ڪتاب جو نالو: مون ساريندي سپرين
مصنف: وفا صالح راڄپر
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 21 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 607 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 74 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپــنــا
  • اداري پاران: غربت جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ امير ليکڪ
  • پنهنجي پاران : وکريل جيون جون ڳالھيون
  • مھاڳ : مون ساريندي سپرين
  • لفظن جي لڪيرن جا اسڪيچ
  • هڪ حسين ۽ اڻڇھيل تال ميل
  • مضمون ۽ خاڪا

  • ڌرتي توکي منهنجي چُمي اَڌَ ۾ رهجي ويندي!
  • محمد صديق منگيو جو پيار ۽ ڪهاڻيون
  • ڪهاڻي ڪتاب ”روين جو چهرو“ جو تنقيدي اڀياس
  • يوسف سنڌي گھڻ پاسائين شخصيت
  • خطن ۾ مُون کي ڳولجان
  • سنڌي شاعريءَ جو روشن ڏيئو
  • پرينءَ جي سارَ جهڙو فياض چنڊ ڪليري
  • غمزده سومرو جي شخصيت ۽ شاعري
  • ڳجھارت بڻجي ويل شان جو قتل
  • ڪيرُ اسان جي سُپرين لهندو سارَ
  • درد جو فلسفو شاعريءَ جو معراج آهي
  • ڳوٺ وڏي وهڻي تاريخ جي آئيني ۾
  • سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم کي ڪير بچائيندو !؟
  • هڪڙو هيو مشتاق ....!
  • سدائين ڏات جا ڏيئا ٻرن ٿا
  • لوڪ ادب جو شهزادو: لقمان کوکر
  • وڃين ڀونءِ پيٺي
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : مون ساريندي سپرين
    موضوع : مضمون ۽ خاڪا
    ليکڪ : ”وفا“ صالح راڄپر
    ڇاپو پھريون : اپريل 2018ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو


    مُلھه : 200 روپيه


    ڪتاب گهرائڻ ۽ رابطي لاءِ:
    عيسى ميمڻ
    E-mail: essa.memon1985@gmail.com
    (هي ڪتاب عيسى ميمڻ
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڪراچي مان ڇپرائي پڌرو ڪيو )


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مون ساريندين سپرين“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب وفا صالح راڄپر جي لکيل مضمونن ۽ خاڪن جو مجموعو آهي.
    وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي.
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپــنــا

    بابا سائين
    محمد عثمان
    ۽ پنهنجي ڀائرن
    محمد طاهر
    الله بخش
    ۽
    رجب علي راڄپر
    جي نالي.

    ”وفا“ صالح راڄپر


    اداري پاران: غربت جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ امير ليکڪ

    ”خاڪا نگاري“ جو فن، انتھائي پيچيده ۽ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنھن به شخص جي زندگي، جدوجھد، خوبين ۽ خامين تي لکڻو پوي ٿو، تڏهن انتھائي خبرداري، سمجهداري ۽ ذميواريءَ سان لکڻو آهي ته جيئن شخصيت متاثر نه ٿئي، نه وري ان کي وڌائي پيش نه ڪجي. جڏهن به ڪنھن شخص تي لکڻو هجي ته پڙهندڙ جي اڳيان ان جي هوبھو تصوير، خيال اڀارڻو پوي ٿو. سنڌي ادب ۾ خاڪانگاريءَ جو فن قديم ترين آهي، جيڪو اڄ جي جديد دؤر تائين سفر ڪري پھتو آهي پر پوءِ به ان جي اهميت ۾ ڪابه گهٽتائي نه ٿي آهي. جيستائين هيءُ سماج آهي، سماجي لاڳاپا آهن، تيستائين هي فَنُ زنده رهڻو آهي.
    وفا صالح راڄپر جو هي ڪتاب ”مون ساريندي سپرين“ خاڪانگاريءَ ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس پھريون شاعريءَ جو ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ ، ٻيو ڪھاڻين جو ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ سڄي سنڌ ۾ ڀرپور مڃتا ماڻي چڪا آهن.
    وفا صالح راڄپر غربت کي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ امير ليکڪ آهي، جنھن وٽ خيالن جي پيش ڪرڻ جو شاندار هنر آهي، جنھن ڪري ”وفا“ اسان جي تر جو امير ترين شخص آهي. هن غربت کي مھڻو ناهي سمجهيو، هن غربت جو سبب ڄاڻائي ڪڏهن منھن مونن ۾ هڻي، غربت سان ناهي گذاريو بلڪه سدائين تحرڪ ۾ آهي.
    وفا جو هي ڪتاب ”مون ساريندي سپرين“ خاڪانگاري ۽ مضمون يقينن سنڌي ادب ۾ پنھنجو الڳ مقام ٺاهيندو.
    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر
    تاريخ: 2018-03-31
    ڏوڪري/ لاڙڪاڻو


    پنهنجي پاران : وکريل جيون جون ڳالھيون

    مان پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍو وکريل رهيو آهيان. وکريل زندگيءَ کي سنوارڻ لاءِ هُوءَ الائي ڪيئن بغير دل جو دروازو کڙڪائيندي منھنجي معصوم دل ۾ پنھنجي محبت جو گهر ٺاهي ويهي رهي ۽ انهيءَ گهر مان نه نڪرڻ جا واعدا، وچن، قول ۽ قرار به ڪيائين ۽ منھنجي وکريل جيون کي اهڙو ته سنوارڻ لڳي جو مون کي پنھنجو پاڻ سان به محبت ٿيڻ لڳي. هُوءَ منھنجي دل ۾ ڪي پل نه، ڪي ڏينھن به نه، ڪي مھينا به نه پر ڪيترائي سال ٽڪي رهي پر اچانڪ ڪو اهڙو واءُ گهليو جو هُوءَ منھنجي دل ۾ سڄي ڄمار ٽڪڻ بجاءِ ايئن نڪري هلي وئي جو پوئتي ڪا نھارَ به نه ڪيائين ته مان جنھن وکريل زندگيءَ کي سنواري سينگاري ۽ ٺاهي آئي آهيان اها ٻيھر اُجڙي ۽ وکري نه وڃي.
    هن جي وڃڻ کانپوءِ مان اڳ کان وڌيڪ اُجڙي ۽ وکري ويس، ايترو جو هن جون ڏنل خوشيون به آٿت بڻجڻ بجاءِ وڇوڙي جا ڏنڀَ بڻجي جيون کي هر پَل ڏنڀينديون رهيون ۽ اڄ ڏينھن تائين مسلسل انهيءَ عذاب مان گذران پيو.هن جي ياد جا ڏيئا اڃان تائين ٻرندا رهن ٿا ۽ هُن پنھنجي يادن جي ڏيئي کي شايد هميشه لاءِ اُجهائي ڇڏيو آهي. تڏهن ته هُن طرفان ڪابه روشني نظر نٿي اچي. مون کي منھنجي ذهن ۽ منھنجي سوچن بار بار چيو پئي ته تون به هاڻ هن جي يادن جا ڏيئا وِسائي ڇڏ ۽ پنھنجي جيون ۾ ڪو نئون ڏيئون ٻاري ان جي روشنيءَ ۾ پنھنجي وکريل جيون کي سنواري ڇڏ. پر منھنجي دل مون کي ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته منھنجي دل اڄ به هن جي سارَ جا گيت چوندي رهندي آهي، منھنجي دل اڄ به هن جي سارَ جي ڪبوترن کي پنھنجي دل جي جارن ۾ ويھاري ويٺي آهي. منھنجي دل اڄ به هن جي يادن جي ڏيئي کي ٻاريندي پئي اچي ۽ پنھنجي گهر ۾ ئي ڪنھن کي به ٽِڪڻ جي جاءِ نٿي ڏئي. مان ته اِهو مڃي ويٺو آهيان ته هُن پنھنجي دل ۾ ڪنھن ٻئي کي ويھاري ڇڏيو آهي. تڏهن ته هيترو سارو وقت گذري وڃڻ جي باوجود به هُن جي سارَ جي ڪابه هڏڪي نه آئي آهي پر منھنجي نادان دل الائي ڇو اهو قطئي طور تي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي. مون کيس ڪيترائي دليل به ڏنا پر دلين جا فيصلا دليلن جا محتاج ناهِنِ هوندا.
    مون کي ليکڪ بنائڻ ۾ هن جي جدائي ۽ محبت جو وڏو هٿ رهيو آهي. جيڪڏهن هوءَ مون سان محبت نه ڪري هان ۽ محبت کانپوءِ مون لاءِ جدائي جي جبل جيڏو جھان نه ڇڏي وڃي هان ته مان شايد ليکڪ بڻجي نه سگهان هان. ڪنھن دوست چيو ته ”تنھنجي نظمن توڙي ڪھاڻين ۾ جتي پيار جي ٿڌڙي هير جھڙي خوشبوءِ آهي ته اُتي وڇوڙي جا واچوڙا به آهن، ته دردن جا اٿاهه درياءَ به آهن ته جدائي ۽ فراق جون ڳالهيون به آهن.“ کيس چيو هيو ته يار! انهيءَ وڇوڙي جي واچوڙن ۾ سدائين وچڙندو ۽ جدائيءَ جي جنڊ ۾ سدائي پيسبو رهيو آهيان. دردن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به زندگيءَ جي حصي ۾ نه آيو آهي ۽ پيار جي سدائين ڳولها ۾ رهيو آهيان.
    جيڪو پيار ۽ جيترو پيار مون کي هُن وٽان نه ملي سگهيو ان کان ڪيترائي حصا وڌيڪ پيار مون کي پنھنجي دوستن ڏنو آهي. منھنجو پيارو دوست انور ڪاڪا مون کي سدائين فون تي اِهو جملو ضرور چوندو آهي ته ”وفا! تون اسان سڀني دوستن جو دادلو آهين.“ منھنجون لکڻيون منھنجي وکريل جيون کي سنواري ته نه سگهيون پر منھنجي لکڻين مون کي تمام گهڻا ۽ سٺا پيار ڪندڙ دوست ضرور ڏنا آهن. مان ان حوالي سان پاڻ کي گهڻو ڀاڳوند ۽ امير ماڻهون سمجهندو آهيان، مولا علي مشڪِل ڪُشا جو فرمان آهي ته، ”غريب اهو ناهي جنھن وٽ دولت ڪونهي، پر غريب اهو آهي جنھن وٽ سٺا دوست ڪونهن.“ منھنجي مال ملڪيت، منھنجي ڌن دولت مون لاءِ منھنجا دوست ئي آهن. جيڪي مون سان بي پناهه محبت ڪن ٿا۽ جن سان مان بي پناهه محبت ۽ پيار ڪريان ٿو. جيترو پيار مون سان منھنجا دوست ڪن ٿا، ايترو ئي پيار مون سان پڙهندڙ به ڪن ٿا. مون کي پنھنجي پھرين شاعريءَ واري ڪتاب”دردن ڦولاريا ڦول“ ۽ ٻي ڪھاڻي ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ جي ڪاميابيءَ تي جيترو پڙهندڙن وٽان پيار، محبت ۽ مَانُ مليو آهي مان ان کي پنھنجي لاءِ اعزاز ۽ سڀ کان وڌو قيمتي ايوارڊ ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته پيار ۽ محبتن کان وڌيڪ مون لاءِ ڪو ٻيو ايوارڊ ٿي به نٿو سگهي. ڪنھن نابين کي نور، بي سھاري کي سھاري، بي گهر کي گهر ۽ ڪنھن ليکڪ کي پيار ڪندڙ پڙهندڙ ملي وڃن ته پوءِ انهن کي ٻيو ڇا گهرجي....!؟ ان حوالي سان مان پاڻ کي وڏو خوشنصيب ۽ ڀاڳوند ٿو سمجهان جو مون کي سڄي سنڌ مان سٺا پڙهندڙ ملي ويا آهن. جيڪي نه رڳو منھنجي لکڻين سان پيار ڪن ٿا بلڪه مون سان به پيار ڪن ٿا اهو ئي سبب آهي جو مان اڃان تائين لکي رهيو آهيان ۽ نه رڳو لکي رهيو آهيان پر هڪ ڪٺن، ڏکي ۽ وکريل زندگي به جي رهيو آهيان. زندگيءَ وک وک تي اهڙا ته گھرا گهاوَ ڏنا آهن جيڪي ڇُٽڻ جا ئي نه آهن. هونئن به زندگي پيڙائن، دردن، اذيتن، تڪليفن ۽ آزمائشن جو نانءُ آهي.
    ايران جي نالي واري شاعر فردوسي چيو ته ”ڪاش! مون کي ماءُ نه ڄڻي ها“ يتيمن جي باني ۽ عظيم فلسفي گوتم ٻڌ چيو ته،”زندگي ڏک ئي ڏک آهي- سروم دکم دکم“ صوفي شاعر بابا غلام فريد چيو ته، ”جنھن ڏينھن ماءُ مون کي ڄڻيو ۽ دائيءَ ناڙو ڪپيو ان وقت اها ڪاتي جيڪڏهن دائي منھنجي نڙگهٽ تي وهائي ڇڏي هان ته پوءِ نه ئي دنيا ۾ هجون هان ۽ نه ئي هيء ڏينھن ڏسڻا پون ها.“
    ادبي حلقن ۾ منھنجي سڃاڻپ هڪ ڪھاڻيڪار ۽ نثري نظمن جي شاعر طور آهي. پر نثر ۾ مون ڪھاڻيءَ کان علاوه ڪافي مواد لکيو آهي جيڪو پنھنجي زندگيءَ جيان ٽڙيو، پکڙيو پيو آهي. ذهن ۾ اها سوچ اچي ويٺي ته انهيءَ ٽڙيل، پکڙيل مواد کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻجي. ڇو ته هر لکڻي پنھنجي دؤر جو آئينو هوندي آهي ۽ هر لکڻي پنھنجي دؤر جي تاريخ ٿئي ٿي. جنھن دؤر ۾ لکجي اها لکڻي ان دؤر ۾ ئي ڪتابي صورت ۾ آڻجي نه ته دؤر بدلبا رهن ٿا. ماڻهن جا ذهن، سوچون، خيال ۽ مزاج بدلبا رهن ٿا. ٽڙيل، پکڙيل ڪجهه مواد گڏ ڪري توهان پيارن پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچائيندي ڏاڏي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن جيڪي مون پنھنجن پيارن تي لکيون آهن. جنھن ۾ لکڻ جي هُنر، فن، فڪر ۽ ڪاريگريءَ کان ڪم ناهي ورتو، بس درد هو، تڙپ هئي، پيار هو ۽ عشق هو جنھن کي پنن تي لاٿو اٿم. هونئن به جڏهن پنھنجن پيارن تي لکبو آهي تڏهن قلم ذهن جي چئي آکئي مان نڪري دل جون عبارتون، اتاريندو آهي ۽ دل جي عبارتن جي ڪابه ترتيب نه هوندي آهي؟ ڀلا! جذبن، احساسن ۽ اُڌمن کي به ڪو ترتيب جي فريم ۾ بند ڪري سگهيو آهي ڇا .....!؟
    مان پنھنجي پيارن دوستن سيد فرمان علي شاهه ۽ مير مسلم سانگهروءَ جي ساٿ کي وساري نٿو سگهان. مان ٿورائتو آهيان پنھنجي مھربان ۽ پيار ڪندڙ دوستن محمد صديق منگيو، اخلاق انصاري، آدرش، انور ڪاڪا ۽ راجن مڱريي جو جن ڪتاب جي ڇپائي بابت مون سان هروقت رابطي ۾ رهيا. مان پياري معشوق ڌاريجو کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان جنھن منھنجي هڪڙي گذارش تي مھاڳ لکي ڏنو. مان ايترو ئي ٿورائتو آهيان پنھنجي قربائتي دوست معصوم بخاريءَ جو جنھن ڪتاب لاءِ بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. مان تھه دل سان ٿورائتو ۽ احسانمند آهيان پنھنجي حجائتي دوست عيسى ميمڻ جو جنھن پنھنجي اداري طرفان منھنجو هي ٻيوڪتاب به ڇپرائي سڄي سنڌ تائين پھچايو. وڏا وڙ جميل اشرف چانڊيو جا جنھن ڪتاب جا پروف چيڪ ڪري ڏنا. لک لائق ۽ قرب پنھنجي محسن ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ يو.سي چيئرمين وڏيري محمد علي راڄپر ۽ پياري عزيز محسن دانش جا جنھن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي حوالي سان تعاون ڪيو. مان پنھنجي پياري حبيب ساجد کي وسارڻ جھڙو گناهه ڪيئن ٿو ڪري سگهان، جنھن ڪڏهن مون کي ڏٺو به ناهي، جيڪو ڪڏهن مون سان مليو به ناهي. هُو جي مليو آهي ته منھنجي ٻن ڪتابن سان مليو آهي هن جي ڏٺو آهي ته منھنجي ڪتابن کي ڏٺو آهي ۽ انهن ڪتابن کي هڪ ماءُ جيان پياري پاٻوهه مان دل جي اکين سان پڙهيو آهي، هُو منھنجي ڪتابن جي ڪري مون سان ايترو پيار ٿو ڪري جيترو پيار چپن جو چپن سان هوندو آهي ۽ چپن جي پيار جو ڪوبه مثال ڪونهي، اهو پيار بي مثال ۽ لازوال آهي.
    منھنجون اکيون ۽ منھنجي دل توهان سان ۽ منھنجي لکڻين سان پيار ڪندڙ ۽ پڙهندڙن جي راءِ جي اوسيئڙي ۾ اٽڪيل رهنديون.

    وفا صالح راڄپر
    وڏي وهڻي- باڊهه
    3670955-0333


    مھاڳ : مون ساريندي سپرين

    وفا صالح راڄپر منھنجي دلبر دوستن منجهان هڪ آهي. جنهن سان منهنجي دوستيءَ جو سنگ، تعلق مشتاق ڀرڳڙيءَ جي معرفت سندس پهرين ڪهاڻي ڪتاب ”پاڇي“ جي مھورت دوران جڙيو هو ۽ اهڙو جڙيو هو جيئن استاد بخاريءَ چيو هو ته: ”جو جڙيو سو جيءَ سان جڙي ويو“ يا شاهه سائين جي سٽ جيان ته: ”ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهارن لپـيٽيو“ يا شاهه ڪريم چواڻي ته:
    پاڻياريءَ سر ٻـَهڙو، جـَرَ تي پکي جيئن،
    اسان سَڄَڻُ تيئَن، رهيو آهي روحَ ۾.
    وفا صالح راڄپر سنڌ جو اهو سادو ۽ سٻاجهڙو تخليق ڪار آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان لکڻ ۽ پڙهڻ واريءَ ڪرت سان پاڻ وندرائڻ سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ۾ پڻ مصروف آهي. سندس شاعريءَ/ نثري نظمن جي ڪتاب ’دردن ڦولاريا ڦول‘ ۽ ڪهاڻين جي ڪتاب ’ارپڻ کان رهجي ويل محبت‘ جي شاندار ڪاميابيءَ کانپوءِ کان پوءِ سندس مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب ’مون ساريندي سپرين‘ اکين اڳيان آهي. ’مون ساريندي سپرين‘ سترهن مضمونن ۽خاڪن جو مجموعو آهي.
    ’ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي ويندي‘، شيخ اياز کي ڏنل ڀيٽا آهي، جنهن ۾ وفا لکي ٿو ته: ”اياز پنهنجي شاعريءَ وسيلي جيڪو پيغام، جيڪو فڪر ڏنو آهي انهيءَ فڪر کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نه ٿي سگهي. اياز ڪالهه به امر هو ۽ سڀاڻي به امر رهندو“. وفا هن مضمون ۾ اعتراف ڪندي لکي ٿو ته: ”آءٌ ڪو وڏو عالم، دانشور، مفڪر ۽ نقاد ته ڪو نه آهيان. آءٌ ته صرف اياز جو هڪڙو ننڍڙو چاهيندڙ آهيان“. اها وفا جي سادگي، معصوميت ۽ نهٺائي ڏاڍي دل لڀائيندڙ آهي وفا هن مضمون ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته مان شيخ اياز کي سنڌ پرست شاعر چوندو آهيان. ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته اياز سنڌ پرست شاعر ئي هو ۽ آهي.
    ’سنڌي ڪهاڻي کي جيئدان ڏيندڙ محمد صديق منگيو‘ محمد صديق منگيي جي ذات، ڏات، قرب ۽ ڪهاڻين، پيار ۽ پاٻوهه تي لکيل هن مضمون کي وفا ڏاڍي روح سان لکيو آهي. هن مضمون ۾ وفا محمد صديق منگيي جو موچارو خاڪو چـٽي ۽ سندس ٽنهي ڪتابن جو شاندار جائزو پيش ڪيو آهي. وفا سندس ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڪهاڻين جي ٻولي، منظر نگاري، موضوعن ۽ خوبصورت تشبيهن منهنجي ذهن جي ڪينواس تي جيڪي رنگ برنگي چٽ چٽيا آهن سي سمورا مون کي اڄ به ائين ياد رهيا آهن جيئن ڪنهن وينگس کي پهرين پيار ۽ جوان سان ڀرپور چمي ياد رهجي ويندي آهي“. محمد صديق منگيو دورِ جديد جي ڪهاڻي کيتر جو شاندار حوالو آهي سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب جون انمول ڪهاڻيون آهن.
    راجن مڱريو جي ڪھاڻي ڪتاب ”روين جو چهرو“ جو تنقيدي جائزو’ تنقيدي ۽ اڀياسي مضمون آهي. جنھن ۾ هِن راجن مڱريي جي ڪهاڻين جي فني توڙي فڪري پهلوءَ تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. وفا لکي ٿو ته: راجن جون ڪهاڻيون ”دل جو سفر“، ”حفت جي شام“، ”آسمان جو درد“ ۽ ”ڀرجي ويل موسم کانپوءِ“ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون آهن.“ راجن مڱريو جنهن کي وفا ۽ ان جا ٻيا دوست پيار مان راجو چوندا آهن. وفا راجن جي دوستيءَ ۽ دلبريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”راجو دراصل اسان سڀني دوستن جو راجا آهي“.
    ’يوسف سنڌي: گھڻ پاسائين شخصيت‘هيءُ يوسف سنڌيءَ تي لکيل خاڪو آهي. يوسف سنڌي واقعي ئي هڪ گهڻ پاسائين ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. جيڪو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مضمون نگار، سفرناما نگار، مترجم، پبلشر وغيره آهي. يوسف سنڌي سنڌي ادبي سنگت جو سابق سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو آهي، ٻاراڻي ادب توڙي ”سنگت پبليڪيشن“ جي حوالي سان پڻ سندس ڪم ساراھ جوڳو آهي، هي متحرڪ ۽ جاکوڙي ڪردار آهي جيڪو سدائين سفر ۾ رهيو آهي.
    ’خطن ۾ مون کي ڳولجان‘: مشتاق ڀرڳڙي تي لکيل خاڪو آهي. مشتاق سان منهنجي دوستيءَ ۽ يادن جو هڪ طويل سلسلو وابسته آهي. مشتاق ڀرڳڙي، استاد بخاري، بشير سيتائي، الهه نواز رڪڻائي ۽ عادل سخيراڻيءَ وانگر دادوءَ جي دل هو. مشتاق ڀرڳڙي ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، شاعر، خاڪا نويس، نقاد ۽ پبلشر سان گڏ منهنجو دادلو ۽ دلبر دوست هو وفا لکي ٿو ته: ”مشتاق منهنجو سٺو دوست هجڻ سان گڏوگڏ منهنجو عاشق به هيو ته ساڳئي وقت معشوق پڻ“. وفا صالح راڄپر مشتاق جي دادوءَ واري گهر/ جاءِ جي تعمير جو تذڪرو ڪندي لکي ٿو ته: ”مشتاق جو ڪم به سنڀاليم ۽ مزدوري به ڪيم“. هي ڪيڏو نه وڏو اعتراف آهي ته وفا مزدوريءَ کي به مهڻو نه ٿو سمجهي ۽ پنهنجي تحرير ۾ به ان جو ذڪر ڪري ٿو سندس اها سادگي ۽ سچائي ئي آهي جو دوست کيس جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا.
    ’سنڌي شاعريءَ جو روشن ڏيئو‘: ذوالفقار گاڏهي جي شاعريءَ تي لکيل مضمون آهي ذوالفقار، سنڌي ٻوليءَ جو جاکوڙي اديب ۽ سيبتو لکاري آهي. ذوالفقار گاڏهي شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڪالم نويس، مترجم، نقاد ۽ پبلشر پڻ آهي. شاعري سندس ادبي سڃاڻپ جو سگهارو حوالو آهي وفا سندس شاعري تي بيحد پيار ۽ پاٻوهه سان پنهنجي قلم کي ڪاهيو آهي.
    ’پرينءَ جي پيار جهڙو فياض چنڊ ڪليري‘: هي مضمون فياض جي جنم ڏينهن جي حوالي/ مناسبت سان لکيل مضمون آهي جنهن وٽ سوچڻ لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جا نرالا انداز ۽ زاويا آهن سندس تقرير توڙي تحرير ۾ موکيءَ جي مڌ جون لذتون ۽ سرور هوندا آهن وفا هن مضمون کي ڏاڍي پيار ۽ توجهه سان لکيو آهي.
    ’غمزده سومري جي شاعريءَ جو اڀياس‘: وفا جو هي مضمون باڊهه جي سينيئر شاعر ارباب علي غمزده سومري جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي لکيل آهي جنهن کي پڙهي غمزده جي ذاتي ۽ ادبي زندگي جي ڄاڻ ملي ٿي. وفا هن مضمون کي ڏاڌي تسلسل سان لکيو آهي. ماضيءَ/ ويجهي ماضيءَ جي اهڙن ڪردارن کي ياد ڪرڻ اهم ۽ وقتائتو ڪم/ قدم آهي اهڙي ڪم تي وفا شاباس لهڻي. وفا غمزده جي شاعري/ سندس مواد ڪتابي صورت ۾ محفوظ نه هجڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته ؛ ”غمزده جهڙا شاعر ڌرتي، ٻولي ۽ لوليءَ جي سڃاڻپ هوندا آهن مان باڊهه واسين ۽ غمزده جي پوئيرن کي نماڻي گذارش ڪندس ته هو غمزده جهڙي عوامي ۽ ڀلوڙ شاعر جي ادبي پورهئي کي ذيان ڪرڻ بجاءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪن ته جيئن ادبي پورهيو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.“
    ’ڳجھارت بڻجي ويل شان ڏهر جو قتل‘: هي مضمون باڊهه/ لاڙڪاڻي جي بيباڪ صحافي ۽ شاعر ذاڪر حسين شان ڏهر جي مرتئي تي لکيل تعزيت نامو آهي وفا هن مضمون ۾ شان ڏهر تي لکندي نظم جي البيلي شاعر علي آزاد، پنهنجي صحافي دوست هاشم چانڊيي، پياري دوست اصغر سنڌي ۽ سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر عادل عباسي کي به ياد ڪيو آهي هن مضمون ۾ وفا شان ڏهر جي شان ۽ مان تي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پنهنجي اندر جو اظهار ڪيو آهي.
    ’ڪير اسان جي سپرين لهندو سار‘: وفا جو هي خاڪو سندس وڏي ڀاءُ الهه بخش جي وڇوڙي/ مرتئي تي لکيل تعزيت نامو آهي، جنهن ۾ وفا وڇوڙي جي درد جي ڪٿا بيان ڪئي آهي وفا هن مضمون ۾ پنهنجي ڀاءُ رجب راڄپر سان گڏ ننڍڙيءَ صدف ۽ ننڍڙي ڪاشف ‘ڪاشيءَ’ کي به ياد ڪيو آهي. هي ڏاڍو احساساتي مضمون آهي جنهن کي پڙهي جسم جا وار/ لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. وفا هن مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”توکان پوءِ جيون ۾ ڪڏهن به بهار جي موسم ڪونه ڏٺي آهي.“
    ’درد جو فلسفو شاعريءَ جو معراج آهي‘: هي خاڪو منٺار سولنگيءَ جي دوستيءَ ۽ شاعريءَ تي لکيل مضمون آهي جنهن کي وفا ڏاڍيءَ سچائيءَ سان لکيو آهي. وفا لکي ٿو ته: ”منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ اها شڪتي آهي جيڪا سنڌي ماڻهن جي دلين ۽ روحن کي گرمائي سگهي ٿي.“ منٺار سولنگي، وفا صالح راڄپر جي انتهائي ويجهڙن ۽ ساڻس پيار ڪرڻ وارن دوستن منجهان هڪ رهيو آهي، جنهن جو پيار سندس آخري پساهن تائين وفا تي وڏڦـڙي مينهن جيان وسندو رهيو آهي منٺار کان پوءِ اهڙو ئي پيار وفا کي منٺار جي پٽڙي ڪاشف کان به ملندو رهي ٿو.
    ’ڳوٺ وڏي وهڻي تاريخ جي آئيني ۾‘: وفا جو هي مضمون سندس اباڻي ڳوٺ وڏي وهڻيءَ جي تاريخ تي لکيل دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون آهي 27 ڊسمبر 1997ع تي مون کي به هي خوبصورت ڳوٺ ڏسڻ جو ۽ استاد محمد وارث ۽ استاد نذير راڄپر سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو. اسان جا ٻيا لکاري به جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جي تاريخ تي ايئن قلم کڻن ته سنڌ جي سچي تاريخ مرتب ٿي سگهي ٿي.
    ’سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم ڪير بچائيندو!؟‘: وفا جو هي مضمون سندس علم دوستيءَ جو ساکي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس مسڪين ماڻهن جي ڀلي ۽ ڀلائيءَ جو ڪيڏو نه الڪو ۽ درد آهي.
    ’هڪڙو هيو مشتاق....!‘ هي مضمون ڪنهن قصي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻي جهڙو طلسماتي مضمون آهي جنهن کي پڙهندي وقت ڀانئجي ٿو ته وفا صالح راڄپر ڪو قصاگو آهي جنهن پنهنجي قصي ۾ مشتاق جي ڪردار کي محفوظ ڪري ورتو آهي.
    ’سدائين ڏات جا ڏيئا ٻرن ٿا‘: هيءَ لکڻي دراصل اقبال کوکر ڏانهن لکيل خط آهي. خط جي صنف کي سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي سنڌي ادب ۾ شيخ اياز، جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ٻين جي خطن جو پنهنجو مقام ۽ اهميت آهي. شيخ اياز جي خطن جو ڪتاب ’ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ان حوالي سان نهايتي شاندار ڪتاب آهي.
    ’لوڪ ادب جو شهزادو لقمان کوکر‘: لقمان کوکر تي لکيل مضمون آهي. لقمان کوکر سنڌي لوڪ ادب جو تمام وڏو نالو آهي. لقمان کوکر سان منهنجي محبتن جي تند منهنجي پياري دوست سگهڙ غلام اصغر لاکي معرفت جڙي هئي لقمان کوکر ڪراچي، حيدرآباد يا لطيف ڪانفرنس ۽ شهباز ڪانفرنس تي ويندي يا موٽندي قاضي احمد ۾ اچي ترسندو هو ساڻس گڏ محمد مٺل جهتيال ۽ ڪڏهن ڪڏهن ممتاز عباسي به هوندو هو. لقمان کوکر تي لکيل وفا جو مضمون ٻوليءَ توڙي اظهار جي حوالي سان سهڻو خاڪو آهي.
    ’وڃين ڀونءِ پيٺي‘: خاڪو باڊهه جي ڪامريڊ بشير نوناريءَ جي وفات تي لکيل مضمون/ تعزيت نامو آهي جيڪو سندس خاڪو پڻ محسوس ٿئي ٿو. وفا صالح راڄپر بشير نوناريءَ جي جرئتمنديءَ کي بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هن ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو ۽ جيل جون اذيتون به برداشت ڪيون پر پوءِ به سنڌ ۽ سيد جي عشق کي سلامت رکيون آيو.“
    وفا صالح راڄپر جي اها وڏي خوشنصيبي آهي جو هو پنهنجي شاعري، ڪهاڻين ۽ مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري چڪو آهي.
    وفا صالح راڄپر پنهنجي سڄي ڄمار جهد ۽ جاکوڙ ۾ گذاري آهي. هي يار ماٺ ڪري ورچي ويهڻ وارو نه آهي. حسن درس جي سٽ ”ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ جيان سڄي سنڌ کيس پنهنجي تر ۽ گهر جيان لڳندي آهي.
    وفا صالح راڄپر جي مضمونن/ لکڻين ۾ ربط، تسلسل، سلاست ۽ سادگي آهي. هي ڳيري واري ڳالهه ڪرڻ بجاءِ مختصر ۽ اثرائتي ڳالهه جوقائل آهي. لکڻ دوران ڪٿي ڪٿي وفا صالح راڄپر جو انداز جذباتي به ٿي وڃي ٿو. سندس ڪجهه ڳالهين/ راين سان اصولي اختلاف به ڪري سگهجي ٿو.
    وفا صالح راڄپر مضمونن ۾ ڪٿي ڪٿي ماضي ۽ حال جي صيغي کي گڏ استعمال ڪيو آهي. وفا وٽ ڪٿي ڪٿي ساڳين خيالن ۽ جملن جو ورجاءُ به محسوس ٿئي ٿو.”جيئن مان ڪو وڏو ليکڪ يا نقاد وغيره ڪو نه آهيان.“
    وفا لکندي وقت ڪٿي ڪٿي تشبيهاتي انداز به استعمال ڪيو آهي. جنهن سان سندس لکڻي وڌيڪ اثرائتي ۽ موهيندڙ ٿي پئي آهي. وفا لکي ٿو ته: ”مـاءُ جـا نـيـڻ مون لاءِ سدائين امام ضامن وانگر هوندا هيا.“ ”ڪو به رانديڪو ماءُ جي آسيس جو مٽ ٿي نه ٿو سگهي“.
    وفا صالح راڄپر جي مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب ’مون ساريندي سپرين‘ نه رڳو پڙهڻ پر ساهه ۾ سانڍڻ جھڙو ڪتاب پڻ آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ وارا پڙهي حض حاصل ڪندا.

    معشوق ڌاريجو
    الماس نگر، قاضي احمد
    آچر 25 مارچ 2018ع
    03003093780


    لفظن جي لڪيرن جا اسڪيچ

    وفا صالح راڄپر کي مان گذريل ويهن سالن کان پڙهندو اچان پيو. هُو بنيادي طور ڪھاڻيڪار آهي. هِن جون ڪھاڻيون مونکي پنھنجي ڳوٺ ۽ تَرَ جون ڪھاڻيون لڳنديون آهن. مون جڏهن به سندس ڪھاڻي پڙهي، ان جو ڪونه ڪو ڪردار مونکي پنھنجو لڳو آهي. معنى مان سندس ڪھاڻين ۾ ”پنھنجو“ عڪس پسيو آهي. هڪ ليکڪ جي تعريف لاءِ اها خوبي ئي ڪافي آهي ته هُو پڙهندڙ کي پنھنجي لکڻيءَ ۾ ساڻ کڻي هلي ٿو ۽ پڙهندڙ کي پنھنجو عڪس پَسائي ٿو.
    وفا جو هي ڪتاب ”مون ساريندي سپرين“ مضمونن ۽ خاڪن جو ڪتاب آهي، خاڪا لکڻ هڪ الڳ فن آهي، جنھن ۾ ليکڪ تبصري هيٺ شخصيت جي سڀني زاوين کان عڪسبندي ڪري ٿو. ان جي شبيھه، ان جي مزاج، ان جي بيھڪ، ان جو تڪيو ڪلام سڀ عمل اهڙي طرح چِٽي ٿو جو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ اُن جي نالي کان سواءِ ئي شخصيت کي سڃاڻي وٺي ٿو.
    وفا لفظن جي لڪيرن ذريعي جن به شخصيتن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن، اهي هُو بھو اصل تصويرن جھڙا ئي آهن. وفا جي مضمونن ۽ خاڪن ۾ جنھن ڳالهه مون کي گهڻو متاثر ڪيو اُها هن جي دوستن سان بي پناهه محبت آهي. جيڪا هن اکر اکر ۾ پنھنجي دوستن کي ارپي آهي. وفا جا مضمون ان جي پيار جا ساکي آهي، جنھن ۾ هن تمام گهڻي محبت سان دوستن جي لکڻين کي پڙهي، ان تي پاٻوهه مان لکيو آهي، وفا جي هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو پنھنجو حسين جمال آهي. مان سندس ڏات ۽ ذات ٻنهي لاءِ دعاگو آهيان.

    معصوم بخاري
    پھرين فيبروري 2018ع
    راڌڻ.


    هڪ حسين ۽ اڻڇھيل تال ميل

    ”وفا صالح راڄپر“ جنھن کي مون ڪڏهن ڏٺو به ناهي ۽ ڪڏهن منھنجي هن سان ملاقات به ناهي ٿي. مگر منھنجي هن جي نظمن سان پراچين شناسائي آهي. هن جي ڪھاڻين جي ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ سان به مون چند ناسي شامون ڪاٽيون آهن. هر روپ ۾ هن زندگيءَ کي جنم ڏنو آهي ۽ پنھنجي ڀاونائن کي پينٽ ڪيو آهي. هن جون آڱريون مون نه ڏٺيون آهن، پر ڀانيان ٿو ته ضرور رنگين هونديون. هن جي زندگي ۽ هن جو رچنا ٿيل ادب سچ پچ ته رنگن جي هڪ حسين ۽ اڻڇهيل تال ميل جو پتو ڏين ٿا.
    مُون جيترو به هن کي پڙهيو آهي، هڪ پل به ٿڪيو ئي ناهيان ۽ نه ئي اکين تي پيل چشمي کي لاٿو آهي. هن جي لکڻين مان نظم، ڪھاڻيون، مضمون، اسڪيچر ۽ پروفائيل ايئن نڪرندي محسوس ٿيندا آهن جيئن بارش کانپوءِ آسمان پنکڙين سان ڀرجي ويندو آهي.
    ڪيڏو نه سُندر آهن هن جون آڱريون جيڪي هڪ ننڍڙي ڪاغذ جي ٽڪري تي هڪ ڪائنات کان به وشال ڪائناتيون رَچي وٺن ٿيون ۽ اسان کي هڪ اهڙي ديس ڏي وٺي وڃن ٿيون جيڪو سچ پچ ڪنھن جنت کان گهٽ ناهي ۽ جتي ڪنھن جي به چپن تي دوزخ جو نانءُ نه آهي، رڳو امن آهي ۽ رڳو سُڪون آهي.

    حبيب ساجد
    سکر


    مضمون ۽ خاڪا

    ڌرتي توکي منهنجي چُمي اَڌَ ۾ رهجي ويندي!

    جسماني طرح اسان سڀني اياز جي عاشقن ۽ معشوقن جي لاءِ هيءَ اياز جي وڇوڙي، اياز جي جُدائيءَ جي گهڙي آهي. وڏو وقت گذرڻ جي باوجود به اياز جي وڇوڙي وارو غم اسان کان هڪ پل به پري ناهي ٿيو. جيستائين خدا جي هيءَ خلقيل ڪائنات آهي، جيستائين هن ڌرتيءَ جو وجود آهي، تيستائين اياز جي وڇوڙي جو غم به اسان کان پري ٿي نٿو سگهي ۽ اياز وسارڻ جھڙو آهي به ڪٿي ....!؟
    سال جي آخري مھيني جي پڇاڙي واري ڏينھن ويندي ويندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان گهڻو ڪجهه کسي ورتو آهي ۽ ايترو نقصان ڪيو آهي جو ان جو ڪاٿو به نٿو ڪري سگهجي. سال جو آخري مھينو ڊسمبر جڏهن شروع ٿيندو آهي ته دل مان اها ئي صدا نڪرندي آهي ته يا خدا! خير ڪجانءِ!! متان هيءُ مھينو وري اسان کان اسان جو ۽ سنڌ جو ڪو ساهه ۽ ويساهه نه کسي وٺي. جيئن سنڌ جو آواز سرمد سنڌي کسي ورتو. جيئن سنڌ جو ساهه، سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ جي سڃاڻپ اياز کسي ورتو ۽ جيئن ملير جي مارئي بينظير کسي ورتي.
    اياز جھڙي عظيم، مھان شخصيت ۽ اعلى پائي جي شاعر تي ڀرپور لکڻ لاءِ دل چئي رهي آهي ۽ دل جي ڳالهه مڃيندي قلم ته هٿ ۾ کنيو آهي، پر آءٌ ان سوچ ۾ ٻڏل آهيان ته اياز جي ڪھڙي پاسي، ڪھڙي رُخ ۽ اياز جي شخصيت جي ڪھڙي پھلوءَ تي لکجي؟ ڇو ته اياز گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هيو. ٻين پاسن کي ڇڏي ڪري اسين رڳو اياز کي هڪ شاعر جي حوالي سان ڏسنداسين ته هُو رڳو سنڌ جو نه پر پوري دنيا جو تمام وڏو شاعر آهي. هُو نه رڳو وڏو ۽ عظيم شاعر آهي. پر هڪ وڏو دانشور، فاضل ۽ عالم به آهي. آءٌ اڃا وڌيڪ هيئن چِٽو ڪري لکان ته فڪري مشاهدو مطالعي بعد نتيجي ڪڍڻ جو نانءُ آهي گھرو مطالعو ۽ مشاهدو لفظن جو روپ اختيار ڪري ماڻهن جي ذهنن ۽ سوچن کي تبديل ڪندو آهي، جنھن کي فڪر چئبو آهي. اياز دنيا جو تمام وڏو عالم، تيز مشاهدي حافظي وارو شاعر آهي. اياز ادب جي آسمان جو اهو وهائو تارو آهي جنھن جو آب و تاب ايتري عرصي کان پوءِ به گهٽ نه ٿيو آهي.
    ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ اياز جي شاعري ۽ اياز جو فڪر توهان جي ذهنن جي ارتقا ڪندو ۽ توهان جي ذهنن کي سج جيان روشن ڪندو. ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعريءَ ۾ نه رڳو پختگي، ڪھنه مشقي، فلسفيانه طرز ۽ طبيعت جي شوخي موجود آهي. پر ان سان گڏوگڏ هُو پنھنجي شاعرانه مزاج کي اهڙي برجستگي، بي ساختگي، بي باڪي ۽ بي تڪلفيءَ سان پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن تي پنھنجي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي ٿي وڃي ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
    مون کي اياز جي سموري شاعري محبوبه جي مرڪ جھڙي پياري ۽ سچي لڳندي آهي. سنڌ جي نامياري اديب سراج، اياز جي ڪتاب ”چنڊ چنبيلي ول“ جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته،”اياز جو شعر اياز جي مرڪ جيان سچو به آهي ته ڇرڪائيندڙ به آهي. ورهيه ٿيا جو اياز جي مرڪ ڏٺي هيم ۽ اياز جس شعر به ٻڌا هيم. پوءِ ٻڌم ته اياز بيمار هو ۽ هُو لکي به نٿي سگهيو. سوچيم ايئن ڪيئن هوندو؟ اياز ٽھڪ ڏيڻ ڪيئن ڇڏيا هوندا؟، اياز شعر چوڻ ڪيئن ترڪ ڪيو هوندو؟ ڪنھن چيو ته اياز ڪمپرومائيز ڪيو آهي. ڪنفارمز جو شڪار آهي. ثبوت ۾ اهو چيائون ته اياز سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر اڻ دکايل سگريٽ ٻن آڱرن ۾ جهلي ڇڪيندو رهي ٿو. ان کان وڌيڪ ڪمپرومائيز جو ٻيو ڪھڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو. اياز موٽ ۾ ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين ته:
    جي ڪَوتا تنھنجي ڪاج اچي،
    مان ٻيھر ٻيڙيون پائيندسُ،
    مان ٻيھر تو لاءِ ڳائيندس.
    اياز ڪلهه جيان اڄ به امر آهي ۽ سڀاڻي به امر رهندو. جيستائين هيءَ ڌرتي ۽ خدا جي خلقيل ڪائنات جو وجود رهندو، تيستائين اياز پنھنجي شاعريءَ ذريعي زندھ ۽ امر رهندو. ڀٽائيءَ کانپوءِ پورا اڍائي سَوَ سالن کانپوءِ اياز جھڙو بھترين ۽ عظيم شاعر مليو. پر اياز کانپوءِ اڍائي سَوَ سال ته ڇا پر اڍائي سَوَ سال صديون به لڳن ته به اسان کي اياز جھڙو شاعر نٿو ملي سگهي.
    اياز وڏو شاعر هو، اياز وڏو فلسفي هو. اياز وڏو دانشور ۽ مفڪر هو. اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام، جيڪو فڪر ڏنو آهي، انهيءَ فڪر کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نٿي سگهي. آءٌ هت مثال طور اياز جي ڪھڙي ڪھڙي شاعري پيش ڪريان. اياز جي سموري شاعري بي مثال آهي. آءٌ ڪو وڏو عالم، دانشور، مفڪر ۽ نقاد ته ڪونه آهيان جو اياز جھڙي عظيم شاعر جي فن ۽ فڪر تي ويھي ڳالهايان. آءٌ ته صرف اياز جي چاهيندڙ مان هڪ ننڍڙو چاهيندڙ آهيان. اياز تي ڳالهائڻ يا لکڻ لاءِ وسيع ذهن، وسيع مطالعي ۽ وسيع سوچ جي ضرورت آهي.
    اوهان اياز جي جمالياتي شاعري پڙهو توڙي مزاحمتي شاعري پڙهواها فڪر ۽ فن سان ايئن ٽمٽار هوندي جيئن رات جي وقت آسمان تارن سان. اياز جمالياتي شاعريءَ ۾ جيڪي تشبيھون استعمال ڪيون آهن. اُهي تشبيھون اياز کان اڳ توڙي پوءِ جي شاعرن استعمال نه ڪيون آهن ۽ نه ئي انهن شاعرن جو ايترو ذهن ۽ سوچ آهي. ٻين تشبيھن کي ڇڏي ڪري اسان سج ۽ وَهيءَ کي ڏسون. وَهي جنھن کي ٻين لفظن ۾زندگي، يا حياتي به چئون. ان وَهيءَ کي اياز وِهه يعني زهر سان تشبيھه ڏني آهي. پرينءَ کي چنڊ سان تشبيھه هر شاعر ڏني آهي. پر پرينءَ کي سج سان تشبيھه اياز کان سواءِ ٻي ڪنھن به شاعر ناهي ڏني.
    اياز چوي ٿو ته:
    مُون نه ڄاتو اي سج جھڙا پرين!
    تو ٿي پاتا لِڪي ليئڙا.
    اياز جي شاعراڻي سگهه ۽ شاعراڻي عظمت کان جيڪي انڪاري رهيا آهن، حقيقت ۾ اُهي اڃا ذهني طرح بالغ به ڪونه ٿيا آهن. جيڪڏهن اُهي پاڻ کي ذهني طرح بالغ به سمجهن ٿا ته پوءِ انهن وٽ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي ۽ اياز جو فڪر انهن کان گهڻو مٿاهون آهي، آءٌ اياز جي شاعراڻي سگهه ۽ شاعراڻي عظمت کان انڪارين کي چئلينج ٿو ڪريان ته توهان اُهي شاعر ۽ نقاد جن کي اوهان اياز کان وڏو شاعر سڏي رهيا آهن اُهي اياز جي شاعريءَ جي هڪ سِٽَ ته لکي ڏيکارين؟ ڀٽائيءَ کانپوءِ اياز جھڙو ڪوبه شاعر ٿي نٿو سگهي. کاٻي ڌر جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي جي چواڻي ته،”ڀٽائيءَ اياز جي روپ۾ ٻيو جنم ورتو ۽ جي ايم سيد جي پيغام ۾ نئون جوش پيدا ڪيو.“
    اياز سنڌ جو اهو ليکڪ آهي، جنھن جو نثر ۽ نظم ٻئي اعلى معيار جا ۽ سگهارا آهن. اياز جي نظم جيان نثر به رنگين ۽ دل جي تارن کي ڇُھندڙ آهي. سندس نثر ۾ اهڙي ته رنگيني ۽ خوبصورتي آهي، جو هڪ دفعو جيڪو ان رنگينيءَ جي ڀاڪر ۾ آيوته ٻيھر سندس دل ٻاهر نڪرڻ تي نه چاهيندي. سندس نثر ۾ پھرين پيار ۽ پھرين چُميءَ جھڙو ميٺاج آهي. اياز جي نثر واري رنگينيءَ کي ڪوبه نقاد رٻڙ سان ميساري نٿو سگهي. اياز جي نثر توڙي نظم ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي سموري سونھن سمايل آهي. اهڙي سونھن سنڌ جي مون ڪنھن به شاعر۾ نه ڏٺي آهي.
    اياز سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي پناهه محبت ڪئي ۽ انهيءَ محبت جو اولڙو اياز جي لکڻين ۾ سمنڊ جيان ڇوليون هڻي رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي برجستي ڪالم نگار اعجاز منگي پنھنجي هڪ ڪالم ۾ اياز کي باغي شاعر سڏيو آهي. پر مان اياز کي سنڌ پرست شاعر چوندو آهيان. اياز ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سھندو ڪير ميارَ او يار!“ جھڙا قومي ۽ امر گيت لکي سنڌي ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري، سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ ويڙهه ڪرڻ سيکاري. اياز سنڌ تي انيڪ گيت، غزل، بيت ۽ وايون لکي سنڌي ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، جيڪا محبت، جيڪو جذبو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دل ۾جي.ايم. سيد گهڻي جدوجھد کانپوءِ به پيدا نه ڪري سگهيو هو. اها محبت، اهو پيار، اهو جوش ۽ جذبو اياز جي شاعريءَ سنڌي ماڻهن ۾ هميشه لاءِ پيدا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ محبت کي ڪوبه جابر گهٽائي نٿو سگهي. اياز جي شاعريءَ جو محور پيار محبت سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هيا.
    اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي گهڻو ڪجهه ڏنو پر افسوس جو سنڌي ماڻهن اياز کي ڪجهه به نه ڏنو. جيڪڏهن ڏنو به ته غدار جو لقب. آءٌ سمجهان ٿو ته اياز کي غدار سڏيندڙ پاڻ غدار آهن ۽ اُهي سنڌ سان سچا ناهن. جيڪو ماڻهو چوي ٿو ته،”سنڌڙيءَ تي سِرُڪير نه ڏيندو سھندو ڪير ميارَ او يار!“ ڇا اُهو سنڌ جو غدار ٿي سگهي ٿو...!؟ نه ڪڏهن به نه. اياز جي سِٽَ سِٽَ ۾سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار سمايل آهي. اياز کي اڃا سنڌجي ضرورت هئي ۽ سنڌ کي وري اڃا اياز جي ضرورت هئي. اياز سنڌ ۽ سنڌ اياز هئي ۽ آهي، تڏهن ته اياز لکيو:
    ڌرتي توکي منھنجي چُمي،
    اڌ ۾ رهجي ويندي.
    ڏور ڏسائن ۾ او ڌرتي!
    ڇا تون ويندينءَ وسري؟
    مُون سان رهندينءَ،
    مُون ۾ ڪھندينءَ،
    ڏينھن لٿو آ،
    رت کڙو آ.
    **
    تون ئي تون آهين،
    منھنجي ڀونءِ آهين.
    اُو آيل او سنڌڙي!
    منھنجي ساري ڏات تون،
    منھنجي مُون آهين،
    اُو آيل او سنڌڙي!
    چوٿين دنيا جي مفڪر ۽ قومي دانشور عبدالواحد آريسر پنھنجي ڪالم ۾ لکي ٿو ته، ”مون نقاد جي حيثيت سان اياز کان سوال ڪندي پڇيو ته، ”سائين! فلاڻو ماڻهو چوي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍيون زبانون به تمام وڏا شاعر پيدا ڪنديون آهن. جيئن بنگاليءَ ۾ٽئگور ۽ سنڌيءَ ۾ اياز. ان تي اياز وراڻيو ته ”ڪير احمق ٿو چوي ته سنڌ زبان ننڍي آهي. زبان جو ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو ماپو، جاگرافي ۽ سرحد نه آهي، پر زبان جو ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو اصل معيار ان جو دامن آهي، جنھن ۾ شاعر ۽ فنڪار اظھارِ خيال جي ڪيتري سگهه حاصل ڪري سگهي ٿو. ان معنى ۾ سنڌي زبان تمام وڏي آهي ۽ مون کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندي ڪا شرمندگي محسوس ڪانه ٿي. جيئن ڪِن پنجابي شاعرن کي پنجابي شاعري ڪندي شرم محسوس ٿيوهو. جيتوڻيڪ مُون اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي پر اها شاعري ننڍي کنڊ ۾ ايتري مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي جيڪامقبوليت منھنجي سنڌي زبان ۾ ڪيل شاعريءَ کي حاصل آهي.“ آريسر وڌيڪ لکي ٿو ته، اياز مون کي چيو ته، ”ان نقاد کي وڃي چئجانءِ ته سنڌي زبان تمام وڏي زبان آهي.“
    جيڪو اياز سنڌي زبان کي ننڍو چوڻ لاءِ تيار ڪونهي، اهو اياز سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ سان بي پناهه محبت ڪندڙ آهي. سنڌ اڄ به اياز کانسواءِ اُٻاڻڪي آهي ۽ اياز جو روح اڄ به سنڌ لاءِ تڙپي رهيو آهي. تڏهن ته اياز پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”اي موهن جي دڙي جي ڌرتي! جي مان ٻيھر ڄمندسُ ته وري تنھنجي واريءَ ڏانھن موٽي ايندسُ ڇو ته مون کي ٻي ڌرتيءَ تي ننڊ نه ايندي.“ منھنجي خيال ۾ جيڪي ماڻهو اياز کي اڄ به غداريءَ واري اک سان ڏسن ٿا انهن لاءِ اياز جا مٿيان لفظ سندن منھن تي هڪ زوردار چماٽ جيان آهن ۽ ٻھراڙيءَ جي ماڻهوءَ جي وات مان نڪتل ڪچي گار جيان به آهن.


    محمد صديق منگيو جو پيار ۽ ڪهاڻيون

    مُون جڏهن کان ڪھاڻي کيتر ۾ پير پاتو آهي، تڏهن کان سنڌ جو اهڙو ڪوبه ڪھاڻيڪار نه ڇڏيو آهي، جنھن کي نه پڙهيو هجي. هر ننڍي وڏي ڪھاڻيڪار کي هڪ ماءُ جيان پيار ۽ پاٻوهه مان دل جي اکين سان پڙهيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون مون کي پنھنجي ڪھاڻين جيان برزبان ياد به آهن. مون پرڏيھي ڪھاڻيڪارن کي به ايئن پڙهيو آهي، جيئن پنھنجي ڪھاڻيڪارن کي پڙهيو آهي. ائين هرهڪ ڪھاڻيڪارن جا نالا لکندس ته هڪ ڊگهي ادبي تسبيح ٺھي ويندي.
    سال 2005ع جا پڇاڙڪا مھينا هيا مُون کي پنھنجي پياري ڪھاڻيڪار دوست مشتاق ڀرڳڙيءَ فون ڪري چيو ته، ”يار وفا! سائين محمد صديق منگيو جون ڪھاڻيون پڙهيون اٿئي؟“ جواب ۾ چيو مانس ته ”يار صديق جون ڪھاڻيون پڙهڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پرمُون ڪڏهن ڪھاڻيڪار جي حوالي سان تو واري سائين صديق جو نالو به ڪونه ٻُڌو آهي.“ طنزيه انداز ۾ چيائين، ”حيرت جھڙي ڳالهه آ جو تو ڪڏهن ڪھاڻي جي حوالي سان سائين صديق جو نالو به نه ٻڌو آهي، چڱو هيئن ڪر جو اڄ شام تائين ڪيئن به ڪري ڪھڙي به حالت ۾ مون ڏانھن دادوءَ هليو اچ ته توکي سائين صديق جون ڪھاڻيون پڙهايانءِ.“
    مشتاق جي لفظن ۾ جتي مون لاءِ بي پناهه پيار هيو اُتي مون سان ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ جي تانگهه ۽ سڪ به هئي. مون کي هن جي پيار تي پيار اچي ويو ۽ ان پيار واري سڏ کي لبيڪ چئي ٽرين تي چڙهي پيس. دادو پھچي جيئن ئي مشتاق سان مليس ته مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ آڻيندي چيو، ”وفا! سائين صديق کي جي نه پڙهيو اٿئي ته پوءِ توکي ڪھاڻيڪار سڏائڻ جو ڪوبه حق ڪونهي.“ رات ٿي مشتاق مون کي ماني کارائي چانهه پياري سوا گهڙي ڪچھري ڪري پنھنجي لائبريريءَ مان سائين صديق جو ڪھاڻي ڪتاب ”پکين جو وطن“ ڳولهي منھنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو،”وفا! مان هاڻي گهر وڃي ٿو آرام ڪريان توکي ڪچھري لاءِ هي ڪھاڻي ڪتاب ڪافي آهي، ويهي سڄي رات هن ڪتاب ذريعي سائين صديق سان ڪچھري ڪري ۽ ان جون ڪھاڻيون به پڙهه. توکي سائين صديق جي ڪھاڻين جي ٽيسٽ ڪيئن ٿي لڳي، ان بابت تفصيلي ڪچھري صبح جو ڪبي. ايئن چئي هُو هليو ويو ۽ مان وهاڻو ٽيڪ ڪري ڪتاب کي ڏسڻ لڳس. ڪتاب جو گيٽ اپ ۽ سيٽ اپ ڏسڻ کانپوءِ تاج بلوچ جون بيڪ ٽائيٽل واريون سِٽون پڙهڻ لڳس. تاج بلوچ جون سٽون پڙهڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته مشتاق وارو سائين صديق واقعي سٺو ۽ برجستو ڪھاڻيڪار آهي. ڪھاڻيون پڙهڻ کان اڳ ۾ سائين صديق جا پنھنجي پاران لکيل ٻه اکر پڙهڻ لڳس. ٻه اکر پڙهي پورا ڪيم ته منھنجي دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويا. سندس ڪجهه سٽون اڄ به منھنجي ذهن جي ڦرهيءَ تي مصور جي رنگن جيان چِٽيل آهن. ”مُون پنھنجي وجود جي تنھائيءَ ۽ اندر جي اڌمن کي مايوسين جي وَر چاڙهڻ بدران سگهه بڻائي لکيو آهي، مُون پنھنجي وکريل وجود لاءِ لکڻ ۾ پناهه ڳولي ورتي آهي. لفظن کي پنھنجو وجود ۽ ساهه پساهه هوندو آهي. رات جي سانت ۾ لفظ مون سان ڳالهائيندا آهن.“
    سائين صديق جو سمورو ڪتاب رات دير تائين پڙهي پورو ڪيم. منھنجي مطالعي هيٺ هيءُ پھريون ڪھاڻي ڪتاب آهي، جنھن کي مون محبوبه جي پھرين ۽ آخري خط جيان باربار پئي پڙهيو آهي. ڪتاب پڙهڻ دوران نه مون هيڏي هوڏي پاسو ورايو نه کنهيو ۽ وري کنگهيو. ڪھاڻين جي ٻولي، منظرنگاري،ڪردار نگاري، موضوعن ۽ خوبصورت تشبيهن منھنجي ذهن جي ڪينواس تي جيڪي رنگ به رنگي چٽ چٽيا آهن سي سمورا چٽ مون کي اڄ به ايئن ياد رهيا آهن، جيئن ڪنھن وينگس کي زندگيءَ جي پھرين پيار ۽ جوانيءَ سان ڀرپور چمي ياد رهجي ويندي آهي. سندس ڪھاڻين ۽ لکڻ جي منفرد انداز منھنجي نيڻن منجهان ننڊ جا سمورا ڪبوتر اڏاري ڇڏيا. صبح ٿيندي مشتاق پاڻيءَ جو گلاس ۽ چانهه جو ڪپ منھنجي ڀر ۾ رکندي چيو، ”وفا ڏي خبر رات سائين صديق کي پڙهيئي...؟ سائينءَ جون ڪھاڻيون توکي ڪيئن لڳيون؟“ کيس چيم، ”يار! سائين صديق نه رڳو تنھنجو سائين آهي، پر هاڻ منھنجو به سائين آهي. هن پنھنجي ڪھاڻين ۾ جيڪا ٻولي، منظر نگاري ڪردار نگاري ۽ تشبيھون ڏنيون آهن، تن مون کي اهڙيون ته پـيڪون پياري ڇڏيون آهن، جو مون سڄي رات مدهوشيءَ ۾ گذاري آهي. واقعي سائين صديق سنڌي ٻوليءَ جو منفرد ۽ سگهارو ڪھاڻيڪار آهي.“
    مون! اهو سوچي ڇڏيو هيو ته سائين صديق جي ڪتاب تي ضرور لکندس. پر سائينءَ جي ڪھاڻين جا نشا هر وقت مون تي حاوي رهيا ۽ مان گهڻي ڪوشش جي باوجود به لکي نه سگهيس. سائين صديق سان منھنجي پھرين ملاقات به مشتاق جي اُن اوطاق ۾ ٿي هئي. جتي مون سندس پھريون ڪتاب ”پکين جو وطن“ پڙهيو ۽ سندس ويجهڙائيءَ جو سبب به اهو ئي ڪتاب بڻيو. سائين صديق سان ملڻ وقت، ڪچھري ۽ گفتگو ڪرڻ وقت مون کي محسوس ٿيو ته سائين صديق جيترو پاڻ قدآور شخص آهي، اوتريون سندس ڪھاڻيون به قدآور آهن. سندس گفتگوءَ جو هرهڪ لفظ ڪھاڻي پئي لڳو. سندس گفتگو جو انداز به ڪھاڻين جي خوبصورت ٻوليءَ، منظر نگاريءَ ۽ موضوعن جي نواڻ جيان دل جي تارن کي ڇھندڙ هيو. هن پھرين ملاقات ۾ مون کي پيار جي لپ نه، پيار جو ٻُڪ نه، پيار جو جهول نه، پر پيار جي ڀري ٻَڌي ڏني. سندس پيار ڪھاڻين جيان مون تي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو اڄ ڏينھن تائين مان سندس پيار جي سحر مان نڪري نه سگهيو آهيان.
    مُون ته اهو سُوچي ڇڏيو هيو ته مشتاق ۽ منٺار جيترو ۽ جھڙو پيار شايد مون کي ڪوبه ڏئي نه سگهندو. انهن ٻنهي يارن جي اچانڪ وڇوڙي تي اکيون ڳوڙها نه پر رَتُ رُنيون هيون ۽ مان ڀترن جيان ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو هيس. مون کان لکڻ پڙهڻ واري حس به موڪلائي وئي هئي. پاڻ کي بيڪار ۽ بيمار پئي سمجهيم. زندگي بي چسي، بي معنى ۽ بي رنگي ٿي پئي هئي. زندگيءَ جي خوشين ۽ دردن جو ڪارو ويس اوڍي ڇڏيو هو. پر اهو سائين صديق ئي هيو جنھن منھنجي ڇسي، بيڪار، بيمار، بي رنگي ۽ بي معنى زندگيءَ کي معنى ڏني ۽ بي رنگيءَ زندگيءَ کي ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏئي ڇڏيا ۽ منھنجي گم ٿي ويل لکڻ پڙهڻ واري حس کي ڳولهي ڏنو ۽ نه رڳو ڳولهي ڏنو پر لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه ڏنو ۽ مون کي ايترو ته پيار ڏنو جو مان سوچي به نه پئي سگهيس ته سائين صديق جھڙو وڏو ماڻهو ۽ وڏو ڪھاڻيڪار مون جھڙي ننڍڙي ماڻهوءَ کي ايترو به پيار ڏئي سگهي ٿو.
    هن جي پيار مون کي دادلو ۽ چلولو ڪري ڇڏيو. سائين صديق مون کي مشتاق ۽ منٺار موٽائي ته ڪونه ڏياريا. پر انهن جيترو ۽ انهن جھڙو پيار مون کي ضرور ڏنو. سندس وس ۾ هجي هان ته مون کي مشتاق ۽ منٺار ضرور موٽائي ڏياري هان. مڌر ٽريسا چيو ته،”اسان کي اَنَ جي اڻاٺ نه پر محبت جو ڏڪر ماري ٿو.“ پر سائين صديق وٽ مون لاءِ محبت جو ڪوبه ڏڪر ڪونه هيو. هن مون لاءِ پاڻ کي منٺار ۽ مشتاق بڻائي ڇڏيو. مان اڄ به ساڻس اُهي ئي انگل ۽ ماڻا ڪندو آهيان، جيڪي مان مشتاق ۽ منٺار سان ڪندو هيس ۽ هن وري اکيون ٻوٽي منھنجا سڀ انگل پورا ڪيا آهن. مان ان وقت خوشيءَ ۾ غافل ٿي ويندو آهيان، جڏهن ڪو منھنجي علائقي جو ماڻهو سائين صديق کي فون ڪندو آهي يا کيس ڪٿي روبرو ملندو آهي ته سائين صديق کين چوندو آهي ته توهان جي پاسي منھنجو پيارو ۽ دادلو دوست رهندو آهي؛ ان کي منھنجا سلام ۽ پيار چئجو. سائين صديق جا اُهي لفظ مون لاءِ جيئڻ جي سگهه ۽ جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪندا آهن.سچ پچ سائين صديق جو پيار ۽ محبتون نه هجن ها ته اڄ منھنجي هٿن ۾ قلم به نه هجي ها. مان پاڻ ڀاڳوند سمجهندو آهيان جو سائين صديق جھڙو دلربا ماڻهو منھنجي دوستيءَ جي دامن ۾ آهي. هُو نه رڳو منھنجو دوست آهي بلڪه منھنجو معشوق به آهي ته منھنجو عاشق به آهي. هُو منھنجو محسن به آهي ته منھنجو وڏو به آهي ته ساڳي وقت مون جھڙي پورهيت ماڻهوءَ جو سھارو به آهي مون بابا جو پيار ته ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي مون کي ڪا سُڌ آهي ته هڪ پيءُ جو پنھنجي پُٽ لاءِ پيار ڪھڙو ۽ ڪيئن هوندو آهي؟ پر سائين صديق جيڪو ۽ جھڙو پيار مونکي ڏنو آهي ۽ ڏئي پيو، شايد اڄ بابا به زندھ هجي ها ته مون کي ايترو پيار نه ڏي هان. پيءُ جي پيار سان گڏ دڙڪا ۽ داٻا به هوندا آهن. پر سائين صديق جيڪو پيار مون کي ڏنو آهي، ان پيار ۾ رڳو پيار ئي پيار آهي، پنھنجائپ جي خوشبوءِ، پنھنجائپ جو احساس ۽ پنھنجائپ جو جذبو آهي.
    منھنجي هن سان محبت خوبصورت غزل جي مطلع جيان آهي. جيڪڏهن ان مان هڪ سِٽَ ڪڍي ڇڏجي ته اهو غزل يا اهو بند پنھنجي اصل خوبصورتي وڃائي ويھندو ۽ پنھنجي معنى ۽ مقصد به وڃائي ويھندو. هن جي محبت، هن جو پيار سدائين مون لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوري جيان رهيو آهي. مان جڏهن به ساڻس مليو آهيان ته ادب ۽ احترام وچان * جُهڪي مليو آهيان، ها بلڪل ايئن جيئن سورج مکي شام جي پھرين پھر ۾ پنھنجو ڪنڌ جهڪائي ڌرتيءَ کي سلام ڪندو آهي.
    مان سائين صديق جي آڏو پاڻ کي ڏوهي ٿو سمجهان جو مان هن جي پھرين ڪتاب ”پکين جو وطن“ ۽ ٻي ڪھاڻي ڪتاب ”وجود جا عذاب“ تي اڄ ڏينھن تائين لکي نه سگهيو آهيان. الائي ڇو مان پنھنجي پيارن تي لکي ناهيان سگهندو. لکڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪندو آهيان، پر هڪ سِٽ به لکي ناهيان سگهندو. لفظ بغاوت جو روپ ڌاري مون کان باغي ٿي ويندا آهن. پرچائڻ جي باوجود به پرچي نه سگهندا آهن. ۽ پوءِ مان لفظن کي بيوفا محبوب چوندو آهيان. ڪھاڻي ڪتاب ”وجود جا عذاب“ تي لکڻ لاءِ پڪو پھه ڪيو هيم ۽ سائين صديق سان واعدو به ڪري ويٺس ته ضرور لکندس. پر جڏهن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي ”وجود جا عذاب“ پئي پڙهيم ته اُها ۡڪھاڻي مان پوري نه پڙهي سگهيس. ڪھاڻي پڙهڻ دوران منھنجي اکين جا آگم اُٿلي پيا ۽ اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي ويون ۽ مان ٻارن جيان سڏڪا ڀري روئي پيو هيس. امڙ جي وڇوڙي واري درد مون کي لوڙهي وڌو هيو ۽ مون کي اهو احساس به نه هيو ته يتيمي ڇا ٿيندي آهي...!؟ يتيمي ڪيئن هوندي آهي...!؟ يتيميءَ جو درد اڄ به مون لاءِ عذاب بڻيل آهي. ماءُ جي وڇوڙي کانپوءِ خوشين جي ڏاڪڻ مون کان کسڪي وئي هئي. ماءُ جا نيڻ، مون لاءِ سدائين امام ضامن وانگر هوندا هيا. سائين صديق جي ڪھاڻيءَ ۾ ننڍڙي گلاب جي جاءِ تي مون پاڻ کي محسوس ڪيو هو. گلاب جي ڪردار جو درد، تڙپ، ڀوڳنا ۽ اذيت منھنجي ساري وجود ۽ منھنجي نس نس ۾ اوتجي رهي هئي. ڪھاڻي وارا پيج منھنجي ڳوڙهن سان پُسي ويا، خبر ناهي سائين صديق هيءَ ڪھاڻي لکڻ وقت ڪيترو رُنو هوندو؟ ۽ ڪھڙي ڀوڳنائن مان گذريو هوندو؟ مُون ان وقت ئي ڪتاب ٺپي لائبريري ۾ رکي ڇڏيو. ڪھاڻيءَ جا هي جملا اڄ به ڦرڻيءَ جيان چوڏس منھنجي نظرن جي سامھون ڦري رهيا آهن، ”هر رانديڪي ۾ سندس ممتا جو پيار ٽاڪيل هو. ڪيڏي نه سڪ مان پنھنجي ٻچڙي جي ورونھن لاءِ آندا هئائين. هُوءَ سوچڻ لڳي ڇا اُهي رانديڪا سندس گلاب کي ريجهائي کانئس ماءُ جي تانگهه ۽ سر وساري سگهندا؟ نه، نه ....! ڪوبه رانديڪو ماءُ جي آسيس جو مٽ نٿو ٿي سگهي. دنيا ۾ ماءُ جو نعم البدل آهي ئي ڪونه. رانديڪا ته ڪجهه گهڙين ۾ ئي ٻارن جي اڳيان پنھنجو مُوهه وڃائي ويھندا آهن.هونءَ به يتيميءَ جي ڏائڻ جڏهن ٻار کان ٻالڪ پڻو کسي ٿي وٺي ته ان ٻار کي ڪوبه رانديڪو ريجهائي نه سگهندو آهي.“ ها اهو سچ آهي ته يتيميءَ جي ڏائڻ جڏهن ٻار کان ممتا جو پيار کسي وٺي ٿي ته دنيا جا سمورا رانديڪا ان ٻار کي ريجهائي نٿا سگهن. جن جون مائرون ٻاروتڻ ۾جن کان جدا ٿي ويون هجن، انهن جا هيءَ ڪھاڻي پڙهڻ کان پوءِ سندن لڙڪن جا بند ٿيل سمورا بند ڀڄي پوندا ۽ پاڻ کي روئڻ ۽ سڏڪڻ کان روڪي به نه سگهندا. پر جڏهن زيبو جي دل مان نڪتل دعا جا هي لفظ پڙهندا ته روئڻ انهن جو مقدر بڻجي ويندو ۽ زيبو جي هن دعا کانپوءِ پٿر به پاڻي پاڻي ٿي پوندو،”اي جھانن جا پالڻھار! تون ٻانهي کان ڌن، دولت ۽ زندگيءَ جون آسائشون ڀلي کسي وٺ، پر ڪنھن اُبھم ٻار کان امڙ جي ڇانوَ نه کس. ٻاروتڻ وهيءَ ۾ يتيمي برابر پيغمبري نشاني آهي. پر اي مالڪ! ان جو بار به پيغمبر ئي کڻي سگهن ٿا. ڌڻي منھنجا! دنيا ۾ ايندڙ هر ٻار ڌرتيءَ تي تنھنجي ٻاجهه جو اعلان هوندو آهي. ماڪ ڦڙن جھڙا پوتر شرم ٻوٽيءَ جھڙا ۽ گلن جي پنکڙين جھڙا حساس ۽ ڪومل جذبن کان جياپي جو موهه ۽ دعائن جون عالم پناهون نه کس.“ سارنگ جي امڙ زيبوءَ جي هيءَ دعا پڙهڻ کانپوءِ مون ڪيئي مھينا ڪتاب کي هٿ به نه لاتو. جيئن ئي ڪتاب تي نظر پوندي هئي ته اکيون سانوڻي مينھن جيان وسي پونديون هيون. نيٺ دل پڪي ڪري سائين صديق جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيم. پھرين ڪتاب ”پکين جو وطن“ جيان هن ڪتاب ۾ به شامل ڪھاڻيون به، مقصد ۽ اعلى معيار جون آهن. ڪھاڻيءَ”ڌرتـتيءَ جو مسافر“ پڙهڻ کانپوءِ منھنجي ڪيفيت بلڪل اهڙي ٿي وئي، جھڙي ”وجود جا عذاب“ پڙهڻ وقت ٿي هئي. خبر ناهي ته سائين صديق، اهڙا دل جي تارن کي ڇهندڙ نوان موضوع ڪيئن ۽ ڪٿان ٿو هٿ ڪري؟ ڪھاڻي ”ٽين موسم“، ”آيو پھتو“، ”هڪ اوڇڻ ٻه جسم“، ”وانگر“، ”پيڙهيءَ جي تند“، ”پن جي ٻيڙي ۽ ماڻهو“، ”نئون سج“ ۽ ٻيون سموريون ڪھاڻيون فن، فڪر، اسلوب، ٻولي، منظر نگاري،ڪردار نگاري، موضوعن ۽ تشبيھن جي حوالي سان نه رڳو ڀرپور ڪھاڻيون آهن پر سنڌي ادب جون لاجواب ۽ اعلى معيار جون ڪھاڻيون آهن. سندس ٻنهي ڪتابن تي ايوارڊ به مليا آهن. پر اُهي ايوارڊ سائين صديق جي ڪھاڻين کان وڌ اهم ڪونهن. ڪھاڻين جي اهميت ۽ حيثيت انهن پاٺي ۽ ٺڪر جي ايوارڊ کان تمام گهڻو مٿي آهي. ايوارڊن هن جي ڪھاڻين کي مان ۽ مرتبو نه ڏنو آهي بلڪه ڪھاڻين ايوارڊن کي مان ۽ رتبو بخشيو آهي.
    ٻنهي ڪتابن ۾ ڪابه هڪ اهڙي ڪھاڻي مون کي نظر نه آئي جنھن کي ٻولي، موضوع ۽ فني حوالي سان مان رد ڪري سگهان. انهن ٻنهي ڪتاب کانپوءِ سندس هي تازو ڇپجي آيل ڪھاڻي ڪتاب ”مٽيءَ جو عشق“ منھنجي مطالعي مان گذريو آهي. اڳئين ٻنهي ڪتابن جيان هيءُ به انتھائي خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ڪتاب آهي. ٽنهي ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ مون کي ايئن ٿو لڳي ته سائين صديق ڄڻ پيدائشي ڪھاڻيڪار آهي ۽ هُو ڪھاڻيءَ جي مزاج کي به چڱي طرح سمجهي ٿو. هن وٽ لفظن ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ جيان موضوعن جي اڻاٺ به ڪونهي. هڪڙا اهڙا ڪھاڻيڪار آهن، جيڪي سٺن موضوعن جي تلاش ۾ هوندا آهن پر انهن کي سٺا موضوع هٿ نه ايندا آهن پر سائين صديق اهو واحد ڪھاڻيڪار آهي جنھن کي موضوع پاڻ تلاش ڪندا آهن.
    سڄي سنڌ ڪھاڻيڪارن سان ڀري پئي آهي، پر جيڪا ٻولي سائين صديق جي ڪھاڻين ۾ آهي، اهڙي خوبصورت ۽ معياري ٻولي مون کي ٻي ڪنھن به ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻيءَ ۾ نظر نه آئي آهي. هُو ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه آهي ته ٻوليءَ جو ماهر ۽ ڄاڻو به آهي. هن جي ٻوليءَ ۾ جتي روانگي آهي اُتي رڌم ۽ موسيقي به آهي. ڪجهه دوست مون کي چوندا آهن ته سائين صديق ٻوليءَ جي حوالي سان نسيم کرل جون سِڪون لاهيندو آهي. پر ايئن ڪونهي، هرگز ڪونهي ۽ بنھه به ڪونهي. نسيم کرل جي سڄي مجموعي ۾ ٻه چار اهڙيون ڪھاڻيون آهن، جن جي ٻولي سٺي ۽ ٺيڪ ٺاڪ آهي. ۽ اُهي به نسيم کرل جون مشھور ڪھاڻيون آهن. انهن ڪھاڻي کان علاوه هن جون ٻيون ڪھاڻيون ٻوليءَ جي حوالي سان ايتريون معياري ۽ سگهاريون ڪھاڻيون ڪونهن. پر سائين صديق منگيو جي هرهڪ ڪھاڻيءَ ۾ جيڪا ٻولي آهي، اها پڙهندڙن جا ڇڪا ئي ڇڏائي ٿي وجهي. هن جي پھرين ڪھاڻي ڪتاب ”پکين جو وطن“ ۾ 16 ڪھاڻيون، ٻي ڪھاڻي ڪتاب ”وجود جا عذاب“ ۾ 17 ڪھاڻيون ۽ ٽئين ڪھاڻي ڪتاب ”مٽيءَ جو عشق“ ۾ 20 ڪھاڻيون آهن. ٽوٽل ڪھاڻين جو تعداد 53 آهي. انهن 53 ڪھاڻين ۾ ڪابه هڪ ڪھاڻي اهڙي ڪونهي جنھن جي ٻولي ڇسي ۽ غير معياري هجي. مان مٿي چئي چڪو آهيان ته سائين صديق ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه آهي ۽ هن سنڌي ڪھاڻيءَ کي جيئدان ڏنو آهي ۽ هاڻي اهو رينگٽ بند ٿيڻ گهرجي ته سنڌي ڪھاڻيءَ کي گولي لڳي آهي يا سنڌي ڪھاڻي مري وئي آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ کي مُئل ڪوٺيندڙ پاڻ مُئل آهن.نثر جي خوبصورت ليکاري طارق عالم ابڙو، سائين صديق جي ڪھاڻين پڙهڻ کانپوءِ سائين صديق کي خط ۾ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو آهي ته،”تون هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ سگهارو ۽ هر طرح سان ڀرپور ڪھاڻيڪار آهين. تخليقار جي روپ ۾ پاڻ کي ڳولي لھڻ واري ڏکئي مرحلي مان پار پئي ٿو سو ئي ٻوليءَ کي نرم، گرم، مٺن ۽ ڪڙن لفظن جي ڀاڪرن ۾ ڳراٽڙي ۽ چمين جي لطف مان فيضياب ٿي سگهي ٿو.“
    اهو ئي سائين صديق جي ڪھاڻين ۽ ٻوليءَ جو ڪمال ۽ هنر آهي، جو طارق عالم ابڙو اهڙيون سِٽون لکڻ تي مجبور ٿي پيو. هڪڙا اُهي ڪھاڻيڪار به آهن، جن جي ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيءَ نالي ڪابه شيءِ ڪونهي پر ياري باشي ۽ سڻڀي ڪرسيءَ جي زور تي انهن کي وڏو ۽ سٺو ڪھاڻيڪار بڻايو ويو آهي. ڪي وري اهڙا به ڪھاڻيڪار آهن جن پنھنجي ڪھاڻين ذريعي شھرت ۽ مڃتا جو معراج به ماڻي ورتو آهي. انهن ڪھاڻيڪارن ۾ سائين صديق پھرين صف جوڪھاڻيڪار آهي، جنھن پنھنجي ڪھاڻين ذريعي سڄي سنڌ اندر جيڪو مڃتا جو معراج ماڻيو آهي، اهڙو معراج گهٽ ڪھاڻيڪارن ماڻيو آهي. سائين صديق جا ڪھاڻيءَ جي حوالي سان هزارن جي تعداد ۾ پرستار ۽ پڙهندڙ آهن. نئين ٽھيءَ جو اهڙو ڪوبه ڪھاڻيڪار ۽ پڙهندڙ ڪونهي جنھن سائين صديق کي نه پڙهيو هجي. هي نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ڪھاڻيڪار آهي پر امر جليل جيان گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪھاڻيڪار آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ڪتاب جا ٻه ايڊيشن ڇپيا ۽ اُهي جلد وڪرو به ٿي ويا.
    هن جي ڪھاڻين ۾ ٻولي، منظر نگاري، ڪردار نگاريءَ ۽ تشبيھن جي خوبصورتيءَ جا جيڪي ڀاڪر ۽ انڊلٺي رنگ چٽيل آهن، اُهي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانھن ايئن ٿا ڇڪي وٺن جيئن ماءُ جي ڀريل ٿڃ ٻار کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سمنڊ جيتري گھرائي ۽ درياهه بادشاهه جي سير جي رواني به آهي. هن جي ڪھاڻين ۾ ڳوٺاڻي زندگي به آهي ته شھري ماحول ۽ شھري ٻولي به آهي. هُو جنھن به واقعي ۽ ڪردار تي ڪھاڻي لکي ٿو ته ڪھاڻي جي سٽاءَ، گفتگو جي انداز،بيان، ٻولي، ڪردار نگار ۽ انهن ڪردارن جي پسمنظر جا اهڙا ته رنگ چٽي ٿو جو مصور به هن جا رنگ ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ ان جي واتان، ازخود واهه واهه جا لفظ نڪري پون ٿا. جيئن مونکان ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل ڪھاڻي ”ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي“ تي واهه واهه جا لفظ ٻاڦ جي صورت ۾ نڪري ويا.ڪھاڻيءَ جي ڪلائمڪس ڪھاڻيءَ جي جان به هئي ته سموري سونھن به هئي.
    سائين صديق جي مطالعي ۽ مشاھدي واري اک ۾ ڏاڍي تيزي ۽ تکائپ رهي آهي. پنھنجي پھرين ڪتاب ”پکين جو وطن“ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿائين ته ”جڏهن کان هوش سنڀاليو اٿم ته ننڍي ڀاءُ خليل الرحمّٰن ۽ بابا سائين عبدالرحمّٰن ”عبد“ منگيو جي وڇوڙي واري ٻن راتين کان سواءِ ڪابه رات ياد نه اٿم جيڪا لکڻ پڙهڻ بنا گذري هجي.“ ايتري مطالعي هجڻ جي باوجود به هن جي لکڻيءَ تي ڪنھن به ليکڪ جو پاڇو نظر نٿو اچي. هن وٽ ٻولي به پنھنجي آهي ته اسلوب به پنھنجو آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻيءَ ”مٽيءَ جو عشق“ جنھن موضوع تي لکي وئي آهي ان موضوع تي اهڙي شھڪار ڪھاڻي ۽ شاندار ڪھاڻي شايد ٻيو ڪو ڪھاڻيڪار لکي سگهي!!! ”گروي ٿيل خواب“، ”اُجالي جو اوسيئڙو“، ”سونھريءَ ڦرهيءَ تي لکيل دعا“، ”گلاب جان“، ”مرڻ جو مشاھدو“، ”رکو روح“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون صدين جي پيڙيل، لتاڙيل ۽ ماريل ڌرتيءَ جي ڇرڪائيندڙ دانھن آهن جيڪي ستل ذهنن ۽ خميرن کي جاڳائڻ جو ڪم ڏين ٿيون.
    ڪتاب ۾ موجود سڀ ڪھاڻيون سنڌي ادب جون بھترين کان بھترين ڪھاڻيون آهن. مان سموريون ڪھاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو آهيان ته سائين صديق سنڌي ٻوليءَ جو تمام سگهارو ۽ اعلى پائي جو ڪھاڻيڪار آهي جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ کي جيئدان ڏئي ان راءِ کي رد ڪري ڇڏيو ته ”سنڌي ۡڪھاڻيءَ کي گولي لڳي آهي يا سنڌي ڪھاڻي مري چڪي آهي.“


    ڪهاڻي ڪتاب ”روين جو چهرو“ جو تنقيدي اڀياس

    سنڌي ڪھاڻي ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي ۽ ڪھاڻيءَ جي وصف ٻيا ليکڪ ڀل ڪيئن به ڪندا هجن پر منھنجي نظر ۾ ڪھاڻيءَ جي وصف هيئن آهي ته ”اسان جڏهن ڪو واقعو ڏسون ۽ ٻڌون ٿا يا وري اسان تي ڪو درد ڀريو حادثو پيش اچي ٿو، پوءِ اسين ان واقعي ۽ درد ڀري حادثي تي جڏهن قلم جي نوڪ سان جڏهن لکڻ شروع ڪيون ٿا ته اها هڪ ڪھاڻي بڻجي ويندي آهي.“ ان کانسواءِ روز هڪ ٻئي سان جيڪي ڏک، درد ۽ خوشيون ونڊيون ٿا، آءٌ ان کي به ڪھاڻيءَ جي وصف ۽ ڪھاڻي چوندو آهيان، ڇو ته هرهڪ ماڻهوءَ وٽ الائي جي ڪيتريون ڪھاڻيون آهن. اياز گل جي هن سِٽَ جيان ته ”دک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪھاڻي آ“.
    مون هيل تائين جيڪي به ڪھاڻيون سرجيون آهن، اُهي ڪھاڻيون مون کي ماڻهن جي زندگيءَ مان مليون آهن. انهن سان ڪيل گفتگو جوهرهڪ لفظ لفظ ڪھاڻي آهي ۽ مون انهن لفظن کي پنھنجي قلم ذريعي ڪھاڻيءَ ۾ ايئن محفوظ ڪيو آهي. جيئن سائنس آئنسٽائن جي دماغ کي محفوظ ڪيو آهي.
    ادب ۾ڪھاڻي زندگيءَ جي ڪنھن اهم واقعي جو نثر ۾ اظھار جو نالو آهي جا زندگيءَ مان اُڀري زندگيءَ جا گوناگون پھلو پاڻ سان گڏ کڻي ٿي هلي. ڪھاڻيءَ بابت مختلف اديبن ۽ نقادن جا پنھنجا پنھنجا رايا آهن، ڪھاڻيءَ بابت ايڇ اي يٽس چوي ٿو ته”ڪھاڻي ادب جي سڀني نثري روين ۾ وڌيڪ لچڪدار ٿئي ٿي ۽ ڪھاڻي گهوڙي جي مُوت کان وڌي هڪ جوان ڇوڪريءَ جي پھرين محبت بابت به ٿي سگهي ٿي.“ اچو ته وري ڪھاڻيءَ بابت چيخوف کان پنھنجي راءِ پڇي وٺون، ڏسون ته هو ڇا ٿو چوي؟ هو چوي ٿو ته،”ڪھاڻيءَ کي نه مُنڍ هئڻ گهرجي ۽ نه ئي پڇاڙي هئڻ گهرجي“ ڪھاڻيءَ بابت کوڙ سارن ڪھاڻيڪارن جا رايا منھنجي ذهن ۾ ڦرڻيءَ جيان ڦري رهيا آهن. جيمس ڊبلولين ڪھاڻيءَ بابت پنھنجي راءِ هيئن ٿو ڏئي ته ڪھاڻي ڪردار جي حياتي مختصر پر ناٽڪي نموني موڙ ڏيندڙ هڪ بيان آهي“. منشي پريم چند ڪھاڻيءَ بابت پنھنجي راءِ وري هيئن ڏني آهي ته،”ڪھاڻي هڪ اهڙي تخليق آهي جنھن ليکڪ زندگيءَ جي ڪنھن به عنصر جو اظھار ڪرڻ گهرندو آهي“. ساحر پريميءَ ڪھاڻيءَ بابت چوي ٿو ته،”ڪھاڻي اظھار جو نانءُ آهي“.
    بھرحال اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته هتي ڪھاڻي ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ سان شروع ٿي آهي. صدي ڏيڍ کان اڳ اهڙو به وقت هيو جڏهن ٻين ٻولين مان ڪھاڻيون ترجمو ڪري انهن ۾ سنڌي ڪردار ۽ نج سنڌي ماحول پيدا ڪري تخليق کي سنڌي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏنوويندو هيو. سنڌي ڪھاڻيءَ شاعريءَ سان گڏ سنڌي قوم کي زندھ رکڻ ۽ ٻين قومن اڳيان اوچي ڳاٽ هلڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ نه ئي ٻين جي لوڪن کي پنھنجي الڳ ٻولي، اتھاس، ثقافت، ڪردار ۽ سماجي جوڙجڪ آهي.
    ڪھاڻيءَ بابت مختلف راين کانپوءِ انتھائي پياري دوست ۽ نئين ٽھيءَ جي ڪھاڻيڪار راجن مڱريو جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”روين جو چھرو“ منھنجي سامھون آهي. جيڪو رمجهم پبليڪيشن دادو پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جو تعداد سترنهن آهي. انهن سترنهن ڪھاڻين ۾ راجن جون ڪيتريون ۽ ڪھڙيون ڪھاڻيون معياري ۽ سٺيون آهن، ان تي لکڻ کان اڳ ۾ ڪتاب جي نالي تي اچان ٿو. ڪتاب جو نالو ”روين جو چھرو“ منھنجي خيال ۾ ايترو سٺو ڪونهي ۽ نه ئي وري دل جي تارن کي ڇھندڙ آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪجهه اهڙيون ڪھاڻيون به آهن جن جا نالا انتھائي خوبصورت ۽ دل جي تارن کي ڇھندڙ به آهن. انهن نالن مان ڪوبه هڪ نالو کڻي ڪتاب تي رکجي هان ته ڪتاب پنھنجي معيار ۾ وڌيڪ سھڻو لڳي هان ۽ ڪتاب جڏهن ڪنھن بڪ اسٽال تي پيل هجي هان ته ڏسندڙ جي دل ۽ اک کي پاڻ ڏانھن ايئن ڇڪي وٺي هان جيئن چقمق لوهه کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندو آهي.
    مثال طور ڪتاب جو نالو هنن ڪھاڻين جي عنوانن منجهان ڪوبه هڪ نالو رکجي هان ته بھتر هيو؛ ”آسمان جو ڏنل درد“، ”ڀرجي آيل موسمن کانپوءِ“، ”دل جو سفر“، ”نوان منظر“، ”نوان خواب“، ”ڪتاب جي نالي کانپوءِ آءٌ مھاڳ طرف اچان ٿو، هن ڪتاب جو مھاڳ امر لغاريءَ لکيو آهي، آءٌ انهيءَ ڳالهه جو سخت مخالف رهيو آهيان ته مھاڳ پاڻ جھڙي ليکڪ يا ڪھاڻيڪار کان لکرائجي ته بھتر آ ڇو ته سينئر ڪھاڻيڪار اسان جي ڪھاڻيءَ کي چڱي طرح پروڙي ۽ سمجهي سگهي ٿو. پر اسان جي هن يار راجن مڱريو جنھن کي پيار مان اسين سڀ دوست راجو چوندا آهيون، ايئن ناهي ڪيو. آءٌ چوندو آهيان ته سٺي ۽ معياري تخليق/ ڪھاڻي اها ئي هوندي آهي جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ پڙهڻ تي مجبور ڪري ۽ پڙهندڙ جا نٽ بلٽ ڍرا ڪري ڇڏي. پوءِ اها تخليق، مضمون، ڪالم، شاعري، ڪھاڻي، خاڪو، اڀياس ۽ ڪنھن ڪتاب جو مھاڳ به ٿي سگهي ٿي. مون کي امر لغاريءَ جي مھاڳ پڙهڻ کانپوءِ آءٌ ان نتيجي تي پھتوآهيان ته امر لغاريءَ پنھنجي مھاڳ ۾ ڪھاڻيڪار ۽ ڪھاڻيءَ سان اهو نڀاءُ نه ڪري سگهيو آهي جيڪو نڀاءُ هڪ مھاڳ لکندڙ کي ڪرڻ کپندو هيو. ٻيا پڙهندڙ مھاڳ کي ڇا به چون پر آءٌ مھاڳ کي ڪتاب ۾ شامل مواد جو آئينو يا نچوڙ چوندو آهيان. مون کي گهڻو وقت اڳ باڊهه تي هڪ شاعر دوست حبيب ابڙي پنھنجي مائٽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”هڪ ڪائنر جو موت“ گفٽ طور ڏنو هيو. انهيءَ ڪتاب جو مھاڳ نوجوان اديب، ليکڪ ۽ نقاد رئوف نظاماڻي لکيو هيو. رئوف اهڙو ته سٺو ۽ سگهارو مھاڳ لکيو هو. جو مون ان مھاڳ کي بار بار محبوبه جي خطن جيان پئي پڙهيو بلڪه اهڙو ئي مھاڳ هيو. جھڙي مھاڳ جو خاڪو منھنجي ذهن جي ڦرهيءَ ۾ چٽيل هو.
    مھاڳ ۾ رئوف ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جو نچوڙ اهڙي ئي انداز ۾ پيش ڪيو هو جو مھاڳ پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻي کي آرام سان سمجهي ۽ پرکي پئي سگهيو. مھاڳ ۾ رئوف امير جي ۡڪھاڻين تي هروڀرو ساراهه جا ڍڪ ڪونه ڀريا آهن، جيئن ٻيا مھاڳ لکندڙ هروڀرو ساراهه جا ڍڪ ڀريندا آهن. مھاڳ لکندڙ اها ليکڪ سان سڄڻائپ نه پر منھنجي نظر ۾ دشمني ڪندا آهن. رئوف مھاڳ ۾ صحيح عدل ۽ انصاف ڪندڙ جج جو ڪردار ادا ڪيو آهي. امير جي سٺي ڪھاڻين کي دليلن سان سٺو ثابت ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه رئوف، امير جي کوڙ سارين ڪھاڻين کي دليلن سان رد به ڪيو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته هن امير جي ڪھاڻي ”پٿر“ کي موضوع ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان رد ڪندي ان کي ڪمزور ڪھاڻي چيو آهي. بھرحال مان پنھنجي مقصد تي اچان ٿو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته راجن جي ڪتاب ۾ ڪل سترنھن ڪھاڻيون شامل آهن ۽ سترنهن ڪهاڻين مان مھاڳ لکندڙ صرف اٺن ڪھاڻين جو ذڪر ڪيو آهي. راجن نئون ڪھاڻيڪار ضرور آهي پر ان کان انڪار به ڪونهي ته راجن پنھنجي ٽھيءَ جو سٺو ڪھاڻيڪار به آهي. هن جون کوڙ ساريون ڪھاڻيون مون اڳ ۾ مختلف رسالن ۾ پئي پڙهيون آهن ۽ اُهي ڪھاڻيون هن ڪتاب ۾ به شامل آهن. راجن جي ڪن ڪن ڪهاڻين ۾ فني لوازمات ۽ فڪر جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ هن کي اڃا پرکڻ ۽ پروڙڻ جي نه رڳو ضرورت آهي پر سخت ضرورت آهي. هونءَ به ته ڪھاڻيءَ جو سفر ڏاڍو اڻانگو ۽ ڪٺن آهي، هن سفر جي پنڌ ۾ ڪيئي نانءَ آيا ۽ ڪيئي نانءَ ويا ۽ وري ڪيئي نانءَ هلي هلي ٿڪجي ڪري پيا ۽ ڪريا ته وري اُٿڻ ۽ لکڻ جي سگهه انهن کان موڪلائي وئي ته پوءِ عالمن جيان سنڌي ڪھاڻيءَ تي فتوائون جاري ڪرڻ لڳا ته فلاڻي جي موت کانپوءِ سنڌي ڪھاڻي مري وئي آهي پر انهن کي شايد اها سُڌ ناهي ته ڪھاڻي ڪڏهن به مري نٿي سگهي. ڪھاڻي ڪا رڍ ٻڪري ته ناهي جو مري وڃي. ”سنڌي ڪهاڻي ڪلهه به زندھ هئي، اڄ به زندھ آهي ۽ اها هميشه زندھ رهندي.“ ڪڏهن محمد صديق منگيو جي روپ م ته ڪڏهن اخلاق انصاري، منظور ڪوهيار، طارق قريشي، ضراب حيدر ۽ ڪڏهن راجن مڱريو جي روپ ۾.
    راجن جي لکڻ جي عمر ڪا ايتري وڏي به ڪونه آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ جو طويل، اڻانگو ۽ ڪٺن سفرڪندي هن کي اڃا ڏهه پندرهن سال مس ٿيا آهن. انهن ڏهن پندرنهن سالن جي عمر۾ هڪ سٺي ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ اڄ به اسان جي سامهون آهي. ان جو مثال سندس تازو ڇپيل ڪتاب ”روين جو چھرو“ آهي.
    راجن جون ڪھاڻيون ”دل جو سفر“، ”حفت جي شام“، ”آسمان جو ڏنل درد“ ۽ ”ڀرجي آيل موسمن کانپوءِ“ ساهه ۾ سانڍڻ جھڙيون آهن. انهن ڪھاڻين کي آءٌ ڪتاب جي جان ۽ سونھن چوندس. ان کان علاوه ٻين ڪهاڻين کي رد به نٿو ڪري سگهجي بلڪه انهن تي تنقيدي نظر وجهي ڳالهائي ۽ لکي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٻين ڪهاڻين کي رد به نٿو ڪري سگهجي بلڪه انهن تي تنقيدي نظر وجهي ڳالهائي ۽ لکي سگهجي ٿو. راجن انهن ڪهاڻين تي ٻيهر ٿوري محنت ڪندو ته اُهي پاڻ کي سٺي ۽ معياري ڪهاڻيءَ جي صف ۾ بيھاري سگهن ٿيون.
    راجن جي ”والي“ ڪهاڻي موضوع ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪا ايتري سٺي ۽ سگهاري ڪونهي. ٻيو ته ڪهاڻيءَ ۾ اجائي غير ضروري ڊيگهه ڪرائي وئي آهي. اها ڪهاڻي ٻن ٽن صفن تي به لکجي پئي سگهي. ان کان سواءِ ڪهاڻيءَ ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي. اها ادبي ٻولي نه بلڪه بازاري، غير ادبي ۽ ڇسي استعمال ٿيل آهي.
    مثلن: ”گهر ۾ نياڻيون سياڻيون به هيون، پر نوريءَ جي ماءُ ڪنهن کي به نه ڏٺو۽ اڳٺ ڇوڙي بيهي رهي. سڀني جي آڏو ڇوري کي چوي، ابا هلي آ... هلي آ.... هي ڏس مونکي هڪ نه ٻه به ٽنگ اٿئي جنھن ۾ وڻئي .....“
    جيتوڻيڪ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏاڍي سٺي ۽ سھڻي انداز ۾ ٿيل آهي،ڪهاڻي پنھنجي اسلوب/ جوهر ۾ به ٺيڪ ٺاڪ آهي پر موضوع، بازاري ٻولي ۽ طوالت جي ڪري ڪهاڻي پنھنجو معيار برقرار يا ايئن کـڻي چئجي ته ٺاهي ناهي سگهي. ڪهاڻي ”والي“ جي ٻولي پڙهي مون کي نوجوان صحافي ۽ ڪالم نويس دوست اسحاق مڱريو جون بيڪ ٽائيٽل سٽون پڙهان ٿو ته، اسحاق جي ذهانت، عقل، مطالعي ۽ مشاهدي تي کل تي اچي ۽ ٽھڪن جا بند ٽٽي پون ٿا، اسحاق لکيو آهي ته،”راجن پنھنجي ڪھاڻين ۾ متروڪ بڻجي ويل سنڌي لفظن کي خوبصورت انداز ۾ محفوظ ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي راجن جي ڪهاڻين ۾ سنڌي لغت تي ڪم ڪندڙن کي تمام گهڻو ذخيرو ملي سگهي ٿو.“ اهڙيون خوبصورت ۽ اعلى معيار جون سِٽون لکڻ وقت اسحاق جي ذهن ۾ ”والي“ ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيل ٻولي نظر نه آئي. ڪهاڻي ”تتل لوهه“ جنھن موضوع تي لکي وئي آهي ان موضوع تي نسيم کرل جي ڪهاڻي ”ڪافر“ به آهي. موضوع ڏاڍو سٺو ۽ سگهارو آهي. پر راجن ان موضوع سان نباهه ڪري نه سگهيو آهي. ڪهاڻي جي شروعات به ايتري سٺي ڪونهي. ڪهاڻيءَ جو نانءُ به ڪهاڻيءَ سان ٺھڪندڙ ڪونهي. ڪهاڻيءَ جو نانءُ ڪهاڻيءَ کان بلڪل ڌار ۽ پري بيٺل آهي. بقول طارق قريشيءَ جي ته ”ڪهاڻيءَ جو نانءُ ايترو ته ٺھڪندڙ ۽ لاڳاپيل هجي جو اهو ڪهاڻيءَ کان ڌار محسوس نه ٿئي.“ ڪهاڻي پنھنجي جوهر ۾ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي، پر ”والي“ ڪهاڻيءَ جيان هيءَ ڪهاڻي به طوالت جو شڪار بڻجي وئي آهي. هروڀرو واري طوالت ڪهاڻيءَ جي معيار ۽ خوبصورتيءَ کي ڌڪ رسائيندي آهي. ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس به ڏاڍي سهڻي ۽ سٺي نموني سان ٿيل آهي. ڪهاڻي ”ٻـيو درياءُ“ به ڪا ايڏي سٺي ۽ سگهاري ڪونه آهي، بس ڪهاڻي آهي.
    راجن جون کوڙ ساريون ڪهاڻيون ورجاءَ جو شڪار پڻ بڻيل آهن، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن وٽ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ به رهي آهي. جڏهن ته سٺي ڪهاڻيڪار ۽ سٺي ڪهاڻي لکڻ لاءِ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي. هن يار جيڪڏهن پنھنجي مطالعي جي اک کي تيز ڪري ڪهاڻيءَ ڏانھن اڃا به گهڻو ڌيان ٿو ته مان دعوى سان چئي سگهان ٿو ته راجن مستقبل جو سگهارو ڪهاڻيڪار ثابت ٿيندو.


    يوسف سنڌي گھڻ پاسائين شخصيت

    مون جڏهن ادب ۾ اڃا نئون نئون پير پاتو هو، ته مون کي سڀ کان پھريائين دوستن ٻن ليکڪن کي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ تي زور ڏنو هو؛ هڪ خليل جبران ۽ ٻيو امر جليل. سڀ کان پھريائين مون خليل جبران جو جيڪو ڪتاب پڙهيو هو، اهو ڪتاب يوسف سنڌيءَ جو ترجمو ٿيل هو ۽ پوءِ ايئن يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون پڙهڻ جو مون کي گهڻو اشتياق ٿيو. ڇو ته ترجمن جي پڙهڻ سان ليکڪن ۾ نئون تخيلقي جذبو پيدا ٿيندو آهي ۽ ترجمن ذريعي لکندڙ توڙي پڙهندڙ پنھنجي پنھنجي ننڍڙي دنيا مان نڪري وسيع تر دنيا جي مشاهدن ۽ تجربن کان واقف ٿيندا آهن.
    جتي جتي به سُٺي ۽ معياري ترجمي نگار جو ذڪر نڪرندو هو ته مان يوسف سنڌيءَ جو نانءُ سڀ کان اول کڻندو هيس. ها! جي جيڪڏهن ڪوئي ٻيو دوست ٻي ڪنھن ترجمي نگار جو نانءُ کڻي چوندو هو ته ”وفا! فلاڻو ليکڪ تمام سٺا ترجما ڪندو آهي“ ته مان کانئن پڇندو هيم ته ”توهان يوسف سنڌيءَ جا ترجما پڙهيا آهن؟“ جواب ۾ چوندا هئا ته، ”ڪڏهن به نه“ ته پوءِ مان کي چوندو هيم ته، ”اول توهان يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما پڙهي ڏسو ۽ پوءِ وري ٻيھر اچي راءِ ڏجو“ ته سٺو ترجما نگار ڪير آهي؟ سچ پچ انهن جڏهن يوسف جا ترجما ڪتابن جي صورت ۾ پڙهيا ته هُو واهه يوسف واهه چوڻ لڳا.
    ترجمو ڪرڻ ڪو ايترو آسان ڪونهي جو هر ماڻهو ترجما ڪري سگهي. ترجمي ڪرڻ لاءِ وسيع مطالعي، مشاهدي ۽ وسيع تجربي جو هجڻ لازمي آهي ۽ اُهي سموريون خوبيون يوسف سنڌيءَ ۾ موجود آهن.
    يوسف سنڌيءَ کي گهڻو پڙهڻ جي ڪري منھنجي يوسف سان محبت ٿي وئي هئي. مان يوسف جي محبت ۾ ايترو ته گهائجي ويو هُيس جو هُن سان ملڻ جي اُڪير ۽ تانگهه هر پل، هر گهڙي، هر وقت ايئن تڙپائيندي رهندي هئي، جيئن مڇي پاڻيءَ جي بنا تڙپندي رهندي آهي. مُون يوسف سان اڻ ڏٺو عشق ڪيو هو.
    يوسف سان منھنجي پھرين ملاقات پياري منٺار سولنگيءَ جي معرفت سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٿي هئي. اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ مون، منٺار ۽ يوسف گڏجي سکر جي هوٽل ۾ وڃي چانهه به پيتي ۽ دل تي ڪچھري به ڪئي سين. منھنجي ذهن ۾يوسف لاءِ جيڪو خاڪو هو، بلڪل يوسف اهڙو ئي نڪتو. هن سان ملندي ۽ ڪچھري ڪندي مون کي ايئن لڳو ته ڄڻ منھنجي خوابن کي ساڀيان ملي وئي هجي. مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته اسين ٻئي جنمن کان هڪٻئي کي سڃاڻندا هجون، هن پھرين ئي ملاقات ۾ جيڪو مون کي پيار ڏنو هو. ان پيار کي وقت ۽ حالات جي دز به ڪڏهن لٽي نه سگهندي.هن جي سادي طبيعت، نرم ۽ پيار ڀري لھجي ويتر مونکي هن جو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. يوسف سان ڪچھري ۽ ملاقات کانپوءِ منٺار سولنگيءَ کي چيو ته ”يار! يوسف ته فقير طبيعت، پيارو ۽ محبتي ماڻهو آهي. هن مون کي پھرين ئي نھار ۾ پنھنجي سادگي، پنھنجي خلوص ۽ پار سان موهي وڌو آهي.“ اهڙا تمام ٿورڙا ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي پھرين ملاقات ۾ ڪنھن تي پنھنجي شخصيت جي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي وڃن ۽ ان کان علاوه هو ڪيترين ڳالهين ۾ مون کي پنھنجي ويجهو لڳو آهي.
    ان ملاقات کانپوءِ ستت ئي اسان جي ٻي ملاقات مشتاق ڀرڳڙيءَ جي دڪان تي دادوءَ ۾ ٿي هئي. ان ملاقات کانپوءِ يوسف سنڌي ۽ مان دوستيءَ جي ڌاڳي ۾، دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ هميشه لاءِ ٻڌجي وياسين ۽ يوسف اڃا تائين ان دوستيءَ جو نڀاءُ ڪندو پيو اچي. يوسف منھنجو پيارو بلڪه انتھائي پيارو دوست آهي ۽ مان اها دعوى ڪري سگهان ٿو ته مون به يوسف سان دوستيءَ ۾ ڀرپور نڀاءُ ڪيوآهي، ڪريان پيو ۽ ڪندو رهندس. هُو جيڪو منھنجي سٺي دوست هجڻ سان گڏوگڏ تمام سٺو ليکڪ به آهي. پر مان اها دعوى نٿو ڪري سگهان ته مان هن جي ادبي قربت ۽ لکڻين سان ڪو نڀاءُ ڪري سگهندس. يوسف تي لکڻ لاءِ وسيع ذهن، وسيع سوچ، وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت آهي، مون جھڙو ننڍڙو ماڻهو يوسف تي لکي به ڇا....!؟
    يوسف سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت آهي، هُو جيڪڏهن سٺو ترجمي نگار آهي ته ساڳي وقت تمام سٺو ۽ سگهارو ڪھاڻيڪار به آهي. يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون جنھن به پڙهندڙ هڪڙو ڀيرو پڙهيون ته اهو پڙهندڙ هميشه لاءِ هن جي لکڻين جو ايئن عادي ٿي ويندو جيئن ڪو موالي نشي جو عادي ٿي ويندو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ايترو گھرو اثر هوندو آهي جو پڙهندڙ کي کن پل ۾ پاڻ ڏانھن مائل ڪري ڇڏينديون آهن. منھنجو هڪ ليکڪ دوست زاهد جاني جوڻيجو، يوسف سنڌيءَ جي ڪھاڻي ”مُئل نوڙيون“ پڙهڻ کانپوءِ هر ڀيري مون کان يوسف جي ڪھاڻي پڙهڻ لاءِ گهر ڪندو آهي ته ”وفا! يوسف جي ڪا ڪھاڻي ڪنھن رسالي ۾ ڇپي آهي ته مون کي ڏي“. هن جي ڪھاڻيءَ جا موضوع، ٻولي ۽ منفرد انداز مون کي موهي وڌو آهي، هن ڪھاڻين ۾ جيڪي مسئلا کنيا آهن ۽ انهن جو حال به ڏنو آهي، مون اهڙا تمام گهٽ ڪھاڻيڪار ڏٺا آهن، اصل ۾ اها ئي وڏي ۽ عظيم ڪھاڻي هوندي آهي، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ مسئلن جو حل هجي ٿو. هن وٽ ڪھاڻي به آهي ۽ ڪھاڻيءَ سان نڀاءَ جو فن به آهي.
    يوسف سنڌي هڪ سٺي ڪھاڻيڪار کان علاوه هڪ بھترين پبلشر پڻ آهي. هن پنھنجي سچائي اشاعت گهر اداري طرفان کوڙ سارا نثر توڙي نظم ۾ معياري ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا آهن. ان کان علاوه ”سنجها“ مخزن جھڙي معياري رسالي جو ايڊيٽر به آهي. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان به جيڪو هن جو ڪم آهي اهو به ڪنھن کان لڪل ڪونهي. هن ٻارن لاءِ تمام سٺيون ۽ بھترين ڪھاڻيون ”شھيد جي ماءُ“ جي عنوان سان ڪتاب صورت ۾ ڏنيون آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جتي به ذڪر نڪرندو ان ذڪر ۾ يوسف سنڌيءَ جو نانءُ ضرور نڪرندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادبي سنگت ۾ يوسف جون ڪاوشون، ڪوششون ۽ محنتون شامل آهن. سچ پچ ته يوسف سنڌي هر حوالي سان پيار ڪندڙ شخصيت آهي، ادبي حوالي سان يوسف سنڌي موتيءَ جو داڻو آهي ۽ دوستيءَ جي حوالي سان يوسف جھڙوسچو، پيار ڪندڙ ۽ محبتي ماڻهو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو!!
    سچ ته اهو آهي ته يوسف سنڌي هر حوالي سان منھنجو محبوب رهيو آهي. ادبي حوالي سان به ته دوستيءَ جي حوالي سان به ته ادبي سنگت جي حوالي سان به. ان ڪري ته مان کيس هر خط ۾ محبوب يا معشوق ڪري مخاطب ٿيندو آهيانس. اڪثر معشوق بيوفا ٿيندا آهن پر هي بيوفا محبوب ۽ معشوق ڪونهي. ڪنھن کي اعتراض هجي ته مان کيس هزارين دليل ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريان ته يوسف سنڌي بيوفا معشوق ڪونهي. شال يوسف سان ڪيل محبتون هميشه لاءِ برقرار رهن.


    خطن ۾ مُون کي ڳولجان

    ”پيارا وفا!
    ڪٿي آهين؟
    آواز ته ڏي،ڪٿي ڀيڙ ۾ وڃائجي ته نه ويو آهين!؟
    مان ڪٿي آهيان؟
    آئيني آڏو بيھي ڏسجان، شايد منھنجو پرتوو توکي ملي وڃي/نظر اچي. يا وري پنھنجي اندر ۾ هڪ نھار ڪجان. شايد ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نظر اچي وڃا. اڃا به نظر نه اچانءِ ته پوءِ خطن ۾ مونکي ڳولجان. ممڪن آهي آءٌ توکي لفظن ۽ جملن ۾ ملي وڃانءِ“.
    هي سِٽون پياري مشتاق ڀرڳڙيءَ جون مون ڏانھن لکيل آخري خط جون آهن. مشتاق جو مون ڏانھن لکيل خطن جو تعداد ٻن سون جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اُهي سمورا خط مون پنھنجي پريتم جي خطن جيان ساهه ۾سانڍي رکيا آهن. ڇاڪاڻ ته مشتاق جا خط مون لاءِ ايتري اهميت رکن ٿا، جيتري اهميت منھنجي پريتم جا خط رکن ٿا.
    ڪجهه مھينا اڳ مشتاق مون ڏي خط لکيو ۽ ان خط ۾ لکيو هئائين ته ”وفا! منھنجو اندر جو آواز تو وٽ پيل آهي، مان پنھنجو اندر پڙهڻ ٿو چاهيان، بلڪه ايئن سمجهه ته ”منجهان سڪ سبيل“ جي نالي سان پنھنجي اندر جي آواز يعني خطن جو مجموعو آڻڻ ٿو چاهيان. مون ٻين دوستن جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۾ گهڻا اندر جا آواز توکي ڏنا ۽ ٻڌايا آهن، تون پھرين فرصت ۾ منھنجي اندر جو آواز کڻي مون وٽ دادو پھچ مون کي تنھنجي اچڻ ۽ پنھنجي اندر جي آواز پڙهڻ جو شدت سان انتظار آهي.
    مشتاق هڪ سٺو ڪھاڻيڪار، شاعر، خاڪا نويس، ڪالم نويس، نفاد ۽ بھترين دوست هيو، مان اُها ڳالهه دعوى سان چئي سگهان ٿو ته هن ٻين دوستن جي ڀيٽ ۾ پنھنجي زندگيءَ جا تلخ تجربا، پنھنجي زندگيءَ جا ڏک درد توڙي خوشيون خطن ذريعي مون سان ئي شيئر ڪيون. هن مون سان گڏجي ٽھڪ به ڏنا ته اکيون آليون به ڪيون. هن کي دردن، سورن ۽ تڪليف سھڻ جو ڏانءُ ۽ هُنر هيو. هن دردن ۾ به جيئڻ سکي ورتو هيو. هن خوشين جي نسبت دردن سان وڌيڪ پيار ڪيو. ان جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته خوشين جو ساٿ ٿورو ۽ ناپائيدار هوندو آهي، جڏهن ته دردن جو ساٿ پائدار هوندو آهي.مون جڏهن کيس ٻڌايو ته ”درد جنڊ جي ٻنهي پڙن جيان مون کي پيڙهي رهيا آهن. دردن ۾منھنجو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي. دردن منھنجي خوشين تي ڌاڙو هڻي ڇڏيو آهي. دردن مون کي ايترا ته درد ڏنا آهن جو انهن دردن ۾ نه مان مري ٿو سگهان ۽ نه ئي وري جيئي ٿو سگهان. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان ڇا ڪريان؟! ڪيئن ڪريان؟ ۽ ڪيڏانھن وڃان.“ موٽ ۾ چيو هئائين ته”مون کي انتھائي خوشي ٿي رهي آهي ته دردن تو ۾ ديرو ڄمايو آهي. هڪ سٺي، بھترين ۽ ڪامياب ليکڪ ٿيڻ لاءِ دردن جي چوٽ کائڻ انتھائي ضروي آهي، هاڻ تنھنجي لکڻين ۾ اڳ کان وڌيڪ گھرائي ۽ پختگي پيدا ٿيندي. تون دردن کان پري نه ڀڄ. مون جيان دردن سان دوستي رکي کلي دل سان انهن جي آجيان ڪر. تون شايد اِهو نٿو ڄاڻين ته درد ئي ماڻهوءَ کي سنجيده ۽ ڏاهو بنائيندا آهن. هيل تائين جن به شاھڪار قسم جو ادب تخليق ڪيو آهي، انهن انتھائي قسم جا درد سٺا آهن. مثال طور تي تون موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بک، ادب ۽ عشق“ پڙهي سگهين ٿو.“
    سچ پچ مشتاق مان، مون گهڻو ڪجهه پرايو ۽ هن يار گهڻو ڪجهه مون کي سيکاريو. اُها هن جي مون سان سچائي هئي، نيڪ نيتي هئي. مون سان محبت ۽ انتھا درجي جو پيار ۽ عشق هيو. مان اسٽيج تي اچڻ کان ايئن لنوائيندو ۽ ڊڄندو هيس جيئن ڪانءُ ڪمانَ کان، پر اهو مشتاق ئي هيو جنھن هر پروگرام ۾ مون کي زوريءَ مٿي اسٽيج تي گهرائي ڪجهه نه ڪجهه مون کان ڳالهائي اسٽيج وارو خوف منھنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو.
    هن جڏهن پنھنجو پھريون ڪهاڻي ڪتاب ”پاڇي“ پئي آندو ته ڪهاڻيءَ تي هرهڪ ڪهاڻيڪار کان پنھنجي ڪهاڻين تي رايو پئي لکرايو ۽ هن هڪ ڪهاڻي مون کي به ڏني ته هن تي رايو لک. ته کوڙ سارن دوستن اعتراض به ڪيو ته وفا اڃا نئون ليکڪ آهي ان جو رايو ڪتاب ۾ شامل نه ڪر. پر هن يار ڪنھن جي به نه ٻڌي. مون کان ڪهاڻيءَ تي رايو لکرائي اهو ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو. جڏهن انھيءَ ڪتاب جي مھورتي تقريب ٿي ته مشتاق مونکي مٿي اسٽيج تي اعزازي مھمان طور ويھاري ڇڏيو ۽ مان اهو پھريون ڀيرو مٿي اسٽيج تي ويٺو هيس.
    مشتاق سان منھنجي پھرين ملاقات 1998ع ۾ پياري ذوالفقار گاڏهيءَ جي شادي جي موقعي تي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانوري هيٺ ٿي هئي ۽ هُو آخري دم تائين مون لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جيان رهيو. پھرين ئي ملاقات ۾ اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پنھنجو دوست ۽ محبوب سمجهي ورتو.
    مشتاق ڀرڳڙي منھنجو دوست هجڻ سان گڏوگڏ منھنجو عاشق به هيو ته ساڳي وقت معشوق پڻ. هن اهڙو اظھار ڪيترائي ڀيرا مون سان روبرو به ڪيو ۽ مون تي لکيل خاڪي ۾ به ڪيو آهي. اسان ٻنهي جا هڪ ٻئي سان روح جا رشتا هيا ۽ روح جا رشتا رت جي رشتن کان به وڌيڪ هوندا آهن. هن جڏهن به مون کي پنھنجو يا ڪوئي ٻيو ڪتاب گفٽ طور ڏنو ته ان تي هيئن لکي پوءِ ڏيندو هيو ته ”پياري وفا صالح راڄپر لاءِ جنھن تان پيار ۾ سر به گهوري سگهجي ٿو.“ جڏهن رمجهم رسالو ڪڍيائين ته ان وقت منھنجي ان سان واقفيت ڪونه هئي. ذوالفقار گاڏهيءَ رمجهم ۾ نمائندي طور باڊهه کان منھنجو نالو ڏيندو هيو. پر جڏهن کانئنس ان دوستي، پيار ۽ روح جو رشتو ڳنڍيرَ جي ڳنڍين جيان ڳنڍجي ويو ته پوءِ هن منھنجو نالو رمجهم ۾ سب ايڊيٽر طور ڏئي ڇڏيو. ڪاٿي دادو شھر ته ڪاٿي لاڙڪاڻي ضلعي جو هڪ ننڍڙو ٻھراڙيءَ نما ڳوٺ وڏي وهڻي. انهيءَ ڳوٺ ۾مون سنڌي ادبي سنگت وڏي وهڻي پاران جيڪي به ننڍا وڏا پروگرام ڪرايا انهن سڀني پروگرامن ۾ مشتاق اکيون ۽ دل پـير ڪري شريڪ ٿيو ۽ هر پروگرام ۾ مٿي اسٽيج تي ڳالهائڻ وقت اهو جملو ضرور چوندو هيو ته اها پياري وفا جي محبت آهي جيڪا هر پروگرام تي مون کي ڇڪي وٺي ٿي اچي. سنگت وڏي وهڻيءَ جو ڪاروائي رجسٽر ان ڳالهه جو گواهه آهي ته مشتاق کي منھنجي محبت دستوري گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيڻ لاءِ وڏي وهڻي وٺي آئي.
    مشتاق جڏهن پنھنجي ڀاءُ کان ڌار ٿيو هيو ته مون ڏي ڳوٺ آيو ۽ چيائين وفا! تيار ٿيءُ مون سان گڏ دادوءَ هل مان پنھنجي ڀاءُ کان ڌار ٿيو آهيان، ورهاست ۾ گهر منھنجي ڀاءُ کنيو آهي ۽ مون کي گهر جي حصي جا پئسا مليا آهن ۽ مان هاڻ ٻيو گهر ٽي بي اسپتال جي پاڙي ۾ ٺھرايان ٿو. پلاٽ به وٺي ڇڏيو آهي، ڏينھن اڌ ۾ جڳهه جو ڪم شروع ٿيندو. سو تون مون سان هل ۽ هلي منھنجو ڪم سنڀال. توکان وڌيڪ اعتماد وارو ٻيو منھنجو دوست ڪير ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ مان جڳهه ٺھي مڪمل ٿيڻ تائين مشتاق وٽ رهيس. مشتاق جو ڪم به سنڀاليم ۽ مشتاق وٽ جاءِ تي مزدوري به ڪيم. ڪم ڪري جڏهن شام جو ڪم تان لھندو هيس ته مشتاق پنھنجي بائيڪ تي کڻي حمام تي تڙ ڪرائڻ لاءِ وٺي ويندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪم جي ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ ٽنگن ۽ ٻانهن کي زور به ڏيندو هيو. مان کيس روڪيندو هيس ته يار زور نه ڏي ته به نه مڙندو هيو، چوندو هيو ته وفا خير آهي پاڻ ۾ دوست آهيون، تون سڄو ڏينھن ڪم ٿو ڪرين، ٿڪاوٽ ته ضرور ٿيندي هوندءِ، ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ زور ضروري آهن.
    مشتاق هڪ کرو ۽ سچو ماڻهو هيو، هن ڪڏهن به ڪنھن دوست سان منافقت نه ڪئي. هن وٽ دوستن لاءِ سدائين پيار ۽ پاڻ ارپڻ جھڙو جذبو هيو. هو دوستن جي خوشين ۾ خوش ٿيندو هيو ۽ دوستن جي دُک تي ڀترن جيان ڀُري پوندو هيو. هُو هر ڪنھن کي سچ منھن تي چئي ڏيندو هيو ۽ ان سچ جي ڪري کوڙ سارا دوست هن کان پري ٿي ويا. هي يار اندر ۾ کير جھڙو اڇو ۽ ڪڏهن به ڪنھن دوست لاءِ من ۾ مير نه رکندو هيو. پري ٿي ويل دوستن کي پنھنجي ويجهو آڻڻ جا پيو جتن ڪندو هيو. هن جن به دوستن تي لکيو ته حق ۽ سچ لکيو. لکڻ وقت ڪڏهن به منافقت نه ڪئي ۽ نه ئي وري دوستيءَ ۾ونگار وهندي ڪنھن تي لکيو.
    18 جولاءِ 2007ع جو ڏينھن مون لاءِ قيامت جو ڏينھن ثابت ٿيو جنھن هڪ ئي وقت مون کان ٽي ناياب شيون کن پل ۾ کسي ورتيون. هڪ مون کان منھنجو سٺو ۽ بھترين دوست کسي ورتو، ٻيو مون کان منھنجو عاشق کسي ورتو ۽ ٽيون مون کان منھنجو معشوق کسي ورتو ۽ ان سان گڏوگڏ مون کان دادو شھر به کسي ورتو.
    مشتاق جي وڇوڙي جي خبر ڪنھن دوست فون تي ٻڌائيندي چيو ته وفا! اڄ تنھنجو مشتاق هميشه لاءِ توکان وڇڙي ڏور هليو ويو آهي. جتان هاڻ تنھنجي محبت به يار کي موٽائي نه ٿي سگهي. اها خبر مون لاءِ خبر نه هئي ڄڻ ته وِڄ هئي جيڪا مون مٿان ڪري پئي هئي. جان مان ساهه ڇڏائجي ويو، روشني هوندي به اکين اڳيان اونداهه ڇائنجي ويو، مٿو چوڏس ڦرڻي جيان ڦرڻ لڳو. اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪو مشتاق اچانڪ ايئن وڇڙي ويندو ۽ اسان جون محبتون ڇوريون ڇنيون ٿي وينديون.
    مشتاق يارن جو يار ۽ سڀني دوستن کي گڏ ڪري هلڻ وارو هيو. هن ڪنھن به دوست کي پاڻ کان الڳ ڪرڻ نه ڏنو ۽ نه ئي وري دوستن کي هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ ڏنو. الائي ڪيئن هن کي خبر پئجي وئي ته مان ۽ معصوم بخاري هڪٻئي کان ناراض ٿي پري پئجي ويا آهيون ته هن يار جو ڄڻ سڪون ئي ڦٽي ويو. سندس من ۾ بيقراريءَ جو طوفان اُٿي کڙو ٿيو ۽ مون ڏي خطن مٿان خط پئي لکيائين ته تڪڙو مون وٽ دادو پھچ تو ۾ منھنجو انتھائي ضروري ۽ اهم ڪم آهي. تنھنجي دير منھنجي بيقراري ۽ انتظاريءَ جو سبب بڻبي. تنھنڪري پھرين فرصت ۾ مون وٽ پھچ. مان جڏهن اُتي پڳس ته پيار ۽ پنھنجائپ مان منھنجي نرڙ تي هڪ ڊگهي چمي ڏيندي چيائين، ”ڏس وفا! منھنجي دوستيءَ جي هڪ چين ٺھيل آهي ۽ انهيءَ چين ٺاهڻ مون کي ڪيترو وقت لڳندو هوندو، ان جو تون تصور به نٿو ڪري سگهين، مون کي منھنجا دوست منھنجي پھرين تخليق ”ثميره“ جيان پيارا آهن. منھنجا دوست منھنجي پيار جو پورهيو آهن، منھنجا دوست منھنجي تخليق ۽ منھنجي وجود جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهن. مان ايئن هرگز نه چاهيندسُ ته منھنجي محنت سان ٺھيل دوستيءَ جي چين مان ڪا هڪڙي به ڪڙي ٽٽي. توکي هر حال ۾ معصوم سان ٺاهه ڪرڻو آهي“. مون کيس چيو ته ”يار معصوم مون سان گهڻيون بي واجبيون ڪيون آهن.“ کلي چيائين ته ”معصوم آهي ئي معصوم.... سو يار معصومن سان ڪھڙا ليکا؟ ۽ ٻيو ته مون کي تو جيان ڏاڍو پيارو آهي.“
    مشتاق جيستائين اسان جو ٺاهه نه ڪرايو تيستائين هُو بيقرار رهيو ۽ مون کي وفا ناٿن شاهيءَ جي غزل جو بند ٻڌائيندي چيائين ته:
    تو سواءِ من قرار ڪونهي ڪو،
    ڪيئن چوان تو سان پيار ڪونهي ڪو.
    اسان يارن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ وارو مشتاق اسان سڀني يارن کان جدا ٿي هليو ويو ۽ اسان جي دلين ۾ پنھنجي وڇوڙي جو تڏو وڇائي ويو آهي.
    آنداسين ته کڻي وينداسين هڪڙي دل بيتاب،
    تنھن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپورا خواب.


    سنڌي شاعريءَ جو روشن ڏيئو

    مشھور انگريز شاعر ۽ نقاد ٽي.ايس ايليٽ جون سِٽون آهن ته، ”جيڪڏهن ڪا قوت فخر لائق، ليکڪ، اديب ۽ خاص طور تي سٺن شاعرن پيدا ڪرڻ جو سلسلو برقرار نٿي رکي سگهي ته ان قوم جي ٻوليءَ جو زوال شروع ٿي ويندو.“ ٽي ايس ايليٽ جي هنن سِٽن مان اسان کي اها سُڌِ ملي ته پنھنجي قوم، پنھنجي، پنھنجي مٽي ماءُ جي سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ اديبن، شاعرن جو هجڻ ضروري آهي.
    شاعري ڇا آهي؟ شاعري سچن جذبن ۽ احساسن جي اظھار جو نانءُ آهي. شاعر پنھنجن، پراون احساسن کي زبان ڏئي ٿو. جنھنڪري هر ماڻهو ان جي احساسن کي پنھنجي دل جي ويجهو محسوس ڪندو آهي. شاعريءَ هڪ فطري جذبو آهي، اُها ڳالهه پنھنجي جاءِ تي ڪنھن حد تائين درست آهي ته شاعري خدا طرفان ڏنل ڏات آهي. پر ان ۾ ڪنھن پريتما جو هٿ هوندو آهي، ان لاءِ ئي ته اُها ڳالهه به چئي وڃي ٿي ته سٺي شاعر ٿيڻ لاءِ عشق ڪرڻ نھايت ضروري آهي، نه ته معياري شاعري ڪانه ٿيندي.
    اسان جي سنڌي شاعريءَ جي هن وقت تائين جي سفر ۾ ڪيتري نالا آيا. پر انهن مان اڄ گهڻا چٽا آهن؟ جن جي ڏات، ڏانءَ ۽ ڏاهپ تي وقت ۽ حالتن جي لٽَ نه چڙهي سگهي هجي؟ ۽ ذوالفقار انهن تمام ٿورڙن شاعرن مان هڪ آهي جنھن جي شاعريءَ ۾ پنھنجي دور جو درد ريشو ريشو ٿي ڳڙي رهيو آهي. هونءَ به جيڪا شاعري پنھنجي دؤر جي تاريخي شعور سان گڏ سفر نٿي ڪري اها شاعري ڪڏهن به مٿانھين پد کي ڇُهي نٿي سگهي.
    ذوالفقار پنھنجي دؤر جو شعور رکي ٿو. هن کي پنھنجي خيالن کي صحيح نموني سان اظھارڻ جو سليقو آهي.
    ڏاڍي تذليل ٿئي ٿي ماڻهوءَ جي،
    ڪو نه ٿاڻي جي ڀر وٽان گذري.
    هن شھر ۾ پنھنجي دؤر جي شعور سان گڏ ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ به ڏٺو . ڳالهه ڪرڻ جي ڏانءَ سان گڏ، پنھنجي دور جي هڪ ٻي وارتا، ڏسو ذوالفقار ان درد کي ڪيئن محسوس ڪيو آهي، اوهان به ان درد کي ضرور محسوس ڪندؤ؟!
    اسان جي شھر تي ڦاسيون لٿيون،
    اکين جي تھن ۾ اداسيون لٿيون.
    هنن شعرن ۾ ذوالفقار نه رُڳو پنھنجي دؤر جي تاريخ رقم ڪئي آهي، پر پنھنجي دؤر کي به چٽي ڇڏيو آهي.
    هي آهي ذوالفقار. اُهو ذوالفقار منھنجو تمام پيارو دوست آهي، مان کيس، مان ڇا سڄي سنگت کيس پيار مان ذلفي ڪوٺيندي آهي ۽ هن پاڻ به پنھنجي شاعريءَ ۾ ”ذلفيءَ“ کي بار بار دهرايو آهي.
    ”ذلفي“ هڪڙو، يار هزارين ذلفيءَ جا،
    هِن جي هُن سار چئي ٿي مون کي ڳاءِ.
    اڄ ڪافي عرصي کانپوءِ ذلفيءَ تي هي مضمون لکندي مان ڪيڏي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. ان جو اندازو مون کان سواءِ ٻيو ڪير به نٿو لڳائي سگهي. ذلفيءَ تي لکندي دل ڪنول جي گل جيان ٽڙي پئي آهي. دادو ضلع کي مون هميشه پنھنجي دل جي ويجهو پاتو آهي. اهو منھنجي ويجهن دوستن جو ضلعو آهي ۽ ان سان گڏ منھنجي محبوبه جو جنم اسٿان به آهي. ذلفي دادو ضلعي ۾ منھنجو پھريون دوست ئي ته آهي. نھايت پيارو ۽ سچو آءٌ ٿورين ٿورين ڳالهين تي هن کان ڪاوڙجي پوندو آهيان، پر هن يار ڪڏهن به ڪاوڙ يا بيزاريءَ جو احساس نه ڏياريو. هميشه پرچائڻ ۾ پھل ڪئي هوندائين. هن جي انهيءَ قرب، انهيءَ پيار ئي ته مون کي هن جي تمام ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.
    ذلفيءَ جي سڃاڻپ جا کوڙ پھلو آهن، هي هڪ سٺي ڪھاڻيڪار، مضمون نگار، ڪالم نويس سان گڏ نقاد ۽ سٺو شاعر آهي. آءٌ اڄ ذلفيءَ جي ٻين پاسن کي ڇڏي اڄ هن جي شاعريءَ تي اوهان سان ويچار ونڊيندس. هڪڙي ڳالهه مان چئي ڇڏيان ته مان ڪو وڏو ليکڪ يا نقاد وغيره ڪونه آهيان. مون ذلفيءَ جي شاعريءَ کي ڪيئن ڏٺو، هڪ قاريءَ جي حيثت سان مان اها اوهان سان شيئر ڪندس. نوان لھجا، نڪور تشبيھون ۽ پنھنجا احساس آهن. اکين ۾ پرينءَ جي گهر جي تشبيھه نج ذلفيءَ جي پنھنجي آهي. اچو ته اکين ۾ پرينءَ جي گهر جو دروازو کوليون.
    اکين ۾ پرينءَ جو ته گهر هوندو آ،
    پرين جو، پرائي شھر هوندو آ.
    جڏهن بي ڪي يادون ڪنديون هن مھڙ،
    نظر ۾ ڪو ڌنڌلو نگر هوندو آ.
    هُو، دل جي دري کولي چنڊ کي تڪن،
    اها گُهورَ، جنھن ۾ اثر هوندو آ.
    تو کاڌو ڪڏهن آهي ڏک جو گرهه،
    غمن جو به وڻندڙ ثمر هوندو آ.
    جڏهن بي ڪي نظرون ٿيون ٽڪرائجن،
    هوائن جو جيئن زهر هوندو آ.
    ذلفيءَ جو هيءُ سڄو غزل ساهه ۾ سانڍڻ جھڙو آهي. مون ته سوچيو هو، هن غزل جو ڪو هڪ اڌ بند کڻندس پر ايئن نه ٿي پڳو.
    ذلفيءَ جا غزل فني توڙي فڪري حوالي سان نه رُڳو خوبصورت آهن پر انتھائي خوبصورت آهن.
    ذلفي گهڻ پڙهيو شاعر آهي. گهڻي مطالعي جي ڪري هن وٽ لفظن جو تمام گهڻو ذخيرو ٿي ويو آهي. جنھن جي ڪري هن جي شاعريءَ ۾ به تمام گهڻي وسعت اچي وئي آهي، جتي هن جي شاعريءَ ۾ ڪوئل جي ڪوڪ ۽ مور جي ٽھوڪ اُتي هن جي شاعري ۾ مارو ماڻهن جي ڏکن ۽ دردن جو اولڙو به آهي.
    اڻڀا وار ٿيا، وارن چيڙهه پيا.
    گهاءَ هر گهورَ ڏنا، هيل چونڊيندس آءٌ نموريون.
    پرهن جي شاعريءَ جا رنگ هن جي جماليات ۾ اچي نکري پون ٿا.
    شعر جي تاثير ۾گم ٿي وڃان.
    پر اثر تحرير ۾ گم ٿي وڃان.
    تون اچين اسٽيج تي منھنجا پرين،
    مان تنھنجي تقرير ۾ گم ٿي وڃان.
    ذلفي جي هن غزل ۾ جماليات سان گڏ سياسي شعور به بکجي ٿو، هڪ محبوبه، پنھنجي انقلابي محبوب جي سحر ۾ گرفتار آهي، هتي اُن جي اندر جي ڀاونا ڳالهائي ٿي. ذلفي جا غزل پڙهندي مان پنھنجي اندر سيني ۾ مٺي ڪٽاري لھندي محسوس ڪندو آهيان. هن غزل جو حسن ڏسو جھڙو لوڪ گيت پيو لڳي.
    چانديءَ جي مُنڊي ڇورا!
    ڏي وٺي مون کي وٺي ڇورا!
    چئه، مون سان سُکي رهندين،
    ٿيان، تنھنجي سَکي ڇورا!
    چئه ڇا ٿو کپي توکي،
    ڪڍ منھن مان گُنڊي ڇورا!
    هڪ مان ئي ڏکي گهر ۾!
    ٿي تون نه ڏکي ڇورا!
    هي منھنجي خواهش آ!
    وٺ مون کي لکي ڇورا!
    ذلفي جي شاعري سادي ۽ صاف آهي، جنھن کي هڪ دفعو پڙهڻ کانپوءِ دل بار بار پڙهڻ چاهيندي. منھنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي نوجوانن جي مُک تي ذلفيءَ جي شاعري مسڪرائيندي رهندي آهي. خاص ڪري هي غزل ته مون ڪيترن نوجوانن کي هر وقت گنگنائيندي ٻڌو آهي.
    هير ڪاٿئون هڳائون کڻي ٿي اچي،
    هر پتي مان شجر مان ڇڻي ٿي اچي.
    هُوءَ ڇوري هِتان کان لنگهي ٿي جڏهن،
    پاڻ ٺاهي سنواري بڻي ٿي اچي.
    هُن جي ويندي چُڳي خوشبوئون ٿي گهٽي،
    ڇا پتو ڇا الاءِ هڻي ٿي اچي.
    سو شڪاري سندس هِن اڳيان ۽ پٺيان،
    تير کائي ۽ ڪنھن کي هڻي ٿي اچي.
    ذلفي جي شاعري، شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي ۽ زاهد شيخ جي شاعريءَ جيان موسيقيءَ سان ايئن ڀريل آهي جيئن آسمان ۾ تارا. شاعريءَ جي حوالي سان مان اهو چوندس ته جيڪڏهن ڪنھن جي شاعري، پڙهندڙ کي پنھنجي سحر ۾نه لوڙهي ڇڏي ته پوءِ اها ڪھڙي شاعري ۾ اهو جادو آهي جيڪو پڙهندڙ تي سحر طاري ڪري ڇڏي.
    منھنجو دوست گلزار گل گوپانگ چوندو آهي ته ذلفي صرف جماليات جو شاعر آهي، هن جي شاعريءَ ۾ جماليات سرنھَن جي ڦولار جيان نظر ايندي آهي. جمالياتي شاعري ڪو ذلفيءَ کان سکي! خاص ڪري هن جا غزل ڏاڍا جمالياتي آهن.
    مان مٿي چئي آيو آهيان ته سٺي شاعر ٿيڻ لاءِ عشق ڪرڻ نهايت ضروري آهي. مان ذلفيءَ جي عشق کان واقف آهيان جنھن بنا ذلفيءَ جي شاعريءَ ۾ اهو نکار پيدا ٿي نه سگهي ها! ڇاڪاڻ ته جيتري تائين جماليات جو تعلق آهي ته جماليات جي حوالي سان جيستائين ڪنھن جو پلئه ڪنھن سان نٿو اٽڪي تيستائين اهو جماليات جي حوالي سان ڪا سٺي سِٽَ نٿو ڏئي سگهي ۽ ذلفي ته چئي ٿو.
    مان ڏيئو آهيان حق سچ جو،
    مان درس ڏيان ٿو چاهت جو،
    مان سڀ کي هڪڙي نظر ڏسان،
    آ سڀ سان منھنجي شرڪت جو.


    پرينءَ جي سارَ جهڙو فياض چنڊ ڪليري

    اسپيني چوڻي آهي ته ”منھنجي پيار ۾ ايڏي سگهه آهي،اگر جي مان ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ کي ڏسان ته اها پيٽ سان ٿي ويندي“. ها، ايئن ئي مان چوندو آهيان ته فياض هڪڙو ڀيرو جنھن ڏانھن به پنھنجا ناسي نيڻ کڻي ڏسي ته اهو هميشه لاءِ هن جو ٿي ويندو. جيئن مان پھرين ئي نھار ۾ هن جو ٿي ويو آهيان، هن جو ٿي وڃڻ کانپوءِ هُو مون کي پنھنجي پرينءَ جي سارَ جھڙو لڳندو آهي.
    مون جڏهن ادب لکڻ نه، بلڪه ادب پڙهڻ شروع ڪيو هو ته مون مختلف رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ هِنَ سان هن جي لکڻين ذريعي ملي چڪو هيس ۽ هن جي لکڻين مون کي پاڻ ڏانھن ايئن ڇڪيو جيئن ان جا داڻا بکايل پکيءَ کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن. هن جي لکڻين مون کي هن سان ملڻ لاءِ بي چين ڪري ڇڏيو. نه رڳو بيچين ڪري ڇڏيو هو پر هن سان روح جا رشتا به جوڙي ڇڏيا هئا. منھنجي اها بيچيني سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) پاران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو ڏهاڙو“ ملهائڻ دوران نوشھرو فيروز ۾ هن سان ملڻ تي پوري ٿي. ان وقت مون سان گڏ منھنجو پيارو دوست ڀٽائيءَ جو پارکو سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جو سيڪريٽري احمد جتوئي جيڪو هاڻي جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ آهي، گڏ هيو. مون کيس هٿ وڌائيندي چيو فياض! مان وفا صالح راڄپر، ته هن جو چھرو گلابن جي گلن جيان ٽڙي پيو، مون کي پيار، پاٻوهه ۽ پنھنجائپ مان پاڻ ڏانھن ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀريندي ڳل ۽ ڳٽي تي ڊگهي چمي ڏيندي چيائين، ”وفا! تون تمام سٺو ۽ سگهارو پيو لکين ۽ تمام تيزيءَ سان پيو لکين. مان توکي گهڻو پڙهندو پيو اچان. چڱو ٿيو جاني! جو اڄ پنھنجي ملاقات ٿي وئي ۽ هي اَڄوڪو ڏينھن اسان ٻنهي لاءِ دوستيءَ جوجنم ڏينھن آهي. هونءَ ته پنھنجي لکڻين ذريعي پاڻ هڪٻئي سان روز ڪڏهن ڪھڙي رسالي ۾ته ڪڏهن ڪھڙي اخبار ۾ ملندا ته آهيون پر اڄوڪي ڏينھن جي ملڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي. اسان جي گفتگو دوران احمد جتوئي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته، ”بيهي ڪچھري ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪنھن سُٺي هوٽل تي ويھي چانهه جي چسڪين جو مزو وٺون ۽ پنڌ جي ٿڪاوٽ کي به دور ڪيون.“ احمد جي چانهه واري صلاح تي فياض ٽھڪ ڏيندي چيو ته،”چانهه ۽ چميءَ جي انڪاري تي مان لعنت وجهندو آهيان.“
    چانهه پيئڻ سان احمد جتوئي جي پنڌ واري ٿڪاوٽ دُور ٿي الائي نه؟ پر فياض ملڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ کانپوءِ ڏوڪري کان نوشھرو فيروز تائين موٽر سائيڪل تي ويهڻ وارو ٿڪ کن پل ۾ ميسارجي ويو. ها بلڪل ايئن جيئن ڪڪڙ جي ميل ۾ پھرين پاڻي وڙهڻ کانپوءِ ٻئي پاڻي وڙهڻ لاءِ انهيءَ کي خفتي ڦونھارا، سيڪا ۽ زور ڏئي تازو توانو ۽ ڦڙت ڪندا آهن. مان به ائين فياض سان ملڻ کانپوءِ تازو توانو ۽ ڦڙت ٿي ويس. اسان جي ڪچھري پيار، محبت، دوستي، ادب، قومپرستي، سياست، مذهب، سيڪس، فلسفي ۽ ڀٽائيءَ تائين هئي. اسان جي ڪچھري جو سلسلو تڏهن ٽٽي پيو جڏهن پياري يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل فونون ڪري پڇيو ته وفا! ڪٿي آهين؟ جلدي اچو ته پروگرام شروع ڪيون.
    فياض ٻين سڀني موضوعن تي سٺو ڳالهايو ۽ ڀرپور ڳالهايو پر هن ڀٽائيءَ تي جيڪو ڳالهايو اهو واهه جو ڳالهايو. اسان ٻنهي جا نٽ بلٽ ڍرا ٿي ويا ۽ حوصلا خطا ٿي ويا. هن ڄڻ ته اسان ٻنهي کي ڀٽائيءَ جي فڪر۽ ڀٽائيءَ جي فلسفي جون سُتيون پياري ڇڏيون. مون پنھنجي حياتيءَ ۾ ڀٽائي صرف ٽن ماڻهن کان ٻُڌو ۽ سمجهيو آهي، هڪ ڀٽائيءَ جي عاشق ۽ خوبصورت شاعر انور پيرزادي کان، ٻيو ڀٽائيءَ جي پانڌيئڙي ۽ مريد پنھنجي وڏي ڀاءُ رجب راڄپر کان، ٽيون ڀٽائيءَ جي فڪر جون سِٽون دوا جيان وات ڦاڙائي پيٽ ۾ وجهندڙ فياض چنڊ ڪليريءَ کان.
    ان ڪچھري کانپوءِ تڪڙيون ٻه چار ملاقاتون مختلف ادبي پروگرامن ۾ فياض سان ٿيون. پر هن جي پھرين ملاقات جو اثر ٻيون ملاقاتيون ڦري نه سگهيون ۽ نه ئي وري ڪڏهن مون کان هن جي پھرين ملاقات جو اثر منھنجي ذهن جي ڦرهيءَ تان مٽجي سگهيو آهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو جيئن اڪثـر چيو ويندو آهي ته پھريون پيار، پھرين ملاقات ۽ پھرين چميءَ جي اثر جو تاثير ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. فياض سان پھرين ملاقات مون لاءِ پھرين پيار ۽ پھرين چميءَ جھڙي آهي، جيڪا شايد ڪڏهن به وسري نه سگهي.
    استاد بخاريءَ جي هِنن سِٽن جيان ته:
    قبر ۾ مون کان فرشتن،
    پڇيو ته:”ڇا ياد اٿئي؟“
    چيم: ”پيار جي،
    پھرين چمي نٿي وسري.“
    اسان ٻئي پھرين ملاقات ۾ دوستيءَ جي ڌاڳن ۾ ايئن ٻڌجي وياسين جيئن ننڍو ٻار ٻڌجڻ ۾ ٻڌجي ويندو آهي ۽ پوءِ هفتي به هفتي هڪ ٻئي سان فون تي ڪچھري به ٿيندي رهندي هئي. فياض جڏهن فون تي مون سان ڳالهائيندو آهي ته هن جي ڳالهائڻ جي پياري انداز خاص ڪري هُو جملي جملي جي ادائگيءَ تي تارن جي سٽاءَ جھڙي مُرڪ، مرڪڻ جي ادا، اکين ۽ دل کي گهٽا جھڙي ڇانوَ آڇيندو رهندو آهي. هن جي لھجي جو پيار ڀريو ميٺاج جهمپير جي کجين جي تاڙيءَ (شراب) جيان ٽيپو ٽيپو ٿي فون منجهان ٽپڪي پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مان جيڪڏهن ادبي دنيا سان لاڳاپيل نه هجان هان ته مون کي فياض جھڙو بھترين ۽ گهڻ پاسائين شخصيت منھنجي دوستيءَ جي دامن ۾ نه هجي ها.
    نوابشاهه جي ڌرتيءَ تي ڀل ٻيا به ليکڪ، اديب ۽ شاعر رهندا هجن، اُهي ڀل پنجن ڇهن ڪتابن جا خالق به کڻي ڇونه هجن اُن هوندي به فياض جي سڃاڻپ ٻين نوابشاهي ليکڪن کان تمام گهڻي مٿي آهي. هن جي پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ نه ئي وري هن جي ڪنھن سان ڳٺجوڙ آهي. هيءُ نوابشاهه ۾ اڪيلو پنھنجي ڌن ۾ مگن هوندو آهي. انگلينڊ جي عظيم ڏاهي ونسٽن چرچل چواڻي ته، ”اڪيلا وڻ جڏهن به اُسرندا آهن ته انهن جون پاڙون زمين ۾ مضبوط کتل هونديون آهن.“ سو هيءُ به اڪيلو آهي ۽ هن جون پاڙون ادبي حوالي سان مضبوط کتل آهن. هن کي سڄي سنڌ ۾ جيڪا ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ جيڪا هن جي سڃاڻپ آهي، اها سڃاڻپ هن کي بھترين معياري ۽ سگهاري لکڻ جي ڪري ملي آهي. نه ڪي ڪنھن وڏي اديب ۽ دانشور جي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي ڪري ملي آهي. هن جي هر لکڻي سرٽيفڪيٽ آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اياز کانپوءِ فياض ئي آهي جنھن جو نثر به مضبوط ۽ سگهارو آهي ته نظم به. هُو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. هو هڪ بھترين شاعر به آهي ته بھترين ۽ برجستو ڪھاڻيڪار به آهي. هُو بھترين ڪالم نگار به آهي ته بھترين نقاد ۽ صحافي به آهي. هُو بھترين تاريخدان به آهي ته بھترين مقرر به آهي. هُو بھترين دوست به آهي ته بھترين انسان به آهي. هُو ڀٽائيءَ جو عاشق ۽ پارکو به آهي.
    اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا ته هو اسان کي هڪ سٺو شاعر نظر ٿو اچي،اسان جڏهن هن جون ڪھاڻيون پڙهون ٿا ته هُو اسان کي برجستو ڪھاڻيڪار نظر ٿو اچي. اسان جڏهن اخبارن ۾ هن جا ڪالم ٿا پڙهون ته هو اسان کي هڪ سٺو ڪالم نگار نظر ٿو اچي. اسان جڏهن تاريخ تي هن جا مضمون پڙهون ٿا ته هُو اسان کي تاريخدان نظر ٿو اچي. اسان جڏهن ڀٽائيءَ تي هن جا ليڪچر ٻُڌون ٿا ته هُو اسان کي ڀٽائيءَ جو پارکو نظر ٿو اچي. اسان جڏهن مطالعي جي ڳالهه ٿا ڪريون ته هُو ڏيهي پرڏيهي ادب جا حوالا اسان جي جهول ۾ اڇليندي نظر ٿو اچي. جيترو مطالعو هن وٽ آهي ايترو مطالعو سندس ٽهيءَ جي ٻين دوستن ۾ مون کي گهٽ نظر ٿو اچي. هن جون لکڻيون ۽ هن جي گفتگو ٻڌائن ٿيون ته هن وٽ مطالعي جا ڀنڊار آهن. حساس وري ايترو جو ڪنھن جي به ٿوري کھري لھجي تي اندر ئي اندر ۾ سڄو رتوڇاڻ ٿي پوندو آهي ۽ ڀترن جيان ڀُري ڀورا ڀورا ٿي پوندو آهي. هن کي ڏسي مون کي حيرت به ٿيندي آهي ۽ ساڳي وقت ريس به ٿيندي آهي. ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو هيترا سارا گدرا مُٺ ۾ ڪيئن کنيون بيٺو آهي ۽ ڪوبه گدرو هن جي مُٺ مان ڪريو به ناهي. وڏي ڳالهه جيڪا مون هن ۾ ڏٺي اها آهي مسلسل لکڻ. هن جي ڏانءَ جو ڏيئو مون سدائين ٻرندي ڏٺو آهي، هن جي هٿن مان قلم نه ترڪيو آهي ۽ نه ئي وري هن جي قلم مان مس سُڪي آهي.
    مان چوندو آهيان ته لکڻ صفا سؤلو ڪم آهي ۽ اهو سؤلو ڪم الائي جي ڪيترا ٻيا به ليکڪ ڪن پيا. پر سٺو ۽ معياري لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اصل پاڻيءَ مان مکڻ ڪڍڻ جي برابر آهي جيڪو نوابشاهه مان ويھي ڪري فياض ڪري رهيو آهي. جتي مون کي ٻين ڳالهين جي ڪري فياض سان پيار آهي، اُتي مون کي سٺي ۽ معياري لکڻ جي ڪري فياض سان پياربه آهي. طارق عالم ابڙو جي چواڻي ته،”سنڌي ادب هڪ ٽرين مثل آهي، جنھن ۾ ٻن قسمن جا اديب سفر ڪن ٿا، هڪڙا اُهي اديب جيڪي فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي ٿرڊ ڪلاس جو ادب تخليق ڪن ٿا ۽ ٻيا اُهي اديب جيڪي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي فرسٽ ڪلاس جو ادب تخليق ڪن ٿا ۽ مون کي انهن اديبن سان تمام گهڻو پيار آهي جيڪي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي فرسٽ ڪلاس جو ادب لکن ٿا ۽ هر پڙهندڙ جي دل ۾ انهن جو گهر ٺهيل هوندو آهي“.
    هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون به فياض لاءِ هڪ گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ گهر ۾ فياض جون ڏنل محبتون ۽ ان جون خوبصورت لکڻيون سانڍي رکيون آهن.
    فياض چنڊ ٻه ڏينھن اڳ به فون ڪري ٻڌايو ته وفا جاني! 29-اپريل تي منھنجو جنم ڏڻ آهي منھنجي دلي خواهش آهي ته تو جھڙو پيار ڪندڙ دوست جنم ڏينھن جي حوالي سان مون تي ٻه اکر لکي. موٽ ۾ کيس چيم ”پيارا! ڪھڙو ڪافر هوندو جيڪو تو جھڙي پياري ماڻهوءَ کان انڪار ڪندو. ٻيا تنھنجا دوست ڀل ڪافر ٿين پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙو گناهه مان ته نٿو ڪري سگهان، جنھن جي مون وٽ ڪفاري ڪرڻ جي ڪا واٽ به نه هجي.“ توڙي جو مون سان اها هڪ وڏي ٽريجڊي ٿيندي رهي آهي جو مان پاڻ کان سينئر ۽ پنھنجي پيار ڪندڙ دوستن تي لکي ناهيان سگهندو. مون کي پنھنجي پيارن تي لکڻ ايئن ڏکيو لڳندو آهي جيئن ڪنھن عاشق کي پنھنجي معشوق جو وڇوڙو ڏکيو لڳندو آهي. دل ته گهڻو چاهيندي آهي ته پنھنجن پيارن تي لکجي پر الائي ڇو پنھنجي پيارن تي لکڻ وقت ڏات ۽ ڏانءَ جون سڀ درَ دريون بند ٿي وينديون آهن. لفظ جيڪي من ۽ ذهن جي اندر ڀنڊارن جي صورت ۾ موجود هوندا آهن اُهي بيوفا معشوق جيان کن پل ۾ ساٿ ڇڏي ويندا آهن. کوڙ سارن ايلازن ۽ منٿن جي باوجود به منھنجي ويجهو ناهِن ايندا. مون ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته پنھنجي پياري اخلاق انصاريءَ جي ناول ”اڏوهي“ تي ڪجهه لکان پر اڄ ڏينھن تائين لکي نه سگهيو آهيان. پنھنجي پياري فياض تي لکڻ وقت به ڏاڍي ڏکيائي ٿي رهي آهي. هٿ ڏڪڻ لڳا آهن، لفظ جيڪي منھنجي هڪڙي اشاري جا منتظر هوندا آهن، اڄ اُهي منھنجي ويجهو اچڻ لاءِ تيار نه آهن. لفظن کي پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪريان ٿو پر هُو ڪنھن ضدي ٻار جيان ضد ڪري بيٺا آهن، هُو ضد جي ست ماڙ تي چڙهي بيٺا آهن ۽ انهيءَ ست ماڙ تان لاهڻ ناممڪن آهي. هي جي بي ترتيب ڪجهه سِٽون لکي رهيو آهيان اُهي فياض جھڙي محبتي دوست کي انڪار نه ڪرڻ جي صورت ۽ پاڻ کي ڪافر نه چوائڻ جي صورت ۾ لکي رهيو آهيان. اڃا به ايئن کڻي چوان ته يوسف جي خريدارن واري لسٽ ۾ نالو لکائڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي. نه ته فياض جھڙي گَهڻَ رُخي شخصيت تي مون جھڙو ننڍڙو ماڻهو به ڀلا ڇا لکي سگهندو....؟
    فياض سھڻي سنڌ جو سھڻو ۽ سيبتو شاعر آهي، جنھن وٽ سھڻا خيال به آهن ته سھڻي منظرنگاري، ڪردار نگاري ۽ سھڻيون تشبيھون به آهن ته موضوعن جي نواڻ ۽ فن جي پختگي به آهي. هُو ڪھاڻي ۽ شاعريءَ جي رمزن کي به ڄاڻي ٿو، جنھن شاعر وٽ فن يا فڪر ٻنهي مان ڪابه هڪ شيءِ موجود نه هوندي آهي ته مان ان کي به شاعر تسليم نه ڪندو آهيان. شاعري ڪا ڊکاڻڪي ناهي جو ويهي رنڊا روڙجن. شاعري اظھار جو نانءُ آهي ۽ اظھارڻ جو ڏانءُ ته ڪوئي فياض وٽان سکي. هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ بي جان لفظن ۾ ساهه وجهڻ ڄاڻي ٿو. فني حوالي سان پاڻ کي وڏو شاعر چورائيندڙ به فني حوالي سان گسي پوندا آهن پر فياض جي لکڻين ۾ فن به مضبوط هوندو آهي ته فڪر به سگهارو هوندو آهي. سندس لکڻين ۾ توهان کي جدت نظر ايندي سابه منفرد انداز ۾ ٻيو ته هن کي ٿورن لفظن ۾ وڏي ۽ گهڻي ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ آهي اهو ڏانءُ ڀٽائيءَ کانپوءِ مون اياز ۾ ڏٺو ۽ اياز کانپوءِ مُون فياض ۾ ڏٺو آهي.
    ذاتي ڪچھري يا سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ جڏهن نوابشاهه جو ذڪر نڪرندو آهي ته مون کي اديب دوست چوندا آهن ته ادب، تاريخ ۽ سياست ۾ اسان لاڙڪاڻي وارا گهڻو اڳتي ۽ مٿي آهيون. پر نوابشاهه به گهٽ ڪونهي هُو نوابشاهه جي ادبي حوالي سان ڪڏهن منور سراج جو نانءُ کڻندا آهن ته ڪڏهن وسيم سومرو جو ته ڪڏهن وري ڪھڙي دوست جو. مان کين چوندو آهيان ته توهان ڪڏهن فياض چنڊ ڪليريءَ کي پڙهيو آهي؟ جواب ۾ چوندا آهن ته نالو ته ٺيڪ ٺاڪ ٻڌو آهي پر پڙهيو گهٽ آهي. کين چيم پڙهي پوءِ راءِ ڏجو. چيائون تو وٽ فياض جو ڪو ڪتاب آهي ته ڏي.چيم ته تازو سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’نه اڀريو ڪو چنڊ دل تي‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي پڙهي ڏسو. پڙهڻ کانپوءِ نوابشاهه جا ٻيا نالا توهان کان دل تان لهي ويندا ۽ فياض جو نالو دل ۾ هميشه ويهي ويندو.
    پنھنجي ٽھيءَ جي حوالي سان سنڌ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ سڀ کان گهڻو ڇپجڻ جو اعزاز به فياض ڏانھن وڃي ٿو، جنھن رسالي ۾ فياض جي لکڻي نه هجي ته اهو رسالو پنھنجي خوبصورتي ۽ پنھنجو اصل معيار وڃائي ويھندو آهي. هن جي لکڻي نثر توڙي نظم ۾ سنڌ جي رسالن کي سونھن بخشيندي آهي.
    ڪنھن دوست چيو ته،”نوابشاهه جي ٻين شاعرن تي سنڌ جي تمام وڏن نالن جيڪي رايا ڏنا آهن تو اُهي پڙهيا آهن؟“ مون کين چيو،”ها پڙهيا آهن، اهڙن راين جي فياض کي ڪابه ضرورت ڪانهي. هن جي شاعري اهڙن راين کان تمام گهڻو مٿي آهي. توهان ڪنھن ليکڪ جي لکڻيءَ کي ڏسندؤ يا وڏن نالن جي ڏنل راين کي. ڳالهه اصل معيار جي هوندي آهي.“ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته،’قبر ۾ لڀي ڪجهه به نه زور ختمن تي‘. مون جڏهن پنھنجي نثري نظمن جو ڪتاب پئي ڇپرايو ته ان ڪتاب جو مسودو سنڌ جي تمام وڏن نالن کي مھاڳ لکرائڻ لاءِ ڏنو. ان منھنجي نظمن تي راءِ ڏيندي لکيو ته،”نثري نظم فرانس جي صنف آهي جنھن جو باني بودليئر آهي ۽ پوءِ اها صنف سنڌ ۾ مشھور ٿي وئي ۽ سنڌ جي تمام وڏن شاعرن به نثري نظم لکيا.“ نئين ٽھيءَ ۾ جيڪي شاعر نظم لکن ٿا انهن جي ڀيٽ ۾ وفاجا نظم فڪري حوالي سان معياري ۽ اعلى معيار جا آهن ۽ وفا نئين ٽھيءَ جي حوالي سان نظم جو سگهارو شاعر آهي ته پوءِ مان به ليڪو ڪڍي بيھي رهان ته نئين ٽھيءَ ۾ مون کان وڌيڪ نظم جو ٻيو سٺو ڪوبه شاعر ڪونهي. ”موئن جو دڙو“ جھڙو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ کي انتھائي خوبصورت ناول ڏيندڙ ناميارو ڪھاڻيڪار علي بابا جڏهن مھتاب محبوب جي ناول جو مھاڳ ٿو لکي ته تعريف ۾ واهڙ وهائي ٿو ڇڏي ۽ ان کي زمين تان کڻي آسمان تي پھچائي ٿو ڇڏي. جڏهن ته ناول ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه توهان کي نظر نه ايندي.
    فياض چنڊ ڪليريءَ پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ ڪنھن به وڏي ليکڪ کان ڪونه لکرايو آهي. هونئن به سٺي ۽ سھڻي شيءِ کي ڪن به سونن زيورن جي ضرورت نه هوندي آهي. فياض جي هر لکڻي پاڻ سون آهي ۽ سون کي توهان ڪٿي ۽ ڪھڙي به جاءِ تي رکو پوءِ به اهو سون ئي سڏبو ۽ سون ئي رهندو.
    هي اڄوڪو ڏينھن 29-اپريل نوابشاهه ڌرتي، نوابشاهه جي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن تي فياض نوابشاهه جي زمين تي اک کولي. منھنجي کيس دعا آهي ته مولا عليء مشڪل ڪشاء کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ اڃا به هن جي قلم ۾ وڌيڪ سگهه پيدا ڪري.


    غمزده سومرو جي شخصيت ۽ شاعري

    لاڙڪاڻي جو شھر باڊهه تاريخي، علمي، سياسي، سماجي ۽ ادبي ماڻهن جو شھر رهيو آهي. هن شھر جي مٿي ذڪر ڪيل شعبن ۾ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن جن باڊهه شھر کي اهڙي ته تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ ڏني جو اها صدين تائين زندھ ۽ امر رهندي. باڊهه شھر کي ڏيهه پرڏيهه مشھور ڪرڻ واريون جيڪي اهم شخصيتون آهن. انهن ۾ شيرل ”بيوس“ باڊاهي، شاهن باڊاهي، غمزده سومرو قابل تعريف ۽ قابل ذڪر آهن. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي حوالي سان جيئن شاهه، سچل ۽ سامي، اياز، استاد ۽ نارائڻ شيام جي ٽه مورتي آهي، تيئن مان سنڌ ۽ باڊهه جي سٺن شاعرن جي ٽي مورتي شيرل، شاهن ۽ غمزده کي چوندو آهيان ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ۽ وڌاءُ ڪونهي ته اُهي ٽئي باڊهه جا شاعر پنھنجي دور جا برجستا شاعر رهيا آهن. شيخ اياز چيو ته، ”شاعري جا روح کي گرمائي نه ٿي سا منزل مقصود کي پائي نـٿي“ ۽ هنن شاعرن جي شاعريءَ ۾ منزلون ماڻڻ ۽ منزلِ مقصود کي پائڻ جي سَگَهه موجود آهي. هنن جي شاعريءَ ۾ جيڪو لفظن جو فلسفو سمايل آهي، اهو ئي سندن مڃتا جو معراج آهي.
    باڊهه ۾ هنن جي همعصر ٻيا به شاعر موجود هيا پر اُهي مڃتا جو اهڙو معراج ماڻي نه سگهيا، جيڪو مڃتا جو معراج انهن شاعرن ماڻي ورتو. توهان ڪٿي به ۽ ڪھڙي به سنڌ جي خطي ۾ وڃو اُتي جڏهن باڊهه جو ذڪر نڪرندو ته باڊهه جي ذڪر سان گڏ هنن خوبصورت شاعرن جو به ذڪر ضرور نڪرندو. هنن جي ذڪر کانسواءِ باڊهه جي تاريخ ڄڻ ته اڌوري ۽ اڻپوري هوندي. هنن جي ذڪر کانسواءِ باڊهه جي خوبصورتي به ميري نظر ايندي. هنن جي ذڪر کانسواءِ باڊهه لڇندي ۽ تڙپندي. جتي هيءُ شاعر باڊهه جي سڃاڻپ آهن، اُتي باڊهه جي خوبصورتي به رهيا آهن، اهڙي خوبصورتي جنھن ۾ ڪيترائي رنگ رهيا آهن ۽ هر رنگ جي پنھنجي خوشبوءِ آهي ۽ هر رنگ ۾ پنھنجو مزو ۽ پنھنجو انداز آهي. منھنجي اُها دلي خواهش رهي آهي ته باڊهه جا ماڻهو به انهن رنگن ۾ پاڻ کي رنگي باڊهه جي ان خوبصورتي وڃائڻ بدران قائم رکن.
    مان هڪ اديب ۽ ليکڪ جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهميو ڦريو آهيان. پنھنجو تعارف ڪرائڻ سان جڏهن پاڻ کي باڊهه جو سڏائيندو آهيان ته انهن جي اڳيان اُهو سوال ڪر کڻي بيھندو آهي ته اها باڊهه جتي شيرل، شاهن ۽ غمزده جھڙا برجستا شاعر آهن. جيڪڏهن اُهي شاعر باڊهه جا نه هجن هان، انهن شاعرن پنھنجي شاعري ذريعي باڊهه کي پنھنجي اهڙي تاريخي ۽ ادبي سڃاڻپ نه ڏين هان ته اڄ باڊهه کي ايئن سٺن لفظن ۾به ياد نه ڪيو وڃي هان.
    غمزده سومرو جو اصل نالو ارباب علي هو، جڏهن ته ”غمزده“ سندس تخلص هو. 1941ع ۾ باڊهه شھر جي اڳوڻي ريواچنڊ ۽ هاڻوڪي درگاهه پاڙي ۾ جنم ورتو ۽ 4-اپريل 1976ع ۾ اکيون بند ڪري هميشه لاءِ تاريخي ۽ ادبي سڃاڻپ ڏئي ويو. هُو اڄ به پنھنجي شاعري ذريعي زندھ آهي ۽ زندھ رهندو ۽ موت اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به تخليقڪار کي موت ڏئي نه سگهيو. هُو سدائين پنھنجي تخليقن ذريعي زندھ رهيو آهي. جڳ مشھور مفڪر ڪارل مارڪس کي پنھنجي نوڪرياڻيءَ انتھائي پريشانيءَ واري حالت ۾ اچي ٻڌايو ته ”توهان جو پٽ سڪرات جي حالت ۾ آهي، ان جو ترت علاج نه ٿيو ته هُو مري ويندو.“ مارڪس بنا ڪنھن پريشانيءَ جي کيس چيو ته، ”مرڻ ڏيوس، آءٌ هن وقت اهڙي پٽ کي جنم ڏئي رهيو آهيان جيڪو ڪڏهن به مري نٿو سگهي“. مارڪس جو اشارو پنھنجي تخليق ڏانھن هيو جيڪو هُو ان وقت لکي رهيو هو. مارڪس جو اُهو پٽ مري ويو. پر مارڪس مري وڃڻ جي باوجود به پنھنجي لکڻين ذريعي زندھ آهي ۽ هميشه زندھ رهندو.
    غمزده پنھنجي لکڻ جي شروعات ننڍي وهيءَ ۾ عشقيه ڪلام سان ڪئي. پوءِ اڳتي هلي قصيده، مولود، نعت ۽ نوحه وغيره لکڻ شروع ڪيا. هن ته ٻي به ڪافي شاعري ڪئي پرهن جي جيڪا سڃاڻپ رهي اها گهڻي ڀاڱي قصيده گو جي حوالي سان رهي. مون هن کي ڪڏهن ڏٺو ته ڪونه هو پر ان بابت ٻڌو ضرور آهي ته هُو پنھنجي تخلص ”غمزده“ جيان سدائين غمگين ۽ اداس رهندو هو. اها غمگيني ۽ اداسي هن جي چھري تي ڪڏهن به ظاهر نه ٿيندي هئي. ظاهر ۾ هو سدائين خوش ۽ کلمک رهندو هو. پر اندر ۾ غمگينيءَ جا ڪيترائي اڻ ڳڻيا داستان هئا، هونئن به ڏٺو وڃي ته تخلص جو اثر ماڻهوءَ تي ضروري پوندو آهي. امير تخلص وارا مون انتھائي غريب ۽ ڏتڙيل ڏٺا ۽ مون آزاد تخلص وارا مسئلن ۾ جڪڙيل ۽ قيد ڏٺا.
    غمزده ايتري شاعري ته ضروري ڪئي هوندي جو سندس شاعري ڪتابي صورت ۾ اڄ اسان جي سامهون هجي هان پر غريب ۽ مسڪين لڏي سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري ڪوبه ڪتاب ڇپائي نه سگهيو. جڏهن ته سندس منشيءَ واري نوڪري به هئي. پر اها نوڪري سندس گهر جي خرچ ۾ ئي پوري ٿي ويندي هئي. اها ناڪي منشي واري نوڪري به هن وٽ گهڻو ٽڪي نه سگهي. الائي ڪھڙي سبب جي ڪري سندس اها نوڪري به ختم ڪئي وئي. نوڪري ختم ٿيڻ کانپوءِ هُو ڏاڍي تنگدستيءَ واري زندگي گذاريندو هو. خوددار ايڏو هوندو هو جو بيماريءَ جي بستري تي جڏهن پيل رهيو ته ڪنھن جي آڏو هٿ ٽنگڻ بجاءِ موت کي اهميت ڏيڻ پسند ڪندو هو.”اهڙا تمام ٿورڙا ماڻهو هوند آهن جن جو ذهن ۽ ضمير مُئل نه هجي ۽ پنھنجي خودداريءَ کي نقصان نه پھچايو هجي.“ هُو غريب ته برابر هو پر ذهن ۽ دل جو امير هو. هن جي سوچ امير هئي تڏهن ته شاعريءَ جي ميراث باڊهه واسين ۽ پنھنجي پونئرن لاءِ ڇڏي ويو. سندس پونئر هاڻي مڇي مانيءَ جي لائق آهن. انهن تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هُو غمزده جي ادبي پورهئي کي زيان ڪرڻ بجاءِ ڪتابي صورت ۾ آڻن.
    غمزده فقير جي سڃاڻپ قصيده گو شاعر جي حوالي سان ته آهي پر ڪافي عشقيه شاعري به ڪئي اٿس ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي گيت ئي آهن جيڪي مختلف فنڪارن پڻ ڳايا آهن. هن جي گيتن ۾ جيڪو عوامي رنگ ۽ جيڪا عوامي ٻولي آهي، ان رنگ ۽ ٻوليءَ غمزده کي عوامي شاعر جي سڃاڻپ بخشي، منھنجي نظر ۾ اهو ئي وڏو ۽ عوامي شاعر آهي.
    منھن تي نه تون نقاب ڏي دلبر خدا جي واسطي،
    ديدار ڪو ڪراءِ، وري ٻيھر خدا جي واسطي.
    **
    گهڻي وقت کان دلبر تنھنجو انتظار آ،
    خدا جو قسم توسان منھنجو پيار آ.
    تون ياد اچين جڏهن روئان ٿو رات مٺا ساري،
    تنھنجي محبت ۾ مون پنھنجي جان سڄي ڳاري،
    تنھنجي ڏسڻ لئه منھنجي دل بيقرار آ.
    **
    جهليو چڪور کي ته چنڊ سان نه پيار ڪري،
    پتنگ شمع ٿي پيو جان کي نثار ڪري.
    مون سندس گيت مان ڪجهه شعر ڏنا آهن، هن جي هر گيت جو داستان سگهارو ۽ دل جي ڌڙڪن جھڙو آهي. سندس گيتن ۾ موسيقي ۽ رڌم به آهي ته پيار محبت، عشق ۽ وڇوڙا به آهن ته پرينءَ ان ملڻ جون ڳالهيون به آهن ته پرين جا نخرا، ناز، ماڻا انگل ۽ آٽا به آهن.
    شاعر نه رڳو ٻولين جا محافظ ۽ وارث هوندا آهن پر شاعر ٻوليءَ کي جنم به ڏيندا آهن، غمزده جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو ته هُو ڪيڏو نه سٺو ۽ برجستو شاعر آهي. ڪنھن فيلسوف لکيو هو ته،”جنھن دل ۾ رحم ۽ پيار نه آهي اهو قاتل ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو. پر شاعر نٿو ٿي سگهي. غمزده جي دل ۾ رحم به هيو ته پيار به هيو. ان ڪري ئي هو نه رڳو شاعر آهي پر سٺو شاعر آهي ۽ شاعر محبتون ڏيندا ۽ محبتون ورهائيندا آهن.
    ويهه ڀرسان پيار ڪري، واهه جو دلڙي منھنجي ٺري،
    پنھنجي هٿن سان دلبر جا ذلف ڪيان مان پري.
    ڀلي خنجر مون تي وهائي ٻي ڪنھن جي مون کي پرواهه نه آ،
    غمزده تي قرب ڪري، ڳڻتين ۾ ٿي جان ڳري.
    **
    شھر باڊهه ۾ سھڻو صنم ياد اچي ٿو ذري ذري،
    هُو پاڻ اچي يا گهرائي، ٻي ڪنھن جي پرواهه نه ڪري.
    غمزده کي جتي پنھنجي محبوب سان پيار ۽ عشق آهي، اُتي هن کي پنجتن پاڪ سان به پيار ۽ عشق آهي، هن پنھنجي شاعري ۾ به پنجتن پاڪ کي گهڻو ڳايو آهي.
    ڪُل انبياءَ جو رهبر مولا علي آ،
    حد مصطفى جو دلبر مُولا علي آ.
    حيدر ٽڪيٽ ڏيندو پوءِ پلصراط ٽپبي،
    پياريندو جام ڪوثر مولا علي آ.
    **
    تو آ ڪيو اسلام تي احسان يا حسين،
    آل نبي ابن علي سلطان يا حسين.
    ڪون و مڪان ۾ ٿي وئي شھرت حسن جي،
    مقبول ٿي جھان ۾ شھادت حسين جي،
    راهه خدا ٿي وئي قربان يا حسين.
    سچ پچ ته غمزده جھڙا شاعر ڌرتي، قوم، ٻولي ۽ لوليءَ جي سڃاڻپ هوندا آهن. مان باڊهه واسين ۽ غمزده جي پوئيرن کي نماڻي گذارش ڪندس ته هُو غمزده جھڙي عوامي ۽ ڀلوڙ شاعر جي ادبي پورهئي کي زيان ڪرڻ بجاءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪن ته جيئن سندس ادبي پورهيو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.


    ڳجھارت بڻجي ويل شان جو قتل

    منھنجي انتھائي پياري دوست ۽ نظم جي اَلبيلي شاعر علي ”آزاد“ سان جڏهن به منھنجي ڪچھري ٿي آهي ته هُو هر ڪچھري ۾ڳالهه ڳالهه تي رحمت الله ماڃوٺي ۽ شان ڏهر جو ذڪر نه ڪري ته هن کي قرار ئي نه اچي. اهڙي ڪابه ڪچھري مون کي ياد ناهي جيڪا عليءَ مونسان ڪئي هجي ۽ ان ڪچھريءَ ۾ رحمت ۽ شان جو ذڪر شامل نه هجي. عليءَ جي خواهش هئي ته مان رحمت ۽ شان سان ملاقات ڪريان. رحمت سان ته اڃا تائين منھنجي ملاقات نه ٿي سگهي آهي، باقي شان سان پنھنجي ملاقات صرف هڪ ئي ڀيرو ٿي سگهي. اها به تڏهن جڏهن باڊهه سوشل فورم پاران پنج سيپٽمبر تي باڊهه ۾ استادن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان تعليمي سيمينار ڪرايو. مون کي به ان سيمينار جي دعوت مليل هئي. مان ۽ منھنجو صحافي دوست هاشم چانڊيو جيئن ئي پروگرام اندر داخل ٿياسين ته سمورو پنڊال ماڻهن سان ڀريل هيو، جيئن شھر کان ڳوٺ ويندڙ آخري بس ماڻهن سان ڀريل هوندي آهي. اسان ٻنهي کي ويهڻ لاءِ ڪٿي به ڪا جڳهه نه پئي سُجهي جتي هلي ويھجي. اسان ويهڻ لاءِ هيڏي هوڏي لنوڙا هڻي رهيا هئاسين ته پئنٽ شرٽ سان پنڊال ۾ بيٺل همراهه اسان کي پاڻ ڏانھن سڏ ڪندي اڳيان ٻن ننڍڙن ڇوڪرن کي اُٿاري انهن ڪرسين تي اسان کي ويھاري ۽ پوءِ پاڻ وري ليڊيز پاسي کان ڪرسيءَ تي ويھي رهيو ۽ ان پاسي ڪنھن به مرد ۽ آواره ڇوڪري کي نه پيو ڇڏي ۽ صحافي دوستن کانسواءِ نه ئي وري ڪنھن ٻئي کي فوٽوڪڍڻ جي اجازت پيو ڏي. هن ياروارو اهو عمل مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ مون پنھنجي صحافي دوست هاشم چانڊيو کان پڇيو ته ”يار هيءُ همراهه ڪير آهي؟ جيڪو ليڊيز واري پاسي ڪنھن به مرد کي نٿو ڇڏي ۽ نه ئي اُتي بيھڻ جي ڪنھن کي اجازت ٿو ڏئي.“ هاشم مرڪندي چيو،”تون هن کي نٿو سڃاڻين ته هي همراهه ڪير آهي....!؟“ چيم ”نه يار مان هن کي نٿو سڃاڻان ۽ نه ئي وري ڪڏهن هن کي ڏٺو به آهي؟“
    چيائين،”باڊهه جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ صحافت طور مڃيل ۽ جبل جيڏي سڃاڻپ رکندڙ شخص کي تون نٿو سڃاڻين ته پوءِ تون اديب ۽ صحافي ڪھڙو آهين....!؟ جو پنھنجن ماڻهن کي ئي نٿو سڃاڻين....!؟
    چيم ”ڇڏ يار ڊيگهه کي ٻڌاءِ کڻي ته هي همراهه ڪير آهي...!؟“
    چيائين،”ڀلا شان ڏهر جو نالو ٻڌل اٿئي؟“
    چيم،”ها يار شان ڏهر جو نه رڳو نالو ٻڌل آهي پر اهو نالو منھنجي نس نس ۾ رت جي قطرن جيان سمايل به آهي. عليءَ مون سان شان جو ايترو ته ذڪر ڪيو آهي جو شان جو نالو منھنجي ذهن ۾ ايئن نقش ٿيل آهي جيئن سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۾ سنڌ جو نعرو نقش ٿيل آهي ۽ سندس ملڻ لاءِ دل بيتاب ۽ بيقرار رهي آهي.“
    چيائين،”ته پوءِ اڄ تنھنجي دل جي بيتابي ۽ بيقراري کن پل ۾ دور ٿو ڪريان.“
    چيم،”اهو وري ڪيئن؟“
    چيائين،”جنھن لاءِ تون ۽ تنھنجي دل ملڻ ۽ ڏسڻ لاءِ بيتاب آهي، اهو ئي شان ڏهر اٿئي.“
    شان جونالو ٻڌڻ سان منھنجي مُک تي مرڪون رقص ڪرڻ لڳيون ۽ جسم خوشيءَ مان ڪنول جي گلن جيان ٽـڙي پيو ۽ منھنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي، مان اُٿي وڃي ساڻس هٿ ملايو ته هن ڪرسيءَ تان ٿورڙو هوائي اٿي مون کي هٿ ڏئي ويهي رهيو ۽ باڊهه سوشل فورم پاران ڇپيل مئگزين (جرس) جا پنا اٿلائڻ لڳو. مون کيس ٻيھر ڪُلهي تي هٿ هڻندي چيو،”شان سائين مون کي وفا صالح راڄپر چوندا آهن.“ منھنجي نانءَ ٻڌڻ تي ڄڻ ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو، رسالو بند ڪري ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اُٿي پيو. پنھنجون ٻئي ٻانهون منھنجي ڳچيءَ ۾ مارن جيئن وجهندي مون کي اهڙو ته ڀاڪر ۾ ڀريائين ڄڻ ته مان هن جو وڇڙيل محبوب هجان ۽ ڪي پل مون کي پنھنجي پيار ڀرئي ڀاڪر ۾ قيد ڪري ڇڏيائين. جڏهن مون کي پنھنجي پيار ڀرئي ڀاڪر جي قيد مان آزاد ڪيائين ته پڇڻ لڳو وفا! ڪيئن آهين؟ خوش آهين؟ تنھنجو نالو ۽ تنھنجو ذڪر مون ڪافي دوستن کان ٻڌو آهي، دوست تنھنجو نانءُ احترام سان ۽ تنھنجو ذڪر انتھائي پيار سان ڪندا آهن. ڏاڍو سٺو ٿيو جو اڄ اچانڪ توسان ملاقات ٿي وئي، توسان هيءَ اچانڪ ملاقات مون لاءِ سرپرائيز ۽ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ڪونهي. مان اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي ۾ ئي رهان ٿو، ڪڏهن لاڙڪاڻي اچو ته ڪچھري ڪيون ۽ چانهه جيڪا پيالي به پيئون.
    شان جي پيار ڀرئي لھجي ۽ ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺڙي آواز منھنجي دل ۾ پيار جي ندي جوڙي ورتي. شان جي ڳالهين ۽ شان جي ڀاڪر جي خوشبوءِ اڄ به منھنجي من ۾ تازي گل جھڙي آهي. هُو مون کي پنھنجي نالي شان جيان شان ۽ مان وارو لڳو.
    شان ڏهر سان منھنجي اُها پھرين ۽ آخري ملاقات هئي. انهيءَ وچ ۾ منھنجو ڪڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ نه ٿيو جو مان شان جھڙي پياري ۽ محبتي ماڻهوءَ سان گڏجي چانهه جون چسڪيون ڀري سگهان ۽ ان سان ڪي پل ڪچھريون ڪري پنھنجي يادگيرن جي البم ۽ هميشه لاءِ سانڍي محفوظ ڪري سگهان. مان ڀل شان کي وساري ڇڏيان، پر هن پھرين ملاقات ۾ جيڪا پيار جي برسات وسائي پنھنجائپ جو احساس ڏنو اهو مون کان ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. سندس ڏنل پيار ۾ اهڙي ته شڪتي هئي، اهڙو ته سحر هيو جو گهٽجڻ بجاءِ ڏينھون ڏينھن وڌندو ٿو وڃي. خوشنصيب آهن علي آزاد سميت شان جا اُهي دوست جيڪي شان جي پيار ۽ محبتن جي ڇانوري هيٺ رهيا. علي آزاد، شان ڏهر بابت جيڪي مون سان ڳالهيون ڪندو هيو، شان انهن کان اڃا گهڻو مٿڀرو هيو. شان جي پيار ۽ محبت جي ڇانوري جون ڳالهيون ڪندي علي آزاد اڃا الائي ڇو ڪنجوسائپ جو مظاهرو ڪيو هو. اها سُڌ مون کي شان سان ملڻ ۽ ان جي محبت جي وڻ هيٺان ڪي پل ويهڻ کانپوءِ پئي.
    جڏهن نئين سال جو سج ڌرتيءَ تي پنھنجي اچڻ لاءِ روشنيءَ جا تازا تازا ڪرڻا ڦھلائي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڏئي رهيو هو، ٺيڪ ان وقت ڪنھن دوست ميسيج ڪري ٻڌايوته نئين سال جي سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي شان ڏهر جھڙو پيار ڪندڙ دوست کسي ورتو آهي. دوست جي اهڙي مسيج نئين سال جي خوشيءَ کي غم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ نئين سال جون دوستن کي مبارڪون ڏيڻ بجاءِ پنھنجي دل ۾ شان جي وڇوڙي جو تڏو وڇائي ڇڏيو. شان جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ علي آزاد کي فون ڪيم. پر سواءِ عليءَ جي روئڻ، پٽڻ ۽ سڏڪن جي ٻيو مون کي ڪجهه به معلوم نه ٿيو. مون کي ان وقت علي آزاد جي ڪيفيت ۽ ڪنھن يتيم ٻار جي ڪيفيت ۾ ڪوبه فرق نظر نه آيو. شان کانپوءِ نه رڳو علي پر سڀئي دوست مون کي ڏکارا ۽ يتيم نظر آيا، ڇاڪاڻ ته شان سدائين دوستن کي محبتون ڏنيون ۽ هن جي محبت سمورن دوستن لاءِ ٿڌي ڇانوَ مثل هئي.
    هڪ ٻئي دوست وٽان خبر پئي ته شان ڏهر نئين سال جون خوشيون پنھنجي گهر ڀاتين سان گڏجي ملهائڻ لاءِ هُو 31-ڊسمبر واري شام تي لاڙڪاڻي کان باڊهه آيل هيو، رات دير تائين پنھنجي ٻن نياڻين عاليه ۽ راڻي سان خوب ڪچھري ڪري انهن کي ڀاڪر ۽ بوسا ڏئي بستري تي سمهاري شھر ڏانهن نڪري ويو. کيس ڪنھن فون تي ٻڌايو ته فلاڻي ميڊيڪل اسٽور تي سرڪاري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن، هُو پنھنجي صحافتي ذميواري نڀائڻ لاءِ ان اسٽور تي پھچي ان اسٽور مالڪ کان سرڪاري دوائن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ته پٺيءَ پويان کيس ڪنھن گولي هڻي ڇڏي.
    شان ڏهر هڪ بيباڪ صحافي، اديب، شاعر، سماج سڌارڪ، کرو ۽ سچو ماڻهو هيو. هُو ڪوڙ جو دشمن ۽ سچ جو ساٿي هو، هن جي قلم سدائين مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو ساٿ ڏنو ۽ اهڙا ماڻهو تمام ٿورڙا هوندا آهن. شان جو جنم ڀومي ڳوٺ ننڍو بوٿرو آهي، جيڪو تعلقي ميھڙ ضلعي دادوءَ ۾ آهي. انهيءَ ڳوٺ مان لڏي اچي باڊهه رهيو. باڊهه اچي هن پنھنجي ڪم جي شروعات شيعه تنظيم اصغريه سان ڪئي. ان کانپوءِ هن باڊهه ۾ شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو نئين سري سان بنياد وڌو. اُتي هن جي دوستي اصغر سنڌي ۽ عادل عباسيءَ جھڙن ساڃاهه وند ۽ ادب دوستن سان ٿي. ذاڪر حسين ڏهر مان هن کي شان ڏهر بنائڻ ۾ اصغر سنڌي ۽ عادل عباسيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت کانپوءِ هُو وري صحافتي دنيا ڏانھن هليو ويو. هن سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن اخبارن ۾ ڪم ڪيو. صحافت دوران هن ڪراچي ۾ رهندي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ به سٺو ڪم ڪيو. شان ڏهر هڪ سٺي صحافي هجڻ سان گڏوگڏ هُو هڪ سٺو شاعر به هيو. سندس شاعريءَ وارو پاسو به انتھائي سگهارو آهي. مون کي هن جو هڪ نظم ياد ٿو اچي.
    او امان!
    آسمان نه ڏس.
    جنگي جھازن مان،
    بم ڪرندا آهن، بصر نه.
    جو ماڻهو مُڪَ هڻي مانيءَ سان کائي وڃي.
    هن پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو صحافت ڪندي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گذاريو. پڇاڙيءَ وارا ڏينھن هن لاڙڪاڻي ۾ پئي گذاريا ۽ هن جي رهائش هاڻي لاڙڪاڻي ۾ هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ اردو چئنل ”اَب تک“ جو بيورو چيف هيو.
    شان ڏهر باڊهه/ سنڌ جو اهو شھيد صحافي آهي، جنھن کي هر پڙهيو لکيو ۽ ساڃاهوند ماڻهو عزت ۽ احترام سان يادڪري ٿو ۽ شان کي ياد ڪرڻ وقت سندن اکين جون پنبڻيون هر وقت آليون رهن ٿيون. هُو هر ڪنھن سان پيار ڪندڙ شخص هيو. سندس وجود ۾ پيار جو سمنڊ سمايل هيو ۽ سندس زبان تي به پيار جي ٻولي پئي بکجندي هئي.هن پنھنجي سڄي زندگي سماجي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ گذاري. مون هن جون اکيون پڙهي ورتيون هيون. هُو کاهوڙي ۽ جاکوڙي شخص هو، جنھن لاءِ ڀٽائيءَ چيو ته:
    کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهن،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
    شان جي شخصيت تي، هن جي ڪم تي ۽ هن جي زندگيءَ تي ڪالم ۽ مضمون ته ڇا پر ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، هو هڪ فرد نه پر هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هيو.
    هاڻي ڏسڻو ۽ سوچڻو اهو آهي ته شان جھڙي بيباڪ صحافي، شاعر، سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي ماڻهوءَ جي قتل جو داد فرياد به ٿيندو يا نه....!؟ هن جي قاتلن کي سزا به ملندي يا نه....!؟ ڏسجي ته سنڌ اندر جيڪي به صحافي دوست پنھنجي صحافتي ذميواري نڀائيندي قتل ٿي ويا آهن يا قتل ڪيا ويا آهن، سواءِ شھيد لفظ ملڻ جي ٻيو انهن لاءِ ڪجهه به نه ٿيو آهي. نه انهن جا ڪڏهن قاتل گرفتار ٿيا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي سزا ڏني وئي آهي. منھنجي نظر ۾ شان ڏهر جو قاتل گولي هڻڻ واري سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي اسپتال جو اُهو ڊاڪٽر به آهي، جيڪو پنھنجي ڊيوٽي هوندي به گهر ۾ آرام سان سڪون جي ننڊ ستو پيو هو. گولي لڳڻ کانپوءِ به شان ڏهر ڪيترائي ڪلاڪ زندھ هيو، جيڪڏهن ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تي موجود هجي هان ته شايد شان جي زندگي بچائي سگهجي ها. وڏي عرصي گذرڻ باوجود به پوليس اڃا تائين اصل قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس جي شان ڏهر ڪيس ۾ جيڪا دلچسپي مون کي نظر اچي ٿي، ان مان لڳي ٿو ته شان ڏهر جو قتل هميشه لاءِ ڳجهارت بڻجي ويندو.


    ڪيرُ اسان جي سُپرين لهندو سارَ

    لکڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هوندو آهي. ان جو اندازو توهان ڪنھن لکيڪ کان پڇي سگهو ٿا، پر اهو ڏکيو ڪم ان وقت آسان ٿي پوندو آهي، جڏهن ڪنھن جي مٿان دردن، تڪليفن، ڀوڳنائن ۽ اذيتن جا ڳرا پھاڙ ۽ جبل ڪري پوندا آهن، جنھن جي دل شيشي جيان ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويندي آهي. ڪنھن جي اندر مان خوشيون ڪنھن پکيءَ جيان اُڏري وينديون آهن. جنھن جو جيون سراپا زهر بڻجي ويندو آهي، جنھن جي مٿي تان پيار ، محبت ۽ شفقت وارو هٿ کڄي ويندو آهي. جنھن جو اندر اڌو اڌ ٿي ڀترن جيان ڀُري پوندو آهي، جنھن جو ساجن ڪنھن کان هميشه لاءِ دور ٿي ويندو آهي. جنھن کان جيئڻ جو سھارو ۽ جيئڻ جي سگهه کجسي ويندي آهي. جنھن جي بھار جھڙي جيون ۾ خزان جي موسم اچي ويندي آهي. انهن سمورن ڪيفيتن ۽ مرحلن مان، آءٌ گذري چڪو آهيان ۽ اڃا به گذران پيو.
    پنھنجي وڏي ڀاءُ الله بخش جي اچانڪ وڇڙي وڃڻ کانپوءِ دکن، دردن، تڪليفن ۽ اذيتن ڪا جهوپڙي نه پر اچي محل اڏيو ۽ انهيءَ محل ۾ پَل پَل جي رهيو آهيان ۽ پَل پَل مري رهيو آهيان، پنھنجي هن نظم جيان ته:
    مان،
    زندگي ۽ موت جي درميان،
    ٽياس تي ٽنگيل آهيان.
    ان سمي،
    نه مون کي،
    زندگي ٿي پنھنجو ڪري
    ۽ نه موت.
    اسان جو ڀاءُ جيڪو اسان جو ڀاءُ نه پر اسان جو مسيحا هو. اسان ٻنهي ننڍن ڀائرن رجب ۽ منھنجو سھارو هيو نه رڳو سھارو هيو پر هُو اسان ٻنهي ڀائرن جو حقيقي عاشق هيو ۽ عاشق به اهڙو جنھن لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي ته:
    نھائينءَ کان نينھُن، سِکُ منھنجا سپرين،
    سَڙي سارو ڏينھن، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.
    هيءُ اهڙو سچو عاشق هيو جو هن ڪڏهن به پنھنجي معشوقن کي ڪو ڏکيو وقت، ڪا ڏکي گهڙي، ڪا ڏکي مھل ڪونه ڏيکاري. هن پاڻ کي ڏکيو رکي به پاڻ کي پنھنجي وزن کان مٿي تڪليف ڏئي به پنھنجي معشوقن کي سکيو رکيو ۽ اسين وري ان جا معشوق اَنا پرست، لاغرض ۽ بي پرواهه هوندا هئاسين. اسين پنھنجي عاشق جي صحبت جو قدر ڪڏهن به نه ڪيوسين ۽ ان ۾ اسان جو ڪوبه دوش ڪونهي. اسان معشوق هئاسين ۽ معشوق ذات هونئن به ازل ۽ اصل کان بيوفا رهي آهي. ڪنھن شاعر اسان جھڙن انا پرست، لاغرض ۽ بي پرواهن ۽ بي وفا معشوقن لاءِ هيئن چيو آهي:
    الله عاشقن جي ٻيلي خلقي ڪھڙي ذات،
    هڪڙا ويهن واٽن تي ٻيا جاڳن ساري رات،
    معشوق بي وفا ذات، نينھن لائي ننڊون ڪن.
    اسان جي گهر دير سان موٽڻ جي ڪري، يا ڪٿي اسان ڪنھن دوست وٽ بغير گهر ڏي اطلاع ڪرڻ جي رات رهي پوندا هئاسين ته پوءِ اسان جو هيءُ عاشق اسان جي انتظار ۾ واٽن تي ويھندو هيو. جڏهن اسان گهر نه موٽندا هئاسين ته پوءِ اها رات جاڳي گذاريندو هيو. مان چوندو آهيان ته شال خدا ڪنھن معشوق کي اهڙي عاشق کان محروم نه ڪري، جيڪو پنھنجي معشوقن جا سمورا درد کڻي پنھنجي حصي ۾ رکي ۽ پنھنجون سموريون خوشيون پنھنجي معشوقن جي حصي ۾ رکي.
    يا خدا! تو سان ٻن معشوقن رجب ۽ مون کي اهڙي عاشق کان محروم رکيو آهي. اسان ٻنهي معشوقن کان بھادر، مخلص ۽ محبتي عاشق کسي ورتو آهي. يا خدا! تو ايئن ڇو ۽ ڇالاءِ ڪيو....!؟ يا خدا! تو ته پنھنجي محبوب مصطفى سان اهو وچن ڪيو هو ته مان تنھنجي اُمت مٿان ڪڏهن به مصيبتن جا پھاڙ ڪونه ڪيرائيندس ۽ نه ئي وري ڪڏهن انهن مٿان ڪا مصيبت آڻيندس. ان جي باوجود به تو اسان جي مٿان مصيبتن ۽ آفتن جا پھاڙ ڇو ڪيرايا آهن؟ ڪاش! توکان به ڪوئي پڇا ڪري ته تو اسان ٻن معشوقن کان پنھنجو عاشق ڇو کسيو آهي...!؟ تو اسان کان بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جھڙو ڇانورو ڇو کسيو آهي؟ پر تون ته بي پرواهه آهين. تون ته سڀني جو مالڪ آهين! تو کان ڪير ٿو پڇاڻو ڪري سگهي؟ تو اڳيان ڪنھن کي به همت ۽ طاقت ڪونهي جو توکان پڇاڻو ڪري. يا خدا! اسان جي يتيمي ۽ خزان بڻيل جيون تي من ڪا رحم جي نظر ڪر ۽ تون ئي هاڻ اسان جي مٿان شفقت ۽ پيار ڀريو هٿ رک ۽ اسان کي آٿت ۽ سھارو ڏي.
    انهيءَ عاشق جي ٽن سالن جي ننڍڙي صدف پنھنجي پتڪڙن آڱرين سان تسبيح جي داڻن کي سوريندي ۽ پنھنجي پتڪڙن هٿن سان توکان دعا گهري آهي. اها ٽن سالن جي ننڍڙي صدف جڏهن پنھنجي پتڪڙا هٿ کڻي ۽ اکيون آليون ڪري آسمان ڏانھن منھن ڪري دعا گهرندي آهي ته ان وقت سموري گهر جو منظر قيامت جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ گهر جا سمورا فرد پنھنجي لڙڪ روڪي نه سگهندا آهن. اسان جي عاشق ڀاءُ پنجن سالن جو پٽ ڪاشف (جنھن کي پيار مان سڀ ڪاشي چوندا آهيون) هر هر اسان کان پنھنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ پڇي رهيو آهي ته،”چاچو! منھنجو ابو ڪاڏي ويو آهي...!؟، چاچو! منھنجو ابو ڪڏهن ايندو....!؟ چاچو ابو کي وٺي اچ ته توکي ۽ مونکي ميلي جي خرچي به ڏي ۽ عيد لاءِ اسان سڀني گهر ڀاتين کي نوان ڪپڙا به وٺي ڏي. وڃ چاچو ابوءَ کي وٺي آڻي ڏي مون کي ابوءَ جي سڪ ۽ تانگهه مون کي ويهڻ نه ٿي ڏي. تون جڏهن گهر کان ڪاوڙجي ويندو آهين ۽ گهر نه ايندو آهين ته توکي ابو پرچائي وٺي ايندو آهي ۽ هاڻي ابو اسان کان ڪاوڙجي ويو آهي، تون وڃ ابوءَ کي وٺي اچ! وڃ چاچو وڃ ابوءَ کي پرچائي وٺي اچ.“ پر هن معصوم ٻار کي ڪير سمجهائي ته تنھنجو ابو هاڻي ڪڏهن به واپس نٿو اچي سگهي.
    ڀائو تون ته اسان جو عاشق هئين، تون ته پنھنجي معشوقن تي ترس ۽ رحم کائين ها. تون ته عاشقن کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃين ها. تون ته رب ڪريم کي چوين ها، اي پنھنجا ڪريم رب تون رحمت العالمين آهين،تون ته ٻاجهارو آهين، تون ته رحيم ۽ ڪريم آهين، پنھنجي رحمتن جي صديق ڪجهه سال ته مون کي پنھنجن کان جدا نه ڪر. منھنجا معشوق اڃا ٻار آهن، انهن اڃا پنھنجا پيرئي ڪونه کوڙيا آهن، منھنجا معشوق مون کان سواءِ ڪيئن رهندا....!؟ مون کان سواءِ ڪيئن جيئندا....!؟ مون کان پوءِ منھنجي ڀائرن جا انگل ڪير پورا ڪندو...؟ مون کان پوءِ منھنجي هنن معشوقن جو سھارو ڪير بڻبو...!؟ مون کانپوءِ انهن کي آٿت ۽ پيار ڪير ڏيندو....!؟ نه مٽ مائٽ، نه سئوٽ، نه چاچا ۽ نه ئي ماما انهن جو هر رشتو مون سان جڙيل هيو ۽ مان ئي هنن جو سڀ ڪجهه هيس.
    ڀائو! سچ پچ توکان پوءِ اسان يتيم ٿي ويا آهيون، اسان اُجڙي ويا آهيون. اسان ڪک پن جيان وکري ويا آهيون. توکان پوءِ جيون ۾ ڪڏهن به بھار جي موسم ڪونه ڏٺي آهي. جيون ۾ رڳو خزان جي موسم ڇانيل ٿي رهي. ننڍي هوندي بابا جي وڇوڙي کانپوءِ يتيميءَ جو احساس ان ڪري نه ٿيو هيو جو تو هڪ ڀاءُ جي فرض نڀائڻ سان گڏ و گڏ پيءُ وارا فرض به ادا ڪيا هئا. اڄ تون ناهين ته يتيميءَ جو احساس ڪاريھر جيان ڪر کڻي ڏنگي، اڏوهيءَ جيان کائي ۽ چاقوءَ جيان ڪپي رهيو آهي.توکانپوءِ ڪير به اسان جو ڪونه رهيو آهي. ڪير به سھارو ڏيڻ وارو ڪونهي. تنھنجي وڇوڙي کانپوءِ احساس ٿيو آهي ته توکان سواءِ هت ٻيو ڪير به اسان جو ڪونهي. ڀائو! حقيقت ۾ نه سھي پر ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ اچي ڪري منھنجي مٿي تي پيار ۽ محبت جو هٿ ڦيري وڃ ته مون کي آٿت ملي پوندي ۽ جيئڻ جو سھارو ملي ويندو.
    گذريل ٻن سالن کان وٺي ڪنھن کي ڀائو ڪري سڏ ڪرڻ لاءِ سڏڪي ۽ سِسڪي رهيو آهيان ته ڀائو ڪنھن کي چوان. هت اهڙو ڪوبه ڪونهي جو تو جيترو پيار ڏئي سگهي. اسان جي پاڙي واري غلام حسين کي جڏهن ڪوئي ڀائو ڪري سڏ ڪندو آهي ته ان وقت اکين جا سمورا بند ڀڄي پوندا آهن، اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي اينديون آهن ۽ مان اوڇنگارون ڏئي ٻارن جيان روئي پوندو آهيان. دل چوندي آهي ته ماڻهن کي چوان ته جڏهن به توهان غلام حسين کي در تان سڏ ڪيو ته سندس نالي سان سڏ ڪيو ۽ ان ۾ ڀائو لفظ جو اضافو نه ڪيو. ڇو ته توهان جي ڀائو لفظ ڪري سڏڻ تي مون کي تڪليف ٿي ٿئي ۽ منھنجي دل سيني مان نڪري پيرن ۾ ڪري ٿي پوي ۽ پوءِ اکيون ڳوڙها نه پر رت ٿيون روئن.
    تنھنجي وڇوڙي کي هيءُ ٻيوسال پورو ٿي رهيو آهي. پر مون لاءِ اهو ٻيو سال اڃا اهو ساڳيو ٻه جنوري وارو ڏينھن آهي ۽ اهو ساڳيو وقت ۽ اهو ساڳيو شام جو پھر آهي جنھن ڏينھن اوهان جي مڙهه کي لاڙڪاڻي کان ڳوٺ، ايمبولينس ذريعي آندو ويو هو. انهيءَ ايمبولينس جو هارن جو آواز ۽ گهر جي آڳر تي پيل تنھنجو جسم ٻن سالن جي گذري وڃڻ کانپوءِ به وسريو ناهي ۽ شايد سڄي عمرتائين اهو منظر مان وساري به نه سگهان.
    جڏهن تنھنجا دوست اسان سان تنھنجي محبت ۽ تنھنجي پيار جو ذڪر ڪندا آهن ته مون کي پنھنجو پاڻ کان نفرت ۽ وحشت ٿيڻ لڳندي آهي ته مان تنھنجي محبت ۽ تنھنجي پيار کي سمجهي نه سگهيس. مُون ته صرف توهان کي عام ماڻهن جي ڀائرن جيان سمجهيو پر مون کي ڪھڙي خبر ته تو هميشه مون کي پنھنجي دل ۽ اکين ۾ لڪائي رکيو آهي، ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان ته:
    اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيھُه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
    تنھنجي وڇوڙي کانپوءِ پنھنجي حالت ان ٻيڙيءَ جيان آهي، جنھن جو ڪوبه ملاح ڪونهي. خبر ناهي ته اُها ٻيڙي ترندي رهندي يا ڪٿي ٻڏي ختم ٿي ويندي.ڪيترائي ڀيرا پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر اڃا تائين پاڻ سنڀالي نه سگهيو آهيان ۽ شايد سڄي عمر پاڻ کي سنڀالي نه سگهان .....!


    درد جو فلسفو شاعريءَ جو معراج آهي

    ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پيار، محبت ۽ عشق ڪنھن به رسمي تعارف کان مٿانهون ٿئي ٿو. سچي پيار ۽ محبت لاءِ ذاتي لڳ لاڳاپا ڪابه حيثيت نٿا رکن. پيار ته ٿڌڙي هير جي جهونڪن وانگر پرسڪون ٿئي ٿو.
    منٺار سولنگيءَ سان منھنجو اهرو ئي پيار، محبت، عشق ۽ تعلق آهي. جنھن ماڻهوءَ سان پيار، محبت ۽ عشق جھڙو تعلق هوندو آهي، اُهي ماڻهو ڏور هوندي به دل جي قريب قريب هوندا آهن. منٺار سولنگي ڏور هوندي به پنھنجي پھرين ۽ آخري محبت ۽ نفرت جيان سدائين منھنجي دل جي ڌڙڪن ۾ رهيو آهي. مڌر ٽريسا چيو ته، ”انسان کي اَنَ جي اڻاٺ نه پر محبتن جي ڏُڪر ماري ٿو.“ اهو بلڪل سچ آهي ته اسان کي انَ جي اڻاٺ کان وڌيڪ محبتن جو ڏڪر ماري رهيو آهي. هر ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪنھن نه ڪنھن لاءِ نفرتن جون اماڙيون ٻري رهيون آهن. پر اسان جي هن يار منٺار سولنگيءَ جي دل ۾دوستن لاءِ نفرتن جون اماڙيون نه پرمحبت جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر ايندو اٿم. هن جي دل ۾ دوستن لاءِ سدائين پيار ئي پيار رهيو آهي. هن ڪڏهن به ڪنھن دوست کي پيار ۽ محبت ڏيڻ ۾ ڪنجوسائپ جو مظاهرو به ناهي ڪيو. هن جنھن به دوست کي پيار ڏنو آهي ته ان کي پيار جهول ڀري ڏنو آهي، ايترو سارو پيار ڏيڻ جي باوجود به موٽ ۾ ڪڏهن به انهن دوستن کان پيار جي گهر به ناهي ڪئي. استاد بخاريءَ جي هنن سٽن جيان ته:
    پـيار ڏئي پوءِ پيار گُهرين ٿو، حيف ٿـَئي استاد،
    عاشق ناهين شايد آهين، يارَ! وڏو واپاري.
    منٺار سولنگي به واپاري هرگز ڪونهي، هُو واپاري نه پر سچو ۽ کرو عاشق هو ۽ اها عاشقي مُون هن جي بادامي جھڙن خوبصورت نيڻن مان پسبي آهي. ٻيا دوست منٺار جي پيار، محبت ۽ چاهتن جو سدائين قرضي رهيو آهيان. جيڪڏهن طور يا ماپ ڪجي ته مون وري پاسي کان وڌيڪ منٺار جي محبتن وارو پاسو وڌيڪ ڀاري ٿي ويندو. سچ پچ مون کي پنھنجي نانءَ جيان سدائين مَنَ ٺار لڳندو آهي. مان جڏهن ڪنھن به ڳالهه تان هن کان ڪاوڙجي ويندو هيس ۽ ڪاوڙ دوران هن جي فون اٽينڊ نه ڪندو هيس، هن کي خطن جا جواب نه ڏيندو هيس ۽ سندس ٿاڪ نئون ديرو ۾ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏيندو هيم ته هن جي نيڻن مان ننڊ جي ديوي اڏري ويندي هئي ۽ من ۾ بيقراري جو سمنڊ اُٿلي پوندو هيس. هُو تيستائين سک جو ساهه نه کڻندو هيو. جيستائين مون کي پرچائي پنھنجي ڇاتيءَ سان نه لائيندو هيو، پرچائڻ وقت پـيار مان ڏنل چميون جڏهن ياد اينديون آهن ته مون کي ان وقت منٺار لاءِ هي سٽون ياد اينديون آهن:
    هي سر هڪڙو پنۡھل کي، آڇيندي لَڄَ مَران،
    هُجَنِ سِرَ گَهڻا، ته واري واري وَڍيان.
    مان منٺار سان يا منٺار مون سان ايتري محبت ڇو ڪندو آهي؟ ان جي پاڻ ٻنهي کي ڪابه خبر ڪونهي. اسين ٻئي هڪ ئي وقت هڪ ٻئي جا عاشق به آهيون ۽ سڳي وقت معشوق پڻ.
    لاشعوري طور تي ميم اکر سان شروع ٿيندڙ نالي وارا دوست منھنجا عاشق به آهن ته معشوق به آهن. منھنجو انهن سان جنون جي حد تائين عشق رهيو آهي، انهن ۾ منٺار سولنگي، مشتاق ڀرڳڙي، محمد صديق منگيو، معشوق ڌاريجو، مانجهي زرداري، مجيد زهراڻي، مئڪش سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست اچي وڃن ٿا.
    طبيعتاً شوخ ۽ سخت مزاج، ڪچھري ۽ بحث جو ڪوڏيو موسيقيءَ جو ڄاڻو. ڪچھري ۽ بحث ۾ دليلن جا ۽ مثالن جا انبار وڇائي پنھنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪندڙ منٺار سولنگيءَ جي سڃاڻپ جا ڪيترائي پاسا ۽ حوالا آهن. ٻين پاسن کان هٽي ڪري مون صرف هن جا ٻه پاسا کنيا آهن. هڪ پاسو پيار جو ۽ ٻيو پاسو شاعريءَ جو.
    شاعريءَ جو عوامي هجڻ ۽ ان جي ڦھلاءَ، مقبوليت ۽ پـُراثرائتي هجڻ جو دليل اُهو آهي ته اها ماڻهن جي احساسن کي ڇھي ٿي ۽ اهو تحرڪ شاعري جي نوعيت سان وابسته رهي ٿو ۽ اهڙي شاعراڻي وابستگي شاعر جي پنھنجي داخليت جو اولڙو ۽ عڪس هوندي آهي. شاعراڻي داخليت محروميت سان جڙيل هوندي آهي ۽ ان حسين ڳانڍاپي سان ئي آرٽ جي تخليق ٿيندي آهي. جتان جماليات جو حسين سفر پنھنجون منزلون گهڙيندو آهي. سنڌي شاعري ان تمھيدي مفھوم جو تت آهي ۽ ان شاهوڪار شاعراڻي ورثي نه رڳو ڪتاب ۽ حوالن جي پورائي جو سبب بڻيو آهي پر سماجي اٿل پٿل ۾ محرڪ ۽ اصل قوت ٿي تاريخ جي رڪارڊ تي موجود رهيو آهي ۽ اها موجودگي سنڌ جي اعلى ثقافتي قدرن ۽ تاريخي سياسي قدرن جي تخليق ۽ تحرڪ جو مرڪزي نقطو آهي. تاريخي مرڪزيت جي ان ٽيبل تي پيل ان گلدان ۾ ڪيترائي رنگين گل آهن جنھن جي ذڪر سان اڄ به سنڌ جي ادبي تاريخ ڀري پئي آهي. منٺار سولنگي به ان گلدان جو هڪ بھترين ۽ خوبصورت گل آهي، جنھن جي مھڪ صدين تائين اسان ۽ توهان جي دلين ۾ تازگي ڏيندي رهندي.
    منٺار سولنگيءَ شاعريءَ جي کوڙ سارين صنفن تي لکيو آهي. پر غزل هن جي سڃاڻپ ۽ هُو غزل جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي سڃاڻپ به اهڙي جنھن کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به ميساري نٿي سگهي. منٺار جي غزل لاءِ مان پنھنجي راءِ هيئن ڏيندسُ ته جيئن وفا ناٿن شاهي پنھنجي ٽھيءَ جي شاعرن ۾ نه رڳو غزل جو وڏو شاعرهو. پر هُو غزل جو شھنشاهه شاعر هو. تيئن منٺار به پنھنجي ٽھيءَ ۾ غزل جو وڏو ۽ پختو شاعر آهي. هن غزل ۾ ڪافي نوان تجربا ڪيا جڏهن ته غزل بابت چيو ويندو آهي ته غزل نفيس ۽ نازڪ صنف آهي، ان هوندي به منٺار غزل تي جيڪي تجربا ڪيا آهن، انهن ۾هن سڦلتا ماڻي آهي ۽ انهن تجربن منٺار کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. توهان بغير نانءَ کڻڻ جي ايئن منٺار جو ڪوبه غزل ڪنھن جي واتان ٻڌو ته اهو غزل توهان کي پاڻ ٻڌائيندو ته مان ڪنھن ٻئي جو نه پر منٺار جو آهيان. جنھن مون ۾ سونھن، رنگيني، رڌم ۽ موسيقي به ڀري آهي. جنھن مون ۾ پنھنجي اندر جا احساس ڀريا آهن، اُهي احساس توهان کي پنھنجي اندر جا احساس ڀاسجندا.
    منٺار سولنگيءَ جي غزلن ۾ حساسپڻو، نفيسپڻو نمايان نظر اچي ٿو. مان چوندو آهيان ته ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شاعر وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. شاعر پنھنجي نظر جي باريڪبينيءَ سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪيتريون ئي سھڻيون من کي موهيندڙ تخليقون تيار ڪري ٿو. منٺار وٽ ماڻا، ماپا، ڪردار، موضوع لفظ پلاٽ پنھنجا آهن، ان سان گڏ و گڏ منٺار وٽ ڊڪشن به پنھنجو آهي. هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ توهان کي جٿ ڪٿ پاڻ ئي نظر ايندو. هي توهان کي ايئن بلڪل نه لڳندو جيئن اسحاق سميجو جي شاعري پڙهڻ وقت توهان کي امداد حسيني ڪٿي نه ڪٿي نظر ايندو. علي دوست عاجز جي شاعري پڙهڻ وقت توهان کي استاد بخاري نظر ايندو. مارو جماليءَ جي شاعري پڙهڻ وقت توهان کي محسن ڪڪڙائي جو پاڇو نظر ايندو. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي شاعر آهن، جن جي شاعريءَ تي وڏن ۽ سينئر شاعرن جو پاڇو توهان کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندو. پر منٺار وٽ ايئن ڪونهي.
    هن وٽ مطالعي جي به کوٽ ڪونهي، وسيع مطالعو مشاهدو هئڻ ڪري هن جي شاعري جاندار ۽ پائدار رهي آهي. هن جي شاعريءَ جو ڦھلاءُ اُڀ جيڏو مٿانهون ۽ ڊگهو آهي. هن جي ڪويتائن ۾ ڳيرن جي گُهوگُهو به آهي ته ڪنواري جي جوڀن جي ارهه جھڙي خوشبوءِ به آهي. هن جي ڪويتائن ۾ انبن جي ٻُور جي سرهي سڳنڌ، برسات جي اُٺي کانپوءِ ڌرتيءَ جي ڀنل هڳاءَ، ٽالهي، نم، پپر ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانوري جھڙي خوشبوءِ به آهي ته مارو ماڻهن جي درد جي پڪار به آهي.
    منٺار جي شاعريءَ اڳ ۾ اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجڻ جي باوجود به منھنجي نظرن مان گذرندي رهي آهي. پر جڏهن هن سان پيار ۽ محبتن جو اڻ کٽ سلسلو جڙيوته پوءِ محبت جي انهيءَ هلندڙ سلسلي دوران هن جي شاعريءَ جو هڳاءُ، احساس منھنجي ڪوماڻيل جذبن اندر ڪنھن تکي چاقونءَ جيان لھندي ٿي ويو. مون کي جتي شاعريءَ ۾ شيخ اياز، تاج بلوچ، حليم باغي، ايوب کوسو، احمد سولنگي، حسن درس ۽ سعيد ميمڻ وڻندو آهي، اُتي منٺار سولنگي به وڻندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾چٽيل احساس ۽ جذبا مون کي پنھنجي اندر جو آواز ڀاسجندا آهن.
    ارسطو پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”لفظن جو اهو چاهه جن کي وزن نه پر موسيقيءَ جي ضرورت آهي ۽ اهو جادو آهي شاعري“. مان وري چوندو آهيان ته شاعريءَ ۾ سھڻيون تشبيھون ۽ ان کان علاوه خيالن جو خوبصورت استعمال پنھنجو الڳ ڊڪشن شاعريءَ کي سُندرتا بخشيندو آهي. ان سان گڏو گڏ لفظن جو سٽاءُ خيالن جي ڳوڙهائپ، رڌم موسيقي يا نغمگي احساس جي شدت ۽ ان سان گڏو گڏ رديف ۽ قافين کي سھڻن خانن ۾ استعمال ڪرڻ ئي ڪمال جي ڪاريگري آهي. اهو ڏانءُ، اُهو فن ۽ اها ڪاريگري ڪوئي منٺار وٽان سکي.
    يار جي رخسار ۾ الجهي ويو،
    پيار جي واپار ۾ الجهي ويو.
    درس دنيا کي ڏئي اڳتي وڌو،
    پاڻ هو ايئن يار ۾ الجهي ويو.
    پاڻ تي ڪنڊن ڪيو پنھنجو ڪرم،
    هو گلن جي هار ۾ الجهي ويو.
    پاڻ جو منٺار هو هن لوڪ لئه،
    سو ٻئي منٺار ۾ اُلجهي ويو.
    منٺار سولنگي وکريل لفظن کي پنھنجي سھڻي ۽ سندر ڪئنواس تي چِٽي ٿو، بلڪل ايئن جيئن ڪوئي چترڪار خوبصورت ۽ من موهيندڙ پورٽريٽ تيار ڪري ان ۾ خوبصورت رنگ ڀريندو آهي. مون هت خوبصورت رنگن جي ڳالهه ڪئي. پنھنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت رنگ ڀرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم به ڪونهي. ان لاءِ ڪنھن سانوريءَ، ڪنھن سپرينءَ وٽان درد وٺڻو پوي ٿو ۽ پوءِ اهو درد اسان کي ڀوڳنائن جي عذاب مان گذاري ٿو ۽ اها ڀوڳنا اهو عذاب شاعر کان ننڊون کسي رت جا ڳوڙها روئاري ٿو ۽ پوءِ اهڙي ڪيفيت ۾جڏهن شاعر قلم کڻي ٿو ته ڪيئي اُتم ۽ خوبصورت خيال جوڙي ٿو وٺي.
    هوءَ جڏهن ٿورو نھاري ٿي وڃي،
    مرڪندي سج کي اُڀاري ٿي وڃي.
    ناز ۽ انداز سان من جي اندر،
    عشق جا آڙاهه ٻاري ٿي وڃي.
    ناخدا ڪوئي نه آهي سير ۾،
    ناوَ هي ڪنھن جي سھاري ٿي وڃي.
    قيس ناهيان ڇا ٿيو عاشق ته هان،
    ڊڀ ڦٽن ٿا هوءَ بيھاري ٿي وڃي.
    قبر ۾ ”منٺار“ شايد پيار ٿس،
    ايترا گل جو پٿاري ٿي وڃي.
    ڏک سور، محبتون ۽ درد انساني زندگيءَ سان لاڳو هجڻ جي ڪري، شاعريءَ جو سگهارو موضوع رهيو آهي، جنھن جي نشاندهي تمام وڏي تاريخي وسعت جي گهرجائو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف جو نالو مٿانهون آهي. شاهه لطيف درد شناسيءَ کان انسان شناسي ۽ ڪائنات شناسيءَ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. اهو شرط منٺار سولنگيءَ پاڻ سان به لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هن نه رڳو شاعراڻي مقصديت کي پـر معاشرتي خوشحاليءَ سان به ڳنڍي ڇڏيو آهي. سندس شاعريءَ کي پڙهڻ کانپوءِ منھنجي راءِ آهي ته منٺار سولنگيءَ ڏک کي انساني تخليق ۽ سماجي تخليق جو ڏاڪو تصور ڪندي ان جي حمايت ۾ ڪيترائي دليل ڏنا آهن.
    پلصراطون پيار جون اُڪري پڳاسين،
    پر زماني جي ڀيڙ ۾ گم ٿي وياسين.
    هاڻ ڏس تون ئي سڃاڻين ڪونه ٿي،
    اڳ اسان اهڙا مٺي ڪاٿي هئاسين.
    تو نھاريو هو جڏهن، ان کان اڳ ئي،
    پاڻ پنھنجو پيچرو مٽيا هئاسين.
    سڀ اُهي بڪواس هاڻي ٿا لڳن،
    چاهتن جا گيت جيڪي ڀي چياسين.
    هن پڇيو آوارگيءَ جو هو سبب،
    جنھن ڪري ”منٺار“ راهن ۾ رُلياسين.
    ڏک ۽ سک جي عام انساني تصور ۽ شاعراڻي ادبي تصور ۾ ڏينھن رات جو فرق ٿئي ٿو. عام انساني زندگيءَ ۾ درد مادي زندگيءَ جي اوسي پاسي ڦري ٿو. پر شاعر ان کي روحاني قدرن سان هم آهنگ ڪري ٿو ڇڏي. جيئن منٺار جي شاعريءَ ۾ عام انساني سُکن جي حاصلات لاءِ وڏي حمايت نظر اچي ٿي ۽ اچڻ به گهرجي پر هو پاڻ لاءِ خاص ڏکن جي چونڊ ڪري ٿو، جيڪوهڪ گھري ماڻهوءَ ۽ شاعراڻي شناخت ۾ شامل آهي.
    زندگي غمناڪ آهي،
    توکي ڪو ادراڪ آهي.
    **
    اڄ وري ”منٺار“ جي من ۾ ستل،
    بيوفا جي ياد جو طوفان آهي؟
    عام ماڻهوءَ جو درد منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ جو موضوع آهي. هو سندس داخليت جي درد ساز فيڪٽريءَ جو ڪچو مال آهي جنھن جي ان کي سخت ضرورت آهي.
    هڪ درد هيو دل اندر، هڪ آڳ هئي هن ڇاتيءَ ۾،
    افسوس جو هڪڙو لمحو سک ساڻ نه ڪٽيو حياتيءَ ۾.
    تو منھنجي بدن کي جهيرَ ڏنا، هن لوڪ چيو تو ظلم ڪيو،
    هيءَ دنيا سمجهي ڇا سگهندي، ڪيڏو قرب هو تنھنجي ڪاتيءَ ۾.
    شاعريءَ جو علامتي انداز تمام ڏکيو هوندو آهي، منٺار جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته هن جي شاعريءَ ۾ سئو سيڪڙو علامتي رنگ آهن. جا ڳالهه شاعراڻي بلوغت جو اهڃاڻ آهي. سياست ۽ سياسي تنقيد کي علامتي اظھار ۾ آڻڻ اهو به جديد حالتن ۾ بلڪل تازه ذهن ۽ غيرجذباتي انداز ۾ پيش ڪرڻ وڏي سالم دماغي ۽ اعلى شاعراڻي خوبيءَ ۾ ڳڻڻ جھڙو قدم آهي.
    منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ اُها شڪتي آهي جيڪا سنڌي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي گرمائي سگهي ٿي. تپيل ۽ گرميل دليون مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي ڪنھن سندر خواب جي تعبير هونديون آهن ۽ ان سندر خواب جي چائنٺ تائين پھچندڙ سمورا قدم جيڪڏهن شاعريءَ جي سرگم تي وڄي رهيا آهن ته پوءِ اها سنڌي سماج ۾ سندس حصيداري ۽ شراڪت جي مامرن متعلق فيصله ڪن راءِ ڏيندي ان کي طئي ڪري ڇڏي ٿي.


    ڳوٺ وڏي وهڻي تاريخ جي آئيني ۾

    اسان جي سنڌي ادب ۾ تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان تمام گهڻي کوٽ رهي آهي، ان کوٽ جي ڪري اسان نه رڳو پوئتي پئجي ويا آهيون، بلڪه تاريخي ۽ قومي حوالي سان وڏو نقصان به ٿيو آهي. ڇو ته تاريخ قومن جي تھذيب ۽ تمدن جو آئينو هوندي آهي. سنڌ جي تاريخن ۾ ذڪرڪيل ماڳن، مڪانن، ڳوٺن ۽ شھرن جي جاءِ وقوع جي سُڌ به نـٿي پوي ۽ پوءِ نتيجو وڃي اِهو ٿو نڪري جو تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وقت ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل ماڳن، مڪانن، شھرن ۽ ڳوٺن جي باري ۾ ڄاڻ نه هئڻ ڪري ڌُڪا هنيا ويا آهن. تاريخ جھڙي نفيس موضوع لاءِ اِهو طريقو ويتر منجهائيندڙ آهي.
    سنڌ ۾ اڄ به اهڙا کوڙ سارا ڳوٺ ۽ شھر موجود آهن جن جي تاريخ اڻلڀ آهي. اسان ٻين ڳوٺن ۽ شھرن کي ڇڏي ڪري باڊهه شھر تي نظر وجهنداسين ته باڊهه جي تاريخ جي اسان کي سُڌ ڪونهي ته باڊهه شھر جو وجود ڪڏهن پيو....!؟ باڊهه جا شروعاتي رهاڪو ڪير هيا...!؟ باڊهه تي نالو ڪيئن پيو ....!؟
    پير حسام الدين راشديءَ جي چواڻي ته ”سنڌ جي تاريخ جو ايترو ڪم رهيل آهي جو پنجاهه ڄڻا پنجاهه سالن تائين رات ڏينھن ڪم ڪن تڏهن به اِهو پورو ٿي نه سگهندو.“
    آءٌ چوندو آهيان ته اسان جا پڙهيل، ساڃاهه وند ۽ شعور رکندڙ نوجوان اڄ به فالتو وقت وڃائڻ بدران پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن جي تاريخ لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائي ڇڏين ته جيڪر اهو به هڪ وڏو قومي ۽ تاريخي ڪم ٿي پوندو.
    اسان جنھن سنڌ ۾ رهون ٿا اُها سنڌ هڪ تاريخي، ادبي ۽ علمي ملڪ رهيو آهي پـر افسوس ۽ ڏک ان ڳالهه جو ٿو ٿئي جو اسان پنھنجي تاريخ جي سنڀال ۽ مالڪي ڪرڻ بجاءِ ان کي وساري ويٺا آهيون. پر توهان شايد اِهو نٿا ڄاڻون ته جن قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ختم ۽ تباهه ٿي آهي ته اُهي قومون ۽ ملڪ به تباهه ٿي ويندا. ايئن نه ٿئي جو اسان پنھنجي تاريخ وڃائي ويهون. اسان سڀ سنڌ واسي سنڌ جا وارث آهيون ۽ اسان تي اِهو قومي، ادبي ۽ اخلاقي فرض ٿو بڻجي ته اسان پنھنجي ڳوٺن، شھرن، ماڳ ۽ مڪانن جي تاريخ لکي ۽ اُهي لکڻيون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابي صورت ۾ آڻيون جيئن هر پڙهندڙ کي سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، ماڳ ۽ مڪانن جي اصل تاريخ جي ڄاڻ ملي.
    مُون جڏهن پنھنجي ڳوٺ جي تاريخ لکڻ لاءِ سوچيو، مون سمجهيو ته ڳوٺ جي تاريخ لکڻ ۾ مون کي ڏاڍي ڏکيائي ۽ تڪليف رسندي. پر مُون ان ڏکيائي ۽ تڪليف کي ڪونه ڏٺو ٻيا سمورا ڪم هڪ پاسي تي رکي ڳوٺ جي تاريخ لکڻ لاءِ ڳوٺ جي عمر رسيده ماڻهن سان وڃي مليس ۽ انهن سان ڳوٺ جي تاريخ متعلق ڪيتريون ئي ڊگهيون ڪچھريون ڪيون. انهن ڪچھرين ۽ ڳالهين مان، مون کي اها ڄاڻ ملي ته سنڌ جي ٻين کوڙ سارن ڳوٺن جيان هي ڳوٺ به هڪ قديمي ۽ تاريخي ڳوٺ آهي.هن ڳوٺ جي خوبصورتي اِها به آهي ته هيءُ ڳوٺ سنڌ جي سڃاڻپ، سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تھذيب ۽ تاريخي ماڳ مُھين جي دڙي جي ڪک ۾ آهي. هن ڳوٺ جي ٻي خوبصورتي اها به آهي ته هيءُ ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن وڏن شھرن ڏوڪري ۽ باڊهه جي وچ ۾ به آهي. هيءُ ڳوٺ پنج سئو گهرن تي مشتمل آهي ۽ هن ڳوٺ ۾ چار ذاتيون رهن ٿيون. راڄپر، خاصخيلي، جوڻيجا ۽ سومرا. ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾ هن ڳوٺ ۾ اڪثريت راڄپرن جي آهي، ڳوٺ جي پڳ ڀي راڄپرن جي سر تي آهي، هن ڳوٺ کي آباد به راڄپرن ڪيو، پوءِ آهستي آهستي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن کان ٻيون ذاتيون به لڏي اچي هت آباد ٿيون. هيءُ ڳوٺ ٻاويهه ڳوٺن تي مشتمل يونين ڪائونسل به آهي. ڳوٺ جي موجوده پڳ وڏيري محمد علي راڄپر تي آهي ۽ هينئر اهو ئي ڳوٺ جو ۽ برادريءَ جو چڱو مڙس آهي. سندس سياسي تعلق پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي پارٽي پ پ پ سان آهي ۽ پ پ پ جي طرفان يو.سي وڏي وهڻيءَ جو چيئرمين آهي.
    مليل ڄاڻ مطابق هن کان اڳ ۾ انهيءَ خاندان مان ست ٻيا به پڳ ڌڻي ٿي گذريا آهن ۽ هيءُ ڳوٺ جو اٺون پـڳـدار آهي. ڳوٺ جو پھريون پڳدار محمد رمضان راڄپر ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو وڏو سخي مرد ۽ دريا دل ماڻهو هو. سندس مھمان نوازيءَ جي آس پاس جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ هاڪ هوندي هئي. سندس هر وقت، اوطاق تي ميلو متل هوندو هيو. وڏيري محمد علي راڄپر جو ڏاڏو وڏيري محمد يوسف راڄپر جي مھمان نوازيءَ جي به هاڪ هئي. هُو ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر به رهيو. انهيءَ ساڳي تسلسل ۽ روايت کي سندس پونئير اڃا تائين برقرار رکيون پيا اچن. اڄ به سندس اوطاق تي ماڻهن جا ميلا متل آهن.
    راڄپرن جي گهڻائي ۽ راڄپرن جي چڱ مڙسي هئڻ جي ڪري هن ڳوٺ جونالو راڄپرن جو ڳوٺ به پئجي پئي سگهيو. پر ان جي باوجود هن ڳوٺ تي ”وڏي وهڻي“ نالو ڇو ۽ ڪيئن پيو؟ سوال جي جواب ۾جڏهن ڳوٺ جي تمام عمر رسيده ماڻهن سان ڪچھري ڪئي ته انهن ٻڌايو ته، جڏهن هيءُ ڳوٺ اڃا آباد ئي نه ٿيو هو، ته ان وقت هتان ٻه نديون گذرنديون/ وهنديون هيون هڪ وڏي ندي (وهندڙي)، ٻي ننڍي ندي (وهندڙي) هئي. وڏي نديءَ جي وهڻ جي ڪري هن ڳوٺ تي ”وڏي وهڻي“ نالو پيو. جڏهن ته ڀر ۾ٻي پاسي ننڍي ندي وهندي هئي، ان پاسي آباد ٿيل ڳوٺ تي نالو ”ننڍي وهڻي“ پيو. ڳوٺ جي نالي مطابق ڪن بزرگن جو وري هيئن به چوڻ آهي ته، هتان ٻه نديون ضرور وهنديون هيون، هڪ وڏي ندي ۽ ٻي ننڍي ندي. پر ندين جي ڪپن تي وڏا گهاٽا وڻ هوندا هيا ۽ انهن وڻن جي ڇانوري هيٺ هاري ناري توڙي مالوند ماڻهو مال ويھاريندا هيا ۽ اُتي انهن پنھنجون ويھَڪُون/ ويھڻيون ٺاهيون.ويھڪين ۽ ويھڻين جي ڪري هاري ناري ۽ مالوند ماڻهو هڪٻئي کي ايئن چوندا هيا ته يار! هاڻي ڏينھن تپي ويو آهي، ڇڏيو ٻنيءَ ٻاريءَ جي ڪمن کي. هلو ته هلي ويھڻين تي ويھون. وڏي نديءَ واري ويھڪ (ويھڻي) تي گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچي ويھندا هئا. ان ڪري ان کي وڏي ويھڻي چوندا هيا ۽ پوءِ جڏهن اُتي ڳوٺ آباد ٿيو ته اهو ڳوٺ وڏي ويھڻي جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ پوءِ ايئن هن ڳوٺ تي ”وڏي وھڻي“ نالو پيو. ڀرپاسي نندي نديءَ تي ٿورا ماڻهو ويھندا هيا ان کي ”ننڍي ويھڻي“ سڏيندا هيا. پر جڏهن اُتي به ڳوٺ آباد ٿيو ته ان ڳوٺ جو نالو ”ننڍي وھڻي“ پئجي ويو. ننڍي وهڻي ڳوٺ وڏي وهڻي ڀرسان سڏ پنڌ تي آهي. منھنجي خيال موجب ڳوٺ جي نالي جي حوالي سان ويھڪين ۽ ويھڻن وارو دليل درست ٿي سگهي ٿو.
    ڳوٺ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن، هن ڳوٺ ۾ ٻه سرڪاري اسڪول به آهن. هڪ پرائمري گرلس اسڪول ۽ ٻيو بوائز پرائمري اسڪول. گرلس پرائمري اسڪول جو بنياد 1993ع ۾ پيو ۽ بوائز پرائمري اسڪول جو بنياد 1945ع ۾ پيو. بوائز اسڪول ۾ ٻين ڳوٺن سائينداد جوڻيجو (ڀيڄا)، بھاول جت، پنھل بروهي، يعقوب جوڻيجو جا شاگرد پڙهي چڪا آهن. هن اسڪول مان پڙهي ويل شاگرد تمام وڏن عھدن تي فائز ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به ڪيترائي وڏن عھدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستان جو ٻي نمبر تي وڏي ۾ وڏو ادارو رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تي رهندڙ ارباب علي سومرو به هن ڳوٺ ۽ هن اسڪول جو شاگرد هيو. ان کان علاوه ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل، صحافي، سگهڙ، ليکڪ، شاعر، اديب مطلب ته مختلف کاتن ۾ ننڍا وڏا آفيسر اڄ به موجود آهن جيڪي وڏي وهڻي اسڪول جا شاگرد آهن. ان وقت محنت ڪش استادن ۾ سائين محمد ابراهيم جوڻيجو، سائين امداد سومرو جن جا نالا قابلِ ذڪر آهن. موجوده استادن ۾ سائين مشتاق احمد راڄپر، سائين نذير حسين راڄپر ۽ سائين قربان علي جوڻيجو جا نالا قابل ذڪر آهن.
    ڳوٺ ۾ چار وڏيون گهٽيون آهن، جيڪي ڳوٺ جون مين گهٽيون سڏبيون آهن. ڳوٺ جي پھرين گهر جي ڳڻن جي حوالي سان شروعات کاٻي پاسي کان ٿيندي آهي. هيءُ ڳوٺ ڪيترن ئي ويڙهن تي مشتمل آهي، هرهڪ ويڙهي جي سڃاڻپ پنھنجي پنھنجي نالن سان آهي. کاٻي پاسي واري ويڙهي کي مُلن جو ويڙهو چيو ويندو آهي. ان ويڙهي سان تعلق رکندڙ مُلان گهراڻي سان آهن. ان ڪري ان کي مُلن جو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ان کان پوءِ ٻي نمبر تي جيڪو ويڙهو شروع ٿئي ٿو ان کي وڏيرڪو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڳوٺ جي پڳ هن ويڙهي سان تعلق رکي ٿي ۽ هيل تائين ڳوٺ جا جيڪي به پڳدار ٿي گذريا آهن، انهن جو تعلق ان ويڙهي سان آهي، تنھنڪري هن ويڙهي کي وڏيرڪو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ان کان علاوه ٽئين نمبر تي جيڪو ويڙهو اچي ٿو ان کي آدماڻي ويڙهو چيوويندو آهي. هن ويڙهي جو جيڪو چڱو ماڻهو هو، ان جو نالو آدم خان هيو. تنھنڪري هن ويڙهي کي آدماڻي ويڙهو سڏيو ويندو آهي. چوٿين نمبر تي جيڪو ويڙهو شروع ٿئي ٿو ان ويڙهي کي لالاڻي ويڙهو چيوويندو آهي ڇو ته ان ويڙهي جو وڏو يا چڱو ماڻهو لعل بخش هيو. تنھنڪري هن ويڙهي کي وري لالاڻي ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ڇهين نمبر تي جيڪو ويڙهو اچي ٿو ان کي وري آچراڻي ويڙهو چيو ويندو آهي. ان ويڙهي جو جيڪو نيڪ مرد هو، ان جو نالو محمد آچر هئڻ ڪري هن ويڙهي کي آچراڻي ويڙهو سڏيو ويندو آهي. ڇهين نمبر تي جيڪو ويڙهو آهي، اهو اوڀر طرف تي آهي، تنھنڪري هن ويڙهي کي اوڀارڪو ويڙهو سڏيو ويندو آهي. هن ويڙهي ۾ رهندڙ نيڪ مرد نالو عبدالڪريم آهي. ڳوٺ جي پڇاڙي ۾ پنجاهه کن خاصخيلين جا گهر آهن. هن کي خاصخيلين جو پاڙو سڏيو ويندو آهي. هن پاڙي جي چڱي مرد جو نالو حاجي جمن عرف دلبر خاصخيلي آهي. ان کان علاوه ڳوٺ ۾ جيڪي سومرا ذات سان تعلق رکندڙ ويڙها آهن انهن مان هڪ ويڙهي کي ڪوٽائي سومرا سڏيو ويندو آهي. ڇو ته انهن جي گهرن کي چُوڌاري وڏا وڏا ڪوٽ ڏنل هوندا هيا. ان ڪري انهن کي ڪوٽائي سومرا سڏيو ويندو آهي ۽ باقي ٻين سومرن کي پٺاڻ سومرا سڏيو ويندو آهي، ڇو ته هو پاڻ کي سومرو سڏائڻ بجاءِ پٺاڻ سڏائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. سومرن جيان جوڻيجا ذات سان تعلق رکندڙن جا به ٻه ويڙها آهن. هن کي نوان جوڻيجا سڏيو ويندو آهي ۽ ٻي کي پراڻا جوڻيجا سڏيو ويندو آهي.
    هن ڳوٺ ۾ ڳوٺ جيترو قديمي ۽ تاريخي عاليشان، ڪشادو قبرستان به آهي. قبرستان جي ڀر ۾ هڪ خوبصورت عيد گاهه پڻ آهي. هن قبرستان بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته هن قبرستان ۾ چار الله لوڪ هستين جون مزارون آهن، انهن چئن الله لوڪ هستين مان ٻن جو تعلق سيد خاندان سان ٻڌايو وڃي ٿو. باقي ٻن جو تعلق ٻين ذاتين سان آهي. هڪ جو تعلق راڄپر ذات سان ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ٻي جو تعلق وري سھاڳ ذات سان ٻڌايو وڃي ٿو. هن قبرستان ۾ سڀ کان پھرين جنھن ڪامل وليءَ جي مزار ٻڌائي وڃي ٿي ان ڪامل ولي جو نالو ميانداد سھاڳ ٻڌايو وڃي ٿو. ميانداد سھاڳ لاءِ ڳوٺ جي عمر رسيده ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن هن قبرستان ۾ ٻين ڪامل ولين هستين جون مزارون به نه هيون. صرف هڪ ميانداد سھاڳ جي مزار هوندي هئي ان دوران هن ولي هستيءَ جي مزار تي هر سال شينھن رات جي وقت ايندو هو ۽ اچي ان وليءَ جي پيرانديءَ کان مٿو ٽيڪي هليو ويندو هيو. ان کان علاوه ٻين ولين جون ڪرامتون به ٻڌايون وڃن ٿيون.
    هن ڳوٺ کي اِهو به اعزاز حاصل آهي ته هن ٻھراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سڏجندڙ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جي شاخ پڻ آهي. سنڌي ادبي سنگت جو يونٽ هجڻ ڪري هن ڳوٺ جا نوجوان توهان کي علم، ادب، ڏاهپ ۽ شعور سان واسيل ملندا. سنڌي ادبي سنگت پاران باڊهه جي نوجوان اديب علي رضا جانوري ۽ ڳوٺ سائينداد جوڻيجو سان تعلق رکندڙ نامياري شاعر اديب ڀيڄو فقير جا ڪتاب پڻ ڇپرايا آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت وڏي وهڻي جي پليٽ فارم تان هن ڳوٺ ۾ ڪيترائي ناليوارا اديب، شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ دانشور اچي چڪا آهن، جن پنھنجي تقريرن ۾ چيو ته وڏي وهڻي سنڌ جو اهو تاريخي ڳوٺ آهي جنھن ۾ اسان علم، ادب، شعور جي لاٽ ٻرندي ڏٺي آهي. هي ڳوٺ علم، ادب ۽ ڏات ڌڻين جو ڳوٺ آهي.
    هن ڳوٺ ۾ چار لائبريريون آهن؛ 1. سرمد لائبريري-ذلفي راڄپر، 2.سچل لائبريري- ايم وارث راڄپر، 3.جبران لائبريري- نذير راڄپر ۽ 4.نصرت لائبيري- وفا صالح راڄپر. انهن چئن لائبريرين ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ست هزار جي لڳ ڀڳ آهي. فلسفو، تاريخ، مذهب، ادب، سائنس ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي ڪتاب شامل آهن.


    سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم کي ڪير بچائيندو !؟

    ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ۽ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪنھن به قوم جي ترقيءَ ۾ تعليم جو بنيادي ۽ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ جيڪا قوم تعليم جي پيچري کان پري رهي آهي، يا ان کي پري ڪيو ويو آهي، تاريخ گواهه آهي ته اها قوم تباهه ۽ برباد ٿي آهي. ڪنھن ڏاهي جي چواڻي ته،”جيڪڏهن توهان ڪنھن قوم جي ٻولي، ڪنھن قوم جي تاريخ، ڪنھن قوم جو ادب، ڪنھن قوم جي سڃاڻپ، ڪنھن قوم جي ثقافت يا وري انهيءَ قوم کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ سڀ کان پھريائين ان قوم جي تعليم ۽ ان قوم جا تعليمي ادارا تباهه ڪيو ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته اها قوم به پاڻ مرادو ختم ۽ برباد ٿي ويندي. مان چوندو آهيان ته اسان سنڌي قوم جا ڀل ٻيا پاسا مضبوط هجن يا نه به هجن، پر گهٽ ۾ گهٽ تعليم وارو پاسو بلڪل مضبوط پڪو ۽ پختو هئڻ گهرجي. ڇو ته تعليم هڪ اهڙو مورچو آهي، تعليم هڪ اهڙو ذريعو آهي، هڪ اهڙو پيچرو ۽ هٿيار آهي، جنھن جي ذريعي دنيا جا وڏي ۾ وڏا ۽ ڏکئي ۾ڏکيا مسئلا به آسانيءَ سان حل ڪري سگهجن ٿا.
    اسان جي سنڌ جو جيستائين تعليم نظام بھتر نٿو ٿي سگهي، تيستائين اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون ۽ اسين طاقتور هوندي به ڪمزور آهيون ۽ ڪمزور ماڻهو ڪڏهن به ميدان ماري نٿو سگهي. اسان جي ۽ سنڌ جي اصل طاقت ۽ وڏي ۾ وڏو هٿيار تعليم آهي. تعليم نه رڳو اسان سنڌ جي ماڻهن لاءِ مضبوط هٿيار آهي پر اونداهيءَ ۾ روشني آهي. علم انسان جي ٽين اک آهي پر اسان جون هن وقت ٽئي اکيون ختم آهن. اسان ننڍي هوندي نصابي ڪتابن ۾ پڙهي آيا آهيون ته علم تلوار کان تيز، تکو ۽ ان سان گڏوگڏ طاقتور به آهي. پر افسوس جو اسان پنھنجي طاقت پاڻ وڃائي ويٺا آهيون ۽ نه ئي ان طرف ڪنھن جو ڌيان آهي. ميران ٻائيءَ چيو ته،”محبت هڪ اهڙو هٿيار آهي، جيڪو هر ديوار کي پاش پاش ڪري ڇڏيندو آهي.“ پر مان وري چوندو آهيان ته علم هڪ اهڙو سگهارو ۽ طاقتور هٿيار آهي، جيڪو هر طاقتور ۽ مضبوط ماڻهوءَ کي به بري کان بري شڪست ڏئي سگهي ٿو. علم کان سواءِ هر خوبصورت شيءِ بدصورت لڳندي آهي. تعليم سڀني مسئلن جو حل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مھان ۽ عظيم شاعر، مفڪر ۽ عالم شيخ اياز به چيو ته، ”آزاديءَ جو صحيح شعور تعليم کانسواءِ ناممڪن آهي“ ۽ اهو بلڪل درست به آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان وٽ تعليم هوندي ته شعور به هوندو. تعليم نه هوندي ته پوءِ شعور وري ڪٿان ۽ ڪيئن ايندو...!؟ تعليم ئي اسان کي شعور، ڏاهپ ۽ عقل ڏئي ٿي. تعليم ئي اسان کي صحيح رستي ۽ صحيح منزل ڏانهن وٺي ويندي، تعليم ئي اسان کي سڄڻ ۽ دشمن جي سڃاڻپ جي ڄاڻ ڏئي ٿي. تعليم ئي اسان جي اگهوڙ ننڊ پيل شعور کي جاڳائي ۽ گرمائي سگهي ٿي.
    جرمن تي جڏهن آمريڪي سامراج بمباري ڪري رهيو هو ته هٽلر پنھنجي قوم کي خطاب ڪندي چيو هيو ته،”جيڪڏهن عوام مري ٿو ته مرڻ ڏيو، جيڪڏهن عزتون لٽجن ٿيون ته لٽجڻ ڏيو، جيڪڏهن معيشت تباهه ٿئي ٿي ته تباهه ٿيڻ ڏيو پر هر حال ۾ پنھنجي تعليم ۽ تعليمي ادارا بچايو.“ پر افسوس جو هت سنڌ اندر پنھنجي تعليم ۽ پنھنجا تعليمي ادارا بچائڻ بدران پاڻ هٿ وٺي تباهه و برباد ڪري رهيا آهيون. پوري سنڌ جي تعليم ۽ تعليمي ادارا تباهه و برباد لڳا پيا آهن. سنڌ حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ جي ڪنھن به سياسي، سماجي، ادبي، صحافي ۽ قومپرست ڌر جي ڪَنَ تي جونءَ به ڪونه ٿي چُري. سڄي سنڌ جي تعليمي صورتحال اهڙي آهي، تڏهن ته پرويز مشرف جھڙو ڊڪٽيٽر ماڻهو به اهڙي راءِ ٿو جوڙي ته سنڌ جاماڻهو اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن، انهن کي نوڪريون ڪھڙيون ڏيون.
    سنڌ جي تعليم جيڪا ڏينھن به ڏينھن سڌرڻ بجاءِ بگڙجندي ٿي وڃي، آخر ان کي بھتر ڪيئن بڻائجي...!؟ ان کي بھتر ڪير بڻائيندو...؟ تعليم کي بگاڙڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ تعليم کاتي جي آفيسرن جو آهي، سپروائيزرن کان وٺي ADEO ۽ ٻين بالا آفيسرن تائين جيڪي ڊيوٽي نه ڪندڙ استادن کي نوٽيس يا نوڪريءَ کان فارغ ڪرڻ بجاءِ ان کان غنڊن جيان منٿليون وٺي رهيا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪولن جون عمارتون ته ٺھيل آهن ۽ اُتي استاد به مقرر ڪيل آهن پر پوءِ به اُهي اسڪول سالن کان بند پيل آهن ۽ مٿي رڪارڊ ۾ اهو ڄاڻايل هوندو آهي ته اسڪول هلن پيا. جيڪڏهن ايئن حساب ڪنداسين ته سڄي سنڌ ۾ الائي جي ڪيترا اسڪول آهن جيڪي بند پيا آهن يا وري وڏيرن جون اوطاقون ۽ گودام بڻيل آهن. انهن بند پيل اسڪولن جا آيل ايس ايم سي فنڊ ڪيڏانھن پيا وڃن. انهن جي به مالڪي ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي. سنڌ جي نه رڳو پرائمري تعليم تباهه ۽ برباد آهي پر هاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين اهو ساڳيو ئي حشر آهي. اسڪولن ۾ هڪ ته استاد اچن ڪونه ٿا، جيڪي وري اچن ٿا سي وري ٻارن کي پڙهائڻ بجاءِ پنھنجي موبائيل فونن تي مصروف لڳا پيا آهن. جيڪي استاد ڊيوٽيءَ جا پابند، محنتي ۽ هوشيار آهن، انهن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. سنڌ جي تعليم جو اهڙو حشر ڏسي اکيون پاڻي نه پر رت جا ڳوڙها ڳاڙينديون آهن.
    سنڌ جا سڄڻ سياسي، ادبي،مذهبي ۽ قومپرست ڌريون به الائي ڇو خاموش بڻيل آهن؟ هُو سنڌ سان ٿيندڙ ٻين زيادتين لاءِ ته هاءِ گهوڙا ڪن ٿا ۽ وڏيون وڏيون دعوائون به ڪن ٿا ته اسين سامراجين ۽ ٻين قوتن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا حق ڦٻائڻ ڪونه ڏينداسين. پر پوري سنڌ مان ڪنھن به سياسي، سماجي، ادبي ۽ ٻين ڌرين ڪڏهن ان لاءِ هاءِ گهوڙا، واويلا ڪونه ڪئي آهي ته سنڌ جي تعليم تباهه پئي ٿئي، ان کي بچائڻ گهرجي. تعليم جي سڌاري ۽ بھتريءَ لاءِ ڪوبه ڪنھن به ماڻهوءَ احتجاج ناهي ڪيو. مظاهرا، بک هڙتالون ۽ روڊ بلاڪ ناهنِ ڪيا، آخر ڇو؟ سنڌ جي تعليم جي مالڪي ڪير ڪندو؟ سنڌ جي تعليم کي تباهيءَ جي ڪناري کان ڪير بچائيندو؟ ڇا تعليم سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ناهي؟ ڪنھن ڳوٺ ۽ شھر جي بجلي بند ڪئي ٿي وڃي ته به ان جي لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي. مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون پيون وڃن. پر تعليم طرف ڪنھن جو به ڌيان ڪونهي. ڇا توهان سڀ سنڌ سان پيار ڪندڙ چاهيو ٿا ته سنڌ جي تعليم تباهه و برباد ٿئي!؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم کي بچائي، هڪ آواز ٿي وڃون. ٽيمون ٺاهي پنھنجي پنھنجي تعلقي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڃون ۽ استادن کي پابند ڪيو ته تعليم سان دشمني نه ڪيو. پنھنجي پنھنجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٽائيم سان اچو. توهان استاد آهيو، ٻارن جو مستقبل تعليم جو مستقبل توهان جي هٿن ۾ آهي. استاد رهبري ۽ عظيم پيشو آهي، ان جو ڀرم رکو. گوسڙو ۽ گهر وٺي پگهار کائيندڙ استادن جي لسٽ هٿ ڪري انهن کي ڊيوٽي ڪرڻ تي پابند ڪيون ۽ اُتان هيڊ ماستر کي اهو بائونڊ ڪرايون ته اسڪول دوران ڪنھن به استاد کي موبائيل رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. جيئن استاد اسڪول جي ٽائيم تي اسڪول پھچن ته پنھنجون موبائلون هيڊ ماستر وٽ جمع ڪرائين. تعليم کي درست ڪرائڻ لاءِ اهو عمل به ضروري لاڳو ڪيو وڃي ته تعليم سان لاڳاپيل سمورن آفيسرن، استادن ۽ ڪلارڪن جي اولاد کي ڪنھن به پرائيوٽ اسڪول ۾ داخلا نه ڏني وڃي. انهن جي اولاد کي به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندي ته پوءِ اُهي پنھنجي اولاد خاطر ٻين غريب هاري مزدورن جي اولاد کي به شوق ڪري پڙهائيندا. تعلقن جي ADEOs کي پابند ڪجي ته ڪنھن به گوسڙو يا سفارشي استاد کان رشوت نه وٺي. انهن کي اسڪول اچڻ لاءِ پابند ڪري، جيڪڏهن ايئن ڪيو ويندو ته سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم بھتريءَ ڏانھن وڌي سگهي ٿي.
    تعليم کي بھتر بنائڻ ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو ڪردار سپروائيزر ۽ ADEOs کي نڀائڻو پوندو. نا اهل ۽ رشوت خور ۽ سعودي عرب مان آيل بوسڪيءَ جي جوڙي ۽ پرفيوم تي ڪنھن به استاد کي ڊگهي موڪل ڏيڻ واري سپروائيزر ۽ اي ڊي او کي هٽائي ان جي جاين تي سٺن ۽ ايماندار آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. منھنجون هي کٽيون مٺيون ڳالهيون گهڻن استادن کي ڪونه وڻنديون. پر انهن استادن کي ضرور سٺيون لڳنديون ۽ وڻنديون جيڪي محنتي ۽ پنھنجي استادي پيشي سان سچا آهن ۽ استادي پيشي جو ڀرم رکيون ويٺا آهن. سنڌ جي سڄاڻ ڌرين صحافين، اديبن، قومپرستن ۽ سماج سڌارن کي به گهرجي ته تعليم جي بھتريءَ لاءِ اڳتي اچن، اسان سنڌ جي تعليم کي بھتر بنائڻ ۾ سڦلتا ماڻي ته اهو هڪ وڏو تاريخي ڪم ٿي ويندو.


    هڪڙو هيو مشتاق ....!

    مشتاق ڀرڳڙي منھنجو انتھائي پيارو ۽ بھترين دوست هيو. جنھن سان انتھا درجي جي محبت هئي. اهڙي محبت جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي ڪابه لالچ، ڪوبه مطلب ڪونه هيو، جنھن ۾ صرف ئي صرف سچائي هئي، نيڪ نيتي ۽ خلوص هيو. هُو ڪنھن به پل وسارڻ جھڙو ناهي، هُو هميشه مون کي پنھنجي ساهه جي رڳن جيان ويجهو ويجهو رهيو آهي. پاڻ هڪ ٻئي جا سٺا دوست ته برابر هئاسين، پر هڪ سٺي دوست سان گڏوگڏ هڪٻئي جا عاشق ۽ معشوق به هئاسين. هُن پاڻ به اهڙو اظھار پنھنجي ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ ۾ مون تي لکيل خاڪي ۾ به ڪيو آهي ته، ”وفا ۽ مان هڪٻئي جا سٺا دوست ته آهيون پر ان سان گڏوگڏ اسان ٻئي هڪٻئي جا عاشق ۽ معشوق به آهيون، اسان جي عاشقي ۽ معشوقيءَ کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نه ٿي سگهي.“ هُو دوستي نڀائڻ وارن مان هيو. هُو دوستيءَ کي اُتم رشتو سمجهندو هيو. هُو ٻين رشتن جي ڀيٽ ۾ دوستيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هيو. سڄي سنڌ ۾ هن جا دوست هيا. سندس دوستيءَ ۾هر ڪئٽيگريءَ جا ماڻهو هوندا هيا، هن جنھن ڏانھن به دوستيءَ جو هٿ وڌائي رهيو آهيان اهو ڪيئن؟ ڇا ڪندو؟ ڪھڙي نيچر جو آهي؟ معاشري ۾ سندس حيثيت ڪھڙي آهي؟ عمر گهڻي اٿس؟ بس دوست ٿي ويو ته پوءِ ٻين ڳالهين کي ڏسندو به نه هيو.
    مان جيتريقدر هن سان گڏ رهيو آهيان ته هُو پنھنجي دوستن جو ديوانو هيو. هُو پنھنجي دوستن تي گرمي سردي به نه سھندو هيو. جڏهن ڪوبه دوست ڪھڙي به وقت هن وٽ ايندو هيو ته هُو ان دوست کان هروڀرو ڪوڙو بھانو ڪري جان ڇڏائڻ جي ڪوشش به نه ڪندو هيو، بلڪ هُو پنھنجا سمورا ذاتي ڪم ڪار ڇڏي پنھنجو پاڻ دوستن جي حوالي ڪندو هيو. هن جنھن کي پنھنجو دوست سمجهيو ته پوءِ ان دوست سان ونڊ ڪٽ ۽ ضرب جھڙا حساب به نه ڪندو هيو ۽ ان کي ڇڪي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيندو هيو ۽ پنھنجي دل جا دروازا هميشه لاءِ کولي ڇڏيندو ۽ پنھنجا ذرا ذرا ڪري دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندو هيو. دوستن لاءِ هميشه پنھنجي دل جا دروازا کوليندڙ ۽ پاڻ کي ڳڀا ڳڀا ڪري دوستن ۾ ورهائي ڇڏيندڙ مشتاق کي انهن دوستن اذيتون به ڏنيون ۽ ڀوڳنائن جي سفر مان به گذاريو ۽ دوستن کيس گھرا گهاوَ به ڏنا جيڪي بقول مشتاق جي ته زندگيءَ ڀر، ڀرجي نه سگهيا. پر پوءِ به هن وڏي ۽ ڪشادي دل جو مظاهرو ڪندي انهن دوستن اڳيان ڪڏهن به شڪايتن جا دفتر ڪونه کوليا ۽ نه ئي وري طعنن جا تير اڇلايا. ويتر اڳ کان وڌيڪ انهن دوستن سان پيار ڪيو. دوستن سان اهڙو پيار ڪرڻ ڪوئي مشتاق کان سکي. اسين سڀ دوست مشتاق جي پيار ۽ محبتن جا قرضي آهيون.
    مشتاق 16 سيپٽمبر 1974ع تي جُوهي شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ اٺين شاخ ۾ حاجي محمد ڇٽل ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو نالو والدين طرفان مشتاق علي رکيو ويو ۽ انهيءَ نالي طويل سفر ڪندي مشتاق احمد ڀرڳڙي کان مشتاق احمد ”محروم“ تائين ۽ محروم کان مشتاق ڀرڳڙي تائين پھچي کيس امرتا ۽ وڏي سڃاڻپ بخشي. جنم ڏينھن جي حساب سان سندس ستارو VIRGO آهي ۽ VIRGO وريون سموريون خاصيتون هن يار ۾ موجود هيون. مشتاق جي جنم کانپوءِ تڪڙو ئي سندس والد وارو شھر لڏي آيو ۽ پوءِ اُتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هُو پنھنجي ڀائرن ۾ چوٿون ۽ آخري نمبر ڀاءُ هيو. هن پنھنجي پرائمري تعليم وزير آباد اسڪول پراڻو بس اسٽاپ دادو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو مان پاس ڪئي. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان B. Sc: سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾ B.A ڪيائين. هن پنھنجي لکڻ جي شروعات روزاني هلال پاڪستان جي ٻاراڻي صفحي کان ڪئي. سندس پھرين لکڻي نظم جي صورت ۾ انهيءَ صفحي ۾ شايع ٿي. پر باقائده هن پنھنجي لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. 1990ع کان وٺي 2007ع جي 17 سالن جي ادبي سفر ۾ هن يار سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنج بھترين ۽ معياري ڪتاب ڏنا. انهن ۾ سندس پھريون ڪھاڻين جو مجموعو ”پاڇي“ آهي جيڪو 1999ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڪھاڻين جو مجموعو ”سفر“ جي نالي سان 2004۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ سيپٽمبر 2005ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ تنقيدي مضمون، خاڪا، ڪالم ۽ اڀياس شامل آهن. سندس چوٿون ڪتاب گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ”موکيءَ مَٽَ اُپٽيا“ جي نالي سان آڪٽوبر 2005ع ۾ شايع ٿيو. سندس پنجون ڪتاب هن جي موت کانپوءِ ”ائين ئي جيئرا رهون ٿا“ جي نالي سان جي نالي سان 2007ع ۾ شايع ٿيو جيڪو نـثـري نظمن تي مشتمل آهي. ان کان علاوه اڃا ٻيا به ڪتاب هُن پنھنجي حياتيءَ ۾ آڻڻ پئي چاهيا، انهن ۾ ”اتفاق“ نالي سان هڪ ناول هيو ۽ ٻيو پنھنجي دوستن ڏانھن سندس لکيل خطن جو مجموعو ”منجهان سڪ سبيل“ هيو. اُهي، خط مون، محمد صديق منگيو، راجن مڱريو ۽ معصوم بخاريءَ سميت مختلف دوستن وٽان گهرائي هن پاڻ وٽ گڏ ڪري ڇڏيا هيا بلڪه خطن کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ هن خطن کي ترتيب به ڏئي ڇڏيو هو. هُو خطن کي پنھنجي اندر جو آواز سڏيندو هيو. هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ مون کي چئي ڇڏيو هيو ته،”وفا هن ڀيري منھنجي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل جون سِٽون توکي لکڻيون آهن.“ مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته،”نه بابا، مان ڪونه لکندس، تون پاڻ کان سينئر ۽ ڪنھن سٺي ليکڪ کان اُهي سِٽون لکرائي وٺجان.“ پر پوءِ به ان يار جو اهو ساڳيو ضد ته ”نه بابا تون ئي لکندين ۽ اها منھنجي دلي خواهش به آهي ۽ منھنجي دل جو فيصلو به آهي.توکي ته منھنجي ضد جي خبر آهي ته مان جيڪو ضد ڪندو آهيان ۽ اهو پورو ڪندو آهيان.“ اها حقيقت به آهي ته مشتاق انتھائي ضدي ۽ پنھنجي دل تي هلڻ وارو هيو. هُو ٻين جي ڳالهين تي گهٽ ۽ دل جي ڳالهين تي وڌيڪ هلندو هيو. جيئن هن جي دل چوندي/ چاهيندي هئي ته هُو تيئن ئي ڪندو هيو. چاهي پوءِ ڀل ان ۾ فائدو هجي يا نقصان.
    هن جي دل چاهيو ته پنھنجي پھرين ڪتاب ”پاڇي“ جي بيڪ ٽائيٽل جون سِٽون معصوم بخاري لکي، سو دل جي چوڻ تي هن ”پاڇي“ ڪتاب جون سٽون معصوم بخاريءَ کان لکرايون. هن جي دل چاهيو ته ”سفر“ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل جون سٽون مولا بخش آزاد لکي ته هن ائين ئي ڪيو ۽ اُهي سٽون مولا بخش آزادکان ئي لکرايون. مشتاق ٻين ليکڪن جيان هروڀرو وڏن نالن پويان پنھنجون جُتيون ڪونه گسايون. هن هميشه پنھنجي يارن کي ئي مانُ ڏنو ۽ انهن کي پنھنجي لکڻين جو صحيح پاٺڪ سمجهيو. ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ جون بيڪ ٽائيٽل سِٽون پنھنجي دل جي اصرار تي جوهيءَ جي پورهيت شاعر آس ٻٻر کان لکرايون.پنھنجي دل جي ڳالهه مڃڻ وارو مشتاق کي الائي ڇو هر ڪم ۾ تڪڙ هوندي هئي. هُو اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيندو هيو. هن جون هزارين خواهشون به هيون جيڪي هُو من اندر سانڍي ويٺو هيو. هن جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها به هئي ته پنھنجا ترتيب ڏنل سمورا ڪتاب پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ڇپرائي وٺي.
    هن اهڙو اظھار ڪھاڻين جي ڪتاب ”سفر“ ۾ پنھنجي پاران ۾ هيئن ڪيو آهي ته، ”جيون تي ڪوبه ڀروسو نه اٿم، اجل جو سڏ ڪيڏي مھل به ٿي سگهي ۽ ان سڏ کي نه ورنائڻ ماڻهوءَ جي وس ۾ناهي هوندو. سو اجل جو سڏ ٿيو ته لبيڪ چئي هليو وڃبو. پر چاهيان ٿو ته اجل جي سڏ کان پھريائين خاڪن، مضمون، ڪالمن ۽ اڀياسن تي ڪتاب، نثري نظمن جو مجموعو، دوستن ڏانهن لکيل پنھنجي ادبي خطن تي مبني ڪتاب ۽ هڪ عدد ناول جنھن تي جلد ڪم شروع ڪرڻ وارو آهيان، ادب جي بارگاهه ۾ نذرانه عقيد طور ڏئي وڃان. منھنجي ان شديد خواهش جي پويان هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته منھنجو ادبي پورهيو منھنجي پوئيرن لاءِ بڪواس ۽ اجائي وقت وڃائڻ کانسواءِ ڪابه اهميت نٿو رکي. ان ڪري چاهيان ٿو ته پنھنجو ادبي پورهيو منھنجي زندگيءَ ۾ ئي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي، نه ته ٻي صورت ۾ سچ ته ضايع ٿي ويندو.“
    18-جولاءِ 2007جي ڏهاڙي مشتاق جون سموريون دلي خواهشون اڻپوريون ڪري هن کي هميشه هميشه لاءِ مُوت جي گھري ننڊ سمھاري ڇڏي. هن کي ڄڻ اها پڪ هئي ته منھنجي زندگيءَ جا ڏينھن صفا ٿورڙا آهن، کيس ڪم گهڻا ڪرڻا آهن. ان ڪري ئي هن يار کي هر ڪم ۾ ڏاڍي جلدي هوندي هئي ۽ هِن مرڻ ۾ به جلدي ڪئي. ”جلدي“ جي عنوان هيٺ هن هڪ پاڻ بابت ڪھاڻي لکي هئي، جيڪا ”سفر“ ڪتاب ۾ آّخري صفحي تي شامل آهي. هنجون جتي ٻيون انيڪ خواهشون هيون اُتي ان جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها به هئي ته سندس ڪوبه هڪڙو ڪتاب سچائي اشاعت گهر طرفان اچي. ان خواهش جي پٺيان هن جي يوسف سنڌيءَ سان بي پناهه محبت هئي، هُو پيار مان يوسف سنڌي کي (انڪل جوزف) چوندو هيو، پنھنجي ٻين ڪتابن جيان هيءُ ڪتاب به پاڻ ڇپرائي پئي سگهيو، پر هن پنھنجي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ پنھنجي نثري نظمن جو ڪتاب ”ايئن ئي جيئندا رهون ٿا“ جو مسودو يوسف سنڌيءَ جي حوالي ڪندي کيس اهو تاڪيد به ڪيو ته ڪتاب جيترو ٿي سگهي جلديءَ ۾ اچڻ گهرجي، ڪتاب ۾ دير نه ٿئي.
    بقول يوسف سنڌيءَ جي ته،”جڏهن مشتاق ڪتاب جو مسودو منھنجي حوالي ڪيو ته هر ٻي چوٿين ڏينھن فون يا ايس ايم ايس ڪري پڇندو رهندو هيو ته ڪتاب جو ڪم ڪٿي پھتو؟ ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪھڙي مھيني ۾ ٿو آڻين؟ عجيب اتفاق ٿو ٿئي ته جنھن ڏينھن تي ڪتاب ڪمپوز ٿي ويو اهو ڏينھن مشتاق جو آخري ڏينھن ثابت ٿيو، جيڪو اسان مشتاق جي يارن لاءِ قيامت جھڙو ڏينھن هيو. منھنجي 36 سالن جي زندگيءَ ۾ اهڙا چار منحوس ڏينھن آيا آهن جيڪي مون لاءِ قيامت جي منظر جھڙا رهيا آهن، هڪ پنھنجي وڏي ڀاءُ الله بخش جي اچانڪ مرتيي وارو ڏينھن، ٻيو امڙ جي وڇوڙي وارو ڏينھن، ٽيون پياري منٺار سولنگيءَ جي مرتيي وارو ڏينھن ۽ چوٿون مشتاق ڀرڳڙيءَ جي مرتيي وارو ڏينھن، اهڙا ڏينھن شل خداڪنھن کي به نه ڏيکاري.. انهن چئن ڏينھن منھنجي عمر گهٽائي ڇڏي، منھنجي بھار جھڙي جيون ۾ خزان جي موسم آڻي ڇڏي ۽ مون کي وقت کان اڳ ۾ پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.
    مشتاق جي وڇوڙي کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اکين مان لڙڪن جا جيڪي بند ڀڳا آهن اُهي بند هاڻي مون کان ٻڌجن به نٿا ۽ لڙڪ لارون ڪري وهندا رهيا آهن. هي مضمون لکڻ وقت به ساڳي ڪيفيت / حالت آهي لڙڪ روڪجڻ کان به نٿا رُڪجن. جڏهن پنھنجا پيارا ۽ دل گهريا دوست وڇڙي ويندا آهن ته اکين جا آگم اُٿلي پوندا آهن ۽ انهن کي روڪڻ وس کان ٻاهر هوندو آهي.
    مشتاق جيڪو سچ پچ يارن دوستن لاءِ مشتاق هيو.مشتاق جيڪو گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هيو. هُوڪھاڻيڪار، شاعر، نقاد، ڪالم نويس به هيو ته ڊراما نگار، مضمون نگار به هيو ته هو هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ پبلشر به هيو. هڪ بھترين ايڊيٽر جي حيثيت ۾ دادو جھڙي ننڍڙي شھرمان ٻه ماهي ”رمجهم“ مئگزين جا سٺا ۽ معياري ست پرچا به ڏنا ۽ هڪ سٺي پبلشر جي حيثيت ۾ اٺ مختلف صنفن تي سينئر توڙي جونيئر ليکڪ دوستن جا ڪتاب به شايع ڪرايا. مان هن کي امر جليل، شيخ اياز ۽ ڀارتي اديب گلزار جيان ادبي دنيا ۾ آل رائونڊر ليکڪ چوندو آهيان. ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين ڪرڪيٽ سان جنون جي حد تائين عشق ۽ لڳاءُ هئن ڪري هن جي تخليقي وجدان ۾ ادب جا سمورا محاذ به هڪ ڪرا رهيا آهن. هن وٽ علي بابا، نسيم کرل، ڪرشن چندر ۽ منٽو جيان ڪردارن جي ورائٽي ملي ٿي. هن جي شاعري، ڪالم، خاڪا ۽ ڪھاڻيون فني ۽ فڪري حوالي سان پائيدار ۽ اعلى معيار جون آهن. ”وڻجاري“، ”هڪ مست جي پراسرار مسڪراهٽ ۽ آءٌ“، ”جستجو“، ”چاهتون پائڻ جي اوسيئڙي ۾ ٽي وجود“، ”سيلزمين جو هڪ ڏينھن“، ”فيصلو“، ”اها منجهند جي جون هئي“، ”الميو“، ”پاڻي“، ”اڻ تڻ“،”سفر“، ”پاڇي“، ”مصنوعي دنيا جو حصو“ سنڌي ادب جون بھترين ۽ اعلى معيار جون ڪھاڻيون آهن.
    هنن بھترين ڪھاڻيڪارن جي خالق مشتاق جي هر ورسيءَ تي مشتاق جو رهيل ڪونه ڪو ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻجي، ها ته سڀ کان سٺو ۽ بھتر ٿئي ها ۽ ٻيو ته مشتاق جي ورسي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ملهائي وڃي ها ته اڃا به سٺو ٿئي ها ۽ اهو سنڌي ادبي سنگت مرڪز تي مشتاق جو قرض به هيو ته فرض به هيو. ڇو ته مشتاق ڪو عام ليکڪ ڪونه هيو، هُو ننڍي عمر جو تمام وڏو ۽ سٺو ليکڪ هيو ۽ هن جي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن مرڪز ڪن سببن ڪري مشتاق جي ورسي نٿو ملهائي سگهي ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت دادو جي دوستن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو مشتاق جي سنگت دادو پاران ورسي ملهائن ها.
    مشتاق سنگت دادوءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو هو. مان چوندو آهيان ته دادو جي ماڻهن جي اُها خوشنصيبي آهي جو انهن کي استاد بخاريءَ جھڙو مھان شاعر ۽ وري ننڍي عمر ۾ مشتاق ڀرڳڙيءَ جھڙو سٺو ڪھاڻيڪار مليو. شاعر ۽ اديب پنھنجي ڌرتي، پنھنجي ٻولي، پنھنجي تاريخ، پنھنجي قوم، پنھنجي تھذيب پنھنجي ثقافت، پنھجي ڪلچر، پنھنجي شھر۽ ڳوٺن جا محافظ، امين ۽ ورثو هوندا آهن. پر افسوس جو دادو واسي پنھنجي اهڙي تاريخي ورثي کي وساري ويٺا آهن. دادو جا ماڻهو ڀل پنھنجي تاريخي ورثي ۽ پنھنجي ڏات ڌڻين کي وساري ڇڏن، انهن تي ڪابه ميار ڪونهي. پر دادو ادبي سنگت کي پنھنجي قومي ورثي ۽ پنھنجي ڏات ڌڻين کي هرگز وسارڻ نه گهرجي! جيڪڏهن اُهي به وساري ٿا ڇڏن ته پوءِ استاد بخاري ۽ مشتاق ڀرڳڙي انهن کي معاف ڪري ڇڏن، پر تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. سنڌي ادبي سنگت دادو نه مشتاق جو چاليهو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو مشتاق جو ڪُو ڪتاب ڇپرايو ۽نه ئي وري اڄ تائين هن جي سالگره يا ورسي ملهائي آهي. مشتاق جي مرتيي کانپوءِ سنگت دادو هن کي وساري ڇڏيو آهي پر مشتاق ته سنگت دادو کي ڪڏهن ڪونه وساريو هو. هن پنھنجي دؤر ۽ پنھنجي حياتيءَ ۾ سنگت دادو کي سڄي سنڌ ۾ متعارف ڪرايو ۽ سڄي سنڌ ۾ مرڪز جي دادو شاخ سرگرم ليکي ويندي هئي.
    سنڌي ادبي سنگت سميت اسان سمورا دوست مشتاق جا ڏوهاري ۽ مياري آهيون جو اسان هر ڪم سنڌي ادبي سنگت تي ڀاڙي ويٺا آهيون. جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت مشتاق لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ مشتاق جي دوستن مشتاق لاءِ ڇا ڪيو آهي...!؟ ڇا ڪنھن مشتاق جو ڪتاب ڇپرايو آهي!؟ ڇا ڪنھن مشتاق جي سالگره يا ورسي ملهائي آهي؟ ڇا ڪنھن مشتاق جي ڪتاب جي مھورت ڪرائي آهي! هي اُهي ڳالهيون ته پري، پر ڀلجي ڪڏهن هن جي قبر تي ثواب خاطر ٻه قل پڙهڻ ۽ ان جي وصيت مطابق ڏيئو ٻارڻ به ڪونه ويا آهن ....!؟
    مون کي اڄ به مشتاق جي سارَ، هن جي محبت ۽ هن جو پيار هر ٽئين چوٿين مھيني دادو ڇڪ ڪندو آهي، ۽ جيستائين هن سِسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين ويندو رهندس. اڳ جڏهن مان سائين جمال شاهه جتي ستي جي درگاهه تي ويندو هيس ته مشتاق مون سان گڏ هلندو هيو ۽ هاڻ هُو اڳ ۾ ئي اُتي موجود آهي ۽ مان اڪيلو ئي ويندو آهيان. هن يار پنھنجي هڪ نظم ۾ دوستن کي وصيت ڪندي لکيو آهي ته:
    منھنجي مرڻ کانپوءِ اي دوست!
    منھنجي قبر تي ڏيئو ٻاري،
    ماڻهن کي اهو احساس،
    ضرور ڏيارجان،
    ته مون پنھنجي زندگي،
    اونڌاهيءَ سان جنگ جوٽي هئي.
    انهيءَ وصيت مطابق مون قبر تي گل ڇٽڻ، اگر بتين سان گڏ جڏهن ڏيئو ٻاري اڌ مُنو ڪلاڪ تصوراتي ڪچھري ڪري جڏهن کانئس مُوڪلائي اُٿيس پئي ته چوڻ لڳو،”وفاڏي خبر يار ملندا ٿئي؟“ کيس چيم ”ڪھڙا يار جن توکي صفا وساري ڇڏيو“، منھنجي انهيءَ جواب تي هلڪي مرڪ مرڪندي چيائين، ”وفا! منھنجن يارن کي صرف ايترو چئجانءِ ته هڪڙو هيو مشتاق....!!؟“


    سدائين ڏات جا ڏيئا ٻرن ٿا

    بيحد پيارا اقبال!
    آشا اٿم ته مُرڪن جي ڇانوري هيٺ رهين!!
    جڏهن ڪھاڻي ڪالم، شاعري ۽ ٻي ڪا تخليق منھنجي ڪلهن تي ٺهڪي نه ايندي آهي، پڙهڻ تي به دل نه چاهيندي آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ ڪنھن پرين پياري يارڙي ڏانھن پريم پتر لکڻ تي دل ڪنھن پياري ۽ دادلي ٻار جيان ضد ڪري بيھي رهندي آهي ۽ دل کي انهيءَ ضد تان لاهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. انساني جسم جي ٻين عضون جي ڀيٽ ۾ مان دل کي بادشاهه چوندو آهيان ۽ مون ڪڏهن به بادشاهي چوڻ کي انڪار به ناهي ڪيو.
    پيارا! مون محسوس ڪيو آهي ته تون الائي ڇو منھنجي هر لکڻيءَ جي واکاڻ ڪري منھنجي قلمي پورهئي ۽ منھنجي قلمي سگهه کي مون کان جدا ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهين. ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته گهڻي تعريف هڪ ليکڪ لاءِ نه رڳو نقصانڪار آهي بلڪه ان کي بگاڙي، ڊاهي ۽ انائن جي ڪوٽ ۾ قيد به ڪري ڇڏيندي آهي. مان ته اڃا ادب جي طويل ۽ اڻانگي سفر ۾بانبڙا پائڻ به ڪونه سکيو آهيان ۽ تون مون سان ڊوڙ جون ڳالهيون ڪندو آهين. مون کي اهو خدشو هوندو آهي ته ڪٿي اُها ڊوڙ مون کي سھڪائي ۽ ٿڪائي نه وجهي. پر منھنجي لکڻ پڙهڻ واري حِسَ کي شايد ڪڏهن به ٿڪائي نٿو سگهي. تون چوندو آهين ته تنھنجو نثر جمال ابڙي ۽ آريسر جي نثر جيان رقص ڪندو آهي. پر ايئن ڪونهي، هرگز ڪونهي ۽ بنهه ڪونهي توکي شايد اها سڌ ڪونهي ته هڪ شاعر جو ئي نثر انڊلٺ جيان رنگين ۽ خوبصورت هوندو آهي ۽ هڪ شاعر جي ئي نثر ۾ ڪيترائي بانسريءَ جا سر سمايل هوندا آهن.
    تو ڪڏهن اياز جو نثر پڙهيو آهي، ظالم ۾ اهڙي ته رنگيني ۽ خوبصورتيءَ جا ڀاڪر هوندا آهن جو هڪ دفعو ان ڀاڪر ۾ وڃڻ کانپوءِ دل ٻاهر نڪرڻ ئي نه چاهيندي آهي. سندس نثر ۾ پھرين چُمي ۽ پھرين پيار جھڙو اثر ۽ ميٺاج هوندو آهي. نثر ۾ تون اياز جا خط به پڙهندين ته انهن ۾ به توکي رنگيني ۽ خوبصورتيءَ جو سمنڊ نظر ايندو. تون جي انهن رنگن ۾ رنگجي وئين ته پوءِ ڪوبه نقاد رٻڙ سان تنھنجا رنگ ميساري نٿو سگهي. خطن ۾ اهڙي رنگيني ۽ خوبصورتي مون اياز کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي انتھائي سگهاري ڪھاڻيڪار ۽ تاريخدان محمد صديق منگيو جي لکڻين ۾ پسي آهي. هن جي لکڻين ۾ به واهه جي رنگيني ۽ خوبصورتيءَ جا محل جڙيل هوندا آهن. خطن جو ذڪر نڪتو آهي ته توکي اِهو به ٻڌائيندو هلان ته خط به ادب جي هڪ سگهاري صنف آهن ۽ توکي کوڙ سارن ناليوارن ليکڪن جامجموعا ملندا. دنيا ڀل سيارن تي ڪمند اڇلائي، ستارن جي ڇاتيءَ تي فتح منديءَ جا جهنڊا کوڙي پر پوءِ به خطن جي پنھنجي اهميت ۽ حيثيت آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي. خطن ۾ جيڪا خوشبوءِ ۽ اندر جي دائمي آسيس ٿئي ٿي، اها موبائيل ميسيجن ۾ ڪٿي...!!؟ انبن جون سِڪون انبڙيون نٿيون لاهي سگهن. ان جو هڪ ننڍڙو مثال توکي هيئن ڏيان ته سرمد سنڌيءَ جي موت کان پوءِ ڪيترائي فنڪار سرمد سنڌيءَ جي اسٽائيل ۾ ڳائي رهيا آهن پر جيڪو سرور اسان کي فنڪار سرمد سنڌيءَ جي آواز ڏنو اهڙو سُرور ۽ اهڙو تاثير هنن ۾ ڪٿي....!؟؟
    خط اتھاس هوندا آهن، خطن ادب جو مقام ۽ خاص اهميت آهي ۽ ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. ان ڪري مان ته اڄوڪي رومڙ ڪندڙ ڇتي اليڪٽرانڪ واري دؤر ۾ به خطن جي سحر مان نڪري ڪونه سگهيو آهيان. خطن کي نه رڳو پنھنجو وجود هوندو آهي پر ساهه پساهه به هوندو آهي. خطن کي اکيون ۽ پير به هوندا آهن ته سريلا ڪن ۽ مٺيون زبانيون به هونديون آهن. اُهي ڪڏهن پيٽ ورن ۾ سانڍيل سنيھن کان هٽي ڪري سنهن سرٻاٽن ۾ من اندر جون ڳالهيون به اوري وجهنديون آهن. جيئن مان اڄ پنھنجي ڀڳل ٽٽل جيون جون باتيون توسان شيئر ڪري رهيو آهيان. منھنجو جيون شراب جي خالي بوتل جھڙو آهي، جنھن ۾ ڪوبه ذائقو، ڪوبه سرور ۽ ڪوبه مزو ڪونهي. منھنجو جيون ٻٻرن جي ٻُور جھڙو ڦڪو آهي، ان جو ڪوبه ڪارج ڪونهي. تون ڪڏهن ڪڏهن منھنجي ان ڦڪي جيون ۽ منھنجي غريبيءَ جون ڇيتيون ۽ مذاق ئي اُڏائي ڇڏيندو آهين ۽ انهيءَ اڏار ۾ کن پل لاءِ منھنجي غريبي واچوڙي جيان وکري ويندي آهي ۽ ان کي ميڙڻ وقت اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي ۽ سمنڊ جيان اُٿلي پونديون آهن. ان سَمي منھنجي اندر ۾ ڪربلا جھڙو درد ڪڙو کڙڪائيندو آهي ۽ سارو جسم ڀترن جيان ڀُرندي ۽ ڳرندي ڀاسجندو اٿم. مان ڀلا ڪري به ڇا ٿو سگهان...!؟ غريبي اسان جھڙن کي مقدر ۾ ۽ وڏڙن کان حصي ۾ جو مليل آهي. مون مٿان جيڪو غربت جو معراج آهي، ان کان انڪار به ته نٿو ڪري سگهجي ۽ مان پنھنجي غريبيءَ مان ڪڏهن به بيزار ناهيان ٿيو ۽ مون جھڙن ٻين دوستن کي به پنھنجي غريبيءَ مان بيزار ٿيڻ نه گهرجي. مون کي پنھنجي غريبيءَ سان ايتري محبت آهي جيتري توکي يا ڪنھن ٻئي امير ماڻهوءَ کي پنھنجي اميريءَ سان هوندي آهي ۽ محبت ۾ جيڪو مزو، جيڪو قرار ۽ سڪون آهي، اهو ڪنھن ٻئي شيءِ ۾ ڪٿي آهي ....؟ توکي اهڙي حقيقي ۽ سچي محبت جو پيالو پيئڻ جو شوق جاڳي پوي ته مون کي ياد ڪري وٺجانءِ، مان تنھنجي ياد ۽ سڪ کي لبيڪ چئي هليو ايندس.
    مان جيڪڏهن غريب نه هجان هان ته شايد تو جھڙا سگهارا، ڏات ڌڻي ۽ شعور جو سمنڊ رکندڙ دوست ڪڏهن به منھنجي دوستيءَ جي ڌاڳي ۽ منھنجي دوستيءَ جي دامن ۾ ڪڏهن به نه هجن هان. يقين ڪر! تون به مون کي ايترو پيارو آهين جيترو ”هوءَ“. هوءَ جيڪا منھنجي ٿيڻ جي باوجود به منھنجي ٿي نه سگهي. پر مون کي يادن جو بئنڪ بئلنس، يادن جي اڻ ڳڻيي ميراث ڏئي وئي ۽ ان سان گڏو گڏ هوءَ مون کي ادب جي طويل ۽ اڻانگي سفر ۾ لاهي وئي. ان ادب مون کي جيئڻ جي سگهه ڏني ۽ بھترين دوستن سان مالا مال ڪري ڇڏيو. دوستن جي ڏنل اٿاهه پيار ۽ بي پناهه محبتن ان جي ڪميءَ جو ٿورو گهڻو پورائو به ڪيو آهي ۽ ان پوراءَ جي آڌار تي زندگيءَ جي ڪشتي ڪٿي به نه رُڪي آهي، نه ٿڪي آهي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٻُڏي آهي. تون مون کي ايترو ئي پيارو آهين، جيترا منھنجا ٻيا ادبي دوست جيڪي جون جي منجهند ۾ مون لاءِ بڙ جي گهاٽي ڇانوري جيان رهيا آهن. دل چوي ٿي ته انهن مان ڪي ٻه چار نانءَ کڻان. محمد صديق منگيو، يوسف سنڌي، مجيد زهراڻي، معشوق ڌاريجو، ستار سومرو، ذوالفقار گاڏهي، ڪاشف منٺار سولنگي، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر، راج، نور ڪمال، راجن مڱريو ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا نالا آهن.
    پنھنجي ڳوٺ کان جڏهن باڊهه اچڻ ٿيندو آهي ته منھنجي موبائيل فون تي جڏهن نمبر ملائڻ لاءِ آڱريون حرڪت ۾ اينديون آهن ته اهو نمبر تنھنجو ئي هوندو آهي جيڪو منھنجي آڱرين کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. توسان ملڻ، توکي ڏسڻ، توسان گڏجي شينھن واري هوٽل تي چانهه ۽ توسان طويل ڪچھري ڪرڻ لاءِ من ۾ بيقراريءَ جو طوفان ڪَرَ کڻي بيھي رهندو آهي ۽ اهو طوفان اوستائين پنھنجي جوهر ۾ رهندو آهي، جيستائين تون ملندو نه آهين.
    يار! يقين ڪر ته پنھنجي ساجن ۽ پنھنجي پرينءَ کان پوءِ منھنجا ادبي دوست ئي منھنجا محبوب ۽ معشوق رهيا آهن. مون پنھنجي پنڌرنهن سالن جي ادبي پورهئي ۾ ڪي ڦاڙها ته نه ماريا آهن پر توهان جھڙا سٺا ۽ سگهارا قلمڪار دوست ضرور پنھنجي دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ آندا آهن ۽ اُهي سمورا دوست منھنجي ادبي جاگير جي موڙي آهن. پيارا جيتري قدر سٺي لکڻ جي ڳالهه آهي ته توهان مون کان وڌيڪ سٺو ۽ سگهارو لکندا آهيو ۽ اها پڻ حقيقت به آهي. توهان دوستن جيڪو پنھنجي گڏيل شاعريءَ وارو ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ ڇپرايو آهي، ان ۾ توهان سورنهن شاعر شامل آهيو ۽ پندرنهن جو تعلق به لاڙڪاڻي ضلعي سان آهي. ان ڪتاب جي هڪڙي ڪاپي گفٽ ڪندي تو اِهو تاڪيد به ڪيو هيو ته هن ڪتاب تي ٻه اکر ضرور لکجو ۽ مون توهان جي پيار ۽ محبت کي مان ڏيندي اهو واعدو به ڪيو هيو ته ضرور لکندس. پر صحافتي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ ايترو ته مصروف ٿي ويو هيس جو مان توسان ڪيل پنھنجو واعدو به پاڙي نه سگهيس. مان واعدي پاڙڻ جو پابند رهيو آهيان پر الائي ڇو مان تنھنجو واعدو پاڙي نه سگهيس. مان تنھنجي آڏو پاڻ کي ڏوهي ٿو سمجهان ۽ تو آڏو شرمسار به آهيان.
    تنھنجي ڪتاب کي پڙهيو ضرور اٿم هڪ نه پر ٻه ٻه ڀيرا پڙهيو آهي، ڏهن يا پندرهن شاعرن جو گڏيل ڪتاب آڻڻ ڪو نئون تجربو يا ڪا نئين ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪونهي، هن کان اڳ ۾ اهڙا لاتعداد ڪتاب اچي چڪا آهن، ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ ۾ شامل شاعرن جي شاعري ڪا ايتري سگهاري ۽ معياري ڪونهي جھڙي سگهاري ۽ معياري شاعري اهڙن ٻين ڪتابن ۾ شامل آهي، تو ڪڏهن ٻيا اهڙا ڪتاب پڙهيا آهن جن ۾ ڏهه پندرنهن شاعر شامل آهن. انهن ۾ شامل شاعرن جي شاعري نه رڳو سگهاري آهي پر حد کان وڌيڪ معياري به آهي- ۽ انهن ڪتابن جو مھاڳ به دل جي تارن کي ڇھندڙ آهي. ثابتيءَ لاءِ تون اُهي ڪتاب پڙهين سگهين ٿو. توهان جي ڪتاب جو مھاڳ هڪ سياسي ڪارڪن جامي چانڊيو لکيو آهي. جامي چانڊيو سٺو ڪالم نگار ۽ سٺو پڙهيل نوجوان آهي، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار ڪونهي پر انڪار آهي ته جاميءَ جي مھاڳ کان آهي. جامي چانڊيو جيڪو مھاڳ لکيو آهي اهو ايترو اثرائتو ۽ وزنائتو ڪونهي. ان کان بھتر هيو ته ڪتاب جو مھاڳ ڪنھن سٺي شاعر کان ئي لکرايو ها ته ڏات جا ڏيئا اڃا به وڌيڪ روشني پيدا ڪن ها. جامي چانڊيو ڪتاب جو مھاڳ نه پر شاعرن جو تعارف پيش ڪيو آهي. جڏهن ته مھاڳ ۽ تعارف ۾ فرق آهي. ڪتاب ۾ هر شاعر جي شاعريءَ کان اڳ ۾ ان شاعر جو تعارف ته موجود آهي ته پوءِ جاميءَ کي تعارف پيش ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ اهو جاميءَ لاءِ منھنجو هڪ سوال به آهي، يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته جاميءَ جو مھاڳ لکڻ تي موڊ ئي نه ٺهيو هوندو يا وري جاميءَ مھاڳ لکڻ ئي نه پئي چاهيو. زوريءَ دوستيءَ جي بنياد تي مھاڳ لکرايو ويو آهي.
    جاميءَ جي مھاڳ پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه پاڻمرادو ظاهر ٿئي ٿي ته هي مھاڳ دوستيءَ جي بنياد تي لکيو ويو آهي ۽ شاعرن ڪتاب تي مھاڳ لکڻ وقت هنجي سامهون دوستيءَ جو پاڇو اڀو لڳو بيٺو آهي ۽ جامي ان پاڇي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. هن صرف گهڻو ڪتاب ۾ شامل انهن شاعرن تي لکيو آهي جيڪي هن جي دوستيءَ جي دامن ۾ رهيا آهن. ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا به شاعر شامل آهن جن جي شاعري سگهاري ۽ اعلى معيار جي آهي پر جاميءَ جي نظر انهن شاعرن جي شاعريءَ مٿان شايد ترڪي وئي آهي. ياري باشيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو ستم ڪھڙو ٿي سگهي ٿو جو ڀٽائيءَ جا ٻه بيت طوطي وانگر ياد ڪرڻ واري کي به ڀٽائيءَ جو پارکو ٿو سڏيو وڃي. هڪ ٻه ڪھاڻي لکڻ واري کي امر جليل۽ نسيم کرڻ سان ڀيٽا ٿي ڏني وڃي. غزل جي هڪڙي بند ۾ جيڪڏهن اڌگابرو قوم جي ڳالهه آهي ته ان شاعر کي سنڌ جو وڏو مزاحمتي شاعر ٿو سڏيو وڃي.
    ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته ڪتاب ۾ شامل ڪجهه ٻين شاعرن سان گڏوگڏ تنھنجي شاعري سگهاري ۽ معياري آهي، تنھنجي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر سگهارو ۽ اعلى معيار جو آهي.
    آءٌ چوندو آهيان، مطالعاتي حوالي سان ليکڪ جي اک کان وڌيڪ نقاد جي اک تکي ۽ تيز هوندي آهي پوءِ به نقادن جي نظر/اک ليکڪ يا مھاڳ لکندڙ جي فڪر تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهي آهي. تون نه رڳو فڪر جي حوالي سان مضبوط ۽ سگهارو شاعر آهين پر فني حوالي سان به پڪو ۽ پختو شاعر آهين. تنھنجي ڏات جا ڏيئا ڪڏهن به وسامي ۽ ڪڏهن به جهيڻا نٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي ڪڏهن تنھنجو فڪر اونداهون ٿي سگهي ٿو. تنھنجي غزل جي هن بند جيان ته:
    اسان جو فڪر اونداهون رهي ڪيئن؟
    سدائين ڏات جا ڏيئا ٻـَرن ٿا.
    تنھنجي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر ۽ فن نه رڳو نقادن جا نٽ بولٽ ڍرا ڪري ڇڏيندو پر پڙهندڙن جا به نٽ بولٽ ڍرا ڪري ڇڏيندو. اها تنھنجي سٺي ۽ معياري شاعر هجڻ جو هڪ وڏو ثبوت ۽ سرٽيفڪيٽ آهي.
    سنڌي غزل جي شھنشاهه ۽ وڏي شاعر وفا ناٿن شاهي منھنجي شاعريءَ جي ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته جنھن شاعر وٽ رڳو فڪر آهي ۽ فن نالي ڪابه شيءِ ڪونهي اهو سٺو شاعر ڪونهي. پر جنھن شاعر وٽ فن به ۽ فڪر به آهي اهو ئي سٺو ۽ سگهارو شاعر آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جون ٻئي ٻڌايل شيون توهان جي شاعريءَ ۾ آهن. مون تنھنجي شاعري پڙهن کانپوءِ پنھنجي شاعريءَ وارودڳ ئي مٽائي ڇڏيو. پر پوءِ به تنھنجي شاعري جھڙي شاعري ڪرڻ جي حسرت اڃا به رهندي آهي. تو پنھنجي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن سان گڏوگڏ جيڪا لفطن جي مالها پوئي آهي. اهڙي لفظن جي خوبصورت مالها مون ٻين شاعرن ۾ گهٽ ڏٺي آهي. شاعريءَ ۾ لفظن جي مالها پوئڻ ته ڪوئي تو وٽان سکي. تنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي تشبيھون آهن، اُهي به جاندار ۽ نيون آهن، انهن تشبيھن ۾ ڪنواريءَ جي جوڀن جي ارهه جھڙي خوشبوءِ هوندي آهي.
    ٿو لڳي جيون به سارين جو فصل،
    وقت به ڏاندن جيان ڳاهي ٿو.
    يا:
    عشق عدالت ۾ اڄ رکيو ڪيس محبت جو،
    دل ٿي نڪري ڏوهي يا هي اکڙيون ڏوهي ڙي!
    سچ پچ تون مون کي شاعريءَ جو چنڊ ۽ ٻيا تارا لڳندا آهن. شال تنھنجي شاعريءَ جو چنڊ تنھنجي سوچ ۽ ذهن مان ڪڏهن به نه لھي ۽ نه ئي وري تنھنجي ڏات جو ڏيئو ڪڏهن وسامي. مان تنھنجي ڪتاب تي تفصيلي ضرور لکندسُ. اهو تنھنجو مون تي قرض آهي ۽ مان ڪنھن جو قرض گهڻو وقت پاڻ تي ناهيان رکندو.


    لوڪ ادب جو شهزادو: لقمان کوکر

    لقمان حڪيم سان منھنجي ڏيٺ ويٺ گذريل ڏهن سالن کان وٺي رهي آهي. هُو اٺن ڏهن سالن ۾ جڏهن به جتي به ڪنھن ادبي پروگرامن يا ڪنھن به جاءِ تي مون سان ملندو آهي ته مک تي مرڪن جا پوپٽ وکيري پنھنجي ٻانهُن جي ڀاڪرن ۾ مون کي ايئن ٻَکي ڇڏيندو آهي جيئن ڪي سالن ۽ صدين جا وڇڙيل پاڻ ۾ ٻکجي ويندا آهن. چانهه کان سواءِ ڇڏيندو به اصل نه. کيس چوندو آهيان چانهه کان وڌيڪ مون کي تنھنجو چاهُه وڻندو آهي، تنھنجو مون لاءِ چاهه چانهه کان ڪيئي حصا وڌيڪ آهي. مان جڏهن چانهه کان ٺپ جواب ڏيندو آهيانس ته چوندو آهي،”وفا چانهه جي بھاني سان ڪچھري به ٿيندي“، چانهه پيارڻ کانپوءِ هر ڀيري اهو ضرور چوندو رهندو آهي ته،”ڪڏهن منھنجي غريب خاني تي پنھنجا قرب جا قدم ڀري اچو، توهان ايندؤ ته مون کي خوشي ٿيندي، جڏهن به اچو ته هڪ ڏينھن اڳ ۾ فون ڪري ضرور ٻڌائجو ته جيئن مان توهان جي راهن ۾ پنھنجا نيڻ وڇائي ڇڏيان ۽ دل کي آجيان لاءِ بيھاري ڇڏيان“. شاهه سائين چيو آهي ته:
    اچين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين،
    پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،
    ساجن سڀ ڄمار، مان گولي ٿي گذاريان.
    سچ پڇ ان کان وڌيڪ مون لاءِ خوشي ۽ اعزاز ڪھڙو هوندو!؟ جو لقمان جھڙو اعلى پايي جو سگهڙ، لوڪ ادب جو شھزادو مُون جھڙي ننڍڙي ماڻهوءَ کي ايئن چوي ته،”مان تنھنجي راهن ۾ پنھنجا نيڻ وڇائي ڇڏيندسُ ۽ دل کي آجيان لاءِ درَ تي بيھاري ڇڏيندسُ.“ مان هر ڀيري کيس چوندو هيس ته پيارا ضرور ايندس ۽ اکيون پير ڪري ايندسُ. هونءَ به مون کي تنھنجي ڳوٺ جي مِٽيءَ ۽ تنھنجي ڳوٺ کي ادب ۽ احترام وچان جُهڪي سلام به پيش ڪرڻو آهي. جنھن ڳوٺ ۾ تو جھڙي سھڻي سگهڙ ۽ پياري ماڻهوءَ جو جنم ٿيو آهي. اهو ڳوٺ ٻين ماڻهن لاءِ ڀل عام ڳوٺ هجي پر منھنجي لاءِ خاصؤن خاص آهي. تنھنجي ڳوٺ جي خوشبوءِ کي پنھنجي اندر ۾ اوتي ان کي هميشه لاءِ پنھنجي دل ۾ محفوظ به ڪرڻو آهي. تنھنجي ڳوٺ جي خوشبوءِ عام خوشين جيان ناپائدار نه پر پائدار هوندي ۽ ان خوشبوءَ جو رنگ دنيا جي ٻين رنگن کان نرالو هوندو. ان خوشبوءِ جو رنگ دنيا جي ٻين رنگن کان نرالو هوندو. ان خوشبوءِ جو پنھنجو رنگ ۽ پنھنجو انداز هوندو. ان کي ڪنھن به ٻي رنگ سان ڀيٽي نٿو سگهجي.
    پنھنجي سست طبيعت جي ڪري مان ڪڏهن لقمان جي ڳوٺ وڃي نه سگهيو هيس. پر ان ڏينھن باڊهه پريس ڪلب جي صدر ۽ صحافي دوست نظام ڪولاچيءَ فون ڪري ٻڌايو ته،”وفا! لقمان کوکر بيمار آهي تڪڙو ڳوٺان تيار ٿي اچ ته گڏجي سندس ڳوٺ عيادت ڪرڻ هلون.“ نظام جي واتان لقمان جي بيماريءَ جي خبر ٻڌندي ئي جان مان ساهه ڇڏائجي ويو. دل سيني مان نڪري پيرن ۾ ڪري پيئي. سيارو هوندي چپ ۽ ڳلو خشڪ ٿي ويا، زبان مان لفظ به نه پئي نڪتا جو نظام کي چوان ته ويهه مان اڌ ڪلاڪ ۾ پھچان ٿو.
    مان ۽ نظام سواري پڪڙي لقمان جي ڳوٺ مصطفى آباد پھتاسين. دوستن يارن جي گهڻي اچ وڃ جي ڪري هُو گهران نڪري پنھنجي اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ کٽ تي چادر وجهي سُتو پيو هو. پر پوءِ به ننڊ توڙي جاڳ ۾ سندس نيڻ دوستن جي آجيان لاءِ منتظر هيا. اُهي نيڻ جن نيڻن ۾ هن پنھنجي لاءِ ڪي خواب نه پر دوستن لاءِ پيار پوکيو هو. اسان کي ڏسندي ئي کٽ تان اُٿي پيو سندس بيمار ۽ ڪمزور جان ۾ ڄڻ جان اچي ويس. بيماريءَ ۾ زرد ٿي ويل چھرو خوشيءَ وچان گلابن جيان ٽِڙي پيس. مون کي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڪي پل ڀريندي نرڙ تي چُميون ڏيندي روئڻھارڪي آواز ۾ چوڻ لڳو،”وفا! منھنجي بيماريءَ جي خبر نيٺ توکي منھنجي ڳوٺ ڏانھن ڇڪي آئي نه!؟“ کيس چيم، ”بيماريءَ سان گڏوگڏ تنھنجو پيار، تنھنجون اٿاهه محبتون، قربتون ۽ تنھنجي تانگهه مون کي ڇڪي اچي تنھنجي قدمن ۾ ڦٽو ڪيو. تنھنجون محبتون، قربتون ۽ تنھنجو اٿاهه پيار ئي ته آهي جيڪو دل اندر مسجدون ۽ مندر جوڙي ويٺو آهي. اهڙو ڪھڙو منڪر هوندو جيڪو تنھنجي ڏنل پيار ۽ محبتن جو انڪاري هوندو.“
    منھنجي اهڙن لفظن تي هن جي اکين جون ڪٽوريون لڙڪن سان ڀرجي آيون. لڙڪ لارون ڪري ڪرندڙ ڳوڙهن کي اُگهندي کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺل پنھنجي پٽن کي چيو اڙي ڇُوڪرا وڃو گهران ٻه کٽان ۽ رليون کڻائي اچو. ڇوڪرن دير ئي نه ڪئي کن پل ۾ ٻه کٽان ۽ رليون کـڻي پھتا. کٽن جي مٿان سنڌ جي ثقافت ٽُڪَ جون ڀليون رليون وڇائجي ويون کٽ جي مٿن کان ڀرٿ ڀريل سھڻا وهاڻا به رکيا ويا ۽ پوءِ اسان ٻنهي کي ٻانهن مان وٺي انتھائي پيار ۽ پنھنجائپ سان کٽ تي ويهڻ لاءِ چيو.
    سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻھراڙين ۾ اچ به اُها ئي ساڳي مھمان نوازي موجود آهي. پر جيڪڏهن ميزبان وري لوڪ ادب سان لاڳاپيل سگهڙ هجي ته پوءِ ان مھمان نوازيءَ کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن.
    سگهڙن جي امام ملوڪ عباسيءَ جي شاگردن مٺل جهتيال ۽ لقمان کوکر جون پنھنجي لاءِ پيار، محبتون ۽ بي پناهه قربتون ڏسي مان اڄ ڏينھن تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته ڪنھن جي پيار کي گهٽ ۽ ڪنھن جي پيار کي وڌيڪ چوان. هن جي پيار جي تارازي وارا ٻئي پُڙَ مون لاءِ هڪجيترا ۽ هڪجھڙا آهن. ٻنهي جي پيار ۾ ڪوبه تِرَ جيترو فرق ڪونهي. اُهي ٻئي منھنجا وڏا ڀائر آهن ۽ منھنجي لاءِ سر جو تاج به آهن. توڙي جو لقمان جي ڀاڻج اقبال ۽ سندس پٽ بلاول سان منھنجو دوستيءَ جو پاند به اٽڪيل آهي. پر مان جيڪو فخر لقمان جي دوستيءَ تي ڪندو آهيان ايترو فخر هِنن جي دوستن تي به ڪندو آهيان. لقمان يارن جو يار آهي. هُو ياري رکڻ به ڄاڻي ته ياري نڀائڻ به ڄاڻي. هن جي ياري دوستيءَ جا مثال سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين جيان مشھور آهن.
    لقمان کوکر ضلع قنبر شھدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مصطفى آباد ۾ پورهيت محرم علي کوکر جي گهر ۾ سن 1949ع ۾ اک کولي. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان پاس ڪئي. هن پنھنجي لکڻ جي شروعات 1965ع کان ڪئي. سندس استاد سگهڙن جو امام ملوڪ عباسي آهي. ڊگهو قد، چاپـَھين ڏاڙهي، مٿي تي سنڌي ٽوپي، سياري توڙي اونھاري ۾ سنڌي ثقافت اجرڪ سدائين ڪُلهن تي اوڍيل. بادامي نيڻ، ڀروون جاڙيون ۽ گهاٽيون، مُنھن جي ٻاري سنڌ جي نقشي جھڙي خوبصورت ۽ هر دل کي پاڻ ڏانھن ايئن ڇڪي جيئن ٿڌو پاڻي پياسي کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندو آهي. شينھن گجگوڙ جھڙو روبدار ۽ ڪڙڪيدار آواز، لٽي ڪپڙي ۾ ڇنڊيل ڦوڪيل ۽ ٺھيل اهڙو ڄڻ ته ڪو تر جو وڏو زميندار ۽ رئيس هجي. انهن وصفن ۾ اهڙو ته سھڻو لڳندو آهي، جو هن کي ڏسندي، مون کي استاد بخاريءَ جون هي سٽون ذهن تي تري اينديون آهن:
    ننھن کان چوٽيءَ تائين منھنجا يار!
    او! سڀني وصفين سھڻو آهين.
    جيڪڏهن توهان اڃا تائين لقمان کوکر کي نه ڏٺو آهي ته پوءِ توهان ان جي پٽ بلاول کي ڏسي اِهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته لقمان پاڻ به ڪيترو نه سھڻو آهي.
    هُو نه رڳو پاڻ سھڻو آهي پر هُو لوڪ ادب جو به سھڻو شھزادو آهي. لقمان کوکر لوڪ ادب جو اهو شھزادو آهي جنھن کي لوڪ ادب جي جملي صنفن تي عبور حاصل آهي. هُو ڏٺ، پرولي، ڏهس، هُنر، ست سُري، ڏور، گُرچيلو ۽ سينگار کان وٺي مولود، مداحون، مناظرا، ٽيھه اکريون وغيره لکي لوڪ ادب جي وسيع ميدان ۾ جيڪو خوبصورت اضافو ڪيو آهي، ان کي ڪوبه طوفان ڪيري ۽ لٽي نٿو سگهي.
    هن جي لوڪ شاعريءَ ۾ جيڪا فڪر جي گھرائي ۽ خيالن جي اڏام آهي، اها لوڪ ادب جي ٻين سگهڙن کان گهڻو مٿي بيٺل آهي. ان بلندين تي پھچڻ لاءِ ٻئي ڪنھن جي وس جي ڳالهه به ناهي. هن جي شاعريءَ جي خاص خوبي جيڪا مون کي ڏسڻ ۾ آئي، اها هيءَ ته هُو پنھنجي شاعريءَ ۾ عام ۽ سادا لفظ استعمال ڪري ٻوليءَ جي حُسن کي ايئن محفوظ ڪيو آهي جيئن خوشبوءِ گل ۾. هن جي ٻولي سولي ۽ سادي هوندي به پڙهندڙن کي پنھنجي ميٺاج ۽ رس سان پنھنجي ويجهو ڪري ٿي ڇڏي. اصل ۾ لقمان کوکر جي شاعري سنڌي لغت جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جنھن مان نج سنڌي لفظ پسي سگهجن ٿا.
    سگهڙ، قومن جا دماغ ۽ تاريخ جي زبان هوندا آهن. سگهڙ ٻوليَ، تھذيب ۽ ثقافت جا امين به هوندا آهن. لقمان کوکر پنھنجي قلم، ڏات ۽ ڏانءَ ذريعي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.هن لوڪ ادب تي ڏهن کان مٿي ڪتاب لکي لوڪ جي تاريخ ۾ جيڪو مڃتا جو معراج ماڻيو آهي.اهڙو معراج ٻيو ڪير ٿو ماڻي سگهي!؟ لوڪ ادب جي تاريخ تي جڏهن ڳالهايو ويندو، يا لوڪ ادب جي تاريخ جوجڏهن به ذڪر نڪرندو ته لقمان کوکر جي ذڪر کانسواءِ لوڪ ادب جي تاريخ ٻُسي ۽ اڻپوري هوندي. هڪڙي ڳالهه مان واضح ڪندو هلان ته جلال کَٽي لوڪ ادب جو پايوهو ۽ ان پايي کي برقرار رکيو ملوڪ عباسيءَ، ملوڪ عباسيءَ کانپوءِ ان پايي جيو جيڪو سگهڙ آهي اهو آهي لقمان کوکر. هن نه رڳو سنڌ م ٿيندڙ ڪچھرين ۾ پاڻ مڃايو آهي پر لوڪ ادب جي خدمتن عيوض جيڪي ايوارڊ ماڻيا آهن، اُهي ايوارڊ ڏسي مان دنگ رهجي ويس، ڇو ته جيترا ايوارڊ هن ماڻيا آهن ايترا هن جي گهر ۾ ٿانوَ به ڪونه آهن. سڀ کان وڏو ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ آهي، هِن اِهوبه ماڻي ورتو. اهو ايوارڊ ثقافت کاتي سنڌ طرفان سال 2013ع ۾ هن کي مليو. منھنجي خيال ۾ هي پھريون سگهڙ آهي جنھن سرڪاري حيثيت سان، اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد طرفان ثقافتي وفد ذريعي چين مُلڪ جو دؤرو پڻ ڪيو آهي.
    لقمان کوکر لوڪ ادب جو، اهو شھزادو آهي جنھن لوڪ ادب جي هر هڪ صنف تي معياري ۽ جامع انداز ۾ لکيو آهي. لوڪ ادب جي اهڙي ڪابه صنف ڪونهي جنھن تي هن يار نه لکيو هجي ۽ هُو هر صنف ۾ ڪامياب ويو آهي. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪي ڪجهه چيو ۽ لکيو آهي، اُهي حقيقي مسئلا ۽ ڳالهيون آهن، ان ۾ تر جيترو به شڪ ۽ وڌاءُ ڪونهي. سنڌ اندر تعليم جي جيڪا صورتحال آهي، اها توهانجي سامهون آهن، ان تي هُو رَتُ جا ڳوڙها ڳاڙيندي لکي ٿو:
    تعليم ٿي مرندي وڃي،
    هيءَ قوم ٿي ڪرندي وڃي.
    اي سنڌ جا سياستگرو!
    اي مانَ وارا منسٽرو!
    اعلى علم جا ماهرو!
    اي محققو، دانشورو!
    پر! سوچيو ڪجهه تعليم تي،
    دل منھنجي جُهرندي وڃي.
    تعليم ٿي مرندي وڃي.
    عاجز رحمت الله چواڻي ته، ”شاعر ۽ سگهڙ جيڪي ڪجهه چوندا آهن سو ڏسي وائسي، جانچي جونچي ۽ سوچي سمجهي چوندا آهن ۽ ڪڏهن به گٿي يا پاسيري ڳالهه پيش ناهِن ڪندا. هنن وٽ هر ڳالهه جوماڻ ۽ ماپو پنھنجو ٿئي ٿو. سندن وهايل وکر نھايت سڌريل ۽ سنواريل هوندو آهي جيڪو نج سون جيان پيو جلوا ڏيکاري. پاڻ سادا تنھنڪري سندن ٻول به سادا پر مٺا. سندن تشبيهون به ساديون پر پياريون ۽ وڏي ويچار واريون . سندن اک سدائين عملن طرف مائل هوندي آهي. سگهڙ پائي جا ٻول ۽ سياڻپ جا سھڻا سخن جڏهن ڪڍھري ۾ نروار ٿين ٿا، تڌهن ٻڌندڙ دنگ رهجي وڃن ٿا ته ڪيئن نه مسڪينن ۽ محتاجن پر شوق وارن اُهي ٻول ٻڌا آهن. جڏهن وکر جو کنڌيون کوليندا آهن تڏهن ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو وڏڦڙو مينھُن وسي ٿو. اُهي صراف آهن جيڪي ويٺا پنھنجي دڪانن کي هيرن ۽ جواهرن سان سينگارين.“
    هت جيڪڏهن مان لقمان جي چونڊ شاعري ڏيندو وڃان ته هيءُ خاڪو ڪتابي صورت وٺي ويندو. ان ڪري وڌيڪ ٻيا شعر نٿو ڏيان،ملوڪ عباسيءَ جا سھڻيءَ سنڌ ۾ هزارن جي تعدد ۾ شاگرد هوندا، پر انهن هزار تعداد جي شاگردن مان سڀ کان پھرين شاگرد جو ادبي پورهيو ڪتاب جي صورت ۾ اچڻ جو اعزاز به لقمان ماڻي ورتو آهي. نه رڳو اهو پر جيئن ملوڪ عباسي استاد سگهڙن ۾ شامل هو تيئن ملوڪ کان پوءِ استاد سگهڙن ۾ لقمان جو نالو شامل ۽ نمايان آهي. هن پنھنجي استاد جيان ڪيترائي شاگرد پيدا ڪري لوڪ ادب کي ارپيا آهن ۽ انهن مان هڪ ٻن شاگردن، صاحب ڪتاب هجڻ جي حيثيت به ماڻي ورتي آهي. اڄ سندس استاد ملوڪ عباسي زنده هجي هان ته هن جون لوڪ ادب سان محبتون ۽ محنتون ڏسي سندس پُٺي ٺپي چوي ها،”شاباس منھنجا ٻچا مون کي تو جھڙي شاگرد تي فخر به آهي ته ناز به آهي، تون منھنجو اهو ادبي حلالي پُٽُ آهين، جيڪا لاٽ مون توکي ٻاري ڏني هئي، اها لاٽ تو وٽ اڃا ٻرندي رهي ٿي ۽ ان لاٽ سان تو ٻيا به الائي جي ڪيترا ذهن روشن ڪيا آهن. توکي جَسُ ۽ آفرين هجي.
    ڪلچر ڊپارٽمينٽ کاتي لوڪ ادب جي شھزادي سگهڙ جي بيماريءَ جي علاج لاءِ هڪ لک جو چيڪ ڏئي ڪو ٿورو ناهي ڪيو. هيءُ ته هڪ لک نه پر هڪ ڪروڙ جو حقدار آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ کاتي کي گهرجي ته هن سگهڙ جو ماهوار ايترو وظيفو مقرر ڪري ته جيئن هُو پنھنجو علاج وقت سر ڪرائيندو رهي ۽ پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ قلم ذريعي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي خدمت ڪري. منھنجي کيس دعا آهي ته لقمان کوکر وڏي ڄمار ماڻي ۽ جڳ جڳ جيئندو رهي. آمين


    وڃين ڀونءِ پيٺي

    سال جو ڊسمبر مھينو جيئن ئي شروع ٿيندو آهي ته منھنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳندي آهي ۽ دل جي ڌڙڪن سان گڏوگڏ هڪ اندر مان آهه به نڪرندي آهي ته يا الله خير ڪجانءِ. ڇو ته ڊسمبرمھيني اسان سان ڪيس ڪري اسان کان ڪيترائي سونھاري سنڌ جا انمول موتي، هيرا ۽ املهه ماڻڪ ماڻهو کسي ورتا آهن. جن جو ڏک ۽ سور اڄ به دل تي ناسور بڻيل آهي. مان ڊسمبر مھيني کي سال جو آخر مھينو نه پر سال جي وڇوڙي وارو مھينو چوندو آهيان، ڇو ته ڊسمبر مھيني برصغير جي مھان گلوڪاره ميڊم نورجھان اسان کان کسي ورتي. ڊسمبر مھيني رنگ رتول جذبن گلاب احساسن جي شاعره ۽ شاهه سائينءَ جي سر کنڀات جيتري سونھن رکندڙ پروين شاڪر به کسي ورتي. ڊسمبر مھيني اسان کان شاهه لطيف کان پوءِ سھڻو ۽ وڏو شاعر شيخ اياز به کسي ورتو.
    ڊسمبر مھيني سنڌ جي صحرائن کي پـيار جو پيغام ڏيندڙ قومي راڳي سرمد سنڌي به کسي ورتو. ڊسمبر مھيني ڪروڙين عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندڙ مقدس ڀيڻ جي رشتي جي شھزادي، محترمه بينظير ڀٽو به کسي ورتي. ڊسمبر مھيني سنڌ جي عظيم صداڪار ۽ اداڪار يعقوب ذڪريا به کسي ورتو. ڊسمبر مھيني سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر تاجل بيوس به اسان کان کسي ورتو.
    اهڙا کوڙ سارا املهه ماڻڪ ۽ موتيءَ جي داڻن جھڙا خوبصورت ڪردار ۽ شخصيتون آهن. جيڪي ڊسمبر مھيني ٿـڦ هڻي اسان کان، سنڌ کان کسي ورتيون آهن. ڊسمبر مھيني جي رهيل ڪسرهن سال پوري ڪري ڇڏي ۽ هن سال اسان کان مسلسل اهڙا ته ماڻهو کسي ورتا آهن جو انهن جي وڇوڙي دکدائڪ موت تي اکيون پاڻي نه پر رت جاڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون آهن. انهن مھان شخصيتن ۽ موتيءَ جي داڻن جھڙن ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو البيلو شاعر منٺار سولنگي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪھاڻيڪار ۽ سھڻي ناول نگار طارق عالم ابڙو، سنڌ جيتري سونھن رکندڙ سھڻي شاعر حسن درس، لالا عبدالحسين ساريو ۽ ٻيا ڪيترائي موتين جا داڻا آهن. اکين مان وهندڙ رت اڃا سڪو ئي نه آهي ته مٿان وري شيرل بيوس باڊاهيءَ جي شھر باڊهه سان تعلق رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ کي پنھنجي ماءُ ۽ سن شھر کي پنھنجو سياسي قطبو سمجهندڙ باڊهه شھر جي هر دل عزيز سياسي، سماجي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه باڊهه جي صدر ۽ اڳوڻو بنا مقابلي چونديل ڪائونسلر غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو ڀرجهلو ۽ انهن سان بي پناهه محبت ڪندڙ ڪامريڊ بشير نوناري به ڪلهه منجهند جو کَسي ورتو. هن قومي درد رکندڙ ڪامريڊ جي مُوت جي خبر سڄي شھر، واهڻ توڙي وستيءَ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ جي دل مان اها آهه پئي نڪتي يا حسينء، يا حسين.
    ڪامريڊ بشير نوناري سن 1963ع ۾ ممتاز علي نوناريءَ جي گهر ۾ اک کولي. هن پنھنجي سياسي سفر جي شروعات 1980ع ۾ لطيف سنگت کان ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت ڪيائين. سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ، تحريڪ نه رهي پوءِ اها جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ پوءِ اڳتي هلي جيئي سنڌ قومي محاذ به ٻن ڌڙن (گروپن) ۾ ورهائجي وئي، هڪ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ ۽ ٻي جيئي سنڌ محاذ بشير قريشي گروپ. هُو جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير قريشي) سان رهيو ۽ سندس اهو چوڻ هيو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ بشير قريشي سچو آهي۽ اهو ئي سيد ۽ سنڌ جو سچو عاشق ۽ سپاهي آهي. هُو بشير خان قريشيءَ کي اڪثر وڏو چئي مخاطب ٿيندو هو. هن پنھنجي دوستن سليم رضا مـَشوري، عنايت ڦلپوٽو، مٺل ڍڪڻ، امداد ڀاڳت، رجب راچپر ۽ ٻين سان گڏ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير گروپ ۾ ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو. جيئي سنڌ جي تحريڪ هن ۾ ايڏي ته بھادري ۽ دليريءَ جي باهه ڀڙڪائي جو جيڪو به سنڌ ۽ سنڌين جو مخالف هن جي سامھون ايندو هو، هُو ان باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندو هو.
    هن ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو ۽ جيل جون اذيتون به برداشت ڪيون پر پوءِ سنڌ ۽ سيد جي عشق کي سلامت رکيون آيو. جيل جون اذيتون ۽ سچو پترا هن کان سنڌ ۽ سيد جو عشق کسي نه سگهيون. پارٽيءَ جي حڪم مطابق جيل ڀريو تحريڪ ۾ نه رڳو پاڻ جيل ويو پر ٻين ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌ ۽ سيد جي عشق جي اهڙي ته سُتي پياري ڇڏي جو هُو پاڻ مرادو جيل ڀريو تحريڪ لاءِ جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا ۽ انهيءَ سُتي پيئڻ کانپوءِ اُهي نوجوان اهو راڳ آلاپڻ لڳا ته ”سنڌ ۽ سيد سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا“. هن جي پيار محبت، نياز ۽ نوڙت جي ڪري ننڍا توڙي وڏا کيس ”ڀائو بشير“ ڪري سڏيندا هيا. سچ پچ ته هُو ڄڻ سڀني جو حقيقي ڀائو هو.
    ڀائو بشير نوناري جڏهن به جنھن سان فون تي ڳالهائيندو هو يا جنھن سان عادتن ملندو هو ته وڏي روبدار ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ”اسلام عليڪم“ چوڻ بدران چوندو هو، ”جيئي سنڌ“، جيئي سنڌ جو نعرو سدائين لبن تي هوندو هيس. گهڻن دوستن ته ڀائو بشير جو نالو ئي ”جيئي سنڌ“ رکي ڇڏيو. هُو جڏهن پري کان ايندو هو ته اسان دوست هن کي ڏسي هڪ ٻئي کي چوندا هئاسين ته اچي ويو ”جيئي سنڌ“. جڏهن دوست کيس ايئن چوندا هيا ته،”او جيئي سنڌ! ڪھڙا حال اٿئي؟ انهيءَ لفظ ٻڌڻ تي سندس جسم جو انگ انگ برف جيان ٺري پوندو هيس. خوشيءَ ۾ ڪنول جي گلن جيان ٽِڙي پوندو هو.
    ڀائو بشير نوناري هڪ سياسي، قومي ڪارڪن سان گڏوگڏ هڪ سماج سڌارڪ به هو. هُو هر سنڌي ماڻهوءَ جي مسئلي کي پنھنجو ذاتي مسئلو سمجهي، ان جي حل لاءِ پيو جاکوڙيندو هو ۽ جيستائين ڪوبه مسئلو حل نه ڪندو هو، تيستائين هن جي دل کي سڪون نه ايندو هو. بشير قريشيءَ سان ڪن ڳالهين تي اختلاف رکندي جيئي سنڌ قومي محاذ تان استعفى ڏئي سال 2009ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. سندس چوڻ هو ته مون کي سائين جلال محمود شاهه ۽ سائين زين شاهه جي اکين ۾ سائينءَ جي ايم سيد جو عڪس ٿو نظر اچي. سائين جلال محمود شاهه مون لاءِ جي ايم سيد جو نئون جنم آهي.
    هُو جوانيءَ جا ڏينھن گذاري پوڙهائپ ڏانھن وڌي رهيو هو. پر پوءِ به زندگيءَ جي ان حصي ۾ سنڌ ۽ سن جي سيدن جي محبت هن جي دل ۾ اڃا جوان هئي. هُو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه باڊهه جو ٻه ڀيرا صدر ٿي رهيو. هن جي اچڻ کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وڌڻ لڳي هئي. هن باڊهه شھر ۾ هڪ هزار کان مٿي پارٽي ميمبر ٺاهيا. هن جي اچڻ کانپوءِ پارٽيءَ کان باڊهه جي اندر ڄڻ چار چنڊ لڳي ويا. هُو عمر جي جنھن حصي ۾ داخل ٿي چڪو هو، جنھن عمر جي حصي ۾ اڪثر ماڻهو آرام ڪرڻ لاءِ هنڌ ۽ کٽ جو سھارو وڃي وٺندا آهن. پر هن يار ايئن نه ڪيو. هن مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ ۽ سن جي سيد جي ڳالهه ڪئي عمر جي پوئين حصي ۾ ڪيترن ئي بيمارين هن تي گهيرو ڪيو ۽ دل جي تڪليف به هوندي هيس. ان جي باوجود به جلسن ۽ جلوسن ۾ وڏي واڪ شينھن جيان گجندي چوندو هو ته،”نعره نعره سنڌ، جيئي جيئي، جيئي سنڌ“، ”تنھنجو ساهه- منھنجو ساهه، جلال شاهه“. دل جي تڪليف گهڻي وڌي وڃڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ لاءِ چيو، پر سنڌ ۽ جلال شاهه جي عشق هن کي آرام ڪرڻ نه ڏنو ۽ ائين ئي چوندو رهيو ته حياتي جيتري هوندي، اوتري ئي ملندي. آرام ڪرڻ سان منھنجي زندگي ڪا وڌي ڪونه ويندي. ڊاڪٽرن مون کي آرام لاءِ چئي مون سان سنڌ دشمنيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. پنھنجو آرام سنڌ ڌرتيءَ جي هنج ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. هي سر سنڌ ۽ سائين جلال شاهه تان قربان آهي.
    هن پنھنجي سڄي ڄمار قومي جدوجھد ۽ سماجي ڪم ڪندي گذاري. هُو نه ويڪائو هو، نه چندي باز هو ۽ نه ئي وري چاپلوسي ڪندڙ هو. هُو هيو ته بھادر هيو، سچو هيو، ۽ خوددار هو. حميده کھڙو پنھنجي حڪومتي دؤر ۾ کيس سنڌي ماستري ڏني پر هن اها نوڪري قبول نه ڪئي. اِهو چئي ته ”مائي تون سيد خاندان ۽ سنڌ جي نعري کان پري هٽي وئي آهين. جيڪو ماڻهو سن جي سيد کان ۽ سنڌ جي نعري کان پري هجي اهڙي ماڻهوءَ کان مون کي نوڪري نه کپي.“
    ڀائو بشير نوناري انتھائي سادو ماڻهو هو، مان جڏهن سندس ڪنھن به ڳالهه جي مخالفت ڪندي چوندو هيس ته ڀائو هيئن نه بلڪه هيئن ٿيڻ گهرجي. ان تي وڏو جذباتي ٿي ويندو هو ۽ مون سان ڳالهه ڳالهه تي چڙي پوندو هو ته توهان ڪلهوڪا وات ڳاڙها ڇوڪرا آهيو، توهان کي سياست جي ڪھڙي خبر...؟ جذباتي ٿيڻ سان گڏوگڏ حساس طبيعت به هو. جڏهن سندس جذبات ختم ٿي ويندي هئي ته پوءِ پرچائي ڀاڪر پائيندي چوندو هو،”اڙي يار تون منھنجي ننڍپڻ جي سنگتي رجب جو ڀاءُ آهين، ان ڪري توسان ايڏي حجت به ڪندو آهيان ۽ ڪاوڙ به ڪندو آهيان، دل ۾ نه ڪندو ڪر.“ انهن لفظن ۾ ايترو ته پيار ڀريندو و جو مان ان جو اهڙو پيار ڏسي پيرن تي ڪري پوندو هيس.
    ڀائو بشير نوناريءَ جي اچانڪ موت واري خبر ٻڌڻ تي هر اک آلي هئي ۽ ڪيترين اکين رَتُ به رُنو. هن هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ سان دل جي اٿاهه گھراين سان محبت ڪئي. سندس چواڻي ته،”اُها محبت مون کي سن جي گاديءَ وٽان ملي آهي.“ محبت ڏيڻ ته ڪوئي هن کان سکي. محبت ڏيڻ ۾ تونگر هو. چوندو هو ته محبت ئي اهڙو هٿيار آهي،جنھن سان هزارين دليون فتح ڪري سگهجن ٿيون،محبت ڏيڻ سان محبت کٽندي نه آهي، بلڪه اڃا به وڌندي آهي.
    مولا عليءَ جو فرمان آهي ته،”ماڻهو پنھنجي زندگيءَ ۾ ائين رهي جيڪڏهن هُو جيئرو هجي ته ماڻهو هن جي ملڻ لاءِ بيتاب ۽ بيقرار هجن ۽ جيڪڏهن مري وڃي ته ماڻهو ان لاءِ هَنجون هارين.“ سو ڀائو بشير به پنھنجي حياتي مولا عليءَ جي ان فرمان جيان گذاري. هُو جڏهن جيئرو هو ته ماڻهو ان جي ملڻ لاءِ بيتاب ۽ بيقرار هئا ۽ جڏهن هو هيءُ جھان ڇڏي ويو ته ماڻهو هن لاءِ زارو زار رُنا ۽ ڪيترائي ته بيھوش ٿي پَٽَ تي ڪِري پيا. سندس جنازي جي نماز ۾ سوَن جي تعداد ۾ نه پر هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ هئا. هن جي وڇوڙي جي خبر پوڻ شرط سمورو باڊهه شھر اک ڇنڀ ۾ ايئن بند ٿي ويو ڄڻ ته شھر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي. باڊهه جي تاريخ ۾ هيءُ پھريون اهڙو قومي درد رکندڙ ڪارڪن ۽ سن جي سيد جو سپاهي هو، جنھن جي آخري رسمن ۾ شھر توڙي آس پاس جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هيا. انهن ۾ هاري، مزدور، پورهيت، آفيسر، ڪامورا، شاگرد، اديب، سگهڙ، شاعر، صحافي شامل هئا ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي اکين ۾ لڙڪ هيا. آنھون دانھون ۽ سڏڪا هئا. سندس ويجها دوست سليم رضا مشوري، سجاد حيدر گوپانگ، عنايت ڦلپوٽو، اسد گوپانگ، جميل اشرف چانڊيو، محمد علي خشڪ ۽ ٻيا ڪيترائي دوست مون سميت اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا. سندس لحد ۾ لاهڻ وقت جن دوستن ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قومي ترانو پيش ڪيو اُهي دوست روئندا، سڏڪندا به رهيا ۽ قومي ترانو به پڙهندا رهيا.
    ڀائو بشير نوناريءَ کي ظاهر موت ته اسان کان جدا ڪري ويو پر روحاني طرح اڄ به اسان سان گڏ آهي جيڪو پنھنجي ڪڙڪيدار آواز ۾ چئي رهيو آهي، ”جيئي جيئي، جيئي سنڌ“.


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258261
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386392
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ