ڪتاب جو نالو: پکا ۽ پنهوار
مصنف: فهيم فدا شورو
ڇپائيندڙ: انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 10 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 477 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 103 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”پکا ۽ پنھوار“ اوهان اڳيان پيش آهي. مسڻ وڏي بابت تحقيق تي مشتمل ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ فھيم فدا شورو آھي. مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپايو آھي هنن نوجوانن ھڪ سماج سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، ھي هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • نئين ٽهي جو ننڍڙو قدم
  • پنهنجي پچار
  • ليکڪ جو تعارف
  • (حصو پهريون) مقالا ۽ مضمون

  • تصوف جي رنگ ۾ لکيل فڪر انگيز تحرير دل ۽ نفس
  • علم ته آهي سچ جي واٽ
  • عدل ۽ انصاف
  • سوڍل منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ!!!
  • مخدوم ميون صابر ولهاري رحمت الله عليه
  • روزي جا رت جي گردش تي فائديمند اثر
  • امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر انگيز تحرير
  • تصوير ڳالهائي ٿي
  • اقوال زرين
  • سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت
  • (حصو ٻيو) انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي

  • تعارف انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي
  • ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
  • مستقبل جا منصوبا
  • (حصو ٽيو) ماڻهو مسڻ جا مور سڀ

  • مـــاڻهو مـــسڻ جــــا مـور ســــــڀ
  • مسڻ وڏي جو تاريخي پس منظر
  • حضرت عبدالله فقير عليه الرحمة
  • مسڻ وڏي جا تعليمي ۽ فلاحي ادارا
  • انجمن اشاعت العلوم مسڻ وڏي
  • انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي
  • جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي
  • الهديٰ پبليڪيشن مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي
  • مدرسه فاروق اعظم مسڻ وڏي
  • مسجد بلال لوهار پاڙومسڻ وڏي
  • محمدي مسجد مسڻ وڏي
  • گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مسڻ وڏي
  • گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي
  • گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مسڻ وڏي
  • گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول
  • گورنمينٽ مولوي عبدالڪريم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي
  • گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي
  • گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مسڻ وڏي
  • پريس ڪلب مسڻ وڏي
  • مسڻ جا محسن
  • حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رح
  • ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)
  • سي لاهوتي لڏي ويا
  • حضرت قاري محمد حسن شيخ عليه الرحمة
  • ميانجي حاجي عبدالله ڪڇي ڪنڀار عليه الرحمة
  • مرحوم حافظ عبدالحق ولد حاجي فضل لغاري
  • مرحوم ميان جان محمد ولد عبدالڪريم سميجو
  • مرحوم استاد خان محمد ولد محمد علي لغاري
  • مرحوم پروفيسرمحمد ڪامل لغاري
  • مرحوم حاجي غلام محمد لغاري
  • حڪيم عبدالرحمان ولدحاجي محمد يوسف لغاري
  • مرحوم حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري
  • مرحوم استاد سهراب خان ولد عبدالله لغاري
  • مرحوم رئيس محمد خان پٽيل لغاري بلوچ
  • مرحوم رئيس حمزھ خان ولد احمد خان لغاري
  • مرحوم رئيس علڻ خان لغاري
  • مرحوم محمد عثمان جٽ
  • مرحوم محمد بچل ملاح
  • مرحوم محمد عثمان لوهار
  • مرحوم محمد حنيف جٽ
  • مرحوم حاجي علي نواز ملڪ
  • مرحوم شاهنواز ملڪ
  • جي مري ٿيا نه مات
  • مقامي علماءِ ڪرام
  • مولانا محمد حسن لغاري
  • مولانا محمد ابراهيم ڪنڀار
  • مولانا مير محمد لغاري
  • مقامي سگهڙ، شاعر ۽ اديب
  • مرحوم بيوس محمد باقر لغاري
  • مرحوم هوت خان لغاري
  • خادم سنڌي
  • خليل لغاري
  • ظهير بابر
  • استاد غلام قادر لغاري
  • صاحب ديوان حڪيم جان محمد جهانگي
  • خليل کوسو
  • عبدالرحيم عبد لغاري
  • نئين ٽهي جا شاعر ۽ اديب
  • مقامي سياسي، سماجي شخصيتون
  • محترم عبداللطيف مڱريو
  • ڊاڪٽر عبدالجليل جروار
  • ظهير الدين بابر لغاري
  • رياض احمد لغاري
  • پروفيسر سرجن محمد حسين لغاري
  • حڪيم نبي بخش خان ولد حڪيم سوڀو خان لغاري
  • رئيس گل حسن خان لغاري
  • رئيس نانا محمد جمن لغاري
  • رئيس گل محمد لغاري (دڪاندار)
  • رئيس محمد هاشم خان لغاري عرف هاشم گذدر
  • الحاج محمد صديق سميجو
  • استاد شير محمد لغاري
  • ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري
  • حڪيم محمد عمر لغاري
  • ڊاڪٽر عبدالرحمان لغاري
  • عبدالڪريم لغاري(ميمبر)
  • استاد رسول بخش لغاري
  • ڊاڪٽر قربان علي لغاري
  • رئيس لطف الله خان لغاري
  • ماما الهڏنو ڪنڀار
  • استاد محمد عمر سميجو
  • استاد عبيدالله شورو
  • استاد ڪرم الله سميجو
  • استاد مدد علي ولد سهراب خان لغاري
  • محمد اسماعيل ڪنڀار
  • حاجي گل محمد خان ولد شهلي خان لغاري
  • حاجي محمد اشرف لغاري (صحافي)
  • عبدالستار ولد عبدالجبار لغاري (رينجرز آفيسر)
  • سيٺ علي محمد ملڪ
  • استاد محمد يامين ملڪ
  • سيٺ ولي محمد ملڪ
  • رياض احمد ملڪ (پي.اي)
  • محمد يامين ملڪ (واپاري)

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن

    نالو ڪتابچي جو: پکا ۽ پنهوار
    مرتب: فهيم فدا شورو
    سينگاريندڙ: سيف الله سيف شورو
    استاد عبدالرحيم لغاري
    حافظ زوهيب احمد ڪنڀار
    ساگر وسيم الزمان شورو
    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ: حافظ صدام حسين شورو
    ٽائيٽل: گل حسن سميجو
    لي آئوٽ: فدا سميجو
    ڇپائيندڙ: انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي
    ڇپيندڙ: بتول پرنٽنگ پريس ڪوهه نور روڊ حيدرآباد
    قيمت: 150 روپيه
    ملڻ جوهنڌ:
     انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي ٽنڊوالهيار
     سنڌ جا سمورا بڪ اسٽال


    ارپنا

    قومي خادمن جي انهي حقيقي جذبي جي نانءُ
    جنهن “مشعل راهه” جو روپ وٺي نئين ٽهيءَ ۾ علم و ادب،
    ۽ قومي اصلاح جو شعور پيدا ڪيو.


    _ مرتب


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پکا ۽ پنھوار“ اوهان اڳيان پيش آهي. مسڻ وڏي بابت تحقيق تي مشتمل ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ فھيم فدا شورو آھي.
    مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپايو آھي هنن نوجوانن ھڪ سماج سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، ھي هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.

    هي ڪتاب انجمن مشعل راھ وڏي مسڻ پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري فھيم فدا شوري جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    نئين ٽهي جو ننڍڙو قدم

    مون کي هيءَ ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي جو مسڻ وڏي جي نئين ٽهي وارن پنهنجي ڳوٺ، راڄ ۾ رهندڙ ماڻهن جي هنرن، ڌنڌن ۽ هتي جنم وٺندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. جنهن لاءِ هنن ڪا سڌارڪ تنظيم به جوڙي هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ تعاون سان تحريري مواد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي. سچ پچ ته، اهو هڪ تمام سهڻو، قابل تعريف ۽ يادگار تاريخي قدم آهي.
    مسڻ وڏي تي الله تعاليٰ خاص احسان ڪيا جو هن علائقي ۾ علمي جوت ٻاري آسپاس کي روشن ڪري ۽ آزادي جو شعور هن علائقي جي رهواسين ۾ جاڳائڻ لاءِ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جهڙا مجاهد ۽ بيباڪ حق گو عالم دين، اسلام جا بهترين پرچارڪ، ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جهڙا برزگ ۽ ماهر تعلميدان هن علائقي ۾ پيدا ڪيا. انهن جي ئي تاريخي ڪارنامن ۽ خدمتن سبب اڄ مسڻ جو هر باشندو علم ۽ شعور جو صاحب ٿو سڏجي.
    آئون نوجوانن جي ترتيب ڏنل ڪتاب “پکا ۽ پنهوار” کي هڪ نظر ڏسڻ بعد مطمئن ٿي ويس ته حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جن گڏجي ڪري جيڪا علم جي لاٽ هتي ٻاري هئي سا اڃا برابر جاري ساري آهي. انهي هڪڙي لاٽ مان ڪيئي لاٽون، ان هڪڙي ڏيئي مان ڪيئي ڏيئا روشن ٿي چڪا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي حد، علائقي ۽ دائري ۾ روشني پکيڙي رهيا آهن. جيڪو حقيقت ۾ مذڪوره بالا بزرگ هستين جو ئي فيض آهي.
    نوجوانن کي خاص گذارش ڪندس ته علمي، ادبي، اصلاحي توڙي فلاح و بهبود جي ڪنهن به پروگرام ۾ پنهنجي شموليت يقيني بڻائين. ڇوته ڳوٺ ۽ شهر جي ڀلي جو هر ڪم ڄڻ ته اسان جي وڏن جو ورثو آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي.انهي سلسلي ۾ ذاتي مسئلن، اختلاف راءِ يا انا پرستي کي دخل انداز ٿيڻ نه ڏين. ان سان گڏ هڪ ٻئي جي لاءِ برداشت ۽ سهپ جو مادو پيدا ڪن، ڇوته هي اجتماعي ڪم صبر، تحمل، برداشت ۽ رواداري سان گڏ همت، حوصلي، محنت ۽ جفاڪشي بغير مڪمل نه ٿي سگهندا.
    نوجوانن کي کپي ته عام فلاحي خدمت جي سلسلي ۾ هڪٻئي جي همت افزائي، همراهي ۽ همدردي ڪن ته انشاءَ الله اهي سڀ خواب تعبير ٿي سگهن ٿا جيڪي اسان جا نوجوان پنهنجي ڪچهرين ۽ ميٽنگين ۾ هڪ ٻئي سان بيان ڪن ٿا.
    مسڻ وڏي جي نوجوانن جي پهرين ڪوشش زير نظر ڪتاب “پکا ۽ پنهوار” آهي، جنهن ۾ هنن مسڻ وڏي جي ماڳن، مڪانن، سماجي، فلاحي، تعليمي ادارن سان گڏ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن جو سرسري تعارف شامل ڪيو آهي. ڪتاب پنهنجي مواد جي لحاظ کان هڪ بهترين ڪاوش آهي. ٿي سگهي ٿو ته آئنده انهي کان به وڌيڪ نوجوانن پاران ڪا بهترين سوکڙي علمي ميدان ۾ اچي! يا وري ڪو نوجوانن طرفان بهتر فلاحي منصوبي کي عملي جامو پهرائي ڳوٺ ۽ شهر وارن لاءِ فائدو ۽ سهوليت ميسر ٿئي.
    اميد اٿئون ته، نوجوانن جي فلاح وبهبود واري سوچ جي همت افزائي ٿيندي ۽ سندن هن ڪتاب کي علمي، ادبي حلقن ۾ پذيرائي نصيب ٿيندي. باقي هي ڳالهه پڌري پئي آهي ته ڪائنات ۾ تعميري ۽ تخريبي سوچ جو تسلسل انهي خير ۽ شر سان ڳنڍيل آهي جنهن جو ظهور آدمؑ ۽ ابليس جي پيدائش کان پوءِ ٿيو هو. سو ته لازمي طرح ظاهر ٿيندو. ڪو تنقيد براءِ تنقيد ڪندو، پر ڪو وري اصلاحي نقطه نظر سان به پنهنجا خيال ۽ رايا پيش ڪندو. انهي ڪري نوجوانن کي کپي ته هي ڪتاب پڙهندڙ تجربيڪار ماهر استاد، علم دوست وٽان ملندڙ مفيد مشوري جو قدر ڪن ۽ جي ممڪن ٿي سگهي ته، ان کي عملي جامو پهرائين.
    نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن. جيڪڏهن اهي بهتر خيال ۽ سٺي سوچ کڻي اڳتي وڌندا ته انشاءَ الله مستقبل روشن ٿي پوندو. شال رب سائين اسان جي سڀني نوجوانن ۾ اهڙو شعور ۽ قومي جاڳرتا سان گڏ اصلاحي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جو سعيو پيدا ڪري ته پوءِ ڄڻ هن قوم جي قسمت جاڳي پوندي.
    شال رب سائين اسان جون اهي اميدون پوريون ڪري. آمين

    مسڻ وڏي (مولانا) محمد يامين شورو
    6 رمضان 1434 هه ناظم و خطيب
    مطابق 16 جولاءِ 2013ع جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ
    بروز سومر مسڻ وڏي


    پنهنجي پچار

    انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي جي ڪتابي سلسلي “سونهن” طرفان شايع ٿيندڙ هن پهرين ڪڙي “پکا ۽ پنهوار” ۾ شامل ڪيل مواد بلڪل غير سياسي آهي. نه ڪنهن تي ذاتي تنقيد، نه ڪنهن سان ڪو مقابلو. بلڪه محض هن ڳوٺ ۽ شهر جي نوجوانن کي اهڙو پيغام ڏيڻ مقصد آهي جنهن سان منجهن علم و ادب سان وابستگي، تعليم سان لاڳاپي وارو رجحان ۽ شعور پيدا ٿئي، جيڪا اسان جي اولين ترجيح آهي.
    هن ڪتابچي ۾ شامل مواد ڪتابي سلسلي جي مرتب جي نظر ثاني سان شايع ٿئي ٿو. انهيڪري اسان نه ڪنهن پارٽي ۽ گروپ جا نمائندا آهيون ۽ نه ڪي هن ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڪو نئون گروپ يا پارٽي ٺاهڻ جا خواب ڏسون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته نوجوانن ۾ علمي شعور وڌي ۽ موجوده ماحول جي ماٺار کي علمي تحرڪ ۾ تبديل ڪري پاڻ سڌارڻ جي سوچ پيدا ٿئي. ڇوته هن جديد ماحول ۾ نوجوانن جو رخ لکڻ پڙهڻ کان هٽي موبائل، ڊش، ۽ غلط صحبت ڏي ٿي رهيو آهي. تنهنڪري علم کان دوري به جهالت ڏي ڌڪي ٿي. اسان اهڙي غفلت آميز جهالت جي انڌيري کي دور ڪرڻ لاءِ “سونهن” ڪتابي سلسلي جي هي لاٽ شروع ڪري علم، ادب، تاريخ ۽ مذهب جي اهڙي روشني عام ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪا سڀني لاءِ هڪ جيتري “مشعل راهه” بڻجي پوي.
    اسان هن ڪوشش ۾ پُرعزم آهيون ته انشاءَ الله اسان کي نوجوانن پاران سٺي موٽ ملندي ۽ آئنده انهن نوجوانن جي سهڪار سان اڃا به وڌيڪ هن سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ ٻه قدم اڳتي ٿينداسون.
    هي ڳالهه پنهنجي پاران عرض ڪندا هلون ته، اسان کي هن ڳوٺ سان، هن ڳوٺ جي هر هڪ رهواسي سان اٿاهه محبت، بي پناهه پيار، همدردي ۽ خيرخواهي آهي. اجائي تنقيد ۽ تبصرا ڪرڻ اسان جو مقصد نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ گڻ جاهليت جا جراثيم آهن. جيستائين ڪنهن معاشري ۾ اهڙا “جراثيم” موجود رهندا تيستائين اهو معاشرو ۽ سماج ترقي ڪرڻ بجاءِ تنزل ۽ پستي جي اونداهين ۽ تاريڪين ۾ ڀٽڪندو رهندو.
    پوءِ اچو ته، هن نيڪ اصلاحي پروگرام ۾ سڀ گڏجي مسڻ وڏي جي ڳوٺ ۽ شهر لاءِ ڪو بهتر لائحه عمل تيار ڪريون، ڪو بهتر منصوبو سوچي عملي جامو پهرايون، ڳوٺ جي وڌندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪا بهتر راهه متعين ڪريون. جيستائين هن ڳوٺ وارا پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد قائم نه ڪندا تيستائين هن ڳوٺ جا مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ويتر وڌندا رهندا.
    انهي سلسلي ۾ نوجوانن کي اپيل به ڪنداسون ته براهه ڪرم توهان سياست ۽ سياسي سوچ کان بالاتر ٿي فقط سماج سڌارڪ سوچ کڻي ڪو اتحاد ٺاهيو، جيڪو خالص سماجي ڪم ڪري ۽ اصلاحي جذبي سان هن ڳوٺ، شهر ۽ هتي جي رهواسين لاءِ ڪو عملي قدم ۽ بهتر ڪارنامو سرانجام ڏئي.
    ماشاءَ الله مسڻ وڏي جو هر هڪ رهواسي علم ۽ شعور جو صاحب، سٺي سوچ ۽ اصلاحي جذبو رکندڙ آهي، پر ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هر ماڻهو فقط انفرادي طرح ڪجهه ڪرڻ بجاءِ گڏيل نموني لائحه عمل ترتيب ڏئي، هڪ ٻئي جي صلاح، مشوري، اتحاد ۽ ٻڌي سان ڪوبه فلاحي ۽ اصلاحي پروگرام عملي طرح کڻجي ته پوءِ يقيناً ڪاميابي ٿيندي ۽ هي ڳوٺ مسئلن جي بحران مان نڪري هڪ آئيڊل وليج ۽ آئيڊل ٽائون بنجي ويندو، جيڪو هتي جي تاريخ ۾ هڪ سونهري مثال ٿي سنڌ جي تاريخ ۾ ٻين سماجي ۽ فلاحي ڪم ڪندڙن لاءِ رهنما ثابت ٿيندو.
    انشاءَ الله اسان پنهنجي قلم وسيلي نوجوانن آڏو اهڙي اپيل هڪ ڀيرو نه پر بار بار ڪندا رهنداسون هن اميد سان ته، هتي جو سلجهيل نوجوان اسان سان ضرور سهڪار ڪندو.
    “آئون پڻ وجهان هٿڙا، آئين پڻ وجهو رڇ،
    سندي ڪن ڪڙڇ، من هون سلامت سپرين.” (شاههؓ)
    سنڌ سلامت، سچ سلامت، سڪ سلامت، ساٿ سلامت

    نيڪ تمنائن سان
    پهرين آگسٽ 2013ع اوهان جو پنهنجو
    بروز خميس فهيم فدا شورو
    شورا هائوس مسڻ وڏي


    ليکڪ جو تعارف

    فهيم فدا شورو سنڌي ٻولي جي نئين ٽهي جو اديب، شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس شمار مسڻ وڏي ٽنڊي الهيار جي مشهور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. سندس ولادت 8 جون 1988ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ مشهور عالم دين، خطيب، شاعر ۽ سنڌي ٻولي جي نامور اديب مولانا محمد يامين شورو “خادم سنڌي” جي گهر ۾ ٿي.
    فهيم فدا شورو پوسٽ گريجوئيٽ هئڻ سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولي جو ڄاڻو آهي. کيس پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن جي ڪري مسڻ وڏي ۽ ضلع ٽنڊي الهيار جي علمي ادبي حلقن ۾ اهم مقام حاصل آهي. فهيم فدا شوري آگسٽ 2009ع ۾ ڳوٺاڻي ليول تي هڪ ادبي، سماجي، فلاحي ۽ اصلاحي ادارو انجمن مشعل راهه قائم ڪري مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو.
    موصوف ليکڪ مذهبي تعليم کان وٺي عربي، فارسي تعليم مسڻ وڏي جي تاريخي علمي درسگاهه “مدرسه دارالهديٰ” مان حاصل ڪئي. سندس نامور استادن ۾ سندس والد گرامي شيخ الادب حضرت مولانا محمد يامين شورو المعروف “سنڌ جو امرءُ القيس”، شيخ الحديث والتفسير حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي عمرڪوٽ وارو، فقيه العصر علامه مخدوم محمد عثمان قراني جو فيض يافته حضرت مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس جوڻيجو عالم پلي عمرڪوٽ وارو، شيخ الحديث مولانا عبدالحفيظ جاڙيجو، مولانا خليل الرحمان جاڙيجو، منطق جي علوم و فنون جو ماهر صاحب ولايت نوجوان عالم دين مولانا فياض محمد سريوال ڳوٺ غلام حيدر سريوال ٽنڊو الهيار، مولانا محمد حسن (برهماڻي) لغاري، مولانا محمد راضي ملوڪاڻي بلوچ، مولانا محمد انور علي زنئور ٽنڊو محمد خان شامل آهن.
    تصنيف و تاليف جي ميدان ۾ موصوف ليکڪ فارسي زبان ۾ ٻاراڻي ادب تي لکيل ڪتاب ”باغستانِ فدا“، عربي ادب ۾ “باقة الازهار”، مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو “مقالاتِ فهيم” شامل آهن.

    (وڪيپيڊيا تان ورتل)


    (حصو پهريون) مقالا ۽ مضمون

    تصوف جي رنگ ۾ لکيل فڪر انگيز تحرير دل ۽ نفس

    تصوف جي رنگ ۾ لکيل فڪر انگيز تحرير دل ۽ نفس

    الحمد لله و ڪفيٰ وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ اما بعد: فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم. بسم الله. “ونفس و ما سواها وقال النبي صلي الله عليه وسلم. ان في الجسد لمضغة اذا صلحت صلح الجسد ڪله واذا فسدت فسد الجسد ڪله الا وهي القلب” صدق الله العظيم. و صدق رسوله الڪريم. اللهم صل عليٰ سيدنا محمدن النبي الامي و عليٰ آله و بارڪ وسلم تسليما ڪثيرا.
    انسان جي تخليق الله تبارڪ وتعاليٰ ٻن شين سان ڪئي آهي. هڪ جسم ۽ ٻيو روح. جسم هڪ ڍانچو آهي جيڪو اسين پنهنجي ظاهري اکين سان ڏسي سگهون ٿا ۽ روح هڪ لطيف ۽ نازڪ شئي آهي جنهن کي ظاهري اک نٿي ڏسي سگهي بلڪه ان کي صرف ۽ صرف احساس جي اک ڏسي. ان جو ادراڪ ڪري سگهي ٿي. عام طرح هي سمجهي سگهجي ٿو ته دل جڏهن به ڪجهه ڪندي آهي ته پنهنجي ساٿين جي زور تي ڪندي آهي. دل کي هر ڪم لاءِ هڪ معاون ۽ مددگار کپي پوءِ اها اک هجي يا ڪن هجي. يا پير وغيره. بهرحال جڏهن دل پنهنجي ساٿين سان ملي ڪري برائي يا بڇڙائي جي ايجنڊا تي عمل ڪندي آهي ته ان ايجنڊا کي حديث نفس چئبو آهي. ۽ دل پنهنجي ساٿين سان نفس جي زمري ۾ اچي ٿي. قرآن شريف ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته، “ونفس و ما سواها” ترجمو: ۽ قسم آهي اسان کي نفس جو ۽ ان کي سڌي ڪرڻ واري جو.
    نفس جي ذريعي انسان ڪجهه نه ڪجهه ڪريو وجهي. نفس جا ٽي درجا آهن.
    1). نفس امارھ: هي نفس انسان کي هر وقت برائي ۽ غلط ڪم ڪرائي ٿو. هن ۾ گناهه ئي گناهه جو تصور هوندو آهي. هن کي نفس اماره چئبو آهي قرآن ۾ اچي ٿو ته “ان النفس لامارة بالسوءِ الا ما رحم ربي ان ربي لغفور رحيم.” ترجمو: نفس ته هميشه برائي جو ئي حڪم ڪري ٿو مگر جنهن تي منهنجي رب مهربائي ڪئي بيشڪ منهنجو رب معاف ڪرڻ وارو ۽ مهربان آهي.
    2). نفس لوامه: هي نفس جي ٻي حالت آهي. هي ماڻهن کان گناهه ڪرائي ٿو وجهي پر پوءِ وري پڇتائي ٿو. پشيمان ٿئي ٿو. توبه ڪري الله پاڪ ڏي رجوع ڪري ٿو ۽ وري نيڪ ڪمن جي ذڪر سان الله کي راضي ڪري ٿو. اهو عام طرح نيڪ ۽ صالح ماڻهن جو نفس هوندو آهي. هن نفس تي به الله جي رحمت هوندي آهي. ان لاءِ قرآن مجيد ۾ آهي. “ولا اقسم بالنفس اللوامه.” ترجمو: قسم آهي مون کي نفس ملامت ڪرڻ واري جو.
    3). نفس مطمئنه: هي نفس جي ٽين حالت آهي. هن کي قرآن مجيد نفس مطمئنه چيو آهي. براهه راست جنت جي بشارت ڏني وئي آهي. اهڙي نفس واري کي الله سائين پنهنجي خاص ٻانهي هجڻ جو شرف بخشيو آهي. نفس مطمئنه وارا الله جي ٻانهپ ڪرڻ جا صحيح حقدار آهن. جنهن کي ڪامل ولي چئبو آهي.گهڻو ڪري هي نفس نبين ۽ رسولن جو هوندو آهي. بس نبين ۽ ولين ۾ ايترو فرق رهندو آهي جو نبين جي اها حالت نفس مطمئنه واري مستقل ۽ هميشه رهندي آهي ۽ ولين جي اها حالت مستقل ۽ هميشه نه رهندي آهي بلڪ هيٺ مٿي ٿيندي رهندي آهي. جيئن ته حديث شريف ۾ آهي ته، مومن جي ايماني حالت نيڪين جي حوالي سان ڪڏهن هيٺ ۽ ڪڏهن مٿي ٿيندي رهندي آهي.

    ٻه عجيب ساٿي
    نفس ۽ دل پنهنجي حقيقت ۽ تخليق جي اعتبار سان ٻه جدا جدا وجود آهن. هڪڙي (يعني دل) جو تعلق عالم امر سان آهي ۽ ٻئي (يعني نفس) جو تعلق عالم خلق سان آهي. دل شريف الطبع، مسڪين ۽ پاڪباز آهي، جڏهن ته نفس شرير الطبع، چالاڪ ۽ دوکيباز آهي. دل نيڪين سان تربيت وٺي ٿي. روشنين کي پکيڙي ٿي. جڏهن ته نفس پنهنجي فطرت ۽ خباثت ۾ ازلي آهي. ان ۾ برائي ۽ بڇڙائي ڦري ٿي. هي گناهن جي ماحول سان ٿلهي ٿي وڃي ٿي. برائي جي ڪري ٻنهي جهانن ۾ شهرت رکي ٿي.
    هم طالب شهرت هين، همين ننگ سي ڪيا ڪام
    بدنام اگر هونگين تو ڪيا نام نه هوگا.
    جهڙي طرح پاڙي ۾ هر قسم جا ماڻهو رهن ٿا جنهن ۾ مختلف زبان ۽ مزاج رکندڙ موجود آهن. مجبورن انهن سان گڏ رهڻو پوي ٿو. هي ڳالهه طئي شده آهي ته انسان پاڻ ڪيڏو به چڱو هجي، سندس فطرت نيڪ هجي پر ان تي خبيث جي صحبت جو هڪ نه هڪ ڏينهن اثر ضرور ٿيندو. جهڙي صحبت تهڙو رنگ حاصل ڪندو. بهرحال دل نفس جي خباثتن جي چڪرن ۾ ضرور ڦاسي پوي ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته نفس جي خباثت دل جي اندر داخل نٿي ٿي سگهي. پر کيس ڪارو ضرور ڪري ڇڏي ٿي.

    اصلاح جا ٻه طريقا
    مختصراً هي چيو ويندو آهي ته نفس ۽ دل روح جي ٻن ڪيفيتن جو نالو آهي. مقصد روح جي بيمارين جي اصلاح ڪرڻ آهي.
    1). تزڪيو نفس: نفس جي اصلاح ڪرڻ کي تزڪيه نفس چئبو آهي. تزڪيو ان لاءِ چوندا آهن جو نفس جون بيماريون ان جي اندر داخل ٿيل هونديون آهن. جيئن مير ڪپڙن جي اندر هوندي آهي. ان مير کي ڪڍڻ لاءِ وڌي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. پاڻي، صرف، سوٽا وغيره لڳڻ کان پوءِ اهو ڪپڙو صاف سٿرو ٿئي ٿو. اهڙي طرح نفس کان مختلف قسم جون رياضتون ۽ محنتون مجاهدا ڪرائي، گناهن وارو گند ۽ روڳ ڪڍيو ٿو وڃي. اهو عمل تزڪيه نفس سڏرائي ٿو. قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيل آهي ته “قد افلح من زڪاها و قد خاب من دساها” ترجمو: جنهن پنهنجي نفس جو تزڪيو ڪيو اهو ڪامياب ٿي ويو. جنهن خراب ڪيو اهو ناڪام ٿي ويو ۽ رُلي ويو.
    2). تصفيو قلب: دل جي صفائي، ان کي چمڪائڻ واري عمل کي تصفيه قلب سڏبو آهي. تصفيه ان لاءِ چون ٿا جو دل تي برائي توڙي جو اندر داخل نٿي ٿئي پر ان تي پنهنجا اثر ڇڏي ٿي. جيئن شيشو هجي ان تي مٽي جي مير، مرُ وغيره چڙهي وڃي ته ان کي فقط صفائي جي ضرورت هوندي آهي. هلڪي ڪپڙي سان شيشو صاف ٿي ويندو. اهڙي طرح دل به اهڙي عمل سان صاف ٿي ويندي.

    روح جي بيمارين جا سبب
    روح ڪڏهن ٻاهرئين اثر جي ڪري بيمار ٿي پوندو آهي ته ڪڏهن اندرئين اثر جي ڪري. ٻاهرئين اثرات جي متعلق قرآن مجيد فرمائي ٿو ته،“ڪلا بل رانَ عليٰ قلوبهم ما ڪانوا يڪسبون.” هن ۾ هي ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي دلين تي زنگ لڳي ويو. جنهن جي ڪري توهان غفلت واري بيماري جا شڪار ٿي پيا. جئين گهڻي ڳالهائڻ سان، بدنظري ڪرڻ سان، گلا وغيره ٻڌڻ سان دل تي گندا اثرات پون ٿا. دل سخت ۽ پٿر ٿي وڃي ٿي. جيئن ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته، “ ان العبد اذا خطا خطيئة، نڪت في قلبه نڪتة.” ترجمو: جڏهن ٻانهو گناهه ٿو ڪري ته دل تي هڪ ڪارو نشان ٿيو پوي. اهڙي طرح هڪ اندر جا اثرات روح کي ڪمزور ڪرڻ وارا آهن. جيئن قرآن پاڪ هي دليل ٿو ڏئي. “في قلوبهم مرضٌ.” بيماري انهن جي دلين ۾ آهي. حديث شريف هن حقيقت کي وڌيڪ واضع ڪري ٿي. “ان في الجسد لمضغة اذا صلحت صلح الجسد ڪله واذا فسدت فسد الجسد ڪله الا وهي القلب.” هن حديث مان معلوم ٿيو ته سڀني بيمارين جي جڙ، بنياد دل جو خراب ٿيڻ آهي. دل ٺيڪ آهي ته سڀ عضوا ٺيڪ آهن ۽ جيڪڏهن دل خراب آهي ته سڀ عضوا خراب آهن. دل جي اندرئين خرابي جي ڪري ٻاهر به خرابي ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي، انهي جو عڪس پوڻ جي ڪري هي ڳالهه به واضع ٿي ته انسان کي رڳو ماحول گناهه ڪونه ڪرائيندو آهي بلڪ اندر جي ظلمت ۽ اونداهي به گناهه ڪرائڻ ۾ حصيدار هوندي آهي. حضرت يوسف عليه السلام جو زليخا جي مڪر ۽ فريب مان بچڻ، گناهه ۾ مبتلا نه ٿيڻ اصل ۾ الله پاڪ جو فضل ۽ خاص ڪرم هو جو يوسف عليه السلام کي گناهه وارو ماحول ته مليو پر اندر ۾ ظلمت ۽ اونداهي نه هئڻ ڪري گناهه کان بچي ويو. شال الله سائين اسان کي اندر کان محنت جي توفيق عطا فرمائي. پنهنجي دل جي اصلاح ڪرڻ لاءِ، نفس جي تزڪيه ۽ دل جي تصفيي لاءِ مشائخ، علماءَ ۽ صوفيت جي صحبت نصيب فرمائي.


    علم ته آهي سچ جي واٽ

    علم ته آهي سچ جي واٽ
    حافظ زوهيب ڪنڀار

    لفظ علم جي لغوي معنيٰ آهي ”ڄاڻ“. اصطلاح ۾ جنهن شئي جي ڄاڻ يا معلومات نه هجي ان شئي کي ڄاڻڻ، پروڙڻ جو نالو علم آهي. علم کي انسان جي ٽين اک تصور ڪيو وڃي ٿو. علم هڪ اهڙو زيور آهي جنهن سان ٻانهو پنهنجي حقيقي مالڪ ۽ خالق کي سڃاڻي ٿو. علم جي باري ۾ ڪتابن ۾ نبي آخر الزمان ﷺ جون ڪيتريون ئي حديثون مبارڪ اچن ٿيون جن مان علم جي اهميت ۽ فضيلت جي خبر پوي ٿي. پاڻ ڪريمن ﷺ جن هڪ هنڌ فرمايو آهي ته. ”آئون علم جو شهر آهيان، ابوبڪر صديقؓ ان شهر جو بنياد، عمرؓ ان جون ڀتيون، عثمانؓ ان جي ڇت ۽ علي المرتضيٰ ان جو دروازو آهي.“ حضرت علي المرتضيٰ جي ديوان ۾ علم بابت حضرت علي رضي الله عنه جو هڪ مشهور شعر آهي ته،
    رضينا قسمة الجبار فينا لنا علم و للجهال مالٗ،
    فان المان يفنيٰ عن قريب و ان العلم باقٍ لا يزالٗ.
    ترجمو:
    ”اسان قدرت جي ورڇ ۽ ورهاست تي راضي آهيون، جو اسان جي لاءِ علم کي پسند ڪيائين ۽ جاهلن لاءِ مال ملڪيت کي چونڊيائين. پوءِ بيشڪ مال ملڪيت، ڌن و دولت جلد ئي فنا ۽ ختم ٿيڻ واري آهي ۽ علم هميشه باقي رهڻ وارو آهي ان تي ڪڏهن به زوال نه ايندو.“

    هڪ مشهور واقعو:
    ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا. هڪ ڀاءُ علم پڙهڻ جو سوچي ڪنهن مدرسي ۾ داخلا ورتي ۽ ٻي ڀاءُ نفس کي مارڻ جو پڪو پهه ڪري رياضتون ۽ عبادتون ڪرڻ شروع ڪيون. جڏهن ٻئي ڀائر پنهنجي مقصد ۾ ڪافي وقت تائين هلندا رهيا. هڪ ڀيري عالم ڀاءُ ڏٺو ته سندس ڀاءُ نڪ ۾ ڪرفتي (پائخانو) لڳائي الله جي عبادت ۾ مشغول آهي. عالم ڀاءُ کي پنهنجي ڀاءُ جي اها حالت ڏسي تمام گهڻو تعجب ٿيو. ڀاءُ کان جڏهن اهڙي حالت بابت پڇيائين ته سندس ڀاءُ ورندي ڏيندي چيو ته ”منهنجي نفس عمدي خوشبوءَ سونگهڻ جو خيال ڪيو. مون کيس سيکت ۽ سزا ڏيڻ لاءِ پنهنجي نڪ ۾ ڪرفتي (پائخانو) لڳايو آهي ته جيئن نفس کي چڱي سيکت اچي.“ عالم ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ کي سمجهائيندي چيو ته پائخانو گندگي ۽ پليتي آهي ان پليتي سان الله پاڪ جي ڪيل پاڪ عبادت خدا جي درٻار ۾ ڪيئن قبول ٿي سگهي ٿي؟ هن حال ۾ تو جيڪي به رياضتون ۽ عبادتون ڪيون آهن اهي ناقابل قبول آهن. پر اهي عبادتون جيڪڏهن تون پاڪ پويتر ٿي ڪرين ها ته انهن عبادتن کي نه صرف خدا جي درٻار ۾ قبوليت جو شرف ملي ها پر گڏوگڏ اهي ڪيل عبادتون ۽ رياضتون تنهنجي لاءِ اڳتي جو ثمر ثابت ٿين ها. اهو فرق ۽ سڃاڻپ صرف ۽ صرف علم جي ڪري ٿي سگهيو ورنه اهو ڀاءُ هميشه پليتي جي حالت ۾ عبادتون ڪندو رهي ها جنهن مان کيس ڪنهن به قسم جو ڪوبه فائدو، ثواب وغيره نه ملي ها.


    عدل ۽ انصاف

    عدل ۽ انصاف
    ساگر وسيم شورو

    قرآن مجيد ۾ ارشاد خداوندي آهي ته، ”ان الله يامر بالعدل والاحسان.“ ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ انصاف ۽ عدل ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو. اسلام ۾ عدل و انصاف ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڀريو ويو آهي. عدل عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو تعديل جو ماده مجرد آهي جنهن جي معنيٰ آهي وچٿرائي اختيار ڪرڻ. انسان کي شريعت جو مڪلف بڻايو ويو آهي. ۽ شريعت ۾ اعتدال پسندي ۽ وچٿرائي اختيار ڪرڻ کي انسان جي اعليٰ صفتن مان هڪ صفت شمار ڪيو ويو آهي. عدل ۽ انصاف جي باري ۾ نه صرف خدا پاڪ جي ڪلام قرآن مجيد ۾ بار بار حڪم فرمايو ويو آهي پر گڏوگڏ انهي موضوع تي ڪافي حديثون به موجود آهن جن مان انصاف جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ حديث شريف ۾ اچي ٿو ته، ستن ماڻهن کي قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي عرش مبارڪ جو سايو نصيب ٿيندو. انهن مان سڀ کان پهريون شخص عادل ۽ انصاف وارو حڪمران هوندو. حقيقت ۾ اهو وڏي ۾ وڏو خدائي انعام آهي جيڪو خدا پاڪ طرفان پنهنجي خاص ٻانهن کي نصيب ٿيندو آهي. جنهن انسان جي آخرت ٺهي وئي ان جي هميشگي واري زندگي ۽ حياتي پرسڪون عيشن ۽ انعامن ۾ گذرندي. هن تي ڪڏهن به ڪو زوال نه ايندو. هڪ ٻي حديث شريف ۾ اچي ٿو ته، ”قوام الدنيا باربعة اشياءٍ، اولها بعلم العلماءِ والثاني بعدل الامراءِ والثالث بسخاوة الاغنياءِ والرابع بدعاءِ الفقراءِ.“ ترجمو: يعني دنيا جو قائم هجڻ چئن شين تي دارومدار رکي ٿو. انهن مان پهريون دنيا ۾ علماءِ ڪرام جي علم جو هجڻ، (اهڙو علم جنهن مان عالمن کي به ۽ پوري انسان ذات کي فائدو پهچندو رهي، ورنه شيخ سعدي شيرازي جي بقول ته، ”گڏهه تي ڪتاب لڏڻ سان اهو گڏهه ”عالم“ ڪونه سڏبو.“) ٻيو حڪمرانن ۽ امير طبقي جو انصاف ۽ عدل به دنيا جي بقا جو ڪارڻ آهي. ۽ ٽيون شاهوڪار ۽ اميرن جو سخي هجڻ ۽ چوٿون فقيرن جي دعا سان دنيا قائم آهي. دنيا ۾ ڪيترائي انصاف وارا بادشاهه ٿي گذريا آهن جن جي انصاف جو چرچو اڃا تائين ڳائجي پيو. حالانڪه اهي هن دنيا مان مري کپي ويا پر انهن کي اڄ ڏينهن تائين انصاف ۽ عدل جي ڪري جياپو مليو آهي جنهن جي ڪري اهي ماڻهن ۾ ڳائجن پيا. خلفاءِ الراشدين کان پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز رضي الله تعاليٰ عنه انصاف ۽ عدل سان حڪومت ڪرڻ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. خليفي ٿيڻ کان پهرين پاڻ نهايت ئي عمدن ۽ اعليٰ قسم جي ڪپڙن پائڻ ۽ عيش عشرت ۽ خوشي واري زندگي گذاريندو هو پر جڏهن پاڻ خليفو چونڊيو ويو. ته سندس سوچ ۽ فڪر ۾ تبديلي اچڻ سان گڏ سندس لباس، وضع قطع ۽ عيش عشرت واري زندگي به بدلجي وئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضي الله عنه انصاف ۽ عدل سان حڪومت ڪرڻ جو هڪ اهڙو مثال پيش ڪري ويو جنهن جو خلفاءِ راشدين جي دور کان پوءِ مثال ملڻ مشڪل آهي. سندس دور جو هڪ مشهور واقعو اچي ٿو ته هڪ ٻڪرار جهنگ ۾ ٻڪريون چاري رهيو هو. ان ڏٺو ته ڪو بگهڙ سندس ٻڪرين مان ڪنهن ٻڪري کي چيري ڦاڙي کائي رهيو آهي. هن انهي وقت پنهنجي دوست کي ٻڌايو ته اڄ حضرت عمر بن عبدالعزيز رضي الله عنه هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. دوست جي پڇا ڪرڻ تي جواب ڏنائين ته مون جڏهن به ٻڪرين کي جهنگ ۾ چاريو آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت ڪو بگهڙ به ٻڪرين جي ڌڻ ۾ گڏجي ويندو آهي، پر بگهڙ کي ايڏي جرئت ۽ طاقت نه ٿيندي هئي جو ڪنهن ٻڪري کي چيري ڦاڙي کائي سگهي يا ڪو نقصان رسائي. پر اڄ مون ڏٺو ته ڪو بگهڙ منهنجي ٻڪرين مان هڪ ٻڪري کي چيري ڦاڙي کائي رهيو هو. مون انهي مان اندازو لڳايو ته اڄ عمر بن عبدالعزيزؓ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. اسلامي دنيا عدل ۽ انصاف جي اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. امير المومنين حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه جو فرمان مبارڪ آهي ته، ”حڪومت ڪفر سان ته هلي سگهي ٿي پر ڏاڍ، جبر ۽ ظلم سان ڪڏهن به هلي نه سگهندي.“ اهڙن واقعن مان اسان کي هي سبق ملي ٿو ته اسان هر وقت هر گهڙي پاڻ سان، پنهنجي اهل و عيال، زيردستن سان انصاف سان پيش اچون. انهي ۾ ئي اسان جي ڀلائي ۽ نجات آهي.





    سوڍل منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ!!!

    سوڍل منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ!!!
    فهيم فدا شورو

    . . . پنهنجي ساڻيهه واسين جي غلامي ۽ بيوسي تي هن جي اجهاميل نيڻن مان نه چاهيندي به ٻه لڙڪ لڙي ڪري پون ٿا جيڪي سندس جنم ڀوميءَ جي سون ورنيءَ مٽي کي چمندي چمندي جذب ٿي هميشه هميشه لاءِ ٿڌا ٿي وڃن ٿا. پنهنجي ديش واسين جي اهڙي ڊگهي خاموشي تي هو ڪي گهڙيون گهري سوچ ۾ ٻڏي وڃي ٿو.
    سوڍل جي اچانڪ آواز تي هو سوچن جي سمنڊ مان پار ٿي ڇرڪجي پوي ٿو جيڪو سندس ڪنن ۾ پڙاڏو بنجي گوناگون گونجون ڪري رهيو آهي.
    ”سنڌ..! سنڌ؟ سنڌ؟!!“ سوڍل روئڻهارڪي لهجي ۾ کيس چوي ٿو. ”ڪٿي آهي سنڌ؟ هي چچريل چيريل سنڌ!!! وڍيل ڪپيل سنڌ!!! جنهن تي ڳجهون لامارا ڏيئي رهيون آهن. اها آهي سنڌ؟ اها آهي دودي جي سنڌ؟ اها آهي تماچي جي سنڌ؟ اها آهي دولهه دريا خان جي سنڌ؟ هو ڏس سنڌ جو لاش سڙي رهيو آهي....“
    سوڍل! ها ! سوڍل ها! ماڻهو اڄ وري سنڌ بدران هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن قبيلن، قومن ۽ راڄن جي باري ۾ سوچڻ لڳا آهن. ديش ڀڳتي سڏائيندڙ هر ڌرتي ڌڻي حقيقي معنيٰ ۾ ”سنڌي“ به نه رهيو آهي. ادا سوڍا . . .!!!
    سوڍل! جڏهن کان تون پنهنجي ڌرتي تان سر ڏيئي هميشه هميشه لاءِ ٿڌو ٿي ويو آهين ان ڏينهن کان وٺي تنهنجي سنڌ جو سَنڌ سَنڌ ويرين جي وارن جي ڪري چِچرجي چاڪ چاڪ ٿي پيو آهي.
    سوڍل! تنهنجي پڄاڻان ڪئين ٻين سوڍن ۽ مٿير مردن پنهنجي جنم ڀوميءَ تان سر ڏيئي پنهنجي لبڙن تي مرڪ سجائي موت کي گلي لڳايو آهي.
    سوڍل! تنهنجو ”باب الاسلام“ اڄ وري هڪ ڀيرو ٻيهر ”باب القتلام“ بڻجي پيو آهي. جڳهه جڳهه آيل خوني رت جي سيلاب جي تباهين جا شڪار به تنهنجا ئي ڌرتيءَ ڌڻي بڻيا آهن. ائين لڳي رهيو آهي ڄڻڪه سموري سنڌ ڌرتي ڪربلا جو ويس ڍڪي پنهنجي سورمن جي بي وقتي موت تي ماتم ڪري رهي آهي.
    سوڍل! تنهنجي جنهن سنڌ ڌرتي مان ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ کي امن ۽ سلامتي جي خوشبو ايندي هئي اڄ ان جي امن تي راتاهو هڻي سلامتي جو ڏيوالو ڪڍيو ويو آهي. اڄ سنڌ امن لاءِ ايلازون پئي ڪري پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان کيس ڪوبه امن ڏيڻ وارو ڪونهي. سچ ته هي آهي ادا سوڍا! اڄوڪي سنڌ تنهنجي سنڌ نه رهي آهي.
    اڄ هڪ اهڙو واءُ وريو آهي جنهن سنڌين جي روحن کي به ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو آهي جن کي هاڻي ”ٻيو جنم“ ڏيڻ وارو به ڪوئي ڪونهي. سوڍل! توکي خبر نه آهي ته سنڌي ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گردنن ۾ غلامي جو ڳٽ پائڻ تي به مجبور ڪيو ويو آهي.
    ۽ ها ها سوڍل! تنهنجي سنڌ جي رڙ ”گهوڙا گهوڙا“ مان بدلجي هاڻي ”ڀائي ڀائي؟؟؟“ ٿي پئي آهي.
    سوڍل دادن کي اهو ڏينهن ياد ڏيارجان جڏهن هڪ ترخان مولوي هڪ سنڌي سٻاجهڙي ۽ سندس ونيءَ کي سنگسار ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي تمام مومنن ۽ مسلمانن کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏيئي رهيو هو. اڄ اهي ئي ترخاني ۽ قنڌاري مولوي وري منهنجي باري ۾ به فتويٰ ڏيڻ لڳا آهن ته ”تون ان ڏينهن کان واجب القتل آهين جنهن ڏينهن کان تو پنهنجي پاڻ کي ”سنڌي“ سڏرائڻ شروع ڪيو آهي. تون پنهنجي پاڻ کي ”ديوبندي يا بريلوي ڇو نٿو سڏرائين؟ شيعو ۽ سني ڇو نٿو چورائين؟ جيڪڏهن تو پنهنجي پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ بند نه ڪيو ته تنهنجو الهه تلهه تباهه ۽ برباد ڪيو ويندو! ڊڄ ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن توکي آخوند صالح وانگر ٽياس تي ٽنگيو ويندو! مخدوم بلاول وانگر جيئري ئي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويندو! تنهنجي ڄڀ پاڙان ئي پٽي تنهنجي آواز کي هميشه هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويندو. “ سوڍل ان وقت منهنجي اندر جو سوڍل به جاڳي پيو هو. مون به اکين ۾ اکيون ملائي کين ورندي ڏني هئي ته ”اوهان جو ڏنل موت منهنجي گناهن جي سزا نه پر هڪ بي بها املهه تحفو آهي جنهن کي دل و جان سان قبول ڪريان ٿو بلڪه انهي موت کي پنهنجي لاءِ ”راهه نجات“ سمجهان ٿو هر ان ٻئي ڏينهن جي ڏسڻ کان، جنهن ڏينهن پنهنجي ديش واسين جي گردنن ۾ غلامي جو ڳٽ ڏسندي منهنجي اندر مان هڪ ٿڌي ۽ سرد آهه نڪرندي محسوس ٿئي ٿي ۽ پنهنجي بيوسي ۽ لاچاري تي نيڻن جا بادل زارو قطار برسي پون ٿا! منهنجي روح جو ٻرندڙ جبل به ڦاٽي ريزا ريزا ٿي وڃي ٿو! منهنجي پريت ۽ پيار جو جذبو به بالآخر نفرت جي آڙاهه ۾ بدلجي وڃي ٿو!“ ها سوڍل! ها اها منهنجي ورندي دادن کي ضرور ٻڌائجان ته جيئن دادن کي هر سنڌي جو اهو جذبو ٻڌي چوڻ ۾ فخر محسوس ٿئي ته ”سنڌ جي ڪک اڃا سائي آهي.“


    مخدوم ميون صابر ولهاري رحمت الله عليه

    مخدوم ميون صابر ولهاري رحمت الله عليه
    عظيم عالم، بزرگ ۽ مدرس. ولهار جي درسگاهه جو پايو وجهندڙ
    عاصي عبدالواحد هڪڙو


    اڳين سمي نصرپور سرڪار جي ستن پرڳڻن مان هڪ پرڳڻي جو نالو ولهار هو، جيڪو ٽنڊو الهيار تعلقي جي موجوده پنجن تپن هر هڪ، بلغاءَ، ڍالو، سنجرچانگ، پاڪ سنگهار ۽ چمبڙ جي ايراضي تي مشتمل هو.
    هن درهي زمين کي بهاري توڙي بياباني ۾ ڏسي ڪيترن شاعرن کيس مختلف نمونن سان ياد ڪيو آهي. ميون شاهه عنايت رضوي (متوفيٰ 1160 هه) ”ولهار“ جي وڻن جي ڇانو ۽ بهاريءَ جو ذڪر ڪندي فرمايو آهي ته:
    ”ٿڌا وڻ ولهار جا، جت صدر سونهارو،
    اکڙين آرو، اوڏانهين عنايت چئي.“
    جتي ولهار جو ذڪر ميين شاهه عنايت رضوي ڪيو آهي، اتي سندس اولاد مان قطب شاهه پڻ ولهار جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهيو آهي. قطب شاهه مينهن پوڻ کان پوءِ وارو نقشو چٽيو آهي، جنهن ۾ سانگين کي سکيو ڏسي فرمائي ٿو ته:
    ”وڄون وسڻ آئيون، چمڪي چوڌار،
    ڊليري ڊينگاڻ، ڏونهه وٺا سب ”ولهار“
    لاٿو ڏک ڏاتار، ٿيو قرار قطب چئي.“
    پير اشرف شاهه ڪاماري شريف وارو (متوفي 1277 هه) ولهار جي وڻن جي خستي حالت ڏسي مينهن پوڻ جي دعا گهرندي اجهو هيئن ٿو فرمائي.
    ”وايو جهلي وار، وڄون سنڌ ولات تي،
    ڪرڪي ڪڪر مينهن جا اٻون کڻي آڏار،
    ڪنڍريون ڪنڍرن پٽ ۾ ڪرهن جيئن قطار،
    مولا مينهن وسائين ”ونگي“ ۽ ”ولهار“.
    پير جان محمد شاهه جيلاني پير وسيهن وارو (متوفي 1978ع) ولهار تي مينهن پوڻ لاءِ خدا کان دعا گهري ٿو ته:
    ”واحد وسايو ”ولهار“ تي ڪو مهر جو مينهن،
    پرتئو لهن ”پيرل“ چوي، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن،
    الله ڪر ائين، جو سانگي سڀ سکيا ٿين.“
    ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
    ”برسي ساري ڀونءِ مٿي ڪا واحد ڪريو وسڪار،
    ڪڪر موڪل ڪرم جو ڪو والي مٿي ”ولهار“.
    مٿين شعرن مان واضع ٿي چڪو آهي ته، ”ولهار“ جو خطو ڪيتري حد تائين مشهور ۽ مقبول هو. هن پرڳڻي ۾ قديم دور ۾ جن باڪمال بزرگن، عارفن ۽ عالمن دين اسلام جي فروغ ۽ ترقي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪاوش ۽ ڪوشش ڪري، ان کي پکيڙڻ جو ڪم پنهنجي سر تي کنيو ۽ پنهنجي زندگي قال الله ۽ قال الرسول صلي الله عليه وسلم جي تبليغ ۾ گذراي ڇڏي، تن مان هن پرڳڻي جو عظيم مفڪر، عالم ۽ مدرس ميون صابر ولهاري به هڪ هو، جنهن صاحب کي ڪن عالمن ذات جو ”پرند“ ڪري لکيو آهي ته ڪن وري سندس ذات ”ٻرند“ ٻڌائي آهي. جنهن لاءِ روايت آهي ته ”ميون صابر هميشه منهن تي نقاب ڏيئي هلندو هو. سندس منهن ۾ ايتري قدر ته جلالت ۽ نورانيت هئي، جو اهو نقاب جلد سڙي خاڪ ٿي ويندو هو. ان ڪري کين چوندا ئي ”ٻرند“ هئا. يعني ”باهه وارو“ يا ”ٻرندڙ“.
    جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي راءِ موجب، ميين صابر ولهاري جا وڏا سمن جي ٻرند قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا. ۽ کين ”ٻرند سما“ ڪوٺيو ويندو هو، جيڪي ابتدا ۾ ٺٽي طرف رهندا هئا ۽ وڏا عالم ۽ برگزيدا بزرگ ليکجڻ ۾ ايندا هئا، جيڪي ڪن لکتن ۽ روايتن موجب 1513ع _ 1521ع ڌاري ٺٽي کان لڏي ملاڪاتيارن طرف اچي ساڪن ٿيا.
    ملاڪاتيارن ۾ سڪونت بعد سندن درس و تدريس جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڪيتري خلق الله کي ديني تعليم ڏيئي صحيح راهه تي آندائون. بعد ۾ اهي بزرگ تقريبن يارهين صدي هجريءَ جي آخر يا ٻارهين صديءَ جي شروعات ڌاري ولهار جي پرڳڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا ۽ درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائون.
    ولهار جي پٽ ۾ درس و تدريس جو سلسلو ميين صابر کان شروع ٿيو، جيڪو ايڏي ته عروج کي پهتو جو ولهار توڙي ميين صابر جو نالو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو ۽ ميون صابر ٻرند جي بدران ولهاري سڏجڻ لڳو. هي بزرگ ڪلهوڙا دور جي باڪمال بزرگن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس همعصرن مان صوفي شاهه عنايت جهوڪ وارو (متوفي 1130 هه) ۽ درويش اويڙ فقير پلي شادي پليءَ وارو قابل ذڪر آهي. تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”ميون صابر ولهاري ڏينهن جو روزو رکندو هو ۽ رات جو عبادت الاهي ۾ گذاريندو هو. خلق الله کي قرآني ۽ ديني درس ڏيندو هو. هي بزرگ حد کان وڌيڪ بزرگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ جو صاحب هو“.
    ولهار جي ايراضي ۾ ميين صابر جي محنت ۽ مشقت سان جنهن ديني درسگاهه جو پايو پيو، اهو مدرسو سندس نگرانيءَ ۾ وڏي اوج کي پهتو ۽ سنڌ جي اعليٰ ۽ عظيم تعليمي درسگاهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ ڪيترا شاگرد پري کان پنڌ ڪري اچي علم حاصل ڪندا هئا. هن وقت مٿين درسگاهه ۽ مسجد جا فقط ڪجهه نشان وڃي بچيا آهن، جيڪي سم ۽ ڪلر جو شڪار بنبا پيا وڃن، جن کي ڏسي ماضيءَ جي سونهري تاريخ اکين آڏو اچي وڃي ٿي.
    ميون صابر ولهاري سنڌ جي وڏن عالمن ۽ مشائخن مان هڪ آهي. سندس ديني شوق جو اهو عالم هو، جو پاڻ نار جي جهلڻ تي ويهي سڄو قرآن مجيد پنهنجي هٿن سان لکيو هئائين، جيڪو ڪافي عرصو اڳ سندس پوين وٽ موجود هو، ليڪن هينئر خبر نه آهي ته اهو وٽن آهي يا ڪنهن سبب ضايع ٿي ويو آهي.
    ميين صابر ولهاري جي عادت هوندي هئي ته پاڻ هميشه پنهنجي وقت جي بزرگن ۽ درويشن سان قرب ونڊڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ڪهي وڃي سندن ماڳن تي ملاقات لاءِ مقيم ٿيندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته، پاڻ درويش اويڙ فقير پليءَ سان ملڻ جي خيال سان ٿرپارڪر جي طرف اسهيو. جڏهن درويش فقير پليءَ جي ڳوٺ پهتو ته پتو پين ته اويڙ فقير ڳوٺ جي ٻاهران ٻاجهريءَ جي کري تي ويٺو آهي. پاڻ جڏهن اتي پهتا ته کري جي ٻاهران بيهي هڪ سواليه بيت ڏنائون ته:
    ”اويڙ الله جا اٿئي ڪو پرو،
    پيو آهي پٽ ۾ ڪي کڻي ويا کرو،
    ڪو آهي دڳ درو، وڃڻ جو وڻڪار ڏي.“

    ميين صابر جو اهو بيت ٻڌي اويڙ فقير اڳتي وڌي آيو ۽ جواب ۾ چيائين ته،
    ”ميان کڻج پاڻ سان بسم اللة ڀرو،
    پنج منارا پلي چئي تنهن ڏانهن وهلا ٿي ورو،
    سرس جي سڀن ۾ تن ڏينهن کان نه ٽرو،
    آهي اهو دڳ درو، وڃڻ جو وڻڪار ڏي.“
    ان بعد ٻنهي بزرگن هڪ ٻئي سان ملي روح رهاڻ ڪئي. مطلب ته ميون صابر فقيري توڙي علمي ٻنهي حيثيتن سان مشهور هو. تاريخ جي ورق گرداني ڪندي جتي سنڌ جي اوائلي مدرسن، جهڙوڪ: ٺٽو، بکر، سکر، نصرپور، اگهم ڪوٽ، سيوهڻ، عادلپور، کيجڙياري، وهري ۽ چوٽيارين جا نالا اچن ٿا، اتي ولهار جي درسگاهه جو نالو پڻ موجود آهي، جنهن مان ميين صابر جي عظمت ۽ علمي خدمت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
    ميين صاحب سان گڏ ولهار جي انهيءَ درسگاهه ۾ ٻيا جيڪي بزرگ مدرس هئا، تن ۾ ميون پير محمد بن حبيب الله ولهاري ۽ ميون عبدالسميع بن حامد ولهاري وڏي پايي جا عالم هئا. ميين صابر جي بعد اهو ڏيئو سندس پوين مان ميين معروف ڏانهن منتقل ٿي ويو. جيڪو پيءُ جي علمي مسند تي ويهي ديني درس ڏيڻ لڳو ۽ ولهار جي ديني درسگاهه جو انتظام پنهنجي هٿ هيٺ رکي درس تدريس ۾ مشغول رهيو. ميون معروف به ولهار جي پهرين استادن ۾ شامل هو، جن ميين صابر سان گڏ درس تدريس جو سلسلو جاري رکي، مدرسي کي اوج تي پهچايو.
    ميين معروف جي وفات بعد سندس پٽ ميون مقبول گادي نشين ٿيو، جيڪو بزرگ، تحفته الڪرام جي لکجڻ واري دؤر يعني سن 1184هه ۾ حيات هو ۽ خدا وارن وٽ قبوليت جي زندگي سر ڪندو هو ۽ درس تدريس جي سلسلي کي جاري رکندو آيو، راوي روايتون ٿا ڪن ته، مٿين بزرگن جي بزرگي ۽ ڪرامتون ڏسي ولهار جي ڳوٺ کان اولهه طرف رهندڙ شادي نالي هڪ اوٺي زميندار پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ميين بزرگن مان ڪنهن کي ڏنو، جيئن ته شادي اوٺي کي ٻيو اولاد ڪونه هو، ان ڪري سندس وفات بعد ميان صاحب لڏي اچي شاديءَ جي ڳوٺ ساڪن ٿيا، (جيڪو ڳوٺ هن وقت ”شاديون“ نالي سڏجي ٿو.) ڪجهه عرصو اتي پڻ ساڳي طرح تعليم جو سلسلو جاري رهيو.
    اها ميين صابر جي علمي تبليغ هئي، جنهن ڪيترن برباد بستين ۾ علم جي لاٽ اوچي ڪري انهن کي روحاني روشنائيءَ سان روشن ڪيو. ٽالپور دؤر جي شروع ۾ اهو ديني مدرسو ولهار جي پٽ مان منتقل ٿي ڍوري ناري لڳ ”کنڀرو“ جي ڳوٺ ۾ قائم ٿيو. جتان ڪيترا طالب العلم ديني تعليم حاصل ڪري وڏا عالم، اڪابر بنجي نڪتا. اهو مدرسو انگريز دؤر جي آخر تائين قائم رهيو.

    وفات:
    روايت مان ثابت ٿئي ٿو ته، ميين صابر ولهاري جي شاهه عنايت صوفي جهوڪ واري سان گهري دوستي ۽ ايتري قدر عقيدت هوندي هئي جو شاهه عنايت صوفي جي اسرار تي پاڻ ”سهروردي“ طريقي جا پيروڪار بنيا. اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته پاڻ سهروردي طريقي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪهڙي بزرگ جي هٿ تي بيعت ڪيائون. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ميين عنايت شاهه صوفي جي وفات سنه 1130 هجريءَ تائين ميون صابر زنده هو. ان مان واضع ٿئي ٿو ته ميين صابر جو لاڏاڻو سنه 1130 هجريءَ بعد ٿيو هوندو. سندس مقبرو ٽنڊي الهيار کان ڏهه ميل ڏکڻ اوڀر طرف ويسٽ جمڙائو جي ڪپ تي آهي، جتي سندس فرزند ميين معروف جو مقبرو پڻ آهي. اهو قبرستان ”ميين معروف جا قبا“ جي نالي سان مشهور آهي.


    روزي جا رت جي گردش تي فائديمند اثر

    روزي جا رت جي گردش تي فائديمند اثر
    سيف الله شورو

    ڏينهن جو روزي جي حالت ۾ رت جو مقدار گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اهو عمل دل کي انتهائي فائديمند آرام ڏيئي ٿو. وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته جيوگهرڙن جي وچ ۾ مائع جي مقدار ۾ گهٽتائي سبب ٽشوز يعني مشڪن جي انتهائي باريڪ حصن تي دٻاءُ گهٽ پوي ٿو. مشڪن تي دٻاءُ يا عام لفظن ۾ ڊائسٽالڪ دٻاءُ دل جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. روزي جي حالت ۾ ڊائسٽالڪ دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو. يعني ان وقت دل آرام ۾ هوندي آهي ۽ دل جو آرام دل جي ڪيترين ئي بيمارين جو هڪ علاج آهي. ان کان سواءِ اڄ جو جديد انسان جديد زندگيءَ جي مخصوص حالات سبب شديد تناءَ جو شڪار رهي ٿو. رمضان شريف جا روزا روزمره جي شديد تناءَ کان آزاد ڪري بي حساب فائدا ڏين ٿا. روزي جو سڀ کان اهم اثر گردشِ خون جي ان پهلوءَ تي آهي ته اهو ڏٺو وڃي ته ان سان رت جي شريانين کي ڇا ٿو ٿئي؟ ان حقيقت جو عام علم آهي ته رت جي شريانين جي ڪمزوري ۽ فرسودگيءَ جي اهم ترين اسباب مان هڪ سبب اهو آهي ته رت ۾ باقي رهيل مادا يعني Remnant جو پوري طرح ڳري يا تحليل ٿي نه وڃڻ آهي. جڏهن ته ٻي طرف روزي ۾ خاص طرح افطار جي وقت رت ۾ موجود تمام غذائيت جا سڀئي ذرا تحليل ٿي چڪا هوندا آهن. انهن مان ڪوبه باقي نه بچندو آهي. ان طرح رت جي نالين جي ديوارين تي چرٻيءَ يا ٻيا ڪي به اجزاءَ نٿا ڄمن. اهڙي طرح موجوده دور جي انتهائي خطرناڪ بيمارين جن ۾ شريانين جي سختي يعني Arteriosclerosis نمايان ترين آهي.) کان انسان بچي وڃي ٿو جو ٻي صورت ۾ هڪ مهانگي علاج وارو مرض آهي. روزو ان مرض کان بچڻ لاءِ بهترين تدبير بي خرچ علاج آهي.

    (ورتل: ڪتاب قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون)


    امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر انگيز تحرير

    امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر انگيز تحرير

    جديد دور ۾ اڪثر سيڪيولر دانشورن ۽ سياستدانن جي اها سوچيل سمجهيل راءِ رهي آهي ته مذهب انساني ذهن جي ارتقائي مرحلي جي هڪ ڪڙي آهي. يعني مذهب خالص زميني اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ٻين حالتن جي پيداوار آهي.
    اهو نظريو نه صرف مذهب جي آسماني هجڻ جي دعويٰ جو انڪار ڪري ٿو، بلڪه گهرائي سان جائزو وٺجي ته اهو نظريو الله جي انڪار تائين وٺي وڃي ٿو ۽ ان نظريي مطابق مقدس ڪتاب آسمان مان نازل ٿيل مڃڻ بجاءِ پيغمبرن جا هٿرادو لکيل قرار ڏيڻا پون ٿا. اهو هڪ سنجيده بحث آهي ۽ ان وقت اڃا به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو، جڏهن اهڙا ماڻهو انساني حقوق جي جدوجهد ڪرڻ تي زور ڏيندا هجن ۽ انهن جي مقابلي ۾ هڪ اهڙو مذهبي طبقو سماج ۾ موجود هجي جيڪو مذهب جي نالي تي خدا جي مخلوق کي لٽڻ ڦرڻ ۾ مشغول هجي ۽ استحصالي قوتن جو ساٿاري هجي.
    امام ولي الله دهلويءَ جي سياسي ۽ اقتصادي فڪر ۽ فلسفي جا وارث عالم ان مسئلي بابت هڪ مدبرانه ۽ مفڪرانه راءِ رکن ٿا، جيڪا هڪ طرف عقل ۽ سائنس جي ڪسوٽي تي به پرکي سگهجي ٿي ته ٻئي طرف مقدس ڪتابن جي آسماني معيار تي به پوري لهي ٿي.
    هن مضمون ۾ مٿي ذڪر ڪيل موضوع تي امام عبيدالله سنڌيءَ جي تفسير مان ٽڪرو ڏنو ويو آهي جيڪو تفسير پاڻ جلاوطني دوران مڪي شريف ۾ دنيا جي وڏن عالمن کي درس جي صورت ۾ ست سالن تائين پڙهائيندا رهيا. اهو تفسير مدرسه مظهرالعلوم جي سابق مدرس مولانا محمد مدني سنڌي کي سنڌي زبان ۾ لکيو آهي.
    امام عبيدالله سنڌي نهايت جامع ۽ مختصر عبارت ۾ هن مسئلي تي روشني وڌي آهي. ان سان ان مسئلي جي حقيقت کي سمجهڻ جو مضبوط بنياد ملي وڃي ٿو، جنهن تي جديد سائنسي انداز سان تحقيق ۽ ريسرچ جي ذريعي ڪارائتن نتيجن جي هڪ شاندار عمارت اڏي سگهجي ٿي.
    سنڌ ۾ سنڌي قوم کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جن شديد محرومين مان گذرڻو پيو آهي انهن جي سبب قومپرست ۽ ترقي پسند دانشورن ۽ سياستدانن جو هڪ وڏو طبقو سيڪيولر ازم جي مٿين تشريح جو قائل رهيو آهي. هن مختصر مضمون جي ذريعي اسين سنڌ جي دانشورن کي هڪ علمي بحث ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ جي گذارش ڪريون ٿا.
    اسان جي نظر ۾ امام شاه ولي الله جا اقتصادي، سياسي ۽ فلسفي نظريا، يورپي مفڪرن جي نظرين کان گهڻو وڌيڪ طاقتور آهن. جن کي امام عبيدالله سنڌي همعصر نظرين سان ڀيٽ ڏيئي واضح ڪيو آهي، اهي اصول سندن ڪتابن ۾ هر هنڌ ڦهليل آهن. ضرورت آهي ته انهن کي ترتيب ڏيئي هڪ جاءِ تي جمع ڪري انهن مان گهڻو لاڀ پرائي سگهجي ٿو.
    مدرسه مظهرالعلوم ۾ امام عبيدالله سنڌيؓ پاران قائم ڪيل مرڪز بيت الحڪمة کي ٻيهر سرگرم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ امام عبيدالله سنڌيؓ جي پوئلڳ سنڌي عالمن کي خاص ڪري نوجوان عالمن کي تحقيقي ڪم ۾ سهڪار جي دعوت آهي
    هڪڙي متفڪرين جي جماعت آهي جنهن جو هي خيال آهي ته،
    ”انسان جي دنياوي زندگي کي دين کان خالي ڪري سگهجي ٿو.“ انهن جو هي خيال آهي ته ”دنياوي زندگيءَ جي تڪميل واسطي دين ايجاد ٿيا آهن. هڪ زمانو انسانيت تي اهڙو گذري چڪو آهي جو جيستائين انهن کي ديني خيال نه ڏجي ها ته هو دنياوي زندگيءَ کي مڪمل ڪري نه سگهن ها. هاڻي انسانيت ايتري ترقي ڪري چڪي آهي جو پنهنجي مادي زندگيءَ کي پنهنجن ذاتي فيصلن سان مڪمل ڪري سگهي ٿي. دين ۾ لازمي شيءِ هي آهي جو هڪ وڏو شخص دين جو امام مڃجي جنهن جي راءِ کان ٻاهر نه نڪرجي. شروع ۾ بيشڪ ان پابنديءَ جي ضرورت هئي مگر هاڻي جن ملڪن ۾ لازمي تعليم جبري طور تي جاري ڪئي ويئي آهي ۽ هر انسان کي سوچڻ سمجهڻ جو مادو پيدا ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي ته هو گڏجي فيصلا ڪري سگهن ٿا ته هيترن ڪمن ۾ ڪنهن کي شخصي اختيار ڏجن ۽ هنن کان مٿي جماعت جي فيصلي جي پابندي ڪرڻ گهرجي. ڪنهن پراڻي بزرگ جي فيصلن جي پابندي ڪرڻ هاڻي ضروري نه آهي. دين اجتماعي ارتقافات جو هڪ ڀاڱو آهي پر ارتفاقات جي ترقيءَ جي وقت ۾ پراڻن فيصلن جي پابندي. انسان لاءِ تمام بار آهي.“
    ان طرز سان هنن متفڪرين جو خيال گهڻن تفصيلن سان بيان ڪري سگهجي ٿو. مگر مطلب سڀ ڪنهن جاءِ تي هي قائم رهندو ته
    ”انسان جي هن زندگيءَ جي قائم رکڻ واسطي ۽ ترقي ڏيڻ واسطي انسان پاڻ قاعدا ٺاهي سگهي ٿو ۽ انهن ۾ ترميم ۽ تنسيخ ڪندو رهندو. ان ترقيءَ جي واسطي انسان غير متبدل قانون ۽ تجويز ڪري ڇڏيا آهن، جن کي دين چئجي ٿو. ان سان عقلي ترقي جڏهن زياده ٿي چڪي آهي ته هن کي ڪنهن غير متبدل قانون جو پابند بنائڻ ضروري نه رهندو.
    غير متبدل قانون جي مالڪ جو نالو الله آهي. ان جو جيڪو قانون غير متبدل آهي، ان کي دين سمجهيو ويندو آهي. ديني ماڻهو سمجهن ٿا ته ان ۾ تبديل ڪرڻ جو حق فقط هڪ الله کي آهي ٻئي کي نه آهي انهن جو خيال اهڙي قسم جو آهي ته چونڪه انسان لاءِ متبدل قانون جي ضرورت محسوس ٿي ته ان غير متبدل قانون واسطي هڪ مالڪ جي ضرورت به محسوس ٿي، ان سبب سان الله جي مڃڻ جي ضرورت انسانيت ۾ متحقق ٿي.“
    هي متفڪر جڏهن غير متبدل قانون جي ضرورت محسوس نٿا ڪن ته انهن کي الله جي ضرورت به نه رهندي. هي فڪر ڇا لاءِ پيدا ٿيو؟ ]ان جو جواب آهي ته[ انساني زندگيءَ کي مادي زندگيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿن. هنن وٽ انسان جي حقيقت هي آهي ته ”مادي قوتن جي جمع ٿيڻ سان انسان پيدا ٿيو ۽ انهن قوتن جي انتشار سان ختم ٿي ويندو.“ موت کان ڪا ٻي حياتي هجي جنهن ۾ انسان قائم رهي، سا انهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي.
    ماديات ۾ ڪي زياده ماهر عالم اهڙا آهن، جي دعويٰ سان چئي سگهن ٿا ته اڳتي زندگي ناممڪن آهي. اڄ ڪالهه سياست ۾ ان فڪر جي تمام وڏي قيمت آهي. اول درجي جو ڪوبه سياسي ماڻهو نه هوندو جو هن فڪر سان موافقت نه رکندو. هن سياست جو نتيجو، تمام مذهبي زندگي کي ختم ڪرڻ آهي. هي سياسي جماعت بادشاهن کان گهڻو ظلم ڏسي چڪي آهي ۽ بادشاهه ڪنهن نه ڪنهن مذهب جا پابند هوندا آهن. بادشاهن ۾ مذهبي پابندي براءِ نام هوندي آهي. ان جي نالي سان رعيت ۾ پنهنجو حڪم آساني سان جاري ڪري سگهن ٿا. چونڪه ظالم بادشاهن کان انهن کي از حد نفرت آهي، ان ڪري به انهن کي مذهب سان دشمني پيدا ٿي ويئي آهي.
    هي سڄي حقيقت ڪانه لکائي اٿئون بلڪ اشارو ڏنو اٿئون. اهڙيءَ طرح هاڻي به سڄي حقيقت نٿا لکايون بلڪ اشارو ڏيون ٿا ته اسين انهن سان متفق اصولن کان ڳالهه شروع ڪريون ٿا.
    اسين يعني انسان هڪ مادي هستي آهيون، انساني وجود ۾ ڪي مادا ڪثيف آهن ۽ ڪي مادا لطيف آهن اسين لطيف مادن کي روح سڏيون ٿا. يعني تمام هستي پنهنجي مادي مڃيون ٿا. هن طرح سان هو اسان جي ڳالهه کي تمام خوشيءَ سان ٻڌندا آهن.
    هي جو انسان آهي، ٻاهر جي مادي جو هڪ ٽڪر آهي. زمين هڪ مادو آهي. هوا ٻيو مادو آهي، مٿي آسمان جا ستارا، سي ٻي قسم جون مادي شيون آهن، جيتري ڪوشش ٿي سگهي آهي هن مادي جي انتها معلوم نٿي ٿئي. اڄ هڪ حد مقرر ڪريون ٿا، ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻيو انڪشاف ٿئي ٿو جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته ان کان مٿي به مادو آهي. يعني ته مادو هڪ بحر جي صورت ۾ آهي جنهن جي ڪا حد ۽ انتها نه آهي. هن مسئلي ۾ اسان انهن مادي متفڪرن سان اتفاق ڪندا ٿا وڃون.
    مادي جي متعلق هڪ تحقيق ڪري هڪ اصول اسان سمجهيو آهي ته مادو شڪليون مٽائي ٿو پر فنا نٿو ٿئي. هن ۾ اڄ ڪلهه جا حڪيم سڀ تحقيق ڪري انتها تائين پهچي ويا آهن پر ان جي خلاف هڪ ذرو به ثابت نٿو ٿئي. اسين هن مسئلي ۾ به اتفاق ڪريون ٿا.
    هي مادي حڪماء اڳي ٻن قسمن جا هئا. مادي سان هڪ غير مادي شيءِ به مڃيندا هئا، جنهن جو نالو انهن وٽ قوت هو. پوءِ ان جون مختلف صورتون ظاهر ٿين ٿيون جيئن ”برق“ آهي. ڪيترا حڪماء هن کي غير مادي شيءِ مڃين ٿا. مگر پويان مادي حڪماء ايترو ”غلو“ (وڌاء) ان مسئلي ۾ ڪن ٿا جو برق ياقوت يا ڪو ٻيو نالو کڻي رکجي ته ان کي به مادي مڃين ٿا. اسين هن مسئلي ۾ به انهن سان اتفاق ڪريون ٿا.
    نالن جي اختلاف ۾ حڪمت نه مٽبي آهي جنهن کي هي حڪيم مادو چون ٿا اسين ان کي وجود چئون ٿا. اسان وٽ وجود هڪ بي انتها شيءِ آهي. ان جا مختلف طبقا آهن. هڪڙا ڪثيف ٻيا لطيف. پر سڀ وجود آهن. ان جو هڪ ذرو به ضائع نٿو ٿئي. فقط صورتون مٽائي ٿو. اسان جي خيال ۾ آهي ته جا هو تحقيق ڪن ٿا، سڀ اسين مڃيون ٿا، نالن جي اختلاف کي هو به ڪا اهميت نه ڏيندا. هاڻي اسين هنن مادي طاقتن ۾ ڏسون ٿا ته هڪ شيءِ مؤثر آهي ۽ ٻي شيءِ متاثر آهي. سج روشني ڏئي ٿو ۽ زمين روشني وٺي ٿي. باه گرمي ڏئي ٿي ۽ پاڻي گرمي وٺي ٿو. ان مسئلي جو انسان جي زندگيءَ سان گهڻو تعلق آهي. ڪن شين ۾ انسان پنهنجو اثر وجهي ٿو يعني ڪن کي ڀڃي ٿو ۽ ڪن کي ڊاهي ٿو. انسان جڏهن ”انا“ يعني ”آءٌ“ چوندو آهي ته ان ۾ جيتري ٻئي ۾ تاثير ڪرڻ جي قوت موجود آهي، ان کي گڏ ڪري پوءِ ”انا“ چوندو آهي ته تاثر (متاثر ٿيڻ) وارين قوتن کي دل مان بالڪل وساري ڇڏيندو آهي. غرض (مطلب ته) متاثر ۽ مؤثر جو فرق انسان جي زندگيءَ لاءِ لازمي شيءِ آهي.
    اسين هاڻي حقيقي وجود ان کي سمجهون ٿا جنهن ۾ تاثير جي قوت آهي. اسان جي طبعيت ته تاثر کي ڪمال مڃي ئي نٿي. هاڻي تاثير ڪرڻ وارو جيترو وجود آهي. سارو مجموعو ان کي اسين هڪ شيءِ مڃيون ٿا. ان جو نالو الله آهي.
    هن مؤثر وجود سان متاثر وجود جو ڪهڙو تعلق آهي؟ هي تمام ڊگهي ۽ تفصيلي حڪمت آهي. ان کي فلسفه وحدة الوجود چئجي ٿو. هي هڪ حقيقت آهي جنهن تي انسان پهتو آهي.
    فلسفه وحدت الوجود جي تاريخ تمام ڊگهي آهي. ڪو حڪيم ڪامل نه ٿيو آهي جيستائين هن فلسفي کي نه سمجهيو آهي. انسان جي اجتماعي زندگي تي بحث ڪرڻ وارا عالم يا مادي متفڪر جيڪڏهن هن عقلي فلسفي کي نه سمجهي سگهيا آهن ته انهن جو قصور آهي. انهن کي پڙهڻ گهرجي. اسين مذهب جي ايتري حقيقت مڃيون ٿا، جيتري قدر فلسفه وحدة الوجود مان پيدا ٿئي ٿي. هي هڪ فلسفي حقيقت آهي. انساني اجتماع جي ضرورت واسطي هڪ ارتفاق نه آهي. بادشاهن جي ظلم قائم رکڻ واسطي هي پير برهمڻ ۽ پادرين ۽ مولوين جو تجويز ڪيل نظام نه آهي. فلسفي وحدة الوجود جي عالم کي الــٰهيات جو عالم چئجي ٿو. هتي لفظي بحثون بيڪار آهن. هي حقائق آهن جن کي انسان سمجهي پوءِ ترقي ڪندو. مشاهدي ۽ تجربي سان ان جي تحقيق ڪبي.
    جڏهن اسين يورپ ۾ وياسون ۽ هن نئين رنگ سان مذهب جو انڪار ٻڌوسون، ته چند روز اسان کي تڪليف ۽ تحير رهيو. ان جو علاج اسان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. مگر اسين فلسفي پڙهڻ جي ابتداء کان وٺي فلسفه وحدة الوجود ۾ يقين رکندا هئاسون. عقل سان فقط هڪ رستو صحيح مڃيندا هئاسون.
    مير زاهد امور عامه، مير زاهد ملا جلال جا حواشي بحرالعلوم جا جڏهن پڙهبا ته وحدة الوجود کي عقلي طور تي انسان اهڙيءَ طرح مڃڻ لاءِ مجبور ٿيندو جيئن هڪ ۽ هڪ کي ٻه مڃي ٿو. هن فلسفي جي طالب العلميءَ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ شريعت جي تعليم جي طرف متوجه ٿياسون. هتي جي به اسان جا وڏا استاذ هئا سڀ وحدة الوجود جا قائل هئا. مولانا محمد قاسم، مولانا اسماعيل شهيد، شاه ولي الله وغيره، مگر انهن شرعي عالمن ۾ ان فلسفي جي هڪ جماعت منڪِر هئي. انهن جو وڏو شيخ سرهندي امام رباني هو ۽ هن انڪاري جماعت جو اسان جي شرعي تعليمات ۾ وڏو اثر آهي. اگرچه شاه ولي الله هي ڳالهه نٿا قبول ڪن ته امام رباني ان فلسفي جو انڪاري هو مگر انهن جي طريقي جا وڏا بزرگ سڀ چون ٿا ته هو ان جو انڪاري هو.
    هندستان جي اسلامي سياسيات ۾ امام رباني جو وڏو دخل آهي. هندستان ۾ اڪبر وڏو بادشاه گذريو آهي. ان ملڪ جي سياست مان اسلام کي خارج ڪري ڇڏيو هو. هن جي حڪومت اڄ جي زماني جي اصطلاح مطابق صحيح طرح سان هندستاني نيشنل حڪومت هئي. امام رباني ان جي مخالفت تي اٿيو ۽ ملڪي هندستاني حڪومت جي جاءِ تي اسلامي حڪومت جو پنهنجو پروپيگنڊا (پرچار) مقصد بنايائين. آهسته آهسته ان جو اثر سلطنت ۾ غالب ٿيندو ويو. اڪبر جي پٽ سليم جهانگير ٻيهر اسلاميت کي سياست ۾ داخل ڪيو. ان جي پٽ شاه جهان پنهنجي پيءُ کان ٻه وکون اڳتي وڌايون. ان جي پٽ اورنگزيب عالمگير انتها ڪري ڇڏي. ساري هندوستاني حڪومت جو نظام اسلامي ڪري ڇڏيائين. هي ترقي ساري امام رباني جي پروگرامن جو نتيجو آهي. اسان جهڙا اسلامي مدرسن ۾ مستغرق رهڻ وارا، انهن وٽ عالمگير ۽ امام رباني جهڙو ماڻهو ڪونه ٿيو. هي ٻه شخص اهڙا آهن جن تي ساري دنيا ۾ فخر ڪري سگهون ٿا. تن جهڙا نه عالم ۽ نه بادشاه ساري دنيا ۾ گذريا آهن. امام رباني جو اسلامي سياست ۾ ايترو مؤثر هئڻ، اسان جي دماغ کي اهڙي درجي تي پهچائڻ وارو ٿيو جو اسين ان جي مخالف ڪابه ڳالهه (نٿي ٻڌي سگهياسون.) ان جو نتيجو هي نڪتو جو وحدة الوجود جي فلسفي تي جوبه يقين هو سو دٻجي ويو. يعني غائب نه ٿيو بلڪه ڄڻ ته ان جي مٿان هڪ ڇپ اچي ويئي. جنهن وقت اسين يورپ ۾ پهتاسون ۽ حيران ٿياسون ته هي حيراني اسان کي فقط امام رباني جي اسڪول جي پابندي سان ٿي. اسان ٿورا ڪن ڇنڊي پراڻي وحدة الوجود جي فلسفي تي نظر ڪئي ته اسان کي ڪوبه اعتراض ڏسڻ ۾ نه آيو. هاڻي اسان کي هي تڪليف آهي جو اسان جا مخالف ڪجهه به فلسفو نٿا ڄاڻن. هاڻ انهن کي اسان ڇا چئون؟
    اتفاق سان اسان کي ڪجهه فلاسفر ملي ويا. هنن جي روبرو جڏهن ڳالهه ڪئي سون ته هو سمجهي ويا ۽ چوڻ لڳا ته ”اوهين اسان کي اهڙو بيوقوف سمجهو ٿا ڇا؟“
    اسان جي طبعيت تان بار لهي ويو. انهن جو سياسي پروپيگنڊا (پرچار) جو لادينيت تي مبني آهي، اسين ان جي مقابلي ۾ هندستاني پروپيگنڊا (پرچار) جنهن ۾ مذهب به هوندو، تيار ڪري سگهون ٿا. سياسي ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي رهنديون ۽ روز مٽ سٽ پيئي ٿيندي. مذهب جو تعلق هن مٽ سٽ جي درجي سان نٿا مڃيون.
    اسان وٽ مذهب جو تعلق انسان جي اعليٰ فلسفي دماغ سان رهي ٿو. انساني فطرت کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. تمام قومن مان اعليٰ فلاسفر هڪ جاءِ تي گڏ ڪريو. سڀ جي هڪ راءِ هوندي. صحيح مذهب اهو آهي جو هن فلاسافيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ اهو تمام انسانيت لاءِ برابر طرح سان واجب القبول هوندو.
    مولانا اسماعيل شهيد فلسفي وحدة الوجود جا محقق هئا ۽ ان جا مرشد سيد احمد شهيد، امام رباني جي فلسفي جا معتقد هئا. شاهه ولي الله جي دعويٰ آهي ته امام رباني ۾ جو فلسفه وحدة الشهود جو امام آهي- ۽ شيخ اڪبر ۾- جو وحدة الوجود جي فلسفي جو امام آهي. نزاع لفظي آهي. يعني فلسفه وحدة الوجود کي هو به رد نٿو ڪري. ان ۾ شاه ولي الله جو هڪ رسالو مڪتوب مدني جي نالي سان آهي. ان ڪري شاهه اسماعيل شهيد به زور ڏيندا آهن ته امام رباني فلسفه وحدت الوجود جو مخالف نه آهي. شاه اسماعيل فلسفه وحدة الوجود جا قائل آهن. اسين امام رباني جا زياده قائل هئاسون، جو ان هندستاني سياست ۾ اسلاميت کي داخل ڪيو هو. هن مسئلي ۾ اسلامي سياست کي دنيا جي عالمگير سياست ۾ ڪيئن ملائجي؟! امام رباني اسان کي هڪ حرف به نٿو ڏسي سگهي. هو نهايت سخت درجي جو حنفي فقيه آهي ۽ ڪابلي مزاج جو سياستدان آهي. ان ڪري جمهور اسلام جي سياست ۾ هن جي رهبري بالڪل ڪم نه ڏيندي. بخلاف هن جي ته شاه ولي الله اسلاميت جو ايڏو عالم آهي ۽ عالميگير سياست سان ان کي ايترو ربط ڏيئي سگهي ٿو جنهن جي نظير چوٿين صدي هجري کان پوءِ هڪ آدمي به نظر نٿو اچي. ان ڪري امام رباني جو درجو اسان جي دماغ ۾ شاه ولي الله وٺي ويو. هاڻي شاه ولي الله جي طريقي تي قائم رهون ته سياست به اسان جي ساري صاف ۽ مذهب به اعليٰ فلسفي سان پورو موافق.
    يورپ ۾ وڃڻ کان پوءِ اسان ۾ هي تبديلي آئي آهي. هندستان ۾ اسين امام رباني کي پهرين درجو ڏيندا هئاسون ۽ شاه ولي الله کي ان جماعت جو ٻيو ماڻهو ٻئي درجي جو سمجهندا هئاسون. يورپ ۾ وڃڻ کان پوءِ شاه ولي الله کي پهرين درجي تي رکون ٿا ۽ شيخ اڪبر ۽ امام رباني کي ٻئي درجي تي رکون ٿا.
    شيخ اڪبر فلسفه وحدة الوجود ۾ استاذ آهي. ليڪن اسلامي سياست ۾ هو رهبري نٿو ڪري سگهي. شاه ولي الله چونڪه ٻنهي فنن ۾ اسان لاءِ امام آهن، ان ڪري شيخ اڪبر کي به ٻئي درجي تي رکيوسون.
    فلسفه وحدة الوجود هڪ مشڪل شيءِ آهي ۽ ان کي شريعت سان تطبيق ڏيڻ ان کان به زياده مشڪل آهي. گهڻا وڏا عالم اهڙا آهن جي ان کي سمجهي نٿا سگهن ۽ ان کي تمام مذاهب جو مخالف سمجهن ٿا ۽ اسلام جو ان کي خصوصي طرح سان مخالف سمجهن ٿا. ان جماعت ۾ سوين عالم آهن جي شيخ اڪبر کي ڪافر چون ٿا ۽ انهن مان ابن تيميه اول نمبر آهي اسان جي هندستان ۾ به هن عقيدي جا ماڻهو اهل حديث جي جماعت ۾ موجود آهن مگر محقق اهل حديث اڪثر شاه ولي الله سان تعلق رکن ٿا. اهي هن مسئلي ۾ ابن تيميه جي تقليد نه ڪندا. اهل حديث جو مشهور عالم نذير احمد دهلوي، شيخ اڪبر جو اهڙو قائل هو، جهڙا اسين قائل آهيون. اهل حديث جي ٻين عالمن ڪوشش ڪئي ته هو به شيخ اڪبر جي تڪفير جو قائل ٿئي پر ان قبول نه ڪيو. ان جي سوانح عمري ”الحياة بعد الممات“ جي نالي سان سندس شاگرد ڇاپي آهي. ان ۾ هي مسئلو تفصيل سان لکيل آهي.
    هندستاني اهل حديث جو ٻيو هڪ عالم آهي جنهن جو نالو نواب صديق حسن خان آهي، ان پنهنجي پهرين ڪتابن ۾ ابن تيميه ۽ ٻين مُڪفر (ڪافر قرار ڏيڻ وارن) عالمن جي تائيد ڪئي ۽ تڪفير سان ڪتاب ڀري ڇڏيائين. مگر پڇاڙيءَ ۾ ان کان رجوع ڪيائين. غالباً ان جو سببب هي ٿيو هوندو جو هي شوڪانيءَ جو تمام معتقد هو. شوڪاني شروع ۾ شيخ اڪبر جي تڪفير ڪئي آهي مگر هڪ رسالي ۾ پنهنجن ڳالهين تي پاڻ رد ڪري ان کان رجوع ڪيو اٿس. غالباً هي رسالو نواب صديق حسين خان کي پڇاڙيءَ ۾ مليو آهي. ان ڪري ان به پڇاڙيءَ ۾ رجوع ڪيو. هي سڄو قصو ان ”التاج المڪلل“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي. آءُ هن مسئلي کي چونڪه عقلي طرح سان سمجهي چڪو آهيان ان ڪري مڪفرين کي معذور سمجهان ٿو، جو هو ان مسئلي کي سمجهي نه سگهيا آهن. مون ڪڏهن به ان جي موافقت جو خيال نه ڪيو آهي. امام رباني، شيخ اڪبر جي فلسفي جي ترديد ڪري ٿو مگر ان جي ذات کي مقبول عالمن مان سمجهي ٿو. ڪنهن کي ان جي ذات تي اعتراض ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ان ڪري اسان کي به مڪفِّرن (ابن عربيءَ کي ڪافر قرار ڏيڻ وارن) سان موافقت جو ڪڏهن به خيال نه آيو. والسلام.
    (هي مواد جمعيت علماءِ سنڌ جي ويب سائيٽ تان کنيو ويو. ادارو)





    تصوير ڳالهائي ٿي

    تصوير ڳالهائي ٿي

    اڄ اوچتو پساهه جهڙي پياري جي ياد من تي تري آئي ته الماري ۾ پيل فوٽن جو البم کڻي ڏٺم ته اداس دل کي آسيس اچي وئي جو اکين وڃي سائين صادق جي مرڪندڙ تصوير جو ديدار ڪيو. اڃاريون اکيون ڏسڻ سان نه پيون ڍاپن پر جڏهن پنهنجو قوت پوري ڪري قراري ٿيون ته دل ۾ دليل آيو ته ڇا اهڙي نوراني چهري جي مسڪرائيندڙ تصوير کي ڏسي وري رکي ڇڏجي؟ نه نه !!! اڄ انهي سان ويهي ڪي ويچار ونڊجن. ڪا قربائتي ڪچهري ڪجي. ڪي اندر جا حال اورجن ته جيئن روح کي راحت به اچي ته من اندر ۾ اٿندڙ سوالن جا جواب وٺي اندر جي اُڻ تڻ جو ازالو به ڪجي.
    بس دل آرڊر ڪيو ته زبان تعميل ڪئي ۽ مرڪندڙ تصوير کان سوال پڇڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته اي پڙهندڙ! تون پڇندين ته، ڇا ڪاغذ تي ڇپيل تصوير به ڳالهائي سگهي ٿي؟ جواب ۾ چوندس ته نه! اها تصوير ته برابر بيحس ٿي هڪ ئي روپ ۾ هوندي آهي. ڏينهن توڙي رات، جيڏي مهل به تصوير جي منهن تان ورق وار ته، اهو ئي پوز، اهو ئي انداز، تر جيترو تفاوت نٿو هجي، ڇوته اها تصوير ڪوبه حس حرڪت نٿي رکي. نه ساهه نه ماهه. پر عقل جا وير! مون جنهن تصوير سان سوال جواب ڪيا هئا سا ته، تصور ۾ آيل تصوير هئي!! جيڪا پنج حواس رکندڙ آهي سا کلي به ٿي، ته ڳالهائي به ٿي، ڪچهري به ڪري ته ناز انداز سان نهاري به سگهي ٿي. جيتوڻيڪ اهو تصور به تصوير ڏسڻ بعد پيدا ٿئي ٿو. پر سائين سڄڻن جي سڪ نه تصور جي محتاج آهي نه تصوير جي. جڏهن به پرينءَ جو پور پيو ته، محبت مستي ۾ اچي ائين ڇوليون هڻندي آهي جيئن مهراڻ جون موجون سانوڻ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري وينديون آهن.
    ها سائين! تصوير سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اڌ ڊزن سوالن جوابن کان پوءِ ٻولي جي ڪن لفظي اشتقاقن جي ڳالهه نڪري پئي ته منهنجي پڇڻ تي تصوير ڳالهايو ته؛
    ڇا تون قلب جي باري ۾ ٿو پڇين؟!! ته پوءِ ٻڌ! قلب خيالن جو اهڙو خونچو/دسترخوان آهي جنهن ۾ اجهاڳ سمنڊ وانگر سوچن جا اڻ کٽ سلسلا هجن. اهي خيال به ڪي صحيح ڪي غلط، ڪي سچا ڪي ڪوڙا، ڪي سهڻا ڪي ڀوائتا، ڪي اڇا اجرا، ڪي ميرا گدلا، ڪي اونڌا ابتا ڪي سڌا سُبتا. سوچن جا اهي طويل سلسلا فلم جي ريل جيان ڦرندا ۽ تصور جي اسڪرين تي هڪٻئي پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا. جي ڏينهن جو جاڳندي اچن ته خيال ٿا ڪوٺجن پر جي رات جو ننڊ ۾ اچن ته خواب ٿا سڏجن. مون عرض ڪيو ته اي پياري تصوير! تو ته قلب جو اشتقاق ڪونه ڪيو! اها ته قلب جي تعريف ۽ وصف ٿي. وراڻيائين ته، ها برابر مون قلب جي لفظي اشتقاق کان اڳ ۾ ان جي وصف ٻڌائي آهي. پر توکي قلب جي سڃاڻپ ڪرائڻي هئي، هاڻي لفظي اشتقاق ٻڌايان ٿي ته، قلب جو اشتقاق هي آهي ته قلب ٽن اکرن مان جڙيو آهي. قاف قلم، لام لڪڻ ۽ ب بندوق مان. مون عرض ڪيو ته قلم سان گڏ لڪڻ ۽ بندوق ڪيئن گڏجي پيا. يا تو زوي انهن کي قلم سان سلهاڙيو آهي! ته وراڻيائين نه! قلم آرڊر آهي جيڪو لڪڻ يا بندوق جي سهاري نافذ ٿئي ٿو. باقي قلم کي آرڊر ڪنهن ڪيو؟! سو ته وري ساڳي قلب (دل) آهي جيڪا اهڙا آرڊر ڪري ٿي اها ٻي ڳالهه آهي ته اها دل (قلب) ڪنهن جي سيني ۾ فٽ ٿيل آهي؟ اهو ماڻهو ڪهڙي حيثيت جو مالڪ آهي؟ عالم آهي يا جاهل! ظالم آهي يا عادل!! پوءِ اهڙي صورت ۾ دل جا دليل توڙي اوچتا آرڊر ان جي پرک پروڙ مطابق هوندا آهن. آرسي ۾ اهوئي ڏسبو جيڪو منهن مهانڊو هوندو. ڇوته آرسي جو ڪم آهي جيڪي سامهون اچي ان کي سندس خوبيون توڙي خاميون ظاهر ڪري ڏيکاري.
    جيڪڏهن قلب کي ڪنهن سٺي ڪارب ۾ آڻي فٽ ڪيو ويو آهي ته اهڙي قلب مان قرار، سڪون ۽ سلامتي، امن ۽ شانتي، سڀني لاءِ سک ۽ سڌاري جا خيال ظاهر ٿيندا. پر جي ڪارب ڪارائتو ڪونهي. بنهه بيڪار ڀڃڻ جهڙي ۾ قلب کي سوگهو ڪيو ويو ته پوءِ ان جون پچارون ۽ پرڪار ڌڻي کي ته دربدر ڪري جيئڻ جنجال ڪندس، پر ويتر اوڙي پاڙي جو به سک ڦٽو. سڄي خلق پئي آزار ۾. هرڪو پيو کيس نفرت سان نهاريندو. هر ڪو پيو ٻاڏائيندو ته مولا! هن موذي مان جان ڇڏاءِ ته سمهي ننڊ ڪريون. جيسين اهو حياتي هوندو ته سک جو ساهه کڻڻ مشڪل آهي. پوءِ اهو پٽون ۽ پاراتا نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪندا ۽ همراهه اوچتو نرڳ (دوزخ) جي نذر ٿي ويندو ته ڏيهه تان ڏرت لهندو ۽ ماڻهو شڪراني جا نفل پڙهي دم پٽيندا.
    تصوير مرڪندي چيو ته، اڄوڪي ملاقات ۾ بس ايترو، باقي وري جڏهن آمهان سامهان ٿياسين ته پوءِ ساڳي سلسلي کي اڳتي وڌائبو. ائين چئي تصوير مرڪندي رهي تان جو البم جو ورق وري ويو. البم کي الماري ۾ رکي اکيون ٻوٽي سمهي پيس.

    تحرير _ مولانا محمد يامين شورو
    26 آگسٽ 2011ع


    اقوال زرين

    اقوال زرين
    ڌڻي بخش ڪنڀار

     سئو دوستن کان وڌيڪ بهتر اهو دشمن آهي جيڪو دل ۾ نفرت ته رکي ٿو پر منافقت نه ٿو رکي.
     ايمان کان پوءِ وڏي ۾ وڏي نعمت نيڪ بخت گهرواري آهي.
    (حضرت عمر فاروقؓ)
     جيستائين تون پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تي قائم آهين تيستائين پنهنجي پاڻ کي چڱن ماڻهن مان شمار نه ڪجانءِ. (شيخ عبدالقادر جيلانيؓ)
     ٽي شيون ايمان کي تباهه ڪريو ڇڏين. (1) اميرن جي محفل (2) عورتن سان سنگت (3) جاهلن سان بحث مباحثو ڪرڻ. (حضرت علي المرتضيٰؓ)
     خوشي جي وقت ٽن ڳالهين کي ڪڏهن به نه وسارجي. (1) الله تعاليٰ کي (2) الله تعاليٰ جي مخلوق کي (3) پنهنجي اوقات کي.
     جيڪڏهن ڪنهن قوم تي بنا ڪنهن جنگ لڙائي جي فتح ڪرڻي هجي ته ان قوم جي نوجوانن ۾ فحاشي کي عام ڪري ڇڏيو. (سلطان صلاح الدين ايوبي)
     توبهه قبول ٿيڻ جي وڏي نشاني هي آهي ته توبهه ڪرڻ کان پوءِ انسان جي دل گناهه ڪرڻ کان هٽيو وڃي.
     جنهن دل تي ڪابه نصيحت اثر انداز نه ٿئي ته سمجهڻ گهرجي ته اها دل ايمان کان خالي آهي. (حضرت ابوبڪر صديقؓ)
     جنهن ماڻهو کي اهڙي دوست جي تلاش هجي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه خامي نه هجي اهڙي شخص کي زندگي ۾ ڪڏهن به دوست نه ملي سگهندو. (حضرت علي المرتضيٰؓ)
     ڪنهن جا عيب تلاش ڪندڙ جو مثال ان مک وانگر آهي جيڪو پورو خوبصورت جسم ڇڏي صرف زخم واري جاءِ تي ويهندي آهي. (حضرت علي المرتضيٰؓ)


    سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت

    سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت
    حضرت مولانا مفتي محمد صادق سومرو
    سونهري خدمتن ۽ ڪارنامن جو مختصر تعارف
    مولانا محمد يامين شورو

    منهنجي زندگي جو طويل عرصو حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي زير سايه تعليم و تربيت هيٺ گذريو. جيڪو هڙ حاصل ٿيم سو سندن ئي صحبت جو فيض آهي. الله تعاليٰ مون کي پنهنجو اندر اجارڻ ۽ بدڪاري جا بدنما داغ ڌوئي نيڪي جي نور سان دل روشن ڪرڻ جي توفيق بخشي. آمين. رب ڪريم جي فضل و ڪرم ۾ يقين اٿم ته منهنجي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ کي سندسن عظيم خدمتن جي عيوض اجر عظيم عطا فرمائي ۽ سندن قبر کي جنت الفردوس جي باغن مان هڪ باغ بنائي ۽ غريق رحمت فرمائي. آمين
    جن ڏينهن آئون حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ وٽ مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ پڙهي رهيو هئس. غالباً 1976ع ڌاري مدرسه مدينة العلوم ڳوٺ ڀينڊو شريف جا ڪي شاگرد مدرسه دارالهدي مسڻ وڏي ۾ آيا. شايد انهن شاگردن ۾ مولوي الله بخش لاسي ۽ مولوي محمد عيسيٰ سمون ٽنڊي باگي وارو به هو. ڪچهري ڪندي مدرسي ڀينڊي جي هڪ استاد جي باري ۾ وڏي جوش خروش سان نيون نيون خبرون ڪيائون. ان جي علمي ڪمال ۽ عقلمندي، فتويٰ و فراست، تقويٰ و طهارت، پاڪيزگي ۽ پرهيزگاري، جرئتمندي ۽ جوانمردي، همت ۽ حوصلو، دليري ۽ ديانت، خلوص ۽ خودداري، اصول پسندي ۽ امانت، صداقت ۽ سرفروشي جهڙيون وصفون بيان ڪندي چيائون ته هڪ ڳالهه ۾ هو سڀني مولوين کان نرالي فڪر ۽ نظريي جو مالڪ آهي. کانئن جلدي ۾ پڇيم ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ وراڻيائون ته استاد صاحب سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو!!
    هن جو چوڻ آهي ته اسلام قومن جي وجود ۽ انهن جي حقن کي نه رڳو تسليم ڪري ٿو پر انهن جي تحفظ جا رهنما اصول به ٻڌائي ٿو. جيئن هڪ فرد جي حقن جو اسلام ۾ تحفظ آهي تيئن قومن جي حقن جو به تحفظ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته موجوده دور ۾ اسلام جي انهن رهنما اصولن کي نظر انداز ڪري پنهنجي هٿ ٺوڪي قانون کي اسلام جي نالي جي پالش ڪري خاص ڪري هن ملڪ پاڪستان ۾ رائج ڪيو ويو آهي. انهي آڌار تي قومن جا حق دٻايا ۽ کسيا وڃن ٿا پر حقيقي اسلام جي تعليم انهن هٿرادو قانونن کي ڪابه هٿي ۽ سهارو نٿي ڏئي.
    وڌيڪ ٻڌايائون ته هو ثبوت ۾ خيرالقرون جي دور ۾ صحابه ڪرام، تابعي ۽ تبع تابعي ڀلارن جي اقوال و افعال ۽ انهن جي عملي زندگي کي پيش ڪري ٿو. پر هن جو هي به چوڻ آهي ته قرآن، حديث توڙي فقهه مان اهي رهنما اصول ۽ شرعي قانون منهنجي دعويٰ جا دليل آهن باقي اسان جو موجوده مذهبي حلقو وقت ۽ حالات کان مرعوب ٿي انهي فڪرکان راهه فرار اختيار ڪري ٿو ته اهو مذهبي حلقي جو پنهنجو ذاتي ڪردار آهي. انهي سان اسلام تي ڪوبه حرف نٿو اچي نڪي آڱر کڄي سگهي ٿي.
    مهمان دوستن مان هڪ وڌيڪ چيو ته سائين جا خيال جدت پسند ۽ سندس ذهن توڙي ضمير روشن آهي. هو نه رڳو حق ۽ سچ جي حمايت ڪري ٿو پر پروانه وانگر ظلم ۽ زيادتي خلاف ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ لاءِ به تيار رهي ٿو. سندس ڪچهري ۾ انقلابي جذبن جي اپٽار ۽ مجاهدن واري مقال هوندي آهي. پاڻ هر ڪنهن کي مڙس ماڻهو ٿي رهڻ جو مشورو ڏيندي ڀاڙئي جي ياري کان پري ڀڄڻ جو تاڪيد ڪندو آهي. سندس گفتگو ۾ اڪثر ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو اتساهه هوندو آهي، هن جا جوان جذبا ۽ جهادي جوهر ٻڌائين ٿا ته جيڪڏهن کيس ڪي اختيار ۽ اقتدار جهڙا موقعا مليا ته هو پنهنجي منصوبن کي عملي جامو پهرائي وڏو انقلاب آڻي سگهي ٿو.
    مهمان دوستن جون ڳالهيون ٻڌي مون عرض ڪيو ته يار! اهي خيال، اهي جذبا، اهي سوچون، اهي فڪر ته اسان جي مسڻ وارن استادن جا به آهن!! دل ۾ اهڙي باصلاحيت ۽ باهمت مڙس ماڻهو مولوي سان ملاقات جو شوق پيدا ٿيو. پڪو ارادو ڪيم ته پهرئين فرصت ۾ اهڙي مجاهد سان ملي دوستي جو هٿ وڌائجي. يقين ٿي ويو ته اسان جي همخيالي فڪري وحدت ۽ نظرياتي اتفاق دلي دوستي جي ٻنڌڻن ۾ ائين ئي ٻڌجي ويندي جيئن شاهه سائين اکر لکندڙ ڪاتب جو مثال ڏيئي محبوب سان سر ساهه جي سلهاڙيل ساٿ جي مشابهت ڏني آهي. فرمائي ٿو ته؛
    ڪاتب لکن جيئن لائي لام الف سين،
    اسان سڄڻ تيئن رهيا آهن روح ۾.
    مدرسي ڀينڊي جا شاگرد ته هليا ويا پر منهنجي دل ۾ انهي روشن استاد سان ملڻ جي آنڌ مانڌ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي، نيٺ پنهنجي استاد کان موڪل ورتم ته سائين! دل ٿي چوي ته سنڌ جو پراڻو مدرسه ڀينڊو ڏسي اتي جو واءُ سواء وٺي اچان. وراڻيندي فرمايائون ته ابا! ڀلي گهمي ڦري اچ، اتي مولوي عالم پنهور صاحب ۽ مولوي عارف (عرف سائين مرشد) ملندئي ئي تن کي سلام چئج. پر اتي هڪ نوجوان استاد مولوي محمد صادق سومرو به آهي تنهن جي به وڏي هاڪ ٿا ٻڌون تنهن سان به رهاڻ ضرور ڪج. ٿي سگهي ٿو ته هو تنهنجو همخيال ٿي پوي. نه ڄاڻ ته سائين مولانا عبدالڪريمؓ جا چيل اهي ٻاجهارا لفظ منهنجي لاءِ دعا ثابت ٿيا. واقعي به ڀينڊي پهچڻ تي منهنجي پهرين پهرين ملاقات مولانا محمد عالم پنهور سان ٿي. اڃا دعا سلام مس ڪيوسين ته مرشد سائين به اچي مليو. خير عافيت بعد سائين جا سلام پهچايم. ٻئي بزرگ ڏاڍا خوش ٿيا. مختصر ڪچهري دوران هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙايم ته هڪ نوجوان عالم، نوراني چهرو، قد جو پورو پنو، جسم ۾ جانٺو، صحت ۾ سگهو ڀلو، کٽ تي ويٺل سامهون ڪتاب رکي ويٺو پڙهي. سونهاري مبارڪ روشن منهن تي ائين پئي سونهي جو ڄڻ چنڊ جي چوڌاري ڪڪر جو ڪڙو. سبحان الله ماشاءَ الله. دل چيو ته جنهن استاد سان ملڻ جو اشتياق اٿم سو شايد اهو ئي ڀلارو آهي جيتوڻيڪ هو پنهنجي مطالعي ۾ محو ۽ پنهنجي سوچن جي سمنڊ ۾ گم سم ٿي سڄي دنيا کان صفا ڪٽيل هو. نه ڪنهن ايندڙ جي اون، نه ويندڙ جو ويچار. بس پنهنجي ڌن ۾ مست مگن. سو مولانا محمد عالم کان اجازت وٺي انهي ڀلاري جي ڀر ورتم. ادب ۽ عاجزي سان سلام ڪري هٿ ملائڻ جي ڪيم ته پاڻ اچرج مان مون ڏي ڏسي هٿ ملايائين پر هٿ مان هٿ ڪڍڻ جي نه ڪندي هلڪو زور ڏيئي پڇيائين ته ”فقير!ڪير آهين؟ ڪٿان کان نازل ٿيو آهين؟“ وراڻيم ته سائين مدرسه مسڻ مان اوهان سان ملڻ آيو آهيان.
    ٿوري دير ويهي حال احوال خير عافيت پڇندي سانجهي نماز جو وقت ٿي ويو. نماز کان پوءِ مدرسي وارا سڀني شاگردن کي مدرسي جي اڱڻ تي ويهاري قادري طريقي مطابق ذڪر بالجهر ڪرائيندا هئا. سو انهي ذڪر کان پوءِ مدرسي جي هڪ شاگرد ايوب ملڪ پڊ عيدن واري (جنهن سان اڳي ئي ڏيٺ ويٺ ۽ واسطو هو.) سائين سان اچي منهنجو تعارف ڪرايو ته پوءِ سائين جن فرمايو ته تون ته اسان جو پنهنجو آهين. هاڻي تون ته عام مهمان نه پر اسان جو ذاتي دوست ۽ مهمان آهين!! بس پوءِ ته کلي ڪچهري ٿي. تبادله خيال ٿيا. جنهن بعد نظرياتي ۽ فڪري هم آهنگي سبب واقعي ئي دلي دوستي جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وياسين. اهو نوجوان عالم مولانا مفتي محمد صادق سومرو هو. جيڪو ان وقت مدرسه ڀينڊه شريف ۾ استاد هو جنهن جي شهرت ٻڌي ساڻس ملڻ لاءِ 1976ع ۾ ڀينڊه شريف ويو هئس. انهي زماني کان وٺي اڄ تائين اهو سنگت جو سڳو سوريندا ۽ پريت جو پيچ پڪو ۽ پختو ڪندا پيا اچون. هيستائين پنجٽيهه سالن جي ڊگهي عرصي دوران وچ ۾ ڪيئي لوڏا لمحا، ٿڌا ڪوسا واءُ لڳا. ڪي ڏکيا وقت حائل ٿيا پر اسان جو عشق اڳي کان اڳرو ثابت ٿي ويران وير وڌ رهيو.
    سائين مفتي محمد صادق سومرو مڊظله العالي جنهن سان پهرين ملاقات ڀينڊي مدرسي ۾ ٿي. جنهن جو ذڪر مٿي گذري چڪو. سو به گهڻن ئي ڏکيائين، لاهين چاڙهين مان گذري هاڻي وڃي پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي. تنهن به نينهن جو ناتو نڀائڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪانه ڇڏي. صد آفرين سائين مفتي صاحب کي، جنهن اسان ناڪارن کي ڪنهن به ويل ڪين وساريو. الله تعاليٰ کان دلي دعا آهي ته شال سندن خضري عمر مان اسان کي برابر لاڀ حاصل ٿيندو رهي. شال سندن صحت سلامت رهي. رب سائين کيس هر ڏکئي ويل کان امن ۾ رکي. سندن شفقت وارو پاڇو اسان لاءِ ڇانوَ ۽ ڇپر بنيو رهي.
    مصرع:
    ”اين دعا از من و از جمله جهان آمين باد.“
    سچ پچ ته نيڪ نيتي ۽ اخلاص واري دوستي جيڪا الحب لله واري اصول تي قائم هجي تنهن کي نه لهر نه لوڏو. باقي مفاد پرستي واري محبت ته ڪم نڪتو ڪاغذ ڦاٽو وانگر هوا جي هڪ جهوٽي سان ڇيهون ڇيهون ٿيو وڃي.
    ڪجهه وقت کان اڳي آئون مفتي محمد صادق سومرو صاحب جي مدرسي جامعه تعليمات اسلاميه ڏتا واهه لڳ جنهاڻ سومرو ٽنڊو محمد خان ويو هئس. اتي پهچي کين عرض ڪيم ته سائين! آئون ڪجهه وقت ڪڍي هن لاءِ حاضر ٿيو آهيان ته توهان کان انٽرويو وٺي اوهان جي يادگيرين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيان. انهيڪري پنهنجي مصروفيات مان وقت ڪڍي اسان جو عرض قبول ڪري انٽرويو رڪارڊ ڪرايو. پاڻ مهرباني فرمائي سڀ ڪم ڇڏي سڀئي پروگرام معطل ڪري ٻه ٽي ڏينهن مدرسي ۾ قيام ڪري انٽرويو رڪارڊ ڪرائيندا رهيا. جيڪي ٽوٽل نو (9) ڪيسٽون ٿيون. پوءِ اهي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيم ته وقت ڪڍي انهن کي نقل ڪري تفصيلي ڪتاب لکندس. جنهن ۾ مولانا مفتي محمد صادق سومرو صاحب جن جي يادگيرين جي روشني ۾ سندن علمي، ادبي خدمتون، ديني علوم جي نشرو اشاعت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ زندگي سان لاڳاپيل واقعا قلمبند ڪيا. پر وقت ۽ حالات جي پيش نظر اڃا انهي ڪم کي هٿ ۾ کڻي نه سگهيو آهيان. هاڻي انهي دير ڪرڻ جو سخت ارمان به ٿئيم پيو ته شديد احساس به وڪوڙي ويو اٿم ته متان اهو رڪارڊ ٿيل ذخيرو ضايع نه ٿئي. انهيڪري سعيو ڪيو اٿم ته انشاءَالله جلد ئي انهي ڪم تي ڀرپور توجهه ڏئي ٽيپ ڪيل قسطن کي نقل ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻي شايع ڪندس. فبالله التوفيق.
    هن مختصر تعارفي مقالي ۾ اسان مولانا مفتي محمد صادق سومري صاحب جي زندگي جي ڪتاب جا اهي باب متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا جن جو تذڪرو نه ڪرڻ وڏي بخيلي ٿيندي. حضرت مولانا محمد صادق سومرو صاحب جي زندگي جو ڪتاب سرسري مطالعي ڪرڻ سان محسوس ٿيندو ته هتي فڪر، عمل جو ڪوبه پهلو خالي ڪونهي. زندگي جي هر شعبي ۾ سندس عملي خدمتن جا داستان گواهه آهن جيڪي سندس ڪتاب زندگي جي بابن جا سونهري عنوان بنيا بيٺا آهن. بس اسان اهڙن ئي عنوانن مان ڪي حوالي طور پيش ڪنداسون. اهي ئي عنوان اسان جي ايندڙ تفصيلي ڪتاب جا مستقل باب هوندا. خاندان جي ننڍن، وڏن، رت جي رشتي وارن مٽن مائٽن سان سندن سلوڪ، والدين، استادن جو ادب، احترام ۽ انهن جي فرمانبرداري، دوستن جو دوست پر دشمنن جو به خيرخواهه، ديني توڙي دنياوي علوم لاءِ باقاعده ادارا قائم ڪرڻ، مذهبي حلقن کي سندن فرائض، ذميدارين جي ياد دهاني ڪرائڻ، ڪتابن سان دلچسپي، مطالعي جو شوق، ڪتبخانا قائم ڪرڻ، علمي ۽ ادبي، اصلاحي خدمتون، پاڙيوارن سان سندس رويو، شادي غمي ۾ هر ڪنهن جي شامل حال ٿيڻ، آئي ويل اڙيات جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ، علم دوستي، علم پروري، تحصيل علم لاءِ ڪيل جدوجهد، دعوت و ارشاد، وعظ و تبليغ، فيصلا ۽ فتوائون، روزمرهه جي زندگي ۾ اٿڻ ويهڻ جا سونهري اصول، اهل اولاد سان سندس تعلق، انهن جي تعليم و ترتيب، ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪيل ڪوشش وغيره وغيره.
    ڪهڙا گڻ ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن. شاهه سائينؓ جي چوڻ مطابق ته،
    ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءَ بهار جي.“
    پر هتي نه رڳو بهار جي خوشبو جي بهاري آهي پر هتي ته انساني ڪائنات لاءِ وڏا پروگرام مرتب ڪيل آهن. انيڪ انقلابي ۽ اصلاحي جذبا آهن. سڌارڪ سوچون آهن. انسانيت جي ڀلائي ۽ بهتري بهبود و فلاح جا فڪر آهن. دوستي جا راز و نياز به لڀن ٿا ته دشمنن سان نبرڻ جا نوان اصول به. برادر، جماعت ۽ رشتيدارن سان زندگي گهارڻ جا رهبر منصوبا به آهن ته سڌي راهه کان ٿڙيل ڀٽڪيل ڀليل لاءِ مڪمل رهنمائي به آهي. اهي سڀ اوصاف حضرت مفتي صاحب جي دل جي دفتر ۾ سمايل آهن. پڙهندڙن مان ڪو اچي ساڻس هم ڪلامي ٿئي ته ان مهل اهي سمورا باب سندس آڏو پڌرا ٿي پوندا ۽ کيس يقين ٿي ويندو ته واقعي هن جامع الصفات ۽ بقية السلف بزرگ جي دل ۾ آڳاٽن انقلابي مجاهدن، اصلاح عالم لاءِ جدوجهد ڪندڙ عالمن جا جذبا پنهنجي عملي جدوجهد لاءِ آتا آهن. پر پيرسني ۾ اسباب جي اڻ هوند مخلص رفيقن جي کوٽ بي سر وساماني وقت ۽ حالات جي ناموافقت جهڙا ڪيترائي ڪارڻ رڪاوٽ بنيل آهن. نه ته سائين صادق سومرو ضرور پنهنجي صداقت جا جوهر ڏيکاري سماج ۾ اهڙو سڌارو آڻي جو هي سماج هڪ مثالي معاشرو(آئيڊل سوسائٽي) بنجي وڃي.
    دوستي جا دستور ته سائين مفتي صاحب نه رڳو زباني ٻڌائي ٿو. پر سندس عملي زندگي به انهن اصولن جي پابند رهي آهي. مجال آهي جو ڪڏهن انهن اصولن جي ڀڃڪڙي ٿئي. سندس شاندار ماضي جا روشن باب اڄ به ان جا گواهه آهن. سندس هم عصر دوست جيڪي شاگردي واري زماني ۾ جنهاڻ سومرو، سجاول، ٽنڊو غلام علي، ڀينڊو، رحيم يار خان، راولپنڊي، حيدرآباد، ڪراچي ۾ ساڻس هم ڪلاسي رهيا سي عيني شاهد آهن ته ڪنهن به شاگرد سان ڪنهن به شاگرد طرفان ڪا به ناجائزي ٿي ته سائين صادق سومرو پنهنجي پريشر گروپ سان انهي شاگرد جي مدد ۽ پلاند وٺڻ لاءِ جاءِ واردات تي ائين پهچي ويندو هو جيئن فائربرگيڊ فوري پهچي پنهنجو فرض نڀائي ٿي. جڏهن خيرن جو علم جي تحصيل کان فارغ ٿي استاد جي منصب ۽ مسند تي ويهي شاگردن کي درس و تدريس علمي فيض ڏيڻ جا فرائض سنڀاليائين ته نه رڳو شاگردن کي لڪير جو فقير بنائي ڪتاب جا چار باب پڙهايائين. پر انهن ۾ علمي جوت جلائڻ سان اهڙي همت ۽ حوصلو پيدا ڪيائين جو اهي شاگرد بلند حوصله جا مالڪ ٿي سماج ۾ ٿيندڙ هر اهنج ۽ انياءَ جو مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ لڳا.
    ذاتي طرح سان مفتي صاحب قوت حافظه ۾ ڪمال جو صاحب آهي. سندس روشن ذهن ۽ ضمير جون يادگيريون چٽيون، صاف ۽ واضح آهن. جو اڄ به ٻالڪپڻ کان وٺي، شاگردي، درس و تدريس جي زمانه تائين ۽ عملي زندگي جو هڪ هڪ واقعو تفصيل سان ياد اٿس. نه ته وڏي عمر ۾ گهڻن جا ذهن ذهول جو شڪار ٿي ويساري جي ور چڙهي وڃن ٿا.
    آئون جڏهن به ساڻس ملندو آهيان ته ڪچهري ۾ اهڙا اهڙا واقعا ٻڌائي ٿو جن کي سالن جا سال گذري ويا پر هتي مفتي صاحب جي دل تي نقش برسنگ ذرو پرزو محفوظ.
    سندس ڪيترن ئي معرڪة الاآرا فتوائن جي طفيل حقدارن کي سندن حق مليا، ۽ جيڪي زمانه جي ظلم زورين جو شڪار ٿيا هئا تن سان هن سماج جي زور آورن کي مجبور ٿي انصاف وارو برتاءُ ڪرڻو پيو.
    مفتي صاحب کي قدرت واري فيصلي جي قوت به اهڙي عطا ڪئي آهي جو تمام ڏکيا مسئلا، منجهيل معاملا، جهيڙا جهٽا، پوءِ اهي سڱابندي جا تڪرار هجن يا زوري قبضن جا، زرعي زمينن جا هجن يا پلاٽن دڪانن جا يا ڀائيواري، ڌنڌي ۽ وڻج واپار جا هجن، سي پنهنجي خدا داد صلاحيت سان مکڻ مان وار ڪڍڻ وانگر اهڙا ته فيصلا ڪيائين جو متنازعه سڀئي ڌريون هميشه لاءِ نه رڳو کير کنڊ ٿي ويون پر انهن ۾ سچي محبت، اخلاص، ڀائپي پيدا ٿي وئي. مفتي صاحب ڪشاده ظرف، حليم الطبع، سخاوت ۽ سنجيدگي، ذي فهم ۽ زيرڪ، دورانديشي ۽ دانائي، وڏي علم ۽ عقل جو مالڪ آهي. کيس تفسير، حديث توڙي فقهه ۾وڏو ادراڪ حاصل آهي. جواني جي ابتدا کان وٺي سندس پسنديده مشغلو ديني علوم جي درس و تدريس رهيو آهي. پاڻ سنڌ جي ڪامياب مُدرّسن ۽ ناميارن عالمن مان آهن. درس قرآن دوران سندس علمي نقطا ٻڌڻ وٽان آهن. سندس شائسته ۽ شسته گفتگو ۾ وڏي ڪشش رکيل آهي. جو ٻڌندڙ پيا چاهيندا ته پاڻ پيو ڳالهائي ۽ اسان پيا ٻڌون.
    تقرير جو فن به کيس قدرت جي عطا آهي. سندس فڪر انگيز خطاب، سهڻي ۽ سريلي انداز ۾ سامعين کي موهي رکندو آهي. حق ڳالهه سمجهائڻ ۽ حق مڃائڻ جو کيس وڏو ڏانءُ آهي. پاڻ علم نفسيات ۽ علم قيافه شناسي ۾ به مهارت رکن ٿا. هر ماڻهو کي هڪ ڀيرو ڏسڻ ۽ ملڻ سان پرکي وٺن ٿا. گهڻو ڪري سندس پرکڻ جو انداز ڪسوٽي تي پرکڻ مثل تير بهدف ثابت ٿئي ٿو. گفتگو جي اثرائتي ٿيڻ جو ڪارڻ هي به آهي جو هر ماڻهو سان ان جي عقل، فهم ۽ نفسيات مطابق سندن مخاطب ٿيڻ آهي.سندس ڳالهه ۾ اجائي ڊيگهه نه پر جامع الفاظ هوندا آهن، جو ڪچهري ڪندڙ ورچڻ بجاءِ همه تن گوش ٿي ٻڌڻ جي خواهش پيو ڪندو آهي. سندس مدلل گفتگو مخالف کي به مڃڻ تي مجبور ڪندي آهي. مٿس مولويت کان وڌيڪ فقيري رنگ چڙهيل آهي. جيتوڻيڪ سندس وضع قطع، اٿي ويٺي نام نهاد فقيرن واري ڪانهي. سفر توڙي حضر ۾ پنهنجي رفيقن لاءِ سندس ايثار جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي. ڪنهن به دوست کي ڪنهن به مشڪل ۾ ٻڌي يا ڏسي روگرداني ڪرڻ ۽ منهن موڙڻ بجاءِ دل کولي همدردي ۽ حال ڀائي ٿيڻ ته سندس شيوو آهي. دوست پري هجي يا ويجهو، هن لاءِ فاصلا ڪوبه فرق نٿا رکن. فوراً پهچي دوست جو درمان ڪرڻ ته ڄڻ سندس فطرت ۾ پيل آهي.
    حق ۽ سچ چوڻ کان ذرو به ڪين ڪيٻائي ڇونه سندس ويجهو عزيز پيارو پٽ يا گهاٽو دوست هجي. شايد انهي ڪري ڪيترا دوستي جو دم هڻڻ وارا ڪم عقل ۽ ڪم فهم کانئس پري به ٿي ويا، پر هن مرد مجاهد انهي ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. حق چوڻ تي هن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو به پيو پر هن همت جي پهاڙ انسان، سقراط وانگر زهر جو پيالو پيئڻ کي ترجيح ڏني ليڪن حق جو دامن نه ڇڏيو.
    مفتي صاحب باغ و بهار شخصيت جو مالڪ هجڻ سان گڏ وڏي شعور ۽ وسيع ادراڪ جو مجسمو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سندس شمار سنڌ جي وڏن فيلسوفن ۽ دانائن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي تاريخ جا روشن باب آهن. سندس سوچ جو دائرو ملاڻڪي تنگ نظري کان مٿي آهي. انهيڪري سندس تعلق هر مڪتبه فڪر سان رهي ٿو. جن ۾ قومپرست، ڪامريڊ، سياستدان، سرڪاري عملدارن سميت، اديب، عالم، شاعر، سگهڙ، فقير منش صوفي، سماجي ورڪر، خلق جي حقيقي خدمت ڪرڻ وارا، ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر وغيره آهن. انهيڪري سندس دوستن احبابن جو حلقو سنڌ جي هر وڏي شهر توڙي ڳوٺ ۾ تمام وسيع آهي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري اداري ۾ سندس معتقد ۽ مريد موجود آهن. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين هر علم دوست سندن مداح آهي. جيتوڻيڪ پاڻ شهرت جو قائل ڪونهي، پر خوبي ۽ خوشبوءَ ٻه اهڙيون شيون آهن جن جي ڪابه سرحد ڪونهي. ڇوته گلن جي سرهاڻ يا مشڪ عنبر جي هٻڪار جڏهن هلڻ شروع ڪندي آهي ته، هر واهڻ ۽ وستي، هر گلي، هر گام، شهر توڙي ڳوٺ کي واسي ڇڏيندي آهي.
    سچ پچ ته، اسان سنڌ وارا اهڙين تاريخ ساز شخصيتن جي گهڻ رخين خوبين تي ۽ انهن جي پاڪيزه زندگي جي شاندار ماضي تي بجا طور فخر ڪري سگهون ٿا ۽ وڏي واڪي چئي سگهون ٿا ته اڃا سنڌ جي ڪک سائي آهي، جو اهڙا سپوت پٽ ڄڻي پئي!! جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم جا حقيقي هڏ ڏوکي آهن، جن کي نه رڳو ديني درد آهي پر اهي پنهنجي قوم جي اصلاح لاءِ ڏينهن رات سرگردان رهي قوم جي صحيح رهنمائي ڪن ٿا.
    اڄ ڪلهه سنڌ ۾ قيادت جو فقدان (اڳواڻن جي اڻاٺ) سبب قوم جو ٻيڙو تباهي ڏي ڌوڪيندو پيو وڃي!!! جيڪي نام نهاد قائد آهن تن کي قوم جي تباهي جو ڪوبه احساس ڪونهي. اهي فقط پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ سنڌ جو يا سنڌي قوم جو نعرو هڻي فريبڪاري جي فن سان مال ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن. شايد سامراج اهڙن اڳواڻن کي قوم، قوم جهڙن پرڪشش الفاظن جي قوالي ڳائڻ جي ۽ قوم جي دردن جو راڳ آلاپڻ واري ڪم تي لڳائي ڪنهن حقيقي قائد جي اچڻ ۽ قوم جي صحيح رهنمائي ڪرڻ لاءِ رستا روڪ ڪئي آهي. تڏهن ته اهڙن قائدن هوندي به قوم ترقي بجاءِ تباهي ڏي پئي وڃي!! ڪاش! مفتي صاحب جهڙا جوان هر ڳوٺ، هر تعلقي، هر ضلعي ۾ هجن ها ته اسان جي سنڌي قوم جو اهو حشر ڪونه ٿئي ها جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي ۽ اهو ڀيانڪ منظر ۽ هولناڪ حشر اکئين ڏسي رهيا آهيون. سنڌ جي 70 سيڪڙو آبادي به اصلي سنڌين جي آهي. پر پوءِ به پنهنجي ديس ۾ دربدر، پنهنجي ڌرتي تي ڌڪاريل، هر دور ۾ پٺ تي پيل، جهالت جي اونداهي ۾ هٿوراڙيون هڻندڙ، سرڪار توڙي سماج جا ستايل اهي ئي سنڌي آهن. ان هوندي به ٻاجهاري ڌڻي جي ٻاجهه ۾ اميدوار آهيون ته ضرور هن کي هيڻن تي ڪهل ايندي ۽ هن قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ اهڙا باصلاحيت ۽ باهمت مجاهد پيدا ٿيندا ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي قوم جو مستقبل روشن ٿئي.
    اسان هن تعارفي مقاله ۾ فقط نمونه طور حواله ڏنا آهن. جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ۽ حالات موافق رهيا ته انشاءَ الله مولانا مفتي محمد صادق سومرو صاحب مدظله العالي بابت ڪا تفصيلي تصنيف تحرير ڪبي ته جيئن سندس سونهري ڪارناما، بي لوث علمي، ادبي، مذهبي ۽ سماجي خدمتون ڪتاب جي سونهن بنجي تاريخي طور يادگار هجڻ سان گڏ هر سنڌي لاءِ رهنمائي ٿئي. دل ته چوي ٿي ته پوءِ به سندس شاندار مذهبي ۽ سماجي خدمتون قلم جي قيد ۾ آڻي، ڪاغذ جي سوڙهي سيني ۾ سمائي نٿيون سگهجن.
    هي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم سو سندس ڀلاري زندگي جو عڪس يا اولڙو آهي.
    هينئر سندس عمر مبارڪ 60 بهارون ماڻي اڳتي روان دوان آهي. خلقڻهار ۾ اميد آهي ته، کيس خضري عمر عطا فرمائي ۽ صحت و عافيت سان قائم دائم رکي. (آمين ثم آمين)


    (حصو ٻيو) انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي

    تعارف انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي

    تعارف انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي
    حافظ صدام حسين شورو

    مسڻ وڏي سنڌ جو اهو مردم خيز خطو رهيو آهي جنهن کي علم و ادب جو گلشن هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هتي جي بزرگ شخصيتن، عارف بالله هستين کي سنڌ جي سمورن علمي حلقن ۾ چڱي پر ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. اهي شخصيتون حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رحمت الله عليه ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمت الله عليه ئي آهن، جن جي ڪوششن سان هتي علم جي هڪ اهڙي لاٽ ٻري جنهن نه صرف ولهار جي خطي کي روشن ڪري پنهنجي بي لوث ۽ عظيم خدمتن سبب هڪ اعليٰ مثال پيش ڪري ڏيکاريو. انهي لاٽ جو نالو ”مدرسه دارالهديٰ“ آهي جنهن جو بنياد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رحمت الله عليه فيبروري 1934ع ۾ پنهنجي وفادار جماعت جي ڀرپور ساٿ سان وڌو. ان وقت حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمت الله عليه زير تعليم هو. بعد ۾ 1941ع ڌاري مولانا عبدالڪريم لغاري دارالعلوم ديوبند مان فارغ التحصيل ٿي پنهنجي ماسات مولانا محمد اسماعيل لغاري جي قائم ڪيل ديني مدرسي دارالهديٰ ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ پنهنجو تدريسي عمل شروع ڪيائين. اهڙيطرح ٻنهي بزرگن جي گڏيل ڪوششن سان مدرسه دارالهديٰ روز بروز ترقي جي بلندين کي ڇهڻ لڳو.
    سنڌ جي انهي مشهور علائقي مسڻ وڏي مان انجمن مشعل راهه جو قيام 22 آگسٽ 2009ع بروز ڇنڇر آچر جي رات بعد نماز عشاءَ عمل ۾ آيو. هن تحريڪ جو آغاز مسڻ وڏي جي نوجوانن پاران نهايت ئي جوش ۽ جذبي تحت ٿيو. اجلاس ۾ مسڻ وڏي جي ڪيترن ئي نوجوانن پاران ڀرپور شرڪت ڪئي وئي. فهيم فدا شوري کي هن تحريڪ جو باني چيئرمين هئڻ جو اعزاز حاصل آهي جنهن جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي مسڻ وڏي جي نوجوانن، انجمن جي باقي عهديدارن، ميمبرن ۽ هم خيال ساٿين ساڻس هن تحريڪ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. مسڻ وڏي جي نوجوانن کي انجمن مشعل راهه جي صورت ۾ هڪ اهڙو پليٽ فارم مليو جنهن نه صرف مسڻ وڏي جي ستل نوجوانن کي جاڳائي وڌو پر سندن آواز پري پري تائين به پهچڻ لڳو. هن وقت انجمن مشعل راهه جي هي ٽين هلندڙ ڪابينا (مرڪزي جنرل باڊي) آهي جيڪا خوش اسلوبي سان انجمن جي منشور کي کڻي سمورن ميمبرن ۽ وفادار ساٿين سميت پنهنجي منزل ڏي روان دوان آهي. اميد آهي ته هي قرب ڀريو قافلو پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ضرور ڪاميابي ماڻيندو. شروع شروع ۾ انجمن مشعل راهه جي پليٽ فارم تان نوجوان ساٿين تائين علمي مواد عام ڪرڻ لاءِ مسڻ وڏي مان هڪ ڪتابي سلسلو ”سلسليوار سونهن“شروع ڪيو ويو. جنهن جا ٽوٽل ٽي شمارا ڇپائي منظر عام تي به آندا ويا.
    2009ع ۾ انجمن مشعل راهه کي قائم ٿيندي جنهن پهرين مرڪزي باڊي پنهنجي عهدن جو حلف کنيو انهي جا عهديدار هن ريت هئا.
    باني چيئرمين: فهيم فدا شورو
    جنرل سيڪريٽري: محمد شوڪت لغاري
    ڊپٽي سيڪريٽري: سيف الله شورو
    پروپيگنڊا سيڪريٽري: ساگر وسيم شورو
    پريس سيڪريٽري: ساقي سجاد حسين لغاري
    خزانچي: ظهير احمد لغاري.
    انجمن مشعل راهه جي موجوده مرڪزي باڊي جا عهديدار هن ريت آهن.
    باني چيئرمين: فهيم فدا شورو
    وائيس چيئرمين: ساگر وسيم شورو
    ڪو چيئرمين: حافظ زوهيب ڪنڀار
    سيڪريٽري جنرل: سيف الله شورو
    آفيس سيڪريٽري: ڌڻي بخش ڪنڀار
    اطلاعات سيڪريٽري: عبدالغفار لغاري
    پريس ترجمان: بهادر ملڪ
    خزانچي: اياز علي ڪنڀار
    ترجمان: حافظ صدام شورو











    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي

    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
    (انجمن مشعل راهه جا ميمبر)

    فهيم فدا شورو، محمد شوڪت الزمان لغاري، سيف الله شورو، حافظ زوهيب احمد ڪنڀار، ساقي سجاد حسين لغاري، ظهير احمد لغاري، انجنيئر ساگر وسيم الزمان شورو، حافظ غلام المرتضيٰ لغاري معلم القرآن مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي، قاري صبغت الله سومرو جنهاڻ سومرو ٽنڊو محمد خان، حافظ نعيم صدام شورو، حافظ ثناءُ الله ملڪ، حافظ بلاول لغاري، حافظ محمد وسيم لغاري، حافظ شهمير احمد مڱريو مسڻ ننڍي، حافظ محمد لائق مڱريو مسڻ ننڍي، ساجد علي لغاري مسڻ ننڍي، فهيم احمد مڱريو مسڻ ننڍي.، محمد دائود لغاري لانڍي شاخ، عرفان احمد عمراڻي، انيس احمد ملڪ، سيف الله ڪنڀار، عبدالعظيم لغاري، عبدالرزاق لغاري، مشتاق احمد لغاري، جميل احمد لغاري، محمد اياز ڪنڀار، محمد اشرف لغاري، ميانجي عبدالرزاق لغاري، رياض احمد ڪنڀار، شهباز احمد ڪنڀار، الطاف ڪنڀار، ڌڻي بخش ڪنڀار، عبداللطيف ڪنڀار، سجاد حسين ڪنڀار، عبيدالله ڪنڀار، عبدالرحيم”عبد“ لغاري، امتياز علي ولد مرحوم محمد يعقوب لغاري، اياز علي پلهه/پلهه موري، نظامت علي ملڪ، شفاقت علي ملڪ، اصغر علي ملڪ، سهيل احمد ملڪ، محمد حنيف ملڪ، چوڌري عبداللطيف ملڪ، ارشد علي ملڪ، علي محمد لغاري، امتياز احمد لغاري، جيوڻ لغاري، فياض احمد لغاري، عبدالغفار ولد غازيخان لغاري، فاروق رضا ولد ظهير الدين بابر لغاري، امتياز احمد ولد ظهير الدين بابر لغاري، محمد آصف ولد غازيخان لغاري، ضياءُ الله شورو، منصور احمد ڪنڀار، واجد علي ڪنڀار، پرويز ڪنڀار، نياز احمد لغاري، نظير احمد لغاري، رميش ڪمار سوٽهڙ، راجيش ڪمار سوٽهڙ، مڪيش ڪمار سوٽهڙ، سڪندر علي ڪنڀار، محمد اسلم ڪنڀار، زاهد علي ولد فقير محمد ڪنڀار، عبدالغفور ولد گل محمد ڪنڀار، روشن علي لغاري، غلام مصطفيٰ لغاري، محمد پريل لغاري، غلام مرتضيٰ ولد پروفيسر محمد ڪامل لغاري، عبدالوحيد لغاري، اعجاز احمد لغاري، مير مرتضيٰ لغاري، هيبت خان لغاري، تيمور احمد لغاري، شهباز لغاري، آفتاب حسين لغاري، نثار احمد لغاري، الطاف حسين لغاري، اياز احمد لغاري، اصغر علي لغاري، عنايت علي لغاري، اعجاز علي ولد سڪندر علي لغاري، عبدالحميد لغاري، حاڪم علي لغاري، گل محمد لغاري، عاشق حسين لغاري، گل حسن لغاري، (ڏاڏو) غلام محمد لغاري ولد عبدالرحيم ”عبد“ لغاري، نويد احمد ڪنڀار، شفقت حسين ڪنڀار، امجد علي ولد مرحوم استاد خان محمد لغاري، فيصل ولد مرحوم استاد خان محمد لغاري، استاد محمد جمن لغاري، استاد مدد علي ولد سهراب خان لغاري، ايڊووڪيٽ علي احمد لغاري، غلام شبير لغاري، امداد علي ترڪ، استاد علي محمد ترڪ، عابد علي ترڪ، محمد عليم لغاري قاضي نور محمد لغاري، غلام مصطفيٰ لغاري قاضي نور محمد لغاري، عمران احمد ملڪ، مشتاق احمد ملڪ، عبدالباسط ملڪ، فهيم احمد لغاري، محمد قاسم ملاح، غلام حسين تبسم ملاح، انيس ولي محمد ملاح، رمضان علي ترڪ، اختر حسين شيخ، مدثر احمد شيخ، اقبال شيخ، مصور علي شيخ، عبدالخالق شيخ، محمد ابراهيم لغاري، اصغر علي لغاري (رازو)، زاهد علي لغاري (رازو)، عبدالرحمان ولد استاد غلام مصطفيٰ شورو، عرفان گل شورو، عمران خان شورو، حليم خان لغاري، نجم الدين لغاري.، استاد محمد اسلم ولد حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري، اشفاق احمد جٽ، محمد اڪرم لغاري، محمد سليمان سميجو. غلام رسول ڪنڀار، ارشد علي جروار ڳوٺ شادمان جروار، امجد علي جروار شادمان جروار، سجاد علي جروار شادمان جروار، گلزار احمد جروار بيگن جروار، فيض محمد لغاري، ذوالفقار علي لغاري، عبدالعزيز لغاري، ارشد علي ولد حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري، سيٺ لياقت علي ولد رئيس گل محمد لغاري. سيٺ شير محمد عرف شيرل لغاري، مظفر علي لغاري، محمد عثمان لغاري، ڊاڪٽر محمد انور مستوئي مستوئي ڪالوني ٽنڊو الهيار، استاد شڪيل احمد لغاري ڳوٺ رئيس حاجي علڻ خان لغاري، راشد علي لغاري ڳوٺ رئيس حاجي علڻ خان لغاري، امير احمد پنهور ٽنڊو الهيار، غلام رضا رستماڻي بلوچ ٽنڊو الهيار، حافظ ارشاد احمد هاليپوٽو ڪامارو شريف، عبدالرحمان لغاري ڪامارو شريف، محمد علي هاليپوٽو ڪامارو شريف، ابوبڪر لغاري ڳوٺ محمد عثمان لغاري لڳ ڪامارو شريف، نجيب احمد لغاري، جواد احمد لغاري، گلزار احمد ولد محمد اسحاق لغاري، علاءُ الدين ڪنڀار، اسد الله ڪنڀار، نياز علي اوٺو، محمد اسحاق گبول.


    مستقبل جا منصوبا

    مستقبل جا منصوبا
    انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي جي مستقبل جي منصوبن ۾ ”ٽي نُڪاتي پروگرام“ کي شامل ڪيو ويو آهي. جنهن سلسلي ۾ (1) مسڻ وڏي جي ڀروارن ڳوٺن ۾ قرآن مجيد جي تعليم عام ڪرڻ، (2) مسڻ وڏي ۾ پبلڪ لائبريري قائم ڪرڻ ۽ (3) ”الفلاح ٽرسٽ“ قائم ڪرڻ شامل آهن.

    مسڻ وڏي جي ڀروارن ڳوٺن ۾ قرآن مجيد جي تعليم عام ڪرڻ
    انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي جي مستقبل جي هن پروگرام تحت مسڻ وڏي جي ڀروارن ڳوٺن ۾ جتي مسجدون ويران بڻيل آهن، اذانن جون صدائون ٻڌڻ لاءِ مومنن جون دليون بيتاب آهن. قرآن مجيد جي ناظره تعليم نالي ماتر رهجي وئي آهي، دين اسلام جي بنيادي احڪامن جي ڄاڻ جي ڪافي عرصي کان کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. اهڙن هنڌن، وستين، ڳوٺن ۾ قرآن مجيد جي ناظره و حفظ جي تعليم شروع ڪرڻ جي هن پروگرام کي انجمن مشعل راهه جي مستقبل جي منصوبن ۾ اوليت حاصل آهي. انهي پروگرام تحت اهڙن ڳوٺن جي ويران مسجدن کي آباد ڪرڻ لاءِ انجمن مشعل راهه طرفان قرآن مجيد جا معلم ۽ مدرس (قاري ۽ حافظ) مقرر ڪيا ويندا. جيڪي في سبيل الله ڳوٺن جي ٻارن، اڻ پڙهيل بالغن ۽ وڏڙن کي قرآن مجيد جي تعليم ڏيڻ شروع ڪندا. ڳوٺاڻن کي انهن معلمن ۽ استادن کي ڪنهن به قسم جو ڪوبه پگهار، تنخواهه يا مالي تعاون نه ڪرڻو پوندو. البته انجمن مشعل راهه طرفان انهن معلمن ۽ استادن کي معياري پگهار جاري ڪيو ويندو ته جيئن هو قرآن مجيد جي تعليم، حفظ و ناظره، امامت جا فرائض خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيئي سگهن ۽ گڏوگڏ پنهنجو گذر بسر ڪري سگهن. ايڏو وڏو پروگرام مخير حضراتن جي مالي تعاون کان سواءِ شروع نٿو ڪري سگهجي. بيشڪ الله تعاليٰ اهڙن نيڪ ۽ خالص ديني پروگرامن کي شروع ڪري پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ مخير حضراتن مان اهڙن اعليٰ ۽ عظيم انسانن جي دلين ۾ مالي تعاون جو جذبو پيدا ڪندو آهي جيڪي خدا پاڪ جا صابرين، شڪرگذار ۽ سخي مرد هوندا آهن.

    مسڻ وڏي ۾ پبلڪ لائبريري جو قيام
    شروع شروع ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جي دور ۾ مسڻ وڏي ۾ انهن ٻنهي بزرگن ڳوٺاڻن ۽ جماعت جي ڀرپور تعاون سان ”اشاعت العلوم لائبريري“ قائم ڪئي. جنهن مان تنهن وقت جي ڪافي ماڻهن، نوجوانن، سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو. انهي سلسلي ۾ مذڪوره اداري طرفان ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب ۽ 1947ع واري ورهاڱي کان اڳ جون اخبارون به ڪافي مقدار ۾ خريد ڪري پڙهندڙن لاءِ رکيون ويون. جيڪي هاڻي مدرسه دارالهديٰ جي ڪتبخانه جي زينت بڻيل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهي لائبريري ۾ ادبي محفلون، مجلسون ۽ مشاعرا به ٿيندا رهيا جنهن ۾ مسڻ وڏي کان علاوه ٻين علائقن جا اديب، شاعر ۽ سگهڙ شريڪ ٿي محفل مچائيندا هئا. انهي سلسلي کي حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جي خاص شاگرد، مدرسه دارالهديٰ جي موجوده ناظم، جامع مسجد مسڻ وڏي جي خطيب مولانا محمد يامين شوري جماعت ۽ ڳوٺاڻن جي مڪمل تعاون ۽ سهڪار سان جاري رکيو پر وقت جي حالتن ۽ گردشن جي ڪري اهو سلسلو بند ٿي ويو. جيڪو ڪن مجبورين جي ڪري دوباره بحال به نه ٿي سگهيو.
    انجمن مشعل راهه انهي سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ مسڻ وڏي ۾ پبلڪ لائبريري جي قائم ڪرڻ جو پروگرام پنهنجي منصوبي ۾ شامل ڪيو آهي. انشاءَ الله انجمن مشعل راهه جي ميمبرن، مخير حضرات جي مالي تعاون ۽ سهڪار سان اهو ڏينهن پري نه آهي جنهن ڏينهن اسان مسڻ وڏي ۾ پبلڪ لائبريري قائم ڪري پنهنجي ڳوٺ واسين کي هڪ علم و ادب جو گهوارو بنائي سگهنداسين.

    مسڻ وڏي ۾ الفلاح ٽرسٽ جو قيام
    انجمن مشعل راهه جي مستقبل جي منصوبن مان هڪ منصوبو هي به آهي ته مسڻ وڏي ۾ ”الفلاح“ جي نالي سان هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي ويندي جنهن ذريعي مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي غريبن، مسڪينن، يتيمن، بيواهن، لاچارن کي ماهوار يا سالانه امداد، خيرات ۽ زڪوات ڏيئي سندن مالي مدد ڪئي ويندي.


    (حصو ٽيو) ماڻهو مسڻ جا مور سڀ

    مـــاڻهو مـــسڻ جــــا مـور ســــــڀ

    مـــاڻهو مـــسڻ جــــا مـور ســــــڀ
    شــــــــانــــائــــته شــــهــــزور ســـــڀ
    سي گهڻگهرئي تان گهور سڀ
    آهــــن امـــلهه تــــون تــور ســــڀ
    جو مسڻ جي آ موج ٻي
    (مولانا محمد يامين شورو)


    مسڻ وڏي جو تاريخي پس منظر

    مسڻ وڏي جو تاريخي پس منظر

    مسڻ وڏي موجوده ضلع ٽنڊو الهيار جي تعلقه جهنڊو مري جي اهم شهرن مان شمار ٿئي ٿو. هن جي قدامت بابت تاريخي حوالا ٻڌائين ٿا ته، جڏهن 1783ع ڌاري ٽالپرن ڪلهوڙن کي هالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ فتح ڪئي هئي. انهي دور کي ويجهو يعني ته ڪلهوڙن جي آخري دؤر يا ميرن جي شروعاتي دؤر ۾ مسڻ وڏي ڳوٺ جو بنياد پيو آهي. يعني ته اڄ کان اڍائي يا ٽي سئو سال اڳ هي ڳوٺ قائم ٿيو. لغاري بلوچ هن ڳوٺ جي ”باني قوم“ آهي. ڇوته، اهي ئي سڀ کان پهرين هي ڳوٺ اڏي اچي آباد ٿيا هئا. ان وقت هي ڳوٺ رستم خان لغاري جي نالي سان سڏبو هو. پر پوءِ جڏهن انگريزن 1901ع ڌاري سنڌ جي ڳوٺن، ديهن جي سروي ڪري انهن تي مقامي نالا رکي نقشا تيار پئي ڪيا ته هن ڳوٺ تي مسڻ وڏي نالو رکيو ويو. جنهن جو سبب هي آهي ته ٽنڊي الهيار جي هڪ تپي ايڊيشنل بلغاءَ جي ديهه ڪامارو جي سروي نمبر 135 ۾ هڪ قديم قبر ”مسڻ فقير“ جي نالي سان موجود آهي. جيڪا پير اشرف شاهه عليه الرحمة ڪاماري واري (1799ع _ 1860ع) کان به اڳ جي آهي.
    انگريزن جي دؤر ۾ ساڱري جي پراڻن ڦاٽن مان هڪ ڦاٽ يا شاخ (ڍورو) وهندو هو. جنهن کي هڪ ٻن هنڌان کوٽي زمين جي سيرابي لاءِ موزون بنايو ويو ته ان ڍوري يا ڪڙئي جو نالو ”مسڻ فقير“ جي نالي پويان ”ڪڙيو مسڻ“ رکيو ويو. جيئن ته ان ڪڙئي جي ڪپ سان ٻه بستيون آباد هيون هڪ ننڍي بستي ۽ ٻي وڏي بستي (جنهن جو شروعاتي نالو ڳوٺ رستم خان لغاري هو. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو.) مسڻ فقير جي نالي پويان وڏي بستي جو نالو مسڻ وڏي ۽ ننڍي بستي جو نالو مسڻ ننڍي پئجي ويو، جيڪي نالا اڃا تائين هلندا پيا اچن. مسڻ وڏي جي ڀروارن ڳوٺن ۾ مسڻ ننڍي، مبارڪ جروار، بيگن جروار، مٺو جروار به هڪ اندازي مطابق مسڻ وڏي جا همعصر ۽ هم سن آهن جن ۾ قائم ٿيڻ جي لحاظ کان ڪو خاص فرق نه آهي.
    مسڻ وڏي ڳوٺ جن مکيه چئن انقلابي دؤرن مان گذريو آهي، اهي هي آهن.
    1) ٽالپر حڪومت جو زوال ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو.
    2) 1931ع ۾ چرخي پوک جي پڄاڻي ۽ سکر بئراج جي واهن جو وهي اچڻ.
    3) 1947ع ۾ انگريزن جو زوال ۽ هندستان ۽ پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ. سنڌ جي پراڻي واڻيا قوم جي لڏپلاڻ ۽ پناهگيرن جي آمد.
    4) 1958ع ۾ سنڌ جي جاگيرن خاص ڪري مسڻ جاگير جو خاتمو.
    پراڻي جاگرافي لحاظ کان مسڻ وڏي جو علائقو ولهار جي خطي ۾ اچي ٿو. موجوده ولهار ۾ ٽنڊو الهيار جا پنج تپا جهڙوڪ تپو بُلغاءَ، تپو ڍالو، تپو پاڪ سنگهار، تپو سنجر چانگ، تپو چمبڙ اچي وڃن ٿا.
    مسڻ وڏي کي مقامي آڳاٽن شاعرن مان سڀ کان پهرين پير اشرف شاهه ڪاماري واري (1799ع _ 1860ع) پنهنجي رسالي جي ”سر سارنگ“ ۾ دعا ڪندي ياد فرمايو آهي ته،
    ”مسڻ، پلهه پلٽيائين، شاهو ڇن سنڀار،
    کاراهي تي خير جا ڪي اوهيرا اڀيار،
    عاصي هن”اشرف“ ڏي، ڪي نبي لڳ نهار،
    آگا مڃيج آر، ڪر ڪلام قبول مون.“
    پير اشرف شاهه کان علاوه مسڻ کي ميين شاهه عنايت رضوي (متوفيٰ 1160 هجري / 1747ع) پنهنجي رسالي جي سر سارنگ ۾ به دعا ڪئي آهي.
    مسڻ وڏي جي قائم ٿيڻ وقت آسپاس قديم قومن ۾ ڏگا قوم سڀ کان قديم قوم آهي. اهڙيطرح ابو طالب جو دڙو، ڇٽو پاتڻي عرف ڇٽو ولي جو پراڻو پڊ ۽ ڪجهه پرڀرو ڀٽيءَ جو ڦٽل ڪوٽ عرف ڀوريءَ جو دڙو آڳاٽا آهن. جڏهن ته هتي جو مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ مسڻ وڏي جي بنياد پوڻ کان به اڳ جو آهي. (نوٽ عبدالله فقير جي باري ۾ معلومات هن ڪتابچي ۾ شامل آهي.)
    مسڻ وڏي ۾ آثار قديمه مان ڪابه عمارت يا ڪا ٻيءَ تاريخي شئي نه آهي جيڪا هن جي قدامت جو اهڃاڻ هجي. البت هڪ انجنيئري بنگلو ڳوٺ مسڻ وڏي لڳ ڏکڻ اولهه طرف (موجوده گرلس پرائمري اسڪول مسڻ وڏي جي بلڪل ڀر ۾) موجود هو، جنهن تي 1918ع جو سن تعمير لکيل هو. اهو بنگلو سکر بئراج کان به گهڻو اڳ ايريگيشن کاتي طرفان ٺهرايو ويو هو. هن وقت اهو بنگلو ختم ٿي ويو آهي. موجوده بنگلي جون سرون، ٽيئر، گارڊر به تين وال ٿي ويا. 1896ع ڌاري حرن جي هلچل دوران انگريزن هتي مسڻ وڏي ۾ پوليس چوڪي به قائم ڪئي هئي جنهن ۾ حرن کي ٻاهران آڻي لوڙهي ۾ بند ڪيو ويو هو. ان وقت اها پوليس چوڪي موجوده گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول واري جاءِ ۾ هئي.
    مسڻ وڏي مير ٻڍي خان ٽالپر کي انگريزن طرفان مليل جاگير ۾ واقع هئي، جتي ڪوبه تعليمي ادارو، ڪابه سماج سڌارڪ تنظيم ڪونه هئي. بس هاري ناري، مالوند مارو پيٽ گذر ڪري پيا وقت گذر ڪندا هئا. پر برصغير جي ورهاڱي (پاڪستان ۽ هندستان ٿيڻ) کان تيرهن سال پهرين هن علائقي تي قدرت واري نظر ڪرم ڪري حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رحمت الله عليه کي توفيق ۽ سعادت بخشي جو هن هڪ ديني مدرسه دارالهديٰ جو 1934ع ڌاري بنياد وڌو. جنهن هن علائقي جي ماڻهن ۾ ديني شعور سان گڏ انقلابي جذبو پيدا ڪيو جنهن ڪري هتي جو ماڻهو تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿي پيو. منجهن علم شعور اچڻ ڪري زندگي جي طور طريقي ۾ ترقي آئي ۽ مذهبي، تجارتي، معاشي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان هن ڳوٺ ترقي ڪري هڪ شهر جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ هر قسم جا دڪان، بازارون ۽ زندگي جي جمله ضروريات جو سامان مهيا آهي.
    انهي ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته مسڻ وڏي ۾ جيڪا به ترقي، سڌارو ۽ واڌارو آيو آهي سو در حقيقت هتي قائم ٿيل تعليمي ادارن ديني مدرسه دارالهديٰ، پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول مان پڙهي نڪرندڙ باشعور نوجوان طبقي جي ڪري آهي. ڇوته ڪابه قوم جيستائين جهالت جي انڌيرن ۾ هوندي ته اها قوم ترقي نه ڪري سگهندي. جهالت جي اهڙن انڌيرن مان نڪرڻ لاءِ تعليم ئي هڪ اهڙي روشني آهي جيڪا ماڻهن کي رهڻ ڪهڻ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، ڪاروهنوار کان علاوه پنهنجي مالڪ کي سڃاڻڻ جي باري ۾ سڌي دڳ لڳائي ٿي. تعليمي ميدان ۾ اها عظيم خدمت حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ سندس ماسات حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي گڏيل محنتن، ڪوششن، جدوجهد ۽ بي لوث عوامي خدمت جي طفيل آهي. انهي تعليمي شعور سبب هتي جو هر باشندو آزاد، خود مختيار ۽ پنهنجي مرضي جو پاڻ مالڪ بنيل آهي. نه ته اڪثر طور ڳوٺن ۾ هر ماڻهو تر جي وڏيري، سرمائيدار، جاگيردار جي ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي. اهڙن ڳوٺن ۽ علائقن جو وڏيرو ۽ ڀوتار ”ڪاري ۽ اڇي“ جو مالڪ بڻيل هوندو آهي.
    مسڻ وڏي جي پکيڙ جي حوالي سان عرض ڪندا هلون ته حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي وڏي ڀاءُ مرحوم حاجي محمد صالح لغاري زمين جي سروي ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. تنهن 1980ع ڌاري مسڻ وڏي جي سروي ڪري شهر مسڻ وڏي جي ايراضي 48 ايڪڙ ٻڌائي. جيڪڏهن اڄڪلهه مسڻ وڏي جي چوڌاري رنگ روڊ هجي ته اهو ڏيڍ ميل کن ٿيندو.


    حضرت عبدالله فقير عليه الرحمة

    حضرت عبدالله فقير عليه الرحمة
    عبدالله فقير جي آخري آرامگاهه ولهار خطي جي پراڻي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ واقع آهي. مسڻ وڏي جو مقامي قبرستان به هن فقير جي نالي سان سڏجي ٿو. هي بزرگ ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ انهي بابت هتي جي ڪنهن به باشندي وٽ ڪابه واضح ثابتي نه آهي. مسڻ وڏي جي تاريخ تي مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي لکيل ڪتاب ”ٿڌا وڻ ولهار جا“ جي صفحي نمبر 235 تي مولانا لغاري صاحب لکي ٿو ته؛
    ”ڳوٺ مسڻ وڏي کان جنوبي جانب، ڪجهه مفاصلي تي، فقير عبدالله جي نالي سان مشهور مقام آهي. يارهين واٽر کان اولهه، اڳوڻي وقت جي هڪ ڦٽل ڪسي جي شمالي ڪناري تي، وڻڪار جي وچ ۾ هڪ پڪي قبر سندس نالي مشهور آهي. نٿو چئي سگهجي ته انهي شهر خموشان جي مڪان جو مڪين فقير صاحب ڪير آهي؟ ڪٿي جو آهي؟ ڪڏهن کان اتي آسوده خواب آهي، سينه بسينه راوي توڙي مقامي تاريخون سندس نشاندهي کان صفا خاموش آهن.“ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جن ساڳئي ڪتاب جي ساڳئي صفحي تي عبدالله فقير بابت وڌيڪ لکن ٿا ته؛ ”ايترو ضرور پيو معلوم ٿئي ته مسڻ وڏي جي نئين پڊ کان علاوه ڪنهن قريبي قديم پڊ جو رهاڪو يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو مسافر آهي. خاڪ گور ڇڪي کيس هتي آڻي، هتان کنيل خمير ۾ اچي جڳهه والاري اٿس.“


    مسڻ وڏي جا تعليمي ۽ فلاحي ادارا

    مسڻ وڏي جا تعليمي ۽ فلاحي ادارا
    مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي

    مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جو بنياد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ 1934ع ۾ مدرسه مجدديه مان فقيهه العصر حضرت علامه محمد عثمان قرانيؓ وٽان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد 2 ذوالقعده سن 1352 هجري بمطابق 17 اپريل 1934ع تي رکيو ۽ في سبيل الله درس و تدريس سان گڏ مدرسه جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو. ان وقت عام ماڻهو سان گڏ مسڻ وڏي جي سخي مرد رئيس احمد خان لغاري ۽ رئيس وليداد خان جروار ڳوٺ مٺو جروار مدرسه دارالهديٰ جي تعمير ۾ خوب مدد ڪئي. مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ هن علائقي جي صورتحال جو جائزو وٺي جهالت خلاف جدوجهد ڪندي مدرسه جي درس و تدريس، تعمير و ترقي سان گڏ آسپاس جي ڳوٺن ۾ وڃي دين جي صحيح پرچار ۽ وعظ تبليغ شروع ڪئي. انهي وقت عوام جو سمورو رجحان مدرسن جي طرف هو. جنهن ڪري مدرسه دارالهديٰ جي قيام سان هن ماحول ۾ سٺو علمي چهچٽو پيدا ٿي ويو. 1941ع ڌاري مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي ماسات مولانا عبدالڪريم لغاريؓ دارالعلوم ديوبند انڊيا مان فارغ التحصيل ٿي مدرسه دارالهديٰ ۾ مدرس ۽ سندن ٻانهن ٻيلي ٿيا. انهن ٻنهي بزرگن جي گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ مدرسي کي اڃا به وڌيڪ ترقي ملي ۽ هن مدرسي جي هاڪ هنڌين ماڳين پهچي وئي جنهن ڪري نه رڳو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، پر بلوچستان ۽ ايران مان به شاگرد اچي هن مدرسي ۾ علم حاصل ڪرڻ لڳا. ان وقت مدرسه ۾ مسافر شاگردن جو تعداد 70_80 کن هو، جن جي کاڌي پيتي، رهائش ۽ علاج معالجه جو سموري خرچ جو پورائو مولانا لغاريؓ جن جي مخلص ۽ وفادار جماعت جي تعاون ۽ ساٿ سان ٿي رهيو هو. انهي وقت مدرسه دارالهديٰ جو باني و مهتمم مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ته صدر مدرس مولانا عبدالڪريم لغاريؓ هو.
    مدرسه دارالهديٰ ۾ جن استادن تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ (باني مدرسه و مهتمم اول)، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ (صدر مدرس و مهتمم ثاني)، مولانا ميان احمد مولهڻ وارو نوشهروفيروز، مولانا مفتي نثار احمد لغاري ٽنڊو محمد خان، قاري محمد موسيٰ شورو نئي بارڻ ڪوٽڙي، قاري حاجي عبدالله عمراڻي بڪيرا شريف، قاري جمال الدين لغاري ڳوٺ جادو لغاري لڳ ڪامارو شريف، قاري عبدالواحد پنهور ميرپور ساڪرو ٺٽو، ميانجي حاجي عبدالله ڪڇي ڪنڀار ڪڇ ڀڄ هندستان، قاري محمد حسن شيخ مسڻ وڏي، حافظ ڪريم بخش رونجهو لس ٻيلو بلوچستان، حافظ نصير الدين مهر ميرپورخاص، مولانا خان محمد نوحاڻي ڪنگورو ميرواهه گورچاڻي، مولوي محمد حسن لغاري مسڻ وڏي، مولوي مير محمد لغاري مسڻ وڏي ۽ حافظ عبدالحق لغاري ڳوٺ رئيس علڻ خان لغاري شامل آهن. جڏهن ته موجوده استادن ۾ مولانا محمد يامين شورو، مولانا فياض محمد سريوال ڳوٺ غلام حيدر سريوال لڳ ڪامارو شريف، حافظ غلام مرتضيٰ لغاري ڳوٺ حاجي خان محمد لغاري لانڍي شاخ، حافظ نعيم الدين صدام شورو مسڻ وڏي، ميانجي عبدالرزاق لغاري مسڻ وڏي شامل آهن.
    مدرسه دارالهديٰ مان جيڪي شاگرد فارغ التحصيل ٿيا انهن ۾ مولوي عبدالصمد بلوچستان، مولوي عبدالغني بلوچستان، مولوي سعيد احمد بلوچستان، مولوي عبدالرحمان ڇٽو اڏيرو لال، مولوي عبدالڪريم سريوال گلاب لغاري، مولوي احمد علي لغاري گلاب لغاري، مولوي محمد عمر دائوداڻي ٽنڊو الهيار، مولوي عبدالرحمان شورو مسڻ وڏي، مولوي غلام قادر بروهي سلطان آباد، مولوي رفيق احمد عمراڻي تلهار، مولوي محمد حسن ساند ڳوٺ الهڏنو ساند، مولوي محمد يامين شورو مسڻ وڏي، مولوي محمد ابراهيم ڪنڀار مسڻ وڏي، مولوي محمد حسن لغاري مسڻ وڏي، مولوي مير محمد لغاري مسڻ وڏي، مولوي مير محمد خاصخيلي ڊينگاڻ ڀرڳڙي، مولوي خليل احمد لغاري ڳاڙهو صدر، حافظ نعيم الدين صدام شورو مسڻ وڏي، حافظ ڌڻي بخش لغاري لانڍي شاخ، حافظ منصور لغاري مسڻ وڏي، حافظ يونس لغاري لانڍي شاخ، حافظه (اول) بنت علي محمد جٽ مسڻ وڏي، حافظه (ثاني) بنت علي محمد جٽ مسڻ وڏي، حافظه بنت نصير احمد لغاري مسڻ وڏي.
    مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ ناظره، حفظ ۽ عربي فارسي جا شعبا بخوبي الحمد لله ڪم ڪري رهيا آهن. هن وقت شعبه ناظره ۾ پڙهندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد 200 آهي. شعبه حفظ ۾ 2 ڇوڪرا ۽ هڪ ڇوڪري جڏهن ته شعبه عربي ۾ پنجين جماعت ۾ پڙهندڙ 3 شاگرد هر هڪ فهيم الدين ولد مولانا محمد يامين شورو، سيف الله ولد مرحوم مولانا عبدالرحمان شورو ۽ محمد شوڪت ولد نياز محمد لغاري زير تعليم آهن. اهڙيطرح ٽوٽل شاگردن جو تعداد 206 آهي.
    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي منتخب ڪيل ڪاميٽي
    مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ (باني مدرسه و مهتمم اول) جي وفات بعد مدرسه جي اهتمام جون ذميداريون مولانا عبدالڪريم لغاريؓ ڏي منتقل ٿيون جيڪي پاڻ سهڻي نموني سرانجام ڏيندا رهيا. جڏهن پاڻ عمر رسيده ٿي ويا ته مدرسه جون انتظامي ذميداريون سنڀالڻ لاءِ بتاريخ 18 آڪٽوبر 1996ع بمطابق 3 جمادي الاول 1417هجري تي هڪ مشاورتي ڪاميٽي نامزد ڪيائون جنهن جي عهديدارن ۽ ميمبرن اڳتي هلي مدرسي جي انتظام هلائڻ لاءِ مجلس شوريٰ جو انتخاب ڪيو ۽ پوءِ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي مدرسو 2005ع ڌاري رجسٽرڊ ڪرايو ويو جنهن مطابق ذميدار ۽ عهديدار هن ريت آهن.
    مهتمم: ميان رياض احمد لغاري (فرند مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ)
    نائب مهتمم: استاد محمد عثمان ڪنڀار
    ناظم: مولانا محمد يامين شورو
    خزانچي اول: استاد خان محمد لغاري
    خزانچي دوم: ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري
    ايگزيڪيوٽو ميمبر:ظهير الدين بابر لغاري
    ايگزيڪيوٽو ميمبر: عبداللطيف دائودپوٽو
    الحمد لله هيستائين اها ئي انتظاميه مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جن جي ٻڌايل رهنما اصولن ۽ سندن طريقه ڪار جي روشني ۾ مدرسه ۽ مسجد جو انتظام سنڀالي ۽ هلائي رهي آهي. هن وقت فقط مقامي شاگرد قرآن شريف، عربي ۽ فارسي جي ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، فنڊ جي ڪمي سبب مسافر شاگردن جي قيام و طعام لاءِ في الحال ڪوبه انتظام ڪونه آهي. البته مسلمانن پاران مستقبل ۾ مالي تعاون ڪرڻ تي مسافر شاگردن لاءِ انتظام ڪيو ويندو. (انشاءَ الله)


    انجمن اشاعت العلوم مسڻ وڏي

    انجمن اشاعت العلوم مسڻ وڏي
    جهالت جي خاتمي لاءِ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رحمت الله عليه ديني تعليم سان گڏ پنهنجي ماسات حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمت الله عليه جي ساٿ سان اسڪولي تعليم به شروع ڪئي. ان جي انتظام هلائڻ لاءِ سيپٽمبر 1953ع ۾ انجمن اشاعت العلوم رجسٽرڊ ڪرائي وئي. جنهن جو سرپرست چيئرمين مولانا محمد اسماعيل لغاري ته مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جنرل سيڪريٽري ۽ حاجي موسيٰ خان لغاري خزاچي هئا. انجمن جا باقي ميمبر هي هئا.
    1. رئيس محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي
    2. جناب پير محمد اسماعيل صادق قريشي ڪامارو شريف ٽنڊو الهيار
    3. حڪيم محمد اسحاق لغاري
    4. خان محمد ولد جمع خان لغاري
    5. حاجي عبدالله لغاري مسڻ وڏي
    6. فتح علي خان لغاري مسڻ وڏي
    7. حڪيم عبدالرحمان لغاري مسڻ وڏي
    8. حاجي محمد هاشم لغاري مسڻ وڏي
    9. مولوي عبدالرحمان شورو مسڻ وڏي
    مذڪوره انجمن 29 سالن تائن پرائمري اسڪول، 19 سالن تائين هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل تمام خوش اسلوبي سان هلائي. آخر 1972ع ۾ گورنمينٽ جي تقاضا تي ٻئي اسڪول سرڪاري تحويل ۾ ورتا ويا ته هاسٽل کي به بند ڪيو ويو. انهي بعد اها انجمن اشاعت العلوم ڪالعدم ٿي وئي.
    اشاعت العلوم جي نالي سان ٻنهي بزرگن (حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ) هڪ لائبريري به قائم ڪئي. جنهن ۾ علمي، ادبي، اخلاقي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڪتاب موجود آهن. ڪتاب اڪثر ڪري سنڌي، عربي، اردو، فارسي ۽ ڪجهه انگريزي ٻولين ۾ آهن. جڏهن ته مذڪوره لائبريري ۾ هڪ الڳ شعبه نوادرات به آهي جنهن ۾ پاڪستان کان اڳ شايع ٿيل ڪتاب، چند قلمي نسخا (مخطوطا) جنهن ۾ قرآن شريف جو قلمي نسخو به شامل آهي. علاوه ازين شعبه نوادرات ۾ پاڪستان کان اڳ جون سنڌي ۽ اردو اخبارون جهڙوڪ الوحيد، ڪاروان، الحنيف، الفاروق، الجمعيت دهلي، مدينه بجنور، زمزم لاهور، امروز لاهور، ڪوثر لاهور جا فائل، ڪافي تعداد ۾ ماهوار رسالا ۽ هفتيوار جريدا ۽ آسپاس جي پراڻن کنڊرن، دڙن مان هٿ آيل قديم سڪا، برتن وغيره به رکيل آهن. پر افسوس ته انهن کي سينگاري سنواري رکڻ جي لاءِ گهربل شوڪيس ۽ فرنيچر وغيره جي دستياب نه هئڻ ڪري اهي تاريخي نوادرات صندوقن جي زينت بڻيل آهن.


    انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي

    انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي
    انجمن مشعل راهه جو قيام مسڻ وڏي ۾ 22 آگسٽ 2009ع بروز ڇنڇر ٿيو. فهيم فدا شورو هن اداري جو باني چيئرمين آهي. هن اداري کي منظم ۽ بهتر نموني سان هلائڻ جي لاءِ مرڪزي باڊي جي ٻين عهديدارن ۾ وائيس چيئرمين ساگر وسيم الزمان شورو، سيڪريٽري جنرل سيف الله شورو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حافظ زوهيب احمد ڪنڀار ، آفيس سيڪريٽري ڌڻي بخش ڪنڀار، اطلاعات سيڪريٽري محمد عثمان لغاري، پريس ترجمان عبدالغفار ولد غازيخان لغاري، ترجمان انجمن حافظ نعيم صدام شورو، خزانچي اياز علي ڪنڀار ۽ چيف آرگنائيزر ساقي سجاد حسين لغاري شامل آهن. هن اداري طرفان وقت بوقت مختلف ادبي، اصلاحي ۽ مذهبي لٽريچر تي ڪتابي سلسلي جي صورت ۾ مواد به شايع ڪري نوجوانن توڙي مسڻ وڏي جي رهواسين تائين پهچايو ويندو آهي. انجمن مشعل راهه جي موجوده هيڊ آفيس ”جنرل هيڊ ڪوارٽر“ (جي. ايڇ. ڪيو) جي نالي سان شورا چيمبر ۾ موجود آهي. ان کان علاوه مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ”ريڊ زون“ جي نالي سان انجمن جون يونٽ آفيسون به قائم ٿيل آهن. فهيم فدا شوري طرفان مسڻ وڏي جي موجوده تاريخ جي حوالي سان ترتيب ڏنل هي ڪتاب به انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي طرفان ڇپرايو ويو آهي.


    جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي

    جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي
    برصغير جي ورهاڱي (1947ع) کان تيرهن چوڏهن سال اڳ مسڻ وڏي ۾ ڪابه ديني درسگاهه ڪانه هئي البته ڳوٺ جي قائم ٿيڻ وقت هڪ اوڏڪي مسجد تعمير ڪئي وئي هئي جيڪا اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ ڳوٺ مسڻ وڏي جي رئيس حاجي نهال خان لغاري شهيد ڪرائي ڳوٺاڻن جي مدد ۽ تعاون سان پڪسري مسجد تعمير ڪرائي. جنهن جي ماپ 15x25 فٽ هئي. مٿان لوهه ۽ ڪاشيءَ جون سرون هيس ته ڇت اڇي چن جي گچ سان بند ٿيل هئي. ديوارن تي چيروليءَ نيرو جو راڳو ٿيل هو. مسجد کي ورانڊو ڪونه هو البته سوڙهو اڱڻ هئس. انهي مسجد ۾ مشهور ڪاتب قاضي نور محمد لغاري جو والد مرحوم حافظ دريا خان لغاري عرف حافظ دولهه خان قرآن شريف جي تعليم سان گڏ امامت جا فرائض بجا آڻيندو هو.
    موجوده جامع مسجد مسڻ وڏي ساڳي اصلي مسجد جي جڳهه تي تعمير ٿيل آهي. البته پهرئين مسجد کان وڌيڪ ڪشادي ۽ هوادار آهي. موجوده جامع مسجد جو بنيادي پٿر 14 ذوالقعده 1393 هجري بمطابق 8 ڊسمبر 1973ع سومر ڏينهن رکيو ويو. جامع مسجد جي تعميراتي ڪم جي پوري ٿيڻ جي تاريخ مسجد جي اولهه اتر واري مينار جي بنياد ۾ فرش تي 21 جنوري 1975ع لکيل آهي. هن مسجد جي اندروني ماپ 18x36 فوٽ آهي. کيس پنج دروازا ۽ ڇهه ڪشاديون هوادار دريون آهن. حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ پنهنجي ڇپايل ڪتاب ”ٿڌا وڻ ولهار جا جلد پهريون“ جي صفحي نمبر 66 تي جامع مسجد بابت لکن ٿا ته ”بروايت شيخ محمد حسن صاحب ته بنياد جي کوٽائيءَ مان پهرئين دور جي اوڏڪي ڪچي ڀت جا وڏا ڀتر پيڙهه مان نڪري رهيا هئا.“ حضرت مولانا لغاريؓ مذڪوره ڪتاب جي ساڳئي صفحي تي وڌيڪ لکن ٿا ته ”جديد مسجد جي تعمير جو ڪم محترم مولانا محمد اسماعيل صاحب جماعت جي اڳواڻ جي تحريڪ سان شروع ڪيو ويو هو.“ هن مسجد جي تعمير ڪرڻ ۾ جن صاحبن جاني ۽ مالي تعاون ڪيو انهن ۾ قاري شيخ محمد حسن صاحبؓ، حڪيم صوڀو خان لغاري، رئيس محمد صالح خان ولد احمد خان لغاري، سندس ڀاءُ رئيس حمزو خان ولد احمد خان لغاري، رئيس الحاج محمد موسيٰ خان لغاري لانڍي شاخ وارو شامل آهن. هن مسجد جو تعميراتي ڪم ٻن رازن غلام شبير ۽ مستري عبدالمجيد سنڌي پنجابي پورو ڪيو. تنهن دور ۾ هن مسجد تي منو لک خرچ آيو، سو به انهي وقت جڏهن اڄوڪي ڀيٽ ۾ سستائي جو دؤر هو. انهي وقت هر هڪ رازي جي تاريخ 15 روپيا ۽ مزدور جي 6 روپيا ۽ سيمنٽ في ٻوري 8 روپيا هئي. حضرت مولانا عبدالڪيم لغاريؓ جامع مسجد مسڻ وڏي جي جديد تعمير کان متاثر ٿي 15 بندن تي هڪ سنڌي نظم لکيو جنهن جي هڪ قطعه ۾ تعميرات جي سن بابت لکي ٿو ته،
    ”سال ڇهه گهٽ هئا منجهان چوڏهين صدي،
    ٿي مڪمل مسڻ جي مسجد شريف.“ (يعني 1394 هجري)


    الهديٰ پبليڪيشن مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي

    الهديٰ پبليڪيشن مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي
    الهديٰ پبليڪيشن مسڻ وڏي مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جو هڪ ذيلي اشاعتي ادارو آهي جيڪو سن 2004ع ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي مشوري سان قائم ڪيو ويو.
    هن اداري طرفان هن وقت تائين ”حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ “ ليکڪ: مولانا محمد يامين شورو، قصيده برده شريف جو سنڌي ترجمو ۽ شرح، سنڌي ترجمو: حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ ۽ سنڌي شرح از مولانا محمد يامين شورو ڇپرائي منظر عام تي آندا ويا آهن، جن مان اهل علم و ادب دوست مستفيض ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي مشهور تصنيف ”سڪ جو سفر“ جي بٽر ڪاپي تيار ڪرائي وئي آهي جيڪا عنقريب ڇپائي منظر عام تي آندي ويندي.
    هن اداري جي ڪوششن سان مدرسه دارالهديٰ جي باني ۽ مهتمم اول حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ صدر مدرس ۽ مهتمم ثاني حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي تصنيفن ڇپائڻ سان گڏ عام مسلمانن جي ديني رهنمائي لاءِ خالص اسلامي لٽريچر شايع ڪيو ويندو. علاوه ازين هن اداري جي پروگرام ۾ مقامي عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ دانشورن جي قلمي ڪاوشن کي سهيڙي سموهي شايع ڪرڻ جو پروگرام به شامل آهي. اميد ته مقامي اهل علم ۽ ادب دوست رابطي ۾ ايندا ته جيئن سندن تعاون سان علمي ۽ ادبي شهپارا ڇپائي محفوظ ڪري سگهجن.


    مدرسه فاروق اعظم مسڻ وڏي

    مدرسه فاروق اعظم مسڻ وڏي
    مدرسه فاروق اعظم مسڻ وڏي ۽ مسڻ ننڍي جي وچ ۾ گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي لڳ واقع آهي. هي مدرسو مولانا محمد حسن ولد گل محمد (برهماڻي) لغاري 2001ع ڌاري قائم ڪيو. هن مدرسي قائم ڪرڻ کان پهرين مولانا محمد حسن لغاري مدرسه دارالهديٰ ۾ سن 1995ع کان وٺي 2000ع تائين شعبه عربي ۽ فارسي جو مدرس رهيو. مدرسه دارالهديٰ مان ڇڏي وڃڻ بعد پاڻ هي مدرسو قائم ڪيائين. هي مدرسو چئن ڪمرن، برامده ۽ هڪ بورچي خانه تي مشتمل آهي. هن مدرسي جي استاد ۽ طلباءِ لاءِ مدرسه جي ڀر ۾ مسجد به تعمير ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هي مدرسو مسڻ ننڍي جي زميندار محمد اشرف ميئو جي زمين ۾ واقع آهي. هن وقت هن مدرسي ۾ قرآن مجيد ۽ فارسي جي تعليم ڏني وڃي ٿي.


    مسجد بلال لوهار پاڙومسڻ وڏي

    مسجد بلال لوهار پاڙومسڻ وڏي
    مسجد بلال مسڻ وڏي شهر جي اولهه ڏکڻ طرف لوهارن جي پاڙي ۾ تعمير ٿيل آهي. مسجد بلال لوهارن جي نيڪ ۽ چڱي مڙس علي محمد لوهار پنهنجي پاڙي لاءِ ٺهرائي هئي. هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ٻاهريان ماڻهو ڪونه ٿا اچن ۽ نه ئي منجهس باقاعدگي سان پنجوقت باجماعت نماز ٿيندي آهي. ويجهڙائي ۾ هن مسجد جو متولي محترم محمد عثمان لوهار وفات ڪري ويو آهي.


    محمدي مسجد مسڻ وڏي

    محمدي مسجد مسڻ وڏي
    هن مسجد جو بنياد سن 1371 هجري بمطابق 1952ع ۾ ٿيو. انهي مسجد جي قائم ٿيڻ کان پهرين مسڻ وڏي شهر جا سمورا مسلمان بنا ڪنهن ذات پات، رنگ نسل جي جامع مسجد مسڻ وڏي ۾ جمعا، عيدون ۽ پنجوقتي نمازون گڏجي پڙهندا هئا. مولانا عبدالڪريم لغاريؓ هن مسجد بابت پنهنجي ڪتاب ”ٿڌا وڻ ولهار جا جلد پهريون“ ۾ لکن ٿا ته ”اها جديد مسجد هندن جي متروڪه ملڪيت هڪ هندو ٻائي مستيرام نالي لوهاڻي جي خيراتي کوهه واري ايراضي ۾ واقع آهي.“ هن مسجد کي منظم نموني هلائڻ لاءِ باقاعده هڪ مسجد ڪاميٽي آهي جنهن جا سرپرست عبدالغفور ملڪ (ٽيلر) ۽ سيٺ علي محمد ملڪ آهن. هن وقت مسجد کي نئين سر جديد طرز تي ٽائلس وغيره لڳرائي تعمير ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ ڀر ۾ ٻه ماڙ شاندار قرآن ڪلاس به زير تعمير آهي.


    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مسڻ وڏي

    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مسڻ وڏي
    مسڻ وڏي ۾ محترم ڊاڪٽر محمد حسين ولد صوڀو خان لغاري جي ذاتي ڪوششن سان حڪومت سنڌ طرفان هڪ ڊگري ڪاليج به منظور ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪاليج جي سنگ بنياد جو پٿر سابق سينيئر وزير تعليم پير مظهر الحق بتاريخ 12 فيبروري 2012ع تي رکيو. هن ڪاليج جي عمارت جو تعميراتي عمل به شروع ٿي چڪو آهي. هن اداري جي بلڊنگ ڇٽو ولي پاتڻي جي قبرستان جي ڀرسان، رورل هيلٿ سينٽر (سرڪاري اسپتال) مسڻ وڏي جي ويجهو سابق ايم پي اي محترم عبداللطيف مڱريو جي ذاتي زمين ۾ زير تعمير آهي.


    گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي

    گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي
    شروع شروع ۾ هي اسڪول انجمن اشاعت العلوم جي زير نگراني هلندو رهيو. هن اسڪول جا منتظم مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ هئا. هن اسڪول جي مسافر شاگردن جي لاءِ هاسٽل جو به انتظام ٿيل هو جتي شاگردن کي رهائش کان علاوه ضروريات زندگي جون سموريون سهوليتون ميسر هيون. هن اسڪول جي موجوده عمارت اداره انجمن اشاعت العلوم مسڻ وڏي جي خرچ سان تعمير ڪيل آهي. هن عمارت تي ان وقت ڏيڍ لک خرچ آيو. هي ادارو حڪومت سنڌ طرفان 1972ع ڌاري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ قومي تحويل ۾ ورتو ويو. گورنمينٽ جي حوالي ٿيڻ بعد هن اداري جو نالو”گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي“ رکيو ويو. هن اداري جو پهريون هيڊماستر مسٽر مولچند هندو لوهاڻو ويٺل غلام نبي شاهه ضلع ٿرپارڪر هو، ٻيو نمبر هيڊماستر الحاج عبدالله ولد حاجي محمود دائوداڻي هو. حاجي عبدالله دائوداڻي جي دور ۾ هن اداري تمام گهڻي ترقي ڪئي. ان وقت ٽنڊي الهيار ۾ هن اداري ۽ گورنمينٽ نيشنلائزڊ سنڌ ماڊل اسڪول اسٽيشن روڊ ٽنڊو الهيار کان سواءِ ٻيو ڪو به سرڪاري تعليمي ادارو نه هو. حاجي عبدالله کان پوءِ ڪيترائي هيڊماستر ٿيا. پوءِ جي ٿيندڙ هيڊماسترن ۾ محترم استاد الهڏنو لغاري ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري جي دور ۾ نه صرف هن اداري جي تعليم جي هنڌين ماڳهين هاڪ هئي پر استاد الهڏني لغاري جي ذاتي دلچسپين جي ڪري هن اداري تعليمي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو. هن وقت هن اداري جو انچارج مسٽر الاهي بخش لغاري مسڻ وڏي آهي.


    گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مسڻ وڏي

    گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مسڻ وڏي
    هي ادارو مسڻ وڏي جي نياڻين جي تعليم لاءِ خاص آهي. هن اداري جو بنياد 11 نومبر 1991ع ڌاري پيو. هن اداري کي ترقي وٺرائڻ ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ ۽ حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري جون ڪوششون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. شروع شروع ۾ هن اداري کي مڊل سطح تائين هلايو ويو پر بعد ۾ 17 اپريل 1995ع ڌاري هن اداري کي اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. نياڻين جي تعليم جو هي ادارو مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي زمين ۾ واقع آهي. نياڻين کي تعليم ڏيڻ جي حوالي سان هن اداري جو تعليمي معيار هر دور ۾ بهتر رهيو آهي. مختلف وقتن تي هن اداري جون ڪيتريون ئي هيڊمسٽريس مقرر ٿيون. هن وقت مذڪوره اداري جي هيڊمسٽريس محترمه صاحبزادي عرف باجي صابي بنت حڪيم نبي بخش خان لغاري بلوچ آهي جيڪا 30 اپريل 1995ع کان وٺي تعليمي خدمتون ادا ڪرڻ سان گڏ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول مسڻ وڏي جو انتظام وغيره بهتر ۽ منظم نموني سان هلائي رهي آهي.


    گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول

    گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول
    هي ادارو شروع شروع ۾ مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جي زير سرپرستي پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ بتاريخ پهرين جنوري 1944ع ۾ ”ملا مڪتب“ جي نالي سان قائم ٿيو. بعد ۾ انجمن اشاعت العلوم جي زير نگراني رهيو ۽ پوءِ هن ملا مڪتب جو نالو مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي رکيو ويو. هن اداري جو پهريون نائب هيڊماستر مرحوم علي محمد عباسي مسو ڀرڳڙي وارو مقرر ٿيو هو. 28 سالن تائين انهي اداري کي پرائيويٽ طور هلايو ويو. بعد ۾ 23 فيبروري 1972ع ۾ انهي وقت جي حڪومت جي نئين پاليسي موجب گورنمينٽ جي تحويل ۾ ڏنو ويو. ان وقت هن اداري جو هيڊ معلم حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ هو. اهو پرائمري اسڪول اڄ به ساڳئي جاءِ تي ”گورنمينٽ نيشنلائزڊ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول مسڻ وڏي“ جي نالي سان موجود آهي. وچ ۾ تعليم کاتي ۾ پيغمبري پيشي سان وابسته نا اهل ۽ نام نهاد ماڻهن جي اچڻ جي ڪري هي علم و ادب جو گلشن بلڪل ويراني جي ور چڙهي ويو. پر بعد ۾ مسڻ وڏي جي شهرين جي ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ هي ادارو نئين سر تعليمي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.


    گورنمينٽ مولوي عبدالڪريم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي

    گورنمينٽ مولوي عبدالڪريم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي
    هي ادارو 15 آگسٽ 1978ع ۾ قائم ٿيو. شروع شروع ۾ هي ادارو مقامي انجمن اشاعت العلوم مسڻ وڏي هلايو، جنهن سلسلي ۾ هن اداري جي ڪاروبار جي جوابداري ڪجهه وقت تائين ان وقت جي انجمن اشاعت العلوم جي جنرل سيڪريٽري حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري جي حوالي ٿيل هئي. هن اداري جو پهريون هيڊ ماستر مرحوم استاد خان محمد ولد محمد علي لغاري رهيو. هن وقت هي ادارو گورنمينٽ جي تحويل ۾ هلي رهيو آهي. مسڻ وڏي ۾ ابتدائي تعليم جي حوالي سان هن اداري جو تعليمي معيار پهرئين نمبر تي آهي. هن وقت گورنمينٽ مولوي عبدالڪريم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي جو هيڊماستر حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري جو فرزند جناب محمد اسلم لغاري آهي. جنهن جي ذاتي دلچسپي جي ڪري هن اداري جي تعليم جي هنڌين ماڳهين هاڪ آهي.


    گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي

    گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي
    هي ادارو 21 فيبروري 1967ع ۾ قائم ٿيو. هن اداري جو پهريون هيڊماستر عبدالعزيز پرهياڙ هو. هن وقت هي ادارو به پنهنجي تعليمي معيار جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. منجهس گهڻو ڪري مهاجرن جا ٻار ڪافي مقدار ۾ زير تعليم آهن. هن اداري جو موجوده هيڊماستر محترم عبدالرشيد ملڪ آهي.


    گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مسڻ وڏي

    گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مسڻ وڏي
    گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جو قيام 15 اپريل 1980ع ۾ ٿيو. شروع ۾ هن اداري کي گورنمينٽ جي طرفان ٻه پڪا ڪمرا دالان سميت ٺهي راس ٿي مليا. هن اداري ۾ مسڻ وڏي جي سمورن نياڻين تعليم پرائي پنهنجو مستقبل سنواريو آهي. هن اداري ۾ مسڻ وڏي جي نياڻين کي بهتر نموني سان تعليم ڏني وڃي ٿي. پرائمري تعليم جي ميدان ۾ هن اداري خوب مڃرايو آهي.


    پريس ڪلب مسڻ وڏي

    پريس ڪلب مسڻ وڏي
    پريس ڪلب مسڻ وڏي جو قيام 6 آگسٽ 1999ع تي ٿيو. پريس ڪلب قائم ٿيندي ئي جنهن پهرين انتظاميه (جنرل باڊي) جو وجود عمل ۾ آيو ان ۾ سرپرست اعليٰ مرحوم حاجي عبدالمجيد لغاري چونڊيو ويو جيڪو ان وقت روزاني آفتاب حيدرآباد اخبار ۾ صحافت جا فرائض سرانجام ڏيئي رهيو هو. جڏهن ته صدر حاجي محمد اشرف لغاري (روزاني عبرت حيدرآباد) نائب صدر محمد رمضان ترڪ (روزاني سنڌو حيدرآباد)، جونيئر نائب صدر مرحوم عبدالخالق لغاري (روزاني سنڌ حيدرآباد)، جنرل سيڪريٽري محمد قاسم ملاح (روزاني تعمير سنڌ حيدرآباد)، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري خليق الزمان مڱريو، اطلاعات سيڪريٽري ارشاد احمد ملڪ (سچ اخبار)، خزانچي شاهنواز ”شاد“ لغاري (روزاني هلچل حيدرآباد)، آفيس سيڪريٽري سوڀراج مينگهواڙ (الک اخبار) چونڊيا ويا. ان وقت پريس ڪلب مسڻ وڏي جا جيڪي ميمبر هئا انهن ۾ نثار احمد ملڪ، معشوق علي مڱريو، فاروق احمد لغاري، ممتاز علي مڱريو، عبدالستار خاصخيلي، اختر حسين شيخ شامل آهن. ان وقت پريس ڪلب مسڻ وڏي جي آفيس موجوده الطاف ميڊيڪل سينٽر شاهي بازار مسڻ وڏي وٽ هڪ ڪمري ۾ هئي. جنهن ۾ چار ڪرسين، هڪ ٽيبل ۽ هڪ الماري جو فرنيچر موجود هو. پريس ڪلب جي موجوده انتظاميه ۾ صدر حاجي محمد اشرف لغاري، نائب صدر محمد رمضان ترڪ، جنرل سيڪريٽري محمد قاسم ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري نور احمد ٿيٻو، اطلاعات سيڪريٽري محمد اشرف مڱريو، خزانچي عبدالرشيد عباسي ۽ آفيس سيڪريٽري مرتضيٰ ترڪ شامل آهن.


    مسڻ جا محسن

    مسڻ جا محسن
    حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رح

    سنڌ جو برک عالم دين، بي باڪ بهادر، حق گو مجاهد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ حاجي خان محمد لغاري جي گهر ۾ 1908ع ڌاري پيدا ٿيو.سندس جنم ڀوميءَ ٽنڊو الهيار جي هڪ ڳوٺ جرار ٿيٻو لڳ ڳوٺ ”سونهري ڪسي“ آهي. سندس تعليمي زندگي جي شروعات 1915ع ۾ حافظ محمد تقي هاليپوٽيؓ وٽ پڙهڻ کان ٿي. جيڪا 1934ع ۾ شادي پلي لڳ ڳوٺ عمر ڀنڀري ۾ فقيهه العصر حضرت مولانا مفتي محمد عثمان قرانيؓ ڀنڀري وٽ دستاربندي سان مڪمل ٿي. ساڳئي فراغت واري سال 1934ع ۾ سندس اباڻي ڳوٺ کي ويجهو مشهور بستي مسڻ وڏي جي رهاڪن جي تقاضا تي دارالهديٰ نالي ديني مدرسي جو بتاريخ 2 ذوالقعده 1352 هجري بمطابق 17 فيبروري 1934ع بروز ڇنڇر تي بنياد وڌائين. مدرسي کي هلندي ستون سال هو ته سندس ماسات مولانا عبدالڪريم لغاريؓ به دارالعلوم ديوبند مان پڙهي سَنَد وٺي آيو ته اهو به ساڻس ديني مدرسي جي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ٻنهي بزرگن جي علمي هاڪ سبب مدرسي جي شهرت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي. ايتريقدر جو پري پري کان مسافر شاگرد جهڙوڪ ايران، بلوچستان، لس ٻيلو، لاڙ، ٿر ۽ آسپاس جا ڪيترائي شاگرد هن علم جي چشمي مان سيراب ٿيڻ لڳا.
    جنهن ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ديني مدرسو قائم ڪيو هو. سو مير ٻڍي خان جي جاگير ۾ واقع هو. جيئن ته جاگيرداري جي پاڇي ۾ پلجندڙ ۽ زميندارن جي زير سايه رهندڙ عوام کي عموماً جاهل، بيحس ۽ غلام بنايو وڃي ٿو. انهيڪري مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ انهي علائقي جي غلام قوم کي آزادي جو شعور ڏنو. ڳوٺن راڄن ۾ تقريرون ڪري ماڻهن کي آزاد زندگي ۽ هڪ پڪي مسلمان ۽ موحد واري زندگي جا طور طريقا سمجهايا. پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو ڏنو. خاص ڪري هاري طبقو پوئتي پيل هو. تنهن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي. اڳتي هلي پاڻ حيدربخش جتوئي ۽ ان جي ٻين ساٿين سان گڏجي هاري تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن رهيا. نتيجي ۾ علائقي جا جاگيردار ۽ زميندار مولانا محمد اسماعيلؓ ۽ سندس همخيال ساٿين جا دشمن ٿي پيا ۽ طرحين طرحين ڪيسن، ڦڏن ۾ کيس ڦاسائي پريشان ڪرڻ لڳا. پر هي عزم و همت جو پهاڙ بنجي پنهنجي ساٿين سميت انهن ظالمن سان مقابلو ڪندو رهيو. کيس حق ۽ سچ جي راهه تان هٽائڻ لاءِ ظالم زميندارن ۽ انهن جي ڇاڙتن پاران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مٿس 82 ڪيس ڪيا ويا. پر انهن سڀني ڪيسن مان سندن باعزت بري ٿيڻ سندس حق گوئي ۽ سچائي جي فتح جو وڏو ثبوت آهي. نيٺ انهن ظالم زميندارن کي شڪست کائڻي پئي. مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي عزت ۽ عظمت جو ستارو آسمان تي چمڪڻ لڳو. انهي سموري هلندڙ جدوجهد ۾ مولانا لغاري پنهنجي مدرسي جي تعليم و تدريس به جاري رکي ته مسجد ۾ وعظ و نصيحت جو فرض به نڀائيندو رهيو. ديني مدرسو آب و تاب سان مولانا لغاريؓ جي اهتمام سان هلندو رهيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. البته مولانا لغاريؓ جي وفات بعد هن وقت مدرسي جو مهتمم سندس فرزند ميان رياض احمد لغاري ته ناظم مولانا محمد يامين شورو آهي.
    جهالت جي خاتمي لاءِ پاڻ ديني تعليم سان گڏ پنهنجي ماسات مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي ساٿ سان اسڪولي تعليم به شروع ڪيائين. ان جي انتظام هلائڻ لاءِ سيپٽمبر 1953ع ۾ انجمن اشاعت العلوم رجسٽرڊ ڪرائي وئي. جنهن جو پاڻ سرپرست چيئرمين ته مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جنرل سيڪريٽري ۽ حاجي موسيٰ خان لغاري خزاچي هئا. انجمن جا باقي ميمبر هي هئا.
    1. رئيس حاجي محمد اسماعيل لغاري
    2. جناب پير محمد اسماعيل صادق قريشي ڪامارو شريف ٽنڊو الهيار
    3. حڪيم محمد اسحاق لغاري
    4. خان محمد ولد جمع خان لغاري
    5. حاجي عبدالله لغاري مسڻ وڏي
    6. فتح علي خان لغاري مسڻ وڏي
    7. حڪيم عبدالرحمان لغاري مسڻ وڏي
    8. حاجي محمد هاشم لغاري مسڻ وڏي
    9. مولوي عبدالرحمان شورو مسڻ وڏي
    مذڪوره انجمن 29 سالن تائن پرائمري اسڪول، 19 سالن تائين هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل تمام خوش اسلوبي سان هلائي. آخر 1972ع ۾ گورنمينٽ جي تقاضا تي ٻئي اسڪول سرڪاري تحويل ۾ ورتا ويا ته هاسٽل کي به بند ڪيو ويو. انهي بعد اها انجمن اشاعت العلوم ڪالعدم ٿي وئي.
    مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ علم و عمل، تقويٰ ۽ فتويٰ جو صاحب هو. کيس فتويٰ ۾ ته اجتهاد جو ملڪو حاصل هو. سندس معرڪة الآراءَ فتوائون اڄ به مدرسي جي فتويٰ رجسٽر ۾ موجود آهن.
    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آزادي جي تحريڪ ۾ جمعيت علماءِ هند جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ جدوجهد ۾ حضرت مولانا محمد صادق ميمڻ کڏو ڪراچي ۽ حضرت مولانا عبدالحق ربانيؓ نصرپوري سان شريڪ رهيو. پاڻ جمعيت علماءِ هند جي صوبه سنڌ جي مجلس عامله جو ميمبر رهيو. 1944ع ۾ پڪي قلعي حيدرآباد ۾ جمعيت علماءِ هند طرفان ملڪي سطح تي جيڪا سه روزه اهم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي تنهن جي انتظاميه ڪاميٽي جا پاڻ ميمبر هئا. هند و پاڪ جي چوٽي جي ليڊرن جهڙوڪ مولانا امام الهند ابوالڪلام آزادؓ، مولانا عبيدالله سنڌيؓ، مولانا حسين احمد مدنيؓ، خان عبدالغفار خان، عبدالصمد اچڪزئي سان سندس وقت بوقت ملاقاتون ۽ تبادله خيالات ٿيندا رهيا. علاوه ازين سنڌ جي رهنمائن جهڙوڪ مولانا محمد صادق ميمڻؓ کڏو ڪراچي، شيخ السند مولانا عبدالحق ربانيؓ نصرپوري، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حفيظ قريشي وڪيل سان ته گهري دوستي هئي. مولانا لغاريؓ متحده هندستان ۾ جمعيت علماءِ هند جي طرفان ٿيندڙ وڏن وڏن جلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ جيڪي ڪراچي، ممبئي، دهلي، ديوبند ۽ لاهور وغيره ۾ ٿينديون رهيون انهن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. پر پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني سياست کان ڪناره ڪش رهيو. البته سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ ويساهه گهاتين جي تدارڪ لاءِ پنهنجي تقريرن ۾ اقتدار ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهيو.
    پاڻ بهترين شاعر به هو. سندس شاعري سنڌي ۽ فارسي ۾ آهي جيڪا دفتر جي صورت ۾ محفوظ آهي. کيس ٽي شاديون هيون جن مان ٽي نياڻيون ۽ ٽي فرزند هر هڪ مرحوم ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ، ظهير الدين بابر ۽ رياض احمد لغاري آهن.
    آخر عمر ۾ پاڻ زندگي جون يادگيريون آتم ڪٿا جي صورت ۾ لکڻ شروع ڪيائين پر زندگي وفا نه ڪئي. اها آتم ڪٿا اڌوري رهجي وئي. البته جيڪي لکيو اٿن سو شاگردي واري زماني کان عالم و فاضل ٿيڻ جي عرصي تائين آهي. پر انهي حصي ۾ به ان وقت جون سياسي سماجي حالتون، ڳوٺن جو ثقافتي ۽ مذهبي پهلو، شهرن توڙي ٻهراڙين جا جائزا، مختلف مندن ۽ موسمن ۾ ٻهراڙي جا قدرتي نظارا ۽ ڪي اهم واقعا دلچسپ نموني لکيا اٿن. سندس وفات 81 سالن جي ڄمار ۾ 28 جون 1989ع ۾ بمطابق 23 ذوالقعده 1409هجري بروز اربع تي ٿي. کيس هزارين آلين اکين سان مسڻ وڏي جي ”عبدالله فقير“ قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندن تاريخ وفات واري ڪتبي تي سندن ماسات حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ فارسي جو هي شعر لکرايو.
    اغنيا سازند گنبذ از طِلاؤ نقش و زر
    بر مزار ما غريبان گنبذ گردون بس است
    شاهوڪار سون چاندي سان چٽيل گنبذ ٺاهين ٿا. پر اسان غريبن جي قبر تي آسمان جو گنبذ ڪافي آهي.


    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رح

    حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رح
    مولانا عبدالڪريم لغاري جو پورو نالو مولانا حاجي عبدالڪريم ولد حاجي علي محمد لغاري هو. پاڻ ڳوٺ الهه کاهي جي ڪسي، ديهه ڳاڙهو صدر تپو ڍالو تعلقو ٽنڊو الهيار حيدرآباد ۾ بتاريخ 25 ربيع الثاني 1333ﻫ مطابق 12 مارچ 1915ع بروز خميس بوقت صبح صادق پيدا ٿيا.
    ابتدائي تعليم: مولانا عبدالڪريم لغاري جي تعليم جي ابتدا مدرسه مولانا يعقوب پنهور (فاضل مدرسه قراني) وٽ 1340هه مطابق 1922ع ڌاري ٿي. پاڻ جن مدرسن ۾ تعليم ورتائين انهي ۾ هيٺيان مدرسا شامل آهن
    1. مدرسه مولانا محمد يعقوب پنهور ڳوٺ پير بخش لغاري
    2. مدرسه مولانا محمد نوح خاصخيلي (فاضل مدرسه قراني) ڳوٺ حاجي وريام خاصخيلي لڳ ميرواهه گورچاڻي
    3. مدرسه مولانا حاجي ابراهيم خاصخيلي ڳوٺ حاجي مبين خاصخيلي لڳ ميرواهه گورچاڻي
    4. مدرسه مولانا علي محمد درس (فاضل ديوبند) ڳوٺ ٽوها درس لڳ ماتلي.
    5. مدرسه قراني مولانا محمد عثمان قراني ڳوٺ عمر ڀنڀرو لڳ شادي پلي.
    6. مدرسه مولانا محمد صالح ميمڻ نصرپوري ڳوٺ دولت لغاري تعلقه ميرپور خاص.
    7. مدرسه مظهرالحق نصرپور (شيخ السند مولانا عبدالحق رباني نصر پور)
    8. مدرسه دارالعلوم ديوبند سهانپور انڊيا
    فراغت ۽ دستار بندي:
    1359 هجري ڌاري غالبن 1941_1940ع دارالعلوم ديوبند ۾ علم جي تحصيل کان فراغت حاصل ڪري دستار بندي ڪيائين.
    درس و تدريس:
    مولانا عبدالڪريم جن پنهنجي ڇپايل ڪتاب ”مرد قلندر“ جي صفحي 21 تي لکن ٿا ته، ”دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي واپس وطن اچڻ بعد پختو ارادو ڪيم ته، ديني تعليم تي نه پگهار وٺڻو آهي ۽ نه ئي مدرسي جي نالي ڪنهن مغرور، متڪبر وڏيري جي اڳيان سر جهڪائي بيک ڇڏائڻي آهي. جنهن کي اڄوڪي اصطلاح ۾ ”چندو“ چوندا آهن اهي ٻئي معمول بحمدالله اڄ تائين پختگي سان هلندا اچن.
    وڌيڪ ساڳئي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته،
    ”منهنجي پهچڻ کان (ست سال) اڳ هتي (مسڻ وڏيءَ ۾) معزز مهربان، رفيق شفيق، عزيز محترم مولانا محمد اسماعيل لغاري هڪ ديني اداري مدرسه دارالهديٰ مسڻ جو بنياد 2 ذوالقعده 1352 هه مطابق 1934ع ۾ اڳي ئي رکي چڪا هئا“
    ساڳئي احوال کي وڌيڪ تفصيل سان سندس آتم ڪٿا بنام ”نقوش زندگي“ صفحي 17 تي لکن ٿا ته ڌڻي تعاليٰ جي لطف و ڪرم جو بيڪ جان نه بصد جان ممنون و مشڪور آهيان جو دارالعلوم ديوبند کان فراغت بعد مهربان، معزز، مشفق عزيزي مولانا محمد اسماعيل لغاري صاحب جي رفاقت نصيب ٿي. جنهن جي اعليٰ ارادن عزم مصمم، خودداري، بلند خيالي، جفا ڪشي، جدوجهد جو بنده تي به ڪجهه نه ڪجهه اثر پيو.
    ”وگر نه من هُمان خاڪم ڪ هستم “
    انهي نعمت عظمي لاءِ سر بسجود آهيان. رب پاڪ منهنجي رڳو مهربان نه، بلڪ مربي (تربيت ڪندڙ مولانا محمد اسماعيل لغاري) کي جنت ۾ جايون ڏئي. اسان پوين کي سندس نقش تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري. آمين.
    پهرين هي ته اسان ٻنهي رفيقن عهد ڪيو هو ته، پنهنجي ساري زندگي پنهنجي ڏتڙيل قوم جي خدمت ۾ صرف ڪرڻي آهي، ڪهڙيون به حالتون سر تي اچن بقول شاهه ته،
    ”ڇڏج نه پير پرينءَ جو توڙي لُڪون لڳن لک“
    انهي غريب جماعت سان رهڻوآهي. ڌڻيءَ جي دهليز تي آخري پساهه ڏيڻو آهي. ٻيو ته پنهنجي لاءِ يا قومي ادارن لاءِ ڪنهن به سرمائيدار جي اڳيان هرگز هٿ ڊگهيرڻو ڪونهي توڙي جو ضرورتون حد کان وڌي وڃن.“ساڳي آتم ڪٿا ”نقوش زندگي “ ۾ اڳتي صفحي نمبر 19 تي لکن ٿا ته،
    ”مون کي ياد آهي ته، 1359 هه ۾ ديوبند کان فارغ ٿي پنهنجي ڳوٺ پهتو هئس ته ڪامارو شريف جي سجاده نشين مرحوم مغفور پير حاجي خان محمد قريشي پيغام موڪليو ته، مون کي پنهنجي نور چشم اسماعيل صادق کي ديني تعليم ڏيارڻي آهي انهيڪري اوهان اچي ڪامارو شريف ۾ پڙهايو. جواب ۾ مون پير صاحب کي گذارش ڪيم ته مون پڪو پهه ڪيو آهي ته برادرم عزيز مولوي محمد اسماعيل صاحب لغاري جي کوليل ديني اداري (مدرسه دارالهديٰ) ۾ تعليم ڏيڻي آهي. اوهان جي فرزند کي ديني تعليم جي ضرورت آهي ته هتي موڪلي ڏيوس مون کي ياد آهي ته، اسماعيل صادق ڪامارو مان هر روز سواري تي مدرسي پهچندو هو“
    مولانا عبد الڪريم لغاري لڳاتار 46 سالن تائين مولانا محمد اسماعيل لغاري جي قائم ڪيل اداري مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ درس و تدريس جا فرائض سر انجام ڏنا. انهي سان گڏ مدرسه جي اندروني نظام کي سنڀالڻ، استادن ۽ شاگردن جي نگهداشت، جڏهن ته مدرسي سان واسطو رکندڙ ٻاهريان ڪم ڪار، مدرسه جي موافقت يا مخالفت ۾ ٿيندڙ معاملن، واقعن کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙي قسم جي دفاع ۽ برتاءُ جي اهم جوابداري مدرسه جي باني ۽ مهتمم اول مولانا محمد اسماعيل لغاري جي حوالي هئي .
    مدرسي ۾ درس و تدريس کان علاوه مولانا عبدالڪريم لغاري مدرسه دارالهديٰ جا 48 سالن تائين ناظم اعليٰ به رهيا. 1989ع ۾ مدرسه جي باني ۽ مهتمم اول مولانا محمد اسماعيل لغاري جي وفات بعد مدرسه جا 15 سالن تائين مهتمم به رهيا.
    اسڪولي تعليم لاءِ جدو جهد
    مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبد الڪريم لغاري جي گڏيل ڪوششن ۽ سندن جماعت جي تعاون سان 1954 کان اسڪولي تعليم جي شروعات ملا مڪتب سان ڪئي وئي جيڪو اڳتي هلي مسلم سنڌي پرائمري اسڪول جي نالي خانگي طرح هلندو رهيو جنهن جو 29 سالن تائين مولانا عبد الڪريم لغاري هيڊ معلم رهيو. 1953ع ۾ انگلش ڪلاس به شروع ڪيو ويو جيڪو اڳتي هلي مڊل اسڪول پوءِ اسلاميه هاءِ اسڪول جي سطح تائين پهچايو ويو. ٻنهي اسڪولن ۾ ٻاهر جي مسافر شاگردن لاءِ هاسٽل جو به معقول انتظام ڪيوويو. اهاسموري جدوجهد انهن ٻنهي بزرگن مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبد الڪريم لغاري جي گڏيل ڪوششن ۽ سندس هم خيال دوستن ۽ جماعت جي تعاون سان جاري رهي. آخرڪار 1972ع ۾ اهي اسڪول قومي تحويل ۾ ورتا ويا.
    سماجي ۽ فلاحي خدمتون
    1953ع ڌاري سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ڳوٺن جي لاءِ ڳوٺ سڌار تحريڪ شروع ٿي. 1954ع ۾ پاڻ پنهنجي دوستن، شاگردن سميت ڳوٺ سڌار تحريڪ ۾ خالص سماجي خدمتن جي حوالي سان عملي طرح حصو ورتائون.
    مذهبي پرچار، وعظ ۽ تقرير
    اڪثر ڪري پاڻ جمعي جي ڏينهن جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ ۾ تقرير ۽ وعظ فرمائيندا هئا. انداز بيان نج سنڌي، سليس ٻولي ۾ اصلاحي نقطه نظر سان شريعت جا خالص احڪام سمجهائڻ، ماڻهن جي اخلاق سڌارڻ تي پيار ڀرين ٻاجهارن لفظن سان مخاطب ٿيندا هئا. سندس وعظ جو مرڪزي نقطو رجوع الي الله هوندو هو.
    تصنيف و تاليف
    ڇپيل تصنيفون:
    1). مرد قلندر: سندس ننڍپڻ جي دوست سائين صاحبخان لغاري دولتاڻي جي علمي، ادبي خدمتن بابت لکيل آهي. جيڪو پاڻ مارچ 1979ع ۾ شايع ڪيائون.
    2). سڪ جو سفر: دارالعلوم ديوبند جي صد ساله جشن 1980ع جو اکين ڏٺو احوال ۽ انهي سلسلي ۾ ڪيل سفر جي روئداد، ديوبند جي تاريخ تي لکيل آهي، جيڪو پاڻ جنوري 1982ع ۾ ڇپرايائون.
    3). ٿڌا وڻ ولهار جا: هي ڪتاب مسڻ جي قديم ۽ جديد تاريخ بابت لکيل آهي جيڪو پاڻ 1984ع ۾ ڇپرايائون.
    4). قصيدھ بردھ شريف جو سنڌي ترجمو: هي سندن سڀ کان آخري تصنيف آهي. مذڪوره ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ شرح سندس خاص شاگرد ۽ مدرسه دارالهديٰ جي موجوده ناظم اعليٰ مولانا محمد يامين شوري لکي الهديٰ پبليڪيشن مسڻ وڏي طرفان 2006ع ۾ شايع ڪرايو آهي.
    اڻ ڇپيل تصنيفون:
    1). نقوش زندگي: هي سندن هٿ اکر لکيل آتم ڪٿا آهي. جيڪا فل اسڪيپ سائز جي 19 صفحن تي مشتمل آهي. مذڪوره آتم ڪٿا ماهوار شريعت سکر ۾ مضمون جي صورت ۾ شايع ٿي هئي.
    2). ڊائري: 1978ع کان 1997ع تائين ۽ ڪجهه 1998ع جا مهينا، روزانه جا احوال، واقعا، ملڪ ۽ قوم جي سياسي، سماجي احوال بابت هڪ يادگيري آهي. اهي ڊائريون مدرسه دارالهديٰ جي اشاعت العلوم لائبريري ۾ موجود آهن.
    بيماري ۽ وفات
    1998ع ۾ کين بلڊ پريشر جو عارضو ٿي پيو، جنهن کان بعد وقت بوقت پيريءَ جي ڪمزوري سان گڏ ڪجهه طبعي شڪايتون وڌڻ لڳيون. تان جو هلڻ چلڻ کان بس ٿي بستري داخل ٿي ويو. تقريبن 8 سالن تائين هڪ ئي کٽ تي گذاريائون. جيتوڻيڪ هوش و حواس، عقل و فهم ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو. انهي دوران سندس علاج معالجه لاءِ دوائون ٽيسٽون ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر محمد هاشم پنهور ميرپور خاص وارن جي ذاتي خرچ سان ۽ سندن زير نگراني هلنديون رهيون. ٻئي ڊاڪٽر صاحبان تقريبن هر جمعي تي سائين جن جي زيارت ڪرڻ به ايندا هئا ته، چيڪ اپ به ڪري ويندا هئا. جن شاگردن ۽ متعلقين سائين جي بيماري دوران خدمت ڪئي تن ۾ عبدالله ڪنڀار، اياز علي ڪنڀار، مدثر شيخ، نجم الدين لغاري، قيمت سوٽهڙ ۽ زاهد ڪنڀار شامل آهن. البته ٻاهران دوائون آڻڻ ۽ وقت تي کارائڻ، ماني ٽڪي، ڦل فروٽ آڻڻ، ڌوتي پوتي، صفائي پاڪائي جي ذميداري عبدالله ڪنڀار خوب نڀائي. الله تعاليٰ انهن سڀني کي سندن خدمت جو بهتر صلو عطا فرمائي (آمين). پر ڪمزوري حد کان وڌي وئي. آخر 2004ع جي 27 نومبر تي ڇنڇر رات 2 وڳي ڌاري 14 شوال 1425هجري ۾ سندس روح قفس عنصري مان پرواز ڪري ويو. سندس وصيت مطابق سندس خاص شاگرد مولانا محمد يامين شوري ۽ سندس ڀائيٽي حاجي محمد ايوب لغاري کيس آخري غسل ڏنو ۽ سندس آخري آرامگاهه مولانا محمد اسماعيل لغاري جي قبر جي پيراندي کان آهي.


    ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)

    ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)
    ماهر تعليم استاد، بهترين مقرر، اديب، شاعر، وڪيل ۽ سياستدان

    ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ هو. پاڻ 20 مئي 1944ع ڌاري ديهه ڳاڙهي صدر ۾ جنم ورتائين. سندس تعليم ناظره قرآن مجيد کان علاوه فارسي ۽ عربي جون ابتدائي ٻه ٽي جماعتون ۽ بي اي، ايل ايل بي (سند يافته وڪيل) هئي.
    تعليم تربيت: سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندس والد مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي زير نگراني ٿي جڏهن ته، سندس چاچي مولانا عبدالڪريم لغاري به مٿس خاص توجهه ڏنو، جنهن ڪري ٻالڪپڻ کان سندس ذهانت ۾ سون تي سهاڳي جو اثر ٿيو.
    ننڍي هوندي پنهنجي چاچي مولانا عبدالڪريم لغاري سان گڏ ڳوٺ سڌار تحريڪ جي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿي تقريرون ڪرڻ سان سندس صلاحيت اجاگر ٿيڻ لڳي. سندن والد مولانا محمد اسماعيل لغاري هڪ مجاهد عالم، مجتهد، فقيهه، اعليٰ پايه جو ذهين، بيباڪ بهادر، حق گو ۽ حق پرست، هر ظالم ۽ جابر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ، مظلوم جو ساٿي، سماج سڌارڪ، ۽ جهاد جو جذبو رکندڙ جيد عالم دين هو. جيئن ته ميان خليل الرحمان جي ذهني نشو نما ۽ فڪري تربيت اهڙي گهر ۾ ٿي تنهنڪري منجهس اهي سڀ خوبيون قدرت واري سمائي ڇڏيون جو پاڻ هڪ ئي وقت بهترين اديب ۽ شاعر به هو ته بهترين سياسي ليڊر ۽ سماجي رهنما به هو. هر موضوع تي مدلل گفتگو ڪندڙ مقرر به هو ته پنهنجي قوم جو سچو هڏ ڏوکي، مظلوم جو بنا فيس وڪيل به هو.
    عملي زندگي جو آغاز: ملڪي سياست توڙي عالمي سياست جهڙن موضوعن تي لکڻ سان صحافتي ادب ذريعي سندس سرگرمين جي ابتدا ٿي. ملڪي سياست خاص ڪري ون يونٽ وارو مسئلو سندس تحريرن ۽ تقريرن جو موضوع رهيو. اهڙي طرح ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ ۾ خوب بهرو ورتائين. عالمي سياست ۾ مصر جي صدر جمال ناصر جي دور ۾ نهر سوئيز جي هلندڙ مسئلي تي لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ اقوام متحده جي عالمي مسئلن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي بابت لکڻيون به تحرير ڪرڻ کان علاوه پاڻ ڪيترن علمي ادبي سماجي شخصيتن جا سوانحي خاڪا به تحريرڪيائين.
    شاعري: صدر ايوب جي دور ۾ بنيادي جمهوريتن واري اليڪشن بابت نظم لکي ابتدا ڪيائين. ۽ پوءِ سندس شاعري ۾ معاشري ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون، زميندار جا هاري تي ظلم، سيٺ جا مزدور تي ظلم، مٿئين طبقي جا هيٺئين طبقي تي ٿيندڙ ظلم خاص موضوع رهيا. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار جو ميمبر به رهيو. اهو اهو زمانو هو جو حيدرآباد وارو مشهور وڪيل جناب امام علي ميمڻ سنڌي ادبي سنگت جو چيئرمين هو.ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قائم ڪيائين جنهن جو پاڻ چيئرمين رهيو 67_1966ع دوران روزانه نواءِ سنڌ ۾ پهرين ٽرانسليٽر ۽ پوءِ سب نيوز ايڊيٽر رهيو. ان وقت اخبار جو ايڊيٽر مولانا عبدالغفور سيتائي هو.
    انهن ڏينهن اردو بورڊ حيدرآباد ۾ نيازهمايوني وٽ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ شيخ اياز سميت سنڌ جا ممتاز اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا انهن گڏجاڻين ۾ ٻن سالن تائين خليل الرحمان به لڳاتار شريڪ ٿيندو رهيو.
    سماجي خدمتون: اڪثرڪري ڳوٺ مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي مسڪين طبقي جي هرڏکي ويل واهر ۽ مدد ڪرڻ، ڪيسن، ڦڏن ۽ زور آورن جي ظلم جي شڪار ٿيل مسڪين ۽ بيڏوهي قسم جي پنهنجي توڙي پرائي جي بنا معاوضه ڪورٽن تائين قانوني، اخلاقي ۽ مالي مدد ڪرڻ. علاوه ازين پاڻ 1970ع کان 1972ع تائين انجمن اشاعت العلوم جو ٻه سال ان وقت کان جنرل سيڪريٽري رهيو جنهن وقت مولانا عبدالڪريم لغاري سيڪريٽريشپ تان رٽائر ڪيو. جڏهن ته انجمن اشاعت العلوم جي زير نگراني ان وقت مسلم سنڌي پرائمري اسڪول، اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي هلندڙ هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ 1972ع ڌاري اهي ٻئي اسڪول سرڪاري قومي تحويل ۾ ورتا ويا ته انجمن خودبخود ڪالعدم ٿي وئي.
    سياسي سرگرميون: 1968ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد صاحب مولانا محمد اسماعيل لغاري، شيخ السند مولانا عبدالحق رباني نصرپوري ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر حيدرآباد جي مشوري سان 1968ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ تعلقي ٽنڊي الهيار جو صدر منتخب ٿيو. صدر ايوب خلاف پيپلز پارٽي جي تحريڪ دوران 1968ع ۾ گرفتار ٿي جيل حوالي ٿيو ۽ 1970ع ۾ آزاد ٿيڻ بعد وري به تعلقي ٽنڊي الهيار جو صدر رهيو. 1976ع ۾ پيپلز پارٽي جي پاليسين سان اختلاف سبب پي پي تان دستبردار ٿي سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو. ميان خليل الرحمان لغاري عملي طرح سياست تان دستبردار ٿي پنهنجي ڳوٺ جي اڀرن مسڪينن جي خدمت ڪندي ۽ پنهنجي اباڻي معمولي زمينداري تي گذر بسر ڪندي زندگي جا ڏينهن پورا ڪيا.
    ادبي خدمتون: پاڻ وقت بوقت سياسي، سماجي، ادبي ۽ مشهور اهل علم شخصيتن بابت مضمون ۽ نظم لکندو رهيو جيڪي روزانه نواءِ سنڌ، عبرت، آفتاب ۽ مهراڻ کان علاوه ماهوار رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. ان کان علاوه سندس شاعري جو مجموعو "بياض خليل" جي نالي سان پونئيرن وٽ موجود آهي.
    علمي خدمتون: پاڻ هاءِ اسڪول مسڻ وڏي (جڏهن اهو خانگي طرح هلندڙ هو) ۾ ڪافي عرصو بلامعاوضه استاد ٿي رهيو ۽ پنهنجي قوم جي ٻارن کي علم جي زيور سان نوازيندورهيو.
    اولاد: ميان خليل الرحمان لغاري کي هڪ پٽ زاهد جو اولاد ٿيو جيڪو ننڍي هوندي گذاري ويو.
    وفات: ميان خليل الرحمان لغاري 5 شعبان 1422هه مطابق 24 آڪٽوبر 2001ع تي وفات ڪئي.


    سي لاهوتي لڏي ويا

    سي لاهوتي لڏي ويا
    حضرت مولانا عبدالرحمان شورو رح

    مولانا عبدالرحمان شورو ولد فقير محمد عمر شورو ڳوٺ بقا شورو ديهه سميجاڻي جاگير تعلقه ميرپورساڪرو ضلع ٺٽو ۾ سن 1924ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس مائٽاڻو نالو روض الدين هو. پاڻ قرآن مجيد پنهنجي علائقي جي ملا مڪتب ۾ ميانجي طالب شوري وٽ، سنڌي چار درجا ۽ ڪريما فارسي تائين ميانجي قادر بخش شوري وٽ پڙهيائين. سندس استاد ميانجي قادربخش شورو تنهن وقت جي فائنل پاس هو. بعد ۾ پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد الياس شوري جي معرفت نصرپور ويجهو فاضلاڻي سيدن وٽ مزدوري ڪرڻ آيو. فاضلاڻي سيدن وٽ سندس مائٽ اڪثر و بيشتر مزدوري ڪرڻ جي خيال سان ايندا رهندا هئا. پاڻ فاضلاڻي سيدن جي گهوڙن جو گاهه ڏهه روپين جي ماهانه پگهار تي ڪندو هو. هڪ ڀيرو گاهه ڪندي کيس خيال آيو ته پاڻ پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌائي. اهو خيال ڪري پاڻ گاهه اتي ئي ڇڏي نصرپور ۾ مولانا عبدالحق رباني جي مدرسي ۾ پڙهڻ جي خيال سان پهتو. نامعلوم ۽ اڻ سڃاتل ماڻهو سمجهي مولانا عبدالحق رباني وٽ کيس داخلا نه ملي سگهي. مسڻ وڏي جي مدرسي جي باري ۾ ڄاڻ ملڻ تي پاڻ نصرپور کان مسڻ وڏي پيدل سفر ڪيائين. آخرڪار کيس مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ داخلا ملي وئي. اهو 1941ع وارو سال هو، انهي سال ئي مولانا عبدالڪريم لغاريؓ دارالعلوم ديوبند مان فارغ التحصيل ٿي مدرسه دارالهديٰ ۾ مدرس جي مسند تي ويٺا. پاڻ مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري وٽ موقوف عليه تائين ڪتاب پڙهيائين. مدرسه دارالهديٰ کان علاوه مولانا عبدالرحمان شوروؓ چؤنره مدرسه ميرواهه گورچاڻي ۾ مولانا محمد ابراهيم خاصخيلي ۽ مولانا رسول بخش چانڊيو (مولانا رسول بخش چانڊيوؓ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو استاد هو.) وٽ پڙهيو. ۽ سنڌ جي قديم تعليمي درسگاهه مدرسه مظهر العلوم کڏو ڪراچي ۾ به ٽن مهينن تائين پڙهيو. پر ڪراچي جي آبهوا سندس طبيعت جي موافق نه هئڻ ڪري واپس مسڻ جي مدرسي ۾ آيو. پاڻ زياده تر مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ پڙهيو. موقوف عليه پڙهڻ بعد سن 1947ع ڌاري برصغير جي ورهاڱي، هندستان ۽ پاڪستان جي ٿيڻ، واڻين جي لڏ پلاڻ ۽ پناهگيرن جي آمد جي ڪري جيئن ته پورو ملڪ افراتفري جو شڪار ٿي ويو انهي ڪري سندس پڙهائي رولڙي جو شڪار ٿي وئي جنهن ڪري پاڻ دوره حديث نه پڙهي سگهيو. مولانا عبدالرحمان شورو مولانا محمد اسماعيل ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي اوائلي شاگردن ۾ هو. پاڻ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي غير موجودگي ۾ وقت بوقت جامع مسجد مسڻ وڏي ۾ خطابت ۽ امامت جا فرائض به سرانجام ڏيندو هو. مولانا عبدالرحمان شوروؓ نهايت ئي ڪفايت شعار، ٿوري تي صبر شڪر ڪندڙ هڪ اعليٰ انسان هو. سندس استادن سان کيس ايتري ته محبت هئي جو پاڻ پنهنجو مائٽاڻو وطن ڇڏي هميشه هميشه لاءِ مسڻ وڏي کي پنهنجو مسڪن بنايائين. مولانا عبدالرحمان شورو وقت بوقت پنهنجي مائٽن جي غلط عقيدن ۽ غيرشرعي رسمن جي اصلاح ڪرڻ واسطي ميرپورساڪرو ضلع ٺٽو ۾ وڃي انهن کي وعظ نصيحت ۽ دين اسلام جي تبليغ ڪندو هو. پاڻ اتي ڳوٺ بقا شوري ۾ هڪ عيدگاهه جو بنياد وڌائين جتي پاڻ 18 سال آخر دم تائين باقاعدگي سان عيدون پڙهائيندو رهيو. 1944ع ۾ پڪي قلعي حيدرآباد ۾ جمعيت علماءِ هند طرفان ملڪي سطح تي جيڪا سه روزه اهم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي تنهن ۾ مولانا عبدالرحمان شورو رضاڪار ٿي ڪم ڪيائين. ياد رهي ته انهي تاريخي ڪانفرنس ۾ آيل مهمانن جي ميزباني مير علي احمد ٽالپر ڪئي هئي. پاڻ امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ جي زير نگراني قائم ڪيل جمعيت طلباءِ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه پاڻ هند و پاڪ جي چوٽي جي ليڊرن جهڙوڪ امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ، قاري محمد طيب قاسميؓ، مولانا محمد صادق ميمڻؓ کڏو ڪراچي، شيخ السند مولانا عبدالحق ربانيؓ نصرپوري، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حفيظ قريشي وڪيل، مولانا عطاءُ الله پٺاڻؓ، مولانا عبدالحئي نوحاڻيؓ، مولانا محمد هاشمؓ رڪن وارو (سکر) ۽ ٻين سان ملاقاتون به ڪيائين. مولانا عبدالرحمان شوريؓ بتاريخ 30 مئي سن 1997ع بروز جمع بوقت فجر نماز سجده جي حالت ۾ اجل کي لبيڪ چيو. کيس مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مولانا عبدالرحمان شوري شادي به ڪئي. کيس 8 پٽن هر هڪ مولانا محمد يامين شورو (موجوده ناظم و خطيب جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي)، استاد عبيدالله شورو، غلام مصطفيٰ شورو، غلام مرتضيٰ شورو، ثناءُ الله شورو، امان الله شورو، ضياءُ الله شورو، سيف الله شورو ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس خاندان علمي ميدان ۾ پوري علائقي ۾ اڄ به مشهور آهي.


    حضرت قاري محمد حسن شيخ عليه الرحمة

    حضرت قاري محمد حسن شيخ عليه الرحمة
    قاري محمد حسن شيخؓ سن 1922ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس جاءِ پيدائش جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. پاڻ پنهنجي خاندان ۾ اسلام قبول ڪندڙ پهريون شخص آهي. سندس والدين غير مسلم هئا. ان ڪري سندس والد صاحب جي نالي جي به چڱي ريت خبر نه آهي. قاري محمد حسن شيخ صاحب پنهنجو مختصر تعارف ”محمد حسن ولد آدم“ چئي ڪرائيندو هو. پاڻ 1935ع ڌاري دين اسلام قبول ڪيائين. حقيقت ۾ اها سندس وڏي قرباني آهي جو پاڻ پنهنجي اباڻي ۽ ڏاڏاڻي ڌرم کي ڇڏي دين اسلام قبول ڪيائين. اهي ڪهڙيون حقيقتون ۽ ڳالهيون هيون جن کان متاثر ٿي پاڻ مسلمان ٿيو انهن بابت به ڪا خاص ڄاڻ نه آهي. قاري محمد حسن شيخ ابتدائي ديني تعليم مدرسه مدينة العلوم ڀينڊه شريف لڳ راهوڪي اسٽاپ مان حاصل ڪئي. ۽ پوءِ شڪارپور وڃي سنڌ جي مشهور قاري محمد ميهڙ واري وٽ قرئت جو ڪورس مڪمل ڪيائين. پاڻ ڳوٺ محمد صديق لغاري لڳ لانڍي شاخ ۾ به معلم القرآن رهيو. ان کان علاوه پاڻ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي قائم ڪيل ديني درسگاهه مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ به قرآن جي تعليم لاءِ استاد مقرر ڪيو ويو، جتي آخر عمر تائين قرآن مجيد پڙهائڻ کان علاوه جامع مسجد ۾ اذان ۽ امامت جا فرائض به سرانجام ڏيندو رهيو. قاري محمد حسن شيخ جي اذان لائوڊ اسپيڪر نه هئڻ باوجود به مسڻ کان ڪافي پنڌ پري تائين ٻڌي ويندي هئي. قاري محمد حسن شيخ ؓ بتاريخ 27 آگسٽ 1992ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي ڀرسان ”چڱن جي چوياريءَ“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. قاري صاحب 1955ع ڌاري شادي به ڪئي. کيس چئن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد ٿيو. پٽن جا نالا هي آهن. اختر حسين شيخ، محمد اقبال شيخ، عبدالخالق شيخ ۽ محمد طارق شيخ.


    ميانجي حاجي عبدالله ڪڇي ڪنڀار عليه الرحمة

    ميانجي حاجي عبدالله ڪڇي ڪنڀار عليه الرحمة
    هي بزرگ اصل هندستان جو هو. سندس پيدائش تعلقه گهڙولي ضلع لکپت ڪڇ ڀڄ ۾ ٿي. ميانجي ذات جو ڪنڀار هو. ڪڇ ڀڄ رياست ڏي نسبت جي ڪري کيس ڪڇي ڪنڀار سڏيو ويندو هو. سورهن سالن جي عمر ۾ پاڻ هڪ قافلي سان پنهنجي گهران نڪري پيو جيڪو بدين سنڌ ڏانهن اچي رهيو هو. سفر ۾ اڙانگي پنڌ جون تڪليفون برداشت ڪري پاڻ بدين پهتو. ڪيترا ڏينهن راتيون پيرين پنڌ هلڻ سبب سندس پير سڄي پيا، بُکن، اڃن کيس هيڻو ڪري وڌو جنهن ڪري بدين ۾ ڪجهه وقت مسافرن وانگر مختلف مسجدن ۾ گذاريائين. بعد ۾ علم پڙهڻ جي خيال سان مدرسه دارالفيوض هاشميه سجاول ۾ داخلا ورتائين. مدرسه دارالفيوض هاشميه ان وقت شاهه عبدالرحيم سجاول واري جي ذاتي بنگلي ۾ هلي رهيو هو. شاهه عبدالرحيم ان مدرسي جي لاءِ ٽي سئو ايڪڙ زمين وقف ڪري ڇڏي. شاهه صاحب اهو طئي ڪيو هو ته انهن ٽن سئو ايڪڙن مان هڪ ته اهو مدرسو هلايو وڃي ۽ ٻيو شاهه ولي الله محدث دهلويؓ جي نظريي ۽ فڪر جي پرچار لاءِ ڪو ادارو به قائم ڪيو وڃي. شاهه عبدالرحيم کي صرف ڌي جو اولاد هو جنهن مان پروفيسر غلام مصطفيٰ پيدا ٿيو جيڪو بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر به ٿيو. ميانجي حاجي عبدالله ڪنڀار مدرسه دارالفيوض هاشميه سجاول ۾ گلستان ۽ بوستان تائين فارسي به پڙهيو. گهٽ ذهن ۽ معمولي حافظي جي ڪري پاڻ اڳتي نه پڙهي سگهيو. ميانجي صاحب پنهنجي ذهين ۽ هوشيار نه هئڻ جو خود به اعتراف ڪندو هو. بعد ۾ پاڻ مسجدن ۾ ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائڻ شروع ڪيائين. ان سلسلي ۾ شروع شروع ۾ پاڻ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو ۾ ٻارن کي قرآن مجيد جي تعليم ڏنائين، جتي کانئس مولوي محمد ابراهيم نوحاڻي ناظره قرآن شريف جي تعليم ورتي. ان بعد هوسڙي ۾ حاجي محمد موسيٰ شوري جي ڳوٺ ۾ به قرآن مجيد جي تعليم ڏنائين جتي حاجي محمد موسيٰ شوري جو پٽ حاجي محمد رحيم شورو به وٽس قرآن مجيد پڙهيو. ميانجي حاجي عبدالله جو ڀينڊه شريف جي مدرسي ۾ تقريبن وڃڻ ٿيندو رهندو هو. جتي اتفاق سان سندس ملاقات حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري سان ٿي، جيڪو ڪنهن ڪم سانگي مدرسي ۾ آيل هو. مولانا محمد اسماعيل لغاري کيس پنهنجي مدرسي دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائڻ جي پيشڪش ڪئي جيڪا ميانجي صاحب خوشي سان قبول ڪئي. اهڙيطرح ميانجي حاجي عبدالله ڪڇي جو 62-1961ع ڌاري مسڻ اچڻ ٿيو ۽ پوءِ آخري دم تائين مسڻ جي مدرسه ۾ ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائيندو رهيو. مسڻ وڏي جي آبادي ۾ تقريبن پنجاهه سالن کان وڏي عمر جا مرد ماڻهو ۽ عورتون وٽس قرآن مجيد پورو ڪيو اٿن. ميانجي صاحب بتاريخ 24 آڪٽوبر 1993ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي قبر جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    مرحوم حافظ عبدالحق ولد حاجي فضل لغاري

    مرحوم حافظ عبدالحق ولد حاجي فضل لغاري
    حافظ عبدالحق لغاري ڳوٺ سونهري ڪسي لڳ جرار ٿيٻو ۾ حاجي فضل لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ديني تعليم جي شروعات مدرسه مدينة العلوم ڀينڊه شريف کان ڪيائين. پاڻ مدرسه ڀينڊه شريف ۾ ٻن سالن تائين پڙهيو. بعد ۾استادن جي معرفت جنهاڻ سومرو ٽنڊو محمد خان جي مدرسي ۾ مولانا عبدالرحمان سومري وٽ داخلا ورتائين. جنهاڻ سومري جي مدرسي ۾ سندس استاد حاجي محمد حسن سومرو ۽ حافظ امير الدين ڇٽو ڇني ٽڪري وارو رهيا. جن وٽ لڳ ڀڳ پنڌرهن سالن ۾ حفظ مڪمل ڪيائين. حفظ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي قائم ڪيل ديني مدرسه دارالهديٰ ۾ اٽڪل چاليهه سالن تائين قرآن مجيد جي تعليم ڏيندو رهيو. پاڻ نه صرف معلم القرآن هو پر جامع مسجد مسڻ ۾ امامت جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. مسڻ وڏي جي ٽوٽل آبادي جي نئين ٽهي سندس شاگرد آهي. پاڻ آخر دم تائين مدرسه دارالهديٰ سان لاڳاپيل رهيو. حافظ عبدالحق لغاري کي ننڍي هوندي ماتا جي بيماري ٿي پئي هئي جنهن جي ڪري پاڻ اکين جي نور کان محروم رهيو. حافظ عبدالحق لغاري جي بيعت امام العصر حضرت حماد الله هاليجويؓ سان ٿيل هئي. پاڻ لاولد رهيو. پوري ڄمار شادي نه ڪيائين. حافظ صاحب کي پيٽ ۾ شديد سور پوڻ جي ڪري راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پاڻ تڪليف نه سهندي ڇنڇر جي رات بوقت عشاءَ بتاريخ 19 جمادي الثاني 1430 هجري بمطابق 12 جون 2009ع تي دم ڏنائين. ياد رهي ته کيس بلڊ پريشر جو به عارضو رهندو هو. سندس جنازو سندس اباڻي ڳوٺ رئيس علڻ خان لغاري آندو ويو جتي مقامي قبرستان ”سيد اسحاق شاهه“ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. (حافظ صاحب بابت هي معلومات راشد علي لغاري ڳوٺ رئيس علڻ خان لغاري کان ملي سگهي.)


    مرحوم ميان جان محمد ولد عبدالڪريم سميجو

    مرحوم ميان جان محمد ولد عبدالڪريم سميجو
    مرحوم ميان جان محمد سميجو ولد عبدالڪريم سميجو ڳوٺ ڏيتاڻي تعلقو سيئو ضلع ٻاڙمير راجسٿان هندستان ۾ پيدا ٿيو. ناظره قرآن مجيد جي شروعاتي تعليم هڪ نيڪ خاتون حاجياڻي حُرمت وٽ پڙهيائين، جيڪا ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن مجيد جي تعليم ڏيندي هئي. حاجياڻي حُرمت ڍورونارو لڳ ڳوٺ غلام نبي شاهه جي رهاڪو هئي. ميان جان محمد سميجي حاجياڻي حُرمت وٽ ڪجهه قرآن شريف ناظره پڙهڻ بعد امام العصر علامه محمد عثمان قرانيؓ جي مدرسه مجدديه شادي پلي ۾ ناظره قرآن مجيد پورو ڪيو. مدرسه مجدديه ۾ پڙهندي کيس ڪن طالبن کان مسڻ وڏي ۾ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي قائم ڪيل ديني مدرسه دارالهديٰ جي خبر پئي. ان وقت مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ ٿر جي علائقي جا مرحوم عبدالرشيد سمون ۽ خميسو سمون پڙهندا هئا. ميان جان محمد سميجي 1953ع ڌاري مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ وٽ ڪريما، نام حق، پندنامه، گلستان تائين فارسي ۽ بنيادي عربي ڪتاب پڙهيا. غريب هئڻ ڪري ميان جان محمد سميجو مرحوم رئيس موسيٰ خان وٽ ٿوري معاوضي تي دڪان جي ملازمت ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ حاجي عبدالله ولد حاجي علي محمد (عرف حاجي علُو) لغاري سان ڀائيواري تي ڍالو لڳ لانڍي شاخ ٻه سال دڪان هلايائين. 1960ع ڌاري ميان جان محمد سميجي مسڻ وڏي ۾ دريا خان لغاري جي پلاٽ ۾ پنهنجو ذاتي دڪان کوليو. آهسته آهسته سندس ننڍڙي دڪانداري ۽ ڪاروبار وڌندو ويو. آخرڪار سندس شمار مسڻ وڏي جي مشهور سيٺن ۽ دڪاندارن ۾ ٿيڻ لڳو. بعد ۾ ميان جان محمد سميجي شاهي بازار مسڻ وڏي ۾ محمد عثمان ولد عمر فقير شوري کان چار هزار روپين ۾ پلاٽ خريد ڪري هڪ وڏو ريزڪي دڪان کوليو. جيڪو ڪافي وقت هلائيندو رهيو. بعد ۾ ڪجهه وقت اهو دڪان استاد محمد عمر ولد مراد سميجي وٽ به رهيو. ميان جان محمد سميجي مسڻ وڏي ۾ سُکيي سنڌي مينگهواڙ کان پلاٽ خريد ڪري اتي پنهنجو گهر تعمير ڪري 1964ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ڏيتاڻي مان شادي ڪئي ۽ مستقل طرح مسڻ وڏي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هي اهو وقت هو جڏهن مولانا محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي ظالم وڏيرن وٽ غلامي جي زنجيرن ۾ ڦاٿل ڏتڙيل عوام کي ڪڍڻ لاءِ همه تن ڪوشان هو. هڪ طرف علم جي لاٽ ۽ شمع پنهنجي آب و تاب سان ٻري رهي هئي ته ٻي طرف مولانا محمد اسماعيل لغاري کي هر وقت وڏيرن جي ٿيندڙ چالبازين سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار رهڻو ٿي پيو. ميان جان محمد سميجو نه صرف مولانا لغاريؓ جو هڪ اوائلي شاگرد هو پر پاڻ مولانا لغاريؓ جي جماعت جو خاص ڪارڪن، حق ۽ سچ جو همسفر هو. 40 سالن جي ويڙهاند دوران مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي ظالم وڏيرن، جاگيدارن ۽ سرمائيدارن طرفان مولانا لغاريؓ تي لڳ ڀڳ ٻه سئو بي بنياد ڪيس ڪيا ويا. اهڙين مشڪلات وارين گهڙين ۾ ميان جان محمد سميجو مولانا لغاريؓ جو وفادار ساٿي ٿي رهيو. ميان جان محمد سميجو مدرسه دارالهديٰ ۽ جامع مسجد مسڻ وڏي جو تا دم زيست مالي معاون رهيو. جڏهن مولانا عبدالڪريم لغاريؓ علالت وگهي مدرسه جي انتظام کان ڪناره ڪش ٿي مدرسه کي هلائڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي جوڙي هئي، ميان جان محمد سميجو ان ڪاميٽي ۾ خزانچي مقرر ڪيو ويو هو. ميان جان محمد سميجو آخر گهڙي تائين مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جي مجلس شوريٰ جو ميمبر به ٿي رهيو. ميان جان محمد سميجو مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي لائق فرزند ميان خليل الرحمان لغاريؓ (ايڊووڪيٽ) جو به ساٿاري رهيو. سماج ۾ هڪ نمايان حيثيت حاصل هئي. مسڻ وڏي ۽ آسپاس جو هر رهواسي کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندو هو. پاڻ پاڙيوارن جو هڏ ڏوکي، صوم و صلوات جو پابند، مظلوم، مسڪين ۽ بيواهن جي وس آهر مدد ڪندڙ هڪ اعليٰ ظرف ۽ سچو انسان هو. ميان جان محمد سميجي کي ٽن پٽن هر هڪ ڪرم الله سميجو (عربڪ ٽيچر)، حاجي محمد صديق سميجو (مسڻ وڏي جو مشهور واپاري ۽ مدرسه دارالهديٰ جو خاص معاون) ۽ امان الله سميجو جو اولاد ٿيو. ميان جان محمد سميجي بتاريخ 3 مارچ 2004ع بروز اربع 75 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس نالي پويان ابو طالب لڳ 2007ع ڌاري هڪ ڳوٺ جان محمد سميجو جو بنياد وڌو ويو آهي. (نوٽ: هي مواد استاد محمد عمر ولد مراد سميجي وٽان مليو.)


    مرحوم استاد خان محمد ولد محمد علي لغاري

    مرحوم استاد خان محمد ولد محمد علي لغاري
    استاد خان محمد ولد محمد علي لغاري مسڻ وڏي ۾ بتاريخ 14 ڊسمبر 1941ع ڌاري جنم ورتو. ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. پاڻ تنهن وقت جي فائنل پاس هو. ان کان علاوه پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص، گورنمينٽ نيشنلائزڊ سنڌ ماڊل اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ به پڙهيو. حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سندس بهترين استاد ۽ مربي ٿي گذريا آهن. استاد خان محمد لغاري امام الهند مولانا ابوالڪلام آزادؓ، امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ، شيخ العرب والعجم مولانا سيد حسين احمد مدنيؓ جي فڪر سان لاڳاپيل ۽ انهن جو بيحد شيدائي هو. پاڻ زندگي ۾ جن شخصيتن سان ملاقات ڪيائين انهن ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سنڌ جو برک سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان، حيدر بخش جتوئي، گل محمد جکراڻي، مولوي نذير احمد جلالي جتوئي، رسول بخش پليجو، مير علي احمد خان ٽالپر، گورنر سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر، مولانا حافظ محمد اسماعيل کڏي ڪراچي وارو، علامه آءِ آءِ قاضي، پروفيسر ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري ڪراچي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. استاد خان محمد لغاري آغا غلام نبي پٺاڻ جو پنجويهه سالن تائين سيڪريٽري به ٿي رهيو. استاد خان محمد لغاري نه صرف هڪ اعليٰ ظرف انسان هو پر هڪ بهترين مدبر ۽ ماهر تعليمدان به هو. پاڻ ڪيترائي ناياب ڪتاب ذاتي خرچ تي خريد ڪري مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي قائم ڪيل اشاعت العلوم لائبريري ۾ جمع ڪرايائين. ان کان علاوه پاڻ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ جي موجوده عمارت جي تعمير ۾ به مالي تعاون ڪيائين. مولانا محمد اسماعيل لغاري جا جڏهن ولهاري خاندان سان تنازعا هلي رهيا هئا انهن ڏينهن استاد خان محمد مولانا محمد اسماعيل لغاري سان وفاداري ۽ حمايت ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو. هر موقعي ۽ مهل تي مولانا لغاري ۽ سندس فرزند ميان خليل الرحمان سان ڏکي سکي ۾ گڏ رهيو. مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ تر جي ظالم زميندارن جي وچ ۾ ڊگهي ويڙهاند جي ڪري مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي جو علائقو ميدان جنگ بڻيل هو. استاد خان محمد لغاري مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ سندس حريف جي وفات کان پوءِ ٻنهي ڌرين جي پونئيرن ۾ سرچاءُ ڪرائڻ ۾ بهرو ورتائين جنهن ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو ۽ هميشه لاءِ سالن کان هلندڙ تڪرار جو خاتمو اچي ويو. استاد خان محمد لغاري آخر عمر تائين مدرسه دارالهديٰ ۽ جامع مسجد مسڻ وڏي جي مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿي رهيو. پاڻ 1965ع ڌاري شادي ڪيائين جنهن مان پنج پٽن هر هڪ مرحوم مجيب الرحمان، عبدالغفار، امجد علي، اجمل خان، فيصل ۽ ست نياڻين جو اولاد آهي. استاد خان محمد لغاري 17 جولاءِ 2011ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    مرحوم پروفيسرمحمد ڪامل لغاري

    مرحوم پروفيسرمحمد ڪامل لغاري
    سندس پورو نالو محمد ڪامل ولد لعل محمد لغاري آهي. پاڻ ديني تعليم سان گڏ ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان ۽ انٽرميڊيئيٽ (پري انجنيئرنگ) گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڻ ايم. اي. سي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سندس استادن ۾ مسڻ وڏي جي تاريخ ساز شخصيت حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ کان علاوه حڪيم نبي بخش ولد حڪيم صوڀو خان لغاري، استاد مير محمد خاصخيلي شامل آهن. تعليم حاصل ڪرڻ بعد پاڻ ڪيتري وقت تائين في سبيل الله گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. بعد ۾ سرڪاري ملازمت ملڻ ڪري 1975ع ۾ پاڻ جامعه مليه اسلاميه ڪاليج ملير ڪراچي، 1992ع ۾ حيدرآباد ڪاليج ڪاري موري ۽ انهي کان پوءِ رٽائرمينٽ تائين گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ڏيندو رهيو. پاڻ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ حيدرآباد جي امتحانن جو انٽرنل به رهيو. انهي لاءِ کين وقت بوقت رشوتن ۽ سفارشن جون آفرون به ٿينديون رهيون پر پاڻ بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي اهي آفرون ۽ پيشڪشون ٺڪرائي ڇڏيائين. پروفيسر محمد ڪامل نه صرف ماهر تعليمدان هو پر گڏوگڏ پاڻ مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جو معاون به رهيو. مسڻ وڏي جي ٻنهي بزرگن حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان سندس والهانه عقيدتمندي هئي. پاڻ اشاعت العلوم لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ تاريخي سڪا هديي طور جمع ڪرايائين. پروفيسر محمد ڪامل لغاري 7 جنوري 2010ع تي بوقت چار بجي شام جو اسراءَ يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس بلڊ پريشر ۽ شگر جو عارضو رهندو هو. پاڻ سوڳوارن ۾ ٽي پٽ هر هڪ غلام مرتضيٰ، گل محمد ۽ لعل محمد ۽ پنج نياڻيون ڇڏيون. کيس مسڻ وڏي جي تاريخي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ دفن ڪيو ويو.


    مرحوم حاجي غلام محمد لغاري

    مرحوم حاجي غلام محمد لغاري
    هي علياڻي لغاري جي حاجي مير محمد لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ قرآن شريف ناظره پڙهيل هو. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو پر ديندارن ۽ عالمن جو صحبتي هجڻ ڪري ڪافي ديني مسئلن جي ڄاڻ هئس. پاڻ تمام وڏومحنتي ۽ جفاڪش ماڻهو هو. سندس گذر بسر ٻني ٻاري تي هو. سادگي پسند ۽ ٿوري گهڻي تي صبر شڪر سان پنهنجي زندگي گذاريائين. پاڻ مسڻ وڏي جي لغاري بلوچن ۾ ڪثير العيال شمار ٿيندو هو. سندس سچائي، وفاداري ۽ پرهيزگاري جا سڀئي ڳوٺاڻا شاهد آهن. پاڻ صوم و صلواة جو پابند، مدرسه ۽ مسجد جو خاص خادم رهيو. سندس شمار مولانا محمد اسماعيل لغاري جي وفادار ساٿين ۾ ٿئي ٿو. حاجي غلام محمد لغاري بتاريخ 26 مارچ 1990ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    حڪيم عبدالرحمان ولدحاجي محمد يوسف لغاري

    حڪيم عبدالرحمان ولدحاجي محمد يوسف لغاري
    حڪيم عبدالرحمان ولد حاجي محمد يوسف لغاري جو اصل ڳوٺ ”سونهري جي ڪسي“ لڳ جرار ٿيٻو آهي. پاڻ تمام غريب گهراڻي ۾ جنم ورتائين. حڪيم صاحب شروعاتي ديني تعليم به حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ طبيه ڪاليج حيدرآباد مان طب جي شعبي ۾ ڊگري ورتائين. حڪيم صاحب حڪمت جي شعبي سان ڪافي وقت تائين وابسته رهيو. آئي وئي جي مدد ڪرڻ، صوم صلوات جو پابند، رلڻو ملڻو ۽ نيڪ انسان ٿي زندگي گذاريائين. حڪمت سان گڏوگڏ پاڻ زمينداري به ڪندو رهيو. حڪيم صاحب مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي جماعت جو خاص ماڻهو ۽ مدرسه دارالهديٰ جو معاون ۽ آخر عمر تائين پاڻ مدرسه جي مجلس شوريٰ جو ميمبر رهيو. حڪيم عبدالرحمان بتاريخ 12 آڪٽوبر 2006ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ دفن ڪيو ويو.


    مرحوم حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري

    مرحوم حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري
    حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري 5 مارچ 1933ع تي ڳوٺ الهه کاهي ديهه ڳاڙهو صدر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مسلم پرائمري اسڪول مسڻ ۽ ميٽرڪ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان پاس ڪيائين. طب جي شعبه ۾ پاڻ ”اعظم طبيه ڪاليج حيدرآباد“ مان فارغ التحصيل ٿيو. سن 1980ع ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان گڏ دارالعلوم ديوبند انڊيا جو سفر به ڪيائين. پاڻ ڪافي وقت مسڻ وڏي جي شاهي بازار ۾ حڪمت خانو به هلايائين. ان کان علاوه حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي نالي تي ”ڪريمي فائونڊيشن مسڻ وڏي“ قائم ڪري مسڻ ۽ آسپاس جي غريب، مسڪين ۽ ڏتڙيل مارو ماڻهن جي خوب مدد ڪيائين. ياد رهي ته ”ڪريمي فائونڊيشن مسڻ وڏي“ ادارو هن وقت ڊاڪٽر عبدالرحمان ولد مرحوم حاجي عبدالله لغاري جي زير نگراني هلي رهيو آهي. حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري بتاريخ پهرين آگسٽ 2000ع بروز اڱارو تي وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    مرحوم استاد سهراب خان ولد عبدالله لغاري

    مرحوم استاد سهراب خان ولد عبدالله لغاري
    استاد سهراب خان ولد عبدالله لغاري 1934ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول مسڻ وڏي مان ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين. پاڻ جن استادن وٽ پڙهيو انهن ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، صوفي محمد صديق لغاريؓ، حاجي عبدالله عمراڻي، ملهاڏنو جوهو، نذر محمد عباسي ميرپورخاص وارو شامل آهن. مرحوم استاد سهراب خان لغاري کي سندس استاد جي معرفت 1954ع ڌاري پرائمري ٽيچري جي نوڪري ملي. پاڻ 1971ع واري جنگ دوران اسلام ڪوٽ ۾ پڙهايائين. ان کان علاوه پاڻ پرائمري اسڪول ڳوٺ مير محمد لغاري لڳ ريلوي ڦاٽڪ ميرپورخاص ۾ به استاد ٿي رهيو. مرحوم استاد سهراب خان 1980ع ڌاري گورنمينٽ مسلم مين پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۾ استاد مقرر ٿيو جتان 1986ع ڌاري رٽائرمينٽ ڪيائين. پاڻ سن 1957ع ڌاري شادي ڪيائين جنهن مان کيس چئن پٽن هر هڪ مدد علي، ممتاز علي، منور علي، عبدالرشيد ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو. استاد سهراب خان لغاري رمضان شريف جي مهيني ۾ليلة القدر جي رات بتاريخ 28 فيبروري 1998ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    مرحوم رئيس محمد خان پٽيل لغاري بلوچ

    مرحوم رئيس محمد خان پٽيل لغاري بلوچ
    سندس پورو نالو محمد خان ولد رئيس هاشم خان هو. پاڻ مسڻ وڏي ۾ سن 1939ع ڌاري جنم ورتائين. رئيس محمد خان پٽيل صرف چار درجا سنڌي پڙهيل هو جيڪي پاڻ مسڻ وڏي مان پڙهيائين. حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سندس استاد هئا. پاڻ ملڪي سياست ۾ به حصو ورتائين. يونين ڪائونسل مسڻ جو هڪ دفعو پاڻ وائيس چيئرمين ۽ ٻيو ڀيرو ڪائونسلر به ٿيو. پاڻ سياست جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت سان ڪيائين ۽ آخر دم تائين پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رهيو. سياست جي ميدان ۾ مرحوم ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ ولد مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ (ان وقت صدر پيپلز پارٽي تعلقه ٽنڊوالهيار) مخدوم ميون علي محمد ولهاري، ڀورل شاهه سان گڏ رهيو. پاڻ آخر عمر ۾ پيپلز پارٽي ضلعي ٽنڊو الهيار جي بزرگ سياستدان محترم عبداللطيف مڱريو (سابق ايم پي اي سنڌ اسيمبلي) سان وابسته رهيو. رئيس محمد خان پٽيل هڪ سياستدان هئڻ سان گڏ سخي مرد به هو. ٻن ڌرين جي وچ ۾ فيصلي ڪرڻ جو کيس منفرد ڏانءُ هو. فيصلو اهڙي طرح ڪندو هو جو ٻئي ڌريون هميشه هميشه لاءِ کير کنڊ ٿي پنهنجا وير ۽ دشمنيون وساري ڇڏينديون هيون. رئيس محمد خان پٽيل بتاريخ 15 آڪٽوبر 2006ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ وفات ڪئي. کيس مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    مرحوم رئيس حمزھ خان ولد احمد خان لغاري

    مرحوم رئيس حمزھ خان ولد احمد خان لغاري
    سندس پورو نالو حمزه خان ولد احمد خان لغاري هو. پاڻ مسڻ وڏي ۾ 1920ع ڌاري پيدا ٿيو. رئيس حمزه خان کي خدا پاڪ ڌن ۽ دولت سان نوازيو هو. پاڻ نهايت ئي سخي ۽ گهڻيون خيراتون ڪندڙ، غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو هڏ ڏوکي هو. حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان سندس والهانه محبت هوندي هئي. پاڻ جامع مسجد مسڻ وڏي جي تعمير ۾ به خوب حصو ورتائين. پاڻ پنهنجي زندگي ۾ هڪ شادي ڪيائين جنهن مان هڪ پٽ رئيس رحيم خان ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو.


    مرحوم رئيس علڻ خان لغاري

    مرحوم رئيس علڻ خان لغاري
    سندس پورو نالو علي محمد عرف علڻ خان ولد حاجي محمد خان لغاري هو. سندس پيدائش 1929ع ڌاري ڳوٺ الهه کاهي جي ڪسي لڳ جرار ٿيٻو ٽنڊو الهيار ۾ ٿي. سندس والد صاحب نهايت درويش صفت انسان هو. رئيس علڻ خان لغاري، حاجي محمد خان لغاري جو چوٿون نمبر پٽ هو. کيس ٻيا ڀائر رئيس ابراهيم خان، رئيس الهه بچايو خان، حاجي محمد هاشم، حاجي قاسم خان ۽ ٻه ڀينرون هيون. رئيس الحاج علڻ خان لغاري صوم و صلوات جو پابند، نيڪ نمازي، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن جو ڀرجهلو رهيو. کيس سٺا دوست رکڻ، بنگلا ٺاهڻ، مهانگيون گاڏيون استعمال ڪرڻ جو شوق رهندو هو. الله پاڪ کيس تمام گهڻي ڌن دولت، مال ملڪيت سان نوازيو هو. سندس شمار سنڌ جي امير ترين ماڻهن ۾ ٿيندو هو. پاڻ پنهنجي زندگي ۾ ڏهه عمرا، ۽ تقريبن ڇهه حج ڪيائين. کيس مائٽاڻي زمين 160 ايڪڙ هئي. سندس ذاتي زمين 3000 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ هئي. پاڻ سن 1950ع ڌاري پنهنجي نالي سان هڪ الڳ ڳوٺ به آباد ڪيائين. سندس بهترين دوستن ۾ حرن جو روحاني پيشوا ستون پير پاڳارو حضرت پير شاهه مردان شاهه ثانيؓ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سابق وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو، غلام مصطفيٰ جتوئي، ڄام صادق علي، خانبهادر بهادر خان وساڻ، حاجي نجم الدين سريوال، سردار ملڪ اسد سڪندر، مخدوم طالب الموليٰ، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، جي ايم سيد، رئيس حاڪم علي زرداري، جسٽس سيد سجاد علي شاهه، سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو کان علاوه ٻيا ڪيترائي سندس گهرا دوست هوندا هئا. رئيس حاجي علڻ خان لغاري ڪل ٻه شاديون ڪيون. جنهن مان پهرين شادي مان کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. سندس وفات 25 جنوري 2008ع ڌاري آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ ٿي. سندس جنازي نماز مرحوم مولوي خليل احمد ولد عبداللطيف لغاري ڳاڙهو صدر واري پڙهائي. کيس مقامي قبرستان ”اسحاق شاهه“ ۾ دفن ڪيو ويو. (هي معلومات ڏاڏا علي نواز لغاري ڳوٺ رئيس علڻ خان لغاري لڳ لانڍي شاخ کان ملي)


    مرحوم محمد عثمان جٽ

    مرحوم محمد عثمان جٽ
    سندس پورو نالو محمد عثمان ولد سڪندر جٽ هو. پاڻ هندستان جي ضلع فيروزپور ۾ سن 1920ع ڌاري ڳوٺ ياري والا مشرقي پنجاب ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اڻ پڙهيل هو. البته نماز، روزي جو پابند هوندو هو. پاڻ ڪُشتي جو مشهور پهلوان هو. محمد عثمان جٽ اصل ۾ سڌو جٽ گوت برال هو. پاڻ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. مشهور بين الاقوامي ڪُشتي پهلوان گاما پهلوان جو شاگرد هو. گاما پهلوان مشهور سياسي ليڊر وزيراعظم پاڪستان ميان نواز شريف جي ڏاڏي جو سڳو سئوٽ هو. گاما پهلوان امرتسر ضلع ڳوٺ جٽي امراءَ جو رهاڪو هو. هي اصل ڪشميري بٽ هو جيڪي لوهارڪو ڌنڌو ڪندا هئا. محمد عثمان جٽ جي زندگي جو هڪ يادگار واقعو آهي ته سن 1946ع ڌاري فيروزپور فوجي ڇانوڻي ۾ انگريز سرڪار طرفان ديسي ڪُشتين جو مقابلو ٿيو. اتي ٻه سياسي حريف هڪ مسلم ليگ جو نواب افتخار ممڊوڊ پنهنجو سک پهلوان سورتي سنگهه آندو، جنهن جو وزن ٻه مڻ 28 ڪلو هو. ٻيو ڪانگريسي ليڊر غلام سرور بودله پهلوان محمد عثمان جٽ آندو. جنهن جو وزن ٻه مڻ 10 ڪلو هو. ٻنهي پهلوانن سورتي سنگهه ۽ محمد عثمان جٽ جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. ٽن ڏينهن تائين ٻنهي پهلوانن ۾ مقابلو هلندو رهيو پر ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو. انگريز سرڪار محمد عثمان جٽ کي سورتي سنگهه کان گهٽ وزن هوندي به سخت مقابلو ڪندي فاتح قرار ڏيندي وڏي انعام سان نوازيو. سورتي سنگهه عثمان کان پڇيو ته تون گهٽ وزن هوندي مون کان هارجي نه سگهين؟ محمد عثمان ان جو سبب مسلمان هجڻ ٻڌايو. وڌيڪ چيائين ڪلمي جي ڪري تون مون کي هارائي نه سگهين. انهي ڳالهه کان متاثر ٿي ڪري هفتي بعد سورتي سنگهه مسلمان ٿي ويو. محمد عثمان جٽ کي ”خانا پهلوان“ ڪري سڏيندا هئا. محمد عثمان جٽ جي وفات 21 آگسٽ 1995ع ڌاري ٿي. کيس مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    مرحوم محمد بچل ملاح

    مرحوم محمد بچل ملاح
    مرحوم محمد بچل ملاح 1943ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. سندس والدين سندس ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا. اهڙي ريت پاڻ يتيمي واري زندگي ۾ وڌي وڏو ٿيو. کيس هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر هئا جيڪي علم جي زيور کان بلڪل محروم هئا. سندس خانداني وابستگي ٽنڊي الهيار جي مشهور ولهاري خاندان سان رهي آهي. پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ قائم ٿيڻ شرط ڪارڪن طور شامل ٿيو. مرحوم محمد بچل ملاح پنهنجي دوست محمد صديق ولد خان محمد لغاري جي محنتن سان ابتدائي سنڌي درجا پڙهي پورا ڪيائين. مرحوم محمد بچل ملاح نه صرف هڪ سماجي ورڪر ۽ ڳوٺ سڌارڪ ڪارڪن هو، پر گڏوگڏ ملاح برادري کي متحد ڪرڻ لاءِ پڻ جاکوڙيندو رهيو، انهي سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند ملاح تنظيم جوڙي مسڻ وڏي ۾ مذڪوره تنظيم جا ٻه وڏا ڪامياب جلسا ڪرايائين. ڀٽ شاهه جي جلسي ۾ ناليواري اديب تاجل بيوس هٿان کيس ميڊل به مليو. محمد بچل ملاح ڪينسر جي بيماري وگهي 12 مئي 2011ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    مرحوم محمد عثمان لوهار

    مرحوم محمد عثمان لوهار
    مرحوم محمد عثمان لوهار ولد مرحوم محمد بچل لوهار مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. مرحوم محمد عثمان لوهار گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي مان پنج ڪلاس پاس ڪيائين. پاڻ غربت ۽ مسڪيني جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، ۽ پنهنجو اباڻو ڌنڌو لوهارڪو ڪرڻ لڳو. لوهارڪي ڌنڌي ۾ پاڻ تمام گهڻو ماهر ڪاريگر هو. سندس ٺاهيل ڪوڏرون سنڌ توڙي پنجاب تائين وڪرو ٿينديون هيون. ان کان سواءِ ڪاماري شريف جا قريشي بزرگ سجاده نشين حضرت پير محمد ابراهيم خليل قريشيؓ ۽ حضرت پير محمد اسماعيل صادق قريشيؓ وٽائنس آرڊر تي ڪوڏرون ۽ لوهه جو ٻيو سامان ٺهرائيندا هئا. مرحوم محمد عثمان لوهار آخري دم تائين حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو خاص عقيدتمند ٿي رهيو. پاڻ صوم و صلوات جو پابند، حلال روزي تي صبر، شڪر ڪندڙ انسان هو. کيس ستن پٽن هر هڪ خليل احمد، عبدالرحمان، سليم احمد، اسلم، اعجاز احمد، امجد علي، محمد يامين ۽ ستن نياڻين جو اولاد ٿيو. محمد عثمان لوهار بتاريخ ڇهين جنوري 2012ع ڌاري 77 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    مرحوم محمد حنيف جٽ

    مرحوم محمد حنيف جٽ
    مرحوم محمد حنيف ولد محمد عثمان جٽ سن 1946ع ڌاري ڳوٺ ياري والا تحصيل فيروزپور مشرقي پنجاب (هندستان) ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم ۽ ميٽرڪ مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڻ اسلام آباد به ويو. پاڻ ڳوٺ جي سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به خوب حصو ورتائين. حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري، مولانا عبدالڪريم لغاري ۽ ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ سندس استاد هئا. مرحوم محمد حنيف جٽ لاهور مان شادي ڪئي جنهن مان ٽن پٽن ناصر علي، غلام مصطفيٰ، غلام مرتضيٰ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. پاڻ 62 سالن جي عمر ۾ ڇنڇر ڏينهن بتاريخ پهرين نومبر 2008ع ڌاري پي. اين شفا اسپتال ڪراچي ڇانوڻي ۾ وفات ڪيائين. سندس تدفين مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ ٿي. سنڌ ۽ پنجاب جي جٽ قبيلي کيس ”سنڌ جو سورمون“ جو خطاب ڏنو هو. پاڻ يتيمن جو غمخوار، بيواهن، مسڪينن ۽ لاچارن جو ڀرجهلو هو. ۽ هر ڏکي ويل پاڙيسرين جي سارسنڀال ڪندو رهندو هو. جي ايڇ ڪيو سان سندس گهرا لاڳاپا هئا. جي ايڇ ڪيو ۽ آرمي ۾ اعليٰ عهدن تي فائز سندس دوستن جو حلقو به تمام وسيع هو. انهن مان هڪ ڪرنل برقي به هو جنهن سنڌ صوبي مان ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪيو.


    مرحوم حاجي علي نواز ملڪ

    مرحوم حاجي علي نواز ملڪ
    مرحوم علي نواز ولد حاجي جمال الدين مرحوم هندستان جي رياست پٽياله ۾ 1926ع ڌاري پيدا ٿيو. 1947ع واري ورهاڱي دوران پاڻ پاڪستان لڏي آيو. پاڪستان ۾ مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار ۾ مستقل رهائش پذير ٿيو. پاڻ ٻني ٻاري سان وابسته رهيو. کيس سرڪار طرفان ڪليم ذريعي زمين جو ڪجهه ٽڪڙو به عنايت ٿيو. ان کان علاوه پاڻ پنهنجي هڙان وڙان ڪوشش ڪري چوويهن ايڪڙ زمين مان وڌائي اسي ايڪڙ زمين خريد ڪيائين. کيس ڇهن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. حاجي علي نواز ملڪ بتاريخ 2 ڊسمبر 2002ع ڌاري وفات ڪئي. کيس مسڻ وڏي جي مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ دفن ڪيو ويو.


    مرحوم شاهنواز ملڪ

    مرحوم شاهنواز ملڪ
    مرحوم شاهنواز ملڪ ولد محمد يوسف ملڪ متحده هندستان جي شهر پٽيالا ۾ 1923ع ڌاري پيدا ٿيو. 1947ع جي ورهاڱي دوران پاڻ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي خيرآباد چئي پاڪستان ڏي لڏ پلاڻ ڪيائين. پاڪستان ۾ هن مسڻ وڏي کي پنهنجو مسڪن بنايو. مسڻ وڏي ۾ آباد ٿيندي ئي ڪپڙي جو واپار ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪپڙي جي واپار کان علاوه کيس حڪومت پاڪستان طرفان ليز تي 28 ايڪڙ زرعي زمين به ملي. کيس ٽن نياڻين کان علاوه ڇهن پٽن جو اولاد ٿيو. پاڻ بتاريخ 10 سيپٽمبر 2003ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    جي مري ٿيا نه مات

    جي مري ٿيا نه مات

    حڪيم سوڀو خان لغاري، احمد خان گبول، ڪاڪا محمد لغاري، رئيس محمد خان پٽيل لغاري، رئيس صالح خان لغاري، رئيس مجيري محمد هاشم خان لغاري، رئيس مجيري عبدالرحمان لغاري، رئيس ڪامريڊ عبدالرحمان لغاري، رئيس شهمير خان لغاري، رئيس حمزو خان لغاري، رئيس حمزو خان ولد احمد خان لغاري، رئيس نورمحمد خان ولد احمد خان لغاري، رئيس عرس خان ولد گل محمد خان لغاري، رئيس محمد علي خان لغاري (پيري)، رئيس حاجي محمد اسماعيل خان لغاري، رئيس علي احمد خان لغاري، رئيس مزار خان لغاري، رئيس سهراب خان لغاري، رئيس غلام علي لغاري، رئيس محمد شفيع خان لغاري، رئيس محمد خان ولد حاجي غلام محمد لغاري، رئيس جمال خان لغاري، رئيس خان محمد لغاري، رئيس عباس خان لغاري، رئيس گلشير خان لغاري، رئيس ابراهيم خان لغاري، رئيس جان محمد خان لغاري، رئيس ابراهيم خان ولد شهلي خان لغاري، رئيس محمود خان لغاري، رئيس هوت خان لغاري، رئيس محمد حسن لغاري، رئيس الهيار خان لغاري، رئيس محمد عثمان لغاري، رئيس محمد هاشم لغاري، رئيس موسيٰ خان لغاري، رئيس گل محمد لغاري، رئيس محمد يوسف خان لغاري، رئيس سونو خان لغاري، رئيس سومار خان لغاري، مرحوم ساجد علي ولد حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري، مرحوم محمد صديق لغاري، مرحوم غلام قادر لغاري، مرحوم عبدالڪريم ولد محمد يوسف لغاري، مرحوم دين محمد شيخ، مرحوم محمد عثمان ولد محمد بچل لوهار، مرحوم محمد بچل ملاح، مرحوم محمد عمر ملاح، مرحوم محمد عرس ملاح، مرحوم حاجي محمد حسين عرف ڪارو ملاح، مرحوم محمد طاهر ملاح، مرحوم الهرکيو ملاح، مرحوم محمد يوسف ملاح، مرحوم محمد ملاح، مرحوم سانوڻ ملاح، مرحوم پنهون ملاح، مرحوم گل محمد ملاح، مرحوم کٻڙ ملاح، مرحوم عبدالله لغاري، مرحوم غلام مرتضيٰ ولد محمد عثمان لغاري، مرحوم سيٺ محمد اڪبر لغاري، مرحوم علي خان لغاري (هوٽل وارو)، مرحوم محمد يعقوب لغاري، مرحوم بشير خان ولد دولت خان لغاري، مرحوم عبداللطيف ولد بخش علي لغاري، مرحوم ماڻڪ خان ولد بهار خان لغاري، مرحوم بهادر لغاري، مرحوم رياض احمد ولد حمزو خان لغاري، مرحوم مجيب الرحمان ولد استاد خان محمد لغاري، مرحوم استاد محمد اسماعيل ذبيح ولد نظر علي لغاري، مرحوم مُلا محمد رحيم لغاري مؤذن محمدي مسجد مسڻ وڏي، مرحوم عبدالحق ڪنڀار، مرحوم علي محمد ڪنڀار، مرحوم محمد عرس ڪنڀار، مرحوم ولي محمد ڪنڀار، مرحوم محمد قاسم ڪنڀار، مرحوم محمد حسين ڪنڀار، مرحوم عبدالرحيم ڪنڀار، مرحوم طاهر ڪنڀار، مرحوم محمد هاشم ڪنڀار، مرحوم محمد عمر ڪنڀار، مرحوم مير محمد ڪنڀار، مرحوم محمد خان ڪنڀار، مرحوم احمد خان ڪنڀار، مرحوم جمال ولد حاجي سونهارو سمون، مرحوم عبدالرشيد سمون، مرحوم حافظ وسند سمون، مرحوم احمد خاصخيلي، مرحوم سيٺ محمد صديق ملڪ، مرحوم شاهنواز ملڪ، مرحوم فضل الدين ملڪ، مرحوم علي نواز ملڪ، مرحوم وڪيل احمد ملڪ، مرحوم عبدالغني ملڪ، مرحوم خليل احمد ملڪ (درزي)، مرحوم فتح محمد ملڪ، مرحوم محمد عثمان جٽ، مرحوم محمد حنيف جٽ، مرحوم عبدالعزيز جٽ، مرحوم عبدالجبار جٽ، مرحوم نورحسن ملڪ، مرحوم صوفي شريف ملڪ، مرحوم حاجي محمد يوسف عمراڻي، مرحوم محمد صديق عمراڻي، مرحوم ڌڻي بخش عمراڻي، شهيد نور محمد اوٺو، شهيد ماما شوڪت علي لغاري، شهيد اسد حيات لغاري، شهيد تنوير احمد ولد جمع خان لغاري، شهيد محمد انور ولد گل محمد ملاح، شهيد ارباب ملاح ولد گل محمد ملاح، شهيد رحمت الله عمراڻي، سرڳواسي چيلو مل سوٽهڙ، سرڳواسي گيهي مل سوٽهڙ، سرڳواسي هرچند مل سوٽهڙ، سرڳواسي ڪرشن مل سوٽهڙ، سرڳواسي ڏاڙهون مل مينگهواڙ، سرڳواسي مرچو مل مينگهواڙ، سرڳواسي ڌنو مل مينگهواڙ، سرڳواسي ڪرشن مل مينگهواڙ.


    مقامي علماءِ ڪرام

    مقامي علماءِ ڪرام
    مولانا محمد يامين شورو

    مولانا محمد يامين شورو مسڻ وڏي ۾ مرحوم مولانا عبدالرحمان شوريؓ جي گهر ۾ بتاريخ 16 اپريل 1959ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي پاڻ پنهنجي والد صاحب مولانا عبدالرحمان شوريؓ سان مسڻ وڏي جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو جتي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سندس ٻانهن کان جهلي سندس والد صاحبؓ کي چيو ته ”هي ٻانهن مون کي ڏيو.“ مولانا عبدالرحمان شوريؓ پنهنجي مربي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ کي کلندي وراڻيو ته ”سائين اها ٻانهن آئي اوهان کي.“ ان ڏينهن کان مولانا محمد يامين شورو حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي زير تعليم و تربيت رهيو. پاڻ ديني تعليم مسڻ وڏي جي مدرسه دارالهديٰ مان حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ کان حاصل ڪيائين. مدرسه دارالهديٰ کان علاوه پاڻ سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي مدرسن مان علم حاصل ڪيائين. 1978ع ڌاري پاڻ مفتاح العلوم حيدرآباد مان فارغ التحصيل ٿيو. سندس استادن ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري، حضرت مولانا مفتي عبدالغفار ڪٽپر، حضرت مولانا عبدالعزيز ڀانڊي قٻي وارو، حضرت مولانا انور احمد عباسي، حضرت مولانا مفتي محمد صادق سومرو، حضرت مولانا مفتي نثار احمد لغاري ٽنڊو محمد خان، شيخ الحديث حضرت مولانا جمال الدين تعلقه صوابي ضلع مردان، علامه بحرالعلوم پٺاڻ، مولانا عبدالرئوف مهاجر ۽ مولانا سيد وصي مظهر ندوي اچي وڃن ٿا. پاڻ سنڌ ۽ هند جي جن مشهور و معروف شخصيتن سان وقت بوقت ملاقاتون ڪيائين انهن ۾ حضرت مولانا اسعد مدنيؓ (شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدنيؓ جو وڏو فرزند ۽ قائد جمعيت علماءِ هند)، شيخ السند مولانا عبدالحق ربانيؓ، مولانا محمد خان نوحاڻي (فاضل ديوبند) ڪنگورو، مولانا قاري عزيز احمد ٺيڙهي، مولانا عبدالله چانڊيو رتو ديرو، مولانا سلطان احمد جتوئي رتوديرو، مولانا عبدالعزيز سومرو رتو ديرو، مولانا عبداللطيف مهر سکر، مولانا عبدالمالڪ ڪانڌيلوي، مولانا محمد مراد انڍڙ هاليجوي، مولانا محمد يوسف لڌيانوي، مولانا عبدالرحمان سومرو جنهاڻ سومرو، مولانا محمد اسماعيل پنهور ٽنڊو غلام علي، مولانا محمد عالم پنهور ڀينڊو شريف، مولانا مفتي محمودؓ، قائد جميعت مولانا فضل الرحمان، اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، مولانا حافظ محمد اسماعيلؓ کڏي ڪراچي وارو، مؤرخ هندستان قاضي اطهر مبارڪپوري، حضرت مولانا مفتي زرولي خان، شيخ سليم الله خان صاحب، مولانا احترام الحق ٿانوي، مولانا تنوير الحق ٿانوي، مفتي وجيهه الدين مدرسه مظاهر العلوم حيدرآباد، مولانا عزيزالله جروارؓ پنو عاقل (شاگرد امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ)، علامه غلام مصطفيٰ قاسميؓ، مولانا عبدالغفور قاسمي، حضرت مولانا محمد شاهه امروٽيؓ، شهيد ملت اسلاميه علامه علي شير حيدريؓ، حضرت مولانا عبدالڪريم قريشيؓ ٻير شريف وارو، حضرت مولانا محمد حسن عباسيؓ (جنهن سان پاڻ قادري سلسلي ۾ بيعت ڪئي اٿس)، حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ، حضرت مولانا محمد قاسم سومرو، حضرت مولانا مفتي محمد ادريس سومرو، حضرت مولانا عبدالصمد هاليجوي، مولانا محمود حسن کڏي ڪراچي وارو، مولانا حافظ غلام مصطفيٰ راڄپر، مولانا محمد اسحاق کڏي ڪراچي وارو، علامه محمد صديق ولي اللاهيؓ، محترم جي ايم سيد، شهيد ابن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، عوامي تحريڪ جو اڳواڻ رسول بخش پليجو، دودو مهيري، جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر، حفيظ قريشي، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، ڪامريڊ ڄام ساقي، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، تاج جويو، ارباب نيڪ محمد نهڙي، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نظام الدين هاليپوٽو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڪامريڊ روچيرام وڪيل، حافظ محمد صديق ميمڻ ڪراچي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. مولانا محمد يامين شورو سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو، عالم، اديب ۽ بهترين شاعر آهي. مولانا محمد يامين شورو فاضل درس نظامي، فاضل وفاق المدارس العربيه، ايم اي عربي سنڌ يونيورسٽي آهي. هن وقت مولانا محمد يامين شورو هڪ ئي وقت گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ اوڻيهين گريڊ ۾ عربڪ ليڪچرار، 1995ع کان ناظم مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي، 1989ع کان جامع مسجد مسڻ وڏي جو خطيب، 1992ع کان اشاعت العلوم لائبريري جو انچارج، سنڌ جي ڪيترين ئي لائبريرين ۽ ادارن جو ميمبر آهي. سنڌ جي سڀني اخبارن، رسالن کان علاوه سعودي عرب جي مجله الحرس الوطني رياض، هفتيوار الشرق رياض، هفتيوار سيدتي جده، الرائد لکنئو انڊيا، ماهوار الصادق سنڌي ڪراچي، سه ماهي منبر الاسلام اردو ڪراچي لاءِ مضمون ۽ مقالا لکندو رهندو آهي. جيڪي وقت بوقت شايع ٿيندا رهندا آهن. سندس ڇپيل مضمونن جو تعداد 200 کان مٿي آهي. پاڻ ”خادم سنڌي“ جي تخلص سان شاعري به ڪئي اٿس. شاعري ۾ سندس استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ ۽ حافظ محمد احسن چنهؓ آهن. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ مرتب به آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سفرنامه حج بابت لکيل مشهور و معروف تصنيف ”مسڻ کان مديني تائين“، پنهنجي استاد ۽ مربي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جي زندگي بابت لکيل ڪتابچو ”حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري“، ”پير اشرف شاههؓ جو رسالو“، دو وايه ۽ ٽه وايه طرز تي لکيل ابتدائي عربي ڪتاب ”مفردات عربيه“ شامل آهن. هن وقت امام انقلاب علامه عبيدالله سنڌيؓ جي ڪتاب ”التمهيد جو سنڌي ترجمو“، ”دارالعلوم ديوبند جا سنڌي فضلاءَ“، ”تاريخ جا روشن باب“ سندس زير تصنيف ڪتاب آهن. ان کان سواءِ پاڻ سورت يوسف جي تفسير احسن القصص جو سنڌي ترجمو ۽ تعليم الاسلام جو عربي ترجمو به ڪيو اٿس جيڪي قلمي صورت ۾ وٽس موجود ۽ محفوظ آهن. مولانا محمد يامين شوري کي ٽن پٽن هر هڪ فهيم الدين (راقم الحروف)، وسيم الدين، حافظ نعيم الدين عرف صدام شورو ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سندس وڏو فرزند فهيم الدين درس نظامي جي ڇهين جماعت جي طالب العلم هئڻ سان گڏ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪامارو شريف ۾ عربڪ ٽيچر، جڏهن ته مولانا صاحب جو ٻيون نمبر فرزند وسيم الدين مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٿرڊ ييئر جو شاگرد ۽ سندس آخري فرزند نعيم الدين عرف صدام شورو قرآن مجيد جو ياد حافظ به آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي جي اليڪٽرانڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ٿرڊ ييئر جو شاگرد به آهي.


    مولانا محمد حسن لغاري

    مولانا محمد حسن لغاري
    مولانا محمد حسن ولد گل محمد لغاري ڳوٺ غلام علي لغاري ۾ جنم ورتو. پاڻ شروعاتي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. اڃا پاڻ نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ هو ته کيس ديني علم پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. پاڻ ديني تعليم جي اڃ اجهائڻ لاءِ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي قائم ڪيل ديني مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ داخل ٿيو جتي پاڻ ٻين استادن کان علاوه حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ وٽان علم حاصل ڪيائين. آخر ۾ پاڻ سنڌ جي قديم ديني درسگاهه جامع مدينة العلوم ڀينڊه شريف مان فارغ التحصيل ٿي مختلف مدرسن ۾ درس و تدريس جي مسند تي ويٺو. پاڻ 1995ع کان 2000ع تائين مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ به مدرس ٿي ديني تعليم پڙهايائين. مولانا محمد حسن لغاري تبليغي جماعت سان وابسته هئڻ ڪري ٻاهرين ملڪن جو دورو به ڪري آيو آهي. مدرسه دارالهديٰ مان ڇڏڻ بعد مولانا محمد حسن لغاري 2001ع ۾ مسڻ وڏي ۾ مدرسه فاروق اعظمؓ جو بنياد وڌو جنهن ۾ اڃا تائين مهتمم ۽ مدرس طور فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ياد رهي ته اهو مدرسو مسڻ ننڍي جي زميندار محمد اشرف ميئو راجپوت جي زمين ۾ نزد گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۾ واقع آهي.


    مولانا محمد ابراهيم ڪنڀار

    مولانا محمد ابراهيم ڪنڀار
    مولانا محمد ابراهيم خليل ولد محمد هاشم ڪنڀار مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ اورينٽل ڪاليج عالم پلي عمرڪوٽ، انٽر کان بي اي تائين علامه اقبال يونيورسٽي جي اورينٽل ڪاليج عالم پلي ڪئمپس مان، ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ديني تعليم ۾ ناظره قرآن مجيد، پراڻو مروجه فارسي ڪورس ۽ عربي ۾ موقوف عليه تائين مسڻ وڏي جي قديم ديني درسگاهه مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ پڙهيو. سندس استادن ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، حضرت مولانا مفتي عبدالغفار ڪٽپر، شيخ الحديث حضرت مولانا جمال الدين صوابي شامل آهن. پاڻ دوره حديث مدرسه عربيه مفتاح العلوم حيدرآباد ۾ ڪيائين ۽ اتان ئي فارغ التحصيل ٿي نڪتو. مولانا محمد ابراهيم خليل طب شعبي ۾ ايم اي ڊي ميڊيڪل ڪاليج سکر مان پاس ڪئي. پاڻ نه صرف هڪ عالم دين آهي پر گڏوگڏ هڪ بهترين حڪيم به آهي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڳوٺ رئيس علڻ خان لغاري ۾ اوڻيهين گريڊ ۾ عربي ٽيچر طور تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. مولانا محمد ابراهيم خليل شادي به ڪئي. کيس هڪ پٽ سيف الله ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


    مولانا مير محمد لغاري

    مولانا مير محمد لغاري
    مولانا مير محمد عاجز ولد رئيس محمد خان لغاري مسڻ وڏي ۾ 25 مئي 1960ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس ڏاڏي جو نالو حاجي غلام محمد لغاري آهي جيڪو جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جو جهونو جماعتي ۽ مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو خاص عقيدتمند هو. مولانا مير محمد لغاري ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان ۽ ديني تعليم جي شروعات مدرسه دارالهديٰ کان ڪئي. حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري، مولانا مفتي محمد تقي عثماني ۽ مولانا مفتي رفيع عثماني سندس قابل استاد رهيا آهن. پاڻ دارالعلوم ڪراچي مان 1988ع ڌاري فارغ التحصيل ٿيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪيترن ئي مدرسن ۾ مدرس طور رهيو. مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۽ مدرسه فاروق اعظم مسڻ وڏي ۾ به پڙهائي چڪو آهي. مولانا صاحب کي هڪ پٽ محمد جو اولاد آهي.


    مقامي سگهڙ، شاعر ۽ اديب

    مقامي سگهڙ، شاعر ۽ اديب

    مرحوم محمد عثمان مانجهي
    سندس پورو نالو محمد عثمان ولد عبدالحق ڪنڀار هو ۽ سندس تخلص “مانجهي مسڻائي” رهيو. سندس جنم مسڻ وڏيءَ ۾ انتهائي غريب گهراڻي ۾ 16 جون 1943ع ڌاري ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. تعليمي ميدان ۾ پاڻ گريجوئيٽ هو. حڪومت سنڌ طرفان کيس تعليم کاتي ۾ پرائمري ٽيچر جي ملازمت ملي ۽ مختلف وقتن تي پاڻ ممتحن (ايگزامنر)، سپروائيزر ۽ گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي جو هيڊ ماستر به رهيو. بعد ۾ پاڻ تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيو ۽ پوسٽ آفيس مسڻ وڏي جو پوسٽ ماسٽر پڻ رهيو. محمد عثمان مانجهي جو تعلق هر وقت مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۽ انجمن اشاعت العلوم لائبريري سان رهيو. کيس جامع مسجد مسڻ وڏي جي جماعت ۾ هڪ خاص نمايان حيثيت حاصل رهي. پاڻ جماعت جي جهونن مان هڪ هو. محمد عثمان مانجهي هڪ بهترين مدبر، سگهڙ، شاعر ۽ اديب هو. محمد عثمان مانجهي شاعري جي شروعات 1963ع کان ڪئي. پاڻ سنڌ جي مختلف مشاعرن ۾ به شريڪ رهيو. ان کان علاوه پاڻ سنڌي ادبي سنگت (ساس) ضلعي ٽنڊي الهيار جو به ميمبر هو. مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جي مجلس شوريٰ جي ميمبر هئڻ سان گڏ مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جي ڪاميٽي جو عهديدار به هو. محمد عثمان مانجهي نه صرف هڪ سگهڙ ۽ شاعر هو پر گڏوگڏ هڪ ماهر تعليمدان به هو. سندس وفات تازو ئي 28 سيپٽمبر 2013ع ڌاري بروز ڇنڇر جي ڏينهن گڙدن جي تڪليف جي ڪري ٿي. کيس سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان “عبدالله فقير” ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. کيس ٻن پٽن هر هڪ عبداللطيف، منصور احمد ۽ پنجن نياڻين جو اولاد هو. سندس وڏو پٽ عبداللطيف ڪنڀار سول اسپتال ٽنڊو الهيار ۾ ليبارٽري ٽيڪنيشن طور صحت کاتي ۾ ملازمت سان وابسته آهي.


    مرحوم بيوس محمد باقر لغاري

    مرحوم بيوس محمد باقر لغاري
    سندس پورو نالو محمد باقر ولد محمد عثمان لغاري آهي. پاڻ مسڻ وڏي ۾ 25 مارچ 1956ع ڌاري پيدا ٿيو. بيوس محمد باقر نه صرف هڪ تعليمي ماهر آهي پر بهترين شاعر به آهي. شاعري ۾ سندس تخلص ”بيوس“ آهي. شاعري ۾ غزل صنف کي وڌيڪ پسند ڪندڙ بيوس محمد باقر کي ”غزل“ چوڻ جو منفرد ڏانءُ آهي. بيوس تخلص هجڻ بابت سندس چوڻ آهي ته انسان هوندو ئي بيوس آهي ۽ بيوس ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. بيوس محمد باقر ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان ۽ بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. کيس 11 جنوري 1975ع تي تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور ملازمت ملي وئي ۽ سندس تقرري گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ ٿي. هن وقت تائين پاڻ ساڳئي اسڪول ۾ اوڻيهين گريڊ ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پاڻ مسڻ وڏي جي تقريبن نئين ٽهي جو استاد رهيو آهي. هيٺ بيوس محمد باقر جي چيل پهرئين شعر جو ٿلهه پيش ڪجي ٿو جيڪو علم عروض جي بحر وزن کان هٽي ڪري جهونگار تي چيل آهي.
    رڳو ياد مون کي تنهنجي تار آهي
    پاتم پيچ توسان پرين پيار آهي
    بيوس محمد باقر جو شاعري ۾ استاد مشهور و معروف شخصيت حڪيم جان محمد جهانگي آهي. ان کان علاوه پاڻ ڪجهه بحر وزن حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ کان به سکيائين. بيوس محمد باقر اشاعت العلوم لائبريري ۾ مولانا محمد يامين شوري جي ميزباني ۾ ٿيل مشاعرن ۾ شرڪت کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي طرحي توڙي غير طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي چڪو آهي. سندس پسنديده استادن ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو ڀاءُ صوفي محمد صديق لغاريؓ آهي. بيوس محمد باقر جي وفات جمعي جي ڏينهن 23 رمضان المبارڪ 1434هجري تي اسريٰ هاسپيٽل حيدرآباد ۾ ٿي. کيس بلڊ پريشر ۽ شگر جو عارضو رهندو هو. بلڊ پريشر ۽ شگر جي بلڪل LOW ٿيڻ ڪري سندس انتقال ٿيو. ياد رهي ته انهي دوران کيس ڊينگي بخار به ٿيو. سندس اچانڪ وفات تي مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي هر رهواسي کي تمام گهڻو دلي صدمو پهتو. سندس جنازي ۾ هر اک آلي رهي. کيس سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان “عبدالله فقير” ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    مرحوم هوت خان لغاري

    مرحوم هوت خان لغاري
    هوت خان لغاري ولد حسين خان لغاري مسڻ وڏي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. پاڻ مسڻ وڏي جو مشهور و معروف سگهڙ ٿي رهيو آهي. کيس ڏُور بيتن کان علاوه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو ڪافي حصو برزبان ياد هوندو هو. پاڻ ڪچهري جو ڪوڏيو هو. ڏور بيتن ۽ شاهه لطيف کان علاوه ٻين شاعرن جا بيت، وايون ۽ شعر چئي ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو. پاڻ مهيني مارچ 2013ع جي آخري تاريخن ۾ وفات ڪيائين. کيس مقامي قبرستان ”عبدالله فقير“ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    خادم سنڌي

    خادم سنڌي
    سندس پورو نالو مولانا محمد يامين ولد مولانا عبدالرحمان شورو آهي. پاڻ 1959ع ڌاري مسڻ وڏي جي هڪ تمام غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. مولانا محمد يامين شوري ”خادم سنڌي“ جي تخلص سان شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري جا اڻ ڇپيل مجموعا ”اداس رِيکائون“، ”لاهوتي لڏي ويا“، ”لڙڪ لکڻ نه ڏين“، ”وکريل موتي“ قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. شاعري ۾ سندس استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ کان علاوه سنڌ جو مشهور و معروف شاعر حافظ محمد احسن چنهؓ آهي. مولانا محمد يامين شورو جي زندگي ۽ ڪارنامن بابت جامع تحرير هن ئي ڪتابچي جي حصي ٽئين ”ماڻهو مسڻ جا مور سڀ“ جي عنوان ”مقامي علماءِ ڪرام“ ۾ پڙهي سگهجي ٿي.


    خليل لغاري

    خليل لغاري
    خليل لغاري جو پورو نالو ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ) ولد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ آهي. پاڻ خليل لغاري جي تخلص سان شاعري ڪيائين. سندس شاعري جو اڻ ڇپيل مجموعو ”بياض خليل“ پونئيرن وٽ موجود آهي. ميان خليل الرحمان لغاريؓ بابت جامع مضمون هن ئي ڪتابچي جي حصي ٽئين ”ماڻهو مسڻ جا مور سڀ“ جي عنوان ”مسڻ جا محسن“ ۾ شامل آهي.


    ظهير بابر

    ظهير بابر
    ظهير بابر جو پورو نالو ظهير الدين بابر ولد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ آهي. سندس شاعري اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس محفوظ آهي. جنهن کي مستقبل ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ جو پروگرام آهي. سندس شاعري مان ڪجهه هتي پيش ڪجي ٿو.
    تو ڪلمي تي ڪئين ڪوس ڪيا،
    مئخوار مون ڄڻ سڀ ڀاءُ ڏٺا،
    پيار مان پيالا پيتا تنين،
    تو زهر ڀريا انسانن ۾،
    ڇڏ رندن کي مئخاني ۾.
    محترم ظهير الدين بابر لغاري جي زندگي بابت جامع تحرير هن ڪتابچي جي ٽئين حصي ”ماڻهو مسڻ جا مور سڀ“ جي عنوان ”مقامي سياسي، سماجي شخصيتون“ ۾پڙهي سگهجي ٿي.


    استاد غلام قادر لغاري

    استاد غلام قادر لغاري
    استاد غلام قادر لغاري رٽائرڊ پرائمري استاد آهي. پاڻ ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري لڳ مسڻ وڏي ۾ بتاريخ 15 آڪٽوبر 1945ع ڌاري پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ۽ ناظره قرآن مجيد به مقامي مسجد ۾ پڙهيائين. پاڻ سن 1963ع ڌاري گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. سندس مربي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، استاد محمد اسحاق لغاري ٿي گذريا آهن. ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد کيس 1964ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر طور ملازمت ملي وئي. پاڻ پنجويهه سالن تائين مختلف اسڪولن ۾ تعليمي خدمتون ڏنائين. استاد غلام قادر لغاري 1989ع ۾ پنهنجي ذاتي مجبورين سبب رٽائرمينٽ ورتي. هن وقت پاڻ پنهنجي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ مستقل رهائش پذير آهي. استاد غلام قادر صاحب سنڌ جو بهترين سگهڙ آهي. پاڻ ڪچهري جو ڪوڏيو آهي. مجلس کي پنهنجي سگهڙائپ ۽ مختلف شاعرن جي بيتن سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي.


    صاحب ديوان حڪيم جان محمد جهانگي

    صاحب ديوان حڪيم جان محمد جهانگي
    حڪيم جان محمد جهانگي مسڻ وڏي لڳ ڳوٺ غلام حيدر لغاري ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي ٽي درجا پڙهيل آهي. حڪيم جان محمد جهانگي بهترين سگهڙ، صاحب ديوان شاعر، علم نجوم ۽ علم جفر جو ماهر ۽ مشهور حڪيم آهي. شاعري ۾ سندس تخلص ”جهانگي“ آهي. پاڻ اشاعت العلوم لائبريري ۾ مولانا محمد يامين شوري جي ميزباني ۾ ٿيل مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ کان علاوه سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. پاڻ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو خاص عقيدتمند آهي. هن وقت پاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ غلام حيدر لغاري ۾ حڪمت خانو هلائڻ کان سواءِ معمولي زمينداري به ڪندو آهي. حڪيم جان محمد جهانگي علم نجوم تي هڪ ڪتاب به لکيو آهي جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. انشاءَ الله جلد ئي ڇپجي منظر عام تي اچي ويندو.


    خليل کوسو

    خليل کوسو
    محترم خليل احمد کوسو جيڪو هن وقت سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو تنهن پنهنجي تعليم جي ابتدا مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي کان ڪئي. ان کان پوءِ ڪجهه وقت ٽنڊي غلام علي جي مدرسي ۾ به پڙهيائين. بعد ۾ قاضي نور محمد لغاري جي مسجد ۾ ڪافي عرصو پيش امام رهيو. پاڻ نرالي طبيعت جو مالڪ ۽ خوش مزاج آهي. سندس شاعري جو مجموعو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڏکن ۽ سورن کان علاوه حمد، نعت، غزل، ڪافي، واقعاتي ۽ مزاحمتي شاعري تي مشتمل آهي. هن وقت ڪيترن ئي ٽي وي چينلز جهڙوڪ ڪي ٽي اين، مهراڻ، ڌرتي، سنڌ، آواز وغيره تان نشر ٿيندڙ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ وقت بوقت نظر ايندو رهندو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ قومي فنڪشن، ادبي محفلن ۾ گهڻو ڪري ضرور شامل ٿي پنهنجي شاعري سان محفل کي گرمائي ۽ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندو آهي. سندس مزاحيه شاعري به محفل کي ڏاڍو لطف اندوز ڪندي آهي. هن وقت پاڻ تعليم کاتي ۾ ملازمت سان وابسته آهي.


    عبدالرحيم عبد لغاري

    عبدالرحيم عبد لغاري
    عبدالرحيم لغاري حاجي غلام محمد لغاري جي گهر ۾بتاريخ 15 جون 1964ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم مسڻ وڏي جي درسگاهن مسلم پرائمري اسڪول، اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. انٽر آرٽس گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائين. پاڻ بي.اي کان علاوه بي. ايڊ پروفيشنل ڊگري طور به سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿس. کيس سن 1987ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر طور نوڪري ملي وئي. سندس پهرين پوسٽنگ ڳوٺ تاج محمد بلوچ يوسي ڊاسوڙي ٽنڊوالهيار ۾ ٿي. ان کان علاوه پاڻ ٻين به ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پرائمري ٽيچر رهيو. پاڻ گورنمينٽ مسلم مين سنڌي پرائمري اسڪول مسڻ وڏي جو هيڊماستر به ٿي رهيو آهي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. عبدالرحيم ولد حاجي غلام محمد لغاري ”عبد“ جي تخلص سان شاعري به ڪئي آهي. شاعري جو ڪافي مجموعو وٽس قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. کيس هڪ پٽ غلام محمد ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. سندس فرزند غلام محمد لغاري زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ زير تعليم آهي.


    نئين ٽهي جا شاعر ۽ اديب

    نئين ٽهي جا شاعر ۽ اديب
    نواب سليم لغاري، عبدالجبار دانش لغاري، مختيار احمد لغاري، انيس ولي محمد ملاح، محمد قاسم ملاح، فهيم فدا شورو، سيف الله سيف شورو، ساگر وسيم شورو، فاروق رضا ”ابن بابر“ لغاري، بيوس ظهير احمد لغاري، گل محمد گل لغاري، غلام حسين تبسم ملاح، حافظ زوهيب احمد ڪنڀار، ميرل لغاري، ساقي سجاد حسين لغاري، عبداللطيف ڪنڀار.


    مقامي سياسي، سماجي شخصيتون

    مقامي سياسي، سماجي شخصيتون

    مخدوم ميون علي محمد ولهاري
    مخدوم ميون علي محمد ولهاري جو نسبي تعلق سنڌ جي مشهور اولياءَ الله هستي حضرت مخدوم ميون محمد صابر ولهاري رحمت الله عليه سان آهي. سندس والد صاحب جو نالو مخدوم ميون لطف علي ولهاري هو، جيڪو زمينداري طبقي سان تعلق رکندڙ هو. مخدوم ميين صابر ولهاريؓ جي اصل ذات سمون هئي. صاحب ولايت هئڻ جي ڪري سندس چهري مان نور جون لاٽون نڪرنديون هيون جنهن ڪري مخدوم ميين صابر ولهاري کي ”ٻرند“ چيو ويندو هو. ولهار خطي جو رهائشي هئڻ ڪري پاڻ ولهاري سڏجڻ لڳو. هي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي دور جو آهي. بلڪه ڪن ڪتابن ۾ آيل آهي ته شاهه عبداللطيف ساڻس ملڻ جي لاءِ ولهار جي سرزمين تي ايندو هو. مخدوم ميين صابر ولهاري جي مدرسي جا کنڊرات اڄ به موجود آهن. مخدوم ميون علي محمد ولهاري جي خاندان سياست جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آهي. انهي ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته سياست کيس ورثي ۾ ملي آهي. سياست جي ميدان ۾ ڪيترائي لاها چاڙها اچڻ باوجود پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو هميشه وفادار ٿي رهيو آهي. هن وقت پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊي الهيار جو صدر آهي ۽ عوام جي بي لوث ۽ بغير ڪنهن مفاد ۽ متڀيد جي خدمت ڪرڻ ۾يقين رکندڙ نوجوان سياستدان آهي.


    محترم عبداللطيف مڱريو

    محترم عبداللطيف مڱريو
    محترم عبداللطيف مڱريو صاحب جي مستقل رهائش مسڻ وڏي جي ڀر واري ڳوٺ مسڻ ننڍي ۾ آهي. پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ اسيمبلي جو ايم پي اي ٿي رهيو آهي. محترم عبداللطيف مڱرئي صاحب 1967ع ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ ماڊل ڪامرس ميرپورخاص ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي. ون يونٽ جي دور ۾ پاڻ شاگرد تنظيم تحريڪن جو حصو بنجي صدر ايوب جي مارشل لا دور ۾ ڊسٽرڪٽ نارا جيل، سينٽر جيل حيدرآباد ۽ سينٽرل جيل سکر ۽ سنڌ جي ٻين جيلن ۾ قيدي بڻيو. آخرڪار انهن تحريڪن رنگ لاٿو ۽ سنڌ تان ون يونٽ جي ڪاري دور جو خاتمو آيو. تحريڪن جي ڪري سندس پڙهائي به تمام گهڻو متاثر ٿي ۽ انٽر ڪامرس ۾ هڪ سبجيڪٽ رهجي وڃڻ جي ڪري پاڻ انٽر آرٽس جو امتحان ايس ايم اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ ڏنائين. اڳتي هلي ساڳئي ايس ايم اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ کيس پي.ٽي.آءِ جي اگينسٽ نوڪري ملي وئي ان وقت هيڊماستر سيد اميد علي شاهه بخاري هو. پاڻ سياست جي ميدان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اوليت ڏنائين ۽ اڄ ڏينهن تائين کيس پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٽنڊي الهيار جي بزرگ سياستدانن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. پاڻ سنڌ اسيمبلي جو ايم پي اي ٿيندي ئي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ کان علاوه ٽنڊي الهيار جي سمورن علائقن کي تعليمي ادارا، صحت مرڪز، روڊ رستا ۽ ٻيون سهوليتون ڏيئي هتي جي ماڻهن جون دلي طرح دعائون کٽيائين جنهن جي طفيل هتي جو عوام کيس عزت و احترام جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ سندس اعليٰ ڪردارن ۽ صفتن جو دلي طرح معترف آهي.


    ڊاڪٽر عبدالجليل جروار

    ڊاڪٽر عبدالجليل جروار
    ڊاڪٽر عبدالجليل جروار ڳوٺ مٺو جروار ۾ 1971ع ڌاري پيدا ٿيو. پاڻ 1983ع ۾ پرائمري، 1986ع ۾ گورنمينٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار مان مڊل ۽ 1988ع ۾ گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. سندس استادن ۾ استاد رسول بخش لغاري، استاد شير محمد لغاري، استاد الهڏنو لغاري ۽ استاد رسول بخش کوسو نمايان طور تي شامل آهن. پاڻ 1991ع ۾ ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان انٽر، 1995ع ۾ شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص مان بي. ايس. سي پاس ڪيائين. اعليٰ تعليم جي حوالي سان پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪنامڪس ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالجليل جروار صاحب ڪجهه وقت تائين قاسم آباد اسٽاپ لڳ ولهاري پيٽرول پمپ تي پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ به هلائي. پاڻ سياست جي شروعات سپاف ۾ 1987ع ۾ شموليت سان ڪيائين. پاڻ وقت بوقت تعلقه ٽنڊي الهيار جو سپاف صدر، ضلع حيدرآباد جي سپاف جو سينيئر نائب صدر به ٿيو. ڪجهه وقت تائين پاڻ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ورڪنگ ڪاميٽي جو بنيادي ميمبر به رهيو. سياست ۾ سندس استاد محترم عبدالستار بچاڻي صاحب آهي. پاڻ پيپلز پارٽي جي موجوده اڳواڻن سان ڪن سياسي اختلافن جي ڪري پيپلز پارٽي کي خيرآباد چئي ”آزاد مگسي اتحاد“ ۾ شموليت ڪيائين. پاڻ بلدياتي اليڪشن ۾ يونين بيگن جروار جو ناظم به رهي چڪو آهي.


    ظهير الدين بابر لغاري

    ظهير الدين بابر لغاري
    محترم جناب ظهير الدين بابر لغاري مسڻ وڏي ۾ 16 آگسٽ 1947ع ڌاري پيدا ٿيو. پاڻ تحريڪ آزادي جي بي باڪ مجاهد، خلافت تحريڪ جي عظيم اڳواڻ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري رحمت الله عليه جو ٻيون نمبر فرزند آهي. سندس والد بزرگوار پنهنجي وقت جو وڏو انقلابي سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ، مجاهد، موحد ۽ مجتهد فقيهه ٿي گذريو آهي. ظهير بابر لغاري نه صرف بهترين شاعر، انقلابي سوچ جو مالڪ آهي پر پاڻ علم جو ڀنڊار به آهي. پاڻ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ خوب حصو ورتائين. سندس چوڻ آهي ته شروع شروع ۾ آئون لالا قادر ۽ حسين شاهه بخاري سان گڏجي ”سنڌ ماروئڙا اسٽوڊنٽ“ ۾ گڏ رهيس. پر بعد ۾ لالا قادر سان اختلاف ڪندي پاڻ ۽ حسين شاهه بخاري الڳ ٿي ويا ۽ پاڻ 1966ع ڌاري ”جيئي سنڌ شاگرد تنظيم“ جو بنياد وڌائين. ظهير بابر لغاري ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج کي يونيورسٽي بڻائڻ لاءِ به جدوجهد ڪئي ۽ گڏوگڏ سنڌي ٻولي ۾ لسٽون ٺاهڻ لاءِ به کيس ڪافي وقت ميانوالي جيل ۽ سينٽر جيل سکر ۾ باندي ٿيڻو پيو. ظهير بابر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي لاءِ ڪيل محنتن ۽ جدوجهدن ڪرڻ باوجود اڄ پوئتي پوڻ جو سبب هڪ اردو مصرع ۾ خوب بيان ڪيو آهي. ”منزل انهين ملي جو شريڪ سفر نه تهي.“ ظهير بابر لغاري گيهه ڪارپوريشن ۾ ملازمت به ڪئي جنهن تان هينئر رٽائر ڪئي اٿس. پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن اڳواڻن سان نه صرف ملاقات ڪري چڪو آهي پر انهن سان سندس گهري دوستي رهي آهي. انهن اڳواڻن ۾ هندستان جو برک اديب، دانشور ۽ ليکڪ آغا شورش ڪاشميري، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، محترم جي ايم سيد، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ السند علامه عبدالحق رباني، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ غلام حسين سومرو، خان عبدالولي خان، مولانا عزيزالله جروار، مولانا حافظ محمد اسماعيل کڏي ڪراچي وارو، قاضي محمد اڪبر، پير مظهر الحق، مولانا فضل الرحمان، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر اچي وڃن ٿا. مير علي احمد خان ٽالپر کيس لنڊن مان 3 مارچ 1978ع ڌاري هڪ خط لکيو جنهن ۾ خير عافيت کان سواءِ سندس والد محترم مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي ڪيل جدوجهدن ۽ محنتن جو اعتراف ڪيو آهي. ميانوالي جيل ۽ سکر جيل ۾ ظهير الدين بابر لغاري ان وقت ملڪ جي سياسي سماجي موضوعن تي ڊائريون به لکيون آهن. ظهير الدين لغاري ”بابر بلوچ“ جي تخلص سان شاعري به ڪئي جيڪا اڃا تائين وٽس قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. ظهير بابر جو اڄوڪي ملڪي سياست جي باري ۾ چوڻ آهي ته شروعات ۾ سياست هڪ عبادت هئي. هاڻ ڪوڙ، ٺڳي، فريب ۽ دوکي جو نالو سياست آهي. اڄوڪي سياستدانن جو مقصد پئسا ڪمائڻ، ملڪيتون ٺاهڻ، اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. عوام جو حقيقي هڏ ڏوکي ڪوبه نه رهيو آهي. ظهيرالدين بابر لغاري کي چار پٽن هر هڪ اياز سلطان، امتياز احمد، اشفاق حسين ۽ فاروق رضا ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.


    رياض احمد لغاري

    رياض احمد لغاري
    رياض احمد لغاري مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جو ٽيون نمبر فرزند ۽ مدرسه دارالهديٰ جو موجوده مهتمم آهي. پاڻ ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم خاطر سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سوشيالوجي ڪئي اٿس. ڪجهه وقت سنڌ سان لاڳاپيل قومپرست تنظيمن خاص ڪري عوامي تحريڪ سان به لاڳاپيل رهيو. پر هن وقت ڪنهن به تنظيم ۾ باقاعده شامل نه آهي. پاڻ ڪافي وقت زڪوات، عشر ڪاميٽي ۽ يونين مسڻ جو چيئرمين به رهيو آهي. سندس خاندان علم، ادب ۽ سياست جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي. سندس وڏو ڀاءُ ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ تمام گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو. اهڙيطرح سندس ٻيو نمبر ڀاءُ ظهير الدين بابر به پنهنجي شاگردي واري دور ۾ سرگرم قومپرست رهنما رهيو. پاڻ بلدياتي اليڪشن ۾ به حصو ورتائين. رياض احمد لغاري هن وقت پنهنجي مائٽاڻي زمين سنڀالي ٿو ۽ مدرسه سان به لاڳاپيل آهي.


    پروفيسر سرجن محمد حسين لغاري

    پروفيسر سرجن محمد حسين لغاري
    هي مسڻ وڏي جي اهم شخصيت مرحوم حڪيم صوڀو خان لغاري جو ننڍو فرزند ۽ حڪيم نبي بخش خان لغاري بلوچ جو ننڍو ڀاءُ آهي. پاڻ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو سرجن پروفيسر آهي. ڊاڪٽر صاحب ستن سالن تائين انگلينڊ ۾ رهيو ۽ اتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري سول اسپتال حيدرآباد ۾ صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جو شمار سنڌ جي مشهور سرجن پروفيسرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب غريب عوام جو همدرد، هر دلعزيز انسان آهي. پاڻ ڊاڪٽري شعبي سان منسلڪ هئڻ ڪري سنڌ جي ڏتڙيل عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي.


    حڪيم نبي بخش خان ولد حڪيم سوڀو خان لغاري

    حڪيم نبي بخش خان ولد حڪيم سوڀو خان لغاري
    سندس پورو نالو نبي بخش ولد حڪيم صوڀو خان لغاري آهي. پاڻ ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ بتاريخ 16 جولاءِ 1933ع ۾ پيدا ٿيو. حڪيم نبي بخش ابتدائي تعليم مسلم اسڪول مسڻ وڏي مان حاصل ڪئي. 1950ع ۾ پاڻ ورنيڪيولر ڪميٽي جون ست جماعتون به پاس ڪيائين جنهن کي ان وقت جي سنڌي فائنل چيو ويندو هو. حڪيم نبي بخش خان لغاري کي ٽنڊي الهيار جي مشهور تعليمي اداري ايس ايم اسڪول اسٽيشن روڊ ٽنڊو الهيار جي بورڊنگ هائوس جو پهريون مانيٽر هجڻ جو به اعزاز حاصل آهي. سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد پاڻ مسڻ وڏي ۾ پرائمري ٽيچر طور 35 روپيه ماهانه پگهار تي هڪ سال تائين پڙهايائين. پاڻ ڊاڪٽري (طبي) شعبي سان وابسته هئڻ ڪري عوام الناس جي خدمت ڪري رهيو آهي. الله تعاليٰ کيس خضري عمر ۽ صحت ڪامله عطا فرمائي آمين.


    رئيس گل حسن خان لغاري

    رئيس گل حسن خان لغاري
    سندس پورو نالو گل حسن ولد مرحوم رئيس حاجي محمد اسماعيل خان لغاري آهي. پاڻ مسڻ وڏي ۾ بتاريخ 22 ڊسمبر 1950ع ڌاري پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. 1970-1971ع ڌاري انٽر آرٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار مان ۽ اعليٰ تعليم ۾ ايم اي پوليٽيڪل سائنس، ايم اي سوشيالوجي ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار ۾ شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري به ٿي رهيو. ان وقت ڪاليج جو پرنسپال مشهور بئريسٽر هاتف خدائي هو. رئيس گل حسن خان لغاري صاحب جو والد محترم رئيس حاجي اسماعيل خان لغاري مسڻ وڏي جي تاريخ ساز شخصيتن حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو نه صرف معتقد هو پر سندن قائم ڪيل ديني درسگاهه مدرسه دارالهديٰ سان حاجي صاحب جو آخر دم تائين تعلق رهيو. توڙي جو رئيس گل حسن خان لغاري سياست کان ڪناره ڪش آهي پر پاڻ سياست ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو شيدائي آهي. پاڻ ٻن سالن تائين گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ استاد طور به خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان علاوه پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ مختلف عهدن تي 1979ع کان 2011ع تائين رهيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جن عهدن تي پاڻ رهيو انهن ۾ ڪالوني ويلفيئر آفيسر، پرچيز اينڊ اسٽور آفيسر، ڊائريڪٽر فارمس آفيسر ۽ آخر ۾ ڊائريڪٽر ڪيمپس جي حيثييت سان بتاريخ 22 ڊسمبر 2011ع ڌاري رٽائرڊ ٿيو. زرعي يونيورسٽي ۾ رهي ڪري پاڻ پنهنجي علائقي جي ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار سان لڳرايائين. رئيس گل حسن خان انهي ڳالهه جو دلي طرح متعارف آهي ته مسڻ وڏي مان جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام کي ختم ڪرڻ ۽ هتي جي رهواسين کي آزادي ڏيارڻ ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي ڪوششن ۽ جدوجهدن کي وساري نٿو سگهجي. اڄ جيڪو مسڻ وڏي ۾ آزاد فضا وارو ماحول ڏسجي ٿو حقيقت ۾ اهو انهن ٻنهي بزرگن جي گڏيل محنتن جي ڪري ئي آهي. رئيس گل حسن خان لغاري ڪل ٽي شاديون ڪيون آهن جن مان پنج پٽن ۽ پنج نياڻين جو اولاد آهي. سندس پٽن جا نالا هي آهن. عبدالناصر، مسرور احمد، منصور احمد، شهزور احمد ۽ تيمور احمد. (رئيس گل حسن خان لغاري بابت هي مواد سندس ڀائيٽي اظهر علي ولد مرحوم رئيس علي احمد خان لغاري لکي ڏنو.)


    رئيس نانا محمد جمن لغاري

    رئيس نانا محمد جمن لغاري
    سندس پورو نالو محمد جمن ولد رئيس حاجي محمد اسماعيل لغاري آهي. پاڻ مسڻ وڏي ۾ سن 1957ع ڌاري پيدا ٿيو. مسڻ وڏي جا ماڻهو پيار مان کيس ”نانا جمن“ ڪري سڏيندا آهن. پاڻ ابتدائي تعليم سان گڏ ميٽرڪ مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان، بي اي ۽ ايم اي اڪنامڪس جي ڊگري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ نه صرف سندس استاد هئا. پر پاڻ اڃا تائين کين پنهنجو روحاني رهبر سمجهي ٿو. رئيس نانا جمن ننڍي هوندي کان ئي سماجي فلاح و بهبود جي ڪمن ۾ گهري دلچسپي رکندڙ آهي. پاڻ نه صرف هڪ بهترين سماج سڌار ڪارڪن آهي پر گڏوگڏ سياست ۾ به خاص دلچسپي رکي ٿو. رئيس نانا جمن 1985ع ڌاري پي ايس 52 تان ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهيو. سندس انتخابي نشان ڏيئو هو. رئيس نانا جمن لغاري مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي جي موجوده ناظم مولانا محمد يامين شوري جي والد بزرگوار مرحوم مولانا عبدالرحمان شوريؓ جو نهايت ئي عقيدتمند آهي ۽ اڄ تائين سندس عقيدتمندي مولانا عبدالرحمان شوريؓ جي خاندان سان هلندي اچي. کيس ڇهن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.


    رئيس گل محمد لغاري (دڪاندار)

    رئيس گل محمد لغاري (دڪاندار)
    گل محمد ولد پير بخش لغاري جو تعلق مسڻ وڏي جي رئيس گهراڻي سان آهي جيڪي ڪنهن وقت ۾ پٽيل سڏبا هئا. کيس پرائمري تعليم سان گڏ دڪانداري جو سٺو تجربو آهي. سندس ذاتي دلچسپي ۽ محنت جي ڪري دڪانداري جي پيشي ۾ پاڻ سٺي ترقي ڪئي اٿس. سندس طبيعت ۾ برداشت ۽ بردباري تمام حد درجي جي آهي. پاڻ مسڻ وڏي جي دڪاندار سيٺن ۾ سٺي شهرت رکي ٿو.


    رئيس محمد هاشم خان لغاري عرف هاشم گذدر

    رئيس محمد هاشم خان لغاري عرف هاشم گذدر
    محمد هاشم خان لغاري ولد جمال خان لغاري مسڻ وڏي ۾ بتاريخ پهرين جنوري 1953ع ڌاري پيدا ٿيو. پاڻ گهرو مسئلن ۽ پنهنجي والد صاحب جمال خان لغاري جي مسلسل بيمار رهڻ ڪري صرف پنج درجا پڙهي سگهيو. صوفي محمد صديق لغاريؓ (مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو ڀاءُ) ۽ حافظ ابراهيم هالا واري وٽان تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ سياست جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪيائين. محمد هاشم خان لغاري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ تڏهن شموليت ڪئي جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي انهي پارٽي جو 1968ع ڌاري بنياد وڌو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس ملاقات تنهن وقت جي صدر تعلقه ٽنڊو الهيار ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ ولد مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ستر ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڪرائي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس ”هاشم گذدر“ جو لقب ڏنو. اڄ ڏينهن تائين پاڻ هاشم گذدر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. کيس چار پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سندس پٽن جا نالا هي آهن. خادم حسين، ذوالفقار علي لغاري، مبارڪ احمد ۽ اختر حسين لغاري.


    الحاج محمد صديق سميجو

    الحاج محمد صديق سميجو
    حاجي محمد صديق سميجو پهرين جنوري 1971ع تي مرحوم ميان جان محمد سميجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد صاحب جو واسطو مسڻ وڏي جي ولي الله هستين حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان رهيو آهي. حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي کي منظم نموني هلائڻ جي لاءِ جيڪا ڪاميٽي تجويز ڪئي هئي، حاجي محمد صديق سميجي جو والد صاحب ميان جان محمد سميجو ان ڪاميٽي ۾ خزانچي طور نامزد ڪيو ويو. حاجي محمد صديق سميجي شروعاتي تعليم مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۽ ميٽرڪ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان حاصل ڪئي. حاجي صاحب بي. اي پاس گريجوئيٽ آهي. پاڻ شروع کان وٺي واپار جي شعبي سان وابسته رهيو آهي. هن وقت سندس شمار مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي وڏن واپارين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ هر ڏکئي ويل غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ بيواهن جي وس آهر مدد ڪندو رهندو آهي. ان کان علاوه ٻين خير جي ڪمن ۾ حاجي صاحب پيش پيش رهندو آهي.


    استاد شير محمد لغاري

    استاد شير محمد لغاري
    استاد شير محمد لغاري بلوچ بتاريخ 25 جنوري 1957ع ڌاري مرحوم محمد حسن لغاري بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سن 1969ع ۾پرائمري تعليم گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي، 1974ع ۾ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سندس مشهور استادن ۾حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، صوفي محمد صديق لغاري (مولانا لغاريؓ جو ڀاءُ)، حاجي عبدالله دائوداڻي، ميان خليل الرحمان لغاري ايڊووڪيٽ، عبدالجبار لغاري، پروفيسر محمد ڪامل لغاري، استاد مير محمد خاصخيلي، استاد عبدالرحمان سمون، استاد رسول بخش لغاري شامل آهن. کيس 31 مئي 1977ع ۾ تعليم کاتي ۾ جي. ايس. ٽي طور نوڪري ملي وئي. پاڻ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. پاڻ ڊسمبر 2003ع ۾رٽائرمينٽ ورتائين. استاد شير محمد لغاري رٽائرمينٽ تائين گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ پڙهائيندو رهيو. پاڻ واٽر سپلاءِ اينڊ ڊيريج سسٽم مسڻ وڏي پنجن سالن تائين هلايائين. ان کان علاوه پاڻ 2008ع کان اڃا تائين زڪوات ڪاميٽي يوسي مسڻ جو چيئرمين آهي. سندس پسنديده شخصيت سنڌ جي ولي الله هستي مرشد ڪامل حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ آهي. استاد شير محمد لغاري کي چار پٽن هر هڪ وسيم حسن، نعيم حسن، سميع حسن عرف عامر خان، ذيشان خان عرف آزاد خان ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


    ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري

    ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري
    سندس پورو نالو عبدالجبار ولد حڪيم عبدالرحمان لغاري آهي. پاڻ مسڻ وڏي ۾ 1971ع ڌاري جنم ورتائين. ڊاڪٽر صاحب ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان، انٽرميڊيئيٽ (پري ميڊيڪل) سعيد پور تلهار ضلع بدين مان حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب اعليٰ تعليم خاطر لمس ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ورتي جتان سن 1998ع ڌاري ايم بي بي ايس جي ڊگري پاس ڪيائين. پاڻ ڪجهه وقت حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ وٽ زير تعليم رهيا. ان کان علاوه سندس ٻين استادن ۾ استاد صوفي محمد صديق لغاريؓ ۽ استاد خان محمد لغاريؓ اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري سماجي فلاح و بهبود جي ڪمن ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. هن وقت پاڻ بلوچ اتحاد ۾ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ ميمبر آهي. پاڻ سن 2002ع ۾ شادي به ڪيائين. کيس هڪ نياڻي جو اولاد آهي. في الحال سندس رهائش ميرپورخاص ۾ آهي. سندس گهرواري سول اسپتال ميرپورخاص ۾ ليڊي ڊاڪٽر طور عوام الناس جي خدمت ڪري رهي آهي.


    حڪيم محمد عمر لغاري

    حڪيم محمد عمر لغاري
    سندس پورو نالو محمد عمر ولد حڪيم عبدالرحمان لغاري آهي. پاڻ 1952ع ۾ مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان پرايائين. انٽرميڊيئيٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار ۽ گريجوئيٽ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. سندس اهم استادن ۾ حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، استاد عبدالرحمان سمون، استاد مير محمد خاصخيلي، صوفي محمد صديق لغاريؓ شامل آهن. حڪيم محمد عمر لغاري مسڻ وڏي جي ڄاتل سڃاتل شخصيت هئڻ سان گڏ بهترين حڪيم به آهي.سندس والد صاحب حڪيم عبدالرحمان ۽ سندس ڏاڏو حڪيم حاجي محمد يوسف لغاري بهترين حڪيم ٿي گذريا آهن. حڪيم محمد عمر طب ۾ اعظم طيبه ڪاليج حيدرآباد مان ڊگري حاصل ڪئي. کيس اسلام آباد ۾ حڪمت ۽ طب ۾ ايوارڊ به ملي چڪو آهي. پاڻ هن وقت مسڻ وڏي ۾ حڪمت خانو هلائي رهيو آهي. وٽس فالج ۽ ڪينسر کان علاوه ٻين ڪيترن ئي بيمارين جو علاج آهي. سندس شفاخاني وٽ مريضن جي رش لڳي پئي هوندي آهي. پاڻ نه صرف هڪ بهترين حڪيم آهي پر گڏوگڏ هڪ سماجي ورڪر به آهي. حڪيم محمد عمر لغاري کي ٽن پٽن هر هڪ معشوق علي، مقصود علي ۽ منصور علي ۽ چار ڌيئرن جو اولاد آهي. حڪمت کان علاوه پاڻ زمينداري طبقي سان وابسته آهي.


    ڊاڪٽر عبدالرحمان لغاري

    ڊاڪٽر عبدالرحمان لغاري
    ڊاڪٽر عبدالرحمان ولد حاجي عبدالله لغاري مسڻ وڏي جو رهائش پذير آهي. پاڻ گريجوئيٽ هئڻ سان گڏ لياقت ڪاليج حيدرآباد مان ڊاڪٽري شعبي ۾ ڪورس به ڪيائين. شروع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ حڪومت سنڌ طرفان سرڪاري ملازمت به ملي جنهن تان ڪجهه وقت رهڻ بعد استعيفيٰ ڏنائين. ڊاڪٽر صاحب مسڻ وڏي ۾ ”الطاف ميڊيڪل سينٽر مسڻ وڏي“ قائم ڪري پنهنجو عملي ڪم شروع ڪيو. جنهن وقت حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري ڪريمي فائونڊيشن جو صدر هو ان وقت ڊاڪٽر صاحب ڪريمي فائونڊيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو پر بعد ۾ حاجي محمد اسحاق جي وفات کان پوءِ ڪريمي فائونڊيشن جي اهتمام جون ذميداريون کيس حوالي ٿيون. جيڪي اڄ تائين خوش اسلوبي سان نڀائي رهيو آهي. ڪريمي فائونڊيشن طرفان پاڻ وقت بوقت صحت جي حوالي سان مسڻ وڏي ۽ آسپاس ۾ مخلتف ڪيمپون لڳائي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي. ان کان سواءِ ڪريمي فائونڊيشن طرفان ڪي جي اسڪول جي سرپرستي به ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان هڪ ادارو ”بلوچ آرٽ سرڪل“ قائم ڪيو آهي، جنهن جي طرفان مختلف قومي ڏهاڙن، شادين مرادين ۾ ثقافت جا رنگارنگي پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن. ڊاڪٽر صاحب نه صرف عوام جي حقيقي خدمت ڪندڙ آهي پر گڏوگڏ هڪ بهترين سياح به آهي. پاڻ ڀارت، سينگاپور، ٿائيلينڊ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ملڪي توڙي غيرملڪي جاين جو سير ڪري چڪو آهي.


    عبدالڪريم لغاري(ميمبر)

    عبدالڪريم لغاري(ميمبر)
    عبدالڪريم لغاري ولد فضل خان لغاري 1936ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. پاڻ يونين ڪائونسل مسڻ وڏي جو عوام دوست ڪائونسلر به رهيو. حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان سندس خاص عقيدتمندي رهي آهي. پاڻ جامع مسجد مدرسه دارالهديٰ جي جهونن جماعتين مان هڪ هئڻ سان گڏ هڪ بهترين سماجي ورڪر به آهي. عبدالڪريم لغاري ٻه شاديون ڪيون، جن مان ٽي پٽ هر هڪ مرحوم غلام مصطفيٰ لغاري، شوڪت لغاري، محمد اياز لغاري ۽ 8 نياڻين جو اولاد اٿس.


    استاد رسول بخش لغاري

    استاد رسول بخش لغاري
    سندس پورو نالو رسول بخش ولد ولي محمد لغاري آهي. پاڻ مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان ئي حاصل ڪيائين. اڳتي هلي کيس تعليم کاتي ۾ حڪومت سنڌ طرفان هاءِ اسڪول ٽيچر طور ملازمت ملي وئي. پاڻ وقت بوقت ڪيترن ئي اسڪولن ۾ رهيو. سندس گهڻو وقت گورنمينٽ نيشنلائزڊ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ گذريو ۽ انهي اسڪول مان ئي رٽائرڊ ٿيو. استاد رسول بخش لغاري مذڪوره اسڪول جو ڪجهه وقت تائين هيڊماستر ۽ بعد ۾ ايف. اي طور تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. تاريخ جهڙي دلچسپ موضوع سان کيس خاص لڳاءُ آهي. رٽائرمينٽ بعد پاڻ پنهنجي زمين سنڀاليندو آهي. استاد رسول بخش ٻه شاديون ڪيون، کيس چئن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد آهي. پٽن جا نالا ولي محمد، مشتاق احمد، سعيد خان ۽ نثار احمد آهن.


    ڊاڪٽر قربان علي لغاري

    ڊاڪٽر قربان علي لغاري
    سندس پورو نالو قربان علي خان ولد محمد بچل لغاري آهي. پاڻ مسڻ وڏي شهر جو رهاڪو آهي. سندس جنم مسڻ وڏي ۾ 24 ڊسمبر 1961ع تي ٿيو. پرائمري تعليم کان وٺي ستين ڪلاس تائين پان مسڻ وڏي ۾ پڙهيو. بعد ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان 1979ع ڌاري انٽر پاس ڪيائين. 1980ع ۾ کيس لمس ۾ داخلا ملي وئي جتان 1988ع ڌاري ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ 1995ع ڌاري کيس صحت کاتي ۾ شروع شروع ۾ ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ بنياد تي حڪومت سنڌ طرفان محترم عبداللطيف مڱريو (تنهن وقت جي ايم پي اي سنڌ اسيمبلي) جي دور ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ملازمت ملي. پاڻ مختلف سرڪاري اسپتالن تي پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي چڪو آهي. هن وقت مسڻ وڏي جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ميڊيڪل آفيسر هئڻ کان علاوه ڪريمي ويلفيئر اسپتال ۾ به خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. مسڻ وڏي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ”رئيس محمد پٽيل ڪلينڪ“ جي نالي سان پرائيوٽ ڪلينڪ به آهي جتي پاڻ ڊيوٽي ٽائيم کان پوءِ مريضن جو مفت چيڪ اپ، علاج معالجه ڪندو رهندو آهي. رات هجي يا ڏينهن پاڻ هر وقت سڏ تي حاضر رهندو آهي. مسڻ وڏي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڊاڪٽر صاحب کان علاوه ڪوبه گزيٽيڊ آفيسر نه آهي جيڪو بيروزگار نوجوانن جي ڊگرين، سندن ۽ سرٽيفڪيٽن جي مفت ۾ اٽيسٽيشن ڪندو هجي. ڊاڪٽر صاحب مرحوم رئيس محمد خان پٽيل لغاري جي گهران 1984ع ڌاري شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻن ڇوڪرن هر هڪ اعجاز علي (پوليس ڪانسيٽيبل)، بچل خان لغاري ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


    رئيس لطف الله خان لغاري

    رئيس لطف الله خان لغاري
    لطف الله ولد حسين خان لغاري بلوچ 1940ع ۾ مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. 1946ع ۾ مدرسه دارالهديٰ ۾ داخل ڪيو ويو جتان پاڻ ناظره قرآن مجيد ۽ پنج ڪلاس پاس ڪيائين. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان 1962ع ڌاري ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس استادن ۾حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ، حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، استاد صوفي محمد صديق لغاريؓ، حاجي عبدالله عمراڻي، ملهاڏنو جوهو، نذر محمد عباسي ميرپورخاص وارو شامل آهن. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ سنڌ جي سمورن هاءِ اسڪولن جي شاگردن جي وچ ۾ تقريري مقابلو ٿيو جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر علامه آءِ آءِ قاضي ڪئي. انهي تقريري مقابلي ۾ رئيس لطف الله خان ٽين پوزيشن ماڻي انعام حاصل ڪيو. 1964ع ڌاري کيس حڪومت سنڌ طرفان صحت کاتي ۾ مليريا سپروائزر طور نوڪري ملي وئي. پاڻ 1989ع ۾ ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ مليريا سپروائزر ٿي رهيو. 1992ع ۾ ساڳئي نوڪري تان رٽائر ڪيائين. رئيس لطف الله خان شروع شروع ۾ هاري ڪاميٽي ۾ ڪارڪن طور ڪم ڪيو. پاڻ 1995ع ۾ باقاعده پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪيائين. پاڻ يوسي مسڻ وڏي جو پي پي نائب صدر به ٿي رهيو. هن وقت پاڻ تعلقي جهنڊي مري جي پيپلز پارٽي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر آهي. رئيس لطف الله خان نه صرف هڪ سياستدان آهي پر هڪ بهترين شاعر ۽ سگهڙ به آهي. شاعري جي شروعات پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ ڪيائين. رئيس لطف الله خان پنجن سالن تائين ڪريمي فائونڊيشن ۾ ڪارڪن رهي ڪم ڪيو. ان کان علاوه حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان گڏ ڪيترن ئي سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو. هن وقت سندس مشغولين ۾ سياست کان علاوه زمينداري شامل آهي. رئيس لطف الله 1965ع ڌاري شادي ڪئي جنهن مان پنجن پٽن هر هڪ حبيب الله، شمس الدين، معشوق علي عرف لالهي، محمد عمر عرف دودو، عنايت علي لغاري ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد آهي.


    ماما الهڏنو ڪنڀار

    ماما الهڏنو ڪنڀار
    الهڏنو ولد حڪيم محمد طاهر مسڻ وڏي ۾ 1932ع ڌاري پيدا ٿيو. پاڻ قرآن مجيد ناظره قاري محمد حسن شيخ کان ۽ ابتدائي ديني تعليم مدرسه دارالهديٰ مسڻ وڏي ۾ حاصل ڪئي. کيس حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان والهانه عقيدتمندي آهي. پاڻ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ سان گڏجي ڳوٺ سڌار تحريڪ ۾ به خوب حصو ورتائين. الهڏنو ڪنڀار مسڻ وڏي جو پراڻو سماجي ورڪر رهيو آهي. مسڻ وڏي ۾ 1979ع ڌاري جيڪا زڪوات ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، الهڏنو ڪنڀار ان ڪاميٽي جو ميمبر هو، ته ان وقت مذڪوره زڪوات ڪاميٽي جو چيئرمين مرحوم ميان خليل الرحمان ايڊووڪيٽ ولد مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ هو.


    استاد محمد عمر سميجو

    استاد محمد عمر سميجو
    استاد محمد عمرسميجو ولد محمد مراد سميجو مسڻ وڏي ۾ بتاريخ 7 ڊسمبر 1962ع ڌاري پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ڪيائين. اڳتي هلي کيس پهرين فيبروري 1986ع ڌاري تعليم کاتي ۾ عربڪ ٽيچر طور نوڪري ملي وئي. سندس پهرين پوسٽنگ سلطان آباد هاءِ اسڪول ۾ ٿي. سرڪاري ملازمت جي ڪري پاڻ ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ ملازمت ڪري چڪو آهي. هن وقت گورنمينٽ مڊل اسڪول قاضي نور محمد لغاري ۾ انچارج هيڊماستر آهي. محمد عمر سميجي جي استادن ۾ مولانا محمد اسماعيل لغاري، مولانا عبدالڪريم لغاري، ميانجي حاجي عبدالله ڪنڀار، الحاج عبدالله دائوداڻي، عبدالرحمان سمون، استاد مير محمد خاصخيلي، محمد عثمان ڪنڀار شامل آهن. محمد عمر سميجو 1978ع ڌاري پنهنجي مائٽن مان شادي ڪئي. کيس ٻن ڇوڪرن هر هڪ عطا محمد، محمد انور ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. پاڻ نه صرف هڪ تعليمدان آهي پر گڏوگڏ سماجي ورڪر ۽ سياسي سوچ جو مالڪ آهي. استاد محمد عمر سميجي جو مدرسه دارالهديٰ ۽ جامع مسجد سان ديرينه لاڳاپو رهيو آهي. استاد محمد عمر سميجي مسڻ وڏي ۾ 2008-2007ع ڌاري سٽيزن ڪميونٽي بورڊ جو بنياد وڌو.


    استاد عبيدالله شورو

    استاد عبيدالله شورو
    عبيدالله شورو بتاريخ 22 آگسٽ 1969ع تي مسڻ وڏي ۾ مولانا عبدالرحمان شورو جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب مولانا عبدالرحمان شورو حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جي اوائلي شاگردن مان هڪ هو. مولانا عبدالرحمان شورو پنهنجي قبيلي مان اهو واحد شخص هو جيڪو علم جي ڳولا ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميرپورساڪرو ٺٽو مان سفر ڪندي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ مستقل رهائش پذير ٿيو. استاد عبيدالله شوري ابتدائي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪئي. اعليٰ تعليم طور ايم اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي مان 1999ع ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. کيس تعليم کاتي ۾ حڪومت سنڌ طرفان 7 جون 1988ع ۾ پرائمري ٽيچري ملي وئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي کان علاوه بي. ايڊ ۽ ايم ايڊ به پاس ڪئي اٿس. استاد عبيدالله شورو تعليم کاتي ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽيچر (گريڊ 17) طور گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هن وقت عبيدالله شورو هاءِ اسڪول ٽيچر کان علاوه سنڌ يونيورسٽي طرفان بي. ايڊ ٽيوٽر، رياضي ۽ انگريزي جو ماسٽر ٽرينر آهي.


    استاد ڪرم الله سميجو

    استاد ڪرم الله سميجو
    سندس پورو نالو ڪرم الله ولد مرحوم ميان جان محمد سميجو آهي. سندس والد صاحب مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ ۽ مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو ساٿاري ۽ مسڻ وڏي جي ديني درسگاهه مدرسه دارالهديٰ جي پراڻن شاگردن مان هڪ هو. استاد ڪرم الله سميجو مسڻ وڏي ۾ 14 جون 1970ع ڌاري پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري ۽ ميٽرڪ جي تعليم سن 1986ع ڌاري مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار، بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ان کان علاوه پاڻ بي ايڊ، مولوي فاضل عربي به سٺين مارڪن ۾ پاس ڪيائين. پاڻ فارسي مولانا عبدالڪريم لغاريؓ وٽ پڙهيو. ان کان علاوه پاڻ مولانا محمد يامين شورو، مولانا محمد حسن لغاري، بيوس محمد باقر لغاري، رسول بخش لغاري، استاد شير محمد لغاري وٽان به علم پرايائين. استاد ڪرم الله سميجو کي 1992ع ڌاري تعليم کاتي ۾ عربڪ ٽيچر طور ملازمت به ملي وئي. سندس پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ مڊل اسڪول حاجي لکاڏنو ڪوري ۾ ٿي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي ۾ ارڙهين گريڊ ۾ تعليمي زدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. استاد ڪرم الله سميجو سال 1987ع ڌاري پهرين شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ فرزند شير محمد ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. پهرين رفيقه حيات جي وفات کان پوءِ پاڻ ٻي شادي ڪيائين جنهن مان کيس هڪ پٽ محمد شاهد ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.


    استاد مدد علي ولد سهراب خان لغاري

    استاد مدد علي ولد سهراب خان لغاري
    مدد علي ولد مرحوم سهراب خان لغاري بتاريخ 18 مئي 1969ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول لعل خان لغاري لڳ رتن آباد ميرپرخاص مان حاصل ڪيائين. 1985ع ڌاري ميٽرڪ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان، 1988ع ڌاري انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان پاس ڪيائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان 1993ع ڌاري بي اي، 2001ع ڌاري بي ايڊ ۽ 2012ع ڌاري ايم ايڊ پاس ڪئي اٿس. پاڻ جن استادن وٽ پڙهيو انهن ۾ الحاج عبدالله دائوداڻي، ميانجي حاجي عبدالله، حافظ عبدالحق لغاري، مُلا محمد رحيم لغاري، استاد مير محمد خاصخيلي، عبدالرحمان سمون، صوفي محمد صديق لغاري، محمد عثمان ڪنڀار، بيوس محمد باقر لغاري، استاد شير محمد لغاري شامل آهن. مدد علي ولد سهراب خان لغاري کي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچري 1989ع ڌاري ملي. سندس پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۾ ٿي. ان کان علاوه پاڻ ٻين به ڪيترن ئي اسڪولن ۾ رهي چڪو آهي. هينئر پاڻ پرائمري اسڪول ڳوٺ عبدالله منڱريو ۾ ٻارن کي پڙهائي رهيو آهي. ياد رهي ته استاد مدد علي راقم الحروف (فهيم فدا شورو) جو پنجين ڪلاس جو استاد رهيو آهي. استاد مدد علي 1993ع ڌاري شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ عابد علي ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي.


    محمد اسماعيل ڪنڀار

    محمد اسماعيل ڪنڀار
    محمد اسماعيل ولد فقير محمد ڪنڀار مسڻ وڏي ۾ 2 جون 1968ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرپور مان حاصل ڪيائين ۽ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار مان 1988ع ڌاري پاس ڪيائين. پاڻ بي اي 1992ع ڌاري ۽ ايم اي 1995ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ، ميانجي حاجي عبدالله ڪڇي ڪنڀار سندس استاد رهيا آهن. کيس تعليم کاتي طرفان پرائمري ٽيچر طورملازمت ملي وئي. پاڻ وقت بوقت پرائمري سپروائيزر ۽ گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر به رهي چڪو آهي. پاڻ نه صرف هڪ استاد آهي پر ڳوٺ مسڻ وڏي جي سماجي فلاح و بهبود جو سرگرم ڪارڪن به آهي.


    حاجي گل محمد خان ولد شهلي خان لغاري

    حاجي گل محمد خان ولد شهلي خان لغاري
    حاجي گل محمد ولد شهلي خان لغاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. مسڻ وڏي جي بنياد رکندڙ لغاري قوم ۾کيس نمايان مقام حاصل آهي. حاجي گل محمد صاحب 1997ع ڌاري حج جي سعادت به ماڻي. پاڻ ڪافي وقت کان وٺي علي آباد فارم (عرف ڀٽو فارم) تي مينيجر طور ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ سنجيده طبيعت جو مالڪ، صوم و صلواة جو پابند ۽ جامع مسجد مسڻ وڏي جو جهونو جماعتي آهي. کيس چار پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. حاجي صاحب جا ٻه فرزند محد رفيق ۽ منظور احمد وفات ڪري چڪا آهن البته سندس ٻه پٽ اقبال احمد ۽ بشير احمد ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ۾ زرعي آفيسر آهن.


    حاجي محمد اشرف لغاري (صحافي)

    حاجي محمد اشرف لغاري (صحافي)
    حاجي محمد اشرف ولد حاجي عبدالله لغاري بتاريخ 29 جون 1943ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري ۽ ميٽرڪ تائين تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. حاجي صاحب جا استاد محترم لکاڏنو ترڪ، جعفر، حڪيم نبي بخش لغاري ۽ حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري رهيا آهن. پاڻ 1975ع ڌاري حج جي سعادت به ماڻي اٿس. حاجي محمد اشرف مسڻ وڏي جو مشهور صحافي آهي. پاڻ سن 1973ع کان صحافت جي شروعات ڪيائين. پاڻ شروع کان وٺي عبرت اخبار ۾ صحافتي سرگرميون سرانجام ڏيئي رهيون آهن. پاڻ هن وقت پريس ڪلب مسڻ وڏي جو صدر به آهي. حاجي صاحب سن 1964ع ڌاري شادي به ڪئي، کيس پنجن پٽن هر هڪ انور، امين، سليم، شوڪت، اعجاز علي ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


    عبدالستار ولد عبدالجبار لغاري (رينجرز آفيسر)

    عبدالستار ولد عبدالجبار لغاري (رينجرز آفيسر)
    عبدالستار ولد عبدالجبار لغاري 20 فيبروري 1968ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. 1978ع ڌاري پرائمري، 1983ع ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ، 1986ع ڌاري انٽر ڪيائين. کيس شروع کان وٺي فوجي شعبي سان عشق جي حد تائين شوق ۽ جنون هو. پاڻ 1989ع ڌاري رينجرز ۾ اپلاءِ ڪيائين. کيس جنوري 1990ع ڌاري رينجرز ۾ حوالدار رينڪ جو آرڊر مليو. پاڻ پنهنجي والدين ۽ چاچن حڪيم نبي بخش لغاري، پروفيسر سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري کان متاثر آهي. کيس جنوري 1994ع ڌاري سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ملي. کيس ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ جي عهدي تي سيپٽمبر 2003ع ڌاري ترقي ملي. پاڻ اڃا تائين ساڳئي پوسٽ تي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پاڻ رينجرز ۾ رهي ڪري سنڌ جي مختلف علائقن جهڙوڪ دادو، هالا، حيدرآباد، مٽياري، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، سيوهڻ، ڪراچي، کپرو، اڇڙو ٿر، جيڪب آباد، نوابشاهه، لاڙڪاڻو کان سواءِ پنجاب ۽ پاڪستان جي به مختلف علائقن جهڙوڪ لاهور، ملتان، اوڪاڙهه، گوجرانواله، گجرات، سرگودها، ميانوالي، چڪوال، جهلم، ڊيره اسماعيل خان، رحيم يار خان، حب بلوچستان، نوشيرا پشاور ۾ نه صرف ملازمت ڪري چڪو آهي پر پاڻ انهن علائقن جو سير و سياحت به ڪري چڪو آهي. هن وقت سندس پوسٽنگ ڪراچي سچل رينجرز ۾ آهي. کيس پاڪ رينجرز ۾ ملازمت ڪندي 23 سال ٿي چڪا آهن. پاڻ مسلمان سپهه سالارن خاص ڪري حضرت خالد بن وليد رضه، سلطان محمود غزنويؓ، ٽيپو سلطان شهيدؓ کان تمام گهڻو متاثر آهي.


    سيٺ علي محمد ملڪ

    سيٺ علي محمد ملڪ
    سندس پورو نالو علي محمد ولد مرحوم شاهنواز ملڪ آهي. پاڻ بتاريخ 25 جنوري 1956ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم مسڻ وڏي مان ۽ مئٽرڪ سن 1973ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان پاس ڪيائين. پاڻ مسڻ وڏي جي ولي الله هستي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاريؓ جو خاص عقيدتمند آهي. مسڻ وڏي ۾ پرائمري تعليم مولانا لغاريؓ جي ڀاءُ صوفي محمد صديق لغاري وٽان حاصل ڪيائين. صوفي محمد صديق لغاري روزانه باقاعدگي سان پنهنجي ڳوٺ ڳاڙهو صدر کان مسڻ وڏي تائين پيرين پنڌ ڪري گورنمينٽ مسلم مين پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ ايندو هو. سيٺ علي محمد ملڪ محمدي مسجد مسڻ وڏي جو 1980ع کان متولي رهيو آهي. هن وقت پاڻ مسجد ڪاميٽي جو چيئرمين به آهي. روزگار جي حوالي سان پاڻ ڪپڙي جو واپاري آهي، شاهي بازار مسڻ وڏي ۾سندس ڪپڙي جو عاليشان دڪان به آهي.


    استاد محمد يامين ملڪ

    استاد محمد يامين ملڪ
    محمد يامين ولد مرحوم شاهنواز ملڪ مسڻ وڏي ۾ 3 جنوري 1965ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين ۽ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار، ۽ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيٽ به ڪئي اٿائين. جلد ئي کيس تعليم کاتي طرفان بتاريخ پهرين نومبر 1990ع ۾ پرائمري ٽيچري ملي وئي. هن وقت پاڻ اردو پرائمري اسڪول مسڻ وڏي ۾ استاد طور فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پاڻ مذڪوره اسڪول جو هيڊماستر به رهي چڪو آهي.


    سيٺ ولي محمد ملڪ

    سيٺ ولي محمد ملڪ
    ولي محمد ولد مرحوم شاهنواز ملڪ بتاريخ 18 مارچ 1962ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري ۽ مڊل جي تعليم مسڻ وڏي مان حاصل ڪيائين. سندس استادن ۾ صوفي محمد صديق لغاري، محمد عثمان مانجهي، هرچند مينگهواڙ، مرحوم لکاڏنو ترڪ، ميانجي حاجي عبدالله، پروفيسر محمد ڪامل لغاري، مير محمد خاصخيلي، الحاج عبدالله دائوداڻي، عبدالرحمان سمون شامل آهن. ولي محمد ملڪ دوڪانداري سان وابسته آهي ۽ سندس شمار مسڻ وڏي جي سٺن دڪاندارن ۾ ٿئي ٿو. ولي محمد ملڪ 1985ع ڌاري شادي ڪئي. کيس ٻن پٽن انيس احمد، رميز احمد ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي.


    رياض احمد ملڪ (پي.اي)

    رياض احمد ملڪ (پي.اي)
    رياض احمد ولد مرحوم خليل احمد ملڪ بتاريخ 8 نومبر 1968ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي، نائين ڪلاس تائين حاجي ماڻڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو. حيدرآباد مان واپس اچي گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي جو هيڊماستر حفيظ الله هو. انٽر شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص، بي اي ماڊل ڪاليج ميرپورخاص، ۽ ايم اي سوشيالاجي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سندس استادن ۾ محمد عباس خاصخيلي، الياس خاصخيلي، شادي خان ملڪ، مرحوم سهراب خان لغاري، استاد الهڏنو لغاري، رسول بخش لغاري شامل آهن. رياض احمد ملڪ حافظ عبدالحق لغاري وٽ قرآن مجيد ناظره پڙهيو. رياض احمد ملڪ کي آءِ.جي آفيس ڪراچي ۾ سن 1989ع ڌاري جونيئر ڪلارڪ جي ملازمت ملي وئي. بعد ۾ کيس ساڳئي کاتي ۾ 1993ع ڌاري اسٽينوگرافر جي نوڪري ملي وئي. کيس شهدادپور ۾ پرنسپال جو پي. اي رهڻ جو موقعو به مليو. اهڙيطرح پاڻ سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڊي.پي.او، ڊي. آءِ .جي، ايس پي جي پرسنل اسسٽنٽ طور رهي چڪو آهي. هينئر پاڻ ايس ايس پي برانچ ميرپورخاص ۾ ملازمت سان وابسته آهي. رياض احمد ملڪ 2001ع ڌاري شادي ڪئي. کيس هڪ پٽ محمد عمر ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. سندس چوڻ آهي ته پاڻ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ رهي ڪري رشوت ۽ ڪرپشن جهڙي موذي مرض کان هميشه دور رهيو آهي.


    محمد يامين ملڪ (واپاري)

    محمد يامين ملڪ (واپاري)
    محمد يامين ولد مرحوم عبدالشڪور ملڪ 15 اپريل 1952ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم مسلم پرائمري اسڪول مسڻ وڏي مان، 1969ع ڌاري گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان ميٽرڪ، ايس ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار مان انٽر پاس ڪيائين. الحاج عبدالله دائوداڻي، صوفي محمد صديق لغاري، محمد ابراهيم ڀٽيءَ، عبدالجبار لغاري، عبدالرحمان سمون، حڪيم حاجي محمد اسحاق لغاري، حاجي محمد شيخ، نولراءِ مينگهواڙ سندس استاد رهيا آهن. محمد يامين ملڪ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ 1977ع ڌاري ڪيشيئر ٿي رهيو. پر بعد ۾ انهي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ان کان علاوه پاڻ ٽن سالن تائين گورنمينٽ گارنٽي پرائيويٽ ليمٽيڊ ۾ به اعليٰ عهدي تي ڪم ڪيائين. ان وقت مذڪوره ڊپارٽمينٽ جو ايم. پي محمد اڪبر شيخ هو. محمد يامين ملڪ ون يونٽ دوران به ڪجهه ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ باندي رهيو. هن وقت پاڻ واپار ۽ سياست سان لاڳاپيل آهي. محمد يامين ملڪ سن 1979ع ڌاري شادي ڪئي. کيس چئن پٽن عمران، ماجد، سجاد ۽ محسن جو اولاد آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375982
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406727
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ