ڪتاب جو نالو: خاموش لفظن جو رقص
مصنف: شبير حسين “شبير“
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 363 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 58 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شبير حسين ”شبير“ سنڌ جي انهيءَ ڳڀرو ليکاري ٽهيءَ مان آهي، جيڪي نثر ۽ نظم سان ڀرپور نڀائڻ جو ڏانءُ رکن ٿا. شبير حسين شبير جي نثري نظم ۽ شاعراڻي نثر جو گڏيل مجموعو، جتي پهرين دلچسپ سنڌي ڪتاب تجربو آهي، اتي انهن ٻنهي صنفن جي الڳ الڳ فني بيهڪن کي سمجهڻ ۾ پڻ خاص مدد ڪندڙ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • ليکڪ پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪمپوزر پاران
  • ڪتاب جا حصا

  • شاعراڻو نظم
  • شاعراڻو نثر

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر: (58)
    (Book No: (58)
    خاموش لفظن جو رقص Rythem of Silence Words
    (شاعري) (Poetry)
    شبير حسين “شبير” Shabir Hussain “Shabir”
    ڇاپو پهريون؛ فيبروري 2009ع
    ڪمپوز ٽائٽل :
    ڪنول گروپس قنبر
    With all Rights Reserved
    ڪنول
    Kanwal
    پبليڪيشن قنبر Publication Kamber
    ملهه: 80 روپيه


    ارپنا

    امان جي اُن ٻُڪ_نانءُ
    جنهن ۾ مون لاءِ
    دعائن جا نظم
    سرجندا رهيا..


    اداري پاران

    شبير حسين “شبير” سنڌ جي انهيءَ ڳڀرو ليکاري ٽهيءَ مان آهي، جيڪي نثر ۽ نظم سان ڀرپور نڀائڻ جو ڏانءُ رکن ٿا. سندس ڪجهه ڪهاڻيون، قنبر جي چونڊ ڪهاڻيڪارن جي پهرين ڪڙيءَ “کيرٿر تان اڏار” ۾ شامل هيون. هيئر سندس ڪوتاهي ڪاڪ جو منظر، خاموش لفظن جو رقص سنڌي ادب جي ڀريل آڳنڌ تي، اهڙي رتول گل مثل ٽڙي پيو، جيڪو هر ٻئي نگاهه جي توجهه ۾ هوندو آهي.
    شاعراڻو نثر نئين ٽهيءَ جي پسنديده صنف آهي. ويجهڙ ۾ ان صنف جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيڻ، پڻ سندس مقبوليت ۾ اضافي جو سبب ٿيا آهن، پر شبير حسين شبير جي نثري نظم ۽ شاعراڻي نثر جو گڏيل مجموعو، جتي پهرين دلچسپ سنڌي ڪتاب تجربو آهي ، اتي انهن ٻنهي صنفن جي الڳ الڳ فني بيهڪن کي سمجهڻ ۾ پڻ خاص مدد ڪندڙ آهي.
    آزاد/نثري شاعري اهو ليکڪ ئي بهتر لکي سگهي ٿو جيڪو روح جي گفتگو تان ڌيان نٿو هٽائي، جيڪو تنهائي جي هر سرگوشيءَ کي سمجهي ٿو، جيڪو وجد ۾ بيهوش نٿو ٿئي. شبير حسين شبير به پنهنجي رچنائن جو روح ضربڻ بنا، سندن آمد کي آورد ۾ تبديل ڪرڻ بنا، بيحد سچائي سان، ڏاتار جي امانت سمجهي، اسان اڳيان پڌري ڪري، پيغمبري حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    شبير حسين شبير جي پسنديده موضوعن ۾ نهٺائي/نوڙ (تصوف) شگفته بزرگيءَ کانپوءِ (ماءُ_ حقيقي ماءُ ۽ ڌرتي ماءُ) ۽ سماجي ابتڙ حالتون، نمايان موضوع آهن. هن جي روح جي منڍ کان ئي پالنا تصوف جي چادريءَ ۾ ويڙهيل پنهنجي ويڙهي ۾ ٿئي آهي. هو جيتري سادگي ڀري ٻوليءَ سان خيال جي سموري اونچ نيچ پڙهندڙ پارکو اڳيان پڌري ڪري ٿو، اهو ڏانءُ گھٽ سنڌي آزاد شاعريءَ جي ڪلاڪارن وٽ آهي. هو ميچوئرڊ ڪهاڻيڪار ۽ شاعراڻي نثر جو شهزادو شاعر آهي.
    ســـــعيد ســــومــــــرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    poetsaeed@yahoo.com


    ليکڪ پاران

    مان جوئي آهيان سو آهيان

    اهي لفظ ئي ته آهن جن جي صورت چٽي، اسان پنهنجي اندر جو آئينو دنيا آڏو پيش ڪري سگهون ٿا. مختلف لفظ گڏجي سڏجي جملن جو ڳوٺ جوڙين ٿا. تڏهن اسان پنهنجي اندر جي شهر جي خالي جاين ۽ رستن جي صورت چٽي سگهون ٿا. اهي جايون ۽ رستا لفظن جون مختلف صورتون آهن. اسان ڳالهائيندا هجون، لکندا هجون يا ٻڌندا هجون، لفظ اسان سان روز ملاقات ڪن ٿا. اسان لفظن سان پنهنجو تعارف ڪرايون ٿا. پڙهون، لکون، سکون ۽ سيکاريون ٿا. اسان جو اظهار ئي لفظن جو رقص آهي.
    ايئن ئي خاموش لفظن جي رقص جا پير پنڌ ڪن ٿا ته کين ڪي اکيون ڪتابن جي پڙ تي رقص ڪندي ڏسي وٺن ٿيون.
    ڪائنات جي وايو منڊل اندر، مختلف موسمن جي مختلف گھڙين ۾ جڏهن لفظ دل جي ڌرتي تي اچي رقص ڪن ٿا.، تڏهن سچل جي بدن تي ڦٽل وارن وانگي نه اسان جا وار اڀا ٿا ٿين، نه اسان وجد ۾ اچي “ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سو آهيان” جو نعرو لڳايون ٿا، پر اسان جي اڱرين ۾ جھليل قلم، ڪاڳرن جو بدن ضرور چمي وٺي ٿو ۽ دل جي ڌرتي تي صدائون ڏيندڙ مختلف لفظن کي، ورقن جي وجود تي ڪنوارن هٿن جي پهرين برٿ وانگي ٽانڪي ڇڏيون ٿا.
    اسان لفظن کي ڪتابن جو گھر بخشي ڇڏيون ٿا.
    منهنجي لفظن لاءِ ڪتابن جو گھر اڏڻ لاءِ وڏي ۾ وڏا وڙ، دل جي دوست سعيد سومري جا جنهن جي محنت منهنجي لفظن کي ڪتاب جي جهان اندر ٿانيڪو ڪيو نه ته شايد رولاڪ رهن ها. وڏا وڙ راشد بروهيءَ، بشير آچي، رياضت ٻرڙي، ايس سرمد، ثقلين لاشاري ۽ نورالحق نور جا.
    مهربانيون ڀائو در محمد ٻرڙي، مسيح مگسي، قمرالدين قمر، عباس ڪوريجي، ايم حنيف عباسي ۽ سيف الحق سيف جون به مهربانيون، لاڙڪاڻي جي هوائن جي وجود کي خوشبوءِ ڏيندڙ عزيز قاسماڻي جون به..

    ۽ مهربانيون سادي ۽ کليل طبيعت واري نياز حسين کوسي جون جنهن سان عرب عمارات ۾ زندگيءَ جا گھڻا لمحا دوستن وانگي گڏ گذريا آهن.
    منهنجا خاموش لفظ اوهان جي آڏو آهن، کين اچاريو، اهي اوهان جي دل جي ڌرتي تي ضرور رقص ڪندا. توهان جي راين جا پکي، منهنجي اوسيئڙي جي وڻ تي اچي ويٺا ته مهرباني ٿيندي.
    شبير حسين “شبير”
    00971-50-2251498
    Lakho2008@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خاموش لفظن جو رقص“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترم شبير حسين شبير جي نثري نظمن ۽ شاعراڻي نثر تي مشتمل آهي.
    شبير حسين ”شبير“ سنڌ جي انهيءَ ڳڀرو ليکاري ٽهيءَ مان آهي، جيڪي نثر ۽ نظم سان ڀرپور نڀائڻ جو ڏانءُ رکن ٿا. شبير حسين شبير جي نثري نظم ۽ شاعراڻي نثر جو گڏيل مجموعو، جتي پهرين دلچسپ سنڌي ڪتاب تجربو آهي، اتي انهن ٻنهي صنفن جي الڳ الڳ فني بيهڪن کي سمجهڻ ۾ پڻ خاص مدد ڪندڙ آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم شببير احمد ”شبير“ صاحب آهي جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. مهربانيون سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي لائبريرين محترم گل حسن لاکو جون جنهن ڪتاب جي ڪجهه حصن کي ڪمپوز ڪيو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪمپوزر پاران

    هي ڪتاب پرڏيهه (دبئي) ۾ رهندڙ پياري دوست شبير حسين “شبير“ لاکو جو آهي. جيڪو نثري نظم ۽ شاعراڻي نثر تي مشتمل آهي. آئون ڪو اديب ته ناهيان جو هن ڪتاب تي ڪجهه لکان. پر ادا شبير جي لکڻين کي پسند ضرور ڪندو آهيان. ادا شبير نثر تمام سٺو لکندو آهي. اسان جي فيس بڪ ذريعي دوستي ٿي جتي هو پنهنجي اسٽيٽس ۾ پنهنجون نثري تحريرون پوسٽ ڪندو رهندو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ سندس ڪتاب “خاموش لفظن جو رقص” جو ذڪر ٿيو. مون اهو ڪتاب ادا شبير کان گھريو پر ادا چيو ته هي ڪتاب 2009ع ۾ مون شايع ڪرايو هو. هن وقت مون وٽ ڪا به ڪاپي ناهي. گھڻي اسرار کانپوءِ مون کي چيائين ته ان ڪتاب جي متان ڪا ڪاپي ادا سعيد سومرو وٽ هجي جيڪو ادا شبير جو گھاٽو دوست به آهي ۽ ڪنول پبليڪيشن قنبر جو مالڪ به آهي. پوءِ هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي مونکي ملي. منهنجي خواهش هئي ته هن ڪتاب کي آنلائن رکجي. ان لاءِ ادا شبير کي عرض رکيم، پاڻ اجازت ڏنائين پر ڪمپوزنگ مسئلو هو. ادا شبير وٽ شاعري وارو حصو هو ڪمپوز ٿيل باقي نثر وارو مون کي ڪرڻو پيو. منهنجي ٿورڙي محنت جي ڪري هي ڪتاب آنلائن توهان دوستن تائين پهتو آهي. اميد ته هيءَ ننڍڙي ڪاوش قبول پوندي.

    گل حسن لاکو
    لائبريري اسسٽنٽ
    مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    03332870626


    ڪتاب جا حصا

    شاعراڻو نظم

    سرحدن جا فاصلا

    جانان!
    خيال رکجان!
    فاصلا
    جسمن جا ئي
    هئڻ کپن،
    سرحدن جي فاصلن
    کي
    دلين جو فاصلو
    نه ڪري ڇڏجانءِ!
    ====================================
    گهور
    بهار جا ڪجهه پل
    اڌارا کپن
    خوشبوئون
    رابيلي شام جا ڪجهه لمحا
    ۽
    اُجري صبح جا ڪجهه سپنا
    گلن جون پتيون
    ۽
    پوپٽن جا رنگ
    مور جا کنڀ
    ڪڪرن جي ڇانوَ
    ڪوئل جا نغما
    ڀٽائيءَ جا بيت
    سنڌوءَ جهڙيون ڇوليون
    يارب!
    هو اچڻ وارو آ
    ۽
    اهي سڀ
    هن مٿان گهور ڪرڻ لاءِ کپن!!!
    ====================================
    زندگيءَ جو در
    زندگيءَ
    جي در کي،
    جن زرقونن سان
    سجائڻ چاهيم ...
    نه ڄاڻ ڇو اُهي
    ايترو پري
    ٿيندا ويا...!!
    ====================================
    خوشبوءَ جهڙا نظم
    هُـو
    ڪيڏو ڪٺور آ
    پن ڇڻ رت ۾
    چئي ويو
    گلن جهڙا
    گيت
    ۽
    خوشبوءَ جهڙا
    نظم لک!!
    ====================================

    ياد جو سرمو
    اکيون ،
    جن ۾
    ننڊ سٿجندي پئي وڃي
    دل،
    جنهن ۾
    سڪ ڀرجندي پئي وڃي،
    توکي ساري پئي،
    ياد جو سرمو پائي
    راهه نهاري پئي
    راهه اُها
    جا دور آ
    گهڻو دور آ...
    ====================================
    روح جون ٻانهون
    روح جون ٻانهون
    خالي ڀاڪر ڦهلايون
    توکي ڀرڻ لاءِ
    آتيون آهن
    تون جا دور آهين
    پوءِ به اور آهين
    يادن جي ديس مان
    نڪتي ناهين ...
    اڃا آهين
    زندگيءَ جي
    گلدان ۾
    ڪنهن
    گل جي
    خوشبوءِ وانگي.
    ====================================
    واڪا...
    گلن مٿان
    ڪنڊا کوڙ ڪريا
    نازڪ ساوا پن
    ڏانڊين منجهان ڇڻيا
    گلن جو ديس
    بارودي بوءِ سان
    ڀرجي ويو،
    مون واڪا وڏا ڪيا
    ڪنهن ڄڻ
    ڪجهه ڪين ٻڌو
    ڀر مان لنگهندڙ
    ريڍار رڙيو:
    ’رڍن اڳيان
    رباب وڄائيندي
    آ ڪنهن جو
    ڪجهه وريو !!!؟؟؟‘
    ====================================
    آخري قسط ...
    منهنجي زندگيءَ جي
    آخري قسط
    شل!
    تنهنجي اکين
    سامهون ٿئي
    تنهنجي ٻانهن وچ ۾
    منهنجو آخري ساهه،
    تنهنجي اکين سان
    مون اکين جي ڳالهه ٿئي
    بس! ايئن ئي
    زندگيءَ جي
    آخري ملاقات ٿئي.
    ====================================
    صبح جھڙيون ادائون
    صبح جي پهر
    جهڙيون تنهنجون
    معصوم ادائون،
    مون ٽاڪ منجهند جهڙي
    ماڻهوءَ سان
    ڪيئن
    لاڳاپجي ويون!
    ====================================
    ڪهڙيون لکڻيون!؟
    ڪويتائون هن
    ڪهڙيون لکڻيون!؟
    بس ڳالهيون تنهنجون !
    بس يادون تنهنجون!
    ====================================
    هڪ سوال...!؟
    اسين
    ڏات ڏنل
    پنهنجي تخليقن سان
    ڪيڏو چاهه رکون ٿا!
    ذهن ۾
    هڪ سوال
    اُٿيو،
    ڏات ڏيندڙ
    پنهنجي تخليقن سان
    ڪيڏو پيار ڪندو هوندو!!؟؟
    ====================================
    ڪيسيتائين...!
    سيارو
    آيو آ سڄڻ!
    وڇوڙي جي ٿڌ
    ماري ٿي
    تنهنجي يادن کي
    وري جيئاري ٿي
    هاڻ موٽ
    يادن جي
    ٽانڊن تي
    ڪيسيتائين
    پاڻ سيڪيندس!؟
    ====================================
    نصيبن جا رسا
    زندگيءَ جي
    ڇانوَ هيٺان
    پيار جي پينگهه ٻڌي
    لڏڻ چاهيم
    ته
    تنهنجي ملڻ جي
    نصيبن جا رسا
    ڇڄي پيا!
    ====================================
    عظيم پير
    تنهنجي
    عظيم پيرن
    جي نشانن تي
    نظر جهڪائي
    هلڻ جي تمنا آ
    اسان جون خوشيون
    وڏن رستن
    ۽
    وڏن منزلن
    ۾ ناهن...!
    تنهنجي
    پيرن ۾ آهن!
    ====================================
    شل! تون اچين ...
    او من!
    جيون جي باغ ۾
    ڪيئي گل ٽڙيا آهن،
    پر
    خوشبوءَ کان وانجهيل!
    ان لاءِ جو
    تنهنجي مرڪ
    مون کان پري آ
    شل! تون اچين
    جيون ۾ کڙيل گلن کي
    ڪا خوشبوءِ ملي
    شل! تون اچين
    اجڙندڙ جيون
    بهار بڻجي پوي.
    ====================================
    امر ناچ
    تنهنجي خوشبو
    دل جي ڌڙڪنن ۾
    ڪِن چاهتن کي جنم ڏئي ٿي،
    بهار جي دامن تي
    ڀرت ڀري ٿي
    ۽ رچي ٿي
    ڪي احساساتي گيت ؛
    ۽
    تنهنجي وارن جي خوشبوءِ جا
    خاموش نظم؛
    منهنجي لفظن جو
    پائن ٿاچولو
    پوءِ سنڌ ڌرتيءَ تي
    ناچ نچن ٿا
    تنهنجي
    امر نالي جو.
    ====================================
    زندگي، لطيفي بيت
    تون آهين ته
    هوءَ اداس شام سرءُ جي
    پن ڇڻ سان ئي جنهن جي
    گفتگو هوندي آ
    خوشبوءَ ڀريو سواد ڏئي ٿي،
    تون ناهين ته
    بهار جي ڪهاڻي به
    سرءُ جو روپ آ
    تون آهين ته
    اکين ۾ روشني آ
    تون آهين ته
    ڄڻ
    زندگي
    تنهنجي اکين جي ڪهاڻي آ
    تون ناهين ته
    محفل به اڪيلائيءَ جو شهر آ
    تون ناهين ته
    اکين ۾ ڪجل
    سينگار سان ڀوڳ آ
    تون آهين ته
    آزندگي ثواب
    تون ناهين ته
    آ زندگي گناھ
    تون آهين ته
    آ زندگي ٿڌو پاڻي
    تون ناهين ته
    آ اڃ ڪهاڻي
    تون آهين ته
    زندگيءَ ۾ موھ آ
    تون ناهين ته
    زندگي ڪني پاڻيءَ جو کوھ آ
    تون آهين ته
    زندگي لطيفي ڪو بيت آ
    تون ناهين ته
    زندگي موت آ
    تون آهين ته سڀ ڪجهه
    تون ناهين ته ڪجهه به نه ...!
    هي سڀ ڇاهي!؟
    هي سڀ ڇو آ!؟
    مون ۾ مان به آهيان
    يا
    رڳو تون آن!!؟؟
    ====================================
    دعا جا لفظ
    شام جي سندر لمحن جيان
    تنهنجو پيارو چهرو
    مون کان ڪو نه وسريو
    ۽
    پرهه ڦٽيءَ جهڙن
    پيارن چپن مان
    مون لاءِ نڪرندڙ
    دعا جا لفظ،
    جي ٻڌي
    مون محسوس ڪيو هو
    هي سارو جهان
    منهنجو آ .
    ====================================
    ڇُهڻ کان اڳي جون ڳالهڙيون
    هن جي
    اکين جي آڳنڌ تي
    خوابن جا ڪي رانديڪا
    من جي
    معصوم ٻار تڪيا ها
    جن کي
    جهولي ۾ وجهي
    کيڏڻ جي آس هئي
    ۽
    آڇ به هئي
    کيڏائڻ جي.
    سي
    خوابن جا رانديڪا
    ڇهڻ کان اڳ ئي
    اسان جي گڏ رهڻ جا جهان
    ڌار ٿي ويا.
    تنهنجو سينگار
    هر شام
    تون!
    سينگار ڪرين ٿي
    ۽ مان
    نظم لکان ٿو!
    تنهجو سينگار
    ۽
    منهنجا نظم
    هڪٻئي جي
    ڪيڏو نه ويجهو آهن!!
    ====================================
    تنهنجي تخليق
    مون لئه
    اها ئي
    خوشيءَ جي ڳالهه آ
    جو آنءُ
    تنهنجي تخليق جو
    حصو هان
    ۽
    تنهجي وجود سان
    سڃاتو وڃان ٿو.
    ====================================
    چُمي
    اي شاعر!
    مان ان چميءَ کي
    ڪهڙو نانءُ ڏيان؟
    جا
    سورهن مهينن جي ٻار کان
    منهنجي
    ڳل کي
    نصيب ٿي!
    ====================================
    خوابن جون ڪونڊيون
    مان
    خوابن جي ڪونڊين
    ۾ پوکيل
    اميد جي گلن کي
    روز پاڻي ڏيان ٿي
    انهيءَ آس تي جيئان ٿي ته
    تون منهنجو ٿيندين.
    ====================================
    ساڀيان جا چنڊ
    سوچيان ٿي،
    خوابن جي موسم ۾
    تعبيرن جا گل
    ٽڙندا
    هو جي سپنا آهن
    ڄڻ ڪي تارا آهن
    تعبيرن جي آڪاس
    تي کڙندا
    خوابن جو چڪور
    ساڀيان جو چنڊ ماڻيندو
    انهن ئي
    سوچن جي وستيءَ ۾
    گم ....
    ته تونآٿت بنجي آئين
    نوريءَ لاءِ
    ڄام بنجي آئين
    تڏهن انڌڪار واريون
    اُهي سڀ سوچون
    جهرڪين جيان
    اُڏامي ويون.
    ====================================
    منصوري پڙاڏو
    منهجا ڪن
    منصوري پڙاڏو
    ٻڌي چڪا آهن
    پر اکين اڃا
    اهي ادائون
    نه پسيون آهن
    مستيءَ ۾
    سرمستي ۾
    ناهيان نچيو
    ۽
    من مسجد جي محراب ۾
    اڃا تون
    لٿو ناهين
    تڏهن چپ
    ” انالحق“ نعري
    کان قاصر آهن.
    ====================================
    زنگ جو شهر
    مان
    توبن
    ڄڻ
    ڪو لوهه پراڻو
    جنهن مٿان
    مٽيءَ دز
    چڙهڻ لاءِ
    اچي ٿي
    ۽ زنگُ
    پنهنجو شهر
    اڏڻ جو سوچي ٿو
    تون اچ ۽ مرڪي پئه
    انهيءَ کان پهرين
    جو آنءٌ رئيءَ ۾
    لٽجي وڃان
    ۽ ڪو
    زنگ جو شهر بڻجي وڃان.
    ====================================
    سُرخابي اُڏام
    جيون جي ڪمري مان
    ڀتين جا رنگ
    ڇڻندا پيا وڃن
    ۽ انهن تي
    چنبڙيل تصويرون
    رئيءَ سان
    لٽبيون پيون وڃن
    جن تي
    سُرخابي اُڏام جا رنگ
    چِٽيل آهن
    ۽ طوطن جي ڳانين
    سان گڏ
    انڊلٺي رنگ
    به سمويل آهن.
    ====================================
    گُهرڻ ريءَ
    گهرڻ کان اڳ ئي
    تو اهو
    سڀ ڪجهه ڏنو
    جو آنءُ
    پُـورو سينگارجي ويو آهيان.
    ====================================
    مان اڪيلو
    مان اڪيلو آهيان
    پوءِ به
    هٿيار کنيو آ
    انهيِ سوچ جي بغير
    کٽڻ ...
    هارائڻ ...
    منهنجو مقدر بڻبو
    اها
    بيوقوفي نه
    پر
    ويڙهه جو
    پهرين ۽ آخري ڏاڪو آهي.
    ====================================
    روشن گهٽيون
    واٽ تي
    ديپ به کوڙ هئا
    روشن گهٽيون
    هيون
    شهر جون
    پر
    ساٿ نه هو تنهنجو
    مون لئه ڪو
    روشنيءَ جو ڪرڻو
    نه هو!
    ====================================
    وسريل خدا ...
    اي پپل!
    مون کي
    تنهنجي ڇانوَ ڏاڍي وڻي ٿي
    ۽ ٿڌي هير
    مون کي
    منهنجو وسريل خدا
    ياد ڏياري ٿي.
    ====================================
    واريءَ ذرو
    تنهنجي
    نظر کان سواءِ
    آنءُ
    ائين آهيان
    ڄڻ
    صحرا جي واريءَ جو ذرو !
    ====================================
    ٿڌي ڇانـوَ
    تپندڙ صحرا ۾
    تنهنجي زندگيءَ جي وڻ
    مون کي
    هڪ پل به
    پنهنجي ٿڌيءَ ڇانوَ کان پري نه
    رکيو!
    ====================================
    اي سهڻيءَ شام جهڙا!
    اي ! سڪ جي ڌاڳي ۾
    پويل تسبيح جي داڻن کي،
    سوريندڙ!
    تنهنجا پاڪ هٿ
    ڏاڍا سهڻا آهن،
    اي پاڪيزگيءَ جي سونهن سان ڀريل!
    اي چانديءَ وارن وارا!
    اي سهڻيءَ شام جهڙا ڪراڙا!
    پنهنجي پرهه جهڙن
    پاڪ هٿن سان
    پنهنجي خدا کان
    مون لاءِ به
    دعا گهرجان!
    ====================================
    اسان کي آزاد ڪر !
    هار ۾ پويل موتين
    مون تي زور ڀريو
    ”اسان کي آزاد ڪر!“
    مون انهن کان پڇيو
    ڇا توهان
    پنهنجي آزاديءَ کي
    وکرڻ کان بچائي سگهندؤ!
    ====================================
    خواب
    مون وري
    خواب ڏسڻ شروع ڪيا آهن
    هاڻ منهنجي
    خوابن کي
    تعبيرون به ضرور ملنديون.
    هن ڀيري
    مون پٿرن کي ڇڏي
    ان پاڪ هستيءَ سان
    رجوع ڪيو آ
    جيڪو
    پٿرن کي به پالي ٿو!
    ====================================
    اسان ٻئي
    نار جي لوٽين مان ڪرندڙ
    پاڻي تي
    سج جي پوندڙ
    ڪرڻن چيو،
    ’اسان ٻئي ملي
    جڳمڳائي رهيا آهيون.‘
    ====================================
    انڌي سوچ
    هوءَ روئيندي رهي
    ڪتابن ڪاڻ
    جڏهن ڪنهن چيو
    هن کان ڪتاب نه کسيو
    علم جا اهي اهڃاڻ نه کسيو
    هن کي آ ضرورت انهن جي
    علم جي سينگار سان
    پاڻ سينگارڻ جي
    تڏهن
    انڌي سوچ
    لفظن جي روپ ۾ گونجي
    هيءَ
    پڙهندي ته
    ڀڄي ويندي
    انڌي سوچ جا
    دروازا کوليا ويا
    هن کان ڪتاب کسيا ويا.
    ====================================
    نعرو نئون
    ايڏو ضد ڪريو ڇو ٿا
    توهان کي پنج پنج
    پوءِ به نه
    پوري توهان جي
    مون کي سنڌو هڪڙو
    پوءِ به نه ٿي کٽي هورا خوري
    توهان جي
    ڇا مونکي مون کان کسڻ ٿا چاهيو
    زور ڏاڍائيءَ سان مهراڻ ڦڙا ٿا چاهيو
    ڀلي راند زور جي رچايو
    چاهيو ڇا ڀي چاهيو
    مان ته وري بس هڪڙو
    هوشو ٿو چاهيان
    جو نئين دؤر ۾ ورجائي نعرو نئون
    وڙهسون وڙهسون سنڌو نه
    ڏيسون!
    ====================================
    آزادي
    مون جڏهن
    آزاديءَ جو سوال
    هن ڏاهي کان پڇيو
    ته مرڪيو
    ٽهڪن مٿان ٽهڪ
    ڏيندي چيائين
    پڃري ۾ بند ٿيل
    پکيءَ کان پڇ.
    مون سوچيو
    ڍنڍ تي بيٺل آزاد پکيءَ کان
    ڇو نه پُڇان!؟
    اڳتي وڌيس
    ۽ کانئس پڇيم،
    ته ٽوڪيندي چيائين
    ’اي بيوقوف !
    سمجهين ڇو نه ٿو
    ”جنهن قيد ناهي ڪاٽيو
    سو آزاديءَ مان ڇا ڄاڻي!“
    ====================================
    نه کپي...!
    مون کي گوليون نه کپن
    بارودي دونهان
    ۽ بي سرا آواز
    ڊيڄارڻ ۽ دهشت ڦهلائڻ
    نه کپي
    پکين جي چهچهه
    ماڪ جي بوندن
    ۽ ساوڪ واري ديس ۾
    جي ڏئي سگهو ٿا
    ته
    مون کي آزادي ڏيو.
    ====================================
    سزا
    منهنجين اکين کي
    سزا ملي آ
    توکي ڏسڻ جي آس ۾
    انهن
    ڪنهن ٻئي کي
    ڏسڻ کان
    انڪار ڪيو آ .
    ====================================
    ڪورو جيون
    جڏهن
    مون پنهنجي دل جو حال
    پنن تي اُتاريو
    ته
    اُهي مرڪي
    چوڻ لڳا
    اسان پنهنجو ڪورو جيون
    تنهنجي لفظن کي ارپي
    خود کي رنگ ارپيا آهن!
    [====================================
    رنگ
    ننڍڙن نظمن کي
    پوپٽن جو ويس پارائي
    مون
    تنهنجي زندگيءَ ڏي
    اماڻي ڇڏيا
    تنهنجي آسپاس ئي
    ڪن گلن مٿان ويٺل هوندا
    اٿ، ڏس
    کين پڪڙ
    توکي کوڙ رنگ ملي ويندا.
    ====================================
    تسبيح
    جيسين
    اجرو نه رکين
    من جي موتين کي
    تيسين
    تسبيح ۾ ڪجهه ناهي
    تو ڪين ڄاتو آ،
    مذهب
    تسبيح جي داڻن
    ۾ ناهي.
    پرين !
    ====================================
    اي پرين!
    تنهنجي در کان سوا
    جڏهن به
    ڪنهن در جهڪيم
    مون کي
    تذليل جي احساس ماري وڌو.
    ====================================
    گيت
    مون کي گيت لکڻو آ
    ڪينجهر ۽ مهراڻ موتين جهڙو
    دودي جي دليري
    هوشوءَ جي نعري جهڙو
    ٿر تي برکا کان پوءِ
    مارن جي مرڪ جهڙو
    اي ڏات ڏيندڙ سائين!
    شل! ڏات وڌائين
    مون کي گيت لکڻو آ
    ڌرتيءَ جي رنگ جهڙو
    ====================================
    دعا
    مان
    ڪنهن ٻار جيئان
    دنيا جي ميلي ۾
    وڃائجي ويو آهيان.
    اي خدا!
    مون کي ان هنڌ آڻ
    جتان
    سڀ راهون تو ڏانهن اچن.
    ====================================
    خوابن کي اکيون ڏي!
    منهنجي سوچن ڀرئي مٿي کي
    پنهنجي جهوليءَ ۾ رک
    توکي سُڪون ڏيندس،
    منهنجي خوابن کي
    پنهنجون اکيون ڏي
    توکي منزلون ڏيندس،
    پنهنجين خوشين جي
    مون مٿان ورکا ڪر
    تو کي مرڪن جو مهراڻ ڏيندس،
    منهنجي غمن کي
    پنهنجي وجود تي
    پهراڻ وانگي ڍڪي ڇڏ
    تو کي فڪر ڏيندس،
    اي چاهت جهڙي چري!
    مون کي پنهنجو نانءُ ڏي،
    تو کي پنهنجو جيون ڏيندس.
    ====================================
    ننڍڙا نظم
    پنهنجي ڪمزور هٿ سان
    مون
    جيڪي
    ننڍڙا نظم لکيا آهن
    تن جي هر سٽ ۾
    شعوري يا لاشعوري
    مون
    توکي ئي ساراهيو آ.
    ====================================
    جمهوريت جو آئڪون
    پاڪستان جي
    ڊيسڪ ٽاپ تان
    جمهوريت جو آئڪون(Icon)
    ڊليٽ ٿي ويو
    هاڻ جلد کيس
    ٻيو خطرناڪ وائرس
    وڪوڙي ويندو.
    (محترما بينظير ڀٽو کي ڀيٽا)
    جمهوريت جا وارثو!
    اکيون جن ۾ خواب آئيندي جا،
    ڪڏهن نه پوربيون
    هو ڇتا ڪتا، بگهڙ وحشي
    ڦاسيءَ جي رسي کي
    منهنجي ڳچيءَ جو
    ڀلي هار بڻائن
    يا سيني تي
    گوليون وسائن
    خوابن ڀريون اکيون
    تڏهن به نه پوربيون
    اوهان کي ار پبيون
    اوهان جون امانتون
    منهنجي خوابن جا وارثو !
    جمهوريت جا وارثو!
    ملڪ جون واڳون
    اوهان لاءِ آهن
    ظلم خلاف آواز
    انڌير ۽ ناحق خلاف ويڙهه
    اوهان جو ڏاج آهي.
    رت بدلي رت ڏنئي!
    شهيدن جي
    تاريخدانن کان پڇجانءِ !
    مون توکي ڀليڪار چيو هو
    من جي مهڪ
    ڌرتيءَ جي خوشبوءِ سان
    گڏجي اُٿي هئي
    منهنجي پيرن
    تنهنجي قافلي ڏي پنڌ ڪيو هو
    مون توکي ويلڪم ڪيو هو
    هُنن سَمجهو ٿي
    اَٺن ورهين جي وڇوڙي ۾
    قيامت کان اڳ
    نفسانفسي واري دؤر ۾
    اسان توکي ڀُـلايو هوندو
    ۽
    تو اسان کي وساريو هوندو
    تنهنجي ڳوڙهن جي گواهي
    ته تون اسان جي آن
    ۽ اسان جي
    ويلڪم جي نعرن
    جي گواهي ته
    اسان تنهنجا آهيون،
    کين ڏڪائي ڇڏيو
    وائڙن کي پتو پئجي ويو
    روشن هاڻ
    اصل جمهوري سج ٿيندو
    ۽ سندن ڪارو منهن ٿيندو
    تڏهن ڪوڙن ڪانوَن جي
    ٽولي مان ”ڪاري ڪانوَ“
    رڙ ڪئي
    ”تون نحوست آن“
    ڪوڙن کي ڪهڙي خبر
    تنهنجو ۽ منهنجو ته
    رت جو ناتو آ
    مون تو لاءِ رت وهايو
    ۽ تو رت ڏئي
    منهنجو مانُ وڌايو آ
    تنهنجو منهنجو هي ناتو
    ڪو نرالو آ
    رت بدلي رت ڏنئي
    ڄڻ ڪاري ڪانوَ کي
    گهروڙي بجو ڏنئي؛
    مون ته هئي لاهڻ چاهي
    تنهنجي ابي ۽ ادي جي اوڌر
    ويندي ويندي
    وري هي ڪهڙو
    نئون قرض ڏنئي
    سنڌ اڃا ڪٿي
    سُڪايون هيون آليون اکيون
    جو نئون هي
    ڳوڙهن جو درياءُ ڏنئي.

    (27 ڊسمبر جي سانحي تي اتاريل)
    محترما کي ڀيٽ

    ====================================
    سين ”سنڌ“
    اڳتي وڌ
    هل وٺي مون کي
    آزاد راهن ڏي
    مان توسان آهيان
    منهنجا هٿ،
    منهنجا پير،
    منهنجي آڱرين ۾
    جهليل قلم،
    منهنجو من،
    توسان آهي
    تون اچ!
    پنهنجو جلوو ڏيکار
    ڌرتيءَ کي
    تنهنجي ضرورت آ
    ٻوليءَ کي تنهنجي
    طلب آ
    هٿ ۾ جَهلي
    مون ڦرهي آ
    پهريان اکر
    ميٽ سان ميٽيا آهن
    هاڻ ساڳي ڦرهيءَ تي
    س ”سنڌ“ تون لک
    مان توسان آهيان
    47 هن کان پوءِ
    وري جاڳيو آهيان
    ”مومينٽس فار
    ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسيءَ MRD‘‘
    وارو ٻار آهيان
    تون اُٿ
    مان هاڻي جوان آهيان
    ڪهاڙي جي ڳن ۾
    تون جھنڊو ڦڙڪاءِ
    ِ آزاديءَ جي اڇي کٿي تي
    مان ڳاڙهو گلاب آهيان
    تون و‎‎ٺي هل مون کي
    مان تنهنجو قافلو آهيان
    تون اچ نڪري
    نروار ٿي
    اي انقلابيءَ جي اولاد !
    سامهون اچ
    مان تولاءِ
    بي چين آهيان .
    ====================================
    پرهه جهڙو ويسُ
    پرهه جهڙو ويسُ
    مون پنهنجي نظمن کي
    پارائڻ چاهيو آ،
    پر
    اهڙو استبرڪ اُڻـڻ لاءِ
    مون وٽ ڪي به ڌاڳا ڪو نه ها
    ۽ نه وري
    ڌاڳا ڪتڻ لاءِ ڪو چرخو
    تڏهن آءٌ
    نظمن سوڌو سجدي ۾ ڪريــس،
    اُن سائينءَ آڏو،
    جنهن
    پنهنجي مصوري سان
    پرهه کي سينگاريو آ.
    ====================================
    هڪ تون ئي ته ناهين
    تمنائن جي وسيع شهر ۾،
    هڪ تون ئي ته ناهين!
    دل جي درين تي اُڪريل نالن ۾
    رڳو تون ئي ته ناهين،
    تنهنجي ذلفن کان سواءِ به ته
    زماني ۾ گهڻو ڪجهه آ
    تنهنجي ڳلن کان سواءِ به
    شفق ۾ لالي گهڻي آ.
    اکين جي خواب گاهن ۾
    رڳو تون ته نه رهين آن،
    من ڀنوري لاءِ
    رُت رابيلي
    هڪ تون ئي ته نه بڻي آن.
    يادن جي ڇانوَ ۾
    صرف تون ئي ته نه پلين آن.
    پپل جي پينگهه تي
    روح سان رلجي
    رڳو تون ئي ته نه لڏين آن.
    ها زندگيءَ جي واٽ تي
    هڪ تون ئي ته رَلي ناهين.
    تمنائن جي وسيع شهر ۾
    هڪ تون ئي ته ناهين .....
    ====================================
    نصيبن جي ڊائري
    تنهنجو وڇوڙو،
    منهنجي دل جي حال،
    ۽ جيون کي
    لـُـڪَ لڳندڙ موسم بڻائي پيو،
    تن کي ساڙي پيو،
    نيڻن کي روئاري پيو
    آءٌ پري ڀڄان پيو،
    دل کي سمجهايان پيو،
    ائين ٿيندو آهي،
    وڇوڙو به
    نصيبن جي ڊائريءَ ۾
    لکيل هوندو آهي.
    پوءِ به هوءَ نٿي مڃي،
    مان ڇا ڪيان!؟
    ڪارا رواج
    ====================================
    پنهنجا جذبا
    سدا رتوڇاڻ رهيا آهن،
    ديوارن اندر
    ڪارا رواج نچندا ٿا رهن،
    روز ڦندا ڦاهيءَ جا
    سـجندا ٿا رهن،
    تنهنجي زمين جي اُڃ
    اُجهائي ناهيون سگهيا،
    ڌرتي!
    تنهنجي وجود تي
    گلاب پوکي ناهيون سگهيا!
    ====================================
    قبوليت جو رسالو
    ڪائنات جي ڪينواس تي
    مون
    تنهنجي مرڪن لاءِ
    دعائن جا نظم
    لکي ڇڏيا آهن.
    يقين اٿم ته
    قبوليت جي رسالي ۾
    پهرين پني تي ڇپجندا.
    ====================================
    اسان قلندر
    اسان پنهنجو اندر،
    ورقن تي ٿا
    اتاري ڇڏيون
    نه ته شايد
    قلندر ۽ سرمست
    ٿي پئون!
    ====================================
    وڪڙن جو شان
    منهنجي ڌيءُ!
    اهڙو ڪجهه نه ڪجانءِ
    جو ڌرتي ــ ڌوڙ
    پاڻ مٿان وجھان
    تو ۾ ئي اميدون هن
    تو ۾ ئي ويساهه آ
    تون ئي مهراڻ جو مانُ آن
    منهنجي مٿي تي
    ويڙهيل وڪڙن جو
    شان آن
    ها، نه وسارجانءِ
    منهنجي ٽوپيءَ جو رنگ
    تنهنجي پوتيءَ ۾ لڪيل آ.
    ====================================
    جيئڻ جون تعبيرون
    ٽٽل خوابن کي ڦٽي
    ڇو ٿو ڪرين؟
    اُهي به ته تنهنجا آهن
    اُٿي،
    وري جوڙ
    پنهنجي خوابن کي
    تون ماڻين سگھين ٿو
    جيئڻ جون تعبيرون.
    ====================================
    تون منهنجي آن!
    تنهنجي
    اها
    وري
    ڪهڙي ادا آ!
    ميرو ڏسي ڇڏي ڏين
    سينگار سان هجان
    ته چوين
    تون منهنجي آن!
    هڪڙو پل
    اڄ تنهنجي ڪڇ ۾
    ايئن آيو آهيان
    ڄڻ سالن جو
    ٿڪيل ڪو مسافر
    وڻ جي ٿڌي ڇانوَ
    هيٺان ٿڪ ڀڃندو هجي
    ها جانان!
    مان ڄاڻان ٿو
    ته تون ڄاڻين ٿي
    هي اڻانگي ۽ ڊگھي
    سفر جي
    منجھند جو
    هڪڙو پل آ.
    ====================================
    تشدد
    هن جي
    هر
    اجائي چماٽ
    کان پوءِ
    سوچان ٿي...!
    اهو
    تشدد ڪڏهن ختم ٿيندو!!؟
    ====================================
    ڪاش
    ڪاش تنهنجو وڃڻ
    موسمن وانگي هجي ها
    ڪنهن ڇهين مهيني
    تون واپس اچي ته وڃين ها
    پوءِ ڀلي
    خزان جي موسم ۾
    ئي سهي
    تنهنجي ايندي
    اها موسم به
    بهار کان ڀلي ٿي پئي ها.
    ====================================
    وساري ڇڏيو آ
    چون ٿا
    تو مون کي
    وساري ڇڏيو آ
    تون پنهنجن
    ڪمن ڪارين ۾
    ايتري اُلجھي وئي آن
    جو توکي
    منهنجو ڪو خيال
    نٿو رهي
    منهنجي شين کي
    جيئن اڳي
    سنڀاليندي هئينءَ
    هاڻ ائين نٿي ڪرين
    منهنجي ڪتابن ۽
    ڪمپيوٽر واري ٽيبل کي
    صاف ڪرڻ ڇڏي ڏنو آ
    منهنجي تصوير واري
    فريم کي اگھڻ
    توکان وسري ويو آ
    ۽ تومون کي وساري ڇڏيو آ
    مان ڄاڻان ٿو
    تو وٽ مان ناهيان رهيو
    ان لاءِ
    تو پنهنجو پاڻ کي
    وساري ڇڏيو آ
    ۽ هو سمجھن ٿا
    تو مون کي
    ياد ڪرڻ
    وساري ڇڏيو آ
    ====================================
    آواره روشنيون
    هن شهر جون
    آواره روشنيون
    اکين جا در کولي
    من ۾ گهرن ٿيون
    پر
    يقين ڪر جانان!
    تو ڪاڻ ئي
    دل جي ديس کي
    خالي رکيو آ
    تنهنجي ڪري ئي
    ٻي ڪنهن کي
    رهڻ نه ڏنو آ!
    ====================================
    خالي آسمان
    تون جانان!
    ايڏو ويجهي آهين
    جو
    ايئن لڳي ٿو
    ڄڻ مون ۾ آهين
    ۽
    پري به ايڏو پري
    جو دور تائين
    نگاهن جي آخري حدن ۾ به
    نظر ناهين
    ايڏي دوري
    ايڏي وڇوٽي!
    ڪڏهن پڇيو اٿئي
    مان ڪيئن ٿو سهان
    زندگي جا ساهن بنا ٿي لڳي
    ستارن بنا خالي آسمان ٿي لڳي
    سا ڪيئن ٿو سنڀاليان
    مان ڪيئن ٿو گذاريان!؟
    تنهنجي وئي کان پوءِ!
    ====================================
    تنهنجي وئي کان پوءِ
    ساڳيا گل
    نه رهيا آهن
    بهارن ۾
    جي منهنجو جيون
    مهڪائيندا هئا.
    ====================================
    ياد
    جڏهن به
    تنهنجي ياد
    آئي
    ۽ ڳوڙهن وهڻ چاهيو
    تڏهن
    ياد کي پين
    ۽
    ڳوڙهن کي مس
    بڻائي
    لفظن کي آ
    مون
    پنن تي لکيو.
    ====================================
    مهانتا
    سوين بيوفائن
    ڪرڻ کان پوءِ
    مان
    وري تنهنجي در تي آيس،
    تو اف به نه چئي
    پنهنجي مهانتا جو
    ثبوت
    ڏنو.
    ====================================
    توبنا..!
    تون ڇا وئين
    ڄڻ وڃائجي ويو آهيان
    توکان بنا آنءُ اڌورو به نه آهيان.

    تون ۽ مان جدا
    هن جي نيڻن جي گفتگو
    ۽ جيون جي جستجو
    اڃا اڌوري آ
    تو سوا جا پڙهي
    هوءَ عشق نماز
    اڃا اڌوري آ
    پاڻيءَ بنا
    مهراڻ ڪهاڻي
    اڃا اڌوري آ
    تون ذلف ٿي سنوارين
    هيءَ شام ڪهاڻي
    اڃا اڌوري آ
    تون نه سلي پوري
    روح ڪهاڻي
    اڃا اڌوري آ
    جلد ٿو موڪلائين
    تو مک جي مِٺي
    اڃا اڌوري آ
    تون ۽ مان جدا
    قسمت ڪهاڻي
    اڃا اڌوري آ
    تون چوين ٿي چپ کوليون
    آزاديءَ جي ڪهاڻي
    اڃا اڌوري آ
    نعرا هڻ ذور سان ڀلي
    پر جوڌا،
    رت ڦڙن بنا
    سنڌ سنگت اڃا اڌوري آ.
    ====================================
    ڀيٽ ڏئي نه ٿو سگهان !
    ها مٺي!
    هنن شاعرن وانگر
    سهڻيون سٽون جوڙڻ نه ٿيون اچن
    مان مهراڻ جي موتين کي
    تنهنجي سونهن سان ڪيئن ڀيٽيان
    مون کي تنهنجي رخسارن سان
    شفق جي لالي به ڀيٽڻ نه ٿي اچي
    ۽ نه ئي
    تنهنجن ڪارن وارن جي ڇانوَ
    ڊگهن گهاٽن وڻن جي ڇانوَ سان
    ڀيٽڻ اچي ٿي.
    هو مهراڻ موتي
    نه تون زندگيءَ جي پياس مٽائين ٿي
    هوءَ شفق ته رڳو سانجهيءَ جو کيل آ
    تنهنجي رخسارن لالي
    ته هر وقت منهنجي سامهون آ
    ۽ زندگي ءَ جي ٿڪن ۾
    گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ڇا ڪبي !؟
    تنهنجي وارن جي ڇانوَ ۾
    ئي ته ٿڪ ڀڃندا ها
    مٺي!
    تنهنجي ادائن کي
    ڀيٽ ڏئي نه ٿو سگهان
    شاعرن وانگي
    ڪي سٽون جوڙي نه ٿو سگهان!


    شاعراڻو نثر

     خواب جيسين تعبيرن جي پوپٽن کي پڪڙين تيسين ڪنهن آرام جو سوچڻ جدوجھد ڪندڙن جي دين ۾ ڪفر جي جاءِ ولاري ٿو.

     رڳو وڏا نه ٿيو پر عظيم ٿيو.

     ڇا مون کي گلي لڳائي ، پنهنجي دل ۾ رهائڻ جو خيال ڪڍي ڇڏيو اٿئي !؟

     تنهنجي مرڪ ۾ ايڏو سڪون ڪٿان آيو ؟

     جيڪي تصور ۾ به تو کي چمندا هجن، انهن کي وساري ڇڏڻ جا ڏوراپا ڪهڙا ٿو ڏين!

     آئون غمن ۾ ٻڏلُ، مستيءَ منجھان ڪهڙو نچان !؟

     شبير ! دلاسن جو دارون ڪيسيتائين پيئندو رهندين ؟

     مان ڪا مومل ته ناهيان جو ڪو راڻو ايترا ڪشالا ڪري منهنجي روح ۾ رهڻ اچي

     زندگيءَ کي توکان بنا اڌورو چوان ته ڪيئن چوان !

     ننڍين دلين ۾ پيار جا جھان نٿا جڙي سگهن.

     تنهنجو سَنڌُ سَنڌُ سڳنڌ ۽ منهنجو ميرو من، ڇا ٻئي هڪ ٻئي جو ضد نه آهن !؟

     تنهنجا لک ٿورا ... داسِي مڇي هِن جيون کي معنا ڏنئي !
     اظهار جي ڪائنات ۾ لفظن جا ستارا الائي ڇو پنهنجي پوري جوڀن سان اڃان چمڪي نه سگهيا آهن !

     ٽيبل تان وکريل ڪاغذ ۽ ڪتاب ميڙيندي، سوچ جي لهر اڀري؛ توکان پوءِ منهنجي زندگيءَ کي ايئن ڪير سهيڙيندو ؟

     روح جي رچنا لفظن جو روپ وٺي ڪنهن پني جي آسمان تي اڀري ته ان کي اظهار جو ذرڙو ئي سمجھجانءِ

     ڪاش ! اظهار جي دنيا ۾ محبت جون هڙئي ڪهڪشائون توتي ظاهر ڪري سگھان ها!

     منهنجي عشق جي ڪچين تندن کي تنهنجي ساهن جون تندون ئي ته مضبوط ڪنديون.

     ڇڏڻو ئي هيئي ته ايترو پيار ته ظالم ! نه ڏين ها!

     ڪمبل ويڙهي چانهه جون چسڪيون ڀريندي مون سان ڪيل ڳالهيون، ڇا سڀ فراڊ هيون!؟

     ننڍڙا جملا ۽ ننڍڙا نظم، ڪنهن باغ ۾ گلن مٿان ڦرندي ڏسين ته سمجھجانءِ اهي مون ننڍڙي جا خلقيل پوپٽ آهن.

     غمن جو عذاب ڀوڳيندڙ وجودن کي دوزخ جو عذاب ڇا ڪندو!

     ڇا تو ڄاتو آهي ته سکيءَ جي اميدن جا سڀ در تو ڏي کلن ٿا.

     وقت جي لهرن سان گڏوگڏ هلڻ ڪا به وڏي ڳالهه نه آهي!

     اي خدا !
    مون هارايو آ هَر راند ۾، ڇا جيون ۾ تو هارَ ئي لکي ڇڏي آهي؟


     يا خدا !
    ڇا مان ايترو وڏو ٿي ويو آهيان جو مون کان سڀ سهارا کسي ڇڏيئي؟

     اکين جي دنيا کان ته پري وئين، خوابن جي ڪائنات کان به ڇو رٺو آهين؟

     منهنجي نصيب ۾ تعبيرن جي سرهاڻ نه هئي ته وجود اندر خوابن جا گل ڇو پوکيا هيئي!؟

     تنهنجي انڪار الائي ڇو منهنجي ضد کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي!

     تنهنجي خاموشيءَ ۾ ڪيڏو نه سڪون آهي پرين! مون کي به ايئن رهڻ سيکاريندين؟

     دل چئي ٿي توسان پنهنجي دل جا سمورا حال ونڊيا، پر ڊڄان ٿو ڪٿي تون ئي نه منهنجي خلاف ٿي وڃين!

     تون ڀلي پنهنجي چپن کي مون سان ڳالهائڻ کان روڪ پر پهريان پنهنجي اکين کي ته روڪڻ سيکار.

     سڄڻ ! تنهنجي ڇانوَ کان پوءِ مون ٻي ڇانوَ جي صورت نه چاهي آهي.

     بس تو کان پوءِ سک جي ڪا ويل نصيب ناهي ٿي بابا!

     اي ڇوڪري! پنهنجي سونهن کي پاڪيزگيءَ سان گڏ رکجانءِ.

     جيڪي ڏيئا سچي محبت جي تيل سان ڀريل هوندا آهن، اهي طوفانن ۾ به ٻريل ئي رهندا آهن.

     مون اهي تمنائون ڇڏي ڏنيون، جن ۾ اجائي اڏام هئي!

     اي دوست!
    اهو حسن جيڪو اکين کي وڻي پر دل ۾ ڪا جاءِ نه والاري سگھي، مون وٽ ڪا معنى نه ٿو رکي.

     ڪيترين ئي ڳالهين کان پوءِ به، هُن کي اهو ڪجهه نه چئي سگهيس جيڪو منهنجي اکين ۾ هيو!

     سڄڻ!
    مان اڀاڳو، نه ڪڏهن تنهنجي سالگره ۾ ڪو مٺڙو گيت ڳائي سگهيس نه تنهنجي ورسيءَ ۾ شامل ٿي سگھيو آهيان.

     فجر ايئن ٿي لڳي، ڄڻ رات ڪاري چادر لاهي اجرڪ اوڍيو آ.

     هن اوجاڳيل اکين جا سوال تو کان وڌيڪ ٻيو ڪير سمجھندو!؟

     هڪ پل کي به پنن تي اُتاري ناهيان سگھيو، پوري زندگيءَ کي ڪيئن اظهاريان؟

     اي باک! مان تو جھڙو روپ ڪيئن ماڻيان؟

     هيءَ فجر آهي يا ڪا پَوترِ ڪنوار ...!

     شام جي پهرين ستاري کان صبح جي آخري ستاري تائين، اڌ ۾ رهجي ويل زندگي .... مان آهيان!

     خاموشيءَ جا نظم ”مهاڀارت“ کان به وڏا هوندا آهن.

     منهنجا نظم ٻُڌڻ کانپوءِ به پوپٽن جا پَرَ پٽين ته حيف اٿئه !

     پوپٽن جو خيال ڪجانءِ! هنن کي به نظمن جيان ڊائريءَ ۾ بند ڪيئي ته هنن وٽ ڪجهه به نه بچندو.

     اي سنڌ!
    شڪر آ جو الله مون کي وري به تنهنجي سيني ۾ سمايو آ.

     مون چيو هو، فنون لطيفه سان وابستا سڀ ماڻهو عظيم آهن پر هاڻي سمجهيو ته فنونِ انسانيت سان وابستا ماڻهو عظيم تر آهن.

     سعيد!
     تون ايئن ئي لکندو رهه جيئن دوست دوستن جا ڳوڙها اگھڻ سکي وٺن، نئين تاريخ پاڻ ئي ٺهي پوندي.

     تون ڪيڏو نه وڻندو آهي، جڏهن ڳلن تي لالاڻ ٿي اڀرندو آهين.

     اي بسنت!
    هن ڀيري مون خوابن جي پتنگ کي اميدن جي رِيِمَ سان اُڏايو آهي، تعبيرن جي آسمان تي پهچي هو خدا جا پير ڇهندا؟

     تنهنجي اجرن خيالن جي آڏو، منهنجا اونداها عمل ڪٿي ٿا بيهي سگھن.....!

     تنهنجي قدمن ۾ جنت جي پايل آهي، مون ٻڌو ته اچي تنهنجا پير ڇهيا، پر هو جيڪو بي خبر هيو، اچي تنهنجا پير ڇهي ويو. ڪير هو؟
    آواز آيو:
    توکان به ڀلو ....!

     يا الله!
    تون ته خوابن کان پاڪ آهين پر منهنجي خوابن کي ته تعبيرن جا رنگ بخش ....!

     اي درويش!
    هي ته ڏس ! هن دنيا ۾ سانڊا ئي نه پر ماڻهو به رنگ بدلائن ٿا.... !

     شبير!
    مس جي تيل سان پنن جو ڏيئو ٻاري ڏس، من سماج روشن ٿي پوي.

     ڇوڪر!!
    ڪيترو چيو هيومانءِ گھر کان ٻاهر نه نڪر، ماڻهن جا بي سُرا ٻول تنهنجي سادي سمجهه ۾ نه ايندا.

     شبير!
    ڪيترو نه سولائيءَ سان جدائيءَ واري رستي تي پير رکيئه! منهنجو ڪجھه سوچيئه به نه ......!؟

     جيڏانهن مان تيڏانهن تون _ تنهنجي سورج مکيءَ جهڙي وفا نيٺ مون کي ئي تنهنجو ڪري ڇڏيو.

     مون پنهنجن انهن هٿن کي تي رکي چميو، جن ڪڏهن تنهنجي پيرن کي ڇهيو هو.

     دعا مون کي ان لاءِ سُٺي لڳندي آهي جو هن مون لاءِ ڪڏهن دعا گھري هئي.

     اي اسان جا خواب سنڀاليندڙ!
    جي هي خواب پورو ٿي وڃي ها ته ڇا ٿي پوي ها!؟

     توکان ڌار ٿي ويس _ سمجهان پيو ڪنهن وڏي گناهه جي سزا ملي آهي.

     تنهنجون امانتون ڪنهن ايمان وانگي سنڀالي ناهيان سگھيو، مون کي بي ايمان نه سمجهجانءِ!

     تون ڪير آهين مون کي ايئن چاهين پيو جو مون منجهان “مان” ئي نڪري وڃي ٿي!

     مان تتيءَ ۾ ٻٻر جو ڪنڊو ۽ تون آهين جا، گلن جا رنگ ٿي ٻڌائيندي وڃين!

     ثوابن جي ساڃاهه نه هجي ها ته به تنهنجي عبادت ڪيان ها.

     تون منهنجي دل جو ٽڪرو به پر دل آهين.

     مرجهايل گلن جي ديس ۾ منهنجي مرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو خوشيءَ مان وري ٽڙي پوندا!

     “مان” کي مون ئي سڃاڻڻ ۾ دير ڪئي آهي تون پاڻ کي ڪهڙيون ٿي ميارون ڏئين!؟

     منهنجي روئڻ وارن لمحن ۾ جڏهن تون منهنجي سامهون کلندي آهين ته مون کي لڳندو آهي ڄڻ مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو بيوقوف آهيان.

     هن زندگيءَ تي هر گندگي تڦجي وئي آهي، هاڻي مان تنهنجي لائق ناهيان رهيو!

     تنهنجي اکين کي لفظي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پين هٿ ۾ کنئي، پهر ٿي ويا آهن ...... پر لفظن جي ڪائنات مان ڪوبه ستاري چونڊي ناهيان سگھيو.

     توڏي اچڻ جو ارادو ته ناهي ڇڏيو پر پنهنجا ميرا پير ڏسي پاڻ روڪي ڇڏيو آ.

     مون کي ٺاهي ڍاهي ڇڏيئه، توتي ڪهڙي ميار...!

     تنهنجي شين کي چمي، ڇا مان توکي نه پيو چمان!

     تنهنجي چوڌاري ئي زندگي گذري پئي تون ايترو وسيع ٿي ويو آهين يا مان ايترو محدود...!؟

     ڇا مان ايڏو وڏو ٿي ويو هئس جو ايڏا وڏا امتحان ورتئه !؟

     جيڪي غلاظتون مون مٿان ٿاڦيون ويون ڇا انهن لاءِ رڳو مان ئي قصوروار آهيان!؟

     وڏي ڪرسي تي ويٺل! تون ڇو نٿو سمجهين تن ڌوڙ واري رستي جي دز مون تي چڙهي وئي آهي، هونئن مان ايترو ميرو ناهيان.

     ويهن سالن جي ناچڻي ويهه سيڪڙو ئي ڍڪيل هئي پر انهن کان گھڻي ڀلي هئي جيڪي اندر ۾ داغ ڍڪي ويٺا هيا!

     دل جي سڪون لاءِ ڪهڙي جهان ۾ وڃي گھر جوڙجي! تون ناهين ته مون کي جنت ۾ مزو نٿو اچي!

     يادن کي چميون ٿو ڏيان جو اهي توسان لاڳاپيل آهن. زهر ۾ ٻوڙيل تير جيان سهي پر مون کي زخمي ڪرڻ سان گڏ توسان ڳنڍين ته ٿيون!

     دل چڱو جو سيني اندر ڍڪيل آ، نه ته کيس ڏسي حيران ٿي وڃين ها ته ڳوڙهن جو سمنڊ سندس اندر ڪيئن سمايل آ!

     سِڪَ تنهنجي هجي يا ڌرتيءَ جي سنڌُ سنڌُ سڪائي ٿي ڇڏي!

     سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيان ته توکي سمجهڻ ۾ اڃا به وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي ڇا؟

     ڇا وساري ويٺي آهين ته موهن دڙي واري دور کان ئي تون مون سان گڏ نرت ڪندي آئي آهين؟

     تون نرت ڪرين ۽ آئون سامهون ويهي رڳو توکي ڏسان.... اها وڇوٽي ڇا لاءِ؟ ٿورو ترس ته ٻئي گڏجي ٿا نچون.

     معصوم مک تي ڏنل چمين جي محسوسات نه پڇ! ايئن پئي لڳو ڄڻ خدا کي چميو پيون ڏنيو وڃن.

     حُسن! توتي گيت گھڻا ٿيا، هاڻي ڇڏ ته ان مٽيءَ تي لکان جيڪا قدرت واري منهنجي وجود ۾ وڌي آ.

     جيڪي به گلائون ڏوراپا، شڪايتون ۽ ميارون اٿئي، اڄ سڀ ڏئي ڇڏ، مان توکي ٻڌڻ لاءِ ئي تنهنجي سامهون آيو آهيان.

     هيءَ ڪهاڻي رڳو تنهنجي آ، جنهن ۾ رڳو “تون” ۽ “مان” آهيون... ها تون ۽ مان __ اڳتي هلي مان غائب ٿي وڃان ٿو ۽ رڳو تون بچين ٿو، فقط “تون”.....

     شبير!
     زندگي حاصلات جو نالو آهي ۽ تو ڪجهه به حاصل ناهي ڪيو!

     بهار جي اڄوڪي رات پير ڊگھا ڪري ڇڏيا آهن، تون ڀلي مون کي دوريءَ جي باهه سڙڻ ڏي پر نيٺ ته صبح ايندو، تنهنجي ميلاپ جو صبح ....

     سندرتا جا روپ ناپاڪ اکين کي به هڪ پلڪ ۾ صاف ڪري ڇڏين ٿا.

     اسان ايترا سٺا ناهيون، جيترو توهان جي لفظن جي آئينن ۾ آهيون.

     هو منهنجا دوست هئا ئي ڪٿي!؟ مان ته اجايو خوشفهميءَ ۾ مبتلا هئس.

     ڀنيءَ مهل جي ڀاڪرن، تنهجي چپن جي چاهتن، تنهنجي نيڻن جي خمارن منهنجي عشق کي امرتا بخشي جيئڻ لاءِ اتساهه ٻيڻو ڪيو.

     پيار جو امر گيت جڏهن کان ڪنن کان رٺو آهي، روح ڀٽڪندو رهي ٿو، انهيءَ آواز لاءِ.

     توسان تڏهن پرچندس جڏهن تنهنجي پنهنجائپ جا احساس روح جي راهن تي جھمريون هڻندا.

     مرشد جي لکت ۽ منهنجي لکت ۾ اهو فرق آهي ته هن کي پاڻيءَ ۾ وجهي اندر منجهه اوتيو ويندو آ ۽ منهنجي لکڻي توکي تاريخ جو منهن ڏيکاريندي رهندي.

     سنڌ جي اروڙ کي ته حجاج بن يوسف جي چوڻ تي اجاڙيئه پر دلين جي اروڙ کي ڪڏهن به، ڪنهن جي چوڻ تي نه اجاڙجانءِ.

     جڏهن امان جي پيرن زور ڏيندو آهيان ته جنت امان جي پيرن ۽ منهنجي هٿن جي وچ ۾ هوندي آهي.

     ڇا زندگي معصوم شاهه جو مينارو آهي، جنهن جا سوڙها ڏاڪا چڙهي، اوچائي تي پهچي، سکر شهر بدران تنهنجو وجود پسڻو آ.....!؟

     جي سنڌو جنت مان نڪرندڙ درياءُ آهي ته لڳي ٿو هالائي هندورو ۽ اجرڪ به اتان جا ئي آهن!؟

     اهي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ياد آهن، جي سانوڻ موسم ۾ تو پيار منجهان پياريا ها.

     منهنجين ناپاڪ اکين کان جنت جا خواب ڏسڻ وسري ويا آهن.

     مون ڪنول جهڙو سندر روپ ورتو آپرين! اهو سمورو اثر تنهجي ان نظم جو آهي جنهن ۾ ڪرم ۽ ٻاجھه سمويل آهي.

     پرينءَ جي پيرن هيٺان آيل مٽي جڏهن منهنجو سينگار بڻي تڏهن ساري لوڪ مون کي اکين منجهه سمائڻ چاهيو.

     جڏهن ماءُ جو پيار ۽ چاهت ڀريل هٿ نصيب ۾ هجن ته پوءِ ڪائنات مون آڏو ڪجهه به نه آهي.

     ماءُ ..... محبت جي ڌاڳن سان ٻڌل رشتو ..... جنهن ۾ مرڪون، چاهتون ۽ پنهنجائپ ٺپ آهي پيرن هيٺيان جنت.

     جوانيءَ جي ڪتاب کي نيڪين، خوشبوئن ۽ سندرتائن جون ڪهاڻيون زنده رکنديون آهن.

     تنهنجا چپ جي منهنجي لاءِ مرڪي پون ته منهنجي دل جا سارا درد لهي وڃن.

     اسان دل جي باغيچي کي تنهنجي نانوَ جو پاڻي ڏيندا آهيون، تڏهن ئي ته ارمانن جهڙ ا گل خوشبوءِ هاڻا ٿي پوندا آهن. اي سڄڻ! منهنجو هر ارمان تنهنجي سٻاجھي نانوَ، صدقي ئي هر سڳند کان وڌ مهڪيل ۽ سونهن ڀريو آهي.

     کليل ڪتاب وانگي زندگيءَ جا پنا... جن تي لکي ڦاڙي ڇڏيا تو پنهنجا نالا

     منهنجي زندگيءَ جي راتين کي روشن ڪجانءِ، چنڊ جي چانڊوڪيءَ سان نه پنهنجائپ جي سهائيءَ سان.....

     زندگيءَ جا پنا اٿلائيندي وجود جي تاريخ تي نظر پئي... جن تي رڳو تنهنجون ئي ڳالهيون لکيل نظر اچن ٿيون.

     او پرين! سچ، تنهنجي مرڪ منهنجي بيمار روح لاءِ شفا آهي.

     منهنجا خواب ٻارن جيان ۽ تعبيرورن پوپٽن وانگي آهن.

     سگريٽ سان سڙيل اگھاڙو پيرُ “گيتو” لڙڪ لاڙيندي ماءُ کي ڏيکاري پئي.

     توڙي جو تعبيرن جا لوڏا دور آهن، پوءِ به مون هالائي هندورن جهڙا خواب ڏسڻ اڃا ڇڏيا ناهن.


     اي سنڌ!
    تون اها گلاب جي صورت آهين، جيڪا هر ڪنهن کي خوشبوءِ ڏيندي آهي.

     ذهن جي ڪونڊيءَ مان، تنهنجي ياد جو پاڻي سڪيو ناهي ۽ زندگيءَ جي گل تي تنهنجي بهار جهڙن هٿن جو اثر مون خزان ۾ به محسوس ڪيو آهي.

     هو ايئن ئي چوندو رهندو، تون چريي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏي.

     جبران! ڇا تنهنجي لفظن جي خوشبوءِ ڪجهه ڪيو!؟

     هلندڙ ليڪچر دوران اٿي بيهي چيائين : “سر! هي ته ساڳيو معاشرو آهي! گرورجنيش جي ليڪچرن به ته ڪو ٻوٽو نه ٻاريو.....!”

     هيل به ان _ داڻن جو سٺو ملهه نه مليو، سوچيان ٿو ايمان داڻا نه وڪڻڻا پون.

     سنڌوءَ جا سور ۽ منهنجا پور هڪجهڙا ٿا لڳن!

     خوابن جا پوپٽ، تعبيرن جا گل ڳوليندا رهندا آهن.

     جڏهن به تنهنجي ياد آئي آ، مون مرڪي پاڻ سنڀاليو آهي.

     خوابن جا چپ، تنهنجي تعبيرن جهڙي مرڪ جا منتظر آهن.

     بغير سهارن جي جيئڻ تي وڏا بحث ڪندڙ شبير! ڇو اڄ هن جي سهاري لاءِ روئي رهيو آهين.؟!

     مون منجهان تنهنجي وجود جي خوشبوءِ وڃائجي وئي ڇا، جو مون کي بدبودار گل سڏي، سڀ پري وڃي رهيا آهن!

     توکي وڃائي پاڻ کي وڃائڻ نٿو چاهيان.

     پنهنجي صدقي، مون سامهون ايڏو پردن ۾ نه ايندو ڪر.

     جڏهن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ويس تڏهن تنهنجي ضرور خبر پوندي.

     ٿڌين راتين ۾ گرم لڙڪ ڪنهن جي لاءِ ٿي وهائين...!

     وکري ويو آهيان، ڇا مون کي ميڙيندينءَ نه .....!؟

     تنهنجي اماڻيل خالي پيڊ جي هر پني تي مون تنهنجي تصوير ٺاهي ڇڏي آهي.

     تنهنجي چاهت جا گل تازا رکي ڇڏيا اٿم، پرين! اچي پنهنجي محبت جا ماڪ ڦڙا ارپي وڃ.

     ڪڏهن ڪڏهن تون مونکي ايئن وڻندي آهين جيئن آذان.

     زندگيءَ جي دريءَ مان مون رڳو توڏانهن ئي ليئا پاتا آهن.

     اي سنڌ!
    وري پڇانءِ ٿو، تنهنجا ماڻهو اجرڪ جهڙا ڪڏهن ٿيندا؟

     تنهنجي وئي کانپوءِ به ، مون ۾ موجود تنهنجائپ نه وئي، ڇا مان مڃان ته تون هليو ويو آهين.

     ڪالهوڪي ڳالهه اڄ ٿو پڇي. چئوس ته مونسان اچي سڀاڻي تي ڳالهائي.

     تون وئين ته اڪيلو ڇو نه وئين؟ مون کي ڪاڏي گم ڪري ويو آهي؟!

     يتيمن جي ديس ۾ خرچين جهڙا خواب ....!؟

     گھر جي معنى پڇائين، کيس ٻڌايم:
    پنهنجو گھر معنى خدا جو دَرُ.

     “بوگي ووگي” جي ڊانس جيان تنهنجا مستيءَ جي سونهن جهڙا ٽهڪ ڏاڍا وڻن ٿا.

     بنا پاڻيءَ جي ڪومايل گل ايئن ٿا لڳن، ڄڻ تنهنجي مرڪ بنا منهنجو جيون.

     ڄامشوري ۾ “المنظر” ڀرسان بي اختيار منير کان پڇي ويٺس: “هي سنڌو درياءُ آهي يا سنڌو واهه ...!؟”

     تمام گھڻين خوشين ۽ نعمتن سان ڀريل ڪائنات، ماءُ جي پنهنجائپ ڀري آغوش کان تمام گھٽ آهي.

     پرين!
    مون جيون کي تنهنجي وجود جو وڳو پارائي ڇڏيو آهي، هاڻي مان “مان” نه رهي آهيان.

     بابا!
    جن سٻاجھن سنڌين جي باري ۾ اوهان ٻڌايو هيو، اهي هتان لڏي ويا آهن ڇا!؟

     پنهنجي هٿ مان منهنجي چيچ ڪڍي ڇڏيئي، وڃائجندس نه ته باقي بچندس ڇا؟

     ڇا مان اهو مڃان ته زندگي رڳو تنهنجي ۽ منهنجي ڪهاڻي آهي!؟

     ڇا اهو ضروري آهي ته مان توسان ڪتابي ٻوليءَ ۾ ڳالهايان؟

     سڄي عمر فلسفي تي ڊگها ليڪچر ڏيندي گذريس پر زندگيءَ جو فلسفو ڇا آهي؟ اڄ تائين سمجهائي نه سگھيو!

     مرڪندڙ چهرن جي وچ ۾ منهنجو مرجهايل چهرو پاڻ تي ٽوڪون ڪري رهيو هو!

     فائدي ۽ نقصان کان مٿانهون ٿي سوچڻ لڳين ته تنهنجو نالو دوستيءَ جي ڊڪشنريءَ ۾ سڀ کان مٿي لکي ڇڏيندم.

     تنهنجي اچڻ جو ٻڌي ڦلواڙيءَ جا گل به جهومي رهيا آهن.

     توکانپوءِ اهڙي ڪا ڇانوَ ناهي ملي، جيڪا سڏ ڪري پنهنجي ڀر ۾ ويهاري.

     تو چيو ته “اچ مقابلو ڪيون...” پرين! ڇا منهنجا لڙڪ تنهنجي ٽهڪن سان مقابلو ڪري سگهندا!؟

     توکانپوءِ اهي شعر ڪيئن لکان جي بسنت رت ۾ بلبل جي گيتن جيان ذهن تي ايندا ها!

     تون جيڪي گل ارپي وئين، سي ساهه ۾ سانڍي رکيا اٿم.

     شبير! وڃائجي ويو آهين ڇا، جو پنهنجو پاڻ کي به نٿو سڃاڻين!؟

     ڊڄان ٿو ڪڏهن هو ايئن نه چون “توکي دوست جي ديس ۾ رهڻ جو حق ناهي!”

     دوستن جو آئينو ڪڏهن نه ٿجانءِ پنهنجو اڻ وڻندڙ چهرو ڏسي توکي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا.
     ماڪ جي اجرن هيرن جو تاج پائيندڙ گل، تنهنجي پرچڻ کانپوءِ مونکي جهڪي سلام ڪري رهيا آهن.

     مان پاڻ کي الائي ڇو نه سمجهائي سگهيو آهيان ته تنهنجون حيا جون پاڻي پيتل اکيون، منهنجي بي حيا دوڏن ڏانهن ڏسي نٿيون سگھن!

     منهنجون آڱريون تنهنجي وفا جو پورٽريٽ نٿيون چٽي سگھن، تون ڀلي مون کي وفا چئي سگھين ٿي!

     جواني خواب جهڙي پياري آهي.

     تون، جا يادن جو ٻيو نانءُ ٿي وئي آن، پري هوندي به ويجهو ڇو ٿي وئي آن!؟

     تنهنجي اکين کي گھڻن ڏينهن کان ناهي ڏٺو ڄڻ پاڻ کي ناهي ڏٺو.

     اي راڳي!
    هي جيڪي تنهنجي راڳ جي آخر ۾ ٽي تاڙيون وڳيون آهن انهن ۾ منهنجي ٻن ترين جو آواز به شامل اٿئي.

     اي منهنجي اولاد!
    لکندا رهجو، هميشه سچ ڀلي اهو ڏکيو ڇو نه ٿي پوي...!

     ڇا اسان جي سماج ۾ اهو ڦيرو ايندو جو اسان جي نقطن کي هينئين سان هنڊائن ۽ سچائي تي عمل ڪن. پاڻ کي آٿت ڏيان ٿو ايئن ٿيندو نيٺ به ته اسان انهن لاءِ لکون ٿا.

     اظهار کي لفظن جو اجرڪ اوڍائڻ ڪيڏو نه ڏکيو آ!

     سچائي!
    تون سک نٿي ڏئين ته خدا جي واسطي ايترا ڏک به ته نه ڏي!

     اي سنڌ!
    ڪاش تنهنجا سڀئي ماڻهو هالائي هندورن جيان سهڻا ٿين ۽ ڪاشيءَ جي رنگن جيان پڪا....

     اي سنڌ!
    شل تنهنجا ماڻهو اجرڪ ٿي پون، جيئن تنهنجي سورن جي سيءَ جي واهر ٿي پوي.

     هٽيا هو دوست پاڻ ئي آهن ۽ الزام دؤر تي ٿا هڻن.

     سرمد! اروڙ جا سڏ توکي ڇا چئي رهيا آهن؟

     دروپدي!
    هاڻي سڌو ديو سان گڏجي مسئلي کي ڀلي حل ڪر، پر پنج مڙس قبولي تو غلطي ڪئي هئي!

     منهنجي خوابن جا پر ڪنهن حقيقت جي ڪينچيءَ سان ڪٽي ڇڏيا آهن.

     تنهنجي ساراهه جي وڻن جي پاڇي ۾ بيٺس ته پاڇا پاڻ کان وڏا هيا.

     اي عاقل بن دانش!
    توکي اڃا ڪيترن سوالن جا جواب کپن جو تنهنجو غرور ختم ٿئي!؟

     تو ريءَ ته اهڙو ڪو به ڪونهي جو مون کي مون کان وڌ ڄاڻي.

     اي مصور! خوابن جون اهڙيون تصويرون نه ٺاهه جن ۾ حقيقتن جو رنگ نه ڀري سگھين.

     هر ڪربلا کانپوءِ ڳوڙها اکين ۾ اچي ويندا آهن.

     تون جا وسري ناهين! ڪيئن چوان ته ياد اچين ٿي.

     اي يزيد!
    ڇا ڪربلا کانپوءِ به تنهنجو ڀيٽ نه ڀريو هيو جو سنڌ ۾ اچي لاجيءَ جا ڪن ڪٽيئه!

     مون هن جي سونهن کي ڏسي، پنهنجون ناپاڪ اکيون پاڪ ڪري ڇڏيون.

     جي تنهنجي ساٿ جي سڳند ساڻ آهي ته جيون جو هر ڏکيو رستو به آسان آهي.
     هي قلم گواهه آهي ۽ پني جي ڌرتي شاهد آهي ته مان هنن سان تنهنجي ئي گفتگو ڪريان ٿو.

     دوستيءَ جو رنگ اهڙو هوندو آهي، جيئن طوطي جي ڳچيءَ ۾ وڻندڙ ڳانو.

     اڌ جملو ته ڏاڍي رواني سان لکي ويم باقي اڌ لکندي ايڏي دقت ڇو پئي ٿئي!؟

     مان تنهنجي اڳينءَ ڳالهه تي ڀروسو ڪريان يا هاڻي واري تي...!؟

     شبير! تو رڳو پنهنجو پاڻ کي وڃايو آ...

     مون گناهن جو جام تولاءِ ئي ته پيتو هيو پر تون به ڪنهن ثواب وانگي نڪري پئينءَ!

     تنهنجي خوشي جي پڙي ۾ ويڙهيل جھمر، ڪٿي منهنجي ڏکن جي ڦاٽل پهراڻ تي ٽوڪ ته ناهي!؟

     منهنجي من جي محراب ۾ تنهنجو مرڪڻ، زندگيءَ جي مسجد کي آباد رکيو ويٺو آ.

     پرديس ته منهنجي زندگيءَ جو حصو هو، پوءِ ان جي سزا هن کي ڇو...؟

     اسلم جي روم ۾ هو علي چاچا جي ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙي رهيو هو .... ۽ هن چيو هو هن جي روح کي ساڙي رهيو آ.....


     اي زندگيءَ جي خوشي! مون کي ته تون اميءَ جي آغوش ۾ ملي هئينءَ، ان کانپوءِ توکي ڪاٿي ڳوليان!؟

     توکان ڌار واري جهان ۾ ڪيڏي نه بيقراري آ.....

     اهو سوال من ۾ الائي ڇو هرهر لهي اچي ٿو : “ڇا هوءَ به مون لاءِ ايترو بيقرار هوندي جيترو مان هن لاءِ آهيان!؟”

     هوءَ منهنجي پهرين نهار ڪيئن ٿي؟ هن کي به ياد آهي الائي نه!؟

     سچائي ڪنڌ ڪپڻ واري آهي، ڪوڙ مٿي تي تاج پارائڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏي رهيو آهي _ اي دوست! تون ئي ٻڌاءِ مان ڪاڏي وڃان!؟

     مون ڄاتو آ، توسان ارڏائي ڪري مان نيست ۽ نابود ٿي ويندس، تنهن ڪري مون اچي تنهنجي چرنن ۾ جاءِ ورتي آهي.

     خالي پني جي زندگي، جيئن پيارن لفظن کان محروم آهي، ڇا ايئن ئي تون مون لاءِ آهين!؟

     وري به گناهه ٿي ويو نه! مون کي تنهنجي اکين ۾ وڃائجڻو هو پر دنيا جي گھمسان ۾ وڃائجي ويس.


     هن سڄڻ لاءِ پاڻ سينگارڻو آ مون کي، زم زم سان وهنجي ثوابن سان وضو ڪرڻو آ.

     تنهنجي ٻاجهه .... آسمان _ منهنجي دعا .... ٻڪ هڪڙو.

     زندگيءَ جي هن ننگي وجود کي تنهنجي عشق واري پهراڻ سان ڍڪڻو آهي.

     توکان دور، وجود سانوڻ موسم جي ڊگھي روزي جيان ٿو لڳي!

     زندگيءَ جي ذري ذري جو احوال لکڻ لاءِ ستن آسمانن کان به وڏو پنو گھرجي.

     اندر منجهه اوري ويٺو آهين، توکي ٻاهر ڳوليان ته ڪافر ٿيان.

     “مان سيڪس ليس هجان ها ته ڇا پوءِ به تون مون کي چاهين ها!؟” مان هن جي اوچتي سوال تي هڪو ٻڪو ٿي کيس ڏسندو رهجي ويس.

     توکان دوري، ڇا توکي چاهڻ جي سزا آهي!؟

     زندگيءَ جي ٿر کي تنهنجي چمين جو پاڻي ملي وڃي ، ته مان جنت گھرڻ ڇڏي ڏيندس.

     اکين جون ڳالهيون نه سمجهڻ جي ميار نه ڏجانءِ تنهنجي اکين سان اکيون ملايان، اڃا ته اهڙو ٿيو ئي ناهيان!


     نئين بڪ تي تنهنجي محبت جي پهرين سٽ ٿو لکان، ڄڻ صدين پراڻي سڪ جي تاريخ پنن تي ٿو اُتاريان.

     تنهنجي محبت، مون کي مون کان ئي دور ٿي ڪري ڇڏي!؟

     دوزخ کان نفرت ڪندڙ دل کي محبت کان خالي ناهن رکندا.

     زندگيءَ جي ڪتاب ۾ تون ئي ته هڪ وڻندڙ چيپٽر آهين.

     تنهنجا سورنهن سينگار، زندگيءَ جا راز ٿا کولين يا وڌيڪ منجهائين پيا!؟

     جيڪو خود ٽٽي خلا ۾ وکري ويو، تنهن کان ڪهڙو گھرڻ!؟

     مون ته توکي سانوڻ ۾ برسات ٿي اچڻ لاءِ چيو هو پر تون ته منجهند ٽاڪ ٿي آيو آهين!

     ڏکڻ جي هير بدن لاءِ ڀلي آهي ۽ تنهنجي يادن جي هير روح لاءِ.

     تنهنجي يادن سان گڏ اکين ۾ هليو اچي ٿو، پڳلو، بي چيو، سمنڊ جھڙو کارو پاڻي ....

     مان پنهنجن انهن لفظن تان ڦران ٿو پر ايئن نه چئجان ته “تون ڦرڻو گرڻو آهي!”


     مان حيران آهيان، تنهنجي چپن جي لالاڻ، منهنجي چپڻ جي ڪاراڻ سان ٺاهه ڪيئن ڪيو آ!؟

     ڇا اڄ به تون ايئن چوندين، جيئن ڪلهه چيو هئيئه!؟

     سوري مسيح!
    چماٽ هڻندڙ کي هاڻ آئون پنهنجو ٻيو ڳل پيش نه ڪندس. اهو برابر ٿيندو ته آئون ظالم کي چوان: “تون مون تي هڪ ٻيو به ظلم ڪر!”

     ضمير، ضمير کڻي ڪيو اٿئي! مون کي بس ايتري خبر آهي ته هو منهنجو دوست هيو، جنهن سان ڦٽندي سال ٿي ويا آهن!

     توکان دور، زندگي اماوسي رات ئي ته آهي!

     مان پاڻ وڃائڻ ٿو چاهيان، جي تون مون کي ڳولين ته .....

     اروڙ جبل جي هنج ۾ هو اڪيلو اڌڙوٽ اڃا تائين ڇا پيو ڳولي!؟

     هن چيو هو: “مون کي ايئن نه کڻجانءِ، جيئن پين کڻي ٻه ٽي اکر لکي وري رکي ڇڏيندو آن!.

     من اندر تنهنجي چاهت جا گل ٽڙندا آهن ته محبت جي خوشبوءِ ساهن کي سينگاري ڇڏيندي آهي.

     مان اهو گلاب آهيان جنهن کي تو بهار ۾ چاهيو هو، خزان اچي وئي ته بس وساري ڇڏيئه، سکي

     ڇا هيءَ اها ئي دنيا آهي جنهن ۾ تون مون سان هئين!؟

     امان! مون کي پنهنجي گوڏي تي سمهار، زندگيءَ جي نٽهڻ اس ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!

     ڦٽاڪن سان لطف اندوز ٿيندڙ ٻارن کي ڏسي هو يتيم چئي رهيو هو: “اي الله! هن سال به منهنجا ڦٽاڪا توتي اوڌارا ٿيا”.

     روز ساڳئي شهر جو ساڳيو صبح ۽ ساڳي شام ڏسي اکيون ميريون ٿي پيون آهن، کين پنهنجي تازي نور سان اجرو ڪڏهن ڪرڻ ايندين!؟

     دانشور!
    ان حديث جو مفهوم وساري ڇڏيئي ڇا “عالم جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ هوندي آهي”.

     ارونڌتي راءِ پڇي پئي: “ڊيم خلاف مون وانگر ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڇو نٿو ڪرين!؟”
    کيس چئه “مون ۾ اڃا ايتري همٿ ناهي آئي..!

     تنهنجي ڪائنات ۾ مونکي ٻه شيون وڻن ٿيون هڪ تنهنجا چپ، ٻيون تنهنجون اکيون، جن سان تون چمندي آهين ۽ گھور ڪري ڏسندي آهين.

     فجر جا هي پل گواهه آهن ته هن وقت به تون مون ۾ سمايل آهين.

     تون الائي ڪڏهن سمجهندين ته زندگي نه ئي ذاڪر حسين جو طبلو آهي ۽ نه ئي فدا حسين جي اجائي سجائي پينٽنگ .....

     اي ڪوجها انسان!
    گلاب، شرافت ۽ اخلاق چوي ٿو ته دل جي خوبصورتيءَ ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي.

     زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪهڙي ڊائريءَ تي لکجي؟ ايترن ڏکن ۽ سورن جو هيءُ قلم بار نٿو کڻي سگهي، اجرا ۽ ميرا لفظ لمحن جو پورو اظهار نٿا ڪري سگھن.... اهي ته زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جا ٽٻڪا ئي مس آهن...!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 714
    ڪتابن جو مشاهدو: 1003140
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 335945
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ