ڪتاب جو نالو: دنيا آکيرو
مصنف: زاهده تاج ابڙو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 852 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 172 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. سعيد سومرو لکي ٿو: ”زاهده تاج ابڙو، نه صرف نانءُ آهي پر پڙهيل لکيل سنڌي عورت جي شعور ۽ پرک جو اهم حوالو به آهي. هي سندس شاعراڻو قلمي داستان نه ذاتي آهي نه عالمي آهي، پر سنڌي ماڻهوءَ خاص ڪري سنڌي عورت جي شعور جي شمع آهي، جيڪا ڪٿي هلڪي تجلي ٿي ڏيئي، ته ڪٿي زوردار روشنائيءَ سان پورو انساني اندر منور ڪري ڇڏي ٿي. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب نمبر 164
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • اداري پاران:
  • مُهاڳ
  • ڪجهه لفظ: ڪائناتي ۽ سماجي حسن
  • اعليٰ دِماغَ واري اَبڙو آ زاهده
  • سنڌ جي سڀيتا سان سلهاڙيل
  • ٻه اکر:جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي زاهده
  • ٻه اکر:
  • پنهنجي پاران
  • حمد
  • نعت
  • غزل

  • آهِن گلاب کان وَڌِ، سُهڻا حَسين ماڻُهو
  • ڇا لِکان ڇا چَوان زندگي دَردُ آ
  • ڏُکي آ زندگي ڏاڍي، زهر کان وڌ ڪَساري آ
  • اسان کي پرين پلُ وساري نه سگهندين
  • ملي منزل سڄڻ تن کي، رهن ٿا جي ڀلائي سان
  • وري دل پرين سان ملڻ اڄ گُهري ٿِي
  • پيار منجهه رکيل ڪوئي سراب آهي
  • سُکن جي سيج ناهي ڏيهه، جيئڻ ناهي ڪا آساني
  • دل خوش ٿئي اچن جي مهمان عيد تي
  • غم جي شِدَت وڪوڙيو، ڪو همسفر کپي
  • جي ٻول هِي ٻُڌو ٿا موسم بهار آهي
  • قسمت کي ريجهائي ڏسجي
  • ماڻهو مِٺا هزارين هت بي حساب آهن
  • دل ۾ آ اڄ وري شور ڇو بي سبب
  • ويري دنيا وارَ ڪيا هِن
  • وَسڪارُ آ اکين ۾ ملهار ڇا ڪيان
  • رُڳو تون ته تنها نه آهين شهر ۾
  • غم خاص آ محبت شب روز ٿي رُئاري
  • ٿئي جيون فِڪر کان ڏور، مٺڙا گڏ گذارين جي
  • عشقُ کسي ٿو هستي يارو
  • ڪيو ٿا پيار جي ڪنهن سان، ٻڌائڻ جي ضرورت آ
  • اسان کي ته جيون گذارڻ نه آيو
  • رُسائڻ ٿا رڳو ڄاڻو، رُڳو آ خوب آزاري
  • آس ڀروسا ٽٽندا ويندا
  • نظر کان پري ٿي نظارا ويا هِن
  • غزل تي آزمائش جي اِها ٿي ابتدا آهي
  • زندگي جو سفر ڄڻ هئي ڪا خطا
  • بدنام عشق آخر محبوب روڙيو آ
  • زمانا سڀن جون دغائون ڏِسُون ٿا
  • ڏِسي مُرڪي وَري مُکَ کي، خدارا ڇو لِڪائين ٿِي!
  • آ وڏو انسان جيڏو، هوش سان ايڏي نظر ڪر
  • پرين! خط به توکي لکڻ کان ڊڄان ٿي
  • دُکُ جن کي به سُڻايو مون آ
  • چانڊوڪي لئه پاڳل ڪوئي
  • توکي ساري ويهي رهيس
  • هتي آس ڪنهن جي اڌوري نه آهي
  • ٿي سَري منهنجي نه ڪڏهن پو ڀلا تنهنجي سَري ڇو؟
  • گيت

  • سنڌي منهنجي ٻولي
  • مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان
  • نظم

  • Culture day
  • مان سنڌياڻي
  • (نظم)
  • شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
  • وطن ٿو پڪاري اُٿو ساٿيو سڀ
  • او نوجوان
  • سنڌڙي آهي سون سڄو
  • هڪ ڏينهن موت ته اچڻو آهي
  • ڪو علم ادب جو ميلو هاڻ هت مچايو
  • ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!
  • وقت ڏاڍو آهين راحم تون
  • طويل نظم
  • گيت نه مون کان کسجو لوڪو!
  • پنهنجي وطن مٿان سِـــرُ پنهنجو نثار آ
  • رمتو ڏٺو اسان ڪو، راحت ڏئي ويو
  • بيشڪ ته آ اُجالي، اونداهه کي کُٽايو
  • آزاد نظم
  • او شاهه ڀٽائي...!
  • شيشي جي ٺاهيل بنتِ حوا
  • ڪاري
  • پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ
  • بابا جو وڇوڙو
  • لختِ جگر
  • سجّ جو پريتم
  • سيوهاڻي سرڪار
  • سنڌ بچايو
  • بادل هيڪلو
  • ضروري نه آهي
  • رمتي جوڳياڻي
  • ماڻهو سي مهان
  • ڌرتيءَ جي پيڙَههَ
  • دنيا جو دستور
  • مان شايد اقرار نه ڪريان
  • وري نه ورندي بينظير
  • هڪ ڏينهن مان هلي ويندس
  • آرسيءَ آڏو اقرار
  • تنهنجي محبت جون لهرون
  • نَمناڪ نارين جو عالمي ڏينهن
  • ميگهه ملهار
  • مان ساڳئي رهنديس
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب نمبر 164

    BOOK NO: (164)

    • دنيا آکيرو • Danya Aakheero

    (شاعري) (Poetry)
    • زاهده تاج ابڙو Zahida Taj Abro •
    ڇاپو پهريـون: جنوري 2016ع FIRST EDITION 2016
    ڪمپوزنگ: ڪنول گروپ
    @ٽائيـٽل: علي رضا (لاڙڪاڻو) With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber







    ملهه: 150 روپيـا









    ڪـتـابـن مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    - ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد. سنڌيڪا ڪتاب گهر، حيدرآباد
    - فڪشن هائوس، حيدرآباد، - ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد
    سمباره پبليڪيشن هائوس، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو، حيدرآباد
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو - مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو
    - وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور - سنڌيڪا ڪتاب گهر، سکر
    - تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    والد ڪامريڊ تاج محمّد ابڙو (مرحوم)
    ۽ والده جي نانءُ
    (جن جون دعائون هميشه مون سان گڏ رهن ٿيون)
    پنهنجي رفيقِ حيات:
    ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ
    (جنهن جو مون سان سدائين سهڪار رهيو.)
    پنهنجي ٻارڙن:
    سسئي، باسط، سونهن ۽ صمد جي نانءُ
    (جيڪي تمام گهڻا پيارا اٿم)


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دنيا آکيرو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. سعيد سومرو لکي ٿو:

    ”زاهده تاج ابڙو، نه صرف نانءُ آهي پر پڙهيل لکيل سنڌي عورت جي شعور ۽ پرک جو اهم حوالو به آهي. هي سندس شاعراڻو قلمي داستان نه ذاتي آهي نه عالمي آهي، پر سنڌي ماڻهوءَ خاص ڪري سنڌي عورت جي شعور جي شمع آهي، جيڪا ڪٿي هلڪي تجلي ٿي ڏيئي، ته ڪٿي زوردار روشنائيءَ سان پورو انساني اندر منور ڪري ڇڏي ٿي. “
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڀيڻ زاهده تاج جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ رکڻ جي اجازت ڏني، مهربانيون ڪنول پبليڪيشن جي ڀاءُ سعيد سومري جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، ڀينرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران:

    زاهده تاج ابڙو جو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. سندس والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ناميارو دانشور، اديب، سياستدان ۽ جج هو. زاهده تاج ابڙو شاعريءَ جي شروعات 1986ع کان ڪئي. سندس 300 کان وڌيڪ مضمون مختلف اخبارن روزاني سوڀ، ڪاوش، عبرت، عوامي آواز، جاڳو ۽ آسرو ۾ لڳي چڪا آهن. هُوءَ شاعره سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار، ناول نويس، مصوره، صحافي ۽ ڪمپيئر پڻ آهي. گذريل ڪيتري وقت کان مهراڻ ٽي وي تي عورتن جي اشوز تي ”بنتِ حوا“ نالي ٽاڪ شو ۾ اينڪرز جا فرائض سرانجام ڏئي رهي آهي.
    پاڻ 2002ع سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيو. هن وقت حيدرآباد ۾ پڙهائڻ جي پيشي سان لاڳاپيل آهن.
    سندس شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب ’’دنيا آکيرو‘‘ مختلف صنفن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل جهڙي پابند صنف به شامل آهي ته گيت جي موسيقيت سان ڀرپور صنف به ـــ پاڻ جيترا گهڻ موضوعاتي آزاد نظم ۽ نظم لکيا آهن، ان مان سندس فڪري اڏار جي اتم اونچائي ظاهر ٿئي پيئي.
    هي مسلسل ادبي جاکوڙ ۽ سماجڪ سنوار جي اڻ تڻ سندس روح جي دل گهري وندر آهي. جنهن جي ذريعي هو پنهنجي خاندان جو نانءُ روشن رکڻ سان گڏ ايندڙ پيڙهين ۾ شعور جي آبياري ڪندي اچي پئي.
    زاهده تاج ابڙو، نه صرف نانءُ آهي پر پڙهيل لکيل سنڌي عورت جي شعور ۽ پرک جو اهم حوالو به آهي. هي سندس شاعراڻو قلمي داستان نه ذاتي آهي نه عالمي آهي، پر سنڌي ماڻهوءَ خاص ڪري سنڌي عورت جي شعور جي شمع آهي، جيڪا ڪٿي هلڪي تجلي ٿي ڏيئي، ته ڪٿي زوردار روشنائيءَ سان پورو انساني اندر منور ڪري ڇڏي ٿي.


    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    مُهاڳ

    ’’ لفظن جا خوبصورت خيال ‘‘

    هيءُ ڪتاب زاهده ابڙو جي شاعريءَ جو آهي. سندن والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو ساهه سُڌير دوست ۽ دلبند ساٿي هو. منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو ۾ جيڪو ادب جو شوق ۽ شعور هو، سو زاهده ابڙو ۾ منتقل ٿيو آهي.
    تاج محمد ابڙو دانشور، اديب، سياستدان، جج، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ٿي گذريو آهي. وڏو مڻيادار محبتي ماڻهو هو. چاليهن واري ڏهاڪي کان وٺي منهنجو ساڻس ساٿ رهيو. زاهده به پيءُ سان گڏ ننڍپڻ کان وٺي مون وٽ ايندي رهي آهي.
    هن وقت زاهده ابڙو جو ذاتي شوق، ذوق ۽ ادب سان ايڏو لڳاءُ ڏسي مون کي بيحد خوشي محسوس ٿئي ٿي. هُوءَ هڪ ئي وقت شاعره، ليکڪا، صحافي ۽ ٽي وي ڪمپيئر پڻ آهي گڏوگڏ تعليم کاتي ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي، سندس ايڏو ادبي پورهيو ۽ لڳاءُ ڏسي ڄاڻجي ٿو ته هُوءَ ايندڙ وقت ۾ پنهنجي لاءِ هڪ خاص مقام ٺاهيندي. منهنجيون دعائون ساڻن گڏ آهن.
    هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي انتهائي مانائتي طريقي سان پيش ڪيو آهي. سندن لکڻ جو اسلوب، پنهنجن شعرن ۾ پاڻ کي شاعره طور عورت جي انداز ۾ مخصوص لفظ ڪم آڻي شاعري محسوس ڪرائي ٿي. ائين چئجي ته هُن عورت جي سوچ کي خاص لفظن ۽ جذبات جو احساس ڏياريو آهي.
    شاعر هميشه پنهنجي خيالن ۽ احساسن کان شاعريءَ جي شروعات ڪندو آهي ۽ پوءِ آهسته آهسته آسپاس جي ماحول کان متاثر ٿي کين پنهنجي شاعريءَ سان سيراب ڪندو آهي ۽ اِها انفراديت سندن شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿي ته هُوءَ ڪيئن ٻين جا احساس ۽ جذبات محسوس ڪري ٿي. سندس شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو به پڌرو آهي. چئي ٿي سنڌ کي....


    توسان آهي ساهه مليل پَڪَ
    توسان آهي جان جڙيل پَڪَ
    او مٺڙي! توکان ڪيئن رُسان
    رڳ رڳ ۾ آهي رَتُ ڳنڍيل پڪ
    هڪ هنڌ پنهنجي سنڌياڻي هجڻ تي فخر محسوس ڪندي لکي ٿي:

    مان سنڌياڻي، مان سنڌياڻي
    آ فخر مون کي مان سنڌياڻي
    سِنڌُو منهنجي ساهه سمايل
    مان منڇر جي هان مُهاڻي

    هن مجموعي ۾ سندس ڪيترائي نظم، آزاد نظم ۽ غزل موجود آهن. مونکي ذاتي طور تي سندس نظم جيڪو گهڻو پسند آيو، اُهو هيءُ آهي:

    گيت نه مون کان کسجو لوڪو!
    اظهار نه ڪڏهين ڦُرجو لوڪو!
    ساهه جي ڏور ٽٽڻ کان اڳ ۾،
    آغازَ نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    هن نظم ۾ ٻين کي اتساهه ۽ هڪ رهبري ڪرڻ وارو سندن ڏانءُ مونکي خاص طور پسند آيو. عام طور تي هن عمر ۾ شاعرائون رومانوي شاعريءَ ڏانهن گهڻو لاڙو رکندي نظر اينديون آهن، پر زاهده ابڙو جي شاعريءَ ۾ مونکي زندگيءَ جو هر رنگ روپ نظر آيو آهي.
    هو ساڳئي وقت پيار، محبت، آزادي، حب الوطني، رسمن ۽ رواجن، موت، زندگي، دهشتگردي ۽ واحد جي وحدانيت کي پنهنجن لفظن جا خوبصورت خيال پهرائي پيش ڪري ٿي. سندس تخليق جو هر رنگ نرالو آهي
    مون سندس ڪالم به پڙهيا آهن هُوءَ شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر ۾ به سگهاري آهي. زاهده ابڙو سنڌي ادب کي هڪ نئون ڪتاب تحفي ۾ ڏنو آهي. ۽ مان اميد رکان ٿو ته هُوءَ آئنده به پنهنجي قلم جي پورهئي ۾ مصروف رهندي. سندس فني صلاحيت وقت سان گڏ اڃان وڌيڪ اڇي اُجري ٿي، نئين نئين رنگ ۽ روپ سان سامهون ايندي رهندي. منهنجيون دُعائون ساڻس گڏ آهن. قدرت کيس هڪ لافاني ڏات ۽ ڏانءُ عطا ڪيو آهي، اميد ڪجي ٿي ته هُوءَ پنهنجي جستجو ۽ جذبو جاري رکندي ايندي ۽ اِن طرح سان سندس فني صلاحيتون اڇيون اُجري ٿي، اڃا جرڪي پونديون.
    محمد ابراهيم جويو
    15 نومبر، 2012ع


    ڪجهه لفظ: ڪائناتي ۽ سماجي حسن

    جڏهن به ملڪن ۾ انقلاب آيا آهن، تڏهن سموري قوم پنهنجا سڀ جبر تشدد، ڏهڪاءَ، محروميون ۽ انديشا هڪ طرف رکي انقلاب لاءِ پنهنجا سڀ سُک، جان، مال قربان ڪري اڳتي وڌندي آهي. ان انقلاب ۾ جيالن ۽ رهبرن کان علاوه ادبي حضرات جو به پورو پورو ساٿ هوندو آهي، ان ويل اديب، شاعر پنهنجيون عظمتون ساڻ کڻي پنهنجن لکڻين ذريعي اڳيان ايندا آهن. ان ڪري هميشه کان سياست سان گڏ ادب به هٿُ، هٿَ ۾ ڏيئي ائين هلندو آهي جيئن ٻه دوست هجن.
    آءٌ شاعر ته ناهيان پر شاعري پڙهندو ضرور آهيان. شاعري مون کي ان ڪري به پسند آهي جو ان ۾ انقلاب، ڪردار، تاريخ، امن انصاف، غلامي گفتار ۽ محرومي سڀ گڏ هوندا آهن.
    زاهده تاج ابڙو نئين ٽهي جي اُڀرندڙ ليکڪه آهي، سندس شاعري ۽ ڪالم اخبارن ۽ ميگزين ۾ پڙهندو رهيو آهيان، هُوءَ باصلاحيت شاعره آهي، سندس شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي، خوبصورت ۽ اُتساهيندڙ لفظن جو هڪڙو شعور ڏيندڙ وهڪرو چئي سگهجي ٿو.
    زاهده جي شاعريءَ ۾ سنجيدگي ۽ شانائتي لفظن جي ڀيٽا آهي. عام طور تي شاعريءَ ۾ جيڪا اڪثر نااميدي ۽ مايوسي نظر ايندي آهي يا شاعر گهڻي قدر ناڪامين کي گهڻو ڊگهو ۽ ڇڪتاڻ وارو بنائي پيش ڪندا آهن اِها منفي رُجحان واري ڳالهه هتي نظر ڪونه ٿي اچي ۽ اها هڪ سُٺي ۽ اثرائتي شروعات آهي.
    سندس تخليق ۾ فطرت ۽ سماج ٻئي موجود آهن ۽ هونئن به جڏهن ڪائناتي ۽ سماجي حسن گڏ نظر اچي ته اهڙي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن.
    زاهده تاج ابڙو جي سُڃاڻپ رڳو هڪ شاعره جي نه پر گهڻ پاسائي آهي، هُوءَ ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس، سماجي ورڪر، ٽي وي اينڪر ۽ هڪ استاد پڻ آهي.
    مختصر اِهو چوندس ته شاعر عالمگير انسان هوندا آهن ڇو ته هُنن جي اک پوري ڪائنات کي ڏسندي آهي ۽ هيءَ ڇوڪري به ان عالمگير طبقي ۾ شامل آهي.
    هِن جي شاعريءَ ۾ سوچ وسيع آهي، سندس غير معمولي صلاحيتون کيس اڃا اڳڀرو آڻي ڪمالِ تخليق تي پهچائينديون.
    هونئن به آءٌ چوندو آهيان ته نسل در نسل صدين جون غلاميون ۽ محروميون ڀوڳڻ جي ڪري 20 سالن جي ڇوڪري 40 سالن جي مرد کان وڌيڪ شعور ۽ Maturity رکندي آهي.
    ۽ هيء ڇوڪري نه رڳو انقلابي اديبه آهي پر عظيم انقلابي اديب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نياڻي به آهي، تنهن سندس لکڻ، زندگيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

    ڪامريڊ ڄام ساقي
    2012. 11. 25


    اعليٰ دِماغَ واري اَبڙو آ زاهده

    َنظمُ
    الحاج شاهنواز ”مسافر“

    جا شاعره مَعياري اَبڙو آ زاهده
    اعليٰ دِماغَ واري اَبڙو آ زاهده

    مڃتا وَٺي چُڪي آ اَخبار سوڀَ ۾
    ڪالَمَ ادبُ نِگاري اَبڙو آ زاهده

    جا رهبَرِي ڪري ٿي مهراڻ ۾ ٻُڌو
    بِنتِ حَوا پِياري اَبڙو آ زاهده

    فرزند آ مِلٽِرِي ۾ هِڪَ بنتِ آ ڊاڪِٽر
    جنهن آلِ آ سُڌاري اَبڙو آ زاهده

    ڪاليج جو ادارو اُستاد آ اُتي
    تعليم جنهن ڏياري اَبڙو آ زاهده

    گَهرُ ٻار ٿي هلائي خاوند به ڊاڪٽر
    عورتَ جا گَهرُ اُجاري اَبڙو آ زاهده

    پابند آ هميشه روزي نِمازَ جي
    نِوڙتَ ڪري نياري اَبڙو آ زاهده

    مان ڇا چوان ”مُسافِرَ“ ظالِمَ خِلاف جا
    ذهني رکي هوشياري اَبڙو آ زاهده
    ***

    منهنجي شاعريءَ جي استاد محترم الحاج شاهنواز ”مسافر“ جي نظماڻي ڀيٽا
    ٻه اکر:


    سنڌ جي سڀيتا سان سلهاڙيل

    سوچن جون ولهاريون ئي ته آهن جي شاعر يا شاعره جي تخليقي زمين کي سدائين زرخيز رکنديون رهيون آهن. گوناگون موضوع، فن ۽ فڪر جي پورائي ته ڄڻ سون تي سهاڳو بنجي تخليقڪار جي هر وک امرتائن ڏانهن وڌائيندي رهندي آهي.
    زاهده تاج ابڙو به ان پنڌ جي پانڌياڻي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع، ان سان نڀاءُ جو ڏانءُ، هن جو پنهنجيءَ مٽيءَ سان پيار، شاعريءَ ۾ سماجي قدرن ريتن رسمن جو خبرداريءَ سان اُپٽار پڙهي، مان وثوق سان چئي سگهان ٿو ته هوءَ پنهنجي ادبي ورثي جي پختي امانت دار آهي. سندس ساڻيهه جو چاهه، انهن سان دلي لڳاءُ ۽ گڏوگڏ مجازي موضوعن، دنيا جي بي رخين ، بيوفائين جي بياني، اها شاهدي ڏئي رهي آهي ته سندس وک وک سچيءَ ساهت ڏانهن وڌي رهي آهي.
    هن جون اورچائيءَ مان اُڻيل ڪجهه سٽون هيئن آهن، جيڪي پڙهي ڪري هرڪو پاٺڪ سندس موضوعن جي وشالتا جو ڪاٿو ڪري، ڪارج واري شاعريءَ جو اندازو لڳائي سگهي ٿو:
    وڌي ٿي آس جيون جي مگر دنيا ڏکائي ٿي
    تماشو آ ازل کان هت، جتي ماڻهو مداري آ.

    لٿو آ لاڙ ۾ سورج، وري سو ’’زاهده‘‘ وَرندو،
    پيو روشن ڪندو جڳ کي، اها آ ڪارِ روزاني.

    پنهنجي سنڌ جي سڀيتا سان سلهاڙيل زاهده کي جڏهن مهراڻ جي نياڻي هجڻ تي فخر هجي ٿو ته پڪ اٿم ته اُنهيءَ سنڌوءَ جون ڌارائون به کيس ڏاهپ ساڻ هن تخليق جي ڏونگر کي ڏورڻ جي سگهه پڻ عطا ڪنديون. سندس ڪلا جي سڦل سفر لاءِ هميشه دعاگو.
    ع.غ. تبسم
    ڪراچي


    ٻه اکر:جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي زاهده

    مان پنهنجو پاڻ کي تمام وڏو خوشنصيب سمجهندو آهيان ته خدا پاڪ مون کي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ پيدا ڪيو. اسان جو والد سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليمدان ۽ بي باڪ صحافي هيو. ان جو اسان سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن تي وڏو اثر رهيو آهي. مون کي چار ڀيڻون ۽ چار ڀائر آهن. ڀائر چارئي ئي مون کان ننڍا ۽ ڀيڻون چارئي مون کان وڏيون آهن. ننڍي ڀاءَ جي حيثيت ۾ چئن ڀينرن جي ڄمڻ کان مان چئني وڏين ڀيڻن جو ڏاڍو دادلو ڀاءُ به آهيان ته ڏاڍو پيارو به آهيان. والد مرحوم کي اولاد ته سموري پياري هئي پر اسان پنجن ئي ڀائرن کان وڌيڪ نياڻين کي پيار ڪجهه وڌيڪ ئي ڪندو هو. ۽ اسان پٽن کان وڌيڪ سندن ڌيان به نياڻين جي پڙهائي تي هوندو هئين. جيڪي هاڻي ماشاءَ الله سڀئي پڙهيل لکيل آهن. سٺن ۽ اهم سرڪاري عهدن تي فائز آهن. اسين پنج ئي ڀائر به سٺن عهدن ۽ رتبن تي آهيون ڀيڻن ڀائرن مان منهنجي وري گهڻي ادي زاهده سان لڳندي هئي.
    بابا سائين مرحوم سنڌ جي مختلف ضلعن جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿي رهيو ۽ اسين مختلف اسڪولن ۾ پڙهياسين. زاهده سان گڏ مان اسڪول ويندو هيس. مان ننڍپڻ ۾ ڏاڍو ويڙهاڪ ۽ انتها درجي جو شرارتي ٻار هيس، اڪثر ٻارن کي اسڪول ۽ پاڙي ۾ پيو ڪٽيندو هيس، اڪثر ٻارن کي ماريندو به مان هيس ته وري مٿان دانهون، رڙيون به روئيندي مان ڪندو هيس تنهن ڪري ئي اڪثر ٻار مون کي راند ۾ شامل ڪو نه ڪندا هئا. تڏهن ئي ادي زاهده وچ ۾ پئي صلح ڪرائيندي هئي.
    بابا سائين جي ڪچهري سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي، جتي پاڪستان جا مشهور اديب، شاعر، دانشور، ليکڪ، صحافي، جج، بيوروڪريٽ، سياستدان ۽ مختلف پارٽين جا ليڊر شرڪت ڪندا هئا. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ اڪثر بابا سائين پنهنجي ڀرسان ڪرسيون رکرائي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ کي به ڪچهري ۾ شامل رکندو هيو. جيڪي شخصيتون عام پاڪستاني اخبارن يا ٽيليوزن تي ڏسندا هئا، انهن شخصيتن سان اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ ڪچهريون ڪيون. در حقيقت انهن ڪچهرين ۾ ئي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جي صحيح معنيٰ ۾ تربيت ٿي.
    مان 1980ع کان سنڌي اخبارن، عبرت، مهراڻ، هلال پاڪستان ۽ آفتاب ۾ ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو پر حقيقت ۾ ادي زاهده مون کان اڳ ئي سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ لکڻ جي شروعات ڪري چڪي هئي. اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جو سخت مقابلو هوندو هو ته وڌيڪ اخبارن ۾ ڪير ٿو لکي.
    اسان بادشاهي ٻار هئاسين ۽ خرچي جيتري به گهربي هئي، سا امان سانئڻ ڏيندي هئي پر فضول خرچ ڪو نه هئاسين، جيڪا خرچي ملي ٿي انهن مان /80 سيڪڙو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ٻارن جا سنڌي ۽ اردو ڪتاب خريد ڪندا هئاسين. اشتياق احمد جا جاسوسي ناول، حڪيم سعيد جو نونهال، گل ڦل ته باقاعده هر مهيني ايندا هئا پر انهي کان علاوه به اسان سوَن جي تعداد ۾ هر مهيني ڪتاب پيا وٺندا هئاسين.
    ’’وقت چوي مان بادشاهه...‘‘ واقعي به وقت گذرندي دير ئي ڪونه ٿي. آهستي آهستي پهرين، ٻئي، ٽئين ۽ آخر ادي زاهده جي به شادي ٿي وئي. ماشاءَ الله کيس سلڇڻي ۽ صالح اولاد به ٿيئي. ٻارڙن تي به خوب محنت ڪيائين. محنت ڦل لاٿو ۽ ادي زاهده جي سموري اولاد به پڙهي پيئي. سندس وڏو فرزند ته پاڪ آرمي ۾ وڏو آفيسر ٿيو. نياڻيون به ڊاڪٽر ٿيس. ٻارڙن جي تربيت ۾ ادي زاهده ايترو ته مصروف ٿي وئي جو سندس جو ادب تان ڌيان ئي هٽي ويو. آخرڪار هڪ ڏينهن سندس گهر وڃي سمجهايومانس ته هاڻي اولاد جوان ٿي چڪي اٿئي، ڪوشش ڪري لکڻ جو سلسلو شروع ڪر. منهنجي رڳو چوڻ جي دير هئي. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ (پنهنجي ورَ) سان وڃي حيدرآباد شهر ۾ ڪتابن جي دڪان تان ادبي ڪتابن جي بنڊلن جا بنڊل ڪار جي ڊڪي ۽ سيٽون ڇت تائين ڀرائي اچي ٿي مائي شروع ٿي اخبارن ۾ لکڻ. شاعري ڪاوش اخبار ۾ ته وري سندس ئي مضمون عبرت، سوڀ ۽ ٻين اخبارن رسالن ۾ ، هڻي هنڌ ڪري ڇڏيائين. ڳالهه رُڪجي اتي به نه.... ’’جئين ٿڌ تئين وڌ‘‘ وڃي، ٽي وي چينلز جي آفر تي ٽي وي اينڪر به ٿي. مهراڻ ٽي وي تي پنهنجو ٽاڪ شو ’’بنتِ حُوا‘‘ ڪيترن سالن کان ڪاميابيءَ سان هلائي رهي آهي.
    مان بطور ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جي ويس مصروف ٿيندو ۽ مصروفيت ڪري ڪڏهن ڪڏهن لکڻ لڳس پر ادي زاهده ته هاڻي مون کي بنهه ماري وئي اڃان به ٻه قدم اڳتي.
    جڏهن ٻڌائين ته منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب عنقريب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته واقعي به خوشي ٿيم. جڏهن ڪتاب نظر مان گذريو ته اڃان به وڌيڪ خوشي ٿي ته سندس شاعري هر موضوع تي ڪيل آهي. مان سمجهان ٿو ته هي سندس شاعريءَ جو ڪتاب جديد شاعري ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندو. ’’سوني تي سهاڳو‘‘ ته وري ديباچو چاچا محمد ابراهيم جويو ۽ ٻه اکر چاچا ڪامريڊ ڄام ساقي لکي ته ڪتاب کي چار چنڊ لڳيون وڃن.
    ادي زاهده کي مون زندگيءَ ۾ ٻه دفعا وڌيڪ خوش ٿيندي ڏٺو. هڪ دفعو جڏهن سندس وڏو فرزند آفيسر طور پاڪستان آرمي جوائن ڪئي ۽ ٻيو دفعو جڏهن هي ڪتاب لکي بس ڪيو اٿس. پر مون کي پوري پوري اميد آهي ته ادي زاهده جي هن پهرين ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي ڪڍَ سندس ڪتابن پويان ڪتاب ڇپجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ڇو جو مون کي خبر آهي ته ادي کي رات جو تيسين ننڊ ڪونه ايندي آهي، جيسين پنهنجي ڊائري کولي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي شاعري نه لکي يا ڪنهن موضوع تي ڪو مضمون ضرور لکندي آهي. کيس ايترو ته مواد موجود آهي جو سندس هر سال گھٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ضرور اچي سگهي ٿو.
    منهنجي ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي زاهده گهڻي کان گهڻو لکي ۽ کيس الله پاڪ چنڊ ستارن جيتري زندگي ڏي. (آمين)

    مير نادر علي ابڙو
    09-01-2016
    بنگلو نمبر B-2
    GOR ڪالوني - حيدرآباد


    ٻه اکر:

    جتي ڪاغذي ڪئنواس تي لفظن جي چٽسالي جا انوکا احساس اندروني ڀڃ ڊاهه جو سبب بڻجن ٿا، اتي ڏات ڌڻيءَ جو ڏانءُ تخليقي ڪيفيتن جا نت نوان گس تلاشڻ جي آرزو کي به جنم ڏيئي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي وشال وسعتن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترين شاعرائن ۾ زاهده تاج ابڙو به ان ساڳئي تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي، ادبي ۽ علمي ماحول ۾ پروان چڙهندڙ زاهده تاج ابڙو جي تخليقن جو به پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ آهي، اخباري ڪالم هجن يا ريڊيو اسڪرپٽ، مضمون ۽ مقالا هجن يا شاعريءَ جو وسيع ميدان، هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانو آڌار پنهنجي حصي جو ڪم بخوبي ادا پئي ڪيو آهي ۽ اڃان به ساڳي راهه تي پختي جذبي سان سرشار نظر اچي ٿي.
    زاهده تاج ابڙو نثر جيان نظم ۾ به روايتي رساڪشي کان هٽي ڪري پنهنجي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ ڳجهارتن جي جيئن جو تيئن بيان ڪيو آهي.اهڙو ئي اظهار سندس هن پهرين شعري مجموعي” دنيا آکيرو“ ۾ ڀرپور نموني پاڻ پسائڻ جي قوت رکي ٿو، جنهن ۾ خاص طور سندس شاعراڻي ائپروچ تي پيار اچڻ فطري هجي ٿو. شايد اهوئي سبب آهي جو زاهده جون رچنائون محدود دائرن کي ٽوڙي پنهنجي جوڙيل مخصوص رستن کي اپنائين ٿيون . زاهده تاج ابڙو لاءِ اڃان به وڌيڪ نيڪ تمنائون ته سندس قلم ڪڏهن به نه ٿڪجي ۽ هوءَ سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري مشق ۾ ايئن ئي اڳ کان اڳري نظر اچي.
    ساجد سنڌي


    پنهنجي پاران

    پاندَ ۾ ٻَڌل پنهنجا احساسَ
    زندگيءَ ۾ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪنهن ”فن“ ڏانهن لاڙو رکڻ يا مهارت حاصل ڪرڻ نهايت لاڀائتو عمل آهي، اسان جو آسپاس جو دائرو، ماحول يا دنيا ڪڏهن ڪڏهن هر انسان کي ٿورو يا گهڻو متضاد ضرور ٺاهي ڇڏيندي آهي، تڏهن ان دائري مان نڪري، مُنتشر خيالن کي پنهنجي من پسند فن يا مهارت ۾ داخل ڪرڻ پنهنجي احساس، تنهائيءَ کي ونڊڻ نهايت آسان ۽ دل کي تقويت ڏيندڙ ٿيندو آهي. تخليق جو هر قسم پنهنجا خيالات ظاهر ڪرڻ جو موثر وسيلو آهي.
    ادب ۽ آرٽ تخليق جو بهترين اظهار آهي، انسان بنيادي طور تي پنهنجي پاڻ ۾ موجود ڪمزورين باوجود هڪ جاکوڙي محرڪ چئي سگهجي ٿو، جيڪو تمام منفي عمل يا سوچ کي وقت پٽاندڙ خوشين ۽ ڪاميابين ۾ بدلائي سگهي ٿو.
    ڪتابن سان دوستي رکڻ فائديمند سودو آهي ڇو ته ڪتابن جي دنيا ڪيترين ماحولياتي محرومين کان پري ڪري ڇڏي ٿي . مون کي ڪتابن سان ڪڏهن کان پيار ٿيو اِهو چئي نه ٿي سگهان، ننڍپڻ کان گهر جو ماحول ادبي مليو. بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪتابن سان محبت ڪندڙ انسان هئا، گهر ۾ هڪ وڏي خوبصورت لائبريري موجود هئي جتي دنيا جي هر موضوع جو ڪتاب موجود هو بابا جن سيشن جج هئا، کين وقت گهٽ ملندو هو ته هُو اسان ٻارن سان گهڻو وقت گهاري سگهن، پر تنهن هوندي به آچر جو موڪل ڏينهن تي اسان سڀني ٻارن کي ويهاري اخبارون ۽ ڪتاب پڙهائيندا هئا. بابا جن جي دوستيءَ جي حلقي ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ماڻهو شامل هئا، سندن ويجهن ادبي دوستن ۾، سوڀوگيانچنداڻي، ابراهيم جويو، شيخ اياز، تنوير عباسي، اياز قادري، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، انيس انصاري، رشيد ڀٽي ۽ پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا. بابا سائين جن جا هي دوست جڏهن به اسان وٽ ايندا هئا ته ڪتابن جا تحفه ضرور آڻيندا هئا.
    مون کي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رهيو آهي، ڇهين درجي ۾ هيس ته گل ڦل ۾ هڪ ڪهاڻي به لکيم جيڪا ”عظيم تحفو“ جي نالي سان ڇپي، ان ڏينهن بابا منهنجي ڇپيل ڪهاڻي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا هئا ۽ مون کي تحفي ۾ ڪتاب ڏنو هئائون، سندن عادت هئي ته اسان کي تعليمي قابليتن تي پڻ قرآن شريف، شاهه عبداللطيف جو رسالو، ڊڪشنريز، پينون ۽ قلم تحفي ۾ ڏيندا هئا.
    مان سمجهان ٿي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انسان جي جيئن سوچ ۽ عادتون بدلجن ٿيون، تهڙي طرح ڪتابن پڙهڻ جا موضوع پڻ بدلجن ٿا، مون ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب ۾ جاسوسي ڪهاڻيون، ناول تمام گهڻا پڙهيا، بعد ۾ ڪتابن جي موضوعن جي چونڊ بدلجندي رهي.
    مون کي لڳندو آهي ته شاعري هر انسان جي اندر جو احساس آهي، موسيقيءَ کي هر ماڻهو پسند ڪندو آهي ۽ موسيقي يقيناََ شاعريءَ جو تسلسل آهي. شاعري ڪرڻ جو چاهه مون ۾ زيب نظاماڻيءَ پيدا ڪيو، حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ اسين ٻئي Colleagues هئاسين، هُوءَ اڪثر پنهنجي شاعري ٻڌائيندي هئي. بعد ۾ مون کي به شاعريءَ سان چاهه پيدا ٿي پيو. مون باقاعده شاعري جي عِلم وَ عُروض جي تربيت استاد محترم شاهنواز ”مسافر“ کان ورتي مون کي تمام گهڻو فخر آهي ته مون کي استاد شاهنواز ”مسافر“ جهڙو قابل استاد مليو.
    ڪافي وقت کان سوچيندي رهيس ته پنهنجي تخليقي پورهيي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻيان پر اِها منهنجي ذاتي سستي رهي ته شاعري ڇپائڻ جيترو ٽائيم به نه ڪڍي سگهيس، تقريباََ 2012ع ۾ چاچا ابراهيم جويو جن مون کان منهنجي شاعري ٻڌي هئي، ۽ لکت ۾ مون کانئن پنهنجي ڪتاب بابت ڪجهه لفظ پڻ لکرايا، مون کي محترم ابراهيم جويو صاحب جي اِها ڳالهه ڏاڍي پسند آهي ته هُو هميشه اتساهي رويه رکندا آهن، جڏهن هُنن منهنجي شاعريءَ جي تعريف ڪئي ته منهنجو لکڻ لاءِ چاهه وڌيڪ تيز ٿي ويو.
    اڄ منهنجي من ۾ سَرهائيءَ جو اٿاهه سمونڊ ڇوليون ٿو هڻي ته مان پنهنجي تخليق کي سنڌي ادب ۾ شامل ڪرڻ جي قابل ٿي آهيان، اِها منهنجي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي، ڇو ته ادب جي اُڏام نهايت اونچي آهي. خبر نه اٿم ته منهنجي قلم جا پَــــرَ اِها اُڏام ساري سگهندا يا نه...!
    مون کي هميشه پوپٽن، گُلن، برفباري، دريائن ۽ پُراڻن ماڳن مڪانن سان محبت رهي آهي، خبر نه اٿم ته اِهي قدرتي نظارا مون کي پاڻ ڏانهن ڇو ڇڪيندا آهن؟ ها پر اِهو ضرور ڄاڻان ٿي ته اِها نظارن جي ڇڪ لفظن ۾ پوئي شاعريءَ ۾ سينگارڻ سٺي لڳندي اٿم، پنهنجي اظهار ۽ احساسن کي لفظن جي خوبصورت پوشاڪ اوڍائي ڇڏيندي آهيان.
    هميشه شاعري پنهنجي انفرادي وجود کان شروع ٿيندي آهي، بعد ۾ اُها اجتماعي طور تي عام لوڪ جي زبان ٺهي پوندي آهي. خواهشن جو پورو ٿيڻ يا نه ٿيڻ پنهنجي وس ۾ نه هوندو آهي پر خواب، اکين جي آکيرن ۾ سجائي خواهشون پيدا ڪرڻ پنهنجي وس ۾ ضرور هوندو آهي. شاعر يا تخليقڪار پنهنجي لاءِ به خواب ڏسندو آهي ۽ ٻين لاءِ به... مان خواب تمام گهڻا ڏسندي آهيان، مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”Some people dream of success, while others wake up and work hard at it“ ۽ اهو سچ به آهي ته ”ڪجهه ماڻهو خواب ڏسن ٿا ۽ ٻيا ڪجهه انهن خوابن کي سچي ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ٿا“ مان ڪوشش ڪندي آهيان ته ٻئي قسم جي ماڻهن ۾ شامل ٿيان... خواب ڏسندي رهان ۽ محنت ڪندي رهان ته جئين سپنن کي ساڀيان ملي سگهي.
    منهنجو گهر وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل اڪثر مون کي چوندو آهي ته ”تون هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪندي ٿي رهين، چپ ڪري ويهڻ ڪونه ٿو اچئي.“ سندس ان ڳالهه تي اڪثر کلي پوندي آهيان.
    منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو، لاڙڪاڻو گهڻو پيارو اٿم، مون ڪيترو وقت مصوري به ڪئي آهي. پنهنجي اندر جا اُڌما، ارمان ۽ احساس رنگن ۽ ليڪن سان سانڍي رکڻ به ڪمال جو فن آهي، مون ڪيتريون ئي تصويرون ٺاهيون، ماڻهو چوندا هئا ته مان سُٺي مصوره آهيان، بس يڪايڪ هڪ ڀيرو رنگ ۽ بُرش ڇڏيم ته وري کين هٿ نه لاتم. منهنجا ٺاهيل پورٽريٽ ۽ تخليقون اڄ به منهنجي گهر جي ڊرائينگ روم ۾ سجيل آهن.
    انسان ڪڏهن به هڪ حال ۾ نه ٿو رهي، اوسيئڙا انتظار، اظهار، يادگيريون، محبت، نفرت، حسن، ڪڏهن روح ۾ راحت ته ڪڏهن دنيا کان بيزاري انهن سمورن ڪيفيتن، شِدتن ۽ حقيقتن کي تخليق جي روپ ۾ خوبصورت لفظن سان سينگاري، شاعريءَ کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ادب جي صف ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. شاعريءَ ۾ رُڳو پنهنجا جذبه خواهشون ۽ خواب نه ٿا سانڍجن پر ٻين فردن جي آس نراس کي به بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    مان تهه دل سان ٿورائتي آهيان چاچا محمد ابراهيم جويو ، چاچا ڄام ساقي، محترم استاد شاهنواز ’’مسافر‘‘، محترم عبدالغفار ’تبسم‘‘، پياري ڀاءُ مير نادر علي ابڙو، ڀاءُ ساجس سنڌي جي، جن مون لاءِ ۽ منهنجي شاعريءَ لاءِ قيمتي احساسن جي ورکا ڪئي.
    مان نهايت مشڪور آهيان اداساجد سنڌي ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ، ڀاءُ سعيد سومري جي، جن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ پنهنجو ڀرپور تعاون ڪيو. مان انهن سڀني دوستن، مائٽن جي به مشڪور آهيان، جيڪي وقت به وقت مثبت روين سان منهنجي حوصلا افزائي ڪندا آيا آهن.
    مون کي ناهي خبر ته مان پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي پاندَ ۾ ٻَـــڌي پنهنجي احساسن کي ڳُـتڻ ۾ ڪامياب ويئي آهيان يا نه؟ بس هڪ ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته؛
    ”Little keys can open big locks“

    زاهده تاج ابڙو
    2016 ـ 02 ـ 02
    قاسم آباد، حيدرآباد.
    سنڌ


    حمد

    اللهجه تو سوا مان مجبور آهيان،
    مشڪلات مونجهه ۾ مان وهلور آهيان.

    دنيا گهڻو سَتائي دلگير ٿي ڪري،
    غم لاهه، ڏي خوشي چڪنا چور آهيان.

    حاصل ڪيان خُداياجه تقويٰ عبادتون،
    حق راهه کان اڃا مان ڇو ڏُور آهيان.

    ڪر دُور تنگدستي، مُغنيجه غنيجه صمدجه
    نيڪين سِوا نه ايڏو مسرُور آهيان.

    ڪر بخش اي خداوند هر ڏوهه ۽ گناهه،
    ڪر نُورَ جي نوازش بي نور آهيان.

    رحمانجه ڪر رحم تون، رحمت گُهران پئي،
    ڪر مهر ”زاهده“ تي مشڪور آهيان.
    *


    نعت

    وِڇائي نيڻ قدمن تي ٻُڌايان نعت بسم الله
    محمّد مير مُرسلصه کي عطا درجات بسم الله

    مديني جا مٺا رهبر، گُهرائي مون مديني ڏي
    دُکي دل کي کپي رحمت، ملي برڪات بسم الله

    سٻاجها مُحبتيٰ مون تي هُجي شل قرب ئي تنهنجو
    ڪيان صدقو سڄي دنيا، سَوين محلات بسم الله

    ڏِسان مان ڏيهه سائين جو حَرم حُجرا مڪو مولا
    پَسان جلوو محمّدصه جو اَگهي دل بات بسم الله

    ڪيان فرياد دَرِ تنهنجي ڪرم ڪر يا رَسول الله
    صحن تنهنجو ملي ، ٻانهي هُجان ڏينهن رات بسم الله

    مٺا منهنجو صرف تون آ، سڄي جڳ ۾ اڪيلي مان
    جڏهن هي دم ٿي پرواز، دل تو تات بسم الله

    مِلي تنهنجي مُحبّت آ، وَسين من ۾ مٺا راحمَ
    زبان تي تات تنهنجي آ، چوان صلوات بسم الله

    پَڪو پُختو يقين آهي، سڏايو ”زاهده“ سائين
    ٿئي هر روز روشن ۽ ٿئي هر رات بسم الله.
    **


    غزل

    آهِن گلاب کان وَڌِ، سُهڻا حَسين ماڻُهو

    آهِن گلاب کان وَڌِ، سُهڻا حَسين ماڻُهو
    قنڌهار لاڙڪاڻي جا رنگ رنگين ماڻهو

    مَڃڻو پيو حَسنين جو ديسُ لاڙڪاڻو
    تعريف ڇا ڪَيان سڀ هت نازنين ماڻهو

    ماڻهو سَچن، سُٺن جو آ ديسُ لاڙڪاڻو
    دل ۾ رهن سدائين، اهڙا مَڪين ماڻُهو

    چَهري منجهان سٻاجها، گُفتارَ ۾ پيارا
    همدرد، بَا وَفا هِي مٺڙا اَمين ماڻهو

    دِلدَارَ دوستي جا، قُربانُ دوستن تان
    ياري رَکي نڀائڻ، هي عنبرين ماڻهو

    مُضبوط ۽ بَهادُرَ، سُلطَانَ ۽ سِپاهي
    ناياب ڄُڻ ته هيرا، زَمرد رنگين ماڻهو

    ڪهڙا کَڻان مان نالا، هت ”زاهده“ هزارين
    عالِمَ اَديبَ، حاڪِمَ، آهن ذهين ماڻهو


    ڇا لِکان ڇا چَوان زندگي دَردُ آ

    ڇا لِکان ڇا چَوان زندگي دَردُ آ
    بي اثر بندگي دل لڳي درد آ

    هر قدم حاڪمي، ساهه سان سِرُ قلم
    درد جو دڳ نه ڪو، بيوسي درد آ

    بي وفا الفتون، محفلون ماڻهپو
    دِلِ ڇَڏي جُستجُو دوستي درد آ

    ڀؤنر جي دلبري، بي بقا روپ سان
    رنگ، گُل ڪا گهڙي، عاشقي درد آ

    شال ڪو پل نه هڪ، ڌار ٿي اَڌُ ٿِئي
    حسن جي عشق کان بيرُخي درد آ

    سَارَ ٿي سُور ڏي قلب کي رات جو
    رات ۾ چنڊ جي روشني درد آ

    ڏيهه ۾ ظُلم جون، سختيون ٿا سَهون
    ”زاهده“ ڏاڍ جي، صاحبي درد آ


    مشهور راڳي الله ورايو لانگاهه جو ڳايل


    ڏُکي آ زندگي ڏاڍي، زهر کان وڌ ڪَساري آ

    ڏُکي آ زندگي ڏاڍي، زهر کان وڌ ڪَساري آ
    رهي دل ٿي گهڻو مايوس، دنيا کان فراري آ

    حياتي موج آ درياهه، ڪنارن تي رهڻ مشڪل
    زمانو ڏاڍ کان ڏاڍو، مگر قسمت قهاري آ

    اُهو انسان بيوس آ، مِلي جنهن کي نه آزادي
    مٽن ۽ مائٽن کان وڌ ڏٺي لالچ پياري آ

    وڌي ٿي آس جيون جي مگر دنيا ڏُکائي ٿي
    تماشو آ ازل کان هت جتي ماڻهو مداري آ

    سُتل آ لوڪُ صدين کان، زمانو جاڳَ ۾ آهي
    بشر جو وقت کي ڄاڻي، مِلي تنهن کي بهاري آ

    وساري ”زاهده“ غم سڀ، محبت وڌائي هل
    فڪر ڇاجو، قصو ڪهڙو، زمانو ئي مياري آ.


    اسان کي پرين پلُ وساري نه سگهندين

    اسان کي پرين پلُ وساري نه سگهندين
    قلب مان سنڀارون ڌڪاري نه سگهندين

    پري ٿي ته راڻا رُنو تو به هوندو
    ڏُکي دل ته آٿت ڏياري نه سگهندين

    الا! شام ٿيندي، وري ياد ايندم،
    ۽ ويران راهون نهاري نه سگھندين

    سدا ٽهڪ اکيون ڪري ياد منهنجون
    ڏنل چاهتن کي شُماري نه سگهندين

    پئي آءٌ ڄاڻان ته سارين پيو ٿو
    پکي ياد جا تون، اُڏاري نه سگهندين

    کپي ٿو پيارا، سدا ساٿ ڪنهنجو
    عمر تون اڪيلي گُذاري نه سگهندين

    اسان کي به جڳ ۾ سڄڻ ياد ڪر تون
    پري ”زاهده“ کان گُذاري نه سگهندين


    فنڪار الله ورايو لانگاهه جو ڳايل


    ملي منزل سڄڻ تن کي، رهن ٿا جي ڀلائي سان

    ملي منزل سڄڻ تن کي، رهن ٿا جي ڀلائي سان
    سچو آهي اُهو ماڻهو، گذاري جو سچائي سان

    ڏنو ڌوڪو سدا پئسي، ٿيو ماڻهو فنا هِن سان
    اڃا ٿو تون رکين محبت، هتي ڪُوڙي ڪمائي سان

    اڪيلائي سدا بهتر، بُرائي کان ڪجي پاسو
    نه بهتر دوستي اُن جي، رهي جو بيحيائي سان

    ڪري ڪوئي خطا اهڙي، رُئاري جي غريبن کي
    ڏيڻ معافي چڱي تنهن ويل اندر جي آ صفائي سان

    ملي ٿو درد جي دل کي، حياتي کي گذارڻ لاءِ
    ڪجي ڪائي شڪايت ڇو، خدا جي هن خدائي سان

    ملي شل موت عِزت جو، چئون دنيا خدا حافظ
    وڃي گُــذرِي عمر ساري، خدا جي دَرِ گدائي سان

    رهڻ هت ”زاهده“ مشڪل، زماني ۾ ٿيو ان لاءِ
    رکي جو روح کي راضي، جيئي حمد و ثنائي سان


    وري دل پرين سان ملڻ اڄ گُهري ٿِي

    وري دل پرين سان ملڻ اڄ گُهري ٿِي
    شناسا ستمگر، ڏسڻ اڄ گهري ٿِي

    چَوڻُ ڪو چَري دل، مڃي ٿي نه ڪڏهين
    قهاري نظر کان، ڪُسڻ اڄ گُهري ٿِي

    نِــــهارُن رَچائي مُحبّت فِضا ۾
    هَوا ساز چوري چُرڻ اڄ گُهري ٿِي

    ٿئي عاشقي ٿي قَـــتُل جو بَهانو
    مُحبت خوشي ۾ مَرڻ اڄ گُهري ٿِي

    مِلي جِيتِ تڏهن به اکيون ڀنل هِن
    ڏِنل هارَ هاڻي کِلڻُ اڄ گُهري ٿي

    رُنَم مان ته پرچاءُ تو ئي ڪيو هو
    بَهانا ڪَري دل رُسڻ اڄ گُهري ٿِي

    خُدا زندگي کي ڪيو مُختصر آ
    مِٽي جا جُڙي آ ڀُرڻ اڄ گُهري ٿِي

    حَياتي ڪَبي ”زاهده“ قيد ڪيسين!
    جُڙيل تندُ هاڻي، ڇِنڻُ اڄ گُهري ٿِي

    مشهور راڳي خادم سخيراڻي جو ڳايل


    پيار منجهه رکيل ڪوئي سراب آهي

    پيار منجهه رکيل ڪوئي سراب آهي
    صاف هي چٽو پڌرو عذاب آهي

    عمر عشق جي آ توڙي رتي ڪا
    ڏينهن جو ڏٺل سهڻو خواب آهي

    هي سفر کڻي ٿو همسفر به ارڏا
    زندگي رڳو جت اضطراب آهي

    پيچرا هتي هن خاردار سارا
    ڪنهن جي نه هٿ ۾ ڪو گلاب آهي

    عشق سمجهه آسان ايترو نه ڪڏهن
    آ اثر پراڻو ڄڻ شراب آهي

    چلولو ڪري چريو ڇڏي عقل کي
    بيوس ڪري ڇڏيو شباب آهي

    عشق آ ڪيو رسوا سڄي شهر ۾
    ناءُ بد ٿيو هت لاجواب آهي

    پيار آ، فقط توسان پيار آهي
    دل اِهو ٻڌڻ لاءِ بيقرار آهي


    سُکن جي سيج ناهي ڏيهه، جيئڻ ناهي ڪا آساني

    سُکن جي سيج ناهي ڏيهه، جيئڻ ناهي ڪا آساني
    رهي ناهي گهڻن ۾ اڄ نشاني ڪابه انساني

    کُٽي ٿو وقت سان جيون، وڃي ٿي چنڊ سان تڪڙي
    مُسافر رات اونداهي، جواني مند ديواني

    اُڏِي هي ريت صحرا جي، ڪهاڻي ڪا ٻُڌائي ٿي
    اچي ٿو ياد ۾ ڪوئي، خيالن جي خياباني

    ٿڌا ڪي ساهه ٿا کڻجن، وسارڻ سان نه ٿا وسرن
    ڪيو هو واعدو ڪنهن سان ذڪر سان ٿي پشيماني

    ڇڻي جو پن ويا وڻ جا، ائين ماڻهو به آ وڃڻو
    بقا ناهي فنا هرڪو کڻون ڇو ٿا پريشاني

    لٿو آ لاڙ ۾ سورج، وري سو ”زاهده“ ورندو
    پيو روشن ڪندو جڳ کي، اِها آ ڪار روزاني.


    دل خوش ٿئي اچن جي مهمان عيد تي

    دل خوش ٿئي اچن جي مهمان عيد تي
    پورا ٿين خوشين جا، ارمان عيد تي

    نازڪ نياز اکڙين اڄ ديد دَر ڪَئي
    ديدار جو ڪري ڪو اعلان عيد تي

    جادو ڪيو سٻاجهن، ويهڻ ته وِههُ ٿيو
    گُوندر لهي اَچي ڪن احسان عيد تي

    زنجير آ مُحبّتَ احساس ئي نه هو
    ٿي قيد پاڻ آ ڪيو قربان عيد تي

    سُهڻا وڳا سکي جا لالي لبن مٿان
    قتلام آ ڪرڻ جو سامان عيد تي

    هي مندُ آ ملڻ جي، آ دِيدَ راهه ۾
    سُؤ في صدي اچڻ جا امڪان عيد تي

    اوطاق نيڻ منهنجا، مون وٽ اگر اچين
    تولهءِ رَکان سجائي پڪوان عيد تي

    آ عيد ڄڻ ته جُگنو، منجهيل اُماس ۾
    لِکُ ”زاهده“ غزل جو عنوان عيد تي


    غم جي شِدَت وڪوڙيو، ڪو همسفر کپي

    غم جي شِدَت وڪوڙيو، ڪو همسفر کپي
    پُرسانُ ٿي اَچي جو اُن جو اثر کپي

    ناهي پتو ته ڪنهن سان نظرون ملائجن
    گوهر هجي ته اهڙو، اهلِ نظر کپي

    خوابن جو سلسلو ۽ فڪرات گُم ٿئي
    راحت ڏئي ته اهڙو ڪو دل جگر کپي

    سارو جسم فڪر ۽ سوچن گرم ڪيو
    جو ڇانوَ ۾ وِهاري اهڙو شجر کپي

    دُک درد سڀ مٽائي، روشن قلب ڪري
    ساٿي هجي نٿو پو، شمس و قَهرُ کپي

    ڪنهنجو به ڇو هجي هِت ڪو ڏاڍُ ۽ ظلمُ
    هن دور ۾ فقط، انساني قدرُ کپي

    ڳولها نجات جي آ شايد ملي وَڃي
    اللهجه جي طرف کان اهڙو اَمُر کپي

    دارون دوا، شفا لاءِ دَرَ ڪيترا ڏِسان
    مون کي ته ’’زاهده“ ٿو پنجتن جو در کپي

    پُرسانُ: همدرد


    جي ٻول هِي ٻُڌو ٿا موسم بهار آهي

    جي ٻول هِي ٻُڌو ٿا موسم بهار آهي
    پوپٽ خوشيءَ مان ڳائي، گل گُل نثارِ آهي

    ڇو زندگي رَهي ٿي منهنجي غمن حوالي
    ڪهڙي بهارَ وڻندي، دِلِ سوڳوار آهي.

    هاڻي ڪبي نه محبت، دل ٿي مڃي نه دعويٰ
    هڪڙو ئي غم اسان لهءِ هت يادگار آهي

    گُلَ ٿا ڪِتاب ۾ ڪي اڄ ڀي رَکُون لڪائي
    عادت پُراڻي ساڳي، سا برقرار آهي

    جُهڙ ڦڙ ٿيو اکين ۾، لڙڪن ڪيا نيسارا
    ڏُکُ، دردُ، رات، اوندهه ٿي رازدار آهي

    ڪجهه ڀي چوي زمانو، محبت مَري نه سگهندي
    پو ڀي اڃا اسان کي ڇو اعتبار آهي

    آ عشق بيقراري، آهي سفر غمن جو
    اي ”زاهده“ سُکن جو ڪجهه انتظار آهي


    قسمت کي ريجهائي ڏسجي

    قسمت کي ريجهائي ڏسجي
    توکي اڄ چورائي ڏسجي

    جادوگر تون، تنهنجي آڏو
    بيوس پاڻ بڻائي ڏسجي

    ساهه - سڳيءَ سان سانڍيل تون
    دل کي قيد ڪرائي ڏسجي

    گيت غزل ٿا توکي ڳائن
    من مندر ۾ به سجائي ڏسجي

    پريت ٺهي وئي روح اسان جو
    مرڪي پاڻ مِٽائي ڏسجي

    آخر ”زاهده“ هرڪو هلڻو
    موت ڳلي لڳ لائي ڏسجي


    ماڻهو مِٺا هزارين هت بي حساب آهن

    ماڻهو مِٺا هزارين هت بي حساب آهن
    ڪنهن کي نه جي رنجائن سي لاجواب آهن

    قابو ڪري وٺي ڪو، سو عشق جو اثر آ
    ديدار ديد وچ ۾ ڪهڙا حجاب آهن

    ماحول جو اثر آ، رهڻو پوي اڪيلو
    ڪوئي چوي نه ڪنهن کي ماڻهو خراب آهن

    الفت ڪري ڏٺي سون محبت سچي ڪٿي آ
    چهرن مٿان به ڪوڙا پاتل نقاب آهن

    ساري حيات گذري، هُن تي نه ڪو اثر ٿيو
    هُن وٽ سوال آهن، مون وٽ جواب آهن

    آهي جهان فاني، آ عارضي حياتي
    همدم رُسِي وڃي جي ڪيڏا عذاب آهن

    صورت ڪري ٿي ڳالهيون، ظاهر زِبانَ چُپُ آ
    پڙهه ”زاهده“ اکين کي اکيون ڪتاب آهن.


    دل ۾ آ اڄ وري شور ڇو بي سبب

    دل ۾ آ اڄ وري شور ڇو بي سبب
    ياد ٿو ڪو اچي روز ڇو بي سبب

    ٿي وياسين جدا ٿيو ختم ربط آ
    آ رهيل هن ۾ ڪو چور ڇو بي سبب

    سانت آ زندگي چوطرف وحشتون
    ٿي ويا ماٺ شب روز ڇو بي سبب

    ٿر جيان دل مٿان آ خزان جو اثر
    نير هاري پيو مور ڇو بي سبب

    سرد راتين ڪيو ياد کي گرم تر
    جنوري ٿي پوي زور ڇو بي سبب

    ”زاهده“ سال ٿا زندگي کي کَسين
    وقت آ اڄ ڪيو غور ڇو بي سبب


    ويري دنيا وارَ ڪيا هِن

    ويري دنيا وارَ ڪيا هِن
    دل وارا هت ڌار ڪيا هِن

    دلدل جهڙي دنيا ساري
    ڌوڪا سَوَ سنسار ڪيا هن

    ٿي محبت به تجارت جهڙي
    وقت به ڪاروبار ڪيا هن

    ويري آهي جوڀن جو جڳ
    اکڙين اَنڌِا پيار ڪيا هن

    هن موسم ۾ عاشق تڙپن
    سانوڻ رُتِ آزار ڪيا هن

    غَمَ بي حَالِ ڪَري ”زاهده“ کي
    دل ۾ گهرا ڏار ڪيا هن


    وَسڪارُ آ اکين ۾ ملهار ڇا ڪيان

    وَسڪارُ آ اکين ۾ ملهار ڇا ڪيان
    مانڌاڻ من مچائي، سينگارُ ڇا ڪيان

    موسم جيان ڦري ڪو، ٿي اجنبي ويو
    جيون ويو جلائي، سنسارُ ڇا ڪيان

    منزل ملي نه اڳُ ئي، رستو ويو مَٽي
    بي درد، بي وفا سو، منٺارُ ڇا ڪيان

    بي لوث مُحبّتون، اقرارَ جُستجو
    ڪيسين رَکان سنڀالي، لاچار ڇا ڪيان

    مشعل جيان مُحبت، دل ۾ پَئي ٻَري
    هي راز آ وڏو ڪو، اظهارَ ڇا ڪيان

    زَخمِي ڪَري وِڌو دل، آ پاڻ ”زاهده“
    زخمن جا هر ڪنهين سان، اذڪارَ ڇا ڪيان


    رُڳو تون ته تنها نه آهين شهر ۾

    رُڳو تون ته تنها نه آهين شهر ۾
    اسان جو به جيون ڪٽيو آ زهر ۾

    نه گلشن نه شبنم نه رونق نه گل ڪو
    خزائن رکيو آ، چمن کي قهر ۾

    ڏٺو زندگيء ۾ نه سچ موت کان وڌ
    اميدن جي ڪشتي ڇڏي آ بحر ۾

    اسان کي نه پيارا نظر کان هٽايو
    رَهون ٿا سڄڻ بس اوهان جي اثر ۾

    تقاضا نه مٺڙا نه ڪائي گذارش
    پِرين شل رَکو بس پنهنجي نظر ۾

    اوهان جي رُسَو ٿا، زمانو رُسي ٿو
    رَکو ”زاهده“ کي وفا جي سحر ۾


    غم خاص آ محبت شب روز ٿي رُئاري

    غم خاص آ محبت شب روز ٿي رُئاري
    سا عشق جي تڙپ آ ٿي ننڊ مان اُٿاري

    محبت ڪئي اسان ڇو، بيدرد بي قدر سان
    ساٿي هجي ڪو اهڙو جو زندگي سنواري

    احساس ڪونه آهي هن سنگدل صنم کي
    جيون ويو اجايو ڪنهن خار جي سَهاري

    دردِ جدائي ماري ڄڻ ڄار ۾ شڪاري
    بعدِ فنا رهيو ڇا هربار ٿو ڌُتاري

    نامِ خدا کپي ٿي هڪ ديد بس صنم جي
    ڏي زندگي اي جانان جيون نئون جياري

    سينگار عطر ڪهڙا دردن وڌو آ جهوري
    گهائي وڌو وڇوڙن دلجاءِ ڪو ڏياري

    دل قيد ۾ رهڻ جي آهي ڪئي خواهش
    جيئن گل به قيد ٿي هت ٿو خار سان گذاري

    آ ”زاهده“ هتي سڀ تقدير جو تماشو
    ڪٿ موت رقص ۾ آ ڪٿ زندگي پڪاري


    ٿئي جيون فِڪر کان ڏور، مٺڙا گڏ گذارين جي

    ٿئي جيون فِڪر کان ڏور، مٺڙا گڏ گذارين جي
    نه غم ويجهو اچي سگهندا، حياتي ڀر نڀائين جي

    ٻُڌائي ڪين سگهنداسين، زخم دل جا هتي جانان!
    ملي ويندي خوشي ٻيڻي، سڄڻ دل ۾ رهائين جي

    هَلي ايندو عشق وارو، نئون موسم خمارن ۾
    محبت جي سُرورن سان نظر پنهنجي مِلائين جي

    وري ملبو قيامت ۾، اهو آهي وچن توسان
    ڪري پنهنجو اسان کي، حال پنهنجو تون ٻڌائين جي

    وڇوڙا ٿا هتي مارين، ڏئي ڪو دانُ وڃ اهڙو
    محبت ۾ اثر آهي، مرڻ کان تون بچائين جي

    اُڀا سڀ ڳاٽ پنهنجن جا، سهارا سوچ کان اونچا
    زمانا ڇا ڪجي، گَسُ ”زاهده“ کي تون ٻُڌائين جي


    عشقُ کسي ٿو هستي يارو

    عشقُ کسي ٿو هستي يارو
    جِيوَنَ جي هر مستي يارو

    نيڻ خماريل عشق عيان آ
    سرگوشين جي بستي يارو

    ناهي طلبي ڪا ٻي چاهت
    ساڻ رهي جي سرتي يارو

    محبوبن کي ڇڏبو ناهي
    آهيون پاڻ الستي يارو

    سڄڻن صورت اکڙين ۾ آ
    جهومي ساري ڌرتي يارو

    هُن کي پوڄيو ڪيڏو آهي
    محبت بت پرستي يارو

    سپنو ضايع ناهي ”زاهده“
    ڪَنِ ڪي خود پرستي يارو


    ڪيو ٿا پيار جي ڪنهن سان، ٻڌائڻ جي ضرورت آ

    ڪيو ٿا پيار جي ڪنهن سان، ٻڌائڻ جي ضرورت آ
    سکن ۾ يا ڏکن ۾ ڀي، نڀائڻ جي ضرورت آ

    چمن جا گُل پيا روئي، رُسي مُکڙيون ويون آهن
    پرين پيارا! بهارن کي گُهرائڻ جي ضرورت آ

    هَوائن ۾ هُڳائن سان، اشارو آ مِٺي مند جو
    رُٺل دل کي رقيبن سان ملائڻ جي ضرورت آ

    ڏيون ٿا دل خريدي ڪو، انوکو ٿا ڪيون سودو
    رُڳو بس جيءَ پنهنجي ۾، رهائڻ جي ضرورت آ

    پري ٿي سانورا توکان، اِهو آهي اسان ڄاتو
    اڪيلائي پئي ماري، جيارڻ جي ضرورت آ

    رکي دنيا رُڳو مطلب، اُميدون سڀ اجايون هِن
    ڇڏي ٿي ”زاهده“، نفرت وسارڻ جي ضرورت آ


    اسان کي ته جيون گذارڻ نه آيو

    اسان کي ته جيون گذارڻ نه آيو
    اُجهايل ڏيئن کي ته ٻارڻ نه آيو

    اُماوس سدائين آ منهنجي اڱڻ تي
    چٽا چنڊ توکي نڀائڻ نه آيو

    نوان روز آهن بکيئڙا مِٺن جا
    رُٺل دوستن کي مڃائڻ نه آيو

    اجايو کلي ٿا غمن کي مِٽايون
    اکين کي ته پاڻي لِڪائڻ نه آيو

    چون ٿا ته آ عشق جي آڳ هڻ کڻ
    لڳي آڳ کي پو وسائڻ نه آيو

    پِرين جي پکي ٿي اُڏاڻا ويا هن
    وَيل تن هَنجُن کي وسارڻ نه آيو

    رُڳو ”زاهده“ کي ستمگر رُلائين
    اسان کي سڄڻَ ڇو ستائڻ نه آيو


    رُسائڻ ٿا رڳو ڄاڻو، رُڳو آ خوب آزاري

    رُسائڻ ٿا رڳو ڄاڻو، رُڳو آ خوب آزاري
    ستارن سان رِهاڻيون هن، رهي پرڀات بيداري

    فسانو آ وڏو غمگين، اکيون لبريز ٿي آيون
    ملاقاتون ڪيو هاڻي، ڇڏيو تڪرار بيزاري

    پکي نه سڀ ٿين شهباز، دنيا آ نگاههِ تنگ
    ڪمالِ عشق اونهو آ، هزارين شوقِ ديداري

    شبِ فُرقت رُئاري ٿي، عجب رشتا محبت جا
    رقيبن آ ڪيو سوگهو، رُڳو انڪار انڪاري

    ٿيو بيمار آ دلگير، ناهي ڪا دوا دارون
    اُهو آ ڀاڳ وارو گهر، نه جاتي ڪابه بيماري

    حياتي ٿي ڳري هت ميڻ وانگي روز آهسته
    لکي ڪاغذ ڪيا ڪارا، وئي بيڪار اشعاري

    نظر جي تنگ آ ڪنهنجي، ڪبي ڪيئن ”زاهده“ الفت
    نه ڪو احساس آ تن کي نه ڏيندا ڪابه دلداري


    آس ڀروسا ٽٽندا ويندا

    آس ڀروسا ٽٽندا ويندا
    خواب اکين مان کُٽندا ويندا

    هر گام ملي مطلب بازي
    پنهنجا ڌاريا ڦرندا ويندا

    دنيا ڏاڍي بازيگر هت
    کيل تماشا وڌندا ويندا

    اڄ به اڪيلا رهيا آهيون
    سارا ساٿي هلندا ويندا

    ابـــــر اچي اڄ ڪڙڪيا اهڙا
    گهرڙا ڪکن جا ڪِرندا ويندا

    ساگر ۾ ڪي موتين وانگي
    لُڙڪ اکين مان لُڙهندا ويندا

    خوشبو وارا گُل ڦُل هر جا
    نيٺ ته آخر ڇڻندا ويندا

    دريا موجُون هڻندا ”زاهده“
    پٿرن کي ڀي چُمندا ويندا


    نظر کان پري ٿي نظارا ويا هِن

    نظر کان پري ٿي نظارا ويا هِن
    اسان کي ڇڏي ڇو سهارا ويا هِن

    سدا جي رکن ٿا محبت اُهي ئي
    نديءَ جا پري ٿي ڪِنارا ويا هِن

    جُدائي ڏئي جن، اڪيلو ڪيو آ
    مٽائي سڄڻ سڀ، اشارا ويا هن

    وڻن تان وطن ڏي وڃن ٿا اُڏاڻا
    ولر ڪي پکين جا اُڃارا ويا هن

    اُجالا ڪرڻ ڪم اڏولن ٺهي ٿو
    گگن کي اُجارڻ ستارا ويا هن

    وڏي چاهه سان ڪي ڏِهاڙا رهي هت
    مِٽي ”زاهده“ نيٺ سارا ويا هن


    غزل تي آزمائش جي اِها ٿي ابتدا آهي

    غزل تي آزمائش جي اِها ٿي ابتدا آهي
    مدد خاطر مٿان منهنجي نگهبان خود خدا آهي

    پسند مون شاعري آئي، اِنهي ۾ آ مزو آيو
    وزن ۽ جا بحر تي شاعري سا بي بها آهي

    عداوت آهي ڪُلفت ۾ مزو آهي محبت ۾
    محبت فائديمند آ اگر جنهن ۾ وفا آهي

    مٺا ماڻهو سچا ماڻهو، هميشه ياد رهندا سي
    وسارڻ سان نٿا وسرن ڪَئي جن ڀي سخا آهي

    نِگاهن ۾ اثر آهي دفع هر مرض ٿي ويندو
    مِلو خوش ٿي، پيارن سان سندن مُرڪڻ شِفا آهي

    ڏجي ڌوڪو به ڇو اُن کي دغا اُن سان ڪجي ڀي ڇو
    ڏئي جو ساٿ تادم جو نه رهبر سو جدا آهي

    ڏسو جاچي ته ڪاٿي ڀي ملن مشڪل مهان ماڻهو
    قدر ڪريو پيارن جو، حياتي بي بقا آهي

    ادب جي راهه ۾ وڌ ”زاهده“ جي ڪاميابي ٿي
    اِها اُستادَ منهنجي خود •’’مُسافر‘‘ جي دُعا آهي


    زندگي جو سفر ڄڻ هئي ڪا خطا

    زندگي جو سفر ڄڻ هئي ڪا خطا
    التجا آ اِها، زندگي ڪر وفا

    ڇو نه ڪشتي رَسي، ساحلن تي اڃا
    وقت آخر ڏئي آ ويو ڪا دغا

    واعدا نيٺ دل تان ڌتاري ويو
    سنگدل عشق اهڙي ڏئي ويو سزا

    زور طوفان اهڙو تماشو ڪيو
    سڀ سهارا کسي اڄ ڪري ٿو فنا

    واهه جا هي وڇوڙا حبيبن ڏنا
    شمع محفل مٿان دل اڃا آ فدا

    ڏور منزل اڃا ڏور آ ساقيا
    هي نشو آ لٿو ڪونه، آهي اڃا

    ”زاهده“ پيچرا زندگيء جا ڏنگا
    ڪانه منزل ملي ڪونه آ آشيا


    بدنام عشق آخر محبوب روڙيو آ

    بدنام عشق آخر محبوب روڙيو آ
    افسوس ٿو پيو ٿي انسانَ جهورِيو آ

    پِرڀات ڪُوڪ آئي پرواز ڪو ٿيو آ
    سنسار جي ڏکن ۾ دل واهه لوڙيو آ

    سپنا ٿيا مَداري، نيڻن نه ننڊ آئي
    شاعرُ ڏسو! زماني هن کي به ڀوريو آ

    رولاڪ کي ٻُڌايو، ماڻهو ڪٿي وڪاڻو
    عاشقَ نِهار ۾ اڄ معشوق توريو آ

    اقرار ٿو ڪري هت، انڪار ٿو ڪري ڪو
    محبت هتي سدائين سِرُ ساهه گهوريو آ


    زمانا سڀن جون دغائون ڏِسُون ٿا

    زمانا سڀن جون دغائون ڏِسُون ٿا
    هتي ڇو گهڻن ۾ خطائون ڏسون ٿا

    سچائي نه آهي هتي ڪا دلين ۾
    مُنافق نِگاهون، ادائون ڏِسون ٿا

    سڄڻ آ نه ڪوئي، نه سنگت نه ساٿي
    رُخن کان ڦِرن جي، هَوائون ڏِسون ٿا

    نصيبن پُڄايون اميدون اگر جي
    رِواجن لڳايل سزائون ڏسون ٿا

    اسان کي زمانا، نڀائڻ نه آيو
    رُڳو ڏک ميارون، خطائون ڏِسون ٿا

    ڪيا ”زاهده“ هٿ مٿي جو دُعا لهءِ
    وڃايل سَدائين دُعائون ڏسون ٿا


    ڏِسي مُرڪي وَري مُکَ کي، خدارا ڇو لِڪائين ٿِي!

    ڏِسي مُرڪي وَري مُکَ کي، خدارا ڇو لِڪائين ٿِي!
    ڪَري چوٽي ٻَڌي زُلفون، گهڻو تون ڇو ستائين ٿِي!

    ڪمر سنهي هجي ڄڻ ڪا، پٿر جهڙي سچي پتلي
    هلڻ ڄڻ ڪا هجي هُرڻي، نشو نت ڇو هلائين ٿي!

    اهو چهرو چمڪ تجلو، صفا آهي چٽو مُکڙو
    ڏئي جلوه ڪُسڻ جهڙا، سڄڻ کي ڇو ڪُهائين ٿي!

    اثر نيڻن ڪيا اهڙا، لڳن سنڌوءَ جيان گهرا
    نه تارون ڪي مٺا آهن، اجايو ڇو ٻوڙائين ٿي!

    سجائين ٿي ڀلا ڇو تون، پياري آ حقيقت ۾
    وڪڙ ڏيئي عشق وارا، ڏکارا ڇو ڏکائين ٿي!

    وَڻي ٿي سونهن راڻي تون، لڳي لنئون وئي اهڙي
    حُسن موهي، ڏسي جوڀن، محبت ڇو وڌائين ٿي!

    نظر هر هر، کڄي توڏي، پوي اٽڪي الائي ڇو؟
    مٺا ماڻهو، رهي پرتي، مٺن کي ڇو سِڪائين ٿي!

    ميارون ڇو ڏين ٿا سڀ، هتي چريا ڪيئي آهن
    چوي ٿي ”زاهده ابڙو“ ته بيوس ڇو بڻائين ٿي!


    آ وڏو انسان جيڏو، هوش سان ايڏي نظر ڪر

    آ وڏو انسان جيڏو، هوش سان ايڏي نظر ڪر
    سُور ملندا ٿا رهن، پر سي سَمورا درگُذر ڪر

    روح آ بيچين جن لهءِ، راهه ۾ ٿا سي رُلائن
    عشق جي آڳ ڳُجهڙي، آڳ سان تون بي اثر ڪر

    ڪُوڪ، ڪانگا ڪر اڃان تون، مارئي هت قيد ۾ آ
    ڪوٽ ڪاريهر لڳن، مارُو مِٺن کي باخبر ڪر

    ڪونجڙي وڇڙي وئي آهي ولر کان اي مسافر!
    گهاءَ جت گلڙا لڳن، تون زندگي اهڙي بسر ڪر

    •تِــشنگي جت چاهه ماڻي، پـــيار جو ساگـــر ٺهي اُت
    ”زاهده“ هت ساٿ ۾ جي سڪ رکن سي همسفر ڪر


    پرين! خط به توکي لکڻ کان ڊڄان ٿي

    پرين! خط به توکي لکڻ کان ڊڄان ٿي
    اکر نانگ ٿيندا ڏنگڻ کان ڊڄان ٿي

    ۽ نالو ته هر هر لِکي لِکُ نه منهنجو
    لکيل ڪو ڏسي جي، ڏسڻ کان ڊڄان ٿي

    عِطرَ ۽ ڇَلي کي لڪائي رکيو آ
    سي تحفا به تنهنجا چوڻ کان ڊڄان ٿي

    نه پاڇو اکين ۾ ڏِسي ڪوبه تنهنجو
    اکيون آرسي ۾ کڻڻ کان ڊڄان ٿي

    ڪيان ٿي رُڳو مان ته سينگار تولهءِ
    سِوا تو ته سُرخي هڻڻ کان ڊڄان ٿي

    زمانو رکي ٿو قهر جي نظر هت
    مٺا! مان اڪيلي ملڻ کان ڊڄان ٿي

    عمر ”زاهده“ ساٿ ڏيندي به ڪيسين
    پَري پيار تنهنجو ٿيڻ کان ڊڄان ٿي


    دُکُ جن کي به سُڻايو مون آ

    دُکُ جن کي به سُڻايو مون آ
    جَڳَ ۾ پاڻ کلايو مون آ

    دل ۾ قيد پکي هو جيڪو
    اڄ تنهن کي به اُڏايو مون آ

    ڏس! مان ڪيڏي پاڳل آهيان
    بي درد کان درد پرايو مون آ

    جنهن کي مون هو پنهنجو ڄاتو
    دلبر سو به ڀلايو مون آ

    ساٿي وڇڙيو منزل کان اڳ
    رستو سو ته پڇايو مون آ

    جيڪي ڳوڙها ڳاڙا اکين
    تن کي اڄ به کٽايو مون آ

    ساڙيا پتنگ جنهن ها ”زاهده“
    ڏيئو سو به اُجهايو مون آ


    چانڊوڪي لئه پاڳل ڪوئي

    چانڊوڪي لئه پاڳل ڪوئي
    ڪنهن مومل جو راڻل ڪوئي

    ڪنهنجو جوڀن ڪاٿي ڪَٽيو
    هر اک ۾ آ سانول ڪوئي

    مٺڙا ماڻهو گيتن وارا
    سُرَ ٿا ڳولهين ٻيجل ڪوئي

    دل ديواني رُڃُ ٿي ڪاٽي
    ناهي برسيو بادل ڪوئي

    گلشن ۾ ڇو ويرانو آ
    ماندي آهي ڪوئل ڪوئي

    ڏک آ مفلس ناري کي اڄ
    زيور ناهي پاتل ڪوئي

    ويجهو ”زاهده“ ساٿي ناهي
    مشڪل ۾ آ هيڪل ڪوئي.


    توکي ساري ويهي رهيس

    توکي ساري ويهي رهيس
    ٻيڙيون ساڙي ويهي رهيس

    لمحه لمحه تنهنجون يادون
    يادون ٽاري ويهي رهيس

    وڻ جي ٿُڙ تي اُڪريل هو جو
    سو نالو ڊاهي ويهي رهيس

    سُرمئي شامون بيوس ڪن ٿيون
    همٿ هاري ويهي رهيس

    اکڙين ۾ ٿا سپنا ترسن
    سپنا ماري ويهي رهيس

    اڄ هٿ جي ريکائن تي
    مهندي لائي ويهي رهيس

    ڳاڙهو جوڙو شادي وارو
    تن تي پائي ويهي رهيس

    انجام ڪهاڻي ٿي آخر
    گهرڙو ٺاهي ويهي رهيس


    هتي آس ڪنهن جي اڌوري نه آهي

    هتي آس ڪنهن جي اڌوري نه آهي
    ملي هر خوشي سو ضروري نه آهي

    گلابن ڏنا کوڙ ڪنڊا اسان کي
    ملي مفت ڪاٿي کٿوري نه آهي

    پيا شعر پنهنجا ٻرن ديپ بڻجي
    اڃا جستجو ٿي ته پوري نه آهي

    رُڳو صاف دل کي ته رکڻو پوي ٿو
    ته ڪو پل خدا کان به دوري نه آهي

    سڄو ڏينهن، مزدور، لوچي ۽ لوڙي
    بچي پو به هٿ ۾، مزوري نه آهي

    ڀلي ”زاهده“ کي نه ملي منزل پر
    ملي ڪوته رهبر ضروري نه آهي.


    ٿي سَري منهنجي نه ڪڏهن پو ڀلا تنهنجي سَري ڇو؟

    ٿي سَري منهنجي نه ڪڏهن پو ڀلا تنهنجي سَري ڇو؟
    واعده سڀ واهه جا پر دير لاتي ايتري ڇو؟

    دَمُ نه هڪڙو تو سِوا گُذري پيو منهنجو هتي ڪو
    ٿي لُڇائي ساز تنهنجي تانگهه ڇو آ دلبري ڇو؟

    زندگي آ هت ملي، هڪ وار خوش ٿي گهار مون سان
    پيار جي پرچار دم دم، ميٺ محبت، ڪا گهڙي ڇو؟

    آرزو جي آ سچي، چاهت هوا ٿي آگ ڏيندي
    دل ڏجي ڄاڻي قدر جو، بي قُدر سان دلبري ڇو؟

    ربط جي شدّت هجي، يا عشق جي ڪا ڇِڪَ هجي
    ڀونءَ ۾ جو باهه ڀڙڪي، هر نظر تڪڙي ڦري ڇو؟

    ڏور ڪا آهي لغڙ جي، نيٺ جا ڪاٽا ٿئي ٿي
    ”زاهده“ هت زندگي جلدي ڪَٽي ٿِي هيتري ڇو؟


    گيت

    سنڌي منهنجي ٻولي

    سنڌي منهنجي ٻولي



    سنڌي منهنجي ٻولي آهي
    جيجل ڳائي لولي آهي
    مٺڙي ماکيءَ جهڙي آهي
    سنڌي منهنجي ٻولي آهي

    جهوني موهن جي دڙي جهڙي
    اونهي سنڌو جي تري جهڙي
    دشمن لاءِ ڪا گولي آهي
    سنڌي منهنجي ٻولي آهي


    جڳمڳ تارن وانگي جرڪي
    جڳ جي ٻولين ۾ ٿي ٻهڪي
    پڙهڻ سمجهڻ سولي آهي
    سنڌي منهنجي ٻولي آهي

    سنڌي ٻولي سهڻي آهي
    ڌاري کي ٿي پنهنجو ٺاهي
    رنگن جي ڪا هولي آهي
    سنڌي منهنجي ٻولي آهي

    گلڙن وانگي باغن مهڪي
    هيري جوهر وانگي جرڪي
    سنڌي سنڌوءَ ڇولي آهي
    سنڌي منهنجي ٻولي آهي

    سنڌي ٻولي قائم دم دم
    موليٰ رکجان دائم دم دم
    جيجل جهليل جهولي آهي
    سنڌي منهنجي ٻولي آهي


    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان

    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان


    ڪاري ڪاري رات ڏِسين جي
    بيوس ٿي ڪا بات ڏسين جي
    منظر نيڻن دور ٿئي ڪو
    ڪانگل جاري لات ڏسين جي
    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان

    سارا رستا اوکا ڀائين
    يارن کان جي ڌوکا ڀائين
    سردين وارين راتين ۾ تون
    رشتا سارا کوٽا ڀائين
    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان



    مونکي ساهه سبيل جي سمجهين
    دل تي نانءُ لکيل جي سمجهين
    جي ننڊ ڦٽي مون کي سارين
    يادن رنگ رچيل جي سمجهين
    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان

    سانوڻ وڻ وڻ ساوڪ مهڪي
    دل جي در تي چاهت چمڪي
    جلوو جلوو اک ۾ اُٿلي
    نيڻن ۾ ڪو مُرڪي جرڪي
    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان

    اڪثر رات ٿئي جي وحشت
    ماڻهو ماڻهو قائم دهشت
    صاحب! نانءُ کڻي پو هر هر
    منهنجي ياد ڪري تون محبت
    مٺڙا مون ڏي موٽي اچجان


    نظم

    Culture day

    Culture day

    اڄ سنڌ سڄي جاڳي آ
    سڏ سڏ ۾ ورائي آئي آ
    او جيجل تنهنجي ٿڃ مٺي
    تون پياري آ تون نِياري آ

    توسان آهي ساهه مِليل پَڪَ
    توسان آهي جان جڙيل پَڪَ
    او مٺڙي! توکان ڪيئن رُسان!
    رڳَ رڳَ ۾ آ ڄڻ رتُ ڳنڍيل پَڪَ

    هن امڙ ڪيئي سُور سٺا هن
    لک ناحق ۽ ناسور سٺا هن
    ٻچڙن جا ڏک، رنج سٺا هن تون جيجل مٺڙي ماکي آ

    هي سونهن ڀريون ساعتون سڀ
    اي ڌرتي توسان راحتون سڀ
    تون ڀاڳن واري راڻي آ
    او سنڌڙي تون ته نماڻي آ

    جيجل جهڙيون تنهنجيون لوليون
    ٻچڙن جون هن مٺڙيون ٻوليون
    ٽوپيون اجرڪ کيس ۽ کاڌيون
    اڻ مُلهيون تو سوکڙيون آنديون

    عاشقن جو ڄڻ عشق به تون آ
    خوشبو ۾ ڄڻ مُشق به تون آ
    البيلو معشوق به تون آ
    تنهنجي سڏ تي سِـــــرُ ڏيان

    ڀٽ جو قَسمُ ته جند ڏيان
    ڪنهن کي به نه پنهنجي سنڌ ڏيان
    منهنجي سنڌ سڀاڳي آهي
    هر محبت کان پياري آهي


    مان سنڌياڻي

    مان سنڌياڻي


    نظم

    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي
    آ فخر مون کي، مان سنڌياڻي
    گج ڍڪيان ۽ اجرڪ اوڍيان
    مان مهراڻ جي آ نياڻي
    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي

    سنڌُو منهنجي ساهه سمايل
    مان منڇر جي هان مُهاڻي
    ساميءَ سچل شاهه ۾ آهيان
    مان سيوهڻ جي ملنگياڻي
    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي


    ماءُ به آهيان ڀيڻ به آهيان
    مان رحمت ڌيءُ نماڻي
    سونهن ۾ سسئي جهڙي آهيان
    مان ٻاگُهل مائي سياڻي
    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي

    ساٿي وَرَ جي ڏُکي سُکيءَ ۾
    مان اهڙي ٻانهن ٻيلياڻي
    نٽهڻ اُس ۾ لاب لُڻان
    مان محنت ڪش هارياڻي
    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي

    پنهنجي گهر کي جنت ڀانيان
    مان اهڙي گهر ڌياڻي
    تعليم آهي نسلن جي طاقت
    ناهيان مُور ويڳاڻي
    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي

    سنڌڙي توتان جان به صدقي
    ڇو ڀانيان سنڌ پُڄاڻي
    مان سنڌياڻي مان سنڌياڻي
    آ فخر مون کي مان سنڌياڻي


    (نظم)

    (نظم)

    ماءُ

    هر وقت جا رکي ٿي پنهنجي نگاهه ۾
    سا ماءُ ئي ته آهي سانڍي جا ساهه ۾

    جي ٿو ٻچو جُدا ٿي ٻاهر ڪٿي وڃي
    ٿي انتظار ڪاٽي ٻچڙي جي راهه ۾

    اولاد پيءُ کي گهٽ وڌ ياد ماءُ کي
    ايڏي ته آ مُحبّت مادر جي چاهه ۾

    ڪوشش ڪري ته ٻچڙا ڪاوڙ غصو نه ڪن
    چاهي پئي هجي شل اولاد ٺاهه ۾

    شب و روز ٿي ڏَسي جا اخلاق ۽ اَدَبُ
    ڀلجي متان وٺن دلچسپي گناهه ۾

    تادم ڪري دعائون هر وقت ”زاهده“
    خوش ٿي رهن، اميدون آهن الله ۾


    شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا


    جيڏو هن کي سارينداسين
    سمنڊ ڪَـــئي اٿلائينداسين
    هُوءَ ننڊ سُتي جا ابدي آ
    تنهن راڻي کي جاڳائينداسين

    هر گام مٿي هُو گڏجي ٿي
    درد پيا وڌائينداسين
    رستي ۾ هوء وئي کسجي
    هستي ڪٿ اهڙي ماڻينداسين







    هَرَ هَر هر پل ساري ساري
    دشمن جي دل هڄائينداسين
    موت! اڙي توکي مهڻا هن
    سُور سڀئي ورجائينداسين

    قربانيءَ جي ديوي تولهءِ
    رَتُ جا ڏيئا ٻارينداسين
    سنڌ تي نظر کڻي جو ميري
    تن جا ڪنڌ اُڏائينداسين

    عَلَمَ کڻي آزاديءَ جا
    طوفانن کي واڙينداسين
    سنڌ ڄائيءَ کي سنڌ راڻي چئي
    تاريخ نئين لکائينداسين

    ڀاڳ جي ديوي ڀاڳ کڻي وئي
    هوء سون سدا سڏائينداسين
    آڪاس مٿي واڪا ٿيندا
    هن کي جڏهن پڪارينداسين




    سِجُ لٿو پر هُوءَ نه ٿڪجي
    زنده هن کي ڀائينداسين
    آلين اکين سڏڪن وارا
    لمحا سارا سارينداسين

    بينظير بيشڪ بينظير آ
    چنڊ تي نانءُ چمڪائينداسين
    سنڌ جي سرتي کسجي آ
    ڌرتي ته ڌڏائينداسين

    رڳ ۾ رت جهڙو آ رشتو
    مٺڙي توکي تانگهينداسين
    سونهن جي راڻي روح رَلي آ
    هن کي ڪيئن وسارينداسين

    خوشبو هن جي قبر مٿان آ
    رب کان راز پڇائينداسين


    وطن ٿو پڪاري اُٿو ساٿيو سڀ

    وطن ٿو پڪاري اُٿو ساٿيو سڀ
    ڪيو عزم اونچا اَچو ساٿيو سڀ

    ڀلي تيرَ تلوارَ دشمن کڻن جي
    بهادر سپاهي هلو ساٿيو سڀ

    اسان هي حياتي وطن تي نثاري
    جيئي ديس پنهنجو جيو ساٿيو سڀ

    زبانن تي للڪار الله اڪبر
    ته جُرئت جو نعرو هڻو ساٿيو

    نه دشمنُ وطن کي نهاري ڏسو ڪو
    رُڪو ڪين، رُڪُ ٿي هلو ساٿيو سڀ

    خُدا ڏيهه پنهنجو سلامت رکي شل
    فلڪ جا ستارا ٺهو ساٿيو سڀ

    سدا مائُرن جي دُعا آ ٻچن لهءِ
    سنيها پڙاڏا ٻُڌو ساٿيو سڀ

    لِکيا شعر ”زاهده“ جوانو اوهان لهءِ
    اُڏارون مٿاهون اُڏو ساٿيو سڀ


    او نوجوان

    او نوجوان

    همٿ محنت ڪرڻي آهي
    منزل توکي وٺڻي آهي
    هيرن وانگي جرڪي اُڀرو
    تنهنجي حيثيت مڃڻي آهي

    قومن کي اڳواڻي گهرجي
    ماني اڳڙي پاڻي گهرجي
    هي واري ٻُڪ ۾ جهلڻي آ
    ڏونگر جهڙي طاقت گهرجي

    عزم اُجاگر ڪرڻو آهي
    ساحل آخر پڄڻو آهي
    ڪجهه اونداهي بيشڪ آهي
    سورج روشن ٿيڻو آهي

    ڌرتي دشمن ڀڄندا ويندا
    راهون رستا کلندا ويندا
    سمونڊ پهاڙ تون بڻجي وڃ
    لوهي ڍال ۾ مٽجي وڃ

    ڏک سک مِٽبا چاهت ٿيندي
    آزادي جي راحت ٿيندي
    خواهِشون پوريون ساريون ٿينديون
    دور درد پريشانيون ٿينديون

    منهنجا سارا سپنا تولهءِ
    وايون ڪافيون سهرا تولهءِ
    لمحو لمحو مُرڪي تون شل
    جانِ! سدائين جرڪي تون شل


    سنڌڙي آهي سون سڄو

    سنڌڙي آهي سون سڄو
    ديس مٺو انمول سڄو
    ماءُ مٽيءَ جي خوشبو مٺي
    هت مٺڙو آهي لوڪ سڄو
    ڳوٺ شهر مهڪن گل ڦل
    ٻنيون ٻارا سبز هجن
    سنڌ جا آهن مٺڙا ماڻهو
    دلڙيون تن جو پارس جهڙيون
    بنا روڪ وهي سنڌو سدا
    محبوب لڳي دل کي هي ادا
    ڪو مُلهه مِلي ڪا ڀيٽ نه ڏيان
    اجرڪ چنري ٽوپ نه ڏيان
    هن سنڌ تي گهوري جان ڇڏيان
    هي رَتُ ۽ بُت قربان ڪيان
    ڪينجهر، منڇر سنڌو جرڪي
    لاڙ اُتر ۽ ڪاڇو ٻهڪي
    سنڌ سدا آباد رهي
    ماڳُ ڀٽائي شاد رهي


    هڪ ڏينهن موت ته اچڻو آهي

    هڪ ڏينهن موت ته اچڻو آهي
    ڪوبه نه هن کان بچڻو آهي

    دنيا ساري هلندي رهندي
    ماڳ ته آخر مٽڻو آهي

    سک جا ڪيئي ڏينهڙا آيا
    موت به آخر چکڻو آهي

    ماڻهو جو ملهه ريتي جهڙو
    من جرڪائي مرڻو آهي

    ويهي کائي وريو ڇا ڇا
    حاصل ڪجهه به نه ٿيڻو آهي

    هي دنيا ڄڻ آکيرو
    طوفانن سان اُڏڻو آهي

    هي ڪجهه ڏينهن جو آ چمڪو
    مالڪ ڏي ئي ورڻو آهي

    آ خالق، مالڪ جي مرضي
    بت جو رنگ ته ڦٽڻو آهي

    ڏاها! ڇو ٿو دولت ميڙين
    هُتِ هَٿَ خالي هلڻو آهي


    ڪو علم ادب جو ميلو هاڻ هت مچايو

    ڪو علم ادب جو ميلو هاڻ هت مچايو
    جي قوم کي بچايو، تعليم سان بچايو

    آ ڄاڻ جو خزانو، تعليم ۾ لڪايل
    اعليٰ شعور ماڻي، هت رنگ ڪي رچايو

    طاقت به علم آ ۽، ڏاهپ به علم سان گڏ
    تعليم جن پِرائي، هر دور تن نچايو

    ڏُونگر ڏري پون ساٿي، وک اچو وڌايو
    پاڙون پٽي رکو، جن آ ڏيهه کي اُچايو

    ٿو سَونُ ڀي ٺهي، جڏهين آڳ ۾ پڇي ٿو
    ڪندن ٺهي پيا سَي، جن پاڻ کي جَلايو


    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!

    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!


    ماڻهو، ماڻهوءَ کي مارائين
    ڳوٺن شهرن کي ساڙائين
    بارودن جي جيڪٽ پائي
    لاشن جا ميلا لڳائين
    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!

    رستن تي ويرانو آهي
    مسجد، مندر ٿا ڊهرائين
    اوطاقن، اوتارن تي ٿا
    گٽڪا هيروئن کارائين
    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!

    حق جي ڳالهه جيڪو چوري
    عضوا تن جا ٿا وڍرائين
    ڪنول ڪوري من اندر جا
    نيڻن جا سپنا ڊهرائين
    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!

    اسڪولن ۾ دهشت ٺاهي
    علمي جوتي ٿا کسرائين
    دنگل ڌاڙا ڦرلٽ ٻاري
    ڌرتيءَ جا پاپي سڏرائين
    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!

    روشن، رنگن، بازارن ۾
    شعلا باهن جا ڀڙڪائين
    جن ۾ ڪوئي جوهر ناهي
    پنهنجا پنهنجن کان کسرائين
    ڪهڙا ظالم ماڻهو آهن!


    وقت ڏاڍو آهين راحم تون

    وقت ڏاڍو آهين راحم تون
    علم جي آڏو اعليٰ عالِمُ تون

    لوڪ ساري تي قبضو تنهنجو
    هاڪ تنهنجي، آهين حاڪمُ تون

    وقت ۽ ناڻو، تڪڙا ڊوڙن
    سَرسُ صدين کان سالِمُ تون

    نانءُ آ تنهنجو ڇُڙاڳي پڪ
    بي قياسي، بي سُڌ بالَمُ تون

    جي مِلي سڀ سنگت ساري پر
    پوءِ به سڀ ۾ آهين لازم تون

    سڀ گداگر هت تنهنجا سائين
    ڪونه آ ڪنهن جو هت خادم تون

    ”زاهده“ تي ڪرڪا پنهنجي ٻَلَ
    ناتوان کي ڪج نه نادم تون


    طويل نظم

    طويل نظم

    ”محبت“
    محبت محبت جي ئي هوندي
    محبت محبت سان ئي ٿيندي
    محبت محبت سان ئي هلندي
    محبت صرف محبّت هوندي

    محبت ڏيندي آهي محبت
    محبت وٺندي آهي محبت
    محبت گهرندي آهي محبت

    محبت جي نه نظر هوندي
    محبت ناهي ٻولي هوندي
    محبت گونگي ٻوڙي هوندي
    محبت صرف محبّت هوندي

    محبت کي نه ته دولت گهرجي
    محبت کي نه ته مُهلت گهرجي
    محبت کي بس محبت گهرجي


    محبت ڪوئي رشتو ناهي
    محبت ڪوئي رستو ناهي
    محبت جو ته سرشتو ناهي

    محبت جو ڪو گهر ڪونهي
    محبت جو ڪو در ڪونهي
    محبت آهي بي گهر هوندي
    محبت جو ڪو منصب ڪونهي
    محبت جو ڪو مذهب ڪونهي

    محبت وٽ نه عمل آ هوندو
    محبت وٽ نه عقل آ هوندو
    محبت وٽ نه عدل آ هوندو

    محبت ۾ ڪا محنت ڪونهي
    محبت ۾ ڪا نفرت ڪونهي
    محبت ۾ ڪا حرڪت ڪونهي

    محبت جو نه پهر آ ڪوئي
    محبت جو نه اثر آ ڪوئي
    محبت جو نه سحر آ ڪوئي

    محبت ۾ ته شرارت هوندي
    محبت ۾ ته حرارت هوندي
    محبت ۾ ته حراست هوندي
    محبت خالص محبّت هوندي

    محبت ۾ ته حجاب نه هوندو
    محبت ۾ ته حساب نه هوندو
    محبت ۾ ته شباب نه هوندو
    محبت ۾ ته ثواب نه هوندو

    محبت ۾ ته خواب نه هوندو
    محبت ۾ ته شراب نه هوندو
    محبت ۾ ته ڪمال نه هوندو
    محبت ۾ ته زوال نه هوندو
    محبت ۾ ته مثال نه هوندو

    محبت ڪوئي راز نه آهي
    محبت ڪوئي ساز نه آهي
    محبت بي آواز نه آهي

    محبت ۾ اسرار نه ڪوئي
    محبت ۾ سينگهار نه ڪوئي
    محبت ۾ درڪار نه ڪوئي

    محبت ۾ نه شراڪت هوندي
    محبت ۾ نه شُجاعت هوندي
    محبت ۾ نه شباهت هوندي
    محبت صرف محبّت هوندي


    محبت جو ڪو توڙ نه هوندو
    محبت ڪو جوڙ نه هوندو
    محبت جو ڪو موڙ نه هوندو
    محبت صرف محبّت هوندي

    محبت ۾ ڪو ديس نه هوندو
    محبت ۾ ڪو ويس نه هوندو
    محبت ۾ ڪو رئيس نه هوندو

    محبت جهڙي راحت ڪونهي
    محبت جهڙي ساعت ڪونهي
    محبت ۾ ته فراغت هوندي
    محبت صرف محبّت هوندي

    محبت ۾ آ مِيرُ نه ڪوئي
    محبت ۾ آ پيرُ نه ڪوئي
    محبت ۾ دلگير نه ڪوئي

    محبت ۾ ڪا هلندي ڪونهي
    محبت ۾ ڪا سَرندي ڪونهي
    محبت سان ڪا سردي ڪونهي
    محبت سان ڪا گرمي ڪونهي

    محبت تيز هوا جو گهوڙو
    محبت مهڪي جوڙو جوڙو

    محبت ڪابه نه ڪاري هوندي
    محبت ڪابه نه ڳاڙهي هوندي
    محبت صرف محبّت هوندي

    محبت جي تقدير نه ڪائي
    محبت جي تدبير نه ڪائي
    محبت جو آ وَيرُ نه ڪوئي
    محبت جو آ پَيرُ نه ڪوئي

    محبت کي نه ته ماري ڪوئي
    محبت کي نه ڏاري ڪوئي
    محبت کي نه ٽاري ڪوئي

    محبت رڳ رڳ ۾ آ هوندي
    محبت چڳ چڳ ۾ آ هوندي

    محبت جو سنسار نه ڪوئي
    محبت جو اسرار نه ڪوئي

    محبت جو شمشان نه ڪوئي
    محبت جو احسان نه ڪوئي
    محبت ڪڏهن سُتل نه هوندي
    محبت ڪڏهن تتل نه هوندي
    محبت صرف محبت هوندي.


    گيت نه مون کان کسجو لوڪو!

    گيت نه مون کان کسجو لوڪو!
    اظهار نه ڪڏهن ڦرجو لوڪو!
    ساهن ڏور ٽٽڻ کان اڳ ۾
    آغاز نوان وٺجو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    سنڌ سدا آباد هجي شل
    فرض نه پنهنجا ڀلجو لوڪو!
    ڪنهنجي ڀونگي جهوپڙي ڊاهي
    محل نه پنهنجا اڏجو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    ڪي حق ٻين جا پاڻ ڦٻائي
    پنهنجا گهر نه ڀَرجو لوڪو!
    آ ڏاڍ کُٽائڻ حق پنهنجو
    ظلم مٽائي ڇڏجو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    بُکئي باز بگهڙ کي چيري
    هوش نه هاري هلجو لوڪو!
    تيک زباني زخم ڇڏي جي
    مرهم تن تي رکجو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!
    باغ بهاري نيٺ ته ٿيندي
    سنسار سڄو جهڪبو لوڪو!
    واريءَ تي گلڪاري ڇاجي
    واءُ وڪڙ ٿي گهلندو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    ترسُ! اڃا ٿي رات هلي
    روشن سورج چڙهندو لوڪو!
    ڇانيل آهن ظلمي بادل
    چرخو نيٺ ته ڦرندو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    پورهيتُ، ڪُڙمي هاري ناري
    ڪيسين بُکَ کي سهندو لوڪو!
    جيڪو سند مٿان اک تاڻي
    آخر ڪيسين جيئندو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!

    پرهه ڦٽي جو جنم وٺي هت
    سورهيه ڪوئي ڄمندو لوڪو!
    مفهوم نه آ مُبهم منهنجو
    تاريخ ۾ سڀ لکبو لوڪو!
    گونگو ٻوڙو ڪن جي مونکي
    منهنجو ته قلم لکندو لوڪو!
    آغاز نوان ڪي وٺجو لوڪو!


    پنهنجي وطن مٿان سِـــرُ پنهنجو نثار آ

    پنهنجي وطن مٿان سِـــرُ پنهنجو نثار آ
    دل تي دماغ تي هڪ جذبو سوار آ

    هي ديسُ صبح جي ڪا سُرهاڻ ٿو لڳي
    آ سنڌ ساهه منهنجو، محبت پيار آ

    ڌرتي لڳي پياري، مٺڙي امان جيان
    قيمت هن مٽيءَ جي موتين شمار آ

    اندر ٻَري لُڇي ٿو، پاپي ڏسي هتي
    جيڪو رکي ٻيائي، سڏبو مڪار آ

    ٿو گُهورجي وڃي هر سنڌي، سنڌ تان
    جو ديس کي لڄائي ماڻهو غدار آ

    آ ”زاهده“ تِکو تجلو، تابُ سنڌ جو
    ڄڻ تيزِ، تيرُ ڪاتي خنجر ترار آ


    رمتو ڏٺو اسان ڪو، راحت ڏئي ويو

    رمتو ڏٺو اسان ڪو، راحت ڏئي ويو
    ماڻهو هيو پيارو، شفقت ڏئي ويو

    دل جو صفا، هيو سادو، ناز کان پري
    ناتا رکي نيازي، نوڙت ڏئي ويو

    مٺڙو سچو محبتي انسان جو هجي
    دنيا مثال ٺاهي، الفت ڏئي ويو

    جيون وڃي اجايو، جوڀن رهي نه ٿو
    پرواز ٿي پکي، بس مُورت ڏئي ويو

    بيوس ۽ بي ڪسن جي مشڪل وڌي به ڇو!
    شيطان آ اُهو جو، حرفت ڏئي ويو

    الله عام ماڻهو ڪمزور آ ڪيو
    انسان عمر ساري غفلت ڏئي ويو

    آغاز آخرت جو دنيا آ ”زاهده“
    سو ئي کٽي هتي جو قربت ڏئي ويو


    بيشڪ ته آ اُجالي، اونداهه کي کُٽايو

    بيشڪ ته آ اُجالي، اونداهه کي کُٽايو
    آهي اُهو بهادر، جنهن ظلم کي مِٽايو

    ماحول ۾ محبت آڻي رکو هميشه
    ڪاوڙ غصي هجڻ جي اثرات کي گهٽايو

    نِوڙتَ، نِياز نرمي، پيدا ڪري سچائي
    ماڻهو چڱو اُهو آ، جنهن ڏاڍ کي هٽايو

    آ قرب ۾ سڻائي، ڇڏ ڊوهه ۽ ٻيائي
    ڪينو، حسد ڪُدُورتَ، نفرت ڪُفر ڇڏايو

    ماڻهو مري وڃي ٿو، ڪردار ڳاءِ تن جو
    انسان جن ٻين لاءِ آرام کي ڦٽايو

    ٻُڌ! ”زاهده“ اسان جي کوٽي قبر ٻين لاءِ
    انسانيت هٿان ڄڻ ويساهه کي لُٽايو


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    ”ڀنڀور جون ڳاڙهيون ٺِڪريون“


    اڃان اچن ٿا سڏڙا
    ڀورا ٿيل ڀنڀور مان
    جبلن جي شور مان
    سسئي جي ساهن جا،
    ويساهه جا سُڏڪا
    اڃا اندر اُڃ آ
    اڃا سسئي گم آ
    هئي آياڻي عُروسه....
    عُبوديت عُجلت ۾....
    ساهه وڃائڻ سولو ناهي
    پرين جي پريت ۾ پاڻ مٽائڻ سولو ناهي
    رُڳو سسيءَ ڪئي سَڌَ،
    سڪ مان ڪيائين پنڌ
    آ عشق جو ڪمال،
    جنهن ڪيا ڪيئي بيحال
    ڳاڙهيون ڳاڙهيون ٺِڪريون....
    جن ريٽو ڪيو ڀنڀور
    اصل ۾ سَسُئيءَ جي خون جا ڇنڊ هِن
    جن خون ڪيو گڏجي،
    سورمي سسئي جو
    ڪيچ جي رستن ڪنڊن ۽ پهڻن
    ڏونگر ۽ مِرُن • ڌاڌر ڌنارن
    ساهه ڪڍيو سسئيءَ جو،
    قاتل آ ڀنڀور سڄو
    ڀنڀور جي مُنجهيل ڳلين ۾
    ڪيئي ڪسابن کان...
    سسئي اڄ به ڊوڙي ٿي
    پُنهونءَ کي پئي ڳولهي ٿي.


    او شاهه ڀٽائي...!

    او شاهه ڀٽائي...!

    او شاهه ڀٽائي موٽي آُ!
    ٿو ڀٽ پُڪارِي موٽي آ
    سنڌڙي توکي روز ٿي ساري
    سنڌ سڄو ويرانو آ
    او سنڌڙي وارا! موٽي آ
    ڪنهن ڪاڪ ۾ ڪائي مومل ناهي
    مارئي، نوري هيسيل آهي
    هت ڪوڙ بديءَ جو آ ٽڪراءُ
    سنڌو نديءَ جو پيٽ بکيو آ
    لاڙ اتر ۽ ڪاڇو رُنو آ
    واهر ڪر ڪا واٽ وٺي
    هر جنم وٺي تون موٽي آ
    سنڌ جي هنج جو سيد تون
    هن ماءُ مِٺيءَ جو فرزند تون
    ڪوس گهر آ سنڌ سڄي
    ڌاريا آيا درد کڻي
    سنڌڙيءَ لاءِ ڪا ٻاجهه کڻي
    او سيد زاده موٽي آ
    ڪوهه سڄا ڪيرائي رکبا
    درد سارا ٻُهاري رکبا
    سنڌڙيءَ لئه ڪا آس کڻي
    او گهوٽ لطيف موٽي آ
    او شاهه ڀٽائي موٽي آ


    شيشي جي ٺاهيل بنتِ حوا

    شيشي جي ٺاهيل بنتِ حوا


    شيشي جي ٺاهيل بنتِ حوا....
    پٿر جو جوڙيل ابنِ آدم
    هُوءَ نازڪ نازڪ مورت ماهه
    قدم قدم تي... ڊڀن پٽن تي
    ورهين کان ٻري پچري ٿي
    هيڪل هستي
    پل پل ــ ڀورا ٿيندڙ
    تيز هوا سان وکري ويندڙ
    جر جي سِپَ جيان سدا سِڪايل
    شيشي جي ٺاهيل بنتِ حَوا....
    قوم جنمي
    پيار گهوري
    مُرڪون ارپي
    ٿي گهور وڃي رشتن تان
    پوءِ به ڪجهه نه ماڻي ٿي
    مهڻا لوڪ جا کائي ٿي
    وک .. وک ڌوڪو..
    در.. در ڌِڪا
    نه ڇپرُ اٿس نه ڇانورو
    جنت ماڻيل.... گهر کان وانجهيل
    پٿر جو آدم کيس ٿو ٽوڙي
    ريزه ريزه .. روز مري ٿي
    پوءِ به چپ آ.... ڇو آ ساڪن
    شيشي جي ٺاهيل بنتِ حوا


    ڪاري

    ڪاري

    ڳاڙهيءَ کي ڇو ڪاري ڪيو ڪنهن
    گهر کي خالي خالي ڪيو ڪنهن

    مُکَ تي هُن جي ڪات جا وار
    ڇو نه لڌي وئي هن جي سار

    ڪا مهندي هٿن تي لائي آ هُوءَ
    ڳاڙهو وڳو ڪو پائي آ هُوءَ

    سڀ خواب ئي هُن جا لُٽجي ويا جي
    ڳاڙها ٿي جي رڱجي ويا سي

    بي ڏوهيءَ کي ڇو موت مليو آ
    ڪو هن کي ڇو نه گهوٽ مليو آ

    هُوء گهلي گهلي ماري وئي جا

    ڇو نياڻي سنڌ جي ڪُسجي ٿي اڄ!
    ڇو ڪاري ٿي هُوءَ وڍجي ٿي اڄ!؟


    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ

    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ

    اڃا به سڀ ڪجهه ساڳيو آ!
    گل پن ۽ بهار به ساڳيو!!
    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ!؟

    منهنجي اکين ۾ خواب به ساڳيو
    سانورا تنهنجي چاهت وارو
    وڻ جو ٿڙ ۽ نانءُ به ساڳيو
    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ

    چنڊ ستارا سج ۽ ڪتيون
    درد دروازا، گهر ۽ گهٽيون
    مسجد مندر گهنڊ به ساڳيو
    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ!

    پاڻي، پٿر، سمنڊ ۽ لهرون
    روزو، نماز، حج ۽ عيدون
    دنيا وارو روڄ به ساڳيو
    به ساڳيوend کيل ڪهاڻي
    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ

    ماڻهو مستي شور ۽ دانهون
    رستو ريتي روڊ ۽ راهون
    ننڊ، اکيون ۽ خواب به ساڳيو
    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ!؟

    ٻچڙا، ماءُ، پيءُ ۽ دوست
    روٽي ڪپڙو مال ۽ ملڪيت
    گاڏي بنگلو، گيٽ به ساڳيو
    گيٽ تي لکيل بورڊ به ساڳيو
    پوءِ سال ڀلا ڇو بدليو آ!؟

    رُڳو ڪيلنڊر بدليو آ
    رڳو ڪيلنڊر بدليو آ
    ها! سال نئون پڪ بدليو آ!


    بابا جو وڇوڙو

    بابا جو وڇوڙو

    يادن جا پل پرچي آيا
    اڄ نيڻ وري ڀرجي آيا
    درد ۽ ڳوڙها ياد آيا
    بابا جا وڇوڙا ياد آيا....
    موٽي جو ننڍپڻ ڏانهن ڏٺم
    ٻاتن ٻولن ۾ ٿي چيم
    بي صبر روئڻ کينهون لاءِ
    اُهي ضد اَجايا کيڏڻ لاءِ
    ادب ساڻ سمجهاڻي ان جي
    پٽن برابر نياڻي ان جي
    پنهنجا ٻچا ته ان کي پيارا
    ٻول ٻين لاءِ جيءَ جيارا
    هُو يارن جو هو دلبر يار
    هُو اوطاقن جو هو اوتار
    هُو درياهه جيڏي دل وارو
    هُو ٽهڪن مُرڪن هُلَ وارو
    انصاف امن جو رکوالو هو
    هُو انسانيت جو متوالو هو
    خوشبوءَ جو هُو جهوٽو هو
    سرسبز حياتيءَ ٻوٽو هو
    هر باک ڦٽيءَ توکي ڳولهيان
    بابل! بابل... پئي ٻوليان
    تون ڏُور آ بيشڪ اکڙين کان
    پر اوڏو آ تون دلڙين کان
    تاريخ جي سونن ورقن ۾
    آن زنده دل جي ڌڙڪن ۾
    پر پوءِ به تولاءِ بابا
    يادن جا پل پرچي آيا
    اڄ نيڻ وري ڀرجي آيا
    درد ۽ ڳوڙها ياد
    بابا جا وڇوڙا ياد آيا.



    هي نظم بابا جي 19 ورسيءَ جي موقعي تي 2005. 3. 13 تي حيدرآباد ۾ لکيم ۽ محترم حميد سنڌي جي ”بزم روح رهاڻ“ ۾ بابا سائين جي ملهايل ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيم


    لختِ جگر

    لختِ جگر


    لختِ جگر منهنجو پيارو
    سهڻي صورت وارو راڻو
    منهنجو باسط ڏاڍو سياڻو
    پڙهڻ ويل آهي لاڙڪاڻو
    موتين جهڙو مٺڙو واثق
    راضي ٿيندس رحمان رازق
    بابا جي دل جو موتي آ
    اميءَ جي اکين جي جوتي آ
    جُڳ جُڳ توکي جيت ملي شل
    رب رحمت بي انت ملي شل
    بادِ خزان نه بيدار ٿئي
    بارانِ رحمت هر بار ٿئي
    نه هلورُ ٿي بيپناهه آهي
    دُعائن جي دولت همراهه آهي



    * منهنجو پٽ عبدالباسط جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو پڙهڻ ويو، تڏهن سندس اُڪير ۾ کيس ياد ڪندي هي نظم لکيو. 2003-05-30 


    سجّ جو پريتم

    سجّ جو پريتم


    اي سج!
    ڏسڻ دنيا جا تماشا
    روز اچين ٿو.. روز وڃين ٿو
    ڇا! تنهنجو به ڪو پريتم آ!
    جنهن لاءِ سنبرين روز بيهين ٿو!
    ڪا رات ته دلبر لاءِ رهي ڏسُ
    يار جي نيڻن ۾ ترسي ڏسُ
    هتي ڪوئي نه تنهنجو آهي پرين
    سنگدل دلبر ڏينهن جو شينهن ڏسُ
    ڌرتيءَ تي ڪوبه نه ڪنهن جو آ
    ڇو عشق صدين کان تنهنجو آ؟
    ڇو روز تون دلبر لاءِ اچن ٿو؟
    ڪنهن ساگر هنج ۾ روز سُمهين ٿو
    هن ڌرتيءَ توکي پيڙهيو آ
    هيءَ ڌرتي تنهنجي قرضي آ
    تنهنجي لاٽ ۽ شعلا تنهنجا
    ڌرتيءَ تي اُجالا تنهنجا
    سمونڊ، کنڊر ۽ ٽڪرين مان
    اُڀُ مٿان هِن جرڪا تنهنجا
    سالن کان سڙيو پڄريو آ
    جس هجي تنهن مالڪ کي
    جنهن توکي باهه سان جوڙيو آ
    تون پاڻُ جلائين پريتم لاءِ
    ڇا پريتم توکي چاهيو آ...؟؟!
    ڇا پريتم توکي ڳولهيو آ...؟؟!


    سيوهاڻي سرڪار

    سيوهاڻي سرڪار

    او سيوهاڻي سرڪار...!
    تون ڪر ٻيڙا پار
    او سنڌڙيءَ جا پڳدار
    رستو ڪر هموار
    در تنهنجي جا آهيون فقير
    لاهه سورن جا انبار
    علي رضه جي آڌار
    او سيوهاڻي سرڪار...!
    هٿ جهلي مان بيٺي آهيان
    سڏڪا سڏڪي ويٺي آهيان
    هر مشڪل مان تون تار
    هيڻن جا مددگار
    او لعل قلندر لعل
    جيون تون سنوار
    او سيوهاڻي سرڪار...!
    غم ۽ ڳڻتيون گهيرو ڪن ٿا
    دل ۾ ڪيئي وڍ وجهن ٿا
    مون خادم تون سرڪار
    گهوٽ قلندر لعل
    مون ماريل کي جيئار
    خالي سوالي ڪيئن موٽي!
    اندر جي لُڇ ڪئين اوري
    ڪر من ۾ مينگهه ملهار
    مست قلندر لعل
    ڏيئي دعا ڪر ٽمٽار
    او سيوهاڻي سرڪار...!


    سنڌ بچايو

    سنڌ بچايو

    سنڌ سُڏڪي ٿي هٿ وڌايو
    رت ڏيئي هي سنڌ بچايو
    شاهه جي سنڌڙي روز ڪُسي ٿي
    روز جيئي ٿي روز مري ٿي
    ڦُرجڻ کان هي سنڌ بچايو
    سنڌ وڪجي ٿي، سنڌ بچايو
    ساٿ ڏيئي هي سنڌ بچايو
    سنڌ تي ڌاڙا روز لڳن
    ڌاريا چڙهندا روز اچن
    ڌارين کان هي سنڌ بچايو
    پِيرن جي هي سنڌڙي سائي
    مارئي جهڙي نياڻيءَ واري
    جنهن لوئي پائي لڄ بچائي
    ٻاگهل ٿي ڪا سنڌ بچايو
    ٿـــَرُ ۽ بَـــرُ هت بک مرن ٿا
    گُل سُڪي جت ساهه ڏين ٿا
    سُڳنڌ واري سنڌ بچايو
    ڪٿ ڳولهيان اُهي دودا مُڙسَ
    هوشوء جهڙا ڏاڍا مُڙس
    سنڌوءَ ڄائو ڪو ته گُهرايو
    سنڌ سُڏڪي ٿي
    هٿ وڌايو
    ساٿ ڏئي هي سنڌ بچايو


    بادل هيڪلو

    بادل هيڪلو

    هڪڙو بادل هيڪلو
    ويران ويران ويڳاڻو
    ڌارين ديس ۾
    گُهمي ڦِري ٿو
    اي آگم!
    تون جِتِ وَسين
    ٿر بَــــــرَ ۽ سمونڊ وسين
    ساوڪ جو آن تون سنديسو
    نيٺ! ڇو ٿو ڪرين پاڻُ فنا
    آڪاس کان تون وڇڙيو آن
    ڪنهن ڏور شهر ۾ ترسيو آن
    آئي ڪڻ ڪڻ ......
    تنهنجي بوند وَسي
    رم جهم رم جهم
    هي تنهنجي سندر ميگهه ملهار
    ڏس! ڌرتيءَ ورتي آ مهڪار
    تون پرڏيهي پانڌيئڙو
    تون سک جو سانجهيئڙو
    پوءِ به هر ويل هيڪلو .


    ضروري نه آهي

    ضروري نه آهي

    ملي هر خوشي ، ضروري نه آهي...
    جيون سان جهيڙو
    ضروري نه آهي...
    اميدون اجايون رکبيون نه آهن
    ڏيئا سڀ ٻرن
    ضروري نه آهي...
    آزيون نيازيون خدا کان پِـــنُـــون
    دُعائون پُڄن سڀ!
    ضروري نه آهي.
    ڪنڊن ساڻ به ساٿ رکڻو پوي ٿو
    خوشبو ڏين گل..
    ضروري نه آهي
    خزان ۽ بهارون اچن ۽ وڃن ٿيون
    دلين تي اثر ٿئي
    ضروري نه آهي
    نفل ۽ نمازون تهجد پڙهي
    پون پار مالڪ..!
    ضروري نه آهي.
    ”زاهده“ کي منزل ملي نه ملي پر...
    رهبر ملي ڪو
    ضروري نه آهي.


    رمتي جوڳياڻي

    رمتي جوڳياڻي


    اي زندگي!
    تون رمتي جوڳياڻي
    ورهيه ڪي گذري ويم
    توکي جاچيندي
    توکي سڃاڻيندي
    تون آ گم هنِ آس جو
    اندر منهنجو رُڃ
    سر تين ڏنو ڏس
    تو ۾ ناهي ڪَسُ
    تون ڪڏهن نه مون کي اڪيلو ڪيو
    ڏک منجهه هو جڏهن من جُهريو
    تون ئي هو دلاسو ڏنو
    اي زندگي!
    توکي ڇا چوان
    تون رمتي جوڳياڻي


    ماڻهو سي مهان

    ماڻهو سي مهان


    هن زندگيءَ جي رڻ ۾
    ڪهڙي نه رنگ ۽ روپَ ۾
    ملندا رهن ٿا همسفر
    ڪي ڳاڙها گُل ڪي خاردار
    ان ڏي وڌي بيچين من
    جي ٻانهون ويڙهينِ ٻانهن سين
    جي سانڍي رکن ساهه سين
    مٽ نه تِن جو مُورُ
    سي موتئين وانگي ماڻهو
    ماڻهو سي مهان
    جي رکن روح ريهاڻيون
    جي پڙهن من ڪهاڻيون


    ڌرتيءَ جي پيڙَههَ

    ڌرتيءَ جي پيڙَههَ

    اڄ ڌرتي ماءُ ڏَڪي آهي
    ڇاتي هن جي سُڪي آهي
    پنهنجا ٻچڙا پاڻ جهٽي وئي
    لاشن جا ڍير پاڻ ڦڪي وئي
    ڀيڻن کان ڀائر کسجي ويا
    مائن کان ٻچڙا وڇڙي ويا
    اڄ پيءُ ڏنو آ پٽ کي ڪلهو
    ڏس! ڪير ٿيو آ ڀرجهلو!
    کلندڙ ڪُڏندڙ شهر ڊهي ويا
    مُردن جا ابنوهه لڳي ويا
    ڪو ڪفن بنا ڪو ڪفن ۾ ويڙهيل
    ريهون.. ڪيهون.. آهه وَ زاري
    ڪنهن نه ٻُڌيون... ڪنهن نه سُڻيون
    کن پل ۾ خاموشي ٿي وئي
    راڪاس جي اهڙي ڦوڪ اچي وئي
    آباد شهر اڄ کنڊر ٿي ويا
    تاريخ جو هڪڙو حصو ٿي ويا
    ڪالهه رات جي جيون جاڳن پيا
    اڄ ابدي ننڊ ۾ ڦاسي پيا
    هي منظر دل کي جهوري ويا
    ڪن نسلن کي ڄڻ ڪوري ويا

    8 آڪٽوبر 2005ع تي پاڪستان ۾هڪ وڏو زلزلو آيو جنهن جو Magmitude 7.9 هو جنهن ۾ مظفرآباد، بالاڪوٽ، اسلام آباد ڪشمير ڌُڏي ويا. T.V تي تمام دل ڏاريندڙ منظر ڏٺم، جيڪي شايد تان عمر وساري نه سگهان. اُهي منظر لفظن ۾ اوتيا اٿم.


    دنيا جو دستور

    دنيا جو دستور

    تانگهه نه منهنجي
    آس نه منهنجي
    تون ٿيندو مونکان ڏور وڃين ٿو
    شال! اِهو تون سمجهين سائين
    دنيا جو دستور اِهو آ

    جي ساحل هوندو ڏور اکين کان
    ته ڪشتي ٻُڏندي لهرن وچ آ
    دنيا جو دستور اِهو آ

    جي چاهين تن کان ڏور آ ڀڄبو
    گهايل کي آ گهايل رکبو
    دنيا جو دستور اِهو آ

    جي ڪونج اُڏامي ويندي آ
    پو رڙ ڪا رُڃ مان ايندي آ


    مان شايد اقرار نه ڪريان

    مان شايد اقرار نه ڪريان

    مان شايد اقرار نه ڪريان
    توسان وفا جي ”ها“ نه ڪريان
    ها! مان ساڳئي
    صديون پُراڻي
    سنڌ جي ڄائي
    چپ سبيل، هٿ ٻڌل
    پيرن ۾ زنجيرون
    نظر، نظر تي پهرا آهن
    مان شايد اقرار نه ڪريان
    هٿ ۾ لرزش، پير ڄميل...
    ريتن ۽ رسمن ۾ ويڙهيل
    صديون پراڻي ساڳي ناري
    مان شايد اقرار نه ڪريان
    پڙهيل ڳڙهيل..!!
    ڊڄڻي ڊڄڻي
    هيسل ڇرڪيل
    هڪڙي ’’ها‘‘ جي همٿ ناهي
    مان شايد اقرار نه ڪريان
    وقت وڃائي ويهي رهنديس
    چاهت ماري روئي ويهندس
    پيار پکي اُڏامي ويندو
    پر شايد اقرار نه ڪريان
    ها! شايد اقرار نه ڪريان.
    خيال مُنتشر ٿي ويا

    توکان سوا هي رستا
    سڀ اوپرا... اوپرا
    خيالن جي سرايت
    خالي رهگذر، تنهنجون يادون
    واعده ۽ قسم ياد آيا
    مون اکيون ٻوٽي پٺتي ڏٺو
    منهن ورايم... اکيون کوليم
    شايد تون هجين
    ساڳيا شجر.. سيئي سنگ
    تون هُئين ته ڄڻ پنهنجا هئا
    توکان سوا تماشا ئي ٿا لڳن
    ڄڻ ته مسخري ٿا ڪن
    هوائن جون سرگوشيون
    تنهنجا ۽ منهنجا
    ٽهڪن جا پڙلاءَ.....
    مان فرار ٿي چاهيان
    تڪڙا تڪڙا قدم کڻي
    هن منظر کان ڏور وڃڻ ٿي چاهيان
    اوچتو آواز آيو
    ’’بيهو...!!‘‘
    پٺتي ڏٺم
    منهنجا ٻئي ٻار پويان ڊڪندا آيا
    چيائون..
    ”امي! آهسته هلونه..!“


    وري نه ورندي بينظير

    وري نه ورندي بينظير

    چنڊ جهڙي
    سحر آميز سحر بيان
    وري نه ورندي بينظير
    بخت جي ديوي شهيد راڻي
    سچ ڳالهائڻ محنت واري
    اهڙي نه ڪا جڙندي تصوير
    اهڙي نه ڪا جڙندي تصوير
    سڀ کي سوڳ ۽ روڳ ڏيئي ويئي
    هر دل تي ملندي تصوير
    وري نه ورندي بينظير
    سودو جن کي ڪرڻ نه آيو.
    سِرُ سُورميءَ جو وٺڻ نه آيو
    اَمُن جي سدا رهندي سفير
    وري نه ورندي بينظير
    سنڌ مٽيءَ جي شهزادي
    رڳو گُهري جنهن آزادي
    بگڙيل ڪيئن ٺهندي تصوير
    وري نه ورندي بينظير
    ڪم ظرفن ڪُڌو قهر ڪيو
    ڪونج ڪنوار کي ڪفن ۾ ويڙهيو
    سُڏڪا ارپي ڪندي اسير
    وري نه ورندي بينظير
    وري نه ورندي بينظير


    هڪ ڏينهن مان هلي ويندس

    هڪ ڏينهن مان هلي ويندس

    هن دُورنگي دنيا مان
    هڪ ڏينهن مان هلي ويندس
    ڪنهن سمونڊ گهري جي پاتال ۾
    مان ڪريل پٿر وانگي.
    ڪنهن اُڏريل پکيءَ وانگي
    اونچي برف جي چوٽيءَ تان.
    رجيل برف وانگي
    بيوس نيڻن مان
    نڪتل لڙڪ وانگي
    وسامندڙ ڏيئي جي آخري لاٽ وانگي
    هڪ ڏينهن مان هلي ويندس
    ها! مان هلي ويندس
    شايد مونکي ڪوئي ڳولهي
    مون کي ڪوئي ياد ڪري
    ڪنهن موسم بهار وانگي
    فلڪ تان وڇڙيل تاري وانگي
    ڪنهن درديلي آلاپ وانگي
    پراڻي ڪتاب وانگي
    ڪتاب ۾ رکيل گلاب وانگي
    شايد مونکي ڪوئي ڳولهي
    مون کي ڪوئي ياد ڪري
    جنهن ڏينهن مان هلي ويندس
    شاهه جي ڪنهن سورميءَ وانگي
    صندوق مان نڪتل پراڻي سڪي وانگي
    منجهيل سوال وانگي،
    منزل جي خيال وانگي
    گذريل ڪنهن بيان وانگي
    مون کي ڪوئي ڳولهي
    مون کي ڪوئي ياد ڪري
    جنهن ڏينهن مان هلي ويندس


    آرسيءَ آڏو اقرار

    آرسيءَ آڏو اقرار

    تون منهنجو اقرار ٻڌڻ ٿو چاهين نه..!
    ها ٻڌ. ــ
    مان تنهنجي پيار ۾ رنڱيل آهيان
    تنهنجي تات
    تن ۾ منهنجي آهي
    تون مون کي ڏوري ته ڏِسُ
    جيئن سسئيءَ جي من ۾ پنهون هو
    ائين ئي مون کي رڳو تنهنجي سڪ آهي
    اڃا به منهنجو اقرار ٿو چاهين
    ها مون کي اقرار آ...!
    مون کي توسان محبت آ
    تون منهنجي شاعريءَ ۾ شريڪ آن
    خوابن خيالن ۾ ڇُهاءُ آ تنهنجو
    تون روح منجهه اوتيل آن
    پر...
    منهنجا سڀ اقرار
    آرسيءَ آڏو آهن.


    تنهنجي محبت جون لهرون

    تنهنجي محبت جون لهرون

    تنهنجون يادون
    تنهنجون ڳالهيون
    دل منهنجي آباد رکن ٿيون
    ملهار جي ٿڌڙين شامن ۾
    تنهنجي حصار جي حرارت آ
    تيز تر طوفان کان هاڻي
    مونکي ڪوبه ڊپ نه آهي
    ڄاڻان ٿي ته
    ڪاغذ جي آ منهنجي ڪشتي
    پر ساڻ آ
    تنهنجو مضبوط سهارو
    آس پاس تنهنجي محبت جون لهرون
    جيڪي مون کي فنا نه ڪنديون



    نَمناڪ نارين جو عالمي ڏينهن

    نَمناڪ نارين جو عالمي ڏينهن


    اڄ 8 مارچ آهي
    عورتن جو عالمي ڏينهن
    هر عورت گهڻ پاسائي آهي
    مان به تن مان هڪ...
    احساسن جا ڪيئي رُخ
    ڏنل سماج جا ڪيئي ڏک
    ماءُ جي روپ ۾(جنت پيرن هيٺان) پر پنهنجي ڇت ڪونه اٿس
    ڌيءُ جي روپ ۾ (ٻوجهه)
    زال جو روپ (غلامي)
    ڀيڻ آ ڄڻ (ويري)
    هي حُسناڪيون هِن يا فڪر جا زاويه
    ڪهڙو رشتو ڏيندو حق؟؟؟
    جيون عورت جَهوري ٿي
    خود فريبي ڀورائپ ۾
    اڄ تائين پاڻ به نه سمجهي سگهي ته
    نيڻن ۾ ڇو نمي تري ٿي
    نمناڪ اکيون ۽ ناري
    غمگين اکين ۾ نمي
    مرڪيل اکين ۾ به نمي
    لڙڪ ۽ ناري هڪ ئي نانءُ
    جيون اٿس لڙڪن جو درياهه
    ڪهڙا عالمي ڏينهن..!
    نانءُ ڏيوس
    نمناڪ نارين جو عالمي ڏينهن


    ميگهه ملهار

    ميگهه ملهار


    وري موٽي آيا
    ميلا ميگهه ملهار جا
    وري ڏينهن وريا
    سڄڻن جي سينگار ڪا
    سهڻا ڦِڪا ويس، پهريا محبوبن
    سرتيون آيون سنبري
    ستن رنگن ۾
    سرنهن سَجي آ نــــوَن سنگن ۾
    ٻنين وڇايا
    ساوا ساوا گلم
    سُر سمورا سازن جا آيا سنگن ۾
    طالب ۽ مطلوب ۾ ويو وڌي پيار
    وني، ڍولڻ لاءِ ڪري انتظار
    ٿرن ۽ برن ۾ ڪئي آ گم بوندا باندي
    گلاب ۽ چنبيليءَ سُڳنڌ ميڙي آندي
    در جي اوٽ ۾ بيٺل سُندري
    مينهن ڏسي ٿئي ماندي


    مان ساڳئي رهنديس

    مان ساڳئي رهنديس

    تون چوين ٿو ته
    تون مضبوط آهين
    ڪنهن لوهه جيان
    اراده به فولادي اٿئي
    ڪنهن لوهه جيان
    پر لوهه ته ڳري پوندو آ
    تون اٽل آهين ڪنهن جبل جيان
    پر جبل ته ڀُري ڀورا ڀورا ٿي پوندو آ
    ۽
    مان مضبوط ناهيان
    اٽل ناهيان
    مان نازڪ آهيان
    آئيني جيان
    پر جي مون کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪرين
    پوءِ به ساڳئي رهنديس مان
    آئيني جيان
    جنهن جي هر ٽڪري ۾ ساڳيو ڏيک هوندو..


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258272
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386398
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ