ڪتاب جو نالو: شاهه ۽ سچل جا سنيها
مصنف: استاد حيدري چانڊيو
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 628 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 151 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ
  • مقالا ۽ مضمون

  • ڀٽائي گھوٽ جي هڪ بيت جي شرح
  • شاهه جي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام
  • شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جي عورت
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ محبت جا موتي... (حصو پهريون)
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ محبت جا موتي... (حصو ٻيو)
  • شاهه عبداللطيف ۽ مذهبي انتهاپسندي
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي پهلو
  • شاهه عبداللطيف ۽ سُهڻي
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ حُب الوطنيءَ جا اولڙا
  • اک اُلٽي ڌار...
  • هڏي مٿي هوڏ
  • شاهه سائينءَ جو ديسي دلالن خلاف جهاد
  • شاهه سائينءَ جو ديسي دلالن خلاف جهاد
  • شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد
  • سچل سرمست جو پيغام
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت پچار!
  • سچل جو پيغام سچ جو سنيهو!
  • سچل سائين پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي آئيني ۾
  • شاهه لطيف پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي آئيني ۾
  • سچل سائين جو مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جهاد!
  • لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ محبت جي خوشبو!
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ راڳ جي رُوحاني برڪت جو بيان!
  • سچل سائينءَ کي مليل ڀٽائيءَ جي وِرڇ!
  • شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت!
  • ڀٽائي باضمير ماڻهن جو شاعر
  • شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جا سورهيه
  • ڪي ويجھائي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين! (حصو پهريون)
  • ڪي ويجھائي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين! (حصو ٻيو)
  • شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جا مُفت خور ڦورو!
  • سُر مارئي ۾ حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام
  • لطيف جي ادبي ڪچهري، جھاتيون، ڪالم
  • سُپيرِيَان سِين سَوڀ
  • وطن جي حُب ۽ شاهه لطيف!

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: شاهه ۽ سچل جا سنيها
    موضوع: شاهه ۽ سچل بابت مضمون
    ليکڪ: استاد حيدري چانڊيو
    ڇاپو: پهريون، جنوري 2017ع
    ڳاڻيٽو: 1000
    ڪمپوزنگ: شاهجهان سولنگي
    ٽائيٽل: عرفان ميمڻ
    ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
    قيمت: 300/


    ارپنا

    پنهنجي محبوب ساٿي عبدالواحد آريسر جي نالي
    جيڪو مون کان گهڻو ڏُور هليو ويو آهي،
    پر ساڻس بي شمار قُرب واريون ڪچهريون،
    منهنجي ذهن ۾ محفوظ آهن.
    ۽
    پنهنجي پياري پُٽ طالب حسين جي نالي،
    جيڪو نهايت حليم سڀاءُ وارو نوجوان هو،
    پر عمر کان اڳ ۾ راهه رباني وٺي هليو ويو.

    ڪُنڍي ڪَلين وِچ ۾، جڏهن هَنيائون
    موت نه ماريائون، پر ڏور وِجهي ويا ڏُک جي.
    (شاهه)

    استاد حيدري چانڊيو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاهه ۽ سچل جا سنيها“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست تي لکيل مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب استاد حيدري چانڊيو جو لکيل آهي.
    سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.
    هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري نواز آريسر جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    سنڌ جي مٽيءَ مان گل وانگر ڦُٽل، ساهتي پرڳڻي جو استاد حيدري چانڊيو لطيف ۽ سچل جي پيغام جي خوشبوءِ کي جهر جهنگ ڦهلائيندڙ اُهو جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو شعور سان پيار ڪري ٿو، سن جي مَٽيءَ جو پاڻي پي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ڏات جا گُل پنهنجي جهوليءَ ۾ کنيا آهن.
    هُن صحافت جي ميدان ۾ رهي به، پنهنجي سڃاڻپ ناهي وڃائي، صحافت ۾ جتي روز جون خبرون ۽ موجوده صورتحال تي مضمون، تبصرا ۽ تجزيا لکي، هر صحافي توڙي ليکاري، آڱر وڍرائڻ وارن شهيدن جي قطار ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اُتي استاد حيدري اهڙي روايت کي ٿُڏي، پنهنجي اُن الستي آواز کي بُلند ڪيو، جنهن هميشه سُتل رُوحن کي جاڳايو آهي. اُن آواز ۾ پيار جي نرمي به آهي ته زنجيرن کي ٽوڙڻ جي سگهه به آهي. محبوب جي اڳيان ڪنڌ جُهڪائڻ جي عاجزي به، ته دشمن اڳيان ڳاٽ اُوچو ڪري ڳالهائڻ جي جُرئت به آهي.
    هي آواز وقت ۽ حالتن کي بدلائڻ جو آهي، پنهنجي روشن مستقبل کي سنوارڻ جو به آهي. ڪاش! استاد حيدريءَ جي هن راز کي ڪنهن صوفي راڳيءَ جي لفظن وانگر ڪو سمجهي.
    هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏُکيو آ.
    مختلف اخبارن ۾ استاد حيدريءَ جا لکيل هي مضمون آءٌ پنهنجي اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان. اُهي مضمون، جيڪي هُن گُلن جي صورت ۾ سالن کان پنهنجي ساهه ۾ سانڍي رکيا هُئا، اُنهن مضمونن کي استاد حيدري، ڪنهن اخبار جي سُرخي يا روزمره وارو ڇپجندڙ ڪالم سمجهي ضايع نه ڪيو. هُن کي پنهنجي لکڻين تي پورو يقين هو ته هي مُنهنجا مضمون، هڪ ڏينهن جا نه، پر صدين جو آواز آهن. ڀٽائي، جيڪي ڪردار پنهنجا ڪيا ۽ جن ڪردارن سان هُن شاعريءَ ذريعي گُفتگو ڪئي، اُنهن ڪردارن کي حيدري چانڊيي پنهنجي ڌرتيءَ جي ميراث سمجهي امانت طور سانڍي رکيو، ۽ اڄ جڏهن هُن جا ٽڙيل پکڙيل ڪالم ڪتابي صورت ۾ ڇپجي هڪ گُلدستي جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن ته مون کي يقين آهي ته هُن جي زندگيءَ جا هن پيرسنيءَ ۾ سمورا ٿڪ لهي ويندا. هُن جو هڪ خواب ساڀيان ماڻي چُڪو آهي، جيڪو هُن ڪيترن ئي سالن کان ڪنهن عاشق وانگر پنهنجي اکين ۾ محبوبه جيان سجائي رکيو هو. سندس هيءُ ڪتاب ’شاهه ۽ سچل جا سنيها‘ هڪ روادار سنڌ جو پيغام آهي، جيڪو يقيناً نئين سنڌ جي شعوري تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو.
    واحد ڪانڌڙو
    حيدرآباد- سنڌ


    ليکڪ پاران

    شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه ۽ سچل سرمسترحه جي سنيهن کي سهيڙڻ لاءِ جڏهن مواد گڏ ڪيو ته اهو ايترو وڌي ويو جو هڪ مان ٻه ڪتاب ٿيا. هڪڙو ته ”شاهه ۽ سچل جا سنيها“ ۽ ٻيو ”شاهه جون سورميون“.
    هي مواد گڏ ڪري ڇپرائڻ منهنجي زندگي جو هڪ خواب هو، جيڪو هاڻي ساڀيان ٿي ويو آهي.
    شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جا سنيها انسانيت جو پيغام آهي. جيڪو انسان ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪري ٿو. اهڙي پيغام کي مون پنهنجي وس آهر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اخباري دنيا سان سلهاڙيل هئڻ سبب ڪيترائي مضمون لکيا، جن کي آئون سنڀاليندو آيس جيڪو هينئر ڪتاب جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ان کان سواءِ منهنجي آتم ڪٿا به لکيل آهي جيڪا هنن ٻن ڪتابن يعني
    ”شاهه سچل جا سنيها“ ۽ ”شاهه جون سورميون“ کانپوءِ ڇپرائيندس.
    بهرحال آئون ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نامياري عالم ۽ اديب سائين حميد سنڌيءَ لکيو آهي جنهن جو ٿورائتو آهيان، هن مون کي دل سان مانُ ڏنو جيڪو عمر ڀر پيو ڳائيندس. علي نواز آريسر جو به شُڪر گذار آهيان، جنهن ٿورڙي وقت ۾ مهاڳ لکي ڏنو. گڏوگڏ واحد ڪانڌڙي جا پڻ احسان آهن، جنهن پنهنجي اداري ايلسا پبليڪيشن پاران ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. آخر ۾ لطيف سائين جي هيءَ سٽ ته:
    ”ٿورا م ٿورا مون تي ماروئڙن جا“
    استاد حيدري چانڊيو
    نوان جتوئي
    ضلعو، نوشهروفيروز، سنڌ


    مهاڳ

    مشهور روسي شاعر رسول حمزه توف پنهنجي ڪتاب ’ميرا داغستان‘ ۾ لکيو آهي ته:
    ”اک کُلندي ئي بستري تان اُٿي ايئن نه ڀڄو، ڄڻ ڪنهن زهريلي شيءِ ڏنگ هنيو هُجي، پر سڀ کان پهرين اُن خواب ۾ جي باري ۾ سوچيو، جيڪو اوهان جي اکين ڏٺو آهي.“
    هن روسي شاعر جي انهي ڳالهه سان متفق ٿيندي آءٌ پڻ ان راءِ جو آهيان ته، اسان جو ماڻهو انهي خواب طرف ڌيان بلڪل ناهي ڏيندو، جيڪو خواب هُن جي اکڙين ۾ پلجي رهيو هوندو آهي، جيڪو خواب سُنهرو به بڻجي سگهي ٿو، جي اُن متعلق اسان سوچڻ شروع ڪريون، ڇاڪاڻ جو اسان جي صوفي شاعرن اسان کي اهو ئي پيغام ڏنو آهي ته جاڳندا رهو ۽ هميشه عمل جي ميدان ۾ رهو. هن وقت جڏهن منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي سُچيت ۽ کاهوڙي انسان مٺل حيدريءَ جو هيءُ مجموعو
    ”شاهه ۽ سچل جا سنيها“ موجود آهي ته آءٌ اهو سوچي رهيو آهيان ته، لطيف جي سنڌيءَ ۾ شاعري نه ڪري ها ته سنڌي ٻولي اڄ عالمي ٻولين ۾ شمار ٿي سگهي ها! اهو ئي بنيادي سوال آهي، جنهن تي سنڌي قوم کي سوچڻو آهي ۽ اُنهي تي عمل ڪرڻو آهي. شاهه لطيف ۽ سچل سنڌي شاعريءَ جا سج آهن ۽ اُنهن جي شاعراڻي نگاه ۾ جيڪا سنڌ جي تصوير چِٽيل آهي، سا ڌُنڌلي بلڪل به ڪانهي، اُها چِٽي، صاف ۽ روشن آهي. هنن ٻنهي شاعرن نه فقط سنڌي ٻوليءَ کي اَوج تي رسايو، پر هي ٻئي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي سونهن جا به محافظ آهن، جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي هر شيءِ کي ڳايو ۽ اُن کي امر ڪيو هي. سائين مٺل حيدري پنهنجي هن تحقيقي ۽ تخليقي مجموعي ۾ اُنهن سڀني ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حُسناڪيءَ جي باري ۾ آهن، پوءِ اُهو حسن سنڌ جي موسمن جو هُجي يا نينهن نظارن جو، وڻن جي سرسراهٽ جو هُجي يا پکين جي مٺڙن ٻولن جو، ٻُوٽن جي ڊگهين ۽ نه کُٽندڙ قطارن جو هُجي يا سنڌ جي مارو ماڻهن جي مُرڪن، ٽهڪن، پٽڪي جي وَر، کٿي جي کستوري ۽ چاپئين ڏاڙهيءَ جو هُجي، اُنهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکي مٺل هي تخليق اسان جي سامهون آندي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين ۽ سچل جي پيغام وسيلي هُن آزاد سنڌ جي خوبصورت تصوير چِٽي آهي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي خوب ننديو آهي. مٺل بنيادي طور قومي ڪارڪن آهي، جنهن ڪري هن شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ مان اُهي نُڪتا چونڊيا آهن، جيڪي آزاديءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿا، جن ۾ ملير ۽ مارُن جون ڳالهيون آهن، جن ۾ هر ۽ پاڃاري، ڪوڏر ۽ ڪُهاڙيءَ جا قصا آهن، جن ۾ وطن ۽ ويڙهيچن جو واسُ آهي، جن ۾ سنڌ ۽ محبت جو ميلاپ آهي، جن ۾ شعور ۽ ساڃاهه جو سنيهو آهي، جن ۾ ڪنڌ ڪپائڻ ۽ ڪپڻ جا هوڪا آهن، جن ۾ سُورمن ۽ سُورمين جي بهادري، عظمت ۽ وڏائيءَ جا گُڻ ڳايل آهن. ان حوالي سان مٺل لکيو آهي ته شاهه سائين سنڌ جو علمبردار شاعر هو، ۽ هر مذهبي ڪٽرپڻي کان ڪوهين ڏُور هو ۽ اهو ئي پيغام هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان کي ڏنو آهي:
    ”هُو عظيم محبِ وطن، عظيم سياح، عظيم شاعر، عظيم مفڪر، عظيم فيلسوف، عظيم صوفي ۽ عظيم محبتي هو، سندس اُهي خاصيتون چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيون ڪن، انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي ثقافت صاف سُٿري ۽ روشن آهي. ڀٽائي گهوٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي قوم کي، سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ، پروڙڻ، اُن کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ دنيا اڳيان نِروار ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي، انهيءَ تاريخ کي مذهبي ڪٽر پڻي کان پاڪ صاف ٿي ڏسبو ته اُن تاريخ ۾ موهن جو دڙو به آهي، موهن جي دڙي جون ناچڻيون به آهن، موهن جي دڙي جا بُت به آهن، راءِ سھيرس ۽ مها راجا ڏاهر کان وٺي، دودي سومري، ڄام نظام الدين کان وٺي، دُولهه درياهه خان، صوفي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول تائين، سڀ جا سڀ هڪ ئي مقصد لاءِ هڪ ئي صف ۾ نظر ايندا ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ مسجد ۽ مندر ٻئي گڏ نظر ايندا.“
    آءٌ، مٺل جي مٿين ڳالهه سان سهمت ٿيندي اهو چوندس ته شاهه لطيف، سچل توڙي سنڌ جي ٻين آفاقي شاعرن جو پيغام عالمِ انسانيت جو پيغام آهي، جنهن ۾ محبت جون نهرون وَهندي نظر اچن ٿيون، جنهن ۾ سنڌوءَ ماتا جي پويترتا پلٽا کائيندي نظر اچي ٿي ۽ سنڌ جون تهذيبي روايتون ان محبت جو بنيادي مرڪز آهن. اها سنڌ جي روايت آهي، جو مسجد ۽ مندر ٻئي گڏ گڏ نظر اچن ٿا، اها سنڌ جي محبت آهي جو لطيف جو جوڳين، سامين سان سنگ عالمي شهرت رکي ٿو، اهو سنڌ جو ڪلچر آهي، جو هندو- مسلم ۾ ڪو ويڇو نه آهي. آءٌ اها ڳالهه دعويٰ سان چوان ٿو ته اهڙو سنٻنڌ ٻي ڪنهن به ڌرتي، ٻي ڪنهن به قوم وٽ وِرلي مِلندو، تنهن ڪري اسان کي انهن صوفي شاعرن جي ڏنل پيغام تي هلڻو پوندو، ان مان ئي جدوجهد جا نوان گس سِکڻا پوندا، ان سلسلي ۾ سچل بابت لکيل مٺل جو هيءُ خيال ڪيڏو نه فڪري پسمنظر رکي ٿو:
    ”عام طور سمجهيو ويندو آهي ته تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. صوفي کي غطل فهميءَ وچان اهڙو شخص سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دنيا کي ترڪ ڪري، لوڪان لِڪي، ڪنهن ڪُنڊ ۾ جُهنڊ هڻي، ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي وِساري ويهي رهي، رلي ڳچيءَ ۾ ست رنگي ٽوپي پائي، ڏنڊو هٿ ۾ يا ڪندري ڪلهي تي رکي، نشي ۾ غافل بنجي، ٻار ٻچا وِساري رُلندو پِنندو، در در جا ڌِڪا کائيندو وَتي. سچل سائينءَ جي نظر ۾ صوفي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي اصلاحي شعور جي لحاظ کان صحيح سماجي نظام کي قائم ڪرڻ لاءِ سُونهين جي حيثيت رکي، صوفي هڪ اهڙو صاحب نظر آهي، جيڪو نه رُڳو سچائيءَ جي ڄاڻ رکي، پر پنهنجي ڄاڻ جي لافاني لاٽ سان اجتماعي زندگيءَ کي جرڪائي، سُڌاري وغيره.“
    واقعي تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو نالو ناهي، پوري دنيا جي صوفي ازم ۾ هڪ به اهڙو صوفي نه ملندو، جيڪو پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن کان ڪوهين ڏُور رهيو هُجي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏُکن، سُورن ۽ اُن جي سُونهن کان غافل رهيو هُجي، ڇاڪاڻ جو صوفي ڪنهن به قوم جو سُونهون هوندو آهي، قوم کي ڏس ۽ گس ٻُڌائيندو آهي. اسان جي سنڌ جي صوفي شاعرن اسان کي سنڌ جي سونهن ڏيکاري آهي، اُن جا جلوا پسايا آهن، حقيقي حُسناڪيءَ کان آشنا ڪيو آهي. سنڌ جي سونهن کي اُجاڙيندڙن کان خبردار ڪيو آهي، حق جو هوڪو ڏيندي اُنهن جي رستا روڪ ڪئي آهي. مٺل واري ڳالهه جي تائيد ڪندي تاج جويو سچل متعلق لکي ٿو ته:
    ”جيڪي عالم سچل جي درويشانه زندگي، فقيري ۽ بزرگيءَ واري حيثيت کي ئي اهميت ڏئي، سندس دنياوي لاڳاپن کان لاتعلقي جو اظهار ڪن ٿا، اُهي سچل جي اصل عظمت کي گهٽائن ٿا ۽ هن جو واسطو انساني سماج کان ڪٽي کيس صرف بزرگ ۽ درويش ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر سچل جو نه رُڳو پنهنجي سماج سان واسطو هو، پر هُو پنهنجي دَور جي انسانن کي جاگيرداري رسمن، رواجن جي ٻنڌڻن کان بغاوت ڪري آزاد ۽ خوددار انسان بنجڻ جو سڏ ڏئي ٿو. منجهن خوداعتمادي ۽ خودداري پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.“
    استاد حيدري جي ڪيترن ئي مضمونن ۾ اهڙين ڳالهين جو تذڪرو ملندو، ۽ خاص ڪري شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جو قومي پسمنظر ۾ اڀياس ڪيو اٿائين ته جيئن سنڌي قوم پنهنجي قومي فرضن ۾ ڪا گوٿناٿي نه ڪري، ڪا گوهي نه کائي. شاهه سائينءَ تي جيتوڻيڪ ڪيترن ئي عالمن لکيو آهي، ۽ اُن جي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي آهي، ڪيترن شاهه کي مذهبي شاعر قرار ڏنو آهي، ڪيترن شاهه کي عشقيه شاعر قرار ڏنو آهي، پر سنڌ جي قومي ڏاهي ۽ دانشور عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب ’وريا واهرو‘ ۾ شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي:
    ”منهنجي خيال ۾ لطيف جي شاعريءَ کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: هن جي شاعريءَ جي هڪ حصي جو تعلق ذاتي واردات، شخصي پيڙائن ۽ ذاتي ذوق سان آهي. جنهن ۾ صوفيانه اصطلاح، جمالياتي رجحان، شخصي پرينءَ پسڻ جي تن اندر تئونس ۽ محبوب سان وصال جون ڪي انوکيون، دلڪش ۽ روح ريجهائيندڙ خواهشون ۽ جانب جي جمال جي جلون جي رنگ برنگي تصوير آهي. سندس شاعريءَ جو اُهو حصو سندس زندگيءَ جي ابتدائي دور سان واسطو رکي ٿو. هن جي شاعريءَ جي ٻئي حصي يا ٻئي دَور جو سنئون سڌو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو سنڌي قوم ۽ سنڌي عوام سان آهي. انهيءَ دور جي شاعريءَ کي اسان دعوتي، تبليغي ۽ ترغيبي شاعري سڏي سگهون ٿا. اُن ۾ حُب الوطني آهي، ساڻيهه جي سِڪ ۽ سُڪار جون ڳالهيون آهن؛ جدوجهد ۽ قربانيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ للڪارون آهن، ڪوٽ ڪيرائڻ، ڪڙن ڀڃڻ ۽ زنجير ڇِنڻ جون ترغيبون آهن، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثن کي سانڍڻ لاءِ هدايتون آهن، آزادي ماڻڻ ۽ ضميرن کي زنگ کان بچائڻ جون تدبيرون آهن، سنڌ جي ثقافتي تاريخي ۽ معاشي خوشحالي ۽ جاگرافيائي وسعت جون روايتون آهن، ظلم ۽ جبر کي نهوڙڻ لاءِ گڏيل عوامي طاقت پيدا ڪرڻ جون پُڪارون آهن.“
    استاد مٺل حيدري نهايت باريڪ بينيءَ سان شاهه ۽ سچل جو فڪري اڀياس ڪيو آهي، ۽ موضوعن جي چونڊ به سُٺي ڪئي اٿس، جن جي پنهنجي جداگانه اهميت آهي، اُنهن ۾ خاص ڪري ’شاهه جي
    حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام‘، ’شاهه جون سُورميون‘، ’شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد‘، ’شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پچار‘، ’سچل سرمست جو پيغام سچ جو سنيهو‘، ’سچل سائين جو مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جهاد‘ اهم آهن. ۽ هن اُنهن پاسن کي اُکوليو آهي، جن تي لکڻ کان اسان جي محقق هميشه ڪن لاٽار ڪئي آهي. منهنجي نگاهه ۾ هيءُ ڪتاب شاهه ۽ سچل جي قومي پرچار واري نُڪتي کي پڌرو ڪري ٿو، جيڪو سنڌ جي اُسرندڙ ٽهيءَ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

    تاريخ
    2016-11-08
    علي نواز آريسر
    حيدرآباد


    مقالا ۽ مضمون

    ڀٽائي گھوٽ جي هڪ بيت جي شرح

    جي لُوڻ لِڱين لائين، چِيري چِيري چَم،
    مُون ڪُر اَڳي نه ڪَيو، اهڙو ڪو جهو ڪَم،
    جان جان دعويٰ دَم، تان تان پِرت پَنهوارن سِين.
    مهراڻ جي ماٿريءَ جي سدا حيات ۽ جڳ مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جي اُونهي اڀياس سان، اُنهن ۾ وڏي سمجهه جو ساگر نظر ايندو، جنهن مان دل جي دليري، اِرادي جي پُختگي، يقين، محڪم ۽ سچائيءَ جا سچا موتي مِلندا. سُهڻي لطيف جي اُنهن بيتن ۾ جيڪي نصيحت جا نُڪتا سمايل آهن، جي اُنهن تي ويهي لکجي ته وڏن وڏن دفترن جي درڪار رهندي، اُن ڪري مون فقط مٿيون هڪ بيت سُر مارئيءَ مان شرح لاءِ چونڊيو آهي. انهيءَ لاءِ ته هن ديس جي ديسي ماروئڙن جو نانءُ سُنهري اکرن ۾ لکجي ۽ سندن مان ۽ شان تي سندن ايندڙ نسل فخر سان ڳاٽ اوچي گُهمي سگهي. شاهه سائين، مارئيءَ جي رُوپ ۾ حُب الوطنيءَ جو عجيب نقش چِٽيو آهي، اِئين چئجي ته شهنشاهه ميڊاس وانگر، شاهه سائين جنهن به شيءِ کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ چُونڊيو آهي، اُن کي سچو سون بڻائي ڇڏيو اٿس. مارئيءَ جي جذبن ۽ وِلولن جي تصويرن ذريعي، وطن سان محبت ۽ پيار جي پيغام سان ته سُهڻي لطيف ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. سندس سُر مارئيءَ کي پڙهڻ سان شفيع المذنبين رحمت العالمين، حضرت محمد صلعم جي حديث، ’حُب الوطن مِن الايمان‘ جي ياد تازي ٿئي ٿي، ۽ ادب وِچان ڪنڌ جُهڪي ٿو پوي، ۽ زبان دل جي تصديق ڪندي چوي ٿي ته: جيئي لطيف جي حُب الوطني! ٿر جي غريب نياڻيءَ مارئي، جڏهن عمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ اچي قيد ٿي، تڏهن سندس کِل ۽ خوشيون، روڄ راڙي ۾ تبديل ٿي ويون، ۽ عمر بادشاهه جي ڪنهن لالچ لوڀ دڙڪي دهمان ۾ نه آئي، هن کي ملڪ ۽ ملڪي ماروئڙن کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ياد ڪانه هُئي. جيتوڻيڪ غريب مارئيءَ جا ماروئڙا، عمر جهڙي وڏي بادشاهه سان پُڄي نه ٿي سگهيا. ٿر جا مجبور ماروئڙا رَڙندي رَڙندي لاچار ۽ بيوس بڻجي، پنهنجي نياڻيءَ مارئيءَ کي وِساري ويهي رهيا، پر مارئيءَ کي پنهنجا ٿري ماروئڙا اصل نه وِسريا، هُن کي پنهنجي ٿري ماروئڙن جي سِڪ ايڏو ته ستايو، جو ڏينهن رات، صبح شام، روڄ ۽ راڙي ۾ ٿي گذاريائين، ٿري ماروئڙن وٽ هُن جي کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ بلڪل سادي سودي هُئي. عمر بادشاهه مارئيءَ کي کائڻ لاءِ اُوچا اُوچا طعام ۽ پهرڻ لاءِ اُوچا اُوچا لباس پائڻ لاءِ اُوچا اُوچا زيور ۽ هيرا جواهر اڳيان آڻي رکيا، پر ٿر جي سادي سودي نياڻي مارئي، عمر بادشاهه جي اُنهن سڀني شين ڏانهن اک کڻي نهاريو به ڪين ته عمر بادشاهه جون اُهي شيون ڪهڙيون ٿينديون آهن؟ بس مسڪيني هُن جو مڻيو هُئي. ٿر جي هڪ غريب نينگري مارئيءَ جي اخلاق جي بُلندي ڪيڏي نه حيرت ۾ وجهندڙ آهي، جو هي، ”اِيءُ نه مارُن رِيت، جو سَيڻ مَٽائين سَون تي!“ تي بلڪل ثابت قدم رهي، پنهنجي ٿري ماروئڙن جي لوئيءَ جي لڄ رکي. مائيءَ جي قربانيءَ جي لاثاني لَڇڻ کي ڏسي، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪي انسان حق ۽ سچ تي ثابت قدم رهن ٿا، اُنهن جو مددگار خود خدا آهي، جن جو مددگار پاڻ الله بڻجي، ته پوءِ هُو ڪنهن بدنيت ظالم ۽ جابر جي اڳيان ڪنڌ جُهڪائي نٿا سگهن، جهڙيءَ طرح ٿر جي غريب گهراڻي جي غريب نياڻيءَ هڪ وڏي ڌارئي ڌُوتي حاڪم وٽ، اڪيلي سِر ڪوٽ ۾ قيدياڻي هُوندي به، هُن جي دل کي ڪو لوڏو ڪونه آيو، ۽ پنهنجي اِرادي تي ثابت قدم رهي، هيڏي ساري حاڪم جون لوڀ لالچون ۽ دڙڪا دهمان کيس محڪم اِرادي کان هٽائي نه سگهيا، ڀلا هٽائين به ڪيئن! مارئيءَ جي دل جون پاڙون، ملير جي مٽيءَ ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هُيون، ۽ ملير جا ٿري ماروئڙا سندس زندگيءَ جو سرمايو هُئا، اُنهن کي پنهنجي ذاتي لالچ تي وِساري ويهڻ وڏو عيب هو، وڏي لعنت هُئي ۽ وڏي بي شرمائي جهڙي ڳالهه هُئي. هُن سون تي سَيڻ نه مٽائڻ واري قول ڪردار تي قائم رهڻ سڀ کان افضل ٿي سمجهيو، تنهن ڪري جيئن ئي مٿس سُور سختيون ٿي وِڌيون ويون، تيئن هُن ۾ خانداني شرافت ۽ نسلي عظمت نِروار ٿي ٿئي. سندس رَڳن ۾ عزت عظمت، عصمت، غيرت، شرافت ۽ همت جو درياهه اُٿلي ٿي پيو.
    عمر بادشاهه، جيڪو سندس حُسن تي موهجي، تڪليف ڪري، کيس ملير مان زوري زبردستيءَ کڻي پنهنجي ڪوٽ ۾ اچي قيد ڪيو هو، ۽ کيس اُهي خواب ڏسڻ ۾ ٿي آيا ته اڄ نه سُڀاڻي، مارئيءَ سان لانئون لهي گهوٽ بڻبس، تنهن جڏهن ڏٺو ته مارئي، مُنهنجي ڏسيل ڪنهن به لالچ لوڀ جي ڦندي ۾ نٿي اچي، تڏهن ڪاوڙ ۾ اچي، ظلم زبردستيءَ جو دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو، اُن وقت مارئي ويچاري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، عمر جهڙي هيڏي ساري حاڪم سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهي، هن سِر جو سانگو لاهي، عمر بادشاهه کي جيڪي چيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ، ملير ڄائي مارئيءَ جي واتان عمر بادشاهه کي جيڪو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اُن جو مطلب هن طرح سان آهي: اي عمر بادشاهه! تو مون کي بيگناهه ديس ۽ ديس واسين کان ڌار ڪري پاڻ وٽ اچي قيد ڪيو آهي، آءٌ، ٿر ۾ پنهنجن مٺڙن ماروئڙن، جهانگيئڙن، سانگيئڙن، سانبيئڙن ۽ ڏوٿيئڙن سان ڏاڍي آزاديءَ واري زندگي گذاريندي هُيس، پر تُنهنجي ڪوٽ ۾ غلاميءَ واري زندگي اصل پسند ڪانهي! تُنهنجي محلن ماڙين، وڳن، چرين، مِٺين ست رَڇين، پلنگ پٿراڻين ۽ ٻين لالچن تي سڄڻ ۽ ساڻيهه وساري ويهي رهڻ کان مون کي موت بهتر آهي! ماروئڙا ۽ ملير وِساري ويهي رهڻ مُنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي، مون کي ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ ڦاسندو نه ڏسي، تو مون تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جي تون اُنهن ظلمن ڪرڻ کان نه ٿو مُڙين ته پوءِ توکي هاڻ اجازت آهي، تون ڀلي مون کي مار ڪُٽ، ظلم زيادتيون ڪر، ايتري قدر جو مُنهنجو چَم چِيري چِيري چَھڪ ڏئي، اُن ۾ لُوڻ وجهي ڇڏ! تنهنجو ظلم مُنهنجي هڏ چم، گوشت پوشت تي هلي سگهي ٿو، پر مُنهنجي دل رُوح تنهنجي وس کان ٻاهر آهن. منهنجي رُوح تي حڪمراني، ٿر ۽ ٿري ماروئڙن جي هلي سگهي ٿي، ٻيو ڪوبه ظالم/جابر منهنجي رُوح تي حڪمراني ڪري ئي نٿو سگهي! منهنجي رُوح کي ٿر ۽ ٿري ماروئڙن کان سواءِ ٻي هنڌ، ڪِٿي به ٽڪاءُ ڪونه ايندو. منهنجي رُوح کي ٿر ۽ ٿري ماروئڙا پسند آهن، جيئن تون ڪرڻ ٿي چاهين، اِئين هرگز نه ٿيندو. تون پنهنجي دل مان اِها خوش فهمي ڪڍي ڇڏ ته، ڪا مارئي تنهنجي داٻي ۾ اچي، پنهنجي نيڪ مقصد تان ڪا هٿ کڻندي، يعني ديس ۽ ديسي ماروئڙن کي وساري منهنجي ٿي، موٽ ويهي رهندي، اها ڳالهه بلڪل اڻٿيڻي آهي، ڇو ته ملير ۽ مارو وساري تو سان شادي ڪري ويهي رهڻ جهڙو ڪِنو ڪم منهنجي بنياد مان، اڳ اصل ڪونهي ٿيو، اُنهي ڪري آءٌ به اهڙو بُرو ڪم ڪانه ڪنديس. آءٌ ديس ۽ ديسي ماروئڙن کي وساري ويهي رهڻ کي نهايت شرم ۽ بي حيائيءَ واري ڳالهه ٿي سمجهان، تون ڀلي مون تي ظلم ڪندو رهه، پر جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين پنهنجي مارُن جي ڏنل ’ٿري مڱيندي‘ جي محبت جي دعويٰ ڪندي رهنديس، تو جهڙي ڌارئي بادشاهه کان مون کي پنهنجو غريب ٿري مڙس ۽ هزارين بلڪ ڪروڙين ڀيرا ڀلو آهي. آءٌ جيئنديس به اُن جي محبت ۾ ۽ مرنديس به اُن جي محبت ۾، تو جهڙا لکين ڪروڙين بادشاهه پنهنجي ٿري مڙس ۽ ٿري ماروئڙن مٿان قربان ڪري ڇڏيان! منهنجي ملير جي مٽيءَ ۽ ملير جي ماروئڙن جهڙو، ڪنهن کي ڪانه ٿي سمجهان.
    نيٺ عمر بادشاهه کي مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا، ڀٽائي گهوٽ سُر مارئيءَ جي هن بيت ۾ اسان کي آزاديءَ جي مضبوطي، دلي دليري، يقين محڪم، بي ڊپائي، توڪل ۽ ظالم اڳيان ڪنڌ نه جهڪائڻ جو هڪ سهڻو سبق ڏنو آهي. هي بيت اسان سڀني سنڌي ماروئڙن کي، حق سچ جي راهه تي پهچڻ لاءِ هڪ روشن شمع جو ڪم ٿو ڏئي، پر ائين چوڻ سان ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته پوري ڪائنات جي دُکي انسانن لاءِ شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت ڇوٽڪاري لاءِ هڪ اڪثير جي حيثيت رکي ٿو، هن مان راهه ڀٽڪيلن کي راهه ملي ٿي. هي سچ جي روشنيءَ جو بنياد آهي، جنهن سان وڃايل رستو آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو. شاهه سائينءَ، مارئي جي رُوپ ۾ اسان کي اهو سبق ڏنو آهي ته ڪوبه ڌاريو عمر جو روپ وٺي، مارئيءَ وانگر اسان کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري، ظلم ۽ زيادتيون ڪري، لوڀ لالچون ڏئي، دڙڪا دهمان ڏئي، پر اوهان حق جي راهه [آزادي] تان اصل هٿ نه کڻجو!

    [4 فيبروري 1991ع روزاني عبرت ۾ ڇپيل]


    شاهه جي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح گهوٽ شاعرن جي سرتاج کي، جيڪر سُورمين جو شاعر چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. شاهه سائينءَ جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته، سندس قصن ڪهاڻين ۾ مُکيه ڪردار، گهڻو ڪري عورتون ئي آهن. هن مان صاف ظاهر آهي ته شاهه سائينءَ کي انساني سَڀاءَ ۽ دنيا جي اَڪيچار آزمودن مان پروڙ پئي ته، عورت جيتوڻيڪ مرد کان ظاهر ۾ ضعيف نظر ٿي اچي، پر منجهس دليري، قرباني، اِرادي جي پُختگي ۽ قول تي قائم رهڻ جي اهڙي حيرت ناڪ خاصيت آهي، جا مردن ۾ ملڻ مشڪل آهي. تڏهن ته هُن پنهنجي دل جو ترجمان، سهڻي، سسئي، ليلا، مومل، نوري، مارئي ۽ سورٺ کي بڻايو ۽ اُنهن جي واتان ئي اڻ کُٽ آيتن جو پيغام اسان تائين پهچايو. شاهه سائينءَ پنهنجي شخصيت اُنهن سُورمين ۾ پلٽي پڌري ڪئي آهي، اُهي سندس جدا جدا رُوپ ۾ آهن. سندس سڀني سُورمين جي اداڪاري نهايت نصيحت ۽ غيرت جو مجموعو آهي، پر مارئيءَ جي سيرت دوران شاهه سائينءَ جيڪا حُب الوطنيءَ جي بينظير تصوير پيش ڪئي آهي، تنهن ۾ مارئي سڀني سُورمين کان سَوائِي نظر پئي اچي، لوئيءَ جي لَڄ بچائڻ خاطر هُن جو ”ايءُ نه مارُن رِيت جو سَيڻ مٽائين سون تي،“ چئي ثابت قدم رهڻ وارو ڪردار ’چوڏهينءَ جي چنڊ‘ جهڙو روشن آهي، جنهن سان راهه ڀَٽڪلين کي راهه مِلي ٿي. سندس دلي اٿاهه ساگر ۾ ساڻيهه جي سِڪ، نمايان نظر ايندي. عمر بادشاهه مارئيءَ جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي، کيس ملير مان زوريءَ کڻي اچي عمر ڪوٽ ۾ بند ڪيو ۽ هُن کي رهڻ لاءِ محل ماڙيون، کائڻ لاءِ اُوچا اُوچا طعام، پيئڻ لاءِ خوشبودار مِٺا مِٺا شربت، پهرڻ لاءِ ويس وڳا ۽ سُمهڻ لاءِ پلنگ پٿراڻيون ڏنيون، پر اُنهن سڀني شين کي جُهوپڙين ۾ رهندڙ مسڪين غريب ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ اک کڻي به نه نهاريو. عمر بادشاهه، مارئيءَ کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلايا، پر هُوءَ عمر بادشاهه جي ڪابه ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه ٿي، هُن کي عمر بادشاهه جي ست رڇين کان ملير جو ڏُٿ وڌيڪ پسند هو، هُن کي بادشاهي شربتن کان ملير جي تلائن ۾ گڏ ٿيل پَلُر جو پاڻي وڌيڪ پيارو ۽ پسند هو، هُن کي بادشاهه جي ريشمي ويس وڳن کان وڌيڪ ملير جا اُوني کُهرا کٿا ۽ لويون گهڻو پسند هُيون، عمر بادشاهه جي پلنگ پٿراڻين کان هُن کي ملير جي ڀِٽن جي ٿڌڙي واريءَ جو وِڇاڻو وڌيڪ پسند هو، هُن کان پنهنجو ملڪ ملير ۽ ملڪي ماروئڙا اصل نه وِسريا. پاڻ کي عمر بادشاهه جي محل ماڙين ۽ ڪوٽن ۾ قيد سمجهي، وڏي وات اوڇنگارون ڏئي پئي روئندي ۽ رڙندي هئي. عمر بادشاهه کيس نِت نيون نيون لالچون ڏيندو رهيو ۽ کيس پَٽِ راڻيءَ بڻائڻ لاءِ چيو، پر ملير ڄائي مسڪين نياڻيءَ اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيو. عمر بادشاهه کيس ويجهو وڃي ڌُتارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مارئي پنهنجي ملڪ ملير ڏي مهاڙ ڪري زارو زار روئي ريهون ڪري پئي چيو ته: اي عمر بادشاهه! تنهنجا سڀئي سُک، آءٌ سوريءَ ۽ موت ٿي سمجهان. آءٌ هڪ غريب ماروئڙن جي ملڪيت آهيان، ظلم زبردستيءَ سان آءٌ تنهنجي زال ڪانه بڻبيس! منهنجي مٿي تي، جيڪا مون کي پنهنجي مسڪين ماروئڙن کٿيءَ جي لوئي پهرائي آهي، سا مان ڪانه لاهينديس! اي عمر بادشاهه! هرو ڀرو اشرافن جي پاڪ دامن کي، ظلم جا زنجير وِجهي پنهنجو نه ڪر، شاهه سائين مارئيءَ جي واتان هن طرح چَوِرايو آهي ته:
    ڪيو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ
    سهڄ سوري ڀائيان، سومرا سندوءِ
    مِلڪ ماروءَ جي آهيان، جور نه ٿِيان جوءِ
    يا
    ڪيو مهاڙ ملير ڏي، اُڀيائي آهي،
    جا مٿي ڏِنيس مارئي، سا لوئي نه لاهي،
    سومرا! ساهي، سُتي وِجهم سنگهرون.
    مارئيءَ جو پنهنجي ملڪ ملير ۽ ماروئڙن سان اهڙو ته پيار هو، جو عمر بادشاهه جي ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ نه آئي، هُن کي پنهنجن مسڪين ماروئڙن جي سِڪ سَتائيندي ٿي رهي. هُن پنهنجي ذاتي لالچ خاطر مُلڪي ماروئڙن کي ڪونه وِساريو، ڀلا وساري به ڪيئن؟ هي ڄائي نپني ملير ۾ هُئي، سندس ماروئڙا به ملير ۾ ئي ڄاوا نِپنا هُئا ۽ ملير جي مٽيءَ ۾ ئي دفن ٿيل هُئا، هي ملير جي ڏُٿ تي پلجي وڏي ٿي هُئي، هن جي سيني اندر ملير جي مٽيءَ، ملير جي ڪکن پنن لاءِ وڏي عزت هُئي، هن جي دل جون پاڙون ملير جي مٽيءَ ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هيون، هن ٿي چيو ته جهڙي ريت ڪپڙي کي سنهي سُئيءَ سان ٽوپو ڏئي ڳنڍي سوگهو ڪبو آهي، تهڙي طرح منهنجو ساهه ملير جي ملڪي ماروئڙن سان سِبجي سوگهو ٿيل آهي. اي عمر سومرا! مون کي ملير جا گولاڙا ۽ گاهه ياد پيا ٿا پون، هِت تو وٽ مُنهنجو فقط بُت/ جسم آهي، مُنهنجي دل منهنجو رُوح اَباڻن پکن ۾ آهي، تُنهنجي ڪوٽ ۾ هن مجبور بندياڻيءَ جو خاڪي جسم آهي. شاهه سائين، مارئيءَ کان مُلڪي محبت جو داستان اِجهو هن طرح بيان ڪرايو آهي، چوي ٿي ته:
    سنهي سُئيءَ سِبيو، مُون مارن سين ساهه
    ويٺي ساريان سُومرا، هت گولاڙا ۽ گاهه
    هِينئون مُنهنجو هُت ٿيو، هِت مٽيءَ ۽ ماهه
    پکن مَنجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾!

    مارئي پنهنجي ملڪي ماروئڙن جي ڳاٽ اوچي رکڻ خاطر ظالم حاڪم جا سڀئي سُور سختيون سھندي رهي، مگر ظالم جي ظلم اڳيان جُهڪي اصل نه، ڇو ته ظالم جي اڳيان جُهڪڻ پاڻ لاءِ ۽ مُلڪي ماروئڙن لاءِ هُن عيب ٿي سمجهو. جيئن مٿس سختي ٿي ٿئي، تيئن هُن ۾ غيرت ۽ هِمت وڌي ٿئي، ۽ عمر بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چيائين ته: اي عمر سومرا! هي تُنهنجا مِڙئي هنڌ مڪان، ٽول ٽِڪاڻا، پنهنجي مُلڪي ماروئڙن بنا جيڪر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيان، هر ڪاشيءِ پنهنجي اصليت ڏانهن ٿي موٽي، آءٌ پنهنجن ماروئڙن لاءِ پئي ٿي سِڪان، شل پنهنجي ماڳ تي موٽي وڃي، پنهنجو وطن ملير ڏسان! شاهه سائين، مارئيءَ واتان چَوِرائي ٿو ته:
    هِي هَنڌَ ماڙيون هَاڻِ، سَاڙيان سڀ ڏيهِيَنِ ري،
    ڪُل شيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصَلِھ، ٿي جِهڄان جهانگينِ ڪَاڻ،
    ڀِرِي پنهنجي ڀَاڻِ، پَسان مُلڪ مَلير جو.
    مارئي جڏهن کان عمر جي ڪوٽ ۾ اچي قيد ٿي، تڏهن کان هُن کائڻ پيئڻ بلڪل گهٽائي ڇڏيو هو:
    ڀَلي بُک ڀَرَم جي، شل نه وڃي شَانُ،
    جي الله ڏئي ايمان، ته گوڏا ڏئي گذارجي!
    تي ثابت قدم رهي، فاقاڪشيءَ ۾ گذارڻ لڳي، جنهن ڪري سندس چنڊ جھڙو چهرو ڪومائجي ويو. عمر بادشاهه کي جڏهن اِها خبر پئي ته مارئي، مُنهنجا ٻوڙ پُلاءَ نه ٿي کائي، تڏهن حيران ٿي مارئيءَ کان پُڇيائين ته: ”تُون هي کاڌا ڇو نه ٿي کائين؟ ڇا تُنهنجي مائٽن جو کاڌو مُنهنجي هن کاڌي کان وڌيڪ سُٺو آهي؟“ مارئي جواب ۾ چيو ته: ”هائو! منهنجي غريب مارُن جو کاڌو، تُنهنجي کاڌي کان هزار ڀيرا بهتر آهي!“ عمر بادشاهه چيو ته: ”اُهو ڪهڙو کاڌو آهي؟“ مارئي جواب ۾ چيو ته: ”مُنهنجا ٿري اباڻا، روزانو جهنگ مان ڏُٿ آڻي کائيندا آهن، يعني سانيئن جا سٿا ڍير ڪري سُڪائيندا آهن ۽ لُنب کي وري چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن، اُهو کاڌو اهڙو ته لذيذ ۽ سُٺو آهي، جو عمر بادشاهه تُنهنجا پُلاءَ ۽ ست رَڇيون اُن ٿري ڏُٿ جي مقابلي ۾ ڪُجهه به ناهن.“ شاهه سائين، مارئيءَ جي زباني هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
    آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏِهاڙي سُومرا،
    سَٿا ڪيو سيد چئي، سائون سُڪائين،
    مُنهنجا لُنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
    پُلاءَ نه پاڙين، عمر آراڙي سين!
    مارئي عمر ڪوٽ ۾ قيد دوران کائڻ ته ڇڏي ڏنو هو، پر کِل خوشي به هُن کان موڪلائي وئي هُئي. عمر بادشاهه جي هر چيز کان هُن کي نفرت ٿي وئي هُئي، هُن کي ڪيترا ڀيرا پَٽ ريشم جا اُوچا اُوچا وڳا آڇيا ويا، پر هُن اُنهن ڏي نِهاريو به ڪونه ته اُهي ڪهڙا ٿيندا آهن، هُن کي پنهنجي مائٽن جيڪو ٿري لباس پهرايو هو، اُهو ئي کيس پسند هو، ڌارين جا ويس وڳا هُن لاءِ ڌاريا هُئا، تنهن ڪري پنهنجن مائٽن واري ٿري لباس (جيڪو ميرو ۽ پراڻو ليڙون ليڙون ٿي ويو هو،) تي گذارو ڪرڻ، پاڻ لاءِ وڏو اعزاز ٿي سمجهائين. عمر بادشاهه کيس ويس وڳا پائڻ ۽ ڪُنوار بڻجڻ لاءِ ٿي چيو ته، مارئي جواب ڏئي هينئن ٿي چيو ته: اي عمر بادشاهه! هِت اچڻ سان مان مارُن جي ميارڻ بڻجي وئي آهيان! اِهي اڇا ڪپڙا ۽ ڳاڙها ڪپڙا، مُون جهڙيون ميارن واريون ڪيئن پهرينديون، جن جي وَر، وارثن کي ٿر ۾ عام ماڻهن مِهڻا ڏنا هوندا! آءٌ پنهنجي وَر واري آهيان، آءٌ اُن کي ڇڏي ڏيان ته پوءِ سَتُر واري ڪيئن چئبيس! مارُن جا مون کي جيڪي سڳڙا ڳچيءَ يا ٻانهن ۾ پيل آهن، سي تُنهنجي سون کان به سوايا ٿي سمجهان، اُن ڪري اي عمر بادشاهه! پنهنجا پٽ جا ويس وڳا ۽ سونا زيور مون کي نه آڇ! مون کي پنهنجي اباڻن جي لوئي تمام پياري آ هي. شاهه سائينءَ اُن واقعي جو مارئيءَ کان اِجهو هن طرح بيان ٿو ڪرائي ته:
    عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
    جنين جا ٿرن ۾ وَر ٿا ويڻ سَھَن،
    هُو جي حق ڀڃن، سي ڪيئن سَتيون سومرا!
    يا
    سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مُون،
    پٽولا پنهوارَ کي، عمر! آڇ مَ تُون،
    وَرُ لوئِي لُون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا!
    مارئي ظالم بادشاهه جي هر سهولت کي ٺُڪرائي، قيد ۾ سُور سختيون سھندي رهي، آخر ايتري ته ضعيف ٿي وئي، جو سندس بچڻ جو آسرو بلڪل گهٽجي ويو، اُن وقت پنهنجي حقيقي مالڪ کي ٻاڏائي چيائين، منهنجا رب! شل ائين نه ٿئي، جو آءٌ هن ظالم جي قيد ۾ ئي مري وڃان ۽ مُنهنجو جسم زنجيرن ۾ ئي جَڪڙيو رَهي، اي منهنجا مالڪ! آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي ٿر ملڪ وڃان، ٿر ڏِسان، اُتي پهچڻ کان پوءِ ڀلي منهنجا ڏينهن پورا ڪري ڇڏجانءِ. شاهه سائين، مارئيءَ کان حُب الوطنيءَ جو بيان اِجهو هن ريت ڪرايو آهي ته:
    اَلا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مَران بند ۾،
    جُسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
    پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پُڄَنِم ڏينهڙا.
    مارئي جيسين عمر ڪوٽ ۾ قيد هُئي، تيسين نه لِڱ ڌوتائين، نه وار واسيائين، نه وري بُت تان اَباڻي لوئي لاٿائين. مارُن جي جُدائيءَ ڪري اُڃن بُکن ۾ پاهه ٿي، آخر اچي موت کي ويجهي ٿي، ۽ عمر بادشاهه کي پاڻ وٽ گُهرائي کيس روئندي وصيت ڪيائين ته، جي مان هِت تُنهنجي قيد ۾ مري وڃان ته مُنهنجي لاش کي ملير موڪلجانءِ ته جيئن مُنهنجا ماروءَ مُنهنجي لاش کي وطن جي وَلين جو وَاسُ ڏئي، مُون کي ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ ۾ پورين! عمر بادشاهه، سندس وطن سان محبت، مارُن سان ايڏي سچائي ڏسي، مجبور ٿي کيس آزاد ڪيو ۽ ملير وئي.

    [جاڳو اخبار جي 9 جون 1990ع واري پرچي ۾ ڇپيو]


    شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جي عورت

    عورت دنيا ۾ انسان لاءِ لطيف چيز آهي. عورت، جنهن هر دل ۽ دماغ تي هر دَور ۾ اثر وِڌو آهي. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن عورت بابت عجيب و غريب ڳالهيون لکيون آهن. عورت خود دنيا جي خاموش شاعري آهي، اهڙي شاعري، جيئن اونداهي رات جو آسمان ۾ تارن جي شاعري، جيئن اونداهي رات جو آسمان ۽ تارن جي چمڪندڙ جهرمر، پر عورت چنڊ جهڙو هڪ اهڙو روشن ستارو آهي، جو انساني دلين تي حڪومت هلائي ٿو، ڪيترن ئي شاعرن عورت جي محبت ۽ پيار جي تعريف ۾ بهترين تخيل جو اظهار ڪيو آهي، پر جهڙيءَ طرح سان مهراڻ جي ماٿريءَ جي جڳ مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي عورت جي هر صفت تي روشني وڌي آهي، اُن جو مثال نٿو ملي. جھڙي طرح اونداهي رات کان پوءِ روشن ڏينهن ٿئي ٿو، جنهن ۾ هر شيءِ صاف چٽي نظر پئي اچي، اهڙيءَ طرح ’سنڌو ديش‘ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌي عورت کان متاثر ٿي پنهنجي شاعريءَ ۾ اُن عورت جي واتان جيڪو نصيحت ڀريو نُسخو اسان کي ڏنو آهي، جنهن ۾ هر دُکي انسان لاءِ راهه نجات جو ڏس ڏنل آهي، جنهن جا مختصر مثال مختلف سُرن مان پيش ڪجن ٿا، جنهن کي سنڌي سُورمين جو ذڪر چئجي ته دُرست ٿيندو.
    1. سُر سھڻي:
    سنڌ جي عورت سُھڻي ويچاري، پنهنجي محبوب ميهار سان ته پيار ٿي ڪري، پر ميهار جي نينهن سان به پيار ڪيو اٿس، پنهنجي محبوب ميهار جي نينهن لاءِ دُعا گهري اٿس، شاهه سائين سُهڻيءَ جي واتان هن ريت دُعا چَوِرائي آهي ته:


    مينهون هِن ميهار جُون، سڀ بَچن،
    وَڇون جي ڪرن سين، سدا ٿيون سُونهَن،
    مون کي ماڻڪين، تاڙي وِڌو تار ۾!
    هُوءَ، جنهن کان پنهنجي حياتي به وسري وئي هُيس، بس رات ڏينهن ميهار کان سواءِ ٻي ڪا وائي وات ڪانه هُيس، هر وقت، هر گهڙيءَ ائين ٿي چيائين: اي منهنجا پيارا ميهار! منهنجي محبت مُنهنجي اندر ۾ لُڇ پڇ مچائي ڇڏي آهي، ڄڻ منهنجو اندر ڪپجي ڪورجي رهيو آهي، تُنهنجي محبت ۾ ونگي وئي آهيان، تُنهنجي سڪ ۾ سوگهي ٿي وئي آهيان، تو کان سواءِ منهنجو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي. سندس سِڪ جو شاهه سائين هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
    سِڪ تُنهنجي سُپرين، ڪپي ۽ ڪوري،
    سَگهان نه چوري، ڏاڍو نيَر نِينهن جو!
    هِن سنڌي عورت جي سِڪ ۽ محبت کي سلام هُجي، جنهن درياهه جي دهشت، تار تانگهي جو ڪو خيال نه ڪيو ،آخر محبت ۾ مري ميهار تان جان قربان ڪري اَمر بڻجي وئي.
    2. سُر سسئي:
    سنڌ جي عورت سسئي جو، پنهنجي وَر پُنهل سان جيڪو پيار هو، سو هر عورت لاءِ مشعل راهه آهي. هن عورت پنهنجي وَر سان پيار ڪري پنهنجي امڙ (سنڌ) جي سينڌ سَنواري عزت ڀريو ڪري ڇڏيو. اڄ به سنڌ جون عورتون، سسئي جي پُنهل سان پِريت جو مثال ڏينديون آهن، ۽ سسئي جي نقش قدم تي هلڻ هڪ عظيم شان سمجهنديون آهن، ۽ مثال ۾ چونديون آهن ته، سسئي جهڙي ست ٻي ڪامڻ ڪندئي ڪانه ڪا! سنڌي عورت سسئي کي ڪيڏيون تڪليفون ٿيون اچن، هن جا پير پِٿون ٿي پون ٿا ۽ هلڻ کان جواب ٿا ڏين ته، هٿن تي هلڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي، هٿ رَتو رَت ٿي ٿا پونس ۽ هلڻ جھڙا نٿا رهن ته پوءِ سيني ڀر سرڻ شروع ٿي ڪري، سينو سرڻ ڇڏي ٿو ڏئي ته چيلهه ڀر چُرڻ شروع ٿي ڪري، مطلب ته پنهنجي مقصد تان نٿي هٽي، سواءِ پنهنجي وَر پُنهل جي ٻي ڪا پَچار ڪانه هُيس، پنهنجي جيڏين سرتين کي مخاطب ٿي چيائين ٿي ته، ڪابه سُکن واري مون سان سينو نه ساهي، (ريس نه ڪري) مون سان گڏجي هلڻ جي ڪابه سَڌ نه ڪري، جنهن جي اندر ۾ سُور هوندا، دردن ۾ دل ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيل هوندي، اُهي جبل جهاڳينديون، شاهه سائينءَ سسئي کان اجهو هن طرح چَوِرايو آهي ته:
    پيرن پنڌ ڇڏيو، ته گوڏن گِسڪندياس
    گوڏن گِسڪڻ ڇڏيو، ته چيلهه ڀر چُرندياس
    چيلهه چُرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سُرندياس
    سيني سُرڻ ڇڏيو ته ٺُونٺين ڀر ٺڙڪندياس
    ٺونٺين ٺڙڪڻ ڇڏيو ته سسي ڀر سرندياس
    سسي سرڻ ڇڏيو ته هينئن ڀر هلندياس
    جي مليا ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان.
    يا
    سُکن واري سَڌ متان ڪا مون سين ڪري
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون!
    يا

    هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون
    وِهو وِچ رَهن، سهسين سَڌُن واريون!
    سسئي جي سچائيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ ڌرتيءَ جنهن سسئيءَ کي پيار سان پاليو، سا ڪيترين ئي سسئين کي پالي نِپائي سگهي ٿي، پر نقلي سسئين ڪٿان کان ڪٿان رُلنديون ڀٽڪنديون سنڌ جي سچين سسئين جي حقن تي ڌاڙو اچي هنيو اٿن ۽ سنڌ جي نسل کي بگاڙي تباهه ڪيو اٿن. سنڌي عورت جو معاشرو نهايت پاڪ صاف هو، پر اهڙو واءُ لڳو جو هنج هليا ويا، اُنهن جي جاءِ ڪانگن اچي والاري، جن ڪينجهر کڻي ڪِنو ڪيو، اُنهن کي ظاهري ته پُنهل لاءِ پيار آهي، پر تڪليف سھڻ، گهر تڙ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، اهڙين بد بنياد ڪوڙين ڌُوتين لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻي اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته:
    ڏُونگر نه ڏوري، سُکن جُون سَڌون ڪَري،
    ويٺي گهر گهورِي، مٿان پِرينِ جِندڙو!
    يا
    ڪُوڙيون پُڇن ڪيچ، هوت نه ڏورين هِتهِين،
    جِنين پُنهونءَ سين پيچُ، تن پيرين پنڌ وساريو!
    3. سُر مومل راڻو:
    سنڌي عورت مومل جي غير موجودگيءَ ۾ راڻي جڏهن سندس ڀيڻ سُومل کي هنڌ تي سُتل ڏٺو ته، اُن حالت ۾ راڻي کي غيرت اچي وئي ۽ پنهنجي نشاني لَڪُڻ ڇڏي هليو ويو، مومل محبت جي ماري اُٿي ڏٺو ته راڻي جي نشاني لَڪُڻ پيو آهي، پاڻ ڪاوڙجي هليو ويو آهي. مومل جي اندر ۾، راڻي جي رُسامي باهه لڳائي ڇڏي، دل جو آڙاهه ڦُٽي ويس، هيڏي هوڏي لُڇڻ ۽ ڦَٿڪڻ لڳي ۽ دانهون ڪُوڪون ڪري چوڻ لڳي ته: اي راڻا! پنهنجي رب جي صدقي موٽي اچ، جو تُنهنجي ڪاوڙ مون کي ماري جهوري وِڌو آهي، تُنهنجي سِڪ ۾ ڪاڪ جا ڪانگ اُڏائي رهي آهيان ته مُنهنجو راڻو مينڌرو ڪڏهن مون وٽ موٽي ايندو! مُون تُنهنجي انتظار ۾ شمع ٻاري، راتين جون راتيون گُذاري، ڏينهن ڪيا آهن. سنڌي عورت مومل جي زباني ڀٽائي سائين هيئن چَوِرايو آهي ته:
    شَمع ٻاريندي شَب، پرهه باکُون کوڙيون،
    موٽ مَران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رَبُ،
    تُنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪَاڪَ جا!
    مُومل ويچاري، محبوب کي پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، وڏا حيلا هلايا، رُئندي رُئندي راتيون گُذاريون، راڻي ۽ سندس سواريءَ واري اُٺ لاءِ ڪئي سِج اُڀاري اوجاڳا ڪيا. مومل جي اهڙي ڪيفيت کي ڀٽائي سائين هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
    اُڀي اُڀاريام، نَکَٽ سَڀ نئي ويا،
    هڪ مَيو، ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام،
    ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، جڏهن سُورج شاخُون ڪَڍيون!
    سنڌڙيءَ جي مومل جي سچائي ته ڏسو، جو سندس وَر راڻو رُسي ٿو وڃي ته، هُوءَ روئي روئي حال کان بيحال ٿيو ٿي وڃي، ڪيئي انتظار ٿي ڪري، کيس پنهنجي محبوب کان سواءِ ڪوبه آرام ڪونه ٿو اچي. اڄ به سنڌ جي سرزمين ڪيئي موملون پيدا ڪري، سنڌ جي راڻن لاءِ تيار بيٺي آهي، پر افسوس جو سنڌ جا ڪي راڻا بازاري ۽ رولو مُوملن جي پُٺيان مست لڳا ٿا وتن، سنڌ جي موملن جا حق غضب ٿي ويا آهن، کين بنا ڏوهه جي ڏُهاڳ اچي ويو آهي، اُهي پنهنجن راڻن لاءِ واجهائي رهيون آهن، سندن رُوح رَڙيون رِيهون پيو ڪري، سندن باغ اُجڙي ويا آهن، هُو پنهنجن راڻن جون واٽون نِهارين پيون. رهبر لطيف اُنهن جي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
    راڻي جي رِهاڻ کي، رُوح ڪري رِيهون،
    باغ سَڙي بُٺ ٿيا، جِت وَڻ جيون وِيهون،
    ڪاڪ مٿي ڪيهون، پسو پرڏيهين جيون.
    يا
    راڻو ڪا رات ويو، ڳُجهي ڳالهه ڪري،
    سوڍي رِي سَرتِيُون! هَڏ نه سَاهه سَري،
    وَڃي مَان وري! آسَائِتي آهيان!
    4. سُر ڪا موڏ:
    سنڌڙيءَ جو حاڪم ڄام تماچي، جڏهن ڪينجهر ڪناري شڪار لاءِ آيو ۽ نُوريءَ تي نظر ٿي پويس ته خود شڪار بڻجي ٿو وڃي ۽ هڪدم ملاحن کان نُوريءَ جو سَڱ وٺي شادي ٿو ڪري، سنڌ جي نياڻيءَ نوريءَ جي سُهڻي صورت ۽ سُهڻي سيرت ڄام تماچي تي جادوءَ جو اثر ڪيو ۽ هڪدم کيس پَٽ راڻي چُونڊيائين، تڏهن به سنڌ ڄائي نوريءَ نماڻي کي ڪا وڏائي من ۾ ڪانه ٿي، پنهنجي وَر ڄام تماچيءَ کي عاجز ۽ ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: ”تُون ذات جو سمو آهين ۽ آءٌ مُھاڻي گهٽ ذات آهيان، مُون ۾ عيبن جي گهڻائي آهي، متان ٻين راڻين جا مُھانڊا ڏسي، مُون غريب مُھاڻيءَ کان مُنهنڙو مَٽائي ڇڏين!“ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ سنڌي عورت نوريءَ جي عاجزيءَ هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
    پَسي راڻين روءِ، متان ماڳر مٽيين!
    نوري نماڻيءَ پنهنجي وَر ڄام تماچيءَ کي پنهنجي پِريت ۾ اهڙو ته سوگهو ڪيو، جو هُن کان پَل به پَري ڪونه ٿيندو هو، شڪار تي ويندو هو ته نوريءَ کي ساڻ ڪري ويندو هو، نُوريءَ ٻيڙي هلائيندي هُئي ۽ ڄام تماچيءَ جي هٿ ۾ ڄار هوندو هو، جنهن سان هُو شڪار پيو ڪندو هو، اهڙيءَ ريت ڏينهن جا ڏينهن، ڪينجهر ۾ شڪار ڪندي گذاريندا هُئا. شاهه سائينءَ اُن نظاري جي تصوير هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
    هيءَ هٿ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
    سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو!
    اڄ به ڪينجهر ڪناري سنڌوءَ ڪيترين ئي نُورين کي جنم ڏنو آهي، پر افسوس آهي جو سنڌ جو ڄام تماچي نظر نٿو اچي. شال ڌڻي تعاليٰ سنڌڙيءَ لاءِ وري ڄام تماچي موڪلي، جيڪو سنڌ جي اَڀرن سَڀرن جي سار اَچي لَھي ۽ شاهه سائينءَ جي هي پيشنگوئي پوري ٿي پوي ته:
    گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    اُنهين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو!
    يا
    گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام
    اُنين کي اِنعام، مڃر مِڙوئي ٿيو!
    5. سُر سورٺ:
    ٻيجل وٽ سُرندي وڄائڻ جي اهڙي ڏات هُئي، جو اُن جي آواز تي انسان ته ڇا، پر جهنگ جا جانور به مست ٿي اچي سِر نِمائيندا هُئا، اَنيراءِ بادشاهه جي جُهونا ڳڙهه جي بادشاهه سان ڪنهن ڳالهه تان اڻبڻت ٿي پئي، هُن کي مارڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين، پر ڪجهه حاصل نه ٿيس، پوءِ ٻيجل کي موڪليائين ته وڃي سندس سِر وٺي. ٻيجل ساز کڻي جُهونا ڳڙهه پهتو، ۽ بادشاهه جي محلات ٻاهران ويهي سُرندو وڄائڻ شروع ڪيو، ٻيجل جي سُرندي جي تندن سڄي جُهونا ڳڙهه کي تپائي کنيو، ماڻهو حيران رهجي ويا، آخر بادشاهه کي خبر پئي، تنهن ٻيجل کي گُهرائي ورتو، ٻيجل درٻار ۾ پهچي پنهنجو سُرندو تيار ڪري، اهڙو ته وڄايو، جو بادشاهه مٿس موهجي پيو، ۽ کيس چيائين ته: اي مڱتا فقير! گُهر جيڪو گُهرڻو اٿئي! ٻيجل اُن جي ڪنهن به انعام کان انڪار ڪري سِر جي صدا هڻي ويهي رهيو، بادشاهه کيس پنهنجي سڄي بادشاهي به ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ٻيجل چيو ته آءٌ تنهنجي سِر جو سوالي آهيان! اها ڳالهه جڏهن راڻي سورٺ ٻُڌي، تڏهن ٻيجل کي منٿ ميڙ ڪري چيائين ته: اي ٻيجل! توکي وڏا وڏا انعام ٿا ڏيون ۽ هي تاج تخت تُنهنجي حوالي ٿا ڪريون، تُون بادشاهه جو سِر نه وٺ، موٽي وڃ ۽ موٽي هِت نه اچجانءِ، ڇو ته تون پاڻ سان موت جو فرشتو وٺيو وتين ٿو، ساهه وٺندو، تو سڄي عمر ڪيترن بادشاهن جي مٿي جا تاج پَٽ تي ڪيرائي ڪنڌ ڪپيا هوندا؟ شاهه سائين، سورٺ جي زباني هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
    ٻيجل تون ٻيهار، شال مَ اچين ڪڏهين،
    اٺئي پهر اَجل جو، اٿئي ڪنڊو منجهه ڪپار
    جيئن تو سڀ ڄمار، هنيا پٽن سين!
    ٻيجل فقير سورٺ جي ڪابه منٿ ميڙ ڪانه مڃي، ۽ سِر وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو انعام وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيو. آخر راءِ ڏياچ سِر ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، سِر ڏيڻ کان اڳ ۾ راءِ ڏياچ، ٻيجل کي چيو، اي مڱڻهار فقير! مُنهنجو سِر وڍي تُون راضي ٿي، مُنهنجو سِر، مُنهنجي بادشاهي تُنهنجي تند تنوار مٿان قربان آهن، پر هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ جو وري هِت نه اَچجانءِ، ڇو جو تنهنجي فن جي قدر وارو ڪونه هوندو؟ اهو نظارو ڀلاري ڀٽ ڌڻي هن ريت چِٽيو آهي:
    وَڍ سِر، ٿي سَرهو، مَڪي آءُ، مَڪي ڳاءُ
    جاجِڪ تو مٿان، مُلڪ مِڙوئي گهوريان!
    ائين چئي راءِ ڏياچ پنهنجي سِر جو نذرانو ٻيجل کي پيش ڪيو، جُهونا ڳڙهه ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، سورٺ جهڙيون راجا لاءِ پار ڪڍي پِٽڻ لڳيون، ٻايون دايون، وڏي آواز سان اوڇنگارون ڏئي پِٽڪو ڪرڻ لڳيون. شاهه سائين راجا جي موت تي افسوس هيئن ٿو ڪري ته:
    سَوين سورٺ جھڙيون، اُڀيون اَوسارين،
    دَايُون دَر مانڍيون ٿيون، ٻايون ٻَاڪارِين،
    گُل ڇِنو گِرنار جو، پَٽڻ ٿِيُون پِٽِين،
    ڳوڙها ڳل ڳاڙين، راجا رات رَم گِيو!
    پڇاڙيءَ ۾ جڏهن راجا جي ڌِڙ کي، اُن وقت جي دستور موجب ساڙڻ جي تياري ٿي، تڏهن سنڌي عورت سورٺ ويچاريءَ هار سينگار ڪري پنهنجي وَر راجا راءِ ڏياچ سان گڏ سڙي پنهنجي مُڙس سان اَٿاهه محبت جو ثبوت ڏئي مثال قائم ڪري ڇڏيو. اڄ به سنڌي عورت پنهنجي وَر سان وفاداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    6. سُر مارئي:
    عمر بادشاهه، مارئيءَ کي ملير مان کڻي اچي، عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ۽ هُن کي اُوچي کاڌي پيتي ۽ اُوچي لباس جي آڇ ڪئي، پر مارئي اُنهن سڻڀن طعامن کي ۽ ويس وڳن کي ٺُڪرائي ڇڏيو، ۽ پنهنجي لِڱن تان پنهنجن اباڻن جي لوئي نه لاٿائين ۽ نه وري بادشاهي کاڌن کي چَکي ڏٺائين ته اُهي ڪهڙا ٿيندا آهن. عمر بادشاهه هن ملير ڄائي سٻاجهڙي سنڌي عورت کي پنهنجي ڪَرڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا، پر سندس دال نه ڳري، مارئيءَ جو جيڪو پنهنجي وطن ماروئڙن ۽ پنهنجي وَر سان پيار هو، سو عمر جي ٺٺ ٺانگر ۽ چالبازين کان مٿانهون هو، مارئي پنهنجي هڪ جيڏين سرتين کي ڪونه وِساريو، پنهنجي ماروئڙن سانگيئڙن ۽ ڏوٿيئڙن کي ياد ڪري رَت پئي رُئندي هُئي. هن لاءِ ماڙيون بنگلا هڪ قيد هو، رات جو اوڇنگارون ڏئي پئي رُئندي رَڙندي هُئي، هن کان ٿري ماروئڙن جا جهوپڙا نه ٿي وِسريا. عمر کي چوندي هئي ته: اي عمر بادشاهه! اُنهن ماروئڙن جي پچار ڪيئن ڇڏيان، مُنهنجو رُوح اُنهن سان گڏ آهي، مون کي پنهنجي ماروئڙن جون دل اندر ڄڻ محبت جون ميخون لڳل آهن، مون کي هِت گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو پنهنجي پنهوارن جا پکڙا ڏسي ڪانه سگهي آهيان، هن سنڌي نياڻيءَ جي زباني ڀلاري ڀٽائي هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
    آءٌ ڪيئن ڇڏيان سُومرا، تِن پَنهوارن پَچار،
    جَڙ جنينءَ جي جان ۾، لڳي ريءَ لوهار،
    ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،
    پَکا ۽ پَنهوار، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿيا!
    سنڌياڻي مارئي پنهنجي وطن سان پيار ڪري ۽ ڌارئي استحصال ڌاڙيل کان نفرت ڪري، سنڌين کي اهڙو سبق ڏنو آهي، جو اڄ اسان هن نياڻيءَ جي عظيم ڪارنامي تي ناز ٿا ڪريون ۽ اُن جي نقش قدم تي هلي، پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ٿا ڪريون، پيار به ڇو نه ڪريون! جنهن ڌرتيءَ تي اسان ڄاوا نِپنا آهيون، اسان جا اَبا ڏاڏا هِت ڄايا نِپنا ۽ هن ڌرتيءَ منجهه ئي دفن ٿيل آهن. اسان جا عزيز دوست جُهوپا جُهوپڙين سان اَڏيو ويٺا آهن. هن ڌرتيءَ مان اسان کي کاڌ خوراڪ مِلي ٿي، ڪپڙو لَٽو مِلي ٿو، سنڌو نديءَ جو پاڻي، جيڪو مصريءَ کان مِٺو ۽ دُنيا جي پاڻين کان سُٺو آهي، سو پِيُون ٿا. سنڌي عورت مارئي، پنهنجي وطن، پنهنجي ماروئڙن، ۽ ٿري مڙس سان جيڪو محبت جو سبق ڇڏيو آهي، سو هڪ عظيم سبق آهي، ڌڻي شال اسان سنڌ واسين کي مارئيءَ جي نقش قدم تي هلائي.

    [ روزاني عوامي آواز 20 آگسٽ 1991ع واري پرچي ۾ ڇپيو]


    شاهه جي شاعريءَ ۾ محبت جا موتي... (حصو پهريون)

    تاريخ جي روشنيءَ ۾ وسيع النظري، روشن خيالي ۽ باريڪبينيءَ سان ڏٺو ويندو ته، سنڌ قديم الايام کان وٺي، علم ادب جو تمام سرسبز مرڪز پئي رَهي آهي، مشڪان موچاري ۽ ڀلاري ڀُونءِ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن پوري دنيا لاءِ اَمن اَمان، پيار محبت، عزت شرافت، صداقت، انسانيت ۽ آزاديءَ جي پيغام ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، اُنهن سچن ۽ عظيم انسانن مان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ به هڪ آهي. هُو عظيم محبِ وطن، عظيم سياح، عظيم شاعر، عظيم مفڪر، عظيم فيلسوف، عظيم صوفي ۽ عظيم محبتي هو، سندس اُهي خاصيتون چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ تبديل ٿيون ڪن، انهيءَ ڪري ئي سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي ثقافت صاف سُٿري ۽ روشن آهي. ڀٽائي گهوٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي قوم کي، سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ پروڙڻ، اُن کي سمجهڻ، سمجهائڻ ۽ دنيا اڳيان نِروار ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي، انهيءَ تاريخ کي مذهبي ڪٽر پڻي کان پاڪ صاف ٿي ڏسبو ته اُن تاريخ ۾ موهن جو دڙو به آهي، موهن جي دڙي جون ناچڻيون به آهن، موهن جي دڙي جا بُت به آهن، راءِ سھيرس ۽ مها راجا ڏاهر کان وٺي، دودي سومري، ڄام نظام الدين کان وٺي، دُولهه درياهه خان، صوفي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول تائين، سڀ جا سڀ هڪ ئي مقصد لاءِ هڪ ئي صف ۾ نظر ايندا. شاهه جي شاعريءَ ۾ مسجد ۽ مندر ٻئي گڏ نظر ايندا. شاهه سائين مذهبي ڪٽر پڻي، تعصب پرستي ۽ ذات پات جي پليتاڻي کان پاڪ صاف هو. سندس شاعريءَ جا شُعاع مولا جي ڪُل مخلوق لاءِ يڪسان اڪثير جي حيثيت رکن ٿا. سندس شاعريءَ جي هر سِٽ مان محبت جا بي بها موتي مِلن ٿا، سندس رسالي جو ڳچ حصو سندس سُورمين جهڙوڪ: (1) سهڻي، (2) سسئي، (3) ليلا، (4) مومل، (5) نوريءَ، (6) مارئي، (7) سورٺ جي سبقن ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ شاهه سائينءَ محبت جا موتي ويهي جَڙيا آهن، جن جي محبت جو مختصر بيان هِت پيش ڪجي ٿو.
    1. سُر سهڻي:
    سهڻي ميهار جي ڀيٽا ڪبي ته، سهڻي محبت جي ميدان ۾ اَلائي ڪيترا ڀيرا سَوائي نظر ايندي، سندس محبت جي ڪمال جو ڪاٿو ئي ڪونهي، هُوءَ ميهار جي محبت ۾ دل دهلائيندڙ درياهه ۾ ڪاهجي ٿي پوي، نه جَر جو خطرو، نه وري جَر جي جانورن جو خوف اٿس، ڇو ته محبت وارن لاءِ درياهه جي هستي مستي ۽ جَر جي جانورن جو خوف ڪا معنيٰ ڪونه ٿا رکن. هُوءَ سِر جو سانگو لاهي، ميهار جي محبت ۾ نڪري ٿي پوي ۽ چوي ٿي ته: ”مون کي ميهار جي محبت جي تار لڳل آهي ۽ ميهار کي به منهنجي محبت جو احساس آهي،“ اهڙي محبت وارن کي حقيقت ۾ ترڻ وارو تُرهو، ٻُڏڻ کان بچاءُ نه، پر سمجهو ته اُن کي پاڻ سان کڻڻ ئي هڪ بار آهي! اُن محبت جي حقيقت واري حال کي مرشد لطيف هن طرح بيان ڪري ٿو ته:
    پُڇن جي ميهار کي، پُڇي سي ميهار،
    تُرهو تنين بَارُ، عشق جنين کي آڪرو!
    حقيقت ۾ اهو آهي محبت وارن جو مُلڪ، محبت جو درجو ايترو ته بُلند ۽ بالا آهي، جو ڪوبه محبت وارن جو مقابلو ڪري ئي ڪونه ٿو سگهي. هن دنيا جون سڀئي شيون محبت جي سھاري ٿيون لڳن، اُنهن سڀني جي رهنمائي محبت ٿي ڪري، زماني جي هر چيز محبت جي محتاج آهي، اها محبت ئي آهي، جيڪا هڪ چيز کي ٻي چيز ۾ گُم ڪريو ڇڏي. محبت ۾ جو ساهڙ آهي، سا سهڻي آهي ۽ سمنڊ آهي، محبت جي اها ڳالهه هڪ ڳُوڙهو ۽ اُونهون اسرار آهي. مالڪ خدا، انسان ۽ هي سڄي ڪائنات ئي محبت جو نالو آهي. ڀٽائي گهوٽ محبت بابت سهڻي واتان اِجهو هن طرح ٿو چَوِرائي ته:
    ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
    آهي نجوئي، ڳُجهه ڳُجهاندر ڳالهڙي.
    محبت هڪ نادر ۽ بي بها چيز آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت جو معراج آهي، انسانيت جو معراج ماڻيندڙ اُتان اَلا توهار ڪيو گِهڙيو پون، جتان درياهه جو تيز وهڪرو هوندو آهي. محبت وارن لاءِ ته اها آسان واٽ آهي، آساني ۽ ڪنڌيءَ ڪپر جي واٽ جي ڳالهه ڪُوڙيون ڪنديون آهن، جن کي ساهڙ جي سِڪ محبت آهي، اُهي گهيڙ پُڇن ئي ڪونه، اُنهن لاءِ هيڏو سارو درياهه هڪ وِک برابر آهي، اُنهيءَ معراج انسانيءَ جو ڀٽائي گهوٽ سهڻيءَ جي واتان هيئن ٿو بيان ڪرائي ته:
    جِتان وَهي تِتان واٽ، ڪَپَر پُڇن ڪُوڙيون،
    جن کي سِڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پُڇن گهاٽ،
    جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀائين وِکڙي.
    2. سُر سهڻي:
    شاهه سائينءَ جي سُورمي سسئي جي پنهنجي وَر پُنهل سان جيڪا محبت هئي، سا هر عورت لاءِ هڪ بهترين سبق آهي، جو اڄ به سنڌ جون عورتون سسئي جو مثال ڏئي چونديون آهن ته، ”سسئي جهڙو سَت ٻي ڪامڻ ڪندي ڪانه ڪا“ سسئي کي پُنهل جي محبت کان سواءِ ٻي ڪابه چيز نه ٿي وڻي، کيس جهنگ، جبل جون تڪليفون اچن ٿيون پوءِ به پنهنجي محبت واري مقصد تان هٿ نه ٿي کڻي. محبت يا عشق سندس فطري حق آهي، جا شيءِ فطرت کي پنهنجو نه ٿي ڪري، اُن جو وجود خطري ۾ ٿو رَهي. جا شيءِ فطرت کي پنهنجو ٿي ڪري سا سدائين دائم ۽ قائم ٿي رَهي. سسئي جو پُنهل سان هڪ ٿي وڃڻ فطري عمل هو، پُنهل جي جُدائي، سسئي لاءِ موت ثابت ٿي ۽ بنا سوچ ويچار جي جبل طرف هلڻ شروع ڪيائين، جبل ۾ اڪثر پاڻيءَ جو نالو ئي نه هوندو آهي، اُن هوندي به پُنهل جي محبت سسئي کي هڪ پاءُ پاڻي به کڻڻ نه ڏنو، ٻئي طرف جبل به تپي تڪايون پيو ڪري ۽ تپي تپي وڏو تاب پيو ڏيکاري، بيوسين مٿان لُڪ (ڪوسو واءُ) پئي وسي. اي پرين! جتي آءٌ اڪيلي تڪليفن ۾ آهيان، اُتي تون مون کي ويجهو اَچي رَس! ڀٽائي گهوٽ سسئي جي محبت هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ
    جبل جلدايون ڪري، تِک ڏيکاري تاءُ
    لَڳي لُڪَ لطيف چئي، معذورِن مٿا،
    اُتي اوڏو آءُ، جِت هونديس هوت هيڪلي.
    حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو ته بندي ۾ پنهنجي خالق جي صفت موجود آ هي، خالق خدا پاڻ هڪ وڏي محبت آهي، دنيا جون سڀ شيون محبت ۽ محبت لاءِ بنايون اٿس، اهو ئي سبب آهي، جو انسان محبت جو حامل ٿي ڪري، محبت ڀري دنيا طرف ڇِڪجي وڃي ٿو، ساڳيءَ طرح سسئي کي به پُنهل جي سڱ سُمهڻ يا ويهڻ نه ڏنو ۽ محبت ۾ اچي سندس پيڇو ڪندي، جبل جهاڳڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجين سڀني سرتين کي چيائين ته: ”اي منهنجيون پياريون سرتيون! اوهان سڀئي سَڌون ته ڪريو ٿيون، بُک ڪاٽڻ، پيرين پنڌ ڪرڻ، اوهان جي وس کان ٻاهر آهي، مون سان گڏجي اها هلي جيڪا پنهنجو جيءُ مٺو نه ڪري، نه ئي پنهنجي زندگيءَ لاءِ سوچي، پوءِ اها مون سان گڏجي هلي. مُرشد لطيف ان بابت هيئن ٿو فرمائي ته:
    سَڌائتي سَڀڪا، بَک نه باسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ڪَانهي جَا،
    مُون سِين هَلي سَا، جَا جيءُ مِٺو نه ڪَري.

    [روزاني جاڳو ڪراچي ڇنڇر 12 اپريل 1997ع ۾ ڇپيو.]


    شاهه جي شاعريءَ ۾ محبت جا موتي... (حصو ٻيو)

    هي حقيقت پڌري پٽ آهي ته انسان لاءِ سُڪون قلب هڪ وڏي وِٿ آهي، جنهن کان سواءِ دنيا جون سڀ راحتون، دنيا جون سڀ لذتون ۽ سڀ مزا بيڪار آهن. سُڪوني قلب جو ذريعو سواءِ محبت جي ٻيو ڪونهي، سچ ته محبت جي تڪميل انسانيت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن حضرت عزرائيل قبر ۾ ستل سسئيءَ کي سُجاڳ اچي ڪيو، تڏهن سسئي اُهو خيال ڊوڙائيندي پُنهل جي محبت ۾ مست ٿي پُڇيو ته ڇا مون ڏي پُنهل ماڻهو موڪليو آهي؟ سسئيءَ جي محبت جي زباني مرشد لطيف اِجهو هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
    اَچِي عِزرائيل، سُتي جاڳائي سَسئي،
    ٿي ڊوڙائي دَلِيل، ته پُنهون ماڻهو موڪليو.
    3. سُر ليلا چنيسر:
    ليلا، راجا چنيسر سومري جي پَٽ راڻي هُئي، راجا چنيسر تمام حسين و جميل راجا هو، مٿس ڪيتريون ئي حسينائون موهت هُيون، جن مان ڪؤنرو نالي حسينا به هڪ هُئي، جيڪا پر پٺ راجا چنيسر جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي مٿس موهت ٿي پئي هُئي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجي ڀاءُ موڪيءَ کي ساڻ ڪري، اٽڪل بازيءَ کان ڪم وٺي، ليلا وٽ گهرو نوڪرياڻيون بڻيون، ڪؤنروءَ وٽ هڪ هار هو، جيڪو ليلا کي ڏاڍو پسند آيو هو ۽ اُن هار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ليلا هڪ رات لاءِ پنهنجي وَر راجا چنيسر کي وِڪرو ڪيو. راجا چنيسر پنهنجي دوستن سان ڏاڍو پيتو هو ۽ سُمهڻ مهل جڏهن محلات ۾ آيو ته ليلا هٿ وٺي، پنهنجي مُڙس کي ڪؤنروءَ جي بستري تي وڃي سُمهاريو. چنيسر سڄي رات ڪؤنروءَ سان گڏ گذاري، کيس خبر ئي ڪانه پئي ته آءٌ ڪنهن سان سُتل آهيان! آخر فجر مھل جڏهن نشي جو خُمار لٿس ۽ ڀاڪُر ۾ ڪؤنروءَ کي سُتل ڏٺائين ته پريشان ٿي ويو، پوءِ ڪؤنروءَ سڄي حقيقت کيس ٻُڌائي، ته تنهنجي ليلا توکي هڪ هار تي هڪ رات لاءِ مون وٽ وِڪرو ڪيو آهي! جنهن تي راجا چنيسر کي سخت صدمو رسيو ۽ ليلا کان منهن موڙي ڇڏيو، ۽ ڪؤنروءَ جو قُرب ڏسي، کيس پنهنجو کڻي ڪيو، جنهن تي ليلا ڏاڍو پڇتايو، ڇو ته چنيسر جي محبت کان محروم ٿي وئي هُئي، محبت هڪ اَزلي بِشارت آهي ۽ اُن جي خوشي اَبدي آهي. محبت واري رستي کي صِراط المُستَقِيم چئجي ٿو. هن ساري ڪائنات جو قيام ۽ بقا محبت تي ٻڌل آهي. رب پاڪ پنهنجي مخلوق کان محبت کان سواءِ ٻيو ڪُجهه نٿو گُهري. حقيقت جي اکين سان ڏٺو ويندو ته محبت هڪ روشن صُبح نظر ايندو، جنهن جي رات ٿئي ئي ڪانه ٿي. اڃا به ائين کڻي چئجي ته محبت آبِ حيات جي اُها بُوند آهي، جنهن سان مُرده جذبا زنده ٿي پون ٿا، شاهه سائينءَ ليلا جي ليلائڻ، عاجزيءَ ۽ محبت واريون دليون ڀِڄائيندڙ ڳالهيون ڪندي، ليلا کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته: اي ليلا! جنهن کي تو هار سمجهيو هو، سو ته سُورن جو ڳٽ هو، جو چنيسر تو تان هٿ کڻي وڃي پورهيت ڪؤنروءَ جو پاسو ورتو، سُتل مڙس ڪنهن سان اڻبڻت جو ورتاءُ نه ڪري! اي ليلا! تون هُئين ته نهايت سِياڻي ۽ وَر جي به سُڌ هُئي ته هُن جو توسان پير هو ۽ تو وٽ هارَن جي ڪابه ڪمي ڪانه هُئي، پوءِ به تو سمجهيو ته نئين قِسم جو هار پائي سُهڻي ٿي ٿيان، گهوٽ کي ته بيوفا ڪُنوار جو سمورن نمونن جو سينگار نٿو وڻي، هُو ته دلين جو پارکو آهي ۽ اندر جو ويچار ٿو پروڙي، ۽ دلين جي پرک ٿو لھي، هو ٻاهريون ٺٺ ٺانگر نه ٿو ڏسي، پر اندر جي سچائي ٿو ڏِسي. ڀٽائي گهوٽ ان سڄي منظر کي هن ريت چِٽيو اٿس ته:
    تو جو ڀَانئيو هَارُ، سو سُورن سڳڙو،
    چنيسر ڇت کڻي، ٿيو پورهيت جو پَارُ،
    اُڻت جو آچار، ڪانڌ ڪنهن سِين مَ ڪري.
    يا
    هُئين ته گهڻو هوشيار، ڪَل به هُئي ڪانڌ جي،
    تو ڀانئيو موچاري ٿيان، ڳِچيءَ پائي هَارُ،
    ڪانڌ ڪوڙي نه وڻي، سنئين ڀِتن سينگار،
    وهپ لهي وينجهار، دليون پرکي داسڙو.
    ڏٺو ويندو ته محبت اُها پاڪ ۽ اڪثير شيءِ آهي، جنهن سان گهايل دلين ۾ شگفتگي ۽ تازگي پيدا ٿئي ٿي. محبت جاني صحبت جو ثبوت آهي، جنهن جي دل ۾ گهڻي کان گهڻي محبت آهي، اُنهي کي ئي پاڪ رُوح وارو سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي دل ۾ محبت آهي ئي ڪانه، تنهن کي پليت رُوح وارو سمجهيو ويندو آهي، يعني منحوس! شاهه سائينءَ، ليلا جي محبت جي مالھا کي اهڙي ته سهڻي نموني سان سَنواريو سينگاريو آهي، جو عقل دنگ رهجيو ٿو وڃي. شاهه سائينءَ، ليلا کي پنهنجي شخصيت جو پارس لڳائي سون بڻائي ڇڏيو آهي. ڏسو ته شاهه سائينءَ، ليلا جي رُوپ ۾ اچي نهايت عاجزيءَ ۽ محبت سان چوي ٿو ته: اي منهنجا مُحب! منهنجو هوش خطا ٿي ويو، تنهن ڪري مون غلطي ڪئي آهي، پر تون ته پنهنجي شان کي سُڃاڻج، تون ئي گُمراهه ٿي ويلن جا توڙ کان ئي عيب ٿو ڍَڪين. اي منهنجا ڀُتار! تون ئي عيبدارن، گُنهگارن کي ڍڪيندڙ ۽ بخشيندڙ آهين!
    سهسين سهڻيون، من موهڻيون تنهنجون آهن، اُنهن جو تون وَر آهين، اُنهن مان آءٌ به هڪ آهيان! اي داسڙا! تون مون کي ڏهاڳ نه ڏي، متان مان مِهڻي آب نه ٿيان. اي چنيسر! پاند منهنجي ڳچيءَ ۾، سو تُنهنجي هٿ ۾ آهي، جيئن وڻئي تيئن ڪر، مگر مون کي ڏهاڳ نه ڏي، مون کي تو مان بخشش جي اُميد آهي، ڀٽائي گهوٽ ليلا جي محبت ۽ عاجزيءَ واري نُڪتي کي هن ريت بيان ڪيو آهي ته:
    جي مَان مُوڙهي مَت، تان پَاڻُ سُڃَاڻِج سُپرين!
    اَصل اَواين جا، عيب ڍڪين تون اَت
    اي پرين تنهنجي پت، جيئن ولهيون ڍڪين ولها!
    يا
    ڪُوڙيون تُنهنجون ڪَامِڻيُون،
    تُون ڪُوڙين سَندو ڪَانڌُ،
    مُون کي ڍيل مَ ولها! ته وَرَ وڃان نه وِڙِ واند،
    مُون ڳِچيءَ ۾ پَاند، تو چنيسر هَٿ ۾.

    [روزاني جاڳو ڪراچي، ڇنڇر 26 اپريل 1997ع تي ڇپيل]


    شاهه عبداللطيف ۽ مذهبي انتهاپسندي

    سنڌ جي سر زمين جيڪا تمام فضيلتن ۽ برڪتن واري ڀُونءِ آهي، تنهن ڪيترائي قومي هيرا پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي عملي ڪردار سان تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن، جن جي زندگي مشڪل راهه آهي، اهڙن عظيم انسانن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ به هڪ آهي. شاهه سائينءَ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُهو دَور سنڌين لاءِ غلاميءَ جو دَور هو. سنڌ جا سنڌي حاڪم دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏن ڀَرُو ۽ جي حُضوريءَ ڪرڻ وارا هُئا، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جنهن کي وقت جي مذهب فروش مُلن مولوين مُحي الدين جو لقب ڏنو هو، يعني (دين جو محافظ) اُن دين جي محافظ جي حالت اِها هُئي، جو پنهنجي پيءُ شاهجان کي قيد ڪري پاڻ تخت تي ويٺو هو. وڏي ڀاءُ دارا شڪوه ۽ ٻين ننڍن ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، اُن سان گڏ صوفي سرمد، جيڪو وڏو بزرگ ۽ عظيم انسان هو، تنهن کي به شهيد ڪرايائين، مطلب مُلن مولوين جي هٿ ٺوڪئي (محي الدين) اورنگزيب عالمگير جا هٿ بيگناهه مظلومن جي رت سان رنڱيل هُئا. شاهه عبداللطيف پنهنجي تيز فهم ۽ دُورانديش نگاهه سان ڏسي رهيو هو. اورنگزيب جڏهن وفات ڪئي هُئي، تڏهن شاهه سائينءَ جي عمر 17 سال هُئي، اهڙيءَ طرح 1696ع ۾ جڏهن سنڌ جي غدار جاگيردارن، ڀوتارن، رئيسن، وڏيرن ۽ ميرن پيرن سنڌ جي ڌارئي ڌاڙيل گورنر اعظم خان پٺاڻ سان ساز باز ڪري، وقت جي مذهب فروش مُلن مولوين کان صوفي حضرت شاهه عنايت خلاف فتويٰ وٺي شهيد ڪرايو هو، اُن وقت شاهه سائينءَ جي عمر 28 سال هُئي، ۽ هُو اُهو سڀ ڪُجهه ڏسندو رهيو ته مذهبي ٺڳ مُلن مولوين ڌارئي گورنر ۽ سنڌ جي جاگيردارن، ڀوتارن، رئيس وڏيرن ۽ پيرن ميرن سان مِلي فتويٰ جاري ڪري، شاهه عنايت کي ڪيئن شهيد ڪرايو؟ اِهو سڀ ڪجهه شاهه عبداللطيف پنهنجي اکين سان ڏسندو رهيو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو ته مُلا مولوي ڪهڙي ريت پيٽ ۽ پئسي تي فتوائون ٿا وِڪڻن، ۽ پنهنجي اعزازن جي خاطر خلق خدا کي گُمراهين جي چڪر بازين ۾ ڪيئن ڦاسائي رکن ٿا، ۽ اهڙيون مذهبي ريتون، رَسمون ايجاد ڪري رکيون اٿن، جن جي ڪري ماڻهن جو مرڻو، پرڻو، شادي غميءَ جيڪو ڪجهه به آهي، اُنهن ٺڳن کي کارائڻ پيارڻ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي، اُنهيءَ ڪري جڏهن انساني ڀلائي ۽ اصلاح لاءِ ڪا ڳالهه ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين اُهي مذهبي ٺڳ ٽولي جا ماڻهو، جُبن، دستارن ۾ ويڙهجي، پنهنجن عالمانه فريبازين جا هٿيار کڻي، انساني ڀلائيءَ جو رستو روڪڻ لاءِ اُٿي اڳيان بيهي ٿا وڃن، ۽ اهڙو سانگ کڻي ٿا رَچائين جو دنيا حيران پريشان رهجي ٿي وڃي. صوفي شاهه عنايت واري تحريڪ (جو کيڙي سو کائي) انساني ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ هُئي، جيڪا مُلن مولوين کي نه وڻي، ۽ وڏو سانگ رَچائي ظلم جو ڀرپور ساٿ ڏئي، شاهه عنايت کي شهيد ڪرايائون. هن طبقاتي ۽ قومي جنگ ۾ شهيد ٿيل اڳواڻ صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس پوئلڳ شهيد فقيرن جو ڀٽائي گهوٽ تي وڏو اثر ٿيو ۽ ڏُک جو اظهار ڪندي چيائين ته:

    وَيا مور مَرِي، هَنج نه رَهيو هيڪڙو،
    وَطن ٿِيو وَري، ڪُوڙن ڪانئيرن جو.
    يا
    آن ڪي ساٿي ڏِٺَئي، جي مُون ويڙهه وِڃائيا
    رُئان رَت مَڃُٺَ، هاڻي تَن هوتَنِ کي.
    ڀٽائي گهوٽ ڏٺو ته صوفي حضرت شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ به مُلا مولوي ماٺ ڪري نه ويٺا، هُو سياسي سماجي ڳالهين ۾ هروڀرو به ٽنگ اَڙائي جائز کي ناجائز ۽ ناجائز کي جائز چئي مذهب جي نالي ۾ ظلم ڪندا رهن ٿا، ۽ حُسن اخلاق وڃائي، دين کي نمائش طور پيش ڪندا رهن ٿا، ته جيئن سڀ ڪو سمجهي ته فلاڻو يا فلاڻو وڏو ديندار آهي، وڏو بُزرگ آهي، وڏو ڀلارو آهي، حاجي نمازي ۽ سڳورو آهي، وغيره وغيره. ڀٽائي گهوٽ بار بار مشاهدو ڪري ڏٺو ته مُلن مولوين جي هٺ ڌرميءَ واري مذهب مان، خوف خرابي، ظلم ۽ زيادتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نٿو ٿئي، ۽ هُو تباهي بربادي ڪري رهيا آهن. مُلا مولوي مجاور ۽ ڪانءُ عادتن ۾ ٽيئي هڪجھڙا آهن. شاهه جو مجاور جو اشارو بدنيت پيرن ڏي آهي، ۽ ڪانءُ جو اِشارو فرعون صفت جاگيردارن، ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن ڏي آهي. چوڻي آهي ته ’ڪانءُ کي لُڙ ۾ مزو!‘ جاگيردار، ڀوتار ۽ رئيس وڏيرا به ’ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو!‘ واري اُصول تي ڪاربند هوندا آهن، ۽ مُلن مولوين جو سٽ ۽ پئسن جو حِرس مشهور آهي، جو کين ست رَڇيون ڍؤ تي کارائي، پوءِ ڪنهن حلوي سيري جي کائڻ لاءِ چئبو ته، چوندا ته اورتي ڪريو، جو ثواب خاطر ضرور کائبو، جو مٺو کائڻ سُنت آهي! مجاور جي عادت به ساڳي آهي، سندس ڍَؤ ٿئي ڪونه، ڪنهن قبر واري پير تي روزاني هزارين رُپيا گڏ ٿيندا، ڪيئي قيمتي پَڙ پيا پَوندا، ڦنڊرون پيون ڪُسنديون ۽ ديڳون پيون لَھنديون ۽ چڙهنديون، پر پوءِ به مجاور چوندو، ڪُجهه نه ٿيو اَڃا گهٽ آهي! هِن کان اڃا وڌيڪ اچي ته سُٺو ٿئي ها! ڪانءُ جي ڪِرت به ساڳي آهي، سُٺو کارائي شهد شُڪر جي وَهندڙ ندين تي ويهاري ڇڏبو، ڀرسان ڪنهن برتن ۾ ڪا غليز شيءِ وِجهي ڍَڪي رکبي ته ڪانءُ اُن جو ڍَڪ لاهي، اُن گند ۾ چُهنب ضرور ٻوڙيندو! ڇاڪاڻ ته هُو عادت کان مجبور هوندو آهي، جاگيردار ڀوتار ۽ رئيس وڏيري جو حِرس به ساڳيو هوندو آهي، هُو چاهيندا آهن ته هر شيءِ اسان وٽ هُجي! اهڙين حالتن کي ڏسي شاهه سائينءَ کي چَوِڻو پيو ته:
    مُلو، مُجاور، ڪَانءُ، ٽيئي اکر هيڪڙي،
    هو سيڱ نه وڃي سامهون، هو نينهن نه ڳِنهن ناءُ،
    جِت گُرڙ سندو گانءُ، تت ڪُنڌا ڪوئين ڪنڌ کي.
    بس شاهه سائينءَ جو ايترو چوڻ ۽ مُلن مولوين ۽ پيرن جي وَٺ وٺان ٿي، وئي، چيائون، ڇا جو شاعر؟ ڇا جو صوفي فقير؟ هي ته بنهي خارج اسلام آهي، جو مُلن مولوين ديندارن بُزرگن ۽ سڳورن جي پونئيرن، ٻُهاريدارن، مُجاورن کي ڪانءُ جهڙي ڍونڍ کائڪ حرام پکيءَ سان مِلائي مشابهت ڏئي، کين بُرو ڀلو بدشد ڳالهايو اٿس، کين وات ۾ هَڏي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ڌڻيءَ جي در تان ڌِڪارجي ۽ تڙجي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس. هن بزرگن، ڀلارن ۽ سڳورن جي وات ۾ هڏي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي! هن ته ڀلارن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي! هي ته شرافت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويو آهي! ابول! ظلم ٿي ويو! بس اُن وقت جي ظاهر پرست مُلن مولوين گادي نشينن، پيرن شاهن ۽ مجاورن جي دانگي ڀڄي پئي، چؤطرف وٺ پڪڙ ٿي وئي، ڪُفر جون فتوائون جاري ٿي ويون، سڀئي مفت خور مڪار، ٺڳ ٽولي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ سڀئي فريبڪارين جا هٿيار کڻي شاهه سائينءَ جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا، چيائون ته ظلم ٿي ويو، شاهه ڀٽائي اسلام ۽ اسلامي ماڻهن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، کيس ڦاسي تي لٽڪايوس! ڪِن چيو ته وِجهوس ڪاٺ ۾ ته خبر پويس! ڪِن چيو ته سنگسار ڪريوس! ڪِن چيو ته يار مست ملنگ آهي، ڇڏيوس! ڪِن چيو ته هُو مجذوب آهي، مُلو، مُجاور، ڪانءُ ڪِن ٻين شين ڏي اشارو آهي وغيره وغيره. اڃا انهيءَ ڳالهه جي ماٺار مس ٿي، ڀٽائي گهوٽ ڏٺو ته ڌارين جي اِشاري تي ساڳيا ئي مُلا مولوي هڪ رِٿيل منصوبي تحت ٽولا ٺاهي، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهجي پيا آهن ته جيئن هُو سنڌي ماڻهن جي ذهني سُجاڳي ۽ آزاديءَ جي اُڀرندڙ جذبي کي ختم ڪري، کين سُست بيڪار ۽ ڪمزور بنائي ڇڏين. اهڙن مذهبي ٺڳن پنهنجي چالبازي، مڪاري ۽ منافقيءَ سان مذهب جي نالي ۾ سنڌي قوم کي بيوقوف بنائي، هنن کي مذهبي فرقي پرستي، ذاتين، قبيلن جي بنياد تي گروهه بنديون ڪرائي، ماڻهن ۾ هڪٻئي جي خلاف نفرتن جو ٻِج پوکڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو، هُو هڪٻئي جي خون جا پياسا بنجي ويا، اُنهن مذهبي ٺڳن اُهو ٻڌايو ته هندو ڀيل، ڪولهي، باگڙي، مينگهواڙ، اوڏ، جوڳي، شڪاري، هڏڙواڙ وغيره ڪافر آهن، اُهي مذهب اسلام جي خلاف آهن، تنهن ڪري اُنهن سان لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، اُنهن سان واسطو رکڻ يا ڀلائي ڪرڻ ڏوهه آهي، ايتري قدر جو اُنهن کي هٿ ٿو لڳي ته ماڻهو پليت ٿيو وڃي، تنهن ڪري اُنهن پليتن کان پري ڀڄجي، اُنهن سان ڪو واسطو نه رَکجي! مُلا مولوي مشائخ، پير، شاهه ۽ مُجاور وغيره اُنهن جا ظاهر ۾ لَڇڻ ڪيترا به بُڇڙا ڇو نه هُجن، پر پوءِ به عام ماڻهن کان ڀلارا ۽ سڳورا آهن، ڇو ته ڀلارن بُزرگن جو اولاد آهن. مير بحر، مهاڻا، ماڇي، مڱڻهار، ڪوري، موچي، سوچي، لوهار، ڪنڀار، ڌوٻي، ٻالا ۽ شيخ وغيره گهٽ ذات آهن، پير، پيرزادا، حمزي جو اولاد، ٻروچ اُوچي ذات آهن، سندن اخلاق ڪيترا به بُڇڙا، بيحيائي، بدمعاشي وارا هُجن، پر پوءِ به هُو اُوچي ذات وارا آهن. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اُوچ نيچ، ذات پات واري انساني اُصولن ۽ قدرن جي پيالي ڏسي، شاهه سائينءَ کي اُن جو ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ کيس ماٺ ڪانه آئي. مُلن مولوين جي اَجاين سجاين ڳالهين تي اعتبار ڪري انسان دشمنيءَ وارا عمل ڪندڙن کي سمجهائيندي چيائين ته هُو دنيا جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهن، هنن دنيا تي دين وِڪرو ڪري، پاڻ کي حق کان خالي ڪري ڇڏيو آهي، اُنهن کي مُلا مُلا چئو، هُو اهڙا شڪار ڪندڙ آهن، هو مرونءَ جي ماس تي ماڻڪن جو سودو پيا ڪن، اهڙن مذهب فروش مُلن تي لعنت هُجي، اهڙن مُلن مولوين لاءِ مرشد لطيف اِجهو هن طرح فرمايو آهي ته:
    مُلا مُلا مَ چَئو، هُو آهيڙِي آهِين،
    مِرونءَ سَندي مَاهَه تي، ٿا ماڻڪ مَٽائين،
    اُنهن تي آهِين، لَعنتُون لطيف چَئي.
    يا
    ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَرين کِير نَه چَکِيو،
    دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلهَا ٿِيا.
    بس پوءِ ته وري نئين سِر ٻارڻ ٻَري ويو، وٺ وٺان شروع ٿي وئي، ته شاهه لطيف ڪهڙي قسم جو صوفي فقير آهي، جو بزرگن کي گهٽ وڌ ڳالهائي، مٿن لعنتون پيو وِجهي! هي ته اسلام ۽ اسلامي ماڻهن جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، هي ڇا جو صوفي فقير آهي، هي ته بنهه مارڻ جهڙو آهي، هن کي درويش صوفي فقير چوڻ ئي ڏوهه آهي، هي ته وڏو بغاوتي ۽ فسادي آهي ۽ ديندارن جو دشمن آهي، نه ڇڏيوس، پڪڙيوس، ماريوس، جو عالم سڳورن جي شان ۾ گُستاخي ڪري کين گهٽ وڌ ڳالهايو اٿس، کين آهيڙي (شڪاري) چيو اٿس. اڙي ظلم ته ڏسو، هنن لاءِ چوي ٿو هُو مِرونءَ جي ماس تي ماڻڪ ٿا مَٽائين، اڙي قيامت اچي وئي، هُو چوي ٿو ته مُلا مولوي سوئر جو گوشت ماڻڪن تي خريد پيا ڪن، توبهه توبهه اهڙو ڪُوڙ، وري اُنهن تي لعنتون پيو ٿو وجهي. اڙي! آهي ڪو، جو هِن دين جي دُشمن کي سمجهائي، ابول! قيامت اچي وئي، اڙي! هي ته نئين نسل کي بِگاڙي تباهه ڪندو، ابول! ڀينگ ٿي وئي، ظلم ٿي ويو، پوءِ ڀٽائيءَ گهوٽ کي هڪڙي شهر کان ٻئي شهر تائين نيڪالي ملي، آخر اُتي به کيس ويهڻ ڪونه ڏنائو، ۽ مجبور ٿي کيس جهنگ مُنهن ڪرڻو پيو ۽ عام ماڻهن جي نظر کان ڪجهه وقت لاءِ غائب ٿي ويو. شاهه سائين مذهبي ڪٽرپڻي تعصب پرستي ذات پات، اُوچ نيچ جي پليتيءَ کان بلڪل پاڪ صاف هو، سندس علم، فهم، فڪر ۽ فلسفي ۾ هن جو ڪوبه مَٽ ڪونه هو، آهستي آهستي جهنگ ۾ به سندس محبتي ماڻهن کيس ڪونه ڇڏيو، ماڻهن جو هي حال هو جو:
    ڪُوڙين ڪَن سَلام، اَچِي آسَڻُ اُن جي.
    عام ماڻهو شاهه سائينءَ کي سچو سمجهڻ لڳا، اُن ڪري ئي ظاهري طرح مُلا مولوي ۽ ٻيا مخالف کيس ڪوبه نقصان پهچائي نه سگهيا، باقي ڳُجهه ڳوهه ۾ هُنن وسان ڪين گهٽايو، ڪڏهن سرديءَ کان بچڻ لاءِ معجون ۾ زهر ملائي ٿي ڏنائون ته ڪڏهن وري چڙهڻ لاءِ خطرناڪ ٽاهڙ گهوڙي ٿي ڏنائون، چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي! مُلن مولوين، جاگيردارن، ڀوتارن ۽ حاڪمن گڏجي گهڻو ئي ڪجهه ڪيو، پر شاهه سائينءَ جو وار به ونگو ڪري ڪونه سگهيا. ڀٽائي گهوٽ جي به مُلن مولوين جي چُر پُر تي خاص نظر هُئي، هُن ڏٺو ته هو هڪ طرف مذهب جي اڳواڻي ڪندي، پاڻ کي حق سچ جا پيروڪار چَوِرائي رهيا آهن. ٻئي طرف هر ظالم جابر جي حمايت لاءِ مذهب جي غلط تشريح ڪري اُنهن جا ٻانهن ٻيلي بڻجي، انسان دشمني ڪري رهيا آهن. هُن اهڙن مذهب فروش مُلن مولوين کي پاراتا ڏيندي چيو ته: اي مُلا! ’تُنهنجي شل ماءُ مري ۽ تُنهنجو پتو سندس پيٽ ۾ ئي ڦِسي پوي! ڇاڪاڻ ته حقيقت کي اکين سان ڏسڻ کان پوءِ به تون ڌوڙ ٽُٻي هڻي ناحق جي طرف هليو ٿو وڃين!‘ ڀٽائي گهوٽ اهڙن حق سچ جي انڪاري مُلن لاءِ هن ريت ننديوآهي ته:
    مُلا مَرَئِي مَاءُ، پِتو ڦِسي پيٽ ۾،
    اَکين ڏِسي اَلله، ٽُٻي هَڻي ڌُوڙَ ۾.
    مرشد لطيف مذهب جي نالي انسان دشمنيءَ واري مُلائپ واري عمل کي نهايت نفرت جي نگاهه سان ڏسي، اُن کي ننديو آهي، مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سِطحي طرح نه، پر يقين ۽ بصيرت سان نرت ۽ سُرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه روش ۽ والهانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، ايمان جي ڪيفيت کي زباني علم گوءِ هجڻ اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي، اها علم گوءِ دل ڪهڙي ڪم جي! جا دل دغا، فريب، ٺڳي ۽ دوکي سان ڀريل هُجي، شِرڪ شيطان منجهس خيما کوڙيو ويٺو هُجي، انسان حيات ۽ ڪائنات جي حقيقت ۽ رازن جو ڪو احساس ئي نه هُجي، پر مُرڳو انسان ذات لاءِ دل ۾ دغا فريب، مڪر ۽ نفرت هُجي، اهڙي مسلمان کي مرشد لطيف مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: ’تون رڳو منهن ۾ مسلمان آهين، پر تنهنجي اندر ۾ بت تراش آزر ويٺو آهي، جيڪو چارئي پهر ويٺو دغا، فريب، مڪر، ٺڳي، نفسانيت، خيانت، بدمعاشي ۽ بُڇڙائي جا بُت ويٺو گهڙي، تُون رڳو زبان سان وڏا وڏا ڪلما پيو پڙهين، وڏو وات ڦاڙي ذڪر ٿو ڪرين ته جيئن ماڻهو توکي نيڪ سمجهن، پر حقيقت ۾ تُون اُنهن بُتن جي پوڄا پيو ٿو ڪرين!‘ مرشد لطيف اهڙن مڪريل ملن لاءِ فرمايو آهي ته:
    اُن پَر نَه اِيمَانُ، جي ڪلمي گو ڪوٺائين،
    دَغا تَنهنجي دِل ۾، شِرڪ ۽ شَيطَانُ،
    مُنهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آزر آهين!
    يا
    مُنهن ۾ ته موسيٰ جهڙو، عادت ۾ اِبليس،
    اهڙو خام خبيث، ڪَڍي ڪوهه نه ڇَڏيين!
    سنڌ اندر ڀٽائي گهوٽ جي دَور کان وٺي هي مشهور آهي ته، مُلا مولوي مرشد لطيف جا پِٽيل آهن، اڄ به ڪو چندي خور ۽ مذهب فروش مُلا مولوي ڪٿان ڪو سڻڀو ٽڪر کائي نذرانو وصول ڪري، رياڪار بڻجي حق کي ڇڏي، ناحق جو ساٿ ڏيندو آهي، يا بهشت جا دلاسا، دوزخ جا دڙڪا ڏئي، پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، يا وري مذهبي نفرتون پيدا ڪري ماڻهو ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪيترا ماڻهو مرشد لطيف جا لفظ ورجائي چوندا آهن ته:

    مُلا ناءُ موليٰ جو، آخوند سڀ انڌا،
    لاهي ڇَڏ لَطيف چَئي، تِن کَاڻِين جَا کَنڌا،
    اُهي اَنڌائي اَنڌا، پِٽين پيرايو ڪِينڪِي!

    [روزاني جاڳو ڪراچي، جمعو 30 جون 1997ع ۾ ڇپيل.]


    شاهه جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي پهلو

    سنڌ، ايامن کان وٺي عام ادب جو سرسبز مرڪز پئي رهي آهي، هن مشڪان موچاري ۽ ڀلاري ڀونءِ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، اُنهن عظيم انسانن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هڪ آهي. شاهه سائينءَ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُن وقت جو دَور سنڌين لاءِ غلاميءَ جو دَور رهيو، سنڌي حاڪم، دهليءَ جي مُغل حڪمرانن جي جي حُضوري ڪرڻ وارا هئا، اُن وقت احمد شاهه ابدالي ۽ نادر شاهه دُراني سنڌ تي حملا ڪري، سنڌ کي وڏو ڇيهو رسايو هو، حملي آور رهزنن، سنڌين جي دلين کي جهوري وڌو هو، اُن سياسي سماجي ردوبدل ۽ اُٿل پُٿل واري حالت کي شاهه سائين بصيرت وارين اکين سان ڏٺو ۽ سنڌين جي دلين جا ٽڪر ٽوٽا ڳنڍي جوڙي، اُنهن ۾ نئين سِر ساهه وِجهي، کين عظيم قومن جي قطار ۾ اچي بيهاريو هو، ۽ خدا کان سنڌ جي آزادي ۽ آسودگيءَ لاءِ غلام شاهه ڪلهوڙي کي گُهري ورتو هو، جيڪو پوءِ سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار بنيو ۽ سنڌ ۾ آسودگي اچي وئي، اهڙيءَ طرح شاهه سائين زندگيءَ جي جدا جدا آزمائشن، مرحلن، انساني جذبن، احساسن جو ترجمان ۽ سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌ سُڪار جو دعاگو رهيو، ساڳي وقت ڪل ڪائنات لاءِ پڻ خير گهرندي چيائين ته:
    سَائِينم سَدائِين ڪَرين، مَٿي سِنڌ سُڪارُ،
    دوست تُون دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين!
    شاهه سائينءَ جي هن بيت ۾ ڏٺو ويندو ته سنڌ کي سُکي سَتابي واري دعا سان گڏ، هن پوري ڪائنات جي آباد هُجڻ لاءِ دعا خير گُهري آهي. پاڻ سڳورن ائين هرگز ڪونهي چيو ته، ’رُڳو مسلمان سڳورن کي آباد ڪجانءِ ۽ ٻين کي نه!‘ اُن سنڌي ماڻهن سان گڏ عالمِ انسانيت لاءِ دعا گُهري آهي. شاهه جي شاعريءَ خدا جي ڪُل ڪائنات لاءِ هڪ دُعا سان گڏ هڪ عالمي پيغام پڻ آهي. شاهه سائينءَ جو احسان گهٽ نه چئبو، اُن وقت جي حاڪماڻي ٻولي، جيڪا فارسي هُئي، ۽ شاهه سائينءَ فارسي جي جي وڏي بهادريءَ سان مخالفت ڪندي چيو ته:
    گولو توءِ غلام، جي تو فارسي سِکيو!
    ۽ اُن جي جاءِ تي پنهنجي قديم سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري، سنڌي قوم کي اُن جي عظمت جو اشارو ڏيندي چيو ته:
    جي تو بيت ڀَانئِيا، سي آيَتُون آهِين،
    نِيو مَن لائِين، پِريان سَندي پارُ ڏي.
    شاهه سائينءَ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، مٽي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جو شاعر آهي. شاهه سائينءَ سنڌ جو رُوح روان ۽ سنڌ جو ساهه پساهه آهي. شاهه لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ لطيف آهي. جيڪڏهن ڪو سنڌ کي مڪمل ڏسڻ ۽ اُن کي مڪمل سمجهڻ چاهي ٿو ته شاهه سائينءَ جي رسالي کي کولي، اندر جي اکين سان پَروڙي پڙهي، اُن جو اُونهو اِڀياس ڪري، جيڪي سنڌ سڄاڻ سياستدان انقلابي بنجي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ گُهرن ٿا ۽ سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ گُهرن ٿا، تن کي شاهه سائين جي شاعريءَ مان، اُن انقلاب لاءِ اهڙا گس پنڌ، سُڌ ۽ پيچرا ڳولهڻا پوندا ۽ کين شاهه جي شاعريءَ جو عملي پيروڪار ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مڪمل ڀلائي ۽ بهتريءَ جا سڀ نُسخا شاهه جي شاعريءَ ۾ محفوظ ۽ موجود آهن. ان سلسلي ۾ شاهه سائينءَ هن ريت فرمايو آهي ته:
    ڪَڏهن پئجي ڪَن ٿِي، ڪَڏهن ٿِجي وَاتُ،
    ڪَڏهن ٿِجي ٻَڪرو، ڪَڏهن ٿِجي ڪَاتُ.
    ڏٺو ويندو ته شاهه سائينءَ مٿيون بيت چئي، پنهنجي وسيع النظري، روشن خيالي ۽ سچائيءَ جو ثبوت ڏئي، زندگيءَ جي واٽ کي جرڪائڻ لاءِ لاٽ جو ڪم ڏنو آهي. شاهه سائينءَ جي هن بيت مان صاف ظاهر آهي ته: پاڻ سڳورن ڪڏهن ڪَن بنجي ٻين جي ڳالهين کي ٻُڌڻ، سمجهڻ، پرکڻ، پُرجهڻ ۽ پَروڙڻ لاءِ چيو آهي، ۽ ڪڏهن وري وات بنجي ٻين کي ٻُڌائڻ سمجهائڻ لاءِ تاڪيد فرمايو آهي، يعني ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڳالهه آهي ۽ ڪڏهن ٻڪر ٿيڻ يعني سَھڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪڏهن وري خود بڻجي ڪُھڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، يعني مرڻ مارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. آئون اڄ سنڌي ٻوليءَ جي مهان ڪوي سنڌ جي سرجڻهار لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي پهلوءَ تي مخصوص روشني وجهندس. شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي وقت ۾ جڏهن نادر شاهه دُراني، سنڌ مُلڪ تي حملو ڪيو ۽ اُن جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر سنڌ ۾ ڪاهي پيو. شاهه سائينءَ اهڙو ظلم زيادتي ٿيندي، سنڌ کي ڀيلجندي ڏٺو ته کيس ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ اُنهن ڌارين ڌاڙيلن جي مخالفت ڪندي چيائين ته هي جيڪي اوپرا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن، سي مون اڳ ڪڏهن به ڏٺا نه آهن، اُنهن کي پٺاڻ چيو وڃي ٿو، هو اهڙا ته بدمزاج آهن، جو منهنجي سنڌي ٻولي سمجهن ئي ڪونه ٿا، آءٌ ساڻن سنڌيءَ ۾ ٿو ڳالهايان ته هُو وري پارسيءَ ۾ ٿا ڳالهائين! اهي بنيادي طرح ڌاريا ماڻهو آهن، جيڪي اسان جا سڄڻ ٿي نٿا سگهن، کين نقصانڪار سمجهندي، سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪندي چيو ته:
    آئون سنڌي سمجهان، هو پارسيون پڇن
    مون وٽان تن، سرتيون سور پرائيا!
    يا
    ڌُريان ئي ڌاريان، مِٽ مُئي جَا نه ٿيا!
    موجوده وقت جيان، اُن وقت به سنڌ جي ڪن ماڻهن خوف ۽ لالچ ۾ اچي، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي، ڌارين وٽ سرخرو ٿيڻ، پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي ته اُنهن کي شاهه ننديندي شرمائيندي چيو ته: اي سنڌيو! خبردار ٿيو، اوهان خوف مطلبي چاپلوسي ڇڏي ڏيو، اوهان کي پنهنجي سنڌي زبان آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، عِلم اخلاق جي زيور سان سنواريل سينگاريل آهي، جيڪا ماکيءَ کان مِٺي زبان آهي ۽ اُها اوهان جي مائُرن جي زبان آهي، جن اوهان کي اُن زبان ۾ لوليون ڏئي وڏو ڪيو آهي، اُها زبان اوهان جي بزرگن جي زبان آهي. حيف آهي اوهان جي حال تي، جو پنهنجين مائُرن ۽ پنهنجن وڏڙن جي سنڌي زبان کي ڇڏي، ڌارين لُٽيرن جي پارسي زبان کي چنبڙي پيا آهيو، ۽ اُنهن جا غلام بنجي ويا آهيو، جيئن اُڃارو پاڻي گُهرندو آهي ۽ بُکيو ماني گُهرندو آهي، پر ڪي اُڃ، بُک جي باوجود به خاموش هوندا آهن، ۽ ڪنهن اڳيان محتاج نه ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو خاص ماڻهو سمجهيا ويندا آهن، جيڪي ”ڀلي بُک ڀرم جي شال نه وڃي شان،“ واري چوڻي تي دائم قائم رهندا آهن. اهڙين ڏُکين حالتن ۾ مرشد لطيف پنهنجن سنڌي ماڻهن جي رهنمائي ڪندي کين هن طرح مخاطب ٿيندي چيو ته:
    گولو توءِ غلام، جي فارسي سکيو،
    ٻَڌو جو ٻن ڳالهين، سو ڪيئن چائي ڄام،
    اُڃيو ته آب گُهري، بُکيو تان طعام،
    ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو!
    سنڌ ۾ ڌارين جي ڦُرلٽ سبب ڏُڪر واريون حالتون پيدا ٿي ويون هُيون، سنڌي ماڻهو بُکن ڏُکن ڏوجهرن جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيا. شاهه سائين جيڪو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل وڏو ڪيل هو، ٻولي توڙي احساسن ۾ سنڌي قوم جي وڌيڪ ويجهو هو، تنهن پسمنظر کي چڱي ريت پروڙي ڏٺو، ۽ اُهي هنڌ روبرو گُهمي ڏٺا، جتي ڌارين جي لشڪر ظلم زيادتي تباهي ڪئي هُئي، سنڌ جي چَپي چَپي، رستي، واهڻ، شهر، بازاريون، ٻهراڙيون گُهمي ڏٺيون، کيس هر طرف تباهي نظر آئي هُئي، پنهنجي مسڪين ماروئڙن کي ڏُکويل حال ۾ ڏسي، پاڻ به ڏاڍو ڏُکي ٿيو، اُن درد جون دانهون ڪندي چيائين ته افسوس! جو سنڌي ماڻهو ڌارين جي غلاميءَ ۾ اچي ويا آهن، سندن سُک ۽ آرام تباهه ٿي ويو آهي، ڏُکن بُکن جي وَر چڙهي ويا آهن، سندن ٻنيون ٻارا تباهه ٿي ويا آهن، سندن شهرن جون بازاريون ويران ٿي ويون آهن، چؤطرف سُڃ پئي واڪا ڪري، نڪا وونئڻن ۾ ڪپهه رهي آهي، نه وري ڪَتَڻ واريون ٿيون ڏِسجن، ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا بند پيا آهن، تباهي برباديءَ کان خوف ۽ هراس کان سواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي، منهنجي ديس واسين جي اهڙي حالت تي منهنجو هينئون پڻ لوڻ جيئن ڳري رهيو آهي، شاهه سائينءَ پنهنجي جادو بيانيءَ سان الفاظن کي معنيٰ جي معراج تي اِجهو هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
    نَه سي وونئڻ وَڻَن ۾، نَه سي ڪَاتارِيُون،
    پَسِئو بازاريون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي.
    ڌارين هٿان سنڌ جي تباهي ڏسي شاهه سائينءَ کي ويهڻ نه آيو، هڪدم ماتمي لباس پھري، مٿو اُگهاڙو ڪري، هڪ هٿ ۾ تنبورو ۽ ٻئي هٿ ۾ کڙتال کڻي، سنڌ جي سري، لاڙ، ڪوهستان ۽ وچولي ۾ ڪاهجي پيو ۽ چپي چپي، وستي واهڻ ۾ پنهنجي شاعري ۽ راڳ رستي سنڌين ۾ سُجاڳي آڻڻ شروع ڪئي، ۽ شاهه سائينءَ جي سجاڳي جي سڏن ۽ ڪچهري ۾ معنيٰ خيز ۽ ماکي جهڙن مٺن گيتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان ڪيترائي سنڌي ماڻهو چُڪيون پِي چُست ٿيا، ساڻس عقيدت ۽ محبت جو هي عالم هو ته:
    ڪُوڙين ڪَن سَلام، اَچيو آسَڻ اُن جي!
    شاهه سائين اُنهن ماڻهن کي اڄ ڪلهه جي نام نهاد صوفين وانگر ڳچيءَ ۾ چَڙا وِجهي، چرس ڀنگ پي، نشي ۾ ڌُت ٿي، ڪم ڪار، گهر ٻار ڇڏي سڄو ڏينهن پِنڻ ۽ در در جا ڌِڪا کائڻ لاءِ نه چيو. شاهه سائين پنهنجي شاعري ذريعي سماجي ڪارج، سنڌ جي تهذيب، قومي اتحاد، آزادي ۽ انساني اتحاد جي رازن رمزن کان واقف ڪري، پنهنجي ڏتڙيل قوم جي رهبري ڪري، سندن دماغن تان جھالت ۽ غفلت جا پردا هٽائي آيل پستي، سستي ۽ بزدليءَ جي بندن کي ڀڃي وهم، خوف ۽ لالچ جي ڀُوت کي ڀڄائي آزادي ۽ ترقيءَ جي راهه تي وٺي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري، کين سُجاڳيءَ جا سڏ ڪري، همت جا سندرا ٻڌرائي تيار ڪيو. شاهه سائين پنهنجي جي موتين مالھا کي هن طرح سنواريو سينگاريو آهي ته:
    سَڀ نَنگيُون ٿي نِڪرو، لالچ ڇَڏي لوڀ،
    سُپيريان جي سوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه مِلي.
    يا
    ڀيري ڀيري ٻنڌ، سُورائتي سَندرو
    ڪيچُ پرانهون پنڌ، سُورن رِيءَ نهَ سُٿرو!!
    سنڌي ماڻهن جڏهن شاهه سائينءَ جي ڏنل پيغام کي پروڙيو پرکيو ۽ کيس پنهنجن ڏُکن سُورن ۽ غم فڪر جو ساٿي سمجهيو، تڏهن سندس سڏ تي لبيڪ شاهه ڀٽائي، لبيڪ شاهه ڀٽائي چئي اُٿي کڙا ٿيا، سڄي سنڌ ۾ چؤطرف وارو ڙي وارو ٿي وئي، مظلوم سنڌين جون آهون ۽ دانهون انقلاب جو طوفان ٿي اُٿيون ۽ هُو مزاحمت ۽ مقابلي لاءِ اُٿي کڙا ٿيا ۽ پنهنجن ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ سِرن سان ڪفن ٻڌي اُٿيا. شاهه سائين سنڌي ماڻهن جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي ڏاڍو سَرهو ٿيو ۽ چيائين ته منهنجن ملڪي ماروئڙن سان اچي مهاڏو اٽڪائيندڙ ڌارين ڌاڙيلن سان، سنڌي ماڻهو اصل پتنگن وانگر ويڙهه واري باهه ۾ ڪُڏي ڪاهي پوندا ۽ ويڙهه جو تاب ڏسي گهٻرائيندا اصل نه! هُو حق سچ لاءِ قربان ٿي ويندا، آزادي سندن فطري حق آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن خوف خطري جي اچي گڏ ٿيا آهن. شاهه سائين پنهنجن سنڌي جوڌن کي پتنگن سان مشابهت ڏيندي چوي ٿو ته، هُو پتنگن وانگر ولر ڪري گڏ اچي ٿيا آهن، اُنهن ۾ آزاديءَ جي عشق جي باهه اهڙي ته نظر اچي رهي آهي، جو کُوري واري باهه کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندا، گويا ان مچ جو وجود جيڪو دشمن جي روپ ۾ آهي، ان جي خاتمي لاءِ اهڙي ته بهادريءَ سان مُنهن ڏيندا، جو هُو اصل لاءِ ختم ٿي ويندا، اهڙيءَ طرح حق سچ تي سِر ڏئي دشمن جي باهه کي مات ڏئي سوڀارا ٿيندا ۽ اُن غلاميءَ واري باهه جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندا، قومن جي بقا جو وجود قربانين سان هوندو آهي، اُن سان ئي انساني نسل جو سلسلو جاري آهي، مطلب ته قومن ۽ ملڪن جي بقا/ سالميت قربانين جي راز ۾ ئي سمايل آهي، اُن لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته: تُون پاڻ کي پتنگ ٿو چوائين، ته پوءِ دشمن جي تخريبڪاري جي باهه کي اصل لاءِ اچي ختم ڪر، ڇاڪاڻ ته دشمن جي باهه، ڪيترن ئي جيءَ جلين کي ساڙي ختم ڪيو آهي، اُن ڪري تون دشمن جي باهه کي عقل، حڪمت عملي ۽ حوصلي سان اچي ختم ڪر، جيئن ٻيا هن فساد واري باهه کان بچي وڃن! اُن ڳالهه جي مرشد لطيف منظر نگاري هن طرح ڪئي آهي ته:
    پَتنگن پَهه ڪَيو، مِڙيا مَٿي مَچ،
    پَسي لَھس نَه لچيا، سَڙيا مَٿي سَچ
    سندا ڳِچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!
    يا
    پري پتنگ آئيا، مڙيا مٿي سچ
    ساڙيندا سڙي، مٿو ڏيندا مچ کي
    يا
    پَتَنگ چَوائين پَاڻ کي ته اَچي آڳ اُجهاءِ،
    پَچَڻ گهڻا پَچَائِيا، تُون پَچَڻ کي پچاءِ،
    واقف ٿي وِساءِ، آگ نه ڏجي عام کي.
    جنگي حالتن دوران شاهه سائين پنهنجن سنڌي جوڌن کي هڪ جرنيل جي حيثيت سان دشمن سان ويڙهه وڙهڻ، پاڻ بچائڻ سوڀاري ٿيڻ وغيره جا طور طريقا سمجهائيندي چوي ٿو، اي سنڌي سورهيه! تُون سوڀ لاءِ ٿو وڙهين ته دل ۾ جيڪي اجايا وهم وِسوسا اَٿئي، سي بلڪل وساري ڇڏ ۽ ڀالا هڻندو، وڙهندو، دشمن کي ڀاڪُر وِجهي دَس. پاڻ بچائڻ لاءِ اڳيان ڍال ڏئي بيهي نه رهه، مُڙس ٿي مقابلو ڪندو رهو، ته پوءِ ئي تون جوڌو جوان سمجهبين! اڳتي چوي ٿو ته سورهيه سورهين جي اچي سامهون بيهي هڪٻئي کي تراڙيون پيا هڻن، تراڙين جو هڪ ٻئي سان ٽڪرجڻ ڪري ڪڙڪو پيو پوي، ۽ چڻنگون پيون نڪرن سورهيه هڪ ٻئي کي هڪلون ڪيو، ڌڪن مٿان ڌڪ پيا هڻن، ۽ ڌِڙ ڌڙن جي مٿان پيا ڪِرن، ڌڙ سسين کان اڌ ٿيڻ وقت سندن ڦٿڪڻ جو انداز اهڙو ته آهي، ڄڻ اُهي ڌڙ ۽ سِر نچن پيا ٿا، جنگ جي ميدان ۾ وڏو گوڙ ۽ شور متل آهي، روڄ راڙو آهي، سورهين جون هڪ ٻئي کي هڪلون آهن! شاهه سائينءَ هڪ سنڌي سورهيه جي ونيءَ کان هن ريت چَوِرايو آهي ته: شل منهنجو وَر جنگ جي ميدان ۾ وڙهي پاڻ ملهائي، ائين نه ٿئي جو هُو پُٺي ڏئي ڀڄي، مون کي يقين آهي ته هُو پُٺي ڏئي نه ڀڄندو! ڪو چوي ته هُو ميدان ڇڏي ڀڳو آهي ته آءٌ هرگز اعتبار نه ڪنديس، منهنجي وَر کي سيني تي ڌڪ لڳل هوندا ۽ سندس ڦٽن کي چٽيندي مُرڪندي رهنديس، پر جي کيس پُٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل هوندا ته سندس بُزدلي تي لَڄ ۾ مري وينديس، مرشد لطيف سنڌي جوڌي ۽ سندس ونيءَ جي بهادريءَ جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:

    سُورهيه مَرين سوڀ کي، ته دِل جا وَهم وِسارُ،
    هَڻ ڀَالا وِڙُهه ڀَاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَارُ،
    مَٿان تيغُ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين.
    يا
    بَھَادر گَڏيا بَھَادرين، کڙڳ کِلول ڪَن،
    وِجهن ڌِڙ ڌِڙن تي، هَاڪارين هَڻَن،
    ڪِرن ڪُونڌر نچن، رِڻ گَجيو راڙو ٿيو.
    يا
    ڀَڳو آءٌ نَه چَوان، مَاريو تَه وِسھان،
    ڪَانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
    تَه پڻ لَڄ مَران، جي هونئس پُٺ ۾!
    شاهه سائين ڍونڍ کائڪ ڳِجهن لاءِ چيو آهي ته هُو رات ڏينهن بَر ۾ پيون ٿيون رَهن، بُکن ۾ پاهه ٿيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي کان جنگ لڳڻ جو پيون پُڇن ته ڪنهن طرف ڪا جنگ آهي! اُنهن حرام خور پکين کي به سُورهيه ۽ بھادرن جو ماس وڻندو آهي، هُو حرام خور هُجڻ جي باوجود ڊيڄو، گيدي، ڪانئرجي گوشت کي عام حرام کان به وڌيڪ حرام سمجهندي اُن کي نه ٿيون پسند ڪن، ڇاڪاڻ ته هُو گيدي ڪانئر آهن، اُن جي گوشت کائڻ کي عيب ٿيون سمجهن، پوءِ ڀلي ڇو نه بُک ۾ پيون مرن، پر ڪانئر جو گوشت نٿيون کائين، اُن جو گوشت ڀلي ڪِنو پيو ٿئي، پر اُن جي ويجهي ئي نٿيون وڃن، مرشد لطيف اُن منظر جو بيان هن طرح ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
    ڳِجهڙين گارو، راتو ڏِينهان رِڻ ۾،
    ڀُڻيو پُڇن پاڻ ۾، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
    کائين کڳ مارو، ڪانئر پيو ڪِنو ٿئي!
    شاهه سائين سنڌ جي جوڌن کي آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ صلاحون سبق ڏنا، پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ دشمن سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ چيو ۽ بزدل ڪانئر لاءِ نفرت ڏياري، بهادر بنجي، سينو سُپر ڪري ويڙهه لاءِ چيو، ساڳي وقت سنڌ جي حاڪم کي خبردار ڪندي چيو آهي ته، اي سنڌ جا حاڪم! سنڌ جون سرحدون محفوظ نه رهيون آهن، ڌاريا ڌاڙيل سنڌ جون سرحدون پار ڪيو، سنڌ ۾ داخل پيا ٿا ٿين، سنڌ جي سرحدن تي وڏو گوڙ شور لڳو پيو آهي، اهڙو ته مانڌاڻ متل آهي جيئن مانيءَ ۾ مانڌاڻي پئي گُهمي، اي ملاح! (انڌ جا حاڪم) سنڌ ملڪ ۾ ڌارين ڌاڙيلن اهڙو ته گوڙ شور اچي مچايو آهي، جو توکي ننڊ اچڻ نه گهرجي، توکي ته هوشيار رهڻ گهرجي، تون هڪ طرف سنڌ جي حڪمرانيءَ جي هام به هڻين ٿو، ٻئي طرف حاڪم هجڻ جي باوجود ماٺ ڪيو ويٺو آهين، توکي پنهنجي ملڪ سنڌ جي ڪا ڳڻتي ڪانهي، اي نادان! تنهنجي سنڌ ملڪ مٿان نامناسب طوفان پيا لڳن ۽ ظلم جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، جيڪي ڪڙڪاٽ پيا ٿا ڪن، ترقي ۽ آزاديءَ جون راهون بند ٿينديون پيون وڃن، هي ڌرتي ڌارين ڌاڙيلن ٽامو ڪري ڏني آهي، پوءِ به تون ننڊ ۾ آهين! خبردار! تو کان انهن ڳالهين جون ضرور پڇاڻو ٿيندو ۽ تو کي اُن جو ضرور حساب ڏيڻو پوندو! مرشد لطيف ٻيڙيءَ جي مشابهت سنڌ سان ۽ ملاح اشارو اُن وقت جي حاڪم ڏي ڪيو آهي. شاهه سائينءَ سنڌ ملڪ کي مصيبت جي منهن ۾ ڏسي، اُن وقت جي حاڪم کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چوي ٿو ته، ملاح! (سنڌ جا حاڪم) تنهنجي ٻيڙي (سنڌ) اڄ ڪلهه مصيبت جي مُنهن ۾ اچي وئي آهي، حالتون اهڙيون وڌي ويون آهن، خبر نٿي پوي ته هُو ٻُڏندي يا ترندي، سندس بچاءُ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ويا هُئا، سي ختم ٿي ويا آهن. ملاح پنهنجي اُصول تي نه رهيا آهن، يعني اُنهن جا رَوَيا پنهنجي سنڌ لاءِ ٺيڪ نه آهن، ڌاريا ڌاڙيل ٻيڙي (سنڌ) ۾ ڪاهجي پيا آهن. خبردار! اي ناکئا (سنڌ جا حاڪم) تنهنجي ٻيڙيءَ (سنڌ) ۾ ڪيترن ئي چورن چڙهڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ڪيئي چور اچي گڏ ٿيا آهن، اي مالڪ اي پروردگار!! اهڙين حالتن ۾ جتي وڏا وڏا ٻيڙا ڊهي ٿا پون، اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ هن ٻيڙي (سنڌ) جو تون ئي واهر وسيلو ٿجانءِ، باقي هنن حاڪمن جو حال ڪونهي! تون ئي واهر وسيلو ٿجانءِ! تون ئي هن مصيبت ۾ گهيريل سنڌ کي ڪڍي پارڪجانءِ! آمين! شاهه سائين سنڌ مٿان مصيبت جي وقت ۾ پنهنجي فڪر جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
    بَندر جَان ڀَئِي، تان سُکاڻيان مَ سُمهو،
    ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري، جيئن مَاٽِي مَنجهه مَھِي،
    آڏو سُور سَھِي، نِنڊ نَه ڪَجي ناکُئا!
    يا
    ٻيڙياتا ٻئي تو نه ڦَٻنديون ڳالهيُون،
    سَڄيون راتيون سُمهين ڀَر سُکان ڏيئي،
    سُڀان سَڀيئي، پَار پُڇندئي خَبرُون.
    يا
    دَنگِي مَنجهه درياهه، ڪِين ٻُڏي، ڪِين اُپڙي
    هو جي واڍي واڻيا، سي سوهَڻ سَڀ سَريا،
    مُعلم مَاڳ نه اڳهين، فرنگي مَنجهه ڦِريا،
    ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا
    جتي ڍينگ ڍريا، تني تاري تنهنجي!
    شاهه سائينءَ کي سنڌ اندر ڪي اهڙا ماڻهو به نظر آيا، جن نسل درنسل ڏاڍ ۽ غلاميءَ کي پاليو نپايو هو، اُنهن جي وسيلي ئي پنهنجو ظلم ڏاڍ مضبوط ڪري کين پنهنجو ايجنٽ بنائي رکيو هو، هر ظالمانه دور ۾ اهڙن ديسي دلالن ڌارين جا ايجنٽ بنجي، پنهنجن تي ظلمن جا پھاڙ پئي ڪيرايا آهن، جيئن اڄ ڪلهه ديسي دلال نانگن بلائن وانگر ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن، جن ۾ جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرا، زميندار ۽ سردار اچي وڃن ٿا. شاهه سائينءَ جي وقت ۾ به ساڳيا اُهي ديسي دلال گهڻائي موجود هئا، جيڪي ڌارئي ظالم جا ذهني غلام بنجي، ظالم جي ظالمانه مصلحت تحت ٿي هليا، اُهي ماڻهو ظالم ڦورو حاڪم جي پاڇي هيٺ پلجي عدل ۽ انصاف جا دشمن دين ۽ ايمان، شر ۽ حيا، شرافت ۽ غيرت وڪڻي، اخلاق ۽ خودداريءَ کان دامن خالي ڪري، سنڌ تي ڪاهي آيل لُٽيري جي شيطاني گهنڊ تي مست ٿي، اُن ڌارئي ظالم کان وڌيڪ پاڻ ظالم بنجي، پنهنجن تي ظلم ڪري رهيا هُئا، پنهنجي قوم جي ماڻهن کي معمولي کيل تماشو سمجهي ظلم ڪرڻ ۾ ظالم حاڪم کان اڳڀرا هئا، سندن ظلمن تي شيطان به شرم کان ڪنڌ جُهڪائي ٿي ڇڏيو. شاهه سائين ديسي دلالن جا اهڙا ظالمانه ۽ ڪُڌا عمل پنهنجين اکين سان ڏسي رهيو هو، اُنهن غدارن ۾ شرم ۽ حيا، رحم ۽ ڪرم، ضمير ۽ ايمان، حق ۽ صداقت، غيرت ۽ شرافت جو ذرو به نظر نه ٿي آيو، هُو پنهنجي قوم جي جلاد کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نه هُئا، اُنهن کان چڱائي رکڻ ائين هو، جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ! اُهي نسل در نسل، ضمير فروش ۽ نڪ نرڄا هئا، جن سنڌ ۾ حملي آورن جو ساٿ ڏئي پنهنجي امڙ سنڌ جي تباهي پئي ڪئي. شاهه سائين سنڌ جي ماڻهن کي هزارين سالن کان وطن، زبان، تاريخ، روايات، سياسي، اقتصادي مفادن جي بنيادن تي هڪ قوم تصور ٿئي ڪيو. بقول حضرت علي عليه السلام ته: ”وڏي کان وڏو ڏوهه قوم سان غداري ڪرڻ آهي!“ شاهه سائين قوم جي غدارن کي وڏي لعنت سمجهندي، اهڙي غدار کي مِھڻو ڏيندي چوي ٿو ته، تون ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي قوم سان غداري پيو ڪرين، اُن کان ته بهتر ٿئي ته تون زهر کائي مري وڃ! اي غدار!! تنهنجي غداريءَ جي ڪري، سنڌي قوم پنهنجو ئي نه ڪندي، پوءِ تون پاڻ کي ڪهڙي منهن سان سنڌي ٿو سڏائين! شاهه سائين سنڌ جي اُن وقت جي غدارن کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين جي غدارن لاءِ چيو آهي ته:
    هي مُنهن ڏئي ٻن تُون وِهُه کائي نه مَرين،
    تَان جي مَلِير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
    پوءِ تُون ڪيئن منجهان تِن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!
    مرشد لطيف اهڙن مذهب فروش مُلن مولوين خلاف به جنگ جوٽي هُئي، جيڪي پيٽ ۽ پئسي تي وِڪامجي ظالمن جو ساٿ ڏئي، حق سچ وارن جي خلاف ’واجب القتل‘ جون فتوائون جاري ڪري، کين حق سچ جي راهه تان هٽائڻ شروع ڪيو هو، ۽ دعوتِ حق اصلاح جي ڪا ڳالهه ٿي ٿئي ته اُهي ويڪائو مذهبي ٺڳ ٽولي جا ماڻهو، پنهنجي عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، حق سچ جي رستا روڪ ڪري اهڙو سانگ رَچائي ٿي بيٺا، جو دنيا حيران پريشان رهجيو ٿي ويئي. شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته هر شيءِ جي اهميت جو اندازو اُن جي خدمت جي لحاظ کان ڪيو ويندو آهي، جا هن دنيا لاءِ هوندي آهي، پوءِ خدمت جيتري وڌيڪ هوندي آهي ته اُن شيءِ جو وجود به اوترو ئي اهم سمجهيو ويندو آهي، اگر اها شيءِ نقصانڪار ۽ غير ضروري آهي ته اُن کي ختم ٿيڻ گُهرجي. شاهه سائين بار بار مشاهدو ڪري ڏٺو ته مُلائيت (ملاشاهي) انسانيت لاءِ نھايت هاڃيڪار ۽ زهر قاتل ثابت ٿي هُئي، جنهن لاءِ تاريخ گواهه آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خونريزي ۽ بدامني مذهب جي نالي ۾ ٿي آهي. شاهه سائين جو چوڻ هو ته وقت دوزخ جي دڙڪن، بهشت جي دلاسن جو ناهي، هي وقت علم، فن، ۽ مشاهدات جو آهي، هي وقت وڏين دستارن پڳڙين ٻَڌڻ ۽ جُبن ۾ ويڙهجي سيڙهجي وڏيون تسبيحون هٿن ۾ ڪري لوڏي هلڻ، ڊگهي ڏاڙهي ڇڏائي منبر تي ويهي معجزن ۽ ڪرامتن جون فضول ڳالهيون ڪري، مريد خادم وڌائي سَڻڀيون مانيون کائڻ، چندا چوڙي، نذر نياز وصول ڪرڻ ۽ پاڻ پُوڄرائڻ جو ناهي، اهڙي قسم جو مذهب اسان جي ڪابه مدد ڪري نٿو سگهي، اوهان کي گُهرجي ته عملي طرح امن امان پيدا ڪري عام انسانيت جي ڀلائي ڪريو، ڇاڪاڻ ته خدمت خلق افضل عبادت جو نالو آهي. پاڻ سڳورن هڪ هنڌ واضح ڪندي چيو آهي ته:
    روزا نِمازون، اِيءُ پڻ چَڱو ڪَم،
    اُهو ڪو ٻيو فَھم، جنهن سان پَسين پِرينءَ کي.
    پرينءَ جي پسڻ لاءِ شاهه سائينءَ جو اشارو انسانيت جي ڀلائيءَ طرف آهي. مرشد لطيف مذهب جي نالي ۾ مُلن مولوين جي انسان دشمنيءَ واري عمل کي نهايت نفرت جي نگاهه سان ڏسي، اُن کي سخت ننديو آهي، هن مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سِطحي طرح سان نه، پر يقين ۽ بصيرت سان نِرت ۽ سُرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه رَوَش والهانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، ايمان جي ڪيفيت کي زباني ڪلمي گوءِ ۽ دل ڪهڙي ڪم جي؟ جنهن دل ۾ دغا، فريب، ڪوڙ، ٺڳي، دوکي، مڪر ۽ شرارت جي باهه ٻريل هجي، شِرڪ ۽ شيطان منجهس خيما کوڙيو ويٺو هُجي، انسان کي حيات ۽ ڪائنات جي حقيقت ۽ رازن جو احساس نه هُجي، رُڳو پيٽ پُوڄا ۾ پُورو هُجي، اهڙي مُنهن ۾ موسيٰ اندر ۾ اِبليس ڇاپ مُلا کي ڀٽائي گهوٽ مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: اي مُلا! تون رُڳو منهن ۾ مسلمان آهين، جو ڊگهي ڏاڙهي ڇڏائي جُبن ۽ دستار ۾ ويڙهجي سيڙهجي ڊگهيون آزانون پيو ڏين ۽ وڏي آواز سان ذِڪر پيو ڪرين، انهيءَ لاءِ ته جيئن ماڻهو چون ته تون ڪو وڏو الله وارو ۽ بزرگ آهين، پر ائين هرگز ناهي، ڊگهي ڏاڙهي رکڻ، ڊگهيون ٻانگون ڏيڻ، بُلند آواز سان ’الله هُو الله هُو!‘ چوڻ ۽ تسبيح هٿ ۾ ڪري لوڏي هلڻ سان بزرگي ناهي ملندي! اوهان جي مُلائيت جو وڌي وڃڻ انسانيت لاءِ خطري کان خالي ناهي، او نڀاڳا، او چنڊا، ڇا تو حُضور پُر نُور جو فرمان نه ٻُڌو آهي، سچو مسلمان اُهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا سلامت هُجن! ۽ چڱو انسان اهو آهي، جيڪو ٻين کي فائدو پهچائي! پر اوهان مُلا مولوي اڪثر انهيءَ فرمان کي وساري مذهبي نفرتون پيدا ڪري، ماڻهو ويڙهائي سڄي ڌرتيءَ کي شيطاني آکاڙو بنائي ڇڏيو آهي. مذهب جي نالي ۾ هر روز هڪ نئين ڪوڙڪي هڻي، نئين ڪا ڦاسڻي هڻي نوان نوان شڪار پيا ڪريو، اوهان کي مُلا نه چئجي، مُلا نام موتي جو آهي! اوهان کي آهيڙي (شڪاري) چئجي، اوهان ته پيٽ ۽ پئسي جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهيو، اوهان دين کي دنيا تي وِڪرو پيا ڪريو، اهو ائين پيا ٿا ڪريو، ڄَڻ مِرونءَ جي ماس تي ڄڻ ماڻڪن جو سودو پيا ٿا ڪريو، اهڙي ڪُڌي عمل تي اوهان مٿان لعنتون هجن! دين جي نالي ۾ فساد ۽ نفرتون پيدا ڪري، انسانيت لاءِ خطرو بنجي ويل مُلن مولوين لاءِ چوي ٿو ته:
    اُن پر نه اِيمان، جي ڪلمي گو ڪوٺائِين،
    دُعا تنهن جي دل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
    مُنهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آزر آهين.
    -
    مُلا مُلا مَ چئو، هُو آهيڙي آهِين،
    مِرون سَندي مَاس تي، ٿا مَاڻَڪ مَٽائِين،
    اُنهن تي آهِين، لَعنتون لطيف چَئي.
    -
    ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَريل کِير نَه چَکيو،
    دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلھَا ٿِيا؟
    شاهه سائين پنهنجي دَور ۾ سنڌ اندر ڌارين جي ظلم زيادتي بربريت ۽ لُٽمار خلاف جيڪا مزاحمتي جنگ شروع ڪئي هُئي، سا ختم ناهي ٿي، هُو اڄ به اسان جي رهبري ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي راهه تي هلڻ لاءِ اسان کي همت ڏياريندي ’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي!‘ جو پيغام ڏئي ويو آهي. اُها شروع ڪيل جنگ اڄ جي ڌارئي ڌاڙيل جاري رکي آهي. شاهه سائينءَ جي دَور ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ ڦُرلُٽ ۽ اڄ جي ٿيندڙ ڦُرلُٽ ۾ رات ڏينهن جو فرق نظر ايندو، شاهه سائينءَ جي دَور واري ڦورو سڀ ڪجهه ڦُريو هو، پر معدنيات ۽ پاڻي ڪونه ڦريو هو، اڄ جو ڦورو مرشد لطيف واري دَور جي ڦوروءَ کان وڏو ڦورو آهي، اڄ جي ڦورو سنڌ جو پاڻي ڦُري، سنڌ ۾ ڪربلا برپا ڪري ڇڏي آهي. يقين ڪريو ته سنڌوءَ جو پيٽ مهينن جا مهينا سُڪو پيو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي اهڙي بدحالي ۽ بيوسيءَ تي شاهه سائينءَ جو رُوح تڙپندو هوندو، وقت جي ظالم ۽ سندس ديسي دلالن لاءِ بد دعا ڪندي چوندو هوندو ته:
    مَتو آهين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هڻي،
    تو جَا ڀَانئِين اَڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏِينهڙا!

    [روزاني پاڪ ڪراچي بروز آچر 28 اپريل 2002ع ۾ چپيو.]


    شاهه عبداللطيف ۽ سُهڻي

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سهڻي، سسئي، ليلا، مومل، نوري، مارئي ۽ سورٺ جهڙين سورمين جو شاعر آهي! موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو شاعر، سنڌ جي سري، وچولي، ڪوهستان ۽ لاڙ جو شاعر، جهنگ، جبل جهاڳي، گونا گون، شاهديءَ وارو شاعر! فرعون جي نسل خورن وطن ۽ زبان جي مضبوط ڳانڍاپي جو شاعر! آزادي ۽ سخاوت جا سبق سيکاريندڙ شاعر! موڪ مِيھا، لُلر لاڻي، پَڪن پيرُن، ڳُم ڳنڍير، لُوڻڪ، مريڙي، کير مکڻ ۽ مھيءَ جي خوشبوءِ جون ڳالهيون ڪندڙ شاعر! چڙن جي چُونگارن جو شاعرن، مالوندن جي هُونگارن جو شاعر! کٿي ۽ لوئي، اجرڪ، چُني پوتي، پٽڪي پڳ، ڇنن ڇپرن، چونئرن ۾ رهندڙ ماروئڙن جو شاعر! کارين ککين رڇن ڇڇين، مڏين مهاڻن مڪڙين جو شاعر! ڏاگهن ڏونگرن جو شاعر، لاهوت باهوت، جبروت ۽ ملڪوت جو شاعر! مڙهين مڪانن، اوطاقن، اوتارن جو شاعر، پنڌن پيچرن گهٽن گهيڙن جو شاعر، ڪُوپن ڪُونڌرن، بهادرن ۽ جُهونجهارن جو شاعر! سنياسين، آديسين، جوڳين، ڪنوٽين، ڪاپڙين جو شاعر! هارين نارين، ڪنڀرن ڪورين لوهارن، سونارن ۽ واڍن جو شاعر! مذهبي ڪٽرپڻي، تعصب پرستي، ذات پات جي پليتائي کان پاڪ صاف شاعر! صوفي لاڪوفي شاعر! هندو مسلمان لاءِ هڪ جهڙي هدايت ڏيندڙ شاعر! سُستي ۽ غفلت مان ڪڍي سڄي حياتي اُوچ ۽ عروج تي پهچائيندڙ شاعر! نياز نِوڙت، محبت ۽ انسانيت جو پرچارڪ شاعر! تڪبر هٺ وڏائيءَ کان دور رهي، هٿ جوڙي حق موجود چوڻ کان اڳ، وجود وڃائڻ جو پيغام ڏيندڙ شاعر، سنڌي قوم کي انساني عزت ۽ قومي غيرت ڏياريندڙ شاعر! ’ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان‘ ۽ ’سون تي سيڻ نه مٽائڻ‘ جون صلاحون ڏيندڙ شاعر! سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ کي امر ۽ آيتون بنائڻ وارو شاعر! سنڌ جي ثقافتي تهذيبي ڳانڍاپي وارو شاعر! مطلب ته انسانيت جي هن عظيم صوفي شاعر جي شاعريءَ ۾ روز ازل جون صدائون گونجندي نظر اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته جهڙيءَ طرح مولانا جلال الدين رومي رحه جي مثنوي لاءِ مشهور آهي ته:
    مثنوي و مصنوي و مولوي هست قرآن در زبان پهلوي
    تهڙي طرح اسان جي سهڻي ڌرتيءَ سنڌ جي صدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جو رسالو پڻ انسان ذات جي زندگيءَ لاءِ هڪ رهنما اُصولن جو انمول خزانو ۽ هدايتن جو اڻ کٽ بحر آهي، جنهن جي هڪ ڦُڙي نصيب ٿيڻ سان اندر جون اکيون کُليو پون، مطلب ته شاهه سائينءَ جو رسالو هڪ اهڙو ترياق آهي، جو زندگيءَ جي هر زهر کان انسان کي پاڪ صاف بنايو ڇڏي، يعني بُرابه ڀلا ٿيو پون، اِهو ئي سبب آهي، جو شاهه سائين پنهنجي رسالي ۾ ڏنل بيتن متعلق فرمايو آهي ته:
    جي تو بَيت ڀَانئِيا، سي آيَتُون آهِين،
    نِيو مَنُ لائِين، پِريان سَندي پَار ڏي.
    اِها هڪ زنده حقيقت آهي، جنهن جي تصديق سنڌ جي جيد عالم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي ڪندي فرمايو آهي ته:
    آهي عبداللطيف جو اسان تي احسان،
    جنهن جوڙي قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو!
    شاهه سائين سنڌي ٻوليءَ کي فقيري فيض ۽ عشق جمال سان اهڙو ته اُجاري اڇو ڪيو آهي، جو ڪنهن به دشمن جي دشمنيءَ سان سندس قومي ٻوليءَ واري اهميت ۽ عظمت کي ريٽي ميٽي نٿو سگهجي، ائين کڻي چئجي ته سنڌي ٻولي، لطيفي پارس سان لڳي سون بنجي چُڪي آهي، شاهه سائينءَ جو اِهو احسان گهٽ چئبو! جو سندس وقت جي حاڪماڻي ٻولي، جيڪا فارسي هُئي، اُن جي وڏي بهادريءَ سان مخالفت ڪندي چيائين ته:
    تو جو سکيو فارسي، گولو توءِ غلام!
    اُن جي جڳهه تي پنهنجي سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻ زمين کان مٿي کڻي آسمان تي پهچائي، سنڌي قوم کي اَهلِ ڪتاب بنائي ڇڏيو، سڄي دنيا کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پئي ته شاهه جي شاعريءَ ۾ جيڪو فهم ۽ فڪر موجود آهي، سو ايترو ته وسيع ۽ مضبوط آهي، جو سنڌي ٻولي دنيا جي عظيم ٻولين مان هڪ ٿي پئي آهي. شاهه سائين جي شاعريءَ کي واقعي پياري پاڪستان ۾ سياسي تعصب ڪري قومي شاعر تصور نٿو ڪيو وڃي، پر وقت گذرڻ سان جڏهن سڀ شيون پنهنجي اصليت طرف موٽ کائي، پنهنجي جاءِ وٺنديون، پوءِ شاهه سائينءَ جي اڻمٽ آيتن جي اُونهي اسرار ۽ رُوحاني رازن جي پروڙ پوندي. شاهه سائين ابن الوقت نه پر ابو الوقت صوفي شاعر هو، هن اعليٰ هستيءَ جو پيغام مڪمل انسان ذات لاءِ هڪ جهڙي هدايت وارو آهي ۽ هر زماني لاءِ فائدي وارو آهي. هن نابوديءَ کي نئين عبد کي اعليٰ ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي ۽ صبر جي شمشير سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ۽ سماجي ناانصافين، اخلاقي اُوڻاين کي دُور ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو آهي. ڪٿي وري سُستي غفلت ڇڏي ’تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي!‘ ڳالهه ڪئي آهي، ڪٿي وري درد مند دلين جو آئينو بنجي ’ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ، سورائتي سندرو!‘ چئي همت ڏياري اٿس. ڪٿي وري اُگهور ننڊ ۾ سُتلن کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو اٿس، ’سُتا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري!‘ ڪٿي وري مذهبي ڪٽرپڻي جو زهر پکيڙيندڙ وحشين لاءِ پيو چوي ته ’مُلا نام مولا جو آخوند سڀ انڌا!‘ عام طرح ڪنهن غلط فهميءَ وچان صوفيءَ کي اهڙو شخص سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دنيا کي تَرڪ ڪري، لوڪان لِڪي جهنگلي جانورن وانگر جهنگ مُنھن ڪري يا وڏا وڏا چڙا ڳِچيءَ ۾ پائي ڀنگ جا ڪُونڊا، چرس جا سُوٽا ۽ آفيم جا روڙا چٻاڙي نشي ۾ ڌُت ٿي نِڪمو بنجي ويهي رهي، يا رلي ڪُلهي تي رُلندو پِنندو وتي! پر شاهه سائين هڪ اهڙو صاف نظر صوفي هو، جنهن سچائي ۽ محبت جي لافاني لاٽ سان اجتماعي زندگي گذارڻ جي واٽ ڏيکاري ۽ رُوحاني داستان وسيلي خُودي کان خدا تائين رسڻ لاءِ رهبري ڪئي آهي، سندس سَوَن مضمونن ۾ فهم جي خيال کان ڪانه ڪا حق سچ جي هدايت ۽ ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، خاص طرح سندس سُورمين وارن قصن ڪهاڻين ۾ ته عشق، محبت جو سمنڊ اُڇلون ۽ ڇوليون هڻندي نظر ايندو، هُو عشق ۽ محبت وارن جي ايمان جو استاد ۽ رهبر نظر ايندو، سندس عشق ۽ محبت، فڪر ۽ دليل کان مٿانهون آهي. آءٌ، شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سُهڻي ميھار کي انساني محبت جا ٻه روشن مينار سمجهي، سبق آموز ڪردارن متعلق پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪجهه عرض ڪندس، سُر سُهڻيءَ ۾ ’سُهڻي ۽ ميھار‘ جي محبت جي ڀيٽا ڪجي ته سُهڻي محبت جي ميدان ميھار کان الائي ڪيترا ڀيرا سوائي نظر ايندي، پر پوءِ به ميھار جي محبت کي وِساري نٿو سگهجي، سندس محبت جا ڪئي مثال موجود آهن. سُهڻي ويچاري ميھار جي عشق ۾ دل دهلائيندڙ درياهه ۾ ڪاهجي پوي ٿي، نڪو جَر جي جانورن جو ڪو خوف خطرو اٿس، نه وري درياهه جي اُونهي پاڻيءَ جي پرواهه. عشق محبت وارن لاءِ درياهه جي هستي مستي يا جَر جي جانورن جو ڪو خوف خطرو ڪا معنيٰ ڪونه ٿا رکن، هُوءَ سِر جو سانگو لاهي ميھار جي عشق محبت ۾ نڪري ٿي پوي، چوي ٿي ته مون کي ميھار جي محبت جي تار لڳل آهي ۽ ميھار کي وري منهنجي محبت جي ميخ لڳل آهي، اهڙن محبتي ماڻھن لاءِ حقيقت ۾ تَرڻ لاءِ ترو هو، ٻُڏڻ کان بچاءُ نه پرائين کڻي سمجهو ته اُن کي کڻڻ ئي هڪ بار مثل آهي. محبت جو تمام ۽ تمام بُلند ۽ بالا آهي، جنهن جو مقابلو ڪوبه ڪري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سُهڻي جي ايمان جي رهبري حضرت عشق ڪري رهيو هو، عشق فڪر ۽ دليل وغيره کان مٿانهون آهي. عشق وارن جا ڪم به فڪر ۽ دليل کان مٿانهان هوندا آهن، خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته اُهي ڪيئن ٿيا؟ خوف خطرن جي باوجود به هيڏو سارو درياهه هڪ ضعيف ۽ نازڪ مزاج عورت آسانيءَ سان پار ڪري ميھار سان وڃي ٿي ملي! اِهو سڀ ڪجهه حضرت عشق جو ڪمال هو، صدقو ٿيان عشق وارن جي نام تان! ڏٺو وڃي ته سڀ شيون محبت جون محتاج آهن ۽ سڀئي محبت جي سھاري پيون تِڳن، سڀني جي رهنمائي محبت ٿي ڪري، هر شيءِ محبت جي صدقي موجود آهي. اها محبت آهي، جيڪا هر چيز کي ٻي چيز ۾ گم ڪريو ٿي ڇڏي، محبت ئي ساهڙ آهي، محبت ئي سُهڻي آهي ۽ محبت ئي درياهه آهي! محبت جي اها ڳالهه هڪ ڳُوڙهو ۽ اُونهون اسرار آهي، جنهن کي محبت وارا ئي سمجهي سگهن ٿا، ٻئي جي جاءِ ئي ناهي! پاڻ مالڪ خدا ۽ هي انسان، جنهن کي پاڻ ئي اشرف المخلوقات جي پڳ پڌرائي اٿس ۽ پنهنجو نائب سڏيو اٿس، اُهو حضرت انسان، هي سڄي ڪائنات، ٽيئي محبت جو نالو آهن. سُهڻي کي ميھار جي محبت هُئي، اُن ڪري درياهه جو جتان تيز وهڪرو هو، اهو ئي هن لاءِ آساني وارو هو، ڇاڪاڻ ته آسانيءَ واري واٽ ۽ گهيڙ، ڪنڌيءَ ڪپر جي تانگهه ڪُوڙيون ڪنديون آهن، جن کي ساهڙ جي محبت هُئي، اُهي آساني واري گهيڙ گهٽ جو پُڇن ئي ڪونه، اُنهن لاءِ هيڏو سارو درياهه هڪڙي وِک برابر آهي. سُهڻي ويچاريءَ کي به اُن وقت جي ظالم معاشري هرو ڀرو به ڏهه زروي کڻي مڙس مڙهيو هو، هن جي روح جو ڳانڍاپو ميھار سان هو، اُن کي ئي حقي وَر ٿي سمجهيائين ۽ اُن جي طلب ٿي رکيائين، اُن ڪري ئي نه ملاح جو ٿي پُڇيائين نه سندس ٻيڙيءَ جو ٿي پُڇيائين، نه ئي نوڙ ٻڌي اُن جو سھارو ٿي ورتائين، هُن کي ميھار سان اَٿاهه محبت هُئي ۽ محبت جو ئي سھارو هوس، جيڪو هن لاءِ ڪافي هو، جو هيڏي ساري درياهه جي سِير واري پاڻيءَ کي بلڪل گهٽ، اصل پِنيءَ ٻوڙ ٿي سمجهيائين، اُن ڪري ملاح مڪڙي ۽ نوڙ ٻڌڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه ٿي سمجهيائين، ڇاڪاڻ ته محبت هڪ نادر ۽ بي بھا شيءِ آهي. محبت ۾ ئي فراخ دلي ۽ پاڪيزگي آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت جو معراج آهي، انهيءَ معراج انساني جو شاهه سائينءَ محبت جي متوالي سُهڻيءَ جي واتان هن طرح بيان ٿو ڪرائي چورائيس ٿو ته:

    پُڇن جي ميھار کي، پُڇي سي ميھار،
    ترهو ٿي يار، عشق جنين اتامرو
    يا
    ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سو ئي
    آهي نِجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
    -
    جِتان وَهي تِتان واٽ، ڪَپر پُڇن ڪُوڙيون،
    جِن کي سِڪ سَاهڙ جي، سي گهيڙ نه پُڇن گهاٽَ،
    جِن کي عشق جي اُساٽَ، سي واهڙ ڀانئِين وِکڙي.
    يا
    هُئي طالب حق جي، تڏي لاڪُون تور،
    نه ملاح نه مَڪڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙ،
    پاڻي پِني ٻوڙ، سُهڻيءَ ليکي سِير ۾.
    اسلام کان اڳ ۾ خاص طرح ڇوڪريءَ جي رضامندي جو شاديءَ دوران ڪوبه ضرور ڪونه هو، اسلام انهيءَ تفريق کي ختم ڪري ڇڏيو، شادي دوران ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي رضامندي ضروري سمجهيو ويو، اُن کان سواءِ نڪاح ئي نٿو ٿئي. اسان جي معاشري ۾ اُن ڳالهه تي عمل گهٽ ڪيو وڃي ٿو، هزارين سال اڳ وانگر اڪثر ڇوڪرين جا بغير رضا منديءَ جي نڪاح ڪيا وڃن ٿا، اڪثر محبت دشمن مُلا انهيءَ ڳالهه جو خيال گهٽ ڪندي، چار پئسا وٺي، سڻڀي ماني کائي، نڪاح پڙهندا آهن، ان ڪري معاشري ۾ ڪئي برايون جنم وٺنديون آهن، ٿي سگهي ٿو ته سُهڻيءَ سان به اِها ويڌن ٿي هُجي، جو سندس زوريءَ نڪاح ’ڏَم‘ سان ڪرايو ويو هُجي، جنهن کي هن قبول ئي نه ڪيو هُجي! جيئن هن وقت جي معاشري جي ڪُڌين ريتن رسمن تحت نياڻين جا ننڍپڻ ۾ ئي نڪاح ٿيڻ، نوجوان نياڻين جا پڙ ڏاڏي، پڙ ناني جي عُمر وارن کک پوڙهن سان نڪاح ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪري پرڻائي ڏيڻ وغيره. سُهڻيءَ سان به اڄ ڪلهه جي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم واري ڪار ٿيل ٿي ڏسجي، جو هن ڏَم کي پنهنجو ئي نه ڪيو، کيس ڏِسڻ ئي ڏوهه ٿي سمجهيائين، کيس ڪُوڙو ۽ ڪوڙهو ٿي ڪوٺيائين ۽ ميھار کي پنهنجو سُپرين ٿي چوي. سُهڻي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته:
    ڪوڙهيو ڏَم ڪُوڙو، مون ميھار من ۾!
    يا
    سَاهڙ مُنهِنجو سُپرِين، ڏَم ڏِٺي ئي ڏوهه!
    ڏَم کان سُهڻيءَ جي نفرت کي ڏسي بلڪل يقين سان چئي سگهجي ٿو ته َڏم سان سُهڻيءَ جو نڪاح، سندس رضامنديءَ کان سواءِ ٿيو آهي، جيڪڏهن نڪاح سندس رضامنديءَ سان ٿئي ها ته پوءِ ڏَم کان ايتري نفرت ڇو ۽ ڇا لاءِ؟
    سندس حقي لاڙو ميھار جي طرف آهي، جو تڙ تڪڙ ۾ درياهه جي تار ۾ ڪاهي ٿي پوي ۽ چوي ٿي ته ’اهو ڪم غرض وارين، ضروت مندن جو آهي،‘ جنهن بابت وڌيڪ چوي ٿي ته:
    ”ڏَم وٽان ميھار سان محبت هجڻ جا طعنا مِهڻا مون کي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا مِلي رهيا آهن، پر آءٌ ڇا ڪريان، جو نينهن عشق مُنهنجي عقل هوش، شر حيا کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، مون کي جنهن طرف جي ڪشش آهي، منهنجي من جو لاڙو به تنهن طرف آهي، ۽ درياهه جي پاڻيءَ جي تِک به اُن طرف آهي، جو گڙگاٽ ڪندو وَهندو پيو وڃي، اي ڌڻي! مُون کي اُنهن تيز لھرن وسيلي ئي ميهار سان ملاءِ!“
    محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل ئي انسانيت آهي، آسمان کان زمين طرف ايندڙ سڀني شين مان محبت وڌيڪ اُتم آهي. محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم شيءِ آهي، محبت هڪ ازلي بِشارت آهي، اُن جي خوشي اَبدي آهي، محبت جي شاهراهه کي ’صِراط مُستقيم‘ چئجي ٿو، محبت رُوح جي خواهش آهي، محبت ئي ڪونين جي تخليق جو سبب آهي، هن ساري جھان جو قيام ۽ بقا اُن تي ٻڌل آهي، خدا وند ڪريم پنهنجي مخلوق کان محبت جي سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو گُهري، خدائي جُستجو جون سڀ دِڪتون محبت تي ئي ختم ٿين ٿيون. محبت اُهو نشو آهي، جنهن سان دل کي آرام نصيب ٿئي ٿو. سُهڻيءَ کي ميھار جي محبت جي نشي جي ضرورت هُئي، اُن ڪري هُوءَ اُن لاءِ پريشان هُئي، وٽس عقل ۽ شرم واري ڳالهه ڪانه رهي هُئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن حضرت عشق اندر ۾ اچي خيما کوڙيندو آهي ته عقل ۽ شرم کي چوندو آهي ته اوهان هاڻ ٽپڙ گول ڪريو! ڀٽائي گهوٽ سُهڻيءَ جي ڪهاڻي جو منطقي عڪس اجهو هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
    تَڙ تَڪڙ تَار گِهڙڻ، اِي ڪَاڻيارين ڪَمُ،
    ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏئي ڏوراپا ڏَم،
    عَقُل مَت شَرم، ٽيئي نينهن نِھوڙيا!
    يا
    جيڏانهن جِت چَاهه گهڻو، آر به اوڏانهين،
    وَڃي وهه واڪا ڪيو، تِکو تيڏانهين،
    ميھار مِلائين، لھرن منجهان لطيف چئي!
    هي دنيا ڇو ايتري حَسين آهي ۽ انسان ڇو خود بخود اُن جي طرف مائل ٿي ڇِڪجي وڃي ٿو؟ اُن جو سبب فقط اِهو آهي ته هي ڪائنات ۽ انسان ذات جي ٺاهڻ وارو هڪڙو ئي مالڪ آهي، اُن ڪري ئي ٻنهي شين جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي، اُنهيءَ خالق ئي انسان جي دل ۾ هن جھان ۽ اُن جي شين لاءِ محبت جو جذبو پيدا ڪيو آهي ۽ انهيءَ محبت جي ڪري ئي هي دنيا دائم قائم آهي. انسان جي ٺاهڻ وارو به خود هڪ مجسم محبت آهي، جتي محبت آهي، اُتي ئي خالق آهي! هن دنيا مان جيڪڏهن محبت کي ڪڍي الڳ ڪري ڇڏجي، سچ ته نه هي دنيا قائم رهي سگهندي، نه دنيا وارا رهي سگهندا، هن ڪُل ڪائنات جو ڪارخانو محض محبت جي ڪري ئي هلندو رهي ٿو، سُهڻيءَ ساهڙ جي محبت کان سواءِ ڪُجهه ناهي ۽ ميھار وري سُهڻيءَ جي محبت کان سواءِ ڪجهه ناهي! سُهڻيءَ ۽ ميھار فطري طرح سان هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، ساهڙ کانسواءِ سُهڻي ناپاڪ آهي، سندس آستاني تي ساڻس ملڻ کانپوءِ ئي پاڪ ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح پاڪ ٿئي ٿي، جيئن معصوم کير پياڪ ٿا ٿين، ساهڙ کان سواءِ سُهڻي بلڪل بيمار ۽ اَگهي آهي، سُهڻيءَ جي درد جي دوا ساهڙ جي ديدار ۾ ئي آهي، ڏَم وٽ سندس صحت خراب ۽ تمام خراب ٿيو وڃي، سندس چنڱ ڀلائي ميھار جي ڏسڻ سان ٿئي ٿي، هُوءَ ميھار جي مُنهن ڏسڻ سان خوش ٿيو ٿي وڃي. شاهه سائين سُهڻي ميھار کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي ته:
    سَاهڙ ڌاران سُهڻي، آهي ۾ آزار
    ڏَم پاسي ۾ ڏُکندو، صحت وٽ سَنگهار،
    توڏي سَندي تَن جي، دوا ۾ ديدار.
    جي پَسي مُنهن ميھار ته اَگهيائي سگهي ٿئي!
    ڏٺو ويو آهي ته اڪثر انسان انهيءَ ڳالهه جو خواهشمند رهيو آهي ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ سُڪون قلب حاصل ٿئي، کيس معلوم به آهي ته اُهي سڀ ڳالهيون انهيءَ نظرياتي اُصول محبت جي ذريعي حاصل ٿي سگهنديون، تنهن هوندي به هي نادان انسان محبت جي سمنڊ ۾ دشمني تحت پٿر اُڇلي پريشان ڪندڙ ڪيئي لهرون پيدا ڪري ٿو، جنهن سبب پاڻ به پريشان ٿئي ٿو ۽ ٻين کي به پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ٿو، جهڙيءَ طرح سُهڻيءَ سان ڪيو ويو هو، جو هُوءَ پڪي گهڙي تي تري وڃي ميھار سان ملندي هئي، جيڪا ڳالهه سندس مخالفن، خاص طرح سندس نڻان کي پسند ڪانه هئي، شايد ڪاريءَ ڪري ڪُھاڙين سان مارائڻ بجاءِ کيس اٽڪل بازيءَ سان مارڻ جي خيال ڪري، سُهڻي جي لِڪايل پڪي گهڙي کي کڻي، گُم ڪري، اُن جاءِ تي ساڳيو رنگ ڏنل ڪچي گهڙي کي رکي ڇڏيو. سُهڻي ويچاري اُن دوکي کي سمجهي ڪانه سگهي ۽ دستور موجب جيئن ڪچو گهڙو کڻي، اَلا توهار ڪري درياهه ۾ گِهڙي، اڳڀرو ٿي، وِچ سِير ۾ مَس پُهتي ته ڪچو گهڙو ڳري ختم ٿي ويو ۽ هُوءَ ٻُڏڻ لڳي ۽ ميھار کي وڏا وڏا سڏ ڪيائين، جنهن وري ملاحن کي سڏ ڪري پُڪاريندي چيو ته وارو ڪريو اوهان به پنهنجا رَڇ اُڇلائي وِجهو، آءٌ هٿ ٿو وِجهان درياهه ۾ ڏاڍو وَهڪرو آهي، گهوريو اُهو وَهڪرو، جنهن ۾ مُنهنجي سُهڻي ٿي ٻُڏي! اي ملاح واهر ڪريو، اوهان کي خوش ڪندس! اوهان همت ڪري منهنجي سُهڻيءَ جي زندگي بچايو! اوهان ڀرپاسي ۾ پنهنجا رَڇ اُڇلي وِجهو، مَن سُهڻي سلامت مِلي وڃي! ملاحن سان گڏ ميھار به گهڻي ڪوشش ڪئي، پر سُهڻي ويچاري ٻُڏي مري وئي ۽ مِلي ڪانه سگهي، پوءِ ميھار به پاڻ کي اُڇلي سِير ۾ وِڌو. هن درياهه سُهڻيءَ کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي حياتيون ٻوڙي ختم ڪيون آهن، پر سُهڻي ته هن دل دهلائيندڙ درياهه کي ئي ٻوڙي ختم ڪيو آهي ۽ هي ساگر هاڻ پنهنجو ڪنڌ ڪنڌيءَ سان هڻي پڇتاءُ ڪندي، حال کان بي حال ٿي ويو آهي، هن سُهڻيءَ کي نه ٻوڙيو آهي، پر سُهڻيءَ جي همت ۽ محبت درياهه کي ٻوڙيو آهي، مرشد لطيف هن منظر جو عڪس هن ريت چٽيندي چيو آهي ته:
    آءٌ پڻ وِجهان هَٿڙا، اَوهِين پڻ وِجهو رَڇ،
    گهوريو ڪارونڀار، مان مڙن سُپرين.
    يا
    ميھار ملاحن کي، اُڀو آڇي آڇ،
    آءٌ پڻ وِجهان هَٿڙا اَوهِين پڻ وِجهو رَڇ،
    ڪَنڌي ڪُنڊ ڪڙڇ، هون سلامت سُپرين.
    يا
    سَئين سَائِر ٻوڙيو، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ،
    وَه وِڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌُ ڪپن سِين.

    [روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، سومر 5 اپريل 2016ع ۾ ڇپيو]


    شاهه جي شاعريءَ ۾ حُب الوطنيءَ جا اولڙا

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جو جنم 1689ع ۾ هالا حويليءَ ۾ ٿيو. سياسي لحاظ کان اُهو دَور سنڌين لاءِ غلاميءَ وارو دور هو، سنڌ جا ڪلهوڙا حاڪم دهليءَ جي مُغل حڪمرانن جا ڏَن ڀَرُو ۽ جي حُضوري ڪرڻ وارا هُئا، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جيڪو انتهاپسند مذهبي ماڻهو هو، هن جڏهن وفات ڪئي هُئي ته شاهه سائين جي جوانيءَ جي شروعات ٿي چُڪي هُئي، يعني سندس عمر 16 سالن جي لڳ ڀڳ هُئي ۽ جڏهن حضرت صوفي شاهه عنايت کي دوکي سان مير شهداد، نور محمد پليجي، يارو ڪلهوڙي، حمل جت ۽ سنڌ جي گورنر اعظم خان پٺاڻ مِلي، اُن وقت جي مُلن مولوين کان سندس خلاف ڪفر جون فتوائون وٺي شهيد ڪرايو ته اُن وقت شاهه سائينءَ جي عمر 28 سالن کي پهتل هُئي ۽ ڌارين ڌاڙيلن جي زيادتين ۽ پنهنجن جي بيواجبين، بيوفاين ۽ مذهبي ٺيڪيدار مُلن جي پيٽ ۽ پئسن جي لالچ تي فتوائون جاري ڪرڻ واري حرفت کي چڱي ريت سمجهندو ٿي رهيو. صوفي شاهه عنايت جيڪو طبقاتي ۽ قومي جنگ جو سرواڻ هو، سندس شھادت تي ڪيترن ئي فقيرن سميت شاهه سائينءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، ۽ سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ غلاميءَ جي ڦنڌي ۾ ڦاسندو ڏسي، نهايت ڏکويل انداز ۾ چيائين ته:

    سَاٿي نَه پَسان سي، جي هُيَم هِينئَڙي ٿُوڻِيُون،
    هاڻي ڪٿي جي، اَڱڻ وَڃڻ اَوريان!
    يا
    جا ڀُونءِ پيرين مُون، سا ڀُونءِ مَٿي سَڄڻين،
    ڌِڱ لَٽبا ڌُوڙَ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون،
    ڏينهن مِڙَئي ڏُون، اُٿي لوچ لَطيف چَئي!
    يا
    سَاٿي نه پَسان سي، جي مُون ويڙهه وِڃائيا!
    صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو شاهه سائينءَ تي وڏو اثر پيو هو، ۽ پاڻ پنهنجن پيارن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال کڻي، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهجي پيو ۽ چپي چپي ۽ وستي واهڻ وڃي، سنڌي قوم پرستيءَ جي رُوح جو محافظ ۽ آزاديءَ جو پروانو بڻجي، سنڌي قوم کي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام راڳ ويراڳ ۽ ساز آواز رستي ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ اُن عمل ۾ به گهٽتائي ڪانه ڪيائين:
    تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪَاهه، ڪَانھي وَيل ويهڻ جي!
    چئي اهو سلسلو زور شور سان جاري رکيائين. شاهه جي اُن ڪچهري ۾ ماکيءَ جهڙن مٺن گُفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان ڪيترن ئي سنڌي ماڻهن فيض پرايو، سندن هي حال هو، جو ’ڪُوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ اُن جي!‘ اُن دوران جڏهن سنڌ تي نادر شاهه دراني جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر ڪاهي پيو ۽ سنڌي قوم کي ڦُرڻ مارڻ شروع ڪيو، شاهه سائينءَ کي ڌارين جي سنڌ ۾ اهڙي ڦُر مار ۽ ڳجهن وانگر لامارا ڏئي، سنڌين جي جسم مان ٻُوٽيون پٽيندي ڏسي حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام مارئيءَ جي رُوپ ۾ تيزيءَ سان ڏيڻ شروع ڪيائين. شاهه سائينءَ جي سُر مارئي جي هر لفظ ۾ روشن صبح جو نياپو ۽ نئين جياپي جو حال سمايل آهي. شاهه سائين نياز ۽ نياز آهي، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
    هستي سڀ حرام، نِوڙت سڀ نماز!
    شاهه سائين هيڪڙائي واري عقيدي کي ئي انسانيت جي عظمت جو سر چشمو سمجهيو ٿي. هُن جملي جلال ڪُل ڪائنات جي طاقت هڪ ئي مولا پاڪ جي ذات کي سمجهيو ٿي، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن ٻئي جي اڳيان سِر جُهڪائڻ جي منع ٿو ڪري، انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي زباني پنهنجي الفاظن کي معنيٰ جي معراج تائين هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
    اَول الله مَڃان، جو مِڙني مَٿانهون،
    ته پوءِ ڪيئن ڪري مَڃان، عُمر کي آءٌ.
    عمر جهڙي ڏاڍي لاءِ مارئي جي رُوپ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ چيو اٿس، اُن ۾ سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري ۽ ڀلائي جو راز سمايل آهي، لاَ اِللهَ اِلاَ اللهَ انقلابي ڪلمو ٻيو ڪونهي، الله کان سواءِ عمر جي اڳيان (غير اڳيان) جُهڪڻ مارئي کي پسند ئي ڪونه هو، عمر بادشاهه جي قيد ۾، ٿر ڄائي مارئي کي رهڻ لاءِ محل ماڙيون، کائڻ لاءِ ست رڇيون، سُمهڻ لاءِ پٿراڻيون ڏنيون هُيون، پر مارئي اُنهن سڀني ڏي اک کڻي نهاريو به نه، ته اُهي شيون ڪهڙيون ٿينديون آهن! عمر کي دل ۾ بي ايماني سمايل هُئي، تنهن هن غريب ڄائيءَ کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ ڪئي هيلا هلايا، پر مارئي کي عمر جي محل ماڙين کان پنهنجا اباڻا جُهوپڙا پيارا هُئا، عمر بادشاهه جي غلاميءَ جي ٻوڙن پُلائن کان، ملير ۾ آزاديءَ وارو ڏُٿ وڌيڪ پيارو هو. عمر جي کٽن مِٺن شربتن کان پَلُر جو پاڻي وڌيڪ پيارو هو، عمر جي ويس وڳن کان اباڻن جا کهرا کٿا ۽ لويون پسند هُيون، عمر جي پلنگ پٿراڻين کان واريءَ جو وِڇاڻو وڌيڪ پسند هو، انهيءَ ڪري عمر جي ڪوٽ ۾ پَٽ تي ٻانهن سيرانديءَ ڪري سُمهندي هُئي، هُن کان پنهنجا ملير ڄاوا ماروئڙا اصل نه وِسريا هُئا، عمر جي ڪوٽ ۾ سڀني سهوليتن هوندي به پاڻ کي قيدياڻي سمجهي عمر کان مليل ڪنهن به سهوليت واري شيءِ کي پنهنجي استعمال ۾ نه آندائين، هر وقت اوڇنگارون ڏئي پئي رُئندي رَڙندي هُئي. عمر بادشاهه کيس نِت نيون نيون لالچون پيو ڏيندو هو ۽ کيس پَٽ راڻيءَ بنائڻ لاءِ چيائين، پر ٿر جي هن غريب نياڻيءَ اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيو، پنهنجي سِيل سَتُر بچائڻ لاءِ همت جو سندرو ٻڌي بيهي رهي ۽ عمر جي ڪابه آڇ قبول نه ڪيائين، سندس اڳيان فولاد جي ديوار بنجي بيهي رهي. عمر کيس جيڪا به آڇ ٿي ڪئي، سا هُن ٺُڪرائي ٿي ڇڏي. عمر کيس ٿڌيون مِٺيون ڳالهيون ڪري، کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر مارئي هڪدم ملير طرف منهن ڪري زارو زار روئي رڙي ريهون ڪري، ائين چوندي هُئي ته اي عمر بادشاهه! آءٌ تُنهنجا هي سڀئي سُک سُوري ٿي سمجهان، آءٌ غريب ٿري ماروئڙن جي ملڪيت آهيان، زور ظلم ۽ زبردستيءَ سان تنهنجي زال نٿي بنجي سگهان، مون کي مٿي تي جيڪا مسڪين ماروئڙن لوئي پهرائي آهي، سا نه لاهينديس نه لڄائينديس! اي عمر! هرو ڀرو اشرافن کي پنهنجي ڏاڍ ڏمر سان ظلم جا زنجير وجهي پنهنجي بنائڻ جي ڪوشش نه ڪر، آءٌ تو عمر جي ٿي نٿي سگهان. شاهه سائين مارئيءَ جي واتان عمر کي هن طرح چَوِرايو آهي ته:
    سَون بَرابر سَڳڙا، مَارُو سَندا مُون،
    پَٽولا پَنهوار کي، عُمر آڇ مَ تُون،
    وَرلوئِي جي لُونءِ، ڏَاڏاڻَن ڏِنيام جا!
    مارئيءَ کي پنهنجي حياتيءَ کان پنهنجي عزت وڌيڪ پياري هُئي، هُن کي پنهنجن ذاتي مفادن کان ملير جي مِڙني ماروئڙن جا گڏيل مفاد پيارا هُئا، عمر بادشاهه وٽ وِڪامجي وڃڻ سان ملير جي غريب ماڻهن جي عزت ۽ وَقار کي ڇيهو ٿي رَسيو، مارئي ملير ۽ پنهنجن ملير ڄاون ماروئڙن تان قربان ٿي وڃڻ کي بهتر ٿي سمجهيو ۽ هُوءَ پنهنجي حياتي جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي هُئي، ڇاڪاڻ جو قومي ڪردار کي بچائڻ زندگي جو مکيه فرض ٿي سمجهيائين، هن نه ٿي چاهيو ته عمر بادشاهه وٽ وِڪامجي ملير جي مِڙني ماروئڙن کي مِهڻي هاب ڪريان. مارئي پنهنجي ٿر ۽ ٿري ماروئڙن کي، هڪ مضبوط زبان ۽ تهذيب تمدن جي هزارين سالن جي ڳانڍاپي جي نالي سان ٿي سمجهيو، هُن پنهنجي ٿري ماروئڙن کي ڪنهن بي رحم آقا جو غلام يا رِڍن، ٻڪرين جو ڌڻ ڪونه ٿي سمجهيو، جو هرو ڀرو بگهڙن جو کاڄ پيو ٿئي! هن جو اِهو ايمان هو ته ٿري ماروئڙا، هڪ ظالم جابر هٿان زوري کڄي وڃڻ تي مون کي وِساري ڪونه ويهندا، ڇاڪاڻ ته آءٌ روز ازل کان به اڳي اُنهن ٿرين جي آهيان، اڃا ڪُن فيڪون جي ڳالهه ئي ڪانه هُئي، نه وري ڪنهن بني بشر جي وجود جي ڪا ڳالهه هُئي، منهنجو آدم جي پيدا ٿيڻ کان به اڳ ۾ پنهنجي ٿري ماروئڙن سان ڳانڍاپو آهي، اُنهيءَ ڪري مارئي، عمر بادشاهه جي ڪنهن لالچ لوڀ ۾ نه آئي، ۽ عمر کي ٿي چيائين اي عمر بادشاهه! آءٌ پنهنجن ملير ڄاون جي پچر ڪيئن ڇڏيان، جو اُنهن سان منهنجي فطري محبت آهي! اُنهن سان منهنجي محبت جون ميخون لڳل آهن، مون کي تنهنجي قيد ۾ گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، جو مون پنهنجن پنهوارن جا پَکا نه ڏِٺا آهن، جن کي ڏِسڻ لاءِ ڏاڍي پريشان آهيان. جهڙي ريت ڪپڙي کي ڪنهن سنهي سُئي سان ٽوپو ڏئي ڳنڍي سوگهو ڪبو آهي، اهڙي ريت منهنجو ساهه ملير جي ملڪي ماروئڙن سان سِبجي سوگهو ٿيل آهي ۽ مون کي ملير جا گولاڙا ۽ گاهه، ڏاڍا ياد پيا ٿا پون، هت تو وٽ منهنجو فقط جسم آهي، منهنجو رُوح ملير ۾ آهي، منهنجو ساهه رُوح پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ پکن ۾ آهي، سچ مڃين ته تنهنجي ڪوٽ ۾ مون مجبور جو خاڪي جسم آهي، شاهه سائين مارئي جي واتان انهي ڪيفيت کي هيئن بيان ٿو ڪرائي ته:
    آءٌ ڪيئن ڇَڏِيان سُومرا! تِن پَنهوارن پَچار؟
    جَڙ جِنِين جي جَان ۾ لَڳي رِيءَ لوهار،
    مَيخُون محبت سَنديون، هينئڙي مَنجهه هَزار،
    پَکا ۽ پَنهوار، ڏِٺي مُون ڏِينهن ٿِيا.
    مارئي ويچاري ٿري ماروئڙن جي ڳاٽ اُوچي ڪرڻ لاءِ ظالم عمر بادشاهه جون سڀئي سُور سختيون سهندي رهي، مگر اُن ظالم اڳيان جُهڪي اصل ڪانه، هن اُن ظالم اڳيان جُهڪڻ کي وڏو عيب ٿي سمجهيو، جي هي اُن جابر اڳيان جُهڪي پوي ها ته سڀني ٿري ماروئڙن کي وڏو داغ لڳي وڃي ها ۽ عمر جو به من وڌي وڃي ها ۽ پوءِ ٿر جون ٻيون نياڻيون به ظلم جو نشانو بنجن ها، پر مارئي همت ۽ حوصلي سان اهڙو ته پاڻ ملهايو، جو عمر جا ڏند کٽا ٿي پيا، جيئن مٿس سختي ٿي ٿئي، تيئن هُن ۾ خانداني شرافت ۽ نسلي عظمت نمايان ٿي ٿئي. عمر جهڙي حاڪم وٽ قيدياڻي هوندي به بنا ڪنهن خوف خطري جي سندس هر ڏاڍ جو مقابلو ڪيائين ۽ حق سچ کان نه هٽي ۽ عمر بادشاهه کي مخاطب ٿي چيائين ته:

    جي لُوڻ لِڱين لائين، چِيري چِيري چَم،
    مُون ڪُر اڳي نه ڪَيو، اهڙو ڪوجهو ڪَم،
    جَان جَان دعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوارسِين!
    ٿري نياڻي مارئي کي، عمر بادشاهه پنهنجي ڪوٽ ۾ جڏهن کڻي اچي قيد ڪيو هو، اُن وقت کان ئي مارئي، هن ڌارئي ڌاڙيل جي ڪنهن به آڇ کي قبول نه ڪيو، رُڳو پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪري پئي رُئندي رَڙندي هُئي، عمر کانئس روڄ راڙي جو سبب پُڇندو هو ته وڌيڪ روئي رڙي کيس چوندي هئي ته اي عمر بادشاهه! ڳنڍير جي گاهه وانگر منهنجي دل جون ڳنڍيون ملير جي ماروئڙن سان آيل آهن، آءٌ ۽ منهنجا ماروئڙا هڪڙي ئي مِٽيءَ جي پيداوار آهيون، اُهي ٿري ماروئڙا ڏاڍا قُربائتا آهن ۽ احسان ڪندڙ آهن، اُنهن کان ڌار رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، تنهنجي قيد ۾ منهنجا ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ٿا گذرن، منهنجو اهو وڙ ناهي جو ذاتي لالچ ۾ اچي پنهنجا ٿري ماروئڙا وِساري تو وٽ ويهي رهان! مارئي جيڪا فطري طرح آزاد هُئي، پر زبردستي عمر جي ڪوٽ ۾ اچڻ کان پوءِ غلاميءَ جي زندگي ۽ مارُن جي وڇوڙي جي ڪري، ڏينهون ڏينهن وَيئي جُهرندي، آخر ڪنڊا ٿي وئي، هڪ ڏينهن عمر بادشاهه کي پاڻ وٽ گُهرائي چيائين ته اي عمر بادشاهه! مون کي ٿر ۽ ٿري ماروئڙن جي وڇوڙي نهايت جهوري وڌو آهي، موت جو ڪارو ڪانءُ منهنجي مٿي تي اچي ويٺو آهي، منهنجي زندگي پُوري ٿيڻ واري آهي، جيئن آءٌ تُنهنجي قيد ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه لاءِ سِڪندي سِڪندي مري وڃان ته پوءِ منهنجي توکي هي وصيت آهي ته منهنجو لاش، منهنجي ٿري ماروئڙن ڏي موڪلي ڏِجانءِ ته جيئن منهنجي مَيَت کي ٿر جي وَلين جو واس اچي سگهي ۽ منهنجي قبر پنهنجي ٿر جي ڌرتيءَ ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ ٿئي، جي ائين ٿيو ته آءٌ ڄڻ مُئل به جيئري ٿي پونديس! شاهه سائين مارئي جي واتان حُب الوطنيءَ جو اظهار هن طرح ڪرايو آهي ته:
    واجهائي وطن کي، آءٌ جي هِت مُياس،
    ته گور مُنهنجي سُومرا! ڪَج پَنهوارن پَاس،
    ڏِج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان وَلڙين وَاس،
    مُيائي جِياس، جي وَڃي مَڙهه مَلير ڏي!
    مارئي جيڪا سچ جو سندرو ٻڌي، ٿر جي عزت ناموس آزاديءَ ۽ قومي روايتن جي بقا لاءِ عمر بادشاهه جي قيد۾ رهي ٽَڪر کاڌو، ٽَڪر به اهڙو کاڌو، جو هيڏي ساري بادشاهه کي ٿر جي غريب نياڻي مارئي جي سچائي، هِمت ۽ قومي غيرت اڳيان جُهڪڻو پيو ۽ مارئي کي آزادي ڏنائين! اڄ مارئي کي سنڌي قوم آزاديءَ جي علامت سمجهي ٿي.

    [روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، خميس 17 اپريل 2003ع ۾ ڇپيل]


    اک اُلٽي ڌار...

    اَک اُلٽي ڌار، وئون ابتو عام کان
    جي لوڪ لهوارو وهي، تون اونچو وهه اوڀار!
    مهراڻ جي ماٿريءَ جي سدا حيات ۽ جڳ مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جي اُونهي اِڀياس کان پوءِ اُنهن ۾ وڏي سمجهه جو ساگر نظر ايندو، جنهن مان دل جي دليري اِرادي جي پُختگي، غيرت، شرافت، سچائي جي لافاني لاٽ ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ جي واٽ ملي ٿي. مرشد لطيف جي بيتن ۾ جيڪي نصيحت جا نُڪتا سمايل آهن، جي اُنهن تي ويهي لِکجي ته ڪيترا ڪاڳر ڪارا ٿي پون، اُن ڪري مون فقط مرشد لطيف مٿيون هڪ بيت شرح لاءِ چونڊيو آهي، اُنهيءَ لاءِ ته هن ديس جا ديسي ماروئڙا، سانگيئڙا پنهنجي ذهن مان لوڀ، لالچ، نفرت، تڪبر، ڪُپت ۽ ڪيني کي اندر مان ٿُڏي ڪڍن ۽ پاڻ ۾ سچ تي ساهه ڏيڻ جي جُرئت پيدا ڪن، هر ڦورو ۽ ظالم جي هر مصيبت کي مردانگيءَ سان منهن ڏئي پاڻ بچائين، جيئن سندن تاريخ پنهنجن وڏڙن وانگر سُنهري اکرن ۾ لِکجي ۽ سندن مان شان تي سندن ايندڙ نسل فخر سان ڳاٽ اُوچي گُهمي سگهي. مرشد لطيف هڪ مڃيل حقيقت جو مالڪ آهي، جنهن رومانوي داستانن وسيلي خُوديءَ کان خدا تائين رَسائي جا راز ڏنا، جنهن سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو ته ’سُتا اُٿي جَاڳ نِنڊ نه ڪَجي ايتري!‘
    جنهن پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي مصيبت ۾ به ڪاهي پوڻ جي همت ڏياريندي چيو ته ’مئي متي مهراڻ ۾ پئو پٽو ڏئي،‘ انسان سائنسي ترقيءَ جي زور تي چنڊ تي پيرگسائڻ ۽ مريخ ڏي موٽ کائي پهچڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر جو ڪمال حاصل ڪيو. تاريخ جي روشنيءَ ۾ انسان جي شخصي يا اجتماعي زندگيءَ تي غور ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اها نا انصافي ئي هُئي، جنهن انساني حياتيءَ جي هر حصي کي تباهه برباد ڪيو آهي، جنهن مان اهو به معلوم ٿيندو ته انسان جي زبان تي لت رکي ڪيئن سندن آواز کي دٻايو وڃي ٿو! مذهب جي مقدس نالي ۾ انسانن جي حقن تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا، علم سان مقابلو ڪري کيس ڪيترو نه نقصان پهچايو وڃي ٿو، عزت ۽ شرافت سان ڪهڙا ڪهڙا ڪَلُور ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪيئن نه سچي عزت ۽ اصلي شرافت کي هٽائي، ڪوڙي عزت ۽ نقلي شرافت جو پوش پهرايو وڃي ٿو. عزت آبرو جي معنيٰ آهي، دنيا ۾ محبت ۽ احترام حاصل ڪرڻ. هر انسان ان مقصد جو ڳولائو خواهشمند ۽ شيدائي رهيو آهي، تان جو نبين، اوليائن، صوفي فقيرن ۽ بُزرگن کي به سندس طلب هُئي ۽ آهي، عزت احترام ۾ هڪ خاص رُوحاني لذت آهي، جيڪا هر انسان کي ايتري ته پياري آهي، جيتري ڪنهن وَلي کي معرفت، ڪنهن حڪيم کي حڪمت، ڪنهن غريب کي ڌن دولت ۽ عاشق کي معشوق جي محبت، اهو ئي سبب آهي، جو انسان عزت خاطر پنهنجو ڌن، تن ۽ من قربان ڪري ڇڏيندو آهي، ڪيتري مدت تائين انساني اڳواڻن سياسي رهبرن ۽ اخلاقي ماهرن ۾ بحث هلندو رهيو ته انسان کي زندگي وڌيڪ پياري آهي يا عزت؟ گهڻي بحث کان پوءِ آخر اهو فيصلو ڪيو ويو ته آزاد ۽ غيور انسان عزت کي حياتيءَ کان وڌيڪ سُٺو سمجهندو آهي. صحيح عزت جو رستو اهو آهي ته انسان اجتماعي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي شخصي مفادن کي قربان ڪري ڇڏي. اجتماعي قربانيءَ جا ٽي قسم چيا وڃن ٿا.
     مالي قرباني، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ قرباني آهي.
     علمي ادبي قرباني، جيڪا وِچولي درجي جي قرباني آهي.
     جاني قرباني، جيڪا وڏي ۾ وڏي قرباني چئي وڃي ٿي، نه معلوم اُن قربانيءَ جو حُسن خداداد ڪهڙو نه من موهيندڙ ۽ دلفريب آهي، جو ڪيترائي انسان پروانن جيان مٿس قربان ٿيا ۽ ٿيندا رهن ٿا، پر ڪنهن کي به اهو افسوس ۽ ارمان ناهي ٿيو، سڀ جا سڀ خوشيءَ سان قربان ٿيندا رهيا، اهڙن غيرتمندن انسانن لاءِ مرشد لطيف چيو آهي ته:
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪَڏهن مَنجهه ڪَوٽن، ڪَڏهن راهِي رِڻ جا!
    حضرت مخدوم بلاول کي، شاهه بيگ ارغون جڏهن گهاڻي ۾ پيڙڻ جي سزا ٻُڌائي ته ’مخدوم صاحب فرمايو ته مون کي پيرن کان گهاڻي ۾ وِجهجو، جيئن آءٌ پنهنجي ڪنن سان، پنهنجي هڏين جا ٽڙڪاٽ ٻُڌي سگهان‘، ۽ کيس پيرن کان پيڙجڻ شروع ڪيو ويو ته سندس ٽنگن جي هڏن ٽڙڪاٽ ڪيا ته شاهه بيگ ارغون هلندڙ گهاڻي کي روڪرائي، مخدوم صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته: ”ڇا ٿو سمجهين پنهنجن هڏن جا ٽڙڪاٽ ٻُڌين ٿو!“ شاهه بيگ جو خيال هو ته مخدوم صاحب ضرور پڇتاءُ ڪندو، پر مخدوم بلاول وڏي بهادري ۽ وڏي حوصلي سان کيس چيو ته: ”اِهي ٽڙڪاٽ سنڌ ۾ رهندڙ ارغونن جي پاڙن جا آهن، جو سنڌ مان سندن لاهه اصل لاءِ پٽجي رهيا آهن.“ ڦورو شاهه بيگ ارغون سندس اُهي لفظ ٻڌي بيحد شرمندو ٿيو ۽ پوءِ مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙڻ جي ڪارروائي پوري ڪرايائين. حضرت صوفي شاهه عنايت ڦورو ظالمن خلاف قومي ۽ طبقاتي جنگ لڙي رهيو هو، اها جنگ ڊگهي ٿي وئي هئي، سنڌ جي گورنر اعظم خان پٺاڻ، مير شهداد، جيڪو حضرت صوفي شاهه عنايت جو سنڍو هو، انهيءَ کي پنهنجو ڪري صوفي شاهه عنايت ڏي موڪليو، جنهن کيس قرآن شريف جو قسم ۽ ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري واعدو ڪيو ۽ صُلح جي بهاني صوفي شاهه عنايت کي گورنر اعظم وٽ وٺي آيو، هي هڪ ڊرامو هو، گورنر صوفي شاهه عنايت کي هڪدم گرفتار ڪرائي، جلاد گُهرائي کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اُن وقت حضرت صوفي شاهه عنايت غدار مير شهداد ڏي نهاري چيو ته ’ڏونگر ڏني ڏاڙهي، ڪر ڪوهه ڪُتي جو پُڇ!‘ پوءِ چيائين ته:
    سردر قدم يار فدا شدچه بجاشد،
    اين بار گران بود ادا شدچه بجاشد
    پوءِ جلاد پنهنجو ڪم پورو ڪيو، مطلب عزت احترام هڪ قيمتي راز آهي، جنهن کي هر غيرتمند انسان ساهه ۾ سانڍيندو آهي. عدل ۽ انصاف جي زماني ۾ عزت احترام حاصل ڪرڻ بلڪل آسان آهي، پر ڦورو حاڪم جي وقت ۾ عزت حاصل ڪرڻ سَرفروشي ۽ مقابلي کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونهي، اها آهي هڪ حقيقي ۽ اصل عزت، پر اُن جي ڀيٽ ۾ ٻي نقلي ۽ ڪُوڙي عزت به آهي، جيڪا نهايت شرمناڪ ۽ بيحد بُري آهي، ناظرين! منهنجو قلم اڳتي وڌڻ کان ڪيٻائي ٿو ته متان اوهان جي احساس کي ڪا ٺوڪر لڳي! پر آءٌ اوهان جي روشن ضمير کي انسانيت جو واسطو وِجهي نماڻو عرض ٿو ڪريان ته هڪ لمحي لاءِ ذاتي ڳالهين کان الڳ ٿلڳ ٿي، منهنجي هن بيان تي غور ويچار ڪريو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي، نقلي يا ڪُوڙي عزت ڦورو حڪمران جي مچايل ظلم جي جهنم جو هڪ ٻرندڙ شعلو آهي، جيڪو اهڙي ڦورو حڪمران جي چاپلوس ۽ مددگار کي ان لاءِ ملندو آهي ته جيئن انسانيت، اخلاق ۽ شرافت کي جلائي خاڪ ڪري، خاڪ ۾ مِلائي ختم ڪري ڇڏي! مطلب ته ڪُوڙي عزت اِها آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ سان انسان وڏي ڦوروءَ جي پاڇي هيٺ پلجي، هڪ ننڍو ڦورو بنجي وڃي ٿو! اڄ ڪلهه ڪُوڙي عزت حاصل ڪرڻ جا ايترا ته اجايا ۽ اڍنگا رستا کُلي ويا آهن، جن کي ڏسي انسانيت ته ٺهيو پر حيوانيت جو به شرم ۽ حيا کان ڪنڌ جُهڪي ويو آهي، ڪُوڙي عزت حاصل ڪندڙ ماڻهو پبلڪ کي ڌوڪي ڏيڻ خاطر منهن جي پڪائي ۽ نڪ نرڄائي ڪري چوندا آهن ته اسان پنهنجن معاملن ۾ هر طرح آزاد آهيون، جيئن وڻندو تيئن ڪنداسون، اسان کي ڪنهن جي پرواهه ڪانهي! اسان جي عزت ۽ عظمت بلڪل محفوظ آهي! اسان جو ننگ ۽ ناموس بي داغ آهي، اسان جا هٿ صاف آهن، اهو سندن نسورو ڪُوڙ هوندو آهي، نه هُو آزاد هوندا آهن، نه سندن عزت محفوظ هوندي آهي، نه سندن هٿ صاف هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي پنهنجي ڪُوڙي عزت قائم رکڻ لاءِ هميشه ڦورو حڪمران جون جُٺيون ۽ لعنتون سَهڻيون پونديون آهن، پوءِ اُنهن جُٺين ۽ لعنتن کي لِڪائڻ لاءِ ڪيئي ڪوڙيون ڪوششون پيا ڪندا آهن، اهي ڪُوڙا مڪار، عدل، انصاف جا دشمن، زور ۽ ظلم جا حامي هوندا آهن، اهڙن ماڻهن کي ڦورو حڪمران پنهنجي حڪومت ۾ انهيءَ لاءِ ڀرتي ڪندو آهي ته اُنهن غدارن کي پنهنجو هٿيو بنائي، عام ماڻهن کي آسانيءَ سان ڌوڪو ڏئي، قومي آباديءَ جي نالي ۾ قومي بربادي جي باهه ڀڙڪائي وڃي! ڦورو حڪمران اهڙن ماڻهن کي عزت ڏيندو آهي، ظاهر ۾ نيڪ ۽ شريف زادا نظر ايندا آهن، يعني شاهه سائينءَ چواڻي:
    مُنهن ۾ مُوسيٰ اَندر ۾ اِبليس!
    جي زنده تصوير هوندا آهن، سندن مثال اُن دغا باز واپاري جهڙو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دُڪان تي اڳيان سُٺيون سُٺيون شيون رکندو آهي ته جيئن خريدار کي ڌوڪو ڏئي سگهي، اهڙيءَ طرح ڌاريو ڦورو حڪمران اهڙن ماڻهن کي عزت بخشيندو آهي، جيڪي حد درجي جا خوشامندڙيا، چاپلوس ۽ لالچي هوندا آهن، هُو کين پنهنجو ڪري ڪُوڙي عزت سان سَنواري سينگاري ميدان تي لاهيندو آهي ته اُنهن جي وسيلي پنهنجو ڪم وٺي حُڪمراني ڪري! ڪي ڏاها ۽ سياڻا ماڻهو اهڙي ڌارئي ڌاڙيل حڪمران جي دلالي ۽ ايجنٽي ڪرڻ کان لهرائيندا آهن ته کين سخت تڪليف جو منهن ڏِسڻو پوندو آهي، جيل ۽ ٿاڻا سندن مقدر بنجي ويندآ آهن ۽ ڌارئي حاڪم وٽ اڪثر حرام، بدمعاش، خوشامندڙين، چاپلوس ۽ لالچي قسم جي ماڻهن کي رسوخ ملي ويندو آهي ۽ هر هڪ نااهل زليل، خوار، بي غيرت، بي شرم، بي حيا، ضمير فروش، ويڪائو وڏي ٺٺ تي پهچي ويندا آهن، جيڪي اُن جا لائق ئي نه هوندا آهن، هر هڪ باغيرت، باضمير، عوام دوست مجبور ۽ لاچار ڪَن لڪائڻ ۾ پُورا هوندا آهن، ڌاريو حُڪمران جيترو زياده ظلم ڪندو آهي، اوترو بدمعاش ۽ ضمير فروش ماڻهن کي پاڻ وٽ ڀرتي ڪندو آهي، ته جيئن سندس ظلم جو رستو صاف رهي، اهڙو ڦورو حڪمران پنهنجي هوشياري ۽ مڪاري سان اهڙن ذليل ۽ خوار ماڻهن کي چونڊيندو آهي، جن ۾ ايمان، غيرت، شرافت، حق، صداقت ۽ عزت جو زور به نه هوندو آهي، سندن عهدن، مرتبن جو فرق بلڪل ابتو ۽ الٽو رکندو آهي، جيڪو سڀ کان زياده ذليل ڪينو، بدمعاش، بي ضمير، خوار خراب ۽ وڌ کان وڌ قوم دشمن هوندو آهي، ان کي ئي سڀ کان وڏو عهدو عطا ٿيندو آهي، اهو ئي سندس منظور نظر ۽ ڀروسي جوڳو هوندو آهي، اُن کان پوءِ ٻيا عهدا اُن جي نسبت سان گهٽ درجي وارن بدمعاشن کي ملندا آهن ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي غداري، قوم دشمني ۽ ظلم پروري موجب عهدا، عزتون ۽ لقب القاب ملندا آهن، ڌاريو حڪمران هميشه اهڙن ويڪائو ۽ دلال قسم جي ماڻهن جو ڳولائو هوندو آهي، جيڪو سندس ظلم زيادتي ڪرڻ ۾ دل کولي مدد ڪندو پوءِ اڳواٽ، جاچي جوچي ڏسندو آهي ته هو سندس خير خواهه آهي يا نه! هو اهڙي شخص کي ڪڏهن به ڪو عهدو مرتبو نه ڏيندو، جيستائين کيس لاءِ پورو يقين نه ٿيندو آهي ته هُو ظلم پسند ۽ قوم جو پورو پورو دشمن ۽ غدار آهي، هو اهڙي يقين کان سواءِ ڪنهن کي به ڪو عهدو ڏئي جهوليءَ ۾ نانگ ڪونه پاليندو آهي؟ اهڙي قسم جا چونڊيل وزير، صلاحڪار، ڪڏهن به جمهوري حڪومتن جهڙا قومي وزير، صلاحڪار نه هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ڌارئي ڦورو حاڪم جا سپاهي، قومي سپاهي نه پر قوم جا قاتل هوندا آهن، اهڙي ڦورو حاڪم جا وزير يا ٻيا عهديدار نوڪريءَ وارا اصلاح جو ڪُوڙو فلسفو بيان ڪري قوم جي عشق ۾ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي، ڪنهن کي به ڌوڪو کائڻ نه گُهرجي، اُهي غدار جيڪڏهن رات ڏينهن آهون دانهون ڪَن، سِر ۽ سينو ڪُٽي ماتم ڪَن، خود غرض، مذهب فروش مُلا مولوي، جڏن جُبن دستارن ۾ ويڙهجي سيڙهجي، وڏيون تسبيحون پڙهن، ڦورو حاڪم جي ڀلائي لاءِ واعظ ۽ تقريرون ڪَن، پاڻ کي حاجي نمازي سڏائين، مطلب ته ڪيترو به ڏيک ڏيکارين، پر سندن صداقت ۾ سچائي نه سمجهجي، ڇو ته اهي سڀ ڳالهيون سندن ڪردار ۽ عمل جي ابتڙ هونديون آهن، سندن آهون، دانهون واعظ تقريرون رڳو ظاهري کيل تماشو هونديون آهن، هو اهڙا حيلا سوچيندا آهن ته ڪهڙي بهاني سان قوم کي ڌوڪو ڏئي ڦاسائي، پنهنجو ڪم ڪڍون، ڪهڙي ويس ۾ کين لٽيون ڦريون، پوءِ اُنهن مان ڪي مذهبي ٺڳ قوم وٽ اچي چوندا آهن ته اڙي مسلمانو! مؤمنو خدا جي مرضي اِها آهي، اوهان جي قسمت ۾ اِهو ئي لکيل آهي، اوهان صبر ۽ شڪر ڪريو، اُن کان سواءِ ٻيو چاڙهو ئي ڪونه اَٿو، خدا جي رضا تي راضي رهو! ٻيو گُروهه اميرن، وزيرن، ڪامورن، وڏيرن، ڀوتارن جو هوندو آهي، سڀئي گڏجي قوم جي اڳيان واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي چوندا آهن، اسان اوهان کي هر مصيبت کان ڇڏائڻ آيا آهيون، اوهان اسان تي ڀروسو ڪريو، ڪا پرواهه نه ڪريو، اسان ويٺا آهيون، پر اُهي سڀ جا سڀ اول درجي جا دغاباز، ڪُوڙا، مڪار، غدار بيڪار، بد ڪردار ۽ ڪوڙا هوندا آهن، سندن مقصد سواءِ هِن جي ٻيو نه هوندو آهي، ته هڪ طرف قوم کي ڌوڪو ڏين، ٻئي طرف ڌارئي حاڪم کي ڊيڄاري پنهنجا مقصد حاصل ڪن، اِهي سڀ جا سڀ ڦورو حاڪم جا ايجنٽ هوندا آهن، جيڪي ظاهر ۾ قوم جا مددگار سڏائي، اندروني طرح ظالم حاڪم سان ٻِٽ ۽ جُٽ ٿي قوم جو خون چوسيندا آهن. اُنهن جو خاص مقصد هر ايندڙ حاڪم جي مدد ڪري کيس اوج ۽ عروج تي پهچايو وڃي ۽ قوم کي خواهش جي ٽياس تي ٽنگي ذلت ۽ غلاميءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇليو وڃي، اهڙين ڏکين حالتن ۾ مرشد لطيف پنهنجي سنڌي قوم جي رهبري ڪندي فرمايو آهي ته:

    اَک اُلٽي ڌَار، وَئون اُبتو عَام کان،
    جي لوڪ لهوارو وَهي، تُون اُوچو وَهه اَوڀار.
    اهڙين حالتن تي لوڪ جو مطلب آهي ڦورو حاڪم جي غلط نظام ۽ معيارن جي اکيون ٻوٽي پوئلڳي ڪندڙ ماڻهو، جيڪي قوم دشمن ماڻهن جي ڏيک ويک، ڌن دولت، مال ملڪيت، کاڌ پيت، ٺٺ ٺانگر جي پٺيان لڳي پوندڙ ۽ اُنهن جي ثنا صفت ڪندڙ اُنهن کي ئي عزت احترام جي لائق سمجهندڙ، اُنهن جون نيڪيون ڪندڙ، اُنهن جي هر بُري عمل کي سُٺو سمجهندڙ، اُنهن جي درن تي وڃي ڌِڪا ٿيلها کائيندڙ ۽ اُنهن جي ڪُوڙي عزت کي قبول ڪري، هرو ڀرو سندن اڳيان کڳيون هڻندڙ، اُنهن جي اِشارن تي هلندڙ، سندن شان ۾ قصيدا چوندڙ، ٻيا ماڻهو اُهي عقل عزت غيرت شرافت وارا ماڻهو، جيڪي حق سچ جو نعرو هڻي، اُنهن ڦورن جي شين کي رد ڪري، اُنهن کان نفرت ڪن ٿا، سندن آڌرڀاءُ کي ٿُوڪاري ڇڏين ٿا، کين قوم جو دشمن سمجهي ڪُوڙي عزت کان نفرت ڪن ٿا، اِهو آهي ’اُوچو وَهه اَوڀار‘ جو مقصد! مرشد لطيف جو هي بيت روشنيءَ جي مينار جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان راهه ڀٽڪيلن جي رهنمائي ٿئي ٿي، ڌڻي شال اسان کي رهبر لطيف جي رهنمائي نصيب ڪري. (آمين)

    [روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، جمعي 26 جون 2004ع ۾ ڇپيل]


    هڏي مٿي هوڏ

    لاثاني گوهر ڀلاري ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف جي پيغام جو، جيڪڏهن تفصيل سان ذڪر ڪبو ته اُن لاءِ دفترن جي درڪار ٿيندي، جنهن ڪري مون شرح لاءِ فقط هي هڪ بيت چونڊيو آهي ته:
    هڏي مٿي هوڏ، ڪڏانهن ڪر ڪتن جي
    هڏي ساڳي لوڏ، ڪيئي چوسيندڙ چلي ويا!
    لاکيڻي لطيف جي هن بيت کي ذهن جي ڪَسوٽي تي پرکي مٿس غور ويچار ڪري ڏسبو ته، ڪُوذي ۾ سمنڊ بند ٿيڻ واري چوڻي جي زنده تصوير اُڀري ايندي، شاهه سائين هن بيت کي جادو بيانيءَ سان سنواري سينگاري معنيٰ جي معراج تي پهچايو آهي، جو واقعي ڄڻ ڪُوذي مان سمنڊ ٻاهر نڪري اُڇلون ماريندي نظر پيو اچي، سبحان الله! سندس بصيرت روشن خيالي ۽ وسيع النظريي کي ڏسي، ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن، ته هن ڪهڙي طريقي سان انسان ذات لاءِ فڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪري، زندگيءَ جي جدا جدا آزمائشي مرحلن ۽ انساني جذبن، احساسن جي ترجماني ڪري ۽ انساني سڀاءُ کي پرکي پروڙي، پهاڙن جيڏا اوڏا مسئلا تمام سادگي ۽ آسانيءَ سان حل ڪيا آهن. منهنجو هي ايمان آهي ته اڄ به جيڪر سنڌي قوم مرشد لطيف جي ڏنل پيغام کي پروڙي، اُن تي عمل ڪن ته جيڪر کين ڏکيا ڏينهن ڏسڻا ئي نه پون! افسوس هن ڳالهه جو آهي ته اسان سنڌي قوم کي شاهه سائين جا بيت ۽ ڪافيون ياد ته آهن، اُنهن کي ڳايون وڄايون به ٿا ۽ ڏاڍي چاهه سان ٻُڌون به ٿا، پر عمل نٿا ڪريون. مرشد لطيف جو رسالو جنهن کي اسان عقيدت ۾ شاهه سائينءَ جون آيتون ڪري سمجهندا آهيون، تنهن کي رُڳو ڳائڻ وڄائڻ وارين محفلن تائين محدود نه ڪريون، پنهنجي مرشد لطيف جي بيتن ڪافين ۽ وايُن کي پرکي پروڙي، سوچي سمجهي، اُنهن تي عمل ڪريون ته افضل ٿيندو! شاهه سائينءَ جو هر هڪ سُر، هر هڪ سِٽ ۽ حرف سچ ۽ صداقت جو آئينو آهي. مرشد لطيف جو رسالو هڪ روشن شمع آهي، جنهن سان حق جي واٽ آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر افسوس پنهنجي بدنصيبي تي، جو سنڌ جي گهر گهر ۾ رسالي جو صورت ۾ مرشد لطيف موجود آهي، پوءِ به وتون ٿا جهنگ جهاڳيندا. شاهه سائينءَ جي رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هُو اُتر ڪاڇي، وِچولي، لاڙ جي هر ماڻهوءَ جي اندر مان گُهمي آيو آهي، هُو دردمند دلين جو آئينو آهي، اُن ۾ جيڪو به ليئو پائيندو، اُن کي پنهنجو عڪس نظر ايندو، مون وٽ جيڪو مرشد لطيف جو بيت زير بحث آهي سو هي آهي ته:
    هڏي مٿي هوڏ، ڪڏانهن ڪرڪتن جي
    هڏي ساڳي لوڏ، ڪيئي چوسيندڙ چلي ويا!
    شاهه سائين مٿئين بيت جي پهرين سِٽ ۾ هڏي مٿي جو جيڪو اِشارو ڏنو آهي، اُنهيءَ ۾ هڏي جي حقيقت ناجائز مال ملڪيت، ڌن دولت طاقت، اقتدار، سياست، رياست آهي، اُن جون آفتون ايتريون ته سخت آهن، جو جسم ڏڪيو وڃي، اُن ڪري عقلمند ۽ خوددار انسان آزادي ۽ عزت جا عاشق هوندا آهن، ناجائز مال ملڪيت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، سندن چوڻ آهي ته ناجائز دولت سواسو مصيبت آهي، اُن کي ميڙجي به مصيبت سان ٿو، لِڪائجي به مصيبت سان ٿو، اُن جي حفاظت ۽ سلامتي خاطر هر جابر ظالم اڳيان جُهڪڻو پوي ٿو، جيڪا وڏي ۾ وڏي لعنت آهي! صوفي فقيرن عنايت ۽ قناعت کي وڏي دولت سمجهيو آهي ۽ ناجائز ميڙيل دولت کي هڏي سان مشابهت ڏني آهي، ڏٺو ويندو ته ٻين ساهوارن کان، انسان جي فطرت ۾ هَوَس وڌيڪ ڀريل آهي، کيس دولت گڏ ڪرڻ جي عادت وڌيڪ آهي، همت هڏي جو مقصد اُهو وڃي ٿيندو ته، اُها دولت، جيڪا ٻين جي حقن تي ڌاڙا هڻي، ظلم زيادتي، ڏاڍ ڏمر سان حاصل ڪئي وڃي، اُنهيءَ کي مرشد لطيف هڏو سڏيو آهي! ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي دولت جي گهڻائي اخلاقن ۽ اعليٰ عادتن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي! انسان جڏهن پنهنجي چؤطرف مال ملڪيت جا ڍير ڏسندو ته تڪبر ۽ غرور جي نشي ۾ سرشار ٿي ويندو آهي، سندس دماغ ڦِري ويندو آهي، سندس مزاج مٽجي ويندو آهي، منجهس فرعونيت گهر ڪري ويندي آهي، اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن، جو وِک وِک تي هڪ ننڍو وڏو فرعون ويٺو آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو تمدني طريقن، اخلاقي اُصولن ۽ آسماني ڪتابن ۾ وياج خوري، ذخيري خوري ۽ ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻي گڏ ڪيل دولت کي حرام ڪوٺيو ويو آهي، ته جيئن اهڙي دولت کان پري رهجي، جيئن مالي توازن برابر رهي، مساوات جو اُصول نه بگڙي، ڇو ته شخصي سرمائيداري، جاگيرادري هر طرح جي ظلم جو باعث بنبي آهي، انسان ذات کي ٻن ٽولن آقا ۽ غلام ۾ وِرهائيندي آهي، غريبن ۽ غلام قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳندا آهن. مرشد لطيف اهڙي دولت کي هڏي سان مشابهت ڏني آهي ۽ هوڏ کي اُن هڏي کي حاصل ڪرڻ لاءِ لوڀ لالچ ۾ اچي، دغا دولاب جي رُڃ ۾ رُلڻ، پِنڻ، ڏاڙهي پٽ ڪري وڙهي بُڇڙو ٿيڻ کي هوڏ چيو ويو آهي، يعني هڏي کي حاصل ڪرڻ واري مند کي هوڏ چيو ويو آهي. مرشد لطيف فرمائي ٿو ته، هن دنيا ۾ لالچ جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ انسان حيران پريشان نظر اچي ٿو، اُن کي لوڀ لالچ اهڙو ته ذليل ۽ بُڇڙو ڪيو آهي، جو هُو انسانيت واري درجي تان هٽي ڪري، ڏوهه، ڊوهه جو شڪار ٿي نهايت بُڇڙو، بيڪار بنجي وڃي ٿو، اهڙا لالچي انسان، عام انسانن لاءِ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ثابت ٿين ٿا ۽ ٿيا آهن، اُنهن جي اِها ويڙهه گير، نسل درنسل هلندي پئي اچي، بگهڙ پيٽان، بگهڙ پيدا پيا ٿين، هڪڙا غدار ظالم، ظُلم ڪري، مري کپي، مِٽيءَ ۾ مِلي مِٽي ٿي وڃن ٿا، وري سندن اولاد سندن گادي سنڀاليندي، پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ظالم ڦورو ۽ ڌارين جا دلال ثابت ٿين ٿا، ۽ ظُلم ڪندي ڪندي، ڏينهن پُڄاڻا اُهي به مري کپي وڃن ٿا، وري اُنهن جو اولاد عام انسانن تي ظلم زيادتي ڪرڻ ۾ شروع ٿو ٿئي، اهڙيءَ طرح اُنهن ظالمن جي ظُلم جو سلسلو ۽ سندن ويڙهه گير صدين کان هلندي پئي اچي، اُن ۾ ڌن دولت، مال ملڪيت، جاگيرون، عهدا، ڪُرسيون، ساڳيون هلنديون پيون اچن، يعني اهو هڏو ساڳيو ئي آهي، پر اُن جي مزي وٺڻ وارا مَٽبا رهن ٿا. تجربو شاهد آهي ته هر ڌارئي ظالم حاڪم پنهنجي مڪاري ۽ چالبازيءَ سان اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪو (هڏي مٿي هوڏ) واري ويڙهه ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو آهي، جنهن ۾ ايمان، غيرت، شرافت، حق ۽ صداقت جو ذرو به نه هوندو آهي، اُن کي ئي وڏو عهدو ملندو آهي، گهٽ عهدو گهٽ درجي وارن ويڪائو ۽ گهٽ درجي جي بدمعاشن کي ملندو آهي، اهڙي ريت هر وقت هر ڀيري (هڏي مٿي هو) واري ويڙهه وڙهندڙ پنهنجي غداري، ظُلم پروري موجب عهدا، عزتون، لقب، القاب ۽ نعمتون رعايتون حاصل ڪندا رهندا آهن، سندن اِهو سلسلو صدين کان هلندو پيو اچي، جن هر ڀيري هر ڌارئي ڌاڙيل جي مدد ڪري، اوج ۽ عروج تي پهچايو آهي ۽ پنهنجي سنڌي قوم کي خواهشن جي ٽِياس تي ٽنگي، نئين سر، نئين غلاميءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلي تباهه برباد ڪيو آهي ۽ اِهو سلسلو اڄ به جاري آهي. شايد مرشد لطيف اهڙن خود غرض لالچي ليڊرن، جاگيردارن، ڀوتارن لاءِ چئي ويو آهي ته:
    هڏي مٿي هوڏ، ڪڏانهن ڪر ڪتن جي
    هڏ ساڳي لوڏ، ڪيئي چوسيندڙ چلي ويا!

    [روزاني عبرت حيدرآباد، بروز جمع 23 جولاءِ 2004ع ۾ ڇپيل]


    شاهه سائينءَ جو ديسي دلالن خلاف جهاد

    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين!
    شاهه سائين جي رسالي جي هر هڪ سُر ۾ مضمون جي خيال سان ڪانه ڪا حق سچ جي هدايت ۽ ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، ڪنهن نه ڪنهن اُونهي اسرار ۽ رُوحاني راز جو پيغام سمايل آهي. سندس جدوجهد جا ڪَئين رُخ آهن، ڪيئي موڙ آهن، هن وقت اسان ڪهڙين حالتن مان گُذري رهيا آهيون، اسان کي ڪهڙي قسم جي جدوجهد ڪرڻ کپي، اُنهي کي هر زي فهم، باضمير ۽ باغيرت ماڻهو سمجهي ٿو، ڄاڻي ٿو، پر پوءِ به ذهني تازگيءَ لاءِ آءٌ شاهه سائينءَ جي ٽن قسمن جي جدوجهد تي روشني وجهندس.
     سنڌ ۾ ڌارين ڌاڙيلن خلاف جدوجھد
     سنڌ ۾ ديسي دلالن خلاف جدوجھد
     مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جدوجھد
    شاهه سائينءَ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُن وقت جو دَور سنڌين لاءِ نهايت دهشتزده ۽ غلاميءَ جو دَور هو، سنڌ جا سنڌي حاڪم دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏَن ڀَرُو ۽ جي حُضوري ڪرڻ وارا هُئا، ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ تي جڏهن نادر شاهه دراني حملو ڪيو ۽ نسوار خور لالن جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر سنڌ ۾ ڪاهجي پيو ۽ سنڌ جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو سنڌي قوم کي اڪيلو ڇڏي، پاڻ اُٺ پکيءَ وانگر ڀڄي وڃي ريگستاني علائقي ۾ لِڪو، سنڌ جي هر شيءِ ڌارين حوالي ٿي وئي، جن سنڌين جي مال ملڪيت کي خوب لُٽيو، ساڙيو، تباهه برباد ڪيو. شاهه سائين پٺاڻن جي لشڪر کي گُهمندي ڦِرندي سنڌ ڀيليندي ڏٺو، جنهن جو کيس گهڻو ڏُک ٿيو ۽ هُو نور محمد ڪلهوڙي وانگر مصيبت وقت سنڌي قوم کي اڪيلو ڇڏي ڀڄڻ بجاءِ، پنهنجن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال کڻي، سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو ۽ سنڌين کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو ته: سنڌيو! اُٿو سُجاڳ ٿيو، اوهان کي ايتري ننڊ ڪرڻ نه گُهرجي، ڇاڪاڻ ته آزاديءَ واري نعمت ننڊ ڪندي حاصل ڪانهي ٿيندي! اُن وقت سنڌ جا اڪثر وڏن ماڻهن خوف ۽ لالچ ۾ اچي، ڌارين جا دلال بنجي، اُنهن جي اڳيان اچي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي، ڌارين وٽ سُرخرو ٿيڻ ۽ پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي، جيئن اڄ ڪلهه ڪي وائڙا وائڙپ جو شڪار بنجي، هرو ڀرو به ڌاري ٻوليءَ ڳالهائيندا آهن، اُن وقت شاهه سائين کين ننديندي چيو ته اي سنڌيو! خبردار ٿيو، اوهان خود مطلبي، چاپلوسي ڇڏي ڏيو، خدا اوهان کي پنهنجي سنڌي زبان بخشي آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، جيڪا ادب، اخلاق جي زيور سان سنواريل سينگاريل آهي، اوهان جي مائُرن انهيءَ زبان ۾ اوهان کي لوليون ڏئي ننڊون ڪرائي وڏو ڪيو آهي، اُها زبان اوهان جي بزرگن وڏڙن جي زبان آهي، حيف آهي اوهان جي حال تي، جو اوهان پنهنجن بزرگن ۽ پنهنجي امڙ سنڌ جي زبان کي ڇڏي، پارسي زبان ڳالهائڻ شروع ڪئي آهي! خبردار! جي اوهان پنهنجي سنڌي زبان ڇڏي، سنڌ تي ڪاهي ايندڙ، ڌارين ڌاڙيلن جي پارسي زبان سِکي ته پوءِ ائين سمجهو ته اوهان غلامي قبول ڪري ورتي آهي، جيئن اُڃايل پاڻي گُهرندو ۽ بُکيو ماني گُهرندو آهي، پر ڪي اُڃ بُک هوندي به ڪنهن کان ڪُجهه نه گُهرندا آهن ۽ خاموش هوندا آهن، ڪنهن جي اڳيان محتاج نه ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو ئي خاص سمجهيا ويندا آهن، جيڪي ’ڀلي بُک ڀَرم جِي شَال نَه وَڃي شَان!‘ تي قائم رهندا آهن، اهڙين حالتن ۾ شاهه سائين اُن وقت جي سنڌي ماڻهن کان وٺي، هن وقت جي سنڌي ماڻهن جي رهنمائي هن طرح ڪندي فرمايو آهي ته:
    تو جي سِکيو پارسي، گولو توءِ غلام
    اُڃيو تان آب گُهري، بُکيو تان طعام،
    اي عامين سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي!
    سنڌ تي ڌارئي ڌاڙيل جي حملي ڪري، سنڌ کي وڏو ڇيهو رَسيو، انهيءَ سياسي سماجي ردوبدل، اُٿل پُٿل ۽ ڌارين جي ڦُرلُٽ سبب سنڌ ۾ ڏُڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون، سنڌي بُکن ڏُکن ڏوجهرن جو شڪار ٿي ويا. شاهه سائينءَ جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ اَمر پِريم جي خوشبوءِ هُئي، هُو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل هو، ٻولي توڙي احساس ۽ جذبن ۾ سنڌي قوم جي وڌيڪ ويجهو هو، تنهن هن پسمنظر کي چڱي ريت پرکي پروڙي ڏِٺو، سندس دل ۾ درد دُکڻ شروع ٿيا ۽ اُهي هنڌ، اُهي ماڳ مڪان رُوبرو وڃي ڏٺائين، جتي ڌارين جي لشڪر تباهي بربادي ڪئي هُئي، مار ڌاڙ ڪئي هُئي، ڦُرلٽ ڪئي هُئي، ظُلم زيادتي ڪئي هُئي، مرشد لطيف سنڌ جي چپي چپي وِک وِک وستي واهڻ شهرن بازارين کي گُهمي ڏٺو، پنهنجي سنڌي قوم کي ڏکويل حال ۾ ڏسي پاڻ به ڏاڍو دُکي ٿيو ۽ انهيءَ درد جون دانهون ڪندي چيائين ته: افسوس! جو سنڌي ماڻهو ڌارين جي غلاميءَ ۾ اچي ويا آهن، سندن سُک ۽ آرام تباهه ٿي ويو آهي، هُو بُکن ڏُکن ڏولاون جي وَر چڙهي ويا آهن، سندن ٻنيون ٻارا تباهه ٿي ويا آهن، سندن شهرن جون بازاريون بند ٿي ويون آهن، رونقون ختم ٿي ويون آهن، وڻج واپار ٺپ ٿي ويو آهي، چئو طرف سُڃ واڪا پئي ڪري، نه ڪا وونئڻن ۾ ڪپهه رهي آهي، نه ڪتڻ واريون رهيون آهن، ڪپڙي جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن، واپار بند ٿي ويو آهي، سنڌي قوم جي اهڙي تباهي کي ڏسي منهنجو هينئون جهڄي لُوڻ وانگر ڳري رهيو آهي، اُنهيءَ وقت جي تباهي جا منظر مرشد لطيف هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
    نَه سي وونئِڻ وَڻَن ۾، نَه سي ڪَاتارِيُون،
    پَسِئو بَازارِيُون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي!
     مرشد لطيف جو سنڌ جي ديسي دلالن خلاف جهاد!
    شاهه سائين ڏٺو ته ڌاريا ته ڌاريائي آهن، اُنهن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان دشمني جي ڪهڙي ميار ڏجي، ڇو ته هُو ڌاريا آهن، اُهي اسان جا ڪڏهن به سڄڻ يا مائٽ نه ٿا ٿي سگهن، اُهي اسان جا بدخواه ئي رهندا، پر سنڌي قوم مان ڌارين جا دلال بنجي ويل، جيڪي اسان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر مس آهن، پر مڪاري منافقي ڪري قومي مفادن کان هٽي ڪري، ذاتي مفادن کي مِٺو ڪري، ڌارين جي دلاليءَ سان طاقتور بنجي ويا آهن، اوهان جيڪي به ڪُجهه آهيو، سو پنهنجي سنڌيءَ جي وجود جي ڪري آهن، اُهي ئي اوهان جي اصل طاقت آهن، اُنهن جي صدقي ئي اوهان جو نالو آهي، سنڌي غريب قوم جا ماڻهو ئي اوهان جا بازو آهن، اُنهن تي ظُلم ٿا ڪريو، ڄڻ اوهان پاڻ تي ظُلم ٿا ڪريو! اي هچارؤ! اوهان سنڌي قوم سان غداريون ڪري، سڄي سنڌ کي ڌارين جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي تباهه برباد ڪيو آهي، اوهان هميشه چالاڪي ۽ چاپلوسيءَ سان حيلا بهانا سوچي رهيا آهيو ته پنهنجي سنڌي قوم کي ڪهڙي نالي سان ڌوڪو ڏئي، ذاتي مفادن خاطر خواهشن جي ٽِياس تي لٽڪائي، ذِلت ۽ غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڌارئي حاڪم کان پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪريون، اُن وقت جي دلالن کان وٺي، اڄ ڏينهن جي دلالن کي شاهه سائين پِٽون پاراتا ڏيندي چيو ته، اي قوم جا غلام، تُون مانگر مڇ وانگر ٿُلهو ٿيندو، پنهنجن کي پيو مارين تباهه ڪرين، پر ياد رک جنهن پاڻي جي زور تي (ڌارين جي ٽيڪ تي) تُون آهين ۽ سمجهين ٿو ته اُهو پاڻي سدائين هوندو، (سدائين ڌارين جي ٽيڪ تي هوندس پر ياد رک اُهي ڌاريا جلد ختم ٿي ويندا ۽ اُنهن سان گڏ تُون به ختم ٿي ويندين! انشاءَ الله. مرشد لطيف قديم ترين قوم دشمن کان وٺي، اڄ جي جديد ترين قوم دشمن لاءِ هي پيغام ڏيندي چيو آهي ته:
    هِي مُنهن ڏَئي ٻن، تُون وِهُه کَائِي نَه مَرين،
    تَان جي مَلير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
    پوءِ تُون ڪِيئن مَنجَهان تن، پَاڻ ڪوٺائين مَارئي!
    يا
    مَتو آهين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هَڻين،
    تَو جَا ڀَانئين اَڇ، تَنهن پَاڻِي پُنا ڏِينهَڙا.
     شاهه سائينءَ جو مذهبي دلالن خلاف جهاد!
    شاهه سائين ڏٺو ته ڌارين ڌاڙيلن جي اِشارن تي ڪيئي پيٽ پرست، مذهب فروش مُلا مولوي جُبن ۽ دستارن ۾ ويڙهجي سيڙهجي، هڪ رِٿيل منصوبي تحت، ٽولا ٺاهي، سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن ته جيئن سنڌي ماڻهن جي ذهني سُجاڳي ۽ آزاديءَ واري اُڀرندڙ جذبي کي ختم ڪري، کين مذهبي مَن گهڙت ڳالهين ۾ ڦاسائي، سُست، بيڪار، ڪانئر، ڪمزور، رُڳو قصا ۽ قسمت جهڙين ڳالهين تي ڀاڙي ويهي رهڻ جو عادي بنائي ڇڏجي! اُنهن مذهبي ٺڳن پنهنجي چال بازي ۽ مڪاريءَ سان مذهب جي نالي ۾ سنڌي قوم کي بيوقوف بنائي، کين مذهبي فرقي پرستي، ذات پات، اُوچ نيچ ۽ قبيلن جي بنياد تي گُروهه بنديون ڪرائي، سنڌي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نفرتن جو ٻج ڇَٽڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو هڪڙي قوم جا ماڻهو، مذهب ۽ فرقي پرستيءَ جي بنياد تي هڪ ٻئي جي خوف جا پياسا بنجي ويا هُئا، اُنهن ڌارين جي مذهبي دلالن اِهو ٻُڌايو ته هندو، ڀيل، ڪولهي، باگڙي، مينگهواڙ، ڪڇي، اوڏ، جوڳي، هڏواڙ، شڪاري وغيره ڪافر آهن، اُهي مذهب اسلام جي خلاف آهن، تنهن ڪري اُنهن سان سياسي سماجي لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، اُنهن سان ناتو واسطو رکڻ يا ساڻن ڀلائي ڪرڻ ڏوهه آهي، ايتري قدر جو اُنهن کي هٿ ٿو لڳي ته ماڻهو پليت ٿيو وڃي، تنهن ڪري اُنهن پليتن کان پري رهجي، اُنهن سان ڪوبه واسطو نه رکجي، مُلا مولوي، پير مير، شاهه، مجاور اُنهن جا ظاهر ۾ لَڇڻ ڪيترا به خراب ڇو نه هُجن، پر پوءِ به هُو عام ماڻهن کان ڀلارا، سڳورا ۽ پاڪ پوٿي آهن، ڇو ته هُو ڀلارن بُزرگن جو اولاد آهن، جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرن مان هر هڪ ڪيترن ئي اوليائن جي طاقت ٿو رکي، اُنهن جي عزت ڪرڻ ضروري آهي! ميربحر، مهاڻا، ماڇي، مڱڻهار، ڪوري، موچي، لوهار، ڪنڀار، واڍا، ڌوٻي، شيخ، ٻالا، وغيره گهٽ ذات آهن، شاهه ٻروچ اوچي ذات آهن، سندن لڇڻ ڪيترا بُڇڙا، بيڪار، بي حيائي، بي شرمائي وارا هُجن، پر پوءِ به هُو اُوچي ذات وارا آهن. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي اُوچ نيچ ۽ ذات پات وارن انساني اُصولن جي پائمالي کي ڏسي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته:
    راڻي وَٽان رَات، مُون کي نَئون نِياپو آيو،
    لَڌي سُون لطيف چَئي، ڪَنان ڏاتر ڏَات،
    ڪونه پُڇي ٿو ذات، جي آيا سي اَگهيا.
    هونءَ به اهو دَور سنڌ جي غلامي، بُک، بدحالي وارو دَور هو، اُن وقت جا مُلا مولوي سڻڀي ٽُڪر پيٽ ۽ پئسي تي وِڪامجي طاقتور ماڻهن جي طرفداريءَ ۾ هليا ويا، ٿيو ائين جو اتحاد جي جڳهه تي تعلق اچي ويو ۽ محبت جي جاءِ تي نفرت اچي وئي، مُلن مولوين جي اهڙين حالتن مذهبي ڪٽرپڻي ۽ ذات پات واري نفرت سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني هُئي، اهڙين حالتن تي مرشد لطيف ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، مُلن مولوين جي آجيان ۽ فرسوده هٿ ٺوڪين ڳالهين تي ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، کين شرمائيندي چيائين، اي مُلئو! هي وقت هن ڳالهه کي ڏسڻ جو بلڪل ڪونهي، ته ڪو نماز پڙهي ٿو يا نٿو پڙهي، يا هٿ ٻڌي ٿو پڙهي يا کولي ٿو پڙهي؟ ماڻهو روزا رکن ٿا، يا نٿا رکن، ڏاڙهيون ڊگهيون ٿا رکن يا ڪوڙائين ٿا؟ بهشت يا دوزخ جا قائل آهن يا نه؟ مُلن مولوين جا واعظ تقريرون ٻُڌن ٿا يا نٿا ٻُڌن؟ مُلن مولوين کي دعوتون کارائين ٿا ۽ کين نذر نياز چندا چوڙيون ڏين ٿا يا نٿا ڏين؟ وغيره وغيره جهڙين ڳالهين کي ڇڏي هن وقت اِهو ڏسڻو آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڌارين جي غلاميءَ واري مصيبت مان ڪيئن ڇڏائجي؟ سنڌي ماڻهن جو ڇا حال آهي؟ مرشد لطيف کي بلڪل معلوم هو ته سنڌ جا ماڻهو مُلن مولوين جي انڌي تقليد جي ڪري مصيبت جي مُنهن ۾ اچي ويا آهن، سوچيائين ته:
    ذات ناهي ڏات، جو وَهي سو لَھي!
    مرشد لطيف جو چوڻ هو ته اسان سڀئي انسان برابر آهيون، اهو ضروري ناهي ته اُوچي ذات وارو اعليٰ حيثيت رکي ٿو ۽ گهٽ ذات وارو نيچ آهي! اسان آدم جي نسبت سان بلڪل برابر آهيون، انسان دشمني وارو عمل خراب آهي، جي مُلا مولوي اِهو عمل ڪن ٿا ته اُن کي خراب سمجهيو وڃي، هو ته دنيا جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهن، اُنهن دنيا تي دين کي وِڪرو ڪري، پاڻ کي حق کان خالي ڇڏيو آهي، اُنهن کي مُلا مُلا نه چئو هُو ته آهيڙي (شڪاري) آهن، مذهب ته انسان ذات کي پاڻ ۾ پيار، محبت سان رهڻ جو درس ڏنو آهي ته پوءِ هي مذهبي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ مذهب اسلام پنهنجي تعليم جو بنيادي اُصول انسانيت تي قائم ڪيو آهي! شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته هاڻ اُهو دَر نه رهيو آهي، جو خدا کي انسانن وِرهائي رکيو هو، اڄ جو خدا هندن جو به ساڳيو آهي ته مسلمانن جو به ساڳيو آهي، هن جي روشني هر انسان لاءِ برابر آهي، هن جي حُسن جو جلوو ڪُل ڪائنات جي هر شيءِ ۾ موجود آهي، ڪائنات جي نبض ۾ گرم خون وانگر ڊوڙي رهيو آهي، گويا هڪ مرڪز ۾ اچي ماضي حال مستقبل سڀ هڪ بنجي ٿا وڃن، چؤطرف تون ئي تون! يعني جيڏانهن ڪر نگاهه، تيڏانهن سڄڻ سامهون آهي! اهو سڄڻ، اهو مالڪ مسجد، مندر، ڪليسا، چرچ تائين محدود ناهي رهيو، هاڻ اُن کي فطرت جي وصيت ۾ تلاش ڪيو وڃي، هر دل جي اندر سندس آستانو سمجهيو وڃي ته پوءِ نفرت ڇا جي؟ مرشد لطيف بار بار مشاهدا ڪري ڏٺو ته مذهب فروش، فتويٰ باز ۽ فتني باز مُلن مولوين ذاتي مفادن ۾ ظُلم جو ساٿ ڏئي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خونريزي ۽ بدامني، مذهب جي نالي ۾ ڪرائي آهي، هن جو خيال هو ته هي وقت دوزخ جي دڙڪن ۽ بهشت جي دلاسن جو ناهي! هي وقت دستارن ۽ جُبن ۾ ويڙهجي وڏيون تسبيحون هٿ ۾ ڪري، ممبر تي ويهي، رُڳو معجزن ۽ ڪرامتن جا داستان ٻُڌائي، مُريد خادم وڌائي، چهريون، مِٺيون، سَڻڀيون مانيون کائڻ ۽ چندي وٺڻ جو ناهي! اهڙي قسم جو مذهب اسان جي ڪابه مدد يا رهبري ڪري نه ٿو سگهي، اي مُلئو مولويو! اوهان کي گُهرجي ته عملي طرح امن امان پيدا ڪري، عام انسانن سان ڀلائي ڪريو، اِهو نه سوچيو ته ڪير هندو آهي، ڪير مسلمان! ڇاڪاڻ ته خدمت خلق افضل عبادت جو نالو آهي! تڏهن ته پاڻ هڪ هنڌ واضح ڪندي فرمايو اٿس ته:
    روزا نِمازُون، اِي پڻ چَڱو ڪَمُ،
    اُهو ڪو ٻِيو فَهم، جنهن سان پَسين پِرينءَ کي.
    پرينءَ جي پسڻ لاءِ شاهه سائينءَ جو اِشارو، انسانيت جي بهتري طرف آهي، مذهب جي نالي ۾ مُلن مولوين جي انسان دشمنيءَ واري عمل کي ننديو اٿس، مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سطحي طرح سان نه، پر عقيدت ۽ بصيرت سان عزت ۽ سيرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه رَوش ۽ والھانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، هُو ايمان جي ڪيفيت کي رُڳو زباني ڪلمي گو هُجڻ، اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر بلڪل نٿو سمجهي. مرشد لطيف حق جي انڪاري ملن لاءِ چيو آهي ته:
    مُلا مُلا مَ چَئو، هُو آهيڙِي آهِين،
    مِرُون سَندي مَاس تي، ٿا مَاڻڪ مَٽائِين،
    اُنهن تي آهِين، لَعنتُون لَطيف چَئي.
    -
    ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَريل کِيرنه چَکيو،
    دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلھَا ٿِيا!
    يا

    اِن پَر نَه اِيمان، جي ڪَلمي گو ڪوٺائين،
    دَغا تَنهن جي دِل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
    مُنهن ۾ مُسلمان اَندر ۾ آزر آهِين!
    -
    اَندر ڪَارو ڪَانءُ، ٻاهر ٻولي هَنج جي،
    اهڙو ٺهلو ٿانءُ ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين!

    [روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 25 مارچ 2005ع ۾ ڇپيل]


    شاهه سائينءَ جو ديسي دلالن خلاف جهاد

    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين!
    شاهه سائين جي رسالي جي هر هڪ سُر ۾ مضمون جي خيال سان ڪانه ڪا حق سچ جي هدايت ۽ ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، ڪنهن نه ڪنهن اُونهي اسرار ۽ رُوحاني راز جو پيغام سمايل آهي. سندس جدوجهد جا ڪَئين رُخ آهن، ڪيئي موڙ آهن، هن وقت اسان ڪهڙين حالتن مان گُذري رهيا آهيون، اسان کي ڪهڙي قسم جي جدوجهد ڪرڻ کپي، اُنهي کي هر زي فهم، باضمير ۽ باغيرت ماڻهو سمجهي ٿو، ڄاڻي ٿو، پر پوءِ به ذهني تازگيءَ لاءِ آءٌ شاهه سائينءَ جي ٽن قسمن جي جدوجهد تي روشني وجهندس.
     سنڌ ۾ ڌارين ڌاڙيلن خلاف جدوجھد
     سنڌ ۾ ديسي دلالن خلاف جدوجھد
     مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جدوجھد
    شاهه سائينءَ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُن وقت جو دَور سنڌين لاءِ نهايت دهشتزده ۽ غلاميءَ جو دَور هو، سنڌ جا سنڌي حاڪم دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏَن ڀَرُو ۽ جي حُضوري ڪرڻ وارا هُئا، ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌ تي جڏهن نادر شاهه دراني حملو ڪيو ۽ نسوار خور لالن جو لشڪر بُکايل بگهڙن وانگر سنڌ ۾ ڪاهجي پيو ۽ سنڌ جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو سنڌي قوم کي اڪيلو ڇڏي، پاڻ اُٺ پکيءَ وانگر ڀڄي وڃي ريگستاني علائقي ۾ لِڪو، سنڌ جي هر شيءِ ڌارين حوالي ٿي وئي، جن سنڌين جي مال ملڪيت کي خوب لُٽيو، ساڙيو، تباهه برباد ڪيو. شاهه سائين پٺاڻن جي لشڪر کي گُهمندي ڦِرندي سنڌ ڀيليندي ڏٺو، جنهن جو کيس گهڻو ڏُک ٿيو ۽ هُو نور محمد ڪلهوڙي وانگر مصيبت وقت سنڌي قوم کي اڪيلو ڇڏي ڀڄڻ بجاءِ، پنهنجن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال کڻي، سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو ۽ سنڌين کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو ته: سنڌيو! اُٿو سُجاڳ ٿيو، اوهان کي ايتري ننڊ ڪرڻ نه گُهرجي، ڇاڪاڻ ته آزاديءَ واري نعمت ننڊ ڪندي حاصل ڪانهي ٿيندي! اُن وقت سنڌ جا اڪثر وڏن ماڻهن خوف ۽ لالچ ۾ اچي، ڌارين جا دلال بنجي، اُنهن جي اڳيان اچي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي، ڌارين وٽ سُرخرو ٿيڻ ۽ پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي، جيئن اڄ ڪلهه ڪي وائڙا وائڙپ جو شڪار بنجي، هرو ڀرو به ڌاري ٻوليءَ ڳالهائيندا آهن، اُن وقت شاهه سائين کين ننديندي چيو ته اي سنڌيو! خبردار ٿيو، اوهان خود مطلبي، چاپلوسي ڇڏي ڏيو، خدا اوهان کي پنهنجي سنڌي زبان بخشي آهي، جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي، جيڪا ادب، اخلاق جي زيور سان سنواريل سينگاريل آهي، اوهان جي مائُرن انهيءَ زبان ۾ اوهان کي لوليون ڏئي ننڊون ڪرائي وڏو ڪيو آهي، اُها زبان اوهان جي بزرگن وڏڙن جي زبان آهي، حيف آهي اوهان جي حال تي، جو اوهان پنهنجن بزرگن ۽ پنهنجي امڙ سنڌ جي زبان کي ڇڏي، پارسي زبان ڳالهائڻ شروع ڪئي آهي! خبردار! جي اوهان پنهنجي سنڌي زبان ڇڏي، سنڌ تي ڪاهي ايندڙ، ڌارين ڌاڙيلن جي پارسي زبان سِکي ته پوءِ ائين سمجهو ته اوهان غلامي قبول ڪري ورتي آهي، جيئن اُڃايل پاڻي گُهرندو ۽ بُکيو ماني گُهرندو آهي، پر ڪي اُڃ بُک هوندي به ڪنهن کان ڪُجهه نه گُهرندا آهن ۽ خاموش هوندا آهن، ڪنهن جي اڳيان محتاج نه ٿيندا آهن، اهڙا ماڻهو ئي خاص سمجهيا ويندا آهن، جيڪي ’ڀلي بُک ڀَرم جِي شَال نَه وَڃي شَان!‘ تي قائم رهندا آهن، اهڙين حالتن ۾ شاهه سائين اُن وقت جي سنڌي ماڻهن کان وٺي، هن وقت جي سنڌي ماڻهن جي رهنمائي هن طرح ڪندي فرمايو آهي ته:
    تو جي سِکيو پارسي، گولو توءِ غلام
    اُڃيو تان آب گُهري، بُکيو تان طعام،
    اي عامين سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي!
    سنڌ تي ڌارئي ڌاڙيل جي حملي ڪري، سنڌ کي وڏو ڇيهو رَسيو، انهيءَ سياسي سماجي ردوبدل، اُٿل پُٿل ۽ ڌارين جي ڦُرلُٽ سبب سنڌ ۾ ڏُڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون، سنڌي بُکن ڏُکن ڏوجهرن جو شڪار ٿي ويا. شاهه سائينءَ جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ اَمر پِريم جي خوشبوءِ هُئي، هُو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل هو، ٻولي توڙي احساس ۽ جذبن ۾ سنڌي قوم جي وڌيڪ ويجهو هو، تنهن هن پسمنظر کي چڱي ريت پرکي پروڙي ڏِٺو، سندس دل ۾ درد دُکڻ شروع ٿيا ۽ اُهي هنڌ، اُهي ماڳ مڪان رُوبرو وڃي ڏٺائين، جتي ڌارين جي لشڪر تباهي بربادي ڪئي هُئي، مار ڌاڙ ڪئي هُئي، ڦُرلٽ ڪئي هُئي، ظُلم زيادتي ڪئي هُئي، مرشد لطيف سنڌ جي چپي چپي وِک وِک وستي واهڻ شهرن بازارين کي گُهمي ڏٺو، پنهنجي سنڌي قوم کي ڏکويل حال ۾ ڏسي پاڻ به ڏاڍو دُکي ٿيو ۽ انهيءَ درد جون دانهون ڪندي چيائين ته: افسوس! جو سنڌي ماڻهو ڌارين جي غلاميءَ ۾ اچي ويا آهن، سندن سُک ۽ آرام تباهه ٿي ويو آهي، هُو بُکن ڏُکن ڏولاون جي وَر چڙهي ويا آهن، سندن ٻنيون ٻارا تباهه ٿي ويا آهن، سندن شهرن جون بازاريون بند ٿي ويون آهن، رونقون ختم ٿي ويون آهن، وڻج واپار ٺپ ٿي ويو آهي، چئو طرف سُڃ واڪا پئي ڪري، نه ڪا وونئڻن ۾ ڪپهه رهي آهي، نه ڪتڻ واريون رهيون آهن، ڪپڙي جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن، واپار بند ٿي ويو آهي، سنڌي قوم جي اهڙي تباهي کي ڏسي منهنجو هينئون جهڄي لُوڻ وانگر ڳري رهيو آهي، اُنهيءَ وقت جي تباهي جا منظر مرشد لطيف هن طرح بيان ٿو ڪري ته:
    نَه سي وونئِڻ وَڻَن ۾، نَه سي ڪَاتارِيُون،
    پَسِئو بَازارِيُون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي!
     مرشد لطيف جو سنڌ جي ديسي دلالن خلاف جهاد!
    شاهه سائين ڏٺو ته ڌاريا ته ڌاريائي آهن، اُنهن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان دشمني جي ڪهڙي ميار ڏجي، ڇو ته هُو ڌاريا آهن، اُهي اسان جا ڪڏهن به سڄڻ يا مائٽ نه ٿا ٿي سگهن، اُهي اسان جا بدخواه ئي رهندا، پر سنڌي قوم مان ڌارين جا دلال بنجي ويل، جيڪي اسان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر مس آهن، پر مڪاري منافقي ڪري قومي مفادن کان هٽي ڪري، ذاتي مفادن کي مِٺو ڪري، ڌارين جي دلاليءَ سان طاقتور بنجي ويا آهن، اوهان جيڪي به ڪُجهه آهيو، سو پنهنجي سنڌيءَ جي وجود جي ڪري آهن، اُهي ئي اوهان جي اصل طاقت آهن، اُنهن جي صدقي ئي اوهان جو نالو آهي، سنڌي غريب قوم جا ماڻهو ئي اوهان جا بازو آهن، اُنهن تي ظُلم ٿا ڪريو، ڄڻ اوهان پاڻ تي ظُلم ٿا ڪريو! اي هچارؤ! اوهان سنڌي قوم سان غداريون ڪري، سڄي سنڌ کي ڌارين جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي تباهه برباد ڪيو آهي، اوهان هميشه چالاڪي ۽ چاپلوسيءَ سان حيلا بهانا سوچي رهيا آهيو ته پنهنجي سنڌي قوم کي ڪهڙي نالي سان ڌوڪو ڏئي، ذاتي مفادن خاطر خواهشن جي ٽِياس تي لٽڪائي، ذِلت ۽ غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڌارئي حاڪم کان پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪريون، اُن وقت جي دلالن کان وٺي، اڄ ڏينهن جي دلالن کي شاهه سائين پِٽون پاراتا ڏيندي چيو ته، اي قوم جا غلام، تُون مانگر مڇ وانگر ٿُلهو ٿيندو، پنهنجن کي پيو مارين تباهه ڪرين، پر ياد رک جنهن پاڻي جي زور تي (ڌارين جي ٽيڪ تي) تُون آهين ۽ سمجهين ٿو ته اُهو پاڻي سدائين هوندو، (سدائين ڌارين جي ٽيڪ تي هوندس پر ياد رک اُهي ڌاريا جلد ختم ٿي ويندا ۽ اُنهن سان گڏ تُون به ختم ٿي ويندين! انشاءَ الله. مرشد لطيف قديم ترين قوم دشمن کان وٺي، اڄ جي جديد ترين قوم دشمن لاءِ هي پيغام ڏيندي چيو آهي ته:
    هِي مُنهن ڏَئي ٻن، تُون وِهُه کَائِي نَه مَرين،
    تَان جي مَلير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
    پوءِ تُون ڪِيئن مَنجَهان تن، پَاڻ ڪوٺائين مَارئي!
    يا
    مَتو آهين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هَڻين،
    تَو جَا ڀَانئين اَڇ، تَنهن پَاڻِي پُنا ڏِينهَڙا.
     شاهه سائينءَ جو مذهبي دلالن خلاف جهاد!
    شاهه سائين ڏٺو ته ڌارين ڌاڙيلن جي اِشارن تي ڪيئي پيٽ پرست، مذهب فروش مُلا مولوي جُبن ۽ دستارن ۾ ويڙهجي سيڙهجي، هڪ رِٿيل منصوبي تحت، ٽولا ٺاهي، سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن ته جيئن سنڌي ماڻهن جي ذهني سُجاڳي ۽ آزاديءَ واري اُڀرندڙ جذبي کي ختم ڪري، کين مذهبي مَن گهڙت ڳالهين ۾ ڦاسائي، سُست، بيڪار، ڪانئر، ڪمزور، رُڳو قصا ۽ قسمت جهڙين ڳالهين تي ڀاڙي ويهي رهڻ جو عادي بنائي ڇڏجي! اُنهن مذهبي ٺڳن پنهنجي چال بازي ۽ مڪاريءَ سان مذهب جي نالي ۾ سنڌي قوم کي بيوقوف بنائي، کين مذهبي فرقي پرستي، ذات پات، اُوچ نيچ ۽ قبيلن جي بنياد تي گُروهه بنديون ڪرائي، سنڌي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نفرتن جو ٻج ڇَٽڻ شروع ڪيو، ايتري قدر جو هڪڙي قوم جا ماڻهو، مذهب ۽ فرقي پرستيءَ جي بنياد تي هڪ ٻئي جي خوف جا پياسا بنجي ويا هُئا، اُنهن ڌارين جي مذهبي دلالن اِهو ٻُڌايو ته هندو، ڀيل، ڪولهي، باگڙي، مينگهواڙ، ڪڇي، اوڏ، جوڳي، هڏواڙ، شڪاري وغيره ڪافر آهن، اُهي مذهب اسلام جي خلاف آهن، تنهن ڪري اُنهن سان سياسي سماجي لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، اُنهن سان ناتو واسطو رکڻ يا ساڻن ڀلائي ڪرڻ ڏوهه آهي، ايتري قدر جو اُنهن کي هٿ ٿو لڳي ته ماڻهو پليت ٿيو وڃي، تنهن ڪري اُنهن پليتن کان پري رهجي، اُنهن سان ڪوبه واسطو نه رکجي، مُلا مولوي، پير مير، شاهه، مجاور اُنهن جا ظاهر ۾ لَڇڻ ڪيترا به خراب ڇو نه هُجن، پر پوءِ به هُو عام ماڻهن کان ڀلارا، سڳورا ۽ پاڪ پوٿي آهن، ڇو ته هُو ڀلارن بُزرگن جو اولاد آهن، جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرن مان هر هڪ ڪيترن ئي اوليائن جي طاقت ٿو رکي، اُنهن جي عزت ڪرڻ ضروري آهي! ميربحر، مهاڻا، ماڇي، مڱڻهار، ڪوري، موچي، لوهار، ڪنڀار، واڍا، ڌوٻي، شيخ، ٻالا، وغيره گهٽ ذات آهن، شاهه ٻروچ اوچي ذات آهن، سندن لڇڻ ڪيترا بُڇڙا، بيڪار، بي حيائي، بي شرمائي وارا هُجن، پر پوءِ به هُو اُوچي ذات وارا آهن. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي اُوچ نيچ ۽ ذات پات وارن انساني اُصولن جي پائمالي کي ڏسي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته:
    راڻي وَٽان رَات، مُون کي نَئون نِياپو آيو،
    لَڌي سُون لطيف چَئي، ڪَنان ڏاتر ڏَات،
    ڪونه پُڇي ٿو ذات، جي آيا سي اَگهيا.
    هونءَ به اهو دَور سنڌ جي غلامي، بُک، بدحالي وارو دَور هو، اُن وقت جا مُلا مولوي سڻڀي ٽُڪر پيٽ ۽ پئسي تي وِڪامجي طاقتور ماڻهن جي طرفداريءَ ۾ هليا ويا، ٿيو ائين جو اتحاد جي جڳهه تي تعلق اچي ويو ۽ محبت جي جاءِ تي نفرت اچي وئي، مُلن مولوين جي اهڙين حالتن مذهبي ڪٽرپڻي ۽ ذات پات واري نفرت سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني هُئي، اهڙين حالتن تي مرشد لطيف ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، مُلن مولوين جي آجيان ۽ فرسوده هٿ ٺوڪين ڳالهين تي ماٺ ڪري ڪونه ويٺو، کين شرمائيندي چيائين، اي مُلئو! هي وقت هن ڳالهه کي ڏسڻ جو بلڪل ڪونهي، ته ڪو نماز پڙهي ٿو يا نٿو پڙهي، يا هٿ ٻڌي ٿو پڙهي يا کولي ٿو پڙهي؟ ماڻهو روزا رکن ٿا، يا نٿا رکن، ڏاڙهيون ڊگهيون ٿا رکن يا ڪوڙائين ٿا؟ بهشت يا دوزخ جا قائل آهن يا نه؟ مُلن مولوين جا واعظ تقريرون ٻُڌن ٿا يا نٿا ٻُڌن؟ مُلن مولوين کي دعوتون کارائين ٿا ۽ کين نذر نياز چندا چوڙيون ڏين ٿا يا نٿا ڏين؟ وغيره وغيره جهڙين ڳالهين کي ڇڏي هن وقت اِهو ڏسڻو آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڌارين جي غلاميءَ واري مصيبت مان ڪيئن ڇڏائجي؟ سنڌي ماڻهن جو ڇا حال آهي؟ مرشد لطيف کي بلڪل معلوم هو ته سنڌ جا ماڻهو مُلن مولوين جي انڌي تقليد جي ڪري مصيبت جي مُنهن ۾ اچي ويا آهن، سوچيائين ته:
    ذات ناهي ڏات، جو وَهي سو لَھي!
    مرشد لطيف جو چوڻ هو ته اسان سڀئي انسان برابر آهيون، اهو ضروري ناهي ته اُوچي ذات وارو اعليٰ حيثيت رکي ٿو ۽ گهٽ ذات وارو نيچ آهي! اسان آدم جي نسبت سان بلڪل برابر آهيون، انسان دشمني وارو عمل خراب آهي، جي مُلا مولوي اِهو عمل ڪن ٿا ته اُن کي خراب سمجهيو وڃي، هو ته دنيا جي لالچ ۾ اچي حقيقت کان مُنهن موڙي ويٺا آهن، اُنهن دنيا تي دين کي وِڪرو ڪري، پاڻ کي حق کان خالي ڇڏيو آهي، اُنهن کي مُلا مُلا نه چئو هُو ته آهيڙي (شڪاري) آهن، مذهب ته انسان ذات کي پاڻ ۾ پيار، محبت سان رهڻ جو درس ڏنو آهي ته پوءِ هي مذهبي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ مذهب اسلام پنهنجي تعليم جو بنيادي اُصول انسانيت تي قائم ڪيو آهي! شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته هاڻ اُهو دَر نه رهيو آهي، جو خدا کي انسانن وِرهائي رکيو هو، اڄ جو خدا هندن جو به ساڳيو آهي ته مسلمانن جو به ساڳيو آهي، هن جي روشني هر انسان لاءِ برابر آهي، هن جي حُسن جو جلوو ڪُل ڪائنات جي هر شيءِ ۾ موجود آهي، ڪائنات جي نبض ۾ گرم خون وانگر ڊوڙي رهيو آهي، گويا هڪ مرڪز ۾ اچي ماضي حال مستقبل سڀ هڪ بنجي ٿا وڃن، چؤطرف تون ئي تون! يعني جيڏانهن ڪر نگاهه، تيڏانهن سڄڻ سامهون آهي! اهو سڄڻ، اهو مالڪ مسجد، مندر، ڪليسا، چرچ تائين محدود ناهي رهيو، هاڻ اُن کي فطرت جي وصيت ۾ تلاش ڪيو وڃي، هر دل جي اندر سندس آستانو سمجهيو وڃي ته پوءِ نفرت ڇا جي؟ مرشد لطيف بار بار مشاهدا ڪري ڏٺو ته مذهب فروش، فتويٰ باز ۽ فتني باز مُلن مولوين ذاتي مفادن ۾ ظُلم جو ساٿ ڏئي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خونريزي ۽ بدامني، مذهب جي نالي ۾ ڪرائي آهي، هن جو خيال هو ته هي وقت دوزخ جي دڙڪن ۽ بهشت جي دلاسن جو ناهي! هي وقت دستارن ۽ جُبن ۾ ويڙهجي وڏيون تسبيحون هٿ ۾ ڪري، ممبر تي ويهي، رُڳو معجزن ۽ ڪرامتن جا داستان ٻُڌائي، مُريد خادم وڌائي، چهريون، مِٺيون، سَڻڀيون مانيون کائڻ ۽ چندي وٺڻ جو ناهي! اهڙي قسم جو مذهب اسان جي ڪابه مدد يا رهبري ڪري نه ٿو سگهي، اي مُلئو مولويو! اوهان کي گُهرجي ته عملي طرح امن امان پيدا ڪري، عام انسانن سان ڀلائي ڪريو، اِهو نه سوچيو ته ڪير هندو آهي، ڪير مسلمان! ڇاڪاڻ ته خدمت خلق افضل عبادت جو نالو آهي! تڏهن ته پاڻ هڪ هنڌ واضح ڪندي فرمايو اٿس ته:
    روزا نِمازُون، اِي پڻ چَڱو ڪَمُ،
    اُهو ڪو ٻِيو فَهم، جنهن سان پَسين پِرينءَ کي.
    پرينءَ جي پسڻ لاءِ شاهه سائينءَ جو اِشارو، انسانيت جي بهتري طرف آهي، مذهب جي نالي ۾ مُلن مولوين جي انسان دشمنيءَ واري عمل کي ننديو اٿس، مذهب کي رُڳو زبان سان رسمي ۽ سطحي طرح سان نه، پر عقيدت ۽ بصيرت سان عزت ۽ سيرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه رَوش ۽ والھانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، هُو ايمان جي ڪيفيت کي رُڳو زباني ڪلمي گو هُجڻ، اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر بلڪل نٿو سمجهي. مرشد لطيف حق جي انڪاري ملن لاءِ چيو آهي ته:
    مُلا مُلا مَ چَئو، هُو آهيڙِي آهِين،
    مِرُون سَندي مَاس تي، ٿا مَاڻڪ مَٽائِين،
    اُنهن تي آهِين، لَعنتُون لَطيف چَئي.
    -
    ڦِريا پَسي ڦيڻ، کَريل کِيرنه چَکيو،
    دُنيا ڪَارڻ دِين، وِڃائي وَلھَا ٿِيا!
    يا

    اِن پَر نَه اِيمان، جي ڪَلمي گو ڪوٺائين،
    دَغا تَنهن جي دِل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
    مُنهن ۾ مُسلمان اَندر ۾ آزر آهِين!
    -
    اَندر ڪَارو ڪَانءُ، ٻاهر ٻولي هَنج جي،
    اهڙو ٺهلو ٿانءُ ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين!

    [روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 25 مارچ 2005ع ۾ ڇپيل]


    شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد

    سنڌ جي حالتن، سياسي سماجي ردو بدل ۽ عوامي ماحول کي شاهه سائين رُڳو سطحي حيثيت سان نه پر بصيرت وارين اکين سان مطالعو ڪيو ۽ پوءِ هڪ پيغمبر جي زبان سان بيان ڪيو، اُهو ئي سبب آهي، جو سندس ڪلام تمام صحتمند قدرن جو حامل آهي. شاهه سائينءَ جي نگاهه رُڳو مسلماني واري دَور شروع ٿيڻ تائين محدود ڪانهي، سندس شاعريءَ ۾ هندو مسلمان لاءِ هڪ جهڙي هدايت موجود آهي، سندس شاعريءَ ۾ مندرن جي گهنڊ گهڙيالن جي آوازن سان گڏ، مسجدن مان الله اڪبر جون صدائون به ٻُڌڻ ۾ پيون اچن هو فطري طرح سڀني سنڌ واسين جو شاعر هو، رُڳو مسلمانن جو شاعر ڪونه هو، اڃا به وڌيڪ انصاف واري نگاهه سان ڏٺو ويندو ته شاهه سائين پوري دنيا جي انسانن جو شاعر هو، پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
    سَائِين سَدائِين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
    دوست مِٺا دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.
    هن بيت ۾ ڏٺو ويندو ته شاهه سائين، سنڌ سان گڏ پوري ڪائنات لاءِ دُعا خير گُهري آهي، هن ائين ڪڏهن ڪونهي چيو ته رُڳو مسلمانن کي آباد ڪجانءِ ۽ ٻين کي نه، هن ته هندو مسلمانن کان وٺي، عام انسانيت لاءِ دعا خير گهري آهي، هن جي دل جي ڪُشادگي جو ڇا بيان ڪجي؟ هن ڄڻ فقيري فيض واري گودڙيءَ ۾ پوري دنيا کي سمائي ڇڏيو آهي، اسين ڪهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون؟ انهيءَ کي هر زي فهم ۽ باضمير ماڻهو سمجهي ٿو، پر پوءِ به ذهني سُجاڳيءَ لاءِ آءٌ شاهه سائينءَ جي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد تي روشني وجهندس! تاريخ جي روشني ۾ ڏٺو ويندو ته 1621ع ۾ جڏهن سنڌ جي جاگيردارن ڀوتارن، رئيس، وڏيرن ۽ ميرن پيرن سنڌ جي ڌارئي گورنر اعظم خان پٺاڻ سان ساز باز ٿي، وقت جي ويڪائو، مذهب فروش مُلن مولوين کان صوفي شاهه عنايت خلاف فتوائون وٺي، کيس مُريدن سميت شهيد ڪرايو هو، اُهو سڀ ڪجهه شاهه سائين پنهنجين اکين سان ڏسندو رهيو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو ته ڪيئن نه وڏيرا شاهي، ڪمال بي حيائي ۽ نڪ نرڄائي ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم سان اُره زورائي ۽ غداري ڪري، ڌارين ڌاڙيلن جو ساٿ پئي ڏئي! ڪٿان جو به ڪو لٽيرو سنڌ مٿان ڪاهي ٿو اچي ته اُهي غدار سنڌين جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ ڪاهي آيل ڌارئي جو ساٿ ڏئي، پنهنجن جا پير پيا ڪڍن، ڌارئي کي سنڌ ۽ سنڌين خلاف ڪيڏو به ڪُڌو ڪم وٺڻو ٿو پوي، سو هُو بنا ڪنهن حيا شرم جي ڪري ٿا وٺن. صوفي شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ شاهه سائين پنهنجن طالبن فقيرن سميت ماتمي لباس ڪري تنبورو ۽ کڙتال کڻي سنڌ جي چپي چپي وڃي، سنڌي ماڻهن کي قومي ۽ طبقاتي پيغام راڳ ويراڳ ساز آواز رستي ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُهو سلسلو روز ۽ شور سان جاري رکيائين، شاهه سائين جي اُنهن راڳ ويراڳ جي ڪچهرين سنڌي ماڻهن ۾ ڪافي سُجاڳي آندي، ائين ڄڻ مرشد لطيف جي بيتن سنڌي ماڻهن جي ذهنن کي سِراڻ چاڙهي تيز تِکو ڪيو هو، انهيءَ ڪري سندس عقيدتمنديءَ ۾ اضافو آيو، مُلن مولوين کي اِها ڳالهه بلڪل پسند ڪانه ٿي آئي، ۽ هُنن پنهنجين ڪار گذارين ۾ اِضافو آڻي ڇڏيو. شاهه سائين ڏٺو ته صوفي شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ به مُلا مولوي ماٺ ڪري نه ويٺا آهن، سياسي توڙي سماجي ڳالهين ۾ هرو ڀرو به ٽنگ اڙائي، جائز، ناجائز جو راڳ ڪري ظلم ڪندا رهن ٿا ۽ سندن هٺ ڌرمي واري مذهب مان خون خرابي، ظلم زيادتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نصيب نٿو ٿئي، مُلا شاهي، انسانيت لاءِ نهايت هاڃيڪار ۽ زهر قاتل ثابت ٿي آهي. پرينءَ جي پَسڻ لاءِ شاهه سائين جو اِشار انسانيت جي بهتري طرف آهي ۽ مذهب جي نالي ۾ انسان دشمني واري عمل کي ننديو آهي. ايمان جي ڪيفيت کي رُڳو زباني ڪلمي گو هجڻ، اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي، اها ڪلمي گو دل ڪهڙي ڪم جي؟ جنهن دل ۾ ڪوڙ، لوڀ لالچ، ٺڳي ۽ دغا سان ڀري پئي هجي، رڳو منهن ۾ مسلمان ۽ اندر ۾ ابليس هجي. شاهه سائين کي مُلا مولوي، جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرا ۽ ڌن اوڳاڙو پير تي ئي ڪين پوندا هئا، هُو اُنهن سڀني کي سنڌي قوم جي مصيبتن جي جڙ سمجهندو هو، هُو پاڻ جُستجو ۽ کاهوڙي قسم جو ماڻهو هو ۽ کاهوڙي قسم جا ماڻهو کيس وڻندا هُئا، جيڪي نه ڪنهن لوڀ لالچ ۾ اچي سگهن، نه وري ڪاڪ جهڙي طلسم ۾ ڦاسن، هُن کي پنهنجي جُستجوءَ تي پورو يقين هو ته هڪ ڏينهن زندانن جا دروازا ٽُٽندا، هُن کي مزاحمت ڪري، پنهنجي سنڌ کي بچائڻ جهڙي مقدس نصب العين وارا ماڻهو پسند هُئا، اهڙن ماڻهن جي ساٿ ئي کيس زندگي بخشي چُست ڪيو هو. شاهه سائين اهڙن سچن ۽ جُستجو ڪندڙ انسانن جي نشاندهي هن طرح ڪئي آهي ته:
    ڪَاڪ نه جَهليا ڪَاپڙي، موهِيا ڪَنهن نه مَال،
    جي ڇورين ڏِنا ڇَال، ته به لاهوتي لَنگهي وِيا.
    يا
    هَلو ته تَڪيا پَسُون تِن جا، ههڙا جنين حَال،
    لاهوتي لطيف چَئي، موهيا نه ڪَنهن مَال،
    تِن سَامين جي سَنڀال، مُنهنجو چِت چَڱو ڪَيو!
    شاهه سائينءَ جي وقت ۾ جڏهن نادر شاهه دراني، سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ دلالن جو لشڪر سنڌ ۾ ڪاهجي پيو هو، شاهه سائين کين گُهمندي ڦِرندي ۽ ڏاڍ ڏمر ڪندي، سنڌ ڀيليندي ڏٺو ته کيس ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ چيائين ته هي جيڪي اوپرا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاهجي پيا آهن، سي مون اڳ ڪڏهن به ناهن ڏٺا، جن کي پٺاڻ چيو وڃي ٿو، هُو اهڙا ته بد مزاج آهن، جو منهنجي سنڌي ٻولي سمجهن ئي ڪونه ٿا، آءٌ ساڻن سنڌيءَ ۾ ٿو ڳالهايان ته هو وري پشتو ۾ ٿا ڳالهائين، ڌاريا ماڻهو اسان سنڌين جا خيرخواه نٿا ٿي سگهن، اُنهن ڌارين کي نقصانڪار سمجندي سنڌي ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو ته:
    پِيَم پَٺاڻن سِين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
    آءٌ سِنڌي سمجهان، هُو پَارسِيُون پُڇن،
    مُون وَٽان تِن، سَرتيون سُور پِرائيا!
    اُن وقت ڪي سنڌي ماڻهو وائڙپ جو شڪار بنجي پنهنجي ٻوليءَ کان پاسيرا ٿي ڌارين وٽ سُرخرو ٿيڻ ۽ پاڻ وڻائڻ خاطر پارسي ڳالهائڻ شروع ڪئي ته شاهه سائين اُنهن کي خبردار ڪندي چيو ته:
    تو جي سِکيو پارسِي، گولو توءِ غلام،
    اُڃيو تان آب گُهري، بُکيو تان طَعام،
    اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، 2007ع ۾ ڇپيو]


    سچل سرمست جو پيغام

    صوفي جي نظر ۾ انساني زندگيءَ جا ٻه پهلو رهيا آهن، هڪ جو واسطو ماديت سان آهي، ٻئي جو واسطو روحانيت يا اخلاقيات سان آهي. اڪثر مُلا مولوي، مُجاور پير دُنوي زندگيءَ کان لاتعلقي ڏيکاريندي سُونهاري (ڊگهي ڏاڙهي) تي هٿ ڦيريندي چوندا آهن، يار اسان کي ته الله رسول صلعم جي ڳالهه کان سواءِ ٻي ڳالهه وڻي ئي ڪانه، يا روزي نماز ڪلمي قرآن کان پري وڃون ئي ڪونه ٿا، نڪو وڃڻو ئي آهي وغيره وغيره. حقيقت ۾ ماديت ۽ روحانيت ٻنهي کي مرڪزي حيثيت مليل آهي، مذهب اسلام کي دين فطرت اُنهي ڪري چيو وڃي ٿو، جو ضرورت زماني تحت پنهنجي پاڻ ۾ سُڌاري جي گنجائش منجهس موجود آهي. حقيقت ۾ مُلن مولوين پير مجاورن جي انڌي تقليد جي ڪري ئي خواري خرابي پيدا ٿي آهي، مذهبي جهيڙا فساد وڌي وڻ ٿيا آهن، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ناحق انساني خون پيو وهي، اهڙن مُلن مولوين کي هُجري ۽ مسجد ۾ مذهب جي نالي ۾ چَھرا، مِٺا ۽ سَڻڀا طعام کائڻ مُئلن کي ختما ڏيڻ، پئسا وُصول ڪري اُنهن لاءِ بخشش جون دُعائون گهرڻ، جنت جون حُورون، غِلمان، مدرسي لاءِ چندي وٺڻ جون ڳالهيون ته ياد آهن، باقي اسلام ۾ امن امان، خدمت خلق افضل عبادت جون ڳالهيون الائي ڇو ياد ناهن! سچل سائين سان ظاهر پرست مُلن مولوين جو جهڳڙو اُنهيءَ ڪري هو، جو هو سندن مذهبي مڪارين کي بي نقاب ڪري رهيو هو، ۽ کين سمجهائيندي چيائين ٿي ته: اي مُلا مولويو، پيرؤ! اوهان پنهنجي جيئري ئي ٻيائي کي دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ سويري ئي مذهبي ڪٽرپڻي کان آجا ٿي وڃو، هندو مؤمن جا ويڇا وِساري پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃو، ڇو ته وِيَل وقت هٿ نه ايندو آهي، هندو مؤمن جي محبت ۾ ئي ڀلائي جو راز سمايل آهي، ملا! اوهان هن رمز کي سمجهو ته اول ڪم مڃڻ پوءِ اسلام، ڪُفر ئي اسلام جي آمد جو سبب بڻيو آهي، اوهان مُلا مولوي اِها حقيقت نٿا سمجهو، اهو ته محبوبن جو هڪ عام راز آهي! جيڪو نيچ کان اوچ تي ٿو آڻي، ڪُفر ۽ اسلام هڪ وڻ جي ٽاريءَ مثل آهن، محبت جي ميدان ۾ ڪُفر ۽ اسلام جو ڪو وجود ئي ڪونهي، چؤطر حق ئي حق جو آواز آهي، سچل سائين پنهنجن لفظن کي سچ جو ويس ڍڪائي هن طرح بيان فرمايو آهي ته:
    وَقت اِها ٿي ويل دَوئِي دُور ڪرڻ جو،
    ڪَڍ مَذاهب مَن تَان، سَاجهو سَاڻ سَويل،
    هِندو مؤمن سَان مِلي، مُحبت جا ڪَر مَيل،
    مَتان ٿِئي اَويل، اولهه سِج نه اُلهي!
    يا
    اَول ڪُفر پوءِ مَڃڻ پوءِ مَنجهه اِسلام،
    مُلا سمجهين ڪِينَڪِي، تُون مَحبوبن جي مَام،
    ڪَھج هي ڪَلام، جيڪي ناقصئون نگيا.
    سچل سائين ڏٺو ته سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو ڏن اوڳاڙُو ٺڳ پيرن جا معتقد بنجي ويا آهن، وقت به وقت اُنهن کي دعوتون کارائين ٿا ۽ نذرانا ڏئي خوش ٿا ڪن، اِهو سڀ ڪجهه سنڌي ماڻهن جي سادگيءَ جو سبب آهي، جو هُو ٺوڳي پيرن کي وڏي ڪرامت وارو سمجهي، اُنهن وٽ ڦُرجي رهيا آهن، اهڙن پيرن جي اهڙي مڪاريءَ جي ڪري، سنڌ جا غريب اٻوجهه سنڌي ماڻهو روز بروز غُربت جي گهاڻي ۾ پيڙجي تباهه ٿي رهيا آهن ۽ ڦورو پير روز بروز ترقي ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو ڪو پينو، سرکٿو ڪُلهي تي رکي، سنڌ جي سرحد ٽپي، سنڌ ۾ داخل ٿي، هروڀرو به ڪنهن امام جي نسل مان ٿو سڏائي ته سوين ماڻهو سندس سلامي ٿي، سندس مريد خادم ٿي ٿا وڃن ۽ اهو جُڙتو مرشد اُنهن غريبن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني ۾ پَٽي، کائي، چند مهينن ۽ چند سالن ۾ ماني مڇيءَ وارو بنجي ٿو وڃي، سندس مُريد بُکن بيمارين ۾ تباهه پيا ٿين، اهڙيءَ طرح نام نهاد مرشد سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ وڏا وڏا تونگر ۽ وڏا گادي نشين بنجي ويا ۽ سندن مريد قرضن مرضن جي ڌبڻ ۾ ڦاسي پِنڻ جهڙا ٿيندا ٿا وڃن، سنڌ ۾ اهڙن پيرن وڏي تباهي آندي آهي، اهڙا ٺڳ پير جيڪي پنهنجي گذران لاءِ غريب مريدن جا محتاج آهن، ته پوءِ ڪاني ڪرامت ڇا جي؟
    اٻوجهه غريب سنڌي ماڻهن کي ڪاني ڪرامت جي دڙڪي دهمان ۾ آڻي، کين پٽي کائڻ کان اُهي پير ٻُڏي مري وڃن ته سُٺو آهي! سنڌي ماڻهو صوفي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪن ۽ اهڙن مَڪار مُرشدن جي مڪاريءَ کي سمجهي، اُنهن وٽ نه ڦُرجن ته فريبڪارين جا اهي هيڏا سارا بُت ڊهي مِليا ميٽ ٿي وڃن. سچل سائينءَ اهڙن ٺڳ مرشدن کي لُٽيرو سڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ ملڪ کي اِهي لُٽيرا لُٽي رهيا آهن، هُو اِهو نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ مَڪر وارن کان وڌيڪ مَڪر ڄاڻي ٿو، اُهي الله پاڪ سان به اَٽڪلون ٿا ڪن، هن، مُريد ڪري ماڻهو ڦُرڻ واري عمل کي ننديو آهي ۽ چيو آهي ته مريد ڪرڻ جو خيال نه رکو ۽ عاشق بنجي نروار ٿيو! ٻيائي ٻوڙي ختم ڪريو، مذهبي ڪٽرپڻي فِرقا پرستي ڇڏي ڏيو، مان ۽ مون واري طلسم کان بچو، جو پاڻ ڀائڻ سان انسان جي اندر جو ڏيو اهو نڪري ويندو آهي. سچل سائين پنهنجي سچ جو سَنيھو هن ريت ڏنو آهي ته:
    مَڪر سان مُلڪ کي ٿا لُٽيرا لُٽين،
    وَالله خَير الماڪرين، سچل نا سمجهين،
    ڪَريو پِيا ڪَرين، اَٽڪلون اَلله سان!
    يا
    مُريد ڪَرڻ جو خيال نه رَکجانءِ عاشق ٿِج نِرالو،
    دِين مَذهب ٻوڙ ٻِيائي، مَست فَرح مَنوالو،
    مَان ۽ مُون جي سودي اَندر مَتان ڪَڍين ڏيوالو.
    سچل حق آهي، سچل سارو سچ آهي، سچل عاشق آهي، سچل عاشقن جو اڳواڻ آهي، سچل سنڌ جو منصور آهي، سنڌ اندر صوفي سلسلي ۾ سچل سائين هڪ يگاني رُوپ وارو بزرگ آهي، هن بزرگ تعصب پرست مُلن مولوين تي جيڪي ڀرپور وار ڪيا، اهڙا وار سچل کان نه اڳ ڪنهن صوفي ڪيا، نه وري سچل کان پوءِ ڪنهن ڪيا! اهڙيءَ طرح سچل سائين بي شمار وصفن جي مالڪ هُجڻ سان گڏ وڏو وطن پرست، وڏو قوم پرست هو، سندس وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جا مثال هن کان وڌيڪ ٻيا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، جو پاڻ عام مسلمانن وانگر مقدس جاين تي وڃي مرڻ جون دُعائون ڪونه گُهريون اٿس، نه وري اُتان جي ڀترن کي گهوٽي، سُرمو ڪري اکين ۾ پائڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس، هن رسول صلعم جي هن حديث ته ’حُب الوطن مِنَ الاِيمان!‘ کي نرت ۽ سُرت سان سمجهي، بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو ته منهنجو ديس سهي نموني سان درازا آهي، آءٌ نه مڪي جو رهواسي آهيان نه وري مُلتان جو ملتاني آهيان! بلڪل صاف صاف چيائين ته:
    ديس سَچل دا دَرس دَرازا، نامَڪا، نا مُلتانا!
    سچل سائين سنڌ جي ڪُک مان جنم ورتو هو، ديس واسيءَ کيس ڏاڍا پيارا هُئا، جيئن جسم جي ڪنهن عُضوي ۾ درد پيدا ٿيندو آهي ته سڄو جسم بيقرار ٿي ويندو آهي، اهڙيءَ طرح سچل سائين هر سنڌيءَ جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ٿي سمجهيو، پاڻ سنڌ واسين کي دُعائون ڪري چيائين ٿي ته هُو سدائين سَرها هُجن ۽ سدائين پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي آباد هُجن، ٻئي ڪنهن ملڪ جا محتاج نه ٿين، هن ڌرتيءَ تي ئي خوش گذارين. پاڻ سنڌين ۾ شعور ۽ سُجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مست رهيو، کين قوم پرستيءَ جون رمزون سيکاريندي چيو ته غيرت وارا انسان ٻنيون ۽ ونيون نه ڇڏيندا آهن، جوان اُن کي چئبو آهي، جيڪو ننگن ۽ دنگن تان قربان ٿئي! ٻني (ڌرتي) ۽ وني ڇڏڻ وارا انسان ديس ۽ ديسي لڄائيندا آهن! سچل سائين قومي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏيندي چوي ٿو ته:
    سَنگهاري سَاڻيهه شَل هُئَن سَدائِين سَرها،
    وَڃن نه پرڏيهه خُوش گُذارِين اُتَھِين.
    يا
    هِڪ جُوءَ ٻِي جوءِ، ڇَڏين ڪِين جُوان،
    اُهي ئي انسان، جي نَنگن تَان نِثار ٿِيا.
    يا
    هڪ جُوءَ ٻي جوءِ، مَرد نه ڇَڏين مينڌرا،
    تو پڻ پِرين پوءِ، ڪَوه لَڄايو ڪَاڪَ کي.
    سچل سرمست جو پيغام هر دَور ۽ هر زماني لاءِ سچ جو سنيھو سمجهيو وڃي ۽ اُهو به سمجهيو وڃي ته اُهو ڪٽر مذهبي مُلو، جنهن سچل سائينءَ جي مخالفت ڪري، مٿس ڪُفر جي فتويٰ جاري ڪئي هُئي، سو اڃا جيئرو آهي، جيڪو سچل ۽ سندس مُريدن تي ڏند پيو ڪُرٽي، اُهو پير به زنده آهي، جيڪو سچل تي ڪاوڙيو هو، سمجهجي اِهو ٿو ته جيستائين ’حجاج بن يوسف‘ جو وارث زنده هوندو، تيستائين سچل سائينءَ جو ڏنل تصور مڪمل پورو نه ٿيندو، شل خدا خير ڪري! شل مالڪ رحم ڪري!! آمين.
    [روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، آچر 30 سيپٽمبر 2007ع ۾ ڇپيل]


    شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت پچار!

    مهراڻ جي ماٿري قديم دَور کان وٺي، علم ادب جو سرسبز مرڪز پئي رهي آهي، هن ڀلاري ڀُونءِ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن پوري دنيا لاءِ اَمن، پيار، محبت، غيرت، شرافت، صداقت، عزت، آزادي ۽ انسانيت جو پيغام پئي ڏنو آهي، اُنهن حق پرست بزرگن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ به هڪ آهي. شاهه سائينءَ جو سارو ڪلام معاشري کي معياري بنائڻ ۽ انسانن کي انسانيت واري ناتي نڀائڻ وارن سهڻن سخنن سان ڀريو پيو آهي، سندس روحاني ۽ اخلاقي قدرن جو ڏنل پيغام ڪِن خاص ماڻهن لاءِ نه پر ڪُل ڪائنات جي ڪُل مخلوق لاءِ برابر درس جو درجو رکي ٿو. شاهه سائين اهل سنڌ کي ذات، پات، اُوچ، نيچ، نسلي مت ڀيد ۽ مذهبي ڪٽرپڻي مان آزاد ٿي، مٿانهين سوچ سوچڻ ۽ عالمي برادريءَ سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي زندگي گذارڻ جو سبق ڏنو آهي، هن هر دَور جي جديد ايجاد کي خدا تعاليٰ کان هڪ نئون پيغام آيل ٿي سمجهيو ۽ اُن جي حاصل ٿيڻ کي مالڪ وٽان مليل ڏات ٿي سمجهيو، اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪنهن به ذات بات جي قيد يا پابنديءَ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، بس مالڪ مهربان جي حُضور ۾ اچڻ سان اَگهامڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
    راڻي وَٽان رَات، مُون کي نَئُون نِياپو آيو،
    لَڌي سُون لطيف چَئي ڪَنان ڏَاتر ڏَات،
    ڪو نه پُڇي ٿو ذَات، جي آيا سي اَگهيا.
    جيڪڏهن عالمي برادريءَ واري تخيل کي حقيقت واري رُوپ ۾ ڏِسڻو آهي ته اُهو نُسخو شاهه سائينءَ جي بيتن مان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، نه ڪنهن ٻي هنڌ! شاهه سائين جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب، تمدن، اکين اڳيان نمايان نظر پيو اچي، جنهن ۾ موهن جو دڙو به نظر پيو اچي، موهن جي دڙي جون ناچڻيون ۽ موهن جي دڙي جا بُت به نظر اچي رهيا آهن. مرشد لطيف جي شاعريءَ تي نظر ٿا ڪريون ته اُن ۾ اسان کي هندو به نظر اچي ٿو، مسلمان به نظر اچي ٿو، ڀورو به نظر اچي ٿو، ته ڪارو به نظر اچي ٿو، وڏو به نظر اچي ٿو ته ننڍو به نظر اچي ٿو، مسجد به نظر اچي ٿي ته مندر به نظر اچي ٿو، مندر مان گهنڊ گهڙيال جو آواز پيو اچي، ٻئي طرف مسجد مان الله اڪبر جي صدا جو آواز، ٻئي هڪ ئي وقت پيا ٻُڌجن، سبحان الله چَوطرف تُون ئي تُون آهين! هڪ ڀيري شيڪسپيئر چيو هو ته: ”اي انگلستان! آءٌ تنهنجي غدان سان به پيار ڪريان ٿو!“ اڪثر ڏٺو ويندو ته غدار هميشه وڏا ماڻهو ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، جن جي غداري سان قومن کي غلاميءَ جا ڳرا ڳٽ ڀوڳڻا پوندا آهن ۽ قومون تباهه برباد ٿي وينديون آهن. شيڪسپيئر اُنهن وڏن ماڻهن سان محبت جي هام هنئين آهي، پر اسان جي جڳ مشهور شاعر ڀٽائي گهوٽ ’جيھا سي تيھا مارو مُون مڃيا!‘ چئي، پنهنجن اَڀرن سَڀرن غريبن کي ناهي ڇڏيو، اُهي اَڀرا سَڀرا سڀئي غريب پورهيت طبقي جا ماڻهو ٿيندا آهن، جن ۾ ڪوري، واڍو، لوهار، ڪنڀار، مهاڻا، سونارا، اوڏ ۽ هاري ناري اچي وڃن ٿا. شاهه سائين اُنهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي کين امر بڻائي ڇڏيو آهي، سندس بيتن پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ وطن جا سچا سپاهي سنڌي ماڻهن جا وفادار ۽ انسان ذات جا هڏ ڏوکي هُئا، هن بزرگ هستيءَ جو جنم 1689ع ڌاري هالا حويليءَ ۾ ٿيو، اُن وقت سنڌي حاڪم ڪلهوڙا ذهني توڙي جسماني طرح هندوستان جي مغل حڪمرانن جا غلام هئا، شاهه سائين غلام ڌرتيءَ تي هڪ غلام جي حيثيت سان جنم ورتو هو، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جنهن تازو پنهنجي پيءُ کي هٿ ڪڙيون پارائي جيل موڪليو هو، ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا شڪوه، ننڍن ڀائرن مراد، ڪامران ۽ حضرت صوفي سرمد کي شهيد ڪرائي ٺهي ٺڪي حڪومت تي قبضو ڪيو هو، شاهه سائين، جيڪو ڄمندي ڄام هو، جو شايد ڄمڻ وقت ئي اُوئان اُوئان جو آواز ڪري، اُن ڪري ٿي رُنو، جو هُن کي ديس ۽ ديسي ماڻهن جي غلاميءَ جو احساس ٿيو هو، جو ڄمڻ وقت ئي دانهون ڪري روئي پنهنجي ڏک جو اظهار ٿي ڪيائين. شاهه سائين اُنهن عاشقن ۽ اُنهن صوفين هيئن فرمايو آهي ته:
    سي اَڻ پَڙهيا ئِي پَڙهيا ٿِيا، جِن پَڙهايو پَاڻُ،
    ٻِيا ڪُوڙين ڪِتابن سَاڻ، هُونئين وَتن هَلندا.
    آءٌ هاڻ اچان ٿو هن مضمون جي اصل موضوع ’شاهه جي شاعريءَ ۾ پورهيت پچار‘ تي! ڏٺو ويندو ته پورهيت طبقي جي ماڻهن جو تعداد وڏن ماڻهن جي طبقي کان گهڻو رهيو آهي، اُنهن گهڻائي وارن پورهيت ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ اُنهن مُٺ جيترن وڏن ماڻهن جو ڦاهو پيل آهي، جن کي جاگيردار، ڀوتار، رئيس وڏيرا، زميندار، سردار، پير، مير ۽ ٻيو الائي ڪهڙن ڪهڙن نالن ۽ لقبن سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪي حقيقت ۾ سڀ جا سڀ مُفت خور، حرام خور، زيان خور، ظالم ۽ وحشي درندن سميت سڀ ڪُجهه آهن، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي پورهيت ماڻهن جي مٿان رُڳو هينئر ناهن، اهي چَٽيون هزارين سالن کان هلنديون پيون اچن، ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي سڄي تاريخ گهڻي ڀاڱي اُنهن رت پياڪ چورن جي تاريخ آهي، جو اُنهن چند مفت خور ماڻهن جي نڪ نرڄائي، بي حيائي، بي شرمائي، خود غرضي، بزدلي، غداري، مڪاري، فنڪاري ۽ نااهليءَ جي ڪري ئي سنڌ مٿان جڳ جهان جا رولاڪ، ڀڳوڙا، ڦورو، لوفر، لُٽيرا ۽ ٺڳ لامارا ڏئي، سنڌين کي پَٽيندا کائيندا رهن ٿا، سنڌ جي پورهيت طبقي جا اصل دشمن اُهي وڏا ماڻهو آهن، جيڪي سدائين ڌارين ڌاڙيلن سان مِلي، پنهنجن جو رت چُوسيندا رهندا آهن ۽ ماريندا ڪُٽيندا ڪمزور ڪندا رهندا آهن. شاهه سائينءَ جي زماني ۾ به سنڌ جا پورهيت هاري ناري ڦُرلٽ جو شڪار هُئا، اڄ وانگر هر وڏي ماڻهو، پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ پئي گُهريا، اُنهي لاءِ پورهيت غريب ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي مارائي ڌارين جي دلالي ڪري، سندن حق غضب ڪري، کين انگ اگهاڙو، پيٽ بُکيو، قرضن ۽ مرضن ۾ مجبور ۽ لاچار ڪيو ويو هو، غريب سنڌي ماڻهن جي اهڙي ڏکوئيندڙ حالت تي شاهه سائينءَ کي ماٺ ڪري ويهڻ نه آيو ۽ ماتمي لباس پائي، تنبورو ۽ کڙتال هٿ ۾ کڻي نڪري پيو، مصبيت ۾ گهيريل طبقي کي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ناصحانن نُڪتن سان اِشارن اِشارن ۾ سمجهائڻ شروع ڪيائين، کين پنهنجن حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي واٽ ڏيکاريندي چيو ته، اي ڏکي! ايترا سارا مينهن پيا آهن ۽ پوءِ به تو وٽ ڏڪار ڇو لڳو پيو آهي؟ اي پورهيت! سُڪار تنهنجن پورهيت هٿن ۾ ته آهي، اِهي هٿ تنهنجي وس ۾ آهن، غفلت ڇڏي هِمت ڪري پورهيو ڪر ته ڏُڪار کان بچي سگهين، تُنهنجا هٿ ته سون پيدا ڪري سگهن ٿا، ته پوءِ تون مجبور ڇو ٿيو آهين؟ اُٿي همت ڪر! شاهه سائين پورهيت سان هن طرح مخاطب ٿيو آهي ته:
    ڏُکي توءِ ڏُڪار، توڙي وَسَن مِينهَڙا،
    پورهيئي هَٿ سُڪار، تو وَس آهن هٿڙا!
    1. ڪوري:
    شاهه سائين ڪيڏي نه پيار ۽ پاٻوهه سان، اسان کي فڪر ۽ عمل جي دعوت ڏيندي، وڏي واڪ فرمائي ٿو ته اچو اچو، هلو هلو! مُرشد سائين ڪيڏانهن؟ ڪورين ڏانهن! قبلا سائين ڇا لاءِ؟ پيار ۽ محبت جي ونڊ وٺڻ لاءِ، جو اُهي ئي نِينهن جا نمائندا آهن، سارو ڏينهن ٽٽل تندون وَر وَر ڏئي پيا ڳنڍين، سندن اها ڳنڍ ڳنڍان واري جُستجو ڏاڍي سُٺي آهي، ڇِنڻ واري مَنجهن ڳالهه ئي ڪانهي، سندن هن عمل ۾ وڏو راز ڀلائي آهي! مرشد لطيف ڪوري پورهيتن کي محبت ۽ دلي لڳاءُ سان پورهئي ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته محبت سان ڪيل ڪم ۾ ڪا اُوڻائي ٿئي ٿي ته محبت جي صدقي ئي اجائي سجائي ٿيو پوي، پر محبت کان خالي ٻيائيءَ سان ڪيل ڪم، جنهن ۾ ٺاهه ٺوهه چمڪ ڌمڪ گهڻي آهي، پوءِ اُهو ڪم محبت سان ڪيل ناهي ته اهو ڪم نٿو اَگهامي ۽ بيڪار ٿيو پوي. انهيءَ لاءِ مرشد لطيف پنهنجي روشن خياليءَ جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
    هَلو هَلو ڪَوريين، نَازڪ جِنين جو نِينهن.
    ڳَنڍِين سارو ڏِينهن، ڇِنَڻ مُور نَه سِکيا!
    يا
    مُحبت پَائي مَن ۾، رَنڍا رَوڙيا جِن،
    تِن جو صَرافَن، اَڻ تَوريو ئِي اَگهائيو.
    يا
    چَائِت پَائي چت ۾، سَنهون ڪَتيو جِن،
    تِن جو صَرافن، دُڪو ئي دَاخل نَه ڪَيو.
    شاهه سائين ءَجي وقت ۾ جڏهن نادر شاهه دراني، سنڌ ملڪ تي حملو ڪري تباهي مچائيندي، وونئڻن جو فصل تباهه ڪري ڇڏيو، شهرن کي باهيون ڏئي بازاريون ساڙي ويران ڪيون، جن ۾ ڪَتڻ جا اڏا به تباهه ٿيا ۽ ڪتڻ واريون بيروزگار بنجي ويون هُيون، شاهه سائين پورهيت ماڻهن جون تباهه ڪاريون ڏسي، پنهنجي ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته:
    نَه سي وونئڻ وَڻن ۾، نَه سي ڪَاتَارِيُون،
    پَسِئو بَازاريُون، هِينئڙو مُون لُوڻ ٿِئي.
    2. پورهيت واڍو ۽ مهاڻو:
    شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ واڍي ۽ مهاڻي کي نه وساريو، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته، ٻيڙي وچ درياهه ۾ اچي لوڏا لَما پئي ٿي کائي، پوءِ ٻُڏي يا تري، واڍي جيڪي نپ نپن ۾ ملائي چيڙيون چاڙهيون هُيون، سي گهڻو وقت پاڻيءَ ۾ رهڻ جي ڪري ڳري سڙي ويون آهن، ملاح (مهاڻا) پنهنجين اڳين جاين تي ڪونهي، يعني جيئن اڳ ۾ مضبوط ۽ چوڪس هُئا، هاڻ ائين ڪونهي رهيا، سندن پاليسيون ڦلهڙيون ٿي ويون آهن، اُنهيءَ ڪري ئي ٻيڙي کي ڦرنگي (ڌاريا) گهيرو ڪري ويا آهن. اي ملاح! تُنهنجي ٻيڙي تي چور اچي چڙهيا آهن، اي منهنجا مالڪ! اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري وڏاوڏا ٻيڙا به ٻُڏي ويندا آهن، اهڙين حالتن ۾ تنهنجي ٻاجهه ۽ رحم جي ضرورت آهي، شاهه سائينءَ جو هي اشارو مُلڪ سنڌ جي حاڪم ڏانهن آهي، جنهن ۾ سندس پاليسيون به اچي وڃن ٿيون، شاهه سائين سنڌ کي هڪ ٻيڙي سان مشابهت ڏني آهي ۽ وقت جي بادشاهه کي مير ملاح سان مشابهت ڏني اٿس، ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اي ملاح! توکي هي ڳالهيون زيب نٿيون ڏين، جو تُون پنهنجي ٻيڙي (سنڌ ملڪ) لاءِ ڪجهه نٿو سوچين، رُڳو غفلت ۽ لالچ ۾ اچي، هن ٻيڙيءَ ۾ رهڻ جي باوجود به سِر ٽڪيو سُتو پيو آهين، ڇا هن ٻيڙيءَ کي ڪجهه ٿيو ته تُون بچي سگهندين؟ سنڌ جون سرحدون محفوظ نه رهيون آهن، اُتي ڌارين جو مانڌاڻ متل آهي، انهي صورتحال ۾ مرشد لطيف سجاڳيءَ جا سڏ ڪندي چيو آهي ته:
    دَنگِي مَنجهه درياهه، ڪِين ٻُڏي، ڪِين اُپڙي
    هو جي واڍي واڻيا، سي سوهَڻ سَڀ سَريا،
    مُعلم مَاڳ نه اڳهين، فرنگي مَنجهه ڦِريا،
    ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا
    جتي ڍينگ ڍريا، تني تاري تنهنجي!
    يا
    بَندر جَان ڀَئي تان، سُکاڻيا مَ سُمهو،
    ڪَپَرُ ٿو ڪُن ڪَري، جيئن مَاٽي مَنجهه مَھي،
    ايڏو سُور سَھي، نِنڊ نَه ڪَجي نَاکُئا!
    3. پورهيت لوهار:
    شاهه سائين لوهار جهڙي سخت جان پورهيت کي ته خاص ياد فرمايو آهي، هن جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته باهه جي سختيءَ سان ڪُٽ پگهرجي ٿو ۽ لوهه ڄڻ ٻرڻ شروع ڪيو ڏئي، اُن لوهه مٿان لوهارن جي مُترڪن جي ڌڪن جي مار ماران هوندي آهي، اُن وقت اهڙو منظر هوندو آهي، ڄڻ مُترڪا ٿڪجيو ٿا پون ۽ سانداڻيون تيز هلي هلي سهڪيو ٿيون پون، اُن وقت آڳڙين (توهان) جو مچ مٿان ميڙو متل هوندو آهي ۽ وڌيڪ فرمائي ٿو ته، جيئن لوهار لوهه مان ڪَڙا ڪُنڍا ٺاهي، هڪ ٻئي سان ملائي قابو ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح منهنجي سڄڻ، منهنجي ساهه کي پنهنجي ساهه سان ملائي سوگهو کڻي ڪيو آهي. شاهه سائين پورهيت لوهار کي پنهنجي بيتن ۾ ياد فرمائي، هُن کي امر بڻايو آهي ته:
    ڪَٽ ڪَڙهي لوهه ٻَري، ڌوڌا جت ڌڳن،
    مُترڪن مُنهن ڪڍيو، جِت سَانداڻيون سَهڪن،
    اَڄ پڻ آڱرين، ميڙو آهي مَچ تي!
    يا
    ڪَڙو مَنجهه ڪَڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
    تيئن منهنجو جيءُ جَڙي سُپيريان سوگهو ڪَيو!
    4. پورهيت سونارو:
    سچ ۽ ڪُوڙ (سون ۽ روپي) کي سُڃاڻڻ جو ڪهڙو قدر هوندو؟ شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
    جي صَرافن لَڏيو ته تُون به لڏسون،
    قَدر ڪَندئي ڪونه، ٽيئي گڏيندئي گڏون سان،
    يا
    قَدردان ڪَم ٿِيا، کُٽا خريدار،
    سون، رُوپي جي، سَالڪ لَھن نَه سَار،
    جي لوهه ڪُٽين لوهار، تِن ڪهڙو قدر سون جو.

    5. پورهيت ڪنڀار:
    شاهه سائين مٽيءَ مان ٿانوَ ٺاهيندڙ ڪنڀار کي پنهنجن بيتن ۾ آڻي خاص اهميت ڏني آهي، هڪ هنڌ فرمايو اٿس اي عاشق! تون پنهنجي عشق کي ڪنڀار جي آويءَ جي نِهائين وانگر پوشيده رک، ڇو ته جيئن باهه جي تَئو گهٽجڻ سان ٿانوَ سُٺا نه پچندا آهن ۽ ڪچا رهجي ويندا آهن! تون اِئين ڪر، جيئن ڪنڀار باهه کي ڍڪيندو آهي ته جيئن ٿانوَ سُٺا پچي راس ٿين، تُون عشق ڪرڻ نِهائين کان سِک، جو ڏينهن جا ڏينهن پئي ٿي سڙي، پر ٻاڦ ٻاهر ڪا نه ٿي ڪڍي ۽ ٿانوَ سُٺا پچي راس ٿا ٿين، تُون به پنهنجي عشق جي باهه کي نِهائين وانگر سيني ۾ سانڍي رک، جي ٻاهر ٻاڦ ڪڍيئي ته تُون عشق ۾ ڪچو رهجي ويندين. ڏسو ته شاهه سائينءَ جي جادو بياني سان ڪيئن نه عام فهم وارا الفاظ معنيٰ جي معراج تي وڃي پهتا آهن:
    نِهَائِين کان نِينهن، سِک مُنهِنجا سُپرين،
    سَڙي سَارو ڏِينهن، ٻَاهر ٻَاف نَه نِڪري.
    يا
    نِينهن نِهائين جِيئن، ڍَڪيو ڪَوهه نه ڍَڪين،
    جِن چهڙي ڇڏي، رَڇ پَچندا ڪِيئن،
    تُون پڻ ڪَريج تِيئن، جيئن ڪُنڀار ڪَن ڪَم سِين.
    6. پورهيت اوڏ:
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ! ڪٿي به زمين کوٽبي آهي، ته اُتان ننڍا ننڍا ڪوڏ نڪرندا آهن، جيڪي مٽيءَ سان مليل هوندا آهن، اوڏ به سڄو ڏينهن مٽيءَ جي ڪم ۾ رُڌل رهندا آهن، مٽيءَ کان جُدا ٿين ئي ڪونه، ان ڪري ئي هي چوڻي ايجاد ٿي ته ’اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!‘ جيئن ڪوڏ مٽيءَ سان مليل هوندا آهن، مٽيءَ جي ڪم سان محبت ڪندڙ اوڏن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو آهي، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته، پورهيت اوڏن کي ڇنل ڇڄ هٿن ۾ آهن ۽ ڪُلهن تي ڪوڏر اٿن ۽ اُنهن جي پورهئي سان اهڙو پيار آهي، جو سوير ئي اُٿي، پنهنجي مٽيءَ جي ڌنڌي سان لڳي وڃن ٿا، لاکا! اهڙا عظيم پورهيت، جيڪي ٻين کي اڏي ڏيڻ لاءِ هيٺيان، هِتان! هُتان هت لڏو ٻڌيو وتن، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي! اهڙيءَ طرح پنهنجي لاءِ ڪو خاص اَجهو ڪونه اٿن، ڪٿي ڪٿي ڪي نِشانيون پيون ڏسجن. شاهه سائين سندن محنت ۽ عظمت جو بيان هن طرح ڪيو آهي ته:
    ڇِنل ڇَڄ هَٿن ۾، ڪُلهن ڪوڏارا،
    پورهيئي ڪارڻ پيٽ جي، اُٿين سَوارا،
    اوڏ به ويچارا، لاکا! وڃن لڏيو.
    يا
    اَڏي اَڏي اوڏ، ڇَڏي وِيا ڀيڻيُون،
    ڪوڏار ۽ ڪوٽ، پيا آهن پَٽ تي!
    7. پورهيت هاري:
    شاهه سائينءَ جي زماني ۾ سنڌ جا پورهيت هاري هينئر وانگر ڦُرلٽ جو شڪار هُئا، ڌارين ۽ ميرن پيرن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري، پنهنجو طرفدار بنائي رکيو هو، غريب هاري طبقو بلڪل هينئر وانگر حاڪم طبقي جي عذاب ۾ پيڙجي رهيو هو، اصل ’بيداد نگري، چرٻٽ راجا!‘ وارو مثال هو، فرق رُڳو اِهو آهي، جو شاهه سائينءَ جي زماني ۾ قديم وڏيرو هو، هينئر جديد وڏيرو آهي، پر ڪم ٻنهيءَ جو ساڳيو غريب هارين کي انگ اگهاڙو، پيٽ بُکيو، قرضن ۽ مرضن ۾ مبتلا ڪري مارڻ جو، ٻيو ٿيو خير، اُن ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ڀٽائي گهوٽ پورهيت هارين جي حقن جي ڳالهه سان گڏ، سندن خوشحاليءَ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ته: اڄ اتر طرف تاڙي تنوارڻ شروع ڪيو آهي، ۽ هارين هَر سنڀايا آهن ۽ مالوند ماڻهو ڏاڍا خوش ٿا ڏسجن، منهنجي حقيقي مالڪ، جُهڙ ڪري ڄڻ آسمان کي مينهن پوڻ جو لباس پهرايو آهي، ۽ برسات کان پوءِ خوشحاليءَ جا منظر روشن ٿيا آهن، جو غريبن جي جُهوپڙين مان ولوڙي جا آواز پيا اچن، غريب عورتن جي هٿن ۾ مَکڻ جا چاڻا آهن ۽ کير جا ساڙها آهن، مال پڻ خوش ٿو ڏسجي، ٻايون توڙي ٻانهيون، پنهنجن پکن ۾ پيون ٻَھڪن. شاهه سائين سنڌ جي خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ ڌڻي در هٿ کڻي دعا گهرڻ سان گڏ، ساري جھان ۽ سڄي سنسار لاءِ دُعائون گهريون آهن:
    اَڄ پُڻ اُتر پَار ڏي، تَاڙي ڪَئي تَنوار،
    هَارين هَر سَنڀايا، سَرها ٿِيا سَنگهار،
    اَڄ پُڻ مُنهنجي يَار، وَسڻ جَا ويس ڪَيا.
    يا
    بَر وُٺا ٿَر وُٺا، وُٺيون تَرائِيُون،
    پِرهه جو پَٽن تي، ڪَن وِلوڙا وَايُون،
    مَکڻ ڀَرين هَٿڙا، سَنگهاريُون سَايُون،
    ٻَانهيون ۽ ٻَايون، پکي سُونهن پَانهنجي.
    يا
    سَائينم سَدائين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
    دوست مِٺا دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 22 فيبروري 2008ع ۾ ڇپيو]


    سچل جو پيغام سچ جو سنيهو!

    سائنسي ترقي ۽ واڌاري جي زور تي چنڊ جي چهري تي پير گهمائڻ کان پوءِ پنهنجون وِکون وڌائي، مريخ تائين پهچڻ وارو انسان، هن ڌرتيءَ تي لوڀ ۽ لالچ جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ دُعا ۽ فريب جي رُڃ پويان رُلندي ڏاڍو حيران ۽ پريشان نظر پيو اچي، انساني هن سماج ۾ موجوده رساڪشي، علم ۽ تجربي جي کوٽ سبب نه آهي، پر هن بين الاقوامي بيچيني جو خاص ڪارڻ لوڀ ۽ لالچ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روز بروز انسانيت ظلم ۽ ڏاڍ جي گهيري ۾ گهيرجي رهي آهي. انسان تمدن جي اوسر جي تصوير پيش ڪرڻ بجاءِ، مارڌاڙ ۽ خونريزيءَ جا دل دهلائيندڙ داستان ٻُڌائي ٿو، جنهن سان شايد شيطان به ڪَنن جون ٻئي پاپڙيون پڪڙي تو بهه توبهه ڪري، شرم کان ڪنڌ جُهڪائيندو هوندو! ڌارين جي اهڙي مصيبت ۾ آيل سنڌ سُونهاري جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو، جن مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ همٿايو، امن امان جو درس ڏنو، نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪرڻ جي راهه ڏيکاري، سُجود کان اڳ وجود وڃائڻ جو درس ڏنو، اکرن اُچارڻ بجاءِ اندر اُجارڻ جو چيو، سچ تي ساهه صدقي ڪرڻ جي تلقين ڪئي، خُوديءَ کان خُدا تائين رسڻ جا راز سليا، جن انسانن کي غفلت جي غر مان ڪڍي زندگيءَ جي پيچرن تي پهچايو، جن انساني عظمت کي محسوس ڪري ’مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مان!‘ جي ڳالهه ڪئي، اُنهن صوفي لاڪوفي عظيم بزرگن مان ’سچل سرمست‘ به هڪ آهي، جنهن جي بيت جي هي سِٽ مشهور آهي ته: ’جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست مدام!‘ هن بزرگ هستيءَ، جيڪو چيو سو ڪيو، ڇاڪاڻ ته حضرت عشق جو فرشتو، پنهنجي ڏونرن ۾ مافوق الفطرت جي سگهه رکي ٿو، اُن جي تلوار جو پهريون وار دُنوي دلفريبين ۾ جڪڙيندڙ زنجيرن کي ڇيهون ڇيهون ڪري ٿو ڇڏي، دل جڏهن هر قسم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي، پنهنجو پاڻ کي پسي ٿي، اُن وقت حلقه ازل کان سواءِ ٻيو ٻَنڌڻ کيس پيرن نظر نه ايندو آهي. حضرت سچل سرمست کي به جڏهن عشق جو ڀرپور پيالو نصيب ٿيو ته هن توحيد ۽ معرفت، عشق ۽ عرفان الاهيءَ جا واهڙ وَهائي ڇڏيا. سچل جي جڏهن شاهه عبداللطيف سان ننڍڙي عمر ۾ ملاقات ٿي هُئي ته، شاهه سائين سندس لاءِ فرمايو هو، ’اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُنهيءَ جو ڍَڪڻ هي نينگر لاهيندو!‘ ڀٽائي گهوٽ جي ڪُني جي ڍڪڻ لاهڻ وارو نينگر، جنهن کي اسان سچل سرمست ٿا چئون، سو 1739ع ۾ ضلعي خيرپور جي ڳوٺ درازا ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو صلاح الدين فاروقي آهي، هُو اڃا ٻاڙرو ئي هو ته سندس سِرتان پدري شفقت جو هٿ لهي ويو ۽ هُن پنهنجي ڏاڏي خواجا ميان صاحبڏنو ۽ پوءِ پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق وٽ پرورش پاتي، سندس جسماني پرورش سان گڏ، رُوحاني پرورش به ٿي، پاڻ جڏهن پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق جي هٿ تي بيعت ڪئي، تڏهن کين ظاهري باطني علم عطا ٿيو ۽ پاڻ فرمايائون:
    لانفني جو ڪَلمو، مُون کي مُرشد پاڻ پَڙهايو،
    نَابُودي جي نَشي اَندر، ستگر سير ڪرايو،
    هٿيو ڏئي همت وارو، سارو بار کڻايو.
    صدق سچل مان ستگر تان جنهن جانب جوش جڳايو!
    تڏهن سندس تاثير سان هند، سنڌ واسيل آهي ۽ هندو هُجي يا مسلمان، هر سنڌي ماڻهوءَ جي دل تي سچل سرمست جو نالو سِڪي جي مُهر وانگر اُڪريل آهي، پنهنجي اصلي نالي ’حافظ عبدالوهاب‘ سان ياد ڪرڻ بجاءِ پيار ۽ محبت وچان کيس سچل سرمست، سچل سائين، سچو سائين وغيره سان ياد ڪندا آهن، پاڻ ستن ٻولين جو شاعر هو، جهڙوڪ، سنڌي، هندي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردو! سندس شاعري حيرت ۽ عظمت جو آئينو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان سڄي پروڙ پئجي سگهي ٿي، جنهن لاءِ نانڪ يوسف جون هي ٻه سِٽون ڪافي ٿو سمجهان ته:
    مُک مُصحف سَڄڻ تيڏي صُورت،
    مُورت الله بسم الله حمد الله!
    هي هڪ روشن حقيقت آهي ته سچل سرمست جهڙيون عظيم شخصيتون صدين کان پوءِ پيدا ٿينديون آهن! مولا پاڪ جو هي هڪ وڏو ڪرم آهي، جو سچل سائين سنڌ جي سٻاجهي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو، سندس خوبيون ڳڻڻ کان ٻاهر آهن، پر اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته شاعريءَ جي دنيا ۾ سچل سائين پهرين صف جو شاعر آهي ۽ صوفياڻي ڪردار جو روشن ستارو آهي، جنهن ٻين لاءِ فڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪيو، هُو زندگيءَ جي جدا جدا آزمائشي مرحلن، انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. سچل سائين سنڌ جي حاڪم ڪلهوڙن جو زوال ۽ ٽالپرن جو ڪمال، پنهنجين اکين سان روبرو ڏٺو، هي اُهو وقت هو، جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو هو ۽ هت ظلم ۽ بربريت جي باهه اچي ڀڙڪائي هُئي، سا به سچل سائين ڏٺي، هڪ طرف ڌارين جي قتل غارت ٻئي طرف پنهنجن جون بيوڙايون، غداريون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي عذابن سنڌي سماج کي ساڙي رکيو هو. سچل سائينءَ جي نگاهه ظاهر توڙي باطن تي هُئي، هن اسلام کي رُڳو ڊگهي ڏاڙهي ۽ وڏي پڳڙي ٻڌڻ جي نالي کي نٿي سمجهيو، هن پنهنجي وسيع النظري ۽ روشن خياليءَ سان ڏٺو ته مُلن، مولوين جي مذهبي ڪٽرپڻي جو وڌي وڃڻ عذاب الاهي آهي، جو هو پنهنجي مذهبي مڪر ۽ فريب سان ماڻهن کي تباهه ڪري رهيا آهن، هُو عقل ۽ آزاديءَ جا دشمن بنجي انسانيت کي ختم ڪري، حيوانيت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، جو پنهنجن اغراضن خاطر سموري دنيا کي گمراهيءَ جي چڪر ۾ ڦاسائي رکيو اٿن ۽ اهڙيون اهڙيون فرسوده رسمون ايجاد ڪري ورتيون اٿن، جن جي ڪري ماڻهن جو مرڻو، پرڻو، شادي غمي، جيڪو ڪجهه به آهي، اُنهن مَھان ٺڳن کي کارائڻ پيارڻ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي. جڏهن ڪابه انساني ڀلائي يا اصلاح جي ڳالهه ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين هن ٺڳ ٽولي جا ماڻهو پنهنجن عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، هاءِ گهوڙا ڪندي، مُنهن مٿو پٽيندي، هنن جو رستو روڪڻ لاءِ بيهي ٿا رهن ۽ اهڙو سانگ کڻي ٿا رچائين جو دنيا حيران پريشان رهجيو ٿي وڃي. مذهب اسلام ته امن ۽ ڀائيچاري جي ڳاهه ڪئي آهي، ته پوءِ هي فرقي پرستي، جهيڙا جهڳڙا، اُوچ نيچ ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ اهي جيڪي هڪ طرف ڪُوڙ، دوکو، بليڪ ميلنگ، ذخيري اندوزي، ملاوٽ، وياج خوري، ٺڳي لالچ ۽ لوڀ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ٻئي طرف هُو نمازون پڙهن ٿا، روزا رکن ٿا، قرآن پڙهن ٿا، صلواتون پڙهن ٿا، دُرود پڙهن ٿا، حج ۽ عمرا ڪن ٿا، تسبيحون پڙهن ٿا، پوءِ به سندن اُهي سڀئي ڳالهيون، سندن بُراين وارين ڳالهين کي نٿيون روڪي سگهن، ته پوءِ سندن روزا نمازون، دُرود، صلواتون، حج، عُمرا ڪهڙي ڪم جا!؟ هنن ٺڳن اسلام کي هن طرح سمجهيو آهي ته، هر ظالم حاڪم کي اولي الامر چئي سندن حمايت ڪجي، ۽ سندن مخالفن خلاف ڪوڙيون فتوائون جاري ڪري، خدا جي مخلوق کي ذليل ڪري مارائجي ۽ آزار جي غلط تشريح سان پيدا ٿيل فرقن، ماڻهن کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ساڳيءَ طرح پينو ۽ ڏَن اوڳاڙُو پيرن به ماڻهن کي حق جي راهه تان هٽائي ڇڏيو آهي، ڪي نِوڙي نمازون ٿا پڙهن ته ڪِن وري مندر وڃي وسايا آهن، ٻئي ڌريون حق (محبت) جي راهه ڀُلجي ويا آهن. سچل سائين پنهنجي جادو بيانيءَ سان الفاظن کي معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي ته:
    مَذهبن مُلڪ ۾ مَاڻهو مُنجهايا،
    شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀُلايا،
    ڪي نِمازون نِوڙي پَڙهن، ڪِن وَڃي مَندر وَسايا،
    اوڏا ڪِين آيا، عَقل وارا عِشق کي.
    افسوس هن ڳالهه جو آهي ته عام طور سمجهيو ويندو آهي ته تصوف زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. صوفي کي غطل فهميءَ وچان اهڙو شخص سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دنيا کي ترڪ ڪري، لوڪان لِڪي، ڪنهن ڪُنڊ ۾ جُهنڊ هڻي، ذڪر فڪر ۾ پاڻ کي وِساري ويهي رهي، رلي ڳچيءَ ۾ ست رنگي ٽوپي پائي، ڏنڊو هٿ ۾ يا ڪندري ڪلهي تي رکي، نشي ۾ غافل بنجي، ٻار ٻچا وِساري رُلندو پِنندو، در در جا ڌِڪا کائيندو وَتي. سچل سائينءَ جي نظر ۾ صوفي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي اصلاحي شعور جي لحاظ کان صحيح سماجي نظام کي قائم ڪرڻ لاءِ سُونهين جي حيثيت رکي، صوفي هڪ اهڙو صاحب نظر آهي، جيڪو نه رُڳو سچائيءَ جي ڄاڻ رکي، پر پنهنجي ڄاڻ جي لافاني لاٽ سان اجتماعي زندگيءَ کي جرڪائي، سُڌاري وغيره. سچل سائين سوچ کي سَنوارڻ ۽ اندر کي اُجارڻ جي بنيادي ضرورت تي زور ڏنو آهي، جيئن فرد جي اصلاح ٿي سگهي ۽ اهڙيءَ طرح سڄو سماج نيڪي ۽ ڀلائيءَ سان ڀلو ٿي پوي. اخلاق، محبت، سچائي، نياز، نِوڙت ۽ ڀلائيءَ واري جدوجهد تڏهن ڪامياب ٿيندي. جڏهن پورهيت الله جو دوست آهي، يعني الڪا سڀ حبيب الله آهي، سماج ۾ تمام ٿورن ماڻهن جي خوشحالي ۽ لکها ماڻهن جي بدحاليءَ کي خوشحال معاشرو نٿو چئي سگهجي. سچل سائين سنڌ جي سڄي معاشري کي خوشحال ڏسڻ ٿي چاهيو، پر افسوس جو سندس اها ڳالهه مفت خور پيرن، ميرن، جاگيردارن، ڀوتارن، سردارن ۽ رئيسن وڏيرن، پنڊتن، مجاورن، مُلن مولوين کي پسند ڪانه هُئي. سچل سائين سيڪيولر ذهن رکندڙ هو، تڏهن ته سڀني گڏجي کيس اسلام جو انڪاري ۽ دَهريو وغيره سڏي ڪُفر جون فتوائون جاري ڪرايون. سچل سائين سندن ڪا پرواهه ڪانه ڪئي، چيائين ته مرد هميشه سچ چوندا آهن، پوءِ اُهو سچ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، ۽ ڪُوڙي دوستي هلي يا نه هلي! ڪو فرق نٿو پوي، سچل سائين پنهنجن لفظن کي سچ جو ويس پهرائي هن ريت بيان ڪيو آهي ته:
    سَچ ٿَا مَرد چَون، ڪَنهن کي وَڻي نَه وَڻي،
    ڪُوڙي دوستيءَ جو دَم، بَڻي نَه بَڻي.
    ڏٺو وڃِي ته صوفي هر دَور ۾ انسان ذات سان محبت ڀائيچاري، پيار، امن سان رهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هر انسان، اُهو هندو هجي يا مسلمان، تنهن کي پاڻ ۾ سمايل ٿو سمجهي ۽ پاڻ وري هُن ۾ سمائجي ٿو وڃي ۽ چوي ٿو ته، اسان هڪ ٻئي ۾ ائين گُم آهيون، جيئن ڪڪرن ۾ بجلي سمايل هوندي آهي، پاڻ پنهنجن لفظن کي هيڪڙائي جو ويس ڍڪائي چوي ٿو ته:
    مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مان،
    جيئن بجلي بادل سان، شامل آهي سُپرين.
    صوفي جي نظر ۾ انساني زندگيءَ جا ٻه پهلو رهيا آهن، هڪ جو واسطو ماديت سان آهي، ٻئي جو واسطو روحانيت يا اخلاقيات سان آهي. اڪثر مُلا مولوي، مُجاور، پير دُنوي زندگيءَ کان لاتعلقي ظاهر ڪندا آهن، چوندا آهن ته اسان کي الله رسول صلعم جي ڳالهه کان سواءِ ٻي ڳالهه وڻي ئي ڪانه! مذهب اسلام کي دين فطرت انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو، جو ضرورت زماني تحت پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي جي گنجائش موجود آهي، حقيقت ۾ مُلن مولوين جي انڌي تقليد جي ڪري ئي خواري خرابي پيدا ٿي آهي، مذهبي جهيڙا فساد وڌي وڻ ٿيا آهن، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي ناحق خُون پيو وَهي، اهڙن مُلن مولوين کي هُجري ۽ مسجد ۾ مذهب جي نالي ۾ چهرا مِٺا ۽ سَڻڀا طعام کائڻ، مُئلن کي ختما ڏيڻ پئسا وصول ڪري، اُنهن لاءِ بخشش جون ڊگهيون دُعائون گهرڻ، جنت جون حُورون ۽ غلمان مدرسي ۽ مسجد لاءِ چندي وٺڻ جون ڳالهيون ته ياد آهن، باقي اسلام ۾ امن امان، خدمت خلق افضل عبادت! جون ڳالهيون الائي ڇو ياد ناهن! سچل سائينءَ سان اهڙن مُلن مولوين جو جهيڙو، انهيءَ ڪري هو، جو هُو سندن مذهبي مڪارين کي بي نقاب ڪري رهيو هو ۽ کين سمجهائيندي چيائين ته، اي ملا! تون پنهنجي جيئري ئي ٻيائي کي دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ سويري ئي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ فرقي پرستيءَ کان آجو ٿي وڃ، هندو مؤمن جا ويڇا وساري، اوهان هندو مؤمن پاڻ ۾ ملي محبت جو مزو مچايو، ڇو ته ويل وقت وري هٿ نه ايندو آهي، هندو مؤمن جي محبت ۾ ڀلائي جو راز سمايل آهي، اي مُلؤ! اوهان هن رمز کي سمجهو ته ڪُفر ئي اسلام جي آمد جو سبب بڻيو آهي، اوهان اها حقيقت نٿا سمجهو! اها ته محبوبن جي هڪ مام (راز) آهي، جيڪو نيچ کان اُوچ تي ٿو آڻي، محبت جي ميدان ۾ ڪُفر ۽ اسلام جو ڪو وجود ڪونهي، چؤطرف حق ئي حق جو آواز آهي. سچل سائين پنهنجن لفظن کي سچائيءَ سان هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
    ڪَڍ مَذاهب مَن تَان، سَاجهر سَاڻ سَويل،
    هِندو مؤمن سَان مِلي، مُحبت جا ڪَر مَيل،
    يا
    اَول ڪُفر پوءِ مَڃڻ پوءِ مَنجهه اِسلام،
    مُلا سمجهين ڪِينَڪِي، تُون مَحبوبن جي مَام،
    ڪَھج هي ڪَلام، جيڪي ناقصئون نگيا.
    سچل سرمست ڏٺو ته سنڌ ۾ ماڻهو، ڏن اوڳاڙُو پيرن جا معتقد بنجي ويا آهن، ۽ وقت به وقت اُنهن کي دعوتون کارائين ٿا ۽ نذرانا ٿا ڏين ۽ کين هر طرح سان خوش ڏسڻ ٿا چاهين، اِهو سڀ ڪجهه سنڌي ماڻهن جي سادگيءَ جو سبب آهي، جو هُو ٺڳ پيرن کي ڪنهن وڏي ڪاني ڪرامت وارو ٿا سمجهن ۽ اُنهن وٽ هرو ڀرو ڦُرجي رهيا آهن، اهڙن پيرن جي اهڙي مڪاريءَ جي ڪري، سنڌي غريب اٻوجهه ماڻهو، روز بروز غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجي تباهه ٿي رهيا آهن ۽ پير روز بروز ترقي ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو پينو پير کٿو ڪُلهي ڪري، هٿين خالي سنڌ جي سرحد ٽپي، سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته سنڌ جا سوين ماڻهو سلامي ٿي، سندس مُريد ٿيو پون، ۽ اُهو رولو پير اُنهن غريبن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني، پٽي کائي چند مهينن اندر ماني مڇيءَ وارو بنجي ٿو وڃي، اهڙيءَ طرح رولو مرشد سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ وڏا تونگر بنجي ويا ۽ سندن مريد قرضن مرضن جي ڌُٻڻ ۾ دٻجي پنڻ جهڙا ٿيندا ٿا وڃن، سنڌ ۾ اهڙن پيرن وڏي تباهي آندي آهي، اهڙا پير جيڪي پنهنجي گذاري لاءِ غريب مريدن جا محتاج آهن، ته پوءِ سندن ڪاني ڪرامت ڇا جي؟ سنڌي ماڻهو صوفي بزرگن جي تعليم تي عمل ڪن ۽ اهڙن مڪار مرشدن جي مڪاري کي سمجهي، اُنهن وٽ نه ڦُرجن ته فريبڪارين جا اُهي هيڏا سارا بُت ڊهي مِليا ميٽ ٿي وڃن. سچل سائين اهڙن ٺڳن مرشدن کي لُٽيرو سڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ مُلڪ کي اِهي لُٽيرا لُٽي رهيا آهن، هُو اِهو نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ مڪر وارن کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو، اهي الله پاڪ سان به اٽڪلون ٿا ڪن، پاڻ مريد ڪري ماڻهو ڦرڻ واري عمل کي ننديو آهي، ۽ چيو آهي ته، مريد ڪرڻ جو خيال نه رکو، عاشق بنجي نِروار ٿيو، ٻيائي ٻوڙي ختم ڪريو، مذهبي ڪٽرپڻو ڇڏي ڏيو، مان ۽ مون واري فلسفي کان بچو، جو پاڻ ڀائڻ سان انسان جي اندر جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، سچل سائين پنهنجي سچ جو سنيھو ڏيندي چوي ٿو ته:
    مَڪر سان مُلڪ کي، ٿا لُٽيرا لُٽين،
    وَ الله خيرُ الماڪرين، سچل تان سمجهين،
    ڪَريو پيا ڪَرين، اَٽڪلون الله سان!
    يا
    مُريد ڪَرڻ جو خيال نه رَکجانءِ عاشق ٿِج نِرالو،
    دِين مَذهب ٻوڙ ٻِيائي، مَست فَرح مَنوالو،
    مَان ۽ مُون جي سودي اَندر مَتان ڪَڍين ڏيوالو.
    سچل حق آهي، سچل سارو سچ آهي، سچل عاشقن جو اڳواڻ آهي، سچل سنڌ جو منصور آهي، سنڌ اندر صوفي سلسلي ۾ سچل سائين هڪ يگاني رُوپ وارو بزرگ آهي، هن بزرگ تعصب پرستن تي جيڪي وار ڪيا، اهڙا وار سچل کان نه اڳ ڪنهن صوفي ڪيا نه سچل کان پوءِ ڪنهن ڪيا! اهڙيءَ طرح سچل سائين بي شمار وصفن جي مالڪن هُجڻ سان گڏ وڏو وطن پرست وڏو قوم پرست هو، سندس وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جا مثال هن کان وڌيڪ ٻيا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، جو پاڻ عام مسلمانن وانگر مقدس جاين تي وڃي مرڻ جون دعائون ڪونه گهريون، نه وري اتان جي پٿرن کي گهوٽي سُرمو ڪري اکين ۾ پائڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس، هن رسول صلعم جي هن حديث ته، ’حُب الوطن مِنَ الايمان‘ کي نرت ۽ سرت سان سمجهي، بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو ته مُنهنجو ديس سهي نموني سان سنڌ جو ڳوٺ ’درازا‘ آهي ۽ مڪي جو رهواسي سڏايائين نه وري مُلتان جو مُلتاني سڏايائين، بلڪل صاف صاف چيائين ته:
    ديس سَچل دا درس دَرازا، نه مَڪا، نه مُلتانا!
    سچل سائين سنڌ جي ڪُک مان جنم ورتو هو، ديس واسي کيس ڏاڍا پيارا هئا، جيئن جسم جي ڪنهن عضوي ۾ درد پيدا ٿيندو آهي ته سڄو جسم بيقرار ٿي ويندو آهي، اهڙيءَ طرح سچل سائين هر ديس واسيءَ جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ٿي سمجهيو، پوءِ اُهو هندو هُجي يا مسلمان، پاڻ ديس واسين کي دعائون ڪري چيائين ٿي ته سدائين سَرها هُجن ۽ سدائين پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي آباد هُجن، ٻئي ڪنهن ملڪ جا محتاج نه وڃي ٿين، هن ڌرتيءَ تي ئي خوش رهن! پاڻ سنڌين ۾ شعور ۽ سُجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مست رهيو، کين قوم پرستيءَ جون رمزون سيکاريندي چيائين ته غيرت وارا انسان ٻنيون ۽ ونيون نه ڇڏيندا آهن، جوان اُن کي چئبو آهي، جيڪو ننگن ۽ دنگن تان قربان ٿي وڃي، ٻني ۽ ونيءَ ڇڏڻ وارا انسان ديس لڄائيندا آهن، سچل سائين قومي سُجاڳيءَ جا سڏ هن طرح ڪياآهن ته:
    سَنگهاري سَاڻيهه شَل هُئَن سَدائِين سَرها،
    وَڃن نه پرڏيهه خُوش گُذارِين اُتَھِين.
    يا
    هِڪ جُوءَ ٻِي جوءِ، ڇَڏين ڪِين جُوان،
    اُهي ئي انسان، جي نَنگن تَان نِثار ٿِيا.
    يا
    هڪ جُوءَ ٻي جوءِ، مَرد نه ڇَڏين مينڌرا،
    تو پڻ پِرين پوءِ، ڪَوه لَڄايو ڪَاڪَ کي.
    سچل سرمست جو پيغام هر دَور ۽ هر زماني لاءِ سچ جو سنيھو سمجهيو وڃي ۽ اُهو به سمجهيو وڃي ته اُهو ڪٽر مذهبي مُلو، جنهن سچل سائينءَ جي مخالفت ڪري، مٿس ڪُفر جي فتويٰ جاري ڪئي هُئي، سو اڃا جيئرو آهي ۽ سچل سائينءَ جي مُريدن ۽ عقيدتمندن تي ڏمر آهي، اُهو جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرو ۽ پير به زنده آهي، شل خدا خير ڪري!
    [روزاني عبرت حيدرآباد، خميس 27 سيپٽمبر 2007ع ۾ ڇپيو]


    سچل سائين پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي آئيني ۾

    مهراڻ جي ماٿري قديم الايام کان وٺي علم ۽ ادب جو سرسبز مرڪز پئي رهي آهي، هِن مُشڪان موچاري ۽ ڀلاري ڀُونءِ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، اُنهن مان سچل سرمست به هڪ آهي، سندس مسلڪ ۾ ڪٿي به ڌُڙي بندي، فرقي پرستي، تعصب پرستي، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اُوچ نيچ جي متڀيد جو ذڪر نٿو مِلي، اِهي سڀ ڳالهيون وٽس بلڪل فضول ۽ بي معنيٰ هُيون. سچل سائينءَ جو اصلي نالو عبدالوهاب هو، جيڪو سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو، پر ٻالڪپڻ ۾ ئي ’سچو‘ ۽ ’سلڇڻو‘ هجڻ ڪري، سندس چاچو ميان عبدالحق پيار وچان ’سچل‘ يا ’سچو‘ سڏيندو هو. سچل پنهنجي چاچي وارن لفظن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ حق ۽ سچ جو سودو ڪري، هن توحيد ۽ معرفت، عشق ۽ عرفان الاهيءَ جا واهڙ وَهائي ڇڏيا. سچل جي جڏهن شاهه عبداللطيف سان ننڍڙي عمر ۾ ملاقات ٿي هُئي ته، شاهه سائين سندس لاءِ فرمايو هو، ’اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُنهيءَ جو ڍَڪڻ هي نينگر لاهيندو!‘ ڀٽائي گهوٽ جي ڪُني جي ڍڪڻ لاهڻ وارو نينگر، جنهن کي اسان سچل سرمست ٿا چئون، سو 1739ع ۾ ضلعي خيرپور جي ڳوٺ درازا ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو صلاح الدين فاروقي آهي، هُو اڃا ٻاڙرو ئي هو ته سندس سِرتان پدري شفقت جو هٿ لهي ويو ۽ هُن پنهنجي ڏاڏي خواجا ميان صاحبڏنو ۽ پوءِ پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق وٽ پرورش پاتي، سندس جسماني پرورش سان گڏ، رُوحاني پرورش به ٿي، پاڻ جڏهن پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق جي هٿ تي بيعت ڪئي، تڏهن کين ظاهري باطني علم عطا ٿيو ۽ پاڻ فرمايائون:
    لانفي جو ڪَلمو، مُون کي مُرشد پاڻ پَڙهايو،
    نَابُودي جي نَشي اَندر، ستگر سير ڪرايو،
    هٿيو ڏئي همت وارو، سارو بار کڻايو.
    خواجا عبدالحق جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پُٽ سخي قبول محمد پيءُ جي گادي سنڀالي ته سچل سائين هن جي شفقت هيٺ رهيو، اهڙيءَ طرح پنهنجن بزرگن جي پرورش هيٺ رهڻ ڪري، هُو پنهنجي دَور جو وڏو عالم، صوفي، تصوف جو شهنشاهه، حقيقت ۽ معرفت جي رمزن جو راڻو ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان بُلند و بالا هو، هُو هڪ اهڙو صوفي بنجي ويو، جيڪو ’لَڪُم دِينڪُم وَليَ الدِين‘ جو عملي پيروڪار هُئڻ سان گڏ واصل با الله ۽ فنافي الله پڻ هو، جنهن خود خدائي نُور جي تجلين جو مشاهدو ماڻيو هو، هن کي مالڪ حقيقيءَ جي سڀني اِسرارن ۽ رَمزن جي ڄاڻ هُئي، هن کي دين ڌرم جي نالي ۾ بيگناهه قتل غارت، اجائي ڦُرلٽ، مارڌاڙ ۽ جهيڙن جهڳڙن واري ڳالهه پسند بلڪل ڪانه هُئي، اِهو ئي سبب هو، جو پيٽ پُوڄاري مُلن مولوين ۽ هروڀرو مرد - مؤمن ۽ مرد- مجاهد سڏائيندڙن سان ڪانه لڳندي هُئس، سندس سرائڪي ڪلام جي هڪ سِٽ آهي ته:
    ڪوئي هووي جو ملي نون ماري سچل سچ الاياهي!
    سچل سائينءَ جي ڪلام جي هن سِٽ جو اهو مطلب نه آهي ته اوهان لَٺيون ڪُهاڙيون کڻي مُلا ماري ڍير ڪريو، سندس مطلب آهي ته اوهان مُلن جي تشريح ڪيل مذهبي ڪٽرپڻي واري دين کان ڀڄي پاسو ڪريو، ڇو ته هُو مذهب جي نالي ۾ انسانن کي ڪُڪڙن، ڪُتن ۽ ٻِلن وانگر ويڙهائي، رتو ڇاڻ ڪري، تباهه ٿا ڪن، ۽ ايتريون نفرتون وڌي وڃن ٿيون، جن جو ڪو حساب ئي ڪونهي! هن جو خيال هو ته دنيا ۾ انسان هڪ آهي ته پوءِ سندس مذهب به هڪڙو ئي هُجڻ گهرجي، جنهن ۾ محبت ئي محبت هُجي، هي نفرت ۽ ويڙهه بلڪل اَجائي آهي، مذهب انسانن کي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهڻ جو درس ٿو ڏئي، ته پوءِ هي جهيڙا جهڳڙا ڇو؟ هنن جهيڙن جهڳڙن ۽ نفرتن کي ڏسي بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ خون خرابن ۽ نفرتن جو ذميوار مُلن مولوين جو تشريح ڪيل ڪٽرپڻي وارو مذهب آهي، جيستائين اُهو ڪٽرپڻي وارو مُلن وارو مذهب موجود آهي، تيستائين اِهي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ختم نه ٿينديون، سندس چوڻ هو ته مُلن مولوين جي مُلائيت ۽ فرقيواريت وڌي وڃڻ عذاب اِلاهي آهي، اُنهن پنهنجي مڪر ۽ فريبڪارين سان انسانن کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه هي پنهنجي هِڪ هَٽي کي قائم ڪرڻ خاطر ڪري رهيا آهن، اُهي عقل جا انڌا وحشانيت پيدا ڪري رهيا آهن، اوهان جڏهن مُلن جي مُلائيت کي سمجهي پاڻ بچائيندؤ ۽ ٻين کي به بچائيندؤ ته اڳتي هلي مُلا مولوي پنهنجي موت مري ويندا ۽ سندن مذهبي مڪاريون ازخود ختم ٿي وينديون ۽ انسانيت سُک جو ساهه کڻندي، اِهو ئي آهي مُلن کي مارڻ جو مفهوم، جنهن سان منهنجو هي خواب پورو ٿيندو ته:
    مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مَان،
    جيئن بجلي بادل سان، شامل آهي سُپرين.
    ڀٽائي گهوٽ جو هڪ بيت آهي ته:
    رَوزا نِمازُون، اِيءُ پڻ چَڱو ڪَم،
    اُهو ڪو ٻِيو فَهم، جنهن سان پَسين پِرين کي.
    سچل سائين، شاهه سائينءَ جي ڪُني جو ڍڪڻ لاهي، سندس مٿئين بيت جي فهم واري فلسفي جي سمجهاڻيءَ لاءِ هن بيت کي پيش ڪيو آهي ته:
    مَذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو مُنجهايا،
    شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀُلايا،
    ڪي نوڙِي نِمازون پڙهن، ڪِن مَندر وَسايا،
    اوڏا ڪِين آيا، عَقل وارا عِشق کي.
    اهو سچل سائين جو وڏو سچ هو، جنهن سان سندس وقت ۾ مُلن کي مِرچ لڳا هُئا ۽ مٿن ڪُفر جون فتوائون جاري ڪيون ويون هُيون، ڏٺو وڃي ته اڄ به اهڙا مُلا مولوي موجود آهن، جيڪي سچل سائينءَ جي فڪر جا انڪاري آهن، ۽ سچل سائينءَ جي پيروڪارن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سچل جا اُهي پيروڪار هنن لاءِ ڪي وڏا ڌاڙيل آهن، حافظ شيرازيءَ جو قول آهي ته:
    گبنده عشقم راز هر دوجهان آزاد م!
    يعني آءٌ عشق جو غلام آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.
    سچل سائين ساڳي ڳالهه هن طرح ڪئي آهي ته:
    جيئڻ آهي جڳ ۾، بنا عشق عذاب!
    يعني عشق کان سواءِ زندگي جنجال بڻجي ٿي وڃي، اُن عذاب مان نڪرڻ لاءِ عشق جي رهبريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي، حافظ شيرازي هڪ غزل ۾ حُسن جي باري ۾ چيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته: ”بادشاهي تاج پهري تخت تي ويهي، حڪومت هلائڻ ۽ دنيا جي فڪر ۾ گذارڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن حسين چهري جو دل کولي ديدار ڪجي!“
    سچل سائين به ساڳي پنڌ جو پانڌيئڙو هو، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ هر هنڌ حُسن پرستي نظر پئي اچي، ايتريقدر جو حسينن کي زيب زينت وارن لباسن پائڻ، اُن سان گڏ سُٺا زيور پائڻ ۽ هار سينگار ڪري وڌيڪ سهڻي ٿيڻ جون صلاحون ٿي ڏنائين، ۽ اِلتجا ڪندي محبوب کي چوي ٿو ته: پنهنجي چهري تان پردو هٽاءِ، جو آءٌ تُنهنجو سُهڻو چهرو ڏسڻ آيو آهيان!
    سچل سائين پنهنجي جادو بيانيءَ جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
    گُهنڊ کول ديدار وِکائو، مين آيا مُک وَيکڻ،
    پايا زيب پيران، وچ ڪڙيان پايل ڪُون ڇمڪائو،
    مين آيا مُک وَيکڻ
    نال اسانڏي دلبر سائين، الله لَڳ ته لائو!
    مين آيا مُک وَيکڻ
    روا نوري، سبز چولا، هيري نال جڙائو،
    مين آيا مُک وَيکڻ
    حَال سَچل دَا مَعلوم تيڪُون، سَائل ڪُون نه سَتائو،
    مين آيا مک ويکڻ
    سچل سائينءَ جي اندر ۾ عشق اِلاهي جو درياهه اُڇلون ڏئي وَهي رهيو هو، جنهن ۾ هُو هميشه تڙڳندو ٿي رهيو، ڦُوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي نفس کي قابو ڪيو هُئائين، پر حُسن پرستي تمام گهڻي هُئس، جيڪا پيريءَ تائين هليس، پر زندگي ڀر ڪو اجايو پير ڪونه کنيائين ۽ پاڪن پاڪ رهيو، هن لاءِ حُسن پرستي واري رُوحاني لذت ڪافي هُئي، شادي جو به گهڻو خيال ڪونه هُئس، پر پنهنجي هادي ميان عبدالحق جي اصرار تي سندس نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، نه ته شادي جو اونو ڪونه هُئس، اُن شاديءَ مان کيس هڪ پُٽ به ڄائو هو، ڪُجهه وقت کان پوءِ خيرپور جي مير رستم خان جو پٽ مير محمد حسن سخت بيمار ٿي پيو، حڪيمن ۽ طبيبن کان گهڻو ئي علاج ڪرايو ويو، پر ڦَڪين فرق نه ڪيو، آخر مير رُستم خان، سچل سائينءَ کي روئي چيو قبلا سائين! واهر ڪري ڪا دعا ڪريو، پُٽ هٿن مان ٿو وڃي! پاڻ دُعا گُهريائون ۽ پوءِ مير رُستم کي مخاطب ٿيندي چيائين ته، ’آءٌ تنهنجي پُٽ جي عيوض ۾ پنهنجو پُٽ خدا کي ٿو ڏيان!‘ پوءِ پاڻ خيرپور ۾ ئي هُئا ته سندس پُٽ زماني مان موڪلائي ويو ۽ مير رُستم جو پُٽ چڱو ڀلو ٿي اُٿيو. چون ٿا ته هڪ ڀيري سچل سائين، ڪنهن غريب جي ڪم لاءِ مير سهراب خان ۽ سندس پُٽ مير رُستم خان وٽ خيرپور ويو، ميرن جي ڪمرن ۾ بندوقون ٽنگيل ڏٺائين ۽ هٿ جو اِشارو ڪري، ميرن کان پُڇيائين ته هي ڇا آهن؟ ميرن چيو ته قبلا سائين! هي بندوقون آهن، هنن سان اسان شينهن جو شڪار ڪندا آهيون! سچل سائين کين چيو ته، شينهن ڪنهن جي مارڻ جو آهي ڇا؟ خوشامندڙين چيو، ها، هن بندوق هيترن قدمن تي شينهن ماريو! ۽ هن بندوق هيترن وِکن تي شينهن ماريو! ائين وٺي گوڙ ڪيائون ۽ ميرن به نوڪرن جي پُٺڀرائي ڪئي، جنهن تي سچل سائين جي طبع ۾ تمام جوش اچي ويو. چون ٿا ته، سندس صورت ۾ اهڙو تغير پيدا ٿيو، جو هُو شينهن بنجي ويو ۽ شينهن واري گجگوڙ ڪري اُٿيو! سندس اِها ڪيفيت ڏسي خوف مان ميرن کان جُتيون پائڻ به وِسري ويون ۽ پيرين اُگهاڙا خوف مان نوڪرن سميت اُن جڳهه مان نڪري ٻاهر ڀڳا ۽ پوءِ سچل سائينءَ کان اُن گُستاخيءَ جي معافي ورتائون، اُن کان پوءِ سچل سائين ۾ سندن اعتقاد وڌيو ۽ وٽس وقت به وقت زيارت لاءِ ايندا ويندا هُئا. هڪ ڀيرو مير ننڍا وڏا شڪار تان موٽيا هُئا، چيائون ته سچل سائينءَ کي پيرين پوندا هلون، سو لڙي آيا، اُن وقت سخت گرمي هُئي ۽ سچل سائين بدن کي ميٽ هنيو، کُوهه تي وهنجڻ جي تياري ۾ هو، وڏا مير گهوڙن تان لھي بيهي رهيا، جو سچل سائينءَ کي ميٽ لڳل هو، دل ۾ خيال ڪيائون ته متان ڪپڙا خراب ٿين! ۽ بيٺي خوش خيرعافيت ڪيائون، مير علي مراد خان، جيڪو سڀني کان ننڍو ۽ تمام سُهڻو سيبتو هو، سو پُٺتي هو، جڏهن پهتو ته گهوڙي تان لهي پيو ۽ وڏن ميرن کي بيٺل ڏسي سمجهيائين ته هُو پيرين پئي بيٺا آهن، تنهن ڪري پاڻ هڪدم وڃي سچل سائينءَ جي قدم بوسي ڪيائين ۽ ڪپڙن خراب ٿيڻ جو ڪو خيال نه ڪيائين، جنهن تي سچل سائين تمام گهڻو خوش ٿي کيس ٻنهي اکين تي چُميون ڏئي دُعا ڪيائين ۽ وڏن کي چيائين ته توهان مُنهنجي جسم تي ميٽ ڏسي، پري بيهي رهيا، پر هي ميٽ نه پر ميندي هُئي، جنهن جو رنگ هن ننڍڙي مير کي لڳو آهي، پوءِ اهو سچ ثابت ٿيو، جو اُهو مير وڏي نالي وارو شاعر ۽ روشن خيال عاشق مزاج ٿيو. سچل سائينءَ جي بيماريءَ جو علاج راڳ رنگ ۽ ساز آواز سان ٿيندو هو، هڪ ڀيري کيس خوني پيچش ٿي پيا، جنهن لاءِ ستيون ڦڪيون به کاڌائين، پر پوءِ به فائدو ڪونه ٿيو ۽ ڏاڍو ضعيف ٿي لُڙهي پيو، سخي قبول محمد کي سندس حُسن پرستي ۽ راڳ ويراڳ جي شوق جي خبر هُئي، تنهن مير رُستم خان ڏي چَورائي موڪليو ته، سچل اَگهو ٿي پيو آهي، اوهان ڳائڻيون موڪليو! بس حُڪم جي دير هُئي، مير به ٽي ڳائڻيون ۽ ناچڻيون هار سينگار ڪرائي موڪلي ڏنيون، جيڪي ڳائينديون وڄائينديون، سچل سائين وٽ پهتيون، هُو اُنهن کي ڏسي اهڙو ته خوش ٿيو، جو ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ ساڻن گڏجي نچڻ ڳائڻ لڳو ۽ بلڪل چاقُ چڱو ڀلو ٿي ويو. چون ٿا ته سال اڌ کان پوءِ سچل سائين وري اَگهو ٿي پيو، اِها خبر جڏهن لآڙڪاڻي جي جيوائي نالي ڳائڻي کي پئي، جيڪا حُسن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئي ۽ ڳائڻي به ڀلوڙ هُئي، سا کيس پُڇڻ لاءِ شهر درازا ۾ پهتي، هار سينگار ڪري، پيشواز ۽ ڇيرون پائي، ڳائيندي، نچندي، سچل سائينءَ جي ڪمري ۾ آئي، جتي هُو سُتل هو. سچل سائين کيس ڏسي چيو ته، بسم الله اسان جا طبيب، اسان جا حڪيم آيا آهن! ائين چئي ٽپ ڏئي اُٿيو، ڄڻ بيمار ئي ڪونه هو ۽ ساڻس گڏجي نچڻ ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويو ۽ نؤ بنو تازو توانو ٿي پيو.
    سچل سائين جي کاڌ خوراڪ، عادتون ۽ لياقتون:
    سچل سائين جا وڏا تمام سادگي پسند هُئا، وٽن مخدوم غوث بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني مهمان ٿي آيو ته سندن ڏُٿ تي گذران ڏسي، کين ڏوٿڙ جو لقب ڏنائون، يعني ڏُٿ تي گذران ڪرڻ وارا! اُن جو اثر سچل سائين تي نمايان هو، سندس کاڌ خوراڪ بلڪل سادي سودي هوندي هُئي! ڏينهن جو ڏُڌ ۾ لوڻ مرچ وِجهي، اُن ۾ ٽُڪر ٻوڙي کائيندو هو، يا ماني ڀوري، ڪُٽي کائيندو هو، نه ته اڪثر روزي ۾ رهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گوشت جو شوربو کائيندو هو، اڳتي هلي اُهو به بند ڪيائين، هُو ڏاري جي رَٻ ۽ دال پسند ڪندو هو، رات جو اڪثر کاڌو نه جي برابر کائيندو هو، يا کائيندو ئي ڪونه هو، هن پنهنجي هٿ سان ڪنهن حلال جانور يا پکي کي ڪونه ڪُٺو ۽ نه وري ڪو شڪار وغيره ڪيائين، رات جو گهٽ سُمهندو هو، اڪثر ڪاٺ جي صندلي تي مُراقبي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو هوندو هو، جوانيءَ ۾ پنج وقت نماز به پڙهيو، پر موج مستيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ نماز به ڇڏي ڏنائين ۽ استغراق ۾ پيو هوندو هو، ڪڏهن وري مستي ۽ وجد جي حالت ۾ پيو نچندو ڪُڏندو هو، سني ۽ شيعي وارو فرق نه رکندو هو، اهلبيت لاءِ وڌ مان وڌ محبت هُئس، عاشورن ۾ مرثيه خوانيءَ سان گڏ ماتم به ڪندو هو، شِدت پسنديءَ واري مذهبي ڪٽرپڻي کان تمام گهڻو پري هوندو هو، پئسي جي لالچ اصل ڪانه هُوندي هُئس، جي ڪٿان چار پئسا مِلندا هُئس ته ٻين کي ڏئي ڇڏيندو هو، مير ڪڏهن راڳ رنگ جي محفل رچائيندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا ۽ سچل سائين اُن محفل ۾ هوندو هو ته شراب پيئڻ جي منع نه ڪندو هو، پر پاڻ عشق جي نشي کان سواءِ ٻيو ڪوبه نشو نه ڪندو هو، سچل سائين پاڻ ڳائيندو وڄائيندو هو، هُو راڳ جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. چون ٿا ته، جڏهن سارنگي ۽ طبلي تي هٿ لڳندو هو ته هو هڪدم بي خودي جي عالم ۾ هليو ويندو هو ۽ سندس مٿي جا وڏا وار بلڪل اُڀا ٿي ويندا هُئا ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هُئس، شعر، مستي ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ چوندو ويندو هو، منشي ۽ فقير لکندا ويندا هئا، جڏهن هوش ۾ ايندو هو، تڏهن ٻُڌائيندا هئس ته قبلا سائين! اوهان هي هي چيو آهي! پاڻ چوندو هو ته، بابا! اِهو سڀ ڪجهه چوڻ واري چيو آهي، مون کي ته خبر به ڪانهي! پوءِ فقير سندس چيل ڪلام گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڪري رکندا ويندا هُئا. چون ٿا ته، اُنهن ڪتابن مان ڪُجهه لِکڻيون پاڻ ئي ساڙائي ٻوڙائي ڇڏيون، چي! متان اِهي ڳالهيون عام ماڻهن جي سمجهه ۾ نه اچن ۽ ڀُلجي نه وڃن! باقي مختلف ٻولين ۾ رهيل ڪلامن ۽ بيتن جو اندازو نو لک ڇٽيهه هزار ڇهه سئو ڇهه آهي، اُنهيءَ کان سواءِ فارسي تصنيف ’ديوان آشڪار‘ آهي، جنهن ۾ غزل مثنويون ۽ رُباعيون وغيره ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي!
    سچل سائينءَ جا مُريد خادم ۽ ٻالڪا:
    سچل سائينءَ جي سچائي، صفائي ۽ پيار محبت ڏسي، ڪافي ماڻهو سندس مُريد خادم ۽ ٻالڪا بڻجي ويا، اُنهن ۾ هڪڙو لاڙڪاڻي جو صالح فقير مشهور آهي، جنهن کي پنهنجو طالب بڻائي دُعا ڪيائين، جنهن کي اهڙو رنگ لڳو، جو سيلاني بنجي ويو، جيڪو خراسان ۽ قنڌار ۾ وڃي، وڏي ناليوارو درويش ظاهر ٿيو ۽ اُتان جي ڪيترن ئي پٺاڻن کي پنهنجو مريد بڻايائين ۽ اُتي ئي رهيو، ٻيا فقير جيڪي درازا ۾ سچل سائينءَ جي خدمت ۾ رهندا هُئا، جن ۾ سيد دين شاهه، پير شاهه، حيدر شاهه، خير شاهه، يوسف فقير کوکر، جيڪو پوءِ يوسف نانڪ سڏجڻ لڳو، يعقوب فقير، گهرام فقير جتوئي، شير خان فقير نڀرو، محمد صالح، فقير دونهين وارو، محمد صديق، فقير لاڙڪاڻي وارو، عثمان فقير، چاڪي لاڙڪاڻوي قابل ذڪر آهن، اُنهن فقيرن مان يوسف فقير، جيڪو پوءِ يوسف نانڪ ٿيو ۽ يعقوب فقير تي سچل سائينءَ جو ڏاڍو راز هو، اُهي ٻئي فقير وڏا درويش ٿيا ۽ شاعري به ڪيائون، جنهن ۾ يوسف نانڪ جو هي ڪلام مشهور آهي، جيڪو هن پنهنجي مرشد سچل سائين جي بيماريءَ دوران دُعا طور چيو هو ته:
    عُمر درازا تيڏي، الله نگهبان هووي،
    علي دي اَمان هووي، پنجتن دي ڇانو هووي!
    سنڌ ۾ هن ڪلام جي تمام وڏي مقبوليت آهي، جيڪا هڪ دُعا سمجهي ويندي آهي.
    سچل سائينءَ جي شڪل شبيهه ۽ پوشاڪ:
    سچل سائين، وِچولي قد جو، رَنگ موافق ۽ صاف هوندو هوس، نڪ ۽ پيشاني ڀورا بيٺل، اکيون وڏيون، چاپهين ڀنڀي ڏاڙهي مبارڪ، مٿي جا وار وڏا، مٿي ۾ فقيراڻو سائي رنگ جو تاج پائيندو هو، ڪُلهن تي سفيد چادر يا ڪاري کٿي ڍڪيندو هو، پيرن ۾ سنڌي جُتي پائيندو هو، ڪڏهن پير اُگهاڙا ڪري گُهمندو هو، هٿ ۾ لٺ کڻي هلندو هو، پَٽ تي تڏو وِڇائي سُمهندو هو، ڀر ۾ تنبورو رکندو هو!
    وَهٽ تي گهٽ چڙهندو هو، اڪثر پنڌ هلندو هو، لکندو گهٽ هو، ڳنڀير خيال ۾ رهندو هو، سچ ڳالهائيندو هو، رات جو آرام گهٽ ڪندو هو، سڄي رات ڪاٺ جي صندلي تي مُراقبي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هوندو هو، وڌيڪ سندس صورت بابت نانڪ يوسف جون هي ٻه سِٽون ڪافي ٿو سمجهان ته:
    مُک مصحف، سڄڻ تيڏي صورت،
    مُورت الله بسم الله، حمد لله
    سچل سائينءَ جي ولادت سنڌ لاءِ سعادت ثابت ٿي، جو هُن جي فڪر ۽ فيض سان سنڌي ماڻهو مُلن ۽ مولوين جي مذهبي ڪٽرپڻي واري مصيبت کان بچي ويا، هن چيو ته:
    پنهنجي ذات لِڪائي، ڪيئن ٻي ذات سَڏايان،
    اَعليٰ اَعظم شَان جي، نوبت نِينهن وَڄايان،
    مَنصوري جي موج ۾، ٿو اَنا الحق الايان!
    پاڻ زندگي ڀر چوندو هو ته، مون کي مالڪ حقيقيءَ وٽان عمر 105 سال مليل آهي، پر آءٌ 15 سال اڳ ۾ سرڪار جي سلام تي ويندس، يعني پيالو ڪندس ۽ اِئين ئي ٿيو، جو هُو 1829ع جي مطابق هجري سن 1242 جي رمضان مهيني جي 14 تاريخ فجر مهل سنڌ جي ماڻهن کي الوداع چئي، مالڪ حقيقي جي حُضور ۾ وڃي حق موجود چيائين.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، سومر 15 سيپٽمبر 2008ع ۾ ڇپيل.]


    شاهه لطيف پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي آئيني ۾

    شاهه لطيف، جنهن کي اسان عقيدت ۽ محبت سان ڀٽائي گهوٽ يا لاکيڻو لطيف به چوندا آهيون، سندس والد ماجد جو نالو سيد حبيب شاهه آهي، جنهن کي پهريائين اولاد ڪونه هو، پوءِ ڪنهن پهتل بزرگ کان اولاد ٿيڻ لاءِ دُعا گُهرايائين، پوءِ اُن بزرگ دُعا ڪري چيس ته تو کي پُٽ ڄمندو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ، جيڪو زماني جو غوث ٿيندو، پوءِ سِگهو ئي سيد حبيب شاهه کي پُٽ چائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، جيڪو سِگهو ئي راهه رباني وٺي ويو، وري ٻيو پُٽ ٿيس، اُن جو نالو به عبداللطيف رکيائين، اُهو ننڍي عُمر ۾ ئي وفات ڪري ويو، وري ٽيون پُٽ ٿيس، اُن جو نالو به ساڳيو عبداللطيف رکيائين، جيڪو زنده رهيو، جهڙو هُيو سندس نالو، تهڙو ئي پاڻ لطيف هو، هُو عبداللطيف هو ۽ ساڳي وقت عبد توڙي لطيف هو، عبديت ۽ لُطافت سندس شاعريءَ ۾ فڪري فيض ۽ پيغام جا چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙا ٻه روشن رُخ آهن، جن جي سوجهري ۾ ئي شاهه سائينءَ جي ڪلام کي صحيح سمجهي سگهجي ٿو، جهڙي طرح مولانا جلال الدين رُومي جي مثنوي متعلق مشهور آهي ته:
    مثنوي و مدنوي و مولوي
    هست قرآن در زبان پهلوي!
    تهڙي طرح سنڌ جي سُهڻي ڌرتيءَ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف پنهنجي شاعريءَ کي، پنهنجي فڪر ۽ پيغام جو ذريعو بنائيندي چيو آهي ته:
    جي تو بيت ڀَانئين، سي آيَتُون آهِين،
    نِيو مَن لائِين، پِريان سَندي پَار ڏي!
    شاهه سائينءَ جي هن بيت جي، سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ بزرگ هستي حضرت عبدالرحيم گرهوڙي حمايت ڪندي چيو ته:
    آهي عبداللطيف جو اسان تي احسان،
    جنهن جوڙي قرآن، سنڌيءَ ۾ سَهي ڪَيو!
    سندس ننڍپڻ جا ڏينهن:
    سندس شروعاتي پالنا، سندس امڙ ۽ پيءُ سيد حبيب شاهه جي دست شفقت هيٺ ٿي، هُو جڏهن ڇهن ستن سالن جو ٿيو ته کيس آخوند نور محمد ڀَٽيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو، اُستاد کيس پٽيءَ تي شروعاتي سبق ڏيندي چيو ته: چئو ’الف‘ ڀٽائي گهوٽ چيو ته ’الف‘ وري استاد چيس ته: چئو ’ب‘ ڀٽائي گهوٽ چيو ته: ’ب‘ وڃي ٻين کي ڏي، مون لاءِ ’الف‘ ڪافي آهي! استاد کيس ’ب‘ چوڻ لاءِ گهڻو ئي چيو، پر هن ڪابه نه ٻُڌي، آخر کيس پيءُ سيد حبيب شاهه وٽ وٺي آيا ۽ سڄو احوال ڪري ٻڌايائونس، سيد حبيب شاهه وڏو داناءُ هو، جنهن پنهنجي پُٽ جي رمز سمجهي ورتي ۽ ٽپ ڏئي اُٿيو ۽ معصوم پُٽ کي ڀاڪُر پائي، مٿي کڻي سندس اکين تي چُميون ڏئي چيو ته، پُٽ تون حق تي آهين، ليڪن ظاهري سبق جو اهو هڪ نمونو آهي! گهڻن ماڻهن جي اِها راءِ آهي ته، شاهه سائين ڪنهن مُلا مولوي وٽ ظاهري تعليم ڪانه ورتي هُئي، هو ڄمندي ڄام هو، جو سڀني علمن ۽ فن جو وڏو ماهر هو، کيس دُنوي علمن تي قدرت حاصل هُئي، جنهن کي خدائي ڏات چيو وڃي ٿو، اُنهيءَ لاءِ سندس واضح لفظن ۾ هي گواهي آهي ته:
    سي اَڻ پَڙهيا ئِي پَڙهيَا ٿِيا، جِن پَڙهايو پَاڻ،
    ٻِيا ڪُوڙين ڪِتابن سَاڻ هُونئين وَتن هَلندا.
    يا
    اَکر پَڙهه اَلف جو، ٻِيا وَرق وَرَائين ڪَوهه،
    آهي اُهو ئِي ڏَوهه، جيئن سَمجهين ڪِينَڪي.
    يا
    هَنڍَائِج هِينئين ۾، اَلف سَندي اَوڙ،
    تَه ڪِتابَن جِي ڪوڙ، مَنجَهائين مَعلوم ٿِئي.
    هنن بيتن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس عِلم جي عطايت خود خدا کان ٿي هُئي.
    سندس ننڍي هُوندي جون عادتون:
    شاهه سائين اڪيلائي کي گهڻو پسند ڪندو هو، ويهندو هو ته جهنگ طرف منهن ڪري ويهندو هو، ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون گُهمندو وتندو هو، جي ويهندو هو ته خيالن ۾ گُم نظر ايندو هو، هو رُوحاني اک رکندڙ هو، هُن کي ڪائنات جي ڪُل شين ۾ خُدائي نُور نظر ايندو هو، اهڙي وقت ۾ هن عاشق بي ساخته چئي ڏنو ته:
    اَيڪ قَصَر دَر لَک ڪوڙين ڪَڻِس ڳڙکيُون،
    جَيڏانهن ڪَريَان پَرَک، تَيڏانهن سَڄڻ سَامهون.
    يا
    ڪَيو مُطالعو مُون، هُو جَو وَرق وِصَال جو،
    تَنهن ۾ تُون ئِي تُون، ٻِي لات لَحظي جيتري.
    چون ٿا ته هڪ ڀيري ٻين ٻارڙن سان گڏ لِڪ ڇِپ راند ڪندي واريءَ جي دڙي جي ڀر ۾ هڪ ڪِريل وڻ جي پُور ۾ گهڙي لِڪي ويهي رهيو، اُتي ڪو اهڙو خيال اچي ويس جو راند وسري ويس، ٻيا ڇوڪرا به هليا ويا، ڪنهن به هن جي سار ڪانه لڌي، پاڻ ٽي ڏينهن وڻ جي پُور ۾ لِڪو ويٺو هو، سيد حبيب شاهه کيس ڳوليندو، اُن ڪِريل وڻ وٽ اچي پهتو ته سندس ڪپڙي جي ڪُنڊ ٻاهر ڏٺائين، جيڪا هوا جي لڳڻ ڪري ڪُجهه لٽجي به وئي هُئي ۽ سمجهيائين ته منهنجو لاڏلو اتي آهي، جيڪو جيئرو به آهي، الائي نه! تڏهن چيائين ته:
    لَڳي لَڳي وَاءُ، وِيا اَنگڙا لَٽجِي.
    جڏهن پيءُ جو اهو آواز شاهه سائينءَ جي ڪن تي پيو ته ڇِرڪ ڀري اُٿيو ۽ جواب ۾ چيائين ته:
    پَئي کَڻي پَسَاهه، پَسَڻ ڪَارَڻ پِرِينءَ جي.
    شاهه سائينءَ جو هندو فقيرن سان گڏجي سير سفر ڪرڻ:
    شاهه سائينءَ کي سير سفر ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، سو پاڻ ويس مٽائي، هندو سنياسي ۽ جوڳي فقيرن سان گڏجي، جبلن جو سير شروع ڪيو، جنهن ۾ گنجو ٽڪر، ڀڳو ٺوڙهو، کير ٿر، ڏاڙهيارو، هماليا، هاڙهو ۽ ڪارونجهر جهڙا ڪيترائي جبل گهمي ڏٺائين ۽ ڀنڀور لسٻيلي کان ڪيچ مڪران تائين ويو ۽ جبلن ۾ زيارتن جا هنڌ پڻ ڏٺائين، جنهن ۾ لاهوت لامڪاني، شاهه نوراني هنگلاچ ۾ ناني وغيره جون زيارتون ڪيائين، ڍنڍون، ڍورا، درياهه، سمنڊ جا ساحلي علائقا ۽ مورڙي جو ماڳ پڻ ڏٺائين، هُو هندو فقيرن سان ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون، مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال گُهمندو، ٿر بر جهاڳيندو رهيو، گرنار جيسلمير ويو، اُتي هڪ مريد وٽ مهمان وڃي ٿيو، اُهو مريد ويچارو ڏاڍو غريب هو، سو ڏاڍو پريشان ٿيو ته هاڻ ڇا ڪريان! سندس زال کيس پريشان ڏسي چيو ته، ميان! هڪ رستو سوچيو آهي، جنهن ۾ پنهنجو ڪم ٿي ويندو! مڙس پڇيس ڪهڙو؟ زال چيس، شهر ۾ هڪ هندو دُڪاندار آهي، جيڪو مُون تي عاشق آهي، پر آءٌ کيس ليکيندي ڪانه آهيان، جي اُن وٽ وينديس ته کاڌي پيتي لاءِ اوڌر تي سامان مِلي ويندو، پوءِ پيا ڏينداسون، غريب مريد لاچار ٿي، انهيءَ رٿ تي راضي ٿيو، مائي جڏهن دُڪان تي وئي ته سيٺ چيس، تُون اچڻي نه وڃڻي اڄ ڪيئن وڏا پير ڪيا اٿئي! مائي سڄو قصو ڪري ٻُڌايس، اِهو ٻُڌي سيٺ کي ڏاڍو اَچرچ لڳو ته مرشد ۾ ايترو اعتقاد ڪير ڪري! سو مُٺ ۾ هڪ ٻُڪ رُپين جو ۽ سيڌو سامان مفت ۾ ڏئي مٿي تي پوتي پهرائي، دين جي ڀيڻ ڪري موڪليائين ۽ پوءِ پاڻ به شاهه سائينءَ جو مريد ٿيو، اها ڳالهه جڏهن شاهه سائينءَ جي ڪن تي پئي، تڏهن چيائين ته مائي کي جس هُجي، جنهن خداڪارڻ بدنامي سَٺي، هن کي ڪَس ڪانه لڳندي، جنهن هتان جو ڪم به ڪيو ۽ هُتان جو ڪم به ڪيو، شاهه سائين پنهنجي خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
    تِن جَيسَلميراڻِيَن جَس، جَي اَلله ڪَارَڻ لَنڊيون ٿِيُون،
    اَديون عَبداللطيف چَئي، ڪَانه لَڳندن ڪَس،
    هِت به رَهايائُون رَسُ، هُت به گَڏيُون هَوت کي!
    شاهه سائين جو دُعا لاءِ مرزا مغل بيگ جي گهر وڃڻ:
    مرزامعل بيگ ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هُئا، جيڪا هاڻوڪي ڀٽ کان اڌ ڪوهه پري ڏکڻ طرف هُئي، مرزا تمام وڏو ماڻهو هو، پر سيد حبيب شاهه سان گهڻو ٺهيل هو ۽ هُن ۾ وڏو اعتقاد هوس، ڪنهن مشڪلات ۾ پوندو هو ته شاهه حبيب کان دُعا گهرائيندو هو ته اُها مشڪل دُور ٿي ويندي هُئي! هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ بيمار ٿي پئي، علاج معالج ڪرايائونس، پر ڪوبه سڌارو ڪونه آيو، آخر هُو شاهه حبيب کي دُعا لاءِ سڏڻ آيا، پر شاهه حبيب پاڻ ٺيڪ ڪونه هو، سو اُن عيوض شاهه لطيف کي وٺي ويا، اُن وقت نينگري وڏي چادر ۾ ويڙهجي سيڙهجي کٽولي تي سُتل هُئي، شاهه سائين مٿان اچي سندس هٿ جي چيچ پنهنجي هٿ ۾ وٺي، هي لفظ چيا ته ’جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لھر نڪي لوڏو!‘ هن ڳالهه تي مغلن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ تپي باهه ٿي ويا ۽ سيد کي ايذائڻ شروع ڪيائون، آخر کين اُتان لڏائي ڇڏيائون ۽ هُو ٻئي پاڙي ۾ وڃي ويٺا! کين اُتي به نه سَٺائون ۽ هُو ڪوٽڙيءَ مان لڏي ڀِٽ تي اچي ويٺا، مرزا مغل بيگ کي اُنهيءَ رمز جي ڪهڙي خبر ته طالب ۽ مطلوب جو تعلق روز ازل کان آهي، جيڪو سندن رُوحن جي پيدائش وقت ٿيو هو، اُنهيءَ ۾ سيد جو ڪهڙو ڏوهه! جو ڪا شئي پيدا ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪانه هُئي، نڪو گوشت پوشت، نه وري آدم جو ڪو وجود هو، رُڳو روح هُئا، اُنهيءَ وقت ۾ هن ڳانڍاپي جي ياد آهي، اُنهيءَ لاءِ شاهه سائين هن ڳجهه جي ڳالهه هن ريت ڪئي آهي ته:
    نَڪَا ڪُن فَيڪُون هُئي، نَڪَو لِڱ لَھم،
    بَنيو هو نَه بُت ۾ اَڃَا ڪِين آدم.
    ان دوران ڪي ڌاڙيل مردن جي غير موجودگيءَ ۾ مغلن جي ڪوٽ ۾ اچي پيا، ڪافي مال ملڪيت لُٽي هليا ويا، جڏهن مغل گهر آيا ته ڌاڙي جي ڳالهه ٻُڌي، هٿيار کڻي ڌاڙيلن جي پُٺيان لڳا، واٽ تي شاهه سائين پنهنجن فقيرن سان گڏ ڪاٺيون ڪري رهيو هو، سو اهڙي ڏُکئي وقت ۾ فقيرن سميت مُغلن سان مدد لاءِ گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مغلن کيس منع ڪئي ته تون اسان سان گڏجي نه هل! پوءِ به شاهه سائين ساڻن گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ته، مرزا مغل بيگ، شاهه سائينءَ کي ڌِڪا ٿيلها ڏئي گندا ۽ گُٿا لفظ ڳالهائي واپس ڪيو، شاهه سائينءَ کي اُن ڳالهه جو ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ بي اختياريءَ ۾ اچي چيائين ته:
    بيگ تُنهنجي بيگِي، رَهندي ڪوٽڙِيءَ ۾ ڪَانه،
    اَٿم آس اَندر ۾، دِل مَارينَئِي مَان!
    چوندا آهن ته فقير جي ٻولي، الله جي ٻولي هوندي آهي ۽ شاهه سائين جو اِهو چوڻ گُٿو ئي ڪين، اڳتي هلي مغلن جو مقابلو دَل ڌاڙيلن سان ٿيو، جنهن ۾ مرزا مُغل بيگ سان گڏ، سڀئي مغل مارجي ويا، باقي مغل بيگ جو هڪڙو ننڍڙو پُٽ، جيڪو گهر م رهيل هو، سو بچي ويو، اُهو واقعو 1713ع ۾ ٿيو، مُغلن جي عورتن ۽ ٻين عام ماڻهن چيو ته اِهو سيدن جو رنج وِڙهيو آهي! سو مغل ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ خوف ۾ گهيرجي ويا ۽ پوءِ سيدن کان معافي ورتائون ۽ مرزا مُغل بيگ جي نياڻي سعيده بيگم جنهن جي چيچ شاهه سائين پنهنجي هٿ ۾ ورتي هُئي، ان جو سڱ شاهه سائين کي ڏنائون، جنهن سان سندس شادي ٿي، ڪجهه وقت کانپوءِ شاهه سائين جي گهر ۾ اُميدواري ٿي، هڪ ڏينهن هڪڙو فقير سَھڪندو شاهه سائين وٽ آيو، شاهه سائين پُڇيس ته ابا ٻيو ته خير آهي! فقير وراڻي ڏنس ته قبلا سائين! ٻيو خيرآهي، اوهان جي گهر ۾ اُميدواري آهي، سو کين پلي کائڻ جي خواهش ٿي هُئي، ڊوڙندي پلو وٺي آيس، سو ساهه تڪڙو ٿو کڻان! اِها ڳالهه ٻُڌي شاهه سائينءَ کي ڏاڍي بڇان لڳي ۽ چيائين ته واهه جو اولاد چئبو، جو اَڃا پيٽ ۾ آهي ته مُنهنجن فقيرن کي ٿو رُلائي، جي ڄمندو ته الائي ڪهڙا ڪَلُور ڪندو! مون کي اهڙو ٻار گُهرجي ئي ڪونه! پوءِ فقيرن ڏي هٿ جو اشارو ڪري چيائين ته هي سڀ فقير مُنهنجا رُوحاني اولاد آهن. شاهه سائين سان نور محمد ڪلهوڙي جي دشمني جو وڌڻ! شاهه سائين جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ امر پريم جي قدرتي رمز رکيل هُئي، هو ٻهراڙيءَ جي ماحول جو نِپايل وڏو ڪيل هو، ٻولي توڙي احساسن ۽ جذبن ۾ سنڌي ماڻهن جي وڌيڪ ويجهو هو، هن سنڌ جي سياسي سماجي ردو بدل ۽ اُٿل پُٿل کي چڱي ريت پروڙي پرکي ڏٺو هو، هن سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي شاعريءَ ۽ راڳ جي رستي ذهني سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، اُن ڪري سنڌي ماڻهن جي عقيدت ۽ محبت جو هن گودڙي پوش صوفي سان هي حال هو ته:
    ڪُوڙين ڪَن سَلام، اَچيو آسَڻ اُن جي!
    شاهه سائينءَ سان سنڌي ماڻهن جي گهڻي عقيدتمندي ۽ پوئلڳي ڏسي، سنڌ جو ظالم ۽ ترقيءَ جو دشمن حاڪم نور محمد ڪلهوڙو، جيڪو پاڻ به مُرشديءَ جو دم هڻندو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ خدا آباد هو، اُن جي دل ۾ شاهه سائينءَ لاءِ حسد پيدا ٿيو، ڏَن اوڳاڙُو نام نهاد مرشد به ساڻس مِلي ويا هُئا، سڀئي شاهه سائينءَ کي ڪنهن نموني مارائڻ جي ڪوشش ۾ هُئا، هڪ ڀيرو شاهه سائين ٻيڙي رستي ملتان مان ڪاشيءَ جون سِرون، شاهه ڪريم جي مقبري لاءِ وٺيو ٿي آيو ۽ خدا آباد وٽ ڪجهه وقت ترسيو ته نور محمد ڪلهوڙي کيس موتين جي معجون ۾ زهر مِلائي، دٻليءَ ۾ وِجهي ڏياري موڪليو، جيڪو پوءِ شاهه سائين درياهه ۾ هاري ڇڏيو، ٻئي ڀيري نور محمد ڪلهوڙي، شاهه سائين جي دعوت ڪري، کيس نذراني ۾ هڪ لَتر چَڪر ۽ ٽاهڙ گهوڙي ڏني ته جيئن کيس ڪُڏائي ماري، شاهه سائين اِها گهوڙي وٺي ٽپ ڏئي، اُن تي چڙهي ويٺو، ته اُها گهوڙيءَ هڪ گهڙيءَ ۾ ڊوڙي نظر کان نڪري وئي ۽ نور محمد ڪلهوڙو ڏاڍو خوش ٿيو، ته اڄ شاهه سائين پورو ٿي ويندو! پر چوندا آهن ته ’جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي!‘ سو ٿوري دير کان پوءِ شاهه سائين بنا لغام گهوڙيءَ ڊوڙائي واپس آيو ۽ نور محمد ڪلهوڙي جي اڳيان اچي بيهاري، جيڪا تِکي ڊوڙڻ ڪري سهڪي رهي هُئي ۽ پگهر ۾ شل هُئي، پوءِ نور محدم ڪلهوڙو ڏاڍو لَڄي ٿيو ۽ شرم لڪائيندي، شاهه سائينءَ کان پُڇيائين ته اوهان گهوڙيءَ جو لغام ڇو لھرائي ڇڏيو هو؟ شاهه سائين جواب ۾ چيس ته، اي ڳهيلا! منهنجي واڳ به ڌڻي سڳوري جي هٿ ۾ آهي، تڏهن وَهٽ منهنجي هيٺان هو، اُنهيءَ جي واڳ (لغام) به مون اُن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي ۽ چيم ته:
    وَاڳ ڌَڻي تُنهنجي وَس، آءٌ ڪَا پَاڻ وَهِيڻي.
    اهو نُڪتو ٻُڌي نور محمد ڪلهوڙو ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ضمير جي چُهنڊڙين ڪري شاهه سائين کان معافي ورتائين! ڀِٽ شاهه تي حملو ڪندڙ هالن جي پير، شاهه سائين اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري کانئس معافي ورتي!
    هڪڙي ڀيري پير پنج پاڳ، هالن وارو، بکر واهه ۾ ٻيڙيءَ تي چڙهي شڪار لاءِ نِڪتو هو، هڪ هنڌ واهه جي ڪپ تي، شاهه سائينءَ جي فقير کي ويٺل ڏٺائين، جنهن سان ڪُتو به گڏ هو، پير کي اُهو ڪُتو ڏاڍو وڻيو، سو فقير کان اُهو ڪُتو گُهريائين، فقير چيس اُهو ڪُتو مرشد لطيف جو آهي، آءٌ اُهو ڪُتو نٿو ڏئي سگهان ۽ پير اُهو ڪُتو فقير کان زوري کسي ٻيڙيءَ ۾ وجهي هليو ويو، اِها خبر جڏهن شاهه سائينءَ جي فقيرن کي پئي، تڏهن ولر ڪري، ڏنڊا کڻي، واهه جي ڪپ تي اچي بيهي رهيا ته پير واپس مٽيو ته ٻيڙي زوري بيهاري، پير کان ڪُتو ڦري ورتائون، اُنهيءَ ۾ پير پنهنجي وڏي بيعزتي سمجهي، ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هالن ۾ پهچي پنهنجا هٿياربند ماڻهو گڏ ڪري چيائين سُڀاڻي سوير ڀِٽ تي حملو ڪبو! اها خبر شاهه سائينءَ کي به پئي، سو پنهنجي فقيرن کي چيائين، ابا! فڪر نه ڪريو، جيڪا الله جي مرضي! اهو به چيائين ته ٿوري دير کان پوءِ هڪڙو مست فقير ڪاٺين جي ڀري کڻي ايندو! اُها ڀري هِت لاٿائين ته سمجهو ته فتح اسان جي آهي، پر جي اُها ڪاٺين جي ڀري کڻي اڳتي هليو ويو ته پوءِ حال ڪونهي! ڪُجهه وقت کان پوءِ ڏٺائون ته هڪڙي مست فقير ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي، شاهه سائينءَ جي آستاني تي لاٿي، ۽ پاڻ ويندو رهيو، تڏهن فقير ڏاڍا خوش ٿيا، سڄي رات راڳ ويراڳ ۾ گذاريائون، صبح ٿيو ته پير پنهنجي لشڪر سميت ٻاهران اچي پهتو، پر سندس وڏو خليفو نالي اسماعيل پوئتي رهجي ويل هو، اُن کي وٺڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين ته جيئن اچي ته شاهه سائينءَ تي حملو ڪريون، ڪجهه دير کان پوءِ خليفو اچي حاضر ٿيو، پر پنهنجي مُنهن کي ڪپڙي سان ڍڪي پير جي اڳيان اچي بيٺو، پير پُڇيس ته مُنهن ڇو ويڙهيو اٿئي؟ پوءِ سَٽ ڏئي، پير ڪپڙو لاٿس ڏسي ته سندس ڏاڙهي مُڇون، مٿو ڪوڙيو پيو آهي ۽ منهن ڪارو لڳو پيو اٿس، پير کي حيرت وٺي وئي ته منهنجي خليفي سان هي جُٺ ڪنهن ڪئي آهي؟ سو تڪڙ ۾ پُڇيائينس ته هي جُٺ ڪنهن ڪئي اٿئي؟ خليفي جواب ۾ چيو ته قبلا! جيڪڏهن توسان گڏجي شاهه سائينءَ سان نٿو وِڙهان ته نمڪ حرام ٿو ڪوٺجان، جي هلي ٿو وڙهان ته قيامت جي ڏينهن خدا ۽ رسول صلعم جي اڳيان، منهنجو ڪارو مُنهن ڪري اچي بيهاريندا، جو مان حضرت علي عليه السلام جي اولاد سان وڙهيس، سو مون چيو ته هِن ئي جهان ۾ پنهنجن ئي هٿن سان ڏاڙهي، مُڇون، مٿو ڪُوڙي، مُنهن ڪارو ڪري آيو آهيان! هاڻ حڪم ڪريو، جيئن چئو تيئن ڪريان! پير کي خليفي جي هن ڳالهه ۽ اُن عمل تي ڏاڍو شرم آيو ۽ پڇتايو، پنهنجن هٿياربندن کي واپس ڪري شاهه سائينءَ جي قدمن تي ڪِري، پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتائين، شاهه سائين اهڙن پيرن جي بي سمجهائي ڏسي چيو ته، هُو پاڻ ڪجهه نٿا ڪن، اجايو پنهنجن ڏاڏن ۽ نانن جي اَجاين ڪاني ڪرامت جون ڳالهيون ٻُڌائي، خدا جي خلق کي ڦُريندا کائيندا رهن ٿا، هُو ائين آهن جيئن بنا نر جي ڪُڪڙ جا وائي آنا! شاهه سائين اُن ڳالهه جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
    پَاڻ ڪَن ڪِينَڪِي، پَا ائين ڏاڏ ۽ نان،
    اهڙا وائي آنا، ڪُڪڙ لاٿا ڪيترا!
    اهڙن مثالن جي ڪري شاهه سائينءَ جي مُريدي خادمي ۾ وڏو اضافو آيو، جيڪي سندس مخالف هُئا، سي به هن کان ڪن هڻڻ لڳا ۽ ڊوڙي اچي سندس پاسو ورتو!
    شاهه حبيب جي وفات:
    شاهه حبيب ڏاڍو اگهو ٿي پيو، شاهه سائين ڪوٽڙي ويل هو، شاهه حبيب هڪ قاصد موڪليو ته جيئن هُو اچي آخري ملاقات ڪري، اُن قاصد هٿان هي بيت لِکي موڪليائين ته:
    ڪَنهن جي نِينهن گتا، جو وَاجَهائِيندي نَه وَرو،
    جيڪي مُئي ڪَندا، سو جَانب ڪَريو جيئري.
    شاهه سائين اُن جي جواب ۾ پنهنجي والد ماجد ڏي قاصد هتان هي بيت ڏياري موڪليو ته:
    مَتان ٿِئين مَلور، ڪِينَ اَڳاهون آهِيان،
    ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏورُ، حدَ ٻِنِين جي هيڪِڙي.
    قاصد جي موٽي اچڻ کانپوءِ شاهه حبيب پِيالو ڪيو، کيس ڀِٽ تي سيد محمود شاهه جي سيراندي ۾ جڳهه ڏني وئي، اُن کان پوءِ شاهه سائين رياضت ۾ گذارڻ لڳو، اُنهيءَ وچ ۾ جيڪي ماڻهو سندس مخالف هُئا، سي سندس مريد بنجي ويا!
    شاهه سائين جو ڳائڻي گلان کي دعا ڪرڻ:
    چون ٿا ته گُلان نالي هڪ وڏي ڳائڻي هُئي، جيڪا صُورت ۽ سِيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئي، جيڪا ڀِٽ شاهه تي گهڻو اچي، شاهه سائينءَ وٽ ڳائيندي وڄائيندي هُئي. هڪ ڀيري شاهه سائين وٽ ڀِٽ تي اچي اهڙو ته ڳائڻ وڄائڻ ڪيائين، جو شاهه سائين سميت سڀني فقيرن کي وَجد ۾ آڻي ڇڏيائين، چون ٿا ته اڳ ۾ اهڙو ڪڏهن ڪونه ڳايو هُئائين ۽ شاهه سائين ڏاڍو خوش ٿيو هو، ۽ واهه واهه چئي کيس ڏاڍو داد ٿي ڏنائين. عين اُن وقت، اُن ڳائڻيءَ شاهه سائينءَ کي هٿ جوڙي نهايت عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته قبلا سائين! مُون کي ته ڪا دُعا ڪريو ته آءٌ پنهنجي ماني مڇيءَ واري ٿي سُکيو ستابو وقت گُذاريان ۽ عاقبت سُٺي گُذريم! شاهه سائين به دير ڪانه ڪئي، هٿ کڻي دعا ڪيائينس ۽ کيس چيو ته، مائي گُلان تُون سنڌراڻي ٿينديين ۽ تو مان هڪ گُل ٿيندو (پُٽ ڄمندو) جيڪو سنڌ جو ناميارو حاڪم ٿيندو، شاهه سائين جي دعا جلدي ڌڻي در اگهاڻي، پٽ تي اِها ڳالهه ٿي، عين اُن وقت شاهه سائين جي ڪنهن مخالف، سنڌ جي حاڪم نور محمد ڪلهوڙي کي وڃي ٻُڌايو ته، عام ماڻهو شاهه عبداللطيف کي اهڙو خدا جو نيڪ ٻانهون ٿا چون! پر هُن جو حال هي آهي، رات جو ڀِٽ تي رُڳو ڪنڃريون پيو نچائي، ۽ پاڻ به اُنهن سان گڏجي پيو نچي ۽ راڳ پيو ٻُڌي! ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته ڀِٽ تي وڃي اها خبر لھن ته سچ آهي يا ڪُوڙ! جيڪڏهن ڪا ڪنڃري، شاهه وٽ هُجي ته اُن کي وٺي، مُون وٽ حاضر ڪريو ته، رُوبرو شاهه صاحب جون خبرون چارون وٺونس! اهي اڃا پنڌ ۾ ئي هُئا ته ڳائڻي گلان، شاهه سائينءَ کان موڪلائي وڃڻ جي ڪئي. شاهه سائين چيس ته مائي گُلان تڪڙ نه ڪر، ٿورو ترس، جو هيرن جا خريدار ٿا اچن! ائين ڪندي نور محمد ڪلهوڙي جا ماڻهو آستاني اندر گِهڙي آيا ۽ هڪدم گُلان کي کنڀي کڻي وڃي نور محمد ڪلهوڙي وٽ پيش ڪيائونس، ميان نور محمد ڪلهوڙي گلان جي خوبصورتي ۽ مست جوانيءَ جو جوڀن ڏسي موهجي پيو ۽ خيال ڪيائين ته ساڻس محبت ڪريان، پر گُلان هٿ لائڻ نه ڏنس ۽ چيائين ته ميان صاحب! شريعت موجب نڪاح وَهندين ته آءٌ سڄي ساري تُنهنجي مِلڪ آهيان، باقي ائين هرگز ڪين ٿيندو!
    ميان کي عشق جي باهه ويهڻ نه ڏنو ۽ هڪدم هڪ مُلو گهرائي کڻي، گلان سان نڪاح ڪيائين، جو پوءِ اُن مان غلام شاهه ڄائو، جيڪو سنڌ جو ناميارو حاڪم ٿيو ۽ پوءِ مرشد لطيف جو پڪو مُريد ٿيو، جنهن لاءِ هي مشهور آهي ته شاهه سائين سنڌ جي ڀلائي لاءِ غلام شاهه خدا کان گُهري ورتو هو!
    شاهه سائين جو ڪربلا موليٰ جي زيارت لاءِ نڪرڻ:
    شاهه سائينءَ کي اوچتو اچي خيال ٿيو ته مولاءِ ڪائنات حضرت علي عليه السلام ۽ سندس ٻچڙن جي وڃي زيارت ڪيان، سو ڀِٽ تان نڪري تيار ٿي روانو ٿيو، هڪ منزل کان پوءِ واٽ تي هڪ مريد ملي ويس، جيڪو هڪ ڪامل فقير هو، تنهن چيس ته قبلا سائين هي ڇا؟ اوهان ماڻهن کي ٿا چئو ته اسان جو آخري آرام گاهه ڀِٽ تي ٿيندو! پوءِ پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ نِڪتا آهيو هيڏي وڏي سفر تي، ڪير مري، ڪير جيئي! پوءِ شاهه سائين پنهنجو خيال بدلائي موٽي ڀِٽ تي آيو ۽ ماتمي لباس پائي اِمام پاڪن جي ماتم ۾ سُر ڪيڏارو چيائين ته، محرم جو مهينو ته موٽي آيو آهي، پر اِمام نه موٽيا آهن. اي الله مون کي مديني جي مير سان مِلاءِ! اي يزيد! علي عليه السلام جي اولاد سان جنگ ڇڏي ڏي، اها خوشي تُون ماڻيندين، جيڪا خوشي حضرت حسين عليه السلام کي اَبد تائين حاصل هُوندي، شاهه سائين پنهنجي ڪم جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته:
    محرم موٽي آيو، آيا تَان نَه اِمَام،
    مَدِيني جَا ڄَام، مَوليٰ مُون کي ميڙئين.
    يا
    جهيڙو لاهه يزيد، علي جي اولاد سِين،
    سَا تَه پَسندين عِيد، جَا هُوندي مير حسين سِين.
    مرشد لطيف جو لاڏاڻو:
    هڪ ڀيري اوچتو خيال ۾ اچي اڪيلا ڪوٺيءَ ۾ ويهي، ايڪيهه ڏينهن عبادت ڪيائون، پوءِ ٻاهر اچي غسل ڪري فقيرن کي راڳ جو حُڪم ڪري، پاڻ مٿان چادر وِجهي مراقبو ڪري، عبادت ۾ ويهي رهيا، راڳ ويراڳ مسلسل ٽي راتيون، ٽي ڏينهن جاري رهيو، جيڪو فقيرن واري واري تي چيو، آخري رات راڳ بند ڪري شاهه سائين جي ويجها ٿيا، ڏٺائون ته خاڪي جسم موجود آهي، پاڻ الائي ڪيڏي مهل موڪلائي ويا هُئا، اها صفر مهيني جي چوڏهين (14) تاريخ 1752ع 1165 هجري هُئي. پاڻ 63 سالن جي عمر ۾ پيالو ڪيائون، حضور پرنور به ساڳي عمر ۾ روانا ٿيا هُئا!
    مرشد لطيف جي شڪل شباهت:
    شاهه سائين پوري ڊگهي قد جا هُئا، مٿو ويٺل، پيشاني ڪُشادي، ڏاڙهي ڀنڀي، چاپهين، شهپرن سان اکيون ڪاريون، چمڪيدار، رنگ ڪڻڪائون، خطو موش طبع، حليم سڀاءُ، ڏيک ويک کان پري، سادو ۽ تمام ٿورو کائيندا هئا، گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائيندا هئا، پڇاڙيءَ ۾ ماتمي ڪارو لباس ڪيائون، مٿي ۾ ڊگهي ٽوپي پائيندا هُئا، جنهن کي تاج چوندا هُئا، پيرن ۾ سنڌي جُتي پائيندا هُئا، اڪثر پير اگهاڙا ڪري هلندا هُئا، هٿ ۾ لٺ کڻندا هُئا، کاڌي کائڻ لاءِ ڪِشتو (ڪچڪول)، سُمهندا هيٺ تڏي تي هُئا، پاڻ ڏاڍا رحمدل هُئا، پاڻ ڪنهن پکي يا ڪنهن به جانور کي ايذايائون ڪڏهن به ڪون، هڪ ڀيرو سفر تان موٽيا هُئا، واٽ تي ڏٺائون ته مُئل ڪُتيءَ جا ٻه گلر سندس بُبا چُوساڙي رهيا هُئا ۽ کير نه ملڻ ڪري ڏاڍيون دانهون ڪري رهيا هُئا، جيڪي پاڻ کڻي ڀِٽ تي آيا، جن کي کارائي پياري جوان ڪيائون، هڪ جو نالو موتي ۽ ٻئي جو نالو کينهون رکيائون، جن جو ذڪر سندس رسالي ۾ موجود آهي، پاڻ اڪثر سَھن جي شڪار کان منع ڪندا هُئا، چي اهي ڏاڍا ضعيف ۽ بيواهه جانور آهن، بيواهن ۽ ضعيفن کي ايذائڻ خدا جو ڏمر آهي!
    شاهه سائين جو مذهب:
    شاهه سائين صوفي لاڪوفي هو، هن جو مذهب محبت ۽ ماڻهپو هو، هن جو چوڻ هو ته اسلام پنهنجي تعليم جو بنياد انسانيت تي قائم ڪيو آهي، خدا جو حڪم آهي ته فساد نه پکيڙيو زمين تي! پوءِ هي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ڇو؟ خدا ته هندو توڙي مسلمان جو ساڳيو آهي، هن جي روشني هر انسان لاءِ برابر آهي، هن جي حُسن جو جلوو ڪُل ڪائنات جي هر چيز ۾ موجود آهي، اُن کي ئي حق موجود چئبو آهي، جيڪو ڪائنات جي نبض ۾ گرم خون وانگر گردش ڪري رهيو آهي، گويا هڪ مرڪز ۾ اچي ماضي حال مستقبل سڀ هڪ بنجي ٿا وڃن ۽ چؤطرف تُون ئي تُون آهي. جيڏانهن ڪر نگاه، تيڏانهن سڄڻ سامهون آهي، اُهو سڄڻ مسجد، مندر، يا ڪليسا تائين محدود ناهي رهيو، عربي هُجي يا عجمي هُجي، هندو هُجي يا مسلمان هُجي، ڪاري جي هُجي يا ڀُوري گوري جي هُجي، سڀ ۾ پاڻ ٿو وَسي. شاهه سائين مذهب کي زبان سان رسمي ۽ سطحي طرح سان نه، پر يقين ۽ بصيرت سان نِرت ۽ سُرت سان مڃڻ جي تلقين ڪئي آهي، عاشقانه روش ۽ والهانه انداز سان مڃڻ لاءِ فرمايو آهي، هُو ايمان جي ڪيفيت کي زباني ڪلمي گو هُجڻ اسلام ۽ ايمان لاءِ ڪارگر نٿو سمجهي، اها ڪلمي گو دل ڪهڙي ڪم جي؟ جنهن دل ۾ دَغا فريب، ڪُوڙ، ٺڳي، دوکو، منافقي، بدمعاشي جي باهه پئي ڀڙڪي، شرڪ ۽ شيطان منجهس خيما کوڙيو ويٺو هُجي، اُن لاءِ پاڻ فرمائي ويا آهن ته:
    اُن پَر نَه اِيمان، جيئن ڪَلمي گو ڪَوٺَائِين،
    دَغا تنهن جي دل ۾، شِرڪ ۽ شيطان،
    مُنهن ۾ مُسلمان، اَندر ۾ آزر آهِين!
    يا
    مُنهن ۾ مُوسيٰ، اَندر ۾ اِبليس،
    اهڙو خَام خَبيث، ڪَڍي ڪَوهه نَه ڇڏيين!

    [روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، اڱارو 10 فيبروري 2009ع ۾ ڇپيل]


    سچل سائين جو مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جهاد!

    سنڌ ڌرتي، جيڪا فضيلتن ۽ برڪتن واري ڀلاري ڀُونءِ رهي آهي، جنهن ڪيترائي قومي هيرا، صُوفي بزرگ پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي علمي ڪردار سان تاريخ جو حصو بنجي ويا، جن جي زندگي اسان لاءِ مشعل راهه آهي، اهڙن عطيم انسانن مان سچل سرمست به هڪ آهي، سندس مسلڪ ۾ ڪٿي به ڌُڙي بندي، فرقي پرستي، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اوچ نيچ جي مت ڀيد جو ذڪر نٿو ملي، اهي سڀ ڳالهيون وٽس فضول ۽ بي معنيٰ هُيون، هونءَ به ڪنهن مفڪر بزرگ جي چيل هڪ روشن حقيقت آهي ته اسلام جي شروعات کان وٺي کيس مڃيندڙن جا ٻه گُروهه رهيا آهن، جنهن ۾ هڪڙو گروهه صوفي فقيرن، درويشن بزرگن جو ه آهي، جنهن ۾ اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهب، نسلن، رنگن ۽ اوچ نيچ جي کڙي ڪيل ديوارن کي مَليا ميٽ ڪري، انسان ذات ۾ اتحاد امن، ڀائيچاري، فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، جنهن جو سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو، اهو ڪو نئون دين ڪونه هو، بلڪه اُن مطابق سڀني مذهبن جي ظاهري ڪثرت پٺيان بنيادي وحدت سمايل هُئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي، اخلاقي درستي، نفساني اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ وارو هو، هر ڏاڍ تشدد، نفرت، نفاق، خود مطلبيءَ جي راهه ۾ رُڪاوٽون هو، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هُئي، پيغمبر رحمة اللعالمين ٿي آيو هو، هُو غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ۽ ڦرلٽ بند ڪرائڻ لاءِ انصاف جو دَور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان لاءِ آيل هو، نه انهن ڪمن جي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪن ماڻهن اسلام جي نالي ۾ ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، آزاد ماڻهن کي غلام بنائڻ وارا ڪم ڪيا، سي بلڪل ناجائز هُئا، جيڪي اسلام جي نالي ۾ ڪيا ويا. سچل سائين صوفي بزرگن جي تشريح واري مذهب جو پوئلڳ هو، مذهب جي ٻئي گروهه جو چوڻ هو ته اسلام هڪ عالمگير دين ٿي آيل هو، اُن جي اچڻ سان ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هُئا، هن دين جي شريعت کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻو هو، جنهن عمل کي جهاد جي نالي سڏايائون ٿي، اُن ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري ماڻهو مارڻ، اُن تي قبضو ڪرڻ، ڦُرلٽ، مار ڌاڙ ڪرڻ ۽ اُتان مردن عورتن کي غلام بنائي، رِڍن ٻڪرين وانگر وِڪرو ڪرڻ کي جائز ڄاتو ٿي، ۽ اُهي انتهاپسند، عقل ۽ آزادي جا ويري بنجي انسانيت کي ختم ڪري حيوانيت کي پيدا ڪري رهيا آهن، سندن انڌي تقليد جي ڪري ئي اسلام جو نالو بدنام ٿيو آهي ۽ مسلمانن کي ذلت جي منزل تي پهچايو آهي! ڪنهن ڀلائيءَ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين هي ماڻهو پنهنجن عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، ناجائز فتوائون جاري ڪري، رستو روڪي بيهن ٿا ۽ هو اهڙو سانگ ٿا رچائين، جو دنيا حيران پريشان ٿيو وڃي. سچل سائين خود صوفي هو، هن صوفين درويشن واري دين کي ته سيني سان لاتو هو، مگر انتهاپسند مُلن مولوين واري تشريح ڪيل دين جو بلڪل انڪاري هو، اِهو ئي سبب هو، جو انتها پسند مُلا مولوي سندس ڪٽر دشمن بنجي ويا هُئا، ايتري قدر جو سندن روبرو ڪو سچل سائينءَ جو نالو وٺندو هو ته اُن تي مڇرجي ويندا هُئا. مطلب ته سچل سائين جيڪو انتهاپسند مُلن مولوين لاءِ هڪ مِهڻو بنجي ويو هو.
    سندس اصل نالو عبدالوهاب هو، جو سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو، پر ٻالڪپڻ ۾ ئي سلڇڻي هجڻ ڪري، کيس پنهنجو چاچو ميان عبدالحق پيار وچان ’سچل‘ يا ’سچو‘ ڪري سڏيندو هو. هُو پنهنجي وقت جو وڏو عالم، صوفي، تصوف جو شهنشاهه، حقيقت ۽ معرفت جي رمزن جو رازدار هو. سچل سائينءَ جي ولادت واري سال، يعني 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪري، وڏا ظُلم ڪيا، اُن کانپوءِ 1754ع ۾ احمد شاهه ابدالي، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، اُن کان پوءِ افغاني جلاد ملعوني طبع جي مالڪ ۽ ڪٺور دل، مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ ڦُري باهيون ڏئي ساڙايا ۽ اناج جا اڌ پڪل فصل تباهه ڪرايا ۽ سنڌ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، پٺاڻن جي لڳاتار حملن جي ڪري هي چوڻي وجود ۾ آئي ته:
    جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو!
    سچل سائين اهڙي ڏکئي دَور ۾ اک کولي، پنهنجي تيز فهمي ۽ ذڪي نگاهه سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته افغاني ڌاريا حڪمران بنجي آيل جن ۾ اخلاق نالي ڪا شيءِ ذري برابر به ڪانه هئي، هُو انتهاپسند ۽ ڪٽر مذهبي جلاد ۽ ڪٺور دل هُئا، مذهب اسلام جي نالي ۾ اهڙا ته ظلم ڪيا، جنهن کي ڏسي شايد شيطان به شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هوندو، پر هنن کي ظلم ڏاڍ ڪرڻ ۾ ذرو به شرم ڪونه ٿي آيو، هنن مذهبي ٺڳن سنڌي ماڻهن ۾ مذهبي فرقي پرستيءَ جو ٻج پوکڻ شروع ڪيو، چي ڀيل، باگڙي، ڪولهي، مينگهوار، هندو وغيره ڪافر آهن، هُو مذهب اسلام جا دشمن آهن، هنن سان سماجي لڳ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، هنن سان ڀلائي ڪرڻ گُناهه آهي وغيره. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اوچ نيچ، ذات پات واري انساني اُصولن واري پائمالي شروع ٿي وئي، ايتري قدر جو ڪيترن مُلن مولوين ۽ پيرن گڏجي هندن جون زور ۽ زبردستي سان طهرون ڪرائي، زوري مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو، اهو زمانو سُٺن ذهنن ۽ سيڪيولر خيالن وارن ماڻهن لاءِ قيامت کان گهٽ ڪونه هو، چؤطرف مايوسي پريشاني ۽ ويڳاڻپ پکڙجي وئي هُئي، پيار محبت رواداري نيڪ نيتي موڪلائي وئي هئي، امن شانتي اُجڙي وئي هُئي، هر طرف جبر، ڏاڍ، ڏمر، ظلم، زيادتي جو زور شور هو. سچل سائين مذهبي ڪٽرپڻي کان بُلند و بالا هو، هُو ’لَڪُم دِينڪُم وَليَ الدِينُ،‘ جو عملي پيروڪار ’واصل بالله ۽ فنافي الله‘ هو، جنهن خود خدا جي نُور جي تجلين جو مشاهدو ماڻيو هو، هن کي مالڪ حقيقيءَ جي سڀني اسرارن ۽ رمزن جي ڄاڻ هُئي، هن کي دين ڌرم جي نالي ۾ اجائي ڦرلٽ، مارڌاڙ ۽ قتل و غارت واري ڳالهه پسند ڪانه هُئي، هن ڏٺو ته اسلام جي وسيع تصور کي مُلا مولوي پاڻ ئي نقصان پهچائي بدنام ڪري رهيا آهن، ۽ دنيا جا انسان هن چوڻ تي مجبور ۽ لاچار ٿيا آهن ته دنيا ۾ خون خرابين ۽ نفرتن جو ذميوار ملن مولوين جو تشريح ڪيل ڪٽرپڻي وارو مذهب آهي، جنهن کي دين فطرت چئي نٿو سگهجي، جيستائين مُلن مولوين جي تشريح ڪيل ڪٽرپڻي وارو مذهب موجود آهي، تيستائين اهي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ختم نه ٿينديون، اُن لاءِ سچل سائين پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته:
    ڪَڍ مَذاهب مَن مَان، سَاجهر سَاڻ سَويل،
    مَتان ٿِئي اَويل، اولهه سِج نَه اُلھي!
    هڪ هنڌ مرشد لطيف به چيو آهي ته:
    ڪَافَر ٿي ته ابهين، بَاب شَرع جَا ڇَڏ،
    مَن مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿِيين وِصَال کي!
    شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته ڪٽر مذهبي مُلا مولوي، جن لاءِ فتوائون جاري ڪري چون ٿا ته هُو ڪافر ۽ مشرڪ آهن! حقيقت ۾ اهي ئي سڌي رستي تي هلڻ وارا آهن، انهيءَ ڪري مُلن مولوين واري شريعت کي ڇڏي ڪري، اُنهن ماڻهن مان بنجي وڃ، جن لاءِ هنن ڪُفر جون فتوائون ڏئي کين ڪافر ۽ مشرڪ چيو آهي، انهن سان ئي من جو ڳانڍاپو ڳنڍ ته حقيقت جي ويجهو ٿي ويندين.
    سچل سائين جي کاڌ خوراڪ، لياقتون ۽ عادتون:
    سچل سائين تمام سادگي پسند هو، ڏُڌ ۾ لوڻ مرچ ملائي ٽُڪر ٻوڙي کائيندو هو، يا ماني ڀوري ڪُٽيءَ ڪري کائيندو هو، نه ته اڪثر روزي ۾ رهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گوشت جو شوربو کائيندو هو، اڳتي هلي اُهو به بند ڪيائين، ڏاري جي رَٻ ۽ دال ڏاڍي پسند ڪندو هو، رات جو اڪثر کاڌو ڪونه کائيندو هو، پنهنجي هٿ سان حلال جانور يا پکي کي نه ڪُٺائين، نه وري ڪو شڪار ڪيائين، رات جو گهٽ سُمهندو هو، اڪثر ڪاٺ جي صندليءَ تي مُراقبي ۾ ويهي رات گذاريندو هو، سُني ۽ شيعي وارو ڪٽرپڻي وارو فرق نه رکندو هو، اهلبيت لاءِ وڏي محبت رکندو هو، عاشورن ۾ مرثيه خوانيءَ سان گڏ ماتم به ڪندو هو ۽ ماتمي جلوس جي اڳواڻي به ڪندو هو. سچل سائين جو مختلف ٻولين ۾ جيڪو به ڪلام آهي، سو اڪثر تصوف معرفت ۽ حقيقت بابت آهي، عمر جي وڌڻ سان سندس عشق ۾ اضافو ٿي آيو، سندس ئي زبان ۾ ائين کڻي چئجي ته:
    جِيوين آوي پِيري، تِيوين نِينهن دِيان نَوڪَان نيان نيان!
    صوفي اعظم ۾ سختي ٿي آئي، اهو سنڌ جو منصور سچل سائين 1242 هجري، 14 رمضان مبارڪ مطابق 1829ع ۾، بوقت فجر، الله اڪبر جي صدا مهل، سنڌ جي ماڻهن کي الوداع چئي، پنهنجي حقيقي مالڪ جي حضُور ۾ وڃي حق موجود چئي سدا موجود ٿيو.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، ڇنڇر 5 سيپٽمبر 2009ع ۾ ڇپيو]


    لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ محبت جي خوشبو!

    هن سائنسي دَور جو انسان، هن ڌرتيءَ تي لوڀ ۽ لالچ جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ دغا ۽ دولاب جي رُڃ پويان نهايت حيران ۽ پريشان نظر اچي ٿو، انساني سماج ۾ هي موجود ڇڪتاڻ ۽ مارڌاڙ، عِلم ۽ تجربي جي کوٽ سبب ڪين آهي، پر هن عالمي بي چيني جو مُکيه ڪارڻ لوڀ ۽ لالچ ۾ لُڙهي وڃڻ آهي، نتيجي ۾ انسانيت مصيبت جو شڪار ٿئي ٿي، سنڌ ۾ ڪيترائي عالم صوفي بزرگ آيا، جن سچ جي صدا ۽ حق جو هوڪو ڏيندي چيو ته:
    تو ۾ آهيان مان، مُون ۾ آهين تُون!
    يعني پاڻ ٻئي هڪ آهيون، جو چيو، صبر جي شمشير سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جو چئي، امن امان جي ڳالهه ڪئي، ٺلهن اکرن اُچارڻ بدران اندر اُجارڻ جو چيو، سڄڻ ۽ ساڻيهه کي وِسارڻ واري کي اڻاسو چيو، ’هلو هلو! ڪَورين، جِت نِپجي نِينهن!‘ چئي، محبت جي تلاش جو لاءِ چيو، ’رنڍاروڙڻ ۽ چرخي چورڻ‘ جو چيو، لوئيءَ جي لَڄ بچائڻ لاءِ سِر گهورڻ جو چيو، اهڙن عظيم بزرگن ۾ شاهه عبداللطيف جي عظمت هڪ حقيقت آهي. سنڌ جي ادبي تاج جي لاثاني گوهر جو جنم 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي، هالا ويجهو ڀئين پور هالا حويليءَ ۾ ٿيو. سندس شروعاتي پالنا، سندس والد بزرگ شاهه حبيب جي دست شفقت سان ٿي، عام ماڻهن جي اِها راءِ آهي ته شاهه سائين ڪنهن وٽ به ظاهري تعليم ڪانه ورتي هُئي، پر پوءِ به سڀني عِلمن ۽ فنن جو وڏو ڄاڻو هو، کيس دُنوي علمن تي قدرت حاصل هئي، جنهن کي خدائي ڏات چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ سندس واضح لفظن ۾ هي گواهي آهي ته:

    سي اَڻ پَڙهيا ئِي پَڙهيا ٿِيا، جِن پَڙهايو پَاڻُ،
    ٻِيا ڪُوڙين ڪِتابن سَاڻ، هُونئين وَتن هَلندا.
    هِن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس علم جي عنايت خود خدا کان ٿي هُئي، جنهن کي ڄمندي ڄام چئبو آهي. شاهه سائينءَ جو رسالو ٽيٽيهن سُرن تي مشتمل آهي، سندس هر هڪ سُر ۾ مضمون جي لحاظ کان ڪونه ڪو پيغام پوشيده آهي، سندس هر هڪ سُر، هر هڪ سر جي هر هڪ سِٽ، بلڪه هر هڪ حرف ۾ وڏي معنيٰ جا موتي مِلندا، شاهه سائين جون سَت سُورميون آهن، جن ۾ هن پنهنجي شخصيت پلٽي پڌري ڪئي آهي. هُو وڏو شاعر، وڏو محبتي ۽ وڏو عاشق هو، سندس سُورمين جي سَتن سُرن ۾ خاص طرح عشق ۽ محبت جي سڀاءَ جا جام ڇُلڪندي نظر ايندا، آءٌ هتي اُنهن سبق آموز عشق محبت جي ڪردارن متعلق وت ۽ وس آهر مختصر عرض ڪندس. شاهه سائين پنهنجين سُورمين کان اهو ثابت ڪرايو آهي ته، عشق محبت کي ڏِسڻ ۽ پرکڻ لاءِ، اُن دُوربينيءَ جي درڪار ٿي پوي، جيڪا انساني ڳوڙهن جي ٺهيل هُجي، ڇو ته انساني اکين جو آب ئي آهي، جيڪو انسان کي عشق ۽ محبت جي رنگين اِنڊلٺ ڏيکاري ٿو! جنهن زمين جي انساني ڳوڙهن سان آبياري ٿئي ٿي، اُن مان سچ جا سُٺا سَلا اُڀري سگهن ٿا، حقيقت ۾ اُهي ڏک ئي آهن، جيڪي سُکن جو سير ٿا ڪرائين، عشق ۽ محبت جي راهه ۾ ڏُک ڏِسڻا ٿا پون، ڏُکن ڏسڻ کان سواءِ عشق محبت جو معراج نٿو ٿي سگهي، جهڙيءَ طرح سونارو سون جي سچائي کي پرکڻ لاءِ کيس باهه ۾ وِجهندو آهي، تهڙيءَ طرح عاشق کي به محبت لاءِ ڏکن مان گذرڻو ٿو پوي، ڏک ئي سُکن جي سُونهن آهن، ڏُکن کان سواءِ سُک بيڪار آهن. شاهه سائين عشق محبت وارن کي ٻُڌائي ٿو ته، اوهان کي محبتي هجڻ جي آزمائش لاءِ ڏکن عذابن جي آگ مان گذرڻو پوندو! اُن لاءِ شاهه سائين پنهنجي دل جي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
    ڏُک سُکَن جِي سُونهن، گهوريا سُک ڏُکن ري!
    يا
    جي تُون ڪَالهه مُئي، تَه ڪَالهه ئي گڏي پرينءَ کي،
    ڪَڏهن ڪَا سُئي ته ڪَا سِگهي گَڏي سَڄڻين!
    اهڙيءَ طرح شاهه سائين عشق محبت ڪندڙن کي، عشق محبت جي راهه ۾ ڏکن سُورن جي آگاهي ڏيڻ کانپوءِ کين اڳواٽ تيار ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي. چوي ٿو ته، عشق محبت ڪا ٻاراڻي راند ڪانه آهي، سِر جو سانگو لاهي سِسيءَ کي نيزي تي چاڙهڻ جو چيو آهي، عِشق جي ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پوڻ جو چيو آهي، عِشق کي نانگ جي ڏَنگجڻ سان مُشابهت ڏني اٿس، ۽ اها خبر عشق جي نانگ کاڌل کان وٺڻ جو چيو اٿس، پاڻ عشق جي ڏنگيل جي حيثيت سان عشق محبت وارن سان هن طرح سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته:
    عِشق نَه آهي رَاند، جِيئن کيڏنس ڳَڀرُو،
    سِسي نيزي پَاند، اُڇل تَه اَڌ ٿِئي!
    يا
    محبت جي مَيدان ۾ ڪُڏي پَئو ڪَاهي،
    ڇَڏيون سَانگو سَاهه جو، لاهوتي لاهي،
    عِشق آهي نانگ، خَبر کَاڌن کان پَوي.
    شاهه سائينءَ جي نظر ۾ محبت جو درجو نهايت بُلند آهي، اُن جي مقابلي ۾ دنيا جي ٻي ڪابه شيءِ برابري ڪري نٿي سگهي. هن دنيا جون سڀ شيون محبت جي سھاري هيٺ تِڳن ٿيون، سڀني شين جي پشت پناهي محبت ئي ڪري ٿي، محبت جي طفيل ئي زمين ۽ آسمان قائم آهي، سج چنڊ تارا محبت جي ڪري ئي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي بيٺا آهن، محبت جي ڪري ئي هي ڪائنات قائم ٿي! محبت هڪ نادر شيءِ ۽ هڪ بي بھا جوهر آهي، محبت هڪ پاڪ جذبو آهي، جوهر نفس جي دِل ۾ خدا جي خاص وديعت آهي، محبت فراخ دليءَ ۽ پاڪيزگي آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت آهي، آسمان کان زمين ڏي ايندڙ سڀني شين مان محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم شيءِ آهي، محبت جي شاهراه کي ئي صراط مستقيم چئجي ٿو، محبت روح جي خواهش آهي، محبت ئي ڪونين جي تخيل جو سبب آهي، هن ساري دنيا جو قيام ۽ بقا محبت تي ئي ٻڌل آهي. الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق سواءِ محبت جي ٻيو ڪجهه نٿو گُهري، رُڳو محبت محبت پيو ٿو چوي! ڪهڙي نه افسوس جي ڳالهه چئجي، جو اهڙي پاڪيزه ۽ لُطف اندوز شيءِ کان انسان غافل رهي ٿو، جڏهن ته عجب اهو آهي ته محبت جو چشمو سندس ئي اندر ۾ موجود آهي! انهيءَ چشمي تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن ڪشالي ڪڍڻ جي ضرورت نه آهي، نه ڪنهن وڏي محنت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته محبت جي شمع جيڪا قلب جي اندر آهي، اُن کي روشن رکڻو آهي. شاهه سائين پنهنجي محبوب کي مخاطب ٿيندي کيس چوي ٿو ته، اي منهنجا محبوب! تُون منهنجي اکين ۾ اَچي ويهه، ته آءُ توکي اکيون ٻُوٽي بند ڪري توکي لِڪائي ڇڏيان ته جيئن تو کي ڏيهه وارا نه ڏِسن، نه وري آءٌ تو کان سواءِ وري ڪنهن ٻئي کي ڏِسي سگهان! ٻئي هنڌ وري چوي ٿو ته: منهنجا محبوب تو جيئن اڳ ۾ اکيون اکين ۾ مِلائي گهوري نهاريو هو، جيئن اکيون اکين ۾ کُپي ويون هُيون، تيئن وري به اکيون اکين ۾ ملائي ۽ اها اکين مِلائڻ جي عادت نرڙ تائين نڀاءِ! مون ۾ ته گهڻائي عيب آهن پر تو ۾ ته ڪو عيب ئي ڪونهي! شاهه سائين پنهنجن محبت وارن لفظن کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان محبت جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
    اَکين ۾ ٿي ويهه، تَه واري ڇپر ڍَڪيان،
    توکي ڏِسي نَه ڏَيهه، آءٌ نه پَسان ڪِي ٻِيو!
    يا

    جيئن کوڙي کنيون هئي، تيئن وري به کوڙ
    اها عادت اکين، نيئي نڀائج توڙ
    مون ۾ عيب ڪروڙ، تو ۾ حرف نه ڀانيان هڪڙو.
    شاهه سائين عشق ۽ محبت جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن، هڪڙو مجازي عشق ۽ ٻيو حقيقي عشق، جيڪو خدا جي طالبن جو عشق آهي، ظاهري طرح مجازي عشق کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اُها عشق جي پهرين منزل آهي، المجاز قنطره الحقيقت عشق ٻئي ڀلا آهن، پر شرط اُهو آهي ته اُنهن ۾ ڪابه لالچ نه هجي، محبت محض محبت جي خاطر ڪرڻ گهرجي، سِر ڏي سِر وٺ سودو سرو بدر هجي! انهيءَ لاءِ ته اُن جي ابدي فضا ۾ مالڪ حقيقيءَ جي محبت جو نغمو ڪڏهن خاموش ٿي نه وڃي، اهڙي قسم جي محبت ئي حقيقي محبت ٿي سگهي ٿي. تنگ دل انسان محبت نٿو ڪري سگهي، محبت بُلند ترين انساني صِفت آهي، جنهن ۾ جانثاري ۽ نفس جي قربانيءَ جي ضرورت هوندي آهي، پر جيڪڏهن محبت مان مراد ڪنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ جي لوڀ لالچ آهي ته پوءِ اُن کان وڌيڪ ذليل شيءِ ٻي ڪانه آهي، بس اِهو ئي سچي محبت ۽ ڪُوڙي محبت ۾ فرق آهي، سچي محبت ۾ ڪابه لالچ وغيره نه هوندي آهي. سسئي عشق ۽ محبت جي جدوجهد جو بُلند ڪردار آهي، پُنهل جي پُٺيان جبل جهاڳيندي، حال کان بي حال ٿي ڪري مري رهي هُئي ۽ عزرائيل سندس ساهه وٺڻ لاءِ پهتو ته هڪدم سُرت ۾ اچي وئي، سمجهيائين ته پُنهل ماڻهو موڪليو آهي، سو عزرائيل کان پُڇيائين ته ڇا تو کي پُنهل موڪليو آهي؟ شاهه سائين انهي ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته:
    اَچي عِزرائيل، سُتي جَاڳَائي سَسئِي،
    ٿِي ڊوڙائي دَلِيل، تَه پُنهون ماڻهو موڪليو.
    هن دنيا ۾ عجيب و غريب رنگ به رنگي گوناگون خوبصورتي ۽ ڪشش نظر ايندي، جنهن کي ڏسي، انسان خود به خود اُن طرف مائل ٿي وڃي ٿو، اهو انهيءَ ڪري جو، هي ڪائنات ۽ انسان کي ٺاهڻ وارو هڪ ئي آهي، انهيءَ ڪري ئي اُنهن ٻنهي شين جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق آهي، اُنهيءَ خالق دنيا ۽ انسان ۾ محبت جو جذبو پيدا ڪيو آهي، انهيءَ محبت جي صدقي ئي دنيا قائم آهي، دنيا ۽ انسان جي ٺاهڻ وارو خود هڪ مجسمه محبت آهي، انسان انهيءَ خالق مالڪ جو هن دنيا ۾ نائب ٿي آيل آهي، تنهن ڪري پنهنجي خالق جي صفت اُن ۾ پڻ موجود آهي. الله تعاليٰ خود محبت آهي ۽ پنهنجي دنيا ۾ محبت ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو، انساني محبت جو حامل ٿي ڪري، محبت ڀري دنيا جي طرف ڇِڪجي وڃي ٿو!
    سنڌ جو ناليوارو حاڪم ڄام تماچي، نُوريءَ جي صورن ۽ سِيرت تي موهجي پيو ۽ سندس محبت ۾ اچي ساڻس شادي ڪري کيس پَٽ راڻيءَ بنائي ٿو ۽ هر وقت ساڻس گڏ ٿو رهي، ايتري قدر جو مڇيءَ جو شڪار به نُوري نماڻيءَ سان گڏجي ٿو ڪري، يعني محبت جي ڪري نُوريءَ جي منزل ڄام تماچي آهي، ۽ ڄام تماچيءَ جي منزل نُوري آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي محبت ۾ هڪ ٿي ويا هُئا، نوريءَ ٻيڙي ٿي هلائي ته، ڄام تماچي وري ڄار هٿ ۾ ڪري، هُو بھو مُهاڻن وانگر مڇيءَ جو شڪار ٿي ڪيو، خبر ئي ڪانه ٿي پئي ته هُو هڪ مڇي ماريندڙ مهاڻو آهي يا اُن وقت جو سنڌ جو بادشاهه آهي، اهڙيءَ طرح محبت ۾ سالن جا سال گذريا، آخر دنيا فاني آهي، ڄام تماچيءَ جي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا ۽ هن دنيا مان موڪلائڻ وارو هو، جنهن تي نُوريءَ ڏاڍي پريشان ٿي ۽ پنهنجي وَر ڄام تماچيءَ جي وڏي ڄمار لاءِ دُعائون ٿي گُهريائين ۽ ڏُک ۾ ڀرجي چيائين ٿي ته منهنجا کِلڻا وَر! تون ته نه مَر، منهنجي اکين جو ٺار آهين! مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ، ڪو وقت ته ڪينجهر ۾ رهه ته محبت ۾ گڏجي گذاريون! شاهه سائين، نُوريءَ جي محبت جي منظرنگاري هن طرح ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
    مُئي هَٿ مَڪڙي، ڄَام هَٿ ۾ ڄَار،
    سَڄو ڏِينهن شِڪار، ڪِينجهر ۾ ڪَالهه هو.
    يا
    سِر سَلامت سُپرين، مُرڪَڻ تُون نَه مَريج،
    آهين ٺَارُ اَکين جو، وَٽان مَ وَڃيج،
    تَماچي تَڳيج، ڪي ڏِينهن ڪِينجهر ڪَنڌئين!
    عشق محبت انسان جو فطري جذبو آهي، هر ماڻهو محبت ضرور ڪري ٿو، محبت هڪ روشن صُبح آهي، جنهن جي شام پيدا ئي ڪانهي ٿي، محبت آبِ حيات جي اُها بُوند آهي، جيڪا مرده دلين کي زنده ڪري ٿي، محبت زندگيءَ جي سڀ کان پاڪ ۽ مُبارڪ برڪت آهي، محبت هڪ قُدرتي اَڪسير آهي، جو دل ۾ شگفتگي ۽ تازگي پيدا ڪري ٿو، محبت اُهو نشو آهي، جنهن سان دل کي اهڙو سُڪون مِلي ٿو، جو دنيا جا سڀئي خوف خطرا ختم ٿي وڃن ٿا!
    ٿر ڄائي مارئيءَ کي پنهنجي ٿري ماروئڙن سان دلي محبت هئي، هن عصمت جي زره چاڙهي رکي هُئي، جنهن ڪري عمر بادشاهه جي هر شيءِ کي ٺُڪرائي ڇڏيو هو، عمر بادشاهه آخري حربو هلائيندي کيس دڙڪا دهمان ڏئي، پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مارئي کيس مُخاطب ٿي چيو ته: اي عمر بادشاهه! تُون منهنجي جسم کي چِيري لُوڻ وِجهي ڇڏ، پوءِ به تُنهنجي ڪانه ٿينديس، ڇو ته مون اهڙو گندو ڪم نه ڪيو آهي، نه هاڻ ڪنديس، جيستائين منهنجي سِسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين پِرت پنهوارن سان آهي. شاهه سائين، مارئيءَ جي لاثاني لَڇڻ کي بيان ڪندي چوي ٿو ته:
    جي لُوڻ لِڱين لاَئين، چِيري چِيري چَم،
    مُون ڪُر اَڳي نَه ڪَيو، اهڙو ڪوجهو ڪَم.
    جَان جَان دَعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوار سِين.
    عشق يا محبت فطرت آهي، جيڪا شيءِ فطرت کي پنهنجو ڪري ٿي اُها دائم قائم رهي ٿي، جيڪا شيءِ فطرت کان بي پرواهه رهي ٿي، سا هميشه خطري ۾ رهي ٿي. انسان هِن دُنيا ۾ خدا جو خليفو آهي، سندس خلافت تڏهن قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن هن مالڪ حقيقيءَ جي قانون فطرت کي قائم رکندو، اهو قانون سواءِ محبت جي ٻيو ڪونهي، انهيءَ محبت جي باعث دنيا جون سڀ شيون پنهنجي نائب جي حوالي ڪيون آهن، تنهن ڪري اُهو سندس نائب ايستائين سندس منظور نظر رهي سگهي ٿو، جيستائين هُو سندس محبت جي قانون کي پُوري طرح هلائي ٿو، پر انسان اهڙو ته ڪج فهم آهي، جو فطرت جي قانون کان مُنهن موڙي غافل ٿو رهي ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ ڪِري ٿو پوي، انسان هوڏانهن ٿو چاهي ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ سُڪون قلب حاصل ٿئي ۽ کيس معلوم به آهي ته اِهي سڀ ڳالهيون فطري اُصول محبت جي ذريعي ئي حاصل ٿي سگهن ٿيون، پر پوءِ به هي نادان، جنهن محبت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي، اُن کي سوراخ ڪري، پاڻ ته ٻُڏي ٿو، پر ٻين کي به ٻوڙي ٿو! اِهو آهي مايا جو موهه، جو چوي ٿو ته اڃا به کپي! هي جهيڙا جهڳڙا نفرتون ۽ مصيبتون، سڀ جون سڀ انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهن، جو انسان محبت جو دامن ڇڏي ڪُلفت ۾ ڪاهي پيو آهي، مِڙني مصيبتن جو ڇوٽڪارو، شاهه سائينءَ جي ڏنل محبت جي پيغام ۾ موجود آهي، جيڪو اَهل سنڌ سان گڏ بي نوع انسان لاءِ راهه هدايت جي حيثيت رکي ٿو. مرشد لطيف مھان محبتي هو، هن سنڌ جي خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ دُعائون گُهريون ۽ اُن سان گڏ ڪُل ڪائنات لاءِ دُعا خير گُهري، اُن جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪونه ٿو مِلي. مرشد لطيف اَٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري، ٻئي هٿ آسمان طرف کڻي چيو ته:
    سَائِينم سَدائِين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
    دوست تُون دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.
    عشق سلامت سدا سلامت!

    [روزاني مقدمو، ڪراچي، ڇنڇر 30 جنوري 2010ع ۾ ڇپيل.]


    شاهه جي شاعريءَ ۾ راڳ جي رُوحاني برڪت جو بيان!

    شاهه عبداللطيف، جيڪو سنڌ جو وڏو بُزرگ وڏو وارث وسيلو آهي، جنهن ٻِيائيءَ کي ٻن وجهڻ جو سبق ڏنو، دِل کي ڪِيني ۽ حسد کان ڌوئي صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صبر جي شمشير سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جو پيغام ڏنو، سُجود کان اڳ وُجود وِڃائڻ جو درس ڏنو، ٺلهن اکرن اُچارڻ بدران اندر اُجارڻ جو راز سَليو ۽ محبت پائي من ۾ رنڍاروڙڻ ۽ چَرخي چورڻ جو چيو. هُو سورمين جو شاعر به آهي ته ساڳي وقت سُورمن جو شاعر به آهي. شاهه سائين پنهنجي سُر سورٺ ۾ راڳ جي رُوحاني برڪت جو بيان ڪيو آهي. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته، شاهه سائينءَ کي ساز آواز ۾ رقص سان بيحد پيار هو، سندس چوڻ هو ته منهنجي اندر ۾ محبت جو هڪ ٻوٽو آهي، اُن جي آبياري ساز ۽ آواز سان ٿي ٿئي، جي نه ته هُو ڪومائجي ٿو وڃي، اُن کي شاد آباد رکڻ لاءِ ساز ۽ آواز منهنجي مجبوري آهي، اُن لاءِ بزرگ هستي روحل سائين جي گواهي آهي ته:
    جِن ويراڳ وُجود ۾، روحل سي رَاڻا،
    اَچي دَر دوستن جي، سُرن سَاماڻا،
    اُهي اَگهاڻا، جِن وَرتي وَاٽ ويراڳَ جِي.
    تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته گذريل زماني ۾ راجائن جي درٻارن ۾ اڪثر وڏا وڏا راڳيندڙ رهندا هُئا، ۽ جڏهن به اُهي راڳيندڙ، بادشاهن جي ڪچهرين ۾ داخل ٿيندا هُئا، تڏهن کين وڏي عزت مِلندي هُئي، هُو توڻي جو غريب هوندا هُئا، پر سندن راڳ جي فن جو فيض راجائن کي به سندن محتاج بڻائيندو هو. سَسئي توڙي سُهڻيءَ جون قربانيون پنهنجي جاءِ تي لاثاني آهن، پر راڳ جي قدرداني ڪندي، راجا راءِ ڏياچ، جنهن پنهنجو سِر پنهنجي هٿن سان ڪَٽي، ٻِيجل کي ڏنو! اهڙي قربانيءَ جو ٻُڌي مرشد لطيف حيرت ۾ اچي ويو، ڇاڪاڻ ته مرشد لطيف جي جان جو جياپو ۽ رُوح جي راحت راڳ هو ۽ راجا راءِ ڏياچ کي سُورميءَ سڏجڻ جو لائق سمجهيائين. ٻئي راڳ ويراڳ جا عاشق هُئا، اصل اِئين کڻي چئجي ته هڪڙي راڳ جي عاشق، ٻئي راڳ جي عاشق جي دل جي ڪئميرا سان تصوير ڪڍي پيش ڪئي آهي. شاهه سائينءَ سُر سورٺ ۾ راجا راءِ ڏياچ جي دل جا نقش پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي چِٽيا آهن، اُن جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي، جو راڳ جي صدقي، ڪنهن سُر جي قرباني، پنهنجي هٿن سان ڏني هُجي! راجا راءِ ڏياچ، جنهن کي راءِ کنگهار به چوندا آهن، سو گِرنار جو راجا هو، جنهن کي پيار محبت مان گِرنار جو گُل به چوندا هُئا، راجا جي امڙ جو نالو روري هو، ’مُرڪي مَر مَاتا، روري راجا راءِ ڏياچ جي.‘ راجا جي پَٽ راڻيءَ جو نالو سورٺ هو، جنهن کي مايون ٻايون ڏايون گهڻي ئي هُيون، ۽ راجا راءِ ڏياچ جھڙو ڏاتار سندس وَر هو، جو حاتم طائي جھڙو مشهور سخي به هن کان سخاوت ۾ سرس ڪين هو:
    سَوين سُوالي سَگهيا، دَاتا ڏَئي دَانُ!
    هن سخيءَ وٽان ڪنهن به سُواليءَ جو هٿ خالي نه موٽيو، هي راجا نه رُڳو ڏاتار هو، پر راجائي بدن ۾ فقيري رُوح سمايل هُئس، هروڀرو جهڙي تهڙي ساڌو ڀائي جي ور چڙهڻ وارو ڪين هو، پر رَندن ۽ عارفن جو طلبگار هو، مطلب ته:
    دِل بَه يَار، دَست بَه ڪَار
    جي زنده تصوير هو، وڌيڪ اِئين کڻي چئجي ته پنهنجي جياپي ۾ راز رُوحاني جو طالب هو، ڪنهن ڏينهن راجا جي شهر جُهونا ڳڙهه ۾ هڪ عجيب و غريب عطائي آيو، نالو سچل ڏاڍو سُھڻو سيبتو نمڪين چهري وارو هو، جوڳين وارو لباس پهريل هوس، هڪ ساز همٿ ۾ هوس، جنهن کي چَنگ ٿي چيائون، جوڳي جي چَنگ ۾ ڪو راڳ جو راز سمايل هو، جو اُن جو آواز ٻُڌي جهنگل جا مِرونءَ به شوخي ڇڏي، ڪنڌ نمائي سندس اڳيان اچي بيهندا هئا، اهڙو به هو ٻيجل راڳيءَ جو چنگ، هُو جهنگ جبل جهاڳي، پيرين پنڌ ڪري گِرنار جي قلعي وٽ راجا راءِ ڏياچ جي ڏيڍيءَ وٽ ڪئي نوڪر چاڪر دربان پُٺيان هُئا، پر سڀني تي اهڙي ڇايا وِجهي ڇڏيائين، جو ڪير ڪُڇيو به ڪونه، ڏيڍيءَ تي بيهي ڏاڍي ميٺاج سان چيائين ته: ’دَربان دَر کول، آءٌ پرديسي مَڱڻو!‘ دربان در کوليو ۽ چارڻ ڏيڍيءَ کان اندر ٿي، راجا جي رنگ محل جي هيٺان اچي بيٺو، فجر مهل راجا رنگ محل ۾ سُتل هو، ٻيجل چنگ کي چوريو، سُرندي جي مڌر آواز، يعني رُون رُون يا تُون تُون جي آواز راجا جي اکين مان ننڊ کي تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ راجا وڏو ڇِرڪ ڀري اُٿي کڙو ٿيو، هيٺ جهاتي پائي ڏِٺائين ته هيٺ هڪ سُهڻو سبيتو عطائي بيٺو ڳائي وڄائي، راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس مٿي اچڻ لاءِ چيو، ٻيجل چيو ته:
    اُونچو تُون عَرش تي، آءٌ ڀُورو مَٿي ڀُونءِ!
    راجا چيو ته هِن منگتي منهنجي دل اندر درد جا درياهه وَهائي ڇڏيا آهن، ۽ پوءِ حُڪم ڪري، ٻيجل کي مٿي پاڻ وٽ گُهرائي ورتو. شايد راجا راءِ ڏياچ جي دل جي دري کُلي پئي، اڳئين جنم جي ناتي جو روشن نِشان پِيس ۽ ٻيجل کي عزت سان پاڻ سان گڏ ويهاريائين ۽ چيائينس اي چارڻ! اهڙو بِره جو آواز ڪيئن ٿو ڪڍين، جو اسان جون دليون کٽيو ٿو وڃين؟ اڙي مڱڻهار! تُون ڀَلين آئين، جيءُ آئين! ته پوءِ چڱو ڀلا هاڻ الله جي ڏِني مان ڪجهه ٻڌاءِ! ڳائڻو به ڪو اسراري هو، تنهن راجا کي چيو ته، حُضور! مون ته اوهان کي اڃا هڪڙو سُر ٻُڌايو آهي، منهنجي سُر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اسراري آلاپ آهن، جيڪي حُڪم ڪريو سو ٻُڌايان! پر مون کي ٻُڌايو ته ڏيندؤ ڇا؟ راجا ته وڏو سخي مرد هو، تنهن ٻيجل کي چيو ته ٻُڌ منهنجا ٻيجل! مُون وٽ ته مال متاع جي ڪابه ڪمي ڪانهي، تو کي ايترو ته ڏيندس، جو بلڪل راضي ٿي ويندين، پوءِ راجا حُڪم ڪيو ته هن راڳيءَ کي ايترو ته ڏيو، جو پاڻ چوي ته هاڻ بس! سو خزاني جا در کُلي ويا، ڪئي تازا گهوڙا، سونن سنجن سان اچي ويا، پلنگ پٿراڻيون، پالڪيون، نوَ لک ناڻي نيل يعني ڪئي ارب کرب رُپيا ڏنائونس، پر راجا جي چڙهيءَ جو هڪ سهڻو هاٿي هو، اهو به ڏنائونس، راجا چيس راڳي! جيڪي وڻئي سو کڻ، ٻيجل راجا راءِ ڏياچ ڏي گُهوري نهاري چيو ته، اي راجا! تو ڀانئيو ته آءٌ ڪو پينو فقير آهيان، جو پئسن لاءِ ٿو تَند هڻان! مرشد لطيف راجا راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ ٿيل گُفتگو کي موتين جي مالها وانگر پوئي، هن طرح پيش ڪيو آهي ته:
    مُون وَٽ مَال مَتاع جِي، ڪَمي ڪانهي،
    تَو دَس ڏِيان مَڱڻا، رُوح رَچندا دَانُ!
    يا
    پَائي پَٽ ڪَڻا، مُون تَان مُور نَه مَڱيا،
    تَازي طَنبيلن ۾ گهوڙا گَهر گَهڻا،
    هَاٿي ڪَارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪَا تَند هَڻان!
    ٻيجل، راجا راءِ ڏِياچ سان اکيون اکين ۾ مِلائي مخاطب ٿي چيو ته:
    پَلئه ڀيري ڀَر، پَالهو پَاند پينار جو!
    اي راجا! تُون ظاهر ۾ ته راجا آهين، پر دل فقيرن واري ٿو رکين، منهنجي اندر جي صدا توکي معلوم آهي ته آءٌ تو وٽ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهيان، پر ڪن ڏينم ته ٻُڌايائين! راجا جون اکيون کُلڻ لڳيون، پَر پَوَڻ لڳس ته، هي مڱڻو ته ڪو مون کان به وڏي دل وارو آهي، پر ڇا لاءِ آيو آهي؟ پُڇي پڪ ڪريان! راجا سِرڪي اڳڀرو ٿي ڪَن ڏِنس ۽ مڱڻي به سَرٻاٽ ڪري ڪُجهه ڪَن ۾ چيس، ڳالهه ٻُڌي راجا مُشڪيو، سندس هي مُرڪ ڏاڍي مزيدار ٿي لَڳِي، امير، وزير، اَمراءُ عاقل، وڏا وڏا دانا ويٺا هُئا، جِن اُهو سڀ ڪُجهه ويٺي ڏِٺو ۽ سڀئي مُنجهي پيا ته مڱڻو، راجا سان ڪهڙيون راز ۽ رَمز جون ڳالهيون پيو ڪري، جو سندس مُنهن تان مُرڪ ئي نه ٿي لھي، ڇا ماجرا آهي! مايون، دايون، ٻايون ۽ ٻانهيون سڀني اهو رنگ ويٺي ڏٺو، پر سمجهه ۾ ڪُجهه نه ٿي آين ته، ڪهڙو راز آهي؟ هڪڙي خبر ٻيجل کي هُئي ۽ ٻي خبر راجا راءِ ڏِياچ کي هُئي، ٻيا سڀ حيرت ۾ حيران هُئا، کين ڪا ڪَل ئي ڪانه هُئي، تڏهن راجا راءِ ڏياچ، اوچتو ٻيجل جي پيرن تي ڪِري پيو ۽ هٿ جوڙي چيائينس ته اي ٻيجل! تُنهنجي قدم قدم تان قُربان ٿيان، تو جيڪا ڳالهه مُون سان ڪَن ۾ ڪئي، تنهن سڀني کي وِسوَسي ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، هاڻ اها ڳالهه کُلم کُلا چئو ته سڀ ٻُڌن ته تو کي ڇا کپي؟ تڏهن ٻيجل چيو ته: ’عثمان نه گُهري مَڱڻو، جَا جڪ گُهري جِيءُ! اِهو ٻُڌي سورٺ جي پيرن هيٺان زمين نِڪري وئي، امير وزير، مايون، دايون، ٻايون پريشانيءَ جي عالم ۾ اچي رَڙيون ڪيائون! هوڏانهن راجا راءِ ڏياچ ته ڪنهن ٻئي حال ۾ داخل هو، تنهن جي دل ۾ ذَري برابر به ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو، ٻيجل سان مُخاطب ٿيندي چيائين ته اي ٻيجل! تُنهنجي چنگ ۾ توحيد جي تنوار آهي، اُن هيڪڙائي ۽ لاشرڪت جي تنوار ته مُون کي فَنا ڪري ڇڏيو آهي، آءٌ چوان ٿو ته مُنهنجي مٿي تي جي ڪوڙئين ڪپار (سِر) هُجن ته آءٌ هڪڙي هڪڙي سِر کي سئو سئو ڀيرا ڪَپي تُنهنجي حوالي ڪريان، ڇاڪاڻ ته تُنهنجيءَ تند جي تنوار، مُنهنجي سِر کان گهڻو وڌيڪ آهي، راجا راءِ ڏياچ جي دل جي ڪيفيت کي مرشد لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
    وَحدَهُ لاَشَريڪَ لَھُ تَندَن اِيءَ تَنوار،
    مُون کي تُنهنجِي وار، فِڪر کَڻي فَنا ڪَيو.
    يا
    مَٿي تي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُئن ڪَپار،
    تَه وَاري وَاري وَڍيان، سسي سَئو وَار،
    تَه پڻ تَند تَنوار، تُنهنجي مَٿاهِين مَڱڻا!
    راجا راءِ ڏياچ ٻيجل سان مخاطب ٿيندي چيو ته، اي ٻيجل! مون کي سئو سِر هُجن ته لاهي هِڪ هِڪ ڪري تو کي ڏئي ڇڏيان، پر ڌڙ مٿان سِر هڪڙوئي آهي، جو ’توکي ڏِيندي لَڄ پئي ٿئي،‘ ڇاڪاڻ ته تُون اُهو راڳي آهين، جو تو کي جيترو گهڻو ڏِجي، اوترو ٿورو ٿو سمجهان. منهنجي سِر ۾ هَڏي ۽ چَم کان سواءِ ٻيو ته ڪُجهه ناهي، اصل هڪ مرچ جيترو به مال ڪونهي، اها تِڇ جهڙي شيءِ توکي ٿي گُهرجي، ته پوءِ آءٌ اهو سِر هڪ ڀيرو نه. پر وِيهه ڀيرا وَڍي ڏيان! منهنجا اهڙا سئو سِر هڪ پاسي هُجن، ٻئي پاسي تُنهنجي تَند هُجي ته تارازو جي تند وارو پاسو ڳَرو هُوندو. شاهه سائين، راجا راءِ ڏياچ جي دل جي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي ته:
    جَنهن ۾ مَال نَه مِري جيترو، تَنهن تُون طَمعدار،
    جي اَچئي ڪَم ڪَپارُ، تَه وِيهه ڀيرا وَڍي ڏِيان.
    يا
    تَند بَرابر توريان، جي سَئو سِرن پَائي،
    تَان اُٽل اَوڏانهن ٿِئي، جَيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
    هِي سَکڻو هَڏ آهي، سر ۾ سَڄڻ نَاهه ڪني!
    ٻيجل، راجا راءِ ڏياچ جي اهڙي درياهه دلي ڏِسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ راجا کي چيائين ته ’تُنهنجي حالت اِها آهي ته پوءِ راڳداريآءَ جي راز ٻُڌائڻ لاءِ آءٌ به تيار آهيان، سو واڄو هٿ ۾ ڪري وڄائڻ شروع ڪيائين، واڄو بِرهه جو ڪينرو هو، سو هٿ لڳڻ سان ڪِنجهڻ لڳو! اهڙي تند راجا جي اڳيان هَنيائين، جو هُو هر ڳالهه کان واقف ٿيو، جڏهن قادر مطلق جي هستيءَ کان واقف ٿيو ته سڀ وَهم گُمان ختم ٿي ويس، وجود وڃائڻ واري رمز لڳيس:
    ڪنجهي ڪِيرت ڪينرو، وَاڄو ولائتي،
    هَنيائِين تَند حُضور ۾ پَارس پيرائتي،
    سُڻندي سلطان کي، ظاهر ٿيو ذاتي،
    ڪَڍندي ڪَاتِي، وِڌائِين ڪَرٽ ڪَپار ۾.
    ٻيجل، راجا راءِ ڏياچ جو سِر کڻي ويندو هو، سُورٺ وَر جي وِڇوڙي سبب سخت پريشان ٿي ۽ سندس زندگي بي مزي بنجي وئي، آخر سورٺ پنهنجي وَر جو وِڇوڙو سهي ڪانه سگهي ۽ وَر سان گڏ ساڳي چِکيا تي چڙهي اَگنيءَ ۾ سڙي خاڪ درخاڪ ٿي وئي.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، اربع 19 جنوري 2011ع ۾ ڇپيو.]


    سچل سائينءَ کي مليل ڀٽائيءَ جي وِرڇ!

    سنڌ جي مُشڪان موچاري مٽيءَ نهايت مردم خيز رهي آهي، جنهن ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا بزرگ شاعر پيدا ڪيا، سندن شاعري ۽ ٻوليءَ جو ميٺاج عوامي زندگيءَ جي صحيح عڪاسي ٿو ڪري، سندن فڪر جي وُسعت ۽ جذبي جي سچائيءَ سببان سندن شاعري سنڌ جي هر طبقي ۽ هر حلقي ۾ وڏي ذوق ۽ شوق سان ٻُڌي، پڙهي ۽ ڳائي وڃي ٿي، پر بين الاقوامي سطح تي به هينئر سندن شاعريءَ جي چڱي پروڙ پئجي وئي آهي، سندن شاعريءَ جون ڪيتريون ئي خوشبودار خوبيون ۽ خصوصيتون هڪجهڙيون آهن ۽ ٻئي شاعر وحدت الوجود جا قائل آهن، اُن فِڪر ۽ فلسفي کي پنهنجي راز ۽ انداز سان سجايو ۽ ذهين نشين ڪرايو آهي، ٻنهي شاعرن سنڌ جي اڪثر رومانوي داستانن جي تمثيلن ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪيو آهي، ان سان گڏ تمثيلون ۽ تشبيهون پنهنجي ماحول ۽ سماج مان اخذ ڪري سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن کي چَمڪائي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر روشن ڪيو آهي، ۽ ٻئي شاعر پنهنجي معاشي توڙي معاشرتي حالتن کان تمام متاثر نظر اچن ٿا، ٻنهي بُزرگ شاعرن پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي خُدا کي ڏِٺو ۽ مِڙني ۾ مالڪ حقيقي کي پَسيو آهي. شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
    پِيھي جَان پَاڻ ۾، ڪَيَم رُوحَ رِهَاڻ،
    تَه نَه ڪَو ڏُونگَر ڏيهَه ۾، نَه ڪَا ڪَيچَن ڪَاڻ،
    پُنھون ٿِيَس پَاڻ، سَسئِي تَان سُور هُئا.
    ساڳي ڳالهه سچل سائين، پنهنجي جادو بيانيءَ سان هن طرح ڪئي آهي، چوي ٿو ته:


    پيھي پَروڙِيوم، تَان پُنهون پَاڻ ئِي آهيان،
    پَاڻ ئِي مَنجَهان پَاڻ کي، هِي پَڙلاءُ پِيوم،
    صَحِيح ڪَن ڪَيوم، تَه غَير گُمان اُٿي ويا!
    يا
    عَاشق عِشق ۽ مَعشوق، اُهو ئِي ڏَاءُ ڏاڍو ڪَيو ڏاهي،
    پَنهنجي پَاڻ پَسَائِڻ ڪَارَڻ، ٺَاهه لَکين ٿو ٺَاهي،
    اُهو اَندر ٻَاهر، ڪِيئن چَوان اِئين نَاهي!
    يا
    ذَات صَفات هڪائي آهي، ڀول نَه وِجهين ڀولي
    سوئي اَندر سوئي ٻَاهر، سوئي تنهنجي چولي،
    تَو ۾ مُون ۾ هَر جَاءِ، سَچل سَچ ٿَو ٻولي،
    سنڌي سماج ۾ ظُلم ڏاڍ ۽ بربريت کي ڏسي سندن دل تڙپي ٿي اُٿي، اُن بابت شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
    ڪَڍي ڪَان ڪَمان مَان، مِيَان مَار مَ مُون،
    مُون ۾ آهين تُون، مَتان تُنهنجو ئِي توکي لَڳي.
    سچل سائين به ساڳي ڳالهه هن طرح ڪئي آهي چوي ٿو ته:
    مُون ۾ آهين تُون، تو ۾ آهيان مان،
    جِيئن بِجلي بَادل سَان، شَامل آهي سُپرين!
    غور ۽ فڪر سان ڏٺو ويندو ته مٿين ٻنهي شعرن ۾ مقصد ۽ مضمون جي لحاظ سان هڪ جهڙائي موجود آهي، پر اُن جي باوجود به سچل سائين پنهنجي فطري ڏات ۽ شاعرانه قُوت سان نيت نَيون نَيون راهون گهڙيندي ساڳي مضمون ۽ مقصد کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪري شاهه سائين جي ڪُني جو ڍڪڻ لاهي، جِدت ۽ اِنفراديت کان ڪم وٺي، پُراثر ۽ چِٽو بيان ڪيو آهي، آءٌ هتي ٻنهي شاعرن جي هڪ جهڙين خوبين ۽ خصوصيتن سان گڏ، سچل سائين جي جِدت ۽ انفراديت جو تجزيو پيش ڪندس. شاهه سائينءَ جا رومانوي داستان، مومل راڻو، نُوريءَ ڄام تماچي، مارئي، سورٺ راءِ ڏياچ جا قصا شامل آهن. شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ سُر مومل راڻي جو داستان موجود آهي، جيڪو هڪ عشقيه داستان مشهور آهي. مومل جنهن ڪمري ۾ راڻي سان رهي، جنهن پلنگ تي راڻي مينڌري سان ليٽي، جنهن وِهاڻي تي ساڻس گڏ ڪنڌ رکي، مُنهن، مُنهن سان ۽ اکيون، اکين سان مِلائي پريم ۽ محبت جون ڳالهيون ڪري، خوش ٿي گذاريو ۽ راڻي جي وڇوڙي کان پوءِ سخت پريشان ٿي وئي. سچل سائين جي رِسالي ۾ به ساڳيو قصو موجود آهي، پر سندس ڪلام جُدا گانه رنگ ۽ ڍنگ سان چيل آهي. شاهه سائينءَ جي ڪيل ڳالهه محتاط انداز سان نظر ايندي، شاهه سائينءَ مومل جي جذبات، احساسات ۽ جاڳي راتيون گذارڻ ڪاڪ جو ڪانگ اُڏارڻ جو ذڪر سندس ئي زبان، هن طرح بيان ڪرائي آهي ته:
    شَمَع ٻَاريندي شَب، پِرهه بَاکُون ڪَڍيون،
    موٽ مَرَان ٿِي مينڌرا، راڻا ڪَارڻ رَب،
    تُنهنجِي تَات طَلب، ڪَانگ اُڏايم ڪَاڪَ جَا.

    سچل سائينءَ جي ساڳي ڪيل ڳالهه پُراثر نوع نظر ايندي. هن مُومل جي جذبات ۽ احساسن کي مختلف انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ مُومل کي راڻي سان مُخاطب ٿيندي، هن طرح چَوِرايو اٿس ته:
    هِڪ جُوءِ ٻِي جَوءِ ڇَڏِين ڪِين جوان،
    اُهي ئي اِنسان، جي نَنگن تَان نِثار ٿِيا.
    يا
    هِڪ جُوءِ ٻِي جَوءِ مَرد نَه ڇَڏين مينڌرا،
    تو پڻ پِرين پَوءِ، ڪَوهه لَڄايو ڪَاڪَ کي.
    يا
    سُومل سَان سُمهڻ جَا، ڏاڍا ڏِٺم ڏُک،
    سوڍي وارا سُک، مِلڻ مُون مُشڪل ٿِيا،
    يا
    مَرد ٿِي مينڌرا، سوڍا سَڱَ سُڃاڻ،
    ڪَوهه لَڄَائين پَاڻ، نَاحق ويٺو نِينهن کي.
    يا
    سوڍا هِن سَڙيءَ جو، لَھِي وَڃ سَماءُ
    ويري وِڌو وِچ ۾، آهي وير وَڌاءُ
    مون تي لڳندو ڪو نه ڪو، پيارا پاڻي پاءُ
    هيڪر هيڏي آءُ، تَه پِرولي پَڌر ٿِئي.
    شاهه سائينءَ جي رُومانوي داستان نوريءَ ڄام تماچي جي سُر ڪاموڏ ۾ ڪافي بيت چيل آهن، ۽ سچل سائينءَ جي رِسالي ۾ به کوڙ سارا بيت مِلن ٿا. شاهه سائينءَ سُر ڪاموڏ ۾ نُوريءَ جي واتان هن طرح چَوِرايو آهي ته:
    تُون سَمُون آءٌ گَندري، مُون ۾ عَيبن جُوءِ،
    پَسي رَاڻين روءِ، مَتان مَانگر مَٽئين!
    يا
    مُهاڻيءَ جي مَن ۾، نَه گيرب نه گَاءُ
    نيڻَن سِين نَاز ڪَري، رِيجَهايَائِين رَاءُ
    سَمو سَڀنين مِلاءِ، هيريائين حَرفت سِين.
    ٻئي هنڌ وري شاهه سائين نوري نماڻي جي مائٽن گندرن مهاڻن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي ته:
    ٻَارا ۽ کَارا، مَال جِنين جو مَڪڙيون،
    تَماچي جي تَڪئي، اَچن سَويرا،
    هِي مَڇيءَ مَارا، سَمي سي سيڻ ڪَيا.
    سچل سائين وري نُوريءَ کان هن ريت چَوِرايو آهي ته:
    تُون سَمون سَائين، آءٌ مِي مُهاڻي آهيان،
    مُون لَڄ رَهائِين، جو پَلئو لَڳي اَوهانجي.
    سچل سائين ڪينجهر جي گندرن مُهاڻن جو وڌيڪ ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: اُهي مهاڻا، جيڪي پيرن اُگهاڙا ۽ ميرن پيرن سان پيا گُهمندا هُئا ۽ پاڻيءَ ۾ پيا تُڙڳندا هُئا، سي ڄام تماچيءَ سان مِٽيءَ ڪرڻ کان پوءِ ڏاڍي ٺَٺ ٺَانگر ۽ شان شوڪت سان زندگي گُذارڻ لڳا آهن ته:
    پير ائون منهن مير، پاڻي پوندي جن هئا
    سي اڄ ٻڌيو وتن سر تي چاهه منجها جيرا
    ماڻڪ موتي منهن تي، هئا تنين هيرا
    ڪات سڀ ڪيرا، سگهڙ سمي ڄام جا
    يا
    تُون سَمون، آءٌ گَندري، تُون ڄَامن سَندو ڄَام،
    ڄَام سَما تو سَام، نِڌر نُورِي آهي پي.
    نُوريءَ نماڻيءَ راجائي رنگ محلن ۾ رهي ڪري ’کِکي هَاڻيون کَاريون، ڇِڇِيءَ هَاڻا ڇَڄ‘ ياد ڪرڻ، رنگ به رنگي هِندورن ۾ لُڏندي پُراڻن پکن ۽ جُهوپڙين وارا ڏينهن نه وِسارڻ، نرم بسترن تي ليٽندي سخت کهرا تڏا سَنڀالڻ، رُپين سان رانديون ڪندي ۽ لَعلون لٽيندي گذريل مسڪيني حال کي اکين اڳيان آڻڻ، شاهي سَت رَڇيون کائيندي، کِکين وارن کَاڄن جون، يادگيريون دل ۾ ڌَرڻ، پَٽ راڻيءَ ٿي ڪري به مُهاڻين واريون ڄَاريون ۽ مڇين واريون کاريون خيال ۾ رکڻ، سُٺي زندگي ماڻيندي به ڏُکن وارو وقت نه وِسارڻ بي عيب هُوندي به پاڻ کي عيبدار سمجهڻ ۽ حَيا ۽ شَرم وِچان سدائين ڪَنڌ هيٺ ڪري هلڻ، اُهو آهي اعليٰ سِيرت وارين عورتن جو اُهڃاڻ! جڏهن ڄام تماچي، نُوريءَ کي نوازيو، تڏهن ئي ڄام تماچي ناميارو حاڪم ٿيو. سنڌ ۾ ڪيترائي سما وڏا حاڪم ٿي گُذريا آهن، جن جو ڄام تماچيءَ کان وڏو دٻدٻو هو، پر اُهي ياد به ڪونه آهن، پر اڄ ڄام تماچيءَ جي ياد تازي آهي، سچ ته نُوريءَ ئي ڄام تماچي کي اهو بنايو، شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
    مُئي هَٿ مَڪڙي، ڄَام هَٿ ۾ ڄَار،
    سَڄو ڏِينهن شِڪار، ڪِينجهر ۾ ڪَالهه هو.
    شاهه سائين پنهنجي سُر مارئي ۾ جيڪا منظر نگاري ڪئي آهي، سا نهايت حيرت ۾ وِجهندڙ آهي. شاهه سائين، مارئي جي حُب الوطنيءَ جي ڪيفيت کي موضوع بنائي، وطن جي محبت جو مثال پيش ڪيو آهي، يعني مارئي کي وطن جي محبت جي علامت طور پيش ڪيو آهي. مارئي پنهنجن عملن ذريعي اهو ثابت ڪيو ته غريبن جي سچي محبت ئي سچي دولت آهي، سادگي دلي بهادري، اخلاقي قُرباني ۽ خدا ۾ ڀروسو، جيڪو وڏن ماڻهن ۾ نه ٿو مِلي. شاهه سائين، مارئي جي سِيرت دوران عورت جي اندر جو نهايت عجيب نقش چِٽيو آهي، سندس جذبن جي تصوير پيش ڪندي چيو آهي ته، مارئيءَ جو جِسم ڪوٽ ۾ بند آهي، پر سندس رُوح ملير ۾ هو، سندس تصور ۾ ملير جي زندگي ڦِرندي ٿي رهي ۽ دل جو دل ۾ ٿي چيائين ته جيڪر، منهنجي ٿري مارُن جي مُلڪ مان ڪو اوٺي اچي، مُون کي پنهنجي ملڪي ماروئڙن جون خبرون ٻُڌائي ته اُنهن خبرن سان عمر ڪوٽ جون ڀِتيون به جيڪر خوشبودار بنجي وڃن ۽ آءٌ اوٺيءَ جا پير اکين سان اُگهي چُمنديس، ڇو جو، هُو، مُنهنجي ملڪ ملير جي ٿڌڙي واريءَ جي مٿان پير گُهمائي آيو هوندو، سندس ٿر جي واريءَ وارا پير چُمڻ جي لائق ٿي سمجهان. شاهه سائين پنهنجي جادو بيانيءَ سان پنهنجن لفظن کي معنيٰ جي معراج تي هن ريت پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
    اوٺي! ڳوٺي آڻِيين، ڪو هِتي جو هت هير!
    ته ڪنا جي ڪوٽن جا، ٿِين سُرها سَير،
    آءٌ ته اَکيين اُگهان، جي پَائر ڏِنئي پير،
    اَلله لَنگهه لَطيف چَئي، لاَءِ مَ تُون اَوير،
    ڪوٽيين گهاري ڪير؟ محلين منجهي مون هِنيون!
    يا
    اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جو سَيڻ مَٽائين سَون تي،
    اَچي عُمر ڪوٽ ۾، ڪَنديَس ڪَانه ڪُريت،
    پَکن جِي پِريت، مَاڙين سِين نَه مَٽيان!
    مارئي جو رُوحانوي داستان، سنڌ جي تاريخ ۾ ناقابلِ فراموش داستان آهي. سچل سائين، مارئي جي اندر جو احوال نهايت نئين انداز ۾ چِٽيو آهي. سچل سائين به ميڊاس بادشاهه وانگر، جنهن شيءِ کي هٿ لاتو آهي، تنهن کي نِجو سون بنائي ڇڏيو اٿس، مارئي جي جذبن ۽ احساسن جي تصوير ڪڍڻ سان سچل سائين ڪمال ڪيو آهي، سندس شاعري پڙهندي، وات مان از خود ائين پيو نِڪري ته خدا تعاليٰ، مارئي جي دل اَلائي ڪيئن جوڙي هُئي؟ هي عمر بادشاهه وٽ قيدياڻي هُئي، پر هن عضمت جي زرهه پائي ڇڏي هُئي، هن ڳوٺاڻي نينگريءَ جي همت، بهادري ۽ وطن لاءِ محبت ته ڏسو! سچل سائين سندس بيان ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
    رَات وَري آئِيا، مَاروئڙا مَلير ۾،
    جو لَڌم خواب خُوشيءَ مَئون، ڄَڻ مولا مِلائِيا،
    وَري وَسائِيا ڀَلي پَاڻ ڀِٽَن جَا!
    -
    توڙي هوءِ ڇني تا ڀي لوءِ لوئي سان وڃان
    اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪين ڪني
    سائي سانڍيم ساهه سان، جا ڏاڏاڻن ڏني
    اها نينديس ڀاڻ ڀني، مينهن وسندي سومرا!
    سورٺ: سورٺ شاهه سائينءَ جي هڪ سورميءَ جو نالو آهي، سندس رِسالي ۾ انهيءَ نالي سان هڪ خاص سُر جو نالو آهي، سُر سورٺ. سچل سائينءَ جي رِسالي ۾ به سُر سورٺ موجود آهي، ڀٽائي گهوٽ ۽ سچل سائين ٻئي راڳ ويراڳ جا عاشق هُئا، ۽ ٻنهيءَ جو سماع سان بيحد پيار هو. شاهه سائين جي جان جو جياپو ۽ روح جي راحت راڳ ويراڳ هو، ايتري قدر جو پاڻ زماني مان موڪلاڻي به هلندي راڳ سان ڪيائين. سچل سائين جو به ساز آواز سان بيحد لڳاءُ هو، طبلي تي هٿ لڳندو هو ته هُو هڪدم بي خُوديءَ جي عالم ۾ هَليو ويندو هو ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هوس، مستي ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ شعر چوندو ويندو هو، مطلب ته ٻئي شاعر راڳ ويراڳ جا عاشق هُئا، راجا راءِ ڏياچ به راڳ جو وڏو عاشق هو، جنهن راڳ تي سِر ڏنو!
    شاهه سائين سُر سورٺ ۾ هڪ هنڌ فرمايو آهي ته:
    سُونهَارا سورٺ وَر، ڪَا مُنهنجي ڪَر،
    ڀَلا ڀيري ڀر، ڀالهو پَانڌ پنيار جو!
    ساڳي ڳالهه سچل سائين ساڳي سُر ۾ لفظن جي ڦيرڦار ڪري روايت ۾ جِدت ۽ اِنفراديت پيدا ڪري، شاهه سائين جي ڪُنيءَ جو ڍڪڻ لاٿو آهي، چوي ٿو ته:
    آهي سَدائِين سورٺ جي سُر ۾ سر جو سوال،
    تَند نَه تَنوارين هَڏهين، مَايا مَڏيون مَال،
    وَحدت جو وِصال، سَدا سورٺ سُر ۾.
    هڪ ٻئي هنڌ سچل سائين پنهنجي جُدا گانه رنگ ۾ فرمايو آهي، جنهن ۾ انسان جي رهبريءَ لاءِ ڄڻ معنيٰ جا موتي سمايل آهن، پاڻ فرمائين ٿا ته:
    مَٿي ري مَنگتي، موٽڻ آ مِهڻو،
    لَنگهي آ لَهڻو، سَچل سِر سَردار جو.
    سچل سائين کي پنهنجي مرشد عبدالحق ۾ مڪمل ايمان هو، هن لاءِ چيو اٿس ته، هُو ئي هر جاءِ تي حاضر آهي ۽ اهو عبدالحق ئي حق الحق آهي، کيس لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:


    لانَفِي جو ڪَلمُو مُون کي، مُرشد پَاڻ پَڙهايو،
    نَابُودِي جي نَشي اَندر، ستگر سر ڪرايو،
    هَٿيو ڏَئي هِمت وَارو، سَارو بَار کَڻايو،
    صَدق سَچل مَان ستگر تان، جَنهن جَانب جوش جَڳايو.
    اُن کان پوءِ چوي ٿو ته:
    سِيني ۾ صَنم، سَچل کي سَدا،
    بُت جو بُت خُدا، پُوڄَاري جي پرکئين.
    سچل سائين، شاهه سائينءَ جي چاڙهيل ڪُنيءَ جو ڍڪڻ جو لاٿو ته اُتان نڪتل خوشبوءِ سان هِنڌ سنڌ واسجي وئي، عام جون اکيون کُلي ويون ۽ سچ پڌرو پَٽ پِيو ۽ سڀني چيو ته، سچل سارو سچ، سارو سون آهي. سچل عاشق آهي ۽ عاشقن جو اڳواڻ آهي. سچل سرويچن جو سردار ۽ سنڌ جو منصور آهي، هُو حق جو علمبردار آهي، اِها ڳالهه ڪَٽر مَذهبي مُلن مولوين کي ڪانه وڻي ۽ سندن پيٽ ۾ وٽ پوڻ شروع ٿيا ۽ سچل سائينءَ جي خلاف ڪُفر جون فتوائون ڏِنائون ۽ سڀئي عالمانه فريبڪارين جا هٿيار کڻي، سندس پُٺيان پئجي ويا، پر سچل سائينءَ کين مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي لاجواب بنايو. مذهبي مُلن ۽ مذهبي پينو پيرن سچل سائينءَ کي، جنهن شدت سان پنهنجي مذهبي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، اوترو ئي شدت سان سچل سائين پنهنجو رد عمل ڏيکاري ٿي چيو ته:
    عِشق اَلله دا زورون زور، ڪٽ مُلن جون ٺوڙهون ٺوڙ.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، ڇنڇر 13 آگسٽ 2011ع ۾ ڇپيو]


    شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت!

    ڀٽائي گهوٽ سنڌ جي ادبي تاج جو لاثاني گوهر آهي، سندس شاعريءَ جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اڀياس ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي عالمن ۽ ماهرن سندس شاعريءَ جي واکاڻ جا وارا نيارا ڪري ڇڏيا آهن، ديسي ته ٺهيو پر اُنهن پرڏيهي عالمن، شاهه سائينءَ کي نه رُڳو سنڌ پاڪ يا بر صغير جو عظيم شاعر ڪوٺيو آهي، پر اُنهن ته شاهه سائينءَ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪري مڃيو آهي. ڊاڪٽر سورلي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، اها برابر حقيقت آهي ته شاهه سائينءَ کي پاڪستان ۾ قومي شاعر تصور نٿو ڪيو وڃي، پر اهو رُڳو سياسي ۽ تاريخي چَڪر بازين جي ڪري آهي، جن جو شاعري ۽ ادب سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي، پر وقت گُذرڻ سان سڀ شيون پنهنجي اصلي جاءِ وٺنديون. جهڙيءَ طرح مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي متعلق هي مشهور آهي ته:
    مثنوي و معنوي و مولوي، هست قرآن در زبان
    تهڙيءَ طرح اسان جي سُهڻي من مهڻي ڌرتي، پهلوي سنڌ جي سدا حيات شاعر ڀٽائي گهوٽ جو رسالو پڻ انسان ذات جي زندگيءَ لاءِ هڪ رهنما اُصولن جو انمول بي پها خزانو ۽ هدايتن جو اڻ کٽ سرچشمو آهي، شاهه سائين جو رسالو هڪ اهڙو پارس آهي، جو انسان جي ڪُٽ لڳل ڪاري ۽ ميري قلب کي لڳي ته سون ڪريو ڇڏي، يعني ڪارو قلب روشن ڪريو ڇڏي ۽ اندر جون اکيون کُليو پون. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ تمام گهڻيون ۽ سُٺيون صِفتون موجود آهن، جن تي نظر وجهڻ کان پوءِ چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ سنڌي زبان جا وڏا ماهر ۽ پارکُو هُئا ۽ اُنهيءَ لحاظ کان، اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته، سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪُجهه لطيف ڏنو آهي، اُن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن شاعر نه ڏنو آهي! سنڌي ٻوليءَ جو اَوج ۽ عُروج مُرشد لطيف جي شاعري ڪري ئي آهي، جنهن سان سنڌي قوم اهل ڪتاب بنجي وئي آهي. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ خوبين جا ڪافي پهلو آهن، جن کي پرکڻ پروڙڻ، سمجهڻ سمجهائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، خاص ڪري مون جهڙي گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ مشڪل ڪم آهي، تنهن هوندي به يوسف جي خريدارن جي قطار ۾ هڪ ٻُڍڙي عورت سُٽ جو ڍيرو کڻي اچي بيهڻ وانگر، شاهه سائينءَ تي لکندڙن جي لِسٽ ۾ شمار ٿيڻ لاءِ آءٌ به پنهنجي ڄاڻ آهر ڀٽائي گهوٽ جي شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت تي لِکندس. ڏٺو ويندو ته شاهه سائين سڄي جهان جي انسانن لاءِ فڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪندڙ آهي، زندگيءَ جي جُدا جُدا آزمائشي مرحلن، لاهين چاڙهين انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. هن صوفي بُزرگ، انسان جي ظاهري حُسن ۽ تراش خراش ٺٺ ٺانگر کان حيران ٿيڻ بدران، سندس باطني حُسن کي اُجاگر ڪرڻ کي ئي پنهنجو اصل مقصد بنايو آهي، ڇو ته کيس هي پُختو يقين هو ته اسان سڀني انسانن کي هڪ ڏينهن هلي حقيقي مالڪ جي حُضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي، جِتي ظاهري حُسن نه پر باطني حُسن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي، جنهن لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:
    سُونهن وِڃَايَم سُومرا، ميرو مُنهن ٿِيوم،
    وَڃڻ تِت پِيوم، جِت هَلڻ نَاهه حُسن رِي.
    ڀٽائي گهوٽ جا عقيدت مند ساٿيو!
    ڀٽائي گهوٽ جي عرس مبارڪ جي موقعي جي نسبت سان سندس شاعريءَ ۾ عبد جي عظمت تي روشني وِجهندي چوندس ته، شاهه سائين جي شاعري، انساني اعليٰ ڪردارن جو آئينو آهي، جِن ۾ انسان جي رهبريءَ لاءِ معنيٰ جا موتي موجود آهن. هن جي خيال ۾ هستي حرام آهي ۽ نِوڙت نماز آهي، جن پاڻ کي مٿانهون سمجهي غرور تڪبر ۽ هٺ وڏائي ڪئي، اُنهن کي خدا تعاليٰ لوڙهي ختم ڪيو، اُن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا ته:
    هَستي سَڀ حَرام، نِوڙت سَڀ نِماز،
    جِنين ڀَانئِيو پَاڻ، ڪَيائِين تَوائِي تن کي.
    شاهه سائين سراپا جمال آهي، پيار ئي پيار آهي ۽ نياز ئي نياز آهي، هو جلال واري ڪيفيت کان بلڪل آجو آهي، هو هن ڪائنات جي خالق کي ئي جلال جو لائق سمجهي ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ کيس جان جمال پڻ سمجهي ٿو ۽ اُن لاءِ فرمائي ٿو ته:
    پَاڻ ئِي جَلُ جَلال، پَاڻ ئِي جَان جَمَالُ!
    شاهه سائين اُنهيءَ عقيدي کي ئي انسان جي عظمت جو سرچشمو سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جملي جلال ڪُل قُوت ۽ سڄي طاقت جو مالڪ موليٰ جي ذات کي مڃي ٿو. شاهه سائين اُنهيءَ حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
    ڇَا کي وَڃين ڇو، ٻيلي رَهين ٻِيَن جو،
    وَٺ ڪَنجُڪ ڪريم جي، جڳ ۾ آهي جو،
    سکيو هوندو سو، جنهن جو عِشق اَلله سِين.
    شاهه سائينءَ جي جمال جو ٻيو رُخ اهو به آهي، جو عبديت ٻانهپ ۽ هيٺاهين ۾ ئي انسانيت جي عظمت جو ڪمال سمجهي ٿو، جڏهن انسان پنهنجي هوڏ هستي ۽ مستيءَ جي نَفِي ڪري، پاڻ کي آپي کان آجو ڪري جان ڇڏائي ٿو، تڏهن ئي هُو ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچي ٿو، جيڪا عبد جي عظمت آهي، جنهن لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:
    نَابُودِي نيئي، عَبد کي اَعليٰ ڪَيو!
    اُهو اعليٰ مقام تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو، جڏهن انسان پاڻ کي سچو ٻانهون ثابت ڪندو، شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ نظر ۾ عبد جو شان سڀ کان مٿاهون ۽ اعليٰ آهي. عبد جي عظمت ايڏي ته وڏي آهي، جنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ئي مشڪل آهي، اُنهيءَ لاءِ مرشد لطيف پاڻ فرمايو آهي ته:
    نَه ڪَا اِبتدا عَبد جِي، نَه ڪَا اِنتها!
    شاهه سائينءَ جو جمال نياز نِوڙت پيار محبت ۾ آهي ۽ اُن ۾ ئي سندس جلال سمايل آهي، هُو خودي ۽ خُود پرستيءَ کان گهڻو پري آهي، آزاد ۽ آجو آهي، اُنهيءَ لاءِ سمجهائيندي چيو اٿن ته:
    خُودي ۽ خُدا ڪِين مَاپندا مَن ۾،
    جِيئن ٻِن تَرارين جَاءِ، ڪَانهي هِڪ مِياڻ ۾.
    شاهه سائين انهيءَ اعليٰ فڪر ۽ اعليٰ عقيدي واري منزل توڙي ڪردار واري عمل جي سطح تي گهڻو مٿاهون آهي، کيس پوري ڄاڻ هئي ته هن سڄي سنسار ۾ سڀڪو پاڻ کي سير ٿو سمجهي، ۽ پاڻ کي گهٽ ڪوبه ڪونه ٿو سمجهي، سڀڪو مان واري تار ۾ ٻُڏل آهي، اهڙي حالت ۾ مُرشد لطيف عام انسانن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته، اوهان دولت جي ڍير ۾، ۽ ان جو ڏيک ويک، ٺٺ ٺانگر ڏسي اتي موهجي نه پئو، پنهنجي جيءُ کي اُن کان اِئين جُدا ڪريو، جيئن ڇَائِيءَ کي ڇَڄَ ڇَنڊي داڻن کي صاف ڪندو آهي، تُون صبح کي شام نه چَئو ۽ شام کي صبح نه چئو، اهڙيءَ طرح اڄ کي اڄ ڪري سَمَجهه، سُڀاڻ کي سُڀاڻ ڪري سمجهه. اي موڳا! وقت نه وڃاءِ، زور سان ڊوڙي هل، ڇو ته وقت ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري!
    مرشد لطيف پنهنجي شاعريءَ جي لفطن کي معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي، چوي ٿو ته:
    مَتَان ڏِسي موهِجين، دُنيا وَارو ڌَڄ،
    جُدا ڪر جِيءُ کي، جِيئن ڇَائِي ڪَري ڇَڄ،
    مُٺيُون ڀِيڙي ڀَڄ، وَقت وَڃي ٿو وَيسرا.
    شاهه سائين هَٺ وڏائي ۽ تڪبر کي بلڪل ترڪ ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي، پاڻ وڏائي واري ماڻهوءَ کي ناپسند ڪيو آهي. شاهه سائين وٽ اُها هيٺاهين، اُها نهٺاهي، اُها نماڻائي ۽ اُهو انساني اخلاق جي عُروج جو جمال ۽ ڪمال موجود آهي، جنهن جي لِکڻ لاءِ دفترن جي درڪار ٿيندي، شاهه سائينءَ مان ۽ وڏائيءَ جي لائق خُدا کي ٿو سمجهي، عام انسانن کي تَڪبر ۽ وڏائي ڪرڻ کان روڪي ٿو، اهڙن وڏائي ڪندڙ ماڻهن لاءِ سندس پيغام هي آهي ته:
    مَان مُون تُون آءٌ، چَارَئِي چِتَان لاَهه،
    تَه سَندي دَوزَخ بَاهه، تَو اَوڏِيائي نَه اَچي.
    شاهه سائين جمالياتي ڪيفيت جا مرڪز ۽ محور آهن، هن پنهنجي مثالي ڪردارن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجين سُورميءَ نُوريءَ کان هن طرح چَورايو آهي ته:
    تُون تَماچِي تَڙ ڌَڻِي، آءٌ گَندرِي غَرِيب!
    سَسئي کان چَوِرايو اٿس ته:
    هُو جَا پَائِين پيرَ ۾، تَنهن جُتي نَه جيهي!
    سهڻي کان چورايو اٿس ته:
    هِن مُنهنجي حَال جِي، ميهر کي مَعلوم،
    مُومَل کان وري هن طرح چورائي ٿو ته:
    ڪَر مَعاف مَدايُون، تَه سَوڍا سُکياڻي ٿِيان!
    ڏِسجي ٿو ته سڀني سُورمين جي عزت ۽ عظمت، هيٺاهين هلڻ ۽ نياز نِوڙت سان ئي ٿي آهي. شاهه سائين ڏٺو ته، هي حيوان ناطق جي حيثيت ۾ ٻه ٽنگو انسان اِئين ٿو سمجهي ته آهيان ئي مان، مُون تي ئي لهي اُڀري ٿو، سڄي جڳ جهان جو مالڪ مان ئي آهيان! آءٌ سڀ ڪُجهه ڪري سگهان ٿو! تاريخ جي گواهي آهي ته انساني سماج ۾ شيطاني ۽ فرعوني ڪردار هميشه کان هَٺ وڏائي واري آڪڙ مان ئي پيدا ٿيا آهن، ۽ اهڙن وڏائي وارن ڪردارن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، اڳ هڪڙو فرعون هو، هاڻ ته وِک وِک تي فرعون جو عملي پيروڪار نظر ٿو اچي، جن پنهنجي خُود غرضي ۽ بدڪرداريءَ سان خدا جي ڌرتيءَ کي شيطان جو آکاڙو بنائي ڇڏيو آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو عام ماڻهن مان خلوص ختم ٿيندو پيو وڃي، ماڻهو، ماڻهو جو ماس پيو کائي، هن دنيا ۾ انسان جي نيڪي ئي رهڻي آهي، هي سَنسار لباس تي ٻڌل آهي، ’هڪ دل هوندو هيڪڙو‘، عام انسانن ۾ حيرت جو حوصلو ئي نه رهيو آهي، خلوص، پيار، محبت واري مام کي ڪُتي واري نِيت رکندڙ ته سمجهندو ئي ناهي. شاهه سائين پنهنجي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
    آدمِيَن اِخلاص، مِٽَائي مَاٺو ڪَيو،
    هَاڻي کَائي سَڀڪو، سَندو مَاڻهو مَاس،
    دِلبر هِن دُنيا ۾، وَڃي رَهندو وَاسُ
    ٻِيو لَوڪ سَڀ لِباس، هِڪ دِل هُوندو هَيڪڙو.
    يا
    حَوصِلو حَيرت جو، آهي نَه مَٿي عَام،
    سَندي محبت مَام، ڪور پَروڙي ڪِينَڪِي.
    شاهه سائين عشق جي امتحان جون سڀئي منزلون طئي ڪري پار پيو هو، کيس ٻي ڪنهن هستيءَ جي ڪا تَات تَنوَار ڪانه هُئي، دُنيا جي هر شيءِ ۽ هيڪڙائي جو ظهور نظر ٿي آيو، هن جو چوڻ هو ته، جيڪو ماڻهو نفس جو غلام بنجي، اُن جي اِشاري تي ٿو هلي ۽ پاڻ کي بغير شِرڪ جي ٿو ڀَانئي، اهو ئي وڏو شِرڪ آهي، نفس جي غلاميءَ ڇڏي هُئڻ واري هوڏ کي ختم ڪري، پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻڻ جو چيو آهي. انسان جڏهن هُئڻ واري هوڏ کي ختم ڪري پاڻ سُڃاڻي ٿو، تڏهن ئي سندس وجود ۾ موليٰ جي ذات جو واسو ٿو اچي، ۽ کيس مان هُئڻ واري ڪيفيت ختم ٿيو وڃي، هِي ۽ هُو هڪ ٿي ٿا وڃن، هِي آهي ته هُو به آهي، هِي ناهي ته هُن کان سواءِ هُو به نٿو رَهي، هِي هُن جي هُئڻ ڪري ئي آهي، هُو وري هُن کان سواءِ ڪونهي، هِي ۽ هُو هڪ ٻئي کان ڌار آهن ئي ڪونه، انسان جو سر خُدا جو سر ڪري سمجهڻو آهي، عالم ۽ عارف به اِها ئي ڳالهه ڪندا ويا آهن، جنهن لاءِ شاهه سائين هن ريت فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
    عِين شِرڪ اِيءُ، جي بي شِرڪ ڀَانئِين پَاڻ کي،
    وِڃَائي وُجود کي، پاڻان پَاسي ٿِيءُ،
    هيڏانهن ڪَونهي هِي، هُو پڻ ڪونهي هُن ريءَ!
    يا
    اَلاِنسان هُو پڻ ڪونهي، هُن رِيءَ، هِي نَه هُنان ڌَار،
    اَلاِنسان سري وَانا سره پَروڙج پَچار،
    ڪَندا وِيا تَنوار، عَالم عَارف اهڙي!
    برحق لطيف اسم باسما هو، جهڙو هو سندس نالو، تهڙو ئي پاڻ لطيف هو، هُو عبداللطيف هو ۽ ساڳي وقت عبد توڙي لطيف هو، عبديت ۽ لُطافت سندس شاعري، فڪر، فلسفي ۽ ڏنل پيغام جا ٻه روشن طرف آهن، جنهن جي سوجهري سان ئي مُرشد لطيف جي ڪلام کي سمجهي سگهبو، اِئين برابر آهي ته سندس ٻولي سنڌي آهي، پر سندس فڪر، فلسفو عالمگير آهي، سندس رسالي ۾ عبد جي عظمت جي تصوير ڏسي سگهجي ٿي.

    [روزاني عبرت حيدرآباد، سومر 9 جنوري 2012ع ۾ ڇپيل]


    ڀٽائي باضمير ماڻهن جو شاعر

    سنڌ جو جڳ مشهور سنڌي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اُهو واحد شاعر آهي، جيڪو سير ۽ سياحت جو وڌ ۾ وڌ شوقين هو، جنهن سنڌ جي سيلانين سان سنڌ جي سِري، وِچولي، لاڙ، ڪوهستان، ريگستان، ڍنڍن، ڍورن، برن بحرن ۽ ماٿرين جو سير ڪري، اُنهن جي سُونهن نِرمل نظارن جو دل جي دُوربيني ۽ باريڪ نظر سان اُونهون اِڀياس ڪري قُرب جي ڪئميرا سان هُو بهو تصوير چِٽي پنهنجي ڪلام ۾ آڻي، اسان اڳيان پيش ڪيو ۽ اُنهن ديس جي قوم پرست کاهوڙين، جن کي ڀٽائي گهوٽ ڪيترن نالن سان ياد فرمايو آهي. جهڙو جوڳي، ويراڳي، ٻيراڳي، لاهوتي، لنگبند، اڪپڙي، نانگا، ساقي، سنياسي، آديسي، گورڙيا، ڪنوٽيا، ڪن چيڙ، ڪيرتيا، جبروتي، عاشق، فقير وغيره اُهي سڀئي، شاهه سائينءَ وانگر سَسئي جي رُوپ ۾ پُنهل (وطن) لاءِ سُور سَختيون ڏُک، بُک، سردي، گرمي، سِر تي سَھندا رهيا، هنن پنهنجا پيٽ سَڻڀن مِٺن چهرن طَعامن تي ڪِين هَيريا هُئا ۽ نه وري اُنهن طعامن تي وِڪاڻا، هنن جو ڀَلي بُک ڀَرم جي، شَال نَه وَڃي شَانُ! وارو نظريو هو، هنن هر سهوليت جي ڳالهه ڪانه ٿي ڪئي، هنن کي پلنگ پٿراڻيءَ جي ڪا ضرورت ڪانه هُئي، هنن جو وِڇاڻو فرش، پنهنجي سنڌ ڌرتي هُئي. شاهه سائينءَ جو اُنهن کاهوڙين سان پِرت جو پيوند اُنهيءَ ڪري هو، جو هُو قوم پرست حق جا پرچاري هُئا، حق جي پرچار ڪندڙ هُئا، سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن تي تَن مَن فِدا ڪرڻ وارا هُئا، هنن جي هٿن ۾ قوم پرستيءَ جي ڄاٽي هُئي، جنهن جي روشني عام پکيڙيندا ٿي رهيا، هُو شوبازي، ٺڳي، ڪُوڙ، پنهنجن کي ڦُري، ماري پيٽ ڀرڻ واري قهري ڪارووائي جي خلاف هُئا، اهڙا چند مثال هِت پيش ڪندس.
    سنڌي قوم جي ڳچيءَ ۾ مٽ جيترن ماڻهن جو ڦاهو پيل آهي، جن کي جاگيردار ڀوتار، رئيس، وڏيرا، سردار، زميندار، پير، مير ۽ ٻيو الائجي ڇاڇا سڏيو وڃي ٿو، جيڪي حقيقت ۾ مُفت خور ڪچور، حرام خور، زيان خور، نِڪما ۽ وڌ کان وڌ ظالم ۽ قوم دشمن آهن، ٻيو ڪُجهه نه آهن، اُهي وحشي درندا، صدين کان وٺي، سنڌي قوم مٿان چَٽيون ٿيا پيا آهن، جيڪي غريب قوم جي ساري ڪمائي ۽ هَڏن جو نِچوڙ، بنا اوگرائيءَ جي هضم ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا، انهن مفت خور لٽيرن جي هميشه اها سوچ هوندي آهي ته سڌي قوم کي ڪهڙي نالي ۾ لٽجي ڦرجي؟ انهن پنهنجن جي ئي خود غرضيءَ جي ڪري ئي سنڌ مٿان پرمار ڦورو لامارا ڏئي، سنڌي ماروئڙن جي اَڀري جِسم مان ٻُوٽيون ۽ چَم پَٽيندا رهيا آهن، جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن مٿان ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل ڪا مصيبت بَرپا ڪئي آهي، ته سنڌ جو اُهو غدار جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرو، بيماريءَ جو بهانو بڻائي، ٻاهر ڀاڄ کائي وڃي لِڪو آهي، يا وري مُرڳو، چنيسر، قاضي قادن، وسايو ۽ نائونمل جو عملي پيرو ڪار بنجي، اُن وٽان ڪُجهه نه ڪُجهه حاصل ڪري، اُن جو چڳ وڍيو مُريد ۽ دلال بنجي مُڇون وٽي آڪڙجي سِيٽجي وري به اڌ مُئل ۽ ماريل پنهنجي سنڌي ماروئڙن مٿان اچي ڪَڙڪندا آهن، پوءِ ڪنهن کي گار، ڪنهن کي بُجو، ڪنهن کي ٿُڪ، ڪنهن کي مُڪ، ڪنهن کي لَت، ڪنهن کي جيل ته ڪنهن کي ٿاڻو! هروڀرو به پنهنجي کي ماري ڪُٽي پنهنجو تابعدار پيا بنائيندا آهن، هُو ڌارين اڳيان ڳالهائي به ڪونه سگهندا آهن، پر پنهنجن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندا آهن، اهڙن فرعون صِفت ظالمن لاءِ ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته:
    هِي مُنهن ڏيئي ٻن، تُون وِهُه کَائِي نَه مَرين،
    تَان جي مَلير ڄَايُون، تو سِين سَڱ نَه ڪَن،
    پَوءِ تُون ڪِيئن مَنجهان تِن، پَاڻ ڪَوٺَائِين مَارئي.
    يا
    مَتو آهِين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هَڻِين،
    تَو جَا ڀَائِين اَڇ، تَنهن پَاڻِي پُنا ڏِينهَڙا.
    سنڌ اندر پنهنجن پراون جي ڦُرمار ۽ ڏاڍ ڏمر جي خلاف، سنڌ مان ڪيترائي جوڌا جوان پيدا ٿيا آهن، جن کي شاهه سائين کاهوڙي جي نالي سان سڏيو آهي، سندس رسالي ۾ هڪ سُر جو نالو ئي کاهوڙِي آهي، جنهن ۾ ظُلم ۽ بربريت خلاف وڙهندڙ جوڌن جو ذڪر ٿيل آهي، هِن جَھان ۾ جلالي جوڳي به آهن ته جمالي به، هنن جي ڪچهريءَ ۾ حق سچ جي نعري کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪونهي، هنن جي ڪچهري پارس جو ڪم ڪندي آهي، يعني هنن جي ڪچهريءَ جو رنگ جنهن کي لڳو، سو سون بڻجي ويو. (قوم جو همدرد) پوءِ قوم جي ڀلائيءَ جي سوچ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه وڻندس، هنن ماڻهن قوم پرستيءَ جي جيڪا دُونهين دُکائي آهي، سا اُجهامڻ جي آهي ئي ڪانه، اُنهيءَ کي دائم قائم رکڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڪوشش ڪندا پيا اچن، اُنهن جي محبت ۽ سچائي اهڙي ته پياري آهي، جو اُنهن قُربدارن ۽ ڀلارن کان سواءِ جيئرو رهڻ ئي مُشڪل ٿيو پوي، اُنهيءَ لاءِ مرشد لطيف هن طرح فرمايو آهي ته:
    نُورِي ۽ نَارِي، جَوڳِيئَڙا جَھان ۾،
    ٻَري جِن ٻَارِي، آءٌ نه جِيئَندِي اُن ري..
    يا
    جِت نَه پَکيءَ پير، تِت ٽِمڪي بَاهِڙِي،
    ٻِيو ٻَارِيندو ڪَير، کَاهوڙڪي کِير ري!
    اهڙا سچا سامي قوم پرست هميشه حق جا طرفدار هوندا آهن، هُو ظُلم، زيادتي، اِستحصال ۽ پَرماريت جي خلاف جنگ ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن، هِنن سچن سامين جي بيراڳڻ، (ڪندري) ظالم پرمار جي خلاف اُڀي هوندي آهي، هر ڌارئي ڌاڙيل کي نظر ۾ رکندا آهن، ڪڏهن به ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل وِک وڌائي ديس ۾ اچي ظُلم ڪيو ته ساميءَ جو سوٽو (ڏنڊو) سندس پليت پيشانيءَ ۾ ٺَڪاءُ ٿو ٿئي، ديس يا ديس واسين تي ظُلم ٿيڻ وقت سامي (قوم پرست) ڪڏهن به سُک سان نه سُتو، اهڙي سامي (قوم پرست) جڏهن هن دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو يا ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل سان ويڙهه ۾ شهيد ٿي ٿو وڃي ته اُن ساميءَ جو شاهه سائينءَ کي ڏاڍو ڏُک ٿي ٿيو، اُنهيءَ درد مان دانهون ڪري ٿي چيائين ته اي سامي! تُنهنجي بيٺل مَڙهي، تو کان سواءِ مُون کي ڪنڊا ٿي لڳي، اي جوڳي! تو اها مَڙهي ٺاهي ڇو؟ جو تُون اُن مان جلد ئي ڪُوچ ڪري (لڏي) وئين، هاڻ ته تُنهنجي اُها مَڙهي خالي ڏسي، مُنهنجو هِينئون (دل) ڳريو ڳچ ٿيو ٿي پوي. شاهه سائين کي ديس جي هڏ ڏوکيءَ جي جُدائي سخت ٿي ستايو ۽ اُن ساميءَ کي هن ريت ياد ٿي فرمايو ته:
    سَامِي! مَڙهِي سَنديَاءِ سَامهين مُون سيلهه ٿِي،
    سَا تَان ڪَوهه! ڏِياءِ جَان نَاگنا وَئين نِڪري؟
    سَچا سَامي وَطن سان پيار ڪندڙ آهن، جيڪي هر وقت ديس ۽ ديسي ماروئڙن جي سُک ۽ ڀلائيءَ لاءِ پيا سوچين ۽ لوچين، اُنهن سامين کي سُٺن طعامن جي ڪا طلب ڪانه ٿي رَهي، ڇو ته اُنهن جي ديسي ماروئڙن کي سُڪل ماني به مشڪل سان ٿي مِلي ته پوءِ هُو سچا سامي پاڻ ڪيئن ٿا سَڻڀن، چَهرن، مِٺن طعامن جي طلب رکن، هنن کي ته وڌ مان وڌ پنهنجي ديس واسين جي درد دُور ڪرڻ جو اَونو آهي، جيڪي سَڻڀن طَعامن، پَلنگ پَٿراڻين، پئسن، ڏوڪڙن ۽ ٻين سھوليتن جي لالچ رکن ٿا، سي قوم سان سچا نه چئبا، اُهي لَٻاڙي شوبازي ڪري، ليڊري چمڪائي، قوم کي وڌيڪ دوکو ڏئي، وڌيڪ پَٽڻ کائڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اهڙن ٺڳن کي ديس ۽ ديسي ماڻهن جو ڪو اونو ڪونهي، هُو ڪُوڙي عزت جا گداگر، عدل ۽ انصاف جا دُشمن آهن، هُو زور ۽ ظُلم جا حامي آهن، جو پنهنجي ذاتي لالچ لاءِ پُوري قوم کي مُڏي ڪاتي سان ڪُهي، اُنهن جون زبانون ڪپي، ڦٿڪندي ڏسي پاڻ مزن جي معراج ماڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن، اهڙن لالچي ۽ مفاد پرست ليڊرن لاءِ شاهه سائين فرمايو آهي ته:
    گولا جي گِراهه جَا، جُوٺا سي جوڳي،
    ڦِٽلَ سي ڦوڳِي، جَنين سِڪَم سانڍيا.
    سچا سامي جوڳي (وطن دوست) اُهي چئبا جي پنهنجي وطن وارن جي، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي خدمت ڪَن، اُنهيءَ کي وات تي ئي نه آڻين، ته ڪو اسان ڪم لاءِ هِيئن ڪيو! هُونئن ڪيو! هنن جي دلين ۾ اُها لالچ ڪانه هوندي آهي ته اُنهيءَ خدمت جي بدلي ۾ بهشت وغيره مِلي، اهڙن سچن سامين، جوڳين جو بِهشت ۽ دوزخ سان ڪو پري جو واسطو به ڪونه هُوندو آهي، هنن جي دلين ۾ نه ڪُفر آهي، نه مُسلماني، هُو ڪنهن به ڌرم يا مذهب سان ڪو واسطو ئي ڪونه رَکن، هنن جي منزل تمام مٿاهين آهي. هنن جو ڪم آهي، پنهنجن ديسي ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ، پوءِ اُن ۾ هندو - مسلم جو ڪو ويڇو ڪونه رکن، هنن جو مطلب خدمت خلق افضل عبادت آهي. شاهه سائينءَ اهڙن جذبن رکندڙن لاءِ هن ريت فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
    ڪيهِي ڪَام ڪَاپڙي، ٿَا اهڙي رَوَش رُون،
    نَه ڪَا دِل دَوزخ ڏي، نَه ڪي بهشت گُهرن،
    نَه ڪو ڪَم ڪُفار سِين، نَه ڪَا مُسلمانِي مَن،
    اُڀا اِئين چَون، تَه پِرين ڪَجو پَنهنجو.
    يا
    پُڇي جان ٻروچُ، تان پاسي ڪَر پرهيز کي،
    جَن ڏٺو هوتُ، تن دِينُ سڀ دُورِ ڪيا.
    سچا سامي، سچا جوڳي، ساڻيهه جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندڙ اُهي چئبا جيڪي اُڃ بُک ۾ رهي ڪري، ديس ۽ ديسي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ٿا ڪن، ڪنهن به ڌارئي جي لالچ ۾ نه اَچن ۽ ڪيڏي به وڏي آڇ ٿيئي ته اُنهيءَ کي ٺُڪرائي ڇڏين، مطلب ته:
    اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جي سَيڻ مَٽَائِين سَون تي!
    جا عملي پيروڪار هُجن، هن عظيم مقصد تي اهڙا ته پُختا بيٺل هُجن، جو ڪابه طاقت، ڪابه لالچ، هنن کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نه ٿي سگهي، ڪنهن به قومپرست کي، ڪنهن به لالچ ۾ اچڻو ناهي، نه ئي وري ڪنهن لالچ لاءِ سوچڻو آهي، ڇو ته ڌارئي ڌاڙيل کي اهڙي قسم جا ماڻهو ڏاڍا ڏُکيا لڳندا آهن، پوءِ هُو، اهڙن ماڻهن کي ڪيئي لالچون ڏيندا آهن ته هُو جيئن عظيم مقصد تان هٿ کڻي وڃن، اهڙن ماڻهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڌاريو ڌاڙيل ڪيئي هيلا هلائيندو آهي، مال، دولت جون آڇون ٿينديون آهن، سُهڻين سُهڻين ڇوڪرين جون آڇون ٿينديون آهن. شاهه سائين سَچن سامين کي خبردار ڪندي فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
    طَمَع جي تَنوَار، متان ڪريين منڱڻا،
    ڌِڪي ڪندءِ ڌَار، مَاڻَڪ ڏئي مُٺ ۾.
    يا
    ڪَاڪَ نَه جَهليَا ڪَاپِڙِي، مَوهيَا ڪَنهِن نَه مَال،
    جَي ڇوريَن ڏِنا ڇَالُ، تَه به لاَهوتِي لَنگهي وِيا.
    سچو سامي ۽ سچو لاهوتي اُهو آهي، جيڪو پنهنجي مُلڪ ۽ مُلڪي ماڻهن تان هٿ نه کڻي، ڪيتريون به آڇون ٿين، ڪيتريون به لالچون مِلن، پر قومپرستيءَ کي سڀني ڳالهين کان مٿانهون سمجهي، ديس ۽ ديسي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندو رهي، اهڙا سچا سامي بلڪل گهٽ ٿا ٿين، جيڪي سڀئي امتحان پاس ڪريو ويٺا هُجن، ڪنهن به ڌارئي جي لوڀ لالچ ۾ نه آيا هُجن، اهڙا جُنگ جوڳي اڄ به پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ تڙپي رهيا آهن، ڪنهن به لالچ ۾ نه ٿا اچن، اُنهن جي ڪچهري وارا محبتي به عظيم انسان آهن، جو پنهنجي رهبر جي ڏِنل ڏس تي ثابت قدم رهيا، ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ نه آيا، گُروءَ جي گس کان نه ٿِڙيا، اڄ جو نوجوان الائي ڪاڏي توائي ٿي ڀٽڪندو ٿو رهي، جي گُروءَ وٽ نه وڃي سگهي ته سندس چيلي وٽ وڃي ڪا گهڙي ويهي حقيقت جو سبق حاصل ڪري، ڇو ته اُنهن جو ڏِنل ڏس ئي هن اُونهي ساگر ۾ ترهي جو ڪم ٿو ڏئي ۽ اُنهيءَ ترهي سان ئي پٽي پائريو، اُنهن جُهونن جوڳين لاءِ مرشد لطيف فرمايو آهي، چوي ٿو ته:
    مُون سي ڏِٺا مَاءُ، جِنين ڏِٺو پِرِينءَ کي،
    رَهي اَچجي رَاتِڙِي، تِن جُنگَن سَندِي جَاءِ،
    تِنين جِي سَاڃَاءِ، ترهو مَٿي تَار ۾.
    يا
    تَان وَنئُن ويهِي آءٌ، اَڱڻ کَاهوڙين جي،
    جَوش ڏِنائون جِيءُ کي، لِڪائي لَوڪان،
    ڏََوٿِين ڪَنهن ڏُکان، سُمهي سُک نَه مَاڻيو!

    [روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ ڇپيو]


    شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جا سورهيه

    تاريخ جا ورق ورائڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ جي سرزمين جنهن جي ذري ذري ۾ پيار ۽ محبت جو راز سمايل آهي، اُن جي ڪُک مان پيرن فقيرن، شاعرن، بزرگن، صوفين ۽ حق پرستن سان گڏ ڪيترائي سُورهيه ۽ دلير پيدا ٿيا آهن، جن کي هِن ڀَلاري ڀُونءِ پنهنجي جهوليءَ ۾ جهلي حُب الوطني جي لولي ڏئي، سچ ۽ صداقت جو ويس ڍڪائي، ديس ۽ ديسي ماڻهن جي محبت ۾ مست ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن به ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل لُٽيري، ڦورو ۽ ظالم اولهه يا اُتر کان اچي هن ديس تي ظلم، زيادتي، خُون خرابو ۽ لُٽ مار سان گڏ، پنهنجو خوني هٿ ڊگهو ڪري ديس ۽ ديسي ماڻهن جي ڳِچيءَ ۾ غلاميءَ جو طوق وِجهڻ ٿي چاهيو، تڏهن سنڌ جي سُورهيه اُن ظالم جابر سان ٽَڪر کائي، مادر وطن جي ٿَڃ ٿي مَلهائِي، هن ڪڏهن به اهو ڏسڻ نه ٿي چاهيو ته ديس ۽ ديس جا ماروئڙا، ڌارين جي غلاميءَ جي گهاڻي ۾ پيڙبا رَهن ۽ جڏهن به مُلڪ ۽ مُلڪي ماروئڙن مٿان اهڙو ڏُکيو وقت ٿي آيو ته سنڌ جي سُورهيه سِر جو سانگو لاهي، پنهنجي ڌرتيءَ ماتا کي رت جو نذرانو ڏئي ثابت ڪري ٿي ڏيکاريو ته هن ديس جا سُورهيه پنهنجي ديس جي عزت ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي سِر جي قُرباني ڏئي سگهن ٿا، اڄ به تاريخ جي روشني ۾ هن ڌرتيءَ جي خاڪ پاڪ هيٺيان ليئو پائي ڏسبو ته اهڙن اڙٻنگ انسانن جا وڍيل، ٽُڪيل، گهاڻي ۾ پِيڙيل رَتوڇاڻ جسم، پنهنجي ڌرتي ماءُ، سنڌ جي سيني سان ستل نظر ايندا، اَروڙ، ڪوٽڏيجي، نيرون ڪوٽ، ٺٽو، مڪلي، مياڻي، سيوهڻ ۽ ٽلٽيءَ جهڙا مشهور هنڌ، سنڌ جي سُهائيءَ جي سَاک پيا ڀرين، اهڙا ڪيترائي انسان ٿي گذريا آهن، جن لوئيءَ جي لَڄ بچائڻ خاطر وڏي ذوق شوق سان پنهنجي جان جي قُرباني پيش ڪري، پنهنجو نالو شهيدن جي فهرست ۾ داخل ڪرايو، اهڙن سُورهيه انسانن پنهنجي زندگيءَ جي ڪشتي لَهرن لوڏن، ڪَنن ۽ طُوفاني خطرن ۾ وِجهي قوم جي حياتيءَ جا ٻيڙا پار پَئي ڪيا آهن، هِنن هميشه پنهنجي قسمت بِگاڙي، قوم جي بِگڙيل قسمت پئي سَنواري آهي. قوم جي اهڙن هڏ ڏوکين لاءِ ڪيترن ئي شاعرن سندن شان ۾ وڏا قصيدا ۽ گيت لکيا آهن، پر جهڙيءَ طرح سنڌ جي جڳ مشهور ۽ سداحيات شاعر مرشد لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ قوم جي اهڙن بهادر سُورمن تي روشني وجهي، جيڪو اعزاز بخشيو آهي، اُن جو ٻيو مثال نه ٿو مِلي، حق سچ تي وڙهندڙ سورهيه کي، شاهه سائين هڪ جرنيل جي حيثيت سان جنگ جا طور طريقا، شيردل ٿي وڙهڻ، سُستي، غفلت ڇڏي، چُست چؤبند ٿي لَڙڻ، ڪنهن دشمن جي مَڪاري ۽ چالاڪيءَ کان خبردار ٿيڻ، ڪنهن لوڀ لالچ ۾ اَچڻ کان بَچڻ، گدڙ جي سئو سال زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگيءَ کي بهتر سمجهڻ، وَهم وِسوسن کان پري رهي، مقصد واري ويڙهه تي ثابت قدم رهڻ، نيڪ مقصد ماڻڻ لاءِ دُنيا جون سڀيئي خواهشون ڇڏي ڏيڻ، ظالم جابر اڳيان ڪنڌ نه جُهڪائڻ، غدار کان نفرت ڪرڻ ۽ سون تي سَيڻ نه مٽڻ لاءِ بار بار تاڪيد ڪيو آهي، اهڙا ڪي مختصر مثال هِت پيش ڪجن ٿا:
    جڏهن به ڪو طاقتور، ڌاريو ڌاڙيل، مرشد لطيف جي ڌرتيءَ تي رهندڙ سنهڙي سنڌيءَ سُورهيه جوان کي ڏسي، پنهنجي طاقت تي ناز ڪري ٿي چيو ته، هي، جيڪو سنهڙو چهبڪ جهڙو آهي! آءٌ ٿلهو متارو آهيان، مُنهنجي ته مٿس اَک به ڪانه ٿي ٻُڏي، اُهو اسان جهڙن طاقتورن جو ڪهڙو مُقابلو ڪندو؟ اهڙي خوشفهميءَ ۾ مُبتلا ٿيل ڌارئي کي مُرشد لطيف هَڪل ڪري چيو اٿس ته اي نادان! تُون پاڻ کي ٿُلهو ٿنڀرو سمجهي، ۽ مُنهنجي سنڌ جي بهادر کي سنهڙو سمجهي متان ڀُلجي پوين! واسينگ نانگ جا ٻَچا هوندا ته سنها آهن، پر سندن ڏنگ نهايت خطرناڪ هُوندو آهي، سندن ڏَنگ سان هاٿي جهڙا ٿُلها ٿنڀرا به اچي پَٽ وٺندا آهن، هي سنڌ جا سنهڙا جوڌا جوان واسينگن جي ٻچن جهڙا ڪري سمجهه! جن جو وار نهايت خطرناڪ آهي، اُنهن جي وار سان وڏا وڏا پهلوان، پنهنجي جڳهه تان چُري به نه سگهندا آهن، اهڙي سنڌي جوڌي جوان جي مرشد لطيف هن طرح واقفيت ڪرائي آهي، چوي ٿو ته:
    سَنهَان ڀَانءِ مَ سَپ، ويا وَاسِينگَن جَا،
    جِنين جِي جَهڙپ، هَاٿي هَنڌان نَه چُري.
    ۽ جڏهن ديس جا بهادر سپاهي، ڌارين جي سامهون اچي ٿا وِڙهن، تڏهن شاهه سائين پنهنجن ديس جي بهادرن سان مُخاطب ٿي چوي ٿو ته، اي سورهيه! جي توهان پنهنجي سوڀ لاءِ ٿا ڪوشش ڪريو ته دل مان سڀ وَهم وِسوسا ڪڍي ڇڏيو، ڀَالا هَڻ ۽ دُشمن کي ڀاڪُر هڻي دَس، پنهنجي اڳيان ڍال نه جَهل، تُون دشمن جي تلوار مٿان، پنهنجي تلوار ڦهڪائي، ته پوءِ تُون سُورمو سڏجڻ ۾ اچين! تون پنهنجو بچاءُ ڍال نه، پر تَرار سان ڪر! شاهه سائين پنهنجي سنڌ جي سورهيه کي هن ريت چيو آهي ته:
    سُورهيه! مَرين سَوڀ کي تَه دِل جَا وَهم وِسَار،
    هَڻُ ڀَالاَ وِڙهه ڀَاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَار،
    مَٿَان تَيغ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين!
    وري جڏهن لڙائي وڌي ٿي وڃي ۽ ٻنهي طرفن جا بهادر، هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهي بهادريءَ جا جوهر ٿا ڏيکارين، سندن تراريون، هڪ ٻئي سان لَڳي چڻنگون ڇڏڻ ۽ ٺَڪ ٺَڪ جا زوردار آواز ڪرڻ لڳن ٿيون، بهادر هڪ ٻئي کي لَلڪاري، سَڏي هَڪلون ڏئي ڀاڪُرين پئجي، هِڪ ٻئي کي دَس دَسان لائي ٿا ڏِين ۽ تَرارين جي زوردار ڌَڪن سان سندن سِسيون، ڌڙن کان ڌار ٿي ڦٿڪڻ، ٽپا ڏيڻ ٿي لڳيون، ڌڙ پڻ سِيين کان ڌار ٿي ڦٿڪندا ٿي رهيا، اُن وقت جنگ جي ميدان ۾ بهادرن جو هُل هنگامو مَتل هو. مرشد لطيف جنگ جي ميدان جي منظر نگاري هن طرح پيش ڪئي آهي، جنهن جو مثال مِلڻ مشڪل آهي، چوي ٿو ته:
    بَھَادر گَڏيَا بَھَادرين، کڙَڳ کَلُول ڪَن،
    وِجَهن ڌِڙ ڌَڙَن تي، هَاڪَاري هَڻن،
    ڪِرن ڪَنڌ نَچن، رِڻ گَجيو رَاڙو ٿِيو!
    وري جڏهن جنگ جي ميدان ۾ وِڙهندڙ سنڌي جوڌي جي زال سان ڪنهن مذاق طور ٿي چيو ته، تُنهنجو وَر جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو آهي، تنهن کي اُن سنڌي بھادر سپاهيءَ جي زال هن ريت ٿي چوي ته: مُنهنجو مڙس جنگ جي ميدان مان ڀڄي! سا ڳالهه آءٌ مڃي نه ٿي سگهان! مُنهنجي وَر کي جيڪي ويڙهه ۾ زخم هُوندا، سي به سامهون هُوندس، جنهن کي سيڪڻ سان فخر محسوس ڪنديس، پر جي اُن کي پُٺ ۾ ڌَڪ هُوندا ته پوءِ اِها ڳالهه تُنهنجي لاءِ مَرڻ جهڙي آهي، اهڙي بھادر سنڌي سپاهيءَ جي زال جي دل جي ترجماني، مرشد لطيف هن ريت ڪئي آهي ته:
    ڀَڳو آءٌ نَه چَوَان، مَاريو تهَ وِسهان،
    ڪَانڌُ مُنهن ۾ ڌَڪڙَا، سيڪِيندي سُونهَان،
    تَه پڻ لَڄ مَران، جي هُئَنس پُٺ ۾.
    مُرشد لطيف پنهنجي سنڌي بهادر سپاهيءَ کي وڌيڪ هدايت ڪندي فرمايو آهي ته: اي سنڌ جا جوڌا جوان! تُون مرد ٿي ميدان ملهائج! ڪڏهن به گيدي ڪانئر نه بنجانءِ! ڪانئر ٿي مرڻ وڏي لعنت آهي. ڏِس! ڳِجهون، جيڪي رات ڏينهن رِڻن ۾ پيون رَهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي کان لڙائي جو پيون پُڇن، اُنهن ڍُونڍ کائڪ پکين کي به سُورهيه جو گوشت پسند ٿو اچي، ڪائنر ۽ بُزدل جو گوشت اُهي ڳِجهون به پسند نٿيون ڪن، بُزدل ۽ ڪانئر انسان جي گوشت کائڻ کي ڳِجهون به عيب ٿيون سمجهن، ڳِجهن کي به ڪانئر جي گوشت کائڻ کان نفرت آهي. هُو آهن به حرام خور، پر ڪانئر جي گوشت کي وڌيڪ حرام سمجهي نٿيون کائن، ڪانئر جو گوشت کائڻ ڳجهن لاءِ به هڪ عيب آهي، ۽ هُو ڳولي ڳولي غيرتمند سُورهيه جو گوشت ٿيون کائن ۽ ڪانئر جي گوشت جي ويجهو ئي نٿيون وڃن ۽ اُن جو گوشت پَٽ تي ڪِنو پيو ٿئي، اُهي ڍونڍ کائڪ ڳِجُهون، ڪانئر جي گوشت کائڻ کان بُک ۾ مري وڃڻ کي بهتر ٿيون سمجهن! مرشد لطيف ان لاءِ اجهو هن ريت چيو آهي ته:
    ڳِجهڙِيَن ڳَارو، رَاتِيان ڏِينهَان رِڻ ۾،
    پَئيون پُڇن پاڻ، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
    کَائِين کڳ مَارو، ڪَانئر پيو ڪِنو ٿِئي.
    ڍونڍ کائڪ ڳِجهن کي جنگ جي ميدان ۾، جي ڪنهن سُورهيه جو گوشت نه ٿي مِليو ته اُنهن پنهنجو وقت ڏُکن بُکن ۾ گذاري ٿي ڇڏيو، ٿورين گهڻين ڏينهين، جڏهن سُورهيه پُٽ ساماڻا ته کين آسرو ٿيو ۽ سندن بُک ڏُک جي تڪليف دُور ٿيڻ لڳي، ڇو ته کين خبر هُئي ته اُهي جوڌا جوان، ڌارين کي ديس ۾ نه سَھندا، کين جنگ ڪري ديس مان تڙي ڪڍندا، هُو حق جي راهه ۾ سِر گهوري ڇڏيندا ۽ اسان جي بُک لهي پوندي، جنهن لاءِ مرشد لطيف هن ريت فرمايو آهي ته:
    ڳِجَهن ويٺي گَهاريا، ڏڃان ڏُک گَهڻا،
    تَنگي لَٿَن تَنؤُڻ جي، سُورهيه سَاماڻا،
    ڪَندا رَامَاڻَا، ڪونئر ڪَليءَ جَا ڪَوڏِيا.
    ديس جو ڪو بهادر انسان پنهنجي ديس جي حقن لاءِ وڙهندي، ڌارين هٿان شهيد ٿي ويو ته مرشد لطيف کي اُن جو ڏاڍو ڏُک ٿي ٿيو، جيڪي بهادر گهوڙن تي جنگ وڙهڻ لاءِ ويندا آهن، اُنهن گهوڙن ۽ بهادر جوان سپاهين لاءِ مرشد لطيف چيو آهي ته:
    گَهوڙن ۽ گهوٽَن جِيئَڻ ٿورا ڏِينهَڙَا،
    ڪَڏهن مَنجهه ڪَوٽَن، ڪَڏهن رَاهيِ رِڻ جَا.

    [روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپيل.]


    ڪي ويجھائي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين! (حصو پهريون)

    مُنهنجي جسماني ماءُ هِڪڙي آهي ۽ رُوحاني ماءُ ٻي آهي، جنهن کي سنڌ يا سنڌوءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي عُمر جو ڪاٿو ڪرڻ مُنهنجي وَس کان ٻاهر آهي، البت موهن جي دڙي جي ڏنل گواهي موجب هزارين سال اڳ، جڏهن دُنيا جا اهي سمورا ملڪ، جيڪي اڄ ترقي يافته مُلڪ ٿا سڏجن، اُتان جا ماڻهو انگ اُگهاڙا چَرن ۽ غَارن ۾ وَلرن جي صُورت ۾ رَهندا هُئا، يعني انساني شعور ۽ ساڃاهه ٻاررن وانگر هٿوراڙيون پئي ڏنيون، تڏهن منهنجي رُوحاني ماءُ پنهنجي سنڌي ٻچن کي سُٺن گهرن ۾ سُٺا لباس پهرائي سُٺا کاڌا کارائي سُٺو صاف پاڻي پياري تاتي نِپائي رهي هُئي، اِها آهي تاريخي حقيقت واري ڳالهه، پر صحيح عُمر پنهنجي رُوحاني امڙ سنڌوءَ جو اندازو لڳائڻ مُنهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي، جو چوان ته اُن جي عمر هيتري يا هوتري آهي، بس اِئين کڻي چوان ته، مُنهنجي وَهم ۽ گُمان، سوچ ۽ ويچار کان مٿانهين عُمر واري مُنهنجي جيجل سنڌ! دنيا جي سڀني اکرن ۾ ماکيان مِٺو اکر ماتا امڙ ۽ ماءُ آهي، ته پوءِ اُن سان پيار ڪرڻ منهنجو فطري حق آهي، انهيءَ منهنجي ماءُ ڪيترائي ٻار ڄڻي ڪيچ ڪيائين، جيڪي وڌي ڪِروڙن ۾ ٿيا آهن، آءٌ اُنهن کي سنڌي ڀاءُ جي نالي سان سڏيندو آهيان، اُهي منهنجا ڀائر ڀلي ڪهڙي مُلڪ جي خطي ۾ به رهندا هجن، پر آءٌ کين پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب، تمدن جي ڪَسوٽيءَ تي پرکي سُڃاڻي وٺندو آهيان، پوءِ ڀلي هُو ڌنڌي داڙي، واپار، نوڪري وغيره يا سياسي اُٿل پُٿل جي لحاظ کان ڪٿي به رهن ٿا، پر آهن ته منهنجا ڀائر، مون کان مورسي ڪاوڙجي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه هليا ويا هُجن، پر پوءِ به منهنجا ڀائر ئي آهن، اسان جي روحاني امڙ سنڌ آهي ۽ جُڙيل جنهن سان جند آهي، انهن کي آءٌ شاهه سائينءَ جي بيت جي هن سِٽ وانگر سمجهندو آهيان ته:
    ڪي ويجَهائِي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين!
    يعني ڪي ويجهي هُئڻ جي باوجود به ڏُور آهن، ته ڪي ڏُور هُئڻ جي باوجود به بلڪل ويجها، اصل اکين جي آڏو آهن، اِئين کڻي چوان ته، هُو منهنجي سيني ۾ سمايل آهن، اُنهن سڄڻن کي وِسارڻ منهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي! ويجها هُجن يا پري هُجن، پر پوءِ به مُنهنجا ڀائر ئي آهن، اسان جي رُوحاني امڙ سنڌ سيڪيولر ذهن جي رَهي آهي، اُن جا صوفي بزرگ شاهه، سچل، سامي، بيدل ۽ شاهه عنايت سڀ سيڪيولر ذهن رکندڙ هُئا، اسان جي ذهنن تي امڙ جو اثر رهندو پيو اچي، اسان تي مُلائيت واري تشريح ڪيل مذهب جو اثر گهٽ رهيو آهي ۽ صوفين واري فڪر جو اثر زياده رهيو آهي، اُنهيءَ ڪري مذهبي جهيڙن جهڳڙن کي غلط سمجهندا آهيون، سڀئي سنڌ ڄاوا هڪ ٻئي کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي گڏجي هلون، انهيءَ ۾ ئي اسان سڀني جي ڀلائي آهي. سنڌ ۾ هي چوڻي آهي ته، لٺين هڻڻ سان پاڻي جُدا ناهي ٿيندو! ٻي چوڻي آهي ’ٻه ته ٻارهن!‘ اُنهن ننڍڙن پهاڪن ۾ ٻَڌي ڪري رهڻ ۽ طاقت جو ڏس ٿو ملي، آءٌ پاڻ کي ۽ سڀني سنڌ ڄاون کي ڏاڍو خوش نصيب ٿو سمجهان، ج اسان سڀني کي اهڙي ماءُ مِلي آهي، جيڪا محبت، غيرت، شرافت، عزت، رواداري، اتحاد، امن، ڀائيچاري، انسانيت لاءِ نفعيمند ۽ زندگيءَ جي رقص جو پيغام ڏيندي رهي آهي، علم، ادب، تهذيب، تمدن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهي آهي، جنهن جي لاءِ سيد ڪائنات محسن انسانيت حُضور پُر نُور جي گواهي آهي ته، مون کي سنڌ ملڪ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير ٿي لڳي، (يا) حضرت علي عليه السلام جي گواهي آهي ته، سنڌ مان علم جو سج اُڀريو آهي! جنهن جا ڪِرڻا مديني ۾ ٿا پون! سنڌ امڙ جي عظمت لاءِ نبي پاڪ ۽ حق جي امام حضرت علي عليه السلام جي گواهي کان پوءِ، ٻئي ڪنهن نمڪ حرام تيري ميري ڪرڻ وارن جي گواهي جي ڪا ضرورت ڪانهي! منهنجي امڙ سنڌ کي سُکيو ستابو ڏسي، ڪيترن ئي ملڪن جي بُکين وحشين دين ڌرم جي نالي ۾ حملا ڪري کيس لُٽيو ڦُريو ۽ سندس معصوم ٻچن جي نڙگهٽن کي ٽوڙي مروڙي رت ۽ ست کي چُوسي ورتو ۽ سچ جي نڙيءَ ۾ سَنکيو وِجهي، پنهنجي ڪُوڙي انسانيت جي تسڪين لاءِ زندگي کي خوب موت جو ناچ نچايو! انساني ڳوڙهن، چيخن، پُڪارن، روڄ راڙي، آهه وَ زاري ظلم زيادتي، بيحيائي، بيهودگي، بيشرمائي، قتل، غارت ۽ تباهي، بربادي تي پنهنجي اقتدار جي مَسند تي ويهي موجون ماڻيندا رهيا، اهڙيءَ طرح منهنجي سنڌ امڙ ڪيترائي سُور سَٺا ۽ ڏُک ڏٺا آهن ۽ پاڻ ڦُرايو آهي، پنهنجا معصوم ٻچا مارايا، ڪُونڌر ڪُهايا آهن ۽ اڃا تائين ڪُهائيندي پئي اچي! سنڌ جي تاريخ جو وڏو خون چڪان داستان آهي، جنهن جي پڙهڻ سان سُجاڳ انسانيت جي اکين مان هميشه رَت جا ڳوڙها ڳڙندا رهيا آهن، امڙ سنڌ جي هن ڦرلٽ خلاف سنڌ جي ڪيترن وِير سُورمن جنگ جوٽي ۽ وڙهندي شهادت ماڻيائون، جن ۾ راجا ڏاهر، دودو سومرو، دُولهه دريا خان، مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، هوش محمد شيدي، پير صبغت الله شاهه راشدي، هيمون ڪالاڻي، رُوپلو ڪولهي ۽ ٻيا ڪيترائي سارا قابلِ ذڪر آهن، جيڪي ننگن ۽ دنگن تي سِر ڏيئي سَرها ٿيا، اُهي هُئا سنڌ جا سچا ٻچا، جِن کي سنڌ جا سُورهيه به چيو ويندو آهي، باقي ذاتي لالچ ۾ اچي، جن سنڌ جو سودو ڪيو، سي ڪوڙا ۽ غدار چئبا! اُنهن ڪُوڙن غدارن جي لسٽ ايتري ته ڊگهي آهي، جو هن پني جو ميدان پورو ئي ڪونه پوندو. مون کي مضمون لکندي مرشد لطيف جو هڪ بيت دل تي تري آيو آهي، جيڪو سنڌ جي هر ڪُوڙي غدار لاءِ هڪ پيغام آهي ته:
    هِي مُنهن ڏئي ٻن، تُون وِهه کائِي نَه مَرين،
    تَان جي ملير ڄَائِيُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
    پوءِ تُون ڪِيئن مَنجَهان تن، پَاڻ ڪوٺائين مَارئي.
    شاهه سائينءَ جو مٿيون بيت سنڌ جي هر سوداگر ۽ دلال لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي، شال! اُنهن کي مرشد لطيف جو هي پيغام سمجهه ۾ اچي ۽ توبهه ڪري سنڌ امڙ جا وفادار بڻجي وجن، اُنهيءَ ۾ ئي سندن فائدي جو راز سمايل آهي. ڪنهن مفڪر جو قول آهي ته: ڪنهن قوم جي فطرت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اُن قوم جي لوڪ ادب جي وِرثي جو اڀياس ڪري، سندن راڳ ويراڳ کي غور فڪر سان ٻُڌجي ۽ پروڙجي، مفاد پرست ۽ غدار سياستدانن ڏي نه نِهارجي، نه وري ڪَن ڌرجي. جيڪي ذاتي مفادن لاءِ نئين سِج نئون راڳ آلاپي قوم کي تباهه پيا ڪن، اڄ هينئن ٿي ويو! اڄ هُونئن ٿي ويو! نئين سج منافڪي جو نئون ڪوڙڪو هڻي شڪار پيا ڪن. سنڌ سيڪيولر خيالن جي پئي رهي آهي، سندس صوفي بزرگ به سيڪيولر خيالن جا ٿي گذريا آهن، جنهن مان مرشد لطيف به هڪ آهي، جنهن 1689ع ۾ جنم ورتو، اهو دور سياسي لحاظ کان سنڌين جو غلامي وارو دور هو، سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران دهليءَ جي مغل حڪمرانن جا ڏن ڀرو ۽ سندن جِي حُضوري ڪرڻ وارا هُئا، اُن وقت دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير هو، جنهن کي اُن وقت جي ظاهر پرست ۽ ويڪائو مُلن مولوين سندس نالي تي عربي زبان ۾ ’فتويٰ عالمگيري‘ هڪ ڪتاب لکي، کيس محي الدين جو لقب ڏنو هو، يعني دين جو محافظ! اُنهيءَ دين جي محافظ جي حالت وري اِها هُئي، جو هُن پنهنجي پيءُ شاهجهان کي هٿڪڙيون هڻائي قيد ڪري جيل موڪلي، حڪومت تي قبضو ڪيو هو، داراشڪوه، جيڪو سندس وڏو ڀاءُ هو، ۽ هڪ تمام سٺو انسان هو، جنهن سان پنهنجي پيءُ جي ڏاڍي دل هُئي، اُن کي قتل ڪرائي، سندس سِر ڌڙ کان ڌار ڪرائي دستر خوان ۾ ڍڪرائي عيد جي موقعي تي تحفي طور جيل ۾ پيءُ ڏي موڪليائين، پڻس هن خوش فهمي ۾ رهيو ته، پُٽ عيد جي ماني موڪلي آهي ۽ هن ڪپڙو هٽايو ته اُن ۾ پنهنجي لاڏلي پُٽ جي مُنڍي ڏٺائين ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾ رڙيون ڪري جيل جي ديوارين سان مٿو ٽڪرائي تڙپندو رهيو، جنهن کي ڏسي شايد شيطان به شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هوندو، پر هن کي ڪو پڇتاءَ ڪونه ٿيو ۽ اڳي کان اڳرو رهيو، جو اُن کان پوءِ پنهنجن ننڍن معصوم ڀائرن، مراد، ڪامران ۽ شجاع، جيڪو کير پياڪ هو، جنهن کي پنهنجن پليت هٿن سان پينگهي ۾ سُتل کي سگهٽي ماريائين ۽ صوفي بزرگ حضرت سرمد خلاف مُلن مولوين کان ڪُفر جون فتوائون وٺي بي سبب کيس قتل ڪرايائين، مطلب ته سندس ڏاڙهي بيگناهه مظلوم ماڻهن جي رَت سان رَنڱيل هُئي ۽ اُن مان ٽمندڙ خون شاهه سائين پنهنجي تيز فهم ۽ ذڪي نگاهه سان ڏسي رهيو هو. اورنگزيب عالمگير، جڏهن مُئو هو، تڏهن مرشد لطيف جي عمر 16 سالن جي لڳ ڀڳ هُئي ۽ جڏهن حضرت صوفي شاهه عنايت کي جاگيردارن ڀوتارن، رئيس، وڏيرن ۽ ميرن پيرن سنڌ جي گورنر اعظم خان پٺاڻ سان ملي مُلن مولوين کي خريد ڪري ،سندس خلاف ڪُفر جي فتويٰ وٺي مريد فقيرن سميت کيس قتل ڪرايو هو ته اُن وقت شاهه سائينءَ جي عمر 28 سالن کي پهتل هُئي، صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو مٿس وڏو اثر ٿيو ۽ ڏُکارو ٿي چيائين ته:
    سَاٿي نَه پَسان سي، جي هُئم هِينئڙي ٿُوڻِيُون،
    هَاڻي ڪِنين جي، اَڱڻ وَڃي اَوريان.
    يا
    ڇَرتي ڇَڏئي ڀيرڙا، ڪَري هَنج اُڏار،
    سَڄڻ تُنهنجي سَار، صَديون رَهندي سَاهه ۾!
    يا
    مَران مَٿو پِٽيان، نِھاريان نيڻان،
    سخن جي سَنديان، آءٌ ته جِيئندي اُن ري!
    مطلب ته مرشد لطيف کي حضرت صوفي شاهه عنايت جي وڇوڙي جهوري وِڌو هو. سچو صوفي ’ابن الوقت‘ نه پر ’ابو الوقت‘ ٿيندو آهي. شاهه سائين، صوفي شاهه عنايت جو صدمو سهي، پنهنجا پير پُختا ڪري پاڻ سنڀالي، اصل پھاڙ بنجي بيٺو، جڏهن نادر شاهه دُراني سنڌ تي حملو ڪري جيڪا تباهي ڪئي ه:ُئي، اُنهيءَ سڄي سياسي سماجي اُٿل پُٿل ۽ ردو بدل واري حالت کي مرشد لطيف حيرت وارين اکين سان چڱي ريت ڏٺو مشاهدو ڪيو ته ڪيئن ڌاريا ڌاڙيل ديسي ماڻهن سان ظلم زيادتيون ٿا ڪن، سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڪيئن ٿا ڌاڙا هڻن؟ خود غرض مُلن مولوين جي پيٽ ۽ پئسي جي لالچ کي فتوائون جاري ڪرڻ واري فتني کي چڱي ريت سمجهندو رهيو.
    اهڙين ڪَٺن حالتن ۾ پنهنجن فقيرن سميت ماتمي لباس پائي اٿي کڙو ٿيو، هڪ هٿ ۾ تنبورو ٻئي هٿ ۾ کڙتال کڻي، اڳيان پاڻ پُٺيان سندس فقير الو ميان! ڪندو جيسلمير، ڪاٺياواڙ، راجستان، ڪڇ، ڀڄ، گرنار، کان ٿيندو ملتان، ڪيچ مڪران، ڀنڀور، مطلب ته سنڌ جي وستي واهڻ، ٿر بر ۾ وڃي طوفاني دورا شروع ڪري ڏنا ۽ پنهنجي هڪ نئين انداز ۾، يعني راڳ ويراڳ رستي پنهنجي سنڌي قوم کي سُجاڳي جا سڏ، ۽ مُغل سامراج خلاف متحد ٿي مقابلي ڪرڻ جو پيغام ڏيندو رهيو، اڳيان پاڻ پُٺيان وڏو ولر فقيرن جو، ساز آواز جي ڌم، ڏينهن رات هل هلان، جتي به رهيا ٿي، اُتي سنڌي ماڻهن جا ڪٽڪ گڏ ٿِي ٿي ويا، ۽ جتان پئي لنگهيا ته سنڌي ماڻهن سندن وِک وِک تي آجيان ٿي ڪئي ۽ ’ڀيڄ ڀٽائي، ڪَر مُلڪ مِٺائي!‘ جا نعرا بلند ٿي ڪيا، مطلب ته سنڏي قوم کي مرشد لطيف هڪ انوکي رنگ ۾ سمجهائي رهيو هو، جو سنڌي قوم اهڙي سمجهاڻيءَ جو انداز نه اڳ ڏِٺو هو نه ٻُڌو هو، مرشد لطيف پنهنجي انداز ۾ سمجهائيندي چيو ته:
    تَتِي ٿَڌِي ڪَاهه، ڪَانهي وَيل ويهَڻ جِي!
    هن اُنهيءَ عمل ۾ سِر ڌڙ جي بازي جي ڳالهه ڪئي هُئي، هڪ هنڌ چيائين ته:
    سُورهيه مَرين سَوڀَ کي، تَه دِل جَا وَهم وِسَار،
    هَڻ ڀَالا، وِڙهه ڀاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَار،
    مَٿَان تيغ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين.
    شاهه سائينءَ جي هن بيت تي ’ابن الوقت‘ جي گماشتن حڪومتي درٻارين خوشامدڙين جا ڪن کڙا ٿي ويا، دوڏا پَٽجي ويا، چيائون! هي ته ڪو وڏو بغاوتي آهي! جو پنهنجي شاعريءَ ۾ تراڙيون ڀالا کڻي وڙهڻ، مَرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون ڪري، سنڌين کي ويڙهه جون صلاحون ٿو ڏئي! کيس فقيرن سميت پڪڙي وِجهوس ڪاٺ ۾ ته خبر پويس! ڪنهن وري چيو ته، ڇڏيو يار فقيرن، ملنگن ۽ مَستن کي نه ستايو، رب الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي، اجايو پاڻ نه پِٽايو! پوءِ به مرشد لطيف کي اٽڪل سان مارڻ لاءِ کيس زهر ڏنو ويو، ٽاهڙ گهوڙي تي چاڙهي کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي! ۽ شاهه سائين سنڌي قوم کي راڳ ويراڳ رستي سمجهائڻ وارو ڪم جاري رکيو، جڏهن نادر شاهه دراني جي لشڪر کي سنڌ ۾ نُوس نُوس ڪندي ڏٺو ته وڏي بهادريءَ سان چيائين ته:
    هِي جي آيا هير، سي مُون اڳ نَه ڏِٺا ڪَڏهين!

    [روزاني عبرت حيدرآباد، اربع 27 جون 2012ع ۾ ڇپيل.]


    ڪي ويجھائي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين! (حصو ٻيو)

    اُن وقت ۾ سنڌين جي پاڻ ۾ نااتفاقيءَ جي ڪري، مُغل سامراج کي وَجهه مِليو ۽ نادر شاهه درانيءَ حملو ڪري، سنڌ کي خوب لُٽيو ڦُريو، ايتري قدر جو سنڌي ماڻهو ڏُڪر جي گهيري ۾ اچي ويا ۽ هو بُکن ۾ پاهه ٿي مرڻ لڳا، چؤطرف ڀِينگ واڪا ڪرڻ لڳي، بازاريون ويران ڪارخانا بند، سنڌ جي روزگار کي وڏو ڌڪ لڳو، معاشي ۽ اقتصادي حالتون تمام خراب ٿي ويون، سنڌ جا ماڻهو پيرُون، پَڪا، ڏونرا، لُنب کائڻ تي مجبور ٿيا، سنڌ ۾ ڏُڪر واري حالت کي ڏسي مرشد لطيف چيو ته:
    آڻِين ۽ چَاڙهِين، ڏُٿ ڏِهَاڙي سُومرا!
    سَٿا ڪَيو سَيد چَئي، سَائون سُڪائِين،
    مَنجهان لُنب لطيف چَئي، چَانور ڪَيو چَاڙهِين،
    پلاءُ نَه پَاڙين، عمر آراڙي سِين.
    شاهه سائينءَ جو چوڻ هو ته قومن جي بقا قربانين سان هوندي آهي، اُنهيءَ سان ئي انساني نسل جو سلسلو جاري آهي، اُنهيءَ سان ئي قومن جي بقا آهي، بچاءُ آهي، مطلب ته قومن ۽ ملڪن جي ڀلائيءَ جو راز قربانيءَ ۾ سمايل آهي، سنڌي قوم کي پتنگن سان مشابهت ڏيندي چئي ٿو ته:
    پَتَنگَن پَھه ڪَيو، مِڙيا مَٿي مَچ،
    پَسي لَھس نَه لُچيا، سَڙيا مَٿي سَچ،
    سَندا ڳِچين ڳَچ، ويچارن وِڃَائِيا.
    شاهه سائين ويڙهه دوران هڪ جرنيل جي حيثيت سان سنڌي قوم کي دشمنن سان ويڙهه وڙهڻ، پاڻ بچائڻ وغيره جا طور طريقا سمجهائيندي چيو آهي ته:
    بَھادُر گَڏيا بَھادرين، کڙڳ کَلُون ڪَن،
    وِجهن ڌڙ ڌڙن تي، هَاڪَاري هَڻن،
    ڪِرن ڪَنڌ نَچن، رِڻ گَجيو رَاڙو ٿِيو.
    شاهه سائين سنڌ جي جوڌن کي آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ صلاحون ۽ سُٺا سبق ڏنا ۽ دشمن سان مُھاڏي اٽڪائڻ لاءِ چيو، ۽ بُزدل، گيدي ۽ ڪائنر لاءِ نفرت ڏياري، بهادر بنجي سِينو سُپر ڪري، ويڙهه وِڙهڻ لاءِ چيو ۽ هِمٿايو، ساڳي وقت سنڌ جي حاڪمن کي خبردار ڪندي چيو ته، اي سنڌ جا حاڪم! سنڌ جون سرحدون محفوظ نه رهيون آهن، اُٿي، سُجاڳ ٿي، ڌاريا ڌاڙيل سنڌ جون سرحدون ٽِپيو، سنڌ ۾ داخل پيا ٿين ۽ سنڌ ۾ اچي مانڌاڻ مَچايو اَٿن. مرشد لطيف ٻيڙيءَ جي مشابھت سنڌ سان ۽ ملاح جي مشابھت اُن وقت جي حاڪم سان ڪئي آهي.
    اي ملاح! (سنڌ جا حڪمران) سنڌ ۾ اهڙو ته گوڙ شور متل آهي، جو توکي ته ننڊ ئي ڪرڻ نه گُهرجي، تو کي ته هوشيار ٿي رهڻ گهرجي، تون هڪ طرف سنڌ جي حاڪميت جي هَام ٿو هڻين ته ٻئي طرف حاڪم هُئڻ جي باوجود به تُون ماٺ ڪيو اگهور ننڊ ۾ سُتو پيو آهين! سُجاڳ ٿي، اکيون کول، تنهنجي سنڌ ملڪ مٿان نامناسب هوائون پيون لڳن ۽ ظلم جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، ترقي ۽ آزاديءَ جون راهون بند ٿينديون پيون وڃن، سنڌ ڌرتيءَ کي ڌارين ڌاڙيلن ٽامون ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ به تُون ننڊ ۾ آهين، اُنهن ٻنهين ڳالهين جو توکان ضرور پُڇاڻو ٿيندو، ۽ توکي اُن جو حساب ضرور ڏيڻو پوندو. ۽ پوءِ مالڪ حقيقيءَ ڏانهن واجهائيندي چوي ٿو ته، اي مالڪ! اهڙين حالتن ۾، جتي وڏا وڏا ٻيڙا به لُڏي ٿا پون، اهڙيءَ حالت ۾ هن ٻيڙي ’سنڌ‘ جو تُون ئِي واهر وسيلو ٿِجانءِ! باقي هِنن ملاحن (حاڪمن) جو حال ڪونهي، تُون ئي واهر وسيلو آهين، تنهنجو ئي تَڪيو آهي! تون ئي هن مصيبت ۾ گهيريل ٻيڙي (سنڌ) کي ڪڍي پار ڪجانءِ! شاهه سائين جي لفظن جو مول متو هن طرح آهي ته:
    بَندر جَان ڀَئي، تَان سُکَاڻيَان مَ سُمهو،
    ڪَپر ٿو ڪُن ڪَري، جِيئن مَاٽيءَ مَنجهه مَھي،
    ايڏو سُور سَھي، نِنڊ نَه ڪَجي نَاکُئا!
    يا
    ٻيڙياتا ٻيئي، تو نَه ڦَٻنديُون ڳَالهيون،
    سَڄيون رَاتيون سُمهين، ڀَر سُکان ڏيئِي،
    صُباح سَڀيئي، پَار پُڇندئِي خَبرُون.
    شاهه سائينءَ کي سنڌ اندر اهڙا ڪُوڙا مَڪار ۽ مُنافق ماڻهو به نظر آيا، جيڪي سنڌ جا ٻچا، سنڌ جا والي ڪري، پوءِ به اُن سان سچا نه هُئا، جن نسل درنسل ڏاڍ ۽ غلاميءَ کي پاليو نِپايو هو، ڌاريا حاڪم جيڪي سنڌ تي اچي قابض ٿيا هُئا، تن اهڙن غدار سنڌ دشمن ماڻهن جي وسيلي ئي سنڌ ۽ سنڌي قوم تي، پنهنجو ظلم ڏاڍ مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو هو، اُنهن تي ئي ويساهه ڪري، کين پنهنجو ايجنٽ بنائي رکيو هو، هر دور ۾ اهڙا ديسي دلال ٻاهران ڪاهي آيل ظالمن جا ايجنٽ بنجي، پنهنجن تي ظلم جا پهاڙ پئي ڪيرايا آهن، جن ۾ جاگيردار ڀوتار، رئيس، وڏيرا ۽ مير پير اچي وڃن ٿا. مرشد لطف انهن جا اهڙا ڪُڌا عمل پنهنجين اکين سان ڏسندو رهيو، کيس اُنهن ۾ شرم ۽ حيا رحم ۽ ڪرم، ضمير ۽ ايمان، حق ۽ صداقت، غيرت ۽ شرافت جو هڪ ذرو به نظر نٿي آيو، اُهي سنڌي قوم لاءِ جلادن کان سواءِ ڪُجهه نه هُئا، هُو نسل در نسل ضمير فروش هُئا، جن سنڌ تي هر حملي آورن جو ساٿ ڏئي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تباهي ٿي ڪئي. آخر ڀٽائي گهوٽ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ رب پاڪ کان غلام شاهه ڪلهوڙي کي گُهري ورتو ۽ اُن جي حڪومت ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم سُک جو ساهه کنيو، سندس دَور حڪومت سنڌ لاءِ سُنهري دَور ثابت ٿيو، اُن کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن ڏُک ڪڏهن سُک ۾ رهندي پئي اچي. امڙ سنڌ پنهنجن ٻچن کي ته تاتيو نِپايو، پر هر ايندڙ ويندڙ کي به کارايو پِياريو، اُنهيءَ ڪري سندس مهمان نوازي مشهور آهي! هن کي پنهنجا پيٽ ڄاوا پُٽ کوڙ سارا هُئا، پر هن سٻاجهي ماءُ لکين اَنگ اُگهاڙا پيٽ بُکيا، حال کان بي حال، فوٽ پاٿ ۽ گند ڪچري ۾ رهندڙ پراون ٻچن کي به پنهنجي گود ۾ وٺي تاتيو، نِپايو، وڏو ڪيو. سنڌي قوم به کين مٿي جو موڙ سمجهي پنهنجي جهوليءَ سندن اڳيان حاضر ڪئي ۽ پنهنجو ڀاءُ سمجهيو، پر بقول مرشد لطيف جي ته:
    ڌريان ئِي ڌَاريا، مِٽ مُئيءَ جَا نَه ٿِيا!
    بلڪل صحيح ثابت ٿيو ۽ سالن پُڄاڻان به هُو سنڌ جا ٿي نه سگهيا!

    [روزاني عبرت حيدرآباد، جمعو 29 جون 2012ع ۾ ڇپيل.]


    شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جا مُفت خور ڦورو!

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جو جنم 1689ع ۾ ٿيو، اُهو دَور سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بلڪل غلاميءَ وارو دَور هو، سنڌ جا حاڪم دهليءَ جي مُغل حڪمرانن جا ڏَن ڀَرُو، چاپلوس ۽ جِي حُضوريءَ ڪرڻ وارا هُئا، شاهه عبدالطيف لاءِ ائين کڻي چئجي ته هن سنڌ جي غلام ڌرتيءَ تي غلام جي حيثيت ۾ جنم ورتو هو، جڏهن هالا حويليءَ ۾ اکيون کوليون هُئائين، تڏهن ڀرواري مُلڪ هندوستان (سنڌ به جنهن جي ماتحت هئي)، تي هي ظلم ٿيو، جو دهليءَ جو حاڪم اورنگزيب عالمگير، جنهن کي اُن وقت جي مُلن مولوين ’محي الدين‘ جو لقب ڏنو هو، يعني دين جو محافظ! اُنهيءَ ڀلاري، پنهنجي پيءُ شاهجهان کي قيد ڪري، پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا شڪوه ۽ ٻين ڀائرن کي بي گناهه قتل ڪرائي، حڪومت تي قبضو ڪيو هو، ۽ پوءِ وري جلد ئي صوفي بزرگ سرمد کي به شهيد ڪرائي ڇڏيو هو. شاهه سائين تيز فهم ۽ ذَڪي نِگاه سان اُهو ظلم ۽ بربريت جو مانڊاڻ ڏسي رهيو هو، اڳتي هلي، هُن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي غلاميءَ جو به احساس ٿيو، هونئن به شاهه سائين جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته، شاهه سائين سنڌي قوم جي ڏُکن سُورن ۾ هر وقت ۽ هر حال ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم تي جڏهن به ڪا مصيبت ٿي آئي ته شاهه سائينءَ کان بي اختيار آهون ۽ دانهون نِڪري ٿي ويون، هُن پنهنجن ماروئڙن، سانگيئڙن، جهانگيئڙن جي تڪليف ۽ مصيبت پنهنجي تڪليف ڪري ٿي سمجهي ۽ پوءِ اُنهن ڏُکوئيلن کي دلاسا ڏيڻ، پرچائڻ ۽ ڳلن تان ڳوڙها اُگهي، اِهو آٿت ڏيڻ ته، ڏُکن جا ڏينهن بلڪل ٿورا آهن، پرواهه نه ڪريو، ڄاڻ سُک آيا! پنهنجي جُستجو جاري رکو، ماٺ ڪري نه ويهو، هن ڪاريءَ رات جو ضرور اَنت ايندو، نيٺ ته سُک جو صبح به ٿيندو، متان گهٻرايو اٿو، مَتان هينئڙو لاٿو اٿو، پرواهه نه ڪريو، اوهان جي ڇوٽڪاري جا ڏينهن بلڪل قريب آهن، ڇو ته ڏُکن پُٺيان سُک ايندا آهن! اِهو فطرت جو اُصول آهي. سنڌيو! متان گهٻرايو اٿو! مُرشد لطيف اهو سڀ ڪجهه اُنهيءَ ڪري ٿي ڪيو، جو هُو سنڌ جي مِٽيءَ جي پيداوار هو، ۽ سڀني سنڌين کي ساڳي مِٽيءَ جي پيداوار ٿي سمجهيائين، هن جي نظر ۾ سڀئي سنڌي هڪ جسم جا عضوا هُئا، جيئن جسم جي ڪنهن عُضوي کي ڪو درد ٿيندو آهي ته سڄو جسم تڙپندو آهي، اهڙي ريت مرشد لطيف لاءِ هو، هر سنڌيءَ جي تڪليف پنهنجي تڪليف هُئي، اُنهيءَ ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ قومي شعور جي سُجاڳي، غيرت، شرافت، محبت ۽ حقيقت جو سبق ڏنو آهي، ۽ مذهبي ڪٽر پڻي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن هم مذهب کان، هم قوم کي وڌيڪ ٿي سمجهيو، وڌيڪ وري هر کري کوٽي کي پرکڻ جي تربيت ٿي ڏني. آءٌ مختصر مثال هِت پيش ڪندس.
    اها تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ڏُتڙيل ۽ ڊانواڊول رکڻ واري ڏوهه ۾ پراون کان وڌيڪ پنهنجا شامل رهيا آهن، سنڌي قوم کي پستيءَ جي پهاڙن هيٺ دٻائي رکڻ ۽ تنزل ڏي زوريءَ ڌِڪي وڃڻ کان وڌيڪ، سياسي اقتصادي ۽ ثقافتي سهونيت ۾ ڏيهي ڏاڍ ڏمرن پراون ظلمن کان کان وڌيڪ پنهنجن غدارن وڌيڪ سرگرم ٿي ڪم ڪيو آهي، ماضي حال ۽ مستقل کي ڌار نٿو ڪري سگهجي، اُهي سڀئي گڏيل ڪڙيون آهن، انهيءَ ڪري وسيع النظري ۽ روشن خياليءَ سان ڏٺو ويندو ته ٻه سئو سالن کان به گهڻو مٿي مرشد لطيف جي وقت جي صورت حال اڄ به ساڳيءَ حال ۾ نظر پئي اچي، اُن ۾ تر برابر به فرق ڪونهي آيو! اُن لاءِ مرشد لطيف ڪيترن ئي هنڌن تي اُنهن ظالمن ٺڳ لُٽيرن ۽ غدارن جي نشاندهي ڪئي آهي، اهڙا ظالم غدار ۽ ڦورو شاهه سائين جي وقت ۾ هُئا ۽ هينئر به آهن، رُڳو نالن ۽ چهرن جي مٽ سٽ آهي، باقي سندن ڌنڌو ۽ ڪردار ساڳيو آهي، شاهه سائينءَ جي وقت ۾ اهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جا ويري اُٺن گهوڙن تي چڙهي هندستان جي مغل نسوار خور بادشاهن جي پيرن تي ڪري سر سجود ٿي بوٽ چٽيندا هُئا، اڄ وري سنڌ جا غدار ۽ نمڪ حرام بيماريءَ جا بهانا بنائي هوائي جهازن ۾ چڙهي آمريڪا وڃي، انگريزن جي چاپلوسي پيا ڪن، يا سندن ايجنٽ باليءَ جي ڀڙون ڀائرن جي جِي حُضوري پيا ڪن، يعني انگريزن جي چاپلوسي کان پوءِ وري انگريزن جي نظرياتي اولاد ڳڙالو تماڪو پيئڻ وارن جي پيرن تي ڪِري، پالتو جانورن وانگر پُچ لوڏ ڪري کين خوش ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن!
    اوهان کي سنڌ اندر هر طرف کان، چنيسر، قاضي قادن، نائونمل ۽ صوبدار جا عملي پيروڪار مِلندا، جيڪي شاهه سائينءَ جي وقت ۾ سنڌ مان لُور لُور ڪري، دهلي وڃي مُغل حڪمرانن اڳيان گيسيون وڃي ٿا سجدا ڪن، اُنهي مٿي جيترن ماڻهن جو سنڌي قوم جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو پيل آهي، جن کي جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرا، سردار، زميندار، مير، پير ٻيو الائي ڇا ڇا ٿا سڏائن؟ جيڪي حقيقت ۾ مفت خور، ڦورو، زبان خور ۽ وڌ مان وڌ ظالم آهن، اُهي فرعون صفت انسان صدين کان وٺي سنڌي ماروئڙن مٿان چٽيون ٿيا پيا آهن، اُنهن ظالمن جي خود غرضي، بي حيائي، بزدلي، بي شرمائي، نڪ نرڄائي ۽ غداري جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي مٿان جڳ جهان جا رولاڪ، ڦورو، استحصالي، پيربار، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي نهايت بيدرديءَ سان پٽيندا کائيندا رهيا آهن، اهڙين حالتن کي ڏسي شاهه سائين کي ڏاڍو ڏک رسندو هو ۽ ڌارين جي اهڙي دلال ۽ غدار کي مخاطب ٿي چوندو هو، اي ظالم ڌارين جا دلال! تون چور وانگر سنڌ جي غريب ماروئڙن جو رت پي مچي ٿي پيو آهين ۽ ٿلهو ٿنڀرو بنجي غريبن مان جنهن کي تنهن کي وتين ٿو ٿونا هڻندو، ماريندو، پٽيندو، کائيندو، اي ظالم ڪنڌ ٿلها، پيٽ وڏا! تون ائين ٿو سمجهين ته تنهنجي اها بدمعاشي، اها وڏ ماڻهپائي، ظلم زيادتي سدائين لاءِ هلندي رهندي! اي مفت خور ظالم! تنهنجي ظلم جا ڏينهن بلڪل پورا ٿيڻ وارا آهن، ڇو ته تاريخ گواهه آهي ته هن ڌرتيءَ تي تو جهڙا ڪيترائي فرعون صفت پيدا ٿيا ۽ تو ئي وانگر ها بلڪل تو وانگر! ڪيترن ئي غريبن لاءِ ويل وهايائون، پر اڄ اُنهن ظالمن جو نالو نشان به ڪونهي، تون ڀلي غريبن سان ظلم ڪر، کين ماري وري مار، سن کي مڃ ڪري غريب مارائي، تون غريبن کي دڙڪا دهمان ڏئي هيساءِ، ڇيڙبيگو وهاءِ! بي گناهه غريبن جي ڳلن تي چماٽون هڻ، پر ياد رک، ٻين ظالمن وانگر تو کي به جڏهن گرفت ۾ آندو ويندو ته پوءِ توکي خبر پوندي، پوءِ تنهنجون اکيون کُلنديون، في الحال توکي محل ماڙين ۽ ڪَارُون واري اڻ کٽ دولت جو نشو آهي، اُنهيءَ نشي توکي اهڙو ته الوٽ ڪري ڇڏيو آهي، جو غريبن تي توکي ڪو رحم نٿو اچي، اڙي ظالم مسڪينن تي ڪوبه قياس نٿو ڪرين! دولت جي نشي ۾ ڄڻ انڌو ٿي ويو آهين، جو غريبن مان ڪنهن کي گار، ڪنهن کي لت، ڪنهن کي مُڪ، ڪنهن کي ٿُڪ، ڪنهن کي بُجو، اصل ائين کڻي چئجي ته ڪاري مرونءَ وانگر غريبن کي پيو ٿو مارين! تون بلڪل دولت جي نشي ۾ آهين، تنهنجي حالت اُن ڪُتي جهڙي آهي، جنهن کي ماس وارو تسڻيو هڏو ملي ويندو آهي، پوءِ آهستي آهستي اُن کي پيو ڪرٽيندو آهي ۽ ايندي ويندي کي پيو ڏاڙهيندو آهي، تنهنجي حالت به هو بهو اُن ڪُتي واري آهي، تو ته اهڙا ڪيئي هڏا هٿ ڪري پئي کاڌا آهن، پر توکي اُهو ڀُلجڻ نه گهرجي ته تو جيڪي غريبن سان ظلم ڪيا آهن، ڇا تن جي تو کي معافي مِلي ويندي؟ ائين هر گز ڪونه ٿيندو. خدا تو کان غريبن جي ذري ذري جو حساب وٺندو، ڇو ته اُهو سندس واعدو ٿيل آهي، تو پاڻ کي آباد ڪري غريبن کي برباد ڪيو آهي، اُن جو حساب ڪتاب ضرور ٿيندو، ڇو ته تو وانگر ان هڏي (دولت) تي هوڏ ۽ تڪبر هلندو پيو ٿو اچي، اُهو هڏو دولت، جيڪا تو غريبن جي رت ست مان ٺاهي آهي، ۽ تون ان مان مزن جو معراج پيو ٿو ماڻي، سو هڪ ڏينهن ختم ٿيڻو آهي، تو وانگر اُنهيءَ دولت کي گڏي ڪري رکندڙ ۽ مزا ماڻيندڙ، غريبن مٿان ظلم ڪندڙ تو جهڙا ظالم جا بُهتان ڪيئي هليا ويا، سندن دولت پوئتي پئي آهي، جنهن تي وري ٻين جو قبضو آهي، جنهن تي جهيڙ جهيڙان لڳي پئي آهي! مرشد لطيف اهڙن ظالم دولت وارن ڀوتارن سان اجهو هن طرح مخاطب ٿيو آهي، چوي ٿو ته:
    هَڏي مَٿي هَوڏ، ڪَالهونڪَر ڪُتن جِي،
    هَڏي اُها ئِي لَوڏ، ڪيئي چُوسيندڙ چَلي ويا.
    -
    مَتو آهين مَڇ، ٿُلهو تان ٿُونا هَڻي،
    تَو جَا ڀَانئِين اَڇ، تَنهن پَاڻي پُنا ڏِينهَڙا.
    صوفين جي سرواڻ صوفي شاهه عنايت، ميران پور جي ويجهو پنهنجي ڳوٺ، جنهن کي موجوده جهوڪ شريف چيو وڃي ٿو، جيڪو ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ آهي، اُتي اچي پنهنجو آستانو اڏيائين، اُتي انسان ذات جي رهبري، اتحاد، امن، محبت، غربت، شرافت ۽ ’جو کيڙي سو کائي!‘ وارو پيغام اچي ڏيڻ شروع ڪيائين، اُن وٽ سنڌ ۾ جاگيرداري، ڀوتار شاهي ۽ وڏيرا شاهيءَ جو راڄ هو، جيڪو مُغلن جي هٿ هيٺ هلي رهيو هو، جاگيردار، ڀوتار، رئيس، وڏيرا، دين ايمان، شرم حيا وِڪڻي اخلاق ۽ خودداريءَ کان دامن خالي ڪري، دهليءَ جي حاڪم موڪليل اعظم خان پٺاڻ، سنڌ جي گورنر جا غلام بنجي ويا هُئا، هنن جي حالت شاهه سائينءَ جي هن بيت جي سِٽ سان ٺهڪي ٿي اچي ته:
    وَر سَان رَکين ڪَاڻ، کَر سَان کليو گُهمين!
    سڄيءَ سنڌ ۾ جاگيردارن، ڀوتارن، رئيس وڏيرن ۽ ميرن پيرن باهه ٻاري ڏني هُئي. وڏيرا شاهي ۽ جاگيردارن چيو ويندو هو، غريت مند کي عداوتي چيو ويندو هو، خوددار کي سرڪش چئي ماريو ويندو هو، منافقت کي دانائي چيو ويندو هو، ڪاري کي هوشيار چيو ويندو هو، بيعزتي کي تهذيب چيو ويندو هو، چاپلوس کي اخلاق وارو چيو ويندو هو، اهڙين مصيبتن ۾ ڪيترن سارن شريف مظلوم ماڻهن ڀڄي اچي صوفي شاهه عنايت وٽ پناهه ورتي هُئي، جاگيردارن ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن جي پيداوار کي ڌڪ لڳو، سندن حاڪميت ڊانوانڊول ٿيڻ لڳي، اُنهن کي اها ڳالهه پسند ڪانه هُئي، جنهن ۾ مير شهداد خان، نور محمد پليجو، حمل جت، يارو ڪلهوڙو، بُلڙي شاهه ڪريم جا پير قابل ذڪر آهن، اُنهن سان مُلا مولوي به شامل ٿي ويا هُئا، دهليءَ جي حاڪم جي اجازت سان، سنڌ جي گورنر اعظم خان پٺاڻ سان گڏجي پنهنجي غدارن صوفي شاهه عنايت تي حملو ڪرايو ۽ ڪيترا مهينا جنگ جاري رهي، اُن ۾ هي ڪيفيت عجيب قسم جي هُئي ته ڪوبه صوفي فقير شهيد ٿي ٿيو ته کيس صوفي شاهه عنايت جي حُڪم موجب دهلن ڌڪڙن، چپڙي تنبور باجي ۽ سُرندي جي سازن، آوازن ۽ توحيد جي بول ڪلامن سان نچندي، ڪُڏندي نهايت خوشيءَ جو اظهار ڪندي دفنايو ٿي ويو، اُهو سڀ ڪجهه اُنهيءَ لاءِ ڪيو ٿي ويو ته مخالف، پنهنجا پراوا، اُهو سمجهن ۽ دنيا جا ماڻهو ڏسن ته صوفي حق جي راهه ۾ پنهنجي سِر جي قرباني کِلندي ڪُڏندي، نَچندي ڳائيندي وڄائيندي ڏئي رهيا آهن، سندن خيال هو ته حق جي راهه ۾ قرباني نهايت خوشيءَ سان ڏجي ته بهتر آهي، اُنهيءَ لاءِ روڄ راڙو ڪرڻ گناهه آهي! حق جي راهه ۾ وڙهي مرڻ افضل عبادت سمجهي ويندي آهي، حق جي راهه ۾ سِر ڏئي اُن تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ جو هي طريقو، پهريان پهريان صوفي شاهه عنايت شروع ڪيو هو، جيڪو اڄ تائين هلندو ٿو اچي، ڪوبه صوفي لاڏاڻو ڪندو آهي ته کيس راڳ ويراڳ، سازن آوازن سان دفن ڪيو ويندو آهي، آخر 1621ع ۾ وڏي مڪاريءَ سان صوفي شاهه عنايت کي مير شهداد گرفتار ڪرايو، شهيد ٿيڻ کان اڳ ۾ صوفين جي سرواڻ حضرت صوفي شاهه عنايت هي بيت چيو ته:
    سَر دَرِ قدم، يار فدا شدچه بجاشد
    اين بارگران بود، ادا شدچه بجا شد!
    معنيٰ حق جي راهه ۾ سِر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بُنيادي جود مون لهي وڃي ٿو، اهو فرض آءٌ هينئر پورو ٿو ڪريان! بس صوفي شاهه عنايت چئي پورو ڪيو، هوڏانهن جلاد جي تلوار سندس سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو، پوءِ ته ڪيئي فقير پنهنجي مرشد تان ڪُڏي ڪُڏي ڪنڌ ڪپايا، جيڪي بنا غسل، بنا ڪفن جي هڪ کُوهه ۾ دفن ٿيا، جنهن کي گنج شريف سڏيو ويندو آهي، پوءِ ته سڄي جهوڪ شريف کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، اُنهيءَ واقعي جو شاهه سائينءَ تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ ڏاڍي ڏُک مان چيائين، اڄ اُهي وسنديون ويران ٿي ويون، اوطاقون خالي ٿي ويون، مَڙهيون مڪان خالي ٿي ويا، جنهن جڳهه تي طالب حق سچ جا ٻول ٻڌائيندا هُئا، سي ڄڻ لڏي ويا آهن، اُنهن جاين کي خالي سڏي منهنجو من پيو ماندو ٿئي، ۽ وڌيڪ چيائين ته اُهي خالي جايون مون کي ماري رهيون آهن، اُنهن جي حق پرستيءَ جون ڳالهيون ٻُڌي دل پئي خوش ٿيندي هُئي، سي فقير لڏو ٻڌي الاهجي ڪيڏانهن هليا ويا آهن، اُهي مور ۽ هنج ڄڻ مري ويا آهن، اُنهن مورن ۽ هنجن جي جاءِ تي ڪُوڙا ڪانئر اچي ويٺا آهن. مرشد لطيف پنهنجي خيالن جو اظهار اجهو هن طرح ڪيو آهي، چوي ٿو ته:
    اَڄ نَه اَوطَاقَن ۾ طَالب تَنوارِين،
    آديسِي اُٿي وِيا، مَڙهيون مُون مَارِين،
    جَي جِيءُ کي جِيارين، سي لاهوتِي لَڏي وِيا!
    يا
    سَاٿِي نَه پَسَان سي، جي هُيَم هِينئَڙي ٿُوڻِيُون،
    هَاڻي ڪِنين جي، اَڱڻ وَڃي اَوريَان.
    يا
    ڇَر تي ڇَڏئي پيرڙا، ڪي هَنج اُڏار،
    سَڄڻ تُنهنجِي سَار، صَديون رَهندي سَاهه ۾.
    جِن غدارن، ڌارين، ڌاڙيلن سان گڏجي، حضرت صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪرايو ۽ سندس فقيرن کي بيگناهه شهيد ڪرايو، اُنهن غدار ظالمن کي مخاطب ٿي مرشد لطيف چيو، اي گندا غدارئو! اوهان ڌارين جا دلال بنجي، لالچ لوڀ ۾ اچي، سنڌ جا مور مارائي ڇڏيا آهيو، ائين ڪرڻ سان اوهان کي ڪو شرم ڪونه آيو! جو هيڏو سارو ظلم ڪرائي ڇڏيو، اُنهيءَ کان سُٺو هو، اوهان زهر کائي مرو ها! اوهان پنهنجن سان غداري ڪئي آهي، جنين به اُهو ڪُڌو عمل ڪيو آهي، اُنهن کي سنڌي سڏائڻ جو ڪو حق ڪونهي، اُنهن سان مِٽي مائٽي آهي ڪانه، جيڪو ڌارين جو دلال بنجي، پنهنجن کي ٿو مارائي! شاهه سائينءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته:
    هِي مُنهن ڏيئي ٻن، تُون وِهُه کَائِي نَه مَرين،
    تَان جي مَلير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
    پوءِ تُون ڪِيئن مَنجَهان تِن، پَاڻ ڪوٺائين مَارئي!
    تاريخ گواهه آهي ته بادشاهن ۽ رُوحاني مذهبي اڳواڻن جو پاڻ ۾ پراڻو ڳٺ جوڙ رهيو آهي، جو خليفي با يزيد پنهنجي ڀاءُ جمشيد کي پئسا ڏئي مارايو، خليفي محمد ثالت تخت تي ويهڻ سان 19 ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو، سلطان سليمان، پنهنجي پُٽ مصطفيٰ ۽ پنهنجي دوست وزير اعظم کي قتل ڪرائي ڇڏيو،
    حجاج بن يوسف گورنريءَ دوران لکين ماڻهو مارايا، جن مان هڪ لک پنجويهه هزار ماڻهو ته پنهنجي هٿن سان ماريا هُئائين، اورنگزيب عالمگير پنهنجي پيءُ شاهجهان کي قيد ڪري پاڻ تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا شڪوه ۽ ننڍن ڀائرن سان گڏ صوفي بزرگ سرمد کي قتل ڪرائي ڇڏيو، تُرڪيءَ جي خليفي سلطان محمد ثاني پنهنجي ننڍڙي کير پياڪ ڀاءُ کي پنهنجن هٿن سان گُهٽا ڏئي ماريو! اُنهيءَ لاءِ ته متان وڏو ٿي مون کان اقتدار وٺي! ايترن ظلمن جي باوجود به فتواباز مُلا مولوي گڏجي چوڻ لڳا ته ’السطان ظل الله علي الا رض‘ يعني بادشاهه زمين تي خدا جو سايو آهن! ۽ ٻين ڪيترن ئي مذهبي مُلن مولوين گڏجي اِها فتويٰ جاري ڪري چيو ته، وقت جا بدشاهه ڪيترا به گُنهگار ڇو نه هُجن، پر قيامت جي ڏينهن سڀئي بخشيا ويندا! هوڏانهن وري قرآن شريف ۾ سوره نِمل جي آيت نمبر 34 پاري 19-27 (قال الذين) ۾ آهي ته: معنيٰ! بادشاهه جڏهن به شهرن ۾ داخل ٿيندا آهن ته اُنهن شهرن کي تباهه برباد ڪري ڇڏيندا آهن، عزت وارن کي ذليل ڪري ڇڏيندا آهن، اُنهيءَ ڪلام پاڪ جي گواهي جي باوجود به جن مُلن مولوين پيٽ ۽ پئسي تي بادشاهن جي پُٺڀرائي ڪئي، يا بادشاهي ذهنيت وارن وڏن ماڻهن جي پُٺڀرائي ڪئي ۽ اُن جي عيوض ۾ چندا چوڙيون ۽ سڻڀيون مانيون ٽُڪر کائي، اُنهن جي وڪالت ڪندا رهيا، صوفي شاهه عنايت، مخدوم بلاول، سرمد ۽ ٻين اهڙن عظيم بُزرگن کي، بادشاهن ۽ سندن ڇاڙتن وٽ لالچ تي وِڪامي مُلن مولوين ڪُفر جون فتوائون جاري ڪري بيگناهه مارائي ڇڏيائون، پوءِ اهڙن ويڪائو فتواباز مُلن مولوين کي مرشد لطيف ڏاڍو ننديو ۽ شرمايو آهي. اي مُلئو! انهيءَ ۾ تون ايمان وارو هرگز نٿو ٿي سگهين، جو ڪلمو پڙهي پاڻ کي ڪلمي گو ٿو ڪوٺرائين، تُنهنجو اندر ته شِرڪ ۽ شيطانيت سان ڀريو پيو آهي، تو ظاهر ۾ ڏاڙهي به رکرائي آهي، نمازون به پڙهين ٿو، روزا به رکين ٿو، تسبيح به پيو سورين، جبن ۽ دستارن ۾ ويڙهيو به وتين ٿو، پر اندر ۾ شيطاني بُت بنيو پيو آهين، سنڌ جي سرزمين ڪيترن ئي بزرگن کي جنم ڏئي پنهنجي گود ۾ پاليو، جن جا مقبرا ۽ مزارون سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ نظر پيون اچن، اهڙن بزرگن ۾ شاهه، سچل، سامي، شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ شاهه حيدر سنائي پنهنجو مٽ پاڻ ٿي گذريا آهن، اُنهن بزرگن سنڌي قوم کي حق، سچ ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ايڪي جو سبق ڏنو ۽ پيار، محبت، غيرت، شرافت، انسانيت تي ثابت قدم رهڻ لاءِ چيو، ڌارئي ڌاڙيل ۽ استحصاليءَ سان ٽڪر کائڻ جو سبق ڏنو، ڪيترن پيرن وري پاڻ کي ڏن، تعويذن، ڌاڳن، سڳن، پِٽ پاراتي ڏيڻ، جِن ڀُوت ڪڍڻ، بهشت جي دلاسي ۽ دوزخ جي دَڙڪي وغيره تائين محدود ڪري ڇڏيو، جنهن سان سنڌي قوم جي وڏي ۾ وڏي تباهي ٿي، ۽ ٿيندي پئي اچي، انهيءَ تباهيءَ جو ڪوبه ڪاٿو ڪرڻ مشڪل ۽ تمام مشڪل ڪم آهي! ساڳيءَ وقت سنڌي قوم کي اُن تباهيءَ کان بچائڻ به گهڻو مشڪل آهي! اهڙن نام نهاد پيرن ڀوين ۽ مذهبي ٺڳن سنڌي قوم کي مستقل غلاميءَ ۾ رکڻ لاءِ هر ڌارئي ظالم جو ساٿ ڏنو، اُن ضمير فروشيءَ ۾ وڏيون وڏيون رقمون وٺي پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهيا، غريب مسڪين مت جي مُوڙِهل انسانن کي ڪوڙيون ڪهاوتون ٻُڌائيندا رهيا، جي منهنجي پڙ ڏاڏي يا پڙ ناني مُئل ٻلي جياري هُئي! اهڙي وڏي ڪُوڙ تي اٻوجهه غريب مريد سبحان الله سبحان الله ڪندا رهيا! ڪنهن چيو منهنجي بابي، ڏاڏي ڀت تي چڙهي، اُن ڀِت کي گهوڙو ڪري ڊوڙايو، وري به انڌي عقيدي جا ماريل مريد سبحان الله سبحان الله ڪندا رهيا، ڪنهن چيو ته منهنجو نانو روزاني فجر جي نماز مديني ۾ پڙهي موٽي ايندو هو ته پوءِ به مريد اُن کي سچ سمجهي سبحان الله سبحان الله ڪندا رهيا! غريب اٻوجهه ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري کين هيٺ پَٽ تي سُمهاري پاڻ کٽ تي سُمهندا هُئا، جي ماني کائيندا ته چادر سان جهنڊ جهنڊالو ڪري لِڪي کائيندا، مطلب ته غريبن سان رُڳو ٺڳي، دوکو پيا ڪندا هُئا، غريبن سان دوکو ڪرڻ ۾ کين حيا شرم جو ذور به ڪو نه ايندو، عقيدي جا انڌا ۽ جاهل مريد انهيءَ ۾ خوش ته سائينءَ جي دُعا سان ڄاڻ لَک پتي ٿيا سون، انهيءَ آسري ۾ سال به سال پاڻ پيا ڦُرائيندا، جيئن پوءِ تيئن ويندا قرضن مرضن ۾ مبتلا ٿيندا ۽ ٺڳ پير ويندا ڏينهون ڏينهن لک پتي ۽ ڪروڙ پتي ٿيندا، اهڙن ڦورو پيرن کي مرشد لطيف ڏاڍو ننديو آهي، چيو اٿس ته:
    جَنهن سَنياسِي سَانڍيو، گَندي ۽ گِراهه،
    اُنهيءَ کان اَلله اَڃا آڳاهُون ٿِيو.
    مرشد لطيف صاف صاف فرمايو آهي ته اهي پير، جيڪي سَڻڀيون مانيون کائيندا ٿا وتن ۽ ڏن پَٽ وٺندا ٿا وتن، اهي ڪوڙا، مَڪار ۽ ٺڳ آهن، جيڪي غريبن کي ڦُري ٿا کائين، اهي پاڻ کي ڪافي ڪرامت وارا ۽ الله وارا ٿا چوائين، پر هو الله وارا ڪونه آهن، هو ته دوکيباز ۽ مڪار آهن، الله وارا سچا اُهي آهن، جيڪي ڪنهن قسم جي لالچ نٿا رکن نه وري اهڙي قسم جي گُهر ٿا ڪن، هُو غريبن سان ڀلائي ٿا ڪن ۽ ڀلائيءَ جون کين صلاحون ٿاڏين، اُنهن اڳيان خوبصورت ڇوڪريون اچي ناز نخرا ڪنديون، پر سچا مرشد انهن ڏي نهاريندا به ڪونه ۽ نه وري ڪنهن پئسي ڏوڪڙ جي لالچ ۾ ايندا، سچا مرشد سچا لاهوتي اهي آهن، جن کي ڪنهن قسم جو طمع نه هُجي، مرشد لطيف اهڙن مرشدن لاءِ هن ريت فرمايو آهي ته:


    ڪَاڪ نَه جَهليَا ڪَاپڙِي، مَوهيا ڪَنهن نَه مَال،
    جي ڇَوريَن ڏِنا ڇَال، تَه به لاَهوتِي لَنگهي وِيا.
    ڌڻي شال! سنڌي قوم جي هر فرد کي شيطان طبيعت مُلا جي مَڪر، بدنيت ڏَن اوڳاڙو پير ۽ فرعون صفت جاگيردار ڀوتار ۽ رئيس وڏيري جي ظُلم کان بچائي.

    [جاڳو اخبار ڪراچي، اربع 12 آگسٽ 1992ع ۾ ڇپيل]


    سُر مارئي ۾ حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو پيغام

    مهراڻ جي جڳ مشهور سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي شاعريءَ جي مطالعي مان اِها پروڙ ٿي پئي ته، شاهه سائين هڪ وسيع النظر ۽ روشن خيال شاعر هو، سندس نگاهه مسلماني واري دَور جي شروع ٿيڻ تائين محدود بلڪل نه هُئي، هُو مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڪ صاف ۽ بلڪل آزاد هو. هُن جي نگاهه ماضيءَ واري پُراڻي خوشحالي دَور ۽ بهترين تهذيب موهن جي دڙي کان وٺي شروع ٿي ٿئي، جنهن ۾ موهن جي دڙي جون من موهيندڙ ناچڻيون به آهن، دراوڙ به آهن، برهمڻ به آهن، شودر به آهن، وئش به آهن، کتري به آهن، منڊر به آهن، شاهه سائين سنڌ جي مِڙني ماروئڙن جو شاعر آهي، جنهن ۾ هندو به آهن ته مسلمان به آهن، ڪارڙا ڪوجهڙا به آهن ته حَسين جميل ۽ سانورڙا به آهن. شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ صوفي به نظر اچي ٿو ته جوڳي ۽ سامي به نظر اچي ٿو ۽ مَندرن جي گهنڊ گهڙيالن جا آواز ۽ مسلمان صوفي فقيرن جي آستانن مان ناد نفيلن دهلن ڌڪڙن، سُرندي تنبور جا آواز گڏ ٻُڌڻ ۾ اچن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي غيرت، سنڌ جي شرافت، سنڌ جي محبت، سنڌ جي عزت، سنڌ جي صداقت، سنڌ جي مٽي ۽ سنڌ جي تاريخ جو شاعر هو، تاريخ جي روشنيءَ ۾ ئي ڏٺو ويندو ته راءِ سهيرس کان وٺي، مهاراجا ڏاهر تائين سڀئي هندو راجا نظر ايندا ۽ مسلمانن ۾ دودو سومرو، ڄام نظام الدين، غلام شاهه ڪلهوڙو، دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت ۽ هوشوءَ جهڙا ارڏا انسان به نظر ايندا، شاهه سائين فطري طرح سڀني سنڌ واسين جو شاعر هو، رُڳو مسلمانن جو شاعر چونداسون ته پوءِ اسان کي چؤطرف وڏن وڏن جُبن عمامن ۽ دستارن ۾ ويڙهيل، ٻڪريءَ جي کل ۾ لِڪل بگهڙ جو شڪار ڪندڙ نظر ايندا، اُنهيءَ ڪري اسان کي اهو مڃڻ گهرجي ته شاهه سائين سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌي مٽيءَ جو شاعر هو، اڄ به ڀڳت ڪنور رام جي مٺڙي آواز ۾ جڏهن اهو ڪلام ريڊيو تان نشر ٿيندو آهي ته: ”آءُ ڪَانگا ڪَر ڳَالهه، مُون کي تِن ماروئڙن جِي!“ يا منظور علي خان جي آواز ۾ شاهه سائينءَ جا هي ٻول ته: ”عُمر ديس پنهنجو وِسارڻ ڏکيو آ، مَارُن ري مُنهنجو بدن هي بُکيو آ“ يا سندس آواز ۾ مرشد لطيف جو هي دوهيڙو:
    سَڄَڻ ۽ سَاڻِيهه، ڪَنهن اَڻاسِيءَ وِسري،
    حَيف تِنين کي هَوءِ، وَطن جِنين وِسارِيو!
    ته دل ائين چاهيندي آهي ته پنهنجن ڏُکن، سُورن، وِڇوڙن ۽ پنهنجن وڏڙن جي غلطين تي، اسان سڀئي سنڌ واسي سِري، لاڙ، ڪوهستان، وِچولي وارا ۽ پاڻ کان رُسي وڃڻ وارا سڀئي گڏجي روئون ۽ زماني کي رُئاڙي ماتم ڪريون ۽ چئون ته ناحق اسان مذهبي ڪٽر پڻي ۾ اڙجي مُرشد لطيف کي وِساري، سندس ڏنل درس کي ڀُلائي، پاڻ سان پاڻهي ظلم ڪيو، اڄ اسان کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن، جي اسان سڀئي سندس دامن مان هٿ نه ڪڍون ها ته اڄ اسان سڄي سنڌي قوم کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻا نه پون ها، نه وري ڌارين جي گهيري ۾ اچون ها! شاهه سائينءَ کي دنيا جي اُونهي آزمودي مان اها پروڙ پئي ته غريبن ۾ گهڻن جي کاڻ آهي، جتان سچائي ۽ محبت جا موتي مِلن ٿا، جيڪي جاگيردارن شاهوڪارن سرمائيدارن، ڀوتارن، رئيس وڏيرن، سردارن ۽ ميرن پيرن کان مِلي نٿا سگهن، هونئن به هڪ ڀيرو شيڪسپيئر شاعر چيو هو ته: اي انگلستان! مان تنهنجن غدارن سان به پيار ٿو ڪريان، ڏٺو ويندو ته اڪثر غدار رئيس، وڏيرا، جاگيردار، ڀوتار، سرمائيدار، سردار، پير مير ٿيندا آهن، اُن مان صاف ظاهر ٿيو ته شيڪسپيئر اُنهن وڏن ماڻهن سان محبت جي هَام هنئين آهي، پر مرشد لطيف ڪنهن ماڪو چنيسر، قاضي قادن، نائو نمل ۽ صوبدار جهڙن غدار وڏن ماڻهن سان محبت ڪانهي ڪئي، هن غريب ماروئڙن لاءِ چيو ته:
    جَيها سي تيھا، مَارُو مُون مَڃيا!
    اُنهن جيهن سي تيهن ۾ سڀئي غريب، ڪوري، موچي، لوهار، ڪنڀار، مڱڻهار، مگتا، هاري ناري، لنگي، اجرڪ، کٿي، لوئي، چُني، پوتي، چولي، شال، پڳ، اوڄ گگهو، پڙو، آتڻ، ايٽ، چرخو، تس، تئوتر، جنڊ، تڏو، هس، ڪٺمال، ڪنگڻ، نٿ، بينسر، بُولو، پنڙ، ٻانهين، پٽيون، ٻاهونٽا، ڪڙيون، ڪٺمال، تائٿ، ڇن، چؤنرا، مَنهه، ڇپر، لوڙها، اچي ٿا وڃن، ڏُٿ ۾ لُلر، لُوڻڪ، مريڙو، پُسي، پڪا، پيرون، سِڱر، موٺ، موڪ، چڀڙ، ميها، کنڀيون، سائون، ڪرنگهه، چيڻو، چونرا، ڳُم، ڳنڍير، ساوڙي، لنب، آراڙي، هندانُ، ريڙي، ڇاهيون، ماروئڙن جي مال، رڍن، ٻڪرين، اُٺن، ڏاچين، توڏن، گورن، ڍڳن، ڍورن اُنهن جي ڳچين ۾ پوندڙ برن، ڳوپ، نڪتا، جهاٻا، ميندڍ، اجوڙا، ڏانوڻ، نيئر، وغيره وغيره کي پنهنجن بيتن ۾ آڻي اُنهن کي اڻ مٽ آيتن جي صورت ۾ پيش ڪري، سنڌي ماروئڙن کي مخاطب ٿيندي چيائين ته:
    جَي تَو بَيت ڀَانئين، سَي آيَتُون آهِين!
    شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، شاهه سائينءَ جي اُنهن اڻ مٽ آيتن سنڌ ۽ اسان سنڌي قوم کي حرمت ۽ مانُ بخشيو آهي، جو اسان اَهل ڪتاب بنجي دنيا ۾ ڄاتا سُڃاتا وڃون ٿا، جنهن لاءِ پاڻ چيائون ته:
    آهي عَبداللطِيف جَو، اَسان تي احسان،
    جَنهن جَوڙي قُرآن، سِنڌيءَ ۾ صَحيح ڪَيو.
    مرشد لطيف ٻاهر جي ڪنهن به فِڪر ۽ فلسفي سان ڪابه دلچسپي ڪانهي ڏيکاري، نه وري اهڙين ڳالهين کي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو فائدي وارو سمجهيو، هن ڌارين جي محل ماڙين، ويس وڳن، ست رَڇين کي تِڇ سمجهي، سون تي سيڻ نه مٽڻ جو هڪ اهم سبق ڏنو آهي، پراين محلاتن کي ڇڏي، پنهنجن ڪکاون ڇنن ڇپرن مَنهن ۽ چؤنرن سان چاهت جي تلقين ڪئي آهي ۽ سنڌين کي پاڻ ۾ ميٺ محبت ۾ هڪ ٿي وڃڻ جو سبق ڏنو آهي، سندس نظر ۾ سڀئي سنڌي هڪ جسم جي عضون برابر هُئا، هن جو خيال هو ته جيئن جسم جي ڪنهن هڪ عُضوي کي ڪا تڪليف ٿيندي آهي ته سڀئي عضوا بي آراميءَ ۾ تڙپندا آهن، تيئن هڪ سنڌيءَ کي ڪا تڪليف ٿئي ته سڀئي سنڌي اُها پنهنجي تڪليف تصور ڪن، اهڙي مضبوط ڳانڍاپي لاءِ وڌ مان وڌ تاڪيد فرمايو اٿن، هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:
    وَڳَر ڪَيو وَتن، پِرت نَه ڇِنَن پَاڻ ۾،
    پَسو پَکِيئَڙن، مَاڻهان مِيٺ گَهڻو.
    يا
    ڪَڍي ڪَان ڪَمان مَان، مِيان مَارُ مَ مُون،
    مُون ۾ آهِين تُون، مَتان تُنهِنجو ئِي تَوکي لَڳي.
    يا
    پَڙَاڏو سَو سَڏ، وَر وَرائي جَو جَي لَھين،
    هُئا اَڳَھين گَڏ، پَر ٻُڌڻ ۾ ٻَه ٿِيا.
    مرشد لطيف انساني اُصولن ۽ قدرن سان گڏ ٿر ڄائي مارئيءَ جي رُوپ ۾ حُب الوطني ۽ آزاديءَ جو جيڪو پيغام ڏنو آهي، تنهن ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته ساڻيهه لاءِ سِڪ هرو ڀرو دولت مند وڏيرن، رئيس، جاگيردارن، ڀوتارن جو وِرثو ڪونهي، وطن جي محبت ۽ آزاديءَ ڍنگر جي ڍار، ڇپرن ۽ چؤنرن ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن ۾ پُختگيءَ سان مِلي سگهي ٿي. اڄ مرشد لطيف جسماني طرح اسان سان گڏ ڪونهي، پر سندس محبت، غيرت، شرافت، حُب الوطني ۽ آزاديءَ وارو پوکيل ٻِج ڦُٽي وڻ بنجي، سنڌ جي چپي چپي ۾ بهار بنجي ميوو جهليو بيٺو آهي.
    مرشد لطيف جو رُوح رڙيون ڪري، سنڌي ماڻهن کي سڏي، اُن ميوي کائڻ لاءِ تاڪيد ڪندي پيو چوي ته:
    تَتِي ٿَڌِيءَ ڪَاهه، ڪَانهي وَيل وَيهَڻ جِي!
    اُن ميوي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سردي توڙي گرميءَ ۾ سخت ڪوشش ڪرڻي پوندي، سڀني سِنڌين کي هِڪ ٿي مرشد لطيف جي هن بيت ته:
    سَڄڻ ۽ سَاڻيهه، ڪَنهن اَڻاسِيءَ وِسري،
    حَيف تِنينءَ کي هَوءِ، وَطن جِنين وِساريو!
    جا پڪا شيدائي بنباسون، هن ۾ ئي سنڌي ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو راز سمايل آهي، جنهن جو مختصر بيان هيٺ پيش ڪجي ٿو.
    عُمر بادشاهه ٿر جي غريب ڄائي مارئيءَ جي حُسن جي هاڪ ٻُڌي، کيس ملير مان زوري کڻي اچي عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ۽ هن کي رهڻ لاءِ محل ماڙيون، کائڻ لاءِ سَت رَڇيون، پيئڻ لاءِ اُوچا اُوچا خوشبودار کَٽا مِٺا شربت، پهرڻ لاءِ ويس وڳا ۽ سُمهڻ لاءِ پَلنگ پٿراڻيون ڏِنيون، پر سڀني شين کي جُهوپڙين ۾ رهندڙ غريب ڳوٺاڻن اَک کڻي نِهاريو به ڪونه ته اُهي شيون ڪهڙيون ٿينديون آهن. عُمر بادشاهه جنهن جي دل ۾ بي ايماني سمايل هُئي، تنهن هن غريب ڄائي مارئيءَ کي پنهنجيءَ ڪرڻ لاءِ ڪيئي هيلا هلايا، پر هُو عمر بادشاهه جي ڪابه ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار نه ٿي، هن غريب ٿر ڄائيءَ کي عُمر جي محل ماڙين کان پنهنجا اَباڻا ڪکاوان جهوپڙا وڌيڪ پيارا هُئا، عمر جي ست رَڇين کان هن کي ملير جو ڏُٿ پيارو هو، کيس عُمر جي کَٽن مِٺن شربتن کان، پنهنجي ملير جي تلائن جو گڏ ٿيل پَلر جو پاڻي وڌيڪ پيارو هو، هُن کي عمر جهڙي ظالم حاڪم جي ويس وڳن کان ملير جا پُراڻا کٿا ۽ لويون پائڻ وڌيڪ پسند هُيون، هن کي عمر جي پلنگ پٿراڻين کان ملير جي ٿڌڙي واريءَ وارو وِڇاڻو وڌيڪ پسند هو، اُنهيءَ ڪري عمر جي ڪوٽ ۾ قيد دوران هُو هيٺ پَٽ تي سُمهندي هُئي، هن اڄ ڪلهه جي قيدين وانگر وقت جي عُمر بادشاهه کان پنهنجا ملير ڄاوا ماروئڙا اصل نه وِسريا، عمر بادشاهه هن کي سڀئي سهولتون مُهيا ڪري ڏنيون هُيون، پر اُنهن کي بلڪل ٺُڪرائي ڇڏيو، ۽ پاڻ کي قيدياڻي سمجهي ڏُک سُور سَهندي رهي، هن ڪڏهن به عمر بادشاهه کان ڪنهن به شيءِ جي گُهر ڪانه ڪئي هُئي، هُوءَ هر وقت اوڇنگارون ڏيئي پئي روئندي رَڙندي هُئي، عمر بادشاهه کيس نِت نَيون نَيون لالچون پيو ڏيندو هو ۽ کيس پَٽ راڻيءَ بنائڻ لاءِ به چيو، پر ملير جي مسڪين نياڻيءَ اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيو، پنهنجي سِيل سَتُر بچائڻ لاءِ هِمت جو سندرو ٻڌي بيهي رهي ۽ عمر جي ڪابه آڇ قبول نه ڪيائين! سندس اڳيان هڪ فولاد جي ديوار بنجي بيهي رهي. عمر بادشاهه جيڪا به کيس آڇ ٿي ڪئي سا هُن ٺُڪرائي ٿي ڇڏي، عمر کيس سمجهي وڃي ٿڌيون مِٺيون ڳالهيون ٻُڌائي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته مارئي پنهنجي مُلڪ ملير ڏي مهاڙ ڪري زارو زار روئي رِيهون ڪري ائين ٿي چيو ته، اي عمر بادشاهه! تنهنجا هي سڀ سُک پنهنجي لاءِ موت ٿي سمجهان، آءٌ هڪ غريب مسڪين مارُوئڙي جي مِلڪيت آهيان، آءٌ ڪڏهن به ظلم زبردستيءَ سان هروڀرو تنهنجي زال ڪانه ٿينديس، منهنجي مٿي تي جيڪا مون کي پنهنجي مائٽن لوئي پهرائي آهي، سا ڪڏهن به ڪانه لاهينديس، اي سومرا سردار! هرو ڀرو تون اشرافن (پاڪدامن) کي ڏاڍ ڏمر سان ظلم جا زنجير وِجهي پنهنجو نه ڪر، ڇو ته زور جي ميندي لڳڻي ئي ناهي! مرشد لطيف مارئيءَ جي واتان عمر بادشاهه کي هن طرح چورايو آهي ته:
    ڪَيو مُهاڙ مَلير ڏي روئي اُڀي چَوءِ
    سَھڄ سُوري ڀَانئِيان، سُومرا سَندوءِ
    مِلڪ مَاروءَ جِي آهيان، جَور نَه ٿِيان جوءِ
    يا
    ڪَيو مُهاڙ مَلير ڏي اُڀيائي آهي،
    جَا مَٿي ڏِنس مارئين، سَا لوئِي نَه لاهي،
    سُومرا! سا هي، سُتيءَ وِجهه نَه سَنگهرُون.
    مارئي جو پنهنجي مُلڪ ملير ۽ مُلڪي ماروئڙن سان اهڙو ته پيار هو، جو بادشاهه جي ڪنهن به ذاتي لالچ لوڀ ۾ نه آئي، هن کي هر وقت پنهنجي مسڪين ماروئڙن ۽ هڪ جيڏين سرتين جي سِڪ محبت ستائيندي ٿي رهي، هن پنهنجي ذاتي لالچ کي مٺو ڪري، مسڪين ماروئڙن کي وِساري ويهڻ کي عيب ٿي سمجهيو، ائين ڪرڻ سان پاڻ لاءِ هن وڏي لعنت ٿي سمجهي، ڀلا ملير ۽ پنهنجي مسڪين ماروئڙن کي وِساري به ڪيئن ها! هي ڄائي نِپني ملير ۾ هُئي، سندس ماروئڙا به ملير ۾ ئي هُئا، هي ملير جي ڏُٿ تي پلجي وڏي ٿي هُئي، هن جي سيني ۾ ملير جي مٽي ۽ ملير جي ماروئڙن لاءِ فطري طرح مُحبت هُئي، ملير جي ڪَک پن لاءِ هن کي عزت هُئي، هن جي دل جون پاڙون ملير جي مِٽيءَ ۾ مضبوطيءَ سان کُتل هُيون، هي ڪا آوارا، هيڏانهن هوڏانهن جي عورت ڪانه هُئي، جيڪي هر هنڌ هليون وڃن، هن جو جسم ٿر جي مٽيءَ مان ٺهيل هو، انهيءَ نسبت سان هن جي محبت ملير ۽ ملير جي ماڻهن سان اهڙي ته پختي هُئي، جو عمر بادشاهه ڪيڏو به بادشاهه هو، پر پوءِ به ڌاريو سوئي ڌاريو هو، هن ڌارئي بادشاهه کان هن کي پنهنجو ٿري وَر پيارو هو ۽ ڌارئي عمر بادشاهه کي پنهنجي غريب ٿري وَر کان تمام ۽ تمام گهٽ ٿي سمجهيائين. سبب اِهو هو، جو هُو ڌاريو هو، ڌارئي وٽ وِڪامجي وڃڻ هُن جي پنهنجي لاءِ وڏو عيب ٿي سمجهيو، انهيءَ ڪري ئي هي غريب، عمر بادشاهه وٽ ڪانه وِڪاڻي، مارئي جي اڳيان عمر بادشاهه ڪا شئي ڪونه هو، عمر بادشاهه جي مُقابلي ۾ هن جو ٿري وَر ڪيترو به غريب هو، پر ڌرتيءَ جي ڳانڍاپي جي ڪري، مارئي کي ٿري مُڙس وڌيڪ پيارو هو، اُن ڪري ئي هن ڌارئي کي ڌاريو سمجهي پنهنجو نه ڪيو، مارئي ٿي چيو ته، جهڙي ريت ڪپڙي کي ڪنهن سَنهي سُئيءَ سان ڳنڍي سوگهو ڪبو آهي، اهڙيءَ ريت منهنجو ساهه ملير جي ملڪي ماروئڙن سان ڳنڍجي سوگهو ٿي ويل آهي. اي عمر سومرا! مُون کي ملير جا گولاڙا ۽ گاهه (ڏُٿ) ياد پيا ٿا پون، هِت تو وٽ منهنجو فقط خاڪي جسم آهي، باقي منهنجي دل منهنجو رُوح ملير ۾ آهي، مُنهنجو ساهه پساهه پنهنجي اَباڻن جي پکن ۾ آهي، سچ ڪري پُڇين ته تنهنجي هن ڪوٽ ۾ مون مجبور جو خاڪي جسم آهي! مرشد لطيف مارئيءَ جي واتان هيڏي ساري بادشاهه کي هن ريت چَوِرايو آهي ته:

    ويٺي سَاريَان سُومرا گَولاڙَا ۽ گَاهه،
    هِينئُون مُنهنجو هُت ٿِيو، هِت مِٽي ۽ مَاهه
    پَکَن مَنجهه پَساهه قَالب آهي ڪَوٽ ۾.
    مارئي ويچاري پنهنجي ٿري ماروئڙن جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ لاءِ ظالم عمر بادشاهه جون سڀئي سُور سختيون سَهندي رهي، مگر اُن جي اڳيان جُهڪي اصل نه. هن عُمر بادشاهه اڳيان جُهڪڻ کي عيب ٿي سمجهيو، جي مارئي سندس اڳيان جُهڪي ها ته سڀني ٿري ماروئڙن تي وڏو داغ اچي وڃي ها ۽ عُمر بادشاهه جو به من وڌي وڃي ها، پوءِ ٿر جون ٻيون نياڻيون به اهڙي ئي ظُلم جو شڪار بنجن ها، پر مارئي اهڙو پاڻ ملهايو جو عُمر جي ڪنهن به لالچ ۾ ڪانه آئي، هن عُمر جي هر سهوليت کي لت هڻي ٺُڪرائي ڇڏيو، نه وري سندس ڪنهن به دڙڪي دهمان ۾ اچي جُهڪي، جيئن مٿس سختيون ٿي ٿيون، تيئن هن ۾ خانداني شرافت ۽ نسلي عظمت، غيرت، شرافت ۽ همت ٿي وڌي. عمر بادشاهه جهڙي حاڪم وٽ قيدياڻي هُوندي به بنا ڪنهن خوف خطري جي حق سچ کان اصل ڪانه هٽي، ۽ عمر بادشاهه تُون منهنجي جسم کي چيري چيري لوڻ وِجهي ڇڏ، مگر آءٌ ڪڏهن به بُرو فعل ڪانه ڪنديس، ڇو ته اهڙو بُرو ڪم منهنجي نسل مان ڪنهن نه ڪيو آهي، نه وري آءٌ ئي ڪنديس، مُون کي جيسين سِسيءَ ۾ ساهه آهي، تيسين منهنجي محبت، منهنجي پِريت پنهنجي ٿري غريب وَر سان آهي! شاهه سائين عمر بادشاهه کي ٿر جي غريب نياڻيءَ جي واتان اجهو هن ريت چورايو آهي ته:
    جَي لُوڻ لِڱين لاَئين، چِيري چِيري چَم،
    مُون ڪُر اَڳي نَه ڪَيو، اَهڙو ڪَوجهو ڪَم.
    جَان جَان دَعويٰ دَم، تَان تَان پِرت پَنهوار سِين.
    ٿر جي مسڪين مارئي، جڏهن کان عمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي آئي، تڏهن کان هُن کائڻ پيئڻ گهٽائي ڇڏيو هو، هُن کي ڌارئي ڌاڙيل جي سڻڀي ماني کائڻ کان سخت نفرت هُئي، هن عمر جي ماني ڏي نهاريو به ڪونه ٿي، انهيءَ ڪري، جو هن اهو ئي ٿي سمجهيو ته ڌارئي ڌاڙيل جي ماني کائڻ سان منهنجي عزت ڪانه رَهندي، پنهنجي عزت ۽ شان کي وڏو ڌڪ لڳندو، اهڙي ماني کائڻ کان ’ڀلي بُک ڀَرم جِي، شَال مَ وَڃي شان!‘ تي ثابت قدم رهي ڪري، فاقاڪشيءَ ۾ گذارڻ لڳي، جنهن ڪري سندس چنڊ جهڙو چهرو ڪُومائجڻ لڳو، عمر بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي ته مارئي ماني ڪانه ٿي کائي، سو هن وٽ هلي آيو کانئنس پُڇيائين ته مارئي! تُون هي سُٺا سُٺا کاڌا ڇو نٿي کائين؟ مارئي، عمر بادشاهه کي چيو ته اي عمر بادشاهه! مون کي تُنهنجا کاڌا اصل ڪونه ٿا وڻن، عمر بادشاهه حيران ٿي مارئي کان پڇيو ته، تنهنجي غريب ماروئڙن جو کاڌو منهنجن هنن کاڌن کان وڌيڪ سُٺو هوندو آهي ڇا؟ مارئي جواب ۾ چيو، ها! عمر بادشاهه مارئي کان پُڇيو ته، ڀلا ٻڌاءِ ته اهو ڪهڙو کاڌو آهي؟ ته تنهنجي لاءِ هت تيار ڪرايان! مارئي جواب ۾ چيس ته، تُون منهنجي لاءِ ڌاريو آهين، تو وٽ آءٌ ويهي تنهنجا ٻوڙ پُلاءُ کائينديس ته منهنجي عزت، منهنجي غيرت، منهنجي شرافت کي ڌڪ لڳندو، تنهن ڪري تنهنجا کاڌا نه کائينديس! ٻيو ته مون کي منهنجي ٿري ماروئڙن جو کاڌو تنهنجي کاڌن کان وڌيڪ عزت وارو آهي ۽ تنهنجو کاڌو منهنجي لاءِ ذلت وارو آهي! عمر بادشاهه، مارئي کان پُڇيو ته اُهو ڪهڙو کاڌو؟ مارئي چيس ته، اُهو کاڌو ڏاڍو شرافت وارو آهي، جو منهنجا مارُو روزاني ڏُٿ آڻي چاڙهي کائيندا آهن، سَائون ۽ لُنب، آراڙي ڍيرڪري سُڪائي صاف ڪري، چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن، اُهو کاڌو اهڙو ته لذيذ آهي، جو تنهنجو پُلاءُ اُن جو مٽ نٿو ٿي سگهي! مرشد لطيف مارئي جي زباني هن طرح فرمايو آهي ته:
    آڻِين ۽ چَاڙهين، ڏُٿ ڏِهَاڙِي سُومرا،
    سَٿَا ڪَيو سَيد چَوي، سَائون سُڪَائِين،
    مَنجَهان لُنب لَطيف چَوي، چَانوَر ڪَيو چَاڙهِين،
    پُلاءُ نَه پَاڙين، عُمر! آراڙي سِين.
    مارئي جڏهن عمر ڪوٽ ۾ اچي قيد ٿي، تڏهن پاڻ کي قيدياڻي سمجهيو، اڄ ڪلهه جي قيدين وانگر ڌارئي حاڪم کي ڪنهن به سهوليت جي درخواست ڪانه ڪيائين. هتان جيڪا سهولت هن کي ازخود ملي پئي ته اُن کي ٺُڪرائي ٿي ڇڏيائين، هن کان کل خوشي موڪلائي وئي هُئي، هن قيد ۾ ويس وڳا ڪين پاتا، غريب ماروئڙن وٽان جنهن لباس ۾ آئي هُئي، اُهو ئي کيس پاتل هو، ڌارين جا ويس وڳا هُن لاءِ ڌاريا هُئا، ڌارين جي تهذيب به هن کي پسند ڪانه هُئي، اباڻي لباس ۾ گذارو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ٿي ڪيائين، اَباڻو وڳو جي ڪٿان ٽُٽي ٿي پيس ته اُن کي ٽوپو ڏئي ٿي پاتائين. عمر بادشاهه هن کي سُٺن سُٺن وڳن پائڻ لاءِ ٿي چيو ته، مارئي کيس ٿي چيو ته، اي عمر بادشاهه! هت اچڻ سان مان مارُن جي ميارڻ بنجي وئي آهيان، تنهنجا ويس وڳا مون جهڙيون ميار واريون ڪيئن ڪنديون، جن جي وَرَن کي ٿر ۾ عام ماڻهو مهڻا طعنا ڏنا هوندا، آءٌ پنهنجي وَر واري آهيان، آءٌ پنهنجي وَر کي ڇڏي ڏيان، پوءِ آءٌ پاڪدامن ڪيئن ليکبس؟ مارُن جا منهنجي ڳچيءَ ۾ جيڪي سڳڙا ٻڌل آهن، اُهي تنهنجي سون کان وڌيڪ سمجهان ٿي. آءٌ تنهنجي ڪنهن به لالچ ۾ اچڻ واري نه آهيان، مرشد لطيف اُن واقعي جو مارئيءَ جي واتان هن طرح بيان ٿو ڪرائي ته:
    عُمر! اڇَا ڪَپڙا ڪَاڻيارِيُون ڪِيئن ڪَن،
    جِن جَا ٿَرن ۾، وَر ٿَا وَيڻ سَھن
    هُو جَي حَق ڀَڃَن، سَي ڪِيئن سُتيون سُومرا.
    عمر بادشاهه هڪ ڀيري مارئي کي چيو ته، اي مارئي! مون جهڙي وڏي بادشاهه جي گهر ۾ رهڻ جي باوجود به تُون روڄ راڙو ڇو ٿي ڪرين؟ مون ته سڀ ڪجهه تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي!
    مارئي جواب ڏنس، اي عُمر بادشاهه! جيئن سمنڊ ۾ رهندڙ سِپيون سمنڊ جي وڏي پاڻيءَ ۾ رهڻ جي باوجود به هُو ڪڪرن جي برساتي ڦُڙن لاءِ آتيون هُونديون آهن، جيئن ڪُونجڙيون جبل ۾ کاڌي پيتي جي اڻاٺ هوندي به جڏهن آباد کاڌي پيتي واري هنڌ چوڳي چَڳڻ لاءِ وينديون آهن ته پوءِ جبل کي نه وِسارينديون آهن، ڇو ته هُو ڄايون نِپنيون جبل ۾ آهن، هنن جو جبل سان فطري پيار آهي، سندن ٻچا ۽ ٻيا وَلر به انهيءَ جبل ۾ هوندا آهن، تنهن ڪري هو پنهنجي اصلي هنڌ کي نه وسارينديون آهن، اُنهن کي جبل جي تانگهه رهندي آهي، منهنجي حالت به اُنهن ڪونجن جهڙي آهي، مون کي به هر وقت ٿر ۽ ٿري ماروئڙا ياد آهن، منهنجو ٿر وڃڻ جو اقرار ٿيل آهي، آءٌ اڳي پوءِ ٿر وينديس، مون ائين ڪونه سمجهيو هو ته آءٌ تو وٽ قيدياڻي اچي ٿينديس، هٿن پيرن ۾ ڪَڙيون لڳي وينديون! مون تي پهرا لڳي ويندا، اهو سڀ ڪجهه منهنجي بي وسي آهي، آءٌ جيڪر قيدياڻي ۽ پهري هيٺ نه هُجان ته پوءِ آءٌ ماٺ ڪري ڪوٽن ۾ ڪيئن ويهي رَهان، مرشد لطيف مارئي جي زباني هن ريت بيان ڪرائي آهي ته:
    جَر ۾ سِپُون جِيئن، آهِين اَبر آسري،
    جِيئن ڪُونجڙيون سَارين رَوه کي، مُون تن اندر تِيئن،
    هِت واعدا وَڃڻ جَا، هت نَه ڀَانئِيم هِيئن،
    ڪَوٺين وِهان ڪِيئن، جي نظر بَندياڻين نَه هئان!
    يا
    وَاجَهائي وَطن کي، آءٌ جي هِت مُياس،
    تَه گَور مُنهنجِي سُومرا، ڪَج پَنهوارن پَاس،
    ڏِج ڏَاڏَاڻي ڏَيهه جِي، مَنجَهان وَلڙين وَاس،
    مُيائي جِياس، جَي وَڃي مَڙهه مَلير ڏي.
    پوءِ عمر بادشاهه مجبور ٿي مارئي کي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪا پنهنجي ڪاميابي تي کِلي خوش ٿي، ملير وڃي پنهنجن ماروئڙن سان مِلي، شال ڌڻي ظُلم جي هر قيديءَ کي مارئي واري طاقت عطا ڪري، جو هڪ ڏينهن عمر جي قيد مان نڪري آزاد ٿي لوئي لڄ نيبهه رکي سگهون!

    [روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپيل]


    لطيف جي ادبي ڪچهري، جھاتيون، ڪالم

    سنڌ جو جڳ مشهور سنڌي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ اُهو واحد شاعر آهي، جيڪو سير ۽ سياحت جو شوقين هو، تنهن سنڌ جي سيلانين، جوڳين سان گڏجي سنڌ جي سِري، وِچولي، لاڙ، ڪوهستان، ريگستان ۽ ڍنڍن، ڍورن، برن، بحرن ۽ ماٿرين جو سير ڪري، اُنهن جي سهڻن نرمل نظارن جو بل جي دُوربني ۽ باريڪ نظر سان اُنهن جي قرب جي ڪئمرا سان هُوبهو تصوير چِٽي پنهنجي ڪلام ۾ آڻي، اسان اڳيان پيش ڪيو، ۽ اُنهن ديس جي جوڳين، جن کي شاهه سائين ڪيترن ئي نالن سان پيش ڪيو آهي، جهڙوڪ ويراڳي، بيراڳي، لاهوتي، ڪامڙي، نانگا، ساقي، سنياسي، آديسي، لانگوٽيا، لنگبندا، گوڊريا، ڪنوٽيا، ڪنچير، ڪاپڙي، جبروتي، عاشق، ڪيرتيا ۽ فقير وغيره. اُهي شاهه سائينءَ وانگرسسئيءَ جي رُوپ ۾ پُنهل (وطن) لاءِ سُور سختيون، ڏُک بُک سِر تي سهندا رهيا، هنن پنهنجا پيٽ سڻڀن طعامن تي ڪين هيريا، نه وري اُنهن سڻڀن چَهرن مِٺن طعامن تي وِڪاڻا، هنن جو وِڇاڻو فرش (پنهنجي ڌرتي) هُئي. مرشد لطيف جو اُنهن جوڳين سان پريت جو سرند انهيءَ ڪري هو، جو هُو پنهنجي حق جا پوڄاري هُئا ۽ حق جي پرچار ڪندڙ هُئا، حق سچ تي تن من فِدا ڪرڻ وارا هُئا، هنن جي هٿن ۾ حق سچ جي ڄاٽي روشن لاٽ هُئي، جنهن جي روشني عام پکيڙيندا ٿي رهيا، ڪُوڙ باطل ۽ استحصال جي خلاف هُئا، اهڙا چند مثال هِت پيش ڪندس، هن جهان ۾ جلالي ۽ جمالي جوڳي آهن، هنن جي ڪچهري ۾ حق ۽ سچ جي نعري کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڪانهي، هنن جي ڪچهري پارس جو ڪم پئي ڪري، يعني هنن جي ڪچهري جو رنگ جنهن کي لڳو، سو سون بنجي ويو، يعني (قوم جو ڀلو گُهرندڙ) پوءِ اُن کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه کيس وڻندي ئي ڪانه، هنن جي حق سچ جي جيڪا دُونهين دُکايل آهي. سا اُجهامڻ جي آهي ئي ڪانه، اُنهيءَ کي دائم قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪندا پيا اچن، اُنهن جي محبت اهڙي ته سُٺي آهي، جو اُنهن قُربدارن کان سواءِ جيئرو رهڻ مشڪل آهي، اُن لاءِ مرشد لطيف هن طرح فرمايو آهي ته:
    نُورِي ۽ نَاري جَوڳِيئَڙا جَھَان ۾،
    ٻَري جِن ٻَاري، آءٌ نَه جِيئَندي اُن رِيءَ.
    اهي سامي هميشه حق سچ جي طرف هوندا آهن، هُو ظُلم زيادتي استحصال ۽ پرماريت جي خلاف جنگ ڪرڻ، پنهنجو فرض سمجهندا آهن، هنن سچن سامين جي بيراڳڻ (ڪُندري) هر وقت ظالم پرمار جي خلاف هميشه اُڀي هُوندي آهي، هُو ڌارئي ڌاڙيل کي نظر ۾ رکندا آهن، ڪڏهن به ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل هِنن جي ڌرتيءَ طرف وِک ٿي وڌائي، ظُلم ٿي ڪيو ته ساميءَ جو سوٽو سندس پليت پيشاني تي ٺڪاءُ ٿي ٿيو، ديس تي يا ديس واسين تي ظُلم ٿيڻ وقت سامي ڪڏهن به سُک سان نه سُتو، اهڙي سامي جڏهن هن دنيا مان لاڏاڻو ٿي ڪيو، يا ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل سان ويڙهه ۾ شهيد ٿئي ٿِي ويو ته اُن ساميءَ جو مرشد لطيف کي ڏاڍو ڏُک ٿي ٿيو ۽ درد مان دانهن ڪري ٿي چيائين ته، اي سامي! تنهنجي بيٺل مڙهي، تو کان خالي ڏِسي، مون کي ڪنڊا ٿي لڳي، ڇو ته مَڙهيءَ ۾ تُون ڪونه آهين! اي جوڳي! تو اها مڙهي ٺاهي ڇو؟ جو تون اُن مان جلدي ڪوچ ڪري وَئين، هاڻ ته تُنهنجي اها مڙهي خالي ڏِسي مُنهنجو هِينئون ڳَريو ڳَچ پيو ٿِئي! مرشد لطيف کي اهڙي ديس جي هڏ ڏوکيءَ سامي جي جُدائي سخت ستايو، جنهن لاءِ مرشد لطيف پنهنجي اُن ساميءَ کي هن طرح ياد فرمايو ته:
    سَامي! مَڙهِي سَندياءِ، سَامهون مُون سَيلهه ٿي،
    سَا تَان ڪَوه اَڏياءِ، جَان نَانگا وَئين نِڪري.
    يا
    آن ڪي سَاٿي ڏِٺَئِي، جَي مُون ويڙهه وِڃَائِيَا،
    رُئان رَت مَڃٺ، هَاڻي تن پِرينءَ کي!
    سچا سامي وطن سان پيار ڪندڙ اُهي آهن، جيڪي هر وقت پنهنجي ديس جي ڀلائيءَ جي پيا ڳالهه ٻولهه ڪَن، هر وقت اُنهن جي اندر ۾ ديس واسين، ماروئڙن، سانگيئڙن، جهانگيئڙن، ڏوٿيئڙن ۽ ويڙهيچن جي دل ۾ سار سنڀال آهي، هر وقت سندن سُک ۽ سَهج لاءِ پيا سوچين، هنن جي مصيبت کي ٽارڻ لاءِ پيا پاڻ پتوڙين، اُنهن کي سُٺن طعامن جي ڪا طلب ڪانه ٿي رَهي، ڇو ته اُنهن جي ديس جي ماروئڙن کي سُڪل ماني به مشڪل سان ٿي ملي، ته پوءِ هُو سچا سامي! پاڻ ڪيئن ٿا سَڻڀن طعامن جي طلب رکن؟ هنن کي ته اُنهن ڏوٿيئڙن جي درد دُور ڪرڻ جو اونو آهي، جن کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ سُٺن سَڻڀن طعامن جي لالچ لوڀ آهي، پنهنجن ذاتي مفادن جي لالچ آهي، اُهي پنهنجيءَ قوم سان سچا نه چئبا، اُنهن کي پيٽ جا پوڄاري، مطلب پرست چئبو، اهڙن ماڻهن کي ڪِني ڦوڳ سان مشابهت ڏبي ته نيڪ ٿيندو، ظاهري طرح سان ڪيترو به ٺٺ ٽانگر ڪَن، ڪُوڙيون لَٻاڙون هَڻن، پاڻ کي وطن جا سڄڻ ڪوٺرائين، پر ائين هرگز ناهي، هر ڪُوڙي عزت جا گداگر، عدل ۽ انصاف جا دشمن، زور ظُلم جا حامي آهن، جو پنهنجي ذاتي لالچ لاءِ پُوري قوم کي مُڏي ڪاتيءَ سان ڪُهي، سندن زبانون ڪٽي کين ڦٿڪندو ڏسي، پاڻ مزن جو معراج پيا ماڻيندا آهن، جن کي پنهنجي قوم ڪڏهن به معاف ڪانه ڪندي، اهڙن لالچي ذاتي مفاد پرستن لاءِ مرشد لطيف هن طرح فرمايو آهي ته:
    گَولا جَي گِراهه جَا، جُوٺَا سَي جَوڳِي،
    ڦٽل سَي ڦَوڳِي، شڪر جِنين سَانڍِيا.
    سچا سامي (وطن دوست) اُهي چئبا، جيڪي پنهنجي وطن وارن جي بِنا ڪنهن لالچ لوڀ جي خدمت ڪن، جيڪا خدمت ڪَن، اُنهيءَ کي وري وات تي ئي نه آڻين ته ڪو اسان هِينئن ڪيو! هُونئن ڪيو! هنن جي مَن ۾ اها لالچ هر گز ڪانه هوندي آهي ته اُنهيءَ خدمت جي بدلي اسان کي بهشت مِلي، اهڙن سچن سامين جو مطلب آهي پنهنجي ڀائرن جي خُدا ڪارڻ خدمت ڪرڻ، اهڙن سچن سامين جو بهشت ۽ دوزخ سان ڪوبه واسطو ئي ڪونهي، هنن جي دل ۾ نه ڪُفر آهي، نڪا مسلماني، هُو ڪنهن به ڌرم يا مذهب سان ڪو واسطو ئي ڪونه ٿا رَکن، هنن جي منزل تمام مٿاهين آهي، هنن جو ڪم آهي پنهنجي ديس واسين جي في سبيل الله خدمت ڪرڻ، پوءِ اُن ۾ هندو مسلم جو ڪو ويڇو ڪونه رکن، هنن جو مطلب آهي، خدمت، خلق، افضل، عبادت! ڇاڪاڻ هنن جي دل ۾ اها ٻيائي ڪانهي، هنن ٻيائي کي ٻن ڏٺو آهي، هنن جو مطلب آهي، خدا وند ڪريم کي راضي رکڻ لاءِ خلق جي خدمت ڪرڻ، اهڙن جذبن رکندڙن لاءِ شاهه سائينءَ هن طرح فرمايو آهي ته:
    ڪَيهِي ڪَام ڪَاپڙِي، ٿَا اَهڙِي رَوش رُون،
    نَه ڪَا دِل دَوزخ ڏي، نَه ڪَي بِهشت گُهرن،
    نَه ڪَو ڪَم ڪُفار سِين، نَه ڪَا مُسلمانِي مَنُ،
    اُڀا اِئين چَون، تَه پِرين ڪَجو پَنهنجو.
    يا
    پُڇي جان ٻروچُ، تان پاسي ڪَر پرهيز کي،
    جِنِين ڏِٺو هَوت، تِن دِين سَڀ دُور ڪَيا.
    يا
    ڪَافر ٿِي تَه اَبهين، بَاب شَرع جَا ڇَڏ،
    مَن مشرڪن گَڏ، تَه ويجهو ٿِيين وِصال کي.
    سچا سامي، سچا جوڳي، ساڻيهه جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا آهن، جيڪي اُڃ بُک ۾ رهي ڪري، وطن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن، ڪنهن به ڌارئي جي لالچ ۾ نه اچن ۽ ڪيڏي به وڏي آڇ ٿِئي ته اُنهيءَ کي ٺُڪرائي ڇڏين.
    پَاڇَائِي نَه پَاڙِيَان، سَرتيُون سَسئِي سَاڻ!
    جي سبق تي عمل ڪندڙ پنهنجي مقصد تي اهڙا ته پُختا بيٺل آهن، جو ڪا به هستي، هنن کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نٿي سگهي، جيڪي هر وقت قوم، وطن جي نالي ۾ پيٽ جي پُوڄا پيا ڪَن، جيڪي هر ويلي تي رُڳو اُن جي پُڇا پيا ڪَن، اُهي اَنڌا، جيڪو اهڙي پُڇا پنڌ (مقصد) ماڻڻ جي ڪَن ته جلد ئي پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، جنهن جوڳي رَلي (اوڇڻ) ۽ اُن جي پُڇا ڪئي ته اُن کي سچو سامي نه چئبو! يعني ته هُو پنهنجي ذاتي مقصد جو يار آهي، نه قوم ۽ وطن جو، اهڙن جوڳين کان مقصد (حق) گهڻو پري رهيو، جوڳيءَ جو ڪم آهي طعام جي طلب گهٽ ڪرڻ، مقصد ماڻڻ جي ڪوشش گهڻي ڪرڻ، جن اِئين ڪيو، سي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا، اُنهن تان سَڀئي درد ڏُک ۽ سُور دُور ٿي ويا. اهڙن جذبن جو مرشد لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي ته:
    جِيئن ٿَا پُڇَن اُن کي، تِيئن جَي پُڇن پَنڌ،
    تَه رِڙهيءَ لَڌَائُون رَند، لَحظي مَنجهه لَطيف چَئي.

    [روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، خميس 5 آڪٽوبر 1978ع ۾ ڇپيو.]


    سُپيرِيَان سِين سَوڀ

    سنڌ جي ادبي تاج جي لاثاني گوهر، ڀلاري ڀٽ ڌڻي، يعني شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي پيغام جو، جيڪڏهن تفصيل سان ذڪر ڪبو ته اُن لاءِ دفترن جي درڪار ٿيندي، جنهن ڪري مون فقط هڪ بيت چونڊيو آهي ته:
    سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪرو، لاَلچ ڇَڏي لَوڀ،
    سُپيرِيَان سِين سَوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه ٿِئي!
    لاکيڻي لطيف جي هن بيت کي ذهن جي ڪسوٽي تي پرکي مٿس غور فِڪر ڪري ڏسبو ته ڪُوذي ۾ سمنڊ بند ٿيڻ واري چوڻي جي زنده تصوير نظر ايندي. هن پنهنجي جادو بيانيءَ سان سَنواري سينگاري معنيٰ جي معراج تي پهچايو آهي، جو واقعي ڄڻ ڪُوذي ۾ سمنڊ اُڇلون ماريندي نظر پيو اچي، سبحان الله سندس بصيرت روشن خيالي ۽ وسيع النظريءَ کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن ته هُو ڪهڙي طرح انسان ذات لاءِ فِڪر ۽ فيض جي رازن ۽ رمزن کي روشن ڪري زندگيءَ جي جُدا جُدا آزمائشي مرحلن ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ٿو ڪري ۽ انساني سَڀاءُ کي پرکي پروڙي پهاڙن جيڏا مسئلا تمام سادگي ۽ آسانيءَ سان حل ڪيا آهن، اڄ به جيڪر سنڌ جا ماروئڙا، سانگيئڙا، ڏوٿيئڙا ۽ جهانگيئڙا پنهنجي مرشد رهبر ڀٽائي گهوٽ جي ڏنل پيغام کي پروڙي اُن تي عمل ڪن ته جيڪر اُنهن کي ڏُکيا ڏينهن ڏِسڻا ئي نه پون ۽ جلد پنهنجي عظيم مقصد کي ماڻي سگهن ٿا. مون وٽ جيڪو مرشد لطيف جو بيت زير بحث آهي، سو هي آهي ته:
    سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪرو، لالچ ڇَڏي لَوڀ،
    سُپيرِيَان سِين سَوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه ٿِئي!
    شاهه سائينءَ جي هن شعر کي دل جي دُوربيني ۽ باريڪ نظر سان وڃي ڏسبو ته منجهس مقصد جا موتي مِلندا، جن جي قيمت جو ڪاٿو ئي ڪونهي، شاهه سائين پنهنجي لافاني شاعريءَ ۾ جيجل سنڌ کي لازوال بنائي سنڌي سانگيئڙن کي سنواري سينگاري دُنيا اڳيان ڳاڙهي گهوٽ وانگر نِروار ڪري بيهاريو آهي، شاهه سائين جي شاعري، سنڌي سانگيئڙن جي شاعري آهي، جنهن ۾ اَڇي ڪاري، هندو مسلم جو تفاوت ڪونهي، رُڳو پيار ئي پيار جو پيغام آهي. شاهه سائين ڪنهن ظالم جابر استحصالي ڌاڙيل، ڦورو ۽ لُٽيري جي قصيدي خواني ڪانه ڪئي آهي ۽ نه وري ڌارئي رستم سهراب يا گل ۽ بلبل جو بي مقصد ڪو راڳ ڳايو آهي، جڏهن شاهه سائينءَ جي وقت ۾ ڪٿي ڌاريا ڌاڙيل ۽ لُٽيرا، مسڪين ماروئڙن جو رَت ۽ سَت چُوسڻ لاءِ سنڌ تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرائيندا رهيا، تڏهن شاهه سائين مايوس ۽ نا اُميد نه ٿيو ۽ هن مرد مجاهد سينو سُپر ڪري وڏي دليري ۽ همت سان پنهنجي ديس واسين کي حُب الوطنيءَ جو هٿيار ڏئي تلقين ڪري چيو ته، منهنجي ڌرتيءَ جا ماروئڙا! اوهان هِمت نه هاريو، سُست ۽ ڪانئر نه ٿيو، توڪل جو ترهو ٻَڌي سڀئي گڏجي پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکو، متان همت هاري اَٿو! ۽ اُنهيءَ پنهنجي نيڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀئي اُٿي کڙا ٿيو، بنا ڪنهن حِجاب جي دنيا جون سڀئي لالچون ڇڏي، وِک کي وڌائي اڳڀرا ٿيو! پوءِ ڇو نه اُن لاءِ اوهان کي ننگي ٿي بيهڻ يا لاهي پاهي ٿي بيهڻ جا طعنا مِهڻا ملن! پوءِ به ڪنهن لُٽيري ڦوروءَ جي ڪوڙڪائي ڪڇ تي پنهنجا ماڻڪ موتي (نيڪ مقصد) نه وڃايو، سنڀالي قدم کڻو! متان ٿوري وقت جي خوشي ۽ آرام لاءِ پنهنجي لَکن جي لال (آزادي) وِڃائي ويهي رهو ۽ پوءِ متان اوهان کي سَکڻا هٿ هڻڻا پون! تنهن ڪري پنهنجي مقصد کي مٿانهون سمجهو، متان پراين ماڙين جا خواب ڏسي، پنهنجي جُهوپڙي ڊاهڻي پوي ۽ پوءِ اوهان کي مٿي لڪائڻ جي جڳهه به نه ملي! جي عارضي وقت لاءِ سڻڀن ۽ لذيذ طعامن تي پنهنجا پيٽ هيرائي پنهنجي ڏُٿ کي وساري ويٺا ته ٿي سگهي ٿو ته سُڀاڻي توهان کي پنهنجي سادي سودي دال روٽي به هٿ نه اچي، تنهن ڪري ٻين سڀني ڳالهين کي ٿِڇ سمجهي پنهنجي حقيقي مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪريو، يعني ٻين جي غلاميءَ کان بچو، متان اڳتي هلي اوهان کي ڏُکيا ڏينهن نه ڏِسڻا پون! مرشد لطيف ديس واسين کي پنهنجي نيڪ مقصد لاءِ جيڪا تلقين ڪئي آهي، سا سندس شعر مان چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر صاف نظر پئي اچي، الله تعاليٰ به فرمائي ٿو ته ايستائين ڪنهن قوم جي تقدير نه ٿي تبديل ٿئي، جيستائين اُها قوم پنهنجي تقدير پاڻ نٿي بدلائي، هن مان شاهه سائين جي اُنهيءَ بيت جي تصديق ٿئي ٿي ته جي تو بيت ڀَانئِين، سي آيتون آهين!
    هي مرشد لطيف جون اڻ مٽ آيتون، هر انسان لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکن ٿيون، هر دُکي انسان جي ڇوٽڪاري لاءِ ڪامل نسخي جو ڪم ٿيون ڏين. شاهه سائينءَ جي ڪلام مان ڪامياب زندگي گذارڻ جو پتو پوي ٿو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ سان هِت به رَهايائون رَسُ هُت به گَڏيا هَوت کي! وارو مثال پورو ٿئي ٿو، يعني هِن جھان ۾ به ڪاميابي سان زندگي گذاري سگهجي ٿي ۽ پنهنجي مالڪ وٽ پهچڻ وقت به سُرخرو ٿي سگهجي ٿو، اُنهيءَ شرط سان ته انسان حق سچ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ۽ ڪنهن به لالچ لوڀ ۾ نه اچي، ۽ غلاميءَ کان بچي، انهيءَ لاءِ مرشد لطيف وڌ کان وڌ تلقين ڪندي فرمايو آهي ته:
    سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪرو، لالچ ڇَڏي لَوڀ،
    سُپيرِيَان سِين سَوڀ، نِنڊون ڪَندي نَه ٿِئي!

    [روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، جمعو 18 اپريل 1980ع ۾ ڇپيل]


    وطن جي حُب ۽ شاهه لطيف!

    مهراڻ جي ماٿري پنهنجي گود ۾ باڪمال شاعرن بزرگن کي پاليو آهي، اُنهن مان شاهه عبداللطيف اِئين آهي، جيئن گُلن ۾ گلاب جو گل، پنهنجي لازوال خوشبوءِ ۾ ساري سنڌ واسجي پئي، اُنهيءَ ڪري ئي دنيا سنڌ کي چڱي طرح ڄاڻي سُڃاڻي ٿي. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ زندگيءَ جون رمزون نهايت چِٽيءَ طرح اُجاگر ٿيل آهن، جن مان وطن جي حُب جو هڪ ذري جيترو ذڪر هِت ڪجي ٿو. شاهه سائين مارئي جي زباني هينئن ٿو چئي ته:
    سَهسِين سِبيا ڪَنجرِي، لوئي لِيڙُون لِيڙ،
    وَاسي وَار نَه وَيڙهيَا، مُون چَڳُون رَهن چِيڙهه،
    مَاروءَ جي مهاڙ ري، اَندر رَهي اُڪير،
    ههڙو حَال حَمير! وَٺي شَاهه ويڙهه وَڃان!
    مارئي ويچاري چوي ٿي ته مُنهنجي چولي کي سهسين ٽوپا آيل آهن ۽ منهنجي لوئي ليڙون ليڙون ٿي وئي آهي، وارن کي سرهو ڪري چوٽي ٿي ڪريان ڀَل ته چَڳُن ۾ چِيڙهه رَهي ۽ وار مُنجهيل رهن. ماروئڙن جي مُنهن ڏسڻ ڌاران ٻي ڪابه سِڪ وغيره ڪانه اٿم، اي حمير سومرا! شل اهڙي حَال سان وطن ملير موٽي وڃي، پنهنجن مٺڙن ماروئڙن سان مِلان. مرشد لطيف مارئي جي رُوپ ۾ اسان جي پنهنجي ديس ۽ ديسين سان، جن سنڌ سونهاريءَ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، تن کي وڏي اُتساهه ۽ پيار ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي، مطلب ته مرشد لطيف صاف صاف چيو آهي ته اوهان سنڌ ڄاوا سڀئي پنهنجي سنڌ سان مارئي واري سڪ ۽ محبت رکو، ۽ اوهان کي به اهڙيءَ طرح ڌارين کان نفرت ۽ ڌڪار ڪرڻ گهرجي، جهڙي طرح مارئي ويچاريءَ کي ڌارئي کان نقصان پُڳو، اهڙيءَ طرح اوهان کي به هر ڌارئي کان نقصان پهچندو رهيو آهي، ۽ ڀلي ڪهڙي رُوپ ۾ به اچي، پر ڌاريو، ڌاريو ئي آهي، اوهان جو استحصال ڪندو، نقصان ڏيندو، اوهان اُن مان ڪنهن به ڀلائي جي اُميد نه رکو! اوهان ڀُلجي به اُن مان ڀلائي جي اُميد رکندؤ ته دوکو ضرور کائيندؤ! سنڌي سٻاجهڙا اک کول، ڪُجهه ڌيان ڌَر!
    ڌَريائِي ڌَاريَا، مِٽ مُئي جَا نَه ٿِيا!
    جيڪي اصل کان ئي ڌاريا آهن، سي ڪڏهن به اوهان جا مِٽ نٿا ٿي سگهن، جي تو پنهنجن ۽ پراون ۾ فرق نه سمجهيو ته پوءِ اِها تنهنجي وڏي ڀُل چئبي، ۽ اُنهيءَ ڀُل جو نتيجو ضرور ڀوڳڻو ئي پوندو! مرشد لطيف مارئي جي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي ته:
    ڪَارا ڪَارايَن ۾ سَون اَسَان کي سوءِ،
    وَر جَيڏين سِين جَوءِ، فَاقو فَرحت ڀَانئِيَان!
    هت مرشد لطيف مارئي جي زباني وطن جي پيار جو اظهار هن ريت ٿو ڪري ته، اسان کي ڪاراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌل آهن، ۽ سون اسان لاءِ ماتم جي نشاني آهي! پنهنجي وطن ۾ هڪ جيڏين سرتين سان بُک به مون لاءِ نعمت آهي، اُنهن جي صحبت ۾ لَنگهڻ ڪاٽڻ مُون لاءِ فرحت آهي، هت مارئي جو پنهنجي وطن سان ڪيڏو نه لطيف سائين پيار ڏيکاريو آهي، جو بُکن ۽ ڏُکن ۾ به پنهنجي وطن ۾ هڪ جيڏين سان گڏ رهڻ کي تمام بهتر ٿي سمجهي، ۽ هن کي پنهنجي وطن (ملير) ۽ اُتي رهندڙ ماروئڙن کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نٿي وڻي، هر وقت سندس دل ۽ دماغ تي ملير ۽ ماروئڙن جو تصور ويٺل آهي، ۽ ڌارئي سان ڌاري هنڌ رهڻ هُن لاءِ وڏو عيب هو، ۽ ڌارين سان گڏ رهڻ کان هن کي نفرت هُئي، هو چوي ٿي ته:
    سِيل ڀَڃَڻ جِي سُومرا، مُون کي مَت مَ آڇِج مِير،
    ٿورين گهڻين ڏِينهَڙين وِينديَس هُت حَمير،
    مَڇڻ مَنجهه مَلير، ڪَنڌ مَٿاهون نَه کَڻان!
    اي سومرا حاڪم! مون کي ست ۽ مت ڀڃڻ جي صلاح نه ڏج، اي امير! مان ٿورين گهڻين ڏينهن موٽي هُت ملير وڃڻي آهيان، متان ملير ۾ مُنهن مٿي کڻي نه سگهان! مارئي ويچاري وڏن ڪوٽن ۾ بند هُجڻ جي حالت ۾ پنهنجي هِمت نه هاري، هُن کي پڪ هُئي ته هڪ ڏينهن آءٌ هن ظلم جي قيد مان ضرور آزاد ٿينديس، هر ڪنهن کي مارئي جي ڪردار مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، مرشد لطيف مارئي جي زباني هن طرح بيان ڪئي آهي، چوي ٿو ته:
    اِيءُ نَه مَارُن رِيت، جيئن سَيڻُ مَٽائِين سَون تي،
    اَچي عُمرڪوٽ ۾ ڪَنديَس ڪَانه ڪُريت،
    پَکن جِي پِريت، مَاڙين سِين نَه مَٽيَان.
    مرشد لطيف مارئي جي زباني، ڪهڙو نه سُٺو سبق ڏنو آهي، ماروئڙن جو اهو دستور نه آهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا سيڻ (هم وطني) بدلائي ڇڏين، مان عمر ڪوٽ ۾ اچي اهڙي ڪُڌو رويو اختيار نه ڪنديس، اَباڻن پَکن لاءِ جيڪا محبت اَٿم، سا محلن ماڙين تي نه ڇڏينديس، ماروئڙن جا جُهوپڙا مون کي ماڙين کان وڌيڪ پيارا آهن، مارُن جي محبت ۽ پنهنجي وطن سان پيار جي ڪري، مارئيءَ جو نالو روشن آهي، هن کي پنهنجي وطن ملير ۽ ماروئڙن سان اُتساهه ۽ پيار هو، هُو چوي ٿي ته:
    وَاجَهائي وَطن کي، آءٌ جي هِت مُياس،
    گَور مُنهِنجي سُومرا، ڪَج پَنهوارَن پَاس،
    مُيائِي جِياس، جَي وَڃي مَڙهه مَلِير ڏي.
    عُمر، مارئيءَ کي سخت اَهنج ايذاءُ ڏيڻ لڳو، پر مارئي ٿر ڄائي، عمر جي ڪنهن به دڙڪي دهمان، لالچ لوڀ ۾ نه آئي، رات ڏينهن پنهنجي وطن ملير کي ياد ڪري پئي رُئندي رَڙندي هُئي، آخر مجبور ٿي، عمر بادشاهه مارئيءَ جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري کيس آزاد ڪيو، جنهن سان ٿري ماروئڙن جو ڳاٽ اُوچو ٿي ويو، مرشد لطيف مارئيءَ جي عظمت بيان ڪندي فرمايو آهي ته:
    ڀَلي ڄَائي مَارئي، جَنهن مَارُو مَلهَايَا،
    سُتي سَامَائِي، جَنهن ٻَڌا مَوڙ مَلير کي.

    [روزاني جاڳو ڪراچي، تاريخ 29 جولاءِ 1978ع ۾ ڇپيل]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258298
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386410
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ