ڪتاب جو نالو: بدلي جيِ باهه
مصنف: لڪشمڻ ديو بجلاڻي
ڇپائيندڙ: ناري لڇواڻي، ڀوپال
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 19 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 560 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 208 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڌنيواد
  • ڪهاڻي ڪاڪي ڪوڏومل جي
  • استعيفا
  • ونش خطري ۾
  • پنج پنکڙيوُن
  • مڪڙيءَ جو ڄار
  • هڪ سوال
  • غمن جو سؤدو
  • جيءَ جو جنجال
  • بدلي جي باهه
  • اِنڪار
  • بئڪ ٽائيٽل

  • ڪتاب بابت

    Badile jee Baahi
    (Short Stories)

    by
    Laakshman Dev Bijlani
    101,Shanti Apartment,
    262, Saket Nagar,
    Indore- 452018

    Mob : 9424096674

    © : With the Author
    Year : 2018
    Price : .250/-

    Type
    Setting : Bhagwan Babani
    B-14, Lakecity Enclave,
    Sant Hirdaram Nagar,
    Bhopal- 462030
    Mob: 09893397340

    Publisher : Nari Lachhwani
    A-31 New,
    Sant Hirdaram Nagar,
    Bhopal- 462030
    Mob: 08989438294

    بدلي جي باهه
    (ڪهاڻيوُن )


    ليکڪ : لڪشمڻ ديو بجلاڻي
    101 ، شانتي اَپارٽمينٽ
    262، ساڪيت نگر، اِنڊور 452018

    موبائيل : 09424096674

    ©© : ليکڪ وٽ محفوظ

    سال : 2018

    قيمت : -/250

    ٽائيپ : ڀڳوان ٻاٻاڻي
    سيٽنگ : بي-14، ليڪ سِٽي
    سنت هِردارام نگر،
    ڀوپال - 462030
    موبائيل: 09893397340

    پبلشر : ناري لڇواڻي،
    A -31 New,
    سنت هِردارام نگر،
    ڀوپال-462030


    This book has been published with the partial assistance from
    Madhya Pradesh Sindhi Sahitya Academy, Bhopal

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بدلي جي باهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هند جي سنڌي ليکڪ لڪشمڻ ديو بجلاڻي جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    هن ڪتاب ۾ ڪل ملائي ڏهه ڪهاڻيون آهن، الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. ڪجهه ڪهاڻين جو ڪلائيمڪس اندازي جي ابتڙ ملي ٿو، ڪلائيميڪس تي پهچي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. سادي ٻولي ۾ لکيل هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ پيغام ۽ اميدون سمايل آهن.
    هي ڪتاب ناري لڇواڻي پاران ڀوپال هندستان مان 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڀڳوان ٻاٻاڻي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڌنيواد

    مان شڪرگذار آهيان ناري لڇواڻيءَ جو جنهن وقت به وقت مونکي ڪهاڻيوُن لِکڻ لاءِ نَه رُڳو همٿايو پر هِن ڪِتاب ڇپائڻ ۾ هر طريقي سان مُنهنجي مدد ڪئي.
    مان ٿورائتو آهيان ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ جو جنهن هن ڪِتاب جي نَه رُڳو ٽائِيپ سيٽِنگ ۾ مُنهنجي مدد ڪئي پر صلاح ڏيئي ڪي دُرستيوُن پڻ ڪرايون.
    منهنجون ڪهاڻيون ڪافي عرصو اڳ لکيل آهن جن مان ڪجھه هن کان پهرين ”ڪال گرل“ ۽ ”گھمنڊي“ نالي مجموعن ۾ توهانجي سامهون اچي چڪيون آهن 10 ڪهاڻيون هن مجموعي ۾ آهن. باقي ايندڙ وقت ۾ توهانجي سامهون اينديون.
    مان پنهنجن گھڻ گھُرن، دوستن ۽ ٻين خير خواهن کي به ڌنيواد ڏيڻ چآهيِندس جن سڌي يا اَڻ سڌي نموني اڪثر مونکي لکڻ لاءِ پئي همٿايو آهي.

    -لڪشمڻ ديو بجلاڻي


    ڪهاڻي ڪاڪي ڪوڏومل جي

    هن محلي ۾ اَچي به جنهن ڪاڪي ڪوڏومل جو نالو ته ٻُڌو آهي ته مان ته ائين ئي سمجھندس ته يا ته هوُ اڃان پئدا ئي ڪونه ٿيو آهي يا وري هن جي ڪنن جا پڙدا اَهڙا ڦاٽل آهن جو کيس ڪن وٽ توپ مان گولي ڇُٽڻ جو آواز به ڪنهن مڇر جي ڀون-ڀون کان وڌيڪ ته لڳندو هوندو. توهان هن محلي ۾ اچي ڪنهن سان به ڪنهن مسئلي تي ڳالهايو، پنجن منٽن ۾ ڪاڪي ڪوڏومل جو ذڪر ضرور ڇِڙندو. توهان هن محلي جي ڪنهن به زال خواه مڙد ، جوان چاهي ٻُڍي، ننڍي يا وڏي جي واتان ڪاڪي ڪوڏومل جي باري ۾ ايتريون ته ڳالهيون ٻڌندا جو توهان کي اچرج لڳندو ته ڀڳوان اهڙي انسان کي ڪهڙي گھڙيءَ ۽ ڪهڙي سانچي ۾ گھَڙيو هوندو. شايد سَروَشڪتي مان ڪاڪي ڪوڏومل کي گھَڙَڻَ کان پوءِ اُهو سانچو ئي ڀڃي ڇڏيو هوندو.
    ڪاڪي ڪوڏومل جي ڪهاڻي لفظن ۾ قيَد ڪرڻ کان ٻاهر آهي. هن جي زندگيءَ جا باب بصر جي تَهـن وانگر هڪ ٻئي مٿان چڙهيل آهن. مان هتي ڪاڪي جي ڪهاڻيءَ جي رُڳو هڪ بابَ کي مختصر ۾ توهان جي اڳيان رکڻ جي اجازت گھُرندس ڇاڪاڻ ته اِئين ته ٿئي جو شروع ڪرڻ کان اڳ ئي توهان هن جي ڪهاڻيءَ جو اَنتُ ڄاڻڻ جي چاهنا ئي ڇڏي ڏيو.
    منهنجي لاءِ ڪاڪي ڪوڏومل جو وَجودُ ان ڏينهن کان شروع ٿيو جنهن ڏينهن مان هن شهر ۾ بدلي ٿي سندس محلي ۾ رهڻ آيو هوس. مُنهن جي اچڻ کان اڳ آفيس جي ساٿين منهنجي لاءِ هيءَ جاءِ مَسواڙ تي وٺي ڇڏي هئي. رات جو گاڏي پهچڻ ڪري مان دير رات جو هن جاءِ ۾ گھڙيو هوس. اُن وقت شايد ئي ڪو پاڙيسري جاڳندو رهيو هوندو. گاڏيءَ جي ٿَڪَ کان بستري تي ليٽندي ئي ننڊ اچي ويئي هُئي ۽ اک تڏهن کُلي جڏهن در تي کڙڪو ٻُڌم. در کولڻ کان اڳ واچ ۾ ٽائيم ڏِٺم، پوڻا ڇَـهـه ٿيا هُئا. ‘هِن وقت ڪيرُ هوندو! شايد منهنجي آفيس جو ڪو ساٿي هوندو جيڪو صبح جي چانهه جو انتظام ڪرڻ آيو هوندو.’ اُٿي در کوليم. هڪ شخص بيٺو هو، عمر اٽڪل 55-60 سال ، اَڇا وَڏا وار، ساڌُن جهڙي اَڇي ڊگھي ڏاڙهي، ڀريل شرير ۽ بدن تي ملٽري ڪوٽ، جنهن جي هيٺ شايد ڪڇي ۽ گنجيءَ کان سواءِ ڪجھه به پاتل ته هوس. ڪوٽ جي کليل بٽڻن مان هڪ ڦاٽل ميري گنجي صاف ڏسڻ ۾ آئي پئي، پر ٽنگون بلڪل اُگھاڙيون هُئس. وات ۾ ڏندڻُ. مونکي ڏِسندي ئي چيائين، ”مسٽر رام، ڪيئن خيريت سان پهچي ويا، رستي تي ڪا تڪليف ته ڪانه ٿِيَوَ؟ ”
    هڪ اجنبيءَ کان پنهنجو نالو ٻُڌي ڪجھه اَچرج لڳو. اڃان سندس سوال جو ڪو جواب ڏيان ان کان اڳ ئي هُن وري چوڻ شروع ڪيو، ”مسٽر، منهنجي بيتڪلفيءَ لاءِ معاف ڪندا. عمر جي لحاظ کان توهان منهنجي پٽ کان به ننڍا آهيو انڪري توهان کي مسٽر رام چوڻ ڪجھه اٽپٽو ٿو لڳي. مان توهان کي رڳو رام ئي چوندس.
    منهنجو نالو ڪوڏومل آهي پر سڀ مونکي ڪاڪو ڪري ڪوٺيِندا
    آهن، توُن به مونکي ڪاڪو چئي سگھين ٿو. مان به هن ئي محلي ۾ ٿورو پرڀرو ننڍي گھِٽيءَ جي آخر ۾ رهندو آهيان. مونکي جڏهن پَتو پيو ته تون نئون هن مَحلي ۾ آيو آهين ته مون پنهنجو اهو فرض سمجھيو ته اچي توکان خيريت پُڇان ۽ جيڪڏهن توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته ان ۾ تنهنجي مدد ڪريان.”
    اُن کان پوءِ پوُرن پندرهن منٽن تائين ڪاڪو ڪوڏومل ڏندڻُ به ڪندو رهيو ۽ منهنجي باري ۾ پڇندو به رهيو. ان ٿوري عرصي ۾ هُن مونکان منهنجي گھر جي ڀاتين، آفيس ۽ آفيس جي ساٿين، دوستن ۽ يارن جي باري ۾ سڀ ڪجھه ڄاڻي ورتو. ائين پئي لڳو ته هوُ مون سان ڪو پهريون دفعو ته ملي رهيو هو پر ڪا پُراڻي سُڃاڻپ هُئس. منهنجي باري ۾ هن کي گھڻيون ڳالهيون اڳ ۾ ئي معلوم هيون جن کي ٻُڌي مونکي عجب لڳو ته کيس انهن ڳالهين جو ڪٿان پتو پيو. پندرهن منٽن کان پوءِ وات جو ڏندڻُ اُتي ئي ڦٽو ڪندي هُن پاڻي گھري منهن ڌوتو ۽ ٽوال گھري چڱي طرح هٿ- ٻاتهون ۽ مُنهن اُگھيو. اُن کان پوءِ هُن چَوَڻُ شروع ڪيو :
    ” اڙي! مان ته ڀُلجي ويس ته تون اڃان هاڻي ننڊ مان اُٿيو آهين ۽ شايد حاجت مان به فارغ ته ٿيو آهين. چانهه اڳ ۾ پيئندو آهين يا برش ڪرڻ کان پوءِ پيئڻ جو عادي آهين ؟ چانهه گھر ۾ ئي ٺاهڻ جو انتظام ڪيو اٿيئي يا هوٽل تي هلي پيئڻ چاهيندين ؟ مان به ڪهڙو ته موُرک آهيان توکي اجايو پندرهن منٽن تائين ڳالهين ۾ مشغول رکيم. خير، هاڻي ٻُڌاءِ، تنهنجي چانهه جو ڪهڙو اِنتظام ڪجي؟”
    جواب ڏنومانس،”چانهه ته مان حاجت ن کان فارغ ٿي پوءِ پيئندس. مون وٽ چانهه ٺاهڻ جو پوُرو انتظام آهي. رُڳو کير جي ضرورت پوندي . ڇا ڪٿان کيرُ ملي سَگھندو؟”
    ڪاڪي چَيو،”کير ته ڇا توکي جيڪڏهن گانءِ يا ميتهن به کپي ته ان جو به انتظام ٿي ويندو. تون مونکي گلاس ۽ پيَسا ڏي ته مان ٿو توکي کير آڻي ڏيان.”
    مون ڪاڪي کي پنجين روپيه جو نوٽ ۽ گلاس ڏنو. ڪاڪو هليو ويو ۽ مان پنهنجن حاجت ن کان فارغ ٿيڻ ۾ لڳي ويس. ٿوري دير ۾ فارغ ٿي اڃان اندر گھڙيس مس جو رنڌڻي مان اسٽووَ جو آواز ٻُڌي عجب لڳو. اَندر وڃي ڏِسان ته ڪاڪو ويٺو چانهه ٺاهي ۽ ڀرسان هڪ پليٽ ۾ بسڪيٽ پڻ پيا هُئا. بسڪيٽ ڏسي وائڙو ٿيس ته اهي ڪٿان آيا، گھر ۾ ته هُئا ڪون. بسڪيٽن ڏانهن نهاريندو ڏسي ڪاڪي چيو، ”رام، صبوح نيراڻي چانهه پيئڻ نُـقـصانڪار ٿيندي آهي انڪري مان بسڪيٽ پڻ وٺي آيس. وٺ چانهه به تيار ٿي ويئي آهي.”
    ائين چئي چانهه جو ڪوپ کڻي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين ۽
    پاڻ کير وارو اهو گلاس چانهه سان ڀري پيئڻ لڳو. چانهه پيئندي -
    پيئندي چوڻ شروع ڪيائين، ” اَڄڪلهه ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي. پَيسا ڏيڻ سان به ڪا شيءِ نٿي ملي . هوٽل واري کير ڏيڻ کان انڪار ڪيو. بسڪيٽ به انڪري ورتامانس ته من ڪو قياس پويس. پنج گھر گھُمڻ کان پوءِ مس - مس ڇهين گھر مان کير چُڪڙي ملي . خير سڀاڻي کان مان تنهنجي لاءِ کير جو پڪو انتظام ڪري ڇڏيندس. روز - روز ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ مونکان ته پُڄندو. توکي به هاڻي آفيس جي تياري ڪرڻي هوندي انڪري هلان ٿو. شام جو وري ايندوسانءِ. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ضرورت پويئي ته حجاب ته ڪج. پاڙي ۾ ڪنهن ٻار کان به گھر پڇندين ته ٻُڌائيندُءِ.”
    ائين چئي چانهه جو خالي گلاس اُتي ئي رکي ڪاڪو رمندو رهيو. ڪاڪي جي وڃڻ کانپوءِ جان کڻي ڏسان ته پليٽ ۾ هڪ به بِـسڪيٽ ته هو. مونکي چِٽيءَ طرح ياد هو ته مون ته رڳو ٻه بسڪيٽ کاڌا هئا. ته ڇا، ڪاڪو پورو پئڪيٽ چٽ ڪري ويو هو! اَڃان ان سوچَ ۾ هوس ته ٻاهران ڪنهن جي سڏڻ جو آواز آيو. ٻاهر نڪري ڏٺم سڏڻ وارو وچولي عمر جو هڪ مڙد هو. مونکي ڏسي هن چوڻ شروع ڪيو، ”مان توهانجو پاڙيسري ڀڳوان آهيان. توهان جي جنهن دوست توهان لاءِ هيءَ جڳهه مسواڙ تي ورتي هئي ان مونکي توهان جي پارت ڪري ڇڏي هئي. مان ته صبوح جو ئي اچڻ وارو هوس پر ڪاڪي جو آواز ٻُڌي ڪونه آيس. هينئر کيس ويندو ڏسي، آيو آهيان. توهان ڪاڪي کان هوشيار رهجو. هڪ دفعو توهان هن کي مُنهن لڳايو ته پوءِ زندگي ڀر توهان جي پچر ته ڇڏيندو. هڪ دفعو جيڪڏهن توهان هن کي کائڻ لاءِ ڪجھه ڏنو ته پڪ سمجھجو ته ڪاڪو روز ان وقت توهان وٽ حاضر هوندو. پئسن جي ڏي وٺ ته ڪڏهن ڀُلجي به ته ڪجوس. هو پڪو چچڙ آهي. هن محلي ۾ ماڻهو سِلهه ۽ ڪئنسر کان به ايترو پري ته ڀڄندا آهن جيترو ڪاڪي کان! خير هتي رهندوَ ته ڪاڪي جون ڳالهيون هر ڪنهن کان توهان کي ٻڌڻ لاءِ ملنديون. مان توهانکي چانهه ٺاهرائي موڪليان ٿو. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هُجي ته رُڳو در تي بيهي آواز ڏجو، گھر مان ڪو نه ڪو اَچي توهان کان پُڇندو.”
    مون چيومانس، ”مسٽر ڀڳوان، توهان جا شڪرانه . چانهه ته مون پي ڇڏي آهي، سو ان لاءِ تڪليف نه ڪجو. هن وقت ته ٻي ڪنهن شيءِ جي به درڪار ڪانه آهي. جيڪڏهن ضرورت پيئي ته ضرور توهان کي تڪليف ڏيندس.”
    ڀڳوان اچرج مان چيو، ” توهان چانهه پي ڇڏي آهي! ڪٿي اِئين ته ناهي ته ڪاڪي اچڻ سان ئي توهان تي جادو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ سمجھجو ته ڪاڪو هن کان پوءِ روز صبوح جو چانهه توهان وٽ ئي پيئندو.”
    سچ پچ ڀڳوان جي چوڻ مطابق روز صبوح جو اُٿڻ سان ئي ڪاڪي جو درشن ٿيڻ لڳو. صبوح جو در کولڻ سان ئي وات ۾ ڏندڻ ۽ خالي بدن. رڳو ڪڇي مٿان ملٽري اووَر ڪوٽ پاتل ڪاڪو در جي ٻاهران حاضر هوندو هو. هو ڏندڻ ڪري اُتي ئي چانهه ٺاهي مون سان گڏ پاڻ به پيئندو هو. منهنجي چانهه ۾ کير گھٽ ۽ هنجي ۾ وڌيڪ ئي رهندو هو. گھڻا ئي دفعا سوچيم ته سڌو جواب ڏيانس پر اَلائي ڪهڙي شڪتي مونکي ائين ڪرڻ کان روڪيندي هئي.
    ڪاڪو رِوينيوُ کاتي ۾ انسپيڪٽر هو. نوڪريءَ جي مَهِني ۾ اڪثر ٻاهر دؤري تي رهندو هو. مهِيني ۾ اٺ - ڏهه ڏينهن ئي هو هيڊ ڪوارٽر تي رهندو هو. دؤري تي سندس کاڌي جو انتظام ته هميشهه ڳوٺاڻا يا پٽواري ڪندا هئا پر هيڊ ڪوارٽر تي کيس پنهنجي کاڌي جو انتظام پاڻ ڪرڻو پوندو هو. هُن ان جو سولو طريقو ڳولهي ڪڍيو هو. روٽيءَ جي وقتِ هوُ ڪنهن نه ڪنهن جي گھر پهچي ويندو هو . اڄ هِتي ته سڀاڻي هُتي، منجھند جو هڪ وٽ ته رات جو ٻئي وٽ. منهنجي اَچڻ کانپوءِ سندس صبوح جي چانهه ۽ ناشتي جو پڪو انتظام ٿي ويو هو باقي ٻن ويلن تي هو بن بُلائي ڪنهن نه ڪنهن وٽ حاضر ٿي ويندو هو. ماڻهو به پنهنجي جند جلد ڇڏائڻ خاطر کيس جلدُ بِجلدُ روٽي کارائي ڪڍندا هئا. ڪن ماڻهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن کيس ڪنهن وٽ روٽي کائڻ لاءِ ته ملندي هئي ته هو بکيو رهندوهو پر پنهنجي کيسي مان ٻه ڏوڪڙ ڪڍي هن ڪڏهن ڀُڳڙا وٺي به نه کاڌا. ائين ته ماڻهن جي ڄاڻ مطابق ڪاڪي جو پنهنجو هڪ ڪٽنب پڻ هو پر هو ٻئي شهر ۾ رهندا هئا ۽ ڪڏهن به ڪاڪي سان ملڻ ان شهر ۾ ڪون آيا هئا. هڪ ماڻهو جيڪو ڪاڪي کي چڱي طرح سڃاڻندو هو، اُن ماڻهن کي ٻڌايو هو ته ڪاڪي کي چار پٽ آهن. سڀ کان وڏو ڊاڪٽر هو ۽ پرڻيل پڻ، ٻيو نمبر ملٽري ۾ ميجر هو جنهن جو ڏنل اهو اوور ڪوٽ ڪاڪو هميشهه پائي گھُمندو هو. ٽيون نمبر هڪ پرائييٽ فرم ۾ مئنيجر هو ۽ چوٿون انجينيئرنگ جي آخرين سال ۾ سکيا وٺي رهيو هو. ڪاڪي جي زال پنهنجن پُٽن سان ئي رهڻ پسند ڪندي هئي. پاڙي وارن ٻڌايو ته ڪاڪو پنج سال اڳ بدلي ٿي هن شهر ۾ آيو هو. انهن پنجن سالن ۾ ڪاڪي جي ڪٽنب مان ڪو به ڀاتي ساڻس ملڻ لاءِ نه آيو هو. ڪاڪو پاڻ اوڏانهن ڪڏهن ويو هو ان جي ڄاڻ ڪنهن کي به نه هُئي ڇاڪاڻ ته هڪ ته ڪاڪو اڪثر گھر کان ٻاهر دؤري تي رهندو هو ۽ ٻيو پنهنجي ڪٽنب جي باري ۾ هن ڪڏهن به ڪنهن کي ڪونه ٻڌايو هو.
    ڪاڪي کي ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي کيسي مان هڪ پئسو به خرچ ڪندي ڪونه ڏٺو هو. هو پنهنجي پگھار جو ڇا ڪندو هو، ان جي ڄاڻ ڪنهن کي به نه هئي. پاڙي ۾ ته ڇڏ، سڄي شهر ۾ به ڪنهن جي به گھر ۾ خوشيءَ يا غميءَ جو ڪو موقعو بڻجي ته ڪاڪو بن بُلائي هردم اُتي حاضر رهندو هو. اهڙن موقعن تي ماڻهن کي به سندس ياد ضرور ايندي هئي ڇاڪاڻ ته ڪاڪو خوب ڪم ڪندو هو، پوءِ اهو ڪهڙو به هُجي. اهڙن موقعن تي ڪاڪي کي پنهنجي کاڌي جي انتظام ڪرڻ جو فڪر نه هوندو هو. اهڙن موقعن تي ڪاڪو ڪهڙو به ننڍي مان ننڍو ڪم ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو. رانڌو اڃان نه آيو آهي- ڪاڪو کُرپو- ڇاڻوکڻي رانڌي جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار. بجليءَ وارو نه آيو آهي يا فيوز اُڏامي ويو- بس ڪاڪي کي پيچڪش، پَڪڙ ۽ ڪجھه پراڻيون تاروُن ڏيوس، هوُ ان ۾ رُنڀي ويندو. ايتري قدر جو اگر مزور ڪونه آيو آهي ته هو پاڻ ڳؤري کان ڳؤرو سامان پڻ ڪُلهي تي رکي هيڏانهن کان هوڏانهن رکڻ لاءِ به تيار هوندو هو. ٻُهاري پائڻ ۾ به کيس ڪو شرم محسوس نه ٿيندو هو. پاڙي جو ڪو ماڻهو اسپتال ۾ هُجي ته ڪاڪو رات ڀر اُن جي سيرانڌيءَ کان ويهي سندس پرگھور لهندو هو. توهان رُڳو هُن جي کاڌي جو اِنتظام ڪرڻ جي ذميواري پاڻ تي کڻو، باقي توهان جون ٻيون سڀ ذميواريون هو پاڻ تي کڻڻ لاءِ تيار هوندو هو.
    اَهڙو هو ڪاڪو ڪوڏومل، جنهن جي خلاف مونکي پاڙي جي هر اِنسان آگاهه ڪيو هو. پر ان جي الٽو جيئن -جيئن وقت گذرندو ويو مونکي هن جي شخصيت ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪشش محسوس ٿيڻ لڳي هئي. هن پنهنجي باري ۾ ڪڏهن به مونکي ڪجھه نه ٻڌايو هو، پر پاڙي جي هر گھر بابت کيس هر هڪ ڄاڻ هوندي هئي. هو ڌيري-ڌيري منهنجي ويجھو ايندو ويو، ايتري قدر جو جڏهن مون نؤڪر کان گھر ۾ ئي روٽي ٺاهرائڻ شروع ڪئي ته هو اڪثر مون وٽ ئي روٽي کائيندو هو.
    هڪ ڏينهن ڪاڪي کي آفيس ۾ اوچتو دل جو دؤرو پيو. اُتان ئي کيس آفيس وارا اسپتال کڻائي ويا جتي کيس ڀرتي ڪيو ويو. آفيس جي ڪنهن ماڻهوءَ سندس ڊاڪٽر پُٽ کي تار رستي ان ڳالهه جي سوچنا ڏني. شام جو گھر موٽڻ کان پوءِ جڏهن مونکي ڪاڪي جي بيماريءَ جي ڄاڻ ملي ته مان هڪدم اسپتال ويس پر اُتي ڪاڪي جي سار سنڀال وارو ڪو به نه هو. ايتري قدر جو سندس آفيس جو به ڪو ماڻهو اُتي ته مليو. ڪاڪو ان وقت تائين اَڃان بيهوش هو. مون اُها پوري رات اُتي اسپتال ۾ ئي گذاري. هونءَ ته منهنجي اُتي رهڻ جي ڪا ضرورت نه هئي ڇاڪاڻ ڪاڪو ته بيهوش هو ۽ ڊاڪٽر ۽ نرسيون اتي مؤجود هيون. پر الائي ڇو مان اُتي ئي ويٺو رهيس. صبوح جو ڪاڪي جو ڊاڪٽر پُٽ ۽ سندس ماءُ ٽئڪسيءَ ۾ اُتي آيا. هُنن کي آيل ڏِسي مونکي ڪجھه عجب ته ضرور لڳو پر آٿت پڻ مليو. ڪاڪي کي مهينو کن اسپتال ۾ رهڻو پيو. اسپتال ۾ جڏهن ڪاڪي کي پهريائين هوش آيو ته پنهنجي زال ۽ پُٽ کي ڏسي کيس ڪا خوشي ڪين ٿي اُلٽو ڏاڍو غصّو آيس. جڏهن کيس خبر پيئي ته آفيس جي هڪ ساٿيءَ تار رستي کين سندس بيماريءَ جي خبر ڏني هئي ته هو ان تي به ڏاڍو اچي ڏمريو هو ته هو ڪيرُ ٿيندو آهي هن جي ڪٽنب کي تار ڪرڻ وارو. اجايو هنن کي ٽئڪسيءَ رستي ايڏو خرچ ڪري اچڻو پيو. جيڪڏهن هو مري به وڃي ها ته به آفيس وارن جو ڪهڙو خرچ ٿئي ها. سندس بيمار پوڻ تي پاڙي مان ڪنهن به اچي سندس باري ۾ ڪجھه پڇيو به ته هو اهو پتو پَوڻ تي به ڪاڪي کي ان جو ڪجھه ڏک ٿيو هجي اهڙو احساس هن ڪڏهن ٿيڻ ڪونه ڏنو. ها، باقي مونکي اسپتال ۾ ڏسي کيس ته رڳو خوشي ٿي هُئي پر هن ان جو اظهار به گھڻن ئي طريقن سان ڪيو. اسپتال مان ٺيڪ ٿي گھر اچڻ کان اڳ ئي هن پنهنجي پٽ ۽ زال کي اهو چئي واپس موڪلي ڇڏيو هو ته هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ کيس سندن ڪا ضرورت نه آهي. باقي رهيو آرام ڪرڻ جو سوال، ته اهو موقعو ته کيس سندن وڃڻ کانپوءِ ئي ملي سگھندو.
    اسپتال مان گھر موٽڻ وقت ڊاڪٽرن ڪاڪي کي پنهنجي صحت ۽ کاڌي پيِتي تي پورو ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏني هُئي. پر ڪاڪو ڪٿي مڃڻ وارو هو. اسپتال کان موٽڻ کان پوءِ هُن پهرين وانگر ئي زندگي گُـذارڻ شروع ڪئي. ته آفيس جي دؤرن ۾ هن ڪا ڪمي ڪئي ۽ نڪو کائڻ پيئڻ ۾ ڪا پرهيز. مونکي ته ائين احساس ٿيندو هو ڄڻ هو پاڻ کي اڳي کان به وڌيڪ مشغول رکڻ چاهيندو هو. اهڙي نموني ٻه سال ٻيا به گذري ويا. منهنجي بدلي پڻ ان شهر مان ٿي ويئي.
    هِن شهر ۾ اچي مان ڪاڪي کي بلڪل ڀُلائي ويٺو هوس. هڪ ڏينهن رستي تي اوچتو ئي اوچتو پاڙيسري ڀڳوان سان ملاقات ٿي. مان هن کان ڪجھه پُڇان ئي پُڇان ان کان اڳ هُن ئي ٻُڌائي ڇڏيو ته ڪاڪو به نوڪريءَ کان رٽائر ٿي اُهو شهر ڇڏي هليو ويو آهي. ڪيڏانهن ويو ان جي ڪنهن کي ڄاڻ ته هئي پر هڪ ڳالهه جي پڪ هئي ته هو موٽي پنهنجن ڪُٽنبيُن ڏانهن نه ويو هوندو.
    اِن ڳالهه کي گذرئي اٽڪل چار سال ٿي ويا آهن. اَڄ پوسٽ رستي هڪ لفافو مليو اَٿم. ان لفافي ۾ پيل ڪاغذ تي لکيل مضمونَ ڪاڪي جي ياد کي تازو ڪري ڇڏيو آهي. اتي ڪاڪي جو هڪ نئون روُپ پڻ منهنجي سامهوُن ظاهر ٿيو آهي، ڪاڪي جي اُن روپ کان بلڪل جُدا آهي جيڪو موُن ۽ ٻين ڏٺو هو، لفافي جو مضمون ڪجھه هن ريت آهي :
    مسٽر رام،
    هيءَ چٺي پائي توهانکي ضرور عجب لڳندو. ٿي سگھي ٿو ته توهان ائين سمجھو ته اسانجي سنسٿا توهان کان ڪنهن چندي وغيره جي گھُرَ ڪري رهي آهي. پر اسان جي اهڙي ڪا منشا ڪانه آهي. هيءَ چٺي اسان پنهنجي سنسٿا جي هڪ مکيه بانيڪار جي آخرين اِڇا مُطابق لکي رهيا آهيون. اَسانجي سنسٿا جو مکيه اُديش غريب ۽ گھرجائو ڪنيائن ۽ وڌوائن جي تعليم ۽ ناري سکيا جو بندوبست ڪرڻ ۽ انهن جون شاديون ڪرائڻ جو آهي. ان لاءِ اسان کي گھڻن ئي دانويرن کان چندو ۽ مالي مدد ملندي رهندي آهي. هن سنسٿا جو پايو وجھندڙ هڪ رواجي اِنسان هو جنهن پنهنجي تن، من ۽ ڌن سان هن سنسٿا کي وڌايو، ويجھايو. ايتري قدر جو هن ڪڏهن به سنسٿا جو هڪ پئسو به پاڻ تي خرچ نه ڪيو، الٽو پنهنجي سڄي ڪمائي هوُ هن سنسٿا کي دان ڪندو هو. اَسانجو اهو هر دل عزيز بانيڪار هو ڪاڪو ڪوڏومل جيڪو پوين سترهن سالن کان ته رُڳو ٻِـيَن کان چندا وٺي اسانکي پيسا موڪليندو هو پر هر مهيني پنهنجي پوري پگھار به غريب ۽ بي سَهارا ڇوڪرين ۽ وڌوائن جي تعليم يا شادين لاءِ دان ڪندو رهندو هو. هوُ پنهنجو گذر بسر ڪيئن ڪندو هو اها رڳو کيس خبر هئي، پر هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته هن ڪڏهن سنسٿا لاءِ مليل دان مان هڪ پئسو به پاڻ لاءِ خرچ نه ڪيو هوندو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ کيس مليل پوُري رقم هن سنسٿا کي هڪ شرط سان دان ۾ ڏني ته اها رقم سالم رکي، ان رقم مان ملندڙ وياجُ ئي خرچ ڪيو وڃي. ڪاڪي ڪوڏومل جو سرڳواس ٻه ڏينهن اڳ ٿيو ۽ مرڻ کان اڳ هو توهان کي پنهنجو عيوضي ۽ ٽرسٽي نامينيٽ ڪري ويا آهن، انڪري هيءَ چٺي توهان کي اطلاع ڏيڻ لاءِ موڪلي ٿي وڃي. اڳتي ڪاڪي ڪوڏومل جي مرضيءَ مطابق توهان کي هر مهيني ملندڙ وياج جي ڄاڻ ۽ گھرجائو ڪنيائن ۽ وڌوائن جي باري ۾ پوري ڄاڻ موڪلي ويندي. اميد ٿا ڪريون ته ڪاڪي ڪوڏومل جي وصيت مطابق توهان اسانکي پنهنجن راين کان واقف ڪندا رهندا جيئن اسان مليل رقم اُن نموني خرچ ڪري سگھوُن ۽ ڪاڪي ڪوڏومل جي ٻاريل هن ڏيئي کي ٻرندڙ رکي سگھوُن.


    استعيفا

    شانتي سامهون پين پني کي ڏسي رهي هئي ۽ سوچي رهي هئي ته کيس هاڻي ڇا ڪرڻ کپي. هن ماءُ کي اڃان ٻڌايو ڪونه هو ته نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي اَٿائين. ٻن ڏينهن کان هوءَ بيماريءَ جو بهانو ڪري گھر ويٺي هئي ۽ آفيس ۾ پڻ بيماريءَ جي موڪل جي درخواست موڪلي هئائين. پر آفيس مان اڄ هي آرڊر آيو هوس ته جيڪڏهن هوءَ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڊيوٽيءَ تي نه آئي ته سندس خلاف سخت قدم کنيو ويندو.
    آفيس سندس خلاف ڪو به سخت قدم ڇو نه کڻي، چاهي سندس نوڪري به ڇو نه ختم ڪئي وڃي پر کيس ان ڳالهه جي ڪا پرواهه نه هُئي ڇاڪاڻ ته هن اهو ته پڪو پهه پچائي ڇڏيو هو ته هاڻي هوءَ ان آفيس ۾ نوڪري نه ڪندي. هنکي رڳو اهو فڪر هو ته هاڻي کيس پنهنجي ماءُ کي نه رڳو استعيفا ڏيڻ بابت پر استعيفا ڏيڻ پُٺيان جيڪي سبب آهن انهن باري ۾ به کولي ٻڌائڻو پوندو.
    شانتيءَ کي ياد هو ته ٽي ڏينهن اڳ جڏهن آفيس جي چيف مئنيجر جي سڏ تي سندس چئنبر ۾ گھِڙي مَس هُئي ته چيف مئنيجر مسٽر ميراڻيءَ ڪجھه ناراض ٿيندي چيو هوس، ”هي ڇا آهي مِس شانتي؟ ٻِن ڏينهن کان پوءِ جنرل مئنيجر اَچڻو آهي ۽ توهان اوور ٽائيم ڪرڻ کان اِنڪار ڪري رهيا آهيو؟“
    شانتيءَ جواب ڏنو هوس،”سر، مان آفيس ٽائيم ۾ ئي اوترو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته پوءِ آفيس ٽائيم کان پوءِ رُڪڻ لاءِ ڇو ٿو زور ڀريو وڃي. آفيس ٽائيم کان پوءِ ويهي مان ڪم ڪري نه سگھنديس.“
    مسٽر ميراڻيءَ غصي ٿيندي چيو هوس،”مِس شانتي، قاعدي انوسارآفيس ٽائيم کان پوءِ ويهي ڪم ڪرڻ لاءِ توهان ٻَڌَل آهيو. توهان جي ان نموني جو اِنڪار قاعده خلافي آهي جنهن لاءِ توهان جي خلاف قدم به کڻي سگھجي ٿو. انڪري منهنجي اها صلاح آهي ته اهڙو ڪجھه ته ڪريو جنهن مان توهان کي نقصان رَسي.“
    تنهن تي شانتيءَ جواب ڏنوهوس، ”توهانکي الائي خبر آهي يا نه، پر مان آفيس ٽائيم ۾ به ٻين کان وڌيڪ ڪم ڪندي آهيان. مان نه ڪڏهن پنهنجي جڳهه تان اُٿندي آهيان ۽ نه اجايو ٽائيم وڃائيندي آهيان. مان آهيان ته رڳو هڪ ٽائيپسٽ پر مونکي ٽائيپ ڪرڻ کان سواءِ ٻيا به گھڻا ئي ڪم ڏنا ويا آهن جيڪي سڀ بَخوبي ڪندي آهيان. ايتري قدر جو اِسٽينو مِس چاولا جي غير حاضريءَ ۾ مان اُن جو ڪمُ به ڪندي آهيان ۽ سڀني جي ڊڪٽيشن وغيره به وٺندي آهيان جنهن لاءِ مونکي نه ڪڏهن ڪو معاوضو ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي مون ان جي ڪا گھُر ڪئي آهي. پر منهنجون ڪي مجبوُريون آهن جنهن ڪري مان اووَر ٽائيم ڪرڻ نٿي چاهيان.“
    مسٽر ميراڻيءَ ڪجھه تيز نموني سان چيو هوس، ”مِس شانتي، مونکي اِهو ڄاڻڻ جي نه ڪا ضرورت آهي ۽ نه فرصت ته تون آفيس ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪندي آهين. آفيس توکي اَٺ ڪلاڪَ ڪم ڪرڻ لاءِ پگھار ڏيندي آهي ۽ توُن اَٺ ڪلاڪَ ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيِن. باقي رهيو سوال آفيس کان پوءِ ڪم ڪرڻ جو، سو ان لاءِ توکي قاعدي مطابق اووَرٽائيم ڏنو ويندو. تنهنجي اَهڙي ڪهڙي مجبوري آهي جو توُن اووَر ٽائيم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهين؟ ڇا بيمار آهيِن يا گھر ۾ ٻيو ڪو بيمار اَٿئي. جيڪڏهن آفيس مان دير سان موٽڻ ۾ توکي ڪا تڪليف ٿيندي هُجي ته آفيس جي ڪار ۾ توکي گھر ڇڏي اَچڻ جو بندوبست به ڪري سگھجي ٿو.“
    شانتيءَ سانتيڪي آواز ۾ وَرندي ڏني هئي، ”سر، جيئن هينئر توهان چيو ته آفيس ۾ ڇا ٿو وَهي واپري ان ڄاڻڻ جي نه توهان کي فرصت آهي ۽ نه ضرورت، انڪري مان پنهنجون مجبوريون ٻڌائي توهان جي ان اصول کي ٽوڙڻ جي گستاخي نه ڪنديس. توهان لاءِ بس ايترو ڄاڻڻ ضروري آهي ته مان مجبور آهيان. مان اووَر ٽائيم ڪانه ڪنديس.“
    شانتيءَ جو جواب ٻُڌي مسٽر ميراڻيءَ جو پارو هڪدم چڙهي ويو. گجندڙ آواز ۾ چيائينس، ”مِس شانتي، جيڪڏهن اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي ته پوءِ مونکي تنهنجي خلاف ڪو قدم کڻڻو ئي پوندو. مون نٿي چاهيو ته تنهنجو ڪو نقصان ٿئي. پر هاڻي ته مونکي ڪاروائي ڪرڻي ئي پوندي. مونکي رپورٽ ڏني ويئي آهي ته هن کان اڳ به ٻه دفعا تو اووَر ٽائيم ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو آهي. مان آفيس ۾ ڪا به قاعده خلافي برداشت نه ڪندس. تون هاڻي وڃي سگھين ٿي.“
    چيف مئنيجر جي ڪمري مان موٽي شانتي پنهنجي ڪرسيءَ تي اَچي ويٺي هئي. ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ هن ٽائيپ رائيٽر ۾ پنو وجھي پنهنجي استعيفا جو هڪ مهيني جو نوٽيس ٽائيپ ڪيو هو ۽ ان تي صحيح ڪري لفافي ۾ بند ڪري هن اهو پٽيوالي جي معرفت مسٽر ميراڻيءَ کي موڪلي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ٻن ڏينهن کان بيماريءَ جو بهانو ڪري گھر ويٺي هئي.
    اڄ آفيس جي مئنيجر مسٽر پٽورڌن جي صحيح سان کيس آرڊر ملي و هوته هوءَ ٻئي ڏينهن اَچي ڊيوٽيءَ تي چڙهي نه ته سندس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. شانتيءَ کي پتو هو ته ٻئي ڏينهن ئي سندن جنرل مئنيجر اچڻو هو. انڪري هاڻي اووَر ٽائيم ڪرڻ جو سوال ته رهيو ئي ڪونه هو. ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي سندس حڪم اُدوليءَ لاءِ کيس جنرل مئنيجر جي سامهون پيش ڪيو وڃي ۽ سڀاڻي ئي سندس نوڪري پڻ ختم ڪئي وڃي. پر کيس ان جي ته ڪا به پرواهه ڪانه هئي. هن سوچيو هو ته هوءَ ماءُ کي ڪو موقعو ڏسي نوڪري ڇڏڻ جي باري ۾ ٻُڌائيندي. جيڪڏهن ٻي نوڪري جلد ملي ويئي ته شايد اهڙو موقعو نه به اچي. پر هاڻي ته کيس پنهنجي ماءُ کي هن نوڪريءَ تان اِستعيفا ڏيئي ڇڏڻ بابت ٻُڌائڻو ئي پوندو. کيس پڪو وشواس هو ته ماڻس سڀ ڳالهيون ٻڌي کيس ڪجھه به نه چوندي، پر گھر هلائڻ جي ذميواري ته سندس مٿان ئي هُئي. اَڄ جيڪڏهن گھر ۾ ٻيو به ڪو ڪمائڻ وارو هُجي ها ته شايد هيءَ نوڪري ڪڏهوڪو ڇڏي ڏئي ها. پر وڌوا ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي پالڻ جو بارُ ته سندس مٿان ئي هو. انڪري هن ايترا ڏينهن برداشت پئي ڪيو. پر هاڻي ته ماءُ کي ٻُڌائڻو ئي پوندو. پوءِ وري هن سوچيو ته اَڃان ڪهڙي تڪڙ آهي، اها ڳالهه ته هوءَ سڀاڻي آفيس مان موٽي اچڻ کان پوءِ به ماءُ کي ٻُڌائي سگھي ٿي.
    هوءَ اَڃان اهي ڳالهيون سوچي ئي رهي هُئي ته ماڻس جو آواز آيو، ”شانتي، ڏس، توسان ڪو ملڻ آيو آهي.“
    ملڻ اچڻ واري هڪ ڇوڪري هُئي جنهن کي شانتي سُڃاڻندي ڪانه هئي. ان اَجنبي ڇوڪريءَ نمستي ڪرڻ کان پوءِ چيو، ”مس شانتي، منهنجو نالو رجني آهي. تون مونکي ته سُڃاڻين. تنهنجي آفيس جي سينئر مس چاولا منهنجي واقف آهي، ان ٻڌايو ته تو آفيس مان استعيفا ڏني آهي. جيئن ته مونکي نوڪريءَ جي ضرورت آهي، هُن منهنجي درخواست پڻ آفيس ۾ ڏئي ڇڏي آهي ۽ سڀاڻي مونکي آفيس ۾ انٽرويو لاءِ به سڏايو اٿائوُن. مس چاولا ته آفيس جي ڏاڍي تعريف ٿي ڪئي، پوءِ تو ڇو استعيفا ڏني آهي؟ ڇا ٻي ڪا نوڪري ملي اٿيئي يا وري ڪا ٻي ڳالهه آهي؟ مان ته صرف اهو ڄاڻڻ لاءِ تو وٽ آئي آهيان ته جيڪڏهن مونکي تنهنجي جڳهه تي رکيو وڃي ته ڇا توکي ڪو اعتراض ٿيندو ؟“
    ”توهانکي نوڪري ملي ان ۾ مونکي ڪهڙو اعتراض ٿيندو. مونکي ته پاڻ خوشي ٿيندي ته هڪ گھرجائوءَ کي نوڪري ملي . اِهو برابر آهي ته مون نوڪريءَ تان استعيفا ڏني آهي، پر نه اڃان ان نوٽيس جو مُدو پورو ٿيو آهي ۽ نه ئي ان جي منظوريءَ جي ڄاڻ مونکي ڏني ويئي آهي. مون اها استعيفا ڇو ڏني آهي، اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي جنهن کي ٻُڌائڻ جي مان ڪا ضرورت نٿي سمجھان. ها، مان توهان کي رڳو ايترو ٻُڌائڻ ٿي چاهيان ته نه مونکي ڪا ٻي نوڪري ملي آهي ۽ نه ئي موُن ان لاءِ اڃان ڪا ڪوشش ئي ڪئي آهي. ڪم ڪرڻ وارن لاءِ نوڪريُن جي ڪمي نه آهي. منهنجي استعيفا جو فيصلو معلوم ٿئي ته پوءِ مان ٻي ڪنهن نوڪريءَ جي تلاش شروع ڪنديس. ڪجھه ڏينهن ضرور بيڪار رهڻو پوندو پر عزت سان نوڪري ڪرڻ جي ڪجھه ته قيمت چُڪائڻي پوندي.“
    رَجنيءَ چيس، ”شانتي، تون مونکان ننڍي آهين انڪري جيڪڏهن مان توکي پنهنجي ننڍي ڀيڻ سمجھي ڪجھه پُڇان ته ٻُڌائيندينءَ؟ ”
    ”پُڇو، جيڪڏهن ٻُڌائڻ جَـهِڙي ڳالهه هوُندي ته ضرور ٻُڌائينديس.”
    رجنيءَ پڇيس، ”شانتي، تو هينئر چيو ته عزت سان نؤڪري ڪرڻ جي توکي قيمت چُڪائڻي پوندي. ته ڇا آفيس ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي توکي عزت سان نؤڪري ڪرڻ نٿا ڏين ؟“
    شانتيءَ وَراڻيو، ”معاف ڪجو. جيئن ته توهان مونکي ننڍي ڀيڻ چيو آهي انڪري مان توهانکي ديدي چئي سگھان ٿي. ديدي، ڪُجھه ڳالهيون اهڙيون به ٿينديون آهن جن جي باري ۾ نه ڳالهائڻ ئي ٺيڪ ٿيندو آهي، خاص ڪري اهي ڳالهيون جيڪي ڪو وسارڻ چاهيندو هُجي. مون آفيس مان استعيفا ڏني آهي ۽ مان پنهنجي زندگيءَ جو اِهو بابُ ختم ڪري ان کي وسارڻ ٿي چاهيان. تنهن کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ ڪجھه چئي توهانکي ڪنهن جي خلاف بدگمان ڪرڻ نٿي چاهيان. هر ڇوڪري جيڪا نؤڪري ڪري ٿي ان کي ڪن حالتن سان سمجھوتو ڪرڻو پوندو آهي. مان شايد اَهڙين حالتن سان سمجھوتو نه ڪري سگھيس. جتي مان ناڪامياب رهيس اُتي هرڪو ائين رهندو اهو ته ضروري ناهي. ٿي سگھي ٿو ته توهان جي سامهون اهي حالتون ئي نه بڻجن يا توهان وٽ انهن حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي وڌيڪ شڪتي هُجي.“
    رجنيءَ پُڇيس، ”شانتي، هڪ ڇوڪري هُئڻ جي ناتي، ڇا اهو تنهنجو فرض نه آهي ته تون منهنجي آڏو ايندڙ مشڪلاتن جي باري ۾ کولي ٻُڌائين. مِس چاولا ته ٻڌايو پئي ته آفيس جو چيف مئنيجر هڪ شريف انسان آهي. جيڪڏهن ڪنهن توسان ڪا بدتميزي به ڪئي هُجي ته توکي ضرور پنهنجي آفيسر کي پنهنجي پريشاني ٻُڌائڻ کپي. يا ائين ته ڪونهي ته اُهو ئي شخص رِڍَ جي ويسَ ۾ ڇِپيَلُ بَـگھڙ آهي؟“
    شانتيءَ جواب ڏنس، ”ديدي، مان ڪنهن جي خلاف ڳالهائي توکي برغلائڻ نٿي چاهيان. توکي آگاهه ڪرڻ جي خيال کان رڳو صلاح ڏيڻ چاهينديس، آفيس جي مئنيجر مسٽر سنگهه جي نِيَت ڪُجھه ٺيڪ ناهي. ڇوڪريُن ۾ سندس هِڪَ خاص قسم جو چاهُه رهندو آهي. گاهي بيگاهي کين پنهنجي ڪمري ۾ گھُرائڻ ۽ گھڻي ڪم جو بهانو ڪري آفيس ٽائيم کان پوءِ اڪيلو ويهاري ڦاسائڻ هن جو شغل آهي. جيڪا ڇوڪري سندس مرضيءَ موافق ڪم نه ڪندي آهي ان کي هوُ طرح طرح جون تڪليفون ڏيندو آهي ۽ پنهنجي هَوَسُ جو شڪار بڻجڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. جيڪا سندس خواهش پوري نه ڪندي آهي ان لاءِ هو اهڙيون ته حالتون پئدا ڪندو آهي جو اها يا ته پاڻ ئي نؤڪري ڇڏي وڃي يا ان کي نؤڪريءَ مان ڪڍيو وڃي. باقي سوال رهيو چيف مئنيجر کي ٻُڌائڻ جو، اُهو ته پنهنجي هر زيردست جي سُک دُک جي ڄاڻ رکڻ هر آفيسر جو فرض هئڻ کپي. پر اسانجي چيف مئنيجر کي نه ان ڪم لاءِ ڪا فرصت آهي ۽ نڪو هو ان کي ضروري ٿو سمجھي. هن کي آئي به اڃان ٽي مهنا ئي ته ٿيا آهن. ڏسڻ ۾ ته هو اهڙو نٿو اچي، پر اڳتي هلي ڇا ڪندو ان جي ڪهڙي خبر! پر جڏهن هو پنهنجي آفيس ۾ ٿيندڙ حرڪتن کي ڄاڻڻ ئي نٿو چاهي ته ان مان ڪهڙي اُميد ڪجي ته هو ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھه ڪندو. انڪري مون هن کي ڪجھه ٻُڌائڻ واجب نه سمجھيو. آخر هوُ به ته هڪ مڙد آهي. ضرور هو هڪ مڙد ۽ پنهنجي زيردست آفيسر جو ئي پاسوکڻندو.“
    رجنيءَ اُٿندي چيو، ”مهرباني شانتي، مونکي تنهنجي مئنيجر مسٽر سنگھه کي ٺيڪ ڪرڻ جا گھڻا ئي طريقا ايندا آهن. هونءَ ته مان چاهينديس ته تون آفيس ۾ ئي نوڪري ڪندي رهين، پر جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان توکي نوڪري ڇڏڻي پوي ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ توکي منهنجي مدد جي ضرورت پوي ته وڏي ڀيڻ سمجھي مون وٽ بي حجاب هلي اَچج.“
    اِئين چئي رجني موڪلائي هلي ويئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ شانتيءَ کي ياد آيو ته رجنيءَ مدد جو وعدو ته ڪيو پر هن پنهنجي ائڊريس ته کيس ڏني ئي ڪانه. ڇا هن کي پورو يقين هو ته کيس شانتيءَ واري نوڪري ملندي، انڪري پنهنجي ائڊريس ڏيڻ ضروري نه سمجھيائين. نوڪري ملڻ جي پڪ به هن کي ڇو نه هُجي، مِس چاولا جيڪڏهن شانتيءَ جي جڳهه خالي ٿيڻ کان اڳ ئي ٻن ڏينهن ۾ هن جي انٽرويو جو بندوبست ڪري سگھي ٿي، ته ضرور مسٽر سنگھه ان ۾ خاص دلچسپي ورتي هوندي. پوءِ رجنيءَ کي نوڪري نه ملڻ جو ڪو ڪارڻ ئي نٿو ڏسڻ ۾ اچي.
    ٻئي ڏينهن شانتيءَ ٽائيم تي آفيس پهچي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ مسٽر ميراڻي جنرل مئنيجر سان گڏ آفيس ۾ آيو. جيئن ته جنرل مئنيجر پهريون دفعو ان آفيس ۾ آيو هو انڪري هن هر ڪرمچاريءَ جي سيٽ تي وڃي ملڻ شروع ڪيو ۽ مسٽر ميراڻي هر هڪ سان سندس ملاقات ڪرائيندو رهيو. جنرل مئنيجر به هر هڪ کان ان جي ڪم جي باري ۾ پُڇندو پئي ويو. جڏهن شانتيءَ جو وارو آيو ته مسٽر ميراڻيءَ سندس واقفيت ڪرائيندي چيو، ”سر، هيءَ آهي مس شانتي، هن آفيس جي ٽائيپسٽ، جنهن جي باري ۾ مون توهان کي ٻڌايو هو.“
    جنرل مئنيجر رڳو ”هون“ ڪري اڳتي وڌي ويو. سڀني سان ملاقات ڪري جنرل مئنيجر ۽ مسٽر ميراڻي چيف مئنيجر جي ڪمري ۾ هليا ويا. شانتي پنهنجي ڪم ۾ لڳي رهي. سندس اَنديشو پَڪَ ۾ بدلجي ويو ته ضرور مسٽر ميراڻيءَ جنرل مئنيجر کي سندس خلاف شڪايت ڪئي آهي انڪري سندس پيشي ضرور ٿيندي. ٿوري دير ۾ رجني به آفيس ۾ آئي ۽ بنا ڪنهن هچڪ هوءَ شانتيءَ جي سامهون پيل ڪُرسيءَ تي اچي ويٺي. هوءَ ڪافي خوش نظر ٿي آئي. اچڻ سان هن پني جي هڪ ٽڪريءَ تي پنهنجو نالو لکي، چيف مئنيجر کي ڏيڻ لاءِ پٽيوالي کي ڏنو. ٿوري دير ۾ پٽيوالي اچي رجنيءَ کي اندر وڃڻ لاءِ چيو. رجني شانتيءَ ڏانهن نهاري، مسڪرائيندي اَندر هلي ويئي. ڪلاڪ کن ٿي ويو پر رجني اندران ڪين نڪتي، ان وچ ۾ پٽيوالو چانهه جي ٽري به اندر کڻي ويو. شانتيءَ کي عجب لڳي رهيو هو ته ايتري دير تائين رجنيءَ جو انٽرويو ڇو هلي رهيو آهي. ڇا رجني جنرل مئنيجر جي سفارش تي ئي نوڪريءَ ۾ رکي ٿي وڃي. ضرور ائين ئي هوندو نه ته ڇو رجنيءَ جي هوُندي به چانهه اندر وڃي ها. هاڻي شانتيءَ کي سمجھ ۾آيو ته ڇو ڪالهه رجنيءَ وشواس سان چيو هو ته مسٽر سنگھه کي سڌي ڪرڻ جا طريقا به کيس ايندا آهن. اِئين نه هُجي ها ته رجني ڇو اهڙي خوش ڏسڻ ۾ اَچي ها، سندس چهري تي انٽرويوءَ جو ڊپ ته هئو ئي ڪونه . شانتي اَڃان انهن خيالن ۾ ئي هئي ته پٽيوالي اچي کيس چيو ته جنرل مئنيجر کيس ڪمري ۾ سڏي رهيو آهي. شانتيءَ کي هينئر پورو يقين ٿيو ته سندس نؤڪري هاڻي رڳو ڪجھه پلن جي آهي پر ڏِسِڻو اِهو آهي ته سندس استعيفا منظور ٿي ڪئي وڃي يا کيس ڪڍيو ٿووڃي.
    شانتي چيف مئنيجر جي ڪمري ۾ گھڙي ته ڏٺائين ته مسٽر ميراڻي ۽ جنرل مئنيجر ڪمري ۾ پيل وڏي صوفا تي گڏ ويٺا آهن ۽ پاسي ۾ پيل صوفا تي رجني ويٺي مسڪرائي رهي آهي، ٽتهي جي اڳيان چانهه جا ڪوپ پيا آهن. جنرل مئنيجر جي هٿ ۾ شانتيءَ جي استعيفا پڻ آهي.
    اندر گھِڙندي ئي مسٽر ميراڻيءَ شانتيءَ کي ويهڻ جو اِشارو ڪندي چيو، ”مس شانتي، رجنيءَ سان تون ملي چُڪي آهين ۽ جنرل مئنيجر سان به تنهنجي واقفيت ٿي چُڪي آهي. اسان سڀ تنهنجي باري ۾ ئي ڳالهائي رهيا هئاسين ۽ اسان ڪجھه فيصلا ڪيا آهن جن جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ توکي هت گھرايو ويو آهي. پر پهريائين تون هتان سائيڊ ٽيبل تان ٽري مان پنهنجي لاءِ چانهه جو ڪوپ کڻي ويهُه ته ڳالهايون.“
    شانتي چپ چاپ بيٺي رهي. مسٽر ميراڻيءَ جي ٻيهر چوڻ تي سامهون پيل ڪُرسيءَ تي ويٺي ته، پر هن چانهه جو ڪوپ کڻڻ واجب نه سمجھيو. هوءَ واري- واري سان جنرل مئنيجر، مسٽر ميراڻي ۽ رجنيءَ کي ڏسي رهي هئي ۽ سندن چهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، پر کيس ڪجھه به سمجھه ۾ نٿي آيو. رجني مُسڪرائي رهي هئي. جنرل مئنيجر ڪنڌ هيٺ ڪري شانتيءَ جي استعيفا ڏسي رهيو هو ۽ مسٽر ميراڻيءَ جو چهرو بلڪل گنڀير هو. ٿوري دير رکي مسٽر ميراڻيءَ چوڻ شروع ڪيو-
    ”مس شانتي، مون تنهنجي استيفا پنهنجي رپورٽ سان گڏ وڏي صاحب جي سامهون رکي آهي. اسان ٻنهي جو اهو ويچار نه، پر پڪو فيصلو آهي ته قائدي مطابق تنهنجي استعيفا منظور ڪرڻ ۾ ڪجھه رڪاوٽون آهن، انڪري سٺو اهوئي ٿيندو ته تون پنهنجي استعيفا واپس وٺ.“
    شانتيءَ جواب ڏنو، ”سر، مون پڪو فيصلو ڪيو آهي ته مان هن نوڪريءَ ۾ هلي نه سگھنديس انڪري توهانکي وينتي آهي ته منهنجي استعيفا منظور ڪئي وڃي.“
    مسٽر ميراڻيءَ وراڻيو، ”مس شانتي، جيڪڏهن اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي ۽ توُن زور ٿي ڪرين ته اسانکي تنهنجي استعيفا منظور ڪرڻي ئي پوندي ۽ صاحب به ان راءِ جو آهي ته توُن هن نوڪريءَ ۾ هلي نه سگھندينءَ، انڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته توکي هن نوڪريءَ مان جلد-به - جلد ڇوٽڪارو ملڻ کپي.“
    شانتيءَ اُٿندي چيو، ”سر، توهانجي مهرباني. توهان جڏهن به ، جنهن کي به چوندا، مان پنهنجي چارج اُن کي ڏئي ڇڏينديس.“
    ائين چئي شانتي وڃڻ لڳي ته ميراڻيءَ چوڻ شروع ڪيو، ”مس شانتي، مون اَڃان پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪئي آهي. تنهنجي چارج ڏيارڻ جو اسان جلد انتظام ڪنداسين. پر ان کان اڳه اسانجو پورو فيصلو ته ٻُڌندي وڃُ . جيئن ته مون توکي اڳي ئي ٻڌايو ته وڏي صاحب جو به اهو رايو آهي ته تون ٽائيپسٽ جي پوسٽ تي هلي نه سگھندينءَ، انڪري اسان توکي اسٽينوگرافر جي پوسٽ آڇي رهيا آهيون. مان سمجھان ٿو ته ان ۾ توکي ڪو اعتراض نه هوندو؟“
    شانتيءَ جواب ڏيڻ لاءِ اڃان واتُ کوليو ئي جو ميراڻيءَ اِشاري سان کيس چُپ ڪرائيندي چيو، ”تون ڪجھه چئين، ان کان اڳ مونکي پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي. اِسٽينوگرافر جي پگھار سان گڏ، منهنجي سيڪريٽري هئڻ جي ناتي توکي اسپيشل ڀتو پڻ ملندو. هونءَ ته توکي آفيس ٽائيم کان پوءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي پر مان سمجھان ٿو ته عهدي جي لحاظ کان جيڪڏهن توکي ڪجھه جلد اچڻو پيو يا آفيس ٽائيم کان پوءِ رُڪڻو پيو ته توکي ڪو اعتراض نه رهندو. اهڙن موقعن تي آفيس جي ڪار توکي وٺي ايندي ۽ ڇڏي ايندي. توُن رُڳو چيف مئنيجر جي اَنڊر ئي ڪم ڪندينءَ. هڪُ ٽائيپسٽ به تنهنجي مدد لاءِ تنهنجو زيردست ٿي رهندو. ها هڪ ڳالهه جنهن سان تنهنجو ڪو مطلب ڪونه آهي، پر توکي ان باري ۾ ڄاڻائڻ ضروري آهي، صاحبَ اڄ ئي مسٽر سنگھه کي هڪ ٻي ننڍي برانچ ۾ موڪلڻ جو آرڊر ڪيو آهي. چؤ، مس شانتي! توکي اَسانجا فيصلا منظور آهِن ؟“ شانتي وائڙي ٿي اهي ڳالهيون ٻُڌي رهي هئي، کيس وشواس ئي نه پئي آيو ته هوءَ جيڪو ٻُڌي رهي آهي اهو سچ آهي يا خواب. ڪٿي هن جي من ۾ اُٿندڙ خيال کيس دوکو ته نه ڏيئي رهيا آهن! هن ته سوچيو هو ته کيس نؤڪريءَ مان جواب ملندو، پر هتي ته ڳالهه ئي اُبتڙ لڳي پيئي هُئي. اها اَڻ ٿيڻي ڳالهه ڪهڙي سبب ٿي، اهو سندس سمجھ کان ٻاهر هو. هوءَ اَڃان اهو سوچي ئي رهي هئي ته مسٽر ميراڻيءَ هڪ دفعو وري پنهنجو سوال دهرايو.
    شانتيءَ جواب ڏيندي پڇيو، ”سَر،ته ڇا مِس رجني ئي منهنجي اَنڊر ٽائيپسٽ جو ڪم ڪندي؟“ مسٽر ميراڻيءَ کلندي چيو، ”توکي پنهنجو زيردست چوُنڊڻ جي پوري اختياري رهندي. باقي رهي مس رجني، سو هيءَ مِس نه، پر مِسز رجني ميراڻي آهي.“
    شانتي عجب مان رجنيءَ ڏانهن نهاريو جنهن جي منهن تي هڪ شرارت ڀريل مُرڪ هُئي.*


    ونش خطري ۾

    ننڍپڻ ۾ هڪ بيت پڙهيو هو ”ٻارو اچي ملو هڪ ماڳ، ڳايون چَئِن مُندُن جو راڳ.“ اڄ ان طرز ۾ مونکي ڳائڻ تي دل ٿي رهي آهي- ”يارو اچي ٻُڌو هڪ ڳالهه، خطري ۾ آهي ڇاڱي جو وَنشُ.“ توهان ضرور چوندا ته اها نه آهي ڪا شاعري ۽ نه ڪا تُڪ-بَندي. توهان جو چوڻ سورهن آنا يا سؤ پئسا سچ آهي. پر ڪهڙي اُلوُءَ توهانکي چيو ته مون ڪو شاعر چوائڻ خاطر اِهي فقره ويهي جوڙيا آهن. هن سنسار ۾ شاعرن جي ڪا ڪمي ٿي ويئي آهي جو مان شاعرن جي قطار ۾ بيهڻ جي گستاخي ڪندس ! جيڪڏهن سچ پچ مان شاعر هُجان به ها، ته ڇا رُڳو ڇاڱي جي ونش جو وشيه ئي شاعري ڪرڻ خاطر بچيو هو. مان نڪو شاعر آهيان ۽ نه ئي شاعر ٿيڻ جو ڀوُت مون تي چڙهيل آهي. مان ته هڪ انسان آهيان. هڪ رواجي انسان جنهن ۾ هڪ انسان جا سڀ جذباتَ مؤجود آهن. جيڪڏهن جذبات ۾ اچي مون ڪجھه چيو ته ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته مان شاعر ٿي ويس. اصل ۾ توهان کي ته ڳالهه کي ڳاٽي کان پڪڙڻ گھرجي يعنيٰ اهو پڇڻ گھرجي ته اهو ڇاڱو ڪيرُ آهي ۽ هن جو ونش ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني خطري ۾ پيو آهي. توهان پڇو يا نه پڇو پر مان توهانکي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته ان ۾ ڪو سَسپينس (suspense) آهي ئي ڪونه . ڇاڱو يعنيٰ مان پاڻ، خود، پنڊ ۽ منهنجو ونش انڪري خطري ۾ آهي ڇاڪاڻ ته ڀڳوان کي شايد منهنجي شاديءَ جي ڳالهه سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي ويئي هئي. توهان پڇو، ان کان اَوَل ئي مان ان ڳالهه جو خلاصو ڪري ڇڏيان ته ڇاڱو منهنجو اصل نالو نه آهي. اهو نالو ته مونکي مرحوم ڏاڏيءَ پيار وچان ڏنو هو. ان نالي جو به هڪ داستان آهي جيڪو اڳتي هلي توهانکي ٻڌائيندس. هن وقت توهان لاءِ رڳو ايترو سمجھڻ ضروري آهي ته مان يعنيٰ ڇاڱو ڪيتريون ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ به اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪامياب ويو آهيان ته ڀڳوان هر آدم لاءِ هڪ عدد بيويءَ جو بندوبست سرڳ ۾ ويهي ڪندو آهي پر منهنجي باري ۾ ڀڳوان يا ته ان وقت اها رٿا رٿڻ ڀُلجي ويو يا بنا ڪنهن کي چارج ڏيڻ جي وڏي موڪل تي هليو ويو هو. خيَر، منهنجي شادي نه ٿيندي ڏسي ماڻهن ته ايتري قدر چوڻ شروع ڪيو آهي ته ضرور مون ۾ ئي ڪا گھٽتائي هوندي، ڪا اوُڻائي هوندي. هاڻي هنن کي ڪير سمجھائي ته منهنجي ڪا گھٽتائي نه پر منهنجي وڏتائي ئي منهنجي شادي نه ٿيڻ جو باعث بڻي آهي.جيئن تاڙي ٻِن هٿن سان وڄي سگھندي آهي، اهڙي طرح شاديءَ لاءِ پڻ ٻن جنسن يعنيٰ جنس مونث ۽ جنس مُذڪر جي هئڻ جي ضرورت پوندي آهي. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجي شادي نٿي ٿئي ته ان ۾ مون اڪيلي جو ڪهڙو ڏوهه ! تنهنکان سواءِ ڇهن ڀينرن کان پوءِ جنم وٺڻ لاءِ به ڇا مان ذميوار آهيان. ان وقت فئملي پلاننگ ته هُئي ڪانه. تنهن کان سواءِ پنهنجي ونش هلائڻ جي چڪر ۾ جيڪڏهن بابي هڪ ٻئي پُٺيان ڇهن ڇوڪرين کي جنم ڏنو ته مان ڇا پئي ڪري سگھيس. مون ته ان وقت اَڃان جنم ئي ڪونه ورتو هو. ڇهن ڌيئرن کان پوءِ مونکي پائي بابي اهڙيون ته خوشيون ملهايون ڄڻ ڪو قاروُنَ جو خزانو مليو هوس. اُن وقت کيس ڪهڙو پتو ته سندس ونش، سندس سان نه، ته سندس پٽ سان ته ختم ٿيڻ وارو ئي آهي. منهنجي جنم کان پوءِ مونکي ڏسندي ئي ڏاڏيِ اَمڙ جي وات مان رَڙِ نڪري ويئي هُئي- ”اڙي هي ته ڇاڱو آهي.“ توهان ضرور ان جو ڪارڻ ڄاڻڻ چاهيندا ته ڏاڏيِ اَمڙ مونکي ڏسندي ئي ڪيئن سُڃاتو. ان ۾ راز جي ڪا ڳالهه ڪانهي. منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇهه آڱريوُن ڏسي ئي ڏاڏيِ اَمڙ مونکي ڇاڱو چيو هو. بس ان کان پوءِ امڙ مونکي ڇاڱو ئي چوڻ شروع ڪيو چاهي ٻانڀڻَ ڇٺي ڏسي هزارين ٻيا نالا سجھايا هُئا. اسڪول ۾ ته بابي ڇٺيءَ وارو نالو لکايو پر ڇاڱو نالو اَهڙو چُـهٽيو جيئن ماکيءَ ۾ مک. مٽن مائٽن ته ڪڏهن به ڇاڱي کانسواءِ ٻئي ڪنهن نالي سان ڪونه پُڪاريو پر دوستن يارن کي به ان نالي جي ڄاڻ پيئي ته هنن پڻ ان نالي سان پُڪارڻ شروع ڪيو. هڪ شرارتي دوست، جيڪو ‘ڇ’ کي ‘ش’ چوندو هو تنهن ته چوڻ شروع ڪيو، ”شاڱي کي شهه ڀينر، شهه ئي ويون شيڻن تي، شو شانڱا شوٿو شيڙين شوريُن کي.“ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته شا- معاف ڪندا، ‘ڇا’، اهڙو نالو ڪنهن کان شُٽندو؟ sorry ، ڇُٽندو؟ هاڻي ته توهان سمجھي ويا هوندا ته اها هڪ وڌيڪ آڱر ۽ اهو وڌيڪ پيار ڀريو نالو ئي منهنجي شاديءَ جي راهه ۾ هماليه پربت وانگر اچي بيٺو آهي، جنهن کي پار ڪرڻ منهنجي لاءِ مشڪل ته پر ناممڪن آهي .
    ان کان اڳ توهان جي ذهن ۾ اهو فطور ويهجي وڃي ته منهنجي ان آڱر ۽ نالي جي ڪري منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي شايد ختم ٿي ويون هونديون، مان توهان جو ڀرم مٽائڻ لاءِ رڳو ايترو ٻُڌائڻ ٺيڪ ٿو سمجھان ته هڪ ساڌارڻ ڪنواري ڇوڪري وانگر اَرڙهن سالن لڳندي- لڳندي منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون به شروع ٿي ويون هيون. غم ته رڳو ايترو آهي ته ويڏيءَ تائين پهچندي- پهچندي اُهي اهڙي نموني غاعب ٿي وَيوُن هيون جيئن سمنڊ ۾ لهرون. پوين سترهن سالن ۾ اهڙيون ڳالهيون رَواجي طور وقت به وقت وري به اُٿنديون رهيون آهن، اڳتي وڌيون به آهن پر ڪڏهن به ٻانڀڻ جي منترن ۽ اگنيءَ جي ڦيرن سان ختم ٿيڻ جي اسٽيج تائين نه پهتيون آهن. توهان شايد منهنجي ڳالهه تي وشواس نه ڪندا، پر ڪورٽ وانگر مان هتي پڻ قسم کڻي چئي سگھان ٿو ته اهو سڀ سچ آهي، اٽل سچ آهي ۽ سچ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ته آهي. توهانکي وشواس ڏيارڻ خاطر پنهنجي جيونَ جي شاديءَ جي بابَ مان رُڳو ڪجھه نموُنا توهان جي سامهون رکڻ جي اجازت گھرندس. سڀ کان پهريائين منهنجي سڀ کان وڏي ڀيڻَ سندس ڏيروٽِ لاءِ منهنجي شاديءَ جي ڳالهه چوري. منهنجي بدقسمتيءَ سان ساڳي وقت سڀ کان ننڍي ڀيڻ به پنهنجي نڻان جي آڇ بابي کي ڪئي. ان ڳالهه تي ٻنهي ڀينرن جي وچ ۾ اهڙو ته جھڳڙو ٿيو جهڙو ايران ۽ عراق جي وچ ۾ به نه ٿيو هوندو. ٻنهي هڪ ٻئي جون چوٽيون ته ڪين پٽيون پر هڪ ٻئي جا اتر- پتر ضرور مَئي رکيائون. آخر ۾ بابي وچ ۾ پئي صلح ڪرائيندي فيصلو ڏنو ته منهنجي شادي ٻنهي مان ڪنهن سان به نه ٿيندي. بابي جي ان فيصلي نه رڳو ٻنهي ڀينرن کي پر سڀني ڀينرن کي اهڙو ته ناراض ڪري ڇڏيو جو هاڻي ڪا به ڀيڻ منهنجي شاديءَ ۾ هٿ وجھڻ لاءِ ته تيار ناهي، الٽو جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڳالهه ٺهڻ واري هوندي به آهي تي انکي بگاڙينديون ضرور آهن. ڪاش ! بابو جيڪڏهن ڪو ٻيو فيصلو ڪري ها، ته نه رڳو اڄ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ پيار قائم رهي ها پر هن ڇاڱي جو ونش به قائم هجي ها. بابو جيڪڏهن ٻنهي سان به هڪ مهل شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ها ته وڌ ۾ وڌ ڇا ٿئي ها! ٻن شادين ڪرڻ جي ڏوهه ڪري مونتي مُقدمو هلي ها، سزا ملي ها ۽ قيد ڀوڳڻو پوي ها، پر گھٽ ۾ گھٽ هيئن شادي نه ٿيڻ جا روئڻا ته نه روئڻا پون ها. سزا ڀوڳي جڏهن واپس موٽان ها ته ٻه عدد پتنيون سواگت لاءِ حاضر هُجن ها، پوءِ قيد جا دک ڪنهن کي ياد رهن ها. پر چوندا آهن ته ‘وناش ڪالي وپريت ٻُڌي’- سو جڏهن منهنجي ونش جو وِناش ئي ٿيڻو هو ته بابي جي ٻُڌي وري ڪيئن پئي ٺيڪ رهي سگھي. خيَر، ان کان پوءِ ٻيون به ڪيترون آڇوُن آيون پر نتيجو هميشهه اُهو ، ڌرتيءَ وانگر گول. ڪملا سان ڪورٽشِپ ڪيم پر اهو شِپ ڪِناري تي پهچڻ کان اڳ ئي وڌيڪ آڪڙ جي ڪري ٻڏي ويو. پشپا کي پنجاهه کن پريم پتر لکيم ۽ جواب پڻ مليو، درخواست نامنظور. راڌا کي ريجھائڻ ۽ بينا کي به لائڻ جا جتن ڪيم پر ٻئي مونکي اُلوُ بڻائي ٻين سان شادي ڪري هليون ويون. هيميءَ نالو ٻُڌي هَٿُ رکڻ نه ڏنو. مينا ته مڱڻي جي مُنڊي پڻ قبول ڪئي پر ٻئي ڏينهن ٻُڌايائين ته ڍِلي هُئڻ ڪري اُها مُنڊي ئي ڪٿي ڪِري پيئي. چيومانس، ”پرواهه نه ڪر، هن دفعي اهڙي ته سوڙهي پائيندوسانءِ جو آڱر ڪٽائڻ کان پوءِ به مُنڊي ٻاهر نه نِڪرندي.” جواب ڏنائين، ”دُشينتَ جي مُنڊي به ڪِري پيئي هُئي ۽ اِن ڪري شڪُنتلا کي ڀُلجي ويو هو ۽ سندن ميل تڏهن ئي ٿيو جڏهن اُها مُنڊي کين واپس ملي هئي. سو مينا پڻ ضد تي چڙهي ته شادي ڪرڻ کان اڳه کيس اُها مُنڊي کپي. مينا کي هاڻي ڪير سمجھائي ته ان زماني جي دُشينتَ جي مُنڊي هڪ مڇي يعنيٰ مينَ کان ته واپس ملي ٿي سَگھي پر هن زماني ۾ مينا جي مُنڊي ڪنهن دُشينت کان واپس ملڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. هڪ ٻي به ڇوڪريءَ جي آڇَ آئي، نالو هوس سڀاڳي. مون سوچيو ته ضرور مون لاءِ سڀاڳي ٿيندي انڪري بنا ڏسڻ جي ها ڪيم. پر وچ واري چيو ته ڇوڪري ڏسي فيصلو ڪريان. چيومانس ته سندس ڏٺل آهي ته پوءِ مونکي ڏسڻ جي ڪهڙي ضرورت. چيائين ته پسند اَپني اَپني، خيال اَپنا- اَپنا! آخر مَنُ ماري ڇوڪري ڏِسڻ لاءِ ها ڪيم. ڇوڪري ڏٺم، ڇوڪري ڇا هئي جنسي ڪا ڪنگڪانگ هُئي- ڊيگھه ڇهن فوٽن کان چار اِنچ گھٽ ۽ بدن پنجاهه سالن جي پپر جي وڻ جي ٿڙ کان به ويڪرو. ‘مرتا ڪيا ته ڪرتا’ سو ان لاءِ به هڪدم ها ڪيم. جيتري جلدي مون ها ڪرڻ ۾ ڪئي اوترو جلد هن به پنهنجو فيصلو ٻڌايو. چيائين، ”هن ببلوءَ سان ڪير شادي ڪندو؟” ڪاري ڪرشنا، بنا روپ جي روپا ۽ اڻ پڙهيل وديا کي اعتراض هو منهنجي ان ڇَـهيِن آڱر تي، ته مُنجھيل مايا، بندي بِملا ۽ روئڻي ريکا کي اَمڙ جو ڏنل پيار ڀريو نالو پسند نه پيو. چيومانِ ته مان اها آڱر ڪٽائڻ ۽ نالي بدلائڻ لاءِ تيار آهيان نه جواب مليو پر جيڪو هڪ ڇوڪريءَ خاطر ڀڳوان جي ڏنل آڱر ۽ پيار جي نالي کي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ته اُهو ته ڪجھه به ڪري سگھي ٿو، پنهنجي پتني به ڇڏي سگھي ٿو. هاڻي انهن کي ڪير سمجھائي ته هتي سوال رُڳو هڪ ڇوڪريءَ يا پتنيءَ جو ڪونهي. سوال آهي وَنشَ جو ۽ وَنشَ ملي سگھندو آهي هڪ عدد پتنيءَ جي سهاري. سو، ان کي ڪيئن ۽ ڇو ڇڏيندس. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جڏهن سترهن سالن کان هلندڙ اهي ڪوششون به ڪامياب نه ويون آهن ته اڳتي هلي ڪُجھه ٿيندو ان جي ڪهڙي خاطري ! هاڻي ته توهان کي وشواس ٿي ويو هوندو ته سچ پچ ڇاڱي جو ونش هن وقت خطري ۾ آهي ان کي بچائڻ لاءِ ڀڳوان کي ئي يارهون اَوتار وٺڻو پوندو. پر جيستائين ڀڳوان اَوتار وٺڻ جي سوچي تيسيتائين ته مان ٻُڍو ٿي ويندس. پوءِ ته ڪا ٻُڍي به شاديءَ لاءِ تيار نه ٿيندي. سو يارو توهان ئي ٻڌايو ته ڇاڱي جي ونش کي بچائڻ جو ڪو طريقو توهانکي سُجھي؟ سو سڀ ڪم ڇڏي جُنبي وڃو ترڪيب ڳولهڻ ۾ ۽ جڏهن ڪو اُپاءُ مليوَ ته بنا ڪنهن جھِجھَڪ جي مونکي ٻُڌائجو. مان توهان جي ڪهڙي به صلاح مڃڻ لاءِ تيار آهيان.
    ........
    ترسو، مونکي به هڪ ترڪيب سُجھي آئي آهي، جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض نه هُجي ته مان ڪنهن کي گود وٺي پنهنجي ونش تي آيل خطري کي ٽاري سگھان ٿو. پر ڪنهن پنجين ڏهين سالن جي ٻار کي نه پر سٺ ستر سالن جي ٻڍي کي مان گود وٺڻ چاهيندس جنهن جا گھٽ ۾ گھٽ ويهه پنجويهه ڪمائوُ پُٽ پوٽا هُجن ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان گھٽ ۾ گھٽ ٽن پيڙهين تائين وَنشُ هلڻ جي ته خاطري ٿيندي. ڇا توهانکي اها راءِ پسند نه آهي؟ وڃو، وڃي پنهنجو ڪو ڪم ڪريو. توهانجي لاءِ به پرواهه ڪنهن کي آهي. جيڪڏهن توهان جي صلاح تي هليس ته هردم مونکي اهوئي ڳائڻو پوندو- ”يارو ٻُڌو اچي هڪ ڳالهه، ڇاڱي جو آهي ونش خطري ۾.“ *


    پنج پنکڙيوُن

    ڀوپال، 11-09-1980
    مِس ڪملا،
    چٺي توهانجي ملي . توهانجي همٿ کي داد ڏيڻو پوندو جو هن نموني هڪ اڻڄاڻ کي توهان ائين چٺي لکي آهي. مان توهان سان شامل راءِ آهيان ته اسانجي مائٽن کي ائين اَسانجي شاديءَ جي پڪ ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، خاص ڪري جڏهن نه اسين هڪ ٻئي کي سُڃاڻوُن ۽ نه ئي اَسان هڪ ٻئي کي ڏٺو آهي. مان توهانجي اها ڳالهه به مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته ان نموني جي شاديءَ سان اسان ڪڏهن به سکي نه رهي سگھنداسين ۽ انڪري اسانکي اهڙي نموني جي شاديءَ جو وروڌ ڪرڻ کپي. مان اهو مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيان ته مڙد هئڻ جي ناتي اهو فرض رُڳو منهنجو آهي ته مان اهڙي شاديءَ کان انڪار ڪريان.
    مئڊم، مان توهانکي ياد ڏياريان ته اڄ زماني ۾ زالن ۽ مڙدن جا حق ۽ فرض هڪ جهڙا آهن. انڪري توهان جو به اوترو ئي فرض آهي جيترو منهنجو. جڏهن همٿ ڪري توهان اهڙي چٺي لکي آهي ته هڪ ٻي به همٿ ڏيکاريو ۽ پنهنجي پيءُ کي پنهنجن حقن کان واقف ڪرايو. مان ته پنهنجي ماءُ کي ناراض ڪري نه سگھندس ڇو ته بابي جي سرڳواس ٿيڻ کان پوءِ هن سهسين تڪليفون وٺي مونکي پڙهائي لکائي قابل بڻايو آهي. سو اهڙي امڙ لاءِ مان ڪا به قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ائين ته توهان سان شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونه آهي پر ماءُ جي خوشيءَ خاطر مان ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندس. انڪري جيڪڏهن شاديءَ کان انڪار ڪرڻو ئي آهي ته اهو توهان کي ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجن مائٽن سان صاف صاف ڳالهائڻو پوندو. جيڪڏهن ائين ڪرڻ جي همٿ توهان ۾ نه هجي ته پوءِ اسانکي ٻيو ڪو اُپاءُ سوچڻو پوندو. هن نموني چٺيون لکڻ سان هڪ طرف جتي ڪو اُپاءُ ڳولهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي سگھي ٿو اُتي چٺيون غلط هٿن ۾ به پهچي سگھن ٿيون. منهنجو ويچار آهي ته پاڻ ۾ گڏجي ڪو طريقو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي. جيڪڏهن توهانکي ڪو اعتراض نه هجي ته توهان سڀاڻي شام جو پنجين بجي ڪافي هائوس ۾ اچو ته ان مسئلي جو ڪو حل ڳولهجي. مان توهانجو انتظار ڪندس.
    توهانجو خيَرخواه،
    - پريم
    .....
    ڀوپال، 19-9-1980
    ڪملا،
    نراش من سان اڄ بنا توسان ملڻ جي مونکي موٽڻو پئجي رهيو آهي. پوين ستن ڏينهن ۾ روز پنجين بجي توسان ملڻ جي ڪجھه اهڙي عادت پئجي ويئي آهي جو تنهنجي اڄ نه اچڻ جي نياپي منهنجي دل تي بجلي ڪيرائڻ جي حالت پئدا ڪئي آهي. ائين ته تنهنجي نه اچڻ سان اسانجي مسئلي جو حل ڳولهڻ تي ڪو خاص فرق ڪونه پيو ڇاڪاڻ ته ستن ڏينهن ۾ به اسان پنهنجي پريشانيءَ جو ڪو علاج ڳولهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھياسين. سو اڄ اهو ڪري سگھون ها، ان جي به ڪا پڪ ڪانه هئي. ائين ته اسان جيڪڏهن ايمانداريءَ سان سوچيون ته هنن ستن ڏينهن ۾ اسان پنهنجي مکيه سوال تي ڪڏهن به گنڀيرتا سان ويچار ڪونه ڪيو آهي. جڏهن به اسان ان باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڳالهين ڪجھه اهڙو رخ ورتو جو اسان ٻين ڳالهين تي وڌيڪ ڳالهايو هوندو ۽ پنهنجي مسئلي تي گھٽ. مان ته سمجھان ٿو ته ان جو رڳو هڪ ئي سبب هو ته ڪافي هائوس ۾ اهڙي گنڀير سوال تي ويچار ڪرڻ جو ماحول اصل نه هوندو آهي. انڪري منهنجو سجھاءُ آهي ته هاڻي ڪافي هائوس جي بدران ڪنهن اهڙي جڳهه تي ملڻ کپي جتي اسانکي اهڙو ماحول ملي سگھي. ميونسپل پارڪ ۾ ڦوهاري جي پوئتان واري بند دروازي جي ڀرسان هڪ بينچ پيل آهي جنهن طرف رواجي طرح ڪو به نه هوندو آهي، اُتي اسانجي خيالن ۾ خلل وجھڻ وارو ڪو به نه هوندو، انڪري سڀاڻي مونسان اُتي ملج.
    هن سان گڏ شيڪسپيئر جي هڪ ڪاميڊي موڪلي رهيو آهيان، ٽرئجڊي ته ملي ڪانه انڪري جيڪي مليو اهو توکي ڏيڻ خاطر کڻي آيو هوس. مونکي ته توسان ملڻ نصيب نه ٿيو پر هن ڪتاب کي توسان ملڻ کان ڇو روڪيان انڪري تنهنجي نوڪر هٿان اهو موڪلي رهيو آهيان. تو گراهم گرين جي ڪنهن ڪتاب لاءِ چيو هو اهو به پاڻ سان کڻي اچج. مان ساڳي وقت تنهنجو انتظار ڪندس. ٻُڌاءِ، ايندينءَ ته؟
    توسان ملڻ لاءِ منتظر،
    - پريم
    .....
    ڀوپال، 5-10-1980
    ڪمل،
    توکي شايد وشواس نه به اچي، پر پارڪ جي هيءَ سنسان ڪُنڊ مونکي اڄ کائڻ ٿي اچي ڇو ته مان اڄ هتي بلڪل اڪيلو آهيان. تو ته ڪالهه ئي اڄ نه اچڻ لاءِ ٻڌايو هو ۽ انڪري مونکي اڄ هتي اچڻ ئي ته گھُربو هو. تنهنجي ته اچڻ جي ڄاڻ هوندي به مان هتي اچڻ کان خود کي روڪي نه سگھيس. مون سوچيو هو ته توسان نه سهين تنهنجي ياد ته دل وندرائڻ لاءِ مون وٽ هوندي ئي. پر ٿيو آهي ان کان بلڪل اُلٽو. دل وندرجڻ بدران پاڻ وڌيڪ ويڳاڻي ٿي ويئي آهي. جن پکين جون ٻوليون ڪالهه تائين مٺيون لڳنديون هيون اُهي تو بن اڄ ڪنن جا پڙدا ٿيون ڦاڙين. روزمره وانگر اڄ به اهو ڪوريئڙو بئنچ جي آسپاس چڪر لڳائي رهيو آهي پر ان ڏانهن هڪ- هڪ ڪري ڀُڳڙا ڦٽي ڪرڻ جو چاهُه من ۾ ڪونه آهي. مون ڀڳڙن جو پورو پُـڙو ئي هيٺ پٽ تي رکي ڇڏيو آهي. پر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هو به هڪ- هڪ ڀڳڙو هٿ ڪرڻ جو اهڙو عادي ٿي ويو آهي جو هينئر بنا محنت جي سڀ ڀڳڙا هڪ ئي مهل ملڻ کيس ٺيڪ نٿو لڳي. هو شايد چاهي ٿو ته هڪ- هڪ ڀڳڙو هيڏانهن - هوڏانهن ڦٽو ڪري ڪو هن سان راند ڪري، پر جڏهن منهنجو من ئي ماندو آهي ته پوءِ هن سان ڪيئن راند ڪريان. ٿي سگھي ٿو ته هن کي به تنهنجي هتي نه هجڻ جي ڪمي محسوس ٿيندي هجي، ڇاڪاڻ ته بئنچ تائين اچي هو به مايوس قدمن سان هيڏانهن - هوڏانهن نهاري وري واپس هليو ٿو وڃي. ان ۾ هنجو ڪو ڏوهه ڪونهي ڇو جو هيترن ڏينهن جي عادت کي بدلائڻ هن لاءِ مشڪل هوندو. جڏهن هڪُ جانور به پنهنجي عادت جو ايترو جلد غلام بڻجي ويو آهي ته پوءِ هڪ انسان لاءِ پنهنجي عادت بدلائڻ ته مشڪل ئي آهي. مَنُ اهڙو ته مايوس آهي جو مونکي اهو به ياد ناهي ته اسان ڪڏهن کان هن پارڪ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. پندرهن ڏينهن؟ ويهه ڏينهن؟ مهينو يا ٻه مهينا؟ مان ته اهو به ڀُلجي چُڪو آهيان ته اسانجي هن پارڪ ۾ اچڻ جو مقصد ڪهڙو هو. مونکي ته بس ايتري يادگيري آهي ته تون ۽ مان روز شام جو هتي ملندا هئاسين، ڳالهيون ڪندا هئاسين. ڳالهيون ڪري جڏهن ٿڪبا هئاسين ته چپ چاپ پکين جون مٺيون لاتيون ويهي ٻڌندا هُئاسين يا وري ڪوريئڙي لاءِ هڪ- هڪ ڀڳڙو هيڏانهن - هوڏانهن ڦٽي ڪري اهو ڏسي خوش ٿيندا هئاسين ته هو ڪنهن جو ڀڳڙو ٿو پهرين کڻي. اڄ هتي تنهنجي نه هئڻ سان مونکي پنهنجي زندگيءَ جو اڌوروپڻ گھوُري رهيو آهي. مون ان کان اڳ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو خال محسوس ڪونه ڪيو هو؛ پر اڄ تنهنجي هتي نه هجڻ جي ڪمي مونکي پنهنجي زندگيءَ جي اصليت جو احساس ڪرائي رهي آهي. توسان ملڻ کان اڳ مون ڪڏهن سپني ۾ به نه سوچيو هو ته ڪنهن کان پري رهڻ ۾ به ڪڏهن ڪا من ۾ پيڙا پئدا ٿي سگھي ٿي. توکي وئي اڃان ته رڳو هڪ ڏينهن ئي ٿيو آهي ۽ منهنجو من ايترو اُداس ٿي ويو آهي. الائي توکان سواءِ ست ڏينهن ڪيئن گذرندا. تون ته اتي شاديءَ جي گوڙ ۾ مٽن مائٽن سان وندري ويٺي هوندينءَ مان هتي هن پارڪ جي ڪنڊ ۾ ڀريل دنيا ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان. توسان واقفيت ٿيڻ کان اڳ دوستن يارن سان خوب موج مستيءَ ۾ زندگي گذرندي هئي. اڄ به اُهي دوست آهن پر هنن سان ملڻ جي چاهَه ته آهي. اڄ توکان سواءِ ڪو منهنجو پنهنجو ساٿي آهي ته اهو آهي رڳو پنهنجو اڪيلوپڻ.
    ڪمل، جذبات ۾ اچي مان الائي ڇا- ڇا لکي رهيو آهيان. جيڪي ڪجھه لکيو اٿم ان جو اختيار به مونکي آهي يا نه، اهو به نٿو ڄاڻان. بس ڄاڻان ٿو ته رڳو ايترو ته توُن اڄ هتي ڪانه آهين ۽ اهڙا ٻيا به ست ڏينهن مونکي ان نموني اڪيلو گذارڻو پوندو. تنهنجو ڏنل ڪتاب پڙهڻ ته ڇڏ، کولڻ جي چاهنا به نه اٿم. انڪري اڳتي جيڪڏهن توکي مونکان دور وڃڻو هجي ته گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي هڪ تصوير ئي ڏيئي ويندي ڪر، جيئن ان سان ئي ڳالهيون ڪري دل وندرائي سگھان. هينئر ته رُڳو هيءَ چٺي لکي مان پنهنجي اُداسي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جيسيتائين هيءَ چٺي توکي ملندي تيسيتائين تون واپس اَچڻ جي تيارين ۾ هوندينءَ انڪري تو وٽان ڪنهن جواب ملڻ جي ڪا اميد ڪانه آهي. پر مونکي تنهنجي جواب جي نه، تنهنجي هتي هجڻ جي ضرورت آهي.
    چڱو ڪمل، واپس اچڻ ۾ دير نه لائج.
    تنهنجي واپس اچڻ جي انتظار ۾،
    - پريم

    ڀوپال، 1-11-1980
    ڪمو،
    نوڪر هٿان موڪليل تنهنجي چٺي هينئر ملي . پڙهي سر تي ڄڻ آسمان ڪري پيو. تو لکيو آهي ته هن کانپوءِ اسانجو پارڪ ۾ ائين ملڻ واجب نه ٿيندو ڇاڪاڻ جو اڄ شام جو توکي ڪي ڏسڻ وارا اَچڻا آهن. برابر ياد آيو، تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات جو به ته اهوئي سبب هو ته پاڻ ۾ ويهي ڪجھه اهڙي ترڪيب ڪجي جيئن تنهنجي ۽ منهنجي شادي نه ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته اسان هڪ ٻئي کان اڻڄاڻ هئاسين. پر هينئر ته اسان هڪ ٻئي کي سُڃاڻڻ شرع ڪيو هو، سمجھڻ شروع ڪيو هو. پر، هاڻي اهي ڳالهيون ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو! تون جڏهن مونکان سَتَ ڏينهن دوُر رهي هئينءَ ته موُن سوچيو هو ته تنهنجي موٽڻ کان پوءِ مان پنهنجي دل تو اڳيان کولي رکندس. پر جڏهن تون واپس آئينءَ ته توکي پائي ايترو ته خوش ٿيس جو سڀ ڪجھه ڀُلجي ويس. تنهنجي صحبت منهنجي لاءِ قارون جي خزاني کان به وڌيڪ هئي. پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگھي. تو لکيو آهي ته جيڪو ڇوڪرو توکي ڏسڻ اچڻ وارو آهي انکي تون چڱيءَ طرح سڃاڻين، انڪري تون هاڻي ان شاديءَ کان انڪار نه ڪري سگھندينءَ. تون ان شاديءَ مان خوش آهين، اهو سوچي مان به خوش رهندس. توکي مَنَ گھُريو ساٿي ملي ان کان وڌيڪ مونکي ڇا کپي! هاڻي تنهنجو وڌيڪ وقت وڃائڻ جو مونکي ڪو حق ڪونهي. تنهنجي نؤڪر کي مون هي جواب ڏيڻ لاءِ روڪي رکيو آهي. منهنجو جيڪو ڪتاب تو وٽ آهي ان کي منهنجي طرفان شاديءَ جي سوغات سمجھي پاڻ وٽ رکج.
    - رُڳو پريم
    .....



    ڀوپال، 1-11-1980
    منهنجي ڪمو،
    دوکي باز..... دغاباز.... تون مونکي ان نموني دوکو ڏيندينءَ اِهو مون ڪڏهن سوچيو به نه هو. سڀ ڪجھه ڄاڻندي به تو مونکان لڪائي مونکي ستايو آهي. اڄ تنهنجو راز مونتي ظاهر ٿي چڪو آهي جيترو تو مونکي تڙڦايو آهي انجو بدلو مان به توکان ڳڻي- ڳڻي وٺندس.
    تنهنجي نؤڪر کي چٺي ڏئي واپس آيس ته امان مونکي چيو ته اڄ شام جو ڇوڪري ڏسڻ خاطر ساڻس گڏ وڃان. هڪ تنهنجي چٺيءَ جو صدمو ۽ مٿان وري هي ڌڌڪو. سو مون کيس صاف انڪار ڪيو ته مونکي ڪا ڇوڪري ڏسڻي ناهي، کيس جيڪو ٺيڪ لڳي اُهو ڪري. اَمڙ چيو ته ائين ڪيئن ٿيندو، نئون زمانو آهي جيسيتائين ڇوڪرو ڇوڪري هڪ ٻئي کي ته ڏسندا ته پڪ ڪيئن ٿيندي. پوءِ ڏوهُه ڏيندا مائٽن کي. سو متان مان به کيس ڏوهُه ڏيان انڪري ڇوڪري ڏسي جيسيتائين پنهنجي رضامندي نه ڏيندس تيسيتائين هوءَ ڪا پڪ ڪانه ڪندي. توکان پوءِ اهڙين ڳالهين مان منهنجو وشواس ئي نڪري ويو آهي. سو مون کيس چيو ته مان سندس پسندگيءَ تي راضي رهندس. مون اَمڙ کي رُڳو اِهو چيو ته جيڪڏهن کيس ڇوڪري پسند اچي ته مان هڪ هفتي جي اندر شادي ڪرڻ چاهيندس. امان منهنجو اهو شرط قبول ڪيو.
    امان کي شاديءَ جي منظوري ته ڏنم پر سارو ڏينهن اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳي پيئي هئي ته الائي ڇا ٿئي. هڪ ڪلاڪ اڳ اَمڙ وري به چيو ته هلي ڇوڪري ڏسين ته وڌيڪ سٺو، ڇو ته هر ڪنهن جي پسند پنهنجي هوندي آهي. پر توکان سواءِ مون لاءِ ٻيون سڀ ڇوڪريون تُـڇ به آهن ۽ هڪ جهڙيون به ، انڪري مون کيس وري به اِنڪار ڪري ڇڏيو. ان تي امان چيو ته جيڪڏهن ڇوڪري ڏسڻ ۾ مونکي ڪو اعتراض آهي ته گھٽ ۾ گھٽ ان ڇوڪريءَ جو فوٽو ڏسي ئي پنهنجي رضامندي ڏيان. مونکي ته ته ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڏسڻ جو چاهه هو ۽ نه انجي فوٽو ڏسڻ جو، سو مون ان لاءِ به اِنڪار ڪيو. پر امان اِهو چوندي اُهو فوٽو منهنجي ميز تي پيل ڪتاب جي هيٺان رکي ويئي ته جڏهن به اهو ڏسڻ چاهيان، ڏسي سگھان ٿو.
    اَمان جي وڃڻ جو ٽائيم اچي ٿيو، مان الائي ڪهڙي ڪم سان ان ميز جي ڀرسان ويس ۽ خبر نه آهي ته مون ڇو اهو ڪتاب هٿ ۾ کنيو. ڪتاب جي هيٺان تنهنجي تصوير ڏسي وائڙو ٿي ويس. مون توکان تنهنجي تصوير گھُري ضرور هئي پر تو مونکي اها ڏني هُجي، انجي يادگيري مونکي ڪانه هئي. پوءِ هيءَ تصوير اُتي آئي ڪٿان؟ تڏهن مونکي ياد آيو ته امان به ته ڪنهن ڇوڪريءَ جو فوٽو ڪتاب جي هيٺان رکي ويئي هئي. ته ڇا، توکي ڏسڻ لاءِ اچڻ وارا اسان ئي هئاسين ! هي ڪهڙو غضب ٿي ويو جو مان اچڻ کان اِنڪار ڪري ويٺس. تڏهن تنهنجي چٺيءَ جو مطلب چٽيءَ طرح مونکي سمجھه ۾ آيو. تو اهو سَـچُ لکيو ته هاڻي اسانجو پارڪ ۾ ائين ملڻ واجب نه آهي. ها، هاڻي ته اسانکي سماج ۽ مائٽن جي سامهون شاديءَ جي پنڊال ۾ ملڻو آهي ۽ اهڙي نموني هڪ دفعو ملڻ کانپوءِ هاڻي اسانکي نه هن طرح چٺين رستي حال اورڻ جي ڪا ضرورت رهندي ۽ نه پارڪ جي ڪنهن سُنسان ڪنڊ ۾ ملڻ جي.
    تنهنجي ان فوٽي جي راز کي ڄاڻي مون اَمان کي چيو آهي ته مان ڇوڪري ڏسڻ ته نه هلندس ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڏسڻ کان پوءِ ناڪار نه ڪري وجھي، پر ڇوڪريءَ لاءِ هڪ پيغام ضرور موڪلڻ چاهيندس. امان به کلندي چيو ته ڪهڙو نه عجيب زمانو اچي ويو آهي، ڇوڪري کي ڇوڪريِ ڏسڻ ۾ ته اعتراض آهي پر ان کان اڳ پيغام موڪلڻ ۾ هنکي ڪا عار ڪانه آهي. اڳ ۾ قاصد ئي پريُن کي پيغام پهچائيندا هئا هاڻي اهو ڪم به مائٽن کي ٿو ڪرڻو پوي.
    چڱو منهنجي ڪمو، هي پيغام هتي بند ڪريان ڇاڪاڻ ته قاصد توڏانهن اچڻ لاءِ تيار بيٺو آهي ۽ مان به نٿو چاهيان ته هن پيغام کي تو تائين پهچڻ ۾ دير ٿئي. بس هاڻي رڳو اَٺيِن نومبر جو انتظار رهندو.
    رڳو تنهنجو،
    - پريم *


    مڪڙيءَ جو ڄار

    ” ٺاڪرَ، اڄ جي اخبار پڙهي اٿئي!“ ديال پنهنجي جڳهه تان ئي رڙ ڪري چيو.
    ”ڪا خاص خبر آهي ڇا؟” ٺاڪر اُتان ئي پُڇيو.
    ”خاص ڇا، هڪ عجيب خبر آهي. بهار ۾ ڪنوارن ڇوڪرن کي ڀڄائي انهن جي زبردستي شادي ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن هو شادي ڪرڻ کان اِنڪار ٿا ڪن ته سخت عذاب ڏيئي کين اپنگ ٿو بڻايو وڃي.” ديال جواب ڏنو.
    ” ته ان ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ڪهڙي خاص ڳالهه آهي ان خبر ۾ جنهن جي ڪري تون ايترو پريشان ٿو ٿين. بهار ته هتان کان هزار ميل پري آهي. تنهنکان سواءِ توکي ڪهڙو ڊپ تون ته شادي ڪيل آهين؟” وشنوءَ وچ ۾ وراڻيو.
    ” نه مونکي پنهنجو ڊپ ڪونهي، پر مان چاهيان ٿو ته اسانجي شهر ۾ به ائين ٿيڻ کپي.“ ديال جواب ڏنو.
    ”پر ان مان توکي ڪهڙو فائدو رَسندو؟ توکي نه آهي ڪا ڪنواري ڀيڻ ۽ نه ڪا سالي جنهن جي چنتا توکي هُجي.” پهلاج چيس.
    ”مونکي پنهنجي فائدي نقصان جي ڪا چنتا ناهي. منهنجي ته اِڇا آهي ته شل ان نموني اسانجو ‘بابيِ’ پڻ ڪنهن مَڪڙيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي ته سُٺو.” ديال جي ان جواب تي ٺاروءَ ۽ آفيس جي ٻين ماڻهن زور سان ٽهڪ ڏنو.
    ان کان اڳ توهان ڪجھه سمجھڻ لاءِ پنهنجي دماغ تي زور لڳايو مان توهانجي لاءِ سڄي ڳالهه صاف ڪري ڇڏيان ‘بابيِ’ جو مطلب آهي بال برهمچاري يعنيٰ مان. مان يعنيٰ هيمن، اٺاويهن سالن جو ٿي وڃڻ کانپوءِ به جيئن ته مان اڃان ڪنوارو آهيان انڪري منهنجن دوستن مونکي نالو ڏنو آهي ‘بال برهمچاري’ بال جو ‘با’ ۽ برهمچاريءَ جو‘بي’. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جيڪڏهن منهنجي شادي اڃان نه ٿي آهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ مون ته شادي ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو آهي. پر ان جو مطلب اهو به ته ته آهي ته مان ڪنهن به ڪاڻيءَ ڪوجھيءَ سان شادي ڪريان. اَڄ جي زماني ۾ گھٽ ۾ گھٽ منهنجو ايترو ته حق آهي ئي ته مان پنهنجي پسند سان شادي ڪري سگھان. مون ڪڏهن به اهو ته چاهيو آهي ته شاديءَ کان اڳ پيار ڪرڻ يا هئڻ لازمي آهي. پر ان جو اهو مطلب به ته ڪانهي ته ڇوڪريءَ کي پسند ڪرڻ جو حق به مونکي نه ملڻ کپي. اهو سچ آهي ته مونکي ڪجھه ڇوڪريون ڏسڻ جو موقعو مليو، پر جي انهن مان مونکي اڃان ڪا پسند نه آئي آهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهُه ! مونکي اهڙيون ڇوڪريون ڇو ٿيون ڏيکاريون وڃن جن مان مونکي هڪ به پسند نٿي اَچي. مان پنهنجي طرفان ايترو صاف ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان ته مونکي شادي ڪرڻ کان ڪو انڪار نه آهي پر زور زبردستيءَ جي شادي مان هرگز، هرگز نه ڪندس، پوءِ چاهي مونکي ڪيترا به عذاب ڇو نه ڏنا وڃن يا ڀل اپنگ ئي بڻايو وڃي.
    ته، ته عذاب ته مان سهي ويندس پر اپنگ بڻجڻ مونکي منظور نه آهي. پوءِ ڪيرَ مون اپنگ سان شادي ڪرڻ چاهيندي! ان کان ته اِهوئي سُٺو آهي ته مان ڪنهن ڪاريءَ ڪوجھيءَ سان ئي شادي ڪريان.
    منهنجو نالو هيمن آهي، اهو ته توهان کي ٻڌائي چُڪو آهيان. مان ماءُ پيءُ جو اڪيلو اؤلاد آهيان. مان اڃان اٺن سالن جو هوس ته پوج ماتا صاحب ڀڳوان کي پياري ٿي ويئي. پوج پتا جن کي انجو ايترو ته صدمو رسيو جو هڪ ڏينهن مونکي منهنجي مامي ماميءَ کي سُپرد ڪري، پاڻ ويراڳ وٺي جھنگ منهن ڪري هليا ويا. اَڄ تائين سندن ڪو پتو نه پيو آهي. منهنجي مامي کي پنهنجو ڪو ٻار نه هو؛ انڪري مامي ماميءَ مونکي سڳي ٻار کان به وڌيڪ پيار سان پاليو. مون به کين ئي پنهنجو ماءُ پيءُ مڃيو آهي ۽ سندن هر ڳالهه هيل تائين مڃيندو آيو آهيان. پر هر ڳالهه جي هڪ حد ٿيندي آهي. سندن ڳالهه مڃڻ جي حد تڏهن ٿي جڏهن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ منهنجي مامِي اچي پوئتان پئي ته مان شادي ڪريان. هر دفعي هوءَ پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن مائٽياڻيءَ جي ڳالهه چوريندي هئي. پر مان هر دفعي کيس اهوئي سمجھائيندو هوس ته پهرين مونکي پڙهي ڪنهن سٺي نوڪريءَ تي لڳڻ ڏي پوءِ مان تنهنجي خواهش پوري ڪندس. مامو ته مونسان شامل راءِ ٿيندو هو، پر مامِي ڪنهن نه ڪنهن بهاني اڪيلي ۾ شاديءَ جي ڳالهه چوريندي رهندي هئي ۽ ڇوڪريون پڻ ڏيکاريندي رهندي هئي. انڪري ڪوشش ڪري مان گھر ۾ گھڻو ويهڻ جي نه ڪندو هوس. آخر مون ايم. اي. پاس ڪئي. هاڻي ته پڙهڻ جو بهانو به ختم ٿي چڪو هو. هاڻي به اڳوپوءِ اَچي پوئتان پيئي ته جلدي ڪا نؤڪري ڪيان جيئن هوءَ جلد منهنجي شادي ڪرائي سگھي. انڪري مون اهو پڪو ويچار ڪيو هو ته مان ان شهر ۾ نوڪري نه ڪندس جتي مامو رهندو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن نوڪريءَ جو انٽرويو ايندو به هو ته مان بي مَنو ان ۾ ويندو هوس ۽ اهڙا ته جواب ڏيندو هوس جو منهنجو چونڊجڻ ناممڪن ٿي وڃي. هڪ ٻه دفعا ته مان انٽرويو ڏيڻ به نه ويو هوس ۽ مامي کي اچي ٻڌايم ته مان نه چونڊجيس. پر جڏهن ٻئي شهر مان مونکي هن نؤڪريءَ لاءِ انٽرويو آيو ته مون نه رڳو خوب محنت ڪئي پر ڪپڙن جو نئون وَڳو به سبايم. ان جو ڦل اهو ٿيو جو پنجاهه ڄڻن مان اڪيلو مان ئي چونڊيو ويو هوس. منهنجي چونڊجڻ تي منهنجو مامو مامي خوش ته ڏاڍا ٿيا پر مامي منهنجي ٻئي شهر ۾ نؤڪريءَ لاءِ بلڪل راضي نه هئي . مامي کيس سمجھائي ٻُجھائي راضي ڪيو ته ڪجھه ڏينهن نوڪري ڪري ڏيِس؛ جيڪڏهن ان وچ ۾ منهنجي بدلي ان شهر ۾ نه ٿي ته مون کان استعيفا ڏياريندا. مون به ان ڳالهه جو وعدو ڪيو هو انڪري من تي پٿر رکي ماميءَ مونکي هتي اچڻ جي موڪل ڏني هئي. اچڻ وقت هوءَ ايڏو رُني هئي جيڏو شايد منهنجي جيجل ماءُ به نه روئي ها. ان وقت هڪ دفعو ته من ۾ آيو ته مان هنن کي ڇڏي هتي نه اچان، پر سوچيم ته اُتي رهڻ سان روز روز مونکي ماميءَ جي شاديءَ جي ڳالهين جو جواب ڏيڻو پوندو انڪري مان به من پڪو ڪري هلي آيس.
    هن شهر ۾ آئي مونکي پنج سال ٿي ويا آهن. ان وچ ۾ مون هتان بدلي ڪرائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي. توهان ضرور سوچيندا ته ماميءَ کان دور رهڻ ڪري ضرور شاديءَ جون ڳالهيون گھٽ ٿي ويون هونديون. پر توهان جو سوچڻ بلڪل غلط آهي. هتي اچڻ کان پوءِ شاديءَ لاءِ ڪافي آڇوُن آيون آهن، ڪجھه ماميءَ جي طرفان ته ڪجھه آفيس وارن جي مهربانيءَ ڪري. پر منهنجي قسمت ۾ ئي ڪا ڪاڻ آهي جو جيڪي به آڇوُن آيون آهن انهن مان ڪا به منهنجي پسندگيءَ جي نه رهي آهي. مون پنهنجي ٿيڻ واري ساٿيءَ ۾ جن گڻن جي ڪلپنا ڪئي آهي اُهي آهن- رنگ صاف، ته گھڻو سُهڻي ۽ ته ڪاري، روش سُٺا، پڙهيل پر بي. اي. کان وڌيڪ نه، نه تمام سَنهي نه ٿُلهي، سُشيل ۽ گھر هلائوُ، گھر جي ڪمن جهڙوڪ - رڌڻ، سبڻ ۽ ڀرڻ ۾ ڀڙ، ڪفايتي پر ڪنجوس ته، وِت آهر خرچ ڪرڻ واري پر هٿ ڦاڙ ته، ملنسار پر سوسائٽي گرل نه. پر ڀڳوان شايد هينئر ان قسم جون ڇوڪريون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي به ڇوڪريون مون هيل تائين ڏٺيون آهن انهن ۾ ڪا نه ڪا اوُڻائي ضرور رهي آهي. ائين ته ڪنهن ڇوڪريءَ ۾ مان هڪ ٻه ڪوتاهي ته منظور ڪري سگھان ٿو پر جيڪڏهن هر ڇوڪريءَ ۾ انهن مان هڪ ئي گڻ هجي ته پوءِ مان ڇا ٿي ڪري سگھيس. انڪري دوستن جي لفظن ۾ مان اڃان ڪنهن ‘مڪڙيءَ جي ڄار’ ۾ نه ڦاٿو هوس. مان ته ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار ويٺو هوس پر جي مون لائق ڪا مڪڙي ئي اڃان پئدا نه ٿي هُئي ته مان ڇا ڪريان. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن کي ڪهڙو اختيار هو مونکي بال برهمچاري يا ‘بابيِ’ جو خطاب ڏيڻ جو.
    هاڻي جڏهن ڳالهه نڪتي ئي آهي ته توهان کي مان اهو به ٻڌايان ته اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جڏهن مونکي ٻيو نالو مليو هجي. جيجل ته ڄائي ڄم کان مونکي راجا ڪري سڏيندي هئي ۽ ماميءَ نالو ڏنو هو ڍولڻ. پر انهن نالن ۾ پيار سمايل هو انڪري مونکي انهن تي ڪو به اعتراض نه هو. اصل ۾ مان تڏهن هوس به ننڍو ۽ اعتراض ڪرڻ جي حالت ۾ به ڪونه هوس. پر جڏهن ڇهين درجي ۾ پڙهندو هوس ته ڪلاس جي هڪ چِلولي ڇوڪريءَ مونکي هڪ ڏينهن چرچي ۾ منهنجي نالي جي پوئتان ‘ٺار’ اکر جوڙي چيو، ”هي من ٺار“. سو ان ڏينهن کان ئي منهنجو نالو پئجي ويو ‘هي منٺار’. مونکي ان تي غصو ته ڏاڍو ايندو هو پر ڪجھه به ڪري نه سگھندو هوس. ها، هڪ ڳالهه جا مون ڪئي سا اها ته ان ڏينهن کان پوءِ ڇوڪرين جي پاڇي کان به پري ڀڄندو هوس. ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته سوچيم ته اسڪول ۾ مليل نالو اُتي ئي رهجي ويندو ۽ ٿيو به ڪجھه ائين، پر هڪ ڏينهن وري هڪ واردات ٿي. ڪاليج ۾ پيريڊ هلي رهيو هو ۽ مان هڪ بئنچ تي اڪيلو ويٺو هوس. ايتري ۾ هڪ ڇوڪري آئي ۽ ٻي ڪا جڳهه خالي نه ڏسي منهنجي ڀرسان اچي ويٺي. جيئن ته ان وقت ٻي ڪا سيٽ خالي نه هئي انڪري مان اُتان اُٿي نٿي سگھيس. پيريڊ ختم ٿيڻ تي دوستن جي ٻيگھي متي، چَـيُنِ، اها ڇوڪري مونتي فدا ٿي آهي. مونکي پتو هو ته جيڪڏهن پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھه چوندس ته پاڻ وڌيڪ خوار ڪندا. انڪري هنن جون ڳالهيون چپ چاپ ٻڌندو سَهَندو رهيس. ان تي پاڻ سندن همٿ وَڌي. هڪ ڇوڪرو پتوڪري آيو ته ان ڇوڪريءَ جو نالو شيلا آهي. بس پوءِ ته هڪ ڇوڪري هڪدم چيو ته اڄ کان هيمن هي مئن (He man) ته، پر شي مئن (She man) ٿي ويو يعنيٰ شيلا جو اڳ ‘شي’ ۽ هيمن جي پٺ ‘مئن’ ملائي ‘شي-مئن’ چوڻ شروع ڪين. جيستائين مان ڪاليج ۾ هوس تيسيتائين پروفيسر به ان نالي سان سڏيندا هئا.
    ٺيڪ آهي نالي بدلجڻ جي مونکي ڪا چنتا نه آهي ڇاڪاڻ ته نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ گلاب آخر سڳنڌ ئي ڏيندو چاهي انکي ڪنهن به نالي سان ڇو نه سڏيو وڃي. دوستن کي پورو حق آهي هوُ مونکي ڪنهن به نالي سان پُڪارين، پر هنن کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته هوُ اَخبار ۾ ڇَپيل ان خبر ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائيِن جنهن ۾ ڪنوارن ڇوڪرن کي ڀَڄائي زبردستي شادي ڪرائِڻ جو ذڪر آهي. هونءَ ته مان ڪو گيِدي نه آهيان جو ڊڄي وڃان پر اڄوڪي ڀارت ۾ اَهڙيون ڳالهيون باهه کان به جلد وچڙنديون آهن. سو سوچيم ته ڪٿي هن شهر ۾ به ڪنهن ڪنواري ڪنيا جي پيءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ ۾ هي طريقو سولو، سُٺو ۽ سَستو لڳو ته پوءِ ان ڳالهه کي وچڙڻ ۾ دير نه لڳندي. پوليس به اهڙين ڳالهين ۾ ڇا ڪري سگھندي؟ پوليس هر ڪنواري ڇوڪري کي بچائڻ جو ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي. ديش ۾ هيتريون چوريون، خوُن، ڊاڪا ۽ دنگا ٿي رهيا آهن جڏهن انهنکي روڪڻ جي پنهنجي فرض ۾ پوليس ناڪامياب ثابت ٿي رهي آهي ته پوءِ ڪُنوارن کي ڀَڄائي زبردستيءَ شادي ڪرائڻ کان ماڻهن جو بچاءُ ڪرڻ جي هننکي نه ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ۽ نه ڪا فرصت ئي آهي. هندوستان ۾ هونءَ به گھڻي ڀاڱي شاديون مائٽن جي زور زبردستيءَ سان ٿينديون آهن. جڏهن پوليس ۽ سرڪاري قانون ان ۾ مدد ڪري نٿا سگھن ته پوءِ هن نموني ڇوڪرن کي ڀڄائي شاديءَ ڪرائڻ ۾ ڪيرُ مدد ڪري سگھندو. مونکي به جيڪڏهن ڪنهن ڀَڄائي شادي ڪرائي ڇڏي ته دوستن مان ڪنهن مان مدد ملڻ جي اُميد ته ڪانهي، اُلٽو ‘هي... هي’ ڪري پيا کلندا. ائين ته مان به عذابن کان ڊڄڻ وارو نه آهيان پر جي ڪنهن مُنهنجي نه ڪرڻ تي، منهنجي ٽنگ يا ٻانهه ڀَڃي مونکي لوُلو لنگڙو بڻائي ڇڏيو ته پوءِ مان ڇا ڪندس؟
    اهي ڳالهيون سوچيندي من ۾ هڪ ڊپ پئدا ٿي رهيو هو.
    ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام جو آفيس کان جڏهن موٽيس ته گھر جي گھِٽيءَ جي ڪُنڊ تي ٺاروءَ پان واري آواز ڏيئي چيو، ”ديوان، هينئر ٿوري دير پهرين ٻه ماڻهو توهان لاءِ پُڇي رهيا هُئا.”
    مون پڇيومانس، ”ڪير هُئا؟ ڪجھه نياپو وغيره ڏيئي ويا ڇا ؟”
    ٺاروءَ وَراڻيو،”ديوان، مان ته ڪونه سُڃاڻان. مُنهن جي پُڇڻ تي به ڪجھه ڪون ٻُڌايائون. پر پاڻ ۾ پئي ڳالهايائون ۽ چيائون ته سڀاڻي آفيس وڃڻ يا موٽڻ وقت ئي پڪڙينداسونس.”
    ”پڪڙينداسونس! ڪير هُئا؟ ڪجھه ٻُڌايائون ڪون ته ڪهڙو ڪم هُئن؟”
    ٺاروءَ وَراڻيو، ”ٻَه ڄڻا هُئا- هڪ ٿورو ٿُلهو هو ۽ گانگٽ جيان مُڇون هيس، ٻيو پورو پنو بدن، پر ڊگھي قد جو. رنگ جو ڪارو ۽ مٿئين چپ تي ڌڪ جو نشان هيس. مون نالو ۽ ڪم پڇيومانس ته چيائوُن ته ضروري ڪم هو.”
    انهن منهانڊن وارا ماڻهو مونکي پنهنجن واقفڪارن ۾ نٿي سُجھيا. ڪير هوندا؟ ڪهڙو ڪم اَٿن؟ اهو سوچيندي گھر آيس. ڪمرو کولي اڃان اَندر مس گھڙيس ته پاسي واري جھمٽ ماءُ آئي ۽ چيائين، ”پٽ، اَڄ صبح جو تون اڃان گھر مان نڪتين مس ته ٻه ڄڻا تنهنجي لاءِ پُڇڻ آيا هُئا. جڏهن مون ٻڌايومانِ ته تون آفيس ويو آهين ته تنهنجي باري ۾ پڇڻ لڳا ته ڇوڪرو ڪيئن آهي؟ عادتون ڪيئن اٿس؟ دوست ڪهڙا اٿس؟ صبوح جو ڇا ڪندو آهي؟ شام جو ڪيڏي مهل گھر ايندو آهي؟ وغيره.”
    مون پُڇيومانس، ”ڇا انهن مان هڪ ٿُلهو ۽ مُڇن وارو ۽ ٻيو ڊگھو ۽ ڪارو هئو ڇا؟”
    هن چيو، ”ها پٽ، اهي ئي هئا. پر پُٽ مونکي ڪجھه ٺيڪ ماڻهو نٿي لڳا. اهڙن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ توکي ڪين جُڳائي.” ائين چئي هلي ويئي.
    هن جي وڃڻ کان پوءِ اوچتو مونکي ٻه ڏينهن اڳ آفيس ۾ ٿيل ڳالهين ڏانهن ڌيان ويو. ڇا هن شهر ۾ به اهڙا شاطر پئدا ٿي ويا آهن جيڪي زبردستيءَ ڀڄائي منهنجي شادي ڪرائڻ ٿا چاهين ؟ نه، نه ائين ڪيئن هوندو! ته ڇا منهنجن دوستن مونکي ڊيڄارڻ لاءِ اهو ناٽڪ رچيو آهي. ٿي سگھي ٿو ته ائين هُجي، پر مونکي ڪيئن پتو پوندو ته اهو ناٽڪ آهي يا ساڀيا. جيڪڏهن ناٽڪ آهي ته مان انهن کان ڊڄڻ وارو نه آهيان. پر جي اهو ناٽڪ نه آهي ته پوءِ اُهي ٻه اَجنبي ڪير آهن، جيڪي منهنجي باري ۾ ائين پُڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن ته منهنجي اچڻ وڃڻ جا ٽائيم ڪهڙا آهن. هو منهنجي عادتن ۽ دوستن يارن جي باري ۾ به ڄاڻ وٺي رهيا آهن. اهي ڳالهيون ته شاديءَ جي پڪ ڪرڻ وقت جاچبيون آهن.
    انهن ويچارن ۾ مونکي ان رات پوري ننڊ به نه آئي. ان ڳالهه تي مون هر طريقي سان غور ڪيو پر اها پڪ ڪري نه سگھيس ته اهي اجنبي ڪير ٿي ٿي سگھيا ۽ ڇو منهنجي باري ۾ ائين جاچ ڪري رهيا آهن. صبوح جو تيار ٿي جڏهن آفيس لاءِ روانو ٿيس تڏهن به من ۾ اهي ئي ويچار هئا. ٺاروءَ اڳيان هنن جو ائين چوڻ ته آفيس کان ايندي يا ويندي ‘پڪڙينداسونس’، منهنجي من ۾ کٽڪو پئدا ڪري رهيو هو. انڪري گھران نڪتس ته پهرين چؤڌاري نگاهه وجھي اها خاطري ڪيم ته ڪٿي ڪو اجنبي ته نه بيٺو آهي. جڏهن ڏٺم ته چؤڌاري روز وارا ماڻهو اچي وڃي رهيا هئا ته ڪجھه سامت آئي ۽ اڳتي وڌيس. گھٽيءَ جي ڪنڊ تائين پهچندي قدم پنهنجو پاڻ ٺاروءَ جي دڪان ڏانهن وڌيا. اڳتي وڌي ٺاروءَ کان پڇيم ته ڪالهه وارا اُهي ٻه ماڻهوُ وري پڇڻ ته نه آيا؟ چيائين، ”سائين، جي اچن ها ته سڌو توهان جي گھر جو ڏسُ ته ڏيانِ ها!” مون چيومانس،“ ٺارو اَڄ به جي اُهي ماڻهو اچن ته چڱي طرح پُڇي رکجان ته ڪير آهن. ڪٿي رهندا آهن ۽ ڪهڙو ڪمُ اَٿن. ڪوشش ڪري سندن باري ۾ پوري پوري ڄاڻ وٺي رکج.”
    ٺاروءَ کي ائين چئي مان آفيس ڏانهن وڌيس. پر جيئن ته من ۾ چور اچي ويٺو هو انڪري هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو پئي ويس. من ۾ آيو ته هنن منهنجي اچڻ وڃڻ واري رستي جي ڪٿي خبر نه ڪڍي رکي هُجي انڪري ان ڏينهن بلڪل نئين رستي کان آفيس ويس ۽ روز واريءَ بس ۾ به نه چڙهي ٻئي طرف واريءَ بس ۾ چڙهيس انڪري آفيس پهچڻ ۾ به ڪجھه دير ٿي ويئي. آفيس ۾ اڃان پهتس ته ٻاهر ئي پٽيوالي ٻڌايو ته ٿوري دير اڳ منهنجي لاءِ هڪ ماڻهو پُڇي رهيو هو ۽ چئي ويو آهي ته مان شام جو گھر رهان ڇاڪاڻ ته هنکي مون ۾ هڪ ضروري ڪم آهي. وڌيڪ پُڇڻ تي پٽيوالي ٻڌايو ته اهو ماڻهو ڪجھه ٿلهو ۽ مُڇن وارو هو.
    هينئر ته من ۾ پاڻ وڌيڪ پڪ ٿي ته هنن جي نِيَت صاف نه آهي. سڄو ڏينهن آفيس جي اڳيان انهن ٻن اجنبين جا ڪالپنڪ چهرا پئي تري آيا. اهو ڄاڻڻ لاءِ ته ڪٿي دوستن ته اهو چرچو نه ڪيو آهي، مان لِڪَل نِگاهن سان کين ڏِسندو رهيس. پر سندن هلت مان اَهڙو ڪجھه نظر نه آيو جنهن مان اهو سمجھي سگھان ته هنن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي. شام جو آفيس بند ٿيڻ کان پوءِ سوچيم ته جيستائين هنن ماڻهن جو ڪو ڏس پتو نه لڳي تيسيتائين هنن کان پري رهڻ ئي بهتر آهي. سو آفيس مان نِڪري سِڌو گھر تهي وڃڻ جو پهه پچايم. ٿورو وقت هيڏانهن هوڏانهن گذاري اها شام پڪچر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيم. جيئن ته پڪچر شروع ٿيڻ ۾ اڃان ڪجھه دير هئي انڪري هال جي ٻاهران لڳل پوسٽر ۽ فوٽا ڏسڻ شروع ڪيم. ٿوري دير کان پوءِ ائين ڀاسيم ته ڄڻ ڪو مونکي گھوُري ڏِسي رهيو آهي. پوئتان وري ڏٺم ته هڪ ٿلهو ماڻهو جنهن جون ٿلهيو مُڇوُن به هيون، مون ڏانهن چِتائي نهاري رهيو آهي. ته ڇا آفيس مان منهنجو پيڇو ڪري هو هِت به پهچي ويو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ رات جي انڌيري ۾ هن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ڪا اٽڪ آڏو نه ايندي. اهو سوچيندي سڄو شرير ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. ان وقت هنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪي ماڻهو اچي ويا جنهن ڪري هو منهنجي نظرن کان غائب ٿي ويو. موقعو ڏسي مان به نظر بچائي سئنيما جي پيشاب گھر ۾ گھڙي ويس. جڏهن ڪجھه سامت آئي تڏهن ٻاهر نڪتس، ڏٺم ته اُهو ماڻهو ٻاهرئين در وٽ بيهي سئنيما کان ٻاهر ڏسي رهيو آهي ڄڻ ڪنهن کي ڳولهي رهيو آهي. هينئر ته مونکي پڪ ٿي ويئي ته ضرور مونکي ڳولهي رهيو آهي ۽ ڏسي رهيو آهي ته ڪٿي مان ٻاهر ته نه نڪري ويو آهيان. هن جي پُٺ مون ڏانهن هئي ۽ ٽڪيٽ ته مون وٽ هئي انڪري مان جھٽ هال ۾ گھڙي ويس ۽ وڃي پنهنجي جڳهه تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺس جيئن ڪو ڏسي سڃاڻي نه سگھي. ٿوري دير ۾ هال جون بتيون وسامي ويون ۽ ائڊورٽائيزمينٽس شروع ٿيون. هينئر سُڃاڻڻ جو ڪو ڊپ نه هو پر جڏهن به دروازي تان ڪارو پردو هٽائي ڪو اَندر ٿي آيو ته مون اهو ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته اَندر اچڻ وارو ڪيرآهي. ٿوري دير کان پوءِ ٻه ڄڻا اَندر داخل ٿيا. اوُندهه سبب مان انهن کي سُڃاڻي ته سگھيس ته ڪير هئا پر ايترو اَندازو ضرور لڳو ته انهن ۾ هڪ ٿُـلهو ۽ هڪ سَنهو ماڻهو هو. اهي ٻئي ساڳيا ماڻهو هئا يا ڪي ٻيا، اهو ته سمجھي ڪونه سگھيس پر مَنُ ته شڪ سان ڀريل هو. گيٽ ڪيپر ٽارچ جي روشنيءَ سان هنن کي منهنجي قطار کان ٻه قطاروُن اڳ وارين ڪرسين تي ويهاريو. مان هينئر هنن کان پنهنجي جند ڇڏائڻ جو سُٺو موقعو سمجھي چپ چاپ اُٿي سئنيما کان ٻاهر نڪري آيس. ان ڊپ کان ته ڪٿي انٽرويل ۾ مونکي هو اُتي نه ڏسي وري گھر نه هليا اچن مان اتان نڪري، گھر نه ويس. رڳو ٺاروءَ کان ايترو پتو ڪيم ته ڪو منهنجي لاءِ پُڇڻ ته نه آيو هو. جڏهن هن ٻڌايو ته انهن ماڻهن مان اڃان ڪو ڪونه آيو هو ته پڪ ٿي ته سئنيما ۾ جيڪي ٻه ماڻهو مون ڏٺا هئا سي ضرور اُهي ئي هوندا. مون ان رات روٽي به هوٽل ۾ کاڌي ۽ وقت گذارڻ لاءِ هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺس. ان ڏينهن مونکي اهو اندازو لڳو ته جڏهن انسان جلد وقت گذرڻ جي چاهنا ڪندو آهي ته ان مهل وقت جي رفتار به ڍلي ٿي ويندي آهي. جيئن تيئن ڪري رات جو ٻارهين بجي گھر آيُس ڇاڪاڻ ته ٺاروءَ جي دڪان بند ڪرڻ کان اڳ کانئس پڇڻ ضروري هو. ٺاروُءَ ٻڌايو ته ان ڏينهن ڪو به ماڻهو منهنجي لاءِ پڇڻ هُن وٽ نه آيو هو.
    ٻئي ڏينهن آرتوار هو، آفيس بند هئي. اهي ٻه رهزن متان وري گھر نه اچن انڪري مون اهو سارو ڏينهن گھر کان ٻاهر رهڻ جو سوچيو. ٻئي ڏينهن صبوح جو جلد اُٿي سڀ ڪم ڪار لاهي مان لڪي ڇپي آفيس هليو ويس ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن منهنجي آفيس ۾هجڻ جو هوُ سوچي به نٿي سگھيا. سوچيم ته ائين ڪرڻ سان هڪ طرف هنن کان لڪل رهندس ۽ ٻيو آفيس جو ڪجھه رهيل ڪم به پورو ڪري سگھندس. سو بنا ڪنهن کي ٻُڌائڻ جي مان آفيس هليو ويس ۽ سارو ڏينهن اُتي ڪم ڪندو رهيس ۽ شام جو جڏهن اوندهه ٿيڻ لڳي تڏهن واپس گھر روانو ٿيس.
    سڄو ڏينهن گھر کان ٻاهر رهيو هوس انڪري سوچيم ته جيڪڏهن اهي اجنبي گھر ويا به هوندا ته مونکي گھر ۾ نه ڏسي واپس موٽي ويا هوندا. سڄي ڏينهن جو ٿڪل هوس انڪري سوچيم ته گھر وڃي ڪجھه آرام ڪريان ۽ پوءِ وري سڀاڻي لاءِ ڪجھه ترڪيب سوچيان. گھر پهچندي پهچندي بتيون به ٻري چُڪيون هيون. ٺاروءَ پان واري جي دڪان جي ويجھو اڃان پهتس مس ته هن آواز ڏيئي چيو، ”ديوان، هوُ ڪالهوڪو ماڻهو اڃان هينئر توهان لاءِ پڇي هوڏانهن توهان جي گھر ڏانهن ويو آهي. جيڪڏهن ملڻ چاهيوس ته جلد ڪيو متان هليو نه وڃي.”
    اهو ٻُڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪي ويئي. پنهنجي گھر ڏانهن نظر ورايم. ڏٺم ته هڪ ٿُـلهو ماڻهو منهنجي در وٽ بيٺو آهي ۽ شايد جھمٽ ماءُ سان ڳالهائي رهيو آهي، اوُندهه هجڻ جي ڪري چٽي طرح نٿي ڏسڻ ۾ آيو. ان کي ڏسندي ئي مون پويان پير ڪيا. جيئن ئي واپس وريس ته ڏٺم ته جھمٽ ماءُ هنکي مون ڏانهن اشارو ڪري ڪجھه چيو. سمجھي ويس ته جھمٽ ماءُ مونکي ڏسي ورتو آهي ۽ هنکي اِشاري سان مونکي ڏيکاري رهي آهي. مون اُتي وڌيڪ ترسڻ واجب نه سمجھيو ۽ هڪدم تڪڙو تڪڙو وک کڻي هڪ طرف هلڻ لڳس. ٿورو اڳتي وڃي جڏهن هڪ چؤواٽي تي پهچي واپس مڙي ڏٺم ته اهو ٿلهو ماڻهو ٺاروءَ پان واري جي دڪان تي بيٺل نظر آيو ۽ ٺارو پڻ منهنجي طرف اشارو ڪري ڪجھه چئي رهيو هو. هن ماڻهوءَ مون ڏانهن نهاريو ۽ آواز ڏنو. مونکي ڪجھه سمجھه ۾ ته ڪونه آيو ته هن ڇا چيو پر هينئر اُتي ترسڻ خطري کان خالي نه سمجھيم انڪري مون ڊُڪڻ شروع ڪيو. هڪ گھٽيءَ مان ٻي گھٽي ۽ هڪ رستي کان ٻئي رستي تي ڊُڪندو هلندو ويس. خبر ئي نٿي پيئي ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان. بس جيڏانهن پئي آيو ان طرف ڊڪندو ويس. ائين پئي ڀانيم ته ڪو پٺيان ڊڪندو ٿو اچي. پر مون ۾ ايتري همٿ به نه هئي ته بيهي پوئتان مُڙي ڏسان ته ڪو سچ پچ پٺيان آهي يا نه. سوچيم پئي ته جيڪڏهن پوئتان نهاريندس ته وقت خراب ٿيندو ۽ اهو ماڻهو سولائيءَ سان مون تائين پهچي ويندو. انڪري ڀڄندو رهيس. ڊڪندو رهيس ۽ اڳتي وڌندو رهيس.
    ٿوري دير کان پوءِ هڪ اونداهي گھِٽي ڏسي ان ۾ گھڙي ويس. پر اها هڪ طرف بند گھٽي هئي جنهن مان ٻئي طرف ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو نه هو اڳتي وڌڻ جو هاڻي ڪو وسيلو ڪونه هو. هاڻي ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن واپس ٿو وڃان ته هو ماڻهو اچي پڪڙيندو ۽ جيڪڏهن اُتي بيهي ٿو رهان ته به ڪوُئي وانگر ڦاٿل آهيان. هڪ دفعو ٿورو مُڙي ڏٺم، گھٽيءَ ۾ ته ڪافي اوندهه هئي پر گھٽيءَ جي منهن تي ڪجھه روشني هئي. صاف طرح سان ته ڏسڻ ۾ نٿي آيو پر ائين ڀانيم ته ڪو ٿُـلهو ماڻهو ان گھٽيءَ جي منهن وٽ بيٺو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو آهي. سمجھي ويس ته هوُ منهنجي ڳولها ڪري رهيو آهي. پر گھٽيءَ ۾ اوندهه هئڻ ڪري مونکي نٿي ڏسي سگھيو. اهو سوچي ته متان هوُ گھٽيءَ ۾ اچي، انڪري کانئس بچڻ خاطر گھٽيءَ جي آخر ۾ هڪ گھر جو بند دروازو کڙڪايم. در هڪ ڇوڪريءَ کوليو. ڇوڪريءَ جي شڪل ڏسڻ جي ضرورت مونکي ڪٿي هئي، مون گھٻرائجي چوڻ شروع ڪيو، “ مان ..... مان ..... ”
    اڃان مان ڪجھه وڌيڪ چوان ان کان اڳ هن ڇوڪريءَ چوڻ شروع ڪيو، ”اَچو، اَندر اَچو. دادا ويٺا توهانجو انتظار ڪن.”
    ائين چئي هوءَ ڇوڪري هڪ ڪمري ڏانهن وڌي. مان به بنا ڪجھه سوچڻ جي اندر گھڙي ويس. اندر گھڙي پهرين مون ٻاهريون در بند ڪيو ۽ پوءِ ان ڇوڪريءَ جي پوئتان ان ڪمري ۾ ويس.
    ڪمري ۾ پهچي ڇوڪري مونکي هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چئي هلي ويئي. ٿوري دير ۾ هڪ بزرگ ڪمري ۾ آيو، مونکي ڏسي عجب ۾ پئجي پڇيائين، ”تون ڪير؟ مُنهنجي ڌيءُ ته چيو ته منهنجو دوست مسٽر شرما آيو آهي.”
    مون جواب ڏنومانس، ”سائين توهان جي ڌيءُ کان غلطي ٿي آهي. اَصل ۾ هوءَ مونکي شرما سمجھي اَندر وٺي آئي. توهان ويهو مان توهان کي پوري ڳالهه ٻڌايان ٿو، توهان پاڻ سمجھي ويندا ته غلط فهميءَ جو ڪهڙو سبب آهي.”
    منهنجي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهندي هن چيو، ” ٻڌايو، ڇا ٿا ٻُڌائڻ چاهيو.”
    ”سائين، منهنجي پوئتان ڪجھه غنڊا پيا آهن. انهن کان بچڻ خاطر مان هن گھٽيءَ ۾ گھڙي آيس پر بند گھٽي ڏسي مون توهانجي گھر جو در کڙڪايو. در کلڻ تي مون پنهنجي باري ۾ توهانجي ڌيءُ کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو، پر اڃان مون ايترو مس چيو ته مان ....، ته توهان جي ڌيءُ مونکي شرما سمجھي اَندر وٺي آئي. جيئن ته مونکي ڊپ هو ته ڪٿي اهي رهزن منهنجي پوئتان نه هليا اَچن انڪري مان پڻ اَندر هليو آيس. اَصل ۾ ڏوهُه منهنجو آهي جو مون توهان جي ڌيءُ کي پنهنجي سڃاڻپ نه ڏني. ان ۾ توهان جي ڌيءُ جي ڪا غلطي ته آهي. اُميد ٿو ڪريان ته توهان منهنجي گستاخي معاف ڪندا.”
    ” ته توهان اڃان ايترو چيو ته ‘مان ....’ ۽ منهنجي ڌيءُ اهو سمجھيو ته توهان مُنهن جي لاءِ پُڇي رهيا آهيو ڇاڪاڻ ته سڀ مونکي هتي ماستر صاحب ڪري سڏيندا آهن. منهنجي ڌيءُ ‘مان ...’ کي ائين سمجھيو هوندو ته ڄڻ توهان پڇي رهيا آهيو ‘ماستر صاحب آهن ؟’ جيئن ته مون اڳ ۾ ئي کيس چئي ڇڏيو هو ته مسٽر شرما مونسان مِلڻ اَچڻ وارو آهي انڪري هن ائين سوچيو ته توهان مسٽر شرما هوندا ۽ مون لاءِ پُڇي رهيا آهيو. خير، توهان اندر هلي آيا ان تي مونکي ڪو اعتراض نه آهي. پر توهان اهو ته ته ٻڌايو ته اهي غنڊا توهان جي پوئتان ڇو پيا آهن، جن کان ڊڄي هيئن لڪندا ٿا ڦرو. ڇا توهان هنن جو ڪو نقصان ڪيو آهي يا وري ڪو هنن کان قرض ورتو آهي؟ توهان ڏسڻ ۾ ته ڪافي شريف ٿا اچو پوءِ هنن غنڊن جي چڪر ۾ ڪيئن ڦاٿا ؟”
    ”سائين، مان جيڪڏهن توهان کي سڄي ڳالهه ٻڌايان، پر شايد توهان کي ان تي ڪو وشواس نه ٿئي ڇاڪاڻ ته مان پاڻ ڪڏهن- ڪڏهن ائين پيو ڀانيان ته شايد مان ڪو سپنو پيو ڏسان يا ته ڪا پڪچر پيو پسان. اَهڙيون ڳالهيون ته قِـصن ڪهاڻين ۾ پڙهبيون آهن. پر وشواس ڪريو، نه مان انهن غنڊن کي سڃاڻان ۽ نڪو ڪو منهنجو انهن سان ڪو وير آهي يا ٻيو ڪو سنٻنڌ. الائي ڇو منهنجي پوئتان اچي پيا آهن.”
    ”توهان پنهنجي پوُري ڳالهه مونکي ٻڌايو، پوءِ مان ڪجھه فيصلو ڪري سگھندس ته اصل ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. پر پهرين توهان اهو ته ٻڌايو ته توهان جو نالو ڇا آهي؟”
    ”منهنجو نالو هيمن آهي. منهنجا ماءُ پيءُ ڪونه آهن. مونکي پنهنجي مامي ماميءَ پاليو آهي جيڪي ٻئي شهر ۾ رهندا آهن ..........”
    ائين مان اڌ ڪلاڪ تائين ڳالهائيندو رهيس ۽ کيس شروع کان وٺي سربستي ڳالهه ٻُڌائي. ماستر صاحب ان وچ ۾ مونکي نه ڪجھه چيو ۽ نه ٽوڪيو. هن مونکي پنهنجي ڳالهه پنهنجي نموني ٻُڌائڻ جو پوُرو موقعو ڏنو. مونکي پڻ پتو نه هو ته مان ڇو کيس ائين سڄي ڳالهه ٻُڌائي رهيو آهيان. هنن سان ته منهنجو ڪو سنٻنڌ ڪونه هو پوءِ ڇو مان پنهنجي دل کولي سندن اڳيان رکي رهيو هوس. مان ته رڳو هنن غنڊن کان بچڻ خاطر ڪجھه وقت اَجھو وٺڻ هن گھر ۾ گھڙيو هوس. پوءِ اهڙي ڪهڙي شڪتي هئي جيڪا مونکي هن جي اڳيان پنهنجون پريشانيون کولي رکڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي. پر جيئن نديءَ جو بند ٽُـٽڻ تي سيلاب اچي ويندو آهي اهڙي طرح هن جي همدرديءَ ڄڻ گذريل ڪجھه ڏينهن کان دماغ تان ٻوجھه روپي ان بند کي ٽوڙي ڇڏيو هو جنهن ڪري نديءَ جي سيلاب وانگر منهنجي ڳالهين جو وهڪرو پڻ تيز ٿي ويو هو ۽ مون پنهنجي پوري ڳالهه کيس ٻُڌائي.
    جڏهن ڳالهه پوري ٿي تڏهن هوش آيو. ماستر صاحب ته اکيون بند ڪري ڌيان سان منهنجون ڳالهيون ٻڌي ئي رهيا هئا پر هوءَ ڇوڪري پڻ چپ چاپ ان ڪمري جي در وٽ اچي بيٺي هئي. هن منهنجي ڪيتري ڳالهه ٻڌي هئي انجو اندازو لڳائڻ مشڪل هو. سندس هٿن ۾ هڪ ٽري هئي جنهن ۾ شربت جا ٻه گلاس رکيل هئا. برف ته شايد پوري ڳري ويئي هئي. گلاسن جي ٻاهران پاڻيءَ جا ڦڙا صاف ٿي نظر آيا ۽ انهن ڦڙن ۽ منهنجي نِرڙ تي آيل پگھر جي ڦڙن ۾ ڪو فرق نٿي نظر آيو. ان ڇوڪريءَ منهنجي ڳالهه ٻڌي هوندي، ان ڪلپنا کان ئي منهنجي نرڙ تي پگھر جون اهي بوُندوُن ظاهر ٿيون هيون.
    ڳالهه پوُري ڪري مون ماستر صاحب ڏانهن نهاريو. هوُ چپ چاپ ڪنهن خيال ۾ مشغول هو. ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي چوڻ شروع ڪيائين، ”پُٽ، ائين ته تنهنجي ڳالهه تي جيڪڏهن مٿاڇرو غور ڪجي ته برابر اها هڪ من گھڙت ڪهاڻي لڳندي. پر منهنجو آزمودو مونکي ٻڌائي رهيو آهي ته تنهنجا ٻڌايل ڪجھه واقعا ته سچ آهن ۽ ڪي ڳالهيون رڳو تنهنجي ڪلپنا جي پيدائش آهن. جڏهن اِنسان پنهنجي اکين تي سائو چشمو چاڙهي، ساري دنيا کيس سائي نظر ايندي پر جي ڪارو چشمو پائي ته اهي ساڳيون شيون کيس ڪاريون لڳنديون. تنهنجي حالت به ساڳي آهي. جيڪڏهن هڪ دفعو توُن رُڳو انهن ماڻهن سان ملين ها ته شايد سڀ ڳالهيون صاف ٿي وڃن ها ۽ توکي هيئن پريشان نه ٿيڻو پوي ها. پر، جيڪڏهن اهو به مڃجي ته جيڪي تون سوچي رهيو آهين اهو سڀ ڪلپنا نه پر سچ آهي ته به تون اهڙن رهزنن کان ڪيترو وقت پاڻ کي بچائي سگھندين؟ تو پاڻ چيو ته اُهي ماڻهو تنهنجي پوئتان رڳو انڪري آهن جيئن توکي پڪڙي ڪنهن ڇوڪريءَ سان زبردستي شادي ڪرائين. انجو مطلب ته اهو ٿيو ته تنهنجو ڪنوارو هُئڻ ئي تنهنجو دشمن آهي. جيڪڏهن اڄ تون شادي شده هُجين ها ته هنن کي تنهنجي ڪا به ضرورت ته هجي ها. انجو سِڌو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن هنن جي هٿ لڳڻ کان اڳ ئي تنهنجي شادي ٿي وڃي ته پوءِ هو تنهنجي پٺ ڇڏي ڏيندا.”
    ماستر صاحب جي ڳالهه مونکي دل سان لڳي. مونکي خود اهڙي سَولي ڳالهه ڇو نٿي سمجھه ۾ آئي، ان تي مونکي حيرت هئي. برابر جيڪڏهن اڄ مان شادي شده هجان ها ته نه کين منهنجي ضرورت پوي ها ۽ نه مونکي هنن مان ڪو ڊپ يا خطرو هجي ها. پر شادي ڪرڻ ڪا سَولي ڳالهه ته نه هئي. ائين ته هو ڪونه جو دڪان تان پيَسن سان پنهنجي لاءِ هڪ عدد زال وٺي ان سان لائون لهجن. شايد ماستر صاحب به منهنجي دل ۾ اُٿندڙ خيال ڀانپي ورتا. هن وري چوڻ شروع ڪيو، ”پٽ، اهو برابر آهي ته شادي ڪرڻ ۾ ٽائيم لڳندو. اها هڪدم ته ٿي نه سگھندي. سو ويچار اهو ڪرڻو آهي ته انهن غنڊن کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڇا ڪجي. نڪو توکي هنن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي ۽ نڪو تون کين سڃاڻين يا اتو پتو ڄاڻين. انڪري پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ ۾ به ڪو فائدو نه ٿيندو. جيڪڏهن هوُ تنهنجي پوئتان رڳو تنهنجي شادي ڪرائڻ لاءِ ئي آهن ته پوءِ رڳو هڪ ئي علاج آهي ته هنن کي اها ڄاڻ پوي ته تو شادي ڪري ڇڏي آهي. پر شادي ته ايترو جلد ٿيڻ ممڪن نه آهي انڪري جيڪڏهن ڪا ڇوڪري توسان گڏ ڪجھه ڏينهن رهڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ تون سڀني کي اهو ٻڌائين ته هوءَ تنهنجي زال آهي ته پوءِ هو غنڊا تنهنجي پچر ڇڏي ڏيندا.”
    مونکي پنهنجو پاڻ تي غصو اچڻ لڳو ته پنهنجين پريشانين جو اهڙو سولو اُپاءُ مونکي خود ڇو نه سُجھيو. سچ پچ جيڪڏهن مونسان ڪا ڇوڪري رهندڙ هجي ها ته ڪنهن کي ڪيئن پتو پوي ها ته هوءَ منهنجي شادي شده زال نه آهي. انڪري هاڻي منهنجي سامهون بس رڳو هڪ سوال هو ته اهڙي ڇوڪري ڪير ٿي ٿي سگھي جنهن کي مونسان رهڻ ۾ ڪو اعتراض نه هُجي. مون پنهنجي دماغ تي زور ڏنو ۽ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙي ڪهڙي ڇوڪري مونسان رهڻ لاءِ راضي ٿي سگھي ٿي. ڪيترو به سوچڻ کان پوءِ به ڪنهن ڇوڪريءَ سان گڏ رهڻ جو ته پري، مان اهو به ياد نه ڪري سگھيس ته مان ڪو ڪنهن ڇوڪريءَ کي چڱي طرح سڃاڻندو به هوس. اصل ۾ ڪاليج ۾ ‘شي مئن’ جي نالي پوڻ کان پوءِ مان ڇوڪرين جي پاڇي کان به دوُر ڀڄندو هوس. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري منهنجن سڃاڻپ وارن ۾ نه هئي ته پوءِ ڪهڙي اڻڄاڻ ڇوڪري مون سان ائين رهڻ لاءِ تيار ٿيندي ۽ ڪهڙا مائٽ پنهنجيءَ ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي هڪ اڻڄاڻ ڇوڪري سان ائين رَهائڻ لاءِ تيار ٿيندا. مان اڃان اهوئي سوچي رهيو هوس ته ماستر صاحب وري چوڻ شروع ڪيو، ”پُٽ، چَوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق ٿيندو آهي. چوڻ ۾ ته چئي ويس ته توسان جيڪڏهن ڪا ڇوڪري رهڻ لاءِ تيار ٿئي ته تنهنجي پريشاني دوُر ٿي ويندي، پر هڪ ڪُنواري سان ڇو ڪا ڇوڪري بنا شاديءَ جي گڏ رهڻ لاءِ تيار ٿيندي. اسانجي سماج اڃان اولهه وارن مُلڪن کان ايترو به اڳتي نه وڌي آهي جو ائين بنا شادي ڪئي ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي. تنهن کان سواءِ ائين گڏ رهڻ کان پوءِ ان ڇوڪريءَ سان شاديءَ لاءِ ٻيو ڪيرُ تيار ٿيندو. جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري ائين ڪنهن سان گڏ رهي نٿي سگھي ته ڪنهن شادي شده جو ائين رهڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي. ائين ته جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو به ائين ڪنهن ٻئي سان کليو کلايو رهندو ته سندس شاديءَ ۾ به رُڪاوٽون اچي سگھن ٿيون. انڪري ڪو ٻيو اُپاءُ سوچڻو پوندو.“
    ماستر صاحب جي ڳالهه ٻُڌي سمجھه ۾ آيو ته جنهن اُپاءَ کي سڀ کان سَولو پئي ڀانيم اهو پاڻ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ ناممڪن اُپاءُ هو. ماستر صاحب ته پنهنجي ڳالهين سان پهرين عرش تي چاڙهي وري آڻي فرش تي پٽڪيو هو. هاڻي ڇا ڪجي؟ اڃان اهو سوچي رهيو هوس ته ماستر صاحب چوڻ شروع ڪيو، ”هاڻي سوال ٿو اُٿي ته اهڙي حالت ۾ ڇا ڪجي. ها، هڪ رستو آهي. ڪنهن ڇوڪريءَ سان تنهنجي شادي جلد به جلد ڪرائي ڇڏجي. پر ان ۾ تنهنجي رضامنديءَ سان گڏ ان ڇوڪريءَ ۽ سندس مائٽن جي راضي ٿيڻ جي به ضرورت پوندي. جيڪڏهن تون ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ کي سُڃاڻندو هُجين ته ڳالهه ٺَـهي سگھي ٿي، نه ته اهڙي ڇوڪري ڳولهڻ، ان کي ساري ڳالهه سمجھائڻ، هنجو ۽ سندس مائٽن جو راضي ٿيڻ وغيره ڳالهين ۾ وقت لڳي ويندو سو جي تون ڪنهن ڇوڪريءَ کي سڃاڻندو هجين ته پوءِ ان سان ڳالهه چورجي.”
    ”سائين مان ته ڪنهن ڇوڪريءَ کي سڃاڻان ئي ڪونه . اڄ جيڪڏهن منهنجي مامِي هتي هجي ها ته شايد اها منهنجي مدد ڪري سگھي ها. پر ڇوڪرين جي باري ۾ مان بلڪل اڻڄاڻ ۽ نادان آهيان.”
    ”تنهنجي ان جواب اسانجي مسئلي کي پاڻ وڌيڪ منجھائي ڇڏيو آهي. مون ته سوچيو هو ته اڄ ڪلهه جي ڇوڪرن وانگر تون به ضرور ڪن ڇوڪرين کي سڃاڻندو هوندين ۽ ڪن سان گَـهرو به هوندين ته انهن مان ڪنهن هڪ سان ڳالهه ڪرڻ ۾ سَولائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري تيار ٿئي ته مندر ۾ ٻنهي جي شادي به ترت ڪرائي سگھجي ٿي. پر توُن ته عجيب ڇوڪرو ٿو ڏسجين. انڪري هاڻي ڇا ڪجي اهو سوچڻو پوندو.”
    ائين چئي ماستر صاحب وري سوچ ۾ پئجي ويو. هوُ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي ڌيءُ ڏانهن نهاري پوءِ مون ڏانهن نهاريائين. سندس چهري مان ائين ٿي نظر آيو ته کيس سمسيا جو ڪو اُپاءُ هٿ لڳو آهي. هن هڪ دفعو وري ڌيءُ ڏانهن نهاري، مونکي چيو، ”پٽ، تنهنجي پريشاني مٽائڻ جو رڳو هڪ اُپاءُ آهي، جيڪڏهن توُن هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار هجين ته مان کيس توسان گڏ رهڻ لاءِ موڪلي سگھندس. هينئر ئي هلي مندر ۾ ويدڪ ريتيءَ سان توهانجي شادي به ڪرائي سگھجي ٿي. انکان پوءِ توهان ٻئي گڏ رهي سگھو ٿا. هيءَ شادي رڳو انڪري ضروري آهي جيئن پوءِ نه تون ڦري سگھين ۽ نه تنهنجا مائٽ. باقي شاديءَ جون جيڪي ٻيون رسمون تو يا تنهنجن مائٽن چاهيون، اُهي پوءِ مان پوريون ڪندس. ڇا توکي اها ڳالهه منظور آهي؟”
    ماستر صاحب جي ان راءِ کي ٻُڌي پهريون دفعو مون ان ڇوڪريءَ کي چتائي ڏٺو. هوءَ رنگ روپ ۾ بلڪل ٺيڪ هئي. روش به اهڙا هئس جو ڪنهن کي به موهي سگھي. مونکي پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي هوءَ اتان هٽي ويئي ان مان سمجھيم ته لڄ ۽ حيا واري به آهي. تڏهن هنجي آواز جي ياد پڻ آئي جيڪو در کولڻ وقت هن مونسان ڳالهايو هو. سچ پچ سريلو آواز هو. هينئر به اهو ڄڻ منهنجي ڪنن ۾ گونججي رهيو هو. مان ان ۾ اهڙو ته کوئجي ويو هوس جو جڏهن ماستر صاحب چوڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجو ڌيان ٽٽو. ماستر صاحب چئي رهيو هو- ”پٽ، ان ۾ ڪا زور زبردستي ڪانه آهي. جيڪڏهن توکي اها ڳالهه منظور نه هجي يا تون ائين سمجھين ته تنهنجن مائٽن کي ان تي اعتراض ٿيندو ته پوءِ اها ڳالهه اتي ئي رهڻ ڏي. مَنجوءَ جي شاديءَ جو سوال منهنجي سامهون پڻ آهي پر انجو مطلب اهو بنهه نه آهي ته مان زبردستيءَ کيس تنهنجي مٿان مڙهڻ ٿو چاهيان. تون منجوءَ جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻين به ڪونه ، انڪري رڳو صرف وشواس تي ئي توکي هن سان شاديءَ لاءِ تيار ٿيڻو پوندي. اهو هڪ تمام اَهم فيصلو آهي جيڪو توکي جلدبازيءَ ۾ نه ڪرڻ کپي. توکي جيڪڏهن پاڻ تي اهو پڪو وشواس هجي ته شاديءَ کان پوءِ مَنجوءَ سان تون هر حال ۾ گڏ گذاري سگھندين ته پوءِ ئي اهڙو فيصلو ڪج؛ نه ته ان ڳالهه کي اتي ئي رهڻ ڏي.“
    ”سائين، توهان جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ ۾ مونکي ڪوبه اعتراض ڪونهي. مان پنهنجي مامي ماميءَ کي سُڃاڻان هو منهنجي چوُنڊ جي آڏو نه ايندا. جيڪڏهن توهان وشواس رکي پنهنجي ڌيءُ جي شادي هڪ اڻڄاڻ سان ڪرڻ لاءِ تيار آهيو ته پوءِ مونکي به وشواس آهي ته ڀڳوان مون سان ڪو دوکو ڪونه ڪندو. هن وقت ته توهان مونکي بس انهن رهزنن کان بچايو. مان توهان جو عمر ڀر شڪر گذار رهندس.”
    ماستر صاحب چوڻ شروع ڪيو، ”پٽ، شادي گُڏي گُڏيءَ جو کيل ڪونهي، انڪري سوچي سمجھي جواب ڏي. ائين نه ٿئي ته اڳتي هلي توکي پڇتائڻو پوي. تو ته رڳو ڇوڪريءَ کي ڏٺو آهي ان جي باري ۾ توکي ڪا ڄاڻ به نه آهي. انڪري منهنجي توکي صلاح آهي ته توکي يا تنهنجن مائٽن کي جيڪڏهن ڪا جاچ ڪرڻي هجي ته ڀل ڪريو. ائين به شاديءَ جهڙي گنڀير مسئلي ۾ جلدبازي نه ڪرڻ جُڳائي.“
    ”سائين، مُنهنجي سامهون جاچ ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڪٿي آهي. جڏهن توهان منهنجي باري ۾ ڪا جاچ ڪرڻ ڪونه ٿا چاهيو ته پوءِ مونکي به انجي ڪا ضرورت نه آهي. تنهن کان سواءِ جاچ ڪرڻ ۾ ته ڪجھه وقت ضرور لڳندو، ڇا ايترو وقت هوُ غنڊا ترسندا؟ مان ته سمجھان ٿو ته جيڪڏهن کين اهو پتو لڳو ته مان شادي ڪرڻ جي تياري پيو ڪريان ته هو پاڻ غصي ۾ اچي ڪو تڪڙو قدم نه کڻن. ڪٿي ائين ته نه آهي ته توهانکي منهنجي باري ۾ جاچ ڪرڻ لاءِ وقت گھرجي؟ چوندا آهن ته جوڙا ته ڀڳوان طئه ڪندو آهي ۽ شاديون هت ڌرتيءَ تي ٿينديون آهن. سو ڀڳوان تي پورو وشواس رکي مان هينئر ئي شاديءَ لاءِ تيار آهيان. مونکي ڪا جاچ ڪرڻي نه آهي.“
    ماستر صاحب ڪجھه دير سوچڻ کان پوءِ چوڻ شروع ڪيو، ”پٽ، اُٻهرو نه ٿيءُ. شانت چت سان سوچ. ڇوڪرن لاءِ ڇوڪريون گھڻيون. سو جي شاديءَ کان پوءِ مَنجوءَ جي باري ۾ ڪن اڻ وڻندڙ ڳالهين جي توکي سِڌ پوي ته پوءِ نه تنهنجي زندگي سُکي رهندي ۽ نه هن جي. سو مان سوچيان ٿو ته اهو به طريقو ٺيڪ نه رهندو. اَسانکي تنهنجي پريشانيءَ جو ڪو ٻيو حل ڳولهڻو پوندو.”
    مون هڪدم چوڻ شروع ڪيو، ”سائين، توهان ته مونکي مٿي چاڙهي وري آڻي ٿا پٽ تي ڪيرايو. هو رهزن ته مونکي الائي ڪنهن سان ڦاسائيندا. الائي اها ڪاڻي هوندي يا انڌي، لوُليِ هوندي يا لنگڙي، ڪاري هوندي يا ڪوجھي. مان ان ڇوڪريءَ جو تصور به نٿو ڪري سگھان. توهانجي ڌيءُ کي ته مون ڏٺو آهي. باقي اڳتي جيڪي قسمت ۾ هوندو. هونءَ به ڏسڻ وائسڻ کان پوءِ به ته دوکو ٿي سگھندو آهي، سو توهان دير نه ڪريو. ڪنهن ٻانڀڻ کي گھُرائي جلد اسانجي شادي ڪرايو نه ته منهنجو هتان ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي. هو رهزن ٻاهر الائي ڪٿي لڪا ويٺا هوندا.“
    اِهو ٻُڌي ماستر صاحب چيو، ”پُـٽ، جيڪڏهن اهڙي نموني مون توسان پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪئي ته دُنيا ڇا چوندي ! ... يا ته ائين چوندي ته مون تنهنجي مجبوريءَ جو اجوڳ فائدو ورتو يا توکي ڦاسائي پنهنجي ڌيءُ کي تنهنجي گلي مڙهيم. دُنيا ائين به چئي سگھي ٿي ته مونکي پنهنجي ڌيءُ پياري نه هئي جو ائين بنا پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جي سندس شادي لڪائي ڪيم. سو پٽ، اُٻهرو ٿيڻ مان ڪو فائدو نه رَسندو. جيڪڏهن اڳتي هلي دُنيا اهڙيون ڳالهيون ڪري ته پوءِ تون ڇا ڪري سگھندين ؟“
    مُنهنجي سامهون ته انهن ٻن رهزنن جا اڻ ڏٺل چهرا گھمي رهيا هئا. هنن کان بچڻ خاطر مان ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار هوس. سو مون بنا ڪجھه سوچڻ جي جواب ڏنو، ”سائين، مونکي ڪنهن جي به پرواهه نه آهي. مان سڄي دنيا سان لڙي سگھان ٿو. جيڪڏهن ڪا ضرورت پيئي ته مان پنهنجن مائٽن کي به ڇڏي سگھان ٿو. بس، هن وقت مونکي هنن رهزنن کان بچايو.“
    منهنجو جواب ٻُڌي ماستر صاحب جي منهن تي مُرڪ ڏسڻ ۾ آئي ۽ چيائين، ”پٽ، جي تون ساري دنيا سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهين ته پوءِ چئبو ته تون هڪ بهادر انسان آهين. پوءِ ڇو نٿو تون ٻاهر نڪري انهن ٻن غنڊن جو مُـقابلو ڪرين. در اَصل مَنجوءَ يا ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ سان تنهنجي شادي ڪرائڻ جو خيال مُنهن جي مَنَ ۾ ڪڏهن هو ئي ڪونه . موُن ته بس تنهنجي لڪل غيرت ۽ مردانگيءَ کي جاڳائڻ لاءِ اهو ناٽڪ پئي ڪيو. ان طرح ٻن اڻڄاڻ انسانن کي ائين لڪائي نه ڪو شاديءَ جي ٻنڌن ۾ ٻَڌي سگھندو ۽ نه ئي شاديون ان نموني ٿينديون آهن. هاڻي جڏهن تنهنجي غيرت ۽ مردانگي جاڳي آهي ۽ تون هڪ اڻڄاڻ ڇوڪريءَ خاطر سڄي دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهين ته پوءِ مڙس ٿي انهن غنڊن جو مقابلو ڪر. جيڪڏهن تنهنجي مرضي شادي ڪرڻ جي نه آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت ائين ڪري نٿي سگھي. قانون پڻ اهڙي شاديءَ کي مڃتا نه ڏيندو. تون بالغ آهين ۽ پنهنجي حقن جي رکيا توکي پاڻ ڪرڻي آهي. وَڃُ، وڃي انهن غنڊن جو مُـقابلو ڪر. منهنجي آسيس تو ساڻُ آهي.”
    ماستر صاحب جا اهي لفظ ٻُڌي منهنجو ڪنڌ شرم کان هيٺ جھُڪي ويو. سچ پچ منهنجي مردانگي هيل تائين الائي ڪيڏانهن ويئي هئي. مون ان طرف نهاريو جنهن طرف مَنجو ويئي هئي. صاف ته ڪجھه نٿي نظر آيو، پر ائين ڀانيم ته اوندهه ۾ مَنجو بيٺي هئي. هن اسانجون ڳالهيون ٻُڌيون يا ته اهو ته پتو ته آهي پر جيڪڏهن هن سڀ ڳالهيون ٻڌيون هوُنديوُن ته منهنجي لاءِ ڇا سوچيندي هوندي؟ اهو خيال ئي منهنجي من کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. هڪ دفعو مون وري ماستر صاحب ڏانهن نهاريو. هو اڃان به مُرڪي رهيو هو. مان بنا ڪجھه چوڻ جي گھر کان ٻاهر نڪري آيس ۽ سِڌو پنهنجي گھر طرف روانو ٿيس. نڪو رستي تي اهي اجنبي ڏسڻ ۾ آيا ۽ نه ڪوئي گھر وٽ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. گھر اچي ڪپڙا لاهي سُمهي پيس. سُمهڻ سان ئي گَـهري ننڊ اچي ويئي.
    ٻئي ڏينهن صبوح جو اُٿيس ته من بلڪل شانت هو ۽ دل ۾ هڪ اٽل اِرادو ته اڄ جيڪڏهن اهي اجنبي اگر ڏسڻ ۾ به آيا ته اڳتي وڌي انهن سان مقابلو ڪندس. اڃان برش ئي ڪري رهيو هوس ته ٻاهران ڪنهن مونکي آواز ڏنو. در کولي ڏٺم، گانگٽ جيان مڇن وارو ٿُـلهو ماڻهو ٻاهر بيٺو هو. پر هي اهو نه هو جيڪو موُن سئنيما ۾ ڏٺو هو. هوُ اڃان ڪجھه چوي ان کان اڳ مون رعب سان چيو، ”چئو، ڇا آهي ؟ مان ئي هيمن آهيان.“
    ”مسٽر هيمن، مان توهان سان پوين ٽِن ڏينهن کان ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان پر توهان سان ملڻ نه پئي ٿيو. خير، اصل ڳالهه تي اچان، هيءَ چٺي ۽ هڪ امانت توهانکي ڏيڻي هُئي. توهان چٺي پڙهو توهان کي سڀ سمجھه ۾ اچي ويندو.“
    ائين چئي مون ڏانهن هن هڪ لفافو وڌايو. مون اهو لفافو وٺي کولي ان ۾ رکيل چٺي پڙهڻ شروع ڪئي. جڏهن اها پڙهي پوري ڪيم ته ان اجنبيءَ چيو. ”مسٽر هيمن، هاڻي توهان سمجھي سگھو ٿا ته مونکي توهان سان روُبرو ملڻ ڪيترو نه ضروري هو. هن شهر ۾ منهنجو هڪ دوست آهي. پهرين ڏينهن ان سان گڏ گھر ڳوليندو هِتي آيو هوس. توهان نه مليا انڪري ٻئي ڏينهن توهانجي آفيس آيس پر توهان اڃان اُتي نه پهتا هُئا. مونکي جيئن ته پنهنجا ڪجھه ضروري ڪم هئا انڪري اتي نه رڪيس. ڪالهه ٿوري فرصت ملي ته آيس پر توهانجي پاسي واريءَ داديءَ ٻڌايو ته توهان اڃان آيا ڪونه هئا، انڪري مان کيس چئي ويو هوس ته توهانکي اڄ صبوح جو منهنجو انتظار ڪرڻ لاءِ چوي، هن ضرور توهان کي ٻڌايو هوندو. مونکي اڄ شام جو هتان هليو وڃڻو آهي انڪري انکان اڳ توهان سان روُبرو ملڻ ضروري هو. هيءَ اَمانت توهان کي هٿن ۾ ڏيڻي هُئي، ڪنهن ٻئي کي اها نه پئي ڏيئي سگھيس.“
    ائين چئي ان اجنبيءَ بئگ کولي نوٽن جو هڪ بنڊل ڪڍي منهنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو، ”مسٽر هيمن، مهرباني ڪري پئسا ڳڻي وٺو. پورا ڏهه هزار اٿو ۽ جي توهانکي اعتراض نه هجي ته پئسن جي رسيد لکي ڏيندا. انهن پئسن جي پهچ پنهنجي مامي کي پڻ جلد ڏيندا ڇاڪاڻ ته مان اڃان ڪجھه ڏينهن ٻين شهرن ۾ رهندس.“
    مون چٺي کولي پڙهڻ شروع ڪئي،
    ”پٽ هيمن،
    چٺي تنهنجي ملي ، پڙهي حال احوال معلوم ٿيو. پٽ مون توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته تون پنهنجي پگھار پاڻ وٽ رکندو ڪر. اسان ڏانهن اها موڪلڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. پر تون هر مهيني پنهنجي خرچ جا پئسا پاڻ وٽ رکي باقي پگھار اسان ڏانهن موڪليندو رهيو آهين. جيڪڏهن تون اسان جي ڳالهه مڃين ها ته هيءَ حالت نه بڻجي ها. تو لکيو آهي ته توکي آفيس اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي جنهن ڪري تو اسڪوٽر وٺڻ جو سوچيو آهي ان لاءِ توُن آفيس مان قرض وٺڻ ٿو چاهين ۽ قرض جي قسط ڪٽجڻ ڪري اسانکي موڪليندڙ پئسن ۾ ڪجھه ڪمي ٿيندي. پهرين ڳالهه ته توکي اهو ڪڏهن به سوچڻ نه کپي ته اسانکي وڌ يا گھٽ پئسا ڏيڻ تو لاءِ ضروري آهي. تنهن کان سواءِ تون جيڪي پئسا اسان کي موڪليندو رهيو آهين انهن کي اسان ڪڏهن به هٿ نه لڳايو آهي. اهي بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندا ويندا آهيون. انهن مان هي ڏهه هزار ڪڍائي توکي موڪلي رهيو آهيان. توکي آفيس مان نه قرض وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي اڳتي اسان ڏانهن پئسا موڪلڻ جو ڪو اونو. توکي جيڪڏهن ٻين پئسن جي ضرورت هجي ته هڪدم لکج ته مان بئنڪ مان ڪڍائي موڪليندس ڇو ته اڳ پوءِ اسانجي پوري ملڪيت جو تون ئي مالڪ آهين. هڪ دوست جي ڀاءُ جي هٿ توکي پئسا موڪلي رهيو آهيان. جيئن ته هو توکي ڪونه سُڃاڻي انڪري تون پئسن جي رسيد ان کي ڏيڻ سان گڏ مونکي به پهچ ڏج.
    ٻيو، تنهنجي مامِي روز- روز منهنجو مَـٿو کائي رهي آهي ته مونکي تنهنجي شاديءَ جو ڪو فڪر ڪونهي ۽ شايد مان توکي پنهنجو پٽ ڪري نٿو ليکيان. تنهنجي ماميءَ جي مرضي آهي ته تنهنجي شاديءَ ۾ هاڻي گھڻي دير نه وجھڻ کپي. هوءَ چاهي ٿي ته تنهنجي ماءُ کي ڏنل وچن پنهنجي زندگيءَ ۾ پورو ٿيندو ڏسي. مان هردم توسان شامل راءِ ٿيندس، پر منهنجي به اها اڇا ضرور آهي ته مان به تنهنجن ٻارن کي اکين سان ڏسي پوءِ ئي هميشهه لاءِ اکيون پوُريان، جيئن پنهنجي ڀيڻ کي مٿي وڃي تنهنجن ٻارن جي باري ۾ ٻُڌائي سگھان. سو تون ڀل سوچي جواب ڏج. جيڪڏهن تون ڪنهن خاص ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ چاهيندو هُجين ته به اسانکي ڪو اعتراض نه آهي. اسان ته پنهنجي نوُنهن جو مُنهن ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. پر جيڪڏهن توکي ڪو اعتراض هجي تو پوءِ منهنجو توسان پورو ساٿ رهندو.“
    مون هڪ دفعو وري ان گانگٽ جيان مُڇن واري اجنبيءَ ڏانهن نهاريو جيڪو مونکان رسيد ملڻ جي اميد ۾ اُتي بيٺو هو. هينئر مونکي پنهنجي بيوقوفي سمجھڻ ۾ دير نه لڳي. رڳو ٻن ماڻهن جي رنگ روپ جي مٿاڇري ڄاڻ حاصل ڪري مون پنهنجي من ۾ هڪ اجايو شڪ پئدا ڪيو هو ۽ انڪري دنيا جي هر ٿُلهي ۽ سَنهي ماڻهوءَ مان مونکي ڊپ لڳو هو. اصل ۾ ان ڊپ جو آڌار مُنهنجي من ۾ جاڳيل شڪ ۽ بدگماني هئي.
    ائين ته منهنجي ان شڪ ۽ ڊپ جي اها آکاڻي اُتي ئي ختم ٿي ويئي هئي ۽ وڌيڪ ٻُڌائڻ اجايو آهي. پر مون ته توهانکي شروع ۾ ئي ٻڌايو ته زندگيءَ جي سفر ۾ مونکي الڳ- الڳ نالا ۽ تخلص ڏنا ويا ويا آهن- راجا، ڍولڻ، هي- منٺار، شي- مئن ۽ بابيِ. انهن باري ۾ ته مون توهانکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو آهي. پر ان ۾ ڪا اڃان ڪمي رهيل هئي. جڏهن منهنجن دوستن کي منهنجي زندگيءَ جي انهن ٻن ٽن ڏينهن جي خبر پيئي ته هنن مونکي چوڻ شروع ڪيو، ”مڄو“. هاڻي توهان ضرور سوچيندا ته هنن اهو نالو مون لاءِ ڪيئن سوچيو. جيڪڏهن توهان پنهنجي دماغ تي زور ڏيندا ته توهان کي سڀ ڪجھه سمجھه ۾ اچي ويندو. پر شايد توهانکي دماغ نالي واري شيءِ ڀڳوان ڏني ئي ڪانه آهي ! ڇاڪاڻ ته اهڙي خسيس ڳالهه به توهانکي سمجھه ۾ نٿي اچي. خير، مان ئي ٿو توهاکي ٻُڌايان، ان حادثي کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ مان سچ پچ هڪ مڪڙيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي ويو هوس. ان مڪڙيءَ جو نالو هو مَنجو.*


    هڪ سوال

    ” رام نام ست هئه، ست بولو گت هئه.“
    ”نيتاجي زنده آباد، نيتاجي زنده آباد.“

    رستي جي هڪ طرف کان هڪ ارٿي اَچي رهي هئي ۽ ٻئي طرف کان چونڊن ۾ سوڀاري ٿيڻ تي هڪ نيتاجيءَ جو جلوس. ارٿيءَ سان گڏ هئا سرڳواسيءَ جا پندرهن ويهه مٽ مائٽ، دوست ۽ سڄڻ ۽ جلوس ۾ هئا نيتاجيءَ جا پنج ڇهه سؤ چمچا ۽ خوش آمدي.
    ارٿيءَ کي گلن جي ٻن چئن مالائن سينگاريو ويو هو ته نيتاجيءَ جو سڄو منهن ۽ اڇو مٿو قسمين- قسمين جي گلالن سان رڱيل هو. ارٿيءَ سان هئي مؤت جي شانتي؛ ۽ جلوس سان هو جيون جو هنگامو. جلوس جي اڳيان بئنڊ فلمي ڌُنون وڄائيندي هلي رهي هئي ۽ انجي پٺيان لائوڊ اسپيڪر تي ڪوئي گلو ڦاڙي چئي رهيو هو، ”ڀائرو ۽ ڀينرو، دوستو ۽ سڄڻو، تيار ٿي وڃو پنهنجي نيتاجيءَ جي آجيان ڪرڻ لاءِ. چوُنڊن ۾ سوڀارو ڪرڻ لاءِ توهان جا شڪرانه مڃڻ خاطر نيتاجي پاڻ توهان وٽ اَچي رهيو آهي. دل کولي سندس آجيان ڪريو. توهان ووٽ ڏيئي هنکي پارليامينٽ موڪليو آهي. هو اَسانجو رهنُما آهي، اَسانجو رهبر آهي، اڳوان آهي، نيتاجي اسانجي ايراضيءَ جا مسئلا پارليامينٽ ۾ رکندو. هوُ توهانجو شيوڪ آهي. هو پارليامينٽ ۾ رهي اَسانجي سيوا ڪندو انڪري هنجو سواگت ڪرڻ اسانجو فرض آهي.“
    جلوس جي اڳيان هلندڙ نيتاجيءَ جي هڪ خوش آمدڙي اَرٿيءَ کي سامهوُن ايندو ڏِسي اَرٿيءَ سان گڏ هلندڙ ماڻهن کي غصي ۾ چيو، ”ڏسو نٿا، نيتاجيءَ جو جلوس اَچي رهيو آهي؟ اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي منحوس اَرٿي کڻي سامهوُن اَچڻ جي توهان کي همٿ ڪيئن ٿي؟ ڇا شمشان گھاٽ وڃڻ لاءِ ٻيا رستا کُـٽا آهِن ؟ ... هٽو، هڪ طرف ٿي بيهو. پهرين نيتاجيءَ جو جلوس نڪرڻ ڏيو. ارٿيءَ کي باهه ڏيڻ جي تڪڙ ڇو ٿا ڪريو. ڪلاڪ اڌ دير ٿي ته ڪو غَضب ته ڪونه ٿي ويندو!“
    نيتاجيءَ جي ٻئي چمچي چيو، “ اَڙي ڀائي، رهڻ ڏي. چوندا آهن ته جيڪڏهن اَرٿي سامهون اَچي ته سُٺو سڳڻ ٿيندو آهي. سو هينئر اَسانجو نيتاجي ضرور ديش جو وزير بڻجندو.”
    اِهو ٻُڌي ٽيون به ڪٿي چپ رهڻ وارو هو، هن مزاحيه نوع ۾ کلندي چيو، ”ڏِسو، نيتاجيءَ جو هي ووٽر ڪيترو نه ايماندار آهي. نيتاجيءَ کي سوڀارو ڪري ئي هن سرڳ جي ٽڪيٽ ورتي. جي چونڊن کان اڳ ئي الله واهي ٿئي ها ته نيتاجيءَ جو هڪ ووٽ گھٽجي وڃي ها.“
    ها، نيتاجيءَ لاءِ ته هو رُڳو هڪ ووٽر هو. زندگيءَ ۾ چاهي هنجي هستي شيوڪرام جي نالي سان مشهور هئي، پر نيتاجيءَ کي ان ڄاڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سندس مطلب ته رڳو هن جي ووٽ سان هو، سندس نالي سان نه. ۽، اهو ووٽ رڳو ووٽ ٿيندو آهي ان جو نه ڪو ڌرم آهي، نه ڪو مذهب، انجي نه آهي ڪا عمر، نه جنس ۽ نه رنگ. ان ووٽ تي جيڪڏهن نيتاجيءَ جي نالي تي نشان آهي ته هو پنهنجي ڌر جو آهي، نه ته خلاف ڌر جو. نيتاجيءَ کي رڳو پنهنجي چنتا آهي، ووٽر جي نه.
    شيوڪرام پئنچائت کاتي ۾ اَسسٽنٽ جي عهدي تي هو. کيس ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ هو. ڌيئرن جي شادي هن چار پنج سال اڳ ڪري ڇڏي هئي ۽ پٽ جي شادي پڻ ڏيڍ سال اڳ وڏي ڌام ڌوم سان ڪئي هئي. ٻارن جو بار لاهي هن سوچيو هو ته سندس جيون سارٿڪ ٿيو هو. شيوڪرام پنهنجي زال شانتيءَ کي چيو هو ته هوُ پوٽي جو منهن ڏسڻ کان پوءِ نوڪريءَ کان رٽائر ڪندو ۽ باقي ڏينهن سماج سيوا ۽ ڀڳوان ڀڄن ڪرڻ ۾ گذاريندو. پر شايد ايشور کي اهو منظور نه هو. ڇهه مهنا اڳ سندس انجينئر پُٽ اسڪوٽر جي ائڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو هو. ان وقت سندس نُنهن کي اٺون مهينو هو. جوان جمال ۽ هوڻهار پٽ جي اوچتي مرڻ جو صدمو شيوڪرام برداشت نه ڪري سگھيو. هنجو بلڊ پريشر وڌي ويو ۽ هو بستري داخل ٿيو. ائين ته شيوڪرام کي اڳ ۾ ئي پيٽ ۾ گئس جي تڪليف رهندي هئي پر بلڊ پريشر وڌڻ جي ڪري ڊاڪٽر کيس سخت پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڏني ڇاڪاڻ ته گئس وڌڻ ڪري بلڊ پريشر به وڌڻ جو امڪان هو جنهن ڪري دل بيهڻ جو هميشهه خطرو ٿي ٿي سگھيو. چار مهينا بستري تي رهڻ کان پوءِ بچيل موڪل ختم ٿيڻ تي شيوڪرام اچي نوڪريءَ تي چڙهيو هو. ان وچ ۾ سندس نُنهن هڪ پُٽ کي جنم پڻ ڏنو هو جنهن ۾ شيوڪرام کي پنهنجي پٽ جو عڪس ڏسڻ ۾ ايندو هو. شيوڪرام لاءِ هينئر رٽائر ڪرڻ جو سوال ئي نه هو ڇاڪاڻ ته هاڻي هُن تي جوان نُنهن ۽ پوٽي جو بارُ پڻ اَچي پيو هو.
    ڏهه ڏينهن اڳ ووٽن ڳڻڻ لاءِ سندس ڊيوٽي لڳي هئي. جيئن ته هنجي طبيعت اڃان پوُري ٺيڪ نه هئي ۽ ووٽن ڳڻڻ جي ڊيوٽي سخت هئي، انڪري هن پنهنجي آفيسر کي ان ڊيوٽيءَ کان آجو ڪرڻ لاءِ نيزاري ڪئي. سندس آفيسر کي شيوڪرام سان همدردي هُئي پر هوُ شيوڪرام جي ڪا مدد نٿي ڪري سگھيو ڇاڪاڻ ته اها ڊيوٽي ضلعي جو ڪليڪٽر ئي لڳائيندو هو. آفيسر شيوڪرام جي درخواست ڪليڪٽر ڏانهن پنهنجي سفارش سان موڪلي ۽ شيوڪرام کي ڪليڪٽر سان روُبرو ملي پنهنجي پريشاني ان اڳيان رکڻ جي صلاح ڏني. شيوڪرام ڪليڪٽر سان پڻ مليو پر هن شيوڪرام جي تڪليف ٻُڌڻ بنا کيس دڙڪا ڏيئي آفيس مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو. ڪليڪٽر کيس چيو ته جيڪڏهن هوُ پنهنجي ڊيوٽي ڪري سگھي ٿو ته پوءِ چوُنڊن جي اِها ضروري ڊيوٽي کيس ڪرڻي ئي پوندي، نه ته سندس خلاف سخت قدم کنيو ويندو. مجبور ٿي ووٽن ڳڻڻ واري ڏينهن يعنيٰ ڪالهه، هوُ صبوح جو حُڪم مطابق ٽائوُن هال ۾ پهتو هو.
    صبوح جو اٺين بجي سڀني ڪم ڪندڙن کي چانهه بسڪيٽ ڏنو ويو. جيئن ته چانهه سان شيوڪرام جو بلڊ پريشر وڌندو هو انڪري هن چانهه پيئڻ بند ڪري ڇڏي هئي. شيوڪرام رُڳو ٻه بسڪيٽ کائي پاڻي پي پنهنجو ڪم چالو رکيو هو. منجھند جو ٻي بجي سڀني کي کاڌي جا پئڪيٽ ڏنا ويا جنهن ۾ ٿڌيون پوُريون ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي هئي. پوُريون پيٽ ۾ گئس پئدا ڪنديون، اِهو سوچي شيوڪرام اهو کاڌي جو پئڪيٽ نه ورتو. شام جو به ٻن- ٻن ڪچورين سان گڏ چانهه جو ڪوپ سڀني کي مليو. هن تيل جون ڪچوريون کائڻ واجب نه سمجھيو. پر سڄي ڏينهن جي بُک کان بيحال ٿي هن چانهه جو هڪ ڪوپ وٺي پيتو. شيوڪرام جي ميز تي ووٽن ڳڻڻ جو ڪم شام جو اٺين بجي پورو ٿيو هو، پر ٻين تڪن جو ڪم اڃان چالو هو انڪري ڪنهن کي به واپس گھر وڃڻ جي موڪل نه پي ڏني ويئي. جن جو ڪم پورو ٿيو هو انهن کي رڳو ٻاهر ڪئنٽين تائين وڃڻ جي موڪل هئي. شيوڪرام ساندهه ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ڪري ۽ بک کان بيحال هو انڪري هن ڪئنٽين ۾ وڃي ڪجھه کائي اچڻ جو سوچيو. پر اُتي به ته رڳو تريل شيون ۽ چانهه هئي. هاڻي هن لاءِ وڌيڪ بکيو رهڻ مشڪل هو انڪري هن هڪ دوسو وٺي کاڌو ۽ پاڻي پي واپس آيو. ووٽن جي ڳڻپ جي ڪم ته اٽڪل ساڍي ڏهين بجي ختم ٿي، پر ٻنهي اميدوارن جي وچ ۾ ووٽن جو ايترو ته گھٽ تفاوت هو جو هارائيندڙ اميدوار ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ لاءِ ضد ڪري رهيو هو. ڪليڪٽر ان لاءِ تيار نٿي ٿيو جنهن ڪري ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. ٻنهي اميدوارن جي سرپرستن کي ٻاهر جڏهن ان ڳالهه جي خبر پيئي ته ڏسندي- ڏسندي انهن ۾ جھڳڙو شروع ٿي ويو. ڪليڪٽر لاءِ هاڻي اَندر ۽ ٻاهر قانوني انتظام ڪرڻ ضروري ٿي پيو. هن پوليس گھُرائي انکي حالتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ چيو. تنهن تي ڪن آزمودگارن ڪليڪٽر کي صلاح ڏني ته چونڊن جو نتيجو جيڪڏهن دير رات سان ظاهر ٿيندو ته ٻنهي ڌرين جا ڪافي ماڻهو ٿڪجي گھر هليا ويندا. اها صلاح مڃي ڪليڪٽر ڪن تڪن ۾ ووٽن جي وري ڳڻپ جو ڪم چالو ڪرايو. جيستائين چونڊن جو نتيجو ظاهر نه ٿئي تيسيتائين ڪنهن کي گھر وڃڻ جي موڪل نه هئي. هڪ طرف بُک ۽ ٻئي طرف ساندهه ڪم ڪرڻ ۽ آرام نه ملڻ ڪري شيوڪرام جي ڇاتيءَ ۾ هلڪو سوُر اُڀري رهيو هو پر هن ان کي گئس ٿيڻ سمجھي ڪو خاص ڌيان نه ڏنائين، رڳو کيسي مان گئس جي هڪ گوري ڪڍي چوسي ڇڏي. آرام جي خيال کان هن ووٽن ڳڻڻ واري ميز تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. سندس ساٿين به هنکي آرام ڪندو ڏسي ڪجھه نه چيو.
    ڪجھه وقت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ کان پوءِ هارائيندڙ اميدوار جا ووٽ گھٽجندا ويا. اهڙي حالت ڏسي هن وڌيڪ ٻيهر ڳڻپ بند ڪرائي ڇڏي. ان وقت رات جا اٽڪل ٻه لڳي چڪا هئا. ڪليڪٽر به موقعو ڏسي چونڊن جو نتيجو ظاهر ڪندي نيتاجيءَ کي سوڀاري ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سڀني ڪم ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي کين گھر وڃڻ جي اجازت ڏني.
    نيتاجيءَ جي سوڀاري ٿيڻ تي سڄو هال ”نيتاجي زنده آباد“ جي نعرن سان گونججي اُٿيو. هن جا هال کان ٻاهر بيٺل سمرٿڪ پڻ هال ۾ اچي ويا ۽ کيس هارن سان سَٿي کڻي ڪُلهي تي کنين. شيوڪرام جي دوستن جڏهن هن کي گھر وڃڻ لاءِ اُٿارڻ چاهيو ته هن جو بيجان شرير هڪ طرف ڍِرڪي ويو. سڀني ڏٺو ته هنجو پران پکيئڙو ته ڪڏهوڪو پرواز ڪري چڪو هو. هال جي هڪ در کان نيتاجيءَ کي ماڻهو ڪلهي تي چاڙهي سندس جئه- جئه ڪار ڪري ٻاهر وڃي رهيا هئا ۽ ٻئي در کان شيوڪرام جا ڪي ساٿي سندس مرده شرير کي سنڀالي ٻاهر کڻي وڃي رهيا هئا.
    ان شيوڪرام جي ارٿي ئي اڄ نيتاجيءَ جي جلوس جي سامهون آئي هئي. لائوڊ اسپيڪر تي نيتاجيءَ جو هڪ چاپلوس چئي رهيو هو، ”ووٽر ڀائرو، نيتاجي توهانجو عيوضي ٿي پارليامينٽ ۾ توهان جو آواز اٿاريندو. توهان سان ٿيندڙ هر ظلم کي هوُ ختم ڪرائيندو ۽ توهان جا سڀ دک درد دوُر ڪرڻ لاءِ جي جان جي ڪوشش ڪندو، انڪري ووٽر ڀائرو پنهنجي هن هردل عزيز نيتاجيءَ جو سواگت ڪريو.“
    پر نيتاجيءَ جو هيءُ ووٽر اها ڳالهه ٻُڌڻ جي حالت ۾ ڪونه هو. هن کي ته اها به خبر ڪانه هُئي ته نيتاجي سوڀارو ٿيو آهي. لائوڊ اسپيڪر تي اهو اعلان ٻڌي ارٿيءَ سان گڏ هلندڙ شيوڪرام جي هڪ دوست جي من ۾ اهو سوال اُٿيو ته ڇا نيتاجي شيوڪرام سان ٿيل بي انصافيءَ کي پڻ پارليامينٽ ۾ اُٿاريندو ؟ ڇا هو شيوڪرام کي جيئرو ڪرائي سگھندو ۽ هن جي زال، نُنهن ۽ پوٽي جا دک درد دوُر ڪرائي سگھندو.؟ *


    غمن جو سؤدو

    ٻارهي جو ڪرياڪرم پوري ٿيڻ کان پوءِ مهمانن واپس وڃڻ شروع ڪيو. چيتن هوندراج وٽ اَچي ويو.
    ”ديوان صاحب، توهان جي موڪل هُجي ته اسان به هاڻي وڃوُن. ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن.“
    هوندراج جواب ڏنس، ”سائين، مرضيءَ جا مالڪ آهيو. جيئن ٺيڪ سمجھو.“
    چيتن تنهنتي وَراڻيو. ” اِهو ته ٺيڪ آهي پر منهنجو ويچار آهي ته لتا کي به اسان پاڻ سان گڏ ڪجھه ڏينهن وٺي وڃوُن.“
    هوندراج چيس، ”توهان وڃي رهيا آهيو ان ۾ مونکي ڪو اعتراض نه آهي. باقي لتا جي هلڻ جو ڪو سوال ئي نٿو اُٿي. اسان جي پٽ رميش کي گذري اڃان ٻارهن ڏينهن ئي ته ٿيا آهن انڪري جيڪڏهن لتا ائين ۽ ايترو جلد هِتان هلي ويئي ته دنيا چوندي ته اسان پنهنجي وڌوا نُنهن کي گھر مان ڌِڪي ڪڍي ڇڏيو. سو لتا توهان سان نه هلندي.“
    ”سائين دنيا جو منهن ڪيستائين بند ڪندا. منهنجو ويچار هو ته هتي رهڻ سان لتا کي هر گھڙيءَ رميش جي ياد ايندي رهندي انڪري سندس غم وڌي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪجھه ڏينهن اسان وٽ هلي رهي ته غم ڪجھه گھٽ ٿيندس.“
    ”لتا کي آخر رهڻو ته هن ئي گھر ۾ آهي ته، انڪري هوءَ جيترو جلد پنهنجا غم وساري اوترو سڀني لاءِ سُٺو. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن هوءَ توهان سان هلي ته ببلو به ته هن سان گڏ هلندو. ببلوءَ جي هتي رهڻ سان گھٽ ۾ گھٽ هن کي ڏسي اسان پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جي غم کي ڀُلائي سگھون ٿا. سو هن وقت لتا جو توهان سان گڏ هلڻ ڪنهن به حالت ۾ ممڪن نه آهي.“
    تنهن تي چيتن ڪجھه تيز آواز ۾ چيو، ”لتا جو هلڻ ناممڪن آهي! ڇو؟ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. منهنجو به هن تي ڪجھه حق آهي. تنهن کان سواءِ ساماجڪ رسمون به ته ائين ٿيو چون ته مڙس جي گذرڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ کي ڪجھه ڏينهن پيڪن ۾ پنهنجي مائٽن وٽ رهڻ ضروري آهي.“
    هوندراج به آواز کي تيز ڪندي چيو، ”اڄ ٿو توهانکي پنهنجي ڀيڻ جو خيال اچي! هيترا ڏينهن ڪٿي هئا ؟ ... لتا جي شاديءَ کي چار سال اچي ٿيا آهن پر ڇا انهن چئن سالن م توهان ڪڏهن چٺي لکي سندس حال چال به پڇيو آهي ؟ ببلوءَ جي ڄائي تي واڌاين جا ٻه اکر به توهان کان لکيا نه ٿيا. اڄ آيا آهيو ڀاءُ جو حق سمجھائڻ. باقي رهيو ريتين رسمن جو سوال سو هيل تائين توهان پاڻ ڪي ريتيون رسمون نڀايون آهن، جو اسانکي ٿا رسمن جو ٻڌايو؟ وڃو پهرين پاڻ رسمون نِڀائڻُ سکي اَچو پوءِ اَچي اسان کي ڪجھه چئجو.”
    هوندراج جو جواب ٻُڌي چيتن جو مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن چيو، ”ديوان صاحب، مان عمر ۾ ننڍو ضرور آهيان پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته توهان کي منهنجي بي عزتي ڪرڻ جو ڪو حق آهي. مونکي به پتو آهي ته توهان جي اندر ۾ لتا لاءِ ڪيترو پيار آهي! ڀڳوان شل سرڳواسيءَ جي آتما کي شانتي بخشي جو هن هردم لتا جو ساٿُ ڏنو، نه ته، توهان ته هن ويچاريءَ سان الائي ڪهڙا وئل ڪيا آهن. توهان ڪڏهن به کيس هڪ نوڪرياڻيءَ کان وڌيڪ نه سمجھيو آهي. هينئر به توهان رڳو پنهنجي مطلب ڪري ئي کيس پاڻ وٽ رکي رهيا آهيو. ائين نه هجي ها ته هيل تائين توهان هنکي گھر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ها.“
    چيتن جا اِهي اکر ٻڌي هوندراج پڻ غصي ۾ چيو، ”چيتن! پنهنجي حد ۾ رهي ڳالهاءِ. مون توکي صاف- صاف چئي ڇڏيو آهي ته لتا توسان هن وقت هلي نه سگھندي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جيڪڏهن تون کيس وٺي وڃڻ چاهيندين ته اسان ان تي غور ڪنداسين.“
    ”جيڪڏهن ڪجھه ڏينهن کان پوءِ توهانکي لتا کي موڪل ڏيڻ ۾ اعتراض ڪونه هوندو ته پوءِ هينئر ڇو هُئڻ کپي. اگر ٻيو ڪو سبب نه آهي ته ڇو نٿا کيس هن وقت مون سان هلڻ جي موڪل ڏيو؟”
    ”ڇاڪاڻ ته هن وقت لتا جو هتي هُجڻ تمام ضروري آهي. ٻارهي تائين اسان کيس ڪجھه چوڻ واجب نٿي سمجھيو، پر رميش جي آفيس مان ملندڙ پئسن، پينشن ۽ انشورئنس وغيره جي پنن تي سندس صحين جي ضرورت ٿيندي. تنهن کان سواءِ رميش جي جڳهه تي لتا کي نوڪري به ملي سگھي ٿي، ان لاءِ به سندس هتي هجڻ ضروري آهي.“
    چيتن ٽوڪ ڀري مُرڪ منهن تي آڻيندي چيو، ”ديوان صاحب! مونکي ته اڳ ۾ ئي پتو هو ته توهان رڳو پنهنجي مطلب خاطر لتا کي هتي روڪڻ ٿا چاهيو. هن وقت هوءَ هڪ سونا بيدا ڏيندڙ ڪُڪڙِ آهي. هن کي توهان ائين ڪيئن ڇڏيندا ؟ اهوئي ڪارڻ آهي جو مان لتا کي هتي اڪيلو ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيان. لتا مونسان هلندي. مان توهانکي لتا کي ملندڙ رقم هڙپ ڪرڻ نه ڏيندس.“
    ”لتا جا پئسا مان ٿو هڙپ ڪرڻ چاهيان ؟ تون ته کير سان ڌوتل آهين نه! ... لتا جي ماءُ جيڪي زيور لتا لاءِ ڇڏي ويئي هئي اهي ڪنهن هڙپ ڪيا ؟ ڇا اُهي به مون هڙپ ڪيا؟ ... چوين ته ان سوناري کي سڏي تنهنجي سامهون ڏيان جنهن کان ماءُ جا زيور ڀڃائي تو پنهنجي جوءِ جا زيور گھڙايا هئا. هينئر به تون لتا کي رُڳو انڪري پاڻ سان وٺي وڃڻ جو ضد ڪري رهيو آهين جيئن کيس ملندڙ پئسن کي تون هڙپ ڪري سگھين . پر هن وقت تون ائين ڪري نه سگھندين ڇاڪاڻ ته انهن تي لتا سان گڏ منهنجي پوٽي ببلوءَ جو به حق آهي.“
    ”ڏسان ڪير ٿو مونکي لتا کي پاڻ سان وٺي وڃڻ کان روڪي؟ مان به توهانجي ارادان کان چڱي طرح واقف آهيان. مون به توهان جون سڀ ڳالهيون لڪي- لڪي ٻُڌيون آهن. اندران ته توهان لتا کي هڪ ڏائڻ ۽ پنهنجي پٽ جي مؤت جو سبب مڃي رهيا آهيو، پر ٻاهرا ائين ٿا ڏيکاريو ڄڻ توهان کي سندس وڏي چنتا آهي. بس هڪ دفعو رڳو لتا جا پئسا هٿ ۾ مِلنوَ، پوءِ توهانکي لتا جي ضرورت ڪانه رهندي ۽ نڪو ئي پنهنجو پوٽو ياد رَهندو جنهن جي حقن جي ڳالهه هينئر ڪري رهيا آهيو. پر مان ائين هرگز ٿيڻ نه ڏيندس. مان لـتا کي توهان جلادن وٽ هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ نه ڏيندس. مان لتا کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس ۽ سندس ٻي شادي پڻ ڪرائيندس. هوءَ اڃان جوان آهي. ڪيترا ڏينهن اڪيلي رهندي ؟“
    هوندراج به غصي ۾ اچي وراڻيو. ”ڏسان ڪنهن جي همٿ آهي لتا کي هتان وٺي وڃڻ جي! جيڪڏهن لتا کي شادي ڪرڻي آهي ته مان کيس روڪيندس ڪونه . اصل ۾ مون پنهنجي ڀائٽئي سان هنجي شادي ڪرائڻ جو سوچي رکيو آهي. ائين ڪرڻ سان عزت به گھر جو گھر ۾ رهندي ۽ ببلو پڻ اسان وٽ رهي سگھندو.“
    چيتن کلندي چيو، ”توهان پنهنجي ڀائٽئي سان لتا جي شادي ڪرائڻ جو به ته رڳو انڪري سوچيو آهي نه ته جيئن لتا کي ملندڙ پئسا توهان کي ملن ۽ دؤلت گھر جو گھر ۾ رهي ! توهانکي ببلوءِ ۽ لتا کان وڌيڪ انهن پئسن جي چنتا آهي جيڪي کيس ملڻا آهن. توهان نٿا چاهيو ته لتا کي ملندڙ پئسا توهان جي هٿن مان نڪري وڃن پوءِ چاهي توهان کي ان لاءِ ڪجھه به ڪرڻو پوي. پر مان هرگز اِئين ٿيڻ نه ڏيندس پوءِ چاهي ان لاءِ مونکي ڇو نه ڪورٽ جو در کڙڪائڻو پوي.“
    هوندراج جو منهن غصي کان ٽامڻي ٿي ويو. هوُ اڃان ڪجھه جواب ڏئي ان کان اڳ لتا اُتي اچي ويئي. هن اچڻ سان ئي چيتن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو، ”ڀائوُ، توهان کي مُنهنجي چنتا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مون به توهان ۽ ڀاڀيءَ جون سموريون ڳالهيون ٻُڌيون آهن. توهان اڳ ۾ به اَمان جا مون لاءِ رکيل زيور اهو چئي هڙپ ڪري ويا هئا ته انهن ۾ پتل مليل هو. هينئر پڻ مونکي ملندڙ پئسن جي لالچ ۾ مونکي وٺي وڃڻ لاءِ ضد ڪري رهيا آهيو. جيڪڏهن مونکي پئسن ملڻ جو توهان کي پتو نه هجي ها ته شايد هن موقعي تي توهان اچو به ڪونه ها. منهنجي شادي به ته ڀاڀي پنهنجي ڀاءُ سان رڳو ان لالچ ۾ ئي ڪرائڻ چاهي ٿيِ جيئن مونکي ملندڙ پئسن تي سندس ڀاءُ جو حق رهي. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها، ته چار سال اڳ ڇو نٿي منهنجي شادي پنهنجي ڀاءُ سان ڪرايائين. ان وقت ته اهو چيو هئائين ته سندس ڀاءُ کي جهڙي سهڻي زال کپي مان اهڙي ته هُيس. ته ڇا مان هاڻي ايتري سهڻي ٿي ويئي آهيان جو کيس ڪو اعتراض نه رهندو. ڇا، ڪو مونکان به اهو پُڇڻ جي ضرورت محسوس ڪري ٿو ته مان ڇا ٿي چاهيان ؟ ته ڀائو، ته. ... توهان مُنهنجي ڪا چنتا نه ڪريو. مان جتي آهيان اُتي ٺيڪ آهيان.“
    لتا جو جواب ٻُڌي هوندراج خوشيءَ سان چيو، ”پٽ لتا، مان خوش آهيان ته تو پنهنجي ڀاءُ کي سڌو جواب ڏنو آهي. اسان کي تو مان اهڙي ئي اُميد هُئي. تون اسان جي آهيِن ۽ اسان وٽ رهڻ ۾ ئي تنهنجو فائدو آهي.“
    تنهن تي لتا چيو، ”دادا، معاف ڪندا، توهان به ته رڳو پنهنجي مطلب خاطر ئي مونکي پاڻ وٽ رکڻ ٿا چاهيو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته توهان رميش جي جڳهه تي پنهنجي ٻئي پٽ کي نؤڪري وٺي ڏيڻ جي پيشڪش ڪونه ڪريو ها. هُن کي ته پوءِ به نوڪري ملي سگھندي پر مونکي ته ٻي ڪا به نوڪري ملڻ ۾ تڪليف ٿيندي. پر توهان جي اها اڇا ڪڏهن به نه رهي آهي ته مان پنهنجي پيرن تي بيهان ڇاڪاڻ ته توهانکي لڳي ٿو ته ان ڪري شايد مان توهان کان پاڻ کي آزاد ڪري سگھان ٿي. ان کان سواءِ توهان رميش جي آفيس ۾ اها درخواست به ته ڏيئي چُڪا آهيو ته ملندڙ پئسا ببلوءَ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾ توهانکي ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته مڙس جي مؤت سبب مان پنهنجي ساڃهه وِڃائي ويٺي آهيان ۽ ببلوءَ جي پرگھور ڪرڻ لائق ته رهي آهيان. دادا، اهو ته رميش جي آفيس وارن توهانجي ڳالهه ڪانه مڃي، نه ته، توهان ته مونکي در- در جو بِکاري بڻائڻ ۾ ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ۽ هاڻي منهنجي شاديءَ جي به ڳالهه رڳو انڪري ٿا ڪريو جيئن ائين ڪرڻ سان پينشن ۽ ٻيا پئسا ببلوءَ کي ملي سگھن ۽ مُنهن جي شادي ڪرڻ کان پوءِ رُڳو توهان ئي ببلوءَ جا قانوني سنڀاليندڙ ٿي وڃو.
    توهان ٻَئي هينئر ائين ٿا ڏيکاريو ڄڻ توهانکي مُنهنجي ۽ ببلوءَ جي به بوديءَ جو فڪر آهي، پر ڇا هنن ٻارهن ڏينهن ۾ ڪنهن به اهو ڄاڻڻ جي ضرورت به سمجھي آهي ته اسان ٻنهي ڪجھه کاڌو به آهي يا نه؟ جي بَبلو روئي- روئي ٿڪجي به پوندو آهي ته جيسيتائين مان اُٿي کيس نه ڏسندي آهيان تيسيتائين سندس سار سنڀال لهڻ وارو ڪو به نه هوندو آهي. جيڪڏهن توهان ٻنهي کي سچ پچ منهنجي ۽ ببلوءَ جي چنتا آهي ته ٻڌايو توهان ٻنهي مان ڪيرُ اسان کي پاڻ وٽ رَهائڻ لاءِ تيار آهي؟ پر شرط اهو رهندو ته جنهن وٽ به اسان رهنداسين پئسو ان کي نه، ٻيءَ ڌُر کي ملندو! ... ٻڌايو! ... آهي ڪو تيار اِهو شرط منظور ڪرڻ لاءِ ؟ “
    لتا جو سوال ٻُڌي چيتن ۽ هوندراج ٻئي چپ ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي جو مُنهن تڪڻ لڳا. لتا ٻنهي کي چُپ ڏسي چيو، ”توهان ٻئي چُپ ڇو آهيو ؟ مونکي جواب ڏيو. پر توهان ڇا جواب ڏيندا ! ... مونکي پتو آهي ته توهانکي اَصل ۾ ڪهڙي شيءِ جي درڪار آهي. انڪري، دادا ! ... نه مان ڀائوءَ سان گڏ وينديس ۽ نه توهان وٽ رهنديس. مان اڪيلي رهنديس ۽ نوڪري ڪري ببلوءَ کي پالينديس. دادا، توهان ۽ ڀائوءَ جي نِيَت ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. توهان ٻنهي کي نه منهنجي چنتا آهي ته منهنجي غمن جي. رڳو چنتا اٿو ته منهنجي غمن جي سؤدي مان توهانکي ڪيترو فائدو ٿو ٿئي.“ *


    جيءَ جو جنجال

    ”اڙي يار ٽيڪوُ، خيَر ته آهي؟ مُنهن ته ائين ڀيِلو ڪري ويٺو آهين ڄڻ ڪو لوُڻ جو جهاز ٻڏي ويو ٿئي يا شاديءَ کان اڳ ئي طلاق جو نوٽيس مليو اٿئي. يار ڪجھه ته چؤ. ائين ماتم مَلهائڻ مان ڇا ورندو.“ منهنجي پاڙيسريءَ گھر ۾ گھڙندي ئي چيو.
    هاڻي اَسان ڇڙن جا ڪهڙا نيم ۽ ڪهڙا ٽيم، تنهنجي مٿان آکاڻيون لکڻ جو شؤق. اِنڪري رات جو سيڪنڊ شو پڪچر ڏسي واپس پئي آيس ته هڪ آکاڻيءَ جو پلاٽ دماغ ۾ آيو. بس پوءِ ته پنو ۽ پين کڻي ويٺس ان پلاٽ کي اکرن جو جامو پهرائڻ. آکاڻي لکندي- لکندي رات جا ٽي وڄي ويا. سُمهيس دير سان انڪري صبوح جو ساڍي نوين بجي تائين سُمهيو پيو هوس. شهر ۾ رهندڙ اسان جهڙن ڪُنوارن لاءِ هڪ مصيبت آهي صبوح جو اُٿي کير وَٺڻُ. صبوح جو سوير اُٿي ستين بجي تائين ڊيئريءَ تان کير ورتوسين ته واهه، نه ته ٿيو ڀلو. پوءِ سڄو ڏينهن هوٽلن جي چانهه تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو، دير سان اُٿڻ ڪري کير نه وٺي سگھيو هوس. هڪ طرف رات جو دير سان سُمهڻ ڪري ۽ ٻئي طرف صبوح جو چانهه جو ڪوپ نصيب نه ٿيڻ ڪري مٿي ۾ سوُر جو احساس ڪري رهيو هوس . جڏهن پيسوءَ کي ٻڌايم ته مٿي ۾ معمولي سوُر آهي ته هن هڪدم چوڻ شروع ڪيو، ”يار ٽيڪوُ، توهان ليکڪن جي هڪ عادت ڏاڍي خراب ٿيندي آهي جو هر ڳالهه کي ڏاڍو هلڪڙائيءَ سان ڏسندا آهيو. مٿي جي سوُر کي ڪڏهن به ٿورو، تُـڇ يا معمولي سمجھڻ نه گھُرجي. مَٿي جو سوُر برين ٽيوُمر کان به ٿي سگھي ٿو ۽ دماغي ڪئنسر کان به !... دِماغي نَسُن ڦاٽڻ کان به ته مٿي جو سوُر ٿي سگھي ٿو. انڪري مٿي جو سوُر معمولي آهي اهو چئي پاڻ کي دوکي ۾ نه رکُ. توکي هڪدم ڪنهن وڏي دماغي ڊاڪٽر کان پنهنجي جاچ ڪرائڻ کپي. پر ترس، ائين اُٻهرو ٿيڻ مان به ڪجھه نه ورندو. پهرين پاڻ پڪ ڪجي ته اُهو مَٿي جو سوُر معمولي آهي يا ڪنهن وڏيءَ بيماريءَ جي شروعات جو اُهڃاڻ. مان توکي هڪ گوري آڻي ٿو ڏيان، اها وٺڻ سان جيڪڏهن تنهنجو سوُر لهي ويو ته سمجھبو ته معمولي آهي نه ته پوءِ ان لاءِ ڪُجھه ڪرڻو پوندو. سو اسڪوٽر جي چاٻي ڏي ته توکي جلد بزار مان اها گوري آڻي ڏيان.“
    ائين چئي پيسوءَ بنان منهنجي جواب جي انتظار جي ڪٻٽ کولي ان مان اسڪوٽر جي چاٻي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. ٻاهرين در تائين پهچي هو ڪجھه رُڪيو. کِن پَل سوچيائين ۽ واپس مُڙندي چيائين، ”يار جيڪا ڳالهه توکي چوڻ آيو هوس اُها چوڻ ته ڀُلجي ويس. منهنجي سالي مُمبئيءَ کان آئي آهي سو شريمتيءَ جو چوڻ آهي ته ٻارهين بجي جو شو ڏسجي ۽ پوءِ ڪجھه بزار مان خريداري ڪجي. شام جو تهرو پارڪ ڏسڻ جو به شايد پروگرم ٺهي انڪري جي منهنجي موٽڻ ۾ دير ٿئي ته ڪو خيال نه ڪج. اسڪوٽر ۾ پيٽرول ته هوندو ئي نه! ...نه ته مان پاڻهي وِجھانئيندس. تون آرام سان اکيون بند ڪري سُمهي پؤ. معمولي سوُر آهي لهي ويندُءِ. اڄ آرتوار ته آهي ئي ۽ توکي آفيس ته وڃڻو ڪونهي، انڪري توکي اسڪوٽر جي به ضرورت نه پوندي سو شام تائين اسڪوٽر سان گڏ توکي گوري به ملي ويندي. رکُ ڀڳوان تي، اهو سڀ سَڻائي ڪندو.“ ائين چئي هڪدم مُڙي اسڪوٽر جي چاٻي ڦيرائيندو گھر کان ٻاهر نڪري ويو. سمجھي ويس ته رات کان اڳ اسڪوٽر واپس نه مِلندو. ڪُنوارو آهيان ته ڇا ٿيو، ايتري ته ڄاڻ اٿم ته ساليءَ جو درجو مرد جي زندگيءَ ۾ ڪهڙو ٿيندو آهي.
    اڃان اهو سوچي ئي رهيو هوس ته چانهه جي ڪوپ جو انتظام ڪيئن ڪجي ته ٻاهران آواز آيو، ”تِڪڙم گھر ۾ آهي؟“ سمجھي ويس جڳت مامو اچي ويو ڇاڪاڻ ته هو ئي مونکي ٽيڪم جي بدران تِڪڙم جي نالي سان پُڪاريندو آهي. سڏ ڪرڻ واري جو نالي جڳت آهي اها ته توهانکي ڄاڻ پئجي چُڪي هوندي. هوُ منهنجو مامو ته ڪونهي پر هرڪو کيس جڳت مامو ڪري ئي سڏيندو آهي. سندس اهو نالو ڪيئن پيو يا ڪنهن رکيو، ان جو ڪنهن کي پتو چاهي نه هُجي پر هرڪو ننڍو خواهه وڏو، ٻار چاهي ٻڍو، مرد چاهي زال، کيس بس ان نالي سان ئي پُڪاريندو آهي. هو جتي ويو اُتي ٻن ٽن ڪلاڪن تائين کُپي ويندو آهي. هاڻي آيو آهي ته ٻه چار ڪلاڪ بور ڪندو، اِهو سوچي هڪدم پلنگ تي ليٽي چادر سان منهن ڍڪي هيڻي آواز ۾ اندر اَچڻ لاءِ چيومانس. مونکي ائين سُمهيل ڏسي هڪدم چوڻ شروع ڪيائين، ”مونکي پتو هو ته هڪ ڏينهن ته اهو ٿيندو ئي. پنهنجي صحت جو خيال نه ڪندين ته اَوس ڊَهي پَوندين. هاڻي چؤ، ڇا ٿيو اٿيئي ؟“ ٻڌايومانس ته مَٿي ۾ ڏاڍو سوُر آهي. چيائين، ”مٿي ٻٿي جو سوُر ڪونهي، اها سڀ پيٽ جي خرابي آهي. توهان ڇَـڙا، ته کائڻ پيئڻ جي پرهيز ڪيو ۽ نه سُمهڻ اُٿڻ جو نيم، پوءِ پيٽ خراب نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو. تون ضرور رات جو دير سان سمهيو هوندين، ڇاڪاڻ ته رات دير تائين تنهنجي ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي. دير سان سُمهيو هوندين ته ضرور دير سان اُٿيو به هوندين جنهن ڪري پيٽ به صاف نه ٿيو هوندءِ ۽ قبضيءَ جي شڪايت ٿي هوندءِ. اصل ۾ انسان جي شرير جي هر بيماريءَ جي جَـڙَ هوندي آهي قبضي. قبضي معنيٰ پيٽ ۾ گئس ۽ پيٽ ۾ گئس شرير جي سڀني بيمارين جو سبب. انڪري ته وڏا چئي ويا آهن ته پيٽ هميشهه صاف رکجي. تنهنجي مٿي جي سوُر جو به اِهوئي علاج آهي ته تنهنجي پيٽ صاف ڪرڻ جو علاج ڪجي. کير جي ڪوپ ۾ ٻه وڏا چمچا ايرنڊيءَ جو تيل وجھي پيءَ. جتي ٻه چار خلاصا دست آيئه ته بس پيٽ بلڪل صاف! ... پوءِ ڏس، تنهنجي مٿي جو سور ڪيڏانهن ٿو غائب ٿي وڃي. سو تون جلد کير گرم ڪري رک، مان اِجھو ٿو ايرنڊيءَ جو تيل آڻي ڏيانءِ.“
    اِئين چئي اڃان هوُ مُڙيو ئي مس هو ته مون چيو، ”جڳت ماما، اصل ۾ صبوح کان چانهه جو ڪوپ نصيب نه ٿيو اَٿم. جيڪڏهن هڪ ڪوپ چانهه جو ملي ته بس پيٽ صاف ٿي ويندو.“
    جڳت مامو جهڙي طرح هر بيماريءَ جي جَـڙَ پيٽ جي خرابيءَ کي مَڃيندو آهي اهڙي طرح پيٽ جي هر خرابيءَ جو ڏوهُه هوُ چانهه تي مڙهيِندو آهي. جڳت مامي جي نظرن ۾ ايرنڊيءَ جو تيل اَمرت آهي ته چانهه جو ڪوپ زهر. سو مُنهن جي واتَ مان چانهه جو لفظ ٻُڌي هُن جو پارو چَڙهي ويو ۽ چِڙندي چيائين، ”تنهنجو نالو ته آهي ٽيڪم يعنيٰ ٽيِ- ڪم معنيٰ چانهه –گھٽ، پر تنهنجون عادتون آهن بلڪل ان جي اُبتڙ. چاهيون پي- پي، تو پنهنجو آنڊو ساري رکيو آهي. هونءَ ئي چانهن پيئڻ نقصانڪار آهي، پر نيراڻي چانهه پيئڻ ته زهر سمان آهي. هاڻي چپ چاپ اُٿ ۽ کير گرم ڪر. مان گھران جُـلاب آڻي ٿو ڏِيانءِ.“
    ائين چئي هوُ هلڻ لڳو. مون چيومانس، ”ماما، کيرُ هُجي ها ته هيل تائين چانهه جا ٻه چار ڪوپ پي پنهنجي مٿي جو سوُر لاهي نه ڇڏيان ها. سو جي سچ پچ منهنجو ڪو خيال اٿئي ته ڪٿان هڪ پاءُ کير آڻي ڏي يا گھران ئي رڳو هڪ ڪوپ کير آڻي ڏي.“
    مونکي پتو هو ته مامو ايرنڊيءَ جي جُـلاب کي ڇڏي ڪنهن کي پنهنجي جسم جي مٽي به ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. انڪري سوچيم ته جڳت مامو گھران ته نه، پر بزار مان کير وٺي اچڻ لاءِ ضرور تيار ٿيندو. آخر ماڻهن هنجو نالي ائين ئي جڳت مامو ٿورو ئي رکيو هو. هن منهنجي چال سمجھي هڪدم چيو، ”ٻچوُ، تون مونکي بيوقوف ٿو سمجھين. توکي کير آڻي ڏيان ته جيئن سڄو ڏينهن ويٺو چاهيون پي پنهنجو آنڊو ساڙين. نه ٻچوُ، تنهنجي پيٽ صاف ڪرڻ لاءِ مون وٽ هڪ ٻيو نصخو به آهي جنهن لاءِ کير ۽ جُـلاب ته ڇا ڪنهن به شيءِ جي ضرورت توکي ڪانه پوندي. اڄ سڄو ڏينهن بنان کائڻ پيئڻ جي لنگھڻُ ڪڍڻ سان به تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويندين. پيٽ کي ڪجھه آرام ڏي يا چؤ ته ماميءَ کي موڪليانءِ ته اچي کِـچڻي ٺاهي ڏيئي.“
    هاڻ توهان کي هڪ ڳالهه چِٽيءَ طرح ٻڌائي ڇڏيان، جڳت مامي کي ته وري به مان ٻه چار ڪلاڪ برداشت ڪري سگھان ٿو پر ماميءَ کي ٻه چار منٽ به برداشت ڪرڻ موُن لاءِ آپگھات ڪرڻ برابر آهي. انڪري مون تڪڙو جواب ڏنو، ”نه ماما، مان اَڄ سَڄو ڏينهن لنگھڻُ ڪڍندس. ماميءَ کي ڪا تڪليف ڏيڻ جي ضرورت نه آهي.“
    مامو ته هليو ويو پر منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هئي. منجھند جا ٻارهن اچي ٿيڻ وارا هئا پر مونکي اڃان چانهه جو هڪ ڪوپ به نصيب ڪين ٿيو هو. هونءَ ته هيل تائين گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڊزن چاهيون پيٽ ۾ سمائجي چُڪيون هُجن ها. هڪ طرف چانهه جي ٻاڙ ته ٻئي طرف بک به بيحال ڪرڻ شروع ڪيو هو. اُن جي مٿان پيسوءَ ۽ جڳت مامي جي ليڪچرن جا ڊوز، ان وقت مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن ڪنهن آپگھات ڪرڻ واري انسان کي آپگھات ڪرڻ مهل محسوس ٿيندو هوندو. اِنڪري سوچيم ته ائين آپگھات ڪرڻ کان ته بهتر آهي ته وڃي هوٽل تان چانهه پي اَچان.
    اهو سوچي اَڃان ڪپڙا بدلائڻ لاءِ اُٿيس مَس ته جھموُن اَچي پرگھٽ ٿيو. ائين ته جھمونءَ سان منهنجي ڪا خاص دوستي ڪانهي، رُڳو هڪ ٻه دفعو ائين ئي ملاقات ٿي هوندي. پر ان ۾ ڇا ٿيو. جھمونءَ لاءِ هن جَـهان جو هر بني بشر هُن جو پنهنجو هوندو آهي ۽ هرهڪ جي بارَ کي هوُ پنهنجو بارُ سمجھندو آهي. اچڻ سان ئي جھمونءَ پنهنجي مطلب جي ڳالهه شروع ڪئي.
    ”ٽيڪم، مون توکي ڪڏهن به ننڍي ڀاءُ کان گھٽ نه سمجھيو آهي انڪري تنهنجو ڀلو بُرو سوچڻ جو نه رڳو مونکي حق آهي پر اهو منهنجو فرض پڻ آهي. مونکان تنهنجي هيءَ حالت ڏٺي نٿي وڃي. ڏس نه پنهنجي ڇا حالت بڻائي اٿئي. سج اچي مٿي تي بيٺو آهي، نڪو ڏاڙهي لاٿي اٿيئي ۽ نه سنان ئي ڪيو اٿيئي . هنڌ بسترو به ائين ئي پکڙيل پيو آهي. گھر ڏانهن ته تهار، چئني پاسي گندگي ئي گندگي لڳي پيئي آهي. اَڃان گھڻا ڏينهن اِئين ڪُنوارو رهندين؟ توهان ساهتيڪارن کي ته ڄمندي ئي شادي ڪرڻ کپي جيئن توهانجو خيال رکڻ وارو ڪو گھر ۾ هجي. توهان پنهنجن اکرن ۽ خيالن کي ترتيب ڏيئي سگھو ٿا پر پنهنجي زندگيءَ کي ترتيب ڏيڻ توهانجي وَس کان ٻاهر آهي. انڪري مون پڪو ويچار ڪيو آهي ته جيترو جلد ٿئي تنهنجي شادي ڪرايان جيئن مون تان جلد اِهو بارُ لَـهي. مان تنهنجو سڀاءُ سڃاڻان ۽ تنهنجي پَسنديءَ ناپسنديءَ جي به مونکي پوري پوري ڄاڻ آهي. منهنجي ساليءَ جي نِڻان جي هڪ نِڻان آهي. ڇوڪري ڇا آهي بس چنڊ جو ٽُڪر آهي، بي.اي. پاس آهي ۽ عمر به توسان ٺهڪي ٿي اچي. توکي آکاڻيون لکڻ جو شؤق آهي ته هنکي آکاڻيوُن ۽ ناول پڙهن جو ازحد شؤق. جوڙي تمام سُٺي رَهندي. ڇوڪريءَ جي ڀاڄائيءَ يعنيٰ منهنجي ساليءَ جي نِڻان پنهنجي ڀاڄائيءَ يعنيٰ منهنجي ساليءَ تي ڇوڪرو ڳولهڻ جو بارُ رکيو ۽ اُن وري بارُ رکيو مونتي. مون ڇوڪريءَ جا گڻ ٻڌڻ سان ئي پنهنجي ساليءَ کي چيو ته اهڙي ڇوڪريءَ لاءِ هِن جَـهان ۾ جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو آهي ته منهنجو جِگري ساهتيڪار دوست يعنيٰ تون. موُن پنهنجي ساليءَ کي ٻڌايو ته جڏهن گھر ۾ ئي ڇوڪرو مؤجود آهي ته شهر ۾ ڍِنڍورو ڇو ڏِجي ته هوءَ هڪدم راضي ٿي ويئي. هن اهو به چيو ته جلد ان ڇوڪريءَ يعنيٰ منهنجي ساليءَ جي نڻان توکي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪجي. پر مون چيومانس ته چَري مان پنهنجي يار کي سڃاڻان ۽ سندس پسندي پڇاڻان. هو منهنجي چئي کان ٻاهر نه ويندو، جتي مان چوندومانس اُتي ئي شادي ڪندو. نه هو ڇوڪري ڏسندو ۽ نه ڪو ڏيتي ليتيءَ جي گھُر ڪندو. بس هڪ دفعو سندس ڪن تي ڳالهه وجھجي جيئن هو پنهنجن مائٽن کي ان جي ڄاڻ ڏيئي سگھي. سو ٽيڪم، ان ڇوڪريءَ سان مون تنهنجي پَڪَ ڪري ڇڏي آهي. تون پنهنجن مائٽن کي لکي شاديءَ جي تاريخ پڪي ڪري ٻُـڌاءِ جيئن مان ڇوڪريءَ وارن کي خبر ڏيئي سگھان.“
    هو وڌيڪ ڪجھه چوي، ان کان اڳ مون چيومانس، ”جھَموُن، توکي منهنجو ايترو خيال آهي ان لاءِ مهرباني. پر هنن کي پڪ ڏيڻ کان اڳ مونکان ته پُڇين ها. منهنجي شاديءَ جي پڪ اڳ ۾ ئي ٻئي هنڌ ٿي چُڪي آهي.“
    اهو ٻُڌي جھَمونءَ چيو، ”پڪ ٿي چُڪي آهي؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سَگھي؟ بنان مونکان پُڇڻ جي توُن شاديءَ لاءِ رضامندي ڪيئن ٿو ڏيئي سگھين ؟ خير، اڃان ته پڪ ئي ٿي آهي نه! شادي ته نه ٿي آهي. سو توُن پنهنجن مائٽن کي لکي ڇڏ ته اهو رشتو توکي منظور نه آهي. تو منهنجي ساليءَ جي نِڻان جي نِڻان کي ڪونه ڏٺو آهي، چنڊ جو ٽڪر آهي، چنڊ جو ٽڪر!“
    مونکي به کنيو کُٽيءَ جو چرچي ۾ کلندي چيومانس، ”جيڪڏهن چنڊ جو ٽڪر آهي ته ضرور چنڊ وانگر ڪو داغ به هوندس.“
    موُن اڃان چوڻ بس ئي مَس ڪيو ته جھموُن غصي ۾ اچي چيو، ”ٽيڪم، مونکي اهو پتو نه هو ته تون ڪو اهڙو بدمزاج آهين. پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي جو ٻين ۾ ٿو داغ ڳولهين. شادي نه ڪرڻي هُجيئي ته ڪو زورُ زبردستي نه آهي باقي پرائي ڄائيءَ مان ان نموني ويڪون نه ڪَڍُ. ڪنهن ڇوڪريءَ جي اکين تي ٿُـلـهو چشمو ڪو اهڙو اَوگُڻ ته نه آهي جنهن جي ان تي ٺٺولي ڪري کِلجي. اڙي، مون ته توتي مهرباني پئي ڪئي نه ته تو جهڙي غير ذميوار کي ڪير پنهنجي ڌيءُ يا ڀيڻ ڏيندو. هن پاڙي ۾ ڪير تنهنجون عادتون ڪونه سُڃاڻي؟ آهي ڪو هن پاڙي ۾ ڪو اَهڙو جيڪو تنهنجي ساراهه ۾ هڪُ اکر به چَوي! ميتهن چئي گانءِ کي هل پُڇ ڪاري! سو هڪ دفعو وري سوچي سڀاڻي تائين مونکي جواب ڏي نه ته پوءِ متان مونکي ڪو ڏوراپو ڏين! “ ائين چئي هوُ غصي ۾ هليو ويو.
    جھموُنءَ جي ڳالهين ۾ مان مٿي جي سوُر کي بلڪل ڀُلجي ويو هوس. پر هنجي وڃڻ تي وَري مٿي جي سوُر اَچي سوگھو جھَليو. تڏهن ياد پيو ته مان هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ وڃڻو هوس. ڀت تي ٽنگيل گھڙيال تي نظر وِڌي، ته ڏِٺم مارِ هڪُ وڄي چڪو آهي. هاڻي چانهه ڇا خاڪ پيئبي. منجھند جي روٽيءَ جو اچي وقت ٿيو آهي. پر صبوح کان بنان چانهه پيئڻ جي ڇا روٽيءَ مان ڪو سواد ايندو؟ هاڻي ڇا ڪريان، پهرين چانهه پيان يا روٽي کاوان. اڃان ان اُڻ تڻ ۾ هوس ته آتوءَ کي پريان ايندو ڏٺم. ڳالهه اڳتي وڌي ان کان اڳه توهانکي آتوءَ لاءِ ٻُڌايان. هو مون سان گڏ آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ آهي به مون وانگر ڇَـڙو ڇانڊ پنهنجي تعريف نٿو ڪريان پر جتي هر محفل ۾ منهنجي آجيان ٿيندي آهي اُتي هرڪو آتوءَ جي پاڇي کان به پَري ڀَڄندو آهي، ڇو ته هن جون ڪي خاصيتون آهن. هو پهرين نمبر جو ڪنجوس آهي. ڪنهن ٻئي لاءِ ته ڇڏ پنهنجي لاءِ به هڪ پئسو خرچ ڪرڻ نه چاهيندو آهي. هنجي عادت آهي ته کائڻ جي وقت هو هميشهه ٻين جي گھر پهچي ويندو آهي ۽ تيسيتائين اُتي کُـپي ويهندو آهي جيسيتائين اُتان پيٽ ڀري اوڳرايون ڏيندو ٻاهر ته نِڪري. صبوح جي چانهه هڪ هنڌ ته شام جي ٻئي هنڌ پيئندو آهي. نيرن مهل هو هڪ وٽ حاضر هوندو آهي، ته منجھند جي مانيءَ وقت ٻئي جي گھر جي شوڀا وَڌائيندو آهي ۽ رات جو مهمان ٿيندو آهي ڪنهن ٽئين هنڌ. هن جو چوڻ آهي ته مهمان ڀڳوان جو روُپ ٿيندو آهي ۽ ڀڳوان جي شيوا ڪرڻ جو موقعو هر ڪنهن کي ملڻ کپي. انڪري هو هرهڪ وٽ مهمان بڻجي ان کي ڀڳوان جي درشن ۽ شيوا ڪرڻ جو موقعو ڏيندو آهي. انڪري هر هڪ کي يجمان جي نالي سان پُڪاري پنهنجي ۽ هنجي وچ ۾ مهمان ۽ ميزبان جي سنٻنڌ جو اَحساس ڪرائيندو آهي. انڪري کاڌي جي وقتن تي آتوءَ کي سامهون ڏسي هرڪو سَمجھي ويندو آهي ته جيڪڏهن هن مان جلد جند ڇڏائڻي آهي ته هن کي در جي چانئٺ تي ئي ٿالهي ٺاهي ڏجي. آتوءَ کي بخوبي ڄاڻ هئي ته مان ان وقت هوٽل تي روٽي کائڻ ويندو آهيان انڪري آتوءَ کي ايندو ڏسي سمجھي ويس ته جيڪڏهن هينئر گھران نڪري هوٽل تي روٽي کائڻ ويس ته هي ڀوت ضرور پوئتان لڳندو ۽ مان ته دال ڀاڄي کائي سنتوش ڪندس پر هي راڪاس ته ٻي ٽي پليٽون گوشت کائڻ کان پوءِ به راضي نه ٿيندو. انڪري مٿو جھلي اُتي ئي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
    آتوءَ اَچڻ سان مونکي تيار ٿيل ڏسي چيو، ”يجمان، ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻ جو پروگرام آهي ڇا؟“
    مون جڏهن ٻڌايومانس ته مٿي ۾ سوُر هئڻ ڪري ٻاهر وڃڻ جو ڪو خيال نه آهي ته هن چيو ٺيڪ آهي يجمان. مان پاڻ توکي اهائي صلاح ڏيڻ وارو هوس. مان ته آيو هوس تاس راند ڪرڻ لاءِ نينڍ ڏيڻ، پر اهڙي حالت ۾ تنهنجو آرام ڪرڻ ضروري آهي سو تون ليٽي آرام ڪر مان به وڃي ٿو دوستن کي منع ڪري اچان ۽ پوءِ موٽي اچي ٿو تنهنجي سار سنڀال لهان. ائين چئي هو هلڻ لڳو. هنجي واپس موٽي اچڻ جو ٻڌي مون جلد- جلد چيو، ”تنهنجي اچڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. ٿوري دير آرام ڪندس ته پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندس. تون ڀل وڃي دوستن سان تاس راند جو مزو وَٺُ.“
    منهنجو اهو چَـوَڻ ٻُڌي هوُ رڪيو. ڪجھه سوچيائين يا سوچڻ جو بهانو ڪيائين ۽ پوءِ بنان ڪجھه جواب ڏيڻ جي هوُ ٻاهر هليو ويو.
    آتوءَ مان ايترو جلد جند ڇُٽندي انجي ڪلپنا به مونکي ڪانه هُئي. هوُ ٿورو پري هليو وڃي ته پوءِ مان روٽي کائڻ لاءِ نڪران اهو سوچي مان اُتي ترسيُس. اَڃان ٻه مِنٽ مَس گُـذريا هوندا ته آتوُ پنهنجن ٽِن دوستن سان گڏ واپس موٽي آيو ۽ اَچڻ سان چوڻ شروع ڪيائين، ”سمجھان ٿو ته منهنجين تڪليفن جو خيال ڪري مونکي اچڻ کان منع ڪَـيَـئِه. پر تنهنجي بيماريءَ ۾ توکي اِئين اڪيلو ڇڏي وڃان، ائين ڪيئن ٿيندو! شايد تنهنجي بيماريءَ جو ٻُڌي دماغ ڪم ئي ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. دوستن کي جڏهن تنهنجي ناچاڪائيءَ جو ٻُڌايم ته هنن مونتي لعنت وڌي ته دوست کان وڌيڪ توکي تاس راند پياري آهي. مون جڏهن ٻڌايومان ته تو ئي مونکي تاس راند ڪرڻ لاءِ چيو ته هو پاڻ وڌيڪ ناراض ٿيا ته تو ته پنهنجو فرض پاڙي مونکي راند ڪرڻ جي اجازت ڏني پر منهنجو به ته اِهو فرض آهي ته مان تنهنجي سنڀال ڪيان. هنن جڏهن اها صلاح ڏني ته اسان تنهنجي گھر ۾ ويهي به راند ڪري سگھون ٿا ته مونکي ڳالهه سمجھه ۾ آئي ته ائين ڪرڻ سان پنهنجي راند جو شؤق به پورو ٿيندو ۽ وچ وچ ۾ توکي ڏسي به سگھجي ٿو. انڪري اسان موٽي آيا آهيون. هاڻي تون نشچنت ٿي آرام ڪر. اسان ٻئي ڪمري ۾ ويهي ٿا راند ڪريون جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ضرورت پويئي ته آواز ڏج.“
    آتوءَ جا اهي ٻول ٻُڌي سمجھي ويس ته مان به سياڻي ڪانءَ وانگر ٻِـٽنگو ڦاٿو هوس ۽ هاڻي ان مان ڇوٽڪارو پائڻ مشڪل آهي. انڪري ڪپڙا لاهي وڃي پلنگ تي سمهي پيس.
    هڪ طرف چانهه جي ٻاڙ ۽ ٻئي طرف بُک، انڪري آرام اچڻ ته مُحال مَٿان وري ٻئي ڪمري ۾ شروع ٿي ويئي ڌماچوڪڙي- ها... ها ...، هو... هو...، کل ۽ بحث مباحثو. ايترو ته گوڙ هو جو منهنجي مٿي جو سوُر گھٽجڻ بدران وڌڻ شروع ٿيو. مون ننڊ ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر اَڃان ڪجھه اک لڳڻ واري مس هُجي ته ٻئي ڪمري ۾ گوڙ وڌڻ ڪري اک کُلي پوي. ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ آتوُ مُنهنجي ڪمري ۾ آيو. ان وقت مان اکيون بند ڪري ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. آتوءَ منهنجون اکيون بند ڏسي سمجھيو ته شايد ننڊ آهي سو آهستي مونکي آواز ڏنائين. مون اکيون کوليون ته هن چيو، ”يجمان، آرام ڪر مان ته ائين ئي توکي ڏسڻ آيو هوس.“
    منهنجو مٿو سوُر کان ٿي ڦاٽو ڄڻ ڪنهن کوپڙيءَ ۾ باروُد لڳايو هُجي. مون چيومانس، ”يار جيڪڏهن چانهه ....“
    مان اڃان پنهنجو جملو ختم ڪيان ان کان اڳ هن چوڻ شروع ڪيو، ”يجمان، تو چڱو ياد ڏياريو، چانهه جو ٽائيم ته برابر ٿي ويو آهي. تون ڪو فڪر نه ڪر. مان ٿو چانهه ٺاهي سڀني کي پيئاريان.“ ائين چئي هوُ رنڌڻي ۾ هليو ويو مان ته کيس رُڳو اهو چوڻ وارو هوس ته جيڪڏهن چانهه جو هڪ ڪوپ هوٽل تان آڻي ڏين ته مهرباني. پر هن ته جملي جا رُڳو پهريان ٻه اکر ٻڌي ئي چوڻ شروع ڪيو هو. هڪ مِنٽ کان پوءِ موٽي آيو ۽ اچڻ سان ئي غصي ۾ چوڻ شروع ڪيائين. ”يجمان، گھر ۾ لڀيئي کير ڦُـڙو به نه ۽ صلاح ٿو ڪرين چانهه جي. توهان ساهتيڪار ته ڪاريِ بنان کير جي چانهه تي هريل هوندا پر اسان کان اُها پيتي ڪين ويندي، ڪَڍُ پئسا ته کير وٺي اَچان.“
    سوچيم ته هاڻي ته چانهه جو ڪوپ نصيب ٿيندو ڇاڪاڻ ته آتوُ بنان کير جي واپس ڪونه موٽندو. سو کيس ڪٻٽ مان پئسا ڪڍڻ لاءِ چيم ۽ هو اتان پئسا کڻي بزار هليو ويو.
    آتوءَ جي وڃڻ سان گھر ۾ شانتي ٿي ويئي. لڳي ته سڄو گوڙ آتوءَ ۾ ئي هو. هڪ طرف اهڙي شانتي ٻئي طرف جلد چانهه ملڻ جي آس، انڪري ته رُڳو مٿي جو سوُر هلڪو ٿيندو ڀانيم پر اک پڻ لڳي ويئي. اک تڏهن کُلي جڏهن آتوءَ اَچي اُٿاريو. چيائين، ”يجمان، تون ويٺو ڪُنڀڪرڻ واريوُن ننڊوُن ڪرين ۽ اسين ويٺا تنهنجي گھر جي رکوالي ڪريون. هاڻي اُٿي سنڀال پنهنجو گھر. اَسين وَڃوُن ٿا. ائين چئي هو ٻاهر هليو ويو. سندس دوست شايد اڳ ۾ ئي ٻاهر نڪري ويا هئا. گھڙيال ڏانهن نهاريم ته سوا پنج ٿيا هئا. ته ڇا مان ڪلاڪ سَوا سمهيو پيو هوس! مون ته اهو سوچيو ته شايد پنج منٽ کن سمهيو هوس. ته ڇا آتوءَ کي کير ڪونه مليو هو؟ ائين ٿيڻ ته اڻ ٿيڻي ڳالهه هُئي ڇاڪاڻ ته آتوُ ته ڏاندَ مان به کيرُ ڪڍي ٿي سگھيو. پر ضرور هنکي کيرُ نه مليو هوندو ڇاڪاڻ ته ڊيئري ته ساڍي پنجين کُـلندي آهي انڪري شايد کير نه مليو هوندو. هڪ طرف اڌ ننڊ مان اُٿڻ ۽ وري چانهه جي ٻاڙ لڳڻ ڪري وري مٿي جو سوُر وڌڻ لڳو. پندرهن منٽن کان پوءِ ته کير ملندو، اهو سوچي رَنڌڻي ۾ چانهه جو پاڻي اسٽوو تي رکڻ ويس. اُتي جي حالت ڏسي وائڙو ٿي ويس. رنڌڻي ۾ ٻاٽلا، ڪوپ، بسيون ،گلاس مڙيئي سڀ باسڻ جوٺا پيا هُئا. جوٺن باسڻن جي حالت ڏسي اهو چٽيءَ طرح سمجھ ۾ آيو ته آتوءَ ۽ سندس دوستن چانهه سان گڏ پڪوڙن، سنبوسن ۽ بوندي سڱر جي پارٽي ملهائي هُئي. کنڊ جو پوُرو دٻو خالي پيو هو ۽ اسٽووَ سان به شايد اهڙي ڪشتي ڪئي هئائون جو هاڻي ڪنهن هوشيار ڪاريگر جي هٿ لڳڻ بنان شايد اهو ڪنهن ميوزيم ۾ رکڻ لائق وڃي رهيو هو. ڪٻٽ ۾ پئسن جو جائزو ورتم ته اتان سؤ روپيه غائب هئا، تڏهن سمجھه ۾ آيو ته رنڌڻي ۾ پيل اُهي کنڊهر انهن سؤ روپين جا هُئا.
    هاڻي ڇا ڪريان؟ نه کنڊ گھر ۾ هئي ۽ نه اسٽوو ڪم لائق رهيو هو. بک جي بيحاليءَ کان شرير به نِستو ٿيو پيو هو. اڄ جيڪڏهن مان شادي ڪيل هُجان ها ته ڇا مونکي چانهه جي هڪ ڪوپ لاءِ ائين جان ڏيڻي پوي ها! اڄ مونکي پنهنجي ڪنواري هئڻ تي غصو اچي رهيو هو. اڄ جيڪڏهن اَمان سامهون هُجي ها ته چوانس ها ته هڪ عدد نُنهن بنان ڪنهن دير جي هن گھر ۾ آڻڻ جي تجويز ڪر. اڄ جيڪڏهن منهنجي ڪا ارڌانگي هجي ها ته ڇا چانهه جي هڪ ڪوپ لاءِ ڏهه ڪلاڪ تپسيا ڪرڻي پوي ها. منهنجي جان نِڪري رَهي هُئي ۽ ان جو رُڳو هڪ ئي علاج هو - چانهه جو رڳو هڪڙو ڍُڪُ. پر اهو اَمرت هئو ڪٿي؟ شاديءَ کي مون هردم جيءَ جو جنجال ئي سمجھيو هو انڪري ته امان جي ور- ور ڪري زور ڪرڻ کان پوءِ به مون هر دفعي ڪو نه ڪو بهانو ڪري شاديءَ کي ٽاريو هو. پر اڄ اَحساس ٿي رهيو هو ته شادي نه پر ڪنوارپائي اَصل ۾ جيءَ جو جنجال آهي جنهن ۾ چانهه جي هڪ ڪوپ لاءِ به ائين ٿو ترسڻو پوي جيئن بن پاڻي جي مڇلي. سو پڪو پهه ڪيم ته مٿي جو سوُر لهڻ شرط پهريون ڪم ڪندس ته امان کي چٺي لکي شاديءَ لاءِ پنهنجي رضامندي جي ڄاڻ ڏيندس. پر اَوَل مٿي جو سوُر لهي ته پوءِ چٺي لکڻ جو سوچجي. ڇا ڪيان، ڇا نه ڪيان، اهو سوچي رهيو هوس ته ٻاهران ٻارن جي راند ڪرڻ جو آواز آيو. ٻاهر نڪري پاڙي ۾ رهندڙ پپوءَ عُرف گپوءَ کي آواز ڏِنُم، چيومانس، ”يار پَـپوُ، منهنجو هڪُ ڪمُ تَه ڪَر، ڊُڪي وَڃي چانهه جو هڪُ ڪوپ ۽ مٿي جي سوُر جون ٻه گوريون ته آڻي ڏي.“ جواب ڏنائين، ”دادا، هونءَ ته پيا صبوح شام ڇڙٻوُن ڏيندا آهيو ته اسان ٻار گوڙ ڪري توهانجي لکڻ ۾ خـلـل ٿا وِجھوُن، اَڄ ڪيئن پيا مٺيون- مٺيون ڳالهيون ڪريو. سچ چوندا آهن ته ڪم پئي گڏهه کي به ڪاڪو بڻائبو آهي. خير، توهان به ڇا ياد ڪندا. مان توهانجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر منهنجو به هڪ شرط آهي. توهان وعدو ڪيو ته پنهنجي ڪا نئين آکاڻي اسان ٻارن کي ٻُڌائيندا ته پوءِ مان توهان کي چانهه ۽ گوريون آڻي ڏيان.“ مون چيومانس، ”يار، اها ته نجي بلئڪ ميل آهي، رشوتخوري آهي. تون منهنجي مجبوُريءَ جو اَجوڳ فائدو وٺي رهيو آهين.“ پپوءَ جواب ڏنو، ”دادا هي زمانو ئي رشوتخوريءَ جو آهي. اڄ جڏهن آفيسر ۽ اڳواڻ ، ڀڳت ۽ ڀڳوان، ساهتيڪار ۽ سياستدان سڀ مڙيئي رشوت ٿا چاهين ته پوءِ اسان ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو. جيڪڏهن موقعي جو فائدو مون نه ورتو ته پوءِ توهان ئي چوندا ته مان بيوقوف آهيان. اڄ هرڪو موقعي سِر پنهنجو حصو وَصوُل ڪرڻ ٿوچاهي پوءِ مان ته رڳو توهانکي توهانجي ڪا نئين لکيل آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چئي رهيو آهيان جنهن تي توهانجي هڪ پائي به خرچ ٿيڻ واري نه آهي.
    ٻارن جي واتان اڄ جي زماني جي اصلي حالت ٻُڌي منهنجو واتُ بند ٿي ويو. منهنجي وعدي ڪرڻ کان پوءِ هن وڃي مونکي چانهه جو ڪوپ ۽ سور جون گوريون آڻي ڏنيون. ائين ته چانهه اندر ٿيڻ سان ئي مٿي جو سوُر لهي وڃي ها پر گوري سان گڏ چانهه جي اندر وڃڻ سان ئي مٿي مان سوُر اِئين غائب ٿي ويو جيئن ڏيئي ٻرڻ سان اوُندهه.
    چانهه پي مان پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪرڻ لڳس، تڏهن مونکي ياد آيو ته اڄ مون ٻه وعدا ڪيا آهن، جن تي مونکي جلد عمل ڪرڻ کپي. هڪ ته امان کي شاديءَ لاءِ رضامنديءَ جي چٺي ۽ ٻيو پپوءَ کي پنهنجي نئين لکيل آکاڻي ٻڌائڻ جو وعدو. امان کي ته پنجن منٽن ۾ چٺي لکي پوري ڪيم پر آکاڻي ته ايترو جلد لکڻ مشڪل هئي. رات واري آکاڻي ته اهڙي ڪانه هئي جنهن مان ٻارن کي مزو اچي انڪري نئين آکاڻيءَ جو پلاٽ سوچڻ لڳس. سوچيندي- سوچيندي هڪدم بجليءَ وانگر دماغ ۾ هڪ خيال چمڪيو جنهن مان هڪ آکاڻيءَ جو خاڪو اُڀريو، منهن تي مُرڪ آئي. مون پين ۽ پنو کڻي اُتي آکاڻيءَ جو عنوان لکيو- ”جيءَ جو جنجال.“ *


    بدلي جي باهه

    شنڪر جڏهن گھر مان نڪتو ته سندس من ۾ بدلي جي باهه ڀنڀٽ ڪري ٻري رهي هئي. اڄ هو پڪو ارادو ڪري نڪتو هو ته بدلي جي ان باهه کي وسائي ئي واپس گھر موٽندو، نه ته ان باهه ۾ خود به سڙي خاڪ ٿي ويندو. هنکي پتو هو ته پنهنجن ارادن کي پائڻ خاطر شايد کيس پنهنجي جان به ڏيڻي پوي ته به ان جي ڪا پرواهه ناهي. هو ته بدلو وٺڻ خاطر پاڳل ٿي چڪو هو. هن اهو پڙهيو هو ته نابالغ ڏوهارين کي ڦاسيءَ جي سزا نه ڏني ويندي آهي. پر هن کي ان جو ڪو به فڪر ڪونه هو ته کيس ڦاسي ملندي يا عمرقيد جي سزا. هو ته بس اندر جي باهه کي وسائڻ لاءِ آماده هو.
    شنڪر 13 سالن جو هڪ سلڇڻو، هوشيار ۽ ذهين ٻار هو. هو پنهنجي وڌوا ماءُ جو سڪيلڌو پٽ هو. هو هن وقت ستين درجي ۾ پڙهندو هو.
    ڪمار جي اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ هو اسڪول جي سڀني ماسترن ۽ شاگردن جو پيارو هو. شنڪر جيترو پڙهڻ ۾ هوشيار هو اوترو ئي راندين روندين ۾ به اڳرو هو. پوري اسڪول کي هن تي ناز هو. پر ڪمار جي ڪلاس ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ ماستر ڪمار جي خوشامد ۾ ئي لڳل رهندا هئا ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ ان ضلع جو ڪليڪٽر هو. شنڪر کي ياد هو ته جنهن ڏينهن ڪمار جي داخلا لاءِ ڪليڪٽر صاحب پاڻ ڪار ۾ چڙهي آيو هو ته هيڊ ماستر پاڻ اڳتي وڌي ڪار جو دروازو کوليو هو. ڪمار لاءِ ماستر جي ميز جي بلڪل اڳيان الڳ سان هڪ ڊيسڪ لڳائي ويئي هئي. ڪمار روز ڪار ۾ اسڪول ايندو ويندو هو ۽ پٽيوالو هميشهه ڪلاس جي دروازي جي ٻاهران حاضر رهندو هو. رسيس ۾ پڻ ڪمار سڀني کان الڳ ڪار ۾ وڃي گھران آندل ميوا کائيندو هو. هو ڪڏهن به ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هو ۽ نه راند ئي ڪندو هو. اسڪول جي هر شاگرد لاءِ پي.ٽي. جي پيرئڊ ۾ حاضر رهڻ لازمي هو پر ڪمار کي ان کان به ڇوٽ مليل هئي. ان پيرئڊ ۾ هن لاءِ وِرانڊي ۾ هڪ ڪرسي لڳائي ويندي هئي جنهن تي ويهي هو ٻين کي پي.ٽي. ڪندو ڏسندو هو. ڪمار پڙهڻ ۾ ڪو خاص هوشيار ڪونه هو. گھڻا دفعا هو گھر جو ڪم به پورو ڪري ڪونه ايندو هو ته به ماسترَ هنکي ڪڏهن به ڪجھه نه چوندا هئا، اُلٽو هر ڳالهه ۾ هنجو خيال رکندا هئا. ائين به ڪونه هو ته ڪمار جي ڪري ماسترَ شنڪر کي گھٽ چاهيندا هئا. پر ڪمار ڏانهن هنن جو لاڙو ڏسي شنڪر کي ساڙ ٿيندو هو. هڪ ڏينهن رسيس ۾ شنڪر دوستن سان ويٺي راند ڪئي ته ڪمار جي پٽيوالي اچي چيس ته ڪمار کيس سڏي رهيو آهي. شنڪر جي من ۾ دٻيل اُڇلايل سندس لفظن ذريعي ٻاهر نڪتو- ”هو ڪليڪٽر جو نوڪر ته ناهي جو ان جي پٽ جي سڏ تي هڪدم هليو ويندو. جيڪڏهن ڪمار کي ڪو ڪم آهي ته هوُ پاڻ ڇو نٿو اچي“. پٽيوالي وڃي ڪمار کي ٻڌايو. شنڪر ڏٺو ته پٽيوالي جي ڳالهه ٻڌي ڪمار ڪار مان لهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پٽيوالي ڪجھه چئي کيس روڪي ڇڏيو. ان مهل رسيس ختم ٿيڻ جو گھنڊ پڻ وڳو انڪري شنڪر ۽ ٻيا شاگرد ڊُڪي ڪلاس ۾ واپس ويا.
    ان ڏينهن اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ شنڪر جڏهن ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين ته ڪمار جي ڪار اڃان اسڪول جي ٻاهرين گيٽ وٽ بيٺي هئي. شنڪر جيئن ڪار جي پاسي کان لنگھيو ته ڪار جي اندران ڪمار آواز ڏنو، ”شنڪر“. شنڪر هڪ ڀيرو حقارت ڀريل نگاهن سان ڪمار ڏانهن نهاريو ۽ ٻئي پل منهن ڦيرائي بنان ڪجھه جواب ڏيڻ جي اُتان هليو ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ شام جو ڪليڪٽر جي ڪار شنڪر جي گھر جي در وٽ اچي بيٺي. پٽيوالي جي در کڙڪائڻ تي شنڪر جي ماءُ در کوليو. پٽيوالي شنڪر جي ماءُ کي چيو ته ڪليڪٽر صاحب جو پُٽ شنڪر کي سنيما تي وٺي وڃڻ لاءِ آيو آهي. ماڻس اندر وڃي شنڪر کي ٻڌايو، ان تي شنڪر کي پاڻ وڌيڪ غصو لڳو ته ڪمار پنهنجي پيءُ جي عهدي ۽ شاهوڪاري جتائڻ خاطر ۽ سندس غريبيءَ تي ترس کائي کيس سنيما ڏيکارڻ جي آڇ ڪري رهيو آهي. انڪري منع ڪري ڇڏيائين ۽ ماءُ جي گھڻي زوربار کان پوءِ به سنيما تي وڃڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ڪمار واپس هليو ويو.
    ان ڏينهن کان پوءِ هڪ هڪ ڪري شنڪر جا دوست کيس ڇڏيندا ويا ڇو ته ڪمار روز کين کائڻ جون الڳ- الڳ شيون ڏيندو هو. ڪڏهن-ڪڏهن هو کين پينسلوُن، رٻڙ يا ٻيون سهڻيون شيون ۽ رانديڪا پڻ ڏيندو هو. اهو ڏسي شنڪر جو غصو ويتر وڌندو رهيو. ڌيري ڌيري حالت اهڙي اچي بڻي جو شنڪر پوري ڪلاس ۾ اڪيلو ٿي پيو. سندس سڀ دوست هميشهه ڪمار جي آسپاس پيا ڦرندا هئا ۽ شنڪر کي ڪو به ڪونه پڇندو هو. شنڪر جي من جو بغض وڌندو ويو. شنڪر ڏسندو هو ته ٻين شاگردن سان گھيريل هئڻ کان پوءِ به ڪمار جون نگاهون هميشهه شنڪر ۾ کُـتل رهنديون هيون جن مان ائين لڳندو هو ته هوُ کيس ساڙي ۽ اهو جتائي رهيو آهي ته هينئر شنڪر بلڪل اڪيلو رهجي ويو آهي ۽ ڪمارکيس تڇ نگاهن سان ڏسي رهيو آهي.
    ڏياريءَ تي ڪمار سڄي ڪلاس ۾ لڏون ۽ ڦٽاڪا ورهايا پر رڳو شنڪر ئي اهي وٺڻ کان اِنڪار ڪيو. پنهنجي دوست گدوءَ پاران ان جو سبب پڇڻ تي هن وڏي واڪي چيو ته هو ڪو ڪتو ڪونه آهي جو اڇلايل ٽڪرن تي پڇ لوڏي، جن ۾ غيرت نه هجي اُهي ڀل ڪليڪٽر جي پٽ جي چمچاگيري ڪن. اها ڳالهه ٻڌي ڪلاس جا ڪجھه شاگرد کيس مارڻ لاءِ به تيار ٿيا، پر ڪمار جي روڪڻ تي ڪنهن به شنڪر کي ڪجھه ڪونه چيو. ان ڏينهن کان پوءِ پوري ڪلاس ۾ هن جو عام به شڪار ٿي ويو جنهن ڪري پاڻ شنڪر وڌيڪ ڇتو ٿي پيو. اڳ ۾ جتي هن جا همڪلاسي سندس اڳيان پٺيان گھمندا هئا اُهي هاڻي هن جي پاڇي کان به پري ڀڄڻ لڳا. شنڪر پنهنجي دوستن جي ان ونهوار لاءِ ڪمار کي ئي ذميوار سمجھندو هو.
    هڪ هفتو اڳ اسڪول جو ساليانو جلسو ٿيو جنهن ۾ انعام ورهائڻ لاءِ ڪليڪٽر صاحب کي گھرايو ويو هو. هيڊ ماستر ڪليڪٽر جي پاسي ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ڪمار کي ويهارڻ جي تجويز پيش ڪئي. ڪليڪٽر ان لاءِ منع ڪئي ته هڪ شاگرد هئڻ ناتي ڪمار کي اسڪول جي ٻين ڇوڪرن سان ئي گڏ ويهڻ کپي. پر هيڊ ماستر زور ڪري ڪمار کي مٿي ويهاريو. شنڪر کي سڀ کان وڌيڪ انعام ملڻا هئا. شنڪر جڏهن پهريون انعام وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته هن کي اهو ڏسي عجب لڳو ته ڪنهن به سندس لاءِ تاڙي ڪين وڄائي. اڳ ۾ جڏهن به هنکي ڪو انعام ملندو هو ته پورو اسڪول تاڙين سان گونججي ويندو هو. جڏهن ٻيو دفعو هو پنهنجو انعام وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته سڀ کان پهرين ڪمار تاڙي وڄائي. ڪمار کي تاڙي وڄائيندو ڏسي ٻين به تاڙيون وڄايون پر شنڪر کي محسوس ٿيو ته تاڙيون رڳو ڪمار کي ساٿ ڏيڻ لاءِ وڄايون ويون آهن، سندس ڪاميابيءَ تي نه . انڪري شنڪر جو اندر پاڻ وڌيڪ سڙي ويو ۽ کيس انعام وٺڻ ۾ ڪا خوشي ڪين ٿي. ان وچ ۾ شنڪر ڏِٺو ته ڪمار پنهنجي پيءُ کي ڪجھه چيو ۽ هن ڪنڌ سان ‘ها’ ڪندي هيڊ ماستر کي ڪجھه چيو. هيڊ ماستر شنڪر ڏانهن نهاري مُسڪرايو. شنڪر جي تن بدن ۾ باهه لڳي ويئي. جلسي جي پڇاڙيءَ ۾ هيڊ ماستر معزز مهمانن جا شڪرانه مڃيندي اعلان ڪيو ته ڪليڪٽرصاحب پنهنجي کيسي مان شنڪر کي هڪ سؤ روپين جو انعام الڳ سان عطا ڪيوآهي. هيڊ ماستر جڏهن شنڪر کي اڳتي وڌي اهو انعام وٺڻ لاءِ چيو ته هو سمجھي ويو ته ڪمار ئي هن کي نيچو ڏيکارڻ خاطر اها تجويز ڪئي آهي. هيڊ ماستر جو سڏ ٻڌي جيئن ئي هو اُٿيو ته ائين محسوس ٿيس ته ڄڻ سڀ سندس مٿان کلي رهيا آهن ۽ اهو ڏسڻ جي انتظار ۾ آهن ته ڪيئن ٿو هو وڃي ڪمار جي پيءُ جي اڳيان هٿ ڦهلائي سؤ روپين جي بکيا قبول ڪري. شنڪر کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ اسٽيج ڏانهن وڌڻ بدران هو ڊڪندو اسڪول کان ٻاهر هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن هيڊ ماستر ڪلاس ۾ اچي شنڪر کي ان هلت لاءِ ڇينڀ ڪڍي ڇاڪاڻ ته ان نموني نه رڳو هيڊ ماستر جي پر معزز مهمان جي به شنڪر بي- عزتي ڪئي هئي. هيڊ ماستر کيس ٻڌايو ته شنڪر جي ان بدتميزيءَ لاءِ هن کيس اسڪول مان ڪڍڻ جو پورو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر ڪمار ۽ ڪليڪٽرصاحب جي چوڻ تي هو کيس معاف ڪري رهيو آهي، پر اڳتي هو ڪنهن به ان قسم جي غلطيءَ لاءِ کيس معاف ڪونه ڪندو.
    ڪمار جي ان احسان جو ٻڌي شنڪر جي تن بدن ۾ اڳي ئي لڳل باهه ويتر مچي ويئي ۽ اُن وقت ئي فيصلو ڪيائين ته هوُ انجو بدلو ڪمار کان ضرور وٺندو، جيڪو هر طريقي سان کيس هيٺ ڪرڻ ٿو چاهي. جڏهن هيڊ ماستر شنڪر کي گھرائي ٻڌايو ته ڪليڪٽر جي سفارش تي کيس ڇهه سؤ روپيا سالاني اسڪالرشپ منظور ٿي آهي ته ان ڳالهه پڻ بدلي جي باهه ۾ گيهه جو ڪم ڪيو. هيڊ ماستر کيس هڪ فارم ڏنو جيڪو شنڪر کي ڀري ڏيڻو هو. شنڪر جڏهن فارم ڏٺو ته سندس من ۾ بدلي جي باهه ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ لڳي ڇاڪاڻ ته فارم ڀرڻ خاطر هن کي اهو ڄاڻائڻ ضروري هو ته سندس ماءُ وڌوا آهي ۽ هن جي سالياني ڪمائي ٽن هزارن کان به گھٽ آهي. ان ۾ به ڪمار جي چال سمجھي شنڪر جي من ۾ بدلي جو گھڙو ڇلڪي ويو ۽ هو گھر مان هڪ ڪپ کڻي ان ارادي سان نڪتو ته اڄ ئي ڪمار جو ڪم تمام ڪري ، بار- بار ٿيندڙ سندس بي- عزتيءَ جي جڙ کي ئي ختم ڪري ڇڏيندو.
    شنڪر جڏهن ڪليڪٽر جي بنگلي جي ويجھو پهتو ته سامهون گيٽ مان هڪ جيپ کي ٻاهر ايندو ڏسي، پيشاب جو بهانو ڪري رستي جي هڪ پاسي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. جڏهن ڏٺائين ته جيپ ڪجھه پري نڪري ويئي آهي ته اُٿي بنگلي ڏانهن وڌيو. هن ان کي پنهنجي خوشقسمتي سمجھيو جڏهن ڏٺائين ته گيٽ تي ڪو به سنتري وغيره ڪونه هو. همٿ ڪري اڳتي وڌيو ۽ بنگلي جي ورانڊي تائين وڃي پهتو. جڏهن ڏٺائين ته اُتي به ڪو ڪونه آهي ته هو ڏڪندو ڏڪندو ڪمري ۾ گھڙيو جيڪو شايد بيٺڪ جو ڪمرو هو. ان ڪمري مان ئي دروازا ٻين ڪمرن ۾ وڃڻ لاءِ هئا. ڪمار ڪهڙي ڪمري ۾ هوندو اهو سوچڻ لاءِ شنڪر ڪجھه ترسيو. ان وقت هڪ ڪمري مان ايندڙ آواز کي ٻڌي هو هڪدم هڪ صوفا جي پوئتان لڪي ويٺو. هڪ دروازي مان ڪليڪٽر ۽ هڪ ٻيو شخص جنهن جي هٿ ۾ ڊاڪٽري بئگ هئي، نڪري ٻاهر ويا. شنڪر ٻڌو ته اهو شخص ڪليڪٽر کي چئي رهيو هو ته ڪمار هن وقت ننڊ ۾ آهي انڪري هن کي آرام ڪرڻ ڏنو وڃي پر گھٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. ڪمار جي دماغ تي ڪو ٻوجھه آهي، رڳو اهو دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. شنڪر جڏهن ٻڌو ته ڪمار ننڊ ۾ آهي ته هن پنهنجو ڪم آسان ٿيندو سمجھيو ۽ تڪڙو تڪڙو ان ڪمري ۾ گھڙيو جنهن مان ڪليڪٽر ۽ اهو شخص نڪتا هئا. اندر گھڙي شنڪر ڏٺو ته ڪمار هڪ تمام نرم بستري تي سمهيو پيو آهي، سندس چهرو بلڪل زرد پئي لڳو. وڏي پلنگ تي ڪمار بلڪل ننڍي ٻار جيان پئي لڳو. شنڪرَ جيئن ئي ڪپ ڪڍڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وڌو ته سندس نگاهه پلنگ جي پاسي پيل ميز تي پيئي جنهن تي دوائن جي شيشين سان گڏ شنڪر جي انعام وٺڻ وقت نڪتل سڀ فوٽا فريمن ۾ پيا هئا. هر هڪ فوٽي ۾ شنڪر جو ڪليڪٽر ڏانهن وڌايل هٿ هو جنهن ۾ ڪليڪٽر انعام ڏيئي رهيو هو ۽ پوئتان ڪمار جو کلندڙ چهرو صاف ٿي نظر آيو. انهن فوٽن کي اُتي ڏسي شنڪر من ۾ اهو فيصلو ڪري نه سگھيو ته ڪمار اُهي فوٽا اُتي ڇو رکيا آهن. سندس انعامن جي يادگيريءَ خاطر يا اهو ڏيکارڻ لاءِ ته شنڪر هن جي پيءُ اڳيان هٿ ٽنگي بيٺو آهي. هو اڃان اهو ئي سوچي رهيو هو ته پوئتان کڙڪو ٿيو، ٻُڌي، هن ڇرڪي پوئتان نهاريو. ڏٺائين ته ڪمار جو پيءُ اڪيلو ڪمري ۾ اَچي رهيو آهي. شنڪر کي اُتي ڏسي ڪليڪٽر چيو، ”تون ڪير؟“ شنڪر گھٻرائجي ويو ۽ هٻڪندي- هٻڪندي چوڻ لڳو، ”مان... مان.. مان ڪمار .... مان شنڪر... “ شنڪر پنهنجي ڳالهه اڃان پوري به نه ڪئي جو ڪليڪٽر کيس سڃاڻندي چيو، ” اڙي ها، تون ته ڪمار جو همڪلاسي شنڪر آهين نه ! پر مون ته توکي وٺي اچڻ لاءِ جيپ موڪلي آهي. اها ته اڃان شايد موٽي به نه آهي، پوءِ تون هتي ڪيئن پهچي وئين؟ “ شنڪر ڪجھه جواب ڏئي ان کان اڳ ڪليڪٽر چوڻ شروع ڪيو، ”جيئن ته هن وقت ڪمار کي ننڊ آهي انڪري هل ته ٻئي ڪمري ۾ هلي ڳالهايون.“ ائين چئي ڪليڪٽر ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ مُڙيو ۽ شنڪر پڻ ان جي پوئتان ڪمار جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو.
    ڊرائينگ روم ۾ ڪليڪٽر شنڪر کي پنهنجي پاسي ۾ صوفا تي ويهاري ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”ڪمار جي ڄمڻ کان پوءِ جلد ئي سندس ماءُ گذاري ويئي انڪري ڪمار کي ماءُ جو پيار نصيب ڪين ٿيو آهي. تنهن کان سواءِ ڪمار کي ڄائي ڄم کان هڪ بيماري آهي جنهن ۾ هنجي بدن ۾ رت ڪين ٺهندو آهي جنهن ڪري هر مهيني هن کي ڌاريو خون ڏنو ويندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي ته ڪمار کي نه گھر مان اڪيلو ڪيڏانهن وڃڻ ڏنو ويندو آهي ۽ نه هن کي ڪا به راند ڪرڻ ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن کيس ڪا چوٽ لڳي ته پوءِ هنجي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي. ائين ڏسجي ته ڪمار ڌارين جي رت جي دان ڪري ئي زنده آهي ۽ ڪنهن به وقت هن جي زندگيءَ جو ڏيئو اُجھامي سگھي ٿو. انڪري ڪمار هڪ زنده لاش مثل آهي. جيترا ڏينهن هو جيئرو آهي اوترا ڏينهن هو خوش رهي اهائي منهنجي تمنا آهي. ڪمار کي به پنهنجي بيماريءَ جو پورو احساس آهي انڪري هو پڻ هن زندگيءَ ۾ اڪيلو رهڻ جو خواهان آهي. پر الائي ڇو جڏهن کان هن توکي ڏٺو آهي تڏهن کان توسان دوستي ڪرڻ جي اڇا هن جي من ۾ جاڳي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن هر طريقي سان تنهنجي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ دوستيءَ جو هٿ تو ڏانهن وڌايو آهي. مونکي پتو ڪين آهي ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو تو هر دفعي هن جي وڌايل هٿ کي جھٽڪي ڇڏيو. جيترو تو هن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اوترو ئي تنهنجي دوستيءَ جي اڇا هن جي من ۾ پرٻل ٿيندي رهي آهي. ڪمار کي اهو پڪو وشواس هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن هو توکي پنهنجو دوست بڻائي سگھندو. مان سمجھان ٿو ته رڳو ان هڪ ڳالهه هن دماغ تي ايترو ته دٻاءُ ڪيو آهي جو اڄ اوچتو ئي اوچتو مٿي ۾ ڦيري اچڻ کان پوءِ ڪمار ڪري پيو جنهن ڪري ڊاڪٽر کي گھرايو ويو. ڊاڪٽر جي دوا کان پوءِ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان پهريائين هن توسان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي انڪري ئي ٿوري دير اڳ توکي وٺي اچڻ لاءِ مون جيپ موڪلي آهي جيڪا شايد اڃان ڪين موٽي آهي.
    ڪمار جو پيءُ شنڪر سان اهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ٻئي ڪمري مان ڪمار جو هيڻو آواز هنن کي ٻڌڻ ۾ آيو، ”ڊيڊي، ڇا شنڪر ڪين آيو آهي. ڊيڊي بس شنڪر کي هڪ دفعو گھرائي مونسان ملايو، بس ان کان وڌيڪ مان کانئس ڪجھه ڪين گھرندس.“
    ڪمار جو آواز ٻڌي سندس پيءُ اُتان ئي جواب ڏنو، ”نه پٽ، شنڪر کي گھرائڻ جي ڪا به ضرورت ڪين پيئي ڇاڪاڻ ته اڄ هو پاڻ توسان ملڻ لاءِ آيو آهي.“
    ائين چئي ڪمار جو پيءُ ان ڪمري ۾ ويو جتي ڪمار سمهيل هو ۽ ان جي پٺيان شنڪر به ان ڪمري ۾ گھڙيو. شنڪر کي ڏسي ڪمار ڌيري ڌيري اُٿي ويٺو. ٿوري دير اڳ جيڪو چهرو شنڪر کي زرد پئي لڳو اُن تي هينئر شنڪر کي لالائي اچڻ جو احساس ٿي رهيو هو ۽ هن جي منهن تي خوشيءَ جي لهر هئي. ڪمار پنهنجو هٿ شنڪر ڏانهن وڌايو. شنڪر، جنهن جو هٿ اڃان پنهنجي کيسي ۾ ڪپ جي مٿان پيو هو، هڪ منٽ رڪيو ۽ پوءِ هن آهستي آهستي پنهنجو خالي هٿ کيسي مان ڪڍي ڪمار ڏانهن وڌايو. شنڪر جو هَٿُ هَٿَ ۾ وٺڻ سان ڪُمار جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ شنڪر به پاڻ کي روڪي ڪون سگھيو ۽ هن جون اکيون پڻ ڇلڪجي آيون. ٻن معصومن جي اکين مان وهندڙ آنسُن بدلي جي باهه کي وسائي هميشهه لاءِ شانت ڪري ڇڏيو. * 


    اِنڪار

    راجوءَ جي ايم. ڪام. جي رزلٽ اَچڻ جي هڪ هفتي جي اَندر سندس دوست ڀڳوان آديپور جي ڪاليج ۾ راجوءَ لاءِ ليڪچرر جي نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍائي اجمير موڪليو. راجوءَ جي مائٽن جي مرضي هنجي ايترو پري وڃي خانگي نوڪري ڪرڻ تي نه هئي. هنن جي ته اِها اِڇا هُئي ته راجو بئنڪ ۾ آفيسريءَ جي امتحان جي تياري ڪري. پر راجوءَ زور ڪري مائٽن کي مڃايو ته هو نوڪريءَ سان گڏ بئنڪ جي امتحان جي تياري پڻ ڪندو رهندو. ڀڳوان راجوءَ لاءِ هڪ ڪمرو به مسواڙ تي ڪري ڇڏيو هو.
    راجو ۽ ڀڳوان ننڍپڻ جا دوست هئا ۽ بي.ڪام تائين اجمير ۾ گڏ پڙهيا هئا. گھر جي مالي حالت ٺيڪ نه هئڻ ڪري ڀڳوان وڌيڪ نه پڙهي ٻه سال اڳ اچي ڪانڊلا پورٽ تي نوڪري ڪئي هئي ۽ اُتي آديپور ۾ پنهنجي ٻڍي ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ رهيو هو. هتي ڪامرس ڪاليج ۾ ليڪچرر جي نوڪري خالي هئي جنهن لاءِ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مدد سان راجوءَ لاءِ ڪچيءَ طرح نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍائي کيس موڪليو هو.
    راجوءَ جي نوڪريءَ تي چڙهڻ جي چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام جو ڀڳوان سندس ڪمري تي آيو. ڪجھه دير تائين هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ۽ پُراڻيون يادگيريون تازه ڪرڻ کان پوءِ ڀڳوان راجوءَ کي چيو، ”راجو، توکي هتي نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ منهنجو به هڪ سوارٿ هو. هن سامهون واري جڳهه ۾ ديوان ڪرپالداس رَهندو آهي اهو رشتي ۾ منهنجو ماسڙ ٿئي. اصل ۾ هن جي زال ۽ اَمان پاڻ ۾ ماساتيون آهن. هن جي هڪ ڌيءَ آهي شيلا جيڪا تنهنجي ڪاليج ۾ بي. ڪام جي آخري سال ۾ پڙهندي آهي. هنکي اڪائونٽس ۾ ڪجھه دقت آهي. مان چاهيان ٿو ته تون هنکي ان ۾ ڪجھه مدد ڪرين ته مهرباني.“
    ”مونکي ڪو اعتراض ڪونهي. تون کيس چئي ڇڏج ته جڏهن به ڪنهن مدد جي ضرورت هُجيس ته ڀل هَلي اَچي.“
    ” نيڪ ڪم ۾ ڪهڙي دير. وَٺُ، مان هينئر ئي کيس سڏي ٿو اَچان ۽ اچي توسان واقفيت ڪرايانس.“ ائين چئي ڀڳوان وڃي شيلا کي وٺي آيو ۽ ان سان گڏ شيلا جي ماءُ پڻ آئي. ڀڳوان راجوءَ سان ٻنهي جي واقفيت ڪرائي. شيلا جي ماءُ راجوءُ کي چيو، ”پٽ، هونءَ ته شيلا پڙهڻ ۾ ڪافي هوشيار آهي پر الائي ڇو اڪائونٽس هنکي سمجھه ۾ نٿو اچي، انڪري ئي هن جي ڊويزن خراب ٿي رهي آهي. هي سندس آخري سال آهي. توُن ڪجھه محنت ڪري مدد ڪريس جيئن ڊويزن ٺهيس.“
    راجوءَ جواب ڏنس، ”مان پنهنجي طرفان ڪونه گھٽائيِندُس باقي کيس ئي محنت ڪرڻي آهي. کيس جڏهن به ڪا تڪليف هُجي ته بنا سنڪوچ جي اَچي سگھي ٿي.“
    ” پُٽ، توکي تڪليف ته ضرور ٿيندي پر جيڪڏهن تون ڪو وقت مقرر ڪري ڏينس ته سُٺو جيئن هوءَ ان وقت روز نيم سان اچي توکان سمجھي سگھي.“
    ”جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض نه هجي ته شيلا شام جو پنجين بجي اَچي سگھي ٿي.“
    شيلا پورو وقت ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي. سانورو رنگ، وِچولو بدن ۽ ڊگھا وار. ائين ته شيلا بلڪل هڪ رواجي ڇوڪريءَ وانگر هئي پر راجوءَ کي هن ۾ هڪ عجيب ڪشش ٿي نظر آئي. راجو اِهو طئه نه ڪري سگھيو ته شيلا ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هُئي جيڪا کيس پاڻ ڏانهن ڇِڪي رهي هئي. ٻئي ڏينهن کان شيلا روز راجوءَ وٽ پڙهڻ اچڻ لڳي. هوءَ هڪ ذهين ۽ سانتيڪي ڇوڪري هئي. راجوءَ پهرين ڏينهن ئي هنکي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن کيس ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه اَچي ته هوءَ بنا ڪنهن حِجاب جي وري پُڇي سگھي ٿي. پر اَهڙو موقعو ڪڏهن نه آيو جو شيلا ڪا ڳالهه ٻه دفعا پُڇي هُجي. راجوءَ جي هڪ دفعو سمجھائڻ سان ئي شيلا کي هرڪا ڳالهه سمجھه ۾ اَچي ويندي هئي، اِنڪري ٻنهي جي وچ ۾ تمام گھٽ ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. راجو سمجھائيندو ويندو هو ۽ شيلا ڪنڌ هيٺ ڪري هان هون ڪندي ويندي هئي. جيڪڏهن راجو ڪو سوال پُڇندو هوس ته هوءَ ڪنڌ هيٺ هوندي ئي ٿوري ۾ جواب ڏيندي هئي. هن ڪڏهن به اکيون مٿي ڪري راجوءَ کي جواب ڪونه ڏنو.
    راجوءَ کي شروع ۾ ڪجھه ڏينهن ائين نت نيم سان شيلا کي پڙهائڻُ بارُ ٿي لڳو ڇاڪاڻ ته کيس سڀ ڪم ڪار ڇڏي اُن وقت گھر ۾ حاضر رهڻو پوندو هو. پر ڌيري- ڌيري اِهو محسوس ٿيڻ لڳس ته جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن شيلا کي اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته سندس اندر ۾ هڪ قسم جي آنڌ مانڌ شروع ٿي ويندي هئي. شيلا جيسيتائين هن جي سامهون هوندي هئي تيسيتائين سندس من بلڪل شانت هوندو هو. سڄو ڏينهن ته کيس شيلا جو ڪو ڌيان نه ايندو هو، پر شام جو پَنج ٿيندي- ٿيندي کيس شيلا جي اَچڻ جو انتظار ٿيڻ لڳندو هو.
    شيلا کي راجوءَ وٽ پڙهندي اٽڪل هڪ مهنو ٿيو هو. ان ڏينهن شيلا جڏهن آئي ته پڙهڻ شروع ڪرڻ کان اڳ هن سؤ روپيه جو هڪ نوٽ ڪڍي راجوءَ جي سامهون ميز تي رکيو. راجوءَ پڇيس ، ”هي ڇا آهي؟“
    شيلا ڪنڌ هيٺ هوندي ئي جواب ڏنو، ”ڀاڀيءَ ڏنو ته توهانکي ڏيان.“
    ”ڇو؟ ... ڇا جي لاءِ؟... ڪجھه وٺي اَچڻو آهي يا مَٽائڻو آهي؟“
    ”هي منهنجي ٽيوشن جو اُجورو آهي.“
    ”هي کڻي وڃي ڀاڀيءَ کي ڏِج، چئجانسِ مان ٽيوشن ڪونه ڏيندو آهيان. توکي به جيڪڏهن ٽيوشن جي حساب سان پڙهڻو هجي ته ٻئي ڪنهن ٽيوٽر جي ڳولها ڪر.“
    شيلا چپ چاپ نوٽ کڻي پاڻ وٽ رکيو ۽ روز مطابق پڙهڻ لڳي. اِهو پهريون دفعو هو جو شيلا راجوءَ سان ڪجھه ڳالهايو هو، اِنڪري راجو خوشي محسوس ڪري رهيو هو. شيلا جي پڙهي واپس وڃڻ جي ٿوري دير کان پوءِ هن جي ماءُ راجوءَ وٽ آئي ۽ چيائينس، ”پٽ، تو پئسا واپس ڇو ڪيا ؟ توُن هيتري محنت ٿو ڪرين ان لاءِ تو اُجورو ته لهڻو. انڪري پٽ توکي هي پئسا وٺڻا ئي پوندا.“
    ”ڀاڀي، توهان مونکي پُٽ ٿا چئو ته پوءِ پئسا ڇو ٿا آڇيو. ڀڳوان منهنجو دوست آهي انجي چوڻ تي مون شيلا کي پاڙهڻ لاءِ ها ڪئي. مان ڪا خانگي ٽيوشن ڪونه ٿو ڪريان ۽ نڪو ان جي فائدي ۾ آهيان. جيڪڏهن ڀڳوان مونکي پهرين ئي ٽيوشن جي باري ۾ چوي ها ته مان بلڪل منع ڪيانس ها. تنهنکان سواءِ شيلا ذهين ۽ هوشيار آهي. هن کي پاڙهڻ ۾ مونکي ڪا تڪليف به ڪين ٿي رهي آهي. مونکي اهو سمجھه ۾ ٿو اچي ته شيلا کي ڪنهن مدد جي ضرورت ئي نه آهي، پوءِ ڇو هن کان اڳ کيس اهو وشيه سمجھ ۾ نه آيو.“
    ”پُٽ تنهنجي اچڻ کان اڳ ڪاليج ۾ جيڪو اڪائونٽس پاڙهڻ وارو ليڪچرر هو اُن شيلا کان هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ڪو سوال پڇيو جنهن جو هوءَ ٺيڪ جواب نه ڏيئي سگھي هُئي، هوءَ هونءَ به ڪافي لڄاري آهي. ان تي ان ليڪچرر ناراض ٿي شيلا کي گھٽ وڌ ته ڳالهايو هو پر ايتري قدر چئي ڏنو هو ته هوءَ ڏهن جنمن ۾ به اڪائونٽس نه سمجھي سگھندي. ان کان پوءِ به هوُ هر وقت هن جي ڪم مان ڪميوُن ڳولهي ٽوڪوُن هڻندو رهندو هو، انڪري شيلا جي من ۾ هن جي لاءِ ايتري ته نفرت پئدا ٿي ويئي هئي جو هوءَ هن جي ڪلاس ۾ پورو ڌيان ڏيئي به نه سگھندي هئي. اهو سبب هو جو هوءَ رڳو اڪائونٽس ۾ ڪمزور ٿيندي ويئي. تنهنجي اچڻ کانپوءِ تنهنجي پڙهائڻ جي ڍنگ کي ڏسي هنجو چاهه جاڳيو هو. اڳ ۾ ڀڳوان کيس گھر ۾ سمجھائيندو هو انڪري هوءَ امتحان ته پاس ڪندي رهي پر ڊويزن جو ڪافي فڪر هنکي هوندو هو. پٽ، توکي شايد خبر نه هوندي، پر هوءَ تو وٽان پڙهي اچڻ کانپوءِ گھر اچي ڪيتري محنت ڪندي آهي. لڄاري سڀاءَ جي ڪري هوءَ توکان ته نه پڇندي آهي پر گھر اچي محنت ڪري سڀ ڪجھه سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جيڪا شيلا ان ليڪچرر جي ڪري اڪائونٽس وشيه کان به نفرت ڪرڻ لڳي هئي ان ۾ تو چاهُه پئدا ڪري جادوءَ مثل ڪم ڪيو آهي. سو پٽ، تون ان جو اُجورو قبول ڪر.“
    ”ڀاڀي، منهنجي محنت جو هڪ ئي اجورو آهي ته شيلا سُٺين مارڪن سان پاس ٿئي.“
    شيلا جي ماءُ ضد ڪندي رهي پر راجوءَ پئسا نه وٺي نه ورتا. آخر مجبوُر ٿي شيلا جي ماءُ پئسا واپس کڻي ويئي. ان ڏينهن کان پوءِ شيلا ماءُ ڪنهن نه ڪنهن بهاني راجوءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه موڪليندي هئي. هڪ ٻه دفعو هن بهانو ڪري راجوءَ کي روٽيءَ جي دعوت به ڏني. راجو شيلا جي گھر وارن جي ويجھو ته ايندو رهيو پر شيلا ۽ سندس ونهوار ۾ ڪو به فرق نه آيو. شيلا نيم سان هن وٽ ايندي هئي، راجو ڪتاب کولي پاڙهيندو هو ۽ شيلا ڪنڌ هيٺ ڪري ٻُڌندي رهندي هئي. راجوءَ جي سوال پُڇڻ تي ئي هوءَ ٿوري ۾ جواب ڏيندي هئي ۽ پڙهائي ختم ڪري چپ چاپ واپس موٽي ويندي هئي. راجوءَ جي من ۾ ڪيترا دفعا اهو خيال آيو ته هوُ شيلا کي روڪي ساڻس ڪجھه ٻيون ڳالهيون به ڪري پر کيس ڪڏهن همٿ نه ٿي جو شيلا کي رُڪڻ لاءِ چئي سگھي.
    پنجين سيپٽيمبر‘ٽيچرس ڊي’ جي ڪري ڪاليج ۾ موڪل هئي.
    ان ڏينهن ڪاليج جي سڀني ليڪچررن ۽ پروفيسرن پڪنڪ تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. انڪري راجوءَ هڪ ڏينهن اڳ ئي شيلا کي چئي ڇڏيو هو ته هوُ ٻئي ڏينهن کيس پاڙهي نه سگھندو. شيلا اِهو ٻُڌي ڪو به جواب نه ڏنو.
    پڪنڪ تي پهرين ته راجو خوب چرچا گھٻا ڪندو رهيو پر جيئن جيئن وقت شام جي پنجن جي ويجھو ٿيندو ويو تيئن- تيئن سندس هلت ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. راجوءَ جي ٻين دوستن پڻ اهو محسوس ڪيو ۽ هڪ ٻن ان لاءِ راجوءَ کان پڇيو پڻ. پر راجوءَ کي خود اهو سمجھه ۾ نٿي آيو ته ڇو سندس من ۾ هڪ قسم جو خال برپا ٿي رهيو آهي. دوستن هن کي ڇيڙڻ شروع ڪيو ته ضرور کيس ڪنهن جي ياد ستائيندي هوندي. پر راجوءَ مٿي ۾ سوُر جو بهانو ڪري سڀني جو مُنهن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. رات جو اَٺين بجي هوُ پڪنڪ تان موٽيا. راجوءَ من ۾ ويچار ڪيو ته گھر پهچندي ئي هوُ ڪنهن نه ڪنهن بهاني شيلا جي گھر وڃي ساڻس ملندو. پر گھر پهچندي ئي شيلا جي گھر ۾ اوندهه ڏسڻ ۾ آئي ۽ در تي ڪلف لڳل هو. اهو ڏسي راجوءَ جي من ۾ بيچئني وڌي ويئي. اڄ کيس اهو محسوس ٿيو ته هوُ شيلا کي پيار ڪرڻ لڳو هو ۽ شيلا بنا رَهَڻُ هُن لاءِ محال آهي.
    رات 9.30 بجي شيلا جي گھر وارا واپس آيا. راجوءَ جي مرضي هئي ته هو اُن مَهِل وڃي شيلا سان ملي پر هوُ اِئين ڪري نه سگھيو. ٻئي ڏينهن جڏهن شام جو شيلا پڙهڻ آئي ته راجوءَ کانئس پُڇيو ته هوُ ڪلهه ڪيڏانهن ويا هئا. شيلا ٻُڌايس ته جيئن ته ڪلهه کيس پڙهڻ لاءِ اچڻو ڪونه هئو انڪري سڀني پڪچر تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ مرضي نه هوندي پڻ کيس به هنن سان گڏ وڃڻو پيو. راجوءَ تنهن تي چيس ته هوُ اڪيلا وڃي پڪچر ڏسي آيا ۽ کيس صلاح به نه ڪيائون. شيلا بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي.
    ان ڏينهن کان پوءِ راجو بهانو ڪري شيلا سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر شيلا يا ته چپ رهندي هئي يا ٿورن اکرن ۾ جواب ڏيندي هئي. راجوءَ بئنڪ ۾ آفيسريءَ جي چوُنڊ لاءِ امتحان ۾ پاس ٿيو هو ۽ هاڻي کيس انٽرويوُءَ جي سڏ جو انتظار هو. کيس ان لاءِ پنهنجي تياري به ڪرڻي هُئي جيڪا هوُ رات دير تائين ويهي ڪندو هو. پر شيلا کي پڙهائڻُ بند ڪرڻ جو هُن ڪڏهن ڪونه سوچيو.
    گانڌيڌام جي اوسلو ٽاڪيز ۾ ‘ ُلهن وَهي جو پيا من ڀائي’ پڪچر لڳل هئي. راجوءَ گھڻا دفعا سوچيو ته هوُ شيلا کي پڪچر تي هلڻ لاءِ چوي پر هو همٿ ڪري نه سگھيو. هڪ ٻه دفعو هن همٿ ڪري پڪچر جي ساراهه جي ڳالهه به شيلا سان چوري پر شيلا جي رُڳو ‘هان- هون’ جي جواب کيس ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ ڪونه همٿايو. ڇنڇر ڏينهن شيلا راجوءَ کي چيو ته هوءَ اڳلي ڏينهن پڙهڻ نه ايندي. راجوءَ جي هٿ مان ڄڻ ڪنهن ڪُجھه کسي ورتو هجي. هوُ چاهي ڪري به اِهو پڇي نه سگھيو ته ان جو ڪهڙو سبب هو.
    آرتوار صبوح کان ئي راجوءَ جو موُڊ خراب هو. نه ڪنهن ڪم ۾ سندس من ٿي لڳو ۽ نه ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ کيس چاهُه هو. جڏهن ڀڳوان آيو ۽ راجوءَ جي مايوسي ڏسي ان جو سبب ڄاڻڻ چاهيائين ته راجوءَ جواب ڏنس ته سندس طبيعت ڪجھه ناساز آهي. ڀڳوان کيس آرام ڪرڻ جو چئي هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ شيلا جي ماءُ راجوءَ کان حال چال پڇڻ آئي ۽ چيائينس، ”پٽ، هينئر ڀڳوان ٻڌايو ته تنهنجي طبيعت ناساز آهي، ڇو ڇا ٿو سمجھين؟ “
    راجوءَ جواب ڏنس ”ڀاڀي، ڪا خاص ڳالهه ته آهي. اَڄ اَندر ۾ ڪُجھه بيچئني محسوس ڪري رهيو آهيان. ائين ته بخار وغيره به ڪونه آهي.“
    شيلا جي ماءُ چيس،”پُٽ، آرام ڪر. ڪنهن ڳالهه جي ضرورت هُجيئي ته ٻڌاءِ، هوُنءَ ته سوچيو هئوسين ته اڄ شام جو سڀ اوسلو ۾ پڪچر ڏسڻ هلنداسين ۽ شيلا پيءُ ٽڪيٽوُن پڻ وٺڻ ويو آهي. پر تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي ته پوءِ تنهنجي بدران ڀڳوان کي کڻي وٺي وينداسين.“
    راجوءَ شيلا سان گڏ پڪچر ڏسڻ لاءِ ته هونءَ به سوچي ئي رهيو هو. سو انڌو گھُري الله کان هڪ اک، هتي ته ٻئي اکيون پئي مليس، اهڙو موقعو وِڃائِڻ ٺيڪ نه سمجھيائين سو هڪدم جواب ڏنائين، ”نه، ڀاڀي، طبيعت اَهڙي به خراب ناهي جو ڪيڏانهن اَچي وڃي به نه سگھان. ٿي سگھي ٿو ته پڪچر تي هلڻ سان مَنُ ٻئي پاسي ٿيڻ تي ڪجھه بيچئني گھٽ ٿئي سو توهان ڪو خيال نه ڪريو، مان هلندس.“
    شيلا جي ماءُ راجوءَ کي ساڍي پنجين بجي تيار ٿي ويهڻ جو چئي هلي ويئي جو ٽئڪسيءَ واري کي ان وقت اچڻ لاءِ چيل هو. راجو هينئر اهڙو ته خوش جو ڄڻ ڪو قارون جو خزانو مليو هُجيس، هن لاءِ ساڍي پنجين تائين به وقت ڪٽڻ مشڪل ٿي پيو.
    سئنيما ۾ هننکي ڪُنڊ واريون سيٽيون مليل هيون. شيلا جو پيءُ پهرين اَهڙي نموني ويٺو جو راجوءَ کي مجبورن ساڻس گڏ ويهڻو پيو. پر شيلا اَڃان ويهي، ان کان اڳه شيلا جي ماءُ مڙس کي پنهنجي پاسي واري ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو جنهن ڪري شيلا کي راجوءَ ۽ ماءُ جي وچ ۾ جڳهه ملي . شيلا سان گڏ ويهڻ جي ڪري راجوءَ کي پنهنجي بدن ۾ هڪ عجيب قسم جي لرزش محسوس ٿي رهي هُئي. انٽرويل کان پوءِ پڪچر هلندي راجوءَ جو هٿ ازخود شيلا جي هٿ مٿان رکجي ويو. پهريائين ته هُن چاهيو ته اتان هٿ هٽائي پر جڏهن شيلا به پنهنجو هٿ هٽائڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي ته راجوءَ جي همٿ وڌي ۽ جيسيتائين اندر اوندهه هئي تيسيتائين هُن پنهنجو هٿ شيلا جي هٿ مٿان ئي رهڻ ڏنو. پڪچر کان پوءِ شيلا جي ماءُ راجوءَ کي پنهنجي گھر روٽي کائڻ لاءِ چيو. جيئن ته هوٽل تي روٽي ملڻ جي کيس اميد ڪين هئي انڪري هن اهو قبوليو. پر ان پٺيان به اصل سبب اهو هو ته هن سوجھري ۾ شيلا کي ڏسي اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته هٿ پڪڙڻ جي ڪري سندس رخ ڪهڙو هو. روٽي کائيندي هميشهه وانگر شيلا جو ڪنڌ هيٺ هو ۽ ان ڪري راجو سمجھي نه سگھيو ته شيلا کي ڪو غصّو هو يا نه. پران ڏينهن شيلا سان گھڻو وقت گھارڻ ڪري راجو ڏاڍو خوش هو، ستين آسمان تي ٿي اُڏاڻو. مرضي هئس ته خوب نچي ٽپي.
    ٻئي ڏينهن دستور مطابق شيلا آئي. راجوءَ سوچي رکيو هو ته هو شيلا سان خوب ڳالهيون ڪندو پر شيلا جي اچڻ تي هميشهه وانگر هنجو ڪنڌ هيٺ ڏسي راجو ڪجھه به چئي نه سگھيو ۽ پڙهائڻ ۾ لڳي ويو.
    اِمتحان ويجھا اَچي رهيا هئا ۽ ڪورس پڻ پورو ٿيڻ تي اچي بيٺو هو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شيلا جو پڙهڻ بند ٿي ويندو، اهو سوچي راجوءَ کي دک ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ڀڳوان راجوءَ کي ٻڌايو ته شيلا جي مائٽيءَ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهو ٻڌي راجوءَ کي هڪ جھٽڪو لڳو. هن ڀڳوان کي چيو، ”هنن کي ڪهڙي تڪڙ آهي! شيلا جا اڃان امتحان به پورا نه ٿيا آهن تنهن کان سواءِ اڃان عمر به ڪا وڏي ڪانه اٿس.“
    ڀڳوان جواب ڏنس، ”اڃان ته ڳالهيون پيون هلن. جيڪڏهن پڪ ٿي ته پوءِ امتحان کان پوءِ ئي شادي ڪبي. باقي رهيو عمر جو سوال سو ڌيءَ جي مائٽن جي ننڊ ته ان ڏينهن کان ئي ڦِٽل هوندي آهي جنهن ڏينهن ڇوڪري سياڻي ٿيندي آهي. ائين شيلا اڃان ننڍي به ته ڪونهي، ٻئي مهني ايڪيِـهه سال پورا ٿيندس.“
    ” پر ڇا توهان شيلا کان به پُڇيو آهي ته سندس مرضي ڇا آهي؟ “
    ”شيلا جا ماءُ پيءُ پُراڻن خيالن جا آهن. تنهنکان سواءِ شيلا به اهڙي ڇوڪري ڪانه آهي جو مائٽن جي پسندگيءَ کي ٺُڪرائي. مونکي وشواس آهي ته جتي سندس مائٽ پڪ ڪندا اُتي هوءَ چپ چاپ شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندي.“
    راجوءَ اُن تي غصي مان چيس، ”ڀڳوان، تون ته اڄڪلهه جو نؤجوان آهين. تون ته سمجھي سگھين ٿو ته ڪنهن ڇوڪريءَ کان سندس پسند ڄاڻڻ ڪيترو نه ضروري آهي. هن زماني ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ کي گانءِ وانگر ٻئي کي سونپڻ ڇا انياءُ نه آهي.“
    ”راجو موُن ۾ ايتري همٿ نه آهي جو هنن جي ڳالهين ۾ دخل ڏيان. اهو سندن نِـجي معاملو آهي، جي توُن ٺيڪ سمجھين ته ڀل تون ڪُجھه ڪَر پر مان اهڙي صلاح هرگز نه ڏيندوسانءِ.“
    ڀڳوان جي وڃڻ کان پوءِ راجو سوچڻ لڳو ته کيس ڇا ڪرڻ کپي. پهرين هن سوچيو ته شيلا جي اچڻ تي هو ساڻس کُليو ڳالهائيندو، پر شيلا جي اچڻ تي کيس همٿ نه ٿي. هٻڪندي -هٻڪندي شيلا کي چيائين، ” شيلا مونکي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“
    شيلا جواب ڪونه ڏنو هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش ويٺي رهي. راجوءَ کيس چپ ڏسي چيو، ” اصل ۾ مان اڃان تائين اهو فيصلو ڪري نه سگھيو آهيان ته مونکي اها ڳالهه توسان ڪرڻ کپي يا تنهنجي مائٽن سان. سو تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟ “
    شيلا آهستي جواب ڏنو، ”ڳالهه جنهن سان ڪرڻ جي هُجي، توهانکي اُن سان ئي ڪرڻ کپي. اِن لاءِ مونکان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“
    ”مان ته سمجھان ٿو ته اهڙيون ڳالهيون مونکي ڀاڀيءَ سان ئي ڪرڻ کپن پر ان کان اڳ مون تنهنجو رايو ڄاڻڻ پئي چاهيو.“
    ”منهنجو رايو ڪهڙي ڪم جو. هر ڪنهن کي پنهنجي وويڪ کان ڪم وٺڻ کپي.“
    راجو اَڃان وڌيڪ ڪجھه چوي، ان کان اڳ ڀڳوان اُتي اَچي ويو.
    اَچڻ سان ئي هن چوڻ شروع ڪيو، ”اڄ ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ؟ مان به ته ڪجھه ٻڌان ! هتي پڙهڻ پڙهائڻ جو ته ڪُجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي. شيلا. ڇا تنهنجو ڪورس ختم ٿي ويو ؟“
    شيلا ڪجھه جواب ڏئي ان کان اڳ راجوءَ چيو، ”نه ڪورس ته اڃان ختم نه ٿيو آهي. پر اڄ پڙهائڻ جو موُڊ نه آهي. شيلا کي اِهوئي چئي رهيو هوس.“
    ”جي پڙهائڻ جو من نه اَٿئي ته پوءِ بي منو پاڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هل ته هلي پڪچر ڏسي اچوُن.“
    ”نه، اهڙي ته ڳالهه نه آهي. شيلا آئي آهي ته سندس وقت اجايو ڇو خراب ڪريان.“
    شيلا آهستي چيو، ”نه، توهان ڀل پڪچر ڏسي اچو. مان اَڄ ڪو ٻيو وشيه پڙهي وٺنديس.“
    راجوءَ کي ڪو ٻيو بهانو ڪونه سُجھيو اِنڪري مجبور ٿي کيس ڀڳوان سان گڏ پڪچر تي وڃڻو پيو. پڪچر ته ڪافي کلائيندڙ هئي پر راجوءَ کي ان ۾ ڪو به مزو نه آيو. سندس سڄو ڌيان ته اِن ۾ ئي لڳل هو ته ڪهڙي نموني شيلا کان سندس راءِ پُڇي. ڀڳوان ته پڪچر هلندي- هلندي لڳاتار ڳالهائيندو به رهيو پر راجو پنهنجي ڌيان ۾ مگن، رُڳو ‘هان- هون’ ۾ جواب ڏيندو رهيو. پڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ گھر واپس اچڻ تي راجوءَ ڀڳوان کان پڇيو، ”شيلا جي شاديءَ جو ڇا ٿيو؟“
    راجوءَ جو اوچتو اهو سوال ٻُڌي ڀڳوان پهرين ته ڪو به جواب ڏيئي نه سگھيو، پوءِ هُن آهستي- آهستي چيو، ”ائين ته باقي سڀني ڳالهين جي پڪ ٿي ويئي آهي، باقي ڇوڪري وارا ڇوڪريِ ڏسن ته پوءِ جھٽ مڱڻو ۽ پٽ شادي ٿي ويندي.“
    ”ڇا شيلا کي به ان ڳالهه جو پتو آهي؟ ڇا هوءَ به ان شاديءَ لاءِ راضي آهي؟ “
    ”راجو، توُن به ڪو موٿو آهين. گھر ۾ ڳالهيون کُليو کلايو پيون هلن ۽ شيلا کي پتو نه هوندو! ... اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. هن کي هر ڳالهه جو پتو آهي. جيڪڏهن کيس ڪو اعتراض هُجي ها ته هوءَ هيل تائين ڪجھه نه ڪجھه اِشارو ضرور ڪري ها. مان ته سمجھان ٿو ته هُن جي چُپ ئي سندس رضامنديءَ جو ثبوت آهي.“
    ”شيلا کي ڏسڻ هوُ ڪڏهن ايِندا ؟ “
    ”هوُ ته ڏسڻ نه ايندا. اسان کي ئي ڏيکارڻ وڃڻو پوندو. بس شيلا جا امتحان پوُرا ٿين ته پوءِ ڇوڪري ڏيکارڻ لاءِ وڃبو.“
    راجوءَ جي دل ويهجي ويئي. ان رات راجوءَ کي ننڊ نه آئي، هوُ اهو فيصلو ڪري نه سگھيو ته کيس ڇا ڪرڻ کپي. هن کي غصو اَچي رهيو هو ته ڀڳوان جي اچڻ ڪري شيلا سان سندس ڳالهين ۾ خلل پئجي ويو هو. جيڪڏهن ڀڳوان ان وقت نه اچي ها ته اڄ هوُ ضرور پنهنجي دل جو حال شيلا کي ٻُڌائي ڇڏي ها ۽ کانئس پڇي ها ته ڇا هوءَ هن سان شادي ڪندي. پر سندس دل جي تمنا دل ۾ ئي رهجي ويئي هئي. ٿوري دير ۾ سندس من ۾ ٻيو سوال جاڳيو ته جڏهن شيلا به ان شاديءَ لاءِ راضي آهي ته پوءِ هن اڳيان دل کولڻ ناداني نه ٿئي ها؟ شيلا صاف چئي ڇڏيو هو ته سندس رايو ڪنهن به ڪم جو نه آهي. هن سوچيو ته ڀڳوان جيڪي به ڪجھه ڪندو آهي ان ۾ بندي جو فائدو ئي هوندو آهي، شايد انڪري ئي ڀڳوان اُتي پرگھٽ ٿي کيس مايوسيءَ کان بچايو هو. هن پڪو فيصلو ڪيو ته هاڻي هوُ دل جي ڳالهه ڪنهن جي اڳيان ظاهر نه ڪندو.
    ٻئي ڏينهن کان هو شيلا کي دستور مطابق پڙهائيندو رهيو. ڪجھه ئي ڏينهن کان پوءِ شيلا جو ڪورس به ختم ٿيو ۽ امتحان به اچي پهتا انڪري شيلا راجوءَ وٽ اچڻ بند ڪري ڇڏيو. پر شيلا جي ماءُ وقت به وقت راجوءَ وٽ ايندي رهندي هئي. راجو هينئر ڪوشش ڪري پنهنجي ڪمري ۾ ڪونه رهندو هو. ڪاليج جا امتحان پوُرا ٿيا ۽ وئڪيشن شروع ٿي. راجو مائٽن ڏانهن اجمير وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. وڃڻ واري ڏينهن هن کي شيلا جي گھر روٽيءَ جي نينڊ هئي. هوُ جڏهن روٽي کائڻ ويو ته کيس اهو ڏسي عجب لڳو ته شيلا اڄ هن کان دوُر رهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هونءَ به شيلا جو ڪنڌ سندس اڳيان هميشهه هيٺ ئي رهندو هو ۽ گھٽ ئي ڳالهائيندي هئي پر اَڄ ائين پئي لڳو ته شيلا جو ڪنڌ هونءَ کان وڌيڪ جھُڪيل هو ۽ هن ڪو به جواب ڪونه ٿي ڏنو. روٽي کائي جڏهن راجو موڪلائڻ لڳو ته هن شيلا کي چيو، ”شيلا، پنهنجي نتيجي کان ته واقف ڪنديئن يا مٺائي جي ڊپ کان خوشخبريءَ کان به سِڪائيندينءَ؟ “
    شيلا ڪنڌ هيٺ هوندي ئي ڪنڌ ڌوڏي ‘ها’ ڪئي تنهن تي شيلا جي ماءُ چيس، ”پٽ مٺائي ته توکي هتي اَچي ئي کائڻي پوندي. ڪاليج کُـلڻ کان پوءِ تون واپس ته ايندين ئي.“
    راجوءَ چيو، ”ڀاڀي ڏسجي، قسمت واپس هتي آڻي ٿي يا نه. بئنڪ جو انٽرويو به هفتي کن ۾ آهي. ڏسجي ڇا ٿو ٿئي. جيڪڏهن چوُنڊجي ويس ته ڪونه موٽندس.“
    شيلا جي ماءُ چيس، ” پٽ منهنجي آسيس اٿئي جتي به رهين هميشهه خوش رهين. ڀڳوان شال سوڀارو ڪندُءِ. ڪٿي به رهين، پنهنجن کي نه وسارج. جيڪڏهن تون هتي نه آئين ته مٺائيءَ کي تو وٽ اَچڻو پوندو.“
    راجو اجمير پهتو ۽ پنهنجي انٽرويو جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. هڪ ڏينهن ماڻس کيس چيو، ”پٽ تنهنجي لاءِ گھڻيون مائٽيون اچي رهيون آهن. آيو آهين ته اڳو پوءِ ڇوڪريون ڏسي پَڪَ ڪَر. جِـتي تون چَوندين اُتي ئي تنهنجي شاديءَ جي پَڪَ ڪَبـي.“
    ”ڀاڀي، اَڃان ته مونکي شادي ڪرڻ جو ڪو خيال ڪونه آهي. جيڪڏهن بئنڪ ۾ چونڊيس ته پوءِ ٻه ٽي سال شادي ڪرڻ جو ڪو سوال ئي نه رهندو ڇاڪاڻ ته ٻه سال ته ٽريننگ هلندي ۽ خوُب بدليون ٿينديون رهنديون، پوءِ ڏٺو ويندو.“
    ”پٽ ڇوڪري ڏسي پڪ ڪر ته پوءِ مڱڻو ڪري ڇڏجي، شادي ڀل ٻِن ٽِن سالن کان پوءِ ڪج.“
    ”ٻِن ٽِن سالن ۾ ڇا ٿئي، ڪنهن ڏٺو آهي، انڪري هن وقت مڱڻو ڪرڻ ۾ ڪو فائدو ناهي.“
    ”پٽ، جيڪڏهن تنهنجي نظر ۾ ڪا ڇوڪري هُجي ته ڀل اُتي ئي تون شادي ڪر. مان ته بس نونهن جو منهن ڏسڻ ٿي چاهيان.“
    راجوءَ سوچيو ته هو ماءُ کي شيلا بابت ٻُڌائي پر پوءِ ڪجھه ويچار ڪري چيائين، ”ڀاڀي، اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي. بس هن وقت منهنجي شادي ڪرڻ جي ڪا مرضي نه آهي.“
    ”پُٽ، مون ته هڪ هنڌ ها به ڪئي آهي ۽ سڀاڻي ڇوڪريءَ وارا به ايندا. هاڻي انهن کي ڪهڙي نموني روڪجي. تون رڳو ڇوڪري ڏسُ، پوءِ به جيڪڏهن تو نه چاهيو ته ڪو نه ڪو بهانو کڻي ڪبو.“
    ”ڀاڀي جڏهن مونکي شادي ڪرڻي ئي ڪانهي ته پوءِ ڇوڪري ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇوڪري ڏسڻ کانپوءِ ناڪار ڪبي ته ڇوڪريءَ جي بدنامي ٿي سگھي ٿي. مان ان جي سخت خلاف آهيان سو تون هنن کي جھلائي موڪل ته نه اَچن.“
    ”ٺيڪ آهي توکي جيڪڏهن شادي نه ڪرڻي آهي ته پوءِ هُنن کي اَچڻ ڏي، مان کين منع ڪري ڇڏينديس. پر منهنجو اَڃان به اِهو ويچار آهي ته توُن هڪ دفعو ڇوڪري ڏِسين ها ته سُٺو ٿِئي ها.“
    راجو ان لاءِ به تيار نه ٿيو، تنهن تي ماڻس چيس ته اُن ڏينهن هوُگھٽ ۾ گھٽ گھر ۾ ته رَهي، ڪٿي ڇوڪريءَ وارا اِئين نه سمجھن ته اسان راجوءَ جي نه مڃڻ جو بهانو ڪري وڌيڪ ڏيتي ليتي ٿا چاهيون. راجو اِڇا نه هوندي به ان لاءِ راضي ٿيو.
    ٻئي ڏينهن شام جو راجو پنهنجي ڪمري ۾ ويهي پڙهي رهيو هو ته سندس ماءُ اچي چيو، ”پٽ، ڇوڪري ۽ سندس مائٽ آيا آهن. مون ته کين صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تون شاديءَ لاءِ تيار نه آهين. هوُ به ان لاءِ ڪو زور ڪونه ڪري رهيا آهن. پر هوُ توسان روُبرو مِلڻُ ٿا چاهين، سو تون هلي هُنن سان ملين ته سُٺو ٿيندو.“
    راجوءَ کي وڃڻ تي ڪا مرضي ڪانه هُئي پر ماڻس زور ڪري وٺي ويس. راجو بار بار ماءُ کي اهو چئي رهيو هو ته جڏهن کيس شادي ڪرڻي ئي ناهي ته پوءِ هُنن سان ملڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ راجوءَ اِهي اکر ڄاڻي ٻُـجھي زور سان چيا هئا جيئن اندر ڪمري ۾ ڇوڪريءَ وارا ٻُڌي سگھن .
    ڪمري ۾ گھڙندي ئي هن جي نظر شيلا جي ماءُ ۽ ڀڳوان جي مُسڪرائيندڙ چهري تي پيئي. راجوءَ عجب مان ماءُ ڏانهن نهاريو. هوءَ به شرارت ڀريل نظر سان راجوءَ کي ڏِسي مشڪي رهي هئي. شيلا به صوفا جي هڪ ڪُنڊ تي هميشهه جيان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي. اُن وقت راجوءَ جو چهرو ڏسڻ وٽان هو. *


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267722
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ