ڪتاب جو نالو: پيار جي پنڌ ۾
مصنف: مور ساگر
ڇپائيندڙ: پريت پبليڪيشن_ حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 552 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 156 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر مور ساگر جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن ۾ غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن. مور ساگر سنڌ جي انهن نوجوان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان آهي، جنهن پنهنجي انداز، نموني ۽ شاعري ۾ نون تشبيعن ۽ استعارن جي استعمال سان هڪ نئين سڃاڻپ ۽ الڳ مقام ٺاهيو آهي. مور ساگر آهي به مور ماڻهو، سچو کرو ۽ سنڌ دوست. سنڌ سلامت سٿ سان ويجهڙائپ ڪري ساڻس حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿينديون آهن جن ۾ ڪچهري جو موضوع سنڌي ادب ۽ شاعري ئي هوندا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • روز آسن جا ڏيئا ٻاريون ٿا
  • بندگي جا سڀ رنگ دل ۾ ئي ڏسي سگهجن ٿا
  • شاعري پيار جو سڏ آهي
  • غزل

  • پٿرن جي جهان ۾ رهون ٿا.
  • هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب.
  • نه تون آئين نه تو بِن سَري ڪي پَل ٻه.
  • تون مليئن مونکي مِلي ويا، زندگي جا رنگ سڀ.
  • اکين اوسيئڙو تَن ۾ تاتَ.
  • تَتَل ڏينھن ۾ گهاٽي ڇانوَ جھڙو، او مُنھنجي مِٺي تُنھنجي وارَن جو ساٿ.
  • پاڻ سَجائي آ پھتي مون وَٽ.
  • يادون، اڪيلائي، مان ۽ ماٺَ.
  • جڏهن کان هُجومن ڇڏيو آ لوڌَي، تڏهن کان تنھائي بڻي آ وارث.
  • او زندگي! تُنھنجا، رَنگين رُوپ.
  • پيار ۾ دُوري ناهي رواج.
  • ڏي جام تي جام ٺاهي سَکي اَڄ.
  • يا تون اَچ، يا يادون کڻي وَڃ.
  • اچين ته ساهه جي سُڏڪن ۾ اَچ.
  • جي ڪيان تعريف تُنھنجي، ڪِيئن ڪيان ڪھڙي طرح.
  • ڏِسي هوءَ ڦِرندڙ هوائُن جو رُخ.
  • نه راجا نه راڻي گُهري ٿي سنڌ.
  • اکين سان اکيون مِلائي ڇَڏ!
  • لُڙڪ لُڙڪ ٿي ٺھي ٿو سمنڊ.
  • جڳ ۾ جيئڻ لئه جُرعتون سانڍ!
  • سمنڊ جيڏي سِڪ مان لِکيو آهي ڪاغذ.
  • بيرَنگ زندگي ۾ رَنگ ڀر!
  • وِڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.
  • پيار ايڏي پائي نه ڊوڙ.
  • تنھنجو مونسان مُرڪي مِلڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.
  • جو واهَڙ جان هو وَهَندو شخص.
  • هڪ ڌرتيءَ جو ڪُجهه آهي قرض.
  • ٿا نِنڊ ڦِٽائن يادُون ۽ خط.
  • شھر! مان ٿو هلان هاڻَي، خداحافظ خداحافظ.
  • اَچ مُرڪي مِلون او مُنھنجي مِٺي! پوءِ ڪيون الوداع.
  • تلاش ڪندي خوشيءَ جو سُراغ.
  • خوشي ڪنھن هِڪڙي ڏِسا ۽ غم هن چؤطرف.
  • عشق واسينگ وانگي ونگيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.
  • سر اڏيءَ تي آهي عشق.
  • پرينءَ پھرين پنھنجي نِگاهُن کي روڪ.
  • ڪيسين عشق اسانکي ساڙي ڪندين رَک!
  • ڪيئن چوَين ٿو آهي خواب، جيوَن سارو آهي جَنگ.
  • دِل جي دُنيا اُجڙڻ کان اڳ.
  • سُونھن سودي ڪيئن سگھندين، حُسن جو ڇا ڏيندين اگهه.
  • جذبن جي جهلي چِيچَ مان، ٽوڙي هلي وئين سڀئي سَڱ.
  • جِسم گهر ۾ نيڻ سفر ۾.
  • اکين سان جڏهن مِلن ٿيون اکيون.
  • تون آهين مان آهيان ڄڻ.
  • دڳ دڳ ڪيڏو آهيان ڊوڙيو.
  • عشق عجب آ تُنھنجي راهه.
  • جو روز پڙهان سو ڪتاب ٿي پئه.
  • زندگي آ، سگريٽ سَستو ناهي، جو اَڌ پيتو اُڇلائجي.
  • ڪُجهه ته خوشيون آڻ وقت.
  • رهياسين دُنيا کان سدا بي خبر.
  • اسان هئا جِن کي گُلاب ارپيا.
  • يادُن جا طُوفان اُٿن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.
  • رڳو سراب ويڙهي رهيا هِن.
  • ڪيڏي ڪَڙي آ، پو به پيئان پيو.
  • ايئن مِلي بي حجاب هُوءَ.
  • مان نِراس ناهيان او مُنھنجي مِٺي!
  • زندگي جي آرسي اکين جي اندر ٽُٽِي پئي آ.
  • آ جيون هي پنھنجو پيارا اُملھه.
  • دِل بَري* ناهي اڃان هي غم کان.
  • جڏهن به چنڊ ٿا ڏِسون، پرين توکي ٿا ساريون.
  • توکي حال دِل جو ٻُڌايان يا نه؟
  • جِيون جو سفر اُداسي ٿو آڇي.
  • زندگيءَ جي ڊوڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.
  • شاعر ٿي ساحر نه ٿي.
  • مايوسي کان پاسو ڪرڻ مون سِکيو آ.
  • روز ٺَھون ۽ وري ڊَهون ٿا سَکي!
  • منھنجا شوق عذابن ۾ آهن.
  • سُقراط بنجي ڪريو بغاوت.
  • اکين جا اِشارا نه سمجهي سگهيا.
  • ڪاش جيڪر تُنھنجي اک جو لُڙڪ ٿيان.
  • جڏهن جيءُ جُدائي جلائڻ لڳي ٿي.
  • جفائون جفائون سارو جڳ جفائون.
  • محبت آ بقا اسان لاءِ ساٿي.
  • نه مونکي ڏِنا تو گُلابن جا تحفا.
  • پيار ڇو ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي.
  • مونکي تنھنجي وارن جون ڇائون ٿيون گُهرجن.
  • توکي ساريَ جانان!
  • ياد تُنھنجي رُوئاڙي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.
  • توڻي هِن رَتاوان پرين پيرَ پنھنجا.
  • نِنڊ جو آ بار اکين تي.
  • سچ ٻُڌائي ڪنھن کي تون چاهين ٿو مور!
  • ڪير هُن کي چئي،
  • نظم

  • ديس جو ڪيڏارو
  • آءُ ته اڄ کان هڪ ٿي وڃُون
  • لڳي ٿو مُوئن جو دَڙو ٿي رَهيو هان
  • ڪِرڻا سِج جا
  • شام جهڙي ڪُنوَار
  • تُنھنجو آهي ايمان پئسو ئي پئسو
  • مان ۽ مُنهنجي تنهائي
  • هِتي بيوَسَن جو گُذر نه آ
  • فراموشي
  • هوءَ جا ماري وئي
  • ڪو مورَ وري ماريو ويو
  • ڪونه جُهڪيا
  • توکان پَريَ جو آهيان
  • اکيون
  • رُڳو ئي دَردَ جون گهڙيون
  • اوَهان جي پُڄاڻان
  • وايون

  • سنڌوءَ جي ڪَپن تي،
  • صبوح جي سُرهاڻ ۾،
  • سڀ رَنگ سھيڙي پيارَ جا پرين،
  • سامھون اچي ويھه،
  • نيڻ برسي پيا منھنجا،
  • پيار جا گهٽجي ويندا سِلسلا،
  • گوريِ تنھنجي چوٽيءَ ۾،
  • اکين جي اُڀ تي لُڙڪن جون لارون،
  • منھنجي نيڻن جو ڪتاب،
  • مِٺا تون وري آ،
  • تنھنجا هٿ مھندي رَتل،
  • ڪاش جي تون مِلي پوَين،
  • وِک وِک تي عذاب ڀوڳيا ٿم،
  • ساري هي زندگي،
  • عڪس تنھنجا ٿا رَهن،
  • ساگر جھڙو پنھنجو پيار،
  • آب اکين مان جاري آهي،
  • هر پَل توکي ساريان ٿو،
  • چُھٽي پئي ڳِلن تي،
  • ڪيڏو درد سمايل آهي،
  • ڏِٺي ڏينهن ٿيا،
  • نيڻن جي خوابن ۾،
  • اڱڻ، مان ۽ چنڊ،
  • برسات وَسي ٿي،
  • اچ ته مِلون،
  • تنهنجي مُرڪن جي،
  • اکڙين جا بند سڀ،
  • ڌار ڪوئي ٿي ويو،
  • بيڪ ٽائٽل

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : پيار جي پنڌ ۾
    موضوع : شاعري
    شاعر : مور ساگر
    ڇاپو پهريون : 7 جنوري 2005ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ : پريت پبليڪيشن _ حيدرآباد
    ڇپيندڙ : الرزاق ڪمپيوٽر ڪمپوزرس
    رابعه اسڪوائر، گاڏي کاتو حيدرآباد. 03332634650


    ارپنا

    پيار جو هي پنڌ
    ارپيم
    سنڌ ڌرتي کي
    جنهن جي ڪري منهنجي سُڃاڻپ سنڌي آهي.
    بابا محمد رمضان ۽ امڙ فاطمه کي
    جن جي لاءِ آئون مور آهيان.
    وڏي ڀاءُ محمد عثمان کي
    جنهن وڏي ڀاءُ جو فرض ايمانداري سان نڀايو.
    ۽
    پيار جو هي پنڌ ارپيم
    اُن پيار کي
    جيڪو
    ازل کان اَبد تائين
    مون سان گڏ هلندو،
    پيار جي پنڌ ۾

    مو ر ساگر


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر مور ساگر جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن ۾ غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن.
    مور ساگر سنڌ جي انهن نوجوان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان آهي، جنهن پنهنجي انداز، نموني ۽ شاعري ۾ نون تشبيعن ۽ استعارن جي استعمال سان هڪ نئين سڃاڻپ ۽ الڳ مقام ٺاهيو آهي. مور ساگر آهي به مور ماڻهو، سچو کرو ۽ سنڌ دوست. سنڌ سلامت سٿ سان ويجهڙائپ ڪري ساڻس حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿينديون آهن جن ۾ ڪچهري جو موضوع سنڌي ادب ۽ شاعري ئي هوندا آهن.
    هي ڪتاب پريت پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2005ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جوڻيجو جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    پريت پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب ”صوفي جو ثمر“ جيڪو تصوف جي موضوع تي هو، هاڻي هي ٻيو ڪتاب سنڌ جي ڀلوڙ نوجوان شاعر مور ساگر جو ”پيار جي پنڌ ۾“ ڇپائي توهان جي هٿن تائين پهچايو آهي.
    مور ساگر سنڌ جي انهن نوجوان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان آهي، جنهن پنهنجي انداز، نموني ۽ شاعري ۾ نون تشبيعن ۽ استعارن جي استعمال سان هڪ نئين سڃاڻپ ۽ الڳ مقام ٺاهيو آهي، سندس هي پهريون ڪتاب پريت پبليڪيشن مان ڇپجڻ تي اسان کي تمام گهڻي سرهائيءِ، خوشي ٿي رهي آهي، جو اهڙي ڀلوڙ شاعر جو ڪتاب پريت پبليڪيشن جي آڳر مان پنهنجي وِک وڌائي اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي.
    اميد آهي ته مور ساگر جي شاعري ڪتابي صورت ۾ توهان کي ضرور پاڻ ڏانهن متوجه ڪندي.

    توهان جو پنهنجو
    منظور احمد جوڻيجو
    الرزاق ڪمپيوٽر ڪمپورزس
    رابعه اسڪوائر حيدرآباد


    روز آسن جا ڏيئا ٻاريون ٿا

    مھاڳ
    ميڪسم گورڪي جي وطن روس جي عوامي شاعر، رسول حمزه توف پنھنجي ڪتاب ”ميرا داغستان“ ۾ لکيو آهي ته اسان جي مُلڪ ۾ ماڻھو پنھنجي ٻارن جون سالگراهون تڏهن ملھائيندا آهن. جڏهن هو ڪو اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندا آهن، جھن ڪارنامي جي وسيلي دُنيا سندن وجود جي چڱائي کي قبول ڪري ۽ سندس ڪارنامي ۽ ڪم جي روشني پٽن ۾ پکڙي. هو چوي ٿو ته منھنجو جنم تڏهن ٿيو جڏهن مون پھريون نظم لکيو.
    سندس خيال آهي ته جيستائين مون ڪو به نظم نه لکيو هو ۽ ٻيا دُنيا جھان جا غير اهم، عام رواجي ۽ معمولي ڪم پئي ڪيا، ايستائين ڄڻ آئون هِن زمين تي پيدا نه ٿيو هئس.
    سندس ان تصور ۽ خيال مان اِها مُراد ناهي ته هِن دُنيا ۾ پيدا ئي اُهي ٿيا آهن جيڪي شاعري ٿا ڪن، جن شاعري نه ڪئي، اُهي ڄڻ پيدا ئي نه ٿيا آهن. پر سندس اِن ڳالھه لکڻ مان اِها مُراد آهي ته هِن دُنيا ۾ هن زندگي جي پنڌ ۾ جيستائين ڪو به ماڻھو ڪا اهڙي وِک نٿو کڻي جنھن وِک سان ماڻھو کي اُن وِک جي تجلي، روشني ۽ مھڪ جي حوالي سان ڄاڻي، سڃاڻي جيءُ ۾ جايون نه ڏي، قبول نه ڪري، ايستائين ڄڻ اِهو ماڻھوءَ پيدا ئي نه ٿيو آهي.
    ڄمڻ ۽ پيدا ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڄمن روز هزارين ۽ لکين انسان ٿا پر اُنھن ڄاوَل انسانن مان پيدا ڪير ڪير ٿو ٿئي.
    مور ساگر جنم ته خبر ناهي ڪڏهن ورتو پر پيدا اُن ڏينھن ٿيو، جنھن ڏينھن هِن هي پنھنجي بيقراري ۽ بي چين روح جي صدا ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ لکيو آهي، ۽ ايئن ماڻھوءَ جا سوين جنم ٿين ٿا. سوين موت ٿين ٿا. جڏهن جڏهن به ڪو ماڻھوءَ زندگيءَ جي دريا جي ڇولي مٿي عشق ۽ جُستجو جو ڏيئو ٻاري ٿو.
    حياتيءَ جي صحرا ۾ نيم صبح جو نغمو ڳائي ٿو ۽ انساني سماج کي تبديل ڪرڻ جي خوابن کي رستن تان کڻي دِلين ۽ اکين ۾ رکي ٿو ۽ تخليق جو مِينھن بنجي هينئن جي واٽ تي وَسي ٿو. ته اِهو سندس نئون جنم آهي، هن دُنيا ۾ اهڙا سوين ماڻھو آهن. جيڪي پنھنجي عملي ۽ بي علمي حُسن سان گڏ هر بھار ۾ جنم وٺن ٿا ۽ سوين اهڙا ماڻھوءَ آهن جيڪي، بي علمي ۽ به عملي جي واري ۾ غرق ٿي مَرن ٿا.
    عظيم شاعر پنھنجي نظم سان گڏ جنم وٺندو آهي. سندس نظم سندس پنھنجي ۽ پنھنجي آس پاس جي حياتيءَ جي صورت هوندي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل وايون، غزل ۽ نظم اسانجي شاعر ساٿي مور ساگر جي پنھنجي اندر جي ۽ آسپاس جي دُنيا جي صورت گري آهي، ۽ هئڻ به ايئن گُهرجي ته اسانجون تخليقون، اسانجا نغمه، اسانجون تحريرون، اسانجي ۽ اسانجي سماجي زندگي جون صورتون هئڻ گُهرجن ترجمان هئڻ گهُرجن ۽ زبانون هئڻ گهُرجن.
    ڪُجهه نظم ۽ غزل اهڙا هوندا آهن جيڪي فقط اکرن جي سٽاءُ تڪبندي جي سنگهرن ۾ ٻَڌل هوندا آهن. شاعر زوري زبردستي ونگارون ڪري اُهي نظم لکندا آهن. ڪجهه نظم ۽ غزل اهڙا به هوندا آهن، جيڪي درد جي بهار ۾ روح جي زمين مان ڦُٽندا اهن، روح جي زمين مان ڦُٽندڙ نغمه غزل ۽ نظم خودبخود پاڻ کي لکرائيندا آهن، جيئن خودبخود لُڙڪ اکين مان ڪِري پوندا آهن. جيئن چَپَن تي مُرڪ پکڙي ويندي آهي. جيڪا شاعري نالو ڪمائڻ لاءِ، پئسو ڪمائن لاءِ، ڪو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مٿاڪُٽ ڪري ۽ محبت مزوري ڪري لکي ويندي آهي، فن جي بازار ۾ اُن شاعري کي به قدر جي نِگاهه سان ڏِٺو ويندو آهي، پر درِ يار کان درِ مقتل تائين دِلبرين جي دَڳن تي اُن شاعري جا وڻ قطاريل هوندا آهن جيڪا شاعري ڪنهن درد، ڪنهن بيواجپي، ڪنهن بي رُخيءَ، ڪنهن دغابازي جي چڪندڙ زخم جي ٽمندڙ رت مان جنم وٺندي آهي.
    سنڌ ۾ اهڙا شاعر هئا. آهن ۽ وري به پيدا ٿيندا، جن اکرن جي بازيگري، تڪبندي جي هُنر سان شاعري جا نوان دريا واهي ڇڏيا، نوان باغ پوکي ڇڏيا، بازارون لڳائي ڇڏيون، سندن ديوانن مٿان ديوان آيا، سندن شاعري جي حُسن ۽ هُنر تي سوَين مشاهدا ٿيا، واهه جون ڌماچوڪڙيون ٿيون، مقرر، مقرر، ارشاد، ارشاد جا مِينهن وٺا، مهورتون ٿيون. مذاڪرا ۽ ورڪشاپ ٿيا. پر زماني جي بهارن ۾ زندگي جي پَٽن وري اُن شاعري جون وَليون نه ڦُٽيون.
    اسانجي ساٿي مور ساگر جو هي ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ ۾ ڪافي اهڙن نظمن ۽ غزلن جي حُسن سان سينگاريل آهي. جيڪي نظم ۽ غزل هن شاعر جي روح جي سرزمين مان ڦُٽندڙ غزل ۽ نظم آهن.
    عظيم ڏاهپون، عظيم تخليقون روح جي زرخيز زمين مان ڦُٽنديون آهن، انهن ڏاهپن ۽ تخليقن جي سونهن ۽ سينگار ۽ سدابهاري کي ڪڏهن کي ڪڏهن به موت نه ايندو آهي، اُهي ڏاهپون، اُهي تخليقون سردرد جي مُند ۾ پهچي پوري شباب ۽ پوري سونهن سان وري وري جنم وٺنديون رهنديون آهن. زندگي جون بيشمار وسعتون ۽ گهرايون آهن، زندگي جي سمورين وسعتن، سمورين گهراين، زندگي جي سمورين ارڏائن، ادائن ۽ رُخن جي نمائندگي ڪرڻ سولي ۽ هر ڪنهن جي وَس ۽ اختيار جي ڳالهه ناهي، ان هوندي به هر شاعر پنهنجي شاعري جي بازار ۾ پنهنجي تخليق جي ميلي ۾ زندگي جي سمورن رُخن جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مور ساگر جي شاعري تي ”پيار جي پنڌ ۾“ مسلسل ڌَڪن ۽ وِڇوڙن جي احساس جي شام وڌيڪ ڇانيل آهي ۽ اِهو ٺيڪ آهي ته زندگي جي ڀلي ڪنهن به هڪ ادا کي پنهنجي شاعري جو مرڪز بنائجي، پر صداقت ۽ روح جي گهرائين جي مينار ٿي اُن رُخ تي شاعري ڪجي، ڇاڪاڻ ته سماجي زندگي جي شهرن ۾ تبديلي ۽ سوجهري جون هيرون روح جي گهرائين مان بُلند ٿيندڙ صدائن جي سحر سان اينديون آهن، هونئن به زماني کان گُهري ورتل روشن ترين هيرن ۽ جواهرن کان دلبرين جي دڳن تي پنهنجي جگر جي رَت جا ڦُڙا وڌيڪ روشن ۽ حسين لڳندا آهن.

    صدين جي صدا ڄڻ ٿي ٿا وڃون.
    نيڻ توڏي جڏهن کڻون ٿا سکي.
    *
    دل بري ناهي اڃا هي غم کان.
    کيس چئو پاسو ڪري سِتم کان.
    *
    مان نِراس ناهيان او منهنجي مٺي!
    ڪو درد آ جو حدون ويو آ ٽپي!
    صليب تي ساگر هئي هڪ زندگي،
    هڪ زندگي تنهنجي اکين ۾ ڏِٺي.
    *
    مونکي تنهنجي وارن جون ڇائون ٿيون گهُرجن،
    اوهانجي اکين ۾ پناهون ٿيون گهُرجن.
    *
    اکين جا ِاشارا نه سمجهي سگهيا.
    الائي ڇو پيارا نه سمجهي سگهيا.
    آ لهر لهر ۾ درد ’ساگر‘ جو،
    سنڌو جا ڪِنارا نه سمجهي سگهيا.
    *

    ڪو ته جيوَن ۾ خوشيون آڻيندو،
    روز آسن جا ڏيئا ٻاريون ٿا.
    ڊَهون ٺهون، ٺهون ڊهون ٿا،
    الائي ته ’ساگر‘ ڪيئن جيئون ٿا.
    *
    تون نيڻن سان ٿي سير واهين،
    تنهنجي وارن جا ٿا ونگين روپ.
    مان منصور آهيان اڙي او عشق!
    ڀلي سوريءَ تي تنهنجا ٽنگين روپ.
    *
    چنڊ لِڪي ويو جُهڙ جي هنج ۾،
    جو نڪتِين نقاب کي لاهي سکي اڄ.
    *
    پرين کي ڇُهن ٿيون نه هرگز وڻن ٿيون،
    خدايا! هِن چنچل هوائن کي روڪ.
    *
    طوفانن سان وڙهندي وڙهندي،
    ويو واري، گهر جان ڊهندي شخص.
    رکيا روَين ۾ هئا لوڪ پٿر،
    هو شيشي جان ويو ٽُٽندو شخص.
    *
    جسم گهر ۾ نيڻ سفر ۾.
    تڙپيو آهيان پهر پهر ۾.
    *
    ناهيون پاڻ کي ڳولي سگهيا،
    رهندا آهيون هڪ ئي شهر ۾.
    اکين سان جڏهن ملن ٿيون اکيون.
    اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون.
    *
    رهياسين دُنيا کان سدا بي خبر.
    جڏهن کان پرين تنهنجي ٿياسين نظر.
    *
    يا تون اچ يا يادون کڻي وڃ.
    وِساريان نه وِسرين نه ايڏو وڻي وڃ.
    ڪڏهن ڀي نه هڪٻئي کي ماڻي سگهون،
    وِچ ۾ نه ايڏيون وِڇوٽيون رکي وڃ.
    *
    واپار ناهي موٽ گهرين ٿو،
    پيار آ سڀ ڪجهه لُٽائي ڇڏ.
    مان ساگر آهيان تون پياس،
    کُٽائي سگهين ته کُٽائي ڇڏ.
    *
    هي غزلن جا ڪُجهه بند آهن جيڪي مور ساگر جي تخليقي حُسن جي شاهدي طور ڏجن ٿا. هنن بندن کان سواءِ هن ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ ٻيا به ڪافي نظم ۽ غزل آهن، جن کي روح جي اکين سان پڙهڻ کانپوءِ منهنجو خيال آهي ته درد جي ڌاڳن ۾ غم جهان ۽ غم جانان جا مڻيان پوئڻ جو فن کيس حياتيءَ سيکاري ڇڏيو آهي. زندگي جي پنڌ ۾ پيرن جي ڦٽن مان ٽِمندڙ خون مان جيڪڏهن هن شاعري جي ٻنيءَ کي ريج ڏِنا، زندگي جي زخمن کي ڏاهپ جي ڪارن گلابن سان سينگاريون ته هڪ اڃا به وڌيڪ ميران ٻائي جي اکين ۽ قرت العين طاهره جي عشق جهڙي حياتي، ملوڪ شاعري ڪري سگهي ٿو.

    مور ساگر جيئن وڌيڪ پڙهندو، جيئن وڌيڪ پيار جو پنڌ ڪندو، جيئن وڌيڪ زندگي جي ناسورن جو سور سهندو، جيئن يتيم ٻار جي درد، بيوسي ۽ محرومي جي ڪڪرن ۾ ڍڪيل اُداس مرڪ تي وڌيڪ غور ڪندو. جيئن دربدر زندگي جي ڌڪاڻيل قافلن سان آمهون سامهون ٿيندو، تيئن سندس شاعري جي پير جي ڇير جي گهنگهروئن جا آواز زندگي جي صنم خانن ۾ وڌيڪ بُلند، اونها، تکا معنيٰ خيز ۽ سحرانگيز لڳندا.

    عبدالله ملاح
    اسسٽنٽ پروفيسر
    گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج بدين
    29 نومبر 2004ع


    بندگي جا سڀ رنگ دل ۾ ئي ڏسي سگهجن ٿا

    اسين جنھن سوسائٽي ۾ رهون ٿا، اها ڏينھون ڏينھن، گھٽبي، سوڙهي ٿيندي، ذهني توڙي فِڪري، علمي توڙي روحاني ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، اظھار جي آزادي تي انيڪ قسم جي بندشن سان گڏ، پنھنجائپ وارن رَوَيَن جو ’قال‘ به ٿيندو پيو وڃي. مصنوعي چھرا، مصنوعي مُرڪون، پويان ڦِري پٺيءَ ۾ خنجر هڻڻ، وشواس، اسھپ، ٻي جي جذبن جو قدر نه ڪرڻ، خدمتن جي ناقدري ۽ لاتعلقي عام ڳالھه بنجندي پئي وڃي. اسٽيٽس ۽ مايا جو موهه ... طبقاتي اوچ نيچ واري ماحول ۾، ڪنھن تخليقڪار جو جيئڻ ڪيئن ٿو ٿئي، اهو ڪَربَ، فقط تخليقڪار جي لکيل لفظن کي پڙهي ئي لڳائي سگهجي ٿو. ڇو ته تخليقڪار ڪو ’واعظ‘ ته نه هوندو آهي، جيڪو پنھنجي اندر جي اظھار کي وڏي واڪي تقرير ڪري چئي ٻُڌائي. انھيءَ صورتحال ۾ سوچڻ فِطري عمل آهي. خاص ڪري ڪنھن حساس دِل ۽ ڪومل جذبا رکندڙ شاعر لاءِ اها صورتحال ڪنھن اذيت کان گهٽ ڪونھي. مور ساگر به انھيءَ ڪيفيت جو شڪار ٿي نيٺ اظھار ڪري ٿو وجهي:
    سوچي سوچي زندگي جي، ساگر نه پھتو ڪنھن دڳ تي،
    هر طرف هٿ جوڙ ۾، هر ڪو اڳتي پيو وڃي.
    ’ميٿيو آرنلڊ‘ شاعري کي ’خيال ۽ فن‘ جو اتحاد سڏيو آهي، سندس چواڻي ’اها ڳالھه ياد رکڻ گهرجي ته عظيم فن پارن جي تخليق هردؤر ۾ ممڪن آهي‘.۽ اسان جي امداد حسيني چواڻي، ’تخليقي صلاحيتن جو جوهر ته تڏهن ٿو کلي، جڏهن ذهني ۽ روحاني فضا سازگار هجي‘. پر صورتحال ’مرده‘ هجي، ماڻھن جا روح ئي مري ويا هجن. اتي عظيم فن پارا ڪيئن جنم وٺندا! مور ساگر به اهڙي صورتحال جي نشاندهي ٿو ڪري:
    مردا ماڻھن ۾ احساس پيا ڳوليون،
    سادا يا ته چريا لڳون ٿا.
    خودڪشي جھڙن خيالن ۾،
    روز جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا.
    انسان جنھن ماحول ۾ رهي ٿو. پنھنجي شعور جي تابع رهي ٿو، هو روزمره جيڪي لقاءَ ڏسي/ پسي ٿو. جيڪي هن جي آسپاس جنم وٺن ٿا. تِن جو مٿس اثر لازمي ٿئي ٿو. جيئن هن ڪتاب ۾ مور ساگر جا نظم ’هوءَ جا ماري وئي‘، ’ديس جو ڪيڏارو‘، ’ڄڻ سڀ کيل آهي اسان لئه‘، ’ڪو مور وري ماريو ويو‘، ’تنھنجو آهي ايمان پئسو‘، ’فراموشي‘ وغيره جيڪي مور ساگر اهڙو ئي مشاهدو ڪندي لکيا آهن.
    روز ٿا باغ اجڙن سنڌ جا،
    روز ٿا لڳن راتاها.
    هي ڪھڙو دور آهي خدايا،
    جنھن ۾ جيئڻ ڄڻ ته سزا آ.
    تخليق جو عمل ڇا آهي!؟
    جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو، تخليق جو عمل ايئن آهي، جيئن ڪنھن آڏاڻي ۾ ’ڪوري‘ ڪپڙي جي اُڻت ڪري ٿو. يا جيئن ڪا سُگهڙ زال ڪپڙي تي سنھي سُئي سان نھايت خوبصورت ڀرت ڀري ٿي، تيئن شاعر به لفظ ميڙي چونڊي، اُنھن کي خيالن جي مالھا ۾ پوئي، پنھنجي تخليق/ فن، ڪنھن ’شھپاري‘ جي صورت ۾ پڙهندڙ جي اڳيان پيش ڪري ٿو.

    محترم محمد ابراهيم جويو، شاهه، سچل، سامي، جي ٽه ڪتابائين، رٿا جي مھاڳ ۾ لکي ٿو، ”شاعر، سچا شاعر، تاريخ جا فرشتا سڏيا ويا آهن. تاريخ بني نوع انسان جي ۽ پڻ قومن جي، ۽ فرشتا انھيءَ ڪري جو هي فِڪري جذبي جي پرورش ڪن ٿا ۽ ان طرح انساني زندگي ۽ پڻ قومي زندگي کي معنيٰ ۽ معيار بخشين ٿا. سڄي سچائي، سڄي بُلندي، سڄي املائپ، انساني تمدن ۽ قومي تھذيب جي انھي کان ملي ٿي، ۽ هو ئي ان سڀ جا ضامن پڻ آهن“.
    انھيءَ آڌار، اسين پنھنجي سيبتي، سھڻي، ماٺيڻي ۽ مھربان شاعر دوست ’مور ساگر‘ جي شاعري جو اڀياس ڪنداسين ته انھيءَ ۾ اسين پنھنجي وقت، حالتن، ماحول وغيره جو پرتوو پَسنداسين، مثال طور سندس غزلن جا ڪجهه بند حاضر آهن:
    عجب آ، تون ئي نه سمجهي سگهيو آن،
    ورنه، هي چھرو ته کُليل هو ڪتاب.
    *
    آهن ديس پنھنجي تي ڌاڙيل قابض،
    امن جو ڪبوتر اُدسي ٿو آڇي.
    *
    پيار ڇو ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي،
    نفرتن جو زور ٿيندو ٿو وڃي.
    *
    جبر تي صبر جي عادت ٿي ويئي آ،
    ڪنھن کي نه ڪجهه چئون ٿا سکي.
    *
    ڪنھن هنڌ پڙهيو هئم، ”شعر فھمي اها ڪونھي ته اوهين شعر ۾ اهو ڳولھيو ته شاعر ڇا پيو چوي. پر شعر فھمي اها آهي ته اوهين اهو معلوم ڪريو ته شعر ڇا پيو چوي، يا شعر ۾ ڇا چيو ويو آهي“ ڇو ته شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪيتريون ئي ڳالھيون چوي ٿو، جيڪي ڪنھن زمان ۽ مڪان جون پابند ناهن هونديون.
    مور ساگر جي شاعر پڙهي مونکي ايئن محسوس ٿيو، جيئن:
    ڪنھن به مندر ۽ نه مسجد، ها مگر ڪنھن دِل اندر،
    مون ڏٺا هئا، اي خدايا بندگي جا رنگ سڀ.
    مذهبي صحيفن توڙي صوفي حضرات جو به چوڻ آهي ته، ”خدا دِل ۾ وسي ٿو“ جيئن ته هو ئي بندگي جي لائق آهي، تنھن ڪري صحيح معنيٰ ۾ دِل ئي عبادت جي جاءِ/گهرآهي ۽ مور ساگر چواڻي: بندگي جا سڀ رنگ دِل ۾ ئي ڏِسي سگهجن ٿا.
    اهڙيون ئي پُر معنيٰ، دِلپذير ۽ دِل کي وڻندڙ سِٽون ’مور‘ جي ڪيترن ئي غزلن ۾ مِلن ٿيون:
    سونھن سودي ڪيئن سگهندين، حُسن جو ڇا ڏيندين اگهه،
    جسم خريدي سگهين ٿو، پر جذبن جو ڇا ڏيندين اگهه.
    *
    زندگي آ سگريٽ سستو ناهي، جو اڌ پيتو اڇلائجي،
    پيار آ، پھريل وڳو هي ناهي، جو روز پيو بدلائجي.
    *
    گهر، مندر ۽ مسجد ۾ ڀي، تنھنجي ياد رهڻ نه ڏي جي،
    مئڪدي وڃجي، خيال اچن ٿا، تون جو ناهين منھنجي ڀر ۾.
    *
    هوءَ ڇانو نه هئي، تنھنجي نظر جو دوکو هو،
    پاڇن پويان ڊوڙندي، پاڻ وڃائين ٿو مور.
    *
    گهر گهر مان هڪ فرد اُٿي بس،
    پُٽ يا نياڻي گُهري ٿي سنڌ.
    *
    مٿين خيالن/ مثالن ۽ اڀياس جي روشني ۾ مور ساگر جي شعري مجموعي ”پيار جي پنڌ ۾“ کي مطالعي هيٺ آڻينداسين ته اسين اهو بنا ڪنھن هٻڪ جي چونداسين ته ”مور ساگر“ اڄ جي نئين ٽھي جي شاعرن ۾ پنھنجي شعري جوهر جي ذريعي، جلد ئي اوچو شماريو ويندو.

    يوسف سنڌي
    دڙو 10 آڪٽوبر 2004ع


    شاعري پيار جو سڏ آهي

    هن موجوده دؤر ۾ بيوسيون ۽ مجبوريون رستن تي وڏا وار کولي گهُمي رهيون آهن، ۽ هڪ هڪ ڪندي سڀني ساهن کي پاڻ ڏانھن سيري طويل تنهاين جي اوڙاهه ۾ اُڇلي ڇڏين ٿيون. انهيءَ طويل تنهاين جي ور چڙهي ويل ساهن تائين سولي رستو ۽ سولو ذريعو شاعري ئي آهي.
    پيار جو سڏ هجي، پيار جو پنڌ هجي يا پيار جي پُڇا هُجي شاعري ئي آهي. شاعري دِل جو موڙيل اُهو آرس آهي جيڪو ڪنوارو تن موڙي ته ڪائنات پوري رقصان هجي. شاعري ذريعي ماڻهو، ماڻهو جي دِل تائين ايترو آساني سان پُهچي وڃي ٿو، جو هونئن ڪيئي زمانا وِڃائي به پُهچ کي پائي نه سگهي.
    عبدالواحد آريسر شاعري بابت لکي ٿو ته: ”شاعري عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو گهڻ معنائون آهي، مثال طور عربي ۾ وار کي شعر چوندا آهن، جوَ جي داڻي کي شعير چوندا آهن، سمجهه کي شعور چوندا آهن، يعني انهن ٽنهي لفظن کي ملائي جيڪڏهن ڪو هڪڙو مفهوم ڪڍون ته اهو ٿيندو اهڙو خيال جيڪو محبوبه جي وار وانگر سنهو ۽ جوَ جي داڻي وانگر تهه سان ڍڪيل هجي ۽ انساني سمجهه جو اعليٰ ترين شڪل وارو هجي“.
    شاعري محبوبه جو اچانڪ ڪيل ماڻهو به آهي ۽ شاعري بڊي جي بي اعتبار بارش جهڙي به آهي، جيڪا اچانڪ وَسي ۽ دِل ڌرتي مان سلا اُڀاري وڃي ٿي.
    شاعري رڳو لفظن جي جادوگري به ناهي ۽ نه ئي شاعري جي حد رڳو محبوبه جي مُسڪراهٽ تي اچي بيهي رهي ٿي. شاعري کي هڪڙو روپ خنجر جهڙو به ڏِجي جيڪو هڪڙي اهڙي ڌار رکي جيڪا ظلمت ۽ نفرت جي سيني ۾ سڌو لهي چيري ۽ ڦاڙي وِجهي، شاعري کي هڪڙو روپ ڏيئي جو به ڏِجي جيئن اُونداهي رات ۾ ٻري روشني جي وجود جي ضمانت ۽ علامت ٿي رهي.
    شاعري جي هن ڊگهي پنڌ ۾ منهنجا پير ڪِٿي پُهتا آهن، اهو مون مُڙي ناهي ڏِٺو. اهو ڏِسڻو آهي پڙهندڙن کي ۽ هڪڙو سچ اِهو به آهي ته مون شاعري جي پوري زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو ڪلاڪ ويهي عربن کان آيل شاعري لاءِ ساهمي ۽ تورا کڻي ڪري دُڪانداري ناهي هلائي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي کي اِهو حق ڏِنو اٿم.
    آئون ڪجهه به لِڪائڻ کان سواءِ دِل کولي اِهو چوان ٿو ته مون وٽ منهنجي ڊائري ۾ جيڪي به شعر آيا آهن اُهي ڪنهن ڪٻاڙي جي ڪٻاڙخاني مان نه ۽ نه ئي ڪنهن واپري ذهن جي ساهمي تورن مان تُري، پر مون وٽ شعر آيا آهن، معصوم ٻارڙن جي پوپٽن ۽ ڀنڀورين پکوياڻ اُڏرندل مُرڪن مان، محبوبه جي آرس موڙي اُٿندڙ اکڙين مان ۽ کُليل وڏن وارن مان، سونهن تي لڳندڙ ڌاڙي مان، مون وٽ شعر آيا آهن، ڀٽائي جي وڄندڙ تنبوري جي تنوار مان، ڪارونجهر تي اُڃايل مور جي ٽهوڪن مان، مڪلي تي ڇانيل ماٺ مان ۽ ڪينجهر تي کڙندڙ ڪنول مان، تنهن ڪري منهنجي شاعري کي جيڪڏهن ڪو ساهمي ۽ تورا ساڻ کڻي ويهي پڙهندو ته شايد ڪو فائدو نه ٿيس، پر ڪو شاعر يا عاشق پڙهندو ته شايد ڪا ڪم جي شيءَ ڳولي لهندو.
    هِڪڙي ڳالهه طئه آهي ته منهنجو شعر ڪيترو به خوبصورت هجي، فن، فڪر، خيال ۽ نواڻ سان هم رقاب هُجي پر پوءِ به جي کڻي اِهو شعر مون اِهو چئي ڪنهن سينيئر شاعر کي ڏيکاريو ته شعر ۾ ڪا ڪمي ته ناهي؟ همراه ٿورو مُنهن جو تاثر بي رُخو بنائي شعر کي شروع کان آخر تائين پڙهي ڀلي دِل کي وڻيس پر چوندو ٿورو اڃان جهول آهيس. هڪڙو ٻيو واقعو ٻُڌايان مون هڪڙو پنهنجو غزل شيخ اياز جي نالي چئي همراه کي ٻُڌايو همراه ٻُڌي واه واه ڪرڻ لڳو ۽ شيخ اياز لاءِ ساراهه جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو واقعي ئي شيخ اياز خوبصورت شاعر هو، ان کان پوءِ شيخ اياز جو غزل مون منهنجي نالي چئي همراه کي ٻُڌايم ته همراه جي مُنهن جا تاثر ئي ٻيا ٿي ويا چئي: ”سُٺو آحي، پر ڪِٿي ڪِٿي اڃان جهول آهي، هاڻي انهيءَ ذهنيت جو لڳايو اندازو، اڃان به ڪجهه وقت اڳي ڀريل پنڊال ۾ امداد حسيني چيو هو ته اڄ جي شاعري مقام ۾ وڃي پهتي آهي، اها به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. هڪڙو ٻيو به واقعو ڪجهه وقت پهرين هڪڙي ادبي تنظيم وارن طرحي مشاعرو رکرايو جنهن ۾ سٽ هئي، ”سنڌو تي ڪو سودو نه ڪڏهن يار ڪنداسين“ (آئون مشاعرن ۾ گهٽ ويندو آهيان پر جيئن ته سڏ ئي سنڌ جي نالي جو هو نه وڃان ها ته ڪافر ٿيان ها) انهيءَ مشاعري جو ڪارڊ پهرين هڪڙي شاعر کي مليو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ سهڪندو آيو ”چئي سائين ڪيڏاهن وِيو اُن کي چئو ته ڪارڊ ورهائي نه اِها سِٽ وزن تي پوري ناهي“، انهيءَ وقت منهنجي چهري جو رنگ ئي ڳاڙهو ٿي ويو پر همراهه بيٺو ئي نه هليو ويو، چيم سنڌو سُڪي واري ٿي ويو آهي، اسان جا افعال اِهي آهن وتون ٿا سِٽن جا جهول ڪڍندا، وزن توريندا، بقول بخاري جي:
    زندگي جو ثبوت ڏيو وڊيو پيو ڀرجي،
    ضروري ناهي ته ڳايو، نچو، لُڇي ڇڏيو.
    سو مون به نه ڳايو آهي، نه نچيو آهيان، بس زندگي جي ثبوت طور لُڇي ڇڏيو اٿم منهنجو هي لُڇڻ ڪنهن کي ڪيترو ٿو متوجه ڪري اِهو تاريخ تي ٿا ڇڏيون. برٽالٽ بريخت جي به پنهنجي سٽن ۾ هيئن ٿو چوي ته:
    `Intelligence is not to make no mistakes
    But quickly to see how make then good`
    (ذهانت جو مقصد اِهو نه آهي ته انسان چڪون ڪرڻ کان آجو هجي، پر اُن جو ڪارج اِهو آهي ته چُڪن کي ڪيترو جلدي دُرستين ۾ تبديل ڪيو وڃي.)
    پيار جي پنڌ ۾:
    سامھون صليب هجي يا ڀل وڇايل واٽ تي ڪنڊا،
    ڪڏهن واپس وريا ناهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
    (مور ساگر)
    يا
    ڪڏهن گُل جيئن ٽِڙي ڪاٿي، ڪڏهن رَت جيئن وهي ڪاٿي،
    رهيا هر پَل اسين آهيون چُمي ۽ ڪات جي وچ ۾.
    (ايوب کوسو)
    جيون سفر ۾:
    پيٽ مونکي خريدي رکيو پاڻ وٽ.
    مان اگهامي سگهيس ڪين ڪي ڄاڻ وٽ.
    گيت منھنجون پُڇائون ڪندا پي رهيا،
    آئون بيٺو ريس دِل جي ڇڪتاڻ وٽ.
    (وسيم سومرو)
    آئون ٿورائتو آهيان پنهنجي بيحد پياري ۽ مُخلص دوست خالد جو جيڪو مونکي مُسلسل لِکڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو ته ماڻھن کان موٽ مِلڻ جو سوچ ئي نه بس لکندو رهه، تنھنجو ڪِردار پاڻھي تاريخ طئه ڪندي. ان کان اڳتي ادا منظور جا احسان آهن جنھن مون کي هر اُن ڏکيئي موڙ ۾ ساٿ ڏئي زندگي جو هٿ جهلرايو آهي جنھن موڙ ۾ اڪثر زندگي هٿن مان ڪِري پيرن ۾ پئي، ٽُٽي ۽ مِٽيءَ سان مِلي مٽيءَ ٿي وڃي ٿي.
    آخر ۾ ٿورائتو آهيان پروفيسر سائين عبدالله ملاح، يوسف سنڌي، امر انصاري، مصطفيٰ جمالي، ذوالفقار خاصخيلي، ابن ڪلهوڙي ۽ سرواڻ سنڌي ٻين سڀني دِل گُهرين دوستن جو جن منھنجي ڪتاب تي ڪُجهه لفظ لکي رنگ ڀريا ۽ ٿورائتو آهيان پريت پبليڪيشن جي مالڪ ادا منظور احمد جوڻيجو جو جنھن هِن ڪتاب کي ڇپرائي اوهان جي هٿن تائين پُھچايو.
    شاعري جو سونھن ”پيار جي پنڌ ۾“ پِٿون پير کڻي ۽ ڊگهي راتين ۾ اوجاڳيل اکين سان سچل جو هي سچ چوان ٿو:
    مان جو ئي آهيان، سو ئي آهيان.

    مور ساگر
    27 ڊسمبر 2004ع، حيدرآباد
    وقت سوا ٻه


    غزل

    پٿرن جي جهان ۾ رهون ٿا.

    پٿرن جي جهان ۾ رهون ٿا.
    شِيشَي جهڙا خواب ڏِسون ٿا.

    مُردا ماڻهن ۾ احساس پيا ڳوليون،
    سادا يا ته چريا لڳون ٿا.

    ارمان، آدرش سڀئي صليب تي،
    ٽُٽَل ڀروَسا کڻي هلون ٿا.

    پيٽ خاطر ڪيئي گُناهه ڪيون ٿا،
    جنت جي پوءِ به آس رکون ٿا.

    خودڪشي جھڙن خيالن ۾،
    روز جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا.

    ڪُنوارَي قدمن لاءِ هر پل،
    دُوار دِل جا کُليل ڇڏيون ٿا.

    ڪو ته جيوَن ۾ خوشيون آڻيندو،
    روز آسُن جا ڏِيئا ٻاريون ٿا.

    ڊَهون ٺھون، ٺھون ڊهون ٿا،
    الائي ته ’ساگر‘ ڪيئن جيئون ٿا.
    §


    هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب.

    هٿن کان اسانجي هو پري هو گُلاب.
    تنھن کي نه ماڻين سگهيو ڪوئي خواب.

    عجب آ تون ئي نه سمجهي سگهيو آن،
    ورنه هي چھرو ته کُليل هو ڪتاب.

    شِيشا نه رستن تي پکيڙيو او لوڪو!
    گُناهن کان پو آ گُذرندو ثواب.

    مان پياڪ ناهيان پر پيئڻ ٿو چاهيان،
    پيارين جي پنھنجي جوڀن جو شراب.

    ڪڏهن ته خوشين جو سبب ٿي پئه تون،
    ٿي اکين ۾ سدائين رهيو آهين آب.

    ’ساگر‘ تو سواءِ اڪيلو رهيو هان،
    توڻي جو اڪيلائي وڏو آ عذاب.
    §


    نه تون آئين نه تو بِن سَري ڪي پَل ٻه.

    نه تون آئين نه تو بِن سَري ڪي پَل ٻه.
    آ دُکندي رَهي دِل نه ٺَري کي پَل ٻه.

    وِسارڻ جا وَس ڪيا هئا مون ليڪن،
    ياد تنھنجي مگر نه وِسري ڪي پَل ٻه.

    هي اکيون اسانجون اڃا هِن دَر ۾،
    هوءَ اچڻ جو چئي نه وَري ڪي پَل ٻه.

    تو جڏهن موڪلايو مون ايئن ڀانيو،
    مان ويو هُجان ڄڻ مَري ڪي پَل ٻه.

    گڏجي گهار ڪُجهه گهڙيون ئي صحي،
    وڃي موت مٿان مون ٽَري ڪي پَل ٻه.

    مان ’ميھار‘ ٿيان، تون به ’سھڻي‘ ٿي،
    اچ تار درياءَ مان تَري ڪي پَل ٻه.
    §


    تون مليئن مونکي مِلي ويا، زندگي جا رنگ سڀ.

    تون مليئن مونکي مِلي ويا، زندگي جا رنگ سڀ.
    وقت ڀريا جهول منھنجي ۾، خوشي جا رنگ سڀ.

    تو جو ٻانھن ۾ سُمھاريو مئڪدو وِسري وِيَم،
    تنھنجي نيڻن ۾ ڏِٺا مون، مئڪشي جا رنگ سڀ.

    جيئن سنڌو جي ڪِناري تي هُجي ڪو شام منظر،
    ڳل تي هاريل هئا ايئن، تنھنجي مِٺي جا رنگ سڀ.

    ڪو مُسافر هو مِليو، منزل کان هو جو بيخبر،
    مون ڏِٺا تنھن جي اکين ۾، بيوسي جا رنگ سڀ.

    وار هئا تُنھنجا کُليل، ۽ مون لِکيو ويٺي غزل،
    مھڪ زُلفن جي ۾ مھڪيا، شاعري جا رنگ سڀ.

    ڪنھن به مندر، ۽ نه مسجد، ها مگر ڪنھن دِل اندر،
    مون ڏِٺا هُئا اي خُدايا! بندگي جا رنگ سڀ.

    تُنھنجي نيڻن جي اُجاڳن جو قسم ’ساگر‘ ڏِٺا،
    تُنھنجي جوڀن ۾ سمايل، عاشقي جا رنگ سڀ.
    §


    اکين اوسيئڙو تَن ۾ تاتَ.

    اکين اوسيئڙو تَن ۾ تاتَ.
    ڏينھن سمورو ۽ ساري راتَ.

    نه تون ئي آئين نه نِنڊ آئي،
    لُڇندي لُڇندي ٿي پِرڀاتَ.

    جيون اهڙو پيو گهاريان توبِن،
    ڪنڌ هُجي ڄڻ هيٺان ڪاتَ.

    ڪيئن وِساريان، وِسرين ڪيئن،
    لُونءَ لُونءَ تُنھنجي آهي لاتَ.

    جيئن چاهيون ٿيئي تيئن، ناممڪِن،
    هٿ وَس هوندا ناهِن حالاتَ.

    اويلو نه بَرسَن چئج اکين کي!
    وُٺيون ته وَسندي پئي برساتَ.
    §


    تَتَل ڏينھن ۾ گهاٽي ڇانوَ جھڙو، او مُنھنجي مِٺي تُنھنجي وارَن جو ساٿ.

    تَتَل ڏينھن ۾ گهاٽي ڇانوَ جھڙو، او مُنھنجي مِٺي تُنھنجي وارَن جو ساٿ.
    درياءَ جي وِچ ۾ ٻُڏندل ٻيڙيءَ کي، مِلي وِيو هُجي ڄڻ ڪِنارن جو ساٿ.

    مُسِلسِل تنھائي جي ڀاڪُر ۾ رَهندي، ڀريا پير زندگي جڏهن خودڪشي ڏي،
    ٻانھون پکيڙي تو روڪيو هو مُونکي، جنت جي مِليو ڄڻ نظارن جو ساٿ.

    هٿن ۾ کڻي، اکين تي رَکي، چَپَن سان ڇُھيو تو زندهه ٿي پـيَس مان،
    پَن ڇَڻ جي پھر جھڙي جِيوَن کي، مِلي ويو هُجي ڄڻ بھارن جو ساٿ.

    ايامَن کان اوسيئڙي ۾ پيون جاڳن، اکيون اسانجون سُتيون هي ناهِن،
    کُليل دَر دِل جو اَچ اُڪري تون، نه گهُرجي مونکي ٻي سھارَن جو ساٿ.

    سرابَن جي پويان پياسَي هرڻ جان، سموري حياتي ڊوڙندو رهيس مان،
    مگر نه ماڻي سگهيو هي جِيوَن، ڪڏهن ڪِٿي ڪو قرارن جو ساٿ.

    جڏهن به خود کي ٺاهيوسين ’ساگر‘ وقت اسانکي ڊاهي آ گُذريو،
    ڊَهي ڊَهي به ٺَهي سگهُون ٿا، پرينءَ جي هُجي تو پارَن جو ساٿ.
    §


    پاڻ سَجائي آ پھتي مون وَٽ.

    پاڻ سَجائي آ پھتي مون وَٽ.
    سِڪ سمائي آ پھتي مون وَٽ.

    چنڊ لھي ويو، لوڪ سُمھين پيو،
    دير لائي آ پھتي مون وَٽ.

    ڪنگڻ، چوڙيون، ڦُلڙي، واليون،
    ڇير پائي آ پھتي مون وَٽ.

    شھر سمورو ٻَري پيو ڄِڻ،
    باهه لڳائي آ پھتي مون وَٽ.

    ’توکان الڳ نه سُڃاڻ گهُرجي‘
    پاڻ وِڃائي آ پھتي مون وَٽ.

    پاڙي ۾ ’ساگر‘ شور مَچي ويو،
    هُل هُلائي آ پھتي مون وَٽ.
    §


    يادون، اڪيلائي، مان ۽ ماٺَ.

    يادون، اڪيلائي، مان ۽ ماٺَ.
    لُڙڪ، تنھائي، مان ۽ ماٺَ.

    وِڇڙي وَري نه مِلي سگهِي هوءَ،
    هاءِ جُدائي، مان ۽ ماٺَ.

    نه مسيحا مُنھنجو نه مرهم ڪوئي،
    زندگي اجائي، مان ۽ ماٺَ.

    دُکندي دُکندي نه شعلو بڻيس،
    نه چڻنگ جلائي، مان ۽ ماٺَ.

    ڪيڏو هان ڊوڙيو، ڪيڏو ڀٽڪِيس،
    هٿ ڇا آئي، مان ۽ ماٺَ.

    ماٺ ته مُسِلسِل ماري ڇڏيندي،
    راهه نه ڪائي، مان ۽ ماٺَ.
    §


    جڏهن کان هُجومن ڇڏيو آ لوڌَي، تڏهن کان تنھائي بڻي آ وارث.

    جڏهن کان هُجومن ڇڏيو آ لوڌَي، تڏهن کان تنھائي بڻي آ وارث.
    اسانجي آجيان ڪئي انڌيرن، اوهانجي سُھائي بڻي آ وارث.

    نه چاهه جو ڪو چنڊ اُڀريو، ستارا ڀاڳ جا ويا دَربدَر ٿي،
    اکين جو اُڀ ڀي رهيو آ روڳي، دل جي اُداسي بڻي آ وارث.

    تيز هوا جو لڳو هو جُهوٽو، خيال اُڏاڻا سُڪل ڪکَن جان،
    صُلح جون سوچون رهيون اڌُوريون، اچي جُدائي بڻي آ وارث.

    جڏهن جڏهن ڀي بند اکين مان، گهايل خواب جو رت ٽِمي ٿو،
    ڇِرڪ ڀري جو اُٿي پَسان ٿو، رُڳي اُونداهي بڻي آ وارث.

    نِراس صبوح، نِراس شامون، هر قدم ٿو نِراس موٽَي،
    خدا ڀي شايد ڇڏيو وِساري، نڪو خُدائي بڻي آ وارث.

    اڪيلو آهيان مايوس ناهيان، ٻاري رکيا ٿم دِيپ دَر تي،
    ڪڏهن ته ڪوئي ايندو ’ساگر‘ آس اِهائي بڻي آ وارث.
    §


    او زندگي! تُنھنجا، رَنگين رُوپ.

    او زندگي! تُنھنجا، رَنگين رُوپ.
    ڪيڏو ٿا ڏِس! ڏَنگين رُوپ.

    تون نيڻن سان ٿي سِير وَهائين،
    تُنھنجي وارن جا ٿا، وَنگين رُوپ.

    مان منصور آهيان، اڙي او عشق!
    ڀلي سوريءَ تي تُنھنجا ٽَنگين رُوپ.

    مان ’ڳولھيان ڳولھيان مَ لھان‘
    هو ڪھڙو ٿا مون کان مَنگين رُوپ.

    هر موڙ مَٿي پيو نڀائيندو ’ساگر‘،
    چاهي ڪيڏا رکين تون سَنگين رُوپ.
    §


    پيار ۾ دُوري ناهي رواج.

    پيار ۾ دُوري ناهي رواج.
    اِهو ئي دل جو آهي رواج.

    مِلڻ ۾ بڻجن ٿا جي رُڪاوٽ،
    سڀئي اَچ سي ڊاهي رواج.

    پيار جي ڪائي سرحد ناهي،
    پيار جي لاءِ نه ٺاهي رواج.

    روح جو رِشتو آهي توسان،
    مذهب هُجي آڏو چاهي رواج.

    عجب عشق جي اِها ادا آ،
    خبر ئي ناهي ڇاهي رواج.

    هو خوشبوءِ هئي وئي ڪوٽ ٽِپي،
    پيا پويان هُن جي ڪاهي رواج.
    §


    ڏي جام تي جام ٺاهي سَکي اَڄ.

    ڏي جام تي جام ٺاهي سَکي اَڄ.
    پيئڻ ٿو ’ساگر‘ چاهي سَکي اَڄ.

    ويڙهه نه وار، کُليل ڇڏي ڏي،
    رات کي ڇڏ يڪو راهي سَکي اَڄ.

    پوندي آئيني جي دِل ٽُٽِي نه ته،
    پاڻ کي نه ايڏو ٺاهي سَکي اَڄ.

    چنڊ لِڪي ويو جُهڙ جي هَنج ۾،
    جو نِڪتين نقاب کي لاهي سَکي اَڄ.

    مندر، مسجد، مئڪدو، گِرجا،
    سرحدون ڇڏيئي سڀ ڊاهي سَکي اَڄ.

    هڪ تُنھنجو ساٿ هُجي هي شھر ڇا،
    هي دُنيا سَڄي ڪُجهه ناهي سَکي اَڄ.
    §


    يا تون اَچ، يا يادون کڻي وَڃ.

    يا تون اَچ، يا يادون کڻي وَڃ.
    وِساريان نه وِسرين نه ايڏو وَڻي وَڃ.

    اکيون اڃان هِن اٽڪِيل دَر ۾،
    اوسيئڙي کي ڪو انت ڏئي وَڃ.

    ايئن نه ٿي تون چنڊ جان اکين لئه،
    ٻانھُن ۾ اَچ يا دُور هَلي وَڃ.

    ڪڏهن ڀي نه هڪٻئي کي ماڻي سگهُون،
    وِچ ۾ نه ايڏي وِڇوٽي رَکي وَڃ.

    چوڙين جو ڇَڻڪو چئي ٿو ترس!
    ترس نه اڃان آ رات سَکي وَڃ.

    او زندگي! نه ماڻي سگهئين جي هُن کي،
    خِزان ۾ سُڪل پَتيَ جان ڇَڻي وَڃ.
    §


    اچين ته ساهه جي سُڏڪن ۾ اَچ.

    اچين ته ساهه جي سُڏڪن ۾ اَچ.
    اکين مان وهندل لُڙڪن ۾ اَچ.

    هوا جي جهونڪي جيان ٿئي جِيوَن،
    ساعتن ۾ اَچ پَلڪن ۾ اَچ.

    رات ڀر ناهيان سُمھين سَگهيو،
    مَن تي ڇانيل اُلڪن ۾ اَچ.

    جڏهن ڀي آئين مان مُنتظر هوندس،
    سردي، گرمي يا تِـڙڪن ۾ اَچ.

    جُنون ۽ جوش ۾ جُهومڻ ٿو چاهيان،
    جوان جذبن جي جهلڪن ۾ اَچ.

    ڪيسيتائين سانڍي هي دَردَ، ڀلا دِل،
    دِل جي وڌندڙ ڌڙڪن ۾ اَچ
    §


    جي ڪيان تعريف تُنھنجي، ڪِيئن ڪيان ڪھڙي طرح.

    جي ڪيان تعريف تُنھنجي، ڪِيئن ڪيان ڪھڙي طرح.
    سُونھن تُنھنجي تي لِکان پر، ڪِيئن لِکان ڪھڙي طرح.

    لوڪ ساري جي نِگاهُن کان بچايان يار توکي،
    ها رَکان اک ۾ يا دِل ۾، ڪِيئن رَکان ڪھڙي طرح.

    قلم ۾ ڀي ناهي وُسعت، ذهن ڀي آ مُنتشر،
    توکي مان دِل جي حقيقت، ڪِيئن چوان ڪھڙي طرح.

    هو جي تُنھنجي جان جو ڏيئي قسم پو ٿا پُڇن،
    ڳالھه تِن کان پو لِڪائي، ڪِيئن سگهان ڪھڙي طرح.

    تون وڃين مان روڪيان، ۽ جي تون مڃين ئي نه پو،
    تُنھنجي ايڏي بي رُخي کي ڪِيئن سھان ڪھڙي طرح.

    زندگي ڏِني موليٰ مونکي ۽ مون توکي اَرپيَ ڇَڏي،
    تو سوا پو پَل به هِڪڙو ڪِيئن رَهان ڪھڙي طرح.

    دِل به ڌڙڪڻ بند ڪيو ۽ ساهه کي سڪتو لڳو،
    ڌار ’ساگر‘ کان رهي مان ڪِيئن جيئان ڪھڙي طرح.
    §


    ڏِسي هوءَ ڦِرندڙ هوائُن جو رُخ.

    ڏِسي هوءَ ڦِرندڙ هوائُن جو رُخ.
    ڦِيري وئي اسان کان نِگاهُن جو رُخ.

    ڏُکن جو ڪاڙهو جنھن لئه قبوليم،
    ڪيو تنھن سُکن جي ڇانئُن جو رُخ.

    ها هڪ تُنھنجي ئي وِصال خاطر،
    ڪيَم هر دُعائن دوائُن جو رُخ.

    اسين اَياڻا ٿا وفائون ڳوليون،
    کِليو سڀ ڪَن ٿا دغائُن جو رُخ.

    جڏهن ياد ڪائي هُري اندر ۾،
    ڪيو مون تڏهن ڪوَتائُن جو رُخ.
    §


    نه راجا نه راڻي گُهري ٿي سنڌ.

    نه راجا نه راڻي گُهري ٿي سنڌ.
    پـاڻـيءَ تي پــاڻي گُـهـري ٿـي سنڌ.

    اعتبار نه ڪبو توتي هاڻي پنجاب!
    توسان هِڪ ھِڪاڻي گُهري ٿي سنڌ.

    يا ته مير بابا جو جنم وٺي ڪو،
    يا ڪو ڪالاڻي گُهري ٿي سنڌ.

    گهر گهر مان هڪ فرد اُٿي بس،
    پُٽ يا نياڻي گُهري ٿي سنڌ.

    تون گُل آن ديس کي معطر ڪجان،
    جوڀن شال ماڻين گُهري ٿي سنڌ.

    سدائين سنڌ کي ٺيڪن تي وِڪيو ٿوَ،
    هاڻِ ڪا پُڄاڻي گُهري ٿي سنڌ.
    §
    پنجاب پاران سنڌ جو پاڻي چورائڻ ۽ سنڌ ۾ مُسِلسِل پاڻي جي کوٽ کانپوءِ لکيل غزل


    اکين سان اکيون مِلائي ڇَڏ!

    اکين سان اکيون مِلائي ڇَڏ!
    رکيل دُوري درميان هٽائي ڇَڏ!

    واپار ناهي موٽَ گهُرين ٿو!
    پيار آ، سڀ ڪُجهه لُٽائي ڇَڏ!

    ٿر جي واري هي مُنھنجو بَدن،
    بُوسن جي بارش وسائي ڇَڏ!

    دِل آ، ٻار ناهي پو ڀي،
    دِل کي ٿورو سمجهائي ڇَڏ!

    مان ساگر آهيان ۽ تون پياس،
    کُٽائي سگهين کُٽائي ڇَڏ!

    ڪير ٿو چوَئي يادن کي رهڻ ڏي،
    هلئي وَس دِل تي لَڏائي ڇَڏ!

    پيار آ زور گهڻو توکان دُنيا،
    ڀلي پھرن تي پھرا لڳائي ڇَڏ!

    محفل ساري جيئن جُهومي اُٿي،
    ’ساگر‘ گيت اهڙو ڪو ڳائي ڇَڏ!
    §


    لُڙڪ لُڙڪ ٿي ٺھي ٿو سمنڊ.

    لُڙڪ لُڙڪ ٿي ٺھي ٿو سمنڊ.
    اسانجي اکين ۾ رهي ٿو سمنڊ.

    هي پيرن جا نشان ڪُجهه ٻُڌائن ٿا،
    هوءَ آ گُذري هِتان چئي ٿو سمنڊ.

    هُن پير پُسايا ته جُهومي اُٿيو،
    رقص ۾ ڄڻ ته لڳي ٿو سمنڊ.

    ڪو ڪنھن لئه نه لُڙڪ ٻه هاري سگهي،
    ڪو ڪنھن لئه اکين ۾ رکي ٿو سمنڊ.

    پيو سِج لَھَي هاڻَي هلون ٿا ’ساگر‘،
    پريان ٻانھُون پکيڙي سَڏي ٿو سمنڊ.
    §


    جڳ ۾ جيئڻ لئه جُرعتون سانڍ!

    جڳ ۾ جيئڻ لئه جُرعتون سانڍ!
    هڪ حوصلو ٻيون همتون سانڍ!

    جيئڻ لئه پيئن ٿو بَـھَڪِين ڇو ٿو،
    اجايو نه پاڻ تي تُـھمتون سانڍ!

    او پرين او پرين، او پرين ها پرين!
    سانڍڻ ٿو چاهين ته چاهتون سانڍ!

    حَق تي هَل ڀل گهايو وَڃين،
    اَندَر کي اُجار ۽ عظمتون سانڍ!

    پرينءَ جي ڀر ۾ گهاريل سڀئي،
    گهڙيون، لمحا ۽ ساعتون سانڍ!

    نفرتون نانگ ٿئي نه پالجان! ڏنگيندئي،
    او ’ساگر‘ سيني ۾ محبتون سانڍ!
    §


    سمنڊ جيڏي سِڪ مان لِکيو آهي ڪاغذ.

    سمنڊ جيڏي سِڪ مان لِکيو آهي ڪاغذ.
    نئين سال تي هُن مُڪو آهي ڪاغذ.

    چيو ٿس، نيڻن ۾ رَهي نِنڊ ناهي،
    نه آيا اوَهين ۽ نه آيو آهي ڪاغذ.

    چيو ٿس، عرصَي کان مِليا پاڻ ناهيون،
    بيچين بَدن جيئن لڳو آهي ڪاغذ.

    چيو ٿس، دُوري ۾ دُکن دَنگ وِسريا،
    مون گڏ قلم ۽ رُنو آهي ڪاغذ.

    چيو ٿس، ڪڍي دِل رکي مون ڪاغذ تي،
    ٿي ٽُڪرا ٽُڪرا ٽُـٽُو آهي ڪاغذ.

    ٽُڪرا ٽُـٽَل هُن مُڪا ڄَڻ چُوڙِين جا،
    اَکر اَکر ٿي چُڀيو آهي ڪاغذ.
    §


    بيرَنگ زندگي ۾ رَنگ ڀر!

    بيرَنگ زندگي ۾ رَنگ ڀر!
    ڪُجهه عشق اُڌمان اُمنگ ڀر!

    سِينو، چَپَ، ۽ ڳِل اکيون،
    دِل ۾ هُن جو انگ انگ ڀر!

    حُسن کي سجدا ڀلي ڪجن پر،
    حُسن سان عشق جو سنگ ڀر!

    خامشي آهي موت جو تصور،
    جيوَن ۾ جھد ۽ جنگ ڀر.

    خِزان ۾ بھار جو رُوپ پَسجي،
    زندگي ۾ ’ساگر‘ ڪا ترنگ ڀر.
    §


    وِڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.

    وِڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.
    پرين ٿا ايئن توکي چاهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.

    سامھون صليب هُجي يا ڀَل وِڇايل واٽ تي ڪنڊا،
    ڪڏهن واپس وريا ناهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.

    اڪيلايون ڊِگهيون راتيون، چِڪن ٿا گهاوَ يادُن جا،
    ويٺا واهَڙ اکيين واهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.

    ڇَتا تو هئا ڇڏيا ڇوڙي، ڀِنل هو بُت بارش ۾،
    گهڙيون سي ياد هِن آيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.

    اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تُنھنجو اوسيئڙو،
    ڏيئي وانگي ٻَريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.

    پُڇين ٿي پنھنجي ’ساگر‘ کان، جيئون ٿا ڪيئن بِنا تُنھنجي،
    ڪڏهن ٺاهيون، ڪڏهن ڊاهيون، سدائين پيار جي پنڌَ ۾.
    §


    پيار ايڏي پائي نه ڊوڙ.

    پيار ايڏي پائي نه ڊوڙ.
    وِک وِک وِڇايل ڪنڊا کوڙ.

    چريا! خبر ٿئي لُڙڪ اُملھه ٿئي،
    ايئن ته اکين جا بند نه ٽوڙ.

    سدائين سمجهيئي ٻين کي خاطي،
    ڪُجهه ته پنھنجو ڪيل تون لوڙ.

    عشق اڙانگو سفر صحي پر،
    عشق جون منزلون پھچائي توڙ.

    حياتي رُڳي روڳ ناهي پرين،
    مايوس ٿي تون مُنھن نه موڙ.

    بھار جي موسم سڏي پئي ’ساگر‘
    وري ڪي نوان نينھن ناتا جوڙ.
    §


    تنھنجو مونسان مُرڪي مِلڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.

    تنھنجو مونسان مُرڪي مِلڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.
    مون وٽَ هڪڙي رات ترسڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.

    تُنھنجي نظرن ۾ نشو آ، تُنھنجو مُرڪون مَڌَ ڀريل،
    مون ڏي ڏِسي هڪ مُرڪ مُرڪڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.

    جِت ٿيو تُنھنجو جنم، سا ڀٽائي ڀونءَ سڏجي،
    تنھن ڀونءَ ۾ منھنجو ڄمڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.

    جنھن جي آغوش ۾ اَڏيل آ، پنھنجو آشيانو پرين،
    تنھن سنڌ امڙ تي سر ڏيئڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.

    مون توکان هڪ مُرڪ گهُري، مَڌَ ڀريل تنھنجي چَپَن جي،
    بارش جان تُنھنجو وَسِي پوَڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.

    ڪير ڪنھن سان ٿو ’ساگر‘ عمر ڀر لئه گڏ رهي،
    ڪُجهه گهڙيون تُنھنجو گڏجي رهڻ، آ وڏو مون لئه اعزاز.
    §


    جو واهَڙ جان هو وَهَندو شخص.

    جو واهَڙ جان هو وَهَندو شخص.
    سو سج وانگي ويو لھندو شخص.

    طوفانن سان وِڙهندي وِڙهندي،
    ويو واريءَ گهر جان ڊهَندو شخص.

    رکيا روَين مان هئا لوڪ پٿر،
    هو شِيشَي جان ويو ٽُـٽُندو شخص.

    وِڇوڙن جي هو واچُوڙن ۾،
    وِيو ڪکَ پَن جان اُڏندو شخص.

    يادون لُڙڪ بڻيون ٿي جنھن پَل،
    بادل جان ڀرجي هو وسندو شخص.

    جيئڻ جي هو جُستجو ۾،
    روز رهيو هو مرندو شخص.
    §


    هڪ ڌرتيءَ جو ڪُجهه آهي قرض.

    هڪ ڌرتيءَ جو ڪُجهه آهي قرض.
    ٻيو سرتيءَ! ڇڏيو ٿئي وڌائي قرض.

    اُماس راتين ۾ اچين ٿي مون وٽ،
    سگهندس ڪيئن هي لاهي قرض.

    هي بُوسا، هي ڀاڪُر، هي پيار تُنھنجو،
    مٿان مون ڇڏي ٿو وَسائي قرض.

    سڀ ڪُجهه پنھنجو ڏئي پو ڀي،
    چئين ٿي ’پيار آ ناهي قرض‘.

    ’ايئن تون ياد رهين ٿو‘ چيائين،
    ’جيئن ڪو ڪنھنجو راهي قرض.

    توکي ڏِنم ڇا، اوسيئڙو ۽ آسرا،
    چئه ڪيئن سگهان مان چُڪائي قرض.
    §


    ٿا نِنڊ ڦِٽائن يادُون ۽ خط.

    ٿا نِنڊ ڦِٽائن يادُون ۽ خط.
    هر پھر ستائن، يادُون ۽ خط.

    ڄڻ روز سوليءَ تي لھان چڙهان ٿو،
    ڪيڏو ٿا گهائن، يادُون ۽ خط.

    سوچي وڃان ٿو جڏهن خودڪشي جو،
    ٿا واپس ورائن، يادُون ۽ خط.

    ڳوڙها، اڪيلائي مان ۽ ماٺ،
    ٿا سيني لڳائن، يادُون ۽ خط.

    نه وِسري سگهين ٿي، نه مِلي سگهيئن تون!
    رُڳو پيا تڙپائن، يادُون ۽ خط.

    ڪيان ڪيڏانھن نه ڦاڙي سگهان ٿو،
    پيا روز جلائن، يادُون ۽ خط.
    §


    شھر! مان ٿو هلان هاڻَي، خداحافظ خداحافظ.

    شھر! مان ٿو هلان هاڻَي، خداحافظ خداحافظ.
    ڳوٺ جي تانگهه پئي تاڻَي، خداحافظ خداحافظ.

    وقت ورتاءُ هِن ڀيري، ڪيو مونسان آهي اهڙو،
    سُڪل پَن واءُ جيئن ڇاڻَي، خداحافظ خداحافظ.

    هِتي هر پھر شِيشَي جان، چُڀي ٿو دِل جي پيرن ۾،
    ناهي ڪو چين ڪنھن ٽاڻَي، خداحافظ خداحافظ.

    صبح جي هِير ٿڌڙي ۾، پرين خوشبوءِ تُنھنجي تَن جي،
    مون ڏي ٿو روز واءُ آڻَي، خداحافظ خداحافظ.

    وڍَن تي وڍَ ڏِنا سڀني، نه مسيحائي ڪئي ڪنھن ڀي،
    نٿو ڪو دردَ دِل ڄاڻَي، خداحافظ خداحافظ.

    سَکي! هِن زردَ موسم ۾، قسم آ سُونھن تُنھنجي جو،
    سوا تو جيءَ ڄڻ گهاڻَي، خداحافظ خداحافظ.
    §


    اَچ مُرڪي مِلون او مُنھنجي مِٺي! پوءِ ڪيون الوداع.

    اَچ مُرڪي مِلون او مُنھنجي مِٺي! پوءِ ڪيون الوداع.
    ٿورو سمجهي وٺون ڇا آهي خوشي، پوءِ ڪيون الوداع.

    ٿورو ترس اڃا! تُنھنجي نيڻن منجھان ڪُجهه ڳولي وٺان،
    زندگي موت ۾ آهي ٿوري وِٿي، پوءِ ڪيون الوداع.

    ٿورو ترس اڃا! تُنھنجي جوڀن جي سُونھن نِکري ڀلي،
    گُل جھڙو غزل پئي ڪو ڦُٽي، پوءِ ڪيون الوداع.

    ٿورو ترس اڃا! تُنھنجي وارن جي سيج تي مان سُمھان،
    رات آهي اڃا ڪُجهه گڏجي رهي، پوءِ ڪيون الوداع.

    ٿورو ترس اڃا! تُنھنجي چَپڙن منجھان جامِ جوڀن پيان،
    دَردَ دِل جو سمورو وڃي وِسري، پوءِ ڪيون الوداع.

    ٿورو ترس اڃا! تُنھنجي سُونھن سموري غزل ۾ لِکان،
    امر ٿي وڃي ’ساگر‘ ساري شاعري، پوءِ ڪيون الوداع.
    §


    تلاش ڪندي خوشيءَ جو سُراغ.

    تلاش ڪندي خوشيءَ جو سُراغ.
    وِڃائي ويٺس زندگيءَ جو سُراغ.

    پوتي پيرا جي ويڙهي تَن تي،
    ڳولي پئي روشنيءَ جو سُراغ.

    وري جي وِلوڙن کان آجو آ شايد،
    وٺيو ٿو هلي عاشقيءَ جو سُراغ.

    عمِر ڀر سجدا ڪيائين مگر،
    نه پائي سگهيو بندگيءَ جو سُراغ.

    رِندن سان پريت جو پيچ پائي،
    ٿي آ ويو مئڪشيءَ جو سُراغ.

    ڊهي ڊهي ٺھيو آ پو ڀي،
    پُڇائي پيو دلبريءَ جو سُراغ.
    §


    خوشي ڪنھن هِڪڙي ڏِسا ۽ غم هن چؤطرف.

    خوشي ڪنھن هِڪڙي ڏِسا ۽ غم هن چؤطرف.
    ديس پنھنجي ۾ پرين دُکم دُکم هن چؤطرف.

    هي وقت ئي اهڙو آهي ڇا چئون چئه ڀلا،
    منھنجا ئي آهن ڪِٿي رڳو، نيڻ نَم هن چؤطرف.

    ياد تنھنجي ئي بچي آ، باقي ته ڪُجهه ناهي بچيو،
    اکين جي ساري شھر جا، سپنا ڀَسم هن چؤطرف.

    بم ڌماڪو ڪنھن ڪيو، هو رت رستن کي رڱيو،
    انسانيت وئي ڌوڙ ٿي، چچريل چم هن چؤطرف.

    وِک جيڏانھن ڀي وڌي ٿي، ايئن ٿو ڀاسي او ’ساگر‘
    دَلدل ساري آ ڌرتي، زخم زخم هن چؤطرف.
    §


    عشق واسينگ وانگي ونگيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.

    عشق واسينگ وانگي ونگيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.
    وري جا وِلوڙا وَر وَر وڍيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.

    وِکريل واءُ ۾ وار هي ناهن، خيال هي پنھنجا لوهه تي لِيڪو،
    ناوَ بڻجي آخر نيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.

    عشق ڏي ويندڙ رستا سارا، شِيشا شِيشا آهن پيارا!
    پيرَين پنھنجي رت ڀي وھندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.

    سگريٽ وانگي سڙندو رهندين، دِل ۾ دَردَ کوڙ کڻي،
    سُڃَ ۾ ساٿ ڪو به نه ڏيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.

    تارا تير تڪي هڻندئي، پنبڻيون پنھنجو ڪانَ ڪري،
    ڊاهي ٺاهي، ٺاهي ڊاهيندئي، ٻاهر نه ڪڍجان ڪائي ٻاڦَ.
    §


    سر اڏيءَ تي آهي عشق.

    سر اڏيءَ تي آهي عشق.
    راند ٻاراڻي ناهي عشق.

    حد نه ڪائي لاحد آ هي،
    ڪوئي نه ڄاڻي ڇا هي عشق.

    ساڙي ڪڏهن ٿو ڀَسم ڪري هي،
    ڪڏهن ڇڏي ٿو ٺاهي عشق.

    دَردَ کان ڪير لھرائي،
    پر جي ڪنھن سان راهي عشق.

    پٿر بازي ۾ رهي جيئن شِيشو،
    ايئن ڇڏي ٿو ڊاهي عشق.

    ’ساگر‘ سو ئي امر ٿيندو آ،
    جنھن کي ڀي ٿو چاهي عشق.
    §


    پرينءَ پھرين پنھنجي نِگاهُن کي روڪ.

    پرينءَ پھرين پنھنجي نِگاهُن کي روڪ.
    ڀلي پو اسانجي خطائُن کي روڪ.

    لُڇي ٿي پُڇي ٿي سَڏي ٿي اوهانکي،
    نه دُکي هن دِل جي صدائُن کي روڪ.

    ڏيندين جي ٽانڊا ته اُٿندا ئي شُعلا،
    اي جڳ! تون پنھنجي سزائُن کي روڪ.

    جفائون ڪرين ٿو ته ڪر شوق سان،
    مگر تون نه منھنجي وفائُن کي روڪ.

    پرينءَ کي ڇُھن ٿيون نه هرگز وڻن ٿيون،
    خدايا! هن چنچل هوائن کي روڪ.
    §


    ڪيسين عشق اسانکي ساڙي ڪندين رَک!

    ڪيسين عشق اسانکي ساڙي ڪندين رَک!
    سُونھن کي اسانجا ٻِٽا هوندئي ٻَک.

    هي ضدي ضمير نه وِڪامي سگهي ٿو،
    هُجي توڻي کيسو ۽ خالي ڪُک.

    هو نٿي چاهي هُن جو پيڇو ڇڏي ڏي،
    سياڻو ٿي زور جي مھندي نه مَک.

    ڀلي تون هَل اوٽَ پردي جي وٺي،
    پر پنھنجن لئه ايڏا حِجاب نه رَک.

    هوءَ کُلاسي اڱڻ تي کولي مُنهن سُتي آ،
    چنڊ آ چھرو نه پئي ڪا پَرک.
    §


    ڪيئن چوَين ٿو آهي خواب، جيوَن سارو آهي جَنگ.

    ڪيئن چوَين ٿو آهي خواب، جيوَن سارو آهي جَنگ.
    ڪوئي کٽي ٿو ڪو هاري ٿو، هر ڪنھن پنھنجو آهي ڍَنگ.

    گُل سان آهي جيئن خوشبوءِ، درياءَ سان آ لھر جيئن،
    مان چاهيان ايئن هَلي ڪو، مُرڪي هرپَل مُنھنجي سَنگ.

    ڇير جو ڇمڪو ناهي ڪِٿ ڀي، آهي چؤڏِس خالي ٻاٽ،
    ڇا ٿيو توکي ديس اسانجا! ڪيڏانھن ويا سڀ تُنھنجا رَنگ.

    بارشن برسڻ ڇڏيو پر سمنڊ ٻوڙي ويو شھر سڄو،
    ڪين ڪَٿي ڪو آهي سگهيو، هِن دَردَ جو آهي ڪھڙو دَنگ.

    حادثه، حادثه، هرپل آهن، غم جو آهي سفر ڊِگهو،
    روز وِڇوڙو روز ئي نوحا، چاهت جو ڪو ناهي چَنگ.

    حق تي هلندي جڏهن به ’ساگر‘ جنگ جوٽي مون آهي صنم!
    ڪو نه روڪي ڇو سگهيا هئا، تُنھنجي وارن جا هي وَنگ.
    §


    دِل جي دُنيا اُجڙڻ کان اڳ.

    دِل جي دُنيا اُجڙڻ کان اڳ.
    مونسان مِلي وَڃ وِڇڙڻ کان اڳ.

    دوَار دِل جا کُليل ئي رهندا،
    جيوَن جي سِج لھڻ کان اڳ.

    پوءِ ته سميٽي سَگهبو ئي ناهي،
    سنڀال پاڻ کي وِکرڻ کان اڳ.

    جيوَن جهاڳ اَجهاڳ سفر ٿئي،
    ياد ثمر کڻ نِڪرڻ کان اڳ.

    ايئن نه ٿيئي جو پو پڇتائين،
    سوچ ’ساگر‘ ساٿ ٽوڙڻ کان اڳ.
    §


    سُونھن سودي ڪيئن سگھندين، حُسن جو ڇا ڏيندين اگهه.

    سُونھن سودي ڪيئن سگھندين، حُسن جو ڇا ڏيندين اگهه.
    جِسم خريدي سگهين ٿو پر جذبن جو ڇا ڏيندين اگهه.

    ڪوئل ڪُوڪَ لنَوين ٿي جنھن پَل، نيڻ مھٽي ٿي جاڳي هوءَ،
    کُولي ٿو هُوءَ ور جِن ۾، تِن لمحن جو ڇا ڏيندين اگهه.

    هِڪڙَي ايڪڙ عيوَض پنھنجي، ڀيڻ ڪري تو ڪاري ماري،
    سنڌ کي ڏِنا تو روز نوان، تِن زخمن جو ڇا ڏيندين اگهه.

    رات آڌي جو لوڪَ سُتَي هُوءَ، ڪنڊاوان رستا اُڪري،
    هورَي هورَي آئي کڻي، تِن قدمن جو ڇا ڏيندين اگهه.

    ڪا ڪا شئي اَمُلھه ٿئي ٿي، جيئن پرينءَ جي هِڪڙي مُرڪ،
    کوڙ اهڙين خوبصورت، مُرڪن جو ڇا ڏيندين اگهه.

    راتيون جاڳي جيڪي لِکيا، سَکي جي سُونھن مٿي،
    ’ساگر‘ جي تِن نظمن ۽ غزلن جو ڇا ڏيندين اگهه.
    §


    جذبن جي جهلي چِيچَ مان، ٽوڙي هلي وئين سڀئي سَڱ.

    جذبن جي جهلي چِيچَ مان، ٽوڙي هلي وئين سڀئي سَڱ.
    گهڙي گهڙي جن گهاريو توسان، اڪيلا ڪري وئين سيئي سَڱ.

    اوهان جي پُڄاڻان، اسان جي اڱڻ تي، واءُ گهُليو اهڙو گهُليو،
    جيوَن وڻَ مان زردَ پَتن جان، ٽوڙي هليو ويو ڪيئي سَڱ.

    ننڍپُڻ جا سي نِينهَن ۽ مِنهَن، وينھجي جنھن ۾ وڏا ٿياسين،
    مون کان ته وِسرن مور نٿا، چئه ڪيئن سي وِساريئي سَڱ.

    چئه ڪيئن پيار بِنا هي هيڏو، جيوَن گهاري سگهندين اڪيلو،
    چئه ڪيئن تُنهنجي سرندي تِن ريءَ، جِن سان سارا ٽوڙيئي سَڱ.

    سنڌ جيان سينڌ تُنھنجي، سمجهيو هو مون ڪندي وفائي،
    ها پر ڄاتو هو نه اِهيو مون، الڳ هوندو آ هر ڪوئي سَڱ.

    واريءَ وانگي وقت هٿن مان وهيءَ سموري وهي رهي آ،
    وهيءَ به ’ساگر‘ وڻي تڏهن ٿي، ڪَٺَي هُجي جي ڪوئي سَڱ.
    §


    جِسم گهر ۾ نيڻ سفر ۾.

    جِسم گهر ۾ نيڻ سفر ۾.
    تڙپيو آهيان پھر پھر ۾.

    ناهيون پاڻ کي ڳولي سگهيا،
    رهندا آهيون هڪ ئي شهر ۾.

    پاڻ ئي روئي ماٺ ٿيس مان،
    ڄڻ ته ناهي ڪوئي ڀر ۾.

    پوءِ به الائي ڪيئن ٿا مُرڪون،
    هيڏو دَردَ کڻي جگر ۾.

    ڪيئن ڀلا مون وِسرين ’ساگر‘
    ياد اچين ٿو شام و سحر ۾.
    §


    اکين سان جڏهن مِلن ٿيون اکيون.

    اکين سان جڏهن مِلن ٿيون اکيون.
    اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون.

    ٽوڙيَ ڪَن ٿيون هي حِصا حِصا،
    جڏهن ڀي مِلي پو ٽُٽَن ٿيون اکيون.

    ڪيڏو ڪربَ آ حياتيءَ جي هنج ۾،
    ڪنھن لاءِ پر هي کِلن ٿيون اکيون.

    جي وار ويڙهين ته احتياط سان،
    وارن ۾ تُنھنجي هي رهَن ٿيون اکيون.

    تون جِتان جِتان به گُذرين ٿي،
    اُتان اُتان هي هَلن ٿيون اکيون.

    جاڳن ٿيون راتيون سِتارن سان گڏجي،
    پل نه هي هڪڙو سُمھن ٿيون اکيون.

    جڏهن به ياد ستائي ٿي ’ساگر‘
    بادل جان ڀرجي وَسن ٿيون اکيون.
    §


    تون آهين مان آهيان ڄڻ.

    تون آهين مان آهيان ڄڻ.
    تو سواءِ ڪُجهه ناهيان ڄڻ.

    توکان پري ٿي ايئن ٿو ڀاسي،
    موت مزو پيو ماڻيان ڄڻ.

    ايامن کان ايئن پيو گهاريان،
    پاڻ ڊاهي ٿو ٺاهيان ڄڻ.

    طوفانن سان هر هر اَٽڪي،
    پيو سينو پنهنجو ساهيان ڄڻ.

    سرابن جي پويان رُلي رُلي ٿو،
    ها! پنھنجو پاڻ وِڃايان ڄڻ.

    تو سواءِ او ’ساگر‘ پيارا،
    پيو جيوَن گهاڻي گهاريان ڄڻ.
    §


    دڳ دڳ ڪيڏو آهيان ڊوڙيو.

    دڳ دڳ ڪيڏو آهيان ڊوڙيو.
    مون وَستي وَستي واهِڻ ووڙيو.

    آسمان تي پُھچ هجي ها جيڪر،
    پُڇان ها خدايا! ڇو ٿَم لوڙيو.

    ڪچَي گهڙي جان زندگيءَ جي چَڪَ تي،
    قسمت جي ڪُنڀر آ ٽوڙيو جوڙيو.

    چئه پرين! ته هي انتھا ناهي،
    تو ٻار جو رانديڪو سمجهي ٽوڙيو.

    ڪُجهه به صفائي ۾ نه بچيو هو جڏهن،
    مون زمين ۾ پنھنجي نظرن کي کوڙيو.

    چئه ’ساگر‘ ٻيو ڇا مان ڪيان ها،
    وڻ هو ڀروسو تو پَن جان روڙيو.
    §


    عشق عجب آ تُنھنجي راهه.

    عشق عجب آ تُنھنجي راهه.
    وٺي هلين ٿو گڏ ويساهه.

    هليو جو تُنھنجي چيچ پَڪڙي،
    پُھتو وڃي سو مقتل گاهه.

    تنھائي مون کي اُجاڙي ڇڏيندي،
    ٻانھن ۾ پنھنجي ڏي پناهه.

    جنھن پيار ٻيڙي ۾ تون ۽ مان،
    سا پُھچي ڪِناري ٿئي واهه واهه.

    عشق جي راهه ۾ جي ماريو ويئن،
    سمجهه سجايو هي ٿيندو چاهه.

    سڀ ڪو توکي لتاڙي لنگهندو،
    او ’ساگر‘! نه پاڻ کي بنائي گاهه.
    §


    جو روز پڙهان سو ڪتاب ٿي پئه.

    جو روز پڙهان سو ڪتاب ٿي پئه.
    سَکي تون مون لئه ثواب ٿي پئه.

    اکين چَپَن ۽ ڳلن تي اُڀري،
    چُمين سَندو تون گُلاب ٿي پئه.

    هَستي رهي نه ئي مَستي رهي،
    جوڀن جو پياريل شراب ٿي پئه.

    ڇڏي ڏي دُنيا، دُنيا ۾ ڇا هَي،
    اچي رَهه اکين ۾ خواب ٿي پئه.

    جو سدائين دِل ۽ رَهي چَپن تي،
    ٿي ’ساگر‘ جو غزل لاجواب ٿي پئه.
    §


    زندگي آ، سگريٽ سَستو ناهي، جو اَڌ پيتو اُڇلائجي.

    زندگي آ، سگريٽ سَستو ناهي، جو اَڌ پيتو اُڇلائجي.
    پيار آ، پھريل وڳو هي ناهي، جو روز پيو بدلائجي.

    تون جو نه آئينءَ تولئه ترسي، ترسي نيٺ هليو هي ويندو.
    جوڀن آ سانوڻ رُت جيئن تنھن کي ڪيئن ترسائجي.

    ساري ٿي سڏي ٿي لُڇي تڙپي ۽ روئي ٿي،
    دِل آ، ڪو ٻار ننڍڙو ناهي جو کڻي پرچائجي.

    هو سمنڊ آ ۽ هي قطرو روز وڃي ٿو ملي سمنڊ ۾،
    قطرو آ، ڪڏهن لھر نه ٿيندو، ڪيئن تنھن کي سمجهائجي.

    تُنھنجي اچڻ سان عيد ٿئي تنھنجي وَڃڻ سان ايئن لڳي،
    ماتم آ ڄڻ ڏهين محرم، چئه ڪيئن خوشي ملھائجي.

    هو جي نٿو چاهي ڀلي نه چاهي ڇا ٿي پيو!
    عشق آ ’ساگر‘ وٺڻ نه گهُرجي، سڀ ڪُجهه ڀلي لُٽائجي.
    §


    ڪُجهه ته خوشيون آڻ وقت.

    ڪُجهه ته خوشيون آڻ وقت.
    ڪنھن ڪنھن جي ڪاڻ وقت.

    وِکرڻ نٿو مان چاهيان اڃا،
    هوءَ آهي اڃا مون ساڻ وقت.

    پُڇان ٿو هي هيڏا غم ڇا لئه،
    ڇا کان ۽ ڇاڪاڻ وقت.

    ڪُجهه ته محبت جو حق آ مون تي،
    ڇا شيئر ڪيان هُن ساڻ وقت.

    هڪ يادن جا هِن ٿاڪ مَن ۾،
    ٻيو روز اکين آلاڻ وقت.

    ڪو ته سھارو ٿو گهُرجي ’ساگر‘
    ها، زندهه رهان جنھن ڪاڻ وقت.
    §


    رهياسين دُنيا کان سدا بي خبر.

    رهياسين دُنيا کان سدا بي خبر.
    جڏهن کان پرين تُنھنجي ٿياسين نظر.

    جڏهن کان هِتان تون هلي آن وئي،
    گُذاريم سڀئي زهر جھڙا پھر.

    ايڏي به دوري مُناسب نه آهي،
    ايڏو به ڪنھن سان ڪجي نه قھر.

    جيوَن سندو سِج لھڻ کان پوءِ،
    ڇا ٿي پيو جي ڪيو تو قدر.

    هي نيڻ وَسيا ته پوءِ ڏِسجان،
    لُڙڪ لُڙڪ ٿي ويندو لھر.

    سرابن پويان تون ڇو وڃين،
    زندگي آ پيارا پرين مختصر.

    جڏهن ڀي تون چاهين هليو اچجان،
    هوندو مُنتظر تولئه تُنھنجو ’ساگر‘
    §


    اسان هئا جِن کي گُلاب ارپيا.

    اسان هئا جِن کي گُلاب ارپيا.
    اُنھن اسان کي عذاب ارپيا.

    مِلي نه ڪائي تعبير مونکي،
    رُڳو ئي قسمت خواب ارپيا.

    پُڇيو مون دِل کان پريم ڇا هي،
    لُڙڪن لڙي هئا جواب ارپيا.

    جڏهن به گُذريس مئڪدي مان،
    رِندن هئا مونکي شراب ارپيا.

    چاهيو مون هُن کي پرکڻ هو پر،
    هُن پي هميشه نقاب ارپيا.

    اي چنڊ! ملئه جي پرين ته چئجان،
    ’ساگر‘ پي تولاءِ آداب ارپيا.
    §


    يادُن جا طُوفان اُٿن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.

    يادُن جا طُوفان اُٿن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.
    کنڊر خواب هي محل لڳن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.

    چنڊ ڦھلائي چانڊوڪي آ، مور ٽھوڪيو ڊيل ڊُڪي آ،
    توکي ساري نيڻ روئن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.

    سمنڊ ڪناري جوڙا گُهمن ٿا، آئون اڪيلو هاءِ اڪيلو،
    لارُون لارُون لُڙڪ وَهَن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.

    دُور نظر تائين دُک ئي دُک آ، چئه ڀلا ڪيئن جيئون تنھا،
    پھر سڀئي ٿي زهر وڃن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.

    گهر، مندر ۽ مسجد ۾ ڀي، تُنھنجي ياد رهڻ نه ڏي جي،
    مئڪدي وڃجي خيال اچن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.

    زندگي گُذارڻ گهُرجي ’ساگر‘ سوچيو هو مون تُنھنجي خاطِر،
    ها پر هاڻي خيال ڦِرن ٿا، تون جو ناهين مُنھنجي ڀر ۾.
    §


    رڳو سراب ويڙهي رهيا هِن.

    رڳو سراب ويڙهي رهيا هِن.
    موت ويجهو ريڙهي رهيا هِن.

    خِيال تُنھنجا ها دَردَ بنجي،
    جيءُ اندر جهيڙي رهيا هِن.

    دِل آ گهر، ٻني ته ناهي،
    دَردَ ڇو کيڙي رهيا هِن.

    وقت آ ڇانگيو ٻير جان،
    ٻار مونکي ميڙي رهيا هِن.

    حسرتن کي ڏِنم جي سيبا،
    خِيال تُنھنجا اُڊيڙي رهيا هِن.

    سُڪون جا خيما کوڙيم مَن ۾،
    سُور ’ساگر‘ اُکيڙي رهيا هِن.
    §


    ڪيڏي ڪَڙي آ، پو به پيئان پيو.

    ڪيڏي ڪَڙي آ، پو به پيئان پيو.
    ڍُڪ ڍُڪ ڪري زندگي جيئان پيو.

    او ڪَتيون! او ٽيڙو! رهجو ساکي،
    ياد جي سولي تي روز سَجان پيو.

    روز وقت ٿو وَڍَ نوان ڏي،
    روز حِصن ۾ وِرهايو وڃان پيو.

    پَل پَل پچي پِڄري پرينءَ لئه،
    سِسڪي سِسڪي سِڪ سُمھان پيو.

    اوهان پُڄاڻان ايئن پيو گهاريان،
    روئان کِلان ۽ کِلان روئان پيو.

    ڀلا ڪير ٿيندو مسيحا ها مُنھنجو،
    چَھڪ چَھڪ ٿي روز چِڪان پيو.

    جيئڻ به جھد ۽ جنگ آ ’ساگر‘
    رهبو ته جيئڻ لئه وِڙهبو سوچيان پيو.
    §


    ايئن مِلي بي حجاب هُوءَ.

    ايئن مِلي بي حجاب هُوءَ.
    جيئن کُليل ڪو ڪتاب هُوءَ.

    پَنو پَنو مون پڙهي ڏِٺو،
    مُحبت کان محبت هر باب هُوءَ.

    هُن جي نيڻن ۾ هِڪ دُنيا آهي،
    ڪنھن شاعر جو آ خواب هُوءَ.

    پيئڻ کان اڳ ٿيا خُمار طاري،
    عجب آ ڪھڙو شراب هُوءَ.

    هُن وار کُوليا وئي خوشبو پکڙي،
    تازو ٽڙيل ڄڻ گُلاب هُوءَ.

    هنج ۾ هُن جي سُڪون آ ڪيڏو،
    الائي ته ڪھڙو آ ثواب هُوءَ.

    ’ساگر‘ يادُون ڪُجهه خط ڇڏي،
    جيئڻ ڪري وئي عذاب هُوءَ.
    §


    مان نِراس ناهيان او مُنھنجي مِٺي!

    مان نِراس ناهيان او مُنھنجي مِٺي!
    ڪو دَردَ آ جو حدون ويو آ ٽپي.

    ڪو دَردَ ٿو ماڻھو کي ٺاهي ڇڏي،
    ڪو دَردَ ٿو پاڻ سان وڃي گڏ وٺي.

    مڃيَم غم خوشي ٻئي تُنھنجا حِصا،
    او زندگي! ٻُڌائي ڪِٿي آ خوشي.

    هي ماڻھو جي دِل آ يا آهي پٿر،
    دَردَ هي ڪيڏا وڃي ٿي سَھي.

    جيڏانھن به وڌيا پيرَ زخمي ٿيا،
    ڪير آ جو راهُن ۾ ويو شِيشا رکي.

    هُن ايڏي ته آتش ڀري آ ڇڏي،
    ها هي زندگي مَچ ۾ سگهي ٿي نچي.

    صليب تي ’ساگر‘ هئي هِڪ زندگي،
    هِڪ زندگي تُنھنجي اکين ۾ ڏِٺي.
    §


    زندگي جي آرسي اکين جي اندر ٽُٽِي پئي آ.

    زندگي جي آرسي اکين جي اندر ٽُٽِي پئي آ.
    آباد هئي دِل جي دُنيا ڪنھن جي ڪاڻ لُٽي پئي آ.

    واري جا گهر ٿيا ثابت، سپنا جيڪي ڏِٺا هئا مون،
    زندگي ايئن لڳڻ لڳي آ، ڄڻ ڦاهي گهاٽ گُهٽي پئي آ.

    آخري ڀيرو موڪلائڻ مھل، ڪُجهه ڏيئي وئي هوئين،
    ڳِل پڌر تي چُمي سا تُنھنجي، گُل وانگي ڦُٽي پئي آ.

    ڀلي تون پنھنجي رِشتي جا راز سنڀالي رک پاڻ وٽ،
    مگر تنھنجي چھري تي ويڙهيل نقاب جي ڳنڍ ڇُٽي پئي.

    ڪيڏو خُود کي سميٽيو هو مون، وِکرڻ کان اڳ هوائن ۾،
    ڇا ڪجي جو ياد هُن جي، دِل تي بارش جان وُٺي پئي آ.

    جيون جا سڀ سوڙها پيچرا، پار پئي مان پھتس ليڪن،
    ها پر ڇا ڪجي جو ’ساگر‘ قِسمت ئي پنھنجي کُٽي پئي آ.
    §


    آ جيون هي پنھنجو پيارا اُملھه.

    آ جيون هي پنھنجو پيارا اُملھه.
    ۽ جيون جا سڀ نظارا اُملھه.

    ٻوڙين ۽ تارين مونکي ٿا هر دَم،
    تُنھنجي اکڙين جا هي اِشارا اُملھه.

    مُنھنجي تنھاين ۾ گڏ هِڻ مونسان،
    تُنھنجا خط، سمورا سھارا اُملھه.

    هوئن ته ڌرتي سموري آ سُھڻي مگر،
    تُنھنجا گَس، گهٽيون ۽ چارا اُملھه.

    ڀلي ’مانش جنم امولھه‘ هُجي
    پر ماڻھو اٿئي پيار وارا اُملھه.

    نه دُنيا نه دولت نه شھرت کپي،
    ’ساگر‘ لئه سھارا تو پارا اُملھه.
    §


    دِل بَري* ناهي اڃان هي غم کان.

    دِل بَري* ناهي اڃان هي غم کان.
    کيس چئو پاسُو ڪري سِتم کان.

    هيل ڀي نيڻ ٻِئي آلا رهيا،
    هيل ڀي ناهن بچيا آگم کان.

    ڪو ته تنھائي جو سبب آهي تڏهن،
    هو هميشه دُور رهيو رِم جِهم کان.

    جي وَسين ته مون تي ته بادل ٿي برس،
    ها پرين! هي رُوح پياسو آ جنم کان.

    ڪير ڪنھن لئه آ هِتي آٿت بڻيو،
    ڪير ڪنھن کي ٿو بچائي غم کان.

    هو مسيحا ٿي موٽيو آهي تڏهن،
    گهاوَ اڳ ڀَريا جڏهن مرهَم کان.
    §


    جڏهن به چنڊ ٿا ڏِسون، پرين توکي ٿا ساريون.

    جڏهن به چنڊ ٿا ڏِسون، پرين توکي ٿا ساريون.
    کڻي اُڪنڊ ٿا جيئون، پرين توکي ٿا ساريون.

    خواب ۾ يا جاڳ ۾، جيڏانھن وڃان تون ئي تون،
    جڏهن به نِنڊ ٿا سُمھون، پرين توکي ٿا ساريون.

    مئخانن ۾ جام ٺڙڪن، جڏهن به ازانون ٿيون اچن،
    مندر جو گهنڊ ٿا ٻُڌيون، پرين توکي ٿا ساريون.

    ڳاڙهي ويسَ ۾ بَدن، هٿن تي رنگ ڪي رَتَل،
    جڏهن ڪو جُهنڊ ٿا پَسون، پرين توکي ٿا ساريون.

    جڏهن به اُڃ رُڃ ۾، ڀاڪرن ۾ تون مليئين،
    ڄڻ ته سمنڊ ٿا پيئون، پرين توکي ٿا ساريون.

    سِڪ جي ’ساگر‘ سُپ ۾ يادَ تُنھنجي ٿي ڇَڙهي،
    جيوَن ۾ جنڊ ٿا پيھون، پرين توکي ٿا ساريون.
    §


    توکي حال دِل جو ٻُڌايان يا نه؟

    توکي حال دِل جو ٻُڌايان يا نه؟
    چئه پرين سڀ ڪُجهه سُڻايان يا نه؟

    چئه پرين! مسيحا ٿي تون سگهندين؟
    ڏِنل وَڍَ وقت جا ڏيکاريان يا نه؟

    سموري هستي حِصا ٿي پئي آ،
    حِصا حِصن سان مِلايان يا نه؟

    تو ته آ ڀوڳنائن جي رِڻ ۾ روليو،
    او زندگي! توسان نِڀايان يا نه؟

    اُتم نيڻ تنھنجا اُتم عشق مُنھنجو،
    اُتم کي اُتم سان اڙايان يا نه؟

    سُڀاڻي ڇا ٿيندو ڀلا ڪير ڄاڻي،
    چئه ’ساگر‘ گلَي تو لڳايان يا نه؟
    §


    جِيون جو سفر اُداسي ٿو آڇي.

    جِيون جو سفر اُداسي ٿو آڇي.
    مونکي مُنھنجو ئي گهر اُداسي ٿو آڇي.

    لڳي ٿو هِتان ڪوئي راڪاس آ گُذريو،
    تڏهن ته هي شھر اُداسي ٿو آڇي.

    نه ئي ڇير ڇمڪو نه ڪي ٻُول ٻاتا،
    تنھا تنھا پَڌَر اُداسي ٿو آڇي.

    ماٺ آ مھراڻ ڇڏيو رقص ڇولين،
    سنڌو جو ڪَپر اُداسي ٿو آڇي.

    آهن ديس پنھنجي تي ڌاڙيل قابض،
    امن جو ڪبوتر اُداسي ٿو آڇي.
    §


    زندگيءَ جي ڊوڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.

    زندگيءَ جي ڊوڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.
    وقت جي وِلوڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.

    ڪير غلط ۽ ڪير صحي وقت ئي ثابت ڪندو،
    هيڪر ته پنھنجي لوڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.

    المين جي ديس ۾ حادثا پيدا ڪري،
    هر گهٽي هر موڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.

    زندگي جو هر پيو ڪاهي، ڪو محبتن ڪو نفرتن سان،
    اُوڙ ڏيئي اُوڙ ۾، هر ڪو اڳتي پيو وڃي.

    ڪنھن کي فُرصت ئي ناهي، لُڙڪ ڪو هاري مَتان،
    هُل هنگامي گوڙ ۾، هرڪو اڳتي پيو وڃي.

    سوچي سوچي زندگي جي ’ساگر‘ نه پُھتو ڪنھن دَڳ تي،
    هر طرف هٿ جوڙ ۾، هر ڪو اڳتي پيو وڃي.
    §


    شاعر ٿي ساحر نه ٿي.

    شاعر ٿي ساحر نه ٿي.
    محبت اندر ماهر نه ٿي.

    رِشتو جوڙين ته ڪر نِبا،
    ٺلھو تون وائر نه ٿي.

    سچ سر گُهري ته ڏي،
    باغي ٿي ڪانئر نه ٿي.

    گُل تي ڀؤنرا ڏِسي نه چِڙ،
    آپي کان ٻاهر نه ٿي.

    چڪور ٿي مان اُڏندوسانئن،
    چنڊ جان ظاهر نه ٿي.

    ’وقت آ ٺاهي پاڻ‘ چيائين،
    ’ساگر‘ تون شاعر نه ٿي.
    §


    مايوسي کان پاسو ڪرڻ مون سِکيو آ.

    مايوسي کان پاسو ڪرڻ مون سِکيو آ.
    پرين! تُنھنجي خاطر جيئڻ مون سِکيو آ.

    رُوئڻ جي ته مُنھنجي عادت هُئي پر،
    توکي خوش رکڻ لئه کِلڻ مون سِکيو آ.

    ويندي رات غم جي پرڀات ٿيندي،
    ٿي ٻاٽ مان لاٽ ٻَرڻ مون سِکيو آ.

    مُنھنجي لاءِ ڀَل تون شمع ٿي نه ٻَرجان،
    پتنگ ٿي تولاءِ سڙڻ مون سِکيو آ.

    جُهڪائي نظرون جيئڻ هِت ڏُکيو آ،
    ڪري ڳاٽ اوچو هَلڻ مون سِکيو آ.

    موت ته هڪ ڏينھن اچڻو ئي آهي،
    ’ساگر‘ زندگي سان رهڻ مون سِکيو آ.
    §


    روز ٺَھون ۽ وري ڊَهون ٿا سَکي!

    روز ٺَھون ۽ وري ڊَهون ٿا سَکي!
    تو پُڇو آ ته ڪيئن جيئون ٿا سَکي!

    ڇو ٻاهر ڳولڻ تون آن نِڪتي،
    تُنھنجي نيڻن منجهه رَهون ٿا سَکي!

    مُرڪن جي مُند ۾ الائي ڇو اسين،
    لُڙڪ ٿي اک مان وَهون ٿا سَکي!

    صدين جي صدا ڄڻ ٿي ٿا وَڃون،
    نيڻ توڏي جڏهن کڻون ٿا سَکي!

    جبر تي صبر جي عادت ٿي وئي آ،
    ڪنھن کي نه ڪُجهه چئون ٿا سَکي!
    §


    منھنجا شوق عذابن ۾ آهن.

    منھنجا شوق عذابن ۾ آهن.
    تنھنجا شوق گُلابن ۾ آهن.

    لُڙڪ هاري سوال ڪيا ٿم،
    ڏِنا تو ٽھڪ جوابن ۾ آهن.

    وقت ڪيڏيون وِڇوٽيون ڪري ويو،
    هر پَل نيڻ اوجاڳن ۾ آهن.

    انتظارن مان راحت هلي آ وئي،
    سُڪون هاڻي شرابن ۾ آهن.

    منھنجي نِنڊ ڦِٽائي وڃن ٿا،
    تنھنجا خيال خوابن ۾ آهن.

    ڌار ٿي اوهان کان ڀوڳيان اڃان پيو،
    اڃان سُک ’ساگر‘ جا عذابن ۾ آهن.
    §


    سُقراط بنجي ڪريو بغاوت.

    سُقراط بنجي ڪريو بغاوت.
    هوشو جھڙي ڌاريو طاقت.

    سنڌ آزاد ٿي ويندي،
    پنھنجو پاڻ ۾ آڻيو صداقت.

    شاهه، سچل ۽ سامي جنھن ۾،
    سا رَهڻي آهي ۽ رهندي سلامت.

    غير هٿن کان بچائڻو پوندو،
    سمجهو هي ڌرتي آهي امانت.

    سي سنڌي ’ساگر‘ پيارا ماڻھو،
    آهي ٽوپي اَجرڪ جِن جي ثقافت.
    §


    اکين جا اِشارا نه سمجهي سگهيا.

    اکين جا اِشارا نه سمجهي سگهيا.
    الائي ڇو پيارا نه سمجهي سگهيا.

    اسان جا ته سُڏڪا ستارن به سُئا هئا،
    مگر پاڙي وارا نه سمجهي سگهيا.

    مان ڪنھن ڪاڻ آڌي اُٿيو ٿو هلان،
    گهٽيون، گس چارا نه سمجهي سگهيا.

    اڙي زندگي! تون به ڪيڏي ڏُکي،
    توکي شاهه پارا نه سمجهي سگهيا.

    آ لھر لھر ۾ دَردَ ’ساگر‘
    سنڌو جا ڪِنارا نه سمجهي سگهيا.
    §


    ڪاش جيڪر تُنھنجي اک جو لُڙڪ ٿيان.

    ڪاش جيڪر تُنھنجي اک جو لُڙڪ ٿيان.
    ڳِل ڇُھي تُنھنجا تُنھنجي هنج ۾ ڪِران.

    آرزُو مُنھنجي اِها ئي آ پرين،
    دِل ۾ تُنھنجي مان رهان ڌڙڪن جيئان.

    ڇا ٿي پيو جي ساهه سان ناتو ڇِنو،
    شل نه توکي مان ڪِٿي وِسري وڃان.

    ٿر جيئان منھنجي اندر ۾ آ اُساٽ،
    مِينھن مُحبت جو وَسائين جي پوان.

    تنھنجي پُوڄا ۾ ڪمي پو ڀي ته رهندي،
    ڀل ته پيو مان رات ڏينھن سجدا ڏيان.

    قرض تنھنجو ڪُجهه شايد گهٽ ٿي پوي،
    جي مان تُنھنجي لاءِ پنھنجو رت ڏيان.

    هر ’ساگر‘ سُونھن کي ٻوڙي نٿو،
    مان جي تُنھنجي سُونھن اڳيان ڪُجهه ڀي نه هان.
    §


    جڏهن جيءُ جُدائي جلائڻ لڳي ٿي.

    جڏهن جيءُ جُدائي جلائڻ لڳي ٿي.
    تڏهن ياد تنھنجي ستائڻ لڳي ٿي.

    صدين کان سھيڙي رکيم تولئه خوشيون،
    هوا تِن کي هاڻ اُڏائڻ لڳي ٿي.

    اوهان جي پُڄاڻان اسان ڏي نه آئي،
    بھار جي موسم به ڏائڻ لڳي ٿي.

    کائي ترس شايد هو منھنجي ڳوڙهن تي،
    ڪڏهن ڪڏهن مونکي کِلائڻ لڳي ٿي.

    منھنجي ڏات کي ۽ مون ’مور‘ هاڻي،
    تنھائي دِل جي ته کائڻ لڳي ٿي.
    §


    جفائون جفائون سارو جڳ جفائون.

    جفائون جفائون سارو جڳ جفائون.
    هِتي دِل لڳيءَ جون عجب هِن سزائون.

    سسئي آهي مومل يا ته آهي سُھڻي،
    قُدرت جو شاهڪار جنھن جون نِگاهون.

    ڪُھاڙين جي وِچ ۾ اڪيلي ويچاري،
    ناري نماڻي پي ناحق ڪُٺائون.

    ريتن جي غلامن مُقدر لِکيا پي،
    پوڙهو وَر معصوم کي پي ڏِنائون.

    احساس، جذبا ۽ ارمان ’ساگر‘
    سوين ٻيون به بيوس ۽ مجبور صدائون.
    §


    محبت آ بقا اسان لاءِ ساٿي.

    محبت آ بقا اسان لاءِ ساٿي.
    پيار آ خُدا اسان لاءِ ساٿي.

    وِک وِک تي هِن ڪاوَا اُڀا،
    ايڏي ڇو سزا اسان لاءِ ساٿي.

    مَچائي ٿي روز محشر نئون،
    تنھنجي هر اَدا اسان لاءِ ساٿي.

    آ جيون گهارڻ عذاب وانگي،
    ها تو سوا اسان لاءِ ساٿي.

    ’ساگر‘ کي بچائڻ جي چاهيو پيارا،
    ته رکجو وفا اسان لاءِ ساٿي.
    §


    نه مونکي ڏِنا تو گُلابن جا تحفا.

    نه مونکي ڏِنا تو گُلابن جا تحفا.
    اکين کي تو ارپيا خوابن جا تحفا.

    گُنھگار ئي صحي پُوڄڻ ته ڏي،
    سوا تو نه گُهرجن ثوابن جا تحفا.

    رهَڻ ڏي مون وَٽ هي مون لئه اهم هِن،
    خوشبوءِ، حُسن ۽ ڪتابن جا تحفا.

    قسم ساڻ ڏاڍو ايذائن ٿا مونکي،
    مون لئه نه رک تون حِجابن جا تحفا.

    مِليا نيڻ نيڻن سان ’مور‘ جڏهن،
    آيا آڏا اڪثر نقابن جا تحفا.
    §


    پيار ڇو ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي.

    پيار ڇو ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي.
    نفرتن جو زور ٿيندو ٿو وڃي.

    مون هو چاهيو ڪا گهڙي ماڻڻ سُڪون،
    پر مُسلسل شور ٿيندو ٿو وڃي.

    ڪوئي ڪنھن کي ڪيئن سمجهائي پرين،
    هر ڪو هِت شھزور ٿيندو ٿو وڃي.

    هُن کي مون چاهيو سميٽيان ساهه سان،
    هو گهٽا گهنگهور ٿيندو ٿو وڃي.

    شام جي هر لامَ تي ڪوئي پَکي،
    مور جي ڪا ٽور ٿيندو ٿو وڃي.

    انسان جو انسان سان ايڏو انياءَ،
    هر آدرش ڀور ٿيندو ٿو وڃي.
    §


    مونکي تنھنجي وارن جون ڇائون ٿيون گُهرجن.

    مونکي تنھنجي وارن جون ڇائون ٿيون گُهرجن.
    اوهانجي اکين ۾ پناهُون ٿيون گُهرجن.

    اڪيلائي سان گڏ گُذاريون گهڻو ٿم،
    مونکي هاڻيَ تُنھنجي ئي ٻانھون ٿيون گهُرجن.

    ٿوري زندگي ٿئي وِڃائي نه ويھي،
    ڏي پيار مونکي وفائون ٿيون گُهرجن.

    اوهان رِيءَ خِزائُن ته ڇانگي ڇڏيو آ،
    اڙي بھار! تنھنجون گهٽائون ٿيون گُهرجن.

    سڏي پاڻ ڏي ’مور‘ شرمايو هو تو،
    حيا ۾ جُهڪيل سي نِگاهون ٿيون گهُرجن.
    §


    توکي ساريَ جانان!

    توکي ساريَ جانان!
    نيڻ مُنھنجا ڀِنا.

    چين دِل کي ناهي،
    پَل پرين تو بِنا.

    جيئون ڪنھن آس تي،
    سارو جِيوَن خِزان.

    بَس بچيا هئا اِهي،
    ٽھَڪ تو جي ڇِنا.

    دانھَن ڪنھن کي ڏِيون،
    سُور سڀني ڏِنا.
    §


    ياد تُنھنجي رُوئاڙي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    ياد تُنھنجي رُوئاڙي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.
    سِڪ تنھنجي ستائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    دِل کي بھَلايو ٿم گهڻو دِل چَري آ مڃين ئي نٿي،
    دِل دَر دَر رُلائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    چنڊ ويندو آهي لھي، رات ويندي آهي ٺَري،
    جُهوري تُنھنجي جاڳائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    هر موسم ۾ هيڪلائي ويھه لڳي ٿي ساري وهي،
    دُوري دوزخ مچائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    ڏينھن ڏائڻ وانگي ڏَنگي، رات گهاريا ٿو تارا ڳڻي،
    تانگهه تُنھنجي تپائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    سوا تُنھنجي نه ساعَت سَري، پَل نه ٿي ’مور‘ پيارا پري،
    هيڪلائي جيءُ جلائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.

    ’ساگر‘ سارين نه سارين مونکي، مون وِساريو ناهي توکي،
    رُوح ۾ سِڪ سمائي ٿي، توڏَي هر هر تڏهن ٿو اچان.
    §


    توڻي هِن رَتاوان پرين پيرَ پنھنجا.

    توڻي هِن رَتاوان پرين پيرَ پنھنجا.
    اسان پر وِساريا ناهِن ويرَ پنھنجا.

    اڙانگي سفر تي آهيون پيا نِڪري،
    ڏِسون ڪير هَلن ٿا، آهن ڪير پنھنجا.

    هوائُن سان گڏجي ڌرتي تي گُهلون ٿا،
    ستارن سان گڏ آهن سيرَ پنھنجا.

    سَکي جي پوتيءَ سان مُنھَن اُگهه ڀلي پر،
    پوتيءَ کي ڦاڙڻ لئه، نه هٿ هيرَ پنھنجا.

    هي سنڌ جي مِٽي آ چُمڻ ڏي مونکي،
    مان ميسارڻ چاهيان ٿو سڀئي ميرَ پنھنجا.

    هي وستيون هي واهَڻ هي جهوپا هي رُوپا.*
    هي سنڌ جا سڀئي ڳوٺ سڀ ديرَ پنھنجا.
    §


    نِنڊ جو آ بار اکين تي.

    نِنڊ جو آ بار اکين تي.
    شايد آ ڪا سار اکين تي.

    نه سِندُور تُنھنجي سينڌ جو مان،
    نه ئي ڪجل ڪار اکين تي.

    ڏيئي وانگي ڪنھن لئه ٻَرين ٿي!
    آ ڪنھن لئه لُڙڪن لار اکين تي.

    جنھن ۾ تون ناهين او ساجن!
    سپنو آ سو گار اکين تي.

    چنڊ، اڱڻ، رات ۽ مان،
    آسُن جا انبار اکين تي.

    تُنھنجي نفرت ڀي آ امرت،
    تُنھنجا سارا پيار اکين تي.
    §


    سچ ٻُڌائي ڪنھن کي تون چاهين ٿو مور!

    سچ ٻُڌائي ڪنھن کي تون چاهين ٿو مور!
    ڏِس لُڙڪ هيڏا ڇو ڀلا واهين ٿو مور!

    هو نه ايندو هاڻي تو وٽ او چَريا!
    پئه سُمھين ڏيئو وِسائي، نِنڊ ڦِٽائين ٿو مور!

    هوءَ ڇانوَ نه هُئي تُنھنجي نظر جو دُوکو هو،
    پاڇَن پويان ڊوڙندي پاڻ وِڃائين ٿو مور!

    چنڊ کي چاهِڻ ڇڏي ڏي چنڊ نه مِلندئي،
    دوکا ڏئي خُود کي عُمر کُٽائين ٿو مور!

    تُنھنجي خوابن جي تعبير شال ملئه او مور!
    ڪاڻ جنھن لئه واٽُن تي نيڻ وِڇائين ٿو مور!
    §


    ڪير هُن کي چئي،

    ڪير هُن کي چئي،
    رات ڪاري هِتي،
    پيار جي پنڌ ۾،
    رُڳي واري هِتي،
    اَنڌ ئي اَنڌ آ،
    هر گس هر گهٽي،
    ڌُنڌ ئي ڌُنڌ آ،
    ڪير سُونھَن کي هِتي،
    ناهي سمجهي سگهيو،
    پيار کي ڪو هِتي،
    ڪيئن سمجهي سگهي،


    نظم

    ديس جو ڪيڏارو

    ديس جو ڪيڏارو

    ڇا ڇا مان ٻُڌايان توکي پرين!
    ڇا ڇا هي ديس ٿي ويو آ،
    هِت وِک وِک تي هِن ڪاوا اُڀا،
    هي ديس لڳي ٿو مقتل گاهه،
    پيو رَت اوڳاڇي رَستن تي،
    هر گهڙي لڳي ٿو گهايل آ،
    هي ڌرتي به ٿي وئي سوڙهي آ،
    هِت گهُٽجڻ لڳو آ هرڪو ساهه،
    لُٽيل لڳي ٿو هر چهرو
    هر حياتي لڳي ٿو ڇوري آ،
    ڇا ڇا مان ٻُڌايا توکي پرين!

    دَردَ تي دَردَ هيِ سَھُون به ڪيئن،
    هر دَردَ به ٿي ويو ٻيڻو آ،
    رهي ماٺَ آخر رهَون به ڪيئن،
    جو ديس اسانجو پيارو هو،
    جو ديس ڀٽائي سارو هو،
    سو ديس الائي ڪيڏانهن ويو،
    جِت روز صبح جو دَرين مان
    ديدار آڇيا ويندا هئا،
    مَھڪِيل زُلفن جي خوشبوءِ کڻي،
    سِج جا ڪِرڻا ايندا هئا،
    ۽ سَنديس پريت جو ڏيندا هئا،
    اڄ ديس هي بدليل پيو ڀاسي،
    هر گهٽي اُداسي ٿي آڇي،
    هر چؤنڪ جي زبان بند آهي،
    هر دَر دَر جو آ ڪنڌ جُهڪيل،
    معصوم صدائون آهن گُهٽيل،
    هر موڙ مَٿي ڪو گُل چِٿيل،
    ڪا چِيخ هوا ۾ اُڏري آ،
    پيو دَردَ هي ڊوڙي رستن تي،
    پيو خون وَهي ٿو گٽرن ۾،
    هي ديس رتو رَت سارو آ،
    ڇا ڇا مان ٻُڌايان توکي پرين!
    ڇا ڇا مان ٻُڌايان توکي پرين!.
    §


    آءُ ته اڄ کان هڪ ٿي وڃُون

    آءُ ته اڄ کان هڪ ٿي وڃُون

    اي ڪاش جي تون مِلي پوَين،
    پوءِ هي زِندگي ڏِسجان پرين،
    گُلابن جي مُکڙين جيئان مَھَڪندي،
    ۽ پيار پنهنجو پوءِ ڏِسجان پرين،
    مَهندي جي هُڳاءُ ۾ واسجيِ،
    گهٽي گهٽي ۽ گهرگهر ۾،
    فِضائُن سان گڏجي ويندي ڦھلجي،
    ۽ صبح سمورا پنهنجي زندگي جا،
    ماڪ ۾ وِهنتَل اُجرا ئي هوندا،
    شامون به پنهنجون رنگين هونديون،
    سينگاريل سُھاڳ رات جي سيج وانگيان،
    چانڊوڪِيون اچي پو پنهنجا پير چُمنديون،
    ۽ سمندر جو لھَرون پنهنجا گيت چونديون،
    آءُ ته اَڄ کان هِڪ ٿي وڃُون،
    آءُ ته اَڄ کان هِڪ ٿي وڃُون
    §


    لڳي ٿو مُوئن جو دَڙو ٿي رَهيو هان

    لڳي ٿو مُوئن جو دَڙو ٿي رَهيو هان

    اي چنڊ! ملئه جي پرين ته چئجان،
    سَوا تُنھنجي هَر پَل اُداس آهيان،
    نه بھارُن جي موسم کي ماڻي سگهيو هان،
    نه ئي پاڻ کي مان سنڀالي سگهيو هان،
    رُڳي اَجايَن خوابَن جي پويان،
    صحرائُن ۾ پاڻ کي روليَ رَهيو هان،
    اي چنڊ! ملئه جي پرينءَ ته چئجان.

    جڏهن کان اَوِهين وڃين دُور ويٺا،
    سُورن مٿان ڏئي وڃين سُور ويٺا،
    تڏهن کان دِل جو دامَن چاڪَ آهي،
    خوشي مُنھنجي هرڪا ٿي خاڪ آهي،
    بيوَسي جي ڀاڪُر ۾ قيد آهيان،
    اي چنڊَ! ملئه جي پرينءَ ته چئجان.

    سوَا تُنهنجي سِينگار اُجڙي ويو آ،
    عشق جي آتش ۾ سڀڪُجهه هاڻي،
    لڳي ٿو سڙي رَکَ ٿي رَهيو آ،
    تنھايَن جي ٻانھُن ۾ وجُود آ واڙيَل،
    لڳي ٿو مُوئن جو دَڙو ٿي رَهيو هان،
    اي چنڊَ! ملئه جي پرين ته چئجان،
    اي چنڊَ! ملئه جي پرين ته چئجان.
    §


    ڪِرڻا سِج جا

    ڪِرڻا سِج جا

    ڇا چنڊَ جي چانڊاڻ آ،
    هِير ڏکَڻ پئي گهُلي،
    وار کُوليَ تو ڇڏيا،
    ويٺيئن اچي گوڏو گڏي،
    هِي نيڻ ٻَئي ساغر ڀريَل،
    مَڌَ تِن مان پئي ڳڙي،
    ڄَڻ برف ۾ باهه لڳل،
    او پَدَمَڻي تُنھنجو بَدَن،
    تُنھنجو ڏِسڻ تُنھنجو کِلڻ،
    مُرڪو ڪري گُلڙا ڇَٽَڻ،
    بادَل جيئان گرجيِ وَسَڻ،
    هو، چنڊَ جو گُهوري ڏِسڻ،
    هِي، راتَ ڀي ڇا راتَ آ،
    پر دِل پئي چاهي ڇو الئه،
    پِرهه ڦُٽي جلدي ڦُٽي،
    راتيون نه گُهرجن ٿيون مِٺي!
    باتيون نه گُهرجن ٿيون مِٺي!
    ڌرتيِ پئي کِسڪائي وڃي،
    ڌرتي پئي ڳِڙڪائي وڃي،
    ڏِس! وات ڦاڙي هو وڏا،
    واڳوئن وانگر هو اُٿيا،
    تون چئه ڀلا مان ڪيئن وِيھان،
    تو ساڻَ گڏجي ڪيئن کِلان!
    پاڻي ڀي روڪِيو پيو وڃي،
    نعرو يزيدي هو هڻي،
    سنبري اُٿيا آهِن ڪُتا،
    ڊيم ٺاهِڻ لئه سڀئي،
    گڏجي آهِن ڀؤنڪڻ لڳا،
    تون چئه ڪَنن تي هَٿ ڌري،
    ويھون ته ويھون ڪيئن مِٺي!
    ڌرتيءَ سڏڙا پئي ڪري،
    اُٿ جلدي اُٿ مِٺي!
    هو ڏِس! ڪِرڻا سِج جا،
    دَر ڏي پنھنجي پيا اَچن،
    تِن جي ڪيون ٻئي آجيان،
    هو ڏِس! ڌرتيءَ جا ٻَچا،
    اُوڍي ڪُلھن تي اَجرڪُون،
    ڪُونڌَر ڪري هُو قافلا،
    سنڌ بچائڻ هِن اُٿيا،
    ٿڃ ملھائِڻ هِن اُٿيا،
    پاڻي ورائِڻ هِن اُٿيا،
    تِن جي ڪيون ٻئي آجيان،
    اُٿ جلدي اُٿ مِٺي!
    اُٿ جلدي اُٿ مِٺي!
    §


    شام جهڙي ڪُنوَار

    شام جهڙي ڪُنوَار

    تون شام جھڙي ڪُنوَار
    ۽ اِنڊلٺيِ رنگ سمورا،
    تُنھنجي بدَن ۾ ڀريَل لڳن ٿا،
    هي واسينگ وار ور ڏئي،
    تُنھنجي ڳِلن تي پيا لَڙي،
    تُنھنجا ڳِل وارن منجهان،
    ايئن لڳن ٿا ڄَڻ،
    چنڊَ لنگهي ڪَڪَرن منجھان،
    تُنھنجا قاتل اِهي نيڻ ٻئي،
    تيز تِيرَن کان لڳن ٿا،
    چَپَ چوريَ ڪُجهه چيو تو،
    چَپَ تُنھنجا گُلاب پَتيون،
    تُنھنجو مُرڪڻ او مِٺي!
    ڄَڻ دُور ڪو گُل هو کِليو،
    او قاتل ادائُن جي مالڪه،
    ويٺي ويٺي ڪنھن خيال ۾،
    ڇِرڪ ڀري تون اُٿيئن،
    ڇاتي تُنھنجي ايئن ڇُلڪِي،
    جيئن تيز هوا جي جهوٽي تي،
    لُڏَن گُل رابيل جا،
    چيلھه ٿئي سنھڙي صفا،
    ڇا حُسن توکي مِليو،
    پر ٻُڌ! او چنچل ڇوڪريءَ،
    تُون پنھنجون اِهي سمُوريون،
    رنگتُون ۽ خوبصورتيون،
    رَکَ سنڀالي تون پاڻ وٽ،
    مون وَٽ تُنھنجي اهميت اِها آ،
    رنگ به رنگي گُلن سان سجايَل،
    هڪ خوبصورت گُلدستو آهين،
    ڇو ته تو وَٽ پيار جي اهميت نه آ،
    مُحبت مان تون ڄاڻين ڪِٿي،
    تُنھنجي دِل پٿر جي آ.
    تُنھنجي دِل پٿر جي آ.
    §


    تُنھنجو آهي ايمان پئسو ئي پئسو

    تُنھنجو آهي ايمان پئسو ئي پئسو

    تون مونکي ڀليِ چئو ڪافر پر ٻُڌ!
    انسان تون ڀي ناهين چوان ٿو،
    تُنھنجو آهي ايمان پئسو ئي پئسو،
    منھنجو آهي مذهب عشق محبت،
    توکي ڪار بنگلو بنائڻ جي ڳڻتي،
    مونکي پيار پائڻ وِرهائڻ جي خواهِش،
    تون آسمان تي ٿو اُڏرڻ گُهرين،
    مان ڌرتي کي ٿو ٻئي ٻَک وِجھان،
    تون مُلئون مُفت جا ويٺو طعام کائين،
    تون قاضي ٿو ڪُوڙي عدالت هلائين،
    تون سيٺ ٿو پورهيت جو پيٽ چيرين،
    مان ڪنھن ڏُکويل جي اَک مان،
    پَٽ تي ڪِريَل ڳوڙهي جيان،
    مُنھنجو مُقدر ڀلي چئو مِٽي آ،
    مگر هي مِٽي مونکي ڏاڍي مِٺي آ.
    تُنھنجي سونَ چاندي کان وڌَ سُٺي آ،
    تُنھنجي ۽ مُنھنجي ياري ڪانه ٿيندي،
    توکان مونکي نفرت آهي ۽ رهندي،
    تو ۾ ۽ مون ۾ وڏو فرق آهي،
    تون مونکي ڀلي چئو ڪافر پر ٻُڌَ
    انسان تون ڀي ناهين چوَان ٿو،
    تُنھنجو آهي ايمان پئسو ئي پئسو،
    مُنھنجو آهي مذهب عشق محبت.
    §


    مان ۽ مُنهنجي تنهائي

    مان ۽ مُنهنجي تنهائي

    رات به ڪنھن جي يادَ آئي،
    خيالن جي کُوهه ۾،
    ٻُڏندو رهيس ترندو رهيس،
    رات به نِنڊ ڪانه آئي،
    دَر دَريون کوليَ ڇڏيم،
    چين پو ڀي ڪونه مِليم،
    خيالنَ ۾ اڃان هُيس گُم سُم،
    دُور ڪوئي آواز ٻُڌم،
    سِڪ جو ڄَڻ ڪو ساز ٻُڌم،
    چُوڙِين جيِ هُئي ڇَن ڇَن،
    ۽ پايَل جي هُئي ڇَم ڇَم،
    ڇِرڪَ ڀَري ٿو اُٿان،
    ڊوڙي دَر تي ٿو پهچان،
    هيڏانھن هوڏانهن اِيئن ڏِسان پيو،
    ڄَڻ ڪوئي چورَ هُجان،
    ناڪام نظرُن ڪُجهه نه ڏِٺو،
    ڪنن کاڌو هو شايد دوکو،
    بيوَسي جي عالم ۾،
    ٿِڙندو ٿاٻڙندو،
    ڪمريَ ۾ داخل ٿيس،
    منھنجو ئي انتظار هُيس،
    مونکي ڏِسي هوءَ مُرڪي پئي،
    ٻهَ لُڙڪ هاري ٻَک وِڌاسين،
    بيڊ تي ليٽيِ پياسين،
    مان ۽ منھنجي تنھائي.
    §


    هِتي بيوَسَن جو گُذر نه آ

    هِتي بيوَسَن جو گُذر نه آ

    هِي بيحِسن جو شھر آ،
    هِتي بيوَسَن جو گُذر نه آ،
    هِتي ڪنھن کي ڪنھن جو ناهي غم،
    هِتي هرڪو پنھنجي ۾ مَگن،
    هِتي گهاوَ پنھنجا هَلو ڍڪي،
    نه مسيحا ڪو نه مرهَم هِتي،
    هِتي دِل ڪوئي لڳائي مَتان،
    ۽ روڳ ڪوئي پائي مَتان،
    هِتي سھڻو ڪوئي پَھر نه آ،
    ۽ پيار واريِ نظر نه آ،
    هِتي لُڙڪ ڪو هاري مَتان،
    ۽ ڪنھن کي ڪو ساريَ متان،
    هِتي شھر جي هر گهٽي اندر،
    رڳو ئي وحشتون ٿيون رڙنَ،
    هِتي پيار کي ڪا پناهه نه آ،
    هِتي روز مُحبتون ٿيون مرَن،
    ٿيون سوچون سِگريءَ جيئن سڙَن،
    ٿا جذبا ٽانڊن جان ڌڳن،
    پر آهُن ۾ ڪو اثر نه آ،
    هِتي بيوَسَن جو گُذر نه آ.
    §


    فراموشي

    فراموشي

    او سنڌوءَ کي جِيجَل سڏيندڙ سنڌيو!
    اوهانجي اَڄ جِيجَل ماءُ کي،
    لڳائي حرامين ڇڏيو داءُ تي،
    اڃان ڀي اوهانکي نِنڊ آهي شايد،
    اوهانجي ضمير جو دام ڇا؟
    اڃان تائين صحي نه مُقرر ٿيو آ،
    ڪا ته ڳالھه آهي جو خاموش آهيو،
    يا سنڌوءَ جي سوَين احسانَنَ کان،
    لڳي ٿو اوهان فراموش آهيو،
    وري اَڄ حرامين جي آجيان ڪريو پيا،
    ڪالھه جِن ڪراچي کي ڪَربُ بَلا بنايو،
    سوَين بي گُناهَن جو خون جِن وهايو،
    اسان جي نياڻين ننگن ڏانھن تڪيو جِن،
    اسان جون اوهانجون عزتون لُٽيون جِن،
    اُهي اَڄ اوهان جا ڀائر ڪيئن ٿي پيا،
    لڳي ٿو اوهانجا زخم ڀَرجيِ ويا هِن،
    يا اوهانکي ڪنھن لالچ جي اَنڌَ ۾،
    ٿيَل ويلَ سنڌوءَ سان، وِسري ويا هِن،
    جي سنڌوءَ جي سُونھَن جا مُنڪر آهن،
    اصل ۾ اُهي ئي ته ڪافر آهن،
    ڪافر ڀلا ڪيئن سچا ٿي سگهن ٿا.
    §


    هوءَ جا ماري وئي

    هوءَ جا ماري وئي
    ڪيڏيِ پياري هُئي،
    سُونھَن هُن جي ڄَڻ،
    سنڌ ساري هُئي،
    هُوءَ جا ماري وئي،
    ڪالھه ڪاري ڪري،
    پر هُوءَ ڪاري نه هُئي،
    نيڻ هُن جا گهرا،
    هُئا ڪينجهر جيان،
    جنھن جي ڪِنارَن مَٿي،
    خواب ڪچَڙا ڪيئي،
    هُن هُئا پوکي رَکيا،
    هُن هو سوچيو ڪڏهن،
    وقت کان ايئن اڳي،
    ڪنوَل خوابنَ سندا،
    ڪينجهر نيڻن مَنجهان،
    وِيندا اِيئن پَٽجيِ،
    ڌُوڙ مَنجهه لَٽَجيِ،
    دِل جي شاهراهه مَٿي،
    قبر ٿي پوندا،
    ساڀيان کان ئي اڳي،
    ڪير هُن کي چئي،
    رات ڪاري هِتي،
    پيار جي پنڌ ۾،
    رُڳي واري هِتي،
    اَنڌ ئي اَنڌ آ،
    هر گس هر گهٽي،
    ڌُنڌ ئي ڌُنڌ آ،
    ڪير سُونھَن کي هِتي،
    ناهي سمجهي سگهيو،
    پيار کي ڪو هِتي،
    ڪيئن سمجهي سگهي،
    هٿ ٺوڪيون هِتي،
    رڳو رسمون جُڙيل،
    ڪوڙِين رسمُن کان،
    هُن هُئي بغاوَت ڪئي،
    ڄَڻ عبادت ڪئي،
    هوءَ ته سُھڻي هُئي،
    دهشت درياءَ سندي،
    هُن نه پرواهه ڪئي،
    هُن ته ڏونگر ڏوريا،
    هوءَ ته سَسُئي هُئي،
    عِشق ئي عِشق هُئي،
    هِير هُڳاءُ جيان،
    اُتر جي واءُ جيان
    مُومَل جو ماڻُو هُئي،
    سُر راڻوُ هُئي،
    شاهه جي وائي جيئان،
    هُوءَ ته پياري هُئي،
    سُونھَن هُن جي ڄَڻ،
    سنڌ ساري هُئي،
    هُوءَ جا ماري وئي،
    ڪالھه ڪاريِ ڪريَ،
    پر هُوءَ ڪاريِ نه هُئي،
    پوءِ به ماريِِ وَئي.
    §
    هر اُن معصوم عورت جي نالي جنهن کي ڪاري ڪري ڪُٺو ويو.


    ڪو مورَ وري ماريو ويو

    ڪو مورَ وري ماريو ويو

    پڙهيَم اَڄ اخبار جو،
    لُڙڪن جو وَهَي واهه پيو،
    ڪا خاص سُرخي هُئي لِکيل،
    ڪو جِسم هو پاهه ٿيل،
    ڪو گهوٽ هو رَت ۾ ٻُڏل،
    ڪو گهر سارو هو ڊٺل،
    اونداهو سارو شھر هو،
    ڪيڏو ٿيو قھر هو،
    اي ڪلاچي! تُنھنجي ڪُن ۾،
    هِڪ دؤر دُهرايو ويو،
    ڪو مور وري ماريو ويو،
    رَت وري هاريو ويو،
    ڪيڏو آهي سانحو ٿيو،
    جِيجَل سنڌوءَ سان وري،
    ڪيڏو آهي هاڃو ٿيو.
    §


    ڪونه جُهڪيا

    ڪونه جُهڪيا

    او ظالِم تُنھنجي ظُلم اڳيان،
    جيءُ هزارين جُهري پيا،
    تو گهاوَن تي پي گهاوَ ڏِنا،
    تنھنجي گهاوَن تي ڪي ساهه ٽُٽا،
    تو روڊن تي راتاهه هنيا،
    تو گَسن تي ڪي گهوٽ ڪُٺا،
    پر ڪونه جُهڪيا پر ڪونه جُهڪيا،
    او ظالم! تنھنجي ظلم اڳيان،
    سِر اُنھَن جا سنوان هُيا،
    سِر اُنھَن جا سنوان هُيا.
    §


    توکان پَريَ جو آهيان

    توکان پَريَ جو آهيان

    هِي نِيڻ تنھنجا پاڳل،
    ٿا رات ساري جاڳن،
    بارش جيان ٿا بَرسن،
    بي چين ذهن پنھنجا،
    هِن لوڪ تي ٿا سوچين،
    هِي لوڪ جو ازل کان،
    پيار جو آ ويري،
    هي دِل به چَري آ،
    هَر رات ڏيئي وانگي،
    تنھنجي يادَ ۾ ٻَري آ،
    ڪو چين ڀي ته ناهي،
    ڪا پَل نه سَري آ،
    توکان پَري جو آهيان،
    توکان پَري جو آهيان.
    §


    اکيون

    اکيون

    الائي ڪِٿ اُهي اکيون،
    حياءَ سَنديون هُيون نَديون،
    نه بيقراري هُئي منجهن،
    نه تانگهه تڙپ ۾ لُڇيون،
    پَر جوڀن جام کي جڏهن،
    هو اتاوَليون پي پُر ٿيون،
    ۽ پيار جي خُمار ۾،
    مَست ٿي اُٿيون ته پو،
    زندگي جي ڪمانَ مان،
    تيرَن جان پيون ڇُٽي،
    ۽ اوچتو ئي اوچتو،
    خبر نه ڪا پَئي ۽ پو،
    گهايَل پَسي پاڻ کي،
    ڏِٺم ته جوڀن جا سمورا،
    خواب آئينا اکين اندر،
    ٽُٽَل پَکڙيل ئي مِليَم،
    تِن ٽُٽَل ٽُڪرن ۾ اسين،
    ٿا تير تِن نيڻ سندا،
    وري به ڳولڻ چاهيون،
    پر الائي ڪِٿ اُهي اکيون،
    الائي ڪِٿ اُهي اکيون.
    §


    رُڳو ئي دَردَ جون گهڙيون

    رُڳو ئي دَردَ جون گهڙيون

    رُڳو ئي دَردَ جون گهڙيون،
    رُڳو دِلين ۾ ساڙَ آ،
    اڱڻ اڱڻ اُجاڙ آ،
    نه پَھَر ڪوئي پيارَ جو،
    نه سحَرَ ڪوئي سُڪونَ جو،
    آ جِيوَن جنگ ميدان جان،
    جنھن جي هَر موڙ تان،
    هَر پَھَر لَڙي لَڙي،
    حياتي هارائي آ رَهي،
    پوءِ به دِل هِي بي چئي،
    مَڃيَ نٿي هِن هارَ کي،
    اڃان به گهڻو ناز ٿس،
    پرينءَ اوهان جي پيار تي،
    توڻي جو ڪُند ذهَن هِتي،
    پيارَ جيِ هَر راهه تي،
    وَڏيون رُڪاوَٽون ٿا وِجهن،
    بي نانءُ غيرت جو پاند پَڪڙي،
    محبتن کي موتَ ڏين ٿا،
    پوءِ به پيارَ زندهه رَهَن ٿا،
    پوءِ به پيارَ زندهه رَهَن ٿا.
    §


    اوَهان جي پُڄاڻان

    اوَهان جي پُڄاڻان

    اوَهان جي پُڄاڻان اسان پاڻ کي،
    ڪو مضبوط پٿر نه بڻائي سگهياسين،
    اَجايو راهُن ۾ رُلجيِ وياسين،
    غمنَ جي ڪِناري جو پُهچي ڏِٺوسين،
    اسان جو جِيوَن ڄڻ هو پاڻي مَٿي،
    ڇَڻيل ڪنھن خِزان ۾ پَتي جان،
    جو هَر هَر هوا جي جهونڪي تي،
    ٻُڏي تَري ڪنھن ڪِناري لڳو ٿي،
    اوَهان جو چاهِيو ٿي اسان ڪونه هُئاسين،
    تڏهن تنھنجي نظرن کان اوجهل ٿياسين،
    تڏهن تنھنجي نظرن کان اوجهل ٿياسين.
    §


    وَڃيَ سِجَ لھَي ها انھيءَ کان اڳي،
    ڳولي منزل لَھَون،
    پيار جي پنڌ ۾.


    وايون

    سنڌوءَ جي ڪَپن تي،

    سنڌوءَ جي ڪَپن تي،
    اوَهين يادَ آيا.

    جڏهن شام لالي لڳائي لَبَن تي،
    اوَهين يادَ آيا.

    بادَل کي وَسنديَ ڏِٺم جو ڀِٽُن تي،
    اوَهين يادَ آيا.

    ڏِٺي مون جو مھندي ڪنھن جي هَٿن تي،
    اوَهين يادَ آيا.

    نظر جو ڪئي مون پُراڻَن خطن تي،
    اوَهين يادَ آيا.

    ڪوئي گيت جڏهن به آيو چَپَن تي،
    اوَهين يادَ آيا.
    §


    صبوح جي سُرهاڻ ۾،

    صبوح جي سُرهاڻ ۾،
    شام لالاڻ ۾،
    پاڻ مِلنداسين.

    ڀَنوَرا ٿي گُلڙن مٿان،
    سرنھَن پِيلاڻ ۾،
    پاڻ مِلنداسين.

    اَچجائين تُون لوڪَ سُتي،
    چنڊَ چانڊاڻ ۾،
    پاڻ مِلنداسين.

    تُون ’سُونھَن‘ ۽ مان ’ساگر‘،
    مَستي مھراڻ ۾،
    پاڻ مِلنداسين.
    §


    سڀ رَنگ سھيڙي پيارَ جا پرين،

    سڀ رَنگ سھيڙي پيارَ جا پرين،
    اَچ نِڪري هَلون،
    پيار جي پنڌ ۾.

    وَڃيَ سِجَ لھَي ها انھيءَ کان اڳي،
    ڳولي منزل لَھَون،
    پيار جي پنڌ ۾.

    ڌرتي به پنھنجي پِٿون پيرَ پنھنجا،
    سِتم ڇو سھَون،
    پيار جي پنڌ ۾.

    هٿ هٿ ۾ ڏئي سنڌ جي سينڌ تان،
    سِر گهوري ڇڏيون،
    پيار جي پنڌ ۾.

    ٿو ڄاڻيَ خُدا ڪِنھن ڪِنھن کي ڪُٺو،
    چئه ڪنھَن کي چئون،
    پيار جي پنڌ ۾.

    پَھَر ڪو پَري هِڪٻئي کان رَهون،
    ڄَڻ زهر ٿا پيئون.
    پيار جي پنڌ ۾.
    §


    سامھون اچي ويھه،

    سامھون اچي ويھه،
    دِل ٿي چئي،
    وائي هِڪڙي لِکي وٺان.

    محبت جو ٿيندو ناهي ڇيھه،
    دِل ٿي چئي،
    وائي هِڪڙي لِکي وٺان.

    ٽوڙي دِل پوءِ ڏي نه ريھه،
    دِل ٿي چئي،
    وائي هِڪڙي لِکي وٺان.

    تو بِن جيئڙو جيھڙو ليھه،
    دِل ٿي چئي،
    وائي هِڪڙي لِکي وٺان.
    §


    نيڻ برسي پيا منھنجا،

    نيڻ برسي پيا منھنجا،
    جنھن وقت مونکي ياد آئين!

    ٻُڏندو ڏِسي سنڌوءَ ۾ سِج کي،
    ڇِرڪَ نِڪري ويا مونکان،
    جنھن وقت مونکي ياد آئين!

    تنھنجي جُدائي تي سوچي سوچي،
    ٻُڌائي ڀلا ڪيئن نه تڙپان،
    جنھن وقت مونکي ياد آئين!

    اُداس اڱڻ مان چنڊ تڪيندي،
    ياد روئي پئي مونسان،
    جنھن وقت مونکي ياد آئين!
    §


    پيار جا گهٽجي ويندا سِلسلا،

    پيار جا گهٽجي ويندا سِلسلا،
    مون ڇو ڪونه سوچيو.

    مان خوابن جي آغوش ۾ ئي سُتس،
    خوابن جا لُٽبا آهن قافلا،
    مون ڇو ڪونه سوچيو.

    نه ڄاتم وِڇوڙي جو ايندو موسم،
    آڻيندو ساڻ رڳي زلزلا،
    مون ڇو ڪونه سوچيو.

    نيڻ سامھون رکيئي مان پيئندو رهيس،
    پيئندي پيئندي ويا حوصلا،
    مون ڇو ڪونه سوچيو.

    توکي پنھنجو سمجهي مون ڇا ڇا ڪيو،
    تون ته رکندين رِشتن جا فاصلا،
    مون ڇو ڪونه سوچيو.
    §


    گوريِ تنھنجي چوٽيءَ ۾،

    گوريِ تنھنجي چوٽيءَ ۾،
    موتيو لڳل،
    تڙپائي ٿو،
    اک ڪاري ۽ ٻيو اُن ۾،
    ڪاني ڪجَل،
    تڙپائي ٿو،
    ڪنھن جوڀن جواني جو،
    هاءِ اَجَل،
    تڙپائي ٿو،
    هُوءَ جو ناهي باقي خالي،
    بيڊ سَجل،
    تڙپائي ٿو،
    چانڊوڪيءَ ۾ وار وِکيري،
    ڪوئي سُتل،
    تڙپائي ٿو،
    سچ پُڇين اي دوست! تنھنجو،
    مُنھن لَٿل،
    تڙپائي ٿو،
    مُئي پُڄاڻان پوءِ اڱڻ تي،
    ميلو متَل،
    تڙپائي ٿو،
    §


    اکين جي اُڀ تي لُڙڪن جون لارون،

    اکين جي اُڀ تي لُڙڪن جون لارون،
    تنھنجون سارون.

    تنھنجي ياد خنجر، ڪئي دِل ڦارون،
    تنھنجون سارون.

    مينھن ڄاڻ آيو، تاڙي تنوارون،
    تنھنجون سارون.

    چنڊ اُڀري هن، مون ڏي اُماڻيون،
    تنھنجون سارون.

    سانجهي ويلي اڱڻ مٿان، پکين اُڏارون،
    تنھنجون سارون.

    ڀٽڪي بادل لئه ڪارونجهر تي، مور پُڪارون،
    تنھنجون سارون.

    ڪوئي روز جهونگاري ويٺو، شاهه جون وايون،
    تنھنجون سارون.

    چُمان ويٺو جي خط ۾ تو، مُڪيون نيھارون،
    تنھنجون سارون.

    تون آئين اڱڻ تي، ٿي ويون بھارون.
    تنھنجون سارون.
    §


    منھنجي نيڻن جو ڪتاب،

    منھنجي نيڻن جو ڪتاب،
    ڪنھن ڀي ناهي پڙهيو.

    زندگي ڪيڏي مُنجهيل آ،
    ڄڻ آلجبرا جو حساب،
    ڪنھن ڀي ناهي پڙهيو.

    ڇُھَڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ جي،
    ڪنوارپَڻ جو حجاب،
    ڪنھن ڀي ناهي پڙهيو.

    دانھون ڪيڏيون دٻائي ٿو هي،
    آڌي رات جو نقاب،
    ڪنھن ڀي ناهي پڙهيو.
    §


    مِٺا تون وري آ،

    مِٺا تون وري آ،
    جياپو ٿو جهوريَ.

    سندءِ سِڪ ۾ ٿي،
    دلڙي چري آ،
    مِٺا تون وري آ،
    جياپو ٿو جهوريَ.

    توکان ڌار ڪو پَل،
    ڪانه سَري آ،
    مِٺا تون وري آ،
    جياپو ٿو جهوريَ.

    ڊِگهي جُدائي ۾ ڪو،
    ويندو مري آ،
    مِٺا تون وري آ،
    جياپو ٿو جهوريَ.

    تولئه ’مور‘ دِل هي،
    اُجهامي ٻَري آ،
    مِٺا تون وري آ،
    جياپو ٿو جهوريَ.
    §


    تنھنجا هٿ مھندي رَتل،

    تنھنجا هٿ مھندي رَتل،
    ٻُڌائن ٿا،
    منھنجي پُڄاڻي.

    ماڻھَن جي اکين ۾ زهر ڀريل،
    ٻُڌائن ٿا،
    منھنجي پُڄاڻي.

    پريت راهُن تي ڪنڊا پکڙيل،
    ٻُڌائن ٿا،
    منھنجي پُڄاڻي.

    پنڌ پري آ، منھنجا پير ٿڪل،
    ٻُڌائن ٿا،
    منھنجي پُڄاڻي.

    جوڀن گُذري ويو آ باقي پَل،
    ٻُڌائن ٿا،
    منھنجي پُڄاڻي.
    §


    ڪاش جي تون مِلي پوَين،

    ڪاش جي تون مِلي پوَين،
    سپنا ماڻين ساڀيائون.

    زندگي جي ڏُور سفر ۾،
    قدم ڪي ٻه هَلي پوَين،
    سپنا ماڻين ساڀيائون.

    برکا رُت جيئن بَرسي مون تي،
    ساگر وانگيان ڇُلي پوَين،
    سپنا ماڻين ساڀيائون.

    گُهٽجڻ لڳو آ ساهه مُنھنجو،
    گهٽا ٿي جي گُهلي پوَين،
    سپنا ماڻين ساڀيائون.

    ٽھڪ ناهن تڏهن روئان پيو،
    ٿورو جي تون کِلي پوَين.
    سپنا ماڻين ساڀيائون.
    §


    وِک وِک تي عذاب ڀوڳيا ٿم،

    وِک وِک تي عذاب ڀوڳيا ٿم،
    مون کان نه پُڇ منهنجي ڪَٿا.

    ٻين جا ڏُک پنھنجا ڀانئين،
    دَردَ دِل ۾ کوڙ سانڍيا ٿم،
    مون کان نه پُڇ منهنجي ڪَٿا.

    مئڪش دُنيا جي مئخاني ۾،
    ڪھڙا ڪھڙا جام ڏوڪيا ٿم،
    مون کان نه پُڇ منهنجي ڪَٿا.

    ڪنھن ڪاڻ جيئڻ خاطر مون،
    اکين مان رَت ڦُـڙا هاريا ٿم،
    مون کان نه پُڇ منهنجي ڪَٿا.
    §


    ساري هي زندگي،

    ساري هي زندگي،
    مان توکي ٿو ارپيان.

    کڻي وڃ تون مون کان،
    منھنجي هر خوشي،
    مان توکي ٿو ارپيان.

    راتيون جاڳي جيڪا لِکيم،
    سا سڀئي شاعري،
    مان توکي ٿو ارپيان.

    خوشبوءِ بچائي ڀَنوَرن کان،
    تولئه ٿم رکي،
    مان توکي ٿو ارپيان.

    تون رڳو اچ منھنجي اڱڻ،
    ڏِس ڇا ڇا مِٺي،
    مان توکي ٿو ارپيان.
    §


    عڪس تنھنجا ٿا رَهن،

    عڪس تنھنجا ٿا رَهن،
    منھنجي نيڻن جي اندر.

    توسان مِلڻ جا خواب سمورا،
    ڏيئن وانگي ٿا ٻَرن،
    منھنجي نيڻن جي اندر.

    تنھنجا پيار نه وِسارڻ جھڙا،
    گُلن جيان ٿا ٽِڙن،
    منھنجي نيڻن جي اندر.

    ڇو ٿو ڏُور گُذارڻ چاهين،
    لُڙڪ ڀرجي ٿا اچن،
    منھنجي نيڻن جي اندر.
    §


    ساگر جھڙو پنھنجو پيار،

    ساگر جھڙو پنھنجو پيار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    ڌڙڪن منھنجي دِل جي تون،
    هر پَل تنھنجي سار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    ٽاڪَ منجھند شام ٿي ويندي،
    کولي اَچ تون وار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    پريت راهُن ۾ اَڏيل جيڪا،
    ڊاهي سا دِيوار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    جنم جنم کان پنھنجو ناتو،
    ڪير ڪري سگھندو ڌار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    تولهءِ جاڳي راتيون گهاريم،
    شاهد چنڊ تارا يار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    جِتي ’ساگر‘ پيار ئي پيار آ،
    آءُ هلون اُن پار،
    آءُ ته ماڻيون منزل کي.
    §


    آب اکين مان جاري آهي،

    آب اکين مان جاري آهي،
    لُڙڪن لارون،
    اچ ڏِسيِ وَڃ.

    تولهءِ مان تڙپيو آهيان،
    سُڏڪا سارون،
    اچ ڏِسيِ وَڃ.

    هُوءَ ايندي مون ڏي ايندي ضرور،
    پُور پَچارون،
    اچ ڏِسيِ وَڃ.

    تو بِن مون کي کائڻ لڳن ٿيون،
    دَر ديوارون،
    اچ ڏِسيِ وَڃ.
    §


    هر پَل توکي ساريان ٿو،

    هر پَل توکي ساريان ٿو،
    ڇا تون ساريَ سگهندين؟

    تعبيرن کان اڳ ۾گُهٽي،
    خواب ڪيترا ماريان ٿو،
    ڇا تون ساريَ سگهندين؟

    پيار گسن تي ڪنڊا پکڙيل،
    رَت ڦُڙا جي هاريان ٿو،
    ڇا تون ساريَ سگهندين؟

    توکي ساريندي او ساٿي!
    ڪيڏا لُڙڪ لاڙيان ٿو،
    ڇا تون ساريَ سگهندين؟

    تنھنجي وئي کان پوءِ تنھنجون،
    راهون روز نھاريان ٿو،
    ڇا تون ساريَ سگهندين؟
    §


    چُھٽي پئي ڳِلن تي،

    چُھٽي پئي ڳِلن تي،
    چَپَن جي سُرخي.

    گهاوَ چُمي ٿي ايئن لڳي ٿو،
    ڄڻ آ گُلن تي
    چَپَن جي سُرخي.

    شفق جو عڪس لڳندو آ اڪثر،
    سنڌو جي ڪَپن تي،
    چَپَن جي سُرخي.

    مُڪيون هِن مون ڏي چُميون تو شايد،
    لڳل هئي خطن تي،
    چَپَن جي سُرخي.

    گهرا گهاوَ ڀلا ڪيئن نه ڀربا،
    لڳي جو ڦـٽن تي،
    چَپَن جي سُرخي.
    §


    ڪيڏو درد سمايل آهي،

    ڪيڏو درد سمايل آهي،
    جيوَن جي هِن باب ۾.

    هو جو مون کان ڌار رهي ٿي،
    ساهه منهنجو سڪايل آهي،
    جيوَن جي هِن باب ۾.

    ڇو پيا ڏسيو ڪينجهر، منڇر!
    روح ٿر اُڃايل آهي،
    جيوَن جي هِن باب ۾.

    ڪي روز مِلن ٿا پيار ڪَن ٿا،
    ڪو صدين کان ستايل آهي،
    جيوَن جي هِن باب ۾.

    نوان زخم ڏئي ڀلا ڇا ڪندين؟
    ’ساگر‘ اڳ ئي گهايل آهي،
    جيوَن جي هِن باب ۾.
    §


    ڏِٺي ڏينهن ٿيا،

    ڏِٺي ڏينهن ٿيا،
    نيڻ روئندا رهيا،
    تون نه آئين اڃان،
    تون نه آئين اڃان.
    مِينهِن وسندا ويا،
    من اڱڻ مٿي،
    ٽانڊا ٻَرندا رهيا.
    تون نه آئين اڃان،
    تون نه آئين اڃان.
    ڏينهن گُذرن نٿا،
    رات چنڊ تڪي،
    لُڙڪ ڪرندا رهيا،
    تون نه آئين اڃان،
    تون نه آئين اڃان.
    چاهه چُمندا هيا،
    ’ساگر‘ سُڏڪا ڀري،
    چَپَ پُڇندا رهيا،
    تون نه آئين اڃان،
    تون نه آئين اڃان.
    §


    نيڻن جي خوابن ۾،

    نيڻن جي خوابن ۾،
    هُوءَ مونکان گُم ٿي وئي.

    اڳي ايئن نه ويڙهي آئي،
    لڪائي نيڻ نقابن ۾،
    هُوءَ مونکان گُم ٿي وئي.

    ويس پاتل ٿس شام جهڙو،
    گُلن ۾ گُلابن ۾،
    هُوءَ مونکان گُم ٿي وئي.

    ڌُنڌلو ڌُنڌلو عڪس هُن جو،
    يادن جي طوفانن ۾،
    هُوءَ مونکان گُم ٿي وئي.

    بدن، بُت چانڊوڪيءَ جهڙو،
    ’ساگر‘ سنڌو ڪنارن ۾،
    هُوءَ مونکان گُم ٿي وئي.
    §


    اڱڻ، مان ۽ چنڊ،

    اڱڻ، مان ۽ چنڊ،
    توکي ساريون ٿا.

    تنهنجي يادن کي او سائين!
    ڏيئي پنهنجي جند،
    توکي ساريون ٿا.

    تڙپائيندي آ تو سوا،
    هاءِ هرڪا مُند،
    توکي ساريون ٿا.

    گهٽيءَ منجهه اٽڪائي اکيون،
    ويهي تي آڳند،
    توکي ساريون ٿا.

    هر پَل ڀاڪُر منجهه ڀِڪوڙي،
    تنهنجي ياد سُڳند،
    توکي ساريون ٿا.
    §


    برسات وَسي ٿي،

    برسات وَسي ٿي،
    روئي دل اسان جي،
    تو بِن سَکي!

    وُٺي جي هوا ۾ خوشبوءِ آ تنهنجي،
    روئي دِل اسان جي،
    تو بِن سَکي!

    تنهنجو حُسن ڄڻ کنوِڻ چمڪي ٿي،
    روئي دِل اسان جي،
    تو بِن سَکي!

    آڌي رات جو ياد تنهنجي اچي ٿي،
    روئي دِل اسان جي،
    تو بِن سَکي!

    ’ساگر‘ توکي ساري روز تڙپي ٿي،
    روئي دِل اسان جي،
    تو بِن سَکي!
    §


    اچ ته مِلون،

    اچ ته مِلون،
    رات جي روح ۾.

    گڏجي ٻئي دور هلون،
    رات جي روح ۾.

    پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏيون،
    رات جي روح ۾.

    چاهه سان چاهه کي چُمون،
    رات جي روح ۾.

    ’ساگر‘ توسان گڏجي جِيون،
    رات جي روح ۾.
    §


    تنهنجي مُرڪن جي،

    تنهنجي مُرڪن جي،
    ڇا ڳالهه ڪجي.

    تنھاين جا ساٿي هِن،
    تنھنجي خطن جي،
    ڇا ڳالهه ڪجي.

    چنڊ پويان ڪڪر ڄڻ،
    تنھنجي زُلفن جي،
    ڇا ڳالهه ڪجي.

    ٻُوڙي لوڙهي ويا مونکي،
    تنھنجي نيڻن جي،
    ڇا ڳالهه ڪجي.
    §


    اکڙين جا بند سڀ،

    اکڙين جا بند سڀ،
    ڀڄي اڄ پيا،
    ڏِسي پاڻ اڪيلو.

    تنهنجي ملڻ جا خواب سجايل،
    ٽُٽي اڄ پيا.
    ڏِسي پاڻ اڪيلو.

    ساريندي اوهانکي درد دِل مان،
    اُٿي اڄ پيا.
    ڏِسي پاڻ اڪيلو.

    دِل جي ڀٽ تان يادن جا ٿوهر،
    ڦُٽي اڄ پيا.
    ڏِسي پاڻ اڪيلو.

    روئي ’مور‘ تولهءِ نيڻ اسان جا،
    سُڪي اڄ پيا.
    ڏِسي پاڻ اڪيلو.
    §


    ڌار ڪوئي ٿي ويو،

    ڌار ڪوئي ٿي ويو،
    ساهه ڄڻ نِڪري ويو.

    رات ڪاري، تنھائي ۽ مان،
    لُڙڪ هو اک مان ڪِريو،
    ساهه ڄڻ نِڪري ويو.

    روئي روئي پرهه ٿي پَڌري،
    نئون وري ڪو درد اُڀريو،
    ساهه ڄڻ نِڪري ويو.

    رات هُن جي شادي هئي،
    ويھي ڪنھن ڀَر ۾ چيو،
    ساهه ڄڻ نِڪري ويو.
    §


    بيڪ ٽائٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258286
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386404
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ