ڪتاب جو نالو: آسن جو آسمان
مصنف: قادر سيال جهڏائي
ڇپائيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 562 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 148 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ
  • سنڌسلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • رايا

  • گلاب جي پنکڙين جهڙا خيال
  • تلاش واري تڙپ رکندڙ شاعر
  • ڌرتيءَ جو شاعر
  • نفيس جذبن جو شاعر قادر سيال
  • سچ ۽ سونهن جو شاعر؛ قادر سيال جهڏائي
  • خوش مزاج ۽ مرڪڻو؛ قادر سيال
  • فقيرمنش ڏات ڌڻي
  • شاعر پاران
  • غزل

  • زلفن جي ٿڌڙي ڇانءَ جو، احساس پنهنجو آ
  • هڪڙي دل جا ڪيڏا ٿيا هن ٽُڪرا ڏس
  • ڪيو آ غم مون وصول جانان
  • شهر ۾ جيڪو اهل ذر آهي
  • پنڇي آهي جو آشياني تي
  • لڙڪن جي برسات نڪرندي
  • ياد ڳوڙها درد سپنا ويو ڇڏي
  • تنهنجي مک تي حجاب ڪيئن پڙهان؟
  • دربدر آهيون اسين
  • هُن رکيو ٻاهر قدم پهريون دفعو
  • هاءِ اڌورين آسن تي
  • لار لڙڪن لار سان ايندي رهي
  • درد ڳوڙها ساهه ٿڌڙا، زندگي صليب تي
  • اڄ رات نه ايندي تون، پرڀات نه ايندي پوءِ
  • اچي غم جي دل ۾ ٽڪي رات آ
  • مرڪ پرين جي پيار گھري ٿي
  • گھٽي ۾ هوندي ملي نه سگھيو ڪو
  • عشق جي بن ۾ گھڙيا آهيون اسين
  • جنب مون گذاري ڇڏي حاضري ۾
  • چنڊ صنم جي ڳولا ڪر
  • شام اُفق ۾ تنهنجو چهرو وڻندو آ
  • اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ
  • منظر سهڻا تنهنجي اکين جا ڪئين وسرن
  • سپنن کي ڪي راهون ملنديون
  • درد اندر ۾ ڀڙڪن پيا
  • ننهن کان چوٽي تائين سنواري آيو آ
  • سهڻي ڇوڪري مُرڪي پئي
  • جوت جذبن ۾ مچائيندين ته اچبو
  • ٿي ويون رات گم هڪڙي منظر ۾ اکيون
  • پرين ياد آهي سلامت اوهان جي
  • چاندني رات ۾ اچ سکي باغ ۾
  • پرين جون پچارون سُٺيون ٿيون لڳن
  • وڇوڙن جون هي ڀوڳنائون پرين
  • پرين جي اچڻ سان اجالا ٿا چمڪن
  • درد جي هيراڪ دل
  • اکين ۾ ٿا ڳوڙها سڄي رات جاڳن
  • هُن جي مرڪي وار ڇوڙيا رات جو
  • سمنڊ هي عوامي اٿندو ته ڏسجان
  • تنهنجي بي حجاب نيڻن ۾
  • تنهنجي اکين ۾ جوت ڏسان مان
  • ننڊ ۾ هئي سکي پير واپس ڪيم
  • بهارن کي چئجو وڇوڙو نه آڻي
  • گيت گيتن تي لٿا ڏات هئي ڪيڏي ڀلي
  • پئي وڌي خودڪشي ديس ۾
  • محفل ۾ به نيڻ مليا پي نيڻن سان
  • رني دل اسان جي سڄي رات آهي
  • تو سکين ۾ رات گھاري
  • ويٺو ڪوئي يار پڪاري
  • تنهجي سر تي آنچل آهي
  • پنهنجي هلي ڪهاڻِي دنيا ڀلي سڙي
  • ڏسي راهه ڪنهن جي سکي رات ڀر
  • توکي پائڻ جا هيراڪ اسين
  • ڊهي محل پٽ ٿيا خوابن جا اڄ
  • عجب هيل آندو آ سانوڻ وڇوڙو
  • اي پرين چئو موڪلاڻي ڪيئن لڳي
  • توکي وساري سکيو گذارڻ سوچيو هو
  • اکين ۾ سارجو جگنو پي چمڪيو
  • مک چمڪي پيو چنڊ تارن جيان
  • تنهنجون يادون مٿان ڇڻيون آهن
  • جنهن کي ڄڳ ۾ پيار جي دولت ملي
  • جنهن به آهي عشق جي لذت کنئي
  • نگاهن جا گلشن جا سپنا اڏاري
  • سڄي جڳ کان نرالو تون اکيون توسان اڙيون آهن
  • تنهنجا مون سان نيڻ ملي پيا
  • انوکو عشق جوڀن ۾ وسي برسات اينداسين
  • برسات ڀري رات مان ڪيئن وساريان
  • هڪڙي رات ملڻ جي آهي
  • هن جو لهرايو پٽو اڄ شام جو
  • تنهنجو درد آ دل ۾ تير جيان
  • عشق جي پل پل اڳيان
  • ياد تنهنجي سانورا اڌ رات جو
  • گل پن پنکڙيون ڇاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
  • وسيل برسات جا قطرا، پرين جي ڳوٺ جا منظر
  • درد ئي درد آهي تنهنجي سار ۾
  • ڪيڏو تو لئه اکڙيون ترسيون محفل ۾
  • تنهنجي اکين جو رنگ ڏسان ڇا؟
  • سر اڏي تي مرڪي رکيو سائين سورهيه بادشاهه
  • ياد تنهنجي مينهن جيان وسندي رهي
  • نظم

  • ڪاڪو ميگهو
  • قوم کي ڪر بيدار
  • ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان
  • پلڪن جي آ جھروڪن، سپنن جي آجيان ڪئي
  • وائي
  • ڏنو سڱ چٽي ۾
  • توکي هجي جس
  • چنڊ جهڙو ٿو لڳي
  • تنهنجي گھر مٿان
  • ديس جو سودوڪيان
  • منظر ڄڻ پرڀات جيان
  • جاگيردار وڏيرن مان
  • دونهيون درد جون دکن
  • سنڌو درياء پيو سڪي
  • جوٽيو جنگ جوان
  • ڪهڙي سينڌ مساڳ
  • کوهن تي پاڻياريون
  • ميندي سان لال هٿڙا
  • سنڌو جي ڪناري
  • پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا ايندڙ ڪتاب
  • عرض

  • حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: آسن جو آسمان
    شاعر: قادر سيال جهڏائي
    موضوع: شاعري
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ: اشفاق احمداڻي
    ٽائٽل: اشفاق احمداڻي
    ڇپيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
    فون نمبر: 03002382699
    قيمت: 150 روپيا
     
    poitry]
    By Qadir sial jhuddai
    Edition: First
    Year: © 2017
    Price: Rs.15-0. 0
    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    شاھ لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪ1تاب گهر ڪنڊيارو


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
    هي ڪتاب پُراڻ پبليڪيشن، جھڏو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري محب ڀيل جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپيم
    سنڌ امڙ جي
    سمورن سپوت شهيد پٽن کي
    جن سنڌ ماتا لاءِ
    جان جا نذرانا ڏيئي
    سنڌي قوم جو سِر بُلند ڪيو.


    اداري پاران

    هڪ طرف انتهاپسندي وڌي پئي ته ٻي طرف رجعت پرستي جو ٽوڙ شاعري به ٿئي پئي. سنڌي ادب جي هن دؤر ۾ روزانه ڪيترائي ئي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. يعني قوم جي گھڻي اڪثريت نه هي سهي پر وري به باشعور ادبي لڏي جو چڱو خاصو تعداد آهي جيڪو ڪتابن سان دلچسپي رکي ٿو. ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي مقدس وجود کي فقط ڪتابن سان ئي بچائي سگهجي ٿو. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعري تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعري جو پهريون ڪتاب “آسن جو آسمان” شاندار قلمي پورهيو آهي. جنهن تي قادر سيال جهڏائي جس لهي. اسان سندس پهريون ڪتاب شايع ڪري توهان سڄڻن جي هٿن تائين پهچائيندي دلي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. اڳتي به توهان جو ساٿ رهيو ته هي سلسلو جاري رهندو.
    نيڪ تمنائن سان

    فقير سليمان لغاري
    03002382699


    مهاڳ

    مهاڳ
    شاعري جو اڙانگو پنڌ
    سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شاهه سائين چيو آهي ته “وکر سو وها جو پئي پراڻو نه ٿيئي” اها ڳالهه شاعري تي به لاڳو ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعري ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن تازگي آهي، ڪا اهڙي سماج جي حقيقي عڪاسي ۽ انقلابي ڳالهه، خيال يا فڪر پيش ڪيل آهي، جيڪو صديون پڄاڻان به نئون ۽ نڪور لڳي ته اهو اهڙو وکر ٿيو وڃي جيڪو پئي پراڻو نٿو ٿئي. شاعري ڪهڙي به صنف ۾ ڪئي وڃي، اها غزل جي صورت هجي، نظم هجي يا وري بيت جي شڪل ۾ هجي پر جيڪڏهن انهي ۾ شعريت ناهي ته اها ڪنهن ڪم جي ناهي. شعريت جي معنى آهي جڏهن ڪنهن به شاعر جو ڪلام پڙهيو وڃي ته اهو محسوس ٿئي ته جنهن خيال کي پيش ڪيو ويو آهي، انهي جي پيشڪش اعلى آهي ۽ نرالي. انهي ۾ موجود خيالن جي اڻت ڪهڙي انداز سان رکي وئي آهي جو اها پڙهڻ مهل هڪ پڙهندڙ کي اهو احساس ڏياري ته شاعر رڳو لفاظي کان ڪم ناهي ورتو پر پنهنجي ڪلام ۾ انهي شعريت واري مزاج کي به زنده رکيو آهي، جيڪو اصل ۾ شاعري جو روح هوندو آهي.
    سنڌي شاعري جو سفر صديون پراڻو آهي. انهي ۾ اسان ڪلاسيڪل شاعرن کان وٺي جديد دور ۽ هاڻوڪي دور جي شاعرن کي پڙهندا پيا اچون. جن پنهنجي ڪلام سان سنڌي شاعري جي جهول ۾ ڪيترائي گل ڀريا آهن پر ڇا سنڌي ٻولي ۾ ٿيندڙ سموري شاعري بهترين آهي؟ ڇا انهي کي ان ڪري ڀلو چوڻ گهرجي جو اها اسان جو نوجوان لڏو لکي رهيو آهي.
    پر اڄ به سنڌ ۾ اهڙي قسم جا جرئتمند شاعر اسان کي ورلي ئي ملندا جيڪي رياستي جبر کان وٺي ڪنهن ڏاڍي مڙس خلاف لکڻ جي همت ڪري سگهن. سنڌ ۾ هڪ دؤر اهڙو به رهيو آهي، جنهن ۾ مزاحمتي شاعري نه فقط ڌڙا ڌڙ لکي ويندي هئي پر انهي کي وڏو مانُ به ڏنو ويندو هو. اها شاعري ماڻهن جا روح گرمائي ڇڏيندي هئي. ڪئين ماڻهو انهي کي نعريبازي چون ٿا پر آئون انهي کي نعريبازي نه بلڪه مزاحمتي ادب جو حصو ئي سمجهان ٿو. جڏهن توهان لفظ مزاحمت استعمال ڪريو ٿا ته انهي جو مطلب آهي ته توهان وٽ هڪ ڪروڌ آهي، هڪ ڪاوڙ آهي، جنهن جو اظهار ليکڪ توڙي شاعر لفظن وسيلي ڪندو آهي. انهي ۾ پو اسين پرين جي لبن جي لالي ۽ سندس ٻانهن جي هار کي نٿا ڳولي سگهون. اهڙي قسم جي شاعري قومن لا نه فقط اتساهه جو ذريعو هوندي آهي پر ماڻهن کي پنهنجي وطن ۽ مٽي سان وڌيڪ ڳنڍيندي آهي. تنهنڪري شيخ اياز، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، مجرم لغاري، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، آڪاش انصاري، مير حسن آريسر، ايوب کوسي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن اهڙي قسم جا نظم لکي ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو ته شاعري ڪا تير يا توپ ناهي پر پر اها انهي کان گهٽ به ناهي. انهي جا لفظ ئي گولا بارود آهن. خير اهو ته سنڌي شاعري جو اهو پاسو آهي، جيڪو هاڻ ماضي جو قصو ٿي چڪو آهي. هاڻ اهڙي قسم جي شاعري اسان کي ڪڏهن پڙهڻ لا ملندي، ان باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.
    اڄ به سنڌي ادب ۾ نوجوان لڏو شاعري کي تمام گهڻُو اهم سمجهي ٿو، جيڪي لکندڙ بهتر نثر لکي سگهن ٿا، انهن کي به اهو ئي شوق رهي ٿو ته اهي شاعري ڪري نالو ڪمائين. جڏهن ته هڪڙا ماڻهو شاعر هوندا آهن پر ٻيا وري اهڙا به هوندا آهن، جيڪي شاعر ٿيڻ چاهيندا آهن. اها هر ماڻهو جي مرضي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ادب جي ڪهڙي صنف ۾ بهتر محسوس ڪري ٿو، تنهنڪري انهي کي ان صنف ۾ ئي محنت ڪرڻ گهرجي.
    اسان جو دوست قادر سيال جهڏائي، جيڪو مون کي سدائين نثر ۾ وڌيڪ متاثر ڪندو رهيو آهي، سندس لکڻين ۾ سدائين ڪي اهڙا موضوع رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي ڦلهوريندا آهن. جن تي لکي هن نه فقط بهترين ڪم ڪيو آهي پر انهن موضوعن تي لکڻ سان هن انهن کي هڪ اهڙي دستاويزي شڪل ڏني آهي، جيڪا اڳيان هلي ڪنهن به نئين لکندڙ لا مددگار ثابت ٿيندي ۽ اهڙن موضوعن تي هن کي اڃا به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته هڪ نثر نويس وٽ ڪهڙي قسم جا موضوع هجڻ گهرجن ۽ اهو ڪهڙي ريت پنهنجي لا هڪ پڙهندڙ حلقو پيدا ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري هن جو نثر ۾ ڪيل ڪم مون کي گهڻو متاثر ڪندڙ لڳي ٿو پر سندس شاعري به ڇڪ رکي ٿي.
    زلفن جي ٿڌڙي ڇانءَ جو، احساس پنهنجو آ
    دردن ۾ گھيريل هانءَ جو، احساس پنهنجو آ
    ساري جڳ جون ريتون رسمون، اورانگھي تو ڇڏيون
    هٿڙن تي لکيل نانءَ جو، احساس پنهنجو آ


    آسن جو آسمان آ، ڪڪرن کان اڄ ڀي وانجھيل
    خالي چونري ۽ ٿانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    صدقو ڏجي ته ڪهڙو گهر آهي منهنجو خالي
    وڻ تي بکايل ڪانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    چانڊوڪي شب ۾ تولئه، سندر غزل لکيو مون
    “قادر” جي ڏات ۽ ڏانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    دوست قادر سيال کي نثر کان وڌيڪ شاعري جو شوق آهي. شوق جو ته ڪو ملهه ڪونهي. تنهنڪري سندس قلم نثر سان گڏ نظم به سرجي ٿو. پر وري به مسئلو اهو آهي ته ڇا ڪو سٺو نثر نگار شاعر به اوترو ئي ڀلو ٿي سگهي ٿو يا ڪو شاعر نثر به اوترو ئي سهڻو لکي سگهي ٿو، جيتري سٺي هو شاعري ڪري سگهي ٿو. اهي ٻه الڳ الڳ معاملا آهن. تنهنڪري اهو ضروري ناهي ته ڪوبه ماڻهو جيڪو مختلف صنفن ۾ لکندو هجي، اهو سمورين صنفن سان هڪ جيترو ئي نڀا ڪري سگهي. اهو مسئلو قادر سيال سان به آهي. سندس شاعري اڃان پختگي جي پنڌ تي هوندي به نرالپ جا حسين رنگ رکي ٿي.
    پلڪن جي آ جھروڪن، سپنن جي آجيان ڪئي
    تنهنجي خوشي جي لاءِ، دردن جي آجيان ڪئي

    اڄ ڀي بهار رت کي، نيڻن سان مون چميو آ
    گل گل جي آجيان ڪئي، پن پن جي آجيان ڪئي

    هن جي غزلن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اهي اسان کي سنڌ ۾ مروج خيالن جي حد تائين به بهتر لڳن ٿا پر اڳتي محدود ٿي وڃن ٿا. خيالن جي مخصوص دائري ۾ لکڻ وارو مسئلو گھڻن شاعرن سان آهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي ڪتاب “آسن جو آسمان” ۾ وائي ۽ نظمن وسيلي سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر وري به مسئلو اهو ئي آهي ته ڇا ڪنهن به مسئلي تي لکڻ سان شعريت نظم يا وائي ۾ شامل ٿي ويندي آهي؟ شاعري جيترو پنهنجي ماڻهن سان پنهنجي وطن سان جڙيل هوندي اها اوترو ئي توازن ۾ رهندي آهي پر جيڪڏهن ڪو شاعر انهي جي پيشڪش بهتر انداز سان ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو ته پو اها پنهنجو اثر نٿي ڇڏي سگهي. تنهنڪري شعر کي اهڙي انداز سان لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هر حوالي سان پڙهندڙ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏي.
    پئي وڌي خودڪشي ديس ۾
    ڪيڏو مجبور آ آدمي ديس ۾
    قادر سيال جي شاعري پڙهڻ کان پو اهو اندازو ٿئي ٿو ته هو شين جي پرک ته رکي ٿو پر ڪٿي ڪٿي هن سان اهو مسئلو به پيش اچي ٿو ته انهن کي شاعري جي سانچي ۾ ڪيئن رکي. نظم جي رواني ڪنهن پاڻي جي وهندڙ وهڪري جيان هجڻ گهرجي. وائي لکڻ وقت انهي جي نج سنڌي اسلوب کي ذهن ۾ رکجي، تڏهن اهي صنفون اسان کي پڙهڻ ۾ ايترو ته مزو ڏينديون جو اسين واه واه ڪرڻ کان سوا رهي نه سگهنداسين.

    شاعر قادر سيال جهڏائي جي شاعري جا ڪجهه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا،
    دربدر آهيون اسين
    ڄڻ قمر آهيون اسين


    مرڪ پرين جي پيار گھري ٿي
    سارو ڄڻ سنسار گھري ٿي


    اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ
    جفا جو رڳو تير کوڙي وئي آ


    ٿي ويون رات گم هڪڙي منظر ۾ اکيون
    تڏهن هن جون هن ٽڪيل در ۾ اکيون


    درد جي هيراڪ دل
    آ منهنجي رولاڪ دل

    هوءِ رکي ٿي پاڻ وٽ
    ڪيتري چالاڪ دل

    اڄ جڏهن سنڌ ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي، بک بدحالي ۽ ملائيت جو راڄ هلي رهيو آهي ته اسان جي سنڌ جي شاعرن کي اهڙا شعر لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اهڙي قسم جي مسئلن کي حقيقي طريقي سان پيش ڪري سگهن. محبوب جون ڳالهيون ته هر ڪنهن کي وڻنديون آهن ۽ اهي وڻڻ به گهرجن، ڪرڻ به گهرجن پر وطن جون ڳالهيون يا وطن جي ماڻهن جي دردن کي به وسارڻ نه گهرجي. قادر سيال پنهنجي شاعري ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو سنڌ جي معاملن کان لاتعلق يا بي خبر ناهي. اهڙي ريت سنڌ جي هر شاعر کي باخبر هئڻ گهرجي. سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڪيتري پذيرائي ماڻي ٿو اهو فيصلو ته پڙهندڙ پاڻ ئي ڪندا پر قادر سيال کي شاعري جهڙي اهم صنف تي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاعري هڪ اڙانگي پنڌ جي چونڊ آهي، ڇاڪاڻ ته رسول حمزاتوف بقول شاعر باهه جا رکوالا هوندا آهن. ڏسون ته هاڻ قادر سيال پنهنجي ئي شاعري جو ڪيترو رکوال ٿو ٿئي.

    اختر حفيظ- حيدرآباد
    24 آڪٽوبر 2017ع


    رايا

    گلاب جي پنکڙين جهڙا خيال

    گلاب جي پنکڙين جهڙا خيال
    نئين ٽهي ۾ گلاب جي پنکڙين جهڙا خيال سرجيندڙ، احساسن ۽ جذبن کي موتين جي مالها وانگر پوئي پني جي سونهن بنائيندڙ قادر سيال جهڏائي به اهڙو شاعر آهي. جنهن کي علمي ادبي لڏي جو ذڪر ڪندي وسارڻ سچ ته وڏي ستم ظريفي ۽ تاريخ سان ٻه اکيائي ٿيندي. شاعري جي جهان ۾ ٿوري وقت ۾ قادر سيال پنهنجي خاص جڳهه والاري چڪو آهي. هي شاعري جي آسمان تي چڪندڙ ستاري جيان اُڀريو آهي. قادر سيال جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته کيس پنهنجي جنم ڀومي سان بي حد محبت آهي. جنهن مٽي جو هو خمير آهي ان سان جنون جي حد تائين پيار ڪري ٿو. جنهن جو ثبوت سندس نالي مان ئي ظاهر آهي. جهڏي جو هئڻ ڪري پاڻ پنهنجي اباڻي شهر جي نالي پٺيان پنهنجو تخلص “جهڏائي” رکيو اٿس. قادر سيال هڪ بهترين شاعر سان گڏوگڏ هڪ سگهارو نثرنگار پڻ آهي. شاعري ته هن ڪمال جي ڪئي آهي؛
    هڪ ڦڙو ناهه واهه ۾ پاڻي،
    خالي هاري جي هٿ ۾ هر آهي.
    ڪوئي قادر هجي ٻڌڻ وارو،
    داستان پنهنجو مختصر آهي.

    هاڻي هنن سٽن ۾ اهو تاثر اهو تاثر ملي ٿو ته قادر سيال ڌرتي جي پورهيت ۽ هاري جو درد به پنهنجو درد سمجهي ٿو. هڪڙي اهڙي منظر ڪشي ڪري ٿو. جنهن ۾ هن ڌرتي ڌڻين جو اڃايل هئڻ پڌرو ٿي پوي ٿو. سندس قصو يا داستان مختصر ۽ ٿورن لفظن ۾ با مقصد آهي.
    قادر سيال جي شاعري ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتي جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو. مونکي اڄ دلي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته آءُ منهنجي هن همقلم ڀاءُ قادر سيال بابت سندس ڪتاب جي مناسبت سان پنهنجا ويچار ونڊڻ اعزاز ماڻيان پيو ٿورائتو قادر سيال جو مونکي انهي لائق سمجهي اعزاز پنهنجي شاعري جي ڪتاب لاءِ ڪجهه اکر لکي ڏيڻ لاءِ چيو. آئون سندس هن اڻٿڪ، لڳاتار ۽ ادبي علمي ۽ قلمي پورهئي کي جس ڏيان ٿو پاڻ کيرون لهڻي.

    دعاگو
    سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي


    تلاش واري تڙپ رکندڙ شاعر

    قادر سيال هڪ شاعر هئڻ جي ناتي سونهن جو متلاشي رهيو آهي. ان ڳالهه جو آئون شاهد آهيان ته هو اسڪولي دور کان ئي سونهن جو ڳولائو رهيو آهي. اڄ هو اسڪولي استاد آهي. پر انهي تلاش واري تڙپ ويرا وير وڌي وئي اٿس. اسين ٻئي نه صرف هڪڙي شهر پر هڪڙي ئي راڄ جا رهواسي آهيون. اسان جو راڄ انهي جهوني پراڻ جي ڪنڌي تي آهي. جنهن کي لطيف سائين به ڳايو آهي. پراڻ جا هي پٽ وادي هاڪڙا جي هنج ۾ اچن ٿا. جتي محبتن ۽ عظمتن جا ڪيئي ڪردار ۽ داستان مدفون آهن. انهي سڳند جو واس قادر به ورتو آهي. هن ننڍي ڄمار ۾ چڱو چوکو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ورتو هو. انهن ڏينهن کان هو مون سان ملندو رهيو آهي. هو جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هو ته انهن ڏينهن ۾ واندڪائي جي وقت مون سان اچي ملندو هو.
    قادر ٿوري وقت ۾ گهڻي ۽ سٺي شاعري ڪئي آهي. اتي هن نثر ۾ نڀائڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان به وڌ هن جي شخصيت جو سگهارو پهلو اديبن شاعرن توڙي ادب دوستن وچ ۾ رابطي جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي. خوش مزاجي ۽ مرڪي ملڻ هن جو شيوو رهيو آهي. هن جي محبت جو محور پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي مٽي سان رهيو آهي. هڪ شاعر ۽ ٻيو استاد جي منصب جي ڪٿ سان قادر سيال منهنجي نظر ۾هڪ مهان ماڻهو آهي. شل جُڳ جُڳ جيئي.
    فقط
    معصوم ٿري


    ڌرتيءَ جو شاعر

    شاعري جڏهن محدود حدن مان نڪري ديس جي دانهن بڻجي ٿي تڏهن ئي دلين جي ترجمان بڻجي نروار ٿئي ٿي اهو ئي شاعري جي منفردپڻو چئبو جو شاعر پنهنجي ڏات ذريعي پنهنجي وطن جي وڻن، وستين، پيچرن، فطرت جي حسين خوبصورت نظارن ۽ محبوب جي چڳن مان نڪري جڏهن ڌرتيءَ جي انگ اگهاڙن، مسڪين، مظلوم، ڏکين ۽ بُکين ماروئڙن جي سورن ۽ صدمن جي عڪاسي ڪري ٿو تڏهن ئي ڏات ڏهوڻي ٿي پوندي آهي. منهنجي ٻالڪپڻ جي جگري يار قادر سيال جهڏائي جي نظم توڙي نثر ۾ عشق، حُسن، محبوب جي مرڪن سان گڏ هن ديس جا درد ۽ تڪليفون به شامل آهن.
    قادر سيال جهڏائي ادب جي دنيا ۾ پنهنجي شاعري جيان ئي بلڪل منفرد ماڻهو آهي. هن ڪڏهن به ادبي ريس ۾ حصو وٺڻ بجاءِ پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو آهي. سندس هن قلمي پورهيي بعد نثر جو ڪتاب اچڻو آهي. جيڪو پڻ منفرد موضوعن جي ڪري ضرور مڃتا ماڻيندو. قادر سيال جهڏائي “آسن جي آسمان” تي جس لهي.
    راجا ڀيشم ميگهواڙ


    نفيس جذبن جو شاعر قادر سيال

    شاعري اظهار جو شاندار وسيلو آهي. پر اندر جي احساسن، اڌمن، ڏکن، تڪليفن، پيڙاهن، ڪيفيتن ۽ جذبن جو اظهار شاعر پنهنجي تخليقي فن سان نهايت ئي شاندار انداز سان فقط شاعري ذريعي ئي پيش ڪري سگھي ٿو. بقول بابا بلي شاهه جي ته “اڪ نقتي وچ گل مڪدي هي” سموري حياتي جي پيار، عشق ۽ محبت کي چند سٽن ۾ بيان ڪري وڃڻ جو ڪم هڪ شاعر کانسواءِ ٻيو ڪير ڪري سگھي ٿو؟ هن سماج ۾ پيار، پاٻوهه، سڪ ۽ اُڪير، قوم ۽ وطن جي مسڪين، مظلومن جي ڏکن کي گھرائي ۽ شدت سان محسوس ڪرڻ ۽ انهن احساسن کي شاعري ذريعي اظهارڻ ۽ عڪاسي ڪرڻ جو شاهڪار فن نازڪ، نفيس ۽ حساس طبيعت رکندڙ قادر سيال جھڏائي تمام بهتر ڄاڻي ٿو. هن جي شاعري به هن جي طبيعت سان مشابهت رکڻ ڪري نازڪ ۽ نفيس آهي. هن سماج جي عڪاسي هن جي شعر ۾
    شهر ۾ جيڪو اهل ذر آهي،
    سوئي انسان معتبر آهي.
    ادب انسان جي لاتعداد اوڻاڻين کي ڇانگي تيار ڪري ٿو. ادب ئي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ وطن جي پورهيتن سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو. ادب جو گھرائي سان مطالعو ئي ماڻهو ۾ ماڻهپو پيدا ڪري ٿو. ماڻهو منجهه موجود غيرانساني رويا، رجعت پرستي، جنونيت، انتهاپسندي ۽ غيرجھموري سوچ کي ترڪ ڪرڻ جو آخري ذريعو ادب آهي ۽ ادب ئي انسانيت، ماڻهپو ۽ حقيقت پسندي جا گس ڏيکاري ٿو. سنڌ ۾ رجعت پرستي جي باهه کي اسان جو ادب ٻنجو ڏيئي سگھي ٿو. ان جو مقابلو فقط ڪتاب ئي ڪري سگھن ٿا. شاعر لفظ شعور مان نڪتو آهي. تنهڪري جيڪا شاعري هن سماج کي شعور جي لاٽ سان روشن ڪري ٿي اها ئي شاعر ۽ شاعري جي جيت آهي.
    ٻولي سلامت هوندي ته ادب حياتي ماڻيندو. قومن کي ادب ئي زنده رکي سگھي ٿو. فرانس، روس، چين، ويٽنام سميت دنيا جي ٻين انقلابن ۾ ادب جو شاندار ڪردار رهيو آهي. انقلابي تحريڪن جا جوش ۽ جذبا فقط مزاحمتي شاعري اڀارڻ جي طاقت رکي ٿي. تيونس جي تحرير اسڪوائر جو ڊگھو عوامي احتجاج اُتي جي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر ابوالقاسم الشهابي جي نظم جو نتيجو هو جنهن نظم کي اُتي جي نوجوانن پنهنجي شرٽن تي پينٽ ڪرائي ڇڏيو هو. ان مان ثابت ٿيو ته شاعري ۾ وڏي طاقت آهي. فقط ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انتهاپسندي ۽ جنونيت جي انسان دشمن سوچ کي هن وقت صرف ادبي هٿيار قلم ۽ ڪتاب سان بچائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب “” ۾قادر سيال جهڏائي جا احساس، جذبا، ڪيفيتون، خيال، فن ۽ فڪر سڀ جس لهن. سندس ڪتاب “آسن جو آسمان” پنهنجي اهميت ۽ افاديت سان پنهنجي تاريخ پاڻ ٺاهيندو.
    محب ڀيل
    جهڏو


    سچ ۽ سونهن جو شاعر؛ قادر سيال جهڏائي

    قادر سيال جهڏائي نثر توڻي نظم ۾ خوب لکيو آهي ۽ واهه جو لکيو آهي. هو گهڻي وقت کان شاعري سرجيندو پيو اچي ۽ ان سان گڏ هن جو قلم نثر ۾ نون موضوعن تي نراليون تحريرون لکڻ واري ڪرت سان لڳل آهي. هن ۾لٻاڙون هڻي پاڻ پڏائڻ، گلاخوري ۽ خودثنائي واري عادت بنهه ناهي، هو ته بس لکندو پيو وڃي، پوئتي مڙي نٿو ڏسي، پنهنجي ادبي حيثيت جي ماپ نٿو ڪري. سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ جي چوندو آهي ته ليکڪ کي کپي ته لکندو رهي. بنا اهو ڄاڻڻ جي ته سندس ادبي قد ڪيترو آهي. سو قادر به لکڻ واري ڪرت ۾ لڳل آهي. ۽ ادبي کيتر ۾ تخليق جا گلاب پوکيندو وڃي.
    ڪتاب “آسن جو آسمان” ۾ سندس اها شاعري شامل آهي. جيڪا هن ادبي دنيا ۾ پير پائڻ کان وٺي هيل تائين سرجي آهي. سندس شاعري ۾ خيال جي اُوچي اڏام سندس تخليقي سگهه کي وڌايو آهي. توڻي جو هاڻي نئين ٽهي جي سرجڻهارن جو لاڙو آزاد شاعري ڏانهن آهي پر قادر سيال پابند شاعري، اڪثر غزل لکيا آهن. ۽ انهي سان نڀايو اٿس. سندس شاعري ڪٿي ڪٿي ته موکي جي مٽن جهڙا خمار چاڙهيو ڇڏي. لڳي ٿو ته ڄڻ ڪنهن سونهن چانڊوڪي رات جو آرس موڙي هجي؛
    ململي هو ويس ۾ ڀٽ مٿي ڀڄندي رهي،
    اڀ راضي هو گھڻو، برسات هئي ڪيڏي ڀلي.
    نٿو سگهجي؛
    ڄاڻي واڻي پاڻ کي مون هارائي هو ڇڏيو،

    شاعري ۾ خيالن جي گهرائي ئي پڙهندڙ کي موهي ٿي. جڏهن سندس شاعري ۾ اهڙا خيال پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ته واکاڻ کان رهجي
    پيار جي ميدان ۾ مات هئي ڪيڏي ڀلي.
    آئون سمجهان ٿو ته قادر سيال جهڏائي جهڙن نوجوان شاعرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. کين اها مڃتا ملڻ گهرجي جيڪا هو لهن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته قادر سيال جي هن مجموعي جنهن ۾ سندس غزل شامل آهن پڙهندڙن وٽ ضرور مان ماڻيندو.
    غلام شبير لغاري
    ٽنڊوباگو


    خوش مزاج ۽ مرڪڻو؛ قادر سيال

    خوش مزاج ۽ مرڪڻو؛ قادر سيال
    قادر سيال جهڏائي جي شاعري ۾ سموري سنڌ جا درد شامل آهن. هي شاعري سان گڏ قادر سيال ڪالم نويس به آهي. شال هي سنڌ جو هي سُريلو ڏات ڌڻي سنڌ جي لاءِ ائين شاعري جا شبنم گلابي گلڙا تخليق ڪري شاعرن جي صف ۾ بيهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي هڪ ادب ۾ نئون باب رقم ڪندو رهي.
    مون قادر سيال کي خوش مزاج ۽ سدائين مرڪندي ڏٺو آهي. حساس دل رکندڙ ماڻهو ئي هڪ سهڻو ۽ سٺو شاعر ٿي سگهي ٿو. انهي جو سبب اهو آهي ته هو ٻين جا درد پنهنجن ڪلهن تي کڻي ٿو. قادر جا غزل، نظم ۽ وايون تمام سٺا ۽ جاندار آهن. دعا ته قادر شال سنڌ جيڏي جند ماڻي.
    جهان عالم سميجو
    شاعري ان کي چئبو آهي جيڪا پڙهندڙ جي هانءَ ۾ هٿ وجهي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري، پڙهندڙ کي ائين محسوس ڪرائي ڄڻ شاعر ان جي اندر جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙي شاعري جديد سنڌي ادب جي آڪاش جو هي ستارو اسان جو دوست قادر سيال جهڏائي به ڪري ٿو، هن نوجوان تخليقڪار جا شاعري ۾ پهريان پنڌ ضرور آهن پر اهي پير هن جا ڏاڍا پڪا ۽ پختا آهن. مسلسل لکڻ سان هن نوجوان جي شاعري سنڌي ادب ۾ سٺي جڳهه ولارڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

    شوڪت نهال راڄڙ


    فقيرمنش ڏات ڌڻي

    خوشنصيب خِطن ۾ شاعرن جا جنم ٿين ٿا. شاعر پنهنجي ڪلا سان قوم، وطن، حُسن ۽ عشق کي پنهنجن شعرن ۾ پيش ڪري پنهنجي دؤر جي ترجماني ڪن ٿا. قادرسيال جهڏائي گھڻي عرصي کان نثر توڙي نظم ۾ پنهنجي حال سارو ميدان ملهايو اچي. سندس شاعري جي ڪتاب “آسن جو آسمان” ۾ شامل شاعري نهايت ئي وزندار ادبي ڪاوش آهي. آئون دوست کي جس پيش ڪندي اميد ڪيان ٿو ته قادر سيال ادب جي هن سفر کي جاري رکي، سندس قلمي پورهيي کي سنڌ ضرور مان ڏيندي. هن لاءِ نيڪ تمنائون.

    عمر احمداڻي


    شاعر پاران

    زندگي جي سفر ۾ ڪي اهڙي پل ۽ گھڙيون آيون آهن ڪي خوشين واريون ته ڪي غمن واريون، مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي جيون ۾ خوشين جا لمحا تمام گھٽ ۽ غمن جا لمحا وڌيڪ آيا آهن. انڪري مون ننڍپڻ کان ئي ذهني طور وڌيڪ ڀوڳيو آهي. جنهن سبب منهنجو تخليقڪار بڻجڻ به وقت ۽ حالتن جو وڏو اثر آهي. آئون ٻالڪپڻ کان ئي حساس ماڻهو آهيان. هن سماج ۾ ڪنهن سان بي واجبي منهنجي تڙپڻ جو سبب بڻجي ٿي. اندر جهري پوندو آهي. سوچيندو آهيان ته مسڪين انسان سان ايڏو انياءُ ڇو؟ ماڻهپو ڪيڏانهن ويو؟ ماڻهن امن جي واٽ ڇڏي رت جو رستو ڇو اختيار ڪيو آهي؟ مون به گھڻي حياتي ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيندي گذاري آهي. ان ذهني عذاب سبب ادبي ڪم تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي. زيادتيون هوندي به ان روين تي ڪو ڏک ناهي، ڇو ته ماڻهن جا ڏک اڃان به وڏا آهن. بس اهو يقين آهي ته ڪاري رات کُٽندي، صبح ٿيندو.
    منهنجي شاعري جو هي پهريون ڪتاب “آسن جو آسمان” توهان جي هٿن تائين پهتو آهي. هن شعري مجموعي ۾ ڪجهه نئين ته ڪجهه پُراڻي شاعري شامل آهي. گھڻي شاعري ۽ مضمون ته 2011ع واري ٻوڏ جي نظر ٿي ويا. مونکي منهنجي شاعري جيتري هٿ آئي اوهان تائين پهچائي اٿم. شاعري ڪهڙي آهي؟ اهو اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي. شاعري جي سفر ۾ همٿائيندڙ دوستن راجا ڀيشم ميگهواڙ، اخترحفيظ

    محب ڀيل، فقير غلام حيدر لغاري، ايف سي راٺوڙ، صوفي اصغرکوسو، فقيرسليمان لغاري، غلام شبير لغاري، عثمان راهوڪڙو، علي جان لغاري، جي ايم هوت، عمر احمداڻي، اشفاق احمداڻي، جهان عالم سميجو، گل محمد خاصخيلي، حنيف عاطر، شوڪت نهال راڄڙ، ڪرم ڪلوئي، سيدپناهه شاهه ڏاڏاهي، معصوم ٿري، ڀورو رٻاري، جبار تاثيرسومرو، امتياز عادل سومرو، گلزار، لطف سيال، رفيق سيال، سيال حيات، غلام شبيرسيال، ذوالفقار گاڏهي، مٺوسانگهڙائي، راجن مڱريو، سائين فيض محمد ٽالپر، اياز کوسو، بابو فيض محمد سيال، شمس مڱريو، غلانبي سيال، استاد نظاماڻي، مبين وساڻ، آڪاش علي نواز چانڊيو، سميت دوستن پهلاج ڪولهي، رڻشال ڪولهي، موهن ڪولهي، نيمداس ڪولهي،چيلارام رٻاري، ميگهراج رٻاري، واگهو رٻاري، فقيرعطامحمدسنجراڻي اشوڪ رٻاري، ميرحسن کوسو، محمد سيف سيال، محمد ڪيف سيال، رضا سيال، اعجاز سيال، امام بخش سيال، فقيرسليم سيال، جو نهايت ٿورائتو آهيان.


    محبتن جو قرضي
    قادر سيال جهڏائي
    03023312940


    غزل

    زلفن جي ٿڌڙي ڇانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    زلفن جي ٿڌڙي ڇانءَ جو، احساس پنهنجو آ
    دردن ۾ گھيريل هانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    ساري جڳ جون ريتون رسمون، سڀ اورانگھي تو ڇڏيون
    هٿڙن تي لکيل نانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    آسن جو آسمان آ، ڪڪرن کان اڄ ڀي وانجھيل
    خالي چونري ۽ ٿانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    صدقو ڏجي ته ڪهڙو گهر آهي منهنجو خالي
    وڻ تي بکايل ڪانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    چانڊوڪي شب ۾ تولئه، سندر غزل لکيو مون
    “قادر” جي ڏات ۽ ڏانءَ جو، احساس پنهنجو آ

    ****


    هڪڙي دل جا ڪيڏا ٿيا هن ٽُڪرا ڏس

    هڪڙي دل جا ڪيڏا ٿيا هن ٽُڪرا ڏس
    پوءِ به جيئڻ جي جڳ ۾ آهي آشا ڏس

    شام جو موٽي ايندو آهيان پنهنجي گھر
    ڪيڏي سوڙهي ٿي وئي آهي دنيا ڏس

    اميدن جا گل سڪي ويا هر گس ۾
    دل جو گلشن ٿي ويو آهي صحرا ڏس

    ڪيئن سنڀاليان پنهنجي وهندڙ ڳوڙهن کي
    ريزا ريزا ٿي ويا آهن سپنا ڏس

    ايڏو سولو ناهي وسارڻ ساجن کي
    دل تي آهن گهاؤ اڃان ڀي گھرا ڏس

    خوشين کان محروم وڇوڙي ڇا ته ڪيو
    دردن جا چئوپاسي آهن گھيرا ڏس

    “قادر” پنهنجي نيڻن کي سمجهايو پر
    روز تڪيندو آهيان تنهنجا رستا ڏس

    ****


    ڪيو آ غم مون وصول جانان

    ڪيو آ غم مون وصول جانان
    هي تنهنجو تحفو قبول جانان

    ڦٽائجي نه ڪڏهن به ڪنهن سان
    اسان جو آهي اصول جانان

    جتي نه تنهنجي مهڪ اچي ڪا
    اتي رهڻ آ فضول جانان

    خيال اونداهه راتين جو
    ٿين ٿا تنهنجا نزول جانان

    ٻڌايان ڇا مان ته توکان پوءِ
    هي دل آ ڏاڍي ملول جانان

    عجيب “قادر” جي ڪيفيت آ
    عجب آ رنگ رتول جانان

    ****


    شهر ۾ جيڪو اهل ذر آهي

    شهر ۾ جيڪو اهل ذر آهي
    سوئي انسان معتبر آهي

    جت ملي ٿو سڪون هن دل کي
    سوئي نيڻن ۾ تنهنجو گهر آهي

    شوق جاڳيو پيئڻ جو آ ڏاڍو
    بند ڇو مئڪدي جو در آهي

    هڪ ڦڙو ناهي واهه ۾ پاڻي
    خالي هاري جي هٿ ۾ هر آهي

    من اڃايل رهي ٿو هي منهنجو
    ڄڻ ته سيني اندر ٿر آهي

    ڪوئي “قادر” هجي ٻُڌڻ وارو
    داستان پنهنجو مختصر آهي

    ****


    پنڇي آهي جو آشياني تي

    پنڇي آهي جو آشياني تي
    سو ته ماري جي آنشاني تي

    ڪو به الزام هي رکي ٿو سگھي
    دوش ناهي پرين زماني تي

    ٽوڙي رسمون سگھو تون اچ مون ڏي
    وقت پنهنجو نه ڪٽ بهاني تي

    مونکي آهي وڏو فريب مليو
    ڇا لکان پيار جي فساني تي

    ****


    لڙڪن جي برسات نڪرندي

    لڙڪن جي برسات نڪرندي
    تنهنجي جي بارات نڪرندي

    پوڙهي ور کي ننڊ سمهاري
    ناري ڪا اڌ رات نڪرندي

    سائل آهيون حسن تنهنجي جا
    ڀلجي ڪا خيرات نڪرندي

    توسان منهنجا نيڻ مليا هن
    گھر گھر هڪڙي بات نڪرندي

    مرڪي “قادر” وٽ تون آئين
    خوشبوءَ جهڙي ڏات نڪرندي

    ****


    ياد ڳوڙها درد سپنا ويو ڇڏي

    ياد ڳوڙها درد سپنا ويو ڇڏي
    ننڊ اکڙين مان ڪو ماڻهو ويو چڳي

    ڪيترو سفاڪ ۽ چالاڪ هو
    چالبازي سان ويو آ دل ٺڳي

    ماڻهو هر ڪو اجنبي هن شهر جو
    پنهنجو پاڇو ڀي ٿو ڌاريو اڄ لڳي

    ڌاڙو پاڻي تي لڳي ويو دوستو
    مرد غازي سنڌ خاطر ڪو اُٿي

    سامراجين جيئن سڪايو، دل سنڌو
    خواب پيرن ۾ لتاڙيو پئي وڃي

    ٿيو سکيون هن کان پڇن، هو ڪير هو؟
    جيڪو ويو آ تنهنجي دل ۾ گھر اڏي

    ****


    تنهنجي مک تي حجاب ڪيئن پڙهان؟

    تنهنجي مک تي حجاب ڪيئن پڙهان؟
    شاعري جو ڪتاب ڪيئن پڙهان؟

    چنڊ چهرو لڪل آ چُنري ۾
    تنهنجي چپ تي جواب ڪيئن پڙهان؟

    شهر سارو نه ٿي وڃي خوشبو،
    زخم جهڙا گلاب ڪيئن پڙهان؟

    ڏينهن وارا ستم ٿو ياد رکان
    رات وارا عذاب ڪيئن پڙهان؟

    شهر يوسف جي تون رهڻ واري
    تنهنجو سارو شباب ڪيئن پڙهان؟

    خوف لڙڪن جو ٿو رهي هر پل
    پنهنجي جيون جو باب ڪيئن پڙهان؟

    روشني جو اتو پتو ناهي
    زلف جهڙو سحاب ڪيئن پڙهان؟

    ڳالهه “قادر” جي سمجهه کان ٻاهر
    توکي عالي جناب ڪيئن پڙهان؟

    ****


    دربدر آهيون اسين

    دربدر آهيون اسين
    ڄڻ قمر آهيون اسين

    نيڻ ٻرندا رات جا
    باخبر آهيون اسين

    ظلم نياڻين تي رڳو
    معتبر آهيون اسين

    ڇو سنڌو ويران ٿئي
    ڪجھ اگر آهيون اسين

    هٿ وڍايون پيا رڳو
    باهُنر آهيون اسين

    جو نٿو معني رکي
    سو اکر آهيون اسين

    شام ڇو آهين اُداس
    نوحاگر آهيون اسين
    ******
    ****


    هُن رکيو ٻاهر قدم پهريون دفعو

    هُن رکيو ٻاهر قدم پهريون دفعو
    مون کنيو هٿ ۾ قلم پهريون دفعو

    چاندني جو رقص هن ڌرتي مٿان
    مون ڏٺو رب جو قسم پهريون دفعو

    رات اچڻو هو مگر، پهتو نه هو
    مون تي ٿيو هي ستم پهريون دفعو

    هر ڪو محفل ۾ ڪندو ڳالهيون رهيو
    نيٺ پرزا ٿيو ڀرم پهريون دفعو

    ڳالهه ٿوري تان اجايو اڄ وري
    ويو رُسي مون کان صنم پهريون دفعو

    بيوفا کي ڇا خبر “قادر” سيال
    هجر ۾ ڪيڏو رنم پهريون دفعو

    ****


    هاءِ اڌورين آسن تي

    هاءِ اڌورين آسن تي
    وقت ڪٽيو مون واٽن تي

    پرت جو پياسي هڪڙو پکيئڙو
    لات لنويو پي لامن تي

    ساريو ويٺو لڙڪ وهايان
    توسان گذاريل شامن تي

    رت ۾ لٿڙيل لاش ڏسي ٿي
    قهر ڪو گذريو مائن تي

    پل پهر جو واعدو تنهنجو
    پهتو وڃي ڇو سالن تي

    “قادر” وقت سو ڪيئن وساريان
    روز ستو ٿي ٻانهن تي

    ****


    لار لڙڪن لار سان ايندي رهي

    لار لڙڪن لار سان ايندي رهي
    سار پويان سار سان ايندي رهي

    وئي گھڙي ۾ ڇوڪري چيڀاٽجي
    هو جي پويان ڪار سان ايندي رهي

    ڇوڙيا ڪنهن سائنڻ پنهنجا وار اڄ
    روشني مهڪار سان ايندي رهي

    هن جڏهن ڀي پيار مان ڀاڪر وڌو
    هير ڪا ٿڌڪار سان ايندي رهي

    مونکي محفل ۾ ڏسي “قادر” سيال
    ڇوڪري هڪ هار سان ايندي رهي

    ****


    درد ڳوڙها ساهه ٿڌڙا، زندگي صليب تي

    درد ڳوڙها ساهه ٿڌڙا، زندگي صليب تي
    ڪنڊا راهن ۾ رکيل ۽ دل لڳي صليب تي

    هاڻ توڏي سڀ اچڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيون
    چوطرف پهرا پرين، عاشقي صليب تي

    اڄ اکين جي سيم مان تون اڏامي وئين هليو
    آ گسن تي ڏاٻ اونداهه، روشني صليب تي

    ڪين هاڻي هو ايندئي ديپ ڇڏ سڀ اُجهائي
    ڳالهه شايد وئي وڌي دلبري صليب تي

    رخصتي ٿي ان سندي دهل ۽ شرنائن سان
    مرد پوڙهو پاڻ ابهم ڇوڪري صليب تي

    جام پي مدهوش ٿي ۽ درد هلڪا ٿي ڪيا
    جڳ کلي “قادر” پيو مئڪشي صليب تي

    ****


    اڄ رات نه ايندي تون، پرڀات نه ايندي پوءِ

    اڄ رات نه ايندي تون، پرڀات نه ايندي پوءِ
    هن ڌرتي پياسي تي برسات نه ايندي پوءِ

    هڪ خواب لڌو اکڙين، گڏجڻ جو پرين توسان
    تعبير ڪڍي ڏيندين ته مات نه ايندي پوءِ

    تون زلف نه سوارين ٿو، مرڪي نه نهارين ٿو
    دل گيت لکڻ چاهي پر ڏات نه ايندي پوءِ

    تو نيڻ پرين ٻوٽيا الفت نه رهي تو ۾
    خوشين ڪي پرين ڪڏهن بارات نه ايندي پوءِ

    محفل ته متل آهي، آئين نه اگر اي دل
    ان جوِءِ ۾ “قادر” منهنجي ذات نه ايندي پوءِ

    ****


    اچي غم جي دل ۾ ٽڪي رات آ

    اچي غم جي دل ۾ ٽڪي رات آ
    نه ڪنهن پل ويچاري سُتي رات آ

    نه محفل ۾ هاڻي مزو ڪو رهيو
    سواءِ تنهنجي ڍوليا ڦڪي رات آ

    ڪو خوشين جي آغوش ۾ آ ست
    ڪو بي چين ويٺو سڄي رات آ

    اسان جي خبر چنڊ تارن کان پڇ
    نه دردن سندي هي کٽي رات آ

    نه انجام تي ڪونه پهتي مٺي
    عذابن جي مون تي لٿي رات آ

    رڳو لڙڪ آهون ڀري جھول ۾
    نه قادر ڪا راحت ڏني رات آ

    ****


    مرڪ پرين جي پيار گھري ٿي

    مرڪ پرين جي پيار گھري ٿي
    سارو ڄڻ سنسار گھري ٿي

    هيل گھٽي کان تنهنجو پڇيم
    ڪهڙو پئي انتظار گھري ٿي

    تنهنجي ڪومل سندر جواني
    مهندي جي مهڪار گھُري ٿي

    بنگلو ڪو يا ڪار آڇي پر
    دل ته فقط دلدار گھري ٿي

    منهنجو آهين مونسان رهجان
    “قادر” دل هر بار گھري ٿي

    ****


    گھٽي ۾ هوندي ملي نه سگھيو ڪو

    گھٽي ۾ هوندي ملي نه سگھيو ڪو
    پکي ڍنڍ تي ڀي پياسو رهيو ڪو

    وري هن جي نڪرڻ تي بندش لڳي آ
    آ شايد نئون آ فسانو ٺهيو ڪو

    اڃان ڪيڌي خوشبو بدن مان اچي پئي
    ڪئين سال اڳ واٽ ويندي مليو ڪو

    بزم ڪنهن ۾ ڪلهه ڀي ذڪر منهنجو آيو
    وٺي منهنجو نالو پو ٿورو کليو ڪو

    مهذب دنيا جو هي الميو ڏسو
    مري ويو آ ٻالڪ شهر ۾ بکيو ڪو

    ڏئي مات جڳ کي ڪيم توکي حاصل
    پرين خوش قسمت هي “قادر” هيو ڪو

    ****


    عشق جي بن ۾ گھڙيا آهيون اسين

    عشق جي بن ۾ گھڙيا آهيون اسين
    سڪل ڪاٺين وانگر سڙيا آهيون اسين

    توکي چاهڻ جي سزا ڪيڏي ملي
    تنهنجي پاڙي مان تڙيا آهيون اسين

    ذڪر تنهنجي تي رڳو رويو پوان
    شهر وارن مان اڙيا آهيون اسين

    پيار جي درياهه ۾ غوطا کائي ٻڏي
    لاش ڪاري جيان لڙهيا آهيون اسين

    توکان پوءِ اهڙو حشر دل جو ٿيو
    ڄڻ ڪڙهائي ۾ ڪڙهيا آهيون اسين

    صرف تنهنجي چاهه ۾ منهنجي مٺي
    غم جي سولي تي چڙهيا آهيون اسين

    نفرتن جي شهر ۾ هي حوصلو
    گھر ٽٽل وانگي جڙيا آهيون اسين

    هن جي چاهت ۾ رڳو قادر سيال
    ساري دنيا سان وڙهيا آهيون اسين

    ****


    جنب مون گذاري ڇڏي حاضري ۾

    جنب مون گذاري ڇڏي حاضري ۾
    ڪڏهن اچ دل جي پرين ماٿري ۾

    نهاريو نه ڪيڏانهن، ڏٺو نه ڪنهن کي
    کتل نيڻ منهنجا هئا سانوري ۾

    ڪکائي پهي تي پئي جھار هڪلي
    فصل عشق جو آ پڪو ٻاجهري ۾.

    لڳو ڄڻ ته ڪڪرن پٺيان چنڊ هوڪو
    ڪنواريون نگاهون ڏٺم چادري ۾

    ڏنم درد توکي ڀلا ڪهڙا “قادر”
    ڏکن جي ڪٿا پيو لکين شاعري ۾

    ****


    چنڊ صنم جي ڳولا ڪر

    چنڊ صنم جي ڳولا ڪر
    مون لئه غم جي ڳولا ڪر

    چانڊوڪيون ۽ چيٽ ڇڏي
    ٻي موسم جي ڳولا ڪر

    تو بن سانوڻ گذري ويو
    ڪنهن آگهم جي ڳولا ڪر

    جنهن ۾ پنهنجو عڪس هجي
    ان ڪالم جي ڳولا ڪر

    ڪهڙي بستي آهي هي؟
    اُٿ آدم جي ڳولا ڪر

    ****


    شام اُفق ۾ تنهنجو چهرو وڻندو آ

    شام اُفق ۾ تنهنجو چهرو وڻندو آ
    ڄڻ ته ندي تي چنڊ جو پاڇو وڻندو آ

    رات انڌيري تنهنجون يادون ۽ سوچون
    تنهن پل تنهنجو سهڻو سپنو وڻندو آ

    ننڊ اکين مان پنڇي وانگي اڏري وئي
    پوءِ به اماڻيل جاڳ ۽ ڳوڙهو وڻندو آ

    هيل به سانوڻ منجهه ملڻ مون چاهيو ٿي
    ڇو ته اوهان جي من جو ڪاڇو وڻندو آ

    تنهائي ۾ پنهنجي گھر کي جانچيندي
    پيارا تنهنجو هر گل دستو وڻندو آ

    هن سرتين سان ڳالهه ڪئي پي محفل ۾
    ڳوٺ جو هڪڙو قادر سهڻو وڻندوآ

    ****


    اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ

    اسان جي ڦٽن کي اکيڙي وئي آ
    جفا جو رڳو تير کوڙي وئي آ

    سگھيو ناهيان ميڙي اڃان دل جا ٽڪرا
    ڀڳل شِشي وانگي هو ٽوڙي وئي آ

    رهيو هوش ناهي اکين کي جڏهن کان
    ٻڏل وار خوشبو ۾ ڇوڙي وئي آ

    سڄي رات سڪندي اسان جي آ گذري
    بکيا دل جا جيڪي اُڍيڙي وئي آ

    گلابي بدن تي نچي چاندني اڄ
    سوين رنگ پنهنجا پکيڙي وئي آ

    پڙهي خط منهنجو ڏئي پير هيٺيان
    ڪنول جهڙا جذبا لتاڙِي وئي آ

    کڻي خواب قادر اميدن جي ٻيڙي
    رڳو درد جي ڪن ۾ ٻوڙي وئي آ

    ****


    منظر سهڻا تنهنجي اکين جا ڪئين وسرن

    منظر سهڻا تنهنجي اکين جا ڪئين وسرن
    ڇانءَ وڻن جي ٻول پکين جا ڪئين وسرن

    رات وڇوڙي واري ٻيو، برسات مٿان
    نقش ڳلن تي تنهنجي چمين جا ڪيئن وسرن

    مون لئه منظر ڪيڏو هو سو درديلو
    شرناين ۾ گيت سکين جا ڪئين وسرن

    ڇرڪ ڀري مان جاڳي پوان ٿو جنهن ٽاڻي
    جھر مر تارا تنهنجي سڳين جا ڪئين وسرن

    دل جا کولي ورق پڙهان ٿو روزانو
    سيني تي هي زخم صدين جا ڪئين وسرن

    قادر ڪنهن جو جوڀن آهي نيڻن ۾
    بارش وسندي رقص ندين جا ڪئين وسرن

    ****


    سپنن کي ڪي راهون ملنديون

    سپنن کي ڪي راهون ملنديون
    جيڪر تنهنجون ٻانهون ملنديون

    مونکي جي تون چاهين پيارا
    توکي کوڙ دعائون ملنديون

    هو جي منهنجي ڀر مان گذري
    خوشبو جون ڪي هڳائون ملنديون

    منهنجو جيون مرڪي پوندو
    زلفن جون ڪي ڇائون ملنديون

    قادر تنهنجي ڀر ۾ ويهندو
    جنت جون ڪي هوائون ملنديون.

    ****


    درد اندر ۾ ڀڙڪن پيا

    درد اندر ۾ ڀڙڪن پيا
    پنڇي ڍنڍ ۾ تڙڳن پيا

    خواب نگر ۾ آيو آ
    نيڻ اسان جا مرڪن پيا

    ائٽم بم جي دور ۾ اڄ
    هانو سڀن جا ڇرڪن پيا

    پير سنڀالي هلندو ڪر
    نانگ ٻرن ۾ سرڪن پيا

    درد اسان جي دل ۾ آهن
    جيئن ڪي تارا چمڪن پيا

    دنيا وارا پيارا جا ويري
    لوڻ ڦٽن تي ٻرڪن پيا

    قادر اڪثر يادن ۾
    لڙڪ اکين مان نڪرن پيا

    ****


    ننهن کان چوٽي تائين سنواري آيو آ

    ننهن کان چوٽي تائين سنواري آيو آ
    پنهنجو پهريون واعدو پاري آيو آ

    ٽوڙي بندش مجبورين جي ڪاتين سان
    ساري ڳوٺ کي ننڊ ۾ سمهاري آيو آ

    سالن کان پوءِ تنهنجي زيارت مون آ ڪئي
    منهنجو جڏو جيءَ جياري آيو آ

    پرچڻ جي لاءِ عرض گذارش منٿ ڪيم
    پنهنجي انا کي نيٺ هو ماري آيو آ

    پيار جا سڀ معصوم پکي محفوظ رکيا
    نفرت جو هو باز اڏاري آيو آ

    هن کي ڪجھ احساس ٿيو آ “قادر” سيال
    خوب اکين مان لڙڪ هو هاري آيو آ

    ****


    سهڻي ڇوڪري مُرڪي پئي

    سهڻي ڇوڪري مُرڪي پئي
    بِنديان هن جي چمڪي پئي

    ڪنهن انوکي محفل ۾
    ڇير پرين جي ڇمڪي پئي

    گھر کان ٻاهر نڪري هو
    ماڪ ڦڙن ۾ وهنجي پئي

    چانڊوڪي ۾ آئي آهي
    چنڊ جيان ڏس جرڪي پئي

    شايد هُن اڄ ساريو آهي
    اک سڄو ڏينهن ڦڙڪي پئي

    ڪمرو روشن ٿيندو وڃي پيو
    پوتي سر تان سرڪي پئي

    قادر روز گلائون ڪري ٿي
    لوڻ ڦٽن تي ٻرڪي پئي

    ****


    جوت جذبن ۾ مچائيندين ته اچبو

    جوت جذبن ۾ مچائيندين ته اچبو
    دونهين زندگي جي دکائيندين ته اچبو

    ڪدورت ۽ ڪيني کي پاسي رکي بس
    محبتي ڪا محفل سجائيندين ته اچبو

    منهنجو ديس آهي گھيرن ۾ هي گھيريل
    ڳجھن کي ڳوٺن مان اڏائيندين ته اچبو

    اونداهه رات ڪاري جا پرزا ڪري اڄ
    شمع روشني جي جلائيندين ته اچبو

    متان سنڌ واسي ميارون ڏين پوءِ
    دوست پنهنجو واعدو نڀائيندين ته اچبو

    “قادر” دل جي ڌرتي آ لڙڪن سان ڌوتي
    وري ٽهڪ ڏيئي کلائيندين ته اچبو

    ****


    ٿي ويون رات گم هڪڙي منظر ۾ اکيون

    ٿي ويون رات گم هڪڙي منظر ۾ اکيون
    تڏهن هن جون آهن ٽڪيل در ۾ اکيون

    جهلڪ هڪڙي بيٺو ڏسڻ لئه مان آهيان
    لڪائي نه پنهنجون تون چادر ۾ اکيون

    نه سڪ ٿي آ پوري، اڃان تائين دل جي
    رهن ٿيون رڳو بس هي دلبر ۾ اکيون

    صفا هت وڇوڙي جي موسم وڍي ٿي
    رلايون ٿا ڪنهن جي ڪري بر ۾ اکيون

    نه واپس وڃي ٿا سگهون ماڳ پنهنجي
    وڃائي ڇڏيوسين پنهنجون ٿر ۾ اکيون

    پري ڪونه ٿينديون مٺي پل ۾ ڪو توکان
    ويون اٽڪي هي تنهنجي ته گھاگھر م اکيون

    مليو چاهتن مان لکيل خط تنهنجو
    وڃائي آ ويٺو ڪو ڪاڳر ۾ اکيون

    ڪري هرڪو واکاڻ پرپٺ ٿو “قادر”
    ٿيون مشهور تنهنجون سڄي تر ۾ اکيون

    ****


    پرين ياد آهي سلامت اوهان جي

    پرين ياد آهي سلامت اوهان جي
    سنڀالي رکي مون امانت اوهان جي

    گلابي اکين جا اشارا ڇهن ٿا
    وساريان ڀلا ڪيئن محبت اوهان جي

    عجب زندگي جو نشو آ تاري
    ڪيان روز ٿو مان زيارت اوهان جي

    اکين سان پيارين ٿو، جام تون مونکي
    مثالي پرين آ سخاوت اوهان جي

    مون چاهيو اوهان کي سدا روح سان آ
    اجائي پيارا شڪايت اوهان جي

    ٻڌي سڏ منهنجو اچين ٿو او تاري
    هي “قادر” تي آهي عنايت اوهان جي


    ****


    چاندني رات ۾ اچ سکي باغ ۾

    چاندني رات ۾ اچ سکي باغ ۾
    آجيان سڀ ڪندا هت پکي باغ ۾

    ٿا اندر ۾ ٻرن وڍ وڇوڙي ڪئين
    مون ته ٽانڊن مٿان دل رکي باغ ۾

    ڌڪ پچائي سگھيا ڪونه آهيون اڃان
    رات ڪنهن دل اسان جي ڪَکي باغ ۾

    ماس ڪوري رکيوسين اوهان جي اڳيان
    ملندو نه اهڙو ٻيو ڪو سخي باغ ۾

    چنڊ چهرو نه وسري سگھيو آ ڪٿي
    جنهن مٿان شاعري مون لکي باغ ۾

    جيئن چُني مک تان تو آ هٽائي پرين
    ڄڻ ٻري چوطرف آ بتي باغ ۾

    ڳوٺ آ سوڳ جي ننڊ ۾ پڄ سِگھي
    دل وري درد “قادر” ٻکي باغ ۾

    ******


    پرين جون پچارون سُٺيون ٿيون لڳن

    پرين جون پچارون سُٺيون ٿيون لڳن
    خيالن اڏارون سُٺيون ٿيون لڳن

    اکين کي نه وسريو آ منظر هٺيلو
    سڄڻ جون نهارون سُٺيون ٿيون لڳن

    وڇوڙي ۾ تنهنجي اسان کي هتي
    نه هاڻي بهارون سُٺيون ٿيون لڳن

    اچن مون ڏي خوشبو هي تنهنجي کڻيو
    تڏهن لڙڪ لارون سُٺيون ٿيون لڳن

    اوهان جي هٿن تي چٽيل ميندي سان
    گلن جون قطارون سُٺيون ٿيون لڳن

    ڪريان ڳالهيون تصوير تنهنجي سان ٿو
    هي تنهنجون سنڀارون سُٺيون ٿيون لڳن

    ****


    وڇوڙن جون هي ڀوڳنائون پرين

    وڇوڙن جون هي ڀوڳنائون پرين
    الائي ته ڪهڙيون سزائون پرين

    کسي چين آرام دل جو ويون
    اوهان جي بدن جون هڳائون پرين

    اوهان جي حياتي بهارن جيان
    اسان جا هي سپنا خزائون جيان

    کُٽي سوچ دل جي ته هر ڪا اوهان تي
    اوهان ڪي ناهن ٻيون واهون پرين

    تنهنجي شهر آيو ملين ڪونه تون
    ڪيون کوڙ “قادر” پڇائون پرين

    ****


    پرين جي اچڻ سان اجالا ٿا چمڪن

    پرين جي اچڻ سان اجالا ٿا چمڪن
    اکين ۾ ستارا نرالا ٿا چمڪن

    وٺو مينهن، سارو ننگر رقص ۾ آ
    عجب دل ۾ لهندڙ جمالا ٿا چمڪن

    چپن تي رڳو نانءُ تنهنجو رهي ٿو
    اڃان تائين تنهنجا حوالا ٿا چمڪن

    ڏسو ڪيترو آهي پرنور منظر
    ڇا تنهنجي ڪنن جا هي والا ٿا چمڪن

    جڏهن به وڃون ٿا اسان مئڪدي ۾
    اسان جي هٿن ۾ پيالا ٿا چمڪن

    ڪري پنڌ تو وٽ پرين آيو آهيان
    اڃان تائين پيرن جا ڇالا ٿا چمڪن

    وطن لاءِ قربان ٿيا جيڪي “قادر”
    انهن جا ئي دنيا ۾ نالا ٿا چمڪن

    ****


    درد جي هيراڪ دل

    درد جي هيراڪ دل
    آ منهنجي رولاڪ دل

    هوءِ رکي ٿي پاڻ وٽ
    ڪيتري چالاڪ دل

    هي ڏکن جو سلسلو
    ۽ منهنجي بيباڪ دل

    تنهنجي آ تصوير بس
    تون ڪري ڏس چاڪ دل

    چاهتن جو اڄ وري
    پئي گھري پوشاڪ دل

    ****


    اکين ۾ ٿا ڳوڙها سڄي رات جاڳن

    اکين ۾ ٿا ڳوڙها سڄي رات جاڳن
    پرين هي وڇوڙا سڄي رات جاڳن

    مسئلو آ تو تائين پهچڻ به جانان
    گھرن ۾ ٿا پوڙها سڄي رات جاڳن

    اڃان تائين ڊوڙي ٿڪا ڪونه آهن
    خيالن جا گھوڙا سڄي رات جاڳن

    اونداهي ۾ اڪثر سندو جي ڪناري
    حسينن جا جوڙا سڄي رات جاڳن

    خيالن ۾ “قادر” ڊڄي ويندو آهيان
    ٿا ڊپ جا هٿوڙا سڄي رات جاڳن

    ****


    هُن جي مرڪي وار ڇوڙيا رات جو

    هُن جي مرڪي وار ڇوڙيا رات جو
    شهر ساري گل ميڙيا رات جو

    ڪونه ٿڪبي هُئي چميون ڏيندي چري
    ان ئي آهن خط ساڙيا رات جو

    گل وڇائي واٽ تي رکندي هئي جا
    تنهن به ڪاوا هن پکيڙيا رات جو

    ياد تنهنجي دل جي آڳر تي لٿي
    درد مون سان رشتا جوڙيا رات جو

    روشني “قادر” لڪي وئي ڪٿي
    ڪنهن اکين ۾ تير کوڙيا رات جو

    ****


    سمنڊ هي عوامي اٿندو ته ڏسجان

    سمنڊ هي عوامي اٿندو ته ڏسجان
    توکان حق پنهنجو وٺندو ته ڏسجان

    سدا تو سنڌين جون جلايون هن بستيون
    هاڻي ڪوٽ تنهنجو ڪرندو ته ڏسجان

    جلي وينديون تنهنجي قهر جون ڪٿائون
    هماليه جبل هي ڌکندو ته ڏسجان

    منهنجي سوچ ۾ ٿو ڀٽائي رهي بس
    تنبورو آزادي جو وڄندو ته ڏسجان

    آهي سيال “قادر” سڄي سنڌ جاڳي
    سنڌو جو به جوڀن ورندو ته ڏسجان

    ****


    تنهنجي بي حجاب نيڻن ۾

    تنهنجي بي حجاب نيڻن ۾
    رات جاڳيا پي خواب نيڻن ۾

    هي جدائي درد جا قصا
    وقت لکندو عذاب نيڻن ۾

    تنهنجون يادون کڻي ٿيون اچن
    لڙڪ ڏسي بي حجاب نيڻن ۾

    تون جي مرڪي ته ٽڙي ٿا پون
    سور بڻجي گلاب نيڻن ۾

    پيار تنهنجو ائين آ قادر لئه
    جيئن هجي ماهتاب نيڻن ۾

    ****


    تنهنجي اکين ۾ جوت ڏسان مان

    تنهنجي اکين ۾ جوت ڏسان مان
    ڀل پوءِ پنهنجو موت ڏسان مان

    منهنجي ڏکويل جيون ۾ تون
    خوشين جا پل اوت ڏسان مان

    تنهنجي ڳوڙهن ۾ آ خوشبو
    منهنجي سامهون رو ته ڏسان مان

    پيرن ۾ هئا ڇالا پوءِ ڀي
    سسئي چاهيو هوت ڏسان مان

    خواب جو مونکان وڇڙي ويو
    هڪڙي ڀيري سو ته ڏسان مان

    تنهنجا جلوه چئني پاسي
    محفل ۾ ٻيا ڇو ته ڏسان مان

    مرهم جو زخمن تي رکي
    قادر اهڙو ڪو ته ڏسان مان

    ****


    ننڊ ۾ هئي سکي پير واپس ڪيم

    ننڊ ۾ هئي سکي پير واپس ڪيم
    پاسي ۾ گل رکي، پير واپس ڪيم

    آرزو دل جي پوري ڪئي اڄ خدا
    تنهنجا هٿڙا چمي، پير واپس ڪيم

    شهر تنهنجو هو پري مگر راهه ۾
    غم جو ويو سج اُلهي پير واپس ڪيم

    من اندر هئي سڪ تنهنجي ڏاڍي مگر
    غير سان گڏ ڏسي، پير واپس ڪيم

    ويو سڪرات ۾ پئجي “قادر” سيال
    خبر شادي جي پئي، پير واپس ڪيم

    ****


    بهارن کي چئجو وڇوڙو نه آڻي

    بهارن کي چئجو وڇوڙو نه آڻي
    اسان جي نه جوڀن جواني کي ڇاڻي

    سفر زندگي جو آ ڏاڍو اڙانگو
    اڪيلو ته گھاري مان سگهندس نه هاڻي

    وئي رات نڪري اجهو سج آ نڪتو
    چمي هٿڙا تنهنجا اٿون ٿا ته هاڻي

    پچڻا نه منجھڻا ۽ منزل تي رسڻا
    چيو سچ ڪيڏو آهي ڪنهن سياڻي

    ڪري قرب “قادر” سگھو سيال اچجان
    چيو محب مرڪي زمانو ڇا ڄاڻي

    ****



    ايندي هو اڌ رات اکين پي ڳالهايو
    ويندي ٿي پرڀات اکين پي ڳالهايو

    تڙيپو آهيان توکي ڏسڻ لاءِ سالن کان
    قابو ڪيم جذبات اکين پي ڳالهايو

    پينگھ وفا جي لوڏيندي ۽ پيار ڪندي
    لهندي پوءِ ڪا ڏات اکين پي ڳالهايو

    پيار جو تاڙو ڪيڏو اڃايل آمن ۾
    وسندي ڪا برسات، اکين پي ڳالهايو

    ڊاهي نه سگھندو وحشي دنيا جا طوفان
    اندر جا محلات ، اکين پي ڳالهايو

    ڏک ٿيو آ لائون لڌيون تو غيرن سان
    نڪتي آ بارات، اکين پي ڳالهايو

    تنهنجي ڪارڻ زهر جو ڍڪ ڀي پي ويندس
    بڻجي مان سقراط، اکين پي ڳالهايو

    سڌري ويندا “قادر” پڪ سان هڪڙي ڏينهن
    منهنجا هي حالات اکين پي ڳالهايو

    ****


    گيت گيتن تي لٿا ڏات هئي ڪيڏي ڀلي

    گيت گيتن تي لٿا ڏات هئي ڪيڏي ڀلي
    چنڊ ٻئي ٻرندا رهيا رات هئي ڪيڏي ڀلي

    مرڪ هن جي کي ڏسي، رقص پوپٽ آ ڪيو
    هاڻ اندازو لڳايو سا ته هئي ڪيڏي ڀلي

    ڄاڻي واڻي پاڻ کي مون هارائي هو ڇڏيو
    پيار جي ميدان ۾ مات هئي ڪيڏي ڀلي

    ململي هو ويس ۾ ڀٽ مٿي ڀڄندي رهي
    اڀ راضي هو گھڻو، برسات هئي ڪيڏي ڀلي

    هر صبح جي انگ ۾، رنگ هو من موهيندڙ
    پنڇين جي هرطرف لات هئي ڪيڏي ڀلي

    ****


    پئي وڌي خودڪشي ديس ۾

    پئي وڌي خودڪشي ديس ۾
    ڪيڏو مجبور آ آدمي ديس ۾

    روز ڪسجن ٿا ماڻهو اکين جي اڳيان
    ڏاڍي سستي آ هت زندگي ديس ۾

    مارڪٽ جو رڳو سلسلو پيو هلي
    هيل موسم هي ڪهڙي لٿي ديس ۾

    دل جي خواهش اها، دل جي مسرت اها
    بس گلن جي ڏسون تازگي ديس ۾

    نياز نوڙت محبت دلين ۾ رهي
    ڪا نه ڪنهن سان هجي دشمني ديس ۾

    ساز ٻيو نه کپي، راڳ ٻيو نه کپي
    طبل امن جو وڄي هر گھڙي ديس ۾

    سنڌ منهنجي مقدس نگاهن تي آ
    آهي جنت جيان هر گھٽي ديس ۾

    ديپ ٻاري وفائن جا قادر سيال
    پيا ڪنداسين سدا روشني ديس ۾

    ****


    محفل ۾ به نيڻ مليا پي نيڻن سان

    محفل ۾ به نيڻ مليا پي نيڻن سان
    دل جا دل سان راز کليا پي نيڻن سان

    هر پل هُرکيو عشق اسان جي تن من ۾
    دردن جا ڪي دود دکيا پي نيڻن سان

    منهنجي ڳوڙهن جو ته تدارڪ ڪونه ڪيئي
    منهنجا سارا خواب سڙيا پي نيڻن سان

    چانڊوڪي ۾ هن جو چهرو ڇا مرڪيو
    ڄڻ ڪي تازا ڦول ٽڙيا پي نيڻن سان

    مئخاني ۾ نيڻ نشيلا نيٺ کنيئي
    قادر ڪيڏا ڀاڳ کليا پي نيڻن سان

    ****


    رني دل اسان جي سڄي رات آهي

    رني دل اسان جي سڄي رات آهي
    ٻري من ۾ تنهنجي وري تات آهي

    ڀلي زور پنهنجو لڳائي زمانو
    ڪٿي عاشقي کي ملي مات آهي

    حياتي سڄي تنهنجو احسان رهندو
    فقط تنهنجي خاطر ملي ڏات آهي

    ڏکي هر گھڙي ۾ ڏنو حوصلو آ
    اسان کي اوهان جي مٺي ذات آهي

    رهيو هر گھڙي نان تنهنجو چپن تي
    اسان ڪٿ ٻين جي ڪئي بات آهي

    وئي دلڪشي ۾ ٻڏي دل آ “قادر”
    اکين ياد تنهنجي رکي جهات آهي

    ****


    تو سکين ۾ رات گھاري

    تو سکين ۾ رات گھاري
    مون اکين ۾ رات گھاري

    بارشن ۾ ڪن غريبن
    ڪيئن جھڳين ۾ رات گھاري

    ڪيئن نه تڙپان بستري تي
    ڪن چمين ۾ رات گھاري

    ڪونه پهتي باغ ۾ هو
    مون پکين ۾ رات گھاري

    تنهنجي ڪارڻ بيٺي بيٺي
    مون ڌرين ۾ رات گھاري

    اڄ اکين ۾ ننڊ ناهي
    ڪلهه گھٽين ۾ رات گھاري

    ڪونه پهتي چنڊ ڏسندي
    مون ڪتين ۾ رات گھاري

    ڪونه “قادر” کي ڏٺو مون
    بس بتين ۾ رات گھاري

    ****


    ويٺو ڪوئي يار پڪاري

    ويٺو ڪوئي يار پڪاري
    درياءُ جي هن پار پڪاري

    ڪنهن کي ميارون ڏيندو آهين
    پيارا تون هر واري پڪاري

    گلشن سارو خالي آهي
    ڪنهن کي ٿي هٻڪار پڪاري

    منهنجو جيون خالي خالي
    توکي منهنجو پيار پڪاري

    محبت اهڙي ريت گُھري سون
    در تي جيئن پينار پڪاري

    ڪنهن پل شايد موٽي وڃبو
    دل سان جي دلدار پڪاري

    “قادر” سامهون گھر ۾ ڏسجان
    زلفن جو ڪو ڄار پڪاري

    ****


    تنهجي سر تي آنچل آهي

    تنهجي سر تي آنچل آهي
    پربت تي ڄڻ بادل آهي

    چنڊ لٿو آ ڌرتي تي ۽
    حسن ۾ ڏاڍي هلچل آهي

    اڀ تان ڪڪرن ڇانو ٿڌيري
    تو جو پاتو ڪاجل آهي

    شايد ڪوئي ڏک اٿس جو
    بولو نڪ تان لاٿل آهي

    اڄ ڀي هن جي دل آ ساڳي
    اڄ ڀي ايڏو گھائل آهي

    جلوو جانب مکڙي جهڙو
    شبنم ۾ ڄڻ وهنتل آهي

    جيڏين سان پي ڳالهايائين
    “قادر” مون وٽ ڦاٿل آهي

    ****


    پنهنجي هلي ڪهاڻِي دنيا ڀلي سڙي

    پنهنجي هلي ڪهاڻِي دنيا ڀلي سڙي
    سنگت هجي پراڻي دنيا ڀلي سڙي

    تو منهنجي چاهتن جو رکيو ڀرم آ جانان
    تو ڏي منڊي اماڻي، دنيا ڀلي سڙي

    دل تي اثر ڇا پوندو، الزام لوڪ ڀل ڏي
    طبعيت آ عاشقاڻي، دنيا ڀلي سڙي

    دل جو ئي واسطو نه، پر توسان روح جو آ
    مون ڏي تون آ سياڻي، دنيا ڀلي سڙي

    تنهنجو ساٿ مون لئه اعزاز ڪو وڏو آ
    ٿئي درد لوڻ پاڻي، دنيا ڀلي سڙي

    قادر کي بس کپي ٿي، بيدرد هن نگر ۾
    تنهنجي وفا نماڻي، دنيا ڀلي سڙي

    ****


    ڏسي راهه ڪنهن جي سکي رات ڀر

    ڏسي راهه ڪنهن جي سکي رات ڀر
    غمن جي بٺي جيان دکي رات ڀر

    اچڻ جو چيو تون نه پهتي پرين
    ڪٽي مون حياتي ڏکي رات ڀر

    ڏجي قوم کي رستو مقصد مثل
    وطن لئه ڪهاڻي لکي رات ڀر

    رڳو عشق الفت جون ڳالهيون ڪيم
    چئي نيٺ بند ڪر يکي رات ڀر

    امڙ جو هيو ڪيڏو چهرو لٿل
    هئي اڳيان ماني رکي رات ڀر

    ****


    توکي پائڻ جا هيراڪ اسين

    توکي پائڻ جا هيراڪ اسين
    ڄڻ چنڊ جيان رولاڪ اسين

    سرمد جي اسان ۾ خوشبو آ
    دنيا جي اڳيان بيباڪ اسين

    تون سمنڊ جو ڄڻ آهين حصو
    تنهنجي اڳيان آهيون ماڪ اسين

    هر روز ٿا ترسن لڙڪ نوان
    ڄڻ دردن جي اوطاق اسين

    اسين مورک ماڻهو ڇا ڄاڻو
    ايڏا ناهيون پرين چالاڪ اسين

    بيمار وڇوڙي ۾ ٿا رهون
    ڪٿي آهيون قادر چاڪ اسين

    ****


    ڊهي محل پٽ ٿيا خوابن جا اڄ

    ڊهي محل پٽ ٿيا خوابن جا اڄ
    ڏٺا رقص نيڻن عذابن جا اڄ

    اکين ڪونه پاتو اوهان کي پرين
    مٽيا کوڙ ٽولا نقابن جا اڄ

    پري ڪونه منزل رهي هاڻ آ
    ٿا نعرا لڳن انقلابن جا اڄ

    پرين ڪونه آئين اسان جي اڱڻ
    رکيا هار تو لاءِ گلابن جا اڄ

    وٺڻ حق قادر اُٿي خلق آ
    وڏا ڪوٽ ڪرندا نوابن جا اڄ

    ****


    عجب هيل آندو آ سانوڻ وڇوڙو

    عجب هيل آندو آ سانوڻ وڇوڙو
    ٽٽي نيٺ ويو آهي پنڇين جو جوڙو

    لٿي وصل جي ڪونه موسم اکين تي
    ڏئي هجر تنهنجو ويو آ ولوڙو

    مٺي هڪ ته تنهنجي ملاقات مشڪل
    متان بيو ته رستو ملڻ جو آ سوڙهو

    آ تنهنجو بسيرو محل ۾ او راڻي
    اسين مارو ماڻهو ڪچو گھر ۽ لوڙهو

    نڪري ڇا وئي نيگري پنهنجي گھر لاءِ
    مري نيٺ ويو آهي غيرت ۾ پوڙهو

    الائي ڪٿي تنهنجي منزل آ “قادر”
    اکين آڏو ويران منظر ۽ هوڙو

    ****


    اي پرين چئو موڪلاڻي ڪيئن لڳي

    اي پرين چئو موڪلاڻي ڪيئن لڳي
    روئيندي رهي دل نماڻي ڪيئن لڳي

    عشق ٿيو پهرين نظر توکي ڏسي
    ڏس طبيعت عاشقاڻي ڪيئن لڳي

    هٿ چمي اکڙين رکي توکان اٿيس
    ائين ڪچهري جي پڄاڻي ڪيئن لڳي

    شهر هن جي ڏانهن وڃي نياپو ڏجان
    جيڪا مون منڊي اماڻي ڪيئن لڳي

    مونکي ڏسندي، مرڪندي شرمائي وئين
    ڳالهه ورهين جي پراڻي ڪيئن لڳي

    روز سپنن ۾ ٻڌي ڪوتائون چئو
    سوچ منهنجي شاعراڻي ڪيئن لڳي

    مهل ويندي تو چيو هڪ رات راه
    سيال “قادر” هٿ ڇڏاڻي ڪيئن لڳي

    ****


    توکي وساري سکيو گذارڻ سوچيو هو

    توکي وساري سکيو گذارڻ سوچيو هو
    سج جي سامهون تيلي ٻارڻ سوچيو هو

    توکي تڪيندي رات سموري گذري وئي
    محفل مان ڪنهن شخص اٿارڻ سوچيو هو

    توکي من احساس ٿئي هڪ لمحي لئه
    تنهنجي در تي ڳوڙها هارڻ سوچيو هو

    جڳ وارن جون وحشي نظرون ڏسندي ئي
    پيءَ ڪنواري ڌيءَ اٿارڻ سوچيو هو

    ڇا ڇا ڪيو مون تنهنجي خاطر سمجهين ٿو
    ڪڏهن تو قادر سيال کي سارڻ سوچيو هو

    ****


    اکين ۾ سارجو جگنو پي چمڪيو

    اکين ۾ سارجو جگنو پي چمڪيو
    پرين جي پيار جو جگنو پي چمڪيو

    بدن تي گھاءُ ناهي چاهتن جو
    ستم جي وار جو جگنو پي چمڪيو

    اکين ۾ لڙڪ ناهي عاشقي جي
    پرين جي پار جو جگنو پي چمڪيو

    وفا جو واسطو ساڳيون رهيو آ
    اڃان وهنوار جو جگنو پي چمڪيو

    هٽيو ناهيان اوهان جي گسن تان آئون
    اڃان اعتبار جو جگنو پي چمڪيو

    ڪٿي چپ تي لڳل آ مهر “قادر”
    ڪٿي اظهار جو جگنو پي چمڪيو

    ****


    مک چمڪي پيو چنڊ تارن جيان

    مک چمڪي پيو چنڊ تارن جيان
    چيلهه هن جي سفيدي جي ٽارن جيان

    گفتگو هن جي ڪيو مونکي مست آ
    ٽهڪ هن جا وڻيا کي ٻارن جيان

    ويس پائي اڇو مون ڏي پهتي سِگهي
    رُت پنڇڻ ۾ ڄڻ اڄ بهارن جيان

    منهنجي ٻيڙي کان منزل پري ڪونه آ
    هو جو آهي سنڌو جي ڪنارن جيان

    تنهنجي نيڻن کي ٺاهي ڇڏيو مئڪدو
    آئون پيئندو رهان مئخوارن جيان

    منهنجا رخسار “قادر” هي آلا رهيا
    لڙڪ وهندا رهيا آبشارن جيان

    ****


    تنهنجون يادون مٿان ڇڻيون آهن

    تنهنجون يادون مٿان ڇڻيون آهن
    ڄڻ ته مينهن جون وٺيون ڪڻيون آهن

    جان! تنهنجي ڪئي عبادت مون
    پر خوشيون منهنجون تو لڻيون آهن

    هاڻي بس ڪري وئي آ باک ڦٽي
    تنهنجون ميارون ايڏيون گھڻيون آهن

    دل چوي ٿي رڳو هجين سامهون
    تنهنجون اکڙيون مونکي وڻيون آهن

    هار سينگار ٿي ڪري ايڏو
    تنهنجي ٽڪ ۾ رڳو ڦڻيون آهن

    گفتگو ڀي ڪجي ته ڪيئن ڪجي
    تنهنجي ڀر ساڻ ڪجهه ڄڻيون آهن

    جيڪي قادر سيال توکي ڏنيون
    سي چميون مون سڀئي ڳڻيون آهن

    ****


    جنهن کي ڄڳ ۾ پيار جي دولت ملي

    جنهن کي ڄڳ ۾ پيار جي دولت ملي
    ان کي آهي عزت ۽ شهرت ملي

    عشق جو ڏاڍو اڙانگو هو سفر
    دل کي پنهنجي چاهه جي طاقت ملي

    پيار ۾ جيڪو ٻيائي ٿو ڪري
    انکي رسوائي ملي ذلت ملي

    هو رهي ٿو مونسان پاڇي جيان
    ڪيڏي نه مونکي اها نعمت ملي

    جيڪو “قادر” هو رٺل مونکان گھڻو
    اڄ وري ان شخص جي دعوت ملي

    ****


    جنهن به آهي عشق جي لذت کنئي

    جنهن به آهي عشق جي لذت کنئي
    ان نئين آ درد جي شدت کنئي

    سونهن تنهنجي جي هو چرچو متل
    ڳوٺ آهي ڏيهه ۾ عزت کنئي

    حشر جهڙي باهه ۾ ڪو آ سڙيو
    ڪنهن وڃي جيئري آهي جنت کنئي

    جنهن به روڪيو قوم جو پاڻي هتي
    تنهن حرامي آ هتي ذلت کنئي

    تنهنجي وڇڙڻ جو پتو پئجي ويو
    منهنجي چپڙن چاهه جي قلت کنئي

    عشق ۾ تڙپڻ کانپوءِ “قادر” سيال
    شاعري آ ڪيڏي ڏس جدت کنئي

    ****


    نگاهن جا گلشن جا سپنا اڏاري

    نگاهن جا گلشن جا سپنا اڏاري
    رُني دل آ توکي اڄ آڌي جو ساري

    ڪڍي تير نظرن جي ترڪش مان سائنڻ
    ڇڏيو نيٺ دل جي پکي کي تو ماري

    چوڏهن واري چنڊ کي به موهي وڌو آ
    انهي گوري هڪڙي وڳي تنهجي ڪاري

    گداگر ٿيا نيڻ تنهنجي گھٽي جا
    پرين هڪڙِو ڀيرو اچي وڃ نهاري

    آ مقدر ۾ قادر وڇوڙو لکيل ڪو
    رڳو تن جو تاڙو ٿو توکي تنواري

    ****


    سڄي جڳ کان نرالو تون اکيون توسان اڙيون آهن

    سڄي جڳ کان نرالو تون اکيون توسان اڙيون آهن
    ڪئي تو بيوفائي آ، عذابن جون گهڙيون آهن

    خدا سائين اٿئي پارت، غريبن جي اجهي جي اڄ
    متان طوفان جي زد ۾، ڪکائون جهوپڙيون آهن

    هئين مون سان گڏ جي مٺڙا ته باغن ڦول مهڪايا
    پڄاڻان تو مگر هاڻي ٿيون سڀ سڃ مڙهيون آهن

    اسان گل پيار جا پوکيا، سدائين دل جي ڌرتي تي
    خزان ديرو ڄمايو ڇا ٿيون مس ڪجهه دڙيون آهن

    اکين ۾ قيد آ منظر، اداسي جو هتي “قادر”
    پرين جي انتظاري ۾ رڳو آسون سڙيون آهن

    ****


    تنهنجا مون سان نيڻ ملي پيا

    تنهنجا مون سان نيڻ ملي پيا
    ٽانڊا بڻجي ڳوٺ دکي پيا

    هڪڙي ناري ڪاري ڪئي ويئي
    مارڻ لاءِ ڪئين راڄ اٿي پيا

    آٿت اهڙي ماءُ ڏني ڪا
    ٻار بکايل نيٺ سمهي پيا

    مرڪيو تنهنجو ڇا هو چهرو
    باغن ۾ سڀ گل جهڪي پيا

    تون ڇا ڄاڻي رخصت ٽاڻي
    ڪيڏا اکين مان لڙڪ ڪري پيا

    "قادر" ڇت تي داڻا اڇليا
    اُڀ تان پنڇي سارا لهي پيا

    ****


    انوکو عشق جوڀن ۾ وسي برسات اينداسين

    انوکو عشق جوڀن ۾ وسي برسات اينداسين
    علي الاعلان آ توسان، ملڻ ڪنهن رات اينداسين

    اسان جو عشق آ خوشبو نه لڪندو آ لڪائڻ سان
    محبت جي مخالف کي ڏيڻ ڪا مات اينداسين

    گهڙي پل جي حياتي آ، گذاريان تنهنجي ٻانهن ۾
    کڻي بس حسرتون دل جون سندءِ محلات اينداسين

    وڄائي دهل شرنايون، ستارا سڀ ڪري ڄاڃي
    بڻائي چنڊ کي لاڏو، وٺي بارات اينداسين

    جگر ۾ درد جا شعلا، وڇوڙي ۾ ٿي تڙپي دل
    سڄو ٿيو ڳوٺ آ ويري ٺهي ڪا بات اينداسين

    جڏهن دل سان گهرائين! تون “قادر سيال” پنهنجي کي
    تڏهن سڪ حب سندءِ سهڻا کڻي سوغات اينداسين

    ****


    برسات ڀري رات مان ڪيئن وساريان

    برسات ڀري رات مان ڪيئن وساريان
    ۽ پهرين ملاقات مان ڪيئن وساريان

    سونهن ته ڏني باک جي ساک مون کي
    حيرت ۾ آ پرڀات مان ڪيئن وساريان

    دردن جو سمنڊ سو ته دل تان ته لنگهي ويو
    گذري تنهنجي بارات مان ڪيئن وساريان

    يادن جي هندورن ۾ هر روز جهومان ٿو
    جوڀن ۾ لڳي ڏات مان ڪيئن وساريان

    "قادر” جي چمن ۾ بهارن جيان هو
    محفل ۾ ملي سا ته مان ڪيئن وساريان

    ****


    هڪڙي رات ملڻ جي آهي

    هڪڙي رات ملڻ جي آهي
    عمر سموري سڙڻ جي آهي

    ڌرتي تي وقت ڏکيو ئي آيو
    مڙس ٿي مهل اٿڻ جي آهي

    شايد منهنجي جوءَ ۾ آهين
    هير گهلي جو ڏکڻ جي آهي

    تنهنجو آهيان تنهنجو ئي رهندس
    اها به ڳالهه چوڻ جي آهي

    ڳلڙا ماڪ پسايا آهن
    هي پل پرهه ڦٽڻ جي آهي

    ڏينهن سڄو انسانن جو آ
    رات پکي ۽ پکڻ جي آهي

    "قادر” سر اڏي تي رکي بس
    ريت اسان کي ڪسڻ جي آهي

    ****


    هن جو لهرايو پٽو اڄ شام جو

    هن جو لهرايو پٽو اڄ شام جو
    ڪيڏو ٿي ويو چهه چٽو اڄ شام جو

    بارشن جا ڏيک سڀ وڻبا تڏهن
    پاڻ کي ٺاهي مٽو اڄ شام جو

    راهه ۾ گلڙا ڇٽي آجيان ڪبي
    واٽ تان پاسي هٽو اڄ شام جو

    منهنجي دل جي سرزمين بنجر بڻي
    پيار جا ڪي گل ڇٽو اڄ شام جو

    هڪ يتيم نياڻي پڇيو پي ماءُ کان
    ڪير امان آڻي اٽو، اڄ شام جو

    پي تڙپيو مدهوش ٿي “قادر سيال”
    پرت جو پيتو وٽو اڄ شام جو

    ****


    تنهنجو درد آ دل ۾ تير جيان

    تنهنجو درد آ دل ۾ تير جيان
    منهنجو پيار پٿر تي لڪير جيان

    تون شهر سڄي جو امير ماڻهو
    منهنجو رنگ ۽ روپ فقير جيان

    منهنجي خوشين جو آ ٻيڙو ٻڏل
    ڪو تاريندو دستگير جيان

    پنهنجي پيار تي جڳ الزام هنيا
    اڄ شهر ۾ رانجهي هير جيان

    ڪجهه اهڙي نموني پاڻ ملون
    اچ پيارا کنڊ ۽ کير جيان

    تون ذهن تي ڇانيل آهين ائين
    ڏس سامونڊي ڪنهن وير جيان

    منهنجي اکڙين ۾ تون آهين پرين
    رڳو خوابن جي تعبير جيان

    تو “قادر” دلڙي نيٺ ڪيئي
    بس چنري جي ڪنهن لير جيان

    ****


    عشق جي پل پل اڳيان

    عشق جي پل پل اڳيان
    آ وڏي دل دل اڳيان

    رنگ آخر لائيندي
    پنهنجي هي هلچل اڳيان

    عمر ڀر جي جستجو
    مس ملي منزل اڳيان

    ڇانو هن جا ذلف ٿيا
    ڄڻ هجي بادل اڳيان

    ڪيڏي آهي روشني
    ڪو اڏيو آنچل اڳيان

    ٿيندو “قادر” ڀرجهلو
    يا علي مشڪل اڳيان

    ****


    ياد تنهنجي سانورا اڌ رات جو

    ياد تنهنجي سانورا اڌ رات جو
    درد ٿي پيا ڇانورا، اڌ رات جو

    چنڊ ۽ تارا ڪتيون کلندا رهيا
    ڇو رُسي وئين بانورا اڌ رات جو

    ڪونه آيا، ڪونه آيا، هو پرين
    ڇو نه پهتا پرڀرا اڌ رات جو

    سنڌ تنهنجي سونهن ڏاڍي وئي وڻي
    خوب خوشبو ۽ کرا اڌ رات جو

    ويل ۾ آهي هتي “قادر سيال”
    بس رڳو هئا آسر اڌ رات جو

    ****


    گل پن پنکڙيون ڇاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    گل پن پنکڙيون ڇاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي
    سونهن جواني ماڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    ڪيئن جهليان مدهوش اکيون، پُرجوش اکيون
    دوست دليون سڀ تاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    هن جو هي انداز ڏسڻ جو خوب لڳو
    درد اندر جو سڃاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    دل جي هن آڪاش تي ڄڻ هو بيٺل آ
    راز اکين جا ڄاڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    پنهنجي ٻکن ۾ ميڙي خوشبو ۽ هر گل جي
    پاڻ سان گڏ هو آڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    ٿي ويندي آهي منهنجي نماڻي زخمي دل
    اهڙي نظر سان واڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي.

    گم سم، گم سم رهندو آهي “قادر سيال”
    ڪيڏانهن سوچ اماڻيو ڇڏي ٿي، جڏهن اچي ٿي

    ****


    وسيل برسات جا قطرا، پرين جي ڳوٺ جا منظر

    وسيل برسات جا قطرا، پرين جي ڳوٺ جا منظر
    پکين جا ان پهر ٽولا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

    گلابي شام کان پوءِ سهاني رات چانڊوڪي
    ندي تي عڪس چهري جا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

    نڀاڳي ننڊ يادن جي، ذهن تي سوچ جا پاڇا
    اکين ۾ جاڳ ۽ ڳوڙها، پرين جي ڳوٺ جو منظر

    اداسي جا ولر سرتي محبت ٿي وڃڻ کان پوءِ
    اندر ۾ عشق جا شعلا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

    اڏي ڪو محل خوابن جو، جيئون پيا جوءَ تنهنجي ۾
    ڇڏي “قادر” ڀلا سگهبا، پرين جي ڳوٺ جو منظر

    ****


    درد ئي درد آهي تنهنجي سار ۾

    درد ئي درد آهي تنهنجي سار ۾
    ڪيڏي پيڙا پرين آ تنهنجي پيار ۾

    مان ٿو پڄران پيو بيوسي ۾ هتي
    جيت تنهنجي سدا، مان سدا هار ۾

    ايئن ٿو سهڻن ۾ سهڻو لڳين ٿو مون کي
    باغ منجهه گل گلابي ڪو جيئن ٽار ۾

    تنهنجي نيڻن جي سڪ ٿي ويس سحر ۾
    ڄڻ ته ڦاسي پئي مڇي ڄار ۾

    توکي ٿر جي پرين پياس جيان ٿو سڏيان
    من وري پئين تون سانوڻ جي وسڪار ۾

    توکي دل مان ڪڍي دلبر ڪيئن ڇڏيان
    ناهي توکي وسارڻ ڀي اختيار ۾

    پيار ايئن پنهنجو “قادر” ٿي مشهور ويو
    ڳالهه ويندي هلي جيئن آ بازار ۾

    ****


    ڪيڏو تو لئه اکڙيون ترسيون محفل ۾

    ڪيڏو تو لئه اکڙيون ترسيون محفل ۾
    پيار ڀريون ڀي بوندون برسيون محفل ۾

    هو ته ڦلهاري خوشبو هلي وئي محفل مان
    خالي ڪرسيون ٿي ويون ساريون محفل ۾

    مون ڀي آهي محسوس ڪيو اڄ محفل ۾
    تنهنجون ڏسان پيو اکيون آليون محفل ۾

    جيئرا آهيون پيار ڪيون ۽ جڳ جڳ جيئون
    ڪڏهن ته ٿينديون پنهنجون ورسيون محفل ۾

    شايد پنهنجو پيار ٻڌايئي سهيلين کي
    مون کي ڏسندي ساريون مرڪيون محفل ۾

    سڪ اڪير تو لئه رهندي آخر تائين
    دل جون ساريون ڪونجون ڪُرڪيون محفل ۾

    جڳ جي نظرن توکي تڪيو پي محفل ۾
    تنهنجون ٿي ويون ڪيڏيون سرسيون محفل ۾

    تنهنجو جوڀن ناچ ندي جو “قادرسيال”
    تنهنجي اندر ۾ عشق جون ڇوليون محفل ۾

    ****


    تنهنجي اکين جو رنگ ڏسان ڇا؟

    تنهنجي اکين جو رنگ ڏسان ڇا؟
    جوڀن سونهن جو دنگ ڏسان ڇا؟

    ڌرتي سائي چادر اوڍي
    سونا سونا سنگ ڏسان ڇا؟

    جوڀن ڀري جيون جا اڄ
    ٻهڪيل ٻهڪيل انگ ڏسان ڇا؟

    هنج پکين جي حب اندر ۾
    ڪوڙا ڪوڙا ڪنگ ڏسان ڇا؟

    ڌرتي ڌڻين جي پيرن ۾ مان
    ڪيڏا وڪوڙيل ونگ ڏسان ڇا؟

    باغن ڀريون ويون بهارون
    هاڻي چوڏس جهنگ ڏسان ڇا؟

    ماڻهو امن جي ديس جو آهيان
    "قادر سيال" مان جنگ ڏسان ڇا؟

    ****


    سر اڏي تي مرڪي رکيو سائين سورهيه بادشاهه

    سر اڏي تي مرڪي رکيو سائين سورهيه بادشاهه
    ڪونه آخر تائين جهڪيو، سائين سورهيه بادشاهه

    ڳاٽ اوچي ساڻ تو ، دشمن کي آ للڪاريو
    عزم تنهنجو ڪونه رڪيو، سائين سورهيه بادشاهه

    ڏينهن انهي ٿيو تنهنجو سپنو ساڀيان اي مرشدا
    سوڀ وارو سج اڀريو، سائين سورهيه بادشاهه

    مرد حق سچ جو مجاهد ٿي لٿين ميدان ۾
    تنهنجي رت سان رنگ رچيو، سائين سورهيه بادشاهه

    تون شهيد ۽ سرخرو ٿي، سنت حسيني پاريئي
    آهي بيشڪ بهشت گھڙيو، سائين سورهيه بادشاهه

    ويهه مارچ آ گواهي تنهنجي قرباني سندي
    شعر “قادر” سيال لکيو سائين سورهيه بادشاهه

    ****


    ياد تنهنجي مينهن جيان وسندي رهي

    ياد تنهنجي مينهن جيان وسندي رهي
    تنهنجو مونکان چاندني پڇندي رهي

    ڳوٺ پنهنجي کي ڇڏجڻ جو هو سبب
    سازش مهم بس وڌندي رهي

    وئي اورانگھي پيار جا رشتا سڀئي
    لوڻ زخمن تي رڳو رکندي رهي

    هن جي گھٽي مان ٿيو منهنجو گذر
    درکي کولي ڳوڙها هو اگھندي رهي

    ڪونه ماڻي مان سگهيس محبوب کي
    دل منهنجي پاچي پٺيان ڍڪندي رهي

    هو پکين جي شهر جو ماڻهو هيو
    امن لئه دل هن جي سڪندي رهي

    تنهنجي آمد جو ٻڌي ڪلهه شام
    سيال “قادر” دل منهنجي نچندي رهي

    ***


    نظم

    ڪاڪو ميگهو

    ڪاڪو ميگهو


    ڪاڪو ميگھو ٻوڏ متاثر
    جيڪو بارش ۾ ٿيو بي گھر
    جنهن جا انگ اگھاڙا ٻالڪ
    روز ڪٽين ٿا فاقا ٻالڪ
    جنهن وٽ جتي ڪپڙو ناهي
    جنهن جو هٿڙو خالي آهي
    هن جي ڪن تي ڳالهه پئي ڪا
    شهر ۾ ڪا امداد آئي آ
    ٻارن سوڌو ڪاڪو ميگھو
    ڳوٺ مان نڪتو شهر ۾ پهتو
    امدادي ٽرڪن جي پويان
    ٿورن ڪن پئسن جي پويان
    شهر ۾ رلندي رلندي آخر
    هن تي ٿي سان ڳالهه هي ظاهر
    شهر ۾ فتوى جاري ٿي آ
    رستن تي اعلان ٿيو آ
    مسلم کي امداد هي ملندي
    هندن ۾ ڪا ورڇ نه ٿيندي
    مايوسي مان ڪاڪو ميگهو
    موٽي ڳوٺ ۾ واپس آيو




    محبت جو ڪو گھرڙو اڏيون
    جنگ هارايل ٻيهر کٽيون
    بازن جا هلي ڪي پر ڪٽيون
    جذبا ڪيون هٿيار اي سنڌي
    قوم کي ڪر بيدار اي سنڌي
    قادر چڪتو حساب ٿو گھرجي
    گھٽي گھٽي انقلاب ٿو گهرجي
    خار نه پر گلاب ٿو گھرجي
    دولهه جھڙو نواب ٿو گھرجي
    دشمن لئه ٿي تلوار اي سنڌي
    قوم کي ڪر بيدار ي سنڌي

    ****


    قوم کي ڪر بيدار

    قوم کي ڪر بيدار


    وقت جي آ پڪار اي سنڌي
    قوم کي ڪر بيدار اي سنڌي
    وقت ناهي منهن ڦيرڻ جو
    نه سمهڻ پير ڊگھيرڻ جو
    هي قافلو اڳئي ڌڪيرڻ جو
    ۽ رهزن کي آ گھيرڻ جو
    واڪا وڏي للڪار اي سنڌي
    قوم کي ڪر بيدار اي سنڌي
    جذبا جي بم گولا ٿيندا
    ڳاڙها جھنڊا شعلا ٿيندا
    رستا پاڻهي سولا ٿيندا
    پيدا دولهه دودا ٿيندا
    ٻيڙو ٻڏل ڪو تار اي سنڌي
    قوم کي ڪر بيدار اي سنڌي
    دشمن جي هلي پاڙ پٽيون
    زلفن کي ڏيان مان ڪيئن ڦڻي
    هت روز پيا ڪسجن ڀونءَ ڌڻي
    ٿئي مارا ماري روز گھڻي
    لاش ٿڪي پيا آهيون کڻي
    پيو زهر جو قادر ڍڪ پيان
    ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان

    ****


    ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان

    ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان

    مونکي منهنجي پياري امان
    ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان
    ڏي پنهنجي هٿن سان ور پٽڪن
    آ مون کي سڏيو اڄ سرويچن
    ها هوشو، هيمون ۽ دودن
    ٿا تاريخن ۾ سي مرڪن
    تن سان گڏ ڪي ٽهڪ ڏيان
    ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان


    نه ڳانا مون لئه جوڙ امان
    نه سانڍي رک تون موڙ امان
    جي حياتيون هجن کوڙ امان
    ميدان ۾ وڙهندس توڙ امان
    شال دودي وانگي آئون جيان
    ڇڏ لال لهو ۾ رقص ڪيان


    پلڪن جي آ جھروڪن، سپنن جي آجيان ڪئي

    پلڪن جي آ جھروڪن، سپنن جي آجيان ڪئي
    تنهنجي خوشي جي لاءِ، دردن جي آجيان ڪئي

    اڄ ڀي بهار رت کي، نيڻن سان مون چميو آ
    گل گل جي آجيان ڪئي، پن پن جي آجيان ڪئي

    خاموش منهنجو جيون، بي اعتبار ٿي ويو
    دل تان لهي ويا تن، لمحن جي آجيان ڪئي

    تنهنجو بدن مقدس، منهنجي نظر ۾ آهي
    هر رهگذر تي تنهنجي، قدمن جي آجيان ڪئي

    دوکو فريب کادو، جن کان پرين سفر ۾
    ڏس حوصلو اسان تن، نيڻن جي آجيان ڪئي

    تنهنجي عمل ته مون کي “قادر” قرار بخشيو
    جيڪي ڪڍيا تو منهن مان، لفظن جي آجيان ڪئي
    ****


    وائي

    وائي

    منظر سارا سڃ لڳن

    تون ڇڏي وئين ڳوٺ کي
    خوشبو ڪيڏانهن وئي هلي
    ماڻهو مونکان ٿا پڇن
    تون ڇڏي وئين ڳوٺ کي
    هاڻ ته تنهنجي راهن ۾
    ڪنهن جي لاءِ گل رکن
    تون ڇڏي وئين ڳوٺ کي
    دونهيون دردن جون پرين
    توکان پوءِ روز دُکن
    تون ڇڏي وئين ڳوٺ کي
    وڏ ڦڙي مينهن جيان
    اکڙين مان ٿا لڙڪ ڪرن
    تون ڇڏي وئين ڳوٺ کي


    ****


    ڏنو سڱ چٽي ۾

    ڏنو سڱ چٽي ۾

    نه ڪاري نه ڪاري نه بابا مان ڪاري
    زمانو ڪري پيو اجائي خواري
    عمر منهنجي گذري گهرن کي راڳيندي
    پٺو گاهه ڏاندن جي جوڙي کي ڏيندي
    مڙس سان ته کيتن ۾ ٻج کي ڇٽيندي
    سڄو ڏينهن هڪڙي ٽڪر ۾ ڪٽيندي
    حياتي آ مون کي ته بيحد پياري
    نه ڪاري نه ڪاري نه بابا مان ڪاري

    ڏنو سڱ چٽي ۾ منهنجو ته چڱن آ
    چڱوهو ته مون هو پهرين پڇن آ
    هئي دل جي خواهش ته رايو رکن آ
    ڪري هاڻ ڇڏيو ته پوڙهو ڏکن آ
    ڪيان ڪهڙا سينگار ڪهڙي تياري
    نه ڪاري نه ڪاري نه بابا مان ڪاري

    امڙ تو ڄڻيو هو جڳ ۾ جيئڻ لئه
    چمن ۾ گلابي ڪو گلڙو ٽڙڻ لئه
    ۽ قدرت جي وڻندڙ هي دنيا ڏسڻ لئه
    ڪهاڙي نه گولي نه کائي مرڻ لئه
    مان پنهنجي ئي گهر ۾ هجان ڄڻ ته ڌاري
    نه ڪاري نه ڪاري نه بابا مان ڪاري

    ****


    توکي هجي جس

    توکي هجي جس
    اچي وئين برسات ۾
    هن اڙانگي جوءِ جو
    ڏنو ڪنهن ته ڏس
    اچي وئين برسات ۾
    شايد توکي کڙکٻيتن
    ڳولي ڏنو آ گس
    اچي وئين برسات ۾
    هاڻي ته پنهنجي عشق جي
    مچي راند ۽ رس
    اچي وئين برسات ۾
    ذائقو منهنجي پيار جو
    انبن جو ڪو رس
    اچي وئين برسات ۾

    ****


    چنڊ جهڙو ٿو لڳي

    چنڊ جهڙو ٿو لڳي
    مرڪ هن جي کي ڏسو
    ڄڻ ته ڪارونجهر مٿان
    مور بيٺو ٿو ٽلي
    مرڪ هن جي کي ڏسو
    ڳوٺ وارا ٿا چون
    باغ ۾ پيو گل ٽڙي
    مرڪ هن جي کي ڏسو
    ننڊاکڙين جي وري
    پيو پکي وانگي چڳي
    مرڪ هن جي کي ڏسو

    ****



    رات آهيان نه ستو
    شاهدي ڏيندو چنڊ
    پهتس تنهنجي گھر اڳيان
    ڀي اتي ڀونڪيو ڪتو
    شاهدي ڏيندو چنڊ
    محو آهيان مان عشق ۾
    ڄڻ هجان ڪو انڌو
    شاهدي ڏيندو چنڊ
    محفل هئي ڪنهن ڳوٺ ۾
    جوڳين جو آيو جٿو
    شاهدي ڏيندو چنڊ
    قيد مونکي تو ڪيو
    نيٺ پوءِ پيو پتو
    شاهدي ڏيندو چنڊ

    ****


    تنهنجي گھر مٿان

    تنهنجي گھر مٿان
    چنڊ سهڻو پي لڳو
    چاندني جي رات ۾
    هاري ۽ هر مٿان
    چنڊ سهڻو پي لڳو
    ڇوليون پاڻي جون هيون
    وهندڙ ڪنهن جر مٿان
    چنڊ سهڻو پي لڳو
    شهر کان ٿورو ئي پري
    پرين تنهنجي تر مٿان
    چنڊ سهڻو پي لڳو
    مينهن وسڻ کان پوءِ ڏس
    ڪيڏو آهي ٿر مٿان
    چنڊ سهڻو پي لڳو

    ****


    ديس جو سودوڪيان

    ديس جو سودوڪيان
    ڪرسي لاءِ هٿ ٻڌان
    تنهن کان ته ڦٿڪي مران
    ڌرتي جي غدارن سان
    خوش ٿي جي يارن کِلان
    تنهن کان ته ڦٿڪي مران
    ڪوڙ ڪاروبار جنين جو
    سچو تن کي جي چوان
    تنهن کان ته ڦٿڪي مران
    نعره قوميت جا هڻي
    درسگاهن ۾ خلل وجهان
    تنهن کان ته ڦٿڪي مران
    ماڻهن کي بيوقوف ڪري
    ڌاڳا ۽ ڦيڻان پڙهان
    تنهن کان ته ڦٿڪي مران
    “قادر” قوم سان ويڌن ڏسي
    چپ ڪري جي ويهي رهان
    تنهن کان ته ڦٿڪي مران

    ****


    منظر ڄڻ پرڀات جيان

    منظر ڄڻ پرڀات جيان
    مرڪيو آهي ننڊ ۾
    پيار تنهنجو پيو وسي
    سانوڻي برسات جيان
    مرڪيو آهي ننڊ ۾
    چنڊ لڳي ٿو گھوٽ ڄڻ
    تارن جي بارات جيان
    مرڪيو آهي ننڊ ۾
    ڏيک سارو ٿا ڏين
    چاندني جي رات جيان
    مرڪيو آهي ننڊ ۾

    ****


    جاگيردار وڏيرن مان

    جاگيردار وڏيرن مان
    جعفر جهڙن ميرن مان
    سنڌ ڦاٿي آهي
    ڪتن وانگي ٿانو چٽين ٿا
    ماڻهو بي ضميرن مان
    سنڌ ڦاٿي آهي
    ڪمپيوٽر جي دور ۾ نقلي
    پڙاوڍيندڙ پيرن مان
    سنڌ ڦاٿي آهي
    بک بدحالي بيروزگاري
    نفرت جي تيرن مان
    سنڌ ڦاٿي آهي
    ڍنگ رچائي غربت جو
    هٿرادو فقيرن مان
    سنڌ ڦاٿي آهي

    ****


    دونهيون درد جون دکن

    دونهيون درد جون دکن
    روز منهنجي سنڌ ۾
    ٽوڻا، ڦيڻا، ڌاڳا، منتر
    ٺاهه ٺڳي جا ٺهن
    روز منهنجي سنڌ ۾
    گلڙن جهڙيون ڇوڪريون
    ڪاروڪاري ۾ ڪسن
    روز منهنجي سنڌ ۾
    سنڌ دوست ڪو ماڻهو ڏسندي
    اندر هنن جا سڙن
    روز منهنجي سنڌ ۾
    وقت جو آ فيصلو
    سڀ سنڌي گڏ ٿين
    روز منهنجي سنڌ ۾
    هاڻي ته “قادر” گھر گھر ۾
    آزادي جا گل ڦٽن
    روز منهنجي سنڌ ۾

    ****


    سنڌو درياء پيو سڪي

    سنڌو درياء پيو سڪي
    پئي رڳو واري اُڏي
    رت ٿو منهنجو ڪڙهي
    سنڌين جي پيٽ تي
    هو پيو پٿر رکي
    رت ٿو منهنجو ڪڙهي
    سامراجي سازشون
    ڊيم ڪالاباغ ٺهي
    رت ٿو منهنجو ڪڙهي
    سڀ وڪرو ٿي ويا
    يار ڪرسي جي ڪري
    رت ٿو منهنجو ڪڙهي
    ظالم کي للڪاريون
    سڀ اٿي واڪا وڏي
    رت ٿو منهنجو ڪڙهي
    هڪڙو “قادر” آ ڪوي
    سچ ويٺو ٿو لکي
    رت ٿو منهنجو ڪڙهي

    ****


    جوٽيو جنگ جوان

    جوٽيو جنگ جوان
    دوست پنهنجي ديس لئه
    رهزنن جي جوءِ کي
    ساڙي ڪيو ميدان
    دوست پنهنجي ديس لئه
    پاڻي خاطر سڀ اٿندا
    هي ڳوٺاڻا انسان
    دوست پنهنجي ديس لئه
    تاريخن ۾ طعنا ملندا
    ٿيبو پشيمان
    دوست پنهنجي ديس لئه
    “قادر” منهنجي گھر ۾ ڏس
    ڪامريڊي سامان
    دوست پنهنجي ديس لئه

    ****


    ڪهڙي سينڌ مساڳ

    ڪهڙي سينڌ مساڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾
    ڪاتب پنهنجي قلم سان
    ٺاهي لکيو آ ڀاڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾
    بيمار آهي بستر تي
    ساري رات جاڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾
    منهنجيون گلڙن جهڙيون سهيليون
    ڳائن ٿيون منهنجو راڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾
    جوڀن ڀري جيون جي
    اديون ڪهڙي سهاڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾
    عيد جهڙي به ڏهاڙي تي
    رڌيان ويٺي ساڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾
    سڱ چٽي ۾ آئي قادر
    جئري هن جي لئه ڏهاڳ
    پوڙهو ور نصيب ۾

    ****


    کوهن تي پاڻياريون

    کوهن تي پاڻياريون
    ڏس منهنجيون سنڌياڻيون
    چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
    ڳوٺاڻي ڪنهن ڪاڄ ۾
    ڌرتي جون ڌياڻيون
    چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
    پنهنجي ورن سان کيتن ۾
    ٻج ڇٽيندي ڳوٺاڻيون
    چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
    ديس خاطر سر ڏنو
    تاريخ ۾ حُرياڻيون
    چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن
    جنگ جڳن کان وڙهيون
    ٻاگھي جون ساٿياڻيون
    چنڊ جهڙيون ٿيون لڳن

    ****


    ميندي سان لال هٿڙا

    ميندي سان لال هٿڙا
    سکين سان ڪري ٽهڪڙا
    ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري
    پئي چڏي هو جوء کي
    نوان اڏيندي پکڙا
    ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري
    دعا ڪيو سڀ ڀينرون
    شادي ڏسي هو سکڙا
    ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري
    مهل ويندي ٿي ويس
    لال هن جا ڳلڙا
    ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري
    قادر ڪيڏو خوش ٿي ڏسجي
    مهڪيل ڏسي مکڙا
    ونواهه ۾ ويٺل ڇوڪري
    ****


    سنڌو جي ڪناري

    سنڌو جي ڪناري
    ڏيئا پيو ٻاري
    شاعر شيخ اياز
    حال ڏسي سنڌ جا
    ڳوڙها پيو هاري
    شاعر شيخ اياز
    سنڌ تون نه مرڻي آ
    اها سٽ پيو جهونگاري
    شاعر شيخ اياز
    لڪُڻ تي ٽيڪ ڏيئي
    ٿر ڏي پيو نهاري
    شاعر شيخ اياز
    مٽي کڻي سنڌو جي
    اکيون پيو ٺاري
    شاعر شيخ اياز

    ****


    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا ايندڙ ڪتاب

    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا ايندڙ ڪتاب


    ديوان غمدل (شاعري) غلام حيدر غمدل سيال
    پورهيتن جا درد (مضمون) محب ڀيل


    عرض

    عرض

    جهڏو ادب ڪچهري پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندڙ ادبي ادارو آهي. جهڏو ادب ڪچهري پاران نوجوانن ۾ علمي ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ لائبريري هلندڙ آهي. ڪوبه ادبي خدمت جو جذبو رکندڙ دوست لائبريري لاءِ ڪتاب ڏيڻ چاهي ته هيٺ ڏنل ائڊريس تي موڪلي ڏي. سندس شڪرگذار رهنداسين.

    ٿورائتو

    قادر سيال جهڏائي
    03023312940
    پوسٽ آفيس جهڏو،
    ضلعو ميرپورخاص،
    معرفت ناگوري ميڊيڪل اسٽور جهڏو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258266
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386395
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ