي راتين ۾ شمشيرن جيان سَلَ ڪڍي،
    ٿي ڏيئا ۽ ڏيئاٽون روشنيون وک وک پکيڙي ڇڏ.

    ڏينڀن کي ڀينڊ هڻڻ سٺو سؤڻ ناهي پيارا،
    مست موالي ۽ رندن کي زمانا، تون نه ڇيڙي ڇڏ.

    گذريل وقت کي دل تان وساري ڇڏ تون پرين،
    ڇُٽل ڦٽ فراق جا، تون منهنجا مِٺا نه اُڊيڙي ڇڏ.

    ”اويس“ پنهنجي پيار جا، هي ساوا سلڙا تون، مگر،
    ٻين جي چوڻ تي يار، ڪين تون اکڙي ڇڏ.


    طويل غزل

    طويل غزل

    تو سان جيئن مون اک ملائي،
    پنهنجي عُمر سڄي مهڪائي.

    تو سان پيار ڪيان ٿو آئون،
    دنيا کي مون ڳالهه ٻُڌائي.

    مون کي پَڪ آ، تون به سچي آن،
    مون وٽ تولئه ڪا نه ٻيائي.

    تو نه ڪڏهن مون کي موٽايو،
    جڏهن جڏهن مون واڳ ورائي.

    مون کي سُڌِ هُئي مون وٽ ايندين،
    مون لئه آ، راهه سجائي.

    تون سُهڻن کان سُهڻو آهين،
    تو آڏو دنيا شرمائي.

    تو وٽ پياس کڻي آيس مان،
    ۽ تو منهنجي پياس مِٽائي.


    تنهنجي سونهن جو عاشق آهيان،
    تنهنجي روپ ۾ آهه سُهائي.

    مون کي تنهنجو درشن گهرُجي،
    تنهنجي ديد جو مان سودائي.

    جڳ سان مون تو ڪاڻ ڦٽايو،
    پر تو مون سان ڪانه رهائي.

    مان عاشق معشوق تون منهنجو،
    مون سان ڇڏ تون هاڻ پڪائي.

    ڇڏ هاڻي تون مون سان ماڻا،
    مونکي آهي تانگهه سوائي.

    ڪيڏو ڏور کان آيو آهيان،
    مون سان تو نه رهاڻ رچائي.

    ماڻهو پاڳل ڪوٺن مون کي،
    مون تو لئه پهچان وڃائي.

    سون برابر توکي توريان،
    تو لئه سون جي نَٿَ گهڙائي.


    ايڏي ڪاوڙ ڪانه چڱي آ،
    رَس ۾ ڪيڏي آهه چڱائي.

    آءُ ته هَلون ٿا ڪارونجهر تي،
    جاٿي روپي جي رعنائي.

    تنهنجي ٽور تي مور نچي ٿو،
    توتي بادل ٽِڪَ ٽِڪائي.

    تو مون کي آ، مَڌُ پياريو،
    مون توکي مُنڊي پارائي.

    پياڪَنِ کان وِکَ ڪا نه پُڳي پَئي،
    رِندن جي ٿي هُئي رُسوائي.

    رَقاصه جا ناٽ ۽ نَخِرا،
    ڇم ڇم، ڇم ڇم ڇير ڇمڪائي.

    ٿر جا مور اُڃارا آهن،
    ٿي وئي آهي ٺوٺُ ترائي.

    ووڙيان ٿو جهر جهنگ جبل مان،
    چنڊ تارن ۾ ديد ٽِڪائي.


    تو وَٽِ پُهتس تاسو پياسو،
    تو ڇو منهنجي دل ٺڪرائي.

    ڪو نه حُسن تي بانور سُونهين،
    تو ڇو منهنجي ننڊ ڦٽائي.

    ايڏو ڏک نه ڏي تون مون کي،
    مون آ، تو ۾ آس لڳائي.

    وک وک مون تو ساڻ وفا ڪئي،
    پر تو مون سان ڪانه رهائي.

    تنهنجي کلڻ سان گل ٽڙن ٿا،
    تنهنجي وائي ڀؤنرن ڳائي.

    ڪاوا ڪاوا منهنجا رستا،
    ماڻهن منهنجي راهه رَنڊائي.

    ڪنهن کي دانهن ڏيان دنيا جي،
    جنهن ڪئي منهنجي غرق ڪهائي.

    بي علمن سان بحث اجايو،
    بي عقلن تي خار اجائي.


    ڪيڏيون آزيون نيازيون ڪَن هُو،
    پر نه اُنهن ۾ آهه سچائي.

    منهنجي منٿ کڻي مَڃُ پيارا،
    هاڻ ڦِٽي ڪر تون ارڏائي.

    ڪين پري ڪر پاڻ کان مون کي،
    هڪڙي رات رَهڻ ڏي ڪائي.

    دل نه پَلي وَڃُ مون کان پنهنجي،
    منهنجي سِڪَ کي ڪر نه توائي.

    تنهنجو عاشق آئون اَزل کان،
    تو سان منهنجي آهه سچائي.

    مسڪينن کي ڪر نه ڪُهڻ جي،
    رَکُ پيارن تي مِهر سوائي.

    تنهنجو پيار مليو ڊؤُ ٿي ويو،
    سالن جي تو بُکَ لَهائي.

    پُر پيالو پيار جو پيتم،
    پيارن منهنجي اُڃ اُجهائي.


    تو جو مون ڏي هَٿُ وڌايو،
    مون ڀي تو ڏي دل سِرڪائي.

    ميرو ناهي پيار اسان جو،
    ميري ناهي پنهنجي وائي.

    پاڻ ٿياسين هڪ سَدا لئه،
    ڏک ڏهجن کان جان ڇڏائي.

    ٻيڙي تي درياهه ڪناري،
    ڇولي ڇولي ڏي واڌائي.

    آءٌ حُسن سر ڪار جي آڏو،
    پنهنجي آهي سيس نِوائي.

    تنهنجي خاطر سڀ سان جهيڙا،
    تنهنجي خاطر خلق کِلائي.

    دَر دَر آئون وتان ٿو ڦرندو،
    رانجهو بڻجي بين وڄائي.

    دل جو حاتم طائي آهيان،
    چاهي کيسي منجهه نه پائي.


    مون کي توسان ڪانه شڪايت،
    سڪ آ منهنجي کل لَهائي.

    منهنجا دشمن توکي پيارا،
    اندر ۾ تو آڳ لڳائي.

    تنهنجا انگل آر کڻان مان،
    تو لئه مون ست مار کڻائي.

    چند لِڪي ويو ڪڪرن پويان،
    تو ماٿِي بديا چمڪائي.

    وار نه ها، ڄڻ ڪاريهر ها،
    ڦَڻِ ڦَڻِ تي تو ڦڻي ورائي.

    اَبرو ها يا تلوارون ها،
    آهه غريان قهر خدائي.

    پيار ڏئي دل مٽبي ناهي،
    ڇو مون کان تو نظر ڦيرائي.

    تنهنجي مون کي ڪانه خبر آ،
    مون وٽ تو لئه ناهه ٻيائي.


    بُتَ ۾ رَهي سُور ٿو هر دم،
    عشق ويو آ، جوڀن کائي.

    مستن سان ليکا نه ڪبا هِن،
    مستن جي ڪنهن دل نه رنجائي.

    تنهنجي رشتيدارن مون کي،
    آهه ڪيو اڄ يار توائي.

    تنهنجو مٺ گهرو مان ناهيان،
    تنهنجو آهيان آئون ثنائي.

    مون کي روڳ ۽ سوڳ نه ڏي تون،
    عشق آ منهنجي تند تپائي.

    آءٌ نه ڄڻان دنيا داري،
    عشق کان مونکي واند نه ڪائي.

    تنهنجي قُرب ڪَڙي ۾ آهيان،
    تو پنهنجي هر ڳالهه مڃائي.

    ايڏو ضِدُ چڱو ڪو ناهي،
    تنهنجي هوڏ اَٿم دل گهائي.


    تو بن منهنجو جيئڻ ڪهڙو،
    ماريندي مونکي تنهائي.

    ٽوڙ نه منهنجون خوشيون مٺڙا،
    تو سان منهنجي آ، سرهائي.

    منهنجون مستيون هاڻ مري ويون،
    منهنجي ميس اٿئي مارائي.

    پنهنجو واعدو پاڙ سِگهو تون،
    ڏک کان ڀايان آءٌ رِهائي.

    تو سان عشق جو ڍارو اُڇلي،
    مون آ، پنهنجي جان وڃائي.

    تنهنجي مرڪن ٽهڪن گڏجي،
    منهنجي آهي جوت ٻڌائي.

    او! دليون چورائڻ وارا،
    تو آ منهنجي دل چورائي.

    ڪهڙو شاعر ميڙ منجانءِ
    موري جو راشد مورائي.


    استاد، بشير، نواز سڃاڻين،
    صحرائي، پيرل سيتائي.

    آءُ ته چنڊ سان ڳالهيون ڪريون،
    ڪنهن تارن سان عيد ملهائي.

    تون جي ايندين منهنجي اڱڻ تي،
    ڀائيندس مان تنهنجي ڀلائي.

    جي تو قول نه پاڙيو پنهنجو،
    چوندس تو ۾ آهي ڪُپائي.

    اڄ مان ڏاڍو خوش خوش آهيان،
    تو آ، منهنجي دل پرڀائي.

    اهڙن نيڻن جا ڳُڻ ڳايان،
    جن ۾ هوندي آ، لالائي.

    مان چاهيان ٿو پل نه پري ٿي،
    مون کي ماريندي آ، جدائي.

    آءٌ ثناگر تنهنجو هڪڙو،
    هڪڙو تنهنجو مان سودائي.


    پيارن سان هي لاپرواهي،
    ايڏي ٺهندي ناهه پڪائي.

    صبر جو ڦر مِٺو ٿيندو آ،
    محنت جي سڀ آهه ڪمائي.

    اڄ جو آءٌ نشانبر آهيان،
    منهنجي پيار جي آهه چٽائي.

    منهنجي دروازي آئين تون،
    منهنجي آ، تو عزت وڌائي.

    منهنجي سَهڻ کان ها جي ڳورا،
    سُورن کان تو جان ڇڏائي.

    آءٌ چمي دل جي دفتر ۾،
    تنهنجي آ، هر ڳالهه هنڊائي.

    توڏي ڏوهه نه منهنجو آهي،
    مون ۾ ڪائي هئي اُڻائي.

    آهي ڌڪ لڳو ڪاپاري،
    ڪاري چوٽ هان ويٺو کائي.


    جنڊي جي کٽ ورتي هُن لئه،
    ٽُڪ جي رلي آهه سِبائي.

    مَس پرتو آ، منهنجو جاني،
    مَس هُن دل منهنجي ريجهائي.

    مَس هُن منهنجي ڳالهه مڃي آ،
    مَس ڇڏي هُن آهه رُکائي.

    گُفتن مان اڄ گل جَهڙن ٿا،
    کير ۾ جهڙو کنڊ مٺائي.

    مون کي تنهنجي مرڪ جو سَنهن آ،
    تو سان منهنجي آهه سچائي.

    لکيا جيڪي شعر مون توتي،
    تن ۾ ڪائي ناهه ڪچائي.

    جيڏا وات ها اوڏيون ڳالهيون،
    جن تي ڪئي ڪَن ڍار نه ڪائي.

    سارا ڏوهه قبول ڪيان ٿو،
    ڪهڙي ڪريان پيش صفائي.


    لوڪ جا طعنا تُنڪا سَهبا،
    لوڪ جي فطرت آهه اِهائي.

    هُن جا ڳُڻ ڳائيندو رهندس،
    هُن هر پَل مون ساڻ رهائي.

    مان هان وهم سوڙيل ماڻهو،
    وهمن کان هُن جان ڇڏائي.

    دل ۾ هن مهراڻ جون اُٿلهون،
    پيار اسان جو موج دريائي.

    پاڻ کي ڇا مان ڇاٿي سَمجهيو،
    نظر اسان جي چِتَ وڃائي.

    رقاصه جا پير ها قابُو،
    پيرن ۾ هئي ڇير ڇمڪائي.

    کاڌل هان کَپُرن جو اڳ ئي،
    ڇڏيو آهي زهر وڄائي،

    کُوريءَ ۾ هَڏُ ماس سَڙي پيو،
    ڪنهن نه آ، اهڙي باهه دکائي.

    آهن هاڻي ڦول ڦولاريا،
    باغ ۾ ڏسجن ٿا باغائي.

    تنهنجي اک اِشاري منهنجي،
    نانگ جيان آ، ديد نچائي.

    تنهنجو روپ نيارو جڳ کان،
    جڳ کان تنهنجي سونهن سوائي.

    توبن جيون دوزخ جهڙو،
    بهشت آ، تنهنجي ٻک ۾ جائي.

    تنهنجا خواب ڏسڻ ٿو چاهيان،
    تنهنجي يادن ننڊ ڦٽائي.

    چاهت ڪَٿَ کان ٻاهر منهنجي،
    ٽوين ڪاسن، ڪانه ڀرائي.

    منهنجو مول متو هي آهي،
    مون وٽ ڪنهن لئه ناهه ٻيائي.

    ”قرني“ اويس هي سُورن ماريو،
    پنهنجي دل هن پاڻ جلائي.


    منهنجي محبوب جهڙو ڪنهن جو ڀي سينگار نه آ.

    منهنجي محبوب جهڙو ڪنهن جو ڀي سينگار نه آ.
    منهنجي دلدار جهڙو ڪنهن جو ڀي دلدار نه آ.

    منهنجي منٺار سندو پيار نرالو جڳ کان،
    ڪنهن جي سهڻي، منهنجي دلبر جيان ڪيو پيار نه آ.

    مان پنهنجي يار جي ڇا، حُسن جي تعريف ڪيان،
    منهنجي دلدار جهڙو ڪنهن جو هتي يار نه آ.

    منهنجو محبوب جيئن زلف سنواريندو آ،
    ايندي وارن جي ڪرڻ ڪنهن کي هينئن سنوار نه آ.

    پنهنجي محبوب جو مان شهر ڇڏي ڪاڏي وڃان،
    مون کي هن شهر جيان ايندو ڪٿ قرار نه آ.

    ننهن کان چوٽيءَ تائين دلبر آ، حسينن کان حسين،
    ڪنهن جي رُخ ۾ منهنجي جانيءَ جهڙو جنسار نه آ.

    هو ته جنهن وار مون سان اويس اچي آ ملندو،
    سچ ”قرني“ اهڙو ٿيندو ڪو ٻيو وار نه آ.


    ڪافي

    ڪافي

    بيٺو آهيان مان تنهنجي انتظار ۾،
    مزو ايندو آ، ڪيڏو تنهنجي پيار ۾.

    روز راهون ٿو تَڪيان مان تنهنجون،
    ڪو نه ٻُڌندو آهين دانهون منهنجون،
    چين ايندو آ، ڏسي مَنَ بيقرار ۾.

    جدا تو کان مان اڪيلو ته آهيان،
    سهڻا توکي پيو مان چاهيان،
    راضي ٿيندو آهيان تنهنجي ديدار ۾.

    ايندو آهين ٿين ٿيون بهاريون،
    لهي وڃن مَنَ جون مونجهون ساريون،
    هڪڙو آهين پيارو تون سنسار ۾.

    اويس ”قرني“ ڪچهريون ڪجن ڪي،
    روز ايندو ته ڪر منهنجي اڱڻ تي،
    ڏينهن رات رهان ٿو تنهنجي تار ۾.


    مصنف جا ڇپيل ڪتاب

    مصنف جا ڇپيل ڪتاب

    1. نيرانا ئي نيڻ شاعري
    2. ڳل نه سُڪا ڳوڙها شاعري
    3. نيڻ پرينءَ جي آسري شاعري
    4. وفا جي رِڻ ۾ شاعري


    ايندڙ ڪتاب

    1. نِنڊاکا نيڻ شاعري شاعري


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258262
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386392
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ